ڪتاب جو نالو: سنڌنامو
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 17 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1294 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 812 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”سنڌنامو“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جو لکيل آهي، جنهن ۾ تاريخ جا نوان پراڻا ورق، اولڙا ۽ عڪس شامل آهن. امر جليل لکي ٿو : ”مان وهمي ناهيان. پر، مان آهُن ۽ دانهن جي اثر جو منڪر به نه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ مان سنڌ جي عبرتناڪ زوال جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، عيني گواهه آهيان.”
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻاهر ٻولي هنج جي
  • پهرئين ڇاپي جي آتم ڪٿا
  • هڪ عجيب شخص منهنجو دوست آهي
  • جيءَ جهروڪو
  • منهنجو واڳڌڻي
  • هو موت سان فلرٽ ڪندو هو
  • پر تون نه هوندين
  • ڪٿا
  • سون جهڙو سچو
  • ڀونءِ نه آئي ڀانءِ
  • علامه آءِ آءِ قاضي جو قصو
  • دنيا ۾ گوڙ آهي
  • ايم اي عالماڻي جو آواز
  • تون منهنجي آس پاس آهين
  • نئين ٽهيءَ جو سونهون
  • يادن جو روشندان
  • سڄڻ سفر هليو
  • ڏيئا ڏات جا
  • هڪ ياد جا اولڙا
  • منهنجو پهريون اُستاد
  • اعتراف
  • اياز لاءِ اُڪير
  • اياز تي اعتراض
  • اياز ۽ سنڌ يونيورسٽي
  • يادن جا ترورا
  • جيجل ٻيجل آيو آ
  • قبضه گروپن جي منهنجي اسڪول تي ڪاهه
  • اسين پنهنجا ڏوهاري پاڻ آهيون
  • حق بخشائڻ متعلق
  • ٻه رسمون
  • غلامي
  • دلپسند ڌنڌو
  • ڍولو مل
  • فوزيه جو خط
  • منهنجا مثالي شاگرد
  • وڏيرن جا وليعهد
  • درويشن جو ديس
  • وڻ وڻ
  • هڪ پل
  • بندش
  • اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک
  • اَڻ آرين جي دور ۾ عبدالوا حد سنڌيءَ سان ملاقات
  • سنڌ نامو

  • باب پهريون
  • باب ٻيو
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون
  • باب يارهون

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (274) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌنامو“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جو لکيل آهي، جنهن ۾ تاريخ جا نوان پراڻا ورق، اولڙا ۽ عڪس شامل آهن.

    امر جليل لکي ٿو :

    ”مان وهمي ناهيان. پر، مان آهُن ۽ دانهن جي اثر جو منڪر به نه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ مان سنڌ جي عبرتناڪ زوال جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، عيني گواهه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ مان منهنجي مراد آهي ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌ جي تاريخ. گذريل ٽيهٺ سالن ۾ سنڌ پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا وڃائي ڇڏي آهي. سنڌ جو مانُ ۽ مرتبو، ٻولي، تهذيب، تمدن، ثقافت، ۽ اعليٰ قدر Values ماضيءَ جي ميراث ٿي پيا آهن. اڄوڪي سنڌ قطعي اُها سنڌ ناهي جيڪا سنڌ مون 1947 کان اڳ ڏٺي هئي. تڏهن، سنڌ جو شمار هندستان جي سٺن ۽ سهڻن صوبن ۾ ٿيندو هو. اڄوڪي ڀڙڀانگ سنڌ اُها ڪالهوڪي آبدار سنڌ ناهي جنهن جي تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ ٻڌي قديم آثارن جا ماهر مارٽيمر ويلر ۽ سرجان مارشل هيڏانهن هليا آيا هئا.“

    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٿورا سائين امر جليل صاحب جا جنهن نوجوانن لاءِ اتساهه ۽ اميدن ڀريل پيغام سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻاهر ٻولي هنج جي

    ”امر جليل جا رڳو ڇو ٿو ڪتاب ڇپين؟“ ”امر جليل ڇا ٿو لکي؟“، مٿيان ٻئي سوال مون کان اڪثر، روبرو يا فون تي تڏهن پڇيا ويندا آهن، جڏهن ڪاڇو پبليڪيشن پاران امر جليل جو نئون ڪتاب شايع ٿيندو آهي. مٿيان ٻئي سوال اهي اديب ۽ شاعر پڇندا آهن، جنن جو وجود داغدار آهي ۽ ٻه نمبري ڌنڌو ڪندا آهن. انهن کان امر جليل جو وجود برداشت نه ٿو ٿئي. جڏهن ته امر جليل جا پڙهندڙ تمام گهڻا آهن ۽ مخالفت ڪرڻ وارن جو تعداد ٿورو آهي. امر جليل جي مخالفت اهي اديب ۽ شاعر ڪن ٿا جنن جو ڪو پبلشر ڪتاب ڇپي به ٿو ته انهن جا ڪتاب وٺڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي.
    امر جليل معاشري جي نبض تي هٿ رکي ڪري لکندو آهي، انهن اديبن ۽ شاعرن کي آئينو ڏيکاريندو آهي، جيڪي ڪوڙا، منافق، ٺڳ ۽ ٻه نمبري ڌنڌو ڪندا آهن ۽ پاڻ کي ادب جا افلاطون، ايماندار، سچار ۽ اصول پسند چورائيندا آهن.

    اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي،
    اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڇي ڀورا نه ڪرين.

    شاهه

    محمد علي ماجد
    22 ڊسمبر 2010ع


    پهرئين ڇاپي جي آتم ڪٿا

    پهرئين ڇاپي جي آتم ڪٿا

    او ڪو ٻيو فهم

    مان وهمي ناهيان. پر، مان آهُن ۽ دانهن جي اثر جو منڪر به نه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ مان سنڌ جي عبرتناڪ زوال جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، عيني گواهه آهيان. ويجهڙائيءَ واري تاريخ مان منهنجي مراد آهي ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌ جي تاريخ. گذريل ٽيهٺ سالن ۾ سنڌ پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا وڃائي ڇڏي آهي. سنڌ جو مانُ ۽ مرتبو، ٻولي، تهذيب، تمدن، ثقافت، ۽ اعليٰ قدر Values ماضيءَ جي ميراث ٿي پيا آهن. اڄوڪي سنڌ قطعي اُها سنڌ ناهي جيڪا سنڌ مون 1947 کان اڳ ڏٺي هئي. تڏهن، سنڌ جو شمار هندستان جي سٺن ۽ سهڻن صوبن ۾ ٿيندو هو. اڄوڪي ڀڙڀانگ سنڌ اُها ڪالهوڪي آبدار سنڌ ناهي جنهن جي تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ ٻڌي قديم آثارن جا ماهر مارٽيمر ويلر ۽ سرجان مارشل هيڏانهن هليا آيا هئا.
    سهڻي ستابي، ٺهيل ٺڪيل سنڌ جو زوال تڏهن کان شروع ٿيو، جڏهن موهن جي دڙي واري تهذيب ۽ تمدن جا اصلي وارث ورهاڱي جي محشر کان مجبور ٿي هتان هليا ويا. پنهنجي محدود مطالعي ۾ مون کي اڃا ڪو اهڙو مثال ملي نه سگهيو آهي جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جي اصلي باشندن کي جلاوطن ٿيڻو پيو هجي. اِن حوالي سان اڪثر ٻه مثال ڏنا ويندا آهن. هڪ آسٽريليا جو، ۽ ٻيو آمريڪا جو. اِهي ٻيئي مثال 1947ع ۾ سنڌين جي جلاوطني سان ٺهڪندڙ ناهن. ٻاهران آيل فاتحن آمريڪا جي اصلوڪن رهواسين ريڊ انڊينز کي ملڪ بدر نه ڪيو هو. کين آمريڪا مان تڙي نه ڪڍيو هو. سندن حق هضم ڪري ٻاهران آيل فاتحن آمريڪا جي اصلي باشندن کي ذلت جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري وڌو هو. ساڳي طرح آسٽريليا تي ٻاهران اچي قبضو ڪرڻ وارن آسٽريليا جي اصلي ايبارجنيز باشندن کي ملڪ مان لوڌي نه ڪڍيو هو. هنن اٽڪلون ۽ هيلا هلائي ايبارجنيز کي آسٽريليا جي جهرن جهنگلن طرف ڌڪي ڇڏيو هو. اُتي هو اڄ به مسڪيني حال ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پر، سنڌ جي اصلوڪن باشندن کي، اصلي سنڌين کي پنهنجي اباڻي وطن سنڌ مان لڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو.
    اڄ، جڏهن مان آتم ڪٿا جي هيءَ قسط لکي رهيو آهيان تڏهن ڊسمبر 2010 جي پنجين تاريخ آهي، ڪالهه ڊسمبر جي چوٿين تاريخ هئي. ٻن ڌرين ٻن ڏهاڙن تي جدا جدا ٿي سنڌين جي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو آهي. منهنجي تجربي ۾ اِها انوکي ڳالهه ناهي. گذريل ٽيهٺ سالن دوران سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين کي ميڙي سيڙهي متحد ڪرڻ جون سڀئي ڪوششون مون رائگان ٿيندي ڏٺيون آهن. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي فطرت ۾ ڪو ڪيميائي ڏڦير آهي، تنهن ڪري کين منظم ڪرڻ، ۽ کين ڀرپور اجتماعي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. اِهو جدا موضوع آهي جنهن تي مان پنهنجي آتم ڪٿا جي ٻي ڪنهن قسط ۾ اوهان سان اندر جو حال اوريندس. اصولي طرح آتم ڪٿا زمان ماضيءَ جي يادگيرين، قصن، واقعن ۽ ذاتي تجربن تي مبني هوندي آهي. اصولن جي پابندي ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. پر اصولن کي پرک کان آجو نه ڪجي. مان ماضيءَ کان علاوه زمان حال ۾ به آتم ڪٿا لکندو آهيان. اِن حوالي سان مون ڊسمبر 2010 جي ٻن تاريخن چوٿين ۽ پنجينءَ جو اوهان سان ذڪر ڪيو آهي. انهن ٻن ڏهاڙن کي ايڪتا بدران جيڪڏهن ٻيڪتا جو نالو ڏنو وڃي ها ته به غلط نه لڳي ها. انهن ٻن ڏهاڙن دوران سنڌين جا پاڻ ۾ انيڪ اختلاف ڏسي منهنجي ٽيهٺ سالن واري راءِ کي هٿي ملي آهي ته سنڌ وارا سنڌي ڪڏهن به يڪمشت ٿي اُڀري نه سگهندا. تاريخي حقيقتن کي سامهون رکندي سنڌ وارن سنڌين جي اهڙي روش سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي.
    منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌجو. موجوده سنڌ ۾ ڪابه سنڌي نالي قوم ڪونهي. گذريل ٻٽي سئو سالن کان خانه بدوش قبيلا هِتان هُتان ٿڙندا، ڌڪا کائيندا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن. پنهنجي اوائلي تاريخ ۾ سنڌ تي نازل ٿيندڙ قبيلن مان گهڻي ڀاڱي قبيلا پنهنجي ڪرت ڪار ۾ ڦورو، چور، ڌاڙيل، ڏڦيري ۽ جهيڙاڳڙ هئا. پاڻ ۾ سندن قبيلائي جنگيون عام جام هونديون هيون. سنڌ جي مغل گورنرن اهڙن خونخوار قبيلن سان هٿ اٽڪائڻ بدران کين جاگيرون ڏيئي سنڌ ۾ آباد ڪري ڇڏيو هو. ٻٽي سئو سال کيتي سر سهتي ڪرڻ کان پوءِ سندن روين ۾ تبديلي آئي آهي ـــ پر اڄ به هو فطرتاََ قبيلائي آهن. اڄ به هو ماضيءَ وانگر قبيلائي جهيڙن جهٽن، ڏڦيرن، خونن، ۽ ڌاڙن ۾ ملوث آهن. انهن سمورن قبيلن کي ملائي اسان نالو ڏنو آهي سنڌي قوم. اهڙي قوم، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قوم جي معنيٰ ۽ مفهوم تي پوري نه ٿي لهي، تنهن قوم جي ايڪتا لاء ِيارن ملهايا ٻيڪتا، يعني، ايڪتا جا ٻه ڏينهن، ڊسمبر چوٿين ۽ پنجين تاريخ، سن 2010.
    دنيا جي هر ملڪ وانگر سنڌ ثقافتي ۽ تمدني طرح ٻن حصن ۾ وراهيل آهي ـــ شهري سنڌ ۽ ٻهراڙيءَ واري سنڌ. اها ڪا ڇرڪائيندڙ حقيقت ناهي. هندستان کي ڇڏيو، يورپ ۽ آمريڪا، ۽ آسٽريليا ۾ به آبادي شهري ۽ ڳوٺاڻڪي مد ۾ ڪاٿي هيٺ ايندي آهي. Urban Population ۽ Rural Population ، نه ان ڪاٿي ۾ ڪا خرابي آهي، ۽ نه ئي ڪا اوڻائي آهي. جڏهن هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ 1947 ۾ پاڪستان ٺهيو هو، تڏهن پاڪستان جي آباديءَ جو فقط پنجويهون سيڪڙو شهري يعني Urban هو. باقي پنجهتر سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻڪي هئي. آباديءَ جي ٻنهي حصن، يعني شهري ۽ ڳوٺاڻڪي آباديءَ جون گهرجون، ۽ ضرورتون هڪٻئي کان مختلف هونديون آهن. سڄي ملڪ جي زرعي ترقيءَ جو انحصار ڳوٺاڻي ترقي يعني Rural Development تي هوندو آهي. ڳوٺن ۾ اسڪول، زرعي ۽ زراعت سان واسطو رکندڙ هنرن لاءِ تربيت ۽ سکيا جا مرڪز، صحت جا مرڪز، مواصلاتي نظام، بينڪن جون شاخون ۽ گڏجي سڏجي يعني ملي جُلي زراعت ڪرڻ لاءِ Co-operative Farming کي هٿي وٺائڻ سان ٻه ٽي ايڪڙ رکڻ وارا هاري وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن جي ڏاڍ ڏمر مان آجو ٿي سگهندا آهن. پر، ڪرپٽ ۽ بدڪردار حاڪمن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ائين ٿي نه سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ٻهراڙي ۽ پنجاب جي ٻهراڙيءَ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اسان جو ڳوٺاڻو ڊنل، هيسيل، اڻڄاڻ، غريب ۽ مفلس آهي. اهڙو ڳوٺاڻو اسان جي ڀوتارن، وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ سيدن لاءِ ووٽ بينڪ آهي. اهڙن اٻوجهه ڳوٺاڻن جا ووٽ وٺي ڀوتار وڃي اسيمبلين ۾ ويهندا آهن، وزير ۽ وزيراعليٰ ٿي پوندا آهن.
    موت وانگر تبديليءَ جو اچڻ اٽل آهي. اسين چاهيون، نه چاهيون اسان جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، اٿڻي ويهڻي ۽ رَوَين ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. اهو اٽل سرشتو آهي جنهن کي روڪڻ امڪان کان ٻاهر آهي، تبديليءَ جي سرشتي کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. تبديلي منفي به هوندي آهي، ۽ مثبت به هوندي آهي. مثبت تبديلي ماڻهوءَ کي اڳتي وٺي ويندي آهي. منفي تبديلي ماڻهوءَ کي پٺتي ڌڪي ڇڏيندي آهي. ڀوتارن پنهنجي ڏاڍ ڏمر سان ڳوٺاڻن کي منفي تبديلي جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي جتي هو وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندا. ڀوتارن سندن سوچ سمجهه کي مائوف ڪري ڇڏيو آهي. عزتِ نفس Self-respect کانئن کسي ورتي آهي. اهڙن ڀڙڀانگ سنڌين جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو. قبيلائي سردارن ۽ جاگيردارن، ۽ زميندارن اهڙن اٻوجهن کي پنهنجن خوني جهيڙن ۾ مُهرن وانگر مارايو آهي. اها آهي اسان جي اڄوڪي سنڌ.
    ٻٻرن کان ٻيرن جي اميد رکندي مون سوچيو پئي ته چوٿين ۽ پنجين ڊسمبر 2010 جا ٻه ڏهاڙا ثقافت ۽ اجرڪ ٽوپيءَ جي نالي ۾ ملهائڻ وارا سنڌ سان وچن ڪندا ته اڄ کان پوءِ سنڌي پنهنجي زندگيءَ ۾ تعليم، تربيت ۽ هنر کي اوليت ڏيندا. پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ اسڪول بند ٿيڻ نه ڏيندا. بند پيل اسڪول کولائيندا. جرڳائي وڏيرن، ۽ جاگيردارن خلاف ميڊيا ۾ آواز اٿاريندا ـــ جتي جرڳو هلندو هجي اتي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪندا. پر، ائين ٿي نه سگهيو. سوچ سمجهه رکڻ وارن ۽ حق گهرڻ وارن کي جرڳائي سردار، جاگيردار، ۽ وڏيرا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پوليس هٿان خوار خراب ڪري ڇڏيندا آهن. مون سمجهيو هو سنڌي وڪيل پنهنجو فورم قائم ڪندا ۽ بيوس ۽ ڪوڙڪن ۾ ڦاسايل مسڪينن جا ڪيس کڻندا، هيٺين عدالتن کان وٺي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين سندن دفاع بنا ڪنهن في جي ڪندا. ڳوٺن ۾ ويٺل ڪرپٽ پوليس وارن، سندن پرگهور لهڻ وارن وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪندا جن هيڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پر، ائين ٿي نه سگهيو. ڳوٺاڻا سنڌي ڏاڍا ڊنل ۽ بيوس آهن. هنن کي جيڪڏهن وڪيلن جي فورم جي واهر ملي پوي ته هو نئين سنڌ جي پيڙهه جو پٿر ٿي پوندا.
    مون سوچيو هو، انهن ٻن ڏهاڙن تي نوجوانن کان وچن ورتو ويندو ته هو سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جهڙي ڪاري رواج خلاف ماڻهن ۾ جاڳرتا آڻيندا. گڏجاڻيون ڪندا. ماڻهن کي آگاهي ڏيندا. ڪاروڪاريءَ وارو ڏوهه خون جي زمري ۾ ايندو آهي. نوجوان ان سلسلي ۾ وڪيلن جي فورم سان لاڳيتو لهه وچڙ ۾ رهندا. جڏهن به کين ڪڌي ڪرتوت جو واقعو يا امڪان نظر ايندو، هو هڪدم قانوني مدد لاءِ وڪيلن جي فورم کي آگاهه ڪندا. پر، ائين ٿي نه سگهيو. مون ڀانيو هو انهن ٻن ڏهاڙن تي نوجوانن کان وچن ورتو ويندو ته هو بنيادي حقن جو غور سان مطالعو ڪندا. جتي به ڪنهن هاري ناري يا بٺن تي ڪم ڪرڻ واري ڪنهن ڪٽنب سان ناانصافي ٿيندي ڏسندا، هڪدم هڪ طرف ته ميڊيا کي آگاهه ڪندا، ۽ ٻئي طرف وڪيلن جي فورم کي مدد لاءِ پڪاريندا. پر، ائين ٿي نه سگهيو. مون سوچيو هو ته انهن ٻن ڏينهن تي ٽوپيون پائي، اجرڪ ويڙهي نچڻ ڪڏڻ ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ وارن کان وچن ورتو ويندو ته هو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين چونڊن بابت ڳوٺاڻن ۾ آگاهي آڻيندا. هو ڳوٺاڻن کي انتخاب ۾ غلط ماڻهن کي چونڊڻ جي نتيجن کان آگاهه ڪندا، ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ هو ڀوتارن بدران پڙهيل ڪڙهيل هڏ ڏوکي ماڻهن کي چونڊين ۽ کين پنهنجو نمائندو ڪري اسيمبلين ۾ ويهارين. پر، اهڙو وچن نه ورتو ويو. هرڪو نچي ڪڏي وڃي گهر ڀيڙو ٿيو.
    سنڌ جي اصل ثقافت سنڌ مان گهڻي قدر موڪلائي ويئي آهي. باقي بچيل ثقافت موڪلائي رهي آهي. فقط اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي اسان جي ثقافت ناهي. پڳ ۽ پٽڪو اسان جي ثقافت جو معتبر ۽ مانائپو عنصر آهن. يارن پڳ ۽ پٽڪي کي وساري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه اسان جي ثقافت جا سوين رنگ آهن جيڪي ميسارجي ويا آهن.
    مون سوچيو هو ته انهن ٻن ڏهاڙن تي اسين عهد ڪنداسين ته پنهنجن قديم آثارن، ماڳ ۽ ماڙين، عمارتن ۽ عبادتگاهن جي حفاظت ڪنداسين. ميرن جا قبا، ڪلهوڙن جا قبا، چوڪنڊي قبرستان، مڪلي، معصوم شاهه جو مونارو (مينار)، اڪثر درگاهون، ساڌ ٻيلو، مندر، آمريءَ جا آثار، رني ڪوٽ، ۽ موهن جو دڙو ڀڄي ڀري رهيا آهن. سنڌ جو پيرس جهڙو شهرشڪارپور کنڊر ٿي رهيو آهي. پر، اهڙو ڪو عهدنامو نه ٿيو.
    انهن ٻن ڏهاڙن کان علاوه پڻ ڳوٺاڻا سنڌي ڪلهي تي اجرڪ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائيندا آهن. لوفر ۽ ٽرڙا اجرڪ ڪڇن هيٺان ڪري اکين ۾ چُپٽي سرمي جي پائي، ٽنڊ تي ٽوپي رکي، شهپرن کي وٽ ڏيئي ننڍڙن ننڍڙن شهرن ۽ ڳوٺن جي هوٽلن تي ويٺا هوندا آهن. ٽولا ٽولا ڪري اڇي پٽڪي ۽ پڳ وارن کي ويل ۾ وجهندا آهن. ڌاڙيل به اجرڪ ويڙهي ۽ سنڌي ٽوپي پائي ڌاڙا هڻندا آهن، ۽ خون ڪندا آهن. مون سمجهيو هو ته انهن ٻن ڏهاڙن تي سنڌي نوجوان سوچيندو ـــ غور ڪندو ته رڳو سنڌي ٽوپي ۽ اَجرڪ اسان جي ثقافت ناهن. پر، انهن ٻن ڏهاڙن چوٿين ۽ پنجين ڊسمبر 2010 تي ائين نه ٿيو. ڪو وچن نه ورتو ويو. ڪي انجام اقرار نه ڪيا ويا. هرڪو نچي، ٽپي، ڪڏي، جهمريون پائي وڃي گيشن پتن ۽ ٽهڪڙن ۾ پيو:

    اجرڪ ٽوپي پائڻ،
    اي پڻ چڱو ڪم،
    پر، او ڪو ٻيو فهم،
    جنهن سان سَرِ جي سنڌ کي.

    نچڻ، ڪڏڻ، ٺينگ ڏيڻ،
    اي پڻ چڱو ڪم،
    پر او ڪو ٻيو فهم،
    جـــنهــن سان سَرِ جي سنڌ.

    بابا تعليم کاتي ۾ هو. جن عالمن سان سندس اٿڻ ويهڻ ٿيندو هو انهن کي مون مٿي تي اڄ ڪلهه واري سنڌي ٽوپي نه ڏٺي هئي. ڪجهه شبيهون منهنجي ياد ۾ چٽيون آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽو، خان بهادر محمد صديق ميمڻ، محمد صديق مسافر، عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، مولانا دين محمد عليگ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، علامه آءِ آءِ قاضي، پيرزادو عبدالستار، پيرزادو عبدالغني، عبدالرزاق قاضي، وغيره سڀئي نج سنڌي هئا. لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ سان سندن تعلق هو.
    سنڌي ٽوپي پائڻ سان جيڪڏهن سنڌ ۾ سجاڳي اچڻي هجي ها ته گهڻو اڳ اچي چڪي هجي ها، جنهن جو سرواڻ جلال چانڊيو هجي ها. جلال چانڊيو پنهنجي يڪتاري کي رنگين ڳانا ۽ جهالرون ٻڌندو هو. سنڌ جا ڌاڙيل پنهنجين بندوقن کي رنگين ڳانا ۽ جهالرون ٻڌندا آهن، ۽ جلال چانڊيي وانگر ٽنڊ تي سنڌي ٽوپي رکندا آهن.

    جيستائين اصلوڪا سنڌي سنڌ ۾ هئا ڳوٺاڻي Rural سنڌ ماڻپت ۾ هئي. عياش زميندار، جاگيردار ۽ وڏيرا اصلوڪن سنڌين جا مقروض هوندا هئا. دور هو انگريز جو. قرض وٺي اُڳري ڇڏڻ ڏکيو هوندو هو. تنهن ڪري مقروض زميندار، جاگيردار، ۽ وڏيرا ائين مَن مستيون ۽ موجون نه ڪندا هئا جيئن اڄ ڪلهه ڪري رهيا آهن، آل انڊيا مسلم ليگ جي ليڊرن زميندارن کي قائل ڪري ورتو ته جيڪڏهن هنن پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ته سنڌ پاڪستان جو حصو ٿي پوندي ۽ اصلوڪا سنڌي هتان لڏي ويندا، اهڙي طرح سندن ڳچيءَ مان قرض جو طوق لهي ويندو، ۽ گروي پيل زمينون کين موٽي ملنديون.
    پاڪستان ٺهيو. اصلوڪن سنڌين سنڌ مان لڏي وڃڻ کان انڪار ڪيو.ورهاڱي جي محشر ۾ مسعود  جهڙا ڪامورا اچي نازل ٿيا، جن غنڊن، لوفرن ۽ اڳوڻن مجرمن کي هشي ڏيئي سنڌ ۾ اصلوڪن سنڌين لاءِ ساهه کڻڻ مشڪل ڪري وڌو ــ صوفين کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو. لڏ پلاڻ ۾ نوانوي سيڪڙو اصلوڪا سنڌي هتان هليا ويا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي شهرن ۾ ريڊنگ روم بند ٿي ويا. لائبريريون ويران ٿي ويون. ڌرم شالائن، پاٽ شالائن، ۽ گئو شالائن تي قبضا ٿي ويا. ويندي ويندي اصلي سنڌي ڀريل گهر گهاٽ، ماڙيون، دڪان، گدام، اسپتالون، ڪلينڪون، اسڪول، ٽڪاڻا، ۽ مندر ڇڏي ويا. سندن امانتن کي زور آورن ڏاڍي بيدرديءَ سان اُجاڙي ڇڏيو. منهنجي ڏسنديئي ڏسندي سندن سهڻا گهرگهاٽ، فليٽ، اپارٽمينٽ، بنگلا، ماڙيون، دڪان، گدام، اسپتالون، ڌرم شالائون، مندر قبضا خورن تباهه ڪري ڇڏيا.
    هزارين سالن کان آباد پنهنجا وٿاڻ ڇڏڻ، پاڙئون پٽجي در بدر ٿيڻ معمولي ڳالهه ڪونهي. دربدر ٿيندي جيڪا آهه اٿندي آهي تنهن ۾ ڀل آسمان اچي پَٽِ نه پوي، ڀل ڌرتي ڀڄي ڀُري نه پوي، پر تاريخ جا صفحا ڪارو ڪفن پائي ڇڏيندا آهن. اندر مان اُٿيل آهون ورهين جي وادين ۾ پڙاڏا ڪنديون رهنديون آهن ــ گونجنديون رهنديون آهن. اهڙيون آهون آباد وستين کي ايئن اجاڙي ڇڏينديون آهن جو اُهي وستيون وري آباد ٿي نه سگهنديون آهن. منهنجي سنڌ انهن آهن ۾ اُجڙجي ويئي آهي. آدمين جي آبادي وڌي ويئي آهي، پر آدميت ختم ٿي ويئي آهي. ڪراچيءَ جي اوچين عمارتن ۾ ڪارپوريٽ ادارا قائم ڪري تاريخ جا منڪر اُتي کپ کوڙي ويهي رهيا آهن. هنن لاءِ ٻه واڌو ٻه برابر ٻاويهه آهي. اِها ئي هنن لاءِ حقيقت آهي. اِهو ئي هنن لاءِ سچ آهي. جنهن ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهو هڪ وقت جي ويلي لاءِ محتاج آهن، ان ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ ۽ رڌ پچاءَ جا ٽي چار ٽي وي چينل هلي رهيا آهن.


     مسعود بيوروڪريٽ هو. مشرقي پنجاب ۾ سکن هٿان سندس سمورو ڪٽنب مارجي ويو هو. سندس پوسٽنگ سنڌ ۾ ٿي. هن وحشي ڪاروائين سان اصلوڪن سنڌين کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو هو. بعد ۾ پڇتاءَ يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ لڳو ۽ مسعود کدر پوش جي نالي سان مشهور ٿيو.

    ڊسمبر چوٿين ۽ پنجين تاريخ، سن 2010 تي مختلف نعرا به ٻڌڻ ۾ آيا هئا. انهن نعرن ۾ هڪ نعرو هو ته اسان جي تهذيب ۽ ثقافت پنج هزار سال پراڻي آهي ـــ اسان جو تعلق موهن جي دڙي سان آهي ـــ اسين موهن جي دڙي جا وارث آهيون.

    موهن جو دڙو ست هزار سالن کان وڌيڪ پراڻو آهي. ڪاهه ڪرڻ وارن جيڪڏهن موهن جي دڙي واري لپي، ۽ ان لپي يعني صورتخطي Alphabet ۾ آيل سلسليوار تبديلي ۽ اِن تبديليءَ سبب پالي ۽ سنسڪرت لپيءَ ۾ لکيل مواد برباد نه ڪن ها، ته اڄ اسين موهن جي دڙي جي ۽ ان کان اڳ واري تاريخ کان واقف هجون ها. موهن جي دڙي واري مملڪت تي حملا ڪرڻ وارا اسان موجوده سنڌين جا مائٽ مٽ ۽ ابا ڏاڏا هئا. اسين بت شڪن آهيون. سومناٿ کان وٺي افغانستان ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جي عاليشان مورتن کي بمن سان اڏائڻ تائين اسان کي پنهنجي هر فعل تي فخر آهي. سنڌ ۾ اسان فاتحن جي موجودگي ست اٺ سئو سالن کان وڌيڪ ناهي. تنهن ڪري پنهنجي تهذيب، تمدن، ۽ ثقافت کي موهن جي دڙي سان جوڙڻ واري اسان جي دعويٰ ۾ دم ڪونهي.جيڪڏهن اسين پنهنجي دعويٰ ۾ سچا هجئون ها ته جيڪر موهن جي دڙي کي بيدرديءَ سان برباد ٿيندي ڏسي نه سگهون ها.
    مون جن کي اصلي يا اصلوڪا سنڌي لکيو آهي، تن جو سڌو سنئون تعلق موهن جي دڙي سان آهي. سندن تهذيب، تمدن، ثقافت موهن جي دڙي سان جڙيل آهي. هو جيستائين هتي هئا، موهن جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي، ٿرپارڪر جي جين مندرن جي سار سنڀال لهندا هئا. ڏهاڙا ملهائيندا هئا. سنڌ جون درگاهون آباد رکندا هئا. اُتي ٻارين ٻچي ڀيرو ڀريندا هئا. خاص طرح سان سچل سرمست جا وڏا معتقد هئا. تڏهن درازن وڃبو هو ته ائين لڳندو ڄڻ مريدن جو ميلو متل هجي. درگاهه ٻاهران صفائي سٿرائي ـــ دڪان دڙا چلڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ، هر شيءِ سان ڀريل، پڪوڙن، ڇولن، ۽ چانپن وارن جا دڪان! مٺايون ۽ مٺائين جا دونا! درگاهه ۾ پير پائبو هو ته سڌو وڃي روحانيت جي روشنيءَ ۾ پئبو هو. فقرائي راڳ تي ڪي وجد ۾، ته ڪي رقص ۾. ڪي مونا طور سينا ڪري، ڳوڏن ۾ منهن وجهي سوچ ۽ فڪر جي فرحي پيا پڙهندا هئا. عجب لقاءُ هوندو هو. اصلوڪن سنڌين جي لڏي وڃڻ کان پوءِ سچل جي درگاهه جو ڪڏهن ڀيرو ته ڀري ڏسو! ويراني ڏسي دل دانهن ڪري ڪجهه گهڙين لاءِ ماٺ ٿي ويندي آهي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ نرڄي دل هلي پوندي آهي، پر پنهنجي نه لڳندي آهي.
    هينئر جڏهن آتم ڪٿا جو هيءُ باب لکي پورو ڪرڻ تي آهيان، تڏهن ڊسمبر 2010 جي ڏهين تاريخ آهي. نچڻ، ڪڏڻ، ٽپڻ، ڳائڻ ۽ وڄائڻ ۽ جهمريون وجهڻ وارن ٻن ڏهاڙن کي پنج ڇهه ڏينهن گذري ويا آهن. سنڌي اخبارون منهنجي سامهون پيون آهين. سموريون اخبارون قبائلي جهيڙن ۽ خونريزن، ڪاروڪاري، اغوا، ڌاڙن، پوليس جي قهري ڪارنامن، جرڳن، ۽ لڄالٽ جي خبرن سان ڀريون پيون آهن.

    امر جليل
    10 ، ڊسمبر 2010

    B-702, Sand View Homes
    Frere Town,
    Clifton, Karachi.
    Email: amarjaleel@link.net.pk
    Amarjaleel36@gmail.com


    هڪ عجيب شخص منهنجو دوست آهي

    هڪ عجيب شخص منهنجو دوست آهي

    نوابشاهه جا اُهي ڏينهن ڏاڍا هيڪلا، طويل، ۽ اُداس ڪندڙ هوندا هئا. رات ايندي هئي، ته ڪڏهن ختم نه ٿيڻ جو قسم کڻي ايندي هئي. آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايڏي گگهه اوندهه مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن نه ڏٺي هئي. ائين لڳندو هو، ڄڻ تاريڪيءَ جو سمنڊ هو؛ سمنڊ ۾ سڙهه ۽ سکان بنا سفر هو: سفر جو ڪو انت نه هو. صبح سان سج سوا نيزي تي لهي ايندو هو. اڪثر گُهٽ ۽ ٻوسٽ هوندي هئي. ۽ جيڪڏهن هوا هلندي هئي، ته واچوڙا اُڀ تائين مٽيءَ جا مينار ٺاهي ڇڏيندا هئا. ڪاليج شام جو کُلندو هو. شام، اُن دل وانگر پري لڳندي هئي، جنهن ۾ منهنجي لاءِ جڳهه نه هئي. بيوسيءَ وچان، لطيف هال جي گرين روم ۾ ڪنڌ هيٺان ٻانهون ڏيئي، مان ڇت سان لٽڪندڙ پکي ڏانهن پهرن جا پهر ڏسندو هوس، ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، ۽ سمهي نه سگهندو هوس ته دريءَ جي لوهي شيخن ۾ هٿ وجهي ٻاهر رڻ جهڙي گرميءَ ۾ رڃ ڏانهن ڏسندو هو، پر اُڃ اُجهائي نه سگهندو هوس. تڏهن، ڪراچيءَ مان ڀڄي اچڻ واري فيصلي تي مون ڏاڍو پڇتايو هو.
    اِهي ڳالهيون اڻويهه سئو پنجونجاهه ـــ ڇاونجاهه جون آهن. پر، زندگيءَ جي ڊرامي ۾ هڪ ڏيک پٺيان ايندڙ ٻئي ڏيک وانگر وسرندڙ نه آهن. تڏهن، مان ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ انٽر سائنس پڙهندو هوس. سِرَ تي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ پائليٽ ٿيڻ جو جنون سوار هوندو هو. اُن وقت مان پنهنجي جنون جو ڇيد ڪري نه سگهندو هوس. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۽ پائليٽ! ڪهڙو تعلق آهي ٻنهي جو پاڻ ۾! اُن وقت خبر نه پوندي هئي. اُن وقت فقط جنون جو هوش هو ــ پائليٽ ٿيندس، ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندس! جنون به اهڙو، جو ابتدائي عمر جي ڪنهن عشق کي مات ڏيئي ڇڏي! عمر جي هن حصي ۾، جڏهن شام کان پوءِ زندگيءَ ۾ لهندڙ سج جي لام نظر اچڻ لڳي آهي. مان پنهنجي اوائلي جنون جو منطقي ڇيد ڏاڍي يقين سان ڪري سگهان ٿو.
    ڪرڪيٽ ۾ منهنجو هيرو امتياز هو. ڏاڍو وڻندو هو. امتياز وانگر وڪيٽ ڪيپنگ ڪرڻ، امتياز وانگر بيٽنگ ڪرڻ، زندگيءَ جو نصب العين ٿي پيو هو. نه فقط ايترو، پر ان کان به اڳتي! امتياز وانگر نظر اچڻ ـــ امتياز جهڙا وار رکائڻ، امتياز جهڙا ڪپڙا پائڻ، امتياز وانگر هلڻ، چلڻ، اٿڻ، ويهڻ، ۽ ڳالهائڻ! امتياز جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هو، ڪنهن ميچ ۾ کيڏڻ لاءِ، اُهي سمورا ڏينهن مان اسڪول مان غائب هوندو هيس. ان ڳالهه جي خبر گهر وارن کي، ۽ اسڪول ۾ به هوندي هئي ـــ پر ڪابه جهل پل نه هئي. اُنهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ فقط ٻه ڪرڪيٽ گرائونڊ تمام سٺا هوندا هئا. ڪراچي جمخانه، ۽ ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ. مان ٽيئي ـــ چاريئي ڏينهن ميچ جا پويلين ۾ وڃي ويهندو هوس، ۽ امتياز جي هڪ هڪ عمل کي ذهن نشين ڪندو هوس. ۽ پوءِ، هڪڙي ڏينهن خبر پئجي ويئي ڪٿان، ته امتياز پائليٽ آهي!
    بابا ويچاري سوچيو هو ته پٽ انجنيئر ٿيندو. مان لڪ ڇپ ۾ پائليٽ ٿيڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس. اُنهن ڏينهن ۾ برنس گارڊن جي پٺيان، اينگل روڊ تي، جنهن کي اڄ ڪلهه ضياالدين روڊ، جو نالو ڏنو اٿائون، پاڪستان ايئرفورس جي پائليٽن لاءِ رڪروٽنگ آفيس هئي. ڏاڍي تياري ڪيم. روزانو رڪروٽنگ آفيس ڀڳو بيٺو هجان. لائبريرين ۾ مطالعي ۾ مشغول ـــ جنرل ناليج ۽ ڪرنٽ افيئرس جي تياري ـــ ڏينهن رات ويٺو ٽائيمس ۽ نيوز ويڪ رسالن کي چَٽيان! خبر تڏهن وڃي پيئي، جڏهن والدين کان ڀرائڻ لاءِ اجازت نامو ڏنائون. ڦاٽ ڦاٽي پيو. گهران نابري واري ڇڏيائون. انڪار ڪيائون. فارم نه ڀريائون. مان هوڏي پڙهڻ کان پڙ ڪڍي بيٺس. سڄا سمورا ڇهه اٺ مهينا ڪراچيءَ ۾ ڌڪا کائيندي، ۽ آواره گردي ڪندي گذاريم. چار چڱا وچ ۾ پيا. ٺاهه ان ڳالهه تي ٿيو، ته پڙهڻ شروع ڪندس، پر ڪراچيءَ ۾ نه ـــ بس گهر ۾ نه رهندس. ۽، سائنس به نه پڙهندس. بابا سائين ڏاڍو دلبر شخص هو. رڳو پيار ڏيندو هو، هر ڳالهه پيو مڃيندو هو. نوابشاهه ۾ نئون آرٽس ڪاليج کليو هو. پرنسپل احمد سعيد، بابا جو واقف هو. اڌ سال وڃائڻ کان پوءِ به مون کي انٽر آرٽس ۾ داخلا ڏنائين. زندگيءَ جي ڊرامي جو هڪ ڏيک ڄڻ پورو ٿيو، ۽ ٻيو ڏيک شروع ٿيو.
    نوابشاهه جي حامد علي ڪرڪيٽ گرائونڊ جي مٽي، دز ۽ بدحال پِچ ڏسي دل ڀڄي پيئي. پائليٽ نه ٿي سگهڻ جي ڏک سان اڃان ٺاهه نه ڪيو هوم، جو پڪ ٿي ويم ته اهڙي ميدان تي کيڏندي مان ڪڏهن به ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندس. دل ايڏي اُداس، ڄڻ ڪائنات هٿن مان نڪتي پئي ويئي. بيٽنگ ڪرڻ نڪران ته ٽيهن ـــ چاليهن کان مٿي اسڪور ڪري نه سگهان ـــ دنگ ٿيو ته پنجاهه، ورنه ٻُڙي! وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي وڪيٽ کي ويجهو وڃي بيهان، ته بال سڌو اچي لڳي ٻوٿ ۾! مجبوري ۽ بيوسي اهڙي، جو ڪمري جو در بند ڪري، ويهاڻي ۾ منهن وجهي ويٺو روئان!
    انهن ڏينهن ۾ مان پاڻ کي هارايل جنگ تان زنده موٽي آيل سپاهيءَ وانگر پشيمان پشيمان محسوس ڪندو هوس. شڪست خورده. اڪيلو. توائي. ڪنهن ڪنهن وقت خودڪشيءَ جي باري ۾ سوچيان! تڏهن، اوچتو ئي اوچتو، ڄڻ غيب مان هڪ شخص نڪري منهنجي آڏو اچي بيٺو. قداور، سنهڙو، پر اورچ. ڳالهائڻ جو بلا. چرچو هڻي ته هڪڙن کي کلائي کيرو ڪري وجهي، ته ٻين کي بنهه ڊاهي رکي. وري جي سنجيده ٿئي ته اروڙ جي شام وانگر اُداس ڪري وجهي. شعر چوي، ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکي، ڊرامن ۾ ڪم ڪري ـــ ڪڏهن اداڪاري، ته ڪڏهن هدايتڪاري! ڏاڍو عجيب، پر مون کي پنهنجو پنهنجو لڳو هو. مليو، ته ڄڻ آخري فيصلي وانگر مليو. اڃا ويهن سالن جو به نه ٿيو هو، جو نامور ٿي پيو هو ـــ نالو هوس قمر شهباز.
    مون کي ڏاڍو وڻيو، اصل امتياز وانگر. ٻانهن ۾ هٿ وجهي، ڇڪي، سڌو وڃي ادبي سنگت جي هفتيوار ڪچهرين ۾ ويهاري. بردو سنڌي، نور عباسي، گل محمد چنا، عبدالحڪيم ارشد، ماڻڪ، ۽ ٻين انيڪ اديبن شاعرن سان ملائي. ادبي گڏجاڻين ۾ مان تجسس ۽ تعجب وچان شعر ۽ ڪهاڻيون ٻڌان؛ حيران ٿيان، اندر ۾ غيرمعمولي اَڻ تڻ، ۽ اُٿل پُٿل محسوس ڪريان! وجود ۾ ايڏي ڀڃ ڊاهه، جو اڌ اڌ رات جو ڇرڪ ڀري جاڳي پوان، ۽ پگهر پاڻي ٿي وڃان! اُها پُر اسرار آگاهيءَ جي ابتدا هئي، ته، اڳتي هلي مان لکندس ـــ فقط لکندس، ۽ لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندس ـــ ۽ هيءُ هڪ شخص منهنجي زندگيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم جڳهه والاريندو ـــ ۽ منهنجي مرڻ گهڙيءَ تائين هن شخص جو هٿ منهنجي ٻانهن ۾ هوندو!
    ۽ پوءِ، فقط پنجن سالن ۾ ، اڻويهه سئو پنجونجاهه ـــ ڇاونجاهه کان اڻويهه سئو سٺ ــ ايڪهٺ تائين منهنجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو. هڪ ٻيو شخص امتياز سان ڪلهو هڻي بيٺو. ادب ۾ سڀ کان اڳ مون پنهنجي لاءِ مناسب نالي جي تلاش ڪئي، جيڪو قمر جي نالي سان ملندڙ جُلندڙ هجي. اڻويهه سئو ڇاونجاهه ۾ مون پهرين ڪهاڻي ”اندرا“، پريميءَ جي نالي سان لکي هئي؛ پر اُهو نالو مون کي بنهه نه وڻيو هو. نالي نه وڻڻ جي انيڪ سببن مان سڀ کان وڏو سبب اِهو هو، جو منهنجو نالو قمر جي نالي سان ملندڙ جُلندڙ نه هو. انهن ابتدائي پنجن سالن ۾ هوبهو قمر جي نالي جهڙو نالو نيٺ مون کي ملي ويو ـــ ”امر“، ان ڳالهه جو ذڪر مون اڄ تائين ڪنهن سان به نه ڪيو آهي. يارن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ٺٺولي ڪرڻ لڳا ته هن مجهول کي ڏسو ـــ پنهنجي نالي سان لفظ ٿو لکي امر ـــ ڪڏهن نه مرڻ وارو! انهن ڏينهن ۾ رکي رکي خيال ايندو هو ته، يارن جي غلط فهمي دور ڪريان ـــ کين ٿڌيءَ دل سان سمجهايان، ته يارو، مان ڪڏهن نه مرڻ وارو نه آهيان ـــ مان هڪ شخص جي حوالي سان امر آهيان ـــ قمر جي نالي پٺيان امر آهيان. هِن موقعي ته اڄ ٺيڪ ٿيو، پُراڻي راز تان پردو کڄي ويو، جنهن کان قمر خود به واقف نه هو.
    اِهي پهريان پنج سال منهنجي لاءِ ڪرڪيٽ کان موڪلاڻيءَ، ۽ ادب جي بارگاهه ۾ هميشه لاءِ سجده ريز ٿيڻ جا سال هئا. اِهي پنج سال هڪ اهڙي دوستي جي پيڙهه پوڻ جا سال هئا، جنهن جو دستور اڳتي هلي مون لکيو، قمر نه لکيو. انهن پنجن سالن ۾ گهڻو، گهڻو ڪجهه ٿيو. وقت جو درياهه اسان کي گڏ ٻوڙيندو، ۽ گڏ تاريندو رهيو. سڄا سمورا پنجويهه ـــ ٽيهه سال گذري ويا آهن، پر لڳيم ٿو، ڄڻ ڪالهوڪي ڪا ڳالهه آهي ـــ زندگيءَ جي ڊرامي ۾ اجهو هينئر پوري ٿيل، اڳئين ڏيک جي ڪا ڳالهه آهي ـــ

    هيءَ ڪٿا 1980 ۾ لکيل آهي. 2009 ۾ قمر جي اسهڻ تائين اسان جي دوستي اڌ صديءَ کان اڳتي نڪري ويئي هئي.

    ون يونٽ ٺاهڻ جو اعلان ٿيو آهي. سموري سنڌ ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيئي آهي. ماڻهو ميدان تي نڪري آيا آهن، جلسا ٿي رهيا آهن، جلوس نڪري رهيا آهن. احتجاج جا عَلَم بلند ٿي رهيا آهن، آڪٽوبر 1956ع جي ڪا شام آهي، موني بازار ۽ اسٽيشن روڊ جي چوواٽي تي نوابشاهه جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيڻو آهي. جلسي لاءِ قمر قومي ترانو لکيو آهي، ”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو! يا بچايو سنڌ کي، يا سورما شهيد ٿيو.“ مون قومي گيت لائوڊ اسپيڪرن تي ڳايو آهي، وٺ پڪڙ ٿي آهي. قمر ۽ مان ڪراچي هليا آيا آهيون. گم ٿي ويا آهيون. سائين ايڇ ـــ ايم خوجا صاحب جي ٻڌايل ليکڪن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويا آهيون. هال ڪين، وڪٽرهيوگو ۽ جوزف ڪانراڊ ۽ ٻيا انيڪ ليکڪ.
    اسين ٻئي لکي رهيا آهيون، پر ڇپائڻ کان قاصر آهيون؛ مهراڻ ۽ نئين زندگي ۽ ڪجهه ٻين رسالن تي غلام رباني، شيخ حفيظ؛ رشيد آخوند، سراج، ثميره زرين وغيره ڇانيل آهن. اسان لاءِ ڪا جاءِ ڪونهي. اسان ٻنهي هندستان جي سنڌي رسالن ڪونج، نئين دنيا، پرهه ڦٽي ۽ رابيل وغيره ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي.
    اسان ٻنهي ڪراچيءَ جي هفتيوار ”آزاد“ ۾ نجمه شيرين جي نالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ هٽي خلاف جنگ جو آغاز ڪيو آهي ـــ ڪوٽن کي ڪيرائڻ شروع ڪيو آهي.
    طارق اشرف سان ”سهڻيءَ“ ۾، ۽ حميد سنڌيءَ سان ”روح رهاڻ“ ۾ وڃي شامل ٿيا آهيون.
    سنڌي ادب ۾ پهريون ڀيرو تمام شدت ۽ جذبي جي مڪمل سچائي سان قوم پرست ادب جو آغاز ٿيو آهي. ادب ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا لاءِ اپٽار ٿيڻ لڳي آهي. ”سهڻي“ ۽ ”روح رهاڻ“ رسالا سنڌي قوم پرست ادب جي سڃاڻپ ٿي پيا آهن.
    ”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽر مولوي عبدالواحد سنڌيءَ اسان کي ٺاهه لاءِ گهرايو آهي. اسين ٻئي ساڻس ملڻ ويا آهيون. رشيد احمد لاشاريءَ جي موجودگيءَ سبب ڪنهن به ٺاهه تي پهچڻ کان اڳ اُٿي هليا آيا آهيون.
    انيڪ اڻوسرندڙ لمحا آهن. گهڙيءَ گهڙيءَ جي هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. لکڻ ويهان، ته جيڪر آتم ڪٿا جو هڪ جلد مڪمل ڪري ڇڏيان.
    ادب جي بارگاهه ۾ سجده ريز ٿيڻ وارا پهريان پنج سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا. انهن پنجن سالن ۾ مان ڪرڪيٽ راند کيڏندو رهيس، ۽ قمر وانگر لکڻ جي لڪي لڪي ڪوشش ڪندو رهيس. جيئن وڇوڙي کان اڳ محبت انتها کي پهچي ويندي آهي، تيئن ڪرڪيٽ کي هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ کان اڳ مون دل کولي راند ڪئي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه جو ڪرڪيٽ ڪئپٽن ٿيس. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان کيڏندي پشاور يونيورسٽيءَ خلاف وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي نَوَ رانديگر آئوٽ ڪري سنڌ يونيورسٽي ۽ پاڪستان جي گڏيل يونيورسٽين لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ جو رڪارڊ قائم ڪيم (1957)، جيڪو گذريل ستاويهه سالن ۾ الائي ٽٽو به آهي، يا اڃا تائين قائم آهي! سنڌ لاءِ کيڏيم. فيڪلٽيز ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ڪئپٽن ٿيس ۽ ٽيم کي فائينل تائين وٺي ويس، فائينل ايوب خان خلاف شاگردن جي هنگامن جي ور چڙهي ويئي. ڏينهن رات ڪرڪيٽ راند ۾ مشغول رهڻ جي باوجود مان قمر وانگر لکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. قمر وانگر شاعري ڪيم، ڪهاڻيون لکيم. شاعري هندستان جي سنڌي رسالن ۾ ڇپرايم. پر ڪوشش ۽ محنت جي باوجود مان قمر جهڙي شاعري ڪري نه سگهيس. مان قمر جهڙيون ڪهاڻيون لکي نه سگهيس.
    مون قمر جي نالي سان ملندڙ جلندڙ اُچار وارو نالو امر ته پاڻ تي رکي ڇڏيو هو، پر اصل ۾ قمر جي دز کي به پهچي نه سگهيس. مون کي پڪ ٿي وئي ته ڪرڪيٽ ۾ جيئن مان امتياز جهڙو ٿي نه سگهيو هوس، تيئن ادب ۾ مان امر نالو رکائڻ جي باوجود قمر ٿي نه سگهندس. مون شاعريءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو. ڪجهه عرصي تائين بي فيض ۽ بي لاڀ جدوجهد کان پوءِ مون محسوس ڪري ورتو، ته، مان ناممڪن کي ممڪن ڪري نه سگهندس. مان قمر وانگر ڪا به ڪهاڻي لکي نه سگهندس.
    عين ممڪن هو ته مان بدحواس ٿي لکڻ تان هٿ کڻي ڇڏيان ها، بي مقصد ۽ بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪوبه مقصد ۽ ڪابه معنيٰ ڏيڻ کانسواءِ هتان هليو وڃان ها! پر، قمر ائين ٿيڻ نه ڏنو. قمر ڏاڍي يقين سان مون کي اعتبار ڏياريندو آيو، ته مان لکندو رهان. مسلسل، لاڳيتو، پوري ڪمٽمينٽ سان لکندو رهان؛ ڇو جو مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ نه، بلڪه لکڻ لاءِ پيدا ٿيو آهيان، ته پوءِ مون کي هڪ حقيقت کي قبول ڪرڻو پوندو ته مان قيامت تائين، ڪنهن به جنم ۾ قمر جهڙي هڪ به ڪهاڻي لکي نه سگهندس؛ مون کي ادب جو صحرا جهاڳڻو پوندو ـــ! پنهنجي لاءِ اظهار جو نئون رستو تلاش ڪرڻو پوندو. نئين راهه جو کوج لڳائڻو پوندو. مون کي جوڳ وٺڻو پوندو. وستين بدران وستين جي ويرانين ۾ ويهي لکڻو پوندو. مون کي سڀ ڪجهه ڇڏڻو پوندو ـــ . دوست، احباب ۽ ساٿي! مون سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو!
    ورهيه ٿي ويندا آهن جو اسين پاڻ ۾ نه ملندا آهيون. نه قمر مون کي خط لکي، ۽ نه مان ئي کيس خط لکان. ورهين کان پوءِ ڪٿي ملندا آهيون، ته هڪ ٻئي جي وجود تي وقت جا گهاوَ، چهري تي گهنج، ڇڊن وارن ۾ اڇن وارن جو وڌيل تعداد ڏسي حيران ٿيندا آهيون؛ پاڻ ۾ ڳالهائي نه سگهندا آهيون. هڪ پل ۾ هڪ ٻئي جي وجود ۾ ڊاهه کان پوءِ رهجي ويل قديم آثار ڏسي وٺندا آهيون. ڏاڍو کلندا ۽ کلائيندا هئاسين سڀني کي ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ واري دور ۾! رستن تي، دوستن سان ملي، ڪورس ۾ ڳائيندا هئاسين؛ ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين؛ هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“ پوليس وارن کان وٺي ويندي يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۽ وائيس چانسلرن تائين، سڀني جو نڪ ۾ دم ڪندا هئاسين؛ پر ڪڏهن به ڪنهن جي انسلٽ نه ڪئي سين. نتيجي طور موٽ ۾ اسان کي رڳو پيار ملندو هو. ايڏو پيار، جنهن جو اندازو لڳائڻ امڪان کان ٻاهر آهي.
    قمر پنهنجي قد ڪاٺ ۽ ٺاهوڪي پرسنلٽيءَ سبب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڇوڪرين ۾ ڏاڍو پاپولر هوندو هو. مان شڪل شبيهه ۾ ڪنهن بن مانس کان گهٽ ڪونه هوس (هينئر پوڙهو بن مانس لڳندو آهيان). يونيورسٽيءَ جي ڪابه ڇوڪري مون کي کنگهندي به نه هئي. ڪرڪيٽ ميچ ۾ منهنجا ڪارناما ڏسي. ڏاڍيون تاڙيون وڄائينديون هيون. پر ڪلاس، ڪاريڊار ۽ ڪينٽن ۾ مون کي ڏسي منهن موڙي ڇڏينديون هيون. قمر کي ان ڳالهه جو احساس هو. هن الائي ڪهڙو چڪر هلايو، جو هڪڙي ڏينهن يونيورسٽيءَ جي سڀ کان سهڻي ڇوڪري نسيمه مون وٽ آئي. چيائين ته اسان جي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪو فنڪشن آهي، مون ٻڌو آهي ته تون راڳ سٺو ڳائي سگهندو آهين، مهرباني ڪري اسان کي هلي راڳ ٻڌاءِ. مون قمر سان صلاح ڪئي. اهڙو ڏيک ڏنائين ڄڻ کيس ڪا خبر نه هئي! ان کان اڳ اسان ٻنهي گڏجي ان قسم جون انيڪ ايڪٽوٽيز ڪيون هيون. مشڪريءَ مشڪريءَ ۾ ماڻهن جا عشق ڪرائي وڌا هئاسين، جن مان ڪجهه عشقن وڃي شاديءَ تي دنگ ڪيو. قمر قسم کڻي تريءَ تي تيل لڳڻ نه ڏنو. نسيمه الائي ڇو، هر هفتي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ گڏجاڻي ڪندي هئي، ۽ مون کي ماسٽر چندر جو راڳ ڳائڻ لاءِ وٺي ويندي هئي؛ ”قسمت ڪئي جدائي، ڪنهن تي ميار ناهي“. قمر ۽ مان ٻئي پوڙها ٿي ويا آهيون، پر هن اڃا تائين ان راز تان پردو نه کنيو آهي؛ هن ائين ڇو ڪيو هو ـــ ! مان سمجهان ٿو، قمر هن وقت تائين منهنجي باري ۾ محسوس ڪري ورتو هوندو، ته زندگيءَ جا ڪجهه خال ڪڏهن به نه ڀرجندا آهن. هن جي ڪوشش اجائي هئي. يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ نسيمه جي شادي هڪ پائليٽ سان ٿي ويئي هئي.
    ورهين کان پوءِ قمر جو خط آيو. لکيو هئائين، ”بائي پاس“ ڪرائڻ لاءِ لنڊن پيو وڃان؛ اڙي؛ هي ڇا ـــ ! قمر هن دفعي به مون سان مشڪري پيو ڪري ڇا ـــ ! هڪ دفعي مون سان ڏاڍو ظالماڻو چرچو ڪيو هئائين. سندس چرچو مون کي قطعي نه وڻيو هو. هن منهنجي دل آزاري ڪئي هئي، مون کي ڏک ڏنو هئائين. ٿيو اِئين هو، جو يونيورسٽيءَ ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ موڪلون هيون. قمر نوابشاهه ويل هو. عين اُن ڏينهن جنهن ڏينهن کيس ڪراچي ورڻو هو، نوابشاهه ۽ حيدرآباد وچ ۾ هڪ ريل گاڏيءَ جو زبردست ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. حادثي ۾ ستر ـــ اسي کن ماڻهو مري ويا هئا. حادثي واري ڏينهن کان ٻئي ڏينهن قمر نه آيو. قمر جي ڀاءُ شمس الدين طرفان يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي لاءِ تار آئي. لکيل هو: ”ريل جي حادثي ۾ قمر گذاري ويو.“ ڄڻ هڪ پل ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. آسمان ڌرتيءَ تي اچي ڪريو. فنا جو تصور اکين آڏو اچي بيٺو. منهنجي ڏک جو اندازو تڏهن به قمر لڳائي نه سگهيو هو، ۽ اڄ تائين هو منهنجي تڪليف جو اندازو لڳائي نه سگهيو آهي. منٽن ۾ المناڪ خبر سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پکڙجي ويئي. وائيس چانسلر قمر جي ڏک ۽ احترام ۾ يونيورسٽي بند ڪري ڇڏي. تعزيتي جلسو ڪيو ويو، جنهن سان اُن دور جي نامور شاگرد اڳواڻن خطاب ڪيو. غائبانه نماز جنازه جون تياريون ٿي رهيون هيون، جو قمر شاگردن ۽ استادن جي روئيندڙ هجوم جي وچ ۾ اچي بيٺو. مان سمجهان ٿو، اُهو پهريون ڏينهن هو، ۽ شايد آخري، جو قمر جو عملي چرچو ڪنهن کي به نه وڻيو هو. سڀني دل کولي کيس ملامت ڪئي هئي. ڇويهه ـــ ستاويهه سال گذري ويا آهن اِن ڳالهه کي. مون کي اڄ به اُن ڳالهه جو ڏک آهي. کيس مون سان اِن قسم جو چرچو ڪرڻ نه جڳائيندو هو.
    ”بائي پاس“ واري آپريشن متعلق قمر جو خط پڙهي مون کي اچرج ٿيو. اڳ نڪري ويو نه! اسان ٻنهي، پنهنجي ساءِ، دل سان ڪو چڱو ورتاءُ نه ڪيو هو، ۽ نه ڪيو آهي. ڏاڍين آزمائشن ۾ وڌو آهي اسان پنهنجيءَ پنهنجيءَ دل کي! مون کي پڪ هئي، مون کي پڪ آهي، ته منهنجي دل مون سان دغا ڪندي، منهنجيون ارڏايون وڌيڪ سهي نه سگهندي. هڪ ڏينهن، اوچتو ئي اوچتو ساٿ ڇڏي ويندي. هونءَ به، منهنجيءَ دل لاءِ دغا ڏيڻ جو مڪمل حوالو پڻ آهي. منهنجي امڙ، اهڙي امڙ جنهن جو ذڪر فقط ڪهاڻين ۾ ايندو آهي، هارٽ اٽيڪ ۾ گذاري ويئي هئي. منهنجو اڪيلو ڀاءُ، درويش صفت وڏو ڀاءُ به هارٽ اٽيڪ ۾ اُسهيو هو. مان به جڏهن دل هٿان دغا کائي هتان روانو ٿيندس، تڏهن ڪنهن کي به تعجب نه ٿيندو. چوندا، موروثي مرض هوس؛ دل ٽٽي پيس. پر، هيءُ ”بائي پاس“ جو چڪر قمر ڪيئن هلايو آهي! خط ۾ لکيو هئائين، ”جواب ۾ ڪجهه نه لکجانءِ.“ مون جواب ۾ کيس ڪجهه نه لکيو. آسمان ڏانهن ڏسندي چيو هوم، ”اِهو هڪ شخص منهنجو دلبر دوست اٿئي. خيال ڪجانءِ ـــ ورنه، مون کي تون سڃاڻين ٿو.“
    قمر صحت مند ٿي موٽيو. پنهنجن ٻارڙن سان اچي مليو. مون آسمان ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٿينڪ يو. هاڻي جيڪڏهن ڪو حساب ڪتاب ڪرڻو اٿئي، ته مان حاضر آهيان. منهنجي اڳيان پويان ڪوبه ڪونهي.“ 

    1980


    جيءَ جهروڪو

    جيءَ جهروڪو

    ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. رسيور کنيم، آواز آيو: مان عطا حسين شاهه موسوي روهڙيءَ وارو پيو ڳالهايان.
    تجسس کان وڌيڪ تعجب ٿيو. سائين عطا حسين شاهه موسويءَ کي اُسهي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. سوچيم، هيءُ ڪير آهي جنهن کي مائٽن ايڏي وڏي ڏاهي، ۽ عالم جو هوبهو نالو ڏيئي ڇڏيو آهي! هڪ شخص اردوءَ ۾ ڪالم لکندو آهي. نالو اٿس اسد الله غالب. ڪجهه ورهيه اڳ هڪ نوجوان سان ملاقات ٿي هئي. پنهنجي تعارف ڪرائيندي چيو هئائين: منهنجو نالو ذوالفقار علي ڀٽو آهي. شايد ميانواليءَ جو رهاڪو هو. ڳالهيون ٻولهيون ڪندي ٻڌايائين ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو شيدائي هو. پٽ ڄائس ته نالو رکي ڇڏيائينس ذوالفقار علي ڀٽو!
    نوجوان عطا حسين شاهه موسوي رک رکاوَ سان آيو. ڳالهائڻ جو کرو هو. چيائين: عام تاثر آهي ته اوهين ڏاڍا رُکا آهيو. ڪنهن سان به نه ملندا آهيو. پر، مان اوهان سان ملڻ آيو آهيان.
    خبر پيئي ته نوجوان عطا حسين شاهه موسوي سڱ ۾ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ڀائرن جواد حسين شاهه موسوي، عطا حسين شاهه موسوي، ۽ منهنجي مشفق ۽ مهربان اُستاد سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جو پوٽو هو. عجيب اتفاق جو نوجوان عطا حسين شاهه موسويءَ ٽنهي عظيم ڀائرن کي نه ڏٺو هو. مون ٽنهي ڀائرن کي ڏٺو هو. منهنجي والد، قاضي عبدالغنيءَ جي ٽنهي ڀائرن سان گهاٽي دوستي هئي.
    نوجوان جو نالو ته عطا حسين شاهه موسوي هو، پر ڏيک ويک، ۽ قد بت ۾ سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جهڙو هو. چيائين: عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمونن جي ڪتاب تي ڪجهه لکي ڏيو.
    مان پنهنجي وجود ۾ ڪنبي ويس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نوجوان عطا حسين شاهه موسوي، منهنجي مهربان اُستاد سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمونن جي ڪتاب جي فوٽو ڪاپي ڏيئي ويو. مون ڪتاب کي چمي اکين سان لاتو. سائينءَ جو هڪ هڪ لفظ منهنجي لاءِ مقدس آهي. سائين جي شفقت، سائينءَ جي حشمت، ۽ سائينءَ جي دٻدٻي ۽ رعب کي مان اڄ تائين، ستيتاليهه، اٺيتاليهه سال گذري وڃڻ جي باوجود وساري نه سگهيو آهيان.
    ڪالهوڪي ڳالهه ٿي لڳي، مان جڏهن اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هوس، ۽ سائين عبدالحسين شاهه موسوي اسان جو هيڊ ماستر هوندو هو (1952). انتظامي امور ۾ سخت، بدنظميءَ کي هرگز برداشت نه ڪندڙ، پڙهڻ پڙهائڻ ۾ ڪنهن به ڪوتاهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندڙ، ۽ اسڪول جي ڪارڪردگيءَ تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول نه ڪندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ گڏيل تعليم جو رواج هو، يعني، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ، هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. اسڪول ۾ تونگرن، اميرن ۽ وزيرن جا پٽ پڙهڻ ايندا هئا، پر ڪنهن کي به ڇوڪرين سان بدتميزي، يا ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي.
    سائين عبدالحسين شاهه موسوي شاگردن ۾ رانديگرن، ڊبيٽرن، آرٽسٽن، ۽ راڳين کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ همٿائيندو هو. جيستائين مون کي ياد ٿو پوي، ظفر ڪاظمي واحد شاگرد هو جنهن جا انگل سائين عبدالحسين شاهه خنده پيشانيءَ سان نظر انداز ڪري ڇڏيندو هو. ظفر ڪاظمي آرٽسٽ هو. شاهه لطيف جي بيتن تي تصويرون ٺاهيندو هو، اسڪيچ ڪڍندو هو، درن تي ۽ ديوارن تي، ۽ بليڪ بورڊن تي. وجيهه قسم جو هينڊسم، ويڙهاڪ، اڪيلي سر ڇهن اَٺن غنڊن سان وچڙي پوندو هو، ۽ کين ٺاهوڪي مار ڪڍندو هو. منهنجين ڪهاڻين ۾ بيشمار ڪردارن تي ظفر ڪاظميءَ جي ڇاپ لڳل آهي. ڏاڍا رومانس ڪيائين. اڳتي هلي نامور آرٽسٽ ٿيو، ۽ سنڌ ميوزيم جو ڊائريڪٽر ٿيو.
    سائين عبدالحسين شاهه موسوي جنهن جنهن شاگرد جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ پنهنجيءَ ڇانوءَ ۾ آندو تنهن اڳتي هلي پرايو، ۽ نروار ٿي ڏيکاريو. سائينءَ جي شاگردن مان ڪيترا شاگرد جج ٿيا، نامور وڪيل ٿيا، ڊاڪٽر ٿيا، انجنيئر، ۽ بيوروڪريٽ ٿيا. رشيد احمد شاهه بخاري اسان جو مانيٽر هوندو هو، هوشيار، محنتي ۽ ڏاڍو سٻاجهو هوندو هو. اسڪول شروع ٿيڻ کان اڳ اسيمبليءَ ۾ تلاوت ڪندو هو. سائين عبدالحسين شاهه کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. رشيد اڳتي هلي پاڻ ملهايو، ۽ ٻن ٽن يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽر آر اي شاهه جي نالي سان وائيس چانسلر ٿيو.
    اسان جي ساٿ سنگت ۾ ٻه نظير مغل هوندا هئا. هڪ نظير مغل ڏاڍو مسڪين ۽ الهلوڪ هوندو هو. گهريلو گهاڻي ۾ پيڙهجي، نيويارڪ ۾ مري ويو. ٻيو نظير مغل ڪرڪيٽ جو رانديگر هو. ميچ ۾ اوپن ڪندو هو. ڏاڍي سٺي بيٽنگ ڪندو هو. نظير به سائينءَ جي خاص شاگردن مان هو. آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڪافي عرصي تائين پروفيسر رهيو، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو.
    سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جن مون تي ڏاڍو مهربان هوندا هئا، ٻن سببن جي ڪري ــ هڪ ته بابا جي ۽ سائين عبدالحسين شاهه جي پاڻ ۾ تمام گهاٽي ۽ پراڻي دوستي هئي. ٻيو ته مان اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هوس. اوپن ڪندو هوس، ۽ وڪيٽ ڪيپنگ ڪندو هوس. ميٽرڪ ۾ پهتس ته ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن ٿيس (1953). انهن ئي ڏينهن ۾ مون کان هڪ تمام وڏي غلطي سرزد ٿي ويئي. سائين عبدالحسين شاهه موسوي جن مون کان ناراض ٿي ويا، پر پنهنجي خفگيءَ جو اظهار نه ڪيائون. معاملو، کٽيل ميچ هارائي ڇڏڻ جو هو.
    رُبي شيلڊ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سيمي فائينل ميچ هئي (1952)، اسان جي اسڪول، ۽ سنڌ مدرسي جي ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾. ڪنهن به اسڪول پاران رُبي شيلڊ کٽڻ کي وڏو اعزاز سمجهيو ويندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ رُبي شيلڊ ٽورنامينٽ ۾ اين جي وي اسڪول کان ڪوبه اسڪول کٽي نه سگهندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ رُبي شيلڊ ٽورنامينٽ يا ته سينٽ پيٽرڪ اسڪول کٽندو هو، جنهن ۾ والس ميٿائس، خالد وزير، اينتائو ڊسوزا ۽ وسيم باريءَ جهڙا رانديگر پنهنجي اسڪول پاران کيڏندا هئا، يا رُبي شيلڊ سنڌ مدرسه اسڪول کٽندو هو جنهن ۾ حنيف محمد، اڪرام الاهي، مناف، عبدالرشيد، عبدالقادر، ۽ غلام حسين لاسيءَ جهڙا رانديگر پنهنجي اسڪول جي ٽيم ۾ کيڏندا هئا.
    جهانگير پارڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل سيمي فائينل جي پهرين اننگ ۾ سنڌ مدرسي کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ سبب اسين ذري گهٽ، بلڪه پڪي طرح ميچ کٽي ويٺا هئاسين. ٽن ڏينهن جي ميچ ۾ ٻي اننگ مون ڊڪليئر ڪري مدرسي کي ٻن اوورن ۾ 50 (پنجاهه) رنس ڪري ميچ کٽڻ جو ناممڪن ٽارگيٽ ڏنو. مدرسي طرفان رشيد سان گڏ اڪرام الاهي ٻه اوور کيڏڻ آيو. ڏاڍو هيبتناڪ اسٽروڪ پليئر هوندو هو. فقط هڪ سال اڳ هن چئن ڪلاڪن ۾ پنجيتاليهه چوڪن ۽ ڇهن ڇَڪن جي مدد سان اسان جي اسڪول خلاف ٽي سئو سورهن (316) رنس ڪيون هيون، ۽ آئوٽ نه ٿيو هو. اُهو رڪارڊ گذريل اٺيتاليهه سالن ۾ ڪو به رانديگر ٽوڙي نه سگهيو آهي. ( اٺونجاهه سال گذري وڃڻ جي باوجود مون کي ياد نه ٿو پوي ته اهو رڪارڊ ٻئي ڪنهن رانديگر ٽوڙيو آهي.)
    مون کان اڳ صادق اين جي وي اسڪول جو ڪيپٽن هوندو هو. ميٽرڪ ۾ فيل ٿي پوڻ سبب هن اسڪول ۾ ٻيهر داخلا ورتي هئي، ۽ ٽيم ۾ شامل ٿيو هو. سينيئر رانديگر هو. مون کي صلاح ڏنائين ته فاسٽ بالر بدران پهرين اوور اسپن بالر اسلم کان ڪرائجي. حڪمت عمليءَ مطابق اڪرام الاهي هر بال تي اڳتي وڌي اسٽروڪ کيڏندو، ۽ آئوٽ ٿي پوندو. پر، اڪرام الاهي آئوٽ نه ٿيو. هن اسلم اسپنر جي هڪ اوور ۾ پنجن بالن تي پنج ڇڪا هنيا، ۽ ڇهين بال تي چوڪو هڻي هڪ اوور ۾ 34 رنس ڪري ورتا. منهنجا طاق لڳي ويا. ٻي، ۽ آخري اوور ۾ رشيد فاسٽ بالر احمد جي پهرين چئن بالن تي چار چوڪا هڻي، ميچ کٽڻ لاءِ گهربل پنجاهه رنس ڪري ورتيون.
    پنهنجي غلط فيصلي تي پڇتاءُ، صادق جي اُبتي صلاح قبول ڪرڻ جي پشيماني، ۽ سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جي ناراضگي مان اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان. منهنجي لاءِ لازمي نه هو ته ٻي اننگ ڊڪليئر ڪري آخر ۾ اجايو مدرسي جي ٽيم کي ٻه اوور کيڏڻ جو موقعو ڏيان ها. مون کين موقعو ڏنو. جيڪڏهن اسلم اسپنر بدران بي انتها تيز بالر حسينيءَ کان پهرين اوور ڪرايان ها ته اڪرام الاهي هڪ اوور ۾ 34 رنس ڪري نه سگهي ها! مون کٽيل ميچ هارائي وڌي. پوڙهو ٿي ويو آهيان. اڃا تائين کٽيل ميچ هارائي ويهي رهندو آهيان.
    سائين عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمونن واري ڪتاب تي ڪجهه لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. مان فقط ايترو چوندس ته اوهين مضمون پڙهي، هيئين سان هنڊائي ڏسو. هڪ هڪ مضمون مان اوهان کي حڪمت جا موتي ملندا. دانش جا در کلي پوندا.
    مان سائينءَ جو نڪمو، ۽ نالائق رانديگر آهيان، جنهن زندگيءَ ۾ کٽيل ميچ هميشه هارائي آهي. اِن کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهندو جو منهنجي بي معنيٰ تحرير سائين جي ڪتاب ۾ شايع ٿي آهي. 

    1999


    منهنجو واڳڌڻي

    منهنجو واڳڌڻي

    ادب ۾ منهنجي مرشد، سائين جمال ابڙي گذاري وڃڻ ۾ ڪجهه سال دير ڪري وڌي. هيءُ جوٺو جڳ ڇڏڻ ۾ دير سبب سائين جمال ابڙي پاڻ کي سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جي ويهين صديءَ جي معتبر ڪهاڻيڪار جي اعزاز کان محروم ڪري ڇڏيو. سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران ادب ۽ ڪلا کيتر ۾ معتبر هستين کي مڃتا ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو هو ته، ”ڪنهن به جيئري جاڳندي ليکڪ، محقق، شاعر ۽ موسيقار کي مڃتا نه ڏني ويندي. مڃتا لاءِ ليکڪ، محقق، شاعر ۽ فنڪار جو مئل هئڻ ضروري آهي.“
    اٿارٽيءَ کي احساس هو ته جمال ابڙي کان معتبر ڪهاڻيڪار ويهين صديءَ ۾ ٻيو ڪوبه نه هو. تنهن ڪري، اٿارٽيءَ ڪهاڻي کيتر ۾ ڪنهن به گذاري ويل ڪهاڻيڪار کي ”ويهين صديءَ جو معتبر ڪهاڻيڪار“ تسليم نه ڪيو. اهو واحد اعزاز هو، جنهن سان اٿارٽيءَ ڪنهن به گذاري ويل ڪهاڻيڪار کي نه نوازيو. اٿارٽيءَ اعزاز خالي رکيو. هنن دل من ۾ طئي ڪري ڇڏيو آهي. هو هليو ويو آهي. گذاري ويو آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته سنڌي لينگويج اٿارٽي بنا دير جي مانائتو فنڪشن ڪندي. جنهن ۾ مرحوم جمال ابڙي کي ويهين صديءَ جي معتبر ڪهاڻيڪار جي اعزاز سان نوازيندي، ۽ سندس پونئرن کي شيلڊ ۽ سندَ ڏيندي.
    مان تمام گهٽ پڙهيل آهيان. تنهن ڪري مون کي خبر ڪونهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان علاوه سنڌ جي ڪهڙي محقق کي دنيا جي يونيورسٽين، ايجوڪيشنل، هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل ادارن ۾ عالمي مڃتا ملي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجن سوين تحقيقي ڪتابن، تصنيفن، هزارين تحقيقي مقالن ۽ بين الاقوامي پيپرن، ۽ ستر سالن جي پورهيي جي باوجود سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ طرفان ويهين صديءَ جي معتبر محقق جو اعزاز ماڻي نه سگهيو. ائين ناهي ته اٿارٽيءَ ۾ مون جهڙا ڪي جڏا ويٺا آهن. اٿارٽيءَ کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي عظمت جو احساس آهي. کين خبر آهي ته ڊاڪٽر صاحب جهڙو محقق ڪنهن قوم ۾ ورلي پيدا ٿيندو آهي، پر سائين ڇا ڪجي! اصول اصول آهن. ڪنهن به ليکڪ، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ فنڪار کي سندس جيئري مڃتا ڏيڻي ناهي. مڃتا لاءِ سندس گذاري وڃڻ لازمي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيئن ته حال حيات آهن، تنهن ڪري اٿارٽيءَ ”ويهين صديءَ جي معتبر محقق“ جو اعزاز ٻئي ڪنهن مئل محقق کي ڏيئي ڇڏيو.
    جمال ابڙي جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مرده پرست سنڌي قوم حسب روايت کيس مڃتا ڏني آهي. سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ نڀاڳي قوم کي خبر پيئي آهي ته جمال ابڙو سنڌي ادب ۾ لافاني حيثيت جو مالڪ آهي. سندس ان حيثيت جي باري ۾ سنڌي قوم کي خبر جمال ابڙي جي جيئري نه هئي. بس، سائينءَ جي گذارڻ جي دير هئي. هيءَ قوم اٿي کڙي ٿي. سائين کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو ابو ـــ سنڌي ڪهاڻيءَ جو شهنشاهه ۽ عظيم سنڌي ڪهاڻيڪار جي لقبن سان ڀيٽا ڏني.
    ڌڙا ڌڙ اخبارن کي پيغام ملندا رهيا ـــ جمال ابڙي جي انتقال سان سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي. اهو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو ـــ سنڌي ڪهاڻي يتيم ٿي ويئي ـــ سنڌ هڪ عظيم ڪهاڻيڪار کان محروم ٿي ويئي ـــ وغيره، وغيره، وغيره.
    ابا، دنيا جو وهنوار لکين سالن کان هلندو پيو اچي. لکين سالن تائين، ائين ئي هلندو رهندو. ڪنهن جي اچڻ يا وڃڻ سان دنيا جي دستور ۾ ڪا ڪمي نه ايندي. هزارين سال اڳ مڪينيڪل انجنيئرنگ جو گمنام ابو پيدا ٿيو هو. دنيا کي ڦيٿو ايجاد ڪري ڏنائين. مري ويو. ڪنهن کي خبر ڪونهي ته هو ڪير هو. هزارين سال اڳ چڻنگ مان باهه ٻارڻ (Ignition) وارو سائنسدان ڪير هو؟ آهي ڪنهن کي ياد! اگنيشن جي آڌار تي راڪيٽن ۾ ويهي ماڻهو چنڊ ۽ مشتريءَ جو چڪر ڏئي موٽي آيو آهي. خلائي تحقيقات ۾ رڌل آهي، پر، ڪنهن کي ياد آهي ته هو ڪير هو؟ ڇا ڪندو هو؟ ڪڏهن هن دنيا ۾ آيو، ۽ ڪڏهن هن دنيا مان هليو ويو؟
    ڪنهن جي اچڻ وڃڻ سان وقت بيهي نه رهندو آهي. سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ جهڙا فيلسوف دنيا ۾ آيا، دنيا کي آگاهيءَ جو علم ڏيئي هليا ويا، پر دنيا جي وهنوار ۽ وقت جي رفتار تي ڪو پهرو نه پيو. انت کان ٻاهر نبي آيا، پيغمبر آيا، اولياءَ آيا، صوفي آيا، فلاسافر آيا، سائنسدان آيا، هليا ويا. پنهنجي ڇاپ دنيا تي ڇڏي ويا، پر وقت جي رفتار ۾ ڪا ڪمي نه آئي. سوچون ۽ رويا بدلجندا رهيا، پر زندگيءَ جو ڪاروبار ائين ئي هلندو رهيو. وقت ڪنهن جي لاءِ به بيهي نه رهندو آهي.
    ليکڪ ايندا ۽ ويندا رهندا آهن. ڏسڻو اهو پوندو آهي ته ليکڪ پنهنجي دور کي ڪيترو متاثر ڪيو ۽ نئين نسل تي ڪهڙو اثر ڇڏيو. ڪاليج ۾ هوس جو مون سائين جمال ابڙي کي پڙهڻ شروع ڪيو هو. ٻڌائڻ لاءِ دنيا ۾ ڪنهن وٽ به ڪا نئين ڪهاڻي ڪونهي. دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا موضوع آهن، جن تي هزارين سال ڪهاڻيون ٻڌايون ۽ لکيون ويون آهن ۽ لکبيون رهنديون. فرق فقط اسلوب ۾ آيو آهي. فرق محسوس ٿيندو آهي پيرائي جو presentation جو، لکڻ ۾ ڏانوَ جو. مون سائينءَ کان مختصر جملن ۾ لکڻ جو هنر سکيو. سٽ ۾ ضرورت کان وڌيڪ هڪ لفظ به نه وجهڻ جو هنر سکيو. هڪ معنيٰ ۾ انيڪ معنائن وارن لفظن جو استعمال سکيو. ڏکئي کان ڏکي ڳالهه سولي، سڌي نموني بيان ڪرڻ جو هنر به مون جمال ابڙي کان سکيو.
    انهن ئي ڏينهن ۾ ٻڌندو هوس ته جمال ابڙو سنڌ جو ٽالسٽاءِ آهي. سنڌ جو ميڪسم گورڪي آهي. دل ۾ شوق جاڳي پيو. ٽالسٽاءِ ۽ گورڪيءَ کي پڙهندي مون کي خيال آيو ته جمال ابڙو سنڌ جو ٽالسٽاءِ ۽ ميڪسم گورڪي ڇو آهي! ٽالسٽاءِ ۽ ميڪسم گورڪي روس جا جمال ابڙو ڇونه آهن! اسين سنڌي پنهنجن لاءِ ڪوتاهه دل، ۽ پراون لاءِ درياهه دل هوندا آهيون. سنڌي عالمن ۽ اديبن جي تحريرن ۽ مقالن ۾ اوهان کي پڙهڻ لاءِ طرحين طرحين جي انگريزن جا حوالا ملندا، پر، مجال آهي جو اوهان کي سنڌي نثر نويسن ڀل وچان کڻي ڪڏهن جمال ابڙي جو ڪو قول پڙهڻ لاءِ ڏنو هجي! پڙهندڙ تي پنهنجي اڪابريءَ جو رعب ويهارڻ لاءِ گمنام توڙي نامور انگريز ليکڪن جا قول بيان ڪرڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي.
    مون کي ياد نه ٿو اچي ته سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ جمال ابڙي کي آنريري ڊاڪٽريٽ جي سَنَد ڏني هجي. هڪ شاگرد جمال ابڙي جي ڪهاڻين تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني. شاگرد جي درخواست اهو چئي رد ڪئي وئي ته، ”اسين ڪنهن به جيئري اديب تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا آهيون.“ عجيب منطق آهي!
    احمد نديم قاسمي، احمد فراز ۽ ٻين ڪيترن ئي زنده اردو اديبن تي هندستان ۽ پاڪستان ۾ ريسرچ هلي رهي آهي ۽ شاگردن کي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون پيون وڃن، پر سنڌ ۾ اهو ڪم ممنوع آهي. زنده ليکڪ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ ۾ شاگرد کي وڏي ۾ وڏو ايڊوانٽيج خود ليکڪ جي روين، لاڙن ۽ نظرين بابت جيڪا معلومات اوهان کي خود ليکڪ ڏيندو، تهڙي ڄاڻ يا معلومات ٻيو ڪو اوهان کي ڏئي نه سگهندو.
    اهو چوڻ صحيح نه آهي ته جمال ابڙو متنازع ليکڪ نه هو، يا غير متنازع ليکڪ هو. اهو قطعي غلط آهي. معاشري ۾ پنهنجي دور کي ڌونڌاڙي ڇڏڻ واري ڪنهن به وڏي ليکڪ وانگر جمال ابڙو متنازع ليکڪ هو. معاشري جي منفي قوتن سان دوبدو ٿيڻ، ۽ پنهنجي بيپناهه ڏات سان منفي قوتن جي قلعن ۾ ڏار وجهڻ ۽ ٿرٿلو مچائڻ وارو ليکڪ غير متنازع نه هوندو آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ جوانيءَ ۾ جمال تي ڪافر، دهريي، ۽ ڪميونسٽ هئڻ جا الزام نه لڳن ها. اصل ۾ جمال ابڙو ئي هو، جنهن جهڙن لاءِ سچل سرمست اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي:
    ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،
    آئون جوئي آهيان، سو ئي آهيان.


    هو موت سان فلرٽ ڪندو هو

    هو موت سان فلرٽ ڪندو هو

    اڄ هڪ دلبر دوست جي ياد دل تي تري آئي آهي. اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي. هو ڏکن جي ڏيهه ۾ ڪونهي. اسين ڏکن جي ڏيهه ۾ رهجي ويا آهيون. هن جي ياد اسان جي دل ۾ روشن آهي. اسين پراڻا دوست پاڻ ۾ ملندا آهيون، ته هن جي باري ۾ ضرور ڳالهائيندا آهيون.
    آڪٽوبر 1973 جي 18 يا 19 تاريخ هئي. مان اسپتال ۾ هوس. منهنجي آپريشن ٿيڻي هئي. هڪ دوست ٽيليفون تي ٻڌايو ــ ڀريل ڀريل آواز ۽ ڀڳل ڀڳل لهجي ۾، ”لتو گذاري ويو.“
    مون کي ياد آهي، منهنجي وات مان فقط هڪ لفظ نڪتو هو، ”اڙي!“
    دوست ڏٺاسين؛ ساٿي ڏٺاسين، پر لتوءَ جهڙو يار ڪو ورلي ڏٺوسين. هو ۽ مان اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين گڏ پڙهيا هئاسين. وقت کي هٿن مان نڪرندي ڏٺو هوسين. لمحن ۽ ساعتن کي جهول ۾ جهلڻ جي چريائي ڪندا هئاسين، ۽ پوءِ جيئرين جاڳندين ڪهاڻين کي جنم ڏيئي ويهندا هئاسين. اهڙو مڻيان دار ماڻهو مون پنهنجي اڻٿانئيڪي زندگيءَ ۾ وري نه ڏٺو. مون کي ياد ڪونهي ته هن ڪڏهن ڪنهن جي دل ڏکائي هجي. نٿو ڀانيان ته هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهين سان کهرو ڳالهايو هجي! پيو کلندو ۽ ٽڙندو هو! دوستن کي زوريءَ چانهيون پيئاريندو هو، ۽ زوريءَ کانئن چانهن پيئندو هو. مون کي سڏيندو هو، جلو.
    مائٽن نالو ڏنو هوس عبداللطيف پيرزادو. اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين عام طرح سڏبو هو لطيف پيرزادو. پر اسين سنگتي ۽ ساٿي سڏيندا هئاسين، لتو.
    بنا اطلاع جي هليو ايندو هو. مون کي اسڪوٽر تي ويهاري وٺي ويندو هو. پڇندو هومانس، ”اڙي لتو، ڪيڏانهن پيا هلون؟“
    جواب ڏيندو هو، ”مرڻ.“
    هو مري ويو. مان نه مئس. جيئن بنا اطلاع ڏيڻ جي ايندو هو، تيئن بنا اطلاع ڏيڻ جي هڪڙي ڏينهن هليو ويو. پوءِ، اسپتال ۾ ڪنهن مون کي ٻڌايو، ”لتو گذاري ويو.“
    اڄ، الاءِ ڇو، هو مون کي ياد آيو آهي. ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. ها، اڄ صبح هڪ واقفڪار مليو هو. هن مون سان لتوءَ جي باري ۾ ڳالهايو هو. ڇهن فٽن جو قداور يار اکين آڏو اچي بيٺو ـــ ڄڻ پڇندو هجي، ”اڙي جلو، هلندين؟“
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”مرڻ.“
    مون جڏهن به موت کي تصور ۾ ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن موت مون کي محبوبه جي صورت ۾ نظر آيو آهي. منهنجي ذهن ۾ موت جو تصور حسين آهي ـــ خوبصورت آهي. ۽ لتو موت سان باقاعدي فلرٽ ڪندو هو. اسين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئاسين. لتو ٻي ماڙ تي رهندو هو. صبح جو ننڊ مان اُٿي، سگريٽ دکائي، پنهنجي ڪمري جي بالڪونيءَ جي ٻنوڙي تي اوڪڙون ويهي رهندو هو، ۽ رڙ ڪري مون کان پڇندو هو، ”اڙي جلو، منهنجي لاءِ نيرن ڇڏي اٿئي، يا سڀ ڪجهه چٽ ڪري ڇڏيو اٿئي؟“
    ڇهن انچن جي ٻنوڙي تي کيس اوڪڙون ويٺل ڏسي، سڀڪو چوندو هو ته هڪ ڏينهن لتو بالڪونيءَ مان ڪري مرندو.
    اسڪوٽر هلائيندو هو ڏاڍيءَ تيزيءَ سان. ٽرئفڪ جي پرواهه نه ڪندو هو. هڪ دفعي ميڪليوڊ روڊ (آءِ آءِ چندريگر روڊ) تان ويندي، سندس اسڪوٽر جو هينڊل هڪ ووڪس ويگن جي دريءَ ۾ اٽڪي پيو. ان دفعي لتو گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو وال ڏامر جي رستي سان رهڙجندو ويو. هفتي ۾ نوبنو ٿي بيهي رهيو.
    هڪ دفعي ناظم آباد ۾ سامهون ايندڙ بس سان سندس حادثو ٿيو. سندس اسڪوٽر ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. پاڻ اهڙي جو اهڙو! رهڙ به نه آيس. تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ لتو موت جي تعاقب ۾ هو ۽ موت کانئس پناهه گهرندو پئي رهيو.
    جوگيندر سنگهه، هندستان جو پهلوان پاڪستان آيو هو، ۽ کيس اسلم پهلوان سان ريلوي اسٽيڊيم ڪراچي ۾ مقابلو ڪرڻو هو. لتوءَ چيو ته ڪشتي ڏسبي. قمر شهباز، لُتو ۽ مان ڪشتي ڏسڻ وياسين. ريلوي اسٽيڊيم ۾ تر اڇلائڻ جي جاءِ نه هئي. پيهه ويئي پئي وڌندي. هنگامو ٿي پيو. مارا ماري ٿي. پوليس لٺيون هنيون، ٽيئر گيس جا گولا ڇڏيا. ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. لتو جدا ٿي ويو. ٻن چئن ڪلاڪن کان پوءِ صدر ۾ مليو. ڪوٽ جي ٻانهن نه هجيس! پڇڻ تي کلي چيائين، ”منهنجي ڪوٽ جي ٻانهن ڪتا پٽي ويا.“
    پر پوءِ ڇا ٿيو! هو ڇو هليو ويو ــ بنا اطلاع ڏيڻ جي ڪيڏانهن هليو ويو. ۽ اڄ، رات جي پوئين پهر ۾ هو مون کي ڇو ياد آيو آهي!
    1976


    پر تون نه هوندين

    پر تون نه هوندين

    غفور انصاري، منهنجا دوست منهنجا ساٿي! منهنجا يار، منهنجا جاني! تون نيٺ هليو وئين. ماٺ ميٺ ۾ هليو وئين! توکي جهليو هيوسين، ته يار وڃڻ ۾ تڪڙ نه ڪجانءِ. پر، تو وڃڻ ۾ تڪڙ ڪئي. تون، جهڙو ماٺيڻو هئين، تهڙي طرح خاموشيءَ سان هليو وئين. نه هُل، نه هنگامو. نه اسهڻ جو اطلاع! عرش تان سڏ آيو. تو سڏ ورايو. اسان يارن دوستن کان به نه موڪلايو. تون هليو وئين، بنا موڪلائڻ، بنا ٻڌائڻ جي! توتي اسان جي ميار آهي، غفور. جڏهن ملنداسين، تڏهن فيصلا ڪنداسين. في الحال، توکي روئينداسين ـــ سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا.
    8، نومبر 1974ع واري اخبار مون کي هتي، جبلن ۽ ٽڪرن واري شهر اسلام آباد ۾ 11 تاريخ ملي. پهرين صفحي تي تنهنجي تصوير، ۽ تصوير هيٺان عبارت ڏسي مون کان فقط هڪ لفظ اُڪلي سگهيو هو. ”اڙي!“ ان هڪ لفظ ۾ تعجب هيو. ڪجهه دير کان پوءِ، تعجب اٿاهه مايوسيءَ ۽ درد ۾ بدلجي ويو. مون کي خبر آهي، غفور، جنهن سفر تي تون روانو ٿيو آهين، ان سفر ۾ ڪو ڪنهين جو ساٿ ڏيئي نه سگهندو آهي. پر، تون گهٽ ۾ گهٽ سفر جي صلاح ته ڪرين ها! دعوت ته ڏئين ها! اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.
    اڄ نومبر جي 12 تاريخ آهي، ۽ مان توسان ڳالهائي رهيو آهيان، انصاري منهنجيون ڳالهيون، جڏهن ٽپال، ۽ ڪمپازيٽرن جي هٿن مان ٿي، ڪاغذ تي پکيڙجي وينديون، تڏهن نومبر جي 15، يا 16 تاريخ هوندي. تڏهن ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿئي، توکي ڏهه ڏينهن ٿي ويا هوندا. تنهنجي قبر جي آلي مٽي ڌرتي ماءُ جي پلاند ۾ منهن لڪائي خشڪ ٿي ويئي هوندي. اگربتين جو واس منتشر ٿي ويو هوندو. گلاب جا گل ڪومائجي، تنهنجن يارن دوستن، ۽ پيارن پونئيرن جي دلين وانگر ڀري پيا هوندا، پر غفور، تنهنجن ساٿين، تنهنجن احبابن جي اک آلي هوندي.
    تون، مون کان اڳ واري ٽهيءَ جو ليکڪ هئين ـــ وڏن ليکڪن جي ٽهيءَ جو ليکڪ ـــ جمال، حفيظ، رشيد، رباني ۽ سراج جي ٽهيءَ جو ليکڪ هئين. تون انهن ليکڪن مان هئين غفور، جن ادب کي تحريڪ جي روح سان جيئاري ڇڏيو. تنهنجي ٽهيءَ جي اديبن مان ٻن ڄڻن مون کي بيحد ڀانيو، عزت ۽ پيار ڏنو آهي ـــ انهن ٻن اديبن مان هڪ تون آهين، ۽ ٻيو سراج.
    توسان آخري ملاقات مون کي ياد آهي. ڪراچي ٽيليويزن تان ڇهه مهينا کن اڳ، تو هڪ ادبي پروگرام ڪمپيئر ڪيو هو. ٽيليويزن اسڪرين تي تون مون کي بيحد ٿڪل، ۽ اٻاڻڪو نظر آيو هئين. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ مان تنهنجي ئي باري ۾ سوچي رهيو هوس، جو تون ٽيليويزن سينٽر تان سڌو مون وٽ، گهر هليو آيو هئين. تو سان گڏ آغا سليم، عبدالڪريم بلوچ ۽ قمر شهباز به آيا هئا. توکي ڏسي مون کي دل ۾ جهوٻو پيو هو. تو تحريڪ کي پنهنجي جوانيءَ جو نذرانو ڏيئي ڇڏيو هو! رات پاڻ دير تائين ڳالهايو هو ـــ ادب تي، نظرياتي ادب تي، ۽ اديب جي لازمي ذميواريءَ تي! اڄ مون کي ياد ٿو اچي، تون ان سموري گفتگوءَ ۾ ٿڪل ٿڪل هئين! تو ان وقت کان ئي ڪنهن ڏوراهين سفر جي تياري ڪري ڇڏي هئي!
    وري ٽارين تي گل ٽڙندا. وري گيتن جي گونجار ٿيندي. دوستن ۽ يارن جي محفل به مچندي. اهو ئي دردن غمن جو دستور آهي، ته جڏهن به، ڪٿي به گل ٽڙندا ته تنهنجي سڳنڌ ياد ايندي، ۽ محفل مچندي ته تنهنجي ڪهاڻي سدا ياد ايندي. پر، تون نه هوندين، پر تون نه هوندين. 

    1974


    ڪٿا

    ڪٿا

    ڪجهه ڏينهن کان روح اُٻاڻڪو اُٻاڻڪو پئي محسوس ٿيو. اندر ۾ اُنڌمانڌ هئي، ذهن هيبتناڪ خاموشيءَ جو مرڪز ٿي پيو هو. اڪيلائيءَ جو احساس دل کي ڪلر وانگر ڪوري رهيو هو. اهڙي ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي هڪ بيت جي هڪ سٽ جو پڙلاءُ رکي رکي ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
    ”اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون“
    ڪنهن وڃڻ جون وايون ڪيون آهن! ڪنهن سفر جو سامان ٻڌو آهي! ڪنهن جي موڪلائڻ جي مهل جي ويل اچي ٿي آهي! ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. خيالن جو ڀٽڪندڙ سلسلو ڊاڪٽر محمود حسين ڏانهن ڇڪجي ڇڪجي پئي ويو. پر پوءِ، وهلور ويچارن کي اهو چئي پرچائي پئي ورتم ته، نه ٻيلي، ڊاڪٽر محمود حسين جن نوبنا ٿي اٿندا. اڃا کين ته گهڻو ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي. کين ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ۾ پڙهيل مقالا ترتيب ڏيئي ڇپائڻا آهن. سنڌ جي تاريخ بابت املهه ڪتاب ظاهر ڪرائڻا آهن. هو ائين ماٺ ميٺ ۾ نه ويندا. نه نه، هو نه ويندا!
    پر، ڊاڪٽر محمود حسين جن هليا ويا.(ڊاڪٽر محمود حسين هندستان جي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو ننڍو ڀاءُ هو.) تڏهن مون کي وڻجارن جي وڃڻ واري سٽ جو مفهوم سمجهه ۾ آيو. ماڻهو مڻيادار. اُڀ وانگر بيداغ. سورج مکيءَ جيان سچ جي سج کي منهن ۾ ڀريندڙ! دل درويش. نيت صاف. اندر آئينو. ضمير بيدار! اهڙا ماڻهو ورهين کان پوءِ ڌرتيءَ کي پنهنجي علم، ادب ۽ ڏات جو خزانو ڏيڻ ايندا آهن. جنهن دور ۾ (1960) ڊاڪٽر صاحب جن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آرٽس فيڪلٽيءَ جا ڊين (Dean) هئا، مان تنهن دور ۾ ايڪنامڪس ڊپارٽمينٽ جو شاگرد هوندو هوس. راندين، ڊرامن ۽ مستين کان سواءِ ڪجهه نه ڪندو هوس. ڪرڪيٽ ۾ ڪرتب ڏيکاريندو هوس. راندين ۾ لوهي بال (Shot-put) کي سڀ کان پري اڇلائيندو هوس. بس، تنهن ڪري استادن کي وڻندو هوس. باقي ٿيا خير! ڪجهه وڌيڪ مهربان ٿيا، ته کڻي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن ڪري ڇڏيائون. ڊاڪٽر صاحب جن مون کي ڏسي منهن تي مرڪ آڻيندا هئا. ڄڻ چوندا هجن، ”وڏو بدمعاش آهين!“ اهڙي جيئري، جاڳندي، ۽ ڳالهائيندڙ مرڪ مون ٻئي ڪنهن شخص جي منهن تي نه ڏٺي آهي.( ڊاڪٽر محمود حسين بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر ٿيا هئا.)
    پوءِ اوچتو ئي اوچتو اسان جي يونيورسٽيءَ جو ماحول رت ۽ باهه ۾ بدلجي ويو. ايوب جي گماشتن تعليمي درسگاهه کي بندوقن، سنگينن ۽ لانگبوٽن سان ڀري ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جن اُداس اُداس نظر ايندا هئا. مرڪ کانئن موڪلائي ويئي هئي. اسان جا ٺڳ شاگرد ليڊر نوڪرين جا آرڊر، ٻاهرين ملڪن لاءِ اسڪالرشپون، ۽ پرمٽون کيسي ۾ وجهي وڃي گهر ويٺا. شاگردن جي جدوجهد جا ترا نڪري ويا. جنهن يونيورسٽيءَ ۾ محبت ۽ دوستيءَ جا محراب کڙا ڪيا هئائون، تنهن يونيورسٽيءَ جي ايوانن ۾ رياڪاري ۽ فريب جون ديوارون اُڀرندي ڏٺيونسين. مان ايڪنامڪس ۾ ايم. اي ڪري نڪتس، ته اصل فقير ٿي نڪتس. (1961) پنهنجي ڪشتي ۾ آنڌ مانڌ، محرومي، ۽ يادگيرين جا منتشر لمحا کڻي نڪتس. ڊاڪٽر محمود حسين کان موڪلائڻ بنا، مون ڪراچي يونيورسٽي ڇڏي ڏني.
    ٻارهن ـــ تيرهن سال گذري ويا. ڊاڪٽر صاحب جن سان وري ملاقات ٿي نه سگهي. گذريل فيبروريءَ ۾ هڪڙي ڏينهن راولپنڊيءَ ۾ مون کي ڊاڪٽر صاحب جن جو خط مليو. لکيو هئائون ته، سنڌ صدين کان سيمينار ۾ سنڌ متعلق مقالو اچي پڙهه.
    مان سندن سڏ تي ڪراچيءَ کان وڃي نڪتس.
    سيمينار ۾ مون کي ڏٺائون. منهن تي مرڪ تري آين، پر اوپري اوپري. مون کي نه سڃاتائون. پاڻ مون کي بيحد ٿڪل، ڪمزور ۽ اُٻاڻڪا نظر آيا. پر، ڪم ۾ اورچ ۽ پابند! ساڻن ڳالهائڻ جو موقعو ملي نه سگهيو. سيمينار ۾ مقالن پڙهائڻ، ڪاپيون تيار ڪرائڻ، ترتيب ڏيارڻ جو بار سندن ڪلهن تي هو.
    ڊاڪٽر صاحب جن سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر جي ريسٽ هائوس ۾. ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ۾ آيل مهمانن لاءِ ڪلچرل سينٽر جي لان تي سائين مخدوم طالب الموليٰ جن طرفان منجهند جي مانيءَ جو بندوبست ڪرايل هو. ماني کائڻ کان پوءِ مهمانن کي هالا ڏانهن روانو ٿيڻو هو. رواني ٿيڻ کان اڳ، مان ڪنهن ڪم سانگي ريسٽ هائوس ۾ ويس. ڊاڪٽر صاحب جن آرامي هئا، پر جاڳي رهيا هئا. مون کي غور سان ڏٺائون ـــ ڄڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون. مون کين ٻڌايو، ”سر، اوهين جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آرٽس فيڪلٽيءَ جا ڊين هئا، تڏهن مان ايڪنامڪس ڊپارٽمينٽ جو شاگرد هوندو هوس، ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن هوس.“
    ابهم عيسيٰ جي مرڪ جهڙي معصوم مرڪ ڊاڪٽر صاحب جن جي چپن تي تري آئي ڄڻ چوندا هجن، ”اڙي بدمعاش، تون ساڳيو جليل آهين!“
    نٻل آواز ۾ پڇيائون، ”ڇا ڪندو آهين؟“
    مون مختصر نموني کين پنهنجي باري ۾ ٻڌايو. پوءِ کانئن پڇيم، ”اوهين هالا نه هلندا؟“
    تمام جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنائون، ”مان ٿڪجي پيو آهيان، هلي نه سگهندس. ڊرائيور کي چئي ڇڏيو اٿم ته هالا کان موٽندي، مون کي کڻندو هلي.“
    ڊاڪٽر صاحب جن اسان سان هالا نه هليا.
    گذريل هفتي سندن خط مليو، لکيو هئائون، ”سنڌ صدين کان سيمينار ۾ پڙهيل مقالن ڇپائڻ جو بندوبست ٿي رهيو آهي. سيمينار ۾ ٿيل بحث مباحثن جي روشنيءَ ۾ تون پنهنجي مقالي ۾ جيڪڏهن ڪا ترميم ڪرڻ چاهين ٿو، ته 30 اپريل (1975) تائين پنهنجيون ترميمون موڪلي ڇڏ.“(سنڌ صدين کان Sindh Through the Centuries ذوالفقار علي ڀٽي جي خاص هدايتن تي مارچ 1975 ۾ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو هو.)
    مون کين خط جو جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي. هو نه ترسيا. هليا ويا. آديسي اُٿي ويا.

    1975


    سون جهڙو سچو

    سون جهڙو سچو

    1973 ۾ طارق اشرف پنهنجي تاريخ ساز رسالي ”سهڻي“ پاران امر جليل نمبر شايع ڪيو هو. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ طارق ادب ۾ نئين روايتن جو حامي هو. هُن جنسي موضوعن کان وٺي سياسي ۽ مذهبي موضوعن تائين هر ليکڪ کي مڪمل، بلڪه ضرورت کان زياده آزاديءَ سان لکڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو. ڪڏهن به ڪنهن ڪهاڻيءَ يا تحرير کي ايڊٽ نه ڪندو هو. نتيجن جي قطعي پرواهه نه ڪندو هو. پاڻ سيد هو، پر ماڻڪ جي ڪهاڻي ”حويليءَ جا راز“ شايع ڪري هن سنڌ جي سيدن کي بِر ڪري ڇڏيو. شريف ۽ عزتدار ته ماٺ ڪري ويهي رهيا، باقي ڏنڊئي ۽ داداگير قسم جا سيد سندس جان جا دشمن ٿي پيا. کيس ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏنائون. ڪڏهن ڪڏهن ته کوکر محلي (حيدرآباد) ۾ جٿا ڪري هليا ايندا هئا. پر، چَئهُ جو اسان وارو يار مُڙي، سچو ۽ کرو ماڻهو جُهري ته پوندو آهي، پر جهڪندو ناهي. هن پنهنجي لاءِ يگاني واٽ چونڊي ورتي هئي. مرڻ گهڙيءَ تائين هو اُن واٽ تي هلندو رهيو. جُهري پيو. پر جهڪيو نه.
    سٻاجهو. شريف النفس. قول ۽ فعل ۾ سُپتيو. ضد جو پڪو. جنهن سان دوستي ڪيائين، تنهن سان توڙ نڀايائين. دوستي ايڏي شدت سان ڪندو هو جو ٻوسٽ محسوس ٿيندي هئي. کيس پنهنجي ڪنهن دوست جو اهڙي ڪنهن شخص سان لهه وچڙ ۾ اچڻ، ۽ اُٿڻ ويهڻ اصل نه وڻندو هو، جنهن کي هو ناپسند ڪندو هو. اِن لحاظ کان طارق اشرف انتها پسند هو. سچ ڳالهائڻ جو ايڏو جنون هوندو هوس جو کيس خبر ئي ته پوندي هئي ته منهن تي سچ ڳالهائيندي، هو اڳئين جي ٽوپي لاهي وجهندو هو. ائين کانئس سادگيءَ ۾ ٿي ويندو هو. پنهنجي پسند ۽ ناپسند لڪائي نه سگهندو هو.
    ايڊيٽر جي حيثيت ۾ طارق مختلف ليکڪن لاءِ مختلف محاورا يا لقب يا خطاب مخصوص ڪري ڇڏيا هئا. مثال طور، فلاڻو سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻي ڪار آهي. فلاڻو ليکڪ سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جو شهنشاهه آهي. فلاڻو ڪهاڻيڪار سنڌي ڪهاڻيءَ جو بادشاهه آهي ــ فلاڻو ليکڪ وڏو ڪهاڻيڪار آهي. فلاڻي ليکڪ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. فلاڻو عظيم ڪهاڻيڪار آهي وغيره.
    مان ڏاڍو خوشنصيب آهيان جو طارق اشرف جي درجه بنديءَ ۾ منهنجي لاءِ ڪابه گنجائش نه هئي. مان ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ گرفتار ٿيڻ کان بچي ويس. وزني لفظن جي بار هيٺان دٻجي دفن ٿي وڃڻ کان بچي ويس. مون پنهنجي لاءِ جيڪا واٽ ڳولي ورتي هئي، تنهن واٽ تي هلندو رهيس، ۽ اڃا تائين هلي رهيو آهيان. ڪي به ٻه ليکڪ هڪ جهڙي انداز ۾ نه لکندا آهن. جيئن اسان جا منهن مهانڊا هڪٻئي کان مختلف هوندا آهن، ۽ سوچ سمجهه الڳ الڳ هوندي آهي، تيئن اسان جي زباني، ڪلامي، ۽ تحريري اظهار جو طريقو به هڪٻئي کان مختلف هوندو آهي. طارق کي منهنجين ڪهاڻين ۾ ڪردارن جو ڳالهائڻ بنهه نه وڻندو هو. ان راءِ ۾ طارق اڪيلو نه هو. اُن دور جا انيڪ ليکڪ طارق جي ان راءِ سان شامل هوندا هئا. مون کي اِها ڳالهه اصل سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته ڪهاڻين جا ڪردار گونگا ڇو هجن! ٻوڙا ڇو هجن! هنن جي ڳالهائڻ تي بندش ڇو هجي؟
    مان ادب جو لاڳيتو شاگرد آهيان. پرائڻ جي عمر ڪڏهن پوري نه ٿيندي آهي ـــ پرائڻ واري عمر ليکڪ جي پوئين پساهه سان پوري ٿيندي آهي. مسلسل اڀياس ۾ مون انيڪ ڪهاڻين ۾ ڪردارن کي ڳالهائيندي، سوچيندي، ۽ متحرڪ ڏٺو آهي. اوهين جيڪڏهن ڪنهن گونگي ڪردار جي ڪهاڻي لکي رهيا آهيو، ته پوءِ اوهان جو ڪردار نه ڳالهائيندو. جيئرا جاڳندا ڪردار ضرورت پٽاندڙ ڳالهائيندا آهن. اوهين تجربو ڪري ڏسو. ٽيليويزن ڊرامو ڏسندي، يا ٽيليويزن تان فلم ڏسندي، ٽيليويزن سيٽ جو واليوم (آواز) بند ڪري ڇڏيو. پوءِ ويهي گونگو ڊرامو يا فلم ڏسو! ڇا ٿا سمجهو؟ ڪيتري دير تائين اوهين گونگي فلم يا گونگو ڊرامو برداشت ڪري سگهندا؟
    بنا مڪالمن جي لکيل ڊرامي جي صنف کي انگريزيءَ ۾ Mime چوندا آهن. پر، مائيم ڊرامي ۾ به مڪالمن جي غيرموجودگيءَ کي صوتي اثرات ۽ پس پرده موسيقيءَ سان ڀريو ويندو آهي. ساهه وانگر، آواز زندگيءَ جي علامت آهي.
    اصولن تي سختيءَ سان پابند رهڻ واري طارق ڪڏهن به مڪالمن جي ڪري، يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري منهنجي ڪا ڪهاڻي شايع ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو. هو اختلافِ راءِ جو ڏاڍو احترام ڪندو هو. طارق کان وڌيڪ سون جهڙو سچو ۽ کرو ماڻهو مون زندگيءَ ۾ ورلي ڏٺو. قول ۽ فعل جو پڪو ـــ اهڙو پڪو ڄڻ مذهبي عقيدو هجيس! هڪ دفعو چئي ڇڏيائين ته سهڻيءَ ۾ لکڻ لاءِ توتي ڪا جهل پل ناهي ـــ جيڪي وڻيئي، جيئن وڻيئي، لک ـــ مڪمل آزاديءَ سان لک. هن آخر تائين واعدو وفا ڪيو. پاڻ روزي نماز جو پابند ۽ ڏاڍو نيڪ هوندو هو.پر، هن مذهبي موضوعن تي لکيل منهنجي ڪنهن به ڪهاڻيءَ تي اعتراض نه ڪيو. ”پلصراط“ ۽ ”منهنجو پٽ مهدي“، جهڙيون ڪهاڻيون اکيون بند ڪري شايع ڪري ڇڏيندو هو.
    نازڪ ۽ نفيس طارق ڏاڍو دلير هو. اختلافِ راءِ جي باوجود ٻئي جي حق جي حفاظت ۽ توڙ تائين دوستيون نڀائڻ، طارق جي وصف ۾ برداشت، Tolerance جي انتها جو ثبوت هيون. ڏٻري جسم ۾ ايڏي اخلاقي سگهه مهاتما گانڌيءَ جهڙن کي ملندي آهي.
    هڪڙا هوندا آهن اديب ۽ شاعر جن جو نصب العين هوندو آهي لکڻ، پڙهڻ، ۽ اندر جي اظهار جي اپٽار. هنن کي نوس نوس ڪرڻ، ۽ جهيڙن جهٽن لاءِ وقت ئي نه ملندو آهي. ٻيا هوندا آهن ادب ۾ خارجي ڪردار. هڪ ٻه ڪهاڻيون، هڪ ٻه شعر لکي کپ کوڙي ادب جي پاڙ ۾ ويهي رهندا آهن. ڪي خارجي ڪردار ڪجهه به نه لکندا آهن، پر اديبن ۽ شاعرن جا هم پياله ۽ هم نواله ٿي پوندا آهن. هنن جو ڪم هوندو آهي، گلا غيبت ڪري اديبن جا جهيڙا ۽ دنگل ڪرائڻ ـــ اديبن کي هڪٻئي سان وڙاهڻ ـــ اديبن جي باري ۾ افواهه ڦهلائڻ. منهنجو اديبن سان اٿڻ ويهڻ نالي ماتر آهي. پر، دعا سلام سڀني سان آهي. تنهن ڪري ادب ۾ خارجي ڪردارن جي تخريبڪارين کان گهڻي حد تائين محفوظ رهيو آهيان. پر، هڪ موقعي تي مان سندن ور چڙهي ويو هوس. هنن مَتَل مَمَڻ جو پورو پورو فائدو کڻي ورتو هو. هنن طارق اشرف ۽ منهنجي وچ ۾ ڏڦير وجهڻ کان ڪين گهٽايو هو.
    ممڻ متو هو ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ شايع ٿيڻ کان پوءِ (1973). ڪهاڻيءَ جو ترجمو هندي ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ طارق ۽ منهنجي خلاف رڻ ٻري پيو. سهڻيءَ تي بندش پئجي ويئي. طارق اشرف کي گرفتار ڪيائون. مان انڊر گرائونڊ ٿي سڌو وڃي اسلام آباد پهتس. اتي ڇا وهيو، ڇا واپريو ان جو احوال آتم ڪٿا جي هن قسط جي ٻئي حصي ۾ ڪندس. يارن پرپٺ هُلائي ڇڏيو ته پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هلال پاڪستان جي ايڊيٽر سراج (سراج الحق ميمڻ) وچ ۾ پئي، پنهنجي چيف ڪالمسٽ (امر جليل) کي ذوالفقار علي ڀٽي کان معافي ڏياري آهي. يارن اهو به هُلائي ڇڏيو ته امر جليل توبهه تائب ٿيو آهي. هن سرڪار سان واعدو ڪيو آهي ته وري قلم هٿ ۾ نه کڻندو. لکڻ ڇڏي ڏيندو. لُڙ مان مزو وٺڻ وارن ڪجهه دير لاءِ طارق جي دل ۾ منهنجي خلاف وهم گمان وجهي ڇڏيا هئا، پر اُهي وهم گمان جٽائدار نه هئا. جٽائدار هئي اسان جي دوستي.

    2010


    ڀونءِ نه آئي ڀانءِ

    ڀونءِ نه آئي ڀانءِ

    ماڻهو دلبر هو. دلبر به اهڙو، ڄڻ ڪنهن عاشق جي دل! سنڌ وانگر سٻاجهو! ويجهو ويهبس، ته منجهانئس سنڌ جي سڳنڌ پئي ايندي. خوامخواهه پيو وڻي. چئجي ته، بس ويٺو ڳالهائجيس.
    چيائين، ”مان وڃان ٿو.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيو مانس، ”ايترو جلدي؟“
    جواب ڏنائين، ”ها، هاڻي هتي نه رهبو. وڃبو.“
    ”وڃبو!“ مون ڏانهس ڏٺو. الاءِ ڇو مون کي بيحد اداس نظر آيو. چيم، هينئر ته اسان وٽ آيو آهين! هينئر ته هتي پهتو آهين! وري ايترو جلد موٽي پيو وڃين. ڇو؟“
    ٿڌو ساهه کنيائين ـــ منهنجي سوال جو جواب ڏنائين. چيائين، اياز جي هڪ وائيءَ جي هڪ سٽ مون کي دل تي تري آئي آهي.

    پڇيم، ڪهڙي؟
    اهڙو وياڪل ٿي ويو، ڄڻ سرءُ جي شام ۾ ڪنهن ٽاريءَ کان ٽٽل پن هو! پوءِ، جهلي جهلي اياز جي هڪ وائيءَ جي هڪ سٽ ورجايائين، ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“
    منهنجي هانوَ ۾ هٿ پيو.
    ”تون اُڏري ويندين! تون هليو ويندين!“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو، ”پنهنجن دوستن، سنگتين، ساٿين کي ڇڏي هليو ويندين!“
    ”ها، اسان سفر جو سانباهو ڪري ڇڏيو آهي.“ پولار ڏانهن ڏسندي چيائين، ”پنڌ پراهون آهي. راهه اڻاڳي آهي. منزل ڏور ۽ من تنها آهي. تنهن ڪري سويل ڀريو سفر تي روانو ٿبو.“
    منهنجين اکين ۾ پاڻي تري آيو. پڇيو مانس، ”ڏکن واري ڏيهه ۾ دل نه لڳي اٿئي ڇا؟“
    هن جواب نه ڏنو.

    ماٺ ميٺ ۾ سفر تي روانو ٿي ويو.
    عبدالحق عالماڻي، منهنجو دوست، منهنجو سنگتي، منهنجو ساٿي گذاري ويو. هو نه ترسيو. هو هليو ويو.
    اڄ اياز جي هڪ گيت جا ڪجهه بند منهنجيءَ دل جي بيابان ۾ پڙلاءَ ڪري رهيا آهن.

    ”اڄ دور ويا، ڪلهه ڀرسان ها،
    گهنگهور گهٽا ٿي ترسان ها،
    مان سارا چارا ميٽيان ها،
    مان بادل بڻجي برسان ها،
    روئڻ سان رهن ها جي سپرين ـــ
    مان نيڻن نير نه روڪيان ها.“

    1975


    علامه آءِ آءِ قاضي جو قصو

    علامه آءِ آءِ قاضي جو قصو

    هڪڙي پياري دوست سان ملي آيو آهيان. کانئس علامه آءِ آءِ قاضيءَ جون پياريون پياريون ڳالهيون ٻڌي آيو آهيان. دل چوي ٿي علامه صاحب جون ڳالهيون توهان سان ڪريان. علامه صاحب جيڏا وڏا دانشور، عالم ۽ فلسفي ڪنهن به هڪ يا ڪجهه ماڻهن جي ميراث نه ٿيندا آهن. هو سموري قوم جو گڏيل سرمايو هوندا آهن. علامه آءِ آءِ قاضيءَ تي ڪجهه ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي. کين اسان تائين، يعني عام ماڻهوءَ تائين پهچڻ نه ڏنو آهي. علامه صاحب کي نوجوان نسل کان، ۽ نوجوان نسل کي علامه صاحب کان جدا رکيو ويو آهي. مان پنهنجي رايي ۾ پختو آهيان. ورنه، اهي شخص جيڪي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جن کي ويجها هئا، ۽ سندن مريديءَ جو دم ڀريندا هئا، ۽ ڀريندا آهن، سي اڄ تائين، علامه صاحب جن جون تحريرون، قول ۽ فلسفو ڇپرائي پڌرو ڪن ها. علامه صاحب جن کي وفات ڪئي پنج ـــ ڇهه سال ٿي ويا آهن، پر سندن ڪنهن به مريد ۽ معتقد سندن سوانح نه لکي آهي. هتي لکڻ مان منهنجي مراد شايع ڪرائي، ڪتابي صورت ۾ عام ماڻهن تائين پهچائڻ آهي. مان سمجهان ٿو علامه صاحب جن جي ٻن انگريزي ڪتابن جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن ايسٽ وڪ جو ترجمو ڪيو ويو آهي، پر علامه صاحب جن جي ڪتابن جو نه.
    بحرحال، مان علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي مريدن ۽ معتقدن سان بحث ۾ نه آهيان. مان پنهنجن دوستن، ساٿين ۽ پڙهندڙن سان ڳالهائي رهيو آهيان. مختصر ملاقات ۾ علامه صاحب جن جون ٻه ٽي ڳالهيون، جيڪي پنهنجي پياري دوست کان ٻڌي آيو آهيان سي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائيندس.
    علامه صاحب جن وقت جا پابند هوندا هئا. ڪنهن ملاقاتيءَ علامه صاحب جن کان فون تي ملاقات لاءِ وقت گهريو. علامه صاحب جن قربائتي نموني کين چيو، ته بابا وقت ٻڌائي ڇڏيو؛ ان وقت مان اوهان جو انتظار ڪندس. هليا اچجو. ان صاحب تڪڙ ۾ وراڻيو، ته سائين اڄ شام 5 يا ساڍي پنجين لڳي ايندس. علامه صاحب جن پياري نوع ۾ کيس چيو ته ابا، تون هڪڙو ڄڻو ٻن وقتن تي ڪيئن اچي سگهندين ـــ هڪ ماڻهو هڪ ئي وقت ۾ پنجين لڳي اچي سگهي ٿو، يا ساڍي پنجين لڳي، ۽ ٻيو ته تون پنجين ۽ ساڍي پنجين جي وچ ۾ ايندين ته ان وچ ۾ مان ڇا ڪندس! تنهن ڪري، اوهين پنجين اچو يا ساڍي پنجين.
    علامه صاحب جن مهمانن کي هميشه در تائين ڇڏڻ ويندا هئا، پوءِ ڪو مهمان ڀل ته عمر ۾ کانئن ننڍو کڻي ڇو نه هجي، پاڻ در تائين ضرور ويندا هئا. هڪ دفعي هڪ ليڪچرار علامه صاحب سان ملڻ ويو. ملاقات کان پوءِ جڏهن وڃڻ لڳو، تڏهن علامه صاحب جن عادت مطابق کيس ٻاهرين در تائين ڇڏڻ لاءِ اٿيا. ليڪچرار احترام وچان علامه صاحب کي ايلاز ڪرڻ لڳو ته قبلا مون رواجي ماڻهوءَ کي اوهين در تائين ڇڏڻ نه هلو. علامه صاحب جن ڏاڍي پيار مان نوجوان ليڪچرار کي چيو ته بابا مون کي چڱين عادتن کان ڇوٿو محروم ڪرين. مان مهمانن کي در تائين ڇڏڻ ويندو آهيان. خوشي محسوس ڪندو آهيان. تون مون کي خوشين کان ڇوٿو محروم ڪرين؟
    هڪ دفعي چيائون ته سائنس ۽ علم ۾ واڌاري سبب پراڻن اصطلاحن کي بدلائڻ بابت زبان جي ماهرن کي سوچڻ گهرجي. وضاحت ڪندي چيائون، ته اڳ جڏهن جاگرافيءَ جي علم کان واقف نه هئاسين تڏهن سج جو اڀرڻ يا سج جو لهڻ سمجهه ۾ ايندو هو. جاگرافيءَ جي علم مطابق سج پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺل آهي. نه لهندو آهي، نه چڙهندو آهي! سج جي لهڻ ۽ سج جي اڀرڻ بدران زبان جي ماهرن کي ڪو نئون اصطلاح سوچڻ گهرجي. علامه صاحب اها ڳالهه انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي ۽ Sun set ۽ Sun rise جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو هو. 
    1975


    دنيا ۾ گوڙ آهي

    دنيا ۾ گوڙ آهي

    ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ايڪنامڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جو هڪ پروفيسر ڪنن کان ويٺل هوندو هو. ماڻهو ٺاهوڪو، اخلاق جو آئينو. نه ڪنهن جي ڏيڻ ۾، نه ڪنهن جي وٺڻ ۾! پنهنجا اصول هئس. انهن تي سختي سان عمل ڪندو هو، تنهن ڪري عام طرح اسان شاگردن کي نه وڻندو هو. اسان کي ”پبلڪ فنانس“ جو پيپر پڙهائيندو هو.
    ڪلاس هلندي مٿس چٿرون ٿينديون هيون، مٿس هوٽنگ ٿيندي هئي، پر پروفيسر ڪجهه ٻڌي نه سگهندو هو. پنهنجي ليڪچر ڏيڻ ۾ مگن رهندو هو. جڏهن گوڙ وڌي ويندو هو، تڏهن وڃي ڪو ڀڻڪو ڪن ۾ پوندو هوس.
    انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽيءَ ۾ روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڊپارٽمينٽ طرفان ڪا گڏجاڻي، يا ڪو فنڪشن ضرور پيو ٿيندو هو، ٻين ڊپارٽمينٽن جا شاگرد ۽ اُستاد اُتي وڃي پهچندا هئا، ۽ گڏجاڻيءَ يا فنڪشن ۾ حصو وٺندا هئا. اسان وارو ٻوڙو پروفيسر به گهڻو ڪري اهڙين گڏجاڻين ۾ نظر ايندو هو. ماڻهو کلندا، ته پاڻ به کلندو هو. ماڻهو ماٺ، ته پاڻ به ماٺ ٿي ويندو هو. کلڻ مهل ڪو پڇندو هوس، ته سائين ڪر خبر، ڳالهه وڻي؟ جواب ڏيندو هو ته، ها ڳالهه وڻي، سٺو چرچو هو.
    هڪڙي دفعي گهمندي ڦرندي هڪ ڊپارٽمينٽ جي گڏجاڻيءَ ۾ پهچي ويو. اڃا ويٺو مس، ته شاگردن جي هڪڙي ٽولي زور زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ شروع ڪيو. اسان وارو پروفيسر به ويچارو کلي پيو. ڪنهن پڇيس، ”سر، ڳالهه پسند آئي؟“
    جواب ڏنائين، ”ها، بيحد پسند آئي. واهه جو چرچو هيو. اهڙين چرچائي ۽ وڻندڙ ڳالهين سان معاشري تي سٺو اثر پوندو آهي.“
    ان وقت هڪ ٻيو پروفيسر پنهنجي جاءِ تان اٿي سندس پاسي ۾ اچي ويٺو. اسان واري ٻوڙي پروفيسر کي ڪاغذ تي ڪجهه لکي ڏنائين. ڪاغذ تي لکيل هو ته، فلاڻي ليڪچرار جي زال گذاري ويئي آهي، ۽ هيءَ گڏجاڻي تعزيت لاءِ سڏائي ويئي آهي! اسان وارو پروفيسر ويچارو گڏجاڻيءَ مان اٿي هليو ويو.
    پوءِ، انهن ئي ڏينهن ۾ پروفيسر صاحب بازار مان ٻڌڻ جو اوزار وٺي ڪن ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ سڀ ڪجهه ٻڌڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن مون کانئس پڇيو، ”سر، ان اوزار سان ڪيئن پيا محسوس ڪريو؟“
    جواب ڏنائين، ”بابا، توهان جي دنيا ۾ ڏاڍو گوڙ آهي.“
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پروفيسر صاحب ٻڌڻ وارو اوزار ڪن مان ڪڍي ڇڏيو، مون ڪاغذ تي لکي کانئس پڇيو، ”سر، ٻڌڻ وارو اوزار استعمال ڇو نٿا ڪريو؟“
    جواب ڏنائين، ”بابا، توهان جي دنيا ۾ ٻڌڻ لائق ڪجهه به ڪونهي.“
    1975


    ايم اي عالماڻي جو آواز

    ايم اي عالماڻي جو آواز

    مون کي ويجهڙائيءَ ۾ (5 مئي 1976) هڪ ڪتاب تحفي طور مليو آهي. ڪتاب جو عنوان آهي ”ڀيڄ ڀٽائي“، ۽ ڪتاب جو ليکڪ آهي ايم اي عالماڻي. مان پنهنجي پسند پنهنجي ڪالم جي پڙهندڙن تي مڙهڻ يا ٿاڦڻ نه ٿو چاهيان. ڪتاب مون کي وڻيو آهي، تنهن ڪري اڄوڪي ڪالم ۾ ڪتاب جو ذڪر ڪري رهيو آهيان.
    ويجهڙائيءَ ۾ مون ”هنگيرين رويو“ ۾ هنگريءَ جي جديد ادب جي جهلڪ ڏٺي هئي. خاص ڪري هنگريءَ جي نئين ۽ جديد شاعري پڙهي مان تپرس ۾ پئجي ويو هوس. مشين ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو نه رڳو انسان جي سڀاءَ تي اثر ٿيندو آهي، ادب ۽ آرٽ پڻ ٽيڪنالاجيءَ جي کيتر ۾ نون تجربن کان متاثر ٿيندا آهن. سوچيم پئي ته ”هنگيرين رويو“ جي تازي پرچي تي ڪو ڪالم لکندس ۽ هنگيريءَ جي جديد ادب تي ڪجهه ڳالهائيندس. ان سوچ ۾ ئي هوس، جو مون کي ايم اي عالماڻيءَ جو ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي“ مليو آهي، ڪتاب پڙهي، مان ساڳيءَ طرح تپرس ۾ پئجي ويو آهيان، جهڙيءَ طرح ”هنگيرين رويو“ ۾ هنگريءَ جو جديد ادب پڙهي تپرس ۾ پئجي ويو هوس.
    ڀيڄ ڀٽائي ڪتاب حيرت انگيز حد تائين زندگي، تازگي ۽ نواڻ سان ڀرپور آهي. ڪتاب مون کي پنهنجي طرز جو يگانو ۽ انوکو ڪتاب محسوس ٿيو آهي. مون ورهين کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ڪا اهڙي تحرير ڏٺي آهي، جنهن تي ٻئي ڪنهن اديب جي ڇاپ لڳل نه آهي. ايم اي عالماڻيءَ جي اسٽائيل بلڪل اصلوڪي آهي، تنهن ڪري طاقتور آهي. سموري ڪتاب مان حوالا ڏيڻ ناممڪن آهي، مان هت سندس ڪجهه حوالا ڏيندس.
    ليکڪ کي پنهنجي انوکي ۽ پراسرار اسٽائيل جو احساس آهي. هڪ هنڌ ڪتاب ۾ ان احساس جو اظهار هيئن ڪيو اٿائين:
    ”سوچيم پئي ـــ
    ڇا لکي رهيو آهيان
    ڇو لکي رهيو آهيان
    هيءَ ڪهڙي لکڻي آهي؟
    رواجي نثر به نه آهي
    ڪوئي بيت وائي به نه آهي
    جيءَ ۾ آيو ـــ دل ۾ آيو
    لڪير جو فقير ڇو ٿجي
    ائين ته قيامت ٿي پوندي
    ڪابه تبديلي ــ
    چينج، ڦير ڦار نه ٿيندي
    تبديلي، چينج ڦير ڦارـــ
    بنياد حيات
    بنياد ترقي، بنياد ارتقا ــ
    چينج، ڦير ڦار، انقلاب
    لڪير جو فقير ڇو ٿجي؟
    ائين ته قيامت ٿي پوندي!“
    خليل جبران جو هڪ قول آهي ته لکڻ وارا، (اديب) ٻن طريقن سان پڙهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا آهن. هو اهڙي تحرير پڙهڻ لاءِ ڏيندا آهن جيڪا بلڪل نئين، دلفريب؛ ڇرڪائيندڙ ٿيندي آهي ـــ يا پنهنجي دور جي اهم اديبن کي گهٽ وڌ ڳالهائي هو پڙهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا آهن. ايم اي عالماڻيءَ پنهنجي دور جي اديبن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو آهي. هن سنڌي ادب کي تحرير جو نئون انداز ڏيئي پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪايو آهي ـــ
    ”ساٿي!
    مون وٽ ــ
    نڪي نثر، نڪي نظم
    نڪي ڄاڻ، نڪي سڃاڻ
    بس! ڪي خيال اٿم
    ڪي ويچار اٿم ـــ ڪجهه ساءِ اٿم باقي ــ“
    ڪتاب جو ليکڪ مون کي بيحد ذهين ۽ حساس لڳو آهي. هن پنهنجي معاشري کان اکيون نه پوريون آهن. هن جي نگاهه ماضيءَ تي آهي، هن جي نگاهه حال تي آهي، هن جي نگاهه آئيندي تي آهي ـــ
    ”ڪلوزڊ سوسائٽي کي
    بند سوسائٽيءَ کي
    قيد سوسائٽيءَ کي
    سنڌي سوسائٽيءَ کي
    لطيف به روئيندو ويو ـــ
    مان به روئيندو ويندس.“
    هو نااميد نه آهي. هو وقت تي پنهنجي مهر هڻڻ جو قائل آهي. دل جو صاف آهي. حق گو آهي. ۽ جڏهن سچائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو، تڏهن چوي ٿو:
    ”سئين سڌي ڳالهه کي
    لائي لڳائي، وڌائي چڙهائي
    موڙي منجهائي چوڻ
    منافقت آهي ـــ
    سئين سڌي ڳالهه کي
    سچي حقيقت کي
    جيئن جو تيئن ڪرڻ،
    ادب آهي
    عبادت آهي
    ايمان آهي.“
    اسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه مسئلا اهم ٿيندا آهن، ۽ ڪجهه مسئلا رواجي ٿيندا آهن. ليکڪ ٻنهي قسم جي مسئلن کان آگاهه آهي. هو نه فقط آگاهه آهي، پر اظهار جي آزاديءَ کان به نه مڙيو آهي. اسان جي سمورن مسئلن کي واضح ڪندي، هڪ هنڌ لکيو اٿائين ـــ (غور سان پڙهجو).
    ”خدا آهي، نه آهي ـــ
    تنهنجو مسئلو نه آهي ـــ
    تنهنجو مسئلو آهي جيئڻ
    تنهنجو مسئلو آهي مرڻ،
    تنهنجو مسئلو آهي پيار
    تنهنجو مسئلو آهي ٻار ـــ
    جيئڻ جي ڪر ـــ مرڻ جي ڪر ــ
    پيار جي ڪر ـــ ٻار جي ڪر ـــ
    خلق جي ڪر ـــ انسان جي ڪرــ
    خدا ملي ويندو!“
    ايم اي عالماڻيءَ جو ڪتاب پڙهي مان ايڏو ته خوش ٿيو آهيان، جو دل ڪري ٿي سندس ڪتاب تي ويٺو لکان ـــ بس نه ڪريان ـــ اڄوڪي ڪالم کي پنجوڻون ڪري ڇڏيان. تحرير ۾ نواڻ تڏهن ايندي آهي، جڏهن شعور سڄاڻ ۽ سجاڳ هوندو آهي ـــ ايم اي عالماڻيءَ وٽ اهڙو شعور آهي:
    ”انسان کي انسان
    جيترو ڪٺو ـــ ڪنهن نه ڪٺو
    مذهب جي نالي ۾ ـــ ملڪ جي نالي ۾
    قوم جي نالي ۾ ـــ انصاف جي نالي ۾ـــ“
    ڀيڄ ڀٽائي ڪتاب، مان سمجهان ٿو، نواڻ ۽ بلڪل تازي تواني تحرير سبب پڙهيو ويندو ـــ بار بار پڙهيو ويندو. منهنجي دعا آهي، شل سنڌ جي 23 دانشورن جي ڪتاب کان آجو رهي ـــ شل عوام تائين پهچي!
    ايم اي عالماڻي صاحب 58 سالن جو آهي. بمبئي يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ايم اي جي ڊگري ورتي اٿائين. پنهنجي باري ۾ ڪتاب جي پوئين صفحي تي هڪ هنڌ لکيو اٿائين ـــ ”ڄاڻ سڃاڻ اها ئي ڪافي آهي، ته ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ ملڻ محال آهي! ... پينشن جو حقدار ته آهيان، پر الاءِ جي جيئري نصيب ٿئي يا نه! ... فڪر اٿم ٻارن جي ڪاليج ۾ داخلا لاءِ ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جو!“ 
    1976


    تون منهنجي آس پاس آهين

    تون منهنجي آس پاس آهين

    ڪجهه ڏينهن کان دل چوي ٿي خاموش رهان ـــ اڪيلائين ۾ رلندو رهان ـــ ڪنهن سان ڪجهه نه ڳالهايان. گذريل سال ڊسمبر 1976ع جي مهيني ۾ آمريڪا ۾ هوس. اتي ڪنهن جنتريءَ ۾ پڙهيو هوم ته جنوري 1977ع ۾ ڪو مون کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويندو. مان اعتقادن ۽ اعتبارن جي معاملي ۾ وڏو خبيث آهيان. سمجهو ته گنهگار آهيان. جنتريءَ جي پيشنگوئيءَ کي چرچي ۾ اُڏائي ڇڏيم. جنوريءَ 1977ع ۾ پاڪستان موٽي آيس. ۽ پوءِ جنوريءَ ۾ ئي ڪو مون کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو. مون کي جنتريءَ تي اعتقاد ناهي. مان ان کي فقط اتفاق سمجهان ٿو. پر، حقيقت ۾ ڪو مون کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو آهي.
    مان آمريڪا مان ٽيليويزن لاءِ ٽي ڊراما لکي آيو هوس ٻه ڊراما مڪمل هئا. ٽيون ڊرامو تجرباتي هو. مڪمل نه هو. پهريون ڊرامو ”مائي مستاني“ منظورقريشيءَ کي ڏنم، ۽ ساڻس ذڪر ڪيم ته هڪ تجرباتي ڊرامي تي ڪم ڪري رهيو آهيان ـــ جلد مڪمل ڪري پروڊڪشن لاءِ ڏيندس.
    تجرباتي ڊرامي جي مرڪزي ڪردار لاءِ غزاله رفيق منهنجي ذهن ۾ هئي. مان غزاله کي ذهن ۾ رکي ڊرامي تي ڪم ڪري رهيو هوس. مون ٽيليويزن لاءِ ٽيهه ـــ پنجٽيهه ڊراما لکيا آهن. انهن مان اڪثر ڊرامن ۾ غزاله مرڪزي ڪردار ڪيو هو. هڪ دفعي، ”ماءُ“ ڊرامي لاءِ ميڪ اپ ڪرائڻ کان پوءِ منهنجي آڏو اچي بيٺي. هوءَ ”ماءُ“ جو مرڪزي ڪردار ڪري رهي هئي. مون کان پڇيائين، ”ڏس، مان ماءُ لڳان ٿي؟“
    مون غور سان ڏانهس ڏٺو پڇيائين، ”ڊرامو لکڻ مهل ماءُ جو جيڪو تصور تنهنجي ذهن ۾ هيو، مان ان جهڙي لڳان ٿي؟“
    هوءَ منهنجي تصور واري ماءُ جهڙي پئي لڳي.
    پهرين منظر جي رڪارڊنگ کان پوءِ مون کان پڇيائين، ”مان تنهنجي تصور واري ماءُ وانگر ڳالهايان ٿي ـــ ان وانگر عمل ڪريان ٿي؟“
    ان وقت دل چاهيو هو ته غزاله جي قدمن کي ڇوهي، سندس پيرن جي پڻي اکين کي لائي روئي پوان! هوءَ منهنجي تصور کي حقيقت ۾ بدلائي رهي هئي ــ هوءَ منهنجي درد کي اظهار جو ذريعو ڏيئي رهي هئي. ان ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران هوءَ روئي پئي هئي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن سان منسلڪ رهڻ سبب مون ڏهه ـــ ٻارهن سال غزاله کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو هو. هوءَ نه فقط تمام وڏي فنڪاره هئي. پر، ان کان وڌيڪ هوءَ تمام وڏي، تمام عظيم شخصيت هئي، تمام عظيم عورت هئي. ”ماءُ“ جي رڪارڊنگ دوران غزاله لاءِ منهنجو تقدس ماءُ جي تقدس سان همڪنار ٿي ويو ـــ هوءَ جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ ننڍي هئي، پر تنهن هوندي به، ”ماءُ“ ڊرامي کان پوءِ هوءَ جڏهن به منهنجي سامهون آئي مون کي ماءُ محسوس ٿي. ڊرامي جي اسڪرپٽ سبب نه، بلڪ غزاله جي پرفارمنس سبب ڊرامي ”ماءُ“ کي ڪنهن بين الاقوامي مقابلي لاءِ چونڊيو ويو هو. پر پوءِ، الاءِ ڇو مقابلي لاءِ موڪليو نه ويو. ڊرامي کي رول آف آنر Role of Honour مليو هو.
    اسلام آباد ۾ رهڻ سبب مان پنهنجا لکيل ڪجهه ڊراما ڏسي نه سگهيو آهيان. انهن مان هڪ ڊرامو آهي، ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان.“ ان ڊرامي ۾ چون ٿا ته غزاله بهترين پرفارمنس ڏنو هو ـــ خاص ڪري مرڻ واري منظر ۾ هن ناظرين کي روئاري ڇڏيو هو. مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران مرڻ واري منظر ۾ جڏهن هن مڪالمو ڳالهائيندي چيو، ”منهنجي مرڻ کان پوءِ مون کي ياد ڪندين؟“ تڏهن سڏڪا جهلي نه سگهي هئي ـــ ۽ هوءَ سچ پچ روئي پيئي هئي.
    ”منهنجي مرڻ کان پوءِ مون کي ياد ڪندين؟“
    ”توکي وسارڻ منهنجي وس ۾ نه آهي.“
    ”ڪيستائين؟“
    ”جيستائين جيئرو رهندس، ۽ ڊراما لکندو رهندس توکي ياد ڪندس. جڏهن به عورت جي عظمت جو ذڪر ايندو، مان تنهنجو حوالو ڏيندس.“
    هميشه لاءِ هلي وڃڻ جي باوجود غزاله منهنجي آس پاس موجود آهي.
    1977


    نئين ٽهيءَ جو سونهون

    نئين ٽهيءَ جو سونهون

    مون کي سائين غلام محمد گرامي جن سان پنهنجي پهرين ملاقات ياد نه آهي. مون کي ياد ناهي، ته مان سائينءَ سان ڪڏهن ۽ ڪٿي مليو هوس. مون کي فقط ايترو ياد آهي، ته مون کي سدائين ائين محسوس ٿيندو هو، ته سائينءَ سان منهنجي ملاقات تمام پراڻي، تمام جهوني ۽ منهنجي جنم کان اڳ جي هئي. مان ڄڻ ته سائين کي آڳاهون سڃاڻندو هوس. مون کي ايڏي شفقت ۽ ايڏو پيار ڏيندا هئا، جن جو ڪو انت نه هوندو هو. منهنجن ڪچن ڦڪن افسانن جي ويٺا تعريف ڪندا هئا. ڪٿي به ڪجهه لکان ته پڙهندا ضرور هئا، ۽ پوءِ جڏهن به ساڻن ملاقات ٿيندي ته ان تحرير جو ذڪر ضرور ڪندا هئا.
    مون پنهنجي بيڪار زندگيءَ کي ٻن مشغولين سان آباد ڪيو هو ـــ ڪرڪيٽ راند ۽ لکڻ سان. اڳتي هلي مون ڪرڪيٽ راند سان پنهنجي عشق کي لکڻ تان قربان ڪري ڇڏيو. لکندو هوس ـــ جيڪي لکندو هوس، سو شايع نه ٿيندو هو. دل ڀڄي پوندي هئي. مايوس ٿي پوندو هوس. مون کي پنهنجي بيڪار زندگيءَ لاءِ جيڪڏهن ٻيو ڪو ڪارگر مصرف ملي وڃي ها يا سمجهه ۾ اچي وڃي ها، ته مان جيڪر دلشڪستو ٿي لکڻ ڇڏي ڏيان ها! پر ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين فقط هڪ حقيقت منهنجي آڏو ايندي رهي آهي، ته لکڻ کان سواءِ منهنجي بي مقصد زندگيءَ جو ڪوبه مناسب مصرف نه آهي. مان لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪرڻ جي لائق نه آهيان. ان ۾ سمورو دخل قدرت جو آهي، جنهن مون کي اڻ ٿانئيڪو روح، بيچين دل، منتشر ذهن ۽ ڇڙواڳ تصور ڏيئي دنيا ۾ ڇڏي ڏنو آهي. خوابن کي اڻپوريون تعبيرون ۽ تعبيرن کي اڻپورا خواب ڏيندو آهيان. رڃ پٺيان ڊوڙڻ منهنجي عادت آهي. شروعات ۾ ڪوبه ايڊيٽر مون کي قبول نه ڪندو هو. اهو الاءِ ڪهڙو ڏينهن هو ـــ سائين گرامي صاحب جن سان ملاقات ٿي هئي. چيو هئائون ته مون کي افسانا ڏي، مان مهراڻ ۾ شايع ڪندس. اها شايد 1960 يا 1962ع جي ڳالهه آهي. مهراڻ رسالي جو ٽيون دور شروع ٿيو هو. پهرئين ۽ ٻئي دور ۾، 1960ع تائين، سنڌي ادب جي تمام اهم ۽ وڏن اديبن ـــ جمال ابڙي، علي احمد بروهي، ڪروڙ پتي، غلام رباني، سراج، نجم عباسي، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند ۽ حفيظ شيخ سنڌي افساني کي سينگاريو ۽ سنواريو. ايڏن وڏن ۽ اهم افسانه نگارن کي مهراڻ لاءِ يڪجا ڪرڻ ۾ سائين گرامي صاحب جن جي ڪوششن ۽ محنتن کي دخل هو. سندن شخصيت ۾ ايڏي ڪشش هوندي هئي، جو هرڪو پتنگ وانگر ڏانهس ڇڪبو هليو ايندو هو.
    گرامي صاحب جن مون کي مهراڻ ۾ لکڻ لاءِ چيو. مون جيڪي ڪجهه لکيو، سائينءَ مهراڻ جهڙي معتبر رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏيو. مايوسي اميد ۾ بدلجي ويئي. شوق جنون جي صورت اختيار ڪئي. اهو دور مهراڻ رسالي جو ٽيون دور هو. سائين گرامي صاحب سنڌي ادب لاءِ افسانه نگارن جي نئين ٽهيءَ جي پرورش ڪئي، جنهن ۾ علي بابا، نسيم کرل، عبدالحق عالماڻي، عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي مغل، قمر شهباز، طارق اشرف، حميد سنڌي، شوڪت شورو،آغا سليم، ماڻڪ ۽ مان شامل هئاسين. اسان کي نالن تي بحث ڪرڻو ناهي. مان بنا ڪنهن هٻڪ جي اهو چوڻ لاءِ تيار آهيان، ته سائين گرامي صاحب جن سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جي پهرين صف جي نهايت بهادر ۽ دليربانين مان هئا. پاڻ بنيادي طرح شاعر هئا، تنهن ڪري اڄ جي سمورن ترقي پسند شاعرن کي مهراڻ جا صفحا ڏيئي اُڀرڻ جو موقعو ڏنو هئائون. مان نٿو ڀانيان ته ڪوبه اهڙو ترقي پسند شاعر هوندو، جنهن مهراڻ رسالي مان فيض نه پرايو هوندو. مان سمجهان ٿو، سائين گرامي صاحب جن پهريان عالم هئا، جن شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڀرپور نموني تجزيو ڪندي، سنڌي ادب کي تنقيد جا نوان معيار عطا ڪيا.
    گرامي صاحب جن سان منهنجي پوئين ملاقات گذريل اپريل ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان ملهايل شاهه جي ورسيءَ ۾ ٿي هئي. صدارت شيخ اياز ڪئي هئي. ان ڀيري مون کي سائين گرامي صاحب جن سان گڏ مقالي پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي هئي. اها ملاقات سائينءَ جن سان آخري ملاقات هئي.آخري ملاقات ائين ئي ٿيندي آهي، جو مختصر هئڻ جي باوجود زندگيءَ کي هزارين يادگيريون بخشي ويندي آهي. 
    1976


    يادن جو روشندان

    يادن جو روشندان

    هن دفعي جڏهن اڌ ڪپيل چنڊ اُڀ ۾ کڙيو تڏهن هو مون کي اوچتو ياد آيو. نوجوان هو ـــ کلمک هو ـــ عادتن ۾ اعليٰ هو ـــ دل جو شفاف هو. هو جيستائين ڌرتيءَ جي سيني تي موجود هو، هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به شخص نوابشاهه ۾ هر دلعزيز نه هو. هن جهڙو سلڇڻو، ذهين ۽ ٺاهوڪو جوان وري نوابشاهه کي نصيب نه ٿيو. نالو هوس عبدالمالڪ؛ پر سموري شهر ۾ ادا جي نالي سان سڏبو هو. اڄ (1977) کان ويهه سال اڳ، هنن ئي ڏينهن ۾ اسان جو سڄڻ سفر تي هليو ويو هو.
    اُنهن ڏينهن ۾ مان نوابشاهه ۾ هوس ـــ اتان ئي بي اي ڪئي هيم. عبدالمالڪ سان سرسري ملاقات موني بازار ۾ ٿي هئي، ۽ تفصيلي ملاقات ڪرڪيٽ راند جي ميدان تي. مون کي خبر ڪونهي ته حامد علي ڪلب جو ڪرڪيٽ گرائونڊ اڃا موجود آهي، يا نه؛ پر اُنهن ڏينهن ۾ حامد علي ڪلب جو ڪرڪيٽ گرائونڊ سنڌ جي سٺن گرائونڊن ۾ شمار ٿيندو هو. عبدالمالڪ ڊي سي اسڪول ۽ نوابشاهه جي چونڊيل ٽيم طرفان اوپن ڪندو هو، ۽ نئين بال کي ڪمال اعتماد سان کيڏندو هو. ان وقت تائين مون کي ملڪ جي سٺن رانديگرن سان کيڏڻ جو موقعو مليو هو. اڄ جڏهن هيءُ ڪالم لکي رهيو آهيان تڏهن اعتراف ڪريان ٿو ته عبدالمالڪ نه فقط سنڌ پر ملڪ جي سٺن رانديگرن سان ڀيٽ ڪرڻ جي قابل هو. اسان جي دوستي راند جي ميدان کان شروع ٿي.
    عبدالمالڪ جو گهر مسجد روڊ تي هو. سندس گهر جي ڀرسان اسان جو هڪ ٻيو دوست عبدالجبار رهندو هو. عبدالجبار اڄڪلهه سنڌ ۾ ڪٿي ميٿميٽڪس جو پروفيسر آهي. عبدالجبار جي گهر جي ٻاهران هڪ وڏو صندل پيل هوندو هو. اسين اڪثر ڪري رات جو سنگت جي ساٿ سان ان صندل تي وڃي ويهندا هئاسين. عبدالمالڪ کي قدرت طرفان سنگيت ۽ سرن جو ساٿ نصيب ٿيل هو. هو ڳائيندو هو. اسين محو ٿي هن جو ڳائڻ ٻڌندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ طلعت محمود جو هڪ غزل بيحد مشهور ٿيو هو، جنهن جا ٻول هئا :
    "جب جب پھول کھلے۔ تجھے یاد کیا ہم نے۔"
    مان سمجهان ٿو اڄ تائين اُهو غزل منهنجي ذهن ۾ عبدالمالڪ جي ڪري موجود آهي، ۽ نه ڪي طلعت محمود جي ڪري.
    اسان جي ساٿ ۾ سنگت جو اٽالو هوندو هو. اڄ عبدالمالڪ جي حوالي سان انهن مان ڪجهه دوستن جا نالا ۽ سندن ياد دل تي تري آئي آهي ـــ قمر شهباز، گل محمد چنا، جمال، دوست محمد، علي گوهر، علي محمد، مير، شهمير، نور احمد، تصدق ۽ عزيز لاهوري. منهنجي دعا آهي ته هو جتي به هجن شل خوش هجن. مون پنهنجي زندگيءَ جا تمام سٺا ڏينهن انهن دوستن سان گذاريا آهن.
    عبدالمالڪ اسٽيج ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ڪندو هو. ڪمال جو فنڪار هو. مون کي نه ٿو سجهي ته مون اڄ تائين ڪنهن اهڙي شخص کي ڏٺو هجي، جيڪو بهترين رانديگر، سٺو ڪوي، اعليٰ درجي جو فنڪار ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته لاجواب دوست ۽ همدرد هجي. اهڙا عظيم شخص تمام ٿوري دير لاءِ دنيا ۾ ايندا آهن، ۽ دنيا جي اوندهه ۾ پنهنجي روشني ڇڏي ويندا آهن. عبدالمالڪ اڄ (1977) کان ويهه سال اڳ هنن ئي ڏينهن ۾ هليو ويو هو. مان کيس مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نه سگهندس.
    نوابشاهه ۾ مون کي هڪڙي ٻئي دوست جو ساٿ نصيب ٿيو، جنهن مون کي راند جي ميدان مان اٿاري ادب ۾ آندو. جنهن مون کي لکڻ سيکاريو. جنهن مون کي سٺو ادب پڙهڻ جو ڏانءُ ڏنو. مان نه ٿو سمجهان ته قمر شهباز جي دوستيءَ کان سواءِ مان سنڌي ادب ۾ سڃاتو وڃان ها. هو منهنجي لاءِ اوندهه ۾ روشني مثل رهيو آهي. لکڻ جي اوائلي دور ۾ مان جڏهن ڪٿي به ڇپجي نه سگهندو هوس، تڏهن قمر شهباز چوندو هو. تون هڪ ڏينهن ڇپبين ۽ پڙهيو ويندين.
    منهنجي زندگيءَ جا گذريل ويهه سال (1957ــ1977) مونجهارن ۾ گذريا آهن. انهن ويهن سالن ۾ مان ڀٽڪندو رهيو آهيان، ڪرندو رهيو آهيان. ڪري وري اُٿندو رهيو آهيان! ڀڄندو رهيو آهيان. ڀرندو رهيو آهيان ـــ اوندهه جي رڻ مان لنگهندو رهيو آهيان ـــ پر قمر شهباز منهنجو ساٿ نه ڇڏيو آهي. هو منهنجي سکن جو ئي نه، ڏکن جو به ساٿي آهي. اهڙو دوست زندگيءَ ۾ ورلي ملندو آهي. 

    1977


    سڄڻ سفر هليو

    سڄڻ سفر هليو

    گذريل هفتي مون پنهنجي ڪنهن ڪالم ۾ عبدالمالڪ ادا جو ذڪر ڪيو هو. هڪ دور ذهن ۾ جاڳي اٿيو هو. پراڻين يادگيرين پاسو ورايو هو. اُها شخصي آزادي جيڪا هينئر مون کان کسجي چڪي آهي، تنهن جو مون کي شدت سان احساس ٿيو هو.
    ادا عبدالمالڪ جو ذڪر ڪندي مون کان سڀ کان اهم ڳالهه وسري ويئي هئي. ان ڳالهه جو فقط منهنجي ذات سان تعلق نه آهي. ان ڳالهه جو تعلق علم ادب سان آهي.
    عبدالمالڪ ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. اسين کيس پنهنجن هٿن سان ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي ڪري آياسين، پر تنهن هوندي به ذهن عبدالمالڪ جي لاڏاڻي کي قبول ڪرڻ کان نابري واري ويٺو. يقين نه پئي آيو ته عبدالمالڪ ڪوچ ڪيو آهي ـــ اعتبار نه پئي آيو ته سڄڻ سفر هليو آهي! پر، هو وڃي چڪو هو. انهن ڏينهن ۾ مون رائيڊر هيگرڊ جو ناول ”شي“ (She) پڙهيو هو. ناول جي نائڪا ٽن هزار سالن کان ڪنهن جي منتظر هئي. ٽن هزار سالن جي انتظار کان پوءِ ڪو جنم جنم جي پيڙا مان پار پئي هن وٽ اچي ٿو. عبدالمالڪ اوچتو آسمانن ڏانهن اُڏامي ويو. هو پنهنجي پويان پنهنجي اڻپوري محبت ڇڏي ويو. هن کي ڪنهن سان محبت هئي ـــ بيپناهه محبت هئي. مون کي اڄ تائين محسوس ٿيندو آهي ته عبدالمالڪ پنهنجي اڻپوري محبت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ موٽي ايندو ـــ هوءَ ٽن هزار سالن تائين هن جو انتظار ڪندي ـــ هن جي موٽڻ لاءِ منتظر رهندي.
    اسين، جيڪي اڻٿانئيڪا آهيون، پنهنجي گذريل ڪنهن جنم ۾ اڻپوري محبت ڇڏي ويندا آهيون. ان اڻپوري محبت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسين بار بار ڌرتيءَ تي موٽندا رهندا آهيون. پر اڻپوري محبت کي مڪمل ڪرڻ کان اڳ وري دنيا مان موٽي ويندا آهيون. اهو منهنجو ذاتي رايو آهي. مان پنهنجو رايو ڪنهن تي مڙهڻ نه ٿو چاهيان. مون گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي باري ۾ ائين ئي محسوس ڪيو آهي ـــ مان پنهنجي اڻپوري محبت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بار بار موٽندو رهيو آهيان ـــ پر هر دفعي پنهنجي محبت مڪمل ڪرڻ کان اڳ مان واپس ورندو رهيو آهيان. مون کي لڳي ٿو، هن دفعي پڻ مان پنهنجي اڻپوري محبت مڪمل ڪرڻ کان اڳ هتان هليو ويندس. ڪجهه عرصي کان پوءِ مان وري جنم وٺندس، موٽي ايندس، ۽ پنهنجي اڻپوري محبت کي مڪمل ڪرڻ جي آرزو ۾ اڻٿانئيڪي زندگي گذاري هليو ويندس. اهو سلسلو ازل کان شروع ٿيو هو، ۽ ابد تائين جاري رهندو.
    جڏهن عبدالمالڪ لاڏاڻو ڪيو ۽ ذهن آهستي آهستي سندس جدائي کي قبول ڪيو، تڏهن عبدالمالڪ جي اديب دوستن عبدالمالڪ جي ياد ۾ هڪ رسالو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. رسالي ڪڍڻ ۾ ٽن ماڻهن جون ڪوششون شامل هيون ـــ قمر شهباز، گل محمد چنا، ۽ نور عباسي.
    مان ڪراچيءَ موٽي ويو هوس. قمر شهباز مون کي خط لکيو ته اسين عبدالمالڪ جي ياد ۾ هڪ رسالو ڪڍي رهيا آهيون ـــ رسالي جو نالو ”ادا“ رکيو اٿئون.پهريون پرچو آگسٽ 1956ع ۾ ايندو. پهرين پرچي لاءِ عبدالمالڪ جا گهرا دوست لکي رهيا آهن ـــ تون به ڪجهه نه ڪجهه لکي موڪل ـــ ڪا ڪهاڻي لکي موڪل.
    تڏهن مون پنهنجي زندگيءَ جي پهرين ڪهاڻي لکي ـــ ”اندرا“ ۽ اها ”ادا“ جي پهرين پرچي ۾ شايع ٿي. اها منهنجي ادبي زندگيءَ جي ابتدا هئي. ان کان پوءِ 1960ع تائين مون ڪجهه نه لکيو ـــ ۽ ڪرڪيٽ راند ڪندو رهيس. بهرحال، ادا رسالو ڏهه ٻارهن پرچا ڪڍي خاموش ٿي ويو ـــ پر سنڌ ۾ سنڌي ترقي پسند ادب لاءِ راءِ هموار ڪري ويو.

    1977


    ڏيئا ڏات جا

    ڏيئا ڏات جا

    عبدالحڪيم ارشد جو هڪ شعر آهي:
    انڌيرن ۾ ڏيئا کڻي ڏات جا
    اچو، رات غم جي کٽايون اچو!
    اڃا پرهه ۾ ڪجهه پهر دير آ
    اچو، داغ دل جا جلايون اچو.

    ارشد قرب ونڊيندي پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ڏيئا ڏات جا موڪليو آهي. مان هڪ نشست ۾ سندس پياري شاعريءَ جو پيارو ڪتاب پڙهي ويو آهيان سندس ڪتاب ۾ شامل ڪجهه غزل ۽ نظم ارشد جي واتان ٻڌي چڪو آهيان ـــ ڪجهه مختلف رسالن ۾ پڙهي چڪو آهيان. پر، ڪتاب پڙهندي سندس شاعريءَ نئون لطف، نئين لوچ ۽ نئين سوچ ڏني. مخدوم بلاول جي ياد ۾ لکيل بيت مون اڳ نه پڙهيا هئا. بلاول جي باري ۾ بيت پڙهي ارشد جا تصور ۾ هٿ چمي ورتم ـــ ٻه بيت اوهين به ٻڌو:
    ڪرٽن ڪاٽيا وير ۽ گهاڻي پيڙيا گهوٽ،
    سورهيه منهنجي سنڌ جا، اصل کان اڻموٽ،
    چاهت سندي چوٽ، صدقي ٿي ويا سنڌ تان.

    ٻيو بيت هن ريت آهي:
    گهاڻن ۾ گهٽجن، بلاول منهنجي ڀونءِ جا،
    سنڌ سان سازش ڪن، اڄ به ملان ملڪ جا.

    ارشد منهنجو همعصر آهي، منهنجو دوست آهي، منهنجو ساٿي آهي. سٺي، اثرائتي ۽ نفيس شاعري ڪرڻ جي باوجود ارشد اُهو مقام ماڻي نه سگهيو آهي، جنهن جو هو ڏات جي محابي حقدار آهي. جڏهن ڳالهه نڪتي آهي، ارشد جي حوالي سان تڏهن مان ادب ۾ طبقاتي وڇوٽين جي ڳالهه ضرور ڪندس. موجوده دور ۾ معاشي ۽ مالي خوشحالي گڏهه تي سونا سنج رکي ڇڏيندي آهي. ڪو شخص ڀل ته ڀوڪ بصر هجي، جاهل مطلق هجي، ڇسو ۽ وائڙو هجي پر جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان ڪنهن راڄ جو وڏو هوندو، دولتـمند هوندو، معاشي ۽ مالي طرح آسودو ۽ خوشحال هوندو ته پوءِ هو پنهنجي تڪ جي پڙهيل، ذهين ۽ هوشيار پر غريب عوام جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ چونڊ ضرور لڙندو. ارشد ذهين، حساس ۽ جذباتي شاعر آهي، پر مالي ۽ معاشي طرح آسودو نه آهي ـــ هو ڪنهن کاتي جو جوائنٽ سيڪريٽري نه آهي ـــ هو ڪنهن اداري جو ڊائريڪٽر نه آهي ـــ هو ڊپٽي ڪمشنر نه آهي ــــ هو ايس پي نه آهي. هن زندگيءَ جي زهر جو مزو چکيو آهي.
    اڙي زندگي! مون کي ڇا تو ڏنو،
    ٻه ٽي لڙڪ، سي ڀي وهائي ڇڏيم.

    جڳ مشهور اديب يا ته سامراجي ملڪن ۾، يا اشتراڪي ملڪن ۾ پيدا ٿيندا آهن. ادب، خاص ڪري وڏي جنگ کان پوءِ سياسي قوتن جو محتاج ٿي پيو آهي. سياسي قوت مالي استحڪام تي منحصر هوندي آهي. جيڪي قومون مالي طرح اقتصادي طرح دولتمند قومن جون محتاج هونديون آهن، سي وڏا اديب ۽ شاعر ته پيدا ڪري سگهنديون آهن، پر انهن کي سامراجي يا استراڪي ملڪن جي اديبن ۽ شاعرن وارو ناموس، نالو ۽ نامياچار ڏيئي نه سگهنديون آهن. دولتمند قومون مفلس ۽ ڪنگال قومن جي آرٽسٽن کي اُڀرڻ نه ڏينديون آهن. اهو الميو شخصي سطح تي به اثرانداز ۽ لاڳو ٿي سگهي ٿو. عبدالحڪيم ارشد پرائمري ماستر بدران جيڪڏهن ڪنهن وڏي عهدي تي لڳل هجي ها، صنعتڪار، سرمائيدار ۽ زميندار هجي ها، يعني مالي ۽ معاشي طرح آسودو هجي ها ته جيڪر سندس عظمت کي، ڏات کي ۽ محنتن کي هڪدم قبول ڪيو وڃي ها. ارشد ڌرتيءَ جي درد سان نينهن جو ناتو قائم ڪيو آهي ـــ
    ڌرتي منهنجي سرتي، توسان نينهن نڀائي ويندس مان،
    تنهنجي دک ۽ درد کي پنهنجو، درد بنائي ويندس مان.

    ارشد جو درد ڌرتيءَ جو درد آهي. ڌرتيءَ جو درد ارشد جو درد آهي. بنيادي طرح رومان جو شاعر هئڻ جي باوجود هن انقلاب، ۽ سماج وادي ذميدارين کان ڪنڌ نه ڪڍايو آهي: ـ
    وڏيرن ۽ پيرن ۽ ميرن ملن، اسان کي آ پيڙيو سندن سازشن.
    ۽ جڏهن طبيعت ۾ رومان جو رنگ اُڀريس ٿو، تڏهن چوي ٿو:
    نه ڪا جوت جلوو، پڙاڏو نه سڏ،
    فقط دل ئي سيني ۾ ڌڙڪي پئي.
    فقط چند خوابن جي تڪميل لاءِ،
    سڄي عمر گوندر ۾ گذري پئي.

    ڪنهن کي چاهڻ جي ڳالهه اوهان طرحين طرحين جي تحريرن ۾ پڙهي هوندي ـــ پر ارشد جي اظهار سان مشابهت نه رکندي هوندي. چاهت جي اظهار لاءِ ارشد کي پنهنجو ڏانءُ آهي ـــ
    نه تون رڃ آهين، نه مان هان هرڻ،
    جو تون اُڃ منهنجي نه لاهي سگهين!

    دل چاهي ٿي ته ارشد لاءِ پنهنجي عقيدت جو اظهار، ۽ سندس فن جي سچائيءَ جو اعتراف ڪرڻ لاءِ اڄ لاڳيتو لکندو رهان ـــ ڪالم کي طول ڏيندو رهان ـــ سندس شاعريءَ مان حوالا لکندو رهان ــ
    زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا،
    لکڻ کان به وياسين، ڪڇڻ کان به وياسين.
    مليو جي تڏهين ڀي ڪو همدم اسان سان
    پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين.

    پر، ائين ته سلسلو بي انت ٿي پوندو! فن جو ڇيهه نه ٿيندو آهي. پر فن جي ذڪر جو سلسلو اڌ ۾ ٽوڙي سگهبو آهي. ارشد جي فن جو ذڪر مان اڌ ۾ ڇڏي رهيو آهيان ـــ
    دل جو آڻي درد چپن تي، گيت سريلو ڳائيندو،
    ارشد کي ٿا ڇيڙيو، ارشد محفل کي تڙپائيندو.

    1977ع


    هڪ ياد جا اولڙا

    هڪ ياد جا اولڙا

    سائين حبيب الله ڀٽو گذاري ويو. منهنجي تعليمي زندگيءَ جو پهريون رهبر، رهنما، ۽ منهنجو استاد هليو ويو.
    شڪارپور سان منهنجي محبت ۽ چاهت جا ٻه سبب آهن. هڪ سبب جو ذڪر ڪندس، ۽ ڪندو رهندس. ٻئي سبب جو ذڪر نه ڪندس. ٻئي سبب جو ذڪر منهنجي مرڻ کان پوءِ، منهنجي آتم ڪٿا جي حوالي سان ڪيو ويندو ـــ تڏهن مان نه هوندس.
    شڪارپور سان پنهنجي محبت ۽ چاهت جي پهرين سبب جو ذڪر اوهان سان ڪندس.
    مان 43 سالن جو اچي ٿيو آهيان. پوئتي، منهن ورائي ماضيءَ جي ڪوهيڙن ڏانهن ڏسان ٿو. 1941ع جو زمانو آهي. بابا جي بدلي ڪراچيءَ کان شڪارپور ٿي آهي. بابا تعليم کاتي ۾ آهي. فقط مون کي پاڻ سان شڪارپور وٺي آيو آهي. مان اسڪول وڃڻ جي عمر کي نه پهتو آهيان. بابا مون کي ٻاراڻي ڪلاس ۾ ويهاريو آهي. مون کي پنهنجي استاد جو نالو ياد نه آهي. مون کي پنهنجن ڪلاسين جا به نالا ياد نه آهن. ڪوهيڙي ۾ فقط هڪ چهرو ياد آهي ـــ سائين حبيب الله ڀٽي جو چهرو ـــ سائين روزانو شام جو بابا وٽ ايندو هو. مون کي ڪاٺ جي چوڪنڊن سان الف ب سيکاريندو هو. مان ڄائي ڄم کان انتها پسند آهيان. مون کي ڪجهه ماڻهو ڏاڍا وڻندا آهن ـــ پهرين نظر ۾ وڻي ويندا آهن. انهن سان ريجهي ويندو آهيان. ڪجهه ماڻهن کان مون کي وحشت ٿيندي آهي. اهڙن ماڻهن کان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان؛ ۽ ان ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيندو آهيان.
    سائين حبيب الله ڀٽو، ۽ سندس عڪس چٽو آهي. مون سائين کان تعليم جو درس ورتو آهي. ڪاٺ جي چوڪنڊن تي مون الف ب ۽، 1 ۽ 2 سڃاڻڻ وارو هوش سنڀاليو آهي. سائين جي شخصيت ۾ ڪشش آهي ـــ قرب آهي، محبت آهي ـــ پيار آهي. هن منهنجي وجود ۾ ضد، هوڏ، ۽ رنج ڏسي ورتو آهي. هن محسوس ڪيو آهي ته ڏيڍ فوٽ جي هن ٻارڙي کي فقط محبت سان فتح ڪري سگهجي ٿو. سائين حبيب الله ڀٽي مون کي محبت سان فتح ڪري ورتو آهي.
    مان سائين حبيب الله ڀٽي جو شاگرد ٿي پيو آهيان. سائينءَ کي ڏسي خوش ٿيندو آهيان. مون کي لغڙن سان چاهه نه آهي. مان ايٽي ڏڪر به نه ڪندو آهيان. مان چڌن راند به نه ڪندو آهيان. مان ڪاٺ جي چوڪنڊن سان راند ڪندو آهيان ـــ اڪيلو. گهر ۾ ٻيو ڪوبه ٻار نه آهي ـــ نه مون کان وڏو، ۽ نه مون کان ننڍو. ڪاغذ تي رنگا رنگي پينسلن سان ليڪا ڪڍندو آهيان. بابا مون کي سائين حبيب الله جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. مان سائينءَ سان لکي در ويندو آهيان ــ قلفي فالودو کائيندو آهيان ـــ گهڙيال جا ڪانٽا ڏسي خوش ٿيندو آهيان. موٽندي ڊرائينگ جي ڪاپي وٺي ايندو آهيان، جيڪا ٻئي ڏينهن شام کان اڳ ڀري ڇڏيندو آهيان. ڪا ڪارنيوال لڳي آهي. مان سائين حبيب الله سان گڏ ڪارنيوال ڏسڻ ويو آهيان. جانورن جا، ۽ پينگهن تي ماڻهن جا ڪرتب ڏسي حيران ٿيو آهيان.
    شڪارپور ۾ ٻن ٽن مهينن جو عرصو اک ڇنڀ ۾ گذري ويو آهي. بابا جي ٻيهر ڪراچي بدلي ٿي آهي. مان شڪارپور مان وڃي رهيو آهيان. سائين حبيب الله ڀٽي مون کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيو آهي. مون کان پڇيو اٿائين، ”مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟“
    مان سائين حبيب الله ڀٽي جي شفقت، ۽ محبت وساري نه سگهبو آهيان.
    مان حالتن جي مامري تي عجب کائيندو آهيان. حيران ٿيندو آهيان. هڪ ڀٽو سائين حبيب الله هو جنهن وٽان مون تعليم جي ابتدا ڪئي، ۽ محبت جي ميراث حاصل ڪئي. ٻه ڀٽا ٻيا آهن، جن سان مان ڪڏهن به نه مليو آهيان. هنن منهنجي خلاف پنهنجي دشمني ۽ نفرت انتها تي پهچائي ڇڏي آهي، جو هر هفتي حڪومت کي يادگيري ڏياريندا رهندا آهن ته امرجليل اڃا جيئرو آهي، نوڪريءَ ۾ آهي ـــ امرجليل جو جيستائين صفايو نه ڪيو ويندو تيستائين ملڪ ۾ ٺاپر وارو دورو نه ايندو ـــ امر جليل کي ماريو، ختم ڪيو؛ پوءِ ملڪ ۾ ڌاڙا نه لڳندا، چوريون نه ٿينديون ـــ رشوت نه ورتي ويندي ـــ ابهم ٻارڙن کي لولو لنگڙو ڪري پنايو نه ويندو ـــ ماڻهو بنا دوائن جي اسپتال ٻاهران نه مرندا ـــ بس امر جليل کي ماريو، نوڪريءَ مان ڪڍو ـــ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
    مان سائين حبيب الله ڀٽي کي عقيدت سان ياد ڪندو آهيان، ۽ ٻنهي ڀٽن جي حق ۾ دعا ڪندو آهيان. اسين سچل جا مريد، وارو نه ورائيندا آهيون. اسين پنهنجو معاملو موليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيون. اسين تاريخ جي فيصلي جو انتظار ڪندا آهيون.
    ٻنهي ڀٽن ۽ سندن گروپ جي منهنجي خلاف دشمنيءَ جو فقط هڪ سبب آهي جو مون کي مهربان دوستن اوڻائين، غلطين ۽ خامين سميت قبول ڪيو آهي ـــ مون کي محبت ڏني آهي ـــ پيار ڏنو آهي. مان باهه ۽ مٽيءَ مان ٺاهيل آهيان. انسان آهيان. هنن مون ۾ فرشتو ڏسڻ جي خواهش نه ڪئي آهي. سنڌ جي لکين پڙهندڙن جي محبت جي عيوض مون کي ٻن ڀٽن ۽ سندن گروپ جي دشمني قبول آهي. اڄ وري مون کي سائين حبيب الله ڀٽي جي محبت ياد آئي آهي.

    1979


    منهنجو پهريون اُستاد

    منهنجو پهريون اُستاد

    (مرحوم حبيب الله ڀٽو جي پهرين ورسيءَ تي سندس فرزند ڏانهن لکيل خط)

    ڀاءُ نعمت الله،

    قربائتي خط لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان. سائينءَ جن جي پهرين ورسيءَ تي اچي نه سگهندس. باقي اوهان سان ويڙهيچن وارو وچن آهي، ته جڏهن به سنڌ اچڻ ٿيو، ڀيرو ڀرڻ ضرور ايندس.
    پنهنجي اوائلي دور جا مون کي ٻه استاد سدائين ياد رهيا آهن، ۽ سدائين ياد رهندا. هڪ سائين حبيب الله جن، ٻيا سائين عبدالعلي قلباڻيءَ جن. منهنجي اُڀري سڀري ۽ عيبن هاڻي شخصيت ۾ جيڪي چار چڱايون دوستن ۽ دلبرن کي نظر آيون آهن، انهن تي منهنجي ٻنهي استادن ۽ رهبرن جي ڇاپ لڳل آهي.
    سمجهان ٿو، ڪجهه عرصو اڳ سائين حبيب الله جن متعلق ڪٿي ڪجهه لکيو هيم. ياد نه ٿو پويم ته ڪٿي لکيو هيم. اهو به ياد نه ٿو پويم ته ڇا لکيو هيم. فقط ايترو ياد ٿو پويم ته عقيدت جا گل، لفظن ۽ جملن جي صورت ۾ سائينءَ جي قدمن ۾ رکيا هيم. اڄ جڏهن هيءُ خط لکي رهيو آهيان، تڏهن ائين پيو ڀانيان ڄڻ ورهين جا ويڇا لتاڙي پوئتي موٽي ويو آهيان. پنجن کن سالن جو آهيان ۽ شڪارپور جي ان اسڪول ۾ ويٺو آهيان، جنهن جي مٿئينءَ ماڙ تي مان بابا سان اڪيلو رهندو هوس، ۽ سائين حبيب الله جن کان علم ۽ روشنيءَ جا پهريان فيض پرائيندو هوس. ڪالهوڪي ڳالهه پئي لڳيم. چوئيتاليهن سالن جو اچي ٿيو آهيان. پوئين پهر جو مسافر آهيان. موٽي ويندس. ياد جي آسمان تي سائينءَ جن جي صورت آهي، ۽ سندن ڏنل پهرين درس جي تحرير آهي.
    ها، ضروري ڳالهه بابت وضاحت رهجي ويئي آهي. اوهان سائينءَ ڏانهن منسوب ڪو مضمون لکڻ جو حڪم ڏنو آهي. سائينءَ جن سان مون کي جيڪا عقيدت آهي، ان ناتي جيڪر مضمونن جا انبار لکي روانا ڪري ڇڏيان! پر ڀاءُ، مان بنيادي طرح تخليقي ادب جو ليکڪ آهيان. ڪوشش جي باوجود مضمون لکي نه سگهندو آهيان. معذرت خواه آهيان. پنهنجي ڪوتاهيءَ تي نادم آهيان. شرمسار آهيان. جنهن شخص مون کي علم سان روشناس ڪرايو. جنهن شخص مون کي فهم جي فرهيءَ تي پهريون اکر اتارڻ سيکاريو، جنهن شخص منهنجو منهن هميشه لاءِ روشنيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيو، ان رهبر ۽ رهنما متعلق ڪو مضمون نه لکي سگهڻ جو ڏک ڀڳل شيشي وانگر منهنجي روح ۾ چڀي رهيو آهي. آسمان ڏانهن ڏسي رهيو آهيان. پنهنجي بيوسيءَ تي ڦٿڪي رهيو آهيان. اک جي آلاڻ مَسُ جي سياهي ٿي نه سگهي آهي. مضمون منهنجي وس کان ٻاهر ڇو آهي؟ مون بار بار عرش کان پڇيو آهي. مون کي ڪوبه جواب ملي نه سگهيو آهي. ها، هڪ آواز لاڳيتو ۽ مسلسل ايندو رهيو آهي ته لِکُ، ۽ لکندو رهه، جو توکي خدائن جي خدا وٽان لکڻ جو حڪم مليل آهي. ڀاءُ نعمت الله ـــ مان حڪم جي بجا آوري ڪري رهيو آهيان. مان لکي رهيو آهيان.
    مان ان هٿ سان لکي رهيو آهيان، جنهن هٿ جي مٺ ۾ مون پنهنجي پهرين محسن، مهربان ۽ استاد جي اشهد آڱر جهلي هئي. ان آڱر جي گرمي اڄ به مون کي پنهنجي هٿ ۾ محسوس ٿي رهي آهي. مان بدنام ۽ بڇڙين تحريرن جي وچ وچ ۾ جيڪي ٻه چار چڱيرڙيون تحريرون وطن کي ڏيئي سگهيو آهيان، سي سموريون تحريرون ابتدائي اوسر جون احسانمند آهن. اسين انهن جا پيروڪار آهيون جيڪي سون تي سيڻ نه مٽائيندا آهن. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻيا به استاد ڏٺا آهن ـــ پر عشق جي چڻنگ جن رهبرن جيءَ سان جوڙي ڇڏي سي اُتم آهن، سي عظيم آهن هڪ سائين حبيب الله ۽ ٻيو سائين عبدالعلي قلباڻي.
    مان شڪارپور ضرور ايندس نعمت الله. اهو اوهان سان منهنجو واعدو آهي. شڪارپور سان انس جي هڪ سبب جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. ٻئي سبب جو ذڪر نه ڪندس. ٻئي سبب جي ذڪر جي آرزو کڻي مان مري ويندس. ٻاهر ٻول نه ڪڍندس. ڪعبو ۽ ڪليسا ٺاهڻ جي حيثيت ۾ هجان ها ته جيڪر ٻئي شڪارپور ۾ عقيدتن جي پورهئي سان تيار ڪيان ها. مون جوڳ ورتو آهي. ڪعبا ۽ ڪليسا منهنجي وجود ۾ محفوظ ٿي ويا آهن. زندگيءَ جي ڪا گهڙي اهڙي نه گذري آهي جو سِرُ سجدي مان مٿي ٿي سگهيو هجي. ماڻهن ۽ ملن منهنجي خلاف الحاد جي فتويٰ ته ڏيئي ڇڏي آهي. پر منهنجي مٿي ته سجدن جو محراب ڏسي نه سگهيا آهن. ملحد عشق جي بارگاهه ۾ ڪشڪول کڻي نه گهمندا آهن. منهنجي هڪ هٿ ۾ ڪشڪول آهي، ۽ ٻئي ۾ تسبيح. زبان تارونءَ سان لڳل آهي ۽ دل ۾ فقط هڪ ئي ذات جو ذڪر ۽ فڪر آهي. ڪنهن سان ڪا شڪايت نه آهي ــ ڪنهن سان ڪا گلا نه آهي ـــ وقت وقت جي ڳالهه آهي. دل عبادتگاهه آهي. ڪلهن تي محروميءَ جي احساس جو صليب آهي. اسين اڻسونها نه عيسيٰ جا رقيب ٿي سگهيا آهيون ۽ نه عيسيٰ سان هم رڪاب ٿي سگهيا آهيون. عيسيٰ نذرٿ جي گهٽين مان صليب کڻي لنگهيو هو. مان شڪارپور جي گهٽين مان صليب کڻي لنگهندس. مان اوهان سان ملڻ ضرور ايندس.
    مضمون ڏيئي نه سگهيو آهيان، ان لاءِ مون کي ڏک آهي نعمت الله! معافيءَ جو طلبگار آهيان. ها، هڪ ڳالهه ضرور ياد رکجو ته جنهن ڏينهن اوهين سائين حبيب الله جي ورسي ملهائي رهيا هوندا، منهنجو روح هجوم ۾ موجود هوندو. اوهان وٽ هوندو. اوهان سان شامل حال هوندو.
    منهنجي حق ۾ دعا ڪجو.
    اوهان جو


    1980


    اعتراف

    اعتراف

    ]پير حسام الدين سان منهنجي پهرين ملاقات، ۽ سندس ڪتاب، ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ بابت ڪجهه رايا.[

    مان سمجهان ٿو، اُها 1965ع جي اونهاري جي هڪ گرم، گِهميل، ۽ گُهٽَ واري شام هئي. مون پنهنجي اڻٿانئيڪي زندگيءَ جي واقعن کي ياد رکڻ ۽ قلم بند ڪرڻ لاءِ ڪابه ڊائري نه رکي آهي. مان تنهنڪري، يادگيرين جي بنواس ۾ ڀٽڪندي اوهان سان ڳالهائيندس. اُن شام ماحول ۾ ٻوسٽ هئي. بي انتها سوڙهه جو تسلسل وايو منڊل کي ورائي ويو هو. اونهاري جا اُهي ڏينهن ڏاڍو دلشڪتو ۽ مايوس ڪندڙ هئا. خوني باز ۽ ڳجهون ٻهروپ ڌاري انهن سرويچن جي سرن ۽ ساهه تي لامارا ڏئي رهيا هئا، جيڪي سوچيندا آهن، ۽ آئيندي ۾ پري تائين ڏسڻ جي ڏات رکندا آهن. ماڻهن کي اکيون هيون، پر هو اڳڪٿي پڙهڻ لاءِ تيار نه هئا. ماڻهن کي ڪن هئا، پر هو موت جي قدمن جو آواز ٻڌڻ کان نابري واري بيٺا هئا. سچ ۽ صداقت جي راهه ۾ فنا ٿيل خوابن جي ڊهه مان، مايوسين ۽ شڪستن جون سيون ۽ ڌاڳا ڳولي، ماڻهن پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا. ظاهري طرح زمين تي مڪمل سڪون هو، ۽ آسمان خاموش هو.
    خاموش تماشائين جي وچ ۾، مان ايلفنسٽن اسٽريٽ تي بي مقصد ڀٽڪي رهيو هوس. انهن ڏينهن ۾ سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون لکڻ کان سواءِ مان پاڪستان ٿيٽرز ۽ نيشنل ٿيٽرز لاءِ اردو ۾ ڊراما لکندو هوس، ۽ ڊرامن لاءِ ڊائريڪشن ڏيندو هوس. ڊرامن جا مسودا معمولي قسم جي ڪامورن آڏو پڙتال لاءِ پيش ڪرڻا پوندا هئا، جن پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن ڪو ڊرامو پڙهيو، يا پيش ٿيندي اسٽيج تي ڏٺو هو. طور طريقا بيهودا ۽ بيزار ڪندڙ هئا.
    بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي مان ايلفنسٽن ريسٽورنٽ جي سامهون بيهي رهيس. اوچتو مٿس منهنجي نظر پئجي ويئي. سندس گنڀير ۽ مانائتو منهن منهنجي لاءِ اوپرو نه هو. پر، البت، هو مون کي وڻندو نه هو. مان کيس پسند نه ڪندو هوس. هو ذري گهٽ قداور ۽ بدن ۾ ڀريل هو. هو آهستي آهستي هلي رهيو هو. سندس اکين تي ڪاري عينڪ چڙهيل هئي. مون اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس تصويرون ڏٺيون هيون. ان لحاظ کان هو منهنجي لاءِ اجنبي نه هو. اصل ۾ مان هن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي هوس. اسان جي پاڻ ۾ اڳ نه ڪڏهن ملاقات ٿيل هئي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيل هئي. هن جي حيثيت منهنجين نظرن ۾ سرڪاري دانشور برابر هئي، جن کي تخليقي ادب ۽ اديبن لاءِ، خاص ڪري ڪهاڻيڪارن لاءِ، دل ۾ ڌڪار هوندي آهي. ادبي کيتر ۾ اسين مختلف محاذن ۾ وراهيل هئاسين. هو تاريخدان ۽ مورخ هو، ۽ پنهنجين تحريرن لاءِ ماضيءَ مان مواد هٿ ڪندو هو. مان ڪهاڻيڪار آهيان. سندس گروهه جا دانشور اسان جي تحريرن کي واهيات سمجهي ڇنڊي ڇڏيندا هئا. حساب ڪتاب پورو ڪرڻ لاءِ اسان بضد هئاسين ته سندن دانشورانه تحريرون هرگز نه پڙهنداسين؛ ۽ حقيقت ۾ پڙهندا به نه هئاسين. اسان جا بزرگ اديب ۽ دانشور نوجوان ليکڪن جي خيال ۽ سوچ مان اتساهه حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ساڳي طرح اسين تخليقي ادب جا ليکڪ، بزرگن جي تجربي، ۽ سندن دانش مان ڪجهه پرائڻ پنهنجي لاءِ توهين سمجهندا هئاسين. ٻئي گروهه اهڙي نموني پنهنجي پنهنجي نقصان کان بيخبر هئا، جيڪو اصل ۾ سنڌي ادب جو گڏيل نقصان هو. سمورو ادب سڌو سنئون زندگيءَ مان جنم وٺندو آهي. ادب ۾ اظهار لاءِ مواد هڪ دور ۾ رهندڙ يا رحلت ڪيل انسانن جي زندگيءَ مان حاصل ڪيو ويندو آهي. اسان ٻنهي گروهن لاءِ مواد حاصل ڪرڻ جو سرچشمو ساڳيو هو، پر اسين ٻئي گروهه هڪٻئي جي محاذ آرائيءَ واري حيثيت ۾ هئاسين.
    مون ٽيڏي اک سان ڏانهس ڏٺو. اهو ڪو پهريون دفعو نه هو، جو مون کيس ايلفنسٽن اسٽريٽ تي گهمندي ڏٺو هو، (ايلفنسٽن اسٽريٽ جو نئون نالو زيب النساء اسٽريٽ آهي). مون جڏهن به کيس ايلفيءَ تي گهمندي ڦرندي ڏٺو هو، مون دانسته، هميشه کيس نظر انداز ڪري ڇڏيو هو.
    هن لاءِ مون پنهنجيءَ دل ۾ بي پناهه ڪروڌ سانڍي رکيو هو. اصل ۾، سچ پڇو ته، سندس بي شمار ادبي ڪاوشن ۽ ڪتابن مان مون ڪجهه به نه پڙهيو هو. هن جي باري ۾ منهنجو تجزيو طرفداري، حسد ۽ ڪيني تي ٻڌل هو. انگريزي ادب جي نقاد ۽ محقق، هينري هڊسن جي لفظن ۾ تجزيو ڪندي مان پنهنجي راءِ بابت چئي سگهان ٿو ته ادب ۾ جيڪي اسين پسند ڪندا آهيون، ۽ جيڪي اسان کي پسند ڪرڻ گهرجي، تنهن ۾ بنيادي فرق کان اسان کي ضرور واقف هئڻ گهرجي. اسان منجهان تمام گهٽ ايمانداريءَ سان ان فرق کي محسوس ڪري سگهندا آهن. پهرين پسند اسان جي احساس سان ٻڌل هوندي آهي. ٻيءَ پسند جو تعلق اسان جي اڻ ڄاڻائي ۽ لا علميءَ سان هوندو آهي.
    ادبي تجزيي ۾ مان پنهنجين اوڻاين کان واقف نه هوس. هن جي باري ۾ منهنجو رايو مبهم ۽ اڻ چٽو هو. بس، مون کي ايتري خبر هئي ته هو مون کي بنهه نه وڻندو هو. ان کان وڌيڪ پنهنجي رايي بابت مون کي ڪا پروڙ نه هئي.
    هو آهستي آهستي، ايلفنسٽن ريسٽورنٽ سان لڳو لڳ ڪتابن جي ڪئبن ڏانهن وڌي رهيو هو. منهنجي وجود ۾ ڪروڌ جي باهه ڀڙڪي اُٿي. رت بدران آتش فشان جو رجيل لوهه منهنجين رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو.
    مون سوچيو، ”ته هيءُ سمجهي ٿو، اسين تخليقي ادب جا ليکڪ، جن عوام جي دلين ۾ عزت ۽ احترام وارو مقام حاصل ڪري ورتو آهي، اسين آواره، بدمعاش ۽ باغي آهيون! سندس گروهه جي دانشورن جي رايي مطابق خاص طرح سان مون سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ۽ باغي ۽ ڇڙواڳ ڪري ڇڏيو آهي!“
    تڪليف ۽ ڏک جو احساس مون دل ۾ محسوس ڪيو. ساڳيو سوال ساهه ۾ چڀڻ لڳو: ته ڇا، مون سچ پچ سنڌ جي نئين ۽ نوجوان نسل کي گمراهه ڪيو آهي! ٽي. ايس ايليٽ پنهنجي هڪ مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته: هڪ ليکڪ ڄاڻي ٻجهي، دانسته، پنهنجي دور تي اثر انداز نه ٿيندو آهي. اهو پڙهندڙن جي احساس تي منحصر آهي، ته هو سندس تحريرن جو ڪهڙو اثر قبول ڪن ٿا. اثر قبول ڪرڻ لاءِ ماڻهو نادانسته طور تي، حالتن پٽاندڙ، پنهنجي جذبي جي گهرج آهر اثر قبول ڪندا آهن.
    ادب جو مطالعو ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته ليکڪ جي تجربي، روح ۽ احساس ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي. خبرداري ۽ ڄاڻ سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ئي اسين ٻئي شخص جي روح سان رابطو قائم ڪري سگهندا آهيون. ”ڇا هن شخص کي، جيڪو ٿڪل قدمن سان آهستي آهستي هلي رهيو آهي، خبر آهي ته تخليقي ادب ڇاکي چئبو آهي؟“ مان سوچيندو رهيس، ”ته ڇا هن شخص کي خبر آهي، ته هڪ تخليق لاءِ ڪهاڻيڪار کي ڪهڙي ڪهڙي ۽ ڪيتري عذاب مان لنگهڻو پوندو آهي! ڇا کيس خبر آهي ته تخليقي ادب هڪ وسيع ۽ ڀرپور زندگيءَ جي عڪاسي ڪندو آهي ۽ پنهنجي دور جي ترجماني ڪندو آهي!“
    ڏانهس ڏسندي، تخليقي ادب بابت سندس رجحان ۽ لاپرواهيءَ متعلق سوچيندو رهيس.
    ايتري دير ۾ هو ڪتابن جي ڪئبن تائين پهچي ويو، ۽ ڪتاب کڻي ڏسڻ لڳو، ورق ورائڻ لڳو. اوچتو هن ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو. مان کانئس ٻه ـــ چار وکون پرڀرو بيٺو هوس. هو مون ڏانهن غور سان ڏسندو رهيو. مون سوچيو، ”هو شايد ان خيال سان مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي، ته مان اول کيس سلام ڪندس ۽ پوءِ وڌي وڃي ساڻس هٿ ملائيندس.“ پر مان پنهنجيءَ جاءِ تي پٿر وانگر اٽل رهيس. پنهنجي رويي مان مون کيس پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته هو منهنجي لاءِ ڪو اوپرو ۽ عام رواجي شخص هو ـــ ڄڻ مون کيس نه پئي سڃاتو! هو منهنجي لاءِ ڄڻ ايلفيءَ تان لنگهندڙ هزارين ماڻهن مان ڪو هڪ ماڻهو هو! کيس نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٿڪجي پيس. خيال مٽائڻ خاطر مون ايلفيءَ جي ٻئي پاسي کان لنگهندڙ ٻن بي انتها خوبصورت ۽ سهڻين ڇوڪرين ڏانهن ڏٺو.
    تڏهن اوچتو، مون کيس پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺو، وک کن پرڀرو. مون لڱن ۾ سينياٽو محسوس ڪيو. ان کان اڳ جو مان پاڻ سنڀالي وٺان، ۽ وري لاپرواهيءَ وارو انداز اختيار ڪري وٺان، هن منهن تي مرڪ آڻيندي چيو، ”جيڪڏهن منهنجو اندازو غلط نه آهي، ته پوءِ تون اروڙ جو مست آهين.“
    ”ڇا!“ مون تعجب وچان هن ڏانهن ڏٺو.
    ”تون امر جليل نه آهين!“ هن پڇيو.
    مصنوعي فخر وچان چيم، ”ها، مان امر جليل آهيان.“
    هن رسالي ”روح رهاڻ“ جي اپريل 1965ع واري پرچي ۾ منهنجي ڪهاڻي ”اروڙ جو مست“ پڙهي هئي. ”روح رهاڻ“ رسالو انهن ڏينهن ۾ سنڌي ترقي پسند تخليقي ادب جو نمائنده ۽ مثالي رسالو هوندو هو.
    ”تنهنجي ڪهاڻي پڙهندي مون سوچيو هو ته، تون پاڻ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار جهڙو هوندين.“ سندس چهري تي مرڪ هئي. هن پيار ۽ پاٻوهه مان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”اڙي بابا! تون ته هوبهو اروڙ جو مست آهين!“
    مون لاپرواهيءَ سان چيو، ”مان تخليق ڪار آهيان. مان ڪردار خلقيندو آهيان. تنهن ڪري مان پنهنجن خلقيل ڪردارن جهڙو لڳندو آهيان. ساڳي طرح، منهنجا ڪردار مون جهڙا محسوس ٿيندا آهن. ان ۾ ڪابه اچرج جهڙي يا غير معمولي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن توهان ڪاميو، هيمنگوي ۽ دوستوسڪي پڙهيو آهي، ته پوءِ توهان سندن تخليقن ۾ سندن موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪيو هوندو.“
    هو ڪجهه ڪجهه وائڙو ٿي ويو. مان ظاهر ظهور گستاخ ٿي رهيو هوس. نهايت کُهري لهجي ۾ چيم، ”اسين خالق جو عڪس سندس تخليق ۾ ڏسي سگهندا آهيون. اهڙي طرح سموري تخليق ۾ پنهنجي تخليق ڪار جو عڪس موجود هوندو آهي. اهو تخليقي ادب ۽ تخليقي عمل جو اصول آهي.“
    هن دلڪش مُرڪ منهن تي آڻيندي چيو، ”اڙي بابا! تون ته ڏاڍو ڪو ڪاوڙيل باغي آهين؟“
    مان ساهه کڻڻ ۾ سوڙهه محسوس ڪري رهيو هوس. خاموش رهيس. هن چيو، ”ڪنهن ڏينهن پاڻ گڏجي ويهنداسين، ۽ تنهنجين ڪهاڻين جي باري ۾ ڳالهائينداسين. مون روح رهاڻ، نئين زندگي ۽ ڪونج ۾ تنهنجيون ڪهاڻيون پڙهيون آهن.“
    اوچتو، منهنجي وجود ۾ ٻرندڙ جبل خاموش ٿي ويو. ڪروڌ ۽ انتشار جي جاءِ خاموشيءَ والاري ورتي. ”ته ڇا!“، مون سوچيو، ”هن منهنجون ڪهاڻيون پڙهيون آهن!“ مون محسوس ڪيو ته، منهنجي سموري ڪروڌ جو بنياد هڪ دٻيل ۽ دفن ٿيل خواهش ته بيٺل هو، ته هو مون کي پڙهي، مون کي سمجهي ۽ ادب ۾ منهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪري. اڻ سڌي طرح مون سندس ادبي شخصيت جي عظمت کي قبول ڪري ورتو هو؛ جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته مان جيڪر کيس نظرانداز ڪري ڇڏيان ها. پر نه. مان کيس نظر انداز ڪري نه سگهيس. منهنجي خواهش هئي ته هو منهنجيون ڪهاڻيون پڙهي ۽ ڪهاڻين کي قبول ڪري.
    منهنجي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.
    پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌائيندي چيائين، ”مان حسام الدين آهيان، بابا.“
    مون سندس هٿ، ادب ۽ احترام وچان، ٻنهي هٿن ۾ جهلي ورتو.
    تڏهن، سنڌ متعلق سياسي، سماجي، تهذيبي ۽ ثقافتي مواد هٿ ڪري پڙهڻ ۽ پرائڻ لاءِ منهنجي سفر جي ابتدا ٿي هئي. هن منهنجي وجود ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن لاءِ جذبو جاڳائي وڌو.
    پير صاحب سان ملڻ ۽ سندن قربت ۾ ويهڻ جي سعادت مون کي تمام گهٽ نصيب ٿي. هڪ دفعي چرچو ڪندي چيو هئائون، ”اڙي بابا! تنهنجي لکڻ جو انداز ڏاڍو خطرناڪ آهي. ملان تو کي آرام سان ويهڻ نه ڏيندا.“ اها ڳالهه 1960ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ جي آهي ـــ شايد 1969ع جي آهي. گذريل ٻارهن سال مون ذهني تڪليفن ۾ گذاريا آهن. آرام سان ويهڻ ۽ آرام سان زندگي گذارڻ وارا لفظ مون لاءِ معنيٰ وڃائي ويٺا آهن. مختلف طريقن سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش، مسلسل ڪئي ويئي آهي ته مان ليکڪ نه، بلڪه رهزن آهيان يا جادوگر آهيان ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهيان ۽ معاشري کي بدڪار ڪري رهيو آهيان.
    پير صاحب سان منهنجي ملاقات گهڻو ڪري ايلفنسٽن اسٽريٽ تي ٿيندي هئي. هميشه گفتگوءَ جي شروعات کلندي ۽ مزاح سان ڪندا هئا، ايلفيءَ تي چڪر ڪاٽيندي ڏسي، چوندا هئا، ”اڙي بابا! تون اڃا تائين ٻاهر آهين ڇا!“
    ”ٻاهر! ڇا مان ٻاهر!“
    ”جيل مان.“
    ”ڇو سائين! مون ڪو ڌاڙو هنيو آهي ڇا؟“
    ”اڙي بابا!“ پير صاحب جن کلي چوندا هئا، ”فلاڻي رسالي ۾ تنهنجي فلاڻي ڪهاڻي پرائي زال ڀڄائڻ واري ڏوهه کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
    ۽ پوءِ، پير صاحب جن دل کولي ٽهڪ ڏيندا هئا.
    پير صاحب جن روايتن کان باغي تخليقي اديبن جا گهاٽا دوست ٿي پيا. اسين هڪ ٻئي لاءِ آگاهيءَ جو سبب ٿي پياسين. پير صاحب جن تاريخ ۾ تحقيق جو ڪم جاري رکيو، پر وسيع نصب العين سان ـــ نئين نسل کي پنهنجي شاندار ماضيءَ ۾ سرزد غلطين کان آگاهه ڪرڻ جي ارادي سان. پير صاحب جن تاريخ جي تهن مان اهي باب ڪڍي ورتا، جن ۾ سنڌ جي زوال ۽ ذلت جا اسباب قلمبند ٿيل هئا. پير صاحب جن محسوس ڪيو ته سنڌ ۽ سنڌين جي ڪسمپرسي، بدحالي ۽ غربت جو سڀ کان وڏو سبب وڏيرو آهي، جنهن مسڪين ماڻهن کي پنهنجي مطلب لاءِ، بيدرديءَ سان استعمال ڪيو آهي. پير صاحب جن جو ضخيم ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ وڏيرن جي ظلم، ڏاڍائي ۽ وطن دشمنيءَ جو دستاويز آهي. صفحي 94 مان هڪ حوالو ڏيان ٿو:
    ”ٻهراڙيءَ جي وڏيرا شاهيءَ جا مشغلا ۽ مسئلا ته هئا ئي اور: سريتان رکڻ، سينڌيون ويهارڻ، ڪنهن هٿ نه ڏنو ته ان جي عزيزن کي پوليس کي چُرچ ڏيئي ڦاسائڻ، ڪاٽڪن کي پالي، انهن جي ذريعي، جنهن تي ڪاوڙ ايندي، انهيءَ جون چوريون ڪرائڻ، خون ٿيو ۽ ڌاڙو لڳو ته مشير ٿي پوليس سان هلڻ، پئسا جيڪي ملن، تن مان ڪجهه پاڻ کائڻ ۽ ڪجهه پوليس کي چوڳو ڪرائڻ. پوليس وڏيرن کي استعمال ڪندي هئي ۽ وڏيرا پوليس کي هٿ جو هٿيو بڻائيندا هئا.“
    سمورو ڪتاب وڏيرن جي ظلم بابت سڌن يا اڻ سڌن حوالن سان ڀريل آهي. صفحي 235 تي پير صاحب هڪ وڏي زميندار سان، سندس بنگلي تي ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:
    ”هڪ دفعي مان هڪ تمام وڏي زميندار جي بنگلي ۾ ويس، جيڪو انهيءَ طبقي ۾ طبيعت جي لحاظ سان نهايت سٻاجهو ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ نهايت متمدن سمجهيو ويندو هو. ڪجهه تعليم به هيس ۽ اسيمبلين ۾ مسلمانن جي نمائندگي به ڪندو هو. ڏٺم ته نوڪرن چاڪرن جا ڪٽڪ ورانڊي ۾ ويٺا آهن. هڪ آرٽسٽ شرناءِ ويٺو وڄائي، جنهن جي آواز ۽ سُر سان سڄو بنگلو ڄڻ ڀريو پيو هو. معلوم ٿيو ته صاحب پاڻ بيڊ روم ۾ لاهور جي ڪنهن طوائف سان خلاصو ويٺو آهي. نينگر لاءِ معلوم ڪيم؛ خبر پيئي ته ٻئي بيڊ روم ۾ اهو وري پنهنجيءَ آشنا کي ورتيون ويٺو خدا جي نعمتن جا شڪرانا بجا آڻي.“
    مان سمجهان ٿو، پير حسام الدين راشديءَ جن پنهنجي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ کان متاثر ٿي ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ لکيو هو. ادب جي محقق ۽ نقاد، هينري هڊسن چواڻي: ”هڪ عظيم ڪتاب جي اهميت، سندس ليکڪ جي پنهنجي عظمت به هوندي آهي. هڪ عظيم ڪتاب جو مواد اصلي ۽ انفرادي هوندو آهي ۽ اهڙي ڪتاب جو پيرايو پڻ اصلي ۽ انفرادي هوندو آهي.“ منهنجو خيال آهي ته ڪجهه عرصي تائين ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لازمي طرح ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي پاڇي ۾ پڙهيو ويندو. پر، تنقيدي نگاهه رکڻ وارا، هن ڪتاب کي پير صاحب جي ادبي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو تسليم ڪندا. (جيتوڻيڪ منهنجي پنهنجي راءِ ۾ پير صاحب جو غير معمولي ڪارنامو مڪلي نامي تي سندن ڪامينٽري آهي). بهرحال، ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ پير صاحب جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو ڪتاب آهي. پير صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي باري ۾ نهايت ڪشاده دليءَ سان ڳالهايو آهي، ۽ صاف گوئيءَ کان ڪم ورتو آهي. تنهن ڪري ڪتاب سان اختلاف رکڻ جي باوجود، هيءُ ڪتاب پڙهيو ۽ سانڍيو ويندو. لفظن جي چونڊ، تشبيهون، محاورا، استعارا ۽ جملن جي جوڙجڪ نهايت دلڪش، ۽ معنيٰ ۽ مفهوم کي عام رواجي معنيٰ ۽ مفهوم کان وڌيڪ گهرو ۽ معنيٰ خيز ڪندڙ آهي.
    منهنجي لاءِ پير صاحب جن سنڌ جا آرنالڊ ٽوائن بي آهن. سندن ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ پڙهندي مون محسوس ڪيو ته پير صاحب جن کي تخليقي ادب لاءِ بي پناهه ڏات مليل هئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪتاب ۾ پير صاحب پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن، ۽ نهايت واضح ۽ چٽي نموني لفظن ۾ پنهنجي دور جي اهم ماڻهن، دوستن، دشمنن، حادثن ۽ واقعن جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. پر، سندن لکڻ جي اسٽائيل مان تخليقي ادب ليئا پائيندو رهي ٿو. جيڪڏهن وڌاءُ نه سمجهيو وڃي ته مان چوندس ته هن ڪتاب ۾ پير صاحب مئلن کي زنده ڪري، جيئرن جي وچ ۾ آڻي بيهاريو آهي.
    تشبيهن، استعارن ۽ محاورن جي ڳالهه هلي آهي، ته مان هرمن ميليول جي ڪتاب مابي ڊڪ جي حوالي سان پير صاحب جو ذڪر ڪندس. گهڻو اڳ مون هرمن ميليول (Herman Melville) جو ناول مابي ڊڪ (Moby Dick) پڙهيو هو. وهيل مڇيءَ جي اڇاڻ ۽ چمڪ جي باري ۾ هرمن ميليول جا لاڳيتا صفحا پڙهي مان حيران ٿي ويو هوس. مون هميشه انهن صفحن کي ادب جو لازوال ورثو سمجهيو ۽ قبول ڪيو آهي. اهي صفحا ايترائي موهيندڙ ۽ دل تي اثر ڪندڙ آهن، ۽ ايترو ئي غيرمعمولي آهن جيترو چارلس ڊڪنس جي ناول ”ٽيل آف ٽو سٽيز“ جي. شروعات يا ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جي پڄاڻي. پير صاحب جو ڪتاب ڪردار نگاريءَ سان ٽمٽار آهي. جن ماڻهن جو پير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، سي ڪيئن هئا، ڪهڙا هئا ۽ سچ پچ اهڙا هئا. جهڙي نموني پير صاحب جن کين چٽيو آهي، ان باري ۾ مان ڪجهه به چئي نٿو سگهان. پر جهڙي انداز ۽ پيرايي ۾ پير صاحب جن سندن ذڪر ڪيو آهي ۽ منظر چٽيو آهي، هو سڀيئي ساهه جي آواز ۽ دل جي ڌڙڪڻ سميت اسان آڏو اچي بيهي رهيا آهن. مون اصل ۾ هرمن ميليول جي حوالي سان پير صاحب جو ذڪر پئي ڪيو. هرمن ميليول وهيل مڇيءَ جي اڇاڻ ۽ چمڪ جي وضاحت لاءِ سڄا سمورا چار پنج حيرت انگيز صفحا لکيا آهن. پير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ قمبر جي هڪ طوائف جو تذڪرو ڪيو آهي. سندس نالو هاج هو. سندس سونهن سوڀيا، انگ ۽ انگل، ناز ۽ نخرن، چاره گري ۽ جادوگريءَ بابت پير صاحب سڄا سمورا سورهن صفحا لکيا آهن. اعتبار ڪرڻ لاءِ سندن ڪتاب جا صفحا 65 کان 112 پڙهڻ ضروري آهن.
    مون تحمل سان هن ڪتاب تي تنقيدون ۽ تنقيدي رايا ٻڌا آهن. منهنجو مضمون انهن تنقيدن لاءِ نه ته جواب آهي ۽ نه ئي ڪتاب جي بچاءَ ۾ لکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب مون کي ان ڪري وڻيو آهي، جو هن ڪتاب ۾ اهڙن ڪردارن جو ذڪر به آيو آهي، جن بابت اڻسڌي طرح، يا سڌي طرح سنڌي تخليقي ادب ۾ بيشمار ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ڪردار جو نالو رمون مڪراني آهي. پير صاحب جن پنهنجي ڪتاب جي صفحن 278 ۽ 279 تي رمون مڪرانيءَ کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. هو هوبهو اسان جي جديد ڪهاڻيءَ جي باغي، سرڪش، ظاهري طرح سخت پر دل جي ڪومل ڪردارن جهڙو آهي.
    پير صاحب جن هي ڪتاب، پهرين دل جي دوري کان پوءِ، 1960ع ۾ لکيو هو. هيءُ پهاڙ جيڏو ڪتاب پير صاحب جن فقط ڇهن مهينن ۾ لکيو، (دل يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي!) مان سمجهان ٿو، ته ڪتاب جا ڪجهه حصا پير صاحب جن پنهنجي هٿ اکرين لکيا آهن، ڪجهه حصا زباني طرح بيان ڪندي لکرايا آهن، ۽ ڪجهه حصا ٽيپ رڪارڊر تي ٽيپ ڪيا آهن، جن کي بعد ۾ ڪاغذن تي اُتاريو ويو آهي. اهي منهنجا انومان آهن. ان باري ۾ مان پڪ سان ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مون محسوس ڪيو آهي ته ڪجهه هنڌن تي لکيل ٻوليءَ بدران ڳالهايل (Spoken Language) استعمال ڪئي ويئي آهي. مثال طور، صفحي 58 تي ”جذبات“ بدران ”جذباتن“ استعمال ڪيو ويو آهي. ساڳي طرح ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”ڪاڏنهن“ صفحي 111 تي استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ ”ڪيڏانهن“ هئڻ گهرجي. صفحي 121 تي ڳالهه ٻولهه وارو لفظ ”مسالو“ آيل آهي، جيڪو صحيح صورت ۾ ”مصالحو“ هئڻ گهرجي. ان قسم جون معمولي غلطيون ڪتاب ۾ اڪيچار آهن، جيڪي سولائيءَ سان پروف پڙهندي، يا مسودو نظر مان ڪڍندي دور ٿي سگهيون ٿي.
    هيءُ هڪ عظيم دانشور جو اهم ڪتاب آهي، جنهن کي پنهنجي وطن، وطن جي مٽيءَ ۽ وطن جي ماڻهن سان محبت هئي. هن ڪتاب مان ڪجهه تيز لفظ (مثال لاءِ ڏسو صفحو 241) سولائيءَ سان ڪڍي سگهجن ها. هن ڪتاب جو مسودو اسان جي دور جي وڏي عالم ۽ دانشور سائين محمد ابراهيم جويي نظر مان ڪڍيو هو.
    ڪتاب پڙهندي مون اڪثر، تاريخن ۽ سنن بابت مونجهارو محسوس ڪيو آهي. ڪتاب ۾ واقعن، حادثن ۽ ماڻهن جو ذڪر باريڪ بينيءَ ۽ وضاحت سان ڪيو ويو آهي. پر، ڪتاب ۾ اڪثر (۽ گهڻو ڪري) واقعن ۽ حادثن جي سنن، يا جنهن دور جي اهم ماڻهن جو ذڪر آيو آهي، ان دور جي سن يا سال کان آگاهه نه ڪيو ويو آهي. ذري گهٽ سمورا احوال، ڳالهيون ۽ باب مبهم نموني شروع ٿين ٿا. مثال طور، ”هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن ٻهراڙي تي وڏيرن جو راڄ هلندو هو.“ يا ”هي ان دور جو ذڪر آهي جڏهن سکر ۾ سياسي هلچل اوج تي هئي.“ يا ”هيءَ گونگين فلمن واري دور جي ڳالهه آهي.“ ڪتاب ۾ گهڻو ڪري سن ڏنل نه آهن، تنهن ڪري پڙهندڙ غير ارادي طور تي منجهيو پوي.
    ڪتاب 1960ع ۾ لکيو ويو هو، ۽ سترهن سالن کان پوءِ 1977ع ۾ شايع ڪيو ويو. انهن سترهن سالن ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. ايلفنسٽن اسٽريٽ جو نالو زيب النساءِ اسٽريٽ ٿي ويو آهي. ڪيپٽل سينيما ۽ پيراڊائيز سينيما مسمار ڪيون ويون آهن ۽ انهن جي جاءِ تي گهڻ ـــ ماڙ عمارتون اَڏيون ويون آهن. مولائي شيدائي، ۽ ڪجهه ٻيا اهم اديب، شاعر، دانشور ۽ سياستدان، جيڪي ڪتاب تحرير ٿيڻ وقت حيات هئا، هينئر گذاري ويا آهن. اُنهن متعلق ٻئي ڇاپي ۾ حاشيو يا فٽ نوٽ لکيو وڃي. اِهو تمام ضروري آهي. واقعن متعلق ٺهڪندڙ سن پير صاحب جي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ کان حاصل ڪري سگهجن ٿا. سنن کان سواءِ سمورو ڪتاب ڪجهه عرصي کان پوءِ ڏندڪٿائن جي ڪتاب وانگر پڙهيو ويندو.
    هن ڪتاب ۾ پير صاحب پنهنجي زندگيءَ جي پنجاهه سالن جو ذڪر ڪيو آهي. پير صاحب انهن عناصر جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل ماڻهن، جهانگين ۽ سانگين لاءِ ڏک، تڪليف ۽ تباهيءَ جو سبب ثابت ٿيا آهن. پٿر جي دل گهرجي هن ڪتاب جي صفحن 376 کان 388 تائين پڙهڻ لاءِ؛ ۽ پڙهڻ کان پوءِ نه روئڻ لاءِ، ۽ نه مايوس ۽ ملول ٿيڻ لاءِ! رشوت، بدڪاري، پوليس جا مظالم ۽ بي انصافي معاشري ۾ مضبوطيءَ سان موجود! قيدن ۽ لاڪبن ۾ بند ڏوهارين جي اکين آڏو سندن ڀينرن ۽ مائرن جون عزتون لُٽيون وينديون هيون. عورتن ۽ مردن جي پوشيده عضون تي عذاب ڏنا ويندا هئا. ڪيسن ۾ ڦاٿلن کي، يا قيدين کي ڪِرفتي کارائي ويندي هئي، ۽ پيشاب پيئاريو ويندو هو. مائن، ڀينرن ۽ گهر وارين کي اُگهاڙو ڪري، هڪ ٻئي جا پوشيده عضوه پَٽڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو، ۽ تماشائي دهلارين سان گڏ خوش ٿيندا ۽ ”ٽيڪب ٽيڪو، ٽيڪب ٽيڪو“ چوندا هئا.
    پير صاحب جو هيءُ ڪتاب ڪالهه جو ڪتاب آهي؛ هيءُ اڄ جو ڪتاب آهي؛ هيءُ سڀاڻي جو ڪتاب آهي.

    1983


    اياز لاءِ اُڪير

    اياز لاءِ اُڪير


    گهڻو اڳ ڪنهن مون کان پڇيو هو، ”ادبي زندگيءَ ۾ تنهنجي سڀ کان وڏي خواهش يا تمنا ڪهڙي آهي؟“
    وراڻيو هوم، ”فقط هڪ خواهش اٿم ـــ ته ان لائق ٿيان جو شيخ اياز جي فن تي هڪ ڀرپور مقالو لکان ـــ طويل ٿيسسز لکان.“
    منهنجي جواب کي ورهيه گذري ويا آهن. مان شيخ اياز جي فن تي طويل مقالو لکڻ جي لائق ٿي نه سگهيو آهيان پنهنجي سڀ کان وڏي تمنا سيني ۾ سانڍي مان جيئڻ جا وس ڪري رهيو آهيان، پنهنجي محروميءَ جو ارمان اٿم. پنهنجي محدود صلاحيتن جو اعتراف اٿم. شيخ اياز جي فن تي فقط اُهو شخص طويل ۽ ڀرپور اسٽڊي (اڀياس) لکي سگهندو جنهنجو پنهنجو قد ادبي دنيا ۾ ڀل ته اياز جيڏو اوچو نه هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اياز کي قد ۾ ڪنڌ ڪلهي تائين ضرور پهچندڙ هجي! وڏيءَ کڙيءَ واري بوٽ پائڻ، يا پٻن تي بيهڻ سان ادب ۾ قد وڌي نه سگهندو آهي.
    شيخ اياز سان عقيدت مون کي ان وقت کان آهي، جڏهن مون اڃا لکڻ شروع نه ڪيو هو. شيخ اياز سان ملڻ جو، کيس ڏسڻ جو شوق جنون ۾ بدلجي ويو. پر، منهنجي جنون کي امڪان جو در نظر نه آيو. پوءِ، اڳتي هلي، جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجي دوستيءَ جو دائرو رانديگرن بدران اديبن ۽ شاعرن ۾ بدلجي ويو. جن دوستن شيخ اياز کي ڏٺو هو، ساڻس ڳالهايو هو، تن دوستن کان مان ور ور ڪري پڇندو هوس، ته اياز ڪيئن آهي ـــ ڀلا مون جهڙن سان ملندو آهي ـــ ڳالهائيندو آهي ـــ ڀلا هن وٽ ڪنهن سان ملڻ جو وقت آهي! عجيب سوال پڇندو هوس دوستن کان ـــ اياز جو آواز ڪيئن آهي ـــ پنهنجو ڪلام پاڻ پنهنجي زبان سان ٻڌائيندو آهي ـــ ۽ جڏهن ٻڌائيندو آهي تڏهن ڪيئن لڳندو آهي!
    شيخ اياز سکر ۾، مان ڪراچيءَ ۾، ملڻ محال ٿي پيو! ان وچ ۾ ٻه ـــ چار دفعا روهڙيءَ وڃڻ جو اتفاق به ٿيو. تڏهن سوچيو به هيم ته درياهه اُڪري سکر ۾ اياز سان وڃي ملي ايندس، پر دل جهلي نه سگهيم. پوءِ، اها به خبر هيم ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ اياز اٺين ـــ ڏهين ڏينهن ڪراچيءَ به ايندو آهي. همٿ ڪري نه سگهيم.
    ۽ پوءِ، هڪ دفعي اوچتو ئي اوچتو اياز لاءِ منهنجي عقيدت انتها جي سرحدن مان ٻاهر نڪري ويئي. اها شايد 1962 يا 1963 جي ڳالهه آهي. اياز جي نئين وائي شايع ٿي هئي.
    ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ،
    الا مان اُڏري ويندو سانءِ،
    الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“

    اياز مون کي ايڏو وڻيو، ايڏو وڻيو جو مون ساڻس ملڻ جي تمنا ترڪ ڪري ڇڏي. جڏهن به ڪنهن لاءِ منهنجي عقيدت، حب ۽ پيار انتها جي سرحدن کي اورانگهي ويندا آهن، تڏهن مان هن سان نه ملندو آهيان. جنهن کي چاهيو اٿم، تنهن کان دور رهيو آهيان. اِهو منهنجو پنهنجو رستو آهي. اهو منهنجين چاهتن جو دستور آهي. اياز سان ملڻ جي تمنا ترڪ ڪري مان اُٻاڻڪو ضرور ٿيو هوس، پر پنهنجي عقيدت جي جذبي سبب اندر ۾ آسودگي ۽ اطمينان محسوس ڪيم، ۽ اڄ تائين محسوس ڪندو آيو آهيان. انهن ڏينهن ۾ مان دوستن کان پڇندو هوس ته، ڀلا اياز منهنجا افسانا پڙهندو آهي. مان کانئن اهو نه پڇندو هوس ته اياز کي منهنجا افسانا وڻندا آهن يا نه. دوست مون کي ٻڌائيندا هئا ته، ها، اياز ڪڏهن ڪڏهن تنهنجو ڪو افسانو پڙهي وٺندو آهي. اياز منهنجا افسانا پڙهندو آهي! اِهو اطلاع منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو انعام هو.
    ادب جي تاريخ ۾ ائين گهٽ ٿيو آهي، جو ڪو اديب يا شاعر پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي لافاني ٿي ويو هجي، Legend ٿي ويو هجي. ورنه ٿيندو ائين آهي، جو فنڪار پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ نور نچوڙي هليو ويندو آهي، اڻ ڳاتل، اڻ سڃاتل ئي هليو ويندو آهي. ۽ ورهين کان پوءِ سڃاتو ويندو آهي. جيڪي اديب پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ مڃيا ويندا آهن، سي تاريخ ساز حيثيت جا مالڪ، ۽ ڏات جا ڌڻي ٿيندا آهن. هو ماضيءَ جا امين ٿيندا آهن. ۽ حال تي پنهنجي عظمت جي ڇاپ هڻي، ايندڙ نسلن لاءِ راهه هموار ڪري ويندا آهن. شيخ اياز اسان جو ماضي آهي، شيخ اياز اسان جو حال آهي ـــ شيخ اياز اسان جو مستقبل آهي.
    مان مٿي جنهن وائيءَ جو حوالو ڏيئي آيو آهيان، اها وائي اياز جي ان دور جي لکيل آهي، جڏهن سندس عظمت جو اعتراف سڄي ملڪ جي ادبي دنيا ۾ ٿي چڪو هو. ان وقت ئي هو لافاني ٿي چڪو هو تخليقي ڪم ڪندڙ هرڪو فنڪار ڪنهن نه ڪنهن حد تائين غم پسند ٿيندو آهي. اياز جي ڪلام ۾ جتي شينهن واري گجگوڙ آهي، اتي سندس ڪلام ۾ سندرتا جو سنگيت، ۽ دل جي درد جو درمان به آهي. سندس مٿئين وائيءَ ۾ هڪ وچون بند ۽ آخري بند فنڪار جي درد جي، ڏک جي اڄ تائين ترجماني ڪري رهيا آهن. اهي ٻه بند آهن:
    ”نيٺ ته ڀائيندين تون، هاڻي
    ڀلي نه مون کي ڀانءِ،
    الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“
    ”ڳائي منهنجا گيت، پيو
    پوءِ مون کي ياد ڪجانءِ،
    الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“

    اڄ، جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو آهي، تڏهن سندس وائيءَ جي مٿين ٻن بندن جي معنيٰ منهنجي لاءِ بيحد وسيع ٿي ويئي آهي. اسان پنهنجو اياز سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏنو آهي. اياز پنهنجي شخصيت ۾ سنڌ جي علامت آهي. اسان سنڌ يونيورسٽيءَ کي پنهنجي سنڌ ڏني آهي. کيس هينئن سان هنڊائجو دوستو؛ کيس دل ۾ جاءِ ڏجو. علم ۾ ڄاڻ جو وڻجارو وري وري نه ايندو. سنڌ ڌرتي ورهين تائين ٻيو ڪو اياز ڏسي نه سگهندي، سنڌ جي امانت اسان سنڌ جي سورمن کي ڏني آهي. 

    1976


    اياز تي اعتراض

    اياز تي اعتراض

    ڪجهه عرصو اڳ، شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي آيو هو، تڏهن مون سنڌ جي نئين نسل کي چيو هو ته اياز کي ڏسو، اياز کي سمجهو، اياز مان پرايو ـــ ڇو جو هيڪر اِهو وڻجارو هليو ويو ته وري موٽي نه ايندو!
    تڏهن، پنهنجي ڪالم ۾ مون اياز جي هڪ وائيءَ جو ذڪر ڪيو هو:

    ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ،
    الا مان اُڏري ويندو سانءِ
    الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“

    مون کي پنهنجن وسوسن ۽ انومانن کان خوف ايندو آهي. منهنجا وسوسا حقيقتن جو روپ وٺي نروار ٿيندا آهن. مون کي لڳي ٿو، محسوس ٿئي ٿو ته منهنجا انومان ۽ وسوسا ڄڻ حقيقت جو روپ ڌاري رهيا آهن. نئين نسل جا ”سرواڻ“ روشنيءَ کان منهن موڙي رهيا آهن ـــ سچ کان ڪني ڪٽائي رهيا آهن ـــ هو ڪنن ۾ آڱريون وجهي حق جو ڪلمو ٻڌڻ کان نٽائي رهيا آهن. متان منهنجي رايي مان ڪا غلط فهمي پيدا ٿئي، تنهن ڪري مان واضح ڪرڻ گهران ٿو ته ان افسوس ناڪ عمل ۾ سنڌ جو سمورو نئون نسل شامل نه آهي. مون پهرئين جملي ۾ لفظ ”سرواڻ“ استعمال ڪيو آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا متيرا، جيڪي جيپن ۽ موٽرن ۾ رائيفلون کڻي يونيورسٽيءَ ايندا آهن، مون تن جو ذڪر ڪيو آهي. مان ڪنهن ڏينهن يونيورسٽيءَ ايندس ۽ انهن متيرن سان ڳالهائيندس. نه بندوق منهنجي لاءِ نئين آهي ۽ نه گولي منهنجي لاءِ اوپري آهي!
    مارچ 1976 مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ مان مهراڻ آرٽس ڪائونسل طرفان ملهائجيندڙ شاهه جي ورسيءَ لاءِ حيدرآباد آيو هوس. تڏهن مون پنهنجي باري ۾ وڏا وڏا اُفواهه ٻڌا هئا ـــ چيائون پئي ته مون کي پيپلس اوپن يونيورسٽيءَ مان گهرائي وٺندا ۽ مون کي شيخ اياز ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا. جن ماڻهن معرفت اُفواهه ٻڌا هيم، تن کي چيو هيم ته منهنجي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد ليڊرن جي ڀلائي ان ۾ آهي ته مان سنڌ يونيورسٽيءَ کان پري رهان. مان سنڌ يونيورسٽيءَ کي وڏيري جي اوطاق ٿيڻ نه ڏيندس ـــ سنڌ يونيورسٽيءَ کي مان مبين ڏاهرين جي پناهه گاهه ٿيڻ نه ڏيندس ـــ سنڌ يونيورسٽيءَ کي مان عياش ۽ عيار ڇوڪرن لاءِ تفريح جي مقام ٿيڻ نه ڏيندس. مان پنهنجي عمر جي ٽپهريءَ ۾ پهچي ويو آهيان، پر منهنجي دل جوان آهي، جذبن سان ڀرپور آهي ـــ سنڌ لاءِ منهنجي محبت سدا حيات آهي، ابدي آهي. مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٺوٺ، سڪل ۽ خود فراموش ماحول کي زندگيءَ سان سينگارڻ لاءِ وڙهي پوندس. مان ويڙهاڪ آهيان. مان وڙهندو رهيو آهيان. مان وڙهندي وڙهندي مري ويندس. مان اهڙن هٿ ٺوڪين شاگرد اڳواڻن سان ڪيئن ٺاهه ڪري سگهندس، جن وٽ اياز جو احترام نه آهي، تن کي ڪنهن جو قدر نه ٿيندو. اُهي ناقدر تاريخ جي ماضيءَ جا دشمن آهن، تاريخ جي حال جا دشمن آهن ـــ ۽ هو تاريخ جي آئيندي کي داغدار ڪري رهيا آهن.
    اُفواهه اُفواهه هو. مان موٽي ويس.
    ڪجهه ڏينهن اڳ مون شيخ اياز جو اخباري بيان پڙهيو هو، جنهن ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي هٿ ٺوڪين شاگرد اڳواڻن سان جيئي سنڌ جي مفهوم بابت ڳالهايو هو. ان باري ۾ مان ڪجهه نه ڳالهائيندس. اياز جي ڳالهائڻ کان پوءِ جيئي سنڌ جي باري ۾ منهنجي يا ٻئي ڪنهن اديب جو ڳالهائڻ ضمني ڳالهائڻ ٿيندو. تنهن هوندي به رشيد ڀٽيءَ جو ڪالم ڀرپور هو.
    شيخ اياز خلاف جماعت اسلاميءَ جا رسالا، ۽ رجعت پرست اديب سموري ملڪ ۾ تحريڪ هلائي رهيا آهن. مان اِهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هٿ ٺوڪين شاگرد اڳواڻن جي اياز خلاف هاءِ گهوڙا ۽ اياز خلاف بدڪلامي سڌو سنئون رجعت پرستن ۽ جماعت اسلاميءَ جي ايجنٽن جو پڙاڏو آهي. شيخ اياز جي وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ جي خبر جڏهن اخبارن ۾ آئي هئي، تڏهن رجعت پرستن جي گروئن مٺايون وراهيون هيون ۽ چيو هئائون ته شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سک جو ساهه نه پٽيندو. ڀانئجي ٿو، هن وقت رجعت پرستن جا ايجنٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سرگرم عمل آهن ۽ آقائن جا احڪام بجا آڻي رهيا آهن.
    شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جي هٿ ٺوڪين وڏيرڪن شاگرد اڳواڻن سان جيئي سنڌ جي مفهوم بابت ڳالهايو هو. مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪسمپرسيءَ بابت ڳالهائيندس، جنهن کي اياز جي قيادت جي ضرورت آهي ـــ نئين روح جي ضرورت آهي.
    1. سفي برادران جي وڃڻ کان پوءِ اڄ تائين گهڻا ۽ ڪهڙي معيار جا ڊبيٽر نڪري نروار ٿيا آهن؟
    2. هن وقت ڪهڙا ڪهڙا نامور رانديگر سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهن؟
    3. هن وقت ڪهڙا ڪهڙا فنڪار سنڌ يونيورسٽيءَ جي هنج ۾ پلجي رهيا آهن ـــ ۽ ملڪ ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن؟
    4. گذريل ستن سالن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪهڙين ڪهڙين ٽيمن قومي سطح تي مقابلا کٽيا آهن؟
    5. کليل چٽاڀيٽين ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا گهڻا شاگرد ڪامياب ٿي رهيا آهن؟
    6. ۽ آخري سوال، ته وڏيرڪن شاگرد اڳواڻن کي جيڪڏهن شيخ اياز ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جهڙا وائيس چانسلر نه گهرجن، ته ڇا کين مولانا مودودي جهڙا وائيس چانسلر گهرجن؟ 

    1976


    اياز ۽ سنڌ يونيورسٽي

    اياز ۽ سنڌ يونيورسٽي

    مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”باغي“ شاگردن طرفان هڪ پمفليٽ موڪليو ويو آهي. پمفليٽ اياز جي خلاف آهي، ۽ تمام واهيات، غليظ ۽ ڪريل لهجي ۾ لکيل آهي. پمفليٽ پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڪو وڏيرو پنهنجي اوطاق ۾ سنڌ جي دانشورن خلاف ڳالهائي رهيو آهي. ساڳيو انگ، ساڳيو رنگ، ساڳيو ڍنگ! پمفليٽ جنهن به پڙهيو هوندو، تنهن جي تصور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد جو عڪس ميسارجي ويو هوندو. مون کي پڪ آهي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سمورن شاگردن جو ان پمفليٽ ۾ هٿ نه آهي. اهو پمفليٽ انهن ڪڍايو آهي، جن کي علم سان، تعليم سان، ڄاڻ سان ۽ معلومات سان ازلي وير آهي. هو پاڻ ته آهن وڏيرا ۽ پيٽ ڍاوا، تنهن ڪري نٿا چاهين ته عام سنڌيءَ جو غريب ۽ مفلس اولاد پڙهي پوي. تنهن ڪري هنن سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جيئن علم ڪن ڪپائي ڪيمپس مان ڀڄي وڃي.
    مان هيرو ورشپ (Hero Worship) جو انڌو تقليدي نه آهيان. شيخ اياز فرشتو ناهي. هر انسان وانگر شيخ اياز ۾ چڱايون آهن، ته لنڱايون به آهن ـــ هن ۾ گڻ آهن، ته اَوگڻ به آهن ــ شيخ اياز غلطين ڪرڻ کان آجو ٿيل ناهي. پر، هڪڙي ڳالهه واضح آهي، ته اِهو شيخ اياز ئي آهي جنهن جي ڪلام مايوسين جي ٻاٽ اوندهه ۾ اميد جي مشعل روشن ڪئي هئي. اڄ جيڪي شاگرد ليڊر اياز خلاف واءُ واويلا ڪري رهيا آهن، ۽ اياز لاءِ تمام بازاري لهجو استعمال ڪري رهيا آهن، تن تڏهن هوش به نه سنڀاليو هوندو، جڏهن اڄ کان ڏهه ــ ٻارهن سال اڳ اياز ظالمن ۽ جابرن جي دور ۾ لکيو هو، ”جل جل، مشعل جل جل.“
    مون کي ذاتي طرح شيخ اياز لاءِ ان ڪري به عقيدت آهي، جو مون اياز کي مشهور ۽ نامور شاعر مان اُڀري، پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي Legend ٿيندي ڏٺو آهي. روح رهاڻ رسالي جا 1962 کان 1968 تائين جا پرچا شاهد آهن، ته اياز نه صرف آمرن جي ڏاڍاين خلاف لکيو، پر هن سنڌي ادب کي نئون اسلوب به عطا ڪيو. خاص طرح سان سنڌي شاعريءَ تي سندس ڇاپ لڳي ويئي آهي. ٻن ـــ چئن شاعرن کي ڇڏي، شايد ئي ڪو اهڙو شاعر هجي، خاص ڪري نئين نسل جو، جنهن غير شعوري طرح اياز جي شاعريءَ جو اثر قبول نه ڪيو هجي. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. تنهن ڪري، شيخ اياز کي جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، تڏهن مون محسوس ڪيو هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو اُجڙيل آستانو ٻيهر آباد ٿيندو ـــ نئين لاٽ روشن ٿيندي، ۽ اسان جو ٽڙيل پکڙيل قافلو اُماوس جي ڪارين راتين ۾ درد جي صحرائن مان اُڪري پار پوندو.
    مان سنڌ يونيورسٽيءَ کان هزار ميل پري ويٺو آهيان. مان يقين سان ڪجهه به چئي نٿو سگهان ته شيخ اياز ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي وچ ۾ اختلاف ڪهڙين ڳالهين تان شروع ٿيو آهي. مان فقط هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهان ٿو ته شيخ اياز جي سنڌ سان سچائي ڪنهن به شڪ ۽ گمان کان بالاتر آهي. هن پنهنجي حياتيءَ جا ٽيهه ــ چاليهه سال سنڌ ۽ سنڌي ادب کي ڏيئي ڇڏيا آهن. ايڏي وڏي عرصي تان اياز هٿ کڻي نه سگهندو. ها، هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي. شيخ اياز نه فقط بي انتها ذهين آهي، پر هن دنيا جي سياسي ادب جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو، اسان جا نوجوان شاگرد دوست شيخ اياز جي حڪمت عملي کي سمجهي نه سگهيا آهن. سموري گڙٻڙ غلط فهميءَ مان پيدا ٿي آهي.
    مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته شيخ اياز ۽ شاگرد سڌي سنئين مذاڪري بدران بيانن تي ڇو لهي ِآيا آهن! ڇا اِهو ممڪن نه هو ته بازاري لهجي ۾ پمفليٽ ڪڍڻ بدران شاگرد پنهنجي اندر جو احوال شيخ اياز سان اورين ها. شيخ اياز ڪو ڌاريو ته ناهي! هن سان ڳالهائي سگهجي ٿو. ڪالهه اياز جي جنهن وائيءَ کي اسان جا نوجوان دوست تراني وانگر ڳائيندا هئا، اڄ ان وائيءَ کي فلمي گانو چئي مذاق اُڏائي رهيا آهن ۽ اهڙي طرح مسئلن جو حل تلاش ڪري رهيا آهن!
    تنهن ڏينهن ڪجهه رجعت پرستن حيرت انگيز رايو ڏنو هو. چيو هئائون ته سنڌ جي جنهن به اهم شخصيت کي ڊاهڻو هجي، تنهن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڪري ڇڏجي ــ اياز ڊهي رهيو آهي ــ اياز کان پوءِ به ڪنهن عزت لائق شخص کي سنڌ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، ته ٽن مهينن اندر سنڌ جا شاگرد سندس شخصيت جو بت ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندا.
    شيخ اياز پنجن ــ اٺن شاگردن جي موافقت ۽ مخالفت جو محتاج ناهي. اياز پنهنجي ذات ۾ تحريڪ آهي. منهنجو ذهن اهو قبول ڪرڻ کان منڪر آهي ته اياز سنڌ جي باري ۾ پنهنجو موقف بدلايو آهي. شيخ اياز جڏهن به سنڌ جي موقف تان ڦريو، ته مان سندس سڀ کان وڏو دشمن ٿي پوندس. پوءِ اياز کي مون کان وڌيڪ خطرناڪ ويري سموريءَ سنڌ ۾ نظر نه ايندو. اهو منهن جو وچن آهي ويڙهيچن سان، سانگين سان، ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان ـــ سنڌ جي شاگردن سان.
    جنهن شاگرد دوست مون کي اياز خلاف پمفليٽ موڪليو آهي، تنهن پمفليٽ جي پٺئين پاسي لکيو آهي، ”ٿڪ اٿئي مڇن ۾، دلا.“ اهڙي قرب لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.
    1976


    يادن جا ترورا

    يادن جا ترورا

    ڪالهه مون ڄام شوري ويجهو علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن کي ڏٺو. اداس پئي لڳا. مون کين سلام ڪيو. هنن مون ڏانهن ڏٺو، پر هنن مون کي نه سڃاتو. مون کان پڇيائون، ”پٽ، تون ڪير آهين؟“
    چيم، ”سائين، اوهين جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر هئا، تڏهن هڪ نهايت ئي نالائق ڇوڪرو يونيورسٽي ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر هوندو هو. اوهان کي شايد ياد هجي!“
    علامه صاحب جن مون ڏانهن غور سان ڏٺو. هنن منهنجي مٿي ۾ اڇا وار ڏٺا.
    چيم، ”سائين، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مون پنهنجا وار اس ۾ اڇا ڪيا آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته مون عمر جي لحاظ کان پنهنجا وار اڇا ڪيا آهن.“
    علامه آءِ آءِ قاضيءَ جن اڳتي وڌي ويا. ڪنڌ جهڪيل هين. سوچ ۾ ٻڏل هئا. مان سندن پويان هلڻ لڳس. ڪجهه اڳتي هلڻ کان پوءِ علامه صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيا. مون پنهنجي حال تي افسوس ڪيو. علامه صاحب جن مون کي نه پئي سڃاتو. سڃاڻين ها، ته مونسان ڳالهائين ضرور ها.
    مون علامه صاحب جن کي چيو، ”سائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو اُهو وڪيٽ ڪيپر ڏاڍو حرڪتي ۽ حرفتي هوندو هو ـــ ۽ سدائين گوڙ گهمسان ڪندي نظر ايندو هو. اهو نالائق ڇوڪرو مان آهيان سائين.“
    سائينءَ منهنجيءَ ڳالهه کي ڪابه اهميت نه ڏني. مون کي ڏک ٿيو. پر ڏک کان وڌيڪ مون کي اچرج ٿيو. اچرج ان ڪري ٿيو، جو جنهن زماني ۾ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر هوندا هئا، تنهن زماني ۾ مان انٽر آرٽس جو شاگرد هوندو هوس ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هوس. پنهنجين چريائين سبب سموريءَ سنڌ جي رانديگرن ۾ سڃاتو ويندو هوس. مان شاگرد انٽر آرٽس جو هوندو هوس، پر راندين سبب سمورو وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گذاريندو هوس. گوڙ گهمسان ڪندو هوس. رڻ ٻاري ڏيندو هوس. ان دور ۾ مان پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو سڀ کان اهم شاگرد سمجهندو هوس (خوشفهميءَ جي انتها ته ڏسو!) مان سمجهندو هوس، منهنجو نالو ياد رهندو. مان وساريو نه ويندس. منهنجي اهميت مستقل آهي! اُن وقت مون کي کن لاءِ به ويچار نه ايندو هو، ته وقت لمحن جو چور آهي. اُهي لمحا چورائجي ويندا ـــ جسم ۾ اها طاقت نه رهندي ـــ مان کيڏي نه سگهندس.
    منهنجي شاگرديءَ وارو زمانو، منهنجي لاءِ سونهري زمانو هو. اُهو زمانو اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. وقت جو چور مون کان لمحا ڦري ويو. مون وٽ هينئر رهجي ويئي آهي لمحن جي ياد! شاگرديءَ وارو زمانو تمام ننڍڙو، مختصر ۽ زندگيءَ سان ڀرپور هو. گذري ويو ـــ ڄڻ خواب هو، ٽٽي پيو. ماڻهن مون کي وساري ڇڏيو. منهنجو نالو ڪنهن کي به ياد نه رهيو. ڪنهن به منهنجي لاءِ نه سوچيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ اهڙو وڪيٽ ڪيپر به هوندو هو، جيڪو پنهنجي راند ۽ حرڪتن سبب سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هوندو هو. ڪنهن به اهو ياد نه ڪيو ته، ان حرڪتي شاگرد پاڪستان جي گڏيل يونيورسٽين لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري، سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نانءُ روشن ڪيو هو! وقت جي راڪاس سڀ ڪجهه اُڳري ڇڏيو.
    اڄ جڏهن مان ڪنهن شاگرد ليڊر جو نالو ٻڌندو آهيان، سندس دونهيندار تقريرن جو ذڪر ٻڌندو آهيان، تڏهن سوچيندو آهيان ته کيس وڃي ٻڌايان، سمجهايان، ته چريا اهو عرصو عارضي آهي، اهي لمحا عارضي آهن، تون عارضي آهين ـــ تون يونيورسٽيءَ ۾ ٻه چار سال پورا ڪري هليو ويندين ـــ اقتصادي ۽ معاشي حالتون توکي نپوڙي ناس ڪري ڇڏينديون ۽ تون ۽ تنهنجو نالو ميسارجي ويندو. يونيورسٽي اهم آهي، مستقل آهي، سدا رهندي، قائم ۽ دائم رهندي ـــ اسان جا استاد، عالم ۽ دانشور ابدي آهن، سدائين ياد رهندا، تون وساريو ويندين ـــ اهو وقت جو فيصلو آهي!
    مون ڪالهه ڄام شوري وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڀرسان علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي جڏهن ڏٺو، تڏهن محسوس ڪيو، ته هو عالم آهي، مستقل آهي، ابدي آهي، لازوال آهي. مان، ڪالهه جو نام نهاد مشهور شاگرد زوال پذير، فاني ۽ خاڪي آهيان.
    مون علامه صاحب جن کي چيو، ”چڱو ٿيو جو توهين اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر نه آهيو.“
    علامه صاحب جن اچرج مان مون ڏانهن ڏٺو.
    چيم، ”توهان جي پايي جو عالم صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي. پر، سائين شڪر ڪريو جو اڄڪلهه توهين سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر نه آهيو ـــ شاگرد ليڊر گستاخ ٿي اوهان کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪڍي ڇڏين ها!“
    علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ ڏانهن پٺي ڪري بيهي رهيا ۽ پوءِ منهنجين نظرن کان اوجهل ٿي ويا. 

    1976


    جيجل ٻيجل آيو آ

    جيجل ٻيجل آيو آ

    پاڪستان جي مضبوط مرڪز اسلام آباد مان (جتي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ڪرسيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ڪرسي مضبوط نه هوندي آهي، بلڪه لوڏن ۾ هوندي آهي) مون قمر شهباز کي چوائي موڪليو هو ته، يار مون کي خاص مهمان ڪري گهرائين ته ٿو، پر مون کان تقرير نه ڪرائجانءِ. مون کي تقريرلکي ڏيڻ وارو ڪوبه ڪونهي. ۽ جي پنهنجي ساءِ تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ته پوءِ خدا جي فضل سان تقرير ختم ٿيڻ کان اڳ مهمان ختم ٿي ويندا، برداشت ڪرڻ لاءِ هال ۾ تون وڃي اڪيلو بچندين ۽ منهنجي مشق ستم جو شڪار ٿيندين.
    ڪميونيڪيشن، يعني مواصلات ۾ گڙٻڙ سبب منهنجو نپايو قمر بدران قمر جي دشمنن کي وڃي پهتو. دشمنن ٺهه پهه چوائي موڪليو ته، مولائي تقرير کان سواءِ ڪم نه هلندو ـــ پاڪستان ۾ ٻيو ڪجهه ڪجي يا نه ڪجي پر تقرير ضرور ڪجي. تنهن ڪري اي مضبوط مرڪز مان ايندڙ ڪمزور مسافر، توکي تقرير ڪرڻي پوندي ـــ ڪرڻي پوندي.
    سوچيم، انڪار ڪري ڇڏيان. دعوت قبول نه ڪريان. ورهين کان پوءِ وطن ورڻ، ۽ مٽيءَ تي مٿو ٽيڪڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيان. پر، دل کي ڪير سمجهائي! دل وس هجي ها، ته جيڪر ممنوع محبتن جي ڪعبي ۾ سجدو نه ڪري ها. سنڌوءَ ۾ ساهه نه اٽڪائي ها. ۽ پاڻ سان گڏ مون کي گهر گهر بدنام نه ڪري ها. ضد ڪري، سفر جو سامان ٻڌي ويٺي. دل کي سمجهايم. چيم، ”واعده معاف گواهه وانگر، ڦري ويل شاهد وانگر مون سان دوکو نه ڪر ـــ مان تقرير ڪري نه سگهندس. ڪن تي هٿ رکي هوڪو ڏيئي، مان ريوڙيون، چڻا ۽ ڀڳڙا ته وڪڻي سگهندس. پر تقرير ڪري نه سگهندس. دل، مون کي ٻيلي مجبور نه ڪر.“
    دل ماٺ! اهڙي اوپري، جهڙو پرديس! سوچيم، دل آڏو دليل نه هلندو ـــ نظريه ضرورت ڪم نه ايندو: ۽ هونءَ به قمر جي ڪتاب لاءِ ميڙو متو آهي، قمر سان دوستي ڪا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه ته نه آهي! چوٿائي صديءَ کان ڏهاڪو کن سال مٿي جي ياري آهي. قيامت جهڙي هڪ دور جي ياد آهي، جڏهن مون، آڪٽوبر 1955 جي هڪ رڻ جهڙي، ۽ رڃ جهڙي شام ۾ موني بازار نوابشاهه جي چوڪ تي ماڻهن جي سمنڊ آڏو قمر جو هڪ قومي گيت ڳايو هو، ”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو. يا بچايو سنڌ کي يا سورما شهيد ٿيو.“
    ون يونٽ خلاف هليل اها هلچل، 1983ع ۾ مارشل لا خلاف هلايل هلچل کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. گولين، ٽيئرگيسن ۽ ڏنڊن جي وسڪارن ۾ قمر جي ۽ منهنجي دوستيءَ جي پيڙهه پئي هئي. سوچيم، ڪراچي ضرور وڃبو. قمر جي فنڪشن ۾ شريڪ ضرور ٿبو. پر، بدبخت هڪ عدد تقرير جو ڇا ڪبو! تڏهن، مون کي پهريون ڀيرو ڪنهن جي زندگيءَ ۾ صديق سالڪ جي اهميت جو اندازو ٿيو هو.
    اسلام آباد ڪامورن جو شهر آهي. ڪي ڪامورا ڇوٽا، ته ڪي موٽا ـــ ڪي سهڻا، ته ڪي ڪارا، ته ڪي ڪوجها! قسمين قسمين ڪم ڪن. سيڪريٽريٽ جي ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ ويهي ٿربر جي باري ۾ ترقياتي اسڪيمن سان فائيلن جا پيٽ ڀرين. ڪاغذن تي رٿائون ٺاهن ۽ وري ڊاهي ڇڏين، ليجرن ۾ قرض جاري ڪن، ۽ جاري ڪرڻ کان پوءِ قرض معاف ڪري ڇڏين. ماڻهن جو پيٽ ڀرجي، يا نه ڀرجي، پر فائيل جو پيٽ ضرور ڀرجي! مطلب ته سموري ملڪ ۾ جيڪي ڪک پن چرندا آهن، سي اسلام آبادي ڪامورن جي حڪم سان چرندا آهن. وڏن ۽ ذري گهٽ جِنَ جيڏن ڪامورن لاءِ ڪي ذهين، سياڻا ۽ دانشور قسم جا ماڻهو تقريرون تيار ڪندا آهن، ۽ پاڻ کي صاحبن جا اسپيچ رائيٽر، يعني تقريرون لکندڙ سڏائيندا آهن ۽ صاحبن جي ويجهو ۽ گهڻ گهرن مان هوندا آهن. صبح جو صاحب کي جيسمين يعني ياسمين باغ ۾ گلن جي نمائش جو افتتاح ڪرڻو هوندو ته اسپيچ رائيٽرن طرفان ٺهه پهه تقرير تيار! منجهند جو دانشورانِ اسلام آباد طرفان صاحب جي شان ۽ مانَ ۾ مانيءَ جو اهتمام هوندو ـــ اسپيچ رائيٽرن طرفان ٺهه پهه تقرير تيار! شام جو اسلام پسندانِ اسلام آباد جي جلسي ۾ صاحب کي رونق افروز ٿيڻو هوندو ـــ اسپيچ رائيٽرن طرفان ٺهه پهه تقريرتيار! رات جو غير ملڪي فنڪارن جي طائفي طرفان صاحب کي شرڪت جو سڏ هوندو ـــ ٺهه پهه تقرير تيار! اسلام آباد ۾ اسپيچ رائيٽر، صاحبن لاءِ تقريرون ائين تيار ڪندا آهن، ڄڻ فاسٽ فوڊ! تڙي کڙي تيار، گرم، سوادي ۽ مصالحيدار! اهو ڪم هو نهايت خير خوبيءَ سان، گذريل ٽيهن سالن کان ڪندا اچن، جڏهن فيلڊ مارشل ايوب خان اسلام آباد ۾ پنهنجي راڄڌانيءَ جو پايو وڌو هو.
    مان هڪ ٻن اسپيچ رائيٽرن کي سڃاڻان. وڃي در ورتو مانِ، عرض ڪيو مانِ، ته قمر شهباز جي ڪتاب جي مهورت آهي. مون کي خاص مهمان ڪري گهرايو اٿائين، هونءَ ته منهنجي ڪا حيثيت ڪانهي، پر خاص مهمان جي حيثيت ۾ مون کي هڪ عدد تقرير ڪرڻي پوندي، ورنه وڏي ڦڪت ٿيندي.
    ڪجهه سوچيائون. پوءِ پڇيائون، ”تو وارو سنگتي قمر شهباز چانڊيو ته ناهي؟“
    هڪدم چيم، ”نه هرگز نه.“
    پڇيائون، ”۽ تون؟“
    وراڻيم ”پوليس ۽ سي. آئي. ڊيءَ. وارن جي رپورٽن مطابق مان ٽوهه چانڊيو آهيان. پر، خدا ٿو ڄاڻي ته مان ٽوهه چانڊيو نه آهيان.“
    پڇيائون، ”پوليس کي ڇو شڪ آهي ته تون ٽوهه چانڊيو آهين؟“
    چيم، ”ان ۾ سمورو ڏوهه منهنجي بدني بناوٽ جو آهي. ۽ ٻيو ته ٽيهه سال اڳ جنهن ڏينهن ٽوهه چانڊيو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، ان ڏينهن منهنجو پهريون افسانو شايع ٿيو هو.“
    پڇيائون، ”پوليس کي ٽوهه چانڊيي جو لاش هٿ آيو هو؟“
    چيم، ”نه، پر هنن هڪ پوڙهي نابيني ڳوٺاڻي کي ڀت سان بيهاري، گولين سان ماري، سندس مڙهه کي ٽوهه چانڊيي جو لاش ظاهر ڪري اختياريءَ وارن آڏو پيش ڪيو هو.“
    پڇيائون، ”ان جهڙو هڪ واقعو ويجهڙائيءَ ۾ به ٿيو آهي.“
    چيم، ”ها، سنڌ صدين کان ستمگرن لاءِ شڪار گاهه رهي آهي.“
    پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ پڇيائون، ”جيڪڏهن اهو لاش، ٽوهه چانڊيي جو لاش نه هو، ته پوءِ يقين سان ۽ پڪ سان چئي سگهجي ٿو، ته تون ئي ٽوهه چانڊيو آهين. ۽ ٻهروپ ڪري اسلام آباد ۾ روپوش ٿيل آهين.“
    ”يار، چرچا نه ڪريو.“ کين عرض ڪيم، ”خدا جي واسطي مون کي هڪ عدد ريڊي ميڊ تقرير عنايت ڪريو.“
    چيائون، ”اسان وٽ ڪجهه اهڙيون تقريرون تيار آهن جيڪي پوليس جي بهادر آفيسرن ۽ سپاهين ۾ تمغا ۽ سرٽيفڪيٽ وراهڻ وارين تقريبن ۾ صاحبن کي ڪرڻيون هيون پر، بدقسمتيءَ سان حادثاتي طور تي رهجي ويون.“
    پڇيو مان، ”ڪهڙن ڪارنامن جي عيوض پوليس وارن کي تمغا ۽ سرٽيفڪيٽ پئي ڏنائون؟“
    وراڻيائون، ”گذريل يارهن سالن کان سنڌ ۾ روزانو هڪ سئو ڌاڙيل جو پئي ماريائون پوليس مقابلي ۾. اهو ڪو گهٽ ڪارنامو آهي ڇا!“
    مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. سوچيم، ائين برابر آهي، جو سنڌ ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن طرفان ڌاڙيلن ۽ ليکڪن ۾ ڪو امتياز نه ڪيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به ان قسم جي ريڊي ميڊ تقرير قمر شهباز جي فنڪشن ۾ ڪم نه ڏيندي.
    مون کانئن کلي موڪلايو. پڇيائون، ”قمر شهباز جو پبلشر چريو ته ناهي، جو توکي يعني ٽوهه چانڊيي کي خاص مهمان ڪري گهرايو اٿائون!“
    چپن تي مرڪ آڻي، دل ئي دل ۾ کين خوب گاريون ڏنم. روانو ٿيڻ تي هوس جو کلي پڇيائون، ”صدارت لاءِ ڪنهن کي گهرايو اٿائون؟“
    سرحدن جهڙن اسلام آباد جي رستن تي هلندي سوچيم، ته هڪ عدد تقرير لاءِ ڪهڙو کاٽ هڻجي، ۽ ڪهڙو گهاٽ گهڙجي! امير، امرائو حاڪمن ۽ صاحبن جي E ۽ F سيڪٽرن کان وٺي غريبن، فقيرن، مسڪينن جي H سيڪٽر تائين رلندو رهيس، سوچيندو رهيس، پر تقرير هٿ ڪرڻ جي ڪابه ترڪيب هٿ نه آئي. بيگانن وانگر تقرير لاءِ ٿاٻا پئي کاڌم جو هڪ موڙ تي پوليس وارن کي ور چڙهي ويس. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽيءَ جو سٺو انتظام آهي. هڪ دفعي نامور ڪهاڻيڪار غالب لطيف کي پڇا ڳاڇا لاءِ مارگله ٿاڻي تي وٺي ويا هئا. قمر ۽ منهنجو همعصر هو. انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ منسٽريءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو. الاءِ ڇا، ڪيئن، ۽ ڪهڙي نموني پڇندا رهيس! صبح جو ڇڏيائونس. گهر پهتو. ڪجهه دير کان پوءِ مري ويو. پوليس وارن کي مون شناختي ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريو. غور سان ڪارڊ جو جائزو ورتائون ۽ پوءِ منهنجو. پڇيائون، ”ڪارڊ تي لڳل تصوير جيڪڏهن تنهنجي آهي ته پوءِ تصوير جي ڏاڙهي ڪٿي آهي.“
    مار! وڏو قانوني نقطو اٿاريو هئائون. ان قسم جي نقطي تي ايف آئي آر ڪٽي سپاهي ڦاهيون به ڏياري سگهندا آهن! کين ڳالهه سمجهائيندي چيم ”ڪارڊ لاءِ، تصوير ڪڍائڻ کان اڳ مون ڏاڙهي ڪوڙڻ ڇڏي ڏني. مون کي ڏاڙهي نڪري آئي. تصوير کي ڏاڙهي نڪري نه سگهي.“
    پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ منهنجي جند ڇڏيندي چيائون، ”تون ڏاڙهي لاهي ڇڏ، يا شناختي ڪارڊ واري تصوير کي ڏاڙهي هڻاءِ ـــ ورنه مفت ۾ مارجي ويندين.“
    مفت ۾ مارجي وڃڻ کان بهتر ڄاتم ته تقرير هٿ ڪرڻ جي مهم تان هٿ کڻان، ۽ بنا تقرير جي وطن وران. مان رام نه آهيان، پر مون رام وانگر اسلام آباد جي بن ۾ 14، بلڪه 15 سال گذاريا آهن. وطن جي ڇڪ، ساهه جي ڇڪ جهڙي! هليو آيس. سوچيم، پنهنجا آهن، خطا در گذر ڪري ڇڏيندا ـــ ميار نه ڏيندا. هونءَ به قمر جي ڪتاب جي مهورت آهي ـــ اٺين ترميم جي حق ۾ ڪنهن ڪتابڙي جي رونمائي نه آهي! قمر جي ۽ منهنجي تاريخ ۽ جاگرافي بلڪه فزڪس ۽ ڪيميسٽري بدلجي وڃڻ جي باوجود اسان جا پاڻ ۾ روح جا رشتا آهن. اسان ٻنهي، انمول ميراث وانگر ان رشتي جي تقدس کي قائم رکيو آهي. ورهين جا ورهيه نه ملئون ـــ هڪ ٻئي ڏانهن خط پٽ نه لکئون ـــ ڪو ڪتاب ڇپجي قمر ڪاپي موڪلي، مان نه موڪليان! پر، تڏهن به محسوس ٿيندو رهي، ته هڪ اڻ لکيل عهدنامو آهي اسان ٻنهي جي وچ ۾!
    هليو آيس. سوچيم، قمر پاڻهيئي پنهنجي پبلشر کي سمجهائي ڇڏيندو، کيس ٻڌائي ڇڏيندو ته ان مولائي مڙس کان تقرير نه ڪرائبي ـــ تقرير مان بنهه نه ڄاڻي ـــ هڻڻ، هڪلڻ، ۽ ٻيلي سارڻ کان سواءِ ڪجهه نه ڄاڻي ـــ پوڙهو ٿي ويو آهي، پر افعال اُهي ئي اٿس! ايلفيءَ جو نالو زيب النسا اسٽريٽ ان ڪري رکيائون جو هن ايلفيءَ تي هڪ عشق ڪيو هو، ۽ ان عشق جو پڙلائو گهڻو پوءِ اسلام آباد جي بن مان ٻڌڻ ۾ آيو هو ـــ سنڌو منهنجي ساهه ۾! ايترو ڪجهه سوچڻ کان پوءِ مون کي پڪ ٿي ويئي ته ڪرم الاهي چنه ۽ شمشير حيدري منهنجي حال ۽ ماضيءَ تي رحم کائيندا، ۽ مون کي تقرير لاءِ مجبور نه ڪندا ـــ قمر جي ٻڌايل ڳالهين تي يقين ڪندا.
    پر، ايلفيءَ تي مان اڪيلو آواره گردي نه ڪندو هوس. قمر شهباز به مون سان گڏ هوندو هو. اسان سان گڏ شمشير حيدري به هوندو هو. اسان سان گڏ ٺاڪر شرما به هوندو هو. اسان سان گڏ اقبال جتوئي به هوندو هو. گُهمي گُهمي رُلي پِني ايلفي ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويهندا هئاسين. ٽامي شيئر ڪري چانهه پيئندا هئاسين، ۽ گڏ کارا بسڪوٽ ۽ اوجهريءَ جا پيٽس کائيندا هئاسين. ادب جي بارگاهه ۾ حاضريءَ جا اهي منهنجا پهريان پهريان سال هئا.
    ايلفيءَ تي اڪثر مان هڪ پراسرار شخص کي ڏسندو هوس. چڱي عمر جو، بلڪه بزرگ، شاهاڻي شخصيت، ڪپڙي لٽي ۾ ٺاهوڪو، اکين تي ڪاري عينڪ، هڪ هٿ ۾ پنجاهه داڻن واري مني تسبيح، ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪڏهن ڪتاب ته ڪڏهن رسالا! گهڻو ڪري اردوءَ جي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس حميد ڪاشميريءَ جي ڪتابن جي ڪيبن ٻاهران نظر ايندو هو. مون کي ڏاڍو طلسماتي لڳندو هو.
    هڪڙي ڏينهن قمر کان پڇيم، ”جيمس بانڊ جي فلمن ۾، وچ مشرق جي مانوس اجنبين جهڙو اهو پراسرار شخص ڪير آهي؟“
    هڪدم منهنجي وات تي هٿ رکندي چيو هئائين، ”اهو پراسرار شخص پير حسام الدين راشدي اٿئي.“
    ايوب خاني حڪومت سان زبردست جهيڙن جهٽن سبب ڪراچي يونيورسٽي اڪثر بند رهندي هئي. قمر ۽ مان هڪ ئي نوعيت جا، هڪ جهڙا ڏينهن گذاريندا هئاسين. سڄو سڄو ڏينهن ٿامس اينڊ ٿامس، پاڪ آمريڪن، لبرٽي ۽ ڪتابن جي ٻين دڪانن ۾ ڪتاب ڏسڻ، پنا اٿلائڻ، ۽ وس آهر ڪتاب وٺڻ ـــ ريگل بس اسٽاپ جي سامهون فريڊرڪس ڪيفيٽيريا جي مهڙ ۾ فٽ پاٿ تي ويهي پراڻا ڪتاب چونڊڻ ـــ ڪيفي جارج جا پيٽس کائڻ ـــ ڪرڪيٽ ميچون، ۽ پيراڊائيز، ڪيپيٽل ۽ ريڪس سئنيمائن ۾ انگريزي فلمون ڏسڻ ــ ترقي پسند ۽ رجعت پسند اديبن جي جهيڙن ۾ مخفي ۽ گمنام خط لکي ۽ ڇپرائي ڪانو کي لڙ ۾ مزي وارا ڪم ڪرڻ ـــ سائين عبدالواحد سنڌي ۽ رشيد لاشاريءَ کي پاڪستان پبليڪيشن جي آفيس ۾ وڃي تنگ ڪرڻ ــ پوليس ۽ شاگردن جي جهيڙن ۾ اڳڀرو ٿيڻ!
    پر پوءِ الاءِ ڇا ٿيو! سڀ ڪجهه بدلجي ويو. سائين حسام الدين راشدي نه رهيو. ايلفي ريسٽورنٽ بند ٿي ويئي. ايلفي ريسٽورنٽ ۾ ويهندڙ سموري سنگت ڇڙوڇڙ ٿي ويئي. ڪيفي جارج ۽ فريڊرڪس ڪيفيٽريا اليڪٽرانڪ ۽ واچن جي دڪانن ۾ بدلجي ويا. پيراڊائيز ۽ ڪيپيٽل سينيمائن کي ڊاهي شاپنگ پلازا ٺاهيا ويا. ۽ پوءِ جڏهن پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿياسين، نوڪرين ۾ گهڙياسين ته ڪتاب مهانگا ٿي ويا. اڳتي هلي جڏهن ايلفيءَ جو نالو بدلائي زيب النساء اسٽريٽ رکيائون، تڏهن مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. نالي جي تبديليءَ تي مون کي هڪ دور خلاف سازش جو گمان ٿيو. سياسي، سماجي ۽ ثقافتي قدر بدلجي ويا.
    تن ڏينهن ۾ جيل کان پوءِ ورلي ڪا آبادي هوندي هئي. ڪراچي يونيورسٽي جهرن جهنگن ۽ جبلن جي وچ ۾ ٺهيل محسوس ٿيندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ جيل کان ڪجهه پَرَ ڀرو، ميدان ۾، جتي هينئر پوليس اسٽيشن آهي، پاڪستان انٽرنيشنل انڊسٽريل فيئر لڳو هو. قمر ۽ مان يونيورسٽي هاسٽل مان ڀڄي، نمائش ڏسڻ ويندا هئاسين. هڪڙي ڏينهن نمائش ۾ باٽا جي اسٽال تي نوان بوٽ لڳايا هئائون. هڪ بوٽ جي قيمت سئو رپين مان هڪ پيسو گهٽ هئي. يعني نوانوي رپيا نوانوي پئسا هئي ـــ ذري گهٽ سئو رپيا. اهي ڳالهيون 1960 واري ڏهاڪي جي اوائل جون ڳالهيون آهن. تڏهن سٺي ۾ سٺو بوٽ پنجويهن ٽيهين ۽ جي چڙهيو ته پنجاهين رپئي ملي ويندو هو. بوٽ جي قيمت سئو رپيا ائين محسوس ٿي هئي، جيئن اڄ ڪلهه بوٽ جي قيمت پنج هزار رپيا هجي. قمر دڪان ۾ گهڙي ويو. مينيجر کان پڇيائين، ”هي بوٽ ماڻهوءَ جي کل مان ٺاهيل آهي ڇا، جو ايڏو مهانگو آهي.“
    مينيجر وائڙو ٿي ويو. ڪو جواب سمجهه ۾ نه آيس. ڪلها لوڏي کِلي پيو. اسين دڪان مان نڪري آياسين. الاءِ ڇو اداس ٿي پياسين! ايندڙ وقت راڪاس وانگر محسوس ٿيو. ۽ پوءِ، اهڙو دور به آيو، ۽ هميشه لاءِ آيو، جڏهن ماڻهوءَ جي کل مان ٺاهيل بوٽ سهانگا ٿي پيا. ۽ سوئر جي کل مان ٺاهيل بوٽ مهانگا ٿي پيا. توهين ۽ مان اهڙي معاشري جا فرد آهيون جنهن ۾ ماڻهوءَ جي قيمت پراڻي ۽ ڦٽيچر سوزڪي پڪ اپ جي اڌ قيمت کان به گهٽ مقرر ڪئي ويئي آهي. ۽ جي پوليس مقابلي ۾ مارجي وياسين، ته پوءِ پراڻي سوزڪيءَ جي پراڻي ٽائر جي اڌ قيمت جيترو ملهه به نه لهڻيوسين!
    مان اوهان سڀني کان، قمر کان، ڪرم الاهيءَ کان، شمشير حيدريءَ کان معافيءَ جو طلبگار آهيان، جو تقرير لکڻ يا لکائي اچڻ واري مهم تان هٿ کڻي هليو آيو آهيان. ڪابه تقرير ڪرڻ کان سواءِ خاص مهمان واري ڪرسي والاري ويهي رهيو آهيان. مون کي معاف ڪجو.
    زندگيءَ جا قافلا صحرا ۾ رلندا ئي رهيا.
    ڪنهن پڇيو: هيءَ جيت آ، يا هار سان سرچاءُ آ.

    1989


    قبضه گروپن جي منهنجي اسڪول تي ڪاهه

    قبضه گروپن جي منهنجي اسڪول تي ڪاهه

    ڪراچيءَ جو اين جي وي هاءِ اسڪول انگريزن جو ڇڏيل فتنو آهي.
    اين جي وي هاءِ اسڪول جي فتني کي سمجهڻ لاءِ، فتني جي پس منظر کي سمجهڻ ضروري آهي، ورنه، نه فتنو سمجهه ۾ ايندو، ۽ نه اين جي وي هاءِ اسڪول.
    1942ع ۾ انگريز مائي باپ حڪم ڏنو، ته سنڌ جي سڀ کان قديم، ۽ سڀ کان وڏي اسڪول، اين جي وي هاءِ اسڪول لاءِ هڪ عاليشان عمارت تيار ڪئي وڃي. بس سائين! حڪم جي دير هئي. وٺ وٺان ٿي ويئي. پر جيستائين اسڪول جي عمارت ٺهي راس ٿي، تيستائين انگريز مائي باپ ملڪ ڇڏي هليا ويا.
    1948ع جي شروعات ۾، سعيد منزل جي ڀرسان، بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) تي اين جي وي هاءِ اسڪول جي عمارت ٺهي راس ٿي. پٿر مان ٺاهيل ٽماڙ اسڪول جي عمارت جو شمار ڪراچيءَ جي ڏهن سهڻين عمارتن ۾ ٿيڻ ۾ آيو. عمارت ۾ 48 ڪلاس روم، بهترين سائنس هال، عجب جهڙو ڊرائينگ هال، وسيع ۽ ويڪرو آڊيٽوريم، ناياب ۽ نادر ڪتابن واري لائبريري. ۽ هڪ ٺاهوڪي ڪيفيٽيريا هئي. اسڪول جي هاڪ اهڙي، جو هرڪو پنهنجا ٻار اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ پيو واجهائي!
    پوءِ هڪڙي ڏينهن، جڏهن دنيا ۾ ڪنهن به قسم جي ڦير گهير نه آئي هئي، تڏهن اين جي وي هاءِ اسڪول جي ٽماڙ تي ڦير گهير محسوس ڪئي ويئي. ٽماڙ تي ”پير الاهي بخش ايس ــ ٽي ڪاليج“ کوليو ويو، ۽ اتان اين جي وي هاءِ اسڪول کي هيٺ ٻه ماڙ تي ڀڄايو ويو. اختياريءَ وارن ان عمل جي آجيان ڪئي. چيائون ته اسڪول لاءِ ايڏي وڏي ۽ عاليشان عمارت سيڙائڻ چريائي آهي.
    پوءِ هڪڙي ڏينهن اين جي وي هاءِ اسڪول جي آڊيٽوريم جي هاڪ ان دور جي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ گورنر تائين وڃي پهتي. سڀني متفق فيصلو ڪيو، ته اسڪول جهڙي خسيس اداري وٽ عاليشان آڊيٽوريم هئڻ نه گهرجي. هڪدم سنڌ اسيمبليءَ لاءِ اسڪول جو آڊيٽوريم چونڊيو ويو. ۽ اسڪول کان کسيو ويو.
    انهن ڏينهن ۾ تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر وڏن اختيارين وارو صاحب هوندو هو. سندس آفيس خالقڏني هال جي ڀرسان هڪ بيرڪ ۾ هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن صاحب اسڪول جي انسپيڪشن تي آيو. کيس اسڪول جي عمارت بيحد پسند اچي ويئي. هڪدم حڪم ڪيائين ته سندس آفيس بيرڪ مان منتقل ڪري اسڪول جي اولهندي طرف هيٺين حصي ۾ آندي وڃي، ۽ اتان اسڪول جو دخل ختم ڪيو وڃي. پوءِ، ڊائريڪٽر صاحب جي آفيس اسڪول ۾ کلي ويئي.
    هڪڙي ڏينهن سنڌي ادبي بورڊ جو بورڊ اين جي وي هاءِ اسڪول جي ورانڊي ۾ نظر آيو. خيرن سان ادبي بورڊ به اسڪول جي عمارت ۾ اچي ديرو ڄمايو. ادب ۽ اسڪول جي محابي، ادبي بورڊ جي اسڪول جي عمارت ۾ موجودگي سمجهه ۾ آئي ــ پر ڪجهه ڪجهه!
    پوءِ هڪڙي ڏينهن روڊ ٽرانسپورٽ کاتو، پنهنجين بسن سميت اسڪول ۾ ڪاهي آيو. اسڪول جا ٻار بسون ڏسي خوش ٿيا، ۽ مرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. روڊ ٽرانسپورٽ کاتي کي آسودو ڪرڻ لاءِ اسڪول جا ٻيا ڪجهه ڪلاس خالي ڪرايا ويا.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڊيولپمينٽ ايڪنامڪس وارو ادارو پنهنجي عملي، لائبريري، ۽ آفيس فرنيچر سميت اين جي وي هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ هليو ويو. چيو ويو، ته خسيس اسڪول لاءِ عاليشان عمارت شرم جو باعث آهي، تنهن ڪري اسڪول جي عمارت ۾ ڊيولپمينٽ ايڪنامڪس جهڙي انگريزي اداري جي موجودگي جائز آهي.
    هڪڙي ڏينهن ورانڊي ۾ پارٽيشن هڻي، ٻه وڏا ڪلاس روم جدا ڪيا ويا، جتي پوءِ تعليم کاتي جو هڪ ڪامورو پنهنجي ڪٽنب سميت رهڻ لڳو.
    پوءِ اُهو وقت به آيو، جڏهن اسڪول فقط ٻه ماڙ واري حصي ۾ رهجي ويو، ۽ هيٺيون ۽ مٿيون حصو آفيسن سان والارجي ويو.
    فتنو ختم نه ٿيو.
    اسڪول جي عمارت ۾ اليڪشن ٽربيونل جي آفيس کولي ويئي.
    اسڪول جو فتنو تڏهن به برقرار رهيو.
    پوءِ پوليس ۽ سي آءِ ڊي قسم جي ڪا خوفناڪ آفيس اسڪول جي عمارت ۾ کولي ويئي.
    پر، تڏهن به اين جي وي هاءِ اسڪول پنهنجن سنڌي ڪلاسن، ۽ سنڌي شاگردن سميت ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هلندو رهيو آهي. پنهنجي ئي عمارت ۾ سنڌ جو قديم اسڪول جاءِ لاءِ، ۽ مٿي لڪائڻ لاءِ واجهائي رهيو آهي.
    ڳالهه اڃا ختم نه ٿي آهي.
    اڄ ڪلهه اين جي وي هاءِ اسڪول کان ٻه ماڙ جو باقي رهيل حصو خالي ڪرائڻ لاءِ تجويزن تي غور ٿي رهيو آهي. عنقريب سنڌ جي قديم سنڌي اسڪول کي سندس اصلي عمارت جي رهيل حصي مان پڻ نيڪالي ڏني ويندي.
    1974


    اسين پنهنجا ڏوهاري پاڻ آهيون

    اسين پنهنجا ڏوهاري پاڻ آهيون

    هڪ اخباري خبر مطابق، سنڌ جو سڀ کان قديم اسڪول اين جي وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنهنجي اصلوڪي عمارت مان ڪڍيو ويندو.
    سبب؟
    سبب تاريخي آهي. سبب روايتي آهي. اسين روهڙيءَ کان سکر وينداسين. ته روئي پٽي موڪلائي! چه، پرديس ٿو وڃان ـــ حياتي هوندي ته وري ملنداسين، في الحال الله کي پرتئو. گهر ۾ ماتم ته پٽ پرديس روانو ٿي ويو، يعني روهڙيءَ کان سکر!
    سبب؟ شهر بدلائڻ، يا هڪ شهر مان ٻئي شهر ڪم سانگي وڃڻ جي ڳالهه ڇڏيو. گهر مان نڪرنداسين، ته چونداسين، چڱو خدا حافظ، شهر پيو وڃان. گهر جي چئن ڀتين مان نڪرڻ اسان لاءِ عذاب آهي. گهر جيتوڻيڪ شهر ۾ هوندو، شهر جي وچ ۾ هوندو، پر چونداسين شهر پيو وڃان!
    اين جي وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول کي اصلوڪي عمارت مان منتقل ڪرڻ جو سبب پڻ اهو ئي ڄاڻايو ويو آهي، ته اسڪول سنڌي ٻارن جي والدين جي گهرن کان پري آهي. يعني اسڪول گهر کان پري، شهر ۾ آهي. مطلب ته اسڪول پرديس ۾ آهي. اسان جا سڪيلڌا ڪشالا ڪڍي اسڪول تائين ڪيئن ويندا! اسڪول بند ڪريو. يا اصلوڪي هنڌان هٽائي اسان کي پنهنجي پنهنجي اڱڻ ۾ کولائي ڏيو. اسين علم ڏانهن نه ويندا آهيون. علم خود پنڌ ڪري اسان تائين هليو ايندو آهي. سو، علم کي ٽيڪب ٽيڪو ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. اين جي وي هاءِ اسڪول دربدر ٿيڻ تي آهي.
    يقين ڪريو، اين جي وي هاءِ اسڪول جا ترا ڪڍائڻ ۾ کڳي، ڪٻي ۽ چٻي جو هٿ ناهي. اهي شير شاهه جا شڪرا لٽ جي مال تي لامارو ڏيڻ لاءِ تيار ويٺا هوندا آهن. عمارت مان اين جي وي هاءِ اسڪول نڪتو ناهي، ۽ مٿس شبراتين جو قبضو ٿيو ناهي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرائڻ ۾ کڳي ۽ ڪٻي جو هٿ نه هو. پر پوءِ جڏهن اسان جي سنڌي خانبهادرن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرايو، تڏهن تاڙ ۾ ويٺل شڪرن ڪراچيءَ کي لٽ جو مال سمجهي اهڙو لامارو ڏنو جو اڄ سنڌي سڄڻ ڪراچيءَ ۾ اوپرا ۽ وائڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ون يونٽ جي ٺاهڻ ۾ به کڳي ُ ڪٻي جو هٿ نه هو. اهو ڪارنامو به اسان جي خانبهادرن جو آهي. پوءِ جڏهن ون يونٽ ٺهيو، سنڌ کي باقاعدي لٽ جو مال سمجهي لٽيو ۽ ڦريو ويو. ڏوهه لٽڻ ڦرڻ وارن جو ناهي. ڏوهه اسان جو آهي. اسين تاريخ جي هر دور ۾ ٻين کي سونهري موقعا ڏيندا رهيا آهيون.
    اين جي وي هاءِ اسڪول جي موجوده عمارت جيڪا سعيد منزل جي ويجهو، بندر روڊ تي بيٺل آهي. سال 1948ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي. اها عمارت انگريزن خاص طرح اين جي وي هاءِ اسڪول لاءِ تعمير ڪرائي هئي. اسڪول جي عاليشان عمارت ڏسي خانبهادرن جي وات ۾ پاڻي اچي ويو. مٿيون حصو ايس ٽي ڪاليج ۽ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ کنيو ويو. هيٺئين حصي ۾ لاوارث قسم جون ٻن ٻن آفيسرن ۽ هڪ هڪ ڪلارڪ واريون آفيسون نازل ٿيون. اين جي وي هاءِ اسڪول فقط وچين، فرسٽ فلور تي رهجي ويو. اڄ اتان به اسڪول کي کڻائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. منهنجي گذارش آهي ته خانبهادر اسان جي آڏو اچي اسان سان ان معاملي تي ڳالهائين. ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرائڻ، ون يونٽ ٺاهرائڻ، سنڌ جون زمينون ٻين صوبن جي سرمائيدارن کي نيلام ڪرائڻ واري پاليسي کين وقتي ۽ عارضي طرح سرخرو ته ڪري سگهندي، پر تاريخ ۾ کين غدارن جي قطار ۾ جاءِ ملندي.
    اين جي وي هاءِ اسڪول منهنجي عبادتگاهه آهي. مان ان اسڪول ۾ پهرئين درجي کان ميٽرڪ تائين پڙهيو آهيان. (1953ــ 1946). ان اسڪول لاءِ رُبي شيلڊ ۽ ٻين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽن ۾ کيڏيو آهيان. ان اسڪول ۾ مون قابل استاد ڏٺا آهن. ان اسڪول ۾ مون سنڌين جو عروج ڏٺو هو، اڄ ان اسڪول ۾ سنڌين جو زوال ڏسي رهيو آهيان.
    1973


    حق بخشائڻ متعلق

    حق بخشائڻ متعلق

    اڄوڪي ڪالم ۾ پڻ مان انهن خطن جو ذڪر ڪندس جيڪي مون کي سنڌ جي مسئلن متعلق مليا آهن.
    پلازا اسڪوائر ڪراچيءَ مان محمد سليم سهتي پنهنجي خط ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ـــ ”حق بخشائڻ جهڙو ظالمانه رواج صدين کان اسان جي سنڌ ۾ رائج آهي. اهو رواج اسانجي امير گهراڻن ۾ گهڻو ۽ غريب گهراڻن ۾ نه هئڻ برابر آهي. دينوي نڪته نگاهه سان ڏٺو وڃي ته اهو هڪ وڏو گناهه آهي، ڇاڪاڻ ته شادي ڪرڻ هڪ قدرتي حق آهي. اهو حق مرد توڙي عورت کي حاصل آهي. دنياوي نڪته نگاهه کان ان ظالمانه رواج جي ڪري ڪيترين ئي نياڻين جي تمنائن جو خون ڪيو ٿو وڃي. دولت بچائڻ لاءِ کين قربانيءَ جو ٻڪرو بنايو ٿو وڃي. کين پنهنجي ڪوڙي عزت خاطر قربان ڪيو ٿو وڃي.“
    سنڌ جي سماجي مسئلن بابت جڏهن لکڻ لاءِ دوستن کي عرض ڪيو هوم تڏهن واضح نموني چيو هوم ته بحث ان ڳالهه تي ناهي ته اسان وٽ مسئلا آهن، يا نه آهن. اها مڃيل حقيقت آهي ته اسان وٽ بيپناهه مسئلا آهن. اسان کي انهن مسئلن جو حل تلاش ڪرڻو آهي. مان ليکڪ آهيان. اندر ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ گم رهندو آهيان. مون انهن مسئلن کي شدت سان محسوس ڪيو آهي. مون دل جي گهرائين سان چاهيو آهي ته اسان جي سنڌ انهن مسئلن مان آزاد ٿئي. محمد سليم سهتي پنهنجي خط ۾ زوردار نموني حق بخشائڻ واري بد رواج جي موجودگيءَ تي لکيو آهي. پر هن ان رواج کي ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون بيان نه ڪيون آهن.
    حق بخشائڻ واري بد رواج تي تمام ذهين ۽ اثرائتي نموني ۾ اظهار ڪندي ٽنڊي الهيار کان ڀاءُ عبدالقادر ميمڻ پنهنجي خط ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ـــ ”حق بخشائڻ وارو مسئلو صرف امراءُ طبقي ۾ آهي، وڏيرڪي ڪلاس ۾ آهي ـــ وڏيرن ۾ گهڻو ڪري سيدن ۾ آهي جيڪي برهمڻ وانگر ذات پات جي وڇوٽيءَ جا قائل آهن. هي مسلمان برهمڻ ئي پنهنجي همسر نه هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. تنهن ڪري هيءَ لعنت منجهن آهي. غريبن ۾ بدي جو رواج ۽ ڪٿي ڪٿي وڪڻڻ جو رواج آهي، پر حق بخشائڻ نه آهي. سوال آهي ته ان جو حل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. ادا سائين، ان لاءِ سوچ ۾ ڦير گهير آڻڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته جيستائين سوچ نٿي مٽجي تيستائين اهو مسئلو حل ٿيڻو نه آهي. ٻيو طريقو اهو ٿي سگهي ٿو ته سماج ۾ طبقاتي جنگ ڇڙي ۽ اهو طبقو نيست ۽ نابود ٿي وڃي. ان وقت اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.“
    نصرپور کان منهنجي نوجوان دوست نذير قاضيءَ پنهنجي بيحد قربائتي ۽ جذباتي خط ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ـــ ”حق بخشائڻ هڪ انتهائي ذليل حرڪت آهي، لعنت آهي. عام طرح اسان سنڌين جي قدامت پسند ۽ اجاين ريتن رسمن ۾ ٻڌل خاندانن ۾ عام آهي.“
    ان کان پوءِ نذير انهن خاندانن ۽ ذاتين جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي پاڻ کي پوتيءَ پاڪ سمجهندا آهن ـــ پاڻ کي آسماني مخلوق سمجهندا آهن، سندن نظر ۾ سندن مٽ ڪوبه نه هوندو آهي. اهي خاندان ۽ ذاتيون حق بخشائڻ واري بد رواج جا موجد آهن. وڏيرا پڻ ان بد رواج ۾ شامل آهن. حق بخشائڻ واري ڪڌي رواج خلاف بحث ڪندي نذير هڪ هنڌ لکيو آهي ـــ ”نبي ڪريم صلعم جن به نڪاح ڪيو هو ۽ پنهنجيون عزت ماب نياڻيون به نڪاح ۾ ٻين کي ڏنيون هيون.خود قرآن پاڪ ۾ به نڪاح کي جائز قرار ڏنو ويو آهي.“
    ان سلسلي ۾ حل تلاش ڪندي نذير پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته اهڙن خاندانن جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي. اهڙن خاندانن ۾ پنهنجيون نياڻيون نه پرڻايون وڃن. معاشري کي ان خراب رسم کان متنفر ڪرڻ لاءِ بحث مباحثا ڪرايا وڃن. اخبارن ۽ رسالن ۾ ليک ۽ ڪهاڻيون ڏنيون وڃن وغيره.
    مان سمجهان ٿو حق بخشائڻ جو رواج طبقاتي وڇوٽين سبب وجود ۾ آيو آهي. طبقاتي وڇوٽين سبب حق بخشائڻ ئي نه، بلڪه انيڪ بد رواج وجود ۾ آيا آهن. ڄاڻ، علم، ادب ۽ خود آگاهيءَ کان پوءِ جڏهن سنڌ مان طبقاتي ويڇا ختم ٿيندا، تڏهن انهن ويڇن سبب وجود ۾ آيل مسئلا به ختم ٿي ويندا. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سماجي انقلاب جي انتظار ۾ مٿي هيٺان ويهاڻو ڏيئي ڇڏجي.سماجي انقلاب لاءِ اسان سڀني کي (اديبن، شاعرن، شاگردن، معاشري جي حساس ماڻهن، هارين ۽ مزدورن) کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي ڪم ڪرڻو آهي.
    اديب جڏهن ڪنهن مسئلي تي الر ڪري اچي ٿو تڏهن ان مسئلي جي راکن جا بنياد لوڏيو ڇڏي. مون کي ياد ٿو پوي ته ڪجهه سال اڳ ماڻڪ جي هڪ ڪهاڻي ”حاويليءَ جا راز“ سهڻي رسالي ۾ شايع ٿي هئي ـــ ان ڪهاڻيءَ ۾ ماڻڪ دل کولي سنڌ جي هٿ ٺوڪين مقدس حاويلن جا راز فاش ڪري ڇڏيا هئا. ڏاڍي هاءِ گهوڙا ٿي هئي. مانڌاڻ متو هو. طارق اشرف کي ايڊيٽر سهڻيءَ جي حيثيت ۾ ڌمڪين ۽ گارين جا سوين خط مليا هئا. تڏهن مون محسوس ڪيو هو ته ماڻڪ جو تير ٺڪاڻي تي لڳو هو.
    بهرحال، اسين جڏهن عملي طرح طبقاتي ويڇن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون، تڏهن اڻ سڌي طرح انهن بد رواجن خلاف پڻ جدوجهد ڪري رهيا آهيون،جيڪي طبقاتي وڇوٽين سبب وجود ۾ آيا آهن.
    1975


    ٻه رسمون

    ٻه رسمون

    اسان سنڌين ۾ ڪي قومي خصلتون آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن لوڪ ۾ ورلي نظر اينديون. انهن خاصيتن يا خصلتن سبب اسين سموري جڳ ۾ ڄاتا سڃاتا ويندا آهيون. اهي خصلتون اسان کي پياريون آهن. اهي خصلتون اسان کي پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليون آهن.
    گذريل هفتي هلال پاڪستان ۾ ڪنهن صاحب جو خط شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن اسان جي ڪجهه انمول ۽ ناياب ريتن تي ڇوهه ڇنڊيا هئا. مان جيئن ته ڪٽر قسم جو سنڌي آهيان تنهن ڪري اُن صاحب جي مراسلي کي برداشت ڪري نه سگهيو آهيان. پنهنجين شاندار ريتن رسمن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ کان اڳ، مان ان مراسلي جو پوسٽ مارٽم ضرور ڪندس.
    سائين، اوهين پاڻ منصف ٿيو، ۽ فيصلو ڪريو ته ڪوبه غيرتمند سنڌي اهڙي خط جي اشاعت کي ڪيئن برداشت ڪندو جنهن ۾ اسان سنڌين جي اعليٰ روايتن تي ڇوهه ڇنڊيل هجن. اهي روايتون ۽ ريتون اسان کي پنهنجي جان کان عزيز آهن ــ اهي رسمون اسان جي عزتن جون امين آهن. اهو ئي سبب آهي جو صدين گذرڻ کان پوءِ به اسين انهن رسمن کي چهٽيا پيا آهيون. اهي رسمون خراب هجن ها، بد هجن ها، ته ڇا اسين انهن رسمن کي چهٽيل هجئون ها! تنهن ڪري، اهڙين اعليٰ ۽ معتبر رسمن تي ڇوهه ڇنڊي، ان صاحب سڀني سنڌين جي دل آزاري ڪئي آهي. مون کي افسوس آهي جو اهڙي غير ذميدار خط کي هلال پاڪستان اخبار جي صفحن ۾ جاءِ ڏني ويئي آهي.
    ان خط ۾ اسان جي ٻن پيارين ريتن کي ننديو ويو آهي. هڪ ريت يا رسم آهي. سورهن سالن جي ڇوڪريءَ جي سٺ سالن جي پوڙهي سان شادي. ۽ ٻيو قرآن پاڪ سان نياڻين جو حق بخشائڻ.
    اول پهرين رسم جو جائزو ٿا وٺون. اسين پنهنجن وڏڙن ۽ بزرگن جي بيحد عزت ڪندا آهيون. ڇا بزرگن کي سيني ۾ دل نه ٿيندي آهي! ڇا اها دل نه ڌڙڪندي آهي! ان دل ۾ جذبا جاڳائڻ لاءِ اسان جا بزرگ سڳورا حڪيمن جون گوريون ۽ ڪشتا استعمال نه ڪندا آهن! پوءِ اسان جا بزرگ ۽ وڏڙا ستر اسي سالن جي عمر ۾ جيڪڏهن پنهنجين پوٽين، ڏوهٽين، پرپوٽين ۽ پرڏوهٽين جيترين ڇوڪرين سان شادي رچائيندا آهن،ته ان ۾ ڪهڙي اربع خطا ڪندا آهن! اهو سندن بزرگيءَ جو حق آهي. اسانکي پنهنجن بزرگن لاءِ دل ۾ احترام آهي، تنهن ڪري سندن هر عمل کي اسين عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهيون. هونءَ به پوڙهن کي پيريءَ ۾ سهاري جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ڇا پنهنجن پوڙهن کي اسين سهارن کان محروم ڪرڻ چاهيون ٿا! اصل ۾ ڏوهه ته انهن ڇورين جو آهي، جيڪي پنهنجن ڏاڏن ۽ نانن جيڏن قابل احترام ڪراڙن سان شادي ڪرڻ کان ڪيٻائينديون آهن يا ماڳهين نابري واري بيهنديون آهن!
    هاڻي اچو ته ٻي رسم جو مختصر جائزو وٺئون. سائين، قرآن پاڪ سان حق بخشائڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي جو اهڙين ڇوڪرين جا ڀائر ۽ پيئر ضمير جي ڦٽ لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙا ڀائر ۽ پيئر جيڪي عورت کي تفريح ۽ جنسي خواهشن جي تڪميل لاءِ رانديڪو سمجهندا آهن، سي پنهنجين ڇوڪرين کي پرڻائيندا ناهن. اهو سندن نفسياتي رد عمل آهي. تنهن ڪري هو پنهنجين نياڻين جو قرآن پاڪ سان حق بخشائيندا آهن. قرآن پاڪ سان حق بخشائڻ مان ٻيو فائدو اهو به ٿيندو آهي جو خاندان جي ملڪيت ٻاهر نه ويندي آهي. اهڙين حالتن ۾ قرآن پاڪ سان نياڻين جو حق خلاف واويلا اجائي آهي. جيڪي به شخص اسان جي اهڙين ريتن رسمن خلاف خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن، سي سنڌين جا دشمن آهن ـــ دشمن جا ايجنٽ آهن.
    1976


    غلامي

    غلامي

    ڏاڏي سائينءَ رواج سان پنهنجي گفتگوءَ جو هڪ حصو مون کي دل تي تري آيو آهي. ان ڏينهن اسان علم متعلق ڳالهايو هو.
    مون ڏاڏي سائينءَ کان پڇيو هو، ”ڏاڏا، علم وڏي نعمت آهي نه!“
    ”ها پٽ.“
    ”علم وڏي دولت آهي نه!“
    ”ها پٽ.“
    ”علم روشني آهي نه!“
    ”ها پٽ.“
    ”ڀلا علم خلاف ڪجهه ٻڌائيندين.“
    ”مٿو ته نه ڦريو اٿئي ڇورا.“ ڏاڏي سائينءَ ناراض ٿيندي چيو هو، ”ڀلا علم خلاف به ڪجهه چئي سگهجي ٿو!“
    ”پڪ اٿئي ڏاڏا!“
    ”ڇا جي؟“
    ”ته علم خلاف ڪجهه به ڳالهائي نه ٿو سگهجي!“
    ”قطعي طور تي علم خلاف ڳالهائي نه ٿو سگهجي!“
    ”ته پوءِ تون سنڌ جي عورت جي تعليم خلاف ڇو آهين؟“ مون ڏاڏي سائينءَ کي چيو، ”تون سنڌ جي عورت کي اڻپڙهيل رکڻ جي حق ۾ ڇو آهين؟“
    ”ڏس، نامراد ڇورا!“ ڏاڏي سائينءَ ناراض ٿيندي چيو، ”سنڌي عورت اسان لاءِ عزت جو سوال آهي.“
    ”عورت کي اوندهه ۾ رکڻ سان تنهنجي عزت روشن ٿئي ٿي ڇا، ڏاڏا!“
    ”بڪواس بند ڪر، وات ڳاڙها ڇوڪرا!“
    ”تو پاڻ پئي چيو ته علم وڏي نعمت، وڏي دولت آهي!“
    ”ها، آهي؛ پر سنڌي عورت لاءِ نه.“
    ڏاڏي رواج سان پنهنجي گفتگوءَ جو اِهو حصو مون کي اصل ۾ ڪالهه شام جو دل تي تري آيو هو. ڪالهه شام مون ٻن عورتن کي هڪ ٽين عورت جي خلاف ڳالهائيندي ٻڌو هو. کين سڀ کان وڏو اعتراض ان ڳالهه تي هو ته هوءَ آفيس ۾ مردن سان مردن وانگر ڳالهائيندي آهي ـــ يعني زناني اصطلاح موجب اک ۾ شرم ڪونهيس. ٻنهي عورتن جي بظاهر معصوم جملي پٺيان صدين جي غلاميءَ جي صدا ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
    بابلي ۽ رومي دور حڪومت ۾ جڏهن غلامن جي آزاديءَ بابت هلچل هلي هئي، تڏهن خود غلامن مان وڏيءَ اڪثريت غلاميءَ جا طوق لاهي، آزاديءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. هنن لاءِ پنهنجن آقائن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ عيب هو، بلڪه بي حيائيءَ جو ثبوت پڻ هو. اهڙي طرح غلاميءَ خلاف انسان جي اوائلي هلچل خود غلامن هٿان ناڪام ٿي ويئي هئي.
    اسان جي سنڌي معاشري ۾ عورت ماءُ، ڀيڻ ۽ زال هئڻ جي باوجود مرد جي غلام رهي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي، جو اسان جو معاشرو بنيادي طرح مرد جو معاشرو آهي ـــ اسان جي معاشري ۾ مرد جو تسلط آهي. سموري معاشرتي وهنوار تي مرد جو قبضو آهي. اهڙي صورتحال ۾، مرد، جيڪو اڻسڌي طرح قديم بابلي ۽ رومي حڪومت جي آقائن وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سو نه ٿو چاهي ته سنڌي عورت پڙهي پوي. علم مان خود آگاهيءَ جو عنصر پيدا ٿيندو آهي. خود آگاهي آزاديءَ جو پيام کڻي ايندي آهي. سنڌي مرد کي لاشعوري طرح خبر آهي ته اسان جي عورت جيڪڏهن پڙهي پئي، ته پوءِ هوءَ مرد جي تسلط ۽ برتريءَ کي تسليم نه ڪندي. زناني تعليم سبب مرد کي پنهنجي سلطنت خطري ۾ نظر اچي ٿي. پنهنجي سلطنت کي بچائڻ لاءِ مرد هر طريقي سان زناني تعليم کي ناڪام بنائي رهيو آهي. ان ۾ مرد اڪيلو ناهي. عورتن جي چڱي خاصي اڪثرت پڻ هنن سان شامل آهي. قديمي هلچل ۾ غلامن جي اڪثريت آزادي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
    مون ڪالهه جن ٻن عورتن کي هڪ ٽين عورت خلاف ڳالهائيندي ٻڌو هو، سي ٻيئي عورتون بابلي ۽ رومي دور جي انهن غلامن جي ذهنيت جي علامت هيون جن آزادي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ٻنهي عورتن لاءِ اِهو تصور ڪرڻ عيب هو ته هڪ عورت (جيڪا مرد جي غلام آهي) پنهنجي آقا سان، يعني مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڪيئن ٿي ملائي، ۽ مرد سان مردن وانگر ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهي! هنن اڻ سڌي طرح چوڻ پئي چاهيو ته عورت کي پنهنجي حيثيت وسارڻ نه گهرجي ـــ يعني، عورت بنيادي طرح مرد جي غلام آهي ـــ مرد کان ڪمتر آهي!
    1976


    دلپسند ڌنڌو

    دلپسند ڌنڌو

    اڄ، سنڌ ۾ سڀ کان ڪارآمد ڌنڌي متعلق ڳالهائبو، ۽ آخر ۾ ان ڌنڌي جو نسخو اوهان کي ٻڌائبو، ۽ فيضياب ڪبو.
    مون کي يقين آهي، ته ”ڪارآمد ڌنڌي“ جو لفظ ٻڌڻ کان پوءِ، اوهان جو ڌيان ڪليم جي ملڪيت ڏانهن ڇڪجي ويو هوندو. برابر، ڪليم جي ملڪيت هٿ ڪرڻ، ۽ هٿ ڪري نيڪال ڪرڻ بهترين ڌنڌو آهي. مون کي ان کان انڪار ڪونهي. پر، اڄڪلهه ڪليم جو ڌنڌو ٿڌو ٿي ويو آهي. ذري گهٽ سموري سنڌ وڪامي ويئي آهي. هينئر سنڌ ۾ ڪليم لاءِ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو آهي. مان اوهان کي اهڙي دائم ۽ قائم ڌنڌي جو نسخو ٻڌائيندس، جنهن جو سج سنڌ ۾ ڪڏهن به نه لٿو آهي.
    ٿي سگهي ٿو، اوهين پلاٽن جي الاٽمينٽ متعلق سوچي رهيا هجو! سٺو ڌنڌو آهي. پلاٽ الاٽ ڪرائي، وڏين قيمتن تي وڪڻي چڱو لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. مون اڄ تائين چار پلاٽ مختلف اسڪيمن ۾ پنهنجي نالي الاٽ ڪرائي، ۽ پوءِ وڪڻي ڇڏيا آهن. جيڪو پلاٽ چئن هزارن ۾ ورتم، سو چاليهن هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيم! اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ هڪ به پلاٽ پنهنجي نالي الاٽ نه ڪرايو، تنهن ڪري اڄ تائين ڪنگلو آهي. هو مئل انگريزن جا ڪپڙا پائيندو، ۽ ٻاڪڙن تي ماني کائيندو آهي. بيوقوف آهي. وقت جو فائدو نه ٿو کڻي. هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور پڇتائيندو.
    سنڌ ۾ اڄڪلهه هڪ ٻيو ڌنڌو به کلي پيو آهي. يار لکين پيا ڪمائين. مثال طور، اوهين جيڪڏهن عام ماڻهن تي اهو اثر ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيو، ته اوهين ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي، يا ڪنهن وزير جا ماڻهو آهيو، ته پوءِ اوهان لاءِ دولت جون واٽون کليل آهن. عام ماڻهن کان اوهين ڪم ڪرائي ڏيڻ جي آسري تي سوين، هزارين رپيا ڦٻائي سگهو ٿا. پر، اِهو ڌنڌو به عارضي آهي.
    مان قائم ۽ دائم ڌنڌي بابت اوهان کي ڪجهه ٻڌائيندس. اوهان جو ڌنڌو هڪ پشت کان ٻيءَ پشت تائين هلندو رهندو، ۽ ڪڏهن به مات نه کائيندو.
    ڌنڌو شروع ڪرڻ کان اڳ اوهان کي مناسب جاءِ ڳولڻي پوندي. جاءِ جي الاٽمينٽ جي ضرورت اوهان کي هرگز محسوس نه ٿيندي، ڇو جو ان جاءِ تي اوهان کي هڪ عدد قبر ٺاهڻي آهي، ۽ ان قبر جو مجاور ٿيڻو آهي.
    قبر، جوکم ۽ ڦڏي واري هنڌ ٺاهڻ سان وڌيڪ لاڀ ملندو آهي. مثال طور، قبر (اندران خالي) سپر هاءِ وي، چڪلي، جوا جي ٽڪرين، ۽ شراب خانن جي پسگردائيءَ ۾ ٺاهڻ گهرجي. قبر جي پبلسٽيءَ لاءِ قوالي ڪرائجي، ۽ ماڻهن کي قبر واري پير سائينءَ جي ڪرامتن بابت معلومات پهچائجي. قبر تي لوبان ۽ اگربتي ٻارڻ کان هرگز نه ڪيٻائجي. دونهون ڏسي ماڻهو ديوانا ٿي ويندا آهن. اسين سنڌي قبر پرستيءَ ۾ عالمي چيمپئن آهيون. خدا جي فضل سان اوهان جي اڏيل قبر اوهان جي اولاد لاءِ قارون جو خزانو ثابت ٿيندي.
    1974


    ڍولو مل

    ڍولو مل

    منهنجن مائٽن ناياب قلمي ڪتابن سان ڳوڻيون ڀرائي سنڌو درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيون هيون ــ (هنن پنهنجي پر ۾ گهرن کي ڪتابن جي گندگيءَ ۽ غلاظت کان پاڪ ڪيو هو). روهڙيءَ ۾ اسان جي مائٽن وٽان علم ائين ويو، ڄڻ سج هو، ۽ هميشه لاءِ لهي ويو. روهڙيءَ ۾ اسان جي پاڙي ۾ اوندهه آهي. جتي گهر گهر ۾ لائبريريون هونديون هيون، اُتي ورلي ڪو ڪتاب ڏسڻ ۾ ايندو! لوڙهيل ۽ تڙيل ڪتابن جو پاراتو آهي ـــ قيامت تائين نه لهندو.
    مون ان واقعي جو ذڪر پنهنجي هڪ دوست سان ڪيو. هن مون کي مرزا قليچ بيگ سان پيش آيل واقعو ٻڌايو.
    مرزا صاحب کي خبر پيئي ته حيدرآباد ۾ ڍولي مل نالي ڪنهن شخص وٽ پنهنجي عاليشان لائبريري آهي. قليچ بيگ صاحب ڪتابن جو عاشق هو. کيس ڍولي مل سان ملڻ ۽ سندس ڪتاب ڏسڻ جو شوق ٿي پيو. پاڻ هڪڙي ڏينهن ڍولي مل سان ملڻ ويا. ڍولي مل کي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ڏٺائون. پڇڻ تي ڍولي مل کين ٻڌايو، ته هو پنهنجي ڪتابن تي ساهه ڏيندو آهي، ۽ هر آچر تي ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندو آهي، ۽ ٻئي ڪنهن کي ڪتابن کي هٿ لائڻ نه ڏيندو آهي.
    مرزا قليچ بيگ صاحب جن ڍول مل جي جذبي ۽ ڪتابن لاءِ احترام کان ڏاڍو متاثر ٿيا. ۽ پوءِ مرزا صاحب جن جي ڍولي مل سان دوستي ٿي ويئي.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ ڍولو مل گذاري ويو. مرزا قليچ بيگ صاحب جن حيدرآباد کان ٻاهر هئا. ڍولي مل جي وفات جو ٻڌي حيدرآباد آيا. سڌو ڍولي مل جي گهر ويا اُتي کين زندگيءَ جو وڏو صدمو رسيو. ڍولي مل جي پٽ ٽڪي سير جي حساب سان ڍولي مل جا سمورا ڪتاب وڪڻي ڇڏيا هئا، ۽ رديءَ وارا گڏهه گاڏن تي بيدرديءَ سان ڪتاب ڍوئي رهيا هئا.
    مرزا صاحب جن ڍولي مل جي پٽ کي چيو، ته ٻيلي هيءُ ڪهڙو قهر ڪيو اٿئي!
    تڏهن ڍولي مل جي پٽ جواب ڏنو، ته سائين مرزا صاحب، ڪتابن جي ڪچري سان سمورو گهر ڀرجي ويو هو. ڪتاب گهر مان ان لاءِ ڪڍيا اٿم، ته جيئن عذر خواهي لاءِ ايندڙ ماڻهو ويهي سگهن.
    تڏهن مون کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو خيال آيو، ته اهوئي سبب آهي جو هلاڪو خان اسان جي لائبريرين کي تباهه ڪرڻ جي تڪليف نه ورتي هئي. اسين پنهنجين لائبريرين کي تباهه ڪرڻ لاءِ پاڻ هلاڪو خان آهيون!
    1974


    فوزيه جو خط

    فوزيه جو خط

    هن خط جي آخر ۾ پنهنجو نالو فوزيه لکيو آهي. خط ختم ڪندي هن لکيو آهي، ”هيءُ خط مون پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي لکيو آهي. ظلم ته ڏسو، لڪي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهي آهيان ــ نالو به مٽائي. ڇو! ڇو! صرف انهيءَ ڪري ته جي اِهو نه ڪيم ته بيڪار ۾ ذهن ۾ مانڌاڻ مچي ويندو، ۽ اڄ جيڪا جرئت ٿي آهي اها هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي. هميشه اوهين پنهنجين ۽ ٻين جي ڳالهين لاءِ ڪالم مخصوص ڪندا آهيو. اڄ اوهان صرف منهنجين ڳالهين جو ذڪر ڪريو“.
    تنهنجيءَ سوچ، ۽ منهنجيءَ سوچ جو محور ساڳيو آهي، فوزيه، تنهن ڪري اڄ مان فقط تنهنجي خط جو ذڪر ڪندس. عورت بنيادي طرح ماءُ آهي. ٻار جي پهرين، ۽ ابتدائي تربيت ماءُ جي هنج ۾ ٿيندي آهي. ان تربيت جو اثر کڻي ٻار وڏو ٿيندو آهي، ۽ دنيا جي لاهن چاڙهن مان لنگهندو آهي. ٻار جي پهرين ۽ ابتدائي تربيت اهم آهي. سنڌ جو مرد اڄ جيڪڏهن ان حقيقت جو منڪر آهي، ته سڀاڻي کيس ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو.

    ويجهڙائيءَ ۾ ٻن انتهائن جي وچ ۾ مون ماءُ ۽ ٻار جي تعلق جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. ٻنهي انتهائن مان پهرين انتها سنڌي ماءُ ۽ سندس ٻار آهي. سنڌي ماءُ جهڙو پيار دنيا جي ٻئي ڪنهن ٻار کي ورلي ملندو. سنڌي ماءُ پاڻ کي پنهنجي اولاد تان صدقو ڪندي نه ٿڪبي آهي ــ گهوريو پئي ويندي! سموري دنيا جي مائرن جو پيار تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ۽ ٻئي ۾ جيڪڏهن سنڌي ماءُ جو پيار وجهجي، ته به سنڌي ماءُ جو پيار سوايو ثابت ٿيندو. پر، فقط پيار ئي ته سڀ ڪجهه ناهي زندگي ۾! اسان جي امڙ وهمن ۾ ورتل، ۽ سودائن ۾ سوگهي ٿيل آهي. اسان جي امڙ جنن ڀوتن جي جڙتو ڳالهين کان هيسايل آهي. اسان جي امڙ تعويذ ڳنڊن جي معتقد آهي. اسان جي امڙ پير پرست ۽ قبر پرست آهي. پر ان ۾ اسان جي امڙ جو ڏوهه نه آهي. کيس علم، معلومات ۽ روشنيءَ کان محروم رکيو ويو آهي. کيس ڄاڻ کان دور ڪيو ويو آهي. اهڙي ماءُ ٻار کي بيمثال پيار ته ڏيئي سگهي ٿي، پر سندس تربيت ڪري نه ٿي سگهي. اهڙي ماءُ جي هنج مان ٻار وهمي، سنسائي، ڊڄڻو، قبر پرست ۽ گيدي ٿي وڏو ٿيندو. ان قسم جا ٻار جڏهن وڏا ٿي معاشري ۾ وراهجي ويندا آهن، تڏهن هڪ ٻئي تي شڪ، گلا، دشمني، ۽ دغا بازيءَ جي اک رکندا آهن. اسين اهڙي معاشري جا فرد آهيون.

    ٻي انتها مان آمريڪا ۾ ڏسي آيو آهيان. ماءُ پنهنجي ٻار کي نرسريءَ جي حوالي ڪري ڪم تي هلي ويندي ــ شام جو دير سان گهر موٽندي ــ ٻار عجب مان ماءُ ڏانهن ڏسندو ــ ۽ ممتا لاءِ واجهائيندو! اهڙي ماحول ۾ ٻار پنهنجيءَ دل ۾ ماءُ جي محبت جي روشني ڏسي نه سگهندو. تنهن ڪري آمريڪي ماءُ ۽ سندس ٻار جي وچ ۾ اُها سڪ ۽ ڇڪ نه آهي، جيڪا سنڌي ماءُ ۽ سندس ٻار جي وچ ۾ آهي. آمريڪي معاشري ۾ نتيجو اهو نڪتو آهي جو هوش سنڀالڻ کان پوءِ ٻار پهريون ڪم اهو ڪندو آهي جو پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي ڏيندو آهي. اهي حالتون خالص سرمائيدار ماحول ۾ پيدا ٿينديون آهن. اسين نظرياتي طور تي سرمائيدار ماحول جا مخالف آهيون. اهڙو ماحول اسان وٽ پيدا نه ٿيندو.

    سنڌ جي مرد ۾ (دنيا جي ڪنهن به مرد ۾) اهڙي ٿوم نه آهي جو اڪيلي سر، يعني ماءُ جي تربيت کانسواءِ، سٺا، برجستا، ڦڙت ۽ ذهين شهري پيدا ڪري سگهي. ان لاءِ ماءُ کي علم، معلومات، ڄاڻ ۽ روشني حاصل ڪرڻي آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌي مرد هر ممڪن ڪوشش ڪري عورت کي علم، معلومات، ڄاڻ ۽ روشنيءَ کان محروم رکيو آهي، اهڙي طرح هو مرد جي هوڏ کي هٿي ڏيندو رهيو آهي. ۽ تو پنهنجي خط ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ”توهان مرد شڪ ئي شڪ ۾ اسان کي اوڙاهه جي ڪن ۾ کنبيو ڦٽو ڪريوــ“ ان کان پوءِ تو مرد جي مرضين جو ذڪر ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو، ان مان تنهنجو اشارو ”ڪارو ڪاريءَ“ جي وحشي ۽ ڪاري روايت ڏانهن آهي. ڪارو ڪاريءَ جي روايت يا رواج اسان جي جهالت جو شاهد ۽ امين آهي. اهو رواج جيڪڏهن ڪارآمد هجي ها، ته اڄ تائين هزارين عورتون ۽ مرد مارجي وڃڻ کان پوءِ سنڌ مان ”ڪارو ڪاريءَ“ جو نالو ختم ٿي وڃي ها. پر ائين نه ٿيو آهي. روزانو اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن. ان جو مطلب آهي ته ڪارو ڪاريءَ وارو وحشي رواج بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿيو آهي. نڪاح کان پوءِ ڪنهن به مرد کي عورت جي حياتيءَ تي اختيار نه ٿو ملي. مرد جيڪڏهن محسوس ڪري ته عورت هن سان خوش ۽ راضي نه آهي، ته هو اهڙي عورت کي طلاق ڏيئي سگهي ٿو. پر ائين ڪرڻ لاءِ به عقل، علم ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي. جاهل ۽ اڻ پڙهيل مرد پنهنجي عورت کي ڍور ڍڳو سمجهندو آهي، تنهن ڪري کيس ماريندي ويرم نه ڪندو آهي. هو سمجهندو آهي ته عربيءَ ۾ ٻڌايل نڪاح ۾ شايد اهو به شامل آهي ته عورت ٻڌي ٻانهيءَ طور کيس ملي رهي آهي، تنهن ڪري کيس عورت جي حياتيءَ تي به اختيار آهي. جڏهن چاهي، کيس ماري ڇڏي! خدا شل مولوين کي ساڃهه ڏئي ۽ هو نڪاح جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مرد کي به ٻڌائين. فوزيه، اسين ان ڪاري ڪاريءَ جي ڪاري رواج خلاف بغاوت ڪنداسين، سنڌ کي وحشي ريتن کان آجو ڪرائينداسين، ۽ ڪردارن کي علم ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. مون ان لاءِ اڪيلي سر جنگ جوٽي آهي، ۽ مان اها جنگ جاري رکندس.
    تو فوزيه، پنهنجي خط جي پڄاڻيءَ ۾ منهنجي لاءِ دعا لکي آهي، ”شال خوش رهو سنڌوءَ مان.“
    هوءَ شل خوش رهي، سنڌو شل سکي رهي ــ منهنجيون رهيل سهيل خوشيون به شل هن کي ئي ملن ــ منهنجيءَ حياتيءَ جون باقي بچيل گهڙيون به شل هن کي ئي نصيب ٿين. منهنجو ڇاهي! مان پوئين پهر جو ڏيئو آهيان ــ آهستي آهستي اُجهامي رهيو آهيان.
    1977


    منهنجا مثالي شاگرد

    منهنجا مثالي شاگرد

    مون پاڻ کي شاگردن جي سياست کان هميشه ڌار رکيو آهي. مان ليکڪ آهيان، ۽ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ شاگردن جي سياست سان منهن جو سڌو سنئون ڪو به تعلق ڪونهي. ها، مون شاگردن جي باري ۾ جيڪي محسوس ڪيو آهي، سو لکيو آهي. شاگرد قومن جي آئيندي جي علامت هوندا آهن. تنهن ڪري منهنجي ذهن ۾ مثالي شاگردن جو تصور مستقل صورت اختيار ڪري ويو آهي. تنهن ڪري مان جڏهن به شاگردن جي مسئلن بابت لکندو آهيان، اهي مثالي شاگرد منهنجي ذهن ۾ موجود هوندا آهن.
    سنڌ لاءِ ساهه قربان ڪندڙ اُهي شاگرد محنتن جا مسيحا آهن ــ مون کي لائبريرين ۾ نظر ايندا آهن ـــ سنڌ جي تاريخ جا ورق ورائيندا آهن ــ سنڌ جي آئيندي متعلق سوچيندا آهن. هنن کي سنڌ جي ضرورتن جي خبر آهي. هو سنڌ لاءِ قوت ۽ طاقت جي خزانن کان واقف آهن. هو سنڌ کي طاقتور بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ کي هر سال ٽي سئو ڊاڪٽر، ٽي سئو انجنيئر، ٽي سئو سائنسدان، ۽ لاتعداد هنرمند، ڪاريگر، آپريٽر، ٽيڪنيشن، نرسون، ڪمپائونڊر، ٽائيپسٽ، اسٽينوگرافر، ريل گاڏيون، هوائي جهاز ۽ پاڻيءَ جا جهاز هلائيندڙ گهرجن. سنڌ کي اهڙن ڄاڻن جي ضرورت آهي، جيڪي ملڪي ۽ پرڏيهي واپار جا ماهر هجن ــ ناڻي جي مٽا سٽا جا ماهر هجن ـــ بينڪاريءَ جا ماهر هجن. منهنجا مثالي شاگرد راندين ۾ ميدان ماري رهيا آهن ــ چٽاڀيٽين ۾ اڳتي نڪري رهيا آهن ــ هو سموري جڳ ۾ سنڌ جو مان ۽ مرتبو مٿاهون ڪري رهيا آهن.
    منهنجا مثالي شاگرد نه صرف پنهنجي پڙهڻ ۾ ڀڙ آهن، ۽ سنڌ کي طاقتور بنائڻ لاءِ پاڻ کي تعليم، ڄاڻ ۽ خود آگاهيءَ جي هٿيارن سان جهنجهي رهيا آهن، پر هو بين الاقوامي سطح جي سياست کي پڻ سمجهي سگهن ٿا. هو سامراجي ايجنٽن کي سڃاڻڻ واري نگاهه رکن ٿا. هو سنڌ ۾ رهڻ جي باوجود سموري دنيا جي ترقي پسند قوتن سان پاڻ کي شامل محسوس ڪن ٿا. جتي به جابرن ۽ استحصالي قوتن خلاف مظلومن ۽ ڏتڙيل عوام جي جدوجهد هلي رهي آهي، هو پاڻ کي ان جدوجهد جو هڪ حصو سمجهن ٿا. هنن دنيا کي ٻن وڏن ۽ واضح گروهن ۾ تسليم ڪيو آهي. هڪ گروهه ظالمن جو آهي ۽ ٻيو گروهه مظلومن جو آهي. هو مظلومن جي گروهه سان وابسته آهن ۽ سندن سر سان ڪفن ٻڌل آهي.
    منهنجا مثالي شاگرد سنڌ جي استحصالي قوتن جا جاني دشمن آهن. هو سنڌ جي هاريءَ، ڪڙميءَ، مزدور، محتاج ۽ محنت ڪش جا دوست آهن. هو سنڌ جي پورهيت ۾ پورهيتن جي عالمي تنظيم واري سجاڳي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. هو سنڌ جي ترقي پسند اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن جا ٻانهن ٻيلي آهن.
    منهنجا مثالي شاگرد سنڌ کي وهمن، سنسن، ۽ ڀرمن جي ڀوت کان نجات ڏيارڻ چاهين ٿا. هو قبر پرستيءَ جي مخالف آهن، ۽ قبر پرستيءَ کي ترقي پسند تحريڪن لاءِ سخت هاڃيڪارسمجهن ٿا.
    منهنجا مثالي شاگرد ذهين آهن ۽ ترقي پسند آهن، تنهن ڪري سياسي طرح عام شاگردن کان وڌيڪ سجاڳ آهن. هو ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي چونڊن ۾ وڏيرن جي اولاد جي فتح کي وڏي سطح تي قومي چونڊن ۾ وڏيرن جي فتح سان وابسته ڪن ٿا. تنهن ڪري، سنڌ کي وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ رئيسن جي اجاره داريءَ مان آجو ڪرائڻ لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي چونڊن ۾ وڏيرڪن اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪنهن هاريءَ يا مزدور جي پٽ کي بيهارين ٿا ۽ کيس ڪامياب ڪرائي ڏيکارين ٿا. هو وڏيري جي دولت کي تنظيم سان شڪست ڏين ٿا ــ اهڙا آهن منهنجا مثالي شاگرد.
    1976


    وڏيرن جا وليعهد

    وڏيرن جا وليعهد

    ٻن ــ ٽن سالن کان پوءِ حيدرآباد ويم. شهر جي گهٽي گهٽي گهمي ڏٺم. رستا، چونڪ ۽ چوواٽا ڏٺم. ڪجهه به بدليل نظر نه آيو. شهر جي مستقل مزاجي ڏسي دل بهار بهار ٿي ويئي. شهر هجي ته اهڙو! نه هجيس لهر، نه ڪو لوڏو! آدم وڌندو وڃيس ۽ آدميت گهٽجندي وڃيس.
    مون ماضيءَ کي آواز ڏنو. جواب نه مليو.
    مون ڏامر جي رستن تي قدمن جا نشان تلاش ڪيا، پر نه مليا. مون خوابن جي تعبير کي ماڻهن جي هشامن ۾ ڳوليو. تعبير نه ملي.
    منجهند جو هڪ هوٽل ۾ ماني ويٺي کاڌم. پاسي واري ميز تي ڪجهه شاگرد ويٺا هئا. وڏي واڪ ويٺي ڳالهايائون. سندن آواز تي ماڻهن جو ڌيان ڏانهن ڇڪجي ڇڪجي پئي ويو. هو پنهنجين ڳالهين مان شاگردن جا ليڊر پئي لڳا. اُڀ کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون.
    هڪ ڄڻي چيو، ”مون پنهنجي تر ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ جو صوبيدار رکايو آهي.“
    ”الا!“
    ”هائو.“
    ”پوءِ ته اک جي اشاري سان ماڻهو پيو ٻڌائيندو هوندين!“
    ”ٻيو نه ته.“
    ”صوبيدار چئي ۾ اٿئي؟“
    ”اڳيون صوبيدار چئي ۾ نه هو. اهڙي هنڌ بدلي ڪرائي ڇڏي مانس، جو مڙس جو هوش ٺڪاڻي اچي ويو هوندو.“
    ”۽ ڀائرو، مون پنهنجي علائقي ۾ وري مختيارڪار پنهنجي مرضيءَ جو رکايو آهي؟“
    ”ڪير آهي.“
    ”اڳ ڍڪ منشي هوندو هو.“
    ”۽ هينئر مختيار ڪار آهي؟“
    ”ها. مان مدد نه ڪريانس ها، ته شايد ناڪي منشيءَ کان اڳتي نه وڌي سگهي ها.“
    ”۽ يارو، منهنجي ڳوٺ ۾ گرلس مڊل اسڪول واري هيڊماسترياڻي هئي نه، جيڪا اسان جي خلاف اختياريءَ وارن کي درخواستون موڪليندي هئي...“
    ”سا، مري ويئي ڇا؟“
    ”مرندي ڪيئن! بدلي ڪرائي ڇڏي مانس.“
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”مون کي خبر ڪونهي. مون تعليم کاتي وارن کي دٻڙاٽ پٽايو ته اُن رن کي هڪدم اسان جي ڳوٺ مان بدلي ڪريو، ورنه هيڊماسترياڻيءَ کي اغوا ڪيو ويندو.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇا! هڪدم بدلي ڪري ڇڏيائونس.“
    ”يار، هئي ڏاڍي سخت.“
    ”سخت! دماغ خراب هوس. هينئر درست ٿي ويو هوندس.“
    ”ڪنهن ماسترياڻيءَ جو ديدار ته ڇڏيو، هوءَ اسان کي اسڪول جي عمارت وٽان لنگهڻ به نه ڏيندي هئي.“
    شاگردن جي سماجي قوت جا ڪرشما ٻڌي مان خوش ٿيس. سوچيم، اسان جو شاگرد سجاڳ آهي ـــ هوشيار آهي ـــ معاشري ۾ هو پنهنجي حيثيت مڃارائي چڪو آهي! خدا شل کيس آفتن کان امان ۾ رکي.
    1976


    درويشن جو ديس

    درويشن جو ديس

    سنڌ آهي درويشن ۽ درگاهن جو ديس! سوا لک مدفن پيرن جا مقبرا ۽ قبرن جا نشان اوهان کي روهڙيءَ جي پسگردائي ۾ ملندا. ڪنهن سمي روهڙيءَ جي سامهون وچ درياهه ۾ خواجه خضر جو آستان هوندو هو. آئي جو درياهه شاهه کي جوجڪي، ته 1957 واري ٻوڏ ۾ پائي ويس.
    لک کن پير اوهان کي مڪلي ۽ ٺٽي جي آس پاس ملي ويندا. لک کن پير ڪراچيءَ جي ويجهو چوڪنڊيءَ واري قبرستان ۾ دفن آهن. ڪجهه پير سائين لاهوت لامڪان جي طرف، ته ڪجهه ميرپور بٺوري وٽ دفن آهن. مطلب ته، جيڏانهن ڪر نگاهه، تيڏانهن پير ئي پير! اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ تي سائينءَ جي سڪار آهي. مولا جي مهر آهي! هتي نه ٿين چوريون ۽ نه زوريون! سڀ سک آهي. ماڻهو مال چاريندا آهن، ۽ چنگ وڄائيندا آهن. اهو سمورو ڪمال درگاهن جي برڪت جو آهي.
    مون کي سخت افسوس ٿيو آهي، جو ڪجهه دهرين ۽ ملحدن، بلڪه بي پيرن درگاهن جي باري ۾ بد شد ڳالهائڻ ۽ وائي سوائي بڪڻ شروع ڪئي آهي. مون کي پڪ آهي، ته هو مرڻ شرط دوزخ ۾ ويندا، جتي طرحين طرحين جا ڪيئان، جيت ۽ نانگ بلائون کين چڪ پائيندا.
    هڪڙي درگاهه جي باري ۾ پرپئگنڊا هلائي اٿائون، ته اتي ملڪ جا سڀ کان وڏا ديسي شراب، چرس، گانجي ۽ آفيم جا اڏا هلي رهيا آهن. ان درگاهه جو احترام ڪندي، مان اوهان کي ان درگاهه جو نالو نه ٻڌائيندس. باقي مان اهو سو اوهان کي يقين ڏياريان ٿو، ته بيپيرن جي بڪواس بي بنياد آهي. سائين مون ايڪسائيز وارن کان ذاتي طرح پڪ ڪئي آهي. هنن چيو آهي ته ان درگاهه تي نه چرس هلندڙ آهي، ۽ نه ئي گانجو. ديسي شراب جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي! هاڻي اوهين امين ٿيو. سچا ايڪسائيز وارا يا بيپير؟

    ملحدن ڪجهه ٻين درگاهن جي باري ۾ افواهه اڏاريو آهي، ته اتي ملڪ جون مشهور طوائفون اينديون آهن، ۽ سجاده نشينن جي روبرو نچنديون آهن، ۽ محفل کي رونق بخشينديون آهن. بدبخت ملحدن کي خبر ڪونهي، ته ايڏي وڏي الزام لاءِ کين ڪيڏي نه وڏي سزا ڏني ويندي! درگاهن تي الله جو نور وسندو آهي، اتي طوئفن ۽ ناچ گانن جو ڇا وڃي. ۽ سوبه وري سجاده نشينن آڏو! توبهه توبهه!
    ڪجهه درگاهن جي باري ۾ بيپيرن مشهور ڪيو آهي، ته اُتي کلم کلا جوا جون ٽڪريون هلنديون آهن.ڪيڏا نه ڪوڙا آهن، اهي ملحد ۽ بيپير! سائين، جوا جون ٽڪريون کليو کلايو هلن، ۽ پوليس کي خبر نه هجي! ناممڪن. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ جون ذري گهٽ سموريون درگاهون اڄڪلهه اوقاف کاتي جي حوالي آهن.
    اوقاف جو نالو زبان تي ايندئي، الاءِ ڇو، مون کي ڪوهه ڪاف جا ديوَ، پريون ۽ راڪاس ياد ايندا آهن!
    1974


    وڻ وڻ

    وڻ وڻ

    وڏي جاکوڙ کان پوءِ سنڌ جي وڻن جي گڏيل ايسوسيئيشن ٺاهڻ لاءِ ”ڪل سنڌ وڻ“ ڪانفرنس سڏائي ويئي. ٻن ڏينهن جي اجلاس کان پوءِ، جڏهن وڻن جي گڏيل ايسوسيئيشن ٺاهڻ جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هڪ جهوني بڙ چيو، ”بڙ سنڌ جا پراڻي ۾ پراڻا وڻ آهن. بڙن جو ذڪر مذهبي ڪتابن ۾ آيو آهي، تنهن ڪري اسين پنهن جي جدا ايسوسيئيشن ٺاهينداسين. ۽ ان جو نالو رکنداسين. آل سنڌ بڙ ايسوسيئيشن.“
    اتي، ڪجهه ننڍا نيڪرا بڙ لڏڻ لڳا. چيائون، ”اسين بڙ اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا.“
    سمورا وڻ وائڙا ٿي ويا.
    تڏهن ڪنهن ڪنڊ مان آواز آيو، ”اسين آل سنڌ ڪانڊيرا ايسوسيئيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا.“
    ”۽ ان سان گڏوگڏ ڪانڊيرا اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي قيام جو پڻ اعلان ڪريون ٿا.“
    ”۽ اسين وري ڪنهن کان گهٽ آهيون ڇا!“
    ”اوهين ڪير آهيو؟“
    ”اسين ٿوهر آهيون“ ٿوهرن جي نمائندي چيو، ”اسين آل سنڌ ٿوهر ايسوسيئيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا. ۽ گڏوگڏ پنهنجن شاگردن جي تنظيم، ڪل سنڌ ٿوهر اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي پڻ پڌرائي ڪريون ٿا.“
    ”۽ اسين ڪرڙ ايسوسيئيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا.“
    ”اسين نم جي وڻن جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون. اسين آل سنڌ نم ايسوسيئيشن ٺاهڻ جي پڌرائي ڪريون ٿا.“
    ”اسين احترام جوڳا وڻ آهيون.“ پپر جي نمائندي چيو، ”اسين پڻ آل سنڌ پپر ايسوسيئيشن جي قيام جو اعلان ڪريون ٿا.“
    ”۽ اسين پپر قوم جا شاگرد سڳورا آهيون.“ نوجوان پپرن چيو، ”اسين پپر اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا.“
    ”۽ اسين وري سنڌڙي انب اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيون ٿا.“
    ”اسين لنگڙو انب اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن جي قيام جو اعلان ڪريون ٿا.“
    ”اسين وري ڪنهن کان گهٽ آهيون ڇا. اسين ڪليڪٽر انب ايسوسيئيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا.“
    ”سنڌ ۾ اڄ ڪلهه چونسا انب مشهور ٿي رهيو آهي.“ چونسا انب جي نمائندي چيو، ”مان ڪل سنڌ چونسا انجمن جو اعلان ڪريان ٿو.“
    تڏهن ڪنهن پوڙهي وڻ پڇيو، ”مان ڪهڙي انجمن ٺاهيان؟“
    ڪانفرنس جي وڻن پوڙهي وڻ ڏانهن ڏٺو. پوءِ ڪنهن صلاح ڏنس، ”تون به پنهنجي ڏيڍ سر جي مسجد ٺاهه، پوڙها وڻ“.
    پوڙهي وڻ ٿڌو ساهه کنيو. وراڻيائين، ”منهنجيون پاڙون سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ پختيون آهن. مان ڪهڙي ايسوسيئيشن ۽ ڪهڙي انجمن ٺاهيان!“

    1974


    هڪ پل

    هڪ پل

    دل جي وستي آباد هوندي آهي، ته ويرانين ۾ به زندگيءَ جا آثار نظر ايندا آهن. خزائن کي بهار وانگر جهول ۾ جهلي وٺبو آهي. پر جڏهن دل جو شهر ويران هوندو آهي، تڏهن ڀريل بندر ۽ بازاريون ڀڙڀانگ لڳنديون آهن. اندر مان آواز ايندو آهي. ”بندر ۽ بازاريون، سڃا سامونڊين ريءِ.“
    ڪراچيءَ جو سمورو شهر سڃو ٿي ويو. آرام باغ وٽان لنگهندي لائوڊ اسپيڪرن مان سنڌ، سنڌين ۽ سنڌيت کي گاريون ملنديون ٻڌم، ته رهيو کهيو روح به اتاولو ٿي ويو. هڪ اجنبيءَ وانگر ڪراچيءَ جي رستن تي رلندو رهيس. پاڻ کي، پنهنجي سڪون کي ڳوليندو رهيس.
    سمورو شهر بي انت خاموشيءَ ۾ گم ٿي ويو. ماٺ مسلط ٿي. اجڙيل ۽ ويران رستن تي هلندي هلندي ماضيءَ جي گهڙين کي ڳوليندي ڳوليندي، جڏهن سنڌ سنڌ ساڻو ٿي پيو، تڏهن ان ريسٽورنٽ جي نويڪلي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺس، جتي گهڻو اڳ، تمام گهڻو اڳ، صديون اڳ مون کي خوشيءَ جون ڪجهه ڪڻيون خيرات ۾ مليون هيون. مان جڏهن به ان ريسٽورنٽ ۾ ويندو آهيان، تڏهن محسوس ڪندو آهيان، ڄڻ ماضيءَ جي مقبري ۾ بيٺو آهيان، جتي منهنجي وڃايل مرڪ دفن آهي ــ جتي منهنجين املهه گهڙين جي ميراث دفن آهن.
    منهنجي ٽيبل کان ڪجهه پَر ڀرو هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري ويٺا هئا. سندن ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا ٽيبل جي وچ تي ڊهه هئا. هنن جون ٻانهون ٽيبل تي رکيون هيون، ۽ هو اڳتي جهڪي، جهيڻي آواز ۾ ڳالهائي رهيا هئا. دل ۾ سوچيم، چريا آهن، وقت جي اجگر کي املهه گهڙين جو نذرانو ڏيئي رهيا آهن. چاهيم، ته وڃي چوان، ڏسو، مون کي ڏسو. مون به ڪنهن جي موجودگيءَ ۾ وقت جي اجگر کي املهه گهڙين جو نذرانو ڏنو هو. موٽ ۾ مون کي ڇا مليو! واري ـــ اُڏامندڙ واري ڪجهه به نه!
    پر پوءِ خيال آيم، ته ڀل ويٺا ڳالهائين. اهي املهه گهڙيون ئي ته آهن، جن کي ياد ڪندي، هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ، هي چريا زندگيءَ جو زهر پي سگهندا. ۽ جيءُ سگهندا.
    مون ڇوڪري ڏانهن ڏٺو. هو مون کي سڃاتل لڳو. هو ليکڪ هو. سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکندو هو. هر ڪهاڻي ۽ هر ڊرامي ۾ هڪ لفظ، يا هڪ سٽ پنهنجي اندر جي آرزوءَ جي وضاحت لاءِ لکي ويندو هو. ”ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت“.
    ماضي ۽ حال جي وچ ۾ بيٺل ڀت ڪرڻ لڳي. مون ڪرندڙ ڀت کي ٽيڪ ڏني. پوءِ ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ به ڄاتل سڃاتل لڳي. هن اڪيلي سر وقت جي ارغونن ۽ ترخانن سان جنگ جوٽي هئي. هوءَ عام رواجي ڇوڪري نه هئي. چوندي هئي ــ
    ”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان.“
    هوءَ ٽيبل تي ٻانهون رکي ليکڪ کي چئي رهي هئي، ”خبر اٿئي، پنهنجو لک رپين وارو معمو صحيح نڪرندو ته پاڻ ڇا ڪنداسين؟“
    ليکڪ وراڻيو، ”پاڻ ان مان جنت ٺهرائينداسين.“
    ”مان چرچي جي موڊ ۾ ناهيان.“
    ”ته پوءِ ٻڌ.“
    ”ٻڌاءِ.“
    ليکڪ چيو، ”مان جنهن پين سان لکندو آهيان، تنهن جي نب ڪلڪ جهڙي موڪري ۽ ويڪري ٿي ويئي آهي. تون سڀ کان اول مون کي هڪ سٺي فائونٽن پين وٺي ڏجانءِ.“
    ڇوڪريءَ هڪدم پڇيو، ”گذريل هفتي جو نئين پين وٺي ڏني هئي مانءِ، سا ڪيڏانهن ڪيهءِ؟“
    ليکڪ وراڻيو، ”اها پين اڌ قيمت ۾ وڪڻي ڪاغذ ورتم. ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ڊراما فيئر ڪرڻا هئا، ۽ مون وٽ هڪ پنو به نه هو.“
    ڇوڪري گنڀير ٿي ويئي، سوچيندي رهي. اکيون آليون ٿي پيس. چيائين، ”اسان جو لک رپئي وارو معمو جڏهن صحيح نڪرندو، ۽ اسان کي هڪ لک رپيا ملندا، تڏهن مان توکي هڪ رائيفل ۽ هڪ مشين گن وٺي ڏيندس. جيڪو ماحول ۽ معاشرو توکي تنهنجي ٻوليءَ لاءِ قلم ۽ ڪاغذ ڏيئي نٿو سگهي، تنهن کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏجانءِ.“
    مون ڪنن تي هٿ رکي منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. چيم، آهستي ڳالهايو، آهستي ڳالهايو. پوءِ ٻيهر منهن ورائي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺم، اُتي ڪوبه نه هو. ڪوبه نه هو. ٽيبل خالي هئي. ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ ڀت بيهي رهي هئي.
    1973


    بندش

    بندش

    وڌيــڪ پــنــجــن ســنـڌي رسالن تي بندش پئجي وڃڻ کان پوءِ، هينئر (1975)سنڌ ۾ ڪوبه سنڌي رسالو باقي نه بچيو آهي ــ انا لله و انا اليھ راجعُون!
    سنڌ ۾ شايع ٿيندڙ ادب جي پارکو لاهور واري اخبار ” نوائے وقت “ آهي. جماعت اسلاميءَ جي حامي اخبار هاءِ گهوڙا شروع ڪئي ته سنڌ ۾ سنڌي رسالن کي سنڌ حڪومت جي سنڌي ڪابينا ۽ ڪامورن ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ سنڌ ۾ سخت اعتراض جوڳو مواد شايع ٿي رهيو آهي ــ پاڪستان ۽ اسلام خطري ۾ آهي ــ اجهو راتو واهه سنڌ ۾ سنڌوديش قائم ٿيڻ وارو آهي!
    بس سائين! ” نوائے وقت “ جي لکڻ جي دير هئي. سنڌ ۾ وٺ وٺان ٿي ويئي ــ پريسون بند ۽ رسالا ضبط! اسين سنڌي ازل کان ڪامپليڪسز جو شڪار ٿيندا رهيا آهيون. سنڌي ڪامورو ڪنهن سنڌي بيروزگار نوجوان سان فقط ان ڪري رُکو ڳالهائيندو ۽ نوڪري نه ڏيندو جيئن ڪو کيس تعصبي نه سڏي سگهي! مون اهڙا سنڌي ڪامورا به ڏٺا آهن، جيڪي آفيسن ۾، يا سنڌي نه ڄاڻندڙن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي اولاد سان سنڌي نه ڳالهائيندا آهن ــ ۽ اهڙي طرح پاڻ کي ”بيگناهه“ ۽ ”سچار“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن! بهرحال، سنڌ ۾ سمورن سنڌي رسالن تي بندش پئجي وڃڻ کان پوءِ، اختياريءَ وارن کي سڀ کان وڌيڪ مبارڪون لاهور واري اخبار ” نوائے وقت “ کان مليون آهن. ساڳيءَ اخبار مبارڪون ڏيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳالهه رسالن بند ڪرڻ تائين محدود نه ڪئي وڃي ــ بلڪه انهن رسالن جي ايڊيٽرن، پبلشرن ۽ سنڌ جي سڀني اديبن کي ڪاٺ ۾ هنيو وڃي، ڦاهيءَ جي تختن تي چاڙهيو وڃي. هينئر ڏسڻو اهو آهي ته اختياريءَ وارا ” نوائے وقت “ کي راضي رکڻ لاءِ ڪڏهن ٿا ٻڌي ليکي سمورن سنڌي اديبن، ايڊيٽرن ۽ پبلشرن کي قابو ڪري مذڪور اخبار جون وڌيڪ مبارڪون حاصل ڪن!
    سمورن سنڌي رسالن تي مڪمل ۽ باضابطه بندش پئجي وڃڻ کان پوءِ ثابت ٿيو آهي، ته سمورا سنڌي اديب، شاعر، محقق، مورخ ۽ عالم غدار آهن، ٻاهرين طاقتن جا ايجنٽ آهن، فسادي ۽ تخريبڪار آهن! ان خطرناڪ رجحان ۽ سازش جو انڪشاف 1975 ۾ ٿيو آهي، ۽ سو به ” نوائے وقت “ جي ڌيان ڇڪائڻ سان! ان سازش جو انڪشاف 1972 ۾ نه ٿيو هو. ان سازش جو انڪشاف 1970 ۾ نه ٿيو هو. ان سازش جو انڪشاف ون يونٽ دوران ايوب خان جي فوجي دور ۾ نه ٿيو هو. ان خطرناڪ سازش جو انڪشاف اوچتوئي اوچتو 1975 ۾ ٿيو آهي! پهاڪي، ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي“، جي معنيٰ اڳ مبهم لڳندي هئي؛ هينئر واضح ٿي پيئي آهي.
    سنڌي رسالن جا پڙهندڙ فقط سنڌ تائين محدود نه آهن. سنڌي رسالن جا پڙهندڙ اڄڪلهه نيو يارڪ کان هانگ ڪانگ، سڊني ۽ ميلبورن تائين پکڙجي ويا آهن. سنڌي رسالن تي وڌل بندش مان پيدا ٿيندڙ راين، ردِ عمل ۽ محرڪات کي فقط ملڪي سرحدن اندر محدود ڪري نٿو سگهجي. سنڌي رسالن تي وڌل بندش بابت بحث جو دائرو بين القوامي آهي. خدا شل ساڃهه ڏئي اسان جي ڪامورن کي جيڪي پنهنجي پاڇي کان ڇرڪندا آهن، ۽ ڪامپليڪسز جو شڪار آهن! نيتن جو ڄاڻو خدا آهي. پر، لاهور واري ”نواءے وقت “ هڪئي ڌڪ سان پاڪستان جي اميج ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن. سنڌي رسالن تي مڪمل بندش پئجي وڃڻ کان پوءِ، ڪنهن، غير ملڪي ريڊيو اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ تبصرا ٻڌا آهن؟ پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي ناهي ــ پاڪستان ۾ تحرير جي آزادي ناهي! اسين اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون، ته پاڪستان کي بين القوامي سطح تي بدنام ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
    اڄ، جڏهن مان جمهوري دور ۾ هيءُ مضمون لکي رهيو آهيان، تڏهن مون کي ايوب خان جي فوجي آمريت وارو قهري ون ــ يونٽي دور ياد اچي رهيو آهي. ماهوار ”روح رهاڻ“ رسالي آمريت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. ڪامورن کي پيٽ ۾ وٽ هجن. هٿن جون تريون ويٺا مهٽين! ”روح رهاڻ“ رسالي 1962 کان 1968 تائين ڏاڍيءَ بهادريءَ، دليريءَ ۽ سچائيءَ سان ادب پيدا ڪيو، ۽ ادب ذريعي سنڌ ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو. ايوبي ڪامورن ڏاڍا وس هلايا، پر ”روح رهاڻ“ تي تڪڙ ۾ هٿ وجهڻ جي سگهه ساري نه سگهيا.مون کي ياد آهي، ته اپريل 1968 جي سالنامي بابت رسالي جي ايڊيٽر حميد سنڌيءَ کي لاهور مان نوٽيس موڪليو ويو هو، جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو هو ته ”روح رهاڻ جي اپريل واري پرچي ۾ صفحي فلاڻي کان فلاڻي تائين اعتراض جوڳو مودا شايع ٿيل آهي. هن نوٽيس ملڻ جي هڪ هفتي اندر پاڻ يا پنهنجي عيوضيءَ هٿان جواب موڪل ته ان اعتراض جوڳي مواد سبب روح رهاڻ جو اپريل 1968 وارو پرچو ڇونه ضبط ڪيو وڃي.“
    اِهو ئي طريقو ڪار آهي رسالن ۽ ڪتابن کي ضبط ڪرڻ جو. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ٻڌي ليکي سمورن رسالن جي هزارن پرچن کي ضبط نه ڪيو ويو آهي. سنڌي رسالن تي وڌل بندش پنهنجي ساءِ دنيا ۾ يگانو مثال آهي.
    ايوب خان جي ڪامورن آڪٽوبر 1968 ۾ ”روح رهاڻ“ رسالي جو ڊڪليئريشن رد ڪري ڇڏيو، پر “روح رهاڻ“ جا سمورا پرچا ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري نه ڪيو.
    موجوده دور ۾ سمورن سنڌي رسالن جا سمورا پرچا، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ آهن، ضبط ڪيا ويا آهن. ڪنهن به رسالي جي ايڊيٽر کي باضابطه نوٽيس جاري ڪري اهو نه ٻڌايو ويو آهي، ته سندس رسالي جي ڪهڙي پرچي ۾، ڪهڙي صفحي کان ڪهڙي صفحي تائين اعتراض جوڳو مواد شايع ٿيل آهي. ڪنهن به رسالي جي ايڊيٽر کان سندس رسالي ۾ شايع ٿيل ڪنهن افساني، مضمون، ۽ شعر بابت صفائي طلب نه ڪئي ويئي آهي. ان مان ثابت آهي، ته سنڌي رسالن تي بندش دٻڙ دوس ۾ وڌي ويئي آهي. ساڳي ئي ڪامپليڪسز تحت وڌي ويئي آهي، جنهن جو ذڪر مان شروعات ۾ ڪري آيو آهيان. اِهو انومان، ته ڪنهن رسالي جا سوين، ۽ سمورن سنڌي رسالن جا هزارين پرچا، هر هڪ صفحي سميت ضبطيءَ لائق آهن، عقل ۽ دليل جي قياس کان ٻاهر آهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن ايڊيٽرجيڪڏهن هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي وڌو، ته پوءِ چڱن چوکن جا وکا پڌرا ٿي پوندا.
    منهنجي مضمون مان متان ڪا غلط فهمي پيدا ٿئي، تنهن ڪري مان واضح طور تي مڃان ٿو ته دنيا جي هر هڪ ملڪ ۾ ڪتاب ۽ رسالا ضبط ٿيندا آهن. سنڌي رسالا ۽ ڪتاب به ضبط ٿي سگهن ٿا ــ پر ڪنهن باضابطه طريقه ڪار سان. سياسي طرح ڦلهڙي ۽ فحش ادب جي اوٽ ۾ سموري عاليشان سنڌي ادب تي منڌيئڙو ڦيرائڻ بي انصافي آهي. رسالن تي بندش وجهڻ کان اڳ، باقاعدي نوٽيس جاري ڪري هرهڪ رسالي جي ايڊيٽر کي سندس رسالي جي هرهڪ پرچي ۾ شايع ٿيل اعتراض جوڳي تحرير بابت صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها. هيءُ دستوري ملڪ آهي. هتي هرڪو قدم دستور مطابق کڄڻو آهي، ۽ نه ڪي ڪنهن لاهوري اخبار جي هشيءَ تي!
    هتي مان مجبور ٿي سنڌ جي انهن ٽپتائي، ٺڳ ۽ بشني اديبن بابت ڪجهه لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جن لاهوري اخبار ” نواءے وقت“ جي حضور ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ مير جعفر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. مون بدقسمتيءَ سان اڃا تائين مير جعفر اديبن طرفان جاري ڪيل ”وائيٽ پيپر“ نه ڏٺو آهي، جن ۾ سنڌيءَ جي ترقي پسند اديبن جي تحريرن مان ٽڪرا ڏنا ويا آهن. مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته وائيٽ پيپر ۾ سنڌيءَ جي جديد ليکڪن جي تحريرن مان سِٽون ۽ جملا ڪڍي، حوالي طور پيش ڪيا ويا آهن. هيءُ پئراگراف لکندي مان بيحد افسوس محسوس ڪري رهيو آهيان. جن اديبن طرفان سنڌ جي ترقي پسند اديبن خلاف 1950 کان رکي رکي بغض ۽ ڪيني، حسد ۽ ساڙ جي باهه ڀڙڪندي رهي آهي، سي رجعت پسند اديب عمر جي لحاظ کان بزرگ آهن. اسان کي سندن اڇن وارن ۽ عمر لاءِ احترام آهي. مان کين يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اڄ تائين جيڪڏهن کين نه پڙهيو ويو آهي، ۽ اڄ تائين جيڪڏهن کين پڙهندڙن قبول نه ڪيو آهي، ته ان ۾ ترقي پسند اديبن جو ڏوهه ناهي. اسان ڪنهن به پڙهندڙ کي رجعت پرستن جي تخليقن کي پڙهڻ کان نه روڪيو آهي. هيءُ نجو اقتصادي مسئلو آهي. پڙهندڙ پنهنجي محدود آمدنيءَ ۽ وسيلن سان فقط اهي رسالا وٺندو جن کي هو ڪار آمد سمجهندو. اسين ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو.“ جا حامي آهيون ــ ۽ ان تي عمل ڪندا رهيا آهيون. سنڌي ادب جا مير جعفر اديب جيڪڏهن لاهور جي رجعت پسندن سان ٺاهه ڪري، سنڌيءَ جي سجاڳ، دلير ۽ ترقي پسند اديبن خلاف هلچل هلائي کين ادب مان خارج ڪري سنڌي پڙهندڙن تي مسلط ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، ته پوءِ پوڙها ڀليل آهن. ترقي پسند ادب فقط ادب ناهي ــ سوچ آهي. اِها سوچ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ سنڌ جي گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ جي سجاڳ ماڻهن جي سوچ آهي. اها سوچ ترقيءَ ۽ اڳتي وڌڻ جي سوچ آهي. اها سوچ تعميري سوچ آهي. اها سوچ سنڌ جي قوت آهي. سوچ جي ڌارائن کي روڪي نٿو سگهجي. دنيا ڏينهون ڏينهن ننڍي ٿي رهي آهي.سموري دنيا جا اقتصادي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا سياسي تاڃي پيٽي ۾ اُڻجي رهيا آهن.
    مير جعفر سنڌي اديبن جي ”وائيٽ پيپر“ بابت مون کي فقط ايترو چوڻو آهي، ته پوڙها بابلا، اڄوڪو سنڌي پڙهندڙ ڪنهن به سنڌي اديب کان وڌيڪ ذهين، هوشيار ۽ چالاڪ آهي. ادب مان ٽڪرن تي جيڪڏهن انحصار ڪبو، ته پوءِ دنيا جا چڱا چوکا ڪتاب، (جن تي هزارين قومن جا عقيدا ۽ ايمان آهن)، فحاشي، بغاوت ۽ قائم قدرن کي ٺڪرائڻ جي الزام کان آجا ٿي نه سگهندا. مهرباني ڪري ڳالهه کي نه وڌايو. مشهور ڪتاب ”بهشتي زيور“ جا ڪجهه حصا پنهنجي گهر ۾ وڏي واڪ پڙهي ٻڌايو، ۽ پوءِ اسان سان ڳالهايو. پر، وري به هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪجي ٿو، ته ان موضوع کي بحث هيٺ نه آڻيو. ڪنهن به تخليق يا تحرير جي مجموعي تاثر کي ڏسبو ۽ محسوس ڪبو آهي، ۽ نه ڪي سندس ڪجهه لفظن يا جملن کي. ظفر ڪاظمي جي ٺاهيل ڪنهن تصوير جي گوڏي کي حوالي طور پيش ڪرڻ جهالت جو ثبوت آهي.
    عوامي حڪومت اسان جي حڪومت آهي. هن حڪومت کي تاريخ جي ارتقا ۾ شامل ٿيڻ کان پاسيرو ڪري نه ٿو سگهجي. هن حڪومت جي دور ۾ جيڪي ڪجهه ٿيندو، برو يا ڀلو، اڳتي هلي پاڪستان جي مجموعي تاريخ جو حصو ٿي پوندو. ائين ته ناهي، ڪي ڳجها دشمن اسان جي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ منصوبا رٿي رهيا آهن! ائين ته ناهي، ڪي مڪار ويري اسان جي حڪومت کي بدنما داغ هڻڻ لاءِ ڪامياب ڪوششون ڪري رهيا آهن! ائين ته ناهي، ڪي حرفت باز حريف اسان جي حڪومت کان ڪي اهڙا اگرا ڪم ڪرائڻ جون اٽڪلون سوچي رهيا آهن، جن جي ڪرڻ کان پوءِ اسان جي حڪومت تاريخ ۾ مٿاهون مرتبو ماڻي نه سگهندي! ائين ته ناهي، لاهور واري اخبار ” نواءے وقت“ ۽ جماعتي رسالي ”اداڪار“ جي بي بنياد الزامن کي ”غلط“ ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت گهر ٻاري ڏيئاري ڪئي آهي! ائين ته ناهي، ته سمورن سنڌي رسالن کي سنڌي ڪامورن ان ڪامپليڪس سبب ضبط ڪيو آهي جنهن جي نفسياتي اثر هيٺ هڪ سنڌي ٻئي سنڌيءَ کي ماري، ڊاهي ۽ چيڀاٽي پاڻ کي ٻين آڏو سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي!
    سنڌي رسالن تي وڌل بندش جي طريقه ڪار تي سمورن سنڌي اديبن شاعرن، محققن ۽ مورخن کي تشويش آهي. اسان کي ڊپ آهي، ته اهڙي تڪڙي، ۽ غير مناسب قدم سبب ڪٿي غلط روايتن جو رواج نه پئجي وڃي! اسين هڪ طرف ته سوشلزم جي دعوا ڪيون ٿا، ۽ ٻئي طرف رجعت پرست قوتن آڏو گوڏا کوڙيندي ويرم نه ٿا ڪريون. خدا شل اسان جي حال تي رحم ڪري.
    اختياريءَ وارن کي منهنجو عرض آهي ته بندش وڌل ۽ ضبط ڪيل رسالن جي هزارين پرچن جو اطمينان ۽ غور سان مطالعو ڪيو وڃي. انهن صفحن تي قرآن مجيد ۽ حديث مان حوالا، اصحابن جا قول، مدح، مناجاتون، نعت ۽ مرثيا موجود آهن. انهن رسالن ۾ شاهه لطيف ۽ سچل تي مقالا آهن. انهن صفحن تي قائداعظم ۽ قائد عوام جون تصويرون ۽ بيان آهن. انهن رسالن جي سمورن صفحن تي افسانا ۽ شعر نه آهن، جن مان سٽون ۽ جملا ڪڍي وائيٽ پيپر شايع ڪرايو ويو آهي. رسالي ”اداڪار“ جي فتوا پٿر تي ليڪو نه آهي، جنهن لکيو آهي ته ضبط ڪيل رسالن جي هڪ هڪ صفحي جو لفظ لفظ فحش ۽ الحاد جو پرچار ڪندڙ آهي.
    1975


    اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک

    اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک

    سائين، دوست هجي ته حميد آخوند جهڙو ــ جيڪو دوستيءَ جو دم به ڀريندو هجي، ۽ اندران ئي اندران دوست جو ترو ڪڍڻ جي ترڪيب به سوچيندو رهي.
    ترو بالٽيءَ کي ٿيندو آهي، ماڻهوءَ کي نه، پر تنهن هوندي به ترو ماڻهوءَ جو نڪرندو آهي، بالٽيءَ جو نه، اتفاق سان، يا قضا الاهيءَ سان جيڪڏهن بالٽيءَ جو ترو نڪري ويندو آهي، ته اُهو ترو ٻيهر لڳي به سگهندو آهي. پر ماڻهوءَ جو نڪتل ترو لڳي نه سگهندو آهي، ڇو جو قدرت طرفان ماڻهوءَ لاءِ اسپيئر پارٽ ايجاد نه ٿيا آهن.
    جن ماڻهن جو ترو نڪرندو آهي، سي اصل ۾ ماڻهو نه، بلڪه بالٽي هوندا آهن. هوٽلن وارا تغاريءَ ۾ گوشت پچائيندا آهن، ۽ ان کي بالٽي گوشت جو نالو ڏيئي وڪڻندا آهن. بالٽي گوشت پاڪستان جي مشترڪه ثقافت آهي. لاهور جا ماڻهو قدامت پسند آهن. هو بالٽي گوشت کي ڪڙهائي گوشت سڏيندا آهن. اسين تغاريءَ ۾ پڪل گوشت کي بالٽي گوشت قبول ڪندا آهيون.
    هڪڙي دور انديش مون کي ٻڌايو هو، ته هر انسان کي هڪ عدد ترو مليل هوندو آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن، ڪنهن دوست هٿان نڪري ويندو آهي. دشمن اسان جو ترو ڪڍي نه سگهندو آهي، تري ڪڍڻ جو نيڪ ڪم سڄڻ ڪندا آهن.هڪ انسان ان وقت تائين بالٽي رهندو آهي، جيستائين پنهنجي حالت بدلائڻ جو ڪوشش نه ڪندو آهي. جن ماڻهن کي تري نڪرڻ جو انديشو هوندو آهي، سي ماڻهو پنهنجي حالت هڪدم بدلائي ڇڏيندا آهن.
    تري نڪرڻ واري اصطلاح ٻڌڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي تري جو خيال آيو هو. مون پنهنجي حالت هڪدم بدلائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ پوءِ مان بالٽيءَ بدران چمچو ٿي پيس. منهنجو ذاتي تجربو آهي، ته جيڪي ماڻهو بالٽيءَ مان چمچو يا چمچي جي ڪٽنب جو ڪو ڀاتي جهڙوڪ ڏوئي، کرپي يا ڪفگير ٿي پوندا آهن، سي مزي ۾ رهندا آهن، ۽ ڪڏهن به سندن ترو نڪري نه سگهندو آهي. سندن ترو ان ڪري نه نڪرندو آهي، جو چمچي کي ترو نه ٿيندو آهي.
    تنهن ڪري دوستو، حميد آخوند منهنجي تري ڪڍڻ جي ترڪيب ته سوچي آهي، پر حميد کي شايد خبر ڪونهي ته مان چمچو آهيان ۽ چمچي کي ترو نه ٿيندو آهي. حميد منهنجو ترو ڪڍڻ لاءِ مون کي شاهه عبداللطيف جهڙي تخريبڪار علاقائي ۽ صوبائي شاعر تي مقالو پڙهڻ جي دعوت ڏني آهي. پر يقين ڪريو دوستو، مان نادان نه آهيان. مان حميد آخوند جي وڇايل ڄار ۾ نه ڦاسندس. مان هڪ علاقائي شاعر جي باري ۾ مقالو نه پڙهندس. ها، حميد مون کي جيڪڏهن اهڙي ڪنهن شاعر تي مقالو پڙهڻ لاءِ گهرائي ها، جنهن جو مڙهه مقام ڏيساور ۾ هجي ها، ته هوند مان هڪ عدد مقالو اهڙي شاعر تي ضرور پڙهان ها. اهڙو شاعر جنهن جو مڙهه مقام ڏيساور ۾ هوندو آهي سو شاعر پاڪستاني شاعر سڏائڻ ۾ ايندو آهي، ڇو جو سندس مڙهه مقام شاهه عبداللطيف وانگر پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ نه هوندو آهي. اهڙي غير ملڪي شاعر جي ذڪر سان علاقائيت ۽ صوبائيت نه ڦهلبي آهي.
    شاهه عبداللطيف متعلق مون سان ويجهڙائيءَ ۾ هڪ دلچسپ واقعو پيش اچي چڪو آهي.
    اسلام آباد جي پاڪستان سينٽر ۾ شاهه لطيف جو ڏينهن ملهائڻ جو اهتمام ڪيو هئائون. مان اڄڪلهه اسلام آباد ۾ ڍَوَ تي آهيان. پاڪستان سينٽر پاران اردوءَ جي مشهور شاعر احمد فراز مون کي شاهه تي مقالي پڙهڻ جو سڏ ڏنو. مون هاڪار ڪئي. کيس چيم ته مان شاهه لطيف تي اردوءَ ۾ ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندس. پر، ان کان اڳ جو مان شاهه لطيف تي اردوءَ ۾ مقالو لکان ۽ مقرر ڏينهن تي وڃي پاڪستان سينٽر ۾ پڙهان، خدا جي ڪنهن نيڪ بندي احمد فراز کي منهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ۽ ڊيڄاري ڇڏيو. احمد فراز کي ٻڌايو ويو ته جنهن شخص کي شاهه لطيف تي اردوءَ ۾مقالو لکڻ لاءِ چيو اٿئي، تنهن شخص جو نالو امر جليل آهي. هو بدنام ڌاڙيل محرم جانوريءَ جو فرار ٿيل ساٿي آهي ــ اديب وغيره ناهي. هو سنڌ ۾ پوليس کي ڪيترن ڌاڙن، خونن ۽ اغوا جي ڪيسن ۾ گهربل آهي.
    احمد فراز جا طاق لڳي ويا. هن تصديق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته خدا جي ڪنهن ٻئي نيڪ بندي کيس پڪ ڏياري ته امر جليل اڄڪلهه روپوش ٿي اسلام آباد پهچي ويو آهي، يا نامعلوم عرصي تائين سنڌ مان Out ڪيو ويو آهي. يعني سنڌ بدر ڪيو ويو آهي. اهڙي هسٽري شيٽر کان شاهه تي مقالو پڙهائڻ جوکم جو ڪم آهي.
    اسلام آباد واري پاڪستان سينٽر جا ڪارندا ڏاڍا نيڪ آهن. معذرت ڪندي مون کي چوائي موڪليائون ته يار اسين مسڪين، ٻچڙي وال آهيون. اسان کان گناهه سرزد ٿيو آهي، جو توکي شاهه لطيف تي مقالي پڙهڻ جي دعوت ڏيئي ويٺا آهيون ــ يار اسان جي حال تي رحم ڪر ــ اسان کي معاف ڪر ــ اسان تنهنجو نالو مقالا پڙهڻ وارن جي فهرست مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. مون کي احمد فراز تي رحم آيو. مون مقالو نه پڙهيو، احمد فراز کي چوائي موڪليم، اب کے بچھڑے تو شاید کہ خوابوں میں ملیں۔
    احمد فراز واري ڳالهه کي ٽيهه ڏينهن گذري ويا آهن. مون کي شاهه لطيف تي مقالي پڙهڻ جو سڏ مليو آهي. اهو سڏ سنڌ مان آيو آهي. مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي طرفان آيو آهي. سنڌ جو سڏ ٻڌي دل هٿن مان نڪري ويئي. مان عاشق زهر پياڪن جي ٽٽل قافلي جو گمنام مسافر آهيان. اسين وري مڙنداسين. وري گڏباسين، ۽ زهر جا ڍڪ ڀري درد جي صحرا جو سفر جاري رکنداسين. مون دل جي ڪعبي جا سمورا بت ڀڃي فقط هڪ معبود کي سجدو ڪيو آهي. منهنجو سڱ سنڌوءَ سان آهي. سنڌوءَ جي حوالي کان سواءِ مان بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهيان. اسان جو عشق عبادت آهي. اسين پنهنجي اڻ ٿائينڪي زندگيءَ ۾ فقط هڪ عشق ڪندا آهيون، ۽ فقط هڪ عبادت ڪندا آهيون. اسين وصل جي بهارن ۾ ڪومائجي منتشر ٿي ويندا آهيون، ۽ وڇوڙن جي خزائن ۾ ٽڙي پوندا آهيون. اسين. عشق جي نئين دستور جا ڪاتب آهيون. اسين چاهتن جي نئين رسم جا خالق آهيون. مان اٺيتاليهن ڪلاڪن لاءِ هتي آهيان، اٺيتاليهن ڪلاڪن کان پوءِ، سنڌوءَ جي پيرن جي پڻي مٿي ۾ وجهي، ۽ جدائيءَ جا زخم تازا ڪري مان هتان هليو ويندس.
    اسلام آباد کان سنڌ تائين پهچڻ تي ڳاٽي ڀڳو خرچ ايندو آهي. اسان جا ڳاٽا هونءَ ئي ڀڳل آهن. اُهي ڪي نصيبن وارا هوندا آهن، جيڪي نوڪري ته اسلام آباد ۾ ڪندا آهن، پر مائٽن سان ملڻ لاءِ هر هفتي سنڌ جي ٽوئر ڪڍندا آهن. ڀاڙو ڀتو سرڪار جو، ماني مائٽن تي! مون به ان قسم جي ٽوئر لاءِ پئي واجهايو، پر داءُ نه لڳو. منهن ڀيلڙو ڪري، ڀڳل ڳاٽي تي هٿ رکي ويهي رهيس. پر پوءِ، اوچتو غيب مان امداد پهتي. چيائون حيدرآباد جي مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ شاهه جي ورسي پيا ملهائين جنهن ۾ توکي شاهه لطيف تي هڪ عدد مقالو پڙهڻو پوندو. بس سائين، اشاري جي دير هئي. دعوت ڇا هئي، ڄڻ ٽوئر نڪري آئي. ڀاڙو ڀتو مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو، ۽ ماني ٽڪي دوستن تي! هاڪار ڪيم. هليو آيم. ۽ اڄ اوهان آڏو شاهه لطيف تي مقالي نه لکڻ لاءِ پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو آهيان.
    پاڪستان ۾ يارن چئن ثقافتن جو ڦٽاڪو اهڙي عمدي نموني ڇوڙيو آهي، جو شاهه لطيف شاعر نه بلڪه سنڌو ديش تحريڪ جو گوريلو محسوس ٿيڻ لڳو آهي. منهنجيءَ ڳالهه تي يقين نه اچيوَ، ته سندس هيءُ شعر ٻڌو ۽ پوءِ انصاف ڪريو:
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيخ ترار، مار ته متارو ٿئين.

    شاعر ته ساغر و مينا، گل و بلبل، آفتاب و ماهتاب جون ڳالهيون ڪندا آهن. هيءُ ڪهڙو خونخوار شاعر آهي جيڪو پنهنجي ڪلام ۾ وڙهڻ، ڀالن هڻن، تلوارن هلائڻ ۽ سوڀ جون ڳالهيون ٿو ڪري! مٿيون شعر شاهه لطيف جو نه، بلڪه چيگيوارا ۽ ياسر عرفات جو معلوم ٿو ٿئي.
    هڪ هنڌ لطيف چوي ٿو:

    اڄ نه اوطاقن ۾،سندي جوڳن ذات
    ساري سنياسن کي، رنم ساري رات،
    مون تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.

    ٻُڌوَ بيت ــ هاڻي ڪريو خبر.
    شاعر شاهه لطيف ڪنهن کي ٿو ساري، ڪنهن کي ٿو ياد ڪري! ڪٿي لڏي ويل هندن کي ته ياد نه ٿو ڪري! پر، لڳي ته ائين ئي ٿو، واڻين لاءِ روئي ٿو، رڙي ٿو. مٿئين شعر مان شاهه لطيف مون کي ته هندستان جو ايجنٽ ٿو محسوس ٿئي. مان محب وطن آهيان. مان شاهه لطيف جهڙي غدار شاعر تي مقالو نه پڙهندس.
    ثقافتي ڦٽاڪي کان پوءِ جهڙي طرح شاهه لطيف سنڌو ديش جو گوريلو محسوس ٿيڻ لڳو آهي، تهڙي طرح بلها شاهه پنجابي قومي تحريڪ جو باني، رحمان بابا پختونستان جو حامي، ۽ غلام فريد سرائيڪي صوبي جو سياستدان محسوس ٿيڻ لڳا آهن.
    اسين پاڪستان کي سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي متحده صورت سمجهندا هئاسين. اسين سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جي گڏيل ۽ متحده نالي کي پاڪستان سڏيندا هئاسين. سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي ثقافن، شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي پاڪستاني ادب ۽ ثقافت جو گڏيل ورثو ۽ سرمايو سمجهندا هئاسين. پر، ويجهڙائيءَ ۾ اسان جي سوچ کي درست ڪيو ويو آهي. يارن جو شل خدا ڀلو ڪري، اسان کي ٻڌايو ويو آهي، اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته شاهه لطيف، سچل سرمست، بلها شاهه، سلطان باهو، غلام فريد، رحمان بابا، خوشحال خان، ۽ مست توڪل پاڪستاني شاعر ناهن. هو پاڪستاني شاعر سڏائڻ جي لائق نه آهن ــ هو سڀئي علاقائي يا صوبائي شاعر آهن.
    اسين جيئن ته علاقائيت ۽ صوبائيت جي خلاف آهيون، ۽ علاقائيت کي قومي ٻڌيءَ جي خلاف سمجهندا آهيون، تنهن ڪري مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي نالي ڪنهن علاقائي شاعر تي مقالو پڙهي علاقائيت کي هوا نه ڏيندس. ها، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي جيڪڏهن پاڪستاني شاعرظاهر ڪيو وڃي ها، ته خدا ٿو ڄاڻي، مان ٺهه پهه مٿس هڪ ريڊي ميڊ مقالو لکي ڇڏيان ها!
    هونءَ به مان ٺهه پهه ريڊي ميڊ مقالن لکڻ جو ماهر آهيان.
    ڪجهه عرصو اڳ امير خسروءَ کي جڏهن پاڪستان ۾ سرخرو ڪيو ويو هو، تڏهن ”طوطي شڪر مڪال“ کان ناواقف هئڻ جي باوجود مون امير خسروءَ جي ست سئو سالن واري جشن ۾ وڏيءَ دلچسپيءَ سان حصو ورتو هو. تڏهن، مون ڪجهه ساز وڄائڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، پر اُهي ساز بي آواز هئا. اڄ تائين شاهه لطيف، بلها شاهه، غلام فريد ۽ رحمان بابا وغيره جا ست سئو سالن وارا جشن ان ڪري نه ملهايا ويا آهن، جو اِهي شاعر پاڪستاني شاعر ناهن. اهي شاعر علاقائي ۽ صوبائي شاعر آهن. شاهه لطيف اتفاق سان سنڌ ۾ ڄائو هو. تنهن ڪري هو صوبائي شاعر آهي. پاڪستان کان ٻاهر پيدا ٿئي ها، ته جيڪر پاڪستاني شاعر سڏائي ها، ۽ پوءِ اسين سندس ست سئو سالن وارو جشن ملهايون ها، جيتوڻيڪ کيس وفات ڪئي فقط اڍائي سئو سال ٿيا آهن! خميره گائو زبان ابريشم ارشد والا معتدل مقوي قلب وانگر استعمال ڪرڻ سان هڪ فائدو اِهو به ٿيندو آهي جو اڍائي سئو سالن وارو شاعر اسان کان وسري ويندو آهي ۽ ست سئو سالن وارو ڏيسارو جو شاعر ياد رهندو آهي! ان سلسلي ۾ مون کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان همدردي آهي ــ ويچارو!
    پاڪستان ٽيليويزن وارا ڏاڍا ڦڙت آهن. هو محمد علي جي ٺونشيبازي خلائي سيٽلائيٽ ذريعي سڌو سنئون ڪوالالمپور ۽ ڪنشاسا مان ريلي ڪري اسان کي ڏيکاريندا آهن ۽ اسان کي متاثر ڪندا آهن. ڀٽ شاهه ڪوالالمپور ۽ ڪنشاسا کان ٿورڙو پري آهي، وڌيڪ نه. پر اهو نه سمجهجو ته ڀٽ شاهه جو ميلو ٽيليويزن جي سڌي سنئين ريلي کان ٻاهر آهي. هرگز نه. ٽيليويزن وارا شاهه لطيف جو ميلو فقط ان ڪري ريلي نه ڪندا آهن، جو شاهه لطيف پاڪستاني شاعر ناهي، شاهه لطيف علاقائي شاعر آهي. اهي سموريون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته شاهه لطيف ان قابل ناهي جو سندس ڪلام تي قومي سطح جا مذاڪرا ڪرائجن.
    علاقائي ۽ صوبائي شاعرن کي سندن علائقن ۽ صوبن تائين محدود رکڻ مان هڪ فائدو اهو به ٿيندو آهي، جو هڪ صوبي جا هم خيال ماڻهو ٻئي صوبي ۾ پنهنجا هم خيال ماڻهو تلاش ڪري نه سگهندا آهن. اهڙي طرح وڏي پيماني تي خيالن جي هم آهنگيءَ کي روڪي سگهبو آهي. خيالن جي هم آهنگيءَ سبب معاشرتي ۽ سماجي انقلاب ايندا آهن. اسان کي اسان جي سياستدانن ٻڌايو آهي ته اسان جو معاشرو نهايت پاڪ صاف آهي، ۽ اسان کي ڪنهن به معاشرتي ۽ سماجي انقلاب جي ضرورت نه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ٽيهه سال گذرڻ کان پوءِ به (1977) سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جا ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ اجنبي آهن.
    اسلام آباد ۾ يونيورسٽيءَ جي هڪ مائي پروفيسر مون کان پڇيو، ته سنڌ ۾ لعل موري پت رکيو ڀلا کان سواءِ ٻئي ڪا موسيقي به آهي، يا ٿيو ڀلو؟
    تڏهن مون پاڪستان ۾ پاڪستان جي لازمي حصن جي هڪٻئي کان دوريءَ کي محسوس ڪيو. اسين پاڪستان ۾ هڪٻئي کي قياس آرائين وسيلي سڃاڻون. انهن قياس آرائين جا ٻه رخ آهن. پهرين رخ مطابق سنڌ ۾ فقط هڪ فنڪاره آهي، جنهن جو نالو ربينه آهي ۽ هوءَ لعل موري پت رکيو ڀلا ڳائيندي آهي. سرحد وٽ مهه جبين آهي، جيڪا هڪ پشتو لوڪ گيت ۾ پنهنجي محبوب سان پشاور جي مساڪ آڻڻ جي فرمائش ڪندي آهي. بلوچستان وٽ فيض محمد بلوچ آهي، ۽ هو غمگين ۽ ڏک جا راڳ نچي نچي ڳائيندو آهي. ۽ پنجاب وٽ عالم لوهار آهي ۽ هو پنجاب جي جگني ڳائيندو آهي. هڪ سڃاڻپ ته آهي اِها. پاڪستاني صوبن جي هڪ ٻئي لاءِ قياس آرائي تي ٻڌل ٻئي سڃاڻپ وڌيڪ مزيدار آهي. ان سڃاڻپ موجب هر هڪ بلوچ جي هٿ ۾ بندوق آهي. ۽ هو جبلن تي ويٺو آهي. هر ڪنهن پٺاڻ جي وَرَ ۾ هڪ بم آهي ۽ هو ڌماڪا ڪري رهيو آهي. هرڪو سنڌي غدار آهي ۽ سنڌوديش ٺاهي رهيو آهي. ۽ هر هڪ پنجابي مظهر شاهه آهي ۽ رڙ ڪري چئي رهيو آهي اوئے میں تواڈے چھوڈے لادیاں گا۔  انهن قياس آرائين سبب هڪ صوبي جي ماڻهن جا ٻئي صوبي جي ماڻهن سان درد جا رشتا ٽٽي پيا آهن ــ هڪ صوبي جي مظلومن جا ٻئي صوبي جي مظلومن سان عذابن جا ناتا ڇڄي پيا آهن. هڪ صوبي جا ڏتڙيل ۽ چيڀاٽيل ماڻهو، ٻئي صوبي جي ڏتڙيل ۽ چيڀاٽيل ماڻهن کان پري ٿي ويا آهن. ڏکن جي ڏيهه جا ماڻهو هڪٻئي لاءِ اوپرا ۽ اجنبي ٿي پيا آهن. شاهه لطيف، بلها شاهه، خوشحال خان، ۽ مست توڪل صوبائي ۽ علاقائي شاعر ٿي ويا آهن.
    دنيا جا عظيم شاعر ۽ اديب پنهنجي وقت تي حاوي هوندا آهن. هو پنهنجي دور جا زنده ۽ جاويد ڪاتب ٿيندا آهن ــ هو حالتن، حادثن، واقعن ۽ سياسي، سماجي ۽ معاشرتي اٿل پٿل کي قلمبند ڪندا آهن ــ پنهنجي ادب ۾ تاريخ کي قلمبند ڪندا آهن. هنن جو ماضيءَ سان مستحڪم رشتو هوندو آهي. هو حال تي حاوي هوندا آهن. ۽ پوءِ جڏهن ويندا آهن، تڏهن ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي ادب تي عظمت جي ڇاپ ڇڏي ويندا آهن.
    شاهه لطيف 1690 ۾ ڄائو هو ۽ 1752 ۾ اسهيو هو. سندس زندگيءَ جا 62 سال ننڍي کنڊ جي تاريخ جا نهايت اهم سال هئا. اندروني سازشن ۽ ڌارين جي حملن ملڪ کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو هو. استحڪام ڪاهه ڪندڙ فوجن جي تلوارن جو بک ٿي ويو هو. امن گهوڙن جي سنبن هيٺان تباهه ٿي ويو هو. اهڙي دور ۾ آزاديءَ غلاميءَ جا زنجير پائڻ جي تياري ڪري ڇڏي هئي. نادر شاهه، احمد شاهه ابدالي، مدد خان پٺاڻ جي فوجن، ۽ سکن ۽ مرهٽن جي هٿيار بند منظم گروهن ملڪ کي رت ۽ باهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو.
    شاعر ۽ اديب تخليقي ڪم ڪندا آهن، ۽ بيحد حساس ٿيندا آهن. هو تاريخ ساز ٿيندا آهن ــ تاريخ جي ارتقا جو حصو ٿيندا آهن. ڪوبه تاريخي واقعو سندن گرفت کان آجو ٿي نه نڪرندو آهي. هِڪُ ذهين ۽ سجاڳ فنڪار پنهنجي ماحول کان غافل نه ٿيندو آهي. هو پنهنجي تخليقي قوت حالتن جي ڳوڙهي اڀياس مان حاصل ڪندو آهي. هو جيڪي ڪجهه ڏسندو آهي، تنهن کي پنهنجي بي پناهه تخليقي صلاحيتن سان قلمبند ڪري ايندڙ نسلن لاءِ امانت طور ڇڏي ويندو آهي.
    اسين شاهه لطيف کي عظيم شاعر ۽ فنڪار سمجهندا هئاسين. اسين سندس ڪلام کي علامتي تخليق ڄاڻندا هئاسين. مثال طور جڏهن سندس هيءُ بيت پڙهندا هئاسين، تڏهن مدد خان ۽ نادر شاهه سان مدِ مقابل ٿي وِڙهڻَ جو درس ٻڌندا هئاسين:
    ڀڱو آءٌ نه چوان، ماريو ته وسهان
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان
    ته پڻ لڄ مران، هونِس پٺ ۾.

    هڪ هنڌ چيائين:
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.

    مان سمجهان ٿو مٿيون بيت مير عبدالله تي ٺهڪي اچي ٿو، جنهن بکر وٽ مدد خان جي خونخوار فوجن کي ٽوٽا چٻارايا هئا.
    پر پوءِ، خدا ڀلو ڪري دانشورن جو، جن اسان جي سوچ کي سنئين دڳ لاتو. هنن اسان کي سمجهايو ته شاهه لطيف وڏو، عظيم يا حساس قسم جو شاعر وغيره نه هو. شاهه لطيف پير هو. ڪاني ڪرامتن جو صاحب هو.
    اول ته دانشورن جي دعويٰ جو اعتبار نه ڪيوسين. پر پوءِ جڏهن سموري معاملي جو مطالعو ڪيوسين تڏهن سندن دعويٰ کي صحيح مڃيوسين. شاهه لطيف شاعر وغيره نه آهي. يقين نه اچيوَ ته ڀٽ شاهه تي وڃي ڏسوس. سندس مقبري جي اڱڻ ۾ هڪ وڻ آهي، جنهن جي ٽارين تي طرحين طرحين قسم جون رنگين اڳڙيون ٻڌل آهن. ماڻهو شاهه لطيف کان پُٽَ پنندا آهن. ڪيسن کٽڻ، نوڪريءَ ۾ ترقيءَ جي دعا گهرندا آهن. ڪوبه سندس شعر جي معنائن ۾ ٽٻي هڻي، مطلب جا موتي ڪڍي نه ايندو آهي. پر ٽٻي هڻڻ جي آخر ضرورت به ڪهڙي آهي! سڀ خير آهي. اسان کي دانشورن جي ڳالهه تي ڳنڍ ڏيڻي آهي. شاهه لطيف جا جيڪي بيت معنيٰ جا ڀنڊار لڳندا هئا، هينئر رواجي، ۽ علاقائي شعر محسوس ٿيڻ لڳا آهن. مثال طور:
    کپر گاروڙين سين، وڏو وڌوءِ وير
    نانگ نه ويندين نڪري، تو ڏر مٿي پير
    هيءُ تينن جو دير، جن جهونا ڳڙهه جلائيو.

    ڪير کپر، ڪير گاروڙي؟ اجايو نفرت ٿو ڦهلائي. سندس سمورو ڪلام علاقائي نفرت ۽ منافرت سان ڀريل آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو

    ڪيڏو نه سياسي، ۽ باغي شعر آهي! شروعات ۾ اسين مٿئين بيت کي شاهه لطيف جو علامتي بيت سمجهندا هئاسين. هيءُ بيت اُن دور جو آهي، جڏهن سنڌ جي وڏيرن، ڪامورن، بلڙيءَ جي سيدن، ۽ ملن اسان جي رهبر ۽ رهنما، انقلاب جي پيغمبر صوفي شاهه عنايت خلاف مغلن جي چرچ ۽ هستيءَ تي ڪفر ۽ غداريءَ جي فتوا ڏيئي ڇڏي هئي. هنن جديد هٿيارن سان صوفي شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين تي حملو ڪيو. شاهه عنايت ارادي جو پختو هو. هو ذلت جي زندگيءَ تي عزت جي موت کي ترجيح ڏيندو هو. هن ظلم خلاف جنگ جوٽي. لاڳيتو نوي ڏينهن ۽ راتين تائين منظم، هٿيار بند، پگهار دار فوج خلاف گوريلا جنگ ڪندو رهيو. انگريز سامراجي منافق آهن، جن گوريلا جنگ جي اوائلي ذڪر ۾ شيوا جي مرهٽي جو حوالو ته ڏنو آهي، پر صوفي شاهه عنايت کي نظر انداز ڪري ويا آهن. اُن جنگ ۾ ظالمن، ڏاڍن ۽ ويڪائو وڏيرن خلاف وڙهندي شاهه عنايت صوفي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو هو.
    ايڏو وڏو واقعو، اسين نادان سمجهندا هئاسين، لطيف کان، لطيف جي ڏات کان بچي نه نڪتو هوندو ــ ۽ هن چيو هوندو:
    اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک
    آديسي اُٿي ويا، پيئي اُڏامي رک
    سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.

    پر نه، اسين ڀليل هئاسين. اسان کي، اسان جي سوچ کي درست ڪيو ويو آهي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته شاهه لطيف الغوزي تي لوڪ ڌنون وڄائيندو هو، ۽ پنهنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي ارتقا سان دلچسپي نه رکندو هو. اها ڳالهه جيڪڏهن سچ آهي، ته پوءِ سائين، شاهه لطيف عظيم شاعر ۽ فنڪار ناهي. ڪو به ليکڪ، اديب، شاعر يا فنڪار تيستائين اهميت جو حامل ٿي نه سگهندو، جيستائين پنهنجي همعصر تاريخ تي حاوي نه ٿيندو. تنهن ڪري، اسين شاهه لطيف جا شعر سندس دور جي تاريخي حوالي کان ڪٽي ڌار ڪري جڏهن پڙهئون ٿا، تڏهن شاهه جي ڪلام مان علاقائيت ۽ صوبائيت جا اهڃاڻ ملن ٿا. مثال طور:
    هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارين.
    ٻگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.

    مٿئين شعر کي جيڪڏهن شاهه لطيف واري دور جي تاريخي حوالي کان ڌار ڪري پڙهجي، ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، ته پوءِ ڪو ٻڌائي سگهندو ته شاعر موجوده حالتن پٽاندڙ ڪنهن کي هنج ۽ ڪنهن کي ٻگهه سڏيو آهي!
    سمورو ادب پنهنجي دور جي تاريخي حوالي کان سواءِ معنيٰ وڃائي ويهندو آهي. پر، خدا ڀلو ڪري يارن جو، هنن اسان کي ٻڌايو آهي ته شاهه جي ڪلام جو تاريخ سان ڪو به واسطو ڪونهي. ان لحاظ کان مان سمجهي نٿو سگهان ته هيٺين بيت ۾ شاهه لطيف ڪنهن کي سنها سپ ۽ ڪنهن کي جُنگ جوان سڏيو آهي ۽ جوکي مان سندس مراد ڪهڙي آهي:
    سنها ڀانءِ مَ سپ، سڪا جنين جا پيٽ،
    تنين جي جهپٽ، جنگن کي جوکي ٿئي.

    ان قسم جا لاتعداد تخريبي بيت شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن. سندس ڪلام کي اُن دور جي تاريخي حوالي کان سواءِ، ڪٽي ڌار ڪري ڏسجي ٿو، ته نهايت باغي ۽ انقلابي ڪلام محسوس ٿئي ٿو. چوي ٿو:
    هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ
    وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾.

    موجوده دور ۾ شاهه لطيف ڪنهن کي تلوارن هلائڻ، ۽ ٻيلي سارڻ جي تلقين ڪئي آهي! هن ڪهڙي رڪ وهندي راند، يعني جنگ جو ذڪر ڪيو آهي! ڪٿي ائين ته ناهي، شاهه لطيف سنڌ جي نوجوان نسل، ۽ شاگردن کي هٿيار بند جدوجهد جي هشي ڏيئي رهيو آهي!.
    هاڻي توهين پاڻ ٻڌايو، ته شاهه لطيف جهڙي تخريبي، علاقائي ۽ صوبائي شاعر تي مقالو لکڻ مناسب آهي ــ ۽ سو به مون جهڙي بدنام شخص لاءِ؟
    هڪ هنڌ لطيف چوي ٿو:
    بهادر گڏيا بهادرين، کُڙڳ کِلول ڪن،
    وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن،
    ڪرن، ڪنڌ نچن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.

    الا امان! اهڙو تخريبي، رت ۽ باهه سان ڀرپور بيت! منهنجي وس هجي، ته مان اول جيڪر شاهه لطيف خلاف هڪ وائيٽ پيپر شايع ڪرايان، سندس رسالي تي بندش وجهرايان ۽ پوءِ کيس ڊي پي آر ۾ بند ڪرايان.
    مون کي دوستن سان ملڻو هو ــ ساٿين سان ملڻو هو ــ پنهنجي ڌرتيءَ تي سيس نوائڻو هو ــ مٽيءَ جو محراب مٿي تي ٺاهڻو هو ــ مان هليو آيس ــ مان معافيءَ جو طلب گار آهيان، جو شاهه لطيف تي ڪجهه نه لکي آيو آهيان.
    مان خاص طرح سان پنهنجي مهربان ۽ مشفق سائين ايڇ ايم خوجا صاحب ۽ پنهنجي سنگتيءَ حميد آخوند کان معافيءَ جو طلبگار آهيان ــ ڇو جو هنن مون کي شاهه تي مقالو پڙهڻ لاءِ گهرايو هو، ۽ مان شاهه تي مقالو نه لکڻ جي معذرت کڻي آيو آهيان. يار حميد، اسين هڪ ته دل هٿان مجبور آهيون، ۽ مٿان وري عشق جا اُچايل آهيون. پر هينئر وڌيڪ مصيبتن سهڻ جي سگهه نٿو ساريان. مان شاهه لطيف جهڙي علاقائي ۽ صوبائي شاعر تي ۽ سندس ڪلام تي هڪ ڀرپور ۽ علمي مقالو لکي نه سگهيو آهيان.

    1977


    اَڻ آرين جي دور ۾ عبدالوا حد سنڌيءَ سان ملاقات

    اَڻ آرين جي دور ۾ عبدالوا حد سنڌيءَ سان ملاقات

    دعوتنامي، ۽ اخبارن ۾ اعلان مطابق اڄ رسالي نئين زندگيءَ جي گولڊن جوبليءَ جو اجلاس يا سيمينار آهي. اسين سڀئي سرڪاري خرچ تي، هتي اِن ڪري گڏ ٿيا آهيون جو رسالي نئين زندگيءَ جي حيرت انگيز ڪارنامن جي تعريف ۽ توسيع ڪريون، ۽ گناهن جو گهٽ، ۽ ثوابن جو وڌيڪ اعتراف ڪريون. اڄوڪي اجلاس، يا سيمينار کي رسالي نئين زندگيءَ جي پنجاهين سالگرهه سمجهي مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ نه آيو آهيان.
    درحقيقت، اسين سڀئي اڄوڪي اجلاس ۾ رسالي نئين زندگيءَ جي درويش صفت اِيڊيٽر عبدالواحد سنڌي کي خراج تحسين ۽ خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. عبدالواحد سنڌي جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ نئين زندگيءَ جو اَهڙو سج لٿو، جو ٻيهر اُڀري نه سگهيو. ادارا اهم نه هوندا آهن. ادارن ۾ ڪم ڪرڻ وارا شخص اهم هوندا آهن. هو، يا ته ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا آهن، يا ادارن جو ٻيڙو تاري ڇڏيندا آهن. عبدالواحد سنڌيءَ جي ذڪر کان سواءِ نئين زندگيءَ جو ذڪر بيمقصد، ۽ بيمعنيٰ آهي.
    مون کي ٺيڪ سان ياد ناهي ته فقير منش، ۽ درويش صفت عبدالواحد سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي. مون کي فقط شهر جو نالو ياد آهي. شهر هو ڪراچي، يعني اڄوڪو مِني پاڪستان جنهن ۾، اقليت ۾ هئڻ جي باوجود سنڌي ڏاڍي عزت ۽ احترام سان زندگي گذاري رهيا آهن، ڇو جو پاڪستان جي آئين ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني ويئي آهي.
    مان سمجهان ٿو، اُهو دور آرين کان اڳ وارو، اَڻ آرين جو دور هو. اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان ملي سگهبو هو. جتي چاهيو، جڏهن چاهيو ملي سگهبو هو. ملاقات جو شرف حاصل ڪري سگهبو هو. اڄڪلهه آرين جو دور آهي. ايڊيٽرن سان ملڻ محال ٿي پيو آهي. ايڊيٽرن پنهنجون انجمنون ۽ ڪائونسلون ٺاهي ورتيون آهن. وڌيڪ مصروف ٿي ويا آهن. سرڪار سان گول ميز ڪانفرنس ۾ ويهندا آهن، ۽ وزير اطلاعات، ۽ سيڪريٽري اطلاعات کي پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندا آهن. جيئن صدرِ مملڪت، وزير اعظم، ۽ وزيرن جون تقريرون پگهار تي ٻيا ڪي خدا جا نيڪ بند لکندا آهن، تيئن ڪجهه مصروف ايڊيٽرن جا پنهنجي اخبار لاءِ ايڊيٽوريل ٻيا ڪي گگدام لکندا آهن.
    درويش عبدالواحد سنڌي پنهنجا ايڊيٽوريل پاڻ لکندو هو. مولائي منش هو. سياستدانن سان نه ملندو هو. فقط شاعرن ۽ اديبن سان ملندو هو. کين غور سان ۽ تحمل سان ٻڌندو هو، ۽ ”زورآور“ چئي، وڏو ٽهڪ ڏيئي کلي پوندو هو. پر، اُهو اَڻ آرين جو دور هو. اڄڪلهه آرين جو دور آهي. ڏاڍو سڌريل دور آهي. مان فقط پاڪستان جي ڳالهه نه ٿو ڪريان. سموري جڳ جهان جي سڌريل معاشرن تي آرين جو اقتدار آهي.
    مون کي دي نيشن The Nation لاءِ ڪالم لکندي ڏهه سال ٿي ويا آهن. مون اڄ تائين دي نيشن جو خوشپوش ايڊيٽر عارف نظامي ۽ چيف ايڊيٽر مجيد نظامي نه ڏٺو آهي. ٻن سالن کان ڊان Dawn لاءِ لکي رهيو آهيان، پر اڄ تائين مون ڊان جو ايڊيٽر احمد علي خان نه ڏٺو آهي.
    پر، نئين زندگيءَ جي درويش ايڊيٽر عبدالواحد سنڌيءَ سان جڏهن چاهبو هو، ملي سگهبو هو. ڳالهائي سگهبو هو. بحث ڪري سگهبو هو. مولائي مڙس جي خرچ تي چانهه جي چُسڪيءَ سان کارو بسڪوٽ کائي سگهبو هو. پر، اُهو اَڻ آرين جو دور هو. هيءٌ آرين جو دور آهي. مون عبرت اخبار جو ايڊيٽر خير محمد کوکر نه ڏٺو آهي. مون عوامي آواز جو جبار خٽڪ نه ڏٺو آهي. ايڊيٽر ته پري جي ڳالهه آهن، آرين جي دور ۾ مون اڄ تائين ڪنهن اخبار جو اسسٽنٽ ايڊيٽر نه ڏٺو آهي.
    مون ايڊيٽر ڏٺو هو طارق اشرف، جيڪو پنهنجا ايڊيٽوريل پاڻ لکندو هو. رسالي لاءِ مواد گڏ ڪندو هو. ڪمپوز ڪرائيندو هو. ڇپرائيندو هو. بائينڊ ڪرائي، رسالي جون ڀريون ڀاڪر ۾ ڀري اسٽالن تي پهچائيندو هو. مسڪين بُڪ سيلر کيس ٿڏي تي رقم ڏيندا هئا. پيٽ ڀريا بُڪ سيلر سندس پيئسا ڦٻائي، کائي ڇڏيندا هئا.
    مون ايڊيٽر ڏٺو هو هلال پاڪستان جو سراج. ڪو ڪالم اوکو لڳندو هوس ته هڪدم فون ڪندو هو، ماڻهو موڪليندو هو، يا ڪڏهن پاڻ هليو ايندو هو. چوندو هو: هيءُ ڪالم هضم ڪري نه سگهندا. آپي مان نڪري ويندا. ٻيو ڪو ڪالم لکي ڏي.
    مولانا غلام محمد گرامي، سماهي مهراڻ جو ايڊيٽر، دين محمد وفائي، مولانا قاسمي، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پايي جو اديب، محقق ۽ عالم هو. جڏهن ڏسبو هوس گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ مهراڻ جي آفيس اوطاق وانگر کولي ويٺو هوندو هو. جڏهن وڻيوَ، وڃي ملوس. هر وقت ليکڪن جو ميڙو. ادب ۽ علم جو سلسلو پيو هلندو هو. پر، اِهي سموريون ڳالهيون اَڻ آرين جي دور جون آهن. ماڻهو اڃا سڌريا نه هئا. کين گجر پوکڻ جو هُنر هٿ نه آيو هو، تنهن ڪري مُورين تي گذارو ڪندا هئا.
    گهڻو اڳ، مشاهد حسين جڏهن مسلم اخبار جو ايڊيٽر هو، ۽ اُن وقت تائين ڪلديپ نير، ۽ نيرا نور سان نه مليو هو، تڏهن مون کي ساڻس ملڻ، ۽ مسلم اخبار لاءِ ڪالم لکڻ جو شوق جاڳيو هو. هڪڙي ڏينهن ڪالم لکي مسلم اخبار جي دفتر پهتس. ڀريل بندوق سان بيٺل ٻن چوڪيدارن مون کي روڪيو. منهنجو تفصيلي جائزو وٺندي ٻنهي مان هڪ ڄڻي مون کان پڇيو: ڇا تون اخبار جي مالڪ پويا صاحب جو ٽيلنٽيڊ ڪزن آهين؟
    وراڻيم: شڪل شبيهه مان ته پويا صاحب جو ٽيلينٽڊ ڪزن لڳان ٿو، پر اصل ۾ مان ڏاڍو ”اَن ٽيلنٽيڊ“ آهيان. تنهن ڪري پويا صاحب جو ٽيلنٽيڊ ڪزن نه آهيان. مان ايڊيٽر مشاهد حسين سان ملڻ، ۽ کيس هيءُ ڪالم ڏيڻ آيو آهيان.
    چيائون: سڀ کان اڳ ڪالم اسان کي ڏيکار. متان ڪالم ۾ بم هجي.
    مون کين ڪالم ڏيئي ڇڏيو.
    چوڪيدارن ڪالم اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ کان پوءِ پڇيو: سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڪالم لکي آيو آهين!
    وراڻيم: انگريزيءَ ۾ لکي آيو آهيان.
    هڪدم رڙ ڪندي چيائون: اڙي بيوقوف، هيءَ مسلم اخبار آهي. هتي انگريزيءَ جو ڪهڙو ڪم. مسلم هين، هم وطن هين، سارا جهان همارا ـــ وڃ، اردوءَ ۾ ڪالم لکي کڻي اچ.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسلم اخبار بند ٿي ويئي، ۽ مشاهد حسين سرڪاري نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏيئي ڇڏي.
    اسين سڀئي پاڪستان ۾ ٻن بدترين مارشل لائن جا چشم ديد گواهه آهيون. اسان سنڌ واسين ۾ ذلت جي زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ جو احساس ايوب ۽ ضياء جي مارشل لائن دوران پيدا ٿيو. اسان آزاديءَ ۽ حب الوطنيءَ جي مفهوم کي واضح نموني سمجهيو. اسان جا رويا بدلجي ويا. اقتدار جي دوربين مان حاڪمن کي اسين اوپرا نظر آياسين. اڄ تائين اسين حاڪمن لاءِ اوپرا ۽ اجنبي آهيون. اِن ۾ ڏوهه اسان جو ناهي. اِن ۾ سمورو ڏوهه ٻن مارشل لائن جو آهي. ايوب جي مارشل لا ملڪ ٽوڙي وڌو. ۽ ضياء جي مارشل لا يقينِ محڪم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.
    مون هڪ ڏاهي کان پڇيو، ”مون کي جمهوريت جي ڪا هڪ غيرمعمولي صفت ٻڌاءِ.“
    ڏاهي وراڻيو، ”جمهوريت ۾ هڪ ڊڪٽيٽر جي ورسي ملهائي سگهبي آهي.“
    ٽيهه چاليهه سال پُراڻي ڳالهه آهي. جيستائين مون کي ياد پوي ٿو، اُنهن ڏينهن ۾ ورلي نئين زندگيءَ جو ڪو اهڙو پرچو شايع ٿيو هوندو جنهن جي ڪور / ٽائيٽل پيج تي، يا اندرين صفحن تي ايوب جا فوٽا، يعني تصويرون آيل نه هونديون. سندس حياتيءَ کان وٺي اڄ تائين مون کي عبدالواحد سنڌيءَ جي رمز سمجهه ۾ نه آئي آهي ته وٽس ڪهڙو طلسم هو جو هن 1960ع واري دور جي بيباڪ ۽ دلير شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، بردو سنڌي، امداد حسيني، قمر شهباز، استاد بخاري، عبدالحڪيم ارشد، شمشير الحيدري، سراج، رشيد آخوند، نسيم کرل، شيخ حفيظ، اياز قادري، ثميره زرين، غلام رباني، ماهتاب محبوب، علي احمد بروهي، غلام نبي مغل ۽ انيڪ ليکڪن کي نئين زندگيءَ لاءِ لکڻ تي آماده ڪيو، ۽ سندن تحريرن کي فراخدليءَ ۽ بيخوفيءَ سان سرڪاري رسالي ۾ مارشل لا دوران شايع ڪيو. ان راز تان اڄ تائين ڪوبه پردو کڻي نه سگهيو آهي.
    شيخ اياز 1965ع واري جنگ ۾ پنهنجي دوست نارائڻ شيام تي گولي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. مارشل لا سرڪار کي شيخ اياز جو اِهو انداز پسند نه هو. مان سمجهان ٿو، 1965ع کان پوءِ شيخ اياز نئين زندگيءَ ۾ شايع نه ٿيو هو. اِهو تحقيق طلب آهي. مون کي ٺيڪ سان ياد نه آهي.
    نئين زندگي، هڪ سرڪاري رسالو، سو به مارشل لا دور جو، هٿئون هٿ وڪامندو هو. اسٽالن تي آيو، ۽ اُڏامي ويو! بيشمار اشتهار ملندا هئس. سرڪيوليشن ۽ آمدني ايڏي جو سرڪاري اردو رسالي ماهِ نو، پشتو رسالي اباسين، ۽ انگريزي رسالي پاڪستان پڪٽورل جو نقصان ڀري سگهندو هو، بلڪه نقصان جو پورائو ڪري سگهندو هو. اِن ۾ ڪنهن قسم جي مغالطي جي گنجائش نه آهي. نئين زندگيءَ جو اوج هڪ فقير منش، ۽ درويش صفت شخص عبدالواحد سنڌيءَ جي دم خم سان هو. سادو، سٻاجهڙو. اڪثر صبر ۽ تحمل سان ڳالهه ٻڌندو هو. ڳالهائيندو گهٽ هو. هڪ دور جي سڄي سموري ادبي نسل کي شايع ڪرڻ وارو احساس جي لکا پوڻ ئي نه ڏيندو هو.
    عبدالواحد سنڌيءَ سان پهرين ملاقات وارو سال، مهينو، هفتو ۽ ڏينهن، ۽ وقت مون کي ياد ڪونهي. مون کي فقط ايترو ياد آهي ته مان اڃا يتيم نه ٿيو هوس. منهنجي ماءُ جيئري هئي. منهنجو پيءُ به جيئرو هو. کيسي خرچ به چڱو چوکو ملي ويندو هو. فريڊرڪس ڪيفٽيريا ۽ ڪيفي جارج ۾ ويهي تريل مڇي، پيٽس، ۽ سينڊوچ کائي سگهبا هئا، ۽ چانهه پي سگهبي هئي. زيلنس ڪافي هائوس ۾ ڪافي پيئڻ کان اڳ يا پوءِ، فيملي روم ۾ انتظار ڪندڙ ڪراچيءَ جي سهڻين ڪال گرلس کي ليئو پائي ڏسي سگهبو هو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻن ڳالهائي به وٺبو هو.
    منهنجي چوڻ جو مطلب آهي، ته منهنجي لاءِ ليکڪ ٿي پوڻ جو ڪو مناسب ۽ معقول سبب نه هو. منهنجي رڇ جهڙي شڪل شبيهه ڏسي نه اسڪول ۾، نه ڪاليج ۾، ۽ نه ئي ڪنهن ڇوڪريءَ يونيورسٽيءَ ۾ قيامت تائين مون سان ساٿ نڀائڻ جو واعدو ڪيو هو، ۽ اڳتي هلي واعدو وفا نه ڪيو هو، ۽ ڪنهن سرمائيدار سان ناطو جوڙي ڇڏيو هو. ائين ڪجهه به نه ٿيو هو.
    مان سمجهان ٿو، بلڪه يقين سان چئي سگهان ٿو ته سموري گڙ ٻڙ جلاوطنيءَ دوران نوابشاهه ۾ ٿي هئي. ورنه، مان نهايت شريف، روزي ۽ نماز جو پابند، ۽ رابندر ناٿ ٽيگور جي پڙ پوٽي شرميلا ٽيگور وانگر شرميلو هوندو هوس. ڪرڪيٽ سان عشق ڪندو هوس، ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جا خواب ڏسندو هوس. پر، اوچتو ئي اوچتو نوابشاهه ۾ مون سان وڏي ويڌن ٿي پيئي. اِن ۾ ويچاري آصف علي زرداريءَ جو ڪو قصور ڪونهي. هيءَ بپتا اُن دور جي آهي، جڏهن آصف علي زرداري اڃا ايجاد نه ٿيو هو. قمر شهباز بُل ڏيئي، مون کي کنڀي کڻي وڃي سنڌي ادبي سنگت جي ادبي مراقبن ۾ ويهاريو. مٿان جو لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي پرنسپال سائين ايڇ ايم خوجا شفقت جو هٿ مٿي تي رکيو ته سِرُ وڃي ادب جي بارگاهه ۾ اهڙو جهڪيو جو ورلي کڄي نه سگهيو.
    نوابشاهه ۾ جلاوطنيءَ جا ٽي سال پورا ڪري، بي اي جي ڊگري ڪڇ ۾ ڪري ڪراچيءَ موٽي آيس، بنهه بدليل، ٻيو ڪو، مِٽن مائٽن، ۽ دوستن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي. پاڻ کي به سڃاڻي نه سگهيس. ايم اي ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي.
    هڪڙي ڏينهن افسانو لکي، نئين زندگيءَ جي آفيس ۾ درويش عبدالواحد سنڌيءَ جي هٿ ۾ وڃي ڏنم. افسانو پڙهي عجب لڳس. پڇيائين، ”هيءُ ڇا کڻي آيو آهين.“
    وراڻيم، ”سنڌي صاحب، افسانو آهي، ٻيو وري ڇاهي.“
    هڪدم ٽهڪ ڏيئي چيائين، ”زوراور، هيءُ افسانو ناهي. هيءَ ٻي ڪا بلا آهي.“
    اِن ڳالهه کي چاليهه سال گذري ويا آهن. درويش عبدالواحد سنڌيءَ، اِهو ڄاڻندي به ته ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران مون ايوب جي آمريت خلاف شاگردن جي ويڙهاڪ جٿن ۾ شامل ٿي، ڪراچيءَ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ جنگ ڪئي هئي، ۽ منهنجي دوستي، ۽ منهنجو سڌو سنئون واسطو نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرڪردن شفيع، صفوان الله، احمد ظهير، فتحياب علي خان، سعيد حسن ۽ معراج محمد خان سان هو، درويش عبدالواحد سنڌيءَ فراخدليءَ سان منهنجيون انيڪ بي مقصد ۽ بيمعنيٰ بلائون افساني جي عنوان سان پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏيون.
    اڪثر سوچيندو آهيان، ته مان وڏو دوکيباز آهيان. چاليهه سالن کان ادب جي نالي ۾ پڙهڻ لاءِ اوهان کي بلائون ڏيئي رهيو آهيان.


    سنڌ نامو

    باب پهريون

    باب پهريون

    سنڌ نامي لاءِ پڪو پهه ڪيو هيم، ته ڪالم ۾ سنڌ جي قديم ۽ جديد تاريخ جو نئين سر جائزو وٺندس. پنهنجي تاريخ جو ڇيد ڪندس. تاريخ جي هر دور ۾ ڌارين هٿان چيڀاٽجي وڃڻ واري عمل جي توهان سان ملي، گڏجي ڇنڊڇاڻ ڪندس. اسين جيستائين، بيدرديءَ ۽ بيرحميءَ سان پنهنجي مسلسل زوال جي سببن جي جراحي، يعني آپريشن نه ڪنداسين، تيستائين آئينده لاءِ پنهنجي راهه متعين ڪري نه سگهنداسين. ڀٽڪندا رهنداسين. اوندهه انڌوڪار ۾ ڌڪا کائيندا رهنداسين. پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ اوپرا ٿي پونداسين. دز هٽائي جيڪڏهن آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏٺوسين، ته پاڻ کي سڃاڻي نه سگهنداسين!
    ڪم هٿ ۾ ته کنيو اٿم، پر ڏکيو محسوس ٿيو آهي. سڀ کان اول مواد جو سوال آهي. گذريل ٽيهن سالن ۾، جڏهن کان لکي رهيو آهيان، هڪ هڪ ڪري ڪتاب ميڙيا اٿم. انهن ۾ تاريخ ۽ تاريخ سان نسبت رکندڙ ڪتاب به آهن ــ پر ايڏي وڏي تعداد ۾ نه آهن. ڪتابن جي دڪانن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي، ڪتاب ۽ تاريخ سان واسطو رکندڙ ٻيو مواد ڳوليندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪو مفيد ڪتاب ملي ويندو آهي، ۽ ڪڏهن هٿين خالي موٽي ايندو آهيان. ۽ ڪڏهن وري ائين به ٿيندو آهي جو دڪان ۾ ڪتاب ته هوندو آهي، پر پاڻ ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگهه نه هوندي آهي.
    بهرحال، مواد جي باري ۾ معاملو ڏکيو ضرور آهي، پر امڪان کان ٻاهر نه آهي. موجوده مواد جي حوالي سان ورهين تائين ڪالم لکي سگهجن ٿا.
    ٻئي ڏکيائي ڪنهن ڪنهن وقت زنجير ٿي پوندي آهي. رکي رکي خيال ايندو رهندو آهي ته دوست ڪٿي منهنجن ڪالمن مان ڪو غلط مطلب نه ڪڍي ويهن! مون کي غلط نه سمجهن! وسوسا ۽ سوداءَ ورائي ويندا آهن. پنهنجي آپريشن ڪندي هٿ ڪنبي ويندا آهن. پنهنجي وڍَ ڪُٽ ڪري، پنهنجي درد جو پتو لهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
    منهنجي آڏو سنڌ بابت هڪ ڪتاب رکيو آهي. اوهين حوالا پڙهو، سنُ اوهان کي آخر ۾ ٻڌائيندس. ائين ٿو لڳي، ڄڻ اڄوڪي ڳالهه آهي. ڪتاب جي مٿان سنڌ جي صوفيءَ، ساڌو واسواڻيءَ جي ذاتي خط مان هڪ سٽ ڏني ويئي آهي. لکيل آهي:
    ”جيتريقدر اخبارن کي لکڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي، سنڌ جي حالت ان کان وڌيڪ خراب آهي.“
    ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ليکڪ لکيو آهي. پهرين پيراگراف ۾:
    ”سنڌ ۾ اهڙي حالت پيدا ٿي پيئي آهي، جنهن جو مثال ملڻ محال آهي. اِها حالت موجوده منسٽريءَ جي پيدا ڪيل آهي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل نه آهي.“
    ٻئي پيراگراف مان حوالو:
    ”پاڻ کي بدناميءَ کان بچائڻ لاءِ سنڌ جي حڪومت هر طرح جي خبرچار کي دٻائي رهي آهي. ائين ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حڪومت مختلف ذريعا ۽ طاقت بيدريغ اهڙي نموني استعمال ڪري رهي آهي، ڄڻ باندر جي هٿ ۾ ڪهاڙي اچي ويئي آهي.“
    ٻنهي حوالن تي بحث ڪرڻ، تمهيد، يا شرح لاءِ قطعي ڪابه گنجائش نه آهي.
    ساڳئي ڪتاب ۾ ڪجهه خبرن جا حوالا به ڏنل آهن. چونڊ حواله:
    23 نومبر:
    • ڳڙهي ياسين تي ڌاڙيلن جي ڪاهه. ٻه ماڻهو مارجي ويا.
    • ميرپور ماٿيلو تي ڌاڙيلن جو حملو. ٻه ماڻهو مارجي ويا.
    • پوليس انهن ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري رهي آهي جن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڌاڙا هنيا آهن.
    • سکر ۾ ڌاڙيلن جي ڦرلٽ جو خوف.
    24 نومبر:
    • حبيب ڪوٽ ۾ ڌاڙو.
    • مديجيءَ ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو.
    • نوشهرو شهر تي ڌاڙيلن جي ڪاهه.
    • باگڙجي ۽ لکيءَ ۾ چار ماڻهو قتل.
    • اوٻاوڙي ۽ سانگيءَ ۾ پنج ماڻهو قتل.
    • ڏهرڪيءَ ۾ ڌاڙيلن گهرن کي باهه ڏيئي ڇڏي.
    اِهي آهن فقط ٻن ڏينهن جون مختصر خبرون. سن آهي 1939ع، يعني اڄ (1991) کان ٻاونجاهه سال اڳ. اهڙين خبرن جي حوالن سان ڪتاب جا انيڪ صفحا ڀريل آهن.
    ڪتاب سنڌ جي متنازع جينيس، پير علي محمد راشديءَ جو لکيل آهي. پاڻ اُن وقت سنڌ مسلم ليگ جو سيڪريٽري هو. ڪتاب جي اشاعت 1939ع آهي ۽ عنوان آهي:
    What has Actually Happened in Sind
    موجوده صدي تاريخ ساز صدي آهي. موجوده صديءَ وڏا انقلاب ڏٺا، ٻه مهاڀاري جنگيون، جپان ۽ جرمنيءَ جي تباهي، خلافتن جو خاتمو، ملڪن جو ورهاڱو، هماليه ۽ چنڊ جي انسان هٿان فتح. گهڻو ڪجهه، بلڪه سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي.
    نه بدلجي سگهي آهي، ته فقط اسان سنڌين جي حالت! 
    1991


    باب ٻيو

    باب ٻيو

    سنڌ جي تاريخ ٻيهر، ٽيهر پڙهي، قديم ڪتابن ۾ سنڌ جو حوالو ڏسي، مان اَجگر جهڙي سوال آڏو بيوس ٿي بيهي رهيو آهيان. ماڻهن سان هميشه پنهنجن گڻن جو ذڪر ڪبو آهي، اَوَگُڻنَ جو نه. مان ڪهڙي قسم جو ناشناس ليکڪ آهيان، جو گُڻن جي ڳولا ڪندي، تاريخ جي کنڊرن مان اَوگڻن جون ڀريون ڀري آيو آهيان! آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏسي ڊڄڻ بدران، مان آئينو ڀڃي ڇونه ٿو ڇڏيان!
    اسان جي تاريخ عبرتڪدو آهي، جنهن مان اسان ڪڏهن به سبق حاصل نه ڪيو آهي. گم نام شهر، يا شهري سلطنت، جنهن کي تباهه ٿيڻ کان پوءِ جڳ مشهوري ملي ۽ موهن يا موئن جو دڙو سڏجڻ ۾ آيو، شايد سنڌ واسين جي اوج جو اوتار هو. گمنام شهر ۾ اُن دور سان ٺهڪندڙ صنعت هئي، حرفت هئي، زراعت هئي، واپار وڙو، ۽ ڪاروبار هو. تعليم جو سرشتو هو، عمارت سازيءَ جو اوج هو. اوج جو عروج تيستائين رهيو جيستائين اَڻ آريا، آريا ٿي نه آيا، ۽ گمنام شهري سلطنت جي آرين کي اَڻ آرين جو نالو ڏيئي ڇڏيائون. گمنام سلطنت جي سڌريل عوام کي لقب ڏنائون، دسيو، يعني غلام، ڪهڙو نه عجيب لفظ آهي! وقت جي مَلهه ۾ جنهن کي دسيو ويو، سو غلام ٿي پيو. مون کي لڳي ٿو، اسان جي لغت جا ڪجهه لفظ دسيو جا همعصر آهن، يا دسيو سان ٺهڪندڙ آهن. مثلاَ َ، داسڙو، سادڙو، داسو، داس، داسي، وغيره.
    گمنام سلطنت جا سنڌي، جيڪي هر لحاظ کان سڌريل هئا، يعني آريا هئا، سي وحشي ۽ جنگجو اَڻ آرين هٿان شڪست کائي اَڻ آريا سڏجڻ ۾ آيا ۽ اَڻ آريا، رولاڪ ۽ جهنگلي، آريا سڏجڻ ۾ آيا. گمنام سلطنت جي شڪست بددعا وانگر اڄ تائين سنڌين جو پيڇو ڪري رهي آهي.
    سنڌ جي تاريخ ڪنهن ڪنهن وقت، بلڪه اڪثر مون کي ڪنهن قصي وانگر ڪجهه گهڙت ۽ ڪجهه من گهڙت محسوس ٿي آهي.
    اسان جي سنڌ مختلف دورن ۾ ڪنهن عام يرغماليءَ وانگر هڪ ڌاڙيل هٿان، ٻئي ڌاڙيل جي تحويل ۾ ايندي رهي آهي. ڪڏهن عربن جي قبضي ۾ رهيا آهيون، ڪڏهن افغانن، ترخانن، ارغونن، مغلن ۽ ڪڏهن انگريزن جي قبضي ۾. درسي ڪتابن ۾ هند سان گڏ جنهن عظيم سلطنت سنڌ جو ذڪر آيو آهي، سا الاءِ ڪهڙي سلطنت هئي!
    ڪاڏي رهيو بغداد، ۽ ڪاڏي رهي سنڌ. اسين بغدادي عربن جي قبضي ۾ به ورهَينَ جا ورهيه رهي چڪا آهيون. اسين الاءِ اِڳڙين جا ٺهيل آهيون، ڀتر ۽ ٺڪر آهيون جو هزارين ميل پري ويٺل به اسان جا آقا ٿي پيا! ۽ وري بغدادي عربن جي يرغماليءَ مان نڪري غزنوين جي غلاميءَ ۾ وڃڻ وارو قصو ته ڏسو! جهڙي ڏند ڪٿا.
    محمود غزنوي، جنهن هندستان تي سترهن دفعا چڙهائي ڪئي ۽ لُٽي ڦري خزانا خالي ڪري ويو، تنهن کي تعجب آهي. شعر و شاعريءَ سان به دلچسپي هئي. اهڙو ذڪر خونين جي باري ۾ پڙهي مون کي اڪثر خيال ايندو آهي ته سڄي ڄمار جا سمورا ڏينهن ۽ سموريون راتيون خونن، ڦُرن، ڌاڙن ۽ جنگين ۾ گذارڻ وارن کي پڙهڻ جو وقت ڪڏهن ۽ ڪٿان ملندو هو! هو وڌ ۾ وڌ مجرا ڏسندا هوندا ۽ ٿڪ لاهيندا هوندا. ان قسم جي صفتن جي ايجاد لاءِ تاريخ نويسن جس لهڻيو!.
    چَوَن ٿا ته محمود غزنويءَ شاعر فردوسيءَ کان پنهنجي ساراهه ۾ شاهه نامو اِن انجام تي لکرايو هو ته هڪ شعر لاءِ فردوسيءَ کي هڪ اشرفي ڏيندو. فردوسي به وڏو ڪو لالچي هو. هندستان تي محمود جي لاڳيتن حملن ۽ ڦرن لٽن ۾ غزنيءَ تائين سهڙي آيل هيرا جواهر ۽ مال متاع ڏسي هرکي پيو. محمود غزنوي پنهنجي ڦرلٽ ۽ ڌاڙن ۽ هندستان تي حملن ۾ لڳو رهيو، ۽ فردوسي ويو شاهه نامو وڌائيندو. هڪ اندازي موجب هو ٽيهه سال محمود غزنويءَ کي شعرن ۾ پڏائيندو رهيو. جڏهن حساب ڪتاب جو وقت آيو، ته محمود غزنوي پِڙُ ڪڍي بيهي رهيو. فردوسيءَ کي ڪاوڙ لڳي. هڪ گارين وارو شعر لکي بغداد ڀڄي ويو، ۽ وڃي بغداد جي خليفي ابو عباس احمد قادر بلاح وٽ پناهه ورتائين. محمود غزنويءَ خليفي ڏانهن هڪ وفد موڪليو ۽ شاعر فردوسيءَ جي ٻانهن گهري. خليفي فردوسيءَ کي موٽائڻ کان انڪار ڪيو. محمود غزنوي باهه ٿي ويو.
    هيءَ اُن دور جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ تي خليفي قادر بلاح پاران سندس گورنر راڄ ڪندا هئا. اِن لحاظ کان سنڌ بغداد جي خليفن جي مملڪت هئي. محمود غزنوي ڪاوڙ وچان وڏو لشڪر وٺي، خليفي کي سبق سيکارڻ لاءِ اُچ ۽ ملتان تي چڙهي آيو، ۽ اُتان فوجون موڪلي سولائيءَ سان سنڌ فتح ڪري ويهي رهيو.
    فردوسيءَ جو جيڪو حشر ٿيڻو هو، سو ٿيو. باقي سنڌ هڪ نڌڻڪي يرغماليءَ وانگر بغداد جي خليفن جي هٿن مان نڪري هڪ پرڳڻي جي حيثيت ۾، غزنوين جي قبضي ۾ آئي.
    1991


    باب ٽيون

    باب ٽيون

    اڇي چمڙيءَ وارين قومن، قبيلن ۽ ماڻهن ۾ قدرت ڪا اهڙي ڪاريگري رکي آهي جو انيڪ اَوَگڻن جي باوجود ڌرتيءَ تي گُڻن وارين قومن کي ماري مات ڪري ڇڏيائون. ڪجهه قومن کي اهڙو مليا ميٽ ڪيائون جو تمدني تاريخن ۾ هينئر سندن ذڪر فقط حوالي طور ايندو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي کوجنا ۽ تحقيق تي آڌار ڪجي ته ٿر جي ڪجهه قبيلن کان سواءِ سنڌ ۾ اسين سڀئي دنيا جا ٿڙيل ٿاٻڙيل اچي گڏ ٿيا آهيون. ڪي نوان، ڪي پُراڻا، اسين سڀئي نو وارد آهيون. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اسان منجهان ڪجهه سنڌ جي مقدس مٽيءَ جو سيندور سينڌ ۾ وجهي هميشه لاءِ ڌرتيءَ سان هڪ ٿي ويا آهن، ۽ ڪي آرين وانگر اڃا تائين پاڻ کي سنڌ جو فاتح ثابت ڪري رهيا آهن. فرق فقط ايترو آهي ته قديم دور جا آريا اڇي چمڙيءَ وارا هئا، ۽ موجوده دور جا آريا اسان وانگر ڪاري چمڙيءَ وارا آهن.
    اڇي چمڙيءَ جو چلڪو اهڙو جو روس ــ افغان جنگ دوران جلاوطن افغانن لاءِ جرمني، انگلينڊ، آمريڪا، ڪيناڊا، سئيڊن، ڊينمارڪ، فرانس، ۽ آسٽريليا وغيره پنهنجا در کولي ڇڏيا هئا. اڇي چمڙيءَ وارن افغانن کي ڀاڪر ۾ ڀري پاڻ وٽ هميشه لاءِ رهائي ڇڏيو هئائون. کين ڌنڌا ڌاڙيون ڏيئي پنهنجي معاشري ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هئائون. اِن جي ابتڙ اڻويهه سئو ايڪهتر واري جنگ دوران ۽ اُن کان پوءِ ابتر اقتصادي حالتن کان مجبور ٿي ڪارا بنگالي جڏهن پنهنجو ملڪ ڇڏي ڀڳا هئا، ته اڇي چمڙيءَ وارن ملڪن هنن لاءِ پنهنجين سرحدن تي پهرا بيهاري ڇڏيا هئا. ويندي ايستائين، جو ڪيناڊا جهڙي دور دراز ملڪ تائين مفلسيءَ ۾ پهچڻ وارن ڪارن بنگالين کي روڪي، ماري، ڪُٽي، سامونڊي جهازن ۾ چاڙهي ڪيناڊا جي سرحدن تان تڙيو ويو هو.
    اڇي چمڙيءَ ۾ ضرور ڪو طلسم آهي! مُٺ جيترا انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان واپاري ٿي آيا، ۽ ڏسنديئي ڏسندي مغلن جي سلطنت جو تختو اونڌو ڪري، هندستان تي قبضو ڪري ويهي رهيا. سنڌ جا مير سڳورا به انگريزن جي اڇي چمڙيءَ تي اَڪن ڇڪن ٿي پيا. سنڌ کي تين وال ته هونءَ ئي ڪري ڇڏيو هئائون. کائڻ پيئڻ ۽ عيش جا ڪوڏيا، ٿلها، سُست، عام ماڻهوءَ جا دشمن. دُٻي ۽ مياڻيءَ جي ٽن چئن ڪلاڪن وارين لڙائين ۾ سنڌ ٿالهه ۾ رکي انگريزن کي ڏيئي ڇڏيائون. اِن تاريخي سانحي تي بحث ڪندي اسان جي هڪ دوست چيو هو، اسين سنڌي احسان فراموش نه ٿيندا آهيون. مهاراجا رنجيت سنگهه کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان ۾ مڻيا نه هئي. انگريزن کان مدد گهري سين. انگريز اهڙا اُستاد جو مهاراجا رنجيت سنگهه کي نيپولين بونا پارٽ جي حملي جو ڊپ ڏياري سنڌ تي ڪاهه کان ٽاري ڇڏيائون. انگريزن جي احسان کان مير صاحبان ايڏا متاثر ٿيا جو سنڌ سندن حوالي ڪري ڇڏيائون!
    رولو ۽ ڀٽڪندڙ، خانه بدوش ۽ ڌڪا جهليندڙ آريا به اڇي چمڙيءَ وارا هئا. تهذيب ۽ تمدن کان وانجهيل، بداخلاق، جهنگلي ۽ جانورن جهڙي زندگي گذاريندڙ، پر پنهنجي اڇي چمڙيءَ تي نازان! يورپ، اسڪينڊنيويا، انگلينڊ، ۽ آرمينا کي تاراج ڪندا آريا هندوڪش جبل لتاڙي سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ سان آباد ٿيل علائقن تي حمله آور ٿيا. سرجان مارشل کان وٺي سنڌ جي محقق مولائي شيدائيءَ تائين، يڪ راءِ آهن ته سنڌوءَ جي ڪنارن وارن علائقن تي آباد سنڌي قوم تاريخ جي اُن دور ۾ هنر، حرفت، علم ۽ زراعت جي سائنس ۾ انيڪ قومن کان اڳتي هئي. بقول مولائي شيدائيءَ جي: ”اُها قوم جنهن جي معاشي نظام ۽ فلسفي، ٻين قومن تي اثر وڌو، جنهن جي نظام تمدن ۽ معاشرت جي تصوير ۽ شڪل کي زماني جا انقلاب مِٽائي ڪونه سگهيا؛ جنهن قوم جي اخلاقي نظريه ۽ قانون کي ٻيون قومون پاڻ لاءِ مشعل راهه تصور ڪرڻ لڳيون ... ان ترقي يافته قوم جي قانون، فلسفه، تهذيب، معاشرتي نظام ۽ شرعي قانون کي هڪ وحشي قوم منسوخ ڪري ڇڏيو.“
    آرين مفتوح سنڌين کي ”دسيو“ جو نالو ڏنو، يعني غلام. پوءِ جڏهن لکڻ پڙهڻ جهڙا ٿيا ته اصلوڪن باشندن لاءِ پنهنجي نفرت کي مذهب جو حصو بنائي ڇڏيائون. اصلوڪن ماڻهن جو نفرت انگيز لفظن ۾ ذڪر ڪيائون. اصلوڪن ماڻهن کي حقارت وچان ”آناس“ يعني نڪ ڦٿل سڏڻ لڳا.
    سرجان مارشل ۽ مولائي شيدائيءَ پنهنجي تحقيق ۾ اِهو نه ڄاڻايو آهي ته هڪ قوم جيڪا اقتصادي، معاشي، تهذيبي، تمدني، ۽ سائنسي ۽ علمي طرح ايتري قدر عظيم هئي، سا رولاڪ، بداخلاق ۽ بدتهذيب اڇي چمڙيءَ واري جاهل قوم هٿان ڪيئن ۽ ڇو شڪست کائي سندن غلام ٿي پيئي ۽ ذلت واري زندگي گذارڻ لڳي! ٻنهي ڄڻن ڪنهن به قسم جو سائنسي سبب نه ڄاڻايو آهي.
    ان باري ۾ هڪ ٻه سبب بحث خاطر ڏيئي سگهجن ٿا. سنڌي قوم علم ۽ دانش ۾ اڳڀري هئي، پر جنگجو قوم نه هئي. تنهن ڪري، هڪ جنگجو قوم هٿان تاريخ ۾ ذليل ۽ خوار ٿي وئي.
    جنگ فقط جسماني طاقت سان نه لڙبي آهي. جنگ لاءِ پهريون شرط آهي ڊسيپلن ـــ ضابطو، ۽ اتحاد. اِهي ٻئي صفتون سنڌي قوم جي نصيب ۾ لکيل نه آهن.
    1991


    باب چوٿون

    باب چوٿون

    راجا رنجيت سنگهه هڪ اک وارو هجي، يا کڻي ٻن ۽ ٽن اکين وارو، اسان سنڌين لاءِ ٻرو آهي. راجا رنجيت سنگهه جو نالو ٻڌي اسان جي بيحد ٿلهن حڪمرانن کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي. ڪجهه حڪمرانن کي تپ چڙهي ويندو هو. ڪجهه حڪمرانن کي پخال جهڙي پيٽ ۾ وڪڙ پوندا هئا. اسان جي سورهيه حڪمرانن جي بهادريءَ جا پڙاڏا انگريزن کي هندستان ۾ ٻڌڻ ۾ آيا. ان وقت تائين انگريزن کاٽ هڻي مغلن جي سلطنت کي کوکو ڪري ڇڏيو هو. ڳالهه وڃي بچي هئي بهادر شاهه ظفر جي جلاوطنيءَ ۽ رنگون ۾ دفن ٿيڻ جي. انگريزن جي سنڌ جي ٿلهن حڪمرانن ۽ ڏٻري عوام ۾ دلچسپي وڌي ويئي. مٿان جو خبر پَين ته مير صاحبان، يعني ”حڪمرانا سنڌ“، سنڌ سڳوريءَ کي ٽن حصن ۾ تين وال ڪري ڇڏيو هو، انگريز بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيا. اندروني ڏڦير ۽ ذاتي دشمنين کان وڌيڪ مناسب ماحول ويسا گهاتين کي ٻيو ڪهڙو گهرجي! سنڌ جو سُڌ سماءُ لهڻ لاءِ انگريزن ڊسمبر 1831ع ۾ خير سگالي وفد جي نالي ۾ هڪ مشن سائنسي بنيادن تي تيار ڪيو. مشن جي مخفي رپورٽ تي انحصار ڪندي ٻارهن سال پوءِ، 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي. اسان سنڌي دنيا جي وائڙين قومن جا ورلڊ چيمپئن آهيون.
    مشن جا ميمبر هئا:
    ليفٽننٽ ڪرنل پوٽنجر
    پي اسڪاٽ
    ڪيپٽن پوٽنجر
    سنڪليئر
    ليفٽننٽ مورس
    ۽، ايڊورڊ ڊيلهوسٽ، جنهن مشن جي سنڌ ۾ سفرنامي کي قلمبند ڪيو، ۽ پنهنجي رپورٽ ۾ انگريز سرڪار کي سنڌ تي حملي مهل ڪَاهه لاءِ مناسب قدمن جو ڏس ڏيئي ڇڏيو.
    اسين سنڌي شل نه اڇي چمڙي ڏسون! اَک ٽيڏي، واڇ گودو، گگ پئي وات مان ڳڙندي! ضروري ناهي ته اسين فقط پرديسين جي اڇي چمڙيءَ تي مري پوندا آهيون. اسين ديس واسين جي اڇي چمڙيءَ تي به مرڻ ۾ دير نه ڪندا آهيون. مُلڪ جي مال روڊن تي ٻيو ڪو نظر اچي، يا نه اچي، اسين خيرن سان نظر ايندا آهيون. ٻانهن جي لوڏ لوڏان سان مُڇَ پئي مروڙبي، ۽ اڇي چمڙيءَ تان قربان ٿي وڃڻ جي تياري پئي ڪبي.
    تين وال ڪيل سنڌ جي حاڪم مير صاحبان (هڪڙا مير ميرپور خاص مان ٻيا مير حيدرآباد مان، ۽ ٽيان مير خيرپور مان سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا)کي جڏهن اڇي چمڙيءَ وارن گورن مهمانن جي خيرسگالي وفد جي آمد جي خبر پيئي ته همراهه وڇانئجي ويا. مٽيءَ هاڻي ڏٻري رعيت کي قطارن ۾ بيهاري ڇڏيائون. پيٽ بکين کان انگريزن جي مانَ ۾ نعرا هڻايائون. ڀلي ڪري آيا ــ ڀلي ڪري آيا!
    انگريز اهڙو ڀلي ڪري آيا، جو سنڌ مان وري نه ويا. جوزف نالو مٽائي يوسف ٿي پيو، ۽ موزز نالو مٽائي موسيٰ ٿي پيو. ٻنهي ڄڻن ايڊورڊ ڊيلهوسٽ وانگر سنڌين جي ”ويڪ پوائنٽس“ جو ذڪر پنهنجي رپورٽ ۾ ڪري ڇڏيو. هر دور ۾ هڪ سر چارلس نيپئر هڪ نائومل جي مدد سان سنڌ جي سينڌ اُجاڙيندو، ۽ ڌرتيءَ کي داغ ڏيندو رهيو آهي.
    سنڌ ۽ سنڌين جو سَروي ڪندي مشن کي نه لهر آئي، ۽ نه لوڏو. ڌاڙيلن به کين نه ورايو. ڪنهن ڪنهن مهل وائڙن وانگر واٽ وڃائي ويهندا هئا. اولهه بدران اوڀر کان وڃي نڪرندا هئا. انگ اُگهاڙا ۽ پيٽ بکيا سنڌي کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. ويندي، جو ميرن جي وسيع شڪار گاهن ۾ به کين جهل پل نه هئي. ورنه، دستور اِهو هو، جو اوپري شخص لاءِ شڪار گاهه ۾ داخل ٿيڻ، يا شڪار گاهه جي ڀرسان لنگهڻ ممنوع هو. خلاف ورزي ڪرڻ واري لاءِ مير صاحبان موت جي سزا رکي هئي. اِن الزام جي آڙ ۾ ڪيترا بيگناهه پوليس مقابلي وانگر مارجي ويندا هئا. مشن اِن ڳالهه تي خاص طرح خوشي محسوس ڪئي جو هندستان ۾ انگريزن خلاف نفرت اڃا سنڌ نه پهتي هئي! هر ڪو پيو مکڻ، ماکي ۽ کير ملائي کارائين!
    17 جنوري 1832، يعني، اڄ کان هڪ سئو سٺ سال اڳ، مشن مير علي مراد جي ميرپور ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ شهر جي ويجهو پڙاءُ وڌو هو. رات جي وڳڙي ۾، لڪي ڇپي، هندن جو هڪ وفد انگريزن جي مِشن سان ملڻ آيو. انگريزن کي دانهن ڏنائون ته ميرن جو ساڻن برتائو بهتر نه آهي.(ميرن هندن کان ڏن ۽ ڀنگ وٺندا هئا، جزيو ڀرائيندا هئا. کين پڳ ٻڌڻ نه ڏيندا هئا. گهوڙي تي سواري هنن لاءِ ممنوع هئي.) کين تنگ ڪيو ٿو وڃي! ۽، ڀُڄَ ۾ انگريزن جي راڄ هيٺ هندو سُک جو ساهه کڻي رهيا آهن، تنهن ڪري سرڪار وارو ڪريو، ميرن کان سنڌ کسي وٺو!
    مشن جي رپورٽ ۾ هندن وارو حوالو ڪيستائين درست آهي، اِنَ جي تصديق ٿي نه سگهي آهي. ان قسم جو هڪ حوالو مشن ميرپور ۾ پڙاءَ دوران به ڏنو آهي. مسلمان شهرين کان شهر جي آباديءَ بابت پڇيائون. جواب ملين ته شهر جي آبادي پندرهن ويهه هزار کن آهي. پڇيائون ته، پندرهن ويهن هزارن جي آباديءَ مان هندو ڪيترا آهن؟ جواب ملين ته اسين ڪُتن کي نه ڳڻيندا آهيون.
    انگريز، عوام کي پاڻ ۾ وڙاهي پاڻ مزي سان ويهي حڪومت ڪندو هو. هندو برهمڻ جي نفرت جو اندازو سولائيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. پر، سنڌ جي صوفي منش ۽ مولائي مسلمانن جي اهڙي نفرت جو اظهار تصديق طلب آهي. شاهه لطيف، سچل، ۽ شاهه عنايت جا معتقد اهڙي شدت سان نفرت نه ڪندا آهن. اختلاف رکڻ ۽ نفرت ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي.
    مشن جا ميمبر ڏاڍو گُد گُد ٿيا هئا، جڏهن مير صاحبان جا گماشتا کائن لِڪ ڇُپ ۾ حاڪمن لاءِ ولايتي شراب جون بوتلون وٺڻ آيا هئا. تڏهن، انگريزن کي پڪ ٿي ويئي هئي ته سنڌ سندن هٿن مان نه ويندي.
    1991


    باب پنجون

    باب پنجون

    1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. ان کان پوءِ، انتظام هلائڻ لاءِ انگريزن سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ، چَوَن ٿا ته سنڌ کي بمبئي جي انتظامي بندوبست کان آجو ڪرائڻ لاءِ سنڌين وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي. جدوجهد ۽ جاکوڙ دوران اسان جي ابن ڏاڏن جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، ان باري ۾ مون کي ڪا خاص خبر ڪونهي. هڪ دفعو ٻيهر تاريخ جا پُراڻا ورق اُٿلائي ڏسندس. مون کي تعجب ٿيندو آهي اِن بيان تي ته بمبئي جي انتظامي بندوبست کان آجو ڪرائڻ لاءِ سنڌين، يعني اسان جي ابن ڏاڏن مثالي جدوجهد ڪئي هئي!
    جيئن سنڌ انگريزن جي ماتحت هئي، انگريزن جي حڪومتي ڍانچي جو هڪ حصو هئي، تيئن بمبئي به انگريزن جي حڪومت هيٺ هئي. انگريزن جي حڪومتي ۽ انتظامي ڍانچي جو هڪ حصو هئي. سنڌ جڏهن بمبئي پريزيڊنسيءَ جي انتظام هيٺ هئي، تڏهن به انگريزن جي ماتحت هئي. 1936ع ۾ بمبئي جي انتظامي امور کان جدا ٿيڻ کان پوءِ به سنڌ انگريزن جي ماتحت رهي. ته پوءِ، جدوجهد، ۽ جاکوڙ ڇاجي لاءِ هئي! الوحيد اخبار ڪهڙي خوشيءَ ۾ سنڌ آزادي نمبر شايع ڪيو هو! آزادي! ڇاجي آزادي! ۽ ڪنهن کان آزادي! غلاميءَ ۾ ڪهڙي آزادي! جيل مڙيو ئي جيل هوندو آهي ـــ پوءِ جيل کڻي ڪراچيءَ جو هجي، لاهور جو هجي، يا کڻي پشاور جو هجي! سنڌ سڳوري 1936ع کان اڳ به انگريزن جي غلام هئي؛ 1936ع کان پوءِ به سنڌ انگريزن جي غلام رهي. ته پوءِ آزادي ڪنهن کان! ۽ ڪهڙي آزادي!
    چَوَن ٿا، 1936ع ۾ ”آزاديءَ“ کان پوءِ سنڌي ڏاڍا خوش ٿيا هئا. جشن ملهايا هئائون. گد گد ٿيا هئا. پر، سنڌ ايڊوائيزري ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ سنڌي ان ڳالهه تان پاڻ ۾ وڙهي پيا هئا.
    سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ انگريز بهادرن پنهنجي سنڌ ايڊوائيزري ڪائونسل ٺاهي هئي. ڪائونسل جو پهريون اجلاس جون جي 9 کان 11 تائين، 1936ع ۾ ٿيو هو. ڪائونسل جو چيئرمين هو، سر غلام حسين هدايت الله، جنهن کي تاريخ ۾ مسلم ليگ جو وڏو ليڊر ڄاڻايو ويو آهي. ايڊوائيزري ڪائونسل جا خاص خاص ميمبر هئا:
    خانبهادر الله بخش
    سردار بهادر الله داد خان
    مير بنده علي خان ٽالپر
    سر شاهنواز ڀٽو
    خانبهادر شير محمد خان بجاراڻي
    محمد هاشم گذدر
    پير غلام حيدر شاهه
    خانبهادر محمد ايوب کهڙو
    سيد ميران محمد شاهه
    سردار بهادر ڄام جان محمد خان
    سنڌ ايڊوائيزري ڪائونسل جا هندو ميمبر هئا:
    مکي گو بندرام پريتمداس
    ديوان بهادر هيرانند کيم سنگهه
    ديوان بهادر ايسر سنگهه
    ڪرپالاڻي
    پرمانند ڪندن مل
    ايس ايس ٽولاڻي
    اجلاس شروع ٿيو. سيد ميران محمد شاهه سنڌ ايڊوائيزري ڪائونسل جي چيئرمين کان هڪ قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گهري جنهن ۾ بمبئي جي انتظامي ڍانچي کان سنڌ جي آزاديءَ تي سنڌ جي ماڻهن ۽ برطانيه حڪومت کي مبارڪون ڏنيون ويون هيون.
    چيئرمين چيو: قرار داد جيڪڏهن متفقه آهي، ته پوءِ ٺيڪ آهي، ورنه نه.
    ان موقعي ته ڪائونسل جي هڪ ميمبر، پرمانند ڪندن مل اعتراض اٿاريو. هن چيو ته بمبئيءَ جي انتظام کان سنڌ جي عليحدگي متنازعه آهي.
    چيئرمين هڪدم چيو: قرار داد پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيئي نه ٿي سگهجي.
    ٻئي ڏينهن، يعني 10 جون 1936ع تي جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته چيئرمين ڪائونسل جي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو: ڪالهه شام مون کي محمد هاشم گذدر وٽان قرارداد جو مسودو مليو هو. مسودي ۾ لکيل آهي ته سنڌ کي خودمختار صوبي جي حيثيت ڏيڻ واري فيصلي تي سنڌ ايڊوائيزري ڪائونسل سنڌ جي عوام ۽ برطانيه حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي. ڪالهه قرارداد تي پرمانند اعتراض ڪيو هو. اڄوڪي اجلاس ۾ پرمانند موجود نه آهي. ٻئي ڪنهن ميمبر جي قرارداد تي اعتراض آهي ڇا؟
    مکي گو بندرام چيو: ها، مون کي اعتراض آهي.
    چيئرمين هڪدم فيصلو ڏيئي ڇڏيو ـــ قرارداد جي نه حق ۾ ۽ نه مخالفت ۾. چيائين: اِهو چَوَڻ قطعي غلط آهي ته سنڌ جي سموري عوام کي بمبئيءَ کان سنڌ جي علحيدگيءَ تي خوشي ٿي آهي. اها ڳالهه متنازعه ٿي چڪي آهي. ان فيصلي تي سنڌ جا ڪجهه ماڻهو خوش ٿيا آهن، ۽ ڪجهه ناخوش. تنهنڪري، محمد هاشم گذدر کي صلاح ڏجي ٿي ته پنهنجي قرارداد واپس وٺي.
    سنڌ صوبو، عجب صوبو آهي. هن صوبي تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ يڪجهتي ۽ اتفاق جي شڪل نه ڏٺي آهي.
    1991


    باب ڇهون

    باب ڇهون

    منهنجو تڙ ڏاڏو، يعني منهنجي ڏاڏي جو ڏاڏو سنڌ سڳوريءَ جي آڙيڪاپ وڏيرن مان هڪ آهي. سندس شمار سنڌ جي بااثر، معتبر، ۽ سياسي شخصيتن ۾ ٿيندو آهي. ڪتا، سوئر، رڇ ۽ ڌاڙيل پالڻ کان سواءِ سندس لاجواب زندگيءَ ۾ ٻه مشغلا مستقل اهميت واري جڳهه والاريندا آهن. کيس اڪثر انهن مستقل مشغولين ۾ مصروف ڏٺو ويو آهي. مستقل نوعيت وارا ٻه مشغلا سندس ابدي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبب آهن. هن تاريخ کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي. ڀڙڀانگ ڳوٺن جي رعيت کيس گهڻو ڪري نئين شادي ڪندي يا چونڊن ۾ بيهندي ڏٺو آهي. انهن ٻنهي مشغولين ۾ منهنجو تڙ ڏاڏو ڏاڍي زور شور سان حصو وٺندو آهي. هو اڪثر نئين سر شادي ڪندو آهي، ۽ چونڊن ۾ بيهڻ کان پوءِ ڪامياب ٿيندو آهي. چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڇيهه وڃي اسيمبلين ۾ ڪندو آهي، ڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾، ته ڪڏهن صوبائي اسيمبليءَ ۾! اِهو شغل ورهاڱي کان اڳ کان جاري آهي.
    اسان جي تمام وڏي خاندان ۾ اسان جو تڙ ڏاڏو سڀ کان وڌيڪ محبت مون سان ڪندو آهي. هو اڪثر منهنجي لاءِ فڪرمند رهندو آهي. منهنجين حرڪتن ۽ بدمزاجين سبب پاڪستان ۾ کيس منهنجي لاءِ ڪوبه شاندار مستقبل نظر نه ايندو آهي. کيس منهنجو سنڌيءَ ۾ لکڻ بنهه نه وڻندو آهي.
    پنهنجي بي انتها ڪامياب، درخشان ۽ لاجواب زندگيءَ ۾ پندرهون دفعو شادي ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن مون کي نصيحت ڪندي چيو هو: ”تون سچ ڳالهائين يا ڪوڙ؛ اهو اهم ناهي. اهم اهو آهي ته تون جيڪي ڪجهه ڳالهائين، لکين، پڙهين، ۽ سوچين سو سمورو انگريزيءَ ۾ هئڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا، لکندا، پڙهندا ۽ سوچيندا آهن، سي ٻئي ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ سوچڻ وارن تي راڄ ڪندا آهن. سنڌيءَ ۾ لکڻ سان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندوءِ.“
    مون کيس جواب نه ڏنو هو. کيس جواب نه وڻندا آهن.
    منهنجي تڙ ڏاڏي پنهنجي نصيحت جاري رکندي چيو هو، ”بنگالي ليکڪن وانگر تون به گم نام رهجي ويندين. ڪوبه مغربي پاڪستاني تنهنجيءَ ڳالهه کي اهميت نه ڏيندو. مغربي پاڪستان جي ڪيترن عقل ۾ اڪابر دانشورن کي بنگالي ليکڪن جا نالا ياد آهن! مغربي پاڪستانين کي خبر آهي ته مشرقي پاڪستاني ڇا لکندا هئا؟ تنهن ڪري، منهنجا تڙ پوٽا، تون به سنڌيءَ بدران انگريزيءَ ۾ لکڻ شروع ڪر.“
    سنڌ ۾ وڏيراشاهي، ۽ سياست گڏ هلندي آهي. سنڌ ڇا، سموري پاڪستان ۾ سياست ۽ وڏيرا شاهي گڏ هلندي آهي. پر، ٻين صوبن ۾ وڏيرا نه ٿيندا آهن. اُتي وڏيرن جا لقب بدلجي ويندا آهن. ٻين صوبن ۾ وڏيرن کي سڏيندا آهن، سردار، خان، ۽ چوڌري! پاڪستان جي سموري زمين سندن زمينداريءَ ۾ شامل آهي. ٻين لفظن ۾، سمورو پاڪستان سندن جاگير آهي، ۽ سموري ملڪ جا ماڻهو سندن هاري، ڪاشتڪار، مزاريه، ڪمي، ۽ نوڪر چاڪر ٿيندا آهن. هو پنهنجين وڏين موٽرن، پجيرو ۽ نسان جهڙين گاڏين جا ڪارا شيشا چاڙهي پاڪستان جي ڪچن ۽ پڪن رستن تي قوم جي خدمت خاطر تيزيءَ سان ايندي ۽ تيزيءَ سان ويندي نظر ايندا آهن.
    تمام وڏي زميندار جي حيثيت ۾، ۽ بااثر شخصيت هئڻ جي ناطي، منهنجي تڙ ڏاڏي وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه آهي ته هو مسلسل شاديون ڪندو رهي، ۽ چونڊن ۾ بيهندو رهي. هو اڻويهه سئو هڪ (1901) کان ايتريقدر ته چونڊن ۾ بيٺو آهي جو هينئر ويهڻ وساري ويٺو آهي، ۽ اڪثر بيٺي نظر ايندو آهي. ورهاڱي کان اڳ به اسان جو تڙ ڏاڏو اهڙي ئي نموني بااثر ۽ هردل عزيز هو، جهڙي نموني ورهاڱي کان پوءِ ثابت ٿيو آهي. سنڌ جي ذري گهٽ سمورن سپاهين ۽ صوبيدارن سان سندس دوستي آهي. ورهاڱي جو سندس ناموس ۽ نامياچار تي ڪو اثر نه پيو آهي.
    هو اڄ به پنهنجن هارين نارين ۾ ايترو ئي هر دلعزيز آهي، جيترو ورهاڱي کان اڳ. ورهاڱي کان اڳ به وڏي اڪثريت سان چونڊ کٽيندو هو، ورهاڱي کان پوءِ به وڏي اڪثريت سان چونڊ کٽيندو آهي. تاريخ ۽ تاريخي تبديلين جو مٿس ڪو اثر نه پيو آهي. تنهن ڪري سندس شمار پاڪستان جي تاريخ ساز شخصيتن ۾ ٿيندو آهي.
    منهنجي تڙ ڏاڏي کي هڪ ڏک کان سواءِ ٻيو ڪو ڏک ڪونهي. کيس ڏک آهي ته مان سنڌي ۾ لکندو آهيان. ائين به ناهي ته منهنجو ڏاڏو ڪو انگريزيءَ ۾ اڪابر آهي، يا وليم شيڪسپيئر جو قلمي دوست آهي. نه نه. اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. هن پنهنجي لاجواب ۽ حيرت انگيز زندگيءَ جي اوائلي دور ۾ انگريزن جو دٻدٻو ڏٺو هو. انگريز جي حشمت ۽ شان شوڪت کان ڏاڍو متاثر آهي. هڪدفعي چيو هئائين، ”اڙي ڀوڪ، خبر اٿئي ته انگلستان جي راڻي انگريزيءَ ۾ لکندي، پڙهندي ۽ ڳالهائيندي آهي؛ تنهن ڪري دنيا تي حڪومت ڪندي آهي. منهنجا ڀوڪ تڙ پوٽا، منهنجي ڀوڪ پوٽي جا ڀوڪ پٽ، موهن جي دڙي واري ٻوليءَ ۾ لکڻ کان توبهه ڪر، ۽ انگريزن ۽ انگريزن جي رهجي ويل نسل جي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪر، ۽ پنهنجو آئيندو روشن ڪر.“
    پنهنجي تڙ ڏاڏي جي نصيحت تي عمل ڪندي مون انگريزيءَ ۾ لکڻ جو فيصلو ڪيو. مان هڪ انگريزي اخبار جي آفيس کان ٻئي آفيس تائين ڌڪا کائيندو رهيس، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو.
    نيٺ هڪڙي انگريزي اخبار جي سب ايڊيٽرن ۽ ڪرائيم رپورٽرن کي منهنجي حال تي رحم آيو. هنن تعجب وچان پڇيو، ”ڇا واقعي تون گذريل ٽيهن سالن کان لکي رهيو آهين؟“
    هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيم، ”ها ڀائو، مان گذريل ٽيهن سالن کان لکي رهيو آهيان.“
    چيائون، ”پر، اسان اڄ تائين تنهنجو نالو نه ٻڌو آهي.“
    ”توهان بنگالي ليکڪن جو نالو به نه ٻڌو هو.“ چيم، ”مان سنڌيءَ ۾ لکندو آهيان.“
    ”اوه!“ ڏاڍي عجيب ۽ دردناڪ قسم جي آه سندن وات مان نڪري ويئي. چيائون، ”ته تون سنڌيءَ ۾ لکندو آهين!“
    ”ها سائين.“ وراڻيم، ”مان سنڌيءَ ۾ لکندو آهيان.“
    پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ چيائون ”ته تو سچ پچ انگريزيءَ ۾ لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟“
    ”ها. مون انگريزيءَ ۾ لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ چيم، ”منهنجي تڙ ڏاڏي چيو آهي ته مان سنڌيءَ کي ڇڏي انگريزيءَ ۾ لکڻ شروع ڪريان.“
    ”تنهنجي تڙ ڏاڏي لاءِ اسان کي احترام آهي.“ هنن چيو، ”پر، هڪ علاقائي ۽ صوبائيءَ ٻوليءَ مان نڪري سڌو سنئون بين القوامي ٻوليءَ ۾ لکڻ مناسب نه ٿو لڳي. ڪيترن سالن کان سنڌيءَ ۾ لکي رهيو آهين؟“
    چيم، ”ٽيهن سالن کان.“
    چيائون، ”هاڻي تون هيئن ڪر، ٽيهه سال لاڳيتو قومي ٻولي اردوءَ ۾ لِکُ. ٽيهن سالن تائين اردوءَ ۾ لکڻ کان پوءِ تون پنهنجي تڙ ڏاڏي جي نصيحت تي عمل ڪندي. انگريزيءَ ۾ لکڻ شروع ڪجانءِ.“
    مان مايوس ٿي موٽي آيس. ان ڳالهه جو ذڪر مون پنهنجي تڙ ڏاڏي سان ڪيو.
    منهنجي تڙ ڏاڏي چيو، ”تون فڪر نه ڪر. انگريزيءَ ۾ مان پنهنجي هڪ اخبار ڪڍندس، ۽ توکي ان اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪندس.“
    گد گد ٿيندي پڇيم، ”اخبار جو چيف ايڊيٽر ڪير هوندو ڏاڏا سائين؟“
    سنڌ جي گڙنگ وڏيري، منهنجي تڙ ڏاڏي وراڻيو، ”چيف ايڊيٽر مان ٿيندس. ٻيو ڪير ٿيندو!“
    مان عنقريب پنهنجي تڙ ڏاڏي جي انگريزي اخبار ۾ انگريزي ۾ ڪالم لکندس.
    1991


    باب ستون

    باب ستون

    اسين سنڌي وڏي ڪمال واري قوم آهيون. ڪو به واقعو، ڪوبه حادثو، ڪوبه سانحو اسان لاءِ نئون نه آهي. ڪوبه راز، ڪا به رمز اسان لاءِ نئين نه آهي. ڪابه ايجاد، ڪابه اوسر، ڪابه ارتقا، ڪابه تبديلي اسان لاءِ نئين نه آهي. ڪجهه به اسان لاءِ نئون نه آهي. اسين تجربن جي تاريخ جو مستقل حصو آهيون. زوال ۾ اسين پنهنجي عروج جي چڻنگ ڳوليندا آهيون. سنڌ جي اميرن کان ساليانو ڀُنگ ڇڏائڻ لاءِ افغانن ورهين جا ورهيه شڪارپور پنهنجي قبضي ۾ رکي هئي. اسين بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهيون. تاريخ اسان جي جنگي ڪارنامن سان ٽمٽار آهي! اسين هڪ حملي ۾ افغانن کان شڪارپور کي آزاد ڪرائي ڇڏيون ها، پر اسان ائين نه ڪيو. اسان کان متاثر ٿي ٻئي مهاڀاري جنگ دوران فرانسيسين به ائين ڪيو هو. هنن پيرس جو شهر هٿ ٻڌي، جرمن فوجن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. فرانسيسين کي پيرس جو حسن، سونهن ۽ سوڀيا عزيز هئي. هنن شڪست جي ذلت قبول ڪئي، پر پيرس کي جنگ ۾ تباهه ٿيڻ نه ڏنو.
    شڪارپور اسان لاءِ پيرس هئي. پٺاڻن جڏهن شڪارپور تي قبضو ڪري ورتو، تڏهن اسان جي قومي غيرت ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيئي هئي. اسان ڪفن سر سان ٻَڌو هو، ۽ پوءِ جڏهن جنگ نه لڳي، تڏهن اسان ڪفن جي ڪپڙي مان سلوارون سبائي ورتيون. اسين جنگ لاءِ تيار هئاسين، پَرَ اسان جي دانشورن اسان کي ليڪچر ڏيندي سمجهايو ته، ابا چريا نه ٿيو ـــ توهين وڏي جنگجو قوم آهيو ـــ پٺاڻ توهان جي هيبت آڏو دم جهلي نه سگهندا ـــ ڀڄي ويندا ـــ ۽ ڀڄندي ڀڄندي شڪارپور، يعني سنڌ جي پيرس کي تباهه ڪري ڇڏيندا!
    اسان پنهنجن دانشورن جي صلاح تي ڌيان ڏنو هو، ۽ جنگ جوٽي شڪارپور کي آزاد ڪرائڻ بدران اسان افغانن کي ڀُنگ ۽ ڏن ڀري ڏيڻ قبوليو هو؛ ۽ اهڙي نموني شڪارپور جي سونهن ۽ حسن بچائي ورتو هو. تاريخ جي اُٿل پٿل ۾ ڪجهه افغان شڪارپور ۽ شڪارپور جي پسگردائيءَ ۾ رهجي پيا هئا، ۽ اڳتي هلي سنڌ جي سونهن جو سبب ٿيا هئا. آغا صوفيءَ سچل سرمست جي ڪلام تي تشريح، حاشيه ۽ ڪامينٽري لکي، ۽ رسالي کي شايع ڪرائي منصور ثانيءَ جي مريد هئڻ جو حق ادا ڪيو. آغا محمد يعقوب، جنهن شاهه لطيف جي ڪلام جو ٽن ضخيم جلدن ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ ڪلام جي مفهوم ۽ معنيٰ تي بحث ڪيو. ڊاڪٽر اي ڪيو (A. Q) افغان، جنهن فوجي جرنيلن آڏو عزت، شجاعت ۽ دٻدٻي سان انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو انتظام سنڀالي ۽ هلائي سڀني سنڌين جو مان مٿاهون ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر افغان جتي پنهنجي وائيس چانسلريءَ دوران مارشل لا کي منهن ڏنو، اُتي هن ڪنهن به وڏيري، پاٿاريدار جي دادگير پٽ کي اسٽوڊنٽ ليڊر ٿيڻ نه ڏنو. ڊاڪٽر افغان لاءِ اسٽوڊنٽ ليڊر فقط اُهو ٿي سگهندو هو جيڪو راندين، ڊبيٽن، چٽاڀيٽين ۽ پڙهڻ ۾ ڀَڙُ هوندو هو. ۽ آغا سليم ــ سنڌي ادب جي سهڻين ڪهاڻين جو سهڻو خالق ۽ انيڪ.
    آمريڪا جي بادشاهه بُش جو نئون عالمي نظام گٺل ۽ جهوني پُراڻي دنيا لاءِ نئون نعرو آهي. گٺل ۽ پراڻي دنيا ۾ هڪ ٽئين دنيا به آهي، جيڪا وڌيڪ کٽاري آهي. ٽئين دنيا جي ڏتڙيل دانشورن جو خيال آهي ته بادشاهه بش جي نئين عالمي نظام کان پوءِ ٽئين دنيا ۾ ٻار پيدا ٿيڻ بند ٿي ويندا ۽ ماڻهو مرڻ کان اڳ مري ويندا. اهڙي نموني ٽئين دنيا جي پينو فقير قومن جي تعداد ۾ ڪمي ايندي.
    بادشاهه بش جو نئون عالمي نظام سڄي دنيا لاءِ ڀَل ته نئون نعرو هجي، پر اسان سنڌين لاءِ نه. مون پنهنجي تڙ ڏاڏي، يعني پنهنجي ڏاڏي جي ڏاڏي کان نئين عالمي نظام بابت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ٻڌا آهن، ۽ ليڪچر هِئين سان هنڊايا آهن.
    منهنجو تڙ ڏاڏو، جنهن جو شمار سنڌ جي نامور وڏيرن ۾ ٿيندو آهي، ۽ جيڪو يا ته شاديون ڪندو آهي، يا چونڊن ۾ بيهندو آهي، سو سنڌ جي درٻار ۾ موجود هو، جڏهن انگريزن سنڌ جي ٿلهن متارن، ۽ هلڻ کان لاچار حڪمرانن لاءِ طاقت جون دوائون آنديون هيون، ۽ ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو هو. سنڌ جي ميرن، جن سنڌ کي تين وال ڪري ڇڏيو هو، ۽ حيدرآباد، خيرپور ميرس ۽ ميرپور خاص ۾ پنهنجو پنهنجو ديرو ڄمايو هو، تن کي انگريزن جي دوستيءَ جو هٿ اهڙو وڻي ويو جو انگريزن کي وري سنڌ مان هٿ ڪڍڻ نه ڏنائون. راجا رنجيت سنگهه حملي جو دڙڪو ڏياري موڪلين ته سڌو وڃي انگريزن جي پيرن تي ڪريا. ”گورا بادشاهه، ڪاڻي سِکَ کان بچاءِ!“
    انگريزن نئين عالمي نظام موجب سنڌين پاران راجا رنجيت سنگهه سان مذاڪرات ڪيا، ۽ کيس حملي کان ٽاري ڇڏيائون. عيوض ۾ سنڌونديءَ ذريعي فوجون ڪاهي افغانستان تي حملو ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيائون ۽ ميرن کي بيخبر رکيائون. اهو سڀ ڪجهه اُن دور جي نئين عالمي نظام جي عين مطابق ٿي رهيو هو.
    ميرن پنهنجن محسنن کي افغانستان تي سنڌ جي رستي حملي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجو اِهو نڪتو جو مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ ميرن سرچارلس نيپئر جي تنبوءَ ۾ وڃي پنهنجيون تلوارون شڪست جي اعتراف ۾ کيس پيش ڪيون ۽ سندس آڏو آڻ مڃيائون. ان وقت به منهنجو تڙ ڏاڏو اُتي موجود هو. هن مُرڪي ميرن ڏانهن ڏٺو هو، ۽ پوءِ سڌو وڃي نَوَن حڪمرانن، انگريزن جي هنج ۾ ويٺو هو.
    نئين عالمي نظام موجب اول هندستان ۽ پوءِ سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ انگريزن پنهنجي فوج انگلستان مان نه آندي هئي. هُنن هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڪامندڙ ماڻهن کي ڀرتي ڪري خونخوار فوج تيار ڪئي هئي. پيڙهه پختي ڪرڻ لاءِ هند ۽ سنڌ جي وڏيرن ۽ وياج خور واڻين انگريزن جي دل کولي مدد ڪئي هئي. موٽ ۾ انگريزن کين سرخرو ڪرڻ لاءِ لقبن ۽ جاگيرن سان نوازيو هو. ڏسنديئي ڏسندي ڪي سَر ٿي پيا، ڪي خانبهادر، ڪي راءِ بهادر ۽ ڪي خان صاحب ٿي پيا. انگريزن وڏي شد مد سان سندن ذڪر هٿ ٺوڪي ۽ چچريل تاريخ ۾ ڪرايو. انهن ۾ منهنجي تڙ ڏاڏي جو ذڪر به هو. سندس شمار انگريزن جي خاص وفادارن ۾ ٿيندو هو.
    انگريزن جي ڪوچ ڪرڻ کان پوءِ، تڏهن واري نئين عالمي نظام موجب ڪيترائي سر، خان بهادر، خان صاحب ۽ سردار ۽ جاگيردار ماٺڙي ڪري تاريخ جي وڌيڪ چچريل صفحن ۾ ڪاهي پيا. سندن شمار پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪندڙ قومي اڳواڻن ۾ ٿيڻ لڳو. سندن انگريز خلاف ”جدوجهد“ کي وڏي شد مد سان سونهري اکرن ۾ لکيو ويو.
    تاريخ جي بيهودگين تي هڪ دفعي مون اعتراض ڪيو هو. منهنجي تڙ ڏاڏي چيو هو: هر نئين عالمي نظام ۾، هر دفعي ائين ئي ٿيندو آهي؛ ۽ اهو جائز آهي!
    1991


    باب اٺون

    باب اٺون

    مون کي چڱي طرح ياد ڪونهي ته ڪٿي، ۽ ڪهڙي ڪتاب ۾ پڙهيو هيم:
    ”سنڌي ڏاڍي عجيب قوم آهن. ڊاڙي، ڦڙٻاٽي. مستقبل بابت ڳالهائڻ بدران، پنهنجي شاندار ماضيءَ جا قصيدا ويٺا ڳائيندا. سُست ٽوٽي، ۽ آرام طلب. پنج ڇهه ڄڻا هڪ هنڌ گڏ ٿيندا، ۽ جيڪڏهن هٿ ۾ ڪنهن هڪ همراهه جي ڳن ڀڳل ڪهاڙي هوندي، ته پاڻ کي سڏائيندا لشڪر.“
    حوالو ياداشت مان ڏنو اٿم. تنهن ڪري، هوبهو ڪتاب ۾ آيل بيان جهڙو نه آهي، پر مفهوم هوبهو ساڳيو آهي. اِهو بيان پڙهي، منهنجن پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي هئي. دل جنڊ جي ٻن پُڙن ۾ چچرجي ويئي هئي. اول مون کي باهه وٺي ويئي هئي. پنو پينسل کڻي ويهي رهيو هيس. سوچيم، جنهن نالائق مصنف اسان سنڌين جي باري ۾ گٿا لفظ ۽ جملا استعمال ڪيا آهن تنهن کي هرگز نه ڇڏيندس. اهڙي جُٺ ڪندومانس جو ستن پيڙهين تائين ياد رکندو. پر پوءِ، جڏهن ڪتاب اُٿلائي پٿلائي ڏٺو هيم، تڏهن پنو پينسل پاسيرو ڪري رکيو هيم. مايوسيءَ وچان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هيم. ڪتاب اصل ۾ ڪنهن انگريز سياح جو سفرنامو هو. جنهن ڪجهه وقت سنڌ ۾ گذاريو هو. کيس ويجهڙائيءَ کان سنڌ ڏسڻ جو موقعو مليو هو. سنڌ ۾ سندس آمد ۽ روانگيءَ کي ٻه سئو سال گذري ويا آهن!
    مغز ماري ۽ ذهني جاکوڙ جي باوجود مان نه ڪتاب جو نالو ياد ڪري سگهيو آهيان، ۽ نه ڪتاب جي مصنف جو. سفرنامي ۾ ڏاڍي بيدرديءَ سان لکيل پنهنجي باري ۾ تنقيدي بيان پڙهي مون دل تي ڏنڀ محسوس ڪيو هو. ڏنڀ ياد رهجي ويو،ڏنڀ جي تڪليف ۽ عذاب ياد رهجي ويو، ۽ ڪتاب جي مصنف جو، ۽ سندس ڪتاب جو نالو وسري ويو.
    ۽ پوءِ، ڪي ورهيه اِن کوجنا ۾ گذري ويا، ته تاريخ جي صفحن، ۽ اَڻ لکيل روايتن، قصن ۽ ڪهاڻين مان ڪي اهڙا ثبوت هٿ چڙهن جن سان انگريز سياح جي بيان کي قطعي غلط، جڙتو ۽ بدنيتيءَ تي منحصر ثابت ڪري سگهان.
    بحث اِن ڳالهه سان ناهي ته محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملو ڪرڻ گهرجي ها، يا نه. سنڌ تي فوج ڪشي ڪري عربن خيالي اقوام متحده جي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، يا نه؟ اِن سوال سان به بحث نه آهي. سراندليپ، هاڻوڪي سري لنڪا کان موٽندي، سنڌ جي ساحلي علائقن وٽ ڌاڙيلن عربن جا جهاز ڦُريا هئا. سڌريل دور جي عاليشان روايتن موجب راجا ڏاهر خود، يا پنهنجي ڪابينا جي ڪنهن معزز همراهه معرفت ڌاڙيلن سان مزاڪرات ڪري، عربن جو مال متاع ڌاڙيلن کان آجو ڪرائي ها، ۽ سنڌ کي عربن جي نائين حملي کان بچائي وٺي ها. پر، راجا ڏاهر ائين نه ڪيو. هن ڌاڙيلن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ مذاڪرات کان انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجو اِهو نڪتو جو عربن سنڌ تي حملو ڪيو.
    بحث اِن ڳالهه سان به ناهي ته راجا ڏاهر کي ڌاڙيلن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ گهرجي ها، يا نه. مون، راجا ڏاهر، ڌاڙيلن ۽ عربن جي ڪاهه کي انگريز سياح جي ڇرڪائيندڙ تنقيدي بيان جي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    جنهن وقت عربن محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن وقت راجا ڏاهر وٽ باقاعدي پنهنجي ڪابه فوج نه هئي. يعني، سنڌ وٽ پنهنجي ڪابه فوجي طاقت نه هئي! راجا ڏاهر مشير موڪلي ڀُڄ، جيسلمير، راجسٿان، ڪڇ ۽ ٻين ريگستاني علائقن جي راجپوت راڻن کان فوجي امداد جي اپيل ڪئي هئي. راجپوت راڻن وڏو لشڪر تيار ڪرائي راجا ڏاهر ڏانهن ڏياري موڪليو هو.
    تاريخ جي پهرين ۽ وڏي شاهديءَ ۾ اسان کي ڪي اهڙا اهڃاڻ هٿ نه آيا آهن ته اسين ڪا وڏي جنگجو قسم جي قوم آهيون. اسان کي پنهنجين لوڪ ڪهاڻين مان سنگيت تي سِرُ ڏيڻ جو درس مليل آهي. تنهن ڪري، ڇهن ڄڻن جو ٽولي ڳن ڀڳل ڪهاڙي کڻي جيڪڏهن پاڻ کي لشڪر سمجهڻ جي خوشفهميءَ ۾ گرفتار ٿئي ٿو ته اِن ۾ سندن ڏوهه نه آهي. پاڻي پٽ ۽ پلاسيءَ جون جنگيون اسان جي حصي ۾ نه آيون آهن. مياڻي ۽ دٻي جي جنگ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويئي هئي. اسان تاريخ جي هر دور ۾ ڀنگ ۽ ڏن ڀريا آهن. وڏي ۾ وڏي جنگ صوفي شاهه عنايت شهيد سنڌ جي وڏيرن، پليجن، ۽ مغل گورنر ۽ سندن گماشتن خلاف لڙي هئي، جيڪا چاليهه ڏينهن جاري رهي هئي. پَر، اصل ۾ اُها جنگ به سنڌ جي خانه جنگين ۾ شمار ٿيندي آهي.
    اسين انفرادي طرح، اڪيلي سر، پنهنجيءَ ذات ۾ هڪ طرف صوفي لاڪوفي، درويش، فقير ۽ مولائي آهيون، ته ٻئي طرف جنگجو، ويڙهاڪ، باغي، روايتن جا منڪر، ۽ بهادر آهيون. پر انفرادي حيثيت ۾، اڪيلي سر، ڇڙوڇڙ. تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اسين متحد ٿي نه سگهيا آهيون. اسين محسوس ته ڪري سگهندا آهيون، پر عمل اسان جي وس کان ٻاهر آهي. اسان جي ذلتن، اسان جي نااتفاقين مان جنم ورتو آهي.
    اسين اڃا تائين اِن ڳالهه تي متفق ٿي نه سگهيا آهيون ته لاڙڪاڻي ويجهو جڳ مشهور دڙو موهن جو دڙو آهي، يا موئن جو دڙو آهي! ذري گهٽ هڪ صديءَ کان دانشورن، اديبن، تاريخ نويسن، ۽ قديم آثارن جي ماهرن اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙي وڌا آهن ته جڳ مشهور دڙو موهن جو دڙو آهي، يا موئن جو دڙو آهي. اڄ تائين ڪو فيصلو ٿي نه سگهيو آهي. جيڪڏهن دڙو موهن جو آهي، ته پوءِ اسان کي ڊپ آهي ته دڙي کي وراثت ۾ پاڙئون پٽائي، هندو هندستان کڻي ويندا. ظاهر آهي، جديد دنيا جو اٺون عجوبو اسين ڪنهن به قيمت تي هندن جي حوالي نه ڪنداسين. تنهن ڪري، دڙو ڪنهن به صورت ۾ موهن جو، يا موهن جي پيءُ جو نه آهي. دڙو اسان جو آهي. اسان مسلمانن جو آهي. تنهنڪري، موئن جو دڙو آهي ــ مري وَيَلن جو دڙو آهي.
    دڙي جي ويجهو عجائب گهر، يعني ميوزيم کوليو هئائون، جيڪو خدا جي فضل سان ايڪڙ ٻيڪڙ سياح لاءِ پساهه ويٺو کڻي. ميوزيم ۾ رکيل ٺڪر جا رانديڪا، ٿانوَ، اوزار ۽ ٻيون شيون اُن وقت جي واڳ ڌڻين تڏهن گم ڪري انهن جي جاءِ تي نقلي شيون رکي ڇڏيون هيون، جڏهن بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ موهن يا موئن جي دڙي جون ناياب ۽ نادر شيون هزارين ۽ لکين رپين ۾ خريد ڪيون وينديون هيون. چَوَن ٿا ته ميوزيم ۾ رکيل اڌو اَڌ شيون نقلي آهن.
    جيڪڏهن روس ۽ افغانستان واري جنگ نه لڳي ها، ته هن وقت تائين واڳ ڌڻي ميوزيم کي ٻوهاري وڃن ها. خدا ڪيو جو روسي ۽ پٺاڻ پاڻ ۾ وڙهي پيا. نتيجي ۾ ٻه شيون اسان کي به مليون، هڪ هيروئن ۽ ٻي ڪلاشنڪوف. بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ هڪ ڪلو هيروئن جي قيمت موئن يا موهن جي دڙي واري ميوزيم جي ڪل قيمت کان ٻيڻي آهي. تنهن ڪري واڳ ڌڻي سنڌو ماٿريءَ جي ٺِڪرن کي ڇڏي هيروئن جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويا آهن. ايڪويهين صديءَ جي پهرين چونڊن ۾ هو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا، ۽ پنهنجي حڪومت ٺاهيندا.
    1991


    باب نائون

    باب نائون

    گذريل هفتي جا پهريان چار ڏينهن، منهنجي زندگيءَ جا يادگار ڏينهن هئا. شايد، مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نه سگهندس. انهن چئن ڏينهن ۾ مون سنڌ جي نئين تاريخ جا اُهي باب ڏٺا، جيڪي ڪنهن مورخ اڃا تائين نه لکيا آهن. مان نئين تاريخ جي اَڻ لکيل بابن جو شاهد آهيان.
    شهرن ۾ الطاف حسين جي جلسن ۾ لکين ماڻهو ڏسي هرڪو حيران ۽ پريشان ٿيندو آهي. ڏسڻ وارن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. پر، انسان ويچاري جي ياداشت ڏاڍي ڪمزور آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو شيخ مجيب الرحمان جي جلسن ۾ ڏٺا ويا هئا. اُهي جلسا تعداد جي لحاظ کان اڄ تائين رڪارڊ وانگر قائم آهن. ڪوبه سياسي ليڊر اڄ تائين شيخ مجيب الرحمان کان وڏا جلسا ڪري نه سگهيو آهي. الطاف حسين جا جلسا ڪنهن به صورت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي جلسن کان وڏا نه آهن. ذوالفقار علي ڀٽي جو جلسو نشتر پارڪ ۾ ٿيندو هو، ۽ ماڻهو جمشيد روڊ، بندر روڊ، سولجر بازار، ۽ شڪارپور ڪالونيءَ تائين پکڙيل هوندا هئا.
    ڪراچيءَ جي ماڻهن کان الاءِ ڇو اُهو جلوس وسري ويو آهي جنهن ۾ بينظير کي ائيرپورٽ کان قائداعظم جي مقبري تائين پهچڻ ۾ چوڏهن ڪلاڪ لڳي ويا هئا. ايڏائي وڏا جلسا پشاور ۾ ولي خان، ۽ ڍاڪا ۽ چٽگانگ ۾ ڀاشانيءَ ڪيا هئا. چَوَن ٿا ته جلسن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو هٽلر کي ٻڌڻ ايندا هئا، ۽ سندن تعداد پنجاهه لک هوندو هو.
    ازل کان وٺي جلسا ۽ جلوس ٿيندا آيا آهن، ۽ ابد تائين ٿيندا رهندا. اِن معمول ۾ ڪابه ڦير گهير يا تبديلي نه ايندي. ها، هڪ تبديلي ايندي رهي آهي، ۽ ايندي رهندي، جلسن جلوس لاءِ ميدان ساڳيا هوندا آهن، پر ليڊر بدلجي ويندا آهن. جنهن هنڌ ايوب خان تقرير ڪئي، ساڳئي هنڌ ذوالفقار علي ڀٽي تقرير ڪئي. ڀٽي کان پوءِ ساڳئي هنڌان ضيا تقرير ڪئي. ضيا کان پوءِ ساڳئي هنڌان بينظير تقرير ڪئي. ۽ بينظير کان پوءِ ساڳئي هنڌان الطاف تقريرون ڪري رهيو آهي. اهو سلسلو ائين ئي جاري رهندو. ساڳئي هنڌان، جتان اڄ الطاف تقريرون ڪري رهيو آهي، اُتان ٻيو ڪو شخص تقريرون ڪندو.
    ڳالهه ڇاهي، جو شهرن تي شهر وارن ۽ مشينن قبضو ڪري ورتو آهي. ڪيميرا جي مختلف زاوين کان ورتل تصويرون اخبارن ۽ ٽيليويزن تي عام جلسي کي غير معمولي جلسو ڪري ڏيکارينديون آهن. ڪنهن به پروڊيوسر هيليڪاپٽر ۾ ويهي ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي جي عڪس بندي نه ڪرائي آهي. هيليڪاپٽر مان ڪيميرا جي اک اسان کي ڀٽ شاهه ۾ ماڻهن جو سمنڊ ڏيکاري سگهندي ــ ايڏا ماڻهو نظر ايندا جو ڏسڻ وارن کان مجيب، ڀاشانيءَ ڀٽي، بينظير ۽ الطاف جا جلسا وسري ويندا.
    مجيب نه رهيو، پر مجيب جو ميدان جتان هو تقريرون ڪندو هو، موجود آهي. ذوالفقار علي ڀٽو نه رهيو، پر جنهن ميدان ۾ هو تقريرون ڪندو هو، سو ميدان موجود آهي. الطاف اڄ آهي، سڀاڻي نه هوندو. پر اُهو ميدان، جتان هو اڄ تقريرون ڪري رهيو آهي، سو ميدان پنهنجي جاءِ تي موجود هوندو. سياست ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، ۽ ائين ئي ٿيندو رهندو.
    شاهه لطيف سياستدان نه آهي. هو عوامي پارٽيءَ جو ميمبر نه آهي. هو پيپلز پارٽيءَ جو ميمبر نه آهي. هو مسلم ليگ جو ميمبر نه آهي. مسلم ليگ وارا، پيپلز پارٽيءَ وارا، مارشل لا وارا پنهنجي پنهنجي مطلب خاطر ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار تي چادر چاڙهڻ آيا ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ گمناميءَ جي غار ۾ گم ٿي ويا. اهو سلسلو ائين ئي جاري رهندو. ليڊر سڳورا درويشن جي درگاهن تي چادرون چاڙهيندا، ۽ الوپ ٿيندا رهندا. اِهو سندن نصيب ۾ لکيل آهي. نالو رهندو ارنيسٽ ٽرمپ جو، نالو رهندو گربخشاڻيءَ جو، نالو رهندو ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو، نالو رهندو سائين جي ايم سيد جو، نالو رهندو ڊاڪٽر دائود پوٽي جو، نالو رهندو ڊاڪٽر نبي بخش جو، نالو رهندو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو، نالو رهندو آغا محمد يعقوب جو، نالو رهندو اڪرم انصاريءَ جو، نالو رهندو سورلي جو، جن شاهه لطيف جي فڪر، ڪلام، ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم، ۽ فلسفي ۽ تصوف تي ڪم ڪيو آهي.
    شاهه لطيف پنهنجي ازلي مقام تي موجود آهي. ڀٽ جو ننڍڙو ڳوٺڙو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، جتي هر سال، ميلي جي موقعي تي عقيدتمند لکن جي تعداد ۾ اچي مڙندا آهن، پتنگن وانگر پَههُ ڪندا آهن. سندن تعداد ڪنهن به مجيب، ڪنهن به ڀاشانيءَ، ڪنهن به ڀٽي، ڪنهن به بينظير، ۽ ڪنهن به الطاف جي جلسي کان وڌيڪ هوندو آهي. ڪيميرا جي اک سان ڪنهن به کين نه ڏٺو آهي، ورنه شهرن ۾ جيڪر ٿرٿلو مچي وڃي. پتنگن پَههُ ڪيو، مڙيا مٿي مچ! اِهو سلسلو ڪنهن به بدبودار سياسي ڦير گهير ۽ ڀڃ ڊاهه جي اثرن کان بنهه آجو، جاري آهي، ۽ جاري رهندو. هتي، تاريخ جي اُن باب کي مون پڙهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به مورخ اڃا تائين نه لکيو آهي.
    1991


    باب ڏهون

    باب ڏهون


    آگسٽ جي 27 تاريخ هئي، ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي عرس جو ٽيون ۽ آخري ڏينهن هو. صبح جو ساڍي اٺين لڳي سنڌ جي وڏي وزير کي لطيف ايوارڊ جي تقريب ۾ صدارت ڪرڻ لاءِ اچڻو هو. پنهنجي ڪمري مان نڪرڻ مناسب نه سمجهيم. مان حاڪم جي اڳيان ۽ گهوڙي جي پٺيان نه لنگهندو آهيان. پردي ۾ رهڻ کي عافيت سمجهندو آهيان. ڪمري جي در کي وٿ ڪري جهاتي پاتم. گيسٽ هائوس جي سموري علائقي تي پوليس، ۽ قانون نافذ ڪرڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ وارين ايجنسين قبضو ڪري ورتو هو. مختلف قسم ۽ نوعيت جا اهلڪار موجود هئا. منجهائن ڪي سنها هئا، ۽ ڪي ٿلها، ڪي بندرا هئا، ۽ ڪي ڊگها، ڪي سانورا هئا، ته ڪي ڪارا، ڪي ورديءَ ۾ هئا، ۽ ڪي سادن ڪپڙن ۾ . ٻه ڳالهيون سڀني ۾ هڪ جهڙيون هيون ـــ ڏسڻ ۾ سڀئي ڄڻ خونخوار بگهڙ جهڙا خطرناڪ هئا، ۽ سڀني جا پيٽ ضرورت کان وڌيڪ ٻاهر نڪتل هئا. هڪڙي انسپيڪٽر موقعي جي مناسبت سان سونهاريءَ کي، يعني ڏاڙهيءَ کي تازو خضاب سان ڪارو ڀنور ڪري ڇڏيو هو. سندس پتلون سخت سوڙهي هئي، ۽ سٿرن وٽان کيس بنهه ڦاٿل هئي. هن ويچاري ڏاڍي ڀڄ ڊڪ پئي ڪئي. پاڻ پتوڙي وڌو هئائين.
    مون در مان جهاتي پاتي. اڌ ڊزن کن جانٺن جوانن نهايت غضبناڪ نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو. مون محسوس ڪيو، جيڪڏهن هڪدم ڪمري جو در بند نه ڪيم ته مون کي يڪ طرفه پوليس مقابلي ۾ ماريندي ويرم نه ڪندا. مون در بند ڪري ڇڏيو.
    تاريخ عبرتڪدو آهي، پر ڪنهن به عبرت حاصل نه ڪئي آهي. وقت جا حاڪم وڏي اهتمام ۽ ٺٺ ٺانگر سان درويشن جي درگاهه تي ايندا آهن، وڏي دٻ دٻي سان چادر چاڙهي، فوٽا ڪڍائي هليا ويندا آهن. وري ٻئي ڪنهن موقعي تي موٽي ايندا آهن، پر سندن نالا ٻيا هوندا آهن. درويشن جون بادشاهيون برقرار هونديون آهن. وقت جا حاڪم بدلجندا رهندا آهن. حاڪمن لاءِ حفاظت جا اُپاءَ ڪرڻ وارا شڪليون مٽائي ظاهر ٿيندا آهن. سندن نالا ٻيا هوندا آهن، پر سندن عهدا ساڳيا هوندا آهن. حفاظت جي نالي ۾ ماڻهن سان سندن ظالماڻو رويو ساڳيو هوندو آهي.
    جنهن درويش چيو:
    سورهيه مَرين سوڀ کي، دل جا وهم وسارِ .
    اهڙي درويش جي درگاهه تي سِرُ سهسائي، ۽ سِرَ جو سانگو لاهي اچبو آهي. جيڪا دل موت جي وهم کان پئي ڪنبندي، ۽ سپاهين جي حفاظت جي متلاشي هوندي، سا دل درويش جو سڏ ڪيئن ٻڌي سگهندي:
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار.
    بائيبل ۾ هڪ هنڌ آيل آهي:
    انسان کي اهڙين حاصلات مان ڪهڙو فائدو، جو هو سموري دنيا جون نعمتون ۽ دولتون هٿ ڪري وٺي، ۽ موٽ ۾ پنهنجو روح وڃائي ويهي.
    اڄ جي انسان بظاهر نفعي جو ڪاروبار ڪري، نقصان ۾ پنهنجي روح تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
    گيسٽ هائوس ۾ مون کي ٻوسٽ محسوس ٿي. ڪمري مان نڪري، ڪنڌ هيٺ ڪري، سڌو هالا هليو ويس. هالا جي شاهي بازار، يا ڍڪ بازار مون کي وڻندي آهي ـــ سنهڙي، ٽي چار فٽ کن ويڪري، اونداهي، ۽ اُداس ڪندڙ. شاهي بازار ۾ پهچي مون کي لڳندو آهي، وقت ڄڻ پنهنجي جاءِ تي بيهجي ويو آهي، فريز ٿي ويو آهي. جيڪا شيءِ، جتي هئي، اُتي، پنهنجي اصلي حالت ۾ موجود آهي. پنجين ڇهين سال ڀٽ ڌڻيءَ جي در جي سلامي ڀري هڪ چڪر هالا جو هڻندو آهيان. هر دفعي وقت جي بيهجي وڃڻ جو احساس ٿيندو آهي. اُداس ۽ مايوس چهرا، اُجهاميل اکيون، نرڙ تي تاريخ جي تحرير جا گهنج!
    شاهي بازار ۾ هڪ هنڌ ڪنهن نوجوان اچي اڳ ورتو. پڇيائين، فلاڻا آهيو. هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم ۽ چيم، ها.
    پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين: منهنجو نالو امتياز ابڙو آهي.
    سنڌي ادبي سنگت هالا سان واسطو هوس. ذهين نوجوان هو. سنڌ جي سياسي صورتحال کان باخبر، ۽ حل لاءِ واجهائيندڙ هو. سندس ڳالهه ٻولهه مان ائين پئي لڳو ڄڻ ورائي ورائي پڇندو هجي. نيٺ ڇا ٿيندو ـــ نيٺ ڇا ٿيڻو آهي!
    جواب ۾ مون کيس هڪ يوناني ڏندڪٿا ۾ ديوتائن جي بددعا ۽ سسيفس جي مسلسل عذاب جي ڳالهه ٻڌائي. ڄڻ آٿت نه آيس. چيائين نه، ائين نه آهي ـــ مان توهان سان اِن باري ۾ اختلاف ڪريان ٿو. هو ڏندڪٿائن بدران سنڌ جي بدنصيبيءَ لاءِ اصل ڪارڻ جو متلاشي هو.
    اُن وقت مون کي ٽيهه پنجٽيهه سال پراڻو، پنهنجي شاگرديءَ وارو زمانو ياد آيو. تڏهن اسان، سنڌ جي بدنصيبيءَ لاءِ سڀ کان وڏي ڪارڻ رئيس، ڀوتار، زميندار ۽ جاگيردار خلاف جاڳرتا ۽ تحريڪ شروع ڪئي هئي ـــ ۽ تحريڪ تيزيءَ سان ڪامياب ٿي رهي هئي. تڏهن، رئيس ۽ زميندارن جا ايجنٽ اسان ۾ ڪاهي پيا هئا. اسان کي ٻٽي ملهه ماري هئائون. پوليس ۽ سي آءِ ڊيءَ کي چيائون ته هي ڇورا ڪميونسٽ، دهريا ۽ ڪافر آهن. اسان کي چيائون ته ڀائرو اچو ته سڀ کان اڳ سنڌ کي پنجابين کان آزاد ڪرايون ۽ پاڪستان کان الڳ ٿيون. پوءِ سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي ڏسي وٺنداسين. سموري تحريڪ جا ترا نڪري ويا. سنڌ جا فيوڊل لارڊز هن وقت سنڌ جا بادشاهه آهن.
    امتياز ابڙي مون کي جمعي ٽيڪي جي هوٽل تي چانهن پيئاري. جمعو ٽيڪو هوٽل جي مهڙ ۾ ويٺو هو ۽ آئس ڪريم جي دٻي جو چرخو هلائي رهيو هو. سندس هوٽل ۾ هڪ قديم ريڊيو رکيو هو، انگريزن واري دور جو، EKCO. پراڻي دور جون تصويرون، شيشن تي پينٽنگون، ۽ هڪ اسپيڪر، ۽ پراڻي طرز جو فرنيچر، ميزون ۽ ڪرسيون. مون غور سان جمعي ٽيڪي ڏانهن ڏٺو. مون کي لڳو، هن زندگيءَ ۾ وڏا لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن ـــ هُن ڪوڙَ هٿان سچ کي شڪست کائيندي ڏٺو آهي. هو اُن وقت جو امين آهي، جيڪو هالا جي شاهي بازار ۾ بيهي رهيو آهي، ڄمي ويو آهي. الاءِ ڇو، مون کي محسوس ٿيو ته جمعو ٽيڪو بيهجي ويل وقت جو آخري شاهد آهي، جنهن نه ڳالهائڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي. هو شاهدي نه ڏيندو.
    1991


    باب يارهون

    باب يارهون


    زندگي اِئين گذري آهي، جو ڪجهه خوابن تي حقيقت جو، ۽ ڪجهه حقيقتن تي خواب جو گمان ٿيندو رهيو آهي. جولاءِ 1991ع جي ٻي تاريخ گذري ويئي. لياقت لائبريريءَ واري شام تي ڪڏهن خواب جو، ۽ ڪڏهن حقيقت جو گمان ٿيندو رهيو آهي.
    ڪجهه ڪچين ڦڪين ڪهاڻين، ڪالمن ۽ تحريرن جي عيوض ايڏي پيار، ۽ قرب جي اُپٽار جو مان حقدار نه هوس. ٻُڌو هوم، ۽ سچ پڇو ته اعتبار به ڪري ويهندو هوس، ته اسين سنڌي مُئي پڄاڻان هڪٻئي کي پڏائيندا آهيون، ۽ جيئري هڪٻئي جي ٽوپي لاهيندا آهيون. جولاءِ جي ٻي تاريخ واري شام جيڪڏهن خواب آهي، ته پوءِ منهنجو اعتبار مستند آهي. ۽ جيڪڏهن، جولاءِ جي ٻي تاريخ واري شام حقيقت آهي، ته پوءِ منهنجو اعتبار انومانن تي مبني آهي ـــ ناقص آهي. دوستن ۽ پيارن وٽان ايڏو پيار مليو، جو رکي رکي خيال پئي آيو ته مان مري ويو آهيان ــ منهنجو چاليهو آهي ـــ منهنجي ورسي آهي! منهنجي مُئي پڄاڻان دوست پير ڀرڻ آيا آهن، ۽ چاهت جا گل چاڙهڻ آيا آهن!
    مان ڪهڙي مُنهن چوان ته اسين جيئري هڪٻئي جي پڳ لاهيندا آهيون! هڪٻئي سان پيار نه ونڊيندا آهيون! مون کي دوستن وٽان اَڻميي پيار جي ايڏي پالوٽ ملي جو مان سودائي روئي ويٺس. مان خِزائن جو ليکڪ آهيان. بهارن ۾ روئي پوندو آهيان. پَراون آڏو پٿر، پر پنهنجن آڏو ڀِتر وانگر ڀُري پوندو آهيان.
    ويهه ـــ ايڪويهه سال اڳ، جڏهن لکندي مون کي ڏهه سال کن ٿيا هئا، حميد آخوند هڪ شام لاءِ پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ گهرايو هو. پاڻ نيشنل سينٽر جو ڊائريڪٽر هو. دوست ميڙو ڪري مڙي آيا هئا. ايڏو پيار ڏنائون جو وائڙو ڪري ڇڏيائون. ۽ پوءِ، اُنهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي بدلي اسلام آباد ڪري ڇڏي هئائون.
    ان ڳالهه کي پنج ڇهه سال کن مس گذريا هئا، جو حميد آخوند مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ شاهه لطيف جو ڏينهن ملهائڻ جو اهتمام ڪيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي پرپٺ سنڌ ۾ منهنجن ڪتابن ۽ ڪجهه ڪهاڻين تي وڏي ڏي وٺ پئي هلي، ۽ مقدمه پئي هليا. وقت اهڙو آيو هو، جو پاڇي به ساٿ ڇڏي ڏنو هو. حميد آخوند عجيب مولائي مڙس آهي. سڏ ڏنائين ته هليو آءُ، ۽ شاهه سائينءَ تي مقالو اچي پڙهه! سڏ جي دير هئي. سڌو وڃي حيدرآباد کان ٺڪاءُ ڪيم. آڌر ڀاءُ، آجيان. اڌوگابرو مقالو پڙهي پورو ڪيم. دوستن پيار ڏنو. اڳ کان اڳرو ۽ وري هِن دفعي، لوڪ ميلي جي موقعي تي حميد آخوند، نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ پهرين شام کان ويهه ايڪويهه سال پوءِ، مون کي ٻئي جولاءِ 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ شام لاءِ گهرايو.
    اصل ۾ ڳالهه ڇاهي، جو ڪجهه دوستن مون سان وڏا قرب ڪيا آهن. طارق اشرف سهڻيءَ جا، ۽ حميد سنڌيءَ روح رهاڻ جا صفحا منهنجي لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئا. دوستن چواڻي، مون به ڪهاڻين سان مَٽَ ڀري ڇڏيا هئا. مَٽَ ۾ هٿ وجهي ڪهاڻي ڪڍي کين اُماڻيندو ويم، ۽ ٻئي يار اکيون بند ڪري ويا ڪهاڻيون شايع ڪندا. ڪا پرواهه نه ڪيائون ته ڪو سرڪار سڳوري ناراض ٿيندي! يا، پڙهندڙ اهڙيون سخت ۽ اگريون ڪهاڻيون پڙهي ناراض ٿيندا! طارق اشرف ۽ حميد سنڌي وڏا ضدي، ۽ بي نياز مڙس هئا، بلڪه آهن. ضد ٻڌي بيهي رهيا ته امرجليل جيڪي لکي ڏيندو، سو بنا ڪنهن رَدِ ڪَدِ جي پنهنجن رسالن ۾ شايع ڪندا. ۽ ٻنهي يارن ائين ڪيو. ويندي ايستائين جو منهنجي هڪ ڪهاڻي جي ڪري 1968 (اڻويهه سئو اٺهٽ) ۾ روح رهاڻ تي بندش پئي ۽ 1973 (اڻويهه سئو ٽيهتر) ۾ هڪ ڪهاڻيءَ سبب سهڻيءَ تي بندش پيئي. روح رهاڻ واري ڪهاڻيءَ جو عنوان هو ”هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ“، ۽ سهڻيءَ واري ڪهاڻيءَ جو عنوان هو ”سرد لاش جو سفر.“ ٻنهي دوستن دوستيءَ جو حق ادا ڪيو. پنهنجا پنهنجا رسالا بند ڪرائي ڇڏيائون پر مون کي شايع ڪرڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻايائون.
    مٿان مليو سراج. هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکڻ جي آڇ ڪيائين ۽ پوءِ اهڙا اهڙا ڪالم شايع ڪيائين جو اقتدار جي ايوانن کي ناراض ڪري ڇڏيائين، پر ڪو ڪالم روڪي مون کي ناراض نه ڪيائين. اُٽلندو اميرن وزيرن کي ڪاوڙائي ڇڏيائين، پر مون سان ڪيل، مڪمل آزاديءَ سان لکڻ وارو واعدو آخر تائين نڀايائين.
    ۽ حميد آخوند! انگريزي ادب جو عاشق، ۽ انگريزيءَ جي ڪلاسڪ ۽ آرٽ فلمن جو ماهر! مون مولائي سنڌي ليکڪ جي الاءِ ڪهڙي ڳالهه وڻي ويس جو گوشه نشينيءَ جي دز مان ڪڍي، ڇنڊي ڦوڪي ويٺو منهنجي لاءِ مجلسون مچائي. ماڻهو سمجهائڻ تي، پر حميد ڪو مُڙڻ جو آهي! دم دوستيءَ جو ڀريندا آهيون، پر ڪنهن ڪنهن وقت حميد مون کي ننڍي ڀاءُ وانگر لڳندو آهي.
    سارو منڊل دوستن جو مچايل آهي، ۽ مٿان مون کي لکڻ لاءِ حالتون نهايت مناسب مليون آهن. تعزيزات، بندشون، پابنديون، گُهٽ، ٻوسٽ، وٺ پڪڙ! اِن کان وڌيڪ، لکڻ لاءِ مون کي ٻيو ڪهڙو مناسب ۽ موزون ماحول گهرجي! وِههُ ڏسي وهسڻ گهڻو. عام رواجي حالتن ۾ مان لکي نه سگهندو آهيان. ابتر حالتون، ظلم، ڏاڍائي، ۽ ناانصافي مون کي لکڻ لاءِ ڦتڪائي وجهڻ واريون حالتون آهن. مون راجيش کي وساريو ناهي. مان راجيش جو انتقام آهيان. مان هِن جنم ۾ جيڪڏهن ناڪام ٿيس، ته ايندڙ جنم ۾ راجيش جي قاتلن جو پيڇو ڪندس. منهنجي هر تحرير راجيش جي خونين خلاف فتويٰ آهي. شهيد ٿيڻ کان اڳ ۽ شهيد ٿيڻ کان پوءِ راجيش منهنجي لاءِ مظلوميت جي علامت آهي. اسين سڀئي پنهنجي پنهنجي ڪربلا، ۽ پنهنجا پنهنجا شهيد سيني ۾ سانڍي بي معنيٰ زندگيءَ جي رڻ ۾ ماتم ڪندا آهيون. اُڀرندڙ سج ۾ لهي ويل سج جي نوحي جو آخري بند ڏسندا آهيون. مان اهڙين ئي ابتر حالتن جي پيداوار آهيان.
    1991


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397304
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ