ڪتاب جو نالو: سنڌو بقا مان فنا آهيان
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 15 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1158 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 708 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :
”مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا - انتساب Dedication
  • سنڌ سلامت پاران
  • ياد اياز جي آئي
  •   دل ۾ ديرو دوست جو
  • ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي
  •   مري ٿيا نه مات
  •   روح رهاڻ
  • منهنجو سُر ڀيروين
  • تاريخ جو خاموش شاهد
  • پروفيسر عبدالعلي قلباڻي
  • هڪ گول ڪيپر جي اڪيلائي
  •   منصور الحلاج جو ملڪ
  • راتيون جاڳن جي
  •   مالڪ پنهنجو ڪرم ڪر تون
  •   جڏهن رات ڏينهن کي اڳري ويندي
  • بڙ جو سچ
  • جيئي ڪوڙ، سچ جي منهن ۾ ڌوڙ
  • نئين سال جو پراڻو سج
  • جدا ٿيل راهن جو درد
  •   تنهنجو منهنجو مُلهه
  •   وڻيس ته ماري، وڻيس ته جيئرو رهڻ ڏئي
  •   الا، مان اڏري ويندو سانءِ
  • موٽڻ مون مهڻو
  • سنڌ واسينگن جي وس ۾ آهي
  •   اڄوڪي دور ۾ پٿر واري دور جي روايت
  •   همسفر
  •   مرڻ جو سلسلو
  • قلم کي ڪلاشنڪوف ماري وڌو آهي
  •   اوهان ڪڏهن سنڌ اسٽارز جو نالو ٻڌو آهي؟
  •   ٽيڏي اک سان مشاهدو
  •   سفوران ميٽنگ ۾ ڇو نه آئي
  •   سبز باغ ڊيم
  • اچو ته نڪ بچايون
  •   گم ٿيل حڪمنامو
  • ويٽنگ روم ۾ ٻه ڪلاڪ
  •   معدي ۾ گڙٻڙ ۽ غير ملڪي ايجنٽ
  • ماستر عبدالواحد جو موت
  •   دُرل ۽ ڦتن ڦٽاڪو
  •   اَڌ ۾ رهجي ويل ڪهاڻي
  •   ميچ فڪسنگ
  • حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب
  •   جادوگرن جو شهر
  •   موڳو مٽر
  •   جهونن جو جهان
  • زوزاٽ ڪوسو ڪير آهي؟
  •   پوئتي رهجي ويل ماڻهوءَ جو حق
  •   هڪ قديم ڪهاڻيءَ جو اختصار
  •   دل جو معاملو
  • پرائيويٽائيزيشن
  •   ادا، نفعي بخش ڪاروبار شروع ڪريو
  •   سڀ ٺيڪ آهي، سرڪار
  • مون کي ٻيو ڪجهه نه کپي
  • ڏوهارين سان ٺاهه
  • نار واري جنگ جو ٻيو ڏيک
  • جنگ
  • سنڌ، سنڌ آهي
  • ڌاڙيل لائق چانڊيا، ٿينڪ يو
  •   ڪنسورشيم
  •   حاڪمن لاءِ لوڪ ڪهاڻي
  • نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار
  •   جشنِ آزادي
  • ڀوتار لاءِ سونو ڪتو
  •   در تي ٺڪ ٺڪ
  •   وڏيرو بچايو، سنڌ جو ڪلچرل بچايو
  •   ڀلي ڪري آيا، محترم نوان چهرا
  •   ووٽ وجهڻ جو بلڪل صحيح طريقو
  •   سنڌو بقا، مان فنا آهيان

  • ارپنا - انتساب Dedication

    سنڌ جي ناقص تاريخ جي نالي، جنهن تي صدين کان جمود طاري آهي- جنهن جي ڪالهه ۽ اڄ ۾ رتيءَ جيترو فرق ڪونهي.سنڌ جي تاريخ هڪ قوم جي مسلسل زوال جي تاريخ آهي.

    امر جليل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (273) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي.
    امر جليل لکي ٿو :
    ”هينئر مان پوڙهو ٿي ويو آهيان. هڪ دفعي مون سنڌوءَ کي چيو هو: شال مَ ملان هوت پل صراط آهي، ۽ اندر جي آئيني ۾ پرينءَ کي ڏسي زندگي گذاري ڇڏڻ محبت جي معراج آهي. مان مرڻ کان اڳ هڪ دفعو توسان ضرور ملندس- ڀٽ ڌڻيءَ جي گيان جو ڪجهه دير لاءِ لا حاصل گهڙيءَ ۾ منڪر ٿيندس ۽ پوءِ هميشه لاءِ هليو ويندس. توکي پنهنجي وجود کان ٻاهر ڏسان؛ هو چَوَن، مان نه چوان، پر دل جي ڳالهه ڪريان.
    مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔“
    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٿورا سائين امر جليل جا جنهن ڪتاب پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ نوجوانن لاءِ اتساهه ۽ اميدن ڀريل پيغام ڏنو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ياد اياز جي آئي

    اردوءَ ۾ هڪ رسالو ڇپيو آهي، ”سب رنگ ڊائجيسٽ“ جي نالي سان. هونءَ آهي ته ماهوار رسالو، پر سال ۾ هڪ دفعو شايع ٿيندو آهي. هڪ اندازي مطابق، ڪڏهن ڪڏهن ته ڏيڍ سال جو وقفو به پئجي ويندو اٿس. چوندا آهن ته سب رنگ ڊائجيسٽ پنجن کان ڏهن لکن جي تعداد ۾ ڇپبو آهي، ۽ مهيني اڌ ۾ وڪامي ويندو آهي. صحيح تعداد جي خبر رسالي جي عملي کان سواءِ ڪنهن کي به ڪونهي. بهرحال، لکن جي تعداد ۾ ڇپبو آهي، ۽ هٿئون هٿ وڪامي ويندو آهي. رسالي جو تازو شمارو مارڪيٽ ۾ آيو آهي.
    هڪ دوست وٽ رسالي جا صفحا ويٺي اٿلايم. رسالي جي پوين صفحن مان، هڪ صفحي جي اڌ ڪالم تي شيخ اياز جي ڪجهه شعرن جو ترجمو ڏنو اٿائون. مان ڏاڍي غور سان شيخ اياز کي پڙهندو آهيان. ترجمو ڪيل سندس شَعِرَ مون سنڌيءَ ۾ نه پڙهيا آهن. مون شعر پنهنجي دوست کي پڙهي ٻڌايا. دوست کان سواءِ اتي ويٺل ڪجهه ٻيا ڄاتل سڃاتل همراهه وائڙا ٿي ويا. معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ايتري قدر اونهي خيال جي اُپٽار جي اميد هنن ڪنهن سنڌي شاعر کان نه رکي هئي. شيخ اياز جي باري ۾ کين اِن کان وڌيڪ ڪا ڄاڻ نه هئي ته شيخ اياز راڄ دروهي، باغي، ڪافر ۽ نوجوانن جي سوچ کي خراب ڪرڻ وارو شاعر آهي، ان کان وڌيڪ شيخ اياز جي باري ۾ کين ڪا خبر نه هئي، بنگالي ليکڪن ۽ شاعرن وانگر اسين سنڌي ليکڪ ۽ شاعر اردو پڙهڻ وارن لاءِ گمنام ۽ بينام آهيون. اسان جي اِن کان وڌيڪ ڪا سڃاڻپ نه آهي ته اسين سڀئي هندستان جا ايجنٽ آهيون، ملحد آهيون، ۽ نظريه پاڪستان تي يقين نه ڪندا آهيون.
    اعتراف ڪري چڪو آهيان ته تمام غور سان پڙهڻ جي باوجود مون شيخ اياز جا ترجمو ڪيل شعر سنڌيءَ ۾ نه پڙهيا آهن. تنهنڪري، ٻي ڪا واٽ نه ڏسي، مان شيخ اياز جي سنڌي شعر جي اردو ۾ ڪيل ترجمي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏئي رهيو آهيان.
    مسافر،
    مونکي پنهنجا پير اُڌارا ڏيندين،
    مون کي منزل تائين پهچڻو آهي،
    مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.
    دل ڀرجي آئي. ڪجهه ڏينهن اڳ شيخ اياز جي باري ۾ قمر شهباز جو هلال پاڪستان ۾ مضمون پڙهيو هيم. اسلام آباد منهنجي لاءِ پرديس ٿي پيو آهي. قمر شهباز جو مضمون پڙهي پنهنجي جلاوطني جو احساس دل ۾ بڙڇيءَ وانگر لهي ويو. شيخ اياز کي ٻيو دفعو دل جو دورو پيو آهي، ۽ مون بيخبر کي ڪا خبر ڪونهي! ڏاڍو بيوس ٿي پيو آهيان.
    اڄ صبح جو سب رنگ ڊائجيسٽ ۾ اياز جي ڪجهه شعرن جا ترجما پڙهيم ته دل کي جهوٻو آيو. قمر جو اياز جي باري ۾ تاثر ياد آيو.
    مسافر،
    مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان!
    اياز ٿڪجي پيو آهي! اسان جو ڪاليداس ٿڪجي پيو آهي! ڪڏهن اهو شعر چيو هئائين؟ ڇو چيو هئائين اهو شعر؟ ڪنهن ٿڪائي وڌو آهي اياز کي؟ ڪنهن ٿڪائي وڌو آهي اياز کي؟
    دل چاهيو فون ڪري اياز کي چوان: نه نه. منهنجا ڀاءُ نه. تون ٿڪجي پئين ته قافلي جي پانڌيئڙن جو ڇا ٿيندو! هن رڻ ۾ اسين هڪ سيئن جي سڏ تي هلي رهيا آهيون. هيءَ سيئن اسان کي چين وٺڻ نه ڏيندي. تو اڳ به ڀونءَ جو ذڪر ڪيو هو! تو اڳ به اڏري وڃڻ جو ذڪر ڪيو هو. ڀونءِ کان سواءِ هڪ دل جي ڀونءِ به ٿيندي آهي. جڏهن جڳ وارن جي ڀونءِ ڀانءِ نه ايندي آهي، تڏهن ڪنهن جي دل جي ڀونءِ ڀانءِ اچي ويندي آهي. توکي منهنجي دل جي ڀونءِ ڀانءِ ڇو نه آئي آهي؟
    مان ڪيئن ڪيان اياز سان ايتريون ڳالهيون! منهنجو عشق به عجيب آهي. جنهن جنهن کي چاهيو، تنهن کان دوريءَ کي قبول ڪيو. ورلي سکر وڃڻ ٿيندو هو. فتاح ملڪ ۽ رشيد ڀٽيءَ سان ملبو هو. اياز جي در ٻاهران بيهي اڳتي وڌي وڃبو هو. مون درياهه جي ٻيءَ ڀرِ تان بيهي ايازکي چاهيو آهي، اياز کي پڙهيو آهي، اياز جي سٽ سٽ ۾ مفهوم ۽ معنيٰ کي ڳوليو آهي.
    گهڻو اڳ، شيخ اياز جو هڪ شعر پڙهي منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي هئي. منهنجو روح ڪنبي ويو هو. مرڻ کان پوءِ موٽي اچڻ ۾ منهنجو ايمان آهي. اُن رات مون محسوس ڪيو هو ته مان ڀڳت سنگهه جو ٻيو جنم آهيان، يا ڀڳت سنگهه جو ڪو گمنام ساٿي آهيان.
    مون، ڀڳت سنگهه جو اهو گيت ٻڌو هو، جيڪو هن ڦاهي تي ڳاتو هو! مان ان گيت جو تسلسل آهيان.
    “اي ڪاش اهو تون ڳائين ها
    ڪلهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسي تي
    جو گيت اڌورو ڳاتو هو!”
    لکندي لکندي مان محسوس ڪندو آهيان ته ڦاسيءَ تي ڀڳت سنگهه جو اڌورو ڇڏيل گيت مان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مان اياز جو آواز ٻڌندو آهيان:
    “تاريخ جي خوني گلين مان
    هر وقت صدا ڪا ايندي آ
    هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي
    ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ.”
    لهوءَ جي لاڙن ڏانهن ڪا ڇڪ مون کي ڇڪيندي آهي. مون ادب کي ڪڏهن به تفريح جو سبب نه سمجهيو آهي. ادب مسلسل جنگ آهي. ادب ۾ مسلسل جنگ جو درس اسان کي اياز کان مليو آهي. اسان جي جنگ جاري آهي.
    سب رنگ ڊائجيسٽ ۾ اياز جي آخري شعر جو ترجمو ٻڌي محفل ۾ ويٺل پروفيسر، صحافي ۽ اديب بي خود ٿي اٿي بيٺا. ڪنڌ ڌوڻيندي، شعر جي فلسفي ۾ گم ٿي ويا:
    اياڻا،
    تون مون سان سودو ڪرڻ چاهين ٿو؟
    ڪڏهن ڪنهن وڻ کي،
    ڇانَوَ وڪڻندي ڏٺو اٿئي!
    اياز سان ڪڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ نه ويٺو آهيان. هڪ ٻه دفعا سرسري نموني ساڻس اوچتو مليو آهيان. آخري دفعو ست اٺ سال اڳ 1984ع ۾ کيس سچل جي سيمينار خيرپور ۾ ڏٺو هئم. بنا ڳالهائڻ جي عقيدت مان سندس هٿ جهلي بيهي رهيو هيم. لفظ ۽ جملا مون کي بي معنيٰ محسوس ٿيا هئا. مان کيس ڪار تائين ڇڏڻ ويو هوس، چپ چپ، ماٺ ماٺ. هو ڪار ۾ ويهي رهيو هو، پوءِ، الاءِ ڇا سوچي، ڪار جي دريءَ مان ٽالسٽاءِ جو حوالو ڏيندي چيائين: تون ۽ مان جنهن ڏار کي جهلي کوهه ۾ لڙڪي رهيا آهيون، تنهن ڏار تي ماکيءَ جي مکين جو مانارو لڳل آهي.
    هو سکر ڏانهن روانو ٿي ويو هو ۽ منهنجيون اکيون آليون ٿي پيون هيون.
    ڪجهه ڏينهن اڳ قمر شهباز جي تاثر ۾ پڙهيو هيم ته شيخ اياز کي ٻيو دفعو دل جو دورو پيو آهي. ۽ اڄ، سب رنگ ڊائجيسٽ ۾ سندس شعر پڙهيم ته دل ڀرجي آئي: مسافر، مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان: مونکي پنهنجا پير اُڌارا ڏيندين! ■

    1991


      دل ۾ ديرو دوست جو

    پڇيائين: تون سچل سرمست جو مريد آهين؟
    وراڻيم: ها، مان سچل سائين جو مريد آهيان.سچل سائينءَ جي مريدي مونکي ورثي ۾ ملي آهي.
    پڇيائين: ڪيئن؟
    کيس ٻڌايم: منهنجي ماءُ سچل سائينءَ جي وڏي معتقد ۽ مريدياڻي هئي. اسڪول مان سياري ۽ اونهاري جي موڪلن ۾ ڀيرو ڀرڻ لاءِ مون کي ڪراچيءَ کان درازن وٺي ويندي هئي. تڏهن مان ڏاڍو ننڍڙو هوندو هوس. سچل سائينءَ جي گنبذ تي ويٺل ڪبوتر مونکي ڏاڍا وڻندا هئا. اڪثر سوچيندو هوس، مان هڪڙي ڏينهن ڪبوتر ٿي پوندس، ۽ سچل سائينءَ جي درگاهه تي اچي رهندس، ۽ حق موجود جو ورد ڪندس. پر، مان ڪبوتر ٿي نه سگهيس.
    چيائين: ايندڙ، يا ٻئي جنم ۾ ته تنهنجو پختو يقين آهي نه؟
    چيم ها، آهي. ٻئي جنم ۾ منهنجو يقين آهي. جيڪڏهن وس ۾ رهيو ته ايندڙ جنم ۾ مان ڀڪشو ٿيندس.
    ڪجهه تعجب ٿيس. پڇيائين: ڇو؟
    وراڻيم: گوتم وحدت الوجود جو پهريون فلسفي هو، ۽ سچل سائين آخري. گوتم جا ڀڪشو ۽ سچل سائينءَ جا مريد ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهن. ٻنهي کي دنيا سان دل نه لڳائڻي آهي. ٻنهي کي حسد، ريس، طمع، ۽ نفرت نه ڪرڻي آهي. هو هڪ ڌڻيءَ جو اولڙو آهن، جنهن کين خلقيو آهي.
    کيس ماٺ ۾ غرق ڏٺم، ته چيم: منهنجي ڳالهه نه وڻي هجيئي ته معاف ڪجانءَ. اصل ۾ سچل سائين سمنڊ آهي، بحر آهي، عميق ۽ اونهو آهي. اسين عام رواجي ماڻهو پنهنجي پنهنجي وِت آهر سچل سائينءَ وٽان سوچ جون سپيون کڻي ايندا آهيون. سندس هڪ هڪ سِٽَ سان دل ۽ دماغ جي غفائن کي روشن ڪندا آهيون.
    ڪجهه دير تائين خاموش رهڻ کانپوءِ هن ڳالهايو.
    چيائين: تو پنهنجي امڙ جي باري ۾ پئي ٻڌايو.
    ها، مون پنهنجي امڙ جو ذڪر پئي ڪيو! چيم: رات جو دير تائين منهن مونن ۾ وجهي هوءَ خاموش ويٺي هوندي هئي. اَڌ اَڌ رات تائين مون کيس جاڳندي ۽ ذڪر ڪندي ٻڌو هو- حق موجود، حق موجود، حق موجود، حق موجود. مان اسُر ويل اٿي نه سگهندو آهيان. پر، جڏهن به اسُر ويل اک کلي ويندي هئي، مان امان کي ڌڻيءَ در ٻاڏائيندي ٻڌندو هوس.
    هن ٻڌو پئي، الاءِ نه، پر مان گذري ويل وقت جي وهڪري ۾ وهي ويس. سٺ سال اک ڇنڀ ۾ آڏو اچي بيٺا!
    ورهاڱي جون ڳالهيون پئي هليون. ورهاڱو اڃا وجود ۾ نه آيو هو. مان امان سان گڏجي ڊاڪٽر سامتاڻيءَ جي گهر ويندو هوس. ڊاڪٽر سامتاڻي جو گهر منهنجي رتن تلاءُ پرائمري اسڪول جي بنهه ويجهو هوندو هو. سامتاڻيءَ جي گهر ۾ سچل سائينءَ جي درگاهه جي وڏي تصوير ڏسي پنهنجي ٻاراڻي سوچ سان ڏاڍو حيران ٿيندو هوس. ڊاڪٽر سامتاڻي ۽ سندس گهرواري درگاهه جي تصوير تي روزانو تازن گلن جو هار چاڙهيندا هئا، ۽ اگربتيون ٻاريندا هئا. روزي جي تصوير جي پاسي کان درازن جي گادي نشين سخي قبول محمد جي تصوير لڳل هوندي هئي. سخي قبول محمد جي تصوير تي به ڊاڪٽر سامتاڻي تازن گلن جا هار چاڙهيندو هو.
    اهڙو ئي منظر مون پنهنجي گهر ۾ ڏٺو هو. امان سخي قبول محمد جي تصوير، ۽ سچل سائين جي روزي جي تصوير تي تازن گلن جا هار چاڙهيندي هئي، ۽ اگر بتيون ٻاريندي هئي. اسان جي سعيد منزل ڪراچيءَ واري فليٽ جي جنهن ڪمري ۾ سخي قبول محمد ۽ سچل سائينءَ جي روزي جون تصويرون لڳل هونديون هيون، تنهن ڪمري ۾ منهنجو چاچو مولوي عبدالرزاق قاضي اصل نه ايندو هو. وڏو عالم هو قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هئائين، ۽ تفسير لکيو هئائين. سيرت تي انيڪ ڪتاب لکيا هئائين. ديني تعليم جو نامور استاد هو.
    بابا پنهنجي طبيعت ۾ وڏو درويش هو. دِلين جا راز سمجهي سگهندو هو. اسان جي اَندر ۾ آباد ٻئي ڪنهن ڪائنات کي ڏسي سگهندو هو. پاڻ پنج وقت نماز پڙهندو هو. روزانو هڪ سيپاري جو دور ڪندو هو. وڏي آواز سان، ۽ سُر ۾ جلال الدين روميءَ جي مثنوي پڙهندو هو. پاڻ سُني عقيدي جو هو، پر امان کي محرم جي مجلسن تي وڃڻ کان نه روڪيندو هو. سخي قبول محمد، ۽ سچل سائينءَ جي روزي جي تصويرن تي گلن جا هار چاڙهڻ کان منع نه ڪندو هو.منهنجي اِهڙي گهر ۾ تربيت ٿي منهنجي جتي عقيدن جو ٽڪراءُ نه ٿيندو هو. عقيدن جي تصادم نه هئڻ جو هڪ ئي سبب هو، ته گهر جو ڪو به ڀاتي ٻئي ڀاتيءَ جي عقيدي کي غلط، ۽ سوچ کي ناقص نه سڏيندو هو. هڪٻئي جو احترام ڪندو هو. ڪو به ڀاتي پنهنجي عقيدي کي برتر ۽ ٻئي جي عقيدي کي ڪمتر نه سمجهندو هو.
    ورهاڱو ٿيو. ڊاڪٽر سامتاڻي ڀريل گهر ڇڏي ويا، پر، سخي قبول محمد ۽ سچل سائينءَ جي درگاهه جون تصويرون پاڻ سان کڻي ويا.
    دل جي دنيا جو ڏاڍو عجيب مامرو آهي. لکين دفعا سمجهايوس، سوين سبق پڙهايوس، پر جهڪندي فقط اُن در، جنهن در ديرو دوست جو.
    پڇيائين: سچل سائينءَ جي ميلي تي ڇو نه ويندو آهين؟
    وراڻيم: مان هر دم، هر پل اُتي ئي ته هوندو آهيان. اسان فقيرن جي من ۾ ٻاروهي ميلو متل هوندو آهي.■

    1991


    ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي

    ڪجهه ڦِڪين، بي معنيِٰ، ۽ تجريدي تحريرن جي موٽ ۾ مون کي ايڏو اَڻ ميو ۽ بي انت پيار مليو آهي جو ڪنهن ڪنهن وقت شدت سان سوچيندو آهيان ته مري وڃان! جن مون سان محبت ونڊي آهي، ورهائي آهي، انهن کي اڳتي هلي مايوس ڪرڻ کان اڳ هتان هليو وڃان!
    ويهه سال اڳ 1970 ۾ حميد آخوند پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد جو ريزيدنٽ ڊائريڪٽر هو. هڪ شام لاءِ مون کي پنهنجي سينٽر ۾ گھرايو هئائين. محفل مچائي هئائين ايڏي تعداد ۾، الاءِ ڪٿان ، فقط اهڙا دوست گھرايا هئائين جن وٽ مونکي ڏيڻ لاءِ ايڏو پيار هو جو مان وائڙو ٿي ويو هوس. اُن وقت فيصلو ڪيو هيم ته مان دوستن، سنگتين ۽ ساٿين جون دعائون، ۽ پيار جا پيمانا کڻي گم ٿي ويندس. اڪيلائين ۾ لکندس. جوڳ وٺي ڇڏيندس. وري ڪنهن جي سامهون نه ايندس. پوءِ مون ائين ئي ڪيو هو. اتفاق سان منهنجي بدلي اسلام آباد ٿي ويئي هئي. 1974 ۾ اسلام آباد سيڪٽرن جو جهنگ آهي. جلاوطنن لاءِ لڪي ويهڻ لاءِ مناسب هنڌ آهي.
    مان اسلام آباد جي جهنگ ۾ لڪي ويهي رهيو هوس. منهنجي پَر پُٺ سنڌ ۾ منهنجن ڪتابن ۽ ڪهاڻين تي ڪيس هليا پئي، پورن پنجن سالن کان پوءِ، 1975 ۾ حميد آخوند جو سڏ آيو. چيائين ته مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد ۾ لطيف سائين جو ڏينهن پيا ملهايون- هليو آءُ!
    حميد آخوند عمر ۾ مون کان ننڍو آهي. انگريزي ادب، ڪتابن، ۽ ڪلاسيڪ ۽ آرٽ فلمن جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ آهي. پوءِ الاءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو ڪهڙو اچي عشق لڳس! مون جهڙن مولائين کي دز مان ڪڍي، ڇنڊي ڦوڪي کڻي ماڻهن جي آڏو پيش ڪيائين. مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ به ائين ئي ڪيائين. وري به اهڙي محفل مچايائين جو دوستن جو اَڻ ميو پيار جهول ۾ جهلي مان اسٽيج تي روئي پيو هوس. مان پنهنجا ٽهڪ ۽ لڙڪ لڪائيندو نه آهيان. نه عيب، ۽ نه آر! دل ڀرجي ايندي آهي، ته سڀني جي سامهون روئي ويهندو آهيان.
    ان ڳالهه کي به سورهن سال گذري ويا. اِن دوران حميد جو عڪس ننڍي ڀاءُ جي حيثيت ۾ منهنجي آڏو وڏو ٿيندو ويو. سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ملڻ جُلڻ اِئين جيئن ننڍو ڀاءُ پنهنجي جلاوطن ۽ الزامن جي صليب تي ٽنگيل وڏي ڀاءُ سان ملندو هجي!
    جڏهن به اسلام آباد ايندو، ڪو نه ڪو ڪتاب کڻي ايندو ٻن ٽن ڪلاسيڪ ويڊيو جا حواله کڻي ايندو. ميٽنگن ۾ ڀَلُ ته ڪيڏو ئي مصروف هجي، ملندو؛ ۽ جيڪڏهن ملڻ جي فرصت نه هوندس ته فون تي ڳالهائي وٺندو. جتي ٻيا انيڪ سرڪاري عملدار مون سان ملندي ڪيٻائيندا آهن، حميد بنا ڪنهن پرواهه جي پاٻوهه مان اچي ملندو آهي- نه ڪو ڊپ، نه ڪو ڊاءُ.
    پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد واري شام 1970 کان پورا ويهه سال پوءِ حميد مون کي ڪراچيءَ ۾ لوڪ ميلي جي موقعي تي هڪ شام لاءِ جلاوطنيءَ مان ڪڍي سنڌ وٺي آيو. جون1990 جي 2 تاريخ، لياقت لائبريريءَ جي آڊيٽوريم واري شام، مان مرڻ گھڙيءَ تائين وساري نه سگهندس. پيار جي ايڏي اُپٽار ڏسي اندر اُٿلي پيو. روئي ويٺس ڳالهائڻ هون ئي مون کي ڏکيو لڳندو آهي. ڳالهائي نه سگهيس. سردار دائود ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سرد جنگ، ۽ نوڪريءَ دوران لکڻ وارن لاءِ تڪليفن جون ڳالهيون ڪري خيال مٽايم. سوچيم، پيار جا پير ڀري آيل دوستن سان گفتگو ڪجي. محفل مَتل هئي.سوالن جو سلسلو ممتاز مرزا کي طويل محسوس ٿيو. متل محفل کي برخاست ڪيوسين.
    ڪجهه نوجوان، زندگيءَ سان ڀرپور، اکين ۾ اميدون ۽ آسون، لفظن ۽ جملن ۾ سچائيءَ جي تيزي ۽ بيساختگي، محبت جي مهراڻ وانگر مڙي آيا. ڪاغذن تي لکيل سوين سوال مون کي ڏيئي ويا. مون هنن سان واعدو ڪيو ته سندن سوالن جا جواب پنهنجي ڪالم ۾ ڏيندس. تنهن ڪري، منهنجا ايندڙ ڪجهه ڪالم سوالن ۽ جوابن تي مبني هوندا. ابتدا هڪ سوال سان ڪجي ٿي.
    سوال ڪندڙ پنهنجو نالو نه لکيو آهي. پڇيو اٿائين: اوهان جو مذهب ڪهڙو آهي؟
    جواب: مان سچل سرمست جو مريد آهيان. سچل سائينءَ جي حوالي سان جواب ڏيندس، ته، ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي، آئون جو ئي آهيان، سو ئي آهيان.■

    1991


      مري ٿيا نه مات

    اپريل 1991 جي 9 تاريخ هئي. صبح جا ساڍا ڇهه، يا پوڻا ست ٿيا هئا. فون جي گهنٽي وڳي. ٻن چئن ڏينهن کان لاڳيتو مِينهُن وسيو هو. سڄي ملڪ جي برعڪس اسلام آباد ۽ جابلو علائقا سخت سيءَ ۾ ورتل هئا. گهنٽيءَ جو آواز ٻڌي، سَوَڙ مان نڪري رسيور کنيم. ٻئي طرف کان ظهور افغان جو آواز آيو- ڳورو، ٻُڏل ٻُڏل. چيائين: ڊاڪٽر افغان صاحب گذاري ويو آهي.
    منهنجي وات مان ٻه لفظ نڪتا: الله اڪبر، الله اڪبر.
    مان وائڙو ٿي ويس. ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا چوان، ۽ ڇا نه چوان! ڪجهه ماڻهو اسان جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت واري جاءِ والاريندا آهن. زندگيءَ جي تاريڪ غفائن ۾ روشنيءَ وانگر ملندا آهن. وڃايل واٽن ۾ اسان لاءِ سونهان ٿي پوندا آهن. ۽ پوءِ، باقي بچيل زندگيءَ ۾ ابهم ٻار وانگر، رکي رکي، ڊوڙي وڃي سندن آڱر جهليندا آهيون. سندن واتان ٻاجهارا ٻه ٻول ٻُڌي رُڪ وهندي راند ۾ هڻڻ هڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ جي سگهه ملي ويندي آهي. جنگ جاري رهندي آهي. باطل قوتن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪرڻ جي عزم ۾ ايمان پختو ٿي پوندو آهي. ڊاڪٽر افغان جن منهنجي لاءِ ائين ئي هئا- منهنجي لاءِ محبت جو مهراڻ هئا.
    ظهور ٻڌايو: ڊاڪٽر صاحب جن ڪالهه ڪراچي آيا هئا. رات ٻي لڳي ڌاري سيني ۾ سور پين، ۽ ٽئين لڳي گذاري ويا. شام جو چئين لڳي کين آخري آرام گاهه ڏانهن کڻي وينداسين.
    ظهور افغان، ڊاڪٽر اي ڪيو (A.Q) افغان جو ننڍوڀاءُ آهي.
    رسيور رکي مان ويهي رهيس.سوچيو هيم، عيد تي ڊاڪٽر صاحب جن سان ملڻ ويندس، کانئن صلاح وٺندس ته، هِن سان ڊسمبر ۾ نوڪريءَ ۾ منهنجا پنجويهه سال پورا ٿي رهيا آهن- سوچيان پيو ته رٽائرمينٽ وٺي ڪنهن ايڊورٽائيزنگ ايجنسيءَ سان وڃي ڪم ڪريان، يا باقاعدي صحافت ۾ شامل ٿيان. توهان ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟
    ان قسم جون انيڪ صلاحون، ۽ هدايتون مون ڊاڪٽر صاحب کان ورتيون هيون.
    سرڪاري نوڪري ڪرڻ ۽ نوڪريءَ دوران پنهنجن نظرين ۽ عقيدتن تي قائم رهڻ پُل صراط تي پنڌ مثل آهي. مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو هوس انهن ڏينهن ۾، جڏهن ڊاڪٽر عبدالقدير افغان جن انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر هوندا هئا. ايڏي حشمت ۽ دٻدٻي وارو وائيس چانسلر اسان وَرلي ڏٺو. جڏهن به دلير، ۽ اصولن تي جنگ جوٽڻ وارن وائيس چانسلرن جو ذڪر نڪرندو آهي، تڏهن ٽي وائيس چانسلر مون کي ياد ايندا آهن، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين حسن علي عبدالرحمان ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو اَفغان. انيڪ صفتن مان ٽنهي ۾ ڪنهن هڪ صفت مشترڪه هئي- تعليم جي معيار تي ڪنهن سان، ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿيندو؛ اهو سندن دستاويز هو.
    ڊاڪٽر افغان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به ڪرنل، جرنل، آءِ جي، ڊي آءِ جي، ايس پي، پي ايس پي ۽ سي ايس پي کي يونيورسٽي ڪيمپس پنهنجي هٿ ۾ کڻي ڪنٽرول ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. ارڏي کان ارڏا، ڏنگن کان ڏنگا شاگرد ڊاڪٽر افغان آڏو ٻڙڪ ٻولي نه سگهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ نعرو لڳندو هو: سنڌ جي جان، ڊاڪٽر افغان.
    سنڌ جي جان، ڊاڪٽر افغان گذاري ويو، مان وسوسن ۾ پئجي ويس. سوچيم، ڪٿي ائين ته ناهي، اسر ويل ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو اٿم! ڊاڪٽر افغان گذاري ويو آهي- الاءِ ڇو ممڪن نه پئي لڳو. دل پڙ ڪڍي بيٺي ته ظهور کي فون ڪريان- ڳالهين ڳالهين ۾ ساڻس ڀوائتي خواب جو ذڪر ڪريان. پر پوءِ، جيئن جيئن ڏينهن چڙهندو ويو، مان ماتمڪندي مان نئين سر نوحي جو پڙلاءُ ٻڌم- ڊاڪٽر افغان گذاري ويو آهي.
    پر، ڪي ڪي ماڻهو، ماڻڪ جهڙا، موتيءَ جهڙا، گذاري وڃڻ جي باوجو اسان لاءِ گذاري نه ويندا آهن. هو سدائين اسان جي اوسي پاسي، اسان جي ويجهو هوندا آهن. مان ڪيئن لکان، مان ڪيئن چوان ته ڊاڪٽر افغان گذاري ويو آهي.■

    1991


      روح رهاڻ

    گذريل ڪنهن ڪالم ۾ ذڪر ڪيو هيم ته مون ارڏي ۽ ڏنگي کي قدرت دوستن جي دولت سان مالامال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ هڪ دوست سان يادن جو سلسلو منسلڪ آهي. هن دفعي ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي تي حميد سنڌيءَ کي ڏسي مونکي رهاڻ وارو دور ڏاڍو ياد آيو. ائين به ناهي ته مان ڪو ماضيءَ جو مريض آهيان، ۽ مستقبل ۾ منهنجو ويساهه ناهي. نه نه. اِهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. مان بنيادي طرح تاريخ جو شاگرد آهيان. روح رهاڻ کي مان سنڌ جي تاريخ جو حصو سمجهندو ۽ مڃيندو آهيان. حميد سنڌي جيئن ته روح رهاڻ جو ايڊيٽر هوندو هو، تنهنڪري منهنجي ذاتي راءِ ۾، حميد سنڌي به سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي.
    اڄوڪو دور ڏکيو آهي- برابر ڏکيو آهي. پر، وَن يونٽ وارو دور تمام ڏکيو هو- ايتري قدر ڏکيو، جو جِن ون يونٽ وارو دور اکين سان نه ڏٺو ۽ ڀوڳيو، سي تصور به نٿا ڪري سگهن ته اصلي مارشل لا ڇا ٿيندي آهي، گُهٽ ۽ ٻوسٽ ڪيئن هوندي آهي! اونداهي سُرنگ مان ڪيئن لنگهبو آهي! سِرُ تريءَ تي رکي ڪيئن جيئبو آهي! ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏيئي، نينهن جو نعرو ڪيئن هڻبو آهي!
    اڄوڪي دور ۾ جلسا جلوس ٿي رهيا آهن. ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپجي رهيا آهن. سخت کان سخت تقريرون ٿي رهيون آهن. اخبارن جا ڪالم ڪارا ٿي رهيا آهن. اسٽرائيڪون ۽ بائيڪاٽ هلي رهيا آهن! پر، ون يونٽ واري دور ۾ ائين نه هو.
    ايوب خان واري مارشل لا اصل ۾ ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ لڳائي ويئي هئي.اسان جي جنگ، سنڌ جي جنگ سڌو سنئون ون يونٽ سان جوٽيل هئي، ۽ اڻ سڌي طرح ايوب خان جي مارشل لا سان. اُن زماني ۾، 1956 کان 1968 تائين، نه تقرير جي اجازت هئي، ۽ تحريڪ جي. ٻڪر ٻوساٽ هئي. چپ چپات! خاموشي، سا به قبرستان جهڙي! سياستدان، سنڌ جا، جيئن ته جاگيردار ۽ وڏا وڏا زميندار هئا، تنهنڪري تاريخ جي هر دور وانگر حاڪمِ وقت، ايوب خان سان مِلي ويا، ۽ وڏيون وڏيون وزارتون، ۽ مرتبا وٺي ويهي رهيا. سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيائون- ۽ لکرايائون، سابق صوبه سنڌ.
    جواب ۾ سنڌ جي هڪ هڪ اسڪول، ڪاليج، ۽ يونيورسٽي مان آواز آيو- جيئي سنڌ.
    اهڙي وقت ۾ حميد سنڌيءَ 1960 ۾ پابنديءَ سان روح رهاڻ جاري ڪئي- ماهوار رسالو. سنڌ ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪات ڪهاڙا اُڀا ٿي ويا. اقبال الاءِ ڪنهن جي لاءِ چيو آهي، تیغوں کے سائے میں ہم پل کر جواں ہوئے. حقيقت ۾ روح رهاڻ تيغن ۽ تلوارن جي ڇانوَ ۾ وڌي وڻ ٿي- بيرحم سياسي اُس ۾ ڇپر ۽ ڇانوَ ٿي پيئي. ڪجهه نالا دل تي تري آيا آهن- اسين سڀئي روح رهاڻ جي پاور هائوس جي پيدوار آهيون. نالا لکندي لکندي ڇڏي ڏنا اٿم.
    روح رهاڻ جو مواد مزاحمتي ادب جو مستند حوالو آهي. حميد سنڌيءَ ڪمال پابنديءَ سان رسالو هر مهيني اسٽالن تي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو هو. پهرين تاريخ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ رسالو مارڪيٽ ۾ پهچي ويندو هو. ايڏي پابندي، ان کان پوءِ اسان “سهڻيءَ” جي اوائلي دور ۾ ڏٺي.
    حميد سنڌيءَ ٻين ليکڪن سان گڏ مون کي به لکڻ جي مڪمل آزادي ڏيئي ڇڏي. جيڪي وڻندو هو، جيئن وڻندو هو، ۽ جهڙي فارميٽ ۾ وڻندو هو، لکندو هوس، ۽ حميد سنڌي ڇپي ڏيندو هو. هن منهنجيون اهڙيون اهڙيون ڪهاڻيون شايع ڪيون جو طارق اشرف کانسواءِ ٻيو ڪير به ايڊيٽر جيڪر هر گز قبول نه ڪري ها. ان جو نتيجو اِهو نڪتو جو منهنجي هڪ ڪهاڻي، “هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ” سبب روح رهاڻ تي 1968 ۾ بندش پئجي ويئي.
    ڀٽ ڌڻيءَ جي عرس تي حميد سنڌيءَ کي ادبي ڪانفرنس هلائيندي ڏٺم ته بسنت هال ۾ منعقد ٿيل روح رهاڻ جا ساليانه جشن ياد آيا. “پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ ”، واري ڳالهه هوندي هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ليکڪ اچي گڏ ٿيندا هئا. مون کي اُهو جشن به ياد آهي، جنهن ۾ مشاعري جي محفل ۾ شيخ اياز کي صدارت ڪرڻي هئي، عين انهيءَ وقت شيخ اياز لاءِ سرڪار طرفان حيدرآباد ڇڏي وڃڻ، يعني نيڪاليءَ جا احڪام پهتا هئا. اهو جشن، 1968 وارو، روح رهاڻ جو آخري جشن هو.■


    منهنجو سُر ڀيروين

    مان پنهنجن جاني دشمنن کي اِن ڪري ڪٿ ۾ نه آڻيندو آهيان جو قدرت مون کي دلبر دوستن جي دولت سان نوازي ڇڏيو آهي. مان بنا ڪنهن هٻڪ جي چوندو آهيان ته منهنجن دلبر دوستن کي منهنجي حياتيءَ کان جدا ڪري ڇڏيو، مان ڪک پن ٿي اُڏامي ويندس. ڀِتَر وانگر ڀُري پوندس. ٽٽل تاري وانگر تاريڪين ۾ گم ٿي ويندس.
    مان اَڍنگو ۽ سودائي. ڪڏهن پورن ۾ ته ڪڏهن پورن ماسيءَ ۾. شابس آهي منهنجي دلبر دوستن کي جو انيڪ اوڻائين ۽ اَوَگڻن جو مون وڳند کي قبول ڪيو اٿائون. شاهه سائينءَ جي سُر بلاول ۾ بيت وارو وڳند مون کي ڏاڍو وڻي ويو آهي. وڳند ۾ مونکي پنهنجو عڪس نظر آيو آهي.وڳند جي باري ۾ بيت پڙهي، مون محسوس ڪيو ته بيتن ۾ شاهه سائين منهنجو ذڪر ڪيو آهي- ڪارو، ڪوجهو، بدبودار، غليظ عيبن هاڻو، نڌڻڪو ۽ ندورو! پر، مان دوستن کي قبول آهيان.
    مان ٽيهن سالن 1990-1960 کان ادب جي بارگاهه جو سوالي آهيان. اِن دوران فقط حميد آخوند مون کي ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي تي سڏايو آهي - فقط حميد آخوند. انهن ٽيهن سالن ۾ انيڪ منتظم آيا، شاهه لطيف جي ميلي جي ڪارروائي هلائي هليا ويا، پر مون وڳند کي ڀٽ شاهه ۾ پير پائڻ نه ڏنائون-“وڳوڙي آهي. ميلي کان پري رکوس، ڪم نه ڦٽائي وجهي!”
    حميد آخوند مون کي جڏهن به ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي تي گھرايو آهي، جيءَ ۾ جاءِ ڏيئي گھرايو آهي. ايڏو خيال رکندو آهي جو ششدر ڪري وجهندو آهي. بي انتها مصروفيت جي باوجود ايندي ويندي پيو پڇندو، ڪيئن آهيو- ٺيڪ ته آهيو نه - ڪا تڪليف ته ناهي! تڏهن، دل چاهيندي آهي ته ٻانهن کان جھلي وٺانس، چوانس ايڏو پيار نه ڏي بابلا، ايڏو پيار نه ڏي - مان ڪيڪٽس آهيان، موسمن جي بيرحميءَ ۾ اُسرندو آهيان - پيار ملندو ته مري ويندس!
    ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي تان موٽندي منجهند جي مانيءَ لاءِ عنايت بلوچ جي سڏ تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي چانئٺ وڃي ورتم. زندگيءَ جا ڪڏهن نه وسرندڙ چار سال مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ گذاريا آهن. ڪيس، انڪوائريون، ڪارروائون، وٺ پڪڙ! خوابن کي تعبير ملي، ۽ تعبيرن کي خواب. مرهم ڏسي دل زخمن لاءِ دل ٻڌي بيٺي. حاصل ۽ لاحاصل جي وچ ۾ مون کي چينو مليو - ننڍڙو، پتڪڙو، سهڻو ۽ سٻاجھڙو! هن منهنجين ڪهاڻين کي قيد ۽ پابندين کان آزاد ڪري ڇڏيو. هينئر وڏو ٿي ويو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهي. خوشبوءَ وانگر ساهن ۾ سانڍيل رهندو آهي. ريڊيو پاڪستان جون انيڪ يادگيريون آهن. پوڙهو ٿي ويو آهيان. ڪٿي وساري نه ويهان. سوچيان ٿو، دل پڪي ڪري قلم بند ڪري ڇڏيان.
    عنايت بلوچ کي ڏسي مون کي رائيڊر هيگرڊ جي ناول “شي” واري ڇوڪري ياد ايندي آهي جيڪا گمنام عبادتگاهه ۾ ٽن هزار سالن کان هڪ شخص جو انتظار ڪري رهي آهي - ۽ ٽن هزار سالن کان جوان آهي. سهڻو، سمارٽ ۽ ٺاهوڪو عنايت الاءِ ڪنهن جي انتظار ۾ هميشه کان جوان آهي! قربائتو، کرو، دل کولي ٽهڪ ڏيئي کلڻ وارو. ايڏي سڪ سان مليو جو اُداس ڪري وڌائين. کلن پَلَ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪيائين جو کلائي وڌائين. چيائين. مانيءَ کان پوءِ تنهنجو انٽرويو رڪارڊ ڪبو! ڏاڍو عجيب لڳو. ساڳيا اسٽوڊيو جتي مون انيڪ پروگرام پروڊيوس ڪيا هئا، اُتي مان پاڻ انٽرويو ڏيندس! اسٽوڊيوز جي تعمير اهڙي نموني ڪئي ويندي آهي جيئن پڙاڏو پيدا نه ٿئي. پر، جڏهن به ڪنهن ڊرامي دوران يا موسيقيءَ جي پروگرام دوران پڙاڏي جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي تڏهن مشينن ذريعي ايڪو چيمبر مان پڙاڏو پيدا ڪري وٺبو آهي. تڏهن، مون کي خيال آيو ته ايڪو چيمبر پڙاڏو پيدا ته ڪندو آهي، پر پڙاڏو محفوظ ڪري نه سگھندو آهي. چئن سالن جا پڙاڏا منهنجي روح ۾محفوظ آهن- منهنجو سرمايو آهن.
    عنايت بلوچ مانيءَ تي زيب سنڌي ۽ تاج جويي کي به گھرايو هو. مانيءَ دوران ڳالهين جو ذڪر ٻئي دفعي ڪبو. باقي هڪ ڳالهه جو ذڪر ضرور ڪندس ته سنڌي ادب کي وڏي سگھه ۽ ڏات واري نئين ٽهي ملي آهي - طارق عالم، انعام شيخ ۽ نصير مرزا سان ملي مون فخر وچان آسمان ڏانهن ڏٺو هو.
    اسٽوڊيوز ۾ انٽرويو جو ذڪر في الحال نه ڪندس. پهرين سوال جي پيڙا اڄ تائين اندر ۾ موجود آهي. سوال جي ساخت ته مون کي ياد ناهي، پر سوال جو مفهوم مون کي ياد آهي. وڏين ۽ اُداس اکين واري سٻاجهڙي شبنم- گل مون کان پڇيو هو: اوهان ڪٿي لکيو آهي ته مان خزائن جو ليکڪ آهيان - بهارن ۾ روئي پوندو آهيان، اِئين ڇو آهي؟
    ان کان اڳ جو مان رڪارڊنگ روڪائي ڇڏيان، شبنم گل پڇيو هو: سنڌو ڪير آهي؟
    جواب مون کي ياد ناهي. پر، مون کي ڪٿي اِهو به لکيو آهي ته مان ٿوهر آهيان - بيابان ۽ ويرانين ۾ وڌندڙ ۽ اُسرندو آهيان. مئي پڄاڻان ماڻهو منهنجن کنڊرن مان انيڪ سوالن جا جواب ڳولي لهندا.
    ڇَهَه سُرَ ٻين جا، منهنجو سُرڀيروين آهي.■


    تاريخ جو خاموش شاهد

    تاريخ جو خاموش شاهد، جنهن رت جون نديون ڏسڻ کان پوءِ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي، هال جي ڏوراهين ۽ اونداهي ڪنڊ ۾ ويٺو هو، بنگلاديش جي ثقافتي وفد جي راڳ رهاڻ واري محفل ڏسي رهيو هو. ڪجهه دير اڳ عابده سلطانه جڏهن سونار بنگلاديش وارو گيت آلاپيو هو، تڏهن تاريخ جي خاموش شاهد ڪنڌ ورائي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو هو. سمورو هال ماڻهن سان سٿيل هو. هال ۾ هڪ طرف قائداعظم جي ۽ ٻئي طرف علامه اقبال جي تصوير ٽنگيل هئي. بيحد طاقتور اسپيڪرن مان سونار بنگلاديش وارو گيت گونجي رهيو هو. ڪا چُر پُر نه ٿي. ڪا وَٺ پڪڙ نه ٿي. ڪي به ڇاپا نه لڳا. سي آءِ ڊي، انٽيليجنس، ۽ پوليس تحرڪ ۾ نه آئي. لانگ بوٽن ڪُئڪ مارچ نه ڪئي.ڪجهه به نه ٿيو. ويهن سالن م سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو.
    ويهه سال اڳ 1970 ۾ بنگلاديش جو نالو زبان تي آڻڻ وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو - گناهه هو غداريءَ جي مترادف هو. ۽، غداريءَ جي سزا موت هئي! پر تڏهن، مرڻ مهڻو نه هو. موت منهندي ٿي پيو هو - هر گھوٽ اڻموٽ سوريءَ جو سينگار ٿي پيو هو. ۽ اهو سڀ ڪجهه اوچتو نه ٿيو. تاريخ جو خوني ۽ دردناڪ باب اوچتو کلي نه پيو هو. تاريخ ۾ آخري معرڪي کان گھڻو اڳ حالتون تبديل ٿينديون آهن. هڪ غلطي ٻئي غلطيءَ کي جنم ڏيندي آهي. ميدان هموار ٿيندو آهي. هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ جو سمو ويجهو ايندو آهي. رُڪ وهندي راند ۾ سِرُ ڏيئي سرهو ٿيڻ جو وقت سِرَ تي اچي بيهندو آهي. تڏهن، آخري معرڪي کان پوءِ سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي. جن کي باغي ۽ غدار جو فرمان ٻڌائي ڦاهين تي چاڙهيو ويندو آهي، سي اڳواڻ ٿي پوندا آهن - انقلاب جا هيرو سڏجڻ ۾ ايندا آهن.
    تاريخ جي خاموش شاهد کي 1955 ۽ 1956 وارو دور ياد آيو. پنجٽيهه ڇٽيهه ورهيه اڳ وارو زمانو!
    ڀڳل ٽٽل ۽ مضحڪه خيز اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي پنجن صوبن، سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، ۽ مشرقي پاڪستان جي ميمبرن جي ورڇ اهڙي نموني هئي جو فقط هڪ صوبي ، مشرقي پاڪستان جا ميمبر آباديءَ جي آڌار تي اسيمبليءَ ۾ ڪُل ميمبرن کان اڌو اڌ هئا. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان جي گڏيل ميمبرن جو تعداد مشڪل سان مشرقي پاڪستان جي ميمبرن جي برابر ٿي پئي سگھيو. اِها ڳالهه اقتدار جي بکين، مغربي پاڪستان جي جاهل، اڻپڙهيل، ۽ عقل جي اَنڌن سياستدانن کي دل ۾ ڪنڊي وانگر پئي چڀي.
    تعداد کان سواءِ، مغربي پاڪستان جي چئن صوبن ۽ مشرقي پاڪستان جي ميمبرن جي وچ ۾ تعليم، سماجي ۽ سياسي شعور ۽ اقتصادي حالتن جو وڏو ويڇو هو. مغربي پاڪستان جي چئن صوبن جا ميمبرجاگيردار، سردار، گڙنگ زميندار، چوڌري ۽ خان هئا. سندن تعليم ناقص، ذري گھٽ جاهل، سياسي ۽ سماجي، ۽ معاشرتي سوچ کان بنهه وانجهيل هئا. سندن چال چلت، اُٿڻي ويهڻي جاگيرداري نظام جي نمائنده هئي. پنهنجي مرضيءَ جا انسپيڪٽر، تپيدار، ۽ مختيارڪار پنهنجي تڪ ۾ رکائڻ ۽ عياشيءَ کانسواءِ کين ڪنهن قسم جي سماجي ۽ سياسي تبديليءَ سان دلچسپي نه هئي.
    ان جي برعڪس مشرقي پاڪستان جا ميمبر، ذري گھٽ سڀئي، هيٺين، ۽ هيٺين وچولي طبقي جا عام انسان هئا - اعليٰ تعليم يافته، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ انقلابي سوچ رکندڙ. مخلص، ۽ اخلاقي طرح نيڪ هئا.
    ان کان اڳ جو پاڪستان ۾ سياسي سماجي ۽ اقتصادي تبديلي، يا ڪو انقلاب اچي، مغربي پاڪستان جي سياستدانن، ڪامورن ۽ جرنيلن سان ملي ڀڳت ڪري اسيمبليءَ ۾ بنگالين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي ماڻهن تي ون يونٽ مڙهي ڇڏيو. خبرن ۾ جڏهن به سنڌ جي نالي سان گڏ لفظ سابقه استعمال ٿيندو هو، يعني سنڌ کي سابقه صوبه سنڌ سڏيو ويندو هو، تڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان موٽ ۾ آواز ايندو هو – جيئي سنڌ. اِن آواز سموري مغربي پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو. لڏندڙ، لمندڙ ٿوڻين ۽ ٿنڀن تي بيٺل ون يونٽ کي تقويت ڏيڻ لاءِ 1958 ۾ ملڪ سان پهرين مارشل لا لاڳو ڪئي وئي- ايوب خان جي مارشل لا جنهن 1963 ۾ هڪ ڪراڙي، ضعيف ۽ اڪيلي عورت فاطمه جناح کي رڪارڊ ٽوڙ ڌانڌلين واري چونڊ ۾ شڪست ڏيئي، پاڻ کي فيلڊ مارشل جو لقب ڏنو هو.
    باقي سڀ ڪجهه تاريخ جو اَڻ لکيل آهي، جنهن کي پاڪستان جي مستند تاريخ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي - نوجوان نسل کان لڪايو ويو آهي. نوجوانن کي غلط تاثر ڏيئي، پنهنجيون فاش سياسي غلطيون ۽ نا قابلِ معافي ڏوهه لڪائڻ لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته بنگالي، اسان مغربي پاڪستان جي پاڪ مسلمانن جي مقابلي ۾ گھٽ درجي جا مسلمان، گھٽ درجي جا محب وطن هئا. هو هندستان جا ايجنٽ هئا. سندن ثقافت هندواڻي هئي، تنهنڪري اسان کان ڌار ٿي ويا!
    تاريخ جو خاموش شاهد ماٺ ۾ غلطان هو، ۽ شميم آرا نيپا ۽ شبيلي محمد جو ڪٿڪ رقص ڏسي رهيو هو، جيڪو رابيندر ناٿ ٽيگور جي ڪويتائن تي مبني هو. اُداس اکين سان تصور ۾ هو اُنهن کي ڏسي رهيو هو جيڪي اسان کان وڌيڪ ذهين، وڌيڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ وڌيڪ سياسي ۽ سماجي سوچ ۽ شعور رکندڙ هئا. هنن سياست جي نالي ۾ مغربي پاڪستان جي غنڊه گرديءَ کي قبول نه ڪيو هو. رت ۽ باهه جي درياه مان لنگهي وڃڻ جي باوجود هو اسان جي سياسي داداگيري ۽ غنده گردي ختم ڪرائي نه سگهيا، ۽ اسان کان جدا ٿي ويا هئا.
    فردوسي رحمان جي بنگالي گيتن کان پوءِ، آخر ۾فنڪارن جڏهن بنگلاديش جو قومي نغمو آلاپيو، تڏهن تاريخ جي خاموش شاهد سان گڏ احترام وچان پاڪستان جي اعليٰ عملدار ۽ عهديدار به اُٿي بيهي رهيا. ■


    پروفيسر عبدالعلي قلباڻي

    مون کي جيستائين ياد ٿو پوي، جڏهن به ڪو پروفيسر رٽائرمينٽ کي ويجهو پهچندو آهي، يا رٽائر ٿي ويندو آهي، اخبارون نه چئن پنجن ڪالمن واريون خبرون شايع ڪنديون آهن- نه سرخيون لڳائينديون آهن، ۽ نه ايڊيٽوريل لکنديون آهن. رسالا، رٽائر ٿيندڙ پروفيسر جي باري ۾ صفحن جا صفحا ڪارا نه ڪندا آهن. سندس رٽائر ٿيڻ کان مهينن جا مهينا اڳ اخبارن ۽ رسالن ۾ خبرن، خطن، بحثن ۽ تاثرن جا سلسلا نه هلندا آهن. کيس تحسينن جا خراج پيش نه ڪيا ويندا آهن. هڪ پروفيسر ماٺڙي ڪري، پنهنجو قلم کيسي ۾ وجهي، بنا ڪنهن سلامي وٺڻ جي رٽائر ٿي ويندو آهي. مون کي اُن دانشور سان ملڻ جو شوق آهي جنهن چيو هو ته قلم تلوار کان طاقتور آهي. بابا سائين، قلم اڳٺ وجھڻ، ۽ ڪَنَ مان مَرُ ڪڍڻ جي ڪم ايندو آهي. يا، وڌ ۾ وڌ ڪنهن فرمان تي صحيحي ڪرڻ لاءِ قلم جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي- سا به انڪري جو تلوار سان صحيحي ڪري نه سگھبي آهي.
    مون کي ياد ڪونهي ته جڏهن علامه آءِ آءِ قاضي جن رٽائر ٿيا هئا، تڏهن، سندن رٽائرمينٽ کان مهينن جا مهينا اڳ اخبارن ۽ رسالن سندن ڪارنامن جي باري ۾ ڪي خبرون شايع ڪيون هيون! مونکي ياد ڪونهي ته پروفيسر اڪرم انصاريءَ جن جڏهن رٽائر ڪيو هو، تڏهن سندن رٽائر ٿيڻ کان اڳ رٽائر ٿيڻ مهل، ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اخبارن ۽ رسالن ڪهڙي قسم جون خبرون شايع ڪيون هيون! بيشڪ انگريزيءَ جا انيڪ استاد ڏٺاسين، پر، پروفيسر اڪرم انصاريءَ جن پنهنجو مَٽُ پاڻ هئا. سائين علامه آءِ آءِ قاضي جن وانگر انگريزيءَ جو لهجو ٺيٺ ديسي، پر عِلمُ، ڄاڻ ۽ آگاهي ايڏي جو ويٺو ٻڌجين! رٽائر ٿيا هئا، ته اخبارن ڪالم ڪارا نه ڪيا هئا.
    ساڳي طرح منهنجا محسن، منهنجا مهربان، منهنجا مشفق، منهنجا استاد سائين عبدالعلي قلباڻيءَ جن هئا. سادا، نماڻا، ۽ ٻاجهارا. مان ايڏو ارڏو ڇتو، ۽ ڪرڪيٽ جي عشق ۾ چريو، پر ڪڏهن به دم دڙڪو يا مارڪُٽ نه ڪيائون. رڳو پيار ڏنائون اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ مون کي سنڌي پڙهائي هئائون ڪرڪيٽ لاءِ منهنجي عشق کي ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسندا هئا. روڪ ٽوڪ نه ڪندا هئا. پيرڊن مان گم، هوم ورڪ ڪڏهن پورو ڪري نه سگھان، سائين تڏهن به مهربان! امتحان ويجها اچن ته گھر گھرائينِ. شاهه، سچل ۽ سامي ويٺا پڙهائينِ، ۽ سمجهائينِ. نثر هجي يا نظم، روح اهڙو ريجهائين، جو علم ۽ ادب جي چاهه جو چشڪو سڄي ڄمار لاءِ ڏيئي ڇڏين.
    سائين، پروفيسر عبدالعلي قلباڻيءَ جن اڳتي هلي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامور استادن ۾ شمار ٿيا. سائين جن فُل پروفيسر ٿي رٽائر ڪيو. جڏهن ليڪچرار هئا، تڏهن پاڻ کي ليڪچرار لکيو ۽ ٻُڌايو هئائون. ليڪچرار هوندي پاڻ کي ڪڏهن به پروفيسر نه سڏايو هئائون. ۽ پوءِ ، اڳتي هلي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا پروفيسر ٿيا تڏهن پروفيسريءَ جي رتبي لاءِ فخر جو سبب ٿيا. منهنجي بد نصيبي جو ڪاليج ۾ مان سندن شاگرد هئڻ جي سعادت حاصل ڪري نه سگھيس. ڪرڪيٽ جي عشق ۾ ڪاليج کان ٻئي ڪاليج، ۽ هڪ يونيورسٽيءَ کان ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ ياترائون ڪندو رهيس، پر سندن شفقت کان ڪڏهن به محروم نه رهيس. ايندي ويندي سندن چانئٺ چمندو هوس.
    ميٽرڪ ڀيري 1953 ۾ هڪ دفعي ڪلاس ۾ مرڻ جو ذڪر ڪڍي ويٺا. اِن ڳالهه کي ٽيهه پنجٽيهه سال گذري ويا آهن. لفظ مرڻ لاءِ ٻيا لفظ بورڊ تي لکڻ شروع ڪيائون ته سمورو بورڊ ڀري ڇڏيائون. ڪجهه لفظ مون کي اڄ تائين ياد آهن - چولو مٽائڻ، ڪوچ ڪرڻ، هليو وڃڻ، الوپ، اُسهڻ، سڏ ورائڻ، حق سان هڪ ٿيڻ، فوت ٿيڻ، گذاري وڃڻ حقيقت جو حصو ٿيڻ، راهه رباني وٺڻ، ساهه ڏيڻ، سج وانگر لهي وڃڻ، وغيره. ارڏي کان ارڏو شاگرد سندن علم ۽ ڏاهپ آڏو بيوس هوندو هو. ظفر ڪاظمي تنهن زماني ۾ اين جي وي اسڪول جو هيرو ۽ سخت ڏنگو شاگرد هوندو هو. سو به سائين عبدالعلي قلباڻيءَ جن جي قدمن تي اچي ڪرندو هو.
    تن ڏينهن ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي جو نڪ هوندو هو. سندس شمار ڪراچي ءَ جي ٻن نامور اسڪولن سان ٿيندو هو، سينٽ پيٽرڪ، ۽ ڪراچي گرامر اسڪول. سائين عبدالعلي قلباڻيءَ جَنِ اين جي وي اسڪول ۾ شاگردن جي جنهن کيپ کي پڙهايو انهن مان ڪجهه نالا دل تي تري آيا آهن- عبدالحفيظ پيرزادو، رشيد آخوند، شفيق دريشاڻي، عبدالفتاح ميمڻ، سرجن نصير شيخ، مقبول حسين، پروفيسر ڊاڪٽر نظير مغل، سرجن امداد بلوچ، هاليڊي اِن ۽ پرل ڪانٽينينٽل وارو صدرالدين صدرو، پروفيسر ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه بخاري، عبدالرزاق بلوچ، جنهن عالمي ۽ ايشيائي راندين ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، تنوير عباسي، ۽ انيڪ.
    مون کي ياد آهي، سائينءَ جن، پروفيسر عبدالعلي قلباڻيءَ جَنِ جڏهن رٽائر ٿيا هئا، تڏهن سندن رٽائر ٿيڻ کان اڳ، رٽائر ٿيڻ مهل، ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي اخبارن پنجن ڇهن ڪالمن واريون سرخيون ۽ سرخين سان خبرون شايع نه ڪيون هيون. هڪ پروفيسر رٽائر ٿيو هو، جنهن جي هٿ ۾ قلم هو- جنهن جي هٿ ۾ تلوار نه هئي.■

    1991


    هڪ گول ڪيپر جي اڪيلائي

    هيءَ گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي. غور سان پڙهجو. ڳالهه راند روند جي آهي. اڄ دل تي تري آئي آهي. اسلام آباد جي ڪوفي ۾ ڪو اهڙو بني بشر ڪونهي جنهن سان اندر جو حال اورجي- جنهن جي آڏو دل جي سيني مان ڪڍي ٻاهر رکجي. جنهن کي ڏسو، عافيت جي علامت وارن ٽن ڀولڙن وانگر ڪنهن جو هٿ وات تي رکيو آهي- خاموش رهڻ جي علامت؛ ڪنهن جو هٿ اکين تي رکيل- بُرائيءَ ۽ ڀلائيءَ، بلڪه ڪجهه نه ڏسڻ، يعني نظر انداز ڪري ڇڏڻ جي علامت؛ ۽ ڪنهن جا هٿ ٻنهي ڪنن تي- يعني آهون ۽ دانهون، پڙاڏا ۽ سڏ نه ٻڌڻ، يعني دنيا ۾ ٻوڙو ٿي رهڻ جي علامت! ٽنهي علامتي ڀولڙن جون انيڪ شڪليون اوهان کي اسلام آباد ۾ نظر اينديون. اسلام آباد ۾ اوهان کي انيڪ ماڻهو ملندا جن کي اکيون هونديون آهن، پر هو ڏسي نه سگهندا آهن. اوهان کي اهڙا ماڻهو به ملندا جن کي وات ۽ وات ۾ هڪ زبان هوندي آهي، پر هو ڳالهائيندا نه آهن. اوهان کي اهڙا ماڻهو به ملي ويندا جن کي ٻه ڪن لوندڙين کان ڪجهه هيٺ نمايان نظر ايندا آهن، پر هو ٻڌي نه سگهندا آهن. يعني ، دنيا ۾ رهي ڪجهه نه چَوَڻ، ۽ ڪجهه نه ڏسڻ ۾ انسان لاءِ عافيت آهي. ان ۾ ئي انسان لاءِ نجات جي راهه آهي!
    عافيت جي ٽن ڀولڙن جهڙا اسلام آبادي نه ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندا آهن. نه ڪنهن موضوع تي بحث ٻُڌندا آهن، ۽ نه ئي گھوڙن ۽ گھوٽن کي جيئندي مرندي ڏسندا آهن. هو فقط گريڊن، پگهارن جي نوَن اسڪيلن، بدلي ٿي ويندڙ ۽ بدلي ٿي ايندڙ آفيسرن، ۽ سيڪٽرن ۾ ڪارنر پلاٽن جي قيمت بابت ڳالهائيندا آهن، ڳالهيون ٻڌندا آهن، ۽ ڳالهين تي عمل در آمد ٿيندي ڏسندا آهن. اهڙن ماڻهن جي دستيءَ ۾، اهڙن ماڻهن جي بستيءَ ۾ ڪنهن سان ڳالهائجي! ڪنهن سان اندر جو حال اورجي!
    سوچيم، اوهان سان دل جي ڳالهه ڪندس. اڄوڪي ڪالم ۾، دل تي تري آيل هڪ قديم ياد جو ذڪر ڪندس. ڳالهه راند روند جي آهي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ٻاراڻي آهي، پر موجوده دور ۾ پاڻ کي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جهڙي آهي.
    ڳالهه ڪرڻ کان اڳ، مون کي تمهيد لاءِ ٿورڙي اجازت ڏيو. ڪرڪيٽ منهنجو پهريون عشق هو، ۽ آهي. ڏاڙهي چِٽي، يعني اڇي ٿي وڃڻ جي باوجود منهنجي عشق ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. اخبارن ۾ عراق جي جنگ جون خبرون هجن، حاڪم وقت جي تختي اونڌي ٿيڻ، اقتدار مان نڪرڻ، ۽ اقتدار ۾ اچڻ جون خبرون هجن، مسلمانن کي ٻيهر مسلمان ڪرڻ جون خبرون هجن، مان اخبارن ۾ سڀ کان اڳ راندين جون خبرون پڙهندو آهيان. ڄڻ نشو آهي! عمر سان گڏ وڃي ٿو چڙهندو! راندين ۾ مون کي ايتريون معنائون نظر اينديون آهن، جن جو ڪو انت ڪونهي. اهڙي طرح سنجيده رانديگر مون کي عام ماڻهن کان مون کي بلڪل مختصر نظر ايندا آهن. سندس اُٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ مرڻ جيئڻ عام ماڻهن جهڙو نه هوندو آهي. هو هوندا ته هِن ديس جا آهن، پر لڳندا پرديسي آهن.
    هڪ گول ڪيپر مونکي اڄ تائين ان ڪري ياد آهي، جو هو بال جي انتظار ۾ گول آڏو ائين پيو ڦرندو هو جهڙو چيتو! نرڙ تي گهنج- اکيون ڇڪيل­- ڏورن، سٿرن ۽ پِنين جون مشڪون وٽيل- ڪنڌ جون رڳون اُڀريل! نڪ جون ناسون ڦوڪيل! هڪ دفعي ميچ جي فيصلي لاءِ پينلٽيءَ جون پنجن منجهان چار ڪِڪون روڪي هزارين تماشائين کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو هئائين، پر پنجين ڪڪ تي گول کائي ويٺو هو. ايڏو جنوني جو گول جي لوهي پول سان ٽڪر هڻي مٿو ڦاڙي وڌو هئائين.
    هُن هڪ دفعي مون کي ڏاڍو عجيب شعر ٻڌايو هو. ڪنهن جو هو، مون کي ياد ناهي. مون کي شعر به ياد ناهي، پر شعر جو مفهوم ياد آهي:
    منهنجو ڏوهه اِهو آهي،
    جو مان پنهنجن دوستن کان مختلف آهيان-
    مان بهادر ته آهيان،
    پر، هارايل لشڪر ۾ شامل آهيان.
    انهن ئي ڏينهن ۾ مون هڪ ڪهاڻي لکي هئي، جنهن جو عنوان هو، “هڪ گول ڪيپر جي اڪيلائي.” ادب جي بارگاهه ۾ سجده ريزين جو اُهو منهنجو ابتدائي دور هو. ايڊيٽر صاحب ڪهاڻي ان ڪري شايع نه ڪئي جو کيس ڪهاڻيءَ جو عنوان سمجهه ۾ نه آيو هو. ڏهن رانديگرن جي موجودگيءَ ۾ يارهون رانديگر، گول ڪيپر اڪيلو ڪيئن آهي!
    پر، ٿيندو ائين آهي جو هزارن جي هجوم ۾ هڪ انسان هيڪلو هوندو آهي- اڪيلو ڪيپر هوندو آهي. ۽ بال جو انتظار ڪندو آهي.
    راند جي حوالي سان جيڪا ڳالهه ڪرڻ پئي چاهيم، سا رهجي ويئي آهي. هڪ سٺي ٽيم جي مسلسل شڪستن جي ڳالهه آهي. ايندڙ هفتي ڪنداسين.■

    1991


      منصور الحلاج جو ملڪ

    آمريڪا ۽ عراق جي جنگ کي اڄ خيرن سان سترهن ارڙهن ڏينهن ٿيا آهن. دنيا جا جديد ترين هٿيار پهريون دفعو استعمال ٿي رهيا آهن. هڪ اندازي مطابق روزانو استعمال ٿيندڙ بارود، بمن ، ميزائيلن، هلندڙ ۽ ڪرندڙ هوائي جهازن جي، بحري جهازن، ٽينڪن ۽ هٿيارن جي قميت ايڏي آهي، جو هڪ سال تائين سموري دنيا جي ڏتڙيل عوام کي اجهو، اٽو، لٽو، ڏيئي سگهجي ٿو! اِن تخميني مطابق، پنڌرهن سورهن سالن تائين بک ۽ افلاس جي ڀوت کي پري رکڻ، ۽ انسان جي آئيندي کي مستقبل جي روشني لاءِ ضمانت ڏيڻ واري سگهه پنڌرهن سورهن ڏينهن ۾ سڙي ڀسم ٿي چڪي آهي. انسان اڄ تائين بک، بيروزگاري، ۽ غربت خلاف ايڏي وڏي جنگ نه جوٽي آهي، جيڏي جنگ، هر دور ۾، هن هڪٻئي خلاف جوٽي آهي.
    دنيا ۾ ڪجهه جانور اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي هڪٻئي کي برداشت نه ڪندا آهن- پنهنجي نسل جا دشمن هوندا آهن. اهڙن جانورن ۾ ڪتن، بگھڙن، ۽ چراخن سان گڏ انسان جو به شمار ٿيندو آهي. ڪتا، بگھڙ ۽ چراخ هڪٻئي جو ماس پٽڻ، ۽ خون پيئڻ لاءِ ڪو بهانو تلاش نه ڪندا آهن. ڏسنديئي هڪٻئي تي حملو ڪندا آهن. انسان جيئن ته سوچيندڙ جانور آهي، تنهن ڪري هڪٻئي کي ماري ناس ڪرڻ لاءِ نهايت موثر بهانا ۽ سبب تلاش ڪندو آهي. اڄ تائين جيڪي به جنگيون ٿيون آهن، سي مذهب، ملڪ گيري، نسلي امتياز ۽ اقتصادي نظرين جي پرچار ۽ وسيلن تي قبضي خاطر لڙيون ويون آهن. ڪجهه جنگيون انصاف ۽ امن جي نالي ۾ لڙيون ويون آهن، جيئن موجوده جنگ! سوال، ڪجهه عرصي کان، هليو پئي ته عراق کي ڪويت تي قبضو ڪرڻ گھرجي ها، يا نه! سوال جي حق ۾ ، ۽ مخالفت ۾ ڪجهه جواب دليلن سان، ۽ ڪجهه دليلن کان سواءِ، دنيا ۾ هوا وانگر هلي رهيا هئا. دنيا ڪنهن هڪ واضح جواب جي منتظر هئي، ۽ منتظر آهي. هينئر ٻيو سوال گردش ڪري رهيو آهي، ته آمريڪا ، پنهنجين اتحادين کي ساڻ ڪري، عراق تي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو هوائي حملو ڪري ها، يا نه! عراق خلاف ايڏي خونخوار جنگ جوٽي ها، يا نه! ڪو هڪ جواب دنيا جي آڏو نه آيو آهي.دنيا جواب خاطر ورهائجي وئي آهي. مغربي ملڪ، جيڪي اتحادي فوجن جي پشت ڪري رهيا آهن، سي اِن جنگ جي حق ۾ آهن- هنن جو چوڻ آهي ته جنگ انصاف جي بالادستيءَ لاءِ جوٽي ويئي آهي. مشرقي دنيا ۾ ٽئين جا ملڪ اِن جنگ کي جارحيت جو نالو ڏيئي رهيا آهن. اقتصادي طرح ڏتڙيل ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ ڏاڍي عجيب ڪيفيت آهي. حڪومتون مجبورين سبب جنگ جي حق ۾ ، ته عوام جنگ جي خلاف!
    مونکي لڳي ٿو ته عربستان واري جنگ انهن ٻن سوالن جي حتمي جواب لاءِ جوٽي ويئي آهي.
    جنگ هلي رهي آهي. مان، يهودين جي سرمايي سان قائم ڪيل ۽ هلندڙ بين الاقومي ٽيليويزن سروس، سي اين اين(CNN) تان جنگ جا احوال ڏسي ۽ ٻڌي رهيو آهيان. ڪراچيءَ کان ٻاهر توهان سي اين اين جا ڪارنامه نه ڏٺا هوندا- فقط ٻڌا هوندا. سڌريل ۽ ترقي يافته دنيا ۾ جنگ فقط هٿيارن پنهوارن سان نه لڙبي آهي. جنگ نفسياتي حربن سان به لڙبي آهي. جنگي ماهرن ۽ سياستدانن جو چوڻ آهي ته ميدان ۾ جنگ جي ڪاميابيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ نفسياتي جنگ ۾ اڳواٽ فتح حاصل ڪرڻ لازمي آهي. سي اين اين اڄڪلهه اتحادين لاءِ وڏي پيماني تي نفسياتي جنگ ۾ رڌل آهي.
    اصل ۾ مان گھَري ننڊ ۾ ستل هوس جو هڪ دوست اسر ويل جاڳائي جنگ جي خبر ڏني هئي- آمريڪا سڀ کان وڏو حملو عراق تي ڪيو آهي!
    ننڊ اُڏامي ويئي. مان اسر ويل ننڊ مان نه اُٿي سگهندو آهيان. خدا جا نيڪ بندا اسر ويل اٿڻ جا سوين دليل ڏيندا آهن- عمر وڌڻ کان وٺي جنت ماڻڻ تائين. پر، مان نڀاڳو، اسر ويل اصل اُٿي نه سگھندو آهيان. خدا جي نيڪ بندن کي اهو چئي جند ڇڏائيندو آهيان ته، سي سُستائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي!
    پر، اُن ڏينهن اَسُرويل ٽيليويزن هلائي مان فرش تي ويهي رهيس. جنگ کي شروع ٿئي ڏيڍ ڪلاڪ ٿيو هو. سي اين اين ٻڌايو ته آمريڪا جي بمباري پروگرام مطابق جاري آهي، ۽ عنقريب عراق دنيا جي نقشي تان غائب ٿي ويندو.
    ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اعلان ڪيائون ته عراق جو صفايو ٿي ويو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ صدر بُش دنيا سان خطاب ڪندو.
    ڪجهه دير کان پوءِ صدر بش نمودار ٿيو. سي اين اين جي نمائندن ۽ انائونسرن وانگر اعلان ڪيائين ته عراق جو اسان خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي! عراق هميشه لاءِ ختم ٿي ويو آهي!
    انهن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ الاءِ ڪيترا ڪلاڪ، ڪيتريون راتيون، ۽ ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن جنگ جاري آهي. سي اين اين پاران لاڳيتو دنيا کي يقين ڏياري پيو وڃي ته عراق کي اسان سخت شڪست ڏيئي ڇڏي آهي! مان اڄ ڪلهه دنيا جا ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي ٽيليويزن سيٽ آڏو ويٺو آهيان، ۽ سي اين اين جون خبرون ٻڌي ۽ منظر ڏسي رهيو آهيان.
    خدا ٿو ڄاڻي سي اين اين جون ڪجهه انائونسر عورتون ڏاڍيون سهڻيون آهن، ۽ سندن واتان نڪتل هر ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ دل ڳنڍ ٻڌي بيهندي آهي- ڀَل ويٺيون جنگ کٽن ۽ کٽائن!
    هڪ فوجي جرنيل جو انٽرويو ڏيکاريائون. کانئس پڇيائون ته عراق تي حملي وقت اوهان جو پهريون مقصد ڪهڙو هو؟ جرنيل وراڻيو: اسرائيل جو بچاءُ اسان کي عزيز آهي- اسان کي اسرائيل جي حفاظت ڪرڻي آهي.
    مون دل ۾ سوچيو، ڪويت ويچارو ڪيڏانهن ويو!
    هڪڙي ڏينهن عراق ٽيليويزن جي رڪارڊنگ ۾ صدر صدام ڏيکاريائون. نماز ۾ بيٺو هو. سي اين اين جي مبصرن چيو: صدام جنگ سبب سنجيده آهي، ۽ اکيون هيٺ ڪري ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهي- جنهن سان ڳالهائي رهيو آهي، اهو شخص فريم ۾ نه آهي! پوءِ جڏهن صدام سجدي ۾ ويو، تڏهن چيائين: ساري، صدام نماز پئي پڙهي.
    اهڙن لا علم ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته عراق موليٰ علي عه جو ملڪ آهي: عراق امام حسين ۽ سندس ٻاهتر شهيدن جو ملڪ آهي؛ عراق موسيٰ ڪاظم جو ملڪ آهي: عراق پيران پير دستگير عبدالقادر جيلانيءَ جو ملڪ آهي؛ عراق حضرت جنيد بغداديءَ جو ملڪ آهي؛ عراق ابن منصور الحلاج جو ملڪ آهي. عراق تي بمباري جاري آهي.■

    1991


    راتيون جاڳن جي

    اربع رات، جولاءِ جي 31 تاريخ 1991، چينو بيمقصد جاڳيو پئي، هونءَ به، چينو سمهندو گهٽ آهي. عجيب عادتون اٿس. صبح سوير، اسر ويل اٿڻ بنهه نه وڻيس. اٿارڻ جي ڪيوس ته ماڳهين وڙهي پوي. ڏينهن ۾ موڳو، سست، ۽ ٽوٽي. وقت ويٺو ڳڻيندو. سج لٿي کانپوءِ، سانجهيءَ ويلي سجاڳ ٿيندو آهي. اورچ، چست، ڦڙت ۽ حاضر دماغ. ڌڻي بخش ڌني هڪ دفعي چيو هو،“ يار، مونکي لڳي ٿو، تنهنجو ننڍو ڀاءُ چينو اصل ۾ چٻرو آهي، يا چمڙو آهي.”
    وضاحت گهري هئي مانس، ته چيو هئائين، “ ڏس نه، سج لٿي کان پوءِ هرڪو ساهه وارو، چٻري ۽ چمڙي کان سوا پنهنجي پنهنجي وٿاڻ تي وڃي ٿانئيڪو ٿيندو آهي. پر، تو وارو ڀاءُ سج لٿي کان پوءِ ڄڻ هوش ۾ ايندو آهي، ۽ ڪم کي لڳي ويندو آهي.”
    ستارن، ۽ ابجد جي حسابن ۽ ياقوت، زمرد، نيلم، ۽ پکراج جهڙن پٿرن سان مون کي ڪا خاص دلچسي نه رهي آهي. هڪ دفعي مون ابجد ۽ ستارن سان دلچسپي رکڻ، بلڪه اڀياس ڪرڻ واري ماهر سان چيني جي باري ۾ ڳالهايو هو. هن ڏاڍي حيرت انگيز ۽ وائڙو ڪري ڇڏڻ واري سمجهاڻي ڏني هئي.
    رات جي وضاحت ڪندي هن چيو هو ته، رات جون انيڪ معنائون آهن- رات جي معنيٰ آهي موت، پُراسرار، مخفي،مبهم،الوپ،عدم موجود، اوجهل، اٿاهه، پناهه ۽ سقوط. راتيون جاڳي ڪم ڪرڻ وارا غير معمولي قوت جا مالڪ هوندا آهن. هو نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجھڻ وارا، ۽ موت سان اک ملائڻ وارا ٿيندا آهن. هو ايب شاعر، صحافي، اخبار نويس، محقق، فلمون ٺاهڻ وارا، ۽ موسيقار ٿيندا آهن.
    مون ڊڄندي ڊڄندي کائنس پڇيو ته، “ چور ۽ ڌاڙيل به ته رات جو واردات ڪندا آهن.”
    هڪدم وراڻيو هئائين، “ڳالهه واردات جي آهي هڪ واردات سرخرو ڪندي آهي، ۽ ٻي واردات بدنام .”
    وري به هٻڪندي کانئس پڇيو هيم، “سج لٿي کان پوءِ سجاڳ ٿيڻ واري ڪيفيت جو چيني جي ذهني صحت سان ته ڪو واسطو ناهي نه؟”
    “هر ذهين شخص، گھٽ ذهين ۽ بيوقوف ماڻهن کي ڪجهه ڪجهه چريو لڳندو آهي.” ابجد ۽ فلڪيات جي ماهر چيو، “تنهنجو ننڍو ڀاءُ بيحد ذهين ، ۽ غير معمولي قسم جو ٻار آهي- مون کي حيرت آهي ته هو تو جهڙي هڪ ڏڏ، ڇسي، ۽ موڳي مٽر جو ڀاءُ ڪيئن آهي!”
    مان پاڻ ڪنهن ڪنهن وقت چيني جون ڳالهيون ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويندو آهيان ته هو مون ڏڏ ۽ وائڙي جو ڀاءُ ڪيئن آهي!
    هيءَ ڪالهه رات، اربع 31 جولاءِ جي ڳالهه آهي. مان ذري گھٽ ننڊ ۾ هوس، پر ٿورو ٿورو سجاڳ هوس جو پنهنجن کونگهرن جو آواز ٻڌم پئي.
    مون در کلڻ جو آواز ٻڌو. اکيون مهٽيندي اُٿي ويٺس. ڏٺم ته چيني ٻاهريون در کولي ڇڏيو هو. تعجب وچان کانئس پڇيم، “اڙي چينا، هٿوڙا گروپ، يا ڪات گروپ لاءِ ڪم سولو ڪيو اٿئي ڇا!”
    “اڄ جولاءِ جي 31 تاريخ آهي، ادا. ” چيني چيو هو، “اڄ کان پوءِ نه ڌاڙا لڳندا، نه قتل ٿيندا، ۽ نه چورين جون وارداتون ٿينديون.”
    “ڇو چوريون نه ٿينديون ۽ ڌاڙا نه لڳندا!” پڇيم، “چورن ۽ ڌاڙيلن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ڇا.”
    “هٿيارن موٽائڻ جي آخري تاريخ گذري وئي آهي.” چيني چيو، “چورن، ڌاڙيلن، قاتلن پنهنجن ٻارن جي صدقي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن.”
    پڇيم، “ڌاڙيل ۽ قتل هينئر پڪوڙا وڪڻندا ڇا؟”
    وراڻيائين،“سياستدانن لاءِ ورڪر ٿي ڪم ڪندا.” ان کان پوءِ چيني جي نرڙ تي گنڊ پئجي ويو. هو سوچ ۾ گم ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڳالهايائين. چيائين، “ڌاڙا ۽ قاتل بندوق پاڻ ته نه ڪندي آهي! ڌاڙي ۽ خون لاءِ بندوق نفرت، انتقام، ۽ لالچ جي محتاج هوندي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين هينئر ڌاڙا نه لڳندا ۽ خون نه ٿيندا!”
    “هٿيارن موٽائڻ لاءِ سرڪار ڪروڙين رپين جا اشتهار اخبارن، رسالن، ريڊيو ٽيليويزن ۽ فلمن ذريعي هلايا آهن.” چيم، “جن ڪامورن سرڪار کان اشتهارن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرايا آهن، تن کي پڪ هوندي ته ايتري خرچ کان پوءِ ڌاڙيل ۽ خوني شرمندگيءَ وچان ڌاڙا هڻڻ ۽ خون ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. ”
    چيني منهنجي ڳالهه ٻڌي، اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. آسمان هيٺان اوندهه ۾ وڃي بيٺو. اُتان، پريان ڳالهايائين چيائين، “جيستائين انسان نفرت ، حسد، اقتدار ۽ لالچ جي دوزخ ۾ کامندو، تيستائين هو ڌاڙا هڻندو ۽ خون ڪندو. ڌاڙا هڻڻ ۽ خون ڪرڻ لاءِ هٿيارن جو هئڻ ضروري ناهي. جڏهن هٿيار ايجاد نه ٿيا هئا، تڏهن به انسان ڌاڙا هڻندو هو، ۽ خون ڪندو هو! ”
    چيم، “ان جو مطلب آهي ڪروڙين رپين جا اشتهار بي اثر آهن؟ ”
    “اشتهارن ۾ هٿيار واپس ڪرڻ جو چيو ويو آهي.” چيني چيو، “اشتهار ۾ اهو نه چيو ويو آهي ته ڌاڙا نه هڻو، يا خون نه ڪريو.”
    مون اچرج وچان چيني ڏانهن ڏٺو.
    چيني چيو، “رات جو پهر ڏوهن، گناهن، ۽ ثوابن ڪمائڻ جو پهر آهي. جيستائين رات رهندي ماڻهو ۽ مرون ڏوهه ڪندا، گناهه ڪندا، ثواب ڪندا، طاقتور ڪمزور تي حمله آور ٿيندو، ۽ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ سرخرو ٿي سامهون ايندو. شب خون هڻڻ وارن کي تمغن سان نوازيو ويندو. جيستائين رات رهندي، ائين ئي ٿيندو رهندو. ”
    چينو مون کي ماحول کان وڌيڪ پراسرار محسوس ٿيو.■

    1991


      مالڪ پنهنجو ڪرم ڪر تون

    اڄ آڪٽوبر1991 جي پهرين تاريخ آهي. منهنجو اڄوڪو لکيل ڪالم جيڪڏهن وقت سر ٽپال کاتي وارن پريس تائين پهچايو ته خميس ڏينهن، آڪٽوبر جي ٽين تاريخ هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيندو. گذريل ست اَٺ ڏينهن بنگلاديش جي ثقافتي وفد جي آمد سبب ڏاڍا مصروف گذريا آهن.• اسلام آباد مان روانگيءَ کان اڳ مون ويڊيو ڪيسٽ لاءِ فردوسيءَ رحمان جي گيتن ۽ غزلن جو پروگرام اوپن يونيورسٽي جي ٽيليويزن اسٽوڊيوز ۾ رڪارڊ ڪيو هو. فردوسيءَ پاڻ سان چار سازندا آندا هئا. چئن سازندن جو بندوبست اسان ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو اعليٰ پايي جي فنڪاره هڪ هڪ گيت ۽ غزل جي رڪارڊنگ دوران منجهي پئي پَئي. صبح جي پنجين لڳي تائين رڪارڊنگ هلندي رهي. ٻئي ڏينهن پروگرام جي ايڊٽنگ ڪيم. آخر ۾ ٽيل اَپ ڪارڊ لڳائڻ مهل ويڊيو رائيٽر خراب ٿي پيو. ڳالهه وڃي ٽئين ڏينهن تي پيئي. مون فردوسيءَ سان واعدو ڪيو هو ته بنگلاديش اُسهڻ کان اڳ کيس ويڊيو پروگرام جي هڪ ڪيسٽ ڏيندس. ان دوران مون بنگلاديش جي ثقافتي وفد سان گڏجي آيل غير معمولي ڳائڻي جي نياز محمد غزلن جي ڪيسٽ لاءِ آڊيو رڪارڊنگ به ڪري ڇڏي هئي. ٻنهي پروگرامن جي ايڊٽنگ، وقت جي پابندي ۽ واعدو پاڙڻ جي جستجو ۾ سمورو هفتو پکيءَ وانگر اُڏاميءَ ويو.
    هينئر پوڙهو ٿي ويو آهيان. ڀڄ ڊُڪ وس جي ڳالهه نه رهي آهي. اڳ راتين جون راتيون، ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا اسٽوڊيوز ۾ گذري ويندا هئا، لکا ئي نه پوندي هئي. اهڙي جو اهڙو، نو بنو! گذريل هفتي ٻه پروگرام، هڪ آڊيو ۽ هڪ ويڊيو رڪارڊ ڪيم، ايڊٽ ڪيم، ته روح جي گهرائين تائين ٿڪجي پيو آهيان. اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪو ڪالم وقت سر لکي ۽ اُماڻي نه سگهيو آهيان. ڏسجي ته خميس، ٽين آڪٽوبر لاءِ ڪالم مدد تائين وقت تي پهچي ٿو، يا سندس نوٽ سان ٻئي ڪنهن ڏينهن تي شايع ٿئي ٿو!
    اڄ، آڪٽوبر1991 جي پهرين تاريخ، جڏهن هيءُ ڪالم لکي رهيو آهيان، ٻڌو اٿم ڪراچيءَ جي نشتر پارڪ ۾، سائين جي ايم سيد جي گھر سامهون سنڌين جو وڏو جلسو هلي رهيو آهي. اسلام آباد جي ڪوفي ۾ ٻڌو اٿم ته هِن دفعي، پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا اختلاف وساري، مختلف تنظيمون ۽ شخصيتون جلسي ۾ شامل آهن. پَههُ ڪيل پتنگن جو تعداد اَنت کان ٻاهر آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڀٽ ڌڻيءَ جي پاراتي حيف تني کي هوءِ، وطن جن وساريو، جو توڙ ڪرڻ لاءِ قافلن جا قافلا اچي گڏ ٿيا آهن. جلسو هلي رهيو آهي. مان جلاوطن، پرديس ۾ اُٻاڻڪو ۽ اُداس، ڌڻيءَ در ٻاڏائي رهيو آهيان- شل ائين هجي، جو ننڍڙا ننڍڙا اختلاف ۽ ويڇا وساري ڌرتيءَ ڄاوا مورڙي ۽ مانگر مڇن جي شهر ڪراچيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا هجن! شل ائين هجي! شهر واسين ماڻهن جو سمنڊ ڏٺو هجي!
    اسان اختلافن ۽ ويڇن جو ڌارين ۽ ڌوتن ڏاڍو فائدو کنيو آهي- اسان کي ڇِڙوڇِڙ ۽ ڇَڙوڇَڙو ڪري مايوسي، ڪمهمتيءَ نراسائيءَ ۽ نا اميديءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. اسان جو نه ڪو ڌڻي آهي ۽ نه سائين آهي. هڪٻئي تي شڪ! هڪ ٻئي جي گلا ۽ غيبت! هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ! اِن کان وڌيڪ اخبار کي ٻئي ڪهڙي سوکڙي گھرجي!
    شل نشتر پارڪ وارو جلسو اسان جي تاريخ لاءِ نئين باب جو سبب ٿي پوي!
    شل نشتر پارڪ وارو جلسو ، پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ لاءِ سبب ٿي پوي!
    شل نشتر پارڪ وارو جلسو نئين واٽ ۽ نئين لاٽ جو سبب ٿي پوي!
    شل نشتر پارڪ وارو جلسو ڪنهن هڪ اڳواڻ جي اڳواڻيءَ ۾ پختي ايمان جو سبب ٿي پوي. ڌڻي پنهنجو ڪرم ڪر تون، اي مالڪ پنهنجو ڪرم ڪَر تون.■

    1991

    _______
    • مرڪزي سرڪار ٽن سالن (1992-1989) لاءِ مونکي اوپن يونيورسٽيءَ کان ڊيپوٽيشن تي وٺي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو هو. ڏيڍ سال بينظير ڀٽو ۽ ڏيڍ سال مون کي نوازشريف جي حڪومتن سان ڪم ڪرڻو پيو هو.


      جڏهن رات ڏينهن کي اڳري ويندي

    هر انسان يادگيرين وانگر انيڪ شيون هئين سان هنڊائي، سانڍي ۽ سنڀالي رکندو آهي- دوستن ۽ دشمنن جا خط، پراڻيون تصويرون، تصويرون لڳل آلبم، پراڻيون اخبارون ۽ رسالا ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه. مون به اِن قسم جون شيون سنڀالي رکيون آهن. انهن شين ۾ پراڻيون تصويرن، رسالا، اخبارون، ٽڪلين جو هڪ آلبم، ڪجهه ناياب ڪتاب، اسڪول جي زماني کان يونيورسٽيءَ جي تعليم واري دور تائين مختلف ٽيمن لاءِ کيڏڻ دوران مليل ڪرڪيٽ رانديگرن واريون ٽوپيون. ٽڪلين واري آلبم ۾ هڪ اهڙي ٽڪلي به لڳل آهي جنهن تي انگريزيءَ ۾ پاڪستان جي آزاديءَ جي تاريخ 15 آگسٽ لکيل آهي. آلبم ۾ اهڙن ملڪن جون ٽڪليون به لڳل آهن، جن جو هينئر دنيا جي نقشي تي ڪو به وجود باقي نه رهيو آهي.
    پُراڻين شين کي اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ جو هونءَ وقت نه ملندو آهي، پر جڏهن به مسواڙي جاءِ مان ٻئي مسواڙي جاءِ ڏانهن منتقل ٿيندو آهيان، تڏهن اهڙين شين کي ڏسي وٺندو آهيان، ۽ ٻيهر سنڀالي رکڻ، اڳ ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي ويندو آهيان. پهرن جا پهر خاموش رهندو آهيان. عرش جي وسعتن تي گم ٿي ويل مڪالما ۽ عڪس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. مونکي محسوس ٿيندو آهي ته عرش اسان جي آوازن ۽ عڪس جو لامحدود اسٽور آهي.
    اسلام آباد جي ارڙهين سالن جي جلاوطنيءَ دوران اٺون دفعو جاءِ مٽائڻ کان پوءِ پراڻيون شيون ويٺي سانڍيم. پُراڻين فائيلن مان هڪ پُراڻو ڪالم الاهي ڪيئن ٻاهر نڪري آيو. ڪالم هلال پاڪستان اخبار لاءِ هو. فيئر ڪيل هو، پر الاءِ ڇو اشاعت لاءِ نه موڪليو هو! مون کي چڱي طرح ياد نه پئي آيو ته ڪالم ڪهڙي ايڊيٽر جي دور ۾ لکيل هو. ايترو ياد پئي آيم ته سراج جي دور جو هو. ڪالم ۾ ڪالم بند ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر شروع ڪرڻ جو ذڪر هو.
    دل چاهي ٿي، اڄوڪي ڪالم ۾ ورهيه اڳ لکيل اُن ڪالم کي شامل ڪريان، جيڪو اَڻ ڄاتل سبب ڪري اشاعت لاءِ ايڊيٽر کي نه موڪليو هو.
    ڪالم، جيڪو شايع ڪرڻ لاءِ نه موڪليو هو:
    صدين کان پوءِ هلال پاڪستان لاءِ ٻيهر ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو اٿم. ڪالم کي نئون نالو ڏنو اٿم. پر مان ساڳيو ئي آهيان. مان اُهو ئي راتين جو رولاڪ، ۽ تصور جي صحرائن جو مسافر آهيان منهنجن پيرن هيٺان رجيل لوهه جهڙي کامندڙ واري، ۽ منهنجي مٿان سج جو ٻرندڙ گولو سوا نيزي تي لهي آيو آهي. ريگستان جي سڃ ۾ مان رڃ پٺيان ڊوڙي رهيو آهيان.
    اڳ دل جي دنيا تي موهن جي دڙي جو گمان ٿيندو هو. هينئر محسوس پيو ڪريان ته موهن جي دڙي هيٺان هڪ ٻيو شهر به آهي، ۽ جنهن کي يونيسڪو جي ڪا به عالمي امداد سِم ۽ ڪلر جي تباهيءَ کان نه بچائي سگهي آهي. هن دفعي ڪالمن جي سلسلي کي نالو ڏنو اٿم، دل جي دنيا. انهن ڪالمن ۾ اوهان سان دل جي دنيا جون ڳالهيون ڪندس. اوهان سان اندر جو حال اوريندس. موهن جي دڙي هيٺان دفن ٿيل وڌيڪ پُراڻي ۽ قديم شهر جي کنڊرن ۾ رلندس، ۽ شهر جي وحشتن ۽ ويرانين بابت ڪهاڻيون لکندس. پنهنجيون ڪهاڻيون لکندس، توهان جون ڪهاڻيون لکندس؛ ايندڙ نسل جون ڪهاڻيون لکندس. گذري ويل وقت جون ڪهاڻيون لکندس. حال جون ڪهاڻيون لکندس، ۽ ايندڙ وقت جون ڪهاڻيون لکندس.
    هيءَ گذريل وقت جي ڪهاڻي آهي.
    يونيورسٽيءَ جي هڪ تعليمي ٽيليويزن پروگرام لاءِ ڪاغذي تياري ويٺي ڪيم. الاءِ ڇو ۽ ڪيئن، يادن جي ڪليسائن ۽ مندرن جا گِھنڊ وڄڻ لڳا. صدين جي گنبذ مان مون کي پنهنجو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
    ڌرتي منهنجي ماءُ
    جيجل منهنجي ماءُ
    سنڌڙي منهنجي ماءُ،
    جڏهن به توتي اوندهه ايندي
    ظلم جي نگري ٿيندي،
    رات ڏينهن کي اُڳري ويندي
    کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
    مان اهڙي وقت ۾ ايندو رهندس
    سر جو صدقو ڏيندس-
    مان سر جو صدقو ڏيندس!
    ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪري، سج جي گولي ڏانهن ڏسندي مون چيو هو، “سنڌو، مان موٽي آيو آهيان- مان موٽي آيو آهيان. ذلت آميز شڪستن جو درد کڻي مان موٽي آيو آهيان. ”
    سنڌوءَ چيو، “تون ويو ئي ڪٿي آهين، جو موٽي آيو آهين!”
    مون تعجب وچان سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو. سنڌوءَ چيو، “موٽي اچڻ لاءِ هليو وڃڻ ضروري آهي.”
    سنڌوءَ جي جملي جو مفهوم بڙڇيءَ وانگر دل کي لڳو.
    عارضي دنيا ۾ اَبدي ٺڪاڻا ڳولڻ وارو مان سودائي هتان ويو ئي ڪٿي آهيان جو موٽي اچان! موٽي اچڻ لاءِ مون کي اول هتان وَڃڻو آهي. مان هليو ويندس- مان هليو ويندس! ۽ پوءِ، جڏهن رات ڏينهن کي اُڳري ويندي ۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي؛ اهڙي وقت ۾ مان موٽي ايندس، ۽ سر جو صدقو ڏيندس.■

    1991


    بڙ جو سچ

    ڏاڍو عجيب ۽ پُراسرار شخص آهي. الاءِ ڪٿان ، اوچتو هليو ايندو آهي.سامهون اچي بيهندو آهي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان پوءِ، هڪدم، اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويندو آهي، نه سندس اچڻ تي استقبالي نعرا لڳندا آهن، ۽ نه سندس وڃڻ تي الودائي نعرا. نه ڪانفرنس ٿيندي آهي. نه ڪو اخباري بيان جاري ٿيندو آهي. نه ٽريفڪ بيهاري ويندي آهي. ۽ نه ئي سندس آمد تي حفاظت جي نالي ۾ ايئرپورٽن، ريلوي اسٽيشنن، ۽ بس اسٽاپ تي ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪيو ويندو آهي. اهڙا انتظام اڌ اکري سياستدان لاءِ ڪيا ويندا آهن. هو سياستدان نه آهي. هو سياستدان اِن ڪري نه آهي، جو هو ڪنهن سان دغا نه ڪندو آهي، ڪنهن کي دوکو نه ڏيندو آهي، هو مونکي ٻئي ڪنهن يگ جو انتريامي، انتر گياني لڳندو آهي.
    ڪنهن ڪنهن وقت مونکي سندس وجود تي ڪنهن يوناني ڏاهي جو گمان ٿيندو آهي. پر، هو يوناني نه آهي. هو مصري به نه آهي. هو بابلي به نه آهي. هن جو واسطو نه باهه سان آهي، ۽ نه برف سان. هن جو واسطو مٽيءَ سان آهي.
    ڳالهائيندو آهي ته ڪڏهن مبهم ، ته ڪڏهن واضح لڳندو آهي. سندس جملن جو مفهوم ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ايندو آهي، ۽ ڪڏهن نه. سندس سِٽَ ۾ ڪڏهن معنيٰ ته ڪڏهن بي معنيٰ!
    مارگله ٽڪرين تان موٽندي ڀڪشن جي بڙ وٽان مون پَٽَ تان هڪ ڇڻيل پن کڻي ورتو. تڏهن، هو بڙجي ٿڙ پٺيان نڪري منهنجي سامهون اچي بيٺو مون ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺو. وار وڏا، وکريل ۽ ڪلهن تي پکڙيل، ڏاڙهي گھاٽي، اکيون وڏيون ۽ وياڪل. هاٺي ڪاٺيءَ جو اهڙو جو واچوڙن ۾ ويڙهجي آسمانن ڏانهن اُڏامي وڃي!
    هن چيو ته، “خبر اٿئي، بَڙُ وڏو سچ آهي.”
    پڇيم، “ڪيئن؟”
    چيائين. “نه ميوو ڏيندو آهي، نه ئي ميوي جي آسري ۾ ماڻهوءَ کي انسان مان واپاري ڪري وجهندو آهي. نه دوزخ جو دڙڪو، نه بهشت جو دلاسو.”
    مون کي سندس جملي جو مفهوم ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ آيو، ۽ ڪجهه نه آيو.
    پڇيائين، “موڳو موڳو پيو لڳين. ٿڪجي پيو آهين ڇا؟”
    وراڻيم، “ها، مان ٿڪجي پيو آهيان.”
    پڇيائين، “مارگله جي ٽڪرين ۾ يادن جا کنڊر کوٽڻ ويو هئين ڇا؟”
    چيم، “مان پاڻ هڪ ياد جو کنڊر آهيان.”
    چيائين، “جڏهن حال هيڻو هوندو آهي، تڏهن ماضي جي لمحن کي ڀاڪر ۾ ڀري زندگي گذاربي آهي.”
    چيم، “مون پنهنجي زندگي گذاري ڇڏي آهي.”
    چيائين، “زندگي نه گذرندي آهي. زندگي ازل کان ابد تائين جو سلسلو آهي.اسين گذري ويندا آهيون. زندگيءَ جو سلسلو هلندو رهندو آهي.”
    پڇيم، “ته پوءِ موت ڇاهي؟”
    وراڻيائين، “زندگيءَ جي اسٽيج تان هڪ شخص جي موڪلاڻيءَ جو نالو موت آهي. ڪردار هليو ويندو آهي. ڊرامو جاري رهندو آهي.”
    پڇيم، “موت پڄاڻيءَ ناهي ڇا؟”
    چيائين،“ نه ازل ۽ ابد جي ڊرامي ۾ موت فرد لاءِ ڊرامي جي اڳئين منظر ۾ داخل ٿيڻ جو سبب آهي.”
    پڇيم، “ته پوءِ سچ ڇاهي؟”
    وراڻيائين، “ڪوڙ جي عدم موجودگيءَ جو نالو سچ آهي.”
    پڇيم، “سچ جي پنهنجي ڪا صورت نه آهي؟”
    چيائين، “نه، سچ جي پنهنجي ڪا به صورت نه آهي. سچ اصل ۾ ڪوڙ جو ضد آهي. ڪوڙ کي ڪڍي ڇڏجي ته سچ جي صورت پنهنجو پاڻ ڪومائجي ويندي. ”
    وائڙو ٿيندي پڇيم، “ته پوءِ ڪوڙ ڇاهي؟”
    وراڻيائين،“سچ جي عدم موجودگيءَ جو نالو ڪوڙ آهي. سچ اصل ۾ڪوڙ جو احسان مند آهي.”
    مان تعجب وچان ڏانهس ڏسندو رهيس.
    چيائين، “ڪوڙ نه هجي ها، ته سچ جي اهميت جيڪر ختم ٿي وڃي ها. سچ کي جيئرو رکڻ لاءِ ڪوڙ کي جيئرو رکڻ ۽ ڪوڙي دل سان حمايت ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اوندهه نه هجي ها، ته ماڻهو جيڪي روشنيءَ جو تصور نه ڪري سگھن ها!”
    ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هو بڙ جي ٿڙ پٺيان الوپ ٿي ويو.■

    1991


    جيئي ڪوڙ، سچ جي منهن ۾ ڌوڙ

    اوهين سوچيندا هوندا، ته هڪ شخص، جيڪو فقط ڪوڙ ڳالهائيندو هوندو هو، ۽ ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه نه ڳالهائيندو هو، سو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو! ڌرتي ڳهي ويس؛ يا آسمان کڻي ورتس، يا سمنڊ ٻوڙي ڇڏيس! ٿي سگهي ٿو، گذريل چونڊن 1989 ۾ کڳي هڻندي گوليءَ جو نشانو ٿي ويو هجي! ڪو نه ڪو سبب ضرور آهي جو ڪُل جڳ جو ڪوڙو غائب آهي!
    غائب ٿيڻ لاءِ ضروري ناهي ته انسان آسمان ڏانهن اُڏامي وڃي، يا ڌرتيءَ جي تهن ۾ دفن ٿي وڃي، يا سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهندو، پاتال ۾ پيهي وڃي! زندگي ۾ اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن انسان موجود هئڻ جي باوجود غائب ٿي ويندو آهي- سندس هئڻ تي نه هئڻ جو، ۽ نه هئڻ تي سندس هئڻ جو گمان ٿيندو آهي. اهڙي دور ۾ خاموشيءَ تي گوڙ جو، ۽ گوڙ تي خاموشيءَ جو شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. جيڪي ڪجهه نظر ايندو آهي، اصل ۾ نظر جو فريب هوندو آهي؛ ۽ جيڪي ڪجهه پوشيده هوندو آهي، سو سڀ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن انسان ، فهم جي وحشتن کان گهٻرائجي بَنُ وڃي وسائيندو آهي.
    مون کي هميشه کان پنهنجي فهم ۽ فراست تي شڪ رهيو آهي. ڪجهه دوستن منهنجي شڪ کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هڪ دفعي هنن چيو هو، “ گدڙ، تون ايتريقدر ته ڏِڏُ آهين، جو اسين، ايندڙ چونڊن ۾ توکي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا آهيون.”
    تڏهن، هڪ دوست سڀني جو ڌيان ڇڪائيندي چيو هو، “ گدڙ پيدائشي ڪنگلو آهي. روڪڙ ۽ ڏوڪڙ کانسواءِ چونڊن ۾ ڪيئن بيهي سگهندو!”
    هڪ دوست چيو هو، “ ان جو مطلب آهي، ته پنهنجين خدا داد، موليٰ داد ۽ قادر داد صلاحيتن جي باوجود گدڙ چونڊن ۾ بيهي نه سگهندو! افسوس!
    فهم ۽ فراست کان موليٰ مون کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ڏاڍي مزي ۾ آهيان. رامجيءَ کان ٻڪر ڦري وڃڻ وارن کي مان ٺڳ نه سمجهندو آهيان. مان کين عقلمند سمجهندو آهيان.
    مان ڏاڍي کي گابو نه سمجهندو آهيان. مان گابي کي ڏاڍو، ۽ ڏاڍي کي وقت جي واڳ جو ڌڻي سمجهندو آهيان.
    ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا نه ٿيندا آهن. ڏاڍي جي لٺ کي ٻن کان وڌيڪ مٿا ٿيندا آهن. هڪدفعي هڪ مورک، ڏاڍي جي لٺ ڀڃي وڌي هئي. تڏهن، ڏاڍي جي لٺ کي ٻن بدران چار مٿا ٿي پيا هئا. اعتبار نه اچيو، ته ڪا لٺ ٻه اڌ ڪري ڏسو!
    اڄوڪي دور ۾ پاڻيءَ مٿان جهوپڙا هڻي، مورک اُڃ نه مرندا آهن. مورکن، جهوپڙن ۾ واٽر ڪولر رکي ڇڏيا آهن.
    فهم، فراست جي وحشتن کان گهٻرائجي مون بن وڃي نه وسايو هو. مان فهم فراست کان وانجهيل آهيان، تنهنڪري ماڻهن جي بن ۾ گم ٿي ويو هوس. ماڻهن جي بن ۾ مونکي ٻيا شخص به مليا، جيڪي گم ٿي ويا هئا. جيڏانهن پورب پنڌ، تيڏانهن هو نه ويا. هنن وڃي هنگلاج وسايو.
    مان نه پورب پنڌ ويس. ۽ نه وڃي هنگلاج وسايم. مان خاموش تماشائين جي وچ ۾ گهمندو رهيس. خاموشي! خاموشي به اهڙي جنهن جي گوڙ ۾ ڪنن جا پڙدا جيڪر ڦاٽي پون ! مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو، جنهن جي ڪنن جا پڙدا خاموشيءَ جي گوڙ ۽ شور ۾ ڦاٽي پيا هئا. ٻوڙو ٿي پوڻ کان پوءِ هن ڪائناتن جي گفتگو ٻڌي ورتي هئي، جيڪا هن اڳ ڪڏهن به نه ٻڌي هئي. اُها گفتگو ٻڌڻ کانپوءِ هو گونگو ٿي پيو هو. ڪجهه ماڻهو جو خيال هو ته هُو گونگو نه هو. هُن فقط ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. بهرحال، هو ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندو هو. اِها ٻي ڳالهه آهي، ته خاموشيءَ جي گوڙ ۾ ڪو به سندس آواز ٻڌي نه سگهندو هو.
    مان ڪيڏانهن به گم ٿي نه سگهيو هوس. مان توهان جي اوسي پاسي هوس. مان اوهان سان ساڳئي سينيما ۾ ويٺو هوس، ۽ اُها فلم ڏسي رهيو هوس، جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه اوهان ٽڪيٽ ورتي هئي، ۽ نه مون ورتي هئي. بيزار ٿي توهان ۽ مون سينيما هال مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر سينيما جا در بند هئا. گيٽ ڪيپر درن کي تالا هڻي، ڪيڏانهن هليا ويا هئا.
    گَٺَل فلم جو شو ختم ٿي چڪو آهي. منظر نامي جا نه مڪالما سمجهه ۾ آيا، ۽ نه ڏاڙهين، مُڇن ۽ ميڪ اَپَ جي تهن هيٺان لڪل چهرا چڱي طرح نظر آيا. مغربي سازن تي ديسي ڌُن ماڻهن جا عقل چرخ ڪري ڇڏيا. بهرحال رَبَ سائينءَ جا لک ٿورا، جو اسان جي فلمي تاريخ ۾ گٺل فلم جو شو ڪاميابيءَ ۽ خيرخوبي سان پورو ٿيو. گيٽ ڪيپرن در کولي ڇڏيا آهن، ۽ هڪ دفعو ٻيهر اسين سينيما کان ٻاهر نڪري آيا آهيون، ۽ فٽ پاٿ تي بيهي گول گپا کائي خوش ٿي رهيا آهيون.
    انشا الله تعاليٰ، خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکبو- ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه نه ڳالهائبو؛ ۽ توهان جي مدد، دعائن، ۽ سهڪار سان سچ جو جنازو ڪڍي ڇڏبو. في الحال، موڪلايون ٿا- جيئي ڪوڙ، سچ جي منهن ۾ ڌوڙ.■

    1990


    نئين سال جو پراڻو سج

    يارن دوستن پراڻي سال جي آخري رات ۽ نئين سال جي پهرين رات جاڳندي ۽ هُل هنگامه ڪندي گذاري ڇڏي هئي. نئين سال جي اچڻ تي ڏاڍا خوش هئا. خوب موج ماڻي هئائون. مون کي اڄ تائين خبر پئجي نه سگهي آهي ته نئون سال اڌ رات جو، ٻارهين وڳي کان پوءِ ڇو ايندو آهي! ڏينهن جو، صبح جي ڏهين لڳي، پوڻين يارهين لڳي، شام جو پنجين لڳي ڇو نه ايندو آهي! ساڍي ڇهين لڳي ڇو نه ايندو آهي! فقط اڌ رات جو چورن وانگر ڇو ايندو آهي! ڪٿي ائين ته ناهي، نئون سال زندگيءَ جون ساعتون چورائڻ ايندو آهي! ڪٿي ائين ته ناهي، هر نئون سال انسان جي انت ڏانهن سفر کي اڳتي ڌڪيندو آهي! مون کي ڪا خبر ڪونهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته هر نئون سال ڪنهن چور وانگر اڌ رات ڌاري ايندو آهي، ۽ پوءِ ٽي سئو پنجهٺ راتين جا اوجاڳا ڏسي، ايندڙ سال جو کاڄ ٿي ويندو آهي.
    دوستن جا هُل هنگامه ڏسي چيم، مان قنوطي آهيان، يا دقيا نوسي قسم جو ڪو مدي خارج، خرچ ٿيل هڪ شخص آهيان، ۽ ڍَڪَ لٿل ڪنهن گٽر ۾ ڪري پيو آهيان. مون گٽر مان ڪنڌ ڪڍي نئين سال لاءِ واجهايو آهي.
    آسمان تي صدين کان ٻرندڙ سج پراڻو آهي. اونداهو روشن چنڊ پراڻو آهي. تارا، ڪتيون، ۽ ٽيڙو پراڻا آهن. پر، چون ٿا ته نئون سال آيو آهي!
    نئين سال جو نئون سج ڪٿي آهي! نئين سال جوچنڊ ڪٿي آهي! نئين سال جا تارا ڪٿي آهن! آسمان تي اُڏامندڙ، رقص ڪندڙ ڪڪر ڪٿي آهن. هي ته پراڻي سال جا ڪڪر آهن - ٿڪل ٿڪل، ۽ ڪاٽيل لغڙ وانگر هوائن جا محتاج!
    پر، دوست، سنگتي ساٿي چَوَن ٿا ته نئون سال آيو آهي. مون هميشه سنگتين ساٿين جي ڳالهه تي يقين ڪيو آهي. نئين بوٽ وانگر نئون سال به ذري گهٽ پوڻا ٻه مهينا پراڻو ٿي ويو آهي. پر، جنهن رات دوستن پراڻي سال کي الوداع ڪيو هو، ۽ نئين سال جو جوش سان آڌر ڀاءُ ڪيو هو، مون ٻاهر نڪري اوندهه ۾ اکيون کولي ڪجهه نئون ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر مون کي ڪجهه به نئون نظر نه آيو هو۔ ان ۾ سمورو ڏوهه منهنجي پراڻين نگاهن جو هو. پُراڻين اکين سان سڀ ڪجهه پراڻو نظر ايندو آهي- شايد.
    وڻ پراڻا آهن- کاڄي ويا آهن. پراڻن وڻن جي کوکو ٿيل ٿُڙن ۾ طوطا ويهي رهيا آهن. موت جهڙي ڪنهن پراڻي وڻ جي کاڌل ٿُڙ ۾ هڪ چٻرو ويهي رهيو آهي. اڌ رات مهل، جڏهن يار پراڻي سال کي الوداع چوندا آهن، ۽ نئين سال کي ڀاڪر ۾ ڀريندا آهن، منهنجي پراڻي وجود جي ٿُڙ مان هڪ چٻرو ٻاهر نڪري سُڪل وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي رهندو آهي، ۽ اکيون ٻوٽي سوچ ۾ گم ٿي ويندو آهي.
    ڪافي دير تائين سوچ ۾ گم رهڻ کانپوءِ، منهنجي وجود جي سُڪل ٿڙ مان ٻاهر نڪري ويل چٻرو ڪنڌ ڦيرائي پنهنجي ماحول جو جائزو وٺندو آهي. کيس سڀ ڪجهه پراڻو نظر ايندو آهي- عمارتون، رستا، وڻ، بجليءَ جي ٿنڀن سان ٻڌل هاءِ ٽينشن تارون، ٽريفڪ جو گوڙ ۽ گاڏين مان نڪرندڙ زهريلو دونهون! سڀ ڪجهه پراڻو آهي- چٻرو سوچيندو آهي.
    هوائن ۾ پکڙجي ويل اکرن، علامتن ۽ لفظن جا معيوب ۽ معتوب جملا- سڀ پراڻا آهن.
    رسمون ۽ رواج پراڻا آهن.
    وڏيري جي چرچ تي بند ٿيل اسڪول پراڻا آهن.
    پوليس مقابلي ۾ مري ويل هاري ۽ سندس ٻه جوان پٽ به پراڻا آهن.
    پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيلن مدد علي جانوري، طارق اشرف چانڊيي ۽ امر جليل ماڇيءَ جي ڪهاڻي روزانو ورجائڻ جي باوجود پراڻي آهي.
    مرڻ وارا، ۽ مارڻ وارا ساڳيا آهن.
    ڦاهيون ڏيڻ وارا، ۽ ڦاهين تي چڙهڻ وارا ساڳيا آهن.
    ڦٽڪا هڻڻ وارا، ۽ ڦٽڪا کائڻ وارا ساڳيا آهن.
    انصاف ونڊڻ وارا، ۽ انصاف خاطر ڌڪا جهلڻ وارا ساڳيا.
    منهنجي پراڻي وجود جي خالي ٿُڙ ۾ ويٺل چٻري کي، نئين سال جا پراڻا ٻه مهينا گذري وڃڻ باوجود ڪجهه به نئون نه لڳو آهي- ويندي عربستان جي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ بارود ۽ هٿيارن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي ڪهاڻي پراڻي آهي.■

    1991


    جدا ٿيل راهن جو درد

    هوٽل هاليڊي اِن اسلام آباد جي هال ۾ مشرقي پاڪستان جي جدا ٿيڻ، ۽ بنگلاديش ٿي پوڻ جي ياد ۾ جلسو ڪري رهيا هئا. ملڪ جا عالم، فاضل، ڏاها، ڏهڪائيندڙ، اديب، ۽ استاد ۽ سياستدان جلسي ۾ موجود هئا، ۽ مشرقي پاڪستان جي عليحدگي تي هنجون هاري رهيا هئا. ڳوڙها اگهندي، اکيون خشڪ ڪندي، ۽ نڪ صفا ڪندي، هُنن هوٽل جا سمورا ٽِشو پيپر ختم ڪري ڇڏيا، سندن ڏک جي انتها هئي، جو هڪ مهيني جو اسٽاڪ هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ڪري ڇڏيائون! ان کان پوءِ بيرا ويچارا ڊائيننگ ٽيبلن کان نيپڪن کڻي آيا. هنجون هارڻ وارن ۾ هڪ هڪ ڪري نيپڪن ورهائي ڇڏيائون. اُن رات جي رپورٽ آهي ته هاليڊي ان ۾ رات جي ماني کائڻ وارن گراهڪن نيپڪن بدران هٿ ميزپوشن سان اُگهيا هئا. وڏين هوٽلن ۾ هٿ ڌوئڻ جو رواج نه هوندو آهي. ماني کائڻ کان پوءِ هرڪو گراهڪ هٿ نيپڪن سان اگهندو آهي، ۽ تيلي کڻي، وات اڳيان هٿ ڏيئي، ڏند ۾ ڦاٿل ٻوٽيءَ جي تند ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پريان ائين لڳندو آهي، ڄڻ چنگ وڄائي رهيا آهن.
    منهنجو ڌيان ٻن حصن ۾ ورهايل هو. اَڌ ڌيان جلسي ۾ دردناڪ تقريرون ڪرڻ وارن ڏانهن هو، ۽ اڌ ڌيان پاسي واري ڊائيننگ هال ڏانهن هو، جتي کائڻ پيئڻ جون جام شيون ڏاڍي اهتمام سان سينگاري رکيون هئائون. دردناڪ جلسي کان پوءِ، اسان سڀني کي نصيب ۾ لکيل رزق ۽ داڻي پاڻيءَ جو حصو اتان حاصل ڪرڻو هو. تريل مڇيءَ تي ساس وجهي کائڻ جي مون کي پيرن پِٽَ ڏني آهي. هال مان رکي رکي تريل مڇي، ڪبابن، ۽ پيٽيسن، ۽ ڪڪڙ جي ٻوٽين جي هٻڪار پئي آئي. اُن وقت نهايت ذليل خيال منهنجي ذهن ۾ آيو. سوچيم، مشرقي پاڪستان شل هر سال اسان کان اهڙي نموني جدا ٿيندو رهي، هڪ دفعو، ٻه دفعا، ٽي دفعا، ڏهه دفعا، سئو دفعا- ۽ مشرقي پاڪستان جي ياد ۾ اِن قسم جا جلسا ٿيندا رهن، جن ۾ تريل مڇيءَ ۽ ڪڪڙ جي ٻوٽين جي هٻڪارايندي رهي! بنگالي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ياد تازي ٿيندي رهي! اسان کي ڏاڍا پيارا هئا. اسين به هنن کي پيارا هئاسين. هو اسان لاءِ مرندا هئا، ۽ اسين به هنن لاءِ مرندا هئاسين.
    اسان جا بنگالي ڀائر ويچارا ڏاڍا سادڙا هوندا هئا. سياست، ۽ يڪجهتي وغيره کان بيخبر هوندا هئا. اسان مغربي پاڪستان وارن کين سمجهايو ته، بنگالي ڀائرو يڪجهتيءَ لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ فقط هڪ ٻولي ڳالهائجي، ۽ ٻيءَ ڪا به ٻولي نه ڳالهائجي. يڪجهتي لاءِ ضروري آهي ته هڪ ٻوليءَ ڇڏي، ٻين سمورين ٻولين کي نهوڙي ناس ڪجي تنهنڪري، اي بنگالي ڀائرو، توهين ٽيگور، نذرل، قاضي، سرت، چيٽرجي، ۽ بينرجيءَ جي جند ڇڏيو يڪجهتيءَ جي نالي ۾ پنهنجي بنگالي ٻولي تان هٿ کڻو- پاڪستان کي مضبوط ڪريو- پاڪستان کي “ اسلام ڪا ناقابل تسخير قلعه” بڻايو.
    مان الله کي حاضر ناظر ڄاڻيندي اعتراف ٿو ڪريان ته اسان جا بنگالي ڀائرڏاڍا محب وطن هئا. قومن جي زندگي ۾ ٻوليءَ کي ڪهڙي حيثيت آهي! هو پاڪستان لاءِ بنگالي ٻولي قربان ڪرڻ کان ويرم نه ڪن ها. پر، خدا شل خانو خراب نامراد دشمن جو، جنهن مڪاريءَ سان اسان جي بنگالي ڀائرن جي دل ۾ شڪ جو ٻج پوکيو، جيڪو اڳتي هلي جدائيءَ جو سبب ٿي پيو. بنگالين، دشمن جي ناپاڪ چال ۾ اچي، ٻوليءَ خاطر هزارين جوان مارائي وڌا. اها 1951 جي ڳالهه آهي. اسان مغربي پاڪستان وارن کين مارڻ نه پئي چاهيو، پر ڇا ڪجي! اسان جا بنگالي ڀائر قدبت جا بندرا ۽ ڪمزور هئا. ڊسيپلين مان نڪري ويا. قومن جي زندگيءَ ۾ ڊسيپلين کي وڏي اهميت هوندي آهي! بنگالي ڀائرن کي يڪجهتيءَ جي نالي ۾ ڊسيپلين سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي سين. ان ڪوشش ۾ خوامخواهه رخنو وجهڻ خاطر، سو به بدبخت دشمن جي چرچ تي، مرندا رهيا. بنگالي ڀائرن چيو، مرنداسين پر ڊسيپلين نه سکنداسين.
    ڀلا ڪيترا ڀائر ماري ڪيترا ماريون ها! اسان کين چيو، وڃي ڌوڙ پايو- کڻو پنهنجي بنگالي ٻولي! نابڪار دشمن اسان سان وڏي چال چلي ويو هو. پر سائين، قومن جي زندگيءَ ۾ يڪجهتي به ڪا شيءِ آهي- مشڪري ناهي- اسان محسوس ڪيو ته، يڪجهتيءَ خاطر اسان مغربي پاڪستان جي محب وطن، ۽ حب الوطن قسم جي ماڻهن کي ڪرڻو پوندو! يڪجهتيءَ، ۽ پاڪستان جي سلامتيءَ ڪو اتحاد ٺاهڻو پوندو! دشمن جي سازشن ۾ ڦاٿل بنگالي ڀائرن جي سياسي قوت ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي وَن يونٽ ٺاهڻو پيو. اسيمبليءَ ۾ هڪ مشرقي پاڪستان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان مغربي پاڪستان جي چئن صوبن کي ختم ڪري ون يونٽ ٺاهيو ۽ يڪجهتيءَ کي بچائي ورتو. پر، دشمن جا ناپاڪ عزائم پنهنجي جاءِ تي موجود هئا. هن مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف اول سنڌ، پوءِ بلوچستان ۽ سرحد صوبن کي ورغلايو. ماڻهن کي باغي ڪيو. ون يونٽ لوڏي ۾ اچي ويو.
    ون يونٽ يڪجهتيءَ جي علامت هو. يڪجهتيءَ کي بچائڻو هو. اسيمبليءَ ۾ مشرقي پاڪستان، يعني بنگالين کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ سياسي توازن رکڻ لاءِ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان حڪومت جي ذميداري پاڻ سنڀالي ورتي، ۽ مارشل لا کي لاڳو ڪري دشمن جي ناپاڪ عزائم کي شڪست ڏيئي، سندس حوصلا پست ڪري ڇڏيا. پر افسوس! دشمن جي چرچ تي ماڻهو مارشل لا خلاف باغي ٿي بيهي رهيا. پهيا جام کان ايپل جام ۽ راڌي شام واريون تحريڪون هلايائون. دشمن جي چال ڪامياب ٿي ويئي. ون يونٽ ۽ يڪجهتيءَ کي بچائڻ واري مارشل لا هٽائي ويئي. مارشل لا جي هٽڻ جي دير هئي! يڪجهتيءَ جو جنازو نڪري ويو. ڏسنديئي ڏسندي مشرقي پاڪستان مغربي پاڪستان کان جدا ٿي ويو، ۽ بنگلاديش ٿي پيو. بنگالي ڀائر اسان کان الڳ ٿي ويا. ون يونٽ ٽوڙڻ، ۽ مارشل لا هٽائڻ جو نتيجو سڀني ڏسي ورتو. افسوس، صد افسوس- هاءِ هاءِ، اُف!
    اي دشمن! توتي خدا جي لعنت، تو ڀاءُ کي ڀاءُ کان جدا ڪري ڇڏيو. پر ڏس! اي نابڪار دشمن ڏس! اسان پنهنجن بنگالي ڀائرن کي وساريو نه آهي. اسين پنهنجن بنگالي ڀائرن جي شامِ غريبان ملهائي رهيا آهيون. کين ياد ڪري هنجون هاري رهيا آهيون. دشمن جي چرچ تي هنن نادانن يڪجهتيءَ جو قدر نه ڪيو.
    تريل مڇيءَ جي خوشبوءِ ۾ مون سوچيو، اسين هر سال بنگالي ڀائرن جي شام غريبان ملهائيندا رهنداسين، ۽ تريل مڇي تي ساس وجهي کائيندا رهنداسين.■
    1990


      تنهنجو منهنجو مُلهه

    اسان جي اوڙي پاڙي وارن جڏهن کان ڊيپ فريزر ورتا آهن، تڏهن کان عيدالضحيٰ جي موقعي تي هنن پابنديءَ سان هڪ عدد جانور جي قرباني ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ سندن جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي؛ بلڪه روح پر زور هوندو آهي. اُٺ، ڏاند، ۽ ڍڳا، ڳئون، مينهون، سانَ، ٻڪر، ۽ دُنبا خريد ڪري وٺي ايندا آهن. جانورن کي رنگ روپ، ۽ ميندي هڻي، زريون، زرين واريون جهالرون وجهي سندن حسن کي چار کن چنڊ چنبڙائي ڇڏيندا آهن. عيد کان اڳ واريون راتيون جانورن سان گڏ پاڻ سمهي گذاريندا آهن. جاڳڻ جو ڪم پاڙيسرين جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. طرحين طرحين جا جانور سموري رات ڀانت ڀانت جي ٻولين ۽ آوازن سان ڪنن جي پڙدن سان گڏ اُڀ ڏاري وجهندا آهن. ٿورڙي دير لاءِ ڪنهن اهڙي هنڌ جو تصور ته ڪري ڏسو، جتي هڪ ئي مهل اُٺ، ڳئون، مينهون، ڍڳا، سانَ، ٻڪر، ۽ دُنبا موجود هجن ۽ ٻاڪاري ۽ رانڀاٽي گڏيل احتجاج لاءِ آواز اُٿاريو هجين!
    اسين، يعني مان ۽ منهنجو ڀاءُ چينو اهڙيئي هڪ عبرتناڪ پاڙي ۾ رهندا آهيون. ۽، سال ۾ هڪ دفعو دهشتناڪ تجربي مان گذرندا آهيون.
    ننڊ نه مونکي پئي آئي، ۽ نه چيني کي. ٻئي جاڳياسين پئي. پڌر ۾ ليٽيل هئاسين. مون اکيون اُڀ ۾ اٽڪائي ڇڏيون هيون، ۽ چيني طلسم هو شربا پڙهيو پئي، ۽ ذري گھٽ هوش مان نڪتو پئي ويو.
    چيني چيو، “ادا، اڄڪلهه وارين اخبارن مان جيڪڏهن ڌاڙن، خونن، ۽ دهشتگردين ۽ دهشتگرديءَ جي واردات کان پوءِ ريوڙين ورهائڻ جون خبرون هڪ جاءِ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجن ته طلسم هوشربا کان وڌيڪ هوش گم ڪندڙ ڪتاب تيار ٿي پوي!”
    وراڻيم، “توکي نوڪري ٻوڪري ته ملڻي ناهي. تون وڏو ٿي اِهوڪم ڪجانءِ.”
    چيني پڇيو، “ادا، جيل ٻاهران بيٺل وَلو پوليس واري کي به ته دهشتگردن گولي هڻي ماريو هو نه؟”
    آسمان جي وسعتن مان اکيون ڪڍي چيني ڏانهن ڏٺم. چيم، “ مون کي خبر آهي ته اِن کان پوءِ تون ڪهڙو سوال پڇندين.”
    حيران ٿيندي پڇيائين، “توکي ڪيئن خبر پئي ته مان ڪهڙو سوال پڇندس؟”
    وراڻيم، “تون ۽ مان ڪنڀر جي گاري ۾ وساريل مٽيءَ مان ٺاهيل ماڻهو آهيون. اسان ٻنهي جي ڪل ٿڙيل آهي.”
    چيني کي ڄڻ منهنجي ڳالهه تي يقين نه آيو. چيائين، “چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته منهنجو اڳيون سوال ڪهڙو آهي!”
    چيم،“ڪا شرط ته رک. اڄ ڪلهه ماڻهو ثواب به انعام جي لالچ کان سواءِ نه ڪمائيندا آهن.”
    پڇيائين، “ڏهين رپئي واري ريفل ٽڪيٽ ورتي اٿئي ڇا؟”
    وراڻيم، “ هڪ ٽڪيٽ ورتي اٿم.”
    پڇيائين، “ڪيتري انعام جي لالچ ۾؟”
    چيم، “ويهه لک.”
    چينو اُٿي ويهي رهيو. چيائين، “ريفل وارن جو حساب آهي جوئا وانگر چانس تي. تون هيئن ڪر- دهشتگردن هٿان گوليون کائي مري وڃ. توکي هڪدم سرڪار طرفان ويهه لک ملي ويندا.”
    چيني چَوَڻ خاطر، جيڪي وات ۾ آيس چئي ڇڏيو؛ پر، جملو ڳالهائڻ کان پوءِ ڄڻ سراپجي ويو. پنڊ پهڻ ٿي ويو. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ، اوچتو، ٽپ ڏيئي مونسان اچي چنبڙيو. مشڪل سان ڇهن ستن سالن جو آهي. منهنجو روح آهي. ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي. مون کي منهن تي چميون ڏيئي روئي پيو.
    “اڙي چرٻٽ!”چيم، “ ڇا ٿيو؟ روئين ڇو پيو؟”
    مون کيس ڳراٽڙي پاتي.
    چيائين، “مون ائين ڇو چيو، ڇو چيو.”
    “پوءِ ڇا ٿيو جيڪڏهن کڻي چيئي به.” کيس پيار ڪندي چيم،“ مونکي پنهنجي ملهه جي خبر آهي چينا. جيڪڏهن دهشتگردن هٿان مارجي پيس ته سرڪار کان وڌ ۾ وڌ ڏهه رپيا لهڻيندس. اِهو معاشري ۾ منهنجو مُلهه آهي- معاوضو آهي.”
    چيني پڇيو، “۽ جيل ٻاهران بيٺل وَلو پوليس واري جو مُلهه ڪيترو آهي جيڪو دهشتگردن هٿان مارجي ويو آهي؟”
    “ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگھجي چينا.” چيم، “اڄ ڪلهه ڀاڄين ۽ کاڄين جي قيمت وڃي ساڳي بيٺي آهي. وڻي وَڃيُنِ ته هڪ ڪروڙ رپيا ڏيئي ڇڏيندس- ور نه سندس بيوه کي هڪ ٻلو، هڪ سند ، پنج سئو رپين جو چيڪ ۽ سندس پنجن سالن جي پٽ کي ڪانسٽيبل ڪرڻ جو واعدو- رهي نام الله ڪا!”
    اُن وقت درکڙڪيو-هيڪر، ٻيهر.
    چيني ڊوڙ پائي کولڻ لاءِ در جي ڪَڙي ۾ وڃي هٿ وڌو.
    وڏي واڪ چيم، “ڏسجانءِ چينا - متان دهشتگرد يا ڌاڙيل نه هجن.”
    چيني وراڻيو، “ ڪو به دهشتگرد اسان تي پنهنجي قيمتي گولي ضايع نه ڪندو، ۽ ڪو به ڌاڙيل اسان کي ڀُنگ لاءِ نه کڻندو. غلطيءَ وچان جيڪڏهن کڻي ويو، ته پوءِ پيسا ڏئي موٽائيندو ۽ آئينده لاءِ توبه ڪندو.”
    چيني در کولي ڇڏيو.
    هڪ بدحواس شخص اندر هليو آيو، ۽ هٿ ٻڌي ليلائڻ لڳو، “خدا جي واسطي مون کي پناهه ڏيو- مون کي لڪايو. هو مونکي ماري ڇڏيندا.”
    چيني در بند ڪري ڇڏيو.
    هو احسانمند نظرن سان اسان ڏانهن ڏسڻ لڳو.■
    1991


      وڻيس ته ماري، وڻيس ته جيئرو رهڻ ڏئي

    نه منهنجو ڄاتل هو، ۽ نه منهنجو سڃاتل هو، لڳو پئي ته ڪو معتبر هو. ڏنڊو مشٽنڊو، ٿلهو متارو، رنگ جو ڪارو! شهپر برش جھڙا! مٿي تي سنڌي ٽوپي، ڪلهن تي اجرڪ. بدن تي ڪلف لڳل ڪنهن اعليٰ ڪپڙي جو وڳو. پاروٿي ڊبل روٽيءَ جهڙن هٿن جي چئن کن آڱرين ۾ سون جون جرڪندڙ مُنڊيون. آواز ڦاٽل دهل جهڙو هوس.
    سگريٽ مٺ ۾ جهلي، هڪ زور دار سوٽو هڻندي چيائين، “جيستائين ڀوتار کي وڻيو جيئرو رهڻ ڏنائينس.ڳچيءَ ۾ پئجي ويس ته مارائي ڇڏيائينس.”
    محفل ۾ ڪجهه دير سان آيل هڪ شخص پڇيس، “محب شيديءَ جي ڳالهه پيو ڪرين ڇا؟”
    وراڻيائين، “هائو، محب شيديءَ جي ڳالهه پيو ڪريان.”
    پڇيائين، “اِهو سچ آهي ڇا، ته ڀوتار سان ڏيتي ليتيءَ تي اٽڪي پيو هو؟”
    جواب ڏنائين، “پويَن، ڏينهن ۾ اک مان حياءُ نڪري ويو هوس.”
    نئين آيل شخص چيو، “پنجويهه ٽيهه خون ڪرڻ کان پوءِ اک ۾ حياءُ بدران رت جي لالائي لهي ايندي آهي.”
    “ان ڳالهه جو ذڪر تر جي سڀني ايس ايڇ او ڪيو هو.” ڪاري شخص چيو، “سڀني ڀوتار سان شڪايت ڪئي هئي ته بدبخت حد کان نڪري ويو آهي- شڪايتون اسلام آباد تائين وڃي پهتيون آهن. سڀني کي مارائي وجهندو.”
    پڇيائين، “گھڻو انعام رکائي مارايو هئائينس.”
    وراڻيائين، “ڳالهه ڏهن لکن تان شروع ٿي هئي. ۽ سودو وڃي پجٽيهن لکن کي پهتو. هفتو کن جيئدان ڏئيس ها ته معاملو پنجاهه لکن کان ٽپي وڃي ها. ”
    چيائين، “۽ جي پڪڙجي پوي ها ته؟”
    کلندي وراڻيائين، “ يار چريو ٿيو آهين ڇا! ڀوتار جي مرضيءَ کان سواءِ پڪڙجي پوي ها، ڄڻ مشڪري آهي!”
    محفل مان ڪنهن وڏي واڪ چيو، “ڪو به ڌاڙيل ڀوتارن جي مرضيءَ کان سواءِ نه جيءَ سگهندو آهي، ۽ نه ئي مري سگهندو آهي.”
    مان محفل مان اُٿي، ٻاهر وڃي بيٺس. رات جو پهريون پهر هو. اونده انڌوڪار هو. محفل مان پويون جملو منهنجي تعاقب ۾ ٻاهر هليو آيو. ڪو به ڌاڙيل ڀوتار جي مرضيءَ کان سواءِ نه جيءَ سگهندو آهي، ۽ نه مري سگهندو آهي!
    سنڌ جي ڪجهه بدنام بلڪه مشهور ڌاڙيلن جا نالا دل تي تري آيا. عبدالرحمان ڌاڙيل، جنهن جي باري ۾ مشهور ڪيو ويو هو ته کيس گولي نه لڳندي هئي. ٿري ناٽ ٿري جي گولي کيس ڀڳڙي وانگر لڳندي هئي. رحيم هڱورو - جيڪو جيل جون ڀتيون ڀڃي هليو ويندو هو. پر ڌاڙي دوران نياڻي، يا قرآن پاڪ اڳيان آيس ته پٺئين پير موٽي ويندو هو. ۽ عيدو ڌاڙيل- پوليس جو جاني دشمن. ڌاڙو هڻڻ کان اڳ اوسي پاسي جي ٿاڻن تي حملو ڪري پوليس کي ماري ڀڄائي ڪڍندو هو، ۽ ٿڏي تي کيس ماري وجهندو هو. ۽ ويجهڙائيءَ واري دور جو پرو چانڊيو- جنهن جي باري ۾ طرحين طرحين قسم جون ڪهاڻيون مشهور ڪيون ويون هيون - ڏاڍو رحم دل ۽ سخي هوندو هو. اميرن جو دشمن، ۽ غريبن جو ساٿي هو، سنڌي رابن هُڊ هو. غريبن ۾ واچون، ڪپڙا، ۽ سيڌو سامان، ۽ روڪڙ ڏوڪڙ ورهائيندو وتندو هو. پرو چانڊيي جي باري ۾ ايتري قدر ته قصا مشهور ڪيا ويا جو هو ڌاڙيل مان ماڻهن لاءِ هيرو ٿي پيو- سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ جوڌو! مارجي ويو ته قبر تي هزارن جي تعداد ۾ اجرڪ ۽ ٽنن جي حساب ۾ گل نڇاور ڪيائونس. هڪڙي صاحب پرو چانڊيي نالي فلم ٺاهي ته لکها پتي ٿي ويو.
    محب شيدي مارجي ويو آهي. محب شيدي جي جاءِ تي ٻيو ڪو دهشت چانڊيو يا گگلو گوپانگ نالي ڌاڙيل والاريندو. هن جي باري ۾ نه ڀوتار سڳورا قصا ڪهاڻيون مشهور ڪرائيندا ۽ اسان اٻوجهن کي ڪوڙڪي ۾ لاهيندا.
    اسان جو هڪ وڏو مسئلو اِهو به آهي جو اسان وٽ ڪو به هيرو ناهي. الطاف حسين ٽائيپ جو ڪو به ليڊر ڪونهي جنهن جي باري ۾ اسين سڀئي يڪ راءِ هجئون.اِها خلا اسان شدت سان محسوس ڪئي آهي. اِن خلا کي پُر ڪرڻ لاءِ اسان ڪڏهن پرو چانڊيي کي ۽ ڪڏهن محب شيديءَ کي به قبول ڪيو آهي. محب شيدي مارجي ويو آهي. سندس جاءِ ڀوتار جو ٻيو ڪو ڀاڙيتو ڌاڙيل والاريندو. ڀوتار کيس پنهنجي پناهه ۾ رکندو ۽ سندس باري ۾ ڏند ڪٿائن جهڙا قصا مشهور ڪرائيندو. اسين چريا، ڌاڙيل ۾ هيرو واري خالي جاءِ پُر ڪرڻ وارا ٻيهر ڏسنداسين.■

    1991


      الا، مان اڏري ويندو سانءِ

    مان ڪجهه ڏينهن کان بانسري، يعني مُرليءَ جي چڪر ۾ پئجي ويو آهيان. سنڌ جي مرليءَ جون ٻه معنائون سمجهيون وينديون آهن- هڪ نانگ کي راضي ڪري نچائڻ وارو ساز، ۽ ٻيو بانسري! مان اُن مرليءَ جي ڳولا ۾ هوس، بلڪه آهيان، جيڪا ماڻهن کي ، ۽ مِرُن کي نچائڻ لاءِ نه وڄائبي آهي- تنهنڪري اردو ۽ هندي ٻولين ۾ بانسريءَ جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. هڪ دفعي روم جو بادشاهه نيرو هندستان گھمڻ آيو هو. جاسوسن کي واردات کان پوءِ خبر پئي ته نيرو اداڪاره ريکا تي اَڪن ڇڪن هو، ۽ سير سپاٽي، تاريخي عمارتن ۽ بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن تي حاضري ڏيڻ جي بهاني ريکا جون فلمون ڏسڻ آيو هو، ۽ آخر ۾ ريکا تي ڇاپو هڻڻ جو پروگرام ٺاهي آيو هو. فقيرن وارو ويس ڪري هن چاليهه پنجاهه کن ريکا جون فلمون ڏسي ورتيون. ڪجهه مشيرن اِن وچ ۾ صلاح ڏنس ته جيئندا قبلا، پاڪستان ۾ به هڪ گوگائي مرچ جهڙي هيروئن آهي، قد ۾ ڌڪ کائي وئي آهي، اصل روم جي راڻي ٿيڻ جهڙي آهي- نالو اٿس بابرا شريف! ڇو نه پاڪستان هلجي!
    نيرو ڪجهه ڪجهه ناراض ٿيندي وراڻيو: مان ڪنهن به شريف سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندو آهيان- ۽ بابرا جيئن ته شريف آهي، بلڪه بابرا شريف آهي، تنهنڪري مان سندس ڏاڍي عزت ڪندو آهيان. مان بابرا شريف تي ڇاپو هڻي نه سگهندس- ۽ هونءَ به پاڪستان ۾ ڇاپو ڪامياب نه ٿيندو آهي- پنجن ڪروڙ رپين جي ماليت جيتري هيروئن سان ڀريل ٽرڪ تي ڇاپو هڻبو آهي، ته موٽ ۾ فقط ڪارو ڪلينر هٿ چڙهندو آهي- ڪٿي ائين نه ٿئي ته ڇاپي کان پوءِ بابرا شريف بدران ڀواني جنڪشن جهڙي ڪا ايڪسٽرا مٿي ۾ لڳي!
    هندستان ۾ ترسڻ، ۽ ريکا جون فلمون ڏسڻ واري عرصي ۾ نيروءَ هندستان جي رنگين تاريخ جي ورق گرداني ڪري ورتي. کيس اهو پڙهي ڏاڍو تعجب ٿيو، ته خيبر پاس کان حملو ڪندڙ بنا روڪ ٽوڪ جي سڌو وڃي دهليءَ جي آگره بازار ۾ بيهندا هئا- غزنوي، لوڌي، مغل ۽ پٺاڻ ڪيناٽ پيليس مان وڃي شاپنگ ڪندا هئا. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا حمله آور جڏهن دهليءَ جي گھٽين ۾ جينز پائي، بنا سائيلنسرن جي موٽرون ۽ موٽر سائيڪلون هلائيندا هئا، ڪلاشنڪوفن مان برسٽ هڻندا هئا، تڏهن هندستان جا جوڌا جوان ڪٿي هوندا هئا! اِن معمي ۽ معاملي نيروءَ کي منجهائي وڌو. سوچيندي سوچيندي مٿي ۾ گُهٻَ پئجي ويس. تڏهن ، گرنار جي ڪنهن جوڳيءَ ٻڌايس ته اهڙي وقت ۾، جڏهن مُلڪ غير مُلڪين جي ڌوڌڪن ۾ ڌوڙ ٿي ويندو آهي- تڏهن راجا، توڙي پرجا بانسري وڄائيندي آهي- بلڪه چين جي بانسري وڄائيندي آهي، تڏهن نيروءَ کي بانسريءَ جي تاريخي اهميت جي خبر پيئي هئي.هن پنهنجي چونڊ جاسوسن کي رنبو جهڙي مهم تي روانو ڪري ڇڏيو. کين تلقين ڪيائين ته ڪيئن به ڪري، بانسريءَ نالي ان عجيب ۽ غريب ساز کي هٿ ڪن، جنهن کي اهڙي وقت وڄائبو آهي، جڏهن قومن تي هر طرف کان مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي.
    مبارڪ عليءَ کان سواءِ سڀني تاريخدانن، محققن تصديق ڪئي آهي ته نيرو بانسري هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. ان کان اڳ جو هو ريکا کي راضي ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿئي ها، هن کي روم شهر کي لڳل باهه جي خبر پهتي. هو هندستاني بانسريءَ سميت پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. هن مٿاهين هنڌ تان روم کي لڳل باهه ۽ سڙڻ جو منظر ڏٺو. منظر ڏسندي کيس بانسريءَ جو خيال آيو. هو بانسري ڪڍي وڄائڻ لڳو، ۽ روم جي سڙڻ جو نظارو ڏسندو رهيو. اُن ڏينهن کان پوءِ دنيا ۾ “چين جي بانسريءَ” جو محاورو مشهور ٿي ويو.
    مان روم جو نيرو نه آهيان. پر، تنهن هوندي به بانسري ڳولي رهيو آهيان ڪٿي ائين ته ناهي، ته منهنجي روم کي باهه وڪوڙي ويئي آهي!
    ڪٿي ائين ته ناهي، ته منهنجو روم سڙي رهيو آهي، ۽ مان وڄائڻ لاءِ چين جي بانسري ڳولي رهيو آهيان!
    پر، مان نيرو نه آهيان. مان ڦوٽو ڀيل آهيان. هتان جو اصلوڪو رهاڪو آهيان. مان ڀينڍ ڪولهي آهيان. مان گهگهو مليڇ آهيان. مان وياڪل اڇوت آهيان. مان نيرو نه آهيان. منهنجو ڪو به روم نه آهي- منهنجي ڪا به شهنشاهت نه آهي. پوءِ به مان بانسري ڳولي رهيو آهيان! ڪٿي ائين ته ناهي، ته ڀنڀور کي باهه لڳي آهي؟
    منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾! مون کي ته چين جي بانسري وڄائڻي آهي. مون کي ته نيروءَ کي شڪست ڏيڻي آهي. اکين مان نير نه وهائڻو آهي. فقط بانسري وڄائڻي آهي. بُري هن ڀنڀور جي، “ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اُڏري ويندو سانءِ”■

    1990


    موٽڻ مون مهڻو

    ڪجهه دوستن چيو: نوڪري خاطر اسلام آباد ۾ رهيو پيو هئين. هينئر ته خيرن سان رٽائر ٿيو آهين. موٽي سنڌ ڏانهن ڇو نه ٿو اچين.
    مان سوچ ۾ پئجي ويس. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته جواب ۾ ڇا چوان، ۽ ڇا نه چوان. مان جڏهن به سوچ ۾ پوندو آهيان، تڏهن گم ٿي ويندو آهيان ۽ جڏهن گم ٿي ويندو آهيان، تڏهن ڪنهن کي به هٿ نه ايندو آهيان. پوليس کي اطلاع ڏيندا آهن. مون کي مئل يا جيئرو هٿ ڪرڻ لاءِ انعام ۾ وڏي رقم رکندا آهن. مان جڏهن کين هٿ ايندو آهيان، تڏهن مئل هوندو آهيان، ۽ نه جيئرو هوندو آهيان.
    هڪ دفعي سونڍن جي قبرستان وٽ هڪ اي ايس آءِ جي جيپ پِڙُ ڪڍي بيهي رهي. اي ايس آءِ جو مطلب سمجهو ٿا نه- اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آف پوليس. اهي صاحب ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن جا بي تاج بادشاهه هوندا آهن. بليڊ سان اسان جي زبان ڪپي سگهندا آهن. نڪ، ڪَنَ ۽ چپ ڪپي سگهندا آهن. اسان جون اکيون ڪڍائي سگهندا آهن. اسان جي جسم جي هر سوراخ ۾ مرچ وجهي سگهندا آهن. اسان کي ابتو لٽڪائي ڏنڊن ۽ موچڙن سان مار ڪڍي يا ڪڍرائي سگهندا آهن. اسان کي ڌاڙن ۽ خونن جي ڪيسن ۾ قابو ڪري سگهندا آهن. مطلب ته اسان کي ذلت جي زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ تي مجبور ڪندا آهن.
    اوپري مهل ۾ مون هڪ سوئر کان پڇيو هو: تون مون کي اُگهاڙو ڪري جسم تي ٻريل سگريٽ سان ڏنڀ ڏيئي سگهندين؟
    سوئر وراڻيو: مان ڪنهن ماڻهوءَ جو پٽ ٿوروئي آهيان جو اهڙو ڪم ڪري سگهان.
    جنهن اي ايس آءِ جي جيپ سونڍن جي قبرستان وٽ بيهي رهي هئي، سو اصل ٽُٻ هو. جيپ مان لٿو ته ٿاٻڙيو. جيپ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو. اوچتو سندس نگاهه قبرن جي وچ ۾ پيل هڪ ڍانچي تي پئجي ويئي. روالور ڪڍي ڍانچي تي سموريون گوليون هلائي ڇڏيائين. پوءِ، هڪ پِڪ اَپ ۾ ڍانچو کڻائي ٿاڻي تي پهتو. روزنامچي ۾ لکيائين: سونڍن جي قبرستان وٽ بدنام رهزن ڌاڙيل امر جليل سان دوبدو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ملزم زبردست پوليس مقابلي کانپوءِ مارجي ويو. وزيراعليٰ سنڌ سندس سر تي ڏهه لک رپيا انعام رکيو آهي، پر لهي ٽڪو به نه. تنهن هوندي به مان اي ايس آءِ فلاڻو، پٽ فلاڻي جو، ٿاڻو هيبت آباد، انعام جو واحد حقدار آهيان.
    ڍانچي جي پوسٽ مارٽم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اسلام آباد مان قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ کي گهرايو ويو. ڊاڪٽر دانيءَ پنهنجيءَ رپورٽ ۾ لکيو ته، ڍانچو ست هزار سال پراڻو آهي، ۽ هڪ اهڙي شخص جو آهي، جيڪو شهر موهن آباد، ( هينئر دڙو )، جي هڪ اي ايس آءِ هٿان عذاب سهندي سهندي مري ويو هو. سونڍن جي قبرستان وٽان سندس ڍانچي جو ملڻ وڏو معمو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ شرلاڪ هومز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.
    شرلاڪ هومز جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار، برطانيه جي حڪومت کي باقاعدي درخواست موڪلي ڇڏي آهي. اُن کان پوءِ هِن وقت تائين سنڌ ۾ اٺ- ڏهه سرڪارون بدلجي چڪيون آهن، پر برطانيه جي حڪومت پاران شرلاڪ هومز جون خدمتون اڃا تائين موجوده سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪيون ويون آهن. اِن وچ ۾ سونڍن جي قبرستان وٽ پوليس مقابلي ۾ ست هزار سال پراڻي ڍانچي کي مارڻ وارو اي ايس آءِ هن وقت هيبتناڪ ڊي ايس پي ٿي چڪو آهي.
    اِن سلسلي ۾ مان سنڌ سرڪار کي صلاح ڏيندس ته شرلاڪ هومز جو وڌيڪ انتظار ڪرڻ اجايو آهي. مرڪزي سرڪار کي عرض ڪري سڌو سنئون سيف الرحمان جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ۽ سونڍن جي قبرستان وٽ مارجي ويل ست هزار سال پراڻي ڍانچي جي راز تان پردو کنيو وڃي. اِن ڪم ۾ جيڪڏهن دير ڪئي ويئي ته پوءِ امڪان آهي ته اُهو اي ايس آءِ جنهن ڍانچي کي زبردست پوليس مقابلي کانپوءِ ماري وڌو هو، ۽ اڄ ڪلهه ڊي ايس پي لڳل آهي، ڪٿي سنڌ جو آءِ جي پوليس ٿي نه پوي!
    باقي سوال رهيو منهنجي سنڌ موٽي اچڻ جو! ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته دوستن کي ڪهڙو جواب ڏيان. ان کان اڳ جو سوچ ۾ گم ٿي وڃان، ۽ ڪنهن اي ايس آءِ هٿان پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃان، ۽ خدمت ڪاميٽيءَ جي خدمت کان محروم رهجي وڃان، مون ڀلي ڏني ڀوتار جو آواز ٻڌو.
    ڀلي ڏنو ۽ مان ننڍي هوندي واڻين جي ٻنين مان گجرون چورائيندا هئاسين.
    ڀلي ڏني چيو، “ ڀلا مان اسلام آباد اچان ته پاڻ وٽ رهائيندين. ”
    هڪدم چيم “ اڙي چريا، تون اچي ڏس. توکي پنهنجي دل ۾ رهائيندس.”
    “ تنهنجيءَ دل ۾ رهڻ تي مون کي ڪو خاص اعتراض ڪونهي.” ڀلي ڏني چيو، “ پر، مان تنهنجيءَ دل ۾ رهي نه سگهندس.”
    پڇيم، “ ڇو؟”
    چيائين، “ دل ۾ باٿ روم نه ٿيندو آهي.”■

    1998


    سنڌ واسينگن جي وس ۾ آهي

    قدرت منهنجي سمجهه لاءِ ڪم سولو ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڳالهيون منهنجي سمجهه ۾ اينديون آهن، ۽ ڪجهه ڳالهيون منهنجي سمجهه ۾ بنهه نه اينديون آهن. منهنجي ذهن کي موليٰ مونجهارن کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه ايندي آهي تنهن ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهيان. ۽، جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي تنهن کي غنيمت سمجهندو آهيان. سوچيندو آهيان، جيڪڏهن سمجهه ۾ اچڻ واريون ڳالهيون به مون کي سمجهه ۾ نه اچن ها ته پوءِ جيڪر نا سمجهه ٿي هيءَ انمول زندگيءَ گذاري ڇڏيان ها، ۽ بي سمجهه سمجهي نظر انداز ڪيو وڃان ها! خدا جو شڪر آهي ته هن عاليشان دنيا ۽ وسيع ڪائنات جون ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ڳالهيون مون کي سمجهه ۾ اينديون آهن؛ تنهن ڪري مان رات ۽ ڏينهن جي مونجهارن ۾ نه منجهندو آهيان، ۽ نه ئي موسمن جي تبديلين تي حيران ۽ پريشان ٿيندو آهيان.
    ساڳي طرح، مُلڪ ۾ ڪجهه سياسي، اقتصادي، سماجي، ۽ معاشرتي ڳالهيون، بلڪه حقيقتون مون کي سمجهه ۾ اينديون آهن، ۽ ڪجهه بنهه سمجهه ۾ نه اينديون آهن. اڄ فقط انهن ڳالهين بابت ڳالهائبو جيڪي ڳالهيون منهنجي ناقص سمجهه ۾ نه اينديو آهن.
    موجوده سرڪار سڳوريءَ فٽافٽ فيصلا ڪرڻ لاءِ انيڪ عدالتون قائم ڪيون آهن. مقدمن جا فيصلا ڏينهن اندر ٿي رهيا آهن. جن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچڻو آهي سي ڪيفر ڪردار تائين پهچي رهيا آهن. قوم خوش آهي. اسين سڀئي خوش آهيون. پر، منهنجي ڌيءَ جهڙي ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو جو ڪيس اِن قسم جي ڪنهن عدالت ۾ ڇو نه پيش ڪيو ويو آهي؟ ڇا ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو جو خون دهشتگردي نه آهي؟ اڃا ته ڪيس هيٺين عدالتن ۾ هلي رهيو آهي؛ ان کان پوءِ مٿي عدالتن ۾ هلندو! جيئن ته ڪيس عدالت ۾ آهي، تنهن ڪري مان ملزم جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس. مان فقط ايترو چوندس ته اسان وٽ ڪيس ورهين جا ورهيه هلندا آهن - ڏهه سال، ويهه سال، ٽيهه سال! مون کي لڳي ٿو مان موجوده جنم ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيس جو فيصلو ٻڌي نه سگهندس. مان هڪ دفعو ٻيهر جنم وٺندس. مان موٽي ايندس، ۽ ٻئي جنم ۾ فوزيه ڀٽو جي مقدمي جو فيصلو ٻڌندس. پر، في الحال مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو جو ڪيس دهشت گردين وارا ڪيس هلائڻ واري ڪنهن عدالت ۾ ڇو نه پيش ڪيو ويو آهي!
    هن ئي هفتي 1991-10-22 مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل تي رات جي پوئين پهر ۾ چاليهارو کن هٿيار بندن جي حملي ۽ ٻن نوجوانن جي مرڻ جي خبر اوهان به پڙهي هوندي؛ مون به پڙهي آهي. آچر واري هلال پاڪستان دل جي درد مان اُٿل کائي اثرائتو ايڊيٽوريل به ڏنو آهي. سموري سنڌي پريس يڪ راءِ اِن سانحي تي زبردست ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اِن واقعي ۾، ۽ اِن کان اڳ ساڳئي نوعيت وارن واقعن ۾ هڪڙي ڳالهه مون کي بنهه سمجهه ۾ نه آئي آهي. ٻه ٽي سال اڳ حيدرآباد ۾ نقاب پوش دهشتگرد پيدا ٿيا هئا. واردات ڪندا هئا ۽ غيبات وانگر موقعي تان گم ٿي ويندا هئا. حيدرآباد جي گراٺ جيترين گھٽين ۾ موٽر سائيڪلن ۽ موٽرن تي چڙهي قتل ۽ غارتگري ڪرڻ کان پوءِ ڏوهارين جو الوپ ٿي وڃڻ، گم ٿي وڃڻ منهنجي سمجهه ۾ نه آيو آهي. چاليهارو کن هٿيار بندن ڇاپه مار رات جي پوئين پهر هاسٽل ۾ داخل ٿيا ۽ ڪلاشنڪوفن مان برسٽن جي بارش ڪري گم ٿي ويا! آهي نه حيرت جي ڳالهه! سموري سنڌ، خاص ڪري شهر ۽ شهرن جا تعليمي ادارا قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اک ۾ آهن. اسان جون يونيورسٽيون سندن گھيري ۾ آهن، پوءِ، ڪيئن ممڪن آهي ته چاليهارو کن هٿيار بند مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ داخل ٿيا، ۽ واردات ڪري گم ٿي ويا! بابا سائين، ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪير ڪنهن جي پشت پناهي ڪري رهيو آهي؛ ڪير ڪنهن جو روپ ڌاري، واردات کان پوءِ گم ٿي رهيو آهي! مون کي فقط هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته پيشه ورانه مهارت سان واردات ڪرڻ اسان جي مولائي شاگردن جي وس کان ٻاهر آهي. ڪلهن تي اجرڪ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي ڪلاشنڪوفن جا برسٽ هلائڻ وارا سڀئي سنڌي نه آهن. ڪيموفلاج جو لفظ ٻڌو اَٿَوَ نه ؟ جنگ دوران وڻ ٽڻ، ٽاريون ۽ ڪک پن ٻڌي سپاهي پاڻ کي جهنگ ۾ لڪائي جنگ جوٽيندا آهن. هنن ڪلهن تي اجرڪ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي ڇڏي آهي. کين سڃاڻڻ، سندن شناخت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي، بلڪه ناممڪن آهي. سنڌ واسينگن جي ورچڙهي وئي آهي.■

    1991


      اڄوڪي دور ۾ پٿر واري دور جي روايت

    قديم کان قديم دور ۾، پٿر واري دور کان به اڳ، جڏهن تاريخ جو فن اڃا ايجاد نه ٿيو هو، قبيلي جي اڳواڻي ان شخص کي ملندي هئي، جيڪو سڄي قبيلي ۾ سڀني کان طاقتور هوندو هو، ۽ پنهنجن حريفن کي ماري مات ڪندو هو. ائين کڻي چئجي، ته هڪ طاقتور شخص پنهنجي سگھه سان قبيلي جي اڳواڻي، يا ليڊر شپ هٿ ڪري وٺندو هو. اُن وقت تائين هو اقتدار تي قابض رهندو هو، جيستائين ٻيو ڪو شخص کيس ماري مات نه ڪندو هو، يا پنهنجي ساءِ نه مرندو هو. پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي طاقت جا مختلف مظاهرا ڪندو هو. پنهنجي قبيلي ۾ گھٽ طاقتورمخالفن کي ماري وجھندو هو. ٻئي ڪنهن قبيلي جي سردار يا سربراهه کي للڪاريندو هو؛ کيس طاقت جي مظاهري لاءِ چئلينج ڪندو هو. اهڙي ويڙهه جي نتيجي ۾ جيڪو سردار ڪامياب ٿيندو هو، ٻئي سردار جي قبيلي تي قبضو ڪري وٺندو هو. اِهي ان دور جون ڳالهيون آهن، جڏهن خدا جي خدائي ۾ خلق گھٽ ۽ زمين بي حساب هئي. تڏهن، اڃا مُلڪ وجود ۾ نه آيا هئا. مختلف قبيلا مختلف هنڌن تي ندين نالن جي ويجهو پڙاءُ ڪندا هئا، ۽ موسم آهر، يا ڪنهن خطري سبب ڪوچ ڪندا هئا.
    پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ انسان جي فطرت ۽ جبلت ۾ شامل آهي. صديون گذرڻ جي باوجود سندس فطرت ۾ ڪا تبديلي، ۽ سوچ ۾ ڪا ڦير گهير نه آئي آهي. جيڪڏهن ڪا ڦير گهير، يا ڪا تبديلي ڏسڻ ۾ آئي آهي، سا سندس طاقت جي مظاهري جي طريقي ۾ آئي آهي. اڳ انسان فقط پنهنجي ٻانهن، پنهنجي ذاتي ۽ پنهنجي جسماني سگھه جو مظاهرو ڪندو هو. اڪيلي سِر ڏهن ويهن ماڻهن سان وڙهڻ؛ هٿين خالي شينهن يا هاٿيءَ کي مارڻ؛ ۽ وڻن کي ڀاڪر ۾ ڀري پاڙون پٽي ڪڍڻ سندس طاقتور جي مظاهري جا مخصوص طريقا هوندا هئا. جديد ۽ سائنسي دور ۾ انسان پنهنجي طاقت جي مظاهري لاءِ نوان نمونا ايجاد ڪندا آهن.
    ماسڪو، واشنگٽن، بيجنگ، فرانس،لنڊن، دهلي، ۽ دنيا جي ٻين انيڪ ملڪن جي انيڪ شهرن ۾ مخصوص موقعن تي فوجي پريڊون ڏسي مان ڏاڍو حيران ٿيندو آهيان. حيران ان ڪري ٿيندو آهيان، جو انسان جي فطرت ۾ لکين سال گذري وڃڻ جي باوجود، ڪا تبديلي نه آئي آهي. پنهنجي طاقت جي نماءَ لاءِ سندس خواهش ۾ ڪا ڪمي نه آئي آهي- اُٽلندو سندس خواهش امڪان جي حدن کان ٻاهر نڪري ويئي آهي. هڪٻئي کي مارڻ لاءِ انسان جيڪي خوفناڪ هٿيار ايجاد ڪيا آهن، تن جو هُن پنهنجي ملڪ ۾ ڏاڍي فخر سان ۽ تڪبر سان نماءُ ڪيو آهي. هرسپر پاور ملڪ جي دعويٰ آهي ته: مون وٽ اهڙا هٿيار آهن، جن سان مان هزارين ميل پري ڪنهن به ٻئي ملڪ تي حملو ڪري سگھان ٿو! کيس تباهه ڪري سگھان ٿو!
    ۽ پوءِ، ڏاڍي فخر سان اهڙن موتمار هٿيارن جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي- جنگي جهاز، هيليڪاپٽر، ٽينڪون، توپون، راڪيٽ، ميزائيل، بم، بارود! عزت اُن ملڪ جي آهي. جنهن وٽ هڪ ڌڪ ۾ هزارين مردن ، عورتن ۽ ٻارن کي مارڻ جهڙا هٿيار آهن. زندگي ڏيڻ بدران زندگي وٺڻ وارين قوتن جو دنيا ۾ راڄ آهي. ڪجهه نه بدليو آهي. اڄ به ذهني طرح طاقتور شخص، جسماني طرح طاقتور شخص جو ماتحت آهي.
    اسان اڄ تائين نه ٻڌو، ته ڪنهن ملڪ کي سياسي ۽ اقتصادي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ تي ڪڏهن پروفيسرن، سائنسدانن. ڊاڪٽرن، انجنيئرن، دانشورن، اديبن ۽ شاعرن قبضو ڪيو هجي!
    اسان اڄ تائين نه ڏٺو، ۽ نه ٻڌو ته سائنسدانن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن،انجنيئرن ۽ دانشورن پنهنجي ذهني قوت جو ڪڏهن مظاهرو ڪيو هجي! ۽ سندن مظاهرو ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا هجن!
    انسان اڄ به اتي ئي آهي، جتي، هزارين لکين سال اڳ، پٿر واري دور کان به اڳ هو؛ جڏهن کيس پنهنجي جسماني طاقت تي ناز هو، ۽ ان جو اظهار ۽ مظاهرو ڪندو هو.انسان جي مجموعي ارتقا ۾، هميشه وانگر، ذهن جسماني قوت جو غلام ۽ ماتحت آهي.
    ويجهڙائيءَ ۾ اسان قلم کي ڪلاشنڪوف کان گيسيون ڪندي، معافي گھرندي ڏٺو آهي.■

    1991


      همسفر

    روهڙي ريلوي اسٽيشن تان مون سان گڏ، ساڳئي ڪمپارٽمينٽ ۾ نهايت طاقتور، جانٺو، ۽ قداور شخص سوار ٿيو. پنهنجي ڏيک ويک مان قانون نافذ ڪرڻ واري ڪنهن اداري جو عملدار پئي لڳو- رکُو، منهن ۾ گُنڊ، ۽ هَرَ شيءِ کي شڪ واري نظر سان ڏسڻ وارو. ميندي رنگ وارو ڊفلو، مٿي تي چترالي پٽيءَ مان ٺاهيل ضرورت کان وڌيڪ وڏي ٽوپي، ۽ مليشيا جهڙي وڳي تي خوفناڪ قسم جو بوٽ، جيڪو اصل ۾ عجيب نوعيت وارو بوٽ هو- نه بوٽ هو، ۽ نه لانگ بوٽ هو! مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو قانون نافذ ڪرڻ واري ڪهڙي قسم جي اداري جو عملدار هو. ڌرتيءَ تي ( ان وقت گاڏي جي فرش تي) زور سان پير ڦهڪائي هلڻ، ۽ کڙيءَ جي زور تي ڦيرو کائي بيهڻ واري سندس انداز مان سمجهيم ته ضرور ڪا آفت قسم جي ڇِپَ آهي، ۽ مضبوط مرڪز ۾، مضبوط ارادي سان، ڪنهن مضبوط ڪرتا ڌرتا کي سنڌ جي صورت حال بابت ڪا مخفي خبر پهچائڻ لاءِ روانو ٿيو آهي!
    ڪمپارٽمينٽ ۾ ڪُل ٻه سيٽون هيون، هن کي هيٺين سيٽ ملي هئي، ۽ مون کي مٿئين. هن پنهنجو سامان، هڪ سوٽ ڪيس ۽ هڪ ڳوٿري، جنهن ۾ ڪا تمام وزني شي پيل هئي. پنهنجي سيٽ هيٺان حفاظت سان سنڀالي رکيا. سيٽ تي ڪجهه وڇائڻ کان سواءِ، ويهاڻو رکي، مٿان ميرانجهڙي رنگ وارو ڪمبل پائي ليٽي پيو. سيٽ ڀرسان لاٿل سندس عجيب بوٽ ڏسي مان ڏاڍو حيران ٿيس.
    سوچيم، ٿي سگهي ٿو امن امان جي صورتحال جو ماهر هجي! ۽ خاص طور تي سنڌ تي سروي ڪرڻ لاءِ اسلام آباد مان موڪليو ويو هجي! ان قسم جي ماهرن جي اسان جي ملڪ ۾ ڪمي ڪانهي. ويجهڙائيءَ ۾ نفسيات جا ڊاڪٽر هڪ ڪانفرنس ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. ان ڪانفرنس ۾ ماهراڻيون تقريرون ڪرڻ، ۽ پيپر پڙهڻ لاءِ ڪجهه ديسي ۽ ڪجهه پرديسي ماهر گهرايا هئائون. ٽن ڏينهن جي ڪانفرنس کانپوءِ ديسي ۽ پرديسي ماهرن پنهنجي ماهراڻي راءِ ڏيندي انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان ۾ ذهني مريضن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي؛ ۽ ڏهن ماڻهن منجهان هڪ ماڻهو ذهني مريض يا نفسياتي مرض ۾ مبتلا آهن.
    ماهرن جي ماهراڻي راءِ ٻڌي مان وائڙو ٿي ويو هوس. سندس ماهراڻي راءِ مطابق انگ اکر ويهي ڪڍيم ته عقل چرخ ٿي ويو. پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڏهن ماڻهن مان هڪ ماڻهو نفسياتي يا ذهني مريض آهي، ته ان جو مطلب ٿيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهو چريا آهن، يا عنقريب چريا ٿيڻ وارا آهن، يا چرمستين ۾ مبتلا آهن! ديسي ۽ پرديسي ماهرن جي ماهراڻي راءِ ٻڌڻ کان پوءِ مون کي بس ۾ ويٺل، قطار ۾ بيٺل، پنڌ ويندڙ، پيهه ۾ نظر ايندڙ هر ڏهون ماڻهو چريو لڳندو آهي. اڳ سمجهندو هوس، پاڪستان ۾ ڏهن منجهان پنج ماڻهو هڪ ويلو ماني کائي سگهندا آهن- سا به رُکي سڪي. ڏهن مان چار ماڻهو ٻه ويلا ماني کائي سگهندا آهن. ۽ باقي رهيو ڏهن مان هڪ ماڻهو، جيڪو ڍَوَ تي پيٽ ڀري ماني کائيندو آهي، سو به اڪثر بدهاضمي، هاءِ بلڊ پريشر ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ گرفتار هوندو آهي، ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري مطابق پرهيزي کاڌو کائي تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ زندگي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن جيترو هِن ملڪ ۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪري سگهي!
    هيٺين سيٽ تي ڪمانڊو اسٽائيل ۾ خبرداري سان سُتل شخص بابت سوچيم- ڪير آهي؟ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ سنڌ ۾ امن امان جي صورت حال بابت آخري رايو ڏيندڙ ماهر؟ هفتو کن سنڌ ۾ گذاري، سو به اعلي! هوٽلن ۽ ريسٽ هائوسن جي سينگاريل ڪمرن ۾. دعوتون کائيندي، هن سنڌ جي صورت حال بابت ماهراڻي رپورٽ تيار ڪري ورتي هوندي- ۽ هينئر اها اعليٰ رپورٽ اعليٰ عملدارن کي پهچائڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو آهي! ڇا هوندو ان رپورٽ ۾! سنڌ ۾ ڏهن منجهان نَوَ ماڻهو ڌاڙيل آهن- قانون شڪن آهن- باغي آهن- بدمعاش آهن! باقي، ڏهن مان هڪ ڄڻو جج آهي، جيلر آهي، قانون نافذ ڪرڻ وارو آهي، ملڪ سان سچو آهي، ايم پي آهي، ايم اين اي آهي!
    الاءِ ڪهڙي وقت مون کي ننڊ کڻي ويئي. ريل جي لوڏي ۾ مونکي تمام گهري ننڊ ايندي آهي. مان خواب تمام گهٽ ڏسندو آهيان. جيڪڏهن ڏسندو آهيان، ته فقط هڪ ئي خواب ڏسندو آهيان- ته روهڙيءَ واري پل تي بيٺو آهيان، ۽ آپگهات جو ارادو ڪري رهيو آهيان. پر، ان رات مون ڪو خواب نه ڏٺو.
    اک کلي ته گاڏي ملتان اسٽيشن تي بيٺي هئي. صبح ٿي ويو هو. هيٺ لهي، منهن هٿ ڌوئي، ٽيڏي اک سان جانٺي ڏانهن ڏٺم. هن جي هٿ ۾ ريوڙين جو لفافو هو، ۽ هڪ هڪ ريوڙي وات ۾ وجهي چٻاڙي رهيو هو، ۽ منهنجو جائزو به وٺي رهيو هو.
    مون ٿيلهي مان مگ ڪڍيو. پليٽ فارم جي هڪ اسٽال تان چانهه وٺي موٽي آيس. جانٺو ڏاڍي خبرداريءَ واري انداز ۾ دريءَ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، ۽ ريوڙيون کائي رهيو هو. هن مون ڏانهن، رکي رکي ڪرڙي اک سان ڏسي ٿي ورتو.
    موروثي ۽ تاريخي حجاب ۽ ڪم همتيءَ سبب مان هن جي ڀرسان ويهي نه سگهيس. ڏينهن ۾ اُها سيٽ چئن ڄڻن جي ويهڻ لاءِ هئي. مان در کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس ۽ سپ سپ ڪري چانهه پيئڻ لڳس.
    ڪجهه دير کان پوءِ هن ڳوري آواز ۾ پڇيو، “ويهندين؟”
    هن ڪمبل پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. منهنجي لاءِ ويهڻ جيتري جاءِ ڇڏي ڏنائين.
    “مهرباني.” مان سيٽ تي ويهي رهيس. هن جي موجودگيءَ ۾ الاءِ ڇو مان پاڻ کي ڪمزور، ۽ ڏوهاري محسوس ڪرڻ لڳس. مان اکيون هيٺ ڪري چانهه پيئڻ لڳس. هو ريوڙيون کائيندو رهيو.
    ڪجهه دير کان پوءِ چيائين، “ گاڏي ملتان تي چار ڪلاڪ ليٽ پهتي آهي”
    “اڇا!”
    “راولپنڊيءَ تائين اَٺ ڪلاڪ ليٽ ٿي ويندي”
    “هان! ”
    “ تيز گام پاڪستان جي نمبر وَن گاڏي آهي. تيز گام جو هيءُ حال آهي. ته ٻين گاڏين جو الاءِ ڪهڙو حال هوندو!”
    “ برابر. ”
    وري خاموشي.
    ڪجهه دير کان پوءِ وري ڳالهايائين، “ تو ڏاڍا کونگهرا پئي هنيا.”
    “ريل ۾ مون کي ڏاڍي گهري ننڊ ايندي آهي. ”
    “ڄڻ ريل سان مقابلو پئي ڪيئه. ”
    مون پهريون دفعو غور سان هن ڏانهن ڏٺو.گهاٽين مُڇن هيٺان، هن جي چپن تي مرڪ هئي. پڇيائين، “ ڇا ڪندو آهين؟”
    “مان اسلام آباد ۾ پڙهائيندو آهيان. ”
    “ ماستر آهين؟”
    “ ها ”
    هو اوچتو وڏو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. چيائين،“مون توکي ڌاڙيل سمجهيو هو- انڪري سموري رات جاڳندي ۽ تنهنجا کونگهرا ٻڌندي گذاري ڇڏيم. ”
    ويهاڻو ۽ ڪمبل کڻندي چيائين، “مان وڃي ٿو مٿئين سيٽ تي سمهان- تون دريءَ کان ٻاهر جا نظارا ڪر. ”
    ڪجهه ريوڙيون منهنجي هٿ تي رکيائين، ۽ مون واري سيٽ تي وڃي سمهي پيو.■

    1991


      مرڻ جو سلسلو

    ڪنهن جي واتان ٻڌم: خالق مري ويو.
    مون کي پنهنجن پوڙهن ڪنن تي اعتبار نه آيو. سوچيم، جهونو جوڳي ٿي ويو آهيان- ورهين کان، ڪنن مان مَرُ به نه ڪڍرائي اٿم- ڪجهه ڪجهه پوڙهو ٿي پيو آهيان- ضرور ٻڌڻ ۽ سمجهڻ واري ڪَلَ ۾ ڪو خلل پيدا ٿي پيو آهي- نه ته ڀلا، ڪڏهن ڪنهن خالق کي مرندي ٻُڌو! خلقيندڙ به ڀلا ڪڏهن مئو آهي! نه نه. مون غلط ٻڌو آهي. منهنجا ڪن بيڪار ٿي پيا آهن. پريان، ٽڪاڻي جا ٻه وساميل ڏيئا لڳندا آهن. شايد ڪٿي ڪو سيهڙ، ڪبوتر، ڳيرو مري ويو آهي! خالق جي مرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. خالق مري ويو ته پوءِ مخلوق جيئري ڪيئن رهندي!
    ٻيهر ڪن ۾ ڀڻڪو ٻڌم: خالق مري ويو.
    نه نه. بلڪل غلط ٻڌو اٿم! سوچيم، ائين ڪم نه هلندو. اهڙي نموني، ٻڌل ڳالهه جا ٻيا ڪي مطلب ڪڍندو رهيس، ته پوءِ ٻار روزانو گھر ٻاهران تاڙيون وڄائي اِهو اِهو ڪندا ڀتر هڻندا . مون کي پنهنجن پوڙهن ڪنن جو علاج ڪرائڻو پوندو!
    تڏهن، اوچتو مون کي خيال آيو ته ڪَنَ جيڪڏهن اسپيئر پارٽس جي دڪانن تان ملن ها، ته جيڪر نهايت جديد ماڊل جا ٻه ڪَنَ وٺي پنهنجي پُراڻي باڊيءَ ۾ هڻائي ڇڏيان ها. ائين ڪرڻ سان، مان اُهي آواز به ٻڌي سگھان ها، جيڪي اُچارڻ کان اڳ مري ويا آهن! مان اُهي جملا به ٻڌي سگهان ها، جيڪي چپن تي اچڻ کان اڳ آهُن ۾ بدلجي ويا آهن! تڏهن مان شايد، ڌرتيءَ کان آسمان ڏانهن انسان جي ازلي پرواز جو آواز ٻڌي سگهان ها!
    پر، اِهي خفخاتي خيال آهن. جِن کي اسپيئر دل ڏنائون، سي به ڌڪ جهلي نه سگهيا. اسپيئر ڪَنَ وري ڪهڙي بازار مان ملندا! ها، هڪ دفعي ڪنهن دوست جي صلاح تي، آواز وڏو ۽ چٽو ڪرڻ وارو اوزار خريد ڪري ڪن سان اٽڪائي ڇڏيو هيو. ان اوزار ۾ عجيب ڪرامت هئي. ماڻهن جا آواز گھٽ ۽ ٽريفڪ جو گوڙ وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پر، جنهن ڳالهه مون کي وڌيڪ پريشان ڪيو، سا هئي، ڪرڪيٽ راند جي ريڊيو تان نشر ٿيندڙ ڪامينٽري. مون کي ڪَن سان ٻڌل سنهڙي تار ڏسي ماڻهو سمجهندا هئا، مان کيسي ۾ رکيل ٽرانسزسٽر ريڊيو تان ڪامينٽري ٻڌي رهيو آهيان. ايندو ويندو پيو پڇندو هو، “اسڪور ڇا هي؟ ڪير پيو بيٽنگ ڪري هندستان يا پاڪستان؟ حنيف سينچري ڪئي؟”
    تڏهن مون، آواز چٽو ۽ وڏو ڪرڻ وارو اوزار ڪن تان پٽي، گٽر ۾ اڇلائي ڇڏيو هو- خدا حافظ ظالم زمانا!
    خالق کي پوليس وارن ماري وڌو آهي! وري ساڳيو آواز! وري ساڳيو لهجو! ڇا ٿيو آهي خالق کي جو مخلوق هٿان پيو مارجي! غلط آهي. خالق جي مرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي! نه، نه. خالق مري نٿو سگهي. خالق ازل کان آهي- سندس ڄمڻ ۽ مرڻ جو مسئلو انسان جو پنهنجو مسئلو آهي. ان مسئلي جو خالق سان ڪو به واسطو نه آهي، ڪو به تعلق نه آهي. وڏا وڏا جغادري، دانشور، ۽ ڏاها خالق کي ماري نه سگهيا- پوليس جي ڪهڙي مجال ۽ هستي آهي جو خالق کي ماري سگهي!
    “خبر اٿئي ته ڇا ٿيو!” ڪنهن چيو، “پوليس وارن خالق کان ايڏي پڇا پئي ڪئي- کانئس سچي پئي ڪرائي. ان دوران خالق مري ويو.”
    پهريون دفعو مون کي ڪجهه ڪجهه ڳالهه سمجهه ۾ آئي. مون آسمان ڏانهن ڏسندي چيو: سمجهيم پئي ته بد بختن توکي مارڻ جو افواهه اٿاريو آهي- پر ائين ممڪن ئي نه آهي. هنن هڪ دفعو ٻيهر نذير عباسيءَ کي ماري وڌو آهي- هِن دفعي سندس نالو خالق مهر آهي. مون سمجهيو، هُنن توکي ماري وڌو آهي! هنن خالق مهر کي ماريو آهي.
    مون کي خبر ڪونهي ته خالق مهر ڪير هو، ۽ ڪير آهي. مون کي فقط هڪ ڳالهه جي پڪ آهي- ته خالق مهر مون جهڙي ڪنگلي ڪهاڻيڪار رزاق مهر جو مائٽ مٽ ته ٿي سگهي ٿو، پر سردار غلام محمد مهر جو هرگز نه. سردارن، جاگيردارن، اميرن، ڪبيرن، چوڌرين ۽ خانن جا مٽ مائٽ تفتيش دوران پوليس لاڪپن ۾ نه مرندا آهن.
    پوليس لاڪپن ۾ تفتيش ۽ آڏي پڇا فقط هارين نارين، ڪڙمين، مزورن، ۽ پورهيتن جي پٽن، پوٽن ۽ ڀائرن ۽ ڀائٽن کان ٿيندي آهي. سچن کان سچي ڪرائڻ جي چڪر ۾ پوليس کين ماري وجهندي آهي. کين مارڻ وارو سپاهي ان ڪارنامي کان پوءِ ٻانهن تي ٻه ٽي فيتا هڻي هلندو آهي- پنجين گريڊ جي اي ايس آءِ، ستين گريڊ ۾ سب انسپيڪٽر، ۽ ستين گريڊ ۾ انسپيڪٽر ۽ ايس ايڇ او، ۽ انسپيڪٽر، سورهين گريڊ ۾ ڊي ايس پي ٿي پوندو آهي.
    نذير عباسيءَ جي شهادت ڀيري منهنجو ڪالم پڙهي، پوليس جي هڪ اعليٰ عملدار چيو هو، “فرض جي ادائگيءَ ۾ جيئن اسين ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين هٿان مارجي ويندا آهيون، تيئن اسان جي هٿان به ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪو مارجي ويندو آهي.”
    مون کانئس پڇيو، “ڌاڙيل ۽ ڏوهاري قانون پرواهه نه ڪندي توهان کي ماري وجهندا آهن. توهين قانون جي ڪهڙي قلم هيٺ ماڻهن کي تفتيش دوران ماري وجهندا آهيو؟”
    ان سوال جواب کي ڪافي عرصو گذري ويو آهي. ويجهڙ واري تاريخ ۾، هيموڪالاڻيءَ کان وٺي خالق مهر تائين نه ڄاڻان ڪيترا نوجوان هٿ ٺوڪي تفتيش ۽ انويسٽيگيشن دوران لاڪپن ۽ جيلن ۾ مري ويا آهن. مون کي ياد ڪونهي ته اڄ تائين اهڙي قهر ۽ ظلم جي نتيجي ۾ ڪنهن پوليس عملدار کي ڪڏهن ڀوڳڻو پيو هجي. ها، نالي ماتر ڊپارٽمينٽل انڪوائري هلندي آهي؛ ۽ آخر ۾ پوليس عملدار کي باعزت بري ڪيو ويندو آهي.
    هڪڙي فراخدل دانشور چيو هو، “ڏس نه، زندگي ۽ موت ته الله جي هٿ ۾ آهي نه. جيئن ماڻهو کُٽيءَ کان پوءِ، رستن، گھرن، اسپتالن، آفيسن، جهازن ۽ ريل گاڏين ۾ مري ويندا آهن، تيئن، ڪجهه ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پوليس جي لاڪپن ۽ جيلن ۾ مري ويندا آهن. اهو سڀ ڪجهه الله جي اَمُر سان ٿيندو آهي. ان ۾ پوليس جو ڪهڙو ڏوهه.” ■

    1990


    قلم کي ڪلاشنڪوف ماري وڌو آهي

    گذريل مهيني جا پويان پنڌرهن ڏينهن مون چين جي ثقافتي وفد سان گذاريا هئا. بيجنگ جي ويجهو هڪ ننڍڙي شهر جِنان جا رهاڪو هئا. اُتان جي ثقافتي اداري طرفان پاڪستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ آيا هئا. وفد جي پنجويهه ميمبرن مان ٻارنهن ڇوڪريون هيون.
    وڏيرن جي چُرچ ۽ همٿ افزائي، سبب ٽن چيني انجنيئرن جي اغوا کان پوءِ اسان کي شڪ هو ته چين جو ثقافتي وفد پنهنجو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪڏهن کڻي آيو به، ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سڳوريءَ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪندو! پر نه سائين!مائوزيتنگ ۽ چو اين لائيءَ جي ملڪ جا ماڻهو ڪٿان ٿا مُڙن! پروگرام مطابق 14 مَئي 1991 تي منجهند جو ساڍي ٻارهين لڳي اچي ٺڪاءُ ڪيائون. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ جي ڪراچيءَ واري آفيس جو ڊائريڪٽر حيدر صديقي ۽ ڪائونسل جي هيڊ آفيس، اسلام آباد ۾ ريسرچ ۽ پبليڪيشن جو ڊائريڪٽر گلزار آفاقي ۽ مان ايئرپورٽ تي موجود هئاسين. وفد جي آجيان ڪئي سين. وفد جي ميمبرن سان ملياسين. ٻهڪيا پئي ڪنهن جي به چهري تي فڪر جي ريکا نظر نه آئي.
    وفد جي رهڻ جو بندوبست مهراڻ هوٽل ۾ ۽ پروگرام ڏيکارڻ جو انتظام تاج محل هوٽل ۾ ڪيل هو. چيني انجنيئرن جي اغوا سبب سنڌ حڪومت چيني وفد جي حفاظت لاءِ غير معمولي بندوبست ڪيو هو. هٿيار بند جٿو سدائين وفد سان گڏ هوندو هو. هوٽل جي لابيءَ ۽ پسگردائيءَ ۾ سادن ڪپڙن ۾ سپاهي ڇڏي ڏنا هئائون.
    وفد جا ميمبر ڏاڍا سادا ۽ مسڪين هئا. ٻولين جي پيرولي ڀڃڻ لاءِ پاڻ سان انٽرپريٽر آندي هئائون. انٽرپريٽر پاڻ چينڻ هئي پر انگريزيءَ کان واقف هئي. نالو هوس، مِن. وفد جي باقي ميمبرن مان ڪنهن هڪ ميمبر کي به انگريزيءَ جو اکر نه پئي آيو. فقط مِن سڀني جي ترجمان هئي. هوءَ وفد جي ليڊر زوانگ زو ۽ منهنجي وچ ۾ گفتگو لاءِ ترجمان هئي. پنڌرهن ڏينهن ۾ مونکي رکي رکي خيال ايندو رهندو هوته زوانگ زو ڪڏهن ته چيني انجنيئرن جي خيريت بابت ڳالهه ڪڍندو! ڪجهه ته پڇندو! پر نه. ائين نه ٿيو. زوانگ زو ۽ نه ئي مِن ڪڏهن انجنيئرن بابت ذڪر ڪڍيو، ۽ نه ئي ڪجهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ ۾ غير معمولي حفاظتي انتظام ڏسي ڪڏهن ڪڏهن سندن چپن تي مُرڪ اچي ويندي هئي.
    وفد جي موجودگيءَ ۾ مون پهريون دفعو شدت سان محسوس ڪيو ته مان گيدي آهيان، مان بزدل آهيان، مان مجرم آهيان! منهنجي خاموشي منهنجو ڏوهه آهي. ڌاڙيلن معرفت ۽ ڌاڙيلن ذريعي پاٿاريدار وڏيرن جا سنڌ ۽ سنڌين خلاف ظلم انسانيت ۽ انتها جون حدون لتاڙي ويا آهن. ايڏي ظلم کي خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ ڏوهه آهي- تاريخي ڏوهه آهي. اِن ڏوهه ۾ اياز ۽ جمال کان وٺي آڪاش ۽ طارق عالم، ۽ نئين ٽهي جا سمورا ليکڪ ۽ شاعر، اسين سڀئي شامل آهيون. اسان پنهنجي خاموشيءَ سان سنڌ جي ڏتڙيل ڏوٿين کي بي يارو مددگار ۽ وڏيرن ۽ پوليس وارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. اسان خاموش رهي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته لائق چانڊيو ۽ لطيف چانڊيو اياز ۽ جمال کان وڌيڪ طاقتور آهن! بدر، مدد، فقير، انور ۽ سراج ابلاغ ۾ هوندي به وڏيرن ۽ پاٿاريدارن آڏو بيوس آهن! علم ۽ ڪلاشنڪوف جي جنگ ۾ ڪلاشنڪوف قلم کي ماري وڌو آهي!
    خدا جي واسطي ليکڪن ۽ صحافين جي ڪنوينشن گهرايو- پاٿاريدارن ۽ سندن ڌاڙيلن خلاف ڊائريڪٽ ايڪشن لاءِ ليکڪن جي ڪنوينشن گھرايو. ۽ ڪنوينشن ڪنهن شهر جي هال ۾ نه، بلڪه ٻيلي ۾، ڪنهن ڪيٽيءَ جي ڪنڌ تي گهرايو. پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن سنڌ جي ناموس کي اهڙو ڇيهو رسايو آهي جو هينئر دانگين جا ترا اڇا، ۽ اسان سڀني جا منهن ڪارا ٿي ويا آهن.
    ائين به ڪونهي ته پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ماکيءَ ۽ کير جون نديون وهي رهيون آهن، ۽ ماڻهو موج ۾ آهن. ڌاڙا، خون ۽ بي حرمتيون عام جام آهن. پر، جهڙي رٿيل ۽ سوچيل سمجهيل طريقي سان سنڌ ۾ وارداتون ٿي رهيون آهن سو سڀ تاريخ جو حصو آهي.
    چيني وفد کي اسلام آباد مان پشاور وٺي پئي ويس. اسلام آباد پوليس جو هٿيار بند جٿو اسان سان گڏ روانو ٿيو. پوليس جٿي جي حد اٽڪ پل تائين هئي. اٽڪ پل کان پوءِ سرحد پوليس جي جٿي کي اسان سان پشاور تائين هلڻو هو. اسين اٽڪ پل تائين پهتاسين . اسلام آباد پوليس جو اٽالو موڪلائي سليوٽ هڻي موٽي ويو. سرحد پوليس جو هڪ اهلڪار آيو. چيائين، سرحد پوليس جو جٿو، اجهو پنڌرهن منٽن ۾ پهچڻ وارو آهي. اوهين انتظار ڪريو.
    انتظار ڪندي پنڌرهن منٽ گذري ويا. سرحد پوليس جو هٿيار بند جٿو نه پهتو. سرحد اُهو علائقو آهي، جتي ننڍي وڏي وٽ ڪو نه ڪو هٿيار هوندو آهي. دره آدم خيل ۾ روالور، رائيفلون، ڪلاشنڪوف ٻيا هٿيار صابڻ ۽ ٽوال وانگر دڪانن تان عام جام ملندا آهن. اسان کي وقت سِر پشاور پهچڻو هو. پوليس جو جٿو نه پهتو. تڏهن ڪنهن چيو، “يار پوليس کي ڇڏيو. اجايو دير ٿي ويندي. هيءَ سنڌ ناهي، سرحد آهي. اسين پنهنجي مهمانن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون.”
    مون بيشرميءَ وچان ڏند ٽيڙي ان شخص ڏانهن ڏٺو. هن چيو، “يار دل ۾ نه ڪجان. پر اها حقيقت آهي.”
    اسين پوليس جي جٿي کان سواءِ پشاور روانا ٿي وياسين.
    مون فقير جي ڳالهه غور سان ٻڌو. ان کان اڳ جو وڏيرن ۽ پاٿاريدارن جي رٿيل پلان موجب ڌاڙيلن کان سنڌ کي پاڪ ڪرڻ جي بهاني سنڌ تي حملو ٿئي، توهين ڌاڙيلن خلاف، ۽ پاٿاريدارن خلاف ميدان ۾ نڪري اچو. ورنه، تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.■

    1991


      اوهان ڪڏهن سنڌ اسٽارز جو نالو ٻڌو آهي؟

    هن ڳالهه کي ورهيه وهامي ويا آهن. ڪنهن سمي هڪ سودائيءَ سنڌ اسٽارز فٽ بال ٽيم تيار ڪئي هئي. سودائي وڏو خفتي قسم جو ماڻهو هو. منصوبه بنديءَ ۾ ڪو سندس ثاني نه هوندو هو. دنيا جي ڪنهن به نامور فٽ بال ٽيم جي مينيجر کان وڌيڪ ذهين ۽ ڄاڻو هوندو هو. گڏيل هندستان جي مشهور فٽ بال ٽيمن، ڪلڪتي جي موهن بگن، محمڊن اسپورٽس، ڍاڪا محمڊنز، افغان ڪلب ڪوئيٽا، بمبئي اسٽارز، آل انڊيا ريلويز، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وغيره جا مينيجر رٿا بندي، حڪمت عملي، ۽ ٽيم جي تنظيم ۾ سودائيءَ آڏو ٻار لڳندا هئا.
    سودائي کي الله دوربين جهڙي اک ڏني هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گمنام، پر ڏات سان ٽمٽار ننڍڙا نوجوان چونڊي، هٿ ڪري ڪراچيءَ وٺي آيو. ڏينهن رات سندن تربيت ۾ هڪ ڪري ڇڏيائين. ڳوٺن ۽ ننڍڙن شهرن جا گمنام نوجوان نامور رانديگر ٿي پيا. قاسم، جمعو، ابو، مامد ڀائي، پريم، ڊبو، چارلي، موسيٰ، ۽ ان قسم جا انيڪ رانديگر هيرن وانگر جرڪڻ لڳا. ٻين ٽيمن جا مينيجر اندر خاني کين لالچون ڏيئي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوششن ۾ لڳل هوندا هئا. پر، سودائيءِ جي نظرداريءَ ۾ تيار ٿيل رانديگر ڪٿان ٿا ڪنهن جي ور چڙهن.
    هندستان جي ڪا اهڙي ٽيم نه هئي، جنهن جو مقابلو سنڌ اسٽارز سان ٿيو هجي، ۽ اُن ٽيم اڌ ڊزن گولن تان نه هارايو هجي! ڍاڪا محمڊنز، موهن بگن، بمبئي اسٽارز جهڙيون ٽيمون سنڌ اسٽارز آڏو ڌڪ جهلي نه سگهنديون هيون. هڪ دور اهڙو به آيو هو جڏهن هندستان جي ڪند ڪڙڇ مان سنڌ اسٽارز ٽرافيون کٽي، ٽرافين جو مينار کڙو ڪري ڇڏيو هو.
    هاڪيءَ وانگر فٽ بال راند به ڏاڍي عجيب راند آهي. ٽيم ۾ نالي کان سواءِ فرد جي ڪا به حيثيت نه ٿيندي آهي. ميراڊونا اڪيلي سر ڪجهه به ناهي. کيس ليفٽ ان، ليفٽ آئوٽ ۽ سينٽر هاف تي کيڏندڙ رانديگرن جي مدد ۽ امداد جي ضرورت رهندي آهي. هڪ رانديگر ٻئي رانديگر کي پاس ڏيندو آهي، ٻيو ٽئين رانديگر کي، ۽ ٽيون چوٿين رانديگر کي پاس ڏيندو آهي، ۽ ائين، مدمقابل جي گول تي حملو ٿيندو آهي. برازيل جو جڳ مشهور رانديگر پيلي سميت اڄ تائين ڪو رانديگر اهڙو پيدا نه ٿيو آهي، جنهن ميدان جي پنهنجي حصي مان اڪيلي سر بال کنيو هجي، ۽ مخالف ٽيم جي يارهن رانديگرن کي ڊاج ڏيئي گول ڪري ڏيکاريو هجي.
    سنڌ اسٽارز جي ڪاميابيءَ جو سڀ کان وڏا راز ٽيم جي اجتماعيت ۾ هو. رانديگر هڪٻئي کي ننڍا ننڍا پاس ڏيئي اک ڇنڀ ۾ وڃي مخالف ٽيم جو گول تي ڪڙڪندا هئا.
    پوءِ الاءِ ڇا ٿيو. ڪنهن کي ڪا خبر نه پيئي. ڪنهن چيو، سنڌ اسٽارز کي نظر لڳي ويئي. اُها ٽيم، جنهن بمبئي، مدراس، پونا، دهلي، ڪلڪته، ڪوئيٽا ۽ ڪابل ۾ هڪ به ميچ نه هارائي هئي، سنڌ ۾ ميچون هارائڻ لڳي. شڪستن جو سلسلو شروع ٿي ويو. سنڌ اسٽارز اول فائينل ميچن ۾ هارائڻ شروع ڪيو، پوءِ سيمي فائينل ميچن ۾، ۽ ڪوارٽر فائينل ميچن ۾، ۽ آخر ۾ اهڙو وقت آيو جو سنڌ اسٽارز ٽورنامينٽ جي پهرين رائونڊ ۾ هارائڻ شروع ڪيو. سنڌ اسٽارز جو عروج ۽ زوال اسان اکين سان ڏٺو.
    ٽيم ساڳي ، رانديگر ساڳيا، سندن مينيجر سودائي ساڳيو، پر راند دوران سندن حڪمت عملي بدلجي ويئي. هر رانديگر اجتماعيت جي ايڪي مان ٻاهر نڪري فرد ٿي پيو. هو ٽيم لاءِ نه، بلڪه پنهنجي ناموس، نامياچار، شهرت ۽ نالي لاءِ کيڏڻ لڳو. هر رانديگر مخالف ٽيم جي رانديگرن کي گوهي ڏيئي اڪيلي سر گول ڪرڻ جي بيسود ڪوششن جو شڪار ٿي ويو.
    زوال واري دور ۾ سنڌ اسٽارز جي ٽيم جڏهن ميدان ۾ لهندي هئي، تڏهن ٽيم بدران يارهن رُٺل رانديگرن جو ٽولو لڳندي هئي جنهن ۾ هر رانديگر جو منهن هڪ ٻئي کان ابتڙ رخ ۾ هوندو هو. ڪو رانديگر ٻئي رانديگر کي پاس نه ڏيندو هو. پاس ڏيڻ بدران پاڻ بال ڪاهي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ نتيجي طور مخالف ٽيم يارهن رانديگرن جي اجتماعي، گڏيل حڪمتِ عمليءَ آڏو بيوس ٿي ٿاٻا کائيندو هو.
    ٻين ٽيمن سنڌ اسٽارز جي بد نظمي، انتشار، انفراديت ۽ خودسنائيءَ جو پورو پورو فائدو کنيو. ٻين ٽيمن جا رانديگر سنڌ اسٽارز جي رانديگرن جي مقابلي ۾ سُپر اسٽارز نه هئا. پر، هنن ۾ ڊسيپلين هو. سنڌ اسٽارز لاءِ ڊسيپلين جو لفظ بيمعنيٰ ٿي پيو هو.
    تاريخ گواهه آهي ته بد نظمي ۽ اندروني انتشار سبب سنڌ اسٽارز جي ٽيم شڪستن جي ذلت ۾ گم ٿي ويئي؛ اهڙي نموني گم ٿي ويئي جو وري ڪنهن سنڌ اسٽارز جو نالو نه ٻڌو.
    اوهان ڪڏهن سنڌ اسٽارز جو نالو ٻڌو آهي؟ ■


      ٽيڏي اک سان مشاهدو

    گذريل هفتي 1991 ۾ سنڌ سرڪار جي دعوت تي اسلام آباد جي ڪجهه صحافين کي سنڌ گهمڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي ته اچو، ۽ پنهنجين اکين سان اچي ڏسو ته سنڌ ۾ ڪيئن نه کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهي رهيون آهن- مارو موج ۾ آهن- الغوزن تي لوڪ ڌنون وڄائي رهيا آهن، ۽ اهو ته، “سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ لڳا پڙا هي- شينهن اور ٻڪري ايک گهاٽ سي پاڻي پيتا پڙا هي”.
    اسلام آباد جا ڇهه صحافي سڳورا سنڌ سرڪار جي دعوت تي گهمي ڦري، دعوتون کائي، ۽ سنڌين جي مهمانوازيءَ جا جلوا ڏسي موٽي آيا، ۽ اڄ ڪلهه پنهنجين پنهنجين اخبارن ۾ تاثرات لکي رهيا آهن. سندن تاثرات جيئن ته اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿي رهيا آهن، تنهنڪري سنڌ سرڪار جي نظر مان ضرور نڪتا هوندا. سندن تاثرات ۽ مشاهدا مضبوط مرڪزي سرڪار جي نظر مان به نڪتا هوندا. قومي اخبارن ۾ لکڻ وڏي ڳالهه آهي! سموري پاڪستان جا ايوان لوڏي ۾ اچي ويندا آهن. غير قومي اخبارن، ( جن کي عرف عام ۾ علائقائي اخبارون سڏيو ويندو آهي ) ، ۾ جک مارڻ برابر آهي. نه پيڪن کي پرواهه، ۽ نه ساهرن کي سار! ڪير ٿو پڙهي، ۽ ڪير ٿو اهميت ڏئي سنڌي اخبارن کي، ۽ سنڌي صحافين ۽ سنڌي ليکڪن کي! قومي اخبارن ۾ سنڌ سرڪار مدعوصحافين جا تاثرات ۽ مشاهدا وڏي غور سان اسلام آباد ۽ لاهور ۾ پڙهيا ۽ غور هيٺ آندا پيا وڃن.
    مسلم اخبار جي صحافيءَ پنهنجن مشاهدن ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته سنڌ ۾ مون ڪنهن به سنڌيءَ جي گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نه ڏٺو.
    مان مشاهدو پڙهي اچرج ۾ پئجي ويس. آفيس پهتس ته اِن ڳالهه تي سڙٻاٽن ۾ تبصرا هلي رهيا هئا. ان ڏينهن جتي به ويس، فقط هڪ ئي موضوع بحث هيٺ پئي آيو: سنڌين جي گهرن تي قومي جهنڊو نظر نه آيو!
    مان اسلام آباد جي سيڪٽرن ۾ ڪاهي پيس. اقتدار وارن جي سيڪٽر اي (E) کان وٺي ڦٽيچرن جي سيڪٽر آئي (I) تائين هڪ هڪ گهر ٻاهران گهٽين ۾ رلندو رهيس. مون کي ڪٿي به ڪنهن جي گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نظر نه آيو- ڪٿي به نه؛ ڪنهن هڪ گهر تي به نه! قومي اخبارن جي صحافين جي ڳالهه غلط ٿيڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هو جيڪي لکندا آهن، سچ لکندا آهن، ۽ سچ کانسواءِ ڪجهه نه لکندا آهن، تنهنڪري سوچيم، سموري اسلام آباد جي سمورن سيڪٽرن تي سنڌين قبضو ڪري ورتو آهي! هر طرف سنڌين جو راڄ آهي. اسلام آباد ۾ ڪٿي به، ڪنهن به گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نه آهي.
    مون لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ دوستن سان رابطو ڪيو، چيومانِ. ته بابلا، درين مان ڪنڌ ڪڍي ڏسو ته ڪٿي، ڪنهن گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل آهي؟ غور سان ڏسجو- مشاهدي جي ڳالهه آهي- ڪا ڪوتاهي نه ڪجو- سمجهو ته ان حيرت انگيز مشاهدي سان غدارن جي نشاندهي ٿي رهي آهي.
    ڪجهه دير کانپوءِ خبر پيئي ته لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪنهن به گهر تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل نه آهي! ٽنهي شهرن ۾ به مون دوستن کي چيو: خبردار ٿيو- توهان جي شهرن تي سنڌين قبضو ڪري ورتو آهي.
    پڇيائون: ڪيئن؟
    وراڻيم: گهرن تي پاڪستان جا جهنڊا لڳل جو نه آهن. قومن جي زندگي ۾ ويهن سالن جو عرصو ڪو ايڏو وڏو عرصو نه ٿيندو آهي، مشرقي پاڪستان جي باري ۾ قومي اخبارن بلڪل اهڙي نموني، ان ئي قسم جون خبرون، ۽ مشاهدا شايع ڪرڻ جو قسم کنيو هو. ڏاڍيءَ ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجو قسم پورو ڪيائون. بنگالين کي توائي ڪري ڇڏيائون ۽ نيٺ بنگلاديش ٺهرائي سک جو ساهه کنيائون ۽ شڪراني جا ٻه نفل پڙهيائون. ويهن سالن کان پوءِ، 1990 ۾ ڏاڍيءَ سچائي سان رپيٽ پرفارمنس ٿي رهيو آهي، ۽ سو به سلو موشن ۾!
    اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جي باري ۾ مضمون لکڻ وارن کي سنڌ جي جاڳرتا جي باري ۾ ايتري خبر ته هئڻ گهرجي، ته اِن جاڳرتا ۾ سنڌ جي سياستدانن جو ٽڪي جيترو به حصو ناهي. اِن جاڳرتا جا اڳواڻ ۽ سرواڻ سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور آهن، جن 1954 ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد سان ان جاڳرتا جو آغا ڪيو، ۽ 35 سال 1991 ۾ گذري وڃڻ کانپوءِ به ظلم، تشدد، ناانصافين ۽ ڪلاشنڪوف خلاف قلم سان جنگ جوٽي رهيا آهن.
    وڏيرن جي ايئرڪنڊيشن اوطاقن ۾ وڏيرن جا طعام ۽ ڪڪڙ کائي سنڌ جي سياست مٿاڇرو تبصرو ڪرڻ سان اسلام آباد جي صحافين کي ايترو ئي هڙ حاصل ٿيڻو هو، جيترو هنن پنهنجن مشاهدن ۾ لکيو آهي!
    سنڌ جي سياست ۽ جاڳرتا جي باري ۾ ڪا به گفتگو، ڪو به بحث مڪمل نه سمجهيو جيستائين توهان شيخ اياز، ابراهيم جويي، جمال، سراج، طارق اشرف، غلام نبي مغل، عبدالقادر جوڻيجي، نور الدين سرڪي، نورالهديٰ شاهه، آڪاش انصاري، امداد حسيني، مدد علي سنڌي، فقير، نجم عباسي، نياز، انور، فتاح، نديم، طارق عالم، قمر شهباز ۽ آتش فشان جهڙن نوجوان اديبن جي نئين نسل سان نه ڳالهايو آهي. انهن سان ڳالهايو سرڪار، جن سنڌ جي سوچ ۾ ساهه وڌو آهي.■

    1991


      سفوران ميٽنگ ۾ ڇو نه آئي

    گذريل هفتي يونيسيف ((UNICEF جي هڪ طويل ميٽنگ ۾ وڃي ڦاٿس. سڄي ملڪ مان اڍائي ٽي سئو کن ماڻهو، جن جو تعلق مختلف نوعيت جي ڌنڌن ڌاڙين، ۽ ڪمن ڪارين سان هو، گهرايا هئائون. ماڻهن کي ماهر يا ٽيڪنوڪريٽ پئي سڏيائون. معاملو يا مسئلو بحث هيٺ هو، “ ٻار ۽ ماءُ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، ڪيئن ڪرڻ گهرجي.”
    ميٽنگ هوٽل هاليڊي اِن هوٽل ۾ رکي هئائون. مرد ۽ عورتون ٺهي ٺڪي آيا هئا. وڏي عمر جي جهونن مردن ۽ عورتن وارن کي تازو خضاب سان ڪارو ڀَنورَ ڪري آيا هئا. اسلام آباد ۾ اڃا سيارو آهي؛ تنهنڪري ملڪ جي ٻين حصن مان، خاص ڪري طرح سان سنڌ ۽ پنجاب مان آيل ماهر، يعني ٽيڪنوڪريٽ قيمتي شالون ۽ گرم سوٽ پائي آيا هئا. ميڪ اپ ۽ سينٽن جي هٻڪار روح کي راحت ڏيئي ڇڏي. مفلس ۽ مجبور ٻارن ۽ سندن پيڙيل مائرن جي باري ۾ ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ لاءِ “ مشاش بشاش ” چهرا ڏسي آکيون ٺري پيون. ميٽنگ ۾ آيل ڪجهه پوڙهين کي مان ذاتي طرح سڃاڻان. هو هيون ته سٺ سالن جي لڳ ڀڳ، پر پريان ويهن ٻاويهن سالن جو الهڙ ڇوڪريون پئي لڳيون.
    ميٽنگ هلائڻ لاءِ ٻه ٽي انگريز به آيل هئا. انگريزن کي پڪ آهي ته ڪارن جي مٿي ۾ ميڄالي بدران بُنهن ڀريل آهي. ڪارا فقط امداد جي گهوڙين تي هلندا آهن، امداد جي ماني کائيندا آهن، ۽ امدادي سوچ مطابق زندگي گذاريندا آهن. ميٽنگ هجي، ورڪشاپ هجي، کڻي ڪو سيمينار هجي، موضوع اقتصادي هجي، معاشي هجي، سياسي هجي، سماجي هجي، کڻي ثقافتي هجي، هڪ عدد انگريز توهان کي هر هنڌ حاظر ناظر نظر ايندو! ويندي شاهه لطيف، بلها شاهه، سچل ، ۽ سلطان باهو تي ڳالهائڻ ۽ ماهراڻو تبصرو ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو انگريز يا انگريزياڻي اچي ٺڪاءُ ڪندا آهن. هاڻي اکيون هِري ويون آهن. ڪنهن ميٽنگ، ورڪ شاپ يا سيمينار ۾ انگريز نظر نه آيو ته سڀ ڪجهه اوپرو اوپرو لڳندو آهي!
    الله سائينءَ جي قدرت جو ڪمال آهي. اڇن کي عقلمند ۽ ڪارن کي بيعقل ڪري پيدا ڪيو اٿائين! مون يونيسيف جي هڪ ڪرتا ڌرتا کان پڇيو: بابلا، سفوران کي ميٽنگ ۾ نه گهرايو اَٿَوَ ڇا؟
    اچرج وچان پڇيائين: سفوران! ڪير سفوران؟
    کيس ٻڌايم: سفوران روهڙيءَ ۾ ڌوٻياڻي آهي. درياهه تي شهرين جا شپاشپ ڪپڙا ڌوئيندي آهي؛ ۽ هر سال هڪ عدد ٻار ڄڻيندي آهي. سندس ٻارن جون ٽنگون ٻانهون ڦڏيون، مٿو ننڍڙو ۽ پيٽ وڌيل هوندو آهي. سندس ٻار گهڻو ڪري مري ويندا آهن. سندس چرسي مڙس روزانو کيس موچڙن سان ڪٽيندو آهي.
    يونيسيف جو ڪرتا ڌرتا منهنجي بڪواس ٻڌي وائڙو ٿي ويو. مون کان پڇيائين: تون ٽيڪنوڪريٽ آهين، يا هِن هوٽل جو بيرو آهين؟
    وراڻيم: مان ته ايترو ئي ٽيڪنوڪريٽ آهيان، جيترو هن هوٽل جو ڪو بيرو، بيراگيري به داداگيري، ڊاڪٽري، وڪالت ۽ هيراڦيريءَ وانگر ٽيڪنيڪل ڪم آهي!
    يونيسيف جو ڪرتا ڌرتا مون کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسندو هليو ويو.
    ميٽنگ هلندي، ان ڏينهن مونکي ابو مڪراني ڏاڍو ياد آيو. ابومڪرانيءَ ورهاڱي کان اڳ رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو. منهنجو سنگتي هو. ڏاڍو ڦڙت هو. اڪيلي سر فٽ بال کي هڪ گول تان ڪاهي، ٻئي گول تي وڃي حملو ڪندو هو. اسان جو ماستر، سائين آهوجا چوندو هو: وڏو ٿي ابومڪرانيءَ ننڍي کنڊ، بلڪه ايشيا جو عظيم فٽبالر ٿيندو.
    پر، ابو مڪراني چاڪيواڙي جي ٽيم ۾ به کيڏي نه سگهيو. کيس چوٿين درجي ۾ پوليو جي بيماري ٿي پيئي هئي. سندس کاٻي ٽنگ بيڪار ٿي ويئي. سندس پيءُ ڪمار ٽاڪيز تي گيٽ ڪيپر هو. هو ابوءَ جو نه علاج ڪرائي سگهيو، ۽ نه ئي کيس پرائمري کانپوءِ اڳتي پڙهائي سگهيو. مون آخري دفعي جڏهن ابو مڪرانيءَ کي ڏٺو هو، تڏهن هو گڏهه گاڏي هلائي رهيو هو.
    سوچيم، اڄوڪي ميٽنگ ۾ انگريز ماهر سفوران ڌوٻياڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائيندا! سفوران جي چرسي مڙس بابت ڳالهائيندا، جيڪو هر رات کيس موچڙن سان ڪٽيندو آهي! هو، ابومڪرانيءَ جي باري ۾ ڳالهائيندا، جنهن کي ايشيا جو عظيم فٽبالر ٿيڻو هو، پر کيس گڏهه گاڏوهلائڻو پيو! هو متوازن غذا جي باري ۾ ڳالهائيندا، جنهن جي معنيٰ کان اهي ٻار بيخبر آهن، جيڪي سڄو ڏينهن گاڏين جا بمپر چمڪائيندا آهن، ۽ رات جو بند دڪانن ٻاهران ڏاڪڻين ۽ فٽپاٿن تي سمهي پوندا آهن.
    پر نه. هنن ائين نه ڪيو. هنن سفوران جي باري ۾ نه ڳالهايو. هنن سفوران جي چرسي مڙس جي باري ۾ نه ڳالهايو. هنن ابومڪرانيءَ جي باري ۾ نه ڳالهايو. هنن متوازن غذا جي باري ۾ ڳالهايو. هنن وٽامن اَي کان وٺي وٽامن زيڊ جي باري ۾ ڳالهايو. هنن صوفن، نارگين، مالٽن، ڪيلن، کير، مکڻ، بيدن ۽ پنير جي ۾ ڳالهايو. هنن ابومڪرانيءَ جي باري ۾ نه ڳالهايو.■


      سبز باغ ڊيم

    صاحب مونکي بنگلي تي گهرايو. لان ۾ پيل بيڊ جي صوفن تي ويهاريائين. چانهه پيئاريائين. ڪيڪ کارايائين، ۽ پڇيائين، “ آخر توهان سنڌين جو پرابلم ڪهڙو آهي؟ ”
    تعجب ٿيم، چيم، “ سر، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي پرابلم کان ته اوهين واقف آهيو. ”
    “ اهو تنهنجو پرابلم ناهي.” صاحب چيو، “اهو تنهنجي دماغ جو خلل آهي. ”
    “ سر، مان سچل جو مريد، ۽ بلها شاهه جو معتقد آهيان.” چيم، “اسين ٻڍا ٿي ويندا آهيون، پر اسان جو عشق ٻڍو نه ٿيندو آهي. ”
    “اڙي چريا! ” صاحب چيو، “ تون ڇا ٿو سمجهين، هن به تو وانگر تنهنجو انتظار ڪيو هوندو، ۽ ويٺي ويٺي تو وانگر پوڙهي ٿي ويئي هوندي! ”
    چيم، “ ڪهڙي خبر سائين.”
    “ اهو خلل پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏ. تون هڪ حساس اداري جو ملازمن آهين.” صاحب چيو، “ يقين ڄاڻ هِن وقت تائين هوءَ پوڙهي کک ٿي ويئي هوندي. ڏاڏي ۽ ناني ٿي ويئي هوندي.”
    چيم، “ڪهڙي خبر سر، هن به مون وانگر اڃا تائين شادي نه ڪئي هجي!”
    صاحب پڇيو، “ يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ توکي ڪڏهن ڪو خط لکيو اٿائين؟ ”
    وراڻيم “نو، سر.”
    صاحب پڇيو، “ عيد يا نئين سال جو ڪارڊ موڪليو اٿائين؟”
    وراڻيم “نو، سر.”
    صاحب پڇيو، “ ڪڏهن ڪا فون ڪئي اٿائين؟”
    وراڻيم،“نو، سر”
    صاحب پڇيو، “ته پو ڪيئن ٿو چوين ته هوءَ به تو وانگر تنهنجي انتظار ۾ پوڙهي ٿي ويئي هوندي، پر شادي نه ڪئي هوندائين!”
    چيم “دل جي گواهيءَ کان مٿي ٻي ڪا به گواهي نه ٿيندي آهي، سر. ”
    صاحب ڪجهه ڪجهه ناراض ٿيندي چيو، “مون کي حيرت آهي ته تو جهڙي اَڌَ مغزيءَ کي هڪ حساس اداري ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.”
    چيم، “ سر، حساس اداري ۾ مون انڪري نوڪري ڪئي آهي جو مان ڏاڍو حساس قسم جو انسان آهيان. ”
    “ پنهنجي ڳالهه نه ڪر. ” صاحب سخت لهجي ۾ پڇيو، “ مون کي ٻڌاءِ ته سنڌين جو پرابلم ڇاهي. ”
    چيم، “ سنڌين جو هڪ نه، انيڪ پرابلم آهن، سر.”
    صاحب چيو، “مان في الحال هڪ پرابلم جي ڳالهه پيو ڪريان. ”
    پڇيم، “ ڪهڙو پرابلم سر.”
    صاحب چيو، “ ڪالاباغ ڊيم جي نالي ۾ کڙو ڪيل پرابلم.”
    چيم، “ اصل ۾ سڄي گڙٻڙ ڪالاباغ ڊيم جي نالي ۾ آهي.”
    پڇيائين، “ ڪيئن؟”
    چيم، “ قلي وارو نواب ڪالاباغ اڃا تائين سنڌين کان نه وسريو آهي، سر.”
    “ ڇا پيون چوين؟” صاحب کي تعجب ٿيو.
    چيم، “ڪالاباغ ڊيم بدران ڊيم جو نالو جيڪڏهن سفيد ڊيم، يا سبز ڊيم هجي ها ته سنڌي ڊيم کي ڊيم ڪيئر ڪري ڇڏين ها. ”
    صاحب سوچ ۾ پئجي ويو.
    چيم، “ سبزباغ ڊيم سٺو نالو آهي. اڃا به وقت ويو ناهي. سرڪار کي صلاح ڏيو. ڪالاباغ ڊيم بدران ڊيم جو نالو سبز ڊيم رکن. سنڌي سرها ٿيندا.”
    “ سبز ڊيم!”
    “ يس، سر.”
    “مون کي حيرت آهي ته اِن ڳالهه جو خيال وزيراعظم جي صلاحڪارن کي ڇونه آيو! ” صاحب چيو، “ ممڻ ئي نه مچي ها.”
    چيم، “ سر، وقت ويو ڪونهي، وزيراعظم سان ڳالهايو. سندس صلاحڪارن سان ڳالهايو. سبز باغ ڊيم جو نالو ٻڌي سنڌي ٺري پوندا.”
    “ تو ڳالهه ڪم جي ڪئي آهي، راڻا. ” صاحب چيو، “في الحال اسان کي جيڪا رپورٽ تيار ڪرڻي آهي، تنهن ۾ سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌين جي اصلي اعتراضن کان آگاهه ڪرڻو آهي.”
    “ اهي اصل ۾ اعتراض ناهن سر.” چيم، “ اهي اصل ۾ سنڌين جا ڊپ آهن.”
    “ڪهڙي قسم جا ڊپ؟ ” صاحب پڇيو.
    مان نه آهيان انجنيئر، ۽ نه آهيان ڪو ٽيڪنوڪريٽ. ۽ نه ئي آهيان ڇوٽو موٽو زميندار. مون کي ڪا به خبر ڪونهي ته هماليه جبلن تان ڪيتري مقدار ۾ پاڻي مختلف موسمن ۾ وهي ايندو آهي. ان پاڻي ۾ ورهاست موجب پاڪستان جي هڪ هڪ صوبي جو ڪيترو حصو آهي. ان پاڻيءَ مان ڪيترو تربيلا، منگلا، ۽ ٻين ننڍڙين ننڍڙين ڊيمن ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي، ۽ اهو پاڻي ڪيڏانهن ويندو آهي، ۽ ڪهڙين زمينن کي آباد ڪندو آهي! تنهنڪري ڪالاباغ ڊيم جي ٽيڪنيڪي فائدن ۽ نقصانن تي ڳالهائڻ مون مناسب نه سمجهيو. تاريخ جي حوالي سان مون ڪالاباغ ڊيم تي ڳالهائڻ مناسب سمجهيو.
    چيم، “سر، هر موومنيٽ کي چٿڻ لاءِ انگريزن مکي ٻيلي تي بمباري ڪرائي هئي. ماڻهن تي عام تاثر ڏنو هئائون ته ٻيلي مان حاصل ڪيل زمين هارين ۽ نوَن آبادگارن ۾ ورهائي ويندي.”
    صاحب چيو، “ جيستائين مون کي ياد ٿو پوي، انگريزن زمين ورهائي هئي، ۽ نوَن آبادگارن ۾ ورهائي هئي.”
    “برابرسر.” چيم، “ پر انهن مان ڪو به هڪ آبادگار سنڌي نه هو.”
    ” پر، ان ڳالهه جو ڪالاباغ ڊيم سان ڪهڙو تعلق” صاحب پڇيو.
    “ آهي سر. گهرو تعلق آهي، ” چيم، “ ڪوٽڙي بيراج جڏهن ٺهي هئي، تڏهن به سرڪار سڳوريءَ اعلان ڪيو هو ته حاصل ٿيندڙ زمين هارين ۽ نوَن آبادگارن ۾ ورهائي ويندي.”
    صاحب چيو، مون کي ياد ٿو اچي ته لکين ايڪڙ زمين نوَن آبادگارن ۽ هارين کي ڏني وئي هئي.”
    “ برابر سر.” چيم، “ انهن مان ڪو به هڪ آبادگار سنڌي نه هو.”
    صاحب چيو، “پر، ان ڳالهه جو ڪالاباغ ڊيم سان ڪهڙو واسطو آهي.”
    “سر، ” چيم، “ ڪالاباغ ڊيم جي ڪري جيڪڏهن غير آباد زمين آباد ٿي به پئي، اها سنڌي آبادگارن ۾ نه ورهائي ويندي.”
    “اڙي! ” صاحب چيو، “ اهو تون ٿو چوين راڻا.”
    “نه سائين.” چيم، “ مون سنڌين جي دل ۾ ويجهي ويل تاريخي ڊپ جو ذڪر ڪيو آهي،”
    صاحب پڇيو، “ ان ڊپ کي ڪهڙي نموني سنڌين جي دل ۽ دماغ مان ڪڍي سگهجي ٿو؟”
    “ اهو ڪو اهڙو مشڪل ڪم ڪونهي.” چيم، “ ڪالاباغ ڊيم جو نالو سبزباغ ڊيم رکائي ڇڏيو.”
    صاحب مون کي آڱوٺو ڏيکاريو. انگريزي اشارو آهي. يعني، واهه جا صلاح ڏني آهي. پوءِ هن وزيراعظم جي خاص صلاحڪار سان هاٽ لائين ڳالهايو. چيائين، “وزيراعظم کي صلاح ڏيو ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو بدلائي سبزباغ ڊيم رکي ڇڏين. سنڌي گوڙ نه ڪندا.”■

    1998


    اچو ته نڪ بچايون

    نئون سال 1991 شروع ٿيو هو، ته سوچيو هيم، نئين سال جي حوالي سان خوب دل کولي ڪوڙ ڳالهائيندس- ٺاهي ٺاهي بنڊل هڻندس. پاڪ صاف معاشري کي بدنام ڪرڻ لاءِ اوهان کي نا انصافين، بدمعاشين، ڌاڙن، اغوا، خون، ۽ ظالمن بابت من گهڙت ڪوڙا قصا ٻڌائيندس. رات کي ڏينهن، ۽ ڏينهن کي رات ثابت ڪري ڏيکاريندس. نئين سال ۾ نئين عزم سان ڪوڙ ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکندس. ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ اڳيان پويان سڀيئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندس - رڪارڊ ڪهڙي شيءِ آهن! ڪوڙ ڳالهائڻ جو سمورا گرامافون، ريڊيا ۽ ٽيليويزن ڀڃي ڇڏيندس. ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ نوان محاورا ۽ نوان اصطلاح استعمال ڪندس - ڪوڙ لاءِ نيون تشبيهون، نيون صفتون ايجاد ڪندس.
    سوچيو هيم، هن سال ڏاڍي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان اهڙا اهڙا ڪوڙ ، اهڙي مهارت سان ڳالهائيندس جو ورهين تائين ، بلڪه قيامت تائين ماڻهن جو ارواح سچ تان کڄي ويندو. ماڻهو ٻارن کي ڪوڙ جون لوليون ڏيندا ، ۽ سچ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهندا. پر ، پوءِ الاءِ ڇا ٿيو! نئون سال شروع ٿيو. نئين سال سان آسمان جو رنگ بدلجڻ لڳو. ڌرتيءَ جو سينو لوهي ڦيٿن سان چچرجڻ لڳو. هوا جي هٻڪار بارود جي بوءَ سان بدلجي ويئي. سمورا رنگ دونهي سان ڍڪجي ويا. سمورا سُرَ ڪوڙ ۽ شور ۾ گم ٿي ويا.
    ماحول اهڙو، ڄڻ جُدائيءَ جي رات جو پويون پهر! دل ديواني اهڙي اُداس ٿي پيئي، جو تاريخ جي صفحي مان يادن جي تشبيح کڻي فراط نديءَ جي ٽئين ڪناري وٽ وڃي ويهي رهي. مان نئين سال لاءِ ڪوڙ جي نئين چارٽر جو پرچار ڪري نه سگھيس. نئين سال لاءِ ڪوڙ جي پروگرامن جو عهد نامو ڏيئي نه سگهيس. نئين سال جا ڇهه هفتا لنگهي ويا آهن. 1991-2-10 سوچيان پيو، هيءُ سال عام رواجي سال نه آهي. هن سال سان ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي شروعات ٿي آهي. ڏهن سالن کان پوءِ ويهين صدي ختم ٿي ويندي. ايڪويهين صدي شروع ٿيندي. ان لحاظ کان هيءُ سال ڪاونٽ ڊاؤن (Count down) جو سال آهي. وَن، ٽو، ٿري، فور، ويندي ٽين تائين! ڏهه! ڪيپ ڪينيوريل تان راڪيٽ ٽيڪ آف ڪندو ۽ لکين ڪروڙين اکين آڏو ستن خلا بازن سميت، ستن سيڪنڊن ۾ سڙي ڀسم ٿي ويندو!
    ڪائونٽ ڊاؤن مان بچي وياسين، ته ايڪويهين صدي ضرور ڏسنداسين پر، ڪائونٽ ڊاؤن مان بچڻ جي اميد ڏهن جي مقابلي ۾ هڪ انگ جيتري آهي. بچي وياسين، ته ڏاڍي هوشربا صديءَ ۾ پير رکنداسين.
    ايڪويهين صدي!
    عورتون مردن بدران، ۽ مرد عورت بدران ڪمپيوٽرن ۽ روباٽن سان عشق ڪندا. محبت هجر جو شڪار نه ٿيندي. دل بدران ڪمپيوٽر جي ميمريءَ ۾ ڪا گڙ ٻڙ ٿي پوندي، جنهن کي ڪو مستري ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. سج لهڻ جو منظر ڏسي روباٽ اُداس نه ٿيندو - جدائيءَ جي گھڙين کي صديون نه سمجهندو - وصل جي ساعتن کي اک ڇنڀ ۾ گذرندي محسوس نه ڪندو. اصل ۾، تڏهن نه وصل هوندو، ۽ نه جُدائي. احساس جو لاش ڳجهن جو کاڄ ٿي ويندو. اهڙي هوشربا صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڳاڻاٽو شروع ٿي چڪو آهي.
    سانڀاهو سفر جو!
    دل جي ڳالهه نه ڪريو. دل جو فڪر نه ڪريو. اول ته ڪائونٽ ڊاؤن جي سٽ جهلي نه سگهندي. بچي ويئي، ته ڪيميائي گورين تي گذارو ڪندي- ڪنهن گيت لاءِ نه واجهائيندي، هِنَ دفعي توسان ملي مان موت کي مهڻو نه ڏيندس، پرين!
    دماغ جو فڪر نه ڪريو.
    سوچڻ، ۽ يادن جي مشعل سان تاريخ راتين کي روشن ڪرڻ واريون راتيون مدي خارج ٿي وينديون. دماغ جو ڪم مشينون ۽ ڪلڪيوليٽر ڪندا. ديسي دواساز دماغ کي طاقتور ڪرڻ لاءِ اڳ خميره گاؤ زبان ابريشم تيار نه ڪندا. سائنسدان سڀ کان اڳ کوپرين کي خالي ڪندا، ۽ پوءِ خالي کوپرين ۾ ليزر ڊسڪ وجهي ڇڏيندا، جنهن تي دنيا جي جنگين، تاريخي حادثن، شهرن جا نالا، آدمشماري، ملڪن جي ناڻي، اقتصادي حيثيت، ڪيميائي هٿيارن، ۽ موت بابت معلومات رڪارڊ ڪيل هوندي.
    نئين سال سان ويهين صدي جي پڄاڻي ۽ ايڪويهين صدي جي شروعات جو ڪائونٽ ڊاؤن (ڳاڻاٽو) شروع ٿي چڪو آهي. وَن! باقي رهيا نَوَ!
    اچو ته نڪ بچايون. ويهين صديءَ جي آخري ڏهن سالن ۾ اسين گھڻو ڪجهه وڃائينداسين- هٿ، پير، ٽنگون، ٻانهون، ڪن ۽ اکيون! اچو ته نڪ بچايون.
    نڪ کان سواءِ ايڪويهين صديءَ ۾ ڪهڙو منهن کڻي پير پائينداسين! اچو ته نڪ بچايون.■

    1991


      گم ٿيل حڪمنامو

    باهه ۾ ساڙي ڇڏيل، بمن ۽ بارود سان اُڏايل، ڊاٺل ۽ برباد ڪيل هڪ عظيم الشان لائبريري جي رک مان مون کي هڪ مسودي جا پنا هٿ چڙهيا آهن مسودي جا ڪي ورلي پنا صحيح سلامت آهن. ذري گھٽ سمورا پنا، ڪي اڌ، ته ڪي مُنو کن سڙيل آهن. ڪن صفحن جا آخري جملا وڃي بچيا آهن، ۽ باقي مواد کاڄ ٿي ويو آهي.
    صفحن جي سڙيل مواد مان مطلب ڪڍندي ائين محسوس ٿئي ٿو، سمورو مواد ڄڻ آگيا، يا حڪمنامن تي ٻڌل آهي. پر، انهن آگيائن يا حڪمنامن جو حضرت موسيٰ جي ڏهن (Commandments) حڪمنامن سان ڪو تعلق نه آهي. مسودو جيئن ته قديم آهي ۽ گذري ويل ڪنهن دور جو آهي، تنهن ڪري انهن حڪمنامن جو تعلق جديد دور جي ليکڪ جارج آرويل جي ستن حڪمنامن سان به نه آهي. اِهي حڪمناما، جيڪي تعداد ۾ انيڪ آهن، ڏاڍا پُراسرار، مبهم، ڪڏهن بي معنيٰ، ته ڪڏهن با معنيٰ آهن. مسودو بنا ڪنهن شڪ شبهه جي قديم آهي، وساريل ورهين جو آهي، پر مسودي جو اطلاق جديد آهي، ۽ موجوده دور جي سياسي، سماجي ، معاشي ۽ معاشرتي سرشتي تي ٺهڪي ايندڙ آهي.
    اچو ته هڪ هڪ ڪري حمڪنامن تي نظر وجهون، ۽ حمڪنامن جو مفهوم سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. هڪ ٻن، چئن اٺن، يا پنڌرهن ويهن ڪالمن ۾ حمڪنامن جو ذڪر اچڻ، ۽ سمائڻ امڪان کان ٻاهر آهي. سڙي وڃڻ جي باوجود حمڪنامن جو مسودو تمام ضخيم آهي. تنهن ڪري، رکي رکي متفرقه ڪالمن جي وچ ۾ ڪي ڪالم انهن حمڪنامن جي باري ۾ به لکندس. مسودو مون وٽ قوم جي امانت آهي، موٽائيندس ضرور، پر قسطن ۾.
    حمڪنامو پهريون: جيڪو حڪمران اوهان کي اظهار جي آزاديءَ جو يقين ڏياري، ۽ اوهان کي سچ لکڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي تلقين ڪري، تنهن حڪمران جي ڳالهه تي ڪجهه ڪجهه يقين ڪريو، ۽ ڪجهه ڪجهه يقين نه ڪريو.
    اڪابرين جي پهرين حڪمنامي تي تشريح:
    جيڪو حڪمران يا حاڪم، سچ لکڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي تلقين ڪندو آهي، سو حڪمران پنهنجي باري ۾ ڪڏهن به سچ ٻڌڻ ۽ سچ لکيل هرگز پسند نه ڪندو آهي. تنهنڪري، اهڙي حاڪم جي باري ۾، تلقين جي باوجود سچ لکڻ جي ڪڏهن به غلطي نه ڪجي. اهڙي حاڪم جي باري ۾ لکيل ۽ ڳالهايل سچ ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آهي، ۽ سچ لکڻ ۽ سچ ڳالهائڻ واري کي ڏينهن ۾ تارا نظر ايندا آهن. ڏينهن ۾ تارا نظر اچڻ کان پوءِ سج نظر نه ايندو آهي. ۽ جڏهن سج نظر نه ايندو آهي، تڏهن ڪجهه به نظر نه ايندو آهي. تنهن ڪري حاڪم جيڪڏهن ڊينڊو، يعني بندرو آهي ته کيس ڊينڊو يا بندرو هرگز نه لکو، ۽ نه سڏيو. کيس قد وارن ۾ قداور لکو، ۽ اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته بجليءَ جي ٿنڀن کي ڇڏي، هو ملڪ، بلڪه دنيا ۾ هر ڪنهن جاندار ۽ بي جان کان ڊگھو، ۽ قداور آهي. اهڙي ثابتيءَ کان پوءِ حاڪم اوهان کي مالا مال ڪري ڇڏيندو. ساڳي طرح، حاڪم جيڪڏهن دانگيءَ جي تري جهڙو آهي، ته کيس ڪڏهن به ڪارو نه لکو. کيس اَڇو، بلڪه کير جهڙو اڇو لکو. رنگن جا نالا مٽائي ڇڏڻ ڏوهه ناهي. ڪاري رنگ کي اڇو، ۽ اڇي رنگ کي ڪارو رنگ جو نالو ڏيئي ڇڏيو. آسماني ڪتابن ۽ دستور جي مواد ۾ تبديلي ۽ ڦير گھير جيڪڏهن ڏوهه آهي، ته پوءِ انگن جا نالا مٽائي، نوان نالا رکڻ به ڏوهه نه آهي. سچ جي تلقين ڪرڻ وارو حاڪم جيڪڏهن ڪوڙو آهي، ته کيس ڪڏهن به ڪوڙو نه لکو. کيس سچ جو علمبردار لکو. کيس سچ جو سورهيه سپاهي لکو. کيس سچ جو ابو لکو. کيس ڪڏهن به ڪنهن صورت ۾ ڪوڙو ، فريبي ۽ دغا باز نه لکو. اهڙي غلطي ڪري پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي آل اولاد لاءِ مصيبت کڙي نه ڪجو. اهڙي ڪوڙي کي سچار ، ديانتدار، حقن جو محافظ، ايماندار ۽ سپيتو لکو.
    حاصل مطلب ته جيڪو شخص يا حاڪم سچ لکڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي تلقين ڪري، تنهن شخص يا حاڪم جي باري ڪڏهن به نه سچ لکو، ۽ نه سچ ڳالهايو.
    گمنام مسودي جي حڪمنامي نمبر ٻئي جي باري ۾ ٻئي ڪنهن ڪالم ۾ ذڪر ڪبو. اچو ته اول پهرين ڪالم کي هيئين سان هنڊائڻ ، بلڪه هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.■


    ويٽنگ روم ۾ ٻه ڪلاڪ

    گهران ٽيليفون ڪري پڇا ڪئي سين. ٻڌايائون ته تيزگام صحيح وقت تي پهچي رهي آهي. اُن وقت رات جا ڏهه ٿيا هئا. راولپنڊي وڃڻ واري تيزگام ٽرين روهڙيءَ تي رات جو ڏهه وڳي ويهن منٽن تي پهچندي آهي. ڀڄندي، ڊڪندي، سيءَ ۾ ڪنبندي، اسٽيشن تي پهتاسين. سامان کڻندي ڪوليءَ ٻڌايو ته ٽرين ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي. تعجب ٿيو. سوچيم، ويچارو ڪولي اَڻ پڙهيل آهي- مت جو موڳو آهي- گهران نڪرڻ کان اڳ مون پڪ ڪئي آهي، سا به فون تي، ( جيڪا زندگيءَ ۾ گهٽ مرڻ کان پوءِ ٽئين پشت کي الاٽ ٿيندي آهي) - گاڏي خيرن سان وقت تي پهچي رهي آهي!
    پليٽ فارم تي سڀني کي ٻُٽ ٻڌل هئي. هيءَ ڊسمبر 1990 جي پوئين ڇنڇر جي ڳالهه آهي. ڪوئيٽا ۾ اَٺ، ڏهه فٽ برف پئي هئي. مٿان وري ڪنڌاري هوائون هلي پيون هيون. جڏهن به ان قسم جون سرد هوائون هلنديون آهن، اسين روهڙيءَ وارا سڀ کان اڳ ڪَنَ لڪائيندا آهيون، ۽ پوءِ نَڪ. ڪجهه دير لاءِ مون کي ائين محسوس ٿيو، هوائن ڄڻ سائبيريا کان موٽ کاڌي هئي. جسم سان گڏ روح کي به ڪنبڻي وٺي ويئي. ڪوليءَ سامان سميت ٽڪر تي بيٺل ويٽنگ روم ڏانهن ڪاهه ڪئي. وڌي وڃي ٻانهن ۾ هٿ وڌو مانس. رڙ ڪندي چيم، “ اڙي چريو ته نه ٿيو آهين! مون کي فون جهڙي ناياب شيءِ تي ڪنهن ٻڌايو آهي ته تيزگام وقت تي پهچي رهي آهي- اصل پنج منٽن ۾.”
    ڪولي وڏو چرچائي هو. چيائين، “ سائين، اسان کان وڌيڪ ريلوائيءَ جو نبض شناس ڪير هوندو! گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي، ۽ راولپنڊيءَ تائين پهچندي پهچندي، انشاالله تعاليٰ ست ڪلاڪ ليٽ ٿي ويندي.”
    هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيم، “ ترس. سامهون شرلاڪ هومز جهڙي روپ ۾ ريلوي جو ڪو صاحبلوڪ اچي رهيو آهي. هن کان پڪ ٿا ڪريون.”
    ڪوليءَ کلندي چيو، “ ريلوائيءَ وارا سيٽن جي رزرويشن کان وٺي ٽرينن جي آمدرفت تائين، هر ڳالهه اسان کان پڇندا آهن. اهو گهوٻاٽو توکي ڪهڙي خبر ڏيندو!”
    مون کي ڪاوڙ لڳي. چيم، “ اڙي تون روهڙيءَ جو افلاطون ته ناهين!”
    وراڻيائين، “ روهڙيءَ جي افلاطون وڃي خواجه خضر جو آستانو وسايو آهي. مان خواجه خضر جي آستاني تي روزانو ڏيئو ٻارڻ ويندو آهيان.”
    ان وچ ۾ شرلاڪ هومز جهڙو صاحبلوڪ ويجهو اچي پهتو. پڇيومانس، “ معاف ڪجو، تيزگام ته وقت سر پهچي رهي آهي نه؟”
    ڪوليءَ ڏانهن ڏسندي پڇيائين، “ هن توکي نه ٻڌايو آهي ڇا؟”
    چيم، “ هيءُ چوي ٿو ته گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي.”
    وراڻيائين،“ ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ هوندي- بلڪه آهي.”
    صاحبلوڪ سگريٽ جا سوٽا هڻندو، قديم دور جي انجڻ جهڙا دونهان ڇڏيندو، ذري گهٽ ڇُڪ ڇُڪ ڪندو هليو ويو.
    ڪوليءَ فاتحاڻي انداز ۾ مون ڏانهن ڏٺو. مون ٽڪر تي ويٺل پراڻي، پراسرار ويٽنگ روم ڏانهن ڏٺو. اهو ويٽنگ روم انگريزن واري دور کان مون کي ڀوائتو لڳندو آهي. ڀانئيندو آهيان، ويٽنگ روم ۾ روحن جو واسو آهي! ڪاٺ جي فرش تي ڪنهن جي هلڻ جو آواز ايندو آهي! درن جا طاق پنهنجي ساءِ آهستي آهستي کُلندا، ۽ بند ٿيندا آهن! ڪو پاڇو ميڻ بتي کڻي ڏاڪڻ لهي، قبرستان طرف هليو ويندو آهي!
    “ڇا پيو سوچين؟ ” ڪوليءَ چيو، “ سيءَ ۾ سڪي ويندين. ٻه ڪلاڪ هلي ويٽنگ روم ۾ انتظار ڪر.”
    هو ويٽنگ روم ڏانهن وڌڻ لڳو. گهڙي کن لاءِ سيءَ جو احساس ختم ٿي ويو. عجيب قسم جو سيسڙاٽ سيءَ جي ڄڻ جاءِ والارڻ لڳو. ڪوليءَ جي ڪڍ مان ويٽنگ روم ڏانهن وڌڻ لڳس. سوچيم، ضروري ناهي ته، ويٽنگ روم ۾ مان اڪيلو هجان- مون کان سواءِ ٻيا ڪي مسافر به ته هوندا، جيڪي گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٽنگ روم ۾ وڃي ويٺا هوندا! سيسڙاٽ ختم ٿي ويو، ۽ ڪوئيٽا جون سرد هوائون تير وانگر جسم ۾ چڀڻ لڳيون.
    اُن وچ ۾ ڪوليءَ ويٽنگ روم جي در وٽ وڃي پهتو. ويٽنگ روم جو در گهٽ ۾ گهٽ اَٺ فٽ ڊگهو، ۽ چار فٽ ويڪرو هو. ڪوليءَ در کي ڌڪو ڏنو. در چيچاٽ ڪري کلي پيو. ويٽنگ روم ۾ ڪو به نه هو. هڪ طرف پراڻي دور جو نيٽ وارو تختو پيو هو. ٻئي طرف ڊگهين ٻانهن واري ڪرسي، ۽ وچ ۾ ڪاٺ جي بيحد مضبوط ميز ۽ چار ڪرسيون. ويٽنگ روم جي ڇت غير معمولي مٿي هئي- مان سمجهان ٿو. گهٽ ۾ گهٽ ويهه، پنجويهه فٽ مٿي هئي. ٽام چينيءَ جي گلوب هيٺان هڪ بيحد ميرانجهڙو بلب زرد روشنيءَ سان ٻري رهيو هو. ڏاڍو اداس ڪندڙ ماحول هو. مون ڪوليءَ کان پڇيو، “ ٻيا مسافر ڪٿي آهن؟ هتان تيز گام ۾ اڪيلو سوار ٿي رهيو آهيان ڇا؟ ”
    وراڻيائين، “ ٻيا مسافر پليٽ فارم واري ويٽنگ روم ۾ ويٺا آهن.”
    مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. پڇيم، “ مونکي هتي ڇو وٺي آيو آهي؟ ”
    پُراسرار مرڪ سان وراڻيائين، “ هيءُ ويٽنگ روم توکي وڻندو آهي نه، انڪري.”
    “ مونکي هيءُ ڀوائتو ويٽنگ روم وڻندو آهي!” تعجب وچان پڇيم، “يار، تون چريو ته ناهين! هيءُ هيبتناڪ ويٽنگ روم به ڀلا ڪا وڻڻ جي شيءِ آهي!”
    ڪولي کلي پيو. سامان جائيتو ڪندي چيائين، “ مان وڃان ٿو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ توکي وٺڻ ايندس. في الحال تون آرام ڪر.”
    آرام! ۽ هن جِناتي، ويٽنگ روم ۾! ڇت مان ڄارا لٽڪي رهيا هئا. روشندانن ۾ جهرڪين جا آکيرا هئا. ميرانجهڙي بلب جي روشنيءَ ڏاڍو اداس ڪندڙ هئي. اکيون بند ڪري مون ماحول کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر، بيسود. سرد ۽ تيز هوائن ۾ ويٽنگ روم جون دريون ۽ درين جا شيشا کڙڪي رهيا هئا. هوا جو آواز اهڙو، ڄڻ رِڻ ۾ پئي هلي.
    تڏهن اوچتو، باٿ روم وارو در کليو. اوور ڪوٽ ۽ اوني ٽوپ سان هڪ ڪراڙو شخص ٻاهر آيو. هٿ ۾ چانهه جو مَگ هوس. پهرين ڏيک ۾ هو مونکي عام رواجي انسان محسوس نه ٿيو. ڏاڙهي، ۽ اوني ٽوپ سان ڍڪيل چهرو، جتان ٿورو گهڻو ظاهر هو، زرد رنگ جو هو. هوريان هوريان هو، مون ڏانهن وڌندو آيو. منهنجي اڳيان اچي بيٺو. چانهه جو مگ وڌائيندي چيائين، “ورهين کان پوءِ آيو آهين- سوچيم، تنهنجي لاءِ چانهه جو ڪوپ ٺاهي وٺان.”
    “ چانهه لاءِ مهرباني ٺري يخ ٿي ويو آهيان.” چانهه جو مگ وٺندي چيم، “ پر، توکي غلط فهمي ٿي آهي، مان هتي پهريون دفعو آيو آهيان.”
    “نه، تون هتي ٻيو دفعو آيو آهين.” هن نهايت يقين سان چيو، “ مان هن ويٽنگ روم جو پهريون ۽ آخري چوڪيدار آهيان. هينئر چوڪيدارن جو رواج ختم ڪري ڇڏيو اٿائون. پهرين دفعي به مون توکي چانهه ٺاهي ڏني هئي. پر اها سياري جي سرد رات نه هئي. اُها اونهاري جي هڪ بيحد گرم رات هئي- مئي جو مهينو هو.”
    “ ڀليو آهين ڀائو.” چانهه جي سپ ڀريم. سوادي ۽ گرم هئي. چيم، “مان زندگي ۾ پهريون دفعو هن ويٽنگ روم ۾ آيو آهيان.”
    هو باٿ روم ڏانهن کلندڙ در طرف وڌڻ لڳو. در وٽ ترسي، منهن ورائيندي چيائين، “ ان رات ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو هو- ۽ زلزلي جي شدت روهڙيءَ کي به لوڏي ڇڏيو هو. اُن رات هن ويٽنگ روم جو اڌ حصو ڪري پيو هو.”
    مونکي ڏاڍو تعجب ٿيو. پڇيم، “ 1935 واري زلزلي جي ڳالهه پيو ڪرين ڇا؟ ”
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين، ۽ در کولي باٿ روم طرف غائب ٿي ويو.
    منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. بدن ۾ سيسڙاٽ محسوس ڪيم. ڪوئيٽا وارو زلزلو 1935 ۾ آيو هو. مان 1936 ۾ ڄائو هوس.
    تڏهن اوچتو ٻاهريون در کليو. ڪولي اندر آيو. چيائين، “ ٻه ڪلاڪ گذري ويا آهن. تيز گام سگنل وٽ بيٺي آهي. هَلُ.”
    تڏهن، ڏٺم ته منهنجي هٿ ۾ چانهه جو مگ نه هو.■

    1991


      معدي ۾ گڙٻڙ ۽ غير ملڪي ايجنٽ

    هڪڙي نيم حڪيم جي ڳالهه ڪندا آهن، ته پنهنجي فن ۾ ڏاڍو ماهر هو، يعني فنڪار هو. مريضن کي ڏسڻ شرط مرض سڃاڻي وٺندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو مريض کي ڏسڻ کانسواءِ مريض بابت سربستو احوال ٻڌي مرض جو اعلان ڪري ڇڏيندو هو.
    هڪ شخص کي مٿي ۾ سور هو. حڪيم صاحب ڏانهن ويو. حڪيم صاحب کيس ڏسڻ شرط چيو، “ مان تنهنجو مرض سڃاڻي ويو آهيان. توکي فتور معده آهي.”
    مريض چيو، “ حڪيم صاحب، منهنجي پيٽ ۾ نه؛ منهنجي مٿي ۾ سور آهي.”
    “ حڪيم تون آهين، يا مان آهيان!” حڪيم صاحب ناراض ٿيندي چيو، “اڙي مان جو چوانءِ ٿو ته توکي فتور معده آهي، ته ان ۾ توکي ڪهڙو اعتراض آهي!”
    مريض ويچارو ماٺڙي ڪري، فتور معده جي ڦَڪي وٺي هليو ويو.
    هڪدفعي پوڙهو مريض کڻائي ويس. ڏسڻ شرط چيائين، “ هن کي فتور معده آهي.”
    مائٽن عرض ڪيو، “ حڪيم صاحب، اسان جي ڏاڏي کي ڏهن سالن کان کنگهه آهي. کنگهي کنگهي گهروارن سان گڏ اوڙي پاڙي وارن کي به سجاڳ ڪري وجهندو آهي.”
    “ مان سڀ ڪجهه سمجهي ويو آهيان.” حڪيم صاحب چيو، “پوڙهي کي فتور معده آهي.”
    پوڙهي کي کنگهه بدران فتور معده جي ڦڪي ڏيئي ڇڏيائين.
    هڪڙي مشهور لنگهياڻي وٽس لنگهي ويئي. گهگهي آواز ۾ حڪيم کي چيائين، “ حڪيم، شادين مرادين ۾ ڳائيندي ڳائيندي نڙي ويهجي ويئي آهي.”
    حڪيم صاحب هڪدم وراڻيو، “ اصل ۾ اهو فتور معده آهي.”
    “ حڪيم صاحب منهنجو معدو ڏاڍو سٺو آهي.” لنگهياڻيءَ چيو، “منهنجي نڙي ويهجي وئي آهي.”
    حڪيم چيو، “ اهو سڀ فتور معده آهي.”
    لنگهياڻي نڙي بدران معده لاءِ ڦڪي وٺي هلي ويئي.
    هڪڙي ننڍڙي ٻار کي حڪيم صاحب ڏانهن کڻي ويا. ڪَنَ ۾ سور هوس. ٻاگها ڦاڙي، رنو پئي.
    ٻارڙي جي پيءُ چيو، “ هن کي ڪن ۾ سخت سور آهي، حڪيم صاحب.”
    “ڪن ته فقط بهانو آهي.” حڪيم صاحب چيو، “ تنهنجي پٽ کي اصل ۾ فتور معده آهي.”
    حڪيم صاحب ٻارڙي کي معده جي مرض جي ڦڪي ڏيئي ڇڏي.
    ڳوٺ جي ماستر کي زڪام ٿي پيو. حڪيم صاحب کان دوا وٺڻ ويو. حڪيم صاحب کيس زڪام بدران فتور معده لاءِ پڙي ڏيئي ڇڏي. حڪيم کي سئو في صد پڪ هئي ته ماستر کي زڪام وغيره نه هو- اصل ۾ ماستر کي فتور معده هو.
    حڪيم صاحب هڪدفعي اهڙي هڪ محفل ۾ ويٺو هو، جنهن ۾ سڀ ساٿي پنهنجي هڪ بدنصيب دوست سان همدردي ڪري رهيا هئا، جنهن صبح جو زال هٿان ويلڻ سان مار کاڌي هئي.
    حڪيم صاحب چيو، “ هن شخص کي فتور معده آهي. مطلب موڪلجوس ته پُڙي ڏيئي ڇڏيندومانس.”
    زال هٿان مار کاڌل شخص پنهنجي زخمي ٽڪڻ ڏيکاريندي چيو، “هي فتور معده آهي؟ ”
    حڪيم چيو، “ها، اهو فتور معده آهي.”
    مظلوم مڙس ڪري پيو. صدمو سهي نه سگهيو.
    فٽبال رانديگر کي گوڏي تي ڌڪ لڳو. رت وهڻ لڳس. حڪيم صاحب وٽ وٺي آيس. ڀڳل گوڏو ڏسڻ شرط حڪيم صاحب چيو، “ اهو سڀ ڪجهه فتور معده جي ڪري آهي.”
    ملم پٽيءَ بدران حڪيم صاحب زخمي رانديگر کي فتور معده جي پُڙي پيئاري ڇڏي.
    “ سائين سنڌ ۾ ڌاڙيلن ڪيس ڪري ڇڏيا آهن.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “سائين، روزانو ڪٿي نه ڪٿي بمن جا ڌماڪا پيا ٿين.”
    “ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “ ڪراچيءَ مان روزانو ويهه پنجويهه موٽرون چوري ٿيون ٿين.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “سنڌ ۾ سٺ سالن جا پوڙها وڏيرا سورهن سالن جي ڇوڪرين سان شادي پيا ڪن.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “نوجوان ڊگريون کڻي نوڪريءَ لاءِ ڌڪا پيا کائين.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “لوڊشيڊنگ ڪاروبار کي ڌڪ پهچايو آهي.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “ چڱن مڙسن ڳوٺن جا اسڪول بند ڪرائي ڇڏيا آهن.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “ ڳوٺن مان ڊسپينسريون به ختم ڪرائي ڇڏيون اٿائون.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “ سنڌ ۾ زال مڙس جو جهيڙو وڌي ويو آهي”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “ سياري ۾ سج جلدي لهي ويندو آهي”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “ اونهاري ۾ سج دير سان لهندو آهي.”
    “ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    “ سائين، مٺا سائين، سنڌ ۾ جيڪي به ٿي رهيو آهي، تنهن جو ڪو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي سبب نه آهي؟”
    “نه مٺا؛ سنڌ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، تنهن جو ڪو به اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي سبب نه آهي؟ ان ۾ غير ملڪي ايجنٽن جو هٿ آهي.”
    ۽ جڏهن نيم حڪيم کان سنڌ جي اڻ ٿانئيڪي حالت بابت پڇيو ويو، ته هن چيو، “ ڇا جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي سبب! اهو سڀ ڪجهه فتور معده آهي.”■

    1991


    ماستر عبدالواحد جو موت

    اوڙي پاڙي جا دوست دڙا آيا. چيائون، “ماستر عبدالواحد مري ويو آهي.”
    مونکي اچرج نه ٿيو. چيم، “مونکي خبر هئي ته ماستر عبدالواحد نه بچندو. مري ويندو.”
    ڀليڏني ڀولڙي هڪدم پڇيو، “توکي ڪيئن خبر پئي؟”
    چيم، “سلهه هيس نه!”
    ڀليڏني کي ڪجهه ڪجهه بڇان لڳي. چيائين، “جنهن کي سلهه نه هوندي آهي سي به مري ويندا آهن.”
    اِن کان اڳ جو مان ڳالهايان، ۽ ڀليڏني کي ڪو جواب ڏيان جيئند چيو، “سرڪاري اسپتال مان ماستر دوا وٺي پئي موٽيو. واٽ تي هڪ پجيرو کيس چيڀاٽي ماري ڇڏيو. سندس پوڙها هڏ گڏ ڀڄي پيا. مٿو ويل هيٺان اچي ڦسي پيس، ۽ سندس ميڄالو مٿي مان نڪري هر طرف پکيڙجي ويو.”
    ڳالهه ڏک جهڙي هئي. چيم، “مونکي افسوس ٿيو آهي.”
    ڀليڏني چيو، “افسوس نه ڪر ، ٻيو ڪجهه ڪر.”
    مون تعجب وچان ڀليڏني ڏانهن ڏٺو. ڀليڏني چيو، “اخبارن ۾ وڏين سرخين سان خبر ڏيار ته ماستر عبدالواحد مري ويو آهي. ”
    دوستن کي خبر آهي ته اخباري صنعت سان منهنجا اڻسڌا پر تمام گهرا تعلقات آهن. متان سمجهيو ته مان صحافي قسم جو ڪم ماڻهو آهيان، ۽ اخبارن لاءِ ڪاغذ ڪارا ڪندو آهيان. لکڻ پڙهڻ جهڙي ڪڌي ڪم سان منهنجو ڪو تعلق نه آهي. مان سرڪاري اشتهار جاري ڪرڻ وارن ادارن ۽ اخباري صنعت جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو آهيان، ۽ ٻنهي طرفان ڪميشن وصول ڪندو آهيان. اِهو ئي منهنجي گذر سفر جو واحد وسيلو آهي، جنهن ۾ مونکي ٻارهوئي سفر ڪرڻو پوندو آهي. پنهنجي پنهنجي نصيب جي ڳالهه آهي. مان سمجهان ٿو اِن ۾ سمورو عمل دخل منهنجي نالي جو آهي. منهنجو نالو صفر آهي. ڪانوينٽ اسڪول ۾ پهرين ڏينهن منهنجو نالو ٻڌي اسان جي ماسترياڻي مس ميري حيران ٿي هئي. چيو هئائين، “تون ڏسڻ ۾ ته ڏاڍوکلمک ڇوڪرو آهين، پر تنهنجو نالو SUFFER (تڪليف، ڏک) ڇو آهي؟”
    ڏاڍي سهڻي، من موهڻي هوندي هئي. مون خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي زندگيءَ جو پهريون عشق پنهنجي ماسترياڻي مس ميري سان ڪيو هو. کيس چيو هيم، “ تنهنجو نالو مس ميري (MISS MERRY) آهي، پر تون گدلي ۽ ميري نه آهين. مان صفر آهيان، پر انگريزيءَ وارو SUFFER نه آهيان.”
    پوءِ، اڳتي هلي زندگيءَ ۾ گذر لاءِ جڏهن مونکي سفر ڪرڻو پيو، تڏهن مون کي سمجهه ۾ آيو ته مائٽن منهنجو نالو صفر ڇو رکيو هو. مان فقط سرڪاري ادارن کان اشتهار وٺي اخباري صنعت کي نه ڏيندو آهيان. پرائيويٽ ادارن سان به منهنجي عليڪ سليڪ سٺي آهي. هڪدفعي هڪ ڪاسميٽڪ ڪمپنيءَ جو سيلز مينيجر پنهنجي پراڊڪٽ جو اشتهار کڻي آيو. اشتهار سندن تيار ڪيل ڪريم بابت هو. چيائين، “سنڌ ۾ ڪارن ۽ ڪارين جو تعداد وڌي ويو آهي. هيءَ ڪريم لڳائڻ سان ڪا ڪاري نه رهندي، ڪو ڪارو نه رهندو. هرڪو اڇو اُجرو ٿي پوندو.”
    اُهو اشتهار ڪنهن به سنڌي اخبار هلائڻ لاءِ مون کان نه ورتو. منهنجي ڪميشن مارجي ويئي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته منهنجن سنگتين ساٿين کي خبر آهي ته اخباري صنعت وارن سان منهنجي دعا سلام آهي. مان خبرون ڇپرائي سگهندو آهيان، خبرون ڪڍرائي سگهندو آهيان. ماستر عبدالواحد مري ويو ته دوست اچي منهنجي در تي بيٺا. ضد ٻڌائون ته ماستر عبدالواحد جي موت جي خبر سندس تصويرن سميت اخبارن جي پهرين صفحي تي اچڻ گھرجي. سالن جا سال اخباري صنعت سان لهه وچڙ ۾ رهڻ سبب مان اخبارن جي پاليسيءَ کان واقف آهيان. هڪدم حامي نه ڀريم. ڀليڏني ڀولڙي کان پڇيم، “ماستر عبدالواحد ڪهڙا ڦاڙها ماريا هئا جو سندس موت جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچي؟”
    سڀئي وائڙا ٿي ويا. جيئند اچرج وچان پڇيو، “توکي سچ پچ خبر ڪونهي ته ماستر عبدالواحد ڪير هو!”
    چيم، “ مون کي فقط ايتري خبر آهي ته وڏيرن ۽ سردارن جي سخت مخالفت جي باوجود هو ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول کولرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. ڀڃ ڊڪ ڪري اسڪول لاءِ بجلي ڇڪرائي آيو هو. فرنيچر وٺي آيو هو. صبح جو ڳوٺ جي ٻارن کي تعليم ڏيندو هو. شام جو هارين نارين کي پڙهائيندو هو. پر، اهي ڳالهيون اهڙيون ناهن جو سندن موت جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچي سگهي. اوهين پسند ڪريو ته سندس مرڻ جي خبر اخبارن جي اندرين صفحن تي ڪنڊ پاسي ڇپرائي ڇڏيان.”
    ڏاڍو مايوس ٿيا. جيئند چيو، “ تون چاهين ته سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو. ايڊيٽر تنهنجو چيو نه موٽائيندا.”
    سوچيم. پوءِ سوچيم، “ اوهين جيڪڏهن اِهو ثابت ڪري سگهو ته پجيرو هلائڻ واري بااثر شخص جي ماستر عبدالواحد سان دشمني هئي، ۽ هن کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ پجيرو سان چيڀاٽي ماري ڇڏيو هو، ته پوءِ اِها خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچڻ جهڙي ٿي پوندي. ورنه، هرگز نه.”
    جيئند چيو، “ اسان کي ته فقط ايتري خبر آهي ته پجيرو ڪو بااثر شخص هلائي رهيو هو. ماستر عبدالواحد کي چيڀاٽي ماري هليو ويو. اسان سندس گاڏيءَ نمبر نوٽ ڪيو، پر پوليس ايف آءِ آر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.”
    کانئن پڇيم، “ چڱو ڀلا، ماستر عبدالواحد جي بااثر شخص سان ڪا دشمني هئي ڇا؟”
    وراڻيائون،“ ماستر عبدالواحد درويش انسان هو. هن جي ڪنهن سان دشمني نه هئي.”
    چيم، “پوءِ ته سندس موت جي خبر پهرين صفحي تي بنهه اچي نه سگهندي. ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڇرڪائيندڙ خبرون گهرجن.”
    ايلاز ڪندي چيائون، “ ائين نه ڪر، صفر. ٻيلي ڏاهو ٿيءُ.”
    پڇيومانِ، “هيءُ جو گاهه واري سطح، منهنجو مطلب آهي! GRASS ROOTS LEVEL تي چونڊون ٿيڻيون آهن، انهن چونڊن ۾ ماستر بيهڻ جو ارادو ڏيکاريو هو ڇا؟”
    جيئند چيو، “ ايندڙ چونڊن ۾ هميشه وانگر سردار پاڻ بيهندا، يا پنهنجا ماڻهو بيهاريندا. ماستر ويچاري جي ته ضمانت به ضبط ٿي وڃي ها.”
    چيم، “ يار، ته پوءِ اوهين پاڻ ئي ٻڌايو ته ڇاجي ڪري ماستر عبدالواحد جي موت جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي اچڻ گهرجي!”
    ڀليڏني چيو، “ ماستر عبدالواحد جا ڪجهه شاگرد اڳتي هلي ڊاڪٽر ٿيا، انجنيئر ٿيا. سائنسدان ٿيا، پروفيسر ٿيا. اِها ڪا معمولي ڳالهه آهي.”
    “اِها تمام معمولي ڳالهه آهي، ڀائرو. اخبار پڙهڻ وارن لاءِ اِها دلچسپيءَ جي خبر ناهي. ” چيم، “ ها، جيڪڏهن ماستر عبدالواحد جو ڪو مامو يا ماسات وزير، ايم اين اي يا ايم پي اي رهي چڪو آهي ته پوءِ سندس مرڻ جي خبر اخبارن جي پهرين صفحي تي شايع ٿي سگهندي، ۽ غور ۽ دلچسپيءَ سان پڙهي ويندي.”
    چيائون، “ ماستر عبدالواحد الله سائين جو ماڻهو هو.”
    چيم، “ الله سائين جي ماڻهوءَ جي موت جي خبر پهرين صفحي تي شايع نه ٿيندي آهي.”■


      دُرل ۽ ڦتن ڦٽاڪو

    سڄي پاڙي ۾ هُل پئجي ويو ته دُرل لاڪ اپ مان ڇٽي نيٺ گهر پهتو آهي، پر خير خوبيءَ سان نه. ٻڌايائون ته ويٺي ويٺي ڇرڪ ٿو ڀري. روئي ٿو پوي. گيسيون ٿو پائي. فرش تي ٿُڪ اڇلائي چٽي ٿو وٺي. هٿ ٻڌي ليلائيندي چوي ٿو: مون کي وڻ سان ابتو لٽڪائي منهنجي جسم جي هر سوراخ ۾ مرچ نه وجهو. مون کي پسيل پادرن سان نه ماريو. رحم ڪريو. الله سائين رحم ڪرڻ وارن نيڪ بندن کي سڌو سنئون جنت موڪليندو آهي. مون کي نه ماريو. مان قبول ٿو ڪريان ته اڻويهه سئو ستيتاليهن کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به خون ٿيا آهن، سي مون ڪيا آهن. جيڪي به ڌاڙا لڳا آهن، سي به مون هنيا آهن. الله، ۽ الله جي رسول جي محابي مون کي نه ماريو.
    جيڪو ننڍو وڏو آيو پي، نئين ڪٿا کڻي پي آيو. سوچيم، دُرل کي پوليس وارن پڪ چريو ڌاتورو ڏيئي ڇڏيوآهي. دُرل پنهنجي مَتِ وڃائي ويٺو آهي. ٻڌايائون ته مائٽ مِٽَ جڏهن پيئڻ لاءِ پاڻي ٿا ڏينس ته نڪ سان گيسيون ڪندي ٻاڏائي ٿو: نالو اَٿَوَ الله جو، مون کي پيشاب نه پيئاريو. ڪرفتي منهنجي وات ۾ نه وجهو.
    دل کي جهوٻو آيو. دُرل منهنجو پراڻو سنگتي آهي. اسان گڏ لغڙ اڏايا آهن، ۽ ڀوريون ڦاسايون آهن. کيس ڏسڻ لاءِ مان گهران نڪتس. ماڻهن جي ڳالهين تي افواهن جو گمان پئي ٿيو. سوچيم، اهڙي دور ۾ جنهن ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهي رهيون آهن، ۽ اَمن امان عروج تي آهي، ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي جو هوڪرو آهي، تنهن دور ۾ دُرل جو لاڪ اپ مان موٽڻ کان پوءِ هوش وڃائي ويهڻ امڪان کان ظاهرآهي. ٽيڪنالاجي پنهنجي جاءِ تي، انفرميشن ۾ جڏهن ٿاڻن ۽ لاڪپن ۾ ماڻهن سان ٿيندڙ عقوبتن جو تحريري ۽ تصويري عڪس اچي ويو ته پوءِ ويچاري ٽيڪنالاجي ڇا ڪندي. ٽيڪنالاجي ڪاري کي اڇو، ۽ اڇي کي ڪارو ڪري نه سگهندي. ٽيڪنالاجي ظلم ۽ ناانصافيءَ کي عدل سان لائون لنوائي نه سگهندي. جيڪا ٽيڪنالاجي ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، سا ٽيڪنالاجي پنهنجا نَٽَ بولٽ ڍرا ڪرائي کٽاري ٿي پوندي آهي، جيئن تيئن دُرل جو گهر ويجهو ايندو پي ويو مون کي پڪ ٿيندي پئي ويئي ته دُرل خير خوبي سان گهر پهچڻ جي خوشي ۾ چريو ٿي پيو آهي. سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندو، ۽ جمهريون پائيندو.
    دُرل جي گهر پهتس. مائٽ مٽن جو انبوهه هو. مونتي نظر پيس ته نڪ سان گيسيون پائيندي ٻاڏائيندي، “او ايس ايڇ آ، خدا جا نيڪ بندا، مون کي پيشاب نه پيئار.”
    اڳتي وڌي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌم. چيم، “ دُرل، مون ڏانهن ڏس. مان ڦتن ڦٽاڪو آهيان، تنهنجو سنگتي. ياد اٿئي، اسين گڏجي لغڙ اڏائيندا هئاسين، ۽ ڀوريون ڦاسائيندا هئاسين!”
    هٿ ٻڌي ليلائيندي چيائين، “ او ايس ايڇ آ سائين، مان قبول ٿو ڪريان ته اڻويهه سئو ستيتاليهن کان اڄ تائين سنڌ ۾ جيڪي به ڏوهه ٿيا آهن سي مون اڪيلي سر ڪيا آهن. مون کي عدالت ۾ پيش ڪر مان پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريان.”
    مون کيس ڌانڌاڙيندي چيو، “ دُرل، تون ته اڻويهه سئو ستونجاهه ۾ ڄائو هئين، پوءِ تو اڻويهه سئو ستيتاليهن کان وٺي ڏوهه ڪيئن ڪيا آهن!”
    روئيندي چيائين، “ سائين، ارڙهن سئو ستونجاهه ۾ جيڪي ڏوهه ٿيا هئا سي به مون ڪيا هئا. حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان اڳ به جيڪي ڏوهه ٿيا هئا، سي مون ڪيا هئا. مون کي عدالت ۾ پيش ڪيو. مان سڀ ڏوهه قبول ڪريان ٿو.”
    منهن تي چماٽون ۽ ٺونشا لڳڻ ڪري سندس کاٻي اک ڪاري ٿي بند ٿي ويئي هئي. ٻٽي ڏند ڀڳل، ۽ چپ ڦاٽل هئس، ۽ نڪ مان وهي نڪتل رت جو تلاءُ کاڏيءَ کان ٿيندو سندس سيني تي ڄمي ويو هو. مون دُرل کي ڀاڪر پائي ورتو. تڏهن، محسوس ڪيم ته دُرل جا ٻئي هٿ ڀڳل ۽ چچريل هئا. سندس مائٽن ٻڌايو ته دُرل جا ٻئي هٿ کٽ جي پاوَن هيٺان ڏيئي، کٽ تي ڇهه ڏنڊا مشٽنڊا سپاهي ويهي رهيا هئا.
    دُرل جي هڪ ٽنگ ڀڳل هئي. ٻڌايائون ته ٿاڻي جي اڱڻ ۾ بيٺل بڙ جي ٽاريءَ سان دُرل جي هڪ ٽنگ ۾ رسو وجهي لٽڪائي ڇڏيو هئائون. کيس اگهاڙو ڪري ڇڏيو هئائون. کيس هر سوراخ ۾ مرچ وڌا هئائون. دُرل ايڏو ڦتڪيو جو ٽنگ ڀڄي پيس.
    مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. مون کي جڏهن ڪاوڙ ايندي آهي، تڏهن مان آپي مان نڪري ويندو آهيان. ۽، جڏهن مان آپي مان نڪري ويندو آهيان، تڏهن مان ڏاڍو پاپي ٿي ويندو آهيان. پاڻ کي اميتاڀ بچن سمجهڻ لڳندو آهيان. مون تڙتڪڙ ۾ سربستو احوال لکي لفافي ۾ وڌو ۽ سڌو وڃي ايس پي جي آفيس تي پهتس. اندر ميٽنگ پئي هلي. خبر پيئي ته سندس ماتحت ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي گهرايو هئائين، ۽ کانئن امن اَمان جي باري ۾ احوال پئي ورتائين. مون کي سندس آفيس جي ٻاهران ويهاري ڇڏيائون.
    ڪلاڪ ٻن کان پوءِ ميٽنگ ختم ٿي. مون کان سواءِ اَٺ ڏهه ٻيا به سوالي لائين ۾ لڳل هئا. وارو اچڻ تي مان ايس پي صاحب بهادر جي آفيس ۾ داخل ٿيس. مون کي ويهڻ لاءِ نه چيائين. پڇيائين، “ڪير آهين؟ ”
    وراڻيم، “ مان ڦتن ڦٽاڪو آهيان.”
    پڇيائين، “ڇا ڪندو آهين؟”
    چيم، “پڇتائيندو آهيان.”
    پڇيائين، “ڪو ڏوهه ڪيو اٿئي؟”
    وراڻيم، “ها.”
    پڇيائين، “ڪهڙو؟”
    چيم، “هِنَ دنيا ۾ اچڻ جو.”
    ڏاڍي رکي نموني پڇيائين، “ڇو آيو آهين؟”
    لفافي مان ڪاغذ ڪڍي ايس پي جي آڏو رکيم. سربستو احوال پڙهي منهن ڳاڙهو ٿي ويس. ڪرڙي اک سان مون ڏانهن ڏٺائين. مون کي ڊيڄاري ڇڏيائين. پوءِ، انٽر ڪام تي پنهنجي پي اي سان ڳالهائين. چيائين، “ڀنڀٽ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او هيبت علي کي هڪدم اندر موڪل. اتي ئي آفيس ۾ هوندو اڃا.”
    ڪجهه گهڙين ۾ ايس ايڇ او هيبت علي اندر آيو. ڌرتيءَ تي لَتَ سان واڄٽ ڪندي ايس پيءَ کي سيليوٽ هنيائين. ايس پيءَ سندس سلام جو جواب نه ڏنو، ۽ چيو، “مان توکي سسپينڊ ڪيان ٿو.”
    هيبت علي وائڙو ٿي ويو. پڇيائين، “سر، ڇاجي ڪري؟”
    ايس پيءَ پڇيو، “تو دُرل نالي ڪنهن شخص کي شڪ ۾ ٻڌو هو؟”
    ايس ايڇ او هيبت عليءَ چيو، “کيس ڇڏي به ڏنم.”
    ايس پي پڇيو، “تفتيش دوران تو سندس هڪ اک ڪڍي ڇڏي، هڪ تنگ ڀڃي ڇڏي، ۽ چار ڏند ڀڃي ڇڏيا.”
    هيبت ڪجهه ڪجهه گھٻرائجي ويو. مان خوش ٿيس. هيبت عليءَ چيو، “سر، هن ٿاڻي ۾ آپگهات ڪرڻ جي ڪو شش ڪئي هئي.”
    “تون نهايت بيڪار، ۽ اِن ايفيشنٽ آفيسر آهين.” ايس پي سخت لهجي ۾ چيو، “مان جڏهن تو وانگر ٿاڻي جو ايس ايڇ او هوندو هوس، تڏهن تفتيش دوران شڪي ۽ ملزم جون ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيندو هوس. سندن ٻئي ٻانهون ۽ ٻئي ٽنگون ڀڃي ڇڏيندو هوس. سندن ٻٽيهي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هوس.”
    مون آسمان ڏانهن ڏٺو. مون کي ڏينهن ۾ تارا نظر آيا ايس پيءَ چيو، “تون تفتيش دوران شڪيءَ جي جيئن ته فقط هڪ اک ڪڍي فقط هڪ ٽنگ ڀڳي، ۽ فقط چار ڏند ڀڳا، تنهن ڪري اِن ايفيشنسيءَ جي ڪري مان توکي سسپينڊ ڪريان ٿو.”■


      اَڌ ۾ رهجي ويل ڪهاڻي

    نالو عاقل. کيس اِهو نالو سنگتين نه ڏنو هو. کيس اِهو نالو سندس پيءُ مراد ڪاسائي آف گھوٽڪي ۽ سندس ماءُ مراد خاتون آف راڻيپور رياست ڏنو هو. ٻنهي جي شادي روهڙي شريف ۾ ٿي هئي. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن نوازشريف ۽ بابرا شريف اڃا ايجاد نه ٿيا هئا. مراد ڪاسائيءَ ۽ مراد خاتون پنهنجي پهرين ۽ آخري ٻار کي پنو عاقل ۾ جنم ڏنو. نالو رکيائونس، عاقل، جيتوڻيڪ عاقل ۾ عاقلن واري ڪا ڳالهه نه هئي. کلندي، ڳالهائيندي اوچتوئي اوچتو کيس ڪجهه ٿي پوندو هو. هڪدم چپ ٿي ويندو هو. پولار ۾ کيس ڪجهه نظر ايندو هو، جيڪي اسان کي نظر نه ايندو هو. اهڙي ڪيفيت ۾ نه پاڻ ڪنهن سان ڳالهائيندو هو، ۽ نه ئي ڪنهن جي سوال جو جواب ڏيندو هو. عاقل جي ان ڪيفيت جي خبر سڀني کي هئي، ۽ آهي، پر تڏهن به کيس سوالن سان ورائي ويندا هئا. ننڍڙو نيٽو به ناهي. چوونجاهه پنجونجاهه سالن جو آهي.
    مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته عاقل جو ذڪر مان زمان ماضيءَ ۾ ڪريان، يا زمان حال ۾ ڪيان. هو آهي به ۽ نه به آهي. حاضر آهي ته غائب به آهي. پر، عاقل خيال ناهي. عاقل حقيقت آهي. اڄ ڪلهه چرين جي اسپتال ۾ آهي. اِهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو عاقل چرين جي اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي. جيئن عادي ڏوهاري جيل ايندا ويندا رهندا آهن، تيئن عاقل به چرين جي اسپتال ۾ ڪجهه ڪجهه عرصي کان پوءِ داخل ٿيندو آهي، ۽ خارج ٿيندو آهي. اِن ڳالهه کي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. اوهان کي ٻُڌي حيرت ٿيندي ته عاقل يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ پڙهائيندو آهي. هڪ لحاظ کان ڏاڍو خوشنصيب آهي جو حصي ۾ هميشه عالم ۽ قابل وائيس چانسلر آيا اٿس. وائڙي قسم جو وائيس چانسلر مليس ها، ته نو ڪري مان ڪڍندي ويرم نه ڪري ها. کيس گھرگھاٽ، ۽ ماني ڳڀي لاءِ محتاج ڪري ڇڏي ها. گھٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڪينسر جي دوائن کان پوءِ سڀ کان مهانگيون دماغ کي درست ڪرڻ جون دوائون ملنديون آهن، دل جي دوائن کان مهانگيون! مان اڪثر عاقل سان ملڻ لاءِ چرين جي اسپتال ويندو آهيان. ٽيون ڏينهن به ويو هوس. هميشه وانگي ڏاڍيون ڳالهيون ڪيائين. ڪجهه ڳالهيون مونکي سمجهه ۾ آيون، ۽ ڪجهه ڳالهيون مون کي سمجهه ۾ نه آيون. جيڪي ڳالهيون مون کي سمجهه ۾ نه اينديون آهن، مان سولائي سان وساري ڇڏيندو آهيان. جيڪي ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون آهن، سي ياد رکندو آهيان. جنهن جو جواب اسان وٽ نه هوندو آهي. ٽيون ڏينهن ملاقات دوران پڇيائين، “ائين ڇو آهي، جو سڄا چرين جي اسپتال ۾ بند، بجليءَ جا شاڪ لوندڙيءَ تي سهندا آهن، ۽ چريا کريا ميٽنگون ڪري سڄن کي سڌو ڪرڻ لاءِ پاليسيون تيار ڪندا آهن؟”
    مون وٽ ڪو به جواب نه هو. چيم، “اِن سوال جو جواب جيڪڏهن مون وٽ هجي ها ته پوءِ تنهنجي بدران مان چرين جي اسپتال ۾ بند هجان ها، ۽ تون اسان وانگر آزاد گھمندو وتين ها.”
    هڪدم پڇيائين، “ڀولا، تون پاڻ کي آزاد ٿو سمجهين؟”
    ڪجهه ڪجهه تعجب ٿيو. چيم، “مان آزاد آهيان، عاقل.”
    چيائين، “خوشفهميءَ جو شڪار آهين. ڪهڙي بيوقوف توکي ٻڌايو آهي ته تون، مسٽر ڀولا، مجبور ۽ بيوس، آزاد آهين!”
    سوچيم، چري سان ڪهڙو بحث ڪجي! ڳالهه لنوائي ڇڏجي! چيم، “تون ٺيڪ ٿو چوين عاقل. مان مجبور ۽ بيوس آهيان.”
    منهنجين اکين ۾ اکيون وجهندي چيائين، “اِهوئي سبب آهي جو دنيا جي هر مجبور ۽ بيوس انسان وانگر تون پاڻ کي آزاد ٿو سمجهين. جيڪي سچ پچ آزاد هوندا آهن سي چوسولن، چوواٽن ۽ جلسن جلوسن ۾ پنهنجي آزاد هئڻ جو ڍنڍورو نه ڏيندا آهن. آزادي احساس جو نالو آهي. آزادي محسوس ڪبي آهي، وجود جي اندر.”
    عاقل اوچتو چپ ٿي ويو. پولار ۾ نهاريندو رهيو. مون کي خبر هئي ته اهڙي ڪيفيت ۾ هو منهنجي ڪا ڳالهه نه ٻڌندو. منهنجي ڪنهن سوالن جو جواب نه ڏيندو.
    زندگيءَ ۾ انيڪ لاها چاڙها ڏسڻ کان پوءِ مان پوري يقين سان چئي سگھان ٿو ته ڪو عقلمند موجوده دور ۾ آزادي، اظهار جي آزادي، ۽ آزاديءَ جي احساس جهڙيون ڳالهيون ڪري پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ مصيبت کڙي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو. اهو ئي سبب آهي جو سموري سنگت، مائٽن مِٽن، ٻارين ٻچي عاقل کي عقلمند نه سمجهندا آهن.
    عقلمند جي نگاهه سياسي اُٿل پٿل، ۽ هيراڦيري تي هوندي آهي. سندس آڱريون حالتن جي نبض تي هونديون آهن. اُهي دور ڌوڙ ٿيا جڏهن سقراط ۽ يسوع مسيح کان پوءِ ماڻهو حق، سچ، ۽ آزاديءَ لاءِ زهر جو پيالو پيئڻ، ۽ صليب تي لٽڪڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا.
    هڪدفعي اسان عاقل کي چيو هو، “عاقل، حالتون اسان جي ملڪ ۾ ٽيونجاهه سالن کان ڏاڍيون سازگار رهيون آهن. تون جڏهن به چاهين پٿر هڻي پاڙيسريءَ جي دريءَ جو شيشو ٽوڙي سگهي ٿو. چاهين ته سندس مٿو ڦاڙي سگهين ٿو. رستن تي ٽائر ساڙي سگهين ٿو، بسن ۽ ايمبولنسن کي باهيون ڏيئي سگهين ٿو. ڪنهن جي عبادتگاهه ۾ گھڙي گوليون هلائي ٻين کي ماري سگهين ٿو. ايڏي آزاديءَ جو تون ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ تصور به نٿو ڪري سگهين. پر، تڏهن به چوين ٿو ته تون آزاد نه آهين!”
    عاقل وراڻيو هو، “ڀولا، اسين جيستائين دل جي ڳالهه زبان تائين آڻي نه سگهنداسين تيستائين آزاديءَ جو مفهوم سمجهي نه سگهنداسين. ”
    عاقل هر دور ۾ هوندو آهي. هر دور ۾ جنم وٺندو آهي. تمام گهڻو اڳ، شايد هزار سال اڳ عاقل جي گهر ۾ زور آور ڪاهي آيا هئا، ۽ سندس گهر تي قبضو ڪري ويهي رهيا هئا. عاقل جا پٽ، پوٽا، ۽ ڏهٽا اُٿي کڙا ٿيا هئا. عاقل کين روڪيو هو، ۽ چيو هو، “مهمان آهن. ديڳيون چاڙهيو. مال پُلائو تيار ڪريو. کين نچي ڏيکاريو. سندن شان ۾ لکيل شاعري پڙهي ٻڌايو. زور آور پنهنجي مرضيءَ سان ايندا آهن، ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ويندا آهن.”
    پنهجاهه هزار سال اڳ، يا شايد ان کان به اڳ عاقل سمجهي ويو هو ته جيستائين انسان دل جي ڳالهه زبان تي آڻي نه سگهندو آهي، تيستائين آزاديءَ جو مفهوم سمجهي نه سگهندو آهي. عاقل پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏهٽن کي جيڪي ڪجهه چيو، سو سندس دل جو آواز نه هو.■

    2000


      ميچ فڪسنگ

    ميچ فڪسنگ رڳو راندين ۾ ميدان مارڻ لاءِ نه ٿيندي آهي. ميچ فڪسنگ سياست ۾ به ٿيندي آهي. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته نواز شريف جيئن ته ڪرڪيٽ جو ڏاڍو شوقين رانديگر هو. تنهنڪري ميچ فڪسنگ جو ڀرپور فائدو کڻي ڏاڍي عزت ۽ احترام سان ٻارن ٻچن سميت هليو ويو. ويندي ويندي سوين سوٽ ڪيس کڻي ويو. ڏهه ذاتي نوڪر چاڪر به وٺي ويو. نوڪرن چاڪرن ۾ سندس بورچي بيرا، اردِلي، مالشي ۽ کيس زور ڏيڻ وارا شامل هئا. خدا جي نيڪ بندي وٽ دولت جي ڪمي ڪانهي. ٻاهرين بينڪن ۾ جام روڪڙ ڏوڪڙ اٿس. وڃي موج ڪندو. نواز شريف جي باعزت فرار سان ملڪ جو نالو روشن ٿيو آهي، ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي.
    مون نواز شريف کي لاهور جي جمخاني ۾ انيڪ دفعا ڪرڪيٽ کيڏندي ڏٺو هو. ڏاڍي زبردست بيٽنگ ڪندو هو. ڪوَر ڊرائيو، آف ڊرائيو، آن ڊرائيو، هُڪ ۽ گلانس بدران سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ ٻڌائيندس ته نواز شريف ڪهڙي قسم جو بيٽسمين هو. کيڏندو هو ته ڏاڍو متاثر ڪندو هو. کيڏڻ لاءِ پنهنجو انداز پاڻ ٺاهي ورتو هئائين. بال کي ڌڪ کاٻي طرف هڻندو هو ته بال ساڄي طرف هليو ويندو هو. فيلڊر وائڙا ٿي اول کاٻي طرف، ۽ پوءِ ساڄي طرف ڊوڙندا هئا. تيستائين بال بائونڊري پار ڪري ويندو هو. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو بال کي ڌڪ ساڄي طرف هڻندو هو، ۽ بال کاٻي طرف نڪري ويندو هو. وائڙا فيلڊر اول ساڄي، ۽ پوءِ وري کاٻي طرف ڊوڙندا هئا. تيستائين بال بائونڊريءَ کان ٻاهر هليو ويندو هو. جيڪڏهن بال بائونڊريءَ کان ٻاهر نه ويندو هو، ۽ بائونڊريءَکان اورتي بيهي رهندو هو، ته ڪنهن وائڙي فيلڊر جي لت سان بائونڊريءَ کان ٻاهر نڪري ويندو هو، ۽ امپائر ٻانهن لوڏي چوڪي جو اشارو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري ائين به ٿيندو هو جو فيلڊر وزيراعظم کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ اهڙي نموني جهٽيندا هئا جو بال هڪ فيلڊر جي هٿ کان ٻئي فيلڊر جي هٿ ۾، ۽ ٻئي فيلڊر جي هٿ مان نڪري ٽئين فيلڊر جي هٿ ۾، ٽئين فيلڊر کان نڪري بال چوٿين، پنجين، ڇهين فيلڊر جي هٿن مان اُڪو نڪرندو، اُڏامندو، بائونڊريءَ جي مٿان هليو ويندو هو. امپائر ٻئي ٻانهون مٿي ڪري ڇڪي جو اشارو ڪندو هو. اتفاق سان جيڪڏهن بولڊ ٿي پوندو هو ته اُهو بال به اتفاق سان نوبال هوندو هو. امپائر ٻانهن ڊگهي ڪري نوبال جو اشارو ڪندو هو. ڪمال جو بيٽسمين هو. مون کيس ڪڏهن به آئوٽ ٿيندي نه ڏٺو. مرضي پويس ته پنجاهه رنسون ڪرڻ کان پوءِ رٽائر ٿي پويلين ڏانهن موٽي اچي، مرضي ٿيس ته سينچري ڪري ناٽ آئوٽ ٿي موٽي. مرضي جو مالڪ. بي تاج بادشاهه هو.
    نواز شريف بيٽنگ ڪرڻ ايندو هو ته لاهوري اکيون بند ڪري شرطون هڻندا هئا-اڄ وزيراعظم پنجاهه رنسون ڪندو، اڄ وزيراعظم سينچري ڪندو. ڏهن رپين جي شرط عيوض کٽڻ واري کي هزار رپيا ملندا هئا، آءِ ايم ايف جي قرض مان، ڊالرن جي صورت ۾! شرطون نواز شريف جا ويجها دوست، احباب، ۽ مائٽ لڳائيندا هئا، ۽ کٽندا هئا. ڏسنديئي ڏسندي سندس دوست ۽ مائٽ اول لک پتي ۽ پوءِ ڪروڙ پتي ٿي ويا. اِهو سڀ ڪجهه نواز شريف جي زبردست بيٽنگ جو ڪرشمو هو. اصل آئوٽ ئي نه ٿيندو هو. ڪيترائي دفعا کيس پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ کيڏڻ لاءِ عرض ڪيو ويو، پر سرڪاري مصروفيت، ۽ غريب عوام جي خدمت مان کيس وقت ئي نه ملندو هو جو پاڪستان ٽيم لاءِ کيڏي، ۽ جڳ جهان کي پنهنجي بيٽنگ جا جوهر ڏيکاري.
    شرطون راند جو لازمي حصو آهن. فٽبال ميچن تي شرطون لڳنديون آهن. هاڪي ميچن تي شرطون لڳنديون آهن. ڪرڪيٽ ميچن تي شرطون لڳنديون آهن. باڪسنگ تي شرطون لڳنديون آهن. شرط کي پهرين دفعي ميچ فڪسنگ ۾ پنهنجي دور جي زبردست پر پوڙهي باڪسر سني لسٽن بدلايو. شرط ۾ پيسا کٽڻ ۽ پيسا هارائڻ وارن کي هن چيو هو، “شرطون گهوڙن تي لڳنديون آهن، اسين رانديگر گهوڙا ناهيون. شرطن ۾ اسين به حصيدار آهيون.”
    رانديگرن جڏهن شرط کي ميچ فڪسنگ ۾ بدلايو، تڏهن هنن لاءِ هارائڻ لازمي ٿي پيو. سني لسٽن پهرين رائونڊ ۾ نوجوان باڪسر پيٽرسن جو هڪ ٺونشو کائي ڪري پيو، ۽ وري نه اٿيو. گول ڪيپر پيسا کائيءَ ڏاڍي صفائيءَ سان گول کائي ويهندو آهي، ۽ ٽيم جي شڪست جو سبب ٿيندو آهي. ڪرڪيٽ نصيبن جي راند آهي. ڪو به بيٽس مين پيسا وٺي سينچري ٺاهڻ جي هام هڻي ميدان ۾ نه لهندو آهي. سٺي کان سٺي بيٽس مين کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو بالر پيدا ٿي پوندو آهي. بدبخت قسم جو ڪو سٺو بيٽس مين پيسا وٺي، ڪاري ڌن وارن کي آئوٽ ٿيڻ جي پڪ ڏيئي ميدان ۾ لهندو آهي، ۽ پاڻ کي بڇڙَي نموني آئوٽ ڪرائي واپس ورندو آهي.
    پر، نواز شريف کي ته آئوٽ ٿيڻ جي عادت ئي نه هئي. جيڪو بال سندس اسٽم اُڏائي ڇڏيندو آهي، سو بال هميشه نوبال هوندو هو. ڪو به فيلڊر سندس ڪيچ جهٽي نه سگهندو هو. ڪو به فيلڊر بائونڊريءَ ڏانهن ويندڙ سندس بال روڪي نه سگهندو هو. جيڪڏهن ڪو بال بائونڊريءَ پار ڪرڻ کان اڳ بيهي رهندو ته فيلڊر لت هڻي بال کي بائونڊريءَ ٽپائي ڇڏيندو هو. تنهنڪري، ماڻهن کي هڪ ڳالهه جي پڪ آهي، ۽ هڪ ڳالهه جي پڪ نه آهي.
    ماڻهن کي پڪ آهي ته نواز شريف جو عزت ۽ احترام سان فرار زبردست ميچ فڪسنگ جو نتيجو آهي. عربستان جي حڪمران سميت دنيا جي ذري گهٽ سڀني اهم ملڪن جي سربراهن ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. ڪرنل قذافي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڀٽي کي سياسي پناهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. پر، پاڪستان جي ڊڪٽيٽر ڪنهن جي به اپيل ڪٿ نه آندي هئي. ضيا پنهنجي هوڏ تان نه لٿو. ڀٽي کي ڦاهي چاڙهي هن دم پٽيو هو. اِن ڳالهه منجهيل ماڻهن کي وڌيڪ منجهائي وڌو آهي. کين يقين نه ٿو اچي ته نواز شريف کي فقط عربن جي اسرار تي فرار جي اجازت ڏني ويئي آهي. وڏي ميچ فڪسنگ ٿي آهي، جنهن جي خبر اسان جهڙن موڳن کي پئجي نه سگهي آهي.
    ماڻهو حيران آهن ته اهڙي رانديگر تي ڪنهن رقم سيڙائي آهي جنهن سڄي ڄمار پيسا ڏيئي پاڻ کي آئوٽ ٿيڻ کان بچايو هو! اِها ڳالهه مولائين کي سمجهه ۾ نه آئي آهي. ماڻهو حيران آهن ته ڪنهن رقم ڏني، ۽ ڪنهن رقم ورتي! هڪ اهڙي رانديگر لاءِ ميچ فڪسنگ ڇو ڪئي ويئي جنهن جي آئوٽ ٿيڻ سان ميچ جي نتيجي تي ڪنهن به قسم جو اثر نه پوندو! پر، جيڪڏهن پوندو، ته ابتو اثر پوندو.■


    حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب

    حمود الرحمان رپورٽ جو سڀ کان اهم گم ٿي ويل سڄو سمورو باب اصلي حالت ۾ مون وٽ آهي. اِن کان اڳ جو ايجنسين جا ذهين ترين ڪارندا پڇا ڳاڇا لاءِ ڪنهن ڪاري رنگ جي هونڊا اڪارڊ ۾ مون کي کنڀي کڻي وڃن، ۽ پڇا ڳاڇا دوران منهنجو بڻ بنياد ڪڍي ڇڏين ۽ هابيل جي قتل جو مون کان اقرار ڪرائين، مان الله سائين کي حاظر ناظر ڄاڻي واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته حمود الرحمان رپورٽ جو اهم گم ٿيل باب مون کي پاڪستان جي نه ڪنهن دشمن ڏنو آهي، ۽ نه ئي ڪنهن دوست. حمود الرحمان رپورٽ جو اهم باب مون فٽ پاٿ تان ڏيڍ رپئي ۾ خريد ڪيو هو، ۽ هيئين سان هنڊايو هو. هر آچر تي صدر راولپنڊيءَ جي فٽپاٿن تي پراڻن ڪتابن، پراڻن بوٽن، ۽ پراڻن ڪپڙن جون بازارون لڳنديون آهن. مان هر آچر تي صدر راولپنڊي ويندو آهيان، ۽ ڪڏهن ڪو ڪتاب، ۽ ڪڏهن ڪو بوٽ، ۽ ڪڏهن ڪو ڪڇو خريد ڪري ايندو آهيان.
    حياتي ۾ ڪجهه ڪم گڏوگڏ ڪري نه سگهبا آهن. مثال طور، ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ زندگي وقف ڪرڻ ۽ پراڻا ڪتاب، پراڻا بوٽ، ۽ پراڻا ڪڇا خريد ڪرڻ. مون پنهنجي زندگي جيئن ته ڪنهن به نيڪ ڪم لاءِ وقف نه ڪئي آهي، تنهن ڪري مان فٽپاٿن تان پراڻا ڪتاب، پراڻا بوٽ، ۽ پراڻا ڪڇا خريد ڪندو آهيان. جنرل ضياالحق پنهنجي زندگي افغان جهاد ۾ روس کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ لاءِ في سبيل الله وقف ڪري ڇڏي هئي. تنهنڪري مرد مومن حق مرد فٽپاٿن تان پراڻا ڪتاب، پراڻا بوٽ ۽ پراڻا ڪڇا خريد ڪندو هو. جنرل ضياالحق کي جيڪڏهن حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل اهم باب هٿ لڳي ها ته هو ذوالفقار علي ڀٽي کي نه ڪيل خون جي هٿرادو ڏوهه ۾ ڦاسائڻ بدران ملڪ ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ مٿس ڪيس هلائي ها، ۽ سولائي سان کيس ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائي ها. پر، افسوس جو جنرل ضياالحق کي حمود الرحمان رپورٽ جو گم ٿيل باب ملي نه سگهيو. مون کي ملي ويو.
    مان سمجهان ٿو موجوده حڪمرانن کي حمود الرحمان رپورٽ جي گم ٿيل باب جي ڀڻڪ پئجي ويئي آهي. ورنه، ڪو سبب نه هو جو اڻسڌي طرف پاڪستان ٽٽڻ ۽ بنگلاديش جي ٺهڻ جو الزام ذوالفقار علي ڀٽي تي لڳي ها. ٿي سگهي ٿو، حڪمرانن وٽ حمود الرحمان رپورٽ جي گم ٿيل اهم باب جي فوٽو ڪاپي، يا فوٽو ڪاپي جو اڻچٽو نقل هجي، ۽ کين سمجهه ۾ نه آيو هجي. بهرحال، حمود الرحمان رپورٽ جو اصلي گم ٿيل باب مون وٽ آهي. گم ٿي مون کي مليل تاريخي باب ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان ڪئين ٽوڙيو. تنهن جا مڪمل تفصيل ڏنل آهن. اڄ مان انهن تفصيلن مان پڙدو کڻان ٿو.
    پر، ترسو. اِن کان اڳ جو مان پڙدو کڻان، هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري سمجهان ٿو. اخبارن ۾ شايع ٿيل حمود الرحمان رپورٽ اصل ۾ اصلي ۽ مڪمل رپورٽ جو تت آهي، يعني سمري آهي. تنهنڪري مان به اوهان کي رپورٽ جي گم ٿيل باب جا مڪمل تفصيل نه ٻڌائيندس. مان به جسٽس حمود الرحمان رپورٽ وانگر گم ٿيل باب سان جسٽس، يعني انصاف نه ڪندس. مان گم ٿيل باب سان اِن جسٽس ڪندس، ۽ گم ٿيل باب جي اوهان کي فقط سمري، يعني تت ٻڌائيندس. گم ٿيل باب جو تت ڪجهه هيٺين ريت آهي.
    جيئن جدائي جو جبل اوچتو اوچتو، راتو واهه نه ڦاٽندو آهي، بلڪه ورهين کان اندر ئي اندر کامندو ۽ پچندو ۽ ٻرندو رهندو آهي، ۽ پوءِ ڦاٽي پوندو آهي، تيئن ذوالفقار ڀٽي هڪ ڌڪ سان 1971 ۾ پاڪستان ٻه اڌ نه ڪيو هو. پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ هن ورهين لاءِ وڏي چالاڪي سان رٿابندي ڪئي هئي.
    پاڪستان ٺهڻ کان فقط هڪ سال پوءِ، يعني 1948 ۾ مرڪزي حڪومت يڪجهتيءَ جي نالي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي صلاح قبول ڪئي، ۽ بنگالي ٻولي تي بنگال ۾ بندش وجهي ڇڏي. فرمان جاري ڪيائون ته مشرقي پاڪستان ۾ لک پڙهه، ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو ڪم بنگاليءَ بدران اردو ٻوليءَ ۾ ڪيو ويندو. باقي بنگالي ٻولي روز مرهه جي وهنوار ۾ مقامي ٻوليءَ طور استعمال ٿيندي. بنگالي، جن کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان بيپناهه پيار هو. مڇرجي پيا. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ٿي ويون. آفيسن کي تالا لڳي ويا. ڪاروبار ويجهي ويو. بنگالي اديب، شاعر، دانشور، استاد، فنڪار، آرٽسٽ، پينٽر ۽ عام ماڻهو گهر گهاٽ ڇڏي ميدان ۾ نڪري آيا. خوفناڪ ويڙهه هلي، ڊگهي عرصي تائين هلي، جنهن ۾ بيشمار بنگالي مارجي ويا. ٻرندڙ جبل ۾ اندر ئي اندر ڀنڀٽ ٻري پيا. مضبوط مرڪزي حڪومت ڪنبي ويئي. فرمان واپس ورتو ويو. بنگالي ٻوليءَ کي نه فقط بنگال ۾ بلڪه سموري پاڪستان لاءِ قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي چالاڪيءَ سان جدائيءَ جي جبل ۾ دونهي دکائي ڇڏي. ڪنهن کي خبرئي نه پئي ته اِها دونهي ٻاويهن سالن ۾ ٻارڻ ٻاري ڇڏيندي. هڪ سال اندر ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جا بنياد لوڏي ڇڏيا.
    پاڪستان ٺهڻ کان فقط نَوَ سال پوءِ، 1956 ۾ ڀٽي مرڪزي حڪومت کي مجبور ڪيو ته اسيمبلي ۾ بنگالين کي نيچو نوائڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي چئن صوبن سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي ملائي ون يونٽ ٺاهيو وڃي. مضبوط مرڪزي حڪومت چئني صوبن جي حيثيت ختم ڪري، ون يونٽ ٺاهيو ۽ فيڊريشن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. مشرقي پاڪستان جا ماڻهو هر طرح مغربي پاڪستان جي ماڻهن کان وڌيڪ پڙهيل، ذهين، ۽ هوشيار هوندا هئا. فقط مغربي پاڪستان جي ماڻهن وانگر ڏنڊا مشٽنڊا نه هوندا هئا. هو مضبوط مرڪز جي چالاڪي سمجهي ويا. مشرقي پاڪستان کان اڳ ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ بغاوت ٿي. جدائيءَ جي جبل ۾ باهه ڀنڀٽ ڪري ٻري پيئي. ون يونٽ خلاف ايڏي زبردست ويڙهه هلي جو ملڪ ڊانوان ڊول ٿي ويو. اِهو هو ذوالفقار علي ڀٽي جو پاڪستان کي ٻه اڌ ڪرڻ وارو ٻيو ڌڪ.
    ڀٽي کي خبر هئي ته مشرقي پاڪستان خلاف مغربي پاڪستان جي چئني صوبن جو متحده محاذ، يعني ون يونٽ ملڪ ٽوڙي وجهندو. پر ون يونٽ خلاف سنڌ ۽ بنگال ۾ بغاوت جي شدت ڏسي ذوالفقار علي ڀٽو سوچ ۾ پئجي ويو. ذهين ۽ چالاڪ هو. ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ هن جنرل ايوب خان کي ملڪ تي قبضو ڪري مارشل لا لڳائڻ جي ترڪيب ڏني. ائين، ڀٽي جي چوڻ تي 1958۾ پاڪستان ۾ پهرين مارشل لا لڳي، جنهن اڳتي هلي جدائيءَ جي جبل کي ڦاٽڻ تي مجبور ڪيو.
    گم ٿيل باب ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته جنرل نيازي ۽ سندس بهادر ساٿي ڪنهن به قيمت تي هندستاني فوج جي جنرل اروڙا آڏو پيش پوَڻ لاءِ تيار نه هئا. بلڪه جامِ شهادت نوش ڪرڻ لاءِ ٿيار هئا. پر، ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي جنرل نيازي ۽ سندس ساٿين هٿيار ڦٽا ڪيا، ۽ جنرل اروڙا آڏو پيش پيا. اهڙي نموني ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ٻه اَڌ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.■


      جادوگرن جو شهر

    اسان واري پاڪ، صاف، ۽ نيڪ بختن جي ملڪ ۾ انيڪ جادوگر ٿي گذريا آهن. انهن جادوگرن ۾ هاسا نند جادوگر جو نالو شامل ناهي. هاسانند جادوگر هندستان جي ٽٽڻ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واري اَڻ آرين جي دور جو جادوگر هو. ڪڏهن ڪنڊياري ۾، ۽ ڪڏهن ٺارو شاهه ۾ نظر ايندو. مرضي پويس ته نظر نه ايندو هو. اصل ۾ روهڙيءَ جو رهاڪو هو، پر پوءِ وڃي رتوديرو وسايائين. گهڻو ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪرتب ڏيکاري ماڻهن کي وائڙو، بلڪه اَڌ چريو ڪري ڇڏيندو هو. ڳيري کي باز، ۽ باز کي ڳيرو ڪري وجهندو هو. سيتاڦل کي گدرو ۽ گدري کي سيتاڦل ڪري سگهندو هو. ٻٻرن کي ٻير، ٻيرن کي ٻٻر ڪري ڇڏيندو هو.
    مون کي ياد ناهي ته هاسانند جادوگر هندستان جي ٽٽڻ ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ گذاري ويو هو، يا پوءِ گذاري ويو هو. مرضيءَ جو مالڪ هو. جڏهن وڻيس، الوپ ٿي سگهندو هو. مان سمجهان ٿو، هندستان جي ٽٽڻ کان ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يا پوءِ هاسانند جادوگر گذاري نه ويو هو. هاسانند جادوگر يا ته ديهانت ڪري ويو هو، يا سرڳواسي ٿي ويو هو. گذاري نه ويو هو. اِن ڳالهه جي مون کي پڪ آهي. پر، مون کي اِن ڳالهه جي پڪ ڪونهي ته هندستان جي ٽٽڻ ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ هاسانند جادوگر هجرت ڪري هندستان هليو ويو هو، يا پاڪستان ۾ رهي پيو هو. هاسانند جادوگر پاڪستان ۾ رهي پيو هو، يا نه رهي پيو هو، ان ڳالهه جي به مون کي پڪ ڪونهي. مون کي هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته هاسانند جادوگر جيڪڏهن هندستان هليو ويو هو ته پوءِ هن هجرت نه ڪئي هوندي. هو هندستان ڏانهن لڏي ويو هو. هجرت فقط هندستان مان پاڪستان لڏي ايندڙ ڪندا آهن. انسانن جي وچ ۾ سنڌا مون نه کنيا آهن. جن کنيا آهن سي ڄاڻن، انهن جون تشهيرون، انهن جا محاورا ڄاڻن. اسين اکرن کان اڻڄاڻ، اسان کي ڪهڙي خبر ته هاسانند جادوگر گذاري ويو هو، يا وري سرڳواسي ٿي پيو هو. اسان اَڌ اکرين لاءِ ايترو ڄاڻڻ ڪافي آهي ته هاسانند جادوگر هن جڳ مان هليو ويو هو. پٺيان ڇڏي ويو پنهنجي ياد.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان وڏا وڏا، اجگر جيڏا جادوگر ڏٺا. سندن ڪرتب ۽ ڪارناما ڏسي اسان واري ٽهيءَ مان ڪجهه چريا، ڪجهه کريا، ۽ ڪجهه وائڙا ٿي ويهي رهيا. ڪجهه الهلوڪ ٿي پيا. جادوگرن شينهن کي گاهه کارايو، ۽ ٻڪريءَ کي شامي ڪباب هنن باز کي ڳيرو ۽ ڳيري کي باز ڪري ڏيکاريو. سگريٽ جو ڪش هڻي دونهون ڪنن مان ڪڍيائون. هٿ ۾ هميشه دوربين هوندي هئن. دوربين مان جڏهن به ڏسندا هئا، پاڪستان کين نازڪ ترين دور مان گذرندي نظر ايندو هو. اُها دوربين جادوگرن کي ورثي ۾ ملي هئي، جيڪا نسل در نسل ٽيونجاهه سالن کان جادوگرن جي هٿ ۾ رهي آهي، جنهن مان کين هميشه پاڪستان پنهنجي تاريخ جي نازڪ ترين دور مان گذرندي نظر ايندو آهي. اُها دوربين نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت جنرل ضياالحق کي به هٿ چڙهي ويئي هئي. هو ڏاڍو دور انديش حڪمران هو. هن کي دوربين مان نه فقط پاڪستان پنهنجي نازڪ دور مان گذرندي نظر آيو، کيس اسلام به خطر ۾ نظر آيو. هن هڪدم پاڪستان جي مسلمانن کي ٻيهر مسلمان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فيصلي تي عمل ڪرڻ کان اڳ هو هرڪيوليس هٿان مارجي ويو.
    پاڪستان جي حيرت انگيز ۽ سحر انگيز تاريخ ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان پهريون حڪمران هو جنهن جادوگرن لاءِ نئون ۽ نويڪلو شهر اسلام آباد تعمير ڪرايو. ايوب خان اسلام آباد ۾ ئي هو ته کيس دوربين مان پاڪستان پنهنجي تاريخ ۾ نازڪ دور مان گذرندي نظر آيو هو. ڏاڍو پريشان ٿيو. درِد وندي دل جو مالڪ هو. پاڪستان کي نازڪ ترين دور مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت جون واڳون مجبور ٿي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين. تڏهن پاڪستان کي وجود ۾ آئي يارهن سال مس ٿيا هئا. هو سوچ ۾ پئجي ويو ته پاڪستان کي هلائڻ لاءِ ڪهڙو نظام ڏجي. نظام ڏجي به، يا نه ڏجي. يا پهرين يارهن سالن وانگر بنان ڪنهن نظام جي ملڪ کي هلڻ ڏجي! ڏاڍو سوچيندو هو. سڄي سڄي رات جاڳندو هو، دريءَ مان مٿو ڪڍي تارا ڳڻيندو هو. نيٺ سڄي ملڪ کي اسي هزار يونين ڪائونسلن ۾ ورهائي ڏهه سال حڪومت ڪيائين، ۽ پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيائين. سندس وڃڻ کان فقط ٽي سال پوءِ پاڪستان ٻه اڌ ٿي پيو.
    جسٽس حمود الرحمان جي رپورٽ ۾ ڪٿي به فيلڊ مارشل ايوب خان جي بنيادي جمهوريتن، ۽ سندس ڏهن سالن واري مارشل لا جو ذڪر ڪيل نه آهي. بنگالي ايوب خان جي مارشل لا مان ڏاڍا خوش هئا. ايوب خان کي هٿ کڻي دعائون ڏيندا هئا. اُهي ڪي ٻيا سبب هئا، جنهن جي ڪري پاڪستان، مشرقي پاڪستان ۾ جنگ هارائي، ۽ ملڪ ٽٽي ويو. مُلڪ جي ٽٽڻ ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان جي مارشل لا، ۽ اسي هزار ٽڪرن ۾ ملڪ کي ورهائڻ واري عمل جو ڪو دخل نه هو.
    اسلام آباد جادوگرن ۽ گُرگن جو شهر آهي. سڄي جڳ جهان مان چونڊ جادوگر اسلام آباد پهچي ويا آهن. هنن حاڪمن کي کوجنا کان پوءِ صلاح ڏني آهي ته فيلڊ مارشل ايوب خان واري غلطي ڪڏهن نه ڪجي. ملڪ کي ڪنهن به قيمت تي اسي هزار يونٽن ۾ نه ورهائجي. اسي هزارن بدران هن دفعي اڌ رهجي ويل پاڪستان کي ٻه لک پنجويهه هزار يونٽن ۾ ورهائجي، ۽ نئين سر جمهوريت جو ٻج پوکجي. جيڪي ماڻهو پڇن ٿا ته اڌ صديءَ کان مٿي عرصو گذري وڃڻ باوجود ڇو پاڪستان ۾ اڃا تائين جمهوريت اُسري نه سگهي آهي، سي ماڻهو پاڪستان ۽ جمهوريت جا دشمن آهن. کين ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي.
    انتظار ڪريو ايندڙ وقت جو، جنهن جي اچڻ سان پاڪستان جمهوري ملڪن ۾ سڀني کان اڳتي نڪري ويندو. قرض جا طوق لهي ويندا. تعليم کي اوليت نصيب ٿيندي. علم ۽ آگاهيءَ جي روشني گمراهيءَ جي اونداهي تي غالب ايندي. روزگار جا در کلي پوندا. غربت جو خاتمو ٿيندو، ۽ خوشحاليءَ جو دور ايندو. رُڳو انتظار ڪريو، عزيز هم وطنو- انتظار ڪريو.■


      موڳو مٽر

    هو ٺهڪي ٺڪي اوچتو سڀني جي سامهون اچي بيٺو. ڪنهنجو ڏٺل نه هو. پر، الاءِ ڇو هو مون کي ڏٺل ڏٺل لڳو. مون پنهنجي وائڙي مغز سان سوچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر مون کي ياد نه آيو ته اڳ مون کيس ڪٿي ڏٺوهو. الاءِ ڪٿان آيو هو. اچڻ شرط هو ڪنگال ڪالونيءَ ۾ هڪ دڙي تي چڙهي بيٺو. پنهنجي شڪل شبيهه ۽ ويس وڳي سان اسان ڪنگلن کي وائڙو ڪري ڇڏيائين. عورتن، مردن، ۽ ٻارن جي انبوهه ڏانهن ڏٺائين. چيائين، “ مان اوهان جي زندگي بدلي ڇڏيندس. مان ڪنگال ڪالونيءَ ۾ کوهه کوٽائيندس، وڻ پوکائيندس. اسڪول ۽ اسپتالون کولائيندس، بجلي ۽ گيس آڻيندس. ڪنگال ڪالونيءَ جا رستا، ۽ گهٽيون پڪيون ڪرائيندس. مان اوهان جي زندگي بدلائي ڇڏيندس.”
    اسين کيس چپ چاپ ٻڌندا رهياسين. چيائين، “ وڏا ڪي مجهول آهيو. تاڙيون وڄايو.”
    اسان سڀني، عورتن، مردن ۽ ٻارن زور زور سان تاڙيون وڄايون. ابراهيم پوڙهي مون کي ڪن ۾ چيو، “ مون انيڪ همراهن کي دڙيءَ تي چڙهي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. هو هليا ويا آهن. اسين رهجي ويا آهيون.”
    ابراهيم پوڙهي کان پڇيم، “ ڏاڏا، تون سڃاڻينس.”
    وراڻيائين، “نه.”
    چيم، “ مون کي الاءِ ڇو ڏٺل ڏٺل ٿو لڳي.”
    ابراهيم پوڙهي چيو، “ دڙي تي چڙهي ڳالهائيندڙ هڪ جهڙا لڳندا آهن.”
    مون کي ابراهيم پوڙهي جي ڳالهه دل سان لڳي. وائڙي مغز منهنجو ساٿ نه پئي ڏنو، پر هو مون کي ڏٺل ڏٺل پئي لڳو. مون کي پڪ ٿيندي پئي ويئي ته مون کيس ڏٺو آهي. ضرور ڪٿي نه ڪٿي ڏٺو آهي. دڙي تي چڙهي بيهڻ کان پوءِ هو ڏاڍو قداور پئي لڳو. هن انبوهه ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، “ مان اوهان جي زندگي ۾ انقلاب آڻيندس. اوهان کي روزگار ۽ گهر ڏيندس. اوهان فقط رات ۾ تارا ڏٺا آهن. مان اوهان کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاريندس.”
    عورتون، مرد ۽ ٻار خاموشيءَ سان ڄاڙي لٽڪائي ڏانهس ڏسندا رهيا. هن انبوهه تي نظر وڌي، ۽ چيو، تاڙيون وڄايو.“
    ماڻهن تاڙيون وڄايون. هن انبوهه کان پڇيو، “ اوهان ڪڏهن راڳ ڳايو آهي؟”
    انبوهه انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هن چيو، “ مان اوهان کي راڳ درٻاري ڳائڻ سيکاريندس.”
    ماڻهن پنهنجي ساءِ زور زور سان تاڙيون وڄايون. هن هٿ مٿي ڪندي چيو، “مان اوهان لاءِ سڀ ڪجهه ڪندس اوهان جا ڏک سور دور ڪندس”.
    انبوهه وري پنهنجي ساءِ زور زور سان تاڙيون وڄايون. هو ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين، “ اوهان مون کي خوش ڪيو آهي. مان اوهان کي خوش ڪندس.”
    هڪ عورت پنهنجي پٽ کي وٺي دڙي وٽ آئي. ٻاڏائيندي چيائين، “منهنجو پٽ اڳ ڳالهائيندو هو. مان سمجهان ٿي ته هي ڊڄي ويو آهي. ڳالهائڻ بند ٿي ويو اٿس.”
    هن عورت ۽ عورت جي پنجن سالن جي پٽ ڏانهن غور سان ڏسندي پڇيو، “ اڳ ڇا ڳالهائيندو هو؟”
    عورت وراڻيو، “ جيڪي وڻندو هوس، ويٺو ڳالهائيندو هو.”
    دڙي تان ٻار ۽ ٻار جي ماءُ ڏانهن ڏسندي هن چيو، “ اظهار جي آزاديءَ جو مطلب اهو ناهي ته تنهنجي پٽ کي جيڪو وڻي ڳالهائيندو وتي. کيس لغام جي ضرورت هئي. کيس لغام ڏنو ويو آهي.”
    تاڙين جي آواز ۾ هو دڙي تان هيٺ لهي آيو. مان واٽ ڪندو وٽس پهتس. کيس ويجهڙائيءَ کان ڏٺم ته هو مون کي وڌيڪ ڏٺل ڏٺل لڳو. پر، مون کي ياد نه پئي آيو ته هو ڪير هو، ۽ مون کيس ڪٿي ڏٺو هو. عرض ڪندي کانئس پڇيم، “ سائين، اوهين سڀ ڪجهه ڪري سگهندا آهيو؟”
    هن غور سان مون ڏانهن ڏٺو، ۽ وراڻيو، “ ها، مان سڀ ڪجهه ڪري سگهندو آهيان. وڻ پوکائڻ ۽ کوهه کوٽائڻ کان وٺي، غريبن کي امير، ۽ بيمارن کي شفا ڏيڻ جهڙا ڪم ڪري سگهندو آهيان. تنهنجو ڪهڙو مسئلو آهي.”
    چيم، “ مون کي لڳي ٿو، مون اوهان کي اڳ به ڏٺو آهي: پر ڪٿي، مون کي ياد نه ٿو اچي.”
    هن مون ڏانهن اهڙي نموني ڏٺو ڄڻ منهنجي ڳالهه نه وڻي هجيس. پڇيائين، “ تون ڇا ڪندو آهين؟”
    وراڻيم، “ اهو ئي ڪم ڪندو آهيان، جيڪو ڪم ڪنگال ڪالوني جا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن.”
    ڪجهه تعجب ٿيس. پڇيائين، “ ڪنگال ڪالونيءَ جا ٻيا ماڻهو ڇا ڪندا آهن؟”
    چيم، “ انتظار ڪندا آهن.”
    پڇيائين، “ ڇا جو انتظار؟”
    وراڻيم، “ خوابن جي تعبير جو انتظار.”
    چيائين، “ مان اچي ويو آهيان نه! مان اوهان جي خوابن کي تعبير ڏيندس.”
    چيم، “ خبر اٿئي ته اسان جا خواب ڪهڙا آهن؟”
    هڪدم وراڻيائين، “ مون کي خبر آهي ته تو جهڙن جي مٿي ۾ ڪهڙي قسم جا خواب هوندا آهن.”
    حيران ٿيم. چيم، “ تون ماڻهو آهين، يا جادوگر آهين؟”
    مون کي چتائي ڏٺائين. چيائين، “ مان چاهيان ته توکي ماڻهوءَ مان سيهڙ ڪري ڇڏيان.”
    ابراهيم پوڙهو وچ ۾ پيو. هٿ ٻڌندي چيائين، “ سائين، ائين نه ڪجو. هيءُ هونءَ ئي ويٺي ويٺي ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پوندو آهي. هن کي سيهڙ نه ڪجو.”
    هو مون ڏانهن وڌي آيو. ماڻهو ڊڄي، پري ٿي بيٺا. مون پنهنجي وجود ۾ فنا ڪندڙ ڊپ محسوس ڪيو. مون کي لڳو، مان بيٺي بيٺي ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پوندس. مان معاشري، ۽ معاشري جي مالڪن کان ڏاڍو ڊنل آهيان. هو منهنجي سامهون اچي بيٺو. مان کانئس پري ٿي بيٺس. پڇيائين، “ تون ڪير آهين؟”
    وراڻيم، “ مان مٽر آهيان.”
    پڇيائين، “ رڳو مٽر، يا موڳو مٽر؟”
    چيم، “ مان مٽر آهيان. منهنجي پيءُ جو نالو موڳو آهي.”
    هو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ويندي ويندي چيائين، “ مان به چوان ته تون مون کي سڃاتل سڃاتل ڇو ٿو لڳين! ته تون ئي موڳي جو پٽ مٽر آهين!” هن مون کي سڃاتو. مون هن کي نه سڃاتو.■


      جهونن جو جهان

    اسين پوڙها، ٺوڙها، ڪجهه ٻوڙا، اڌ مغزي جهونا ٻن سالن ۾ ٻه دفعا سرڪار سڳوريءَ جا ٻه اعلان ٻڌي گدگد ٿياسين، خوش ٿياسين. اسان پاڪستان ۾ انيڪ سرڪارون اڳئين ۽ پوئين در کان ايندي ۽ ويندي ڏٺيون، پر ڪنهن به سرڪار اسان جهونن جي سار نه لڌي. گذريل ٻن سالن ۾ ڪو معجزو ٿيو جنهن جي باري ۾ اسان اڌ مغزي پوڙهن کي ڪا خبر ڪونهي. گذريل ٻن سالن ۾ ٻن سرڪارن ٻه دفعا اسان جهونن جي سار لڌي. اسان لاءِ حيرت انگيز مرعاتن جو اعلان ڪري اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ جيئري اسان جي روح کي خوش ڪري ڇڏيو. سلام آهي اسان پوڙهن جو ٻنهي، حاضر ۽ غائب سرڪارن کي.
    خبر ملي آهي ته مرعاتن جي اصلي مسودي ۾ اسان جي ڪفن دفن جو ڪم سرڪار پنهنجي ذمي ڪيو هو. پر، هڪڙي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي مداخلت سبب سرڪار اسان جي ڪفن دفن مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. جوائنٽ سيڪريٽريءَ اهو چئي سرڪار کان اسان جي ڪفن دفن تان هٿ کڻايو ته سائنسدانن، انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن سان گڏ وڏي تعداد ۾ گورڪن مُلڪ مان لڏي ويا آهن. کين آمريڪا، ڪينيڊا، ۽ آسٽريليا ۾ قبرن کوٽڻ جو ڪم وڏي اجرت تي ملي ويو آهي. پاڪستان ۾ ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ ( خاص ڪري سنڌ ۾ ) قبرون کوٽڻ کان فرصت ناهي. تنهنڪري پوڙهن جي ڪفن دفن ۾ هٿ نه وجهو. کين بي گورو ڪفن مرڻ ڏيو، ۽ باقي ڪم ڳجهن تي ڇڏي ڏيو. هونءَ به گورڪنن کي پگهارڏيڻ لاءِ سرڪار وٽ ٽڪو به ناهي.
    قابل جوائنٽ سيڪريٽريءَ سرڪار کي صلاح ڏيندي اهو به چيو ته سرڪار جيڪڏهن پوڙهن جي ڪفن ۽ دفن ۾ هٿ وڌو ته سڀُ کان اڳ سرڪار کي پوڙهن جي پٽن ۽ پوٽن جي ڪفن جو بندوبست ڪرڻو پوندو، جيڪي بيروزگاريءَ ۽ بک سبب روزانو آپگهات ڪري رهيا آهن. سرڪار کين روزگار ته ڏيئي نه سگهي آهي، سندن ڪفن دفن جو بندوبست ڪٿان ڪندي! ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏل آهي. تنهنڪري، ڪفن دفن جي ڪم ۾ هٿ نه وجهو. انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو فڪر ڪريو. ٽيڪنالاجيءَ کي روڪي نه ٿو سگهجي، ڇو ته ٽيڪنالاجي ٻين جي وس ۾ آهي. باقي انفرميشن اسان جي وس ۾ آهي، جنهن کي روڪي سگهجي ٿو. بلڪه انفرميشن جو ساهه نيپوڙي سگهجي ٿو.
    اسان پوڙهن في الحال مرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان وڏي تعداد ۾ هيءُ ملڪ ۽ هيءُ دنيا ڇڏي وڃي رهيا آهن. اسان به مري وينداسين ته پوءِ قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي ووٽ ڪير ڏيندو! ۽ جمهوريت ڪيئن ايندي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته حاڪم ويچارا ڪنهن تي حڪومت ڪندا، ۽ ڪنهن تي حڪم هلائيندا! هر ملڪ لاءِ هڪ حڪومت هوندي آهي. حڪومت لاءِ ٻه عنصر لازمي آهن. هڪڙا حاڪم، ۽ ٻيا محڪوم. اسين پوڙها جيئرو رهنداسين، ۽ جمهوريت کي موٽائي وٺي اچڻ ۾ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪنداسين.
    ٻن سالن ۾ ٻن حڪومتن پاران اسان جي جهونن لاءِ مرعاتن جا ٻه اعلان ٻڌي اسين پوڙها، ٺوڙها، ۽ ڪجهه ٻوڙا ڏاڍو خوش ٿياسين. هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملياسين. هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون سين. مٺائين جا دونا ورهاياسين. جان محمد جن مون کي کائڻ لاءِ لڏون ڏنو. لڏون وات تائين آڻي مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس. جان محمد جن چيو، “ ماستر، سوچين ڇا پيو، کائي ڇڏي لڏون آهي. بم ناهي.”
    چيم، “ يار، مون کي مٺن پيشابن جو مرض آهي.”
    هڪدم چيائين، “ تنهنجي وجود جي ڪنهن به شيءِ جي مٺي ٿيڻ جو امڪان ناهي. ياد اٿئي، هڪدفعي وڇونءَ توکي ڏنگ هنيو هو، پر توکي ڪجهه نه ٿيوهو، ۽ وڇون مري ويو هو! سوچ نه. لڏون کائي ڇڏ.” چيم، “ ڊپ ٿو ٿئي.”
    چيائين، “ ماستر، ورهين کان تو پينشن لاءِ ڌڪا کاڌا آهن، ٿاٻا کاڌا آهن. تعليم کاتي جي ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کان وٺي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن تائين سڀني جا دڙڪا کاڌا آهن، پر تڏهن به تون جيئرو آهين. لڏون کائي ڇڏ. نه مرندين.”
    مون لڏون کائي ڇڏيو.
    جيئند درزيءَ اڌ ڊزن لڏون کائي ڇڏيا. سُٿڻ سان هٿ اگهي اٿي بيٺو. چيائين، “ داخلا في اسان تان معاف ڪري ڇڏي اٿائون. مان وڃان ٿو سرڪاري باغيچن ۾ ڀولا ڏسڻ.”
    جان محمد جن چيو، “ ڪمزور آهين. اجايو پنڌ ڇو ٿو ڪرين. اسان سڀني کي ڏسي ڇڏ. اسين ڀولن کان گهٽ آهيون ڇا!”
    مون جان محمد جن کي چيو، “ تون نه سڌرندين.”
    هڪدم وراڻيايائين، “ سڌرڻ لاءِ باقي ڇا وڃي بچيو آهي؟”
    جان محمد جن جهڙو ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ هو، تهڙو ٻڍاپي ۾ آهي. اصل نه سڌريو آهي. اهڙي جو اهڙو آهي. جوانيءَ ۾ دوستن کي لکي در وٽ ملڻ جو سڏ ڏيئيءَ پاڻ وڃي هاٿي در وٽ بيهندو هو. رٽائر ٿيو ته اسٽاف کان فيئر ويل پارٽي نه ورتائين. پينشن ملڻ ۾ پنج سال لڳس، پر اعليٰ عملدارن کي منٿ ميڙ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن آفيس نه ويو. فقط اخبارن ۾ خط لکندو هو. پنجن سالن کان پوءِ پينشن مليس ته اسٽاف کي پاڻ فيئر ويل پارٽي ڏنائين. پنهنجي تقرير ۾ چيائين، اڄ اوهان سڀني کان مون پنهنجي جند ڇڏائي آهي.
    چاريئي پٽ پڙهي ڪڙهي وڏا ٿيس. نوڪرين سان لڳا. شاديون ڪيائون. وڃي پنهنجو پنهنجو گهر وسايائون. جان محمد جن کي اڪيلو ڇڏي ڏنائون. جان محمد جن اوڙي پاڙي ۾ مٺائي ورهائي. ايندي ويندي کي چيائين: مون پنهنجو فرض پورو ڪيو. هنن پنهنجو فرض پورو ڪيو.
    جان محمد جن اڪيلو رهندو آهي. بيمار ٿيندو آهي ته خيراتي اسپتال جي وارڊ وڃي داخل ٿيندو آهي. چپ چپ رهندو آهي. پر، اسان دوستن سان ملندو آهي ته ڏاڍي بڪ ڪندو آهي. مان سمجهان ٿو. بيرحم حالتن خلاف اِهو جان محمد جن جو احتجاج آهي. پوڙهن لاءِ حيرت انگيز مرعاتن جي خبر ٻڌي جان محمد جن چيو، “ يار، سرڪار سڳوريءَ اسان جهونن لاءِ ڀاڙا اڌ ڪري ڇڏيا آهن. مريد علي مسافر ڪٿي آهي؟ کيس مدهو بالا سان ملڻ جو جنون هو. هلو ته کيس اڌ ٽڪيٽ ۾ بمبئي روانو ڪري اچون. جوانيءَ ۾ مدهو بالا سان ملي نه سگهيو، گهٽ ۾ گهٽ سندس قبر تي گلن جي چادر ته چاڙهي اچي. ڪا هڪ حسرت ته پوري ٿئيس.”
    اسين سڀئي جهوني شاعر مريد علي مسافر جي ڀڳل ٽٽل گهر ۾ داخل ٿياسين. خبر پيئي ته بيمار هو. واڻ جي ڇڳل کٽ تي پيو هو. جان محمد جن کيس چيو، “ مسافر، مدهو بالا جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهڻ لاءِ اسان توکي اڌ ڀاڙي ۾ بمبئي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اٿي، سفر جي تياري ڪر.”
    مسافر اڌ کليل اکين سان اسان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، “ مون بنا ٽڪيٽ سفر جي تياري ڪري ڇڏي آهي. هليو ويندس. اتي پهچي پنهنجين اکين سان مدهو بالا کي ڏسندس.” مسافر اکيون بند ڪري ڇڏيون.■


    زوزاٽ ڪوسو ڪير آهي؟

    “يار بودلا، مون کي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ.”
    “ توکي ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ ٺمري کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.”
    “مونکي ٺمري نه ٻڌائجانءِ، بودلا. اهڙي غلطي ڪڏهن نه ڪجانءِ.”
    “ ڀلا راڳ درٻاري ٻڌايانءِ؟ هر دور جي مغل اعظمن جو پسنديده راڳ آهي.”
    “ اجايو منهنجي هٿان مارجي ويندين، بودلا. مان پڪي راڳ جو دشمن آهيان.”
    “ ته پوءِ توکي ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به ڪونهي.”
    “ مونکي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو آهي.”
    “ڪهڙي غلطي؟”
    “ مان گرامر ۾ ڏِڏُ آهيان. مونکي توکان ڪجهه ٻُڌڻو ناهي. مون کي توکان ڪجهه پڇڻو آهي.”
    “ پڇ، ڇا ٿو پڇڻ چاهين.”
    “ شهر وڃڻ جي تيارين ۾ آهين نه؟”
    “ها، آهيان.”
    “ زوزاٽ ڪوسو جو نالو ٻڌو اٿئي؟”
    “نه.”
    “ اڙي، زوزاٽ ڪوسو جو نالو نه ٻڌو اٿئي، بودلا!”
    “ تنهنجو مائٽ آهي ڇا؟”
    “ اوه بودلا! تون ڏاڍو جاهل ۽ اڻپڙهيل آهين.”
    “ ائين نه چئهءُ گِدو. ٽنڊي ڄام وارا کچڻي ڪري ڇڏينديءِ. مان ايگريڪلچرل سائنس ۾ ايم ايس سي ڪئي آهي.”
    “پر، توکي زوزاٽ ڪوسو جي باري ۾ ڪا خبر ڪونهي. تون شهر وڃي ڇا ڪندين؟”
    “مون وٽ ٽي ايڪڙ زمين آهي. هڪ ايڪڙ تي ڀاڄيون پوکيندو آهيان. هڪ ايڪڙ تي پولٽري فارم آهي. هڪ ايڪڙ تي ڇيلا ۽ ٻڪريون پاليندو آهيان. پنهنجي پيداوار شهر وڃي وڪڻندو آهيان.”
    “پر، توکي ته زوزاٽ ڪوسو جي باري ۾ ڪا خبر ڪونهي شهر ۾ تنهنجو ڪم ڪيئن هلندو!”
    “گذريل هفتي ته ٺيڪ هليو هو.”
    “اسان ٻنهي ۾ ڪميونيڪيشن گيپ آهي. تون زمان ماضيءَ جي ڳالهه پيو ڪرين. مان زمان حال جي ڳالهه پيو ڪريان.”
    “گذريل هفتي ۾ شهر ۾ ڪو انقلاب آيو آهي ڇا؟”
    “تون هڪ هفتي جي ڳالهه پيو ڪرين بودلا، هر ايندڙ گهڙي سان گڏ هڪ انقلاب ايندو آهي، گذريل گهڙيءَ ۾ آيل انقلاب جي جاءِ والاريندو آهي.”
    “ مار گدو! وڏي فلسفي واري ڳالهه ڪئي اٿئي.”
    “ منهنجي ڳالهه نه ڪر. پنهنجي ڳالهه ڪر. توکي زوزاٽ ڪوسي جي باري ۾ خبر ڪونهي. تون شهر وڃي ڇا ڪندين!”.
    “ زوزاٽ ڪوسي شهر تي قبضو ڪري ورتو آهي ڇا؟”
    “ ذهنن تي ٿيل قبضو شهرن تي ٿيل قبضي کان وڌيڪ جڪڙيندو آهي.”
    “تون ته سچ پچ فلاسافر ٿي پيو آهين، گدو.”
    “ادا، مون ڌوڙ منهن ۾ پاتي آهي. پر، تون شهر وڃي ڇا ڪندين، بودلا ؟ ڪهڙا اَڪ ڪارا ڪندين؟”
    “ڪجهه ڀاڄيون وڪڻندس. ڪجهه ڪڪڙيون وڪڻندس. هڪ ٻه ڇيلا وڪڻندس. سرڪاري ذلت بدران عزت جي روزي ڪمائيندس.”
    “پر، توکي ته زوزاٽ ڪوسي جي باري ۾ ڪا به خبر ڪونهي شهر وارا توکي ڪيئن قبول ڪندا؟”
    “مان ڀاڄيون وڪڻي موٽي ايندس. شهر وارن کي اصل نه ٻڌائيندس ته زوزاٽ ڪوسي جي باري ۾ مون کي ڪا به خبر ڪونهي.”
    “ائين تنهنجو ڪم نه هلندو. بودلا. شهر وارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ توکي چوٽ چڙهي ٻڌائڻو پوندو ته زوزاٽ ڪوسو ڪير آهي، ڇا ڪندو آهي، ڪٿي جو رهاڪو آهي، ۽ انڊر ويئر ۽ جوراب ڪهڙي رنگ جا پائيندو آهي.”
    “ ترس، گدو ترس. تون ڪٿي اُن جڳ مشهور آرٽسٽ جي ڳالهه ته نه پيو ڪرين جنهن هڪ اهڙي ڍڳي جي تصوير ٺاهي هئي، جنهن جو پُڇ نرڙ تي، ۽ سِڱَ پُڇ جي جاءِ تي لڳل هئا؟”
    “ مون اڄ تائين ماڻهوءَ کانسواءِ اهڙو ٻيو ڪو جانور نه ڏٺو آهي.”
    “ هن اهڙي هڪ ماڻهوءَ جي به تصوير ٺاهي هئي جنهن جو هڪ ڪَنُ نَڪَ جي جاءِ تي، ۽ ٻيو ڪَنُ وات جي جاءِ تي لڳل هو، ۽ سندس نَڪَ ۽ چپ ڪنن جي جاءِ تي چنبڙيل هئا.”
    “ ڇا هن هڪ اهڙي به تصوير ٺاهي هئي جنهن ۾ مائيءَ جون اکيون ڪيپراٽيءَ ۾ کُتل هيون، ۽ کيس ٽنگن جي جاءِ تي ٻانهون، ۽ ٻانهن جي جاءِ تي ٽنگون لڳل هيون؟”
    “ مائيءَ کي ٽنگون لڳل هيون، يا ٽنگان لڳل هيون؟”
    شڪارپور ۾ مائيءَ کي ٽنگان لڳل هيون، ۽ حيدرآباد ۾ ٽنگون لڳل هيون.“
    “ هينئر تون سمجهي ويو هوندين ته منهنجو اشارو ڪنهنجي طرف آهي.”
    “ تو منهنجي پنجن سالن جي ڀائٽي پريتم پياري ڏانهن اشارو ڪيو آهي. هو سڄو ڏينهن ڀتين تي اِن قسم جون تصويرون ٺاهيندي آهي.”
    “ برابر. واهه جا پيرولي ڀڳي اٿئي.”
    “ خبر اٿئي بودلا، مان اڪثر سوچيندو آهيان ته پريتم پياري جي وجود ۾ پڪاسو جو روح آهي.”
    “ ان ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهه جي گنجائش نه آهي.”
    .“پر تنهنجو ڇا ٿيندو؟ تون شهر وارن کي ڪيئن متاثر ڪري سگهندين. تو کي ته ڪا خبر ڪونهي ته زوزاٽ ڪوسو ڪير آهي!”
    “ ته پوءِ ٻڌائين ڇو نه ٿو ته زوزاٽ ڪوسو ڪير آهي؟”
    “ مون کي ڪهڙي خبر ته زوزاٽ ڪوسو ڪير آهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي ته زوزاٽ ڪوسي جي حوالي سان شهر وارن کي متاثر ڪري نه سگهبو آهي.”■


      پوئتي رهجي ويل ماڻهوءَ جو حق

    منهنجي هٿ ۾ بجلي، پاڻي ۽ گيس جا بل هئا، مونکي ياد نه پئي آيو ته بل ڀرڻ لاءِ بينڪ ٻاهران مان ڪڏهن کان قطار ۾ بيٺو هوس، مون کي محسوس پئي ٿيو ته مان ايامن کان هڪ ڊگهي قطار جي آخر ۾ بيٺو هوس ۽ بيٺي بيٺي پنڊ پهڻ ٿي ويو هوس. مون کان اڳ بيٺل ماڻهو پنهنجو پنهنجو بل ڀري وڃي رهيا هئا ۽ سندن جاءِ ٻيا ماڻهو والاري رهيا هئا. قطار ۾ مون کانسواءِ آخري جاءِ والارڻ وارو مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هو، سڀئي اڳتي وڌي ويا هئا، ۽ مان پوئتي رهجي ويو هوس، مون کي لڳو پئي، مان زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو بل وقت سر ڀري نه سگهندس، ۽ هميشه وانگر اوندهه ۽ اڃ جي غفائن ۾ رهجي ويندس.
    هر نئون ماڻهو قطار ۾ مون کان اڳ وڃي بيهندو آهي، مان ڪجهه ڪري نه سگهندو آهيان، ڪجهه ڪرڻ لاءِ مون ۾ ڪو وَڙ ڪونهي، نه مان پنهنجي حق لاءِ وڙهي سگهندس، ۽ نه ئي ٻاڏائي خيرات ۾ پنهنجو حق ڪنهن کان گهري سگهندس. ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، هميشه ائين ئي ٿيندو آيو آهي، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾، آرين کان اڳ آڻ آرين تائين، مان پنهنجو حق حاصل ڪري نه سگهيو آهيان. ان ماڻهوءَ جي عذاب کي محسوس ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيڪو پنهنجي حق لاءِ نه وڙهي سگهيو هجي، ۽ نه ئي ڪشڪول هٿ ۾ کڻي پنهنجو حق گهري سگهيو هجي. هر گذرندڙگهڙيءَ سان گڏ هو پنهنجي وجود ۾ فنا ٿيندو رهندو آهي.
    اقوام متحده جي جيپ جهڙي چلڪندڙ گاڏيءَ قطار جي بنهه پاسي کان اچي بيٺي، پوئين سيٽ تان پڪي عمر جي هڪ دلڪش عورت ٻاهر لهي آئي، ڏاڍي بينيازي سان خدا جي سموري خلق کي نظرانداز ڪري هوءَ بينڪ ۾ داخل ٿي، سڀني کان اڳتي ڪيش ڪائونٽر وٽ وڃي بيٺي.
    الاءِ ڇو هوءَ مون کي ڪجهه ڪجهه سڃاتل لڳي، سوچڻ جي باوجود مان اندازو لڳائي نه سگهيس ته هوءَ ڪير هئي، ۽ مون کي سڃاتل سڃاتل ڇو لڳي هئي. مون ڪنڌ ورائي اقوامِ متحده جي جيپ طرف ڏٺو، يو اين اکرن هيٺان لکيل هو، ٻارن ۽ عورتن جي فلاح ۽ بهبود جو ادارو، تڏهن مون کي ياد آيو ته هوءَ نوشابا رياض هئي. اقوام متحده ۾ ڪجهه عرصي تائين ڪم ڪرڻ جي باوجود مان ۽ مون جهڙا ٻيا وائڙا راز سلي نه سگهيا هئا ته رياض، نوشابا جو مڙس هو، يا پيءُ هو. پنهنجي سڄي نالي، نوشابا ريامن بدران هوءَ نوشيءَ جي نالي سان سڏبي هئي. هڪ ته بي انتها سهڻي هئي، مٿان وري انگريزيءَ تي عبور هوس. تمام ذهين ۽ گفتگوءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. اسين ديسي ازل کان سڪڻا هوندا آهيون، من موهڻي عورت ڏسي اسان جي واڇ گودو ٿي ويندي آهي، ۽ ڦاٽل وات مان گِگ ڳڙي پوندي آهي. اقوامِ متحده جي پاڪستاني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پرديسين، منهنجو مطلب آهي گورن کي به وائڙو ڪري ڇڏيو هئائين، جوان ته هونءَ به سر تريءَ تي کڻي گهمندا آهن، نوشيءَ پوڙهن جي به مت منجهائي وڌي هئي.پيرس ۽ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي مختلف ادارن ۾ سندس هاڪ هئي، هر ٻئي ٽئين مهيني ڪڏهن ميٽنگ ۽ ڪڏهن صلاح مشوري لاءِ کيس گهرائي وٺندا هئا.
    انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن مون اقوام متحده ڇڏي ريڊيو پاڪستان ۾ وڃي نوڪري ڪئي هئي، نوشيءَ اداري جي اجازت سان عورتن جي حقن لاءِ غيرسرڪاري تنظيم قائم ڪئي هئي. هر هفتي ڪڏهن لاهور، ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن اسلام آباد ۽ ڪڏهن ٻئي ڪنهن شهر ۾ سيمينار ڪوٺائي پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ تقريرون ڪري تحريڪ هلائي ايندي هئي. اسلام آباد ۾ ورلي مون سندس ڪو ليڪچر نه ٻڌو هو. اڳئين سيٽ والاري وڃي ويهي رهندو هوس، ۽ سندس ليڪچر ٻڌندو هوس، ۽ کيس حسرت سان ڏسندو هوس.
    هڪدفعي نوشيءَ ڪاروڪاري جي موضوع تي ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪيو هو. ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا کيس ايڏي پبلسٽيءَ ڏني جو گهر گهر ۾ ڪاروڪاريءَ بحث جو سبب ٿي پيو. ڪجهه ماڻهن ڏاڍي يقين سان محسوس ڪيو ته سنڌ ڪارن ۽ ڪارين جو ديس آهي، باقي سڄو ملڪ اڇن ۽ اڇين، چِٽن ۽ چَٽين جو ديس آهي.
    اسلام آباد ۾ هڪ دفعي ليڪچر کان پوءِ جڏهن سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، مون نوشيءَ کي چيو، “مرد هٿان عورت فقط عزت ۽ ناموس جي نالي ۾ نه مُئي آهي. تاريخ جي هر دور ۾ مرد ڏاڍي سنگدليءَ سان عورت کي بيوفائيءَ جي الزام ۾ ماريو آهي.”
    نوشيءَ هڪدم چيو،“ ڀڪشو، هيءُ سوالن جوابن جو سيشن آهي. تون مون کان سوال پڇُ.”
    مون ساهه کڻڻ ۾ مونجهه محسوس ڪئي. اوپري آواز ۾ چيم، “سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ روزانو انيڪ عورتون عزت ۽ ناموس جي نالي ۾ ماريون وينديون آهن”.
    نوشيءَ جي منهن تي مُرڪ اچي ويئي. چيائين، “تو وري اسٽيٽمينٽ ڏني آهي، ڀڪشو تو سوال نه پڇيو آهي.”
    ڪجهه ماڻهو ٽهڪ ڏيئي کلي پيا. ايئرڪنڊيشن هال ۾ مون نرڙ تي پگهر محسوس ڪيو، چُپ ڪري ويهي رهيس.
    سال ڏيڍ کان پوءِ نوشيءَ جي پوسٽنگ پيرس ۾ ٿي. هوءَ عورتن جي حقن لاءِ پنهنجي غير سرڪاري تنظيم انگريزي ڳالهائيندڙ، منزل واٽر پيئندڙ، ڊسٽ ايلرجيءَ کان، ۽ اُس ۽ گرميءَ کان بچندڙ، ۽ چپس ۽ برگر کائيندڙ ڪجهه عورتن جي حوالي ڪري هلي ويئي. اُنهن عورتن وسان ڪين گهٽايو. پاڪستاني عورتن جي حقن لاءِ هُنن پاڪستان ۾ گهٽ ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڌيڪ ليڪچر ڏنا، ۽ ڪاروڪاريءَ جي رسم کي سنڌ جي سڃاڻپ طور جڳ جهان آڏو پڌرو ڪيو، ۽ پنهنجي لاءِ نالو، ۽ غير ملڪي ناڻو ڪمايو. جيستائين ڪارو ڪاريءَ جي رسم رهندي، انگريزي ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ ذهين عورتن جي ٻيگهي متل رهندي.
    قطار مان نڪرڻ جي غلطي ڪڏهن به ڪرڻ نه گهرجي. پر، اوهين به مون وانگر جيڪڏهن قطار جي آخر ۾ بيٺا آهيو، ته پوءِ ڪو ڀولو ڪونهي. قطار ۾ آخري جاءِ والارڻ ڪو به پسند نه ڪندو آهي. مان قطار ڇڏي ڪيش ڪائونٽر وٽ نوشيءَ جي ڀرسان وڃي بيٺس چيم، “هڪ دفعي تو مونکي سوال پڇڻ لاءِ چيو ويو، پر مان سوال پڇي نه سگهيو هوس. اڄ پڇان ٿو.”
    نوشيءَ تعجب وچان مون ڏانهن وات مان فقط هڪ لفظ نڪتس “ڀڪشو!”.
    چيم، “تون عورتن ۽ مردن لاءِ هڪ جهڙن حقن تي ليڪچر ڏيندي رهي آهين. اڄ تون وانگر قطار جي آخر ۾ بيهڻ بدران، قطار ۾ سڀني کان اڳ وڃي ڇوبيٺي آهين”.■


      هڪ قديم ڪهاڻيءَ جو اختصار

    مهدي، منهنجي پٽ ٽهڪ ڏنو. منهنجي گهر واريءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. چيائين، “ٻڌو ٿا، مهديءَ ٽهڪ ڏنو آهي.”
    “بک ۾ پاهه ٿي فقط ذهين انسان ٽهڪ ڏيئي سگهندو آهي.” مون چيو، “مهدي آهي ته موڳي مٽر جو پٽ، پر وڏو ٿي افلاطون جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو.”
    مهديءَ ٻيهر ٽهڪ ڏنو.
    منهنجي گهر واريءَ روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، “مان سمجهان ٿي بک ۾ پاهه ٿي اسان جي مهديءَ کي ڪجهه ٿي رهيو آهي.”
    “اسان جي مهديءَ کي ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي.” چيم، “هن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي. ٽهڪ ڏيئي، هُن منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.”
    مهديءَ ٽيهر ٽهڪ ڏنو. منهنجي گهرواري ڊڄي ويئي. چيائين، “چرچي ۾ ڳالهه نه ٽاريو. ڪو بلو ڪريو. ڪٿان ڪو مانيءَ ڳڀو آڻيو. مهديءَ کي ڪجهه ٿي رهيو آهي.”
    “پنهنجي نصيب جي داڻي پاڻيءَ جو انتظار ڪندي توکي ۽ مون کي ڪجهه ٿيو آهي، جو مهديءَ کي ڪجهه ٿيندو؟” مون پنهنجي گهر واري سفوران کي چيو، “مهدي پنهنجي نصيب جي داڻي پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهي. هن کي ڪجهه به نه ٿيندو.”
    “ايڏا بيدرد نه ٿيو.” سفوران روئي پيئي. چيائين، “خدا جي واسطي ڪجهه ڪريو.”
    مون سال کن جي مهديءَ ڏانهن ڏٺو. اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس. پر، سڪل چپن تي ڏاڍي پُراسرار مرڪ هئس. ٿڃ پيتي کي ڏهاڙا ٿي ويا هئا. فيڪٽريءَ مان ڊائون سائيز ٿي نڪرڻ کان پوءِ بيروزگاري ۽ بک اسان کي ورائي ويئي هئي. گھر جا ٿانو ٿپا ۽ هنڌ کٽولا وڪڻي پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي خريد ڪري آيا هئاسين پوءِ، وڪڻڻ لاءِ اسان وٽ ڪجهه به نه بچيو هو. بک ۾ پاهه ٿي سفوران جي ٿڃ پاهه ٿي ويئي هئي.
    سفوران مون کي ڌونڌاڙيو، ۽ چيو، “ڇا پيا سوچيو؟”
    “گهر ۾ وڪڻڻ لاءِ ڪجهه باقي نه بچيو آهي جو وڪڻي پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي خريد ڪري اچان.” ڪروڌ وچان چيم، “مون کي ته ڪو خريد نه ڪندو. سوچيان پيو، توکي وڪڻي ڇڏيان.”
    سفوران کان دانهن نڪري ويئي. روئيندي چيائين، “بُک ۾ پاهه ٿي اوهين هوش ۾ نه رهيا آهيو.”
    “بُک ۾ پاهه ٿيڻ کان پوءِ ته هوش ۾ آيو آهيان. ”چيم، “اڳ هوش ۾ ڪٿي هوس، سفوران.”
    مهديءَ ٽهڪ ڏنو. سفوران مهديءَ کي هنج ۾ کڻي ورتو. کيس مٺيون ڏيندي چيائين، “خدا جي واسطي ماني ڳڀي جو بلو ڪريو. مهديءَ کي ڪجهه ٿي رهيو آهي.”
    مون مهديءَ ڏانهن ڏٺو. هو وسامي رهيو هو، پر چپن تي اُهائي پُراسرار مُرڪ هيس.اُن وقت در کڙڪيو. سفوران ۽ مون حيرت وچان در ڏانهن ڏٺو. ٻيهر در کڙڪيو. مون وڏي واڪ چيو، “اسان جي نصيب جا داڻا پاڻي هليو آءُ. در کليل آهي.”
    فيڪٽريءَ مان ڊائون سائيز ٿي نڪتل اسان جو ساٿي جُڙيل ٿڙندو ٿاٻڙندو اندر آيو. بيٺي پير چيائين، “سرڪار سيڌي سامان جي ٽرڪ ڀرائي موڪلي آهي. مفت ۾ پيا ورهائين.”
    جڙيل ٿڙندي ٿاٻڙندي هليو ويو.سفوران چيو، “جلدي ڪريو. اُٿو. ڪو اَنَ ڪڻو وٺي اچو.”
    اُٿندي چيم، “مونکي خبر نه هئي ته نصيب جو داڻو پاڻي ٽرڪ تي چڙهي بندي جي گھر تائين ايندو آهي.”
    پاڙي جي ميدان ۾ سيڌي سامان سان ڀريل ٽرڪ سچ پچ بيٺي هئي. بک ۾ پاهه ٿيل غريب غربا قطارن ۾ بيٺا هئا، مرد الڳ، ۽ عورتون ۽ ٻار الڳ. ڪنهن به بدنظميءَ کي ٿڏي تي منهن ڏيڻ لاءِ جادوگر پنهنجن سازن سامانن سان موجود هئا. سرڪاري سخي بابا غريب غُربن ۾ سيڌو سامان ورهائي رهيا هئا. ۽ اخباري فوٽوگرافرن کان تصويرون ڪڍرائي رهيا هئا. ماڻهو پنهنجي پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي وٺي سرڪاري سخي بابائن کي ٻئي هٿ کڻي، ۽ چيو، “تون وڏو ڪارساز آهين، موليٰ.”
    جنهن مهل منهنجو وارو آيو عين انهي وقت ٽيليويزن وارا ڪيميرائون کڻي پهچي ويا، هنن غريب غربن کان اَٽي جون ڳوٿريون ۽ دالين جا پُڙا اڳيان رکرائي سندن دردناڪ تاثرات رڪارڊ ڪيا. مختلف زاوين کان سخي بابائن کي غريبن ۾ سيڌو سامان ورهائيندي شوٽ ڪيو، هڪڙي سخي بابا پروڊيوسر کان پڇيو ته “ ڪڏهن ڏيکاريندؤ؟”
    پروڊيوسر باادب جواب ڏنو “سر، رات نوين لڳي وارين خبرن ۾ پي ٽي وي ورلڊ تان چاليهن ملڪن ۾ ڏيکارينداسين ۽ سڀاڻي صبح کان رات تائين هر خبرنامي ۾ هلائينداسين.”
    هڪ سخي بابا کان سيڌو سامان وٺندي پڇيم “ڀلا وري ڪڏهن ٽرڪ ڀرائي ايندو ڇا؟”
    هن تعجب وچان پڇيو“ڇو؟”
    چيم، “ جيڪي ڏيو پيا، سو ٽن چئن ڏينهن جو سيڌو آهي.”
    ڇڙٻ ڪڍندي چيائين، “دماغ ته نه خراب ٿيو اٿئي؟”
    مان سيڌو سامان کڻي گهر آيس، مون مهديءَ ڏانهن ڏٺو، ڏاڍو نٻل ۽ اجهاميل نظر آيو، مون سفوران کي چيو، “هڪدم اٽو ڳوهي ماني پچائي وٺ، دير نه ڪر، مهديءَ کي گرهه وات ۾ وجهنداسين ته نوبنو ٿي پوندو.”
    مهديءَ ٽهڪ ڏنو، سفوران تڙتڪڙ ۾ اٽو ڳوهي ماني پچائي کڻي آئي، مون مانيءَ جو ننڍڙو گرهه ڀڃي مهديءَ ڏانهن وڌايو ۽ چيو “وات کول، مهدي.”
    مهديءَ جي چپن تي پراسرار مرڪ تري آئي، هن وات نه کوليو، مون گرهه سندس وات ويجهو آندو ۽ چيو “مهدي منهنجا پٽ،. وات کول، پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي کاؤ، سرڪار معرفت پهتو اٿئي.”
    مهديءَ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڳالهايو، چيائين “مان تنهنجو آئيندو آهيان بابا، مون کي خيرات جي ماني نه کاراءِ.”■


      دل جو معاملو

    اوهان جو واسطو ڪڏهن دل جي جنهن ڊاڪٽر سان پيو آهي؟ اڄوڪي ڳالهه انهن يارن لاءِ ناهي جن جو واسطو دل جي ڊاڪٽرن سان پئجي چڪو آهي. اڄوڪي ڳالهه اُنهن سڄڻن لاءِ آهي جن جو واسطو عنقريب دل جي ڊاڪٽرن سان پوڻو آهي. متان خوش ٿيو ته اوهان جو واسطو ڪڏهن به دل جي ڪنهن ڊاڪٽر سان پوڻو ناهي ڇو جو اوهين نه سگريٽ ڇڪيندا آهيو، نه شراب پيئندا آهيو، ۽ نه ئي ڪباب کائيندا آهيو. اِنهن نعمتن جو دل جي معاملي سان ڪو واسطو ڪونهي. نامراد انهن نعمتن کي ڪڏهن علت، ۽ ڪڏهن عياشي سڏيندا آهن، دل جي سمورن مرضن جو سبب ڄاڻائيندا آهن. پر ائين ناهي. سندن بهتان سراسر غلط آهي. سندن محروميءَ جي شديد احساس جو نتيجو آهي. اوهين ڇا ٿا سمجهو! سرڪار سڳوريءَ جو ڪاروبار هلائڻ وارا چريا آهن جو سگريٽون ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ وارن کي ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ هوشربا اشتهار هلائڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏنو اٿائون! ياد رکو ته حڪومت هلائڻ وارا عقل ۾ اڪابر ۽ ڏاڍا سياڻا هوندا آهن.
    حڪومت هلائڻ وارن جي سموري توجهه عوام جي صحت ۽ تعليم طرف هوندي آهي. ڪو به حاڪم جاهل ۽ بيمار قوم تي حڪومت ڪرڻ پسند نه ڪندو آهي. اِن جو اهو مطلب ناهي ته اَڻ پڙهيل ۽ عليل قوم محڪوم ٿيڻ جي قابل نه هوندي آهي. اٽلندو، جاهل ۽ بيمار قوم حاڪمن لاءِ سٺي رعايا ثابت ٿيندي آهي. شڪراني جا نفل پڙهندي نظر ايندي آهي. پر، عقل ۾ اڪابر، مدبر، ۽ ڏاڍا پڙهيل حڪمران هميشه صحتمند ۽ تعليم يافته قوم تي حڪومت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. پڙهيل ۽ صحتمند قوم ڪنهن به ملڪ لاءِ زبردست طاقت ثابت ٿيندي آهي. اهڙي ملڪ کي پوءِ بمن تي ڀروسو ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. حاڪمن کي خبر آهي ته سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪا خرابي ڪونهي. هنن پاڻ سگريٽن جا سوٽا هڻي ڏٺا آهن. اِهو ئي سبب آهي جو هر دور جي حاڪمن سگريٽن جي اشتهارن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي.
    اوهين دل ۾ وسوسن کي جاءِ نه ڏيو. حڪومت کي سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪنهن به قسم جي خرابي نظر اچي ها ته بيٺي پير سگريٽن جي اشتهارن تي بندش وجهي ڇڏي ها. يقين ڪريو، سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪا به خرابي ڪونهي. مولا جو نالو کڻي سوٽو هڻو، ۽ هڪدم صحتياب ٿيو. جيپن کي جبل تان ڪرڻ کان روڪيو. ٻڏي مرندڙن کي بچايو. چپن ۾ سگريٽ جهلڻ جي دير آهي، سهڻيون ڇوڪريون اچي اوهان کي پاسو ڏينديون. چپن ۾ جهليل اوهان جي سگريٽ لائيٽر سان دکائينديون. اڄ کان پنجاهه - سٺ سال اڳ اسان جي ابن ڏاڏن کي سگريٽ جي خوبين جي باري ۾ ڪا خبر نه هئي. اجايو سگريٽ جي مخالفت ڪندا هئا. اڄ، اسان جا ابا ڏاڏا جيئرا هجن ها ته پنهنجين اکين سان سگريٽ جا ڪمال ڏسن ها. ساڳي طرح موجوده دور جا ابا ڏاڏا هيروئن جي طلسماتي اثر کان اَڻ واقف آهن. اجايو هيروئن ۽ هشيش جي مخالفت ڪري رهيا آهن. اڄ کان ڪجهه عرصو پوءِ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ جڏهن هيروئن ۽ هشيش جا دلربا اشتهار ايندا تڏهن کين پنهنجي غلطي جو احساس ٿيندو. حڪومت جي رويي مان اوهان کي پڪ ٿي ويئي هوندي ته سگريٽ ڇڪڻ ۾ ڪا به خرابي ڪونهي. سگريٽ جو ٻيو ڏاڪو هيروئن آهي.
    سگريٽ ڇڪڻ سان نه دل گڙٻڙ ڪندي آهي، ۽ نه جيرا ۽ بڪيون گڙٻڙ ڪندا آهن. ڦڦڙ به ٺيڪ رهندا آهن، اکين جو نور به باقي رهندو آهي. ڪجهه به نه ٿيندو آهي. منهنجيءَ ڳالهه تي يقين نه اچيو ته مون سان اچي ملو. مونکي ڏسو. تمام پراڻي يگ جو واسي آهيان. مون تير ڪمان کي راڪيٽ ۽ راڪيٽ لانچرن ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو آهي. روزانه سٺ-ستر سگريٽ ڇڪيندو آهيان. شراب پيئندو آهيان، سو به ديسي، ٺرو. ڪباب کائيندو آهيان، پر تنهن هوندي به ڏنڊو مشٽنڊو آهيان. ڏندين ڏاند آهيان. مون کي ته ڪجهه نه ٿيو آهي. نه دل دغا ڪئي آهي ۽ نه دماغ ڌڪ ڪڍيو آهي.
    نيڪو، اسان سڀني مردودن ۾ سچ پچ نيڪ آهي. بلڪه ڏاڍو نيڪ آهي. اسين دوست اڪثر سوچيندا آهيون نيڪو فرشتي بدران ماڻهو ڪيئن ٿي پيو آهي. شراب ۽ ڪباب ته پري جي ڳالهه آهي. نيڪو سگريٽ به نه ڇڪيندو آهي. پان به نه کائيندو آهي آهي. پر، نيڪو تڏهن به دل جو مريض آهي. نه کير مکڻ واپرائيندو آهي، ۽ نه ئي مال مٺائيون کائيندو آهي. اوٻاريل ڀاڄين تي گذارو ڪندو آهي. روزانو پنج ميل پنڌ ڪندو آهي. عمر مطابق ورزش ڪندو آهي. پر، ڪجهه ڪم نه آيو اٿس. دل جي پِڙُ ڪڍي بيهي رهي اٿس. هڪ ڌڪ هڻي ٻه ڌڪ ڇڏي ويندي اٿس. هر ويلي سان گڏ مُٺ گورين جي ڦڪي ڇڏيندو آهي.
    هڪڙي ڏينهن نيڪوءَ جي ڊاڪٽر اسان مردودن کي سڏائي چيو هو، “ اوهان جو دوست اوچتو مري ويندو آهي. دل ڌڪ ڪڍندس، بيهي رهندس. سندس ذهن تي زبردست دٻاءُ آهي. اوهين کيس خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريو.”
    اسان نيڪوءَ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي پر پنهنجي هر ڪوشش ۾ ناڪام رهيا آهيون. مان سمجهان ٿو نيڪوءَ مان خوش رهڻ جي خواهش ختم ٿي ويئي آهي. معمولي قسم جا واقعا ۽ نظرانداز ڪري ڇڏڻ جهڙيون ڳالهيون کيس بيچين ڪري وجهنديون آهن. ننڊ آرام ڦٽي پوندو اٿس. پري نه ٿا وڃون. ويجهڙائيءَ جو معمولي واقعو آهي. اسان کلي، ٽهڪ ڏيئي ٽاري ڇڏيو هو. پر، نيڪو ائين ڪري نه سگهيو هو. اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته هڪڙي ملان هجري ۾ هڪ ٻار جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي هئي. ان ڳالهه کي ڏهه ٻارهن ڏينهن گذري ويا آهن. نيڪو اڄ تائين منهن مونن ۾ وجهي روئيندو رهندو آهي. ڪجهه مهينا اڳ مالي پريشانين کان مجبور ٿي هڪ رٽائرڊ پرائمري ماستر ريل گاڏي آڏو ليٽي آپگهات ڪري ڇڏيو هو. نيڪو اڄ تائين ريل جي پٽن تي اُن هنڌ، جتي ماستر آپگهار ڪيو هو، ڪجهه گل رکي، ڏيئو ٻاري ايندو آهي.
    نيڪو ۽ نيڪوءَ جهڙن دل جي مريضن کي خوش رکڻ ڏاڍو ڏکيو بلڪه ناممڪن آهي. جنهن رات اغوا ٿيل جهاز مان لهڻ شرط جنرل پرويز مشرف ملڪ جون واڳون سنڀالي حاڪم ٿي پيو هو، تنهن رات نيڪوءَ پنهنجي منهن مٿي ۾ مٽي وجهي پاڻ کي ڀونڊا ڏنا هئا. پاڻ کي لپاٽون هنيون هئائين. آسمان ڏانهن هٿ کڻي چيو هئائين، “ پنجاهه سالن کان ساڳيو ڊارمو ڏسي ڏسي مان چريو ٿي پيو آهيان. مون کي اَڻ آرين جي ملڪ ۾ پيدا ڪرين ها ته تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿي پوي ها!”
    هاڻي نيڪوءَ کي ڪير سمجهائي. اسين به پنجاهه سالن کان ساڳيو ڊرامو ۽ ڊرامي جو ڊراپ سين ڏسي رهيا آهيون. هري ويا آهيون. سگريٽون ڇڪيندا آهيون. شراب پيئندا آهيون. ڪباب کائيندا آهيون، ۽ اهڙن ڊرامن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندا آهيون. نيڪو نه ڇڪيندو آهي سگريٽ، نه پيئندو آهي شراب، ۽ نه کائيندو آهي ڪباب. تنهن هوندي به دل جو مريض آهي.■


    پرائيويٽائيزيشن

    پرائيويٽائيزيشن انگريزيءَ جو اُهو لفظ آهي جنهن جو مناسب ۽ نعم البدل لفظ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ نه آهي. جيڪڏهن مناسب لفظ آهي به، ته پوءِ مون کي اُن لفظ جي باري ۾ ڪا خبر ڪونهي. هونءَ به مان ڏاڍو وائڙي قسم جو ماڻهو آهيان. وساري ڇڏڻ جهڙيون ڳالهيون ياد رکندو آهيان، ۽ ياد رکڻ جهڙيون ڳالهيون وساري ويهندو آهيان. مان وساري ويٺو آهيان ته عبدالشڪورعاشق ڪير هو. پر، مون کي چڱي طرح ياد آهي عبدالغفور اُلفت ڪير آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب ته سنڌيءَ ۾ پرائيويٽائيزيشن جو جيڪڏهن ڪو مناسب لفظ آهي ته اُن لفظ کان مان اڻڄاڻ آهيان. اڄوڪي ڪالم ۾ مان پرائيويٽائيزيشن لفظ جي لاءِ سنڌيءَ ۾ ٺهڪندڙ لفظ گَهڙِڻ جي ڪوشش نه ڪندس. مان لفظ پرائيويٽائيزيشن جي وضاحت ڪندس، ۽ ڪٿي ڪٿي وضاحت دوران انگريزي تشريح جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندس، جنهن کي سمجهڻ لاءِ اوهانکي چئن ڀاڱن واري مغز ٽوڙ ڪتاب “سنڌي ويا ڪرڻ” سان مٿو مارڻو نه پوندو. الله چاهيو ته جيڪا ڳالهه سمجهڻ جهڙي هوندي، اوهان کي سمجهه ۾ نه ايندي، ۽ جيڪا ڳالهه سمجهه لائق نه هوندي اُها ڳالهه اوهان کي سمجهه ۾ ايندي. هونءَ به جيڪي همراهه ڪجهه سمجهي نه سگهندا آهن، سي ڏاڍي مزي ۾ رهندا آهن. کين گوري ڦڪي ننڊ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. هو سدائين ننڊ ۾ هوندا آهن.
    پرائيويٽائيزيشن جو مطلب آهي گهوڙا وڪڻي ننڊ ڪرڻ. گهوڙا وڪڻي ننڊ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اِهو آهي جو گهوڙن جي گاهه لاءِ اوهان کي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي نه پوندي. آصف زرداريءَ جا گهوڙا گاهه نه کائيندا. آصف جا گهوڙا کير پيئندا هئا، پستا، باداميون ۽ اکروٽ کائيندا هئا. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته آصف جا گهوڙا بروسٽ، چڪن تڪا، چڪن چائومين ۽ چپل ڪباب به کائيندا هئا، ۽ وسڪي پيئندا هئا. پر، انهن ڳالهين جي تصديق ٿي نه سگهي آهي. پهرين ڳالهه جي تصديق ٽيليويزن وارن ميان نواز شريف جي دور ۾ قسم کڻي ڪئي هئي. آصف جا گهوڙا سُر ۾ هڻنڪندا هئا، ۽ ڊوڙڻ مهل راڳ درٻاري ڳائيندا هئا. اَک ۾ شرم هونِ. مالڪ کي سڃاڻيندا هئا. مالڪ به کين سڃاڻيندو هو. گهوڙا جيئن ته فقط پستا، بادام ۽ اکروٽ کائيندا هئا، ۽ گاهه اصل نه کائيندا هئا تنهنڪري آصف ڪڏهن گهوڙن وڪڻڻ جو خيال دل ۾ نه آندو هو. هن پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو، پر گهوڙا نه وڪيائين. ٽيليويزن وارا سيف الرحمان جي ڀرپور مدد جي باوجود آخر تائين اِهو ٻڌائي نه سگهيا ته آصف زرداري جا گهوڙا ڪيڏانهن ويا. معاملو هٿ مان نڪري ويو ته مجبور ٿي جنرل مشرف کي معاملو پنهنجي هٿ ۾ کڻڻو پيو.
    پر، جنرل مشرف گذريل چوڏهن مهينن ۾ عزيز هموطنن کي اِهو ٻڌائي نه سگهيو آهي ته آصف زرداريءَ جا بادام خور گهوڙا ڪيڏانهن ويا. موجوده دور ۾ ٽيليويزن وارا عزيز هموطنن کي فقط ايترو ٻڌائي سگهن ٿا ته رائيونڊ ۾ نواز شريف جو رڌڻو چئن ايڪڙن تي ٺهيل آهي. ياد رکو، اوهان جا گهوڙا، ۽ اوهان جو رڌڻو اوهان لاءِ برباديءَ جو سبب ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري گهوڙا وڪڻي ڇڏيو. ۽ رنڌڻي جي باهه وسائي ڇڏيو. اِن جو مطلب آهي گهوڙا ۽ راڌڻا پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. گَهرُ هلائي نه سگهو ته گهر به پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن پاڻ به هلڻ کان محتاج آهيو، ته پوءِ پاڻ کي به پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. اَوَڌ جا نواب انگريزن جو قرض لاهي نه سگهيا هئا ته هنن اَوَڌَ جو سڄو سمورو پرڳڻو، يعني رياست پرائيويٽائيزيشن ۾ انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏي. منهنجو خيال آهي، اجايو ڳالهه وڌي وڻ ٿي ويندي، تنهنڪري اِن ڳالهه کي اتيئي ڇڏيون ٿا. ڇوٽا موٽا مثال کڻي پرائيويٽائيزيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
    مون وٽ هڪ سائيڪل هوندي هئي. هڪدفعي سائيڪل جي چين لهي ويئي. چين چاڙهي ٻيهر سائيڪل هلائڻ بدران مون سائيڪل وڪڻي ڇڏي، يعني مون سائيڪل پرائيويٽائيز ڪري ڇڏي. جنهن همراهه مون کان سائيڪل ورتي، تنهن سائيڪل تي چين چاڙهي ڇڏي. مُرڪيو، هٿ لوڏي وڃي ماڳ تي پهتو. مان اڄ تائين پيرين پنڌ ڌڪن ۾ آهيان.
    سائينداد جي ڍڳي گاڏيءَ جو هڪ ڍڳو پير پيران ڪندي مري ويو. سائينداد ٻيو ڍڳو خريد ڪرڻ لاءِ هڪ بينڪ کان قرض ورتو، ۽ پيرس مان گهمي ڦري موٽي آيو. اچڻ شرط بيٺل ڍڳي گاڏي وڪڻي ڇڏيائين. ٻئي بينڪ مان قرض کڻي، پهرين بينڪ جي وياج جي پهرين قسط ڀري ڏنائين. سائينداد جو نوان کڻي، پراڻن قرضن جي وياج جي هڪ قسط لاهڻ وارو سلسلو جاري آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سائينداد ٻنيون ٻارا، ۽ گهر ٻار پرائيويٽائيز ڪري قرض مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. باقي رهيل زندگي مُرلي وڄائي گذاري ڇڏيندو.
    ڪراچيءَ ۾ سعيد منزل وٽ اسان جي فليٽ جي ڀرسان هڪ درزيءَ جو دڪان هو. ڏاڍو ڪاريگر درزي هو. پر جوا جي علت هئس. ڪڏهن هارائيندو هو. ڪڏهن کٽندو هو. دڪان جون مشينون گروي رکي قرض ورتائين. کٽي نه سگهيو. گراهڪن جا ڪپڙا گروي رکي قرض کنيائين. پر، کٽي نه سگهيو. سڄو سمورو دڪان گروي رکيائين. هارايائين. مغز چرخ ٿي ويس. پنهنجو فليٽ گروي رکي وڏو قرض هٿ ڪيائين. ڪجهه نه وريو. هارائيندو رهيو. ڏيوالو نڪري ويس. جِن جِن کان قرض ورتو هئائين انهن کي سئي ڌاڳي کان وٺي پنهنجي گهرگهاٽ ۽ ٻارن ٻچن سميت سڀ ڪجهه پرائيويٽائيزيشن ۾ ڏيئي ڇڏيائين. پاڻ وڃي گدو بندر وسايائين.
    ابراهيم ٺوڙهو روزانو آفيس مان موٽڻ کان پوءِ پنهنجي زال سفوران کي مار ڪڍندو هو. سندس وار پٽيندو هو. سفوران عورتن جي ملڪي، غير ملڪي ۽ عالمي تنظيمن جو در کڙڪايو. عورتن جي تنظيمن پاڪستان سرڪار جو در کڙڪايو. پاڪستان سرڪار عدالت جو در کڙڪايو. فيصلو ٿي ويو. ابراهيم ٽوڙهو پرائيويٽائيز ٿي ويو. سفوران سک جو ساهه کنيو.
    پر، هر ڪا عورت سفوران نه هوندي آهي. ڪانڊيري کي شڪ هو ته سندس زال ڪرڙ ماڇيءَ سان کريل هئي. هن مجبور ٿي پنهنجي زال کي پرائيويٽائيز ڪري ڇڏيو. يعني مٿس ڪاريءَ جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو.
    پرائيويٽائيزيشن جي هڪ ماهر انڪشاف ڪندي چيو، “پرائيويٽائيزيشن آرٽ آهي، سائنس آهي، ۽ انجنيئرنگ آهي. تنهنڪري، پرائيويٽائيزيشن ۾ فقط اهڙو ماڻهو هٿ وجهندو آهي جيڪو هڪئي وقت آرٽسٽ، سائنسدان، ۽ انجنيئر هوندو آهي.”
    پڇيومانس، “پر، اهو ڪم ته ڪاروباري قسم جا ماڻهو ڪندا آهن نه؟
    وراڻيائين، “ ڪاروباري ماڻهو به بنيادي طرح آرٽسٽ، بلڪه فنڪار، سائنسدان، ۽ انجنيئر هوندا آهن. ڪاروباري ماڻهو جيڪڏهن آدمجي، باواني، سهگل، دائود، ۽ داداڀائي آهي ته پوءِ خير آهي. ملڪي ماڻهو مُلڪ پرائيويٽائيز ڪرائي وٺندو. پر، ڪاروباري شخص جيڪڏهن سهگل بدران نيويارڪ وارو مائيڪل سيگل آهي ته پوءِ پرائيويٽائيزيشن ۾ اُهو ئي ڪم ٿيندو، جيڪو ڪم انگريزن اَوَڌ جي نوابن سان ڪيو هو.”
    مان سمجهان ٿو، پرائيويٽائيزيشن جو فلسفو اوهان کي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو.■


      ادا، نفعي بخش ڪاروبار شروع ڪريو

    اوهين جيڪڏهن ڪو ڪاروبار ڪري رهيا آهيو، ۽ خوب ڪمائي رهيا آهيو، تڏهن به هيءُ ڪالم اوهان کي غور سان پڙهڻ گهرجي. جيڪي سڄڻ ڪو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، سي به هيءُ ڪالم غور سان پڙهن. اُهي سڄڻ ساٿي جن کي ڪنهن به قسم جي ڪاروبار ۾ هٿ اٽڪائڻ جي خواهش ناهي، سي به خاص طرح سان هيءُ ڪالم غور سان پڙهن، ۽ هئين سان هندائن، ۽ مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏين. هن ڪاروبار ۾، جنهن جا تفصيل مان اڳتي هلي اوهان کي ٻڌائيندس، نفعو ئي نفعو آهي. تِرَ جيتري نقصان جو به انديشو ناهي.
    اوهين جيڪڏهن کير وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندا آهيو، ته پوءِ اوهان کي اِن ڪاروبار مان هڪدم هٿ ڪڍڻ گهرجي. کير ۾ پاڻي ملائڻ کان سواءِ کير وڪڻڻ جو ڪاروبار نه هلندو آهي. پاڻيءَ وڃي پاتال ۾ پناهه ورتي آهي. اک جو پاڻي سڪي وڃڻ کانپوءِ درياهن جو پاڻي سڪي ويو آهي. سنڌ ۾ هينئر ايترو پاڻي به باقي وڃي بچيو آهي جو اوهين کير ۾ پاڻي مِلائي پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهو.
    اوهين جيڪڏهن ڀاڄيون وڪڻندا آهيو، ته پوءِ اوهان کي هڪدم ڀاڄي وڪڻڻ جو ڪاروبار بند ڪرڻ گهرجي. مان يقين سان چئي نه ٿو سگهان ته ڀاڄين سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي. پر، مان هڪ ڳالهه پوري پڪ سان چئي سگهان ٿو ته ڀاڄين سان، يا ڀاڄين جي ڪاروبار سان ويڌن ضرور ٿي آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اصل ۾ ويڌن ڀاڄين وٺڻ ۽ واپرائڻ وارن سان ٿي آهي، يا وري ڀاڄيون وڪڻڻ وارن جي مت مارجي ويئي آهي! ڀاڄين واري وٽ هڪ گراهڪ اچي بيٺو. چيائينس، “ مونکي اڌ ڪلو ڪدو ڏي.”
    دڪاندار کيس اڌ ڪلو واڱڻ توري ڏنا. گراهڪ وائڙو ٿي ويو. چيائين،“ يار، تون ٻوڙو ته ناهين! مون تو کان اڌ ڪلو ڪدو گهريا آهن.”
    دڪاندارچيو، “ مون تو کي اڌ ڪلو ڪدو ئي ته ڏنا آهن.”
    گراهڪ غور سان واڱڻن ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، “ اڙي يار، تون ڪدوءَ بدران مونکي واڱڻ ڏنا آهن.”
    دڪاندار چيو، “ چتائي ڏِسُ. تون جنهن ڀاڄيءَ کي واڱڻ سمجهين ٿو، سا ڀاڄي اصل ۾ ڪدو آهي”
    گراهڪ پڇيس، “ ته پوءِ، تو وٽ واڱڻ ڪهڙا آهن؟”
    دڪاندار کيس ڪدو هٿ ۾ کڻي ڏيکاريندي چيو، “ هيءُ واڱڻ آهي.”
    گراهڪ چيو، “ ادا، پوءِ تون مون کي اڌ ڪلو واڱڻ ڏي.”
    گهر ورندي واٽ تي گراهڪ سوچيندو رهيو ته هن دڪاندار کان هڪ ڪلو ڪدو ورتا آهن، هڪ ڪلو واڱڻ ورتا آهن! هو بار بار هٿ لاهي ڀاڄي ڏسندو، ۽ سڃاڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر، ڪنهن به نه نتيجي تي پهچي نه سگهيو. گهر پهتو. زال کي ڇلي ڏيندي چيائين، “ هن ڇلي ۾ هڪ ڪلو واڱڻ آهن.”
    زال کان رڙ نڪري ويئي. چيائين، “ مراد جا پيءُ، هي ڇا ڪيو اٿئي؟ مون ته توکي هڪ ڪلو ڪدو آڻڻ لاءِ چيو هو.”
    وائڙي مڙس وراڻيو، “ سڀ کان اڳ ته مان مراد جو پيءُ نه آهيان. مان نامراد جو پيءُ آهيان. ٻيو ته معاشري ۾ زبردست سڌارا آيا آهن. ڪدو نالو مٽائي واڱڻ ٿي پيا آهن، ۽ واڱڻ نالو مٽائي ڪدو ٿي پيا آهن. ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪريلو ڪير آهي، واڱڻ ڪير آهي، ۽ ڪدو ڪير آهي. تون ڏسي ٻڌاءِ ته مان ڪدو وٺي آيو آهيان، يا واڱڻ؟ ”
    نالن جي مٽا سٽا ۽ هيرا ڦيريءَ واري دور ۾ ڀاڄين وڪڻڻ جو ڪارو بار اوهان کي خاطر خواهه نفعو ڏيئي نه سگهندو. بلڪه اوهان لاءِ ڏچي جو سبب ٿي پوندو. اوهين جيڪڏهن درد دور ڪرڻ لاءِ دوا وڪڻندا آهيو، ته پوءِ اهو ڪاروبار به اوهان کي هڪدم بند ڪرڻ گهرجي. ائين ناهي ته ماڻهن جا ڏک سور غائب ٿي ويا آهن، يا گهٽ ٿي ويا آهن. اُٽلندو، ماڻهن جا ڏک سور وڌي وڻ ٿي ويا آهن. پر، ماڻهن کي پنهنجو درد گهٽ ڪرڻ لاءِ دوا جي ضرورت نه رهي آهي. ماڻهن پنهنجي لاعلاج درد جو علاج پاڻ ڳولي ورتو آهي- روالور جي هڪ گولي، فنائل جي هڪ بوتل، ڪنڌ سان ويڙهيل رسي، ۽ زهر جا ڪجهه ڦڙا ماڻهن کي هر درد کان نجات ڏيئي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ درد جي دوا بدران بهتر آهي ته اونهاري ۾ اوهين ڳنڍيريون، ۽ سياري ۾ ڇوهارا وڪڻو. جيڪڏهن عقلمند آهيو، ته پوءِ، پراڻي قيادت کي نوان چهرا ڏيڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو.
    اوهين منهنجي دوست جان محمد جُمڙائو وانگر چهرن لاءِ نقاب وڪڻڻ شروع ڪريو. ڏاڍو نفعي بخش ڪاروبار آهي. ڪاروبار کي هلندي مون اکين سان ڏٺو آهي. رڳو هڪ ڏينهن جي وڪري جو احوال ٻڌو، ۽ ڏندين آڱريون ڏيو.
    مان جمڙائو جي دڪان تي ويٺو هوس. هڪ رهزنن جهڙو شخص دڪان ۾ آيو. جمڙائوءَ کي چيائين، “ مون کي اهڙو نقاب ڏي جيڪو منهن تي چاڙهڻ کان پوءِ ماڻهن کي رهبر نظر اچان.”
    جمڙائوءَ کيس رهبرن جهڙو ماسڪ يعني نقاب ڏيئي ڇڏيو. رهزنن جهڙو شخص چهري تي رهبرن جهڙو نقاب پائي، وڏي رقم جمڙائو جي هٿ ۾ ڏيئي هليو ويو.
    مون جمڙائو کان پڇيو، “ ڪير هو، ۽ پنهنجي چهري لاءِ رهبرن جهڙو نقاب ڇو وٺڻ آيو هو؟”
    جمڙائو وراڻيو، “ ايندڙ چونڊن ۾ اميدوار آهي.”
    ايتري ۾ هڪ ڏٺل وائٺل شخص دڪان جي در ٻاهران پجيرو بيهاري اندر آيو. هو هر اليڪشن ۾ بيهندو آهي. کٽندو آهي، ماڻهن لاءِ رِڻ ٻاري ڏيندو آهي. ڏٽا ڏيڻ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. جمڙائوءَ کي چيائين، “ اهڙو نقاب ڏي جو ووٽر ته ووٽر ، اليڪشن ڪرائڻ وارا به مون کي سڃاڻي نه سگهن. منهنجي زال به مون کي سڃاڻي نه سگهي.”
    جمڙائوءَ نهايت مناسب نقاب ڏٺل وائٺل ۽ آزمايل شخص کي چهرو لڪائڻ لاءِ ڏنو. ڏٺل وائٺل شخص خوش ٿيو. نوٽن جي ٿهي جمڙائوءَ کي ڏيئي، نقاب پائي هليو ويو.
    ڪجهه دير کان پوءِ هڪ جهور زميندار دڪان ۾ آيو. سندس چهري تي گهنج هئا، مٿي جا مختصر وار ۽ ڀوائتيون مڇون خضاب سان ڪاريون ڪري ڇڏيون هئائين. ڏاڍو توائي پئي ڏٺو. جمڙائو کي چيائين، “ اهڙو نقاب ڏي جو پائڻ کان پوءِ مان نوجوان نظر اچان.”
    الاءِ ڪيئن مون کان گستاخي ٿي ويئي. پڇيومانس، “ سورهن سالن جي نينگريءَ سان نڪاح جو پروگرام ٺاهيو اٿئي ڇا؟” ڪاوڙ لڳس. چيائين، “ اڙي بدبخت، مون قوم جي قسمت بدلائي ڇڏڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي.”
    جمڙائوءَ کيس اهڙو نقاب ڏنو جنهن کي پائڻ کان پوءِ هو سچ پچ نوجوان نظر اچي آيو. ڏاڍو گُد گُد ٿيو. جمڙائوءَ جي کيسي ۾ سوين هزارين نوٽ وجهي هليو ويو.
    اهو سلسلو رات دير تائين هلندو رهيو. شيطان پنهنجي لاءِ فرشتن جي چهرن جهڙا نوراني نقاب وٺي ويا. ملزمن جهڙا ماڻهو، منصفن جا نقاب پائي هليا ويا. بينقاب چهرن کي چهرا ملندا رهيا، ۽ جمڙائوءَ کي مالامال ڪندا رهيا. اِن کان وڌيڪ نفعي بخش ڪاروبار جي باري ۾ اوهين سوچي به نه ٿا سگهو. ■


      سڀ ٺيڪ آهي، سرڪار

    مان جمعدار رحمدل وٽ ويٺو هوس. کانئس اَمن امان بابت احوال پي ورتم. اوهان کي مان اڳ ٻڌائي چڪو آهيان ته مان مرڪزي سرڪار پاران سنڌ ۾ سندن انفارمر آهيان. انفارمر انگريزيءَ جو لفظ آهي. اِن لفظ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ممڪن نه آهي. مان سمجهان ٿو انگريزي لفظ انفارمر لاءِ سنڌيءَ ۾ ٺهڪندڙ يا مناسب لفظ نه آهي. جيڪڏهن ڪو ويجهو لفظ آهي، ته اهو آهي، ڌوتو. ڪو خاص سبب ته ڪونهي، پر لفظ ڌوتو مون کي نه وڻندو آهي. تنهنڪري اڄوڪي ڪالم ۾ مان سنڌي لفظ ڌوتي بدران انگريزي لفظ انفارمر استعمال ڪندس. اِن مان اوهان کي ڪو خاطر خواهه فائدو پهچي، يا نه پهچي، پر اوهان کي پڪي خبر پئجي ويندي ته انفارمر ڪهڙي بلا کي سڏيندا آهن، ۽ انفارمر ڪهڙي قسم جي انفرميشن مالڪن ۽ حاڪمن تائين پهچائيندا آهن. هونءَ به اڄڪلهه انفرميشن هُل آهي، پوءِ کڻي انفرميشن کي اڳتي ڌڪڻ لاءِ ڪهڙي به ٽيڪنالاجي کڻي استعمال ڪجي.
    عام ليکي، انفارمر ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪڙا انفارمر نهايت خوفناڪ قسم جا ٿيندا آهن، ۽ ڏاڍي بيدردي سان ماڻهن جو ٻيڙو ٻوڙائي ڇڏيندا آهن. اِن قسم جا انفارمر مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پگهار تي ڪم ڪندا آهن، يا وري انفرميشن جي عيوضي معاوضو وصول ڪندا آهن. ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اسلام آباد ۾ هڪ انفارمر گهنتري ٿي پيو. جنهن اداري لاءِ ڪم ڪندو هو تنهن اهڙو گم ڪري ڇڏيس جو نه رهيس نالو، نه نشان. الاءِ ڪنهن جا ڏند ڏيکاري مائٽن کي ماٺ ڪرايائون. مائٽن ڏند دفن ڪري قبر تي ڪتبو هٽائي ڇڏيو. اِهو رواج جنرل ضياالحق جي مرڻ کان پوءِ پيو آهي. هينئرسڃاڻپ کان ٻاهر مئل ماڻهوءَ جا ڏند ڏسي کيس سڃاڻي سگهبو آهي.
    پهرين قسم جا انفارمر گهڻو ڪري غدارن، ۽ دشمن ملڪ جي ايجنٽن تي اک رکندا آهن. هو توهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ رهندا آهن. پاڻ کي واپاري، ڪاروباري، ۽ ڪنهن پرائيويٽ فرم جو ملازمن ثابت ڪندا آهن. وڏا پاور مليل هوندا اٿن. جيڪڏهن ڪجهه عرصي تائين ڪو غدار يا دشمن جو ايجنٽ کين نظر نه چڙهندو آهي، ته هو کڙي تڙي توهان کي ۽ اسان کي غدار ۽ دشمن جو ايجنٽ ڄاڻائي اسان جو ٻيڙو ٻوڙائي ڇڏيندا آهن. ڏاڍي مخفي نموني ڪم ڪندا آهن. پنهنجي اصليت ظاهر ٿيڻ نه ڏيندا آهن.
    پوليس وارا به پنهنجا انفارمر رکندا آهن. اُهي پوليس کي چورن، ڌاڙيلن، ڪاٽڪن، ٽيپتائين، ڦورن ۽ عام ڏوهارين جي چرپر بابت ڄاڻ ڏيندا آهن. پوليس کي انفارمر رکڻ لاءِ جيئن ته کين ڪنهن به قسم جو معاوضو نه ملندو آهي، تنهنڪري پوليس جا انفارمر پنهنجو گذر بسر ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري، ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي روڪڙ ڏوڪڙ ڇڏائي ڪندا آهن. اوڙي پاڙي ۾ سندن دٻدٻو هوندو آهي.
    مان ٻئي قسم جو انفارمر آهيان. مون جهڙا انفارمر حڪومت کي سياسي ۽ اقتصادي، معاشي ۽ سماجي خوش خبرون پهچائيندا آهن. حڪومت کي يقين ڏيندا آهن ته ماڻهو ڏاڍا خوش آهن، نوبنا آهن، کين ڪنهن قسم جي اڻتڻ نه آهي، رات جو آرام سان سمهندا آهن، ۽ صبح جو اٿڻ شرط اوهان کي هٿ کڻي دعائون ڏيندا آهن. حڪومت اهڙي انفرميشن تي ڏاڍي خوش ٿيندي آهي، پوءِ کڻي ٽيڪنالاجي ڪهڙي به استعمال ڪجي. حڪومتون جيئن ته ڪمپيوٽرن جون ماريل هونديون آهن، تنهنڪري مون جهڙا انفارمر ڪمپيوٽرن ۾ ترقيءَ جون ڪوڙيون سوڙيون خبرون وجهي، رنگين ٽرانسپيرنسيز ٺاهي حڪومتن جي مت ماري ڇڏيندا آهن. حڪومت کي “سڀ ٺيڪ آهي سرڪار” جهڙيون رپورٽون پيش ڪري خوش ڪندا آهن. اسان جي نسل جا انفارمر پاڻ کي مخفي نه رکندا آهن، ڇو جو سرڪار پاران اسان کي ايڊوائيزر، يعني صلاحڪار جو عهدو مليل هوندو آهي.
    مرڪزي سرڪار پاران سنڌ ۾ ڇڏيل جيڪي ٻه ٽي صلاحڪار آهن، مان انهن مان هڪ آهيان، مون کي پاڻ پڏائڻ جي علت نه آهي. اوهان کي مان فقط ايترو ٻڌائي ڇڏيان ته مرڪزي سرڪار منهنجين رپورٽن تي ويساهه ڪندي آهي. مان ڪڏهن به سرڪار کي وسوسن ۾ نه وجهندو آهيان. سندن اعتماد کي وڌيڪ پختو ڪندو آهيان. کين پڪ ڏياريندو آهيان ته اوهين اڳين حڪومتن کان وڌيڪ هردلعزيز آهيو. اوهان ملڪ ۽ ماڻهن لاءَ جيڪي ساراهه جوڳا ڪم ڪيا آهن، تهڙا ڪم اڳئين ڪا به حڪومت ڪري نه سگهي هئي. هر طرف اوهان جي هاڪ ۽ واهه واهه آهي. اهڙيون رپورٽون جيڪي مان پنهنجي ليپٽاپ کي هنج ۾ رکي تيار ڪندو آهيان، هڻي وڃي هنڌ ڪنديون آهن. حڪومتون آخري دم تائين منهنجين رپورٽن تي يقين ڪنديون آهن. ڇا ڪجي بابا! روزگار ۽ پيٽ جو معاملو آهي.
    سنڌ بابت حال احوال مان جمعدار رحمدل جهڙن ڄاڻن کان هٿ ڪندو آهيان. وڏا اڪابر ٿيندا آهن. جمعدار رحمدل کان حال احوال وٺندي منهنجي نگاهه لاڪ اَپ ۾ بند هڪ ڏٻري بيحال شخص تي پئجي ويئي. پڇيومانس، “رحمدل، هيءُ ڪير آهي، ۽ ڇا ڪيو اٿائين؟”
    وراڻيائين، “الاءِ ڪير آهي، پر مونکي پڪ آهي ته الله سائينءَ جو ماڻهو آهي. ”
    تعجب ٿيو. پڇيومانس، “ ڪيئن ٿو چوين ته الله سائين جو ماڻهو آهي؟”
    جواب ڏنائين، “ کيس ڇڏڻ لاءِ ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ سفارش نه ڪئي آهي. ”
    پڇيومانس، “ ڇا ڪيو اٿائين؟”
    چيائين، “ في الحال ته ڪجهه نه ڪيو اٿائين، پر روزو کولڻ کان پوءِ ۽ روزو رکڻ کان اڳ ڪجهه خونن ۽ ڪجهه ڌاڙن ۽ ڪجهه چورين جو اعتراف ڪندو. ”
    پڇيومانس، “ ماريندينس؟”
    وراڻيائين، “ ٿاڻي تي مار موچڙي کي تفتيش چئبو آهي.”
    پڇيم، “ هينئر تفتيش ڇو نه ٿو ڪرين؟ ”
    “مان ڪافر ناهيان.” جمعدار رحمدل چيو، “ بدبخت روزي سان آهي.”
    پڇيم، “ پوءِ ڇا ڪندين؟”
    جواب ڏنائين، “ روزو کولائيندومانس. پوءِ موچڙا هڻڻ شروع ڪندومانس. انشا الله، روزو رکڻ کان اڳ ڪجهه ڏوهن جو اعتراف ڪندو، ۽ روزو رکندو.”
    ان رات مون اسلام آباد اي ميل موڪلي. لکيم: سرڪار، مبارڪ مهيني ۾ سنڌ جي ٿاڻن جو ڪلچر بدلجي ويو آهي.■


    مون کي ٻيو ڪجهه نه کپي

    شڪ شبهه جي گنجائش نه آهي. اسين، الله سائينءَ جي فضل ۽ ڪرم سان مڪمل آزاد آهيون، ۽ آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهيون، ۽ ميوا کائي رهيا آهيون. انگريز بدبختن کي اسان جي لِڪيل صلاحيتن جي باري ۾ ڪا خبر نه هئي. کين اندازوئي نه هو ته آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسين ڪهڙي ڏات سان دنيا کي ڪهڙي نموني اچرج ۾ وجهي ڇڏينداسين. اسان پنهنجيون خداداد صلاحيتون انگريزن کان مخفي رکيون هيون. وڏا ڪاريگر آهيون. اڍائي ڪلاڪن ۾ دُٻي جي جنگ، ۽ ٽن ڪلاڪن ۾ مياڻيءَ جي جنگ هارائي چارلس نيپيئر کي تپرس ۾ وجهي ڇڏيوسين.
    1843 کان 1947 تائين، سڄن سارن هڪ سؤ چئن سالن ۾ انگريزن کي خبر ئي نه پئجي سگهي ته اسين ڪيتري قدر بهادر، ۽ جنگجو هئاسين. هنن اسان جي حڪمرانن جون هيرن جواهرن سان جڙيل تلوارون عجائب خانن ۾ رکائي ڇڏيون، ۽ عجب ۾ پئجي ويا. اڄ تائين ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين ۾ ريسرچ هلي رهي آهي ته ساڍن پنجن ڪلاڪن ۾ اسان جي سرموڙ ۽ سرٽوڙ حڪمرانن دٻي ۽ مياڻيءَ ۾ جنگيون ڪيئن هارايون، ۽ انگريزن جنگيون ڪيئن کٽيون!
    هڪ صدي گذرڻ جي باوجود اِن راز تان پڙدو نه کڄيو. انگريزن جو تپرس وڃي انتها کي پهتو. سوچي سوچي ٿڪجي پيا. ڪو کڙتيل نه نڪتو. مايوس ۽ مجبور ٿي پيا. سنڌ ڇا، هنن سموري هندستان تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ۽ 1947ع ۾ اسان کي آزاد ڪري انگلستان هلي ويا. ويندي ويندي گهڻو ڪجهه وساري ويا، ۽ گھڻو ڪجهه پاڻ سان جهاز ڀرائي کڻي ويا. کڄي ويل املاڪ ۽ هيرن جواهرن سان جڙيل تلوارون، ڍالون، ۽ خنجر به هئا. انگريز خوبصورت ۽ خوب سيرت ٿيندا آهن. هُنن اسان جي حڪمرانن جون هيرن جواهرن سان جڙيل تلوارن ۽ خنجر لنڊن ۾ نيلام نه ڪيا. بلڪه، ميوزيمن ۾ رکائي ڇڏيا. دنيا جا وڏا وڏا تاريخدان کوجنا ۾ رُڌل آهن ته تاريخ ۾ ڪٿي ، ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ هيرن جواهرن سان جڙيل تلوارن ڪيتريون جنگيون کٽيون، ۽ ڪيتريون جنگيون هارايون آهن.
    اوهين سياڻا آهيو. سمجهي ويا هوندا ته هندستان مان انگريزن کي تڙي ڪڍڻ جو سهرو اسان جي سِرَ تي آهي. اِهو جُملو درست ناهي. اسين سهرا ڳائيندا آهيون، ۽ مٿي تي پڳ ٻڌندا آهيون. اسان جا سرموڙ ۽ سرٽوڙ حڪمران جيڪڏهن ڏيڍ صدي اڳ ساڍن پنجن ڪلاڪن ۾ دٻي ۽ مياڻيءَ جون جنگيون نه هارائين ها، ته پڪ ڄاڻو 1947 ۾ انگريز هندستان تان ڪڏهن به هٿ کڻڻ جو فيصلو نه ڪن ها.
    هينئر اسين الله سائينءَ جي فضل ۽ ڪرم سان مڪمل آزاد آهيون. آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهيون. پنهنجين لڪل ۽ مخفي صلاحيتن جو ڀرپور نماءُ ڪري رهيا آهيون. وڻي ته جهرڪي ٿي اُڏامي وڃون. وڻي ته ماڻهوءَ مان سيهڙ ٿي. ڌرتيءَ ۾ ٻرُ ٺاهي لڪي پئون. سڀ ڪجهه اسان جي مرضي تي منحصر آهي. ڪا جهل پل ڪونهي. آزاديءَ جي اظهار لاءِ حالتون ڏاڍيون سازگار ۽ مهربان ٿي پيون آهن. ناسپاتيءَ جي وڻ مان اسان ڪيلا پٽي کاڌا آهن. حق ملي، نه ملي گھٽ ۾ گھٽ آزاديءَ سان مري ته سگهون ٿا. زهر پي سگهون ٿا. پاڻ کي باهه ۾ ساڙي سگهون ٿا. ڪا جهل پل ڪونهي. مڪمل آزادي آهي. ڪجهه نه ڪرڻ جي باوجود اسان کي گرفتار ڪري لاڪپ ۾ سان ڪُٽيِ سگهجي ٿو. اُبتو لٽڪائي لترن ۽ بيد جي لڪڻ سان ڪٽي سگهجي ٿو. ڪا جهل پل ڪونهي. مڪمل آزاديءَ آهي. موج ڪريو. مزا ماڻيو، ۽ موچڙا کائو.
    اسان جي آزاديءَ جو ڪو انت ڪونهي. جاهل هجڻ جي باوجود قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم کي رڇ، سوئرن ۽ ڪتن جي ويڙهه ڏيکاري، شڪار ۽ شيل ڪرائي وزير به ٿي سگهجي ٿو. ڪا جهل پل ڪونهي، مڪمل آزادي آهي. قاتل کي مقتول، ۽ مقتول کي قاتل ثابت ڪري سگهجي ٿو.
    آزادي آهي ته سڀ ڪجهه آهي، ورنه ڪجهه به نه آهي. اِهو آزاديءَ جو ئي ته ثمر آهي جو پنهنجي علائقي ۾ اسڪول. اسپتال ۽ پوسٽ آفيس کلڻ نه ڏجي! پنهنجي مرضيءَ جو مَن پسند ايس پي، ايس ايڇ او، ڊپٽي يا اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪرائجي! اَڻ پڙهيل هاريءَ کان اڇي، خالي پني تي آڱوٺو هڻائي، کيس ڏهن لکن جو مقروض ڪري ٻاويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين سندس ستاويهه پشتن کان بيگار وٺي سندس بنياد وڃائي ڇڏجي! ائين ٿي سگهي ٿو. ائين ٿي رهيو آهي. ڪا جهل پل ڪونهي. مڪمل آزادي آهي. ٻيو ڇا کپي؟
    اِئين برابر آهي ته ساڍن پنجن ڪلاڪن ۾ اسان جي سرموڙ ۽ سرٽوڙ ٿلهن حاڪمن دٻي ۽ مياڻيءَ جون جنگيون هارايون هيون. هيرن جواهرن سان جڙيل تلوارون مياڻ مان نه ڪڍيون هيون. اسان جا حاڪم دورانديش هئا. هُنن 1857 واري بلوي کان چوڏهن سال اڳ انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن، 1843 ۾ دٻي ۽ مياڻيءَ وارين جنگين دوران اسان جا حاڪم هيرن جواهرن سان جڙيل تلوارون مياڻ مان ڪڍن ها، ته يقين ڄاڻيو 1947 ۾ انگريز هندستان تان هٿ نه کڻي ها، ۽ پاڪستان وجود ۾ نه اچي ها.
    آزاديءَ جا مزا ماڻيندي سڄا سارا ٽيهٺ سال خير خوبيءَ، ۽ سُک شانتيءَ سان گذري ويا آهن. سڀ ڪجهه آزاد ملڪ جي آزاد عوام جي مرضيءَ ۽ منشا مطابق ٿيندو رهيو آهي. بس، هڪ شانتي هلي ويئي آهي. شانتي هلي ويئي ته ڇا ٿي پيو. مان ڪنهن به وقت پاڪستان جو حاڪم ٿي سگهان ٿو. مون کي پاڪستان کپي.■


    ڏوهارين سان ٺاهه

    بنا لائسنس وارا ۽ غير قانوني هٿيار ٿاڻن تي وڃي پيش ڪرڻ، ۽ پاڻ کي سچو پچو پيش محب وطن ثابت ڪرڻ وارا اشتهار ڏسي(ٽيليويزن تان)، ٻڌي (ريڊيو تان) ۽ پڙهي(اخبارن مان) ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان. جيئن ته مان به وڏو اشتهاري محب وطن آهيان، مون به فيصلو ڪيو آهي ته مان پاڻ کي محب وطن ثابت ڪندس، ۽ بنا لائسنس وارو خطرناڪ هٿيار ٿاڻي تي وڃي ڏيئي ايندس. اصل ۾ مان جولاءِ 1990 جي پنڌرهين تاريخ پاڻ کي محب وطن ثابت ڪرڻ لاءِ پير وڌائي ٿاڻي تي پهچي ويو هوس. پير وڌائي ٿاڻي جي باري ۾ اڃا تائين فيصلو ٿي نه سگھيو آهي ته ٿاڻو راولپنڊيءَ جي حدن اندر آهي، يا اسلام آباد جي حدن، بلڪه سرحدن اندر آهي!
    ٿاڻي جي انچارج بيوگل وڄائي منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. منهنجي شڪل شبيهه ڏسي سمجهي ويو ته وڏو ڪو دهشتگرد آهي. مٿان جو اردو ڳالهائيندس منهنجو سنڌي لهجو ٻڌائين ته هڪدم پڪ ٿي ويس ته سنڌي ڌاڙيل آهي - آمريڪا بدران سياسي پناهه وٺڻ لاءِ اسلام آباد هليو ويو آهي!
    پنهنجي دلفريب رويي سان ٿاڻي جي انچارج منهنجي دل موهي وڌي. دل چاهيو ته اڳتي وڌي سندس منهندي هاڻا ڪارا بيڊولا هٿ چمي وٺان. پر، مان ائين نه ڪري سگهيس. سندس هڪ هٿ ۾ سگريٽ هئي، ۽ هو مُٺ ڀيڪوڙي سوٽا هڻي رهيو هو نڪ مان دونها ڪڍي رهيو هو. مان سگريٽ کان وَنوءُ ويندو آهيان.
    مون دلفريب انسپيڪٽر کي چيو، “ڪاش، ڪجهه ڏينهن جي مهلت ملي وڃي ها، ۽ مان خطرناڪ، بنا لائسنس واري هٿيار جو استعمال ڪري وٺان ها.”
    دلفريب انسپيڪٽر دلفريب لهجي ۾ چيو، “ تنهنجي اطلاع لاءِ عرض آهي ته سرڪار بهادر بنا لائسنس وارا هٿيار گڏ ڪرائڻ واري تاريخ ۾ پنڌرهن ڏينهن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. تون جيڪڏهن چاهين ته بنا لائسنس وارو خطرناڪ هٿيار وڌيڪ پنڌرهن ڏينهن لاءِ پاڻ وٽ رکي سگھين ٿو، ۽ بنا حجاب جي استعمال به ڪري سگهين ٿو.”
    “اوه انسپيڪٽر!” مون سچ پچ سندس منهندي رتن ڪارن بيڊولن ۽ سگريٽ جي بدبوءَ سان ڀريل هٿن تي چمي ڏني. چيم، “انسپيڪٽر، تون گريٽ آهين - تون گريٽ آهين.”
    انسپيڪٽر سان هٿ ملائي موٽڻ لڳس. انسپيڪٽر مون کي سڏ ڪري بيهاريو. پڇيائين، “ڀائو، تو وٽ راڪيٽ لانچر آهي؟”
    “راڪيٽ لانچر!” مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم، “نه يار، نه.”
    “مشين گن؟”
    “نه.”
    “ برين گن؟”
    “نه.”
    “ڪلاشنڪوف؟”
    “نه.”
    “اڇا اڇا! مان سمجهي ويو آهيان.” انسپيڪٽر کلي پيو. چيائين، “تو وٽ توپ آهي.”
    کيسي مان ڀڳل بال پين ڪڍي، کيس ڏيکاريندي چيم، “مون وٽ هيءُ، دنيا جو سڀ کان خطرناڪ هٿيار آهي.”
    انسپيڪٽر، پريان غور سان بال پين ڏانهن ڏٺو. ويجهو اچي جائزو ورتائين. پوءِ جڏهن پڪ ٿي ويس ته منهنجي هٿ ۾ جهليل بال پين هئي، پوءِ ته هو هڪدم ڪاوڙجي پيو. سٽ ڏئي بال پين منهنجي هٿ مان کسي ورتائين.
    بال پين مون ڏانهن سڌي ڪندي چيائين، “تون هن ٽڪي جي بال پين کي دنيا جو خطرناڪ هٿيار ٿو سڏين - سرڪاري مهم جو مذاق ٿو اُڏائين!”
    فرش تي اُڇلائي، بال پين انسپيڪٽر پنهنجي لانگ بوٽ سان چچري ڇڏي. سخت نفرت وچان چيائين، “اڙي بيوقوف، اُهو وقت ورهيه ٿيا جو گذري ويو، جڏهن قلم کي تلوار کان وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو هو. هاڻي هڪدم گم ٿي وڃ منهنجي نظرن آڏو، نه ته هڻانءِ نه ڪاٺ ۾.”
    ٿاڻي تان نڪري هڪ رپئي واري بال پين ورتم دل ۾ خوش ٿيس ته جهالت وارو اُهو قديم دور گذري ويو، جڏهن قلم کي تلوار کان به وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو هو. اڄ ڪلهه پڙهيل ڪڙهيل ۽ عقل ۾ اڪابر صاحبن جو بلڪه صاحبلوڪن جو دور آهي، تنهنڪري اڄوڪي دور ۾ قلم ڦاهيءَ جي فرمانن، ڦٽڪن، قيدن ۽ سزا جي فرمانن تي صحيحي ڪرڻ جو ڪم ايندو آهي.هوءَ نه ته اڄڪلهه تلوار جو نعم البدل ڪلاشنڪوف، قلم کان هر حال ۾ طاقتور آهي، قلم اڳٺ وجهڻ جي ڪم ايندو آهي.• ■


    ______
    • 1990 ۾ حڪومت پاران دهشتگردن کي آڇ ڏني ويئي هئي ته هو پنهنجا غير قانوني خطرناڪ هٿيار ٿاڻن تي اچي جمع ڪرائين- سندن ڏوهه به معاف ڪيا ويندا.


    نار واري جنگ جو ٻيو ڏيک

    خوفناڪ بمباريءَ جا آواز وڌندا پئي ويا. پيشقدمي ڪندڙ ٽينڪن ۽ بمن جي ڌڌڪن ۾ لڳو پئي ته بنڪر نه بچندو. سڀ ڪجهه مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويندو. صدر صدام سان موجود ماڻهو خاموش ويٺا هئا، ۽ صدر صدام ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
    صدام گھري سوچ ۾ گم هو. آخري فيصلي تي پهچڻ کان اڳ ڄڻ سموري صورتحال جو جائزو وٺي رهيو هو. ڪافي دير کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري هن ساٿي جرنيلن ڏانهن ڏٺو. لوهي ٽوپلو(هيلميٽ) پائي هو اٿي بيٺو- اهڙي نموني، ڄڻ چوندو هجي، آخري معرڪي جي مهل اچي اچي ويئي آهي- اچو ته مرڻ کان اڳ اتحادين کي جنگ جو سبق سيکاريون!
    تڏهن، اوچتو ئي اوچتو، اک ڇنڀ ۾ سندس ٻه ڀروَسي جوڳا جرنيل ڏانهس وڌي آيا. ٻئي ڄڻا روالور اُڀا ڪري صدام جي سامهون باغي انداز ۾ بيهي رهيا.
    صدام کي ڏاڍو تعجب ٿيو.
    “هي سڀ ڇا هي؟ ” هن پڇيو.
    “اسان سمجهيو هو ته پهرين هوائي حملي کان پوءِ تون آڻ مڃيندين.” هڪڙي جرنيل چيو، “پر، تون ڏاڍو ضدي ، ۽ بيعقل آهين. زميني جنگ ۾ عراق جو هڪ هڪ شهري نه بچندو.”
    صدام وائڙو ٿي ويو.
    ٻئي جرنيل چيو، “روميل جي فوجي کان پنجاهوڻي فوج ۽ جديد ترين برقي ۽ ڪمپيوٽرائزڊ هٿيار کڻي آيا آهن. پنهنجي ضد جي ڪري سموري عراق کي خودڪشي نه ڪراءِ.”
    صدام ڪنڌ ڦيرائي ٻين فوجي آفيسرن ڏانهن ڏٺو. هو خاموش هئا.
    جرنيل چيو، “ اسان هٿيار وجھڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”
    “توهان؟” صدام تعجب وچان پڇيو، “ توهان هٿيار وجھڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ اهو فيصلو ته مون کي ڪرڻ جو اختيار آهي- مان جيستائين هٿيار اڇلائڻ جو فيصلو نه ڪندس، جنگ جاري رهندي.”
    “جنگ جاري نه رهندي.” جرنيل چيو،“ تنهنجي طرفان جنگ بنديءَ ۽ هٿيار اڇلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.”
    “منهنجي طرفان! ناممڪن.”صدام باهه ٿي ويو. چيائين، “توهان جو دماغ ته خراب ناهي؟”
    “ان کان سواءِ تو وٽ ٻيو ڪو به چاڙهو ڪونهي.” هڪڙي جرنيل چيو، “ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا نمائندا پاسي واري بنڪر ۾ پهچي ويا آهن. هو تنهنجو اعلان رڪارڊ ڪندا ۽ هتان وڃڻ شرط نشر ڪندا.”
    “ مان جنگ بنديءَ جو اعلان هرگز نه ڪندس.”
    “ان کان سواءِ ٻي ڪا به واٽ ڪونهي.”
    “مان وڙهندي مري ويندس، پر هٿيار نه وجهندس.”
    “توکي ڪير وڙهڻ ڏيندو، صدام.”
    “ڇا مطلب؟”
    “مطلب ته تون هتان نڪرڻ کان پوءِ وڙهندين نه؟” هڪ جرنيل چيو، “ اسين تو کي هتان نڪرڻ نه ڏينداسين.”
    صدام هڪدم پنهنجي روالور ۾ هٿ وڌو.
    “متان بيوقوفي ڪئي اٿئي.” هڪ جرنيل جهٽ هڻي کانئس روالور کسي ورتو. چيائينس، “ اسين توکي ماريندي دير نه ڪنداسين.”
    “ته پوءِ، ماريو ڇو نه ٿا.” صدام رڙ ڪندي چيو، “مون کي ماريو، گولي هڻو.”
    “متان سمجهين ته ائين ٿيڻ سان توکي تاريخ ۾ شهيد جو رتبو ملندو!” هڪ جرنيل چيو، “توکي مرڻ کان پوءِ اعلان ڪيو ويندو ته شڪست کان بچڻ لاءِ صدام حسين آپگھات ڪري ڇڏيو.”
    صدام محسوس ڪري ورتو ته هو پنهنجن جرنيلن سان نه، بلڪه دشمن جي جرنيلن سان ڳالهائي رهيو هو. ان جو مطلب آهي ته منهنجا جرنيل وڪامي ويا آهن! صدام سوچيو.
    “اسين توکي جيئدان ڏيون ٿا.” هڪڙي جرنيل چيو، “تون فقط جنگ بندي ۽ هٿيار وجھڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.”
    جرنيلن پريان ويٺل آفيسرن کي پاسي واري بنڪر مان ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي پروڊيوسرن کي وٺي اچڻ لاءِ چيو.
    آفيسر ڊوڙندا بنڪر مان ٻاهر نڪري ويا.
    صدر صدام جرنيلن کان پڇيو، “توهان آمريڪي سي آئي اي جا ايجنٽ آهيو؟”
    “اسين صدر بش جي عالمي رٿا (ورلڊ آرڊر) جو حصو آهيون.” هڪ جرنيل وراڻيو.
    ساڳئي ڏينهن دنيا صدر صدام طرفان جنگ بنديءَ جو اعلان ٻڌو.■

    1991


    جنگ

    گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڏاڍا عجيب، بي بنياد ۽ تجريدي خيال، وهمن وانگر وڪوڙي ويا آهن. نار واري ڇتي جنگ، جيڪا پنجن ڇهن هفتن کان جاري هئي، سا اوچتو ئي اوچتو ختم ڪيئن ٿي وئي! عراق جا جڳ مشهور، زميني جنگ جا ماهر، لکين ريپبلڪن گارڊ ڪيڏانهن غائب ٿي ويا! چيائون پئي ته جيئن ئي زميني جنگ شروع ٿيندي، ريپبلڪن گارڊ پنهنجا جوهر ڏيکاريندا، ۽ اتحادي فوجن کي اهڙي شڪست ڏيندا جنهن جو مثال تاريخ ۾ ڏاڍي فخر سان ڏنو ويندو!
    پر، ائين نه ٿيو. سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو. زميني جنگ شروع ٿيڻ جي ٻن ٽن ڏينهن اندر عراق وڙهڻ کان نابري واري ويٺو، ۽ ڪويت خالي ڪرڻ جو اعلان ڪري، سڄي دنيا پنهنجي حمايتن، دوستن ۽ گهڻ گهرن کي ششدر ڪري ڇڏيو. ماڻهن ڏاڍي اچرج وچان عراق طرفان جنگ بنديءَ جو اعلان ٻڌو. عراق جا مشهور ريپبلڪن گارڊ ڪيڏانهن ويا! اصل ۾ هئا به، يا ڊرامو هو! چاليهن ڏينهن تائين دنيا جي تاريخ ۾ ڪهڙي باب جو اضافو ٿيندو رهيو آهي! صلاح الدين ايوبيءَ جي تصويرن سان گڏ جنهن شخص جون تصويرون شايع ٿيون هيون، تنهن شڪست قبول ڪرڻ بدران، عزت جو موت ڇو نه قبول ڪيو! پنهنجي بنڪر مان ٻاهر اچي، وڙهندي موت ڇو نه ماڻيائين!
    سپر پاور ٽئين دنيا سان ڪهڙي ويسا گهاتي ڪئي آهي؟
    مون مختلف زاوين سان نار جي جنگ ڏانهن ڏٺو آهي. هتي، جيڪي لکيو رهيو آهيان، منهنجو انومان آهي- سوچ جي ڇڙواڳ پرواز آهي، جنهن جو سائنسي تجزيي سان ڪو به واسطو نه آهي.
    جنگي ڊارمي جوهڪ رخ:
    ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪا ڀرپور نموني عراق جي مدد ڪئي هئي. جيڪي به ڪيميائي هٿيار عراق ڏاڍي بيدرديءَ سان ايران جي عوام خلاف استعمال ڪيا هئا، سي عراق کي آمريڪا ڏنا هئا. اٺن نَوَن سالن جي جنگ ۾ آمريڪا دل کولي عراق جي مدد ڪئي هئي. کيس هٿيار، بارود، ٽينڪون، هوائي جهاز، پاڻيءَ جا جهاز، ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جي سکيا ڏني هئي. ٻين لفظن ۾، عراق هر لحاظ کان پاڻ کي آمريڪا جو اعتبار جوڳو پوئلڳ ثابت ڪيو هو.
    آمريڪا جي طويل عرصي کان عربن جي تيل تي اک هئي، ۽ اک آهي. اتفاق سان سمورا عرب ملڪ آمريڪا جا حمايتي آهن. اهڙي صورتِ حال ۾ ڪنهن دوست ملڪ ۾ ڪاهي پوڻ ۽ سندس اقتصادي وسيلن تي قبضو ڪرڻ آمريڪا لاءِ ڏکيو ڪم ٿي پيو هو. سموري دنيا جو اوتار ٿيڻ جا خواب ڏسڻ وارو آمريڪا ڪنهن دوست ملڪ تي حملو ڪري پنهنجي نام نهاد ساک کي ڌڪ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هو. عربن تي ڪاهي اچڻ لاءِ کيس ڪنهن سبب يا بهاني جي گهرج هئي.
    سبب پيدا ڪرڻ لاءِ عراق، ڊرامي جي پهرين ڪڙيءَ ۾ پنهنجو ڪردار پورو ڪرڻ لاءِ ڪويت تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي نموني عراق نهايت سچائيءَ سان نَوَن سالن تائين آمريڪي امداد قبول ڪرڻ جو حق ادا ڪيو. دنيا ۾ واءُ ويلا مچي ويئي. آمريڪا، اقوام متحده تي زور وڌو، ۽ عراق کي ڪويت مان فوجون ڪڍڻ لاءِ چيو. ڊرامي جي سينيريو (منظر نامي ) مطابق عراق انڪار ڪيو. آمريڪا، بنا وقت وڃائڻ جي عربستان ۾ فوجون ڪاهي آيو- بظاهر دوست ۽ نجات ڏياريندڙ جي حيثيت ۾. ورهين جي سندس سَڌَ پوري ٿي. فوجن سان گڏ جديد ترين هٿيار، هوائي ۽ بحري جهاز، ٽينڪون، توپون، ميزائيلون کڻي آيا. سندن جنگ ڄڻ عراق سان نه بلڪه روس سان هئي. پوءِ، ڏسندي ئي ڏسندي پاڻ سان اڻٽيهه يورپي ملڪ ملائي ورتائين. اتحادي فوجن جي طاقت ڏسي ائين لڳو، اتحادي ڄڻ روس کان ڏهوڻي طاقت واري ڪنهن ملڪ خلاف جنگ جوٽڻ جا جتن ڪري آيا هئا.
    سڄي دنيا منٿ ميڙ تي، ته بابلا ايڏي وڏي فوجي طاقت سان وچڙڻ بدران ماٺڙي ڪري ڪويت خالي ڪر- اجايو ضد نه ڪر!
    پر، ڊرامي جي منظر نامي مطابق عراق کي ڪويت مان پنهنجيون فوجون نه ڪڍڻيون هيون. ڊرامي جي منظر نامي مطابق وڏي پيماني تي تباهي مچائي، ۽ پوءِ ٺاهه ٺوهه، ۽ اقتصادي ۽ سياسي بحاليءَ جي بهاني آمريڪا لاءِ عربستان ۾ رهي پوڻ جو ميدان هموار ڪرڻو هو. تنهنڪري، عين منظرنامي مطابق جنگ لڳي، ۽ ختم ٿي ويئي. هينئر، سياسي ۽ اقتصادي بحاليءَ لاءِ آمريڪا کي عربستان ۾ رهڻو آهي. اهڙي طرح عربن جي تيل تي قبضو ڪرڻ واري خواب جي تعبير، پهرين مرحلي ۾ آمريڪا کي اهڙي نموني ملي آهي.
    هينئر، آمريڪا جو عربستان مان نڪرڻ محال آهي- ناممڪن آهي.
    ايندڙ هفتي، انشا الله، اِن باري ۾، يعني نار واري جنگ جي ڊرامي بابت ٻئي منظر نامي تي ڳالهائبو. ڪٿي ائين ته ناهي، عربن جي اقتصادي وسيلن تي قبضو ڪرڻ کانسواءِ آمريڪا جا وچ مشرق ۾ ٻيا به ڪي مفاد آهن؟ ان باري ۾، ايندڙ هفتي خوب دل کولي ڪوڙ ڳالهائبو.■

    1991


    سنڌ، سنڌ آهي

    اسان جي سنڌ سونهاريءَ کي ڇڏي، باقي سڄي دنيا ۾ اڄڪلهه ڳالهائڻ لاءِ فقط هڪ موضوع آهي: آمريڪا ۽ عراق جي جنگ. سمورو جڳ ساهه مٺ ۾ ڪري اِن جنگ بابت بحث ۾ مبتلا آهي. اسان وٽ، سنڌ ۾، اڄ به ڳالهائڻ لاءِ فقط هڪ موضوع آهي، ۽ مسئلو آهي، ڌاڙيل، ڌاڙيل، ۽ ڌاڙيل! اڇو ڌاڙيل، ڪارو ڌاڙيل، ماڇي ڌاڙيل،شيدي ڌاڙيل، تيلي ڌاڙيل، گرگو ڌاڙيل، جانوري ڌاڙيل، ٽانوري ڌاڙيل، چانڊيو ڌاڙيل، کٻُر ڌاڙيل، ٽڳڙ ڌاڙيل، ڌاڙيل، ڌاڙيل، ڌاڙيل!
    آمريڪا ۽ عراق جي جنگ جا سموري دنيا ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي اثر ظاهر ٿي رهيا آهن- سنڌ کان سواءِ! سنڌ ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهي. اڄ به، سنڌي اخبارن ۾، جيتريون خبرون آمريڪا ۽ عراق جي جنگ بابت شايع ٿي رهيون آهن، ان کان وڌيڪ خبرون ڌاڙيلن جي باري ۾ اچي رهيون آهن.
    ڪاري موريءَ وٽ اڇي ڌاڙيل جا قهري ڪارناما!
    اڇي موريءَ وٽ ڪاري ڌاڙيل جا قهري ڪارناما!
    ڳوٺ خان محمد نوناريءَ مان جان محمد جانوري اغوا!
    ڳوٺ علي بخش ساند مان بخش علي ڪاند جو ڏاند چوري!
    ڀيلن جي چوري!
    ايسپرو جي گوري!
    کيساني موري!
    ريل ۾ ڌاڙيل!
    کيل ۾ ڌاڙيل!
    تيل ۾ ڌاڙيل!
    جيل ۾ ڀڳوانداس!
    ڪوٽ ۾ ڌاڙيل!
    سوٽ ۾ ڌاڙيل!
    کوٽ ۾ رامداس! يا، موليٰ داس! جوزف داس!
    مولائين جهڙي ڊاڪٽر انصاريءَ کي کڻي ويا. چَوَن، پنجويهه لک ڀري ڏيو، ورنه اجهو ٿا ڊاڪٽر کي ماريون! ائين لڳو، ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ جو ڀاءُ نه کنيو هئائون، ڄڻ سيٺ عبدالقادر ڊائمنڊ والا جو ڀاءُ کنيو هئائون! عقل فيل! متِ ۾ ٻُڙي، ٻَرو ۽ پُڙي! پرائمري ماسترن کي کڻڻ شروع ڪيو اٿائون ! ٽيلر ماسٽرن کي کڻن، ته ڀنگ ۾ سبڻ جي مشين، ڌاڳي، بڪرم، بٽڻن، ۽ گراهڪن جي سبيل ۽ اڻ سبيل ڪپڙن جو آسرو ٿئين. پرائمري ماسترن وٽان ڀنگ ۾ ڇا ملندن! غربت، مفلسي، ڦاٽل پراڻا ڪپڙا، ٻارن جي دائمي کنگهه، بخار ۽ هڪ ويلو ماني، سا به سُڪا لولا ساڳ سان! خبر پئي ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلريءَ وارن ڌاڙيلن جو، ۽ ڌاڙيلن فرنٽيئر ڪانسٽيبلريءَ وارن جو عقل چرخ ڪري ڇڏيو آهي. وچ ۾ کاڄ ٿي رهيا آهن ڳوٺاڻا. نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار! نه فرنٽيئر ڪانسٽيبلريءَ کي خبر، نه جانوري، ۽ نه ٽانوري ڌاڙيلن کي خبر، ۽ نه نڌڻڪن گهوڙن، عرف ڳوٺاڻن کي خبر ته آمريڪا ۽ عراق جي جنگ هلي رهي آهي. ٽنهي کي سِرَ سان لڳل آهي! اَمن مشن تي روانو ڪجين، تڏهن وڃي ڪا خبر پوندن، ته دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري!
    ڌاڙيل ته ٿيا عقل جا انڌا، ۽ مَت جا موڙها! پاٿاريدارن جا ڀِڀَ ڀرڻ لاءِ پاڻ کي جهرن جهنگن ۾ مِرُن جهڙي زندگي گذارڻ تي راضي ڪري ڇڏيو اٿائون. زندگيءَ جي هڪ هڪ ساعت ڇرڪندي ۽ ڪنبندي، ڀڄندي ۽ لڪندي گذارڻ جا عادي! هڪ ڀُنگ جي اٽڪل ڏهه لک رقم مان کين ڪيتري رقم کيسي ۾ پوندي! ڌاڙيلن کي ڌوڙ جيتري رقم حصي ۾ ايندي آهي، سا به جهنگ ۾ جک ماريندي سندن ڪهڙي ڪم ايندي! مت جي موڙهن ڌاڙيلن اهڙي زندگي قبول ڪئي آهي، سو سندن نصيب. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سونهاريءَ جا ڀوتار، اهڙي وقت ۾، جڏهن دنيا اقتصادي، معاشي، سياسي ۽ سماجي ڦير گهير جي تاريخي محور تي پهچي چڪي آهي، پنهنجن پاليل ڌاڙيلن کي ڪجهه وقت لغام ڏين، پنهنجي قبضي ۾ رکن، ته جيئن سنڌ انهن تاريخي تبديلن جو تنقيدي جائزو وٺي سگهي.
    يار ٿيٻا، يار چانڊيا، يار شيدي ڪجهه ته خيال ڪريو! موليٰ علي جي ملڪ تي بمن جو وسڪارو ٿي رهيو آهي، امان حسين ۽ سندس ٻاهتر شهيدن جي ملڪ تي بمباري ٿي رهي آهي، پيران پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني، حضرت جنيد بغدادي، ۽ حسين ابن منصور الحلاج جي ملڪ تي ميزائلن، بمن، ٽينڪن، هوائي ۽ بحري جهازن جا لاڳيتا حملا ٿي رهيا آهن. يار، توهين سنڌ جي ماڻهن کي سوچڻ ڏيو- کين تاريخ جو جائزو وٺڻ ڏيو. موجوده حالتن ۾ پنهنجي ڀوتارن جا ڀِڀَ نه ڀريو. تاريخ جي شهادت آڏو نه اچو.
    پنهنجي قوم خلاف تاريخي ڏوهه ۾ شامل نه ٿيو.■

    1991


    ڌاڙيل لائق چانڊيا، ٿينڪ يو

    منهنجو اڄوڪو ڪالم توهان لاءِ نه آهي. منهنجو اڄوڪو ڪالم فقط هڪ شخص لاءِ آهي- لائق چانڊيي ڌاڙيل لاءِ آهي، جنهن منهنجو مان مٿاهون ڪري ٽن چيني انجنيئرن کي آزاد ڪيو آهي. منهنجو اڄوڪو ڪالم ڊاڪٽر لائق زرداريءَ لاءِ نه آهي، جنهن حيرت انگيز ڪتاب “تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو” لکيو آهي. ڪتاب جيئن ته سندس پي ايڇ ڊي جي کوجنا جو ثمر آهي، تنهنڪري افسانوي نه آهي. هڪ هڪ صفحي جي هڪ هڪ سٽ لاءِ هن حوالا ڏنا آهن. لائق زرداري جو ڪتاب سنڌ جي سياست سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ سونهون آهي. منهنجو اڄوڪو ڪالم لائق چانڊيي لاءِ آهي.
    منهنجو اڄوڪو ڪالم منير چانڊيي لاءِ به نه آهي. سنڌ جي ڏتڙيل ۽ چيٿاڙيل پورهيتن ۽ هارين لاءِ پاڻ پتوڙڻ وارو نوجوان- جنهن کي موٽ ۾ برف جهڙي خاموشيءَ پوڙهو ڪري وڌو آهي. اڄ ڪلهه الاءِ ڪٿي آهي! مون کي خبر ڪونهي ته استحصال قوتن خلاف طاقت آزمائيءَ ۾ ڇا وڃايائين، ۽ ڇا حاصل ڪيائين. آخري دفعي ٻڌو هيم ته گوئيٽي انسٽيٽيوٽ ۾ بريخت جا ڪجهه ڊراما ڪرايا هئائين. پر، منهنجو اڄوڪو ڪالم منير چانڊيي لاءِ به نه آهي. منهنجو اڄوڪو ڪالم ڌاڙيل لائق چانڊيي لاءِ آهي- فقط هڪ شخص لاءِ آهي.
    پيارا لائق چانڊيا، مان تنهنجو شڪر گذار آهيان جو تو منهنجو مانُ مٿاهون ڪيو، ۽ منهنجي چَوڻ تي تو چيني انجنيئرن کي آزاد ڪري ڇڏيو.. اڄ ڪلهه ڇاپا مارن جو دور ۽ زور آهي. تنهنڪري اِن ڪارنامي لاءِ ڪريڊٽ ٻيا کڻي ويا- پريس ڪانفرنسون ڪري هڪٻئي جا ٿورا مڃيائون، پر منهنجو ذڪر نه ڪيائون.
    مون کي ڪا خبر ڪونهي ته تون ڪهڙي وڏيري پاٿاريدار جو پاليل آهين. ڪهڙي وڏيري جي مُڇَ جو وار آهين. ڪهڙي پاٿاريدار جو جوراب آهين! مون کي ڪا خبر ڪونهي، ۽ هڪ هڪ ڌاڙيل ڪنهن نه ڪنهن وڏيري پاٿاريدار جو پاليل آهي. ڌاڙيل جي پنهنجي ڪا به حيثيت ۽ هستي نه ٿيندي آهي. پاٿاريدار پنهنجي ڌاڙيلن لاءِ ڇَپر ۽ ڇانوَ ٿيندو آهي- بلڪه ٿيندا آهن. پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان مڪمل تحفظ، بچاءُ ۽ پناهه!
    ابا لائق چانڊيا، وتايو فقير مري وڃڻ کان پوءِ به پريشان آهي ته تون ۽ تو جهڙا ٻيا ڌاڙيل ويهه ويهه، ٽيهه ٽيهه ۽ چاليهه چاليهه لک رپيا ڀنگ ۾ ورتل، بلائن سان ڀريل ٻيلن ۾ ڪيئن ۽ ڇا تي خرچ ڪندا آهيو! پر، منگل ويچارو به هفتي ۾ هڪ دفعو ايندو آهي! وتائي فقير جو روح ڏاڍو بيچين آهي. هو حيران آهي ته ڀُنگ ۽ ڌاڙن جا ڪروڙين رپيا توهين ڌاڙيل ڪيئن خرچ ڪندا آهيو!
    وتائي فقير جي هورا کورا ڏسي مان سوچ ۾ پئجي ويو آهيان ته وتايو سچ پچ سنڌي هو، سنڌ جو اصلي رهاڪو هو، يا هجرت ڪري آيو هو! يا، اسلام آباد جو صحافي هو! اسلام آباد جا صحافي سرڪاري خرچ تي سنڌ جو دورو ڪندا آهن. گڙنگ وڏيرن جي ايئرڪنڊيشن اوطاقن ۾ طعام ۽ قيام ڪندا آهن، ۽ موٽي اچڻ کانپوءِ پنهنجن ڪالمن ۾ لکندا آهن ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن باهه ٻاري ڏني آهي. جان ۽ مال امانَ ۾ نه آهي. عزت ۽ آبرو محفوظ نه آهي. باقي وڏيرا ڏاڍا مهمان نواز آهن- خاطر تواضح ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ۽ سنڌ کي ڌاڙيلن هٿان مڪمل تباهيءَ کان بچائي ويٺا آهن! جڏهن به ڪنهن ڌاڙي ۽ اغوا جو سرڪاري سطح تي نوٽيس ورتو ويندو آهي، تڏهن ويچارا وڏيرا، سڄي پاڪستاني ۽ محب وطن وانگر سرڪار طرفان ڌاڙيلن سان مذاڪرات ڪندا آهن ۽ آخر ۾ غير ملڪي يرغمالين کي ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، ۽ تمغه خدمت حاصل ڪندا آهن! باقي سڄي مستي سنڌي قوم پرستن جي آهي- جيئي سنڌ وارن جي آهي!
    پيارا لائق، اسلام آباد جي صحافين جي سنڌ بابت سچ ۽ حق تي مبني تاثر کان متاثر ٿي مون توکي خط لکيو هو ته ابا لائق، چيني انجنيئر مائوزيتنگ ۽ چو اين لائي جي ملڪ جا اسان وٽ مهمان آهن، کين ڇڏي ڏيو. تنهنجا لک لائق، لائق چانڊيا، جو تو منهنجي خط کي مان ڏنو ۽ چيني انجنيئرن کي ڇڏي ڏنو. باقي رهي ڀُنگ جي ڳالهه! سو افواهه پيو هلي ته ڀُنگ ۾ لکين ڪروڙين رپيا سودي بازيءَ ۾ هليا آهن. منهنجي ڳالهه تي يقين ڪجانءِ لائق، ڀُنگ جي رقم مان حرام آهي جو مون هڪ پيسو به ڦٻايو هجي! ڀُنگ جا لکين ڪروڙين رُپيا الاءِ ڪيڏانهن ويا! مون تي شڪ تڏهن ڪجان جڏهن مون کي ڪارن شيشن واري پجيرو، نسان پيٽرول ۽ ان قسم جي ڪنهن آفت گاڏي ۾ پٺينءَ سيٽ تي سفر ڪندي ڏسين. مون تي شڪ تڏهن ڪجانءِ جڏهن پرل ڪانٽينينٽل، آواري ۽ شيرٽن ۾ منهنجي لاءِ پنج ڪمرا بُڪ ٻڌين، يا ڏسين. باقي، خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي مان توکي يقين ٿو ڏياريان پيارا لائق، ته ڀنگ جي پيسن ۾ مون گهوٻي نه هئين آهي.
    مان وري به تنهنجو ٿورائتو آهيان، جو تو ڪنهن وڏيري، پاٿاريدار، پوليس آفيسرن، ڪامورن ۽ اَڌَ اکري سياستدانن جي زور بار بدران منهنجي چَوَڻ تي چيني انجنيئرن کي آزاد ڪيو.■


      ڪنسورشيم

    هيءُ جملو مون اسلام آباد جي مشهور گرينگو گيسٽ هائوس ۾ هم خيال همراهن جي گفتگو دوران ٻڌو. مان گيسٽ هائوس ۾ ڇا ڪري رهيو هوس، اوهين ان ڳالهه کي ڇڏي ڏيو. ضد نه ڪريو. ڏاها ٿيو. اوهان جي لاءِ فقط ايتري ڄاڻ ڪافي آهي ته اسلام آباد ۾ منهنجو گهڻو وقت گيسٽ هائوسن ۾ گذرندو آهي، خاص ڪري گرينگو گيسٽ هائوس ۾. گيسٽ هائوس ۾ هم خيال همراهن جي گفتگو دوران گنهگار ڪنن سان ٻُڌل جملو اوهين به ٻڌو، ۽ رب جا لک شڪرانا بجا آڻيو؛ “ خراب ٿيل جمهوريت کي نئون رنگ، نئون روپ ۽ نئين شڪل ڏيڻ لاءِ موجوده حڪمران جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، سو سڀ ساراهه جوڳو آهي.
    ڪنسور شيم انگريزيءَ جو لفظ آهي. ڪنسورشيم جون ڊڪشنريءَ ۾ انيڪ معنائون آيل آهن. پر، ڪنسور شيم جي سولي سنڌيءَ معنيٰ ڪنهن به ڊڪشنريءَ ۾ ڏنل نه آهي. ڪنسور شيم جي معنيٰ آهي، ملي ڀڳت. هڪ ننڍڙي وضاحت ضروري سمجهان ٿو. ڪنسور شيم ۾ ڪو به ميمبر ڀڳتي نه وجهندو آهي، ۽ نه ئي ڀڳتي ڳائيندو آهي. ڪنسور شيم جو ڪو به ميمبر ڀڳت نه آهي. ڪنسور شيم جا ميمبر پاڪستان جا ڄاتل سڃاتل سردار، خان مَلِڪَ، چوڌري، هيروئن ۽ هٿيارن جا واپاري، سمگلر، ۽ شودا آهن. انهن ۾ اسان وارا همراهه به شامل آهن، منهنجو مطلب اسان جا ڀوتار.
    نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت جنرل ضياالحق مرحوم و مغفور جي دور ۾ هم خيال همراهن جي ملي ڀڳت ڪنسور شيم جي شڪل اختيار ڪئي. ورنه، هو ڇڙوڇڙ، ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهايل هوندا هئا. وقفي وقفي کانپوءِ هو پنهنجو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪندا آهن، ۽ حاڪمن کي پنهنجي نيڪ خيالن ۽ نيڪ ارادن کان آگاهه ڪندا آهن، ۽ کين پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندا آهن.
    گرينگو گيسٽ هائوس اسلام آباد ۾ مون فقط هڪ جملو نه ٻڌو هو. ٽهڪڙن ۾ ملي ڀڳت جي ميمبرن جو هڪ ٻيو جملو به ٻڌو هو. اُهو جملو به پنهنجي جاءِ تي وڏي تاريخي، ۽ تاريخ ساز جملو هو. مون ملي ڀڳت جي ميمبر جو جملو ڏاڍي غور سان ٻڌو هو. اوهين غور سان پڙهجو؛ “ موجوده حڪمرانن جي بنيادي جمهوريت کان چاليهه سال اڳ فيلڊ مارشل ايوب خان سڀ کان بنيادي جمهوريت جو تجربو ڪري ڏٺو هو جنهن ۾ اسان جي نامور اَبن، ڏاڏن، چاچن ۽ مامن ڀرپور نموني حصو ورتو هو، ۽ بنيادي سطح تي ملڪ جي خدمت ڪئي هئي.”
    ان کان پوءِ، هڪ ميمبر جو ڳالهايل، ۽ منهنجو پنهنجن گنهگار ڪنن سان ٻڌل جملو گهٽ تاريخ ساز نه هو.اُهو جملو ٻڌڻ کان پوءِ ڪنسور شيم جا ميمبر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلي پيا هئا. کلي کلي کيرا ٿي ويا هئا. اوهين جملو ٻڌو، ۽ هيئين سان هنڊايو، پر سبق نه پرائجو. جن کي سڀ پرائڻ گهرجي، انهن سبق پرائڻ کان نابري واري ڇڏي آهي، ته پوءِ اسين ڇو سبق پرايون! اوهين فقط جملو ٻڌو، بلڪه پڙهو، ۽ سبق تي ڌيان نه ڌريو. اسان تاريخ مان سبق پرائڻ جو ٺيڪو نه کنيو آهي. جملو ڳالهائيندڙ ميمبر جو آواز ڳورو، گهگهو، ۽ ڦاٽل دهل جهڙو هو. هن چيو: “ فيلڊ مارشل ايوب خان جي بنيادي جمهوريت ۾ جوش ۽ جذبي سان خدمت ڪندي ڪندي اسان جي ابن، ڏاڏن،چاچن ۽ مامن ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا، ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ ملڪ جو ڍينگو ڍيري ٿي پيو.”
    ٽهڪڙا مچي ويا. ان کان پوءِ ڪوڪرن ۾ جُملا اُٿلي پيا. جملا هڪٻئي سان وچڙي پيا. سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته ڪنسور شيم جي ڪهڙي ميمبر ڪهڙي ڳالهه پئي ڪئي. مَسين مَسين، هڪ جملو سمورن جملن تي حاوي ٿي پيو، ۽ صاف ٻڌڻ ۾ آيو. ساز ۽ آوازن جي دنيا ۾ ڀل ڪو ان جملي جو قدر نه ڪري، پر مون ڪيو. ڇو جو اهو جملو به تاريخ ساز هو. مان جملولکان ٿو اوهين پڙهجو: “ جمهوريت بنيادي هجي، يا بي بنيادي اسان جا ابا، ڏاڏا، چاچا، ماما ۽ اسين هر قسم جي جمهوريت جا ڀرجهلا آهيون.
    اُن کان هڪدم پوءِ، هڪ ٻيو جملو ٻڌڻ ۾ آيو. اُهو جملو به تاريخ جو تسلسل هو. ڏاڍو وڻيو. اوهين به ٻڌو، بلڪه پڙهو ۽ ڪڙهو. ڪنسور شيم جي ان ميمبر جو آواز ٻڪر جي ٻيڪار جهڙو هو. چيائين: “جمهوريت لولي هجي يا لنگڙي، چٻي هجي يا ٽنڊي، اسان جي وجود کان سواءِ هلي ئي نه سگهندي آهي.”
    ڪنسور شيم جي ٻڪر جهڙي ميمبر جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. 1947 کان وٺي 12 آڪٽوبر 1999 تائين جمهوريت جي هر رنگ ۽ روپ، شڪل ۽ شبيهه ۾ ڪنسور شيم جا ميمبر سردار، مَلِڪَ، نواب ( نصر الله کان سواءِ ) خان، چوڌري ۽ اسان جا ڀوتار چونڊجي ايندا آهن ۽ مُلڪ هلائيندا آهن. کين لهر، نه لوڏو. وَٺُ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو. دور کڻي لياقت عليءَ جو هجي يا ايوب خان، يحيٰ، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير، نواز شريف جو، فقط ڪنسور شيم جا ميمبر چونڊن ۾ بيهندا آهن، کٽندا آهن. سندن برادري ۽ قبائلي ووٽ واري بينڪ ڪو به ٽوڙي نه سگهيو آهي. هڪ ايم اين اي ڏاڍي يقين سان چيو هو، “ اسان جو ووٽر، اسان کان سواءِ ڪنهن کي ووٽ نه ڏيندو، پوءِ کڻي آسمان مان ڪو فرشتو اسان سان مقابلي لاءِ ڇو نه لهي اچي. ضمانت ضبط ٿي ويندس.”
    ڪنسورشيم جي ميمبر جو آواز ٻڌم. زوردار نموني چيائين، “ موجوده حڪومت سان اسان جا ڪي به اختلاف نه آهن. اسين فقط اهڙي حڪومت جي مخالفت ڪنداسين جيڪا اسان جي ووٽ بينڪ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندي، يا اسان جي ووٽرن ۾ سياسي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.”
    ڪنسورشيم جي ميمبرن تاڙين سان گرينگو گيسٽ هائوس لوڏي ڇڏيو. ان کان پوءِ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪنسور شيم جي ميمبرن يڪراءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي. قرارداد ۾ هڪ هنڌ لکيائون، “ اڳ اسان کي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ پنهنجي پسند جو ايس ايڇ او، ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر وغيره مقرر ڪرائڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پوندي هئي. ايندڙ جمهوريت جي نئين نظام ۾ ايس ايڇ، ايس پي، ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي تقرري اسان جي هٿ ۾ ڏيئي موجوده حڪومت اسان جو ڪم سولو ڪري ڇڏيو آهي. اسين حڪومت جا شڪرگذار آهيون.”
    اوهان کي اِهو نه ٻڌائيندس گرينگو گيسٽ هائوس ۾ مان ڇا ڪري رهيو هوس.■


      حاڪمن لاءِ لوڪ ڪهاڻي

    پاڪستان ۾ لوڪ ڪهاڻين جي کوٽ ڪونهي. سنڌيءَ ۾ جام لوڪ ڪهاڻيون آهن. پنجابيءَ ۾ بيشمار لوڪ ڪهاڻيون آهن. پشتو ۽ بلوچيءَ ۾ کوڙ لوڪ ڪهاڻيون آهن. ڪا کوٽ ڪونهي. گدام ڀريا پيا آهن. کوٽ آهي ته فقط کنڊ جي کوٽ آهي. ملڪ جو خزانو دولت سان ٽمٽار آهي. ٿوري ڇُلڪي سان اسٽيٽ بينڪ جي درن، درين ۽ روشندانن مان هيرا جواهر ٻاهر ڪرندي ڏٺا ويا آهن. اِهو نسورو ڪوڙ آهي ته ملڪ جو خزانو خالي ٿي ويو آهي، ۽ حڪومت جو گذر بسر پنهنجن پراين جي زڪوات، امداد ۽ قرضن تي ٿي رهيو آهي. سراسر غلط پروپيئگنڊا آهي. يقين نه اَچَيوَ ته اسلام آباد اچو. پنهنجين اکين سان روڊن تي ڊوڙندڙ مرسڊيز، پجيرو، لينڊ ڪروزر، هونڊا، ۽ ڪرولائون ڏسو. تازو خريد ڪيون ويون آهن. سال ڏيڍ اڳ وارين قيمتي گاڏين ۾ ڪرپشن جا جراثيم هئا. تنهنڪري انهن گاڏين کي سالم حالت ۾ جيت مارڻ واري محڪمي حوالي ڪيو ويو آهي.
    منهنجي چَوَڻ جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا کوٽ نه آهي. سڀ ڪجهه جام آهي. تنهن ڪري اڄ تائين“پهيا” جام ٿي نه سگهيو آهي. نصرالله جي حقي مان دونهون نڪرڻ بند ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه آهي. کوٽ آهي ته فقط کنڊ جي آهي- ماڻهو ماني کائڻ بنا، ۽ بُکن ۾ پاهه ٿي قيامت تائين زندهه رهي سگهندو آهي. پر، ماڻهو ويچارو کنڊ کان سواءِ زندهه رهي نه سگهندو آهي. سڄي ڄمار زهر جا ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي زندگي ايتري قدر ته ڪوڙيءَ ٿي پيئي آهي جو کنڊ انسان جو بنيادي حق ٿي پيئي آهي. اقوام متحده کنڊ کي انساني حقن جي چارٽر ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جيئن ته انساني حقن واري چارٽر تي صحيحي ڪئي آهي، تنهن ڪري هر حڪومت ملڪ ۾ گھٽ ۾ گھٽ کنڊ جي کوٽ ٿيڻ نه ڏني آهي.
    لوڪ ڪهاڻين جي ته بنهه کوٽ نه آهي. سموريون لوڪ ڪهاڻيون ڏاڍيون سبق آموز، ۽ نصيحتن سان ڀرپور هونديون آهن، خاص ڪري عام ماڻهو لاءِ. خاص ماڻهو لوڪ ڪهاڻين کي لفٽ نه ڪرائيندا آهن. هو لوڪ ڪهاڻين مان ڪو به سبق نه پرائيندا آهن. ڪلوننگ ذريعي سونا آنا لاهيندڙ ڪُڪِڙِ ٺاهي وٺڻ جو فارمولو هٿ ڪري وٺندا آهن. وٺ پڪڙ دوران هو سونا آنا لاهيندڙ ڪڪڙ کي ڪُهي کائي ڇڏيندا آهن. ڪي خاص ماڻهو سونا آنا لاهيندڙ ڪڪڙ کي پرن ۽ کنڀن سميت اُڳري ڇڏيندا آهن. ملڪ ۾ ماٺار کان پوءِ وري ٻيهر سونا آنا لاهيندڙ ڪڪڙ ٺاهي وٺندا آهن. فارمولو هنن وٽ آهي.
    اسان سنڌين جي هڪ لوڪ ڪهاڻي حاڪمن لاءِ ڏاڍي سبق آموز، ۽ نصيحت ڀري آهي. افسوس جو سڄي سموري تاريخ ۾ پاڪستان جي ڪنهن به حڪمران اسان جي جڳ مشهور لوڪ ڪهاڻيءَ مان سبق نه سکيو آهي. ڪهاڻيءَ جو نالو آهي، عمر مارئي. مون کي خبر ڪونهي ته عمر مارئي لوڪ ڪهاڻي آهي، يا تاريخي ڪهاڻي آهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي ته عمر مارئي ڪهاڻيءَ ۾ حاڪمن لاءِ وڏي نصيحت آهي.
    اِن کان اڳ جو مان عمر مارئي ڪهاڻيءَ ۾ حاڪمن لاءِ نصيحت جي راز ۽ رمزن تان پڙدو کڻان، هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري سمجهان ٿو. حڪمرانن مان منهنجي مراد آهي پاڪستان جا سمورا حاڪم، سواءِ موجودهه حڪمرانن جي. مان چاليهه سالن کان لکي رهيو آهيان. چاليهه سالن ۾ مون اڳئين ۽ پوئين در مان داخل ٿي ملڪ تي راڄ ڪرڻ وارا انيڪ حڪمران ڏٺا آهن. مون هر حڪمران جي دور ۾ دل کولي آزاديءَ سان لکڻ جو گُر هٿ ڪري ورتو آهي. مان وقت جي حاڪم سان کؤنس نه ڪندو آهيان. سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀريندو آهيان. هر حاڪم جي دور ۾ مان گذريل حاڪم جي پڳ ۾ هٿ وجهندو آهيان. وقت جا حاڪم منهنجي ان ڳالهه تان خوش ٿيندا آهن، ۽ مون کي عزت ڀري نگاهه سان ڏسندا آهن، ڇو جو وقت جو حاڪم اقتدار تان لٿل حاڪم کي بد ديانت لوڀي ۽ ٺڳُ سمجهندو آهي.
    عطالرحمٰن نالي اڄ ڪلهه هڪ وزير آهي. الاءِ ڇا جو وزير آهي. مان سمجهان ٿو ڪمپيوٽرن جو وزير آهي. جتي هوندو آهي اُتي ڪمپيوٽرن جي ڳالهه ڪندو آهي. عطالرحمان جي اچڻ کان اڳ اسان کي ڪمپيوٽرن جي خبر نه هوندي هئي. اسين آڻ آريا هئاسين، ۽ غارن ۾ رهندا هئاسين. هينئر اسان کي ڪمپيوٽرن جي خبر پئجي ويئي آهي. الله ٿو ڄاڻي عطالرحمٰن نه اچي ها. ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهون ها.
    هڪڙي ڏينهن ڪجهه ڏکيا بکيا ٻار آيا. چيائون، “ڏاڏا، اسين بکيا آهيون.”
    چيومانِ “ڪمپيوٽر کائو.”
    چيائون، “اسين اُگهاڙا آهيون.”
    چيم، “ڪمپيوٽر پايو.”
    چيائون، “اسان کي رهڻ لاءِ گهر ڪونهي.”
    چيم، “ڪمپيوٽر ۾ رهو.”
    چيائون، “اسين يتيم آهيون، ڏاڏا.”
    کين دلداري ڏيندي چيم، “پرواهه ڇو ٿا ڪريو، ٻالڪو. اوهين جديد دور جا يتيم آهيو. ڪمپيوٽر اوهان جي ماءُ آهي. ڪمپيوٽر اوهان جو پيءُ آهي. ”
    موجوده حڪمرانن ۽ شروعاتي حڪمرانن جي دور کي ڇڏي مون اخبارن مان حاڪمن جي هڪٻئي لاءِ بيان هٿ ڪري ڪمپيوٽرن جي مٿي ۾ وجهي ڇڏيا. پوءِ ڪمپيوٽر کي ڪمانڊ ڏنم ته يار حاڪمن جا هڪٻئي لاءِ بيان پڙهه، ۽ ٻڌاءِ ته پاڪستان تي ڪنهن حڪومت ڪئي آهي؟
    ڪمپيوٽر ٺهه پهه جواب ڏنو، لکت ۾ ، مانيٽر جي اسڪرين تي، ته موجوده دور کي ۽ شروع واري دور کي ڇڏي سراسر- پنجاهه سال ٺڳن ۽ ڍڳن پاڪستان تي حڪومت ڪئي آهي.
    هاڻي اچون ٿا نصيحت ڀريل لوڪ ڪهاڻيءَ تي جنهن ۾ حاڪمن لاءِ حڪمت آهي. لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ اوهان لاءِ ڪا به نصيحت ناهي، پر تنهن هوندي به غور سان پڙهجو. خير جو ڪم آهي.
    عُمر وقت جو حاڪم هو. مارئيءَ کي اغوا ڪري عمر ڪوٽ کڻي ويو. مارئيءَ جي مائٽن ۾ دم خم هجي ها ته عمر تي اغوا جو ڪيس داخل ڪن ها. پر، هنن اِئين نه ڪيو. هنن پنهنجو مقدمو الله سائينءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. تنهنڪري، ڪا رِٽِ داخل نه ڪيائون.
    پاڻ کي وڻائڻ، ۽ مارئيءَ جي دل جيتڻ لاءِ عمر وسان ڪين گھٽايو. جڏهن ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ سان ڪم نه هليس، ته مارئيءَ کي ڪرتب ڏيکاريائين. کيس ڏيڏر ٿي ڏيکاريائين. ڪڪڙ وانگر ٻانگ ڏيئي ڏيکاريائين. پيرن بدران مٿي تي بيهي رهيو. آسمان تان چنڊ پٽي اچڻ جا واعدا ڪيائين. مارئيءَ کي کيسي مان ڪبوتر ڪڍي ڏيکاريائين، پر ڪجهه نه وريو. عمر جاکوڙ جي باوجود نه مارئيءَ جي دل جيتي سگهيو، ۽ نه پاپولر ٿي سگهيو.
    نصيحت: دٻڙ ڌونس، ۽ دڙڪي دلاسي سان ڪنهن جي دل کٽي نه سگهبي آهي. اٽڪلن ۽ حرفتن سان ٻئي جو مَنُ موهي نه سگهبو آهي.■


    نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار

    صاحبن جو سڏ آيو. ڇرڪ ڀري ننڊ مان اُٿيس. سڀ کان اڳ پاڻ کي گھرڙي ڀونڊو ڏنم. مون کي ياد ڪونهي ته اِها مون کي عادت ڪڏهن ، ۽ ڪٿان پيئي. مون کي فقط ايترو ياد آهي ته ورهين کان ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ پاڻ کي ڀونڊو ڏيندو آهيان. عادت مطابق پاڻ کي ڀونڊو ڏنم. منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيم. وات ۾ نم جو ڏندڻ وڌم، ۽ اگهاڙي پيرين ڊوڙندو، وڃي صاحبن جو سلامي ٿيس. آقا مون کي ڏسي خوش ٿيا. چروٽ جو ڪشش هڻي، نڪ جي ناسن مان دونهون ڪڍي سرها ٿيا. مون کي ويهڻ لاءِ چيائون. مان سندن سامهون وڏي ميز جي ٻئي طرف ادب سان ويهي رهيس. پاڻ کارڪون کائي ويٺا هئا. مون کي کائڻ لاءِ کارڪن جون ککڙيون ڏنائون. پڇيائون، “سيهڙ سنڌي، ڪر خبر، ڪهڙو حال اٿئي؟”
    هٿ ادب جا ٻڌي چيم، “الله سائينءَ جي فضل ۽ ڪرم، ۽ اوهان جي نظرِ ڪرم سان خوش چاڪ چڱو ڀلو، ۽ نو بنو آهيان، ۽ اوهان جي حق ۾ دعاگو آهيان. موليٰ شل اوهان کي وڏي ڄمار ۽ ڊگهي رسي ڏيئي جيئن اوهين پاڪستان ۽ پاڪستان جي مظلوم، بلڪه غريب عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگھو.”
    چيائون، “آمين.”
    مون به ڀڻڪن ۾ چيو، “آمين”، ۽ منهن تي هٿ ڦيرائيندي ٻنهي هٿن سان پاڻ کي ڀونڊو ڏنو.
    چيائون، “سنڌ جو احوال ڏي.”
    کين سنڌ جو مفصل حال احوال ڏيندي چيم، “سنڌ ۾ خير لڳو پيو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ٻن ٽن دورن دوران شينهن ۽ ٻڪريءَ کي هڪ گھاٽ تان پاڻي پيئندي ڏٺو آهي.”
    چروٽ جا ڪش هڻي گُد گُد ٿيا.
    چيم، “سرڪار، اوهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته سنڌ جي غريب عوام الغوزي تي راڳ درٻاري ٻڌائڻ شروع ڪيو آهي.”
    پڇيائون، “غريب عوام جا ٻيا ڪهڙا حال آهن؟”
    چيم، “ ڏاڍا مزي ۾ آهن. کير پُڙا، ماوا ۽ ملايون کائي رهيا آهن، ۽ جان بنائي رهيا آهن.”
    پڇيائون، “غريب عوام جي سياسي شعور جو ڪهڙو حال آهي”؟
    وراڻيم، “غريب عوام جو سياسي شعور اوج تي آهي.”
    ساڄي هٿ سان ميز وڄائي خوشي جو اظهار ڪيائون. پوءِ چيائون، “اِن جو مطلب آهي ته ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان تربيتي پروگرامن ڪم ڪري ڏيکاريو آهي!”
    هڪدم چيم، “سرڪار، تربيتي پروگرامن غريب عوام جي سياسي سڌ ٻڌ، ۽ سوچ سمجهه ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي.”
    اِها ڳالهه مون حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ نه چئي هئي. ويجهڙائيءَ ۾ مون سنڌ جو دورو ڪندي مون غريب عوام جي سياسي شعور م وڏي تبديلي ڏٺي هئي. تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مون غريب عوام جي سوچ ۾ مون ايڏي مثبت تبديلي نه ڏٺي هئي، ويندي جو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ به نه ڏٺي هئي جنهن غريب عوام جو محاورو ايجاد ڪيو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ به غريب عوام ووٽ ڏيئي چوڌرين، وڏيرين، مَلڪَن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي اقتدار جي ايوان، اسيمبلين تائين پهچائي ڇڏيو هو. جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مبشر، رحيم، ۽ معراج جهڙا مولائي چونڊجي اسيمبلين ۾ الله جي نيڪ بندن سان گڏجي وڃي ويٺا هئا، تن جو حشر ڏاڍو خراب ٿيو هو.
    پر، مون کي پڪ آهي ته هِن دفعي ائين نه ٿيندو. اِئين برابر آهي ته ٻارهين آڪٽوبر واري اُٿل پٿل کان پوءِ اقتدار ۾ آيل حڪومت گذريل ڏهن سالن ۾ آيل وَيل، ڪڍيل ۽ ٿڏيل حڪمرانن کان حساب ڪتاب وٺڻ شروع ڪيو آهي. هنن ضياالحق جي يارهن سالن واري دور ۾ انڪري هٿ نه وڌو آهي جو اُهو دور نيڪ سيرت، نيڪ بختن ۽ قول ۽ فعل ۾ غازين جو دور هو. مون ضياالحق کي پنهنجي ڊرائيور سان ساڳي ٿالهيءَ مان ماني کائيندي ڏٺو هو. سبحان الله.
    موجوده حڪمرانن غريب عوام کي وساريو ناهي. کين خبر آهي ته حاڪمن جي وڏي پيماني تي هيرا ڦيري فٽپاٿ تي پڪوڙا وڪڻڻ واري، سائيڪلن جا پنڪچر ٺاهڻ واري جي زندگيءَ تي سڌو سنئون اثر انداز نه ٿيندي آهي. تنهن ڪري، موجوده حڪمرانن اهڙا برجستا اُپاءَ ورتا آهن جو هيٺين سطح تي ڪو به ماڻهو ڪرپشن جو شڪار نه ٿيندو. اوهين پڪوڙا وڪڻو، ڳنڍيريون وڪڻو، جيڪي وڻيوَ ڇٻي ۾ وجهي، مٿي تي رکي وڪڻو، ڪو به اوهان کان ڀتو نه وٺندو. ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪو به سپاهي اوهان کي لاڪ اَپ ۾ بند ڪري لِترن سان مار نه ڪڍندو. تپيدار اوهان کي تنگ نه ڪندو. انڪم ٽيڪس وارا اوهان کي ذليل نه ڪندا. سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ وارا اوهان کان رشوت نه وٺندا. ريل ۾ سيٽ وٺڻ لاِ بڪنگ ڪلارڪ کي خرچي ڏيڻي نه پوندي. سرڪاري اسپتالن مان دوائون غائب نه ٿينديون. سگريٽون ٺاهڻ وارا ڳوٺ ڳوٺ پهچي، ميلا ملاکڙا هڻي اوهان جي ٻارن کي اول سگريٽ ۽ بعد ۾ هيروئن پيئڻ تي نه هرکائيندا.مختلف سياسي رايو رکڻ ڪري ڪڏهن به ڪو پوليس اهلڪار اوهان جي کيسي ۾ چرس جي پُڙي وجهي اوهان کي گرفتار نه ڪندو. هيٺين سطح تي غريب عوام کي ڏاڍو ڏمر کان مڪمل تحفظ ڏنو ويو آهي.
    گاهه جي پاڙ تائين هيٺاهين سطح تي جمهوريت کي به انڪري آندو ويو آهي جو غريب عوام هِن دفعي پنهنجي مرضيءَ مطابق پنهنجي پسند جا پاڻ جهڙا نمائندا چونڊي سگهي. اڳ، ورنه ائين ٿيندو هو جو غريب عوام ڇپن کي ووٽ ڏيئي ڇپن هيٺان دٻجي ، چچرجي، چٿجي مري ويندا هئا. ڪو سندن واهي وارث نه ٿيندو هو. گذريل هڪ سال کان لاڳيتو ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان غريب عوام جي سياسي سوچ بلند ڪرڻ لاءِ تربيتي پروگرام هلي رهيا آهن. اهڙن پروگرامن جا خاطر خواهه نتيجا سامهون آيا اهن. اڄ جو غريب عوام هڪ سال کان اڳ وارو غريب عوام نه رهيو آهي. وڏي سياسي تبديلي ۽ جاڳرتا آئي آهي سندن سوچ ۾!
    گذريل مهيني مان سنڌ جي دوري تي آيو هوس. هڻ کڻ ٻيلي ۾ آباد ڀُنگ برادري ۽ سندن قبيلي جي ماڻهن سان منهنجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. يقين ڪريو، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن هُن چيو، “اسين تربيتي پروگرامن کان ڏاڍا متاثر ٿيا آهيون. هن دفعي ڀَلُ ته اسان جي قبيليءَ جو سردار چونڊن ۾ بيهي، پر ووٽ اسين ڪنگلي ڪمپائونڊر کي ڏينداسين. پڙهيل ڪڙهيل آهي. هر هفتي دوائون درمل کڻي ، سِرُ تريءَ تي رکي ٻيلي ۾ ايندو آهي، ۽ اسان جو ۽ اسان جي ٻارن جو علاج ڪندو آهي.”
    اِها خبر جڏهن مون حاڪمن کي ڏني ته ڏاڍا خوش ٿيا. هڪٻئي جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ چيائون، “تنهنجي اطلاع تي اسان کي يقين آهي، مسٽر سيهڙ سنڌي. پر، اسان ٻڌو آهي ته وڏي پيماني تي سردار، جاگيردار ۽ وڏيرا ناظم ٿيڻ لاءِ چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ تيار ٿيا آهن.”
    هڪدم چيم، “ بنهه غلط ۽ جُڙ تو خبر آهي. ڪو به سردار، ڪو به جاگيردار، ڪو به وڏيرو، ڪو به مير ۽ پير گاهه جي سطح تائين هيٺ لهي آيل جمهوريت لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ناهي.ايترو هيٺ لهڻ کي هو پنهنجي توهين سمجهن ٿا.”
    پڇيائون، “۽ جيڪڏهن چونڊن ۾ بيٺا ته پوءِ؟”
    پاڻ کي ڀونڊو ڏيندي چيم، “پنهنجي ضمانت ضبط ڪرائيندا.”■


      جشنِ آزادي

    مون کي ڪا به خبر ڪونهي ته آزاديءَ جو چوونجاهون جشن اوهان ڪيئن ملهايو. اسلام آباد ۾ اسان آزاديءَ جو جشن ڏاڍي ڌوم ڌام سان ملهايو. ڪا ڪسر نه ڇڏي سين. پنهنجي جوش ۽ جذبي سان حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ڪري ڇڏيوسين. جن ڏندين آڱريون ڏنيون، تن آڱريون زخمي ڪري وڌيون. هن دفعي آئين کي اسان کان، ۽ اسان کي آئين کان مڪمل آزادي مليل هئي. هڪٻئي کان ڏاڍو بيزار ٿي پيا هئاسين. هڪٻئي کي آزاد ڪريو ڇڏيوسين. دنيا کي اسان کان سبق پرائڻ گهرجي. مُلڪ آئين کان سواءِ به هلي سگهي ٿو، ۽ هلائي سگهجي ٿو. مرحوم ۽ مغفور جنرل ضياالحق بلڪل سچ چيو هو ته آئين جي هڪ ڪتابڙي کان وڌيڪ ڪا اهميت نه آهي، جنهن کي ڦاري ڦٽي ڪري سگهجي ٿو.
    هن دفعي جشن دوران اسين اسيمبليءَ کان به آجا هئاسين. نه هئا غريب عوام جا چونڊيل ميمبر، ۽ نه هيون سندن پجيرو، لينڊ ڪروزر، مرسڊيز، ۽ بي ايم ڊبليو. سُک سانت هئي. اسيمبليءَ جي مرقد کي وساريو نه هئائون. اسيمبليءَ جي عمارت تي ڏيئن جهڙا پتڪڙا بلب ٻاري ڇڏيا هئائون. پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان لاءِ، منهنجو ،مطلب آهي ووٽ ڏيڻ لاءِ “غريب عوام” جو محاورو ذوالفقار علي ڀٽي ايجاد ڪيو هو. 1947 ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چوويهن سالن تائين ملڪ ۾ عام چونڊون نه ٿيون هيون. تنهن ڪري “غريب عوام” اڃا ايجاد نه ٿيو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي اُسهڻ کان پوءِ پاڪستان جي ڪنهن به حاڪم کي “غريب عوام” جو محاورو سمجهه ۾ نه آيو. تنهن ڪري هر حاڪم پنهنجي وِتَ آهر عوام کي وڌيڪ غريب ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. اڳ غريب عوام جو پيٽ خالي هوندو هو، هينئر غريب عوام جو مٿو به خالي ٿي ويو آهي.
    ڏاهن جو قول آهي ته گگدامن تي ڪهل ڪجي. گگدامن جي آهه عرش ۽ فرش کي لوڏي ڇڏيندي آهي. پاڪستان جي عوام جو شمار گگدامن ۾ ٿيندو آهي. مون کي پڪي خبر ڪونهي ته ڇا ٿيو هو، پر پهرين چونڊن دوران ڪجهه غير معمولي ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ٿيو هو. سڀ ڪجهه پُراسرار هو. ڄڻ غيبي قوتن جو دائرو وسيع ٿيو هو. پهرين اليڪشن جي نتيجي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو سو حيرت انگيز هو. سمجهه کان ٻاهر هو.
    پهرين اليڪشن کان پوءِ 1971 ۾ پاڪستان ٽٽي پيو. مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي پيو. مغربي پاڪستان ڦري پاڪستان ٿي پيو. جنهن اليڪشن کا پوءِ پاڪستان ٻه اڌ ٿي پيو، تنهن اليڪشن جي نتيجي کي ٻنهي ملڪن، بنگلاديش، ۽ پاڪستان، جيڪو اصل ۾ اڳوڻو مغربي پاڪستان هو، نه فقط قبول ڪيو، بلڪه برقرار رکيو.اِها تعجب جهڙي ڳالهه هئي. غريب عوام کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي. اصولي طرح وجود ۾ آيل ٻن نَونَ ملڪن بنگلاديش ۽ پاڪستان، (جيڪو اصل ۾ مغربي پاڪستان هو). ۾ نيون چونڊون ٿين ها، ۽ نتيجي مطابق نيون حڪومتون ٺهن ها، پر ائين نه ٿيو. ٻنهي نون ملڪن ٽٽي پيل ملڪ ۾ چونڊن جي نتيجي تي عمل ڪيو. بنگلاديش جو وزيراعظم شيخ مجيب ا لرحمان ٿيو، ۽ نئين پاڪستان جو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ٿيو. ٻئي ڏاڍو ڀوائتو ۽ وحشياڻو موت مئا. الاءِ ڇا هو پهرين پرُاسرار اليڪشن ۾! ڪنهن کي ڪا خبر ڪونهي. ڄڻ غيبي چتاءُ هو: وري ڪڏهن به هن ملڪ ۾ چونڊن جو مطالبو نه ڪجو.
    پهرين اليڪشن جي وارداتن کان پوءِ ڏاها ۽ ڏاڍا گول ميز ڪانفرنس ۾ هڪٻئي جي سامهون ويٺا هئا. تن ڏينهن جي بحث مباحثن کان پوءِ هڪ فيصلي تي پهچي اُٿي کڙا ٿيا هئا ته راز کي راز رهڻ ڏبو، ۽ ڪنهنکي به راز تان پڙدو کڻڻ جي اجازت نه ڏبي، ۽ تمام سختيءَ سان چادر ۽ چار ديواريءَ جي حفاظت ڪبي.
    راز ۽ رمزن تان پڙدو کڻڻ، يا پڙدو وجهڻ سان منهنجي ڪا دلچسپي ناهي. مان شرلاڪ هومز جو مائٽ نه آهيان. هونءَ به چونڊن وغيره سان منهنجو نه ڪڏهن ڪو واسطو رهيو آهي، ۽ نه رهندو. مون نه ڪڏهن ووٽ ڏنو آهي، ۽ نه ڪڏهن ووٽ ورتو آهي. مون فقط چونڊن جا نتيجا ڏٺا آهن، ۽ عبرت حاصل ڪئي آهي. پاڪستان ۾ گهڻو اڳ هڪ دفعي صدارتي چونڊن ۾ جنرل ايوب خان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح سان مقابلو ڪيو هو، ۽ کيس شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. اُن کان پوءِ 1965 ۾ هو هندستان سان وڙهيو هو، ۽ پان کي فيلڊ مارشل جو لقب ڏيئي سرخرو ٿيو هو. اُن دفعي به ماڻهن ڏندين آڱريون ڏنيون هيون، ۽ آڱريون زخمي ڪري وڌيون هيون.
    مونکي فقط هڪ ڳالهه جي خبر آهي ته اسان وٽ جڏهن به چونڊون ٿينديون آهن تڏهن پراسرار طور تي هميشه وانگر هيروئن ۽ هٿيار وڪڻڻ وارو قبائلي لالو چونڊجي ايندو ۽ اسان واري وڏيري هڻ کڻ سان گڏ اسيمبليءَ ۾ سيٽ والاري ويهندو. اُها اسيمبلي به سال سوا هلندي، ۽ مدو پورو ڪرڻ کان اڳ وائرس جو شڪار ٿي ويندي. پَرَ، هن دفعي ائين نه ٿيندو. عاقلن ۽ بالغن ، ڏاڍن ۽ ڏيرن جو چَوَڻ آهي ته هن دفعي ماستر قلندر ڪنگلو چونڊن ۾ بيهندو، ۽ مُلڪ جي مَلَڪن، خانن، ۽ سردارن جو ٻيڙو ٻوڙي وجهندو. مون هڪ ڏاڍي کان پڇيو، يار، هن دفعي چونڊن ۾ غريب عوام بدران ٻي ڪا مخلوق ووٽ وجهندي ڇا؟ ڏاڍي خار لڳس. اکيون ٽانڊا ٿي ويس. چيائين، اَجائي بڪ بڪ نه ڪر. اسان کي خبر آهي ته تون مُلڪ جو خير خواهه نه آهين.
    مان به ڪهڙي چڪر ۾ پئجي ويو آهيان. ٻُڌايو ته اوهان آزاديءَ جو جشن ڪيئن ملهايو هو؟ اسلام آباد ۾ اسان ته آزاديءَ جو جشن ڏاڍي ڌوم ڌام سان ملهايو هو. صبح جو آغاز ايڪٽيهه توپون هلائڻ سان ڪيو هو. ريڊيو ۽ ٽيليويزن وارن ٻُڌايو ته اوهان صبح جو آغاز ايڪويهه توپون هلائي ڪيو هو! اِهو ئي فرق آهي مرڪز ۽ صوبي ۾ رهڻ جو. دل ۾ نه ڪجو. ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪجو. ايڪٽيهه توپون مضبوط مرڪز جي بالادستي جي علامت آهن.
    هن سال جشن جي موقعي تي اخبارن حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ به شايع ڪئي هئي. مون ڏاڍي غور سان پڙهي ڏٺي هئي. مون کي سڄي رپورٽ ڪٿي به هڪ اهڙي شخص جو ذڪر نظر نه آيو، جنهن هارايل جنگ مان جيئرو موٽي اچڻ بدران آپگهات ڪري ذلت جي زندگيءَ تي عزت جي موت کي ترجيح ڏني هجي.■


    ڀوتار لاءِ سونو ڪتو

    ڀوتار واڌايون!
    ڀوتار مبارڪون، ۽ مبارڪان!
    پنهنجي ڳوٺ ۾ گرلس اسڪول، يعني ڇوڪرين جو اسڪول بند ڪرائي، تو جيڪو قومي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، سو تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو. تنهنجو نالو سڳورو ملڪ جي اڪابرن ۽ مدبرن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو، تو، ڀوتار ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. ايڏو عظيم انقلابي قدم کڻڻ ۾ تو دير ڇو ڪئي! بهرحال چوندا آهن، دير آيد، درست آيد. ٻين وڏيرن ۽ ڀوتارن اهڙو عظيم ڪارنامو، ۽ ڪارناما، وقت به وقت سرانجام ڏنا آهن. تو کان ڪجهه ڪوتاهي ٿي وئي هئي. تو نيٺ پنهنجي ڳوٺ جو گرلس اسڪول بند ڪرائي ڇڏيو. واهه! تو جَسُ لهڻيو سنڌ جا ڀوتار!
    سلام آهي تنهنجي نالي ۽ ذات کي ڀوتار!
    سلام آهي تنهنجي دور انديشي کي!
    سلام آهي تنهنجي سياسي ۽ سماجي سوچ کي!
    تون عظيم آهين، بلڪه تون عظيم تر آهين، ڀوتار. تنهنجو، ۽ تو جهڙن ٻين ڀوتارن جو ڪو ثاني ڪونهي توهين اسان جا موليٰ آهيو. توهين اسان جا مالڪ آهيو. اسين توهان جا گولا ۽ غلام آهيون. توهان جي بوٽ جي دز آهيون. توهان اسان لاءِ جڏهن به سوچيو آهي، چڱوئي سوچيو آهي. گرلس اسڪول بند ڪرائي، ڀوتار، تو اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي. اسين تنهنجا احسانمند آهيون. قيامت تائين، اسين تنهنجا ٿورائتا رهنداسين.
    جيئي ڀوتار، سدا جيئي!
    سوچيان ٿو. اهڙي عظيم ڪارنامي جي عيوض اسين توکي ڪهڙي سوکڙي ڏيون! ڪهڙي نموني تنهنجي تاريخي ڪارنامي کي سجدو ڪريون! سنڌ سڳوري اڄ ڪلهه جنهن اضطراب ۽ تڪليف ۾ آهي، تنهن ۾ هڪ اسڪول بند ڪرائڻ هزار سجدن ۽ ستن حجن جي فضيلت کان بهتر آهي. مصيبت جي وقت، جيترو جلد ٿي سگهي، تعليمي ادارا بند ڪرائي ڇڏجن. اسڪولن کي، سي به ڳوٺ جا، تن کي راڪيٽن ۽ بمن سان اڏائي ڇڏجي! ڳوٺ ۾ اسڪول جهڙي مڪروه عمارت جو هئڻ، نسلن جي تباهيءَ جو سبب ٿي پوندو آهي. تنهنڪري اي مدبر، داناءَ، ۽ اڪابر وڏيرا، ڀوتار، تو ساراهه جوڳو قدم کڻي اسڪول ته خيرن سان بند ڪرائي ڇڏيو آهي؛ هاڻي، بنا دير جي اسڪول جي عمارت جي پاڙ پٽائي ڇڏ. ڪيئن! ڳالهه وڻيءِ! اهو تمام ضروري آهي ڀوتار ڀلارا. جيڪڏهن اسڪول جي عمارت جيئن جو تيئن قائم رهي، ته ياد رک ڪي دهريا، ملحد، ڪافر ۽ ڪميڻا پنهنجو اثر رسوخ هلائي، اختياريءَ وارن تي زور بار وجهي، ۽ وجهرائي اسڪول کولائي وجهندا. تنهنڪري ڀوتار، هينئر ٻيو تاريخي قدم کڻڻ جي تياري ڪر. تنهنجي پاٿاريءَ ٿي جيڪي ڌاڙيل آهن نه، تن وٽ راڪيٽ لانچر آهن. ٻه-چار راڪيٽ هڻي، اسڪول جي عمارت جو ڍينگو ديري ڪري ڇڏ! پر ترس ڀوتار. مون کي هڪ نهايت شاندار ترڪيب دل تي تري آئي آهي.
    ڀوتار، اهو ضروري به ناهي ته اسڪول جي عمارت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏجي! اسڪول ته ٿي ويو خيرن سان بند، هميشه لاءِ. دهرين، ۽ ملحدن، ڪافرن ۽ ڪمينن کي منهن ڏيڻ لاءِ لازمي ناهي ته اسڪول جي عمارت کي ڌرتيءَ دوز ڪري ڇڏجي. اسڪول جي عمارت ۾ ٿاڻو کولائي، ۽ پنهنجي مرضيءَ جو ايس ايڇ او رکائي، ٺٺ سان، ۽ دٻ دٻي سان حڪومت ڪري سگهجي ٿي! ايس ايڇ او پنهنجو هوندو، ته سمجهه شينهن ۽ ٻڪري هڪ هنڌ پاڻي پيئندا! تنهنجي پاٿاريءَ جا ڌاڙيل ڪڏهن سپاهين جي ورديءَ ۾ نظر ايندا، ۽ ڪڏهن سپاهي تنهنجين ڌاڙيلن کي ساهي پٽائڻ لاءِ ڪو ڪارنامو ڪري پيا ايندا!
    تنهنڪري ڀوتار ڀلارا، منهنجي صلاح اٿئي، ته گرلس اسڪول جي عمارت ۾ ٿاڻو کولاءِ. تون ۽ تنهنجا ڌاڙيل انشا الله تعاليٰ، بنا ڪنهن خوف خطري، عزت جي زندگي پيا گذرايندا. ۽ گڏو گڏ غريب غُربي، ۽ ڪمي ڪڙميءَ جو ساهه به مٺ ۾!
    مان سوچيان پيو، ته اسڪول بند ڪرائڻ واري ڪارنامي جي عيوض، احسانمنديءَ وچان اسين توکي ڪهڙي سوکڙي ڏيون. سوچيان پيو، اسين توکي سونو ٻلو ڏيون! پر ڀوتار، تو ته سوني ٻلي کان تمام وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. تنهنڪري، تو کي سونو ڪتو ڇو نه ڏيون! ٻلا ته عام جام ماڻهن کي ملندا رهندا آهن. اڄ تائين ڪنهن به ماڻهو کي سوني ٻلي بدران سونو ڪتو نه مليو آهي. تون بلاشڪ سوني ٻلي بدران سوني ڪتي جو حقدار آهين.
    پر ڀوتار، تنهنجو ڪارنامو ڪتي کان به وڏو آهي، ملحدن ۽ ڪافرن جي موجودگيءَ ۾ اسڪول بند ڪرائڻ ڪو معمولي ڪم ڪونهي نه! تنهنڪري تون ڪتي کان به وڏي ڪنهن انعام جو حقدار آهين. سوني ٻلي، ۽ سوني ڪتي جي تنهنجي ڪارنامي آڏو ڪا به قيمت نه آهي. منهنجو خيال آهي، تنهنجي لاءِ سونو سوئر مناسب رهندو. ڪي ماڻهو تمام وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريندا آهن. کين عيوض ۾ سونو ٻلو ملندو آهي، ڪي ماڻهو گهٽ درجي جو ڪم ڪندا آهن؛ انهن کي به انعام ۾ سونو ٻلو ملندو آهي. اِهو انصاف ناهي. ٻلو جيئن ته ننڍو جانور آهي، تنهنڪري ننڍڙو ڪم ڪرڻ وارن کي ملڻ گهرجي. وڏو ڪم ڪرڻ وارن کي سونو ڪتو، سونو بگهڙ، سونو گدڙ وغيره ملڻ گهرجي! تو جيئن ته تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي، تنهنڪري ڀوتار، تون سوني سوئر جو حقدار آهين.
    انعام تجويز ڪرڻ وارن کي مان گذارش ڪندس، ته هو فقط سوني ٻلي تي ڳنڍ نه ٻڌن. سوني ٻلي سان گڏ سونو ڪڪڙ، سونو ٻڪر، سونو بگهڙ سونو ڪوئو وغيره به، ڪارنامن جي نوعيت کي مد نظر رکندي، انعام ۾ ڏيئي سگهجن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن تمام وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، ته هن کي انعام ۾ سونو هاٿي به ڏيئي سگهجي ٿو! اسڪول بند ڪرائڻ پنهنجي نوعيت جو عظيم ترين ڪارنامو آهي؛ تمام وڏو، اهم، ۽ تاريخي ڪارنامو آهي- سوني هاٿيءَ کان به وڏي انعام جو حقدار آهي- پر، اهڙي ڪارنامي لاءِ ٺهڪي ايندڙ انعام فقط هڪ آهي، سونو سوئر!■

    1991


      در تي ٺڪ ٺڪ

    گاهه جي پاڙ تائين ٿيندڙ چونڊن جو پهريون مرحلو خير خوبيءَ سان گذريل آچر تي پورو ٿيو. سومر ڏينهن خاطر خواهه نتيجو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ توقع موجب ڪو به وڏيرو، چوڌري، سردار، ۽ مَلِڪُ چونڊ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي. اصل ۾ اِهو ئي سبب هو هيٺين سطح تي چونڊن ڪرائڻ جو. گذريل ٽيونجاهه سالن کان رڳو وڏن ماڻهن ملڪ تي حڪومت ڪئي آهي. موجوده حڪومت فيصلو ڪيو ته ڪجهه به ٿي پوي، هن دفعي رمز واري اهڙي راهه وٺبي جو چونڊن ۾ فقط غريب غربا چونڊجي ايندا. ۽ هن ملڪ تي، ۽ هن ملڪ جي مالدارن تي حڪومت ڪندا. مان سمجهان ٿو، اِهو زبردست فيصلو هو، بلڪه آهي. آخر ڪيستائين مُٺ جيترا وڏيرا، چوڌري، خان، سردار، ۽ مَلِڪَ هن ملڪ تي حڪومت ڪندا! هونءَ به پاڪستان ۾ سکين جو تعداد پنج سيڪڙو، ۽ ڏکين جو تعداد پنجانوي سيڪڙو آهي. معاشري ۾ نا برابري خوفناڪ ڏڦيرن کي جنم ڏيندي آهي، سمنڊ جهڙي بيچينيءَ جو سبب ٿي پوندي آهي. مان سلام ٿو ڪريان موجوده حڪومت جي ذهين صلاحڪارن کي جن حاڪمن کي هيٺين Grass roots level تي چونڊن ڪرائڻ جي تاريخي صلاح ڏني. اِهو قدم هن مُلڪ جي ڏکين ۽ بکين جي حق لاءِ انقلابي قدم آهي. نانگ مري ويو، ۽ لٺ به بچي ويئي.جمهوريت واپس ورڻ شروع ڪيو آهي. جڳ جهان جو وات بند ٿي ويو آهي. تنقيدن جو خاتمو ٿيو آهي.
    اوهين حيران ٿيندا هوندؤ ته انهن ڳالهين جي، بلڪه اهم ۽ حڪومتي ڳالهين جي خبر مونکي ڪيئن پيئي آهي؟ ڇا مان حاڪمن جي ٽولي ۾ ڪنهن جو پڳ مٽ يار آهيان؟ ڀيدي آهيان؟ يا وري ديسي قسم جو شرلاڪ هومز آهيان، يعني جاسوس آهيان؟ اوهين اِن ڳالهه کي اتي ئي ڇڏي ڏيو. ان مامري ۾ نه پئو ته اصل ۾ مان ڪير آهيان، ۽ اَڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ڪري رهيو آهيان، ۽ سو به نامرادن جي شهر اسلام آباد ۾!
    اسلام آباد طلسماتي شهر ته ناهي، پر ڪم هتي طلسماتي ٿيندا آهن، ۽ عقل چرخ ڪري ڇڏيندا آهن. عشق هڪ ماڻهو ڪندو آهي، ۽ بدنام ٻيو ڪو ٿيندو آهي. محنت ڪو ڪندو آهي، محنت جو ڦل ٻيو ڪو کائيندو آهي. جيڪو زهر جو ڍڪ ڀريندو سو نه مرندو. جيڪو زهر جو ڍڪ نه ڀريندو سو مري ويندو. ڏاڍو عجيب شهر آهي اسلام آباد! هتي تاڙي فقط هڪ هٿ سان وڄندي آهي. جبل آهن. ترايون آهن، پوءِ سڏ جو پڙاڏو نه ايندو آهي. ضياالحق تختو اونڌو ڪرڻ کان اڳ ٽوپي لاهي ذوالفقار علي ڀٽي کي سلام ڪيو هو، ۽ ويهي رهيو هو. هُن ادب وچان ذوالفقار علي ڀٽي آڏو ساسر ۾ چانهه وجهي پيتي هئي، ۽ ڪلاڪ کان پوءِ سندس ترو ڪڍي ڇڏيو هو. ٻاهرين ڪنهن ملڪ ۾ دورو پورو ڪرڻ کان پوءِ واپس ورندي محمد خان جو ڻيجو اڃا هوائي جهاز ۾ ئي هو جو ڊسمس ٿي ويو هو. هوائي اڏي تي لٿو. نه نوڪر، نه چاڪر! نه ڌرتيءَ کي لت هڻي سليوٽ ڪرڻ وارا! هٿن ۾ جهنڊيون جهلي بيهندڙ ٻارڙا ۽ ٻارڙيون به غائب هيون. ڪاريون، چمڪندڙ بُليٽ پروف موٽرون به اوجهل هيون. محمد خان جوڻيجو ماٺڙي ڪري گھر هليو ويو. ويندي ويندي بد دعا ڏيئي ويو هو، ته ٻيهر جڏهن به ڪو ڪنهن کي هوائي جهاز ۾ ڊسمس ڪندو، سو عبرتناڪ نتيجو ڏسندو.
    منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته اسلام آباد ۾ رهڻ جا پنهنجا مزا آهن. هتي هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه شو ڏسي سگهبا آهن. هتي رازن تي ململ جا پڙدا پيل هوندا آهن. هتي هر ڪم لاءِ ميٽنگ سڏائي ويندي آهي. آفيس فائيل جي ڪَوَر تي حڪومت جو مونوگرام ساڄي پاسي هجي، يا کاٻي پاسي هجي، ان لاءِ زبردست ميٽنگ سڏائي ويندي آهي، جنهن ۾ کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر جي سياست بحث هيٺ ايندي آهي، ۽ مونوگرام جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويندي آهي. ان کان پوءِ بحث مباحثا اخبارن ۾ هلندا آهن.
    اهڙيئي هڪ ميٽنگ م جمهوريت جي ناڪاميءَ تي ڏاڍو زبردست بحث هليو هو جنهن ۾ ملڪ جي چونڊ سياڻن جي عقل ۾ اڪابرن ڀرپور حصو ورتو هو. ميٽنگ هڪ متفقه فيصلي تي وڃي دنگ ڪيو. اِن فيصلي کان ملڪ جي ڪنهن ماڻهوءَ ۽ مرونءَ انڪار نه ڪيو. بحث ۾ ثابت ٿيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي ناڪاميءَ جا ذميوار وڏيرا، چوڌري، خان، سردار ۽ مَلِڪَ آهن، جن هميشه کان اسيمبلين جا ايوان آباد ڪيا آهن. فيصلو ٿيو ته هن دفعي ملڪ تي حڪومت جو موقعو اميرن بدران غريبن کي ڏبو. غريب جيئن ته مفلسيءَ ۾ زندگي گذاريندا آهن، ۽ هيٺين سطح تي رهندا آهن، تنهن ڪري چونڊون هيٺين سطح تي ٿينديون. اهڙيءَ ريت جمهوريت کي غريب جي جهڳيءَ تائين پهچائي اچبو. وڏو انقلابي فيصلو هو. اقتصادي ۽ سياسي علمن جو پروفيسر جيڪڏهن هن ملڪ جو سربراهه ٿي پوي ها، سو به برادري ۽ قبائلي ۽ ذات پات ۾ ورهايل معاشري ۾ هيٺين سطح تي چونڊون ڪرائڻ جو سوچي نه سگهي ها.
    پر، همٿ ڀريئي فيصلي جا نتيجا پهرين مرحلي جي چونڊن کان پوءِ سامهون آيا آهن. بنون، ڊيره غازي خان ۽ راجنپور کان وٺي ليا، سرگوڌا، خوشاب، گوادر، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين ارڙهين ڊسٽرڪٽس ۾ ڪنهن به هنڌ ڪو وڏيرو، چوڌري، خان، سردار، ۽ مَلِڪُ ڪامياب ٿي نه سگھيو آهي. اِن حقيقت جي مون تصديق ڪري ڇڏي آهي. هن دفعي چونڊن ۾ توهان ۽ اسان جهڙا الله بخش ۽ الله رکيون بيٺا ۽ بيٺيون. ڪاميابي سندن قدمن تي اچي ڪري. غريب غربن جن کي چونڊيو آهي، تن مان ڪي هاري ناري آهن، درزي آهن، رازا آهن، ڌنار آهن، لوهر آهن، واڍا آهن، وڏو انقلاب آيو آهي. سُکين جو دور ختم، ۽ ڏکين جو دور شروع ٿيو آهي. جمهوريت جي مالدارن کان جند ڇٽي آهي. جمهوريت جو بول بالا ٿيو آهي.
    هڪ ڳالهه ياد رکجو. اسلام آباد ۾ واعدو هڪ سان ڪبو آهي، پر نڀائبو ٻئي ڪنهن محبوبه سان آهي.■


      وڏيرو بچايو، سنڌ جو ڪلچرل بچايو

    مون کي ڪا خبر ڪونهي ته ڪارو ڪاري سماجي مسئلو آهي، ثقافتي مسئلو آهي، اخلاقي مسئلو آهي، قانوني مسئلو آهي، سياسي مسئلو آهي، يا انساني حقن جو مسئلو آهي! مون کي ڪا خبر ڪونهي. هونءَ به ڪارو ڪاري مسئلي مان منهنجي ڪا دلچسپي نه آهي. مان پاڻ ڪارو آهيان. آئينو مان انڪري به نه ڏسندو آهيان جو آئيني ۾ مونکي پنهنجو ڪارو منهن نظر ايندو آهي. مونکي ڪا خبر ڪونهي ته منهنجي ڪاري ڪٿي آهي. مونکي فقط ايتري خبر آهي ته هوءَ آهي، ڪٿي نه ڪٿي ضرور آهي. مان سندس ياد ۾ شاعري ڪندو آهيان. راتيون جاڳي سندس ياد ڪندو آهيان. مونکي يقين آهي، منهنجي ڪاري به مون کي ياد ڪندي هوندي. شاعري ڪندي هوندي. راتيون جاڳي گذاريندي هوندي. ازل کان دل وارن دنيا کي، دنيا دل وارن کي قبول نه ڪيو آهي.
    هر طاقتور اڇو اُجرو هوندو آهي. هر ڪمزور ڪارو يا ڪاري هوندو آهي. تنهن ڪري اڇن اُجرن کي ته ڪارن ڪوجهن کي ماريندا رهن، کين قتل ڪندا رهن. مرڻ ۽ مارڻ جي رسم کي ڪو روڪي نه سگهندو. سِرُ ڏيڻ، ۽ سِرُ وٺڻ جو رواج قيامت تائين جاري رهندو. نه دنيا مُڙندي، ۽ نه دل وارا مڙندا.
    باقي وڏيرن واري معاملي سان منهنجي دلچسپي آهي، بلڪه ضرورت کان وڌيڪ دلچسپي آهي. مان پاڻ ڇوٽو موٽو وڏيرو آهيان. بابا، ڏاها ٿيو. وات ڳاڙها نه ٿيو. ويرين جي وَرِ نه چڙهو. عقل کان ڪم وٺو. جيڪڏهن بي عقل آهيو، ته پوءِ مُٺ ڀڳڙن جي ڏيئي بازار مان عقل ذرو وٺي اچو، ۽ پنهنجي مٿي ۾ وجهي ڇڏيو. ياد رکو ته خالي مٿي ۾ چٻ آکيرو ٺاهي ويهي رهندي آهي، ۽ آنا لاهيندي آهي،
    اسين وڏيرا سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت آهيون. هڪ انسٽيٽيوٽ آهيون. اسان جي وجود کان سواءِ سنڌ اڻپوري آهي. سنڌ صدين کان سکي ستابي آهي، سا اسان جي ڪري آهي. سنڌ جي ساک اسان جي ڪري آهي. اسان تن، من، ۽ ڌن سان سنڌ جي خدمت ڪئي آهي، ۽ ڪندا رهنداسين. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اسان اسڪول کولايا، اسپتالون اڏايون، پوسٽ آفيسون قائم ڪرايون، ٽيليفون، روڊن ۽ رستن ذريعي سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ ڇا نه ڪيو آهي!
    مان مڃان ٿو، انڪار نه ٿو ڪريان ته اسان ۾ ڪجهه وڏيرا ڏاڍا ڏنگا آهن جن اسان جي ساک کي نقصان پهچايو آهي. پر، هيڏي ساري سنڌ ۾ ڏنگا وڏيرا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن. اُهي اڻپڙهيل، ۽ اَڻ گھڙيل آهن. اسان وڏيرن جي واضح اڪثريت سنڌ سان ساهه قربان ڪرڻ واري جي آهي. اِهوئي سبب آهي جو اسان ٻهراڙين ۾ حيرت انگيز سڌارا آندا آهن. ڳوٺاڻن کي ڇپر آهي، ڇانوَ آهي. تن تي لٽو ڪپڙو، ۽ پيٽ ۾ ماني آهي. سندن قيمتي زندگيءَ جا من گھريا پوليس انسپيڪٽر ، ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر، ۽ تپيدار بدلي ڪرائي رکايا آهن. قسم کڻي ڳالهه ڪريو، ته ورهين کان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙن ۽ خونن ۾ ڪا خبر ٻڌي اَٿوَ؟ امن امان لڳو پيو آهي. اسان ڌاڙيلن جو نالو نشان گم ڪرائي ڇڏيو آهي. هر طرف خدا جي فضل سان خير لڳو پيو آهي. اسان تي آڱر کڻڻ کان اڳ ٻهراڙيون ۽ ڳوٺ گھمي ڏسو. اوهان کي الغوزي تي لوڪ ڌن ٻڌڻ ۾ ايندي- مور ٿو ٽلي، راڻا مور ٿو ٽلي.
    اسان وڏيرن سنڌ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي! اوهين پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي اسان کي چونڊيندا آهيو. اوهين ڇا ٿا سمجهو، اسيمبلين م اسين جھوٽا کائيندا آهيون! يا، وات تي پٽي ٻڌي ويهي رهندا آهيون! اوهان پاڻ پنڌ ڪري اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ اچي اسيمبلين ۾ اسان جا ڪارناما ڏسو. اسان جي ڪارڪردگي ڏسي حيران ٿيو. اوهين ڇا ٿا سمجهو، ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد ۾ اسين اسيمبلي اجلاسن دوران سمورو وقت موج مستي، ۽ سير سپاٽن ۾ گذاريندا آهيون! هي جو اوهان کي سمورا حق نصيب ٿيا آهن، سي مفت ۾ ٿيا آهن؟ ڏاها ٿيو. ويرين جي ور نه چڙهو. اسان جي بحث مباحثن کان پوءِ حڪومت سنڌي ٻوليءَ جو پاڪستان تي حق تسليم ڪيو آهي. ميڊيا پاليسيءَ ۾ سرڪار سڳوريءَ سنڌي ٻولي، علم، ادب، راڳ راهاڻ ۽ ثقافت جي وسعت کي قبول ڪندي سنڌ لاءِ هڪ الڳ ٽيليويزن چينل هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن لاءِ نيٽ ورڪنگ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي. آڱر کڻڻ کان اڳ اسان جي ڪارنامن جي فهرست ڏسو.
    اسان جي بي مثل مهمانوازيءَ سبب سنڌ ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور آهي. اسلام آباد کان حاڪم اڪثر سنڌ گھمڻ ايندا آهن. سندن مهمانوازي ماستر موليٰ بخش مولو نه ڪندو آهي، اسين ڪندا آهيون. حاڪمن جي مهمانوازي اسان کي ورثي ۾ مليل آهي. اسان جي طعامن جي هڳاءَ سبب سر چارلس نيپئر جو روح اڄ تائين سنڌ ۾ ڀٽڪندي ڏٺو ويو آهي. ماستر موليٰ بخش مولوءَ جي دل کائي ڪو به حاڪم ٻيهر سنڌ -ڏسڻ جي سَڌَ نه ڪندو.
    حاڪمن کي جيرا، بڪين، ۽ مغز کارائڻ کان پوءِ سندن دل وندرائڻ لاءِ اسين شيل شڪار جو زبردست بندوبست ڪندا آهيون. رِڇَ ۽ مِرونءَ تي ڪتن جي بڇ ڏسي مهمان ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا آهن. هڪ دفعي فيلڊ مارشل ايوب خان مون کي مهمانوازيءَ جو شرف بخشيو هو. مون وٽ اچي رهيو هو. مون کيس جيرا، بڪيون ۽ مغز کارايو هو. شام جو مون کيس هڪ رڇ تي ڪتن جي بڇ ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو هو. مهمان کي مايوس ڪرڻو به نه هو. مان رڇ جي کل پائي ميدان ۾ لٿو هوس. خونخوار ڪتن جو مقابلو ڪندي زخمي ٿي پيوس. ڊاڪٽر مون کي پيٽ ۾ چوڏهن سيون هنيون هيون.
    هڪ دفعي نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت جنرل ضياالحق به مون کي مهمانوازيءَ جو شرف بخشيو هو. اُن دفعي به اتفاق سان ڪو بدبخت رڇ هٿ نه آيو هو. مان رڇ جي کل پائي ميدان ۾ لٿو هوس، پر، مون ڪتن بدران پاڻ تي گدڙن جي بڇ ڪرائي هئي. مهمانن جو مرتبو ڏسي سندن دل وندرائڻ لاءِ اسين ڇا ڇا نه ڪندا آهيون! تنهن ڪري مٺا، ڏاها ٿيو. آڱر کڻڻ کان اڳ اسان جا ڪارناما ڏسو. مُٺ جيترن ڏنگن وڏيرن جي ڪري سنڌ جي سمورن وڏيرن جي ڪارڪردگيءَ جو ٻيڙو نه ٻوڙيو. ويرين جي ور نه چڙهو. سنڌ جي عظيم ثقافتي انسٽيٽيوٽ جي حفاظت ڪريو.■


      ڀلي ڪري آيا، محترم نوان چهرا

    اسان جو پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي چڱا ڪم دير سان ٿيندا آهن. ڪجهه ڪم ته تمام دير سان ٿيندا آهن. جيستائين ڪم ٿئي، تيستائين ڍينگو ڍيري ٿي ويندو آهي. مون کي چڱي طرح ياد آهي، غريب عوام نالي هڪ شخص سخت بيمار ٿي پيو هو. پنهنجي دور جو ڏاڍو مشهور ۽ معروف شخص هو. اوهان ضرور سندس نالو ۽ نامياچار ٻڌو هوندو. جيڪڏهن اوهان سندس نالو نه ٻڌو آهي، ته اِن ۾ ڏوهه غريب عوام جو ناهي. سمورو ڏوهه اوهان جو آهي. پاڪستان بابت اوهان جي ڄاڻ ناقص آهي. بهتر ٿيندو ته اوهين پاڪستان اسٽڊيز نالي ڪورس ۾ داخلا وٺو ۽ پاڪستان بابت پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪريو.
    جڳ مشهور پاڪستاني مسٽر غريب عوام ڏاڍو بيمار ٿي پيو هو. جڳ مشهور ماڻهن جو بيمار ٿي پوڻ ڪا انوکي ڳالهه ڪونهي. اڪثر جڳ مشهور ماڻهو بيمار ٿي پوندا آهن، بلڪه سخت بيمار ٿي پوندا آهن. گهڻو اڳ رستم زمان گاما پهلوان بيمار ۽ بيوس ٿي پيو هو. علاج ۽ دوا درمل سندس کوهه کٽائي وڌا . ڪنگال ٿي پيو. بيماريءَ ۽ بک گاما پهلوان کي ڊاهي وڌو. ماني ڳڀي لاءِ محتاج ٿي پيو. هُن علاج ۽ ماني ٽڪر لاءِ پنهنجا ڪپ، ٽرافيون، ٻلا ۽ ٻيا بين القوامي انعام وڪڻڻ شروع ڪيا. سڀ ڪجهه وڪڻي ڇڏيائين، پر وريو ڪجهه به نه. سرڪار آخر سرڪار هوندي آهي. اسان وانگر واندي نه هوندي آهي. تمام اهم ڪم سندس ذمي هوندا آهن، جهڙوڪه مختلف ملڪن جا دورا ڪرڻ، ۽ سُکين ملڪن کان امداد ۽ قرض گھرڻ-پاڻ کي جائز ۽ اڳين حڪمرانن کي ناجائز ثابت ڪرڻ- دلاسن ۽ دڙڪن سان ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪرڻ، وغيره، ۽ اِن قسم جا ٻيا اهم ڪم.
    سرڪار سڳوريءَ کي خبر ئي نه پيئي ته دنيا جو رستم سخت بيمار، لاچار ۽ مفلس ٿي پيو هو. اِهو ضروري ناهي ته مصروف حڪومتن کي پنهنجي عوام جو اونو نه هجي، خاص طرح سان نامور ماڻهن جو. اوهان کي ياد هوندو ته سرڪار سڳوري جڏهن پرڏيهه ۾ مصروف هوندي آهي تڏهن به سندس ڌيان راڄ ڌانيءَ طرف هوندو آهي. پنهنجي خيرخواهن کان پڇندا رهندا آهن، گھَرُ، ڪرسي ۽ ٻيو فرنيچر ته پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي نه! ۽ پرپٺ، جيڪڏهن سيلاب ملڪ کي ٻوڙي ۽ زلزلو ملڪ کي لوڏي وجهندو آهي، ته هڪدم تار موڪلي مُئل ۽ زخمين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندا آهن. مِليل امداد مان دربدر ماڻهن جي امداد ڪندا آهن. اِها تمهيد مون ان ڪري ٻڌي آهي ته اوهين ڪٿي اهو نه سمجهي ويهو ته وقت جي سرڪار کي گاما پهلوان جو اونو نه هو. يقين ڪريو، وقت سرڪار کي گاما پهلوان ڏاڍو اونو هو. بس، مصروفيت سبب سرڪار کان ڪجهه دير مدار ٿي ويئي. سرڪاري وفد پنجن هزارن جو ڪراس چيڪ کڻي جڏهن گاما جي گھر پهتو، ته اُن وقت گاما جو جنازو کڄي رهيو هو.
    هڪ دفعي سرڪار سڳوريءَ کي خبر پيئي ته سنڌ جو نامور راڳي محمد جمن بيمار آهي. مصروف وقت مان ڪجهه گھڙيون ڪڍي سرڪار سڳوريءَ محمد جمن لاءِ ڏهن هزارن جي امداد ٻن قسطن ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اوهان کي خبر آهي ته سرڪاري ڪَمُ قاعدن ۽ قانون هيٺ هلندو آهي. پُل ٺهي يا نه ٺهي، پر پُل جو فائيل، خرچ پکي سميت، مڪمل هجي. اسڪول وجود ۾ هجي. يا وجود ۾ نه هجي، پر فائيل ۾ ضرور موجود هجي. فائيل ۾ اسڪول جي عمارت، استادن، ۽ شاگردن جا تفصيل، ۽ وقت بوقت اسڪول جي چوني پوچي ۽ مرمت تي آيل خرچ جا انگ اکر هوندا آهن. منهنجي چَوَڻ جو مطلب آهي ته سرڪار سڳوري قاعدن ۽ قانونن کي نظر انداز نه ڪندي آهي. قاعدن ۽ قانونن جا ڦيرا کائي قسط جا پهريان پنج هزار جڏهن محمد جمن تائين پهتا تڏهن محمد جمن پوين پساهن ۾ هو. ترت گذاري ويو. پنجن هزارن جي ٻي قسط تي سيڪشن آفيسر صاحب نوٽ هڻي ڇڏيو ته، محمد جمن جيئن ته گذاري ويو آهي تنهن ڪري کيس دوا درمل لاءِ ڪنهن به رقم جي ضرورت نه آهي. سرڪار سڳوريءَ کي محمد جمن جو خيال ته آيو هو، پر مصروفيت سبب ڪجهه دير سان خيال آيو هو.
    اسان جو جڳ مشهور مسٽر غريب عوام جڏهن صدما سهي سخت بيمار ٿي پيو، تڏهن وقت جي حاڪمن کيس صحتمند ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو. نه حڪيم ڇڏيائون، ۽ نه ڪو طبيب. پير پڇايائون. فقيرن جا در کڙڪايائون. کيس واعدن ۽ دلاسن جون سُتيون پيئاريائون. ايجنسين جي ڀوپن کان جِن ڪڍايائونس. بجليءَ جي بلن جا شاڪ ڏنائونس. پر، تڏهن به ورتو ڪجهه نه. مسٽر غريب عوام ويو ڍر ڪندو، تان جو ڪوما ۾ هليو ويو، يعني بيهوش ٿي ويو. هر دور جا حاڪم غريب عوام جي بيماريءَ جو اصل سبب معلوم ڪري نه سگهيا، ۽ ڪجهه مهينا حڪومت هلائڻ جا مزا ماڻي هڪٻئي جي ڪڍ ايندا رهيا. ڪڏهن اڳئين ۽ ڪڏهن پوئين در مان داخل ٿيندڙ حاڪمن کي خبر ئي نه پيئي ته مسٽر غريب عوام جو پرابلم ڪهڙو آهي. هو ڪوما ۾ ڇو هليو ويو آهي؟ ڪنهن ملڪ جي سرڪاري يا غير سرڪاري دوري تي ڇو نه ويو آهي؟ هر حڪمران اعلان ڪندو آهي ته هن ملڪ جو اصل حاڪم مسٽر غريب عوام آهي. جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ غريب عوام کي هر سال اَٺن ڏهن ملڪن جو دورو ڪرڻ گهرجي. درگاهن جي زيارت ۽ عمرو ڪرڻ گهرجي! غير ملڪي سربراهن سان ملاقات ڪرڻ گهرجي!
    موجوده حاڪمن جا حڪيم ۽ طبيب ڏاڍا سياڻا هوندا آهن. هنن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. آخر پتو لڳائي ورتائون ته غريب عوام جي پُر اسرار بيماريءَ جو سبب ڪهڙو آهي. هنن پنهنجي رپورٽ ۾ سرڪار کي پڪ ڏني آهي ته مسٽر غريب عوام جو پرابلم نه بک آهي، نه بيروزگاري آهي، نه ذلت آهي، نه گوليون کائي رستن تي مرڻ آهي، ۽ نه ئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسي پوليس هٿان خوار ٿيڻ، ۽ ڦاهيءَ تي چڙهڻ آهي. مسٽر غريب عوام جو پرابلم فقط هڪ آهي. غريب عوام پنجاهه سالن کان وڏيرن ، چوڌرين، خانن ۽ سردارن جون نوراني شڪليون ڏسي، بيزار ۽ ڏِٻرو ٿي ڪوما ۾ هليو ويو آهي. حڪيمن طبيبن سرڪار کي صلاح ڏني آهي ته مسٽر غريب عوام کي ڪوما مان ڪڍڻ، ۽ ٻيهر هوش ۾ آڻڻ جو فقط هڪ ئي علاج آهي ته کيس خانن ۽ سردارن بدران نون چهرن جو ديدار ڪرايو وڃي. انشاالله تعاليٰ، غريب عوام ٻيهر هوش ۾ ايندو، ۽ سُک، سانت، ۽ خوشين سان ڀرپور زندگي گذاريندو، ۽ موج ماڻيندو.
    هينئر اوهين سمجهي ويا هوندا ته مُلڪ ۾ گاهه جي پاڙ تائين هيٺاهين سطح تي چونڊون ڇو ڪرايون ويون آهن. سرڪار جي خواهش آهي ته هيٺاهين سطح جا ماڻهو خانن ۽ سردارن کي مات ڪري سامهون اچن، ۽ پنهنجين نَوَن چهرن جي چمڪاٽ سان مسٽر غريب عوام کي هوش ۾ آڻين، بلڪه سندس هوش ٺڪاڻي تي آڻين.
    گاهه جي پاڙ تائين چونڊن جي ٻين مرحلن ۾ نوان نڪورا چهرا سامهون آيا آهن. غريب عوام جي همدردن جي دل خوش ٿي آهي. خانن ۽ سردارن کي ڇڏيو، سندن پٽ، پوٽا، ۽ ڏهٽا به چونڊن ۾ نه، بيٺا، ۽ جيڪڏهن بيٺا ته ڪامياب ٿي نه سگهيا. ڪامياب ٿيا آهن نوان چهرا، نئين نظام جا ضامن! اسين دل جي گهرائين سان سندن آڌر ڀاءُ ڪريون ٿا، ۽ غريب عوام لاءِ هوش ۾ اچڻ جي دعا گھرون ٿا.■


      ووٽ وجهڻ جو بلڪل صحيح طريقو

    ايندڙ چونڊون پاڪستان جي تاريخ جون اهم ترين چونڊون آهن. هنن چونڊن کان پوءِ نيڪي بديءَ تي غالب ايندي. روشني اوندهه کي ڀڄائي ڪڍندي. هنن چونڊن ۾ عام چونڊن وانگر ڪو به وڏيرو، چوڌري، مَلِڪُ ۽ سردار حصو نه وٺندو. پر، جيڪڏهن حصو ورتائين ته بدبخت پنهنجي ضمانت ضبط ڪرائي ويهندو. هن دفعي چونڊن ۾ اوهان جو جهڙا ملنگ ۽ مولائي بيهندا، ۽ کٽندا. چونڊ کٽڻ کان پوءِ اوهان جي ڪايا پلٽي ڇڏيندا. اوهان کي کلڻ سيکاريندا. اوهان جي لاءِ کوهه پوکائيندا ۽ وڻ کوٽائيندا. جيئن ته پاڻ عقل ۾ اڪابر هوندا، تنهن ڪري اوهان کي پڙهڻ لکڻ سيکاريندا، ۽ اوهان کي ۽ اوهان جي آل اولاد کي سمجهه جي سُستي ڏيندا. پبلڪ سروس ڪميشن مان چٽا ڀيٽيءَ ۾ ڪامياب ٿيل ڊپٽي ڪمشنر، ۽ ايس پي اعليٰ تعليم يافته ناظمن جي هٿ هيٺان ڪم ڪندا، ۽ سندن اشارن تي هلندا. ٿاڻن جا بي تاج بادشاهه، يعني ايس ايڇ او به ناظمن جي مرضيءَ مطابق ڪم ڪندا. هڪ زبردست سياسي ۽ سماجي انقلاب اوهان جي در ٻاهران اچي بيٺو آهي. Grassroots level يعني گاهه جو پاڙ تائين ٿيندڙ چونڊن کان پوءِ اوهين پنهنجو هر ڪم اُتي جو اُتي، تڙي کڙي ڪرائي سگهندا. اوهين پنهنجي علائقي ۾ اسڪول ۽ اسپتال کولائي سگهندا. ڳوٺن کان شهرن تائين سڙڪون ٺاهرائي سگهندا. بجلي، گيس، ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڳوٺن تائين آڻي سگهندا. انٽرنيٽ ۽ سيٽيلائيٽ ذريعي اوهين ٻاهرين دنيا سان رابطو قائم ڪري سگهندا. ڪوڙ کي سچ کان، ۽ سچ کي ڪوڙ کان الڳ ڪري سگهندا. اوهين جيڪي ڪم چاهيندا سي سمورا ڪم ناظم معرفت ڪري سگهندا. ڪو به ناظم بدنام ايم اين اي ۽ ايم پي اي وانگر اوهان کان نه لڪندو، نه ڇپندو، ۽ نه ئي انجام ڪري ڦري سگهندو. ڪنهن به صورت ۾ ناظم اوهان کي گوهيون نه ڏيندو. جيئن ته اوهان پنهنجو قيمتي ۽ بي بها ووٽ ڏيئي ناظم کي چونڊيندا، تنهن ڪري ناظم اوهان لاءِ ٻَڌو ٻانهو ثابت ٿيندو.
    گاهه جي پاڙ تائين ٿيندڙ چونڊن کان پوءِ اڳوڻو مدي خارج ۽ فرسوده سياسي ۽ سماجي نظام بدلجي ويندو. هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو جنهن ۾ ڪو به تپيدار ۽ مختيارڪار اوهان کان رشوت وصول نه ڪندو. ريل ۾ سيٽ وٺڻ لاءِ اوهان کي خرچي ڏيڻي نه پوندي. بجلي ، گيس، پاڻي ۽ فون ڪنيڪشن لاءِ اوهان کي سپروائيزر جو کيسو گرم ڪرڻو نه پوندو. علاج لاءِ اسپتال ۾ ڪو به اوهان کان اوڳڙ نه ڪندو. اوهان جو هر جائز ڪم رشوت کان سواءِ ٿي سگهندو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪو به پوليس جو سپاهي اوهان جي پڳ لاهي نه سگهندو. ڪو به اگهاڙو ڪري ٿاڻي تي لترن سان ڪُٽي نه سگهندو. ڪو به ايس ايڇ او يا سَب انسپيڪٽر وڻ سان اُبتو لٽڪائي اوهان کان ڌاڙيل هئڻ جو اعتراف ڪرائي نه سگھندو. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. کوهه پوکبا ۽ وڻ کوٽبا!
    ايندڙ اهم تبديليءَ کي هٿان نڪرڻ نه ڏيو. انقلاب بار بار در نه کڙڪائيندو آهي. تنهن ڪري گاهه جي پاڙ تائين ٿيندڙ چونڊن لاءِ ڀرپور تياري ڪريو. پنهنجي نصيب جا بند ٿيل در کولي ڇڏيو. هاڻي اچو ته اوهان کي سمجهايان ته گاهه جي پاڙ تائين ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڪيئن ڏجي ، ۽ ووٽ ڏيڻ جو بلڪل صحيح طريقو ڪهڙو آهي. غور سان پڙهجو، ۽ ڪيئن سان هنڊائجو.
    اليڪشن واري ڏينهن سڀ کان اڳ اوهان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻو پوندو. اِهو ضروري آهي، ڇو جو ستل ماڻهو ووٽ ڏيڻ جي قابل نه هوندو آهي. هو فقط خواب ڏسي سگهندو آهي. ووٽ ڏيڻ لاءِ اوهان کي ننڊ مان جاڳڻو پوندو.
    ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ اوهان کي پڪ ڪرڻي پوندي ته اوهين خيرن سان ارڙهن سالن جا ٿيا آهيو، يا نه ٿيا آهيو. اهو ڪم اوهان کي هٿ منهن ڌوئڻ ۽ ڏندڻ ڪرڻ کان اڳ ڪرڻو پوندو. چونڊن واري ڏينهن اوهين جيڪڏهن سترهن سال، ٽي سؤ چوهٺ ڏينهن، ٽيويهه ڪلاڪ ۽ اڻهٺ منٽ جا هوندؤ تڏهن به ووٽ ڏيئي نه سگهندو. ووٽ ڏيڻ لاءِ ارڙهن سالن جو هئڻ لازمي آهي. اوهين جيڪڏهن ارڙهن سالن جا نه ٿيا آهيو، ته پوءِ هٿ منهن ڌوئڻ ۽ ڏندڻ ڪرڻ جي تڪليف نه ڪجو. ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ وري پاسو مٽائي سمهي پئجو، ۽ کونگهرا هڻجو. اوهان جي جاڳڻ سان نه ڪنهنجو ٻيڙو ترندو، نه ڪنهنجو ٻيڙو ٻڏندو.
    ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ اوهان کي جيڪڏهن پڪ هجي ته اوهين خيرن سان ارڙهن سالن جا عاقل ۽ بالغ ٿي چڪا آهيو، ته پوءِ پولنگ اسٽيشن وڃي پنهنجو بي بها ووٽ وجھڻ جي تياري ڪجو. پر، اِن کان اڳ اوهان کي هٿ منهن ڌوئڻو ، ڏندڻ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن چاهيو ته اوهين وهنجي به سگھو ٿا . پر، وهنجڻ لاءِ اوهان کي پاڻيءَ جي ضرورت پوندي. پاڻيءَ جو معاملو صوبن جي وچ ۾ اڃا تائين طئه نه ٿيو آهي. تنهن ڪري، بهتر آهي ته وهنجڻ کان سواءِ پولنگ اسٽيشن وڃي ووٽ وجھڻ جي ڀرپور تيار ڪريو.
    پولنگ اسٽيشن ڏانهن اُسهڻ کان اڳ پڪ ڪجو ته اوهان وٽ شناختي ڪارڊ آهي، يا نه آهي. جيڪڏهن نه آهي ته پوءِ پولنگ اسٽيشن نه وڃجو. مفت ۾ مارجي ويندؤ. شناختي يا سڃاڻپ ڪارڊ اوهان جي شناخت آهي. ڪارڊ کان سواءِ اوهان جي ڪا سڃاڻپ ڪونهي. ڪارڊ کان سواءِ نه اوهان جو ڪو اوڙو آهي، نه پاڙو آهي، نه شهر آهي، نه صوبو آهي، ۽ نه ئي ڪو ملڪ آهي. ڪارڊ کان سواءِ اوهين پنهنجي وطن ۾ اجنبي ۽ اوپرا آهيو. اوهان جو ڪو نالو ڪونهي. شناختي ڪارڊ تي لکيل نمبر اوهان جو نالو آهي، اوهان جي سڃاڻپ آهي. اوهان ڀل پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي، پَرَ ڏاڏي کي وٺي پولنگ اسٽيشن وڃو، پنهنجي هئڻ جو جيئرو جاڳندو ثبوت ڏيو، پنهنجي شناخت تي شاهدي ڏياريو، پر پولنگ آفيسر اوهان کي ووٽ وجهڻ نه ڏيندو. اوهين ڀل ڪنهن پاڙيسري يا شهر جا نه هجو پر اوهان وٽ جيڪڏهن پنجاهه رپين ۾ خريد ڪيل شناختي ڪارڊ آهي ته پوءِ پولنگ آفيسر اوهان کي ووٽ ڏيڻ ڏيندو.
    هن دفعي بيلٽ پيپر تي پنج- ڇهه رنگين خانا ٺهيل هوندا. ڪي خانا نيرا، ڪي پيلا، ڪي ساوا، ڪي ڳاڙها، ۽ ڪي واڱڻائي ۽ اڇا هوندا. دنيا ۾ اَنيڪ ماڻهن کي خبر نه هوندي آهي ته هو ڄائي ڄم کان رنگن جي معاملي ۾ انڌا يعني Color-blind هوندا آهن. تنهن ڪري ماهر ڊاڪٽر کان اکين جو معائنو ڪرائڻو پوندو. جيڪڏهن اوهين Color-blind آهيو، ته پوءِ مهرباني ڪري پولنگ اسٽيشن جو منهن نه ڪجو. مونن ۾ منهن وجهي فڪر فرهي کڻجو، ۽ ماٺ ۾ مطالعو ڪجو.
    اميدروان چونڊ لاءِ نشان الاٽ ڪرائي ڇڏيا آهن. مختلف نشانن تي ٺپا هڻڻ کا اڳ اوهان کي مختلف نشانن ۾ واضح فرق کي محسوس ڪرڻ لاءِ پنهنجي صلاحيت تي ڀاڙڻو پوندو. اوهان کي گوبيءَ جو گل ۽ گلاب جي گل ۾ فرق محسوس ڪرڻو پوندو. رِڍَ جي کل پاتل بگهر کي سڃاڻڻو پوندو. گڏهه ۽ گھوڙي ۾ فرق محسوس ڪرڻو پوندو. اِهو تمام ضروري آهي، ورنه اوهان دانگيءَ بدران تئي تي ٺپو هڻي ڇڏيندا.
    آخر ۾ اهم ڳالهه بيلٽ پيپر تي ٺپا هڻڻ کا اڳ اوهان جي آڱوٺي تي نه ڊهندڙ ڪاري مس هڻي ڇڏيندا. ڀُل وچان به مس لڳل آڱوٺو نرڙ تائين نه کڻي وڃجو. نرڙ تي لڳل داغ قيامت تائين نه لهندو آهي. ■


      سنڌو بقا، مان فنا آهيان

    مان ڪارو ۽ ڪوجهو، شاهه لطيف جي سُر بلاول وارو وڳند، غليظ ۽ گدلو، نڌڻڪو ۽ نرڄو پنجن ڇهن سالن کان پوءِ ڀٽ ڌڻيءَ جي در تي وڃي بيٺو هوس. موقعو ميلي جو هو. لکن جي هجوم ۾ مان وڳند هيڪلو ۽ هيڻو، وائڙو ۽ ويڳاڻو، ڪڏهن ڌِڪن ۾ ته ڪڏهن ٿاٻن ۾.
    ڀڳل ڪِشتو هٿ ۾، ۽ سِينَ چپن تي:

    مان گدلو، مان ميرو،
    مون کي اَڇو اُجرو ڪر.
    مان بدبوءَ جو ڀنڊار،
    مون کي خوشبوءِ هاڻو ڪر.
    مان ناستڪ ۽ نرڳي،
    مون کي سُرڳ سوايو ڪر.
    مان ڀُليل ۽ ڀٽڪيل،
    مون کي ماڳ برابر ڪر.
    مان انڌو ۽ آڻ ڄاڻ،
    مونکي ديد دلارو ڪر.
    مان آندر جو ابليس،
    منهنجي پاڪ پليدي ڪر.
    مان ٻيائيءَ جو ٻٻر،
    مون کي ڇانوَ ڇانورو ڪر.
    مان برپٽ بيابان،
    مون کي سائو ستابو ڪر.
    مون کي انڊلٺ جو ارمان،
    مون کي بوند بره جي ڪر.
    منهنجو حال حبيبان هيڻو،
    مون کي پيش پريان جي ڪر.

    ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي ٽي راتيون اهڙي نموني گذريون جو رات جو ٽين لڳي جڏهن هنڌ تي وڃي ليٽندو هوس، تڏهن دُعائن جو ڪشتو ڀاڪر ۾ ڀري سمهي پوندو هوس. ننڊ نيڻن کي ايندي هئي، اندر کي نه. وجود جاڳندو رهندو هو. ساهه سان سودائن جو سلسلو هلندو رهندو هو.
    هڪ دفعي اسر ويل اُٿي ويهي رهيس. روح اُتاولو هو. مان سمجهان ٿو، مون وڏي واڪ ڀٽ ڌڻيءَ سان ڳالهايو هو:
    تنهنجي گيان کي مون ڌيان سان ساهن ۾ سانڍيو آهي. مان تنهنجي هڪ بيت جي تشريح ٿي پيو آهيان- ڳوليان ڳوليان، مَ لهان، شال مَ ملان هوت. دَزَ وانگر گم ٿي وياسين- جدا ٿي وياسين. فڪر جي فرحيءَ تي تقدير جي ڪاتب کان نه لکرايوسين، پاڻ پنهنجي هٿن سان لکيوسين - شال مَ ملان هوت، شال مَ ملان هوت.
    عبادتگاهن جي در تي تالا ڏٺاسين- ۽ پوءِ توکان ٻڌوسين: اندر آئينو ڪري پرين سو پسِج- اندر آئينو ڪري پرين سو پسِج.
    ۽ پوءِ، اندر جي آئيني ۾ پرينءَ کي پسيوسين، ۽ ٻيا عڪس ٽوڙي ڇڏياسين. هينئر مان پوڙهو ٿي ويو آهيان. هڪ دفعي مون سنڌوءَ کي چيو هو: شال مَ ملان هوت پل صراط آهي، ۽ اندر جي آئيني ۾ پرينءَ کي ڏسي زندگي گذاري ڇڏڻ محبت جي معراج آهي. مان مرڻ کان اڳ هڪ دفعو توسان ضرور ملندس- ڀٽ ڌڻيءَ جي گيان جو ڪجهه دير لاءِ لا حاصل گهڙيءَ ۾ منڪر ٿيندس ۽ پوءِ هميشه لاءِ هليو ويندس. توکي پنهنجي وجود کان ٻاهر ڏسان؛ هو چَوَن، مان نه چوان، پر دل جي ڳالهه ڪريان.
    مون ڀڳل ڪشڪول ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه ڏانهن وڌائيندي چيو هو: سنڌو بقا، مان فنا آهيان. هوءَ عروج، مان زوال آهيان. هوءَ فلڪ، مان فرش آهيان. ڀٽ ڌڻيءَ، مون کي ڪجهه گھڙين جي ڀڪشا ڏي- مان لمحن جي لوڙاٽ ۾، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کان ٻاهر کيس ڏسان، ۽ يقين جي تجديد ڪريان ته هوءَ موسمن ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ مان يادن جو کنڊر آهيان۔■


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 469389
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188206
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ