ڪتاب جو نالو: رت ۽ غلامي
مصنف: قاسم پٿر
ڇپائيندڙ: سنڌ نيشنل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 18 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 845 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 508 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”رت ۽ غلامي“ ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ قومي ڪارڪن قاسم پٿر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
نور الدين سرڪي لکي ٿو :
” ’پٿر‘ اديب کان وڌيڪ هڪ سياسي ڪارڪن ۽ اڃا به چئجي ته هاري ورڪر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هو هڪ ترقي پسند، انقلابي ۽ پورهيت طبقن ۽ پوئتي پيل عام ماڻهن جو سجاڳ ۽ سُڄاڻ ساٿي آهي.
حقيقت ۾ ’پٿر‘ جون همدرديون ۽ وفاداريون انهن سڀني طبقن ۽ ماڻهن سان رهيون آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا ۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهن ٿا، هارين مزدورن ۽ شاگردن کانسواءِ ’پٿر‘ وچولي توڙي اُسرندڙ سرمائيدار طبقن جي حمايت پڻ ڪري ٿو. جن جا قومي حق کسيا ويا آهن، يا وري هو قومي حقن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ سرگرم آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • حال احوال
  • هڪ عوامي اديب
  • ڪهاڻيون

  • اباڻا پڊ
  • آ ڳٿو
  • ڪو ڳڻ ٻاروچي جو
  • جوءِ وٽ
  • بدمعاش ڪير؟
  • ڪارو
  • قبضو
  • خدا جو گهر
  • ائين نه ماريو يار
  • ننڍڙو دماغ
  • رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي
  • پڳَ جي لڄ
  • ٻنڌ ٽٽي پئي
  • مُڇون ڪهڙي ڪم جون!
  • نوف
  • ويچارا ماڻهو !
  • رت ۽ آزادي
  • توبه! هيڏو ڪوڙ (ڊرامو)
  • جيڪي ساٿي هليا ويا

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (279) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”رت ۽ غلامي“ ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ قومي ڪارڪن قاسم پٿر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    نور الدين سرڪي لکي ٿو :

    ” ’پٿر‘ اديب کان وڌيڪ هڪ سياسي ڪارڪن ۽ اڃا به چئجي ته هاري ورڪر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هو هڪ ترقي پسند، انقلابي ۽ پورهيت طبقن ۽ پوئتي پيل عام ماڻهن جو سجاڳ ۽ سُڄاڻ ساٿي آهي.
    حقيقت ۾ ’پٿر‘ جون همدرديون ۽ وفاداريون انهن سڀني طبقن ۽ ماڻهن سان رهيون آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا ۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهن ٿا، هارين مزدورن ۽ شاگردن کانسواءِ ’پٿر‘ وچولي توڙي اُسرندڙ سرمائيدار طبقن جي حمايت پڻ ڪري ٿو. جن جا قومي حق کسيا ويا آهن، يا وري هو قومي حقن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ سرگرم آهن.“

    هي ڪتاب سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو پاران آڳاٽو ڇپايو ويو هو. يوسف سنڌيءَ سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي!“ ۾ هي ڪهاڻيون شامل ڪري ٻيهر 2012ع ۾ سچائي اشاعت گهر پاران ڇپرايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌيءَ جا جنهن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حال احوال

    سائين منهنجا. سنڌ نيشنل پبليڪيشن جو هي ٽيون ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، ليٽ ضرور ٿيا آهيون، پر ڀڳا نه آهيون، حالتون هي آهن جو گهوڙا گهوڙا ڪري به نٿا سگهون، پڙهي نٿا سگهون، لکون ته ڪافر، جي ڪوڙي مُرڪ ٿا چپن تي آڻيون ته چون ٿا مغز خراب ٿيو اَٿوَ، طارق اشرف جو ساهه مُٺ ۾ آهي، سردار پريس وارا چون ٿا ته ٻيلي اسانکي مڙئي ڇڏيو.
    ملڪ جو صدر محترم چوي ٿو ادب تي ڪابه پابندي ڪانهي.
    پر سي . آءِ . ڊي وارن جا چڪر ۽ چهبڪ ساهه سڪايو ڇڏين اسين ڪريون ته ڇا ڪريون! ويچارن ماڻهن جا حال ڏسيو وار ڪانڊارجيو وڃن. پٺن تي ڪپڙو به نه، پير اُگهاڙا، مٿو اڻڀو، قانون جا سنڀاليندڙ پيسن پٺيان ذليل، ڪو حيا نه، ڌڱ مڙس ساهه سڪايو خاموش ويٺا ڏسن. چون ٻيلي من ڪو سڻائو واءُ وري.
    اهڙي ماحول ۾ اسانکي مائٽن جون نصيحتون ته وڃي انجنيئر، ڊاڪٽر ٿيو. پنجن سالن بعد هن گندي سماج جو حصو ٿي وڃو. ظاهر آهي جيڪو گند ۾ پير پائيندو بدبودار ٿي ويندو. اُنهيءَ ۾ محبت، سونهن، خوبصورتي ۽ چڱائي جي ڪهڙي اُميد ٿي رکي سگهجي، سو ٻيلي جيسين پڙهون پيا تيسين من ۾ اها لوڇ آهي ته هي ناانصافي وارو سماج ڊهي، سڀني انسانن کي پنهنجي صلاحيتن جي استعمال ڪرڻ جو هڪ جهڙو موقعو ملي، هي حياتي نفرتن جي آڙاهه مان نڪري، ڪنهن خوبصورت سائي پٽ تي چرندڙ بي اوني هرڻ جيان گذري. پر..... ماري سرچ لائيٽ جو استعمال ڪندي، ڪنهن ڊٻ جي پاسي ۾ به تاڻيو وٺي. ڀڄڻ جي واهه ڪانهي، ائٽم جو زمانو آهي. ائٽم جي ضد کان ڪابه ڌرتي پري ڪانهي. اسانکي به پنهنجي ڌرتي ماتا سان ايترو ئي پيار آهي، جيترو ٻين کي. گذريل ڀيري اسان جي سنڌ ڌرتيءَ سان ڏاڍ ۽ جبر ٿيو هو، جنهن ۾ شاهه عنايت سِر ڏيئي پنهنجو نينهن نڀايو، اسان انهي وسريل باب کي پڙهندڙن جي اڳيان آندو، پڙهندڙن جا لک قرب جو ڪتاب هٿن مان وڪامي ويو. اُن کانپوءِ وري ڪو ڪتاب نه ڇپايوسين. سچ ڳالهه آهي ته پريس وارا تعاون ڪونه ٿا ڪن، ڇو نٿا تعاون ڪن، اُن جو جواب اوهان پاڻ ڳوليو.
    هي ڪتاب محترم ”پٿر“ جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن مختلف حالتن ۾ لکيون آهن، گهڻو ڪري سڀ ڇپيل آهن. سي وري به ٻيهر ڇپائڻ لاءِ گهڻا پاپڙا پٽڻا پيا آهن، ليکڪ جون ڪي ڪهاڻيون موجودهه حالتن ۾ نه ڏيئي سگهيا آهيون، انهن جو افسوس اٿم. اميد ته ٻي واري اهي به اچي وينديون، ڪهاڻيون سٺيون آهن يا نه، انهن جو فيصلو اوهان پاڻ ڪريو، اسان کي ته وڻيون، تڏهن ئي ته توهان کي به پڙهڻ جي صلاح ٿا هڻون.
    محترم نورالدين سرڪيءَ جي وڏي مهرباني جنهن پڙهندڙن کي پنهنجي سوچ کان واقف ڪيو.
    ڇپائي ۾ ڪيتريون دِقتون آهن، اُهي منهنجي دل ۾، اها پڪ ڄاڻو ته آئون ٿڪجندس ڪونه، باقي بي وس ٿي ويس ته، سنڌيءَ جي چوڻي وانگر ”بي وس اُٺن بار ڇڏيا.“
    اميد ته اوهانجو ساٿ رهندو، وري گڏباسين، پنهنجون نيڪ صلاحون ضرور موڪليندا ته لک ڀلايون.

    لال سنڌي
    انجنيئرنگ جو شاگرد نوابشاهه

    مستقل ائڊريس
    لال سنڌي
    سيڪريٽري نيشنل پبليڪيشن
    ميرپور بٺورو.


    هڪ عوامي اديب

    ’پٿر‘ کي مان گذريل چئن سالن کان سڃاڻان، ’پٿر‘ ڪافي وقت کان لکندو رهيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن، ۽ سو به ڪن خاص حالتن هيٺ ۽ ڪن خاص رسالن ۾. ’پٿر‘ اديب کان وڌيڪ هڪ سياسي ڪارڪن ۽ اڃا به چئجي ته هاري ورڪر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هو هڪ ترقي پسند، انقلابي ۽ پورهيت طبقن ۽ پوئتي پيل عام ماڻهن جو سجاڳ ۽ سُڄاڻ ساٿي آهي.
    حقيقت ۾ ’پٿر‘ جون همدرديون ۽ وفاداريون انهن سڀني طبقن ۽ ماڻهن سان رهيون آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا ۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهن ٿا، هارين مزدورن ۽ شاگردن کانسواءِ ’پٿر‘ وچولي توڙي اُسرندڙ سرمائيدار طبقن جي حمايت پڻ ڪري ٿو. جن جا قومي حق کسيا ويا آهن، يا وري هو قومي حقن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ سرگرم آهن.
    هن ڪتاب ۾ آيل ننڍين وڏين آکاڻين توري هڪ اڌ ڊرامي ۾، اسان کي هر هنڌ اهو ساڳيو هاري ورڪر، سنڌي ادبي سنگت جو ليکڪ، ترقي پسند اديب، پورهيتن جو انقلابي ساٿي، آزاد خيال ۽ روشن دل، ميرپور بٺوري وارو قاسم پٿر، نظر ايندو.
    ”بدمعاش ڪير؟“ جي شروعات اجهو هيئن ٿو ڪري:
    ”افسانا ڪهڙا لکون! ماڻهن کي ڪهڙا سور ٻڌايون، پنهنجا ٻڌايون يا ٻين جا لکون، هلندي ڦرندي، سفر ڪندي سڄو وطن سور آهي، ڪي ڪردار گهڻو متاثر ڪن ٿا ڪي ٿورو، ڪن جي لاءِ لڙڪ ڀرجيو اچن، ڪن لاءِ ڪريو پون، ڪن کان نفرت ٿئي ٿي ته ڪن لاءِ همدردي!“
    پٿر پنهنجي ليکي هڪ عوامي ماڻهو آهي ۽ نظرياتي طور پڻ پورهيتن، ملڪي ماروئڙن ۽ سنڌ جي سانگيئڙن سان دليون جانيئون ٻڌل آهن، عام ماڻهن سان ويجهو هجڻ سبب پٿر جي ٻولي به سولي ۽ عام طرح ڪتب ايندڙ آهي، هو نهايت آسان لفظن ۾ پنهنجي اندر جو حال اوري ٿو ۽ ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو. هونءَ به ’پٿر‘ ڪو اعليٰ تعليم يافته يا علامه ڪونه آهي، جو اصل مقصد کان وڌيڪ ڏکين عربي فارسي لفظن ۽ محاورن تي زور ڏئي ۽ ٻاهرين خارجي حالتن بجاءِ اندروني يا ذهني مونجهارن جو بيان ڪندي پاڻ سان گڏ پڙهندڙن کي به منجهائي ڇڏي.
    ’پٿر‘ جون لکيتون هڪ لحاظ کان گذريل اٽڪل ٽيهن سالن جي سياسي اقتصادي ۽ سماجي زندگي جو عڪس آهن. انهيءَ سڄي دور ۾ جو ڪجهه وهيو واپريو آهي ۽ جيڪي سياسي سماجي ڦيرا آيا آهن، انهن جو عام ماڻهن، هارين، مزدورن شاگردن توڙي ٻين سياسي ڪارڪنن جي سوچ ۽ سمجهه تي ڪهڙو اثر ٿيل آهي، اهو سڀ اسان جي سجاڳ ۽ سڄاڻ ليکڪ ڪهڙي طرح پنهنجي قلم جي نوڪ تي آندو، سو هن ڪتاب پڙهڻ سان چڱي طرح معلوم ٿيندو.
    فن جي لحاظ کان ’پٿر‘، جون لکڻيون شاهڪار آهن، ۽ نه وري پٿر ڪو آفاقي يا عظيم فنڪار جي دعويٰ ئي ڪري ٿو. پٿر ڇاڪاڻ ته بنيادي طور هڪ عوامي اديب ۽ ”ادب – ادب لاءِ“ نه پر ”ادب – زندگي لاءِ“ جي اصول جو حامي ۽ طرفدار آهي، تنهنڪري اسان کي سندس ادبي سادگيءَ ۾ ئي هن جي هڪ سچي ۽ سٺي اديب هجڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا.
    اميد ته پٿر جا پڙهندڙ نا اميد نه ٿيندا ۽ پٿر اڳتي به ادب ۾ عوامي ترجماني جا حق ادا ڪندو رهندو.


    نور الدين سرڪي


    ڪهاڻيون

    اباڻا پڊ

    گرميءَ جي موسم هئي، سارو ڏينهن تتل واريءَ تي اُٺ هليا، کلين مان پاڻي پيئندي، شام اچي ٿي. چلڪندڙ سج پنهنجو رنگ بدلائيندي ڳاڙهو ٿيندو ويو. اسان جو اُٺ ڪنهن مهل ڀٽن جي چوٽ تي ته ڪنهن مهل تري ۾. ٿڪا به ڏاڍا هئاسين، سج لهڻ جو منظر به وڻندڙ هو، وطن جي سڪ، ڀٽون ساڳيون هيون. پر پنهنجن ڀٽن جو انتظار، سج ڪنهن مهل لڪيو وڃي، ڪڏهن ڳاڙهاڻ تي نظر پئي، گول گول ٻنگاريءَ جهڙو، ترائيءَ ۾ اچون ته انڌارو، چوٽيءَ تي پُڄون ته سونيهرو سوجهرو، سڪ، پيچرا، ٿوهر ۽ ڄاريون، سج لهڻ جو منظر.
    دنگائي پٿر اچي مٽياسين، ڀاءُ کي چيم، ”اُٺ ويهار ٿڪا آهيون، ڪجهه ٿڪ ڀڃون.“ ادا اُٺ ويهاريا، مون اُٺ تان لهندي، سنڌ جي واريءَ کي چميو. منهنجي اکين مان لڙڪ ڪري پيا، خبر نه پيم ته ڇو ڪريا. آءٌ سنڌي پڙهيل آهيان، مون کي تاريخ جي ڪابه خبر نه آهي، ڪي به ڪتاب نه پڙهيا اٿم، انهيءَ ڪري من جي پيڙا سمجهي نه سگهيس، اُن تي غور ڪهڙو ڪريان.
    راجستان وارن چيو ته نه وڃو، مسلمان وڙهندا، پر هنن اسان کي پنهنجن ٿانوَن ۾ به ڪونه ٿي کارايو. پنهنجن جهڙو برتاءُ ڪونه ٿي ڪيو. واقفيت به نه هئي. ڪابه حجت نٿي هلي، ڪنهن سان کل ڀوڳ به ڪونه ٿي ڪري سگهياسين. مسلمانن سان پُرين کان رهندي هري مري ويا هئاسين. دوستيون به هيون، دشمنيون به هيون، جڏهن جدا ٿيا هئاسين، تڏهن وري ياد ٿي پيا، گڏ مال چاريو هئوسين. گڏ پيرون کاڌا هئاسون، هڪ ٻي جي ڳجهن کان واقف هئاسون. ڪوبه راز لڪل نه هو، سي وري ياد ٿي آيا. اچي پنهنجا چؤنرا وساياسون، کوسن، ٺڪرن جون ٻنيون ڪيونسون، ويا سور وسري، کوسن ۽ ٺڪرن زميندارن جون گاريون اسان ماني ڀت سمجهندا آهيون، اهو ٿر، اُها ڌرتي، عمريون گذري ويون، ڪيترا بادشاهه آيا ويا، اسان پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي، ڀلا هن برپٽ ۾ ٻيو ايندو ۽ رهندو به ڪير. اسانکي ٿيون اِهي ڀٽون وڻن، اسان جي پيرن کي ٻئي هنڌ جي سخت زمين جو سڪون نه ڏيندي.
    شام هئي، ڍڳيءَ چؤنري جي اڳيان گابيءَ کي پئي چٽيو، ٻڪريءَ جا ڦر چؤنري اڳيان ٽپ ڏيئي رهيا هئا، ڪارا ٻار پريان واريءَ ۾ درين راند ڪُڏي رهيا هئا. آءٌ ڀونگري دکائي، ٻٽن ٻين همراهن سان پي رهيو هوس. کلياسون پئي، ڪابه ڳڻتي نه هئي، ڄڻ ڪه هن ڌرتيءَ جا بادشاهه اسان هئاسون، سج ٽٻ ٽٻان ۾ هو، ڇوڪري پيرين پئي اچي هٿ ڏنو، مون ڳراٽڙي پائي سندس ڪاري پيشانيءَ تي چمي ڏني. ڏٺم ويرسي مايوس هو. کيس پاسي ۾ ويهاري ڳلن تان هٿ ڦيري، چيم ”پُٽ، خير ته آهي! ڇو پريشان آهين؟“ پٽ چيو، ”بابا! پنهنجو هن ملڪ ۾ رهڻ بي مانو آهي، ڪيتريون محنتون ڪري، ٿر جا اڻانگا سفر ڪري، مس مس فسٽ ڪلاس ۾ امتحان پاس ڪيم. سوچيو هوم ته، ڪولهي به ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿو. پُورين جا پيڙهيل آهيون، اسان ۾ به هاڻ پڙهڻ جي ريس پيدا ٿيندي، اڄ آءٌ ڊاڪٽر ٿيندس، سڀاڻي ٽيڪو انجنيئر ٿيندو، پرينءَ ڪشو ماستر ٿيندو، ائين هن سماج ۾ اسان به چهٽي وينداسون.
    ”پر ابا! سنڌ جا حاڪم به خبر نه آهي ڇو اهرا ڪٺور ٿيا آهن، پنڊيءَ وياسون، چيائون ته ’ڪوشش ڪريون ٿا‘ ڪراچيءَ وياسون، چيائون ته ’اوهان ملڪ ڇڏيو ٿا وڃو‘، ڪي چون ته ’اوهان غدار آهيو!‘ بابا! ڪولهين هن ڌرتيءَ سان ڪڏهن غداري ڪئي آهي؟ اوهان کي ڪو اهڙو سُجهي، جنهن ڌرتيءَ سان غداري ڪئي هجي. اوهان ئي ڳالهه ڪندا آهيو ته روپلو ڪولهي، جنهن انگريزن سان ننگرپار جي سرحد وٽ جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو، پر پيش نه پيو، اسان ڪڏهن به چغلي نه هنئي آهي. مون ڏٺو هو ته هن جنگ ۾ به ڪيترا کوسا ٻروچ اچي پنهنجن چؤنرن ۾ لڪا هئا. پاڻ هندستان جي فوجن کي چيو هو ته ’هتي اسان سڀ ڪولهي آهيون‘ ائين هنن پنهنجن پاڙيسرين جي جان بچائي هئيسون. سو بابا! هنن کي ڇا ٿي ويو آهي، جو اسان کي غدار ۽ دشمن ٿا سمجهن. سنڌين سان ڌارين ٻوليءَ وارا جيڪي وڙهيا، قتل ڪيائون، تن کي غدار ۽ دشمن ڪونه ٿا سمجهن. اسان، سنڌ جي ايامن جي تاريخ کڻي ڏسون، ڪڏهن به هن ڌرتيءَ سان غداري نه ڪئي آهي، نه ڌارين جي آجيان ڪئي اٿئون، اسان هن ڌرتيءَ کي رت پت ڏنو آهي، پوءِ به اسين غدار! بابا! حاڪمن کي ڇا ٿي ويو آهي، اسان کي ڇو ٿا ڊاڪٽر ٿيڻ کان روڪين، اسان محنت ٿا ڪريون، اسان ڦٽيون ۽ ڪڻڪ ٿا پيدا ڪريون، تڏهن وطن دوست آهيون، پر انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿا ٿيون ته غدار آهيون! ”بابا! ائين ڇو آهي، بابا! ائين ڇو آهي؟“
    ويرسي روئندو رهيو، سڄو ماحول روئڻهارڪو هو. پُٽ کي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيم، ”پُٽ نه رو! پاڻ کي هن ڌرتيءَ سان پيار آهي، بمن ۽ گولن جي ٺڪائڻ پاڻ کي هتان نه چوريو، ڪئين ظالم آيا ويا. گڏهن وانگر چَري هليا ويا، پنهنجي سونهن، پنهنجو رنگ، پنهنجو پڙو ۽ ٻانڌڻي نه کسي سگهيا، پاڻ کي هنن پَڊن سان پيار آهي، هن واريءَ جي سڪ آهي. اهي نٿا ڇڏي سگهون، ڪيترا ڏينهن راجستان جي ڪئمپن ۾ رهياسون، پر سک نه آيو، پٽ! وري آياسون، ٻي وائي نه ڪر!“
    ويرسي، جنهن اڃا سڏڪا پئي ڀريا، ۽ ٻيا ويٺل ماڻهو ڏاڍا مايوس هئا، سج جي باقي ڪني نظر ٿي آئي. ويرسيءَ چيو. ”بابا! رهبو ته مڙس ٿي رهبو، ٻانڌڻين، لوين ۽ پڙن جي سونهن وڌائبي، ڊاڪٽر نه ٿيس ته ڇا ٿيو، مڙس ته ٿي سگهان ٿو، ويڙهه ڪرڻ ته منهنجي وس آهي، بهادري ته ڪير ڪونه ٿو کسي سگهي ۽ نه ئي انهيءَ کان ڪو روڪي سگهي ٿو، هي سڀ ڪارن پٺن وارا منهنجي فوج آهي، ڏسان ته ڀٽن تان اسانکي ڪير ٿو هٽائي سگهي، ڀلي اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ تي پڙهڻ کان روڪين، اسان جي ڌرتيءَ تي حڪم هلائين.....“
    مون مٿي تان هٿ ڦيرائي چيومانس ”پٽ، جڏهن سڀني جي سوچ ائين ٿيندي، تڏهن پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪوبه حڪم نه هلائيندو.“


    آ ڳٿو

    سردي جي مند هئي، سوناري جي دڪان تي چانهه وٺي پيتم، سونارو يار هو، ڪتابن پڙهڻ جو شوقين، ڪو به ڪتاب ڇپيو ته هي ضرور وٺي پڙهندو، آمريڪا ۽ روس جو تڪرار هجي يا اسرائيل فلسطينن جو جهيڙو يا دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ جهيڙو هجي، اُنهي متعلق ضرور معلومات رکندو، انهي ۾ پنهنجي راءِ به چٽي رکندو ته هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو، پر جڏهن ڳوٺ ۾ هلندڙ تڪرارن بابت راءِ پڇندو آهيان ته لنوائي ويندو آهي. يا کلي ماٺ ڪري رهندو آهي. تڏهن کيس چوندو آهيان ته مصلحت پسندي انهيءَ کي چئبو آهي. جيڪا پنهنجا وڏيرا هميشه ڪندا رهيا آهن، انهي ڳالهين ڪندي، هڪ پوڙهو بزرگ، نظر گهٽ، رنگ ڪارو، سنهڙو بدن ٻيو هن جو ڪارو نوجوان پٽ، صحت ڀلي ۽ سندس موٽيل عمر زال اچي سهڙيا، پُڇيائون ته ابا سون ڪهڙو اگهه آهي، سوناري چيو ته ساڍا ايڪيويهه سئو روپيا تولو. ابا ايڏو ظلم، پوڙهيءَ مائي دانهن ڪئي، هي پٽ تي ويهي رهيا، سوناري هنن کي ڦليون ۽ ايرنگ ڏيکاريا، هنن کي به سونهن ساڻ پيار هو، هنن جون حرسي نگاهون هر زيور ڏانهن کڄيو ٿي ويئون، سونارو هنن کي جدا جدا قيمت ٻڌائي رهيو هو، هنن جو اُگهه ٻڌندي ئي ساهه سڪيو ٿي ويو، پير ئي پيا کپن، اُٿي پاسي واري دڪان تي ويا، اتان اگهه پڇيائون وري واپس آيا، ڇوڪري چيو، بابا ڦلڪو ڪونه ٿا وٺون، پئسن مان ڪا ٻڪري يا گابي وٺون ٿا، پوءِ انهن مان وڌائي پنهنجو آڳٿو ٺاهينداسين. پوڙهي چيو مري وڃن يا ڪي چور ڪاهي وڃن پوءِ ڇا ڪنداسين، انهيءَ کان ته سٺو سون گهر ۾ پيو هوندو ڪنهن ڏکئي وقت گروي رکي به ان داڻا وٺي سگهنداسين، آئي ويل ڪنهن مصيبت ۾ ڪم ايندو، آئون حيران ٿي انهن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هئس، سوچيم پي ته ڀلا ڀائي، هنن جي بدن تي ڪپڙو سگهو نه آهي، هي نڪتا آهن سون وٺڻ، آخر اهڙي سون جي ڪهڙي ضرورت جيڪو رڳو گهر ۾ پيو هجي، ٻچا سيءَ ۾ ڏڪندا وتن، جيڪڏهن پئسا چار بتا آهن، ڪپڙو ڇو نٿا وٺن، اهي منهنجون سوچون هيون، اڃان ائين سوڇيم پي ته ٻيو همراهه اچي هنن جي پاسي ۾ بيٺو، هو سوناري سان ڏاڍي ريڙهه پيڙهه ڪري رهيا هئا، نئين آيل همراهه، ڀڻڪندي چيو ته پئسو ته وٽن گهڻو آهي، پوءِ به ايڏي پڪائي، مون چيو ته ويچارن وٽ پئسو ڪٿان آهي، هي غريب ماڻهون آهن، پئسو پئسو ڪري بچايو هوندن، تڏهن نڪتا آهن، ڦلڪو وٺڻ، بيٺل همراهه آهستي چيو ڪلهه رات اڃان ڇوڪري وڪي اٿن، مون هن کي چيو، بک ۾ هرڪو ائين ڪندو آهي، سون به ته ايندڙ خطرن کان بچاءُ لاءِ ٿو خريد ڪري، نه ته اڄڪلهه ته ماڻهن جو ته ٺهيو ملڪن جو اهو حال آهي جو، ماڻهو پيٽ بکيا، عوام جا پٺا اُگهاڙا، رهڻ جي جڳهه نه، پر همرائن کي بم بندوقون گهرجن، بيٺل همراهه منهنجي ڳالهه اڻٻڌي ڪري ڇڏي، پر سونارو يار جيڪو بحث ۾ دلچسپي وٺندو هو، تنهن چيو، اسان جي ملڪ جون نوجوان ڇوڪريون ٽائپ جي بهاني عرب ملڪن ڏانهن پئسا ڪمائڻ وڃن ٿيون، هتي جڏهن ٻاهرين ملڪن جا شوقين ماڻهو ايندا آهن تڏهن هتان جا فيشن ايبل ماڻهو سينگاريل عورتون هنن کي تفريح لاءِ پيش ڪندا آهن، اهو فيشن آهي يا بُک.؟
    مون کي ساحر جي قوالي ياد آئي، ”يهان هر چيز بکتي هي بولو جي کيا کيا خريدو گي.“


    ڪو ڳڻ ٻاروچي جو

    هُن سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ڇوٽڪي گهٽيءَ جي منهن وٽ ٿي، مونکي ٻانهن مان جهلي زوري چانهه پياريائين، ڳوٺ جا ماڻهو هئاسين، انهيءَ ڪري هڪ ٻئي سان واقفيت هئي. هي ماستر طالب ميمڻ جو پُٽ هو، هاڻ ڪنهن بينڪ ۾ ڪلارڪ هو. همراهه ننڍي عمر ۾ بنهه تيز ذهن هو، اخبار پڙهندو هو.
    چانهه پيئندي سياسي حال احوال پُڇيائين، تنهن وقت ون يونٽ جو زمانو هو، سنڌ جي ماڻهن جي ڪابه سياسي اهميت نه هئي، هرڪو پيو کين بزارين ۾ لتاڙيند هو. هو نئون رت هو، چيائين شهري ماحول ۾ ته اسان جي ڪابه عزت نه آهي، جيڪو تيڪو ٿو دٻائي ڇا ڪريون.؟
    چيومانس ته اها ڳالهه رڳو مونکي ٻڌائڻ جي نه آهي، پر سنڌ جي سڀني ماڻهن کي چوڻ جي آهي. هن نوڪري ڇڏي ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪيائين، سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين، ڪٿي ميٽنگ، ڪڏهن جلسو، يا مشاعرو، راڳ جي گڏجاڻي، هر جڳهه پهچڻ، نوان پراڻا يار، انهن سان ملڻ ڪچهريون ڪرڻ، ڊڪ ڊوڙ، آڌي مانجهي بسن جي سواري تي چڙهڻ، هن جي زندگي جو معمول بنجي ويو، هي نعپ جو خزاني ٿيو، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، هارين جي جدوجهد ۾ جڏهن کانئس هارين اڌ بٽئي گُهري ته کلي چيائين، ’پهرين مونکان شروعات ڪريو.‘ يارن چيس ته ’انقلاب سڀني جي عزت وڌائيندو آهي. بک گهٽائيندو آهي،‘ هن جي مائيٽاڻي 12 ايڪڙ زمين هئي. جنهن تي صبح شام پيو چڪر هڻندو هو. زمين ۾ کجيون، جيڪا سنڌ ۾ عربن جي فتح جي نشاني چئي وڃي ٿي، بنهه خوبصورت لڳنديون هيون، ڪجهه انبن جا وڻ، هڪ ٻه توت، ڏاڙهون، زيتون، شايد صوفي ٻير به، ٻنن تي ڏاڍا وڻندڙ لڳندا هئا. ڪنهن به موسم ۾ ٻنيءَ تي ويندا هئاسين ته ڪونه ڪو ميوو ضرور هوندو هو.
    همراهه جي طبيعت ۾ ايتري ته تيزي هوندي هئي جو ڪڏهن به گهر ۾ سک نه ايندو هوس، ڪڏهن ڪنهن دوست وٽ، ته ڪڏهين ڪنهن وٽ قومي جدوجهد هلي ته يار پهرين ٻَڌو، سنڌ جا لاڪب انگريزي آقائن پنهنجي غلامي لاءِ ٺهرايا هئا. جيڪي اسان نالي ماتر آزادي ۾ به هلائيندا اچون، ذهن ته ساڳيو ٺهيل آهي، ساڳي ننڍي ڪوٺي ۾ سمهڻ، اُتي هنگڻ، اُتي مٽڻ، اُتي بحث، قومي آزادي جون خوبصورت سوچون، سرڪار جا افواهه، همراهه آزاد ٿيو، وري ٻڌو، وري آزاد ٿيو، پر مڙيو نه.
    هڪ ڀيري ”نيلام بند ڪريو“ سنڌ جي هارين جدوجهد پئي هلائي، ٺٽي جا هاري به مختلف لاڪبن ۾ پوريل هئا. همراهه شام جو بٺوري مان موٽر سائيڪل تي چڙهيو، پهرين سجاول جي ساٿين کي ٻِيڙيون، بسڪوٽ ڏنائين. پوءِ جاتي، لاڏيون، ٺٽو، جنگشاهي رات جو واپس 12 وڳي بٺوري پهتو، خبر پيس ته پوليس جدوجهد کي فيل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا آهن. همراهه باهه ٿي ويو، ٿاڻي تي ڪاهه ڪيائين، انچارج صوبيدار کي چيائين اسان جو جهيڙو ون يونٽ گورنمينٽ سان آهي، جيڪا اسان جون ٻنيون نيلام ڪريو، ٻاهرين ماڻهن کي هتي آباد ڪرڻ گُهري ٿي، اسين اها ٻني وڪڻڻ ڪونه ٿا ڏيون، انهيءَ ڪري اسان بک هڙتال شروع ڪئي آهي ته نيلام بند ڪريو، اسان روزانه ٻه هاري ورڪر انهيءَ لاءِ ڏيون ٿا ته اسان اها جدوجهد گهڻو وقت هلائي عام ماڻهن جي راءِ پنهنجي فائدي ۾ ڪري سرڪار کي مڃائي سگهون، تو بک هڙتال تي ويٺل ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهو ڇو ٻڌا آهن، ڪمال چانگ ۽ محمد رحيم ڀرڳڙي کي چماٽون ڇو هنيون آهن، هاڻ توسان ذاتي جهيڙو آهي. ڀلي تون زيادتي ڪر.
    صوبيدار جي دل ٻڪريءَ جهڙي، رات جو هڪ وڳي وڌيڪ ڪارڪن جيل مان آزادي ڪرائي ڪئمپ تي آيو. ڪارڪن سڀ هن جي جرئت تي حيران ٿيا، يحيٰ جي مارشل لاءِ هجي. جنهن بنگالين سان وڏا ڪيس ڪيا هجن، اسان جا وار ڪانڊارجي ويا، هن چيو ته جڏهن لوهه گرم ٿيندو آهي، تڏهن ڪا تبديلي ممڪن هوندي آهي.
    هي همراهه اڳتي وڌندي ويو، تر جي زميندارن سان چوٽون کاڌائين، پيپلس پارٽي جي ڀَل ڀائي هجي. هرڪو وڏيرو پنهنجو ڦوهه مستيءَ ۾ هجي. ڪو ڪارڪن ڪرائيم ڪنٽرول ۾ ٻڌو وڃي، ڪو سئو ڏهه، ڪو ڊي پي آر، نڪو سڻڻ، نڪو ٻڌڻ. زميندارن جون زمينون گهٽيون ته نه پر وڌنديون ويون. ”عوام“ جي لفظ جو ايترو ته گهڻو استعمال ٿيو، جو ماڻهون ڀائين ته ڪنن ۾ کڻي آڱريون وجهن، يار وري ڪراچي جيل ۾ واڙيو.
    23، 24 ورهين جو سنهڙو خوبصورت، گهاٽا گهنڊيدار وار، ڪتاب پڙهڻ جو شوقين، حسن پرست، سهڻي ماڻهو تي ساهه صدقو ڪرڻ وارو. يار ٽوڪيندا هئا ته چوندو هو ته ڪي گهڙيون ته مزو وٺڻ ڏيو. رڳو ڪِر ڪِر پئي پوَنا.
    جيل ۾ جيل انتظاميه سان جهيڙو، يار نجم ڇڏ ضد. ڪمزور آهيون تڏهن ته بند آهيون. چوندو هو ته قيدين جا به ڪي قانون، آقائن ٺاهيا آهن، هي آقائن جا غلام انهن تي به عمل ڪونه ٿا ڪن. بنهه ڪي وحشي آهن، بصر مرچ جيل ۾ پنهنجن پئسن تي به نه کڻي اچون. هي ڪو انسانن جو ملڪ آهي، اصل باهه ٿي ويندو هو، جڏهن ڪو ٻيو ساٿي چرچو ڀوڳ ڪري کلائيندو هو، تڏهن وڃي ٽهڪن ۾ پوندا هئاسين. حاڪم هرڪو پنهنجو وارو وڄائيندو ويو، چوندو هو ته ’ڪئين قاسم ڪرڙا آيا ويا. ڪنهن نه ڪيو ذلت جو وهنوار.‘ همراهه اڳتي وڌندو ويو، تر جا وڏيرا منجهائنس بيزار، هاڻ هي ٿڪي ته هنن جي جان ڇُٽي، ويڙهه کان هرڪو پيو لهرائي. ماڻهو ويڙهه ڪندڙ جي عزت ڪن جيڪا بُزدل وڏيري کان پهچي ڪونه. جنهن جو سڄو هڏ چم خوشامند تي هريل، هنن جي ابن ڏاڏن جو درس ئي خوشامند جو ڏنل. ابا تنهنجو ڏاڏو سرڪار وٽ ڪرسيءَ تي وهندو هو، هن کي ’خان بهادر‘ جو لقب مليل هو، هن کي ڇهن مهينن جي سزا ڏيڻ جو اختيار هو، پر انهيءَ ڳالهه تان ڪنهن به پڙدو نه کنيو ته اهي اختيارات ڪنهن ڏنا، ڇو ڏنا.؟ ايترو به نه چيائون ته اسان جا وڏا ملڪ جا غدار هئا، پنهنجي دور جا بزدل هئا، تڏهن به جيڪر اسان جي ايندڙ نسل ۾ صحيح سوچ پيدا ٿي سگهي. هي وڙهندي وري به ٻڌو. هن جي مائٽن کي دڙڪا مليا. ڪامورو ذهن، نئين ڏاڍي سرڪار، ابا ٿڌو ٿي هاڻ ته سر ٿو وڃي. گذر ڪيئن ڪنداسين، ڪيڏا خرچ، رڳو تو جيلن جو ٺيڪو کنيو آهي. ٻيا به ته ماڻهو آهن، سڀڪو ٺريو ٺپريو ويٺو آهي. پوڙهن جا اشارا ٽوڪون، تون چيئرمين ٿي به سٺي خدمت ڪري سگهين ٿو. عوام سان لاڳاپو رهندو، رڳو جيلن ۾ ڇا رکيو آهي. اسان مئا ويٺا آهيون.
    جيڪي بزرگ اڳي هن کي مٿي اُگهاڙو لوفر جيل ۾ وڃڻ ڪري نفرت ڪندا هئا. سي خوشامند تي لهي آيا. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ”جڏهن مڙس بندوق جي ڳوليءَ کان نه مڙندا آهن. تڏهن فريب کان ڪم ورتو ويندو آهي.“ هن جدوجهد کان منهن موڙيو. هي چيئرمين ٿيو. ڪامورن جي دردن تي ڊوڙون پائڻ لڳو. ڪڏهن هوءَ آفيس ڪڏهن هيءَ آفيس هي سدائين چپ ڪرٽيندو رهندو هو. چوندا هئا ته هن کي سک نه هو، هن کي ڏٺي ڏينهن ٿيو ويندا هئا. ڪڏهن ساعت نه سرندي هئي. هاڻي مهينا گذريو ويندا هئا. ملڻ گهٽ ٿيندو هو. اوچتو حادثو پيش آيو، هي اسان کان هميشه لاءِ هليو ويو. ڪي ڳُڻ ڇڏي ويو آهي جيڪي سدائين چڀندا رهن ٿا.


    جوءِ وٽ

    هو چور هو، هاڻي هن کي ڇَتو چوندا آهن، چاپانئين ڏاڙهي، قداور مڙس، نالو سندس پنهون، ذات ڪونه ٿو ٻڌايان، وڏيرن جو خاص ماڻهو، پوليس جو کاٽائو، ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ رڱيو، ننڍي مان وڏو ٿيو، ٻه پاسي اجرڪ جو پٽڪو، وڏي سلوار، ڦلين وارو اڳٺ، ڪهاڙي ڪلهي تي، ماني راڄن تي، مڙس جي هاڪَ، هرڪو اُٿيو پيو هٿ ڏئيس، پٺ ڏئي ته ”ادا، حرامي ماڻهو آهي.“ هرڪو ائين چئي ڇڏي، ڳوٺ جا سڀ ماڻهو منجهائنس بيزار.
    ويهينءَ جي اونداهين ۾ ڪڏهن ڪنهن جي ٽڪ ڇوڙيو وٺي، ٻئي ڏينهن ڀُنگ وٺيو، ڪجهه پوليس جي رسائي، ڪجهه دوستن جي چانهن تي ’پئسا پورا‘ همراهه وري سٽن ۾، ائين حياتيءَ کي ڌڪيندي، مڙس جي ڏاڙهيءَ ۾ اڇا اچي پيا، پر هن زندگيءَ ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه ڏٺي. حياتيءَ جو آزاريندڙ تجربو به وڏي پيڙا آهي. سڀ ڪجهه سمجهايو ڇڏي. هن ڳوٺ ۾ ماستر سان سنگت رکي. ماستر به راءِ سهاسيءَ کان ويندي، چوڌري غلام محمد تائين پنا پڙهيو، سڙيو ويٺو هو، تنهن ٽوپي لاهي اجرڪ ٻڌڻ شروع ڪئي. اونداهيون راتيون هنن جون وٿاڻن جي منگهن تي ڪچهريون.
    ڳوٺ تي رستو ناهي، ٻهراڙيءَ ۾ روشني ناهي، ان جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي. بک ڪري ٻار ڪونه ٿا پڙهائي سگهون. هي وڏيرا حاڪم زميندارن جا ايجنٽ آهن، جيئن انگريزن جا خانبهادر هوندا هئا. ائين ڏينهن راتيون ٻٻرن جي ڇانئن ۾، واهن جي ڪنارن تي، ڪهاڙيون ڪلهن تي، ماني راڄن تي، ويا ملڪ واڍوڙيندا. خبر تڏهن پئي جڏهن بٺوري جي هوٽلن جو سينگار، وڏيرن جي اڳيان جهڪي هٿ ٻڌڻ وارو، پوليس جو کاٽائو، نيڪ سڏجڻ لڳو، ڪنهن چيو، ”يار پنهونءَ جي نالي ائين نه چئو، هن سڀ عادتون بدلائي ڇڏيون آهن، ڪڏهن هن سان ڪچهري ڪئي اٿئي؟“
    ”نه.“
    ”هل ته هلون.“
    پري کان پنهونءَ جي هٿ ۾ اخبار ڏٺائون، ”پنهون تون ڪڏهن پڙهيئن؟“
    ”ادا، هن سنڌ جي عظيم استاد مونکي پڙهائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ويهو، ڪهڙا حال آهن، خوش ته آهيو. پر ڳالهه ٻڌو، مڙس ٿيو، هاڻي ذليل زندگي نه گذارينداسين. ههڙا سارا ڪنڌار مڙس، پوءِ به لڄون اُگهاڙيون، کاڌي لاءِ محتاج، اها آهي اسان جي حياتي، يارو ائين نه ٿيندو، مڙس ٿيو. اڻ قدرتي قانون، انڌو مئجسٽريٽ، سڙيل سوار پاڻ کي ڇا ڪندا، راڄن مان سائو ڪونه ويو آهي. سڀ هڪ ٻئي کي مان ڏينداسين. فتح – واهه وارا لاشاري، شاهه – واهه وارا چانگ، چور – واهه وارا جتوئي، گهاڙيءَ وارا زئور هڪ ٻئي کي ابن ڏاڏن کان سڃاڻون، اهي هڪ ٻئي لاءِ سر نه ڏيندا؟ ڌاريان ماڻهو الائي ڪٿان جا، ڪهڙا سندن قانون، روز پيا پڙها گهمائن ته اڄ سرڪار جو هي حڪم آهي ته سنڌ جون زمينون فوجن کي ملنديون، اڄ فلاڻي هينئن چيو آهي ته ڪُڇندا ته ڪچليا ويندا. اسين ڪي ڀاڙي آهيون ڇا؟ اسان به هن ملڪ جا آهيون، اسان کان ڪڏهن به نه پڇيو ويو آهي ته ٻيلي هيئن ٿا ڪريون، اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، باقي ان کٽي ته پنهنجي پئدائش وڌائڻ گهرجي. موٽر تي رڳو اسين چڙهنداسين. رستا اوهين ٺاهيو.“ پنهون يڪ ساهيءَ ڳالهيون هنن جي ذهنن ۾ اوتي ويو.
    ”ادا، ٻڌئي پنهون کي، اهو اٿئي پنهون.“
    ”يار، ڳالهيون ته دل واريون ڪيون اٿس. باقي پاڻ سمجهون.“
    ”ان ۾ سمجهڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪهڙي سقراط جي ڦيري واري گفتگو آهي، مڙيئي حياتيءَ لاءِ سوچڻو آهي، جيڪو اسان لاءِ نٿو جيئي، تنهن لاءِ اسين به واندا ڪونه آهيون، پرينءَ شاهه واهه وارن چانگن جي هڙيءَ ۾ ميٽنگ آهي، جتي سڀ راڄ گڏ ٿي رهيا آهن ساري سنڌ ايندي، اوهان کي به ضرور اچڻ گهرجي.“
    ”سائين، اکين سان.“
    ”پر رٿون سڀ سوچي اچجو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.“
    اهو اٿوَ پنهون هاري، جنهن کي هيڏي سنڌ ۾ نه ايڪڙ زمين جو، نه رهڻ لاءِ اجهو، نه ڍڳن جو جوڙو، ڇَتو نه ٿيندو ته جوڻس وٽ ويندو.


    بدمعاش ڪير؟

    افسانا ڪهڙا لکون! ماڻهن کي ڪهڙا سور ٻڌايون. پنهنجا ٻڌايون يا ٻين جا لکون، هلندي ڦرندي، سفر ڪندي، سڄو وطن سور آهي. ڪي ڪردار گهڻو متاثر ڪن ٿا، ڪي ٿورو، ڪن جي لاءِ لڙڪ ڀرجيو اچن، ڪن لاءِ ڪريو پون، ڪن کان نفرت ٿئي ٿي، ته ڪن لاءِ همدردي.
    منهنجي اڳيان هينئر ٻه ڪردار آهن.
    هڪ ڏينهن هڪ دوست جي اوطاق تي ويٺا هئاسين، مڇيءَ مانيءَ وارو دوست سنڌ جي مظلوميت تي ڳالهائي رهيو هو. ڌارين جي ظلم ۽ پنهنجن جي نا اتفاقيءَ تي بحث پئي ڪيائين. ڪِن دوستن حصو وٺندي، چيو ته ”جيسين هاريءَ سان ٺاهه نه ٿيو آهي، تيسين ٻاهريان نه ويندا.“ تڏهين ٻيو بحث بند ڪري، چيائين ته ”سنڌ جو هاري بي پورهيت، ٺڳ ۽ بدمعاش آهي. هي موچڙي سان ئي سڌو ٿي سگهي ٿو، باقي هي سياست ڪهڙي ڪندو!“ همراهه جو پيٽ ٻاهر نڪتل هو، مِٽون ڀريل، وات وڏو، ڏند وڏا، ٿلهيون بڪيون، ڇوٽيون ٻانهون، ڏاڙهي ڪوڙيل، ڳالهائڻ ڳرو، سياري جي شروعات هئي، ڪوٽ بوٽ پهريل هوس، ٽهڪ به ڏيئي رهيو هو ۽ بحث به ڪري رهيو هو. سڀني دوستن تي چڙهتو هو. مڙس يار ويس، خرچائو. سڀني پئي ها سان ها ملائي.
    آءٌ هوس ته ڪچهريءَ ۾، پر ذهن ڪجهه ڏينهن اڳي پيش آيل واقعي ڏانهن هليو ويو.
    سج لهڻ ۾ هو، آءٌ داڌرڪي شاخ جو ڪپ ڏيو، پنهنجي دوست ڏانهن پئي ويس، ٻٻرن جون قطارون، واهه جي ڪناري تي ساوا ساوا ڊڀ، ڪاريون گُجرون مينهون، ننڍڙا ڦر... چرنديون، پنهنجن وٿاڻن ڏانهن پئي ويون، ڌراڙن کان ڏس پڇندو هو، اُهو وٺيو، ٻنهي طرفن نهاريندو، تڪڙو تڪڙو وِکون وڌائيندو، هلندو رهيس، ڳوٺ جي ڪتن جي آواز تي ڊپ پئي ٿيو، پکي پنهنجن آکيرن ڏانهن پئي ويا. آس پاس وڻڪار گهڻي هئي، اڃا وهرون ڪونه کُليون هيون، ٻنيون سڀ کيڙيون پيون هيون، ڪي اڃان اٿلايل نه هيون، اتر طرف نوتڪاڻين جو وڏو ڳوٺ هو، جنهن جي اڇي چن سان پوچيءَ ڏنل مسجد ڳوٺ جو سينگار هئي، پٺيان لوڻان هڻندو، اڳتي وڌندو رهيس. اُتر طرف هڪڙي نمبر ۾ جوڙو ناڙيو بيٺو هو، پاسي ۾ هاري نماز پڙهي رهيو هو، سج هاڻي ٽٻ ٽٻاڻ ۾ هو، اِها هن جي وچين نماز ٿي لڳي، آءٌ ٿڪل هوس، پٺيان لوڻون هنيم، سج جي ڳاڙهاڻ ٻٻرن جي وڻن جي ڪڙيئي تي قطار، ٻنين ۾ هر بند تي وڻن جا جهڳٽا، ساوڪ، سونهن ڪارو گوڏ ٻڏل، سڀ پاسراٽيون ظاهر، هڏن جو ماس ڪوريل.... پنهنجا ميرا هٿ آسمان ڏانهن کڻيو، پئي ڀُڻڪيو، پاسي ۾ ٻئي ڍڳا، جن جي پٺن تي ڄار جي بانٺن جا نشان اڃان به ظاهر هئا، پنهنجي مالڪ ڏانهن نهاري رهيا هئا، هي کيڙيءَ مان اُٿيو، ڍڳن جا ڏورڻ ڪڍيائين، اڳيان ڍڳا، پٺيان پاڻ، اڇي مسجد واري ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا.... آءٌ ڪڙيو ڏيو، پنهنجي منزل ڏانهن پئي ويس، اڄ مان هتي ڪچهريءَ ۾ هوس، دل ڀرجي آئي، مون چاهيو ته بحث بدران ڀونڊو گهروڙي، چوانس ”اُٿ تنهنجي ....! اڃان به هاري بي پورهيت آهي يا تون بدمعاش آهين!“


    ڪارو

    سال ٿيو آهي، لوهه جون سيخون، ڪلف، سنگهرون، پٿر جون اُچيون ديوارون، وڏا در، ننڍا در، کوليون اُنهن منجهه کڙڪيون، لوٽا، بتا، ڪانجهي، ڊيزل ڪيترا نوان لفظ لکيا اٿئون. گهڻن ماڻهن سان ملڻ ڪري، ڪيترن قسمن جي نظرين کان واقف ٿيو آهيان، گهڻو ڳالهائڻ وارا، خاموش ماڻهو، نهٺا، ٻٽاڪي ماڻهو بزدل، بهادر ماڻهو، ڳالهير ماڻهو، رڄ اشراف ماڻهو، سالن جا سڙيل مايوس ماڻهو، مهيني جا بند ٿيل، توبه ڪندڙ چهرا، انهن کان گهڻو سکيو آهيان، ڌنڱ اڏول اڪابر انسانن سان به واسطو رهيم، جتي ذهن پاڻي جي ڇولين وانگر هيٺ مٿي ٿيندو رهيم، پر ڪنهن ڪنڌي ڏانهن کڻي وڃڻ بجاءِ بيٺو رهيم، اڃان ٿنبهي هڻيو بيٺو آهي، ”آئون توکان جند ڇڏائي نٿو سگهان.“ سو ڇو؟ اها ڳالهه پڙهندڙن تي ڇڏيون، سنڌ جا ميرن جي زماني جا جڙيل بنا کانٽي واهه، ”شاهه واهه“ به انهن سان هڪ آهي. جنهن جي ڪپ تي ٻٻرن جي پاڇي هيٺان ڇٻر تي چنڊ جي روشنيءَ ۾ پاڻ ڪچهري ڪئي هئي، ڪچهري ۾ ڪيترا نوجوان، اڌڙوٽ، پوڙها ۽ ٻار هئا، ڪي اڌ ڪچهري مان اُٿي ويا هئا، ڪن توڙ ڪيو هو. تون انهن مان هئين، جن چنڊ لهڻ تائين ڳالهين ۾ ساٿ ڏنو هو، ڳالهيون ڪهڙيون، سنڌ جي هاريءَ کي گهر ناهي، گهر اڏڻ لاءِ وڏيرو ڌرتي تي رهڻ نٿو ڏي، کاڌي لاءِ اُن نه آهي، پهرڻ لاءِ سگهو ڪپڙو نه آهي، پير اُگهاڙا سدائين مٽيءَ ۾ ڀڀوت، سنجهي صبح مٿس گار جي ناڙي، اهي هئا ڪچهري جا عام موضوع، سڀني کي محسوس ائين ٿي رهيو هو، ته ڪا گل بڪاولي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، پوڙهن چيو، ”ابا ڳالهيون ته سٺيون، پر اسان کي ٿاڻن جا چڪر ٿا مارين.“ اهي ته وڏيون ڳالهيون آهن، پر ڪنهن ننڍڙي ڳالهه تي، ڇيڙ بيگر تي وڏيرو ڪاوڙجي ٿو ته مهينا ته پيا سور سهون، جڏهن وڃي رئيس ٿڌو ٿئي، اها پهرين ڪچهري هئي.
    انهيءَ کان پوءِ ڪارو ۽ آئون گهرا يار ٿي وياسين، هن بيگر ڇڏي، ٻني تان لڏڻ ڇڏيو، زميندار ۽ پير کي نمي هٿ ڏيڻ ڇڏيو، هن سان به ڪئين زيادتيون ٿيون، ٿاڻن تان مارون کاڌائين، ڏنڊا ٻيڙيون لڳس، ڪچو پڪو قيدي رهيو، پر مڙس مڙيو نه، آئون ساڳيو نه رهيس، ڪيترن قسمن جا دوست ٿيا. موٽرون آيون، سٺين اوطاقن جا چڪر هنياسين، منهنجو رت جيڪو ٽهڪندو هو، اُنهيءَ جسم مان پگهر نڪرڻ بند ٿيو، وڏيون ڊگهيون ڳالهيون، اُبتا سُبتا پلٽا، جن ڳالهين يا سرن جي خبر نه هجي، اُنهيءَ تي بحث، هوٽلون، بنگلا، اوطاقون، ميٽنگون، جلسا، سال گذري ويا، ڪجهه به نه وريو، دوست پيا بدلبا هئا، ڪڏهن هڪڙا نيڪي ڪندا هئا، ڪڏهن ڪي علقمند سمجهندا هئا، ته ٻيا بيوقوف، ڪو به هڏ ڏوکي ساٿي نه رهيو، آءٌ به ڪنهن جو يار نه رهيس، اڪيلو تنهائي کائڻ لڳي، سڀ روز ملڻ وارا يار پريشان، سڪون اُڏي ويو، سڄو ڏينهن وائڙا، ڪير به پڇي ته هڪ ٻئي کي ٻڌيو پيا کائون، تڏهن وري ڪارو يار آيو، ڪاري چيو ته: ”بس يار اسان جو ٻيڙي چاڙهي ڦرهو ڪڍيو، عمرين کانپوءِ اٿيا هئاسين، آس هئي ته هاڻ ڌرتيءَ ڏانهن پير نه ٽٽندا، پر اسان کي اُٿاري وري اوهان وڃي انهن ۾ ويساهه ڪيو، جيڪي اسان جا دشمن هئا، اسان سان هلندو به ڪير، اسان وٽ آهي به ڇا، ڪنهن کي ڏيئي به ڪجهه ڪونه ٿا سگهون، اوهان پنهنجا تجربا ڪيا، اڳتي پوئتي ٿيا، ڏي وٺ ڪيو، پنهنجا پير پختا ڪيو، اسان اتيئي رهياسين، اهي گهر، اهي پير اُگهاڙا، اهي گاريون، اهي ٿاڻا، ويندي حياتي گذري، اوهان به گذاري ويندا، فرق اهو آهي ته اڳي سمجهه نه هئي، ته، سڀ الله جي قدرت سمجهندا هئاسين، هاڻي ائين نٿا سمجهون، ته اهي هارين سان ظلم، ڪيئن جند ڇڏايون، اها به ڪجهه ڳالهه سمجهي اٿئون ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪريون، باقي وڏيرن ورڪرن مان ورندو ڪجهه به ڪين، سڀڪو پنهنجي پيٽ تي ڦيڻا پيو وجهي.“ هن ڳالهين ڪندي، اهڙيون چماٽون وهائي ڪڍيون جو مون محسوس ڪيو ته منهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، مون وٽ ڪوبه جواب نه هو، منهنجيون چيل ڳالهيون منهنجي اڳيان رکي رهيو هو، مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، سوچيم ته جتي باهه ٻرندي آهي، اتي گرمي هوندي آهي.
    اسان پيا ملندا هئاسين، اهي رهاڻيون موٽي آيون، ساڳيا پراڻا ڀڏا، ٻيلن جا پاسا، واهن جا ڪنارا، نمبرن جون مٿاهيون، مال جا وٿاڻ، کرن جون ڪچهريون، جيلن ۾ ٿاڻن جا چڪر، جنگ موٽي آئي، زندگي جو ساڳيو وهڪرو ڏينهون ڏينهن اڳتي، ڪئين الزام، ڪئين گلائون، ڪاري ۽ مون کي ٽوڙڻ جون ڪيتريون سازشون، وڏيراڻا حربا، ڏنگيون ڦڏيون، ور وڪڙن واريون لائينون، ادبي بحث، جنگ جون ڏاهپون، ٻٽيون ڪاميابيون، دشمن ڀڄي ويندو، سڀ هڪ نعرو هڻو، پوءِ ٻيون وزن واريون ڳالهيون، پر منهنجي اڳيان جڏهن ڪارو ڦرندو آهي ته سڀ بحث هن تان گهوري، هن ۾ ايمان رکندو آهيان، ته هن جنگ ۽ ڏکن ۾ آزاديءَ جو فقط هي هوچي منهه ٿي سگهي ٿو. ٻيو سڀ ڪوڙ آهي، هن جي ڪاري، لڪن جي ساڙيل شڪل، ٿلها ڦاٽل ڪپڙا، ڦاٿل سنڌي جوتو، مٿي تي پراڻي اجرڪ، موتي جهڙا اڇا ڏند، سهڻيون وڻندڙ مُڇيون، سدائين مرڪندڙ مهانڊو، ائين پيو چوندو آهي، ته ”متان ڀاڙي ٿيو آهين، اچي چڙهيا آهيون.“


    قبضو

    رات جي پوئين پهر ۾ ٻلين جي ويڙهه تي سار ٿي پيئي، پاسي واري کوليءَ مان قيدي جو آواز آيو، ”ڀيڻسان ننڊ خراب ڪري ڇڏي.“ لفظن ۾ عذاب هو، منهنجي نظر وڃي اڇي چُن جي چمڪندڙ ديوارن تي لڳي، بلب جي روشني تيز هئي. پاسي ۾ هڪ قيدي ساٿي سُتو پيو هو، مٿان ڇت ۾ لوهه جون سيخون 6 انچن جي وٿي تي چورس لڳل آهن. انهي جي مٿان ڄاري آهي، ڪمري ۾ تيز روشني آهي، ٻاهر نظر ڪونه ٿي وڃي، گگهه اونداهي آهي، جيل جو فرش. ميرا کٿا، لوهي دروازي ڏانهن سرو ڪري، ٿڌي هير حاصل ڪرڻ لاءِ اها اٽڪل ڪئي اٿم، جنهن هير کي شاعرن ۽ اديبن بنهه گهڻو ساراهيو آهي، جيڪا مون کي به وڻي ٿي، هاڻ ننڊ ڪونه ٿي آئي، ذهن ۾ پنهنجا ساٿي ڦرڻ لڳا، ڪهڙا مڙس آهن، ڪهڙا لالچي ۽ ڪهڙا عقل کان پري، سوچيان پيو ته ڪنهن جو اوهان جي اڳيان ذڪر ڪريان، سڀ ڪردار آهن ته ذڪر ڪرڻ جهڙا، پر اڄ ٻين کي ڇڏي، اوهان کي پنهنجي يار بچل باڏيهه بابت ٻڌايان ٿو.
    انهيءَ ڏينهن صوفيءَ کان ڪورٽ ۾ پڇيم ته ”بچل وٽ زمين قبضي ۾ آهي يا نه؟“ چيائين ته ”وڏيرو قبضو ڇڏائي ويو.“ مون کان رڙ نڪري ويئي. جيڪو ٻين کان قبضا وٺندو آهي، سو پنهنجي آزادي حاصل نه ڪندو آهي. انهيءَ ڌارين جي دلال ڪردار تي لکڻ جي سوچ آئي آهي. پر هيءَ صبح جي پياري مهل آهي، بچل ذهن تي ويٺو آهي، نماڻيون اکيون، منهن تي ماتا جا داغ، چلڪڻا ڏند، سانورو رنگ، اڪيلو مڙس، هڪ تيرهن ورهين جو پٽ ماءُ ۽ زال، کير پيئڻ لاءِ مينهن، هڪ جوڙو ڍڳن جو، هن جواني تائين اها پونجي ، جنهن ۾ ڪجهه مائٽاڻي وراثت به شامل هئي. هونئن ته سنڌي ماڻهو قوم آهيون، پر رهندو گهر گهر آپي آهي. ڇوڏو نه ڇوڏي ڀيڙو، شل نه ڪنهن کي بخار اچي پاڻي ڀري ڏيڻ وارو به مشڪل ڪو گهر ۾ هوندو. بچل اڪيلو مڙس، زندگيءَ لاءِ پنهنجي نسل لاءِ جنگ جوٽيو پئي حياتي جا ڏينهن پورا ڪيائين، ڄڻڪ زندگي ڪو هن تي عذاب هئي، اها زندگي جيڪا ماءُ ڪئين خواهشن سان جنم ڏيندي آهي. ڪيترن محنتن سان سنواريندي آهي، جڏهن بچل جوان ٿيو تڏهن هرڻ وانگر زندگي جي ضرورتن پوريون ڪرڻ لاءِ تڙپيو ٿي، جنهن جهنگل ۾ هن اڌ عمر گذاري هئي، اتي بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌي هن جو هِنيون ٿي ڦاٽو، ڏٺل وائٺل پاڙي جا ماڻهو ڀڄائڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا هئا، هن چيو ته، ”ٽپڙ کڻان“ چيومانس ”ڪيڏانهن ويندين، اتي به ڪي رهڻ نه ڏيندئي، ڌرتيءَ تي قبضو مڙس ڪندا آهن، جن ڌرتي ڇڏي آهي، محبوب نه ماڻيندا آهن، تو ڏٺا نه آهن شهر جي لال بزار ۾، وڏيون مڇيون رکايو سونا ڏند پايو منهن کي تيل مکيو ويٺا هوندا آهن، اهي پنهنجي ڪنوارن جي ڀاڙ کائيندڙ اٿئي، انهن کان پنهنجي دلبرن جي سنڀال نه ٿي، تون ڪيڏانهن ويندين، تون ٻني تان تڙين ته تنهنجو نسل تڙيو، توکي خبر نه آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي به وائڙا آهن، سي ائين ٿا ڊڄن جيئن تون ٿو پنهنجي گهر هيٺان زمين يا زمين مٿان گهر ۾ ٿو ڊڄين. اهي وڏيرا جن کان تون ڊڄين ٿو، اهي به ته سنڌ جي ڀاڙ پيا کائين.“، ”سچ ٿو چئين“، ”ها ها ڀاڙ، توکي خبر نه آهي ته ڪراچي ڪيڏو حسين شهر، اصل جهڙي سائي تسر سان پٽ جو جڙيل ٽئرن وارو گج پهريل ڪنوار، اها ڌارين جي حوالي ڪري انهي جي عيوضي هنن کي زميندار بنايو ويو آهي. هنن کي ٻڌايو ويو آهي ته ’هن زمين جا مالڪ اوهان آهيو.‘ بچل ڳالهه ڪن کولي ٻڌ، ڀڙوا انگريزن جي زماني کان وٺي سودو ڪندڙ اٿئي، هنن جو نسل ڀاڙ تي پلجندو اٿئي، تون پنهنجي هن ٽڪري کي ڇڏي جنهن مان تو لاهه ڪڍيا، ڊٻون هٽايون ٻنا هنيا لوڙهو ڏنئي، چيٽ ڪيا، رتڙيا لوئي اڄ اها چوڪڙي ڇڏيندين؟“
    ”نه ڪڏهن به نه ڇڏيندس.“ بچل کلي موڪلايو، مون کي هن جي کل ۾ وڏي جوت نظر آئي، پوءِ جڏهن پيا ملندا هئاسين، ڪڏهن چوندو هو ته، ”اڄ مختيارڪار منهنجي خلاف فيصلو ڏنو آهي.“، ”هاڻ ڊپٽي منهنجي خلاف فيصلو ڏنو آهي.“، ”اڄ ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ڪئي اٿم اها چُوڪڙي ڏيان ته پنهنجي لال ڪنوار ڏيان.“ جڏهن ملندو هو ته بهادريءَ واري مُرڪ هوندي هيس، هڪ ڏينهن ٻڌم ته وڏيري هن کي مار ڪڍائي آهي، بچندو ڪونه، پر بچل بچي ويو، ۽ اٺن ڏهن ڏينهن کان پوءِ ملياسين، چيائين ته ”ٻني ڏيان ته ڪنوار ڏيان، هي ڌرتي منهنجي ماءُ آهي، ڀيڻ به آهي ۽ ڌيءَ به آهي، منهنجو خون، پگهر به هن ۾ شامل آهي، سا نه ڇڏيندس.“
    ٿورن ڏينهن کانپوءِ مڙس ٻڌجي ويو، مهينو کن واڙيائونس وري موٽيو، اها جوت، همت نه هاريائين، آئون سوچيندو هوس، ته جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو چؤڪڙي تي هيتري ويڙهه ڏيئي سگهن ٿا ته هاڻي سنڌ جو تاريخي ورثو هن کان ڪير به ڦري نه سگهندو. هاڻ اسان مڙس آهيون، سونا ڏند پائي دلالي ڪونه ڪنداسين، مڻيادار عورت جا ڪن ٻُٽا ئي سونهندا آهن، سچ جهڙي سونهن، سرخي لڳل چپن ۾ نه هوندي آهي. بچل چوٽون کاڌيون، وڙهيو سٺو وڙهيو، پر ڳڀرو دلال، جنهن اڃان سونو ڏند نه پاتو آهي، اڃا مڇين کي ڪيس نه ڪرايو آهي، بچل کي ماريو، هوڏانهن هوت جيڪو چار سالن کان موت جي منهن ۾ آهي، پر سوني ڏند ۽ ڪيس ڏنل دلال وڏيري کي هن جي مُٽ تان اورنگهڻ جي همت نٿي ٿئي، هن جي سينگاريل چؤڪڙِ ڏانهن اک کڻي به ڪونه ٿو نهاري، وڏيري جو هو به ماريل آهي، هن جو به گهر ٻار اُجڙي ويو آهي، وڏيري، هوت سان به ويڙهه ڏني آهي، ۽ ماريو اٿس، پر اک اک جو ڦير پنهنجو آهي، ڪي اکيون هيٺ نهارينديون آهن، ڪي جرڪنديون آهن، ڪي ٻرنديون آهن، جنهن ۾ نهاري نه سگهبو آهي.

    (’سهائي‘ ڪتابي سلسلي ۾ ڇپي)


    خدا جو گهر

    مينهن پئي بس ٿيو، جماعتي مسجد جي صفحي ۾ اچ وڃ ڪري رهيا هئا، اوچتو ڌماڪو ٿيو ۽ ڌماڪي سان گڏ روڄ راڙو به شروع ٿي ويو.
    جماعتين جي توجهه روڄ راڙي ڏانهن ڇڪجي ويئي، جان کڻي ڏسن ته سالن جي پراڻي صالوءَ جي جهوپڙي پٽ سان ملي پئي آهي. هونءَ به جهوپڙي جي اوچائي ڪا خاص ڪونه هئي، گهر جا ڀاتي صرف سمهندا ٺيڪ هئا! باقي جهوپڙي اندر ڪم ڪار چيلهه چٻي ڪري ڪندا هئا.
    اڃان جهوپڙي مان ٻچن جي دانهن جو آواز بند نه ٿيو هو، صالو ڪاٺين، ڪانن کي پاسي ڪرڻ ۾ پورو هو، هوڏانهن نماز جي تڪبير لڳي رهي هئي. ڪو به جماعتي صالوءَ جي ترت مدد لاءِ نه ويو، ڪيئن وڃن؟ هنن جي سنت جماعت ٿي ويئي، ثواب ٿي ويو، بهشت ٿي ويو، حورون ۽ غلمان ٿي ويا.
    صفحي ڏانهن ڊوڙندي هڪ جماعتي چيو، ”اها مسجد جي پٽ اٿس! ڇاڪاڻ جو هن اها زمين مسجد جي ايوان کي وڌائڻ لاءِ نه ڏني.“
    صالو جي ڪنن ۾ اهي لفظ چقمق جيان جهٽي ويا، هو دل ۾ پڄري ويو، هن جي ذهن ۾ گذريل ڳالهيون هڪ هڪ ٿي تصويرن جيان چرڻ پرڻ لڳيون! هن کي پهرين اهو ڏينهن ياد پيو جڏهن پڻس گاري تي ۽ ڪچين سرن سان جهوپڙي جي ڀت کڙي ڪئي هئي. جهوپڙي جي اولهه طرف باقي جيڪو ٽڪر بچيو هو، ان تي گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن جي دماغ ۾ مسجد جو نقشو اُڀري آيو هو، خدا جو گهر! عبادت گاهه! روحاني سڪون! بهشت جو آسرو! دوزخ جا جلوا وغيرهه..... پوءِ هن ڪهريءَ نه سِڪ سان جهوپڙيءَ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي پهرين کروٿ تيار ڪئي هئي.
    هن مسجد ۾ پهرين جنهن سجدو ڪيو هو، اهو به هن جو پيءُ ئي ته هو، صالوءَ کي اهو ڏينهن به ياد هو جڏهن پڻس مرڻ وقت هن کي ائين چئي ويو هو ته هيءَ مسجد پاڙي جي آهي، خدا جو گهر آهي، توکان جيڪا خذمت پُڄي، سا ڪندو رهج، پوءِ ڪيئن نه هن جي اکين مان لڙڪ وهي نڪتا هئا؟
    مرڻ کان پوءِ پڻس کي بهشت مليو يا نه مليو، سا ته خبر رهي ان کي، باقي اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن، سورهن مان چالهين ورهين کي صالو پهچي چڪو هو، پر نه جهوپڙيءَ جي حالت بدلي هئي نه سندس. ماءُ جو ڳهه رکي جوڙي ورتي هئائين سو به اڃا تائين هو ڇڏائي نه سگهيو.
    هن کي اهو به ياد هو ته هو ڪيئن نه اَسُر ڏيئي اُٿندو هو، وڏاڻ جي ٺڪائن تي مُلئون به ڪلمون ڀري اُٿي کڙو ٿيندو هو، اوڙي پاڙا وارا هن کي چوندا هئا ته ’صالو‘ ڪهڙي بک پيئي اٿئي جو اَسُر ڏيئي ٿو اٿئين؟ جواب ۾ هو کين چوندو هو ته ادا ڇا ڪريون ننڍا ٻچا ۽ زال آهي، انهن جي پيٽ ڀرڻ ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ وڌيڪ پورهيو ڪرڻو ئي پوي ٿو.
    هن کي اهو نظارو به ياد هو جڏهن جماعتين هڪ وڏو ميڙ گڏ ڪيو هو، ۽ انهي ميڙ اڳيان محلي جي بيٺل مسجد کي نئين سر ٺهرائڻ لاءِ چندي گڏ ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
    ۽ پوءِ ڪيئن نه جماعتين دل کولي چندو ڏنو هو.
    هن کي اهو به ياد هو ته ان وقت هن جي ڪنن ۾ سندس پيءُ جا اهي لفظ گونجڻ لڳا هئا ته ’ابا، پاڙي جي مسجد آهي، خدا جو گهر آهي، جيڪا پڄي سگهيئي سا خذمت ڪندو رهج‘ ۽ هن مجبور ٿي، ڪيترن ڏينهن جي بچايل رپئي کي رومال مان ڇوڙي جماعتين جي حوالي ڪيو هو. انهيءَ وقت هنجي دماغ ۾ ڪهڙن نه سهڻن خيالن جنم ورتو هو ته اسان سڀ ڀائر آهيون، ۽ اهڙي طرح گڏيل نموني هڪ ٻئي جي آساني سان مدد ڪري سگهون ٿا، اڄ مسجد جو چندو ڪيو اٿئون، ته سڀاڻي منهنجي جهوپڙي جو بلو به ڪندا، پرهيئن پيروءَ جي جهوپڙي جو ۽ ارينهن فلاڻي جو، اهڙي نموين اسان سڀني جا هي گهر نين جڳهين ۾ بدلجي ويندا.
    انهيءَ کان سواءِ به ڪيترا خيال هن جي ذهن ۾ اُڀرندا رهيا هئا، پوءِ ڪيئن نه جلدئي اها کروٿ هڪ شاهي جڳهه جي صورت وٺي ويئي هئي، هن جا منارا نيري آسمان هيٺان تارن جيان حسين پئي ڏسڻ ۾ آيا، ۽ هن جون نظرون ڪيئن نه حسرت وچان پنهنجي جهوپڙي طرف کڄي ويون هيون، هن جي ذهن ۾ ڪهڙو نه پنهنجي جهوپڙيءَ لاءِ سٺو نقشو تيار ٿي ويو هو، هن ڪيترا ڀيرا جماعتين کي اها ڳالهه اشاري ۾ ٻڌائي، پر ڪنهن به جماعتيءَ هن جي ان ڳالهه ڏانهن توجهه ڪانه ڏني، هن ڪيترا ڀيرا اها به ڪوشش ڪئي ته هو جماعتين کي چوي ته هو سڀ گڏجي، ڦوڙي ڪري هن کي پڪي جهوپڙي ٺهرائي ڏين ته جيئن ڪچي جهوپڙي اوچتو ڊهي نه پوي ۽ اها ڳالهه هو کين ڇو نه چوي؟ آخر هو هن جا پنهنجا جماعتي هئا، ليڪن الاجي ڇو اها ڳالهه هن جي زبان تي اچيو، وريو رڪجي ٿي ويئي.
    هي ڪنهن کي به چئي نٿي سگهيو. هن کي اهو هو ته هن هڪ ڀيري سڀني جماعتين کي چيو هو ته ادا هن مسجد جو نارو منهنجي ڀونگي وٽان آهي، ۽ منهنجي جهوپڙي ڪمزور آهي، متان ڪري نه پوي، مهرباني ڪري ناري جو منهن ڪنهن ٻئي طرف ڪريو. پر هن جي ڪنهن به نه ٻڌي هئي، صالو پريشانيءَ جي حالت ۾ ڪک ۽ ڪانا هڪ هنڌ گڏ ڪندو به رهيو ۽ آئينده لاءِ پڻ سوچيندو رهيو ته هو هاڻ ٻچن جو پيٽ پاليندو يا انهن جي رهڻ لاءِ جهوپڙي ٺاهيندو؟ هن پڪو خيال ڪيو ته اڄ هو وچين نماز جي ٽائيم تي منهن جو پڪو ٿي سڀني جماعتين کي پنهنجي حال کان واقف ڪندو، ۽ کين چوندو ته جيئن هنن ڦوڙي ڪري مسجد ٺهرائي هئي، تيئن هن جي جهوپڙي به ٺهرائي ڏين.
    هو انهي آسري تي، سڀني کان اڳ وضو ڪري وڃي مسجد ۾ ويٺو، جماعتي به هڪ هڪ ٿي گڏ ٿيندا ويا، هن ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي سوچيل تجويز جماعتين اڳيان رکي، پر هر ڀيري لفظ ڄڻ ته هني جي نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي پيا، نيٺ ڏڪي ڏڪي چيائين:
    ”منهنجو هڪ عرض آهي.“

    جماعتي وائڙا ٿي هن جو منهن تڪڻ لڳا، هن همت ڪري، کين سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي،
    هن جي ڳالهه تي سڀ اچي ٽهڪن ۾ ڇُٽا ڪنهن چيو، مغز خراب اٿس! ڪنهن چيو ڏٺو مُٽو آهي، پنهنجي هٿن سان نٿو ٺاهي، ڪنهن چيو اسان وٽ ڄڻ ته نوٽ پيا ٺهن! مطلب جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون، صالو جو پهريون ته منهن ڌما ڇڏي ويو، پوءِ هڪ ٽنگ هيٺ ٻي ٻنجري تي رکي بيهي چرين جيان مسجد کي ڏسڻ لڳو.
    هڪ ٻڍي جماعتي هن کي چيو ٻنجري تان پير هيٺ لاهي، خبر ڪانه اٿئي ته مسجد جون ڀتيون آسمان سان مليل هونديون آهن.!
    جواب ۾ هن منهن مان هڪ اکر به نه ڀڻڪيو، هو جماعتي به وڌيڪ نه ڪڇيو، جوتو پائي هليو ويو، اهڙي طرح جماعتي هڪ هڪ ٻه ٻه ٿيندا سرپر ڪندا مسجد مان ويندا رهيا، هو به آهستي آهستي مسجد مان نڪري ويو، ڪجهه دير کان پوءِ جنهن جڳهه جهوپڙي هئي انهي جڳهه تي صالو کروٿ تيار ڪري ورتي.
    اهو ڪم صالوءَ تمام ڦڙتائيءَ سان ڪيو.
    سومهڻي نماز کان پوءِ صالو مسجد جا منارا لاهي ڦٽا ڪري ڇڏيا، ننڍا ٻار جي مينهن جي بوندا باري ڪري ڏڪي رهيا هئا، انهن کي وٺي آڻي مسجد ۾ ويهاريائين، محراب جي ڀرسان جيڪو ڏيئو رکيو هو، انهي کي دکائي سوجهري تي ويهي هو مسجد جي پال مان دروازي جو پڙدو ٺاهڻ لڳو، گهر واريءَ پڇيس ته پاڻ مسجد ۾ ڇو آيا آهيون ته ’چيائين گهر به خدا جو پاڻ به خدا جا‘ زال چپ ٿي وئي.
    صبح جو ملان ٻانگ ڏيڻ آيو ته دروزاو اندران بند ڏٺائين، در تي کٿو به ٽنگيل ڏٺائين جو اندر ٻارن ٻچن جي نشاني هو.
    ملان در تي بيهي آواز ڏنو ته صالو ٻاهر نڪري آيو ۽ ملي جي پڇڻ تي چيائين هي منهنجو گهر آهي. ائين چئي ملئين کي ٻانهن کان جهلي وڃي کروٿ وٽ ڇڏيائين، ملان ڪڇي نه سگهيو، ڇو جو صالو جو ڳالهائڻ ۾ انتهائي جوش هو، هن سواءِ سر جي ٻانگ ڏني.
    آهستي آهستي جماعتي گڏ ٿيندا ويا ۽ گوڙ وڌندو ويو، سڄي ڳوٺ ۾ ڳالهه پکڙجي ويئي، ماڻهن جا انبوءَ گڏ ٿي ويا، ڪي تماشي خاطر، ڪي اڻ ڄاڻ جذبي جي ماتحت.
    پر صالو ڏانهن ڪير به نه ويو.
    هنن صبح جي نماز کروٿ تي ادا ڪئي ۽ سج اُڀري کان پوءِ پوليس اسٽيشن ويا، پوليس انسپيڪٽر هنن کي چيو ته، ”فريادي ڪير آهي ظلم ڪنهن سان ٿيو آهي.؟“
    جماعتي سڀ هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهارڻ لڳا.
    صوبيدار جو قلم پني تي هو ۽ ڪنڌ جماعتين ڏانهن. هن بيحد نرمائيءَ سان چيو ”ابا هي ته سول مئٽر آهي.“


    ائين نه ماريو يار

    رات جا ڏهه آهن، ميري بستري تي سيءَ ۾ ٽوندڙو ويٺو آهيان، پنهنجي سنڌ ۽ دنيا جي ڦرندڙ حالتن تي ويٺو سوچيان، ڪمري ۾ ڪاٺ جي ڪرسي آهي، ٽيبل تي ميرو پوش پيل آهي، ڀر واري کٽ تي ٻه ڪڪڙيون ۽ هڪ زال بستري پوري نه هئڻ ڪري گڏ سُتيون پيون آهن.
    مون کي ننڊ نٿي اچي، ڪوشش پيو ڪريان ته ڪيئن به ڪري سمهان، انهن ڳالهين کي وساري ڇڏيان، زندگي ۾ اهڙا ڪيترا اتفاق ٿين ٿا، انسان ويچارو خبر نه آهي، ڪهڙا ڪهڙا ڌڪ پيو وڃي. دل ۾ ڪئين ڳالهيون سانڍيو پيو هلي، اها ڳالهه به انهن سان، پر حساس طبيعت وري اهڙي آهي جو لڙڪ ڀرجيو اچن، پنهنجا ويڻ وڍيو وجهن جيڪو نه ڄاڻي انهن تي ڪهڙي ميار.
    ڳالهه پراڻي ڪانهي، گذريل تاريخ، سنڌ جي آزاديءَ بابت سڄڻن سڏ ڪيو، ٻه روپيه کيسي ۾ هئا، چار روپيه ڀيڻ کان اُڌارا وٺي صبح جو سيءَ ۾ ڏڪندو سٺ ميل ڪري اچي حيدرآباد پهتس، پتو پيو ته اهو ميڙ سنڌ جي وڏي هوٽل ۾ ٿي رهيو آهي.
    ٽائيلس تان ترڪندو، مضمون جو سلسلو جوڙيندو ته قومون ڪيئن مرنديون آهن. زبانون ڪيئن ختم ٿينديون آهن، سو به هن دور ۾ جت سٺ لک ته پري ٿيا، پر هزارن جي ڳاڻيٽي واريون قومون به فخر سان ڳڻجي رهيون آهن، اسان کان ته جتوئي، خاصخيلي، گڊا، مهاڻا، ميربحر به ختم ڪو نه ٿا ٿين. انهن کي به صديون ٿي ويون آهن، رهيو ٻوليءَ جو معاملو، سنڌي زبان جي ختم ڪرڻ وارن جي وس ۾ آهي ته ڇا به، سوچين پر اسان ته ڏسندا آيا آهيون ته ٻيو ته ٺهيو ڪوڪڙي زبان جن کي ڪو اسڪول پڙهائڻ لاءِ ڪونهي، اها به صدين کان زنده آهي ۽ رهندي، پر جڏهن هي رت پيئندڙ دؤر ختم ٿيندو، جڏهن آدم جي، سهگل ۽ داؤد نه رهندا، جڏهن سنڌ ۾ ايگريڪلچر فارم هوندا، سنڌ ۾ ٽيڪسٽائيل ملز هونديون، سنڌ ۾ شگر ملز هونديون، سنڌ ريلوي، سنڌ ٽرانسپورٽ وغيرهه، ائين سوچيندو دروازي وٽ پهتس، حال کچا کچ ڀريو پيو هو، سنڌ جي تهذيب ثقافت، هڪ همراهه ٽائيءَ سان، لفظن جي وهڪري کي نڙيءَ کان ٻاهر ڪڍندي ٿي ويو، مونکي لکنو جي تهذيب به نظر نه آهي، نه ڪا دکن جي شيرواني، عجيب ٻهروپي هئي دنيا، باهه ڪٿان ٻري آهي، جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تان آهي، ٻڌو هوم ته نوڪرين تان همراهه لڳا آهن، مون تي رضاڪار دوست جي نظر پئي، ڄاتل سڃاتل هئس.
    سنڌ جي تباهيءَ تي راتيون بحث ڪيو هئوسين چي گويرا، لوممبا هوچي منهه، مريد گارڊس، دنيا جي ڪهڙي تحريڪ هئي جنهن تي اسان راتين جون راتيون بحث نه ڪيو.
    اُگهاڙا سنڌي، بنا اجهي اَن پيدا ڪندڙ هاري، ساري زندگي چوديواري ۾ گذاريندڙ سنڌي عورت، هي رڙهي مون تائين آيو، پتلون ٽائيءَ ساٿيءَ جو ذهني حسن وڌائي ڇڏيو هو، خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، ڄڻڪ سنڌ جي آزاديءَ جو جشن هو. چيائين، ”اوهان دير سان پهتا آهيو، دل ۾ نه ڪج بيهڻو پوندوَ.“ چيومانس ”ڪائي ڳالهه نه آهي.“
    انهي مهل همراهه هڪڙي ڪاري ڪوٽ ۾ ڳاڙهيءَ ٽائيءَ واري کي پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ وٺي وڃي پهرين صف ۾ ويهاريو، مون هن ۾ نگاهه ڪئي پاڻ ۾ به، منهنجي قميص جو هڪ بٽڻ ٽٽل هو، گلي کي هٿ سان ٺاهي ٿڌو ساهه ڀري قوميت تي بيهي ليڪچر ٻڌم. منهنجي دوست هڪ ڀيرو وري به پنهنجي مجبوريءَ جو اظهار ڪيو، مون ڪوبه جواب ڪو نه ڏنو. ڪجهه دير کان پوءِ ٽن ٺهيل جڙيل صاحبن جي اڳواڻي ڪندي پئي ويو، جن مان هڪ برٿ ڪنٽرول جو صاحب هو، ٻيو ريڊيئي جو، ٽيون اخبار جو، جيڪي لاهور کان پهتا هئا، انهيءَ گهڙيءَ جيڪو دوست قوميت تي ڳالهائي رهيو هو سو به ”زندهه شل سنڌ رهي، اسين نه رهياسون ته ڇا ٿيو،“ شعر چئي اچي انهن جي پاسي ۾ ٽهڪ ڏيڻ ويٺو، مون وري پاڻ ۾ نهاريو، سليپر پالش ٿيل ته هو، اديب ٿيس ته ڇا ٿيو، سنڌيت ڪهڙي ڪم جي، ڏٺل وائٺل ماڻهن تان نظر ڦيرائيندو، ترڪندو، ٻُڪ پاڻي جا رئندو راتو واهه اچي گهر پهتو آهيان، ويٺو سوچيان ته هن جنگ ۾ ڪير پنهنجو آهي، ڪير پرائو.؟


    ننڍڙو دماغ

    جعفر جڏهن کان اٺن ڏهن سالن جو ٿيو تڏهن کان اهو ٻڌندو رهيو ته زمين ۽ آسمان الله تعاليٰ بنايا آهن، دنيا ۾ جو ڪجهه آهي اهو سڀ الله تعاليٰ جو آهي، انسان خدا جو نائب آهي.
    جعفر جي اها عادت هوندي هئي ته جيڏانهن پڻس ويندو هو، هي به انهيءَ جي پٺيان روئي رڙي ويندو هو، ڀلا گهر ۾ هي ڪنهن وٽ رهي، هن جي ماءُ تي هن جي اچڻ شرط پنهنجي زندگيءَ جو صدقو ڏيئي وڃي رڻ جي واهي ٿي، پڻس مجبور ٿي هن کي پاڻ سان وٺي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن کي زميندار کان ٻج کڻڻو هو، انهيءَ ڪري صبح جو سوير مُلان جي آواز تي اٿيو هن سان گڏ جعفر به اکيون مهٽيندي کٽ تان اٿيو.
    پڻس گڏهه تي آٿر وغيرهه ٻڌي زميندار جي ڳوٺ روانو ٿيو، زميندار جو ڳوٺ 5، 6 ميل کن پري هو جعفر به اوڏانهن هلڻ لاءِ پنهنجي صورت ۾ ڦيرو آندو، پڻس مجبور ٿي هن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو، ڳوٺ کان ٻاهر جعفر گڏهه تي سوار ٿي مزا ماڻيندو زميندار جي ڳوٺ پهتو، زميندار صاحب ننڊ مان شايد هاڻي اُٿيو هو، جو هو بنگلي جي اڳيان ٻنجري تي هڪ پير رکي ڏندڻ ڏيئي رهيو هو. اڙي خدو-ٻيا هاري وهراج شروع ڪرڻ وارا آهن. تون اڃان هاڻي ٻج کڻڻ آيو آهين سائين ٻيا پاڻ ۾ گهڻا ساٿي آهن، مان اڪيلو آهيان جڏهن جعفر جوان ٿيندو تڏهن ڏسجان ته سڀني کان اڳ ٻج کڻڻ ايندس. اڙي پوءِ جڏهن جعفر جوان ٿيندو تڏهن ٻج کڻڻ اچج. سائين ائين نه ڪريو مون محنت ڪري زمين تمام سٺي ڪمائي آهي. مهرباني ڪري ٻج ڏيو، الله گهريو آهي ته منهنجي محنت سجائي ٿيندي نه ته ٻج جا پئسا مون جي کاتي لکجو، آئون توهان کي ڪڙيي جي کاٽي کڻي پئسا پورا ڪري ڏيندس. اڙي بيوقوف اهي اڍائي مڻ به ٿو پاڻي ۾ وڃائينءَ. سائين مون توهان سان واعدو ڪيو آهي ته ڪمائي ڏيندس. چڱو هتي صحيح ڪر.
    اڙي ڪارا هن کي اڍائي مڻ ساريون توري ڏي. جعفر جو ننڍو دماغ سمجهي نٿي سگهيو ته هي ڇا آهي. هيڏانهن سڀ ماڻهون ۽ مولوي پيا چون ته زمين ۽ آسمان الله جا آهن، جعفر سوچيندو وڃي ٻاراڻي دنيا ۾ نڪتو گڏهه جي پويان پنڌ ڪنڌي هن جا اُگهاڙا پير سڙڻ لڳا، ڪيٻائي ڪيٻائي زمين تي پَٻ رکي هلڻ لڳو. پڻس جنهن کي زميندار جي تنبيهه آپي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو، تنهن جعفر کي هڪ لپاٽ ورائي کڻي ڪڇ تي کنيو. جعفر سڏڪا ڀرڻ لڳو. زمين زياده تپندي ويئي، جعفر جو پيءُ به آخر انسان هو. انهيءَ جا به پير سڙڻ لڳا، هن کي جعفر لاءِ احساس جاڳيو، هن جعفر کي ڇاتي سان لاٿو، جعفر جا سڏڪا بند ٿي ويا. گڏهه پنهنجي رفتار سان هلندي ويئي. ٿڪي ته هوءَ به پئي هئي، پر ڇا ٿي ڪري سگهي، جعفر پيءُ تي هڪ ڇوڪري جو بار، ٻيو اگهاڙا پير وارياسي زمين تي سڙڻ لڳا.
    رات ڏينهن جي محنت ڪرڻ کان پوءِ اڄ جعفر جو پيءُ خوش هو. هن جي کوڙي ٻين هارين کان وڏي ڏسڻ ۾ پي آئي، کري ۾ سڀ هاري اچي گڏ ٿيا. ٿوري دير جي انتظار کان پوءِ پريان ڏسڻ ۾ اڳيان ڪمدار ۽ ان جي انتظار کان پوءِ پريان ڏسڻ ۾ اڳيان ڪمدار ۽ ان جي پٺيان هڪ اڀرو جسم، پير اُگهاڙا، گوڏ ٻڌل، مٿي تي سامهيءَ جا پُڙ رکيل، شايد واهي هو. جعفر جي ننڍڙي دماغ وري سوچيو ته اهو ڪير پيو اچي ڀلا؟ جعفر جو ننڍڙو دماغ ڪيئن نه سوچي، هونئن ته هر هڪ ڪچهري يا مسجد ۾ اهو ٻڌندو هو ته زمين جو مالڪ خدا آهي. انهي کان سواءِ هن کي ان جسمن کان مٿڀرو هڪ جانور ئي سوار ڏٺائين، جعفر جو دماغ اهي ڳالهيون، سوچيندو وري به کري ۾ آيل، ڪمدار ۽ ڏونگهين ڏانهن مائل ٿي ويو. زميندار صاحب گهوڙي تان لهڻ کانپوءِ سڌو سينگاريل کٽ تي وڃي ويٺو. هوءَ جيڪا وڏي کوڙي ڏسڻ ۾ پئي آهي. ٿوري دير کان پوءِ هن جا ٽي ڀاڱا ڏسڻ ۾ پي آيا، ٽن ڀاڱن مان ٻه ته ٿوري دير ۾ اٺن تي روانا ٿي ويا. جعفر جي پيءُ جي ڄڻڪ دل جا ٻه پاسا وڃي چڪا هئا باقي هڪ حصي مان مرشد جو حصو ۽ مسجد جو حصو، تپيدار جي گهوڙي جو داڻو، واڍي ۽ لوهار جي آهت، فقيرن کي ٻُڪ هوءَ جا پهرين وڏي کوڙي نظر اچي رهي هئي انهي جڳهه تي ڏهن ٻارهن مڻن جو دڳ نظر اچي رهيو هو.
    زميندار – اڙي خدو اچ ته حساب ڪريون، زميندار هڪ وڏي بندي کولي ٽوٽل ڪرڻ شروع ڪيو سانوڻ ۾ ٻه مڻ سارين جا پنجويهه رپيا بڍي ۾ هڪ مڻ سارين جو پندرهن روپيا. سائين اهو ته ظلم آهي،خدوءَ چيو.
    چپ ڪر بدمعاش احسان جو بدلو اهو ٿو ڏين نه ڏيانءَ ها ته ڇا ڪرين ها، بکن مرين ها خدو ويچاري کڻي ماٺ ڪئي، جو هن کي وري سانوڻ ۽ بڍو سُجهندو هو. متان زميندار آئينده لاءِ ناراض ٿئي. خدو ويچارو گڏهه تي ان رکي گهر اچي رهيو هو، ته هلندي جعفر چيو ته بابا الله هيترو ان ڪيڏانهن ڪندو، جعفر جو ڏوهه نه هو پر هن کي ٻڌايو اهو ويو هو ته زمين جو مالڪ الله آهي، گهر پهچڻ سان جعفر سارو ڏينهن ڊوڙيو ڊڪيو هو، سو ته سويرئي سمهي رهيو، جعفر جي پيءُ کي ننڊ ته گهڻي هئي، پر ڳڻتين ننڊ حرام ڪري ڏنيس. ڀلا ڳڻتيون ڇو نه ٿيندس جو جعفر جا ڪپڙا ڦاٽي ويا هئا. جعفر جي پير ۾ جتو به نه هئو. شهر ۾ وڃڻ ته هن گهڻا ڏينهن ٿيندا ڇڏي ڏنو هو، جو سيٺ مولچند هن تي پئسا گهرندو هو.
    اهي خيال ايندي ئي ننڊ کڻي ويس، صبح جو اٿيو ڪم ته هاڻي هن کي سجهندو ڪين هو. ماني ته جعفر جي ناني هنن کي تيار ڪري ڏيندي هئي، ڏڌُ جعفر پاڙي مان وٺي ايندو هو، ٿڌي ڏڌ سان ماني کائي دل کي وندرائڻ لاءِ جعفر کي چهنڊڙيون وجهي رهيو هو ته اوچتو ٽامي جي گهنڊ جو آواز ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، سڄو ڳوٺ خوشين ۾ نه پي ماپيو، خدوءَ جي دل ۾ ته انهيءَ ٺڪاءُ ٻڌڻ شرط خبر نه آهي ته ڇا ٿي گذريو هوندو جو هن کي خبر هئي ته جيڪي ٻه ٽي مڻ ان جا آهن سي مرشد جو نذر ٿيندا. آئون ۽ منهنجوجعفر اگهاڙا رهجي وينداسين، مرشد صاحب ڳوٺ جو چڱي مڙس جي اوطاق تي اچي لٿو، ڳوٺ جا سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ڏن چالهيو شروع ٿيو، جعفر جو ننڍڙي دماغ جو هي سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو پيءُ کان پڇيائين ته بابا هي ڪير آهي، جواب مليو ته هي پاڻ کي مرشد سڏائيندو آهي، هن مرشد کي جانچي ڏٺو وري وري جانچي ڏٺو هن کي ڏسڻ ۾ اها ساڳي پڻس واري صورت آئي، هن پڻس کي چيو ته بابا هي ته تو جهڙو آهي، پڻس هن کي جهڻڪ ڏيئي چيو ته هي الله جو پيارو آهي، الله هن جي سڀ ڪجهه ٻڌندو آهي، جعفر جو ننڍڙو دماغ هڪ وارو وري سوچ ۾ پئجي ويو، يڪا يڪ خيال آيس ته ڇا الله دوستن کي نوازيندو آهي، هن جو دماغ وري مسجد ڏانهن ويو جتي مولوي صاحب چوندو هو ته الله کي سڀ انسان هڪجهڙا آهن ۽ ساڳئي وقت اهو به ياد آيس ته الله انسانن کي تمام ويجهو آهي، هن جو دماغ پلٽو کاڌو، خيال آيس ته هي جيڪي مون خدا سمجهيا هئا سي ته سدائين انصاف کان پري ٿا رهن. جيڪو اسين ڪمايون ٿا، اهو سڀ کڻيو وڃن، اهو هڪ انسان کي ڌوڪو ڏنو ويو آهي، انسان جون انسان جي خلاف سازشون، هن جي ننڍڙي دماغ اڳيان چمڪڻ لڳيون، هن چيو ڇا جو زميندار ڇا جو هاري، ڇا جو پير، ڇا جو مرشد، ڇا جو خادم ڇا جو مخدوم، ڇا جو حاڪم ڇا جو محڪوم، سڀ هڪ من ۾ بيهڻ وارا انسان آهيون، امتياز ڇا جو، زمينداري ڇا جي، جاگيرداري ڇا جي، سڀ ڪمائينداسين، سڀ گڏجي کائينداسين، اهي خيال جعفر جي دل ۽ دماغ ۾ ڦرندا رهيا، هن اهي خيال پنهنجي دوستن جي اڳيان به ظاهر ڪيا، سڀ وائڙا ٿي سوچڻ لڳا.
    هڪڙي منجهائن واڪو ڪري چيو ته ”اڙي ڇو پيا سور کائو هيترو وقت زندگيءَ جو بي سود ۽ تنگ گذري ويو.“
    ٻئي چيو سڀني مزدورن ۽ هارين کي اهي ڳالهيون سمجهايون هي سچي ڳالهه آهي ٻڌڻ شرط سڀ تيار ٿي ويندا، ڪير انهي حقيقتن کان انڪار ڪندو. ٽئي چيو ته سڀاڻي پنهنجي ڳوٺ جي سڀني هارين کي اطلاع ڏيئي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو، گڏ ڪرڻ جو ڪم هڪ ساٿي تي رکيو ويو، سڀ ڳوٺاڻا رات جو هڪ ڪنگاڻي جڳهه تي ڪٺا ٿين ٿا، سڀني هارين جو بدن سو ڏينهن زمين کي چيرڻ وري ان کي سيرڻ چوڏهن ڪلاڪ مسلسل محنت هنن جي هڏن کي چور ڪري ڇڏيو هو، پر وري به ڳوٺاڻن جي همدردي خاطر انهن جي سڏ تي لبيڪ چئي اچي ڪٺا ٿيا هئا. جعفر هنن کي پنهنجي فرحت بخش زندگي گذارڻ جي پروگرام کان واقف ڪيو، گهڻي محنت ۽ ٿڪاوٽ جي باوجود جڏهن هنن اهو پروگرام ٻڌو، هڪ رات سڀ وائڙا ٿي ويا، هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳا، زندگي ۽ موت جو ٽڪر هو. گهڻي دير خاموشيءَ کان پوءِ هڪ پوڙهي خاموشي ٽوڙيندي چيو ته ڇو اچي چريا ٿيا آهيو آسمان ۾ ٿڪ اڇلبي ته واپس منهن ۾ اچي لڳندي، ڀت سان مٿو هڻبو ته مٿو ڦاٽندو. انهيءَ پير مرد ٻه ٽي چست مثال ڏيئي هنن کي شڪست دل بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، شايد هو ظلم جو ستايل ٿي ڏٺو، پر نوجوانن جو خون ٽهڪي رهيو هو. سو هڪ ساٿيءَ اُٿي چيو ته چاچا اسان 18 ڪلاڪ محنت ڪري ماٺ نه وهنداسين اسان پنهنجو خون سڪائي سرمائيدارن کي عيش ڪرڻ نه ڏينداسين، زمين ۽ آسمان ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ قدرت کان مفت ملندو آهي، انهي لاءِ هڪ انسان جي حق تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، اسان بکن ۽ سردين ۾ سڙڻ لاءِ نه خلقيا ويا آهيون، اسان وڏيرن جي ڪنهن به حق کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.
    جيڪو اسان سان ساٿ ڏئي سو تيار رهي، جيڪو غلامي ۽ بي عزتي جي زندگي گذارڻ چاهي، سو هن ڪچهري مان اُٿي وڃي. حق جي فتح ٿي، سڀني چيو اسين تيار آهيون. ٻه ٽي پير مرد انهي نظرئي کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا، پر مجبور هئا جو ڪن جا پُٽ ۽ ڪن جا ڀائيٽا ته ڪن جا دوست انهي راحت بخش زندگي واسطي انهي تحريڪ ۾ شريڪ ٿي ويا، انهي ڪري پير مردن کي شڪست کائڻي پيئي.
    هن ميڙ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هر هڪ ساٿي هر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ هڪ ماڻهو کي اهو پيغام سمجهائي، صبح ٿيڻ شرط انهي تحريڪ پيٽرول تي باهه جو ڪم ڪيو، هرهڪ ساٿي ڳوٺ ۾ ٻچي کان وٺي پوڙهي تائين آرام بخش زندگي جو پيغام پهچائيندا رهيا. انهيءَ تحريڪ ۾ انساني ذهن کي روشن ڪندڙ، پروفيسرن به ڪافي حصو ورتو، حالات کي ڦرندو ڏسي جاگيرداري حڪومت جون اکيون کلي ويون، هر هنڌ هن تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ سختي کان ڪم ورتو ويو، ملڪ جي چپي چپي تي ڳاڙهين پڳڙين وارا ڦرندا رهيا، جعفر اڄ خوش هو، جو هن جي زندگي بخش نظريئي کي عوام خوشي سان قبوليو هو. هن مزدور ۽ هاري ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪيو، ماڻهن کي هن ميڙ سان ڪافي اُميدون هيون. هن ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي. مقرر وقت تي مزدور ۽ هاري گهڻن نمونن ۾ جدا جدا قسمن جي لباس ۾ نظر اچي رهيا هئا. هر ڪنهن جي هٿ ۾ تحريڪ جو نشان نظر اچي رهيو هو. نوجوانن جو چهرو جوش ۾ لال نظر اچي رهيو هو. پوري ٽائيم تي ڪانفرنس جو افتتاح هڪ ضعيف ۽ سادي لباس پهريندڙ پروفيسر ڪيو. هن شروعات هنن لفظن سان ڪئي ته: ”منهنجا هم جنس انسانون، هي ميڙ ڪنهن انسان جي خلاف نه آهي، پر ظلم جي خلاف آهي، جيڪو انسان کي پنهنجي زندگي بي سود گذارڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري، اسان هاڻ اهو ظلم ڪڏهن به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، انهي ۾ جيڪڏهن ڪو رڪاوٽ بنجندو ته انهي کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينداسين. اسان حق جا طالبو آهيون، حق وٺي رهنداسين.“ انهي کان پوءِ ٻين نوجوان ساٿين پنهنجي زندهه پروگرام جي تصوير پيش ڪئي. ميڙ ۾ جوش وڌندو رهيو، هاري مزدور زنده آباد جا نعرا لڳندا رهيا، پوءِ هڪ سنهون ۽ قداور نوجوان اسٽيج تي نمودار ٿئي ٿو ۽ هاري ۽ مزدور جعفر زنده آباد جا نعرا هڻن ٿا. جواب ۾ جعفر وڏي آواز سان چوي ٿو ته مون انسان جي زندگيءَ جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو. آءٌ سوچي سوچي ٿڪي پوندو آهيان ته انسانن ۾ هيترو امتياز ڇو، قدرت اسان کي اشرف الخلوقات جو شرف عطا ڪيو. هتي اسان ڪي مزدور آهيون، ڪي هاري آهيون، ڪي غلام ڪي بادشاهه، ڪي جاگيردار ڪي زميندار ۽ ڪي پير ته ڪي مريد، ڪي فقير، اهي امتياز ته اسان کي قدرت کان ٿيا هئا، بمصداق، ته جيڪو ڏاڍو سو گابو اسان هاڻ ڏاڍائي واري دؤر جو خاتمو آڻڻ ٿا چاهيون، جيڪو ذرو ذرو قدرت کان نصيب ٿيل آهي اهو سڀني جو آهي، انهيءَ مان سڀئي پنهنجون گهرجون حاصل ڪنداسين، پر انهيءَ قدرت جي ڏنل مال تي چند سرمائيدارن جو قبضو آهي، سرمائيدار مزدور ۽ هاريءَ کي پنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ٿو سمجهي. انساني عقل جو ڏيوالو هن کان پوءِ ڪهڙو ٿيندو. هي سامهون فلڪ بوس محلات ڏسو، انهيءَ جي ڀرسان جهوپڙي به ڏسو، انسانيت ۾ ايڏو امتياز ڇو؟ هنن ۽ اسان ۾ فرق ڪهڙو آهي، اڃان به توهان کي اعتبار نه هجي ته انسان جي تواريخ ڏسو. توهان يقين ڪريو ته اسين ڀائر آهيون، پوءِ ڇو ڪن چند ظالمن پنهجي مفاد لاءِ اسان کي هڪ ٻئي کان جدا رکيو آهي. انهن ڇو من گهڙت سرحدون ٺاهي اسان کي هڪ ٻئي جو دشمن بنائي ڇڏيو، اسان کي اهڙو نظام نه کپي قدرت جي ڏنل زمين جي انچ انچ جا حقدار اسين آهيون، اسان کي انهن نعمتن کان محروم رکيو ويو آهي. اسان ظالمن جي بنايل قانونن کي نه مڃينداسين، اسان جدا نه آهيون ۽ نه ئي جدا ٿينداسون، اسان اشرف آهيون ۽ اشرف ٿينداسين، هن کي اڃا ڪجهه چوڻو هو ته اوچتو بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو، ميڙ مان جوابي نعرا بلند ٿيا: لڙنداسين، مرنداسين حق وٺنداسين پر پوئتي نه هٽنداسين. چند ڪلاڪن جي گولي بازي لڙڪ آڻيندڙ گئس استعمال ڪرڻ کان پوءِ ڪيترا نوجوان گرفتار ڪيا وڃن ٿا، ڪئين بي گناهه گولين جو نشانو بنجن ٿا. گرفتار ٿيل نوجوانن کي ڳريون سزائون ملن ٿيون جعفر کي موت جو پيغام ٻڌايو وڃي ٿو. هن پنهنجي ساٿين سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، هن هڪ ساٿي کي سڏي ڪن ۾ ڪجهه چيو. جنهن کان پوءِ هن کي سپرد خاڪ ڪيو وڃي ٿو، جعفر جا ٻيا ساٿي انهي جو فصل کائين ٿا، عوام مٽيءَ جي ڍير تي عقيدت جا گل چاڙهين ٿا.


    رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي

    ايشيا جي عظيم انسان جا ادب بابت رايا ويٺي پڙهيم.
    هڪرو قول هيس ته ’لکي وري پڙهو ائين جيئن منهن ڌوئي وري آرسيءَ ۾ ڏسو ٿا.‘
    ڀر واري ڪمري ۾ دوستن جا هلڪا ٽهڪڙا هئا، مون بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي ڪن چيو يار همراهه بنهه موڊي آهي خبر نه آهي ڪهڙي ڌن ۾ آهي، اسان اچون ٿا ڪچهريءَ لاءِ ۽ هي ويٺو ڪتاب پڙهي، آئنده کڻي ڪونه اينداسين، منجهائن هڪڙي چيو ادا هر ڪنهن جي پنهنجي دلچسپي آهي. مونکي هن جا لفظ ڏاڍا وڻيا، اوچتو در تي ٺڪاءُ ٿيو، اُٿي وڃي در کوليم، پوليس جي ورديءَ ۾ سنهڙو سپاهي ڊنل منهنجي سامهون هو پهرين ته آئون ڊڄي ويس پر جڏهن همراهه کي پريشان ڏٺم، تڏهن پاڻ سنڀالي سڃاتو مانس، هن چٺي ڪڍي ڏني، چيائين رسول بخش گرفتار ٿي ويو آهي. اڙي هن سائنسي صديءَ ۾ ”انڌا اونڌا ويڄ“ جو لکندڙ پشو پاشا جو نقاد پسي ڳاڙها گل جو فنڪار، شاهه ڀٽائيءَ جو پارکو تقرير ۾ موتي پوئيندڙ، سنهڙو سانورو اڦراٽي مانيءَ جهڙو، سنڌ جو پتنگ، وڍيو هوئين ته ويهه جو لکندڙ، ميٽنگ ۾ چڙهي پيا هئس. گاريون ٺونشا چيائين، اهي اٽڪلون ٻين سان ڪريو سنڌ تاريخ ۾ گهڻا دوکا کاڌا آهن، اُلر وارا اُلر ڪندا رهيا، بچائڻ وارا بچائيندا رهيا، گارين ڏيڻ وارا گاريون ڏيندا رهيا، رسول بخش اڙيو رهيو ائين جيئن هوشو مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، اهو گرفتار. ها ادا! رات جو هڪ بجي پوليس گهيرو ڪيو نو ويڪس هيراآباد جي بلڊنگ نه هئي ڄڻ دڦيءَ وارو ٻيلو هو، رسول بخش سنڌ جو عظيم فنڪار نه هو، پر ڦل ماڇي، مولچند ٻيلي وارو ڌاڙيل هو.
    ادا ٻيو حفيظ قريشي سنڌ جو ملنگ جيڪو تقرير به ڪندو آهي، روئندو به آهي، تقرير جي شروعات ’آسارا آسارا ڪينجهر جا ڪنارا‘ سان ڪندو آهي، جيڪو انهيءَ رات سن جي سائين وٽ ساري رات راڳ ٻُڌندو رهيو، روئندو رهيو وڃي باک ڦٽي.
    حفيظ جهڙو بهادر انسان جنهن انهن ڏينهن اجمل خٽڪ کي دانهن ڏيندي چيو ”اسان کي پنهنجن هٿان نه مارايو“. پنهنجي تاريخ پڙهيو اسان جا وار ڪانڊارجيو وڃن ته اسان کي ڪنهن به ڌارئين لڙي نه ماريو آهي، پر پنهنجن هٿان اٽڪلون لالچون ڏيئي کٽيو ويو آهي، اسان وري به تاريخ جي انهيءَ خطرناڪ موڙ تي بيٺا آهيون، جنهن ۾ پنهنجا اسان کي چهٽا پيا آهن، ڌاريان آهن جي تماشو بيٺا ڏسن، ائين چئي هي پنهنجي ٻن سالن جي ڇوڪري کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏيڻ لڳو، مون ائين محسوس ڪيو ته پيار ۾ شينهن به ڪيڏو نه ڪمزور ٿيندو آهي، انهي گهڙيءَ مرڪندي چيائين مون مرڪي پنهنجو پاند ڏٺو، رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
    شيخ اياز چوڏهين صدي جو فنڪار، مظلوم سنڌ جو شاعر جنهن جي پڙهڻ تي پهرا، ڪراچيءَ ۾ ڪارن روڊن تي هلندو ڪورٽن کي منٿون ڪندو ته ٻيلي شاعر آهيان ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ جو ليکڪ آهيان، وڏو وڪيل آهيان، سنڌ جو دانشور آهيان، چور ڪونه آهيان، ڌاڙو ڪونه هنيو اٿم، خوني ڪونه آهيان، سنڌ جو آواز آهيان، وطن جو دوست آهيان، تڏهن ٿو ٻڌجان، مونکي آزاد رهڻ ڏيو، پيئڻ ڏيو، جيئڻ ڏيو، سنڌوءَ جي ڪناري تي ويهڻ ڏيو، پر ڪنهن نه ٻڌي، سڀئي آسرا لاهي وڃي ساهيوال جا ڪوٽ وسايائين.
    ڳالهيون لکندي 3 نومبر ماڙي اڳيان 1976ع ۾ انڊس هوٽل ۾ حيدرآباد شاگردن جي جلسي ۾ لڇندڙ مسعود نوراني ياد اچي ويو، هانوَ ڦاڙيندڙ رڙيون ڪندي ڪندي پگهر مان شل، يار تون جگر جو ٽڪرو آهين اکين جو نور آهين، هليا ته توکي سنڌوءَ جي پاڪ پاڻيءَ ۾ وهنجاريان، تون ڌارين سان ڪونه ٿو سونهين، اسين نڀاڳا آهيون، مظلوم آهيون، اسان کي ماٽيجي ماءُ ڪونه گهرجي، ماءُ جي پيار ۾ اٽڪل ڪونه ٿيندي ِآهي، تون ٺڳج نه، ڀاءُ ٿي، چنيسر توکي وسري ويو آهي، تون پنهنجو آهين، هليا ائين نه ڪر هي سنهڙن چپن مان لفظ اوڳاريندو ويو، جيئي سنڌ جو آواز وڄندو رهيو هيئنر هو پهرن هيٺ آهي.
    ساٿين جو ذڪر ڪندي سانوري رنگ وارو ’مير ٿيٻو‘ نٿو وسري، جيڪو هن عمر ۾ اڻ ڏٺل خوشين ڪاڻ پنهنجي مستقبل کي الا واهي ڪري چڪو آهي.
    هي ڪڏهن ايگريڪلچر ڪاليج جي لان تي ٿڦڙن سان سٽجندو رهي ٿو، ڪڏهن رات جو ڏيڍ بجي تائين انهيءَ ڪري پڙهي سمهي ٿو ته صبح جو انٽر جو پيپر ڏيندين، اڍائين بجي رات جو گهلي منهن ڌوئڻ کان سواءِ سينٽرل جيل ٻن ٿڦڙن جي آجيان سان پهچايو وڃي ٿو.
    هن جي جيجل ماءُ اياز کي پاراتا ڏيندي وتي ته ’اي اياز شل باهه لڳئي اسان جي ٻارن تي خبر نه آهي ڪهڙو جادو ڪيو اٿئي.‘
    جو ڇا عمر، ڇا پاڪستان جو بچاءُ جو قانون، ڪٿي مير اعجاز ڪٿي يوسف ٽالپر، ماضيءَ ڏانهن ٿو نهاريان ته مير صوبيدار مير نصير پيو ڏسان. آئون وري اياز ڏانهن ويٺو ڏسان جيڪو ويٺو چئي:
    مون پنهنجو پاند ڏٺو.
    رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.


    پڳَ جي لڄ

    سنڌو جا ٻئي پاسا صدين کان ساوا رهيا آهن، هن جي ٻنهي پاسن آباديون رهيون آهن. مون کي منهنجو دوست ماستر پنهنجي ڳوٺ سنڌوءَ جي ڪناري نهچل بئريج منهن سامهون دعوت ڏيئي وٺيو پيو هلي، لاري اسان کي 4، 5 ميل ڳوٺ کان پري لاهي ڇڏيو. اسين ڳالهيون ڪندا ٻَني تان پي وياسين، سج ٻٻرن پويان پي ويو اسان چڙن جا آواز ٻڌا، ٿوري دير کان پوءِ ڪارين گجرين جي ڌڻ ۾ اچي بيٺاسين، ٻيلي جا ڊگها گهاٽا ٻٻر انهن جي پاڙن ۾ سر جن، جن تي چون ٿا ته ائٽم بم به اثر ڪونه ٿو ڪري، مون کي ويٽنام جي ڳالهه سامهون اچي ويئي. ڪيڏي مهل سامهون سنڌ ڪيڏي مهل سامهون ويٽنام، جاگرافي تاريخ نقشو پلاننگ هن پاسي جبل ٿر ڀٽون ڪڇ جو رِڻ خوراڪ جو مسئلو، ڪارين گجرين جو کير، مکڻ ڏڌ گدرا ڇاهيون پلا مڇيون سال ته ڇا پر دشمن کي صديون گذري وڃن، پوءِ ڏاهر ڪيئن هارايو، پَڪ پنهنجن مارايو، شايد سڀني سان ارڏو هليو هوندو، جيئن اڄڪلهه ٻيا چون ته چوڌري خراب آهن، پر هارين کي کڻيون چئون ته ڪير خراب آهي ته چون ٿا ته وڏيرن رت چوسي رکيو آهي، اسان هنن تي ڪيئن اعتبار ڪريون ته چوڌري خراب آهن. تيسين ماستر گهران ٿي آيو.
    چيائين ته سيڙهيون هڻندي، آئون جيڪو منگهي تي پير رکيو سنڌ ۽ ويٽنام تي سوچي رهيو هوس، اٻهراٽ مان چيم ضرور، ڀلي، گجر جا لامن جهڙا ٿڻ منهن جي وات ۾ هئا، ائين ٿي چوسيم جهڙا محبوب جا ڳل، سيڙهون هڻي جڏهين ڍؤ ڪيم، تڏهين وڃي کٽ تي ڪريس، ٿوري دير کان پوءِ سڀ ڳوٺاڻا آيا، ڪنهن ڳالهه جو پڇ ڪنهن جو ڪن، ائين لهواريون اوڀاريون پي ڪيوسين ته ڪنهن همراهه اچي مئل آواز ۾ سلام ورايو ڪچهريءَ مان ڪنهن چيس ته خدا ڏنا ڇا ٿيو اٿئي نئون رت ٻوڪاني کڻي ٻڌي اٿئي، ڪهڙو سيءَ ورتو اٿئي، يار سيءَ ڪو نه ورتو آهيان، پر تو وارو وڏيرو جيڪو سارو ڏينهن سنڌي سنڌي ڪندو وتئي، تنهن منگسي صوبيدار کي ڏوڪڙ ڏيئي منهنجون مُڇون پٽايون آهن، هاڻ اسان هنن چوڌرين کي پهچون يا سنڌ جي وڏيرن کي. آڱوٺي جهڙي ڳالهه تان ڪاوڙجن ته ٽڪي جهڙي عزت ڪن، هنن جي بدران وڙهندو ڪير؟ سڄي ڪچهري خاموش ٿي ويئي، ماستر خدوءَ کي چيو ته مهمان کي هٿ ته ڏئي، ادا معاف ڪجانءَ چئي هن مون کي هٿ ڏنو ۽ وري ساڳي جڳهه تي ويهي رهيو، ماستر خدوءَ کي چيو ته ڳالهه سربستي ٻڌائي ته معاملو ڇا آهي. ماستر معاملو وري ڪهڙو، هي جو تون ڏينهن رات مٿو کائيندو وتندو آهين ته سنڌ جي زمين تي سڀني جو حق آهي، سنڌ سڀني جي آهي، سنڌ کي ڪالوني ٿيڻ نه ڏينداسين، مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، جا نعرا ويٺو هڻندو آهين. سو مون به ائين سمجهي ته سنڌ جي زمين سنڌين جي آهي، پنهنجي مهاڳي ۾ گهر جي پٺ واري زمين لاءِ روينيو آفيسر کي درخواست ڏنم، ابا اچيو ٿو پاڻ وارو وڏيرو ڪاوڙجي، چئي تون ٿو مون تي چڙاڪتي ڪرينءَ، پوءِ اتي ته مون به اکيون ڪڍي جند ڇڏائي. ٿوري دير کان پوءِ پوليس ٻڌي ٿاڻي تي وٺي ويئي، تنهنجو سنڌي وڏيرو، سنڌي آفيسر الڪڻ به سنڌي، پر منهنجي ماس رت تي ڪنهن کي به ڪهل نه آهي، منهنجون مُڇون، منهنجو پٽڪو سنڌ جي مٽيءَ ۾ ٿڏجي رهيا هئا. آئون سنڌي ائين ٿڏجندو رهيس جيئن صدين کان سنڌي ٿڏبو رهيو آهي. مون ڪئين سانگ ڏٺا ڪئين مذهب بدليا آهن، پر آئون اهوئي ڌڪن ۾ آهيان، جيڪڏهن مڙس آهيون منهنجي پڳ جي لڄ رکڻي اٿوَ ته هاڻي چوڌري ۽ وڏيري ٻنهي سان جنگ ڪرڻي آهي. ڪارين ۽ گجرين ڀٽارين جو کير پنهنجي لئه کوڙ آهي، ڀاڙي ترڪ، ڌماچ، ڪاتيار، منگسي، ڏهراج، سومرا، پليجا، چانڊيا ۽ ٻيا راج به ڪونه ٿيندا، سنگت کان ڪير ڪنڌ ڪڍائيندو، ڪيترا ڏينهن بي عزتيون سهنداسين.


    ٻنڌ ٽٽي پئي

    ستين تاريخ جو چنڊ ڄَمن ۽ انبن جي وڻن وچان نيري آسمان ۾ وڻي پيو. دال ماني کائيندي منهنجون نگاهون ڪيڏي ڪيڏي مهل چنڊ ڏانهن کڄيو پئي ويون. هتي بند ٽٽي ٻارهون مهينو آهي. سامهون لوهي در ۽ ٻارهن فوٽ اوچي پٿر جي ديوار آهي. خيالن ۾ اٿل پٿل شروع آهي. هٿ ڌوئي کولين جي اڳيان ميدان تي هلڻ شروع ڪيو اٿم. پاسي ۾ ڏاڙهونءَ جا وڻ آهن. جن ڳاڙها ڦل جهليا آهن. ڪجهه گلاب جا ٻوٽا، جن ۾ گلاب جا گل ڪوماڻيل آهن، آءٌ ائين خيالن ۾ هلان پيو، ڪيڏي مهل نظر چنڊ ڏانهن، ڪنهن مهل زمين تي، ڪنهن مهل وڻن ۽ ٻوٽن ڏانهن، منهن جي ڪيفيت اِها آهي، ته ڪير به مون سان نه ڳالهائي ته بهتر، هڪ قيدي دوست گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کائنس منهن موڙي ڇڏيم، ائين هلندو رهيس. هي چنڊ تنهنجي گهر مٿان به هوندو! ان جي روشني ٻٻرن مان ڇڻي تنهنجي اڱڻ تي پوندي هوندي! ٽارين جا پاڇا اڱڻ تي لڏندا هوندا! تون پنهنجي بستري تي ليٽي پيئي هوندينءَ! سُڌ اٿم ته پنهنجي سنهري وارن کي کولي ڇڏيو هوندئي. اڄ ته چولو به سائي ٿسر جو موڪيس سان ڀريل پاتو هوندئي! سلوار ته توکي ڳاڙهي موٺڙي جي وڻندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سَت سري دُهري پنهنجي ڪونج ڳچيءَ ۾ ڏيکارڻ لاءِ هروڀرو به ٻڌندي آهين. اهي سڀ سينگار تون ڇو ڪندين آهين؟ انهيءَ پٺيان به پنهنجي ڊگهي ساٿ جا ڪارڻ آهن، تنهنجي اِن هار سينگار ڪرڻ ۾ منهنجو وڏو هٿ آهي، جڏهن کان تو پاڻ کي ٺاهڻ شروع ڪيو، تڏهن کان تنهنجي گهر ۾، ڳوٺ ۾ تنهنجو مرتبو وڌندو رهيو. مون کي ڪڏهن به ياد نه آهي، ته جڏهن پاڻ مليا هجون، مون تنهنجي ساراهه نه ڪئي هجي، هاڻ ته تون به هڪ فنڪار آهين. تنهنجي اڳوڻي زندگي ۽ هاڻوڪي زندگي ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. پر منهنجي ڪهڙي ڪم جي.... آءٌ جڏهن به ٻاهر هوندو هوس، تڏهن به مايوس، هينئر جڏهن اندر آهيان تڏهن به اکين آڏو سڀ منظر اونداها آهن، جيئن چنڊ اُڀري لهي پيو، تيئن تنهنجي ۽ منهنجي زندگي واپس پيئي وڃي. چنڊ مهيني کان پوءِ وري اُڀرندو، پر پنهنجي جواني موٽي ڪانه ايندي، هي سماج بدلجي ويندو، پر پاڻ نيئر ٽوڙي نه سگهياسين، رڳو زبان سان پيار به تنهنجي پيار جي دنيا ۾ نئين تخليق پيو سمجهان، سڀ ڪجهه سمجهندي به آءٌ بيوس رهيس.
    ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها، جو تون مون تي مهربان هجين ها، تنهنجي مٺي ڳالهه ٻولهه ۽ همدردين ته منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا، هاڻي ته ڪجهه به نٿو اُجهي، جيڪي دوست منهن موڙي ويندا آهن، اهي هڪڙو سور ڏيندا آهن، تون ته ائين به ڪونه ٿي ڪرين، انهن سورن ڏيڻ ۾ توکي ڪهڙو ٿو مزو اچي؟ ڀلا هڪٻئي کي ڇهيوسين، ته زلزلو ته ڪونه پيدا ٿيندو! ماڻهو! ماڻهن سان ئي ملندا آهن. رشتا بنبا رهيا آهن، تو ته گهڻو ڪجهه پڙهيو آهي، چيخوف، موپاسان ۽ يورپ جو انساني فطرت بابت سڀ ادب پڙهيو اٿئي، لطيف سائين به پڙهيو اٿئي، پوءِ به ڊڄين ٿي!
    تون ايڏي بزدل ڇو ٿي آهين، آخر هن سماج کي ڪا ته عورت ٽوڙيندي، جيڪڏهن هوءَ بهادر نٿي ٿئي، ته اهي عذاب پڪ پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڇڏيو ٿي وڃي. ائين اسان جو نسل جيڪڏهن ٻه قدم اڳتي نٿو هلي، ته تاريخ جي رفتار پڪ سست ٿيو وڃي، اسين ساڳي جڳهه تي بيٺا آهيون. مايوسي ۾ اکيون گرم ٿي ويون آهن، جڏهن مينهن وسندو آهي، تڏهن آگم آڳ ۾ ظاهر ٿيندا آهن. لڙڪن کي روڪيان ٿو، سوچيان ته جيڪڏهن اهي لڙڪ ڳڙي پيا، ته بدن ٺري ويندو، ٿڌي بدن ۾ حرڪت نه رهندي آهي، انهي جا سوچ تي اثر پوندا آهن، ائين ماڻهو مات مڃيندا آهن، ائين قومن مان گرمي نڪري ويندي آهي، ۽ اهي وقت جي ويڙهاند ۾ هارائجي وينديون آهن.

    چنڊ هاڻي انبن جي پٺيان هليو ويو آهي، مون تي مايوسي وڌندي پيئي وڃي. لڙڪ ڪونه ٿو هاريان، هلندو رهان ٿو، مون کي پنهنجو گهر ٿو ياد اچي، گلشن جيڪا سدائين چوندي آهي. ”بابا، سٺا ڪپڙا وٺي ڏي.“ روشن به ساڳيا سوال ڪندي ڪندي آهي، زال چوندي آهي: ”اسان ڪو ماڻهو ٿورو ئي آهيون“. مون کي هنن سان ڪابه دلچسي ڪونه هوندي آهي. رڳو تنهنجي لاءِ ڇو؟ وري سوچيان ٿو، ته تولاءِ به ڪٿي؟ انهيءَ ۾ به منهنجو مفاد آهي، انهيءَ لاءِ ته توسان به وڙهيو پيو آهيان، تڏهن هي رڳو سانگ آهي. آءٌ بنهه خود غرض آهيان! هيڏي زندگي رڳو پنهنجي لاءِ! سڄي زندگي پنهنجي خوشين لاءِ ڊگهي ڳچي، ڳاڙها چپ، سنهون بدن، ڀلا ڪنهن کي ڪونه ٿا وڻن، سٺا ڪپڙا ته گُليءَ کي به وڻن ٿا، پوءِ ميرا ڇو پائي، مون سڄو سال هن کي ياد ڪيو، انهيءَ ۾ به منهنجو مقصد هو، جيڪڏهن آءٌ لالچي نه هجان ها، ته گُليءَ ۽ روشن کي ياد ڪريان ها. منهنجي اڳيان منهنجي گهر جو حال هو، ميرا بسترا، سوڙهو گهر، انهن ڏکن ۾ گهر جا ڀاتي ئي شامل هئا، منهنجي اکين جي ٻَنڌ ٽٽي پيئي، ڌو کوليءَ ۾ بستري تي وڃي ڪريس، منهن ٻانهن ۾ ڏيئي روئڻ لڳس.


    مُڇون ڪهڙي ڪم جون!

    اسٽامپ وينڊر جو دوڪان ماڻهن سان ڀريو پيو هو.
    چيومانس: ”ڏاتو ٿُڪ هجيئي، مڙس ته ڏس ڪهڙو ڏيهت لڳو پيو آهين، ڇا تنهنجو قد ۽ بُت، پنهنجي راڄ جو سريال ٿي ڪري پاڙي جي ماڻهن تي ڪوڙي شاهدي ڏيئي مڙس ٻڌائي ويهي رهئين. ماڻهو چوندا آهن ته اک ڪاڻي ڪجي پرڏس ڪاڻي نه ڪجي، تو ته ليکا لاهي ڇڏيا.“
    پاسي ۾ بيٺل ٻئي همراهه چيو: ”ٻيلي ڏاتوءَ ڪئي حد اٿئي پر توکي ڇا چئجي، هينئر پئي باهه ٻري، نه ته توسان ڳالهائڻ الٽي پئي اچي، سانگ وانگر گڏجي مال چارياسون، آبتون ڪمايونسين، ڪچهريون ڪيونسين، پر اهڙو ذليل ڌنڌو نه ڪيوسين، جيڪو ڏاتو، تو ڪلهه ڪيو، آخر ڪهڙو ڪنڌ کڻي راڄن ۾ هلندين، اهي گرميون سرديون آهن، سي هر ڪنهن راڄ ڳوٺ تي اينديون وينديون آهن، ٻوڏون سوڪون به ٿينديون آهن، پاڻ آهيون ڊڀوريون، گڏهه کايو وڃن، ته پاڻهي موريو وڃون، پر پنهنجا پويان ڪونه لڄايو تو هي ڇا ڪيو؟“
    مطلب ته جيترا هئا ماڻهو اوتريون هيون ڳالهيون، ڏتوءَ جو ڪنڌ هيٺ هو، سڀني جا طعنا پئي ٻُڌائين، پر ڪنهن کي به ورندي نه ڏنائين، سڀئي ڳالهائي ٿڪجي پيا ۽ پوءِ هرڪو آهستي آهستي دوڪان تان اُٿندي ويو، هي به ڪنڌ هيٺ ڪري اُٿي ويو، هن جي ذهن ۾ جنگ شروع ٿي ويئي، هنن کي ڇا آهي؟ منهنجو ڪارو منهن ڀلي ٿئي ها! ڪلهه علوءَ کي صوبيدار ڪارو منهن ڪري بازار جو چڪر ڏياريو، تڏهين هن جي مدد ڪنهن ڪئي؟ ٽيو ڏينهن پير 110 ۾ بيگناهه ٻڌجي ويو تڏهين هن کي ڪهڙو ويجهو آيو، آءٌ به انڪار ڪريان ها ته اڄ لوهي شيخن مان منهن ڪڍيو بيٺو هجان ها! هنن همراهن مان هڪ به نه اچي ها، ٻيڻون ابتيون سُبتيون ڳالهيون ڪن ها ته هو ئي اهڙو، ڀيڻسان ۾ ٽيڙهي هئي، چڱو لٿس ٽڪ مان ور، تيسين ٻڌيو ٻه پاسي اجرڪ پيو ٻانهون لوڏيندو هو، ڪنهن تي خيال ئي نه هوس، نه شاهدي ڏيان ها ته سوئر وڏيرو، جنهن کي ڄاپندي سڃاڻان ته ڪهڙو ڪميڻو آهي، ڪڏهن ڪونه ڇڏي ها، هو ته هونئن ئي پورجن ها، اچي ڪو ٻيو شاهدي ڏي ها، پر آءٌ به ڦٽڪا کائي وڃان ها. ميان! چڱو ڪيم، ”هنن کي ڇا آهي؟ پاڻ کي بچائڻ به وڏي عقلمندي آهي.“
    هن جي سوچ وري ڪر موڙيا، پر ڏاتو ير، همراهه هئا بيگناهه! هنن جا به ٻچا هوندا. هنن جي زالن جا وار اڻڀا هوندا، هنن تيل نه پاتو هوندو. هنن جون مائرون رنيون هونديون، ڀائر ڏکويا هوندا، پاڙي وارن کي ڏک ٿيو هوندو، هنن جي ننڍن ٻچن تي ڪير هٿ ڦيريندو، هنن کي شيءَ ڪير وٺي ڏيندو.
    مون تي لعنت هجي، وڏو بيشرم آهيان، ذليل آهيان، بزدل آهيان، ڪميڻو آهيان، هنن منهنجو ڪهڙو گناهه ڪيو هو، مون ائين ڇو ڪيو؟ ڏاتو! ٿُڪ هجيئي، بدن ته ڪهڙو ٿلهو اٿئي، ڏهه ڪتا کائين ته به بچي پوي، هي مُڇون ڪوڙيون ڍونگ آهن، هيءَ چاپئين ڏاڙهي خواري آهي، ڏاتو قد بت ته ڏس، آءٌ مڙس آهيان؟ مون کي ٿُڪ هجي، ڪهڙو ٿو مون کي مڙس چئي؟ مڙس چوڻ واري جي ڇا.....
    هن وري پاڻ ۾ نهاريو، ڇهن فوٽن جو پهلوان چاليهه ورهيه ڄمار، مُڇيون، ڏاڙهي، اجرڪ! هن پنهنجي پاڇي ۾ نهاريو، ٿُڪ ڪڍي پنهنجي پاڇي ۾ هنيائين، وري اڳتي هليو، قميص سان نراڙ جو پگهر اُگهائين. ”ڀلا آءٌ مسڪين ڇا ڪريان؟109، 110، 506 وڪيل، جمعدار، ڪلارڪ، جج، پٽيوالو ۽ پڻ ناس ٿئيس وڏيرو، سڀ سوئر ڪيڏانهن وڃون، ڪيئن ڪريون ڪا واهه ته هجي، هيڏي عمر ٿي، پر اڃا گهر به ناهي، امان جو ڪپڙو وٺون ته زال جو ڪونهي، زال جو وٺون ته ٻار اُگهاڙا، ڪيئن ڪريون، ڪيڏانهن وڃون؟
    يا الله ڪا واهه ڏس، آءٌ ته سڀني راڄن ۾ ٽڪي هڪڙي جو ئي رهيس، هر ڪو نفرت ڪندو، ڪوبه منهنجي شاهديءَ کي چڱو ڪونه ٿو چئي. اندر جي ٻرندي ڪير ڪونه ٿو ڏسي، هر ڪو هلي ٿو ظاهر تي، ڪنهن به مون کان پاسي ٿي ڪونه پُڇيو آهي ته ’اڙي ڏاتو گڏهه جا پُٽ! شاهدي ڇو ٿي ڏنئي؟‘ جيڪي آءٌ اوڇنگارون ڏيئي ڍڪون ڏيان ها ته ادا جي آءٌ شاهدي نه ڏيان ها ته، منهنجو ڪارو منهن ڪري بازار ۾ گهمايو وڃي ها، مونتي به مون جهڙو ٿلهو متارو شاهد بيهاريو وڃي ها. منهنجا ٻچا به ائين ويڳاڻا ٿين ها، جيئن هنن جا ٿيا آهن. پوءِ مون سان به رڳو اهي همدرديون هجن ها، کين چوان ها ته اچو ته پاڻ سوچيون، ائين جند ڪانه ڇٽندي. جيسين ڏاڍن جو ڪارو منهن نه ڪيو اٿئون، رڳو ڳالهين مان ڇا ورندو، منهنجو ته ڪارو منهن ٿيو. ٿلهو ٿيس ته ڇا ٿيو، مُڇون رکايم ته ڇا ٿيو، آهيان وڏو ذليل. پر پنهنجي اندر سڀڪو جهاتي پائي ڏسي، ته هرڪو مون جهڙو آهي. ڏسڻ ۾ شريف، پر آهيون سڀ ذليل، ڇا ڪريون، ادا! جهڙو آءٌ آهيان تهڙا سڀ آهيون، اچو ته ظلم جو ڪارو منهن ڪريون، ٻيو ڪوبه رستو نه آهي.
    هن کي ٿاٻو اچي ٿو، ڌڻي تون پناهه ڏي، اسان کي ساڃهه ڏي، هن ڏسڻي آڱر سان نراڙ تان پگهر اُگهيو ۽ ٻٻر جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو.


    نوف

    مئجسٽريٽ هن کي موت جي سزا ڏني، سڀني چيو ”انصاف زنده باد“ مون کي چڪر اچڻ لڳا، پبلڪ جو هجوم ڇڙوڇڙ ٿي ويو. آءٌ ڪورٽ جي ٻاهرين دروازي جي پاسي ۾ بيهي رهيس.
    سنتري هن کي منهنجي پاسي کان وٺي لنگهيا. هن منهنجي منهن ۾ نهاريو، مون هن جي منهن ۾ نهاريو، هي منهنجي نظرن کان ۽ خيال کان سدائين لاءِ پري ٿي ويو. آءٌ واٽ ۾ گڏجندڙ ماڻهن کان منهن لڪائيندو چپ چاپ پهتس، منهن انهيءَ ڪري ٿي لڪايم جو منهنجي اکين ۾ لڙڪ هئا، اها بزدلي مون ظاهر ڪرڻ نٿي چاهي.
    نوف جي عمر 18 سالن جي لڳ ڀڳ هئي، شڪل جو يار ڪارو هو، پر جنهن فڪر هن کي ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهيو هو، انهيءَ فڪر هن کي سلهه جي شروعات ۾ پهچائي ڇڏيو هو، ٽي بي هن يار جي ماس ڪورڻ سان گڏ ڪاراڻ کي به ڌوئي ڇڏيو. ڪاراڻ ڌوئڻ کان پوءِ يار جا خدو خال ڏاڍا وڻندڙ هئا، پورو پنو قد، ويڪري ڇاتي، سنهڙو بدن، گول ڊگهيون ٻانهون، نوڪدار نڪ، سنهڙا چپ، موتئي جي گل جهڙا ڏند، ترنم سان ڀرپور آواز، ننڍڙيون سرمي پاتل اکيون، سنهڙي ڳچي، آقي باقي منهن تي سدائين مُرڪ، تنهن ته هيڪاري هن جي شخصيت دلچسپ بنائي ڇڏي هئي. اسان جي شهر جي آدمشماري ٽي، چار هزارن جي لڳ ڀڳ هئي، شهر ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ تفريح جو ڪو به پروگرام ڪو نه هو، سڀئي ويچارا واپار ۽ مزدوري کان واندا ٿي، شام جو جڏهن ڊيوٽي تان لهندا هئا، تڏهن شهر کان ٻئي شهر ويندڙ پڪي سڙ ڪ تي چهل قدمي ڪندي نظر ايندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن مونکي به موڪل ملي ويندي هئي ته آءٌ به انهيءَ ساڳي رستي تي چڪر لاءِ ويندو هوس.
    نوف کي گهڻو ڪري مورين تي اڪيلو ڏسندو هوس، خبر نه آهي ڪهڙي دنيا ۾ غرق ڏسبو هو، وري جڏهن هن کي پنهنجي ڪاروبار تي ڏسندو هوس، تمام دلچسپ لڳندو هو، سدائين کِل، هر ڪنهن سان گهرو، مون ڪڏهن به هن کان ڪو بيزار نه ڏٺو.
    ائين رفتي رفتي منهنجي دلچسپي هن سان وڌندي ويئي، اسان جو اُٿڻ ويهڻ، گهمڻ ڦرڻ گڏ ٿيڻ لڳو، اسان جا تعلقات پيار جي انتها تائين پهچي پيا.
    اسان جي تعليم صرف پرائمري جي 2، 3 درجن تائين هئي. اسان جو اخبارن ۽ ادبي رسالن سان تمام گهڻو لڳاءُ هو ۽ دنيا ۾ جيڪو به وهندو واپرندو هو، انهيءَ کان اسين چڱي طرح واقف هئاسين. هڪ ڏينهن ائين وهندي خبرون چارو ڪندي اسان کي اچي پڙهڻ جو شوق ٿيو، منهنجي تعليم ته پيءُ جي مري وڃڻ جي ڪري ختم ٿي ويئي هئي. ڀلا انهن کانسواءِ هن سماج ۾ ڪير ٿو ڪنهن جي مدد ڪري، پر نوف جي تعليم ماءُ پيءُ ۽ ڀائر زندهه هئڻ جي باوجود ختم ڪئي ويئي هئي. نوف کان انهيءَ دريافت ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هنن جي مالي حالت ٺيڪ نه هئي، پڙهائيءَ جو خرچ تمام ڳرو هو، شهر ۾ هاءِ اسڪول وغيرهه ڪين هو.
    انهيءَ ڪري هن کي اسڪول مان ڪڍي ننڍڙي دوڪان تي ويهاريو ويو هو. آءٌ پنهنجي ڪم کان ڪلاڪ اڌ ڇٽي پائي اچي نوف وٽ ويهندو هوس. هو چوندو هو ته ڀاءُ ڇا ڪريون، دڪان سان دل بنهه نٿي لڳي. هت رڳو ڪوڙ، بيجا خوشامند ڪرڻي ٿي پوي. انهيءَ کانسواءِ 5، 6 سال ٿيا آهن، پر دڪان جو اڪائونٽ ٿو سنڀالجي ته ٻيڻا سور، سدائين قرضين جون چٺيون پيون اچن، رات جو ننڊ به پوري نٿي ڪجي، صبح جو 6 وڳي اچان ٿو، رات جو 9 وڳي وڃان ٿو. ڪابه زندگيءَ ۾ دلچسپي نه آهي، ماضي به پريشانين ۾ گذري ويو، مستقبل جو به سوجهرو نه آهي. دنيا جون خبرون ۽ حالات ڏسيو منهنجي ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجيو اچن، ڏس ته ٻين قومن ڪيتري نه ترقي ڪئي آهي.
    جرمني جيڪا سدائين لڙاين ۾ پيڙهي آهي، پر انهن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڏسو ته ڪهڙي نه پُررونق آهي، سفيد ڪپڙو بدن جي صفائي ۽ صحت سٺي آهي. هنن کي ڪابه معاشي پريشاني نه آهي.
    هنن جا دماغ سدائين نين ايجادن ۾ مشغول آهن، اسان جا معاشي تنگين جا چوسيل دماغ انهن ايجاد کي ڏسي انهن جي حيثيت کي پهچڻ کانسواءِ ائين وڦلڻ شروع ڪريو ڏين، سبحان الله، الله جو شان، ڪي ته ائين به چون ٿا ته هنن ڪافرن جو دماغ خراب ٿيو آهي، اجهو روسين چنڊ تي راڪيٽ موڪليو آهي، جو ڪاميابيءَ سان چنڊ تي پهچي ويو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ نه لڙائي ڪئي نه ڪو ايڏو انقلاب ڏٺو، پوءِ خبر نه آهي ته ڇو تباهه برباد آهيون، مون کيس ٿورو لفظن ۾ چيو ڀاءُ! اهو سڀ ڪجهه تعليم سان ٿي سگهي ٿو، پنهنجي ملڪ ۾ سئو جي پٺيان 8، 3 ماڻهو مس پڙهيل آهن، سي به نوڪرين پٺيان، ملڪ جي سياست تي اڻپڙهيل وڏيرن جو ڪنٽرول.
    جن کي ملڪ جي عزت کان پنهنجي عزت ۽ دٻدٻو زياده عزيز. پوءِ نوف يار چوندو هو ته ملڪ ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هلون، جتي راحت هجي، آرام هجي، اوچ نيچ جا سَنڌا نه هجن، ائين ڳالهين ڪندي هڪ ٻه سال گذري ويا، پر نه اسان جي حالت بدلي، نه اسان جا اُڀرندڙ جذبا گهٽيا.
    نوف دوست کي ته اهڙي اچي جنون کنيو، جو باوجود اسلامي نظريه جي پيرڊ هئڻ جي، ڪڏهن ڏسان ته برٽش سفارتخاني کي پيو ليٽر لکي ته جيڪڏهن آءٌ مسيحائي ٿيان ته اوهان منهنجي تعليم جو بندوبست ڪندا! ڪڏهن روسي سفارتخاني کي پيو لکي ته آئون ڪامريڊ آهيان منهنجي تعليم اڻپوري آهي، اوهان جي ملڪ ۾ منهنجي تعليم جو بندوبست ٿي سگهندو. يار کي مذهب جي نه ساڃهه نه ضمير جي، چوندو هو ته آئون نماز به انهيءَ لاءِ پڙهندو آهيان ته من اتان به ڪجهه وري، هر هڪ جي زبان تي نوف جو نالو هجي، پر منهنجي نرڙ تي ڪاري داغ جو نشان اچي ٿيو آهي، پر آرزو هڪ به نه پوري ٿي، البت بدن زياده ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو، چمڙي اڳين کان ڪجهه ڍري معلوم ٿي رهي آهي، اهي ڳالهيون اهي بحث سدائين ٿيندا رهندا هئا.
    هڪ ڏينهن منهنجو هن وٽ وڃڻ ٿيو، چيائين ته يار اچ ته خوشخبري ٻڌايانءَ ائين چئي تازي اخبار کڻي منهنجي اڳيان ڪئي ۽ چيائين پڙهه مون اخبار شروع ڪئي، فسٽ هيڊنگ، حڪومت جاگيرداري ۽ زمينداري ختم ڪري رهي آهي، چيومانس توکي ته رڳو زمينداري ۽ جاگيرداري جي لڳي پيئي آهي، آڱر جي اشاري سان چيائين يار اها نه هيءَ، مون پڙهڻ شروع ڪيو ته حڪومت جيلن ۾ تعليم جو بندوبست ڪري رهي آهي. 10 کان 20 سال وارن قيدين کي بي . اي، ايم . اي ۽ بي . ٽي وغيره پڙهائڻ جو بندوبست ڪري رهي آهي، مان چيومانس پوءِ پنهنجو انهيءَ ڳالهه سان ڪهڙو واسطو، چيائين ڇا تون تيار نه آهين، مون چيو ته تون ڳالهه کولي ٻڌاءِ، تون ڇا ٿو چاهين، هن آهستي پنهنجو وات منهنجي ڪن تي رکي چيو، فلاڻو وڏيرو تون ختم ڪر ۽ هو مان ٿو ختم ڪريان. اهڙي نموني هي جي سدائين غريبن جو رت پيا چوسيندا انهن مان به عوام جي جند ڇٽي پوندي، پاڻ کي به 20 . 20 سال سزا اچي ويندي، ايم . اي ڪري اچي غريب مظلوم انسان جي خدمت ڪنداسين. هنن جي تعليم ۽ عقل جي زور سان بيروزگاري ۽ بُک به دور ڪنداسين. پنهنجي شهر کي پئرس جيان سينگارينداسين، ٿي سگهيو بين الاقوامي معاملن کي به پيار ۽ محبت ذريعي حل ڪنداسين. آءٌ هن جي پيلي ۽نماڻي صورت ۽ ڀريل نظرن کي نا اميد ڪري نه سگهيس، ٻنهي گڏجي هڪ ڏينهن تي اهو پروگرام رکيو، مقرر ٽائيم تي هو يار قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ مون کان خوشنصيب بچي ويو. انهيءَ کانپوءِ آئون جڏهن به نوف کي جيل تي ملڻ ويندو هوس، مونکي چوندو هو ته تون بدنصيب آهين، وقت ايندو آئون توکي انسان بنجي ڏيکاريندس، تون منهنجي زندگي تي رشڪ ڪندين آءٌ شرمسار ٿي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندو هوس، هڪ ڀيرو ملاقات ۾ هن کان پڇيم ته، اڃا پڙهائي شروع نه ڪئي وئي، کلي چيائين ته، جڏهن ڪيس پورو ٿيندو، سزا مقرر ٿيندي انهيءَ ڏينهن کان منهنجي پڙهائي شروع ٿيندي، باقي منهنجو علاج باقائده ٿي رهيو آهي، صحت هاڻي سڌرندي رهي ٿي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نوف جو ڪيس هلي پورو ٿيو، پر اُميد پوري نه ٿي.


    ويچارا ماڻهو !

    اسان ٻئي دوست ڪاري ڏامر جي سڙڪ وٺيو دستور موجب پئي وياسون، رستي جي ٻنهي پاسن کان سرسبز ٻنيون هيون، سج لهڻ وارو هو ۽ ڪانگ اتر واري هڙيءَ ڏانهن پئي ويا ۽ اسان جي سامهون 69 ماڊل جي جيپ اچي رهي هئي، جيپ جڏهن ڪراس ڪيو، تڏهن منهنجي دوست جو هٿ سڌو نراڙ تي وڃي پهتو، مون کي تعجب ٿيو، جو جيپ واري صاحب ذرو به توجهه نه ڏنو ۽ گاڏي ساڳيءَ رفتار سان گم ٿي ويئي، منهنجو دوست ڏاڍو شرمسار ٿيو، مون هن کي چيو ته پرواهه نه آهي، وڏن ماڻهن جي اها عادت آهي، هنن تي ڪهڙي معيار، ائين چوندي آئون ساڳئي موضوع تي وڃي نڪتس ته آخر آمريڪا ۾ هينئر جڏهن چوٽين جي سربراهن جي ڪانفرنس ٿي رهي هئي، تڏهن روس ۾ جاسوس موڪلڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اها سراسر آمريڪا جي اڳرائي ليکي ويندي، جيڪڏهن جنگ لڳي ته ٽي عالمگير لڙائي جي الزام کان آمريڪا پاڻ کي ڪڏهن به آجو رکي نٿو سگهي. آءٌ يڪي ساهيءَ ڳالهائي رهيو هوس، منهنجي تعجب جي حد نه رهي جڏهن منهنجو دوست جيڪو سدائين جملي ختم ٿيڻ کان اڳ هڪ نه ٻيو جواب ڏيئي، آمريڪا کي پاڪ ساڌ ظاهر ڪندو هو، سو بلڪل خاموش هلي رهيو هو، مون ڪلهي تي هٿ رکي چيومانس ”ڀلا ڇا ٿيو اٿئي؟“ هن جي وات مان ٿڌو شوڪارو نڪري ويو، اڳيان گهاڙيءَ جي موري به اچي ويئي، يار هلڻ کان انڪار ڪري موريءَ تي ويهي رهيو، آءٌ به هن جي پاسي ۾ ويهي رهيس، پهرين ته منهنجي همت نه ٿي جو کڻي پُڇانس ته ”يار ڇا ٿيو اٿئي؟“ نيٺ ڪجهه دير ويهڻ کان پوءِ هن جو ويهي جائزو ورتم ته همراهه جو روئڻهارڪو منهن سڄو پيلو هو، چيومانس ته ”آخر ڳالهه ڇا آهي؟“ تڏهن به چپ رهيو، وري به پڇيومانس ته ”آءٌ به تنهنجو دوست آهيان مون کان ڇو ٿو ڳالهه لڪائين.“
    تڏهن ڀريل آواز ۾ ويٺو جيپ واري دوست جو قصو ٻڌائڻ، اچو ته پهرين آءٌ اوهان کي پنهنجي دوست جي واقفيت ڪرايان، هن جو نالو علي بخش آهي، پر ماءُ جي مهرباني سان عالي بنجي ويو، پهرين مشين هلائيندو هو، پوءِ ڪاريگر ٿيو، وري دوڪاندار، وري ڪپڙي جو واپاري ۽ هينئر هو ڪپڙي سُبڻ جي مشين هلائي رهيو آهي، اخبارن سان هن دوست جو گهڻو چاهه آهي، انهي ڪري بين الاقوامي ڳالهين، سان چاهه اٿس، خاص ڪري روس ۽ آمريڪا جي جڳهڙي ۾.
    آخر عالي پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي، چيائين ته اهو جيپ وارو منهن جو ننڍڙي هوندي کان گهرو دوست آهي، جڏهن ڪراچي مدرسي ۾ پڙهندو هو، تڏهن آءٌ درزڪو ڪم سکندو هوس.
    ڪجهه وقت کانپوءِ آءٌ سٺو ڪاريگر ٿي ۽ پنهنجا پئسا ڪمائڻ لڳس. هن دوست به ميٽرڪ پاس ڪري وڃي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، ٻاراڻو زمانو هو، ”ساحر“ جي هن سٽ وانگر ”بچي من کي سچي“ آءٌ هن وٽ جڏهن ڪراچي گهمڻ ويندو هوس، تڏهن هي مونکي تمام گهڻو ڀائيندو هو، شاگرد هئڻ ڪري هن وٽ پئسا گهٽ هوندا هئا، اها کوٽ اڪثر آءٌ پوري هوس. ڪڏهن ڪڏهن هي مدد لاءِ به لکندو هو، آءٌ پنهنجي وڏي ڀاءُ کان لڪائي ڇپائي هن ڏانهن پئسا موڪليندو هوس. انهن ڏينهن ۾ اسان جي گهرو حالت موجوده وقت کان به خراب هئي، ايتري قدر جو بُک کان تنگ ٿي آءٌ خدا کان بغاوت ڪندو هوس، اهو سڀ انهيءَ آسري تي، جو سوچيندو هوس ته جڏهن منهنجو دوست انجنيئر ٿي ايندو ته آءٌ نئين ڪار تي ڊرائيور هوندس، ڊرائيور وري ڪيئن؟ داروغو نه، ته سرويل، سرويل وري ڇا جو ٺيڪيدار، انهي ۾ به ته ڪاڙهي ۾ هلڻو پوندو، مون وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو ته يار بنهه مطلبي ٿي ڏٺئين، هن جواب ۾ چيو پاڻ کي هوشيار ڏاڍو سمجهندو آهين، مطلب کان سواءِ ڪير ڪنهن جو ساٿي بنيو آهي؟ تو ڪڏهن لولا گهٽين ۾ ڏٺا آهن، ڪڏهن اهو سوچيو اٿئي ته انهن جو به ڪو مائٽ، دوست وغيره هوندو، پر ڪنهن کي ڪا مدد ڪندي ڏٺو اٿئي، اهو انهيءَ ڪري جو هن مان سڀ بيزار هوندا آهن، حسين شئي سان سڀڪو پيار ڪندو آهي، ڪوجهي ڏانهن ڪو به ڪونه نهاريندو آهي، جيڪڏهن هنن جا بازو سلامت هجن ها ته ٽالسٽاءِ چيو آهي ته هو لکن جو مٽ هجن ها. پر هن وٽ ڪابه دولت نه هئي، انهيءَ ڪري هن جو ڪو پيءُ نه هو، ماءُ نه هئي، دوست نه هو، ڀيڻ نه هئي، ڪجهه به نه هو. هن نيري آسمان هيٺان ڦڪي زمين تي رڳو ساهه پي کنيائين. سو ڳالهه ٿي ڪيم گهر ۾ اڻ هوند ڪري هميشه جهيڙو رهندو هو. منهنجو پيءُ ۽ گهر جا ٻيا ڀاتي مون کي هميشه لوڀيندا ٽوڪيندا هئا ته نواب بنيو آهي، گهر ۾ ويلا پيا پون، هي آهي سو پيو دوست کي مني آرڊر ڪري، مون کي ڀيڻ نصيحت ڪندي چوندي هئي ته ڀاءُ پاڻ مسڪين آهيون، تون ڇو ٿو گهر ڦرائين، آءٌ چوندو هوس ته ادي باقي ٿورا ڏينهن آهن، دوست پڙهي ايندو، پوءِ سڀ لُڙ لهي ويندا، هڪ سال ۾ خبر نه آهي ڇا مان ڇا ٿي ويندو، ادا آءٌ ٿورو بيوقوف هئس، پر منهنجي ڀيڻ زال ذات، جيڪا دنيا ۾ خاص ڪري ايشيا ۾ رانديڪو سمجهي ويندي آهي،جنهن کي تمام سهڻن محلن ۾ سينگاري گُڏي وانگر سينگاري ڪٻٽ ۾ بند ڪري رکيو ويندو آهي ته متان ڪو ٻيو ڏسي وٺي. دنيا ۾ خوشي کي پسند ڪندي به هت ايشيا ۾ پهرا آهن، الاهي ڇو؟ سا پاڙي اوڙي ۾ هر ڪنهن اڳيان اهو ذڪر ڪري ويٺي ته منهنجو ڀاءُ سال ٻن ۾ شاهوڪار ٿي ويندو، پوءِ اسان جي در جي اڳيان موٽرون هلنديون هي هوندو، هو هوندو، دوست امتحان پاس ڪيو، نوڪري ملي، هن گهٽ ملڻ شروع ڪيو. شڪايت تي چوندو هو ته ادا وقت نٿو ملي، ڊيوٽي آهي ڇا ڪريون، پر جڏهن هن کي ٻين شاهوڪارن وٽ ويهندي ڏسندو هوس، تڏهن سوچيندو هوس ته شايد هن جي پوزيشن مرتبو گهٽ ٿو ٿئي، انهيءَ ڪري مون وٽ بازار ۾ نٿو اچي، آءٌ هن جي مرتبي جو احترام ڪندي وٽس رات جو جڳهه تي هلي ويندو هوس، ته اتي به هن جا ڪئين دوست موجود هوندا هئا، جن سان هي انگريزي ۾ گفتگو جاري رکندو هو، ڪنهن ڪنهن وقت مونڏانهن به منهن ڦيرائي چوندو هو ته ”مسٽر عالي ڪهڙي خبر آهي“ ۽ آءٌ ڪجهه وقت ويهي، منهن ڀلڪڙو کڻي هليو ويندو هوس، دل ۾ چوندو هوس ته مون کان غلطي ٿي آهي ۽ پوءِ ويهي پنهنجيون غلطيون ڳوليندو هوس.
    اهڙي طرح دوست جي سرد مهريءَ ۽ بي رخيءَ ۾ وقت گذرندو رهيو، ڀيڻ مونکي چوندي هئي ته تنهنجي دوست اڃا ته تنهنجي ڪابه مدد ڪانه ڪئي. آءٌ کيس ائين چئي ٽاري ڇڏيندو هوس ته هن گهڻا ڀيرا مون کي چيو آهي ته پئسا جيڪي کپني کڻي وڃ ۽ وڃي ڪو واپار ڪر، پر آءٌ نٿو چاهيان ته دوستيءَ ۾ ڪو وهنوار ڪيان، پئسو جانب جدا ڪندو آهي. ڀيڻ هون ڪري، چوندي هئي ته ”هو ويچارو غريب ڏسي هن کي ڌنڌي لاءِ پئساٿو ڏيئي ته هي وري پنهنجي وڏائي ڏيکاري.“
    هڪ ڀيري آءٌ دوڪان تي ويٺو هوس، ڌنڌي جي موڙي هئي، پنڪيون ويٺي کاڌم ته انجنيئر صاحب جو پٽيوالو آيو ۽ هڪ چٺي اچي ڏنائين، جنهن ۾ لکيل هو، ”مسٽر علي بخش ٿي سگهي ته هڪ سئو روپيه هن ماڻهوءَ هٿ موڪليندا.“ انهي وقت منهنجي کيسي ۾ پنج روپيه پيل هئا، ڇٺي کڻي گهر آيس، اچي ڀيڻ سان ڳالهه ڪيم، ڀيڻ چيو، ”ادا پاڻ غريب ماڻهو آهيون سئو روپيه ڪٿان آڻيون.“ مون هن کي چيو ادي پئسن جي هن کي پرواهه نه آهي ڪافي پئسا بئنڪ ۾ رکيل اٿس، پر هن شايد منهنجو آزمودو ورتو آهي. انهي ڪري آءٌ هن جي ماڻهوءَ کي خالي ڪيئن موٽايان! پوءِ ادا ڪٿان آڻيون، ٻيو ڪجهه نه آهي، باقي هي منهنجا ايرنگ اٿئي سي ڪٿي گروي رکي پئسا کڻي پنهنجي دوست جي اڳيان سرخرو ٿي، انهي ڳالهه کي به اڄ سال کن ٿيندو، پر دوست اچڻ وڃڻ به ڇڏي ڏنو آهي. ماڻهو مون کي چوندا آهن ته اوهين ڪونه ڳالهائيندا آهيو ڇا.؟
    آءٌ چوندو آهيان ته دوست رڳو ڳالهائڻ لاءِ آهي ڇا؟ هو نوڪريءَ وارو آهي، کيس ٽائيم نٿو ملي. آءٌ انهي هوندي به اهو سوچيندو هوس ته شايد مون کان ڪا غلطي ٿي آهي، پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچي سوچي پنهنجون غلطيون ڪڍندو هوس ته اهڙو دوست نه آهي، هن جي دوستيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پاڻهين پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هوس ۽ پنهنجي دوستيءَ تي سرسري نظر ڪندو هوس ته جيڪو وقت دوستي ٻنهي ۾ هئي، اها فقط منهنجي خوشامند تي، هن جو ته مون سان ڪوبه پير ڀريل نه هو. انهي فيصلي کان پوءِ به پاڻ برو ڀلو چئي دل ۾ چوندو هوس ته ڀلا توکي ٿيو ڇا آهي، جو اهڙي بهترين دوست لاءِ اهڙا خيال ٿو ذهن ۾ آڻين، انهي کانپوءِ منهنجو واندو وقت رڳو انهيءَ وقت ڇڪتاڻ ۾ گذرندو هو ۽ ساڳئي وقت ڪوبه واقف ماڻهو ملي ڪچهري ڪندو هو ته هنجي دوستي جي هام هڻندو هوس. پر اڄ هن منهنجي سلام جو جواب نه ڏنو، مون عالي کي چيو ته دوست ملڪيت جي ڇڪتاڻ اهڙن غلط معيارن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي سدائين نرم احساسن کي ڦٽيندا رهن ٿا. اسان انسان جانورن وانگيان ڪو هاٿي، ڪو گهوڙو، ڪو اُٺ ائين اسان به پاڻ کي مختلف طبقن ۾ ورهائي رکيو آهي. منهنجو ليڪچر اڃان هليو پئي ته هن منهنجيءَ ڳالهه کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو، ”ٿي سگهي ٿو ته هن منهنجو سلام نه ڏٺو هجي.“ آءٌ هن جي منهن ۾ نهاري بلڪل خاموش ٿي ويس.


    رت ۽ آزادي

    ڇورا تون ۽ قانون شرم نٿو اَچئي، ٻچو ڪري پاليوسين، نمڪ حرام کري ۾ ويٺل سڀ هن تي چڙهي ويا، ڪنهن چيو وات ڳاڙهو آهي، ڪنهن چيو عقل گهٽ اٿس، هڪڙي چيو مٿي اُگهاڙو آهي، هي چپ ٿي ويو، هن کي هاري ورڪرن جون ڪچهريون ذهن ۾ ڦرڻ لڳيون، ڪيڏو نه هي ماڻهو سچو هو. زميندارن ۽ هارين جي حملن هن جون يادون اُٿلائي وڌيون، موٽي لئين ۽ ڪنڊين واري سڪل زمين تي آيو، پٺا اُگهاڙا تتل ڪاڙهو، ٻني صاف ٿي پنهنجي ان ڍڳن جي مدد سان هن زمين کي چيري ڦاڙي رکيو، وري به کيڙيائين، هڪجهڙي ڪري پٽا هنيا، آڏون ڪڍيون، مينهن وٺا، سنڌو جو پاڻي ٻارن ۾ آيو، ٻني سائي ٿي، پيهو ٺهيو، پکين سان وڙهيو، مرن سان منهن ڏنائين، پاڙي اوڙي ٽڪريو، پر ذيان ٿيڻ نه ڏنائين، چار مهينا محنت ئي محنت، ڪير به ڪنهن جي ڪم ڪين ٿي آيو، پوکي پڪي لابارو پيو، زميندار منهن ڪڍيو. هدايتون، ميٺاج، دٻدٻو صُبح جو اچڻ، منهن انڌاري جو وڃڻ، هيئن ڪريو، جلدي ڪريو، سست آهيو، بيڪار، پنجاب جا هاري سٺا آهن. ائين پنجن مهينن جو پورهيو ميڙجي کري ۾ آيو، اڄ آئون ٿيس لوفر، وات ڳاڙهو، ڪجهه به سهي، پر ٻئي کي پتي ڪين ڏبي. آخر ڳالهه ڪهڙي، ٻني سڪل ڪنهن نه ڪم جي، سا مون ٺاهي، مون جياري، پاڻيءَ ’جيئي سنڌو دريا‘ تنهن جبلن تان کڻي اچي ڏنو.
    سڀني راڄن سان وڙهيس، پکي پکڻ رنجايم، هي معتبر وري ڪير آهي، جيڪو ٻه حصا ٿو کڻي، اَڙي ڪڍ ڏلهي مان هٿ، ڇورا مڙس ٿيو. ڇڏيو پوڙهن جي پچر، هن وڌو ڪهاڙي ۾ هٿ، سڀ وائڙا ٿي ويا. هڪڙي پوڙهي اچي کاڏي کان هٿ وڌس، ’ڏس پٽ ڏاهو ٿي.‘ چاچا، مونکي نه روڪ زندگي بکون ڪڍندي ڪاڙهي ۾ سڙندي، دانگيءَ جو ترو ٿي ويئي آهي، مونکي ڇڏ.... مونکي ڇڏ، هي تنهنجو منهنجو صدين کان دشمن آهي، مس مس ته رت ٽهيڪو آهي، اُن کي ٿڌو نه ڪر، جت سنڌو جو پاڻي، محنت، زندگي ڏيئي سگهن ٿا، اُتي اسان جو رت پنهنجو حق ضرور وٺي سگهي ٿو. چاچا مونکي ڇڏ.... مونکي ڇڏ..... مونکي..... نه روڪ.


    توبه! هيڏو ڪوڙ (ڊرامو)

    ائڪٽ پهريون
    سين جو پس منظر – پنهنجي رت سان ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو ساٿي اهڙو ڏينهن به ايندو، ڳايو ٿو وڃي.

    ائڪٽ ٻيون
    پڻڇ وڇايل آهي لال کي بٺوري جي رنڱيل ٻه پاسي اجرڪ جي گوڏ ٻڌل ۽ ڪڪر جي اجرڪ ٻڌل آهي، هٿ ڌوئي تڏي تي ويهي ٿو، ماڻس ڪاشي جي پاٽ ۾ چانورن جي ماني ڪنجهي جي وٽي ۾ لسي ۽ مکڻ جو چنبو رکيو ڏسي ٿي، لال (ماني کائيندي ماءُ کي چوي ٿو) امان ڪمائي ڪمائي جواني اچي موٽي آهي، بدن ست ڇڏي ويو آهي، پر ڪڏهن به سک جو ٽڪر نصيب نه ٿيو آهي، جيڪو ٿا ڪمائي کري ۾ گڏ ڪريون سو وڏيرو ڏاڍ جي زور تي اُبتا سُبتا حساب ٻڌيو ٻئي مٿان کڻيو وڃي، ڪيڏانهن وڃون؟ ڪيئن ڪريون ڪابه واهه نه آهي. ماءُ ابا شل سکي حياتي ماڻيو، هي ته بي قياس پڻهين ڏاڏهين کان ائين لٽيندا رهيا آهن، پڻهين مراهتو به اهي ڳالهيون ڪندي گذاري ويو، تون شل مڙس ٿينءَ، جو پوين لاءِ ڪجهه ڪري وڃين باقي آءُ اونهين مئي ويٺي آهيان.
    لال اوڳرائي ڏيئي هٿ ڌوئي نڪ سامهون مڇ وٽي ڪهاڙي هٿ ۾ ڪوڏر ڪلهي تي رکي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ٽيون
    صوبيدار (ڊريس سان ڪمري ۾ ويٺل آهي، گهنٽي وڄائي ٿو، پر هي ڊوڙي اچي ٿو.) اڙي وڃو جمعدار کي وٺي اچو. سپاهي ها سائين چئي ٻاهر نڪري وڃي ٿو، ٿوري دير کان پوءِ جمعدار ۽ سپاهي حاضر ٿين ٿا.
    صوبيدار ڪڙڪيدار آواز ۾.
    تم لوگوڻ نڳ ميري بي عزتي ڪروائي ھڳ، صاحب نڳ فون پر مجھي بهت ڪچھه ڪھا ھڳ هم نڳ اپنڳ تھانڳ ڪي طرف سڳ اس ڪي ڪوئي خدمت نھيڻ ڪي هڳ جائو ڪاتي پيتڳ لوگوڻ ڪو لي آو ورنه جانتڳ هو ڪيا هوگا.
    سپاهي، سائين بدلي ٿيندي سر ويندو ههڙو ماڻهو وري هٿ نه ايندو، ائين چئي سلام ڪري ٻاهر نڪري وڃي ٿو.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ چوٿون
    جمعدار ۽ ٻه ٽي سپاهي بازار مان ٻن ٽن اڌڙوٽن ۽ جوانن کي ٻڌن ٿا ڪن کي اڇا پٽڪا ڪن کي ٻه پاسيون ڦلين واريون اجرڪون ٻڌل آهن، واٽ تي گارگند، ٿڦڙون ۽ بجن جو وسڪارو، گار جي وٺ، نيٽ جو لڪڻ، ڳوٺاڻن جا ڪنڌ هيٺ آهن، پوليس جي اڳيان پيا وڃن.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ پنجون
    هال ۾ ٻه ٽي ڪرسيون پيون آهن، وڏيرو ٺاٺ سان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو سگريٽ ويٺو پيئي. لال جو چاچو مٺو، زميندار وٽ اچي ٿو. منٿون آزيون، ڌڻي جا واسطا ابن ڏاڏن جون يادگيريون هارپي جا واسطا، پاڙي جا ننگ، پڇاڙيءَ جو پٽڪو پيرن تي، سنڌي منٿ جي چوٽي ڀر، ٻيو مڙيوئي خير، وڏيري چيو وڃي صوبيدار کي حساب ڏيو اسان کي اوهان جي ڪري غنڊائڪٽ ۾ وڃڻو ڪونهي، سرڪار ڏاڍي آهي، الاجي ڪٿان جا آفيسر آهن، ڪير ٿو وچ ۾ پوي، اوهان ماڻهن لاءِ پنهنجي ڏاڙهي پٽائي.
    (پويان لفظ آهستي چيائين)

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ڇهون
    سنڌي جمعدار، ميري ڪرسي ٽيڏي ٽپائي اڳيان رکيو پتي جي ٻيڙي جو سوٽو ويٺو لڳائي، همراهه ڪو پنجاهه ڪو سو واري سان ڏيندو هٿ ٻڌندو روانو پيو ٿئي، آخر ۾ سڀني کي صوبيدار گهرائي هدايت ڏيئي چوي ٿو جائو کسي سي بات نهين کرنا ورنه ڦر ڀلائونگا.
    سنڌي جمعدار: (ترجمو ڪندي ٻڌائي ٿو)
    ’اڙي ڪنهن سان ڳالهه به ڪجو نه ته صاحب وري گهرائيندو.‘ هڪ همراهه نه سائين اسان توبهه ڪئي سرڪار سان ڪير پهچندو.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ستون
    ڪورٽ جو وايو منڊل آهي، مئجسٽريٽ ڪورٽ ۾ ويٺل آهي، لال کي ڪهاڙي ۽ رنبي سان ڪورٽ ۾ چالان ڪن ٿا، چون ٿا ته رات جو ٻارهين بجي شاهه واهه جي ڪپ تان ناڪه بندي ڪندي شڪي حالت ۾ پڪڙيو اٿئون، لال جي چيلهه ۾ رسو آهي، مُنهن سڄيل اٿس، مٿو اگهاڙو، وار اڻڀا، ڏاڙهي وڌيل اٿس، خاموش بيٺو آهي.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ اٺون
    جيل جو منظر آهي ورانڊي ۾ ٻه ڊگها سپاهي هلي رهيا آهن، لال کي پوليس جيل تي وٺي اچي ٿي، جتي لال کي سپاهي ٿڦڙون، بجا ۽ گاريون ڏين ٿا (کين چئي ٿو)

    ’ٻيلهي مسلمان ڀائر آهيون سنڌي هاري ٿي پياسين ته ڇا ٿي پيو ننڌڻڪا ڪري نه ماريو.‘
    سپاهي، سندهي کي بچي، چپ ڪرو، سپاهيءَ کيس آخري ڌڪو ڏيئي جيل ۾ پورين ٿا.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ نائون
    جيل جو منظر آهي، سپاهي چڪر ڏيئي رهيو آهي، مِٺو پوڙهو ڊڄندي ڊڄندي آهستي آهستي سپاهي کي ويجهو اچي ٿو، سپاهي ڍاڍ ڪندي چوي ٿو ’ڪيا هي‘ مٺو ڏڪي وڃي ٿو، ڀڳي ٽٽي اردو ۾ منٿون ڪري پٽڪي جي پلاند مان 5 رپين جو نوٽ ڇوڙي سپاهي کي ڏئي ٿو، سپاهي مٺي کي لال سان ملاقات ڪرائي ٿو.لال کي سڄيل ڏسي مٺي جون اکيون ڀرجيو اچن، روئڻ هاڻڪو، ٿي ’پٽ لال ڇا ٿيو اٿئي.‘ لال، چاچا مڙسي ڪريو هتان جند ڇڏايوم، مٺو ساڳي آواز ۾ چوي ٿو، ’پٽ لال گورا ڌاريا هئا پر اهڙا بي وڙا ڪين هئا.‘ ائين چئي سڏڪا ڀريندي پوين پيرن واپس ٿئي ٿو.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ڏهون
    گهر جو وايو منڊل آهي، اڱڻ ۾ زالون ننڍا ٻار پوڙها جوان ويٺل آهن، مٺو لال جي سڄي ڳالهه هنن کي ٻڌائي ٿو، سڀئي چپ ٿي وڃن ٿا، ڪجهه وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ پاڻ ۾ بحث ڪن ٿا، فيصلو ڪن ٿا ته کير پيئڻ واري گجر مينهن وڪڻي پنهنجي لال کي آزاد ڪرائجي نه ته هي بي قياس لال جو الائجي ڪهڙو حال ڪندا.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ يارهون
    وڪيل جي آفيس جو منظر، وڪيل ليٽي ويٺو آهي گهنٽي وڄائي ٿو منشي جي سائين چئي اندر اچي ٿو. ڇورا وٺ هي پنج روپيه پيلو ليبل چانهه تازي مٺائي وٺي ڪورٽ ۾ وٺي اچ، ڇورا ٻڌئي يارهين بجي کان اڳ پهچي وڃج، اڄ ضامن کڻائڻو آهي، ائين نه ٿئي جو صاحب جو موڊ خراب ٿي وڃي، ها سائين، اڄ جيڪڏهن ضامن نه ٿيو ته ڌنڌي تي خراب اثر پوندو. نوڪر، ها سائين، وڪيل، جڳهه ٺهرائڻي پئي آهي. نوڪر، ها سائين، وڪيل، صبحاڻي پارٽي ڏيڻي آهي. منشي ها سائين.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ٻارهون
    ڪورٽ جو منظر آهي ٻاهران ماڻهن جا ميڙ آهن، وڪيل ڪورٽ جي دروازي تي بيهي مٺو کي سڏي ٿو، مٺو تڪڙو تڪڙو هن ڏانهن وڃي ٿو، وڪيل ڪن ۾ سُس پُس ڪري ڪورٽ جي ڪلارڪ کي اشارو ڪري ٿو. مٺو هن کي پندرهن روپيه ڪڍيو ڏي، ڪجهه دير کانپوءِ وڪيل جو منشي سينگاريل ”ٽي“ ۾ چانهه کڻي اچي ٿو. وڪيل (جهڪي مئجسٽريٽ کي ادب سان چوي ٿو) سائين ٿڪي پيا آهيون، چانهه ٺهرائي اٿئون ٻه ٽي ڍڪ ڀريو، مئجسٽريٽ ڪهڙي تڪليف ڪئي اٿوَ، مرڪي ٿو، چانهه جي دؤر کان سگريٽ جو دور هلي ٿو، پاڻ ۾ پٽ سٽ ڪن ٿا، وڪيل، ڪوڙي مرڪ منهن تي آڻي صاحب کي ضامن جي درخواست ڏي ٿو، جج کلندي آرڊر ڪري ٿو، پٽيوالو (ڊوڙندي مٺو کي) چاچا مبارڪ ضامن ٿيو، مٺائي کارائي مٺو به ٻه روپيه ڪڍي ڏئي ٿو، پٽوالو ڪاوڙ مان واپس ڪري ٿو، وڪيل وچ ۾ پئي پنجن روپين تي ٺاهه ڪرائي ٿو.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ تيرهون
    گهر جو وايو منڊل آهي اڱڻ ۾ زالون مرد ٻار سڀ اُداس ويٺل آهن، لال اچي ٿو سڀ هن کي ملن ٿا. هڪ ڀيرو خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. ڏاڍو ڏکوئيندڙ منظر آهي، (لال خاموشي کي ٽوڙيندي چوي ٿو)

    چاچا هڪ مينهن ڳندڻ لاءِ هئي سابه بيگناهه چٽي ۾ ويئي هئي، وري ڪڏهن وٺنداسين يا نصيب ماني ٽڪر به رکو نصيب ٿيندوسين. (هي ڳالهائيندو رهي ٿو) چاچا تون چوندو هئين ته ڌارين کان پوءِ به پنهنجا چڱا، هي پنهنجن جا وڙ آهن جو اسان جون مڇون پٽين، ڏنڊا هڻن، ٿڪون هڻن، گاريون ڏين؟ سالن جي ڪمائي مان ورتل مينهن سا به وڪيائين.
    ٻنپهرن جي ماني ته بصر سان کائي وينداسين، پر رات جو رکو ڀت ڪيئن ڳڙڪندوسين. لال يڪ ساهي چوندو ويو، جڏهن چپ ٿيو تڏهن مٺو وراڻيو ته ”لال تون ته رکي ڀت جي ڳالهه ٿو ڪرين پر منهنجو ته انساني ڀالپي مان ڀروسو نڪري ويو آهي، ڪير ڪنهن جو ڪونهي، نه مسلماني نه پاڪستاني رشتو، هرڪو پنهنجي شڪار جي تاڻ ۾ آهي. سڀ ٺڳيون اسان مسڪينن سان ڪيون وڃن ٿيون، هي ملڪ هلائيندڙ سڀ دشمن آهن، هي اسان جا مٽ ڪين ٿيندا، هنن سان ڪهڙا سنڱ ڪهڙيون اميدون، اسان مسڪينن جو ڪوبه چاڙهو ڪونهي، سواءِ انهي جي جو اسين ڪمائيندا رهون ۽ هي ڦريندا رهن، قانون به هنن جا ته انصاف به هي ڪن، اسان رڳو هي ڳالهه سکي ته انصاف ٿئي ئي ڪونه، سڀ ڪوڙو سانگ آهي. اسان کي ڦاسڻ ۽ ڦرڻ جا مانداڻ آهن، پوليس به اهو سيکاريو ۽ وڪيل به اهو سيکاريو، جج کان به اها ڳالهه سکي سون. پوڙهي چيو ”بس اسين ائين قربان ٿيندا رهنداسين اسان ڄاپي ڇا ڪيو اهڙي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو، الله سائين به الاهجي ڪٿي آهي، انسان، انسان تي هيڏا ڪلور ڪري، ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آهي، الله سائين تون ڪو رحم ڪجين، هن مئن جي پاڙ پٽجين. نوجوان ڇوڪري وراڻيو امان تنهنجو پٽون الاهجي ڪيڏانهن پيون وڃن آئون ته سدائين پئي ٻڌندي آهيان پر انهن جو ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو آهي.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ چوڏهون
    گهر جو وايو منڊل آهي، اڱڻ ۾ سڀ ڀاتي ويٺا آهن، چاچي مٺو ڳالهه ڇيڙي، اڄ لُنڊن جي ڳوٺ ويس لال واري ڪيس جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي مان، سڀني کي گهڻو ڏک ٿيو، چيائون ته ادا اسان سان به ساڳيو حل آهي. ڪڏهن جمعدار در تي ڪڏهن تپيدار، ڪڏهن وڏيرو مڙيئي لوهه ساڳيو اوزار جدا جدا ڪنهن کي منهن ڏيون. چيو مان مڙس ٿيو دل نه لاهيو هڪ ٻي سان حال اوريون جيڪي تڪيلفون اچن ٿيون اهي پاسي واري راڄن کي بي حجاب سربستيون ڪري ٻڌايون، ائين سڀني جي هڪ ٻئي سان همدردي ٿيندي، تڏهن هڪٻئي جي مدد ڪنداسين، مٺي جي زال چيو ته اڄ آئون رندن ۾ ويس لال وارو سارو داستان سڀني ماين کي ٻڌايم، سڀني هڪ آواز ۾ چيو ته خدا شل سڀني جو ڪارو منهن ڪري اسان جا مڙس اچن ته اسين ٿيون کين شرمايون يا اسان جون ٻانهيون پائي ويهن يا اوڙي پاڙي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿين، لال چيو ’شاهه واهه‘ جي موريءَ تي سڀ راڄن جا ڇورا اچي گڏ ٿياسين، مون سان ٿيل تعدي جو سڄو داستان ٻڌايو مان، چيائون هنن جي هتان گهڙي..... آئيندي جيڪو هڪ ٻي جي مدد نه ڪندو تنهن جي ماءُ کي .....

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ پندرهون
    پرائمري اسڪول جو سمان آهي، لال ڇوڪرو وٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو، ماستر هن کي ويهڻ جو چوي ٿو.
    هي لهواريون اوڀاريون ڪندي پنهنجي ڪيس جو واقعو ٻڌائي ٿو، ماستر کي هن لاءِ گهڻي همدردي پيدا ٿئي ٿي، ڳالهين ڪندي ماستر لال کي چيو ته ”اوهان جي گهر ۾ ڪا ڇوڪري پڙهيل آهي لال چيو ته منهنجي ڀيڻ پنج درجا پڙهيل آهي، ماستر چيو ته منهنجي هڪڙي صلاح اٿوَ ته آئون اوهانکي ڪتاب ڏيان ٿو. جيڪو اوهان گهر جا ڀاتي گڏجي پڙهندا وڃو.“ ائين چئي هن خاني مان ”جمال ابڙي“ جو ”پشو پاشا“ ڪڍي ڏنو، لال ماستر کان موڪلائي روانو ٿيو.

    ائڪٽ سورهون
    اوطاق جو سمان آهي زميندار لئه سان اوطاق ۾ ويٺل آهي، ڪمدار ويهي هن جي اڳيان ها سائين نه سائين خدا شل اوهان جي سئو ورهيه حياتي ڪري، واهي هڪڙي ڳالهه ڪري ڪمدار ٻي ڳالهه ڪري، هارين جو جٿو حاضر ٿئي ٿو. ڪمدار هنن کي پٺ تي ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو، هي سڀ بيٺا رهن ٿا، زميندار چڙ مان ڍاڍ ڪري چوي ٿو.
    اوهان نالائقن لاءِ مون وٽ زمين نه آهي، هاري يڪي آواز ۾ چون ٿا تنهنجي اسان کي پرواهه نه آهي.
    زميندار اڙي ڇا ٿا چئون، هڪڙي منجهان چيو، اسان انسان آهيون غلام نه آهيون، چڱو نڪري وڃو منهنجي اوطاق مان، آئون اوهان کي ڏسي رهندس، هاري سڀ ماٺ ڪري بيهي رهن ٿا، زميندار خار کائي ٿو، منهن تي پگهر نڪريو اچيس، ڪمدار واهي چپ بيٺا آهن، هارين جي منهن تي ٿورڙي طنزيه مرڪ آهي، پوءِ هي سڀ ٽهڪ ڏيو نڪريو وڃن، ٽهڪن جو پراڏو گهڻي دير تائين گونجندي رهي ٿو.

    (پرود ڪري ٿو)

    ائڪٽ سترهون
    هارين جي ڳوٺ ۾ پوليس لٿل آهي، جمعدار پوليس وارا اوريان پريان پيا ٿين، پر ڪير به هنن کي منهن ڪونه ٿو ڏئي، جمعدار جي سڏ ڪرڻ تي جواب ۾ اڙي ڇا آهي ته وري ٻيو چوي ڇو رلي مئا آهيو، پوليس لاچار واپس ٿئي ٿي.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ارڙهون
    بازار جو وايو منڊل آهي بازار مان هڪ نوجوان کي پوليس پڪڙي ٿڦڙون بجا هڻندي لٺين جا وسڪارا ڪندي گهيليو وڃي ٿي، ماڻهو سڀ ڏسندا رهن ٿا، انهن مان ڪي آواز نڪرن ٿا ته هن ملڪ جا قانون الاهجي ڪيڏانهن ويا.
    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ اوڻيهون
    جلسي جو وايو منڊل آهي هارين جو وڏو ميڙ گڏ ٿيل آهي، جنهن ۾ هاري تقرير ڪري رهيو آهي.
    ”ساٿيو! هي سڀ معاملو انهيءَ ڏينهن وڏيري کي پنهنجو کتو جواب ڏيڻ جي ڪري آهي. اوهان کي خبر آهي ته آفيسر ڪو به پنهنجو مٽ نه آهي، قانون لٽيندڙ طبقي جو ٺاهيل آهي، سرڪار وڏيرو آهي ۽ وڏيرو سرڪار آهي، هنن وٽ چند پگهاردار سپاهي آهن، اسان سان لکين عوام سپاهي آهن، هنن جون گوليون اسان کي ماري سگهن ٿيون، پر غلام رکي نٿيون سگهن.“ ميڙ مان نعرو لڳي ٿو، هاري مزدور اتحاد زنده باد، عوام اتحاد زنده باد، وڏيرا شاهي مرده باد، هاري تقرير جاري رکندي چوي ٿو، ”اسان اڳيان پهريون مسئلو آهي ته ڪلهه ٻهراڙي جي هڪ هاري کي پوليس بازار مان ڇو گرفتار ڪيو، جيڪڏهن اڄ اسان هنن جي مدد نه ڪئي ته آئينده اهڙا سوين هاري هر روز پوليس جو شڪار ٿيندا رهندا، اسان سوين ڪاريون ڪنڍيون نيلام ڪندا رهنداسون.“
    نعرو لڳي ٿو پوليس شاهي مرده باد فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي سڀئي پوليس ٿاڻي تي هلنداسين، پر هرڪو هاري جي نشاني ڪهاڙي سان کنيو اچي.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ويهون
    ٿاڻي جو وايو منڊل آهي، هاري ٿاڻي کي ڦريو، بيٺا آهن، مطالبو ڪن ٿا ته حمزي کي آزاد ڪريو، ٿاڻو ختم ڪريو، ظلم بند ڪريو، صوبيدار فون تي ڳالهائي پيو، فون رکندي ڪنڌ جو اشارو ڪندي چوي ٿو ”سالون په چلائو گولي“ گولي ڇٽندي ٿاڻو باهه جي نظر ٿي ويو. هاري پنهنجي مئل ساٿي کي ڪلهي تي کڻيو، ظالم سرڪار مرده باد، هاري مزدور اتحاد زنده باد جا نعرا هڻندا پيا وڃن.

    (پردو ڪري ٿو)

    ائڪٽ ايڪيهون
    بڙا جي چوڪ جو سمان آهي، اخبار وارو هوڪو ڏيندي اخبارون پيو وڪڻي ”سندهه مين هاريون ني گهيرائو جلائو تحريڪ شرو ڪردي“ ماڻهو سڀ اخبارون وٺن ٿا، جنهن ۾ وڏي سرخي سان خبر ڇپيل آهي، سندهي هاريون ني، گهيرائو جلائو تحريڪ شروع ڪردي، ايڪ تهانه ڪو آگ لگادي گئي ايڪ بهي سپاهي بچ نه سڪا!، اخبار پڙهندڙ مان هڪ وڏي آواز چيو الله سائين توبهه هيڏو ڪوڙ، اردو اخبارن ڪوڙن جا هاڃا ڪري ڇڏيا آهن، هرو ڀرو ويڙهائي چٽ ڪندا، ڪجهه پوليس جي ظلمن جو ذڪر ڪن ها تڏهن به چڱو. ٻڌندڙ چون ٿا ته انهن ائين مڪر ڪري ته ملڪ ڦريو آهي.

    (پردو ڪري ٿو)


    جيڪي ساٿي هليا ويا

    مامون ملاح:
    رهندڙ شاهه واهه، ڄائو ڳوٺ ۾، 14 سالن جي عمر ۾ چوري شروع ڪيائين، ڏاڍو نالو ڪڍيائين، وڏيرن جو ماڻهو، سنگتياڻي ڪيائين، جنهن تان تڪرار ٿيو، ڳوٺ جي ننڍي وڏيري پئسا خرچي مارون ڪڍايس، بيمار ٿيو، وري نه چڙهيو، ڪنجهندي ڪنجهندي ساهه ڏنائين، آخري وقت ۾ چوندو هو ته ’سَگهو ٿيان ته وڏيري سان پلاند ڪندس.‘

    فتح محمد پنهور:
    ڳوٺ پيارو، ڪلارڪي زندگي، رشوت، شراب، جوا چالو. ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ ۾ چڱي نه ڪيائين، سدائين پيو پڇتائيندو هو، ته تباهه ٿي ويو آهيان، بس هاڻ ڪڏهن به نه پيئندس، راند بند، توبهه ڪو به چڱو ڪم ڪونه ڪيو اٿم. ننڍڙا پُٽ، انهن سان انتها پيار، سياسي ماڻهن سان حد کان وڌيڪ عزت جو برتاءُ، جيڪي کيسي ۾ هوندو هئس سو هنن کي خوش ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو، اهو ئي عمل هن کي راحت ڏيندو هو، جڏهن ڪو ٽائيم واندو سمجهندو هو ته ڪچهريون سياسي. ائين اوچتو مري ويو، پنهنجي گهر وارن لاءِ سور ڇڏي ويو، مون کي هن جو ٻهروپي ڪردار گهڻو ياد رهندو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 470273
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188398
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ