ڪتاب جو نالو: چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 21 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 973 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 541 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي !“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جو قاسم پٿر بابت لکيل ساروڻين ۽ سندس شخصيت بابت آهي.
قاسم پٿر کي پنهنجي ماڻهن جي ڏکن، تڪليفن، اهنجن ۽ ايذائن جو چڱي پر شعور ۽ احساس هو، سياست هُن لاءِ ماڻهن ۽ قومن کي قومي ۽ سياسي حق وٺي ڏيڻ جو نالو هو، جيتوڻيڪ پاڻ ڪُل وقتي سياسي ڪارڪن ئي رهيو، پر کيس جڏهن به موقعو مليو ته هن سماجي ڪمن ۾ پڻ بهرو ورتو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ جنت جهڙو ملڪ آهي
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڊسمبر جي 19هين تاريخ
  • قاسم پٿر جي سياست شروعات
  • قاسم پٿر قومي مسئلن کان لاتعلق نه رهيو
  • قاسم پٿر جي ادبي ۽ سياسي ڪردار جي ڀيٽ
  • قاسم پٿر کي ماڻهن جي ڏکن جو شعور ۽ احساس
  • ابن حيات پنهور لئبرريءَ جو افتتاح
  • غلام مصطفيٰ شاهه ۽ قومپرستي

  • ارپنا

    * عزيز سلام بخاري
    * ابن حيات پنهور
    ۽
    * نورالدين سرڪيءَ جي نالي

    اُٿيا ۽ اُٿياڪ، ڪالهوڪا ڪاڏي ويا؟
    ويا جاڳائي جيڏيون! بِرهُه هيءُ بيباڪ،
    چُرپُر ڪاري چاڪ، سُور سمهاري ڪين ڪي.
    (شاهه)

    يوسف سنڌي
    2012-09-13


    سنڌ جنت جهڙو ملڪ آهي

    سنڌ جنت جهڙو ملڪ آهي، انهيءَ تي ڌارين جو قبضو آهي، سنڌ ڏاڍي خوبصورت آهي، انّ، باغ، وڻ، گُل، جبل ۽ درياهه سڀ خوبصورت آهن. اها مالا مال آهي، انهيءَ جي ملڪيت جي ورهاست ڌاريا پيا ڪن، سنڌي قوم جو انهيءَ تي وس نٿو هلي. اوهان مزدور باشعور آهيو، اوهان سنڌ جي اصل مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيو، پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪريو، قوم ۾ شعور پيدا ڪريو. پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪريو، اسان سڀني کي پنهنجن حقن خاطر پاڻ ۾ ٻَل پيدا ڪرڻون پوندو.

    قاسم پٿر
    (سنڌي پورهيت سنگت گلشن حديد پاران
    17 فيبروري 2002ع تي ڪرايل ليڪچر مان ٽڪرو. )


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (280) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي !“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جو قاسم پٿر بابت لکيل ساروڻين ۽ سندس شخصيت بابت آهي.

    قاسم پٿر کي پنهنجي ماڻهن جي ڏکن، تڪليفن، اهنجن ۽ ايذائن جو چڱي پر شعور ۽ احساس هو، سياست هُن لاءِ ماڻهن ۽ قومن کي قومي ۽ سياسي حق وٺي ڏيڻ جو نالو هو، جيتوڻيڪ پاڻ ڪُل وقتي سياسي ڪارڪن ئي رهيو، پر کيس جڏهن به موقعو مليو ته هن سماجي ڪمن ۾ پڻ بهرو ورتو.

    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌيءَ جا جنهن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڊسمبر جي 19هين تاريخ

    صبح جو اڃا جاڳ مس ٿي هئي، سيءُ هئڻ سبب دستور موجب واڪ تي نٿو وڃان ۽ بستري ۾ ٽونڊڙو ٿيو ليٽيو پيو آهيان، جو منهنجي موبائيل فون جي گهنٽي وڄي ٿي. اها ڊسمبر جي 19هين تاريخ هئي.
    ”هيلو!“ فون آن ڪيم...
    ”پرويز پيو ڳالهايان...“
    ”ها سائين! ڪيئن خوش ته آهيو نه...؟“
    ”هائو! ٺيڪ آهيان..... قاسم پٿر جي تصوير ٿي گهرجي..“
    ”تصوير ته آهي ... پر ڳولهڻي پوندي... پر خير ته آهي ... ڇا جي لاءِ...!؟“
    ”هينئر هينئر نفيس احمد ناشاد فون ڪئي آهي ته ”مهراڻ“ ڇپيو پيو آهي... قاسم پٿر جي تصوير لاءِ روڪايو اٿس....“
    ”قاسم جي تصوير...... مهراڻ لاءِ ڇو ٿي گهرجيس...؟“ مون پُڇيو.
    ”قاسم رات گذاري ويو... ڪنهن نيوز چينل تان خبر هلي آهي، جيڪا ٻُڌي نفيس احمد فون ڪئي آهي.“
    جواب ۾ لفظ نٿا اُڪلن.
    پرويز منهنجي ڪيفيت سمجهي ويو.
    ”ٻين بجي دفنائڻ جي لاءِ کڻندا... تصوير کڻي اچج ته نفيس احمد شيخ کي اي ميل ڪري ڇڏيون.“
    پرويز فون بند ڪئي ته منهنجي ذهن ۾ نصير مرزا جو شعر تري آيو:
    يار! ڏک جي خبر ٻڌايئين ٿو،
    رات هُن جي وفات ٿي ويئي.


    منهنجو ذهن ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي ويو ۽ ذهن جي اسڪرين تي هڪٻئي جي پويان يادن جي يلغار ٿيڻ شروع ٿي ويئي.


    ننڍو هوندو هوس، ’سياست‘ جي ’س‘ جي خبر به نه هئي، نه ئي وري ’شعور‘ جو ڪو سلو ذهن ۾ ڦٽو هو. البت ذهن جي زمين، شعور جي ٻج پوکجڻ لاءِ ’کيڙجي‘ رهي هئي. ذهن جي اُن زمين جي کيڙائيءَ ۾ منهنجي هڪ ماسات ’ادي صابرا‘ جي ننڍن ننڍن اردو ڪتابن جو وڏو هٿ هو، جتان مونکي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ادي صابرا وٽ کوڙ سارا ڪهاڻين جا ڪتاب هوندا هئا، جيڪي هوءَ مونکي پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي. وٽس اردو رسالا ’نونهال‘، ’جگنو‘ ۽ ’تعليم و تربيت‘ به ايندا هئا.
    حيدرآباد ۾ چاچا شمس الدين جي لطيف آباد واري گهر جي پوئينءَ ڪمري ۾ هڪ ڪٻٽ رکيل هوندو هو، اُن ڪمري جو ٻيو دروازو پويان باغيچي ۾ کلندو هو، جنهن ۾ ڪيترائي وڻ، گلن جا ٻوٽا ۽ سائي ڇٻر پوکيل هوندي هئي. ما حول ۾ گلن جي سرهاڻ پکڙيل هوندي هئي. ان ڪٻٽ ۾ ادي صابرا جا ڪهاڻين جا ڪتاب به رکيل هوندا هئا. ادي صابرا ان وقت ڇهين يا ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي، کيس ڪتابن سان وڏو شوق هوندو هو. اڳتي هلي سندس اهو شوق صفا ختم ٿي ويو. ۽ سندس انهن گڏ ڪيل ڪتابن مون ۾ ڪتابن سان دلچسپي پيدا ڪئي. اهو ڪمرو نه رڳو اسان ٻارن جي راند روند جو مرڪز هوندو هو، پر ان ڪمري ۾ منهنجي ڌيان جو مرڪز اهو ”ڪتابن وارو ڪٻٽ“ هوندو هو. اهو ڪٻٽ کولي، ان مان ڪو ڪتاب يا رسالو کڻي ٻاهر باغيچي ۾ سائي ڇٻر تي ليٽي وڃي پڙهندو هوس، ان ڪٻٽ ۾ ٻين ڪتابن سان گڏ ”ملير ڊائجسٽ“ جا ڪجهه پرچا به پيل هوندا هئا. جيڪو رسالو محترم عبدالغفور الستي (ان وقت عين غين سنڌي ۽ عبدالغفور ميمڻ) شايع ڪندو هو. ملير ڊائجسٽ تي ذوالفقار علي ڀٽي جي گورنمينٽ ۾ ٻين سنڌي رسالن ۽ ڪتابن سان گڏ پابندي وڌي ويئي هئي. وچ ۾ عبدالغفور الستيءَ کي ٿوري وقت جي لاءِ ڊي . پي . آر تحت گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو هو. رسالي تي پابندي پيئي ته عبدالغفور الستي ڄڻ بي روزگار ٿي ويو ۽ پوءِ ڪنهن طريقي سان اسلام آباد وڃي پير علي محمد راشديءَ سان مليو، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جو صلاحڪار هو. جنهن کيس ’نيشنل سينٽر آف پاڪستان‘ جو ڊئريڪٽر ڪري، اسلام آباد ۾ رکيو. عبدالغفور الستي، چاچا شمس الدين جو وڏو ڀاءُ ٿئي ۽ منهنجو پيءُ سندن ماسات، ائين چاچا شمس الدين ۽ عبدالغفور الستي بابا سان رشتي جي حوالي سان منهنجا چاچا ٿين. سنڌ جي قومي تحريڪ، سماجي جاڳرتا ۽ سنڌي ادب ۾ عبدالغفور الستيءَ جو به ڪردار آهي، جيڪو هڪ ڌار مضمون جي تقاضا ٿو ڪري.
    اُتي ئي، اُن گهر ۾ هڪ ڀيري گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ جي واتان ٻُڌم ته ”قاسم پٿر وري گرفتار ٿيو آهي.“
    اُتي اڪثر قاسم پٿر جي باري ۾ جيڪي رمارڪس ٻُڌبا هئا، سي منهنجي لاءِ حيرت ۽ دلچسپيءَ جو سبب هوندا هئا.
    ”قاسم پٿر ته ڄڻ جيل ٻولي کنيو آهي.“
    ”قاسم پٿر جو هڪ پير ته سدائين جيل ۾ هوندو آهي.“
    ”قاسم پٿر کي حڪومت ڇڏي ئي نٿي.“ وغيرهه.
    ۽ آئون سمجهندو هوس ته ”قاسم پٿر“ ڪو خطرناڪ ماڻهو آهي. جنهن کي حڪومت سدائين جيلن ۾ واڙيو ويٺي آهي، هن کي ٻاهر ڇڏيندي ته الائجي ڪهڙو ممڻ مچي پوندو.
    منهنجي ذهن جي ڪئنواس تي ”قاسم پٿر“ جو نقش ڪنهن خطرناڪ ڏوهاريءَ جهڙو چٽيل هو.
    ۽ واقعي به قاسم پٿر اڏول، خطرناڪ، غير مصلحت پسند، بي باڪ ۽ قومي شعور ۽ درد رکندڙ، وڏيرڪي سماج جو ازلي ويري، هيڻن ۽ هارين جو همراهي، هڪ خطرناڪ شخص هو. پر قاسم جي شخصيت جو اهو پهلو گهڻو عرصو پوءِ منهنجي ذهن ۾ اُڀريو، جڏهن مون ادب ۾ پيرڙا کڻڻ شروع ڪيا.



    قاسم پٿر چاچا شمس الدين جو دوست هو. هو ٻئي ننڍي هوندي جا دوست ۽ پاڻ ۾ گڏ پڙهيا هئا. 2003ع جي عام چونڊن ۾ جڏهن چاچا شمس الدين ميمڻ کي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ پاران سجاول، ميرپور بٺورو تڪ تي صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني ويئي ته قاسم پٿر، ساڻس دوستي نباهيندي نه رڳو چونڊن ۾ سندس مدد ڪئي، پر شيرازين جي گهرواري پولنگ اسٽيشن ”سيدپور“ ۾ پي . پي . پي پاران سندس ايجنٽ ٿي وڃي ويٺو. اُتي ويهڻ جي لاءِ پيپلزپارٽيءَ جي ٻي ڪنهن جيالي دل نه جلهي. جي دل جلهي ۽ دوستي نباهي ته قاسم پٿر.... جيتوڻيڪ شيرازين جي ماڻهن کيس گهڻي دير ايجنٽ ويهڻ نه ڏنو ۽ کيس اُٿاري پولنگ اسٽيشن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ پوءِ کين پنهنجي ڪاروائي ڪرڻي هئي، سا ڪيائون.
    قاسم پٿر وارا پهرين ’ڪاٺوڙ‘ مان لڏي اچي دڙي ۾ ويٺا (ايئن هو ’ڪاٺوڙا ميمڻ‘ سڏجڻ لڳا)، قاسم جو جنم 1937ع ۾ ڪاٺوڙ ۾ قاري عبدالرحيم ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو، دڙي لڏي اچڻ کانپوءِ قاسم ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول ۾ داخل ٿيو، پر پنهنجي غربت سبب چئن درجن کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيو ۽ درزڪو ڪم سکڻ لڳو. سندس هم ڪلاسين ۾ شمس الدين ميمڻ، حاجي عبدالله (سيٺ بلا) ميمڻ وغيره شامل آهن، ڪجهه سالن کان پوءِ قاسم وارا دڙي مان لڏي وڃي ميرپور بٺوري ويٺا، جتي قاسم نجي نموني مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هڪ ڀيري قاسم مونکي ٻڌايو ته، ”پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ پنهنجي دوستن جي دعوت به ڪئي هئي.“
    قاسم جا پنهنجن سڀني ڪلاسين سان سدائين سٺا ۽ دوستاڻا لاڳاپا رهيا، جيتوڻيڪ انهن مان گهڻائيءَ جو واسطو وڏ گهراڻن سان هو. پر قاسم انهن سان ملندو رهندو هو، ڪيترائي ڀيرا قاسم دڙي اچڻ تي مونکي پاڻ سان گڏ وٺي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن دوست سان ملڻ هليو، چاچا شمس الدين سان ته دوستاڻا ناتا پڇاڙيءَ تائين رهيس.
    ايئن قاسم جي نالي سان منهنجي پهرين شناسائي ئي ان تعارف سان ٿي ته، ”قاسم پٿر ته سدائين جيل ٻولي کنيو آهي.“


    مونکي ياد ڪونهي ته قاسم پٿر سان منهنجي پهرين روبرو ملاقات ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي، پر ساڻس ملاقات ڏيٺ ويٺ ۽ دوستيءَ کان اڳ، مون هن جون ايتريون ته مخالفتون، گلائون ۽ ڳالهيون ٻُڌيون هُيون، جو هن جي باري ۾ منهنجا خيال ڪي سُٺا نه هئا.
    گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي ۾ پڙهڻ جي دوران نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ آئون ٻارڙن جي تنظيم ”سجاڳ ٻار تحريڪ“ ۾ شامل ٿيس ۽ ان ۾ ڪافي سرگرم پڻ. منهنجي سرگرمين کي ڏسي مونکي ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘ ضلع ٺٽي جو سيڪريٽري ۽ سڪندر پليجي کي صدر مقرر ڪيو ويو. سڪندر پليجو هينئر ڊاڪٽر آهي ۽ آمريڪا ۾ ٿو رهي. جڏهن سڪندر پليجي ايم . بي . بي . ايس ۾ داخلا ورتي ته مونکي ڪافي حيراني ٿي. هو پڙهڻ ۾ صفا جڏو هو، وري جو پوءِ ٻُڌم ته همراهه آمريڪا وڃي نڪتو آهي ۽ اتي سٺي نموني سيٽل به ٿي ويو آهي ته سوچيم، ”نصيب نصيب جي ڳالهه آهي.“
    مئٽرڪ پاس ڪري جڏهن فرسٽ ييئر ۾ گورنمينٽ انٽرميڊيٽ ڪاليج سجاول ۾ داخلا ورتم ته اتي مونکي ’سنڌي شاگرد تحريڪ‘ جو يونٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
    سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شامل هئڻ جي دوران مختلف هنڌن تي ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو ملندو هو ۽ دوستن سان ميل ملاقاتون ٿينديون هيون، انهن گڏجاڻين ۾، ۽ انهن ساٿين پاران، جنهن شخص جي سخت مخالفت ٻُڌبي هئي، ان شخص جو نالو قاسم پٿر هو. قاسم پٿر کي نه رڳو پارٽيءَ جو غدار تصور ڪيو ويندو هو، پر انقلاب دشمن، عوام دشمن ۽ ٽراٽسڪائي ڪوٺي سندس سخت مخالفت ڪئي ويندي هئي، مٿس طرح طرح جون ٽوڪون ڪيون وينديون هيون ۽ الزام هنيا ويندا هئا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ان وقت اسان مان گهڻن کي ته خبر ئي نه هئي ته اهو ٽراٽسڪي يا ٽراٽسڪائيت آهي ڪهڙِي بلا جو نالو.1
    قاسم پٿر کانپوءِ، جنهن ٻي شخص جي گهڻي مخالفت ٻُڌبي هئي، اهو اڪبر شاهه هو. ممڪن آهي ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به قاسم پٿر ۽ سيّد اڪبر شاهه جي مخالفت ڪئي ويندي هجي، پر ضلع ٺٽي، خاص ڪري تعلقي بٺوري ۾، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ هاري هلچل جي حوالي سان سنڌ جو ويٽنام چيو ويندو هو، هنن ٻنهي همراهن جي گهڻي مخالفت جو سبب شايد اهو هو ته هنن ٻنهي جو واسطو ميرپور بٺوري تعلقي سان هو ۽ ٻيئي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جي باني ميمبرن مان هئا ۽ سندن ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ڇڏڻ کانپوءِ، مقامي طور تي جيڪا عوامي تحريڪ جي قيادت هئي، اها انهن ٻنهي همراهن جي هٿان ئي سنڌي عوامي تحريڪ ۾ آئي هئي. تنهنڪري هنن کي پنهنجو اثر برقرار رکڻ لاءِ انهن همراهن جي مخالفت کانسواءِ ٻيو ڪو چارو به نه هو.
    اهو ڪو اتفاق ڪونهي ته سياسي حوالي سان سيّد اڪبر شاهه، قاسم پٿرکي پنهنجو اُستاد تسليم ڪندو هو ۽ جڏهن قاسم پٿر کي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ مان خارج ڪيو ويو ته خارج ڪرڻ واري نوٽس جي تعميل اڪبر شاهه جي هٿان ئي ڪرائي ويئي. قاسم پٿر ان وقت عوامي تحريڪ جي ڪارڪن / اڳواڻ جي حيثيت سان ’لاڏين‘ واري لاڪ اپ ۾ قيد هو. اهو عجيب اُلميو ۽ تنظيمي بي حسيءَ جو نمونو هو ۽ قاسم پٿر اُن ڏينهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو، پاڻ چوندو هو، ”مونکي سڄي زندگيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڏک اُن ڏينهن پهتو، جنهن ڏينهن مونکي اڪبر شاهه جي هٿان لاڏين جي لاڪ اپ ۾ پارٽي مان خارج ڪرڻ جو ليٽر پهتو هو.“ اها پارٽي جنهن جي بنيادن ۾ قاسم پٿر جو پورهيو به شامل هو.
    گهڻا سال پوءِ جڏهن مون اڪبر شاهه جو ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ ڇپرايو ته ان جو مهاڳ مون اڪبر شاهه جي چوڻ تي قاسم پٿر کان لکرايو (ڪتاب جي ڇپائي جي عمل دوران اڪبر شاهه گذاري ويو) ته قاسم اُن ڳالهه ذڪر ڪندي لکيو.
    ”.... منهنجو يار اڪبر شاهه لاڏين جيل ۾، جت شيرخان لُنڊ، پنهون زنئور، زٽو زنگيزو ۽ آئون واڙيل هئاسين، نوٽيس جي تعميل ڪرڻ آيو ته توکي عوامي تحريڪ مان خارج ڪجي ٿو، منهنجي يار اڪبر جو اهو ڏينهن به نٿو وسري.... ٻيو ڏينهن اهو جڏهن اڪبر شاهه کي دوستن سميت عوامي تحريڪ مان ڪڍيو ويو....“

    قاسم پٿر جي اُبتڙ عوامي تحريڪ ڇڏڻ کانپوءِ اڪبر شاهه سياسي فرنٽ تي ڪڏهن به سرگرم نه رهيو، البت هو پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن ۽ ڪنهن حد تائين مقامي ليول تي سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهيو، مونکي به سنڌي ادبي سنگت ۾ آڻڻ ۽ سرگرم ڪرڻ وارو اڪبر شاهه ئي هو. باقي قاسم پٿر ته سڄي عمر ورچي نه ويٺو.

    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
    وڃي ڀونءَ پيٺي، ساريندين کي سڄڻين.
    قاسم پٿر جي حوالي سان اها مخالفت به منهنجي ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ ويٺل هئي.


    سجاول ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر ۽ انٽر ميڊيٽ پڙهڻ جي دوران (83-1982ع) ميرپور بٺوري جي گڏ پڙهندڙ دوستن سان ڪچهريون، ملاقاتون ۽ بحث مباحثا ٿيندا هئا. ملڪ مٿان ’مرد ملعون مرد منافق جنرل ضياالحق‘ جي فوجي آمريت جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ڪڪڙو ڪو لڳي پيئي هئي، جيڪو ٿي ڪُڇيو، سو ڪاٺ ۾! سياست تي ڳالهائڻ، سياست ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين جي سرگرمين تي بندش هئي. اخبارون جيڪڏهن سياسي پارٽين جو ذڪر ڪنديون هُيون يا انهن جي ڪنهن اڳواڻ جو بيان ڇپينديون هيون ته اڳيان ”ڪالعدم“ لکنديون هيون. ان بندش جي ڪري اڪثر سياسي پارٽيون ۽ گروپ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پنهنجي ذيلي شاگرد فرنٽن جي پليٽ فارم تان يا وري کاٻي ڌر جا يا قومپرست همراهه پنهنجي سرگرمين لاءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو شيلٽر استعمال ڪندا هئا... ۽ شاگردن ۾ سياسي شعور وڌائڻ ۽ نوان ميمبر هٿ ڪرڻ ۽ انهن جي تربيت ڪرڻ واسطي ”اسٽڊي سرڪلس“ هلائينديون هيون. انهن اسٽڊي سرڪلس ۾ اڪثر ڪري انهن پارٽين جا آرگنس لڪي لڪي پڙهبا ۽ ڪنهن خطرناڪ شئي وانگر لڪائي رکبا هئا ۽ رڳو ڀروسي جوڳن دوستن کي ئي پڙهڻ جي لاءِ ڏنا ويندا هئا، شاگردن ۽ نون دوستن کي سُٺا سُٺا ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيئي منجهن سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي هئي.
    آئون به سدائين نوان ڪتاب هٿ ڪرڻ ۽ پڙهڻ جي جستجوءَ ۾ هوندو هوس. انهن ئي ڏينهن مونکي ڪنهن دوست کان ’تحريڪ‘ رسالي جا ڪجهه پراڻا پرچا پڙهڻ جي لاءِ مليا. انهن پرچن ۾ ڇپيل مواد جي هڪ هڪ لفظ منهنجي ذهن تي ڄڻ مترڪا وسائي، منهنجي ذهن جي بند ٿيل دروازن جا تاڪ کولڻ شروع ڪيا. انهيءَ تحريڪ رسالي جي هڪ ٻن پرچن ۾ ايڊيٽر طور ”پٿر“ جو نالو لکيل هو ۽ هڪ ٻن رسالن ۾ پٿر جون ننڍڙيون ڪهاڻيون به ڇپيل هيون، جيڪي مون دلچسپيءَ سان پڙهيون. انهن بٺوري وارن دوستن مان هڪ دوست محمد اسحاق زنئور به هو، جيڪو انٽر ۾ پڙهندو هو ۽ جساف جو ميمبر هو، هڪ ڏينهن اسحاق زنئور مونکي ڪاري رنگ ۽ ڳاڙهن اکرن واري ڪور سان هڪ ڪتاب ڏيندي چيو. ”هي ڪتاب وٺ ۽ ڇهه روپيا ڏي.“ مون کانئس اهو ڪتاب ورتو، ڪتاب جو نالو هو ’رت ۽ غلامي‘ ۽ ڪهاڻيڪار هو ’پٿر‘.
    مون ڪتاب ’رت ۽ غلامي‘ هڪ ئي رات ۾ پڙهي پورو ڪيو، ڪتاب ۾ ڇپيل مختصر ڪهاڻين ۽ خاڪن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو، سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به مايوسي ۽ نراسائيءَ جو ڪو نالو نيشان به نه هو، هر افسانو ۽ خاڪو پنهنجي اندر ۾ ڪو نه ڪو مقصد سمايو ويٺو هو.

    انهن ڏينهن آئون جيڪو ڪجهه پڙهندو هوس ۽ پڙهڻ دوران مونکي جيڪي به شعر يا نثري جملا / ٽڪرا وڻندا هئا، اهي هڪ نوٽ بوڪ ۾ اُتاريندو ويندو هوس. اهو نوٽ بوڪ اڃا به ضعيف حالت ۾ مون وٽ موجود آهي، ان نوٽ بوڪ ۾ مون ’رت ۽ غلاميءَ‘ مان هيٺيان ڪجهه ٽڪرا اُتاريا هئا.
    • پَر ابا! سنڌ جا حاڪم به خبر نه آهي ته ڇو اهڙا ڪٺور ٿيا آهن، پنڊيءَ وياسون، چيائون ”ڪوشش ڪريون ٿا.“ ڪراچي وياسون، چيائون ”اوهان ملڪ ڇڏيو ٿا وڃو.“ ڪي چون، ”اوهان غدار آهيو.“ بابا ڪولهين ڪڏهن هن ڌرتيءَ سان غداري ڪئي آهي؟ اوهانکي ڪو اهڙو سُجهي، جنهن هن ڌرتيءَ سان غداري ڪئي آهي. اوهان ڳالهه ڪندا آهيو ته: روپلو ڪولهي، جنهن انگريزن سان ننگرپارڪر جي سرحد وٽ جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو، پر پيش نه ٿيو. اسان ڪڏهن به چغلي نه هنئي، مون ڏٺو ته هن جنگ ۾ ڪيترائي کوسا ٻروچ اچي پنهنجي چؤنرن ۾ لڪا هئا. پاڻ هندستان جي فوجن کي چيو هئن ته ”هتي اسين سڀ ڪولهي آهيون.“ ائين هنن پنهنجن پاڙيسرين جي جان بچائي هئيسون. سو بابا، هنن کي ڇا ٿي ويو آهي، جو اسان کي غدار ۽ دشمن ٿا سمجهن.
    (ڪهاڻي: اباڻا پڊ)
    • ماڻهو ويڙهه ڪندڙ جي عزت ڪن، جيڪا بزدل وڏيري کان پهچي ڪونه.
    • هن چيو ته: جڏهن لوهه گرم ٿيندو آهي، تڏهن ڪا تبديلي ايندي آهي.
    • ”عوام“ لفظ جو ايترو گهڻو استعمال ٿيو آهي، جو ماڻهو ڀانئن ته ڪنن ۾ کڻي آڱريون وجهن.
    (تاثر: ڪو ڳڻ ٻاروچي جو)
    • صفحي ڏانهن ڊوڙندي هڪ جماعتيءَ چيو، اها مسجد جي پٽَ اٿس، ڇاڪاڻ جو هن اها زمين مسجد جو ايوان وڌائڻ لاءِ نه ڏني هئي.
    (ڪهاڻي: خدا جو گهر)
    • تون ايڏي بُزدل ڇو ٿي آهين، آخر هن سماج کي ڪا ته عورت ٽوڙيندي، جيڪڏهن هوءَبهادر نٿي ٿئي ته اهي عذاب پڪَ سان پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڇڏيو ٿي وڃي.
    (ڪهاڻي: پڳ جي لڄَ)
    اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ جيڪو تاثر اُڀريو اهو نه رڳو خوشگوار، پر ٿورو ٿورو حيرت ۾ وجهندڙ به هو. ته ”اڇا! قاسم پٿر هڪ ليکڪ به آهي، جيڪو هھڙيون سٺيون مشاهداتي ۽ بامقصد ڪهاڻيون به لکي ٿو.“


    ائين ننڍي هوندي کان وٺي، منهنجي شعوري زندگيءَ تائين، منهنجي اڳيان، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ”قاسم پٿر“ جو ذڪر ٿيندو ئي رهيو.



    تاريخ ۾ فرد جي ڪردار جي اهميت ڪيتري ۽ ڪهڙي رهي آهي، اهو بحث ته صدين کان هلندو پيو اچي، اُستاد پليخانوف ته ڪتاب ”تاريخ ۾ فرد جو ڪردار“ لکي ان سوال تي نه رڳو بحث ڪيو آهي، پر جواب ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي.
    تاريخ ۾ سدائين ايئن ٿيندو رهيو آهي ته ڪن غير معمولي ماڻهن پنهنجي سڀاءُ ۽ فقيراڻي طبيعت جي ڪري، پٺتي رهي، پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پسمنظر ۾ رهڻ سبب سندن ڪم ۽ ڪردار جي اهميت تڏهن پڌري ٿيندي آهي، جڏهن اهي فرد جسماني طور تي هليا ويندا آهن، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن جي وڇڙي وڃڻ سبب پيدا ٿيل ”خال“ جي نه ڀرجڻ جو احساس ٿيندو آهي.
    اسانجي يار قاسم پٿر کي به اهڙو ئي غير معمولي ڪردار چئي سگهجي ٿو. جنهن سدائين پٺتي رهي پنهنجو سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    قاسم پٿر جو واسطو هڪ غريب گهراڻي سان هو. ان غربت کيس مجبور ڪيو ته هو هن اڻ برابريءَ ۽ ناهموار سماج جي خلاف جدوجهد ڪري. غربت ۽ تڪليف سبب هن جي اُٿي ويٺي اهڙن سنگتين ساٿين سان ٿي، جن جو واسطو اڳ ۾ ئي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ترقي پسند ۽ قومپرست حلقن سان هو. سندس پهريون تعلق سنڌ جي يگاني ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ سان ٿيو. ڪامريڊ بخاريءَ کي انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي لاءِ موڪليو هو. پاڻ پارٽيءَ جو سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو. ڪامريڊ بخاريءَ جو جنم 1911ع ۾ اُتر پرديش جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ’گونڊا‘ ۾ ٿيو. پاڻ 1947ع ۾ 26 سالن جي عمر ۾ پاڪستان ۾ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ پهتو ۽ پنهنجي باقي سڄي زندگي نهايت بي باڪيءَ سان عوام دشمن قوتن جي خلاف انقلابي ڪم ۾ رڌل رهيو. ڪامريڊ عزيز سلام پهرين ڪراچي ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو.
    ڪامريڊ عزيز سلام بخاري هڪ مثالي شخص هو، هن لاءِ پنهنجو مقصد ايترو ته اُتم هو، جو وٽس رت جي رشتن ۽ ذاتي خوشيءَ جي ڪابه اهميت نه هئي، ايتريقدر جو جڏهن سندس گهرواري گذاري ويئي ته به ڪامريڊ بخاري اُتي موجود نه هو ۽ پارٽي ڪم جي سلسلي ۾ ٻاهر ويل هو. جيتوڻيڪ کيس خبر به هئي ته سندس گهرواري سخت بيمار آهي ۽ سندس بچڻ مشڪل آهي، پاڻ سدائين چوندو هو، ”جيڪڏهن ذاتي تسڪين کي اهميت ڏبي ته اجتماعي ڪم ڪيئن ٿيندو؟ تنهنڪري ذاتيات / ذاتي ڪم کي اجتماعيت تي فوقيت ڏيڻ عقلمندي نه آهي.“
    عزيز سلام بخاري 7 فيبروري 1986ع تي وفات ڪئي، وفات مهل به پاڻ ساٿين سان انقلابي ڪم جي سلسلي ۾ ڪچهري ڪري رهيو هو.
    ڪامريڊ عزيز سلام تي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”وڏي وٿ هئام“ ۾ مختصر پر نهايت جامع خاڪو لکيو آهي، جيتوڻيڪ ڪامريڊ بخاريءَ تي اڃا گهڻو لکڻ جي گهرج آهي، پر مونکي ڪامريڊ سوڀي جي هنن لفظن کي اُن ڪري به هتي ورجائڻ جي گهرج پئي محسوس ٿئي ته جيئن اسين انهن لفظن جي پسمنظر ۾ قاسم پٿر کي چڱي طرح پرکي سگهون.

    ڪامريڊ سوڀو لکي ٿو:
    ”ڪامريڊ مائو هڪ دفعي چيو هو اسان ڪميونسٽ مڇي وانگر آهيون، عوام هميشه اسانجي حفاظت ڪندو، هِتان کان هُتي ۽ هُتان کان هِتي، هو پارٽيءَ جو ڪارڪن، جاکوڙي، قاصد ۽ رهنما هيو، ڪيترائي پراڻا ڪارڪن وڏي محبت ۽ احترام سان کيس ياد ڪندا آهن، خاص ڪري حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي مزدور ۽ هاري تحريڪن ۾ اڄ به ڊزن ڪارڪن اهڙا ملندا، جن کي عزيز سلام ذهني ۽ عملي طرح تراشيو هو.
    قاسم پٿر به اهڙن ئي ڪارڪنن مان هڪ هو.

    قاسم پٿر پنهنجي هڪ مضمون ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ“ ۾ عزيز سلام بخاريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:
    ”سلام بخاريءَ جهڙو جمهوري رويا رکندڙ ذميوار سماج ۾ ڪٿان ملي، اسان پنهنجن گهرن ۾ مائٽن جي غير جمهوري روين مان بيزار هوندا هئاسين، اهڙو مهربان پيءُ جهڙو ورڪر ڪٿان ملي، جيڪو ميٽنگ جو جيڪو ٽائيم رکندو هو، ڪهڙيون به حالتون هجن، پنهنجي ڏنل پروگرام تي ضرور پهچندو هو.“
    قاسم پٿر جو اهو سياسي سفر پوءِ نئشنل عوامي پارٽيءَ (نعپ) کان ٿيندو، سنڌ متحده محاذ، سنڌي عوامي تحريڪ، سنڌهاري ڪميٽي، سنڌ نئشنل ڪانگريس ۽ پوءِ جيئي سنڌ محاذ تي اچي ختم ٿيو.
    قاسم پٿر جي زندگي جي سفر کي اسين چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: (1) سياسي (2) ادبي (3) سماجي ۽ (4) ذاتي.


    قاسم پٿر جي سياست شروعات

    قاسم پٿر سياست جي شروعات ڪميونسٽ پارٽيءَ کان ڪئي، پر ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سلهاڙجڻ کان اڳ 1956ع ۾ سندس ملاقات ڄامشوري جي اسپتال جي پارڪ ۾ محترم ’ابن حيات پنهور‘ سان ٿي. جنهن کيس گهڻو متاثر ڪيو ۽ هن جون ڳالهيون کيس دل سان لڳيون، ابن حيات پنهور جي ڳالهين ۽ ڪچهرين کيس نه رڳو وڏو اُتساهه ڏنو، پر منجهس سياسي شعور به بيدار ڪيو ۽ کيس لڳو ته اهو فڪر اختيار ڪري، هن ظلم ۽ جبر واري نظام جي خلاف جهيڙي سگهجي ٿو ۽ پوءِ قاسم ان جهيڙي ۾ سدائين مظلومن جو ساٿاري ۽ پهرين جوڙ جو سپاهي بنجي ويو.
    يارمحمد ابن حيات پنهور سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار رهيو آهي، جنهن سنڌ جي قومي ۽ ادبي تحريڪ ۾، خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، فقير عبدالغفور الستيءَ جي لفظن ۾ ”هو سنڌ جي عشق ۾ مجذوب ٿي ويل شخص هو.“
    ابن حيات 1920ع ڌاري دادو ضلع جي ڳوٺ ’کارڙي‘ ۾ ڄائو، پاڻ 1949ع ڌاري، ’اداره ادبي انجمن‘ قائم ڪيائين. 1951ع ۾ ’پرهه ڦٽي پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين. جنهن هيٺ ڪيترائي ڪتاب منظر عام تي آندائين. ابن حيات پنهور جهمپير ۾ ماستري به ڪئي ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت به. بئنڪ ۾ نوڪري به ڪيائين. پر اهي سڀ نوڪريون سنڌ جي عشق ۾ هو سدائين داءُ تي لڳائڻ جي لاءِ تيار هوندو هو، ابن حيات پنهور جي سنڌ سان ان عشق جي ڪيفيت بيان ڪندي خالد سنڌي، ابن حيات پنهور جي ڪتاب ”ڪروڙ پتي“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”.... مان سندن هڪ قومي ڪارنامي طرف ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجهان. 1969ع ۾ جنرل ايوب خان جي آخري دور ۾ جڏهن مون ون يونٽ ٽوڙائڻ جي لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي ته جن دوستن منهنجو سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو، ابن حيات پنهور انهن ۾ سڀني کان اڳرو هيو. بلڪه بک هڙتال جي فيصلي ٿيڻ وقت ابن حيات بضد رهيو ته سڀ کان اول بک هڙتال تي ويهي، ليڪن مون ۽ ع . غ سنڌي (هاڻوڪي عبدالغفور الستي) قاسم شورو، ديدار جتوئي، محمد دائود بلوچ ۽ ٻين دوستن ابن حيات جي عمر ۽ نوڪري کي سامهون رکي سندس تجويز نامنظور ڪئي ۽ آخري فيصلو منهنجي ئي حق ۾ ٿيو.... مون کانپوءِ بک هڙتالين جي هڪ وڏي لسٽ هئي، ليڪن پنهور صاحب ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسانجون سڀ دليلون ۽ دلائل رد ڪري اچي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ (جيڪو جيئي سنڌ (هاڻوڪو حيدرچوڪ) چوڪ تي لڳل هو) بک هڙتال تي ويهي رهيو، سندس خلوص ۽ جذبن کي سڀني سلام ڪيو، ليڪن جلدئي کيس سنڌي ادبي بورڊ جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو...“
    اُن وقت سنڌ ۾ رجعت پرستن، سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، خاص ڪري ترقي پسند اديبن ۽ انهن مان به خاص ڪري شيخ اياز تي فحاشي پکيڙڻ، هندستان جو ايجنٽ، ڪافر، ملحد، دهريو، اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن قرار ڏيئي، وڏي باهوڙ شروع ڪئي. جواب ۾ وطن دوست اديبن به انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ شروع ڪيو، انهن جي جواب ۾ مولانا غلام محمد گرامي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو. جنهن ۾ هن رجعت پسندن جي الزامن ۽ اعتراضن جو جواب ڏنو. ساڳئي وقت محترم رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويج“ (ڀاڱو پهريون)، پهرين اخبار ”خادم وطن“ ۾ قسطوار لکيو ۽ پوءِ 1967ع ۾ ڪتابي صورت ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ ابن حيات پنهور لکيو، نه رڳو اهو، پر خود ابن حيات پنهور هڪ ڌار ڪتاب لکي انهن رجعت پسندن کي سَنڌائتو ڌڪ هنيو، جنهن جو ذڪر ڪندي، رشيد ڀٽي، شيخ اياز جي ڪتاب ”خط تقريرون ۽ انٽرويو“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:

    ان تڪرار ۽ اختلاف راءِ دوران هڪ ٻيو به ڪارگر تنقيدي ڪتاب ڇپيو، هي ڪتاب جهوني اديب ۽ ترقي پسند ابن حيات پنهور لکيو، ڇپرايو ۽ پڌرو ڪيو. پنهور پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب ۽ اسانجا اديب“ ۾ رجعت پرستن جي ترقي پسندن خلاف اجائي گهل گهوڙا ۽ فتويٰ بازيءَ جا سياسي، اقتصادي ۽ نفسياتي محرڪ پيش ڪيا هئا.“
    ابن حيات جو ڪعبو ۽ قبلو سنڌ هئي. ان وقت جڏهن حالتون انتهائي خراب هيون، تڏهن سنڌ جي نامياري دانشور سائين محمد ابراهيم جويي پڻ، سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئڻ سبب، پنهنجا ڪيترائي ليک ابن حيات پنهور جي نالي سان ڇپرايا هئا، جيڪي ليک هاڻ جويي صاحب جي ڪتاب ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ ۾ ان نوٽ سان گڏ شامل آهن ته اڳ ۾ ’هي مضمون ”ابن حيات پنهور“ جي نالي سان ڇپيا ويا هئا.‘
    ون يونٽ واري دور ۾ ون يونٽي غدار وڏيرن، ايوب کهڙي ۽ ٻين کي مخاطب ٿي لکيل ابن حيات پنهور جو نظم ”سنڌ جا سوداگر تو تي لعنت لک هزار“ اهڙن غدارن جون ننڊون ڦٽائيندو رهيو، اهو نظم هن ريت آهي:

    سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار،
    صديون گذريون ڪنهن نه ڪيو هي ذلت جو واپار.

    سوين سڪندر، قاسم ڪرڙا، احمد شاهه ابدالي،
    آيا ٺوڪر کائي هليا ويا، ويٺا ڪين ٿي والي،
    سنڌ سونهاري سالم رهندي، ڪامل آ اعتبار.
    سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.

    سيد، سامي سانڍي آهي، منهنجي مٺڙي ٻولي،
    پُٽ تون پاڻ سنڀالج، ماءُ ڏني اٿئي لولي،
    ڀؤڪو ڀٽائي جو ته ڪرين ها ڪيئن، ڪيئي اقرار؟
    سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.


    زال زبان زر ڪڏهن آهن مردن کان کسبا،
    سنڌي سورهيه سامهون ٿيندا، پوئتي ڪين پسبا،
    مرد مقابل ميدان ٿيندا نڪري ٿي نروار.
    سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.

    جيجل جيسين ساهه سسئيءَ ۾، تيسين تون آزاد،
    تنهنجا محبت وارا مِٺڙا ٻول سڀن کي ياد،
    مرد انهي هوند مري شل جيڪو ڪري انڪار.
    سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.

    ابن حيات پنهور محترم جي ايم سيد جي سنڌ متحده محاذ جو ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد ۾ آفيس سيڪريٽري به رهيو.
    ابن حيات پنهور ڪيترائي ڪتاب لکيا، سهيڙيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ ’پيئي جن پروڙ‘، ’توکي ساري ساهه‘، ’قوم ۽ قوميت‘، ’ڪروڙ پتي‘، ’چار داڻا‘، ’ماڻهو ۽ ڌرتي‘، ’قومي گيت‘، ’ون يونٽ ۽ متحده محاذ‘، ’پرهه ڦٽي‘، ’عدم ۽ عمل‘، ’ڀينر آءُ ڀُلياس‘، ’بدوي قومون‘، ’اڃان اڳاهون‘، ’سنڌي ادب ۽ اسانجا اديب‘ شامل آهن، تنهن کانسواءِ پاڻ تاريخ ڪلهوڙا جو سنڌيءَ ترجمو پڻ ڪيو اٿس.
    ابن حيات پنهور ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جي بانين منجهان به هو. 17 آڪٽومبر 1956ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ٿيل ”سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن“ ۾ ابن حيات پنهور جهمپير شاخ جي نمائندي جي حيثيت سان شريڪ ٿيو هو. ابن حيات پنهور کانسواءِ ’سنگت جهمپير‘ جا باقي ٽي نمائندا جماالدين ڪوهستاني، غلام مصطفيٰ ۽ محمد حسن هئا.
    هتي هڪ ستم ظريفي جي ڳالهه ڪجي ته بهتر. تازو سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ڇپيل ’انسائيڪلو پِيڊيا سنڌ يانا‘ جي پهرين ڀاڱي ۾ جڏهن ابن حيات پنهور جي انٽري ڏٺم ته اڻ پوري ۽ اڻ ڄاڻائي تي ٻڌل ملي. ٻيو ته ٺهيو، پر سندس ڪتابن جا مڪمل نالا به ڪونهي، سنڌي ادبي سنگت ۾ سندس ڪردار بابت به اڻ ڄاڻائي تي ٻڌل هي جملو لکيل مليو. ”.... ابن حيات پنهور سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي دور ۾ ابتدائي ميمبرن مان رهيو آهي.“ (ص 113).
    ابن حيات پنهور 13 جنوري 2003ع تي وفات ڪئي.
    مون مٿي عزيز سلام بخاري ۽ ابن حيات پنهور جو مختصر ذڪر ان ڪري ڪيو آهي ته جيئن قاسم پٿر جي مستقل جي زندگي ۽ جدوجهد کي انهن ٻنهي يگانن شخصن جي ڪردار جي پسمنظر ۾ ڏسي سگهجي، جن جو مٿس گهڻو اثر رهيو.
    قاسم پٿر پنهنجي ان فڪري استاد ۽ رفيق ’ابن حيات پنهور‘ کي سدائين عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ۽ ساڻس پنهنجي دلي وابستگيءَ جو ثبوت ’ابن حيات پنهور‘ لئبرري قائم ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنو، جنهن جو اڳتي هلي ڪن دوستن جي مدد سان ميرپور بٺوري ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي مٿان هڪ ڪمرو ٺهرايائين ۽ پهرين جولاءِ (ون يونٽ ٽٽڻ واري ڏينهن) 2006ع تي پنهنجي هڪ ٻي رفيق جناب نورالدين سرڪي جي هٿان افتتاح ڪرايائين.
    ابن حيات پنهور سان ان ملاقات ۽ پوءِ رفاقت ۽ عزيز سلام بخاري جي ساٿ، قاسم پٿر جهڙي غريب ۽ سادي شخص جي هڏ ڏوکي دل ۾ هن ظلم ۽ جبر تي ٻڌل نظام جي خلاف بغاوت ڪرائي، هن پنهنجي علائقي ۾ فقير عيسيٰ خواجي ۽ رئيس جمال خان لغاري جهڙن ظالم، جابر ۽ گبر وڏيرن جا هارين نارين ۽ ڪمين ڪاسبين تي ظلم ۽ انيڪ ڏاڍ ڏٺا هئا. انهن وڏيرن جي واتن مان نڪتل لفظ ”ڪُن“ يعني ’ٿي پئو‘ جي حيثيت رکندو هو. ٻيئي وڏيرا سدائين چڙهندڙ سج جا سلامي، آمريتن جا ساٿاري ۽ عوام لاءِ آزار رهيا. سندن اٽڪلون ۽ سازشون، عام ماڻهن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ ۽ مٿن حڪومت ڪرڻ واريون رهيون، رئيس جمال خان جي پهچ ۽ رسائي ايتري جو ملڪ جو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان به وٽس شڪار ڪرڻ جي لاءِ آيو، ته ٻي پاسي فقير عيسيٰ خواجو به گهٽ نه هو، قاسم پٿر چواڻي:
    ”..... سنڌ جي هوشيار وڏيرن جي نشاني عيسيٰ خواجو بٺوري ۾ موجود، ايوب شاهي جو دور، وري عيسيٰ جي گاڏيءَ تي دريءَ وٽ خوبصورت اکرن ۾ لکيل هجي ”فرينڊز ٽاٽ ماسٽرز “ ڀلا ڀائي ڇا ڪجي.

    سيٺ عيسيٰ خواجي جي مقامي راڄن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي طريقي جوذڪر ڪندي محترم اعجاز علي خواجي پنهنجي ڪتاب ”نيئر منهنجو نينهن“ ۾ هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي، جنهن مان عيسيٰ خواجي جي سازشي ذهن ۽ اٽڪلن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    ..... هڪڙو دلچسپ ۽ ياد رکڻ جهڙو واقعو ذهن تي تري آيو اٿم، جنهن مان سيٺ عيسيٰ جي طريقي ڪار جي خبر پوندي ته ڪڏهن ڪڏهن جبر سان ته ڪڏهن وري اسانجن غريب خواجن کي ڊيڄاري مٿن نفسياتي اثر وجهي کانئن پنهنجن آمرانه فيصلن تي هاڪار ڪرائيندو هو.
    مارچ 1967ع ۾ 12 محرم تي هن پنهنجي بنگلي تي خواجه جماعت جو هڪ ميڙ ڪوٺايو. سڀني ماڻهن کي چانهه جو ڪوپ پياري، ٿڌيون، مِٺيون، لهواريون اوڀاريون ڳالهيون ڪري پوءِ موصوف تقرير شروع ڪئي.
    توهانکي خبر آهي ته کٽي، ميمڻ، زنئور ۽ ٻي ڪابه قوم(i) توهانجي دوست ڪونهي. توهانجي قوم جا هزارين دشمن آهن، سڀ توهان جي رت جا پياسا آهن. توهانجي خلاف ڪيتريون ئي سازشون ٿي رهيون آهن، جن جي توهانکي ڪابه ڄاڻ ڪانهي، خواجن سان مقابلي لاءِ بٺوري جي آس پاس ۾ بم گولا ۽ٻيا هٿيار پيا ٺهن، جن جي توهانکي ڪابه خبر ڪانهي، انهيءَ باري ۾ مون گورنر ۽ صدر سان لکپڙهه به ڪئي آهي، مونکي خبر آهي ته آئون ڪهڙيءَ ريت انهن سڀني حرامي ماڻهن کي منهن ڏيئي رهيو آهيان، نه ته جيڪر اهي اوهانکي ڪچو کائي وڃن.
    توهين آهيو ڪيترا، تمام ٿورڙا، هڪڙي ننڍڙي قوم، ايترا جو آءٌ توهانکي جيڪر هڪڙِي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري تالو وجهي ڇڏيان ته ڪنهن کي خبر ئي ڪانه پوندي.
    اهو آهي سندس طريقه واردات.
    سيٺ عيسيٰ جي چهري تي گهاٽي فڪر ۽ دورانديشيءَ جا مصنوعي آثار نمايان، انهن سڀني حرڪتن ويٺلن تي ڪيترو نه متاثر ڪيو هوندو.

    پوءِ قاسم پٿر انهن وڏيرن سان هٿين پئجي ويو ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ لٿو ۽ پنهنجو ساٿ وڌائيندو ويو ۽ سنگت ساٿ سان گڏجي هارين کي وڏيرن جي ڇيڙن ۽ بيگرن ۽ ٻين انيائن کان بچائڻ لاءِ کين منظم ڪرڻ ۽ منجهن پنهنجن حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ لڳو.
    قاسم پٿر جي ان جدوجهد جو ذڪر ڪندي، سندس هڪ دوست ۽ ساٿي پرويز پنهنجي آتم ڪهاڻي ”پيهي جان پاڻ ۾“ لکي ٿو.
    .... ان گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پٿر سنڌيءَ پنهنجا دوست ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ مزاحمتي جنگ جو اعلان ڪيو. قاسم پٿر جنهن جي خلاف ڪافر، دهريو، ڦريل ۽ ڪميونسٽ هجڻ جي پروپيگنڊه جا تير وڏڦڙي وانگر هر طرف کان وسي رهيا هجن، اُڀري سامهون آيو. پٿر سڀ کان پهريائين ڪوشش ڪري فقير عيسيٰ جي خاص راڄن چانگن، زئورن، رنگيجن، سوهن ۽ لُنڊن مان سندس مکيه ماڻهو چورائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ انهيءَ بنهه اڙانگي ۽ خطرناڪ ڪم ۾ هو ڪامياب ويو. زئنورن مان پنهون زئنور مرحوم، زنگيزن مان محمد حسن عرف زٽو زنگيزو مرحوم، لُنڊن مان شير خان لُنڊ، سوهن مان اسماعيل سوهو ۽ چانگن مان احمد چانگ مرحوم، اسماعيل چانگ، مٺو چانگ، مرحوم ڪمال چانگ ۽ زئورن مان ڇٽو زئور سان ياري رکيائين، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان فقير صاحب جا ويجها ماڻهو سمجهيا ويندا هئا. اهڙي طرح فقير عيسيٰ جي حڪمراني ۾ ڏار پوڻ لڳا ۽ پٿر سنڌي ۽ سندس دوستن جي قوت وڌڻ لڳي. انهيءَ دوبدو جنگ دوران ڪيترائي اهڙا مرحلا آيا، جڏهن پٿر سميت سندس ڪيترن ئي سياٿين سان جهيڙا ٿيا. ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا. ڪيترائي ڀيرا جيل وڃڻو پيو. پر چري ڪيئن؟ چي ويران وير وڌو جي مصداق پٿر جي ساٿين ۾ واڌارو ٿيندو رهيو.
    پوءِ اهي جدوجهدون ايتريون ته وڌيون، جو ميرپور بٺورو سنڌ جو ويٽنام سڏجڻ لڳو. اهڙيون ڳالهيون وڏيرن ۽ انهن جي حوارين کان ڪٿي ٿي سَٺيون. قاسم ۽ سندس سنگت جونالو ٻُڌڻ سان ئي هنن جي اکين ۾ رت مِڙي ٿي آيو ۽ قاسم وري انهن وڏيرن پاران هلائن، سازشن، حملن ۽ هڪلن جي باوجود به ان عظيم سٿ جو ساٿي بنيو بيٺو رهيو ۽ ويو اُن کي وڌائيندو. هڪ اهڙو سٿ جنهن لاءِ شاهه لطيف جو هي بيت ٺهڪي ٿو اچي.
    هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ اي مانجهائين مرڪ
    وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾.
    اهڙي سٿ لاءِ جيڪڏهن اردو جو هي شعر لکان ته به وڌاءُ نه ٿيندو.
    تزئين ڪائنات ڪا باعث وھي بنڳ
    دنيا سڳ اختلاف ڪي جرات جنھوڻ نڳ ڪي.
    ۽ نتيجي ۾ جيل ته قاسم پٿر جو ٻيو گهر بنجي ويو ۽ اهو مشهور ٿي ويو ته ”جيل ته قاسم پٿر ڄڻ ٻولي کنيا آهن.“


    قاسم پٿر قومي مسئلن کان لاتعلق نه رهيو

    طبقاتي جدوجهد ڪندي به قاسم پٿر قومي مسئلن کان لاتعلق نه رهيو. اُن وقت سنڌ ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هئي ۽ سندس الڳ وجود مغربي پاڪستان ۾ ختم ڪيو ويو هو ۽ سنڌ ”اڳوڻي سنڌ“ سڏجڻ لڳي. سنڌ جو نالو وٺڻ ۽ لکڻ ڄڻ عظيم گناهه ۽ شرڪ هو. تڏهن ته اياز چيو، ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.“ سنڌ جا سڀ وسيلا اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي هئا ۽ هيڏانهن هندستان مان ورهاڱي کانپوءِ لڏي ايندڙ اسانجا اردو ڳالهائيندڙ مسلمان ڀائر انهيءَ ڦر لٽ ۾ نه رڳو ساڻس ٻٽ، پر انهن کان به اڳرا هئا. ڪميونسٽ پارٽي انڊر گرائونڊ هئي ۽ سڀ ڪامريڊ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جي پليٽ فارم تي گڏ هئا. پر نعپ ۾ حاوي امپورٽيڊ ڪامريڊ لڏو قومي مسئلي کان يا ته لاتعلق رهندو هو، يا وري قومي مسئلي کي ’سنده ڪي بڊيرو ڪا مسئله‘ چئي لنوائيندا ۽ ڪن ٽار ڪندي اڻ چٽا رهندا هئا. قاسم پٿر نعپ جي سنڌ ڪميٽي جوميمبر هو ۽ پنهنجي ٻين ساٿين رسول بخش پليجي، ۽ حفيظ قريشي سان گڏ ڪامريڊن سان بحث مباحثو ڪندو رهيو ۽ قاسم جو موقف هو ته، ”اسانجومسئلو سنڌ جي آزاديءَ سميت پنهنجا سمورا تاريخي حق حاصل ڪرڻ کانسواءِ حل نه ٿيندو. سنڌ جي آزادي اسانجو حق آهي.“ معاملو نيٺ اُتي وڃي پهتو، جو اهي سڀ يار قومي مسئلي تي نعپ کان ڌار ٿي ويا، ۽ انهن دوستن گڏجي 1968ع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ ٺاهي ۽ قاسم پٿر ان جي باني اڳواڻن مان هو. جنهن ڳالهه جو ذڪرڪندي قاسم پٿر هڪ هنڌ لکيو:
    ”اسان ورڪر جيڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ڪم ڪندا هئاسين انهن جو اهو پڪو ويساهه هو ته نيشنلزم هڪ نظريو آهي، قومن کي آزاد ٿيڻ جو حق آهي، مثال، اسان بنگالين جي ڇهن پوائنٽن جي حمايت ڪئي، پارٽيءَ ۾ ڦوٽ پئي، جنهن مان سنڌي عوامي تحريڪ پارٽي ٺهي.“
    قاسم پٿر سڄي زندگي قومي مسئلي تي چٽو رهيو، هن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي ٻن پور وڇوٽ ليڪن جيان هلائڻ ٿي چاهيو، هن جي نظر ۾ سنڌ جي سڀني معدني توڙي ٻين قدرتي وسيلن جي مالڪ سنڌي قوم ئي آهي، هو سوشلزم جو قائل هو ۽ امپورٽيڊ ڪامريدن جيان ان ڳالهه جو قائل نه هو ته سوشلزم اچڻ سان سڀ مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا. هن جو خيال هو ته قومي مسئلي تي چٽائي سان نه رڳو جدوجهد کي سگهه ملندي، پر قومي مسئلي تي چٽائي قومي آزادي ۽ سوشلزم ڏانهن سفر کي سولو ڪرڻ جوسبب بنجندي. هو پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مزدورن جي سياست جي طور طريقي، پاليسي ۽ هنن پاران ننڍن ننڍن ۽ خسيس مفادن لاءِ مطالبا ڪرڻ کي غلط سمجهندو هو، سندس موقف هو ته:
    پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ مزدور سياست ۾ ڀڃ ڊاهه، مزدورن جي سياست ۽ مزدورن ۾ پيدا ٿيل ڪرپشن جو نتيجو آهي، جڏهن ٽريڊ يونين جا اڳواڻ، پنهنجن ادارن ۾ اهو مطالبو ڪن ته انهن ڪارخانن ۾ صرف سندن اولاد جو حق آهي. اُتي مزدورن ۾ نسل پرستيءَ وارا لاڙا جنم وٺن ٿا. اهي مزدور ٻين ماڻهن لاءِ ڪارخاني جا دروازا ڇو ٿا بند ڪن. انهن کي گهرجي ته اِهو آواز بلند ڪن ته بند پيل ڪارخانا کوليا وڃن.... نوان ڪارخانا لڳايا وڃن، نه ڪي پاڻ کي محدود ڪري، نسل پرستي وارو ڪردار ادا ڪن. 1
    ڪن دوستن جو خيال هو ته قاسم سوشلزم جو قائل نه هو. ان سلسلي ۾ قاسم جا هي لفظ سندس نظريي جي چٽائي ڪن ٿا.
    ..... اسان آزادي حاصل ڪري سنڌ ۾ سوشلزم نافذ ڪنداسون، اوهانکي انهيءَ لاءِ شعوري جدوجهد ڪرڻي آهي....2
    قاسم پٿر ’سنڌي عوام تحريڪ‘ جي ڪيترن ئي ظاهري توڙي ڳجهن ادارن / سيلن جو ميمبر به رهيو. ۽ جڏهن ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جو ترجمان پرچو ماهوار ”تحريڪ“ جاري ٿيو ته قاسم پٿر ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.
    سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد ”فڪرِ مائوزيتنگ“ تي رکيل هو. جنهن چيني انقلاب ۾ هارين کي هر اول دستي جي حيثيت ڏني ۽ اشتراڪيت جي فلسفي کي هڪ نئين تجربي مان گذاري چيني انقلاب آندو. سنڌ ۾ به هارين جي گهڻائي آهي، جيڪا وڏيرن ۽ انهن جي لاٺڙين جي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهي. سنڌي عوامي تحريڪ جو موقف هو ته سنڌ ۾ مزدور طبقو (پرولتاريه)، سو به سنڌي نه هئڻ جي برابر آهي. تنهنڪري انقلاب ۾ هاري ئي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چيني انقلاب کانپوءِ سويت يونين ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽين ۾ بد قسمتيءَ سان اختلاف شروع ٿيا، جنهن ڪري سڄي دنيا جون کاٻي ڌر جون پارٽيون ۽ سوشلسٽ بلاڪ ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل هو، هڪڙا پرو روسي ۽ ٻيا پرو چيني، نعپ ۾ به مولانا ڀاشاني پرو چيني هو ته ولي خان پرو روسي.
    ان وقت ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ۽ هاري ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وڏيون جدوجهدون هلايون ويون، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ويئي، ۽ مقامي دلال وڏيرن ۽ نوڪر شاهي جي خلاف جيڪي سوڀون ماڻيون ويون، سنڌي ۾ ڪو ليکڪ لکڻ چاهي ها ته شاندار ناول لکجي وڃن ها، جيئن روسي ۽ چيني انقلاب جي دوران لکيا ويا. جهڙوڪ: نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ، چمڪندڙ تارو، چراغ جلتا رها، قافله شهيدون ڪا، دارو رسن ڪي آزمائش، مان، جب ڌرتي جاگي، اور ڊان بهتا رها، پهاڙون ڪي بيٽي، نوجوانون ڪا گيت جهڙا شاهڪار ناول ۽ يقينن شير خان لنڊ، ابوبڪر لنڊ، سيد اڪبر، پرويز، علي سوڍو، ساٿي جبل، ابو ملاح ۽ ٻيا انيڪ سنڌي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ، انهن ناولن جا ڪردار هجن ها.
    قاسم پٿر ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جي پليٽ فارم تان هارين ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجي سڄي سگهه انهن کي منظم ڪرڻ ۽ منجهن قومي ۽ انقلابي سوچ ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳو. قاسم سڄي سنڌ ۾ اهو نعرو کڻي نڪتو ۽ جهر جهنگ جاڳيو، هن ڪيترا ئي نوان ورڪر ۽ ساٿي پيدا ڪيا، جن نه رڳو اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو، پر چوٽان چوٽ جدوجهدون ڪيون. انهن ۾ سيّد اڪبر، علي محمد ’پرويز‘، شيرخان لنڊ، سائين محمد يوسف ڪيڙانو، مرحوم نجم ميمڻ، اعجاز خواجه، اسماعيل سوهو، صوفي حضور بخش، يار محمد جلالاڻي، بچل ملاح، مگهن لال شرما، زٽوز نگيزو، غلام حسين شورو، مٺو چانگ، راهو چانگ، علي محمد سوڍو، رسول بخش ڏيٿو عرف ساٿي جبل، پنهون زنئور، حمزو ملاح، ڇٽو زنئور، گلو زنگيزو، ڊاڪٽر قمر ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا نالا آهن، جن تي قاسم، پٿر جو سڌي يا اڻ سڌي طرح اثر رهيو ۽ انهن مان گهڻن سياسي حوالي سان قاسم پٿر کي سدائين پنهنجو سياسي اُستاد ڪري سمجهيو.


    10 فيبروري 2008ع تي ميرپور بٺوري ۾ قاسم پٿر جي چاليهي واري تقريب ۾ قاسم جي ياد ۾ شايع ڪرايل ڪتاب ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“ ۾ ڪتاب جي مرتب مختلف ماڻهن جا نالا کڻي لکيو آهي ته، ”لاڙ واري خطي ۾ فلاڻا فلاڻا ماڻهو پاڻ ملهائي قاسم وانگر مثال بنجي ويا.“ پر سچ اهو آهي ته مرتب جي ڄاڻايل اڪثر نالن مان ڪي نالا وقت ۽ حالتن هٿان خاموش ٿي ويا، ته ڪي وري مختلف وهڪرن ۾ لڙهي موقعي پرستي ۽ مصلحت پسندي جو شڪار ٿي، پنهنجي ڪردار کي داغدار ڪري ويا. پر قاسم سياسي حوالي سان نه ٿڙيو نه ٿاٻڙيو، اُن ڪري اهي نالا قاسم پٿر جي اڳيان جيتامڙا ئي بنيل رهيا. هو ڀلي کڻي سماجي حيثيت ۾ قاسم کان مٿڀرا هجن، پر قاسم جي جدوجهد جي اڳيان، همت ۽ ڪمٽمينٽ جي اڳيان، هنن جو قد ماپبو ته لڀندا ئي ڪونه، ان حوالي سان قاسم پٿر بي شڪ وڏو ماڻهون هو.
    1974ع ۾ قاسم پٿر جا سنڌي عوامي تحريڪ کان رستا ڌار ٿي ويا ۽ قاسم پٿر کي سنڌي عوامي تحريڪ مان ڪڍيو ويو. جڏهن قاسم کي سنڌي عوامي تحريڪ مان خارج ڪيو ويو ته ڪجهه دوستن احتجاج طور سنڌي عوامي تحريڪ ڇڏي ڏني. 1978ع ۾ قاسم پنهنجو ڌار سياسي گروپ ”سنڌ نئشنل ڪانگريس“ جوڙيو ۽ وفات کان ڪجهه سال اڳ، ان گروپ کي ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ ضم ڪري ڇڏيائين. مون هڪ ڀيري قاسم کان پڇيو ته، ”اوهان سنڌ نيشنل ڪانگريس کي باقاعده تنظيم ڪري ڇو نه هلايو،“ ته جواب ۾ وراڻيائين، ”اسانجو مقصد ڪا نئين پارٽي ٺاهڻ نه پر فقط اهو هو ته ڇڙوڇڙ قومي ڪارڪنن کي هڪ هنڌ گڏ ڪجي... جيئن هو وکرڻ ۽ مايوس ٿيڻ کان بچن.“
    سنڌ نيشنل ڪانگريس جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ ڇهه ڄڻا هئا ۽ آخر تائين اهي ئي ميمبر رهيا، انهن ۾ پهريون خود قاسم پٿر... ٻيو لکو مل، جيڪو پهرين سنڌ يونيورسٽي ۾ اُستاد هو ۽ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ جي لاءِ انگلنڊ ويو ته وري نه موٽيو. انگلنڊ ۾ هو ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۾ سرگرم رهيو ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. ٽيون لال سنڌي، جيڪو پهرين انجنيئر هو. مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار به ٿيو. لال سنڌي، شاگردي واري زماني ۾ 1983ع جي ايم . آر . ڊي جي تحريڪ ۾ جيل به ويو. هينئر هو دبئي ۾ سيٽل آهي. ۽ هاڻ ’لال چند لوهاڻا‘ جي نالي اُتي پنهنجو وڏو ڪارو بار ڄمايو اٿس ۽ تمام وڏو ماڻهو ٿي ويو آهي، 18 فيبروري 2008ع وارين چونڊن ۾ کيس پ پ پ طرفان سنڌ اسيمبلي جي لاءِ اقليتن جي مخصوص سيٽن مان هڪ تي ٽڪيٽ ڏني ويئي ۽ هو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به رهيو. لکو مل ۽ لال ٻيئي قاسم کي ’ماما‘ چئي سڏيندا هئا ۽ قاسم به انهن جو ذڪر سدائين سٺن لفظن ۾ ڪندو هو. چوٿون ميمبر عمر خشڪ هو. جيڪو ڪراچي ۾ ڪي اي سي ۾ چيف انجنيئر هيو. عمر خشڪ، ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد ”مالڪ خشڪ“ جو وڏو ڀاءُ آهي. عمر خشڪ سان هڪ ڀيرو 14 آگسٽ 2006ع تي ٺٽي ۾ قاسم پٿر جي هڪ دوست انجنيئر الهه اوڀائي خشڪ وٽ ملاقات ٿي هئي. جڏهن آئون ۽ ڪجهه ٻيا دوست، قاسم پٿر سان گڏ کيس بيمار هئڻ سبب پڇڻ ويا هئاسين، قاسم ٻڌايو ته عمر خشڪ ڪنهن زماني ۾ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ جي ’غدار مارڪميٽي“ جو اڳواڻ هو. سنگت کيس ”جنرل عمر“ سڏيندي هئي. قاسم پٿر جون جڏهن سنڌي عوامي تحريڪ کان راهون جدا ٿيون ته، عمر خشڪ تي اها ذميداري رکي ويئي ته هو موقعو ملندي ئي قاسم پٿر کي ”هلائي“ ڇڏي. پوءِ جڏهن هنن جون پاڻ ۾ ميل ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون ته عمر خشڪ قاسم جي ويجهن دوستن ۾ ڳڻجڻ لڳو ۽ عوامي تحريڪ کان به الڳ ٿي ويو. اُن ڪچهري ۾ اسين رڳو ”ڪَن“ هئاسين، قاسم پٿر ۽ عمر خشڪ وات. عمر خشڪ مونکي ڪافي پڙهيل ۽ سمجهدار لڳو، هن سنڌ جي قومپرستن جي پاليسين تي ڇتي تنقيد ڪندي 1983ع ۾ ايم . آر . ڊي جي تحريڪ هلندي جنرل ضياء الحق پاران، سائين جي ايم سيّد جي ملاقات لاءِ اچڻ ۽ سيّد پاران ساڻس ملڻ ۽ کيس شريف النفس چوڻ کي به غلط چئي، سخت تنقيد پي ڪئي. عمر خشڪ جي اردو ڳالهائيندڙن جي باري ۾ راءِ هئي ته: هو سڀ فاشسٽ خيالن وارا آهن، اڳ هو مولانا شاهه احمد نوراني ۽ جماعت اسلامي جهڙين رجعت پسند تنظيمن سان سلهاڙيل هئا ۽ هاڻ وري ايم . ڪيو . ايم جهڙي فاشسٽ تنظيم جا حمايتي بنيل آهن. هُنن ڪڏهن به پاڻ کي هن ڌرتيءَ يا ڌرتي ڌڻين سان ناهي سلهاڙيو، پر پاڻ انهن کي نيچ ۽ حقير سمجهندا رهيا آهن. البت عمر خشڪ، مرحوم ڊاڪٽر جي ايم مهڪري ۽ اردو دانشورن جي هڪ ننڍي حلقي کي عام اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کان ڌار پي سمجهيو. جيتوڻيڪ ڪن ڳالهين ۾ آئون عمر خشڪ سان سهمت به هئس، پر اُتي اهو چوڻ تي مجبور ٿيس (۽ اڄ به ان راءِ تي قائم آهيان) ته سنڌ جي قومپرستن ۽ قومپرست پاٽين کي اردو ڳالهائيندڙن جي اشوء کي وڌائڻ نه گهرجي ۽ هر ممڪن طريقي سان اهو دٻائڻ، مصلحت ۽ دور انديشيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي.
    عمر خشڪ پهريون شخص هو، جنهن جي اڳيان قاسم بحث ۾ ڳالهائي نه پي سگهيو. نه ته اسان جهڙن تي ته قاسم جي اک ئي نه ٻُڏندي هئي. واپس ورڻ مهل مون اها ڳالهه قاسم پٿر کي شرارتي لهجي ۾ چئي، جيڪا هن کِلي ٽاري ڇڏي.
    آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو پنجون ميمبر صوفي حضور بخش هو. جيڪو قاسم پٿر سان گڏ ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شامل ٿيو. صوفي حضو بخش جا ٻه ڪتاب ”صوفي شاهه عنايت شهيد“ ۽ ”قومي خود مختياري ۽ پليجو“ ڇپيل آهن. ڇهين دوست جو نالو قاسم، محمد خان خاصخيلي ٻُڌايو. جيڪو گذاري ويل آهي. قاسم پٿر جي وري انهن دوستن سان اهڙي ته دل هئي، جو جڏهن هن بٺوري ۾ پنهنجي ماڙيءَ تي ”ابن حيات پنهور“ لئبرريءَ لاءِ ڪنهن دوست (شايد انجنيئر الهه اوڀائي خشڪ) جي مدد سان هڪ ڪمرو ٺهرايو ته ان جي افتتاح واري پٿر تي مٿين سڀني دوستن جا نالا به لکرايا. ان افتتاح واري پٿر تي هڪ نالو ريشمان ميمڻ جو به آهي، جيڪا قاسم پٿر جي ننڍي نياڻي آهي، قاسم پٿر کي ٻه نياڻيون ٿيون، روشن ۽ ريشمان. کيس پُٽ جو اولاد نه هو ۽ قاسم انهن نياڻين کي پٽن وانگر ئي پاليو ۽ سمجهيو.


    قاسم پٿر سنڌ جي سياست ۾ قومپرست ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. پهرين پهرين سنڌ ۾ راڄوڻي اتحاد قائم ڪرايائين. جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ (چيئرمن عبدالواحد آريسر) سنڌ ساگر پارٽي (عزيز الله ٻوهيو) جميعت العلماءِ سنڌ (حافظ محمد صديق ميمڻ) سنڌ دوست انقلابي تنظيم (ادريس چانڊيو) سنڌ انقلابي تحريڪ (حيدر جويو) ۽ سنڌ نيشنل ڪانگريس (قاسم پٿر) شامل هئا. ان اتحاد پاران سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ ننڍيون وڏيون ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
    1988ع ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي رهبريءَ ۾ ٺهندڙ ”سنڌ قومي اتحاد“ ٺهرائڻ ۾ به قاسم پٿر سرگرميءَ سان حصو ورتو، سنڌ قومي اتحاد جو ٻيو اجلاس ”ٻيٽو جتوئي“ ۾ ٿيو، جنهن ۾ اتحاد جا عهديدار چونڊيا ويا ته قاسم پٿر کي اتحاد جو خزانچي ۽ رئيس عبدالحميد جتوئي کي چيئرمن چونديو ويو.
    قاسم پٿر گهڻو عرصو هاري محاذ تي ڪم ڪيو ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جو 1981ع ۾ سيڪريٽري به رهيو ۽ ان محاذ تان ’سنڌ هاري پبليڪيشن‘ جي سري هيٺ ڪجهه ڪتابڙا به ڇپرايائين. انهن مان هڪ ڪامريڊ روچي رام جو لکيل ”سنڌ ٽينسي ايڪٽ 1950ع“ به آهي. ان جي ڇپائي جو مقصد بيان ڪندي پنهنجي پاران ۾ ”پٿر سنڌي“ لکي ٿو:
    ”...... موجوده وقت سنڌ ۾ هارين سان غير قانوني ڪاروايون، وڏيرن جي ڌڙڪن ته، هاڻ اڳيون دور نه آهي، اسان ٻج نه ڏينداسون، بي دخل ٿيڻون پوندوَ وغيرهه، سنڌ هاري ڪاميٽي لاءِ نئون مسئلو پيدا ڪيو، تنهنڪري لاچار ٿي 1950ع ۾ پاس ٿيل ٽينسي ائڪٽ ۽ 1972ع ۾ مارشلا ريگيوليشن نمبر 115 پئراگراف نمبر 25 سنڌي ۾ ڇپائڻ جو فيصلو ڪيوسين...“
    قاسم پٿر جيئن ته بنيادي طور هاري ورڪر هو، تنهنڪري وٽس هارين جي حقن جي وڏي اهميت رهي ۽ کيس جڏهن به ۽ جت به موقعو مليو، اُت هارين جو ڪيس رکڻ کان نه ڪيٻايائين، سنڌ راڄوڻي اتحاد جي پنجين گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي تقرير ۾ پڻ قومپرست ڌرين جو ڌيان هارين جي حقن ڏانهن ڏياريندي، هن ريت خيالن جو اظهار ڪيائين.
    ”..... مونکي 1954ع کان وٺي سنڌ جي هن ڌرتيءَ تي مختلف تنظيمن سان ڪم ڪرڻ جو واسطو پيو آهي، پر منهنجو بنيادي لاڙو ۽ واسطو هاري طبقي سان رهيو آهي، ان ڪري ڪم جا گهڻا موقعا هارين ۾ ئي مليا آهن.... هارين جي حوالي سان آئون قومپرستن کي هڪڙو عرض ڪندس ته سنڌ جي هاريءَ سان موجودهه هلندڙ جيڪي قانون آهن، ان موجب برتاءُ ڪيون ۽ انهن سان زيادتي ڇڏيون، ان سان ظلم نه ڪريون، ڇو ته هو به ويڙهه ۾ اسانجو ساٿاري آهي.“
    قاسم پٿر مختلف وقتن تي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف هاري گروپن کي به هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، قاسم جو خيال هوندو هو ته: هارين جا مسئلا ساڳيا ئي آهن ۽ سڀني هاري پارٽين کي گڏجي هڪ سگهاري هاري ڪاميٽي ٺاهڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ 1980ع ۾ مختلف هاري ڪميٽين ۽ ورڪرن جو اجلاس ڪوٺايو ويو ۽ هاري ڪميٽيءَ جي مرڪزي تنظيم سازي ڪئي ويئي، پر اهو گڏيل پليٽ فارم هلي نه سگهيو ۽ جلدئي اهو اتحاد ٽٽي ويو، سبب هاري ڪاميٽي جي عهديدارن جي واڳ ڪجهه ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ هئڻ ئي چئي سگهجي ٿو.


    قاسم پٿر جي ادبي ۽ سياسي ڪردار جي ڀيٽ

    قاسم پٿر جي ادبي ڪردار جي ڀيٽ ۾، سياسي ڪردار وڌيڪ اُڀريل آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ادب جي ڀيٽ ۾ سياست قاسم پٿر جي لاءِ ڪُل وقتي ڪم هو. پر اُن هوندي به قاسم جي ادبي ڪم ۽ ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
    ابن حيات پنهور سان ملاقات ۽ متاثر ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ قاسم ۽ ڪجهه ٻين دوستن گڏجي ميرپور بٺوري ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ قائم ڪئي. ٻين دوستن ۾ قاسم جو ويجهو دوست ۽ هندستان مان لڏي ايندڙ اردو ڳالهائيندڙ سيّد قمرالحسن، عبدالرحمٰن ڪاٺيارو ۽ عبدالله رنگريز جا نالا اهم آهن. عبدالله رنگريز، ميرپور بٺوري ۾ اخباري هاڪر ۽ مختلف اخبارن جو نمائندو به رهيو. هن پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي مختصر ’آتم ڪهاڻي‘ به لکي، جيڪا منهنجي ادارت ۾ نڪرندڙ ’سنجها‘ مخزن جي ٽي پرچي ۾ ڇپي. پوءِ جڏهن 17 آڪٽومبر 1956ع تي، سنڌ مدرسي ڪراچي ۾، سڄي سنڌ جي ادبي سنگتن کي گڏي ’مرڪزي سنگت‘ ٺاهي ويئي ته مٿيان چارئي ڄڻا ’سنڌي ادبي سنگت، ميرپور بٺوري‘ جي نمائندن جي حيثيت سان ان گڏيل ’سنگت‘ ٺاهڻ واري اجلاس ۾ پڻ شريڪ ٿيا، جنهن جو ذڪر عبدالله رنگريز پنهنجي يادگيرين ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
    ”هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ حيدرآباد دکن مان لڏي ايندڙن مان هڪ شخص سيّد قمرالحسن، ميرپور بٺوري جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪمپائونڊر ٿي آيو. هن کي سنڌي لکڻ ۽ سکڻ جو شوق هو. هن جي دوستي پهرين صديق ميمڻ ترائي واري سان ٿي، جيڪو بدقسمتيءَ سان اڻ پڙهيل هو. پوءِ وري ڪاٺوڙ مان آيل محمد قاسم ميمڻ سان ٿي، جيڪو درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ سنڌي جا ٻه ٽي درجا پڙهيل هو، پوءِ قاسم جي معرفت سنڌين سان تعلقات ٺاهي سنڌي سکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ لڳو. انهيءَ غير سنڌيءَ جي ڪوشش سان ميرپور بٺوري ۾ سنڌي ادبي سنگت 1952ع ۾ قائم ٿي، جنهن ۾ سيّد قمرالحسن، محمد قاسم ميمڻ، عبدالرحمٰن ڪاٺيارو، محمد اسحاق ميمڻ ۽ آئون هئاسين. جيئن ته ان وقت سڄي سنڌ ۾، ادبي سنگت جا عليحده عليحده يونٽ ڪم ڪري رهيا هئا، تنهنڪري وڏن اديبن کي خيال آيو ته ڇڙو ڇڙ ادبي سنگتن کي گڏي هڪ مرڪزي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو بنياد رکجي. ڇڙو ڇڙ يونٽن کي مرڪز جون برانچون بنائي منظم نموني ڪم هلائجي. ان لاءِ ڪراچي جي اياز قادريءَ، سنڌ سان چاهت رکندڙ هڪ هنڌو (جنهن جو نالو دل تان لهي ويو آهي) جي ڪوششن سان سڄي سنڌ جي ادبي سنگتن کي پنهنجا چار چار نمائندا مرڪزي سنگت ٺاهڻ لاءِ موڪلڻ جو سڏ ڏنو. اهڙو ٽه روزه سڏ ”سنڌ مدرسه“ ڪراچي ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ لاءِ جاري ٿيو. ٺٽي ضلعي ۾ صرف ميرپور بٺوري ۾ سنڌي ادبي سنگت(1) جو قيام عمل ۾ آيو. ان ڪري ٺٽي ضلعي مان صرف ميرپور بٺوري جي سنگت ئي پنهنجا چار نمائندا باقاعده سنگت جي گڏجاڻي ڪري، منتخب ڪري موڪليا. جن ۾ مون کانسواءِ عبدالرحمٰن ڪاٺيارو، قاسم ميمڻ (جنهن بعد ۾ پنهنجو تخلص پٿر رکيو) ۽ سيّد قمرالحسن شامل هئاسون....“
    سنڌي ادبي سنگت جي اُن اجلاس جي ساروڻين جو ذڪر قاسم پٿر هن ريت ڪيو آهي:
    ”...... 56-1955ع جي زماني ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت سرگرم ٿي پئي، تڏهن اسانکي اخبار رستي ڪوٺ ملي هئي ته ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ گڏ ٿيون. ان وقت سرگرم چهرا موتيرام راموڻي، نورالدين سرڪي، حفيظ شيخ، اياز قادري، احسان بدوي نظر آيا هئا. ان اجلاس بعد چونڊون ٿيون ان بعد اديب دوستن سان ملندا رهندا هئاسون. واقفيت وڌڻ ڪري، حيدراباد اچڻ ٿيندو هو. ادبي بورڊ (تلڪ چاڙهي تي) ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري (جيڪو ان زماني ۾ شايد ڪلارڪ هو) سان چانهه جو ڪوپ پيئندا هئاسون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. اهڙي طرح اسانجي پرورش ٿيندي رهي، اسان ان ادبي پليٽ فارم تان شعور پرائيندي سکندي ۽ وڌندي، سنڌ جي سياست ڏانهن وياسين. اُن شعور جي ڪري اسان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي پيڙيل مظلوم طبقي، هاريءَ جي مصيبتن جو اندازو لڳائي، هاري سياست سکي، اقتصاديات کي سمجهيوسون، سڄي برِصغير ۾ جيڪي تحريڪون هليون پئي، انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي نموني ادبي پليٽ فارم تان محسوس ٿيو ته سنڌ جا سياسي ڪارڪن جُڙي ٺهي، پنهنجي وطن جي خذمت ڪري سگهن ٿا....“
    قاسم پٿر جو سنڌي ادبي سنگت سان اهو رشتو ۽ لاڳاپو ڪڏهن به نه ٽٽو.... پاڻ س . ا . س ميرپور بٺوري (شاخ) سان وابسته رهڻ سان گڏ وقت ضرورت سنڌ سنگت ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. 1988ع ۾ جڏهن محترم تاج جويو سنگت جو سيڪريٽري جنرل هو ۽ مٿس سنگت کي ’جيئي سنڌ محاذ‘ جو ذيلي فرنٽ ڪري هلائڻ سبب، آڱريون کڄڻ لڳيون ۽ محترم رسول بخش پليجي ته مختلف جلسن ۾ تقريرن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو ته ”سنڌي ادبي سنگت يرغمال ٿي ويئي آهي، تنهن کي آزاد ٿيڻ گهرجي.“ ته اهو خدشو پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ته متان سنڌي ادبي سنگت گروپن ۾ نه ورهائجي وڃي.... اها ڳالهه نظر ۾ رکندي، تاج جويي جي دوستن، وقتي طور تي تاج جويي کي پٺتي هٽائڻ ۽ ڪنهن مناسب، غير تڪراري ۽ وچٿري ماڻهوءَ کي اڳيان آڻڻ جو فيصلو ڪيو ته قاسم پٿر جي تجويز تي محترم غلام حسين رنگريز کي اڳتي آڻي، کيس اها ذميداري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ۽ محترم غلام حسين رنگريز کي اهو عهدو قبولڻ تي راضي ڪرڻ جي لاءِ به قاسم پٿر ئي گهڻي ڪوشش ورتي. جنهن ڳالهه جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
    ”..... پٿر جي ئي خواهش ۽ ڪوششن سان عبدالواحد آريسر، محمد هاشم کوسي، خالق جوڻيجي ۽ تاج جويي، سنڌي ادبي سنگت کي بحراني صورتحال مان ڪڍڻ واسطي، مونکي موزون ماڻهو سمجهي، مون تي پاڻ خود، سيّد اڪبر ۽ مٿين ٻين دوستن زور ڀريو ته آئون سيڪريٽري جنرل ٿي سنگت کي سنڀاليان.....“
    قاسم پٿر سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن مان هو ۽ آئون جڏهن سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيس ته مون سندس مٿين ڪردار ۽ حيثيت کي نظر ۾ رکندي ’سنگت مرڪز‘ پاران، کيس مڃتا ڏيڻ واسطي ”سنڌ سنگت قاسم پٿر کاهوڙي ايوارڊ“ جاري ڪيو، جيڪو ٻيئي سال سنگت جي بهترين کاهوڙي ورڪر کي ڏنو ويو.


    جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته قاسم پٿر ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جي ترجمان پرچي ’تحريڪ‘ جو ايڊيٽر به رهيو. قاسم چواڻي ته هو فقط نالي ۾ ايڊيٽر هو. باقي سڄي پرچي جو مواد، وغيرهه جي سيٽنگ ٻيا ڪندا هئا ۽ ايڊيٽوريل محترم رسول بخش پليجو لکندو هو. ان پرچي ۾ مختلف وقتن تي قاسم جون ڪيتريون ئي ننڍيون ڪهاڻيون ڇپيون.
    پٿر جي ڪريڊٽ تي ”ساڻيهه“ ڪتابي سلسلو پڻ آهي. جنهن جو ايڊيٽر / مرتب پڻ پاڻ ئي هو.
    مون وٽ ان ڪتابي سلسلي جو ٻيو پرچو محفوظ آهي، جنهن جو ٽائيٽل ساڌو ۽ ان جي هيٺان ڀٽائي سائين جي هيٺينءَ بيت جي صورت ۾ پنهنجي پڙهندڙن کي پيغام ڏنل آهي.
    سُکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
    ڪتابي سلسلي جي ان ٻي پرچي جا ڊيمي سائيز ۾ ڪُل 56 صفحا آهن، ۽ صفحي نمبر 37هين کان ’جيولس فيوچڪ‘ جي جيل ڊائري ”سوريءَ جنين سيج“ جي نالي سان ترجمو ڪري ڏني ويئي آهي، جنهن جو مترجم ’نور خان بلوچ‘ ڄاڻايل آهي. قاسم پٿر جي وفات کانپوءِ اخبارن ۾ ڇپيل سندس پروفائيل ۾ اهو ڪتاب ’قاسم پٿر‘ جو ترجمو ڪيل ڄاڻايو ويو هو... جيولس فيوچڪ جو اهو ڪتاب پوءِ ”ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ ڪتاب ۾ ڪٿي به مترجم جو نالو ڄاڻايل نه آهي. مون ڪڏهن به قاسم جي واتان ان ڪتاب جي ترجمي جو ذڪر نه ٻُڌو. مون جڏهن قاسم پٿر جي هڪ قريبي دوست ”مگهن لال شرما“ کان اُن جي تصديق ڪرڻ چاهي ته هن وراڻيو ته، ”اهو ڪتاب قاسم پٿر جو ترجمو ڪيل نه آهي، نور خان بلوچ ڪو ٻيو همراهه آهي.“ ان ڪتاب جي ترجمي جي باري ۾ وڌيڪ ڪا معلومات ملي نه سگهي ته اهو ڪتاب ڪنهن جو ترجمو ڪيل آهي، وڌيڪ ان سلسلي ۾ قاسم پٿر جو ڪو ويجهو دوست ئي ترديد ۽ تصديق ڪري سگهي ٿو.
    ’ساڻيهه‘ جي ٻي پرچي ’ماءُ‘ ۾ ڪهاڻيون، شعر ۽ مضمون به ڏنا ويا آهن جيڪي ڪافي معياري آهن.
    ساڻيهه جي ان پرچي جي اداريي ”هڪ قدم اڳتي“ ۾ پرچي بابت لکيو ويو آهي:
    ”.... ساڻيهه جو ٻيو پرچو اوهانجي هٿن ۾ آهي. ساڻيهه جي پهرينءَ پرچي جي توقع کان وڌيڪ کپت ۽ گهر ڪري، اسانکي ڪامل يقين ۽ اعتماد ٿيو آهي ته اسين جو مواد ساڻيهه ۾، سنڌي عوام آڏو پيش ڪرڻ گهرون ٿا، سو دلين جي گهراين سان قبول ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان اسانجي قياس جي تصديق ٿئي ٿي ته ساڻيهه ۾ پيش ٿيندڙ مواد اڄ سنڌ جي اهم تقاضا ۽ ضرورت آهي...“
    ورهاڱي کانپوءِ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي محب وطن ليکڪن ۽ قلم ڪارن جي خلاف رجعت پسند حلقن جي هلائن ۽ باهوڙ جي جواب ۾، سنڌ جي روشن خيال ۽ محبِ وطن اديبن نه رڳو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اُن جي بچاءُ ۾ ڀرپور مهم هلائي، پر پنهنجي لکڻين، توڙي عمل ۾ انهن جي اصليت ۽ پراڻ پسندي، اسلام دوستي ۽ وطن دوستيءَ کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو. ان دور جو ذڪر ڪندي، محترم شمشير الحيدري پنهنجي هڪ مضمون ”سنگت: هڪ تحريڪ“ ۾ لکي ٿو:

    ”.... ادبي ميدان ۾ ان وقت سڄيءَ سنڌ جي شاعرن جي جماعت ’جمعيت الشعراءَ سنڌ‘ ڪم ڪري رهي هئي، ٻيو ڪو پليٽ فارم نه هجڻ ڪري تنوير عباسي ۽ نياز همايوني جهڙا شاعر به اُن ۾ شامل هئا. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون سيڪريٽري جنرل اياز قادري به هن جمعيت جو اهم ميمبر هو ۽ ان جي ساليانين ڪانفرنسن جو اسٽيج سنڀاليندو هو.
    جمعيت جا شاعر، فارسي رنگ تي غزل جي شاعري ڪندا هئا. عربي بحروزن بنا، ڪافيءَ گيت وغيرهه کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، ۽ اهڙن شاعرن کي هو سگهڙ ڪوٺيندا هئا. هو فارسي ترڪيبون استعارا ۽ تشبيهون ته استعمال ڪندا هئا، پر ٻولي ۾ به فارسي ۽ عربيءَ جا ڏکيا لفظ استعمال ڪندا هئا ۽ انهيءَ عمل کي قابليت جو معيار سمجهندا هئا. ذاتي مشاهدي ۽ پنهنجي اصلي احساسن ۽ جذبن بدران هو فارسي محاورا استعمال ڪندا هئا، وٽن مارئي، سسئي يا نوري جي ڪردار جو ڪوبه واهپو نه هو.
    ..... جمعيت جي اهڙي شاعريءَ، سنڌ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو، جو نه رڳو نوان پيدا ٿيندڙ شاعر، بلڪه عام پڙهندڙ به لطيف ۽ سچل واري ڪلاسيڪي شاعريءَ کان پري ٿيندا ويا.... ٻئي طرف اهي اديب ۽ شاعر هئا، جن ڪلاسيڪي شاعري جي مطالعي سان گڏ، عالمي ادب کي به پڙهيو هو. پر پنهنجي اظهار لاءِ وٽن ڪوبه وسيلو ۽ پليٽ فارم نه هو.... سنڌي ادبي بورڊ جي ’مهراڻ‘ رسالي شايع ٿيڻ سان انهن کي اظهار جو وسيلو مليو ۽ سنگت جي قائم ٿيڻ سان پليٽ فارم. ان طرح سنڌ ادب فڪري طرح منظم ٿيو ۽ ان ۾ اجتماعي مقصديت پيدا ٿي. پوءِ جديد ۽ قديم جي جيڪا تاريخي جنگ لڳي، تنهن ۾ هڪ پاسي کان ڪافر، ملحد، ڪميونسٽ، ڀارت جا ايجنٽ، پاڪستان جا مخالف وغيرهه جون فتوائون لڳايون ويون ته ٻئي پاسي کان تخليقي زور ڏيکاريو ويو. سنگت جي ساري ٿي ۽ وڏي جاکوڙ سان ٻوليءَ، شعر ۽ ادب جو ناتو وري شاهه ۽ سچل جي ڪلاسيڪي ورثي سان جوڙيو ويو. ان دوران سرڪاري خوشامندي ڪندڙ اخبارون، سرڪاري ايجنسين، ظاهر دار مُلن ڇاڇا نه ڪيو هوندو، سو هڪ داستان آهي، پر اهو شايد دنيا ۾ هڪ وڏو مثال آهي ته ٿورن سالن جي مقابلي سان ادب جي ميدان ۾ قديم تي جديد کي فتح حاصل ٿي....“
    ان قديم۽ جديد جي جنگ ۾ رجعتي حلقن پاران مرحوم رشيد احمد لاشاري اردو ۾ ”ادب ڪي آڙ ۾“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي ترقي پسند ۽ قومپرست سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي ڪافر، مرتد، پاڪستان دشمن، اسلام دشمن، فاحش ۽ ڪميونسٽ ڪري پيش ڪيو. جنهن جي جواب ۾ سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ اديب مولانا غلام محمد گراميءَ اردو ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو ذڪر ڪندي محترم رشيد ڀٽي شيخ اياز جي ڪتاب ”خط، تقريرون ۽ انٽرويو“ (ڀاڱو پهريون) جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”.... ان جي جواب ۾، اردو پڙهندڙن عوام ۽ پريس کي، رجعت پرستن جي سازشن ۽ سامراجي منصوبن کان واقف ڪرڻ لاءِ، گرامي صاحب هڪ نهايت مدلل، مدبرانه ۽ عاقلانه ڪتاب اردو ۾ مڪمل بحث ۽ حوالن سان لکي پيش ڪيو، جيئن ته گرامي صاحب، نيم سرڪاري اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ ملازم هيو، ان ڪري، هن اهو ڪتاب ”ادب ڪي نام پر“، جو سياسي سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي تضادن سان پُر هيو، پنهنجي هڪ هم سفر ’محمد قاسم پٿر سنڌي‘ جي نالي ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ نه رڳو ان ادبي ڇڪتاڻ کي ۽ اُن جي ڪارڻن کي واضع ۽ چٽو ڪيو ويو هو، پر انهن، لئي مان لڪُڻ ڀڃي رئيس سڏائيندڙ جهڙن نقادن جي ذاتي حياتي، ڪردار علم ۽ ڄاڻ کي به پڌرو ڪيو ويو هو.“ (ص: 84)
    رشيد ڀٽي جي مٿين مثال مان اهو انداوز لڳائي سگهجي ٿو ته قاسم پٿر ان قديم ۽ جديد جي جنگ ۾ جديد ادب جي حامين ۽ پرچارڪن جي سٿ جو مهڙ وارو سپاهي هو.



    قاسم پٿر جي مختصر ڪهاڻين ۽ ننڍڙن تاثرن جو مجموعو ”رت ۽ غلامي“ 1983ع ۾، سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو پاران ڇپيو. ڪتاب ۾ مهاڳ کانسواءِ ڪُل 19 اسم شامل آهن، جنهن ۾ ٽي تاثر، هڪ ڊرامون ۽ باقي ننڍيون ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب ڪرائون سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب گهڻن دوستن تائين پهچي نه سگهيو، جو 1983ع ۾ جڏهن قاسم خير پور جيل ۾ هو ته ايف . اي . يو وارن مير پور بٺوري ۾ قاسم پٿر جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ ڪتاب جون 500 ڪاپيون کڻي ويا، جيڪي پوءِ ڪڏهن به واپس نه ٿيون.
    ٽن تاثرن مان هڪ تاثر ”ڪو ڳُڻ ٻاروچي جو“ قاسم پٿر پنهنجي پياري دوست ۽ ساٿي مرحوم نجم الدين ميمڻ تي لکيو هو. مرحوم نجم ميمڻ به سياسي سفر ۾ قاسم جو ساٿي هو. هو بنيادي طرح وڏيراڻون ٻار هو، پر پنهنجي طبقي کان بغاوت ڪري، عوامي سياست ۾ آيو ۽ قاسم پٿر سان ئي سياسي سفر ۾ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ مان نڪتو. پوءِ پي . اين . پي ۾ شامل ٿيو، وٽس ڪيترائي سياسي اڳواڻ ۽ ورڪر ايندا هئا. هڪ ڀيري ته مرحوم غوث بخش بزنجو به سندس دعوت تي دڙي آيو، ۽ دڙي ۾، سندس پاران چانهه جي دعوت ۾ شرڪت ڪيائين ۽ آيل ماڻهن کي مخاطب به ٿيو.
    نجم ميمڻ، پوءِ دوستن جي صلاح سان 1979ع جي بلدياتي چونڊن ۾ حصو به ورتو ۽ ’ٽائون ڪميٽي دڙو‘ جو چيئرمن به چونڊيو. پرستت ئي هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو، قاسم پٿر پنهنجي ان تاثر ۾ نجم ميمڻ جي سياسي سفر جو نقشو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي.
    ”هُن سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ڇوٽڪي گهٽي ۾ منهن وٽ ٿي، مونکي ٻانهن مان جلهي زوري چانهه پياريائين. ڳوٺ جا ماڻهو هئاسين، انهيءَ ڪري هڪٻئي سان واقفيت هئي، هي ماستر طالب ميمڻ جو پُٽ هو.... چانهه پيئندي سياسي حال احوال پڇيائين، تنهن وقت ون يونٽ جو زمانو هو، سنڌ جي ماڻهن جي ڪا به سياسي اهميت نه هئي. هر ڪو پيو کين بزارين ۾ لتاڙيندو هو. نئون رت هو، چيائين شهري ماحول ۾ ته اسان جي ڪابه عزت نه آهي. جيڪو تيڪو ٿو دٻائي... ڇا ڪريون؟“
    چيومانس ته اها ڳالهه رڳو مونکي ٻُڌائڻ جي نه آهي، پر سنڌ جي سڀني ماڻهن کي چوڻ جي آهي.... سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين... ڊڪ ڊوڙ، آڌي مانجهي، بسن جي سواري هن جي زندگي جو معمول بنجي ويو. هي نعپ جو خزانچي ٿي. سنڌ هاري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. هاري جي جدوجهد ۾ جڏهن کانئس هارين اڌ بٽئي گُهري ته کِلي چيائين پهرين مون کان شروعات ڪريو.... يارن چيس ته انقلاب سڀني جي عزت وڌائيندو آهي، بُک گهٽائيندو آهي.

    ڪتاب جي آخر ۾ ٻه ننڍا تاثر ’جيڪي ساٿي هليا ويا‘ جي عنوان سان ڏنل آهن. جيڪي سندس ٻن وڇڙي ويل ساٿين ’مامون ملاح‘ ۽ ’فتح محمد پنهور‘ تي لکيل آهن. انهن ٻنهي تاثرن ۾، بنهه مختصر لفظن ۾ قاسم هنن جي شخصيت جو چٽ چٽي ويو آهي، مامون ملاح تي لکيل تاثر ۾ سندس باري ۾ لکي ٿو:
    ”رهندڙ شادي واهه، ڄائو ڳوٺ ۾، چوڏهن سالن جي عمر ۾ چوري شروع ڪيائين. ڏاڍو نالو ڪڍيائين، وڏيرن جو ماڻهون، سنگتياڻي ڪيائين. جنهن تان تڪرار ٿيو، ڳوٺ جي ننڍي وڏيري پئسا خرچي مارون ڪڍايس، بيمار ٿيو، وري نه چڙهيو، ڪنجهندي ڪنجهندي ساهه ڏنائين آخري وقت ۾ چوندو هو ته سَگهو ٿيان ته وڏيري سان پلاند ڪندس....“
    قاسم جي ڪهاڻين جا ڪردار به مڙس ماڻهو هئا ته قاسم جي بهادر ۽ مڙس ماڻهن سان دل به هوندي هئي، هو عام زندگيءَ ۾ به دوستن يارن ۽ سياسي ورڪرن کي مڙس ماڻهو ٿيڻ ۽ سدائين چُر پُر ۾ رهڻ جي لاءِ همٿائيندو هو.
    جئين مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته قاسم پٿر بنيادي طرح پورهيت ۽ هيٺينءَ طبقي سان واسطو رکندو هو، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ پڻ پورهيت طبقي جي ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن جي اُپٽار ٿيل آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي ’رت ۽ غلام‘ جي مهاڳ ۾ محترم نورالدين سرڪي لکي ٿو:
    ”..... حقيقت ۾ پٿر جون همدرديون ۽ وفاداريون انهن سڀني طبقن ۽ ماڻهن سان آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهن ٿا. هارين، مزدورن، شاگردن، کانسواءِ پٿر وچولي توڙي اُسرندڙ سرمائيدار طبقن جي حمايت پڻ ڪري ٿو، جن جا قومي حق کسيا ويا آهن. پٿر پنهنجي ليکي هڪ عوامي ماڻهو آهي ۽ نظرياتي طور تي پڻ پورهيتن، ملڪي ماروئڙن ۽ سنڌ جي سانگيئڙن سان دليئون جانيئون ٻڌل آهي، عام ماڻهن سان ويجهو هئڻ سبب پٿر جي ٻولي به سولي ۽ عام طرح ڪتب ايندڙ آهي ۽ هو وري نهايت آسان لفظن ۾ پنهنجي اندر جو حال اوري ٿو ۽ ڪم جي ڳالهه ڪريٿو...
    .... فن جي لحاظ کان پٿر جون لکڻيون شاهڪار ڪونه آهن، ۽ نه وري پٿر ڪو آفاقي يا عظيم فنڪار جي دعويٰ ئي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته بنيادي طور تي پٿر هڪ عوامي اديب ۽ ”ادب، ادب لاءِ“ نه پر ”ادب زندگي“ جي اصول جو حامي ۽ طرفدار آهي، تنهنڪري اسانکي سندس ادبي سادگيءَ ۾ ئي هن جي هڪ سچي ۽ سٺي اديب هجڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا.“
    مٿئين ڳالهه جي تسلسل ۾ جيڪڏهن پٿر جي افساني ”بد معاش ڪير؟“ جي شروعات پڙهنداسين ته ’پٿر‘ جي دل جي ڳالهه اسانجي سامهون چٽي ٿي بيهندي.
    ”افسانا ڪهڙا لکون! ماڻهن کي ڪهڙا سور ٻُڌايون، پنهنجا ٻڌايون يا ٻين جا لکون، هلندي ڦرندي، سفر ڪندي، سڄو وطن سور آهي، ڪي ڪردار گهڻو متاثر ڪن ٿا، ڪي ٿورو، ڪن لاءِ لُڙڪ ڀرجيو اچن، ڪن لاءِ ڪِريو پون... ڪن لاءِ نفرت ٿئي ٿي ته ڪن لاءِ همدردي!“
    پٿر جي ڪهاڻين جا ’عنوان‘ به دلچسپ، منفرد ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، جهڙوڪ: جوءِ وٽ، بد معاش ڪير، خدا جو گهر، تو به! هيڏو ڪوڙ، ائين نه ماريو يار، پڳ جي لڄ، مُڇون ڪهڙي ڪم جون، رت ۽ آزادي، ويچارا ماڻهو.
    ”رت ۽ غلامي“ جي انتساب ۾ به قاسم پٿر جي هڪ للڪار آهي،

    انهن ساٿين جي نالي
    جيڪي ميدان ڇڏي نه ڀڳا آهن.
    قاسم پٿر جي اها للڪار ته هر حالت ۾ سياسي عمل ۾ رهو، پڇاڙيءَ تائين رهي... قاسم پاڻ به آخر تائين سياسي عمل ۾ رهيو ۽ هن ان انتساب جي للڪار جي ذريعي پنهنجن ٿڪل ۽ ڀڳل ساٿين کي جنجهوڙي ٻيهر سياسي عمل جي ميدا ۾ آڻڻ پي چاهيو.
    ”رت ۽ غلامي“ ڪتاب ۾ شامل ڪنهن به افساني جو عنوان اهو ڪونهي، البت ’رت ۽ غلامي‘ جي عنوان سان هڪ ننڍو افسانو ڪتاب ۾ شامل آهي. قاسم ڪتاب جو نالو به اهو ئي سوچيو هو، پر ان وقت ملڪ تي ’مرد ملعون، مرد منافق جنرل ضياء الحق‘ جي ننگي مارشلا لاڳو هئي، جنهن سبب مٿئين عنوان سان، ڪابه پريس اهو ڪتاب ڇپڻ جي لاءِ تيار نه هئي، تنهنڪري مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪتاب جو نالو ”رت ۽ غلامي“ رکيو ويو، انهن حالتن جو ذڪر ڪندي ڪتاب جي حال احوال ۾ پبلشر طور ”لال سنڌي“ لکي ٿو.:
    ”.... حالتون هي آهن، جو گهوڙ گهوڙا به ڪري نٿا سگهون، پڙهي نٿا سگهون، لکون ته ڪافر، جي ڪوڙي مرڪ ٿا چپن تي آڻيون ته چون ٿا مغز خراب ٿيو اٿوَ، طارق اشرف جو ساهه مُٺ ۾ آهي، سردار پريس وارا چون ٿا ته ٻيلي اسانکي مڙيئي ڇڏيو... پر ملڪ جو صدر صاحب چويٿو ته ادب تي ڪابه پابندي نه آهي...“
    قاسم جون ڪجهه ٻيون لکڻيون به آهن، جيڪي ’رت ۽ غلامي‘ ڪتاب ۾ شامل نه آهن، جن لاءِ ڪتاب جي پبلشر لکيو آهي ته، ”ليکڪ جون ڪجهه ڪهاڻيون موجوده حالتن ۾ نه ڏيئي سگهيا آهيون.“
    قاسم جي مٿئين ڪتاب ۽ لکڻين کانسواءِ، سندس ڪجهه ٻيون لکيتون به مونکي سُجهن ٿيون، جيڪي هن وقت بوقت لکيون ۽ جيڪڏهن ڪو دوست قاسم جي سڀني لکڻين کي گڏي ڇپائي ته انهن جو پڻ ان ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي.

    انهن مان هڪ مضمون ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ شهيد ٿيل شاگرد ’شهيد ذڪريا ميمڻ‘ تي لکيل تاثر ’جوابي ڪاروائي‘ جي نالي سان ’شهيد ذڪريا ميمڻ يادگار ڪميٽي دڙو‘ پاران، شهيد ذڪريا جي ياد ۾ ڇپايل ڪتاب ”شهيد ذڪريا ميمڻ“ (سال اشاعت 1987ع) ۾ شامل آهي. سندس ٻيو لکيل مضمون، بخاري اڪيڊمي حيدرآباد، پاران ڪامريڊ باقر سنائي جي ياد ۾ ڇپايل ڪتاب ”ٻري جن ٻاري“ (سال اشاعت جنوري 2003ع) ۾ ڪامريڊ باقر سنائي تي لکيل ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“ آهي، قاسم پٿر جو هڪ مضمون ”ماهوار جياپي“ جي ڊسمبر 1992ع جي پرچي ۾ ”پنهنجي چاڙهيو“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، تنهن کانسواءِ نامياري ڪهاڻيڪار پرويز تي ماهوار ”ادب“ (نومبر 2004ع) حيدرآباد پاران ڪڍيل ڪارنر ۾ پڻ سندس پرويز تي لکيل هڪ ننڍو تاثر ”پرويز“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. مٿين لکتن کانسواءِ اعجاز خواجي جي ڪتاب ”نيئر منهنجو نينهن“ ۽ سيّد اڪبر جي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جا پيش لفظ پڻ قاسم پٿر جا لکيل آهن.
    مٿئين قلمي پورهئي کانسواءِ ’سنڌ نيشنل پبليڪيشن‘ ميرپور بٺورو پاران ڇپيل ڪجهه ڪتابن جي ڇپائي جي پويان به قاسم جو هٿ آهي، انهن مان پهريون ڪتابڙو ”هيءَ به ماڻهو“ آهي. ٻه ڪتاب صوفي حضور بخش جا لکيل ’شاهه عنايت شهيد‘ ۽ ’قومي خودمختياري ۽ پليجو‘ آهن. چوٿون ڪتاب حيدر بخش جتوئي مرحوم جي چونڊ مضمونن جي سنڌي ترجمي تي ٻڌل ”سنڌڙي منهنجي ماءُ“ ۽ هاري ڪانفرنس جي موقعي تي هاري ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري صوفي حضور بخش جي پيش ڪيل ”هاري رپورٽ“ شامل آهن.
    قاسم پٿر ڪراچي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ’جياپو‘ جي ڪجهه پرچن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.


    قاسم پٿر کي ماڻهن جي ڏکن جو شعور ۽ احساس

    قاسم پٿر کي پنهنجي ماڻهن جي ڏکن، تڪليفن، اهنجن ۽ ايذائن جو چڱي پر شعور ۽ احساس هو، سياست هُن لاءِ ماڻهن ۽ قومن کي قومي ۽ سياسي حق وٺي ڏيڻ جو نالو هو، جيتوڻيڪ پاڻ ڪُل وقتي سياسي ڪارڪن ئي رهيو، پر کيس جڏهن به موقعو مليو ته هن سماجي ڪمن ۾ پڻ بهرو ورتو. ان سلسلي ۾ سندس سڀ کان اهم خذمت، ميرپور بٺوري ۾ ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ ’ال ابراهيم آءِ ڪلينڪ‘ ملير ڪراچي جي سهڪار سان ’سنڌ نيشنل فائونڊيشن‘ جي پليٽ فارم تان اکين جي مفت اسپتال کولڻ هو...
    اها اسپتال قاسم پٿر جي ماڙي جي هيٺان سندس ئي ڏنل جاءِ ۾ کُلي ۽ ان ۾ ال ابراهيم وارن جو سکيا ورتل ڊسپينسر رکيو ويو. جيڪو مريض کي ڏسي، کين دوائون ڏيندو هو ۽ جن کي آپريشن جي ضرورت هوندي هئي ته انهن کي ڪراچي موڪليو ويندو هو، ائين ڪيترن ئي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي اکين جي روشني موٽي آئي ۽ انهن جا مفت ۾ آپريشن ٿيا.
    جڏهن ان اسپتال جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ ۽ حافظ محمد صديق ميمڻ ميرپور بٺوري آيا ته قاسم مونکي به سڏايو هو، گڏجاڻي ٿي، پر اتي هڪ دوست جي رويي سبب ماحول اهڙو جُڙيو، جو قاسم صفا مايوس ٿي ويو، گڏجاڻي کانپوءِ مون جڏهن ان دوست جي رويي بابت قاسم کان پڇيو ته هن ائين ڇو ڪيو، ته وراڻيائين، ”اصل ۾ هن پهرين اسپتال لاءِ پنهنجي جاءِ ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو، کيس آسرو هو ته ال ابراهيم وارا ان جي مسواڙ ڏيندا، پر جڏهن ال ابراهيم وارن اها ڳالهه چٽي ڪئي ته هو مسواڙ نه ڏيندا ۽ جاءِ جو بندوبست اوهان دوست ڪريو ته همراهه کي ڪو فائدو نظر نه آيو ڌڌڙ ۾ پير هنيائين.“
    مقامي طور تي عدم سهڪار سبب ڪجهه مهينا هلڻ کانپوءِ اها اسپتال پنهنجو ڪم جاري رکي نه سگهي ۽ بند ڪئي ويئي. پر قاسم جي ان اهم خذمت کي ڪڏهن به وساري يا نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.



    قاسم پٿر جي دوستن يارن جو حلقو به تمام گهڻو وسيع هو، جنهن ۾ هر طبقي ۽ مڪتبهءِ فڪر جا ماڻهو اچي وڃن ٿا ۽ هو پنهنجن دوستن سان نباهي به ڄاڻندو هو. پاڻ لطيف جي بيت ”ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مورنه سکيا“ جي مڪمل تفسير هو، ڪيترا ڀيرا ته ائين به ٿيندو هو ته بحث ۽ مباحثي ۾ يا ڪنهن ڳالهه تي هو دوستن سان ۽ دوست ساڻس ڪاوڙجي اُٿيا هوندا ۽ ايئن محسوس ڪبوهو ته همراهه صفا پاڻ ۾ وڙهي پيا... پر پوءِ ٿيندو ائين هو ته اڪثر ڪري، قاسم پاڻ ئي سڀ ڪجهه وساري انهن ڏانهن هليو ويندو هو ۽ سڀ روساما ۽ رنجشون ختم ٿي وينديون هيون.
    هڪ ڀيري هيئن ٿيو ته ميرپور بٺوري ۾ مرحوم شيرخان لُنڊ، قاسم پٿر سان ڪنهن ڳالهه تي ڳالهائيندي صفا جذباتي ٿي ويو ۽ قاسم تي صفا اُلرجي آيو، اهو واقعو هارون کاڙڪ جي ميڊيڪل اسٽور تي پيش آيو، ٻيو ڪو هجي ها ته وري ڊگهي عرصي تائين شيرخان لنڊ سان نه ٺهي ها، پر قاسم اها ڳالهه نه رڳو درگذر ڪري ڇڏي، پر شيرخان لنڊ جڏهن ممتاز علي ڀُٽي جي ٽن مهينن جي نگران حڪومت ۾ صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ بيٺو ته ’قاسم پٿر‘ خاص ڪراچي مان ڪهي، سڄو مهينو، ساڻس گڏ رهي ڏينهن رات ورڪ ڪيو، انهن ڏينهن قاسم پٿر ”مخدوم بلاول سوسائٽي“ ڪراچي جو آفيس بيئرئير هو.
    شيرخان لُنڊ به هاري تحريڪ جي پيداوار هو، ۽ قاسم پٿر جي ئي محنتن جي نتيجي ۾، سياسي شعور حاصل ٿيس. ذاتي توڙي سياسي ٻنهي حوالن سان شير خان لُنڊ مڙس ماڻهو هو. سياست ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ کان شروع ڪيائين، پوءِ ’سنڌي هاري ڪميٽي‘ جو صدر چونڊيو ويو، جيڪا ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جو ذيلي فرنٽ هئي. ڪيترين ئي هلچلن ۾ حصو ورتائين، جڏهن ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿي ته، تحريڪ کي ڇڏيندڙن ۾ شير خان لنڊ به شامل هو. تنهن کانپوءِ ميرغوث بخش بزنجي مرحوم جي پاڪستان نيشنل پارٽي (پي . اين . پي) ۾ شامل ٿيو، اڳتي هلي جڏهن ممتاز علي ڀٽي ’سنڌي، بلوچ ۽ پشتون فرنٽ‘ ٺاهيو ته ان جو حصو ٿيو. اهو فرنٽ پوءِ ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ ۾ تبديل ٿيو. جڏهن ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو نگران وڏو وزير ٿيو ته سجاول، ميرپور بٺورو، تڪ تان فرنٽ کيس صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني، چونڊن ۾ وڏي وزير هوندي به ممتاز علي ڀٽي جي سنڌ نيشنل فرنٽ ڪا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري، شير خان لنڊ به ٽن هزارن کان وڌيڪ ووٽ کڻي نه سگهيو ۽ هارايائين.
    هڪ ڀيري آئون ۽ منهنجو دوست پرويز سيڙجي خاص شير خان لُنڊ جي ڳوٺ وياسين، مانجهاندو به وٽس ڪيوسين ۽ سُٺي ڪچهري به ٿي. پوءِ ته شير خان لُنڊ سان ملڻ جلڻ ۽ سندس ڳوٺ وڃڻ پيو ٿيندو هو، منهنجي خواهشن اها به آهي آئون شير خان لنڊ سميت ٻين به ڪيترن ئي کاهوڙي ڪردارن جهڙوڪ: سائين محمد يوسف ڪيڙاني، سيد اڪبر، رسول بخش ڏيٿي، علي محمد سوڍي ٻين جا به لائيف اسڪيچ لکان. البت منهنجي دوست ۽ مشهور ليکڪ محترم پرويز ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي ته هن پنهنجي آتم ڪهاڻي، ”پيهي جان پاڻ ۾“ تعلقي ميرپور بٺوري جي ڪيترن ئي اهڙن ڪردارن تي لکيو آهي، جن جو سنڌي عوامي تحريڪ ۽ هاري هلچل ۾ سرگرم ڪردار رهيو. انهن ۾ قاسم پٿر ۽ شير خان لند به شامل آهن.
    شير خان لنڊ وقت بوقت مختلف تحريڪن ۾ 22 ڀيرا جيل ياترا ڪئي. جيڪو قربانيءَ جو وڏو رڪارڊ آهي. پاڻ جڏهن ممتاز علي ڀٽي سان گڏ بغاوت ڪيس ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد هو ته ڪجهه منهنجي ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي زور ڀرڻ تي پنهنجي آتم ڪهاڻي ”جيڪي سٺو منهنجي جيءُ“ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. جيڪا هو ٽيهن چاليهن صفحن کان وڌيڪ لکي نه سگهيو. ان آتم ڪهاڻي جا شروعاتي ويهارو کن صفحا مون 1989ع ۾ ’سنڌ فورم‘ مخزن ۾ ڇپيا هئا، جنهن جو آئون فقط هڪ ئي پرچو شايع ڪري سگهيس.
    سنڌي عوامي تحريڪ جي جدوجهد جو عڪس گل چانگ جي آتم ڪٿا “پنهنجي پچار“ ۾ پسي سگهجي ٿو، جيڪو بدين جو رهاڪو هو. هن جيل ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، جنهن کي پوءِ سائين محمد ابراهيم جويي مختلف بابن ۾ ورهائي، عنوان ڏيئي، ٻولي درست ڪري مهاڳ لکيو ۽ اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ڪتاب بنهه سادي ۽ آسان ٻولي ۾ آهي، پڙهي ڪيتريون ئي حقيقتون سامهون اچيو وڃن، جيڪڏهن اهو ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ته وڏي هاڪ ٿيس، گل چانگ سنڌي عوامي تحريڪ جو ئي ڪارڪن هو.
    منهنجي خواهش اهي ته سنڌ جا سياسي ڪارڪن، جن ساسي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي، اهي به گل چانگ ۽ پرويز جيان آتم ڪهاڻيون لکن ته سنڌ جي ماضي قريب جي تاريخ جا ڪيترائي واقعا قلمبند ٿي محفوط ٿي وڃن.
    شير خان لُنڊ جي قاسم سان جذباتي ٿيڻ جي مٿين ڳالهه ائين ئي اچي ويئي، پوءِ ٻنهي دوستن اها ڳالهه ڄڻ وساري ڇڏي.


    ڪجهه سال اڳ جڏهن منهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ جي مهورت جو پروگرام ٿيو ته مون کيس دعوتي ڪارڊ موڪلي ڏنو ۽ پروگرام واري ڏينهن صبح جو کيس فون ڪري يادگيري ڏياريم ۽ پڇيم، ”پروگرام ۾ ته اچبو نه؟“
    ته پاڻ ٺهه پهه وراڻيائين”نه ڪو نه ايندس“
    ”ڇو ڀلا ڪو سبب ....؟“ پُڇيو مانس.
    ”پروگرام ۾ تو جيڪي دوست گهرايا آهن، اهي سڀ موقعي پرست ۽ مصلحت پسند آهن؟“ وراڻيائين.
    ”قاسم تون به عجيب ماڻهو آهين، تاج جويو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل آهي، جنهن جو تون ماضيءَ ۾ وڏو سپورٽر رهيو آهين، محترم غلام حسين رنگريز کي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊرائڻ ۾ تنهنجي رٿ شامل هئي.... ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ تنهنجو پراڻو دوست رهيو آهي....“ مون ساڻس بحث ڪندي چيو.
    ”پر اهي سڀ موقعي پرست آهن....“ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين. مون کيس پروگرام ۾ اچڻ جي لاءِ ڏاڍو زور ڀريو ۽ نيٺ حجت ڀري ڪاوڙ ۾ چيومانس، ”قاسم جي تون نه ايندين ته دوستي ختم....“ پاڻ به ٺهه پهه وراڻيائين، ”ختم....“ مون هڪدم فون رکي ڇڏي ۽ قاسم جي اهڙي رويي تي سخت حيرت به ٿيم.
    ائين پوءِ اسانجي وچ ۾ ست اٺ مهينا ڪوبه رابطو نه رهيو ۽ آئون ساڻس رُٺل رهيس، ڪجهه وقت کانپوءِ قاسم منهنجي دوست رشيد آزاد کي چيو، ”يوسف ڪاوڙيل آهي... ڪو بلو ڪر ته پرچي وڃون!“ رشيد کيس مذاق ۾ چيو، ”دعوت ڪر ته پوءِ اوهان ٻنهي کي پرچائي ڇڏيان.“
    منهنجي ان ڪتاب جي مهورتي پروگرام کي ڪجهه يارن ناڪام بنائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، هنن اخبارن توڙي ٻين هنڌن وڏو گوڙ ڪيو، هنن مهمان دوستن تاج جويي، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ۽ ٻين کي فونون ڪري پروگرام ۾ اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن دوستن جي فونن کان ٻيا دوست ته متاثر نه ٿيا، پر ڊاڪٽر رجب علي نه آيو، جنهن جو مونکي ڪافي ڏک ٿيو، ڇو ته مون پروگرام رکيو ئي ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ کان ڪنفرم ڪرڻ کانپوءِ هو. ان ڪتاب جي ڇپائي ۾ به ڊاڪٽر صاحب جي مالي مدد شامل هئي، ۽ هن ڪتاب لکڻ دوران مونکي نه رڳو همٿايو، پر مسودي کي نظر مان ڪڍيو ۽ ايڊٽ به ڪيو. منهنجي دل ۾ ڊاڪٽر صاحب لاءِ سدائين وڏو احترام پي رهيو آهي، پر ان پروگرام ۾ نه اچڻ سبب اسان جي وچ ۾ اها هم آهنگي، دوستي ۽ ويجهڙائپ ڄڻ ختم ٿي ويئي.
    ان پروگرام ۾ هڪ دوست نما دشمن، منهنجي خلاف هڪ وڏو مقالو پڙهيو، جنهن تي حيرت به ٿيم، ڇو ته اهو دوست نما دشمن اسانجي ئي صفن ۾ موجود هو. پروگرام جي صدارت محترم تاج جويو ڪري رهيوهو. مون پنهنجي تقرير ۾ اُن دوست کي ڪوبه جواب نه ڏنو. جڏهن محترم غلام حسين رنگريز، آپا مريم مجيدي، ۽ محترم تاج جويي پنهنجي تقريرن ۾ ان دوست کي اهڙا ته مدلل جواب ڏنا، جو هو تقريب مان ئي کسڪي ويو.
    ڪجهه وقت کانپوءِ مونکي خبر پئي ته جن ٻن دوستن، هلڙبازي جي اڳواڻي ڪئي ۽ وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، انهن جي قاسم پٿر سان ڪنهن هنڌ ملاقات ٿي، ته قاسم ساڻن منهنجي پر پُٺ ڄڻ منهنجي پاران صفا وڙهي پيو.
    ائين آئون ۽ قاسم رٺل رهياسين، پوءِ وري آهستي آهستي هڪٻئي جي ويجهو ٿي وياسين، جنهن ۾ اسانجي گڏيل دوست رشيد آزاد جو به ڪردار آهي.
    ڪجهه سال اڳ جڏهن ميرپور بٺوري ۾ محترم غلام حسين رنگريز جي ڪتاب ”اکين اُڃ اُپار“ جي مهورتي تقريب ٿي ۽ آئون پروگرام ۾ ڪجهه دير سان پهتس. ڏٺم ته قاسم پٿر اسٽيج جي بلڪل سامهون هيٺ، پهرينءَ قطار ۾ سائين محمد ابراهيم جويي سان گڏ ويٺو هو. اسٽيج تي لڳ ڀڳ اهي ئي مهمان ويٺل هئا، جيڪي منهنجي پروگرام ۾ هئا، مونکي شرارت سُجهي آئي، سو اڳتي وڌي وڃي پهرين جويي صاحب سان مليس ۽ پوءِ قاسم سان ملي سندس ڀر ۾ پيل خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ قاسم کي ٺونٺ هڻندي چيم، ”قاسم! منهنجي خيال ۾ توکي هن پروگرام ۾ نه اچڻ گهربو هو.“
    ”ڇو....؟“ قاسم مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.
    مون وراڻيس ”اسٽيج تي ته اهي ئي دوست ويٺا آهن، جيڪي منهنجي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ آيا هئا.“
    منهنجي ڳالهه سمجهي ويو ۽ کلندي چيائين، ”موقعو هٿان نه وڃايئي... بس مصلحت سبب شريڪ ٿيڻو پيو...“
    ”ته چئبو قاسم تون به مصلحتون ڪندو آهين.“ چيو مانس ته جواب ڏيڻ بدران کلي پيو، ائين پوءِ ڪيترا ڀيرا اها ڳالهه ورجائي کيس تنگ پيو ڪندو هوس.


    ذاتي طور تي قاسم پٿر دلبر، بي باڪ، کليل دل ۽ دماغ وارو شخص هو، جنهن سان نه رڳو هر موضوع تي کُلي ڳالهائي سگهبو هو، پر هو به پنهنجي خيالن ۽ راين جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪا لڪَ ڇپ نه ڪندو هو. طبعيت جي حوالي سان قاسم پٿر جي اندر ۾ ڪئين حسناڪيون هيون، هو سُهڻن چهرن ۽ سونهن جو وڏو پرستار هو. شايد اهي حُسناڪيون ئي هُيون، جن کيس هڪ حساس ليکڪ بنايو ته کاهوڙي قومي ۽ هاري ورڪر به، هن نٿي چاهيو ته سنڌ جي سونهن ميري ٿئي ۽ غير فطري انداز ۾ مرجهائجي، هن چاهيو ٿي ته غريب مسڪين ماڻهن جا چهرا سدائين ٻهڪندا رهن. قاسم جي ان حسن پرستيءَ تي آئون کيس تنگ به ڪندو هوس.
    جڏهن اسان پنجن دوستن، اصغر گگو، رشيد آزاد، ذوالفقار ڪانڌڙو، موٽومل ڪنول ڪوهستاني ۽ منهنجي ڪهاڻي جو گڏيل مجموعو ”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ ڇپيو ته کيس اُن جي ڪاپي ڏياري موڪليم، قاسم سڄو ڪتاب پڙهيو ۽ پوءِ جڏهن رشيد آزاد کيس گڏيو ته کيس چيائين، ”يوسف وڏو اُستاد ماڻهو آهي، پاڻ شڪل ۾ ته ٽڪو به نه لهي، باقي اوهان سڀني کي کڻي پاڻ وڻائڻ ٿو چاهي.“
    هڪ ڏينهن مونکي مليو ته چيائين ته مونکي پنهنجي ان پنجڪڙي جي باقي ٽن دوستن سان ته ملاءِ... مون کيس چيو ته، ”ذوالفقار ڪانڌڙي سان تون تعلقه مختيارڪار آفيس ميرپور بٺوري ۾ وڃي ملي سگهين ٿو. باقي جڏهن موقعو مليو ته ٻين دوستن سان به ملي وٺبو.“
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مونکي ذوالفقار ڪانڌڙو مليو ۽ ٻڌايائين ته ”ڪالهه قاسم صاحب مون سان ملڻ آيو هو.“
    ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ قاسم مونکي چيو ته اوهان پنجن ئي ڪهاڻيڪارن مان ذوالفقار ڪانڌڙي جون ڪهاڻيون وڌيڪ سگهاريون آهن. خاص طور تي هن ذوالفقار جي ڪهاڻي، ”ڪجهه نه هئڻ جو احساس“ جي گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ اصغر گگو جي ڪهاڻين بابت رايو هئس ته، ”اصغر تي رومانس، سيڪس ۽ عورت وڌيڪ حاوي آهي.“
    ڳالهين ۾ رشيد آزاد، قاسم وٽ اصغر جي گهڻي تعريف ڪندو هو. هڪ ڏينهن چيائين، ”اوهانجي پنجڪڙي جي همراهه اصغر سان ته ملائي، رشيد وڏي واکاڻ ٿو ڪريس.“
    آئون وري شرارتي نوع ۾ چوندو هوسانس، ”حاضر! پر پوءِ ڪهڙي خذمت ڪندين!؟“
    ”ماني گڏجي کائينداسين.“
    ”بس! رڳو مانڙيءَ تي ٽاريندين“. مون کلي وراڻيومانس.
    ”وڏو ڪو بدمعاش آهين... ٻيو وري ڇا... ڪهڙي خذمت ڪيانوَ..“
    جواب ۾ مون کلڻ شروع ڪيو ته ڳالهه سمجهندي کلندي چيئاين، ”ٺيڪ آهي ڪنهن دوست کان هٿ ڪريان...“
    ”ايئن چئو نه... پوءِ ته ڪچهري واهه جو مزو ڪندي.“ مون شرارت واري لهجي ۾ وراڻيو.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ سائين پرويز جي ٻن ڪتابن ”لڙڪن آجا نيڻ“ ۽ ”وڃايل مُرڪ“ جي مهورتي تقريب، ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي. جي هال“ ۾ ٿي، جنهن ۾ قاسم پٿر به شريڪ ٿيو. پروگرام ختم ٿيو ته مونکي چيائين، ”يار اصغر سان ته ملائي.“
    مون هڪدم ٿورو پرڀرو بيٺل اصغر گگو کي سڏي قاسم سان ملايو، ٻيئي ڏاڍي گرمجوشيءَ سان هڪٻئي سان گڏيا. آئون کين اُتي ئي ڇڏي، ڪنهن ڪم سان ٻي پاسي هليو ويس، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن دڙي ۾ اسين دوست دستور موجب، شام جو پاڻ ۾ گڏياسين ته ڪچهري ڪندي رشيد ٻُڌايو ته ”اڄ بٺوري ويو هئس ۽ قاسم سان به مليو هوس.“
    ”قاسم ڇا پي چيو؟“
    قاسم، ڪتابن جي مهورتي پروگرام جي وڏي ساراهه ڪئي ۽ گڏوگڏ اصغر جي به واکاڻ ڪيائين ۽ چيائين، ”اصغر گگو ته صفا حُسن جي مقابلي ۾ رکڻ جهڙو آهي.“
    قاسم جي اها ڳالهه ٻُڌي، اسين ايترو ته کلياسين، جو سڄي هوٽل اسانجي ٽهڪن سان ٻُرائجي ويئي ۽ هوٽل ۾ ويٺل ماڻهو اسانکي چريو سمجهي حيرت مان ڏسڻ لڳا... ۽ اسين پوءِ اها ڳالهه اصغر کي چئي کيس به پيا تنگ ڪندا هئاسين.
    قاسم جي هڪ ڀيري مُوٽو مل ڪنول ڪوهستانيءَ سان به ملاقات ٿي ۽ چار چونڪ ڳالهين جا به ٿيس، افسوس جو هاڻ قاسم پٿر جيان موٽو مل ڪنول ڪوهستاني به اسان ۾ نه رهيو آهي، ايئن اسان دڙي جي ڪهاڻيڪارن جي پنجڪڙي جو پنجون ڪڙو 4 اپريل 2009ع جي رات نوري آباد وٽ ٿيل حادثي ٽوڙي ڇڏيو، جنهن ۾ موٽو مل ’ڪنول‘ ڪوهستاني سان گڏ منهنجو هڪ ٻيو دوست ’عزيز جان بلوچ‘ به وڇڙي ويو:

    اب شھر ميڻ اُس ڪا بدل هي نھيڻ ڪوئي ويسا جان غزل ميڻ نھيڻ
    ديوان غزل ميڻ لفظون ڪا گلدسته سجائوڻ ڪس ڪڳ لئڳ
    مدت سڳ ڪوئي آيا نه گيا، سنسان ڀري هڳ گھر ڪي فضا
    ان خالي ڪمروڻ ميڻ ناصر اب شمع جلائوڻ ڪس ڪڳ لئڳ.
    (ناصر ڪاظمي)



    ابن حيات پنهور لئبرريءَ جو افتتاح

    قاسم پٿر جي خواهش هئي ته سندس پاران قائم ڪيل ابن حيات پنهور لئبرريءَ جو افتتاح محترم نوالدين سرڪيءَ کان ڪرائجي. جڏهن لئبرري ءَ جو ڪمرو ۽ ڪٻٽ ٺهي راس ٿيا ته پهرين جولاءِ 2006ع جي ڏينهن تي لئبرريءَ جي افتتاح جو پروگرام رٿائين، مونکي ٻه ٽي ڀيرا فون ڪري بٺوري گهرايائين ۽ گڏجي ويهي پروگرام ترتيب ڏنوسين، قاسم جو خيال هو ته پروگرام ۾ ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به اچي. سنگت جي چونڊن کانپوءِ پهرين ته هو تاج جويي وارن جي اُن پروپيگنڊهه جو شڪار ٿي ويو هو ته اسان سرڪاري سرپرستيءَ ۾ چونڊون کٽيون آهن، پر وقت گذرڻ کانپوءِ سنگت جي باڊيءَ جي ڪارڪردگي ڏسڻ ۽ ڪجهه بحث ۽ مباحثي کانپوءِ ان موقف تان هٿ کڻي ويو ۽ تاج جويي وارن جي ان الزام کي هلڪڙائپ ۽ غير جمهوري رويو قرار ڏنائين ۽ پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريائين، البت ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڳالهين تي تنقيد به ڪندو هو. هڪ ڀيري ته سيڙجي دڙي آيو ۽ چيائين ته، ”اڄ توسان سنگت جي باري ۾ ڳالهائڻ آيو آهيان.“
    اسانجي پاڻ ۾ ڪافي دير ڪچهري ٿي ۽ بحث مباحثو به ٿيو، ان ۾ مونکي قاسم ٻه ڳالهيون خاص طور تي چيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. پهريون اها ته، توهان تاج جويي جي ڪنهن به بيان ۽ الزام جو جواب قطعي طور تي نه ڏيو ۽ جواب نه ملڻ تي هو پنهنجي موت پاڻ ئي مري ويندو ۽ اوهان هنن جي الزام تراشين جي جواب ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪريو ۽ ان کان سُٺو ٻيو ڪوبه جواب ڪونهي، ٻي ڳالهه اها چيائين ته، اوهان ڪنهن بزرگ اديب جي سرپرستي حاصل ڪريو.
    مون کيس ٻُڌايو ته اسين حتي الامڪان اها ڪوشش ڪندا آهيون ته مخالف گروهه جي اخباري الزامن جا جواب نه ڏيو، پر هي ميڊيا جو دور آهي ۽ مجبور ٿي ڪن معاملن ۾ وات ڪڙو ڪري وضاحت ڪرڻي ٿي پوي، ٻيو ته اسانکي اڪثر بزرگ ۽ سينئر اديبن جي سرپرستي حاصل آهي، جن کان اسين نه رڳو صلاحون وٺندا آهيون، پر کين گهربل عزت ۽ احترام به ڏيندا آهيون، اهڙن بزرگ ۽ سينئر اديبن ۾ نورالدين سرڪي، سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، تاجل بيوس، فتاح ملڪ، امر جليل ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اسان جي پروگرامن ۾ پڻ ايندا رهندا آهن.
    مٿين ڳالهين جي ڪري قاسم جو خيال هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي دعوت ڏجي، مون کيس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو فون نمبر ڏنو ۽ جڏهن قاسم پٿر، ڪراچي دوستن کي دعوتون ڏيڻ ويو ته نورالدين سرڪي صاحب جي آفيس مان ذوالفقار سيال سان فون تي ڳالهايائين ۽ کيس دعوت ڏنائين، جيڪا هن قبولي.
    30 جون تي يعني افتتاح کان هڪ ڏينهن اڳ جڏهن پروگرام کي فائينل شڪل ڏيڻ جي سلسلي ۾ گڏياسين ته مون قاسم کي ڪافي پريشان ڏٺو، چيائين، ”سرڪي صاحب چويٿو ته مون وٽ گاڏي نه آهي، گاڏيءَ جو بندوبست ڪر ته اچان.“ ڳالهه ڳري ٿي پيئي، هاڻ ڇا ڪجي؟ قاسم چيو ”لڳي ٿو ته سرڪي صاحب ڪو نه ايندو. چيف گيسٽ نه ايندو ته پروگرام مزو نه ڪندو.“
    مون چيس ته مونکي هڪ حل سُجهي ٿو، سو اهو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کان پُڇون ٿا، جيڪڏهن هو اچي ٿو ته پوءِ سرڪي صاحب کي به کڻيو اچي. اهو ٻُڌي قاسم مونکي هڪدم ذوالفقار سيال سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مون ان ئي مهل ڊاڪٽر ذوالفقار کي فون ڪري کانئس اچڻ بابت پڇيو، هن اچڻ جي پڪ ڏني ته مون کيس سرڪي صاحب کي به کڻي اچڻ جي گذارش ڪئي. ٻي ڏينهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نه رڳو نورالدين سرڪي، پر ڪامريڊ روچي رام کي به پنهنجي گاڏيءَ ۾ کڻي آيو. ٻئي بزرگ قاسم پٿر جا پراڻا سنگتي هئا. انهن جي اچڻ سان قاسم ڪو خوش ٿيو ڇا. پوءِ قاسم مونکي اڪثر چوندو هو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سرڪي صاحب ۽ ڪامريڊ روچي رام کي کڻي نه اچي ها ته شايد پروگرام ايترو سٺو نه ٿئي ها ۽ پروگرام جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ توڏانهن ٿو وڃي. ان ڏينهن کانپوءِ منهنجو قاسم سان هڪ نئون رشتو جڙيو ۽ اسان جي وچ ۾ اعتماد وڌيو.
    اهو پروگرام ننڍو ئي سهي، پر يادگار حيثيت رکي ٿو. قاسم ان جي وڊيو به ٺهرائي هئي ۽ مانيءَ تي به دل کولي خرچ ڪيو هئائين. ٻي ڏينهن چيومانس ته، ”قاسم.... اوچتو خزانو ڪٿان لڌئي“ ته کلي وراڻيائين ”سنگت ساٿ جي ساٿ سان هر شئي سولي ٿي پئي.“
    پهرين جولاءِ، ون يونٽ ٽٽڻ جو ڏينهن به هو. ان ڏينهن سنڌ جي هڪ ڀيرو ٻيهر مغربي پاڪستان جي ڪُک مان صوبائي حيثيت بحال ٿي. تقريرن ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ ۽ اُن ۾ ابن حيات پنهور جي ڪردار جو به ذڪر ٿيو. مقررن کيس زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو.
    مونکي تڏهن افسوس ٿيو، جڏهن 10 فيبروري 2008ع تي قاسم پٿر جي چاليهي جي موقعي تي ٿيل تعزيتي ريفرنس ۾ جيڪو قاسم پٿر جي دوستن پاران ’قاسم پٿر يادگار ڪميٽي‘ جي بئنر هيٺ ڪوٺايو ويو هو، جڏهن مون معلوم ڪيو ته ذوالقفار سيال کي پروگرام جي دعوت ملي آهي يا نه، ته خبر پيئي ته نه، پوءِ اهو سوچي آئون مطمئن ٿي ويس ته ”قاسم پٿر يادگار ڪميٽيءَ“ جي ڪرتا ڌرتائن تي ڏک يا معيار اجائي آهي. جو انهن دوستن جي نظر پنهنجي نڪَ کان اڳتي ڪونهي. جنهن جي پڪَ پوءِ قاسم پٿر تي ترتيب ڏنل ڪتاب ’ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا‘ ۽ پوءِ جنهن نموني پروگرام هلايو ويو، ڏسي ٿيو. مونکي قاسم جي هڪ ويجهي دوست مگهن لال شرما ٻُڌايو ته سندس قاسم تي لکيل مضمون ڪميٽي وارن کي ڏنو، پر هنن ڄاڻي واڻي، سعيو ڪري ڪتاب ۾ نه ڇپيو. اهو مضمون پوءِ مون ’سنگت‘ جي پرچي مارچ، اپريل 2008ع ۾ ڇپيو.
    ان مهل دل ۾ خيال آيم ته جي قاسم پٿر جيئرو هجي ها ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسي پُڇانس ها ته ”قاسم هي سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي؟“ ته هڪدم وراڻي ها، ”هنن جا پيٽي مفاد آهن.“
    ان ئي چاليهي واري تقريب ۾ ”قاسم پٿر يادگار ڪميٽيءَ“ جي دوستن جن مهمانن کي گهرائي، اسٽيج جو سينگار ڪيو. انهن ۾ سائين روچي رام ۽ محترم قلندر شاهه لڪياري به هئا. روچي رام ته قاسم پٿر جو فڪري، سياسي ۽ ادبي ساٿي هو. پر قلندر شاهه لڪياريءَ، جنهن جي لاءِ منهنجي دل ۾ لک عزتون آهن، گهرائڻ سمجهه ۾ نه آيو.
    ان مهل منهنجي ذهن ۾ 2008ع ۾ ٿيل ”ميرپور بٺورو تاريخي ڪانفرنس“ جي حوالي سان، قاسم پٿر سان ٿيل بحث تازو ٿي ويو.
    ٿيو هيئن جو، هڪ ڏينهن، ڪنهن پروگرام ۾ منهنجي محترم قلندر شاهه لڪياريءَ سان ملاقات ٿي، ڳالهين ڪندي چيائين، ”يوسف! ڇو نه بٺوري تعلقي جي تاريخ لکجي.“
    مونکي سندس ڳالهه وڻي ۽ هڪدم هائوڪار ڪيم. ته پاڻ چيائين، ايندڙ مهيني، سندس ڏاڏي سيّد احمد شاهه لڪياري، جيڪو ميرپور بٺوري جي ڀرسان ڳوٺ احمد خان زنئورن لڳ دفنايل آهي، ان جو عرس آهي ۽ ڇو نه ان موقعي تي اها ڪانفرنس ڪجي. ڪانفرنس کانپوءِ دوستن کي موضوع ورهائي ڏجن، ايئن ڪم شروع ڪجي، قلندر شاهه لڪياريءَ سان طئي ڪري آئون هڪ جذبي تحت ڪم تي چڙهي ويس. سڀني دوستن کي دعوتون ڏنيونسين ۽ کين شرڪت جي گذارش ڪئيسين. ان سلسلي ۾ قاسم پٿر سان به مليوس ۽ کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻُڌايم ۽ ڪانفرنس ۾ اچڻ جي لاءِ چيم، ڳالهه ٻُڌي چيائين، ”نه ڪونه ايندس.....“
    ”ڇو ڪونه ايندين؟“ سندس ٺهه پهه جواب تي مون حيران ٿي پڇيومانس ”هاڻ اهو همراهه وري اُتي نئون پير ٺاهڻ ٿو چاهي، اسين کيس ۽ سندس گروهه کي نظرياتي محاذ تي شڪست ڏيئي چڪا آهيون. هاڻ اهي رجعت پسند همراهه وري اوهانجي ڪلهن تي بندوق رکي ٿا هلائين، سو آئون اهڙي ڪانفرنس ۾ نه ايندس، جيڪا منهنجي نظريي جي ابتڙ ماڻهن پاران ڪوٺائي ويئي هجي...“
    ”پرقاسم! ڪانفرنس جي واڳ ته منهنجي هٿ ۾ آهي.“ چيومانس. ”پرتنهنجي پويان ته هو ئي آهي.... توکي خبر به نه پوندي ته واڳ تنهنجي هٿن مان ڪيئن کسڪي ويئي ۽ تون رڳو حيرت ۾ ڏسندو رهندين.... توکي ان گروهه جي طريقي واردات جي خبر نه آهي.“ قاسم وراڻيو.
    گهڻي بحث کانپوءِ به جڏهن قاسم منهنجي ڳالهه نه مڃي ته آئون ساڻس ناراض ٿي اُٿيس ۽ چيومانس، ”قاسم! هاڻ ٽرينڊ بدلجي ويا آهن. ۽ تون اڃا تائين اوڻيهه سئو ٻڙيءَ واري زماني ۾ پيو رهين...“
    ڪانفرنس خير خوبيءَ سان ٿي گذري، پروفيسر قلندر شاهه جي سڄي سنگت محترم عزيز جعفراڻي، رسول بخش تميمي، غلام محمد جوهر ۽ ٻيا آيا... صوفي حضور بخش به آيو هو... تقريرون ٿيون.... شعر پڙهيا ويا... ماني کائڻ مهل پروفيسر قلندر شاهه کي چيم، ”سائين! هاڻ گڏجاڻي ڪجي... جيئن تاريخ لکڻ جي حوالي سان دوستن کي موضوع ورهائي ڏجن، يا ڪا ڪميٽي ٺاهجي.... جيئن ڪم جي اڳڀرائي ٿئي....“
    پر قلندر شاهه صاحب جو جواب ٻُڌي منهنجا تاڪ لڳي ويا. ”بابا يوسف! آهستي آهستي... هر سال ڪانفرنس ڪبي... ايئن اٺن ڏهن ڪانفرنس ۾ سڀ ڪجهه لکجي ويندو.... ڪميٽي ٺاهي ڇا ڪجي...!“
    اصل وڄي ويس... مونکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ۽ قاسم جي ڳالهه به دل سان لڳيم، في الحال ته پنهنجي سادگي ۽ ڪم ڪرڻ جي جذبي ۾ ڪانفرنسن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتم، پر پوءِ وري اُن ڪم ۾ حصو نه ورتم ۽ قاسم جي لفظن کي ذهن ۾ ورجائيندو رهيس ته ”ڪم انهن دوستن سان گڏجي ڪجي، جيڪي نظرياتي طور هم خيال ۽ چٽا هجن.“
    سو، جڏهن قاسم پٿر جي چاليهي واري ميڙاڪي ۾ اهڙن دوستن کي اڳين صفن ۾ ۽ اسٽيجن جو سينگار ڏٺم ۽ اُت اسان جهڙن سان ڪو هٿ ملائڻ جي لاءِ به تيار نه هو. ته خيال آيم ”جي قاسم پٿر سان رابطي جو ڪو ذريعو هجي ۽ چوانس ته قاسم تنهنجي نالي ۾ هي سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي“ ته هو ضرور اهو ئي جواب ڏي ها، ”هي سڀ منهنجي نالي ۾ پنهنجا پيٽي مفاد حاصل ڪرڻ ٿا چاهين.“
    ساڳئي ڳالهه قاسم پٿر تي مرتب ڪيل ڪتاب ’ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا‘ تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي. جن جو قاسم سان ڪو به نظرياتي واسطو نه هو، هر شئي انهن جي بِلي... ماٺ ڀلي هئي.
    سنگت جي ”گولڊن جوبلي ڪانفرنس“ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ سندس گهر ويس. مون کي سندس بيماري يا اسپتال ۾ داخل هئڻ جي خبر نه هئي. بس هڪ ڀيرو ذڪر ڪيو هئائين ته، ”چيڪ اپ ڪرائڻو اٿم“ پر مون اُن ڳالهه تي ڌيان نه ڌريو ۽ سمجهيم ته قاسم کي ڪا هلڪي ڦلڪي تڪليف هوندي. جڏهن گهران پُڇا ڪيم ته قاسم جي نياڻي ريشمان ٻڌايو ته ’فلاڻي تاريخ بابا جي باءِ پاس آهي‘، ”ڇا...!“ تاڪ لڳي ويم.... مون هڪدم ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي فون ڪري قاسم جي جناح اسپتال جي ڪارڊيو ۾ داخل هئڻ جو ٻُڌايو، خيال اهو هئم ته ذوالفقار سيال، جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽر آهي، متان قاسم جي ڪنهن ڪم اچي سگهي، ذوالفقار پوءِ مونکي ٻُڌايو ته هو ٻه ڀيرا قاسم سان وڃي مليو هو.
    لئبرري جي افتتاح وارو پروگرام ڏاڍو سُٺو۽ ڀرپور ٿيو. پروگرام جي دعوتي ڪارڊ ۾ قاسم لکيو هو: زندگي رهي نه رهي، اچو ته هڪ ڀيرو گڏجي دل جا حال اوريون. پر سچ اهو آهي ته اُن پروگرام ۾ قاسم کي جن دوستن جي اچڻ جي اميد هئي، انهن مان اڪثر نه آيا. عبدالواحد آريسر، عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت شوري جي اچڻ جو هو آخر تائين انتظار ڪندو رهيو. ٻاهران آيل دوستن ۾ هاشم کوسو، قادر بخش طالباڻي، مولابخش کوسو ۽ شاهه رضا پٺاڻ شامل هئا. مقامي طور تي غلام حسين رنگريز، پرويز، صوفي حضور بخش، الهه اوڀايو خشڪ، اسلم خيرپوري، ذوالفقار ڪانڌڙو، غلام رسول پرهياڙ ۽ ٻيا شامل هئا.
    قاسم پٿر جي خواهش هئي ته ان پروگرام جي انائونسمينٽ منهنجو دوست رشيد آزاد ڪري. ان کان اڳ به جڏهن، ميرپور بٺوري ۾ ’جيئي سنڌ محاذ‘ پاران ’صد ساله جشن جي . ايم . سيد‘ جو پروگرام ڪيو هئائين. ته به قاسم، انائوسمينٽ لاءِ رشيد آزاد کي چيو هو. پر اتفاق اهڙو ٿي، جو نوڪري جي پيل ونگن سبب رشيد ٻنهي پروگرامن جي انائوسمينٽ نه ڪري سگهيو هو. جشن ’جي . ايم . سيد‘ جي موقعي تي مون قاسم کان اجازت وٺي ”هلال پاڪستان“ اخبار پاران خاص صفحو شايع ڪيو هو. جيڪا ڳالهه قاسم کي گهڻي وڻي هئي. (۽ عجيب ڳالهه آهي ته رشيد آزاد کان انائوسمينٽ واري خواهش ائين پوري ٿي، جو سندس وفات کانپوءِ سندس چاليهي واري تقريب جي انائوسمينٽ جو پُکو رشيد آزاد جي نالي نڪتو.)
    رشيد آزاد جي نه اچڻ ڪري، لئبرري جي افتتاح واري تقريب جي انائوسمينٽ هڪ ٻي دوست غلام رسول زنئور جي حوالي ڪئي ويئي ۽ اسان گڏجي ويهي دوستن جي نالن جي ترتيب ٺاهي، جنهن موجب انائونسر کي مقررين کي گهرائڻون هو. پروگرام شروع ٿيو ته انائونسر دوست ترتيب کي پنهنجي پسند ۽ ناپسند موجب گهٽ وڌ ڪري ڇڏيو. اها طئي ٿيل ڳالهه ۽ ڊسيپلين جي خلاف ورزي هئي، جنهن جو مونکي بهرحال گهڻو رنج ٿيو.
    ٻي ڏينهن قاسم سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته مون سندس ڌيان ان خلاف ورزيءَ ڏانهن ڇڪايو. کيس ڏاڍي حيرت ٿي ته مذڪوره دوست ايئن ڪيئن ٿو ڪري سگهي. مون وري ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو، پر قاسم پنهنجي پَر ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ملاقات ٿي ته قاسم مونکي چيو: مون غلام رسول زنئور کان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. هن ان ڳالهه کي مڃيو به ... پر اهو دوست شخصن جي ۽ ڊسيپلين جي اهميت کان اڻ ڄاڻ آهي.... تنهنجو ڪم پنهنجي جاءِ تي گهڻن کان گهڻو آهي... پر پنهنجي طبقاتي بيهڪ جي ڪري توکي مستقبل ۾ به اڃا اهڙا ڪيترائي معاملا سامهون ايندا... پر مايوس قطعي نه ٿجان..!“



    1999ع ۾ منهنجو ترجمو ڪيل ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي“ ڇپيو ته آئون سيڙجي کيس ڪاپي ڏيڻ ميرپور بٺوري ويس. ڪتاب ته وٺي رکيائين. پر مون کان پُڇيائين. ”تنهنجو مقصد ڪهڙو آهي.... اجايا سجايا ڪتاب پيو ڇپرائين... ڪو چڱو ڪم ڪر...“
    مون وراڻيس، ”قاسم! منهنجي زندگي جو مقصد واضع آهي، آئون ڄاڻ ورهائڻ ٿو چاهيان... باقي ڪتاب اجايو آهي، يا سجايو..... اهو ڪتاب پڙهه ته پوءِ ڳالهائينداسين، اڳ ۾ ڪا راءِ نه ڏي...“
    قاسم ڪتاب پڙهيو ته کيس گهڻو وڻيو ۽ دل کولي ڪتاب ۽ ترجمي جي ساراهه ڪيائين. البت کيس ڪتاب جي ’ارپنا‘ نه وڻي. چيومانس، ”قاسم، تنهنجي راءِ پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن مولوي سڳورا مون تي ڪاوڙيا ۽ ڪيس داخل ڪيائون، ۽ مون وٽ ٽڪو به نه هو ۽ سنگت ساٿ به مون مان هٿ ڪڍي ويئي هئي ۽ آئون لڪندو پي وتس، ته ان شخص منهنجي مدد ڪئي ۽ منهنجو ڪيس وڙهيو ۽ بنا فيءَ جي وڙهيو. مون وٽ هن جي حيثيت هڪ مُحسن واري آهي.... مون ڪتاب سندس نالي ڪري سندس ڪجهه ٿورو لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي....“ مون اهو ڪتاب محترم يوسف لغاريءَ کي ارپيو هو. قاسم، جيڪڏهن ڪنهن لاءِ ڪو وڏي ۾ وڏي سخت لفظ استعمال ڪندو هو ته اهو ”واهيات“ هوندو هو، ٻيو ڪو گُٿو لفظ مون قاسم جي واتان ڪڏهن به نه ٻُڌو.


    انهن ئي ڏينهن، منهنجو هڪ ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب. ”مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي سوانح“، ”ڀورو بگهڙ“ جي نالي سان شايع ٿي رهيو هو. هڪ ڏينهن مون ساڻس اُن ڪتاب جو ذڪرڪيو ۽ پنهنجي ان خواهش جو اظهار ڪيم ته موڪل ڏي ته ان ڪتاب جي ”تنهنجي“ نالي ارپنا ڪريان.
    ”مونکي ڏي ڏسان ته پوءِ.... الائي ڪهڙو ڪتاب هوندو... ڪٿي منهنجي خيالن جي ابتڙ ته ڪونهي...“ جواب ڏنائين.

    ”ارپنا هڪ مڃتا هوندي آهي قاسم...! ان لاءِ ڪتاب ڏيکارڻ ضروري نه آهي... البت اها سا تون پڪ ڄاڻ ته ڪتاب تنهنجي شخصيت ۽ فڪر جي خلاف يا ابتڙ ڪونهي.“ وراڻيومانس.
    ”تنهنجي مرضي... پر اهو ڪتاب نيلسن منڊيلا جهڙو هجي نه ڪي جهڙو تهڙو...“ قاسم وراڻيو.
    پوءِ مون اهو ڪتاب قاسم پٿر ۽ ايس جي ڀاڳيا جي نالي منسوب ڪيو. ان ارپنا تي قاسم گهڻو خوش ٿيو. البت کيس اها ڳالهه نه وڻي ته مون ارپنا ۾ ٻي همراهه ’ايس جي ڀاڳيا‘ کي ڇو شريڪ ڪيو. سندس وڏو اعتراض اهو ئي هو ته ”ڀاڳيا“ خبر ڪونهي ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي. ڪٿي منهنجي فڪر جي خلاف شخص ته نه آهي... کيس سدائين ان ڳالهه جو اُلڪو رهندو هوته سندس ڪو به عمل سندس فڪر جي خلاف نه ٿئي. مون کيس ٻڌايو ته ڀاڳيا ٺيڪ ماڻهو آهي. بهرحال اڳتي هلي مونکي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته مون ارپنا ۾ قاسم سان گڏ ڀاڳيا جو نالو ڏيئي، قاسم جي شخصيت سان نا انصافي ڪئي آهي، ڀاڳيا لاءِ لک عزتون، پر هو اهڙو شخص نه آهي، جنهن کي قاسم سان ڳنڍي سگهجي.
    منهنجي خيال ۾ اهو پهريون ۽ آخري ڪتاب آهي، جيڪو قاسم جي نالي ارپيو ويو آهي.


    آئون، قاسم کي سدائين پيو چوندو هئس ته پنهنجون يادگيريون لک، جو تو لڳ ڀڳ پنجاهه سال سياست کي ڏنا آهن. ڪئين لاڙها چاڙها اکين سان ڏٺا اٿئي، جهرجهنگ جهاڳيو اٿئي، جيلن ۾ ويو آهين ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو آهين، تنهنجا اهي تجربا ۽ مشاهدا سنڌ جي نوجوانن کي ڪم ڏيندا. ۽ سنڌ جي سچي پچي قومي تاريخ لکڻ ۾ ’سورس مٽيريل‘ جو ڪم ڏيندا.
    جواب ۾ چوندو هو، ”سچ چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

    ”ڀلي کڻي سڀ نه لک! جيڪي لکڻ نٿو چاهين، اهي ڀلي نه لک... پر جيڪي سمجهين ٿو ته آن دي رڪارڊ رهن، سي ئي کڻي لک....“ ائين اسانجو اُن ڳالهه تي اڪثر بحث مباحثو پيو ٿيندو هو. وفات کان ڇهه ست مهينا کن اڳ هڪ هنڌ گڏياسين ته چوڻ لڳو، ”منهنجو خيال آهي ته آئون پنهنجون يادگيريون لکان... ڪي ڳالهيون رڪارڊ تي اچن ته بهتر...“
    ڪجهه ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اهو طئي ڪيوسين ته آئون هڪ سوال نامون ٺاهي کيس ڏيندس... جن مان هو، جن سوالن جا جواب لکي سگهيو، سي لکندو ۽ باقي ٻين سوالن جا جواب ٽيپ ڪبا ۽ پوءِ اهي ٽيپ تان لاهي، صاف ڪري، کيس ڏيکاربا ۽ پاڻ انهن ۾ ڪاٽ ڪوٽ، واڌارا ۽ سڌارا ڪندو. ايئن فائنل ڪاپي تيار ڪبي. مون سوالن کي لکڻ به شروع ڪيو، پر پنڻ کان پڙهڻ ياد ڪونهي، پنهنجن کاسارن ۾ لڳو رهيس ۽ اهو سوالنامون مڪمل ٿي نه سگهيو، تيسين قاسم وڃي مٽي ماءُ جي هنج وسائي.
    قاسم ڪيترائي ڀيرا اُن ڳالهه جو اظهار ڪيو ته سندس ڪتاب ”رت ۽ غلامي“ نئين سر ڇپجي، ڇو ته ڇپجڻ کانپوءِ اهو ڪتاب ’پوليس‘ ڇاپو هڻي کڻي ويئي ۽ گهڻن ماڻهن تائين اهو پهچي نه سگهيو هو. 1


    جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته قاسم پنهنجي راءِ ۾ بي باڪ هو. منهن تي چئي ڏيندڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته بحث ۾ اڳلي دوست سان اٽڪي به پوندو هو. جنهن ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي دوست کيس ڪن ڳالهين کان جلهيندا به هئا. پر قاسم نموني سان، مام ۾ پنهنجي ڳالهه ڪري ويندو هو، قاسم اهڙي ئي هڪ ڳالهه جو ذڪر شيخ اياز سان ملاقات بابت، سيّد اڪبر جي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي مهاڳ ۾ لکي آهي:
    ”شيخ اياز سان آخري ملاقات سندس ڪلفٽن واري فليٽ تي مير ٿيٻي سان گڏ ٿي. مير ٿيٻي مونکي روڪيو ته ڪو به بحث ڪرڻون نه آهي. شيخ صاحب سان ايئن ئي دل لڳي ڪري ٿا اچون. شيخ صاحب ڀائيندو ته گهڻو هو. آڌر ڀاءُ کانپوءِ چانهه پيتي سين. ڪچهري ڪندي شيخ صاحب کي گذارش ڪيم ته هڪ سوال ڪريان، جيڪڏهن دل ۾ نه ڪرينءَ؟ اياز صاحب کي چيم ته تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته پيغام ڏيندڙ پنهنجي نظريي جو انڪاري ٿيو هجي، پاڻ بچاءُ ۾ هليو ويو ۽ چيائين، ”آئون ڪٿي ڦريو آهيان.“ چيومانس ”قبلا! مارائي ڇڏيئي سامهون سوئر وڄ، ڪير منهن ڏيندو.“


    هڪ ڀيري دڙي آيو ته پڇيائين، ”ٻڌو اٿم اڄڪلهه نمازون ٿو پڙهين؟“
    ”هائو....“ وراڻيومانس.
    ”ڊنو آهين يا دڙي جي اربابن ۾ ڪو ڪم اٿئي... يا چاچهين شمس الدين مان ڪي ڪم ڪڍڻا اٿئي...؟“
    ”نه ڊنو آهيان، نه اربابن ۾ ڪو ڪم اٿم ۽ نه ئي وري چاچا شمس الدين وٽ پاڻ کي وڻائڻ ٿو چاهيان.“
    ”پوءِ نمازون ڇو ٿو پڙهين....؟“
    ”قاسم! نماز پڙهڻ منهنجي لاءِ دلي سڪون حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي... اهو منهنجو روحاني معاملو آهي... هونئن به مذهب هر ماڻهوءَ جو ذاتي معاملو آهي.... نماز ته سائي جي . ايم . سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻيا فلاڻا فلاڻا به پڙهندا هئا...“
    ”پوءِ توکي نئشلسٽ سڏائڻ جو حق ڪونهي...“
    ”اهو وري ڪيئن...؟“
    ”اهو عربن جو ڪلچر آهي...“
    قاسم پنهنجي ڳالهه تي اڙيو ته ٻي اصل نه ڪندو هو، هاڻ کيس ڪيئن سمجهائجي... پوءِ ڪيتري ئي وقت تائين آئون قاسم جي ٽوڪن جو نشانو بنجندو رهندو هوس ته، ”پڙهين ٿو نمازون ۽ سڏائين ٿو پروگريسو ۽ نئشلسٽ...!“ قاسم جي انهن ٽوڪن ۽ طنزن کان بچڻ لاءِ، جڏهن ”سنڌيڪا اڪيڊميءَ“ پاران منهنجو، ڊاڪٽر محمد حميد الله خان جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”محمد رسول الله“ ڇپيو ته مون کيس ڄاڻي واڻي، ان جي ڪاپي نه ڏني، نه ته اڪثر ڪتابن جون ڪاپيون کيس ڏيندو رهندو هوس.
    هڪ ڀيري قاسم ڪراچي مان موٽيو ته وٽس قرآن شريف جو هڪ ڏاڍو خوبصورت ترجمي وارو نسخو هو. مون مذاق ۾ پڇيس، ”قاسم.... ڏي خبر... هاڻ تون به....!“
    وراڻيائين، ”ڪراچي مان قرآن شريف جو هي نسخو ان ڪري کڻي آيو آهيان ته جيئن فلاڻي کٿابيءَ کي ڏيان.... هن کي ڪتابن گهڻي دلچسپي آهي.... معنيٰ سان قرآن شريف پڙهندو ته سمجهه وڌنديس...“
    قاسم ڏاڍي مريادا وارو ماڻهون هو.... هڪ ڀيري ميرپور بٺوري ۾ بس اسٽاپ تي بيٺا هئاسين، جوقاسم ڪراچي واري بس مان لٿو. رمضان جو مهينو هو... ستاويهون يا اٺاويهون روزو هو. اسين پاڻ ۾ گڏياسين... بس اسٽاپ تي هوٽل کليل هئي، سو قاسم کي چيوسين ته ”هل ته چانهه هلي پيئون.“
    ”هلو ڀلي... پر آئون نه پيئندس جو مونکي روزو آهي...“ قاسم وراڻيو.
    ”قاسم .... توکي ۽ روزو...!“ اسان حيرت مان پُڇيس...
    ”هائو!“ قاسم وراڻيو، ”رات ڪراچي ۾ حافظ محمد صديق ميمڻ وٽ ٽڪيل هئس.... اثر تائين پي ڪچهري ڪئيسين... اثر مهل حافظ جي نياڻي سحري کڻي آئي ۽ چيائين، ”چاچا! اڄ اوهان به روزو رکو.... آئون ٻارڙي کي انڪار نه ڪري سگهيس ۽ روزو رکي ڇڏيم...“.


    غلام مصطفيٰ شاهه ۽ قومپرستي


    هڪ ڀيري ڪنهن دوست سيّد غلام مصطفيٰ شاهه جو ڪو بيان پڙهي قاسم کي اُن جو حوالو ڏنو ۽ چيس، ”غلام مصطفيٰ شاهه وڏو قومپرست آهي...“

    قاسم ٺهه پهه وراڻيو، ”غلام مصطفيٰ شاهه قومپرست ٿي نٿو سگهي.“،
    ”ادا، هن جا بيان ته پڙهي ڏس.... هن جون ڪوٺايل ڪانفرنسون... سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ پاران گڏجاڻيون ۽ قراردادون ۽ سنڌ ڪواٽرلي جي اشاعت ۽ ٻيا الاڻا فلاڻا ڪم... ۽ تون چوين ٿو ته هو قومپرست نه آهي...“
    ”هو قومپرست نه پر موقعي پرست آهي.“
    ”اهو وري ڪيئن!؟“
    ”ڇاڪاڻ ته هو حج تي ويو هو.“ قاسم جواب ڏنو، انهن ڏينهن غلام مصطفيٰ شاهه حج ڪري موٽيو هو، ۽ اخبارن ۾ اهڙي خبر ڇپي هئي.
    ”پر حج جو قومپرستيءَ سان ڪهڙو واسطو....؟“
    ”جنهن شخص جو ڪعبو قبلو ٻي ملڪ ۾ هجي ۽ هن جو روحاني رشتو ڪنهن ٻي ڌرتيءَ سان هجي... اهو قومپرست ٿي نٿو سگهي...“ قاسم وراڻيو.


    هڪ ڀيري ڪنهن دوست قاسم کي چيو، ”اڄڪلهه پليجو صاحب، جناح صاحب جي وڏي واکاڻ ٿو ڪري.“
    ”اُن ڪري ته هو اسٽبلشمينٽ سان ٺهڻ ٿو چاهي...“ قاسم وراڻيو.
    ”جناح جي واکاڻ جو اسٽبلشمينٽ سان ٺهڻ جو ڪهڙو واسطو؟“ دوست پُڇيس.
    ”جناح صاحب اسٽبلشمينٽ لاءِ هڪ نشان آهي قبوليت جو... ۽ جناح جي تعريف ئي اسٽبلشمينٽ سان ٺاهه جي ڪُنجي آهي...“
    سيّد اڪبر جي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي مهاڳ ۾ محترم رسول بخش پليجي جي هڪ انٽرويو جو حوالو ڏيئي، هڪ ڏاڍي مزيدار راءِ ڏني اٿس.
    ”ڏاها رڳو ڄاڙهيون ويٺا هڻندا آهن، هنن جو نظرين سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي، مثال طور: تازو پليجي صاحب ٽي وي تي انٽرويو ۾ چيو: منهنجا آئيڊيل حضرت محمد مصطفيٰﷺ مهاتير محمد، حضرت عمر ۽ مائوزيتنگ وغيره آهن... منهنجا سائين، هڪ ٻئي سان اُبتو بيٺل نظرئي جي ليڊرن کي اوهين ڪيئن ٿا آئيڊيل مڃيو...؟“


    آئون جڏهن ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سيڪريٽري جنرل هوس ته اسان 28 آگسٽ 2008ع تي حيدرآباد ۾ ’سنڌي ٻولي اٿارٽي‘ جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ ’سنڌي ٻولي، قومي ٻولي‘ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن جي صدارت سائين محمد ابراهيم جويي ڪئي. خاص مهمان محترم رسول بخش پليجو هو. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي چوٽيءَ جي ليکڪن ۽ دانشورن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، ڊاڪٽر فهميده حسين، حميد سنڌي، ڊاڪٽر هدايت پريم، نصير ميمڻ، جامي چانڊيي، پرويز، آزاد قاضي، قلندر شاهه لڪياري، نواز خان زئور، پرواني ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ختم ٿي ته پليجو صاحب گهر روانو ٿيو ۽ سندس هڪ ڪارڪن کي چيائين، ”پرويز ۽ يوسف سنڌيءَ کي چئو ته گهر اچن... آئون سندن انتظار ٿو ڪريان.“
    ڪم ڪار لاهي، آئون ۽ پرويز، سڌو پليجي صاحب وٽ وياسين، ڏاڍي سُٺي ڪچهري ٿي. ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنائين ۽ منهنجي همت افزائي ڪيائين. ڪچهريءَ دوران پليجي صاحب جي پراڻي سنگت جو به ذڪر نڪتو، جنهن ۾ قاسم پٿر به هو، ڳالهين ڪندي پليجي صاحب هڪ عجيب ڳالهه ڪئي ته، ”قاسم سٺو ورڪر هو... پر هو کيس ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو ته هو ڇا ٿو چاهي....؟“
    مونکي اوڏي مهل ’پٿر‘ جي افساني ”رتُ آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ جا هيٺيان جملا ذهن ۾ تري آيا.
    ..... هن چٺي ڪڍي ڏني، چيائين، ’رسول بخش گرفتار ٿي ويو آهي، اڙي هن سائنسي صديءَ ۾ ”انڌا اونڌا ويج“ جو لکندڙ، پشو پاشا جو نقاد، پسي ڳاڙها گل جو فنڪار، شاهه ڀٽائيءَ جو پارکو، تقرير ۾ موتي پوئيندڙ، سنهڙو سانورو اڦراٽي مانيءَ جهڙو، سنڌ جو پتنگ، وڍيو هوئين ته ويهه جو لکندڙ، ميٽنگ ۾ چڙهي پيا هئس، گاريون ٺونشا، چيائين، اهي اٽڪلون ٻين سان ڪريو، سنڌ تاريخ ۾ گهڻا دوکا کاڌا آهن، الر وارا مُرڪندا رهيا، بچائڻ وارا بچائيندا رهيا، گارين ڏيڻ وارا گاريون ڏيندا رهيا. رسول بخش اڙيو رهيو، ايئن جيئن هوشو مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، اهو گرفتار. ها ادا! رات جو هڪ بجي پوليس گهيرو ڪيو، نوويڪس هيراآباد جي بلڊنگ نه هئي، ڄڻ دُڦيءَ وارو ٻيلو هو، رسول بخش سنڌ جو عظيم فنڪار نه هو، پر ڦل ماڇي، مولچند ٻيلي وارو ڌاڙيل هو....
    حد ادب جي هئي، پليجو صاحب ڳالهائي رهيو هو، وچ ۾ ڳالهه ڪٽڻ مناسب نه هئي، کانئس پُڇي نه سگهيس ته ”اوهان جهڙو ڏاهو ماڻهو کيس سمجهي ڇو نه سگهيو...؟“
    قاسم پٿر جي وفات کانپوءِ دوستن مٿس ڪتاب ڇپايو هو، ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“ ان مهل مونکي اُن ڪتاب ۾ عالم شاهه جا لکيل لفظ ذهن ۾ اُڀري آيا، جيڪي هن قاسم پٿر جي لاءِ لکيا هئا.
    ”.... پليجي صاحب چيو، هي ماڻهو مونکي ٻانهن کان جلهي، سجاول ۽ ٺٽي کان ٻاهر نه ڪڍي ها ته آئون هن منزل تي نه هجان ها...“ (صفحو: 150)

    عالم شاهه پاران انهيءَ اعتراف جي باوجود به هن پنهنجي ڪتاب ”ماڻڪ چوڻون جن جو“ ۾ قاسم پٿر جي شخصيت بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن تي سواءِ افسوس جي ٻيو ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. عالم شاهه لکي ٿو:
    ”.... پليجي صاحب جي ڳالهه همراهن مڃي ۽ فيصلو ٿيو ته قاسم پٿر سنڌ جو دورو ڪري، پندرهن ڏينهن ٻاهر رهي... پٿر پهرين نه نه ڪئي، پر نيٺ همراهه کي سنڌ جي دوري تي روانو ڪيوسين. کيرون مبارڪون ٿي ويون... فاضل صاحب ۽ ٽنڊي محمد خان وارا دوست سڀ گڏ ٿي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ واري ڳالهه تي خوش ٿيا. ٻئي ڏينهن خبر پئي ته پٿر بٺوري پهچي ويو آهي. پليجي صاحب، فاضل صاحب کي گهرايو ۽ چيائين ته ”پٿر ته بٺوري ويٺو آهي.“ خير هڪ همراهه موڪلي پٿر کي حيدرآباد گهرايو ويو، کانئس پڇيوسين ته ڇا مسئلو آهي؟ تنهن تي هن چيو ته موري پهتس ته رات سهائي چوڏهين هئي، مونکي سڄي رات ننڍ ڪانه آئي، مون سوچيو ته هن پرديس ۾ مون جهڙو حساس اديب اڪيلو ڪٿي ٿو رهي سگهي. جڏهن ته اهڙي ڪا واقفيت به ڪونهي، انهي ڪري انهي ڳالهه کي ڇڏيو، پليجي صاحب کيس چيو، اهو سڄي سنگت جو فيصلو آهي، تنهنڪري انهيءَ تي عمل ٿيڻ گهرجي پر پٿر جون ٽنگون ٽي چوٿين ٺهي ئي ڪانه.“ (ص: 56)

    منهنجو مطلب، هتي ڪو مٿين ڳالهه جي حوالي سان، سيّد عالم شاهه کي جواب ڏيڻ ڪونهي، پر رڳو ايترو چوندس ته سيّد عالم شاهه پنهنجي ان ڪتاب ۾ نه رڳو ’قاسم پٿر‘ پر ٻين به ڪيترن ئي پنهنجن پراڻن دوستن جي ڪردار کي نهايت گهٽائي ۽ غير اهم ڪري پيش ڪيو آهي ۽ انهن کان شعوري انڪار جي ڪوشش ڪئي آهي. ان حوالي سان عالم شاهه جا ’قاسم پٿر‘ جي حوالي سان ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“ ۾ لکيل جملا، سندس ڪتاب ”ماڻڪ چوڻو جن جو...“ جي مٿين جملن جي نفي ڪن ٿا.
    قاسم پٿر هڪ اهڙو ڪردار هو، جيڪو سڄي عمر سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ متحرڪ رهيو، مايوسي يا ماٺ ڪري ويهڻ سندس لاءِ وڏو ميهڻون هو، قاسم لاءِ ورچي ويهڻ يا آرام ڪرڻ حرام هو.
    موجيم که در آسودگي ما عدم ما
    ما زندگانيم که آرام نه گيريم.
    (حافظ شيرازي)
    (بي قرار آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي آسودگي منهنجو موت آهي، آئون جيئروئي ان ڪري آهيان، جو بي آرام آهيان.)
    قاسم چوندو هو ته: ڪٿي به هجو، پر سياسي عمل کان پري نه ٿيو، سياسي عمل ئي نجات جو ذريعو آهي، قاسم، ٻي جنهن ڳالهه تي زور ڀريندو هو، سا اها ته اڀري سڀري، پر پنهنجي جدوجهد هجي. ٻين جي پٺيان نه هلجي، پنهنجي طاقت ٻين جي ايجنڊا جي وَر نه چاڙهجي. پنهنجي هڪ مضمون ”پنهنجي چاڙهيو“ ۾ قاسم لکي ٿو:
    ”سياسي چرپر زندگيءَ جو اجاگر ڪندڙ عمل آهي، جيڪڏهن ڪو به قوم يا فرد انهيءَ کان لاتعلق ٿيو ته ايئن سمجهو ته هن ٻيئي جهان برباد ڪيا، ٻنهي جهانن مان مراد حال ۽ مستقبل آهي.“
    قاسم جي اها سياسي چرپر ئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ وقت جي سرڪار کيس پنهنجو مزمان ڪندي رهندي هئي ۽ هو مقامي توڙي غير مقامي رجعت پسندن جي الزامن جو شڪار رهيو ۽ کيس ’ڪافر‘ چيو ويندو هو. سندس اها سياسي چرپر ئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ جهوڪ جي هڪ مرهيات شاعر ”جان محمد جتوئي“ قاسم تي جيڪو شعر لکيو، تنهن جو هڪ بند هن ريت آهي.
    رستو روسي، چاهت چيني
    پوءِ به چون ٿا، پٿر سنڌي، ڀتر سنڌي.
    قاسم جي زندگي سياسي عمل ۾ ئي گذري، هن نه ڪڏهن موقعي پرستيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن مال ميڙيو، جيڪو حال هئس اُن تي ئي خوش رهيو.
    شعرن ۾ ڇڏي خرچي، اسان پنهنجي زندگي
    افسوس جو ٻين جان نه ڪٺو مال ڪيوسين.
    (ايم ڪمل)
    سو، منهنجي خيال ۾، سيّد عالم شاهه، پٿر جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو سواءِ تنظيمي شاونزم جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي.


    گوتم ٻُڌ جو چوڻ هو ته، ”انسان جي زندگي لڙائي جڳهڙي، بي چيني، ۽ غم سان ڀريل آهي. ان ڏک جو ڪارڻ سندس حوَس يا سَڌ آهي. ڏک ڀري زندگيءَ کان ڇوٽڪاري جو رستو آهي نرواڻ، نرواڻ معنيٰ ڇوٽڪارو، يعني جوف يا خواهش ڇڏي ڏيڻ.“
    زندگي ۾ مون ڪيترن ئي ماڻهن کي پئسن جي حوالي سان سڄو ڏينهن ”پئسو پئسو“ ڪندي رئندي ڏٺو آهي. عام ماڻهو ته پنهنجي ضرورتن جي حوالي سان پئسن نه هئڻ جو ذڪر پيا ڪندا آهن. پر ڏسڻا وائسڻا، سکيا ستابا، ماڻهو به مون اڃان به وڌيڪ پئسي جي وٺ پڪڙ ۾ ڏٺا. ٻيا ته ٺهيو، پر جن همراهن سڄي زندگي ذاتي ملڪيت جي خلاف هئڻ جو راڳ الاپيو ۽ سوشلزم اچڻ کانپوءِ ذاتي ملڪيتون ذاتي ملڪيت ختم ڪئي ويندي، جو پرچار ڪيو، انهن به ان ئي سياست جي آڌار تي جيڪي ذاتي ملڪيتون ڪٺيون ڪيون، بنگلا، محل ۽ ماڙيون، دوڪان ۽ ڪاروبار سيٽ ڪيا، سي به ڪرڪو ڏسي، پر مون قاسم پٿر کي ڪڏهن به پئسو پئسو ڪندي ڪونه ڏٺو يا ٻُڌو، سادي زندگي گذاريندو هو. اجائي ٺٺ ٺانگر، لئه يا ڦوشري سڄي زندگي نه ڪيائين. پهرين شايد هلڪا ڦلڪا ڌنڌا به ڀائيواريءَ تي ڪيائين. خاص ڪري ميڊيڪل اسٽور، پوءِ نياڻي ريشمان نوڪري ۾ چڙهيس ته ان جو پگهار، گهر هلائڻ جي ڪم ايندو هو. ماڙي جي هيٺان ٺهيل هڪ اڌ دوڪان جي مسواڙ به ملندي هين. سندس ڀاڻيج رفيق جي نوڪري هوندي هئي. گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو هو، سو هڪ خدا ٿو ڄاڻي ۽ ٻيا سندس گهر جا ڀاتي، پوين ڏهاڪو کن سالن ۾ جڏهن پاڻ ”مخدوم بلاول“ سوسائٽي جي آفيس سنڀاليائين، تڏهن ٿي سگهي ٿو ته ڪجه ”خرچ پکي“ جا پئسا ملندا هجنس. پوءِ ته اتان به ڇڏي آيو... پر مون ڪڏهن به قاسم کي ”يار ڀاڙو ڪونهي... يار ڀاڙو ڪونهي“ جو روئڻو روئيندي ڪونه ٻُڌو. وري سرگرم به ايترو جو سڄي سنڌ کان وڃي نڪرندو هو.
    نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ
    اهڙا جن اُهڃاڻ، آءٌ نه جيئندي ان ري.

    سماجي رشتن نڀائڻ ۾ به قاسم هروڀرو پٺتي نه هوندو هو. دوستن جي خوشي ۽ غمي ۾ هو سدائين پيرڀريندو هو. البت قاسم ۾ مون هڪ ڳالهه جا ڏٺي، سا اها پاڻ ڪٿي به شادي وغيره ۾ تڪلفات جي چڪرن ۾ نه پيو. پاڻ وٽ عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته ڪاڄيتا ڪاڄ جي دعوت ڏيندا آهن. ڀليون شاديون، ڪاڄ ڪندا آهن ۽ پوءِ در جلهي ويهي رهندا آهن هڪ عدد رجسٽر يا بندي کڻي، دعوتيل همراهه انهن وٽ ”ٿاري“ لکائيندا آهن.... ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اها رسم سٺي آهي يا خراب .... فيصلو نه ٿي سگهندو آهي...؟ البت ٻه دليل منهنجي ذهن ۾ سدائين پيا وڙهندا آهن، هڪ اهو ته سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن کي دعوتي، ماني کارائي، پوءِ انهن کي پئسا وٺڻ هڪ قسم جي ماني کارائڻ جي اُڳاڙي ئي چئبي. ٻيو دليل اهو ايندو آهي اها ٿاريءَ جي رسم هڪ لحاظ کان ڪاڄيتن جي وقتي مدد آهي. ۽ ان ٿاريءَ کي اسان سدائين اُڌاري ڀاڄي ئي چوندا آهيون.
    پر قاسم انهن ريتن رسمن ۽ تڪلفات کان آجو هوندو هو، دوستن جي خوشين ۾ باقاعده شرڪت ڪندو هو. پر هو هروڀرو ٿاري لکائڻ جي چڪر ۾ نه پوندو هو. مونکي قاسم جي اها ڳالهه يا اصول ڏاڍو سٺو لڳندو هو. نه ته ٿاري نه هئڻ سبب اسان جهڙا ڪئين همراهه سنگت ساٿ جا سڏ گسائي ويند اهئا ۽ پوءِ ڳچ وقت تائين انهن کان لڪندا وتندا هئا.


    ابن حيات پنهور لئبرري جو افتتاح ڪرايائين ته پوءِ جڏهن به وٽس بٺوري ويندو هوس. چوندو هوسانس لئبرري ۾ ٿا ويهون، پوءِ اتي لئبرري جي فرش تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. آئون وري ڇا ڪندو هئس ته ڪچهري به ڪندو ويندو هوس ته ڪتابن جي ڦلهور به جاري رهندي هئي. قاسم جي ان لئبرريءَ ۾ مون اهڙا ڪيترائي ڪتاب ڏٺا، جن جا اڳ ۾ رڳو نالا ٻُڌل هئم. انهن ۾ هڪ سر آغا خان جي آتم ڪهاڻي جو سنڌي ترجمون به هو. جيڪو مونکي پڙهڻ جو گهڻو شوق هو. اتي مون ۽ قاسم پاڻ ۾ اهو به طئي ڪيو ته اسان ڪتابن جي مٽا سٽا ڪنداسين ۽ واپسي جي بنياد تي پڻ هڪٻئي کي ڪتاب پڙهائينداسين، ان فيصلي تحت مون وٽ جن ڪتابن جون ٻه ٻه ڪاپيون هيون، انهن مان هڪ هڪ ڪاپي قاسم جي حوالي ڪيم ۽ قاسم به اهڙا ڪيترائي ڪتاب جن جون سندس لئبرري ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪاپيون هيون، انهن ڪتابن جي بدلي ۾ مونکي ڏنيون. ائين اسان هڪٻئي کي ڪافي ڪتاب به پڙهايا. مون کيس سوويت يونين جي اڳواڻ آندري گروڪو جي آتم ڪهاڻي ”سرد جنگ جا پنجاهه سال“ پڙهڻ لاءِ ڏني. جيڪا کيس ڏاڍي وڻي، سنڌي ۾ ان ڪتاب جو ترجمو رئوف نظاماڻيءَ ڪيو آهي. ان ئي فيصلي تحت سر آغا خان جي مٿين آتم ڪهاڻي کانئس پڙهڻ جي لاءِ کڻي آيس، ڪتاب وڏو هو ۽ آئون هوريان هوريان پڙهندو رهيس، جو قاسم جي وفات ٿي ويئي ۽ اهو ڪتاب مون وٽ ئي رهجي ويو.


    قاسم جي زندگي جي پوين ٽن چئن سالن ۾ جڏهن منهنجي ساڻس ويجهڙائپ وڌي ته هر سال ٻنهي عيدن تي آئون ۽ منهنجو دوست رشيد آزاد، دوستن سان عيد ملڻ جي لاءِ موٽر سائيڪل تي نڪرندا هئاسين. پهرين ڪانڌڙن ۾ ذوالفقار ڪانڌڙي سان ملندا هئاسين ۽ پوءِ ’لاکن‘ وڃي سائين ’پرويز‘ سان عيد ملي، ميرپوربٺوري قاسم پٿر سان عيد ملڻ ويندا هئاسين، جتي ساڻس ڪچهري به ڪبي هئي ۽ جي مانيءَ جي مهل هوندي هئي ته ماني به کائبي هئي. ماني ٽڪي جي معاملي ۾ قاسم ڪڏهن به دل نه هنئي، ۽ نه ئي وري ڪو وڏو اهتمام ڪندو هو، جيڪو گهر ۾ رڌيل هوندو هو، اهو کڻي ايندو هو ۽ وڌيڪ کوٽ ٽوٽ جي پورائي اوڙي پاڙي مان وٺي پوري ڪبي هئي ۽ ائين قاسم جو دسترخوان ست رڇي بنجي ويندو هو. ڪنهن دور ۾ سنڌ ۾ اهو رواج هوندو هو ته گهر ۾ ڪا چڱي شئي رڌبي هئي يا گهرجي کائڻ لاءِ ڪا چڱي شئي آڻبي هئي ته پاڙي ۾ ضرور موڪلبي هئي، جيڪو هڪ قسم جي پنهنجائپ جو احساس هوندو هو ۽ کوٽ ٽوٽ ۾ پاڙي مان ٻوڙ وٺڻ ۾ ڪو عيب نه پر حق سمجهيو ويندو هو ۽ بنا هٻڪ جي وٽي يا ٿالهي کڻي پاڙي جي ڪنهن گهر ۾ هليو وڃبو هو، هاڻ ته اهي قدر ئي نه رهيا آهن.
    اهڙي ئي هڪ ڳالهه جو ذڪر محترم منگهن لال شرما قاسم پٿر تي لکيل پنهنجي تاثر ”ڪالهه گڏيو سون ڪاپڙي“ ۾ هن ريت ٿو ڪري.
    هٿين خالي ڪجهه به نه هوندي به وٽس سڀ ڪجهه هو. ساڃهه وند دوست، بٺوري جي تلاءُ جي ڀر ۾، سامهون ٺهيل مٿي ماڙيءَ تي ايندا رهندا هئا. ڪڏهن ته پاڙي ۾ رهندڙ سندس ويجهن عزيزن، سئوٽن، ماساتن ۽ ڀيڻ جي گهران ماراني گهرائي به کارائيندو هو. هڪ ڀيري شهيد فاضل راهو چئن پنجن دوستن سان گڏ آيو. مانيءَ جو وقت هو. کاڌي ۾ چار پنج طعام ڏسي هڪ دوست فاضل کان پڇيو، تو پئي چيو ته قاسم پٿر ويچارو غريب آهي، پوءِ ههڙي سٺي مانيءَ ڪٿان آئي؟ تنهن تي فاضل هڪدم رڙ ڪئي، ”ادا پاڙو پني آيو اٿوَ“ پوءِ ته ٽهڪڙا هئا، حقيقت به ايئن هئي ايئن پيو ياري نباهيندو هو.
    هڪ عيد تي جڏهن اسين قاسم سان عيد ملڻ وياسين ته ڏٺوسين ته سندس ماڙيءَ کي تالو لڳو پيو هو، گهر جو در کڙڪايوسين ته قاسم نڪتو تالو کليو، ۽ اسين اندر وڃي ويٺاسين، کلندي چيومانس، ”قاسم ڪريو ٿا سياست ۽ عيد جي ڏينهن به اوطاقن کي تالا....“
    کلندي وراڻيائين، ”اڌ ڪلاڪ اڳ ڪي دوست آيا هئا، اهي هاڻ ويا آهن ۽ بس پنج منٽ اڳ گهر اچي ويٺو آهيان.“ ائين چئي کن پل چپ ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين، ”ڪو دور هو، جڏهن صبح کان وٺي شام، ويندي رات تائين سنگت ساٿ پيئي عيد ملڻ ايندي هئي ۽ سڄو ڏينهن پيا ڇوڪرا مهمانن کي چانهيون پياريندا هئا ۽ اڄ اوهين ٻيا دوست آهيو، جيڪي عيد ملڻ آيا آهيو، هاڻ ته دوستن لاءِ سڪي مُئا آهيون... هاڻ سڀني جي ڊوڙ وڏيرن جي اوطاقن ڏانهن....“
    ”ائين ته آهي... پر قاسم ڪجهه ته اسين به ڏوهاري هونداسين...ا سان ماڻهن کي ڏنوئي ڇا آهي... اسان ته ماڻهن جي عام مسئلن ۾ ساڻن گڏ بيٺا ئي نه آهيون...“ مون چيس.
    ”ماڻهو مفادپرست آهن...“ قاسم وراڻيو.
    ”هائو، تون صحيح ٿو چوين.“ مون چيس، ”اسانجي قومي سياست ماڻهن کي فوري رليف ته نٿي ڏي، نه ئي وري اُن مان ماڻهن کي ڪو فوري رليف جو امڪان به آهي... ملڪي سيٽ اپ اهڙو آهي، جنهن ۾ ننڍي کان ننڍو ڪم به وڏيري جي چٺي چپاٽي ۽ سفارش کانسواءِ نٿو ٿئي. آفيسر سندن ٻڌا ٻانها آهن، ۽ وڏيرا چوويهه ڪلاڪ اوطاقون کوليو ويٺا آهن. ڪم ٿئي يا نه ٿئي... پر دم دلاسو... دڙڪو داٻ هر ڪنهن کي...... تنهنڪري منهنجي خيال ۾ ماڻهن تي ميار مناسب ڪونهي.“
    ائين قاسم ۽ منهنجي وچ ۾ ڇتو بحث شروع ٿي ويو. نيٺ چيومانس ”قاسم توسان پُڄڻ منهنجي وس ۾ ته ڪونهي، پر اڳ جڏهن اوهان وٽ ماڻهن جي رش هوندي هئي ته اوهين مقامي طور تي ماڻهن سان سندس هر ننڍي وڏي مسئلي تي گڏ بيهندا هئا، جدوجهدون ڪندا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ وڏيرن جون اوطاقون ويران ۽ اوهانجون آباد هيون، ۽ وڏيرا گهرن ۾ ويهي رهيا هئا، ۽ ماڻهو به اسان سان گڏ بيٺل هئا ۽ ميرپور بٺورو جدوجهدن جي حوالي سان ’ويٽنام‘ سڏبو هو، هاڻ اسان ماڻهن مان ۽ انهن جي مسئلن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ گهر ويهي رهيا آهيون ته حالت اها وڃي بيٺي آهي، جنهن جو پاڻ روئڻون پيا روئون...“
    قاسم جي وفات کانپوءِ ڪنهن دوست جو مٿس لکيل مضمون پڙهيم، جنهن ۾ هن دوست لکيو ته ’قاسم ڊاگ هيمر شولڊ،‘ جيڪو گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هو، تنهن کان متاثر ٿي پاڻ کي ’پٿر‘ سڏائڻ شروع ڪيو. دوست جو پنهنجو رايو آهي، پر منهنجي خيال ۾ ائين نه هو. ڊاگ هيمر شولڊ، سرمائيدارن جو نمائندو هو، ٿي سگهي ٿو ته قاسم کانئس متاثر رهيو هجي. قاسم سان ڪافي ڪچهريون ٿينديون هيون، پر قاسم ڪڏهن به اهڙو ذڪر نه ڪيو. نه ئي وري مون ڪڏهن کانئس اهو پڇيو ته اوهان پٿر ڇو سڏرائڻ شروع ڪيو؟ سندس وفات کانپوءِ سندس ڪيترن ئي دوستن کان اهو سوال ڪيم، پر ڪنهن به ڪو واضع جواب نه ڏنو. البت هڪ ڳالهه جا مونکي معلوم ٿي ته جڏهن قاسم پٿر ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ مان خارج ڪيو ويو ته ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي عوامي تحريڪ وارن هڪ ٻي ڪامريڊ مرهيات رسول بخش ڏيٿي کي ”جبل“ سڏڻ شروع ڪيو. جنهن جو مطلب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته، اسان وٽ پٿر جي جاءِ تي ’جبل‘ موجود آهي. پٿر ويو ته خير... ساٿي جبل ڏيٿو، جنهن جو نالو اصل نالو رسول بخش ڏيٿو هو. واهه جو دلير ۽ مڻيادار ماڻهو هو. صفا ٻهراڙي جو هو، اڻ پڙهيل، هاري تحريڪ ۾ اچڻ کانپوءِ دوستن ٿورو گهڻو پڙهايس، ائين لکي پڙهي ويندو هو، سدائين مقامي وڏيرن جي هلائن جو شڪار رهيو، پر ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو ۽ نه ئي وري ٿڪجي وڃي ساڻن ٺهيو. توڙ تائين عوامي تحريڪ ۾ رهيو، جڏهن 1988ع ۾ ملڪ جي چئن کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين گڏجي عوامي نيشنل پارٽي ٺاهي ته رسول بخش ڏيٿو عرف ساٿي جبل عوامي تحريڪ پاران اي اين پي جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو، ان ڏينهن مون ساٿي جبل کي ڏاڍو خوش ڏٺو هو، جڏهن پاڻ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌيو... عوامي نيشنل پارٽي جي نشتر پارڪ جي ’تاسيسي جلسي‘ ۾ اسٽيج تي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن سان گڏ ويٺو هو. هڪ ڀيري مونکي ٻڌايو هئائين ته هن پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکڻ شروع ڪئي آهي.
    ڳالهه پي ڪئيسين قاسم پاران پاڻ کي ’پٿر‘ سڏائڻ جي. سندس وفات کانپوءِ مون ڪجهه دوستن کان اهو سوال ڪيو، پر سڀني ٻُڌايو ته کين جبر نه آهي. منهنجي خيال ۾ پنهنجي اٽلٽا، همت ۽ جدوجهد جي ڪري ماڻهن کيس پٿر جهڙو سخت قرار ڏنو ۽ سڏڻ شروع ڪيو. ايئن پاڻ ’پٿر‘ سڏائڻ شروع ڪيو هوندو... ۽ پاڻ اُن ئي نالي سان سڏجڻ لڳو.


    ڪن معاملن ۾، قاسم جي سوچ ۽ خيال ٻين کان مختلف ۽ منفرد هوندا هئا. انهن ۾ هڪ فلسطين جو مسئلو به هو. جڏهن ميرپور بٺوري ۾ جساف ۽ سنڌ وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگردن، جن ۾ اسلم خيرپوري ۽ ٻيا شامل، ’ملعون جنرل ضيا‘ جي دور ۾، اسرائيل پاران لبنان ۾ فلسطيني مهاجر ڪئمپن ۾ قتل عام تي مظاهرا ڪيا ته کين گرفتار ڪيو ويو ۽ همراهه فلسطينين سان يڪجهتيءَ جي ڏوهه ۾ سال سال ٽيپ ڪاٽي آيا. هڪ ڀيري قاسم سان انهن جو ذڪر ٿيو ته قاسم چيو هنن اهي مظاهرا غير ضروري ڪيا آهن، انهن جي ضرورت نه هئي. ڊگهو بحث ٿيو. ڳالهه ڦري گهري اچي اُتي بيٺي ته فلسطيني حق تي آهن يا اسرائيل. قاسم جو موقف هو ته فلسطين اصل ۾ يهودين جو وطن هو، جن کي عربن اتان ڪڍيو هو ۽ هاڻ يهودي واپس وطن موٽي آيا آهن ته عربن کي مزاحمت نه ڪرڻ گهرجي. منهنجو ساڻس ان مسئلي تي اختلاف هوندو هو، چوندو هوسانس ته آبادي جي لڏپلاڻ جا ڪيترائي سبب ٿين ٿا ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هڪڙيون قومون فنا ٿين ٿيون ۽ ٻيون انهن جي جاءِ والارين ٿيون. جڏهن عربن آفريقا جي ملڪن مصر تيونس، لبيا، مراڪش، سوڊان ۽ ٻين تي قبضا ڪيا ته اهي ملڪ سڌريل، سکيا ۽ ستابا هئا، انهن جي پنهنجي ٻولي به الڳ هئي، جيڪا عربي نه هئي، وقت گذرڻ سان گڏ هنن ويندي مراڪش تائين پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر ڇڏي ڏني ۽ عربي ٻولي ان سڄي خطي جي عام ٻولي ٿي ويئي. انهن جون اصلوڪيون ٻوليون فنا ٿي ويون ۽ اهو سڄو علائقو عرب ڪلچر ۾ رڱجي ’عرب‘ تي ويو ۽ هاڻ هو عرب سڏجن ٿا، پر هو نسلن عرب نه آهن. ساڳئي حالت عراق سان به ٿي، جيڪو ان وقت ايران جو حصو هو. عربن جي بيت المقدس تي قبضي کانپوءِ اتان آبادي جي لڏپلاڻ بابت ڪو به ذڪر ڪونهي. يهودي ته اسلام جي اچڻ کان اڳ انهن علائقن جي عيسائي حڪمرانن وٽ موچڙن جي منهن ۾ هوندا هئا، ۽ انهن يهودين جي گهڻائي مسلمان ٿي ويئي، هونئن به يهودي مذهبي حيثيت سان هڪ قوم نه آهن، هو ته سڄي دنيا جي مختلف هنڌن تان اچي اسرائيل ۾ گڏ ٿيا آهن، جن ۾ ڪي جرمن، ڪي انگريز، روسي، يمني، آمريڪي ۽ ويندي سوڊاني... هنن جون ريتون رسمون ۽ ٻوليون ڌار... بس هڪ قدر مشترڪ آهي ’يهوديت.‘ پر قاسم پنهنجي موقف تي اٽل رهندو هو. کيس پنهنجي موقف تان ٿيڙڻ مون جهڙي سيکڙاٽ ورڪر جي وس ۾ ته نه هوندو هو.
    قاسم اسرائيلي سياستدان جنرل موشيٰ دايان کان به ڪافي متاثر هوندو هو، چوندو هو موشيٰ دايان وڏو مدبر سياستدان ۽ جنرل آهي. موشيٰ دايان جي اک تي ڪاري پٽي ٻڌل هوندي هئي. هو عربن لاءِ دهشت جي علامت هو. هن جي جنگي حڪمت عملين عربن کي وڏين شڪستن سان دوچار ڪيو... هونئن به اسرائيلي سياستدان ۽ جنرل وڏا ڏاها آهن، هنن کي پنهنجي ملڪ اسرائيل جو مفاد سڀني سياستن کان مٿي آهي.
    اسرائيلي سياستدانن جي ڏاهپ جو ڪِٿ هڪ مثال پڙهيو هوم، جون 1967ع جي عرب اسرائيل، ڇهن ڏينهن واري جنگ ۾ اسرائيل کي زبردست ڪاميابي حاصل ٿي. هن بيت المقدس جي اردني سيڪٽر سميت ڪيترن ئي عرب علائقن تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ جنگ ۾ اسرائيل جي ڪاميابيءَ جو هڪ راز هي به هو. اختلافن جي باوجود متحد ٿيڻ. انهيءَ وقت اسرائيل ۾ ليوي ايشڪول جي حڪومت هئي. ليوي ايشڪول ۽ موشيٰ دايان جي وچ ۾ زبردست اختلاف هئا. انهيءَ اختلاف سبب موشيٰ دايان 1964ع ۾ ڪابينا تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. ليوي ايشڪول 1963ع کان وٺي 1969ع تائين اسرائيل جو وزيراعظم رهيو.
    1967ع ۾ جمال عبدالناصر جي پاليسيءَ جي نتيجي ۾ جڏهن اهو محسوس ٿيو ته اسرائيل ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ ضرور لڳندي ته وزيراعظم ليوي ايشڪول انهيءَ مسئلي تي سنجيدگيءَ سان ويچاريو. کيس محسوس ٿيو ته جنگ جيتڻ لاءِ جنرل موشيٰ دايان جون خدمتون حاصل ڪرڻ بنهه ضروري آهن، جنهن کي جنگي مامرن ۾ غير معمولي مهارت حاصل آهي، تنهنڪري پهرين جون 1967ع تي جنرل موشيٰ دايان کي ڪابينا ۾ جنگي وزير طور کنيو ويو، جلدئي 5 جون تي جنگ شروع ٿي ويئي، جيڪا 10 جون 1967ع تي اسرائيل جي فتح تي ختم ٿي.
    انهيءَ کان اڳ جنرل موشيٰ دايان، ليوي ايشڪول تي سخت تنقيد ڪندو هو. ٻيئي هڪٻئي جا سياسي رقيب بنيل هئا، انهي جي باوجود به ليوي ايشڪول سندس فوجي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي کيس وزير دفاع بنايو، اهو ئي اختلافن جي باوجود متحد ٿيڻ اسرائيل جي ڪاميابيءَ جو سڀ کان وڏو راز آهي.
    ۽ قاسم پٿر کي اسرائيلي سياستدانن، خاص ڪري موشيٰ دايان جي اها ادا ۽ حڪمت عملي وڻندي هئي، هڪ ڀيري چيائين اسين هروڀرو فلسطينين جي حمايت لاءِ ٻڌل آهيون ڇا؟ هنن ڪڏهن اسانجي حمايت ڪئي آهي ڇا...؟ اسان کي جيڪڏهن پنهنجي آزادي لاءِ اسرائيل حمايت ڪندو ته اها به قبولينداسين. هڪ ڀيري قاسم اهو به ٻڌايو ته ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ۾ رهڻ دوران، محترم رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو فلسطيني فدائين سان ملڻ جي لاءِ بيروت به ويا هئا، جيئن سنڌي ماڻهن جي جدوجهد جي باري ۾ خاص ڪري عسڪري سکيا جي باري ۾ کانئن مدد وٺي سگهجي... پر شايد کين فلسطينين کان مايوسي پلئه پئي.
    اهڙي ئي ڳالهه نجم عباسي، پنهنجي ڪتاب ’سوچون هڪ سچار جون‘ ۾ به لکي آهي، هو لکي ٿو ته ’مون پنهنجو هڪ ڪتاب ياسر عرفات کي ارپيو، پر هاڻ سو چيان ٿو ته ڇا ياسر عرفات کي ان ڳالهه جي خبر هوندي.... ڇا کيس سنڌي قوم جي خبر هوندي، ان جي مسئلن بابت خبر هوندي، هن ڪڏهن به اسانجي جدوجهد جي باري ۾ نه ڳالهايو آهي، ياسر عرفات ته پاڪستان سرڪار وٽ، سرڪاري مهمان ٿي ايندو آهي، ٻين لفظن ۾ هو اسانجي دشمنن سان گڏ ويٺل آهي، ان صورت ۾ منهنجو کيس ڪتاب ارپڻ، مناسب نه هو... ياسر عرفات کي مظلوم هئڻ جي ناتي پاڪستان سرڪار جو مهمان ٿي اچڻ جي بدران، سنڌي ماڻهن جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي.‘
    انهن ڏينهن مونکي اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم مسز گولڊا ميئر جي آتم ڪهاڻي ”My Life“ هٿ چڙهي، جنهن جو ذڪر مون قاسم سان ڪيو. جنهن مونکي صلاح ڏني ته اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، ته جيئن سنڌي ماڻهن کي ٻي رخ جي به خبر پوي. مون ساڻس ها ڪئي، پوءِ ٻن ٽن دوستن کي اهو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڏيڻ لاءِ چيم، ڪن نظرياتي اختلافن جي ڳالهه ڪئي ته ڪن وري ٻيون ڳالهيون، پوءِ هڪ دوست اهو ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ مون کان ورتو ۽ پوءِ مون وري ان ڪتاب جو منهن ئي نه ڏٺو.
    ان ئي جذبي تحت قاسم ٻه ڪتاب پرويز کان به ترجمو ڪرايا، هڪ ’اليگزينڊر پاناگولس‘ جو انٽرويو، جيڪو اوريانا فلاسيءَ جو ورتل هو. جيڪو پوءِ ”پنڌ اڙانگا پٻ جا“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ ٻيو بلوچ قومي تحريڪ جي هڪ گوريلا اڳواڻ ’مراد خان بلوچ‘ جو انٽرويو.


    مون جڏهن سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان جي ضخيم آتم ڪهاڻي جو اختصاريل ترجمو ڪيو ۽ ان جو ذڪر سيد اڪبر ۽ قاسم پٿر سان ڪيم ته هو ڏاڍا خوش ٿيا، سيد اڪبر ته مونکي ان جو ترجمو به درست ڪري ڏنو ۽ زور ڀريائين ته اهو ڪتاب جلد ڇپائي... ۽ سندس چوڻ اهو به هو ته ان ڪتاب جو تعارف سائين جي ايم سيد کان لکرائڻ گهرجي، جيڪا صلاح قاسم پٿر کي به وڻي. هن اهو ذمون کنيو ته يوسف مون سان سن گڏجي هلي... آئون سائين جي ايم سيد کان ڪتاب تي تعارفي نوٽ لکرائي ڏيندس. پوءِ قاسم جيترا ڀيرا به ’سن‘ ويو ته مونکي هلڻ لاءِ چيائين... بهرحال آئون سن وڃي نه سگهيس. اها منهنجي بدقسمتي هئي، نه ته گهڻو ڪجهه ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ها.
    مون وري ان جو ازالو هيئن ڪيو، جو جڏهن اهو ڪتاب ”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ جي نالي سان ڇپرايم ته ان جي تعارفي نوٽ طور سائين جي ايم سيد جي تقرير مان هڪ اقتباس ڏنم، جيڪا پاڻ، خان عبدالغفار خان جي ’سن‘ اچڻ تي آجيان طور ڪئي هئائين، آئون ان ڳالهه کي به پنهنجي خوشنصيبي ٿو سمجهان ته مون سيد جي ان سالگرهه ۾ ننڍي کنڊ جي ٻنهي وڏن اڳواڻن کي پنهنجي اکين سان هڪئي اسٽيج تي گڏ ويٺل ڏٺو ۽ ٻڌو.


    قاسم اڪثر اها تنقيد ڪندو هو ته اوهين اديب آسائش پسند آهيو، جدوجهدن ۾ حصو نٿا وٺو، ۽ هاڻ اهڙو ادب ٿا لکو جيڪو ماڻهن کي مايوس ٿو ڪري ۽ ڀاڙيو ٿو بنائي. هڪ ڏينهن چيومانس، ”تون اديبن تي تنقيد ته ڪرين ٿو، پر پاڻ ته ڪجهه به نٿو لکين... جي ڀلا لکين نٿو ته آئون ’سنڌي ادبي سنگت دڙو‘ پاران بندوبست ڪريان ٿو، تون ليڪچر ڏي. قاسم ها ڪئي ته مون ليڪچر جو بندوبست ڪيو، موضوع رکيوسين ”اديب جو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي؟“
    قاسم مقرر وقت تي آيو ۽ ليڪچر ڏنائين، جيڪو نهايت مختصر پر جامع هو، پوءِ ڪافي سوال جواب به ٿيا.
    هونئن به قاسم اديبن ۽ شاعرن جي ڪردار جي حوالي سان سدائين چٽو رهيو، گهڻا سال اڳ 27 ڊسمبر 1986ع تي حيدرآباد سنڌ ۾، سنڌي ادبي سنگت هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ قاسم پٿر به تقرير ڪئي، هڪ دوست ان ڪانفرنس ۾ ٻين تقريرن سان گڏ اها تقرير به ٽيپ تان لاٿي، جيڪي سڀ تقريرون ۽ مضمون ڪنهن دوست منهنجي حوالي ڪيا، جيڪي پوءِ مون سڀ ’سنجها‘ مخزن جي فيبروري 1997ع جي پرچي ۾ ڇپي ڇڏيا، ان موقعي تي قاسم جي تقرير جو هيٺيون اقتباس سندس خيالن ڄاڻڻ لاءِ هت نقل ڪريان ٿو.
    ”سنڌ جا اديب شاعر، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهن ٿا، جيڪي سيکڙاٽ آهن، سي سڀ گڏ ٿي سوچين، باقي جيڪي ڏاها ۽ دانشور آهن، انهن کي گذارش آهي ته مصلحت کان ڪم نه وٺن، سندس ذهنن ۾ جيڪي سوچون آهن، انهن جي اظهار ۾ بزدلي جو مظاهرو نه ڪن، ڏاهپ سکن، سڄي دنيا جي ادب ۾ جيڪي ڪجهه ڏسن ٿا، اُن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ادب ۽ پنهنجي قوم جي خذمت ڪن، سنڌي ماڻهن کي جيڪي ڏک، تڪليفون ۽ عذاب آهن، انهن ۾ ساڻن ڀاڱي ڀائيوار ٿين، ايئن نه ٿئي ته هڪڙا ماڻهو ٽياس تي ٽنگيا پيا هجن ۽ اسان جا اديب وري قاضي قاضن وانگر وڃي پيش پون ۽ وقت جي بلاولن (انقلابين) ڏانهن وفد وٺي وڃڻ ته ”بابا! حالتون خراب آهن، پيش پئو!“ اها صورتحال گهٽ ۾ گهٽ اسان قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۾ نظر نه اچڻ کپي، پنهنجا ڏک، سک ۽ تڪليفون پنهنجي قوم پنهنجي عوام سان رهي ونڊائڻ کپن، ادبي پليٽ فارم جي حوالي سان آرام، سک ۽ رعايتون حاصل ڪرڻ نه کپن، اسان اديب جڏهن به ڪا مصلحت ڪريون، ڪو ڪمپرومائيز ڪريون يا ڪا سڌي اطاعت ڪريون، ته ٻيا به انسان آهن، منهنجا پاڙيسري آهن، منهنجا هم زبان ۽ هم قوم ماڻهو آهن، اُنهن تي جيڪا يلغار آهي، انهن تي جيڪا مصيبت ڪڙڪيل آهي، ان جو به احساس رکون.“


    19 ڊسمبر 2007ع تي قاسم کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڏک ۽ صدمي واري ڪيفيت ۾ ميرپور بٺوري جي بس اسٽاپ تي هڪ هوٽل ۾ اچي ويٺاسين ۽ قاسم کي ساري، سندس ڳالهيون ڪندا ۽ انهن ڳالهين جي ذريعي قاسم جي ڪردار ۽ جدوجهد تي ڳالهائيندا رهياسين، جو هڪ دوست ’مرزا غالب‘ جو هي شعر ٻڌايو:
    تهي اک شخص ڪي تصور سي منور
    اب وه رعنائي خيال کهان
    ميرپور بٺوري جي حوالي سان اهو شعر قاسم جي شخصيت تي ٺهڪي ٿو اچي، ميرپور بٺوري ۾ ڪيترائي مهربان، قدردان، دوست، اديب، عالم ۽ سياستدان رهن ٿا، جيڪي سماجي طور تي اسانجي يار قاسم پٿر کان وڌيڪ سُٺي حيثيت ۽ اثر جا ڌڻي آهن، پر قاسم ڪير سڏائي؟ پنهنجي ڪمٽمنٽ ۾، دوستي ۽ ڪشاده دليءَ ۾. جيئن منهنجي هڪ شاعر دوست گل خاصخيلي، قاسم پٿر جي ياد ۾ لکيل پنهنجي منظوم خراج ۾ چيو آهي.
    تلاءُ جي ڀرسان ماڙيءَ تي
    ڪو سنڌي ماڻهو رهندو هو
    واچوڙن جي موسم ۾ ڀي
    سو ’پٿر‘ بنجي بيهندو هو
    قاسم پٿر جي ترتيب ڏنل ’ساڻيهه‘ ڪتابي سلسلي جي پرچي ”ماءُ“ ۾ ”چڱا ائين چون“ جي عنوان سان ’سڀاش چندر بوس‘ جو هڪ قول ڇپيل آهي.
    ”هن فاني جهان ۾ هر شئي ختم ٿي وڃي ٿي، پر خيال، مقصد ۽ تصور ختم نٿا ٿين، فرد ڪنهن مقصد يا تصور لاءِ قربان ٿئي ٿو، پر تصور هزارين دلين ۾ وڃي واسو ٿو ڪري، هڪڙو نسل پنهنجا اُمنگ ۽ تصور ٻئي جي لاءِ ورثي ۾ ڇڏي ٿو. ڪو به تصور يا اُمنگ مصيبت ۽ قرباني کانسواءِ غلبو حاصل نٿو ڪري...“
    قاسم جي زندگي تي نظر ڊوڙائبي ته مٿيون قول مٿس ٺهڪي ايندو.


    گذريل ڪجهه سالن کان آئون ۽ منهنجو دوست رشيد آزاد، هر عيد تي، ميرپور بٺوري وڃي پنهنجي مشترڪه دوستن سان عيد ملندا آهيون، انهن ۾ قاسم سرفهرست هوندو هو، هن ڀيري اضحيءَ واري عيد قاسم پٿر جي وفات جي ٽن ڏينهن کانپوءِ آئي ۽ اسين به دستور موجب ميرپور بٺوري وياسين، جڏهن رشيد بائيڪ قاسم جي گهرواري گهٽيءَ ڏانهن موڙي ته قاسم جي ماڙيءَ وٽ پهچي مون کيس بائيڪ بيهارڻ جي لاءِ چيو ۽ لهي ماڙيءَ واري گهٽي ۾ گهڙي ويس، هڪ نظر قاسم جي گهرجي دروازي تي وڌم ۽ ٻي نظر مٿي ماڙيءَ تي، جتي قاسم جي اوطاق سان گڏ ”ابن حيات پنهور لئبرري“ به آهي ۽ پوءِ موٽي آيس.
    ”ڇو ڇاٿيو.....؟“ رشيد آزاد پڇيو.
    ”قاسم کي سلام ڪرڻ ويو هئس....“ وراڻيم.
    ”پر قاسم ته ڪونهي... تون به عجيب شخص آهين، يوسف سنڌي...“ رشيد چيو.
    مون ڪابه ورندي نه ڏني ۽ لانگ ورائي بائيڪ تي ويهي رهيس، منهنجون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر قاسم جي گهر جي دورازي تي نظر وڌم ۽ دل ئي دل ۾ چيم، ”چڱو قاسم! موڪلاڻي ڪانهي!“
    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
    آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي، جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    *
    اڄ نه پَسان سي، آتڻ ڪتيم جَن سين،
    هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪَ نهاريان.
    *
    (19 فيبروري 2008ع - دڙو)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471394
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ