ڪتاب جو نالو: ڳجهارتون
مصنف: ڪلاڌر مُتوا
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 16 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1198 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 532 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (276) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”ڳجهارتون“ جو سموهيندڙ ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا آهي. هي ڪتاب شري هرشد ترويدي، رجسٽرار سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
“پرولي” لوڪ هردي جو هڪ قديم اظهار آهي. ذهني شخص جي اتپتي آهي. ان مان اسان کي انساني دماغ جي وڪاس جي ڄاڻ ملي ٿي. پرولين جو واهپو وندر، ورونهن، ريجھ ۽ رهاڻ خاطر ڪيو ويندو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڳجهارتون
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب بابت
  • پيش لفظ
  • اڃان لاتيون لنون پيا
  • ڳجهارت ۽ ان جا پاوا
  • شڪر گذاري
  • سر سسي
  • سر ماروي
  • سر سهڻي ميهار
  • سر مومل راڻو
  • سر ليلان چنيسر
  • سر سورٺ
  • سر هير رانجهو
  • سر مورڙو
  • سر ليلا مجنو
  • متفرق
  • ڪهڙي ڳالهه ڪيان ڳجهارتن جي
  • ببليو گرافي

  • ڳجهارتون

    سموهيندڙ: ڪلاڌر متوا


    پبليشر : شري هرشد ترويدي
    رجسٽرار
    سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات


    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    ڳجهارتون

    سموهيندڙ : ڪلاڌر متوا قيمت : 42 روپيه
    ڪاپيون: 500 سال: مارچ ــ 2012
    پبليشر : شري هرشد ترويدي.
    رجسٽرار
    سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات راجيه
    اڀيليکاگار ڀون، سيڪٽر 17، گانڌينگر،382017
    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    نوٽ : هي ڳجھارتون انڊس ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان مليل پروجيڪٽ تحت اسان جي اداري ٻني سنڌو سيوا سنگھ اداري ڪلاڌر متوا جي رهبري هيٺ سڄي ٻنيءَ مان سهيڙيون ويون هيون. اهو پورهيوعام قارئين اڳيان رکندي بيحد سرهائي ٿي رهي آهي.
    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (276) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”ڳجهارتون“ جو سموهيندڙ ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا آهي. هي ڪتاب شري هرشد ترويدي، رجسٽرار سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو.

    ٿورائتا آهيون مانواري ڪلاڌر متوا جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب بابت

    سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات راجيه پنهنجي اسٿاپنا کان وٺي سنڌي ڀاشا، ڪلا، سنسڪرتي ۽ تعليم جي وڪاس لاءِ جدا جدا يوجنائون عمل ۾ آنديون آهن. جن ۾ سنڌيءَ جا معياري ، اڻ لڀ، لوڪ ادب ۽ تحقيق جا ڪتاب اڪادميءَ طرفان شايع ڪرڻ پڻ شامل آهي.
    اڪادميءَ سنڌي لوڪ ادب کي ڪٺو ڪري ، سهيڙي، ان جو سمپادن ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ جي هڪ رٿا پڻ تيار ڪئي آهي. ڪڇ جيڪو ڪنهن وقت سنڌ جو هڪ حصو ئي هو ۽ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ ڪنهن وقت هتان وهندي هئي. ۽ ڪڇ ۾ جدا جدا دڙن جي کوٽائيءَ مان موهن جي دڙي، هڙپن سنسڪرتيءَ جا نشان مليا آهن جن ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز ڍولا ويرا آهي. ٻني علائقي ۾ جتي چار سئو، پنج سئو سالن کان جدا جدا سنڌي قومون، قبيلا اچي وسيا اتي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو اڄ به آهي. ان ايراضيءَ ۾ ڪيترو ئي سنڌي لوڪ ادب ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. اهو ڪٺي ڪري اڪادميءَ طرفان شائع ڪيو وڃي جي هڪ يوجنا ڀاشا وگياني ڊاڪٽر پرسو گدواڻيءَ جي رهنمائيءَ ۾ تيار ڪئي ويئي.
    هن يوجنا ( منصوبي) کي اڪادميءَ عملي جامو پهرايو ۽ جھجھا ڪتاب جدا جدا لوڪ ادب جي صنفن تي شايع ڪيا آهن. لوڪ ادب جي هنن ڪتابن هند سنڌ ۾ لوڪ پريتا (شهرت) حاصل ڪئي آهي.
    اڪادميءَ طرفان ٻني ــ ڪڇ ڪڇ جي سنڌي لوڪ ادب جو پهريون ڪتاب “ ڳجھارتون” سموهيندڙ ڊاڪٽر پرسو گدواڻي ۽ لالجي همٿوجي سوٽهڙ سال 1990 ۾ شايع ڪيو هو. هن ڪتاب پڻ ڪافي ساراه حاصل ڪئي. هن ڪتاب ۾ شامل ڳجھارتن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ڳجھارتون ٻنيءَ جي سيني ۾ سانڍيل هيون. ٻني ڪڇ جي هن لوڪ پريه ۽ ڪچهريءَ جي سونهن کي جناب ڪلاڌر متوا ، “ٻني سنڌو سيوا سنگھ ” جي زير سايع وڌيڪ وڌيڪ ڳجھارتون ڪٺيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي پورهئي کي مان ڏيئي اڪادميءَ ڳجهارتن جو هيءُ ڪتاب شايع ڪري رهي آهي. اسان کي قوي اميد آهي ته اڪادميءَ جي ٿيل ٻين ادبي ڪتابن ۽ لوڪ ادب جي ڪتابن جي جيڪا آجيان ٿي آهي هن ڪتاب جي به پڻ ٿيندي. سنڌي لوڪ ادب ڪٺو ڪري شايع ڪرڻ وقت جي تقاضا ، ضرورت ۽ اهميت آهي. جنهن لاءِ اڪادمي سجاڳ ۽ سرگرم آهي. ۽ اڳتي به ڪتاب شايع ڪندي رهندي. ڪتاب بابت رايا موڪليندا ته خوشي ٿيندي.

    ـــ هرشد ترويدي ( رجسٽرار)


    پيش لفظ

    اڪثر عوام ۾ ٻڌو ويندو آهي ته “ سڌي سڌي ڳالهه ڪر، پرولين ۾ ڇو پيو ڳالهائين؟” “پرولي ڀڃ ته مڃا؟” مون هاڻي پرولي ڀڳي ته تون ڇو مون وٽ آيو آهين؟” عام واهپي ۾ پرولي لفظ جي معني آهي ڳجھي ڳالهه ڳجھارت، معما ۽ پرولي ڀڃڻ معني ڳالهه جو مطلب سمجھڻ . منجھيل يا ڳجھي ڳجھارت ڀڃڻ.
    “پرولي” لوڪ هردي جو هڪ قديم اظهار آهي. ذهني شخص جي اتپتي آهي. ان مان اسان کي انساني دماغ جي وڪاس جي ڄاڻ ملي ٿي. پرولين جو واهپو وندر، ورونهن، ريجھ ۽ رهاڻ خاطر ڪيو ويندو آهي.


    اڃان لاتيون لنون پيا

    منهنجي مٺڙي ٻني اها وني آهي جيڪا ڳجهارتن، پهاڪن، چوڻين لوڪ گيتن، واين، بيتن ۽ ڳيچن جهڙن سنڌي لوڪ ادب جي ڳهڻن سان جهنجهي پيئي آهي. جنهنجي پنهنجي هڪ سندرتا ۽ سونهن آهي. جنهن سندرتا کي ڌسڻ پسڻ لائي ان پارکو اک جو هئڻ گهرجي جيڪا اک هن جي ثقافت واري گهونگهٽ ۾ لڪل هيرن جواهرن کي ڏسي پسي سگهي. ٻني نه صرف ڏسڻ پسڻ جي شيه آهي پر ماڻڻ جي شيه آهي. ورهاڱي وقت جيڪي اسان جا هندو سنڌي ڀائر پنهنجا اجها اوتارا، ٻنيون ٻارا ڇڏي آيا انهن لائي ته هي علائقو انتهائي اهميت جي حامل آهي. پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي جيڪڏهن ڪنهن سنڌي سڄڻ کي سڪ پاٻوه آهي. هو مارويءَ جا مال چاريندڙ ماروئڙا، ۽ سسئي جا سيڻ جتڙا ڏسڻ چاهي ٿو ته هن کي گهرجي ماءُ ٻني جي ڀلاري ڀون جو هڪڙو چڪر ضرور هڻي. منهنجي دعوي آهي ته هن کي هت اچي اها شيه ملندي جا ثقافت جي خيال کان هن جي خوابو خيال ۾ به نه هوندي. ۽ اها چيز هن جي دل ودماغ کي سنسڪرتيءَ جي واس کان واسي ڇڏيندي. ۽ کيس هڪ انوکي احساس جي انوڀوتي ٿيندي.
    مارچ 2010 ۾ اسان جي مانواري نامياري اسڪالر جناب لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جو فون آيو ته ڪلاڌر مان ٻني اچڻ ٿو چاهيان. چيومان ”سائين اسان جا ڀليرا ڀاڳ ڀلي ڪري اچو، جي ڪري اچو. 10 ۽ 11 تاريخ تي ڀڄ ۾ سينٽرل ساهتيه اڪيڊمي، نئي دهلي ۽ گجرات ساهتيه اڪيڊمي گانڌينگر جي گڏيل تعاون سان ڪڇي ٻوليءَ جو سيمينار به رکيل آهي، توهان اگر ڪڇي ٻوليءَ جو به واءُ سواءُ لهڻ چاهيو ته انهن تارخن ۾ اچو.“ اهو ڄاڻي هنن کي پاڻ ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هو آديپور کان ٿيندي ڀڄ پهچي آيا. ٻه ڏينهن ڪڇي ساهتيه تي پڙهيل مقالا ماڻياسين. جن مقالن ۾ هن لکندڙ بندي جو ”ڪڇي ۽ سنڌي ساهتيه جا سنگم“ مقالو به شامل هو.سيمينار سماپت ٿيو شام جو جيپ ۾ چڙهي اچي ٻنيءَ پهتاسين. ۽ رات جو ٻني جي ڪچهريءَ جو سائين جن کي لطف وٺرايوسين. ٻئي ڏينهن اتفاق سان ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪڙي ننڊڙي شادي به هوئي. سائين جن کي اوڏاهن به وٺي ويوس. منڊپ ۾ ويهي چانهه پاڻي کان پوئي ڳجهارتون ڄاڻندڙ ٻن چئين يارن کي سڏ ڪيم ته اصل ڪچهري ڄمي ويئي. ڳجهارتن مٿان ڳجهارتون اچڻ لڳيون. سائين جن کي مزو اچي ويو.
    شام جو ويڙهار ڳوٺ (جتي شري پرسو گدواڻي رهندا هئا) وڃي رهيا هئاسين ته خوبچنداڻي صاحب چيو ته ”ڪلاڌر انهن ڳجهارتن کي ڪٺو ڪجي ته ڪيئن؟ سائين گدواڻي صاحب ان ڏس ۾ ڪم ڪيو هو پر منهنجي خيال ۾ اڃان به وڌيڪ ڪم ٿيڻ کپي. ڇا توهان پنهنجي سنسٿا جي تحت اهو ڪم ڪري سگهو ٿا؟ “ مون لائي ته اها آڇ انڌو گهري ٻه اکيون مثل هئي ۽ مون انهي ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي سنسٿا ” ٻني سنڌو سيوا سنگهه “ جي نگراني ءَ ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي رضامندي ڏيکاري. بس پوئي صرف زباني منظوريِ تي ئي انهي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
    هن کان اڳ هن صنف تي سائين گدواڻي صاحب ڪم ڪيو هو جيڪو 1990 ۾ ڪتابي صورت ۾ اسان جي سامهون آيو. جنهن ڪتاب ۾ 147 ڳجهارتون درج ٿيل آهن. جنهن کي ويهن سالن کان مٿي جو عرصو گذري ويو آهي. مون فيصلو ڪيو ته مان في الحال ان ڪتاب کي هٿ به نه لائيندس ۽ وري نئين سر ڳجهارتون رڪارڊ ڪندس ،۽ لکندس، هڪڙو ته مون ڏسڻ تي چاهيو ته ڇا انهن ويهن سالن واري عرصي ۾ ڳجهارتن ۾ ڪا ڪمي بيشي ٿي آهي يا نه . ۽ ٻيو منهنجو مقصد هو ته انهي بهاني ڳجهارتون آڊيو جي صورت ۾ رڪارڊ به ٿي وينديون. ائين ڳجهارتن جي عمر کي ٿورا وڌائي به سگهبو. ان سلسلي ۾ ٻني ءَ جي تقريبن سڀني ڳوٺن جا چڪر هنيم. ۽ ٻنيءَ ۾ رهندڙ سڀني قومن جي سگهڙن يعني ڳجهارتن جي ڄاڻن سان مليس. ڪن ڪن ڳوٺن ۾ ته ٻه ٻه ڀيرا ويس. ڪچهريون ڪيونسين. انفرادي طور به سگهڙن سان مليس. جتي جتي به ڪا ڳجهارت ملي ٿي ان کي پنهنجي موبائيل فون ۾ رڪارد ڪري ٿي ورتم. ڪن سگهڙن سان ته موبائيل فون تي ڪچهري ڪري ڳجهارتون رڪارڊ ڪيم. منهنجي ٻنيءَ ۾ رهندڙ ڪن شاگردن ۽ دوستن کي به ان ڪم ۾ شامل ڪيم. ايئن هنن ۾ به هن ڪم لائي اتساه جاڳائڻ ۾ ڪاميابي ملي، جنهن ڳالهه جي مونکي ڏاڍي خوشي آهي. وڏي ڳالهه ته جن جن سان مليس انهن هن ڪم کي واکاڻيو سڀني چيو ته اهو ڪم ضرور ٿيڻ کپي. ماڻهن جو هن شيه ۾ اتساه ڏسي منهنجي به دل وڌي ۽ سچ پڇو ته ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچڻ لڳو.
    شروع ۾ منهنجو انومان يا کڻي چئجي ته پڪ هئي ته ڳجهارتن جو گراف هيٺ لٿو هوندو. موبائيل ۽ انٽر نيٽ جي زماني ۾ يا هن وٺ پڪڙ جي دور ۾ ڳجهارتن جهڙي ڳوڙهي صنف ڀلا ڪيئن جالي سگهي هوندي. منهنجو اندازو هو ته ڏيڍ سو ٻه سو ڳجهارتون به سيهڙجي ويون ته غنيمت چئبي، ان ۾ اهي ڳجهارتون به اچي وڃن ٿيون جيڪي شري گدواڻي ءَ جي ڪتاب ۾ اڳ ئي ڇپجي چڪيون آهن.
    مئي مهيني ۾ جڏهن سيهڙيل سڀني ڳجهارتن کي سرن مطابق الڳ لکي شري گدواڻيءَ واري ڪتاب سان ڀيٽيم ته منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. ان ڪتاب ۾ ڏنل 80-90 ڳجهارتون اهڙيون هيون جيڪي يا ته نج پج انهي انداز ۾يا ڪن ٿورن گهڻن ڦيرڦارن سان وري مليون. ۽ تقريبن 50 – 60 ڳجهارتون اهڙيون نڪتيون جيڪي مونکي سگهڙن وٽان نه مليون. ان جو مطلب ايئن هرگز ناهي ته اهي ڳجهارتون هاڻي ٻنيءَ مان موڪلائي چڪيون آهن. پر ڳجهارتون ڏيڻ ڀڃڻ جو به هڪ نشو هوندو آهي سمو هوندو آهي. اگر ڪچهري ڄمي ويندي آهي ته ڳجهارتون پنهنجو پاڻ سگهڙن جي زبان مان ترڪي نڪرڻ لائي آتيون هونديون آهن. ۽ جي ماحول موڊ ناهي ته ايندڙ ڳجهارتون به دل تي ناهي چڙهديون آهن. مونکي پڪ آهي ته اهي ڳجهارتون جيڪي مونکي ناهي ملي سگهيون اهي به اسان جي سگهڙن جي سينن ۾ ضرور جيئريون هونديون پر مونکي انهن جي حاصل ڪرڻ جو شرف نه ملي سگهيو آهي. ۽ شايد منهنجون پنهنجون به مريادائون هيون جن جي ڪري ايئن شايد نه ٿي سگهو آهي.
    بحر حال مونکي پوڻا ٽي سوکن ڳجهارتون مليون، مان سمجهان ٿو اهو هڪڙو سٺو تعداد چئبو. مان 18 کان 81 سالن جي عمر جي ماڻهن سان مليس. مونکي ان ڳالهه جي بيحد خوشي آهي ته مون ڏٺو ٻنيءَ جي نوجوان ٽهيءَ وٽ اڃان به اهو زخيرو موجود آهي. هن پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ جن جن نوجوانن سان ملڻ ٿيو هنن خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته مان ڳجهارتون ڪٺيون ڪري رهيو آهيان ائين اهي ڳجهارتون ٿوريون محفوظ ٿي وينديون. انهن نوجوانن ۾ ڪيترائي نوجوان سگهڙ اهڙا هئا جن جي عمر 25 کان 30 سالن جي آس پاس هئي.
    هن ڪم لائي مون شادين مرادين وارن موقعن جو استعمال ڪيو، جتي جتي به شادي وارو موقعو هوندو هو ته مان اتي خاص هن ڪم لائي پهچي ويندو هوس . ڇو ته شادين ۾ سڀني قوم جا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. شادين وهائن وارن موقعن تي جڏهن به نوجوانن کي گڏ ڪري ڳجهارتن واري روح رهاڻ پي ڪرائي سين ته سڀني کي ڏاڍو مزو پي آيو ۽ ڳجهارتن جو هڪڙو دور هلي ٿي نڪتو. جن کي ٿوريون گهڻيون ڳجهارتون آيون ٿي انهن ته اتساهه سان حصو ورتو ئي پي، پر ڪيترا ئي اهڙا نوجوان به مون ڏٺا جن کي ڳجهارتون نه پي آيون يا کين ڳجهارت ڏيڻ ڀڃڻ جو ڏانو ڏات نه هئي، انهن به دلچسپي پي ڏيکاري ،انهن به چيو ته واقعي اسان کي به هن شيه ۾ دلچسپي وٺڻ گهرجي ۽ هنن ڪن ڏيئي ڌيان سان اهي ڳجهارتون ٻڌيون پي. يا وري پنهنجن موبائيلن ۾ رڪارڊ ڪيون پي. ۽ ڪافي اهڙا نوجوان مون وٽان منهنجي ڪمپيوٽر مان به ڳجهارتون ڊائون لوڊ ڪري ويا آهن. ائين ٻنيءَ جي ڳجهارتون ڄاڻندڙ نوجوانن جو ڳانڍاپو به پنهنجو پاڻ ٿيڻ لڳو. هاڻي اهي موبائيل ذريعي هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ڏيندا، ڀڃيندا آهن.
    ٻنيءَ ۾ ڳجهارتون ڏيندي سگهڙن جي زبان مان ”واهه ادا واهه“ ، ”جئي پئي“، ”نه ادا نه“ ”پنڊ جو پئي کائي“. ” مري وئي“. ”ڀڃي ڇڏي“..“” اتي ڙي اتي“، ” اڀي ڪر“. ” سڄي ڪر ، سيل (سال) ڪر، وغيره جهڙا ڳجهارتن سان منسلڪ لفظ ٻڌي اصل مزو پي آيو. ايئن اڃان ايندڙ پنجاه سالن تائين ٻنيءَ جي لوڪ ادب (ڳجهارتن) يا ٻنيءَ جي سنڌيت کي لهر لوڏو ناهي ۽ اهو ٻنيءَ جي لوڪ ادب لائي سٺو سوڻ آهي.
    ها، البت هاڻي ٻنيءَ ۾ به اها اڳوڻي واندڪائي ناهي رهي. اڳي ماڻهو صرف مالوندا ماڻهوء هئا مال کي چارڻ ، ڏوهڻ ٻڌڻ کان علاوه ٻي ڪا ڪرت ڪونه هئي. ٻيو ڌنڌي روزگار جو ڪو وصيلو ڪونه هو. تعليم به ڪونه هئي. شام جو واندڪائيءَ ۾ ويهي ماڻهو ملاکڙا يا ڪچهريون ڪندا هئا. پر هاڻي حالتون بدليون آهن. ماڻهن ۾ سجاڳي اچڻ شروع ٿي آهي ماڻهو مال مينهون گايون پالڻ کان علاوه ٻيا به ڌنڌا پورهيا ڪن ٿا. ڌنڌي روزگار جي پويان ٻني ڇڏي ٻاهر به وڃڻ لڳا آهن . جنهن جي ڪري اهي اڳوڻيون واندڪايون هاڻي ناهي رهيون ان ڪري رهاڻين ڪچهرين وارا اهي دور هاڻي گهٽجي ويا آهن. ڪچهريون ته اڃان به ڪنهن حد تائين ٿين ٿيون پر نوجوان انهن ڪچهرين ۾ به موبائيل جي بٽڻن ۾ ريجهيا پيا هوندا آهن.
    ٻي ڳالهه ته ٻنيءَ ۾ ماڻهو تقريباََ پنج سو سالن کان آباد آهن. هتي سنڌي اسڪول ازل کان ئي ڪونه آهن. سنڌ سان اچڻ وڃڻ وارو اڳي جيڪو سلسلو هو اهو به گهٽجي ويو آهي انهي ڪري سنڌي ٻولي ڏينهون ڏينهن هٿن مان کسڪندي، ڪمزور ٿيندي پئي ٿي وڃي. ۽ ان تي ڪڇي يا گجراتي ٻوليون هاوي ٿنديون پيون ٿيون وڃن. پر پوئي به ڪنهن حد تائين اڃان سنڌي ڳجهارتون، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي ثقافت جهڙيون شيون باقي آهن.
    وڏڙن سان ڪچهريون ڪندي جهوني زماني ۾ ڳجهارتن جي ڇا افاديت ۽ اهميت هئي ان جو به اندازو آيو . اڳي ٻنيءَ جا سگهڙ ماڻهوء ڳجهارتن ۾ ڳالهائي ڪچهريون ڪندا هئا. جنهن جو ذڪر سنڌ ۾ سومار شيخ جي ڇپيل ڪتاب ” ڪڇين جا قول“ ۾ ڪيو آهي . سيڻوڏو ڳوٺ جي حاجي ميان احمد به اهڙيون ٻه ڳجهارتون ٻڌايون جيڪي ٻن سگهڙن پاڻ ۾ هڪ بئي کي ڏنيون هيون. اهي ٻئي ڳجهارتون به توهان سان ونڊڻ جو من ٿئي پيو. ميين عبدالرحمان ميين ايوب کي ڳجهارت ڏني ته
    ” ڏڌ وڻ جيئن ويندياس نرنان هوندم جتي،
    هن عضوي سنديون ڳالهڙيون وڃين نرنان سان ڪندياس.“
    (ڳجهارت جا پاوا آهن؛ ڏڌ جي مهي، وڻ ڪهي. عضوو من. نرناس ساهڙ، نرنان مهار.)
    سال آهي ته؛
    ” ڪهي مهي ويندياس ساهڙ هوندم جتي.
    من سنديون ڳالهڙيون وڃين مهار سان ڪندياس “.

    تنهن تي جواب ۾ ميين ايوب به ڳجهارت ڏني ته”
    عضوي ذات ويندياس نرنان هوندم جتي،
    پنهنجي سنديون ڳالهڙيون وڃين نرنان سان ڪندياس.“
    ( هن ڳجهارت جا پاوا هيئن آهن عضوي جي تري، ذات جا مري. نرنان ساهڙ، پنهنجو حال، نرنان مهار)

    .” تري مري ويندياس ساهڙ هوندم جتي.
    هن حال سنديون ڳالهڙيون وڃين مهار کي چوندياس.“

    ان طرح ادل متوو جنهن جي عمر تقريبن 80 سالن جي هئي هن چيو ته اسان جي جوانيءَ جي دور ۾ اسين دوست ڪڏهن ڪڏهن ته رهاڻ ۾ رنگ ۾ اچي ويندا هئاسين ته ڳجهارتن ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ان بابت هن هڪڙو قصو به ٻڌايو، جيڪو مان سمجهان ٿو پڙهندڙن لائي مزيدار ٿيندو.
    هن چيو ته جڏهن اسين بلڪل جوان هئاسين ته هڪڙي دفعي ٻنيءَ ۾ سانده ٻه ٽي ڏڪر پيا. بک جي ڪري روز ڪنهن نه ڪنهن جو ڳائو مال مرندو رهندو هو. ته ڪڏهن ڪڏهن گدڙ به اهڙي ٿڪل مال جا ڀانڊا ڪڍي ويندا هئا. ايئن ئي هن جي دوست پانڌيءَ جي ڳئون جو ڪو گدڙ ڀانڊو ڪڍي ويو. صبوح جو پانڌي جهنگ مان موٽيو ۽ ادل کي ڳجهارت ۾ چيو ته ؛
    ” مال جن مٿي مرون پنهجون ڪن،
    ڳهه پکياڻيون پنهنجون، لوهه جون ڪن،
    نرنان چئي وري به نارنا ، وري به ڪا نارنان.

    (هن ڳجهارت جا پاوا هن طرح ٿيندا ؛ مال جا آرس (آرس انهي جڳهه کي چئبو آهي جتي رات جو ڳئون وهنديون آهن) مرون گدڙ، پنهنجون ڊوڙون، ڳهه جي ٽڪ، پکي ڳجهه، لوهه جي لولوي، نرنان پانڌي، نارنا مارئي.)
    ڀڃڻي ؛
    آرسن مٿي گدڙ ڊوڙون ڪن،
    اڄ به انهن ٽڪن تي ڳجهڙيون لنون،
    پانڌي چئي وري به ڪا ماري ڙي
    وري به ڪا ماري ري.
    ڏسو ڪيئن نه ٻه سگهڙ پاڻ ۾ ڳجهارت ۾ ڳالهائي ويا. ٻئي هڪ ٻئي جي ڳالهه به سمجهي ويا ۽ ڳالهه راز ۾ به رهجي وئي.
    ايئن ناهي ته ڳجهارتون صرف اڳي ئي جوڙيون وينديون هيون. هاڻي به جوڙيون وڃن ٿيون پوئي چاهي ان جو تعداد گهٽ آهي. پناهواري ڳوٺ جي الله بچائي نالي نوجوان واٽ هلندي يا بس ۾ سفر ڪندي ڪنهن کي موبائيل تان فون ڪندي ڏٺو ته سندس من ۾ از خود ڳجهارت جڙي پيئي. هن ڳجهارت ٺاهي ته؛
    ” نرنان ڪڍي نارنا اکر ٻوليءَ جو ڪيو.“
    (هن ڳجهارت جا پاوا هيئن ٿيندا ؛ نرنان بندو، نارنان بندي، اکر جو انگ، ٻوليءَ جو قول.)
    هن ڳجهارت جي ڀڃڻي هيئن ٿيندي ته؛
    ”بندي ڪڍي بندِي لڳائي انگَ ڪال ڪيو.”
    ڏسو نه هن ڳجهارت ۾ انگريزي لفظ ڪال (call) ڪيئن نه سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺهڪي ويو آهي. ۽ اوپرو نه پيو لڳي جيڪو اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي دريا دليءَ جي ساک پيو ڏي. ۽ ٿي سگهي ٿو اگر پڙهيل ڳِڙهيل نئين پيڙهي ڳجهارتن ۾ دلچسپي وٺندي ته ڪمپيوٽر سان منسلڪ لفظ به پاون طور استعمال ٿي سگهندا. ”ڪمپيوٽر“ “ ۽ موبائيل لفظ پاڻ پاوا ٿي پوندا، مثال طور ڪمپيوٽر جو پيغام، اي ميل، آئي ڊي، سيو ڪرڻ، ڊليٽ ڪرڻ، ڪاپي ڪرڻ، موبائيل جو ميسيج وغيره جهڙا لفظ ٺهي پوندا. ۽ هن طرح جون به ڪي ڳجهارتون ايندڙ زماني ۾ ٻڌڻ لائي ملن ته ان ۾ حيرت ناهي.
    نرنان تو مونکي عضوي موبائيل جو ڪيو،
    پر مون ته توکي ڪاٺ، ڪمپيوٽر جو ڪيو آهي.
    هن ڳجهارت جا پاوا هيئن ٿيندا نرنان يار، عضوو دل،موبائيل جو ڊليٽ [delet] ڪرڻ ، ڪاٺ جو من ۽ ڪمپيوٽر جو محفوظ يعني سيو ڪرڻ (save).
    دوست تو مونکي دل تان ڀلي ڊليٽ (Delit) ڪري ڇڏيو آهي،
    پر مون ته توکي من ۾ سيو ڪري ڇڏيو آهي.
    ڳجهارتون علائقي يا سماج ۾ گهٽجندڙ گهٽنائن کي به ڪيئن پاڻ ۾ محفوظ ڪري ڇڏين ٿيون ان جو به هڪ عمدو مثال مليو. اها ڳجهارت پڇم علائقي جي ابراهيم سرهئي نالي هڪڙي سورهيه ماڻهوء جي ٿيل قتل تان جوڙي ويئي هئي. مان سمجهان ٿو اها به هت ونڊي ڇڏيان ته جيئن پڙهندڙن کي به ڄاڻ پوي ته ڳجهارتن وارو اهو فن بنيءَ ۾ نه صرف جيئرو آهي بلڪ وڌي ويجهي به پيو ۽ ان ۾ ڪيتري نه ووڌتا به آهي. ڳجهارت آهي ته؛
    ” نار وڌي ڙي نرنان ٻه ٻوليون پنهنجون ڪيئه.
    نه ڪاٺي آيئه ڪا ، ڪپڙ جو ڪيرائي ذات جي مال جي ڪري ، عضوي جيءَ تي مونکي مال جو ڏني. جيڪو ڪپڙي تان نه لهي.“

    (نار وسندي. نرنان مصرو. ٻوليءَ جي اڳهين. ٻي پانهين. پنهنجي نظر. ڪاٺي آڏي. ڪپڙ جو ڇٽ. ذات جا سمان. مال جي سڃي. عضوي جي دل. مال جو داڳ. ڪپڙ جو ڌوتو.)

    وس وڌي ڙي مصرا تنهنجي .
    جي اڳهين ۽ پاهين نظر ڪيئه ته آڏي آيئه ڪا.
    ڇٽ ڇاڻي سماٽ سڃين ڪري دل تي داڳ ڏنئه .
    جيڪو ڌوتي نه لهي. ڌوتي نه لهي.)
    ٻنيءَ ۾ رهندڙ هر جاتيءَ جي ٻوليءَ جي پنهنجي هڪ خاصيت يا لب و لهجو آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي الفاظ هڪ ٻئي کان مختلف به هوندا آهن. پر ڪچهرين ۾ اهي لب و لهجا ۽ اهي لفظ هڪ ٻئي ۾ هير خير ٿي ويندا آهن . جيڪي ماڻڻ وٽان هوندا آهن.
    دعا آهي ته ٻنيءَ ۾ سگهڙ ماروئڙن سينن ۾ ڳجهارت وارو فن وڌندو ويجهندو رهي۽ اڃان به وڌيڪ وسعت اختيار ڪري. ۽ شل ائين ئي لاتيو لنوندا رهن.

    ــ ڪلاڌر متوا


    ڳجهارت ۽ ان جا پاوا

    ڏاهن جو چوڻ آهي ڳجهارتن واري فن جي شروعات سومرن جي دور ۾ ٿي ۽ سمن جي دور ۾ اوج تي پهتي . هوئن ته ڳجهارت معني ڳجهه واري ڳالهه. يا لفظن جي ڪکن پنن هيٺان لڪل ڪا ڳالهه. جنهن ۾ عشق محبت، راز رمز، اتهاس تواريخ يا دين ڌرم جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي،

    ڳجهارت پروليءَ جو هڪ قسم آهي. ڳجهارت ڀلي پرولي جو هڪ قسم آهي پر پنهنجي ستاءُ جي اعتبار سان ڳجهارت ۽ پروليءَ ۾ فرق آهي. ڳجهارت معنوي ۽ فني لحاظ سان نهايت ئي ڳوڙهي ۽ معياري آهي. پروليءَ جو بنياد تشبيهه ۽ استعاري تي هوندي آهي جنهن لائي غورو فڪر ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي جڏهن ته ڳجهارت جو بنياد تجنيس ۽ تلميح تي آهي جنهن لائي ڪري غورو فڪر سان گڏ ڄاڻ ۽ علم جي به ضرورت پوندي آهي. تجنيس جو مطلب آهي جملي ۾ يا شعر ۾ هم شڪل يا هم آواز لفظن جو استعمال ۽ ان ۾ مقصد واري چيل ڪا ڳالهه. ٻين لفظن ۾ چئجي ته لفظن جي لباس ۾ ڍڪيل ڳالهه. تلميح معني ڪهن واقعي يا قصي ڏانهن اشارو. جيئن ته مٿين ڳجهارتن مان سڌ پئجي وئي هوندي، ۽ سڀني کي خبر آهي ته ڳجهارتون اسان جي سنڌي لوڪ ادب جي لوڪ داستانن تي ٻڌل هونديون آهن. تنهن کان علاوه تاريخ جي ٻين اهم ڪردارن ، موضوئن تي به هونديون آهن. ته وري دين ڌرم جي ڪنهن نقطي تي به هونديون آهن. پر اڪثرو بيشتر ڳجهارتون عمر ماروي، سسي پنهون، مومل راڻو، ليلان چنيسر، سورٺ رائي ڏياچ، يا سهڻي مهار وغيره جهڙين لوڪ داستانن تي مشتمل هونديو آهن. ڳجهارت ڀڃڻ لائي ڪي ”پاوا“ هوندا آهن جيڪي ذو معني وارا يعني ٻن ارٿن وارا هوندا آهن جن کي بند. ٺپ، يا ٿنڀ به چئبو آهي. ڳجهارت کي ڀڃڻ لائي ڳجهارت جي پاون بابت علم هوئڻ ضروري آهي. ڪهڙي پاوي ۾ ڪهڙين شين جا نالا وٺي سگهجن ٿا اها ڄاڻ هوئڻ لازمي آهي. ان ڪري ڳجهارت جي پاون کي ڌيان سان ٻڌڻ ضروري آهي. ڇو ته سگهڙ پاون مان ئي ڳجهارت جي گس جو اندازو لڳائيندا آهن ته ڳجهارت ڪهڙي سر جي آهي، ڪيڏاهن وڃي ٿي. هڪ ڀيرو سر سڃاڻپ پئجي ويندي آهي ته پوئي ڌڪ هڻڻ آسان ٿي پوندو آهي. جيستائين سر جي سڃاڻپ نه ٿئي ۽ ائين ئي ڌڪ هڻبا ته اهي هوائي ڦائر ٿيندا ان مان ڪو کڙ تيل ڪونه نڪرندو. جنهن ڳجهارت ۾ ٽن کان وڌيڪ سرن وارا پاوا هجن ان کي ست سري ڳجهارت چئبو آهي. مثال طور ڪا ڳجهارت آهي جنهن ۾ ماروي، سسئي ۽ سهڻي ٽنهي سان لاڳاپيل ڪا نه ڪا ڳالهه آهي ته اها ڳجهارت ست سري چئبي. ست سري ڳجهارت جهورڻ يعني ڀڃڻ ۾ آسان هوندي آهي.ست سري ڳجهارت جو هڪڙو نمونو ڏسون.
    ٻن نرنائن وچ ۾ اکر آئون نه هياس،
    نرنان بنان شهر ۾ منهنجو روح ناهي راس،
    ڪاٺ جون پايو رڇن ۾ چم جون ڇڪيندياس،
    عضوي ائين ويندياس جيئن گاهه مڇي نرنان جي،
    هن ڳجهارت جا پاوا ۽ ڀڃڻي هن طرح ٿيندي؛
    (پاوا؛ نالو هڪڙو هوت نالوٻيو بلوچ، اکر جو باب، نرنان راڻو، شهر ڪاڪ، ڪاٺ جون مانڌاڻيون، رڇ ماٽيون، چم جون ڇهيون، عضوي جي تري، مڇي سڻي، نرنان مهار، گاهه ناڙو)
    سسئي ؛ هوتن ۽ بلوچن جي باب آئون نه هياس،
    مومل ؛ راڻي بنان ڪاڪ ۾ منهنجو روح ناهي راس،
    مرئي؛ مانڌاڻيون مٽن ۾ آئون ڇهيون ڇڪيندياس،
    سهڻي ؛ سڻي نڙ مهار جو تري آئون ويندياس.

    هڪ ٺپي يا ٻه ٺپي ڳجهارت ڀڄڻ ۾ مشڪل هوندي آهي ڇو ته ان ۾ ڌڪ هڻڻ جو صرف هڪ آفشن هوندو آهي. سنڌ ۾ ته هڪ هڪ پاوي لائي سگهڙن ڊگها دگها بيت چيا آهن جن ۾ پاون سان منسلڪ تقريباَ تمامَ شين جا نالا اچي وڃن ٿا.
    ڳجهارت تڏهن ڀڄندي آهي جڏهن اهو لفظ ڀڃيندڙ چوندا آهن جيڪو لفظ پاوي ۾ لڪل هوندو آهي. جنهنج و اندازو مٿي ڏنل ڳجهارت مان اچي ويو هوندو. اگر انهي لفظ جي هم معني وارو لفظ ڪو چوي ٿو ته ته چوندا چاليهين پکين واء اچي ويو. مثال طور پاوي ۾ لڪل لفظ ” پير“ آهي پر اگر ڪو چوي ٿو ”پڳ“ ته به ڪڏهن ڪڏهن ڳجهارت ڏيندڙ چوندو ”ادا چالهين پکين واء اچي ويو.“ ۽ هو ڳجهارت جو سال ڪري ٻڌائيندو. ڳجهارت ڏيندڙ سڄي ڳجهارت سڀني پاون سميت وري ليه سان ٻڏائيندو جنهن کي ڳجهارت جي زبان ۾ سال چئبو آهي ٻنيءَ ۾ ان کي ”سيل“ به چوندا آهن.
    ڳجهارت کي سمجهڻ لائي وڌيڪ هڪڙو مثال ڏسون ته ، مثال طور سسئي سادن لفظن ۾چئي ٿي ته ”منهنجو پيار پنهل سان.“ انهي جملي کي اگر ڳجهارت جي زبان ۾ چوندي ته چوندي ” منهنجو نالو نالي سان“ هتي نالو ۽ نالو ٻئي ڍڪ وارا لفظ آهن. پهرئين نالي مان نالو ٿيندو ”پيارو“ يا ”پيارل“. ۽ ٻئي نالي مان نالو ٿيندو ”پنهون“ .اهي نالا ڪي عام به ٿي سگهن ٿا ته لوڪ داستان وارن ڪردارن وارا به ٿي سگهن ٿا. هتي پيار ۽ پنهل لائي پاوا ”نالو“ ۽ ”نالو“ استعمال ٿيل آهن. ۽ انهي ڳالهه کي سسئي هيئن به چئي سگهي ٿي ” منهجو نالو نرنانء سان“.
    ڳجهارتن ۾ جيڪو صفت تجنيس جو استعمال ٿيندو آهي. تنهن
    صفت تجنس جا ڪجهه قسم به آهن جيڪي هن طرح آهن.
    (1) تجنيس تام ؛ مٿين مثال ۾ پائي جي هر هڪ لفظ ”پيارو ۽ ”پنهل“ جون ٻه مختلف معنائون آهن. اهڙو لفظ جنهن جي لکڻي ۽ اچار ساڳيو هجي پر معنائون مختلف هجن ان کي علمي اصطلاح ۾ تجنيس تام چيو وڃي ٿو.
    (2) تجنيس زائد ؛ ٻن هم آواز ۽ هم صورت لفظن مان هڪ جي شروع ۾ اکر زائد زائد (واڌو) هجي . جيئن ”نٿ“ ”منٿ“ ”هار“ مهار“ وغيره.
    (3) تجنيس مرتب؛ ساڳي لکڻين وارن لفظن مان هڪ مرڪب ۽ ٻيو منفرد لفظ جيئن ”ڪارب“ ( رب طرفان ) ۽ ڪارب(ڪاٺ جي شيه جو نالو آهي)
    (4) تجنيس مضارع ؛ ٻن لفظن جو ساڳيو آواز مگر صورتخطي (لکڻي) مختلف هجي جيئن ”حليمان“ ، ۽ ”هلي مان“ وغيره.
    (5) تجنيس ناقص ؛ ٻن لفظن ۾ اڻ پوري هڪ جهڙائي جيئن ته ”ڪَن“ ”ڪُن“ يا ڪِن وغيره.
    (6) تجنيس لاحق؛ هم وزن لفظ جي پهرئين لفظ جي تبديل مثال طور ”ٻار“ مان ”پار“ وغيره
    مٿين وضاحت علمي لحاط کان گرچه پيچيده آهي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي صفتون ڳجهارت کي فني، ۽ ڳوڙهيون بڻائين ٿيون گڏوگڏ سهڻيون ۽ جازيب به بڻائين ٿيون.
    ڳجهارت ۾ پاون، تجنيس ۽ تلميح جو پاڻ ۾ هڪ لاڳاپو. ڳانڍاپو يا کڻي چئجي امتزاج هوندو آهي. پاوا ڳجهارت روپي ڪنوار جو پردو آهن ته تجنيس ۽ تلميح ان جا زيور آهن جيڪي ملي ڳجهارت جي حسن کي ٻيڻو ڪن ٿا. جيڪو سگهڙ پاون ۽ ان جي اندر لڪل تلميح ۽ تجنيس کي جيتري قدر سٺي نموني پروڙي سگهندو اهو ڳجهارت کي اوترو ئي آسانيء سان ڀڃي سگهندو.
    پاون جا مکيه ٽي قسم ٿيندا آهن. (1) خاص اسم ۽ نالا. (2) عام اسم ۽ نالا. (3) نالن جون اضافي وصفون.
    (1) خاص اسم ۽ نالا؛ خاص اسمن ۽ نالن ۾ مردن عرتن، شهرن ولايتن جا نالا اچي وڃن ٿا.جي پاون جي صورت ۾ نرنانء، نرنام، نالو، شهر ۽ ولايت طور چئبا آهن.
    (2) عام اسم ؛ عام اسمن ۾ مرن، پکين، جيتن، يعني ساهه وارن جا نالا ۽ پڻ وڻن، گاهن، پوکن، وکرن ۽ ٻي هر جنس جا نالا اچي وڃن ٿا.
    (3) اضافي وصفن وارا پاوا؛ اضافي وصفن وارن پاون ۾ ”جو“. ”جي“، ”جا“ وغيره جهڙن اصافي حرفن وارا پاوا اچي وڃن ٿا. مثال طور ”وڻ جو“، ”وڻ جي،“ وڻ جا “ وغيره.

    ٻنيءَ جي سنڌي ٻولي هاڻي سوڙهي ٿيندي پئي ٿي وڃي جنهن جو اثر ڳجهارتن جي پاون تي يا ڳجهارتن تي پيو آهي. سنڌ ۾ جيڪا وسعت يا گهرائي ڏٺي وڃي ٿي، ٿي سگهي ٿو اها وسعت شايد ٻنيءَ ۾ ڏسڻ لائي نه به ملي. ٻني مال مالوندن ماڻهن جو ملڪ آهي ان ڪري مال سان منسلڪ پاوا گهڻا ئي ٻڌڻ لائي ملندا. باقي کيتي ٻنيءَ ۾ ٿئي ڪونه انهي ڪري ٻني ۾ هاڻي ڪي مخصوص ئي پاوا ٻڌڻ لائي ملن ٿا. سنڌ ۾ مروج پاون واريون ڪي ڳجهارتون ته ٻنيءَ ۾ ٻڌڻ لائي به نه ملنديو آهن. پنهنجي حساب سان پاوا ننوان گهڙي به سگهبا آهن. پاوا ملڪ، علائقي جي ماحول، جغرافيا ۽ ڪرت ڪارين جي حساب سان وابسته هوندا آهن. ٻنيءَ کي پنهنجو هڪڙو ماحول ۽ پرويش آهي ٻنيءَ ۾ خاص ڪري هن طرح جي پاون واريون ڳجهارتون ڏنيون وڃن ٿيون.
    ــ اڀ جا.
    تارا، ٽيڙو، گرهه، اڀريا، لٿا، ڪڪر، بادل، وسڪارا، ڳڙا، مينهن، نکٽَ،
    ــ اڀ جو؛
    نکٽ، وڇون، قطب، سج، چنڊ، تارو، جهڙ، وڏر، بادل، مينهن، وسڪارو، ڪوهيڙو، جهولو، ميگهه،
    ــ اڀ جي؛
    ڪنڊي، کٽ، وڄ، انڊلٺ، برسات، بارش، بوند، ڦڙي، کنوڻ، بجلي، ڀني، رات، لڪ، سردي، گرمي،
    ــ اکر جا؛
    هن پاوي ۾ الف کان وٺي ”ي“ تائين جا سڀئي اکر اچي وڃن ٿا. تنهن کان علاوه اکر جا نقطا، ٽٻڪا، ڪارا وغيره.
    ــ اکر جو ؛
    انگ، وٽ، ليکو، پيش،حرف، باب، صحيح، غلط، ڪارو، وڏو، ننڍو، سنهون، ٿلهو وغيره
    ــ ان ؛
    سڀني انن جا نالا، چانور، ڪڻڪ، ساريون، مٽر، چڻا، مڱ، مڪائي، تر چونرا، ڀرٽ، سانئون وغيره.
    ــ ان جا ؛
    ڏوڏا، ٽويا، ڪاسا، داڻا، چلا، ڀانڊا، کرا، ڦلا، ڪوڪلا، کيٽ، ڀيليا، پوکيا، لڻيا، وڊيا وغيره.
    ــ ان جو؛
    اگهه، مڻ، خرار، ٽويو، ڪاسو، ڀت، ڏارو، اٽو، ميدو، ڳارو، ٻڪ، لابارو، اٽاڻ، بوسو داڻو، ڪڻو وغيره
    ــ ان جون.
    ٻوريون، گنديون، ڀليون، ڪوٺيون، مٺيون، ڀريون، ٻڪيون ، ساريون،
    ــ ان جي؛
    ڇڙ، ڇنڊ، پاٽي، چوٿائي، ماني، کچڻي، ڪٽي، تُهي، ٻُري، پلي، ڇاڻي، ڌڌڙي،
    ڍڳي، مٺ، ٻوري، ڀري وغيره.
    ــ اوزار ؛
    پاڪي، ڪتر، ڪينچي، واهولو، ڪارائي، رندو، رنڀي، سيراهي، ڪمان، هٿوڙو، ڪهاڙو، روات، انبوري، سئي، ليول، گرمٽ، ڇيڻي، پڪڙ وغيره.
    باهه يا ڄيري جا؛
    اڱر، اڌمان، ٽانڊا، تجلا، اهاء سڙيا، جليا، ٻريا، دونهان، ڀنڀٽ، ڀڙڪا، الا، وغيره.
    باهه يا ڄيري جو؛
    ٽانڊو، سڙيو، ٻريو، جليو، کاميو، ڀڙڪو، مچ، دونهون، ڪوئلو، وسامڻ، پچڻ، لڳڻ، مچڻ، سوجهرو، ساهو،
    ــ باهه جون؛
    اماڙيون، ٽانڊيون، ڏياٽيون. ڄڀيون، سڙيون، کاميون، ڪاٺيون، اجهاميون، وغيره.
    ــ ٻيڙي ؛
    ڊونڊي، بتيلي، ٻيڙي، ڪشتي،هڙي وغيره
    ــ ٻيڙيءَ جا؛
    پور، ڌڪا، لها، هاڪاريا، ناکئا، سونهان، ملاح، ميربحر، مهاڻا، رسا، سڙه، پڳهه لاجوبند وغيره.
    ــ ٺڪر جا؛
    ٺڪر جا نالا، دلا، گهڙا، پارا، ڪونڊا، ڪونرا، لوٽا، طباق، طس، مٽ، ڍڪڻ، ڏيئا، پيالا،
    ــ ٺڪر جون ؛
    ماٽيون، دليون، پاريون، دانگيون، گهڙيون، پاتيون، لوٽيون، ڍڪڻيون وغيره.
    ــ ٺڪر جي؛
    ماٽي، گهڙي، دلي، پاٽ، گهاگهر، گهگهي، اکري، سڻڪ، وغيره
    ــ پاراتي جو؛
    پٽيو، وڍيو، ڪٺو، ماريو، مئو، پريو،
    ــ پکي
    هن پاوي ۾ سڀني پکين جا نالا اچن ٿا. تتر، ڪبوتر، مور، پاريهل، وهيو، سرڻ، هاڙي، هنج، گز، ليلو، چتون، طوطو، ڪڪڙ، عقاب، ٻوڙي، هولو، ڇاپاڪو، سانباهو، بانشو، هريو، ٻاٽونڀڙ، جهرڪي، چمرو، ڳجهه، ڪانگ، سارس، وعيره.
    ـــ پکين جا.
    ٽولا، ولر، آنا، آکيرا، آنٽا ڦيرا، پنجا، کاڌا، چيچاٽ، آواز. وغيره
    ــ پکيءَ جي؛
    چين چين، ڪوڪ، رڙ، چانگار، تنوار، دانهن، سسي، گجي، ڪوري، نري، نڙي، ڪٺي، پٺي، بٺي،
    ــ پکيءَ جو؛
    آلاپ، سر، مٿو، سينو، پر، آکيرو، اڏڻ، وهن، تنوارڻ، لنوڻ، ڪرڪڻ، وغيره.
    ــ پنڌ ؛
    اوڏو، لمون (پري) اهکو،سهکو، اڙانگو، ڏکيو، سکيو، آسان وغيره.
    ـــ پنهنجا ؛
    عضوا، هٿ پير، قول قرار، حال احوال، بخت، ڀاڳ، ماما، ڪاڪا، چاچا، ماسات، پڦاٽ، سوٽ، ماروٽ، پوٽا، ڏوهٽا، مائٽ عزيز وغيره.
    ـــ پنهنجو؛
    پگهر، ڪرم، نصيب، باڳ، رت، شوق، عشق، روئڻ، کلڻ، عقل، شرم، حق، جسم، روح،
    ــ پنهنجي؛
    رهاڻ، مجلس، موڪلاڻي، پرچاڻي، مت ، قبر، صلاح، دل، لڄ، ناموس، عزت، شهرت، وغيره.
    ــ پوک ؛
    سڀني پوکن جا نالا، ڪڻڪ، جور، ٻاجهري، تر، مڱ، چونرا، ڪورڙ، ٽماٽا، مها، ڪدو، ڪوتمير، پٽاٽا، واڱڻ، ڀينڊا وغيره
    ــ پوک جا؛
    سلا، ڪنڊا، وڍيا، ڪٽيا، ٻنا، ٻارا، ننگليا، وڌيا، سڪا ، ساوا، لڻيا، کرا، ٻوريا، ڦلاريا،
    ـــ پوک جو؛
    ان، ٻنو، ٻارو، ڀاڻ، رونبوو، فصل، ڪمدار، زميندار، پراڙ، کيڙڻ ، وڍڻ، لڻڻ، سوئڻ، سڪائڻ، پڇنڊڻ، ٽويو مڻ، وغيره.
    پوک جڳ؛
    وڍي، ڪٽي، لڻي، پڙي، کيڙ، ساوڪ، کري، ونڊ، ورڇ، پاٽي، چوٿائي، ول، وغيره.
    ــ جبل؛
    تمام جبلن جا نالا، ڪارو، ڪانڀو، پٻ، همالا، هاڙو، گنجو، ڪارو، ڳورو، ڌيڻوڌر، وغيره.
    ـــ جبل جا؛
    لڪ، لنگهه، گهٽ، گهيڙ، غار، ثور، پهڻ، گس،
    ــ جبل جون؛
    چوٽيون، چاڙهيون، لاهيون، لڪيون، ڇيپرون، چرون، گڦائون، وغيره.
    ــ جر جا؛
    غوطا، غوغا، ڪرڪا، ڪاوا، گهمرا، ڦيرا، ليڪا، لڙها، تارون، ملاح، ماڇيءَ، پڌرا، گهڙا، دلا، تلاو، وهڪرا، ڦڙا، ٽوٻا، ڦوهارا، ساندارا، لڙها، اڇا، پاڪ، کوهه، آوارا، حوضَ وغيره.
    ــ جرجو؛
    ڦوٽو، وهڪرو، مٺو، کارو، باڙو، ريلو، سيمو، لڙهو، لاڙو، تلاء، حوض، موتي، ترڻ، تڙڳڻ، پاتار، ڇيهه، ڪنارو، گهيڙ، کوهه، نيس، آواڙو، ريٽ، جهاز، ٻيٽ، مڇ، دلو، گهڙو، مٽ وغيره.
    ــ جر جي ؛
    ننئي، ندي، سانداري، بدڪ، ٽٻڻ، ٽٻي، موري، ڦڙي، لپ، مڇي، ڪشتي، ٻيڙي، ڊونڊي، پخال، اونهائي، گهرائي، پاڪائي، وغيره
    ــ جيت يا جيوڏ؛
    تمام جيتن جا نالا، اڏوهي، مڪري، ڀمڀوري، ڏير، سپ، لنڊي، کڻ، پيهڻ، ڪرڙي، ٻه منهي، ڏينڀو، اجگر، نور، سانڊو، چچڙ، گڏر، گهينگو،ماکيءَ جي مک، منگهڻ، ڪت، مڇر، مزو، وغير
    ــ جيت جو ؛
    ڏنگُ،ڏنگڻ، ڪکڻ، زهر، وِهه، ليٽو، سرڻ،
    ــ جهنگ جا؛
    چاريانگ، ٻيلا، ٿم، وڻ ٽڻ، ڪنڊا، ڪک، پٿر، پهڻ، تلاء، پيڇرا، رستا، ٻوتا، مرون، پکي، پڊ،
    ــ جهنگ جون؛
    ماکيون، ڀٽون، واٽون، کنڀيون، هڙيون، ڍنڍون، کنڀيون، نيون وغيره.
    ــ جهنگ جي ؛
    ماکي، واٽ، وڻڪار، رڃ، ساوڪ،
    ــ جهڻ جو
    مکڻ، ڏڌ،
    ــ جهڻ جي
    لسي، ڇاڇ، ڇائي،
    ــ چم جا؛
    پٽا، ٿيلها، اکيا، موزا، ڪشا، ساندارا، ٿڙا، بوٽ، چمپل وغيره.
    ــ چم جون،
    پيتيون، ڇهون، تندون، خرزينون، کلون، نٿون،
    ــ چم جي ؛
    ورت، کل، پيتي، سانداري، جتي، پنجوڙ، کام، ڌٻي، ڪور، وغيره.
    حاڪم ؛
    حاڪمن جا نالا، راجا، بادشاه، نواز، رئيس،
    ــ حاڪيماڻا ؛ دڙڪا، سڏ، حڪم، ڊپ، قلعا، خزانا، هيرا، موتي، گهوڙا، رسالا، عهدا، ارادا،نوڪر، خزانا، پيسه، آداب، بنگلا، توبچي، هٿيار، مورچا وغيره
    حاڪم جو ؛
    آرڊر، حڪم، خط، تاج، دڙڪو، لشڪر، سپهه سالار، وزير، گرز، قول، قرار، تخت، بخت، پيغام، لاءُ لشڪر، وغيره
    ــ حاڪمن جون ؛ ڇانوڻيون، جاگيرون، ٻانهيون، گوليون، بڻڇيون، تلوارون، ڪچهريون، مجلسون، فتحون، سڪستون، ڏاڍايون، ارڏايون، ڏنگايون، ڇڙٻون، آساميون، رهاڻيون وغيره.
    ــ ڏڌ جي ؛ ماٽي، مهي، چاڏي، ولوڙ، ڇاهه. ڇاڇ، لسي، جهڻ،
    ڏينهن ؛ ڏينهن جا نالا، ننڍو، وڏو، چٽو، گرم، ٿڌو، سرد، جمعو، ڇنڇر آڇار، سومار ...... وغيره
    ڏينهن جو؛ تڙڪو، ساهو، ڪاڙهو، پهر، پهل،
    ڏينهن جي ؛ اڳين، وچين، شام، ورانڍ، ٻپهري، ڇانو، گهڙي،
    ــ ذات جا ؛
    تمام ذاتين جا نالا، سمان، سومرا، جت، نهڙي، هاليپوٽا، جهانجهڻ، پيسڪ، خاصخيلي، جاڙيجا، سوڏا، چانگ، مري، موچي، لنگها، ٻاوا، برهمڻ، گوسائي، پنهور، حاجاڻي، هاشمي، حيدري، لنڊ، نوتيار، سهتا، بازيگر، دهلاري، درزي، ڌاريجا، حملاڻي، ڪاپري. ڪوٽيا، ڪڙمي، ڪنڀر، ڄاموٽ، ساڌ، صوفي، سالڪ، ٻڪرار، ريڍار، سوداگر، چوڌري، قريسي، ڇڳير، گجر، ٻانڀڻ، بروهي، مارو، ڀاٽيا، ڀنڊ، ٿيٻا، ٿهيم وغيره.
    ــ راڳ ؛
    راڳن اجا نالا؛ ڪلياڻ، يمن، کنڀات، سريراڳ، سهڻي، سامونڊي، سارنگ، ڪيڏارو، ديسي، ڪوهياري، حسيني، سورٺ، بروو، راڻو، کاهوڙي، رمڪلي، رپ، ليلان چنيسر، بلاول، پورب، پهاڙي، پنچم، ملهار، مالڪوس، ديپڪ وغيره
    ــ راند ؛
    راندين جا نالا، ارچڪ مرچڪ، ڪنگر ڪلوٽي، ڦرڦر سونٽو، سائي سڪي، جهوجهو ماٽي، اٽي ڏڪر، شطرنج، ونجهوٽي، چوپڙ، لنگڙي وغيره.
    ــ راند جا؛
    هل، هنگاما، هوڪا،هوڪرا، ڪوڪرا، واڪا، ڳنهوڙا، راڳ، روپ، کيٽا، انگل، وارا، رسڻ، پرچڻ، گلَ، بلورَ، لغڙ، پيچ، داوَ، وغيره.
    ــ راند جو ؛
    هل، ڌڪ، ڏارو، هوڪارو، ڪوڪرو، سامان، ڏڙهو، ونجهه، درياء، رسڻ، پرچڻ، وڪٽ، لين ، مون، نار آر، وهي، يڪ، ٿڪو، اڪو، سچ، چڌو، مئڻئ منڊو ماڪوڙو، شوق، پاسو، ليڪو، ڌوڙي، ڌوڪي وغيره.
    راند جون، هڪلون، چوٽون، ڪسرتون، ملهون، تاڪيون، دريون، ٻاريون، پڪيون، ڪچيون، ڊوڙون، رمزون،
    ــ راند جي؛ ڪوڪ، رڙ، لڪ ڇپ، آگ، ٽل، اٽڪل، ڪسرت، تاس، ناڪيل فوسيل، ڪٻڊي، جهٽي، لڪائي، ٺڳي، ڪپت، ڌوڪ، بازي، پري، گولي ،آنٽي، گڏ، گڏي وغيره.
    ــ رڇ ؛
    رڇن جا نالا، ڍڪڻ، پرڻ، دلو، تاسري، طس، لوٽو، دلي، گڏون، ديڳڙو، ڪونڊو، ڪنو، ٿالهه، ٿالهي. چمني، طباق، ديڳ، ڍاڪون، ڪستو، ڪٽلي، ڪوپ ساسر وغيره.
    سٽ جا؛
    وٽَ، ڌاڳا، سڳا، وٽيا، ويڙها، بخيا،ڏورا، ڪتيا،
    ــ سٽ جو ؛
    تنگ، ٽونر، جهاٻو، جهوڙو، اڳٺ، ڳانو، بخيو، ٽانڪو، ٽوپو، ڪنڊڙو، ڪپڙو، وٽ، ڏورو، ويڙهو، وغيره.
    ــ سٽ جي ؛
    ڏوري، ڦاهي، ڦاسي، مهار، رکڙي، انڌاري، ويڙهي، ڪتي، پڃي، وٽي، رسي، لوئي، ٽٽي، سبي، جوڙي، وغيره.
    ــ سوداگر جو؛ ڀاڳ، نصيب، سودو، واپار، وڻج وغيره.
    ــ سوداگر جي ؛ ساعت، قسمت. مهل،
    ــ شهر؛
    شهرن جا نالا، لکپت، ڀڄ، ملير، کنڀات، کاهوڙ، گجرات، واڳڙ، وڳهه ڪوٽ، ڪراچي. ڪلاچي، جهونا گڙهه، اجمير، جڳسلمير، ڍاڪا، ٿرپارڪر، ڪابل، قنڌار، منا، مدينو، مڪو، عرفات، چين، بلڙي، دهلي، دڪن، هنگلاج، استنبول، ڪلڪتو، حيدر آباد هير اباد، ڪاڪ، مصر وغيره.
    ــ عضوو
    هن پاوي ۾ عضون جا تمام نالا اچي وڃن ٿا. مٿو، نڪ، چپ، لب، هوٺ، نراڙ، هٿ، ڪن، دل، اکيون، پتو، جئو، جيرو، ڪڇ، تري، پٺا، ڪمر، ڳريو، ڪانڊو، زبان، ڄڀ، ڪياڙي، وڇاڙي، ٺونٺ، ٻانهن، آڳر، وغيره.
    عضوي جا؛
    وار، هارسينگار، پاسا، اشارا، سلام،
    ــ عضوي جو؛ چميو، پاسو، سنڌ، هڏ، پٺو، ماس، چم، هنيون، قلب، ننهن، ليو، لياڪو، لب، هٿ، پير ، آڱوٺو، گوڏو، رنڌو، جئو، جگر، آنڊو، وغيره.
    ــ عضوي جي؛ مڪ، هنج، ٻانهن، اک، لڪي، هڪي، شڪل، شبيح، پنبڻي، پيشاني، صورت، آڱر، وغيره.
    ــ علم جا؛
    قل، ڦيڻا، اکر، تعويز، ورق، سيپارا، ڪتاب، حافظ، مولوي، استاد، جمله، نقتا، پيش، خطبا ، لفظ،وغيره.
    علم جون؛
    زيرون ، زبرون، پڙهڻيون، لکڻيون، معنائون، شدون، مدون، نوڪريون، صحيحون، وغيره.
    فقير جا؛
    ميڙ، سوال، ڪستا، ڏنڊا، ڪونڊا، نشا، ڦند، ڦيرا، چاليها وغيره.
    ــ فقير جو ؛
    نانگ، آلاپ، سوال، ڪستو، حال، دين، ڦيرو، گهرڻ، مڱڻ، پنڻ، وغيره
    ــ فقير جي؛
    دعا، پٽ، سدا، مرلي، عاشقي، ساڃهه، گدائي، گودڙي، ڪستي،
    ــ ڪاٺ ؛
    ڪاٺين جا نالا، ساگوان، شيشم، بانس، ٻٻر، آڏو، ڦڏو، ڏنگو، ونگو، ٿلهو، ڪچو، پڪو، ٻلانگهه، پيڻ، ڇوٽو، دگهو، سئون، سڌو، ڀڳل، وهريل، ڇليل، وڍيل، ٽڪيل، تريل، وغيره.
    ــ ڪاٺ جا؛
    ڇوڏا، تاڙا، پينگها، وڍيا، ٽڪيا، وهريا، ڇليا، من، ٻلانگهه، هندورا، دروازه، در، ڏڪَ، هر، لڙها،، مل، ورا، اوبرا، ائٽ، هٿا، ڳن، وغيره.
    ــ ڪاٺ جو؛
    ڳُجهه، پينگهو، ڏڪ، هنو، پاکڙو، هٿيو، نڙ، بنڊ، لڙهو، مل، ورو، کپو، مارو، تاڙو، گوشو، صندل، بانٺو، ڏنڊو، کٽولو، ماچس، قلم، پاوو، سوراخ، سل، لاٽون، ڪٻٽ، لڪڻ، پتڻ، رندو، ڏڪر، ٻيانو، چڪرو، ويلڻ، ڪوئلو، ٻيانو، منگهو، دونهون، مڇ، تخت، ڌڪ، ٺڪاء، هارمونو، سريو، پريو، ڏندڻ وغيره.
    ــ ڪاٺ جون ؛
    ٻيانيون، ٻسانگيون، تاڪيون، دريون، اڏيون، مهريون، مانداڻيون، ڦرڻيون، اٽيون، چاکڙيون، کڙڪيون وغيره.
    ــ ڪاٺ جي؛
    بندوق، صندوق، ونگي، ڏنگي، ڦڏي، آڏي، ٻسانگي، ٻلانکي، موري، ٻياني، ڪرسي، ڳجهه، چوٿائي، منجڻ، صندل، ميز، اٽي، وغيره
    ــ ڪاسبي ؛
    هن پاوي ۾ تمام ڪاسبين جا نالا اچي وڃن ٿا. ڪنڀار، موچي، لوهار، واڊو، سونارو، حجام، کٽي، ڪاشيگر، چوڙيگر، ڌوٻي وغيره.
    ــ ڪاغذ جو؛
    اکر، حال، خط، لکيو، پرهيو، پنو، ليکو، حساب، وغيره.
    ــ ڪاغذ جي ؛
    وهي، بندي، چوپڙي، وغيره.
    ڪتاب ؛
    هن پاوي ۾ تمام مشهور ڪتابن جا نالا اچي سگهن ٿا. قرآن، گيتا، توريت، انجيل، زبور، شاهه جو رسالو، گلستان ، بوستان، بياض، وغيره.
    ــ ڪتاب جو؛
    ورق، سيپارو، پنو، مهاڳ، مقدمو، ديباچو، لکيو، پرهيو،
    ــ ڪتو؛ پلنگ، جاندر، موتي، هيرو، ٽيپو، پکڙو، راڱو، تازي، بجو، پشوري ُ وغيره.
    ڪتي جو، رنگ، نسل، ڀونڪاٽ، جهٽ، پڇ، نوسڻ،سوڪڻ، وغيره.
    ــ ڪپڙو ؛
    ڪپڙن جا نالا، هرک، بافتو، سلڪ، ريشم، کدر، کادي، پاپلين، ڪاٽن، صوف، ڏريو، ڦاٽو، ٻانڌڻو، ٿهو، ٿلهو، گربي، طيرو، ڪيمخاب، ڳاڙهو، بوسڪي، تسر ، لسو، ڪارو، ڪيسريو، ڳوڙهو، اڇو، ڌوتل، ميلو، ابتو، سبتو،
    ــ ڪپري جا؛
    پلاند، کنهنبا، پٽڪا، صافا، شان، ٿان، تاڪا، وڳا، گز، ميٽر، پڙ، جوراب، پردا، بر، وهاڻا، تڪيا، آٿر،
    ــ ڪپڙي جو،
    رومال، ٽوال، گج، پرو، ملير، اجرڪ، ريٽو، چادر، چولو، ڪچو، پڪو، واسڪوٽ، مفلر، بوچڻ، انگوڇو، رئو، پلاند، صافو، پٽڪو، ڪالر، ٻيڙو، ٿهو، تاڪو، پاجامو، تنبو، بجڪو، کيسو، ٽونر، فراڪ، پاتو، پراڻو، نئون، اوڇڻ، اوڍڻ، پائڻ، وغيره.
    ــ ڪپڙي جون؛
    رليون، گودڙيون، رضائيون،ٿيلهيون، ٻوڪانيون، سبيون، جوڙيون،چادريون، اوٽيون، ڳوٿريون، چوليون، لونگيون، ڌوتيون، لانگون وغيره.
    ــ ڪپڙي جي ؛
    ربين، چادر، ڪور، رتي، پٽي، ليڙ، اڳري، ڳلي، ابتي، سبتي، زري، شال، گندي، هڙ، ڪانجهي، ڪانچ، مڇرداني، ڌڙڪي، مهاري، صدري، فراسي، سوڙ، گودڙي، لونگي، چادر، پٿراڻي، ٽوپي، ڇر، چٽسالي،ڇيٽ، بجڪي، وغيره.
    ــ ڪک جو؛
    جهوپڙو، ڀونگو، ڇنو، تڏو، پيهو، ترهو، وڃڻو، ڇپر، جهڳو، ڇٻو، کارو، مٺو وغيره.
    ــ کاڄ ؛
    کاڄ جا تمام قسم، ٻوڙ، ساڳ، مکڻ، مليدو، وسناڻ، وک، زهر، ڇوهارا، کجور، بسڪوٽ، ڪتل، ماني، پڪو، ڪچو، کيرو، کيرڻي، ڪڙهي، ملائي، مربو، کٽو، مٺو، کارو، ڪوڙو، زردو، چٽڻي، ٿوم، لسڻ، پٽاٽا، پنير، پالڪ وغيره.
    ــ گاهه؛
    سڀني گاهن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، للر، لاڻو، لنڀ، مکڻي، چوچني، چيهو، چڙيو، ڀچٽي، ڀرٽ، سائون، مريڙو، سياروڇ، ڀتر، ڇٻر، کوائي، ڳم، ڳنڍير، ٻڪن، ڪل، کهه، رنجڪو، ڪانهن، لوسڻ وغيره.
    ــ گاهه جو؛
    گل، پن، ڪک، اوڀڙ، ڪنڊو، سائو، سڪو، وڍيو، موريو، گڏو، ڪوٺو،وغيره
    گاهه جي؛
    ڀري، ڪالر، ڌن، ٻهاري، مٺ، ڪهڙي، ڪتر، چپ چٽ، نوڙي، رسي، وغيره.
    ڳههُ ؛
    هن پاوي ۾ تمام ڳهن جا نالا کڻي سگهجن ٿا، نٿ، بولو، بئينسر، والا، جهومڪ، واليون، در، الولک، واڙلو، ڪڙيون، ماندرريا، جهومڪ، جهنجهر، جهير، جهرمر، ڏانوڻي، پوپٽ، پنڙا، نصبيون، ٻندا، ايرينگ، ڦلڙي، وغيره.
    ــ ڳهه جي ؛
    ٽڪ، منڊي، قيمت، سارسنڀال، ڪسوٽي، والي، ڦلي، وينڊي، نٿ، ميخ، گهنگهري، ڪرڪ، ڏانوڻي، مينا، وغيره.
    ــ گهوڙو؛
    هن پاوي ۾ گهوڙن جون ذاتيون ۽ قسم اچن ٿا، ڪاٺياواڙي، مارواڙي، سنڌي، هزاري، پنجابي، ڪميت، ڪارو، سرخو، ڊڊو، ڊاکر، صافي، پنج ڪلياڻ، وغيره.
    ــ گهوري جو؛
    هنو، هڻڪاٽ، داٻلو، تنگ، پنڌ، رلو، من، قدم، لغام، توبرو، طبيلو، هلڻ، هڻڪڻ، پڇ پير، وغيره.
    گهوڙ جي؛
    انڌاري، تکائي، ڊور، هڻڪار، سستي، مستي، واڳ، پست، ڌوڻ، چوس، ڇڪي ، وغيره.
    لوهه جو؛
    ڀالا، گرز، ڪڙا، ڪرٽ، زنجير، ڪپ، ڪلف، اسڪرو، چڙو، مٽر، ڪوڪو، ڪل، ڇيرو، گلولو، تاڙو، ڪان، پاڳوڙو، رڪيب، چاقو، تئو، سوئو، ڍڪڻ، پستول، ريوالور، چمچو، ڪڙچو، ڪل، ڪات، وغيره.
    ــ لوهه جي ؛
    ساهمي، سوئي، سنگهر، زنجير، ڪينچي، ڪاتي، ڇري،، ڪرسي، باڙدي، بالٽي، مشين، ٽنڪ، صندوق، سائيڪل، ڇاڻڻي، ڪڙي، تار، سيک، تلوار، ترار، چرخي، ڪئامار، ڇيڻي، ڪڻاهي ،انبوري، پڪڙ، وغيره.
    ــ ليکو ؛
    ليکي جا نالا،ڏنو، ورتو، گهريو، لٿو، صحيح، غلط،
    ــ ليکي جا؛
    انگ، سو، هزار، لک، ڪروڙ، ارب، پدم، کرب، ڊزن، روپيا، آڌيا، اڌيلا، ٽڪا، ٻڌا، ڇٽا، پئسا، ڪسيرا، ٽويا، ڪاسا، مڻ، سير، پاء،ڦوٽ، پرهه، هڪ. ٻه ٽي.....الخ وغيره.
    ــ ليکي جو؛
    گز، وال، انگ، جمع، اڌارو، گهريو، مڱيو، حساب، ڪتاب، پورو، اڌورو، وڌيو، گهٽيو، چڪتو، لهڻو، قرضو وغيره.
    ــ مال ؛
    هن پاوي ۾ تمام مالن جا نالا اچي سگهن ٿا. ڳئون، ڍڳي، گابي، گابو، ڍڳو، ڏاند،مينهن، پاڏو، وڇ، ٻياڻ ، ٽياڻ، کڙو، وڇ، ٻڪري، گدي، ڇيلي، ڇيلو، اٺ ڪنواٽ، توڏو، گونرو، ڏاچي، ڦنڊر، ڏاگهو، گهوڙو، وڇيرو، گڏه، چانگو، ڪڇي، سنڌي، ٿري، مينهو، ڳائو، ريڍو،اوٺو ٻاڪرو وغيره.
    ــ مال جا؛
    ٻڌا، واريا، ڇوڙيا، وٿاڻ کڏا، گهاڻيا، واڙا، ڏٻرا، متارا، مهوڙ، ولر، ڀيرا، ٿڻ، مٽر، چنگ، چڙا، توبرا، ڦر، گوشا، لڙا، ڪنڍا، نُهرا، کانڊا، ڪڪڙا، ڀورا، سچا، کوٽا، مهندار، پهرار، بڇڙا، ڦٽرا، ڀلا، ٺلها، ٽٺا، پيتا، ليڏوڙا، ڳانا، ڦيرا، گهمرا، ڌاتا، ڀيرا،
    ــ مال جو ؛
    نڪ، پڇ، آنڊو، سڱ، چورايو، ڪاهيو، ٽٺو، پيتو، ڏڌو، گهاڻيو، کير، گهي، تڙيو، ڊورايو، گس، داڳ، ڇال، ڳڀ، سرگهيل، سماڙو، پس، کر، هڏو، لڙو، ڳاٽ، ڳراهيون، ڀلو، ٿلهو، ونگ، ڏانوڻ، ارهه، رڙڻ، رڳڻ، ڊوڙڻ، هيج، ڪوڪرو.آڦرو
    ــ مال جون؛
    ڍڪيون. ٺلهيون، ويامون، متاريون، ڏٻريون، تسياريون، ڦنڊيون، سئائون، آلوڙيون، ڪانگهاريون، کٽرون، مٺيون، ڦٽريون، هيجارون، ڌونريون، ڪاريون،
    ماڻڪيون ، ڀوريون، ڍوليون، ڀٽاريون، مستيون، ڇيرون، مٽريون، پياريون، مهارون، ڏهائيون، ساجهوڻيون، ڪڪيون، رنڀيون، ٽٺيون، آيون، ويون، ڏڌيون، پيتيون، گهاڻيون، واريون پهرايون،
    ــ مال جي ؛
    ڏڌي، پيتي، اٿي، ويٺي، ڀڳي، ڊوڙي، واري، ڪاري، نهري، رنڀ،ڍڪ، هونگر، ڪوڪر، ڪنڍي، دبڪ، لس ڪني، ڦاڙي، چسي، ويائي، ڦري، ٽٺي، آئي، وئي، ٽنبي، اوڳر، رڙ، جهوڪ، ڀلي، ٺلهي، مهار، مهار، کٽر، مٺي، گجري، سائي، ڌونري، ستي، مناڻ، مڪڙي، ڪاري، ڀوري وغيره.
    ــ مٽيءَ جا
    کامان، دڙا، بنگلا، ڪوٽ، ڳوڙها، پنوڙا، گلولا، گهارا، درا، ٻنا، ٻنا، رانديڪا،ڍيٻا، ٻورا وغيره.
    ــ مٽيءَ جوڻ؛
    ماڙيون، مسجدون، دليون، ڪونڊيون، سون، گنديون وغيره
    ــ مڇي ؛
    مڇين جا نالا، پوپري، ڪرڙي، سهڻي، اهل، ٿوٿ، ڏنڀڙي، گانگٽ، ڪرڙو، کڳو، سڻي، مرڪي،
    ــ مرض ؛
    تمام مرضن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، تپ، ٻرو، بخار، ڪورهه، نزلو، ڇڪي، ٻرهال، موهيڙا، کنگهه، سائي، سهڪي، سلهه، دم، ساهه، سوري، پيڄ بواسير، اڀ ساهي، ملو، ڇالي، ڪنڌڳر، فرڙيون، پت، سوڄ، مرگهي، آفري، ڳرو، ڳرهال. مروٽ، ناڪيري، آرايون، ڦڦڙي، ڪارو واء، مٿي جو سور، ڄڀ ڄٽ، سنڌين جو سور، دست، جلاب وغيره.
    مرون؛
    هن پاوي ۾ به سڀني مرن جا نالا کڻي سگهجن ٿا. سامبر، سهو، هرڻ، سور، ڀگهڙ، ڀولڙو، هاٿي، سيار، گدڙ، شينهن، سيڙهه، لومڙ، ڪتو، واڳون، تازي، مم، لڌڙو، ڪڇون، وڄون، چيٽو، مانگر، ڪمي وغيره.
    مرون جو؛ چڪ، جهٽ، لنگهه، ڇرڪ، ڏند، جهيڙو، ٿم، رانڀوٽو، گرڻ، اوناڙ، ٻٺر،
    مرون جي ؛
    بڇ، لوڌ، سنگهر، گوهي، شوخي، ڊوڙ، الر، رومڙ، گوڙ، گهور، اونائي، کاڌي، جهڙپ وغيره.
    ــ ملڪ ؛ ملڪن جا نالا،عربستان، ايران، مصر،لاڙ، ٿر، وچولو، واڳڙ، ڪوهستان، ڪيچ، ڪڇ، مڪران، کاهڙ، ڍٽ، ڪشمير، بنگال، هاڙهو، وغيره.
    ــ ميوو ؛
    ميون جا نالا، انار، انگور، ڊاکون، چڪو، انب، ڪيلا، ڏارهون، ٻير، نارنگيون، ناش پاتيون، گدرا، انجير، صوف، ليمان، توت، کجور زيتون وغيره.
    ــ نارنانءُ ؛
    هن پاو ۾ عورتن جا سبئي نالا وٺي سگهجن ٿا، آمي، آمنت، امت، ايمڻا،آسيت، آيل آئي، انوري، بلقيس، بانو، سنڌو، سماني، سومل، مومل، ماروي، ماريت، سسئي، صاحبان، سندري، صالهان، بيبل، بانو، بوبنان، بوبا، بيگم، ٻائي، ٻانهي، دائي، ديواني، ٻڍي، ٻاگهي، ڀاڳي، ڀاڳان،ڀوري، ڏاهي، چري، پالهي، پورهيت، پٺاڻي، پدمڻي، چترگڻي، پري، پياري، پوڙهي، جيئان، کيان، جنت، جيجان، جيوڻي، حورا، حميران، حڪيمان، چاڳان، خديجه، فاطمه، نوري، ماروي، صفوران، مٺان، جمنا، اندران وغيره
    ــ نرنانءُ ؛
    هن پاوي ۾ مردن سان منسلڪ تمام نالا اچي سگهن ٿا، آدم، ابراهيم اشوڪ، آمون، آمن، الياس، الله داد، آچو، اصغر، اسماعيل، آغو، آگو بندو، بخش، بهاري لال، جيٺو، جگر، ستيش، سندر، لڇمڻ، لکمي، سڌورو، مهاديو، رام ،راڪيش، مفت لال، جاڳڻ، جهونجها، چڱون، چنيسر، عمر، مورڙو، سوڍو، مسنڌرو، تماچي، جرار، دودو، لاکو، لاکيار، کنگار، بهادر، سورهيه، جوان ، جوڌو، چاڳلو، ديوان، دلبر، دوسو، دلاور، دانا، ڏاهو، هوشيار، عقلدار، گامون، گاموٽ، رامون، رميش، طوطل، مورج مل، مجنو، وقار، ولي. هوتو، وغيره.
    ــ وکر ؛
    وکر جا نالا، هرتال، چوتال، ڪرڪس، ڪوپرو، ڪپور، شراب، سرمو، صابڻ، تماڪ، ناس، بجر، ڪيسر، جاڻ، ڳڙ، کنڊ، کٿوري، سوپاري، وغيره.
    ــ ول ؛
    سبني ولين جا نالا، ڪانئل، هير، وڻ ويڙهي، گول، کير ول، بي پاڙي، ناڙي.
    ــ ولايت ؛ ولايتن جا نالا، عربستان، ايران، عراق، آفريڪا، چين، روم، شريلنڪا، بنلاديش، اورنگ آباد،بهشت، جنت، يمن، يونان، مصر، ڪربلا، هنگلاج، هريدوار، برندابن، وغيره.
    ــ وڻ ؛
    وڻن جا نالا، آمون، اڪ، انب، هيرڻ، سرهن، لاڻو، ڪهي، ٻاوري، ٻٻر، ڪنڊو، سوپاري، ونجهه، آسر، نيٽ، ساتار، تار، ڪيتڪي، توت، ڄار، نم، ليمون، ڪرڙ، گرماڙو، ڪامو،
    ــ وڻ جا؛
    ڦر، مور، موڙ، کپ، وڍيا، چيريا، ٽڪيا، ڇوڏا، ڏونرا، ڏيلها، پلڙا، ککرا، ددڙا، ميوا، ٽار، ڪوپر، موريا، سڪا، ساوا،
    ــ وڻ جو؛
    سڪو، سائو، موريو، ڪتيو، ٻور، ڇوڏو، کپو، پڪو، ڪچو، کونر، ٿڙ، مور، لاهه پور، گل، ڦل، ٻج، ڳڀ، ٽار، ميوو، ڊگهو، گهاٽو، ٿلهو، لڪڻ، ڏنڊو، ڌڪو، رس، اسريو، نسريو، ڍنگهر وغيره.
    ــ وڻ جون؛
    ٽاريون، ڪامون، ڇائون، سوپاريون، پاڙون، لامون، ڇائون،
    ــ وڻ جي ؛
    پسي، مڪ، سوپاري، ٽاري، اک، نموري، ڇانو، جهول، جهل، ڇانڀ، لام، ڪام، لاک، کل، ڏار، وغيره.
    ــ هٿيار ؛
    سبني ڪٿيارن جا نالا، تيرڪمان، گز، بندوق، گولي، ڪاتي، ڇري، ڪهاڙو، ڪهاڙي، ترار، تلوار، توب، چال، ڀالو، بڻڇي، خنجر، نيزو، ٻاڻ، ڪمند، لٺ، لڪڻ، نيٽ، گرز، ڪان، دونالي، گهوٻاٽو، بانٺو وغيره.
    ــ هندو ؛ عامل، ديوان، برهمڻ، ويشنو، واڻيو، ڀيل، ميگهواڙ، ڪولهي، باگڙي، ڪوچڙو، سنياسي، جوڳي، آديسي، لانگوٽيو، پنڊت، گوسائي، موچي، ڀنگي وغيره.
    ــ هندوء جو؛
    رام، ليکو، حساب، هٽ، شوالو، مندر، تڪاڻو، جڻيو، انگوڇو، لانگوٽو، تلڪ،
    ــ هندوء جي ؛
    وهي، بندي، مڙهي، ڪٽيا، پوٿي، پوجا، پلٿي، چوٽي، ڌوتي، پڳڙي، وغيره.


    شڪر گذاري

    (1) انڊس ايجوڪيشن فائونڊيشن ـــ پونا.
    (2) شري لڇمڻ خوبچنداڻي ـــــــــــــــ پونا
    (3) شري جيٺو لالواڻي ـــــــــــــــ احمدآباد
    (4) شري ميان حسين متوا ــــــــــــــ ڌورڏو
    (5) شري مظهر دين متوا ـــــــــــــ ڌورڏو
    (6) شري محمود متوا ـــــــــــــــــــ ڌورڏو
    (7) شيخ سجاول جاني ــــــــــــــــ ـ ڌورڏو
    (8) شري عيسا ڀائي متواــــــــــــ گهوريوالي
    (9) شري نباب خان متوا ــــــــــ گهوريوالي
    (10) شري ادل متوا ــــــــــــــــــــ گهوروالي
    (11) شري سجڻ هريجن ـــــــــــــ گهوريوالي
    (12) ملڪ مقبول متوا ــــــــــ پٽگهار
    (13) شري محمد رفيق متوا ـــــ پناهواري
    (14) شري شعيب متوا ــــــــ پناهواري
    (15) شري الله بچايا متوا ــــــ پناهوالي
    (16) شري حاجي ڌڻي بخش متوا ـــــ اڏو
    (17) شري حفيظ الله متوا ــــــ اڏو.
    (18) شري حاجي ميان احمد متوا ـــ سيڻياڏو
    (19) شري جليل مجنا متوا ــــــــ سيڻياڏو
    (20) شري حامد متوا ـــــــــــــــــــ سيڻياڏو
    (21) شري عاقل هاليپوٽا ــــــــ ارنڊا واري
    (22) شري امين هاليپوٽا ــــــــــــــ ارنڊا والي
    (23) شري هاشم هاليپوٽا ـــــــــــ مهر علي وانڍ
    (24) شري حسام الدين هاليپوٽا ـــ ريلڙي
    (25) شري نور محمد هاليپوٽا ــ سهراباڻي وانڍ
    (26) شري هاشم هاليپوٽا ـــــ سهراباڻي وانڍ
    (27) شري يونيس ڏوسل سمان ــ لاکا وانڍ
    (28) شري حسن سمان ـــــــ جوڻا
    (29) شري سومار واگهاڻي ـــــ ڪرن
    (30) شري پٺائي جت ـــــــــــ راوريسر
    (31) شري صالح محمد جت ــ راوريس
    (32) شري حاجي حسن ـــــــــــ تيهرا
    (33) شري عثمان نوتيار ـــــــــ لکپت
    (34) شري علي بچايا جت ــــــ مهاڙي
    (35) شري عثمان غني استادـــ بڄ
    (36) شري رمضان جيئيجا ـــــــ لوڻا
    (37) شري يوسف متوا ـــــــــــ ڦلائي
    (38) سري غلام صديق ـــــــــ مٺڙي.
    (39) شري لالجي سوٽهڙ ــــــــ ويڙهار
    (40) شري جعفر عيدا سومرا ـــ سرگو
    (41) شري سليم نهڙي ــــــــ سرگو

    مٿي ته نالا آهن انهن سڄڻن جا جن وٽان اسان کي ڳجهارتون مليو . پر تنهن کان علاوه جن سڄڻن اسان کي ڳجهارتون سيڙهڻ واري هن ڪم ۾ جنهن به طرح سان ڪائي ٿوري مدد به ڪئي آهي انهن جا به اسين نهايت ئي ٿورائتا آهيون.


    سر سسي

    (1)
    جنهن سان نالي مال جون سي هوت ويو ڙي اديون.
    جنهن سان عضوي مال جون سي هوت ويو ڙي اديون.
    فقير منجهه ٻوليون نه حاڪماڻيون هيون نرنان سين.
    ـــ نالو جيئڻ. مال جون جڙيون. نرنان جانب. عضوي جون اکيون. راند جون رڙيون. نرنان عاشق. فقير جو روح. ٻوليءَ جي ريهه. حاڪم جي رهاڻ. نرنان پنهون.
    ڀڃڻي ؛ جنهن سان منهنجون جيءَ جڙيون هيون سي جانب ويو ڙي اديون.
    جنهن سان منهنجون اکڙيون اڙيون سي عاشق ويو ڙي اديون.
    رهيون منجهه روح رهاڻيون منهنجي هوت پنهونء جون.

    (2)
    دوست دريا جو رانول رڇ ٿيو،
    آئون اوهان سان مال جي
    تڏهن مونکي ملڪ جو ته ڏيو.
    ــ دوست ڪيچي. دريا جي ڪڇ، رڇ جو ڍڪ. مال جي هري. ملڪ جو آسرو.
    ڀڃڻي ؛ ڪيچي اوهان مون ۾ ڪچ ڏٺو.
    اوهان کي ڍڪڻو ته هو.
    آئون اوهان سان هري تڏهن مونکي آسرو ته ڏيو.
    (3)
    ٻني جن جي هياس ٻني سي نه ٿيا،
    ٻني ڇڏي سپرين ، ٻني جيئن هوت ويا.
    ٻني سنڀوڙي. ٻنيءَ جو ٻيلڻ. ٻني ستي. ٻني ڍڪي.
    ڀڃڻي ؛ سمڀوڙي جن لاءِ هياس، ٻيلي سي نه ٿيا.
    ستي ڇڏي سپرين ڍڪيءَ هوت ويا.
    (4)
    زمين تي ان جا پچن، نرنان هو مال جا ڏيو پيا وڃن.
    ــ زمين جي سِر. ان جون سيکون. مال جون پٺٿون. نرنان ڏير.
    ڀڃڻي ؛ سر مٿي سيکون پڇن،
    ڏير هو پٺيون ڏيو پيا وڃن.
    (5)
    گندي ڏيرن من ۾ گندي ڏير نه ڪن.
    ــ گندي ابتي. ٻي گندي سبتي.
    ڀڃڻي ؛ ابتي ڏيرن من ۾ ، سبتي ڏير نه ڪن.

    (هيءَ ڳجهارت هيئن به ملي ٿي)
    (6)
    ڪپڙو ڏيرن من ۾، ڪپڙو ڏير نه ڪن.
    ڪپڙي جو ابتو، ٻيو سبتو.
    ڀڃڻي ؛ ابتي ڏيرن من ۾ ، سبتي ڏير نه ڪن.


    (7)
    ان جو ڪتو مون ڏٺو، ائين ته ڪاٺي ڙي.
    ان جو ڏريو. ڪتو جبلو. ڪاٺيءَ جو ورو.
    جبل ڏريو مون ڏٺو، ائين ته ورو ڙي.
    (8)
    قيمت ڏير سسيءَ جا سي قيمت لهندا ڪانه
    آئون به قيمت انهن جي، سي قيمت رهنديس ڪانه.
    ــ قيمت جي مايا. قيمت جي ڪوڏي. قيمت جي ٻڌي. قيمت جي دمڙي.
    ڀڃڻي ؛ميا ڏير سسيءَ جا، سي دمڙي ٽڪندا ڪين. آئون به ڪوڏياڻي انهن جي سا ٻڌي رهنديس ڪين.
    (9)
    هت نه ڌڻ جو سسي اسان پکي پون. جر جون وڻ جون ڪري وڃي مهند پکي پون.
    ــ ڌڻ جو نرو، پکي هنج. جر جي موڪ. وڻ لاڻي. پکي ڳيرو.
    ڀڃڻي ؛ هت نه رهه اسان هنجون نه پون. هتان موڪلاڻي ڪري وڃي اڳتي رهه سسي.
    (10)
    نه ڪاٺ پيو جيڏيون، مر مال جي آئون. اوزار ڳولهينديس ڪانه ڪا ڏسو رب جون رضائون.
    ــ ڪاٺ جو کپو، اوزار جو وارو. مال جي جهلي.
    ڀڃڻي ؛ نه کپو جيڏيون. ڀلين جهلي آئون. ٻيو ور ڳولهينديس ڪانه ڪا ڏسو رب جون رضائون.
    (11) جر فقير سسي هو ڪاٺئون ڏير آيا.
    ـــ جر جي ستي. فقير جو اوجاڳو. ڪاٺ جو ڪرڪو.
    ڀڃڻي ؛ ستي جاڳ سسي هو ڪڙڪي ڏير آيا.
    (12)
    شهران ٿي اچين منهنجو ڪو ڏٺي. ان جي مال جيئن ، تيئن شل ڪو رات جو پوئي.
    ــ شهر ڪيچ، نرنا هوت بلوچ. ان جي مٺ. رات جو قدر ( رمضان مهيني 21، 23، 25،27 29 راتين کي شب قدر چيو وڃي ٿو)
    ڀڃڻي ؛ ڪيچان ٿي اچين منهنجو هوت بلوچ ڏٺي. مٺي مون جيئن ٿئين شل ڪو قدر پوئي.
    (13)
    ائين (اوهين) جي ٻيڙين واريون ، رڇ نه ڏيو منهنجي پرينء کي. هي شهر اسان جو تنهن ۾ اوهان جو ڇا.
    ــ ٻيڙيءَ جي ڌار. رڇ جو بدنو. شهر دهلي.
    ــ ائين جي ڌارياڻيو بد نه ڏيو منهنجي پرينء کي. هيءَ دل جلي اسان جي تنهن ۾اوهان جو ڇا.
    (14)
    اکر لوهه ڪاٺ هئا ذاتين جا عضوي ۾.
    ــ اکر ”ر“ لوهه جي سيرا. ڪاٺ جو سل. ذات جا جت. عضوي جو جيرو.
    ڀڃڻي ؛ ري سيرا هئا سل جتن جا جيري ۾.
    (15)
    ڪاٺي آئون نه هياس. نالو ڏيرڪري ويا.
    ــ ڪاٺ جي ڦرڻي. نالو مست.
    ڀڃڻي ؛ ڦرڻي آئون نه هياس مونکي مست ڏير ڪري ويا.
    (16)
    ٻه نالا اڳي ويا، وڻ جا ڪنهن کي ڏيان؟
    ــ نالو هڪڙو نصيب ٻيو ڪرم. وڻ جا ڇوڏا.
    نصيب ۽ ڪرم اڳي ويا ڇو ڏوهه ڏيرن کي ڏيان.
    (17)
    سسي ڪاٺ ايئن کڻ جيئن جر اکر جي ٿئي.
    ــ ڪاٺ جو چرکو. جر جي ستي. اکر جي سڌ.
    ڀڃڻي ؛سسي چرکو ايئن چور جيئن سُتين سڌ ٿئي.
    (18)
    نرنا مان سان ڪيو هڏو آئون نه رهنديس هڏي.
    هو ويا مال جن سان شهر لڏي.
    دعا ڪريو ڙي جيڏيون مانَ ڪپڙ جن سان گڏي.
    ــ نرنان پنهون. هڏي جو سنڌو. مال جا مهيا. شهر ولات، ڪپڙ جو گگو.
    ڀڃڻي ؛ پنهون مان سان ڪري ويو سنڌو آئون نه رهنديس سنڌي.
    دعا ڪريو ڙي جيڏيون مان گگيرين سان گڏي.

    ( هي ڳجهارت هيئن به آهي)

    (19)
    نار نالي ڇا ڪريان ، ويا مرد نالو ڇڏي. هوتن مان سان هڏو ڪيو.
    مان وينديس هڏي. ڳهه منهنجو ولات ويو مٿان وکر لڏي.
    دعا ڪريو ري جيڏيون نرنان ڪپڙ جن سان گڏي.
    ــ نار حليمان. ٻي بيگنان. هڏي جو رنڌو. ٻيو سنڌو. ڳهه جو ورڻو. ولات حيرات. وکر جي ساٿر. دعا جا هٿ.ڪپڙ جو گگو. نرنا پنهون.
    ڀڃڻي ؛ اديون ڙي هلي مان ڇا ڪريان. ڏير ويا مونکي بي گناهه ڇڏي.
    ڏيرن مون سان سنڌو ڪيو مان نه رهنديس سنڌي.
    ور منهنجو ولات ويو ساٿ سڀئي لڏي.
    هان هٿ کڻو ري جيڏيون پنهون گگيرين مانَ گڏي.
    (20)
    ڪاٺ جي آئون نه هياس. مونکي مال جي ڏير ڪري ويا.
    ــ ڪاٺ جي ڪرسي. مال جي مستي.
    ڀڃڻي ؛ ڪِرسي (بيمار) آئون نه هياس مونکي مستي ڏير ڏئي ويا.
    (21)
    مرون کان مهند نارنا هئي ڪاٺ جن ۾.
    ــ مرون سانڀر. نارنا سسي. ڪاٺ جي صندوق.
    ڀڃڻي ؛ منهنجي سانڀر کان مهند ئي سسي هئي صندوقن ۾.
    (22)
    رڇن منجهه وکر ته منهنجو جيئڏ هو نرنان سان.
    ــ رڇ جو شيشو. وکر جو شراب. جيئڏ پيهڻ. نرنان ڄام پنهون.
    ڀڃڻي ؛ شيشن منجهه شراب. منهنجو پيئڻ هو ڄام پنهل سان.
    (23)
    ارم ڪمي رشوت ٿيا، تڏهن عضوو وٺي هوت ويا.
    ــ ارم جا هڏَ. ڪميءَ جا جهيڻا. عضوو هنيون.
    ڀڃڻي ؛ هڏ جهري جهيڻا ٿيا تڏهن مونکا ن هنيون وٺي هوت ويا.
    (24)
    سٽ هڪل ڪي سسي شهر تڪي آئون. ٺلهو ٺڪر ٿي ڀانيان ڏسو رب جون رضائون. انهن کان آئون ڪ نالن کان نرنان آئون.
    ــ سٽ جو پٽ. هڪل جو ڪڙڪو. ٺڪر جي سُسي. شهر سورت. نرنان ڄام پنهون. نرنان لڌو.
    ڀڃڻي ؛ هو پيٽا ته ڪڙڪي صورت تڪي آئون. اسان ايئن سوسيون لڌيون ڄام پنهون سين.
    (25)
    هو زمين جي ڇڏي ويا آئون ٻوليءَ جي ڪنهن سان ڪريان.
    ــ زمين جي حد. ٻوليءَ جي منٿ.
    ڀڃڻي ؛ هو حد ڇڏي ويا آئون منٿ ڪنهن کي ڪريان؟
    (26)
    شهرئون شهر ٿي ڪ هو گهيا گاهه ذات ڪري ويا.
    ــ شهر آرام. گاهه رنجڪو. ذات جا راڻا.
    ڀڃڻي ؛ اديون آرام گهڻي هئا په هو راڻا رنج ڪري ويا.
    (27)
    ان جا پنهون آئون راند جي آهيان.
    ــ ان جي چونڊ. راند جي اکتي.
    ڀڃڻي ؛ منهنجا چونڊيل پنهون آئون اڪنڊي آهيان.
    (28)
    جبل جهل ڪريو ته مان مال جي ٿيان.
    ــ جبل جي روئي. مال جي رواني.
    ڀڃڻي ؛ اوهين روئڻ بند ڪريو ته مان رواني ٿيان.
    (29)
    سسيءَ کي سرتيون چوڻ لڳيون ؛
    ندي تو نار ٿئين تڏهن توکان هوت ويا؟
    سسي ؛ چوي ٿي نه ادي نه.
    سرتيون ؛ گهوڙي ڪپهه جي تو نه ڪئي تڏهن توکان هوت ويا؟
    سسي؛ چوي ٿي نه ادي نه.
    سرتيون؛ هندو درياه جي تو نه ڪئي تڏهن توکان هوت ويا.
    سسي؛ نه ادي نه.ذاتين جڏهن پنهنجي ڇڏي تڏهن مونکان هوت ويا.
    ــ ندي ؛ڳاڙهي . نار ڀوري. گهوڙي جي ڳلي. ڪپهه جي مَلي. هندو جورام. درياه جو آرام. ذات جا ٻروچ. پنهنجي لڄ. ڪاٺ جو گوندر.
    ڀڃڻي ؛ ڳاڙهي ۽ ڀوري تون ٿئين تڏهن توکان هوت ويا؟
    چوي ” ٿي نه ادي نه“
    هلي ملي تو وٽ هوت آيا تڏهن توکان هوت ويا؟
    چوي ٿي ”نه ادي نه.“
    رام ڇڏي آرام ڪئي تڏهن توکان هوت ويا؟
    چوي ٿي” نه ادي نه، ٻروچن جڏهن پنهنجي لڄ ڇڏي تڏهن ڏئي گوندر ويا،
    ڏيئي گوندر ويا.
    (30)
    چم مرض ڙي جيڏيون مان ڪاٺيءَ جيئن وڃان.
    انهي عورت کان مان ڪپر جيئن وڃان.
    ــ چم جي ورت. ڪاٺيءَ جي هيٺين. عورت جيئندي.
    ڀڃڻي ؛ ائين جي ورت واريون جيڏيون آئون هيٺ ئي هيٺ وڃان. انهي جيئڻ کان ته مان ٻڏي وڃي مران.
    (31)
    نالا هن مال جيءَ کي جبل ڪجو. نالو لاهي ڳهه سين پنهنجا کڻي ذاتين ۾ ڇڏجو.
    ــ نالو هادي. نالو پروردگار. مال جي هيڻي. جبل جي لڪي.ڳهه جي پهچي.ذات جا آريچا.
    ڀڃڻي ؛ هادي هن هيڻيءَ کي لڪيون سڀ لنگهائج.
    پروردگار اتي پهچائج جت اڱڻ آريچن جا.
    (32)
    سسي کي جهنگ ۾ ٻڪرار ملي ٿو ته چوي ٿي ” آئون جر جي آهيان، تون وڻ ٿي.
    ــ جر جي وس. وڻجو پريو.
    ڀڃڻي ؛ آئون بيوس آهيان. تون پري ٿي.
    (33)
    گهر مال جي تو نه ڪئي تڏهن توکان هوت ويا.
    ــ گهر جي گهٽي. مال جي ڍڪ.
    ڀڃڻي ؛ گهٽي تو نه ڍڪي تڏهن توکان هوت ويا.
    (34)
    ان ڪارڻ پاڻيءَ جيئن سسئي.
    ــ ان جو سنگ. پاڻيءَ جي ڪر.
    ڀڃڻي ؛ سنگت ڪارڻ ڪر کنيو روئي سسي.
    (35)
    ذاتيون ڙي ذاتيون، مان کي پنڌ جي.
    ذات جا ڪنوَ. ذات جا ڪيچي. پنڌ جي ڏس.
    ڀڃڻي ؛ ڪنون ۽ ڪيچين مان سان ڪانه ڪئي ڏس.
    (36)
    جيئن ڪک ڪهي تيئن مٽيءَ جي سسئي.
    ــ ڪک جي ڪل. مٽيءَ جو لوڙهه.
    ڀڃڻي ؛ جيئن قلم وهي تيئن لوڙهه سسي.
    (37)
    اديون ذاتين جو جڏهن هتان وڻ ٿيو.
    آئون پوک پنان ٿي پنهنجي ائين ذاتيون شال جيئو.
    ڪو اهڙو ڪونه ٿيو ڪري ڳهه نرنان کي.
    ــ ذات جا آريچان وڻ لاڻو، پوک جو چانور. ذات جا جت. ڳهه جي نٿ.
    ڀڃڻي ؛ اديون ڙي آريچن جو جڏهن هتان لاڏاڻو ٿيو.
    آئون ور پنان ٿي پنهنجو جتا شال جيئو.
    ڪو اهڙو ڪونه ٿيو ڪري منٿ ڄام پنهوء کي.

    • هيءَ ڳجهارت هيئن به آهي.
    (38)
    نرنان شهرئون وڻ ڪيو. اها سڌ اوهان کي پيئي. جنهن مون سان وڻ ڪيو . پوک پڇان ٿي پنهنجي سٽ جا ڇو ڏيو. عورت اوهان جي نالي مٿان نرنان جي ڪپڙ ۾ اهڙو ڪونه ٿيو ڪري ڳهه نرنان کي.
    ــ نرنان ڄام پنهون. شهر هالار. وڻ لاڻو، وڻ هيرڻ. پوک جو چانور. سٽ جو ڏورو. نارنان گولي. نالو جت. نرنان جيئو.
    ڀڃڻي ؛ آريءَ ڄام جو هالاڻو ٿيو. اها سڌ اوهان کي پيئي. جنهن مون سان هي رڻ ڪيو. ور پڇان ٿي پنهنجو مونکي ڏوراپا ڇو ڏيو. آئوم گولي اوهان جي جتا شال جيئو. ور وٺي وسنديءَ مان جڏهن چوري ويا. تڏهن اهڙو ڪونه ٿيو جو ڪري منٿ محبوب کي.
    (39)
    مٽيءَ جي اڳ هياس رڇ جو ٿي مون مٿان وڻ جا لاهي.
    ــ مٽيءَ جي هاري. رڇ جو گڏون.وڻ جو گوندر.
    ڀڃڻي ؛ هاري اڳي هياس. هاڻي هيڪر گڏ ٿي مون تان گوندر لاهي.
    (40)
    ڪاٺي ڏيرن من ۾ ڪاٺي تان نه ڪن. ڪاٺي وٺيو ڙي جيڏيون ڪاٺئون ڏير وڃن.
    ــ ڪاٺي جي ڪاوڙ، ڪاٺيءَ جي ڪول. ڪاٺيءَ جو رنڌو. ڪاٺ جو ڪايو.
    ڀڃڻي ؛ ڪاوڙ ڏيرن من ۾ قول تان نه ڪن. رنڌ وٺيو ڙي جيڏيون ڪاٺئون ڏير وڃن.
    (41)
    نالي ماريو هرڪو مري، مونکي ماريو پنهنجن. ڪپڙي ۾ ٿي عرض ڪريان مانَ ذاتيون ٻولي ڪن.
    ــ نالو موت. پنهنجا سڄڻ، ڪپڙ جو اوندر. ذات جا پريت.
    ڀڃڻي ؛ موت ماريو هرڪو مري مونکي ماريو سڄڻن. اندر مان ٿي آهه ڪريان پرين پنهنجو ڪن.
    (42)
    ٻه وڻي حاڪم جو ڙي ناهي نرنان ڪپڙي تڏهن مال جاڙي.
    ــ وڻ ٻيلانکو. حاڪم جو قهر. نرنان پنهون. ڪپڙ جي ڪڇَ. مال جا گهوڙا.
    ڀڃڻي ؛ ٻيلاڻي قهر ڙي ناهي پنهون ڪڇ ڀر تڏهن گهوڙا ڙي.
    (43)
    مرون وس هجن ته وجهان شهر اٺن.
    ــ مرون واڳو، شهر ونگ. (ڪڇ جو هڪڙو ڳوٺ)
    ڀڃڻي ؛واڳون مون وس هجن ته وجهان ونگ اٺن کي.
    (44)
    نالي ماريس تنهنجي ول مٺي سورن. ڪپڙي ۾ ٿي عرض ڪري ته نالو نه ذاتين.
    ــ نالي جو حسن. ول ڪانهل. ڪپڙ جي ڪور. نالو لائق ڏنو.ذات جا ٻاروچا.
    ڀڃڻي ؛ حسن ماريس تنهنجي ڪانهيل ڪئي سورن. ڪو روئي ٿي عرض ڪري.
    ته هيءَ لائق نه ٻاروچن.
    (45)
    ڪپڙو منهنجو ڪانڌ پر نرنان پکي ڙي.
    ڪپڙ جو چوء سو(چار سو تندين وارو کٿو). نرنان پنهون. پکي وهيو.
    ڀڃڻي ؛ اديون ائين چئو سو منهنجو ڪانڌ.
    (46)
    ڪاٺ جن مٿي مال جا اديون نالا ڙي.
    ڪاٺ جا ليٽڻ . مال جا ليڏوڙا. نالو تاجو.
    ڀڃڻي ؛ ليٽڻ مٿي ليڏوڙا اديون هي تاجا ( تازا) ڙي.
    (47)
    ڪاٺيءَ جرجا ڏسو ڙي متان ذات ڙي.
    ـــ ڪاٺي جي اٿوڙي. جرجا پيرا. ذات جا واڍا.
    ڀڃڻي ؛اٿو پيرا ڏسو ڙي متان واء ڍڪي ڙي.
    (48)
    رڇ وکر پنهنجو ڄام پنهوء جو .
    ــ رڇ جو سونگهو.وکر جي سرهاڻ. پنهنجو پگهر.
    ڀڃڻي ؛ سونگهيان تيئن سرهو پگهر ڄام پنهوء جو
    (49)
    مڙيئي سرتيون سسيءَ کي پاراتي جاڏين. راڳ روپ پکين جا آيا ويا ٿين. خير گهر ڪڙم جو تون هار ڳالهه م هيئن. تون مڇي جر جي نار نالي، ڳهه ذات ٿي شهر نه لاهين.
    ـــ پاراتي جي مرو ٻي ماٺ. پکيءَ جا پر. راڳ ديسي مڇي کٽي. جر جي ڇٽي. نارنا ڪنواري، شهر دهلي. ڳهه جو ورڻو.
    ڀڃڻي ؛ مرو ڀوري ماٺ ڪر ڳوڙها هڏ م ڳار. هي پکي اڳي ئي آيا ويا ٿين. خير گهر
    خير گهر ڪڙم جو تون هار ڳالهه م هيئن. تون کٽي ڇٽي ور ڪنوارين تان
    هيئن دليون نه لاهين.
    (50)
    آيا ڏير ڏکيءَ جا رکي ڪپڙو من. راڳ تنهن نرنان جو ڪونه ڪيئون ڪن. هائي ڙي حاڪمن ويو ٻاروچو راند سين.
    ــ ڪپڙ جي کوٽي. راڳ جي زاري. نرنان ضعيف. راند جي آڳ.
    ڀڃڻي ؛ آيا ڏير ڏکيءَ جا رکي کوٽي من. هائي هائي زاريون تن ضعيفن جون ڪونه
    ڪيائون ڪن. هائي ري حاڪمن ويو ٻاروچو آگهت ڪري.
    (51)
    پکي هليا پکي چئو م تن. ولات ويا ڙي جيڏيون جيئڏ ماڻيو تن.
    ــ پکي سناسري. پکي چمڙو. ولات اورنگ. جيئڏ مزو( مزو جتڪيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ
    جيت کي چون)
    جو نالو آهي.
    ڀڃڻي ؛ هو سناسري هليا چئو م مڻا تن. او رنگ ويا ڙي جيڏيون مزه ماڻيا جن.
    (52)
    ڪاٺيءَ جا ڪاري رات مال جا ڏٺا سسيءَ.
    ـــ ڪاٺيءَ جا پلنگ. رات پوئين. مال جا سڃا.
    ڀڃڻي ؛ پلنگ پوئين رات سڃا ڏٺا ڙي سسيءَ.
    (53)
    شهر م وڃ انهن سان اهي مال جا ڏيندا. ذات گهڻي ڀلي آهي پر نرنان ڪونه ڏيندا.
    ـــ شهر ٻيلهو. مال جا وڇوڙا. ذات جا جت. نارنان عزت.
    ڀڃڻي ؛ تون ٻيلهه م وڃ انهن سان اهي ورهن جا وڇوڙا ڏيندا
    جت گهڻي بلا پر عزت ڪونه ڏيندا.
    (54)
    هو اجهو نه ٿيا تنهنجو تون اجهو م ٿي تن جو.
    هو اجهي ۾ اجهو ٿيا. تون ڪيئن اجهو ٿئين تنهن جو.
    ــ اجهي جي ڪوٺي. اجهي ڏٺي. اجهي جو ڇپر. اجهي جي پٺ.
    ڀڃڻي ؛ هنين ڪوٺي نه توکي تون ڪيئن ڏسندينء تنهن کي.
    هو وهي ڇپرين ويا تون ڪيئن پٺ تي وينديء تنهن کي.
    (55)
    پنڌ ۽ زمين جي آئون نه هياس. ڏيرن مونکي ڪاٺي ڪئي.
    ــ پنڌ جي ٿڪي. زمين جي ڦُٽي. ڪاٺيءَ جي ڏوئي.
    ڀڃڻي ؛ ٿڪي ڦٽي آئون نه هياس ، ڏيرن مونکي ڏوهي ڪئي.
    (56)
    ٻوليون ٻه ٻه ٻوليون ٻولي ڪر سسي. ٻولي هوندي ته ٻولي نرنان کي.
    ــ ٻوليءَ جي هڪڙي وسري، ٻي گذري، ٻوليءَ جي ڪئي. ٻوليءَ جي رهي. ٻوليءَ جي ٻاجهاري. نرنان ٻاجهارو.
    ڀڃڻي ؛ وسري ۽ گذري ياد ڪر سسي. ڪئي ياد رهي شل.
    ٻاجهه پوي شل ٻاروچي کي.
    (57)
    وکر جا ڏيئي ڏات جا ڏيئي، ويا ذات جا نڪري.
    ــ وکر جو ڳڻ. ڏات جا سور. ذات جا ٻاروچا.
    ڀڃڻي ؛ ڳڻ ڪري سور ڏيئي ، ويا ٻاروچا نڪري.
    (58)
    هن مٽيءَ جي نه آئون. تنهنجي لوهه جا وڌا آهن.
    مٽيءَ جي سِر، لوهه جا سانگ .
    ڀڃڻي ؛ تنهنجي سرنام ڏاڍا سانگ وڌا آهن.
    (59)
    جر جي لڳي ڙي جيڏيون مونکي گهر جي ڪا مَ چئي.
    ــ جر جي لهر. گهر جي چري.
    ڀڃڻي ؛ لئون لڳي آهي مونکي چري ڪا مَ چئي.
    (60)
    چم ڳهي ڪيئن رهان مونکي نالي سمجهي نرنان.
    چم جي دبي. ڳهه جي ٽڪ.نالو ڀريو. نرنان سپرين.
    ڀڃڻي ؛دٻي ڪيئن ٽڪان. بر ۾ سجهن ٿا سپرين.
    (61)
    هي وڻ ڪي مَ نرنان. ڳهه ۾ ڳولهه.
    وڻ هيرڻ، ڳهه جو دُر. نرنان پنهون.
    ڀڃڻي ؛هي رڻ ڪي مَ نهار، ڌرائين ڳولهه سسي.

    ( هيءَ ڳجهارت هيئن به ملي آهي.)
    (62)
    هي وڻ هت ڇڏ ڳهه منجهه ڳولهه سسي.
    ڀڃڻي ؛ هي رڻ هت ڇڏ ڌرائين ڳولهه سسي.
    (63)
    گاهه ڪريو ڙي جيڏيون جبل منهنجي من ۾.
    ــ گاهه جو ڌرڀ (ڊڀ)جبل جي سور (گڦا)
    ڀڃڻي ؛ ڊرپ ڪريو ڙي جيڏيون سور منهنجي من ۾.
    (64)
    اديون نالي واريون منهنجي عضوي کي ڪاٺ ڪا مَ چئي.
    ــ نالي جو هيرو. عضوي جو ڪنڌ. ڪاٺ جو ورو.
    اديون هيرن واريون پنهنجي ڪانڌ کي ور ڪا مَ چئي.
    (65)
    وڻئون ويا سي شهرئون مانَ اچن.
    ــ وڻ ترسي. شهر مدل.
    ترسي ويا سي مندئون مانَ اچن.
    (66)
    نالو نالي هيٺ تون ڪيئن ڪکن سسي.
    ــ نالو ڪارو. نالو ڏونگر. ڪک جي ڏري.
    ڪاري ڏونگر هيٺ تون ڪيئن ڏري سسئي.
    (67)
    عضوي مٿي کاڄ جون ٻرن. نرنان ڏيو پيا مال جون وڃن.
    ــ عضوو سِر. نرنان ڏير. کاڄ جون سيکون. مال جون پٺيون.
    ـ ڀڃڻي ؛ سر مٿي سيکون پچن ڏير ڏيو پيا پٺيو وڃن.
    (68)
    شهرئون نڪرئي (نڪتي) نارنا سو پنهنجي ۾ پيئي. واٽ ۾ گڏيس واڻيون سو وٺيو پي
    ويئي.
    ــ شهر رڙهي، نارنان سسي. واڻيون مورند.
    ـ ڀڃڻي ؛ رڙهي نڪرئي (نڪتي) سسئي، سا سورن ۾ پيئي. اڳيان ڏٺئين ڪو رنڌ سو وٺيو پي ويئي.
    (69)
    نالا مئيءَ مٿان وهٽن وارا.
    ــ نالو مکڻ. وهٽ جا ٿڙا. پنهنجا هٿ.
    ـ ڀڃڻي ؛ مَ کڻ مئيءَ مٿان هوت پنهجا هٿڙا.
    (70)
    رڇ مَ کڻ منهنجا پرين آئوم ڪيئن مڇي ٿيان.
    ڪو ڏسان نرنان جنهن کي هٽ جا ڏيان.
    ـــ رڇ جو تن. مڇي چڙي. نرنان محرم. هٽ جا ڏورا.
    ـ ڀڃڻي ؛ تن مَ کڻ منهنجا پرين آئون چري ٿي آهيان. ڪو نه ڏسان محرم جنهن کي ڏوراپا ڏيان.
    (71)
    ٻولي ڪر مَ تن سان، جي ڀونء جي ڪري ويا.
    ــ ٻوليءَ جي منٿ. ڀونء جي حد.
    ـ ڀڃڻي ؛ منٿ ڪر مَ تن کي جي حد ڪري ويا.
    (72)
    هڻي ڪاٺ مال ۾ پوءِ ٿي مرون ماريائون. آئون هڏ نارنان تڏهن ذات نيائون.
    ــ ڪاٺ جي لاٽي ( اٺ جي نڪ ۾ ڏوري سان بڌل ڪاٺي) مال جا اٺ. مرون واڳو. نارنان ڀوري. ذات جا ڀان.
    ـ ڀڃڻي ؛ هڻي لاٽيون اٺن ۾ پوءِ ٿي واڳون واريائون. آئون هڏ ڀوري ، تڏهن منهنجو ڀان
    (سڌٻڌ) نيائون.
    (73)
    پنهون پاڻ ڪاٺي هو، ذاتين نيو.
    ــ ڪاٺيءَ جي تاڪي. ذات جا بازيگر.
    ـ ڀڃڻي ؛ پنهون پاڻ اوطاقي هو پر بازيگرن نيو.
    (74)
    ڪاٺي هلي ڪاٺي چلي، ڪاٺي ڪڍي پار.
    ڪاٺي هلندي ڪيچ ڏي ڪاٺي ڪٽيندي ٻار.
    ــ ڪاٺيءَ جي ڪام (هتي سڀني پاون ۾ ڪام آهي)
    ـ ڀڃڻي ؛ڪا مَ هلي، ڪا مَ چلي ڪا مَ ڪڍي پار.
    ڪا مَ هلندي ڪيچ ڏي ڪا مَ ڪٽي ٻار.
    (75)
    جيئڏ ذاتين ساڻ مان سان لوهه جو هوت ڪري ويا.
    ــ جيئڏ مڪڙ. ذات جا ڪيچي. لوهه جو آهڙو.
    ـ ڀڃڻي ؛ مَ ڪڙهه ڪيچين ساڻ آهون هوت پلي ويا.
    (76)
    ڳهه منجهه ڳوليندياس هو وڻ هوت پنهون جا.
    ــ ڳهه الولک. وڻ لاڻو.
    ـ ڀڃڻي ؛ الو لڪ ڳوليندياس پر هولاڻا پنهون جا.
    (77)
    ذات ڪاٺي اٺ آهن لوهه جا. ڏيهه ۾ ان جو نالو. مال ٻولي عضوي نارنان جي ڪاٺي ٿياس زمين ۾.
    ـــ ذات جا جت. ڪاٺيءَ جي باهه. ان جي رتڙ. لوهه جا ڌاريا. اٺ جو پلاڻيو. نالو پربت. مال جي ستي. ٻوليءَ جي هليا. عضوي جي اک. نارنا جي عادت. ڪاٺيءَ جي ڇولي. زمين جو ڇپر.
    ـ ڀڃڻي ؛ جت نه ڀانيم رت، آهن ڌاريا ڌارئي ڏيهه جا. آئون ستي هو هليا پلاڻي پربت. اکين جي عادت ڇلائيس ڇپرين.
    (78)
    ٻه وڻي ائين هلي شهر ڏسو ڙي. نرنان ملڪ ۾ ناهي. هو ٿا ڪن زمين جي . ڌڻار ڪري ويا ڌڻ جي. هو ٿا ڪن مال جا ڙي.
    ــ ٻه وڻ هڪڙو لئي ٻيو لاڻو. شهر بغداد. نرنان پنهون. ملڪ پلنگ. زمين جا کامان. مال جا اٺ گهوڙا.
    ـ ڀڃڻي ؛ ٻيليا ڙي ائين هلي بغداد ڏسو ڙي. پنهون پلنگ تي ناهي. اوٺاري ڌاڙو هڻي ويا. آئون پئي کامان تن لاءِ . پٺيان پيئي ڪريان هاءِ گهوڙا مون وٽان پنهون هڻي ويا.
    (79)
    اديون آئون عورت ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    جي ٿر مال جي ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    فقير ڪن سٽ جي ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    هندو ڪن پوک جي ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    آهيان ڪا ليکي جي ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    ــ عورت نماڻي، تڙ جو وارو. مال جو ونگ. سٽ جو تنگ. پوک جو سنگ. ليکي جو انگ ـ
    ڀڃڻي ؛ اديون آئون نماڻي ته به اهيان ڄام پنهل جي.
    واري ڏيندا ونگ ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    توڻي ڏيندا تنگ ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    هندو ساريندا سنڱ ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    اصل ۾ لکيو آهي انگ ته به آهيان ڄام پنهل جي.
    (80)
    مال آئون مڙد جي شهرئون ڏير ويا.
    ان جيئن او نه ٿيا ڪپڙ جو ڙي جيڏيون.
    ــ مال جا سور. مڙد تاجو. شهر ڏيهه. ان جي رئي. ڪپڙ جي وٽ.
    ـ ڀڃڻي ؛ سور تازا سرتيون مونکي ڏيئي ڏير ويا.
    رهي ڪونه ويا ڙي مون وٽ جيڏيون.
    (81)
    اديون ڙي مون نالو ڇڏيو ٻي ڪا نالو ڇڏيندي. نرنامن سين نالو ڳنڍيندي.
    ـــ نالو حالو. ٻيو مالو. ٽيون آگهو. چوٿون احسان . پنجون ڏونگر
    ـ ڀڃڻي ؛ اديون ڙي مون حال ڇڏيو ٻي ڪا مال ڇڏيندي.
    آگي جي احسان سين ٻي ڪا ڏونگر ڏوريندي.
    (82)
    پکي سيڻن جا سي پکي مون نه ٻڌا.
    پکي ڏير چڙهي ويا پکي مون نه ٻڌا.
    شهر منجهان پکي نام سنڌو
    پکي هل نرنان ڏانهن پکي ڇا ڪندو؟
    ــ پکي سرڻ. پکي سانباهو. پکي ٻوڙي. پکي هاڙي. پکي ڇڙي. پکي وهيو. شهر ڀمڀور. پکي پاريلو. پکي ڇاپاڪو. نرنان پنهون.
    ـ ڀڃڻي ؛ سانباهيون سيڻن جون ٻوڙي تو نه ٻڌيون
    چِڙي ڏير چڙهي ويا سي هائي ڙي تو نه اتو
    هيڏي شهر ڀمڀور مان ويو ساٿ سنڌو.
    پاري هل پنهون ڏانهن ڇاپاڪو ڇا ڪندو.
    (83)
    نرنان چڙهي مرون واريائين پر ايئن نه چيائين تون پکيءَ جي سسئي.
    ــ نرنان سوار. مرون واڳو. پکي ٻرڙي.
    ـ ڀڃڻي ؛ هن سوار ٿي واڳون ٿي واريائين. پر ائين نه چيائين تون ٻر ڙي سسئي.
    (84)
    نه ڪو کادم ڪاٺ نڪو کادم ڪاٺي. ڪاٺيءَ ڪارڻ ڏير ڪاٺي ڪري ويا.
    ـــ ڪاٺ جو ٽويو. ڪاٺ جي پاٽي. ڪاٺ جو چوٿالو (چوٿائي) ڪاٺ جي ڦٽي.
    ـ ڀڃڻي ؛ نه ڪو کادم ٽويو نه ڪو کادم پاٽي
    چوٿالي جي ڪارڻ ڏير ڦٽي ڪري ويا.
    (ٽويو، پاٽي، چوٿالو جهوني زماني جا ان ماپڻ جا ماپا آهن.
    (85)
    زمينون نڪتا اٺ سي مال جا پيا وڃن. رسي پٿر جا وجهان تن اٺن.
    ــ زمين جو ڳجهه. مال جا موڳا. پٿر جا چڪ.
    ـ ڀڃڻي ؛ڳجها اٺ نڪتا سي موڳا پيا وڃن. رسي مان چڪ وجهان انهن اٺن.
    (86)
    ڪاٺئون ڪالهه ويا ذاتئون مانَ اڄ اچن.
    ـــ ڪاٺ جو ڦوڙيو. ذات جا اوڏ.
    ـ ڀڃڻي ؛ ڦتي ڪالهه ويا اوڏا مانَ اڄ اچن.


    (87)
    ڪتو پاراتو گاهه جيئن هوت ويا.
    ــ ڪتو جاندر. گاهه جو هٿو.
    ـ ڀڃڻي ؛ جا در اپٽيان ته هٿوڪا هوت ويا.
    (88)
    نرنان انهي علم ۾ آئون ذات ٿيندياس.
    ــ نرنان ساجن، علم جي سوره. ذات جا مري.
    ـ ڀڃڻي ؛ ساجن انهي سور ۾ مري آئون ويندياس.
    (89)
    ان جي جي تان نه ٿيا، عورت ڪانه ٿيان. منهنجا ڙي ميان مٽيءَ جي ڪانه ٿيان.
    ــ ان جي ٻڪي. عورت جيان. مٽيءَ جي پواري ( مٽيءَ مان ٺهيل پاٽ جهڙو ٿانو)
    ـ ڀڃڻي ؛ جاسين ٻڪي نه کيان تاسين نه جيان. منهنجا ڙي پرين پوءِ واري نه ڪيان.
    (90)
    ٻن نالن نالن کان پوئي وينديس ڪاٺ پنهل ڏي.
    نالو پينو. نالو مڱيو. ڪاٺ جو در.
    ـ ڀڃڻي ؛ پني ۽ مڱي آئون وينديس در پنهل جي.
    (91)
    هو پيا وڻ ڏسجن شهر جا ڙي جيڏيون.
    ــ وڻ درخت . شهر هاڙو.
    ڀڃڻي ؛ هو پيا وڻ ڏسجن هاڙي جا ڙي جيڏيون.
    (92)
    مڇي هان ڪر، هو ذات ويا ڙي.
    ــ مڇي جي ٽمبي، ذات پريا،
    ڀڃڻي ؛ اٽنبي هان ڪر بس، هو پري ويا ڙي.
    (93)
    زمين ٻولي گهوري جي آئون نه هياس تڏهن مون کان هوت ويا،
    چئي نه ادي نه،
    نارنان شهر ۾ رهي تڏهن مون کان هوت ويا،
    نه ادي نه،
    اڀ ٻولي مال پکيءَ جي ٿيا تڏهن مون کان هوت ويا،
    نه ادي نه،
    من نرنا شهر اچي.
    ــ زمين جو تڙ، ٻوليءَ جي تڪڙ، گهوڙي جي ڀيڙ، نارنان سسئي، شهر جي سڃ، ذات جا برهمڻ، نالي جو بلوچ، نرنان پنهون، مال جا ٻڪر، پکي ڪڪڙ، اڀ جي پسي، چم ٿاڪ،
    ڀڃڻي؛
    تڙ تڪڙ ڀيڙ ۾ سسئي ٿي سڃ ۾ رهي،
    جڏهن برهمڻ بلوچ کي پڊ نه رات پيئي،
    چري چنبيا هو هليا وندر واٽ وهي،
    ٻڪر تازا هو پير پسيا پرهه ڪڪڙ لات هنئي،
    پنهون پرڏيهي تان آيو انين ٿاڪ ٿرن تي ٿيٻو چئي.
    (94)
    ٻولي ٻولي ڪري هليا جر فقير جو نه ڪيائون،
    عضوي وڻ گاهه ڪپڙ ڪيائون،
    وڻ نالو ڪاٺي نه آهيان.
    ــ ٻولي جي جي، جر جي ٻوڏ، فقير جو ٻول، عضوو هنيون، وڻ ڏنجڻ، ول تني، ڪاٺي سرگيل، نالو ساجن،
    ڀڃڻي ؛ جي جي ڪري هليا مونکي ٻول نه ٻوليائون،
    هنيون ڏنجڻ پاڻ ۾ ڇڪي ڇنيائون. تنيان پوئي آئون ساجن سگهي نه آهيان،
    (94)
    وکر اڳ هياس پر وکر سڀ ويا، تنهان پوئي سئا ته منهنجا ولات ويا ڙي.
    ــ وکر هرتال، وکر چتال، ولات ڍونگار.
    ڀڃڻي؛ هڙ تال اڳ هياس پوئي منهنجا چتا گم ٿيا، تنهان پوئي سئا ته منهنجا ڍونگار وياڙي جيڏيون.


    سر ماروي

    (1)
    اي ميان راند جا راند جي آئون نه ٿيندياس. تو جيئن راند جا ڪن آئون راند جي ٿي مران، تو راند جي ڏٺي آئون ڪنهن راند جي نه آهيان. آئون ساڳي راند جي آهيان، تون ڀلي راند جيون ڏي، راند جي آئون نه ٿيندياس. تون وڃي ڪا راند جي ڳول، تون وڃي ڪا راند جي ڳول.
    - راند جو بادشاه، راند جي راڻي، راند جو گولو، راند جي ڏهڙي، راند جي نولي، راند جي اٺي، راند جي ستي، راند جي ڇڪي، راند جي پنجي، راندجي چوڪي، راند جي ٽرڪي، راند جي ٻڪي،
    ڀڃڻي ؛ ماروي چوي ٿي عمر کي ؛ اي ميان بادشاه راڻي آئون نه ٿيندياس، تو جيئن گولا ڪن آئون ڏهڪي مران، تو نولي ڏٺي آئوم ڪا اٺي ناهيان. آئون ساڳي ستي آهيان . تون ڀلي ڇڪيون ڏي آئون تنهنجي پنهنجي نه ٿيندياس. تون ڀلي چوڪيون ڏي آئون ٽڪي نه رهندياس. تون وڃي ٻي ڪاڳول ،تون وڃي ٻي ڪا ڳول.

    (2)
    نالن ۽ نرنامن مان آئيس ڪالهه ميان. تن نالن ۽ نرنامن لائي جيءَ سڪي ٿو جال ميان. هئيس گهڻي ڳهو ميان پر تو کڻي ڪپڙ جي ڪئي ميان.
    -- نالو پيرو ٻيو پڪو، نالو مٺو ٻيو ميوو، ڳهه جي لال، ڪپڙ جي ڪاري.
    ڀڃڻي ؛ پڪن ۽ پيرن مان آئيس ڪالهه ميان. تن پڪن مٺن ميون لائي جيءَ سڪي ٿو جال ميان. هئيس گهڻي لعل ميان پر تو کڻي ڪاري ڪئي ري ميان عمر سومرا

    (3)
    نالن ۽ نرنامن مان آئون آئيس ڪالهه ميان، تن نالن ۽ نرنامن لائي جيءَ سڪي ٿو جال ميان، هئيس گهڻي ڳهه ميان پر تو کڻي ڪاري ڪئي ميان عمر سومرا.
    _ نالو هڪڙو پيرو، ٻيو پڪو، نالو هڪڙو مٺو ٻيو ميوو، ڳهه جي لعل، ڪپري جي ڪاري.
    ڀڃڻي ؛ پيرن ۽ پڪن مان آئون آئيس ڪالهه ميان، تن مٺن ميون لائي جيءَ سڪي ٿو جال ميان، هئيس گهڻي لعل ميان پر تو ڪاري ڪئي ڙي ميان عمر سومرا

    (4)
    وڻ وڃني ميان عمر سومرا، ڪاٺ نه بچني ڪو.
    _ وڻ ڄمون، ڪاٺ سانگهو.
    ڀڃڻي ؛ ڄم وڃني ميان عمر سومرا شال سانگي نه بچني ڪو.

    (5)
    وکر وڃني ميان عمر سومرا، ڪاٺ م رهي ڪو، آني اسان کي مال جن ۾ وڌي تو.
    ــ وکر جو صابڻ، ڪاٺ جا ڏڪ. مال جا ڇوڙا.
    ڀڃڻي ؛ ڀڻ وڃني ميان عمر سومرا، تنهنجو ڏڪ نه رهي ڪو. آني اسان کي هنن وڇورن ۾ وڌي تو.

    (6)
    لوهه جو وڃني ميان عمر سومرا، ڪاٺ جو نه رهي ڪو. آڻي اسان کي ڌڻ جن ۾ وڌي تو.
    _ لوهه جو ويڙهو، ڪاٺ جو ڦانگو، ڌڻ جي گراهي.
    ڀڃڻي ؛ ويڙهو وڃني ميان عمر سومرا. شل ڀانڱو نه بچني ڪو. آڻي اسان کي ڳراهين ۾ وڌي تو.

    (7)
    لوهه جون پوني ميان سومرا. تو وڻ جون ڪيئن نيون.
    ــ لوهه جي سيراهي. وڻ ڪنوار.
    ڀڃڻي ؛ سيراهون پوني ميان سومرا. تو ڪنواريون ڪيئن نيون.

    (8)
    وڻ جون وڃني ميان سومرا. مون تان گهوڙي جون لاهي.
    ــ وڻ جي پاڙ، گهوري جي انڌاري.
    ڀڃڻي ؛ پاڙون وڃني ميان سومرا. مون تان انڌاريون لاهي.
    (9)
    اڀ جا پونئي سومرا شل مال جا وڃنئي.
    ــ اڀ جا آگم، مال جا دور.
    ڀڃڻي ؛او غم پونئي ، شال هي دور وڃنئي.

    (10)
    وکر وڃني ميان سومرا . تڙئون تان ڪجن. تو ڏنون مال جو سو ڪپڙ تان نه لهي.
    ـــ وکرجو صابڻ، تڙ جو ٺهو، مال جو داڳ، ڪپڙ جو ڌوتو.
    ڀڃڻي ؛ سو ڀڻ وڃني ميان سومرا. جيئن ٺهي تيئن ڪجي. تو ڏنون دل تي داڳ سي ڌوتي نه لهي، ڌوتي نه لهي.

    (11)
    شهر جي چئو مونکي ته نالو چوان توکي. مال جو وٺ ذاتين کان نالو اهي توکي.
    ــ شهر جي ڀيڻي، نالو ادا، ذات جا سومرا، مال جو سنڱ. نالو لائق.
    ڀڃڻي ؛ ڀيڻ چئو مونکي ته ادا چوان تو. سڱ وٺ سومرن کان جيڪو لائق آهي تو.

    (12)
    ڪکئون آندي ڙي سومرا، تنهن کي تڙئون موڪل ڏي.
    ــ ڪک جو ٻوهارو. تڙ جو وارو.
    ڀڃڻي ؛ ٻوهاري آندي ميان سومرا، تنهن کي واري موڪل ڏي.

    (13)
    جيئڏ ۾ جي عضوا ٿيا، آئون ذات نه وينديس ڙي.
    ــ جيئڏ ڪرڙي. عضوي جا ڏورا، ذات جا چانڊيا.
    ڀڃڻي ؛ ڪرڙن ۾ ڏونرا ٿيا، آئون چونڊڻ ويندياس ڙي.
    (14)
    جيئڏ عضوا ڪيا هنيون مرض ساري، وڻ ته اباڻي پار جا آئون ويٺيس وساري.
    ــ جيئڏ ڪرڙي. عضوو ڏورا. مرض جي ٿوٿر، وڻ جو ڦر.
    ڀڃڻي ؛ ڪرڙين ڏونرا ڪيا. هنيون ٿر ساري. ڦر اباڻي پار جا آئون ويٺيس وساري.
    (15)
    ڪاٺئين ڇڏيو سومرا، سي ڪکين هونديون ڪيئن؟ آهي رات و ڏينهن نرنان سندي من ۾.
    ــ ڪاٺ جي گهاڻي. ڪک جي ڌائي ( نوڙيءَ جو وٽ) نرنان موٽڻ.
    ڀڃڻي ؛ ماروي ٻڪرين کي ياد ڪري چوي ٿي؛
    گهاڻي ڇڏيون سومرا ، سي ڌاتيون هونديون ڪيئن. آهي رات و ڏينهن موٽڻ سنڌي من ۾.

    (16)
    نالي آندي نارنان توکي نالي نيندوسانء، نالو منهنجو ڪاٺ جن ۾ ته نالو ڪندو سانء.
    ــ نالو جهنگو، ٻيو نالو منگهو، نارنان ماروي. نالو ننگو. نالو اميدو. نالو شادي. ڪاٺ جي من.
    ڀڃڻي ؛ جهنگئون آندي ماروي توکي ننگئون نيندوسانء. اميدون منهنجي من ۾ ته شادي ڪندو سانء.

    (17)
    ڌڻ جا ساريو سومرا مونکي جر جا ڪريو پون. تن ڌڻ جن منجهان سومرا مارو کايو ڪوت ڪن. مونکي مانَ نين هنن ڌڻ جن منجهان سومرا
    ــ ڌڻ جا ڪڪر، جر جا لڙڪ. ڌڻ جون کنڀيون. ڌڻ جا کڏا.
    ڀڃڻي ؛ڪڪر ساريو سومرا مونکي لڙڪ ڪريو پون. تن کنڀين منجهان مارو کايو ڪوت ڪن. مونکي مانَ نين هنن کڏن منجهان ري سومرا.
    (18)
    ذاتين کي ذاتيون اولاد جيئن هون. انهن کي ڪپڙ ڪانه سومرا.
    ــ ذات جا راجا. ذات رعيت. ڪپڙ جا تاڪا.
    ڀڃڻي ؛ راجائن کي رعيتون اولاد جڳئن هون. انهن کي اهي تڪين ڪين ميان عمر سومرا.
    (19)
    پکي پکيءَ جون ڳالهڙيون آئون آڇيان ٿي عمر کي. رڇ اباڻي پار جو سو هتي نه ٽڪي. ميان عمر موڪل ڏي ته مٽيءَ تي وڻ ٿيان.
    ــ پکي ڏاهو، ٻيو ڀورو. رڇ جو دلو. مٽيءَ جي جائي. وڻ جو گل.
    ڀڃڻي ؛ ڏاهين (ڏاهن) ۽ ڀورين (ڀورن) جون ڳالهيون آئون اڇيان ٿي عمر کي. دل اباڻي پار جي سا ته هت نه ٽڪي. ميان عمر موڪل ڏي ته وڃي جائي تي گل ٿيان.
    (20)
    ذات ويندي ڙي ميان عمر سومرا. ڪم وڃين نرنان ۾ پوندو. مون مال جي ڪئي ڪانه مونکي مال جي ڏني ڇو؟
    ــ ذات جا سک. نرنان صاحب. مال جي ڀيل. لوهه جو جيل.
    ڀڃڻي ؛ ساک ويندي ڙي ميان عمر سومرا. ڪم وڃين صاحب ۾ پوندو. مون ڀيل ڪئي ڪانه مونکي جيل ڏنئي ڇو؟.
    (21)
    ڪاٺي اڳي ڪئي گاهه آئون نه ڪندياس. پاڻيءَ جي چوندين سومرا ته هت آئون نه هوندياس.
    ــ ڪاٺيءَ جي ٻياني. گاهه سِڻ. پاڻيءَ جي موڪ.
    ڀڃڻي ؛ سيڻ اڳي ڪيا ٻيا ڪنديس ڪانه، کلي موڪل ڏيندين ته هت آئون نه هوندياس سومرا.
    (22)
    دل جنهن جي ڪتيءَ سان ، سا لڏ نه هلندي ميان عمر سومرا
    ــ ڪتيءَ جي چهٽي. لڏ جي ساڳري
    ڀڃڻي ؛ دل جنهن جي نه چهٽي سا ڳر نه هلندي ميان عمر سومرا.
    (23)
    ادا عمر تون ڪپڙ جو ڪندين پر فقيرن جو ڪونه ايندو تو وٽ.
    ــ ڪپڙ جو گاج. فقيرن جو راڄ.
    ڀڃڻي ؛ ادا عمر تون ڪاڄ ڪندين پر راڄ نه ايندو تو وٽ.
    (24)
    نالو ڪيئي نالي لائي ان پيو نالو ڪرين.
    ــ نالو سڏيو، نالو ثواب. نالو گناهه.
    ڀڃڻي ؛ سڌ ڪيئه ثواب لاءِ هاڻ ٿو گناهه ڪرين.
    (25)
    رڇ نه ڌر منهنجا پرين ، آئوم عجائبدار آهيان. هن ملڪ ۾ منهنجو نرنان نه ڪو. جنهن کي هٽ ست جون ڏيان. ڪو ڄاڻا ڪيئن ڪريان، منهنجا پتئون پري ٿيا.
    ــ رڇ جو بدنو، هڏ جي چري، سٽ جا ڏورا، پٽ جي وَسَ، نرنان سڄڻ.
    ڀڃڻي ؛ بد ڌر نه منهنجا پرين آئون هڏ چري آهيان. هن ملڪ ۾ منهنجو سڄڻ نه ڪو جنهن کي ڏوراپو ڏيان. ڪو ڄاڻا ڪيئن ڪريان مون کان وسئون پري ٿيا.
    (26)
    عمر ڪاٺ جو ڪرته زمينئون خبر پوي. هوندا نالا نرنامن تي سٽ جا ڀانئج.
    ـــ ڪاٺ جو ٿنڀ، زمين جو کيٽ، نالو هقيو، نالو تڪيون نالو تڙيو. سٽ جو رسو.
    ڀڃڻي ؛ عمر ٿنڀي ڏي ته کيتئون خبر پوي. هو هڪيا تڪيا تڙن تي. سي رسيا ڀانئج.
    (27)
    نالي مٿي نرنام لڳا، نالو اٿئي ڙي ماروي.
    ــ نالو گل، نالو ڦل، نالو رنگ.
    ڀڃڻي ؛ گولاڙن مٿي گل لڳا، اڃان ملڪ جو اهو رنگ اٿئي ڙي ماروي.
    (28)
    ملڪ ان جي ڪري نرنان م ڪر مونکي سومرا.
    ــ ملڪ جي ڏس. ان جي ڪڻي. نرنان مکڻ.
    ڀڃڻي ؛ ڏس ڪاڻي ڪري مونکي هيئن م کڻ ڙي سومرا.
    (29)
    مرون سمجهي ڪتي جيئن م ڪر ، اڳيان نرنان اٿئي .
    ــ مرون جي هيڪل. ڪتي جو جهٽ. نرنان راڄو.
    ڀڃڻي ؛ هيڪلڙي سمجهي جهٽ نه هڻ. اڳيان راڄ اٿئي ڙي سومرا.
    (30) لوهه جون ڀڃ ۾ سومرا ڪاٺين هڏ م پوء نرنان شهر م ناهي تڏهن راند جا ڪرين پيو تون.
    ـــ لوهه جون ڪرايون. ڪاٺ جا هٿيا. نرنان ور. شهر جي ڪنڌي. راند جا رنگ.
    ڀڃڻي ؛ ڪرايون ڀڃ نه ميان عمر سومرا، هٿين هڏ م پئو. ناهي ور ڪنڌيئين تڏهن رنگ ڪرين پيو تون.
    (31)
    پکي مارن جو ڪپڙ آئون نه ڪندياس. ليکي جون آڇ عمر تون. نرنان آئون نه ڪندياس.
    ــ پکي پرمار، ڪپر جي ميري، ليکي جو لک، نرنان قبول.
    ڀڃڻي ؛ اها پرَ مارن جي ميري آئون نه ڪندياس، لکين آڇ آڇون عمر تون قبول آئون نه ڪندياس.
    (32)
    نالا وٺي زاتين تي ويئي سا ٻيڙي جن تي نه آئي.
    ــ نالو جعفر، ذات جا چارڻ. ٻيڙي جو پتڻ.
    ڀڃڻي ؛ جا ڦر چارڻ وئي سا پتڻ تي نه آئي.
    ( هتي جعفر مان جا ڦر ٿيو آهي، ايئن ڳجهارتن ۾ لفظ کي ڀڃڻ روا آهي)
    (33)
    جر هوندي ڙي جيڏيون آئون جر ڪيئن پيئنديس. آئون ذات ولات جي سا تو وٽ هٿيار جي ٿيس
    ـــ جر کير، جر نير. ذات ٿاريلي، ولات ٿر، هٿيار ڌاريو.
    ڀڃڻي ؛ کير هوندي آئون نير ڪيئن پيان، آئون ٿاريلي ٿر جي هت ڌاري ٿيس
    (34)
    جا (يا) وٺ ڪاٺ جي، جان (يا) کڻ مال جي.
    ــــ ڪاٺ جي ويسا ( ڪاوڙ يا ڪانوٺي) مال جي چرٻي.
    ڀڃڻي ؛ ماروي کيت کي چوي ٿي؛ يا وٺ ويساهه، يا کڻ چر ٻي.
    ( سنڌ ۾عورت کي پنهنجو شيل ثابت ڪرڻ لائي چريءَ ۾ پٿريل ٻرندڙ ڪوئلن
    تان گزارڻ جي رسم آهي،، هتي ان طرف اشارو آهي)
    (35)
    مال جو ڪندو ميان عمر سومرا ته ذاتين آئون ويندياس. نالو ٿيندو ميان سومرا ته نالو تو ڏيندياس.
    ـــ مال جرب. ذات جا ڏوٿي. نالو پڇاڻو. نالو سکيو.
    ڀڃڻي ؛ جا رب ڪندو ميان سومرا ته ڏوٿئين آئون ويندياس. پڇاڻو ڪندو ته ميان سومرا سيکت آئون ڏيبدياس.
    (36)
    جهنگ جون ساريم سومرا، هو لوهه جون اباڻن.
    ــ جهنگ جون ماکيون. لوهه جي ڇاڻي.
    ڀڃڻي ؛ ماکيو ساريم سومرا، هو ڇاڻيون اباڻن.
    (37)
    پکي مار م ميان سومرا ، پکي منهنجا مارو ڀلي هون. پکي چرن جهنگ ۾، اي ريت نه ذاتين.
    ــ پکي هڪڙو اڀرو ٻيو سڀرو ، پکي ٻار، ذات جا راجا. پکي طوطو.
    ڀڃڻي ؛ اڀرا مار م ميان عمر سومرا، منهنجا سڀرا مارو ڀلي هون، ٻارن جو ڌتو جهلين جهنگ مان ايءَ ريت نه راجائن.
    (38)
    عذاب جو مون ۾ هڪڙو، آئون راند جا ٻه نه ڪنديس، شهر ماروئڙن سين پکياڻي تان آئون نه ٿينديس.
    ــ عذاب جوساهه پسا. راند جا رنگ. شهر لکپت.
    ڀڃڻي ؛ ساهه پساهه مون ۾ هڪڙو، آئون ٻه جڳ تان نه جيئنديس. لک جي پت ماروئڙن جي سا ميري تان نه ڪنديئس.
    (39)
    کاڄ جا کاون ميان عمر سومرا، وڻن هيٺ رهن، انين جا راڳن تي مال چرن.
    کاڄ جا سڱر، وڻ ڪونڀٽ، راڳ ڪيڏارو.
    ڀڃڻي ؛کاڄ جن جو سڱر ميان عمر سومرا، هو ڪونڀٽن هيٺ رهن. انين جا ڪي ڏارن تي مال چرن.
    (40)
    ڪاٺ جا چئو م ميان عمر سومرا، پنهنجا مون اچن. راضي ٿئين تون ته عورت ذات ٿيان ميان سومرا.
    ــ ڪاٺ جي بانڪس( جتڪيءَ ۾ باڪس کي بانڪس ڇيو وڃي ٿو) پنهنجا حيلا، عورت سنگهارڻ، ذات جا مارو.
    ڀڃڻي ؛ ٻانهن ڪس نه ميان عمر سومرا، حيلا اچن مون راضي ٿئين تون ته سنگهارن ملان ميان سومرا.
    (41)
    ڪل ڪامڻي ميان سومرا، جر ڪاٺ وکر، هو تا ذات کين(کائين) آئون ڪيئن شهر کيان. عورت جو کڻي وڃي ذات جن کي ڏيان.
    ــ ڪل جي مهام( اسٽيئرنگ جيان گول گهمندڙ شيئه) جر جو اُسر، ڪاٺ جوسر، ذات جاحملاڻي، شهر چيزه پور. عورت جو قدم.
    ڀڃڻي ؛ مهام جيئن ميان سومرا تون سرنه اُسر. هو تا هم لاڻي کين آئوم ڪيئن تنهنجون چيزه پوريون کيان. خير جا قدم کڻي وڃي مارن مرڪان.
    (42)
    ادا عمر منهنجي ملڪ ۾ ڏڌ ۽ مال جي هياس. هتي اچي گاهه وڻ ٿياس.
    ــ ڏڌ جي مهي. مال جي متاري. گاهه سڪو. وڻ ڪنڊو.
    ڀڃڻي ؛ ادا عمر منهنجي ملڪ ۾ مهي ۽ متاري هياس. اچي تنهنجي ملڪ ۾ ڪنڊا ٿياس.
    (43)
    ادا عمر ان جا آڇئين ، ته به مقام جي نه ماروي.
    ــ ان جا دم. مقام جي ماٺ.
    ڀڃڻي ؛ادا عمر دم دلاسا آڇئين ته به ماٺ نه مارويءَ.
    () ادا عمر ان جا ڏئين ته وڻ جانه ماروي.
    ــ ان جا چلا. وڻ جا مور.
    ڀڃڻي ؛ادا عمر چلا ڏئين ته به کائي مور نه ماروي.
    (44)
    ادا عمر مٽيءَ جا لاهي ته اڀ جا ڏسي ماروي.
    ــ مٽيءَ جا ڍڪ، اڀ جا ڪس.
    ڀڃڻي ؛ عمر ادا جي ڍڪ لاهين ته ڪس ڏسي ماروي.
    (45)
    جبل جي ڏسي مونکي چم جو نه ڏيو. آئون به پوک جي آهيان.
    ــ جبل جا ڌار، چم جو ٿيلهو. پوک جي ڄائي.
    ڀڃڻي ؛ ڌارياڻي ڏسي مونکي ٺيلها نه نه ڏيو. آئون به ڪنهن جي ڄائي آهيان.
    (46)
    ان جيءَ تي چڙهي مون لوهه، راند جا ڏٺا.
    ــ ان جي ميڙ،لوهه جي توپ، راند جا تماشا.
    ڀڃڻي ؛ ميڙين تي چڙهي مون توپن جا تماشا ڏٺا
    (47)
    عورت ساريم سومرا. ساشهر، سٽ جن ۾ هوءِ. آئون اباڻن لوءِ پکي گاهه ٿيان.
    ــ عورت مامڪ، شهر مٺي، سٽ جي ڄاري، پکي چڙ. گاهه جي چونڊ.
    ڀڃڻي ؛مون مڪ ساري سومرا سا ٺين ڄارين ۾ هوءِ. آئون اباڻن لوءِ چڙهي چونڊي ڏسان.
    (48) سمجهي ڪاٺ مارن کي تو ويپار ليکي جي ڪئي ميان سومرا.
    ــ ڪاٺ جي ٻاڪس ( ٻنيءَ ڪي ذاتيون باڪس کي ٻاڪس به چون) ويپار جي پت. ليکي جي پوڻي.
    ڀڃڻي ؛ سمجهي ناقص منهنجي مارن کي تو پت پوڻي ڪئي ڙي ميان عمر سومرا.
    (49)
    مال جن مان آندي ماروي سا مال جا ڪندو ڪيئن. تون جي ڏئين مال جا مال جن سين ته ماروي کائي ڪيئن. ماروي کائي مال جوسي مال جن ۾ ويهي ڪيئن.
    ــ مال جا ٻڪر. مال جا ڪڪر، مال جا ساڳ، مال جا داڳ. مال جا کنبا. مال جا کڏا.
    ڀڃڻي ؛ ٻڪرئون آندي ماروي سا ڪڪر ڪندي ڪيئن. تون جي ڏئين ساڳ داڳن سين سي ماروي کائي ڪيئن؟ ماروي کائي ڪچيون کنبيون، سي هنين کڏن ۾ ويهي ڪيئن؟
    (50)
    کاڄ جا ساريم سومرا. مونکي اچيو کاڄ جا پون. مونکي مارو نين مانَ کاڄَ جن مان ڙي سومرا.
    ــ کاڄ جا بيهه. کاڄ جا لوڙهه، کاڄ جا گند
    ڀڃڻي ؛ بيهه ساريم سومرا ، مونکي اچيو لورهه پون. مونکي مارو مانَ نين هني گندن مان ري سومرا.
    (51)
    مڇي ساريم سومرا، سا ته مڇي اباڻن.
    ــ مڇي ٿوٿ، مڇي آل.
    ڀڃڻي ؛جو ٿر ساريم سومرا سو ته اڄ آليو اباڻن.
    (52)
    ڪاٺ تمنهنجا ڪوهه ڪريان ڪا ذات موڪل ميان سومرا.
    ــ ڪاٺ جا گج. ذات جا ڪلوئيءَ.
    ڀڃڻي ؛ گجن تنهنجن کي ڇا ڪريان ڪا لوئي موڪل ميان سومرا.
    (53)
    عمر تنهنجي ڏيهه ۾ آئون وڻ ذات آهيان.
    ــ وڻ ٻوهه. ذات جا ساٽيءَ.
    ڀڃڻي ؛ عمر تنهنجي ڏيهه ۾ آئون ٻوساٽي آهيان.
    (54)
    نالي ذات جيئن سومرا ، اسينعرض جيئن اچون. رکيو ڪنهن نه ڪڏهن ههڙو اڀ جو مارن سين.
    ــ نالو رندو. ذات جا راجا، عرض جي صدا. اڀ جو ڪس.
    ڀڃڻي ؛ رهندا انهي راڄ ۾ سدائين اچون سومرا. رکيو ڪنهن نه ڪڏهن ههڙو انڪس مارن سين.
    (55)
    ادا عمر آئون وڻ هياس ته مونکي مرض جو نه هو ڪو
    وڻ ٻاور (ٻٻر) مرض جو سور.
    ڀڃڻي ؛ ادا عمر آئون ٻار هياس ته مونکي سور نه هو ڪو.
    (56)
    ڪاٺي مَ ڀڄي ڪنهن جي مر پيا ڪاٺ پون. مالئون لوهه جون جرجن مٿي. گاهه ڪپڙو چئو تن کي.
    ـــ ڪاٺيءَ جي اوڙڪ. ڪاٺ جي ڀونري. مال جون تسياريون. لوهه جو ڀونر. شهر تڙ.
    ڀڃڻي ؛ اوڙا شال مَ ڀڃي ڪنهن جي مر پيا ڀونر ڀڻن. هو تسياريون تڙن تي گهنڊ وڄايو گهڙن. اهي عمر سونهن جنهنجي کيهه کٿيرين سان.
    (57)
    وڻ وڃني ميان سومرا، سٽ نه بچني ڪو.مونکي آڻي تو مرض ۾ وڌو.
    ــ وڻ سرُ، سٽ جو بڻ، مرض جو سور،
    ڀڃڻي؛ سِر وڃني ميان سومرا بڻ نه رهني ڪو، مونکي آڻي تو سورن ۾ وڌو.
    (58)
    هندوء جو وڃني سومرا، شل نالو ٿئين ڪين.
    هندوء جو رام، نالو سکيو،
    ڀڃڻي؛ آرام وڃني سومرا شل سکيو ٿئين ڪين،
    (59)
    وکر نرنا توکي شهر پيو، تو نالو جلڻ حسن اهو ڪم ڪيو، تو ريءَ نالي نرنان سڀ مال جو ويو.
    وکر جو ڪينڙو، نرنان عمر، شهر کڏارو، نالو ساماڻو، ٻيو سومرو، مال جو تڙ،
    ڪني کنئي ڙي عمر سومرا کڏارو تو ڪيو،
    تو ساماڻيون سومرا اڳئين وڙ ويو.
    (60)
    ڪاٺي ڀڄي ۾ ڪنهن جي مر پيا ڪاٺ پون،
    مالئون لوهه جون جر جن مٿي،
    گاهه ڪپڙو چئو تن کي.
    ڪاٺي جي اوڙڪ، لوهه جو ڀونر، مال جون تسياريون، شهر تڙ.
    ڀڃڻي ؛ اوڙا شال ۾ ڀڃي ڪنهن جي، مر پيا ڀونر ڀڻن،هو تسياريون تڙن تي گهنڊ واڄايو گهڙن، اهي عمر سونهن جن جي کيهه کٿيرين سان.


    سر سهڻي ميهار

    (1)
    نارنا پاڻيءَ جن ۾ هئي، نرنان پنهنجو کنيو.مون نه ڀانيو ادا مال جي اڳي
    جر جن ۾ .
    ــــ نارنا سنهڻي. نرنان ساهڙ. مال جو ڪرڳل. پاڻيءَ جي ٻوڙي.
    ڀڃڻي؛ سائر سنهن کنيو مون نه ٻوڙي سنهڻي. مون کان اڳي ئي ڪيڳل هيو انهي ڪن ۾
    (2)
    موت جا گاهه ٿيا پاڻيءَ ۾ هئي سسئي.
    ــ موت جا ڪانڌي. گاهه جا ڪک. پاڻيءَ جو وهڻ. مئي جو جنازو.
    ڀڃڻي؛ ڪانڌي ڪک ٿياس وبڻ جنازو سنهڻي.
    (3)
    کڻيو ڪاٺ هٿ ۾ پوک ڏسيو ٿي روئي. انهي پوک ۾ مانَ منهنجو نالو هوئي.
    ــ ڪاٺ جو لڙو. پوک جو چڻو. نالو ميهار. پوک جو مٽر.
    ڀڃڻي؛ کڻيو لڙها هٿ ۾ هوءَ چڙا سڻيو ٿي روئي. انهي مترن ۾ مانَ منهنجو ميهار هوئي.
    (4)
    شهر منجهه وڻئون لوهه ڪپڙي جي آهيان.
    ــ شهر ٻيلو. وڻ ٻوهه. لوهه جو چڙو. ڪپڙ جي چونري.
    ڀڃڻي؛ ٻيلن منجهه ٻُرن تن چڙن چوري آهيان.
    (5)
    پٽئون پير ڀري، عضوي سڏ ڪري. هڙ ملان ڙي جيڏيون.
    ــ پٽ جو ٻيٽ. عضوو ڪپار. هڙ جي ڳنڍ.
    ڀڃڻي؛ ٻيٽئون پير ڀري ، ڪ پارئون سڏ ڪري. الله ايئن ڪري ساهڙ ملان ڙي جيڏيون.
    (6)
    لوهه جون گاهن ۾ ڪو نرنان ڏٺان.
    ــ لوهه جون ڪنڍيون. گاهه جا پورا. نرنان ميهار
    ڀڃڻي؛ ڪنڍيون پورن ۾ ڪو ميهار ڏٺان ڙي جيڏيون.
    (7)عورت کي اڌ رات جو اکر ڪي نه ڪري، سڻي گاهه نرنان جو وڃي وڻ چڙهي.
    ــ عورت سهڻي. اکر جو سيپارو. گاهه نڙ، نرنان ميهار.
    ڀڃڻي؛ سنهڻيءَ کي سيپارو ڪي نه ڪري. سڻي نڙ ميهار جو ساتار چڙهي.
    (8)
    جر جون جر جا ڀلي لڳن عضوي کاڄ نه ڀانيان.
    ــ جر جي آر. جر جي اڇل، عضوي جو ڳريو. کاڄ جو ٻوڙ.
    ڀڃڻي؛ آرون ڀلين اڇلون ڪن ته به ڳرئيٻوڙ نه ڀانيان.
    (9)
    جتي اٺ ڪاٺ جا اتي تون ڪيئن ذات ڙي سسئي.
    ــ اٺ جو تارون. ڪاٺ جو ڏاڪو. ذات لنگها.
    ڀڃڻي؛ جتي تارون ڏڪن اتان تون ڪيئن لنگهي ڙي سسئي.

    (10)
    جڏهن مان لوهه جي هياس تڏهن پنهنجا وکر ڪرين ها.
    ــ لوهه جي تار. پنهنجو اوڪار. وکر جو پارو.
    ڀڃڻي؛ جڏهن مان اڻتارهياس ، تڏهن اڪاري پار ڪرين ها.
    (11)
    پکي پکي ٿي ڌريو پکي نڱي نار. پاڻ پکياڻي ذات پکياڻي. جڏهن گڏجيس پنهنجو پکي تڏهن ٿئيس ڪاٺ قرار.
    ــ پکي گگهي. پکي ممي. پکي سرڻ. پکي نار. پاڻ سنهڻي. ذات کٽياڻي. نرنان ساهڙ. ڪاٺ جو من.
    ڀڃڻي؛ گهگهي ممي ڌري آهي سري نڪتي نار. پاڻ سنهڻي زات کٽياڻي جڏهن گڏجيس ساهڙ تڏهن ٿئيس من قرار.

    پکي پکياڻي پکيءَ جي پار. سچو قول قرار نه پکيءَ ملندي پاڻ.
    (12)
    هيءَ ڳجهارت سيڻوڏو ڳوٺ جي سگهڙ ميين عبدالرحمان ڏني هئي)
    ڏڌ وڻ جيئن ويندياس نرنانء هونم جتي.
    ڪاٺ سنديون ڳالهڙيون وڃين نرنان سان ڪندياس.
    ـــ ڏڌ جي مهي. وڻ ڪهي. ڪاٺ جي من. نرنان ساهڙ. نرنا مهار.
    ڀڃڻي ؛ ڪهي مهي وينياس ساهڙ هوندم جتي. من سنديون ڳالهڙيون وڃين مهار سان ڪندياس.
    (13)
    (ميين عبالرحمان جي ڳجهارت جواب ۾ ميين ايوب جي ڏنل ڳجهارت )
    عضپي ذات ويندياس نرنان هوندم جتي. عضوي سنديون ڳالهڙيون نرنان سان ڪندياس.
    ــ عضوي جي تري. ذات جا مري. غضوي جو من. نرنان ساهڙ. نرنان مهار.
    تري مري ويندياس ساهڙ هوندم جتي. هن من سنديون ڳالهڙيون وڃين مهار سان ڪندياس.


    سر مومل راڻو

    (1)
    نالي منجهه اچي نرنان. پيئي نالو ڏسان شال.
    نالو موندر، نرنان ميڌرو. نالو پروز (فروز)
    ڀڃڻي ؛
    مون در اچي مينڌرو پيئي روز ڏسان شال.
    (2)
    نالو اٿئي منهنجا پرين ڇڏ نالي جي پچار.
    جيئن نالو تو من ۾، تيئن نالو آئون سڀ ڄمار.
    نالو آيو. نالو موٽڻ. نالو راڻو. نالو راضي.
    ڀڃڻي ؛ آيو آهين منهنجا پرين ڇڏ موٽڻ جي پچار
    جيئن تون راڻو راڄن ۾. تيئن آئون راضي سڀ ڄمار.
    (3)
    جر جي هئيس مينڌرا، جر جي ڪين ٿيان. هئيس به جر جي جر ۾ جر جن ڪين لوڌياس. وهم انهي ورتياس ڏونگر جو ٿيا.
    ــ ( هن ڳجهارت ۾ مختلف مڇين جا نالا آهن)
    مڇي پري، مڇي مڪڙي. مڇي ڏاهي. مڇي لور. مڇي پوپري. مڇي پلو. ڏونگر جو پهڻ.
    ڀڃڻي ؛ پري هئيس منهنجا مينڌرا مڪڙي نه ٿياس. هئيس به ڏاهي ڏيل ۾ لوڙهين ڪين لوڌياس. وهم انهي ورتياس پوءِ پرين پاڻ پلي ويا.

    (4) ڪپڙي ۾ ٿي ڪپڙو ڪريان، سڻج نالي جا نام ميان، نرنان منهنجو رات نه آيو.
    ــ ڪپڙ جو کيس، ڪپڙ جو ويس. نالو سلطان . نالو ڄام.نالو جاني. نالو نينهون.
    ڀڃڻي ؛ کيسن ۾ ٿي ويس ڪريان، شيخ سلطان ميان. جاني منهنجو رات نه آيو دانهون ڇو ڪريان.
    (5)
    ڪاغذ فقير جو نرنان کي چئج نار هئي ڙي جتي مال جا هئا.
    ــ ڪاغذ جي حقيقت. فقير جو حال. نرنان راڻو. نار مومل.
    ڀڃڻي ؛ حقيقت ۽ حال وڃي راڻي کي چئجان. مومل مئي ڙي ميڌرا جنهن تي هيڏا هيج هئا.
    (6)
    رکي ڪاٺ ڪکن تي ذاتين ٿي ڪڏايا. ڄيري ۽ ان جيئن مرون سجهن.
    ـــ ڪاٺ جي صندل. ڪک سڻ. ذات جا راٺوڙ. ڄيري جو اهاءُ. ان جو چڻو. مرون روجهه
    ڀڃڻي ؛ رکي سيڻ صندلن تي رمايا تي راٺوڙين. انهن جي اهاءُ تي چنا پٽ رڄن.
    (7)
    نرنان هنئي وڻ ۾ سا جر جن ۾ جر جا ڪندي وئي.
    ــ نرنان سوڍو، وڻ سوپاري. جر جو ڪائو. جرجو ڪرڪو.
    ڀڃڻي ؛ سوڍل جا هنئي سوپاري سا ڪاون ۾ ٿي ڪڙڪا ڪري.
    (8)
    ڪاٺي رکي تهمت ڌري پکي وئين ڇو نه.
    ــ ڪاٺيءَ جي ڪام. پکي ڪوهي.
    ڀڃڻي ؛ ڪام رکي بدنام ڪري وئين، تنهن کان ڪوهي ڇو نه وئين؟
    (9) وڻ جا ٿا پون پکي شهر مٿي.
    وڻ جا پڙلا. پکي ڪونج. شهر ڪاڪ.
    ڀڃڻي ؛ پڙلاء ٿا پون ڪونجن جا ڪاڪ مٿي.
    (10)
    اي ميان مون ۾ مرون پيو تڏهن مڇي پوک ٿي.
    ـــ مرون ڀولڙو. مڇي پڇي. پوک پڪي.
    مون ۾ ڀُل ڏٺي تڏهن پڇي پڪ ته ڪرڻي هئي.
    (11) پوک رکي نرنا ولات ويو.
    پوک جو رنجڪو. نرنان راڻو. ولات ڪاڪ.
    ڀڃڻي ؛ رنج رکي راڻو ڪاڪ ويو ڙي.
    (12)
    پنڌ ذات جا سو پکي پوک تي پون. نالا عيبن بنديون سي نرنان نرنان کي چون. جي عضوي عورت جيئن وڃن تنهن جو نالو نه ٿيو.
    ــ پنڌ جا گام. ذات جا گهوڙا. پکي باشو. پوک ڪوماڻي. نرنا رتو. ٻيو نرنا رانول. عضوي جو منهن. عورت مومل. نالو موٽڻ.
    ڀڃڻي ؛ ــ هي ته گام گوجرن جا مٿي بادشاه ڪاهون ڪن. خان بيٺا خمار ۾ اتي رانول رت روئن. جيڪي وڃن منهن مومل جي تنين موٽڻ مس ٿئي.

    (13)
    نار نالي نالن سان، ڪپڙي جا ڇا ڪندي؟
    ــ نار ناتر. نالو سالک. ڪپڙي جا نمونه.
    ڀڃڻي؛ ناتر سالکن سان نمونه ڇا ڪندي؟


    سر ليلان چنيسر

    (1)
    ذاتيون آيون جن مونکي ذات ڏني تن کي آئون نالو ڏيئي ويٺي آهيان.
    ــ ذات جا ڪسير، ذات جا پڙهيار. نالو ور
    ڀڃڻي؛ ڪسيريون آيون جن مونکي پڙهي هار ڏنو.
    تن کي آئون ور ڏيئي ويٺي آهيان.
    (2)
    ڪپڙو پائي آئيس منهنجا پرين ڪاٺيون ٻوليون پنهنجون ڪر،
    مون هڏ مٽيءَ جون ڪيون تون ذاتيون پنهنجون ڪر.
    ـــــ ڪپڙ جو پلو. ڪاٺيءَ جي منڌي. ٻوليءَ جي معافي. مٽيءَ جي
    ڪچي.ذات جا راهِما.
    ڀڃڻي؛ پلو پائي آئيس منهنجا پرين تون مديون معاف ڪر.
    مون هڏ ڪچايون ڪيو تو ڪا رحمي نظر ڪر.
    (3)
    ٻولي اٿئي ليلان هاڻي ويٺي ٻولي ڪر، واپار جو ڪو ٿيندو ڪونه.
    ــــ ٻوليءَ جو جواب، ٻوليءَ جو سوال. واپار جو نفعو.
    ڀڃڻي؛ جواب اٿئي ليلان هاڻي ويٺي سوال ڪر.
    پر ڪو نفعو ٿيندئي ڪونه.
    (4)
    اديون مون پارئون ڪاٺي ٿي نرنان کي چئو نارنان کي اڀ جو نه.
    ـــ ڪاٺيءَ جو ميڙو. نرنان چنيسر. نارنا ليلان. اڀ جو لوڌي (هڪ نکٽ
    جو نالو)
    ڀڃڻي؛ اديون مون پارئون ميڙ ٿي چنيسر کي چئو ليلان کي لوڌ نه.
    (5)
    نار نالي شهر جالي، ڪاٺياري وڃي ڪسب جو ڪيو.
    ــ نار ليلان. نالي ڪونئرو. شهر ليهور. ڪسب جو ڪوڪٽ.
    ڀڃڻي؛ ليلان لڏي ليهور ڇڏي. ڪونئرو وڃين ڪو ڪوڪٽ ڪيو.
    (6)
    لوهه جي ليلان اڃان پيئي وڻ جا ڪرين؟
    ــ لوهه جي دور بين. وڻ آسر.
    ڀڃڻي؛ هو دور ويا ليلان اڃان پيئي آسرا ڪرين
    (7)
    ٻولي آهين پر ٻولي ڪر.
    ــ ٻوليءَ جي ڦري. ٻوليءَ جي فرياد.
    ڀڃڻي؛ ڦُري آهين پر فرياد ڪر ليلان.
    (8)
    پکي اٿم پنهنجو تون راند جي ڏي چنيسر.
    ــ پکي ڪيانتو. راند جي رهڻ.
    ڀڃڻي؛ کيان (ڪان ) ٿي پنهنجو تو رهڻ ڏي چنيسر.
    (9)
    مان جيئڏ آهيان. رڇ جو نرنا منهنجو.
    ــ جيئئڏ ماڪوڙي. رڇ جو ڍڪ. نرنان ايوب.
    ڀڃڻي؛ مان ڪوڙي آهيان هاڻي تون ڍڪ عيب منهنجا.
    (10)
    نالو هڻي مرض ڪيائين ڪاٺي ڪانه.
    ــ نالو سکيو. مرض جو سودا. ڪاٺيءَ جو کپو.
    ڀڃڻي؛ سکياڻي هئي سودا ڪيائين ، هاڻي کپي نه.
    (11)
    اب جي ليلان اڃا پيئي راند جا ڪرين؟
    ــ اڀ جي ڀني. راند جا بکيڙا.
    ڀڃڻي؛ ڀني ليلان اڃان پيئي بکيڙا ڪرين.
    (12)
    ڪاريگر جو ڪري وڃ نالو ڪر ڙي ليلان.
    ــ ڪاريگر جو پههُ. نالو ڪنبير.
    ڀڃڻي؛ ڪو پههُ ڪري وڃي ڪنبي رهه ليلان.
    (13)
    ليکو ئي ليکو ليکي جي ليلان.
    ــ ليکي جو ڏنو. ليکي جو ورتو. ليکي جو لهڻو
    ڀڃڻي؛ تو ڏنو مون ورتو هاڻي لهين ڇا ليلان.

    (14)
    توکي ڪاٺيءَ ۾ راند جي، مونکي ڪپڙو گاهه چڱو.
    ــ ڪاٺي جو کپو، راند جي هار، ڪپڙو چني، گاهه سر.
    ڀڃڻي ؛ توکي کپي هار،، مونکي چنيسر چڱو.
    (15)
    ليلان کي له لڳو ته ڪونرو وڻ ٿي.
    ــ لوهه جو هول. وڻ ڪنوار.
    ڀڃڻي ؛ ليلان هول لڳو ته ڪونرو ڪنوار ٿي.


    سر سورٺ

    (1)
    آ ڪاٺي ڪر ٻولي توکي ڪپر سان ڏيان مان.
    ڪاٺيءَجي ساهمي. ٻوليءَ جي صدا. ڪپڙ جا اکيا.
    بڃڻي ؛ آ سامي هڻ صدا توکي اکين سان ڏيان.
    (2)
    نرنان نڪريو شهر مان وڃي وکر جي کڻي. تنهن کي نرنان ڪونه گڏيو جنهن کي ڏئي کڻي.
    ــ نرنان گدودي. شهر گرنار، وکر جي کٿوري. نرنان سائل.
    ڀڃڻي ؛ گدودي نڪريو گرنار مان کٿوري کڻي. تنهن کي سائل ڪونه گڏيو جنهن کي ڏئي کڻي.
    (3)
    هو ٿو نرنان جنهن جي ڪاٺي بڇڙي آهي. هٿ لائي ٿو عورت کي تون پکي ٿي لائي.
    ــ نرنان ٻيجل. ڪاٺيءَ ڀونري.. عورت راڻي. پکي سنڀري.
    ڀڃڻي ؛ هو ٿو اچي ٻيجل جنهن جي ڀونري بڇڙي آهي. هٿ لائي ٿو راڻيءَ کي تون سنڀري لائي.
    (4)
    ڪپڙ مٿي مون، مٽي ڏي مَ مڱڻا.
    ڪپڙ جو ڇٽ. مٽيءَ جو ڪيرو.
    ڇٽ مٿي مون ڪيرو ڏي مڱڻا.
    (5)
    وٺ نالو ني نالو پر پکي نه.
    نالو ماڻڪ. ٻيو موتي. پکي پرمار.
    ڀڃڻي ؛ ماڻڪ ڳنهه موتي ڳنهه پر مار نه.
    (6)
    آئون ٿي نالو ڏيان سو نالو وڃين نرنان کي ڏيکار. پهڻ جو ڇڏ ڪي مَ ڪي وڃي پکي ڌار. جنهن تي منهنجو مدار سي ڪپڙ جو نه ڪيرائي.
    ــ نالو ڌنو. نالو دولت. نرنان جڳمال. پکي ڪڪڙ. پهڻ جو ڪوڙوڪسيرو. ڪپڙ جو ڇٽ.
    ـــ آئون ٿي ڌن دولت ڏيان سو وڃي جڳمال کي ڏيکار. هي ڪوڙو ڪسيرو ڇڏ مَ ڪي وڃي سونا ڪڪڙ ڇٽڪار. جنهن تي منهنجو مدار سي ڇٽ ڪيرائي ڪي مَ ادا.
    (7)
    جيئڏ ڪاٺ جي تو ڏيان جي نالو ڏئين مون.
    ـــ جيئڏ پدم. ڪاٺ جي مهري. نالو اعتبار.
    ڀڃڻي ؛ پدم مهرون توکي ڏيان جي اعتبار ڏئين مونکي.
    (8)
    نالو ذات ڏي نالو ئي نرنا. ڪکن جون ملڪن ۾ نالو ٿئين نرنان.
    ــ نالو. زرجو. نالو طالب. ذات جا سرماڙي. نالو سگهو. نالو سردار.
    زر جو طالب ناهيان ڏي سر ڏاتار. ته ڏيکاريان ملڪن ۾ تو سگهو ٿي سردار.
    (9)
    مڇيءَ مٿي ذات پورهيت ٻولي ڪن.
    مڇيءَ جو دڙو. ذات جا داسڙا. ٻوليءَ جي ٻي جهل.
    دڙن مٿي داسڙا هو ٻيجل ٻوليون ڪن.
    (10)
    نرنا آيو تنهن کي ٻوليءَ جي ڏي.
    نرنان پينار. ٻوليءَ جي جيء.
    پينار آيو تنهن کي جيءٌ ڏي.
    (11)
    مال جي هجي مڱتا. مال جي ٿئي شال. تو پڻ اچي ڪالهه وڌي مال تان.
    ـــ مال جا ڇوڙا. مال جا وڳ. مال جا وڇوڙا.
    ڀڃڻي ؛ ماس ڪري ڪرندئي هڏو رهندين شال. تو پڻ اچي ڪالهه وڳر وڇوڙيا.
    (12)
    اديون ڳهه ڪاٺي کڻي ڪي نه ڪي اي وڻ اڳي ئي هو.
    ــ ڳهه جو هيرو. ڪاٺ جي نيهه. وڻ اڪ.
    ڀڃڻي ؛ اديون هيرا ني ڪين ڪي اي اڪسي اڳي ئي هو.
    (اڪسي _ خاري.)
    (13)
    ڪکن پنهنجن کي نه چور ، ڪر ڪکن کان بس ميان. ٻه نالا هي ٿي ڏيان، ڪر نالي کان بس ميان.
    ــ ڪک جو تندو. نالو ماڻڪ ٻيو موتي. نالو رائي ڏياچ.
    تندن پنهنجن کي نه چور ڪر تندن کان بس ميان. هي ماڻڪ موتي توکي ڏيان ڪر رائي ڏياچ کان بس ميان.
    (14)
    شهر ۾ جڏهن عضوي جو ٿيو تڏهن عضوو وٺي نرنان ويو.
    ــ شهر جهونا گڙهه. لوهه جو ڪرٽ. عضوي جو سر. نرنان ٻيجل.
    ڀڃڻي ؛ جهونا ڳڙهه ۾ جڏهن ڪوڪٽ ٿيو. تڏهن سر وٺي ٻيجل ويو.
    (15)
    ڳهه جا مون مڱيا هئا ته نرنان ٻيا به گهڻا.
    ڳهه جا هيرا موتي. نرنان راجا.
    هيرا موتي جي مون مڱيا هئا ته راجا ٻيا به گهڻا.
    (16)
    نالو نالي نالا ڏي پر نالو سرڌي ڪونه.
    ــ نالو ساريو. نالو ڳهڻو. نالو سونو. نالو سامي.
    ڀڃڻي ؛ سونا ڳهڻا ساريو ڏي پر سامي سرچي ڪونه.
    (17)
    وکي نيئي شهر ڪيوولات ۾ ڪاٺ ڪاسبي ، نرنالي سين مال جو ويو.
    ــ وکر جو ڪينڙو، شهر کڏارو، ولات شام، ڪاٺ جهل، نالو سمون، ٻيو سمانو، مال جو وڙ.
    ڀڃڻي. ڪينڙي نيئي توکي کڏارو ڪيو، سام جهلڻ ڪم اوهان جو،
    جڏهن سمون ساماڻو تڏهن ور سڄو ويو.


    سر هير رانجهو

    (1)
    گهوڙي جيئن زمين ۾ نرنا ويٺو نار گهري.
    ـــ گهڙي جي انڌاري. زمين جي قبر. نرنان رانجهو. نار هير.
    ڀڃڻي ؛انڌاري قبر ۾ رانجهو ويٺو هير گهري.

    (2)
    هڏو ساميءَ من ۾ ڪاٺي پنندو اچي.
    ــ هڏي جو سنڌو. ڪاٺيءَ جي ڏوهي.
    ڀڃڻي ؛ سنڌو رانجهن من ۾ اوڏو پنندو اچي.


    سر مورڙو

    (1)
    ٻي شهرن جي وچ ۾ مرون پيدا ٿيو. پکي سي مروءَ کي ماري ويو.
    ــ ڀڃڻي ؛ شهر ڪلاچي. سهر ڪن. مرون مانگ مڇ. پکي مور.
    ڀڃڻي ؛ ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ مانگر مڇ پيدا ٿيو. مٿان آيو مور سي مڇ کي ماري ويو.
    (2)
    عورت ڀڄايا ڪپڙا مٿان اڀ جي پيئي. ويا ڪاٺ وهي شهرئون ڪهي سي ڪڏهن آيا ڪين.
    ـــ عورت ماڪو. ڪپڙ جا موليا. اڀ جي رات. جر جي اول. ڪاٺ جا ونجهه. شهر ڪلاڇي.
    ڀڃڻي ؛ ماڪ ڀڄايا موليا مٿان رات پيئي. اوليون اوجهڻ لڳيون ويا ونجهه وهي.ڪلاچيا ڪهي سي ته ڪڏهن آيا ڪين.

    (هيءَ ڳجهارت هيئن به آهي)
    (3)
    عورت ڀڄايا ڪپڙا مٿان اڀ جي پيئ. جرجون جر جن سان لڳي ويا ڪاٺ وهي.شهر رڇ جي اديو مونکي ڪل ڪانه پيئي.
    ــ عورت ماڪو. ڪپڙ جو موليو. اڀ جي رات. جر جي اول. جر جي اوج. ڪاٺ ونجهه. شهر ڪلاچي. رڇ جو ڪنو.
    ڀڃڻي ؛ ماڪ ڀڄايا موليا مٿان رات پيئي. اولون اوجهڻ لڳيون ويا ونجهه وهي. هن ڪلاچيءَ جي ڪن جي اديون مونکي ڪل نه پيئي.
    (4)
    ڪپڙو ذاتين جو جر جن منجهه ويو.
    ڪپڙ جو ڇٽ. ذات جا ڇڳير. جر جو ڪن.
    ڇٽ ڱڳيرن جو ڪنن منجهه ويو.

    (5)
    ڪاٺي نالي مٿان نالي نام ڦٽي ڪئي.
    ــ ڪاٺي مهري، نالو مور. نالونامدلوراء
    ڀڃڻي ؛ مهر مور مٿان دلوراء ڦٽي ڪئي.

    (6)
    جهنگ جا اٿي شهر جي ڪر، هو نرنان ئي نه.
    ــ جهنگ جا مور، شهر جي ڀيڻي. نرنان وريو
    ڀڃڻي ؛ مورڙا اٿي ڀيڻن جي ڪر هو وريائي نه.


    سر ليلا مجنو

    (1)
    نرنان کڻي مرون جو عضوو چميو ته ماڻهوء چوڻ لڳا اي ميان نرنان هي ڪرين ڇاٿو. تڏهن چوڻ لڳو ته نارنان جي شهر م ٻولي ٿيندو هو.
    ـــ نرنان مجنو، مرون ڪتو. عضوي جو پير. شهر جي محلات.
    ڀڃڻي ؛ مجني کڻي ڪتي جو پير چميو تڏهن ماڻهوء چوڻ لڳا ميان مجنا هي ڪرين ڇاٿو.چوڻ لڳو ته هي ليلا جي محلات ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو.
    (2)
    نالي چيو نارنان کي عورت ڪپڙ نه، جاني منهنجو شهر ۾ تنهن کان پاڻ نه تون.
    ـــ نالو مجنو. نارنا ماءُ. عورت جيجل. ڪپڙي جي جهل. پاڻ جي پل.
    ڀڃڻي ؛ مجني چيو ماء کي جيجل جهل مَ مونکي. منهنجو معشوق آهي مصر ۾ تنهن کان پل مَ تون.
    (3)
    نرنان چيو ڪپڙ ياد پيو گهمي هو ڏسان. نالن مان نالا نام وٺي رات و رات رسان. الله اهڙي قسمت ڪري جو ملڪ پري کان پيو پسان.
    ـــ نرنان مجنو. ڪپڙ جو مسر. نالو گل. نالو ڦل. ملڪ يمن. ٻيو يونان.
    ڀڃڻي ؛ مجني چيو مونکي مصر ياد پيو گهمي هو ته ڏسان. باغن مان گل ڦل وٺي رات و رات رسان. الله اهڙي قسمت ڪري يمن ۽ يونان پري کان پسان.
    (4)
    هيٺ نالو مٿي نالو اڃان به نالو ڙي.
    ــ نالو مجنو، نالو وليو. نالو جيئرو.
    ڀڃڻي ؛ هيٺ مجنو مٿي وليون اڃان به جيئرو آهي ڙي.
    (5)
    نرنا منهنجي نرنان کي نرنان چوين ڪيئن. واڻئين جھيري گاهه جون ڪيون تنهن کي وڻ جون آڇيان ڪيئن.
    ــ نرنان محب. نرنان مجنو. نرنان چريو. واڻيئين جو علم اکر. ڄيري جي ڪوڙه.وڻ جي ڪام. گاهه جو پورو.
    محب منهنجي مجني کي چريو چوين ڪيئن. علم اکرين پورو تنهن کي ڪوڙهيا ڪامون هڻين ڪيئن.
    (6)
    اي ميان نرنان رپي جا عيبدار، اوهان اسان راند جيئن اينداسين.
    ــ نرنان مجنو، رپي جو ماسو، مرض جو اسو، راند جي وري.
    ڀڃڻي ؛ اي ميان مجنا تو اتي بيهه، اسون چري چوماسو يار وري اينداسين.


    متفرق

    (1)
    نالو ڙي نالو.
    نالو موسو. نالو ساڄن.
    ڀڃڻي ؛ مون سو ، ساجن آيو.
    (2)
    ننڊ ۾ اڳي هئا ٻيو ڪپڙ جا ڪيائون. وجهي پٿر وجود ۾ ڪاٺي ڪيائون. انهن کي آئون نالا ڪيئن ڏيان.
    ــ ننڊ جا سهڻا .ڪپڙ جا کهنبا. پٿر جو سرمون. ڪاٺ جي پٽي. نالو مبارڪ
    ڀڃڻي ؛ سهڻا اڳي هئا سپرين ٻيو کهنبا ڪيائون.
    وجهي سرما اکين ۾ پٽيون پاڙيائون.
    انهن کي آئون مبارڪون ڪيئن ڏيان.
    (3)
    نالي وارا هئاسون رڇ ٿياسون . ڪاٺ جي ۾ پئي ذات ٿياسون.
    ــ نالو اميدو. رڃ جو گڏون. ذات جا مري. ڪاٺ جو ڦوڙائو.
    ڀڃڻي ؛اميد گار هئاسون پر گڏجي نه سگهياسون. انهي ڦوڙائي ۾ مري وياسون.
    (4)
    ميان ڙي نرنان شهر جا ڌڻي تون ڪپڙ جون ڏي ته توکي مال جون ڏيان.
    ــ نرنان دادن شاهه. شهر نڱريو. ڪپڙ جا پاکر. مال جا چاريانگ.
    ڀڃڻي ؛ ميان ڙي نرنان نڱري جا ڌڻي تون چاريانگ ڏي ته توکي پاکرون پايون.
    (5)
    مٽيءَ جو ڏيندي نرنان ملي ته نرنان ٿيان ڪوهه؟
    ــ مٽيءَ جي سر. نرنان ساجن. ول ڪانهل.
    سر ڏيندي ساجن ملي ته ڪانهيل ٿيان ڪوهه (ڇو)
    (6)
    ڪاٺ جن کي خبر ناهي ته ڪو مرون هن جوء ۾.
    ــ ڪاٺ مل. جوء جو ڪن. مرون ڪڇون.
    ڀڃڻي ؛ ملاحن کي خبر ناهي ته ڪو ڪڇون هن ڪن ۾.
    (7)
    آيون پکياڻيون ڪري ڪپڙ وات. پڇن ٿيون ولات ڪٿي نرنان راند جو.
    ــ پکي ڳجهه. ڪپڙ ڳاڙهو. ولات پرڀات. نرنان رانول. راند جي رانهين.
    ڀڃڻي ؛آيون ڳجهڙيون ڪري ڳارها وات. پڇن ٿيون پرڀات ڪٿي رانول راهيان.
    (8)
    گهر ته گهڻي گهر هيو پر نارنا وکر جو ڪيو.
    ــ گهر جو ڀريو. گهر جو تريو. نارنان نانگي. وکر جي ناس.
    ڀڃڻي؛ ڀريو آهي تريو گهڻو پر نانگيءَ اچي ناس ڪيو.
    (9)
    پکي چاڙهي درياهه تي کاڄ به منهنجو جن. آئون مهندا تن پکي ٿينديس ڪين ڪي.
    ــ پکي ڪوهي. درياه جو ڪنارو. کاڄ جو مانس. پکي ٻاڙو.
    ڀڃڻي ؛ڪوهي ڪناري چاڙهيو مانس به منهنجو جن. آئون مهندا تن ٻاڙو ٻولينديس ڪين ڪي.
    (10)
    ( هيءَ ڳجهارت دودي چنيسر مٿان آهي)
    گار گلي سا مون سان هلي. اڳيان هو نرنان مال جن ۾ ٿو سجهي.
    ــ گار جي ڀڙ. نرنان دودو. مال جون ديميون.
    ڀڃڻي ؛ ڀڙ هئي سا مون سان هلي. اڳيان دودو ديمين ۾ ٿو سجهي.
    (11)
    ڪاٺي ملڪ وسار منهنجو انهي نرنان سين.
    ــ ڪاٺيءَ جي کوٽي. ملڪ جي کوڻ. نرنان رسول.
    ڀڃڻي ؛ کوٽي کوڻ وسار منهنجي راهه رسول سين.
    (12)
    هن شهر ۾ سڀ ذاتين وارا ناهي نرنان جنهن سان مان ٻوليءَ جي ڪريان.
    ــ شهر ڦٽل. ذات جا بازيخور. نرنان ساجن. ٻوليءَ جي سچي.
    ڀڃڻي ؛ هن ڦٽل ۾ سڀ بازيخور ناهي ساجن جنهن سان مان سچي ڪريان.
    (13)
    اي عورت تون ان جا نه ڏي ڪنهن ڪوڙ جي نارنان ڏسان جنهن لائي ذات ٿيو آهيان.
    ـــ عورت دائي. ان جو داڻو. ڪوڙ جو بهانو. نارنا ڀوري. ذات جا جوڳي.
    ڀڃڻي ؛ دائي تون داڻا نه ڏي ته ڪنهن بهاني وڃي ڀوري ڏسان جنهن لائي جوڳي ٿيو آهيان.
    (14)
    ڪپڙ واري هجي ته ذات ڪپڙجي نه ٿئي.
    ـــ ڪپڙ پراڻو. ڪپڙ جي گندي. ذات جا پريت.
    ڀڃڻي ؛ڳنڍڻ واري هجي ته پريت پڙاڻي نه ٿئي.
    (15)
    رڇ مَ ٿي منهنجا پرين تون ڳهه ٿي نه ڳالهائي. اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ گاهه بيٺو آهي.
    ــ رڇ جو گڏون. ڳهه جي مرڪي. گاهه جو خار.
    ڀڃڻي ؛گڏ م ٿي منهنجا پرين تون مرڪي م ڳالهائي اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ خار بيٺو آهي.
    (16)
    (هيءَ ڳجارت ٻنيءَ جي سگهڙ پانڌيءَ متوي سندس دوست ادل متوي کي ڏني هئي)
    مال جيءَ مٿي مرون پنهنجون ڪن. ڳهه پکياڻيون پنهنجونلوهه جون ڪن. نرنان چئي وري به ڪا نارنان.
    ــ مال جا آرس ( آرس انهي کي چئبو آهي جتي رات جو جهنگ ۾ ڳئون ويهنديو آهن) مرون گدڙ. پنهنجون ڊوڙون. ڳهي جي ٽڪ. پکي ڳجهون. لوهه جي لولوي. نرنان پانڌي. نارنان ماروي.
    ڀڃڻي ؛آرسن مٿي گدڙ ڊورون ڪن. اڄ به انهن ٽڪن مٿي ڳجهڙيون لنون. پانڌي چئي وري به ڪا ماري ڙي وري به ڪا ماري ري.
    (17)
    پکي کائي پکي ٿئين هاڻي نالو ڪندو ڪير.
    ــ پکي وهيو. اٺي وڏي.نالو قبول.
    ڀڃڻي ؛ وهيون کائي وڏو ٿئين هان قبول ڪندءِ ڪير.
    (18)
    لوهه جي ٻولي نرنان ولات ويو.
    ــ لوهه جي ترار. ٻوليءَجي جلدي. نرنان مصطفي. ولات معراج.
    ڀڃڻي ؛ تار ڪري جلدي هو مصطفي معراج ويو.
    (19)
    مڇي جيئن اچن مڇي چئو م تن .
    ــ مڇي سهڻي. مڇي پڇي.
    ڀڃڻي ؛ سڻي جي اچن پڇجي نه تن.
    (20)
    نالا هلي هلي آيا نالن وٽ سڀئي. آئون نارنان انهن جي مون کان مال جيئن ويا.
    ــ نالا نانگا. ٻيا نانيءَ. ٽيا ساميءَ. نارنان جيئندي. مال جي ويهڪ.
    ڀڃڻي ؛ نانگا نانيءَ هلي آيا ساميءَ سڀيئي. آئون نه جيئندي انهن ريءَ مون کان ويهڪ ويئي.
    (21)
    ڪک ۽ سپ جي مٿي ٻه نالا ڏٺا مون. آئون نارنان تنهن تي پکيءَ پنهنجا ڪيا.
    ـــ ڪک جي ڪر. نالو هڪڙو حسن ٻيو حسين. نارنان حور. پکي هنج.
    ڀڃڻي ؛ ڪربلا۾ حسن حسين ڏٺا. مٿان آئي حور جنهن اچي چمي هنج ڪيا.
    (22)
    هڻي هٿ ساڄ تي ڪپڙ جا کنيائون.نالي ۽ نرنا وڃين مٽيءَ جا ڏٺائون.
    ــ ساڄ جي گهڙي. ڪپڙ جا جهنڊا. مٽيءَ جون ميلون. نالو گونس (غوث) نالو ڀاودين. ۾ٽيءَ جي ميل.
    ڀڃڻي ؛ هڻي هٿ گهريءَ تي هو جهنڊا کنيائون. گونس ۽ ڀاودين جون وڃين ميلون ڏٺائون.
    (23)
    نارنا سهر ۾ ناهي پنهنجي ڪيئن ٿئي.
    ــ نارنا ماتا. شهر مڙهه. پنهنجي خوشي.
    ڀڃڻي ؛ ماتا مڙهه ۾ ناهي پنهنجي خوشي ڪيئن ٿئي.
    (24)
    ( هيءَ ڳجهارت موبائيل تان جوڙيل آهي)
    نرنا ڪڍي نارنان اکر ٻوليءَ جو ڪيو.
    ــ نرنان بندو. نارنان بندي ( بوڪ) اکر جا انگ. ٻوليءَ جو قول.
    ڀڃڻي ؛ بندي ڪڍي بندي جوڙي انگ ڪال ڪيو.
    (25)
    روزي ۽ نماز جي ڪل پريان کي پئي. اسين سوداگر جي نه سهون. تون پيو نالا پڇين.
    ــ روزو آخر. نماز جو قدر. سوداگر جي ساعٿ (ڀاڳ) نالي جو آچار.
    ڀڃڻي ؛ آخر جو قدر اسان کي اچي پڇو. اسان هاڻي هڪري ساعت نه سهون. تون پيو اچار پڇين.
    (26)
    (هيِءَ ڳجهارت ٿوري الڳ طرح جي آهي)
    نرنان تيري باغ م ڪئيڪ نرنان اوتريا. ڪل ڪامني ڌاري من ۾ هو مال جيئن ويا.
    نرنان سمڀو. نرنان سائر. مال جي مندي. ڪل جو سور.
    ڀڃڻي ؛ اي شمڀو تيري باغ ۾ ڪئيڪ ساعر اوتريا. مندي ڌاري من۾ هو سور سانڍي ويا.
    (27)
    مستيءَ ۾ مستي، مستيءَ هٿ مَ لاهي. جي مرين مستيءَ کي ته مستي مَ ڪي ڪائي. هن دنيا ۾ نرنا جي مستي ناهي.
    ــ مستيءَ جي بري. مستيءَ جي بدي. مستيءَ جي بڇڙي. مستيءَ جي نيڪي. مستي ڪنين. نرنان انسان. مستيءَ جي بقا.
    ڀڃڻي ؛ بري ۽ بدي بڇڙي هٿ ۾ لائي. جي مرين نيڪيءَ لائي ته ڪنين ڪر مَ ڪائي. هن دنيا ۾ بندي جي بقا ناهي.
    (28)
    مڇي سڀ مڇي پر تنهنجي مڇيءَ مارايو.
    ــ مڇي کلڻي. مڇي مرڪي.
    ڀڃڻي ؛کلڻيون ته سڀ کلڻيون پر تنهنجي مرڪ مارايو.
    (29)
    مٽيءَ مٿي پوک جا نالا ڏٺا مون.
    ــ مٽيءَ جو ڪلر. پوک ڪمند. نالو احسان.
    ڀڃڻي ؛ ڪلر مٿي ڪمند اهي احسان ڏٺا مون.
    (30)
    جنهن کي پکيءَ لڳا تنهن کي پکي ڪندو ڇائ نالا۽ نام تنهن کي پکي ڪندو ڇا.
    ـــ پکي گرز. پکي گز. نالي جڳ عشق. نالو ارواح. پکي چٻ.
    ڀڃڻي ؛ جنهن کي گرز لڳا تنهن کي گز ڪندا ڇا؟ جنهن جو عشق ارواح سان تنهن کي چٻ ڪندا ڇا؟
    (31)
    نالو ڏسان ڪانه، جنهن نالي بيهان جيڏيون.
    نالو صادق، نالو جادم.
    ــ صادق (سچو) ڏسان جا دم بيهان جيڏيون.
    (32)
    عورت مان آهيان پوئي عورت جي ڇا ڪريان.
    ــ عورت حليمان. عورت رحيمان.
    ڀڃڻي ؛ هلي مان آهيان ، رهي مان ڇا ڪيان.
    (33)
    اي ميان نرنا تنهنجا نرنان وڃين ٿيا نرنان.
    ــ نرنان نبي. نرنان امتي. نرنان بهشتي.
    ڀڃڻي ؛ اي ميان نبي تنهنجا امتي وڃي ٿيا بهشتي.
    (34)
    پکي هئا سي ذات ٿيا . پکي ڪن گاهه گاهه. پکين جي به ذات. اديون آئون پکين بنان شهر بر ڀانيان.
    ــ پکي هنج، ذات جا مري. گاهه ڪانهن. پکي ڪانگ. پکي مور. شهر ساڻيهه. بر جي سڃ.
    ڀڃڻي ؛ هنج هئا سي مري ويا. رهيا آهن ڪانگ. جي پيا ڪان... ڪان.... ڪناديون انين مورن بنان ساڻيهه سڃو ڀانيان.
    (35)
    ( هيءَ ڳجهارت سمان ذات جي سرواڻ ابراهيم سرهيي جي خون مٿان جوڙيل آهي)
    نار وڌي ڙي ميان نرنان ٻه ٻوليون پنهنجون ڪيئه. نه ڪاٺي آيئه ڪا. ڪپر جو ڪيرائي ذات مال جي ڪري. عضوي جيءَ تي مونکي مال جي ڏنيه. جيڪو ڪپڙي تان نه لهي.
    نار وسني. نرنان مصرو. ٻوليءَ جي اگهين، ٻي پانهين. پنهنجي نظر. ڪپڙ جو ڇٽ. ذات جا سمان. مال جي سڃين. عضوو دل. مال جو داڳ. ڪپڙي جو ڌوتو.
    ڀڃڻي ؛ وس وڌي ڙي مصرا تو جي اڳهين ۽ پوئين نظر ڪيئه ته آڏي آيئه ڪا. ڇٽ ڇاڻي سماٽ سڃين ڪري دل تي داڳ ڏنئه جيڪو ڌوتي نه لهي. ڌوتي نه لهي.
    (36)
    مال جون اک جون ذات ولات ويا ڙي جيڏيون.
    ـــ مال جون دونهيون. اک جي ڌنڌ. ذات جا ڪاپڙي. ولات ڪشمير.
    ڀڃڻي ؛ دونهون دکائي ڌنڌون ڪري ڪاپري ڪشمير ويا ڙي جيڏيون.
    (37)
    هن بحر جن مونکي فقير ڪيو.
    ـــ بحر جو وهندو. فقير جي اداسي.
    ڀڃڻي ؛ هنن واهوندن مونکي اداسي ڪيو.
    (38)
    شهر مٿي ول لکي تڏهن ماڙهو جات (ذات) ٿيا.
    شهر اوجل ڪوٽ. ول مرلي. ذات جا جوڳي.
    ڀڃڻي ؛ اوجل ڪوٽ تي مرلي وڳي تڏهن ماڻهو جوڳي ٿيا.
    (39)
    هيءَ ڳجهارت نوري ڄام واري لوڪ ڪٿا مان آهي)
    نرنا تڙ پار بيٺو وڻ اڇلي.
    ـــ نرنان ڄام. تڙ ڪينجهر. وڻ ڄار.
    ڀڃڻي ؛ ڪينجهر منجهه ڪالهه ڄام ڄاري اڇلي.
    (40)
    پوک جا منهنجا پري پاڻيءَ جيئن ٿياسين. عضوي جو هاڻ مون سان نه ڪي منهنجا پرين.
    ــ پوک جي سوئي. پاڻي پڌرو.عضوو تري.
    ڀڃڻي ؛سئا ٻڌاسين منهنجا پرين، پڌرا ٿياسين پاڻ. ايتريون هاڻ مون سان نه ڪر منهنجا پرين.
    (41)
    پکي جي ڪري وئين منهنجا پرين گاهه جي لڌي ڪانهه.
    مون تو سان لوهه پوک جي ڪئي ڪانه.
    ــ پکي ءَ جي ڪٺي. گاهه ڪل. لوهه جو زبانو ( جنهن کي ٻنيءَ ۾ وڇون چيو وڃي ٿو) پوک ڪچي.
    ڀڃڻي ؛ڪوهي وئين منهنجا پرين ڪل لڌي ڪانه. مون تو سان هيءَ زبان ڪچي ڪئي ڪانه.
    (42)
    ايو نالو مڙد جو هڏ مَ ڇڏ. نالو ڇڏيندين هيڪ ته ليکي جا پوندئي هڏ. عضوو هڪلي وڻ ڪري پوک سان نه گڏ. سڀان تنهنجو سڏ ٻولي ناڻو ڪندو.
    ــ نالو رمضان. ٻيو نالو روزو. ليکي جاٽيهه. عضوو هنيون. وڻ جي جائي. پوک جو تان. ٻوليءَ جي ڇو. ناڻي جو ٽڪو.
    ڀڃڻي ؛ بندا آيو نالو رمضان جو روزو ڇڏ مَ هڪ. جي روزو ڇڏيندين هڪ ته ٽيهئي پوندي هڏ. هنيون هڪلي جائي ڪري شيطان سان نه گڏ. سڀان تنهنجو ڇوٽڪي سان ٿيندو.
    (43)
    ولات وياري جيڏيون نالا نام ڪري. نالا نيائون پاڻ سان تنهنجا نالا ڪير ڪري.
    ــ ولات اعراف. نالو هادي. ٻيو نِندو. نالو چندو.
    ڀڃڻي ؛ اعراف ويا ڙي جيڏيون هادي سا ڪري. نندا نيائون پاڻ سان تنهن جي چندا (فڪر) ڪير ڪري.
    (44)
    نالا نرنامن تي مال جا ڪيو پيا وڃن.
    ــ نالو دوست. نرنان دائود (ڪڇيءَ ۾ داود) مال جا ولر
    ڀڃڻي ؛ دوست دعوتن تي ولر ڪيو پيا وڃن.
    (45)
    ڇڏ سٽ جون ڪر هٽ جون پاڻ ذات ٿينداسين.
    ــ سٽ جي ڳنڊائي. هٽ جي مٺائي. ذات جا مري.
    ڇڏ ڳنڍائي ڪر مٺائي پاڻ مري وينداسين.
    (46)
    ڪاٺ ڪاٺ جون ڳالهڙيون هڪڙيون پکين ٻيون پنهنجن. ڌڻ جي خبر نه پيئي اسان ۽ پرين تڙ جو ڪيو.
    ـــ ڪاٺ جو ڳجهه. پکي طوطو. پنهنجا ماما. ڌڻ جا کر. شهر گڏيچي.
    ڀڃڻي ؛ ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون هڪڙيون تو تَن ٻيون مان منَ. کريلن خبر نه پئي اسان ۽ پرين گڏجي ڦٽيون ڪيون.
    (47)
    لوهه جا لڳن پکي ڀڄن. نرنان وڃين ان جا ٿين.
    ــ لوهه جا ڪلَ. پکي ڪانو. نرنان سورو. ان جا ٽڪر.
    ڀڃڻي ؛ ڪل لڳن ڪانهيل ڀڄن. سورا وڃين ٽڪر ٿين.
    (سورا معني بهادر)
    (48)
    نارنان شهر ۾ ناهي. پنهنجي ڪيئن ٿئي.
    نارنا ماتا. شهر مڙهه. پنهني خوشي.
    ڀڃڻي ؛ ماتا مڙهه ۾ ناهي خوشي ڪيئن ٿئي.
    (49)
    جر فقير جن سان نالا نام به تن سان.
    ــ جر جي ڪشتي. فقير جو ڪستو. نالو رام. نالو ريجهيو.
    ڀڃڻي ؛ڪستا ڪستيون جن سان ، رام به ريجهيو جن سان.
    (50)
    مٽيءَ جي ڪونه ڪئي. هاڻي وڻ ڪر نه وڃان.
    ــ مٽيءَ جي سر. وڻ جي چوٽي.
    ڀڃڻي ؛ سير ڪونه ڏني هاڻي چوٽي ڪر ته وڃان.
    (51)
    ڪاٺي پئي ته ڪاٺي ٿي ڳالهائي مرض ۾ ڇو پيو آهين.
    ــ ڪاٺ جي من. ڪاٺ جي مرکي ( مرکي جنهن ۾ ننڍڙي ٻار کي سمهاريو ويندو آهي)
    ڀڃڻي ؛ من چئي ته منهن رکي ڳالهائي ڇو ڳڻتين ۾ پيو آهين منهنجا پرين.
    (52)
    نالا نام هجن ته ذات نه ڪجي تن سان.
    ـــ نالو بختو. نالو سونهارو. ذات جا رئيس.

    ڀڃڻي ؛ جن جا بخت سورا هجن ريس نه ڪجي تن سان.
    (53)
    وکر نالا هون ته عورت متي ڇو نه ملي.
    ــ وکر جو امل. نالو صالح، عورت جنت، مٽي جي جائي.
    ڀڃڻي ؛ عمل سالح هون ته جنت جائي ڇو نه ملي.


    ڪهڙي ڳالهه ڪيان ڳجهارتن جي

    ڳجهارتون وندر ورونهن جو ته ذريعو آهن پر ڳجهارتون اسان جي ٻوليءَ کي به پاڻ ۾ محفوظ ڪيو ويٺيون آهن. ڪيئي اهڙا لفظ آهن جيڪي هاڻي ٻوليءَ مان غائب ٿي ويا آهن پر ٻنيءَ ۾ ۽ ٻنيءَ جي ڳجهارتن ۾ اهي لفظ اڃان جيئرا آهن.هاڻي اڳوڻيون ڳوٺاڻيون شيون غائب ٿينديون پيون ٿيون وڃن ۽ نيون الڪٽرانڪ يا سائنسي يا فائبر شيون روزمرهه جي واهپي ۾اچي رهيون آهن. ڳجهارت ۾ هڪڙو پائو آهي ” رڇ“ جنهن ۾ تقريباَ مٽيءَ مان ٺهيل ٿانون جا نالا ايندا آهن. پر هاڻي اهي ٿانوڪٿي ٿا ٺهن ــ انهن کي ڪير ٿو استعمال ڪري؟ پر ڳجهارتن ۾ مٽ، گهڙو، چاڏي، ڪونڊو. طباق، دانگي، جهڙا لفظ ملن ٿا. اهڙيءَ طرح کيتيءَ جي اوزارن جا نالا، وهٽن جي سواريءَ ۾ ڪتب ايندڙ شين جا نالا به ڳجهارتن ۾ قائم و دائم آهن. ته وري ڳوٺاڻين راندين سان منسلڪ لفظ به بخوبي ملن ٿا. شايد پنجاه سالن کان پوئي اهي شيون ئي ڪونه هونديون ته انهن شين سان جڙيل لفظ ڪٿان ايندا؟ اهڙو ئي معاملو راندين سان جڙيل لفظن جو به آهي. ڳوٺاڻيون رانديو غائب ٿينديون پيو ٿيون وڃن. بارن کي ٽيوشنن ۽ مقابلاتي امتحانن جي تيارين ڪرڻ جي ڪارڻ ميدانن ۾ وڃي کيڏڻ جي فرصت ئي ڪٿي آهي. هاڻي ته زمانو آهي انڊور گيمس يا ڪمپيوٽر گيمس جو، ته راندين سان جڙيل الفاظ ڪٿان بچي سگهندا؟ پر ڳجهارتن ۾ اڃا اهي لفظ بچيل آهن.
    ڳجهارتون ڀڃڻ ،سلڻ سان دماغي ڪسرت ٿئي ٿي، انهي ڪري دماغ کي هڪ چت ڪري سوچڻ جي به عادت پئي ٿي، گڏوگڏ دماغ ۾ لفظن جو ذخيرو وڌي ٿو.
    ڳجهارتن ۾ عشق و محبت جا، لوڪ داستانن وارين سورمين جا، تواريخ جا، علاقائي ثقافت جا، ذڪر ملن ٿا ــ درشن ٿين ٿا.
    ٻنيءَ مان مليل ڳجهارتون اڪسرو بيشتر سسئي ـ پنهون، عمر ــ ماروي، مومل راڻو، سورٺ رائي ڏياچ، ليلان چنيسر، ليلا مجنو، ۽ سهڻي مهار جهڙين سنڌي لوڪ داستانن تي آڌارت آهن.
    ڪنهن به لوڪ داستان يا تواريخي قصي سان منسلڪ ڳجهارت کي سرائتي ڳجهارت چيو ويندو آهي. ۽ ان کان علاوه ٻئي ڪنهن عام موضوع تي آڌارت ڳجهارت کي بي سري ڳجهارت طور سڏيو ويندو آهي. سرائتي ڳجهارتن به ڪي ڳجهارتون ست سريون هونديون آهن. تنهن کان علاوه هڪ ٺپيون ۽ ٻه ٺپيون به ڳجهارتون هونديون آهن.
    جنهن ڳجهارت ۾ پائو يا ٺپ صرف هڪڙو ئي هوندو آهي ان کي هڪ ٺپي ڳجهارت چيو ويندو آهي. هڪ ٺپي ڳجهارت ڳولهڻ ۾ ذرا مشڪل ٿيندي آهي ڇو ته ان جو پاون وارو ڪينواس سوڙهو ٿي ويندو آهي. ان ڪري ڌڪ هڻڻ جي گنجائش به گهٽجي ويندي آهي. ان ڪري سچا سگهڙ اهڙيون ڳجهارتون ڏيڻ کان پاسو ڪندا آهن. ها پر جڏهن ڀڃيندڙ ڪنهن به ڳجهارت کي نه ڇڏيندا آهن ته پوئي ڳجهارت ڏيندڙ انهن کي ڦاسائڻ جي لائي هڪ ٺپي ڳجهارت جو سهارو وٺندو آهي. هڪ ٺپي ڳجهارت جو مثال ؛
    ڪاٺي هلي، ڪاٺي چلي، ڪاٺي ڪڍي پار.
    ڪاٺي هلندي ڪيچ ڏي، ڪاٺي ڪُٽي ٻار.
    هن ڳجهارت ۾ صرف هڪڙو ئي پائو آهي ڪاٺي ( ڪاٺي ــ ڪام) جيسي تائين ڀڃيندڙ ڪاٺيءَ جي ڪام نه چوندو ڳجهارت ڪونه ڀڄندي.
    اهڙي طرح ڳجهارت ٻه ٺپي به ٿيندي آهي جنهن جا پاوا ٻه هوندا آهن. مثال طور؛
    جهنگ جون ساريم سومرا هو لوهه جون اباڻن.
    جهنگ جون ماکيون، لوهه جون ڇاڻيون.
    ڀڃڻي ؛ ماکيون ساريم سومرا هو ڇاڻيون اباڻن.
    ست سريون ڳجهارتون؛ هونئن ته جنهن ڳجهارت ۾ ستن ئي سنڌي لوڪ داستانن جا اهڃاڻ ملن ان کي ست سري ڳجهارت چئبو آهي پر اگر ڪنهن به ڳجهارت ۾ ٻن کان وڌيڪ سرن يا سورمين جا اهڃاڻ ملن ته ان ڳجهارت کي به ست سري ڳجهارت چيو وڃي ٿو.
    مثال آهي؛
    ٻي نرنائن جي وچ ۾ حاڪم آئون نه هياس،
    تنهن نرنان بنا شهر ۾ روح نه ٽڪي راس،
    ڪاٺي پائي رڇ ۾ چم جون ڇڪيندياس،
    سُڻي وڻ نرنان جو عضوي مڇي ٿيندياس.
    (نرنان هڪڙوهوت ٻيو بلوچ، حاڪم جي جوڙي، نرنان راڻو، شهر ڪاڪ، عضوو روح، ڪاٺيءَ جي منڌي، رڇ مٽ، چم جون ڇهئون، نرنان ساهڙ، وڻ نڙ، عضوو تري، مڇي ڪپار.)
    سسئي چوي ٿي ؛ هوت ۽ بلوچ جي جوڙي آئون نه هياس،
    مومل چوي ٿي ؛راڻي بنا ڪاڪ ۾ منهنجو روح نه ٿئي راس،
    ماروي چوي ٿي ؛ منڌيون پائي من ۾ ڇهئون ڇڪيندياس،
    سهڻي چوي ٿي ؛ سڻي نڙ مهار جو تري آئون هن پار ويندياس.
    لوڪ داستان اسان جي وندر ورونهن جو سامان ته آهن ئي آهن پر انهن ۾ اتهاس ــ تواريخ جون به ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. جنهن ۾ اسان جو تواريخي ورثو سمايل آهي. انهي ورثي جي مختلف ڳالهين کي ڳجهارتون وائکو ڪن ٿيون ۽ اسان جي ڌيان کي انهن تواريخي قصن ڏانهن ڇڪي ٿيو وڃن. جيڪي قصه اسان کي ڳجهارتن ۾ انهن لوڪ داستانن وارين سورمين جي واتان ٻڌڻ لائي ملن ٿا. اچو ته انهي مالا ۾ پويل مڻين مان هڪ هڪ مثال کي ڳجهارت جي روپ ۾ ماڻيون.
    سورمي سسئ؛
    جر فقير سسئي هو ڪاٺئون ڏير آيا.
    ( جر جي ستي، فقير جو اوجاڳو، ڪاٺ جو ڪرڪو)
    ڀڃڻي ؛ ستي جاڳ سسئي هو ڪڙڪي ڏير آيا.

    سورمي ماروي ؛
    ڌڻ جا ساريو سومرا، جرجا ڪريو پون،
    تن ڌڻ جن منجهان مارو کايو ڪوت ڪن،
    مونکي مان نين هنن ڌڻ جن منجهان.
    ( ڌڻ جا ڪڪر، جرجا لڙڪ، ڌڻ جون کنڀيون، ڌڻ جا کڏا)
    ڪڪر ساريو سومرا مونکي لڙڪ ڪريو پون،
    تن کنبين منجهان مارو کايو ڪوت ڪن،
    مونکي مارو نين هنن کڏن منجها.

    سورمي سهڻي؛
    عورت کي اڌ رات جو اکر ڪي نه ڪري،
    سڻي گاهه نرنان جو وڃي وڻ چڙهي،
    (عورت سهڻي، اکر جو سيپارو، گاهه نڙ، نرنان ميهار، وڻ ساتار)
    ڀڃڻي ؛ سهڻيءَ کي سي پارو ڪي نه ڪري،
    سڻي نر ميهار جو سا تار چڙهي.

    سورمي ليلان ؛
    اديون مون پارئون ڪاٺي ٿي،
    نرنان کي چئو، نارنان کي اڀ جو نه.
    (ڪاٺيءَ جوميڙو، نرنان چنيسر، نارنان ليلان،اڀ جو لوڌي.)
    اديون مون پارئون ميڙ ٿي چنيسر کي چئو،
    ليلان کي لوڌ نه.

    سورمي سورٺ؛
    نرنان آيو تنهن کي ٻوليءَ جي ڏي.
    ( نرنان پينار، ٻوليءَ جي جي)
    ڀڃڻي ؛ پينار آيو تنهن کي جيءُ ڏي.

    سورمي مومل
    نالو اٿئي منهنجا پرين ڇڏ نالي جي پچار،
    جيئن نالو تون راڄ ۾ تيئن نالو آئون سڀ ڄمار.
    ( نالو آيو، نالو موٽڻ، نالو راڻو، نالو راضي)
    آيو آهين منهنجا پرين ڇڏ موٽڻ جي پچار،
    جيئن تون راڻو راڄن ۾ تيئن آئون راضي سڀ ڄمار.
    ڪنهن زماني ۾ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ لائي صرف ڳجهارت ئي ذريعو هوندي هئي. پنهنجي ڳالهه کي لڪ ڇپ ۾ رکڻ لائي ڳجهارت جو ئي سهارو ورتو ويندو هو. ته پيار جو اظهار به ڳجهارتن ۾ ٿي سگهي ٿو.
    نالي وارا هئاسون، رڇ نه ٿياسون،
    ڪاٺ جن ۾ پئي ذات ٿياسون.
    (نالو اميدو، رڇ گڏون، ذات جا مري، ڪاٽ جو ڦوڙائو.)
    اميدگار هئاسون گڏ نه ٿياسون،
    انهي ڦوڙاهي ۾ مري وياسون.
    عشق ۽ محبت تي به ڳجهارتون جوڙيون ويون آهن جن ۾ پرين جي خوبصورتيءَ کي سٺي نموني ڳايو ويو آهي . هيٺ ڏنل ڳجهارت ڏسو جنهن جي ڀڃڻي ڄڻ ته ڪو شاه سائن جو بيت آهي.
    ننڊ ۾ اڳي هئا، ٻيا ڪپڙ جا ڪيائون،
    وجهي پٿر وجود ۾ ڪاٺي ڪڍيائون
    انهن کي آئون نالا ڪيئن نه ڏيان؟
    ( ننڊ جا سهڻا، ڪپڙ جا کنهنبا، پٿر جو سرمو، ڪاٺ جي پٽي، نالو مبارڪ)
    سهڻا اڳي سپرين هئا ٻيو کنهنبا ڪيائون،
    وجهي سرما اکين ۾ پٽيون پاڙيائون،
    انهن کي آئون مبارڪون ڪين نه ڏيان.
    عام رواجي جيون جي ڪرت ڪارين تي به ڳجهارتون ملن ٿيون. اڳي زماني ۾ ماين کي واندڪايون هونديون هيون. اهي شام جو ڪنهن جي گهر جي پاڇي ۾ گڏ ٿي ويهنديون هيون ۽ ڳالهين سان گڏ هڪ ٻئ کي سيرون ڏيئي مٿي مان ٽولر(جون) ڪڍنديون هيون. اها ڳالهه هن ڳجهارت ۾ ڪيڏي نه سهجتا سان اچي وئي آهي.
    مٽيءَ جي ڪونه ڪيئه ، هاڻ وڻ جي ڪر ته وڃا.
    (مٽيءَ جي سر ، وڻ جي چوٽي)
    سيرته ڪونه ڏنئي ، هاڻ چوٽي ڪر ته وڃان.
    اهڙي طرح سان ڌرم يا کڻي چئجي نصيحت واري ڪنهن سبق تي آڌارت به ڳجهارتون ملن ٿيون. جنهن جو مثال حاضر آهي.
    جر فقير جو جن سان،نالا نام به تن سان.
    (جر جي ڪشتي، فقر جو ڪستو، نالو رام ، نالو ريجهيو.)
    ڪستيون ڪستا جن سان، رام به ريجهيو تن سان.
    يا
    ڪاٺي ملڪ وسار، منهنجي انهي نرنان سين.
    (ڪاٺي کوٽي، ملڪ جي کوڻ، نرنان رسول)
    ڀڃڻي ؛ کوٽي کوڻ وسار، منهنجي راهه رسول سين.
    اهڙي طرح ٻني علائقي ۾ اڃا ڳجهارتون قائم آهن. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ماڻهن جي دلين مان اهي ڳجهارتون ڳولهي ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته ان جو ڪو پيمانو ڪونه آهي ته ڪنهن به سگهڙ جي دل کي ماپي سگهجي يا سڪين (scan) ڪري سگهجي ته ڪنهن جي دل ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ڳجهارتون آهن؟ ۽ ڳجهارتون به ماڻهو موڊ ۾ هوندو آهي ته پانهين دل جي تي تري اينديون آهن. نه ته ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ ڳجهارتون به زبان تي نه اينديون آهن. اسان جي اڪادمين، سنسٿائن، ۽ خاص ڪري راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد، نئي دهليءَ کي هن طرف خاص ڌيان ڏيئي اهو ذخيرو محفوظ ڪرڻ واري ڏس ۾ ڪي عملي قدم ۽ اپاو ڪرڻ گهرجن. ته جيئن اسان جي سنڌي لوڪ ادب جو هي املهه خزانو وقت جي ڌوڙ هيٺان ريٽجڻ کان بچي وڃي.

    ــ ڪلاڌر متوا


    ببليو گرافي

    (1) سنڌي ڳجهارتون (1901)
    مرتب ــ ڪوڙومل چندن مل کلناڻي.
    قيصريه پريس حيدآباد
    (2) ڳجهارتون (1967)
    مرتب ــ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
    سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
    (3) ڳجهارتون (1990)
    مرتب ــ داڪٽر پرسو گدواڻي.
    گجرات سنڌي ساهتيه اڪادمي، گانڌينگر.
    (4) رمضان فقير جو سيڙهيل قلمي نسخو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 347301
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 143238
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ