ڪتاب جو نالو: فداحسين ڦودني،ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 19 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1356 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 937 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”فدا حسين ڦودني، ڌني بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :”هن ڪتاب جي تحريرن ۾ ٽيهه چاليهه سال پراڻي سنڌ جي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جا اولڙا ۽ عڪس آهن، هنن تحريرن ۾ سنڌ جي زوال جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ تائين نهايت پابنديءَ سان جاري آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ارپنا، انتساب
  • هن ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران :
  • هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي
  • دل جو معاملو
  • ٻولين واري فساد جو اولڙو
  • نسلي برتري
  • سانڊا رنگ مٽائيندا آهن
  • مان هلڪڙو
  • ٻولين جو به مذهب هوندو آهي ڇا؟
  • لينن جو پٽ مولو
  • ڦندڻ IN درساڻو ڇنو
  • سياست ۽ صلاحڪار
  • چِـتـاءُ
  • اکـيـون
  • يارهن ميمبر پنجيتاليهه ميمبرن تي ڀاري
  • اڄ پڻ وايون ڪن
  • ڀينڀوريون
  • حسين دڙڪو
  • نوان صوبا
  • ڪٻي جي ڳالهه
  • بيوقوف ڪبوتر جو موت
  • سوڙ جيترا پير ڊگهيڙڻ
  • عجيب نسخن جو قلمي ڪتاب
  • نيڪ ۽ بد سمگلنگ
  • دل جو آواز
  • ڳچيءَ پاتل ڏند
  • غريب عوام کي ڇا گهرجيِ
  • ليڊي فش
  • وقت جو انتقام
  • اسٽوڊنٽ ليڊر
  • ٻڪر ۽ ماڻهو جو گوشت
  • ڦودني جو سوال
  • غريب جو هڏ ڏوکي
  • قلم جو جديد استعمال
  • ڪلا ڪير هئي؟
  • قلمي ڪتاب مان گم ٿيل باب
  • هر دلعزيز ٿيڻ جو نسخو
  • ڌرتيءَ جو درد
  • سڀني کان وفادار جانور
  • ڏک جي پڄاڻي نه آهي
  • قيامت ڪاري ٿيڻ
  • پـڃـرو
  • ڦندڻ جيئرو آهي
  • ڦندڻ لاءِ ڪنوار جي ڳولا
  • قرض جو مرض
  • ساڄي ۽ کاٻي ڌر
  • ٻليءَ سان عشق
  • پهاڪن جي پڄاڻي
  • ڄمندي ڄام
  • مٿي جو ڌڪ
  • آل سنڌ بيپير ايسوسئيشن
  • بـوٽ
  • منهنجي پڄاڻان
  • چورن مٿان مور
  • آئيندي جو اونو
  • محبت ۽ مرڻ
  • زلزلو
  • پنهنجو علاج پاڻ ڪجي
  • کَـلَ
  • درٻارين جو معاشرو
  • مرڻ به مشڪل آهي
  • جديد دور ۾ روزو رکڻ ۽ کولڻ
  • ٻڪر ۽ مان
  • ڌانڌلي ٿيندي ته هارائبو
  • گدڙ سچ نه ڳالهائيندا آهن
  • ديسي ايجنٽ
  • ڦدا حسين ڦودني جو طوطو
  • چانهن جي پتي ملي رهي آهي
  • ٻليءَ جي خواب ۾ ڇڇڙا
  • اوهين جيڪڏهن فقط انسان آهيو
  • اسان غريب عوام جا غريب نمائندا
  • سڀ ڪجهه مزي ۾ آهي
  • ڌني جي واپسي
  • ڌڻي بخش ڌني جا ٽي ڪم
  • سب چلتا هے
  • رک ۾ چڻنگ ڳوليان ٿو
  • ڊڄو ان ڏينهن کان
  • فائيل، جيڪي بند نه ٿيندا آهن
  • مالڪ تون درد ڪٽيندين
  • ڦندڻ جو پرابلم
  • ٻڪر

  • ترتيب

    ارپنا، انتساب

    Dedication


    گم ٿي ويل سنڌ جي سونهن، سوڀيا، سمجهه، تهذيب، تمدن، گيان ۽ ڌيان جي نالي جن کان سواءِ سنڌ ڍونڍ جو ڍير ٿي پيئي آهي. سنڌ کي ڳجهون، بگهڙ ۽ چراخ ورائي ويا آهن.

    امرجليل


    هن ڪتاب بابت

    هن ڪتاب بابت

    منهنجي جيجل امڙ جهڙي ڀيڻ منهنجي ڇپيل، اڻ ڇپيل تحريرن جا فائيل، اخبارن جا انبار، ڪپ، ٽرافيون، ميڊل، ٽيسٽيمونيل، ڪرڪيٽ ڪيپرس يعني ٽوپيون، ويندي جو منهنجي ڇٽيءَ جو چولو به سنڀالي رکيو آهي، ڪپ ٽرافيون ۽ ميڊل مون وراهي ڇڏيا. اخبارن جا ڍير ڏيئي ڇڏيم نوجوان تعليمي محقق مختيار احمد ملاح کي. مختيار عنوانن ۽ ڪردارن مطابق ڇنڊڇاڻ ڪري ڪتابن جا مسودا ٺاهي مونکي ڏيندو رهيو آهي. مان سندس ٿورائتو آهيان. اعتراف ٿو ڪريان ته اهو ڪم مان پاڻ ڪري نه سگهان ها. Thanks Mukhtiar
    هن ڪتاب جي تحريرن ۾ ٽيهه چاليهه سال پراڻي سنڌ جي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جا اولڙا ۽ عڪس آهن، هنن تحريرن ۾ سنڌ جي زوال جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ تائين نهايت پابنديءَ سان جاري آهي.

    امر جليل


    ● اپريل-مئي 2012 ڌاري



    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (275) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”فدا حسين ڦودني، ڌني بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي ڪالمن جو مجموعو آهي.

    امر جليل لکي ٿو :

    ”هن ڪتاب جي تحريرن ۾ ٽيهه چاليهه سال پراڻي سنڌ جي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جا اولڙا ۽ عڪس آهن، هنن تحريرن ۾ سنڌ جي زوال جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ تائين نهايت پابنديءَ سان جاري آهي.“


    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٿورا سائين امر جليل صاحب جا جنهن نوجوانن لاءِ اتساهه ۽ اميدن ڀريل پيغام سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي

    هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي

    مون ورجائي ورجائي لکيو آهي، چيو آهي، ۽ ڳالهايو آهي ته هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! هيءَ سنڌ آهي سردارن جي. هيءَ سنڌ آهي پيرن جي - شاهن ۽ شاهينگن جي - چورن جي ۽ ڦورن جي. هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! هنن ٺاهه ٺڳيءَ سان سنڌ پاڻ ۾ وراهي ورتي آهي. سردار، پير، مير شاهه، پاٿاريدار ۽ زورآور وراهيل سنڌ ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جا بيتاج بادشاهه آهن. بلڪه ڊڪٽيٽر آهن. حڪومتي سطح تي هنن خلاف مزاحمت امڪان کان ٻاهر آهي. هو سڀئي اسيمبلين جا ميمبر آهن، حڪومت جا ڪل پرزا آهن، بلڪه پاڻ حاڪم آهن، ۽ حڪومت هلائي رهيا آهن. هنن سنڌ کي جاهل رکڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي. نه ٺـاهرائن روڊ رستا، لائبريريون ۽ ريدنگ روم، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، ڪلينڪ ۽ اسپتالون، مواصلات جا مرڪز ۽ زراعتي صنعت. هو جهالت ۽ اوندهه پکيڙڻ جا پيغمبر آهن. ڏتڙيل، اڻ پڙهيل، اڻ ڄاڻ رعيت هنن جي پڪي، ٺهيل ٺُڪيل ووٽ بينڪ آهي. ته پوءِ ڪيئن چوان هيءَ منهنجي سنڌ آهي؟ هيءَ سنڌ منهنجي لاءِ اوپري آهي. مان هن سنڌ لاءِ اوپرو آهيان.
    منهنجي سنڌ هئي سنڌ وارن سان. جيئن هو سندن تن من اُجرو، تيئن رکي هئائون سنڌ. ننڍن وڏن شهرن ۾ روڊ رستا شيشي وانگر چمڪندا هئا. وڻ ٽڻ، باغ بهار، جيڏانهن ڪر پرک، تيڏانهن ساوڪ ئي ساوڪ. هر شهر ۾ لائبريريون، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ريڊنگ روم. ڪلينڪ، اسپتالون. سٻاجهڙا فيملي ڊاڪٽر. اسر ويل ۽ سانجهيءَ ويل روح کي راحت ڏيندڙ ڀڄن ۽ اشلوڪ پيا ٻڌبا هئا. ڪو ڪنهن کي مندر يا مسجد وڃڻ تان نه ماريندو هو. موجوده سنڌ مون واري سنڌ جي بنهه ابتڙ آهي _ مون واري سنڌ جي نفي آهي. هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! هيءَ سنڌ آهي چانڊين جي، شيرازين ۽ مگسين جي. هيءَ سنڌ آهي ڀين ۽ جتوئين جي. هيءَ سنڌ آهي شاهن ۽ پيرن جي. هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! مان جنهن سنڌ ۾ ڄائو هوس، هيءَ اُها سنڌ ته ناهي! 1947ع کان اڳ مون سنڌ جو اوج ڏٺو هو. 1947 کان پوءِ مون سنڌ جو زوال ڏٺـو آهي. 1947ع کان اڳ واري شڪارپور جو شهر ڏسي موجوده دور جي ماڻهن کي جيڪر پنهنجين اکين تي اعتبار نه اچي، پر هنن کي پنهنجين اکين تي اعتبار ڪرڻو پوندو. عنقريب ● نسيم مغل جي لکيل ۽ ترتيب ڏنل شڪارپور جي تصويري تاريخ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيڻ واري آهي. ڪتاب وٺجو، پڙهجو ۽ محسوس ڪجو ته سنڌ جا باقي شهر به اهڙائي دلڪش، دلفريب ۽ خوبصورت هئا. ڀوتارن منهنجي سنڌ کي ڀوري ڇڏيو آهي. هيءُ ملڪ مون کي پنهنجو وطن نه ٿو لڳي. مان هتي اوپرو آهيان. ڌاريو آهيان. پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي پيو آهيان. مان هتي مرڻ نه ٿو چاهيان. مان مٿرا ۾ مرڻ چاهيان ٿو. مان هريدوار ۾ مرڻ چاهيان ٿو. مان ورناسي (بنارس – ڪاشي) ۾ مرڻ چاهيان ٿو. مان اجنتا ۽ الورا ۾ ٻڌمت جي غارن وٽ مرڻ چاهيان ٿو.

    ٻن ملڪن، هندستان ۽ پاڪستان جي سياسي ڇڪتاڻ هڪ ڀڪشو، هڪ فقير، هڪ صوفيءَ کي لاچار ڪري وڌو آهي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، 1936ع ۾ مان سنڌ ۾ ڄائو هوس. تڏهن سنڌ هندستان جو صوبو هئي، تنهن ڪري مان بنا رک رکاوَ جي پاڻ کي پيدائشي هندستاني، Born Indian سڏائيندي فخر محسوس ڪندو آهيان. عجب ماجرا آهي جو Born Indian هئڻ جي باوجود مان پنهنجي پيدائشي وطن هندستان وڃڻ لاءِ ويزا جو محتاج ٿي پيو آهيان. پنهنجي پيدائشي وطن ۾ مان شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهيان. اتي اوپرو ۽ ٻاهريون ڀانئيو ويندو آهيان. 1947ع کان اڳ بنا روڪ ٽوڪ جي ڪراچيءَ کان ڪلڪتي وڃي سگهبو هو. هينئر ٿرپارڪر کان راجسٿان وڃڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. ٻن ملڪن جي سياسي ڏڦيڙ ۾ مون جهڙا انيڪ ديوانا يا ته پاڳل خانن ۾ قيد هوندا آهن، يا ملڪ سان غداريءَ جي الزام ۾ ڦاهي گهاٽ وڃي وسائيندا آهن. مونکي خبر آهي ته منهنجي دعويٰ لاءِ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ ايوانن جا در بند آهن، تنهن هوندي به مان پنهنجي دعويٰ تي قائم آهيان. 1947ع واري ورهاڱي کان اڳ جنم وٺڻ وارا اسين، هينئر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس وڃي بچيا آهيون. ورهاڱي Partition جون پابنديون اسان سان لاڳو هئڻ نه گهرجن. اسين برصغير (هندستان ۽ پاڪستان) جا رهواسي آهيون. آزاديءَ سان برصغير ۾ گهمڻ ڦرڻ، اچڻ، وڃڻ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اسان جو بنيادي بلڪه پيدائشي حق آهي. مونکي خبر آهي ته ٻنهي ملڪن جا ڪرتا ڌرتا منهنجي دعويٰ تي ڌيان نه ڏيندا. پر تنهن هوندي به مان پنهنجي دعويٰ تان دست بردار نه ٿيو آهيان.
    مان پاڪستان ۾ رهندو آهيان، پاڪستان جي قاعدن قانونن جي پابندي ڪندو آهيان. پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته مان پنهنجي جنم ڀوميءَ واري وطن هندستان سان محبت نه ڪريان. منهنجي جنم ڀومي سنڌ آهي. 1936ع ۾ سنڌ هندستان جو صوبو هئي. ان لحاظ کان منهنجي جنم ڀوميءَ وارو وطن هندستان آهي. سياسي ڦيرگهير سبب مان هندستان ڄائو پاڪستان جو شهري آهيان. اها تاريخي حقيقت آهي، پر ان حقيقت جي باوجود بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي مون لاءِ هندستان وڃڻ تي پابندي لڳل آهي. مان پنجهتر سالن جو ٿي چڪو آهيان. باقي بچيل زندگي مان ساڌو واسواڻي آشرم پوني ۾ گذارڻ چاهيان ٿو. مان نه هندو آهيان، نه مسلمان آهيان. منهنجو مذهب انسانيت آهي - Humanism . مان دنيا جي هر مذهب ۾ انسانيت سان ايڪي ۾ آيل اصولن جو احترام ڪندو آهيان.

    جسم عارضي گهر آهي روح جو، آتما جو. دير سوير روح کي، آتما کي عارضي گهر مان ڪوچ ڪرڻو پوندو آهي. جسم فنا آهي. روح کي بقا آهي. روح Energy آهي. روح شڪتي آهي، ٻَلُ آهي، سگهه آهي. شڪتيءَ کي انت نه ايندو آهي. روح گهر مٽائيندو آهي، چولو مٽائيندو آهي. اوهان ڪڏهن گهڙيون اڳ ڄاول ٻارن طرف ڌيان ڏنو آهي؟ ننڊ ۾ اڪثر سندن چپن تي رکي رکي مُرڪ ايندي رهندي آهي، موافق ۽ ناموافق حالتن هٿان اسين گهڻو پوءِ مُرڪ ۽ لڙڪ جي ڪيفيت کان آگاهه ٿيندا آهيون. ڇا نئون ڄاول ٻار پنهنجي قالب ۾ روح معرفت گذريل جنم جون ڪي وڻندڙ يادگيريون کڻي ايندو آهي؟ موجوده جنم ۾ مائٽ مٽ ننڍي ڄمار ۾ ئي برين واش Brain Wash ذريعي ٻار کي گذريل جنم جي يادگيرين کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. مائٽ مٽ پنهنجي پنهنجي عقيدي موجب ڄمڻ شرط ٻار کي هندو، مسلمان، سک، عيسائي، يهودي ڪري ڇڏيندا آهن. ٻار جو برين واش ايتري ته بيدرديءَ سان ڪندا آهن جو هن لاءِ بالغ ٿي پنهنجي عقيدي بابت فيصلو ڪرڻ جي گنجائش ئي نه ڇڏيندا آهن. ننڍپڻ ۾ ٿوپيل، مڙهيل عقيدي جي حيثيت رسمن رواجن جهڙي هوندي آهي. انسان جو اصل عقيدو اهو ئي هوندو آهي، جيڪو هو بالغ نظريءَ سان، سمجهه سان، ادراڪ سان قبول ڪندو آهي.

    ان ڳالهه سان منهنجي قطعي ڪا دلچسپي نه آهي ته مرڻ کان پوءِ منهنجو تن، منهنجو جسم قبر ۾ پوريندا. شمشان گهاٽ ۾ ساڙيندا، پاڻيءَ ۾ لوڙهيندا، يا پارسين جي Tower of Silence خاموشيءَ جي مينار تي رکي ايندا جتي سرڻيون، ڳجهيون ۽ ڪانوَ منهنجي مرده جسم جو ماس پٽيندا. ان ڳالهه سان منهنجي ڪا دلچسپي ڪانهي. تيزيءَ سان زوال پذير ٿيندڙ سنڌ ۾ مان ٻيهر جنم نه وٺندس. مون کي اميد جو ڪو ڪرڻو نظر نه ٿو اچي ته سنڌ وري ٻيهر پنهنجي عروج ڏانهن موٽ کائيندي. موجوده سنڌ قبيلائي سردارن، پيرن، ميرن، سيدن، جاگيردارن، ڀوتارن ۽ زورآورن ۾ ڇهه ست ٽڪر ٿي وراهجي ويئي آهي. رهيل ڪثر ٻاهران آيل اسان جا مربي ڀائر پوري ڪندا. مان پيرن، ميرن، شاهن ۽ سردارن جي سنڌ ۾ وري ڪڏهن پيدا نه ٿيندس. مان پنهنجو ايندڙ جنم پوني ۾ وٺندس جتي منهنجي ماءُ ڄائي هئي. منهنجي خواهش ۾ سگهه آهي، ۽ منهنجي خواهش منهنجي آتما جي سگهه جو حصو ٿي ويئي آهي. خواهش جي تڪميل لاءِ مونکي نه پاڪستان جي پاسپورٽ جي ضرورت آهي، ۽ نه ئي هندستان جي ويزا جي. آتما جي سگهه آڏو سرحدون ڪا معنيٰ نه رکنديون آهن.

    امر جليل
    B-702, Sand View Homes,
    Frere Town Clifton, Karachi.
    Email: amarjaleel36@gmail.com
    amarjaleel@cyber.net.pk
    web: www.amarjaleel.org










    دل جو معاملو

    دل جو معاملو

    اخبار ۾ پڙهيم، ته يورپ جا ڪجهه ڊاڪٽر ان امڪان تي تجربا ڪري رهيا آهن، ته جيئن ڪجهه عرصي کان پوءِ انسان جي سيني ۾ جانور جي دل وڌي وڃي.
    اها خبر پڙهي مان ڏاڍو خوش ٿيس، سڌو پنهنجو دوست ڌني ڏانهن ويس، ۽ کيس خبر پڙهي ٻڌايم. ڌنو اها خبر ٻڌي بلڪل متاثر نه ٿيو، پن جي ٻيڙي ڇڪيندو رهيو، ۽ تيليون ٻاريندو رهيو.
    پڇيومانس، ”ڇاهي ڌنا، هيڏي وڏي خبر کي ڪا به اهميت نٿو ڏئين!“
    ڌني جواب ڏنو، ”اها ڪا خاص ناهي.“
    ”خاص وري ڪيئن ناهي!“ ٻڌايومانس،”اڙي ڀوڪ، ماڻهوءَ جي سيني ۾ جانور جي دل ٽرانسپلانٽ ڪندا، ۽ مرندڙ ماڻهوءَ کي ڪجهه وڌيڪ عرصي لاءِ جيئرو رکندا.“
    ڌني وراڻيو،”ماڻهوءَ جي سيني ۾ هونءَ ئي جانور جي دل آهي.“
    ”مٿو ڦري ويو اٿئي.“
    ”اهي ماڻهو مري ويا، جن جي سيني ۾ انسان جي دل هئي.“
    پڇيومانس، ”راتوڪي وزم جي اثر ۾ ته ناهين؟“
    ورائي پڇيائين”وڏيري جهٽ پٽ خان کي سڃاڻين؟“
    ”ها چڱي طرح.“
    ”ڪيئن آهي؟“
    ”وڏو رهزن آهي.“
    ”پاٿاريدار به آهي؟“
    ”ها، آهي.“
    ”گهڻا خون ڪرايا هوندائين؟“
    ”چاليهه پنجاهه کن.“
    ”ڀليل آهين.“ ڌني چيو،”هن گهٽ ۾ گهٽ سوا سو خون ڪرايا آهن.“
    ”سوا سو!“ مون حيرت مان کائنس پڇيو.
    ”ها“. جواب ڏنائين،”چاليهه کن هاري ۽ پورهيت خون ڪرايا اٿائين، انهن جا ٻچا بک ۾ پاهه ٿي مري ويا.“
    ڌني ٻيڙيءَ جو وڏو سوٽو هڻندي چيو، ”هاڻي ٻڌاءِ، جهٽ پٽ خان جي سيني ۾ ڪنهن جي دل آهي؟ انسان جي، يا جانور جي.“
    مان ڌني جي ڳالهه تي سوچڻ لڳس. ڪو جواب سجهي نه آيو. مون کي ڪريمڏنو هاري ياد آيو، جنهن کي جهٽ پٽ خان 110 قلم ۾ هڻائي ڇڏيو هو، ۽ پٺيان سندس گهر واري سڀاڳيءَ کي نڀاڳي ڪري ڇڏيو هو، يعني کڻائي ويو هو.
    ڌني چيو، ”جهٽ پٽ خان جي سيني ۾ سوئر جي دل آهي.“
    مون ڌني ڏانهن ڏٺو. هو مزي ۾ ٻيڙي ڇڪي رهيو هو.
    مون ڌني کي چيو، ”پر ڌنا، اهو ضروري ته ناهي، ته دنيا جي هر ماڻهوءَ جي سيني م جانور جي دل هجي.“
    ”جيڪي ماڻهو انسان جي نصيبن جا ڪاتب آهن، تن مان گهڻن جي سيني ۾ مختلف جانورن جي دل آهي.“ ڌني جواب ڏنو. ۽ پوءِ پڇيائين، ”سيـٺ آسودي کي سڃاڻين، ڪيميڪل انڊسٽريز وارو“
    ”ها“.
    ”هو ٻارهن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي وڏي عمر لکي کين ڏيڍ رپئي روز تي گڏهه وانگر وهائيندو آهي. کاتي ۾ پنج رپيا روز ڏيکاريندو آهي.“
    ”فيڪٽري انسپيڪٽرن کي خبر ناهي ڇا؟“
    ”خبر آهي، ڇو نه آهي! تنهن ڪري فيڪٽري انسپيڪٽر سيٺ جي ڪيميڪل انڊسٽريز جو رخ نه ڪندا آهن. فقط سيٺ جي آفيس ۾ وڃي ويهندا آهن“.
    مون ڌني ڏانهن ڏسندي چيو، ”تنهنجو خيال آهي ته سيٺ صاحب جي سيني ۾ پڻ جانور جي دِل آهي“.
    ”ها“. ڌني وراڻيو،”سيٺ جي سيني ۾ بگهڙ جي دل آهي“.
    ڌنو ۽ مان خاموش ٿي وياسين. ڌني مونن ۾ منهن وجهي ڇڏيو.
    مون ڌني کي چيو،”ڌنا، ڪجهه انسانن جي سيني ۾ وري گدڙ جي دل هوندي آهي. جيئن مان. مان گدڙ، منهنجي سيني ۾ گدڙ جي دل آهي“.
    ڌني تمام چٽي آواز ۾ چيو،”۽ ڪجهه انسانن جي سيني ۾ شينهن جي دل هوندي آهي. هو تاريخ جي هر اونداهي دور ۾ دودا دلير ۽ هوشو شهيد ٿي پيدا ٿيندا آهن ۽ ڌرتي ماءُ کي پنهنجي سر جو صدقو ڏيئي ويندا آهن“.
    ان وقت ڌني ۽ مون تاريخ جي وساريل ورقن مان هوشوءَ جي گجگوڙ ٻڌي،”مر ويسون مر ويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“. ■

    1972





    ٻولين واري فساد جو اولڙو

    ٻولين واري فساد جو اولڙو


    ڦندڻ جو مامو حيران، پريشان ۽ بلڪل بدحواس ٿي مون وٽ آيو. ساهي نه پٽيائين. چيائين ،”ڦندڻ سخت بيمار آهي.“
    مون کي عجب لڳو. صبح جو ڦندڻ جڏهن مون وٽ آيو هو، تڏهن بلڪل چڱو ڀلو ۽ کڙو تڙو هو. پڇيومانس، ”ڇا ٿيو اٿس؟“
    ”روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائين، ”پير ۾ تڪليف اٿس. اصل ڦٿڪي ٿو، مان سمجهان ٿو ٿوري دير ۾ مري ويندو.“
    ”مري ويندو!“
    ”ها. تون سندس جگري يار آهين. تنهنڪري توکي اطلاع ڏيڻ آيو آهيان.“ چيائين،”تنهنجي گهر تائين پهچندي پهچندي ٽي دفعا موت جي منهن مان بچيو آهيان.“
    ”موت جي منهن مان؟“
    ”ها،“ وراڻيائين، ”شهر ۾ فساد آهي، هڪ پٿر اڏامندو آيو. جيڪڏهن قد ڇهه فٽ هجيم ها، ته بنا حجاب جي ميڄالو ڪڍي وڃي ها. پر منهنجو قد ٽي فوٽ آهي.“
    مون سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،”هل ته هڪدم ڦندڻ ڏانهن ٿا هلون. مان کيس مرڻ نه ڏيندس.“
    اسين فسادن کان، فسادين جي باهين، پٿر بازي، آتشبازي، ڪرتب بازي ۽ قلابازيءَ کان بچندا، لڪندا ڦندڻ جي گهر پهتاسين.
    ڦندڻ سخت تڪليف ۾ هو.
    پڇيومانس، ”ڇا ٿيو اٿئي، ڦندڻ؟“
    وراڻيائين، ”مران ٿو.“
    ”ڇو ٿو مرين؟“
    ”زوريءَ ماريو ٿو وڃان.“
    ”زوريءَ ڪيئن؟“
    ”ائين ٿو ڀانيان، ڄڻ ڪنهن منهنجي پير ۾ زنجير وجهي ڇڏيو آهي.“
    ”فسادين کان مار کائي ته نه آيو آهين؟“
    ڦندڻ جي ڪومايل چپن تي هڪ اداس ۽ مايوس مرڪ تري آئي. چيائين،”فسادي مون کي ڏينڀن وانگر ورائي ويا“. پڇيائون، ”تون سنڌي آهين؟ جواب ڏنو مان ته توهان منجهان ڪو به مونکي هن شعر جي معنيٰ، مفهوم ۽ شاعر جو نالو ٻڌائي، مان پاڻ مارائڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”ڪهڙو شعر ٻڌايئي؟“
    ”اقبال جو شعر ٻڌايو مان –
    ”تو ره نورد شوق ہے، منزل نہ کر قبول،
    ليلیٰ بھی ہم نشيں ہو، تو محمل نہ کر قبول.“
    ڦندڻ کان پڇيم،”ٻڌائي سگهيا معنيٰ؟“
    ”ڌوڙ،“ وراڻيائين، ”وات ڦاڙي وائڙن وانگر مون کي ڏسندا رهيا.“
    ”نيٺ ڇا ٿيو؟“
    ”پڇيائون ته تون ڪير آهين. سنڌي يا اردو؟“ ڦندڻ وراڻيو، ”مون جواب ڏنو مان ته مان سنڌي آهيان.“
    ”پوءِ؟“
    ڦندڻ جي منهن تي اداس مرڪ ٻيهر تري آئي. پوءِ هو عذاب وچان ڦٿڪڻ لڳو. چيائين،”مان مري ويندس.“
    مون غور سان ڏانهس ڏٺو.
    چيم، ”تون في الحال نه مرندين، ڦندڻ، تنهنجي پير ۾ جيڪا ڪڙي ٻڌل آهي، تنهن جو ٻيو حصو سنڌ جي تحت السرا ۾ ڦاٿل آهي، تون نه مرندين.“
    ڦندڻ جيئرو آهي. ■
    1972


    نسلي برتري

    نسلي برتري

    ڌني مون کان پڇيو، ”جهانز برگ جو شهر ڪٿي آهي؟“
    وراڻيم،”آفريڪا ۾.“
    ”۽ آفريڪا ڪارن جو ملڪ آهي نه ؟“
    ”ها“ پڇيومانس، ”آخر ڳالهه ڇاهي؟“
    جواب ڏنائين، ”اخبار ۾ خبر آهي، ته جهانز برگ ۾ ارڙهن سالن جي ڪاري چمڙيءَ واري ڇوڪري ڪيرولين مرندي مري ويئي، پر اڇي چمڙيءَ وارن ڊاڪٽرن آپريشن ڪري سندس جان نه بچائي.“
    چيم، ”مون به اِها خبر اخبارن ۾ پڙهي آهي.“
    پڇيائين، ”اها خبر پڙهي تو ڇا محسوس ڪيو؟“
    ”مونکي پنهنجو سنڌ ملڪ ياد آيو.“
    ڌنو ڪجهه حيران ٿيو، پڇيائين، ”ان خبر جو سنڌ سان ڪهڙو تعلق آهي.“
    چيم،”ڪاريءَ چمڙيءَ وارن کي ڪمتر، حقير ۽ گهٽ درجي جو انسان سمجهڻ وارا اڇا يورپي ۽ آمريڪي اڃا تائين سائنسي دليلن سان پنهنجي برتري ثابت ڪري نه سگهيا آهن. هو ڪنهن به ڇيد ۽ سمجهاڻيءَ سان اهو ظاهر ڪري نه سگهيا آهن، ته اڇا فقط چمڙيءَ جي رنگ سبب ڪارن کان ڇو افضل آهن.“
    ڌني پڇيو، ”پر ان جو سنڌ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ سنڌ ۾ اڇن ڪارن جو ته ڪو به سوال ڪونهي؟“
    ”برابر، سنڌ ۾ اڇن ڪارن جي برتري ۽ ڪمتريءَ جو سوال ڪونهي. پر ان جي جاءِ تي ٻيا ڪي ويڇا آهن، جيڪي انسان کي ٻئي انسان کان پري ڪري بيهارين ٿا.“ چيم.”مان ايشيائي قومن جو ذڪر نه ٿو ڪريان. اجايو بحث وڌي ويندو، مان فقط سنڌ جو ذڪر ڪريانٿو.“
    ڌني چيو،”مونکي ڪاري ڪيرولين جي موت جو ڏک آهي. توکي ڪنهن جو ڏک آهي.“
    ”مون کي هر هڪ ڪيرولين جو ڏک آهي، جيڪا هٿرادو قدرن جي اڏيءَ تي قتل ٿي رهي آهي.“ چيم، ”سنڌ ذات پات جي راڪاس جو قتل گاهه آهي، منهنجي سنڌ، منهنجي جيجل کي ذهني زنجيرن ۾ جڪڙي جهانز برگ بڻايو ويو آهي، جتي روزانو ڪيئي سنڌي ڪيرولين ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جهڙا انسان ڪمتر سمجهي ڌڪاريا وڃن ٿا.“
    ڌني کي منهن ۾ گُهنڊ پيو. چيائين،”مون کي نه آهي ادب سان دلچسپي ۽ نه منطق سان. تنهنڪري تون مهرباني ڪري سليس سنڌيءَ ۾ ڳالهاءِ. مون کي اجايو نه منجهاءِ.“
    پڇيومانس، ”سائين سڪيلڌي کي سڃاڻين؟“
    ”ها.“
    ”پڙهيل ڪڙهيل آهي؟“
    ”نه.“
    ”پاٿاريدار آهي؟“
    ”ها.“
    ”ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جون چونڊ نچڻيون وٽس اينديون آهن؟“
    ڌنو ڪياڙي کنهڻ لڳو.
    ”۽ سائين سڪيلڌو شراب، ڪباب ۽ نچڻين جي خرچ پکي لاءِ پنهنجن هارين نارين ۽ مريدن جي کل لاهي وٺندو آهي، آهي نه!“
    ”هائو.“
    ”پر تنهن هوندي به تون ۽ سموري ڳوٺ جا چڱا چوکا ماڻهو کيس پيرين پئي ملندا آهيو ۽ سندس آڏو مٽيءَ تي ويهندا آهيو“
    سائين سڪيلڌي جي ذات، ۽ ان ڀلاري ذات جي اهميت ۽ برتريءَ جو ذڪر ڪندي ڌني چيو، ”اهڙي برتر ڀلاري کي پيرين نه پئي، اسان کي پنهنجي قيامت ڪاري ڪرائڻي ناهي. انهن جي محابي ته اسان جي بخشش ٿيڻي آهي.“
    ڌني کان پڇيم، ”۽ ڌنا قاسم جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي.“
    چيائين، ”ڏاڍو محنتي آهي. ڏينهن جو نوڪري ڪري پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پاليندو هو، رات جو پڙهندو هو، هينئر ڇوڪرو پروفيسر لڳو پيو آهي. ٻه چار ڪتاب به لکيا اٿائين نه؟“
    ”ها، ٻه چار ڪتاب لکيا اٿائين. سندس هاڪ ملڪان ملڪ پهچي ويئي آهي.“ مون ڌني کان پڇيو، ”تون ۽ ٻيا ڳوٺ وارا قاسم کي پيرين پئي ڇو نه ملندا آهيو؟“
    ”ڪوري، ڪوريءَ جو پٽ. اسين ٿا ان کي پيرين پئون.“ چيائين، ”تون به ڪڏهن ڪڏهن ڪمال ڪندو آهين يار.“
    پڇيومانس،”سائين سڪيلڌي کي زڪام ٿيندو آهي؟“
    ”ها.“ ڪجهه حيران ٿيندي ڌني چيو، ”گذريل مهيني سائينءَ کي زبردست زڪام ٿيو هو.“
    ”۽ تپ به آيو هوس؟“
    ”ها، آيو هوس.“
    ”بک به لڳندي اٿس؟
    ”هائو.“
    ”سائين سڪيلڌو پاخاني ۾ به ويندو آهي؟“
    ”ويندو آهي.“
    ”ته پوءِ سائين سڪيلڌو عام انسان کان برتر ڪيئن ٿي پيو؟“ چيم،”يار ڌڻي بخش ڌنا، ڪنهن هڪ دليل سان ثابت ڪري ڏيکار ته تنهنجو سائين سڪيلڌو، ڪوريءَ جي پٽ قاسم کان برتر ۽ اهم آهي.“
    ڌنو اٿي کڙو ٿيو. چيائين،”تون منهنجو ايمان خطري ۾ ٿو وجهين. منهنجي قيامت ڪاري ڪرائيندين. مان وڃان ٿو.“
    ڌنو هليو ويو. ميز تي اُها اخبار ڇڏي ويو، جنهن ۾ ڪاري ڪيرولين جي موت جي خبر ڇپيل هئي. ■
    1972


    سانڊا رنگ مٽائيندا آهن

    سانڊا رنگ مٽائيندا آهن

    ڦندڻ مون وٽ آيو، چيائين،”تنهنجو امتحان ٿو وٺان!“
    چيومانس،”يار ڦندڻ، اڄ ڪلهه چپي چپي تي امتحان آهي، جيڪڏهن تو جهڙن يارن به امتحان وٺڻ شروع ڪيو ته پوءِ مون کي سکر واري پل تي ڏسندين.“
    چيائين، ”مان توکي پنهنجي مرضيءَ مطابق مرڻ نه ڏيندس- يعني توکي خودڪشي ڪرڻ نه ڏيندس. توکي هڪ نه هڪ ڏينهن ڪو سانڊو ماري ويندو، انشاءَ الله تعاليٰ!“
    چيم،”جيستائين مون کي ڪو سانڊو ماري، تيستائين مون کي جيئرو رهڻ ڏي. مون کان سوال نه پڇ.“
    چيائين، ”تمام سولو سوال آهي، اجايو مرين ڇو ٿو؟“
    ورايم، ”سوال ٻن سببن ڪري پڇيو ويندو آهي. هڪ ته سوال پڇندڙکي جواب نه ايندو آهي، ٻيو، ته سوال پڇندڙ پنهنجي عقلمند هئڻ جو مظاهرو ڪندو آهي، ۽ جواب ڏيندڙ کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“
    ڦندڻ چيو، ”مان عقلمند ناهيان، ڇو جو جنهن وقت عقل جي ورهاست ٿي رهي هئي. ان وقت مان توکي ٻئي ڪنهن هنڌ ڳولي رهيو هوس. تنهنڪري تون ۽ مان ڊونڊي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون. يعني ڪه In the Same Boat تنهن ڪري منهنجي معمولي سوال جو معمولي جواب ڏي.“
    چيم، ”تون نه مڙندين. ڀلي پڇ.“
    ڦندڻ پڇيو، ”ٻڌاءِ ته ڀڃ- ڊاهه، ۽ فتني فساد ۾ ڪهڙي مخلوق اڳئين کان اڳري آهي؟“
    چيم، ”ناڪام عاشق“
    ”غلط.“
    ”ڪوئا.“
    ”نه.“
    ”ڳجهون ۽ ڪانو.“
    ”نو سر!“
    ”ڪنهن پاٿاريدار پير جا ڌاڙيل“
    ”نه سائين.“ ڦندڻ چيو.
    ”جيڪي جواب تو ڏنا آهن، سي صحيح ناهن. هڪ مخلوق جو نالو ٻڌاءِ جيڪا بربادي ڪرڻ ۾ اڳئين کان اڳري آهي، يعني پنهنجي استادن جي استاد آهي.“
    هڪ دم رڙ ڪري چيم، ”سانڊا!“
    ڦندڻ چيو، ”تنهنجو جواب صحيح آهي، ۽ غلط به آهي.“ پڇيومانس، ”سوڪيئن؟“
    وارڻيائين، ”سانڊي جي اصليت جي خبر اٿئي ته پوءِ تنهنجو جواب صحيح آهي، ۽ جيڪڏهن سانڊي جي اصليت جي خبر نه اٿئي، ته پوءِ تنهنجو جواب غلط آهي.“
    ”چيم، پر ان سوال پڇڻ جو مطلب؟“
    وراڻيائين، ”سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي. اها رنگ مٽائڻ واري مخلوق فساد کڙو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي!“
    ”پر ڇو؟“ پڇيم، ”اڳئين دفعي بل تي فساد ڪرايائون، وري هن دفعي ڇا تي فساد ڪرائيندا!“
    ڦندڻ کليو، چيائين، ”هن دفعي آرڊيننس تي گوڙ ڪرائيندس.“
    ”عجيب مشڪرو آهين. کلين ٿو!“چيم،”آرڊيننس تي ڇو گوڙ ٿيندو!“
    ڦندڻ چيو، ”ان مخلوق کي فساد جي علت آهي. فساد نه ڪرائين ته جيڪر ٻوساٽجي مري وڃن. اها سندن فطرت آهي، بنا پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ٻوليءَ جي بل تي فساد ڪرايائون، ڇو جو کين ڪنهن نه ڪنهن بهاني فساد ڪرائڻو هو.“
    ”۽ هن دفعي؟“
    ”ڪجهه ڪندا، کچڻي پچيائين پيا.آرڊيننس جي باري ۾ فتنو کڙو ڪندا.“
    مون چيو، ”پر آرڊيننس مان هنن کي ڪهڙو پيٽ ۾ سور پيو آهي.“
    چيائين، ”هنن کي هر حال ۾ فساد ڪرائڻو آهي. ڪنهن به صورت ۾، ۽ ڪنهن به حالت ۾.“
    ”پر هن دفعي ٻوليءَ واري آرڊيننس تي فساد کڙو ڪرائڻ ڪجهه مشڪل آهي،“ مون ڦندڻ کي چيو،”ڦندڻ خان، سنڌ جو سمورو عوام فساد پسند مخلوق جي ست رنگي سياست سمجهي ويو آهي. هن دفعي سانڊن جيڪڏهن ڪا بادمخولي ڪئي، ته منهن وڃي ڀت سان لڳندن.“
    ڦندڻ چيو،”مان اها دکدائڪ خبر سانڊن جي مجاهدن کي ٻڌائڻ وڃان ٿو. هو ڏينهن رات فسادن لاءِ نيون راهون تلاش ڪري رهيا آهن“.
    ڦندڻ هليو ويو. ■
    1972


    مان هلڪڙو

    مان هلڪڙو


    ”ڇا پيو ڪرين؟“
    ”ڪالم پيو لکان“
    ”ڇڏ يار، پوءِ کڻي لکجانءِ.“
    ”ٽن ڪلاڪن کان سامهون وارو نوجوان ڪالم جي انتظار ۾ ويٺو آهي. وڃي پريس ۾ ڏيڻو اٿس.“
    ”ٽن ڪلاڪن کان!“
    ”ها، ٽن ڪلاڪن کان.“
    ”تون ٽن ڪلاڪن ۾ ڪالم لکندو آهين؟“
    ”ڪنهن ڪنهن وقت ڇهن ڪلاڪن ۾ به لکندو آهيان.“
    ”ڇو، ايڏي دير ڪيئن ڪندو آهين؟“
    ”بس، ٿي ويندي آهي.“
    ”چڱو، هينئر ته ڪالم کي ڇڏ، مان ڪو روز روز ٿورئي ٿو اچان.“
    ”پر، هو نوجوان-“
    ”ڪجهه دير وڌيڪ انتظار ڪيائين ته مري نه پوندو. ها، هاڻي ٻڌاءِ، ڪهڙا حال چال آهن. ملڪ جي سياست ڇا ٿي چوي؟“
    ”يار، پنجن منٽن ۾ ڪالم لکي وٺـندس، بس فقط پنج منٽ.“
    ”ميان، مان به پنج منٽ ويهڻ آيو آهيان، پنج ڪلاڪ نه.“
    ”يار ناراض نه ٿيءُ فقط - - -“
    ”گهر ۾ ڪالم ڇو نه لکندو آهين؟“
    ”عام حالتن م گهر ۾ ئي ڪالم لکندو آهيان، پر جڏهن هنگامي حالتون پيدا ٿي پونديون آهن، تڏهن هتي اچي ڪالم لکندو آهيان.“
    ”اسلام عليڪم، اڙي ڦندڻ، تون به هتي ويٺو آهين ڇا!“
    ”ها، هتي ويٺو آهيان، پر هيءُ خانصاحب ڪالم پيو لکي، منهن ڏيئي نٿو.“
    ”اڙي منهن ڇو نه ٿو ڏئين ڦندڻ کي؟“
    ”يار فقط پنجن منٽن ۾ ڪالم لکي وٺندس، ۽ ان کان پوءِ توهان کي منهن ڏيندس. مطلب آهي ڪچهري ڪندس.“
    ”ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، هوءَ تو واري خاص صلاحڪار، يعني چيف ائڊوائيزر ڪيڏانهن ويئي. اڄ ڪلهه هن جو ذڪر نه ٿو ڪرين؟“
    ”پنجن منٽن ۾ ڪالم پورو ڪري وٺان پوءِ سمورو احوال ڏيانءِ ٿو.“
    ”سنڌو ڪير آهي؟“
    ”ساڍن ٽن ڪلاڪن کان ڇوڪرو ڪالم کڻي وڃڻ لاءِ انتظار ۾ ويٺو آهي، پريس ۾ به انتظار هوندو.“
    ”انتظار، انتظار! اسين ڪو گهر کان واندا آهيون ڇا! هل ته هلئون ڦندڻ. هيءُ ته ڏينهون ڏينهن هلڪڙو ٿيندو پيو وڃي.“
    مان چپ . ■
    1972





    ٻولين جو به مذهب هوندو آهي ڇا؟

    ٻولين جو به مذهب هوندو آهي ڇا؟

    ڦندڻ ڊوڙندو آيو، هو منهنجو جگري دوست آهي. هو جڏهن به ڪو عجب اسرار ڏسندو آهي، حيران ٿيندو آهي، يا پريشان ٿيندو آهي، تڏهن ڊوڙندو آهي، ڊوڙندي ڊوڙندي يار ڪنهن سنگتيءَ جي گهر وڃي نڪرندو آهي.
    ٽيون ڏينهن، يعني 7 جولاءِ (1972) جمعي ڏينهن شام جو ڦندڻ مون وٽ ڊوڙندو آيو.
    ساهه جائيتو ڪرڻ کان اڳ چيائين،”اسيمبليءَ مان هڪ عجيب خبر ٻڌي آيو آهيان.“
    پڇيومانس،”ڪهڙي؟“
    وراڻيائين، ”مخالف ڌر جي اڳواڻ جي واتان اها ڳالهه ٻڌي آيو آهيان.“
    چيم، ”مان عجيب خبر ٻڌڻ سان دلچسپي رکان ٿو؛ عجيب خبر جي ذريعي سان نه. تون خبر ٻڌاءِ.“
    چيائين، ”صاحب موصوف فرمايو ته اڙدو مسلمانن جي زبان آهي، ۽ سنڌي به مسلمانن جي زبان آهي.“
    وراڻيم، ”مون کي اڙدوءَ جي باري ۾ ڪا خبر ناهي ته هندو آهي يا مسلمان، يا سک آهي يا عيسائي. پر مون کي اها خبر آهي ته سنڌي ٻولي مسلمان ناهي. سنڌي ٻولي فقط مسلمانن جي ٻولي ناهي.“
    ”پر هن صاحب ته. . . . .“ ڦندڻ جملو پورو نه ڪيو.
    ”سنڌي زبان بنيادي طرح هڪ جاگرافيائي ايراضيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻولي آهي، ۽ سندن علم ۽ ادب، تمنائن ۽ احساسن جي اظهار جو ذريعو آهي،“ وراڻيم، ”پرمانند ميوا رام جو نالو ٻڌو اٿئي؟“
    ”ها. هن سنڌيءَ ۾ پهريون دفعو مڪمل ۽ جامع سنڌي انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي ڊڪشنريون تيار ڪيون هيون.“
    ”ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو ٻڌو اٿئي؟“
    ”ها. هن ڊاڪٽر دائود پوٽي سان گڏ شاهه لطيف جي رسالي تي کوجنا ڪئي هئي.“
    ”ڪلياڻ آڏواڻي؟“
    ”شاهه جو عاشق ۽ محقق. تمام سهڻي رسالي کي مرتب ڪندڙ.“
    ”ڀيرومل مهر چند آڏواڻي؟”
    ”سنڌي تاريخ جو مصنف!“
    ”۽ ساميءَ جو نالو ٻڌو اٿئي؟“
    ”شاهه ۽ سچل سان گڏ ساميءَ جو نالو ايندو آهي.“
    ڦندڻ منجهي پيو.
    پڇيائين، ”اڙدو مسلمانن جي ٻولي آهي ته پوءِ ڪرشن چندر ڪير آهي؟“
    وراڻيم، ”اڙدوءَ جو عظيم افسانه نگار.“
    ”پر هو هندو آهي.“
    ”تڏهن به اڙدوءَ جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار آهي.“چيم،”راجيندر سنگهه بيديءَ جي ڀيٽ جو ٻيو اڙدو ڪهاڻيڪار آهي، خاص ڪري مسلمان؟“
    ”راجيندر سنگهه بيدي نه فقط غير مسلمان آهي، پر هو سک به آهي.“ منجهندي ڳالهايائين.
    وراڻيم، ”سرلا ديوي ۽ رام لعل به مسلمان ناهن، پر هو اڙدوءَ جا وڏا ڪهاڻيڪار آهن.“ چيم، ”ٻوليءَ کي مذهب جي دائري ۾ قيد ڪري نه ٿو سگهجي. مان نه ٿو سمجهان ته ڪو هوشمند انسان منشي پريم چند کي فقط انڪري اڙدو ادب مان خارج ڪري ڇڏيندو جو هو هندو هو. ساڳي طرح منگهارام ملڪاڻي ۽ موهن ڪلپنا سنڌي ادب جي تاريخ جو لازمي حصو آهن.“
    ڦندڻ چيو،”تنهنجا خيال سچي پاڪستانيءَ جا خيال نه ٿا لڳن.“
    چيم،”اڙدو سنڌ جي تاريخي ثقافتي ۽ مادري ٻولي آهي.“
    ”تون ٺٺولي پيو ڪرين!“
    ”ٺٺولي وري ڪيئن! مالڪ پنهنجو حق وٺڻ آيا آهن.“
    ”ڇا جو حق!“
    ”ته سنڌ صوبي جي تاريخي، ثقافتي، فطري، مادري ۽ جاگرافيائي زبان اڙدو آهي.“
    ڦندڻ پريشان ٿيو آهي، چوي ٿو، پنجابي ٻوليءَ لاءِ پنجاب ۽ بلوچي لاءِ بلوچستان آهي، ته پوءِ اڙدوءَ جي لاءِ اُڙدي صوبو هئڻ گهرجي. سنڌ جو نالو اُڙدي رکي اڙدوءَ کي صوبي جي صوبائي يا سرڪاري زبان قبول ڪيو وڃي. جيڪڏهن هن صوبي جو نالو سنڌ هوندو ته پوءِ لازمي طرح سنڌ سرڪار يا صوبائي زبان سنڌي ٿيندي. “
    ان وقت ٻاهران لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٻڌڻ ۾ آيو: اڙدو جي حمايت ۽ سنڌيءَ جي مخالفت ۾ سڀاڻي مڪمل هڙتال.
    ڦندڻ چيو،”ڪوئن کي ڪيمرائون، مائيڪروفون ۽ پريسون هٿ ۾ آهن. ساڍا ٽي سيڪڙو هليا آهن هڙتال ڪرائڻ!“ ● ■
    ِ 1972ع


    لينن جو پٽ مولو

    لينن جو پٽ مولو

    اسان جو دوست ڌڻي بخش ڌنو، جنهن کي پسارڪو دڪان آهي، تنهن کي پنڌرهن سالن جو هڪ پٽ، نالي مولا بخش مولو آهي. مولا بخش مولو آهي پنڌرهن سالن جو، پر ڏسڻ ۾ پنجن سالن جو ايندو آهي قدبت ۾. سندس بندري ۽ ڊينڊي هئڻ جو سڀ کان وڏو سبب اِهو آهي، جو ڌنو کيس ڏينهن ۾ ٽي دفعا ماني کارائيندو آهي، ۽ ٽي دفعا کلا ٺوڪيندو آهي.
    پوئين دفعي مون جڏهن مولوءَ کي ڌني هٿان مار کائيندي ڏٺو هو، سو آچر جو ڏينهن هو، ۽ وقت صبح جو هو. مان ڌني کان حال احوال وٺڻ لاءِ سندس پسارڪي دڪان تي ويٺو هوس.
    هڪ گراهڪ کي هڪ ڇٽانگ هريڙون ڏيندي چيائين، ”يار، اٽي – چانور جي قيمت ته ٺهيو، پر هريڙون به چوٽ چڙهي ويون آهن. جيڪو گراهڪ اڳ سير هريڙون وٺـي ويندو هو، سو هينئر ڇٽانگ تي اچي بيـٺو آهي.“
    چيم، ”ماڻهو جيڪڏهن هريڙن کي انجڻيون سڏڻ ڇڏي ڏين، ته جيڪر اک ڇنڀ ۾ هريڙن جي قيمت ڪري پوي.“
    ان وقت ڌني جو پٽ مولابخش، جنهن کي هرڪو مولو سڏي، سو دڪان جي دڪيءَ تي اچي بيٺو.
    مولوءَ پنهنجي پيءُ ڌني سان ڳالهايو، چيائين، ”بابا، هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“
    ڌني ڪرڙي اک سان پٽ ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڪا ابتي سبتي ڳالهه پڇندين، ته ٺاهوڪي مار کائيندين.“
    مولوءَ پڇيو، ”ڏيتي ليتي ٻن دائرن ۾ ٿيندي آهي. صنعتي دائري ۽ زراعتي دائري ۾، لينن چيو آهي ته اها زبان وڌندي ۽ پائدار ٿيندي، جيڪا ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪم ايندي . ڇا اهو سچ آهي، بابا؟“
    ڌني کي منهن ۾ گُهنڊ پئجي ويو. چيائين، ”مون کي خبر ناهي.“
    مولوءَ پڇيو، ”بابا، لينن چيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ کي خاص رعايتون، اعزاز، لقب جهڙوڪ قومي ٻولي وغيره هرگز ڏيڻ نه گهرجن. ايئن ڪرڻ سان، لينن چيو آهي ته ملڪ مان ڏڦيڙ ۽ بي اطميمناني ڪڍي سگهجي ٿي. ڇا اهو سچ آهي، بابا“.
    ”مون کي خبر ناهي ڇورا“. ڌني رڙ ڪئي.
    مولو به موچڙن کائڻ لاءِ تيار ٿيو بيٺو هو، چيائين، ”بابا، لينن چيو آهي ته سچو مارڪسي (Marxist) ان ڳالهه ۾ ايمان رکي ٿو ته ملڪ جي ڪنهن به هڪ ٻوليءَ کي ٻين ٻولين کان برتر بنائڻ لاءِ لقبن ۽ اعزازن جو سهارو هرگز نه ڏيڻ گهرجي. ڇا اهو سچ آهي، بابا.“
    ڌني چيو، ”مان هن وقت نوشادر توري رهيو آهيان، تنهن ڪري منهنجو مٿو نه کاءُ.“
    مولوءَ چيو، ”بابا، لينن جي چوڻ موجب سچو مارڪسي ۽ جمهوريت پسند اهو آهي جيڪو ملڪ جي مختلف ٻولين لاءِ برابريءَ جي گهر ڪري ٿو. ڇا اهو سچ آهي، بابا.“
    ڌني چيو، ”ترس، هن گراهڪ کي نوشادر توري ڏيان، پوءِ توکي تنهنجي سوال جو جواب ٿو ڏيان.“
    ڌني نوشادر پڙيءَ ۾ ويڙهي گراهڪ کي ڏنو. گراهڪ هليو ويو، پوءِ ڌني پنهنجي پٽ مولا بخش مولوءَ کي سڏ ڪيو، چيائينس، ”اوري آءُ ته تنهنجي سمورن سوالن جو جواب ڪن ۾ ٻڌايانءِ.“
    مولو خوش ٿي پنهنجي پيءُ ڌني وٽ آيو.
    ڌني چيس،”پنهنجو پکي جهڙو ڪن منهنجي وات جي ويجهو آڻ.“
    مولو پنهنجو ڪن ڌني جي وات آڏو جهلي بيٺو، ڌني وات کولي مولوءَ جي ڪن ۾ چڪ وڌو، مولوءَ کان دانهن نڪري ويئي، سندس ڪن پنهنجي وات مان ڪڍندي ڌني چيو، ”بد بخت ڇورا، تون منهنجو پٽ آهين. ڌڻي بخش ڌني جو پٽ آهين. لينن جو پٽ ناهين. خبردار جو ٻيهر لينن جو نالو ورتو اٿئي.“
    ان کان پوءِ ڌني پنهنجي پٽ مولوءَ کي ٺاهوڪي مار ڏني. ■
    1972

    ● 2012 تائين ڦندڻ جي خوشفهمي ختم ٿي ويئي هوندي.




    ڦندڻ IN درساڻو ڇنو

    ڦندڻ IN درساڻو ڇنو

    ڪراچيءَ کان ٽيهه ميل پري سنڌين جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهنجو نالو درساڻو ڇنو آهي. گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي، جو ڇٽي ڇماهيءَ، ڪڏهن ڪو ڪامورو، ڪڏهن ڪو سياستدان، ڪڏهن سماجي بهبود جو ڪو ٺيڪيدار، ۽ ڪڏهن ڪو صحافي ڪشالا ڪڍي ڳوٺ درساڻي ڇني کان وڃي نڪرندو آهي، ۽ ڳوٺ وارن جا ڏک ڀريا احوال ٻڌي روئي پوندو آهي، ۽ پوءِ جيستائين ان ڳوٺ ۾ هوندو آهي، روئندو رهندو آهي، ايترو روئندو آهي، جو ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ، شهر ڏانهن موٽڻ کان پوءِ، پنهنجن پڪن گهرن، محلن، ماڙين ۽ بنگلن ڏانهن موٽڻ کان پوءِ به روئندو رهيو آهي. اڪثر ائين ٿيندو آهي جو کائنس، گهڻي روئڻ ۽ دماغي صدمي سبب درساڻي ڇني جو نالو وسري ويندو آهي.
    اسان جو دوست ڦندڻ به ستارن جي گردش سبب ڳوٺ درساڻي ڇني کان وڃي نڪتو، ڦندڻ نه فقط عامل صحافي آهي، پر ڪامل صحافي به آهي، هو جڏهن ڳوٺ درساڻي ڇني پهتو، تڏهن روئي نه سگهيو، ڇو جو اتي روئڻ هن فضول سمجهيو، هن سوچيو، ته هو جڏهن شهر موٽي ويندو، تڏهن ايترو روئندو. ايترو روئندو، جو ملڪ ٻوڙي ڇڏيندو، سو، اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ بلڪل ائين ئي ڪيو. هو ڳوٺ درساڻو ڇنو جي ڳوٺ وارن آڏو نه رنو. هن ساڻن ڪو به واعدو نه ڪيو. هن کين، پڪي رستي، اسڪول، اسپتال، بجلي، پاڻي، صفائيءَ، پوسٽ آفيس، ۽ تار گهر لڳرائي ڏيڻ جا آسرا نه ڏنا. خواب نه ڏيکاريا. هن کانئن ووٽ نه گهريو، پر لسيءَ جو گلاس گهريو، جيڪو کيس هڪدم مليو. لسي پيئڻ کان پُوءِ اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڳوٺ وارن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڦندڻ اڪيلو هو ۽ ڳوٺ وارا سرس هئا، تنهن ڪري سندس گفتگو سلسليوار نه هئي. بس، هنن ڳالهايو پئي.
    ”ادا اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي ناهي، سامهون ٻيا ڳوٺ ويجهڙائي ۾ اڏيا آهن ۽ اتي مينهن جي واڙي ۾ به بجلي آهي، پر اسان وٽ ناهي.“
    ڦندڻ وراڻيو، ”بجلي تمام بري شيءِ آهي. جتي ٻرندي آهي، اتي روشني ٿيندي آهي، روشني دماغي صحت لاءِ نقصان ڪار آهي. ماڻهوءَ ۾ سوچڻ جي بيماري لڳي ويندي آهي. تنهن ڪري توهين خوش نصيب آهيو، جو اوهان جي ڳوٺ ۾ بجلي ناهي.“
    ”ڀائو اسان وٽ پاڻي به ناهي.“
    ڦندڻ چيو،”پاڻي به چڱي شئي ناهي. اڄ ڪلهه پاڻيءَ ۾ مئل ڪتا، ڪوئا، ۽ ٻليون عام جام هونديون آهن. اهڙو پاڻي پيئڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو اڃ مري. اهڙو پاڻي فقط ٻڏي مرڻ جي ڪم ايندو آهي، يا ڪراچي شهر وارن جي پيئڻ جي . رڳو ڪراچي شهر وارا اهڙو پاڻي هضم ڪري سگهندا آهن. ٻيو ته پاڻيءَ ڪري پوسل، ۽ مڇر به جام ٿيندا آهن ۽ ننڊ آرام حرام ڪندا آهن. تنهن ڪري توهين خوشنصيب آهيو جو اوهان وٽ پاڻي به ناهي.“
    ”اسان وٽ پوسٽ آفيس به ناهي.“
    ”پوسٽ آفيس معاشري جي عام اخلاق لاءِ خراب آهي.“ ڦندڻ وراڻيو، ”پوسٽ آفيس هوندي ته ماڻهو هڪٻئي کي دڙڪن ۽ گارين جا خط لکندا. ڇوڪرا ڇوڪريون هڪ ٻئي کي Love Letters لکندا. مائٽن جي مٿي جو سور ٿيندا. تنهن ڪري توهين خوشنصيب آهيو جو توهان وٽ پوسٽ آفيس به ناهي.“
    ”اسان جي ڳوٺ ۾ اسپتال به ناهي.“
    ”اها خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي.“ ڦندڻ چيو، ”جتي اسپتال نه هوندي آهي، اتي ماڻهو وڏي عمر تائين جيئرا رهندا آهن، جتي اسپتالون هونديون آهن. اتي ماڻهو ڄمڻ شرط مري ويندا آهن. شهرن ۾ اسپتالون هونديون آهن، تنهن ڪري اتي هڪ به جيئرو ماڻهو نه هوندو آهي، رستن تي جيڪي ماڻهو نظر ايندا آهن، سي بدروح هوندا آهن. توهان جو ڳوٺ درساڻو ڇنو بد روحن کان بچيل آهي.“
    ڳوٺ وارا اسانجي عامل ڪامل صحافي دوست جي گفتگوءَ مان خوش ٿيا. ■
    1973




    سياست ۽ صلاحڪار

    سياست ۽ صلاحڪار

    اٺين درجي جو ماستر ٻارن کي Civics پڙهائي رهيو هو، سبق هلندي هڪ سنهڙو سيپڪ ڇوڪرو اٿي بيٺو. هن جو اسڪول جي رجسٽر ۾ نالو ته ڌڻي بخش لکيل هو، پر سڀئي کيس ڌنو سڏيندا هئا، ڌنو اٿي بيـٺو، ته ماستر ناراض ٿيو، ڌني کان پڇيائين، ”ڇا هي ڌنا، وچ ۾ ڇو اٿيو آهين؟“
    ڌني چيو،”سائين، مان توهان کان هڪ سوال پڇان؟“
    ”اڙي وڏو ڪو واهيات ڇورو آهين!“ ماستر صاحب چيو، ”بدبخت، استاد کان سوال پڇندي شرم نٿو اچيئي؟“
    ”شرم ته بلڪل اچي ٿو.“ ڌني وراڻيو، ”پر ڇا ڪريان جو منجهيل آهيان، سائين.“
    ”ڪهڙي مونجهاري ۾ اچي پيو آهين، ڇورا!“
    ”سائين، ناراض نه ٿيو ته پڇان؟“
    ”پڇ، پر جلدي، وقت خراب نه ڪر، دماغ خراب نه ڪر، جلدي ڪر.“
    ڌني پڇيو،”سائين، پاڪستاني سياست جا صلاحڪار ڪير آهن؟“
    ”پاڪستاني سياست جا صلاحڪار! “ماستر صاحب وائڙو ٿي ويو، اهڙو عجيب سوال هن عمر ۾ نه ٻڌو هو. چيائين، ”اهڙو بيمقصد، ۽ بي معنيٰ سوال پڇڻ جي همٿ ڪيئن ڪئي اٿئي ڇورا، کل نه لاهي ڇڏيانءِ.“
    ”منهنجي کل نه لاهيو سائين“. ڌني ڪنبندي وراڻيو، ”مان سخت منڌل آهيان. منهنجي دماغ جي کل لهي ويئي آهي. منهنجي جسم جي کل نه لاهيو. مهرباني ڪري مونکي ٻڌايو ته پاڪستاني سياست جا صلاحڪار ڪير آهن؟“
    ”سياست جا صلاحڪار وري ڇا هوندا آهن!“
    ”سائين، جن جي نقش قدم تي ملڪ جي سياست هلندي آهي.“
    ”ماٺ ڪري ويهي رهه.“ ماستر صاحب چيو،“تنهنجو سوال ٻڌي مون کي چڙ وٺي ويئي آهي“.
    ”سائين، ان سوال جو جواب نه ملندو ته مان بيمار ٿي پوندس“.
    ”بدبخت ڌنا.“ ماستر، ڌني تي اُلر ڪندي چيو، ”اول ٻڌائي ته اهو سوال ڇو پڇيو اٿئي؟“
    ”سائين“. ڌني وراڻيو، ”مون کي شڪ ٿو پوي ته پاڪستاني سياست ملڪه ترنم ميڊم نورجهان ۽ زم زم توپ جنرل راڻيءَ جي نقش قدم تي هلي رهي آهي. بلڪه سندن پيروي ڪري رهي آهي.“
    ”دماغ خراب ٿيو اٿئي ڇورا.“ ماستر ڏند ڪرٽيندي چيو.
    ”نه سائين، منهنجو دماغ پاڪستاني سياست ۽ جنرل راڻي ۽ نورجهان جي سياست خراب ڪيو آهي ۽ هونءَ منهنجو دماغ ٺيڪ آهي.“
    ماستر بيزار ٿيندي چيو”الاءِ ڇا پيو چوين!“
    ڌني چيو،” سائين، جيئن جنرل راڻي ۽ نورجهان ڪڏهن ٺهن ٿيون ۽ ڪڏهن پاڻ ۾ وڙهن ٿيون، تيئن پاڪستاني سياستدان به ڪڏهن پاڻ ۾ ٺهي ٿا وڃن ۽ ڪڏهن وري هڪ ٻئي کي زهر ٿا سمجهن. ائين ڇو آهي؟“
    ماستر صاحب وراڻيو، ”پٽ ڌنا، مان مسڪين ماستر آهيان. اهڙا خوفناڪ سوال مونکان نه پڇندو ڪر. مونکان شيرشاهه جا سڌارا پڇندو ڪر.“ ■
    1973




    چِـتـاءُ

    چِـتـاءُ

    فدا حسين ڦودنو اوچتو ظاهر ٿيو، منهنجي سامهون اچي بيٺو. چيلهه تي هٿ رکي گهور وجهي مون ڏانهن نهارڻ لڳو.
    مون اوهان کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ته اسان جو دوست فدا حسين ڦودنو ڪمال جي شئي آهي. اڪثر گم رهندو آهي، پوءِ اوچتو ئي اوچتو ظاهر ٿيندو آهي. وري گم ٿي ويندو آهي. فدا حسين ڦودني جو اهو سلسلو ورهين کان هلندو اچي.
    فدا حسين ڦودني چيلهه تي هٿ رکي مون ڏانهن ڏسندي چيو،”مان يونيورسٽيءَ ۾ سورهن پائونڊن جو لوهي گولو پنجيتاليهه فٽ پري اُڇلائيندو هوس. اِها خبر ته ضرور هوندءِ!“
    ”خير ته آهي نه ڦودنا؟“
    ”۽، اِها به خبر هوندءِ، ته مان يونيورسٽيءَ جو ايٿليٽڪ چئمپئن هوندو هوس.“
    ”پر. . . .“مون جملو پورو نه ڪيو. هن ڳالهايو.
    ”۽ اِها خبر به هوندءِ، ته مان اصل نه وڙهندو هوس. ۽ جڏهن وڙهندو هوس، تڏهن مخالف جا ڏند ڀڃي ڇڏيندو هوس.“
    ”يار ڦودنا.“ چيم، ”زمان ماضي استمراريءَ جو ذڪر نه ڪر، مطلب جي ڳالهه ڪر.“
    ”مطلب جي ڳالهه ڪريان؟“
    ”ها.“
    ”منهنجي باري ۾ ڪو ڪالم لکيو هيئه؟“
    ”شايد.“
    ”نموني بازي نه ڪر. سچ پچ ٻڌاءِ.“
    ”مونکي ماريندين ڇا؟“
    ”منهنجي ڳالهه جو جواب ڏي.“ فدا حسين ڦودني چيو،”مون تنهنجو اُهو ڪالم پڙهيو هو.“
    ”پوءِ؟“
    ”اهو ڪالم تو واري فتني، چيني عرف بيني اسان جي سڄي سنگت ۾ سرڪيوليٽ ڪرايو آهي.“
    ”نه نه!“
    ”اهو تو وارو ڏيڍ فٽ جو ڀاءُ ٽائيم بم آهي.“
    ”توکي تنگ ڪيو اٿائين؟“
    ”تنگ اصل ۾ تو ڪيو آهي“
    ”مون؟“
    ”ها“ فدا حسين ڦودني چيو، ”تون آهين يارن دوستن جي صلاح کان ابتڙ ڪم ڪندڙ.“
    حيران ٿي پڇيومانس.”ڪا صلاح ٻلاح ڏيڻ آيو آهين ڇا؟“
    ”صلاح ڌوڙ جي ڏيندو مانءِ!“
    فدا حسين ڦودني چيو، ”مان چتاءُ ڏيڻ آيو ٿي مانءِ.“
    ”ڇا جو چتاءُ؟“ چيم، ”اهو چتاءُ ڏيڻ آيو آهين، ته تنهنجي باري ۾ ڪجهه نه لکان ورنه. . . “
    ”نه.“ ڦودني چيو، ”منهنجي باري ۾ ڀلي لک.“
    ”ته پوءِ چتاءُ ڇا جو ڏيڻ آيو آهين؟“
    ”کڳي ۽ نواب گانگٽ جي خلاف لکڻ ڇڏي ڏي.“
    ”جادوگر بالما کان پوءِ تون کڳي ۽ نواب گانگٽ جو همدرد پيدا ٿيو آهين ڇا؟“
    ”مان سندن همدرد ناهيان. مان تنهنجو همدرد آهيان.“
    حيران ٿي پڇيومانس، ”منهنجو همدرد؟“
    ”ها.“ ڦودني وراڻيو،”حضرت کڳو، نواب گانگٽ، سندباد جهازي جو ستون خلاصي ڪامريڊ بي ايماني، احتشام علي نڪسن، ۽ ٻيا سنڌ دشمن چٻا، ڪٻا ۽ ٽيڏا حضرت پير سائين پاڳاري جي ڇانو ۾آهن. پناهه ۾آهن، يعني اهي سنڌ جا ويري پير سائين پاڳاري جي جوارِ رحمت ۾ آهن،“
    پڇيومانس،”چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
    ”چوڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جي ويرين، ۽ دشمنن خلاف لکڻ ڇڏي ڏي ڪٿي مارجي نه وڃين.“ فدا حسين ڦودني چيو، ”حضرت پير سائين پاڳاري کان ڊپ نٿو لڳئي!“ ■

    1973



    اکـيـون

    اکـيـون

    ڦندڻ، عامل ڪامل صحافيءَ ڏهن ڏينهن جي موڪل لاءِ درخواست ڏني، درخواست ۾ ڪو به واضح سبب نه ڄاڻايائين. بس، فقط ايترو لکيائين، ته ڪنهن ضروري ڪم سانگي ڏهه ڏينهن اخبار جو ڪم ڪري نه سگهندس.
    ڦندڻ جو ضروري ڪم گهڻو اڳ ختم ٿي ويو هو. ان ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ڦندڻ وري ڪڏهن به موڪل لاءِ درخواست نه ڏني هئي. هو جڏهن درخواست کڻي آيو، تڏهن اسان سڀني کي شڪ پيو. کيس ايڊيٽر جي ڪمري ۾ وڃڻ نه ڏنوسينس. کيس نيوز روم ۾ قابو ڪري ويهاريوسين.
    سڀني گڏيل فيصلو ڪيو ته ڦندڻ کان آڏي پڇا ڪئي وڃي.
    دوستن ۽ ساٿي صحافين، ڦندڻ کان آڏي پڇا شروع ڪئي.
    ”ڦندڻ، ڏهه ڏينهن موڪل وٺـي ڇا ڪندين؟“
    ”ڪو ضروري ڪم اٿم.“
    ”ڪهڙي قسم جو ڪم اٿئي؟“
    ”ڪم ذاتي آهي.“
    ”شادي ته نه پيو ڪرين؟“
    ”في الحال برباد ٿيڻ جو ڪو به ارادو ڪونهيم.“
    ”ته پوءِ ڏهه ڏينهن موڪل ڇو ٿو وٺين؟“
    ”منهنجي مرضي!“
    ”واهه! تنهنجي مرضي، ڄڻ ڪنهن ٿاڻي جو ايس ايڇ او آهين.“
    ”ٻڌاءِ ڦندڻ، ڏهه ڏينهن موڪل ڇو پيو وٺين؟“
    ”اڙي بابا، مٿو ڇو پيا کائو، چيم نه، ته ذاتي ڪم اٿم.“
    ”ڪنهن بئنڪ کي کاٽ ته نه هڻندين؟“
    ”بئنڪ کي کاٽ هڻڻ اچيم ها، ته اڄ جيڪر ڪنهن ڪارخاني جو مالڪ هجان ها.“
    ”يار ڦندڻ، ته پوءِ ڏهه ڏينهن موڪل ڇو ٿو وٺين؟“
    ”مان نه ٻڌائيندس.“
    ”ته پوءِ اسين توکي ايڊيٽر جي ڪمري ۾ وڃڻ نه ڏينداسين.“
    ويچارو ڦندڻ امن پسند آهي. اسان جي دڙڪي تي هيسجي ويو.
    مونکي ڦندڻ تي رحم آيو. مون سمجهيو، ڦندڻ جي ٽڙيل پکڙيل زندگيءَ کي وري شايد ڪنهن سينگارڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڦندڻ پنهنجي اڌ کان وڌيڪ زندگي واعدن کي نذرانو ڪري ڏيئي ڇڏي آهي. ڪجهه عرصو اڳ هڪ ڇوڪريءَ ڦندڻ جي رڃ جهڙي زندگي سينگارڻ جو واعدو ڪيو هو. تڏهن، ڦندڻ هڪ نه ٻئي ڏينهن اخبار مان موڪل وٺندو هو. موڪل ۾ ڪو ضروري ڪم ڄاڻائيندو هو. ضروري ڪم جي بهاني ڦندڻ موڪل وٺي اخبار مان غائب ٿي ويندو هو، ان ڇوڪريءَ جا واعدا، انجام، اقرار ۽ قسم ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. پوءِ، هڪڙي ڏينهن اها ڇوڪري جڏهن ڦندڻ کي فريب ڏئي هلي ويئي هئي، تڏهن ڦندڻ پنهنجو اندر مون سان اوريو هو، ۽ رنو هو. پوءِ هن ضروري ڪم سان موڪل وٺڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينهن جڏهن ڦندڻ ڏهن ڏينهن جي موڪل جي درخواست کڻي آيو، تڏهن مونکي شڪ پيو.
    مان ڦندڻ کي دوستن جي قبضي مان ڪڍي، نيوز روم مان ٻاهر وٺي ويس. پڇيومانس، ”ڦندڻ، وري ڪو چڪر هلايو اٿئي ڇا؟“
    چيائين، ”نه يار.“
    پڇيم، ”ته پوءِ ڏهن ڏينهن لاءِ موڪل ڇو پيو وٺين؟“
    ڦندڻ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو، ”هڪ هنڌ ماڻهن کي اهڙيون اکيون لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جو ماڻهن کي هر طرف بهار، گل ۽ خوشيون ڏسڻ ۾ اينديون. ڪجهه ماڻهن اهڙيون اکيون هڻايون آهن. انهن کي هر طرف خوشيون، گل ۽ بهار جو منظر نظر اچڻ لڳو آهي. مان به اهڙيون اکيون هڻائڻ پيو وڃان.“
    پڇيومانس، ”پنهنجيون اکيون ڪيڏانهن ڪندين؟“
    وراڻيائين،”پنهنجيون اکيون ڪانگن کي ڪڍي ڏيندس.“ ■
    1973




    يارهن ميمبر پنجيتاليهه ميمبرن تي ڀاري

    يارهن ميمبر پنجيتاليهه ميمبرن تي ڀاري

    گذريل هفتي نواب گانگٽ هڪ پريس ڪانفرنس سڏائي هئي، جنهن ۾ هن حڪومت تي زور آندو، ته جلد کان جلد بهارين کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڳولي پاڪستان آندو وڃي ۽ کين خاص طرح سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي.
    پريس ڪانفرنس هلندي عامل ڪامل صحافي ڦندڻ دل جهلي نواب گانگٽ کان پڇيو،”نواب گانگٽ صاحب، اوهين ڇو ٿا چاهيو ته بهارين کي پاڪستان ۾ آندو وڃي؟“
    نواب گانگٽ جوهه وجهي ڦندڻ ڏانهن نهاريو، ڦندڻ ميز تان پيٽيس کڻي ورتو ۽ کائڻ لڳو.
    نواب گانگٽ چيو، ”پاڪستان مسلمانن جو، ۽ مسلمانن لاءِ ملڪ آهي. بهاري مظلوم مسلمان آهن، اسان جو فرض آهي ته کين پاڪستان ۾ گهرائي وٺئون؟“
    ”پاڪستان ۾ کين ڪٿي آباد ڪرائيندا؟“
    ”سنڌ ۾.“
    ”ڇو؟ سرحد، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڇو نه؟“
    ”سنڌ جي آب هوا اسان کي موافق اچي وئي آهي.“ نواب گانگٽ چيو،”هتي اسين نئون يو پي، ۽ نئون سي پي آسانيءَ سان ٺاهي سگهون ٿا. ان لاءِ اسان بنياد به وجهي ڇڏيو آهي. تمام جلد اسين سنڌ جو نالو باب السلام رکي ڇڏينداسين.“
    ”برابر، برابر.“ ڦندڻ پيٽيس کائيندي چيو.”ٻيو ته هتي، يعني سنڌ ۾ اسيمبليءَ طرفان جمهوري طريقي سان پاس ڪيل بل ۾ هنگاما ڪرائي ترميمون به ڪرائي سگهجن ٿيون ۽ يارهن ميمبرن جو فيصلو 45 ميبمرن جي فيصلي کي ريٽي سگهي ٿو. اهو فقط سنڌ ۾ ممڪن آهي. اهڙي دل لڳي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ هرگز ڪري نٿي سگهجي.ڪيئن نواب گانگٽ صاحب؟“
    نواب گانگٽ پنهنجي کونئر لڳل کهري مڇ تي هٿ ڦيرائيندي ڦندڻ کان پڇيو، ”تون بدنام صحافي ڦندڻ آهين نه؟“
    ”بلڪل صحيح سڃاتو اٿئي، نواب گانگٽ.“
    ”تون وڏو بدمعاش آهين.“
    ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي.“ ڦندڻ وراڻيو، ”پر مان پاڻ سان هڪ گزيٽيڊ آفيسر جو ڏنل ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ کڻي هلندو آهيان.“
    ”بهرحال“ نواب گانگٽ ڳالهه مٽائيندي چيو،“ مان حڪومت تي زور آڻيان ٿو، ته مظلوم بهارين کي هڪدم پاڪستان آندو وڃي.“
    ”سائين، مظلوم بهارين ۾ هندو بهاري به شامل آهن؟“ ڦندڻ پڇيو.
    ”لاحول ولله. هيءُ مسلمانن جو ۽ مسلمانن لاءِ ملڪ آهي.“ ■

    1973




    اڄ پڻ وايون ڪن

    اڄ پڻ وايون ڪن

    فدا حسين ڦودنو رات جو تمام دير سان منهنجي فليٽ تي آيو. زور سان ڪڙو کڙڪائي مون کي سڏ ڪيائين.
    در کوليم.
    فدا حسين ڦودنو ٻئي هٿ چيلهه تي رکي بيٺو هو، چيائين،”تنهنجي فليٽ جي هيٺان فٽ پاٿ وٽ هڪ لاش پيو آهي.“
    ”لاش؟“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ها، لاش.“
    ”ڪير آهي؟“
    ”هن مرڻ کان اڳ ڪو به نياپو نه ڇڏيو آهي.“ ڦودني چيو،”توسان ڪچهري ڪرڻ لاءِ جيئن هيٺ پهتس، لاش ڏٺم.“
    منهنجي پٺيان چيني چيو، ”فٽ پاٿ تي جيڪو ماڻهو پيو آهي، سو مئل ناهي. مرڻ جي تيارين ۾ آهي.“
    منهن ورائي چيني کان پڇيم”توکي ڪيئن خبر پئي ته فٽ پاٿ تي پيل شخص مئل ناهي، پر مرڻ جي تياريءَ ۾ آهي.؟“
    چيني وراڻيو،”مان جڏهن فٽ بال ميچ تان موٽيو هوس، تڏهن ڏاڪڻ چڙهڻ کان اڳ مان وٽس وڃي بيٺو هوس. هن مون ڏانهن ڏٺو هو ۽ ڳالهايو هو؟“
    فدا حسين ڦودنو حيران ٿي ويو، پڇيائين، ”هن ڳالهايو هو!“
    ”ها، ادا ڦودنا.“ چيني وراڻيو، ”هن مونکي ڏسي چيو هو، اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.“
    ”ڇا!“ ڦودني کان رڙ نڪري ويئي.
    ”ان بيت جي معنيٰ سمجهين ٿو، ڦودنا؟“ ڦودني کان پڇيم.
    ”ها.“
    ”ڇا ٿو سمجهين؟“
    ”لفظ زبان تي آڻيندس، ته اندر اڌ ٿي پوندو.“
    ”ڳالهاءِ ڦودنا.“
    فدا حسين جو لوهه جهڙو جسم ڪنبڻ لڳو. چيائين،”اهو هڪ نسل جي ابدي سفر جو اهڃاڻ آهي.“
    مون ڏاڪڻ لهندي چيو،”اچ چينا، جلد ڪر. فدا حسين تون به اچ، هن کي وڃڻ نه گهرجي. اسين کيس وڃڻ نه ڏينداسين.“
    اسين ڏاڪڻ لهي فٽ پاٿ تي پهتاسين. اتي ڪو به نه هو. هو وڃي چڪو هو!. ● ■
    1973



    • فسادن کان پوءِ حالتون ايتري قدر ته مايوس ڪندڙ ٿي پيون هيون جو لڳندو هو، سنڌي ٻولي، تهذيب، سنڌي تمدن نه بچندا. ذري گهٽ چاليهه سالن کان پوءِ، 2012 ۾ پاڻ کان پڇان ٿو، منهنجي سنڌ ڪٿي آهي؟



    ڀينڀوريون

    ڀينڀوريون

    اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ جي درويش مامي، رب ڏني جي ڪن ۾ ڀنڀوري گهڙي ويئي هئي، ۽ سندس ڪن ۾ جيٽ هوائي جهازن هلڻ جا آواز اچڻ لڳا هئا.
    رب ڏني کي، (جنهن کي اُچارن جي وٺ پڪڙ ۾ فقط ربنو سڏيندا آهن)، حيدرآباد جي لياقت ميڊيڪل اسپتال کڻائي آيا. ڊاڪٽرن فيصلو ڪيو ته ربني جي ڪن مان مئل ڀنڀوري ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪئي ويندي. درويش ربني آپريشن جي ڳالهه ٻڌي احتجاج ڪندي چيو هو،”منهنجي ڪن ۾ جيڪا ڀنڀوري گهڙي ويئي آهي، سا مئل ناهي، خدا جي فضل سان جيئري آهي. تنهنڪري منهنجي ڪن ٻاهران هوائي جهازن ڪيرائڻ واري توپ، اينٽي ايئر ڪرافٽ گن جا ست ٺڪاءَ ڪڍيا وڃن. ڀنڀوري ڊپ وچان ڪن مان نڪري ويندي. تنهنڪري، منهنجي ڪن سڳوري جي آپريشن نه ڪئي وڃي.“
    ڊاڪٽر نه مڙيا. هڪ نوجوان سنڌي سرجن، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ٻاهران نڪ، ڪن ۽ نڙيءَ جي بيمارين ۾ مهارت حاصل ڪري موٽيو آهي، تنهن ربني کي وڏي جاکوڙ کان پوءِ آپريشن لاءِ تيار ڪيو. هن ربني کي چيو،”اڄ ڪلهه جون ڀنڀوريون ٺڪاون سان جان نه ڇڏينديون آهن، ماما. انهن ڀنڀورين جي وڍ ڪٽ ڪرڻي پوندي آهي. يعني آپريشن رستي انهن ڀنڀورين مان جان ڇڏاڻي پوندي آهي.“
    ٽيون ڏينهن ڦندڻ جي مامي، درويش ربني جي ڪن جي آپريشن ٿيڻي هئي، ڦندڻ مونکي خاص طرح ڪراچيءَ کان حيدرآباد وٺـي آيو. چيائين،”ماما ربني کي دلاسا ڏيئي، دل مٿي ڪنداسين. هونءَ، منهنجو درويش مامو آهي ته پهلوان، پر ڪنهن ڪنهن وقت گرز ڪيرائي وجهندو آهي.“
    ڦندڻ ۽ مان جنهن وقت لياقت اسپتال پهتاسين، تنهن وقت ڦندڻ جو مامو ربنو آپريشن لاءِ بلڪل تيار ويٺو هو. کيس اڇو چوغو پارايو ويو هو. رات کان سندس کاڌو خوراڪ بند هو، تنهن ڪري نٻل پئي ڏٺو.
    اسان کي ڏسڻ شرط درويش ربني رڙ ڪندي چيو،”بک پيو مران. خدا جي واسطي هڪ کارو بسڪوٽ ۽ هڪ چانهه ڏيوم.“
    مون مامي کي سمجهائيندي چيو،”ماما، آپريشن کان اڳ ڪجهه نه کائبو آهي.“
    بيزار ٿيندي پڇيائين،”پر اها بدبخت آپريشن ٿيڻي ڪڏهن آهي؟“
    ڦندڻ چيو،”اسين ڪن، نڪ ۽ نڙيءَ واري سرجن کان پڇا ڪري ٿا اچئون.“
    ڦندڻ ۽ مان نوجوان سرجن وٽ پهتاسين. سرجن آپريشن ٿيٽر ٻاهران، اڇي اپرن ۾ آپريشن لاءِ بلڪل تيار بيٺو هو. ڦندڻ چيس،”اسان جو درويش مامو آپريشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.“
    سرجن وراڻيو،”ڀائو، مان به آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
    پڇيومانس،”ته پوءِ انتظار ڪنهنجو آهي؟“
    ڊاڪٽر جواب نه ڏنو، ۽ ورانڊي ڏانهن ڏسندو رهيو، اسين حيرت مان ڏانهس ڏسندا رهياسين.
    هڪ وارڊ بوائي چيو،”نرسون سرجن صاحب کان ناراض آهن. سرجن صاحب نرسن جو انتظار ڪري رهيو آهي.“
    ”ڇو ناراض آهن؟“ ڦندڻ پڇيو، وارڊ بوائي آهستي وراڻيو،”نرسن کي شڪايت آهي ته ڊاڪٽر صاحب Unromantic، کهرو ۽ سخت آهي، تنهن ڪري نرسون آپريشن ٿيٽر ۾ سرجن صاحب جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.“
    ڦندڻ وارڊ بوائي کان پڇيو،”ٻاهريان قصا ته مشهور آهن، آپريشن ٿيٽر ۾ به ڊاڪٽر نرسن هٿان بيحال ٿيندا آهن ڇا؟“
    وارڊ بوائي وراڻيو،”مان اسپتال جو راز ظاهر نه ڪندس.“
    بهرحال، ڦندڻ جي مامي، درويش ربني جي ڪن مان ڀنڀوري نه نڪتي آهي، نرسن کي ڊاڪٽر جو رويو، ۽ خاص ڪري سنڌي ڳالهائڻ پسند ناهي. هو ساڻس ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نرسن جي موجودگيءَ کان سواءِ آپريشن، آپريشن محسوس نه ٿيندي آهي. ■
    1973




    حسين دڙڪو

    حسين دڙڪو

    اڄ ڪلهه ڊرامن جي موسم هلي رهي آهي. موسم آهر مان پنهنجو ڊرامو پيش ڪريان ٿو. هي ڊرامو واڪ آئوٽ، يا واڪ اِن؛ مرڻ يا مارائڻ جو ڊرامو ناهي. منهنجو ڊرامو سپينس ڊرامو آهي، جنهن کي فلم پروڊيوسر سپينڊ سڏيندا آهن.
    ڊرامي پيش ڪرڻ کان اڳ هڪ وضاحت ضروري سمجهان ٿو. منهنجو هيءُ ڊرامو ايندڙ چونڊن لاءِ منهنجي”ورڪ“ جي هڪ ڪڙي ناهي، خدا ۽ خدا جو رسول ٿو ڄاڻي ته مونکي ايندڙ چونڊن ۾ بيهڻ جو ڪو ارادو ناهي. مان ڪنگلو بادشاهه آهيان. مان وڏيرو ناهيان. منهنجي ٽنڊ تي ڪراڪلي ٽوپي رکيل ناهي. مون پنهنجا هاري ناري مارايا ناهن. مون پنهنجي تر ۾ ماڻهن کي هيسائيڻ لاءِ مٿن ڪوڙا ڪيس نه ڪرايا آهن. تنهنڪري، منهنجي ڊرامي مان پڙهندڙ، مهربانو ۽ قدر دانو، اوهين ڀليءَ ڀت سمجهي ويا هوندا، ته مونکي ايندڙ چونڊن ۾ بيهڻ جو ڪو به ارادو ناهي. پر، سڀ کان وڏي ڳالهه ته مان چونڊن ۾ بيهڻ جو حق به نه ٿو رکان.
    هينئر ڊرامو پيش ڪجي ٿو.
    مان آفيس ۾ ويـٺو هوس. ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. منهنجي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ رسيور کڻي چيو،”مان ڦندڻ پيو ڳالهايان.“
    ڦندڻ رسيور مان ڪو جواب ٻڌو، هڪ دم رسور مون کي ڏيندي چيائين،”مان سمجهان ٿو ڪو گهوڙو توسان ڳالهائڻ ٿو چاهي.“
    مون ڦندڻ کان رسيور وٺي ڪن تي رکندي چيو،”مسٽر گهوڙا، مان اهو پيو ڳالهايان جنهن سان تون ڳالهائڻ چاهين ٿو.“
    بيحد کهرو، اڻوڻندڙ، ۽ هڻڪڻ جهڙو آواز آيو،”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي، اسين تنهنجو دماغ درست ڪنداسين. اڄ، آفيس مان نڪرڻ کان پوءِ تنهنجو خير ناهي.“
    ”خير محمد ڪمپازيٽر موجود آهي، مسٽر گهوڙا.“ چيم،”ساڻس ڳالهائيندين؟“
    ڳالهائيندڙ گهوڙي خارن مان فون بند ڪري ڇڏي. مون گهوڙي جي گفتگو کان ڦندڻ کي آگاهه ڪيو. ڦندڻ چيو،”ممڪن آهي گهوڙو سنڌ جي ڪنهن روحاني رهبر جو چيلو يا ڇيلو هجي، ۽ توکي ماريندي ويرم نه ڪري، تنهن ڪري بک مري جيڪي ڪتاب ورتا اٿئي، سي مونکي ڏيئي ڇڏ.“
    هڪ ڪوري ڪاغذ تي صحيح ڪري، ڪاغذ ڦندڻ کي ڏيندي چيم،”منهنجي مرڻ کان پوءِ هن ڪاغذ تي جيڪي وڻيئي سو لکي وارث ٿجانءِ .“
    ڦندڻ ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيو.
    ٽيليفون تي گهوڙي سان ڪيل گفتگو مون وساري ڇڏي.
    سانجهي ٽاڻي جڏهن آفيس مان نڪري بندر روڊ تي اچي بيٺس، تڏهن اوچتو هڪ مرسڊيز ڪار مونکي ذري گهٽ چيٿاڙيندي اڳ نڪري ويئي، مون ڪنڌ ورائي نهاريو. ڏٺم، ته ڪار هڪ ڇوڪري هلائي رهي هئي ۽ سندس ڀرسان پڻ هڪ ٻئي ڇوڪري ويٺي هئي.
    ايتري ۾ بولٽن مارڪيٽ کان ٽرام آئي، مان ٽرام ۾ چڙهي ويٺس. ڪجهه اڳتي هلي منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته ساڳي مرسڊيز ڪار ٽرام سان گڏوگڏ ڊوڙي رهي هئي، ڪار ۾ ويـٺل ٻئي ڇوڪريون رکي رکي مون ڏانهن ڏسي رهيون هيون. اوچتو مونکي ٽيليفون تي گهوڙي سان ڪيل گفتگو ياد آئي.
    ٻئي ڇوڪريون صدر تائين ٽرام جو پيڇو ڪنديون آيون. صدر ۾ جهانگير پارڪ وٽ ٽرام مان لٿس. مرسڊيز ڪار منهنجي بنهه سر تي چڙهي آئي، جيڪا ڇوڪري ڪار هلائي رهي هئي تنهن اٻهرائيءَ مان چيو،”پيرن مرشدن جي باري ۾ لکڻ ڇڏي ڏي، نه ته توکي ريپ ڑRape جي ڪيس ۾ ٻڌرائي ڇڏينديون سين.“
    مون حيرت مان ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو. ■
    1973




    نوان صوبا

    نوان صوبا

    ڦندڻ پڇيو ڌني کان، ”ڌنا سائين، نيٺ ڇا سوچيو اٿئي؟“
    ”ڇا جي باري ۾؟“
    ”ڪراچي ڇڏڻ جي باري ۾.“
    ”ڪراچيءَ مان لڏڻ جو پيو سوچين ڇا؟“
    ”ٻيو نه ته.“
    ”اوچتو ئي اوچتو ڪراچي ڇڏڻ جو خيال ڇو آيو اٿئي؟“
    ڦندڻ وراڻيو،”ملان ڍو تي آهن. چون ٿا ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪرائيندا.“
    ڌنو ان انڪشاف تي ڪجهه حيران ٿيو. چيائين،”ملن ويجهڙائي ۾ ضرور سيري جي ديڳ کي مٿو ڏنو آهي. تنهن ڪري پاڻ نه ٿا ڳالهائين، سندن پيٽ ٿو ڳالهائي.“
    ”هونءَ به ملن جو ميڄالو گوڏي ۾ هوندو آهي.“
    ڪجهه مٿڀرو ٿو ٻڌائين، ”ملن جو ميڄالو کڙيءَ ۾ هوندو آهي.“
    ”اهو غلط آهي. کڙيءَ ۾ ميڄالو فقط عورتن کي هوندو آهي.“ ڦندڻ چيو،”ٻڌو نه اٿئي، ته عورتن کي کڙيءَ ۾ عقل هوندو آهي.“
    ”نه سائين. ملن کي گوڏي ۾ ميڄالو ۽ پيٽ ۾ عقل هوندو آهي، تنهن ڪري ملان ڍو تي ٻوڙ پلائو، ۽ سيرا اُڦراٽا کائي پوءِ ڳالهائيندا آهن.“
    ڌني پڇيو،”تنهن جو مطلب آهي ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪرڻ جو مطالبو ملن جي پيٽ ڀرائي آهي؟“
    ”ها“. ڦندڻ وراڻيو، ”اهو مطالبو ڪنهن چرٻٽ جي چريائي آهي.“
    ”پر تڏهن به پاڻ کي لڏ پلاڻ جي تياري ڪري ڇڏڻ گهرجي.“
    ”ڇو؟“
    ”متان چرٻٽ جو خواب سچو نڪري پوي!“
    ڦندڻ چيو،”اهو ناممڪن آهي.“
    ”دنيا ۾ ڪا به شي ناممڪن ناهي.“
    ”مون کي نيپولين سان ڪا به همدردي ناهي.“
    ”اهي همراهه وڏا اٽڪلي آهن.“ ڌني چيو،”جمهوري طريقي سان منظور ٿيل بل سان ڏٺهءِ ته ڪهڙي حالت ڪيائون!“
    ”مان نه ٿو سمجهان ته ملان ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندا.“
    ”ڪراچيءَ کي جيڪڏهن جدا صوبو ڪرائي نه سگهيا، ته پوءِ هڪ ٻيو مطالبو ڪندا.“
    ”ڪهڙو؟“
    ڦندڻ چيو،”مطالبو ڪندا ته لالوکيت کي جدا صوبو ٺاهيو وڃي.“
    ڌني کلندي چيو،”اهو عين ممڪن آهي ته ملان لالوکيت کي جدا صوبو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.“
    ”پوءِ لالو کيت کي صوبائي ٻولي ڪهڙي ڪندا؟“
    ”اڙدو.“
    ”سرڪاري ٻولي؟“
    ”اڙدو.“
    ”قومي ٻولي؟“
    ”اڙدو.“
    ڦندڻ چيو،”جڏهن لالو کيت کي جدا صوبو مڃيو ويندو تڏهن ان ۾ ٻن قسمن جا مهاجر رهندا.“
    ڌني حيرت سان پڇيو،”ڪهڙا ٻه قسم؟“
    ڦندڻ وراڻيو،”نوان مهاجر ۽ پراڻا مهاجر.“ ● ■
    1973




    ● سنڌ ۾ صوبا ٺاهڻ جو ممڻ 1947 کان متل آهي.



    ڪٻي جي ڳالهه

    ڪٻي جي ڳالهه

    اسان جو عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ ڏندين ڏاند آهي، هو پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي، مٿس ڪنهن جي جهل پل نه هلي. ڪم اهڙا ڪندو جو شير پاتن سنگهه، جنهن هماليه جي چوٽيءَ تي پير رکيو هو، سو اچي سلام ڪندس.
    ڪالهه مون وٽ آيو. وات مان ڪجهه نه ڪڇيائين، منهنجي آڏو ڪجهه ڪاغذ رکيائين. ڏانهس ڏٺم، ته ڪاغذن طرف اشارو ڪيائين. مطلب ته پڙهه. مون ڪاغذ هٿ ۾ کنيا. ڦندڻ زور آوري ڪري پاڪستاني سياست جي سڀ کان ”ڪم سن“ ڪٻي سياستدان جو انٽرويو وٺي آيو هو. انٽرويو سوال جواب جي صورت ۾ هو. توهين به پڙهي ڏسو. (سوال ڪندڙ ڦندڻ آهي.)
    سوال: توهان سياست ۾ ڇو ٽپي پيا آهيو، مسٽر ڪٻا؟
    ڪٻو: مان معاشري کي سڌارڻ چاهيان ٿو.
    سوال: ته پوءِ ان ڪم لاءِ يتيم خانو ڇو نه ٿا کوليو؟ سياست ۾ ڇو لٿا آهيو؟
    ڪٻو: ٻيو ڪو سوال پڇ.
    سوال: توهين مُلن جي جماعت طرفان سياست ۾ ڇو آيا آهيو؟
    ڪٻو: ملان مجهول هوندا آهن، سندن جماعت ۾ مان اڪيلو پڙهيل آهيان. هن جماعت ۾ منهنجي Rise ڪرڻ جا آثار ڏاڍا روشن آهن.
    سوال: ويجهڙائي ۾ توهان اداڪار ملان کي انٽرويو ڏيندي فرمايو هو، ته توهان کي وزارت جي آڇ ٿي هئي اها ڳالهه ڪيتري قدر صحيح آهي؟
    ڪٻو: انٽرويو ڏيڻ کان پوءِ مون هڪدم محسوس ڪيو ته اها آڇ مون کي خواب ۾ ٿي هئي.
    سوال: ڪنهن به مسئلي تي ڪهڙي نموني عوام کان راءِ وٺـي سگهجي ٿي؟
    ڪٻو: فساد ڪرائي.
    سوال: توهين گهڻو ڪري هارين جي فڪر ۾ ڳرندا ٿا رهو. توهان ڪڏهن ڪو سنڌي هاري ڏٺو آهي؟
    ڪٻو: ٻيو ڪو سوال پڇ
    سوال: تازو هڪ انٽرويو ۾ توهان فرمايو آهي هندو ٺاڪر پاڪستان جا دشمن آهن، ڇو جو پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي. ان نقطه نگاهه کان مراڪش جي شاهه حسن تي ويجهڙائيءَ ۾ جيڪو خوني حملو ٿيو آهي، تنهن باري ۾ توهانجو ڪهڙو خيال آهي؟
    ڪٻو: ان حملي ۾ ڪنهن سنڌي اخبار جي اڪائونٽنٽ جو هٿ هو، خدا جو شڪر آهي ته شاهه حسن بچي ويو.
    سوال: اداڪار ملان کي انٽرويو ڏيندي توهان انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچيءَ جو شهر ڪنهن به دور ۾ سنڌ جو حصو نه هو. مهرباني ڪري وضاحت ڪندا؟
    ڪٻو: ڪراچي حقيقت ۾ لنڪا جو شهر هو، جتان رواڻ ان کي چورائي کڻي آيو ۽ سنڌ جي رڻ ڪڇ جي گوني ڪنڊ وٽ ڇڏي ويو. ملان جڏهن اقتدار ۾ ايندا، تڏهن خارجه پاليسيءَ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ اسين ڪراچيءَ جو شهر لنڪا Ceylon کي موٽائي ڏينداسين. ■
    1973




    بيوقوف ڪبوتر جو موت

    بيوقوف ڪبوتر جو موت


    مون آفيس جي دريءَ تان ٻاهر نهاريو.
    بندر روڊ جي ٻئي پاسي، سيشن ڪورٽ جي بلڪل سامهون، هڪ مئل ڪبوتر بجليءَ جي تارن ۾ اُبتو لٽڪيو پيو هو.
    مان مئل ڪبوتر ڏانهن ڏسي رهيو هوس.
    اسان جو عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ، منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. پڇيائين،” سيشن ڪورٽ جي بلڊنگ ڏانهن انصاف لاءِ پيو واجهائين ڇا؟“
    مون کيس جواب نه ڏنو. مئل ڪبوتر ڏانهن ڏسندو رهيس.
    ڦندڻ چيو،”سيشن ڪورٽ جي بلڊنگ پٿر مان ٺهيل آهي. مضبوط آهي. يقين ڪر، تنهنجي مٿي ٽڪرائڻ سان کيس لوڏو نه ايندو.“
    مون ڦندڻ جي ڪلهي تي هٿ رکيو، هن ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو.
    مون ڳالهايو. چيم،”سيشن ڪورٽ جي سامهون بجليءَ جون تارون ڏسين ٿو؟“
    ڪجهه حيرت سان وراڻيائين، ”ها.“
    مئل ڪبوتر ڏانهن نهاريندي چيم،”بجليءَ جي تارن تي هڪ مئل ڪبوتر اُبتو لٽڪيل آهي.“
    ”ڪا وڏي ڳالهه ناهي.“ ڦندڻ چيو،”جيڪي ڪبوتر شاڪ لڳڻ سبب مري ويندا آهن، سي بجليءَ جي تارن تي ابتا لٽڪي پوندا آهن.“
    مان دريءَ وٽان هٽي ويس. ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪتابن جي شيلف وٽ وڃي بيٺس، جنهن تي پراڻين اخبارن جا ويڙهوٽا سٿيا پيا هئا.
    ڦندڻ دريءَ ڏانهن پٺي ڪري ڇڏي، اُتان ئي ڳالهائيندي چيائين، ،”جيڪڏهن تون اِهو سوچي رهيو آهين، ته ڪبوتر مرڻ کانپوءِ ابتو ڇو ٿي پيو، ۽ سبتو ڇو نه رهيو، ته پوءِ اهو معاملو ڪجهه ڪجهه غور طلب آهي.“
    ڦندڻ، پوءِ هڪدم منهن ورائي دريءَ کان ٻاهر، مئل ڪبوتر ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ڪجهه دير تائين ٻاهر نهارڻ کان پوءِ ڦندڻ دريءَ وٽان هٽي ويو. ۽ منهنجي سامهون ميز تي چڙهي ويٺو. نرڙ ۾ گهنڊ پئجي ويو هوس. ننڍڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو هوس. وڏي ڪنهن سوچ ۾ مبتلا ٿي ويو هو!
    پڇيومانس،”مئل ڪبوتر کي حلال ڪرڻ جي ترڪيب پيو سوچين ڇا؟“
    خيالن جو سلسلو ٽٽي پيس. منهنجي سوال تي مـٺيان لڳس. چيائين،”ميان، تنهنجي باري ۾ پيو سوچيان.“
    ”منهنجي باري ۾؟“
    ”ها.“
    ”ڇا ٿيو آهي مونکي؟“
    ”مون کي خبر ناهي ته توکي ڇا ٿيو آهي.“ ڦندڻ چيو،” پر تون مئل ڪبوتر جي باري ۾ ڇا سوچي رهيو آهين؟“
    ڦندڻ جو سوال ذهن جي مقبرن ۾ پڙاڏا ڪرڻ لڳو، ته ”مئل ڪبوتر جي باري ۾ڇا سوچي رهيو آهين؟“
    مونکي ڪو جواب سجهي نه آيو، ڪرسيءَ تان اُٿي دريءَ وٽ بيٺس، ۽ مئل ڪبوتر ڏانهن نهارڻ لڳس.
    ڦندڻ منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. پڇيائين،”ڇا پيو سوچين؟“
    دل اُداس ٿي ويئي. چيم،”ڦندڻ، مونکي ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ته مان به ڪنهن ڏينهن بجليءَ جي تار تي وڃي ويهندس، ۽ ڪبوتر جو موت مرندس.“
    ”جنهن نرس توکي کاٻي ٻانهن ۾ چاليهه سيون هنيون هيون، تنهن تنهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن.“ ڦندڻ کليو. چيائين،”ڪبوتر بيوقوف هيو. بجليءَ جي تارن تي ويهي مري ويو. چنبن تي رٻڙ چاڙهي ڇڏي ها، ته جيڪر اُبتو ٿي نه مري ها.“ ■
    1974




    سوڙ جيترا پير ڊگهيڙڻ

    سوڙ جيترا پير ڊگهيڙڻ

    فدا حسين ڦودنو اسان جو دوست آهي، هو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويندو آهي، ۽ اوچتو ئي اوچتو ظاهر ٿي پوندو آهي. هڪ آفيس ۾ پندرهن سالن کان ڪلارڪي ڪندو آهي. ڪرامتن جو صاحب آهي. هڪ ڪمال اِهو به ڪندو آهي، جو آفيس مان اڪثر موڪل تي غائب رهندو آهي، پر سندس سالياني ويهن ڏينهن جي ريزڪي موڪل، يعني ڪيزوئل ليوِ (Casual Leave) ختم نه ٿيندي آهي. هڪ عام اندازي موجب فدا حسين ڦودنو سال ۾ نَوَ مهينا موڪل تي رهندو آهي!
    ڳالهه ڪندا آهن ته فدا حسين ڦودنو جڏهن ننڍڙو هو، تڏهن فلاسافر ٿيڻ جا اهڃاڻ ڏيکاريندو هو. هڪ دفعي ڪنهن اُستاد کان نصيحت ٻڌي آيو ته.”انسان کي هميشه سَوَڙِ جيترا پير ڊگهيڙڻ گهرجن.“ بس سائين! فدا حسين ڳالهه کي ڳنڍ ٻڌي، نصيحت تي عملي طرح هلڻ جو پڪو پهه ڪري ويٺو.
    اونهارو اوج تي هو. ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي! فدا حسين ڦودنو نصيحت ٻڌي سڌو گهر آيو. ماءُ کي حڪم ڪيائين ته تهخانن مان سَوَڙ ڪڍ. ماءُ پنهنجي بودلي پٽ کي تهخانن مان سَوَڙ ڪڍي آڻي ڏني، ۽ ڏانهس حيرت مان نهارڻ لڳي.
    فدا حسين سڀ کان ويجهي کٽ تي ليٽي پيو. چڱي طرح سوڙ تاڻي، پير ڊگها ڪيائين. اهو ڏسي کائنس ڇرڪ نڪري ويو ته سَوَڙ کائنس قد ۾ ڊگهي هئي، ۽ هو ڪوشش جي باوجود سَوَڙ جيترا پير ڊگهيڙي نه پئي سگهيو. هن نصيحت ۾ ٻڌو هو ته انسان کي هيمشه سَوَڙ جيترا پير ڊگهيڙڻ گهرجن! تنهن ڪري، هن سَوَڙ لاهي، هڪدم ماءُ کي حڪم ڪيو ته سَوَڙ کي ڪپي ننڍو ڪري، سندن قد جيترو ڪيو وڃي.
    ممتا جي ماريل ماءُ! ويچاري سَوَڙ ڪپي، ننڍي ڪري فدا حسين ڦودني جي قد جيتري ڪري ڇڏي.
    فدا حسين ٻيهر نئون سنئون ٿي کٽ تي ليٽي پيو، ۽ پوءِ جڏهن پنهنجي مٿان سَوَڙ وجهي پير ڊگها ڪيائين، تڏهن اهو ڏسي کيس بيحد خوشي ٿي، ته هو نصيحت جي عين مطابق سَوَڙ جيترا پير ڊگهيڙي سگهيو ٿي. نه هو سَوَڙِ کان وڏو هو، ۽ نه سَوَڙِ کانئس وڏي هئي.
    اونهارو گذري ويو. سيارو آيو، تهخانن مان سوڙيون نڪتيون. فدا حسين پنهنجي سَوَڙ کڻي کٽ تي ليٽي پيو. کيس استاد جي نصيحت ياد هئي. هڪ دم سَوَڙ پنهنجي مٿان وجهي پير ڊگهيڙيائين. کانئس ڇرڪ نڪري ويو. سندس ٻئي پير مرن تائين سوڙ کان ٻاهر نڪري ويا هئا. هن هڪ دم گوڏا ٽنڊا ڪري، پير مٿي ڇڪي ورتا. ٽنڊڙو ٿي، جيئن تيئن ڪري رات گذاري ڇڏيائين.
    صبح جو ماءُ کي حڪم ڪيائين ته، سوڙ کي ڳنڍُ هڻي، وڌائي سندس قد جيترو ڪيو وڃي.
    ماءُ ويچاريءَ سوچيو، ته ڇوڪرو پنهنجي ڏاڏي جي هاٺي ڪاٺيءَ تي ويو آهي. سو سال ۾ ٻه ٻه هٿ ٿي وڌنڌو. سو ڇا ڪيائين، جو سَوَڙ کي فدا حسين جي قد کان فٽ ڏيڍ وڌائي ڳنڍُ هڻي ڇڏيائين.
    فدا حسين جڏهن ڳنڍ لڳل سَوَڙ پنهنجي مٿان وجهي پير ڊگهيڙيا، تڏهن سندس پير سوڙ جيترا ڊگهيڙجي نه سگهيا. هن ڳالهه کي نصيحت جي انحرافي سمجهندي، سخت اعتراض ڪيو. ماڻس هڪدم، ڊپ وچان سوڙ ڪپي، سندس قد جيتري ننڍي ڪري ڇڏي، جنهن ۾ فدا حسين سوڙ جيترا پير ڊگهيڙي سگهيو ٿي.
    پوءِ، ڪيترن سالن تائين سوڙ جيترا پير ڊگهيڙڻ جي جدوجهد ۾ فدا حسين پنهنجي سوڙ هر سال وڌائيندو ۽ ڪپائيندو رهيو. نيٺ اهو وقت به آيو. جڏهن هن سوڙ ڪپائڻ ۽ وڌائڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو. ائين نه هو، ته هن جو نصيحت مان اعتقاد نڪري ويو هو! سندس قد وڌڻ بند ٿي ويو هو. ■
    1974




    عجيب نسخن جو قلمي ڪتاب

    عجيب نسخن جو قلمي ڪتاب

    ڪجهه عرصو اڳ، ڌني اها ڳالهه مشهور ڪئي هئي ته کيس پنهنجن ڏاڏن جي تهخانن مان هڪ قلمي ڪتاب هٿ لڳو آهي. ڌني اسان کي اهو به ٻڌايو هو، ته اهو ڪتاب پنهنجي نوعيت جو نرالو ڪتاب آهي، ۽ منجهس عجيب عجيب نسخا لکيل آهن.
    هڪڙي ڏينهن ڦندڻ ۽ مان آفيس مان نڪتاسين ته سڌو وڃي ڌني جي در تي پهتاسين، ڌنو اڌ رات جو اسان کي پنهنجي گهر جي ٻاهران ڏسي ڊڄي ويو. حقيقت ۾ ڌني کي ڊپ اسان مان نه ٿيو هو، هو پنهنجي گهر واريءَ جي جاڳي پوڻ جي خوف کان ڊڄي ويو هو. ان وقت، اسين جيتوڻيڪ سندس گهر کان پرتي بيٺا هئاسين پر تنهن هوندي به سندس گهر واريءَ جا کونگهرا ٻڌي سگهياسين ٿي.
    هتي، اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته، ڌني جي گهر واري ڦندڻ ۽ مون کان خار کائيندي آهي. ڌني کي چوندي آهي، ته تنهنجا اهي ٻئي دوست لفنگا آهن ، نه اٿن گهر نه گهاٽ ۽ نه اٿن ڪا ذميداري، توکي کاري ٻوهر ڪري رکندا. ڌنو ويچارو اهي ڳالهيون اسان کي اچي ٻڌائيندو آهي. ۽ اسان کان معافي وٺندو آهي. ڌني جي گهر واريءَ کي اسان خلاف سڀ کان وڏي شڪايت اها آهي، ته اسين اڌ رات جو رستن تي رلندا آهيون. ڌني، پنهنجي نيڪ بخت زال کي هر دفعي سمجهايو آهي ته اسين اخبار ۾ نوڪري ڪندا آهيون، ۽ رات جو رستن تي رلڻ ۽ پوليس وارن جي ور چڙهڻ اسان جي نصيب ۾ لکيل آهي، پر ڌني جي نيڪ بخت زال کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. کين فقط ايترو سمجهه ۾ ايندو آهي ته اسين راتين جا رولاڪ آهيون!
    ڌنو، ڦندڻ ۽ مان ننڍپڻ جا يار آهيون. ٻاراڻي درجي کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين گڏ پڙهيا آهيون. پر، ڌني جڏهن کان شادي ڪئي آهي، تڏهن کان سندس گهر واري ڌني ۽ اسان جي وچ ۾”سماج جي ديوار“ ٿي بيٺي آهي.
    ڌني اسان کي اڌ رات جو پنهنجي گهر ڏٺو ته چيو،”يار، چانهه جو بندوبست ٿي نه سگهندو. بدبخت ٻلي سمورو کير پي ويئي آهي.“
    ”اسان کي خبر آهي.“ ڦندڻ چيو،”اسين ٻليءَ جا کونگهرا ٻڌي رهيا آهيون“.
    ڌنو ويچارو وٺجي ويو.
    مون ڌني کي چيو،”ڌنا، اسان اُهو قلمي ڪتاب ڏسڻ آيا آهيون، جنهن ۾ عجيب عجيب نسخا لکيل آهن.“
    ڌني هڪدم هٿ ٻڌا، چيائين،”خدا جي واسطي هن وقت هليا وڃو.“
    پڇيوسينس،”ڇو؟“
    وراڻيائين،”قلمي ڪتاب لوهه جي وڏي ٽرنڪ ۾ رکيو آهي. لوهه جي ٽرنڪ تي ڪڻڪ جي ڳوڻ، ۽ هڪ ڀڳل ميز رکيل آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُها ٽرنڪ منهنجي گهر واريءَ جي مٿن کان رکي آهي.“
    اسين ڏاڍو مايوس ٿياسين.
    ڦندڻ چيو،”ڌنا، ڀلا گهٽ ۾ گهٽ اهو ٻڌاءِ، ته ان ڪتاب جي فرهنگ جعفريءَ وانگر دوائن جا ڀوائتا نسخا ته لکيل ناهن؟“
    ”نه، اڙي چريا.“ ڌني چيو، ”ان ڪتاب ۾ عجب جهڙا نسخا لکيل آهن.“
    چيم،”مون هڪ ڪتاب ۾ عجيب عجيب نسخا پڙهيا هئا. مثال طور: ٻئي جا مڪمل طرح لاهه ڪڍڻ، ٻئي کي نڪ ۾ نوڙي وجهي هلائڻ. وغيره. اهڙا نسخا لکيل ته ناهن؟“
    ”نه بابا، نه .“ ڌني چيو،”ان ڪتاب ۾ اهڙا نسخا لکيل آهن.جو اڳ نه ڪنهن ٻڌا، ۽ نه ڏٺا.“
    ”الا!“ عجب لڳو، سياڻن جي قول مطابق عجب وچان وات ۾ اڱر به وجهي ڇڏيسين.
    ڌني چيو،”ڪتاب ۾ جيڪي نسخا لکيل آهن، سي ڪجهه هن ريت آهن. خون ڪيئن ڪجي، ۽ خون ڪرڻ کان پوءِ قانون کان ڪهڙي طرح بچجي. رشوت ڪيئن کائجي ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي کان ڪيئن بچجي. جاهل ۽ سياست جي سائنس کان ناواقف هئڻ جي باوجود چونڊن ۾ ڪيئن بيهجي ۽ چونڊن ۾ ڪيئن کٽجي، وغيره.“
    ڌني واعدو ڪيو آهي ته اهو ڪتاب اسان کي ڏيکاريندو. ۽ مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان، ته ان قلمي ڪتاب جا عجب جهڙا نسخا هنن ڪالمن ۾ لکندس، جن جي پڙهڻ سان گهڻن جو ڀلو ٿيندو. ■
    1974




    نيڪ ۽ بد سمگلنگ

    نيڪ ۽ بد سمگلنگ

    ڌنو ڊوڙندو آيو. پڇيائين،”اڄ شام جو پور پچائڻ جو پروگرام ته نه ٺاهيو اٿئي؟“
    مون ڪنڌ کڻي ڌني ڏانهن نهاريو. ڌنو ٻهڪيو پئي.
    ورائي پڇيومانس.”هندستاني فلم ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو اٿئي ڇا؟“
    ”اهڙا ڀاڳ اسان جا ڪٿي!“ ٿڌو ساهه کنيائين، پوءِ چيائين،”ڪنهن صوبيدار سان واقفيت ٿي پيئي، ته سمجهه ڀاڳ کلي پوندا.“
    ”ته پوءِ ڪهڙي سلسلي ۾ واڇون وڃي پاپڙين سان لڳيون اٿئي؟“
    ”مون واري ماسات جو چاچو آهي نه!“
    ”ڪهڙو. جيڪو جيل ۾ آهي؟“
    ”نه نه . اهو نه، اڙي چريا.“
    ”ته پوءِ ڪهڙو. جيڪو رائيس ڪينال واري ڌاڙي ۾ گهربل آهي؟“
    ”نه يار.“
    ”ته پوءِ تنهن جي ماسات جو اهو چاچو، جنهن وٽ ٻارهن ڊپو آهن، ۽ جيڪو کنڊ ۽ چانورن جي بليڪ ڪندو آهي!“
    ”مان پنهنجي ماسات جي چوٿين نمبر چاچي جي ڳالهه پيو ڪريان.“
    ”اڇا ته اُهو!“ ڳالهه سمجهندي چيم،”اهو چاچو سڳورو، جيڪو هن سال ويهون دفعو حج تي ويو آهي؟“
    ”ها، ها. بلڪل اُهو.“ ڌني چيو،”هو اڄ شام واري فلائيٽ ۾ حج تان موٽي رهيو آهي.“
    ”هو حج تان موٽي رهيو آهي؛ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“ چيم،”پر يقين ڪر ڌنا، ڪسٽم کاتي ۾ منهنجي ڪا به واقفيت ناهي.“
    ”چوين ته ائين پيو ڄڻ ٻين کاتن ۾ وڏي واقفيت اٿئي!“ ڌني وراڻيو،”منهنجي ماسات سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. ڪسٽم وارا گڙٻڙ نه ڪندا.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”پاڻ کيس گلن جو هڪ عدد هار پارائڻ هلنداسين.“
    مطلب ته شام جو هار کڻي ايئر پورٽ پهتاسين.
    چاچو صاحب پنهنجي نوراني چهري،۽ بيحد صحتمند جسم سان جهاز مان ٻاهر نڪتو. ڏاڍو خوش پئي نظر آيو. ڪسٽم ڪاروائي جهڙي ٿي، تهڙي نه ٿي. حاجي چاچا جو سامان جنهن ۾ واچون، اشرفيون، سونا زيور ۽ ٻيڙا، ٽرانزسٽر، فونو گرام، ولايتي ڪپڙو، آمريڪي ڊالر وغيره شامل هئا، سو تڙي کڙي آزاد ٿي ويو.
    اسان سڀني کيس مبارڪ ڏني، ۽ پوءِ عين اُن وقت جڏهن مان سندس ڳچيءَ ۾ هار وجهي رهيو هوس، تڏهن اوچتو ايئرپورٽ تي وڳوڙ ٿي پيو. وٺ پڪڙ. ڀڄ ڀڄان! سپاهين جون سيٽون وڄڻ لڳيون. واڪا ٿيڻ لڳا. جنهن کي جيڏانهن منهن آيو، وٺي ڀڳو. حاجي چاچا سامهون بيـٺل بس جي هيـٺان لنگهي ويو ۽ پوئين ٽائر جي پُٺيان ٽنڊڙو ٿي لڪي ويٺو. مان به ان بس جي هيٺان وڃي لِڪس. حاجي چاچا چيو،”پڪ عرب گوريلا آهن، ۽ فلسطين کي آزاد پيا ڪرائين!“
    ”ڪراچي ايئرپورٽ تي فلسطين کي آزاد پيا ڪرائين!“ مان حيران ٿيس.
    ان وقت الاءِ ڪٿان ڌنو ظاهر ٿيو. ماحول ۾ ٺاپر اچي ويئي هئي، ڌني وڏي واڪ چيو، ”حاجي چاچا، جتي به لڪل آهين، هڪدم ظاهر ٿيءُ.“
    حاجي چاچا ۽ مان بس جي هيٺان نڪري آياسين.
    ڌني اسان کي ٻڌايو،”ڪا خاص ڳالهه نه هئي، هڪ بدمعاش سمگلر ڪسٽم کان اک بچائي واچون ۽ سون کڻي ڀڳو پئي ويو. پر سائين پاڪستاني ڪسٽم کان ڪيڏانهن ويندو! نيٺ پڪڙي ورتائونس.“ ■
    1974




    دل جو آواز

    دل جو آواز

    ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، ڦندڻ فون رسيور ڪن تي رکيو، ۽ چيو،”مان عامل ڪامل صحافي فقير محمد ڦندڻ ڳالهائي رهيو آهيان.“
    جواب ۾ هن رسيور مان ڪجهه ٻڌو. پوءِ، اکيون چنجهيون ڪري مون ڏانهن ڏسندي فون رسيور ۾ جواب ڏنائين.”ها، ويٺو آهي. هن وقت مکيون پيو ماري. اوهين ڀل ساڻس ڳالهايو.“
    پوءِ رسيور مون ڏانهن وڌائيندي چيائين،”پٽ ڳالهاءِ. اڄ ته ليکا لهندءِ.“
    ڦندڻ کان رسيور ورتم، چيم،”هيلو!“.
    ڪنهن پڇيو،”ڪيئن آهين؟“
    آواز جيتوڻيڪ اوپرو اوپرو هيو پر تنهن هوندي به ٻڌل ٻڌل پئي محسوس ٿيو، ڪو به جواب ڏيئي نه سگهيم. تڏهن پڇيم،”اوهين ڪير پيون ڳالهايو؟“
    جواب آيو،”منهنجو آواز به نه ٿو سڃاڻين!“
    آواز نه سڃاتم. پر محسوس ڪيم ، ته اهو آواز منهنجي پنهنجي وڃايل آواز جو پڙلاءُ هو.
    ”وقت زخم ڀري ڇڏيندو آهي“. آواز آيو،”پر وقت زخمن جا نشان ميساري نه سگهندو آهي.“
    مون ٻيو هٿ به رسيور ۾ وجهي ڇڏيو.
    ”تو هڪ دفعو چيو هو، ته عمارتون ڪنهن کي به ياد نه ڪنديون آهن. اسين عمارتن کي ياد ڪندا آهيون، جن جي ڇانو ۾ زندگيءَ جا يادگار لمحا گذري ويندا آهن.“ تمام جهيڻو آواز آيو،”مان ڊٺل عمارت جي کنڊرن ۾ بيٺي آهيان، ۽ تو سان ڳالهائي رهي آهيان.“
    ”دل!“ منهنجن چپن مان سندن نالو کڄي ويو. چيم،”ڪيئن آهين، دل!“
    وراڻيائين،”ڌڙڪندي آهيان. هڪڙي ڏينهن هميشھ لاءِ خاموش ٿي وينديس“.
    چيم،”وقت بدلجي ويو، پر تنهنجو جواب نه بدليو“.
    هوءَ کلي پيئي. پر سندس کلڻ مان درد جي جهلڪ ظاهر ٿي پيئي. چيائين،”وقت بدلجي ويو، پر تنهنجو سوال نه بدليو“.
    پڇيم،”توسان ملڻ جو ڪو امڪان ٿي سگهي ٿو؟“
    ”مون توکي فقط فريب ڏنا آهن.“ دل جواب ڏنو،”اڃا به مون سان ملڻ جي خواهش ڪرين ٿو!“
    ”اها خواهش منهنجي موت سان گڏ ختم ٿيندي، دل.“ وراڻيم،”پاڻ جهانگير ڪوٺاري پريڊ ڪلفٽن جي ڏاڪڻ تان وڇڙيا هئاسين. اُن وقت سج سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هو. ان ڳالهه کي ڄڻ صديون گذري ويون آهن. پر، مان اڄ به وڃي اُن ڏاڪڻ تي بيهندو آهيان، ۽ تنهنجو انتظار ڪندو آهيان.“
    ”تنهنجي ديوانگي ۾ مون ڪڏهن به شڪ نه ڪيو هو.“ دل چيو،”ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن، جڏهن سج سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هوندو، مان جهانگير ڪوٺاري پريڊ جي ڏاڪڻ تي اچي توسان ملنديس.“
    مون رسيور رکي ڇڏيو.
    ڦندڻ چيو،”مان هڪ لک رپين ۾ تنهنجو ويمو ڪرائيندس، ۽ پاليسي پنهنجي نالي لکائيندس.“
    ڦندڻ جي ٽوڪ تي مون مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کي پنهنجي مرڪ ڦڪي ڦڪي محسوس ٿي. ■
    1974




    ڳچيءَ پاتل ڏند

    ڳچيءَ پاتل ڏند

    هڪڙي ڏينهن فدا حسين ڦودني جي باري ۾ حيرت انگيز انڪشاف ٻڌوسين. ڦندڻ ٻڌايو، ته فدا حسين ڦودني وٽ چانديءَ ۾ مڙاهيل ڪنهن جانور جو ڏند آهي، ۽ اهو ڏند هو ڳچيءَ ۾ پائي گهمندو آهي.
    گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اسين ان نتيجي تي پهتاسين، جيئن ته فدا حسين ڪٽر مذهبي قسم جو ماڻهو آهي، تنهن ڪري سندس ڳچيءَ ۾ پاتل ڏند ڪنهن به صورت ۾ سوئر جو ڏند نه هوندو.
    ڦندڻ چيو،”ٿي سگهي ٿو، ڪتي جو ڏند هجي؟“
    ”ڪتو به پليت جانور آهي.“
    ”ڀلا اُٺ؟“
    ”اُٺ بيوقوف قسم جو جانور آهي. فدا حسين ڦودنو بيوقوف ناهي، جو اُٺ جو ڏند چانديءَ ۾ مڙهائي ڳچيءَ ۾ پائي!“
    ”هڪ ٻلو ڦودني جو کير پي ويندو هو.“ ڦندڻ چيو،”ٿي سگهي ٿو، هن کير پياڪ ٻلي کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪنهن مئل ٻلي جو ڏند پائي ڇڏيو هجي!“
    ”اها ڳالهه به دل سان نه لڳي.“ چيم،”فدا حسين مذهبي قسم جو ماڻهو آهي، هو ڪتي ٻليءَ جو ڏند هرگز نه پائيندو.“
    ”بس!“ ڦندڻ چيو،”ڦودني جي ڳچيءَ ۾ خچر جو ڏند آهي.“
    پڇيم،”سو وري ڪيئن؟“
    وراڻيائين.”ڦودنو سخت محنتي ماڻهو آهي. محنت کي برقرار رکڻ لاءِ هن محنتي جانور خچر جو ڏند پائي ڇڏيو آهي، جيئن ڏند جي برڪت سان خچر وانگر محنت ڪندو رهي.“
    ”ڦودني کي ننڍپڻ ۾ هڪ گهوڙي اِٽ هئين هئي، ان ڏينهن کان پوءِ ڦودنو گهوڙن کان ڊڄي ويو آهي.“ چيم،”مان سمجهان ٿو فدا حسين ڦودني گهوڙي جو ڏند چانديءَ ۾ مڙاهي، پائي ڇڏيو آهي.“
    ڦندڻ ۽ مان جڏهن ڪنهن رايي تي نه ٺهياسين، تڏهن ڦودني جي گهر وڃي نڪتاسين، ڦودني کي جڏهن پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايوسين. تڏهن کائنس ڇرڪ نڪري ويو، چيائين،”ان ڳالهه تان لهي وڃو.“
    ”لهي وري ڪيئن وڃون!“ چيوسين،”اسان جو ذري گهٽ جهيڙو ٿيڻ تي آهي. ٻڌاءِ ته تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ ڪهڙي جانور جو ڏند پاتل آهي؟“
    ڦودني وراڻيو،”شينهن جو.“
    ”شينهن جو!“ اسان کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ها.“ ڦودني ڏند ڏيکاريندي چيو،”هيءُ خالص شينهن جو ڏند آهي.“
    ڦندڻ چڱي طرح ڏند کي جاچي ڏٺـو چيائين،”ڀائنجي ٿو، ڪنهن پوڙهي شينهن جو ڏند آهي.“
    ڦودني هڪدم چيو،”نه، نه، جوان شينهن جو ڏند آهي.“
    ”جوان شينهن جو ڏند آهي، ته پوءِ شايد ڏندڻ نه ڏيندو هوندو، جو ڏند هيڊو ٿي، کاڄي ويو آهي.“ ڦندڻ پڇيو،”شينهن جي ڏند جي خاصيت ڪهڙي آهي؟“
    فداحسين ڦودني مٿو کنهندي وراڻيو،”شينهن جو ڏند پائڻ سان جن ڀوت ويجهو نه ايندا آهن.“
    ”ڪمال آهي!“ ڦندڻ چيو،”اسين ٻئي توکي ويجهو اچي ويا آهيون!“ ■

    1974




    غريب عوام کي ڇا گهرجيِ

    غريب عوام کي ڇا گهرجيِ

    هڪ عاليشان بنگلي جي ڊرائينگ روم مان ٽهڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. آواز هئا ته ماڻهن جا، پر بيحد ڀوائتا! ڄڻ وحشي قبيلي وطوسيءَ جا سردار هئا. ٽهڪن جو لاڳيتو سلسلو ظاهر ڪري رهيو هو، ته بنگلو ڳورو هو، ۽ شايد منجهس جنن جو واسو هيو.
    پر پوءِ، جڏهن هڪ ڪيڊلڪ ڪار بنگلي ٻاهران اچي بيٺي، ۽ ڪار مان بيحد بندرو ۽ ٿلهو شخص مٿي تي سولا هيٽ رکي بنا ڊپ ڊاءَ جي بنگلي ۾ هليو ويو، تڏهن پڪ ٿي ويئي ته بنگلو ڳورو نه هو. منجهس جنن جو واسو نه هو. بلڪه، بنگلو ماڻهن جو هو ۽ ماڻهو جنن ديوَن جهڙا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.
    اسان جو دوست ڌنو، جنهن کي جنن کان سواءِ دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به ڀوائتي شيءَ کان ڊپ نه ٿيندو آهي، سو ماهر جاسوس وانگر بنگلي ۾ هليو ويو. دراصل، ڌڻي بخش ڌني جاسوسيءَ ۾ باقاعدي تربيت ورتي آهي. تربيت وٺڻ کان پوءِ هن جهوني مارڪيٽ مان وڏي ڪالر وارو هڪ ڪارو اوور (Over) ڪوٽ خريد ڪيو آهي. ان اوور ڪوٽ جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي، جو ان ڪوٽ کي پائڻ کان پوءِ ڪو به شريف ماڻهو جاسوس نظر ايندو آهي.
    ڌنو بنگلي ۾ ڏاکڻي طرف کان داخل ٿيو، ڏاکڻي طرف هڪ وڏو غسلخانو هو، جيڪو پرئين پاسي کان بند هو، ڏاکڻي طرف کان غلسخاني ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فقط هڪ روشندان هيو، روشندان ايترو ته ننڍڙو هيو جو ڌنو منجهي بيهي رهيو. ڪنهن به صورت ۾ اوور ڪوٽ پائي ان روشندان مان اندر داخل ٿي نه پئي سگهيو.
    ڪجهه دير تائين اهو سوچيندو رهيو، ته روشندان مان اول پاڻ داخل ٿئي، يا پهريائين پنهنجو هيبتناڪ اوور ڪوٽ داخل ڪري، نيٺ هن فيصلو ڪري ورتو. اول پنهنجو اوور ڪوٽ اندر غلسخاني ۾ اڇلايائين، جيڪو سڌو وڃي پاڻيءَ سان ڀريل ٽب ۾ ڪريو، پوءِ ڏاڍي خبرداريءَ سان پاڻ روشندان رستي غسلخاني ۾ داخل ٿيو، هن اول اهو آلو اوور ڪوٽ پائڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو، پر پوءِ کيس خيال آيو، ته پاڻ جيئن ته جاسوسيءَ جي مهم تي نڪتو هو، ۽ جاسوسي لاءِ وڏي ڪالر وارو اوور ڪوٽ پائڻ لازمي هو، تنهن ڪري هن پسيل اوور ڪوٽ ٽب مان ڪڍي پائي ڇڏيو.
    غسلخاني مان نڪري، ڌنو بورچيخاني ۾ پهتو، جتي قسمين قسمين طعام تيار رکيا هئا. پر بورچي غائب هيو. بنگلي جي هال مان ٺٺولين ۽ ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا. ڌنو خبرداريءَ سان اوڏانهن هليو ويو. ملڪ جا نامي گرامي ڪرتا ڌرتا، ڪامورا ۽ پوليس جا آفيسر ويٺا هئا ۽ هڪ ڏٻري ڏتڙيل کي ٿڦون، ٿڏا هڻي رهيا هئا ۽ پڇي رهيا هئا،
    ”اڙي غريب عوام جا ڦر توکي ڇا گهرجي؟“
    ڏٻري مرڻيگ حال ۾ وراڻيو، ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان،“
    هڪڙي حاڪم سڪل ڍوڍو ڏيندي ڏٻري کي چيو، ”اڙي وٺ روٽي.“
    ٻئي حاڪم کيس ڪفن ڏيندي چيو، ”وٺي هيءُ ڪپڙو.“
    ٽئين حاڪم ڊي آءِ جي چيو، ”غريب عوام جو ڦر جيڪڏهن وري روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان لاءِ جلوس ڪڍي ته کيس گولي هڻي ميرا شاهه جي قبرستان ۾ پوري اچجو، قبر آهي هن جو مڪان.“
    ڌنو ڪنبندو ٻاهر نڪري آيو، چيائين،”اندر ماڻهو نه، جن آهن.“ ■

    1974




    ليڊي فش

    ليڊي فش

    اسان جو عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ، مونکي ڳوليندو ”گڊلڪ“ هوٽل مان اچي نڪتو. گڊلڪ هوٽل اها هوٽل آهي، جتي گهڻو ڪري،”بيڊلڪ“ قسم جا ماڻهو اچي ويهندا آهن. جنهن وقت مان ڊبل پتيءَ واري ڪڙڪ گوليمار چانهه پي رهيو هوس، ۽ ڏاڍي غور سان اخبار مان اُن مڇيءَ متعلق حيرت انگيز خبر پڙهي رهيو هوس، جنهن جو هيٺيون ڌڙ چيلهه تائين عورت جهڙو، ۽ مٿيون مڇيءَ جهڙو هو.
    ڦندڻ اچڻ شرط منهنجي سامهون ميز تي ٻئي پاسي بينچ تي ويهي رهيو. چيائين،”تنهنجي لاءِ خطرناڪ خبر آندي اٿم.“
    مون سندس جملي کي اهميت نه ڏني. چيم،“مان هن وقت وڏي ويچار ۾ گرفتار آهيان.“
    پڇيائين،”ڇا جو ويچار؟“
    کيس مڇيءَ متعلق خبر ۽ تصوير ڏيکاريندي چيم،”مان اهو سوچي رهيو آهيان ته مڇيءَ جو هيٺيون حصو عورت جي ڌڙ جهڙو آهي، يا عورت جو مٿيون حصو مڇيءَ جهڙو آهي!“
    ”في الحال مڇيءَ جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏي.“ ڦندڻ چيو،”ڌيان سان منهنجي ڳالهه ٻڌ.“
    ”يار، عجيب انسان آهين، ڦندڻ.“ چيم،”مان اُن مڇيءَ متعلق سوچي رهيو آهيان، جنهنجو هيٺيون حصو عورت جي ڌڙ جهڙو آهي. يا ان عورت متعلق سوچي رهيو آهيان، جنهنجو مٿيون ڌڙ مڇيءَ جهڙو آهي.“
    ”۽ مان ان ليڊي فش جي باري ۾ توکي خبر ٻڌائڻ آيو آهيان جيڪا سڄي سموري عورت جهڙي آهي.“ ڦندڻ چيو،”۽ سڀ کان وڏي ڳالهه، ان مڇيءَ، يعني ليڊي فش يعني اُن عورت تنهنجي متعلق ڳالهايو آهي.“
    مون عجب وچان ڦندڻ ڏانهن ڏٺو.
    ڦندڻ چيو”تنهنجي وڃڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ هڪ عورت تنهنجو پڇائيندي اچي پاڻ واري ڪمري مان نڪتي. اها عورت نهايت عجيب هئي.“
    پڇيومانس،”ڪنهن مڇيءَ جهڙي هئي ڇا؟“
    ”ها. هوبهو ليڊي فش جهڙي هئي.“ ڦندڻ چيو،”اها عورت پنجاهه فٽن جي مفاصلي تان سورهن سالن جي ڇوڪري، ۽ پنجن فٽن تان سٺ سالن جي پوڙهي پي نظر آئي.“
    ”ان قسم جون اڌ ڊزن عورتون مان سڃاڻان.“ پڇيم،”ڇا پئي چيائين؟“
    ”تنهنجي باري ۾ معلومات پئي ورتائين،“ ڦندڻ وراڻيو.
    پڇيم،”ڪهڙي قسم جي معلومات؟“
    وراڻيائين،”تنهنجي باري ۾ ڪجهه هن قسم جا سوال ڪيائين. شادي ڪيل آهي، يا ناهي. جيڪڏهن شادي ڪيل آهي، ته ٻار اٿس، يا نه اٿس. گهر اٿس ته پوءِ گهر ويندو آهي، يا نه ويندو آهي. قرض ۾ مبتلا آهي، يا ناهي. پگهار ڪيتري ملندي اٿس وغيره.“
    ڦندڻ کان پڇيم،”پوءِ تو ڪهڙو جواب ڏنس؟“
    وراڻيائين،”مون کيس هڪ ڪوپ چانهه جو هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. هن جيستائين ڪوپ خالي ڪيو، مون تيستائين سندس سوالن جو پوسٽ مارٽم ڪري ورتو. هن کي يتيم ۽ لاوارث قسم جي هڪ عدد ڄاٽي جي ضرورت هئي، جيڪو نه فقط سندس الٽرا ماڊرن ڌيءَ سان شادي ڪري، پر سندس بورچي ٿيڻ جو فرض پڻ انجام ڏئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪپڙا به ڌوئي.“
    ”يار اجائي بڪ نه ڪر.“ چيم،”مون کي ٻڌاءِ ته تو منهنجي باري ۾ ڪهڙا انڪشاف ڪيا؟“
    ”مون کيس ٻڌايو ته توکي چار زالون، ۽ چوويهه ٻار آهن. توکي بنا ڇت وارو هڪ گهر آهي ته سهي، پر تون گهر نه ويندو آهين، ۽ فٽ پاٿن تي ڌڪا کائيندو آهين. ٻيو ته تون وياج خورن ۽ منهنجي قرض ۾ مبتلا آهين. جيڪا پگهار ملندي اٿئي، سا ڪينٽين واري، ۽ گڊلڪ هوٽل جي مالڪ کي ڏئي ڇڏيندو آهين.“ ڦندڻ چيو،”ليڊي فش منهن جا جواب ٻڌي ڏاڍي متاثر ٿي. چيائين ته سندن مسجد جو ٻانگو مري ويو آهي هو توکي پنهنجي مسجد جو ٻانگو مقرر ڪندا.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيم،”اها حيرت انگيز عورت ڪير هئي؟“
    ”سڀاڻي صبح جو يارهين لڳي توسان ملڻ ايندي.“ ڦندڻ چيو”ليڊي فش توکي هڪ دفعي صدر ۾ به ملي هئي. پنهنجو نالو مسز واءِ واءِ لڪي ٻڌايائين..“
    مون هڪدم ٻئي ڏينهن لاءِ موڪل جي درخواست لکي ڦندڻ کي ڏئي ڇڏي. ■
    1974




    وقت جو انتقام

    وقت جو انتقام

    ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان ڪجهه نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گاڏي ۾ اچي چڙهيا. چڙهڻ شرط گاڏو مٿي تي کڻي ڇڏيائون. ڏيک ويک مان ڪنهن ڪاليج، يا يونيورسٽيءَ جا شاگرد پئي ڏٺا. اسان جي سامهون خالي سيٽ تي اچي ويٺا. پنهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ حرڪتن مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون، ته کانئن اڳ ڪوبه ماءُ جو ڄائو شاگرد نه هو، ۽ نه هوندو. بس هو شاگرد آهن. ڏسڻ جي شيءِ آهن! سندن گوڙ گهمسان تي گاڏي جي مسافرن ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺو . هو ٽانءِ ۾ ڀر جي ويا. هٿن مان نڪتا ٿي ويا.
    منهنجي ڀرسان منهنجو گم ٿيل دوست فدا حسين ڦودنو ويٺو هو. فدا حسين ٻوڙ نه هاريندو آهي. ٻوڙ ۾ ڪچو ڦودنو وجهي کائيندو آهي. دوستن يڪ راءِ فيصلو ڪيو ته فدا حسين جو نالو ڦودنو رکيو وڃي. بس ! مٺائي ورهائي، فدا حسين جي نالي سان ڦودني جو اضافو ڪيو ويو. اڄ ڪلهه هر ڪو دوست کيس فدا حسين ڦودنو سڏيندو آهي. فدا حسين جو ذڪر جيئن ته پهريون دفعو ڪيو اٿم، تنهن ڪري سندس هڪڙي ادا جي باري ۾ توهان کي ضرور ٻڌائيندس. فدا حسين ڦودنو جڏهن ملندو آهي، تڏهن روز ملندو آهي. پوءِ اوچتو الوپ، يعني گم ٿي ويندو آهي. هو جڏهن يونيورسٽيءَ جو ايٿليٽڪ چيمپئن هوندو هو. تڏهن مقابلي کان ڪجهه دير اڳ گم ٿي ويندو هو، ۽ پوءِ اوچتو عين موقعي تي ڪٿان اچي نازل ٿيندو هو. تنهن ڪري اسين کيس گم ٿيل به سڏيندا هئاسون، ۽ هينئر به سڏيندا آهيون.
    فدا حسين ڦودني الٽرا ماڊرن قسم جي شاگردن ڏانهن ڏسندي چيو، ”هي هر لمحي پاڻ کي سمارٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، اجايو بور ڪندا. هل ته ٻئي ڪنهن گاڏي ۾ هلي ٿا ويهون.“
    فدا حسين ڦودنو اٿي بيٺو.
    مون کيس سَٽ ڏيئي ويهاري ڇڏيو، چيم،” ڦودنا، تو پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ماڻهن جو نڪ ۾ دم ڪيو هو. اڄ پٽ ماٺ ڪري ويهه، ۽ وقت جو انتقام ڏس. “
    ڦودني پڇيو، ” ڇا جو انتقام؟“
    وراڻيم،” ڪو زمانو هو جڏهن تون به پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي شاگرد نه سمجهندو هيئن ۽ هٿن مان نڪتو ويندو هئين. اڄ تون شاگرد نه رهيو آهين. تنهنجي سامهون شاگرد ويٺا آهن، ماٺ ڪري ويهه. ڪجهه عرصي کان پوءِ هي به شاگرد نه رهندا، هنن جي سامهون ٻيا ڪي شاگرد اچي ويهندا. اهو وقت جو انتقام آهي .“
    شاگرد پاڻ ۾ مرد ۽ عورت جي تخليقي قوتن جي باري ۾ بحث ڇيڙي ويٺا. هڪڙي ڇوڪري، ڇوڪرين ڏانهن ڏسندي چيو ”مرد جي تخليقي ۽ فني ڏات جو عورت مقابلو ڪري نه ٿي سگهي. تاج محل مرد ٺاهيو آهي. موناليزا به هڪ مرد جي تخليق آهي. شيڪسپيئر مرد هو. ملٽن مرد هو. چارلس ڊڪنس مرد هو . مون کي ڪنهن به هڪ عورت جو نالو ٻڌايو، جيڪا اهڙي ڏات واري هجي.“
    ڇوڪريون منجهي پيون. ڇوڪرن پنهنجي ڪاميابيءَ تي ٽهڪ ڏنا .
    جنهن ڇوڪري دليل ڏنو هو، تنهن سان ڳالهايم. چيم،”مون کي ڪجهه چوڻ جي اجازت آهي؟“
    ڪجهه حيرت مان وراڻيائين،”ها،ها.ڀلي!“
    ”تاج محل، ليونارڊ اونشيءَ جي موناليزا، ڊڪنس جا ناول، ملٽن جي شاعري ۽ شيڪسپيئر جا ڊراما؛ اها تخليق اوچتو نه ٿي آهي مرد جي فني تخليق جي پٺيان، پس منظر ۾ ڪا نه ڪا عورت ضرور هوندي آهي!“ چيم،”سندس زندگيءَ ۾ آيل پهرين عورت سندس ماءُ هوندي آهي، جنهن جي پٺيان هو جنم وٺندو آهي.“ ■
    1974




    اسٽوڊنٽ ليڊر

    اسٽوڊنٽ ليڊر

    فدا حسين ڦودنو ، اسان جو سنگتي، ڪجهه عرصي کان غائب ٿي ويو هو. پوءِ، هڪڙي ڏينهن هو ظاهر ٿي پيو، اوچتو ئي اوچتو !
    هن دفعي فدا حسين ڦودنو ڏاڍي پر اسرار نموني ظاهر ٿيو. هو پنهنجي پراسرار گهر جي پر اسرار پڌر ۾ بيٺو هو، ۽ هڪ پر اسرار شخص سان ڳالهائي رهيو هو.
    پر اسرار شخص کي مٿي تي ڪاري پڳ هئي ۽ ٻٽ ٻڌل هئي، کيس مليشيا جو وڏو پهراڻ ۽ ڏهن کن والن جي شلوار پاتل هئي. چتائي ڏسڻ کان پوءِ خبر پئي ته جنهن ڪپڙي کي مون مليشيا سمجهيو هو، سو حقيقت ۾ وولي ٽيٽران هيو ۽ انهن ڏينهن ۾ پنجويهين رپئي وال ملندو هيو.
    نوجوان کي پيرن ۾ لانگبوٽ هيو، ۽ هٿ ۾ بندوق. آٽوميٽڪ رائيفل! گولين جا ٻه پٽا سيني تي، ۽ چيلهه واري پٽي مان هڪ روالور پڻ لٽڪي رهيو هوس.
    مان موتمار شخص کي ڏسي بيهي رهيس. فدا حسين چيو،” اچ اچ ڌاريو ناهي.“
    مان ڊڄندو ڊڄندو فدا حسين ۽ پر اسرار شخص جي ڀرسان وڃي بيٺس. فدا حسين ڦودني منهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي پراسرار شخص کي چيو،” هي اخبار ۾ نوڪري ڪندو آهي، ڪوڙا ڪالم، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون لکندو آهي. “
    مون پر اسرا شخص سان هٿ ملايو.
    فدا حسين مونکي چيو،” تون سائين سان ويهي رهاڻ ڪر ، مان تيستائين چانهه جو بندوبست ڪري وٺان.“
    اڱڻ ۾ ٻه موڙا پيا هئا. مون پر اسرار شخص کي موڙي تي ويهڻ لاءِ چيو . هو ويهي رهيو.
    پراسرار شخص آٽوميٽڪ رائيفل هنج ۾ رکي جڏهن ويهي رهيو، تڏهن مون محسوس ڪيو ته بدبخت ڦودنو پراسرار شخص جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ هليو ويو هو. مون دل ئي دل ۾ ڦودني کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ پوءِ پر اسرار شخص سان ڳالهائڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو.
    پر اسرار شخص کان پڇيم،” سائين اوهان ڪنهن جهاد تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا آهيو؟“
    هن کهري آواز ۾ چيو،” نه.“
    هٻڪندي چيم، ته پوءِ هيءَ آٽوميٽڪ رائيفل ۽، هو، پستول.... يعني روالور......“
    منهنجو جملو ڪپيندي چيائين،”مان فلاڻو آهيان، ۽ فلاڻي ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان. مان ڏاڍو نامور شاگرد آهيان. تو منهنجو نالو ضرور ٻڌو هوندو. “
    مون سندس نالو ڪڏهن به نه ٻڌو هو. پر، تنهن هوندي به چيم،” برابر، برابر. اوهين ڏاڍا مشهور شاگرد آهيو. مون اوهان کي انٽر ڪاليجيئٽ، ۽ انٽر يونيورسٽي ڊبيٽ يعني مباحثن ۾ ٽرافيون ۽ ڪپ کٽيندي ڏٺو آهي .“
    بي سري آواز ۾ چيائين ،” ڀليو آهين. مان ڊبيٽر ناهيان.“
    ” ته پوءِ مون توهان کي راندين جي مقابلي ۾ چيمپئن ٿيندي ڏٺو آهي.“ هڪدم چيم،” ها، ياد آيو. اوهين ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي فٽبال ۽ ڪرڪيٽ ٽيمن جا ڪيپٽن به آهيو. “
    کهري آواز ۾ چيائين،” مان رانديگر به ناهيان.“
    ” اڇا اڇا ! هينئر ياد آيو. “ چيم،” مون ڪاليج مئگزن ۾ اوهان جي شاعري پڙهي آهي. بس سائين، ڪمال آهي.“
    چيائين،” مان شاعر ناهيان.“
    ” ها. بس، بس.“ چيم ” مون اوهان جي آئل پينٽنگز جي نمائش ڏٺي آهي. اوهين آئيندي جا عظيم فنڪار آهيو. “
    وراڻيائين،” مان آرٽست ناهيان، کوٻلا.“
    پڇيم ،” ته پوءِ اوهين ڪير آهيو، ۽ مشهور ڇو آهيو؟“
    جواب ڏنائين،”مان اسٽوڊنٽ ليڊر آهيان. ماڻهن کي ٽيپ کارائي سگهندو آهيان. مان پنهنجي ڪاليج يونين جو صدر آهيان.“
    ان وقت فدا حسين ڦودنو چانهه کڻي آيو. ■
    1974




    ٻڪر ۽ ماڻهو جو گوشت

    ٻڪر ۽ ماڻهو جو گوشت

    ڦندڻ، اسان جو عامل ڪامل صحافي دوست اوچتو ڪرسيءَ تان اٿيو، ۽ بندر روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ وٽ وڃي ويٺو. ڪجهه دير کان پوءِ دري ڇڏي، پنهنجي ميز وٽ وڃي بيٺو. ڪنهن وڏي ويچار ۾ غرق هو .
    چيو مانس،” گوشت کائڻ ڇڏي ڏي. پوءِ گوشت جي وڌندڙ قيمت تي ڪالم ڪارا نه ڪندين. “
    ڦندڻ چپن تي آڱر رکي مونکي خاموش رهڻ لاءِ اشارو ڪيو.
    گوشت جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ قيمت کان متاثر ٿي، هڪڙي ڏينهن ڦندڻ چيو هو،” يار، گوشت ايڏو مهانگو ٿي ويو آهي، جو پنهنجو گوشت وڪڻڻ تي دل ٿي پيئي آهي“.
    ڦٽ لعنت ڪندي چيو هو مانس،” پنهنجي جسم جو گوشت وڪڻڻ متعلق ٿو سوچين؛ پڪ آدمخور جو بد روح آهين“.
    ” اهڙي ڳالهه ناهي ديوانا“. ڦندڻ چيو هو،”ماڻهو پئسن تي رت وڪڻندا آهن. هڪڙي ڏينهن گوشت وڪڻڻ جو رواج به پئجي ويندو“.
    ”تنهنجو گوشت صحت مند ناهي“ ڦندڻ کي پٽائڻ لاءِ چيو هوم،”تنهنجي گوشت کي ميونسپالٽيءَ وارا وڪڻڻ لائق نه سمجهي، هر گز ٺپو نه هڻندا.“
    ”پئسي ۾ وڏي ڪرامت آهي، ديوانا.“ ڦندڻ چيو هو،” قاصائي گڏهه جي گوشت کي ڳئونءَ جو، ۽ ڪتن جي گوشت کي ٻڪريءَ جي گوشت جو ٺپو هڻائي وڪڻي ڇڏيندا آهن!“
    پوءِ، ان ڏينهن ڦندڻ کي ويچار ۾ غلطان ڏٺم، ته سوچيم، شايد پنهنجو گوشت وڪڻڻ لاءِ دل من هڻي رهيو آهي.
    پڇيو مانس ” اڙي ڦندڻ، پنهنجي ران جو گوشت وڪڻڻ جي چڪر ۾ آهين ڇا؟ “
    ” هش“ . هن چپن تي آڱر رکي مونکي خاموش رهڻ لاءِ اشارو ڪيو.
    ” ڪمال آهي! “ چيم ،” پڪ شادي ڪرڻ جو منصوبو پيو رٿين. “
    ”جنهن ڏينهن رحمت جا دروازا بند ٿيندا، ان ڏينهن شادي ڪندس.“ ڦندڻ چيو،”مونکي ڊسٽرب نه ڪر. مان وڏي ويچار ۾ آهيان.“
    پڇيو مانس،” ڇا جي ويچار ۾؟ “
    وراڻيائين،” مان پنهنجي صفحي لاءِ نهايت ڇرڪائيندڙ خبر جي سرخي سوچي رهيو آهيان.“
    هڪدم چيم،” ترڪيءَ واري هوائي حادثي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي معجزانه طور بچي وڃڻ جي خبر ڏيئي ڇڏ.“
    ”اون هون.“
    ” ته پوءِ هيءَ سرخي ڏيئي ڇڏ. هٽلر جيئرو آهي.“
    ” نه .“
    ”ڀلا هيءَ، سڀاڻي ٽين لڳي ٽين عالمگير جنگ شروع ٿيندي. “
    ” بلڪل واهيات.“
    ”هيءَ ٻڌ - هڪڙي عالم چونڊن ۾ بهرو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“
    ” غلط.“
    ” هڪ ماڻهو ريل گاڏي چورائي ڀڄي ويو؟“
    ” نه، يار نه .“ ڦندڻ چيو ،” ماٺ ڪر. تون creative ناهين. مونکي سوچڻ ڏي. “
    ڪجهه دير تائين هو سوچيندو رهيو. پوءِ هڪدم اُڇل کاڌائين. چيائين،” ملي ويئي سرخي - ٻڪرن جو ماڻهن خلاف اقوام متحده وٽ احتجاج. ٻڪرن کي پنهنجي گوشت جي قيمت پاڻ مقرر ڪرڻ جو بنيادي حق ڏنو وڃي. ٻڪرن جي ليڊر جو مطالبو. ڪيئن آهي سرخي؟“ ■

    1974




    ڦودني جو سوال

    ڦودني جو سوال

    مون اوهان کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ته اسان جو پراسرار دوست فدا حسين ڦودنو، ڳالهائڻ ۾ فلسفو، فلسفي ۾ منطق، ۽ منطق ۾ ابجد استعمال ڪندو آهي.
    هڪڙي ڏينهن پڇيائين، ”اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا دولت سان به حاصل ڪري نٿي سگهجي.“
    سموري سنگت يڪراءِ جواب ڏنس، ”ڪابه نه.“
    ”ڪجهه دير تائين سوچيو، پوءِ جواب ڏيو.“فدا حسين چيو، ”هڪ شي اهڙي آهي، جنهن کي دنيا جو ڪوبه دولتمند پيسي جي زور تي حاصل ڪري نه ٿو سگهي. ٻڌايو ته اها شيءِ ڪهڙي آهي.“
    اسين سڀ سوچ ۾ پئجي وياسين.
    ڦندڻ مون کي ڪن ۾ چيو، ”مان سمجهان ٿو دولت جي زور تي دل وٺي نه ٿي سگهجي.“
    کيس سڙٻاٽن ۾ جواب ڏنم، ”اُهو زمانو گذري ويو. اڄ ڪلهه ڪنهن به ليليٰ کي دولت جي اُٺ تي ويهاري مسڪين مجنونءَ کان ڌار ڪري سگهجي ٿو.“
    ”سڙٻاٽ بند ڪريو.“ فدا حسين ڦودني چيو، ”هٽلر جي شڪست جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي هو، جو هو روميل سان سڙٻاٽن ۾ ڳالهائيندو هو.“
    ڌڻي بخش ڌني چيو، ”دولت سان جنت جا دروازا کولي نه ٿا سگهجن.“
    ”درن ۽ دروازن جي ڳالهه نه ڪر، ڌنا“ ڦودني چيو،”هتي ڪوبه واڍو موجود ناهي. پنهنجي جواب جي وضاحت ڪر.“
    ڌني وضاحت ڪندي چيو، ”منهنجو مطلب آهي، ته دولت جي آڌار تي ماڻهو جنت ۾ جاءِ حاصل ڪري نٿو سگهي.“
    ”ڀليو آهين، ڌڻي بخش ڌنا.“ فدا حسين چيو، ”ٻه چار حج ڪرڻ کان پوءِ، ۽ هڪ اڌ يتيم خانو، فلاحي ادارو، خيراتي اسپتال، ۽ هڪ عدد مسجد ٺاهرائڻ کان پوءِ جنت جو الاٽمينٽ ملي ويندو آهي.“
    ڌنو مٿو جهلي ويهي رهيو، فقط ايترو چيائين، ”تنهنجي باري ۾ عالمن ڪفر جي جيڪا فتوا ڏني آهي، سا درست آهي.“
    ”ٺهيو ٺهيو، جزا ۽ سزا جا ٺيڪيدار!“ ڦودني چيو، ”مون کي ان شيءِ جو نالو ٻڌايو، جنهن کي دولت سان به حاصل ڪري نه ٿو سگهجي.“
    گهڻي سوچ ويچار، ۽ مغز مارڻ کان پوءِ آڻ مڃين سين. هٿيار ڦٽا ڪياسين. ڦودني جي منطق ۽ ابجد آڏو پيش پياسين.
    فدا حسين چيو، ”آئيس ڪريم کارايو، ته صحيح جواب ٻڌايانوَ.“
    کيس آئيس ڪريم کارائڻ جو واعدو ڪيوسين.
    فدا حسين ڦودني چيو، ”دنيا جو ڪوبه دولتمند گنجو، پيسي جي زور سان پنهنجي گنجي ٽڪڻ تي وار پيدا ڪري نٿو سگهي.“  ■

    1974


    • هن ڪهاڻي• 75ــ1972 واري دؤر ۾ مٿي تي وار هڻائڻ ممڪن نه هو، اڄڪلهه گرين گنجن مٿي تي وارن جو فصل پوکائي ڇڏيو آهي.


    غريب جو هڏ ڏوکي

    غريب جو هڏ ڏوکي

    لاڳيتو ٽن ڪلاڪن تائين پنهنجا سياسي ۽ سماجي ڪارناما ٻڌائڻ کان پوءِ چيائين،” يار ڳالهه ٻڌ. مان اصل ۾ بلڪل وڏي ڳالهه آهيان. پنهنجي ضلعي ۾ چوٽيءَ جو وڏيرو آهيان. مون ايندڙ چونڊن ۾ بيهڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي .“
    چيم،” اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون بيحد خوشي محسوس ڪئي آهي.“
    چيائين،” مون ٻڌو آهي، ته تون گدو بندر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهين. مان به گدو بندر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهيان. هڪ هم اسڪولي جي حيثيت ۾ توکي منهنجي مدد ڪرڻي پوندي. “
    چيم،” يقين ڪر، مان تنهنجي مقابلي ۾ چونڊ نه لڙندس. “
    ” مونکي خبر آهي، ته تو جهڙا ماڻهو فقط ووٽ ڏيندا آهن، چونڊ ۾ بيهڻ جو خواب به ڏسي نه سگهندا آهن.“ هن چيو.” مان ٻئي قسم جي مدد چاهيان ٿو.“
    پڇيم ،” ڪهڙي قسم جي مدد؟ “
    وراڻيائين،” مان وڏن وڏن ليڊرن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو، ته جيئن، ڪنهن طاقتور پارٽيءَ طرفان چونڊ لڙڻ لاءِ ٽڪيٽ ملي پويم.“
    کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيم.”يار، ليڊر ته وڏي ڳالهه آهن، پر يقين ڪر، ڪنهن ليڊر جي بورچيءَ سان به منهن جي واقفيت ناهي. “
    ” نه نه ، اها ڳالهه ناهي . “ هن چيو،” تو منهنجو مقصد سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. “
    ”مون هميشھ غلطيون ڪيون آهن“ چيم،” مان اصل کان سمجهه ۾ ڪجهه جڏو آهيان.“
    چيائين،” ٻين اخبارن سڄي صفحي تي منهنجي متعلق خبرون، تصويرون ڏنيون آهن. پر توهان جي اخبار مون کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. “
    ”ان باري ۾ مان پنهنجي اخبار جي مينيجر سان ڳالهائيندس. “ چيم،” اسين به اشتهار لاءِ سڄو سڄو صفحو ڏيندا آهيون. تولاءِ زبردست رعايت ڪرائيندس . “
    ” آهستي ڳالهاءِ.“ هن منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. چيائين ”اشتهار جي ڳالهه آئوٽ ٿيڻ نه گهرجي. “
    وات تان سندس ٿلهو هٿ هٽائيندي چيم، ”يقين ڪر، اها ڳالهه راز ۾ رهندي جيئن ته تون گدو بندر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهين، تنهن ڪري مان پنهنجي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ کي عرض ڪندس ته تنهنجي متعلق اشتهار کي پنهنجي نالي ۾ لکيل مضمون ڪري هلائي. ”
    ” بلڪل ٺيڪ. مان تنهنجي عامل ڪامل صحافي دوست کي خوش ڪري ڇڏيندس. “ چيائين،” مون سماجي ڀلائيءَ جا جيڪي ڪم ڪيا آهن، انهن جي فهرست آندي اٿم. ان جو ذڪر ضرور اچڻ گهرجي. “
    چيم،” هڪ قول آهي، ته نيڪيءَ جو ڪم اهڙي نموني ڪجي جو ساڄي هٿ جي کاٻي هٿ کي خبر نه پوي.“
    ” اهو دور گذري ويو. “ هن چيو،” اڄڪلهه نيڪيءَ ۽ خير جو ڪم ڪجي، ۽ ان ڪم جي خوب پبلسٽي ڪجي. “
    هن مونکي پنهنجن سماجي ڀلائي وارن ڪمن جي فهرست ڏني ، جنهن ۾ وڏن ڏينهن تي ٻارن ۾ ڪيلا ۽ کٽمٺڙا وراهڻ کان وٺي، مصيبت وارن ڏينهن ۾ هوائي جهاز مان پيرا شوٽ رستي ٽپو ڏيئي ماڻهن ۾ ڀڳڙا وراهڻ وارن سمورن ڪارنامن جو تفصيل سان ذڪر ڪيل هو. ان کان پوءِ ، فهرست ۾ جن سماجي ڪمن جو ذڪر هيو، سي شير شاهه جي سڌارن سان ملندڙ جلندڙ هئا. مثال طور، کوهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ،مسجدون ۽ يتيم خانا ٺاهرائڻ وغيره .
    ان کان پوءِ ڪجهه تصويرون ڏيندي چيائين،” هي منهنجون ناياب تصويرون آهن. هن تصوير ۾ مان هانو لولو جي مشڪري لولوهانو سان مڇيون ماري رهيو آهيان. هن تصوير ۾ مان ٽينگونيڪا ۾ ناريل جي وڻ هيٺان بيٺو آهيان. ۽ ناريل ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان. هن تصوير ۾ مان مومباسا ۾ ڪبوتر ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ هن تصوير ۾ مان باربيڊاس ۾ سيهڙن جو شڪار ڪري رهيو آهيان. “
    مان سندس تصويرون ڏسي متاثر ٿيس. مان اڃا متاثر ٿي رهيو هوس جو هن چيو،” مضمون ۾ غريبن لاءِ منهنجي همدرديءَ جو ذڪر ضرور اچڻ گهرجي. منهنجيءَ دل ۾ غريبن لاءِ الله سائين درد ڀري ڇڏيو آهي. مان الله سائينءَ کان دعا گهرندو آهيان، ته مولا، دنيا ۾ غريبن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي، جيئن منهنجي ءَ دل ۾ درد جاري رهي. “
    چيم،”مان ڦندڻ کي چوندس ته غريبن جي سلسلي ۾ توکي جيڪي دل جا دورا پيا آهن. انهن جو به ذڪر ڪري . “
    ”هاڻي راز جي ڳالهه ٻڌ.“ هن چيو،”تون جيئن ته گدو بندر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهين، تنهن ڪري اهو راز ٻڌيانءِ ٿو.“
    ” خدا تي ڀروسو ڪري پنهنجو راز مونکي ڏيئي ڇڏ. “ چيم، ”يار تون به ته گدو بندر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهين. “
    چيائين ،”مضمون ۾ ڪٿي به اهو ذڪر اچڻ نه گهرجي، ته مان هر دور ۾ هر ڪنهن حڪومت جو ٻانهن ٻيلي ۽ مداح رهيو آهيان. اها ڳالهه هرگز اچڻ نه گهرجي ۽ خاص طرح سان خيال رکيو وڃي، ته ڪٿي به اها خبر مضمون ۾ نه اچڻ گهرجي ته ايوب خان ۽ يحييٰ خان سان منهنجا ذاتي تعلقات هئا، ۽ مان آخر تائين فوجي حڪومت جو گهڻگهرو هيس. خيال ڪجانءِ يار. متان پنهنجي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ هٿان مونکي مارائي وجهين. “
    کيس دلداري ڏيندي چيم،” تون جيئن ته گدو بندر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهين، تنهنڪري توکي مون منجهان ڪنهن به قسم جو ڊپ ڪرڻ نه گهرجي. ها، اِها ٻئي ڳالهه آهي، ته منهنجي سمجهه ڪجهه جڏي آهي.“ ■

    1974




    قلم جو جديد استعمال

    قلم جو جديد استعمال

    اسان جو سنگتي، ڌڻي بخش ڌنو، نه فقط پنهنجي بيحد بندري ۽ بيحد ٿلهي زال کان ڊڄندو آهي، پر ڳالهائڻ ۾ فلسفو، فلسفي ۾ منطق، منطق ۾ ابجد، ۽ ابجد ۾ آلجبرا استعمال ڪندو آهي.
    هڪڙي ڏينهن سموري سنگت کان پڇيائين، ”قلم جو جديد استعمال ڪهڙو آهي؟ “
    ڪنهن جواب ڏنس،” ٽيپ ڏيڻ .“
    ” ٽيپ هميشھ قلم سان ڏبي آهي. اهو ڪو جديد استعمال ناهي. “ ڌني چيو،” مون کي قلم جو جديد استعمال ٻڌايو. “
    هڪ دوست وراڻيو،”پريم پتر، يعني جيڪي Love Letters مجنونءَ ليليٰ کي لکيا هئا، سي سمورا قلم سان لکيا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي، ته انهن ڏينهن ۾ پارڪر ۽ شيفرس قسم جا قلم ايجاد نه ٿيا هئا، تنهن ڪري مجنون ڪاٺي جي ڪلڪ سان پريم پتر لکندو هو. “
    ڪنهن چيو،” قلم سان قصيدو لکي سگهجي ٿو. “
    ”اهو دستور صدين کان هلندو اچي. قلم جو بلڪل جديد استعمال ٻڌايو.“
    ”ڪنهن جو رڪارڊ خراب ڪرڻ. “
    ”اهو به ڪو جديد استعمال ناهي.“ ڌني چيو،” قلم جو جديد استعمال ٻڌايو.“
    ” قلم سان لکين رپين جي ڏيتي ڪري سگهجي ٿي. “
    ” اهو ڪو جديد استعمال ناهي. “
    ” ماحول ۾ زهر پکيڙڻ. “
    ” پراڻي ڳالهه آهي. “
    ” بليڪ ميل ڪرڻ .“
    ” بلڪل قديم.“ ڌني چيو،”قلم جو بلڪل جديد استعمال ٻڌايو.“
    سڀئي منجهي پياسين . پاڻ م صلاح مشورو ڪيوسين. ڌني جي سوال جو صحيح جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي سين.
    ڌني پڇيو ، ”صحيح جواب لاءِ Hint ڏيانو؟”
    چيو سين ،” ها“
    ڌني چيو،” قلم جي جديد استعمال جو لکڻ سان ڪو به تعلق ناهي.“
    ” مطلب ته لکڻ کان سواءِ قلم ٻئي ڪهڙي ڪم اچي سگهي ٿو، ائين نه؟ “ فدا حسين پڇيو.
    ” ها“ ڌني وراڻيو.
    ڦندڻ چيو،” قلم اک ۾ ٽنبي، ڪنهن کي ڪاڻو ڪري سگهجي ٿو. “
    ” ڪجهه ڪجهه ٺيڪ آهي، پر بلڪل صحيح جواب ناهي. “
    ” قلم سان پٺي کنهي سگهجي ٿي. “
    ” مڙيئي چڱيرڙو جواب آهي پر صحيح ناهي. “
    ” قلم سان ڪن مان مر ڪڍي سگهجي ٿي. “
    ” ٺيڪ آهي صحيح جواب ناهي.“ ڌني چيو،” مونکي بلڪل صحيح جواب گهرجي. قلم جو جديد استعمال ڪهڙو آهي. “
    اسان کي صحيح جواب سجهي نه آيو. هٿيار ڦٽا ڪياسين.آڻ مڃي سين. ڌني کي عرض ڪيوسين، ته قلم جو جديد استعمال ٻڌائي اسان جي علم ۾ اضافو ڪري.
    ڌني اسان کي قلم جو جديد استعمال ٻڌايو. چيائين،” قلم کي اڳٺ ڪاٺڙي، يعني اڳٺ وجهڻيءَ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. “ ■
    1974




    ڪلا ڪير هئي؟

    ڪلا ڪير هئي؟


    مان سمجهان ٿو، مونکي خاموش ويهندي، ڪي پهر گذري ويا هئا، جو ڦندڻ پڇيو،”سون ٺاهڻ جي ترڪيب پيو سوچين ڇا؟“
    مون ڪنڌ ورائي ڏانهس ڏٺو. کيس جواب نه ڏنم.
    ” گهڻي سوچڻ سان ننڊ ڦٽي پوندي آهي.“ ڦندڻ چيو،” ياد رک، ته جنرڪ نالن کان پوءِ، ويليم ۽ لبريم جون گوريون چاليهين رپئي شيشيءَ جي حساب سان وڪامي رهيون آهن.“
    مان خاموش رهيس.
    ڦندڻ پڇيو،” ڇا پيو سوچين؟“
    وراڻيم،” مان پريشان آهيان.“
    ” ڪا نئين ڳالهه ناهي“. ڦندڻ چيو،”تون سدائين پريشان رهندو آهين“.
    چيم ،” مان تنهنجي فرمائش تي لکي نه سگهندس“. هو کليو. پڇيائين،” دل جو معاملو ته ناهي“.
    وراڻيم،” مان اها عمر پوئتي ڇڏي آيو آهيان“.
    ” مان عشق جي ڳالهه نٿو ڪريان.“ هن ٽهڪ ڏيندي چيو، ”مان هارٽ ٽربل جي ڳالهه پيو ڪريان. دل جو دورو !”
    ” تون اجايو اچي صحافي ٿيو آهين، سو به عامل ۽ ڪامل . “ چيم، ”توکي ته ڪنهن سر ڪس جو مشڪرو ٿيڻ گهرجي ها. “
    ” جنهن سرڪس ۾ تون فلاسافر ڏاند جو ڪردار خوبيءَ سان ڪري ڏيکاريندين، تنهن سرڪس ۾مان مشڪري جو رول ڪندس.“ ڦندڻ چيو، ”اِهو منهنجو توسان عهد نامو آهي. “
    مان پنهنجي ميز وٽان اُٿي، اوڀر واري دريءَ وٽ وڃي بيٺس.
    ان وقت رات جا ساڍا ٻارهن ٿي رهيا هئا. جناح روڊ ٽريفڪ کان آجو ٿيندو پئي ويو. لائيٽ هائوس سينيما جو پويون شو ختم ٿي ويو هو، ۽ ان پاسي سنسان ٿي ويو هو.
    ڦندڻ آخري خبر ٺاهي رهيو هو.
    هو ٽيبل وٽان اٿي منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين،” مون وٽ چار رپيا آهن. انهن مان اڄ رات عياشي ڪنداسين. يعني چانهه پيئنداسين“
    ” ڪلا ڪير آهي، ڦندڻ ؟“ مون منهن ورائي ڦندڻ ڏانهن ڏسندي پڇيو ،” ڪلا ڪير آهي ؟“
    مونکي ايتري خبر آهي، ته منهنجيءَ ماسيءَ جو نالو ڪلا ناهي“. ڦندڻ چيو ،” پر تون جيڪڏهن ڪالهه واري ديواني جي ڪلا جو ذڪر ڪري رهيو آهين، ته پوءِ عنقريب تنهنجي پنهنجي ديوانگيءَ جي خبر اخبار ۾ شايع ٿي ويندي. “
    دل چاهيو ته ڦندڻ کي ٻڌائي ڇڏيان، ته مان گذريل دفعي جڏهن اروڙ ويو هوس، تڏهن ڏاڙهوءَ جي وڻ وٽ بيهي رهيو هوس. ان وڻ ۾ گل ٿيندا آهن. اتي مونکي ڪلا جي ويراڳ جو احساس ٿيو هو.
    پر، مون ڦندڻ کي ڪجهه نه ٻڌايو. ● ■

    1974



    ● 2012 ‏‏۾ مون بنهه ياد نه ٿو اچي ته ڪلا ڪير هئي؟ ڪير ڪلا لاءِ ديوانو ٿي پيو هو؟ مون ڪهڙي ڪيلا جي ويراڳ جو ذڪر ڪيو آهي؟ اسان سڀني جي زندگيءَ ۾ هڪ ڪلا هوندي آهي جيڪا وڇڙي وڃڻ کان پوءِ مختلف نالن ۽ حوالن سان سامهون ايندي آهي.



    قلمي ڪتاب مان گم ٿيل باب

    قلمي ڪتاب مان گم ٿيل باب

    مون گهڻو اڳ، هڪ دفعي اوهان کي ٻڌايو هو ته اسان جي پياري دوست فدا حسين ڦودني وٽ هڪ قديم قلمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ طرحين جا راز ۽ رمزون، نسخا ۽ فامولا لکيل آهن. اهو قديم قلمي ڪتاب فدا حسين ڦودني جي گهر ۾ حفاظت هيٺ هٿيڪو رکيل آهي. اهو ڪتاب هڪ پيٽيءَ ۾ پختو آهي، ۽ اها پيٽي ٽين جي هڪ تمام وڏي ٽرنڪ ۾ رکيل آهي. ٽرنڪ تي فدا حسين جي گهر جون ڀڳل ڪرسيون، ۽ منجيون ڊهه ڪيل آهن. حفاظت جو انتظام جيڪڏهن ان حد تائين هجي ها، ته اسين جيڪر قلمي ڪتاب گهڻو اڳ فدا حسين جي مدد سان سمگل ڪرائي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيون ها! پر، ڪتاب لاءِ حفاظتي انتظام تمام سخت ڪيل آهن. ٽين جي ٽرنڪ سان لڳو لڳ کٽ تي فدا حسين ڦودني جي خونخوار زال سمهندي آهي، ۽ ڪتاب تي پهرو ڏيندي آهي.
    فدا حسين ڦودني جي زال کي يقين آهي، ته ان قلمي ڪتاب ۾ نه فقط مٽيءَ مان سون ٺاهڻ جي ترڪيب لکيل آهي، پر، مڙس کي مڄو ڪرڻ جو راز پڻ ٻڌايل آهي ! هوءَ پڙهيل ناهي، پر اڄڪلهه پڙهڻ جي تيارين ۾ آهي. هوءَ اهو ڪتاب پنهنجي ساءِ پڙهڻ، ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پنجن سالن وارو منصوبو رٿي چڪي آهي، ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪري رهي آهي.
    هينئر ڳالهه ٻڌو ته ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني اهو ناياب قلمي ڪتاب سمگل ٿي، ڪجهه دير لاءِ اسان دوستن تائين پهتو، ۽ اهڙي طرح اسان کي قديم ڪتاب مان فيضياب ٿيڻ جو موقعو مليو.
    هڪڙي ڏينهن فدا حسين جي خونخوار زال پنهنجي پيڪي ويئي. فدا حسين رٿيل پروگرام موجب، ٽرنڪ تان ڀڳل ڪرسيون ۽ منجيون لاٿيون، ۽ ٽرنڪ جو ڍڪ کولي، پيٽيءَ مان قلمي ڪتاب ڪڍي ورتو. ان ڊپ کان ته، ڪٿي چوري پڪڙ جي نه پوي، اسان ڦودني کي صلاح ڏني هئي، ته قديم قلمي ڪتاب پيٽيءَ مان سمگل ڪرڻ کان پوءِ، ان جي جاءِ تي ڌڻي بخش ڌني جي اسڪول واري دور جي آلجبرا ۽ جاميٽريءَ جي ڪاپي پيٽيءَ ۾ رکي ڇڏي. ڦودني اها صلاح پسند ڪئي. اسان سڀني کي خبر آهي، ته ڦودني جي گهر واري علم ۽ ادب ۾ اسان جي چونڊيل ڪجهه نمائندن جهڙي اڪابر آهي. هوءَ آلجبرا ۽ جاميٽري جي ڪاپيءَ ۽ قلمي ڪتاب ۾ ڪو فرق محسوس ڪري نه سگهندي.
    متان اهو سمجهو ته فدا حسين ڦودنو ڪو ٻالو ڀولو آهي، ۽ اسان جي ڀنڀلائڻ تي پنهنجو ڪتاب گهر مان سمگل ڪري اسان تائين پهچائڻ تي راضي ٿيو هو ! هر گز نه، سائين! ڦودنو وڏو پلستر آهي. هن پنهنجي ذاتي مقصد ۽ غرض سبب ڪتاب ڪجهه دير لاءِ سمگل ڪرڻ جي حامي ڀري هئي.
    فدا حسين ارادو ڪيو هو، ته ڪتاب سمگل ڪرڻ کانپوءِ هو سڀ کان اڳ ڪتاب مان اهو باب ڦاڙي ڇڏيندو جنهن جو عنوان هيو.” مڙس کي مڄو ڪري هلائڻ جا راز ۽ آزمايل نسخا“ . هن نٿي چاهيو ته سندس خونخوار زال کيس مڄو ڪرڻ جو راز هٿ ڪري.
    فدا حسين ڊوڙندو، سهڪندو ڪتاب کڻي آيو.
    اسان سڀني کي اهو ڏسي حيرت، ۽ ڦودني کي مايوسي ٿي، ته ڪتاب مان مڙس کي مڄو ڪرڻ وارو باب اڳواٽ چورايل هو. ■
    1974




    هر دلعزيز ٿيڻ جو نسخو

    هر دلعزيز ٿيڻ جو نسخو

    گذريل ڪالم ۾ مون اوهان کي ٻڌايو هو، ته ڪهڙي نموني فدا حسين ڦودنو پنهنجو قلمي ڪتاب سمگل ڪري اسان تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، ۽ پوءِ ڪتاب مان مڙس کي مڄو ڪرڻ وارو باب غائب ڏسي ڪيئن مايو س ٿيو هو.
    بهرحال، اسين دوست قديم قلمي ڪتاب ڏسي خوش ٿياسين. اڄڪلهه پشاور يونيورسٽيءَ وارا سنڌ جي قلمي ڪتابن جي ڪڍ آهن. اسان جا بزرگ ڳوڻين ۾ قلمي ۽ ناياب ڪتاب وجهي، تور تي پشاور يونيورسٽيءَ کي وڪڻي ڇڏيندا آهن. فدا حسين جي هٿ ۾ قلمي ڪتاب ڏٺوسين، ته خوش ٿياسين.
    پروگرام موجب فدا حسين ڦودني جي زال ڇهن ڪلاڪن لاءِ پنهنجي پيڪي ويئي هئي. ان حساب مطابق، قديم قلمي ڪتاب مان فيضياب ٿيڻ لاءِ اسان کي ساڍن پنجن ڪلاڪن جي مهلت مليل هئي.
    سمورو ڪتاب راز، رمزن ۽ نسخن سان ڀريل هيو. مثال طور، خون ڪرڻ کان پوءِ قانون کي گوهي ڪيئن ڏجي، رشوت وٺجي، ۽ ايماندار ڪيئن سڏائجي، جاهل هئڻ جي باوجود عوام جي نمائندگي ڪيئن ڪجي، ۽ چونڊن ۾ ڪامياب ڪيئن ٿجي، وغيره.
    ڪتاب جيئن ته بيحد ڪار آمد آهي، پر گڏوگڏ اڻ لڀ به آهي، تنهن ڪري اهڙي ڪتاب مان فيضياب ٿيڻ جو موقعو اوهان کي هر گز نه ملندو. تنهنڪري، عام ڀلائيءَ جي خيال کان، مون جيڪي ڪجهه ان ڪتاب ۾ پڙهيو آهي، هنن ڪالمن ۾ ان باري ۾ لکندس.
    اڄ هر دلعزيز ٿيڻ جي باري ۾ ڳالهائبو. (هر دلعزيز جي عبدالعزيز سان ڪابه مائٽي ڪونهي) هر دلعزيز ٿيڻ لاءِ اوهان کي پامسٽري، يعني هٿ جي ليڪن سڃاڻڻ جي ساڃهه پاڻ ۾ پيدا ڪرڻي پوندي. گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. دوست شناسيءَ جو علم ڪنهن به لوڪ شناس کان حاصل ڪري سگهجي ٿو. لوڪ شناس هٿ نه چڙهي ته ڪنهن فلڪ شناس جي ڳولا ڪجي. هو به جيڪڏهن ڪٿي ملي نه سگهي، ته پوءِ پامسٽريءَ جو ڪو ڪتاب خريد ڪجي ، يا لائبريريءَ مان چورائجي.
    هٿ ڏيکارڻ ، ۽ قسمت جو حال معلوم ڪرڻ، هر ڪنهن جي ڪمزوري آهي. اوهان ٻين جي ان ڪمزوريءَ مان باقاعدي فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا. ريل گاڏي ءَ ۾ سفر ڪندي جيڪڏهن اوهان کي بيهڻ جي جاءِ ملي، ته ماڻهن جا هٿ ڏسي، اوهين ويهڻ جي جاءِ حاصل ڪري سگهو ٿا . اهڙي طرح ويهڻ جي جاءِ بدران سمهڻ لاءِ سيٽ هٿ ڪري سگهو ٿا. سموري گاڏيءَ جا ماڻهو اوهان کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا، ۽ پنهنجا پنهنجا هٿ اڳتي ڪري اوهان. کي ڏيکارڻ لاءِ منتظر نظر ايندا.
    آفيسر، ڪامورا، واپاري، ۽ وڏيرا به هٿ ڏيکارڻ ۽ قسمت جو حال معلوم ڪرڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن. اوهان سولائيءَ سان سندن خوشنودي حاصل ڪري سگهو ٿا. سندن هٿ ڏسندا وڃو، ۽ کين چمڪندڙ ۽ ڪامياب مستقبل جي باري ۾ خوشخبري ٻڌائيندا وڃو. ان قسم جا ماڻهو جڏهن راضي ٿيندا آهن، تڏهن توهان کي ڪنهن بينڪ جو مئنيجر، ڪٿي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪٿي ليگل ائڊوائزر وغيره ڪرائي ڇڏيندا آهن. هو اوهان کي خاص ۽ خانگي دعوتن تي به گهرائيندا آهن، جتي سندن بيگمون اوهان کي پنهنجا هٿ ڏيکارينديون آهن. تنهن ڪري، اوهين جيڪڏهن هر دلعزيز ٿيڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ علم ادب جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ هٿ جون ليڪون جاچڻ شروع ڪيو. ماڻهو اوهان کي مٿي تي ويهاريندا . ■

    1974




    ڌرتيءَ جو درد

    ڌرتيءَ جو درد

    ڌنو ڪمري جي پرئينءَ ڪنڊ ۾ ويٺو هو. ظاهري طرح ته هو ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو، پر اندر ۾ اُجهامي رهيو هو. هو منهنجو دوست آهي، منهنجو سنگتي آهي، منهنجو ساٿي آهي. هو منهنجو درد سمجهي سگهندو آهي. مان هن جو درد سمجهي سگهندو آهيان. اسان ٻنهي ۾ درد جو رشتو آهي.
    مون ڌني کي چيو،” ڌنا، توکي گهٽ ۾ گهٽ ٿوري دير لاءِ ضرور کلڻ گهرجي. “
    ڌني ڪتاب مان نظرون هٽائي مون ڏانهن ڏٺو. جواب نه ڏنائين. مون ڏانهن ڏسي، نظرون ٻيهر ڪتاب تي ڄمائي ڇڏيائين. مون سندس اکين ۾ اندر جي اوساٽ ڏسي ورتي.
    مون اوهان کي ڌني جون فقط ڳالهيون ٻڌايون آهن. مون اوهان کي ڌني متعلق ڪجهه نه ٻڌايو آهي. اڄ مان اوهان کي ڌني جون ڳالهيون نه ٻڌائيندس. مان اوهان کي ڌني متعلق ڪجهه ٻڌائيندس.
    ڌنو سوشيالاجيءَ ۾ ايم اي آهي. ڪنهن هلندي پڄنديءَ واري جو ماڻهو ناهي. هو الله سائينءَ جو ماڻهو آهي. تنهنڪري هميشھ آزمائش ۾ رهندو آهي. پرائمري ماستر آهي. چوندو آهي،” ٻار آئينده جي امانت آهن. مان سندن مستقبل روشن ڪندس“.
    ٻارن جو مستقبل روشن ڪندي ڪندي، ڌني جو مستقبل اونداهو ٿي ويو آهي، هو جيئندو آهي ٻين لاءِ. پنهنجي لاءِ هن اڀاڳ جي ٿالهه مان وڏو حصو کڻي ورتو آهي.
    ڌني جي ڀيڻ کي سرطان آهي. ڪينسر جون پاڙون سندس نڙيءَ ۾ پختيون ٿي ويون آهن. ڌنو ٽن ويلن بدران هڪ ويلو ماني کائيندو آهي، ۽ ڪنهن معمولي ڊاڪٽر کان ڀيڻ جو علاج ڪرائيندو آهي. ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽرن سان ڳالهائڻ لاءِ ڌني وٽ پيسا ناهن. کيس خبر آهي، ته ڪنسلٽنگ فزيشين ۽ سرجن سان مشورو ڪرڻ لاءِ هو سموري زندگيءَ ۾ ٽڪو به ميڙي نه سگهندو. پاڙيسرين جو خيال آهي، ته ڌني جي ڀيڻ عنقريب مري ويندي.
    مون ڌني کان پڇيو،” ڌرتي ڪيئن آهي؟ “
    ” جيئن هئي، تيئن آهي. “ ڌني جواب ڏنو.
    ڌني جي ڀيڻ جو نالو ته اهو ئي آهي، جيڪو مائٽن مٿس رکيو هو، پر ڌنو کيس سڏيندو آهي، ڌرتي !
    ڌني جو فلسفو منهنجي سمجهه ۾ نه آيو آهي، ڌني جي ڀيڻ بيمار آهي. کيس نڙيءَ جي ڪينسر آهي. هوءَ تڪليف ۾ آهي. لڇندي آهي. ڦٿڪندي آهي. عذاب ۾ چيچلائيندي آهي. ڌني مٿس نالو رکيو آهي - ڌرتي! ■

    1974


    سڀني کان وفادار جانور

    سڀني کان وفادار جانور

    فدا حسين ڦودنو ڪالهه رات ساڍي نوين لڳي اسان سان ملڻ آيو. اسين کيس ڏسي حيران ٿياسين. اچرج وچان آڱريون ڏندن هيٺان وجهي ڇڏيو نسين، ۽ زخمي ڪري وڌيونسين.
    متان اِهو سمجهو ته فدا حسين ڦودنو اوندهه کان ڊڄندو آهي، تنهن ڪري رات جو گهر کان ٻاهر نه نڪرندو آهي ! ائين ناهي. فدا حسين پنهنجي ٿلهي ۽ بندري زال کان سواءِ دنيا جي ٻئي ڪنهن به جانور ۽ آفت کان نه ڊڄندو آهي. تنهنڪري، رات جي ساڍي نوين لڳي جڏهن کيس اخبار جي آفيس ۾ ڏٺوسين، تڏهن سخت حيران، ۽ پريشان ٿياسين.
    ڦندڻ پڇيس، ”ڀاڄائي سڳوري پيڪي ويئي آهي ڇا؟“
    ” اسانجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي!“ فدا حسين چيو،” هو پنجابي فلم، جورو دا غلام ڏسڻ ويئي آهي. “
    ” پٽ ڦودنا، هڪدم ويمو ڪرائي ڇڏ.“ ڦندڻ صلاح ڏيندي چيس، ”۽ اڄ کان هندستان جي رنگين تاريخ مان غلام گهراڻي جا قصا ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪر.“
    ڦودني کي چيم،” ڦندڻ جي صلاح تي اکيون بند ڪري عمل ڪر. انشاالله تعاليٰ تنهنجا سڀ دک دور ٿي ويندا. .
    ڦودنو سوچ ۾ گم ٿي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ عجب جي نشانيءَ جهڙو نظر اچڻ لڳو.
    مون ڦودني کان پڇيو،“ ڇا پيو سوچين؟ “
    ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيائين،” دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وفادار جانور جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان.“
    ڦندڻ هڪدم چيو،” يار، تو کي سوين دفعا منع ڪئي آهي ، ته ڪتن جي باري ۾ نه سوچيندو ڪر.“
    ” مان ڪتي جي باري ۾ ته نه پيو سوچيان!“
    ”ته پوءِ ڪنهن جي باري ۾ پيو سوچين؟“
    ”دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وفادار جانور جي باري ۾ . “
    ”ته پوءِ پڪ ڪنهن گهوڙي جي باري ۾ سوچي رهيو آهين،“
    ” نه“
    ” گڏهه جي باري ۾ ؟ “
    ” اون هون .“
    ” اُٺ؟“
    ” نه يار، نه.“
    ” پارٽي ورڪر؟“
    ” نه بابا، نه .“
    بيزار ٿياسين. پڇيو سينس”ته پوءِ ڪهڙي جانور جي باري ۾ سوچي رهيو آهن، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وفادار جانور آهي؟ “
    جواب ڏنائين،” مان پنهنجي، ۽ پاڻ جهڙن مڄن جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. “ ■

    1974




    ڏک جي پڄاڻي نه آهي

    ڏک جي پڄاڻي نه آهي

    جڏهن رات جو ڳپل حصو خواب وانگر بي آواز گذري ويو، تڏهن ڦندڻ ۽ مان اخبار جي آفيس مان ٻاهر نڪري آياسين. رستا اسان جي زندگين وانگر بي رونق ٿي ويا هئا، لوهي ٿنڀن مان بجليءَ جي بلبن جون روشنيون يادگيرين وانگر دل جي غفائن کي روشن ڪري نه سگهنديون آهن. اوندهه اٽل آهي. اوندهه مستقل آهي. اوندهه دائم آهي. روشنيون عارضي آهن. روشنيون هيڪلاين کي برداشت ڪرڻ جو بهانو آهن. اسين سڀئي اونداهين جا مسافر آهيون
    ڦندڻ پنهنجي مضبوط ۽ طاقتور ٻانهن منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏي. پڇيائين،” مونکي ڪڏهن روئندي ڏٺو اٿئي؟“
    وراڻيم،” مون پٿرن کي روئندي نه ڏٺو آهي. “
    ڦندڻ جو سوال مونکي بي سبب محسوس نه ٿيو. هو ڪجهه ڏينهن کان اُداس اُداس آهي. هونءَ به، جيڪي ٻين کي کلائڻ جا هيلا ڪندا آهن، سي پنهنجا لڙڪ ڪنهن کي به ڏيکاري نه سگهندا آهن. ڦندڻ اسان سڀني کي کلايو آهي. هن، اسان فقيرن جا ڪشتا ٽهڪن سان ڀري ڇڏيا آهن. جڏهن اسين کلندا آهيون، تڏهن ڪنهن کي به لکا پئجي نه سگهندي آهي، ته اسان جا ٽهڪ اڌارا آهن، جيڪي ڦندڻ اسان جي جهول ۾ وجهي ڇڏيا آهن.
    ڦندڻ چيو،” دل چاهي ٿي، ته اڄ ، زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري دفعو روئي ڇڏيان .ايترو روئان، جو ٻيهر روئي نه سگهان. “
    مان بيهي رهيس. منهن ورائي ڦندڻ ڏانهن ڏٺم.
    ڦندڻ چيو،” هلندو رهه. بيهه نه. “
    مان هلڻ لڳس.
    زندگي جڏهن بي معنيٰ، بي مقصد، ۽ بيٺل بيٺل محسوس ٿيندي آهي، تڏهن بيچين روحن جهڙا انسان هلندا رهندا آهن. لاڳيتو هلندا رهندا آهن. پوءِ جڏهن هلندي هلندي هو ٿڪجي ڪري پوندا آهن، تڏهن خوابن وانگر ٽٽي پوندا آهن. ڪنهن کي به ياد نه رهندا آهن.
    ڦندڻ چيو،” هلندو رهه، منهنجا دوست، منهنجا ساٿي، هلندو رهه، هن رات وانگر، رات جي راهين وانگر، ازلي سفر جي مسافرن وانگر هلندو رهه. بيهه نه.“
    اسين خاموش، چپ چاپ هلندا رهياسين.
    ”خبر اٿئي، هوءَ مونکي روزانو هڪ خط لکندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه خط به لکندي هئي.“ ڦندڻ جو آواز درد ۾ ٻڏي ويو. چيائين ،” مان سندس خطن جو جواب نه ڏيندو هوس. پوءِ هڪ نه ٻئي ڏينهن هن جا خط اچڻ لڳا. مون کيس جواب نه ڏنو. پوءِ هن هفتي ۾ هڪ خط موڪلڻ شروع ڪيو، تڏهن به مون کيس جواب نه ڏنو. ان کانپوءِ هن جو مهيني ۾ هڪ خط اچڻ لڳو. تڏهن به مون کيس جواب نه ڏنو ۽ پوءِ ، ۽ پوءِ هن خط لکڻ ڇڏي ڏنو. هن دوکي جي ديوار سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. “
    ڦندڻ کي هڪ ڇوڪري خط لکندي هئي. هوءَ هيڪلي هئي. هڪ حادثي کان پوءِ ٻنهي ٽنگن کان محتاج ٿي ويئي هئي. ٻئي ٽنگون وڃائڻ کان پوءِ سموري دنيا هن جي اکين آڏو هڪ وڏي ۽ هيبتناڪ ريگستان ۾ بدلجي ويئي. تڏهن، هن ڦندڻ جي تحرير ۽ نظرين کان متاثر ٿي کيس خط لکڻ شروع ڪيا.
    ”هوءَ مون کان تاج محل نه گهرندي هئي. هوءَ مونکان منهنجي زندگيءَ جو هڪ حصو نه گهرندي هئي. هن مون کان خوشين جي خيرات نه گهري هئي. “
    ڦندڻ جو آواز ڀڄي پيو. چيائين،” هن مون کان ريڊيو، ٽيليويزن، رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکڻ جو طريقو پڇيو هو . ڪجهه ڪهاڻين، ۽ ڊرامن جي اصلاح لاءِ عرض ڪيو هو. هن پنهنجي تحرير جي ڪمائيءَ مان عزت جي زندگي گذارڻ ٿي چاهي. پر مون سندس مدد نه ڪئي. مان سندس هيڪلائي کان ڊڄي ويس. سندس ويران زندگيءَ ۾ ليئو پائي نه سگهيس. مان بزدل آهيان، گيدي آهيان، ڊڄڻو آهيان.“
    هو احساس جي ڄر ۾ پڄرندو رهيو. اوندهه ۾ هلندو رهيو. ● ■
    1974




    ● اها ڇوڪري نوابشاهه ۾ موني بازار پوسٽ آفيس ڀرسان فٽپاٿ تي مري ويئي هئي.


    قيامت ڪاري ٿيڻ

    قيامت ڪاري ٿيڻ

    انسان جي قيامت ڪاري ڪڏهن ٿيندي آهي؟ ان سوال جي قطعي ۽ آخري جوابن جي چونڊ جو حق اسان دوستن پنهنجي پياري سنگتي فدا حسين ڦودني کي ڏيئي ڇڏيو آهي.
    ڌڻي بخش ڌني مٿئين سوال جو جواب ڏيندي چيو،”جيڪو مڙس پنهنجي زال جو مڄو ٿيندو آهي، سو پنهنجي قيامت ڪاري ڪرائيندو آهي.“
    ان جواب تي ڦودني سخت احتجاج ڪيو، ۽ انصاف جي ڪرسيءَ تان اٿي وڃڻ جو پڻ دڙڪو ڏنو. تنهن ڪري ڌني جي جواب کي مقابلي کان خارج ڪيو ويو.
    ڌني اعتراض ڪيو. چيائين،”منهنجي جواب کي جيڪڏهن مقابلي مان خارج ڪيو ٿا، ته پوءِ مونکي ٻئي جواب جو حق ڏيو.“
    ”معاملو حق ۽ ناحق جو اٿيو آهي.“ فدا حسين ڦودني چيو،”ڌڻي بخش ڌني کي ٻئي جواب لاءِ موقعو ڏجي ٿو.“
    ڌڻي بخش ڌني ٻيهر پنهنجي جواب ۾چيو،”انسان جڏهن اديب يا شاعر ٿيندو آهي، تڏهن سندس قيامت ڪاري ٿيندي آهي.“
    ان کان پوءِ ڦندڻ جو وارو آيو، هن چيو،”انسان جي قيامت تڏهن ڪاري ٿيندي آهي، جڏهن هو ڪنهن پوليس واري سان دوستي رکندو آهي.“
    جانو مڪرانيءَ چيو،”اڙي ان خانه خراب سوال جو جواب آئون ڏيندوس.“
    جانو مڪرانيءَ اسان سان اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. باڪسر هوندو هو. اسڪول لاءِ هميشه ڪپ کٽي ايندو هو. هڪ دفعي هيڊ ماستر جي منظور نظر کي ٺونشو وهائي ڪڍيو هئائين، ۽ سندس نڪ چٿي ڇڏيو هئائين. هيڊ ماستر صاحب جانوءَ کي رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ جانو ڪٿي به پڙهي نه سگهيو.
    اڄڪلهه ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ پورٽر آهي. اسڪول ڇڏئي اسان کي ڪي ورهيه گذري ويا آهن، پر اسان جي ياري هلندي اچي.
    جانوءَ چيو،”ماڻهو جڏهن حق تي هوندو آهي، تڏهن هن جو قيامت ڪارو ٿيندو آهي.“
    فدا حسين ڦودني مونکي چيو،”گدڙ، تنهنجو ڪهڙو جواب آهي؟“
    ڪاوڙ وچان چيم،”توکي لک دفعا سمجهايو اٿم، ته مون کي گدڙ نه چوندو ڪر.“
    ڦودنو کليو. چيائين،”هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي!“
    چيم،”ته پوءِ تون به دنيا ۾ سڀ کان وڏو جوءِ جو مڄو آهين.“
    ڦودنو اڀو ٿي ويو. رڙ ڪري چيائين،”مان مڄو ناهيان.“
    چيم،”مان به گدڙ نه آهيان.“
    چيائين ”ته پوءِ جواب ڏي“
    وراڻيم،”ڪنهن ڦودني کان انصاف جي اميد ڪرڻ، پنهنجي قيامت ڪاري ڪرائڻ آهي.“ ■
    1974




    پـڃـرو

    پـڃـرو


    ڌني کي نيٺ ڳولي وڃي هٿ ڪيوسين. ملول پئي ڏٺو. اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ کائنس پڇيو،”خوش ته آهين نه ڌنا.“
    ”ها.“ ڌني هڪ لفظ ۾ جواب ڏنو.
    مون کائنس پڇيو،”ڌرتي ڪيئن آهي؟“
    ”هوءَ بيمار آهي.“ ڌني وراڻيو، ڀانيان ٿو، سندس مرض لا علاج ٿيندو پيو وڃي.“
    ڌني جي ڀيڻ جو نالو ته اهو ئي آهي، جيڪو ڇٽيءَ تي مائٽن مٿس رکيو هو. پر، اسان وارو سنگتي. ڌنو، کيس ڌرتي سڏيندو آهي، ڌرتيءَ کي ڪينسر آهي ڌنو کيس خيراتي اسپتال مان دوا وٺي ڏيندو آهي. اسپتال جي ڊاڪٽرن اڄ تائين ڌرتيءَ کي نه تپاسيو آهي. اسپتال جو ڪمپائونڊر ڌرتيءَ کي مٿي جي سور لاهڻ لاءِ دوا ڏيئي ڇڏيندو آهي. بهرحال هوءَ جيئري آهي.
    مون ڌني کان پڇيو،”ملول ڇو پيو ڏسجين؟“
    ڌني وراڻيو،”مان وڏي ويڌن ۾ آهيان، يار.“
    ڦندڻ پڇيس،”عشق ۾ گرفتار ته نه ٿيو آهين؟“
    ”نه يار.“ ڌني چيو،”مان نفسياتي مريض ٿي پيو آهيان.“
    ”اسين بدهاضمي جا مريض ٿيندا آهيون، پر نفسياتي مريض ٿي نه سگهندا آهيون.“ مون کيس چيو،”تنهنجو هاضمو خراب هوندو.“
    ”هاضمو تڏهن خراب ٿيندو آهي، جڏهن ڍو تي ماني کائڻ لاءِ کيسي ۾ ڏوڪڙ هوندا آهن.“ ڌني چيو،”مان سچ پچ نفسياتي مريض ٿي پيو آهيان.“
    پڇيومانس،”ڇا ٿو محسوس ڪرين؟“
    ڌني وراڻيو،”مان ائين محسوس ڪريان ٿو، ڄڻ ته هڪ وڏي پڃري ۾ بند آهيان.“
    ”تون پاڻ کي ڀولڙو ته محسوس ڪرڻ نه لڳو آهين.“ ڦندڻ کائنس پڇيو.
    ”نه.“ڌني وراڻيو،”مان فقط ائين محسوس ڪندو آهيان، ته مان ڪنهن وڏي ويڪري پڃري ۾ بند آهيان. ڪنهن ڪنهن وقت ته مان پڃري جي شيخن کي هٿ به لڳائي سگهندو آهيان.“
    ”تون پڃري جي شيخن کي هٿ به لڳائي سگهندو آهين!“ مون اچرج وچان ڌني کان پڇيو.
    ”پڃري ۾ ماڻهو نه ويهندا آهن.“ ڦندڻ چيو،”توکي نفسياتي طرح محسوس ڪرڻ گهرجي ته تون ڪنهن نه ڪنهن قسم جو ڪو پکي جهڙوڪ چيهو، طوطو وغيره، يا ڪو جانور جهڙوڪ، چيتو، ڀولو، بگهڙ وغيره آهين.“
    ڌني چيو،”مون شعوري طرح ڪوشش ڪري ڏٺي آهي. مان پاڻ کي ڪنهن به قسم جو ڪو پکي يا جانور محسوس ڪري نه سگهيو آهيان.“
    ”ته پوءِ تون احساس کان دوکو کائي ويٺو آهين.“ ڦندڻ چيو،”جنهن کي تون پڃرو محسوس ڪندو رهيو آهين، سو اصل ۾ ماحول جو قيد خانو آهي.“ ■

    1975




    ڦندڻ جيئرو آهي

    ڦندڻ جيئرو آهي

    ڪالهه ڦندڻ کي لفافي ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ ڪاغذ مليو. ڪاغذ پڙهڻ کان پوءِ، ڦندڻ مونکي سڏ ڪندي چيو،”گدڙ، مان چئن ڏينهن ۾ لکاپتي ٿي ويندس.“
    پڇيومانس،”چئن ڏينهن کان پوءِ واچن سان ڀريل ڪا سمگل ٿيل لانچ تنهنجي نالي اچڻي آهي ڇا؟“
    جواب ڏنائين،”مونکي خبر ڪونهي.“
    پڇيومانس،”ته پوءِ چئن ڏينهن ۾ تون ڪنگال اوچتو ئي اوچتو لکاپتي ڪيئن ٿي پوندين؟ ڪنهن بينڪ کي ڌاڙو هڻندين ڇا؟“
    ”مون کي ڪا خبر ڪانهي.“ ڦندڻ چيو،”نيدر لينڊ ۾ هڪ پادريءَ کي ڪشف ٿيو آهي، ته دنيا جي ڪجهه ماڻهن کي خوشنصبيءَ واري سلسلي (Chain) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مان هنن مان هڪ آهيان.“
    مان حيران ٿيس. پڇيومانس،”اڙي بدنصيب، تنهنجي خوشنصيبيءَ بابت نيدرلينڊ جي هڪ پادريءَ کي ڪيئن خبر پئجي ويئي؟“
    ”پادري صاحب کي حقيقت ۾ منهنجي نالي متعلق انڪشاف نه ٿيو آهي .“ ڦندڻ ٽائيپ ٿيل ڪاغذ ڏسندي چيو، ”پادري صاحب کي ڪشف ٿيو آهي، ته خدا جي روشني ماڻهن جا ڏک سور دور ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي اچڻ لاءِ آتي آهي، بشرطيڪ، ماڻهو الله ۾ اعتبار رکن. پادري صاحب جو فرمان آهي، ته جيڪو به سندن ڪشف جون ويهه ڪاپيون ٽائيپ ڪرائي ويهن ماڻهن کي پوسٽ ڪرائي موڪليندو، تنهن کي چئن ڏينهن ۾ اجر ملندو ۽ اهو شخص لکاپتي ٿي ويندو.“
    کائنس ڪاغذ وٺڻ لاءِ مون هٿ وڌايو. ڦندڻ چيو،”پادرين جي پروپئگنڊا جو نئون نمونو آهي.“
    مون کائنس ڪاغذ وٺي، پڙهي ڏٺو. ڪاغذ ۾ نيدر لينڊ جي پادري صاحب فرمايو هو، ته لنڊن جي مسٽر فلاڻي جڏهن هن ڪاغذ جون ويهه ڪاپيون پوسٽ ڪري ڇڏيون، تڏهن چئن ڏينهن کان پوءِ هو چئن لکن پائونڊن جو مالڪ ٿي پيو. ۽ فرانس جي مسٽر فلاڻي هن ڪشف جون ويهه ڪاپيون ڪرائي، پوسٽ رستي ويهن ماڻهن کي موڪلي ڇڏيون، ته اجوري ۾ قدرت وٽان کيس ويهه هزار پائونڊ مليا. ان قسم جا ٻيا ڪيترائي مثال ڏنل هئا. جن ۾ پادري صاحب فرمايو هو، ته جن به حڪم جي پابندي ڪئي، ۽ هن ڪاغذ جون ويهه ويهه ڪاپيون روانيون ڪيون، سي لکاپتي ٿي ويا. کين نوڪريءَ ۾ ترقي ملي، سندن عزت ۽ مرتبو وڌي ويو، وغيره. ڪاغذ جي پڇاڙيءَ ۾ پادري صاحب دڙڪو لکندي فرمايو هو، ته جيڪڏهن ڪو به شخص هن سلسلي کي ٽوڙيندو، يعني ويهه ڪاپيون ڪرائي دوستن، احبابن کي نه موڪليندو، سو مشڪلن ۽ مصيبتن جو شڪار ٿيندو. ان باري ۾ پڻ ڊيڄارڻ لاءِ پادري صاحب مثال ڏنا هئا. آسٽريليا جي مسٽر فلاڻي ويهه ڪاپيون نه موڪليون، تنهن ڪري هو چوٿين ڏينهن مري ويو. نيدر لينڊ جي مسٽر ڍمڪي هيءُ سلسلو ٽوڙي ڇڏيو، تنهن ڪري ريل جي حادثي ۾ منڊو ٿي پيو. هڪڙو ٻيو ناخلف انڌو ٿي پيو. پادريءَ جي ڪشف جي ڪاپي ڦندڻ کي ڪنهن حيدرآباد مان موڪلي هئي.
    مون ڦندڻ کي چيو،”پٽ هاڻي قابو ٿيو آهين. اڻ سڌي طرح ڪرستان ٿيءُ، يا مرڻ لاءِ تيار ٿيءُ.“
    ڦندڻ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي آيو، منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. مون کان ڪاغذ وٺي، هڪدم ڦاڙي، ٽڪريون ٽڪريون ڪري، دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيائين.
    ٻه ڏينهن گذري ويا آهن. ڦندڻ نه مئو آهي. جيئرو آهي. ● ■
    1975




    ● 2012 کان ٽيهه چاليهه سال اڳ هيروئن جو ڪاروبار نه هوندو هو. سون، چاندي، واچون سمگل ٿينديون هيون .


    ڦندڻ لاءِ ڪنوار جي ڳولا

    ڦندڻ لاءِ ڪنوار جي ڳولا

    اسان جي پاڙي ۾ هڪ پر اسرار عورت رهندي آهي، جيڪا سڄي پاڙي جي ماسي سڏبي آهي، پر حقيقت ۾ ڪنهن جي به ماسي نه آهي، هوءَ هر اهو ڪم ڪندي آهي، جيڪو ڪم ان قسم جون ماسيون ڪنديون آهن. جهيڙن جهٽن، ۽ سڱابندين ڪرائڻ کان سواءِ، چٺين چپاٽين پهچائڻ جو ڪم به اعليٰ نموني ڪندي آهي.
    اسين هڪڙي ڏينهن ماسيءَ کي ڦري آياسين، مون ماسيءَ کي چيو،”اسان پنهنجي هڪ دوست کي مڪمل نموني برباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يعني سندس شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اٿئي ڪا سگهڙ قسم جي ڇوڪري نظر ۾؟“
    ماسيءَ اسان کي مشڪوڪ نگاهن سان ڏٺو، سندس منهن جا گهنج وڌيڪ چٽا ٿي پيا، چنجهيون اکيون چمڪڻ لڳس. پڇيائين،”هو توهان سڀني جهڙو نڪمو ته ناهي؟“
    ”نه، ماسي. وڏي ڪم جو آهي.“
    ”توهان جهڙو نالائق ته ناهي؟“
    ”ڏاڍو لائق آهي ماسي.“
    ”توهان وانگر بدبخت ته ناهي؟“
    ”بيحد بختاور آهي، ماسي“
    ”ته پوءِ هو اوهان جهڙن نالائقن، نڪمن، ۽ بدبختن جو سنگتي ڪيئن ٿي پيو آهي؟“
    ”اِهي لکئي جا ليکا آهن، ماسي“. ڌڻي بخش ڌني ماسيءَ کي چيو،”نهايت ٺاهوڪو، جانٺو، ۽ بردبار آهي اسان جو دوست!“
    ماسيءَ پڇيو،”توهان جو دوست اترادي ڍڳو ته ناهي؟“
    هڪدم چيوسين،”هرگز نه ماسي. هو ماڻهو آهي، ۽ اتفاق سان ڳالهائي به سگهندو آهي.“
    ماسيءَ چيو،”جانٺا، ٺاهوڪا ۽ بردبار فقط اترادي ڍڳا ٿيندا آهن.“
    ”بهرحال، هو ماڻهو آهي، ۽ اسان سندس شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ ماسيءَ کان پڇيوسين،”اٿئي ڪا ڇوڪري ڇڙي نظر ۾؟“
    ”ڇوڪري نظر ۾ ته آهي، پر هوءَ ڇڙي ناهي.“ ماسيءَ چيو،”هِن کي اٺ ڀائر، اٺ ڀينريون، هڪ پيءُ ۽ چار مائرون آهن.“
    فدا حسين چيو،”ماسي تون تڪليف نه ڪر، اسين پنهنجي دوست کي ڦليليءَ ۾ ٻوڙي ڇڏينداسين.“
    ”ها!“ ماسيءَ ڪجهه سوچيندي چيو،”هڪڙي ٻئي ڇوڪري به منهنجيءَ نظر ۾ آهي، ۽ هوءَ نوڪريءَ ۾ به آهي.“
    ”خوش رهه ماسي“. ڦودني چيو،”هاڻي هڪدم ٻڌاءِ ته هوءَ ڪير آهي، ڪيئن آهي، ڪٿي آهي، ۽ ڪٿان جي آهي؟“
    ”اڙي بس ماريا!“ ماسيءَ چيو،”اول ٻڌايو ته توهان جو سنگتي نوڪريءَ ۾ آهي.“
    ”ها، بلڪل آهي.“ کيس جواب ڏنوسين.
    ماسيءَ پڇيو،”مٿئين آمدني اٿس؟“
    ”نه.“ جواب ڏنوسين،”پر پگهار چڱي چوکي اٿس.“
    ”سڪي پگهار واري کي ڪو به پنهنجي ڌيءُ کڻي نه ڏيندو، بابا“ ماسي پڇيو،”ڇا ڪندو آهي، توهان جو سنگتي؟“
    وراڻيوسين،”عامل ڪامل صحافي آهي.“
    ”مئي نپٽي، نالائق ڦندڻ جي ڳالهه ته نه پيا ڪريو؟
    ماسيءَ رڙ ڪندي چيو،”نه بابا، نه. اهڙي هچيا پئي کي ڪير پنهنجي ڌيءَ ڏيندو! مون کي پنهنجي چوٽي پٽائڻي ناهي!“ ■
    1975




    قرض جو مرض

    قرض جو مرض

    مون ۾ وڏا وڏا عيب آهن. بس، سمجهيو ته عيب ئي عيب آهن! چڱائي ڪا به ڪونهي. خاص ڪري قرضن جي معاملي ۾ مان ڏاڍو بدنام آهيان. مان حيدرآباد جي هڪ پلستر کي چڱي طرح سڃاڻان، جيڪو قرضن وٺڻ، ۽ وٺي کائي ڇڏڻ جي معاملي ۾ پاڪستان جو قومي هيرو آهي. پر سائين، مان به پنهنجيءَ جاءِ تي گهٽ نه آهيان. قرض وٺڻ، ۽ وٺي کائي ڇڏڻ جي معاملي ۾ اصل سائيڊ هيرو آهيان. حيدرآباد وارو پلستر، يعني قرضن جو قومي هيرو ڪو آپريٽو بينڪن ۽ حڪومت کان قرض کڻندو هو (۽ آهي!)، ۽ کائي ڇڏيندو هو. سندس تازه ترين مشغولين جي باري ۾ مونکي ڪا به خبر ڪونهي . مونکي فقط ايتري خبر آهي، ته هن وانگر جيڪڏهن مون تي پڻ بينڪن ۽ حڪومت جي قرضن جا در کلي پون، ته خدا ٿو ڄاڻي حيدرآباد واري قرضن جي قومي هيرو کي پنهنجي مقابلي ۾ جيڪر ايڪسٽرا ڪري ڇڏيان! پر ڇا ڪريان! بدبخت آهيان. نصيب جو ڌڻي نه آهيان! بينڪن ۽ حڪومت طرفان جاري ٿيندڙ قرضن جا در مون تي بند آهن.
    مون هڪ دفعي زراعتي بينڪ کان قرض کڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مينيجر مون کان پڇيو هو،”زمين اٿئي؟“
    وراڻيو هوم،”ها، آهي.“
    پڇيو هئائين،”ڪٿي اٿئي زمين؟“
    جواب ڏنو هوم، ”جتي بيٺو آهيان، اها زمين منهنجي آهي.“
    ”اڙي بيوقوف! هيءَ زمين تنهنجي آهي!“ مينيجر صاحب چيو هو،”هيءَ زراعتي بينڪ آهي، جيڪا الحاج. . . جي زمين تي ٺاهيل آهي، تون ته ڪو وڏو فراڊ آهين. ڪير آهين؟“
    مون ڀڄي جند ڇڏائي هئي! ان کان پوءِ، مون قرض لاءِ فقط دوستن تي ڀاڙيو آهي. کانئن قرض وٺندو آهيان، پر موٽائيندو هرگز نه آهيان. اڄڪلهه حالت اِها ٿي آهي جو دوست مونکي پريان ايندو ڏسي، هڪدم ٽهي، ڪنهن گس گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويندا آهن. اهو عام روش جي ابتڙ آهي، هونءَ ٿيندو ائين آهي، جو قرض وٺندڙ، قرض ڏيندڙ کان پيو لنوائيندو آهي. پر منهنجو معاملو ان جي اُبتڙ آهي. مان جن جي قرض ۾ مبتلا آهيان، اهي مونکان پيا لنوائيندا آهن، منهنجي ويجهو نه ايندا آهن. ڀائيندا آهن. وري قرض وٺندو، ۽ موٽائي اصل نه ڏيندو! ادا قرض وڏو مرض آهي. لڳو ته اصل نه لهندو.!
    مان قرض انڪري وٺندو آهيان ڇو جو منهنجو ملڪ به قرض وٺندو آهي. منهنجو ملڪ جيئن هڪڙن کان قرض کڻي ٻين کي موٽائيندو آهي، ۽ ٻين کان کڻي ٽين کي موٽائيندو آهي، تيئن مان به هڪ دوست کان قرض وٺي ٻئي کي موٽائيندو آهيان، ۽ ٻئي کان قرض وٺي ٽئين کي موٽائيندو آهيان. اهو سلسلو جاري آهي. مون کي پڪ ڪونهي، پر سمجهان ٿو، ته مان هن وقت تائين سموري سنگت جي قرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان. سڀ کان وڌيڪ پنهنجي پياري دوست ڦندڻ جي قرض ۾ مبتلا آهيان، جنهن گذريل دفعي سوفينيءَ جي پتلون وڪڻي مون کي قرض ڏنو هو. ڦندڻ مون سان سچو آهي. منهنجين مجبورين کي سمجهي سگهندو آهي، تنهن ڪري هن منهنجي لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي! ■

    1975




    ساڄي ۽ کاٻي ڌر

    ساڄي ۽ کاٻي ڌر

    ”اڙي گدڙ، هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ“. ڦندڻ مونکان پڇيو،”ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي باري ۾ ڇو ڪجهه به نه لکيو اٿئي؟“
    مون دريءَ کان ٻاهر نهاريو. چيم،”اڄ موسم مزيدار آهي!“
    ”اڙي موسم جا مائٽ، مون توکان سوال پڇيو آهي.“
    ”ڇا جو سوال؟“
    “ته ڇو حيدربخش جتوئيءَ جي باري ۾ ڇو ڪجهه به نه لکيو اٿئي؟“
    ”هڪ بيحد ٿلهو ماڻهو ڪيلي جي کل تان ترڪي پيو آهي.“ مون دريءَ کان ٻاهر نهاريندي چيو،“ماڻهو مٿس کلي رهيا آهن، ۽ هو روئي رهيو آهي.“
    ”اڙي، نيرن تي ڀنگ ته نه پي آيو آهين!“ ڦندڻ کهري لهجي ۾ چيو.”مون تو کان سوال پڇيو آهي.“
    ”ڪهڙو سوال؟“
    ”ته حيدربخش جتوئيءَ جي ورسي گذري ويئي، پر تو ڪجهه به نه لکيو، آخر ڇو؟“
    ”هڪ شخص وڏن جتنن کان پوءِ هڪ ٽيڪسيءَ واري کي بيهاريو آهي.“ مون بندر روڊ ڏانهن ڏسندي چيو،”پر، ان کان اڳ جو هو ٽيڪسيءَ تائين پهچي، هڪ ٻيو شخص ٽيڪسيءَ ۾ ويهي هليو ويو آهي. پهريون شخص روئڻهارڪو ٿي پيو آهي. هن پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاهي سڙڪ تي سٽي آهي.“
    ڦندڻ پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿي، منهنجيءَ ميز تي اچي ويٺو. چيائين، ”گدڙ، تون بي ڪفن مري ويندين، پر چالاڪ ٿي نه سگهندين.”
    ”تون سچ ٿو چوين، ڦندڻ.“ چيم،”ڪجهه عرصو اڳ مون جيڪو ڪفن سر سان ٻڌي ڇڏيو هو، ان ڪفن مان هينئر چڍيون سبرائي ڇڏيون اٿم.“
    ”منهنجو سوال ڇو ٿو لنوائين؟“
    ”ڪهڙو سوال؟“
    ”ته حيدربخش جتوئيءَ جي باري ۾ ڇو ڪجهه به نه لکيو اٿئي؟“
    ”ڪهڙو حيدربخش جتوئي؟“
    ”ڪامريڊ حيدربخش جتوئي.“
    ”ڪير هو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي؟“
    ”اڙي!“ ڦندڻ کان ڇرڪ نڪري ويو. مونکي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهندي. چيائين،”اڙي! بدبخت، اڄ تون ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ کي به سڃاڻڻ کان نابري واري ويٺو آهين! وڏو ڪو بيغيرت آهين!“
    ”مان سڀ ڪجهه ٿي سگهان ٿو، پر بيغيرت ڪڏهن به نه،“ مون جهيڻي آواز ۾ چيو.
    ”ته پوءِ حيدربخش جتوئيءَ جي باري ۾ ڇو خاموش رهيو آهين؟“ ڦندڻ پڇيو،”۽ هينئر هيءُ ڪهڙو ناٽڪ ڪيو اٿئي؟“
    ”ڦندڻ، يار مان مسڪين آهيان. غريب آهيان منهنجو گذر بسر اٿئي نوڪريءَ تي!“ وراڻيم،”ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي باري ۾ لکندس، ته سنڌ جا ايڪويهه دانشور خفي ٿيندا. منهنجي خلاف بيان ڏيندا. فتوائون ڏيندا ۽ مون کي نوڪريءَ مان ڪڍائي ڇڏيندا. مون کي بيروزگار ڪرائي بک ماري ڇڏيندا. سنڌ جا ملان رزاق کان اسان جي رزق جي ذميداري کسڻ جي چڪر ۾ آهن. اهڙين حالتن ۾ ماٺ چڱيءَ اٿئي، پيارا ڦندڻ.“ ● ■

    1975



    ● انهن ڏينهن ۾ ليکڪ ساڄي ۽ کاٻي ڌر ۾ وراهيل هئا. ۡکاٻي ڌر وارن کي ڪميونسٽ ۽ ڪافر سمجهيو ويندو هو. مرحوم حيدربخش جتوئيءَ کي مئي پڄاڻا به کاٻي ڌر جو ليڊر لکيو ويندو هو.



    ٻليءَ سان عشق

    ٻليءَ سان عشق

    ڪالهه مون پنهنجي پياري دوست، عامل ڪامل صحافي ڦندڻ کي هڪ خوبصورت ٻليءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو. بيگاني وقت ۾، بيگاني رستي تي، ڦندڻ جي ٻليءَ سان گفتگو به بيگاني هئي.
    مان يوڪيلپٽس جي وڻ جي اوٽ وٺي بيهي رهيس ۽ ڦندڻ جي ٻليءَ سان گفتگو ٻڌڻ لڳس.
    ڦندڻ چيو، ”جيڪي شخص سوچي سگهندا آهن، سي شخص بيپناهه محبت ۽ بيپناهه نفرت ڪري سگهندا آهن.“
    ٻليءَ ڪجهه نه چيو.
    ڦندڻ چيو، ”مون کي توسان محبت آهي. توکي مون سان محبت نه آهي. ان جي خبر سموري جڳ کي آهي. پر تنهن هوندي به مون کي تو سان محبت آهي.“
    ٻلي ماٺ رهي. ڦندڻ جو ٻڏندڙ ترندڙ آواز ٻڌندي رهي.
    ڦندڻ چيو، ”مان اداس، ويران ۽ هيڪلن رستن تي هليو ويندو آهيان. توکي ياد ڪندو آهيان. تون نه ملندي آهين. پر جڏهين ملندي آهين، تڏهن خاموش رهندي آهين.“
    خوبصورت ٻلي کيس ٻڌندي رهي.
    ڦندڻ چيو، ”مون وٽ پنهنجن جذبن جي اظهار لاءِ لفظ آهن، جملا آهن. مان تنهن ڪري بڪواس ڪندو رهندو آهيان. مان تنهنجو ڪزن نه آهيان. هوائي جهاز ۾ ويهي يورپ کان نه موٽيو آهيان. مان پاڻ سان ڪا ميم صاحب نه وٺي آيو آهيان. منهنجي ميم صاحب تون آهين.“
    ٻليءَ شوخ نگاهن سان ڦندڻ ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪڻ لڳي.
    ”تنهنجي مرڪ ۾ ڪشش آهي ــ پر عارضي ڪشش آهي.“ ڦندڻ چيو، ”تنهنجي مرڪ بي معنيٰ آهي ــ بي مقصد آهي.“
    ٻلي ناراض ٿي پيئي. ڦندڻ کان ٻه ــ چار قدم پري ٿي بيٺي.
    ڦندڻ چيو، ”محبت مفاصلن جي محتاج نه ٿيندي آهي. اهو روسي خلاباز، جيڪو خلائن ۾ دم ٽوڙي رهيو هو، تنهن جي زال زمين تي، هن کان هزارين ميل پري، هن لاءِ ڦٿڪي رهي هئي، هنجون هاري رهي هئي.“
    ٻليءَ ڪجهه ڪجهه اچرج وچان ڦندڻ ڏانهن ڏٺو.
    ”تون منهنجي زال ٿي نٿي سگهين، ڇو جو تون سوچي نٿي سگهين.“ ڦندڻ چيو، ”۽ مان توسان شادي ان لاءِ نٿو ڪري سگهان، ڇو جو مان سوچي سگهان ٿو.“
    ٻلي ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي.
    ڦندڻ چيو، ”تون ان ڪري کلين ٿي، ڇو جو ڪجهه به سمجهي نه ٿي سگهين. جيڪي انسان ڪجهه به سمجهي نه سگهندا آهن، سي سڄي عمر کلندا رهندا آهن، يا روئيندا رهندا آهن.“
    ٻليءَ وات تي هٿ رکي اوٻاسي ڏني.
    ڦندڻ چيو، ”منهنجي هڪ دوست جو نالو گدڙ آهي. هو هن بيگاني وقت ۾، بيگاني رستي تي، يوڪيلپٽس جي وڻ پٺيان بيٺو آهي ۽ اسان جي بيگاني گفتگو ٻڌي رهيو آهي.“ ■
    1975




    پهاڪن جي پڄاڻي

    پهاڪن جي پڄاڻي

    اسڪول ۾ هڪڙي دفعي استاد سائينءَ مون کان هڪ پهاڪي جي معنيٰ پڇي هئي. مان کيس معنيٰ ٻڌائي نه سگهيو هوس. اُستاد سائينءَ مون کي بينچ تي بيهاري ڇڏيو هو. منهنجي ڪلاس ۾ اڌو اڌ تعداد ڇوڪرين جو هو. ڇوڪرين جي سامهون بينچ تي بيهڻ ۾ مون ڏاڍو شرم محسوس ڪيو. دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته جڏهن وڏو ٿيندس، ان بيهودي پهاڪي کي ڪتابن مان خارج ڪرائيندس ۽ ايندڙ نسلن تي احسان ڪندس.
    مون هڪ پهاڪي کي ڪتابن مان خارج ڪرائڻ جو عزم ڪيو هو. پر، منهنجي ڪوشش کانسواءِ اڄڪلهه سمورا پهاڪا ڪتابن مان خارج ڪيا ويا آهن. مان سرهو آهيان. سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جي پهاڪن جي ڪتاب ”گل شڪر“ جون گذريل اٺن سالن● ۾ هڪ هزار ڪاپيون به وڪامي نه سگهيون آهن. پهاڪن جو مشهور ڪتاب ”گل شڪر“ اڄڪلهه اڏوهيءَ جو دلپسند کاڄ آهي. اُڏوهي سنڌ جي عالمن لاءِ دعاگو آهي. (مان به دعاگو آهيان. جيتوڻيڪ مان اُڏوهي نه آهيان.)
    جنهن پهاڪي جي معنيٰ نه ٻڌائڻ جي ڪري مان ڪلاس جي ويهارو کن ڇوڪرين آڏو بينچ تي بيهاريو ويو هوس، سو پهاڪو مون کي اڄ به ياد آهي، پر پهاڪي جي معنيٰ کان اڄ به بي خبر آهيان. اهو پهاڪو آهي:
    ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.“
    مون ان پهاڪي متعلق هڪ چور سان ڳالهايو. مون چور کان پڇيو، ”تنهنجي ماءُ ڪنڊ ۾ ڇو روئيندي آهي؟“
    ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته منهنجي ماءُ ڪنڊ ۾ روئيندي آهي؟“ چور مون کان پڇيو، ”ڇا تون جاسوسي ڊائجيسٽ پڙهندو آهين؟“
    چور جي غلط فهمي دور ڪندي چيم، ”مان ڪجهه به نه آهيان، فقط هڪ پهاڪي جي معنيٰ جو متلاشي آهيان.“
    چور مون کي مايوس ڪيو. مون کي پهاڪي جي معنيٰ ٻڌائي نه سگهيو. چيائين، ”مون کي خبر ڪونهي ته منهنجي ماءُ سڙڪن، چؤ واٽن ۽ بازارن بدران ڪنڊ ۾ ڇو روئيندي آهي.“
    هڪڙي ڏينهن مون هڪ پوڙهيءَ عورت کي ڪنڊ ۾ روئيندي ڏٺو. خوش ٿيم. پوڙهيءَ کان پڇيم، ”ڇا، تون چور جي ماءُ آهين، جو ڪنڊ ۾ پئي روئين؟“
    پوڙهي باهه ٿي ويئي. چيائين، ”چور هوندين تون. ڪنڊ ۾ روئيندي هوندي تنهنجي ماءُ.“
    آزي نيزاري ڪندي پوڙهيءَ کان پڇيم، ”ته پوءِ تون ڪنڊ ۾ ڇو پئي روئين؟“
    پوڙهيءَ اوڇنگار ڏني ۽ پوءِ سڏڪن ۾ چوڻ لڳي، ”پنهنجن هٿن سان پٽ کي پرڻايو هوم. اهڙي ننهن ڪيم جو منهنجي پٽ کي پٽيون پڙهائي، مون کان جدا ڪري ويئي آهي. هينئر ويٺي ڪنڊ ۾ روئان.“
    ”ان جو مطلب آهي، ته تون چور جي ماءُ ناهين ۽ اجايو ڪنڊ ۾ ويٺي روئين.“ چيم، ”مان وڃان ٿو، خدا حافظ.“
    آخر ۾ مون پنهنجي پياري دوست فدا حسين ڦودني کان مشهور پهاڪي، ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي،“ جي معنيٰ پڇي.
    فدا حسين ڦودني چيو، ”اسڪول ۾ بينچ تي ان ڪري بيهڻو پيو هوءِ جو تون ان پهاڪي جي معنيٰ ٻڌائي نه سگهيو هئين. وقت بدلجي ويو آهي. هينئر جيڪڏهن ان پهاڪي جي صحيح معنيٰ ۽ مفهوم ٻڌائيندين، ته پٽ اڇي ڏاڙهيءَ ۾ بينچ تي ابتو بيٺو هوندين! تنهن ڪري ان پهاڪي جي معنيٰ جي پچر ڇڏي ڏي.“ ■
    1975




    ڄمندي ڄام

    ڄمندي ڄام

    اسان جو دلبر سنگتي فدا حسين ڦودنو اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ وري اوچتو ئي اوچتو ظاهر ٿي پوندو آهي. ڪالهه رستي تي ملي ويو. پريشان پئي ڏٺو. ڪڇ تي ٽن ــ چئن سالن جو پٽ هجيس ۽ ذري گهٽ ڀڄندي پئي ويو. پٺيان سڏ ڪيو مانس. بيهي رهيو.
    پڇيو مانس، ”خير ته آهي ڦودنا، پرايو ٻار چورايو اٿئي ڇا؟“
    ڦودني چيو، ”پنهنجي ٻولي سڌار، گدڙ. چورائبيون شيون آهن. ٻار اغوا ڪبا آهن. بهرحال، هيءُ منهنجو پنجون نمبر پٽ آهي.“
    ٻولي سڌارڻ بابت مون سندس ٿورا مڃيا. پوءِ پڇيو مانس، ”پنهنجي پٽ کي کڻي ڪيڏانهن ڊوڙندو پيو وڃين؟“
    ”ڊاڪٽر ڏانهن.“
    ”خير ۾؟“
    ”منهنجو پنجون نمبر پٽ پائلي کائي ويو آهي.“
    ”پائلي، يعني چار آنا؟“
    ”هائو.“
    ”ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“ چيم، ”توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي، ڦودنا.“
    ”عجيب بيوقوف ماڻهو آهين!“ ڦودني چيو. ”منهنجو پٽ چار آنا کائي ويو آهي ۽ تون چوين ٿو ته اها وڏي ڳالهه ناهي!“
    ”هن عمر ۾ تنهنجو پٽ چار آنا نه کائيندو، ته ڇا چار هزار رپيا کائيندو؟“
    ”تون منهنجي پريشاني سمجهي نه سگهندين. مان ڊاڪٽر ڏانهن وڃان پيو.“
    ”مان تنهنجي پريشاني سمجهي سگهان ٿو.“
    ”ڌوڙ سمجهي سگهين ٿو.“
    ”تون چاهين ٿو ته تنهنجو پٽ ڄمندي ڄام هجي ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي سرڪاري فنڊ کائڻ شروع ڪري.“
    ”تو سان ته خدا پڄندو، گدڙ!“ ڦودني چيو، ”منهنجو پٽ چار آنا کائي ويو آهي، تنهن ڪري پيٽ ۾ سور اٿس.“
    ”شروعات ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.“ چيم، ”تون فڪر نه ڪر ڦودنا. تنهنجو پٽ انشاءَ الله چار آنا هضم ڪري ڇڏيندو.“
    ٻارڙو کلي پيو.
    ”ڏس!“ چيم، ”منهنجيءَ ڳالهه تان ٻارڙي کي به کل آئي آهي.“
    ڦودني غور سان پنهنجي ننڍڙي پٽ ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”هي ته سچ پچ کلي پيو. شايد پيٽ جو سور لهي ويو اٿس.“
    ”نه فقط پيٽ جو سور لهي ويو اٿس، پر وڏي صفائيءَ سان چار آنا به هضم ڪري ويو آهي.“ ڦودني کي چيم، ”توکي خوش ٿيڻ گهرجي ڦودنا، ته تنهنجو پٽ ڄمندي ڄام آهي.“
    ٻارڙو تاڙيون وڄائي کلڻ لڳو. ■
    1975




    مٿي جو ڌڪ

    مٿي جو ڌڪ

    ڦندڻ ۽ مان پهه پچائي رهيا هئاسين.
    اسان جي پاڙيسريءَ جو ٻار ڊوڙندو، واءُ ويلا ڪندو اسان جي گهر ۾ ڪاهي آيو. ان کان اڳ جو هو ڪجهه ڳالهائي، ڦندڻ کانئس پڇيو،”اڙي ڇورا، ڪٿي ڪو افسانو ڇپرايو اٿئي ڇا!“
    ڇوڪري ڪنڌ سان انڪار ڪيو.
    ڦندڻ کانئس پڇيو،”ڪا شاعري ڪئي اٿئي ڇا؟“
    هن انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”ته پوءِ ڀڄندو ڇو پيو وتين!“ ڦندڻ چيو،”جيڪڏهن سنڌي اديب ناهين، ته پوءِ سمجهه ته مزي ۾ آهين“.
    ٻار جو ساهه جائيتو ٿيو. هن چيو،”منهنجي پيءُ کي مٿي تي ڌڪ لڳو آهي“.
    ”مٿي جي ڌڪ جو فڪر نه ڪبو آهي، ٻارڙا“. ڦندڻ چيو،”فقط دل جو ڌڪ پنائي رکندو آهي“.
    ٻار چيو،”منهنجو پيءُ پنهنجي يادگيري وڃائي ويـٺو آهي. کيس ڪجهه به ياد نه ٿو اچي.“
    ان کان پوءِ ٻارڙي نهايت دردناڪ پيرائي ۾ پنهنجي پيءُ جي ڌڪ جو ذڪر ڪيو، ۽ ٻڌايو ته ڪيئن وهنجندي هو ڪري پيو، مٿي ۾ نلڪو لڳس ۽ يادگيري وڃائي ويٺو.
    مون ڦندڻ کي چيو،”اسين جيئن ته ثواب جو ٻيو ڪو به ڪم نه ڪندا آهيون، تنهن ڪري اچ ته پاڙيسريءَ جي مدد ڪري ثواب ڪمايون.“
    ڦندڻ ۽ مان پاڙيسريءَ جي گهر وياسين. پاڙيسريءَ اسان کان پڇيو،”توهين ٻئي ڪير آهيو؟“
    مون وراڻيو،”اسين تنهنجا پاڙيسري آهيون.“
    ”مان توهان کي نه ٿو سڃاڻان،“ هن هڪدم چيو.
    ”تنهنجو پٽ اسان کي وٺي آيو آهي.“ مون پاڙيسري کي چيو،”توکي مٿي تي ڌڪ لڳو آهي.“
    ”ڪير ٿو چوي مونکي مٿي تي ڌڪ لڳو آهي.“ هن پڇيو.
    کيس ٻڌايم،”تنهنجو پٽ ٿو چوي.“
    ”منهنجو پٽ!“هن پڇيو،”ڪٿي آهي منهنجو پٽ؟“
    ٻار هڪدم چيو،”بابا مان تنهنجو پٽ آهيان، اندر امان ويٺي آهي ۽ روئي رهي آهي.“
    پڇيائين،”روئي رهي آهي، ڇو؟“
    ”ڇو جو تون پنهنجي يادگيري وڃائي ويٺو آهين.“ ٻار چيو،”توکي ڪجهه به ياد نه ٿو اچي. مان تنهنجو پٽ آهيان.“
    ”تون مونکي خرڪارن جو ٻار ٿو لڳين.“هن چيو،”تون منهنجو پٽ ناهين.“
    ٻار روئڻ لڳو. اندران سندس ماءُ جي روئڻ جو آواز اچڻ لڳو.
    ڦندڻ مونکي چيو،”فلمن ۾ جڏهين هيري جي يادگيري مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب غائب ٿي ويندي آهي، تڏهن هيري جي مٿي تي ٻئي ڌڪ لڳڻ سان سندس يادگيري موٽي ايندي آهي. ڇو نه اسين به پاڙيسريءَ جي مٿي تي هڪڙو ٻيو ڌڪ وهائي ڪڍون!“
    ”ڌڪ لڳڻ سان مري پوي ته پوءِ!“ مون سندس صلاح رد ڪندي چيو ،”منهنجو خيال آهي ته ڊاڪٽر زيڊ کان سندس علاج ڪرايون.“
    ”زيڊ بيڪار آهي.“ ڦندڻ چيو،”ڊاڪٽر ايڪس وڌيڪ هوشيار ۽ تجربيڪار آهي.“
    ”ڊاڪٽر ايڪس تمام ڳري في وٺندو آهي. ٽن مهينن کان پوءِ ته مون کي مسين مسين پگهار ملي آهي.“ پاڙيسريءَ چيو،”توهين ڊاڪٽر زيڊ کي وٺي اچو. سستو ڊاڪٽر آهي.“
    ڦندڻ ۽ مون عجب وچان هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
    پاڙيسريءَ چيو،”في الحال رمضان جي مهانگائي جو ڌڪ بچائڻو آهي. تنهنڪري توهين منهنجي مٿي جي ڌڪ جو فڪر نه ڪريو، وڃو. مان بلڪل ٺيڪ آهيان. فقط پنهنجي يادگيري وڃائي ويٺو آهيان.“ ■
    1975




    آل سنڌ بيپير ايسوسئيشن

    آل سنڌ بيپير ايسوسئيشن

    هڪڙي ڏينهن پنهنجي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ کي سوچ ۾ غلطان ڏٺم. پڇيومانس،”ڪهڙن پورن ۾ پيو آهين، ڦندڻ؟“
    ڇڙٻ ڏيندي چيائين،”مٿو نه کاءُ. هي وٺ پائلي، وڃي ڇولا کاءُ.“
    ”يار ڏاڍو ڪو ڪنجوس آهين.“ مون کانئس پائلي وٺندي چيو،”هڪ رپيو نٿو ڏئين!
    ”اڄ ڪلهه مٿي جي قيمت فقط پائلي آهي.“ ڦندڻ چيو، ”پائلي کڻي گم ٿي وڃ، ۽ مونکي سوچڻ ڏي.“
    ”ڇا پيو سوچين؟“ پڇيومانس،”سون ٺاهڻ جي ترڪيب ته نه پيو سوچين؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”مان علم عمرانيات بابت سوچي رهيو آهيان.“
    ”اهو علم عمرانيات ڇا آهي؟“
    ”جنهن کي انگريزيءَ ۾ Sociology چئبو آهي.“
    ”ڪنهن خاص مسئلي تي پيو سوچين ڇا؟“
    ”ها.“
    ”مان مدد ڪريانءِ؟“
    ”تون موڳو مٽر آهين“
    ”مٽر به اڄ ڪلهه مهانگو آهي، ڦندڻ تون. مسئلو ٻڌاءِ، مان تنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”مفت ۾؟“
    ”بلڪل مفت ۾.“
    ”ته پوءِ نهايت غور سان ٻڌ.“
    ”ٻڌاءِ“
    ”مان هڪ جماعت يا ايسوسيئيشن ٺاهڻ جي ترڪيب سوچي رهيو آهيان.“
    ”ڪهڙي قسم جي جماعت؟ سياسي؟“
    ”نه“
    ”ته پوءِ“
    ”جيئن ٻيون جماعتون ۽ ايسوسيئيشن وبا وانگر سنڌ ۾ اڀري رهيون آهن. تيئن مان به ڪا ايسوسيئيشن يا جماعت ٺاهڻ جي موڊ ۾ آهيان.“
    ”مثال طور.“
    ”جيئن سومرا ايسوسيئشن آهي، چانڊيا برادري آهي، ڪلمتي جماعت آهي،۽. . . . . “
    ”۽ ابڙا ايسوسيئيشن، شيخ ايسوسيئيشن، کوسا جماعت، مستوئي آرگنائيزيشن. . . . . . ۽ . . . . . “
    بس، بس، بس. ان قسم جي ڪا جماعت ٺاهڻ جي موڊ ۾ آهيان.“
    ”ميمبر ڪٿان آڻيندين؟“
    ”تون منهنجي جماعت جو ميمبر نه ٿيندين؟“
    ”ٿيندس، پر اسين پنهنجي جماعت جو نالو ڪهڙو رکنداسين؟“
    ”اهو ئي مسئلو آهي بابا، ته اسين نه آهيون، قاضي، نه آهيون قريشي، اسين نه آهيون مير، نه آهيون پير.“
    ”ترس- نالو ٻڌ. آل سنڌ بيپير ايسوسيئيشن! ڪيئن رهندو؟“
    ”نالو ته سٺو آهي.“
    ”بس، ته پوءِ اسين آل سنڌ بيپير ايسوسيئيشن جي ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا، ۽ ڏيڍ سر جي مسيت ٺاهيون ٿا.“ ■
    1975




    بـوٽ

    بـوٽ

    مون ڪيترن ڏينهن کان پنهنجي عامل ڪامل دوست ڦندڻ جي باري ۾ ڪجهه نه لکيو آهي. ڦندڻ (عامل ڪامل صحافي) منهنجو جگري دوست آهي. هن سان مون پنهنجي زندگيءَ جا اڻوسرندڙ لمحا گذاريا آهن. اسان جا ڏينهن ڏونگر ڏوريندي گذريا آهن، اسان جون راتيون گردش ۾ گذريون آهن. اسان ٻنهي موت کي ڀاڪر ۾ ڀري ڏٺو آهي. اسان ٻنهي زندگيءَ کي آزمائش جي سوريءَ تي لٽڪايو آهي. مان جيڪڏهن ڦندڻ جي باري ۾ روزانو لکڻ شروع ڪريان، ته جيڪر ناول لکي ويهي رهان! سوچيندو آهيان ته هفتي ۾ هڪ ڪالم ڦندڻ جي باري ۾ ضرور لکندس، ۽ ماضيءَ جي سونهري گهڙين کي ياد ڪري حال کي پرچائينديس. پر پوءِ پنهنجيءَ بدحواسيءَ سبب پنهنجي فيصلي ۽ سوچ کي وساري ويهندو آهيان. پر، اڄ مان ڦندڻ جي باري ۾ ڪالم لکندس.
    مون کي ڦندڻ ياد آيو آهي. شدت سان ياد آيو آهي.
    ڦندڻ هڪ دفعي بوٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ڪجهه دوستن صلاح ڏنس ته اڄ ڪلهه نئون بوٽ اسان مولائين جي پهچ کان ٻاهر آهي. تنهنڪري جهوني مارڪيٽ مان کيس پراڻي بوٽ جي جوڙي خريد ڪرڻ گهرجي. ڦندڻ سخت اعتراض ڪيو. چيائين ته پيرين اگهاڙو گهمندس. پر پراڻو بوٽ هرگز نه وٺندس. دوستن پڪ ڏياريس، ته جهوني مارڪيٽ مان ملندڙ پراڻا بوٽ هروڀرو پراڻا نه هوندا آهن ۽ ڪي ڪي بوٽ ته ڏاڍي چڱي حالت ۾ هوندا آهن، خاص ڪري اُهي بوٽ پائڻ وٽان هوندا آهن، جيڪي مسجدن مان چورائجي جهوني مارڪيٽ ۾ وڪامڻ ايندا آهن. پر ڦندڻ نه مڙيو. چيائين، کيسو گرم آهي. وٺندس ته نئون بوٽ وٺندس. پراڻو بوٽ هرگز نه وٺندس.
    ان سلسلي ۾ ڦندڻ جڏهن مون کان صلاح ورتي، تڏهن کيس مشورو ڏيندي چيم، ته اسين پاڻ پراڻا ٿي ويا آهيون، تنهنڪري اسان کي بوٽ به پراڻو وٺڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تون هڪ جوڙي بوٽ جي ڪنهن مسجد يا عيدگاهه مان چورائين ته پوءِ خريد ڪرڻ جي خفي کان به بچي پوندين.
    منهنجيءَ ڳالهه تان ڦندڻ کي مٺيان لڳي. مون کي ڪنڌ کان وٺندي چيائين، ته نئون بوٽ وٺندس ۽ توکي رٻڙ وارو هوائي چمپل وٺي ڏيندس. مان خوش ٿيس. انهن ڏينهن ۾ منهنجي بوٽ جو ترو غائب ٿي ويو هو، ۽ منهنجا پير ڌرتيءَ کي ڇوهڻ لڳا هئا.
    ڪجهه دڪانن تي نوس نوس ڪرڻ، ۽ بوٽن جون بيهوش ڪندڙ قيمتون ٻڌڻ ۽ تنهن هوندي به هوش ۾ رهڻ کان پوءِ اسين هڪ ٻاڪڙي هوٽل تي وڃي ويٺاسين.
    ڦندڻ مونکان پڇيو،”ڪجهه بوٽن جي کڙي وڏي ڇو هوندي آهي.“ وراڻيم،”هرڪو بندرو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن کيتر ۾ پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن قسم جو وڏيءَ کڙي وارو بوٽ استعمال ڪندو آهي.“
    پوءِ ڦندڻ مون کان پڇيو،”تنهن جو قد ڏاڍو بندرو آهي گدڙ، تون به وڏيءَ کڙيءَ وارو بوٽ ڇو نه ٿو استمعال ڪرين؟“
    ”وڏيءَ کڙيءَ وارو بوٽ وٺـڻ منهن جي وس کان ٻاهر آهي.“ چيم،”هڪ دفعي اوڌر تي وڏيءَ کڙيءَ وارو بوٽ ورتو هيم، لڦ ڪري وڌائين.“
    ”مجنونءَ کي جيڪڏهن سوڙهو بوٽ پارائين ها ته کانئس جيڪر ليليٰ جو عشق غائب ٿي وڃي ها.“ ڦندڻ پڇيو.”۽ ڀلا ڪجهه بوٽ چيڪاٽ يا چيچاٽ ڇو ڪندا آهن؟“
    چيم،”اسين جڏهن ٻئي ڪنهن نموني ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي نه سگهندا آهيون، تڏهن چيچاٽن وارو بوٽ پائي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي وٺندا آهيون.“ ■
    1976




    منهنجي پڄاڻان

    منهنجي پڄاڻان

    اونڌي ٿيل بس، مئل ماڻهن ۽ زخمين جون تصويرون اخبار ۾ ڇاپيون هئائون. مون تصويرون ويٺي ڏٺيون. منهنجو عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ منهنجي پاسي ۾ اچي بيـٺو. پڇيائين،”ڇا پيو ڏسين؟“
    ”ڏسان پيو ته اُنهن حسرتن ۽ تمنائن جون تصويرون ڪٿي آهن، جيڪي بس جي حادثي ۾ اوچتو ئي اوچتو ناتمام رهجي وينديون آهن!“ مون ڦندڻ ڏانهن ڏسندي چيو،“انهن خوابن جي تصوير پيو ڳوليان، جن کي تعمير نه ملندي آهي.“
    ڦندڻ چيو،”تون جڏهن ڪنهن حادثي ۾ مري ويندين، تڏهن اسين تنهنجو پوسٽ مارٽم نه ڪرائينداسين.“
    مونکي کل نه آئي، ڦندڻ کان پڇيم،”حادثي ۾ مرڻ کان پوءِ پوسٽ مارٽم ضروري هوندو آهي ڇا؟“
    ”ها.“ ڦندڻ چيو، پر تنهنجي معاملي ۾ اسين پوليس کي پئسا کارائي تنهنجو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلڻ نه ڏينداسين.“
    پڇيومانس،”پوءِ ڇا ڪندين؟“
    ڦندڻ چيو،”تنهنجو لاش اسين گهر کڻائي وينداسين.“
    کلندي کانئس پڇيم،”منهنجي قبر تي پڙ چاڙهي، لوبان ۾ اگر بتيون ٻاري منهنجو مجاور ٿي ويهندي ڇا؟“
    ”تون ڀليل آهين، پيارا گدڙ“ ڦندڻ چيو،”تو ۽ مون جهڙن، چوڙهن، چمارن، ڪولهين ۽ اوڏن کي مرڻ کان اڳ، ۽ مرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو به پير ڪري نه پوڄيندو آهي. سنڌ ۾ پيرن وانگر پاڻ پوڄائڻ لاءِ ٻين ڪواليفڪيشنس جي ضرورت هوندي آهي.“
    ”۽ ظاهر آهي ته اهي ڪواليفيڪشنس اسان منجهه نه آهن.“ مون ڦندڻ کان پڇيو،”پيارا، ته پوءِ تون منهنجي لاش سان ڪهڙي تعدي ڪندين؟“
    ”تون نڪ جو بيحد پڪو آهين.“ ڦندڻ چيو،”تون جيئرو هوندي تعدين تي هري ويو آهين. مرڻ کان پوءِ تعدين سان ڌوڙ سڌرندين!“
    ”لاش کي ڇا ڪندين؟“
    ڦندڻ جي چپن تي بدمعاشن واري مرڪ تري آئي. چيائين،”اسين تنهنجي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪنداسين.“
    مان ٽهڪ ڏيئي کلي پيم، چيم،”ان ڪم لاءِ اسپتالن جا نيم ڊاڪٽر گهٽ آهن ڇا!“
    ”ڊاڪٽر تنهنجي جسم جو پوسٽ مارٽم ڪري سگهندا جيڪو بيسود آهي.“ ڦندڻ چيو،”اسان کي تنهنجي صحتمند جسم سان ڪابه همدردي، ڪابه دلچسپي نه آهي.“
    پڇيومانس،”ته پوءِ ڪهڙي مطلب سان منهنجو پوسٽ مارٽم ڪندين؟“
    ”تون وڏو ڦڏائي آهين ۽ پراسرار زندگي گذاريندو آهين.“ ڦندڻ چيو،”اسين تنهنجي ذهن جو، دل جو، دماغ جو پوسٽ مارٽم ڪنداسين.“
    پڇيم، ”ڇو؟“
    ”تنهنجي دماغ ۾ گند آهي، تنهنجو ذهن ڪنهن جي تصور سان آباد آهي، ۽ تنهنجيءَ دل ۾ ڪنهن جي مسلسل ياد آهي.“ ڦندڻ چيو،”ان کان سواءِ تون پنهنجي وجود ۾ وڏا وڏا راز، مبهم مبهم خواب، ۽ يادگيرين جا سفرنامه لڪائي رکيا آهن. اسين توکي ايڪسپوز ڪنداسين. توکي ڏٺو ڪنداسين.“
    پڇيومانس،”منهنجو دوست آهين يا دشمن؟“
    جواب ڏنائين،” مان تنهنجو دشمن آهيان.“
    چيم،”ته پوءِ تون مون کي ايڪسپوز ڪري نه سگهندين. منهنجن خوابن کي، رازن کي وائکو نه ڪندين.“
    حيرت وچان پڇيائين،”ڇو؟“
    چيم،”اهو ڪم دوستن جو آهي.“ ■
    1976




    چورن مٿان مور

    چورن مٿان مور


    اسان جي دوست، سڄڻ ۽ ساٿيءَ سعديءَ جي چوري ٿي وئي آهي. چور سندس گهر مان ريڊيو. ٽيپ رڪارڊ، رڪارڊ پليئر، زيور، ڪپڙا ۽ ڪتاب ٻوهاري ويا آهن. سعديءَ پوليس ۾ رپورٽ ڪئي آهي. خدا شل کيس هينئر پوليس کان امان ۾ رکي.
    هڪ دفعي اسان جي پياري دوست عامل ڪامل صحافي ڦندڻ جي چوري ٿي ويئي هئي. چور وڏا شاهينگ هئا. ڦندڻ پليٽ ۾ پڪوڙا ڍڪي رکيا هئا. چور ويندي ويندي پاڻ سان پڪوڙن جي پليٽ به کڻي ويا. ڦندڻ ڊوڙ پائي پوليس ٿاڻي تي وڃي رپورٽ لکائي آيو. شام جو هڪ سپاهي سندس گهر تي آيو ۽ پوءِ هيٺين قسم جي گفتگو ٻنهي جي درميان هلي.
    ”اسلام عليڪم.“
    ”وعليڪم اسلام.“
    ”اسان ٻڌو آهي ته توهان جي چوري ٿي آهي.“
    ”مون ٿاڻي تي رپورٽ لکائي ڇڏي آهي.“
    ”مان پڻ ان سلسلي ۾ آيو آهيان.“
    ”حڪم ڪريو.“
    ”اڄ رات صوبيدارصاحب جانچ تي اوهانجي گهر ايندا.“
    ”ڀل اچي، مان گهر تي ئي هوندس.“
    ”صوبيدار صاحب رات جي مانيءَ ۾ ڪڪڙ پسند ڪندو آهي.“
    ”ڪڪڙ مونکي به وڻندو آهي، پر مان کائي نه سگهندو آهيان.“
    ”جانچ ڪندي صوبيدار صاحب کي جيئن ته ڪافي دير ٿي ويندي، تنهن ڪري ماني توهان وٽ ئي کائيندا.“
    ”صوبيدار صاحب ماني مون وٽ کائيندو!“
    ”ها. پر اهو اڪيلو نه هوندو. مشير نامي لاءِ ٻه مشير، ٻه اي ايس آءِ ۽ ٻه سپاهي پڻ صوبيدار صاحب سان گڏ هوندا.“
    ”هو سڀئي ڪڪڙ پسند ڪندا آهن؟“
    ”ها. گولڊ ليف سگريٽن جا اٺ پاڪيٽ به گهرائي رکجانءِ.“
    ”گولڊ ليف سگريٽ!“
    ”جاني واڪر، بليڪ ڊاگ يا واٽ 69 جون ڇهه بوتلون به گهرائي وٺجانءِ.“
    ڦندڻ پنهنجيءَ پيشانيءَ تان پگهر اُگهيو.
    سپاهيءَ چيو،”صوبيدار صاحب صبح کان هڪ ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪندو آهي ۽ رات جو جنهن به فرياديءَ جي دانهن ٻڌڻ ۽ جانچ ڪرڻ ويندو آهي، تنهن کان ٽيڪسيءَ جو ڀاڙو ڀرائيندو آهي. ڀاڙو وڌيڪ نه هوندو آهي. بس اهو ئي ڪو ٻه اڍائي سئو رپيا ٿيندو آهي.“ ٭
    مونکي خبر ڪونهي، ته سعدي به اهڙي دلچسپ تجربي مان لنگهيو آهي يا نه. منهنجي دعا آهي ته خدا شل کيس چورن بدران پوليس کان امن ۾ رکي.
    اتفاق سان ڦندڻ جو سامان لڀي پيو هو. صوبيدار صاحب کيس پوليس اسٽيشن تي گهرايو. اتي جيڪا گفتگو هلي سان هن ريت هئي.
    ”ڇا هي ٽيپ رڪارڊ توهان جو آهي.“
    ”ها، ها صوبيدار صاحب. اهو ٽيپ رڪارڊر منهنجو آهي.“
    ”پڪ؟“
    ”بلڪل پڪ سائين.“
    ”هن ٽيپ رڪارڊر جي تو وٽ رسيد آهي؟“
    ”نه سائين.“
    ”هن ٽائيپ رڪارڊر جي رسيد تو وٽ ناهي!“
    ”نه سائين.“
    ”پوءِ هيءُ ٽيپ رڪارڊر توکي نه ملندو.“
    ”ڇو سائين.“
    ”ڪهڙي خبر چوريءَ جو هجي.“
    ”پر سائين. . . .“
    ”۽ هيءَ ڪينن جي ڪيميرا به توهان جي آهي؟“
    ”ها سائين.“
    ”هن ڪيميرا جي رسيد اٿئي؟“
    ”اها ڪيميرا مون جاپان ۾ ورتي هئي.“
    ”جاپان ۾ ورتي هيئه يا چين ۾. ان سان اسان جو واسطو ناهي. هيءَ ڪيميرا به چوريءَ جي ٿي لڳي.“
    مون کي خبر ڪونهي ته سعديءَ کي آخر ۾ ان قسم جي گفتگو سان واسطو پوندو، يا هو پنهنجي چوري ٿيل سامان تان هٿ کڻندو!● ■

    1976




    ● ان دور جا ٻه آڍائي سو رپيا اڄ ڪلهه جي ڏهه پندرهن هزار رپين برابر سمجهي سگهجن ٿا.



    آئيندي جو اونو

    آئيندي جو اونو

    هڪ دفعي ڦندڻ ۽ مان اونهي سوچ ۾ غلطان هئاسين. اسين پنهنجي آئيندي يعني مستقبل لاءِ فڪرمند هئاسين. لفظي معنيٰ مطابق اسين پنهنجي مستقبل لاءِ فڪرمند نه هئاسين. بس، سمجهو کڻي ته اسين ٻئي پنهنجي آئيندي متعلق سوچي رهيا هئاسين.
    ڦندڻ چيو،”اسين جيئن آهيون، جهڙا آهيون، تهڙا رهنداسين.“
    پڇيومانس،”اهڙي سياسي بيان لاءِ ڪو دليل به اٿئي، يا فقط ڦڙٻاٽيون ويٺو هڻين!“
    ڦندڻ چيو،”خميسو خان جڏهن مڇن جي ساوڪ سان هو، تڏهن به الغوزا وڄائيندو هو، ۽ اڄ جڏهن هو خضاب استعمال ڪري رهيو آهي، تڏهن به الغوزا وڄائي رهيو آهي.“
    ڦندڻ کان پڇيم،”لکڻ ۽ الغوزي وڄائڻ جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟“
    جواب ڏنائين،”لکڻ جو جيستائين طبيعت جي رحجان سان تعلق آهي، تيستائين لکڻ ۽ الغوزي وڄائڻ ۾ ڪو فرق ڪونهي. ٻئي آرٽ آهن.“
    چيم، ”لفظن جي اجائي تگڙمبازي نه ڪر.“
    ڦندڻ ڪاوڙجي پيو. مون کان پڇيائين،”تون لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ڪم ڪري سگهندو آهين؟“
    وراڻيم، ”ڪو به نه.“
    پڇيائين،”ڇو؟“
    جواب ڏنم،” ڇو جو مان ٻئي ڪنهن به ڪم جي لائق نه آهيان.“
    ”سبب؟“
    ”سبب جي مون کي خبر ڪونهي.“
    ”مطلب ته تون لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو آهين.“
    ”ها.“چيم، ”مان لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪري نه سگهندو آهيان.“
    ”خميسو خان پڻ الغوزي وڄائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪري نه سگهندو آهي.“ ڦندڻ چيو، ”اهو طيبعن جو رحجان آهي، جو تون لکڻ کان سواءِ ٻئي ڪم لاءِ بيڪار آهين، ۽ خميسو خان الغوزي وڄائڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪم لاءِ بيڪار آهي.“
    ان وقت مونکي پاڪستاني ثقافت جو شو بوائي Show Boy ياد آيو. هو ٽيليويزن تان خميسي خان، عالم لوهار ۽ فيض محمد بلوچ جا پروگرام پيش ڪندو هو، ۽ پوءِ ڏسنديئي ڏسندي هو پاڪستان جي چئن صوبن جي ريتن رسمن، تهذيب تمدن، موسيقي ۽ ثقافت جو ٺـيڪيدار ٿي پيو. هن وقت هو پاڪستاني ثقافت جو ڏاڏو آدم آهي.
    مون ڦندڻ کان پڇيو، ”تون لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ڪم ڪري سگهندو آهين.“
    ٺهه پهه جواب ڏنائين، ”مان ڪوڙ ڳالهائي سگهندو آهيان.“
    چيم،”بڪواس پيو ڪرين.“
    پڇيائين،”ڇو؟“
    وراڻيم، ”ڪوڙ ڳالهائڻ وارا تو وانگر ٻاڪڙن جي چانهه ۽ لنڊي بازار جي ڪپڙن تي گذارو نه ڪندا آهن.“
    پڇيائين،”ته پوءِ ڪوڙ ڳالهائڻ وارا ڇا ڪندا آهن؟“
    ”مزا ماڻيندا آهن.“ جواب ڏنم،”ڪوڙ ڳالهائڻ وارا سچ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي اڳتي نڪري ويندا آهن.“
    ڦندڻ چيو، ”مان به اڳتي نڪري ويو آهيان.“
    پڇيم،”ڇا ۾؟“
    جواب ڏنائين، ”ڪوڙ ڳالهائڻ ۾،“
    چيم، ”اهو به تنهنجو ڪوڙ آهي.“
    پڇيائين، ”مڃين ٿو نه، ته مان ڪوڙو آهيان.“
    مون کيس جواب نه ڏنو. ■
    1976




    محبت ۽ مرڻ

    محبت ۽ مرڻ

    منهنجي پياري دوست ڦندڻ زندگيءَ ۾ لاتعداد محبتون ڪيون آهن. هڪ محبت ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، هو اڻپوري محبت جي تلافيءَ لاءِ هڪ ٻئي محبت ڪري وٺـندو آهي. ڦندڻ جي هرڪا محبت سنجيده نوعيت جي هوندي آهي. پنهنجي گذريل محبت ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هو مون وٽ آيو. چيائين، ”گدڙ، دوکي باز دنيا مان دل کٽي ٿي پيئي آهي. هينئر خودڪشي ڪبي.“
    دلداري ڏيندي چيومانس”في الحال خودڪشيءَ جو پروگرام ملتوي ڪر، ۽ مون کي ٻڌاءِ ته ڇوڪريءَ توکي ڇو ٺڪرايو آهي، يا سندس خوفناڪ مامي؟“
    ٻه چارٿڌا ساهه کڻڻ کان پوءِ ڦندڻ چيو،”ڇوڪريءَ مون کان ڪجهه سوال پڇيا. مان انهن سوالن جا اطمينان بخش جواب ڏيئي نه سگهيس. ڇوڪريءَ چيو ته تو منهنجن سوالن جا اطمينان بخش جواب نه ڏنا آهن، تنهن ڪري مان مولابخش سان شادي پئي ڪريان.“
    پڇيم، ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
    جواب ڏنائين، ”سڀاڻي گل صنوبر رخشيءَ جي شادي مولابخش سان ٿي رهي آهي.“
    مون ڦندڻ کي چيو،”وڏو ڪو بيشرم آهين، هڪ ئي مهل ٽن ڇوڪرين سان محبت ڪري رهيو آهين.“
    ڦندڻ چيو،”گل صنوبر رخشي هڪ ئي ڇوڪريءَ جو نالو آهي.“
    ڪجهه دير تائين حيران ٿيڻ کان پوءِ مان جڏهن پريشان ٿي نه سگهيس، تڏهن ڦندڻ کان پڇيم،”گل رخشي صنوبر توکان ڪهڙي قسم جا سوال پڇيا هئا.“
    ”گل رخشي صنوبر نه يار.“ ڦندڻ احتجاج ڪندي چيو، ”هن جو نالو گل صنوبر رخشي آهي.“
    ”آئي ايم سوري .“ پڇيم”گل صنوبر رخشيءَ توکان ڪهڙي قسم جا سوال پڇيا.“
    ”هن پڇيو ته سائي ساڙهيءَ تي شام جي وقت ڪهڙي لپ اسٽڪ استعمال ڪبي آهي.“
    ”تو ڇا چيو؟“
    ”خاموش رهيس.“
    ”ٻيو ڇا پڇيائين.“
    ”پڇيائين ته تفريح لاءِ ميامي بيچ سٺو آهي، يا هوائي.“
    ”ڪهڙو جواب ڏنوسين؟“
    ”چيم مون کي خبر ڪونهي.“
    ”پوءِ ڇا پڇيائين.“
    ”پڇيائين ته بنگلي جي ٻاهرين پاسي ڪهڙا رنگ هڻائجن جو اونهاري سياري ٺاهوڪا پيا لڳن.“
    ”ڇا چيوسين؟“
    ”چيومانس ته مان پنهنجي پياري دوست گدڙ سان هڪ ڪچي گهر ۾ رهندو آهيان.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇا!“ ڦندڻ چيو،”ناراض ٿي پيئي. چيائين ته مان هڪ ڪنگلي شاعر، اديب ۽ صحافيءَ سان هرگز محبت نه ڪنديس ۽ پوءِ هن مونکي صلاح ڏيندي چيو ته وڃي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏس.“
    پڇيومانس، ”آئيني ۾ شڪل ڏٺئه.“
    ”ها، ڏٺم.“ ڦندڻ چيو،”ڀڳل آئيني ۾ پنهنجو ڀڳل عڪس ڏٺم.“
    پڇيومانس، ”هينئر ڇا سوچيو اٿئي؟“
    وارڻيائين،”سوچيو اٿم ته خودڪشي ڪريان.“
    پڇيم،”زهر کائي مرندين يا پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻندين؟“
    جواب ڏنائين، ”سنڌي ۾ افسانو لکندس. مونکي پاڻهيئي ڦاهي ڏئي ڇڏيندا.“ ●■
    1976




    ● ان دور ۾ سنڌي ليکڪن لاءِ حڪومت رڻ ٻاري ڏنو هو.



    زلزلو

    زلزلو

    ڌڻي بخش ڌني جو هڪ مامو ڏاهو آهي. ڏاڍو مشهور آهي. ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو آهي. ڳجهارتون سليندو آهي، پوشيده رازن تان پڙدو کڻندو آهي. مطلب ته ڌڻي بخش ڌني جو مامو غضب جو ڏاهو آهي.

    هيءَ ڪالهوڪي آهي.
    ڌڻي بخش ڌنو مون وٽ آيو. چيائين، ”جاتيءَ ۾ ڌرتيءَ جو ڌٻڻ پراسرار راز ٿي پيو آهي تنهن ڪري ماما ڏاهي کان ان آفت بابت ڪا معلومات هلي هٿ ڪجي.“
    مون ڌني کان پڇيو،”تنهنجو مامو جيالاجسٽ آهي ڇا؟“
    ڌني وراڻيو، ”منهنجو مامو جيالاجسٽن جو بابو آهي.“
    چيم،”ان جو مطلب آهي ته سڀئي جيالاجسٽ تنهنجا ماروٽ آهن!“
    ”بڪواس بند ڪر.“ ڌني مونکي مڪ ڏيکاريندي چيو،”سڌو ٿي ماما ڏاهي ڏانهن هل، ملڪ پيو ڌٻي ۽ توکي اچي مشڪريءَ کنيو آهي.“

    اسين مڪن کان اهڙو ته هيسجي ويا آهيون، جو جيڪو صاحب هڪ مڪ ڏيکاريندو آهي، تنهن صاحب جي سلامي ڀريندا آهيون. جيڪو صاحب مڪ الاريندو آهي، تنهن صاحب سان سچار ٿيندا آهيون ۽ چيلن وانگر سندس ڪڍ لڳندا آهيون. ڌڻي بخش ڌني مونکي نه فقط مڪ ڏيکاري بلڪ هن مونتي مڪ اُلر پڻ ڪئي. منهنجي لاءِ ٻي ڪا واهه نه هئي، مان ڌني سان گڏ سندس ڏاهي مامي وٽ ويس.

    ڌني پنهنجي ڏاهي مامي کي سربستو احوال ڏيندي چيو، ”ماما، جاتيءَ جي ڌرتي پئي ڌٻي. ڪو الاهي اسرار آهي، يا ٻيو ڪو سبب آهي. اسان کي ڪا خبر نه آهي. تون ڏاهو آهين. ڌرتيءَ ۾ آسمان جي رازن کان واقف آهين. تنهن ڪري انهن ماهرن جي مدد ڪر، جيڪي جاتيءَ ۾ ڌرتيءَ ڌٻڻ جو راز ڪراچيءَ جي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي هٿ ڪري رهيا آهن.“
    مامي غور سان ڌني ڏانهن ڏسندي پڇيو،”تنهنجي سالياني تقرير ختم ٿي، يا اڃا جاري رهندي؟“
    ڌني ڪياڙي کنهندي چيو، ”منهنجي تقرير ختم ٿي.“
    ڏاهي مامي مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”جاتيءَ جي زلزلي جو راز ڪو پيچيده ناهي، صاف ظاهر آهي.“
    ”سو وري ڪيئن ماما؟“ ڌني حيران ٿيندي پڇيو.
    ڏاهي مامي غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو،”جنهن شهر ۾ هيءُ رڇ رهندو، تنهن شهر ۾ زلزلو نه ايندو، ته ڇا گلاب جو مينهن وسندو!“

    ”پر هيءُ جاتي ۾ نه رهندو آهي.“ ڌني منهنجي وڪالت ڪندي چيو، ”هيءُ شخص ڏسڻ ۾ برابر رڇ جهڙو آهي. پر اصل ۾ گدڙ آهي. اسين سڀئي کيس گدڙ سڏيندا آهيون.“
    ”ها ماما، ڌنو سچ پيو چوي.“ چيم،”اهو قدرت جي ڪارخاني جو ڪارنامو آهي جو مان شڪل شبيهه مان ته رڇ لڳندو آهيان، پر سيني ۾ دل گدڙ جي ڌاريندو آهيان.“
    ڏاهي مامي مون ڏانهن چتائي ڏٺو، ۽ پوءِ پڇيو،”ته ڇا، تون اهو شخص آهين جنهن سان دنيا جي ڪا به عورت محبت نه ڪندي آهي، ۽ دنيا جو ڪو به مرد دوستي نه رکندو آهي.“
    ”تو ٺيڪ مونکي سڃاتو آهي.“ مون ڌني جي مامي کي چيو، ”تون سچ پچ ڏاهو آهين.“
    ڌني چيو، ”پر ماما، اسين توکان گدڙ جي باري ۾ نه، پر جاتيءَ جي زلزلي جي باري ۾ پڇڻ آيا آهيون.“

    ڏاهي مامي چيو، ”ابا، جتي عصمتن جا سودا ٿين، ۽ عزتن جا جنازا نڪرن، جتي سمگلر عزت جي زندگي گذارين ۽ عالم هيڊ ڪانسٽيبلن کان ڊڄندا وتن، اتي زلزلا نه ايندا ته ڇا رحمت جا فرشتا ايندا!“
    ”اوهو، تو غلط اندازو لڳايو آهي ماما.“ ڌني چيو، ”اسين ڪراچي ۽ لاهور جي باري ۾ نه پيا ڳالهايون . اُتي زلزلو نه آيو آهي . زلزلو جاتيءَ ۾ آيو آهي .“
    ”ته ڇا، جاتيءَ ۾ ڪا به نائيٽ ڪلب ڪونهي؟“
    ”نه ماما“

    ”جاتيءَ ۾ ساقي خانه ۽ جوا جا اڏا نه آهن؟“
    ”ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا. پر ڪراچي، لاهور، حيدرآباد ۽ راولپنڊيءَ جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ جي برابر هوندا.“
    ”جاتيءَ ۾ جاهل سرمائيدار ادبي انجمنن جا صدر نه ٿيندا آهن ڇا؟“
    ”نه ماما.“
    ”ڀلا جاتيءَ ۾ ڀاڳيا لاڪبن ۽ جيلن ۾ ۽ چور ڌاڙيل آزاد نه گهمندا آهن ڇا؟“
    ”ايڪڙ ٻيڪڙ، پر وڏن شهرن جي مقابلي ۾ گهٽ.“
    ڌڻي بخش ڌني جو مامو سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ هن چيو، ”مان سمجهان ٿو حساب ڪتاب ۾ ڪا گڙٻڙ ٿي ويئي آهي. زلزلو ڪراچي، لاهور، حيدرآباد يا راولپنديءَ ۾ اچڻ گهربو هو، پر ڪمپيوٽر جي خرابيءَ سبب زلزلو جاتيءَ ۾ آيو آهي. ان ۾ گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. جيئن ئي ڪمپيوٽر ٺيڪ ٿيندو، جاتيءَ ۾ زلزلا اچڻ بند ٿيندا ۽ وڏن شهرن ۾ زلزلا شروع ٿيندا!“ ■

    1976




    پنهنجو علاج پاڻ ڪجي

    پنهنجو علاج پاڻ ڪجي

    ميرپورخاص ۾ ڪجهه غنڊن ديده دليريءَ سان ڇوڪرين کي زخمي ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪنهن تيز ڌار واري هٿيار سان شاگردياڻين کي چهڪ هڻي هليا ٿا وڃن. ميرپورخاص جي پوليس ملڪ جي سموري پوليس جي پيروي ڪندي خاموش آهي. تماشائي آهي. اها قانون جي بالادستي آهي. جيستائين ٿاڻي تي وڃي رپورٽ نه لکرائبي، تيستائين پوليس ڪجهه ڪري نه سگهندي. اهو انگريز بهادر جو قانون آهي جيڪو هو اسان لاءِ ڇڏي ويا آهن.
    اخبارن ۾ ميرپور خاص جي غنڊن جون خبرون پڙهي مونکي هڪ پراڻو واقعو ياد آيو آهي. اسان جي پاڙي ۾ هڪ غنڊو ايندو ويندو رهندو هو ۽ سموري پاڙي تي رعب رکندو. شاگردن جي ٻانهن مان واچون لاهي ويندو هو. سندن کيسن مان پئسا ڪڍي ويندو هو. هو اڪيلو نه ايندو هو، پاڻ سان ٻه چار چمچا وٺي ايندو هو. پاڙي وارن جو ساهه مٺ ۾ هوندو هو. شاگردياڻيون ڊپ وچان اسڪول ۽ ڪاليجن ڏانهن وڃي نه سگهنديون هيون. اسان جي ملڪ جي پوليس خدا جي فضل سان فقط لاٺي چارج ڪري سگهندي آهي. ٻيو ڪجهه به نه. (باقي سينسر) اُهي غنڊا ڇاتيون کولي اسان جي پاڙي ۾ گهمندا وتندا هئا ۽ ريڙهين وارن کان ڳنڍيريون وٺي کائيندا هئا، شربت پيئندا هئا ۽ سگريٽون ڇڪيندا هئا.
    مونکي انهن غنڊن کان ڊپ لڳندو هو. خاص ڪري سندن سردار کان منهنجو روح فنا ٿيندو هو. اسان کي ننڍپڻ کان ذهن نشين ڪرايو ويو هو. (۽ آهي) ته غنڊا خطرناڪ ٿيندا آهن. ڀوائتا ٿيندا آهن، ننڍپڻ جو خوف دل ۾ گهر ڪري ويو هو. انهن غنڊن جي ڪري اسان جي پاڙي مان ڪيترن گهرن لڏپلاڻ جو پروگرام تيار ڪري ورتو هو. هنن ٻين پاڙن ۾ جايون هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون.
    مون پنهنجي پهلوان دوست فدا حسين سان ان باري ۾ ذڪر ڪيو. فدا حسين مونکان پڇيو ”توکي ڪيتريون ٻانهون آهن؟“
    چيم،”ٻه“ .
    پڇيائين،”غنڊن کي گهڻيون ٻانهون آهن.“
    وراڻيم، ”ٻه.“
    ”توکي ڪيتريون ٽنگون آهن؟“
    ”ٻه.“
    ”۽ غنڊن کي؟“
    ”ٻه.“
    ”غنڊا پاڻ ۾ ڪيترا هوندا آهن؟“
    ”پنج يا ڇهه.“
    ”توهين پاڙي ۾ ڪيترا هوندا آهيو. فقط نوجوان.“
    ”چاليهارو کن.“
    ”ماني کائيندا آهيو؟“
    ”ها.“
    ”صحتمند آهيو يا بيمار؟“
    ”صحتمند- تندرست ۽ توانا آهيون.“
    فدا حسين پڇيو، ”ته پوءِ توهين گڏجي انهن غنڊن کي موچڙا ڇو نه ٿا هڻو؟“
    ان کان پوءِ فدا حسين مونسان گڏ اسان جي پاڙي ۾ آيو. انهن غنڊن جي سامهون وڃي بيـٺو. وات مان اکر اڪلڻ بدران غنڊن جي سردار کي منهن تي ڀرپور چماٽ وهائي ڪڍيائين. اهو ڏينهن، اهو شينهن، وري ڪو غنڊو اسان جي پاڙي ۾ نظر نه آيو.
    غنڊن جي نفسيات تمام سادي ۽ سولي ٿيندي آهي. جڏهن غنڊي سان مقابلو ڪبو آهي، تڏهن غنڊو ڀڄي جان بچائيندو آهي.
    اها عجب جهڙي ڳالهه آهي جو ميرپورخاص جي شاگردياڻين جا مٽ مائٽ ناهن ۽ هو غنڊن جي رحم و ڪرم تي اسڪول ۽ ڪاليج وڃي رهيون آهن يا ايئن ٿي سگهي ٿو ته ميرپورخاص جو سمورو شهر غنڊن جو شهر ٿي ويو آهي ۽ شريف ماڻهو پنهنجي پاڇي کان ڇرڪندا، شهر ڇڏي هليا ويا آهن ورنه ڪو سبب ڪونهي جو ڪجهه غنڊا اهڙي نموني نياڻين کي چهڪ ڏيڻ جي همٿ ڪري سگهن. اهڙن موقعن تي اپيلن تي مونکي کل ايندي آهي.
    بابلا، سڀ ڪم حڪومت ته نه ڪندي،ڪجهه ڪم پاڻ به ڪبا آهن. سوڙهي بوٽ مان حڪومت اوهان جي جند نه ڇڏائيندي. پير توهان جو پنهنجو آهي. سوڙهو بوٽ اوهان جي پير ۾ آهي. ٻيو ڪو توهان جي پير مان سوڙهو بوٽ لاهي، توهان کي عذاب کان آجو ڪري نه سگهندو. سوڙهو بوٽ پاڻ لاهبو آهي. ■
    1976


    کَـلَ

    کَـلَ

    فدا حسين ڦودني موجوده صديءَ جي سڀ کان اهم خبر ٻڌائيندي چيو،”اسان جي شهر ۾ هڪ اهڙو واپاري آيو آهي جنهن وٽ مختلف جانورن جون کلون آهن. ماڻهو کانئس ضرورت ۽ گهرج آهر کلون وٺي رهيا آهن.“
    ”ماڻهن جي ڳالهه نه ڪر، تون پنهنجي ڳالهه ڪر.“
    مون ڦودني کان پڇيو،”تون به ڪنهن جانور جي کل وٺي پائڻ جي موڊ ۾ آهين ڇا!“
    ڦودني چيو، ”اسان ٻنهي کي ڪنهن نه ڪنهن جانور جي کل وٺي پائڻ گهرجي.“
    پڇيم،”ڪهڙي خيال کان؟“
    جواب ڏنائين،”پنهنجي کل بچائڻ جي خيال کان.“
    ڦودني جي ڳالهه مونکي دل سان لڳي. مون سوچيو پنهنجي کل بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين ظاهري طرح ٻي ڪا کل پائي ڇڏيون.
    مون فدا حسين ڦودني کان پڇيو،”واپاريءَ وٽ ڪهڙن ڪهڙن جانورن جون کلون آهن؟“
    ”ٻڌو اٿم سيهڙ کان کان وٺـي شينهن تائين هر هڪ جانور جي وٽس کل آهي.“ ڦودني چيو،”منهنجو خيال آهي ته پاڻ واپاريءَ سان ملي هن جي مشوري ۽ صلاح سان ڪا کل خريد ڪريون.“
    فدا حسين ڦودنو ۽ مان واپاري ڏانهن وياسين. هن وٽ مختلف جانورن جون کلون ڏسي منهنجو عقل چرخ ٿي ويو. هن وٽ هڪ کل واڳوءَ جي به هئي!
    هن مختلف جانورن جون کلون ڏيکاريندي چيو،”هيءَ کل لومڙ جي آهي. هيءَ کل اڄ ڪلهه ماڻهن ۾ مقبول ناهي.“
    پڇيم،”ڇو؟“
    جواب ڏنائين.”لومڙن پنهنجون کلون لاهي، سيهڙن جون کلون کڻي پائي ڇڏيون آهن. هو ڪم لومڙن واري مڪاريءَ جا ڪندا آهن، پر لڳندا سيهڙ آهن.“
    چيم، ”واهه جا ڳالهه ٻڌائي اٿئي.“
    هن ڦودني کي چيو، ”تون ڀولڙي جي کل وٺي پائي ڇڏ. سستي ڏيندو مانءِ.“
    ”يار ڪمال ٿو ڪرين!“ ڦودني چيو،”مان ڀولڙي جي کل ڇو پايان.“
    واپاريءَ چيو،” ڀولو نقل ڪري سگهندو آهي، سوچي نه سگهندو آهي. اڄ ڪلهه انهن جو قدر آهي جيڪي نقل ته ڪري سگهندا، پر سوچي نه سگهندا آهن.“
    مون ڦودني کي چيو، ”واپاري ٺيڪ پيو چوي. تون ڀولڙي جي کل وٺي پائي ڇڏ. ڏاڍو ڀانءِ پوندين.“
    ڦودني مون کان پڇيو، ”تون ڪهڙي جانور جي کل وٺندين؟“
    چيم، ”مان ڪنهن اهڙي جانور جي کل وٺي پائيندس جنهن جي پائڻ سان مان وفادار نظر اچان.“
    ”تون ٺيڪ پيو چوين.“ ڦودني واپاريءَ کي چيو،”منهنجي هن دوست تي الزام آهي ته هي غدار آهي، وفادار ناهي. تون کيس ڪنهن اهڙي جانور جي کل ڏي جنهن جي پائڻ کان پوءِ هيءُ وفادار نظر اچڻ لڳي.“
    واپاري چيو، ”مون وٽ هڪ ڪتي جي کل آهي.“
    ”ڇا،“ مون کان رڙ نڪري ويئي.
    واپاريءَ چيو،”دنيا ۾ سڀ کان وفادار جانور ڪتو آهي. جنهن ڪتي جي کل مان توکي وڪڻي رهيو آهيان. تنهن ۾ هڪ اهڙو پڇ به لڳل آهي جيڪو خوامخواهه لڏندو رهندو آهي.“
    ڦودني سڙٻاٽن ۾ چيو، ”اهڙي ناياب ڪتي جي کل وٺي پائڻ کان پوءِ تون پنهنجي کل سولائيءَ سان بچائي سگهندين.“ ■
    1976




    درٻارين جو معاشرو

    درٻارين جو معاشرو

    اسان جو معاشرو بنيادي طرح درٻارين جو معاشرو آهي، اهڙي معاشري ۾ مون درٻار ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. پر مونکي صحيح معنيٰ ۾ درٻار نظر نه آئي. مان حيران ٿيس. درٻار کان سواءِ درٻارين جي موجودگي سمجهه ۾ نه پئي آئي. دل ٻڌايو پئي ته درٻارين ۽ خوشامندڙين جي معاشري لاءِ ڪٿي نه ڪٿي، ڪا درٻار ضرور هوندي.
    درٻارين لاءِ ڪنهن درٻار جو هئڻ ائين لازمي آهي، جيئن عابدن ۽ پوڄارين لاءِ مسجدون ۽ مندر. مون گهڻي ڳولا ڪئي. درٻار نظر نه آئي، مان مايوس ٿي پيس. اهو صحيح آهي ته حساب ڪتاب ۾ جڏو آهيان. مون کي ڪيترا دفعا جاسوسي ڪرڻ لاءِ آڇ ٿي آهي. پر مون قبول نه ڪئي. مان شرلاڪ هومز جو رقيب واٽسن نه آهيان. مان هڪ ديسي اخبار جو ديسي ڪالمسٽ آهيان ۽ پرديس وڃڻ لاءِ سانڀاها ڪري رهيو آهيان.
    پنهنجي درٻاري معاشري لاءِ درٻار جي ڳولا ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مون آپگهات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر ان کان اڳ جو مان خودڪشيءَ ڪريان، منهنجي جگري دوست ڌڻي بخش ڌني منهنجي لاءِ چئن هفتن جي تربيتي ڪورس جو بندوبست ڪيو ۽ چيو ته ان ڪورس ۾ تربيت وٺڻ کان پوءِ مون تي پنهنجي معاشري جي درٻارين ۽ سندن درٻارن جو راز کلي پوندو.
    ڌڻي بخش ڌني طرفان آڇيل تربيتي ڪورس ۾ سکيا وٺڻ کان پوءِ مون تي درٻارين ۽ درٻارن جو راز عيان ٿي پيو آهي.
    اوهين ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن آفيس ۾ ته ضرور ويا هوندا! آفيس ۾ پٽيوالو، ڪلارڪ جي خوشامد ڪندو آهي. ڪلارڪ، اسسٽنٽ جي خوشامد ڪندو آهي. اسسٽنٽ، سپرنٽيندنٽ جي خوشامد ڪندو آهي. سپرنٽيندنٽ سيڪشن آفيسر جي خوشامد ڪندو آهي. ڊپٽي سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي. ڊپٽي سيڪريٽري جوائنٽ سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي. جوائنٽ سيڪريٽري وري ايڊيشنل سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وري سيڪريٽريءَ جي خوشامد ڪندو آهي.
    مٿيون سلسلو جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ مروج آهي، ته پوءِ سيڪريٽري صاحب ويچارو چيف سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي ۽ چيف سيڪريٽري.؟ ڇڏيو ان ڳالهه کي. اجايو وري نه ڪنهن ڏچي ۾ پئجي وڃان. مسين مسين ته هٿ پير ٻڌي مصيبتن مان جند ڇڏائي اٿم!.
    صاحبلوڪن جا ڪجهه ملازم وڏي لئه رکندا آهن، خدا جي خلق صاحبلوڪن جي اهڙن ملازمن جي خوشامد ڪندي آهي. صاحبلوڪن جا ڊرائيور يعني شوفر خاص شيءِ ٿيندا آهن. هو صاحبلوڪن لاءِ جاسوسي ڪندا آهن ۽ صاحبلوڪ سندن ڳالهه تي خاص طور سان ڌيان ڏيندا آهن. اهو جو اوهين هفتي ڏيڍ کان پوءِ ڪنهن جي ڊسمس يا سسپينڊ ٿيڻ جي خبر پڙهندا آهيو، ته ان خبر پٺيان اصل ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڊرائيور يا بورچيءَ يا اردليءَ جو هٿ هوندو آهي.
    خوشامد جو ڪو ڇيهه ڪونهي. خوشامند درٻارين جو ورثو آهي. اسان جون آفيسون اصل ۾ درٻارون آهن، جتي موجود هرڪو شخص ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ درٻاريءَ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. جيڪو شخص درٻاري ٿيڻ قبول نه ڪندو آهي ۽ معاشري سان ويڙهه کائيندو آهي، تنهنکي، درٻارين جي معاشري ۾ Misfit سڏيو ويندو آهي. ■

    1976




    مرڻ به مشڪل آهي

    مرڻ به مشڪل آهي

    هيءَ آتم ڪٿا منهنجي ناهي. هيءَ آتم ڪٿا منهنجي پياري دوست ڌڻي بخش ڌني جي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها، جو اڄوڪو ڪالم ڌڻي بخش ڌنو لکي ها ۽ پنهنجي آتم ڪٿا بقلم خود اوهان کي ٻڌائي ها. پر، هن ائين نه ڪيو آهي. هن مون کي اختيار ڏنو آهي ته مان سندس آتم ڪهاڻي ڪالم ذريعي اوهان تائين پهچايان. ڌڻي بخش ڌني جي آتم ڪهاڻي ٻڌائڻ کان اڳ مان واضح ڪرڻ گهران ٿو ته اڄوڪي ڪالم ۾ جيترا به ڪوڙ ۽ گشا هنيل آهن، سي منهنجا ناهن. مان پهرين جملي ۾ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته هيءَ آتم ڪٿا منهنجي ناهي. هيءَ آتم ڪٿا ڌڻي بخش ڌني جي آهي. تنهن ڪري اڄوڪي ڪالم ۾ گشن لاءِ ذميوار ڌڻي بخش ڌنو آهي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي. ڌڻي بخش جي دل دنيا مان کٽي ٿي پيئي هئي. اسين حيران نه ٿياسين. ڌڻي بخش جي دل اڪثر دنيا مان کٽي ٿي پوندي آهي ۽ هو دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي. گذريل دفعي پڻ هن دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. چيو هئائين، ”يار گدڙ، دنيا ڏک ڏنا آهن. هينئر سچ پچ دنيا مان ڪوچ ڪبو.“
    دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڌڻي بخش ڌنو اڌ رات ڌاري گهر مان ٻاهر نڪتو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ رستن تي رلندو رهيو پر دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جي ڪا واٽ کيس نظر نه آئي. هن ڪجهه ماڻهن کان دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جي راهه جو ڏس پتو پڇيو. هنن کيس چريو سمجهيو ۽ مٿس کلندا هليا ويا. ڪجهه ڄڻن کيس پٿر به هڻي ڪڍيا.
    ڌني کي جڏهن دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جي واٽ هٿ نه آئي، تڏهن هو بيحد اداس ٿي پيو. هو هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. اهو وڻ اتفاق سان ناريل جو وڻ هو. هوا جو جهوٽو آيو. هڪ ناريل ڇڏائجي سڌو اچي ڌڻي بخش کي ٽڪڻ تي لڳو. ڌڻي بخش جا ماشا چرخ ٿي ويا. کيس اکين آڏو ترورا تري آيا. پوءِ اوچتو ترورن مان هڪ شخص نمودار ٿيو. هن ڌني کان پڇيو. ”تون ڪير آهين ۽ ناريل جي وڻ هيٺان ڇا پيو ڪرين؟“
    ڌني وراڻيو، ”منهنجو نالو ڌڻي بخش ڌنو آهي. مان گدڙ جو سنگتي آهيان. دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جا سانڀاها ڪري گهر کان نڪتو آهيان، پر دنيا مان ڪوچ ڪرڻ لاءِ ڪا واٽ هٿ نه ٿي لڳي. بس، ساڻو ٿي ناريل جي وڻ هيٺان ويهي رهيو آهيان.“
    اجنبي شخص ڌني کان پڇيو، ”مرڻ چاهين ٿو؟“
    ”ها.“
    ”ته پو ڪوچ ڪرڻ جون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين؟“
    ”ان ڪري جو خودڪشي ڪرڻ گناهه آهي.“
    ”ته پوءِ ڪوچ ڪرڻ ڇاهي؟“
    ”خودڪشيءَ جو جنرڪ نالو آهي. ان نالي تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو آهي.“
    ”مطلب ته تون مرڻ چاهين ٿو!“
    ”ها، مان مرڻ چاهيان ٿو.“ ڌني ان شخص کان پڇيو ”پر تون ڪير آهين اي اجنبي شخص؟“
    ”مان ملڪ الموت جو ايجنٽ آهيان.“
    ”ڇا تون ٽرڪ ڊرائيور آهين؟“
    ”نه.“
    ”ته ڇا، تون ڪنهن اسپتال جو ڊاڪٽر يا سرجن آهين؟“
    ”نه.“
    ”سپر هاءِ وي آهين؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ تون ڪيئن ملڪ الموت جو ايجنٽ آهين؟“ ڌني اجنبيءَ کان پڇيو، ”ڇا تو وٽ ايجنسيءَ جو سرٽيفڪيٽ آهي؟“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ وراڻيو، ”تنهنجو مطلب مرڻ سان آهي يا منهنجي انٽرويو سان؟“
    ڌني وراڻيو، ”مرڻ سان.“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ چيو، ”اهو ڪم منهنجو آهي.“
    ”ته پوءِ مون کي ماري ڇڏ.“
    ”مرڻ ايتري قدر سولو ته نه آهي ان لاءِ ڪاغذي ڪارروائيءَ جي ضرورت رهندي آهي.“
    ”ڪهڙي قسم جي ڪاغذي تياري!“
    ”ڪنهن جي چٺي چپاٽي آندي اٿئي؟“
    ”مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو ايجنٽ صاحب.“
    ”منهنجو مطلب آهي، سفارش آندي اٿئي؟“
    ”ڇا جي؟“
    ”مرڻ جي.“
    ”نه.“
    ”مون کي افسوس آهي ته مان توکي ماري نه سگهندس.“
    ڌنو ڏاڍو پريشان ٿيو، ملڪ الموت جي ايجنٽ کي ايلاز ڪندي چيائين، ”مون کي ماري ڇڏ سائين.“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ وراڻيو، ”سفارش کان سواءِ تنهنجو ڪم نه ٿيندو.“
    ڌني چيو، ”پر مان ته مرڻ چاهيان ٿو!“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ وراڻيو، ”پيارا، مرڻ لاءِ به ڪنهنجي نه ڪنهنجي سفارش آڻڻي پوندءِ. پوءِ مري سگهندين!“ ■

    1976




    جديد دور ۾ روزو رکڻ ۽ کولڻ

    جديد دور ۾ روزو رکڻ ۽ کولڻ

    هن رمضان ۾ اسان ڌڻي بخش ڌني کي روزو رکندي ڏٺو. حيران ٿياسين. سڀيئي سنگتي وفد جي صورت ۾ ڌني جي گهر وياسين. ڌني کان پڇيوسين، ”ڌنا، ڪر خبر، تو ٽوٽيءَ ڪڏهن کان روزا رکڻ شروع ڪيا آهن؟“
    ڌني وراڻيو، ”جڏهن کان جديد دور جون سهولتون مون کي ميسر ٿيون آهن.“
    فدا حسين ڦودني کانئس پڇيو،”جديد دور جي سهولتن جو روزي سان ڪهڙو تعلق آهي.“
    وراڻيائين، ”وڏو تعلق آهي.“
    ”ڪيئن؟“ ڪنهن کائنس پڇيو.
    جواب ڏيڻ بدران اسان کان پڇيائين،”توهين ملعون روزو رکندا آهيو؟“
    جواب مليس،”رتو چواڻي اسين ملعون آهيون. ملعون روزو نه رکندا آهيون.“
    ڌني چيو،”توهين ملعون جيڪڏهن روزو رکڻ جو ارادو ڪريو، ته پوءِ مان اوهان ملعونن کي روزي رکڻ ۽ کولڻ جا جديد طريقا سمجهائڻ لاءِ تيار آهيان.
    اسان سڀني هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.
    ڌني چيو،”اجايو حيران نه ٿيو، جديد طريقن مطابق روزي رکڻ ۽ کولڻ سان ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيندي آهي. بک نه لڳندي آهي. ڪمزوري به نه ٿيندي آهي. روزيدار کي اصل خبر ئي نه پوندي آهي ته هن روزو رکيو به آهي، يا نه. بلڪل نو بنو رهندو آهي.“
    ”واهه!“ فدا حسين چيو، ”روزي جو روزو، ثواب جو ثواب، ۽ مزي جو مزو!“
    اسان منجهان ڪنهن چيس،”اسان ملعونن کي ملعونن وانگر روزي رکڻ ۽ کولڻ جا طريقا سمجهاءِ، ڌنا.“
    ”اول پنهنجو جملو واپس وٺو.“ ڌني چيو،”توهان اڻ سڌي طرح مونکي ملعون سڏيو آهي. مان توهان کي روزي رکڻ ۽ کولڻ جا جديد طريقا هرگز نه سمجهائيندس.“
    ”اسين پنهنجو جملو واپس وٺون ٿا.“ يڪ آواز چيوسين، ”اسان کي روزي جي سعادت کان محروم نه ڪر، ڌنا. اسان کي روزي رکڻ جا جديد طريقا سمجهاءِ.“
    ڌني اسان ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ چيو،”ڪئيڪروٽ، يعني جَوَ نهايت طاقتور ٿيندا آهن، ۽ گهوڙن کي کارائيندا آهن. روزي رکڻ مهل انسان جيڪڏهن ڪئيڪروٽ يعني جَوَ کير ۾ پچائي ۽ مٿان ملائي وجهي کائي، ته سڄو ڏينهن ڪمزوري محسوس نه ڪندو.“
    حيرت وچان پڇيوسين، ”فقط جَوَ، کير ۾ ملائي!“
    ڌني وراڻيو،”وٽامن سي، ۽ وٽامن بي ڪمپائونڊ جون گوريون به روزي رکڻ مهل کائي ڇڏڻ گهرجن. پر ياد رکجو ته وٽامن جون گوريون کائڻ کان اڳ چار بيدا کائڻ نه وسارجو. بيدا خالي پيٽ تي نقصان ڪندا آهن. تنهن ڪري، سچي گيهه وارن گهٽ ۾ گهٽ ٻن اڦراٽن سان کائڻ گهرجن. اهڙي طرح روزي رکڻ کان پوءِ اوهان کي تِر جيتري به بک نه لڳندي.“
    پڇيوسينس،”۽ روزي کولڻ جو طريقو ٻڌاءِ، ڌنا.“
    ”روزي کولڻ مهل اهڙيون کارڪون کائڻ گهرجن، جن ۾ باداميون پيل هجن، ۽ ککڙيون نڪتل هجن. گوشت، ڪڪڙ، مڇي وغيره ته اوهين عام طرح روزي کولڻ وقت استمعال ڪندا آهيو. پر جديد دور جي طريقن مطابق اوهان کي ميوي ۽ پڊنگ، ڪسٽرڊ ۽ کير ۾ پسايل جليبن تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو.“ ڌني چيو،”روزي کولڻ لاءِ حڪيمن روح کي راحت ڏيڻ وارا طاقتور شربت تيار ڪيا آهن. ان کان سواءِ گلوڪوز به سٺي شيءَ آهي.“
    هڪدم چيوسين، ”اسين ملعون روزو رکڻ لاءِ تيار آهيون، ڌنا.“
    ڌني چيو، ”پنهنجي گهر کاڌو ڪڏهن ڪڏهن هانوَ تي چڙهي پوندو آهي.“
    پڇيوسينس، ”ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي.“
    ”اوهين پاڻ ۾ افطار پارٽين جو سلسلو شروع ڪيو.“ ڌني مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هڪڙي ڏينهن گدڙ افطار پارٽيءَ جو بندوبست ڪري، ٻئي ڏينهن ڦودنو ۽ ٽئين ڏينهن ڦندڻ.“
    ”۽ تون؟“ مون ڌني کان پڇيو.
    ڌني وراڻيو، ”مان وري اهڙي ثواب کان ڪيئن ڪنڌ ڪڍائيندس.“ ■
    1976




    ٻڪر ۽ مان

    ٻڪر ۽ مان

    ڪالهه شام ميڪيلوڊ روڊ ● تان لنگهندي هڪ ٻڪر ڏٺم، ٻڪر بدن ۾ پورو پنو هو، ۽ سندس سڱ ننڍڙا ۽ ڪاتن جهڙا هئا. رنگ عام رواجي ٻڪرن جهڙو هوس. چنهنبائي، تکن ۽ ڪاتن جهڙن سڱن کان سواءِ ظاهري طرح مونکي ان ٻڪر ۾ ڪا به نمايان خصوصيت نظر نه آئي. کيس پريس ٽرسٽ بلڊنگ جي ٻاهران بيگانن وانگر بيٺل ڏسي، مان بيهي رهيس. ۽ ڪجهه ڪجهه اچرج وچان ڏانهس ڏسڻ لڳس.
    ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪنهن ٻڪر جو سڙڪن تي بنا مالڪ جي بيگانن وانگر نظر اچڻ، حيرت انگيز منظر آهي، هن شهر مان بيگانا ماڻهو ته ڇڏيو، بيگانا فرشتا به کڄي ويندا آهن! اهڙي شهر ۾ هڪ ٻڪر جو ميڪليوڊ جهڙي رستي تي بيگانن وانگر نظر اچڻ، مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
    بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي مان ٻڪر ڏانهن ڏسڻ لڳس. ٻڪر هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ کان پوءِ بينيازيءَ سان هلندو، منهنجي پاسي ۾ اچي بيـٺو. مون دل ۾ سوچيو، ته هن ٻڪر پڪ مونکي پنهنجو مائٽ سمجهيو آهي، تنهن ڪري منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو آهي! مون کيس کيڪاريندي چيو،”مائٽ، خوش ته آهين نه!“
    ٻڪر ڪرڙي اک سان مون ڏانهن ڏٺو. پوءِ پڇيائين، ”تون ان شخص جو دوست آهين نه جنهن جي زال بيحد بندري، ۽ بيحد ٿلهي آهي؟“
    ”ها.“ وراڻيم،”مان فدا حسين ڦودني جو دوست آهيان.“
    ”مون کي هن جي تلاش آهي.“ ٻڪر چيو،”مان ڦودني کي ماريندس.“
    مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻڪر کان پڇيم.”ڦودني تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو هن جي ڪڍ کُر ڌوئي پيو آهين؟“
    ٻڪر وراڻيو، ”هن مون کي عضحيٰ واري عيد ٿي پنهنجي بيحد ٿلهي ۽ بيحد بندري زال جي نالي ۾ قربان ڪرڻ لاءِ خريد ڪيو هو. اها ڪا اشرافت آهي!“
    چيم،”قرباني ڪرڻ ته ثواب آهي.“
    ”تون سمجهين ٿو ته قيامت ڏينهن ڦودني جي ڀوائتي زال کي کڻي مان پل صراط پار ڪري سگهندس! ڪري نه پوندس!“ ٻڪر چيو، ”تنهنجي دوست کي پنهنجي زال لاءِ هاٿيءَ جي قرباني ڏيڻ گهرجي.“
    ”ته تون اهو ٻڪر آهين، جنهن کي فدا حسين پنجن سون ۾ ٻڪرا پڙيءَ مان خريد ڪيو هو؟“
    ”ها. مان اهو ئي ٻڪر آهيان، ۽ مونکي تنهنجي دوست جي تلاش آهي.“
    ”هن کي وري تنهنجي تلاش آهي.“ ٻڪر کي ٻڌايم، جڏهن کان تون رسي ڇنائي ڀڳو آهين، تڏهن کان فدا حسين ڦودنو دربدر آهي.
    ٻڪر پڇيو،”ڇو دربدر آهي؟“
    وراڻيم، ”ڦودني جي زال جو خيال آهي ته تون ڦودني جي غفلت سبب فرار ٿي ويو آهين.“
    ٻڪر کليو، چيائين،”چڱي سزا ملي اٿس.“
    مون ڪنهن به ٻڪر کي اڳ ڪڏهن کلندي نه ڏٺو هو. حيران ٿيم، ٻڪر کان پڇيم، ”يار دلفريب ٻڪر، تون کلي به سگهين ٿو.“
    ”ها. مان کلي به سگهندو آهيان.“ ٻڪر پڇيو، ”هڪ ٻڪر کي ڳالهائيندي ڏسي تون نه ڊنو آهين، ۽ نه ئي اچرج ۾ پيو آهين“
    ”اسان جي ملڪ ۾ ٻڪر ڳالهائيندا آهن.“ چيم، ”اها ٻئي ڳالهه آهي، ته ٻڪرن جو ڳالهائڻ ڪو به ٻڌي نه سگهندو آهي.“ ■
    1977




    ● زور آورن ميڪليوڊ روڊ جو نالو مٽائي چندريگر روڊ رکي ڇڏيو آهي.



    ڌانڌلي ٿيندي ته هارائبو

    ڌانڌلي ٿيندي ته هارائبو

    اڄڪلهه سياسي سرگرمين جو هر طرف ذڪر آهي. ريڊيو، ٽيلويزن، ۽ اخبارون رسالا پنهنجي طرفان وڌ کان وڌ سياسي خبرون ڏئي رهيا آهن. مون کي سياست کان الرجي آهي. تنهن ڪري اڄوڪو ڪالم بنهه غير سياسي لکي رهيو آهيان، اڄوڪي ڪالم جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي.
    ڪجهه مهينا اڳ اڪرم پهلوان ۽ جپاني پهلوان انوڪيءَ جو مقابلو ٿيو هو. مقابلي کان اڳ اسان جي دوست ڌڻي بخش ڌني اعلان ڪيو هو ته اڪرم پهرين رائونڊ ۾ انوڪيءَ کي ڊاهي رکندو.
    مون ڌني کي چيو، ”ڌنا، تون پاڻ نه پهلوان آهين، ۽ نه ئي پهلوانيءَ جي فن تي اٿارٽي آهين. تنهنڪري ايڏي وڏي دعويٰ ڪيئن ٿو ڪرين.“
    ڌني چيو، ”مان گذريل ويهن سالن کان پهلوانيءَ جا ڪرتب ۽ پهلوانن جا مقابلا ڏسي رهيو آهيان.“
    چيم، ”ويهه سال شاعري پڙهڻ سان ماڻهو شاعر ٿي نه سگهندو آهي.“
    ”بهرحال، مون کي پڪ آهي ته ايندڙ مقابلي ۾ اڪرم پهلوان جپاني پهلوان انوڪيءَ کي پهرين رائونڊ ۾ دسي وجهندو.“
    پڇيم، ”ان لاءِ تو وٽ ڪو سبب آهي.“
    ڌني چيو، ”مان سبب کان سواءِ نه ڳالهائيندو آهيان.“
    چيم،”ته پوءِ مون کي به مهرباني ڪري ان سبب کان واقف ڪر. مان تنهنجي اولاد کي دعائون ڏيندو رهندس.“
    ڌني چيو، ”اها خبر اٿئي نه اڪرم پهلوان وزن ۾ انوڪيءَ کان چوڻو آهي؟“
    ”چوڻو ته ڇا، پنجوڻو آهي!“
    ”۽ خبر اٿئي، ته اڪرم جو پيٽ انوڪيءَ جي پيٽ کان ڏهوڻو آهي!“
    ”ها، مون کي خبر آهي.“
    ”۽ اِها خبر اٿئي ته اڪرم و يلي تي ڏهه سير کير، ڏهه سير گوشت، ڏهه ڪڪڙ ۽ ڏهه سير ڏڌ کائي ويندو آهي.“
    ”برابر.“
    ”۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڪرم پهلوان الله رسول جو مڃيندڙ آهي.“ ڌني چيو، ”تنهنڪري اڪرم پهلوان مقابلي ۾ ضرور کٽندو“
    اچرج وچان ڌني کان پڇيم، ”اڪرم ۽ انوڪيءَ وچ ۾ پهلوانيءَ جو مقابلو آهي، يا ڪو مذهبي مناظرو ٿي رهيو آهي!“
    ”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين، ڪافر!“ ڌني ڪاوڙ وچان پڇيو.
    چيم، ”مان چوڻ چاهيان ٿو ته پهلوانيءَ ۽ ڪشتيءَ جي مقابلي ۾ ويچاري مذهب کي ڇو ٿا وچ ۾ آڻيو.“
    ”تنهنجي ڳالهه مان کڙتيل نه نڪرندو.“ ڌني چيو، ”اڪرم پهلوان مقابلو کٽندو،ان جو فيصلو اڳواٽ ٿي چڪو آهي.“
    مقابلو ٿيو. ٻئي رائونڊ ۾ جپاني پهلوان اڪرم پهلوان کي ڊاهي رکيو.
    ڌڻي بخش ڌنو منهن مٿو پٽڻ لڳو. چيائين، ”مقابلي ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. ويسا گهاتي ٿي آهي.“
    پڇيم،”ڪيئن ٿو چوين!“
    وراڻيائين،”ٿولهه ۽ پيٽ جي ويڪر سبب اها اڳواٽ پڪ ٿي چڪي هئي ته اڪرم پهلوان کٽندو.“
    ”اڪرم پهلوان هارايو آهي.“چيم،”هن مقابلي ۾ پنهنجي ٻانهن به ڀڃائي آهي.“
    ڌني چيو،”تڏهن ته چوان ٿو ته مقابلي ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. تنهنڪري مقابلي جو نتيجو ابتڙ نڪتو آهي.“ ■
    1977




    گدڙ سچ نه ڳالهائيندا آهن

    گدڙ سچ نه ڳالهائيندا آهن

    ڪيترن ڏينهن کان دل ٿي ڪري ته سچ ڳالهايان. جيڪي اندر ۾ اُڌما کائي رهيو آهيان، تنهن کي اظهار جي راهه ڏيکاريان. پر همٿ ڪري نٿو سگهان. دل جهلي نٿو سگهان. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ ۽ فدا حسين ڦودني سان پڻ صلاح ڪئي آهي. ٻنهي مون کي دلشڪستو ڪيو آهي.
    ڦندڻ ٽهڪ ڏيندي پڇيو، ”تون سچ ڳالهائيندين!“
    ”ها ڦندڻ.“چيم،”ڏاڍا ڪوڙ ڳالهايا اٿم. اڄ سوچيان ٿو ته سچ ڳالهايان.“
    ”تون سڄي عمر سچ نه ڳالهائي سگهندين.“ فدا حسين چيو، ”ڇو جو تون گدڙ آهين ۽ گدڙ سچ ڳالهائي نه سگهندا آهن.“
    فدا حسين ڦودني جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون کي ڏک ٿيو. مان سڌو ڪراچيءَ جي چڙيا گهر پهتس جتي چڙيا گهٽ ۽ جانور وڌيڪ آهن. مان سڌو وڃي گدڙن جي پڃري وٽ بيٺس، پڃري جي ٻن گدڙن مون ڏانهن غور سان ڏٺو، ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيئي کلي پيا.
    گدڙن جو کلڻ مون کي نه وڻيو.
    هڪڙي گدڙ چيو،”پٽ، تون ڀلي سوٽ بوٽ پاءِ، پر اسان توکي سڃاڻي ورتو آهي. تون اسان جي ڪٽنب مان آهين. تون گدڙ آهين.“
    ”ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مان گدڙ آهيان.“ چيم،”پر توهان کي اهو نه ٿو جڳائي ته مون تان کلو، مون تان ٺٺوليون ڪريو“.
    ”ووئي آر ساري. ماڊرن گدڙ، بلڪه جيڪال، مسٽر جيڪال.“ گدڙن چيو، ”ڇا تو پنهنجي شڪل ڪڏهن آئيني ۾ نه ڏٺي آهي، جو اسان کي ڏسڻ لاءِ چڙيا گهر جي ياترا ڪئي اٿئي!“
    ”مان توهان کي ڏسڻ نه آيو آهيان.“چيم،”مان توهان کان هڪ قسم جي صلاح وٺڻ آيو آهيان.“
    گدڙن پڇيو، ”ڇا ڪنهن اهڙي عورت سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو اٿئي جنهن تو وانگر ماضيءَ ۾ پنڌرهن سچا عشق ڪيا آهن.“
    ”شاديءَ جو چڪر ناهي مائٽ“. چيم، ”مان ماڻهن جي معاشري ۾ پير ڄمائي ويو آهيان. هينئر ڪيتريون ئي حسينائون مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“
    ”گدڙ کان وڌيڪ ٻيو ڪو ٺاهوڪو مڙس عورت کي نصيب نه ٿي سگهندوآهي.“ گدڙن چيو، اسان کي تنهنجي ڳالهه تي يقين آهي.“
    مان خاموش رهيس
    هڪڙي گدڙ چيو،”ڪابه سياڻي ۽ سهڻي عورت ڪڏهن به شينهن سان شادي ڪرڻ جي غلطي نه ڪندي آهي.“
    چيم، ”ماڻهن جي معاشري ۾ شادي وهانؤ جا ڪيترائي طريقا کلي ويا آهن. تنهن ڪري شادي اسان لاءِ مسئلو نه آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن ڪاڻيءَ جي ونهاءَ ۾ ڇيڄڪ پئجي ويندو آهي. مان هڪ اهم مسئلي تي توهان ڀائرن کان صلاح وٺڻ آيو آهيان.“
    هڪ آواز ۾ چيائون،”جيڪڏهن چونڊن ۾ بيهندين ته هڪدم کڄي ويندين.“
    ”منهنجي ڳالهه ٻڌو، ۽ پوءِ تڪڙا انومان ڪڍو“ چيم، ”مون سچ ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“
    ٻئي گدڙ خوب کليا. کلي کلي کيرا ٿي پيا.
    چيم، ”ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
    گدڙن چيو، ”سچ ڳالهائڻ لاءِ ببر شينهن جي دل گهربي آهي، اسين گدڙ سچ ڳالهائي نه سگهندا آهيون.“
    مان خاموش رهيس.
    هڪڙي گدڙ چيو، ”تون ڪنهن مئل شينهن جي کل پائي ڇڏ. ماڻهو توکي سچو بلڪ سچار سمجهندا.“ ■
    1977




    ديسي ايجنٽ

    ديسي ايجنٽ

    ڪجهه عرصو اڳ ملڪ جي هفتيوار رسالن ۽ اخبارن ۾ اُنهن آمريڪي سي آئي اي ايجنٽن جون فهرستون شايع ٿيون هيون، جن پاڪستان ۾ جاسوسيءَ جو ڪم سر انجام ڏنو هو. ان فهرست کان متاثر ٿي اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ پاڪستاني نسل جي آمريڪي سي آئي اي ايجنٽن جي فهرست ترتيب ڏيڻ جو ارادو ڪيو. هن ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستاني نسل جي خالص آمريڪي ايجنٽن جي هڪ اڻپوري فهرست تيار ڪري ورتي. اها فهرست تيار ڪرڻ کان پوءِ ڦندڻ خوف کان ڪنبي ويو. هو ڪنبندڙ هٿن ۾ پاڪستاني نسل جي سي آئي اي ايجنٽن جي فهرست کڻي مون وٽ آيو.
    ڦندڻ کي اسلام آباد ۾ ڏسي مون کي تعجب ٿيو. ڦندڻ چيو، ”مان وڏيءَ ويڌن ۾ آهيان يار.“
    سبب پڇڻ تي هن ٻڌايو، ”مون پاڪستاني نسل جي خالص سي آئي اي ايجنٽن جي فهرست تيار ڪئي آهي.“
    ”ان ۾ ويڌن جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    ”سڀ کان پهرين ڳالهه ته ان فهرست ۾ گهڻو ڪري اڻويهين، ويهين، ايڪوهين ۽ ٻاويهين گريڊ جا آفيسر شامل آهن.“
    ”دماغ خراب ٿيو اٿئي.“
    ”پبلشر ۽ ايڊيٽر به اهو ٿا چون.“
    ”تڏهن به نه ٿو سڌرين.“
    ”مون پنهنجي طرفان ڪنهن کي ان فهرست ۾ شامل نه ڪيو آهي.“ ڦندڻ چيو،”هر ڪو ڪامورو پنهنجن ڪارنامن سبب منهنجي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.“
    مون ڦندڻ کي چيو، ”اڻويهين، ويهين، ايڪوهين ۽ ٻاويهين گريڊ جي ڪامورن سان هٿ چراند نه ڪر، اجايو سر رولي ڇڏيندءِ.“
    ڦندڻ چيو. ”پوءِ ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ته هن فهرست کي ڇا ڪريان.“
    چيم، ”ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏ.“
    چيائين،”يار وڏي محنت سان فهرست ترتيب ڏني اٿم.“
    ”هڪ ڳالهه ياد رک ڦندڻ.“ چيم ”پاڪستاني نسل جا سي آئي اي آمريڪي ايجنٽ بيحد طاقتور آهن. تون سندن وار به ونگو ڪري نه سگهندين.“
    ڦندڻ چيو، ”انهن مان ڪجهه ايجنٽ ديده دليريءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. مثال طور توهان جي شهر اسلام آباد جي هڪ اداري جو سربراهه فقط آمريڪين جي ميڙ ۾ نظر ايندو آهي.“
    چيم، ”اها ڪا وڏي ڳالهه ته ناهي.“
    ڦندڻ چيو،”هو آمريڪين آڏو پاڪستان جي موجوده سياسي حالت جو جائزو پيش ڪندو آهي. ۽ ان جو پاڪستان جي تهذيبي پس منظر ۾ تجزيو ڪندو آهي.“
    ڦندڻ جي ڳالهه تي مون کي يقين نه آيو.
    منهنجي خاموشيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي هن چيو، ”خبر اٿئي هو سال ۾ ڇهه دفعا آمريڪا ويندو آهي.“
    ”اهو ناممڪن آهي.“
    ”اهو ممڪن آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”هن کي آمريڪي ايمبيسيءَ طرفان پنجن سالن جو ويزا مليل آهي.“
    ”تو وٽ ڪو ثبوت آهي؟“
    ”هن جو پاسپورٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    ڦندڻ چيو،”هن جي اداري جون ريسرچ ۽ فيلڊ رپورٽون آمريڪين کي آسانيءَ سان ملي وينديون آهن. آمريڪي ايجنٽ انهن رپورٽن مان پورو پورو فائدو کڻندا آهن. ۽ انگ اکر هٿ ڪري وٺندا آهن.“
    مون ڦندڻ کان پڇيو،”هو ڪهڙي گريڊ ۾ آهي.“
    وراڻيائين،”ويهين گريڊ ۾.“
    چيم، ”پاڪستاني نسل جي آمريڪي ايجنٽن جي فهرست شايع ڪرائڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ، اجايو ڏچي ۾ پئجي ويندين. هنن جي پٺ بيحد مضبوط آهي.“
    1977


    ڦدا حسين ڦودني جو طوطو

    ڦدا حسين ڦودني جو طوطو


    فدا حسين ڦودنو اسان جو پراڻو بلڪه جهونو سنگتي آهي. اسان جي ڏک سور ۾ شامل رهيو آهي. اسان سندس نيت تي ڪڏهن به شڪ نه ڪيو آهي. بس ڪنهن وقت ڪل ٿڙي ويندي اٿس، ۽ بقول سعديءَ جي، ”پٽڙيءَ تان“ لهي ويندو آهي.
    فدا حسين ڦودنو اڄ ڪلهه پٽڙيءَ تان لهي ويو آهي. هن سموري سنگت سان ملڻ جلڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن اڄ ڪلهه هڪ طوطو پاليو آهي. زال جي خدمت چاڪريءَ کان پوءِ هو سمورو وقت پنهنجي طوطي سان گذاريندو آهي. سندس گهر واري اڄ ڪلهه فدا حسين ڦودني مان بيحد خوش آهي. جڏهن کانئس خوشيءَ جو سبب پڇيو ويو، تڏهن هن چيو، ”چنڊال چوڪڙيءَ مان جند ڇٽي اٿس.“
    فدا حسين ڦودني جي گهر واريءَ کي اسين بنهه نه وڻون. هوءَ خاص طرح سان ڦندڻ، ڌڻي بخش ڌني ۽ مون کي چنڊال چوڪڙي سڏيندي آهي. طوطو پالڻ کان اڳ ڦودنو اسان آوارن سان اڌ اڌ رات تائين بيگانن وانگر گهمندو، هوٽلن تي چانهيون پيئندو ۽ انسان جي درد متعلق ڳالهائيندو هو. اسر ويل گهر موٽندو هو. زال جي هٿان خوار ٿيندو هو، پاڙي وارا شاهد آهن ته ڦودني جي بندري ۽ ٿلهي زال ڦودني کي ڪڏهن ويلڻ سان ۽ ڪڏهن ٻوهاري سان مار ڪڍندي هئي. هڪ دفعي اسان ڦودني جي مٿي ۾ ڊول ڏٺو هو. اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ ڦودني جي مٿي ۾ ڊول ڏسندي چيو، ”حج قبول، مٿي ۾ ڊول“
    ڊول تي هٿ رکندي ڦودني چيو، ”ڪا خاص ڳالهه ڪونهي، وهنتس پئي، ته مٿي ۾ نلڪو لڳي ويو.“
    پر شاهدن قسم کڻي شاهدي ڏني آهي ته ڦودني جي زال ڦودني جي مٿي تي مٽ ڀڳو هو. پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو ڦودني هڪ طوطو خريد ڪيو. هو اسان کان ڪنارا ڪش ٿيو. ملڻ جلڻ کان به ويو، ۽ سمورو وقت (زال جي خدمت چاڪري کان پوءِ) پنهنجي طوطي سان گذارڻ لڳو.
    هڪ ڏينهن سوچيوسين بلڪه فيصلو ڪيوسين ته ڦودني ۽ سندس پياري طوطي جو ٽوهه لهنداسين. راز فاش ڪنداسين يعني پردو چاڪ ڪنداسين.
    پروگرام موجب ڦودني کي آفيس ۾ وڃي قابو ڪيوسين. هن اسان کي پنهنجو پيارو طوطو ڏيکارڻ جو انجام ڪيو. پر اهو انجام حالتن تي منحصر هو. ڦودني چيو، ”عنقريب منهنجي نازڪ اندام زال پيڪي ويندي. ان کان پوءِ مان اوهان کي پنهنجو پيارو طوطو ڏيکاريندس. في الحال منهنجيءَ زال جي موجودگيءَ ۾ توهين طوطو ڪڏهن به ڏسي نه سگهندا.“
    خبر پئي ته ڦودني جي زال طوطي کي رنڌڻي ۾ ٽنگي ڇڏيو آهي.(پڃري سميت) ۽ طوطي کي گوگائي مرچ کارائيندي آهي. طوطي جي طور طريقن مان اندازو لڳايوسين ته طوطي ڦودني کان گهٽ ۽ ڦودني جي زال کان گهڻو پرايو هو.
    خدا جي قدرت سان هڪ ڏينهن ڦودني جي بندري ۽ ٿلهي زال پنهنجي پيڪي رواني ٿي. اها خوشخبري ملڻ شرط اسين ڦودني جي گهر پهتاسين. هو شڪراني جا ٻه نفل پڙهي رهيو هو. واندو ٿيو ته اسان کي پنهنجي طوطي جي خدمت ۾ وٺي ويو.
    ڦودني جو طوطو مرچ ۽ زيتون کائي خوب ٿلهو ٿي پيو هو. مون طوطي کان پڇيو، ”طوطا ڪهڙا حال آهن؟“
    طوطي وراڻيو،”موج لڳي پيئي آهي.“
    ”ٻيو ڪو حال احوال؟“
    ”چانهه ملي رهي آهي.“
    ”ٻيو ڪجهه ٻڌاءِ.“
    ”چانهه ملي رهي آهي.“
    ”چانهه کان سواءِ به زندگيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ضروري آهي.“
    ”نه“ طوطي چيو، ”زندگيءَ لاءِ فقط چانهه ضروري آهي، چانهه جي پتي ملي رهي آهي، زندگي مزي ۾ گذري رهي آهي.“
    1977




    چانهن جي پتي ملي رهي آهي

    چانهن جي پتي ملي رهي آهي

    پنهنجي گذريل ڪنهن ڪالم ۾ فدا حسين ڦودني ۽ سندس پاليل طوطي جو ذڪر ڪندي مون اوهان کي ٻڌايو هو ته فدا حسين ڦودني جي خونخوار گهرواري اڄ ڪلهه پيڪي ويل آهي. فدا حسين ڦودنو شڪراني جا نفل پڙهڻ کان پوءِ اسان سان ملڻ، بلڪه رلڻ لڳو آهي. بلڪل اڳوڻي محور تي موٽي آيو آهي. يعني آزاديءَ جا ڏينهن ۽ آزاديءَ جون راتيون گذاري رهيو آهي. فرق فقط ايترو آهي، جو اڳ فدا حسين ڦودنو اڪيلو هوندو هو، ۽ سنگت جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندو هو، اڄڪلهه فدا حسين ڦودنو اڪيلو نه آهي، هو پاڻ سان طوطي جو پڃرو به کڻي ايندو آهي. فدا حسين جو طوطو پڃري ۾ بند هوندو آهي. گوگائي مرچ ۽ زيتون کائيندو آهي، ۽ غور سان اسان جون ڳالهيون ٻڌندو آهي.
    ڪالهه شام فدا حسين ڦودنو پنهنجي طوطي جي پڃري سميت لڏندو لمندو اسان وٽ آيو. اچڻ شرط چيائين،”مان دنيا ۾ ڪو غير معمولي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ چيس، ”ڇا اهو ڪو گهٽ غير معمولي ڪم آهي جو تو شادي ڪئي آهي، ۽ شادي ڪرڻ کان پوءِ اڃا تائين جيئرو آهين. وڏو ڪو نود آهين.“
    ڦودني محمد علي ايڪٽر جهڙو منهن ٺاهيندي چيو، ”مون کي اها ڳالهه بنهه پسند ناهي ته اوهين منهنجي ازدواجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن به قسم جا رمارڪ ڏيو.“
    ڦندڻ چيو، ”اسين تنهنجا دوست آهيون، ڦودنا اسين تنهنجا دشمن نه آهيون.“
    ”توهين ڇڙا ڇانڊ آهيو.“ فدا حسين چيو، ”تنهنڪري وڏا بدمعاش آهيو.“
    مون فدا حسين کان پڇيو،”فدا، تون مون کي شاديءَ جا ڪجهه اصولي ۽ انقلابي فائدا ٻڌاءِ. پوءِ مان بنا دير جي شادي ڪندس، ۽ طوطي بدران شيرشاهه جو شڪرو پاليندس.“
    فدا حسين ڦودنو باهه ٿي ويو. مون کي چيائين،”ياد رک گدڙ، تنهنجو حشر بيحد خراب بلڪ عبرتناڪ ٿيڻو آهي. تنهنجي زندگي هوٽلن ۽ مسافر خانن ۾ گذري آهي. تون ڪنهن اسپتال ۾ مرندين، ۽ تنهنجي لاش تي روئڻ وارو ڪو به نه هوندو.“
    ”تون ڀليل آهين، ڦودنا.“ ڦندڻ چيو،”اسان جو پيارو گدڙ مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊمپل ڊسوزا نالي ڪنهن نرس سان پنهنجي زندگيءَ جو پنجٽيهون سچو ۽ جذباتي عشق ڪندو، ۽ پوءِ اسپتال ۾ مري ويندو. ڊمپل ڊسوزا ايڏي بيمروت نه ٿيندي . هوءَ اسان جي يار جي ياد ۾ ٻه لڙڪ ضرور لاڙيندي .“
    ان ڳالهه تان فدا حسين ڦودنو ڏاڍو گدگد ٿيو، هو کلي کلي کيرو ٿي پيو. هن سان گڏ طوطو به کلڻ لڳو. مون کي فدا حسين تي گهٽ، ۽ فدا حسين جي طوطي تي وڌيڪ ڪاوڙ آئي، مون طوطي کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”بدبخت طوطا. تون به مون تان کلي رهيو آهين!“
    طوطي چيو،”چانهن جي پتي ملي رهي آهي.“
    ”اهو ته ٺـيڪ آهي، ته چانهه جي پتي ملي رهي آهي.“ چيم، ”پر تون مون تان کلين ڇو ٿو!“
    طوطي چيو،”چانهن جي پتي ملي رهي آهي.“
    ”ڏاڍو ڪو بيوقوف طوطو آهين“ ڪاوڙ وچان چيم، ”ڳالهه منهنجي پنجٽيهين عشق، ڊمپل ڊسوزا، ۽ اسپتال ۾ مرڻ جي هلي رهي هئي.“ چيم، ”تون هڪ بيوقوف طوطو آهين. تڏهن به کلين ٿو.“
    طوطي چيو، ”چانهن جي پتي ملي رهي آهي.“ ■
    1977



    ● انهن ڏينهن ۾ ملڪ مان چانهن جي پتي غائب ٿي وئي هئي.



    ٻليءَ جي خواب ۾ ڇڇڙا

    ٻليءَ جي خواب ۾ ڇڇڙا

    ”اڄ اچ ته ڪجهه اهم مسئلن تي گفتگو ڪريون.“
    ”منهنجو پڻ اهو ئي خيال آهي. مان ان ارادي سان تو وٽ آيو آهيان.“
    ”ڏاڏو سٺو ڪيو اٿئي. اجائين سجائين ڳالهين ۾ اسان پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪيو آهي. اڄ فقط اهم تمام گنڀير مسئلن ۽ معاملن تي ڳالهائبو.“
    ”ٺيڪ آهي. اسان کي پنهنجو وقت وڃائڻو نه آهي.“
    ”موسم جو ڪهڙو حال آهي.“
    ”ڪجهه ڏينهن کان گرمي ۽ گُهٽ وڌي ويئي آهي.“
    ”مينهن ڇو نه وٺو آهي؟“
    ”اسين جڏهن اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن ماستر صاحب اسان کي مينهن وسڻ جو سبب سمجهائيندو هو.“
    ”ڇا چوندو هو؟“
    ”هو چوندو هو ته ڪڪر سمنڊ مان پاڻي پي آسمان ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ اتان مينهن وسائيندا آهن.“
    ”سٺي ڳالهه آهي.“
    ”ٻي اهم ڳالهه . تنهنجي ٻليءَ جو ڪهڙو حال آهي؟“
    ”ڏاڍا خواب ٿي ڏسي.“
    ”ڇا ٿي ڏسي خواب ۾؟“
    ”ڇيڇڙا!“
    ”مان خواب ۾ چڪن تڪو ڏسندو آهيان.“
    ”اهو به ڳالهائڻ لاءِ اهم مسئلو آهي.“
    ”ها سائين، ان کان وڌيڪ پاڪستان ۾ ٻيو ڪهڙو مسئلو اهم هوندو!“
    ”تنهنجي ٻليءَ هڪ دفعي ست ڪوئا کاڌا هئا، پوءِ ڇا ٿيو هو.“
    ”هن پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏني هئي. کيس پاسپورٽ نه مليو، تڏهن کيس بدهاضمو ٿي پيو، اينزائيم سيرپ جي سڄي شيشي پيئڻ کان پوءِ سامت ۾ آئي.“
    ”مان سمجهان ٿو تنهنجي ٻليءَ بيمار ڪوئا کاڌا هوندا.“
    ”ها، انهن مان ڪجهه ڪوئا ته قدرتي هئا، باقي ڪوئا سڪس ملين ڊالر مين وانگر بايانڪ هئا، يعني نقلي هئا. منهنجي ٻليءَ کين سولائيءَ سان هضم نه ڪري سگهي.“
    ”ڀلا تنهنجي ٻلي هش ۾ خوش ٿيندي آهي!“
    ”بيحد.“
    ”يار منهنجو ڪتو اڄ ڪلهه مزي ۾ ناهي.“
    ”ڇو! خواب ۾ هڏو نه ٿو ڏسي ڇا؟“
    ”جام هڏا ٿو ڏسي خواب ۾،“
    ”پوءِ ڪيئن مزي ۾ نه آهي؟“
    ”خواب جي هڏن تي پيٽ نه ٿو ڀرجيس.“
    ”ڪنهن ماهر نفسيات کي ڏيکارينس.“
    ”ڪتي کي، يا ماهر نفسيات کي؟“
    ”ڪتي کي؟“
    ”ٻي اهم خبر ٻڌي اٿئي؟“
    ”ڪهڙي؟“
    ”فدا حسين ڦودني جي طوطي کي زڪام ٿي پيو آهي.“
    ”فدا حسين جو طوطو جوڻ مٽائي ڏيڏر ٿي پيو آهي ڇا؟“
    ”ڏيڏر ٿئي ها، ته ٽان ٽان ڪري ها. پر ڦودني جو طوطو چوي ٿو چانهن جي پتي ملي رهي آهي. سڀ ٺيڪ آهي.“ ● ■
    1977



    ● ضياالحق جي مارشل لا جا شروعاتي ڏهاڙا هئا. لکڻ پڙهڻ تي پهرا لڳل هئا.


    اوهين جيڪڏهن فقط انسان آهيو

    اوهين جيڪڏهن فقط انسان آهيو

    سائين، اوهين جيڪڏهن فقط ماڻهو آهيو، يعني فقط انسان آهيو، ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ شاديءَ جو پروگرام رٿي رهيا آهيو. ته پوءِ توهان کي تڪڙ کان ڪم وٺڻ گهرجي. شاديءَ جي پروگرام کي هڪدم جامو ۽ پائجامو پارائڻ لاءِ اوهان کي هڪدم عملي قدم کڻڻ گهرجي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته اوهين جيڪڏهن فقط انسان آهيو ۽ ٻيو ڪجهه به نه آهيو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ اوهان جي شادي نه ٿيندي. اڄ ڪلهه پڻ اوهان جي شادي وڏن جتن کان پوءِ ٿيندي. پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اوهان جي شادي هرگز نه ٿيندي. اوهين اخبارن ۾ اشتهار ڏياريندا - ته مان هڪ برسر روزگار نوجوان، پڙهيل، صحتمند ۽ ٺاهوڪو، مڪمل طرح انسان، هڪ نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو خواهشمند آهيان. ذات پات ۽ رنگ ۽ نسل جي ڪا پابندي نه آهي. مون سان هيٺ ڏنل ايڊريس تي لک پڙهه ڪريو. پر ڪو به اوهان سان لک پڙهه نه ڪندو. ڪوبه اوهان جي اشتهار تي ڌيان نه ڌريندو. اوهين فقط انسان هئڻ جي ڪري هميشه هميشه لاءِ ڪنوارا رهجي ويندا.
    اسان جي دوست ڌڻي بخش ڌني جي هڪ مائٽ نالي قادر بخش ويجهڙائي ۾ شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ هو ناڪام ٿيڻ کان پوءِ باڪسنگ جي مشق ڪري رهيو آهي، ۽ عنقريب نيويارڪ وڃي محمد علي ڪلي سان مقابلو ڪندو. باڪسنگ جي مقابلي ۾ ڌڻي بخش جو مائٽ قادر بخش کٽندو يا نه، ان جي خبر خدا کي آهي. ان بحث سان اسان جو بحث نه آهي. شاديءَ جي سلسلي ۾ قادر بخش جو ڇوڪرين جي مائٽن جهڙي نموني انٽرويو ورتا، سي ڪجهه هن قسم جا هئا:
    انٽرويو نمبر 1
    ”منهنجو نالو قادربخش آهي. مان هڪ شريف نوجوان آهيان. برسر روزگار به آهيان تنهنڪري شاديءَ لاءِ آرزو مند آهيان.“
    ”ڇا ڪندو آهين؟“
    ”پڙهائيندو آهيان.“
    ”اسين توکي پنهنجي ڇوڪريءَ جو سڱ نه ڏينداسين.“
    انٽرويو نمبر 2
    ”تون ڇا ڪندو آهين، مسٽر قادر بخش؟“
    ”سائين، مان پڙهائيندو آهيان، ۽ سڄو ڏينهن جان بنائيندو آهيان.“
    ”ڇا تون سني آهين، قادر بخش؟“
    ”نه سائين، مان سني نه آهيان.“
    ”اسين توکي سڱ نه ڏينداسين.“
    انٽرويو نمبر 3
    ”مسٽر قادر بخش، اهو ٻڌي اسان کي خوشي ٿي آهي ته تون هڪ نيڪ نوجوان آهين، ۽ جان بنائيندو آهين. ڇا تون شيعو آهين، قادر بخش؟“
    ”نه سائين. مان شيعو نه آهيان.“
    ”اسين توکي سڱ نه ڏينداسين، قادر بخش.“
    ڳالهائڻ اتي دنگ نه ڪيو آهي. اخبارن ۾ شاديءَ جا اشتهار ڏسي توهين محسوس ڪندا ته توهين جيڪڏهن فقط انسان آهيو ته پوءِ اوهان جي شادي هرگز نه ٿيندي. ڳالهه سنين ۽ شيعن کان اڳتي نڪري ويئي آهي. سکر جي سني نوجوان لاءِ سکر جي سني ڇوڪري گهرجي. شڪارپور جي شيعا ڇوڪريءَ لاءِ شڪارپور جي شيعه نوجوان جي ڳولا آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ شهرن بدران پاڙن جا اشتهار ايندا. صدر ڪراچيءَ جي سني نوجوان لاءِ صدر ڪراچيءَ جي سني ڇوڪري گهرجي. اوهين قادر بخش وانگر جيڪڏهن فقط انسان آهيو ته پوءِ اوهان جي شادي هرگز نه ٿيندي. اهڙي صورتحال ۾ اوهان کي جان بنائڻي پوندي ۽ محمد علي ڪلي سان باڪسنگ جي تياري ڪرڻي پوندي. ■
    1977




    اسان غريب عوام جا غريب نمائندا

    اسان غريب عوام جا غريب نمائندا

    اسان جي جگري دوست ڌڻي بخش جي مائٽ قادر بخش جو ٽيون نمبر مامو مولابخش وڏو ڪاريگر شخص آهي. هو مئل نانگ جي کل ۾ بنهن ۽ ڪپهه ڀري ماڻهن کي ڊيڄاريندو آهي. بناسپتي گيهه جي خال دٻن مان ٽيليفون ٺاهيندو آهي. هٿ ڇڏي سائيڪل هلائيندو آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سياست جو متوالو آهي.
    قادر بخش جي ٽئين نمبر مامي مولابخش کان هڪڙي ڏينهن مون پڇيو، ”ماما مولا بخش، اسان مسڪين قوم جا مخلص نمائندا ايتريقدر مفلس ۽ ڪنگال ڇو آهيون؟“
    مامي مولابخش چيو، ”ٻچا، عوامي نمائيندن جي ملڪيت جا انگ اکر ته نه پڙهي آيو آهين!“
    چيم، ”ها ماما، اسان جا نمائيندا ويچارا ڪيترا نه غريب ۽ لاچار آهن. الا، هو ته اسان کان به ڪنگلا آهن!“
    ان وقت مامو مولابخش هڪ مئل نانگ جي کل ۾ بنهن ۽ ڪپهه ڀري رهيو هو، مون کيسي مان مروڙيل اخبار ڪڍي ورتي، ۽ مخلص نمائيندن جي ڪنگال حاليءَ جا انگ اکر پڙهڻ لڳس.
    مامي مولابخش پڇيو، ”ٻچا، شاديءَ جا اشتهار پيو پڙهين ڇا؟“
    چيم، ”نه، ماما.“
    نانگ جي کل ۾ ڪپهه ڀريندي پڇيائين ،”سچ کي ڪوڙ، ۽ ڪوڙ کي سچ ڪرڻ واري خبر پيو پڙهين ڇا!“
    مون ڪنڌ ورائي مامي ڏانهن ڏٺو.
    مامي مولابخش چيو،”مان مئل نانگ جي کل ۾ جڏهن بنهن ۽ ڪپهه ڀري سندس پيٽ سبي ڇڏيندس. تڏهن هيءَ نانگ جيئرو لڳندو ۽ ماڻهو ڊڄي ويندا.“
    چيم، ”ماما، هن وقت مان غريب عوام جي غريب ۽ مفلس نمائيندن جي ملڪيتن جا انگ اکر پڙهي رهيو آهيان.“
    مامي پڇيو، ”منهنجي هڪڙي صلاح مڃيندين؟“
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    مامي چيو، ”ملڪيتن جا انگ اکر پڙهڻ ڇڏي ڏي.“
    حيرت وچان پڇيم، ”ڇو ماما؟“
    چيائين، ”اجايو روئي پوندين، پوءِ روئيندي روئيندي درويش ٿي پوندين.“
    چيم، ”مان ڪوشش ڪندس ته غريب عوام جي غريب نمائيندن جي غربت تي ڳوڙها نه ڳاڙيان.“
    پر پوءِ، اوچتو منهنجين اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، ۽ مان روئڻ لڳس، چيم، ”ماما مولابخش، هن ويچاري ايم اين اي جي ملڪيت جا تفصيل ته ٻڌ. اڍائي هزار ايڪڙ زمين، چار ٽريڪٽر، ٽي موٽرون. هڪ جيپ، ٻه بنگلا، هڪ هزار تولا سون. ۽ بينڪ بيلنس فقط ٻارنهن لک رپيا. اُف، ويچارو ڪيئن زندگي گذاريندو هوندو! ۽ ماما، هن نمائيندي وٽ فقط اٺ هزار تولا سون، چار پيٽرول پمپ، چار بنگلا، ست موٽرون ٻه هزار ايڪڙ زمين، ۽ بينڪ ۾ فقط ارڙهن لک رپيا. ڪيڏا غريب آهن ويچارا. تڏهن ته اسان غريبن جا همدرد ٿي پيا آهن، ۽ ماما هن ويچاري وٽ . . . . . . “
    ماما مولابخش هڪدم منهنجي هٿ مان اخبار کسي ورتي. چيائين، ”صبر ڪر ٻچا، اسان غريبن جا نمائيندا بيحد غريب آهن. ان سلسلي ۾ جيترو وڌيڪ سوچيندين، اوترو وڌيڪ زنجيده ٿيندين ۽ پوءِ اسان جي دوست ڪريم بخش وانگر روئيندي روئيندي درويش ٿي پوندين.“
    مون مامي کان پڇيو،”ڪريم بخش ڪٿي آهي. اڄ ڪلهه!“
    مامي چيو، ”ورهيه ٿيا جو ، ڪريم بخش روئيندي روئيندي گذاري ويو.“
    ”ورهيه ٿيا؟“ مون عجب وچان پڇيو.
    ”ها ٻچا، ورهيه ٿيا.“ مامي مولا بخش چيو، ”اڄ ڪلهه ڪريم بخش جي مقبري تي هر جمعرات تي قوالي ٿيندي آهي.“
    ”پر ماما!“ مون عجب وچان چيو،”ملڪيتن جا تفصيل ته ڏهن، پنڌرهن ڏينهن کان اچڻ لڳا آهن تنهنجو دوست ڪريم بخش اڳواٽ ڪيئن گذاري ويو!“
    ماما مولا بخش مئل نانگ جو پيٽ سبندي چيو،”ٻچا، اسين غريب ڏاڍا خوش نصيب آهيون جو اسان کي شروعات کان نهايت غريب ۽ مفلس نمائيندا ملندا رهيا آهن. مثال طور غريب، ٽوانا غريب دولتانا، غريب کهڙا، غريب نون، غريب حيات، غريب عباسي ۽ غريب ڪالاباغ. ڪريم بخش به انهن مخلص ۽ غريب نمائيندن جي غربت جا تفصيل پڙهي روئي پيو، ۽ پوءِ روئيندي روئيندي درويش ٿي پيو، ۽ هڪڙي ڏينهن مري ويو.“
    دردناڪ احوال ٻڌڻ کان پوءِ مون موجوده دور جي نمائيندن جي غربت تي روئڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. ۽ مان زمان ماضي قريب، زمان ماضي بعيد، زمان ماضي استمراريءَ جي غريب ۽ مفلس نمائيندن جي غربت تي روئڻ لڳس. ● ■
    1977


    ● پنجٽيهه چاليهه سال اڳ هڪ لک ررپيا اڄوڪي دور جي هڪ ڪروڙ کان به سرس سمجهيا ويندا هئا.



    سڀ ڪجهه مزي ۾ آهي

    سڀ ڪجهه مزي ۾ آهي

    ”اڙي ڌنا، تون!“
    ”ها جاڙا، مان.“
    ”ڪر خبر، ڪيئن آهين؟“
    ”موج ۾ آهيان.“
    ”اوڙو پاڙو؟“
    ”آنند ۾ آهي. تون ڪر خبر؟“
    ”مان به مزي ۾ آهيان، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي چڪر ۾ آهيان.“
    ”بلي!“
    ”ڪا نئين تازي خبر.“
    ”گونگن کي راڳ ڳائيندي ۽ ٻوڙن کي داد ڏيندي ڏٺو اٿم.“
    ”عجيب اتفاق آهي!“
    ”ڪيئن؟“
    ”مون لولن ۽ پنگلن کي رقص ڪندي، ۽ انڌن کي داد ڏيندي ڏٺو آهي.“
    ”ان جو مطلب آهي ته هر طرف سک ئي سک آهي.“
    ”ها. ٽڪي سير کاڄا وڪامي رهيا آهن.“
    ”هتي کاڄا به ملندا آهن ڇا؟“
    ”ماڻهن بوهي مڱن کي کاڄا قبول ڪري ورتو آهي.“
    ”اهو شخص جنهن ڦٿل ناسپاتيءَ کي صوف قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، سو هينئر گند جي ڍيرن مان سگريٽن جون خالي دٻيون ڳولي رهيو آهي.“
    ”ڪجهه ڏينهن اڳ مون سنڌ جي هڪ نامياري دانشور کي ڳالهائيندي ٻڌو هو.“
    ”ڇا پئي چيائين؟“
    ”پاڻ وڻائڻ جا نسخا پئي ٻڌايائين.“
    ”ڪهڙا؟“
    ”پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ آهين ڇا؟“
    ”ها.“
    ”ته پوءِ توکي سنڌي دانشور جي زرين اقوال تي عمل ڪرڻو پوندو. سندس نسخي تي عمل ڪرڻ سان تون نهايت آرام جي زندگي گذاريندين ۽ ڪڏهن مصيبت جو منهن نه ڏسندين.“
    ”يار وارو ڪر. ٻڌاءِ اهي نسخا.“
    ”نسخو نمبر هڪ- ڊينڊن جي وچ ۾ قداور ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪجي، قداور هئڻ جي حيثيت ۾ ڊينڊين جي لوڌ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بانبڙا پائڻ گهرجن.“
    ”سٺو نسخو آهي.“
    ”نسخو نمبر ٻيو- ڪاڻن جي وچ ۾ ڪاڻو ٿي رهجي، ۽ پنهنجي هڪ اک ڪڍائي ڇڏجي.“
    ”عاليشان اصول آهي.“
    ”نسخو نمبر ٽيون- اوندهه کي ڪڏهن به اوندهه نه سڏجي، اوندهه کي هميشه روشني چئجي.“
    ”اهو نسخو به واهه جو آهي!“
    ”منهن هميشه چڙهندڙ سج ڏانهن ڪجي.“
    ”ڀل ته پٺ ڪعبي ۽ ڪاشيءَ ڏانهن ٿئي؟“
    ”ڪو ڀولو ڪونهي. پاڻ وڻائڻ ۽ مصيبتن کي ٽارڻ لاءِ ڪعبي ۽ ڪاشيءَ کي پٺي ڏيئي، منهن چڙهندڙ سج ڏانهن ڪري ڇڏجي.“
    ”اسان جي هڪ دوست هوٽل ۾ ماني کائڻ مهل ڪڪڙ جو ٻوڙ گهرايو. بيرو هن کي دال ڏيئي ويو. اسان جي دوست اعتراض ڪيو، بيرو به ضد تي رهيو ته دال ئي اصل ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ هئي.“
    ”مون کي رات جو ننڊ نه ايندي آهي.“
    ”تون چيچي چمڙو ٿي پيو آهين.“
    ”ها، تون درست ٿو چوين، مان اوندهه ۾ پري تائين ڏسي سگهندو آهيان.“ ■
    1977




    ڌني جي واپسي

    ڌني جي واپسي

    گذريل هفتي ڌنو اوچتو ئي اوچتو اسلام آباد کان اچي نڪتو.
    ڌڻي بخش ڌنو ۽ مان تڏهن کان دوست آهيون جڏهن اسين ڪراچيءَ جي قديم سنڌي اسڪول رتن تلاءَ ۾ پڙهندا هئاسين. بهارن ۾ گڏ رهيا آهيون. خزائن ۾ گڏ رهيا آهيون. آزمائشن ۾ گڏ رهيا آهيون. امتحانن ۾گڏ رهيا آهيون. هڪ ٻئي کان ڌار ٿي، وري ملندا رهيا آهيون. مان گذريل ستن سالن کان اسلام آباد ۾ آباد آهيان. ڌني چواڻي برباد آهيان. اسان جون محفلون ۽ ملاقاتون گهٽ ٿي ويون آهن. قسمت سانگي ڪراچي وڃڻ ٿيندو آهي ته ڌني سان ضرور ملندو آهيان ۽ ذري گهٽ سمورو وقت ڌني سان گذاريندو آهيان. ڪنهن ڪنهن وقت ڌنو اسلام آباد هليو ايندو آهي. مون وٽ اچي رهندو آهي. جيترو وقت مون وٽ هوندو آهي، ماضيءَ کي ورجائيندو ۽ اٿلائيندو رهندو آهي. چيني سان طرحين طرحين جون شرطون لڳائيندو آهي، ۽ سموريون شرطون هارائي ويهندو آهي.
    هن دفعي آيو. حال احوال ورتو مانس. چيائين، ”مان خبر رسان ايجنسي نه آهيان. ڪي به ٽي احوال پڇ. ٽي جواب ڏيندو مانءِ.“
    پڇيومانس. ”سنڌ ڪيئن آهي ڌنا؟“
    چيائين ”جڏهن کان توکي سنڌ مان تڙيو اٿائون ملڪ ۾ سانت آهي. ستن سالن کان سنڌ ۾ نه ڌڙا لڳا آهن نه چوريون ٿيون آهن نه خون ٿيا آهن“.
    چپن تي اداس مرڪ تري آئي.
    ”ڪنهن فلم جي برباد عاشق وانگر نه کل، بيوقوف.“
    پڇيومانس، ”ڀلا ڍور ڍڳا ڪيئن آهن؟“
    ”ڏاڍي مزي ۾ آهن.“ ڌني چيو،”ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن ۽ جايون اڏائي رهيا آهن.“
    پڇيومانس، ”اوڙو پاڙو ڪيئن آهي؟“
    چيائين،”ماڻهن درن کي تالا هڻڻ ڇڏي ڏنا آهن، تنهنجي حال احوال جا ٽي سوال ختم ٿيا.“
    ”برابر.“ چيم، ”ڀلا پنهنجي اوچتي آمد متعلق ڪجهه ٻڌائيندين؟“
    چيائين،”توکي ٽي راز ٻڌائڻ آيو آهيان.“
    پڇيم، ”ڪهڙا ٽي راز؟“
    چيائين، ”پهريون راز، صوبائي ۽ وفاقي سطح تي ڪهڙا ڪهڙا ڪامورا، ڪهڙن ڪهڙن صاحبن لاءِ تقريريون لکندا آهن!“
    چيم، ”ان راز سان منهنجي تر جيتري به دلچسپي نه آهي.“
    ”آئي ايم سوري.“ ڌني چيو، ”ٻيو راز، ڪهڙا ڪهڙا بندرا ۽ ڊينڊا، بلڪه ڄامڙا ڪهڙي نموني قدوار ٿي پيا آهن!“
    چيم، ”ڌنا، ان راز سان به منهنجي ڪا دلچسپي نه آهي.“
    ”ويري بيڊ!“ڌني چيو، ”ٽيون راز، ڪيتري دير تائين ڪوڙ تي ڳنڍ ٻڌڻ کان پوءِ ڪوڙ نسورو سچ محسوس ٿيندو آهي!“
    چيم،”يار ان راز سان به منهنجي ڪا دلچسپي نه آهي.“
    ”ته پوءِ گڊ نائيٽ!“ ڌنو ليٽي پيو. چيائين، ”اڄ رات ٽي خواب ڏسندس، خوابن جو ذڪر توسان صبح جو ڪندس.“ ■
    1977




    ڌڻي بخش ڌني جا ٽي ڪم

    ڌڻي بخش ڌني جا ٽي ڪم

    ڌڻي بخش ڌنو گذريل هفتي اسلام آباد آيو هو. مون وٽ اچي رهيو هو. پهچڻ شرط اعلان ڪيائين،”ٽن ڏينهن لاءِ اسلام آباد آيو آهيان، ۽ ٽي ڪم کڻي آيو آهيان.“
    پڇيومانس، ”ٽي ڪم ڪهڙا کڻي آيو آهين؟“
    جواب ڏنائين، ”سڀ کان اڳ ته توکان ٽي سوال پڇڻا اٿم، ۽ تنهنجا جواب سنڌ تائين پهچائڻا اٿم.“
    پڇيومانس، ”سي آئي ڊيءَ ۾ نوڪري ڪئي اٿئي ڇا؟“
    وراڻيائين، ”ته پوءِ تنهنجي خلاف هڪ عدد ٻي انڪوائريءَ لاءِ مواد حڪومت تائين پهچي چڪو هجي ها.“
    پڇيم،”ته پوءِ ڪهڙا ٽي سوال آهن. سياسي ته نه آهن؟“
    پڇيائين،”سياسي سوالن جو جواب نه ڏيندين ڇا.“
    چيم، ”نه.“
    پڇيائين،”ڇو؟“
    چيم،”اسان جي ملڪ ۾ سياست تي اڻ پڙهيل وڏيرا، چوڌري، خان ۽ سردار ڳالهائيندا آهن، مان انهن مان ڪجهه به نه آهيان. جيئڻ لاءِ جتن ڪندو آهيان.“
    چيائين، ”اتفاق سان ٽيئي سوال غير سياسي آهن.“
    چيم،”ته پوءِ بسم الله ڪر.“
    پڇيائين، ”ملن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏاڙهي رکائي اٿئي؟“
    جواب ڏنم”ڪير ٿو چوي ڏاڙهي رکائي اٿم! اصل ۾ ڏاڙهي ڪوڙڻ ڇڏي ڏني اٿم.“
    ٻيو سوال پڇيائين،”هلال پاڪستان ۾ ٻيهر ڪالم ڇو شروع ڪيو اٿئي؟“
    چيم، ”ماڻهن ۾ افراتفري، بيچيني ۽ بدمعاشي ڦهلائڻ لاءِ.“
    ڌني ٽيون سوال پڇيو،”گذريل ڇهن ستن سالن ۾ جيڪي افسانا لکيا اٿئي، پر شايع نه ڪرايا اٿئي، انهن افسانن جو ڇا ڪندين؟“
    چيم، ”اهي افسانا ايڪسپورٽ ڪندس، ۽ ڪروڙين رپيا ڪمائي سمگلنگ جو ڌنڌو شروع ڪندس، ۽ آخر ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندس.“
    ڌني چيو، ”منهنجن ٽن ڪمن مان هڪ ڪم پورو ٿيو.“
    پڇيم، ”باقي ٻه ڪم ڪهڙا ڪندين؟“
    چيائين، ”اهڙن ٽن اهم ماڻهن سان ملڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪي چوَن هڪڙي ڪن ٻي.“
    چيم، ”تون ٽن صدين تائين اهڙن اهم ماڻهن سان ملي نه سگهندين.“
    ڌني چيو،”ته پوءِ مان ٽنهي ڄڻن جي ٽنهي پرائيويٽ سيڪريٽرين سان ملندس.“
    چيم،”تون ٽنهي پرائيويٽ سيڪريٽرين جي ٽن پٽيوالين سان به ملي نه سگهندين.“
    ڌني چيو،”ته پوءِ ٽي داغ کڻي موٽي ويندس.“
    پڇيم، ”ٽيون ڪم ڪهڙي نوعيت جو اٿئي.“
    وراڻيائين،”هڪ عورت سان ملندس، جنهن مون سان ٽي واعدا ڪيا هئا.“
    پڇيم،”ڪهڙا ٽي وعدا؟“
    جواب ڏنائين،”جڏهن مون سان محبت ڪندي هئي، تڏهن چيو هئائين ته مون سان شادي ڪندي، ٻيو واعدو ڪندي چيو هئائين ته مون سان شادي ڪري نه سگهي ته پوءِ ڪنهن سان به شادي نه ڪندي. ٽيون واعدو ڪيو هئائين ته جيڪڏهن مائٽن سندن شادي ٻئي ڪنهن شخص سان ڪرائي ڇڏي ته پوءِ آپگهات ڪندي.“
    پڇيم،”ڇا هن ڪو به واعدو وفا نه ڪيو آهي؟“
    جواب ڏنائين،”هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش آهي، ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ آهي.“
    پڇيم،”پوءِ تون ڇا ڪندين؟“
    وراڻيائين،”مون کانئس ٽي رپيا اڌرا ورتا هئا، اهي ٽي رپيا سود سميت موٽائي، کيس ٽي دعائون ڏيئي، مان ٽن ڏينهن جي اندر موٽي ويندس.“ ■
    1980




    سب چلتا هے

    سب چلتا هے


    هيءَ ڪالهوڪي واقعي جي ڳالهه آهي. مان پنهنجي دوست ڌڻي بخش ڌني سان ملڻ ويو هوس. ڌڻي بخش ڌنو ڪافي عرصي کان اسلام آباد ۾ آهي، ۽ هڪ محڪمي جو ذري گهٽ سربراهه آهي، جنهن گهٽيءَ ۾ اوهين ڪو اهڙو ٻار ڏسو جنهنجو مٿو تئي وانگر ويٺل، وار تيل ۾ ڀت ٿيل، اکين مان وهي نڪتل سرمو، ۽ نڪ سنگهه يعني گوبي سان ڀريل هجي. اکيون بند ڪري اعتبار ڪجو ته اها گهٽي ڌڻي بخش ڌني جي آهي. اڄ تائين ڪنهن به دوست کي خبر پئجي نه سگهي آهي ته ڌڻي بخش ڌنو ڪهڙي سيڪٽر ۾ رهندو آهي، کيس ملڻ لاءِ اسين اهڙي ٻار جي تلاش ڪندا آهيون، جنهنجو مٿو ويـٺل هجي، وار تيل ۾ ڀت ٿيل هجن، اکين مان سرمو ٺينڍيون ڪري نڪري آيل هجي ۽ نڪ گوبي سان ڀريل هجي، جنهن کي اهو ٻار ساهه سان ڇڪي ناسن اندر ڪندو هجي ۽ گهڙي کن گوبو وري ٻاهر نڪري سندس چپن تائين وهي وهي اچي. اهڙي ٻار کي هٿ ڪرڻ ۾کانپوءِ ڌڻي بخش ڌني کي هٿ ڪرڻ ڏکيو نه آهي!

    ڌڻي بخش سان ملڻ سندس گهر نه ويو هوس. مان سندس آفيس ويو هوس. سندس آفيس هڪ ڏهه ماڙ عمارت جي ٽين ماڙ تي آهي. ڌڻي بخش جي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کي خبر آهي ته مان ڌڻي بخش جو پڳ مٽ يار آهيان، تنهنڪري هو مون کي بنا روڪ ٽوڪ جي ڌڻي بخش جي آفيس ۾ لنگهي وڃڻ کان ڪڏهن نه روڪيندو آهي.
    مان ڌڻي بخش جي آفيس ۾ داخل ٿيس. ڌڻي بخش غائب! ٻه چار دادا گير قسم جا ماڻهو، مڇريل. سندس آفيس ۾ فرنيچر هيٺ مٿي ڪري رهيا هئا ۽ شين کي ٿڏا هڻي رهيا هئا. مون سمجهيو. ڪوئا مار ڪمپنيءَ جا آهن.ڌڻي بخش جي آفيس مان ڪوئا مارڻ، يا ڀڄائڻ آيا آهن.
    هنن رڙ ڪئي،”اڙي ڪٿي آهين ڪوئا! ٻاهر نڪري آءُ.“
    مون کي پڪ ٿي ويئي ته دادا گير قسم جا ماڻهو ڪوئا مار ڪمپنيءَ جا ملازم هئا، ۽ نهايت ايماندريءَ سان پنهنجو فرض انجام ڏي رهيا هئا.
    ”بزدل ڪوئا، سامهون اچ.“
    ”ڪوئي جا پٽ، ڪٿي لڪل آهين.؟“
    ڪوئا مار ڪمپنيءَ جي ڪارڪنن جو جوش خروش ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيس. فخر وچان منهنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويو. مون هڪڙي ڪارڪن کان پڇيو.”ڀائو، توهان تمام ايمانداريءَ سان ڪوئي کي ڳولي رهيا آهيو، پر منهنجو يار ڌڻي بخش ڌنو ڪٿي آهي؟“
    ”اڙي! تون وري ڪير آهين!“ هنن ڏمر وچان پڇيو.
    ”منهنجو نالو سنڌي گدڙ آف اسلام آباد آهي. مان ڌڻي بخش ڌني جو دوست آهيان.“
    ”تنهنجو دوست هن ميز هيـٺان لڪل آهي.“
    ”ڪوئو پيو ڳولي ڇا؟“
    ”هو پاڻ ڪوئو آهي، اسان کان لڪي ويٺو آهي.“
    مون هيٺ جهڪي، ميز جو جائزو ورتو، برابر، ڌڻي بخش ڌنو ميز هيٺان وڇايل غاليچي جي هيٺيان گهڙي ويو هو، ۽ پاڻ کي سوگهو ڪري ويهي رهيو هو.
    مون کي خبر هئي، ۽ خبر آهي ته ڌڻي بخش ڌني اسلام آباد ۾ ڏکيا سکيا ڏينهن گذاريا آهن، پر هن ڪڏهن به، ۽ ڪنهن کان قرض نه کنيو آهي ته پوءِ ڪوئا مار ڪمپنيءَ جا ڪارڪن مڇريل ڇو هئا!.
    مون ڪارڪنن کان پڇيو، ”ڀائو، ڌڻي بخش توهان کان قرض ورتو آهي ڇا؟“
    ”قرض وري ڇا جو!“ هنن ڪاوڙ وچان چيو، ”اسين يونين جا نمائندا آهيون“
    ”او!“مون سک جو ساهه کنيو، هيٺ جهڪي ڌڻي بخش کي چيم، ”ڌنا، نڪري آءَ، يار، هي يونين جا ماڻهو آهن. ياد اٿئي، اسان سڀني گڏجي آمريت خلاف جدوجهد ڪئي هئي.“
    ”هي ڪوئو تنهنجي چوڻ تي ٻاهر نه ايندو. سنڌي گدڙ آف اسلام آباد.“ ڪارڪنن ڌني کي ڪنڌ کان وٺـي، ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.

    ڌنو، ڪرڙيءَ وانگر ڪنبي رهيو هو. ڪارڪنن ٻه چار فائيل ڌني آڏو ميز تي رکيا، رڙ ڪندي چيائون.”ڪوئي جا پٽ، هتي صحيحي ڪر.“
    ”ڪيئن صحي ڪريان!“ ڌني ڪنبندي چيو، ”مون کي خبر آهي ته بجيٽ ۾ اضافي پئسو ڪونهي، پرومشن لاءِ جايون ڪونهن، جيڪي ماڻهو ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيا آهن، انهن کي نوڪريءَ ۾ کڻي نٿو سگهجي. ادارو نقصان ۾ وڃي رهيو آهي، مان چئن مهينن جو بونس ڪٿان ڏيان!“
    ”ڪوئي جا پٽ!“هڪ طاقتور ڪارڪن ڌني کي ڪنڌ کان وڃي ورتو، چيائين، ”هيءَ جمهوري دور آهي، جمهوري دور ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. هنن فائيلن تي صحي ڪر.“
    ڌڻي بخش بيوسيءَ مان مون ڏانهن ڏٺو.
    ”سنڌي گدڙ ڏانهن ڇا ٿو ڏسين.“ ڪارڪن رڙ ڪندي چيو،”صحي ڪر.“
    ” مون ڌني کي چيو، “ڌنا، خيرن سان جمهوري دور موٽي آيو آهي. تون فائيلن تي صحي ڪري ڇڏ. سب چلتا هي“
    ڌني فائيلن تي صحي ڪري ڇڏي. ■

    1990





    رک ۾ چڻنگ ڳوليان ٿو

    رک ۾ چڻنگ ڳوليان ٿو

    اسلام آباد جي بنواس مان ڪجهه ڏينهن لاءِ فرار ٿي ڪراچي آيو آهيان.
    ڦندڻ منهنجو پراڻو پاپي دوست آهي. عامل ڪامل صحافي آهي. هميشه ڦڏي جا ڪم ڪندو آهي ــ مثال طور اجايو سچ ڳالهائيندو آهي. سچ ڳالهائڻ سبب هميشه ڏچي ۾ هوندو آهي.
    ٽيون ڏينهن ڦندڻ مون وٽ آيو. چيائين، ”تون وڏو بدمعاش ٿي پيو آهين. اصل لوفر ٿي پيو آهين. شرم نه ٿو اچيئي جو رات جي ٻارهين کان پوءِ گهر ۾ ڪڪڙ وانگر ويهي ٿو رهين ۽ خواب ٿو ڏسين.“
    چيم، ”بدبخت، گهر ۾ ويهڻ کي تون لوفر پائي ٿو سڏين!“
    چيائين، ”تو جهڙي لاءِ گهر ۾ ويهڻ سؤ فيصد بدمعاشي ۽ لوفر پائي آهي.“
    ڪو چاڙهو نه ڏٺم. ان وقت رات جا ساڍا ٻارهن ٿيا هئا. ڦندڻ ڦڏي جون تازيون خبرون ڪمپوز ڪرڻ لاءِ اخبار جي آفيس ۾ ڏيئي مون وٽ هليو آيو هو. چيائين، ”اشرافن وانگر رات جو رولاڪ ٿيءُ، جيئن اڳ هوندو هئين. گهر ۾ ڪڪڙ وانگر ويهڻ واري بدمعاشي ڇڏ.“
    چيم، ”هلان ٿو يار ــ وڙهين ڇو ٿو!“
    ڦندڻ چيو، ”خبردار جو بوٽ پاتو اٿئي. اڳ چمپل ۾ ڌڪا کائيندو هئين، ۽ هينئر وري بوٽ ٿو پائين! تون پڪو لوفر ٿي پيو آهين.“
    ڊپ وچان بوٽ نه پاتم. چمپل ۾ ٻاهر نڪتس. ٻاهرين در کي تالو هنيم. ڦندڻ وڏو ٽهڪ ڏنو. پڇيو مانس، ”اڙي کلين ڇو ٿو!“
    ڦندڻ کلندي چيو، ”گدڙ، لڳي ٿو ته ڏاڍو مال گڏ ڪيو اٿئي.“
    ڦندڻ سان بحث ڪرڻ، ڀت سان مٿو هڻڻ برابر آهي. خاموش رهيس. اسين لي مارڪيٽ طرف نڪري وياسين. ٽرڪن ۽ ٽيڪسين جي اڏي وٽ هڪ ٻاڪڙا هوٽل ۾ بينچ تي ويهي رهياسين، ۽ ڪڙڪ چانهن جون سرڪيون ڀرڻ لڳاسين، ۽ لتا منگيشڪر جا گانا ٻڌڻ لڳاسين.
    ڦندڻ چيو، ”گدڙ تون هاڻي خلاص ٿي ويو آهين. تنهنجي ڪالم ڪهاڻيءَ مان مزو نڪري ويو آهي.“
    مون کي تعجب نه ٿيو، اها ڳالهه ڪجهه ٻين دوستن به مون سان ڪئي آهي. گهڻن پڙهندڙن جي خواهش آهي ته مان فقط سنڌوءَ، ۽ جيجل ماءُ متعلق ڪالم ڪهاڻيون لکان، ۽ ٻيو ڪجهه نه لکان. اهڙي صورتحال ۾ ڦندڻ جو رايو مون کي اوپرو نه لڳو. چيم، ”مان پڻ محسوس ڪريان ٿو ته ڪالم ڪهاڻيءَ مان مزو نڪري ويو آهي. لوڻ مرچ جي ڪا گڙٻڙ آهي.“
    ڦندڻ پڇيو. ”۽ خبر اٿئي ته، تنهنجي ڪالم ڪهاڻيءَ مان مزو ڇو نڪري ويو آهي؟“
    چيم، ”پابندين ۾ تخليقي ڪم جو نتيجو خاطر خواهه نه نڪرندو آهي.“
    ”نه، اها ڳالهه ناهي.“ ڦندڻ چيو. ”اسان هميشه کان پابنديءَ ۾ لکيو آهي. تنهن ڪري پابنديءَ ۾ لکڻ اسان لاءِ نئون تجربو نه آهي. اهو سنڌي ادب ۽ اديبن جو نصيب آهي.“
    پڇيم، ”ته پوءِ ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟“
    ڦندڻ چيو، ”ڪراچيءَ ۾ هوندو هيئن ته اسان جي محابي سڄي سڄي رات سڙڪن تي رلندو هئين، ۽ زندگيءَ جي درد کي سڌو سنئون پنهنجيءَ دل ۾ محسوس ڪندو هئين. اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ تون ڪڪڙ ٿي پيو آهين. بند ڪمرن ۾ ويهي ماضيءَ جي رک مان تخليق جي چڻنگ ڳولين ٿو.“
    ڦندڻ جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. چيم، ”تون سچ ٿو چوين ڦندڻ.“
    هن پڇيو، ”اها شاليءَ ● وري ڪير آهي؟“
    چيم، ”توکي ڪو اعتراض آهي!“
    ”اعتراض ته ڪونهي.“ ڦندڻ چيو، ”شاليءَ کي ڏسڻ لاءِ مون کي اسلام آباد جي ياترا ڪرڻي پوندي.“ ■





    ● هن ڪهاڻيءَ کان ڪي ورهيه پوءِ شالي منهنجي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جو مرڪزي ڪردار ٿي پئي هئي


    ڊڄو ان ڏينهن کان

    ڊڄو ان ڏينهن کان

    هن اسان ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”توهين ٻئي وڏا بدمعاش آهيو.“
    ڦندڻ وراڻيو، ”اسين ايڏي وڏي اعزاز جي لائق ناهيون، سائين.“
    ”مان توهان ٻنهي کي چڱي طرح سڃاڻان.“ هن چيو، ”توهين ٻئي ڦڏيباز آهيو.“
    ”سائين، اوهان کي پڪ غلط فهمي ٿي آهي. مان عامل ڪامل صحافي ڦندڻ آهيان.“ پوءِ مون ڏانهن اشارو ڪندي ڦندڻ چيو، ”۽ هيءُ آواره گرد آهي. سڄو ڏينهن، سڄي رات رستن تي ڌڪا کائيندو آهي، راشن بچائيندو آهي، ۽ پوءِ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون لکندو آهي.“
    هن ڪرڙي اک سان اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو. ڪجهه دير کان پوءِ چيائين، ”مان توهان ٻنهي کي ڏسي رهندس.“
    ڦندڻ پڇيس، ”ڇو، هينئر اسين اوهان کي ڏسڻ ۾ نٿا اچون ڇا؟“
    ”ڳالهه ٻڌو، پر ڪن کولي ٻڌو.“ هن چيو، ”اوهين ٻئي پنهنجو رويو سڌاريو، نه ته مان توهان ٻنهي کي وڏي نقصان ۾ وجهي ڇڏيندس.“
    ”منهنجا ڪارخانا هلندا آهن، اُهي بند نه ڪرائجو.“ ڦندڻ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”۽ هن ڪنگلي جا جهاز هلندا آهن. اُهي ضبط نه ڪرائجو.“
    ”مون کي معمولي ماڻهو ٿا سمجهو!“ هن اکيون ڦوٽاريندي چيو، ”پر منهنجي ڏيٺ ويٺ معمولي ماڻهن سان ناهي. مان توهان ٻنهي جا ترا ڪڍي ڇڏيندس.“
    مون ڦندڻ کي ڪن ۾ چيو، ”ماڻهو جا ڀل ته سڀ ڪجهه نڪرن، پر ترا نڪرڻ نه گهرجن.“
    ڦندڻ سڙٻاٽن ۾ پڇيو، ”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
    آهستگيءَ سان چيم، ”هن کان پڇڻ گهرجي ته پاڻ ڪهڙي هستي آهي، ۽ اسان کان ڪهڙي شڪايت اٿس؟“
    ڦندڻ هن کان پڇيو، ”سائين، اوهين ڪير آهيو، ۽ اسان ٻنهي کان ڪهڙي سبب ناراض آهيو؟“
    ”مان ڪير آهيان! يعني ڪه مان ڪير آهيان؟“ هن جڪ کائيندي چيو، ”اتي ئي توهان جي بدمعاشي ظاهر ٿي پيئي آهي. مون کان پڇو ٿا ته مان ڪير آهيان!“
    اسان ٻئي ڊڄي وياسين.
    مون ڦندڻ کي چيو، ”هيءُ پاڻ ڪو وڏو ماڻهو آهي يا عنقريب وڏو ماڻهو ٿيڻ وارو آهي. يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو چمچو آهي.“
    ”تون وري ڪن ٿو ڀرينس ڇا؟“ هن هڪدم ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.
    چيم، ”نه سائين. ڦندڻ جي ڪن ۾ مر ڀريل آهي، تنهن ڪري سندس ڪن ۾ ٻيو ڪجهه ڀري نه ٿو سگهجي.“
    ڦندڻ پڇيس، ”سائين، اوهين جيئندا قبلا، اسان بدبختن کان ڪهڙي سبب ناراض آهيو؟“
    ”ڪهڙي سبب ناراض آهيان!“ هن ڪاوڙ وچان چيو، ”مون اوهان کي پنهنجي جوانيءَ جو فوٽو ڏياري موڪليو هو، ۽ چوايو هو، ته منهنجي بيان سان گڏ هميشه منهنجي جوانيءَ وارو فوٽو پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪندا ڪريو، پر اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ۽ منهنجو موجوده، يعني پوڙهي وهيءَ وارو فوٽو شايع ڪيو آهي.“
    ڦندڻ ڪبندي ڪبندي پڇيس، ”اوهان ڪهڙي سلسلي ۾ بيان ڏنو هو، سائين؟“
    ”ڪتن ۽ رڇن واري ويڙهه ۾ مون رڇن جي طرفان بيان ڏنو هو.“ هن چيو، ”مون کي رڇن جي حمايت حاصل آهي، ۽ مان ايندڙ چونڊن ۾ رڇن جي سپورٽ تي بيهندس. ۽ منهن جو انتخابي نشان رڇ هوندو. توهين ٻئي ڊڄو ان ڏينهن کان، جڏهن مان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندس، ۽ توهان ٻنهي کان بدلو وٺندس.“ ■
    1990




    فائيل، جيڪي بند نه ٿيندا آهن

    فائيل، جيڪي بند نه ٿيندا آهن

    14 آگسٽ تي موڪل هئي. ڦندڻ ۽ مان سڄو ڏينهن ڪراچيءَ جي رستن تي رلندا رهياسين، ۽ ڪهاڻين لاءِ مواد گڏ ڪندا رهياسين. ميونسپل ڪارپوريشن جا رستا جڏهن گسائيندي گسائيندي ٿڪجي پياسين، تڏهن سمر سيٽ اسٽريٽ جي هڪ ٻاڪڙا هوٽل ۾ چانهن پيئڻ ۽ دم پٽڻ لاءِ وڃي ويٺاسين.
    ڪڙڪ، ڪوڙي ۽ ٽهڪندڙ چانهه جون سرڪيون ڀريندي ڦندڻ چيو، ”سامهون ڀت تي فلم ’برباد جوانيءَ ‘جو پوسٽر ڏسين ٿو؟“
    پوسٽر ڏانهن ڏسندي، چيم، ”سٺو پوسٽر آهي، ولين اصل ۾ هيرو کان وڌيڪ هينڊسم آهي.“
    ڦندڻ پڇيو، ”پوسٽر جي پاسي ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ٻه شخص ڏسين ٿو؟“
    چيم، ”اتي ٻه ڪرسيون رکيون آهن، ۽ ٻنهي ڪرسين تي ٻه شخص ويٺا آهن. تون ڪهڙي شخص جي باري ۾ پيو پڇين؟“
    وراڻيائين، ”مان ٺوڙهي پوڙهي جي باري ۾ پيو پڇان.“
    ”هن ۾ ڪهڙي خوبي آهي؟“
    ”هيءُ ساڳيو شخص آهي، جنهن ڪالهه اسان جو پريس کان چاڪيواڙي تائين پيڇو ڪيو هو.“
    پڇيائين،”هيءُ ڪير آهي؟“
    مون ٺوڙهي پوڙهي ڏانهن ڏسندي چيو، ”مان سمجهان ٿو، ٽيون ڏينهن جنهن شخص اسان جو ٽيڪسيءَ ۾ پيڇو ڪيو هو، سو هيءُ شخص ئي هو، مون کي پڪ آهي.“
    ڦندڻ چيو، ”مان سمجهان ٿو، هيءَ فرشتو آهي.“
    اسان کي پاڻ ۾ سڙٻاٽ ڪندي ڏسي، ٺوڙهو پوڙهو ڪرسيءَ تان اٿي، اسان جي پاسي ۾ اچي ويٺو. هو سپتيو ماڻهو هو. هڪدم پنهنجي واقفيت ڪرايائين. اسان کان ڪجهه نه لڪايائين. اسان جو شڪ سچو ثابت ٿيو. هو سچ پچ فرشتو هو.
    اسان فرشتو ان شخص کي سڏيندا آهيون، جيڪو ٻين شهرين ۾ ڏوهه، گناهه، سازشون ۽ تحريڪون تلاش ڪندو رهندو آهي، پر پاڻ انهيءَ ڳالهين کان مٿاهون هوندو آهي. سندس کاتي جو ڪوبه ملازم الزام هيٺ نه ايندو آهي. سندس کاتي کي اسين فرشتن جو کاتو سڏيندا آهيون. ڦندڻ، فرشتي کان پڇيو، ”تون اسان ٻنهي جي ڪڍ لڳي پنهنجو وقت برباد ڇو پيو ڪرين؟“
    فرشتي جواب ڏنو، ”سڀ کان اول ته مون کي خانه پوريءَ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن شخص جو پيڇو ضرور ڪرڻو آهي. ان ڪم لاءِ مون اوهان ٻنهي کي چونڊيو آهي. اوهان ٻنهي جا اسان جي کاتي ۾ فائيل کلي ويا آهن.“
    ”فائيل کلي ويا آهن!“ مون حيرت وچان پڇيو، ”آخر ڇو؟“
    وراڻيائين، ”ڇو جو اوهين ٻئي ڪميونسٽ آهيو.“
    ڦندڻ کانئس پڇيو، ”تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي، ته اسين ٻئي ڪميونيسٽ آهيون؟“
    ”مون وٽ تمام پڪو ثبوت آهي.“ ٺوڙهي پوڙهي چيو، ”اوهين ٻئي وڏيرن جي سخت خلاف آهيو. ٻيو، ته اوهين ڪولهين جا همدرد آهيو. بلڪه ڪولهين جو پاسو کڻي، اوهين طبقاتي نفرت پکيڙي رهيا آهيو.“
    پڇيو مانس، ”ته پوءِ ڪڏهن ٿو اسان کي جنت جو سير ڪرائين.“
    جواب ڏنائين، ”خانه پوريءَ لاءِ مان ڪجهه ڏينهن وڌيڪ اوهان جو پيڇو ڪندس. پوءِ، اوهان کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ پنهنجي کاتي کي رپورٽ ڏيندس.“ اسان کي ٺڪاڻي لڳائڻ کان اڳ فرشتي کي الله سائينءَ ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو. پر اسان خلاف کولايل فائيل اڄ تائين کليل آهي. ■
    1990




    مالڪ تون درد ڪٽيندين

    مالڪ تون درد ڪٽيندين

    ڦندڻ جي ٽنگن ۾ سخت سور ٿي پيو آهي. مُرن وٽ سوڄ ٿي وئي اٿس. اسان وارو عامل ڪامل صحافي دوست اڄڪلهه مزي ۾ ڪونهي.
    ڌنو، فدا حسين ڦودنو، ۽ مان کيس پڇڻ وياسين.
    ڦندڻ جي ڪمري مان ڇت وارو پکو غائب هو، ۽ پکي واري ڪنڍي مان هڪ رسي لٽڪي رهي هئي. ڦندڻ پنهنجا پير رسيءَ سان ٻڌي، ڪجهه مٿڀرا ڪري ڇڏيا هئا. سندس باقي بدن کٽ تي پيو هو.
    هن اسان کي کيکاريو.
    ڌني چيس، ”ان رسيءَ ۾ جيڪڏهن پيرن بدران پنهنجو ڪنڌ ٻڌي، ۽ رسي ڪجهه مٿي ڪري ڇڏين ته جيڪر سمورن دردن کان ڇٽي پوين ها.“
    ڦندڻ کلڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڦودني چيس، ”کلڻ جي ڪوشش نه ڪر، اصل ناڪام سياستدان ٿو لڳين.“
    مون ڦندڻ کي چيو، ”تو سڄي عمر ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائي آهي. هينئر نتيجو پيو ڀوڳين.“
    ڌني چيو، ”شڪر ڪريو جو ڦندڻ ٻين جي معاملي ۾ فقط ٽنگ اڙائي آهي، ۽ هينئر ٽنگن جي مرض ۾ وٺجي ويو آهي! بدبخت، جيڪڏهن ٻين جي معاملي ۾ ڪنڌ اڙائي ها، ته جيڪر ڪنڌ وڃائي ويهي ها!“
    ڦندڻ چيو، ”مون کي مُرن ۽ پيرن تي سوڄ ٿي پيئي آهي، تنهن ڪري ٽنگون رسيءَ ۾ ٻڌي ڇڪي مٿي ڪري ڇڏيون اٿم.“
    ڦودني چيو، ”مان سمجهان ٿو، ڦندڻ پيار ۾ ڪو غلط قدم کنيو آهي، تنهن ڪري پيرن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.“
    ڌڻي بخش ڌني چيو، ”ڦندڻ هميشه غلط قدم کنيو آهي، تنهن ڪري هو غلط قدم کڻڻ جو هيراڪ آهي. مان سمجهان ٿو، ڦندڻ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو صحيح قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهن ڪري هينئر نتيجو لوڙهي رهيو آهي.“
    مون کي ڦندڻ جي حال تي رحم آيو. هو آهستي آهستي ماسٽر چندر جو ڳايل ڪلام جهونگاري رهيو هو، ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    مون ڦندڻ کي چيو، ”دل نه لاهه، تون جلد چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويندين، ۽ وري ماڻهن جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش ڪندين.“
    ڦندڻ پاڻ کي ٺونٺين تي مٿي ڪندي چيو، ”مون کي ناز بوءِ آڻي ڏيو.“
    ”اي ٺهيو ٺهيو، ديسي فلاسافر!“ فدا حسين ڦودني ڇڙٻ ڪڍندي چيس، ”تون سولائي سان مرڻ جو ناهين. تون خدا جي اڌ خلق کي پنهنجي وجود سان بور ڪري مارڻ کان پوءِ وڃي ڪو مرندين! في الحال تنهنجي مرڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي.“
    ”ته پوءِ هلو، ته توهان کي آزاد پنڇي هوٽل جي ڪڙڪ گولي مار چانهه هلي پيئاريان.“ ڦندڻ پنهنجا پير رسيءَ مان ڪڍي ڇڏيا. ■

    1990




    ڦندڻ جو پرابلم

    ڦندڻ جو پرابلم

    ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.
    ڦندڻ مون ڏانهن ڏٺو. مون ڦندڻ ڏانهن ڏٺو. ڦندڻ چيو، ”مان سمجهان ٿو، تنهنجي ڪنهن قاتل جي فون آهي.“
    ”ڇو ٿو لنوائين!“ چيم، ”تنهنجي ڪنهن مائٽ جي فون هوندي. وڃي منهن ڏينس.“
    ”نه بابا.“ ڦندڻ مون کي هٿ ٻڌندي چيو، ”مان جن، ڀوت ۽ راڪاس، ۽ سي آءِ ڊيءَ وارن سان ته ڳالهائي سگهان ٿو، پر پنهنجي مائٽ سان هرگز ڳالهائي نه سگهندس.“
    ڦندڻ پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي مون وٽ آيو. نماڻو منهن ٺاهيندي چيائين، ”منهنجي مدد ڪر.“
    مون کي ڦندڻ تي قياس آيو، ڦندڻ جي شادي ٿيل ناهي، سندس مائٽن جي مرضي آهي، ته ڦندڻ جلد کان جلد شادي ڪري، ۽ ٻارن ڄڻڻ جو سلسلو شروع ڪري، ته جيئن خاندان جو نالو روشن رهي. پر، اسان جو عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ شاديءَ لاءِ تيار ناهي. بلڪه، هو شاديءَ کان ووُن ويندو آهي. چوندو آهي، ”زندگيءَ ۾ هڪ دفعو محبت ڪرڻ ۽ نباهڻ جو ٺيڪو فقط عورتن ته نه کنيو آهي. مرد به زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندو آهي، ۽ باقي رهيل زندگي ان محبت جي ياد سان ڳر لڳي گذاري ڇڏيندو آهي.“
    مون کي خبر آهي، ڦندڻ هڪ دفعي دل جي سچائيءَ سان ڪنهن سان محبت ڪئي هئي، ۽ اها محبت سندس زندگيءَ جي آخري محبت هئي. ان کان پوءِ ڦندڻ ڪنهن سان به محبت نه ڪئي آهي.
    مان ڪنهن ڪنهن وقت ڦندڻ جي هيڪلاين جي باري ۾ سوچيندو آهيان. مان جڏهن به ڦندڻ جي اڪيلائين ۽ دنيا سان ٺاهه نه ڪرڻ واري رويي جي باري ۾ سوچيندو آهيان، تڏهن مون کان پنهنجي هيڪلائي ۽ دنيا سان ٺاهه نه ڪرڻ واري روش وسري ويندي آهي. مون سان گڏ منهنجو ننڍڙو، پتڪڙو ۽ مٺڙو ڀاءُ چينو رهندو آهي. مون کي پنهنجي ماءُ به آهي، جيڪا جيتوڻيڪ ظاهري طرح مون کان پري آهي، منهنجين اکين کان اوجهل آهي، پر دل جي ويجهو آهي. سندس وجود جو منهنجي ذهن ۾ واسو آهي. مون کي خبر آهي، ته هوءَ روهڙيءَ ۾ آهي، ۽ هوءَ ستين جي آستان وٽ وار ڇوڙي بيٺي هوندي آهي. ۽ منهنجو انتظار ڪندي رهندي آهي.
    پر، ڦندڻ جو ڪوبه ڪونهي. مون کي خبر آهي، ته سندس مائٽ مطلبي آهن. هنن کي ساڻس ڪابه همدردي ڪانهي. هو هڪ سٺي ڇوڪري جي چڪر ۾ آهن. ۽ ڦندڻ، پنهنجي ٻرندڙ جبل جهڙي زندگيءَ سميت کين سٺو ڇوڪرو لڳندو آهي، پر، هو اڪيلو آهي. هن سمورا رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن جو ڪوبه ڪونهي.هن وٽ ڪجهه به ڪونهي ــ نه بنگلو، نه موٽر، نه بينڪ بيلنس ۽ نه سٺا ڪپڙا ۽ بوٽ. هن وٽ ڪجهه ڪونهي! ۽ انسان وٽ وڃائڻ لاءِ جڏهن ڪجهه به نه هوندو آهي، تڏهن هو بي انتها بهادر ٿي پوندو آهي. هو زماني سازيءَ جي زنجيرن کان آزاد هوندو آهي. انديشن ۽ خوف کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو آهي. هو حالتن جي اوندهه ۾ ضمير جي روشنيءَ سان هلندو رهندو آهي.
    ۽ منهنجو پيارو دوست ۽ ساٿي ڦندڻ اهڙو ئي آهي. ٽيليفون جي گهنٽي وڄندي وڄندي بند ٿي ويئي. ■

    1990




    ٻڪر

    ٻڪر

    عيد ڀيري ٻڪرن جون قيمتون ٻڌي وائڙا ٿي وياسين. مون ڦندڻ کي چيو، ”ايندڙ سال قرباني واري عيد تي تون ۽ مان ٻڪر ٿي پونداسين ۽ وڪامي وينداسين.“
    ”تنهنجي تجويز خراب ناهي.“ ڦندڻ چيو، ”پر اسان کي ڪير خريد ڪندو؟“
    ”ڇو، اسين ٻڪرن کان به وياسين!“
    ”ماڻهو گونگا ٻڪر قربان ڪندا آهن. ڳالهائڻ وارا ٻڪر نه.“
    ”اسين ڳالهائڻ ڇڏي ڏينداسين.“
    ”۽ لکڻ؟“
    ”لکڻ به ڇڏي ڏينداسين.“
    ”پوءِ شايد وڪامي سگهنداسين.“
    ”اسين اڄ تائين تمام سستو وڪامندا رهيا آهيون، ڦندڻ.“ مون ڦندڻ کي چيو، ”ڇا اسين هڪ ٻڪر جيتري قيمت به نه لهڻون!“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي ڦندڻ چيو، ”نه، اسين ٻڪر جيتري قيمت نه لهڻون.“
    پڇيو مانس، ”ڇو؟“
    جواب ڏنائين، ”ڇو جو اسين حلال نه آهيون.“
    ”تون ڀليل آهين ڦندڻ.“ مون چيو، ”اسين حلال جانور کائڻ جا حقدار آهيون، ته پوءِ پاڻ حلال ڇو نه آهيون!“
    ”نازڪ مسئلن تي توکي ۽ مون کي ڳالهائڻ جو حق ناهي.“ ڦندڻ چيو، ”اسين بهرحال ٻڪرن وانگر وڪامڻ لاءِ هلي پڙين تي بيهنداسين ۽ پوءِ وڪامي وينداسين.“
    ”ٺيڪ آهي.“ چيم، ”اسين پنهنجي قيمت پاڻ مقرر ڪنداسين.“
    ”بهرحال، اسين جيڪا به پنهنجي قيمت لڳايون، سا ٻڪر جي قيمت کان گهٽ هوندي.“ ڦندڻ چيو، ”پر اصل ۾ مسئلو آهي اسان جي کل جو.“
    ”ڇا جو مسئلو؟“
    ”اسان جي کل جو ڇا ٿيندو؟“
    ”اسان جي کل کڻي ويندا جماعتي ملان.“
    ”اتي تون ڀليل آهين.“
    ”ڇو؟“
    ”بابلا، اسان جي جسمن تي کل ڇڏي ڪٿي اٿائون!“
    مان ڦندڻ جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿيم. مون کي اوچتو خيال آيو ته اسان جي جسمن تي کل ته آهي ئي نه! مون ڦندڻ کان پڇيو. ”يار، اسان جي کل ڪيڏانهن ويئي؟“
    جواب ڏنائين، ”اسان جي کل جماعتي ملان اڳواٽ لاهي ويا آهن.“
    پڇيو مانس، ”ڪجهه ڏنائون به، يا مفت ۾ کل لاهي ويا آهن؟“
    وراڻيائين، ”هڪ سرٽيفڪيٽ ڏيئي ويا آهن.“
    پڇيم، ”ڇا جو سرٽيفڪيٽ؟“
    ڦندڻ جواب ڏنو، ”ته اسين ملحد آهيون، دهريا آهيون، ڪافر آهيون.“
    مون ڦندڻ کان پڇيو، ”ملن جي سرٽيفڪيٽ جو ڌڻيءَ در وڏو مرتبو آهي ڇا؟“
    جواب ڏنائين، ”ان باري ۾ مرڻ کان پوءِ خبر پوندي.“ ■


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399894
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ