ڪتاب جو نالو: هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)
مصنف: خادم گهراڻو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 20 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 692 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 416 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • چوريءَ جي سزا
  • ڌنار جو عقلمند پٽ
  • رهنمائي
  • محنت جو ڦل
  • همدردي
  • جانور ن جي محبت
  • اصل عيد
  • گڏڙيءَ جي گڏي
  • ننڍڙي ماڪوڙي
  • هيرن جواهرن جو ٿيلهو
  • ٻڌي ۾ طاقت آهي
  • ٻوڏ ستايل ٻار ۽ عيد
  • خوشي
  • صفائي
  • جذبو
  • ايڪتا خوشي
  • اڻپورا خواب
  • معذوري نه آهي مجبوري
  • ٻين جي مدد ڪرڻ
  • عقلمند وزيرزادي

  • ارپنا

    هي ٻارن جي ڪهاڻين جو مجموعو ديس جي ستايلن، بکايلن سورن اهنجن جي ماريل معصوم گلڙن جهڙن ٻارن جي نانءُ ڪريان ٿو.

    خادم گھراڻو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (277) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
    ٿورائتا آهيون محترم خادم گهراڻي جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    هن مجموعي ۾ جيڪي ڪهاڻيون شام آهن اهي خاص ٻارن جي لاءِ لکيل آهن جن مان ڪافي ڪهاڻيون ڇپيل آهن. اڄ اسان وٽ ٻارن جي ادب جي تمام کوٽ آهي ڪوبه ٻارن جي لاءِ رسالو نه نڪري رهيو آهي جنهن ۾ ٻار لکي پنهنجي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگھن. خاص ڪري سنڌي ادب ۾ ٻارن جي ادب جي تمام گھڻي کوٽ آهي. ڪو وقت هوندو هو هر سنڌي اخبار ۾ ٻارن جي لاءِ باقاعده هر هفتي صفحا نڪرندا هئا جن ۾ جيڪي ٻار لکڻ شروع ڪندا هئا اهي اڳتي وڏا اديب بنجي ويا. اڪثر گھڻن ٻارن جي ادب لکڻ سان شروعات ڪئي هوندي. اڳ ٻارن جي لاءِ گل ڦل رسالو نڪرندو هو اهو هن وقت نه اچي رهيو هو. ارچڪ مرچڪ ، گلستان وغيره رسالا نڪرندا هئا. مرحوم اسرار شام ٻارن جي ادب لاءِ هميشه جاکوڙ ڪندو رهيو. پاڻ ٻارن جي لاءِ ٻارڙا پبليڪيشن جي لاءِ رسالو باقاعدگي سان ڪڍندا رهندا هئا. هن وقت ٻارن جي ادب ۽ رسالن جي سخت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.ٻارن جي لاءِ لکڻ سولو نه آهي تمام ڏکيو آهي. ٻارن جي لکڻ لاءِ ٻار ٿي وڃڻو پوي ٿو ، ٻارن جي لاءِ جيڪي به نثر يا نظم لکيو ويندو آهي ان ۾ ٻارن جي لاءِ رهنمائي ۽ نصيحت شامل هوندي آهي. مون به ٻارن جي صفحن کان لکڻ شروع ڪيو. محترم احمد خان شيخ ، محترم لائق سنڌي ، محترم عبدالغني درس ، محترم عرس فقير بهراڻي ، محترم لؤنگ خان عاجز ڀاڻو ،محترم سعدالله سپاهي ابڙو ۽ ٻين منهنجي ڪافي همت افزائي ۽ رهنمائي ڪئي. هر قدم تي منهنجو ساٿ ڏنو. هن وقت محترم محمود مغل صاحب ، محترم محمد سليمان وساڻ ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جا ساٿي منهنجي رهنمائي ۽ همت افزائي ڪري رهيا آهن. آئون انهن ۽ انهن ٻين سڀني ساٿين جو احسان مند آهيان جن جا هتي نالا نه لکيا اٿم پر انهن به منهنجي همت افزائي ڪئي. هي مختصر ٻارن جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هتي پيش ڪري رهيو آهيان. منهنجي دوستن کي گذارش آهي ته منهنجي رهنمائي ڪندا رهندا ته سندن وڏا وڙ ٿيندا

    خادم گھراڻو
    مٽياري چؤنڪ اڏيرو لعل روڊ نصرپور
    موبائل نمبر : 03113272427


    چوريءَ جي سزا

    پيارا ٻارو احمد جي نالي هڪ ڇوڪرو هوندو هو. هي پنهنجي مائٽن جو دادلو هوندو هو. گھر وارا هن سان بيحد گھڻو پيار ڪندا هئا جنهن ڪري هن جي براين کي اهي ڍڪيندا هئا. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هي ڏينهن به ڏينهن خراب ٿيندو ويو. پر مائٽ لاڏ ڪوڏ سبب هن تي ڪوبه توجه نه ڏيندا هئا اهو نه ڏسندا هئا ته اسان جو پٽ خراب ٿي رهيو آهي جيڪڏهن هن جي ڪير دانهن ڏيندو هو ته ان کي هي درگذر ڪري ڇڏيندا هئا دانهن ڏيڻ واري تي ڪاوڙ ڪندا هئا. هن ۾ هاڻي چوري ڪرڻ جي عادت پئجي ويئي هئي. هي جيڪڏهن ڪنهن دوڪان تي ويندو هو ته اتي به ڪانه ڪا شيءِ لڪائي ڇڏيندو هو جيڪڏهن جھلجي ويو ته دوڪان وارو هن کي دڙڪا ڏيندو هو پر جيڪڏهن خبر نه پيئي ته اها شيءِ کڻي هليو ويندو هو. اسڪول ۾ به هن جي عادت هوندي هئي ٻارن جي ٿيلهن مان ڪانه ڪا شيءِ کڻي لڪائي ڇڏيندو هو. جنهن جي شاگرد دانهن استاد کي ڏيندا هئا ڪافي دفعا هن جي ٿيلهي مان اهي چورايل شيون به مليون هنيون. استاد هن کي دڙڪا ڏيندو هو پيار سان سمجھائيندو هو پر هن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيندو هو. استاد هن جي والدين کي به دانهن ڏني پر انهن هن طرف ڪوبه توجه نه ڏنو. هاڻي هن ٻاهر جي چورين ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي گھر ۾ چوري ڪرڻ شروع ڪئي هئي گھر وارن جا پيسا کڻي ويندو هو جيڪڏهن ڪا شيءِ هٿ لڳي ته اها به کڻي ويندو. مائٽن کي به خبر پيئي پر اهي رڳو معمولي دڙڪا ڏيئي وري ماٺ ٿي ويندا هئا. اهو ان ڪري جو پيءُ دڙڪا ڏيندو هو ته ماءُ پاسو کڻندي هئي جيڪڏهن ماءُ دڙڪا ڏيندي هئي ته پيءُ پاسو کڻندو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هي لاپرواه ٿي ويو هو ڪنهن جي به ڪا ڳالهه نه ٻڌندو هو. مائٽن اهو نه سوچيو ته اڄ هي ننڍو آهي سڀاڻي وڏو ٿيندو اها هن جي خراب عادت آهي اها هن مان ڪڍڻ گھرجي. مائٽ بس هن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندا. هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو هي گھر ۾ ٻڌائڻ کان سواءِ ٻاهر باغن تي گھمڻ نڪري ويو. هن هڪ باغ ۾ ڏٺو ته اتي ڪير به ڪونه هو پر مالهي جي سائيڪل بيٺي هئي هن آهستي آهستي چوطرف ڏٺو ته مالهي ڪٿي مون کي ڏسي نه وٺي جڏهنن هن کي پڪ ٿي ته مون کي مالهي نه پيو ڏسي ته هن اها سائيڪل کنئي. لڪي لڪي باغ مان ٻاهر روڊ تي آيو هن ارادو ڪيو ته اها سائيڪل ڪنهن کان وڪڻي ان مان پيسا ڪمايا. هي روڊ تي سائيڪل کڻي تيز هلائڻ لڳو جيئن جلدي پري نڪري وڃي. جيئن ئي سائيڪل کي تيز هلائيندو ويو ته سامهون ايندڙ گاڏي کي ڏسي وائڙو ٿي ويو سائيڪل هن جي ڪنٽرول نڪري ويئي هي وڃي هڪ کڏي ۾ ڪريو جنهن کي ڪري هي سخت زخمي ٿي پيو ۽ بيهوش ٿي ويو جڏهن اها ڪرڻ جي خبر هن جي مائٽن کي پيئي ته انهن هن کي اسپتال پهچايو جتي هن جو علاج هليو جڏهن هوش ۾ آيو ته هن پنهنجو پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺو ۽ پنهنجي مائٽن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي جنهن تي مائٽن کي پشيماني ٿي ته اسان هن تي پهرين ڪنٽرول ڇو نه ڪيو. احمد پنهنجي اداس پيءُ کي ڏسي چيو ته بابا مون کي معاف ڪريو مون کي چوري جي سزا ملي ويئي آهي آئنده ائون اهو ڪڌو ڪم نه ڪندس. هن جي پيءُ مرڪي هن ڏانهن نهاريو چيو ته پٽ ڏس توکي چوري جي سزا ملي آهي هاڻي توکي سزا نه ڏيندس پر آئنده ڪڏهن به چوري نه ڪجان. ائين سزا ملندي آهي جيئن توکي ملي آهي


    ڌنار جو عقلمند پٽ

    ڳالھه ڪندا آهن ته هڪ ملڪ ۾ هڪ بادشاھ ۽ هڪ ڌنار رهندو هو. بادشاھ کي صرف هڪ نياڻي هئي ۽ ڌنار کي هڪ پٽ هو. جيڪو پنهنجي پيءُ سان گڏ ڌنار وارو ڌنڌو ڪندو هو ڌڻ ڪاهڻ ۾ پنهنجي پيءُ جي مدد ڪندو هو. هن ڪجھه تعليم به حاصل ڪئي هئي. ڌنار هر وقت پنهنجي پٽ کي دعائون ڪندو رهندو هو ته هو منزل ماڻيندو. هن طرف بادشاھ کي هڪ نياڻي هئي اها به اچي جوان ٿي بادشاھ کي هر وقت هن جو فڪر هوندو ته هن جا هٿ پيلا ڪري پنهنجو فرض پورو ڪريان. پر بادشاھ کي ڪو اهڙو رشتو نه مليو ٿي. هڪ ڏينهن بادشاھ پنهنجي خاص وزير کان ڳالھه ٻولهه ڪئي جنهن بادشاھ کي چيو ته آئون ڪجھه سوال اوهان کي ٻڌايان ٿو اوهان شهر ۾ ۾ پڙو ڏياريو ته جيڪو به انهن سوالن جا جواب ڏيندو آئون پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان سان ڪندس. ٻئي ڏينهن بادشاھ شھر ۾ پڙو ( ڌنڌورو ) ڏياريو. مقرر وقت تي ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. جيڪي پنهنجي نصيب کي آزمائڻ آيا هئا. هن طرف ڌنار جي پٽ پنهنجي پيءُ کان اجازت ورتي ته مون کي اجازت ڏيو ته آئون به پنهنجو نصيب آزمائي ڏسان. ڌنار پنهنجي پٽ کي دعائون ڏيندي اجازت ڏني. بادشاھ جي محل ۾ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. بادشاھ انهن کي چيو ته جيڪو به منهنجي پنجن سوالن جا جواب صحيح ڏيندو آئون پنهنجي ڌيءُ جي شادي ان سان ڪندس جيڪو جواب نه ڏيندو ان تي ڪجھه ڏنڊ وڌو ويندو. سڀني اها بادشاھ جي ڳالهه مڃي. پوءِ بادشاھ چيو ته هاڻي سوال غور سان ٻڌو پهريون سوال آهي ته اها ڪهڙي هستي آهي جنهن کان پوءِ دعا جا در ڄڻ بند ٿيو وڃن ؟. ٻيو سوال آهي ته ڪهڙو اولاد سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ماءُ پيءُ جي مٿان گھور ويندو آهي ؟ ٽيون سوال آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا وڍجڻ سان نٿي وڍجي ؟ چوٿون سوال آهي ته انسان زندگي کي ڪيئن گذاري ؟ پنجون سوال آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا امير ۽ غريب جي گھر تي اچي ٿي ؟ سوال ڏيئي بادشاھ آيل سڀني کي چيو ته هاڻي سڀني کان واري واري سان سوالن جا جواب پڇبا پر ان کان اڳ ڪجھه وير آئون فيصلي لاءِ مقرر ڪريان ٿو جيڪي اهو فيصلو ڪن ته ڪنهن جا جواب صحيح آهن. وزير مقرر ڪرڻ کان پوءِ بادشاھ هر ڪنهن کان واري واري سان سوال ڪندو رهيو جيڪي انهن جواب ڏنا اهي وزير لکندا ويا آخر ۾ ڌنار جو پٽ بيٺل هو ان کان سوالن جواب معلوم ڪيا ويا. آخر ۾ وزيرن چيو ته هن ڌنار جي پٽ جي سڀ سوال صحيح آهن. پهريون سوال هو ته اها ڪهڙي هستي آهي جنهن کان پوءِ چڻ دعا جا در بند ٿيو وڃن ؟ ان جو جواب هن ڏنو ته اها ماءَ جي هستي آهي. ٻيو سوال اهو هو ته ڪهڙو اولاد سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ماءُ پيءُ مٿان گھور ويندو آهي ؟ ان جو جواب هن ڏنو ته اها ڌيءَ آهي جيڪا والدين مٿان گھور ورندي آهي اهو هن جو جواب صحيح آهي ڇاڪاڻ ته ڌيءَ پنهنجي والدين کي تڪليف نه ڏسڻ چاهيندي آهي. ٽيون سوال هو ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا وڍجڻ سان نٿي وڍجي ؟ هن جواب ڏنو ته اهو پاڇو آهي هن جو اهو جواب به صحيح آهي ڇاڪاڻ ته پاڇي کي ڪيترا به ڌڪ هڻواهو نه وڍبو آهي. چوٿون سوال هو ته انسان زندگي ڪيئن گذاري ؟ هن جو جواب هو ته انسان ان شمع وانگر زندگي گذاري جيڪا پاڻ ته جلندي آهي پر ٻين کي سهائو ڏيندي آهي مطلب ته انسان پنهنجي لاءِ نه پر ٻين جي لاءِ به سوچي ٻين جي ڏکن درمانن کي پنهنجو سمجھي ٻين جي مدد ڪندو رهي. پنجون سوال هو اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا امير ۽ غريب جي گھر اچي ٿي ؟ هن جواب ڏنو ته اها سج ۽ چنڊ جي روشني آهي جيڪا گلن تي پوي ته ڪنڊن تي به پوي ٿي امير جي گھر به اچي ٿي ۽ غريب جي گھر به اچي ٿي. بادشاھ وزيرن جو فيصلو ٻڌي ڌنار جي پٽ کي چيو ته اڄ تون ڪامياب ٿيو آهي هاڻي منهنجي ڌيءَ تنهنجي آهي ان سان تنهنجي شادي ڪرائيندس ۽ جيڪا تنهنجي خواهش هجي ته اها ٻڌايو ته ان کي پورو ڪريان. جنهن تي هن چيو بادشاھ سلامت توهان چيو هو ته جيڪو سوالن جا صحيح جواب نه ڏيندو انهن کان ڏنڊ ورتو ويندو منهنجي خواهش آهي ته هنن کان ڏنڊ نه ورتو هنن کي ڇڏيو وڃي. جنهن تي بادشاھ چيو ته ها هنن کي ان شرط تي ڏنڊ نه ورتو ويندو ۽ ڇڏيو ويندو ته هيءُ سڀ منهنجي ڌيءَ جي شادي ۾ شرڪت ڪندا. انهن آيل سڀني بادشاھ جي اها دعوت قبول ڪئي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ بادشاھ جي ڌيءَ جي شادي وڏي شان شوڪت سان ڌنار جي پٽ سان ٿي. هاڻي محل ۾ ڌنار پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ خوش گذارڻ لڳو. ڪجھه وقت کان پوءِ بادشاھ پنهنجي بادشاهت جي واڳ به هن جي حوالي ڪري ڇڏي هن اهڙي نموني حڪومت هلائي جو سڀ عوام هن مان خوش ٿي ۽ اهو ملڪ ترقي ڪندو ويو. ٻارو اسان کي به هنن سوالن تي غور ڪرڻ گھرجي هنن ۾ نصيحت به آهي ته ڄاڻ به آهي


    رهنمائي

    سانوڻ جو پيءُ هڪ غريب هاري هو. جنهن جو تعلق هڪ ننڍي ڳوٺ سان هو. هن ڳوٺ ۾ علم جي روشن لاٽ تمام گھت هئي. پر سانوڻ جي پيءُ پنهنجي پيٽ تي پثر ٻڌي پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ چاهيو ٿي هن جي اميد هئي ته منهنجو پٽ پڙهي پنهنجو نالو روشن ڪري. سانوڻ پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پٽ هو هن جو پيءُ هن جي هر خواهش پوري ڪندو هو.پنهنجي پٽ کي ڪڏهن به نراس نه ڪندو هو. سانوڻ ڳوٺ مان پڙهي پوءِ شهر جي اسڪول ۾ پڙهڻ آيو هتي هن جي دوستي انهن ڇوڪرن سان ٿي جيڪي ڪتابن سان محبت ڪندا هئا پڙهندا هئا. اهي سانوڻ کي به ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندا هئا ائين ڪتاب پڙهندي سانوڻ جي اندر ۾ جيڪو هڪ ليکڪ ويٺل هو اهو ظاهر يڻ لڳو.جڏهن هي ڪنهن به عنوان تي مضمون لکندو هو ته سڀ استاد هن جي واکاڻ ڪندا هئا. ان اسڪول ۾ هڪ اديب استاد به هو جيڪو وري سانوڻ جو سنڌي جو استاد هو. هڪ ڏينهن استاد اسٽاف روم ۾ هن جي مضمون چيڪ ڪندي چيو ته مون کي هن ٻالڪ ۾ هڪ اهڙي شيءِ نظ اچي رهي جنهن سان هيءُ ديس جو وڏو نالو ٿيندو صرف هن کي رهنمائي جي ضرورت آهي. هن هڪ استاد کي چيو جيڪو اتي ويٺل هو ته هيءُ ٻالڪ جيڪي مضمون ۾ چوڻيون اصطلاح ڪم آڻي مضمون کي بهترين ڪري ٿو اهو هڪ اديب جو لڪل گڻ آهي ان تي ان استاد چيو ته هن کي رهنمائي جي ضرورت آهي هيءُ انشاء الله ديس جو وڏو نالو ٿيندو. هڪ ڏينهن هيءُ ڪلاس ۾ هاف ٽائيم ۾ هڪ ڪتاب پڙهي رهيو هو ته ڪتاب پڙهندي هن جي چهري تي خوشي اچي رهي هئي. سنڌي جي استاد هن کي ڏسي ورتو. هاف ٽائيم کان پوءَ استاد پٽيوالي کي چيو ته نائين ڪلاس ۾ سانوڻ کي وٺي اچ هن کي چئو ته هاف ٽائيم ۾ جيڪو توهان ڪتاب پڙهي رهيا هئا اهو به کڻي اچ پٽيوالي جڏهن سانوڻ کي استاد جو نياپو ڏنو ته سانوڻ گھٻرائجي ويو ۽ پريشان ٿيڻ لڳو ته اڄ استاد مون کي خبر نه آهي ڇو گھرايو آهي. هيءُ اسٽاف روم ۾ ويو استاد کي اهو ڪتاب ڏنو پر اداس ٿي ويو هو استاد هن کي چيو ته پٽ هن ڪتاب ۾ ڇا آهي جو تون هن کي پڙهندي مرڪي رهيو هوئين سانوڻ جڏهن استاد جا شفقت ڀريا لفظ ٻڌا ته هن کي ڪجھه ڊپ لٿو هن استاد کي ڊڄندي ڊڄندي چيو ته سائين هن ڪتاب ۾ منهنجي ڪهاڻي ۽ مضمون ڇپيو آهي ۽ منهنجي مضمون کي پهريون نمبر انعام مليو آهي. جنهن تي استاد هن کي چيو ته شاباس پٽ ائين محنت ڪندو رهه ۽ لکندو رهه منهنجي دعا آهي ته تون ديس جو هڪ روشن ستارو ٿيندي. جڏهن سانوڻ استاد جي طرفان اهي لفظ ٻڌا ته هن جي اداسي ويئي چهري تي خوشي اچي ويئي ۽ چيائين جي سائين. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو سانوڻ هاڻي شهر ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو پنهنجي ٻارن سميت شهر ۾ رهڻ لڳو هن جي دوستي اتي هڪ شاعر سان هئي شام جو ٻيئي پارڪ ۾ وڃي هڪ ٻئي کي پنهنجون ڪاوشون ٻڌائيندا هئا ٻئي مشهور هئا هڪ شاعر ٻيو ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس. هڪ ڏينهن سانوڻ پنهنجي ڳوٺ هڪ دعوت تي وڃي رهيو هو ته هنن سان هڪ خطرناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ هن جو سڄو گھر مري ويو صرف سانوڻ بچيو جيڪو جڏهن صحتمند ٿي اسپتال مان آيو ته هن جي چهري جي رونق ختم ٿي ويئي هر وقت اداس رهندو هو. هن جو دوست هن کي ڪافي سمجھائيندو هو پر هي ءُ چوندو هو ته زندگي هڪ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ مختلف ڪردار هلي رهيا آهن ڪڏهن اسان به آخري ڪهاڻي ٿي وينداسين. هڪ ڏينهن هيءُ پارڪ ۾ ويو هڪ ڪاغذ تي ڪجھه لکيو ان جي مٿان مٿو رکيو ڇڏيو جڏهن هن جو دوست آيو ان هن کي سڏ ڪيا پر ورندي نه ڏني جڏهن هن کي مٿي کنيو ته هن جي روح جو پکي پرواز ڪري ويو پني تي لکيل هو هيءُ منهنجي آخري ڪهاڻي آهي ڳوٺ مان شهر آيس هڪ نالو ٿيس جيڪو اڳيان اچي ان جي رهنمائي ڪجو جيئن اهي به وڏا نالا ٿين پر انهن کي آخري ڪهاڻي ٿيڻ نه ڏجو.


    محنت جو ڦل

    پيارا ٻارو اڄ آئون هڪ اهڙي ٻار جي ڳالھه اوهان کي ٻڌايان ٿو جيڪو پنهنجي محنت سان هڪ اهم مقام تي پهتو. هڪ ڳوٺ ۾ نارو نالي هڪ هاري رهندو هو هن جو سڀني کان ننڍ و پٽ ڌنو سڀني جو دادلو هوندو هو. پر نارو پنهنجي هن پٽ جي لاءِ هر وقت اداس ۽ پريشان رهندو هو. ڇاڪاڻ ته نارو جي هن پٽ ۾ هڪ قدرتي عيب ننڍپڻ کان هوندو هو. هيءُ هر وقت اهو سوچيندو هو ته ايندڙ جيڪو وقت آهي ان ۾ منهنجو پٽ پنهنجو جيون ڪيئن گذاريندو زماني جي حالتن سان ڪيئن منهن مقابل ٿيندو.اهو درد نارو کي جھوري رهيو هو. ڌنو جي روزانو هڪ عادت هوندي هئي ته هيءُ صبح جو پنهنجي گھر کان نڪري هڪ گھٽيءَ جي ٿلهي تي چڙهي ويهندو هو اسڪول ويندڙ ٻارن کي پيو ڏ سندو هو ڪڏهن ڦاٽل ڪتاب ۽ اخبار جي ٽڪر کي کڻي پيو ڏسندو هو ڄڻ هو ان کي پڙهي رهيو آهي. هن جو به ڪو سپنو هو جنهن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ان ئي رستي تان هڪ استاد به لنگھندو هو جيڪو ڌنو کي ڏسندو هو هن سان پيار سان کلي ملندو هو هن جي مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيريندو هو. ڪڏهن ڌنو نه هوندو هو ته استاد ان جي پڇا ڪندو هو متان بيمار نه هجي.هڪ ڏينهن معمول موجب استاد لنگھيو هن سان پيار سان مليو ۽ وڃڻ لڳو ته ڌنو هن جي ٻانهن کي جھلي ورتو پنهنجي ٻاتي ٻولي ۾ استاد کي چيو ته آئون به اسڪول هلندس آئون اتي پڙهندس مونکي اسڪول وٺي هلو. استاد چيس ته تنهنجي بابا کان به پڇي وٺان ته اهو ڇا ٿو چوي پر ڌنو پنهنجي تي ته مون کي اسڪول وٺي هلو. اوچتو پريان نارو به اچي لنگھيو جنهن کي استاد سڏ ڪيو جڏهن نارو استاد وٽ آيو ته استاد چيس ته پٽڙو ڌنو ضد ڪري پيو ته مون کي اسڪول وٺي هلو جنهن تي نارو چيو ته منهنجو پٽ ڌنو................ نارو ڪجھه چوي استاد هن جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽي چيو ته نارو کي مون سان گڏ اسڪول وٺي هل نارو جڏهن استاد جي اهي لفظ ٻڌا ته هن جي چهري تي ڄڻ هڪ فتح جي مرڪ اچي ويئي ڌنو پنهنجي محنت ۽ اخلاق سان هڪ اهڙو مقام ٺاهيو جو سڀ استاد هن کي پسند ڪرڻ لڳا هن سان پيار ڪرڻ لڳا ائين ڌنو پنج درجا پاس ڪيا نمبر کڻندڙ شاگردن کي انعام ڏيڻ لاءِ اسڪول ۾ والدين جو ڏينهن ملهايو ويو جنهن ۾ کاتي جا آفيسر شهر جا معززين استاد والدين شامل هئا. ان پروگرام ۾ ڌنو به حصو وٺي رهيو هو جڏهن ڌنو کي سڏيو ويو ته هن پنهنجي هڪ خاص انداز ۾ انگريزي ۾ ياد تقرير ڪئي جنهن جي ڪري سڀ هن جي قابليت تي حيران ٿي ويا هن کي وڏا انعام ملي رهيا هئا هن جو پيءُ نارو جيڪو ان پروگرام ۾ ويٺل هو ان جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهي رهيا هئا هو پنهنجي پٽ جي ڪاميابي تي ناز ڪري رهيو هو.هي اڳتي وڌندو رهيو ميٽرڪ انٽر هن اي ون گريڊ ۾ پاس ڪئي اتي به هن ڪافي انعام حاصل ڪيا استادن جي دل ۾ پنهنجي محنت سان هڪ خاص مقام ٺاهيو هو. هاڻي هن جي خواهش هئي ته هيءُ يونيورسٽي ۾ پڙهي پر هن جي پيءُ اوچتن فسادن جي ڪري نٿي چاهيو ته هيءُ اتي پڙهي ڌنو پنهنجي دل جي ڳالهه پنهنجن استادن سان ڪئي هنن نارو کي راضي ڪيو ۽ نارو انٽري ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ هن سڀني کان مٿي نمبر کنيا جنهن جي ڪري هڪ ته هن کي پسند جي داخلا ملي ٻيو ته هن کي اسڪالرشپ به ملي ويئي جنهن سان هن جي خواب پوري ٿيڻ جو رستو ملي ويو اتي ڌنو پنهنجي محنت سان پاڻ ملهايو جڏهن فائنل رزلٽ آئي ته ڌنو پهريون نمبر کنيو جنهن ڪري هن ڪيترائي گولڊ ميڊل به مليا. اوچتو هن کي هڪ ڏينهن هڪ ليٽر مليو جنهن ۾ هن کي ٻاهر ملڪ ۾ پڙهڻ جي لاءِ اسڪالر شپ ملي ويئي هن جا استاد والدين هن تي ناز ڪرڻ لڳا هن جي محنت جي ڪري هن جو خواب پورو ٿي ويو هن کي محنت جو ڦل ملي ويو پيارا ٻارو توهان به ڌنو وانگر محنت ڪريو ڪاپي ڪلچر خلاف جنگ ڪريو ته توهان کي محنت جو ڦل ويندو.


    همدردي

    پيا را ٻارو اڄ آئون اوهان کي هڪ رحمدل ۽ همدرد ٻار جي ڪهاڻي ٻڌايان ٿو. هن ٻار جو نالو احسان هو. هن هڪ دفعي پنهنجي استادن کان ٻڌو هو ته هرڪو پنهجي جيون جي لاءِ جيئي ٿو پنهنجي خوشين جي لاءِ ڪوشان رهي ٿو پر اصل زندگي جو مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن ماڻهو ٻين ڪاڻ جيئي. رب پاڪ هن جي دل ۾ همدردي جو جذبو اڳ ئي پيدا ڪري ڇڏيو هو جڏهن هن استادن جي ڳالهه ٻڌي ته هيڪاري هن جو جوش جذبو وڌيو هن جي هڪ فطرت هوندي هئي ته صبح جو سوير اٿي ڇت تي ان جا داڻا ڇڏيندو هو جيئن پکي انهن کي چڳن ۽ ڀتين تي پاڻي جا ڪونڊا ڀري رکندو هو جنهن مان پکي پاڻي پيئن رڳو اهو نه پر هن گھر جي ٻاهران به هڪ ڪونڊو رکيو هو جنهن مان ڪتا ۽ ٻيا جانور به پاڻي پيئندا هئا. هر وقت هن کي ٻين سان همدردي ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. هن جا والدين هن جي ان عمل تي ڏاڍا سرها ٿيندا هئا. هن پنهنجي جيون ۾ ٻين جي لاءِ همدردي جو جزو رکيو آهي هي رڳو پکين جانورن جو نه پر جيت جڻي انسانن جو به خيال ڪندو هو. هر ڪنهن جي مدد ڪندو هو. هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته هيءُ پنهنجي گھر کان نڪري اسڪول طرف وڃي رهيو هو ان ڏينهن هن اهو رستو نه ورتو جتان روز ويندو هو پر اسڪول وڃڻ جي لاءِ ٻيو رستو ورتو جيڪو شهر جي ٻاهران ڦري اسڪول ويندو هو هن روڊ تي هڪ شادي حال ۽ ٻه ٽي هوٽلون هنيون. جيئن ئي هيءُ ان رستي تان اسڪول وڃي رهيو هو ته هن هڪ جاءِ تي ڪجھه ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌو هيءُ يڪدم ان طرف ڏسڻ لڳو هن ڏٺو ته هڪ ٻار جنهن کي صرف هڪ چڍي پيل هئي اهو شادي حال مان اڇلايل کاڌي مان ڪجھه ڳولي هڪ ٿيلهي ۾ وجھي رهيو هو هن جي ويجھو ڪتا آيا ٿي انهن کي هن ڀتر هنيا ٿي. جڏهن احسان هي منظر ڏٺو ته هن جي دل غمگين ٿي ويئي ته هڪ انسان جو اولاد ڪيئن نه پيٽ باهه وسائڻ لاءِ اڇلايل کاڌي مان پنهنجي ضرورت جو کاڌو چونڊي رهيو آهي. احسان يڪدم ان ٻالڪ طرف روانو ٿيو هن ٻالڪ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ته ان چيو امان بکي آهي ادي بکي آهي انهن جي لاءِ کاڌو پيو ڳوليان جنهن تي احسان ان جي هٿ مان اها ٿيلهي ڦري اڇلي ته اهو ٻالڪ روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته امان ادي ٻن ڏينهن کان ڪجھه نه کاڌو آهي مون کي ڏي ته انهن کي کارايان ٻالڪ جي ڳالهين احسان کي هيڪاري اداس وڌو. هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي گھر آيو جڏهن هن جي والدين هن کان اسڪول نه وڃڻ جو سبب پڇيو ته هن چيو امان منهنجي لاءِ هن وقت اسڪول کان وڌيڪ هي ڪم آهي. پنهنجي ما ءُ کي سڄو واقعو ٻڌايو ماءُ احسان جي هن عمل تي ڏاڍي خوش ٿي احسان جي ماءُان ٻالڪ جنهن جو بدن ميرو هو جسم تي ڪپڙا به نه هئا ان کي وهنجاري ڪپڙا پائي تيار ڪيو ان بکايل ٻار جي بک ختم ڪرڻ لاءِ ان کي کاڌو کارايو ته ٻالڪ چيو ته آئون هيءُ کڻي ٿو وڃان امان ادي بکايل آهن جنهن تي احسان جي ماءُ چيس پٽ تون کاءُ انهن جي لاءِ به آهي. جڏهن هيءُ ٻالڪ کائي تيار ٿيو ته احسان جي ماءُ ڪجھه ڪپڙا ٿيلهي ۾ وڌا ۽ کاڌو به کنيو هن ٻالڪ سان گڏ احسان ۽ هن جي ماءُ به روانا ٿيا. جڏهن هيءُ در وٽ پهتا ته هن جي ننڍڙي ڀيڻ ڊوڙي اچي ڀاءُ کي چهٽي ۽ چوڻ لڳي ادا بک لڳي آهي جنهن تي هن چيو منهنجي ڀيڻ لاءِ جام ماني جڏهن هي اندر داخل ٿيا ته هن جي ماءُ کٽ تي بيمار پئي هئي جنهن هنن کي هٿ سان سلام ڪيو. جنهن جي اکين مان نير وهي رهيا هئا. احسان جي ماءُ ننڍڙي کي کاڌو ڏنو ۽ انهن جي ماءُ کي پاڻ کارايو ماني کائيندي چيائين ته هنن جو پيءُ گذاري ويو آهي آئون بيماري ۾ پيئي آهيان هاڻي الله کان سواءِ هنن جو ڪير به نه آهي جنهن تي احسان چيو ته رب پاڪ هنن جي مدد جي لاءِ اسان کي موقعو ڏنو آهي. احسان پنهنجي ماءُ جي طرف نهاري چيو ته امان پاڻ کي رب پاڪ سڀ ڪجھه ڏنو آهي اصل ڪم به اهو آهي ته اسان هنن کي خوشيون ڏيون. پاڻ واري گھر جي پٺيان جيڪو ڪمرو آهي اتي هنن کي رهڻ لا وٺي هلون منهنجي خواهش آهي ته هنن جي هٿن ۾ ڪچري تان کاڌو ميڙڻ جون ٿيلهيون نه پر علم جا ڪتاب هجن. ماءُ احسان کي سيني سان لڳايو ۽ هن جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهڻ لڳا ته منهنجي پٽ کي ٻين جي لاءِ ڪيڏي نه همدردي آهي. هاڻي هيءُ احسان جي گھر جي ڀر ۾ رهڻ لڳا هي هنن جي ماءُ جو به علاج ڪرائڻ لڳا احسان روز هنن ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي وٺي اسڪول ويندو. احسان جي همدردي جي جذبي جي ڪري ڪنهنجا اهنج سهنجن ۾ بدلجي ويا. جيڪي هنن غريبن جا خواب هئا اهي ساڀيا ٿيڻ لڳا. پيارا ٻارو اسان کي به ڏسڻ گھرجي ته اسان جي پاڙي ۾ به ڪو بکايل ، ڪپڙن بغير جيون گھاريندڙ ۽ ڏکايل ٻار ته نه آهي اهڙو ٻار جيڪو مجبوري سبب اسڪول نه ويندو هجي ته اسان ان جي مدد ڪريون اصل زندگي جو مزو ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ آهي جنهن جو اجورو اسان کي اسان جو رب پاڪ ڏيندو.


    جانور ن جي محبت

    هو اسان جي پاڙي ۾ ڪافي وقت کان رهندو هو ذات جو شيدي هو جنهن ڪري ٻار هن کي چاچا شيدي ڪري چوندا هئا پر هيءُ ٻارن تي ناراض نه ٿيندو پر خوش ٿيندو هو هر موڪل جي ڏينهن ٻار هن جي چوگرد ٻاري ٻڌي ويهندا هئا هيءُ ٻارن کي ڪهاڻيون ۽ گيت ٻڌائيندو هو ٻار پيا ٽهڪ ڏيندا هئا جنهن تي هيءُ به پيو مرڪندو هو. هيءُ ڪافي وقت کان هتي رهندو هو ڪڏهن ٻار هن کان پڇندا هئا ته هيءُ چوندو هو ته منهنجو ڳوٺ ويجھو آهي مون شادي ڪانه ڪئي هڪ ڇوڪري نپائي هئي جنهن جي شادي ڪرائي ڇڏي هاڻي هتي رهندو آهيان هتي مون کي سڪون ملي ٿو.هيءُ ڪنهن کان ڪجھه ڪونه گھرندو هو جڏهن بک لڳندي هيس ته به ماٺ ڪريو ويٺو هوندو هو پوءِ ٻار هن کي ماني آڻي ڏيندا هئا جنهن مان ڪجھه پاڻ کائيندو هو ته ڪجھه اتي موجود ڪتن کي ڏيندو هو چوندو هو ته هي بي زبان آهن گھري ڪونه ٿا سگھن هنن کي بک لڳندي هوندي اتي هڪ گھو ڙو هوندو هو ان جي پيو خدمت ڪندو هو گھوڙو هن کان هري مري ويو هو هڪ دفعي گھوڙو ڀڄي ويو گھڻن ڪوشش ڪئي پر گھوڙي ڪنهن کي به ٻک نه ڏنو هي جڏهن گھوڙي وٽ ويو ته گھوڙو ماٺ ڪري بيهي رهيو هيءُ گھوڙي کي وٺي آيو. جڏهن ڪتن جا ننڍا گلر ٿيندا هئا ته برسات ۾ هيءُ انهن کي ڪنهن مٿي واري جاءِ تي ويهاريندو هو سردي جي موسم ۾ انهن کي جھوپڙي ٺاهي ڏيندو هو جتي اهي سردي کان بچند اهئا.هيءُ چوندو هو ته هيءُ بي زبان آهن هنن جي تڪليف ڪنهن کي ڪيئن سمجھه ۾ ايندي هيءُ ته ڪنهن سان پنهنجو سور به سلي نٿا سگھن. جانور هن سان اهڙو ته هري ويا هئا جو جڏهن هيءُ ايندو هو ته جانورن جي نگاهه هن جي طرف ويندي هئي ڪتا ۽ گلر هن جي پيرن ۾ پيا چنبڙندا هئا. هڪ ڏينهن هيءُ اداس ۽ خاموش ويٺو هو ٻارن چيو ته چاچا شيدي کي ڇا ٿيو آهي اڄ ڳالهائي ڪونه ٿو هڪ ڊاڪٽر کي وٺي هن جي طبيعت ڏيکاري ويئي ته ان چيو ته هن کي ڊائريا ٿي هئي ان جي ڪري هن جي جسم ۾ پاڻي گھٽ آهي ۽ رت به گھٽ آهي هن کي داخل ڪرايو پر هيءُ ضد ڪري ويهي رهيو ته آئون اسپتال ۾ داخل نه ٿيندس مون کي هتي ئي حب ۽ دوا ڏيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن جو ضد آهي ان جي ڪري هن جو بچڻ محال آهي هن کي سمجھايو پر هن هڪ به نه ٻڌي. هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو اسان ڏٺو گھوڙي ۽ مينهن جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا ڪتا ۽ گلر هن جي کٽ جي چوڌاري ويٺا هئا هيءُ کٽ تي ليٽيو پيو هو اس هن جي مٿان وري ويئي آهي هن کي سڏ ڪيا ويا پر هيءُ نه اٿيو ڊاڪٽر کي گھرايو ويو جنهن چيو ته هاڻي هيءُ هن جھان ۾ نه آهي. هن جي مائٽن کي گھرايو ويو. جن جي مدد سان غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو پر بي زبان سڀ اتي بيٺا رهيا. جڏهن هن جو ميت اباڻي ڳوٺ ڏانهن گاڏي ۾ رکيو ويو ته ڪتا ۽ گلر ان گاڏي جي چوطرف ويهي رهيا. ڪافي پنڌ گاڏي سان گڏ ڊوڙندا رهيا. جيڪي ماڻهو اتي هئا انهن جي زبان مان اهي لفظ نڪتا ته جانورن جي وفا ۽ محبت ڏٺو ته ڪيئن نه اڄ هيءُ بي زبان به اداس آهن.اها آهي جانورن جي محبت ان سان جيڪو جانورن جي خدمت ڪندو هو


    اصل عيد

    عيد جو ڏينهن ، اداس چهرو ، اڻڀن وارن سان ، ڦاٽل ڪپڙا پهري ، هر ويندڙ ٻار ڏانهن ڏسندي لڙڪ لاڙي ٿو.سهڻن پهريل ڪپڙن ٻارن جي پٺيان هلندو وڃي ٿو. جي عيد جي ڏهاڙي دوڪان هئا اتي پهچي ٿو جتي ٻارن ۽ وڏن جو هجوم هو هڪ دوڪان تي خوبصورت رانديڪا ڏسي اتي بيهي انهن رانديڪن کي ڏسي ٿو.دوڪان وارو چويس ٿو ته ڇا کپي ان کي جواب ڏي ٿو چاچا ڪجھه نه غريب آهيان. دوڪان وارو ڌڪو ڏيس ٿو روڊ جي پاسي ۾ هڪ بزرگ جي ڀر ۾ ڪري ٿو جيڪو کيس اٿاري ٿو. انکي چوي ٿو چاچا بابا معذور آهي امان بيمار آهي دل جي خواهش کي پورو ڪرڻ رانديڪن کي ڏسڻ غريبي جو هئڻ ڌڪا کائڻ مقدر آهي. ڀزرگ هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي اگھي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو هڪ راندڪو وٺي ڏيس ٿو جيڪو هي ڏسي خوش ٿئي ٿو. خوش خوش ٿي گھر ڏانهن وڃي ٿو بزرگ هن کي ڏسندو رهي ٿو ۽ چوي ٿو ته خبر نه آهي هن جهڙا ڪيترا معصوم ٻار هوندا جيڪي دلين ۾ حسرت کڻيو ائين پيا ڌڪا ٿاٻا کائيندا هوندا جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن سان گڏ انهن کي به هڪ رانديڪو وٺي ڏيون ته اهي به اصل عيد ڪري سگھندا.


    گڏڙيءَ جي گڏي

    صبح جو جڏهن پکي پنهنجي رب جي وحدانيت ڪندي رزق جي ڳولا ۾ پنهنجا آکيرا ڇڏي هن ڪائنات تي نڪري رهيا هئا ان وقت هي به تيار تي پنهنجي روزي جي تلاش ۾ نڪتو هن کي هن جي گڏڙي چيو بابا منهنجي لاءِ گڏي وٺي اچجو. اڄ هن کي پورو يقين هو ته مون کي ڪم ملندو جنهن جي اجوري مان پنهنجي گڏڙي جي لاءِ هڪ سهڻي گڏڙي وٺندس.جنهن سان هيءَ باغ بهار ٿي ويندي. هيءُ انهن ئي سوچن ۾ مزورن جي پڙي ۾ پهچي ويو جتي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مزور هئا هن کي اهي سوچون سوچڻ تي مجبور ڪري رهيو هنيون ته اڄ مزور جام آهن خبر نه آهي ڪم ملندو يا نه ئ منهنجي گڏڙي جي فرمائش پوري ٿيندي يا نه انهن سوچن مان هي تڏهن نڪتو جڏهن هن جي ڪلهي تي هڪ هٿ جو چهاءُ هن محسوس ڪيو هن پوئتي ڏٺو ته هڪ نوجوان هو جنهن چيس ته چاچا هڪ کڏو کوٽڻو آهي تون مون ساڻ هلندي هن هائوڪار ڪئي ۽ ان سان گڏ هلڻ لڳو. جڏهن سج هاڻي لڪڻ وارو هو ته هن به پنهنجو ڪم پورو ڪيو هن کي سندس ڪيل مزوري جا چار ڳاڙها نوٽ مليا جيڪي هيءُ وٺي خوش ي سان بازار ويو ۽ هن پنهنجي معصوم گڏڙي جي لاءِ هڪ سهڻي گڏي ورتي. ان کي هٿن ۾ سمائيندو پنهنجي گھر ڏانهن هلڻ لڳو. هيءُ اڄا گھر کان چند قدم پري هو هن جي منهن مان خوشي ٻهڪي رهي هئي.اوچتو هڪ تيز رفتار ڪار آئي جنهن هن کي اهڙو ڌڪ هنيو جو هيءُ پري ڪريو ۽ خاموش ٿي ويو پٽ هن جي ريٽي رنگ سان رنڱجي ويو تڏهن به گڏي هن جي هٿ ۾ هئي نگاهه هن جي گر طتف هئي ڄڻ پنهنجي گڏڙي کي سڏي رهيو ته منهنجي گڏڙي ڊوڙي اچ مون تنهنجي لاءِ هڪ سهڻي گڏي آندي آهي اها مون کان وٺ آئون وڃان پيو...


    ننڍڙي ماڪوڙي

    پيارا ٻارو اڄ اوهان کي هڪ ننڍڙي ماڪوڙي جي ڪهاڻي ٻڌايان ٿو. توهان کي خبر هوندي ته ماڪوڙين جي پاڻ ۾ محبت پيار ۽ ٻڌي هوندي آهي. اهي هميشه هڪ قطار ۾ گڏ هلنديون آهن جڏهن هڪ ٻئي سان ملنديون آهن ته هڪ ٻئي کي هر خطري کان هوشيار ڪنديون آهن.هڪ ئي جاءِ تي گڏ رهنديون آهن.هنن ۾ ڪنهن به قسم جو نفاق نه آهي هڪٻئي جو هر وقت ساٿ ڏينديون آهن. هنن ماڪوڙين جي ولر ۾ هڪ ننڍڙي به ماڪوڙي به هئي هڪ ڏينهن ماڪوڙيون خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪتيون ته ننڍڙي ماڪوڙي به هنن سان گڏ هلي ماڪوڙين جي هڪ فطرت هوندي آهي ته جڏهن برسات جي موسم شروع ٿيڻ واري هوندي آهي ته هيءُ پنهنجو کاڌو گڏ ڪري رکنديون آهن جيئن ڏکئي وقت ته هنن کي ڪم اچي.سڀ ماوڙيون کاڌو ڳولي رهيون هيون پر ننڍڙي ماڪوڙي پنهنجي ڌن ۾ هيڏانهن هوڏانهن گھمي رهي هئي. ائين ٻيون ماڪوڙيون کاڌو ڳولي کڻي ويون هليون ننڍڙي ماڪوڙي اتي رهجي ويئي جڏهن هيءَ پنهنجي مستي مان واندي ٿي ته هن ڏٺو ته ٻيون سڀ ماڪوڙيون ويون هليون آهن هاڻي هيءَ اداس ۽ پريشان ٿي وئي ته ڇا ڪري هاڻي آئون پنهنجي جاءِ تي ڪيئن رسنديس جيڪڏهن مون کي ڪنهن پکي ڏٺو ته اهو مون کي کائي ويندو.يا ڪو مون کي پيرن سان چيڀاٽي ويندو.هن کي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي 7 پنهنجي بچاءُ جي لاءِ ڪا جڳهه ڳولڻ لڳي هن ڏٺو ته هڪ ٻوٽي جي ڀر ۾ هڪ پٿر پيو هو جنهن ۾ ٿوري جاءِ ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي.هن سوچيو ته ڪجهه دير اتي پناهه وٺان ٿي پوءِ پنهنجي ساٿين جي ڳولا ڪريان ٿي هيءَ اڃا پٿر وٽ مس پهتي ته ڪڪرن به وسڻ شروع ڪيو.هيءَ ويتر پريشان ٿي وئي ته هاڻي ڇا ٿيندو ڪيئن وينديس.. هتي جڏهن سڀ ماڪوڙيون پهتيون ته ننڍڙي ماڪوڙي کي نه ڏسي اهي به پريشان ٿي ويون ته خبر نه آهي ڪٿي هوندي يا ڪنهن پکي جو کاڄ بنجي وئي هوندي سڀني ماڪوڙين چيو برسات بند ٿئي ته ان کي ڳولڻ هلون متان ملي وڃي رڳو هن کي ڪجھه نه ٿيو هجي ننڍڙي ماڪوڙي کي بک اچي ورايو پر کاڌو ڪٿان آڻي جڏهن برسات بند ٿي اتان هڪ ماڻهو لنگھيو جنهن جي ٿيلهي ٿوري ڦاٽل هئي ان مان کنڊ ڪري رهي هئي هن به پٿر هيٺيان نڪري کنڊ کي کائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو پيٽ ڀريو هن کي پڪ هئي ته ٻيون ماڪوڙيون هن کي ڳوليندي هتي ضرور اينديون ان وقت تائين آئون پنهنجو کاڌو گڏ ڪري رکان هن پنهنجي طاقت سارو کاڌو گڏ ڪيو ٻيون ماڪوڙيون هن کي ڳولڻ نڪتيون اچي ان جاءِ تي پهتيون جتي ننڍڙي ماڪوڙي هئي پر اها هنن کي ڏسڻ ۾ نه آئي هنن پنهنجي آواز ۾ هن کي سڏ ڪيا ننڍڙي ماڪوڙي هنن جا سڏ ٻڌي هنن وٽ آئي. ننڍڙي ماڪوڙي هنن سان ملي هنن چيو ته هتي کاڌو پيو آهي ان کي کڻي ٿيون هلون سڀني کاڌو کڻن شروع ڪيو ننڍڙي ماڪوڙي به هڪ داڻو کنيو جيڪو هن جي کڻن کان ڳرو هو سڀني چيس ته اهو نه کڻ پر هيءَ ضد ڪري ويهي رهي ته آئون اهو کڻنديس آخر ٻين ماڪوڙين هن جي ضد جي ڪري هن جي مدد ڪئي اهو وڏو داڻو کنيو. سڀئي ماڪوڙيون اناج کڻي پنهنجي جاءِ ي پهتيون سڀ خوش هيون ته هنن کي ننڍڙي ماڪوڙي به ملي ويئي ۽ کاڌو به ملي ويو اتي ننڍڙي ماڪوڙي چيو ته مون کي معاف ڪريو اڳتي توهان کي پري نه ٿينديس راند نه رهنديس ڪابه حرڪت نه ڪنديس مون کي نافرماني جي سزا ملي وئي آهي ٻيون ماڪوڙيون هن جي ڳالهه تي مرڪيون ۽ سدائين پاڻ ۾ گڏجي رهڻ جو واعدو ڪيو. ٻارو اسان کي هن مان اهو سبق ٿو ملي ته نافرماني نه ڪريون پنهنجن ساٿين کي ڪڏهن به نه ڇڏيون ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪريون


    هيرن جواهرن جو ٿيلهو

    هڪ ڳوٺ ۾ احمد نالي هڪ ايماندار ۽ محنتي مزدور رهندو هو.هن جي سچائي ۽ ايمانداري جي سڄي ڳوٺ ۾ هاڪ هوندي هئي.هن جي اڳيان لکين روپيا پيا هجن پر هيءُ انهن کي هٿ به نه لائيندو هو. هيءُ چوندو هو ته جيڪڏهن ڪا به شيءِ رستي تي ملي ته ان کي پنهنجي نه سمجھجي پر ان کي ڪنهن جي امانت سمجھي ان جي مالڪ تائين پهچائجي. جيڪڏهن ان جو مالڪ نه ملي سگھي ته اها امانت ڪري پاڻ وٽ رکجي. هن جو اهو به چوڻ هوندو هو ته هڪ استاد مون کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن لکين روپيا حلال جا هجن ان ۾ هڪ پيسو حرام جو ملائجي ته سڀ حرام ٿي ويندا آهن حرام ۾ برڪت نه هوندي آهي.احمد کي صرف هڪ نياڻي هئي جنهن سان هيءُ بيحد محبت ڪندو هو چوندو هو ته منهنجو پٽ به اها آهي ڌيءَ به اها آهي.ان کي به ايمانداري جو سبق پڙهايو هو.احمد روز شهر ويندو هو جيڪا به مزوري ملندي هئي اها ڪندو هو ڪنهن به ڪم جو جواب نه ڏيندو هو چوندو هومتان ان ۾ منهنجو رزق هجي جيڪو حلال جو ملي اهو سٺو آهي.شام جو وري واپس گھر موٽي ايندو هو هن جي ٿوري ڪمائي تي به هن جو گھر خوشحال هوندو هو. سٺي نموني سان هلي رهيو هو هن کي ڪنهن جي اڳيان به هٿ ٽنگڻ يا قرض گھرڻ جي ضرورت ڪانه پوندي هئي.هيءُ اهو به چوندو ته منهنجي حلال جي ڪمائي ۾ رب پاڪ برڪت وڌي آهي ان جي ڪري آئون سکيو ستابو گذاري رهيو آهيان. هن کي جيڪو ڪم مزوري ڪرڻ جي لاءِ ملندو هو اهو ڪندو هو ، ڪنهن کي جواب نه ڏيندو هو چوندو هو اها رب پاڪ مون ڏانهن روزي موڪلي آهي.هيءُ محنت کي عظمت سمجھندو هو. انهيءَ ڳوٺ ۾ صابو نالي هڪ ڪپڙي جو دوڪاندار هو ان هڪ ڏينهن احمد کي چيو ته هڪ ڀت کڻائڻي آهي ان جي لاءِ تون مون کي بنياد کوٽي ڏي. صابو به هڪ ايماندار دوڪاندار هو. هن جو چوڻ هو ته حڪم ٿيل آهي ته مزور کان گھڻو ڪم نه وٺجي ان جوڪم اجورو هن کي ڏنو وڃي.هيءُ چوندو هو ته جيڪي منهنجي دوڪان ۾ سهڻا ۽ خوبصورت ڪپڙا آهن اهو دنيا جو ڏيک آهي اصل ڪپڙو ڪم جو اهو جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو.يعني نيڪ ۽ صالح عمل. هن کي ڪوبه اولاد نه هو جنهن ڪري ڳوٺ جي ٻارن سان بيحد پيار ڪندو هو انهن کي پنهنجو اولاد سمجھندو هو جيڪي غريبن جا ٻار پڙهندا هئا انهن جي مدد ڪندو رهندو هو چوندو هيءُ پيسو هٿن جي مير آهي اڄ آهي سڀاڻي نه هوندو. احمد جيئن هن جي گھر جي ڀت لاءِ بنيا کوٽي رهيو هو ته ٽيڪم ڪنهن شيءِ ۾ قابوٿي ويو. هن ان کي کوٽي ڪڍيو ته هڪ ٿيلهو نڪتو جنهن کي هن کوليو ته اهو هيرن جواهرن سان ڀريو پيو هو هيءُ اهو ٿيلهو کڻي صابو وٽ آيو ان کي چيائين ته توهان جي گھر جي حصي مان مون کي هيءُ ٿيلهو مليو آهي جيڪو اوهان جي امانت آهي اهو ڏيڻ آيو آهيان هيءُ مون کان وٺو ته آئون ڪم تي وڃان. صابو چيو ته هن جو آئون مالڪ نه آهيان هيءُ تنهنجو آهي توکي مليو آهي انتي احمد هن کي چيو ته هن جو حقدار آئون نه آهيان جنهن تي صابو چيس ته پوءِ هيءُ ولڻ جو آهي ڇاڪاڻ ته هيءُ گھر مون ان کان ورتو هو هيءُ ٻئي ڄڻا ولڻ ڏانهن ويا رستي ۾ هنن کي ولڻ جو پٽ مليو جنهن کان هنن ولڻ جو پڇيو جنهن هنن کي چيو بابا اسڪول وٽ بيٺو آهي ڇاڪاڻ ولڻ اسڪول وٽ چڻن جو گاڏو هڻندو هو جنهن ۾ هيءُ عيب نه سمجهندو هو چوندو ته اهو به پورهيو آهي. هيءُ ٻئي ڄڻا ولڻ وٽ ويا جنهن کي سڄو قصو ٻڌايو جنهن تي هن صابو ۽ احمد کي چيو ته ان ٿيلهي تي منهنجو حق نه آهي مون پلاٽ صابو کي وڪڻي ڏنو هو هاڻي ان جو مالڪ صابو آهي هيءُ ٿيلهو به صابو جو آهي صابو وري چيو ته هيءُ ٿيلهو منهنجو نه آهي احمد جو آهي جنهن کي بنياد کوٽيندي مليو آهي يا توهان جو آهي جو اڳ پلاٽ توهان وٽ هو هنن جو اهو معاملو هلندو رهيو هرڪو پنهنجي ڳالهه تي قائم بيٺو هو. آخر ولڻ چيو ته هلو ته هلي فيصلو ٿا ڪرايون ته ان ٿيلهي جو حقدار ڪير آهي ؟ هاڻي هيءُ سوچڻ لڳا ته فيصلو ڪرائجي ته ڪنهن کان ڪرائجي ؟ اهڙو ڪو انسان هجي جيڪو حق وارو فيصلو ڪري جيئن جيڪو هن ٿيلهي جو حقدار آهي ان کي هيرن جواهرن وارو اهو ٿيلهو ملي وڃي.ڪهڙو ماڻهو آهي ؟ جنهن وٽ هلجي ٽيئي ڄڻا سوچن ۾ پئجي ويا سوچي سوچي صابو چيو ته هلو ته سائين خان محمد وٽ هلون اهو پنهنجي ڳوٺ ۾ سڀني کان عمر ۾ وڏو آهي ۽ سڄي ڳوٺ جو استاد آهي سڀ ڳوٺ وارا نئين نسل کان سواءِ سائين وٽ پڙهيا آهن ان وٽ هلجي ٽيئي راضي ٿي ويا ٽيئي ڄڻا گڏجي سائين خان محمد وٽ آيا ان کي ان ٿيلهي جو سڄو قصو ٻڌايو هنن جو قصو ٻڌي سائين خان محمد چيو ته مون کي توهان سوچن ۾ وجھي ڇڏيو آهي ڏکيو مسئلو آهي هاڻي ان تي غور ويچار ڪجي ته ان ٿيلهي جو حقدار ڪير آهي ؟ توهان ٽيئي ڄڻا چئوٿا ته اسان ان ٿيلهي جا حقدار نه آهيون توهان مان ڪو به اهو ٿيلهو کڻڻ لاءِ راضي نه آهي.ڪجھه دير کان پو ءِ سائين خان محمد چيو ته جيڪڏهن توهان ناراض نه ٿيو ته منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه آئي آهي چئو ته توهان کي ٻڌايا جنهن تي هنن ٽنهي چيو ته سائين توهان اسان جا استاد آهيو ڄڻ اسان جا بابا آهيو توهان جيڪو به فيصلو ڪندا اسان ٽنهي کي قبول آهي. جنهن تي سائين خان محمد چيو ته صابو توکي اولاد نه آهي احمد کي هڪ ڌيءَ آهي ولڻ کي هڪ پٽ آهي ڇو نه پاڻ انهن جي شادي ڪرائي هيءُ مليل ٿيلهو انهن کي ڏيئي ڇڏيون جيئن هو پنهنجو جيون سکيو گذارين. صابو چيو ته سائين منهنجو پنهنجو اولاد نه آهي پر ڳوٺ جا سڀ ٻار منهنجا آهن احمد جي ڌيءَ ۽ ولڻ جو پٽ به منهنجا آهن. هاڻي هيءُ ٻئي ڇا ٿا چون ولڻ چيو سائين جيڪڏهن نصيب ۾ هنن جي شادي لکيل آهي مون کي قبول آهي احمد چيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن نياڻي جي شادي ڪرائڻي آهي جيڪڏهن هن جو نصيب ولڻ جي پٽ سان لکيل آهي ته مون کي قبول آهي ٽيئي ڄڻا هن ڳالهه تي راضي ٿيا پر هنن سائين خان محمد کي چيو ته هن شادي جا سربراهه توهان آهيو هيءُ هيرن جواهرن جو ٿيلهو به توهان رکو شادي جي موقعي تي انهن کي توهان ڏجو. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو هڪ ڏينهن اهو به آيو جڏهن احمد جي ڌي ءَ ۽ صابو جي پٽ جي شادي ٿي. شادي کان پوءِ موڪلاڻي جي وقت سائين خان محمد هنن ٽنهي ڄڻن کي سڏ ڪيو ۽ چارئي گڏجي گھوٽ ۽ ڪنوار وٽ آيا.انهن کي سکئي رهڻ جون دعائون ڏيئي سائين خان محمد اهو ٿيلهو انهن جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته هيءُ هنن ٽنهي جي ايمانداري ۽ سچائي جو انعام آهي جيڪو اوهان جي نصيب ۾ آيو آهي هيءُ وٺو پنهنجي نئين سفر کي سهڻي نموني گذاريو. رخصتي کان پوءِ هنن ٽنهي استاد کي چيو ته سائين واهه جو فيصلو ڪيو آهي توهان جي فيصلي سان دوستي به مضبوط ٿي ۽ اها دوستي رشتيداري ۾ بدلجي ويئي هيءُ اسان جو اولاد ته آهن پر صابو جو به آهن ڇاڪاڻ ته صابو هنن کي پيار ڪيو هنن سان کيڏيو آهي اولاد جي زندگي سکي ٿي پاڻ تان به فرض لهي ويو ان بعد سڀئي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملي پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن مشڪندي روانا ٿيا. هيرن جواهرن جي ٿيلهي جو به معاملو حل ٿي ويو.


    ٻڌي ۾ طاقت آهي

    احسن هڪ ننڍي ڳوٺ جو هوندو هو جتي ڪابه سٺي سهولت نه هوندي هئي هن جو پيءُ محنت ۽ مزوري ڪندو هو. احسن جي پيءُ جي خواهش هئي ته منهنجو پٽ علم جي سونهن ۽ سوڀيا سان سينگارجي پر هن ڳوٺ ۾ ڪوبه اسڪول نه جنهن ڪري هن جو خواب اڌورو هوندو هو. اسڪول ڳوٺ کان تمام گھڻو پري هوندو هو جنهن ڪري ٻار اسڪول نه ويندا هئا سڄو ڏينهن پيا رانديون ڪندا هئا ڪي ٻار مال به چاريندا هئا. احسن جي پيءُ کي اها ڳالهه پسند نه هئي ته منهنجو پٽ به مون وانگر مزوري ڪري.ٻيا ٻار سڄو ڏينهن راند روند پيا ڪندا هئا پر احسن گھر ۾ هوندو هو. هڪ ڏينهن هن جو پيءُ جيئن ئي مزوري تان گھر آيو هن ڏٺو ته اهشن اڱڻ ۾ ويٺو هو هن جي اڳيان پٽ تي اخبارن جا پنا پيا هئا ۽ انهن کي ڏسندو پٽ تي ليڪا ڪڍي رهيو هو سندس پيءُ پڇيس پٽ ڇا ڪري رهيو ان کي چيائين ته لکي رهيو آهيان جيڪو هنن پنن تي لکيل آهي هن جو پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو ته منهنجي پٽ کي پڙهڻ جو شوق آهي هن ڇپيس ته بابا اسڪول ويندين انتي هن چيو ته بابا هتي اسڪول آهي نه اهو پري آهي آئون ڪيئن ويندس پيءُ ڇيس ته اهو بندوبست ڪريان ٿو احسن جي پيءُ پنهنجي پٽ جو شوق ڏسي هڪ سائيڪل ورتي ان سائيڪل تي احسن کي اسڪول وٺي ويندو هو ۽ پنهنجي دوست کي هن جي پارت ڪيئي احسن ان جي ٻارن سان گڏ ان جي گھر ويندو هو شام جو هن کي وٺي ايندو هو ائين احسن پڙهندو رهيو هن پنج درجا پاس ڪيا ته پيءُ وري هن کي به سائيڪل وٺي ڏني ڇو جو هيءُ هاڻي سائيڪل هلائڻ به سکي ويو هو هن کي اسڪول ويندو ڏسي ڳوٺ جا ٻيا ٻار به اسڪول وڃڻ جو ضد ڪرڻ لڳو پر اسڪول پري هئڻ سبب اهي اسڪول نه ٿي وڃي سگھيا.احسن جيڪا علم جي جوت کنئي هئي ان جا ڪرڻا هاڻي روشني ڪري رهيا هئا احسن پڙهندو رهيو آخر هن جي پيءُ جو خواب پورو ٿيو احسن کي نوڪري ملي ويئي.احسن کي هڪ ڳالهه اندر ۾ وڍ وجھندي هئي ته منهنجي ڳوٺ جا ٻيا ٻار به پڙهي پون انهن جي والدين جا به خواب پورا ٿين هن ڪوشش ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول کولرايو جتي ٻار علم جو زيور پائڻ ويندا هئا پر اسڪول جي عمارت نه هئڻ جي ڪري ٻار ڇني ۽ وڻن جي هيٺيان تعليم حاصل ڪندا هئا. هڪ ڏينهن احسن پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا پنهنجو گھر وڏو آهي ان مان ۡجه حصو کڻي اتي اسڪول ٺاهيون جيئن ٻار اتي تعليم حاصل ڪن جنهن تي پيءُ چيس پٽ زمين ڀلي اسڪول کي ڏي پر اهو ٺهندو ڪيئن ان لاءِ پيسا کپن احسن چيو ته بابا ان جو بندوبست ڪريان ٿو اهو اسڪول ٺهي ويندو هڪ ڏينهن شام جو هن سڀني ڳوٺ وارن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو جڏهن سڀ ڳوٺ وارا اچي ويا ته هن چيو ته آئون توهان مان آهيان توهان مون مان آهيو هن ڳوٺ جي زمين تي مون جنم ورتو آهي توهان به ورتو آهي مون هن ڳوٺ جي زمين جو ان ۽ پاڻي پيتو آهي توهان به پيتو آهي واپس هن ڳوٺ جي مٽي جي آگوش ۾ وينداسين پاڻ تي هن ڳوٺ جو حق آهي پاڻ سڀ هڪ ٿي وڃون ته ڳوٺ جا مسئلا حل ٿي ويندا ڏسو ماڪوڙيون پاڻ ۾ ڪيئن نه ٻڌي ڪري قطار ٺاهي هلنديون آهن جڏهن ڪا شيءِ ڳري هوندي آهي ته سڀ گڏجي ان کي کڻنديون آهن ۽ ڪامياب وينديون آهن تنهن ڪري اچو ته اسان سڀ گڏجي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت ٺاهيون جيئن اسان جا ٻار آرام سان پڙهي سگھن اسان ڦڙي ڦڙي ڪري گڏ ڪنداسين ته اسان وٽ گھڻو ڪجھه ٿي ويندو ان تي سڀني ها ڪيئي ٿوري وقت ۾ ڪافي پيسو سامان گڏ ٿي ويو ڳوٺ وارن گڏجي اسڪول جي عمارت ٺاهي جيڪا ٻن ڪمرن تي ٺهي ويئي. هاڻي ٻار ان ۾ اندر پڙهڻ لڳا ٻاهر جو ماحول انهن کي تنگ نه ڪري رهيو هو جڏهن ٻار سر سان ڪو بيت پڙهندا هئا ته ان جي گونج سڄي ڳوٺ ۾ هوندي هئي ان گونج تي ڳوٺ وارا باغ بهار پيا ٿيندا هئا ائين ٻڍي جي ڪري هيءُ ڳوٺ ترقي ڪندو ويو اڄ هن ڳوٺ ۾ روڊ اسپتال اسڪول گيس لائيٽ ۽ ٻيون سهولتون آهن ڳوٺ جا ماڻهو هاڻي پڙهيل لکيل آهن ڪافي ماڻهو سٺين نوڪرين تي پهچي ويا آهن ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته اسان کي ٻڌي ڪرڻ جو سبَ احسن ڏنو جنهن تي اسان عمل ڪيو ۽ ڪامياب ٿياسين اسان جا مسئلا ۽ مشڪلاتون حل ٿي ويون تنهن ڪري اسان کي ٻڌي ڪرڻ گھرجي ٻڌي ۾ طاقت آهي جيئن چوندا آهن ته ٻه ته ٻارهن


    ٻوڏ ستايل ٻار ۽ عيد

    رمضان المبارڪ جو آخري ڏهو شروع ٿي چڪو آهي هيءُ اهو ئي ڏهو آهي جنهن ۾ ماڻهو عيد جي تيارين ۾ لڳي ويندا آهن هرڪو عيد جي خريداري جي لاءِ ڪوشان هوندو آهي. پر اسان جڏهن هن عيد جي خريداري ڪرڻ وڃون ته اسان سوچيون ته اسان جي ٻارن جھڙا ٻيا ٻار به آهن جيڪي ٻوڏ ستايل آهن انهن جو عيد ڪرڻ حق آهي انهن جا به خواب هوندا ارمان هوندا ته اسان به ٻين ٻارن وانگر نوان وڳا پهري عيد ڪريون. پر انهن جا اهي خواب اڌورا آهن ڇاڪاڻ ته هن وقت اهي پنهنجي گھر کان بي گھر آهن انهن جو سڀ ڪجھه ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي اهي رڳو پنهنجا سر بچائي آيا آهن انهن وٽ ايترو به نه آهي جو پنهنجي ٻارن جي لاءِ هڪ معمولي گوري به وٺي سگھن. اهي هن وقت ٻين جي سهاري تي آهن. اسان کي انهن ٻارن جي لاءِ سوچڻ گھرجي ته اسان به انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪري سگھون اسان هڪ هڪ ٻار کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏنا ته مونکي يقين آهي ته اهي سڀ ٻار عيد تي نوان ڪپڙا پائي چلولا ٽهڪ ڏيندا خوشين سان رانديون ڪندا اسان کي انهن کي وسارڻ نه گھرجي. هن معصوم ونيزه جا حوصلا ڪيڏا نه بلند آهن جنهن پنهنجي هم عمر ٻارن جو درد محسوس ڪيو انهن کي اچي رانديڪا ۽ ڪپڙا ڏنا ٻين کي به ائين ڪرڻ جو چيو اسان جتي هزار جو وڳو پنهنجي ٻار جي لاءِ وٺون ٿا اتي ان کان سستو وڳو وٺي پنهنجي ٻار کي ڏيون جيڪي پئسا بچن تنهن مان ڪنهن ڏکويل ٻار کي ڪپڙا وٺي ڏيون اصل عيد جو مزو به تڏهن ايندو آهي جڏهن سڀ ٻار نون ڪپڙن ۾ هجن انهن جي معصوم لبن تي مرڪون هجن. انهن جي چهرن تي اهو احساس نه هجي ته اسان هن وقت بي وس بي سهارا آهيون. هن وقت جڏهن انهن جي والدين کان پڇجي ٿو ته عيد ڪيئن ڪندا ته اهي لڙڪ لاڙي اهو چون ٿا ته اسان کي رڳو ماني ملي ته اهو به سٺو آهي دوا ملي ته چڱو. باقي اسان وٽ ڪجھه به نه آهي عيد تي ٻارن کي ڇا اسين ڏينداسين. پر انهن جي انهن دردن کي اسان هلڪو ڪري سگھون ٿا جيڪڏهن اسان انهن ٻارن کي عيد جا ڪپڙا ۽ جتيون وٺي ڏيون اهي هن وقت مدد جا منتظر آهن اسان کي انهن جي مدد ڪرڻ گھرجي. ان عورت جو ڇا درد هوندو جيڪا نئين سبزي منڊي حيدرآباد ۾ رليف ڪئمپ ۾ آهي جنهن جا پنج معصوم ٻار آهن جيڪا لڙڪ لاڙيندي چوي ٿي ته اها ڪهڙي ماءُ آهي جنهن جي دل جي تمنا نه هوندي ته منهنجا ٻار عيد تي نوان ڪپڙا پائين اسڪول وڃن. پر اسان رڳو خواب ڏسي سگھون ٿا ڪير آهي جيڪو اسان جي ٻارن کي پڙهائيندو اسان وٽ ته پئسا به نه آهن. ڪيڏو درد آهي هنن جي دل ۾ سمايل جيڪي اندر ئي اندر ۾ هنن کي جھوري رهيو آهي جيئن عيد جا ڏينهن ويجھا اچي رهيا آهن تيئن هنن جون پريشانيون به وڌي رهيون آهن ٻار ته معصوم گل هوندو آهي انهن کي ڪهڙي خبر ته ڪپڙا ڪيئن ايندا بوٽ ڪيئن ايندا اهي ته چوندا ته اسان کي عيد تي اهي سڀ شيون کپن. جڏهن ٻوڏ ستايل ٻارن کان عيد جي باري ۾ پڇا ڪجي ٿي ته انهن جي اکين جا بند ٽٽي پون ٿا اکين مان لڙڪ نيسرا بنجي انهن جي چهري تي نشان ڇڏي وڃن ٿا. ان ٻار جو جواب ڇا آهي جنهن ڇيو ته اسان کي عيد تي نوان ڪپڙا ڀلي نه ملن پر جيڪڏهن اسان کي پراڻا ڪپڙا به ملي ويا ته اسان جو بدن ڍڪجي ويندو اسان جو بدن ڍڪجي اسان لاءِ اها وڏي عيد آهي. هن ديس ۾ ونيزه جھڙيون ڪيتريون ئي معصوم ٻارڙيون آهن جن پنهنجو درد وساري ٻين جو درد محسوس ڪيو انهن کي ٻين جي خوشي ۾ پنهنجي خوشي محسوس ٿي رهي پوءِ اسان به هن معصوم جو ساٿ ڏيون جيڪي ٻيا آس رکندڙ ٻار آهن انهن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪريون جتي اسان پنهنجي ٻارن جي لاءِ وڏا سپنا ڏسون ٿا اسان اتي انهن ٻارن جي لاءِ به سوچيون اهي ڌاريا نه آهن پر اسان جا پنهنجا آهن اسان ديس جا آهن هن وقت اهي مصيبت ماريل آهن اسان جيڪي به عيد جي ڏينهن خرچ ڪندا آهيون انهن جي حساب کي اسان اڌ ڪري ڇڏيون باقي جيڪي اڌ آهي ان مان انهن ٻارن جي سوچيون جيڪي اسان جي راهه ڏسي رهيا آهن ته اسان جا پنهنجا اسان جي لاءِ ڪڏهن ٿا عيد جا ڪپڙا کڻيو اچن. عيد جو اصل مزو به تڏهن ايندو جڏهن سڀني جي چهرن تي مرڪون هجن لڙڪ نه هجن ائين نه ٿئي ته ڪو ٻار پنهنجي ڏکويل ماءُ کان اهو سوال ڪري ته امان اسان جا بدن اگھاڙا آهن هنن ٻين ٻارن کي نوان ڪپڙا ڇو آهن ڇا اسان نوان ڪپڙا نٿا پائي سگھون جو اسان پنهنجي گھر کان بي گھر ٿيا آهيون ان وقت ان ماءُ جي دل جي ڇا حالت هوندي جنهن کان ٻار اهو سوال ڪندا. تنهن ڪري اسا ن انهن ٻارن جي لاءِ به ٿورو ڪجھه ڪريون جيئن ڪنهن ماءُ جي دل مان درد جي پيڙاءُ جي ڪري لڙڪ نه نڪرن. عيد جي ڏينهن به اسان انهن جي مدد ڪريون پنهنجي خوشين ۾ انهن کي شامل ڪريون.جتي اسان جا ٻار عيد جو انتظار ڪري رهيا آهن اتي اهي ٻار به سورن کان بي خبر هر ڏک کان بي خبر ٿي عيد جو انتظار ڪري رهيا آهن پنهنجي مائرن کان سوال ڪري رهيا آهن ته امان عيد ۾ باقي گھڻا ڏينهن آهن. هن سال عيد جي لاءِ پاڻ سويون ڇو نه ٺاهيون آهن اسان جا ڪپڙا درزين وٽ ڇو نه ويا آهن. معصوم ٻارن جا اهي سوال انهن مائرن جي دل تي هڪ جبل جيان ڪرندا هوندا جيڪي پنهنجي گھر کان بي گھر ڪئمپن ۾ آهن سورن جي سيڄ تي ستل آهن هر وقت ڏک ۽ پيڙاءُ ۾ آهن ٻارن جا سوال ڪنهن نيزي جيان انهن جي اندر ۾ لڳندا هوندا بس صرف انهن جو اهو جواب هوندو ته پاڻ وٽ پئسا نه آهن جيڪڏهن انهن سوالن جي جواب ۾ پاڻ سڀ پنهنجي معصوم ٻارن جيان انهن ٻارن جو به سوچيون انهن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪريون جيئن اهي به اسان جي ٻارن وانگر خوشيءَ سان عيد جو ڏهاڙو ملهائي سگھن اچو ته ننڍا وڏا گڏجي انهن ٻارن جي لاءِ عيد جون خوشيون ورهايون جن جي اميد آس اسان ۾ آهي انهن جي چهرن تي سوچن لڙڪن بدران ٽهڪ ويکيرون. مايوسين کي ختم ڪري انهن کي خوشين جا گيت ڳائڻ تي آڻيون. عيد جو اصل ڏهاڙو انهن ئي سان ئي گڏ ملهايون هيءِ عيد اسان سادي نموني گڏجي ملهايون


    خوشي

    اڄ هرڪو خوش هو هر طرف عيد جھڙو ماحول هو ننڍا وڏا ٻار سڀ خوش هئا. آڊيو۽ويڊيو پليئرن ۽ ٽي وي تي قومي گانا وڄي رهيا هئا ماحول سڄو خوشگوار هو هر ڪو هڪٻئي کي هن ڏينهن جون مبارڪو ن ڏيئي رهيو هوهيءُ ڏينهن سڀني سنڌين جو هو جنهن ۾ هر مذهب وارو سنڌي شامل هو فرق صرف اهو هو ته عيد تي مختلف قسمن جا لباس پهريل هوندا آهن پر اڄوڪي ڏينهن سڀني کي سنڌي لباس ٽوپي اجرڪ پٽڪو پاتل هو. ڪيترن کي اجرڪن مان ٺهيل ڪپڙا پاتل هئا اڄ چوڪرين به اجرڪن مان ٺهيل گنديون پاتيون هنيون سڀ خوش هئا اڄ وڏي جوش جذي سان ثقافتي ڏينهن ملهايوپيئي ويو ڪٿي سگھڙن جي سٿ جي محفل مچيل هئي جيڪي هڪٻئي کي بيت ڏور ڳجھارتون ڏيئي رهيا هئا. ڪٿي سنڌ جي قومي راند ملهه جا مقابلا ٿي رهيا هر واهڻ وستي ڳوٺ ۾ سنڌي قومي گيت هلي رهيا هئا.اسين مٽي مان سون ٺاهڻ وارا سنڌي ، جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا سنڌي ٻولي پياري ٻولي وغيره جهڙا قومي گيت هلي رهيا هئا.اسان به هن شامل ٿيڻ وارا هئاسين هڪ وڏي ريلي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان نڪرڻ واري هئي ٻارن کي چيم جلد تيار ٿيو ريلي ۾ هلڻو آهي باقي هڪ ڪلاڪ آهي اوچتو مون کي منهنجي پٽ چيو ته رات پاڻ اچي رهيا هئاسين ته روڊ جي ڀر ۾ ڪيئن نه ٻار پٽ ۽ گاهه تي ستا پيا هئا ڪن کي ڪپڙا به پورا پهريل نه هئا ڇا اهي پنهنجي گھرن ڏانهن نه ويا آهن هن کي چيم ته هن سال جيڪو مينهن وسيو هو اڳ اهڙو مينهن نه وسيو هو مينهن ۾ هنن جو سڀ ڪجھه تباهه ٿي ويو اهي پنهنجون جانيون بچائي آيا آهن جيستائين انهن ويچارن جا گھر ٺهن ان وقت تائين اهي پنهنجي سورن ۾ زندگي ائين روڊن تي پيا گذارين انهن جون عيدون به انهن جي خيمن ۾ ٿيون. ننڍڙي چيو ته اهي اسان جا سنڌي آهن اهي هن ديس جا قديمي رهاڪو آهن ڇا اهي اڄوڪو ڏينهن نه ملهائيندا.هن کي چيم ته سنڌ ميڊيا فورم وارن هن سال ثقافتي ڏينهن انهن سان گڏ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي پاڻ انهن سان گڏ اهو ڏينهن ملهائينداسين انهن کي اڪيلو ڪين ڇڏينداسين انهن کي تحفا ۽ طعام ڏينداسين جنهن تي هن چيو ته پهرين آئون انهن وٽ وڃان ٿو انهن کي تحفو ڏيان ٿو پوءِ ريلي ۾ اچان ٿو ان تي منهنجي ڌيءَ چيو ته آئون به انهن کي تحفو ڏينديس انهن سان گڏ اڄوڪو ڏينهن ملهائينديس هنن کي چيم ته ٺيڪ هئا توهان پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي هن ڏينهن تي تحفا ڏيئي ريلي ۾ اچي شامل ٿجو هيءُ ٻيئي تيار ٿي تحفا کڻي روانا ٿي ويا ريلي نڪرڻ جو وقت ويجھو اچي رهيو هو جڏهن ثقافتي ريلي نڪرندي آهي ته ان ۾ معصوم گلن جھڙن بارڙن جو به وڏو انگ شامل ٿيندو آهي جيڪي سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪي سان ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن جنهن جاءِ تان ريلي نڪرڻ واري هئي اتي ننڍن وڏن ٻارن پوڙهن جوانن جو سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪي سان هڪ وڏو انگ بيٺل هو جڏهن منهنجي نظر منهنجي پٽ ۽ ڌيءَ تي پيئي ته انهن سان گڏ مون ٻوڏ متاٿرين ٻار به ڏٺا جيڪي سنڌي لباس ۾ ڏاڍا خوش لڳي رهيا ۽ گانن تي ناچ ڪري هئا انهن جي لبن تي مرڪون هنيون اهي ٻار هن عظيم ريلي ۾ شامل ٿي خوش ٿي رهيا هئا ٻيا به مون ڪافي اهڙا ٻار جوان پوڙها ڏٺا جن جو هن برسات جيءُ جھوري وڌو هو پر هن ريلي ۾ شامل ٿي ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا هئا انهن کي ڪنهن به نه وساريو هو ريلي مقرر وقت تي نڪتي جنهن ۾ هرڪو سنڌ جي قومي گيتن تي ناچ ڪري رهيو هو ۽ خوش ٿي رهيو هو ريلي پنهنجي مقرر هنڌ تي پهچي ختم ٿي هرڪو ڪڏندو ٽپندو خوش ٿيندو پنهنجي گھرن ڏانهن راهي ٿيو هڪ خوشي جو سمان هو سڀ هڪ هئا سڀ هڪ گھر جا ڀاتي هئا مون کي منهنجي پٽ چيو ته اسين هنن کي هنن جي خيمن وٽ ڇڏي اچون ٿا مون ڏٺو ته اهي ٻار کلندا ٽهڪ ڏيندا پنهنجي خيمن ڏانهن روانا ٿيا مون کي خوشي آهي ته اسان اڄ سڀني گڏجي پنهنجي ديس جو هيءُ ثقافتي ڏينهن گڏجي ملهايو ننڍڙن ٻالڪن کي به خوشي هئي جو انهن به پنهنجي ساٿين کي نه وساريو انهن کي هن ڏينهن ملهائڻ ۾ شامل ڪيو.


    صفائي

    اڪبر عمر جي لحاظ کان ننڍو هو پر هن جا خيال جوان هئا هي مئٽرڪ ۾ پڙهي رهيو هو اڪثر پنهنجي دوستن کي چوندو هو ته زندگي جو اصل مزو ٻين جي لاءِ جيئڻ ۾ آهي ماڻھو ٻين جي مدد ڪندو رهي هي والدين جو اڪيلو پٽ هو هن جا مائٽ هن جي همت کي ڏسي پيا باغ بهار ٿيندا هئا اڪثر پنهنجي پيءَ کي چوندو هو ته صفائي اڌ ايمان آهي پر اسان جي پاڙي ۾ گند ڪچرو ڇو آهي ناليون گندي پاڻيءَ سان ڀريون پيون آهن رستا سڀ گندا ٿيا پيا آهن جنهن جي ڪري جيوڙا ۽ مڇر وڌي رهيا آهن ۽ بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. هن جو پيءُ هن کي چوندو هو ته پٽ جيڪي وڏا باشن ڏيندا آهن اهي ڪجھه به ڪري نه سگھيا آهن پاڻ غريب ڇا ٿا ڪري سگھون ؟جنهن تي هيءُ چوندو هو ته بابا پاڻ سڀ گڏجي همت ڪريون ته سڀ ڪجهه ڪري سگھون ٿا صفائي ڪرڻ ۾ ڪو به عيب نه آهي پيءُ پٽ جون ڳالھيون ٻڌي پيو خوش ٿيندو هو ته منهنجي پٽ جي دل ۾ ٻين جي لاءِ ڪيترو جذبو آهي خدا کيس سکيو رکي کيس منهنجي عمر به ڏي. هڪ دفعي اوچتو هن جي ماءُ بيمار ٿي پئي هن کي گيسٽرو ٿيو ترت علاج جي ڪري هن جي جان بچي وئي.ڊاڪٽر هن جي پيءَ کي چيو ته هيءَ خطرناڪ بيماري آهي هن مان ڪو ڪو بچندو آهي. اڪبر وچ ۾ پڇيو ته اها بيماري ڪيئن پيدا ٿيندي آهي ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو ته پاروٿيون شيون کائڻ ، ڪنو پاڻي پيئڻ ۽ گندگي جي ڪري اها بيماري پيدا ٿيندي آهي. اڪبر گھر اچي سوچيو ته اسان جي پاڙي ۾ گندگي آهي پوءِ ته اسان جي پاڙي جا ماڻھو بيمار ٿي پوندا.هن فيصلو ڪيو ته ائون اڪيلو پنهنجي پاڙي کي صاف ڪندس ۽ پاڙي جي ماڻھن کي بيمارين کان بچائيندس. هي روز پنهنجي پاڙي جي صفائي ڪندو هو هن جي پاڙي مان گند ڪچرو ختم ٿيندو ويو جڏهن پاڙي جي ماڻھن هن جي همت کي ڏٺو ته هن جو ساٿ ڏيڻ لڳا هنن جو پاڙو صاف ٿيڻ لڳو ۽ هن جي همي ٻڌي جذبي کي ڏسي ڀر جي پاڙي وارن به پنهنجي همت تحت صفائي شرو ع ڪئي ائين اهو سلسلو وڌندو ڏسندي ڏسندي سڄو شھر صاف ٿي ويو ڪٿي به گند ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ ماڻھو گھر جو گند ڪچرو به هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن پاڙي وارن اڪبر کي چيو ته پٽ تو اسان کي سيکاريو ته زندگي جو اصل مزو ٻين جي لاءِ جيئڻ ۾ آهي.اسان کي اڄ خبر پئي ته صفائي جھڙي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي.


    جذبو

    هو ٽنگن کان معذور هو پر هن جا جذبا جوان ھئا. هن ڪڏهن به پنهنجي معذوري کي مجبوري نه سمجھيو هو. هيءُ هر روز اسڪول جي در اڳيان هڪ کوکي ۾ ٻارن جون شيون رکي اچي ويھندو هو. هر ٻار کي غور سان پيو ڏسندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن کي ڏسندي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ شروع ٿي ويندا هئا. هر ڪو هن جي لڙڪن کي پيو ڏسندو هو پر هن کان ڪير به اهو نه پڇندو هو ته هن کي ڪھڙو غم آهي جنهن جي ڪري هن جي اکين مان لڙڪ وهندا رهن ٿا. انھيءَ ئي اسڪول ۾ هڪ ٻار احمد پڙهندو هو هيءُ تمام غريب هوندو هو پر سڄـي اسڪول ۾ هوشيار هو جنهن جي ڪري سڀ استاد هن کي ڀائيندا هئا.هن جي دل به رحم واري هئي. هڪ ڏينهن هن سلو ( معذور ) کي روئندو ڏٺو ته ڪافي وقت هن کي ڏسندو رهيو. هن همت ڪري وڃي هن کان پڇيو ته چاچا توکي ڪھڙو ڏک آهي جو تون روئي رهيو آهين. سلو هن کي چيو ته پٽ تون ننڍڙو آهين توکي غمن جي ڪھڙي خبر. جنهن تي احمد چيو ته چاچا غم اسان جو مقدر آهن اسين به توهان وانگر غريب آهيون منهنجو پيءُ به توهان وانگر معذور آهي هيءُ هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو جتي هن جي ٽنگ ڪٽجي وئي پر اڄ به هنن جي خواهش آهي ته آءٌ پڙهي وڏو ماڻهو ٿيان جنهن ڪري منهنجي ماءُ سخت محنت ڪندي آهي.سلو احمد جي ڳالھه ٻڌي هن جي مٿي تي شفقت جو ھٿ ڦيريو ۽ چيو ته پٽ منهنجو به هڪ پٽ آهي ،جيڪو منهنجو سڀ ڪجھه آهي آءٌ چاھيان ٿو ته اهو به پڙھي پر آءٌ هن کي پڙھائي نٿو سگھان هن کي پڙھڻ جو شوق به ڏاڍو آهي. احمد چيو ته چاچا تون فڪر نه ڪر تون پنهنجي ننڍڙي کي اسڪول موڪل آءٌ هن جي مدد ڪندس خدا چاھيو ته اهو هڪ ڏينھن وڏو ماڻهو ٿيندو.سلو ٻئي ڏينهن پنهنجي پٽ کي اسڪول وٺي آيو احمد هن جي هر طرح جي مدد ڪندو هو هن استادن کي به سڄي ڳالھه ٻڌائي هئي اهي به سلو جي پٽ جي مدد ڪندا هئا سلو معذوري هوندي به پھرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. هن کي پنهنجو خواب پورو ڪرڻو هو. وقت گذرندو ويو احمد سلو جي پٽ کي پاڻ سان گڏ پڙهائيندو رهيو. اڄ هنن پنهنجي ڊاڪٽري جي تعليم پوري ڪئي هئي ۽ ڊگرين ڏيڻ جي لاءِ هڪ سيمينار ٿي رهيو هو.جنهن وقت اعلان ڪيو ته هن سال سڄي ڪاليج ۾ ٻه ڄڻا نمبر کڻي آيا آهن اهي احمد ۽ واجد (سلو جو پٽ) آهن. سڀني هنن جي ڪاميابين تي تاڙيون وڄايون سلو پنهنجو خواب پورو ٿيندي ڏسي خوش ٿي رهيو هو.جڏهن واجد کي ڳالھائڻ جي لاءِ چيو ويو ته هن چيو ته اڄ جيڪو مونکي ايوارڊ ملي رهيو آهي ان جو حقدار آءٌ نه پر احمد ۽ منهنجو پيءُ آهن جن هر قدم تي منهنجي مدد ڪئي. اڄ به منهنجي پيءَ جا جذبا جوان آهن اڄ آءٌ اوهان کي پنهنجي پيءٌ سان ملائيندس اهو ان ڪري جي ڪنهن مسئلي کي مجبوري نه سمجھو پر همت ڪريو جيئن اسان جي سماج ۾ رهندڙ سڀني غريبن جا ٻار پڙهي سگھن. جنهن وقت واجد جي پيءُ کي احمد مٿي اسٽيج تي وٺي آيو ته سڀ حيران ٿي ويا ته احمد جي پيءُ معذور ي هوندي ڪيئن نه پنهنجي پٽ کي پڙھايو آهي.اسان کي به هن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. هر ٻار کي علم جي لاٽ سان منور ڪرڻ گھرجي.معذُري ڪڏهن به مجبوري نه ٿيڻ ڏجي. پر سلو وانگر ارادا ۽ جذبا مضبوط رکڻ گھرجن. مضبوط جذبن سان ڏکي منزل به آسان ٿي ويندي.


    ايڪتا خوشي

    هر طرف واهڻ وستي ڳوٺ شهر ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان ماحول جرڪي رهيو هو هر ڪنهن سنڌي کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍيل هئي نياڻين کي سنڌي ڀرت ۽ گج وارا ڪپڙا پهريل هئا هرڪو اڄ خوش هو هيءَ هنن جي ثقافت جي ڏهاڙي جي عيد هئي.آچر جي موڪل هئڻ سبب اسڪول ڪاليج بند هئا جنهن ڪري ٻار ويتر خوش هئا هر ڳوٺ ۾ سگھڙن جون محفلون مچ مشاعرا ٿي رهيا اديبن جي طرفان ادبي پروگرام ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪيا ويا پئي.احسن به پنهنجي گھر کان سنڌي ٽوپي پائي اجرڪ ڪلهن ۾ ويڙهي نڪري رهيو هو ته هن کان سندس والد پڇيو ڪيڏانهن ٿو وڃين جنهن جي موٽ ۾ هن چيو ته بابا اڄ اسان جي اسڪول ۾ هڪ ثقافتي پرگرام آهي ان ڪري اسڪول وڃان ٿو ٻاهر منهنجو دوست علي بيٺو آهي ، جنهن تي هن کي سندس والد چيو ته پٽ واپسي ۾ پنهنجي دوست کي ساڻ وٺي اچج اڄ پاڻ سنڌي ڀت کائينداسين ان ۾ تنهنجو دوست به شامل هجي ته بهتر ٿيندو. جنهن تي احسن چيو ته بابا علي کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندس.علي احسن جو پيارو دوست ۽ لاس جو ساٿي هو. جڏهن احسن پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪتو ته علي بيٺو هو هن يڪدم علي کي ڏسي چيو ته هي ڇا يار تون تيا نٿيو آهين پاڻ کي اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ۾ هلڻو آهي ان ۾ پاڻ کي حصو به وٺڻو آهي.جنهن تي علي احسن کي چيو ته دوست آئون تيار آهيان هاڻي هل ته هلون جنهن تي احسن هن کي چيو ته دوست اڄ ثقافتي ڏينهن آهي اهو اسان سنڌين جي لاءِ عيد جھڙو ڏينهن آهي تو ٽوپي نه پاتي آهي اجرڪ نه اوڍي آهي احسن جي ان جملي تي علي جي اکين ۾ پاڻي تري آيو هن چهري کي زمين جي طرف ڪيو ته هن جي اکين مان لڙڪ موتين جي لار ڪري زمين تي ڪريا ٿي ۽ زمين ۾ جذب ٿي ويا ٿي احسن يڪدم علي کي چيو ته ڇا ٿيو ؟ دوست تنهنجي اکين ۾ لڙڪ تنهنجو چهرو ڪومائجي ويو آهي ان تي علي چيو ته دوست احسن اسان غريبن جون ڪهڙيون عيدون اسان مڙيئي زندگي جي گاڏي کي هلايون پيا توکي خبر آهي ته بابا وفات ڪري ويو آهي امڙ پراون گھرن جي ٿانو ٻهاري ڪري ٿي جنهن ۾ جيڪو به ملي ٿو ان سان مون کي ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ کي پالي ٿي اسان جون ڪهڙيون خوهشون ڪهڙيون تمنائون امڙ جو خواب آهي ته آئون پڙهي ڪا نوڪري ڪريان امڙ جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ جي لاءِ پڙهان ٿو ۽ محنت ڪريان ٿو جيئن امڙ جو خواب اڌورو نه رهي پر ان جي تعبير امڙ پنهنجي اکين سان ڏسي مون کي خبر آهي ته امڙ جي دل ۾ هزارين خواهشون ارمان ڏک آهن جيڪي هوءَ اسان کان پنهنجي اندر لڪائي جي رهي آهي امڙ جون به آسون امنگون آهن دوست امڙ اسان کي مشڪل سان کارائي ٿي اها منهنجي لاءِ ٽپي اجرڪ ۽ ڀيڻ جي لاءِ گج وارو وڳو ڪٿان آڻي اسان جھڙي به حال ۾ آهيون خوش آهيون هل ته هلون دير پئي ٿئي جنهن تي هن علي کي چيو ته ٻه منٽ ترس آئون اچان ٿو علي چيو ٺيڪ آهي پر جلد اچ آئون انتظار ڪريان ٿو احسن سڌو گھر پنهنجي والد وٽ ويو ان کي چيائين ته بابا آئون توهان وٽ هڪ م سان آيو آهيان جي ناراض نه ٿيو ته اوهان کي چوان.احسن جي والد پنهنجي پٽ کي چيو ته پٽ ٻڌائي ڇا ڳالهه آهي ؟ جنهن تي احسن پنهنجي پيءُ کي احسن جو سڄو قصو ٻڌايو اهو به چيو ته بابا اڄ سڄي اسڪول جا ٻار ثقافتي لباس ۾ ايندا پر منهنجو غريب دوست ثقافتي لباس ۾ نه هوندو جنهن جو مون کي ارمان آهي بابا هاڻي اوهان ٻڌايو ته آئون ڇا ڪريان. احسن جي پيءُ احسن کي ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته پٽ اڄ مون کي فخر آهي ته منهنجي پٽ کي دوستن جي تڪليف جو احساس آهي غريبن جي خواهشن جي لاءِ سوچي ٿو پٽ اصل خوشي به تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ٻيا به غريب اسان سان گڏ خوشين ۾ شامل هجن جڏهن غريب خوش هوندا ته اهي دعائون ڪندا پٽ هي ميز تي ٽوپي ۽ اجرڪ پيئي آهي گج وارو تنهنجي ڀيڻ جو ٻيو وڳو پيو آهي اهو کڻ پنهنجي دوست ۽ ان جي ڀيڻ کي به ثقافي ڏينهن تي ثقافتي لباس اوڍائي جيئن هنن جي دل ۾ ڏک ۽ ارمان نه رهي هنن کي پنهنجي پيءُ جي جدائي ڏک نه جھوري. جڏهن احسن جو خواب پورو ٿيو ته هن جو چهرو ٻهڪڻ لڳو هيءُ ٻاهر نڪرڻ لڳو ته هن جي پيءُ چيو ته پٽ لي جي امڙ ۽ ڀيڻ کي به واپسي تي وٺي اچجان اڄ پاڻ سڀ گڏجي ماني گڏ کائينداسين احسن گر کان ٻاهر نڪري علي کي چيو ته علي پهرين تنهنجي گھر ٿا هلون اتي ڪم آهي. هيءُ جڏهن علي جي گھر پهتا ته علي جي ڀيڻ اڱڻ ۾ پٿرن سان راند ڪري رهي هئي اهشن هن کي سڏ ڪري وڳو ڏنو ۽ چيو ته اهو هينئر ئي پائي. علي جي ڀيڻ وڳو وٺي باغ بهار ٿيڻ لڳي احسن علي کي ٽوپي پارائي ۽ ڪلهن ۾ اجرڪ واڙهي اسڪول طرف ورانو ٿيو اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ۾ هنن کي انعام مليو جيڪو هيءُ وٺي خوش ٿيا اتان سڌو علي جي گھر ويا جتي احسن علي جي ماءُ کي پنهنجي گھر هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو پر علي جي زور ڀرڻ تي راضي ٿي چارئي احسن جي گھر پهتا جتي هنن گڏجي ماني کاڏي علي جي ماءُ احسن جي ماءُ سان ڪچهري ڪرڻ لڳي علي جي ڀيڻ احسن جي ڀيڻ سان راند ڪرڻ لڳي علي ۽ احسن وري احسن جي پيءُ سان محفل مچائي جتي علي وارن جا ڏک ڪجھه پل اءِ ڏور ويا هليا هيءُ خوش ڏسڻ ۾ آيا گھر ۾ هڪ وڏي خوشي وڏي عيد جهڙو ماحول جڙي ويو احسن جي پيءُ احسن کي چيو ته پٽ اسان جي ثقافتي ڏهاڙي جي اصل خوشي ۽ اڪتا اها آهي جو اڄ اسان سڀ گڏجي پنهنجو خوشي وارو پهچان وارو ڏينهن گڏجي ملهائي رهيا آهيون اصل خوشي ۽ ايڪتا اها آهي ته اسان سڀ هج هجون سڀ گڏ هجون


    اڻپورا خواب

    هو جڏهن رستي تان اسڪول جي ڊريس ۾ گذرندو هو ته هن جي چهري تي خوشي ۽ مرڪ هوندي هئي هن جو پيءُ هڪ غريب مزدور هو هن ٻالڪ ۾ هن جا سپنا سمايل هئا هر ماڻهو هن ٻالڪ جي اخلاق جي واکاڻ ڪندو هو اسڪول ۾ هيءُ هوشيار هوندو هو جنهن ڪري اسڪول جا استاد ۽ ساٿي هن سان چاهت رکندا هئا مون کي به خوشي ٿيندي هئي جڏهن هن غريب جي آئون واکاڻ ٻڌندو هوس. پر هيءُ ڇا؟ هن ٻالڪ جي هٿن مان قلم ۽ ڪتاب ڪيڏانهن ويا هليا انهن جي جاءِ تي پانا آهن هن جي اسڪول جي خوبصورت ڊريس جي بدران ڪاري تيل سان رنڱيل ڪپڙا پاتل هئا هن جي چهري تي اها مرڪ نه هئي هيءُ اسڪول ويندڙ ٻارن کي اداس نيڻن سان ڏسندو رهندو هو. هن کان هڪ ڏينهن سوال ڪيم ته هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا جيڪي ڪنهن برسات جيان وهڻ لڳا جن ۾ هڪ ڏک جو سمنڊ سمايل هو هن لڙڪن کي ميري ٻانهن سان اگھندي چيو ته منهنجي پيءُ وٽ ايترا پيسا نه هئا جو منهنجي امتحاني فارم جي في ڀري سگھي ها جنهن تي هن کي چيم ته تعليم مفت آهي هن ان جو جواب ڏنو ته ڇا ڪتابن ڏيڻ سان تعليم مفت ٿي ويئي اڳيان ڪاپين جو خرچ به آهي امتحان جي في به آهي جيڪڏهن بابي وٽ امتحاني في هجي ها ته آئون به فارم ڀرائي سگھان ها منهنجي ڪنهن به مدد نه ڪئي ان ڪري امتحان ته نه ڏئي سگھان ها ان ڪري پنهنجو قلم ٽوڙي ڪتاب تاڪ تي رکي هن ڌنڌي کي اچي لڳو آهيان جيڪي منهنجا خواب هئا اهي اڻپورا ئي رهجي ويا هن جي جواب تي ڄڻ منهنجو جيءُ جھري پيو سوچڻ لڳس ته خبر نه آهي ڪيترا ٻار اهڙا ذهين هوندا جيڪي امتحاني فارم نه ڀرڻ سبب پنهنجي سپنن ۽ خوابن کي اڻپورو ٿيندي ڏسندا هوندا


    معذوري نه آهي مجبوري

    واسو جڏهن ڄائو هو ته هن جا مائٽ تمام گھڻو خوش ٿيا هنن جو اڳ به اولاد هو پر هن تي اهي سرها ٿيا هئا هن سان سڀ دل وجان سان پيار ڪندا هئا. هن کي ڪنهن به تڪليف ۾ برداشت نه ڪندا هئا. هڪ ڏينهن هن جي طبيعت خراب ٿي ويئي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا ڊاڪٽر هن جو علاج ڪيو. پر ڪجھه ڏينهن بعد هن کي هڪ ٽنگ ۾ تڪليف ٿي جڏهن وري ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويو ته ان چيو ته هن کي پوليو ٿيو آهي اهو ٻڌي هن جي مائٽن جي منهن تان مرڪ ڄڻ کسجي ويئي. ائين وقت خاموشي سان گذرندو ويو هيءُ پنجن سالن جو ٿيو هڪ لٺ جي سهاري تي پنهنجي ڀاءُ جي دوڪان تي اچي ويهندو هو.جتي پنهنجي منهن پيو رانديون ڪندو هو. پر اتي هن جي هڪ عادت هوندي هئي ته صبح جو اسڪول ويندڙ ٻارن کي غور سان پيو ڏسندو هو جڏهن ٻار موڪل مهل اتان لنگھندا هئا ته وري به انهن کي پيو ڏسندو هو.ائين محسوس ٿيندو هو ته هن جي دل ۾ لڪل خواهش آهي ته آئون به انهن ٻارن وانگر اسڪول وڃا ن اتي وڃي پڙهان. هڪ ڏينهن اوچتو صبح جو هن پنهنجي ڀاءُ کي قميص کان جھليو ان کي چيو ته هي ٻار اسڪول پيا وڃن مون کي به اسڪول وٺي هل. ڀاءُ گھڻو ئي پئي نٽايو پر هيءُ ضد ڪري ويهي رهيو ته آئون اسڪول ويندس. هن واسو کي چيو ته ٻار توکان وڙهندا توکي تنگ ڪندا هن چيو ته اهي منهنجا دوست ٿيندا مون سان نه وڙهندا. هن جو ڀاءُ هن کي اسڪول ۾ وٺي ويو ۽ ان استاد سان وڃي مليو جنهن وٽ پاڻ پڙهيو هو استاد کي چيائين ته سائين هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي ضد ڪريو ويٺو آهي ته آئون پڙهندس. استاد ننڍڙي کان پڇيو تنهنجو نالو ڇا آهي هن چيو ته واسو استاد وري پڇيس تون پڙهندين جنهن تي هن چيو ته آئون پڙهندس استاد هن جي ڀاءُ کي چيو ته هن کي پڙهڻ جو شوق آهي هن کي ڇڏيو ته هيءُ پڙهي جنهن تي هن جي ڀاءُ چيو ته سائين هيءُ ته.......... استاد اڌ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو ته تون چوڻ ٿو چاهين ته هيءُ معذور آهي. پر ٻڌ هيءُ معذور ضرور آهي پر مجبور نه آهي هن جو جذبو زنده ۽ مضبوط آهي ته آئون به پڙهان. هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو سڀ هن جو نالو وٺندا هن جي ايتري عزت ٿيندي جو اوهان ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. ائين واسو روز اسڪول وڃڻ لڳو دل و جان سان پڙهڻ لڳو هن جو شمار اسڪول جي تمام هوشيار شاگردن ۾ ٿيڻ لڳو. هڪ دفعي اسڪول ۾ والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ تعليم کاتي جا آفيسر ، شهري ، استاد ۽و الدين شريڪ هئا ان پروگرام ۾ واسو انگريزي ۾ تقرير ڪري سڀني کي ڏيندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون هن جو هر لفظ ائين ٿي گونجيو ڄڻ هيءُ انگريزي جو ماهر هجي اهو سڀ استادن جي محنت جو نتيجو هو جن هن کي تيار ڪيو هو هن کي پهرئين نمبر جو ايوارڊ مليو ۽ ڪيترائي روڪ انعام به مليا. ائين هيءُ پنجون پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ ويو جتي به هن پاڻ مڃرايو ۽ مئٽرڪ کان ڪاليج ۾ ويو اتي به هن پنهنجي محنت کي نه ڇڏيو هر سال سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو ويو پڙهائي دوران هن کي ڪمپيوٽر سکڻ جو شوق ٿيو هن پنهنجي د ل جي ڳالهه هڪ استاد سان ڪئي جنهن پنهنجي هڪ دوست جي دوڪان تي ڇڏيو جتي به هن محنت ڪئي ٿوري وقت ۾ ڪمپوزنگ ، هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جو ماهر ٿي ويو. انٽر کان پوءِ هن جو شوق هو ته آئون يونيورسٽي ۾ پڙهان هن انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪئي ان ۾ پاس ٿيو هن جي يونيورسٽي داخلا ٿي ويئي اڄ به هيءُ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو آهي ڪمپيوٽر جي ڪم جو به ماهر آهي جنهن ڪري هن جي پڙهائي جو خرچ نڪري رهيو آهي هيءُ اڳتي وڌي رهيو آهي هن جي محنت جي ڪري اڄ هر ڪنهن جي دل ۾ هن جي عزت آهي هن کي اڄ جيڪا به عزت ملي ٿي اها هن جي محنت جي نتيجي جو ڦل آهي هن پنهنجي مغزوري کي ڪڏهن به مجبوري نه سمجھيو آهي هن مان اسان کي سبق وٺڻ گھرجي. جيڪو هن سبق ڏنو آهي ته معذوري مجبوري نه آهي. محنت سان هر مشڪل آسان ٿي ويندي آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان هن کي ڪنهن وڏي عهدي تي ڏسنداسين.


    ٻين جي مدد ڪرڻ

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ ٻه دوست سليم ۽ احمد رهندا هئا هنن جي پاڻ ۾ تمام گھڻي ٻڌي هوندي هئي ۽ هيءُ ٻئي دوست مال جو واپار ڪندا هئا. هڪ دفعي ٻنهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هتي هاڻي واپار جو چاڙو نه آهي ڪنهن ٻئي هنڌ هلي واپار جي مال خريد ڪجي جيئن ڪجح ڪمائي سگھجي جنهن ٻئي دوست راضي ٿيا ۽ تياري ڪرڻ لڳا. وڃڻ مهل هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪ فيصلو ڪيو ته ڪهڙيون به حالتون اچڻ تڪليفون اچن پر هڪٻئي جو ساٿ نه ڇڏبو. ٻنهي دوستن هام ڀري. جنهن ڳوٺ ۾ هنن وڃڻ جو فيصلو ڪيو ان جو رستو هڪ گھاٽي جھنگ مان جنهن ۾ ڪيترائي خطرناڪ جانور به هئا. هيءُ به پنهنجو سمر سنباهي رستو وٺي هلڻ لڳا جڏهن هي وچ جھنگ تي پهتا ته اهي هنن کي ڪافي ڏينهن گذري چڪو هو. هلندي اوچتو هنن جي ڪنن تي رڇ جو آواز پيو هنن هر طرف نهاريو پر رڇ نظر نه آيو. سليم پنهنجي دوست کي چيو ته ڀلو ان ۾ آهي ته هتان نڪري ڀڄون پر احمد چيس ته پاڻ کي منزل تي رسڻو آهي جيڪو ارادو ڪري نڪتا آهيون اهو پورو ڪرڻو آهي. پر سليم چوي ته نه واپش هلڻو آهي ائين انهن جو بحث وڌندو ويو اوچتو سليم جي نظر رڇ تي پيئي هن احمد کي چيو ته هو سامهون رڇ آهي هل ته ڀڄون پر احمد چيو ته پاڻ جيڪو عهد ڪيو آهي ان کي پارڻو آهي سليم چيس ته يار زندگي هر ڪنهن کي پياري آهي تون ڀلي هتي هج پاڻ هلون ٿا ڀڄڻ ڪم وريام جو. سليم اهڙي ته ڊوڙ پاتي جو پلن ۾ نظرن کان گم ٿي ويو. احمد ڏٺو ت جيئن پوءِ تيئن رڇ جو آواز وڌي رهيو آهي هي آهستي آهستي ڪلندو ان طرف ويو ته هن ڏٺو ته رڇ هڪ ڄار ۾ ڦاٿو پيو آهي هن آهستي وڃي ڄار کي وڍي رڇ کي آزاد ڪيو. رڇ صرف هن ۾ شڪرئي جي نظر وجھي هلندو ويو. احمد پنهنجو سفر جاري رکيو هلندي هن کي رات ٿي ويئي هيءُ هڪ سٺي جڳهه ڏسي اتي ويهي رهيو ته ڪجهه آرام جڪي پوءِ وري صبح جو سفر جاري رکجي. هيءُ وڻ هيٺ سمهي رهيو. جڏهن اڃا صبح به نه ٿيو هو ته پکين جي رڙين ي هن اک کولي هن ڏٺو ته هيءُ پکين جي جاڳڻ ۽ رب جي واکاڻ ڪرڻ رزق تلاش ڪرڻ جو وقت نه آهي پوءِ هيءُ پکين ۾ ٽاڪوڙو ڇو مچي ويو آهي هن هر طرف نگاهه ڪئي ۽ جنهن وڻ طرف پکين جو لامارو هو اهو اهوئي وڻ هو جنهن هيٺيان هي ستل هو هن ڏٺو ته هڪ نانگ وڻ تي چڙهي رهيو هو ان وڻ ۾ هن پکين جا آکيرا به ڏٺا هئا جنهن ۾ پکين جا ٻچا هئا. هن يڪدم پنهنجي تلوار سان نانگ تي وار ڪري ان کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. هن پوءِ ڄڻ پکين جو احسان مڃيو ۽ پکين وري هن جو احسان مڃيو. هاڻي هيءُ تيار ٿي سفر کي جاري رکڻ لاءِ هليو. هلندي هيءُ ڪ ڳوٺ ۾ پهچي ويو جتي هن ڪافي مال خريد ڪيو پر ان جو مال ٿورو اڳتي هلڻ بعد هڪ ٻيو واپاري وٺي ويو. جنهن مان هن کي گھڻي اپت ٿي هن ڳوٺ وارن کان ٻيو رستو معلوم ڪيو جيڪو پهرينرستي کان سولو ۽ آسان به هو. هيءُ ان رستي تي هلندو رهيو هلندي هن کي هڪ هنڌ دونهون نظر آيو جيڪو تمام گھڻو هو ڪجھه مفاصلي تي ٻارن ۽ ورتن جون دانهون ٻڌيون. هن جي دل ۾ همدردي ۽ رحم جو جذبو اڳيئي هو سو هيءُ ان طرف ويو. هن انهن ماڻهن کان پڇا ڪيئي ته ڇا ٿيو آهي هنن ٻڌايو ته رات اوچتو اسان جي گھر ن کي باهه لڳي جنهن ۾ سڄو ڳوٺ وڪوڙجي ويو اسان صرف سر بچائي نڪتا آهيون اسان جو سڀ ڪجھه باهه ۾ سڙي ويو هاڻي اسان وٽ ڪجھه به نه آهي معصوم ٻار به بک تي آهن. هن دل ئي دل چيو ته ڇو نه هنن جي مدد ڪجي مون کي رب پاڪ وري ڏيندو هن وٽ جيڪا رقم هئي اها هن انهن کي ڏيئي چيو ته ٻارن جي لاءِ پنهنجي لاءِ کاڌو وٺي اچو مون وٽ هن وقت جيڪو آهي اهو توهان کي ڏيان ٿو. هي انهن کي ڏيئي واپس ڳوٺ پهتو ته هن کي هن جو دوست مليو جنهن هن کان حال احوال ورتو جنهن تي احمد هن کي سمورو قصو ٻڌايو سليم قصو ٻڌي احمد کي چيو ته يار مون تو جھڙو بي وقوف نه ڏٺو آهي جيڪو پنهنجو پيسو ٻين کي پاڻ خالي هٿين وريو آهي. جنهن تي احمد چيو ته ته مون ڏکايلن جي پرگھور ڪئي آهي ان جو اجر مون کي منهنجو رب ڏيندو. ائين وقت گذرندو رهيو هڪ ڏينهن احمد پنهنجي گھر جي اڱڻ ۾ ويٺو هو ته هن ڏٺو تجه ڪجھه پکي هن جي گھر مٿان اڏامي رهيا آهن هن سمجھيو ته اڃايل آهن تڏهن ڦري رهيا آهن هن انهن جي لاءِ پاڻي جو ڪونڊو ڀري رکيو پر انهن پاڻي نه پيتو اوچتو احمد جي اڳيان پکين جي چهنب مان ڪريل ننڍڙي ٿيلهي اچي پيئي ۽ ٿيلهي ڪرڻ کان پوءِ پکي واپس هليا ويا احمد جڏهن ٿيلهي کولي ته ان ۾ هڪ نقشو هو ان تي لکيل هو هو ته هن نقشي ۾ ڏيکاريل وڻ وٽ خزانو آهي هيءُ نقشو جنهن کي ملي اهو وڻ هٿ ڪري ان مان خزانو ڪڍي اهو خزانو ان جو هو. احمد غور سان نقشي کي ڏٺو هيءُ ان ئي جھنگ جو هو جنهن ۾ هن ناگ ماريو هو هو اهوئي وڻ هو جنهن هيٺ آرام ڪيو هو هيءُ تيار ٿي ان طرف ويو جڏهن هن ٿورو ڏو ئي مس کوٽيو ته هن کي خزانو ملي ويو. هيءُ خزانو کڻي گھر آيو زندگي جا ڏينهن سکيا گذارڻ لڳو هن جيڪا ٻين جي مدد ڪئي ان جو هن کي سلو ملي ويو تنهن ڪري پيارا ٻارو اسان کي ٻين جي مدد ڪرڻ گھرجي ان جو سلو اسان کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ملندو.


    عقلمند وزيرزادي

    ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ملڪ ۾ هڪ رحمدل نرم بادشاھ رهندو هو. هن مان سندس رعايا تمام گھني خوش هوندي هئي. هن کي صرف هڪ پٽ هوندو هو جيڪو پنهنجي پيءُ وانگر همدرد رحمدل ايماندار ۽ ٻين جو خيال رکڻ وارو هو. بادشاھ وٽ جيڪي به امير وزير هوندا هئا انهن کي ڀائيندو هو. تنهن ڪري اهي بادشاھ مان خو ش هئا. هڪ ڏينهن بادشاھ بيمار ٿي پيو حڪيم ۽ طبيب آيا پر هن جي صحت تي ڪوبه فرق نه پيو ۽ بادشاھ گذاري ويو. جنهن بعد هن جو پٽ بادشاھ ٿيو هن جي عمر وڏي نه هئي پر هيءُ مڪمل نوجوان هو. جڏهن هيءُ حڪومت تي ويٺو ته هن اهي ساڳيا امير ۽ وزير رکيا جيڪي هن جي پيءُ جي وقت ۾ هوندا هئا انهن سان ائين هلندو هو. جيئن هن جو پيءُ هلندو هو. هڪ ڏينهن هيءُ دربار ۾ ويٺو هو ته هن پنهنجي قانوني وزير کي چيو ته ڪجھه وزيرن مون کي چيو آهي ته توکي پنهنجي هوشياري تي غرور آهي. جنهن تي هن چيو ته مون کي ڪوبه غرور نه آهي ڀلي مون کي آزمائي ڏسو. بادشاھ هن کي چيو ته آئون ڪجھه توهان کي سوال ڏيان ٿو ڇهن مهينن کان پوءِ مون کي انهن جا جواب ڏجو. پهريون سوال آهي ته دلي ۾ ڇانهي وجھي ڏيکاريو ٻيو سوال آهي ته هڪ ڇيلو ڏيان ٿو سال کان پوءِ به اهڙو هجي جهڙو هن وقت آهي ٽيون سوال آهي ته آسمان ۾ تارا ڪيترا آهن. وزير اهي سوال ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ عجب ۾ پئجي ويو ته دلي ۾ ڇانهي ڪيئن ويندي ڇيلو سال کان پوءِ ه ن وقت جهڙو ڪيئن هوندو اهو وڏو ٿيندو مچندو ۽ آسمان ۾ ڪير تارا ڳڻي سگھندو هي پريشاني جي عالم ۾ گھر آيو هن جي ڌيءَ هن کي ڏٺو ته هيءُ پريشان لڳي رهيو هو ڌيءَ پڇيس ته بابا سائين ڇا ڳالهه آهي ؟ اوهان پريشان آهيو. جنهن تي هن پنهنجي ڌيءَ کي بادشاھ جا ڏنل سوال ٻڌايا. وزير جي ڌيءَ به پنهنجي پيءَ وانگر قابل هئي ان چيو ته بابا ڇهن مهينن کان پوءِ سوالن جا جواب مون کان وٺجو. وزير پريشاني جي عالم ۾ گذارڻ لڳو ائين وقت گذرندو ويو ڇهه مهينا اچي پورا ٿيا. هن پنهنجي ڌيءَ کي ڇيو ته ڇهه مهينا پورا ٿي ويا آهن. هاڻي آئون انهن سوالن جا جواب ڪهڙا ڏيان. هن کي ڌيءَ چيو ته بابا سائين آئون توهان کي ڏيان ٿي. وزير جي ڌيءَ ڇيلو کڻي آئي ته اهو ايتري جو ايترو هو. دلو ڏنو ان ۾ ڇانهي پئي هئي هڪ ويڙهيل پنو ڏنو ته اهو بادشاهه کي ڏجو هڪ ٻيو پنو ڏنو ۽ چيو ته هن ۾ انهن جا جوابن جا تفصيل آهن بادشاهه چوي ته هن مانڏسي ٻڌائجو ا هي بادشاھ جي ٽنهي سوالن جا جواب آهن. وزير جڏهن بادشاھ جي درٻار ۾ پهتو ته بادشاهه چيس قانون جا وزير ڇهه مهينا پورا ٿي ويا هاڻي سوالن جا جواب ڏي جيڪڏهن جواب صحيح مليا ته توهان کي ترقي ڏني ويندي جيڪڏهن توهان حل نه ڪيا ته توهان کي عهدي تان هٽايو ويندو. بادشاهه پهرين سوال جو جواب طلب ڪيو ته دلي ۾ ڇانهي هجي وزير بادشاهه جي اڳيان دلو رکيو جنهن کي هن ڏٺو ته ان ۾ وڏي ڇانهي پيل هئي بادشاهه حيران ٿي ويو ته دلي ۾ ڇانهي ڪيئن آئي. ٻيو سوال ڇيلو ايتري جو ايترو هجي جڏهن ڇهن مهينن بعد ڇيلو بادشاهه جي اڳيان آندو ويو ته اهو ايترو هو. ٽيون سوال هو ته آسمان ۾ تارا ڪيترا آهن. وزير ڌيءَ جو ڏنل پنو بادشاهه کي ڏنو جنهن ۾ سوراخ هئا. ۽ چيو ته آسمان ۾ ايترا تارا آهن جيترا سوراخ آهن هاڻي اهي ڳڻايو. جنهن تي بادشاهه چيو ته اهي ڳڻي نٿا سگھجن ته وزير چيو ته آسمان جا تارا به لا محدود آهن اهي ڳڻي نٿا سگھجن. ان بعد بادشا هه وزير کان پچيو ته اهي سوال تو ڪيئن حل ڪيا ته هن ڌيءَ طرفان ڏنل پنو کولي پڙهيو جنهن ۾ پهرين سوال جو جواب هو ته ڇانهي جي ول پوکي ويئي جيئن ننڍڙي کانهي ٿي ان کي دلي ۾ وڌو ويو اها دلي جي اندر وڏي ٿيندي ويئي پوءِ ان کي ول کان ڪٽيو ويو ته اهي دلي ۾ اندر ٿي ويئي. ٻئي سوال جو جواب اهو ته روزانو صبح ۽ شا م جو ڇيلي کي گاهه جو ڍوءُ ڪرائي هن کي شينهن جي سامهون آندو ويندو هو شينهن جي خوف جي ڪري هن ۾ ڪوبه اضافو نه ٿيو اهو ڇيلو خوف ۾ ڊنل رهيو. تئين سوال جو جواب پني ۾ سوراخ آهن ته اهي نٿا ڳڻي سگھجن ان وانگر آسمان جا تارا به نٿا ڳڻي سگھجن. بادشاهه وري هن کان سوال ڪيو ته توهان انهن سوالن جا جواب ڏسي ڇو ٻڌايا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471360
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ