ڪتاب جو نالو: ادب ۽ سياست
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، سنڌ
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 26 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1113 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 779 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ادب ۽ سياست“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن ۽ ليکن جو مجموعو آهي.امر جليل لکي ٿو:
”ڪتاب ”ادب ۽ سياست“ ۾ پنجٽيهه سال پراڻا قصا، ڪهاڻيون ۽ ليک پڙهي مون کي محسوس ٿيو آهي ته پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ سنڌ اتيئي بيٺي آهي. جتي ٽيهه چاليهه سال اڳ بيٺل هئي. چوريون، ڌاڙا، خون، پوليس جا ظلم، حاڪمن جي بيحسي، ڪاروڪاري، ڪاپي ڪلچر، تعليم کان نابري ۽ سياسي سوچ ۾ سنڌ اُتي جو اُتي بيٺي آهي. بلڪ زوال پذير ٿي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • مڃتا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪٿائون/ قصا

  • ست بدترين سال
  • ادب ۽ سياست
  •   خوشفهميءَ جي سُتي
  • اڻپوري خواهش
  •   ويسر
  • قومي ٻوليون
  •   واچ ۽ وارڊ
  • سدا سنڌ رهندي
  • باطني ون يونٽ
  • جيڪڏهن
  •   گفتگو
  •   شاعري
  •   چبوترو
  •   ٻولي
  • سختي شهادت جي
  • منهنجي صلاحڪار
  •   ڊرامائي هفتا
  • سياست جو پيغمبر
  • هوچي منهه جي ورسي
  • ون يونٽ جا روڳ
  •   هيءُ منهنجو وطن ناهي
  • چي گيوارا جو ٻليدان
  • معنيٰ جا منجهارا
  •   فرشتن کي معاف ڪريو
  •   عورت
  •   شاگرد ۽ هڪ سنڌي ڪامورو
  •   سياسي شعور
  •   بهاري، بنگالي ۽ سنڌ
  •   انصاف ۾ دير يعني انڌير
  •   نه کٽندڙ سلسلو
  •   نئون نڪورو آئين
  • اچو اچو ــ سنڌ ۾ وسو
  •   داخلائن ۾ مذهب جو دخل
  •   ڳالهه هڪ جاگيردار جي
  •   سنڌ ملڪ تي لامارو
  •   اسان جون علتون ۽ عادتون
  •   سنڌ امن ڪاميٽي
  •   مورخ جو مسئلو
  •   پلان
  •   سچل سرمست جي درگاهه جو ڪليم
  •   انقلاب جو پس منظر
  •   ماضيءَ جا منڪر
  •   گٽر ۾ ڪرڻ
  •   مرڻ کان پوءِ
  •   مُلڪ سڄو پبلڪ جو آهي
  •   ڏاڙهي ميجر
  •   بچان ۽ انب
  •   استعيفا ڏبي، نه ڏبي
  •   ڀڄڻ ڀڄائڻ بابت بل
  •   ڪهڙي ثقافت ؟
  •   ڪالهه ۽ اڄ
  •   ڪاپيءَ جو حق
  • وزير لوهر
  •   ڪنهن کي ڏوهه ڏجي
  •   سنڌ جي سڌرندڙ حالت
  •   بم ڌماڪو
  •   ايوب خان جو صلاحڪار
  •   ويٽنامين جي فتح
  •   ادب ۽ تاريخ
  •   هڪ تعليمي ڪانفرنس جو قصو
  •   عوام جي خواهش جو احترام ڪريو
  •   برناڊشا جي تقرير
  •   ادب مان پاڪستان کي خطرو
  •   آزاديءَ جو اٺاويهون سال
  • نجم عباسي جو پٽ ڇو نه چونڊجي سگهيو
  •   حسين ابن منصور الحلاج
  •   ذهني تباهيءَ جا سبب
  •   ترقي پسند ادب تي بندش
  •   اجرت تي تقرير لکڻ
  •   هڪ ديسي انگريز جي ڳالهه
  •   ڳالهه هڪ مذاڪري جي
  •   پاڪستاني ثقافت جي کوج
  •   ٻهراڙيون، ٻار ۽ تعليم
  •   نفسياتي جنگ
  •   مان نشاني تي آهيان
  •   زندگيءَ جو سفر
  •   بارود ۽ بمن جا واپاري
  •   اياز تي اُڇلون
  •   نئون معاشرو
  •   تاريخي قوتون
  •   حاڪمن جي چوڪڙي
  •   آمريڪا ۾
  •   اياز خلاف اسلام آباد ۾ مظاهرو
  •   هوشوءَ جو ڏهاڙو
  •   قياس آرائين واري قوم
  •   سرداري نظام جو خاتمو
  •   سپلائي لائين
  •   مبهم ڳالهيون
  •   منهنجا مثالي شاگرد
  •   ادب بابت مائوزي تنگ جو رايو
  •   ڪاروبار
  •   موت جي سزا بابت
  •   ڪهڙيون ڪهڙيون مائرون
  •   ملان جڏهن اقتدار ۾ ايندا
  •   ڪراچيءَ وارن جو مسئلو
  •   ادب، اديب ۽ سياست
  •   فساد
  •   ايجنسيون ۽ اسين
  •   تاريخ سان هٿ چرند
  •   پنهنجي طرفان
  •   ڪامورن جي آڪهه
  •   ڪوڙا ڊوميسائيل ڪير جاري ڪندا آهن
  •   تاريخ ۾ اپٽار
  • سچل ۽ چونڊون
  •   منهنجي جنگ
  •   مان ڏوهي
  •   نيشنلائيزيشن
  •   پٿر نه هڻو
  •   احوال هڪ ميٽنگ جو
  •   ڏونگر مون نه ڏکاءِ
  •   خون ۽ کستوري
  •   بنگالين جي علحدگي
  •   منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀينور ۾!
  •   ڏوهه ڏوهاري ۽ بي ڏوهي!

  • ارپنا

    محقق، ٻوليءَ جي ماهر، ناولسٽ،
    ڪالمسٽ، ايڊيٽر ۽ ڪهاڻيڪار
    سراج (سراج الحق ميمڻ) جي نالي.

    امر جليل


    مڃتا

    ممڪن نه هو ته هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچي سگهي، جيڪڏهن امڙ جهڙي منهنجي ادي منهنجا ليک سنڀالي نه رکي ها.
    مان مختيار احمد ملاح جو ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب لاءِ قصن، ڪهاڻين ۽ ليکن کي ترتيب ڏني.



    امر جليل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (281) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ادب ۽ سياست“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن ۽ ليکن جو مجموعو آهي.

    امر جليل لکي ٿو:
    ”ڪتاب ”ادب ۽ سياست“ ۾ پنجٽيهه سال پراڻا قصا، ڪهاڻيون ۽ ليک پڙهي مون کي محسوس ٿيو آهي ته پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ سنڌ اتيئي بيٺي آهي. جتي ٽيهه چاليهه سال اڳ بيٺل هئي. چوريون، ڌاڙا، خون، پوليس جا ظلم، حاڪمن جي بيحسي، ڪاروڪاري، ڪاپي ڪلچر، تعليم کان نابري ۽ سياسي سوچ ۾ سنڌ اُتي جو اُتي بيٺي آهي. بلڪ زوال پذير ٿي آهي.“

    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٿورا سائين امر جليل جا جنهن ڪتاب پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ نوجوانن لاءِ اتساهه ۽ اميدن ڀريل پيغام ڏنو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڪٿائون/ قصا

    ست بدترين سال

    1971ع کان 1977ع تائين پاڪستان جي تاريخ جا بدترين ست سال هئا. ڪاوڙ، ڪروڌ، نفرتون ۽ معاشري ۾ هڪ ٻئي لاءِ بيپناهه ڌڪار انتها تي پهتل هئي. برداشت ۽ تحمل ملڪ مان موڪلائي ويا هئا. معاشري جا مختلف گروهه، فرقا ۽ رهاڪو هڪٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا. سياسي حالتن اهڙو پاسو ورايو جو هر الزام سنڌ ۽ سنڌين تي مڙهيو ويو. ڪجهه مهينا اڳ ڪرايل چونڊن ۾ مغربي پاڪستان مان 99 سيڪڙو ووٽ کڻڻ وارو ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ٽٽڻ جو واحد سبب ٿي پيو. ملڪ جي ننڍي وڏي اخبار ۽ رسالا الزام گهڙي ٺاهي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪڍ پئجي ويا. الزام تراشين ۾ هو ايتريقدر هيٺ لهي آيا جو ڀٽي جي ذاتي ۽ گهريلو نوعيت جي ڳالهين کي سياست جو رنگ ڏيئي عوام آڏو پيش ڪيائون. ان سموري سياسي جنگ جي اڳواڻي جماعت اسلامي ڪئي هئي. ملڪ جا سمورا ڇوٽا موٽا ملان ان جنگ ۾ جماعت اسلاميءَ سان شامل ٿي ويا هئا. ملن کي منهن ڏيڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي وٽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن کان سواءِ ٻيو ڪو وسيلو نه هو.
    اُن سمي، ريڊيو پاڪستان پنجاهه سيڪڙو عوام تائين مس پهچندو هو، ۽ رڳو پندرهن يا ويهه سيڪڙو عوام ٽيليويزن ڏسي سگهندو هو. خاص طرح سان ٽيليويزن فقط شهري آباديءَ تائين محدود هو. سنڌ ۾ پارٽي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي روزاني اخبار هلال پاڪستان جو اجراءُ ڪيو. اردو اخبارن ۾ رڳو روزنامه امن کي ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ همدردي هئي. باقي ملڪ جون سموريون اخبارون ذوالفقار ڀٽي جي خلاف هيون. روزنامه امن گهڻو تڻو ڪراچي شهر تائين محدود هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي تي سخت تنقيد ۽ مخالفت جي اڳواڻي نطامي برادران جي اخبار نواءِ وقت ۽ جماعتي هفتيوار رسالي ”زندگي“ جي هٿ ۾ هوندي هئي. سچ پڇو ته اهڙي شديد تنقيد ۽ مخالفت جو ٽوڙ ڪنهن وٽ ڪونه هو. ماڻهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ نفرت ويئي پئي وڌندي.
    منفي تنقيد ۽ مخالفت جڏهن عروج تي هئي تڏهن نوجوان صحافي ۽ کاٻي ڌر جو شاگرد ارشاد رائو پنهنجي هفتيوار رسالي ”الفتح“ سان سياسي ميدان ۾ لهي آيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو کاٻي ڌر طرف لاڙو رکڻ وارا ٻيهر ذوالفقار علي ڀٽي جي چوگرد گڏ ٿيڻ لڳا. ڪجهه ئي وقت ۾ ڏاڍي پيچيده صورتحال پيدا ٿي پيئي. روزنامه امن ۽ هفتيوار ”الفتح“ اردو پريس جي تنقيدن ۽ مخالفت جو جارحانه دفاع ڪرڻ سان گڏوگڏ ذوالفقار علي ڀٽي کي وڪوڙي ويل وڏيرن، جاگيردارن، سردارن، پيرن ۽ ميرن خلاف پڻ محاذ کولي ڇڏيو. هنن جو خيال هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جلد کان جلد زميندارن کان جند ڇڏائي سڌو سنئون ترقي پسند قوتن جي اڳواڻي ڪري ۽ ملڪ کي ملن ۽ استحصالي طبقن کان آجو ڪرائي.
    مون پهرين ڏينهن کان روزاني ”هلال پاڪستان“ لاءِ لکڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ مان هڪ ڪالم روزانو اخبار لاءِ لکندو هوس. ڪالم جو عنوان هو ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ موضوع لاءِ مون تي ڪنهن به قسم جي بندش نه هوندي هئي. جنهن موضوع تي وڻندو هو لکندس هوس. ايڊيٽر سراج جي پٺڀرائي هئي. تنهن ڪري، اخبار جي مينيجمنٽ ۾ منهنجا مخالف هئڻ جي باوجود منهنجي تحرير سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙڇاڙ نه ٿيندي هئي.
    مون کي يقين هوندو هو. ۽ مون کي پورو پورو يقين آهي ته سنڌ جا ازلي دشمن وڏيرا، پير، مير، سردار ۽ جاگيردار آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ کين ڇوٽ ملي ويئي آهي. ڏندين ڏاند ٿي پيا آهن. صوبائي اسيمبليءَ کان وٺي قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ کيپ کوڙي ڇڏيا اٿائون. ڳوٺاڻي سنڌ سندن مورثي جاگير ٿي پيئي آهي. جنهن کي ڪهڙي قبيلائي خاندانن ڇهن ستن حصن ۾ وراهي هر هڪ حصي تي حڪمراني ڪري رهيا آهن. وٽن وڪيٽيون آهن. شڪارگاهه آهن، زمينون آهن، شگر ملون آهن، سيمنٽ جا ڪارخانا آهنم ڳوٺن ۾ ووٽ بينڪ قائم رکڻ لاءِ هنن ڳوٺاڻن کي وهمي. غير محفوظ اڻپڙهيل، بي هنر ۽ پنهنجو ٻانهو ڪري ڇڏيو آهي. ان لاءِ هنن ڪڏهن به ڳوٺاڻي سنڌ ۾ رستا ٺهڻ نه ڏنا. اسڪول کولڻ نه ڏنا، بجلي اچڻ نه ڏني، گيس اچڻ نه ڏني، ٽيليفون لڳن نه ڏني، اسپتالون ۽ ڪلينڪون کولڻ نه ڏنيون، اخبارون ۽ رسالا ۽ ڪتاب اچڻ نه ڏنا.
    سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن، وڏيرن، سردارن، پيرن ۽ ميرن جي ووٽ بينڪ کي اکيون ته آهن. پر هو ڏسي نه سگهندا آهن. کين ڪن ته آهن پر هو ٻڌي نه سگهندا آهن. کين وات ۾ زبان آهي پر هو ڳالهائي نه سگهندا آهن. کين کوپريءَ ۾ مڃالو آهي پر هو سوچي نه سگهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڳوٺاڻا صدين کان نا انصافين ڏاڍ، ڏمر ۽ ذلتن ۾ جيئندا آيا آهن. پر هر دفعي ووٽ ڪنهن پير کي، ڪنهن مير کي، ڪنهن سردار کي، ڪنهن وڏيري کي ۽ ڪنهن جاگيردار کي ڏيندا آهن.
    هلال پاڪستان جي ڪالمن ۾ قصن ۽ ڪهاڻين کان علاوه مون ذوالفقار علي ڀٽي، پيپلز پارٽي، سنڌ ۾ سنڌين تي ساڄي ڌرجي اردو پريس ۾ ايندڙ تنقيدن ۽ مخالفت کي ساڳي لهجي ۾ جواب ڏنا جهڙي لهجي ۾ هو مٿس تنقيد ڪندا هئا. مون چاهيو ٿي ته ذوالفقار علي ڀٽو استحصالي قوتن مان جند ڇڏائي ملڪ ۾ ترقي پسند قوتن جو ساٿ ڏئي. پر مان اڪيلو ائين ڪري نه سگهيس. جيڪي مون ڪرڻ پي چاهيو، سو منهنجي وس کان ٻاهر هو. باقي هڪ ڳالهه جي مون کي پڪ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي چوطرف جيڪڏهن استحصالي قوتن، چوڌرين، وڏيرن ۽ جاگيردارن بدران ترقي پسند قوتون هجن ها ته اڄ بلڪل ٻئي قسم جي تاريخ اسان جي آڏو هجي ها. جنرل ضياءُ الحق ڪنهن به صورت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيئي نه سگهي ها. ڏکي وقت ۾ استحصالي قوتن جا ڪوئا ٻرن ۾ لڪي پيا هئا.
    سياسي شعور ملڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي منهنجو لاڙو ترقي پسند ڌارائن طرف رهيو آهي. ايوب خان خلاف ڪراچيءَ جي چوڪن ۽ گهٽين ۾ ويڙهاند کان وٺي پنهنجين تحريرن سبب مان روشن خيال ۽ ترقي پسند لاڙن وارو ڪارڪن ٿي ماڻهن جي سامهون اچي چڪو هوس. ساڄي ڌر جي اردو پريس جي بيرحم تنقيدن ۽ مخالفت خلاف ڪالم لکندي منهنجو لهجو ڪنهن وقت سختگير ٿي پوندو هو. دانشمنديءَ سان جواب لکڻ بدران مون ساڳي هيٺاهين سطح تي لهي ساڄي ڌر جي اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل تنقيدن جا جواب لکيا. ملن جي ناراضگي مون کي منظور هئي. پر ڏک اِن ڳالهه جو رهجي ويو جو مون پنهنجا اردو ڳالهائيندڙ پڳ مٽ يار وڃائي ڇڏيا. اهڙا دوست خفي ڪري ڇڏيا جن سان مون 1950ع جي آخري ۽ 1960ع جي شروعاتي سالن ۾ اردو اسٽيج ڊراما لکيا ۽ ڊائريڪشن ڏني.
    مون کي ان ڳالهه جي قطعي پرواهه ناهي ته ملن مون کي ملحد ۽ ڪافر قرار ڏنو هو ۽ اهو تاثر ساڳي اثر سان اڄ تائين ملڪ ۾ موجود آهي. مون کي افسوس ان ڳالهه جو آهي جو اردو ڳالهائيندڙ دوستن مون کي متعصب سنڌي هجڻ جو ڏنڀ ڏئي ڇڏيو. هنن ان ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ته مان هڪ طرف ساڄي ڌر جي اردو اخبارن ۽ ملن خلاف نه فقط سنڌيءَ ۾ پر ”الفتح“ جي ڪالم ”کچهه سچ، کچهه جهوڻ“ ۾ به شدت سان لکي رهيو هوس. ساڳي وقت مان نج سنڌي استحصالي قوتن خلاف جنگ ڪري رهيو هوس. مان متعصب سنڌي هجان ها ته نج سنڌي استحصالي قوتن خلاف اکر نه لکان ها. ”پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي“، سمجهي اکيون پوري ڇڏيان ها.“
    1971ع کان 1977ع وارو دور فريبي دور هو. منطق کي مجهول ڪرڻ جهڙا واقعا سامهون اچي رهيا هئا. 71-1970ع وارون چونڊون پاڪستان ۾ ٿيون هيون. انهن چونڊن ۾ مشرقي پاڪستان ۾ 99 سيڪڙو ووٽ شيخ مجيب الرحمان کي، ۽ مغربي پاڪستان ۾ 99 سيڪڙو ووٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي مليا هئا. مجموعي طرح شيخ مجيب الرحمان کي قومي اسيمبليءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي تي ڪجهه سيٽن جي برتري حاصل هئي. ڊڪٽيٽرن مشرقي پاڪستان جي بنگالين کي هميشه شڪ جي نگاهه سان ڏٺو هو. جنرل يحيٰ خان، ان وقت جو ڊڪٽيٽر، بنگالين کي اقتدار منتقل ڪرڻ بدران ٽال مٽول ڪرڻ لڳو. ايجنسين اهڙي چال چلي جو اقتدار جي منتقلي وڳوڙن ۾ وٺجي ويئي. مشرقي پاڪستان ۾ بغاوت جي باهه ڀنڀٽ ڪري ڀڙڪي پيئي. فوج بغاوت جي باهه کي گولين سان وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي پيو. مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي پيو. باقي وڃي بچيو پاڪستان جو ننڍو اڌ، مغربي پاڪستان.
    ملڪ ٽٽڻ بابت مان آتم ڪٿا جي ٻئي ڪنهن باب ۾ ذڪر ڪندس. سموري جنگي ڪيفيت مون شدت سان پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ مان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آڊينس ريسرچ آفيسر هوس. معمول جي ڪم کان علاوه مون کي خاص تربيت ڏياري اسٽوڊيوز ۽ ڪنٽرول رومز جي سيڪيورٽي آفيسر لڳايو ويو هو. ان دور جي ڪٿا لاءِ مون کي الڳ چيپٽر لکڻو آهي. هتي ڳالهه ڪبي ملڪ جي ٽٽڻ کان پوءِ حيران ڪندر حالتن جي.
    71-1970ع واريون چونڊون پاڪستان ۾ ٿيون هيون. خوفناڪ خانه جنگيءَ کان پوءِ 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان ٽٽي پيو، خانه جنگي دوران چونڊن جي نتيجي تي ڪنهن به قسم جو عمل ٿي نه سگهيو هو. پاڪستان جو هر لحاظ کان وڏو اڌ مشرقي پاڪستان علحدگي اختيار ڪري بنگلاديش ٿي پيو. قائد اعظم جي پنجن صوبن واري پاڪستان جو ڪو وجود باقي نه رهيو. سواءِ مغربي پاڪستان جي. عياش ڊڪٽيٽر جنرل يحيٰ خان جي سياسي سوچ تمام ناقص ۽ هيٺاهين سطح تي هئي. جن ابتر حالتن، ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان گهٻرائجي حڪومت جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري ڇڏيون. ذوالفقار علي ڀٽي حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون. سڀ کان اڳ هن مغربي پاڪستان مان لفظ مغربي خارج ڪري مغربي پاڪستان کي پاڪستان جو نالو ڏيئي ڇڏيو. قائداعظم جو پنجن صوبن وارو پاڪستان ڦري ذوالفقار علي ڀٽي جو چئن صوبن وارو پاڪستان ٿي پيو.
    جنرل يحيٰ خان جو حڪومت هلائڻ لاءِ اختيار ذوالفقار علي ڀٽي کي منتقل ڪرڻ وارو فيصلو صحيح نه هو. اصلي پاڪستان، جنهن ۾ 71-1970ع واريون چونڊيون ٿيون هيون. باقي نه بچيو هو. تنهن ڪري 71-1970ع وارين چونڊن جو نتيجو خود به خود ڪالعدم ۽ منسوخ ٿي چڪو هو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو نئين پاڪستان ۾ نئين سر چونڊون ٿين ها، ۽ انهن چونڊن جي نتيجي مطابق حڪومت جي منتقليءَ جو عمل سامهون اچي ها. پر ائين نه ٿيو. جيڪو ملڪ ڊهي چڪو هو، ان ملڪ ۾ ڪرايل چونڊن جي نتيجي مطابق حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪئي وئي. ايئن فقط نئين پاڪستان ۾ نه ٿيو هو. نئين وجود ۾ آيل بنگلاديش ۾ پڻ وجود وڃائڻ واري پاڪستان ۾ ڪرايل چونڊن جي نتيجي مطابق حڪومت ڪرڻ جو حق يا اختيار شيخ مجيب الرحمان کي ڏنو ويو. بنگلاديش به نئين سر چونڊون نه ڪرايون. جن چونڊن کان پوءِ هڪ ملڪ ٽٽي پيو هو، تن چونڊن جي نتيجي تي ٻن نون ملڪن ۾ عمل ڪيو ويو.
    پاڪستان جي ٽٽڻ واري عمل جا چار مکيه ڪردار هئا. جنرل يحيٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ مجيب الرحمان ۽ اندرا گانڌي. تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته، اندرا گانڌي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شيخ مجيب الرحمان غير طبعي موت مئا. جنرل يحيٰ خان ڦٽ لعنت کائي، خواري ۽ ذلتن جا طوق ڳچيءَ ۾ پائي گمناميءَ جو موت مري ويو.
    ذوالفقار علي ڀٽي جي حامي اسان دوستن محسوس پئي ڪيو ته هو حڪومت جون آڇيل واڳون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. حالتون ڀٽي صاحب لاءِ سازگار نه هيون. ملڪ ٽٽي پيو هو. ملڪ ٽٽڻ جو سڄو سمورو الزام ذوالفقار ٿلي ڀٽي جي مٿي تي مڙهيو ويو هو. 71-1970ع وارين چونڊن ۾ مغربي پاڪستان ۾ هيرو ٿي اڀري آيل شخص اٺن، نون مهينن اندر ماڻهن لاءِ ولين ٿي پيو هو. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو عدم موجود پاڪستان ۾ ڪرايل چونڊن جي نتيجي مطابق نئين ٺاهيل پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ بدران نئين پاڪستان ۾ نئين سر چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ها. پر هن ائين نه ڪيو، هن نئين پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ڊهي ويل پاڪستان ۾ ڪرايل چونڊن جي نتيجي تي انحصار ڪيو. اِها ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي ۾ وڏي سياسي غلطي هئي، ۽ اها چُڪ سندس المناڪ موت ۽ پڄاڻيءَ جو سبب ٿي پيئي.
    پاڪستان جي ٽٽڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو سڌو سنئون عمل دخل نه هو، پر تڏهن به پاڪستان ٽوڙڻ جو الزام ذوالفقار علي ڀٽي تي مڙهيو ويو. اڄ تائين پاڪستان ٽوڙڻ جو الزام مٿس لڳندو رهيو آهي. اقتدار ته مليس پر مخالف قوتون کيس ورائي ويون. وري جو جهڪاءُ جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن طرف ٿيس ته سندس مخلص دوست، ڊاڪٽر مبشر حسن، جي اي رحيم ۽ معراج محمد خان جهڙا ساٿي کائنس پري ٿي ويا. جنهن عوام کي جاڳائي ذوالفقار علي ڀٽي ميدان ۾ آڻي فيلڊ مارشل ايوب خان جي حڪومت جو انت آندو هو. سو عوام سندس دشمن ٿي بيٺو. نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيائونس. روزنامه امن ۽ هفتيوار الفتح کي ڇڏي ملڪ جون سموريون اردو اخبارون سندس ڪڍ پئجي ويون. روزانو سوين ڪالم، مضمون، تبصرا ۽ ايڊيٽوريل لکبا هئا. اهڙي صورتحال ۾ ذوالفقار علي ڀٽي هلال پاڪستان اخبار شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. گڏوگڏ اردو اخبار مساوات به جاري ڪيائين. پر مساوات ڌڪ جهلي نه سگهي. ٻوٽو ٻارڻ کان سواءِ بند ٿي ويئي هئي.
    هلال پاڪستان سان گڏ مان الفتح لاءِ به ڪالم لکڻ لڳس. مون کي ذوالفقار علي ڀٽو وڻندو هو. پر سندس وڏيرا، پير، مير ۽ سردار ساٿي بنهه نه وڻندا هئا. هڪ طرف ڪالمن ۾ مان اردو پريس ۾ آيل تنقيدن جو ٽوڙ ڪندو هوس. ۽ ٻئي طرف وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ سردارن جي عوام دشمن رويي تي ڇوهه ڇنڊيندو هوس. ڪتاب ”ادب ۽ سياست“ ۾ پنجٽيهه سال پراڻا قصا، ڪهاڻيون ۽ ليک پڙهي مون کي محسوس ٿيو آهي ته پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ سنڌ اتيئي بيٺي آهي. جتي ٽيهه چاليهه سال اڳ بيٺل هئي. چوريون، ڌاڙا، خون، پوليس جا ظلم، حاڪمن جي بيحسي، ڪاروڪاري، ڪاپي ڪلچر، تعليم کان نابري ۽ سياسي سوچ ۾ سنڌ اُتي جو اُتي بيٺي آهي. بلڪ زوال پذير ٿي آهي.
    ڪتاب ”ادب ۽ سياست ۾ آيل ڪنهن قصي ۾ مون انهن نوجوانن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي مائوزيتنگ جي ٽوپي پائي، سيني تي مائوءَ جو ٻلو سجائي، سينو تاڻي هلندا هئا. هيٺين طبقي کي اقتدار ۾ آڻڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا. ان قصي ۾ هڪ هنڌ مون لکيو هيو ته پنجويهه ٽيهن سالن کان پوءِ اهي سجاڳ نوجوان اسيمبلين تائين وڃي پهچندا ۽ سنڌ جي صحيح نمائندگي ڪندا، ان ڳالهه کي لکيي ٽيهه چاليهه سال ٿي ويا آهن. اسيمبلين ۾ اُهي ئي، وڏيرا، پير، مير، سردار ۽ جاگيردار ويٺا آهن. مائو جو ٻلو سيني تي سجائي هلڻ وارا نوجوان الاءِ ڪيڏانهن ويا.
    جڏهن سڄي ملڪ جي ملائن مسيتن مان ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ ممڻ مچائي ڇڏيو هو. تڏهن اهڙي، آتش فشان جهڙي صورتحال ۾ ان دور جي وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽي باهه تي تيل جو ڇنڊو نه، بلڪه تيل جا ڊرم ڀري هاريا هئا. ڪراچي باه، جي ڀنڀنٽن ۾ پڄرڻ لڳي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي کيس لقب ڏنو هو مائي ٽيلنٽيڊ ڪزن، منهنجو باصلاحيت سوٽ، ون يونٽ دوران جيڪي به ڀڏا ڪم ٿيا هئا، تن کي نئين سر اصلي صورت ۾ آندو پي ويو. ون يونٽ ٺهڻ مهل سنڌ ۾ وڻج واپار ۽ مختيار ڪاري نظام ۾ سنڌي ٻولي استعمال ٿيندي هئي. پوليس جي ڪارواين ۾ به سنڌي استعمال ٿيندي هئي. اهڙي طرح سرڪار سان خط و ڪتابت به سنڌيءَ ۾ ڪري سگهبي هئي. قومي ٻوليءَ هئڻ سبب جيڪڏهن ڪو چاهي ته سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ لک پڙهه ڪري سگهندو هو. ون يونٽ لڳڻ شرط ۾ سنڌي لکپڙهه تي بندش پئجي ويئي هئي. ريلوي اسٽيشنن تان سنڌيءَ ۾ لکيل نالا ڊاهي ڇڏيا هئائون. سرڪار ۽ نيم سرڪاري ادارن جي نالن مان سنڌيءَ ۾ لکيل نالن کي خارج ڪيو ويو هو. ورنه ان کان اڳ سنڌ ۾ اسٽيشنن جا نالا، رستن جا نالا، شهرن جا نالا، آفيسن جا نالا سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيا ويندا هئا. مختلف محڪمن سان ڇوٽي موٽي خط و ڪتابت به سنڌيءَ ۾ ڪري سگهبي هئي.
    ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ پنهنجي ساءِ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ پنهنجي اصلوڪي حيثيت ملي ويئي هئي. ڪنهن به فرد واحد سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي احسان نه ڪيو هو. ڪنهن کي به اِن ڪم لاءِ مٿي تي پڳ ٻڌائڻ جي ضرورت نه هئي، پر سنڌ جي وزيراعليٰ سنڌ جي عوام کي اها خوشخبري پاڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن ملڪ جي بدترين سياسي حالتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. سڄو پاڪستان پڄريو پي، ملڪ ٽٽڻ ۽ مشرقي پاڪستان جي بنگلاديش ٿي پوڻ جو ڏوهه وڏي واڪ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنو پي ويو. مشرقي پاڪستان ۾ خانه جنگي دوران تمام وڏي تعداد ۾ بهاري ڪراچي پهچي چڪا هئا. بنگلاديش ٺهي پوڻ کان پوءِ بهارين جي ٻئي وڏي کيپ پڻ ڪراچيءَ ۾ اچي لٿي هئي. منجهن بي انتها ڪروڌ ۽ ڪاوڙ هئي. ڪراچيءَ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ مڇريا پي گهميا.
    اهڙي پسمنظر ۾ ممتاز علي ڀٽي ڏاڍي دٻدٻي ۽ رعب تعاب سان ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان اهو چوڻ بجاءِ ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ون يونٽ کان اڳ واري حيثيت بحال ٿي ويئي آهي، ممتاز ڀٽي کرج ۽ گرج سان اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان سنڌي هوندي. سمورو ڪاروبار سنڌيءَ ۾ هلندو. ان قسم جي سخت لهجي ۾ چتاءُ جو مطلب اردو ڳالهائيندڙ اهو ورتو ته سندن ٻولي، جنهن کي قومي اسيمبليءَ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو. تنهن ٻوليءَ تي سنڌ ۾ سنڌ سرڪار بندش وجهي ڇڏي هئي. اعلان جي دير هئي، سڄو شهر آتش فشان وانگر کامڻ لڳو. تنهن سمي سنڌ ۾ نه هئا ايڏي وڏي تعداد ۾ پٺاڻ، پنجابي ۽ سنڌي سڄي شهر تي اردو ڳالهائيندڙ حاوي هئا.
    ٻئي ڏينهن صبح جو رئيس امروهوي جي قطعي آتش فشان کي ڦاڙي وڌو. فسادن جو لائو نديون ڪري وهي پيو. جنگ اخبار جي پهرين صفحي تي چئني طرف ڏنل ڪاري حاشيي ۾ رئيس امروهوي لکيو هو ”اردو کا جنازه هي ذره دهوم سي نکلي“.
    73-1972ع جا اهي فساد اُن وقت تائين ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ وڏي کان وڏا فساد هئا. شهر سنڌ حڪومت جي هٿن مان نڪري ويو. مجبور ٿي مرڪزي حڪومت کي دخل ڏيڻو پيو. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي ٽيليويزن خطاب ۾ هٿ ٻڌي معافي گهري هئي. فساد بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ ممتاز علي ڀٽي طرفان پيدا ڪيل غلط فهمي دور ڪئي هئي. پر، ڏار بند نه ٿيا، شگاف وڌي ويا، ويجهڙايون وڇوڙن ۾ بدلجي ويون، ان کان پوءِ پنهنجو شهر ڪراچي سنڌين لاءِ اوپرو ٿي پيو.

    امر جليل
    4 جنوري 2010


    ادب ۽ سياست

    مون کي ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. جڏهن به ڳالهائڻ جي نوبت ايندي هي، تڏهن لکي ڳالهائيندو آهيان. انيڪ ڪوتاهين مان منهنجي هڪ ڪوتاهي اها به آهي جو ڳالهائيندي مان وڦلندو آهيان. مورن کي چور، ۽ چورن کي مور چئي ويندو آهيان. رهبر کي رهزن ۽ رهزن ڱي رهبر سڏيندو آهيان. ڪنهن وقت ائين به ٿيندو آهي جو ڳالهائيندي منجھي پوندو آهيان، تڏهن رحمان ملڪ کي رحمان ڊڪيت ۽ رحمان ڊڪيت کي وزيراعظم جو صلاحڪار رحمان ملڪ سمجھي ويندو آهيان. هونءَ به لياري وارو رحمان ڊڪيت، صلاحڪار رحمان ملڪ کان لکين دفعا وڌيڪ هينڊسم آهي. هينڊ سم وزيراعظم جو صلاحڪار به هينڊسم هئڻ گھرجي ورنه ڪنڊوليزا رائيس ۽ جارج بش جهڙي جوڙي، عراق ۽ افغانستان جهڙا ممڻ مچائي وجھندي آهي.
    ڪنهن ڪنهن وقت وڦلڻ ۾ ان کان به اڳتي نڪري ويندو آهيان تڏهن گھرواريءَ تي ٻاهر وري ۽ ٻاهر واري تي گھر واري هئڻ جو گمان ٿي پوندو آهي.
    منجھي مرڻ اتي دنگ نه ڪندو آهي، جڏهن گھر ۾ هوندو آهيان، پاڻ کي گهر وارو سمجهندو آهيان، جڏهن گهر کان ٻاهر هوندو آهيان تڏهن پاڻ کي ٻاهر وارو سمجهندو آهيان ڪنهن ڪم سانگي گهر فون ڪرڻي پوندي آهي، ۽ گهر واري جواب ۾ جڏهن، ”هلو“، چوندي آهي، تڏهن مان چئي ويهندو آهيان، ”الله وسائي مان تنهنجو ٻاهر وارو پيو ڳالهايان.“
    هڪ دفعي ته ڦاهي چڙهڻ کان بچي ويس. سمجهو ته ڄڻ معجزو هو. زرداري جو ذڪر ڪندي منهنجي وات مان نڪري ويو، ”زرداري الله منهنجي زاري.“
    بچي ان ڪري ويس جو مون ڊاڪٽر لائق زرداري ۽ ڊاڪٽر لائق زرداري جي ڪتاب تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، تي پئي ڳالهايو. سندس ڪتاب پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي. تنهن ڪري ڪتاب ۾ اسان ڪهاڻيڪارن واري يخي هنيل ناهي. ڪُنبائي ڇڏڻ جهڙو ڪتاب آهي. اعتقادن جو ڀرم ڀوري ڇڏڻ جهڙو ڪتاب آهي.
    سچ پڇو ته وڦلڻ ۽ منجهي مرڻ واري مرض کان مان ڏاڍو بيزار ٿي پيو آهيان. ان قسم جي ماجرا کي دماغ جو خلل سجهي مون هڪ دفعي پاڻ کي ڏاڍي نامي گرامي نيورالاجسٽ جي سپرد ڪري ڇڏيو هو. نامي گرامي نيورالاجسٽ ڪنهن به صورت ۾ اسان جي محترم ۽ مهربان سائين غلام محمد گرامي هو. هن مون کي قبر جهڙي مشين ۾ وجهي منهنجي کوپري جا هر زاويي کان انيڪ فوٽا ڪڍيا. ان کانپوءِ، هن سوين تارون منهنجي مٿي سان چنبڙائي دماغ جو اليڪٽرو ڪيفلو گرام ڪڍيو، جنهن جون چٻيون ڦڏيون ليڪون ڇاونجاهه صفحن تي پکڙيل هيون.
    ڊاڪٽر رزلٽ ٻڌائيندي چيو، ”تون پاڻ ته پوڙهو آهين، پر تنهنجي کوپڙيءَ ۾ ڪنهن ٻار جو مغز آهي.“
    ”ڪمال آهي!“ حيران ٿيندي چيو هوم، ”مان جڏهن ٻار هوس، تڏهن مائٽ مٽ ۽ اوڙي پاڙي وارا چوندا هئا ته منهنجي مٿي ۾ ڪنهن خبيث پوڙهي جو مغز آهي.“

    نامي گرامي نيورالاجسٽ مون کي ڪنهن سائڪيا ٽرسٽ سان مشورو ڪرڻ جي صلاح ڏني. سائڪيا ٽرسٽ کي مون پنهنجو مرض سمجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پر، سائيڪاٽرسٽ سنڌي نه هو. هن کي وڦلڻ، منجهي مرڻ، ۽ پٽڙي تان لهي وڃڻ واريون نوبتون سمجهه ۾ نه آهيون.
    بيزار ٿيندي سائڪيا ٽرسٽ پڇيو، ”آخر تنهنجو پرابلم ڪهڙُ آهي؟“ سائڪياٽرسٽ کي مون پنهنجي آتم ڪٿا ٻڌائي. چيم، ”ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ انيسه منهنجي ڪلاسميٽ هوندي هئي. سهڻي، موهڻي هئي. مون کي ڏاڍي وڻندي هئي.“
    مون پاز (Pause) ڏنو. سائڪياٽرسٽ پڇيو، ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
    سائڪياٽرسٽ کي مون پنهنجو پرابلم ٻڌايو. چيم، ”مان جڏهن به انيسه سان ڳالهائيندو هوس. هوءَ مون کي نفيسه لڳندي هئي.“
    سائڪياٽرسٽ پڇيو، ”نفيسه ڪير هئي؟“ چيم ”الائي ڪير هئي“
    سائڪياٽرسٽ پڇيو، ”ته پوءِ تون انيسه کي نفيسه ڇو سمجهندو هئين؟“
    ڪاوڙ لڳي. چيم، ”ان ڳالهه جي خبر مون کي هجي ها ته پوءِ تو وٽ ڌوڙ پائڻ ڇو اچان ها!“ سائڪياٽرسٽ خاني مان ڪجهه نوٽ ڪڍي منهنجي هٿ تي رکيا. چيائين، ”مان تو کان في نه وٺندس. تون هي خرچي کڻ، ۽ منهنجي جند ڇڏ.“
    اها تمهيد انڪري ٻڌي اٿم ته جيئن اوهين اندازو لڳائي سگهو ته بنا اسڪرپٽ جي ڳالهائڻ منهنجي لاءِ ڪيتري قدر نه هاڃيڪار آهي خاص طرح سان انڪري به جو جڏهن کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو منتقل ٿي آهي، اڄ پهريون دفعو مون کي هن يونيورسٽي ۾ اچڻ جي اجازت ملي آهي، بلڪه اچڻ جو سڏ مليو آهي. اهو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي. مان سائين مظهرالحق صديقي صاحب جن جو شڪرگذار آهيان جن ڪجهه مهينا اڳ هڪ ميٽنگ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو هو. اڄ هنن مون کي اوهان سڀني سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ گهرايو آهي. هنن منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي. مان سندن ٿورائتو آهيان. Thank You Sir
    ويسر جي ڊپ کان، ته بنا اسڪرپٽ جي ڳالهائيندي ڪٿي ڪو گهپلو ڪري نه ويهان ۽ سائين مظهرالحق صديقي کي مظهرالحق خان صديقي سڏي وڃان. هي اسڪرپٽ لکي آيو آهيان ته جيئن ڪنهن به قسم جي ڀُل چڪ جو انديشو باقي نه رهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه باقي رهي، ته نالو الله جو باقي رهي.
    ٻاونجاهه سال اڳ، 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي، پشاور يونيورسٽي جا نوَ رانديگر آئوٽ ڪري مون پاڪستان ورسٽيز جو نئون وڪيٽ ڪيپنگ رڪارڊ قائم ڪيو هو. نوَن رانديگرن مان پنج يا ڇهه رانديگر مون ليفٽ آرم ليگ اسپنر قمر احمد جي بالنگ تي آئوٽ ڪيا هئا. هن يونيورسٽي جو گريجوئيٽ قمر احمد گذريل ويهن ٽيهن سالن کان بي بي سي لنڊن ۾ سينئر اسپورٽس جرنلسٽ آهي.
    ويهن سالن وارو اوهان جو وڪيٽ ڪيپر، اڄ، ٽيهتر سالن جي ڄمار ۾ اوهان آڏو حاضر آهي. ڪجهه ڳالهيون ڪرڻ لاءِ، اندر جو حال اورڻ لاءِ.
    اوهان سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جو موقعو مون کي سائين مظهرالحق صديقي جن ڏنو آهي. ان ڳالهه جو مون کي احساس آهي. تنهن ڪري ڳالهائڻ لاءِ ڪاغذي ڪاروائي ڪري آيو آهيان. ايئن ڪرڻ سان اهو انديشو به ٽري ويو آهي ته وڦلندي يا ويسر سبب مان ڊاڪٽر نور افروز خواجا کي نورالنساءِ سمجهي ويندس. لکيل اسڪرپٽ سبب هينئر ان غلطي جو امڪان نه رهيو آهي. هونءَ به پروفيسر نور افروز خواجا ڊاڪٽر آهي. ويچاري نورالنساءِ نرس هئي. پريمي جوڙن جا داغ ڌوئيندي هئي. هڪڙي ڏينهن نورالنساءِ نرس پاڻ هن دنيا مان ڌوپجي وئي ۽ وڃي عرش تي پهتي. الله شل کيس پنهنجي امان ۾ رکي. مون جڏهن پهرين دفعي فقير خان قريشي جو محاورو ٻڌو هو، تڏهن اچرج ۾ پئجي ويو هوس. ماڻهو جڏهن اچرج ۾ پئجي ويندو آهي تڏهن فلاسافي جي برن ۽ بحرن ۾ وڃي پوندو آهي. فلاسافي جي دڳ تان ڪو سچل سرمست ڍڪ لاهيندو آهي. تڏهن راز ۽ رمزون سمجهه ۾ اينديون آهن. نالن ۽ ذاتين جي گڊمڊ فلاسافي واري ديڳ جو ڍڪ اسان جي پياري صدر آصف علي زرداري لاهي ڏيکاريو، جڏهن پنهنجي پٽ جو نئين سر نالو رکيو: بلاول ڀٽو زرداري، تڏهن مون کي فقير خان قريشي واري فلسفي جي رمز سمجهه ۾ آئي. جيڪڏهن اوهين چاهيو، پاڻ کي سيد فقير خان قريشي به سڏائي سگهو ٿا. الله سائين جو شڪر ٿو ڪريان، جو اسڪرپٽ لکي آيو آهيان. وڏو بچاءُ ٿي ويو آهي. ورنه، عين ممڪن آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو ذڪر ڪندي، صدر مملڪت کي آصف ڀٽو زرداري چئي وڃان ها، ۽ اجايو فلم ڳچي ۾ پئجي وڃي ها.
    اهي ڳالهيون ان ڪري لکيون اٿم جو اڄ ڪلهه هوائون قاسم آباد کان هن طرف هلي رهيون آهن. شانتي نڪيتن ٺاهي ڏيکارڻ کان اڳ رابندر ناٿ ٽيگور اڪثر شانتي نڪيتن جي باري ۾ ڳالهائيندو رهندو هو. جڏهن ماڻهن جو تجسس وڌي ويو، ۽ پڇيائونس ته شانتي نڪيتن ڪيئن هوندو، تڏهن رابندر ناٿ ٽيگور شانتي نڪيتن جو ننڍڙو ماڊل ٺاهي ماڻهن کي ڏيکاريو هو. ان کانپوءِ شانتي نڪيتن ٺهي راس ٿيو هو.
    مون کي خبر ڪونهي ته سنڌو ديش ڪيئن هوندو؟ ڇو جو ڪنهن به اسان کي سنڌو ديش جو ماڊل ٺاهي نه ڏيکاريو آهي. باقي هڪ ڳالهه جي مون کي پڪ آهي ته اسان جي خواب کي جيڪڏهن به تعبير ملي ۽ سنڌ آزادي ماڻي ته آزاد سنڌ هوبهو قاسم آباد جهڙي هوندي. قاسم آباد آزاد سنڌ جو ماڊل آهي. آزاد سنڌ جو ماڊل ڏسي دل خوش ٿي ويندي آهي.
    مان اڄ ڪلهه ان کوجنا ۾ سرگردان آهيان ته قاسم آباد جهڙو عاليشان سيٽلائيٽ شهر ڪهڙي قاسم جي نالي پٺيان آباد ڪيو ويو آهي. قاسم ڪريلو، يا قاسم ماڪا، يا منهنجو دوست سائين قاسم ٻگهيو؟ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته قاسم آباد جو نالو محمد بن قاسم جي نالي پٺيان رکيو ويو هجي! پر، ان جو امڪان گهٽ آهي.
    قاسم آباد مون کي سنڌين جي تاريخ ۾ يادگار شهر لڳندو آهي. اسان ٻاهران آيل سنڌين جي ابن ڏاڏن سنڌ جي اصلي باشندن کي، جن جي نسل جو سڌو سنئون تعلق موهن جي دڙي سان هو، تن کي 1947ع ۾ سنڌ مان لوڌي ڪڍيو هو. تاريخ پاسو ورايو. اسان اڳ ٻاهران آيل سنڌين کي بعد ۾ ٻاهران آيل سنڌين حيدرآباد مان لوڌي ڪچڍيو. قاسم آباد تاريخ جي ورجاءَ جو ثبوت آهي.
    مان وهمي ناهيان. منهنجو قدرت جي ڪايا ۾ يقين آهي. اسين جيڪي پوکندا آهيون، فصل به سوئي لڻيندا آهيون. اسان جي وڏن پنهنجيون گروي پيل جاگيرون، ملڪيتون ۽ زمينون عيش عياشين لاءِ کنيل ڳاٽي ڀڳا قرض هضم ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي وارثن، اصلوڪن سنڌين کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ شيطاني قوتن جو ساٿ ڏنو هو. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن، 1947ع کان پوءِ سنڌ زوال پذير ٿي وئي آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن تباهه ٿي ويو آهي.
    1947ع جي فسادن ۾ لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا هئا. لکين ماڻهو مارجي ويا هئا. لکين ٻار اغوا ٿي ويا هئا. لکين عوررتن جي بيحرمتي ٿي هئي. ڪو سبب ته آهي جو گذريل ٻاهٺ سالن ۾ هن ملڪ سک جو ساهه نه کنيو آهي. محمد علي جناح وارو اصلي پاڪستان 1971ع ۾ ٽٽي پيو. اوڀر پاڪستان بنگلاديش جي نئين نالي سان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو.
    ذوالفقار علي ڀٽي اولهه پاڪستان جي نالي مان لفظ اولهه خارج ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح اولهه پاڪستان 1971ع کان پوءِ فقط پاڪستان ٿي پيو. ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي گنجائش ناهي ته 1971ع کانپوءِ وجود ۾ اچڻ وارو پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي جو پاڪستان آهي. اها تاريخي حقيقت آهي. 1971ع کانپوءِ عالم وجود ۾ اچڻ واري پاڪستان لاءِ به لکين ماڻهو مارجي ويا هئا. 1947ع واري خونريزي ۽ 1971ع واري خونريزي ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. 1947ع واري خونريزي ۾ هندو، مسلمان ۽ سک مارجي ويا هئا. 1971ع واري خونريزي ۾ فقط مسلمان قتل ٿيا هئا. تاريخ ايتري سچائي ۽ بيباڪي سان 1971ع جي واقعن کي قلمبند نه ڪيو آهي، جيتري سچائي ۽ بيباڪي سان 1971ع جي قتلام ۽ سياسي غنڊه گردي کي بنگالي ادب، شاعري، ڪهاڻين، ناولن ۽ ڊرامن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهڙي ادب کي سنڌي ۾ نعريباز ادب چئبو آهي ۽ باقي دنيا جي ٻولين ۾ اهڙي ادب کي مزاحمتي ادب، يعني لٽريچر آف ريزسٽنس چئبو آهي.
    مان ٻيهر، ٽيهر ورجايان ٿو ته مان وهمي ناهيان پر ڪي واقعا، ڪي وارداتون، ڪي گهٽنائون اهڙيون به اسان جي تجربي ۾ اينديون آهن. جن جي سائنٽيفڪ سمجهاڻي امڪان کان ٻاهر محسوس ٿيندي آهي.
    1947ع واري پاڪستان جا ٻه مکيه باني، محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان قتل ڪيا ويا هئا. محمد علي جناح کي بيماري جي حالت ۾ جڏهن ڪوئيٽا کان ڪراچي آندو ويو هو. تڏهن ماڙيپور ائيربيس تي سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ به ننڍو وڏو وزير موجود نه هو. جيتوڻيڪ سندس ذاتي موٽون ۽ ڪرسچن ۽ پارسي اسپتالن جون ايمبولينسونشهر ۾ موجود هيون، پر محمد علي جناح کي ڪنهن نامعلوم بااثر شخص جي حڪم تي هڪ ڇڪڙي قسم جي ايمبولينس ۾ ايئرپورٽ کان گورنر هائوس روانو ڪيو ويو هو. ڪجهه ديرکان پوءِ ايمبولينس جي نامعلوم ڊرائيور انجڻ ۾ خرابي جو بهانو ڪري نٽهڻ اُس ۾ گاڏي ماڙيپور روڊ جي ويرانن ۾ بيهاري ڇڏي. سيپٽمبر 11 جو سج ڄڻ سوا نيزي تي لهي آيو هو. ٻه اڍائي ڪلاڪ ملڪ جي گورنر جنرل ۽ ملڪ جي باني بيمار ۽ لاچار محمد علي جناح کي کوري جهڙي ايمبولينس ۾ ڇڏي ڏنو ويو. شام جو ساڍي ڇهين لڳي کيس ٻي ڪنهن گاڏي ۾ گورنر هائوس آندو ويو. چئن ڪلاڪن کانپوءِ رات جو ڏهه وڄي ويهن منٽن تي قائداعظم گذاري ويو. مان سوچيندو آهيان ته ڪراچي شهر قائد آهي، يا شهر قائداعظم آهي؟ قائد جي نالي مان اعظم ڪيڏانهن ويو؟
    16 آڪٽوبر 1951ع، وزيراعظم لياقت علي خان راولپنڊي جي باغ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ اُٿيو. پهرين قطار ۾ ويٺل سيد اڪبر روالور ڪڍي سڌو سنئون لياقت علي خان کي گولي هڻي ماري وڌو. عين انهي وقت سيد اڪبر پٺيان ويهاريل نامعلوم شخص سيد اڪبر کي پٺي وٽان دل ۾ گولي هڻي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو.
    1971ع وارن واقعن جا ٽي مکيه ڪردار هئا: ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ مجيب الرحمان ۽ اندرا گانڌي، ٽيئي غير طبعي موت مئا. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائي جنرل ضياءُ الحق سپريم ڪورٽ جي ججن هٿان ڦاهي ڏياري ڇڏي هئي. شيخ مجيب الرحمان کي، هڪ ڌي حسينه کان سواءِ، سڄي ڪٽنب سميت فوج ۾ باغي ٽولي ماري وڌو هو. ۽ اندرا گانڌي پنهنجي باڊي گارڊ هٿان قتل ٿي هئي.
    اهڙن واقعن کي دليلن سان سمجهڻ لاءِ ڪو سائنسي پيمانو ڪونهي. عقيدي ۽ ايمان جي حوالي سان ايتريون ته ڪهاڻيون ۽ قصا آهن، جن کي اگر سائنسي دليلن سان سمجهڻ جي ڪبي ته ڀرمن جون ڀتيون ڪري پونديون.
    موجوده سنڌ جي تباهي ارغونن، ترخانن، مغلن، منگول ۽ تاتارين نه ڪئي آهي. نادر شاهه، محمود غزنوي ۽ محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه نه ڪئي هئي. سڄي سنڌ سياست ۽ سياستدانن تباهه ڪئي آهي. حاڪمن جي حڪم تي تيار ڪيل تاريخ قومن سان هاڃا ڪري ڇڏيندي آهي. ان جي ابتڙ ادب پوري سچائي سان پنهنجي دور جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪندو آهي. تاريخ جي چالاڪين تي گواهي ڏيندو آهي.
    پاڪستان تحريڪ ۽ نتيجي ۾ برپا ٿيل خونريز فسادن جي حوالي سان آل انڊيا مسلم ليگ جي بقايات ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ جيڪا تاريخ تيار ڪرائي آهي، سا بنهه جڙتو ۽ ڪوڙي آهي ان تاريخ ۾ ٻن ڳالهين کي شدمد سان بيان ڪيو ويو آهي؛ هڪ ته پاڪستان تحريڪ هندستان جي مسلمانن جي لاءِ ڀلائي جي تحريڪ هئي، ته جيئن هندستان جا مسلمان عزت ۽ سک سانت واري زندگي گذاري سگهن. برصغير ۾ مسلمانن جي موجوده حالت زار آل انڊيا مسلم ليگ جا پول پڌرا ڪري وڌا آهن. هندستان جي پنجين حصي تي مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪري آل انديا مسلم ليگ هندستان ۾ رهجي ويل ارڙهن ڪروڙ مسلمانن کي هندستان جو ٻيون نمبر شهري ڪرائي ڇڏيو آهي. خاص طرح مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ٿيڻ کانپوءِ، گذريل ٻاهٺ سالن ۾ ڪو هڪ ڏينهن اهڙو نه گذريو آهي جو پاڪستان ۾ مسلمانن هڪ ٻئي کي وحشي نموني سان قتل نه ڪيو هجي. آل انڊيا مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن کي دوکو ڏنو هو. اصل ۾ هنن کي حڪومت ڪرڻ لاءِ هندستان جي هڪ حصي جي ضرورت هئي.
    1947ع ۾ ٿيل فسادن کي آل انڊيا مسلم ليگ جي باقيات پاڪستان لاءِ برصغير جي قرباني جو نالو ڏنو آهي، جنهن ۾ هنن مطابق فقط مسلمان مئا هئا. ايڏو وڏو ڪوڙ شايد ئي ڪنهن تاريخ ۾ لکيل هجي. ورهاڱي متعلق دنيا ۾ انيڪ تاريخون لکيون ويون آهن. سڀني تاريخن ۾ هڪ ڳالهه لکيل آهي ته ورهاڱي دوران هندستان ۾ خونريز فساد برپا ٿيا جن ۾ لکين هندو، مسلمان ۽ سک مارجي ويا هئا. پر آل انڊيا مسلم ليگ جي تيار ڪرايل تاريخ ۾ اسان جي ٻارن کي نسل در نسل پڙهايو ويو آهي ته لکين مسلمانن پنهنجي جان جي قرباني ڏئي پاڪستان قائم ڪرايو هو! هنن اسان جي ٻارن کي هندستان ۽ هندن کان نفرت جو درس ڏنو آهي.
    هر قوم ۾ پوءِ کڻي هندو هجي يا مسلمان، پارسي هجن يا ڪرستان، برا ڀلا ماڻهو موجود هوندا آهن. اسان جي اولاد کي اهڙي ملڪ کان نفرت ڪرائي وئي آهي جنهن جي چپي چپي تي مسلمانن جي ٽي چار سئو سالن جي دور حڪومت جي ڇاپ ڇڏيل آهي. تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي آثار اڄ تائين اُتي موجود آهن ۽ جتي رهندڙ مسلمانن جو تعداد پاڪستاني مسلمانن کان وڌيڪ آهي. آل انڊيا مسلم ليگ جي باقيات کي ان ڳالهه جي قطعي پرواهه ناهي ته هو پاڪستان ۾ هندستان ۽ هندن لاءِ نفرت جي جيتري باهه ڀڙڪائيندا ان جو سڌو سنئون اثر هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن تي پوندو جن کي ليگ وارن اڳ ئي هندستان جو ٻيو نمبر شهري ڪرائي ڇڏيو آهي.
    ورهاڱي جي سچي ۽ زندهه تاريخ ان دور ۾ لکيل ادب، شاعري، ڪهاڻين، ناولن ۽ ڊرامن ۾ موجود آهي. قيامت جڏهن ايندي، سا ته ايندي، پر برصغير، ورهاڱي دوران، قيامت ڏسي ڇڏي هئي.
    لفظ ”ڇو“ معمولي لفظ ناهي، لفظ ”ڇو“ ماڻهو کي سوچڻ ۽ جواب تلاش ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري وجهندو آهي. ورهاڱي مهل ايڏا هيبتناڪ فساد ۽ خونريزي ڇو ٿي هئي؟
    شهر ۾ جاءِ ٺهرائيندي اوهان جي پلاٽ جو جيڪڏهن اڌ فٽ پاسي وارو پاڙيسري کڻي ورتو. يا اوهان هن جي پلاٽ جو اڌ فٽ ڦٻائي ورتو ته پوءِ معاملو جهيڙي جهٽي کان شروع ٿي عدالتن تائين وڃي پهچندو. ٻئي ڌريون جيڪڏهن جنون ۾ وٺجي ويون ته پوءِ اڌ فٽ زمين لاءِ سالن تائين ٻئي ڌريون هڪٻئي جا ماڻهو مارينديون رهنديون.
    هندستان ۾ اسين مسلمان ملينمس (هزارين سالن) کان آباد نه هئاسين. هونءَ به اسان مسلمانن جي ڪُل تاريخ هڪ هزار، چار سئو ٽيهه سالن تائين محدود آهي. جڏهن ته سنڌو، جمنا ۽ گنگا ندين واريون تهذيبون هزارين سال پراڻيون آهن. موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو، هڙپا ۽ گذريل هفتي سکر ويجهو لڌل قديم آثار، ست کا ڏهه هزار سال پراڻا آهن. هندستان ۾ اسين مسلمان ڇهه سو سالن کان آباد هئاسين، فقط ڇهه سو سالن کان! ٻي مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ 1945ع ۾ اڍائي سو سالن کان هندستان تي قابض انگريزن جڏهن هندستان ڇڏي وڃڻ جو پڪو فيصلو ڪري ورتو تڏهن اسان جا مسلم ليگي ليڊر کين چنبڙي پيا، عرض ڪيائون ته سرڪار، اوهين ته وڃو پيا، پر هندستان جو هڪ ڀاڱو اسان مسلمانن کي علحده وطن لاءِ ڏيئي وڃو. اسين ۽ هندو ٻه مختلف قومون آهيون، اسين گڏ رهي نه سگهنداسين.
    ڪنهن به ساڃهه وند انگريز اسان جي ليڊرن کان اهو نه پڇيو ته توهين ۽ هندو گذريل ڇهه سئو سالن کان گڏ رهندا آيا آهيو. هينئر اوهين هندن کان علحده ٿيڻ ڇو ٿا چاهيو؟ هونءَ به هر قوم ٻي قوم کان مختلف ٿيندي آهي. مسلمان ۽ هندو جيڪڏهن عليحده قومون آهن ته پوءِ مسلمان ۽ يهودي به ٻه جدا قومون آهن. مسلمان ۽ ڪرستان به ٻه مختلف قومون آهن، مسلمان ۽ سک به ٻه مخالف قومون آهن، مسلمان ۽ پارسي به ٻه مختلف قومون آهن. اسين ڪنهن ڪنهن کان ڌار ٿي پنهنجو علحده وطن ٺاهڻ جو مطالبو ڪندا رهنداسين؟
    حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مسلمانن ساڍا ٽي سو سالن کن هندستان تي حڪومت ڪئي هئي. ان جي برعڪس مسلمان اسپين تي ذري گهٽ ساڍا ست سئو سال حڪومت ڪئي هئي. اسپين ۾ مسلمانن ڪڏهن به اسپيني مسلمانن لاءِ اسپين ۾ علحده وطن جو مطالبو نه ڪيو هو. پر، ساڍا ٽي سئو سال هندستان تي حڪومت ڪرڻ ۽ اائي سو سال انگريز جي غلامي ۾ رهڻ کانپوءِ اسان هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري ورتو جنهن کي انگريزن قبول ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح، هندستان جي پنجين حصي تي اسان پنهنجو وطن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.، جتي اسين نهايت آزادي سان زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ پنهنجن ڪارنامن سان دنيا کي حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ڪري رهيا آهيون.
    جيڪڏهن ڇهه انچ زمين لاءِ فساد ۽ ڦڏا ٿي سگهن ٿا ته پوءِ ڪنهن ملڪ جي پنجوڻي حصي جي ورهاڱي مهل فسادن جو برپا ٿيڻ ڪنهن به سياسي زاوئي کان رد ڪري نه ٿو سگهجي. تهن ڪري هندستان جي ورهاڱي وقت 1947ع ۾ انسانيت کي پائمال ڪري ڇڏڻ جهڙا فساد ٿيا. فسادن ۾ جتي مذهب جي نالي ۾ ماڻهو ماڻهو کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇيڏيو، سوين سالن جي رشتن ناتن کي ميساري ڇڏيو، اتي انسانيت ۽ انسان دوستي جا اهڙا اهڙا مثال دنيا آڏو آيا، جو مجروح روحن کي مرهم ملي ويو. ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين فسادن جي پسمنظر ۾ انيڪ ادب تخليق ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو.
    هندستان جو ورهاڱو تاريخي موضوع آهي. ساڳي طرح پاڪستان جو ٺهڻ به تاريخي موضوع آهي. تنهنڪري تاريخ جي هر موضوع وانگر هندستان جو ورهاڱو ۽ پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ هميشه بحث هيٺ ايندا رهندا. ڪنهن به موضوع کي تقدس جو درجو ڏيئي بحث کان مبرا سمجهڻ تاريخ جي نفي آهي.
    ٻي مهاڀاري جنگ دوران هٽلر جي فوج يهودين جي وڏي انگ کي گيس چيمبرن ۾ وجهي، ٻوساٽي ساڙي ماري وڌو هو. يهودين ان واقعي کي هولو ڪاسٽ Holocaust (انسانن جو اجتماعي سڙي مرڻ) نالو ڏئي، تقدس جو درجو بخشي ڇڏيو آهي. خاص طرح سان مئل يهودين جي تعداد بابت شڪ شبهو ظاهر ڪرڻ ڏوهه آهي. يهودين جي دعويٰ مطابق سٺ لک يهودين کي گيس چيمبر ۾ ٻوساٽي ساڙي ماريو ويو هو. بعد ۾ کوجنا ڪندي ڪجهه تاريخدانن سٺ لکن جي تعداد تي اعتراض اٿاريو ۽ لکيو ته 1943 – 44ع ۾ يهودين جو ڪل دنيا ۾ تعداد سٺ لک نه هو. يهودين هڪدم تقدس سان گڏ هولوڪاسٽ کي قانوني تحفظ ڏيئي ڇڏيو. هينئر اسرائيل ۽ اسرائيل جي ڪجهه حامي ملڪن ۾ هولو ڪاسٽ جي تعداد تي ڳالهائڻ ڏوهه آهي. ازل کان انسان اهڙن عقيدن ۽ نظرين کي قانوني تحفظ ڏيندو آهي. جيڪي عقيدا ۽ نظريا ڪمزور هوندا آهن ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ ۾ ڊهي پوندا آهن.
    پر، قانوني تحفظ ملڻ جي باوجود محقق ۽ ليکڪ اهڙن موضوعن تي غدار، اي ٽرين ٽو پاڪستان جهڙا ناول، ٽوبه ٽيڪ سنگهه جهڙيون ڪهاڻيون ۽ فريڊم ايٽ مڊ نائيٽ جهڙا تاريخي ڪتاب لکندا رهيا آهن، ۽ لکندا رهندا. سياسي چالبازين جو ادب جي گرفت مان نڪري وڃڻ امڪان کان ٻاهر آهي.

    26 جنوري 2009ع


      خوشفهميءَ جي سُتي

    کڳو جڏهن سنڌ جي مسئلي تي لکي ٿو، تڏهن ڪنهن کي به اعتراض نه ٿو ٿئي کڳي جو چوڻ آهي ته پاڻ جڏهن ڪجهه ڏينهن تائين سنڌ جي مسئلي تي نه لکندو آهي، تڏهن سندس دوست ۽ ساٿي کيس سنڌ جي مسئلي تي لکڻ لاءِ زور ڀريندا آهن. ان سلسلي ۾ کڳو خوش قسمت آهي کڳو دل کولي سنڌ جي مسئلن تي لکي رهيو آهي. هر طبقي سان پاڻ کي فاتح ۽ سنڌين کي مفتوح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    ان جي ابتڙ، جڏهن اسان منجهان ڪوبه سنڌ جي مسئلي تي لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هڪدم آيت نازل ٿئي ته، بابا خيال ڪريو، سنڌ ۾ بغاوت جي باهه نه ڀڙڪايو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
    اسان کي پرچائڻ لاءِ عجيب ۽ ڏاڍا چرچائي تاريخي مثال ڏيئي سمجهايو وڃي ٿو ته ٻچڙا ڌيرج ڪريو، هتي، يعني سنڌ ۾ فارسي ۽ عربي ٻوليون پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهيون، ته ٻئي ڪنهن ٻوليءَ جو به مجال ناهي جو سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ والاري اسان کي ثقافتي سطح تان ختم ڪري ڇڏي. وڌيڪ فرمائيندا آهن ته پٽڙا، ٿڌا ٿيو، انگريز به اسان تي سوا سو سال حڪومت ڪري ويو، پر پنهنجي انگريزي ٻولي سنڌين تي مڙهي نه سگهيو.
    اهي ٻول اسان جي وڏڙن جا آهن. مان پنهنجن وڏڙن آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو. سندن عظمت جو اعتراف ڪريان ٿو. هنن جي علم، عقل ۽ فهم آڏو هام هڻڻ جي حرڪت ڪري نه ٿو سگهان.
    مان نهايت ادب سان عرض ڪريان ٿو ته سائين عرب سڳورا سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ تير تلوارون ۽ منجنيقون کڻي آيا هئا. مغلن جي غلاميءَ ۾ اسان تازي گهوڙا شاهانا شان، فوجي ورديون ۽ شاهي فرمان ڏٺا ۽ ٻڌا هئا. انگريز بهادر به سنڌ جي غدارن سان سٽل ڪري، گٽ مٽ هلائي هليو ويو. عربن، مغلن جي فارسي حڪمرانن ۽ انگريزن سنڌ جي اقتصادي ۽ معاشي نظام تي قبضو نه ڪيو هو. هنن ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ واپار جون منڊيون نه کوليون هيون، واپاري ڏيتي ليتي ۽ صنعت ڪنهن به معاشري جو روح هوندا آهن. واپار، ڏيتي ليتي ۽ صنعت تي جنهن قبضو ڄمائي ورتو. سو ڄڻ ملڪ جو مالڪ ٿي پيو. اهو جديد سائنسي اصول آهي عرب، مغل ۽ انگريز پاڻ سان نشر ۽ اشاعت جا ادارا کڻي نه آيا هئا. سندن اخبارون لکڻ جي حساب ۾ نه وڪامنديون هيون. روزانو سندن زبان ۾ ويهه ويهه ڪلاڪ ڏسن ۽ ٻڌڻ لاءِ سندن ٻوليءَ جا ٻاڻ نه هلندا هئا. مغل ۽ انگريز ڦورو هئا. اسان کي ڦري هليا ويا. هو ڄورن وانگر اسان کي چهٽي نه پيا. اسين، يعني موجوده دور جو نسل، تاريخ کان واقف آهيون.
    اسان کي خبر آهي ته سنڌ ڄورن جي چوس ۾ آهي. سنڌ تي واپاري ڏيتي ليتي، ۽ صنعتي قبضو ٿي رهيو آهي.
    تنهن ڪري، مان ڏاڍي ادب ۽ عاجزيءَ سان پنهنجي وڏڙن کي هٿ ٻڌي عرض ٿيو ڪريان ته اسان کي خوشفهميءَ جي سُتي نه پيئاريو. نوجوان نسل سجاڳ ٿيو آهي، کيس آٿت جي ٿڦڪي ڏيئي نه سمهاريو. هنن سنڌ ماءُ جو سڏ ٻڌو آهي. خدارا سندن ڪنن تي مدي خارج قولن جون تاڪيون نه چاڙهيو. نوجوان کي ڇا ڪرڻو آهي، سا کين خبر آهي. نوجوانن کان ڌرتي جنهن قربانيءَ جو نذرانو گهري رهي آهي تنهن باري ۾ هو باشعور آهن. هنن سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ مٿان بيٺل آسمان مان آواز ٻڌو آهي. ”سورهيه مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار“ کڳي ۽ سندس حوارين کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ هڪ جاڳرافيائي خطو آهي. هتي رهندڙ قوم جي قومي زبان سنڌي آهي. هتان جي قوم کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن آهي. اسان جي وڏن آڌر ڀاءُ جي جيڪا روايت قائم ڪئي هئي. اسين، موجوده حالتن ۾ ان کان منڪر آهيون. اسين راهه ۾ اکيون وڇائڻ ڄاڻون ٿا، پر اکيون وڃائڻ نه. سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ جو فقط هڪڙو ئي طريقو آهي ته سنڌين کي هارايل، ۽ مفتوح قوم نه سمجهيو وڃي. ڇير جي ڇمڪي، طبلي جي ٿاڦ تي بيٺل ڪنهن ثقافت کي اسين سنڌي ثقافت کان برتر قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. سنڌي سنڌ جي واحد زبان آهي. اهو اسان جو ايمان آهي.

    (تاريخ معلوم نه ٿي ٿئي)


    اڻپوري خواهش

    اسيمبليءَ جو اجلاس ڏسڻ جي شوق ۾ مان اسر ويل ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيس. سوچيم، سج اُڀرڻ کان اڳ ملير مان بس ۾ چڙهندس ۽ سج اڀرڻ کان پوءِ بندر روڊ تي تاج محل سينيما وٽ بس مان لهندس، ۽ پوءِ گهٽين مان گوهيون ڏيندو، سڌو وڃي اسيمبلي هال ۾ ڌو ڪندس. جيتوڻيڪ ڌو وڃي مانيءَ جو دعوتن ۾ ڪبو آهي. مون کي خبر هئي ته اسيمبلي هال ۾ ماني نه، فقط ڳالهيون هونديون. ڳالهيون ¸ جن جو نه آڳو هوندو ۽ نه پيڇو.
    مون بس جو انتظار ڪيو. بسون ڊيپن مان ڀريل پئي آيون. ماڻهو فوٽ بورڊن تي ائين لٽڪيل هئا، جيئن مانارن مان ماکين جون مکيون لٽڪيل هونديون آهن. ماناري کي چنبڙيل هونديون آهن. مان پڻ ڪنهن نه ڪنهن بس کي چنبڙي پوندو آهيان ۽ شهر ۾ منسپالٽيءَ وٽ لهي پوندو آهيان، جتي مان ڪلارڪي ڪندو آهيان، ۽ هيڊ ڪلارڪ جون ڇڙٻون کائيندو آهيان. پر اُن ڏينهن مون بس جي فٽ بورڊ تي لٽڪندي سفر ڪرڻ جي همت پاڻ ۾ نه ساري.
    فٽ بورڊ تي سفر ڪرڻ منهنجي لاءِ عيب نه آهي. منهنجي حياتيءَ جو ٽي ڀاڱي چار حصو بسن جي فٽ بورڊ تي سفر ڪندي گذري ويو آهي. حياتيءَ جو باقي حصو به جيڪڏهن بسن مان لٽڪندي يا بسن جي ڇتين تي چڙهي سفر ڪندي گذري ويو، ته مون کي ڪو ارمان نه ٿيندو.
    پر اسيمبليءَ واري ڏينهن مون بس مان لٽڪندي سفر ڪرڻ جو ارادو رد ڪري ڇڏيو. دل ۾ وهم ورائي ويو هوم، ته جيڪڏهن بس مان لٽڪندي اوچتو ڇڏائجي ويس، ۽ ڏامر جي رستي تي بس جي پوئين ڦيٿي هيٺان چيپاٽجي ويس، ته پوءِ اسيمبليءَ جو اجلاس ڏسڻ کان محروم رهجي ويندس، ۽ مري وڃي ڪنهن حور سان ملندس، يا اسپتال جي ڪنهن ڪاري ڪوجهي نرس جي رحم ۽ ڪرم تي موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هوندس.
    مون ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو. ڪراچيءَ ۾ مرضيءَ مطابق ۽ وقت آهر ڪا من موهڻي محبوبه ته ملي سگهي ٿي، پر ٽيڪسيءَ جو وقت سر ملڻ محال آهي. مان ٽيڪسيءَ جو ايئن انتظار ڪرڻ لڳس، جيئن ڪاليجي ڇوڪرا بس اسٽاپن تي ڇوڪرين جو انتظار ڪندا آهن. توهين پاڻ سياڻا آهيو، توهان کي خبر هوندي ته انتظار جون گهڙيون ڏاڍيون اذيتناڪ هونديون آهن، ۽ ماڻهوءَ کي راڳ ڳائڻ تي مجبور ڪنديون آهن. پر مون راڳ نه ڳاتو. مان سخت بي سرو آهيان.
    وقت اُڏامندو پئي ويو. آسمان تان اُسر جا آثار گم ٿيندا پئي ويا. اوڀر کان آڪاش رت هاڻو ٿيندو پئي ويو ۽ پوءِ سج ڪني ڪڍي. منهنجي دل ۾ اوندهه ٿي ويئي.
    مون وٽ واچ ڪونهي. مون ڏهن سالن کان واچ وٺڻ جي سڌ ڪئي آهي، پر پوري نه ٿي آهي. مون پاسي ۾ بيٺل هڪ ايڪٽر ڇاپ ڇوڪري کان پڇيو، ”وقت ڇاهي، يار.“
    هو ان وقت هڪ ڇوڪريءَ کي تاڙي رهيو هو. هن خارن مان واچ ڏسي وقت ٻڌايو، ”اٺ ٿيا آهن.“
    ”اٺ!“ مون کان رڙ نڪري ويئي. ”اٺ ٿي ويا اسيمبليءَ جو اجلاس ته شروع ٿي ويو هوندو!“
    ”ڪهڙي اسيمبلي! ڇا جي اسيمبلي.“ ايڪٽر ڇاپ ڇوڪري، جيڪو عوامي اصطلاح ۾ قوم جو مستقبل هو، چيو، ”ٽري وڃ ڪنگلا. تون مون کي بنگالي ٿو لڳين. وڏو آيو آهي پٽ اسيمبليءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارو. باغي.“
    مون اُتان گم ٿي وڃڻ ۾ عاقبت ڄاتي.
    مان گم ٿي ويس.

    7 مئي 1972ع


      ويسر

    مون قومي زبان ۾ ڇپيل هڪ اخبار ۾ اها خبر پئي پڙهي، ته جيڪڏهن 1947ع کان پوءِ پاڪستان وجود ۾ نه اچي ها، ته پوءِ سنڌي جاهل هجن ها، اٺ هجن ها، ۽ جَتَ هجن ها. 1947ع کان پوءِ سنڌين ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا، گوشت ۽ ڀاڄي رڌڻ شروع ڪئي، ۽ گهرن ۾ رهڻ لڳا. اڳ وڻن تي رهندا هئا ۽ پن کائيندا هئا.
    مان ان حيرت انگيز خبر جي ظاهر ۽ باطن تي سوچي رهيو هوس، جو هڪ ڪراڙو شخص ڪمري ۾ لنگهي آيو. ڪرسي ڇڪي منهنجي سامهون ٿي ويٺو. پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيائين، ”مان تعليمي ماهر آهيان، ۽ هڪ وڏي عهدي تان رٽائر ٿيو آهيان.“
    هن مون کي پنهنجو عهدو ٻڌايو، جتان رٽائر ٿيو هو.
    ادب سان پڇيو مانس، ”سائين حڪم ڪريو، مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪريان.“
    چيائين، ”توهين اخبارن وارا جاهل آهيو. اڻ پڙهيل آهيو. ۽ ڪنهن ڪم جا ناهيو.“
    ادب سان وراڻيم، ”توهان جا الزام اسان جي اکين تي، پر اسان جو ڏوهه؟“
    چيائين، ”نفسيات تي بلڪل نٿا لکو. توهين نفسيات جهڙي مضمون کي ڪابه اهميت نه ٿا ڏيو.“
    پڇيو مانس، ”نفسيات جي ڪهڙي شاخ تي اسان کي لکڻ گهرجي؟“
    هن ٻانهون کنجيون. چيائين، ”ويسر“.
    پڇيو مانس، ”اها ويسر وري ڪهڙي بلا آهي،“
    چيائين، ”وساري ڇڏڻ. اهو مرض نفسياتي مرضن مان هڪ آهي.“
    مون ڏانهس ڏٺو. هو تعليمي ماهر گهٽ ۽ مجذوب وڌيڪ پئي لڳو.
    چيائين، ”قوم کي ويسر جو مرض لڳي ويو آهي. کانئس ماضي وسري ويو آهي. حال وسري ويو آهي، آئيندو وسري ويو آهي،“
    پڇيو مانس، ”ڇا ڪرڻ گهرجي، حضرت.“
    هن جواب ڏيڻ بدران چيو ”ويسر مان هزارين نقصان آهن هزارين فائدا آهن.“
    پڇيو مانس، توهين ويسر تي ليڪچر ڏيندا، يا ويسر جي نفسياتي ورن وڪڙن تي ڳالهائيندا.
    هڪدم چيائين، ”تون نفسياتي مريض آهين.“
    مون ڇرڪي ڏانهس ڏٺو.
    هن چيو، ”تو وساري ڇڏيو آهي ته مان تعليمي ماهر آهيان.“
    مون ڏڪندي ڏڪندي عرض ڪيو، ”حضرت، جديد کوجنا مطابق ويسر نالي ڪنهن به شيءِ جو نفسيات ۾ وجود ناهي.“
    چيائين، ”تون جاهل آهين،“
    عرض ڪيم، ”مان جاهل برابر آهيان. پر کوجنا مون نه ڪئي آهي. کوجنا نفسيات جي ماهرن ڪئي آهي.“
    ”اهي ماهر به جاهل آهن.“ هن ڪاوڙ وچان چيو.
    اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. مون ريسور کنيو. آواز اوپرو هو. رسيور مان ڪنهن چيو، ”تنهنجي سامهون جيڪو ڪراڙو شخص ويٺو آهي، تنهن جي ڪوٽ جي کيسي ۾ هڪ دستي بم آهي.“

    0 1 مئي 1972ع



    قومي ٻوليون

    سرحد جي سرڪار ٻوليءَ جي معاملي ۾ منجهيل آهي. پنجاب جي سرڪار ٻوليءَ جي معاملي ۾ ٻڏ - تر ۾ آهي. ايئن به ڪونهي ته سرحد ۽ پنجاب کي پنهنجي زمين جي ٻولي ناهي. ٻنهي صوبن کي پنهنجي زبان آهي. جنهن ۾ لوڪ ادب جو خزانو آهي، ۽ ٻيو ايترو ادبي ذخيرو آهي، جنهن جو اندازو لڳائي نٿو سگهجي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ٻنهي صوبن جي عوام پنهنجين دلين جا دروازا پنهنجي مادري ٻوليءَ لاءِ کولي ڇڏيا آهن، جيڪي رٿيل منصوبن سبب زوريءَ بند ڪرايا ويا هئا. سامراجي ايجنٽن جي سازشن سبب ٻنهي صوبن جي زبان تي ڪينچي هلائي ويئي هئي ۽ مٿين ڌاري ٻولي مذهب ۽ يڪجهتيءَ جي نالي ۾ مڙهي ويئي هئي. پر، ”جيئي سنڌ“، ۽ ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي، ۽ سنڌي ٻولي سنڌ جي واحد سرڪار زبان“ جي تحريڪ ٻنهي، بلڪه بلوچستان جي عوام جون پڻ اکيون کولي ڇڏيون، ۽ ٽنهي صوبن جي عوام، سنڌ جي عوام سان آواز ملائي سنڌي ٻولي قومي ٻولي، پنجابي ٻولي قومي ٻولي، بلوچي ٻولي قومي ٻولي ۽ پشتو ٻولي قومي ٻولي جو نعرو بلند ڪيو.
    گذريل چونڊن ۾ جتي ٻيا عوامي مسئلا صدين جي دز هيٺان ڪڍي عام منظر تي آندا ويا، تڏهن قومي ٻوليءَ جو مسئلو به آڏو آندو ويو. جنهن جي به ڪلهن تي مٿو هو، تنهن تسليم ڪيو ته اڙدو ۽ بنگاليءَ سان گڏ سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ کي به پاڪستان جي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. ڪجهه ڪند ذهن، ۽ سامراجين جا ايجنٽ ان عوامي مطالبي جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
    اڙدو اخبارن ڪالم ڪارا ڪري ڇڏيا. هر ڪالم، ۽ هر ايڊيٽوريل ۾ مذهب ۽ پاڪستان جي بقا جي بهاني، ۽ نالي ۾ پاڪستان جي اصلوڪين ٻولين جي خلاف زهر اوڳاريو ويو، ۽ تحريڪ هلائي ويئي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.
    ان تحريڪ جا جيڪي به اڳرا نتيجا نڪرندا، تن جو اندازو بلوچستان ۾ بلوچي ٻوليءَ سان ڪيل ظلم مان ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي ٿو.
    عوام جي بدقسمتيءَ جو مثال ان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن فيصلي مان ملڻ مشڪل آهي، جو بلوچستان جي عوام بلوچيءَ جي حق ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي، پنهنجي حقن لاءِ برجستا نمائندا چونڊيا، پر نتيجو ڪاريءَ وارا ڪک نڪتو. چونڊيل نمائندن پنهنجي ئي عوام جي امنگن جو خون ڪري ڇڏيو. بلوچيءَ کي بلوچستان ۾ بي گهر ڪري ڇڏيائون. اهو گورنر جو فيصلو آهي ۽ بلوچستان جي عوام کي قبول ڪرڻو آهي.
    ڪنهن پڇيو، ”سرحد ۽ پنجاب ۾ به جيڪڏهن نمائندن اسيمبلين جي ڪرسين تي ويهي پنهنجي زمين جي ٻوليءَ جو خون ڪيو، ۽ پنهنجي عوام سان دوکو ڪيو، ته ان جو اثر سنڌ تي ڪهڙو پوندو؟“
    ”ڪوبه نه“. مون وراڻيو، ”سنڌ جو عوام سجاڳ آهي. سنڌ جو عوام سنڌي ٻولي جي خلاف ڪابه سازش اهڙي ماٺيڻي ۽ ميسڻي نموني برداشت نه ڪندو، جيئن بلوچستان جي عوام ڪيو آهي.“
    سوال پڇندڙ غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”تون تخريب ڪار آهين ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ ٿو چاهين.“
    وراڻيم، ”پاڪستان سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جو نالو آهي. انهن صوبن جون ٻوليون بنيادي طرح پاڪستان جون قومي ٻوليون آهن. سامراجي ايجنٽن، اصلوڪين قومي ٻولين جي خلاف تحريڪ هلائي پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي. اسين ان تخريبڪاريءَ ۾ شامل ناهيون. اسين حق وٺنداسين. ڪنهن به طرح ۽ ڪهڙيءَ به ريت.“
    خارن مان پڇيائين، ”جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي فيصلو ڪري ته سنڌي ٻولي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان ٿي نٿي سگهي، ته پوءِ؟“
    جواب ڏنومانس، ”سنڌ اسيمبليءَ جي عمارت اهو جڏو، غير سياسي ۽ غير فطري فيصلو نه ڪندي.“
    هن چيو، ”مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته تون دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهين.“
    وراڻيم، ”مهرباني.“
    هو ڀڻ ڀڻ ڪندو هليو ويو.

    4 2 مئي 1972ع


      واچ ۽ وارڊ

    توهين واپاري هجو، يا نه هجو، پر توهان کي ضرور خبر هوندي ته ريل گاڏي جنهن ۾ ماڻهن بدران جانور ۽ مال، جهڙوڪ، ڪڻڪ، چانور، گيهه، بيدا، ڪپهه، ميوو وغيره سفر ڪندو آهي، تنهن ريل گاڏيءَ کي انگريزيءَ ۾ گڊس ٽرين، ۽ سنڌيءَ ۾ مال گاڏي سڏيو ويندو آهي. مان زندگيءَ ۾ ڳچ حصي تائين گڊس ٽرين کي اُها ريل گاڏي سمجهندو هوس جنهن ۾ چڱايون سفر ڪنديون آهن. ان ۾ منهنجو ڏوهه گهٽ ۽ انگريزي پڙهائيندڙ استاد جو وڌيڪ هو. هن هڪ دفعي ٻڌايو هو ته انگريزيءَ ۾ جنهن به لفظ پٺيان ”ايس“ لڳائبي، سو عدد جمع ٿي پوندو، مثال طور ”ڪيٽ“، يعني ٻلي، ڪيٽ کي پٺيان ”ايس“ لڳائبي ته ٿي پوندو ”ڪيٽس“ يعني ٻليون. ڊاگ معني ڪتو. ڊاگ کي پٺيان ايس لڳائڻ سان ڊاگس يعني ڪتا ٿي پوندو. انگريزيءَ ۾ هڪ لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هاٽ ڊاگس. مان هاٽ ڊاگس کي ڇتا ڪتا سمجهندو هوس. پر پوءِ خبر پيئي ته هاٽ ڊاگس کائڻ جي نعمت آهي، مطلب ته ”ايس“ لڳائڻ سان انگريزي لفظ عدد واحد مان عدد جمع ٿي پوندو آهي. تنهن ڪري مون گهڻي عرصي تائين گڊس ٽرين کي چڱائيءَ جي ريل سمجهڻ جي غلطي ڪئي. پر پوءِ خبر پيئي ته گڊس ٽرين معني مال گاڏي. پشاور کان ڪراچيءَ تائين، ۽ ڪراچيءَ کان پشاور تائين مال، ڏاڍي صبر ۽ شڪر سان مال گاڏيءَ ۾ سفر ڪندو آهي.
    مال گاڏيءَ جي مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ خاڪي وردي پوش عملو هوندو آهي، جيڪو پريان پوليس وانگر ڀوائتو لڳندو آهي، پر درحقيقت پوليس نه هوندو آهي. ان عملي کي انگريزيءَ ۾ Watch & ward عملو سڏيو ويندو آهي.
    منهنجو هڪ دوست والٽن لاهور جون سختيون سهي، روزانو ٽي ويلا دال کائي، پريڊون ڪري، ڪاميابي حاصل ڪري واچ اينڊ وارڊ کاتي ۾ تمام وڏي پگهار، يعني هڪ سو پنجٽيهه رپين جي پگهار تي صوبيدار ٿيو آهي.
    دوست کان پڇيم، ”توهان کي ٽي ويلا دال ڇو کارائيندا هئا؟“
    وراڻيائين، ”اهو سمجهائڻ لاءِ ته دال کائڻ سان ماڻهو مري نٿو، بلڪه وڌيڪ صحتمند ٿئي ٿو.“
    پڇيومانس، ”تنهنجي کاتي ۾ گهڻا سنڌي آهن؟“
    وراڻيائين، ”پشاور کان ڪراچيءَ تائين واچ اينڊ وارڊ جي هزارن جي عملي ۾ فقط ٻه سنڌي آهيون.“
    هن مون کي ٻئي سنڌيءَ جو نالو ٻڌايو. مان اُن لومڙ کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هو ٽريننگ دوران والٽن لاهور ۾ پاڻ کي سنڌي ظاهر نه ڪندو هو، بلڪه سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم تي ٺٺوليون ڪندو هو. هو پاڻ کي آريو سڏائيندو هو، ۽ دعوا ڪندو هو ته سندس ابن ڏاڏن سنڌين کي سڌاريو هو.
    مون دوست کي چيو ”پشاور کان ڪراچيءَ تائين واچ اينڊ وارڊ جي مٿئين عملي ۾ فقط تون هڪ سنڌي آهين.“
    توهان حيران ۽ پريشان نه ٿيو. اها حقيقت آهي ته واچ اينڊ وارڊ جي مٿئين عملي ۾ فقط هڪ سنڌي آهي. ان جو ٻيو ڪو سبب ڪونهي. واچ اينڊ وارڊ جي شروعاتي تربيت والٽن لاهور ۾ ڏني ويندي آهي. اتي سنڌين سان جيڪو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، ۽ جيڪي ڪجهه سنڌ جي باري ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، تنهن باري ۾ جيڪڏهن ڪجهه لکندس ته تعصبي سڏبس جيڪو اڳيئي سڏجندو آهيان.
    اسان سنڌين کي ڌرتيءَ سان عشق آهي. اسان جي محبت جو مقابلو بهادر ۽ جنگجو ويٽنامي به ڪري نه ٿا سگهن، جيڪي وطن کي زندگيءَ جو نذرانو ڏئي رهيا آهن.
    مون ڏهن نوجوانن کان پڇيو، ”توهين گريجوئيٽ آهيو، واچ اينڊ وارڊ کاتي ۾ ڇو نٿا وڃو؟“
    وراڻيائون، ”اسين تربيت لاءِ والٽن نه وينداسين. واچ اينڊ وارڊ جي تربيت لاءِ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو مرڪز کوليو وڃي ته اسين ضرور ان کاتي ۾ وينداسين.“
    مان ته جيتامڙو آهيان، موجوده دور جو افلاطون به اهو ٻڌائي نه سگهندو ته حيدرآباد يا سکر ۾ واچ اينڊ وارڊ جي تربيت لاءِ مرڪز ڇونه کوليو ويو آهي.

    8 2 مئي 1972ع


    سدا سنڌ رهندي

    قومي يڪجهتي، ملڪي سلامتي، ۽ اسلامي قدرن ۽ ڀائيچاري جون ٺيڪيدار اڙدو اخبارون ۽ سندن ٻڌا واپاري ”اين - اي - ڊي -¸انجنيئرنگ ڪاليج“ جي ڇرڪائيندڙ واقعي تي مم وانگر خاموش آهن. انهن ٺيڪيدارن ۽ ٻڌن واپارين جي خيال مطابق قومي يڪجهتي، ملڪي سالميت ۽ اسلام تڏهن خطري ۾ پوندا آهن، جڏهن سنڌ جو سجاڳ ۽ سڄاڻ نئون نسل ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ ۽ ”سنڌي ٻولي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان“ جو مطالبو ڪندو آهي. اُن وقت ٺيڪيدار ايڊيٽوريل لکندا آهن، کڳا ڪالم ڪارا ڪندا آهن ته وو، بچايو، بغداد ٿي ويو، پاڪستان خطري ۾ پئجي ويو، وارو ڪيو، ملڪ بچايو، سنڌين جي سرويچ نسل کي سختيءَ سان چچريو، وغيره. ”جيئي سنڌ“ جو نعرو بڙڇيءَ وانگر سندن ڪوڙهي ضمير ۾ لهي ويندو آهي. ٺيڪيدارن جي تربيت، جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين Imperialism جي بنيادن تي ٿي آهي، ۽ ٿي رهي آهي، سا ترتيب ۽ تربيب مان پيدا ٿيل ”ڇانئجي وڃڻ“ جو تصور ٽڪر ٽڪر ٿي سنڌ جي مٽيءَ ۾ ملي رهيو آهي. اين - اي - ڊي انجنيئرنگ ڪاليج جي واقعي تي ٺيڪيدارن جي ماٺ اچرج ۾ وجهڻ جهڙي ناهي.
    رڪارڊ جا ٻه پاسا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٽيپ رڪارڊر جي ٽيپ اُبتي هلي پوندي آهي. ٿري ڊائمينشن فوٽو دوکو ڏيئي ويندو آهي. اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي. ۽ جهڙو سلوڪ سنڌي ليڪچرارن سان ٿيو آهي، سو واقعو ۽ اهڙو سلوڪ جيڪڏهن غير سنڌي ليڪچرارن سان ٿئي ها، ته اردو اخبارن جو رويو ڪجهه هن ريت هجي ها. ايڊيٽوريل لکجن ها، ڪالم لکجن ها، خبرون، خبرن تي تبصرا ۽ فوٽا شايع ٿين ها، اڙدو ترقي پسند ۽ رجعت پسند اڙدوءَ جي معاملي ۾ کير کنڊ ٿي سوچيندا آهن. اخبارن ۾ جيڪي ڪجهه ڇپجي ها سو هيٺينءَ ريت هجي ها:
    هندستان جي ايجنٽن جون مهاجرن خلاف سازشون.
    راجا ڏاهر جي پوئلڳن جي محمد بن قاسم جي وارثن سان بدسلوڪي.
    ڇا اسان پاڪستان لاءِ ان ڪري قربانيون ڏنيون هيون ته هڪڙي ڏينهن پاڪستان جي زمين اسان کي قبول نه ڪندي؟
    پاڪستان جا باني اسين آهيون.
    حڪومت کي ملڪ دشمن ايجنٽن جي سرگرمين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
    محب وطن ليڪچرارن سان دهشت پسند سنڌين جي هوڙهائي.
    صوبائيت کي ختم ڪيو وڃي.
    رڪارڊ جي ٻئي پاسي کي ٻڌڻ جو اسان کي شوق ناهي. اهو رڪارڊ ذري گهٽ روزانو، اسان کي ٻڌايو ويندو آهي، پر ٻئي ڪنهن نوعيت ۾. ويجهڙائيءَ ۾ اهو رڪارڊ لاڙڪاڻي ۾ اڙدو اخبارن ساڙڻ جي واقعي وقت ٻڌڻ ۾ آيو.
    ٺيڪيدارن کي ڪير سمجهائي ته اخبارون ان ڪري ساڙيون ويون هيون جو انهن اخبارن جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن اعتراض جوڳو رويو رهيو آهي. اسان کي به خبر آهي ته اخبارن ساڙڻ سان ڪابه ٻولي سڙي نٿي سگهي ۽ اسان کي اها به خبر آهي ته Imperialism Expansionism جي چالاڪيءَ سان ڪابه ٻولي سنڌ تي مڙهي نه ٿي سگهجي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن.
    سدا سنڌ رهندي. سدا شاهه رهندو. سامي ۽ سچل جو سدا نانءُ رهندو.

    0 3 مئي 1972ع



    باطني ون يونٽ

    اسان جي گهڻن سڄڻن جي خيال مطابق ون يونٽ جو مطلب سنڌ کي ”سابق صوبه سنڌ“ لکڻ هو. انهن يارن جي خيال مطابق ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين، ۽ ڪارونجهر کان کيرٿر تائين سموري سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف جيڪا تاريخ ساز هلچل هلي هئي، سا فقط لفظ ”سابق صوبه سنڌ“ کي سنڌ سڏڻ، لکڻ ۽ چوڻ جي تحريڪ هئي.
    هڪ سڄڻ چيو، ”مبارڪ هجيئي، ون يونٽ ختم ٿيو.“
    پڇيومانس، ”ڪيئن ٿو چوين ته ون يونٽ ختم ٿيو آهي،“
    وراڻيائين، ”سنڌ سيڪريٽريٽ ٻيهر ڪراچيءَ پيئي اچي ۽ تغلق هائوس ۾ آفيسون کلنديون.“
    ”ان مان، تنهنجي خيال مطابق، ون يونٽ ختم ٿيو؟“
    ”ها - ۽ هينئر سنڌ سان گڏ لفظ سابق به نه ٿا لکن.“
    پڇيومانس، ”ون يونٽ ڪيتري عرصي تائين ظاهر هليو.“
    حيرت مان پڇيائين، ”ظاهر ڇا؟“
    چيم، ”هڪ يونٽ هيو ظاهري، ٻيو باطني. ظاهري ون يونٽ ختم ڪيو ويو آهي. باطني ون يونٽ قائم آهي ۽ سنڌ کي ڪلر وانگر ڪوري رهيو آهي.
    چيائين ”مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾نه ٿي اچي.“
    وراڻيم، ”تون سمجهڻ جي ڪوشش به نه ڪر. اجايو پنهنجي نازڪ ميڄالي کي تڪليف نه ڏي. تون مون کي فقط ايترو ٻڌاءِ ته ظاهري ون يونٽ ڪيتري عرصي تائين قائم رهيو.“
    جواب ڏنائين، ”ذري گهٽ سورهن سال.“
    پڇيو مانس، ”سابق لفظ سنڌ کان جدا ڪيو ويو. سنڌ سيڪريٽريٽ تغلق هائوس ۾ اچي رهي آهي. هاڻي مون کي اِهو ٻڌاءِ ته گذريل پنڌرهن سورهن سالن ۾ سنڌ سان جيڪي ظلم، انڌير، ناانصافي ۽ هڪ هڪ قدم تي جيڪا حق تلفي ٿي آهي، ان جو تدارڪ ڪيئن ٿيندو؟“
    اسان جو يار مونجهاري ۾ پئجي ويو هو. چيو هئائين، ”جيڪو ٿيو سو ٿيو. اسين ان ۾ ئي راضي آهيون ته سنڌ کي سابق صوبه سنڌ چوڻ بدران سنڌ ٿا چئون. تون ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري انتشار ۽ بغاوت نه ڦهلاءُ.“
    هو يار هليو ويو. ڪجهه عرصي تائين ملاقات نه ٿي. ڪالهه ملاقات ٿي، ته اوچتي نموني، هو مون وٽ آيو.
    چيائين، ”هلال پاڪستان ۾ ڪالم ٿو لکين. مان ان سلسلي ۾ آيو آهيان.“
    پڇيومانس، ”تنهنجي گهر تي مخفي نشان هڻي ويا آهن ڇا؟“
    چيائين، ”سنڌين سان ظلم ٿي رهيو آهي. ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي.“
    وراڻيم، ”سنڌين سان هر دور ۾ ظلم ٿيو آهي. پر هن دفعي ظالمن جي منڍي اسان جي مٺ ۾ آهي.“
    چيائين، ”ڪالم لک يا ايڊيٽوريل لاءِ سراج کي چئه“.
    پڇيو مانس، ”ڳالهه ڇاهي؟“
    چيائين، پوليس کاتي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر هميشه سڌي طرح چونڊ مان کنيا ويندا آهن. هن دفعي سڌي چونڊ بدران ٽي سو هيڊ ڪانسٽيبلن کي ترقي ڏيئي اي ايس آءِ ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي. ٽن سو هيڊ ڪانسٽيبلن ۾ هڪ به هيڊ ڪانسٽيبل سنڌي ناهي. سڌي چونڊ ۾ ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سو سوا کن سنڌي جوان ته ضرور چونڊجي وڃن ها.“
    مون غور سان سندس منهن ۾ نهاريو. چيم، ”مون توکي ڪجهه عرصو اڳ ظاهري ون يونٽ ۽ باطني ون يونٽ جي باري ۾ ٻڌايو هو ۽ توکي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. منهنجا يار، ظاهري ون يونٽ ختم ٿيو آهي. سنڌ سان لفظ سابق لکيل ناهي. سنڌ سيڪريٽريٽ تغلق هائوس ۾ آهي. پر سڄڻ، باطني ون يونٽ قائم آهي.“

    8 1 جون 1972ع


    جيڪڏهن

    (سمجهو کڻي Hypothesisطرح سان هندستان جو ورهاڱو ڪجهه هن طرح ٿئي ها جو يو پي ۽ سي پي پاڪستان ٿي پَوَن ها، ۽ اسين سنڌي مسلمان سنڌ مان ٽپڙ کڻي يوپي ۽ سي پيءَ جا وڻ وڃي وسايون ها).

    هي دهلي آهي. پنجويهه سال اڳ اسين هجرت فرمائي هت اچي رهيا آهيون. اسان هن شهر ۽ يو پي ۽ سي پيءَ جي ٻين شهرن کي آباد ڪيو آهي. اسان جي اچڻ کان اڳ دهلي، آگرو، لکنو وغيره برباد بيابان هئا، جتي ماڻهو گهٽ ۽ جانور وڌيڪ هئا. اسان هتي جي ماڻهن کي ڪپڙا لٽا پائڻ ۽ پڪل رڌل کاڌو کائڻ سيکاريو آهي. تاج محل روهڙيءَ جي مشهور ڊکڻ باغ عليءَ ٺاهيو آهي. فتح پور سڪريءَ جون عمارتون، مقبرا ۽ ٻيون جايون پڻ اسان سنڌين اچي ٺهرايون آهن. هتي اڳ ڄٽ رهندا هئا، جاهل رهندا هئا، ۽ اسان سنڌين کين ماڻهپي ۾ آندو آهي. پر هتان جا ماڻهو ڏاڍا احسان فراموش آهن. هيءَ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌايان ٿو.
    اسان سنڌي مهاجرن، جيئن ته يو پي ۽ سي پيءَ جي علائقن، شهرن ۽ ڳوٺن تي هزارين لکين احسان ڪيا آهن، تنهن ڪري سنڌي مهاجر ايسوسيئيشن جي هاءِ ڪمانڊ فيصلو ڪيو ته يو پي ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان سنڌي ٿيندي. اسان جي ان فيصلي کي هر هنڌ هٿي ملي آهي.
    سنڌ مان لڏي اچڻ کان پوءِ اسان يو پي ۽ سي پي جي سڀني نشر ۽ اشاعت جي ادارن تي قبضو ڪري ورتو آهي، تنهن ڪري، هوا ۾ ۽ تحرير ۾ فقط سنڌي زبان جو پرچار آهي ۽ هتان جي هرهڪ ٻوليءَ کي پٺتي ڇڏيو ويو آهي. هاءِ ڪمانڊ جي فيصلي کي نشر ۽ اشاعت جي ادارن مان ڀرپور مدد ملي ٿي. اسان کي پڪ هئي ته يو پي ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان سنڌي ٿيندي، پر افسوس، صد افسوس، هتان جا مقامي ماڻهو وڏا احسان فراموش نڪتا. هنن سنڌيءَ کي سرڪاري زبان نه بنائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪالهه مقامي ماڻهن سان سنڌي مهاجر ايسوسيئيشن جي هاءِ ڪمانڊ جي جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي تنهن جو متن پيش ڪجي ٿو.
    مقامي ماڻهن جي نمائندي چيو، ”يوپي ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان ڪنهن به حالت ۾ سنڌي نه ڪئي ويندي“.
    ”سنڌي يڪجهتي، ملڪي سالميت ۽ اتحاد جي زبان آهي.“ اسان جي سنڌي هاءِ ڪمانڊ جي نمائندي وراڻيو، ”سنڌي ٻولي عين اسلامي زبان آهي.“
    ”ڪجهه به ٿئي. اسين سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي تسليم نه ڪنداسين. يو پي ۽ سي پي جي سرڪاري زبان اڙدو ٿيندي.“
    ”اسان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ مان هجرت ڪري يو پيءَ ۽ سي پيءَ کي ٺاهيو ۽ اڏيو اٿئون.“
    ”ڇا ٺاهيو اٿو؟“
    ”تاج محل، قطب مينار، گنگا ۽ جمنا نديون.“
    ”آهستي ڳالهايو. آسمان مان ٽهڪڙن جو آواز نه اچي.“
    سنڌي هاءِ ڪمانڊ جي نمائندي چيو، ”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو سنڌي زبان جي راهه ۾ رنڊڪون وجهي، توهين اڻ سڌي طرح ملڪي اتحاد ۽ ترقي جي راهه روڪي رهيا آهيو.“
    ”اجائي نعري بازي ڇڏيو.“
    اردو نمائندي چيو، ”سنڌي ڌاري ٻولي آهي. ٻاهران هتي آئي آهي. اڙدو يو پي ۽ سي پي جي ماڻهن جي ٻولي آهي. تنهن ڪري هتان جي سرڪاري زبان اڙدو ٿيندي.“
    اسان جي نمائندي چيو، ”توهين دشمن ملڪ جا ڇاڙتا آهيو.“
    ”پنهنجي ٻوليءَ جي حق ۾ آواز اٿارڻ ملڪ سان غداري آهي؟“ اڙدو نمائندي پڇيو.
    ”يو پي ۽ سي پي جي سرڪاري ٻولي سنڌي ٿيندي، تنهن ڪري سنڌيءَ جي خلاف آواز اُٿارڻ ملڪ خلاف آواز اُٿارڻ برابر آهي.“
    ”اسين ٻاهران آيل ٻولي هرگز قبول نه ڪنداسين. يو پي ۽ سي پي جي سرڪاري زبان اُڙدو ٿيندي.“
    ”هر گز نه. اسان پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ ڇڏي، هتي اچي رهياسين ¸ يو پي ۽ سي پي کي ٺاهيوسين. تنهن ڪري هتان جي سرڪاري زبان سنڌي ٿيندي.“
    ”ڪهڙي قرباني ڏني اَٿوَ!“ مقامي ماڻهن جي اڙدو نمائندي چيو، ”سنڌ ۾ ڪک ڇڏي آيئو، ۽ هتي لک جو ڪليم ورتو. مٽيءَ بدران ماڙي ورتوَ. برسينگ بدران ميون جا باغ ڪليم ۾ ورتو. نوڪريون، واپار ۽ وهنوار تي قبضو ڪيو. هينئر اسان جي مقامي زبان اڙدوءَ خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا اٿَوَ!“
    سنڌي هاءِ ڪمانڊ جي نمائندي وراڻيو، ”توهين تخريب ڪار آهيو. دشمن جا ايجنٽ آهيو ۽ ملڪ کي تباهه ڪرڻ گهرو ٿا.“
    يو پيءَ ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان سنڌي هئڻ ۽ ٿيڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ اسان کي سنڌ مان لڏي آيل سڀني سنڌي مهاجرن جي مدد جي ضرورت آهي. اسان جي ٻي گڏجاڻي لال قلعي دهليءَ جي ٻاهران ايندڙ آچر ڏينهن صبح جو ڏهين لڳي ٿيندي.

    9 1 جون 1972ع


      گفتگو

    ٻه شخص پاڻ ۾ گفتگو ڪري رهيا هئا. مان سندن گفتگو ٻڌي رهيو هوس.
    ”چون ٿا سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ تي ڪوبه حق ناهي.“
    ”ڪير ٿا چون؟“
    ”جيڪي پاڻ کي پاڪستان جا باني، ۽ پاڪستان لاءِ بي مثال قربانين ڏيڻ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ سڏائين ٿا.“
    ”ڪهڙي قرباني ڏني اٿائون؟“
    ”هجرت فرمائي سنڌ کي اچي مٿو ڏنو اٿائون.“
    ”جيڪڏهن هي صاحب تڪليف وٺي هيڏانهن نه اچن ها، ته ڇا پاڪستان وجود ۾ نه اچي ها؟“
    ”اهو ته ڪو کانئن پڇي. پر دعويٰ اها ٿا ڪرين ته پاڪستان لاءِ جان ۽ مال جي قرباني ڏني اٿائون.“
    ”هاڻي ڪنهن جي ڳالهه تي اعتبار ڪجي! قائد اعظم فرمايو هو ته ”دنيا جي تاريخ جو پاڪستان واحد مثال آهي، جيڪو اسان بنا گولي هلائڻ جي ۽ رت جو هڪ ڦڙو وهائڻ کان سواءِ حاصل ڪيو آهي“
    ”پر سڳورن جو چوڻ آهي ته هنن پاڪستان لاءِ پنهنجا ٻار ٻچا ڪهائي ڇڏيا.“
    ”فسادن کي تاريخ ۾ ڪا به اهميت نه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو قربانين جي دعويٰ ڪري ٿو، ته کيس اول ويٽنامين جي قربانين جو مثال وٺڻ گهرجي.“
    ”وڌيڪ فرمائين ٿا ته سندن وجود سان پاڪستان جو وجود آهي.“
    ”ڀل ان خوش فهميءَ ۾ مبتلا هجن.“
    ”رهن سنڌ ۾. نوڪريون ڪرين سنڌ ۾. ڪليم ورتائون سنڌ ۾. پر سنڌي سڏائڻ ۾ عيب ٿو اچين.“
    ”ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ لاءِ پنهنجي صوبي جو نالو ڪهڙو لکندا آهن؟“
    ”سنڌ. پر سنڌ جي نالي سان اهڙي ڪا چڙ اٿن، يا ڪو وير اٿن جو هڪ دفعي سنڌ جو نالو باب الالسلام رکڻ جي تحريڪ هلائي هئائون.“
    ”آخر سنڌ سان ايترو ڪئنه ڇو ٿا کائين.“
    ”ان ڪري جو سنڌ کي هڙپ ڪري نه سگهيا.“
    ”هينئر ڪهڙا ارادا اٿن؟“
    ”نيڪ ارادا اٿن.“
    ”مثال طور.“
    ”ٻوليءَ لاءِ زمين جو هئڻ ضروري آهي. اڄڪلهه اڙدوءَ لاءِ گهر گهاٽ پيا ڳولين.“
    ”۽ اک سنڌ تي اٿن؟“
    ”ها.“
    ”اڄ ڪلهه هڪ ٻي تحريڪ به شروع ڪئي اٿائون.“
    ”ڪا اهم تحريڪ اٿن؟“
    ”تحريڪ بازن جي ڪابه تحريڪ اهم نه هوندي آهي.“
    ”ته پوءِ.“
    ”سنڌڙي انب خلاف تحريڪ هلائي اٿائون.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو کين سنڌڙي انب جي نالي مان سنڌ جي بوءِ ٿي اچي.“
    ”ان سلسلي ۾ ڇا پيا ڪرين؟“
    ”کڳي ۽ ڪٻي پنهنجن حواربن جي ڪانفرنس سڏائي آهي.“
    ”سنڌڙي انب جو نالو شايد باب الاسلام انب رکندا.“
    ”ها. ۽ سنڌو درياهه جو نالو باب الالسلام دريا رکندا.“
    ڳالهائڻ وارا اُٿي ويا. مان ٻڌندڙ ويٺو رهيس.

    2 2 جون 1972ع


      شاعري

    ملڪي سالميت ۽ يڪجهتيءَ جا ٻه ٺيڪيدار، جن کي سنڌ مان بغاوت جي بوءِ ايندي آهي، بندر روڊ تي پلازا سينيما ٻاهران فٽ پاٿ تي وائڙن وانگر بيٺا هئا، ۽ ڪاغذ جي پڙي مان پڪوڙا ڪڍي کائي رهيا هئا. ٻنهي ٺيڪيدارن مان هڪڙو هٻڇي هو. جڏهن پڪوڙا کائي رهيو، تڏهن ڪاغذ ڄڀ سان چٽي، چٽڻي صاف ڪري ڇڏيائين. چٽڻي صاف ٿي، ته اخباري ڪاغذ تي هن ڪجهه پڙهيو، ۽ پوءِ پنهنجي ساٿيءَ کي ٺوٺ هڻندي قومي زبان ۾ چيائين، ”هي نظم ته پڙهه.“
    ڪاغذ ڪنهن اڙدو اخبار جو ٽڪر هو. ان ٽڪر تي اڙدوءَ ۾ هڪ نظم هو.
    هڪ ٺيڪيدار چيو، ”هي نظم ڪنهن سنڌي شاعر جو آهي“.
    ”پر هي ته اڙدوءَ ۾ لکيل آهي“.
    ”توکي خبر ناهي، سلامت علي. سنڌي شاعر اڙدوءَ ۾ به شاعري ڪندا آهن“.
    ”برابر. هي نظم بيحد تخريبي ڏسڻ ۾ ٿو اچي“.
    ”بلڪل. اکنڊ ڀارت جو پرچار ٿو ڪري“.
    ”پڙهينس ته سهي“.
    مجاهد علي اخبار جي ٽڪر تان نظم پڙهڻ لڳو، جيڪو ڪجهه هن ريت هو. ”نه اسين غير آهيون، ۽ نه ملڪ اجنبي. عزيزو رفيقو، هي ڪهڙي بي رخي آهي.“
    سلامت عليءَ کان رڙ نڪري ويئي. چيائين، ”معنيٰ ته هندو ۽ مسلمان ۾ ڪو فرق ناهي!“
    ”ٻن قومن وارو نظريو ختم!“
    ”سنڌي شاعرن مان ٻي ڪهڙي چڱائيءَ جي اميد رکي سگهجي ٿي.“
    مجاهد عليءَ چيو ”اڳتي ٻڌ، جيڪي ٿي گذريو تنهن کي وساري ڇڏيو. جمنا نديءَ جي ڪناري ويهو. محفل مچايو. ملڻ جا مڌر گيت ڳايو.“
    ”اهو ته اکنڊ ڀارت جو کليل پرچار آهي!“
    ”سو به اڙدو ۾، يعني قومي ٻوليءَ ۾! هي سنڌي شاعر تمام خطرناڪ آهي.“
    ”اڙدوءَ ۾ شاعري ائين ڪئي اٿائين، ڄڻ سندس مادري ٻولي آهي.“
    ”اڳتي ٻڌ.“ مجاهد علي نظم پڙهڻ لڳو، ”هي سرحد انسانن جي ٺاهيل آهي جنهن جي ڪا اهميت ناهي.“
    ”بس بس“. سلامت عليءَ چيو، ”هي نظم ڪنهن تخريب ڪار سنڌي شاعر جو آهي.“
    ”پڪ هندستان جو ايجنٽ آهي.“
    ”اسان کي پوليس ۽ سي آءِ ڊي کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. غدار سنڌي شاعرن کي ملڪ مان ڪڍيو وڃي.“
    ”پر هي نظم لکيل ڪنهنجو آهي؟“
    ”سنڌين جي قومي شاعر شاهه لطيف جو ٿو لڳي.“
    ”پر هن ته اڙدوءَ ۾ شاعري نه ڪئي هئي.“
    ”ته پوءِ سچل سرمست جو آهي.“
    ”سچل جي ڏينهن ۾ هندستان جو ورهاڱو نه ٿيو هو.“
    ”ته پوءِ امداد حسينيءَ جي لکيل آهي.“
    ”مون کي نياز همايونيءَ جو ٿو لڳي.“
    ”ترسُ!“ مجاهد عليءَ چيو، ”هي شعر سرويچ سجاوليءَ جو آهي هو به وڏو تعصبي آهي.“
    ”تعصبي ته سمورا سنڌي شاعر آهن.“
    ”افسانه نگار به گهٽ تعصبي ناهن.“
    ”سنڌي نظريه پاڪستان جا مخالف آهن. هي شعر به ڪنهن غدار جو آهي. اسان وٽ غدار سنڌي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جي لسٽ آهي.“
    ”هي نظم قمر شهباز جو ته ناهي!“
    ”مون کي شيخ اياز جو ٿو لڳي.“
    ”اڙي ترس.“ مجاهد چيو، ”هي ڏس. ڪاغذ جي مٿئين ڪنڊ تي شاعر جو نالو لکيل آهي. هيءُ ته پنهنجي نام ڪٺيي ڪالم باز جو شعر آهي. سبحان الله واهه جو نظم لکيو اٿائين. ماشاءالله“

    7 2 جون 1972ع


      چبوترو

    اسان جي گهر کان سڏ پنڌ تي سعيد منزل جو چؤواٽو آهي. ان چؤواٽي جي وچ تي ٽريفڪ پوليس جي سپاهيءَ لاءِ سيمنٽ جو هڪ چبوترو ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان سيمنٽ جي مضبوط ڇٽي ٺهيل آهي ۽ ڇٽيءَ جي مٿان هڪ بتي لڳل آهي. بتي رات جو ٻرندي آهي، پر ان جي روشني اندر چبوتري ۾ نه ايندي آهي. جڏهن کان اهو چبوترو ٺهيو آهي، تڏهن کان ان ۾ ٽريفڪ پوليس جو سپاهي نه بيٺو آهي. سعيد منزل جو چؤواٽو موٽر گاڏين جي حادثن کان سڄي شهر ۾ بدنام آهي.
    چؤ واٽي تي ٺهيل چبوتري جو استعمال فسادن ۾ ٿيندو آهي.
    هڪ دفعي، ايوب خان جي دور ۾ جڏهن شاگردن يونيورسٽي آرڊيننس خلاف مظاهرا ڪيا هئا، ۽ جلوس ڪڍيا هئا، تڏهن ڪجهه خفتي جوانن پنهنجي ڪاوڙ ان چبوتري کي ڀڃي برباد ڪڍي هئي. يونيورسٽي آرڊيننس جو چبوتري سان ڪهڙو تعلق هو، اهو مسئلو اڄ تائين منهنجي سمجهه ۾ نه آيو آهي.
    ايوب خان ۽ فاطمه جناح جي چونڊن جو نتيجو عوام کي پسند نه آيو هو. ان نتيجي تي ڪراچيءَ وارا ڏاڍا مڇريا هئا، جلوس ڪڍيا هئائون. جلسا ڪيائون. تقريرون ڪيون هئائون. شهر جي چڱي چوکي بربادي ڪئي هئائون. گهڻو ڪجهه ڀڳو هئائون. پر پنهنجن گهرن جو سامان نه ڀڳو هئائون. گهر جو سامان فقط بدحواس مڙس ڀڃندو آهي، جنهن کي پنهنجي زال پاڙي واري جي زال جي مقابلي ۾ بدصورت ۽ ڇسي نظر ايندي آهي. انهن فسادن ڀيري به مڇريل انبوهه سعيد منزل جي چؤواٽي تي ٺهيل چبوترو ڀڃي ڇڏيو هو.
    هر دفعي چبوترو ڀڄندو آهي ۽ هر دفعي، وڏي خرچ سان ٺيڪيدارن هٿان ٻيهر ٺاهرايو ويندو آهي.
    گذريل سال ڪراچيءَ ۾ شيعه - سني فساد ٿيو هو. ڏاڍو خونخوار ۽ خونريز فساد هو. شيعن خارن مان چبوترو اڌ کن ڀڃي وڌو. ڪجهه دير کان پوءِ سنين جو جلوس لنگهيو، تنهن چبوتري جو بچيل حصو ڊاهي، پٽ ڪري ڇڏيو. ويچاري چبوتري جو شيعه - سني فساد سان ڪهڙو تعلق هو، اهو راز منهنجي سمجهه ۾ نه آيو. پر مون کي ان ٺيڪيدار جو خوشيءَ وچان ٻهڪندڙ چهرو نظر آيو جيڪو فسادن کان پوءِ ڀڳل چبوتري کي وڏي خرچ سان ٺاهرائي، پاڻ کي ۽ ٺيڪو ڏيندڙ صاحب کي خوش ڪندو آهي.
    گذريل هفتي زبان جي سوال تي ڪراچيءَ ۾ زبردست فساد ٿيو. فسادين عادت مطابق وڏا کيل ۽ ڪرتب ڪري ڏيکاريا. چوڪ چوڪ تي باهيون ٻاريائون. نعرا هنيائون. ڀڃ ڊاهه ڪيائون. جلسا، جلوس ڪڍيائون. سعيد منزل واري چبوتري به پاڻ ملهايو. مڇريل ماڻهن چبوتري کي ڀڃي، ڊاهي، برباد ڪري ڇڏيو. اڙدوءَ جي حمايت ۾ چبوتري جو ڀڄڻ منهنجي سمجهه ۾ نه آيو.
    چبوترو يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جو ميمبر نه هو، پر يونيورسٽي آرڊيننس خلاف ٿيل فسادن ۾ ڀڳو ويو. چبوترو نه ايوب جو حامي هو، ۽ نه فاطمه جناح جو. پر تڏهن به ڀڳو ويو. چبوترو نه شيعو آهي، ۽ نه سني. پر شيعه - سني فسادن ۾ ڊاٺو ويو. چبوترو نه سنڌ جي علامت آهي، ۽ نه سنڌي ٻوليءَ جي علامت آهي. پر اُڙدوءَ جي حامين چبوترو ڀڃي، ڊاهي، برباد ڪري ڇڏيو.

    8 1 جولاءِ 1972ع


      ٻولي

    ڪجهه عرصو اڳ هڪ هنڌ ڪجهه هن قسم جي گفتگو هلي هئي.
    ”سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.“
    ”فقط سنڌي ٻولي نه. پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين کي پڻ قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي.“
    ”پر اسين پرايو سور پنهنجي مٿي ۾ ڇو وجهئون!“
    ”اها سياسي چال آهي.“
    ”ڪهڙي قسم جي؟“
    ”تنهنجو سياسي شعور نابالغ آهي. تنهن ڪري تون اها چال سمجهي نه سگهندين.“
    ”مون کي سياسي طرح بالغ ڪر. مون کي ٻڌاءِ ته اسين ڇا جي لاءِ ۽ ڇو پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪريون؟“
    ”اهو ان ڪري، ته جڏهن اسين ٻين صوبن جي ٻولين کي همٿائينداسين، تڏهن ٻيا صوبا از خود سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ اسان سان ٻانهن ٻيلي ٿيندا.“
    ” پر سنڌي ٻوليءَ جي دعويٰ بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين جي دعويٰ کان مختلف آهي؟“
    ”ڪيئن مختلف آهي؟“
    ”سنڌي ٻولي گڏيل هندستان جي سڌريل مڪمل ۽ مڃيل ٻولين مان هڪ آهي. سنڌيءَ کي پنهنجي الفابيٽ آهي، ۽ پٺيان هڪ ضخيم لساني تاريخ بيٺل اٿس.“
    ”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
    ”مون کي بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين لاءِ قدر آهي، احترام آهي. سنڌي ٻوليءَ کي انهن ٻولين جي گهوڙين تي بيهارڻ سان خود سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس ڪمزور ٿي پوندو.“
    ”تنهنجو نظريو شعور جو محتاج آهي.“
    ”منهنجي چوڻ جو مطلب آهي، ته هر هڪ صوبي جا پنهنجا مسئلا آهن، جيڪي اتان جي عوام کي خود حل ڪرڻا آهن. زبان جو مسئلو انهن مسئلن مان هڪ اهم مسئلو آهي.“
    ”پر زبان جي مسئلي تي جيڪڏهن اسين ٻين صوبن جي حمايت ڪريون، ته ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي.“
    ”اسين پنهنجي سموري جدوجهد، ڪوششون، قوت ۽ طاقت سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ لڳائڻ چاهيون ٿا.“
    ”ان لاءِ تو وٽ ڪو خاص سبب آهي؟“
    ”ها. 1947ع کان اڳ ٻولي ۽ ثقافت، ادب ۽ تخليق جي لحاظ کان اسان جي ٻولي ترقي پسند ٻولين جي علمبردار هئي. اڄ اسين يڪجهتي، مذهب ۽ تنهنجي هٿ ٺوڪئي سياسي شعور جي نالي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪري چڪا آهيون.“
    ”مان وري به اهو چوندس ته صوبائي ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيارڻ ۾ سڀني صوبن کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.“
    ”خبر تڏهن پوندءِ، منهنجا يار، جڏهن لساني مشڪلاتن ۾ منجهي، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب اڙدوءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏيندا. تڏهن سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ توکي اڪيلي سر رت ست ۽ ساهه ڏيئي دائمي بقا حاصل ڪرڻي پوندي. ڪوبه صوبو تنهنجي مدد نه ڪندو.“

    1 3 مئي 1972ع


    سختي شهادت جي

    عبدالرزاق سومرا، منهنجا اڻ واقف دوست، منهنجا اڻ ڏٺل سنگتي، منهنجا ساٿي، منهنجا دودا، منهنجا جوڌا، هيءَ ٽيون ڏينهن جي ڳالهه آهي. ٽيون ڏينهن تون ڌرتي ماءُ کي پنهنجي ريٽي رت جو نذرانو ڏيئي وطن پرستن جي تاريخ ۾ سرخرو ٿيو هئين. هيءَ ٽيون ڏينهن جي ڳالهه آهي، منهنجا سرويچ، منهنجا سرواڻ، منهنجا رانول، منهنجا راوت. ٽيون ڏينهن تو سنڌ ماءُ جي سينڌ کي پنهنجي رت جو سيندور ڏنو. ٽيون ڏينهن تو رت ڦڙن جي ياقوت سان ڌرتيءَ کي ايثار جو روشن ڏينهن ڏنو. تو ساهه ڏنو، تو ماهه ڏنو. تو جيجل سنڌ کي رت ۾ آلو لڇندو ڪڏندو ڪنڌ ڏنو.هيءَ ٽيون ڏينهن جي ڳالهه آهي، منهنجا مٺڙا ڀاءُ.
    صبح جا ساڍا يارهن کن ٿيا هئا. اوچتو، ڄڻ آسمان مان آواز آيو:
    ”ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، راوت ڪين رهن“
    مون ٻئي هٿ پنهنجي هنياءَ ۾ وجهي ڇڏيا. ڀٽائيءَ جي صدا اڄ وري ڇو سنڌ ۾ سين هئين آهي! رڻ گجيو. راڙو ٿيو. ائين ته ناهي، ڪو سڄڻ سفر تي هليو آهي! ائين ته ناهي، ڪو گهوٽ اڻموٽ رڻ جو راهي ٿيو آهي!
    ٻيهر ڀٽائيءَ جي صدا جي پڙلاءَ سنڌ ملڪ جي مٿان بيٺل عرش ۽ ڌرتيءَ جي فرش کي لوڏي ڇڏيو. آواز آيو:
    ”سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز.“
    مون پنهنجا گوڏا ڌرتيءَ تي کوڙي ڇڏيا. منهنجي روح ۾ ڀٽائيءَ جو آواز پڙاڏا ڪندو رهيو ته. ”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان.“
    مون سمجهي ورتو، منهنجا معصوم، منهنجا مظلوم، ته تون هيڪلو هئين. انهن قاتل، ظالمن ۽ جابرن جي دائري ۾ تون اڪيلو هئين. تو گهاءَ سٺا، تو وار سٺا، تو زخمن جا ايذاءَ سٺا. تو لال لهوءَ جي کنهنبي سان اجل کي لبيڪ چيو.
    تو پنهنجيءَ رت ۾ ريٽي ڌرتي کي چمي چيو هوندو:
    ”ڌرتي منهنجي ماءُ،
    اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي –
    پر وري، وري مان ايندس،
    جڏهن به توتي اوندهه ايندي
    ظلم جي نگري ٿيندي،
    رات ڏينهن کي اڳري ويندي
    ۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
    اهڙي وقت ۾ مان ايندو رهندس
    توکي سر جو صدقو ڏيندس“.
    ڇونه مرڪي اها ماءُ جنهن توکي جنم ڏيئي جيجل سنڌ جي جهول ۾ وجهي ڇڏيو.
    مون چاهيو ته مان جيڪر ڪڪر ڪارونڀار هجان، ۽ تنهنجي جوان موت تي آبشار وانگر روئي پوان. مون چاهيو ته مان غم جو آتشڪدو هجان، ۽ تنهنجي ڏک جي ماتم ۾ لڇندو رهان.
    عبدالرزاق، دودي سومري جا وارث، شجائت جي ڪڙي، منهنجا پيارا، منهنجا ڀائڙا، اڄ منهنجو قلم رنو آهي. منهنجي تحرير رني آهي. مان تنهنجي جيجل ماءُ جي پيرن جي پڻيءَ جو پاڻ کي تلڪ ڏيان ٿو. ڪنڌ جهڪايان ٿو.

    9 آگسٽ 1972ع


    منهنجي صلاحڪار

    منهنجي چيف ايڊوائيزر يعني خاص صلاحڪار کي حصي ۾ حسن ذرو سرس مليل آهي، تنهن ڪري ناز ۽ انداز سندس شخصيت جو لازمي حصو آهي. هوءَ ڊيل وانگر هلندي منهنجي ڪمري ۾ آئي. دريءَ وٽ بيهي مون ڏانهن غور سان ڏٺائين.
    منهنجو من ماندو هو. اندر ۾ اڻتڻ هئي. خيالن جو ٻرندڙ جبل ذهن ۾ کامي رهيو هو. مون پنهنجي چيف ايڊوائيزر ڏانهن هڪ دفعو ڏسي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    هوءَ منهنجي سامهون اچي ويٺي. پڇيائين، ”ڪهڙن پورن ۾ ويٺو آهين.؟“
    مون کيس جواب نه ڏنو.
    پڇيائين، ”پريشان آهين ڇا؟“
    مان خاموش رهيس.
    پڇيائين، ”ڪهڙي ويڌن ۾ آهين جو ڳالهائين نه ٿو؟ مان تنهنجي خاص صلاحڪار آهيان. مون سان صلاح ڪر.“
    مون ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺو. چيم، ”اڄ توکي ڪيڏارو ٻڌائيندس -¸ سنڌي شاعريءَ ۾ پراڻي دور ۽ نئين دور جو ڪيڏارو.“
    هوءَ ٽيبل تي ٻئي ٻانهون رکي ويهي رهي. چيائين، ”اهو چڱو پيو ڪرين جو مون کي ٿو ٻڌائين. ٻڌڻ کان پوءِ صلاح ڏيندي مانءِ ته ٻين کي ٻڌائڻ لائق آهي، يا نه.“
    ”اول لطيف سائينءَ جو ڪيڏارو ٻُڌ،“ کيس. لطيف سائينءَ جي ڪيڏاري مان بيت ٻڌائڻ شروع ڪيم:
    ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
    وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾“.
    ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي ر ڻ جا“.

    ”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته، مارو ٿئين.“
    منهنجي چيف ايڊوائيزر عادت جي خلاف وچ ۾ نه ڳالهايو ۽ بيت ٻڌندي رهي. چيم:
    ”واري ويراڳي ويا، ڪاتن مٿي ڪنڌ،
    هوءِ سندن هنڌ، جو لڙ گڏجي لعل ٿيا.“

    ”ڏکيا اوسر ڏينهڙا، سچل گهارين هت،
    اٺئي پهر چت، وطن تن نه وسري.“

    ”سالڪ ساز سرود جي، سر سان سر کنيو،
    نيزي تي نيو، مٿو تنهن مهمير جو.“
    منهنجي خاص صلاحڪار چيو، ”سچل جي ڪلام مان سر کنڀات ۽ سر سورٺ جي بيتن کي ڪيڏارو ڪيئن ٿو چئي سگهين!“
    چيم، ”اڄ سوال - جواب جي محفل ناهي. تون ماٺ ڪري موجوده دور جو ڪيڏارو ٻڌ:
    منهنجيءَ صلاحڪار بيچين ٿيندي چيو، ”اياز جي غزل جا بند کڻي انهن کي ڪيڏارو ٿو چوين! تون عجيب انسان آهين.“
    هوءَ صبر ڪري نه سگهي. چيائين، ”ڪيڏاري جي مون کي معنيٰ ته سمجهاءِ.“
    وراڻيم، ”تون جيڪڏهن ايتري قدر چارمنگ نه هجين ها، ته پوءِ جيڪر مون کان ڪيڏاري جي معنيٰ نه پڇين ها. بهرحال، ڪيڏاري جي معنيٰ بدران، توکي اياز جو هڪ بيت ٻڌايان ٿو. منجهس اٿاهه مفهوم آهي:
    جي ماريءَ جي مام تي، ويا سي نه وريا،
    چوڳي لاءِ چريا، قبولين ٿو قيد کي!“

    15 جولاءِ 1972ع


      ڊرامائي هفتا

    سائينداد جڏهن به ڪراچيءَ اچڻ جو ارادو ڪندو آهي، تڏهن پنهنجي اچڻ جو اطلاع پندرهن ڏينهن اڳواٽ ڏيندو آهي.
    سندس آخري اطلاع موجب هن دفعي سائينداد کي جنهن ڏينهن ڪراچيءَ پهچڻو هو، سو ڏينهن ڪراچيءَ جي ڊرامائي هفتي جو هڪ ڏينهن هو.
    ڪراچيءَ وارا، خاص طرح فريئر روڊ، لياقت آباد ۽ ناظم آباد وارا، سال ۾ ٻه -ٽي دفعا ڊرامائي هفتا ملهائيندا آهن، جن ۾ چؤواٽن تي باهيون ٻارڻ، ابتا سبتا نعرا هڻڻ، جلسن ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ، ۽ ڊاهه ڊوهه ڪرڻ جهڙا دلفريب منظر نظر ايندا آهن. ڊرامائي هفتا ملهائڻ لاءِ ڪونه ڪو سبب ڳولي ڪڍندا آهن. مثال طور - گرميءَ جو درجو وڌڻ، مينهن جو نه وسڻ، ۽ جڏهن وسڻ ته ڇو وٺو، لوسڻ جي قيمت ۾ ڪمي، وغيره! ڪڏهن سياسي سبب به ڳولي ڪڍندا آهن، ۽ هڪدم ڊرامائي هفتو ملهائيندا آهن. آمريت جي دور ۾ ڊرامائي هفتو ملهائي گهر ڪندا ته جمهوريت گهرجي. جڏهن جمهوريت ملندي اٿن ته مظاهرا ڪري آمريت جي گهر ڪندا آهن.
    سنڌي ٻوليءَ وارو بل سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊيل نمائندن جي وڏي اڪثريت منظور ڪيو. پر ڪراچي جي ٽن Trouble spots جي رهواسين ۽ داداگيرن کي بل جو جمهوري طريقي سان منظور ٿيڻ منظور نه هو. تنهن ڪري ڪجهه منظور حسين، منظور علي، منظور احمد وغيره وغيره، ٻرن مان نڪري آيا ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي بل خلاف مظاهرن جو سلسلو شروع ٿيو. هر ڊرامائي هفتي وانگر هڪ هفتو ملهايو ويو، جنهن ۾ هميشه وانگر ڏاڍي ڊاهه ڊوهه، ڪرتب بازي، گاريون ۽ باهيون ڏنيون و يون. پوليس تي حملا ڪيا ويا. پٿر بازي ڪئي ويئي. جنهن ڏينهن سائينداد ڪراچيءَ پهچڻو هو، تنهن ڏينهن فسادن جي ڊرامائي هفتي جو عروج هو. مان کيس اسٽيشن وٺڻ ويس.
    سائينداد ريل مان لٿو ته مٿو لڪائڻ لڳو. کيس لالو کيت ۾ سنڌي هوٽل جي ڀرسان پنهنجي هڪ مائٽ جي گهر پهچڻو هو. پڇيائين، ٽيڪسيون ۽ رڪشا ڪٿي آهن؟“
    وراڻيم. ”گيراجن ۾.“
    ”سنڌي هوٽل تائين ڪيئن پڄنداسين؟“
    ”ٽنگون ريل ۾ ڇڏي آيو آهين ڇا؟“
    ”آهن ته ساڻ.“
    ”ته پوءِ منهنجا سائين کڙيءَ تي زور رکنداسين، ۽ سڌو هلي سنڌي هوٽل تي دم پٽينداسين“.
    سنڌي هوٽل تائين اسين پهچي نه سگهياسين، ڇوجو تين هٽي پل وٽ پوليس ۽ عادتي فسادين جي وچ ۾ زبردست پٿر بازي هلي رهي هئي. تين هٽيءَ جي چؤواٽي وٽان بيهي تماشو ڏسڻ لڳاسين.
    فسادي پٿر بازي ڪري رهيا هئا ۽ نعرا به هڻي رهيا هئا. هڪ نعرو عجيب هو: ”ايوب خان زنده باد“.
    سائينداد پڇيو، ”هي ايوب خان جا حامي آهن ڇا؟“
    وراڻيم، ”هي ڪنهن جا به حامي ناهن.“
    ”ته پوءِ ايوب خان زنده باد ڇو ٿا چون؟“
    وراڻيم، ”جڏهن آمريت هئي، تڏهن هي جمهوريت لاءِ فساد ڪندا هئا. جمهوري طريقي سان بل منظور ٿيو آهي، ته جمهوريت جي خلاف ٿي بيٺا آهن. فتنو سندن رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي.“
    ”پر هي آهن ڪير؟“
    وراڻيم، ”هي ڊرامائي هفتا ملهائڻ وارا ناٽڪي آهن. فساد ڪرڻ سندن پيشو آهي.“

    19 جولاءِ 1972ع


    سياست جو پيغمبر

    نڙ خان حقو پيغمبر ناهي. پر سندس دعويٰ آهي ته مٿس وحي نازل ٿيندي آهي. ويهين صديءَ ۾ جيڪو ڀولو پاڻ تي وحي نازل ٿيڻ جي دعويٰ ڪندا آهي، سو ٽئين جنس مان هوندو آهي. بزرگن جو قول آهي ته ٽئين جنس جو اصل نسل ظاهر ڪرڻ اخلاق کان ٻاهر آهي. تنهن ڪري، بزرگن جو احترام ڪندي، سندن روح کي خوش ڪندي، ٽئين جنس جو اصلي نالو ظاهر نٿو ڪجي. توهين پاڻ سياڻا آهيو. مغز تي زور ڏيو. توهين خود سمجهي ويندا ته نڙ خان حقو ڪهڙي جنس جو نمائندو آهي!
    ويجهڙائيءَ ۾ نڙ خان حقي دعويٰ ڪئي ته مٿس وحي نازل ٿي آهي، ۽ کيس الهام ٿيو آهي، ته سنڌ ۾ سندس حقي پارٽيءَ ۽ ”همنوا“ پارٽين جو حقو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. اها وحي مٿس راولپنڊيءَ ۾ نازل ٿي. هن بنا دير جي، تڙ تڪڙ ۾ ”همنوا“ پارٽين جي تڪڙي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ ملان جنت خان چاٻي، پروفيسر شڪور احمد جنڙي، ۽ فساد علي خان ديڳڙي شرڪت ڪئي.
    ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نڙ خان حقي چيو، ”اسان سان سنڌ ۾ نسورو ظلم ٿي رهيو آهي.“
    ملان جنت خان چاٻيءَ پڇيو، ”برادرم حقا، سنڌ ۾ اسان سان ڪهڙي قسم جو ظلم ٿيو آهي؟“
    نڙ خان حقي وراڻيو، ”ٻڌندين ته روئي پوندين.“
    ملان چيو، ”ڀل روئي پوان. مون کي سموري ماجرا ٻڌاءِ - سر بستي ڪري.“
    نڙ خان حقي نهايت دردناڪ آواز ۾ چيو، ”همنوا رفيقو، ساٿيو، سنڌ ۾ اسان جي پارٽين جو حقو پاڻي بند ٿي ويو آهي.“
    ”اهو ناممڪن آهي.“ پروفيسر شڪور احمد جنڙي ميز تي مڪ هڻندي چيو.
    نڙ خان حقي چيو، ”مون حقيقت بيان ڪئي آهي.“
    فساد علي خان ديڳڙي چيو، ”برادرم حقا، تو شايد افواهن تي اعتبار ڪيو آهي.“
    ”افواهه وري ڇا جا، ادا ديڳڙا.“ نڙ خان حقي چيو، ”مون تي وحي نازل ٿي آهي.“
    ”سبحان الله“
    ”ماشاء الله“
    ”مرحبا.“
    ولايت علي ديڳڙي چيو، ”مون کي وحيءَ جا تفصيل ٻڌاءِ ته سنڌ ۾ اسان جي همنوا پارٽين سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي.“
    ”همنوا رفيقو، دوستو، ۽ ساٿيو.“ نڙ خان حقي روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ”سنڌي وڏا ظالم ٿي پيا آهن. هنن، ملن کي ختمي درود جا سيرا مالپڙا، ڪوفتا بريانيون، زردا پُلاءَ، ٻوڙ مانيون کارائڻ بند ڪري ڇڏيا آهن.“
    اوچتو ملان جنت خان چاٻي اوڇگارون ڏيئي روئي پيو. سِنگهه ڪڍندي چيائين، ”ڪُڪڙ ۽ ڇيلا، تتر ۽ هرڻ اسين نه کائينداسين ته پوءِ اِهي پکي ۽ جانور حلال ڪيئن سمجهبا.“
    پروفيسر شڪور احمد ديڳڙي چيو، ”جيڪو اسان کي ختمي درود جا طعام نه کارائيندو، سو هرگز جنت ۾ داخل ٿي نه سگهندو.“
    ملان جنت خان چيو، ”سنڌ جا ماڻهو اهڙا ظالم ته نه هئا. ڇا ٿي ويو اٿن، جو ايمان ۾لوڏو اچي ويو اٿن!“
    نڙ خان حقي چيو، ”ختمي درود جو menu ٻڌي مون کي بک لڳي آهي. اول پيٽ ڀريون ٿا، ۽ پوءِ سنڌ ۾ ملن سان ٿيندڙ ظلم خلاف تحريڪ هلائڻ جي مهم جو آغاز ڪيون ٿا.“ سڀني همنوائن رضامندي ڏيکاري.

    0 2 آگسٽ 1972ع


    هوچي منهه جي ورسي

    3 سيپٽمبر 1972ع ڏينهن دلير، بي انتها بهادر، جنگجو ۽ انقلابي ويٽنامي قوم جي عظيم رهنما ۽ رهبر هوچي منهه جي ٽين ورسي هئي.
    مون سمجهيو هو، هوچي منهه جي ٽين ورسيءَ تي ملڪ جون اخبارون خاص نمبر ڪڍنديون. جلسا ٿيندا، جن ۾ عظيم هوچي منهه کي سوين سلام ڪيا ويندا، جلوس ڪڍيا ويندا، جن ۾ عظيم هوچي منهه جي تقريرن جا حوالا ڳاڙهن بينرز تي لکي کنيا ويندا. سندس تحريرن جا پمفليٽ ۽ ڪتابڙا ورهايا ويندا. سندس تصويرون کنيون وينديون. اهو سڀ ڪجهه مون ان لاءِ سوچيو هو، ۽ سمجهيو هو، جو هوچي منهه دنيا جي ڏتڙيل ۽ چيڀاٽيل قومن لاءِ آزادي ۽ جدوجهد جي علامت آهي. هوچي منهه غلام قومن جي پيرن مان زنجير لاهيندڙن جو مهندار آهي. هوچي منهه چٿيل قومن لاءِ نئين زندگيءَ جو مسيحا آهي. هوچي منهه نه فقط ويهين صديءَ جو بلڪه انسان ذات جي سموري تاريخ ۾ سڀ کان وڏو، سڀ کان عظيم انقلابي ليڊر آهي، جنهن هٿيار بند جدوجهد کي سياست جي تاريخ ۾ معنيٰ وارو رخ ڏنو آهي. موت کي مقصد ڏنو آهي.
    هوچي منهه ان قوم جو اڳواڻ هو، جيڪا پيٽ سان پٿر ٻڌي، مٿي اُگهاڙي، پيرين اُگهاڙي، معمولي هٿيارن، ڏنڊن، پٿرن ۽ ٺڪرن وغيره سان دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آمريڪا جو مقابلو ڪيو آهي. اڄ ويٽنامين آمريڪا کي اهڙو ششدر ڪيو آهي، جو آمريڪي ويٽنام مان ڀڄي، نڪري، جان بچائڻ لاءِ رستو ڳولي رهيا آهن. هوچي منهه جي بي مثال اڳواڻيءَ هيٺ ويٽنامين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته جديد هٿيارن، ايٽمي طاقت ۽ ظلم رستي مظلوم قومن کي پيڙڻ ناممڪن آهي. هتي مان اهو چوڻ ضروري سمجهان ٿو، ته مظلوم قوم جو سڀ کان وڏو هٿيار اتحاد آهي، سڀ کان وڏو هيڊروجن بم ٻڌي آهي. پاڻ ۾ ٺاهه آهي، ته پوءِ ٺڳن، ڦورن ۽ چورن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ڏکيو ناهي. هوچي منهه قومن جي آزاديءَ ۾ هٿياربند جدوجهد سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جهڙي مضبوط ۽ لازوال اتحاد ۽ ٻڌيءَ تي زور ڏنو آهي. سندس پيغام نه فقط پنهنجي قوم لاءِ آهي، پر دنيا جي هر اُن ڏتڙيل قوم لاءِ آهي، جيڪا پرمار ۽ ڦرمار کان آزادي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي، منصوبا رٿي رهي آهي، يا سڌو سنئون جدوجهد ۾ رڌل آهي.
    مون سمجهيو هو، عظيم ويٽنامي قوم جي عظيم اڳواڻ ۽ رهبر هوچي منهه جي ٽين ورسيءَ کي شاندار نموني ملهايو ويندو. اهڙي نموني ملهايو ويندو جو سامراجي ۽ سامراجين جا ايجنٽ روح تائين ڪنبي ويندا.
    مون سمجهيو هو، هوچي منهه جي ورسي ملهائڻ ۾ سنڌي قوم سڀني کان گوءِ کڻي ويندي. اسين پنهنجي مظلوميت جا داستان بيان ڪندي ڪندي خلق ٻوڙي ڪري ڇڏي آهي. اسان پنهنجي ڏتڙيل حالت، تهذيبي ۽ ثقافتي قتل، ڦرمار ۽ پرمار جا وڏي واڪ ڍنڍورا ڏنا آهن. اسان پاڻ کي تحريرن ۽ تقريرن رستي دنيا جي سڀ کان مظلوم قوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تنهن ڪري، مون سمجهيو هو، ته اسين سنڌي، هوچي منهه جي ورسي اهڙي رنگ ۽ ڍنگ سان ملهائينداسين جهڙي نموني ويٽنامي ملهائيندا آهن. مون سمجهيو هو ته اسين سنڌي، هوچي منهه جي ورسي وڏي پيماني تي ملهائي اِهو ثابت ڪري ڏيکارينداسين، ته هوچي منهه فقط پنهنجي ويٽنامي قوم جو هيرو ناهي، بلڪه دنيا جي هر ڏتڙيل ۽ چيڀاٽيل قوم جو هيرو آهي.
    پر اسان ڪجهه نه ڪيو. اسين سڌڙيا آهيون. عاشق زهر پياڪ ناهيون. اسين گهرن جا در بند ڪري انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ آهيون.
    3 سيپٽمبر تي جڏهن عظيم هوچي منهه جي ٽين ورسي آئي، اسان ڪنن ۾ ڪپهه وجهي، اکيون بند ڪري، وات سبي ڇڏيا. هوچي منهه جي ورسي خاموشيءَ سان گذري ويئي.

    10 سپيٽمبر 1972ع


    ون يونٽ جا روڳ

    ”ون يونٽ مان ڪهڙا نقصان هئا؟“
    ”ون يونٽ لاهور واري 1940ع جي ٺهراءَ، ۽ انڊپينڊنس ايڪٽ 1947ع جي بلڪل خلاف هيو.“
    ”ون يونٽ جا نقصان ٻڌايو.“
    ”جملي نقصان ٻڌايون، يا فقط سنڌ جا؟“
    ”فقط سنڌ جو نقصان ٻڌايو.“
    ”سنڌ کي، ون يونٽ جي دوران، No man's land سمجهيو ويندو هو.“
    ”ٺيڪ آهي. ٻيو نقصان.“
    ”سنڌ جون سون اُپائيندڙ زمينون ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا جي حساب سان نيلام ٿينديون هيون.“
    ”ٺيڪ آهي. اڳتي.“
    ”پٽيوالي کان وٺي ڪمشنر ۽ سيڪريٽرين تائين نوڪريون ٻين صوبن جي حوالي هونديون هيون. ڀنگي به ٻاهران ڀرتي ٿي ايندو هو.“
    ”برابر - اڳتي،“
    ”روينيو جي عام رواجي معاملن لاءِ لاهور وڃڻو پوندو هو.“
    ”اڳتي.“
    ”ڪارخانن جون پرمٽون غير سنڌين کي ٻڌي ليکي ڏنيون وينديون هيون“.
    ”برابر - اڳتي.“
    ”مال گهرائڻ ۽ مال ٻاهر موڪلڻ لاءِ به پرمٽون ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏيئي سنڌين مٿان ٿاڦيو ويندو هو.“
    ”ٺيڪ آهي. ٻيو ڪو نقصان.“
    ”پر ڏيهي واپار ۾ به سنڌين کي نظر انداز ڪيو ويندو هو.“
    ”برابر - ٻيو ڪجهه.“
    ”ڪوڙن ڪليمن کي بچاءُ ڏنو ويو.“
    ”ٺيڪ - ٻيو ڇا.“
    ”ڪوڙا ڊوميسائيل ڏنا ويا.“
    ”ڪنهن ڏنا ڪوڙا ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ؟“
    ”سنڌي ڪاموري.“
    ”سنڌ جون زمينون ڪنهن نيلام ڪرائي ٻين صوبن جي سرمائيدارن کي وٺي ڏنيون؟“
    ”سنڌي ڪامورن ۽ سندن ڪلارڪن.“
    ”انهن کي ڇا مليو؟“
    ”بي انداز رشوت ۽ پنهنجن سان دشمني جي سند، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو پروموشن جو آسرو؟“
    ”ٻاهران آيل ڪامورن ۽ انهن سنڌي ڪامورن ۾ ڪهڙو فرق هو؟“
    ”هنن پنهنجن کي وسايو. هنن پنهنجن کي ٺڳيو!“
    ”اهڙن سنڌي ڪامورن سان ڪهڙي جٺ ٿيڻ گهرجي؟“
    ”جيئن بلوچستان مان غير بلوچستانين کي پنهنجن پنهنجن صوبن ڏانهن موڪليو پيو وڃي، تيئن سنڌ ۾ به ٿيڻ گهرجي. پوءِ جڏهن ڪوڙا ڊوميسائيل ورتل ٺڳ، ۽ ٻين صوبن جا ڪامورا سنڌ مان پنهنجن پنهنجن صوبن ڏانهن روانا ٿين، تڏهن انهن جي خدمت چاڪريءَ لاءِ اهڙن سنڌي ڪامورن کي به انهن سان گڏ پارسل ڪجي!“
    ”ڀلا اهڙن سنڌي ڪامورن کي ڪيئن سڃاڻجي؟“
    ”چپ ڪر. اهڙو ڪو سنڌي ڪامورو ٻڌي نه وٺي!“

    19سيپٽمبر 1972ع


      هيءُ منهنجو وطن ناهي

    مان اڄوڪو ڪالم بي انتها ندامت، شرم ۽ ذلت جي احساس مان لکي رهيو آهيان: اڄوڪو ڪالم غلاميءَ، محروميءَ ۽ جلاوطنيءَ جي احساس مان لکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم ڏک ۽ مايوسيءَ مان لکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم ڌرتيءَ تي گوڏا کوڙي، ۽ ڪنڌ جهڪائي لکي رهيو آهيان. مون کي شاهه لطيف حيف چيو آهي. مون لطيف سائينءَ جو پاراتو قبول ڪيو آهي. مون وطن وڃايو آهي. مون وطن وساريو آهي. مان لطيف جي پاراتي جو مستحق آهيان.
    چون ٿا، هيءُ تنهنجو وطن آهي. منهنجو وطن؟ ڪٿي آهي منهنجو وطن؟ جيڪڏهن هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ مان پنهنجي وطن ۾ اجنبي ڇو آهيان؟ جيڪڏهن هيءُ منهنجو وطن آهي ته پوءِ مان پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطن ڇو آهيان؟ مان ڪنهنجي قبضي ۾ آهيان؟ ائين ته ناهي، مان غيرن جي سر زمين کي پنهنجي زمين سمجهي ويٺو هوس، ۽ اڄ اُتان بي دخل ڪيو ويو آهيان؟ ڪير ٿو چوي ته هيءُ بي حس، بي رحم، سنگدل وطن منهنجو وطن آهي. ڪير ٿو چوي ته ڏاڍن جو ڏيهه منهنجو وطن آهي.
    هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ منهنجي وطن ۾ منهنجي ٻوليءَ لاءِ لوهه جي گولي ڇو آهي؟ هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ منهنجي وطن ۾ منهنجي ٻوليءَ جي نڙيءَ تي ننهن ڇو آهي؟ منهنجي ٻوليءَ سان بغداد ڇو آهي. ظلم ڇو آهي؟
    مون کي گونگو وطن نه گهرجي. مون کي سنڌيءَ بنا سنڌ نه گهرجي. مون کي شاهه، سچل، ساميءَ کانسواءِ سنڌ نه گهرجي. مون کي سنڌ گهرجي سرواڻن جي. مون کي سنڌ گهرجي سرويچن جي. مون کي سنڌ گهرجي جيجل ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي.
    هيءَ منهنجو وطن آهي؟ ڪير ٿو چوي هيءُ منهنجو وطن آهي؟ ڪٿي آهن اهي ٺپ ٺار ڪندڙ، اسان کي رانديڪن سان پرچائيندڙ، اسان جي اکين ۾ سرمو پائيندڙ رهبر ۽ رهنما؟ ڪٿي آهن اهي سرويچ جيڪي سنڌ لاءِ ساهه قربان ڪرڻ جي دعويٰ ڪندا آهن؟
    مان سنڌي ٻوليءَ جي حق لاءِ بندوق نه، بلڪه ڪشتو کڻي چؤواٽي تي بيٺو آهيان. آهي ڪو سخي جيڪو مون فقير جي جهولي ۾ حق وجهي وڃي. شيخ اياز ڀٽائي لاءِ لکيو آهي ته، ”جنهن وقت ڀٽائيءَ جهولي جهلي“ ¸ پر مان ڀٽائي ناهيان. مان ڪشتو کڻي بيٺو آهيان. جهڙي رٿابندي سان سنڌي ٻولي کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي، ان جي عمل مطابق، جنهن وقت ڀٽائي جهول جهليندو، تنهن وقت هڪ به ڪنڌ سندس جهول ۾ نه ڪرندو. ڇو جو ان وقت تائين ثقافتي قاتل اسان جي ڪلهن تي هڪ به ڪنڌ نه ڇڏيندا.
    ڪراچيءَ جو شهر سنڌ ۾ آهي. ڪراچيءَ جي شهر ۾ هڪ ٽيليويزن اسٽيشن آهي. ان ٽيليويزن تان هفتي ۾ پنجٽيهه ڪلاڪ پروگرام ڏيکاريو ويندو آهي، جنهن سان حاتم کي لت هڻندي اسان جي آقائن سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنجويهه منٽ حق مقرر ڪيو آهي. سنڌ جي ٽيليويزن اسٽيشن تان اڄ ڪلهه اٺن ڊرامن ڏيکارڻ جو سلسلو ”جشن تمثيل“ شروع ٿيو آهي. توهان کي اهو ٻڌي بي انتها خوشي ٿيندي ته اٺ ئي ڊراما اڙدوءَ جا آهن. چون ٿا هيءُ منهنجو وطن آهي! هيءُ ٽيليويزن لاءِ سنڌي ڊراما لکندڙ آغا سليم، ممتاز مرزا، مراد مرزا، علي بابا، مهتاب محبوب، ۽ غزاله ڀٽو جو ملڪ آهي!
    اڄوڪو ڪالم مون مايوسيءَ جي احساس سان لکيو آهي. هيءُ منهنجو وطن ناهي. جيڪڏهن هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ منهنجي وطن تي غيرن جو قبضو ناهي، ته پوءِ مان غير آهيان. وطن ۾ جلا وطن آهيان.

    4 2 ڊسمبر 1972ع


    چي گيوارا جو ٻليدان

    اڄ 2 آڪٽوبر 1972ع چي گيوارا Che Guevara)) جي پنجين ورسي آهي. چي گيوارا ظلم خلاف هٿيار بند جدوجهد ۽ گوريلا جنگ جي علامت آهي. جڏهن کان ڌرتيءَ تي سج لٿو ۽ چڙهيو آهي، تڏهن کان دنيا هزارين بي انتها بهادر ۽ ڪونڌر ڏٺا آهن. پر ڪي جوڌا پنهنجن غير معمولي ڪارنامن سبب شجاعت جي آسمان جو سج ٿي پوندا آهن. ڌرتيءَ جو محور ٿي پوندا آهن. چي گيوارا اهڙن غير معمولي انسانن منجهان هو. پنهنجي وطن لاءِ وڙهڻ سعادت آهي. پر پنهنجي وطن کان ٻاهر نڪري، ٻئي ڪنهن ڏتڙيل قوم لاءِ وڙهڻ، ۽ جنگ جوٽڻ تاريخ جو عظيم ڪارنامو آهي.
    ڪيوبا کي سامراجي ايجنٽن جي چنبي مان ڪڍائڻ کان پوءِ، چي گيوارا بوليويا جي پيڙيل هارين ۽ پورهيت عوام جي آزاديءَ لاءِ، ۽ ليٽن آمريڪا مان سامراجين جي پاڙ پٽڻ لاءِ بوليويا ۾ داخل ٿيو. هن سان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا جوڌا جوان هئا. وٽن هٿيار به عام رواجي هئا. مقابلو ٽينڪن، جديد هٿيارن، ۽ تربيت ورتل خونخوار فوج سان هون. چي گيوارا بيحد مشڪل حالتن ۾ يارهن مهينا جبلن ۽ ٽڪرن ۾، ميدانن ۽ ترائين ۾ بوليويا جي خونخوار ۽ وحشي فوجن سان گوريلا جنگ لڙندو رهيو. آزاديءَ لاءِ هٿياربند جنگ جي روايت کي نئون رنگ ڏيندو رهيو. آزادي انسان کان زندگيءَ جو ٻليدان وٺندي آهي. چي گيوارا ڌرتيءَ کي آزاديءَ لاءِ رت جو ٻليدان ڏنو. 2 آڪٽوبر 1967ع، اڄ کان پورا پنج سال اڳ، چي گيوارا بوليويا جي فوجن سان وڙهندي زخمي ٿيو. آمريڪا جي فوجي ڪاليجن ۾ تربيت ورتل بوليويا جي فوجي ڪپتانن ۽ ميجرن کيس گرفتار ڪيو. ساڳئي ڏينهن جڳ خوارCIA جي ايجنٽن چي گيوارا کي اسٽين گن جي گولين سان پرڻ ڪري ڇڏيو. پر هوشو، هيمو، ۽ چي گيوارا جهڙا جوڌا جوان سولائيءَ سان موت آڏو گوڏا نه کوڙيندا آهن. موت سندن مرضيءَ جو محتاج هوندو آهي. اسٽين گن جي گولين سان رتو ڇاڻ ٿيڻ کان پوءِ به چي گيوارا جيئرو هو. نيٺ هڪ سپاهيءَ چي گيوارا جي پاسرين تي روالور رکي گوليون هلايون. آزاديءَ اسان کان زندگيءَ جو ٻليدان ورتو.
    چي گيوارا ظاهري طرح مري ويو هو. پر هو زنده آهي. ڪيوبا کان ٽوڪيو، ۽ سانفرانسڪو کان سڊني تائين دنيا جا آزادي پسند نوجوان چي گيوارا جا لاڪيٽ پائي، سندس تصويرون کڻي رستن، چؤواٽن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انساني حقن لاءِ حمايت جو مظاهرو ڪندا آهن. چي گيوارا دنيا لاءِ مثالي ڪردار ٿي پيو آهي.
    چي گيوارا ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته آزادي پسند جنگجو جوانن جي دل ۾ تربيت ورتل ۽ جديد هٿيارن سان جهنجهيل پگهاردار فوج تر جيترو به خوف پيدا نٿي ڪري سگهي. هو موت کي اهميت نه ڏيندو هو. هن لاءِ موت قدرتي عمل کان سواءِ ٻي ڪابه معنيٰ نه رکندو هو. چي گيوارا قومي ۽ شخصي آزاديءَ کي زندگيءَ تي ترجيح ڏيندو هو. چي گيوارا چوندو هو، ته فرد جو موت قوم جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد کي ناڪام ڪري نٿو سگهي. سندس قول آهي، ته هٿيار بند جدوجهد کان ڪيٻائيندڙ قومون ڪڏهن به آزاديءَ جو منهن ڏسي نه سگهنديون آهن. جنهن قوم جا ويڙهاڪ هر وقت موت لاءِ تيار هوندا آهن، ۽ پنهنجي ويريءَ کي هر رنگ روپ ۽ ويس وڳي ۾ سڃاڻي وٺندا آهن، سي بيحد ڪارآمد، ۽ خوفناڪ گوريلا لڙاڪو ثابت ٿيندا آهن.
    چي گيوارا جي سموري زندگي فرد جي بيپناهه همت ۽ عزم جي تاريخ آهي. ڪيوبا جي انقلاب ڀيري، ۽ بوليويا جي گوريلا جنگ دوران پڻ چي گيوارا کي سخت دمڪشي هوندي هئي. جنگ هلندي،يا جهنگن ۽ ريگستان مان لنگهندي کيس ڪڏهن ڪڏهن دمڪشيءَ جو زبردست دورو پوندو هو. بيحال ٿي ويندو هو، پر اڳتي وڌندڙ وک، ۽ بندوق جي ناليءَ مان نڪرندڙ گوليءَ کي نه روڪيندو هو. دمڪشيءَ جي مرض کيس جسماني طرح بيحد ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. پر حق جي جستجو ۽ آزاديءَ جي عالمگير نظريي جي پرچار لاءِ هو زندگي جي آخري گهڙين تائين ايڏي بهادري ۽ شجاعت سان وڙهيو، جو تاريخ ۾ پري پري تائين سندس ثاني نظر نٿو اچي.
    اهڙو هو چي گيوارا، جنهن جي شهادت جي اڄ پنجين ورسي آهي.

    2 آڪٽوبر 1972ع


    معنيٰ جا منجهارا

    الفتح جي عرب گوريلن، سرويچن، شاهه لطيف جي رسالي جي هڪ ڪاپي ڪٿان هٿ ڪري ورتي. رسالي جي ڪاپي، يا نسخو، جيئن سمجهو، عربن تائين ڪيئن پهتو، اها جدا ڪهاڻي آهي. توهان کي ٻئي ڪنهن دفعي ٻڌائبي. هتي فقط ايترو ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو، ته الفتح تنظيم جا جوڌا سنڌ مان شاهه لطيف جي رسالي جي هڪ ڪاپي ڪڍائي ويا. پوءِ سعودي عرب مان هڪ سنڌي هٿ ڪري ورتائون. يار کي کنڀي کڻي ويهاريائون، ۽ چيائونس ته شاهه جو رسالو پڙهندو وڃ ۽ سندس عربيءَ ۾ ترجمو ڪندو وڃ. سنڌي سڄڻ ڦاٿو ته ڦتڪڻ ڪهڙو! شاهه جو ڪلام عرب گوريلن کي ترجمو ڪري ٻڌائيندو ويو.
    سنڌي سڄڻ جڏهن هن سٽ جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار“، تڏهن عرب گوريلن چيس، ”ترس مولائي. وڏي ڪم جي شيءِ ٻڌائي اٿئي.“
    سنڌي سڄڻ حيران ٿيو. چيائين، ”شاهه لطيف جي سڀ کان زبردست شيءِ هيءَ آهي، ته، ”مونا طور سينا سدا سنياسين. فڪر فرهي هٿ ۾ ماٺ مطالع ڪن.“
    هڪ عرب اسٽين گن جي چيمبر ۾ گوليون ڀريندي چيو، ”دشمن تي حملي ڪرڻ کان اڳ چڱي طرح رٿابندي ڪرڻ، ۽ هر هڪ حرڪت تي نظر رکڻ لاءِ سٺو بيت آهي.“
    اسان جي يار کان ڇرڪ نڪري ويو. چيائين، ”شاهه لطيف امن جو شاعر آهي.“
    ”تنهنجن لاءِ امن جو شاعر آهي، ڇو جو تون گيدي آهين.“ هڪ نوجوان گوريلي سنگينن کي رائيفلن ۾ پختو ڪندي چيو، ”اسان کي خبر ملي هئي ته سنڌ ۾ هڪ زبردست جنگجو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهنجو نالو شاهه لطيف آهي، ۽ هن کي سنڌ جا ماڻهو يڪتاري تي ڳائيندا آهن. اسين سندس ڪلام جي ڳولا ۾ هئاسين. تون اسان کي پهرين سٽ وارو بيت پورو ڪري ٻڌاءِ.“
    سنڌي سڄڻ ڪجهه حيرت، ۽ ڪجهه اچرج مان پڙهڻ لڳو، ”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار ¸ هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار.“
    ”آڏي ڍال م ڍار!“ هڪ گوريلو اڀو ٿي ويو. چيائين.“ ”ميونخ ۾ اسان جي ساٿين آڏو ڍال نه ڍاري هي.“
    ”اڳتي ٻڌاءِ، سنڌي سڄڻ“
    ”هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار -مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.“
    عرب گوريلن سنڌي سڄڻ کان پڇيو، ”هن جنگجو شاعر جو سمورو ڪلام تڏهن يڪتاري تي ڳائيندا آهيو.“
    ”ها“
    ”پر اسين سمجهون ٿا ته شاهه لطيف جو ڪلام مختلف ڪيفيتن جي نمائندگي ڪري ٿو. سندس ڪجهه ڪلام گولين جي وسڪاري، رت ۽ باهه جي سرگم تي ڳائڻ جهڙو آهي. مثال طور،
    ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.“
    سنڌي سڄڻ کي ڳالهه نه وڻي.
    هڪ گوريلي کانئس پڇيو، ”شاهه لطيف جي هيءَ سٽ يڪتاري سان سونهبندي، يا مشين گن جي گولين سان. هڻڻ هلڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ.“
    ٻئي گوريلي چيو، ”لطيف جي هن سٽ سان ڍولڪ ٺهندو، يا بم گولو. ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان. جواب ڏي يار؟“
    يار جواب نه ڏنو. هڪ وطن پرست گوريلي کائنس پڇيو، ”شاهه لطيف سنڌين لاءِ هڪ نياپو ڇڏيو آهي. اسان ان نياپي کي کڻي ورتو آهي. توهان ان نياپي جو مفهوم نه سمجهيو آهي. گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي -¸ مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي - ته ميهار مليئي سنڀوڙو سيڻاهه سين.“
    سنڌي سڄڻ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هن جو ڌيان يڪتاري ڏانهن هو.

    1 3 ڊسمبر 1972ع


      فرشتن کي معاف ڪريو

    اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڏاڍا بي انصاف ۽ خارباز آهن. جڏهن ڏسون، فرشتن ۽ معصومن جي کاتي، يعني پوليس ڊپارٽمينٽ تي ڦوڪيا گهمندا. جتي چار ڄڻا گڏبا، پوليس جي خلاف ڳالهائيندا. سياسي گفتگو تان ڦيرو کائيندا، ته سڌو اچي پوليس جي اڇن ڪارن تي بيهندا. فلمن ۽ ناٽڪن جون ڳالهيون ڪندي گهمري کائيندا، ته سڌو اچي پوليس جي ڪارنامن تي دنگ ڪندا. اهو سراسر ظلم آهي. بغداد آهي. فرشتن جي دامن تي داغ آهي. ڇا ڪجي، پوليس جهڙي پويتر کاتي خلاف ڳالهائڻ اڄ جو دستور ٿي پيو آهي. فيشن ٿي پيو آهي.
    توهان کي جيڪڏهن فرشتي ڏسڻ جو شوق هجي، ته پوءِ ماٺڙي ڪري ڪنهن پوليس ٿاڻي تي هليا وڃو. اهڙا مهانڊا ڏسڻ لاءِ ۽ گفتا ٻڌڻ لاءِ ملندو، جو روح کي تراوت اچي ويندو! تنهن ڪري مان جڏهن به پوليس کاتي خلاف پبلڪ کي ڳالهائيندو ٻڌندو آهيان تڏهن اندر ئي اندر کامندو آهيان. هيءَ ملڪ ناهي. ناقدرن جو ديس آهي. مون فيصلو ڪيو آهي، ته ڪجهه به ٿي پوي، مان پوليس کاتي خلاف هلندڙ پروپيگنڊا کي اڪيلي سر منهن ڏيندس، عوام جو وات بند ڪرائيندس. عوامي دور جو مطلب اهو ته ناهي، جو ملائڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏجي!
    سڄي ملڪ ۾ پوليس جي معصوميت جو ذڪر ڪرڻ لاءِ مون کي هلال پاڪستان اخبار جا سمورا صفحا گهرجن. مون تنهن ڪريRandom Sample کان ڪم ورتو آهي. مطلب ته ڪو به علائقو ڪڻا اندازي ڪري چونڊيو اٿم، جتي پوليس جي معصوم ڪردار کي ثابت ڪري، عوام جو وات بند ڪرائيندس.
    ڪڻا اندازيءَ ۾ لياريءَ جو علائقو نڪتو آهي.
    لياريءَ جو علائقو تمام وسيع ۽ وڏو آهي. لياريءَ جا رهاڪو ڪراچيءَ جا اصلوڪا مالڪ آهن، تنهن ڪري وٽن پيئڻ جي پاڻيءَ جو معقول انتظام ناهي، صفائيءَ جو بندوبست ناهي. اسپتالون ۽ اسڪول ناهن. پر ان معاملي سان پوليس جو ڪوبه تعلق ناهي. اهو منسپل ڪارپوريشن جو ڪم آهي. اسين فقط پوليس سان تعلق رکندڙ معاملن تي ڳالهائينداسين.
    لياريءَ جي ٻار ٻچي، ۽ ننڍي وڏي جي وات تي حنيف جي جوئا جي اڏي جو نالو آهي. سندن چوڻ آهي ته حنيف جي جوئا جو اڏو وڏي پيماني تي هلندو آهي. وڏا وڏا گڙنگ جوئاري جوئرن کان جاين تائين جوئا ۾ داو تي لڳائي ڇڏيندا آهن. لياريءَ جي ماڻهن جوچوڻ آهي، ته کين خبر آهي ته حنيف جو اڏو ڪٿي آهي. اتي پوليس جي معصوميت ثابت ڪرڻ جو وارو اچي ٿو. ڏسو نه، لياريءَ جو علائقو ٽن پوليس ٿاڻن جي نظر داريءَ ۾ آهي – ڪلا ڪوٽ، بغدادي ۽ چاڪيواڙو پوليس ٿاڻو. ٽن ٿاڻن جي موجودگيءَ ۾ حنيف جي جوئا جو اڏو هلي رهيو آهي، تنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پوليس فرشتن جي قوم آهي، جن کي جوئا جهڙي بڇڙي شي سان ڪوبه واسطو ڪونهي. کين اها به خبر ناهي ته حنيف جو اڏو ڪٿي آهي. تنهن ڪري او پبلڪ! پوليس کي بدنام نه ڪر.
    لياريءَ جي علائقي ۾ ملڪوءَ ۽ سولجر جا ساقي خانا هلي رهيا آهن. ساقي خانو اها جاءِ آهي، جتي چرس، گانجو، آفيم، راڪيٽ ۽ مارفين ملندا آهن. اهي ساقي خانا ئي آهن، جيڪي مون جهڙن کي زماني جي گردش کان پناهه ڏيندا آهن. اهي ساقي خانا ئي آهن، جتي زندگيءَ جو نذرانو ڏيئي، زندگيءَ جي حقيقتن کان فرار حاصل ڪبو آهي. اهي ساقي خانا ئي آهن، جتي حياتيءَ جي شباب جو موت سان پيچ پوندو آهي. پر عام پبلڪ ساقي خانن جي خلاف آهي. حڪومت به خلاف آهي. حڪومت طرفان ساقي خانن تي بندش آهي. ساقي خانا غير قانوني آهن. پر الله ڀلو ڪري پوليس جي فرشتن جو جن کي اها به خبر ناهي ته ملڪوءَ ۽ سولجر جا ساقي خانا لياريءَ ۾ ڪهڙي هنڌ هلي رهيا آهن. پوليس جي ملائڪن کي ڪا خبر ڪانهي. هو عبادت ۾ مشغول آهن. صوم ۽ صلوات جا پابند آهن. پوليس جو ڀلا ساقي خانن سان ڇا وڃي، جتي چور، ڊاڪو، بدمعاش، غنڊا، خوني، هسٽري شيٽر، ۽ مون جهڙا ڦٽيچر وڃي گڏ ٿيندا آهن! مان راڪيٽ کائي ساقي خاني جي ڪنڊ ۾ ڪري پوندو آهيان، ۽ ڪجهه دير لاءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهيان، ۽ بيهوشيءَ جي عالم ۾ پوليس جي فرشتن کي دعائون ڏيندو آهيان، جن جي معصوميت سبب ساقي خانا آباد آهن. تنهن ڪري، لياريءَ جا دوستو! پوليس کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو.

    1 2 جنوري 1973ع


      عورت

    ڳالهه پئي هلي ته اسان جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي جدوجهد ۾ جيستائين عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم نه ڪنديون، تيستائين اسان جي جدوجهد اڻپوري، بي معني ۽ بي مقصد رهندي.
    ڳالهين هلندي ڪنهن ويٽنامين جو مثال ڏنو. ويٽنام جي بي مثال جدوجهد ۾ مردن ۽ عورتن ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪيو هو. اتي روس جو به ذڪر آيو. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جڏهن جرمن فوجن ذري گهٽ سمورو روس فتح ڪري ورتو هو، ماسڪو کي وڃي گهيرو ڪيو هو، تڏهن روس جي هر جوان مرد، ۽ جوان عورت جرمن نازين جو مقابلو ڪيو هو. جرمن فوجن کي آخري فيصلو ڪندڙ شڪست ڏني هئائون.
    بحث هلندي ٻنهن دوست چين جي حيرت انگيز ترقيءَ جو حوالو ڏيندي چيئرمين مائوزي تنگ جو قول ٻڌايو ته، ”معاشري کي ترقي پسند فلاحي بنيادن تي تعمير ڪرڻ لاءِ لازمي آهي، ته ملڪ ۾ عورتن جي بيپناهه طاقت کي اجاگر ڪري، اقتصادي پيداوار ۾ حصيدار ڪجي.“
    چين جي عورت جبل ٽڪي ٿي. هر ڪاهي ٿي، رستا ٺاهي ٿي. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿي، ٻوهاري ڪڍڻ کان وٺي گولي هلائڻ تائين هرڪو ڪم ڪري ٿي.
    ۽ سنڌي عورت!
    هڪ دوست چيو، ”سنڌي عورت دقيانوسي روايتن ۾ قيد، ۽ قهر جي ڪرٽن ۾ قابو آهي. سنڌي عورت مرد جي ظلم، ڏاڍ، ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي، جو عام سنڌي عورت وهمي، سنسائي، موڳي، اڻپڙهيل، هيسيل ۽ ڊنل آهي.“
    ٻئي دوست اختلاف ڪندي پڇيو، ”جيڪي سنڌي ڇوڪريون اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيون آهن. ۽ جيڪي سنڌي عورتون نوڪريون ڪري رهيون آهن، انهن جي باري ۾ ڪهڙو رايو اٿئي؟“
    ”اهي ويچاريون ويل ۾ آهن.“
    ”ڪيئن؟“
    هن مثال ڏيڻ شروع ڪيا، ”اسان جي ڇوڪري جيڪڏهن ڊبيٽر آهي ۽ بحث مباحثن ۾ حصو وٺي ٿي، هن لاءِ چيو ويندو، ته ڇوريءَ کي ڪو شرم ئي ڪونهي! هزارن ماڻهن جي سامهون ڳالهائي ٿي. ڪپ کٽي ٿي. انعام کڻي ٿي! ٻڏي مري. ڪا ڇوڪري ڊرامن ۾ ڪم ڪندي، ته ڇوٽ ۾ رايو ڏيندا. وڏي ناٽڪڻ آهي، ڊرامن ۾ ٿي ڪم ڪري! ڪو حياءُ ڪونهيس. ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڪتابن پڙهڻ جو چاهه پيدا ٿيو، ته چوندا، ڇوري ڪتابڻ آهي. ڪنهن ڪم جي ناهي. جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي لکڻ جو شوق آهي، ۽ لکي ٿي، ته هن جي لاءِ چوندا، خاندان جي پڳ ۾ ٿي هٿ وجهي. ڪهاڻيون ٿي لکي، توبهه! شاعري به ٿي ڪري، مولا شرم جو ڀرم رکجانءِ!“
    هڪ دوست پڇيس، ”اهي ته ٿيون پڙهندڙ ڇوڪريون. جيڪي نوڪري ڪن ٿيون، انهن جي باري ۾ ڇا ٿو چوين؟“
    ”اهي ويچاريون جيئري دوزخ ۾ آهن.“ هن وراڻيو، ”اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري بيپناهه جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ ۽ دقيانوسي روايتن کان بغاوت ڪري پڙهي پوي ٿي، ۽ گريجوئيٽ ٿي، يا ايم اي ڪري نوڪريءَ ۾ گهڙي ٿي، تنهن ڇوڪريءَ جو جيئڻ حرام ڪيو ٿو وڃي. چوندا، ٺيڪ ناهي! غير مردن سان ڳالهائي ٿي! الاءِ ڪيترن سان ٺهيل آهي! اهڙين بهادر ڇوڪرين کي هيسائڻ لاءِ اسان جا ڪانئر، بزدل ۽ ذهني مرضن ۾ مبتلا ڪي مرد ٽيليفونن تي دڙڪا ڏيندا. اخلاق کان ڪريل خط لکندا. محفلن ۾ ويهي سندن گلائون ڪندا.“

    6 فيبروري 1973ع


      شاگرد ۽ هڪ سنڌي ڪامورو

    اڄوڪو ذڪر پنهنجن جو آهي، پراين ۽ ڌارين جو ناهي.
    ڪجهه سنڌي نوجوان شاگرد هڪ سنڌي ڪاموري سان ملڻ ويا. ڪامورو، هونءَ آهي ته ماڻهو، پر هوبهو درياهي گهوڙي جهڙو لڳندو آهي. فقط ڏسڻ جي حد تائين درياهي گهوڙي جهڙو آهي. باقي عادتن ۾ درياهي گهوڙي جي طبيعت کان ابتڙ آهي. ڪاوڙيو، ته عرش ڪنبي ويندو، فرش ڪنبي ويندو. ڀتين ۾ ڏار پئجي ويندا. آفيس جي ڇت اُڏامي ويندي. سڀني کي خبر پئجي ويندي ته ڪامورڪو قهر ڪٿي نه ڪٿي نازل ٿيو آهي، يا ٿيڻ وارو آهي. اهڙو آهي ڪامورو سائين، جنهن جو اڄ خيرن سان ذڪر ٿي رهيو آهي.
    نوجوان شاگردن صبح کان شام تائين صاحب بهادر جي آفيس ٻاهران چلو ڪڍيو، تڏهن شام جو، سج لهڻ کان ڪجهه دير اڳ کين ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. مون کي خبر ناهي ته هو ڪهڙي قسم جو مسئلو کڻي ڪاموري صاحب ڏانهن ويا هئا. مون کي رڳو ايتري خبر آهي، ته هو ڪو مسئلو کڻي ڪاموري صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿيا هئا.
    صاحب بهادر کي اڳواٽ ئي خبر ملي ويئي هئي، ته سنڌي شاگرد کيس پنهنجين تڪليفن ۽ مطالبن کان واقف ڪندا. شاگرد اندر گهڙيا، ته ڪاموري صاحب پنهنجو درياهي گهوڙي جهڙو وڏو وات کوليو. وات کولڻ سان سندس ڪاڪڙو، اٺ -ڏهه ڀڳل ڏاٺون، نڙي، لڪيءَ جو ڪجهه حصو، ۽ ڪجهه حصو ڦڦڙن جو نظر آيو. ڇوڪرن ايڏو وات اڳ ڪنهن به ماڻهوءَ جي منهن ۾ لڳل نه ڏٺو هو. ويچارا هيسجي ويا. پوءِ هنن، گهگهو، بيتالو، بي سرو ۽ ڦاٽل دهل جهڙو آواز ٻڌو. اُهو عجيب آواز ڪاموري صاحب جي وات مان نڪتو هو. صاحب پڇيو، وڙي ڪيا تڪليف هئي تم لوغان ڪو؟“
    شاگردن جي اڳواڻ چيو، ”سائين اسين سنڌي شاگرد آهيون. اسان جا ڪي معمولي مطالبا آهن.“
    ”وڙي ڪيسا مطالبا. وڙي ڪيسا سنڌي شاگڙد!“ ڪاموري قهر ۾ ايندي چيو، ”اڙي ڇورا لوگ ڪجهه سڌرو. قومي ٻولي مين بات ڪرو.“
    ”سائين، سنڌي ٻولي ڀلا غير قومي ٻولي آهي ڇا؟“ شاگرد اڳواڻ چيو، ”سنڌي ٻولي ته هتان جي اصلوڪي ٻولي آهي.“
    ”همارا قيمتي وقت اجايا خراب نه ڪرو.“ صاحب چيو، ”قومي ٻولي ۾ بات ڪرو.“
    ”سائين، سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ سان پاڪستان ۽ اسلام خطري ۾ نه پوندو.“ اڳواڻ شاگرد چيو، ”توهين به ته سنڌي آهيو، سنڌي ڄاڻو ٿا.“
    ”وڙي نهين هون مين سنڌي“.
    ”سائين، اڄ ڪلهه ته غير سنڌي به سنڌي ٻولي سکي رهيا آهن. توهين سنڌي هوندي سنڌي نه ٿا ڳالهايو.“
    ”اڙي سنڌي مين نهين بات ڪرون گا ني، وڙي ڪوئي تمهارا زور چلتا پڙا هي ڪيا؟“
    شاگرد اڳواڻ چيو، ”سائين، الحاج خان بهادر محمد ايوب کهڙو، سابق وزير دفاع، سنڌ ۾ لوهه جو ماڻهو Steel man of Sind)) بلڪل توهان وانگر ڳالهائيندو هو. ڪٿي آهي هو، ۽ هن جا حواري جيڪي سنڌ جي ڌرتيءَ تي پرورش وٺي سنڌ جا ويساهه گهاتي ٿيا هئا؟“
    ”اڙي وه لوگ نهين هين تو ڪيا هوا.“ ڪاموري صاحب چيو، ”هم وڙي ڪوئي ايوب کهڙو سي ڪم هي ڪيا. هم تو وڙي اسٽيل مين آف سنڌ (Steel man of Sind) هي. اڙي پٽيوالا، ڇورون ڪو ڌڪا ديڪي. آفيس سي ٻاهر نڪال دو.“
    شاگردن پٽيوالي کي تڪليف نه ڏني. ڪاموري جي آفيس مان نڪري ويا.

    3 1 فيبروري 1973ع


      سياسي شعور

    اڄ پنڌرهين مارچ 1973ع جو ڏينهن آهي.
    اڄ سرويچن جي سرويچ، جوڌن جي جوڌي، ۽ شهيدن جي شهيد، جنرل هوشوءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي.
    اڄ سنڌ جي تاريخ تان دز لاهڻ جو ڏينهن آهي. اڄ وساريل باب کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي. اڄ قول کي لوهه ڪرڻ جو ڏينهن آهي. اڄ سنڌ ماءُ سان ڪيل وچن ورائڻ جو ڏينهن آهي:
    ”ڌرتي منهنجي ماءُ
    جڏهن به توتي اوندهه ايندي،
    ظلم جي نگري ٿيندي،
    رات ڏينهن کي اڳري ويندي
    ۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
    اهڙي وقت مان ايندو رهندس
    ۽، سر جو صدقو ڏيندس.“
    اڄ سر سهسائڻ جو ڏينهن آهي. اڄ پنهنجين ڪوتاهين ڏانهن ڏسڻ جو ڏينهن آهي. اڄ پنهنجي پاڻ تي عدالت ويهارڻ جو ڏينهن آهي.
    اسين ماضيءَ جا امين آهيون اسين هوشوءَ جي وچن جا وارث آهيون. اسين تاريخ ساز نسل جا اڻسونهان سپوت آهيون. اسان سنڌ جي سر زمين کي لڄايو آهي.
    اڄ اسين 1843ع ڏانهن منهن ورائي ڏسون ٿا. اسين پنهنجن ٻوڙن ڪنن سان گهوڙن جي هڻڪار، تلوارن جي جهڻڪار، توبن جي گجگوڙ، ۽ زخمين جي چيچلائڻ جو آواز ٻڌون ٿا. اسين اڄ ڪنڌ ورائي ماضيءَ ڏانهن ڏسون ٿا، ۽ جوڌن کي، ۽ سرويچن کي سنڌ لاءِ ساهه ڏيندي ڏسون ٿا.
    وقت جي پيچرن تان شجاعت جا نقش ڊٺا ناهن، فقط لٽجي ويا آهن. زخم ڀريا ناهن، فقط ذهن تان لهي ويا آهن. مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين ۾ لڳل بڙڇون اسان جي سيني ۾ ڦاٿل آهن، نڪتيون ناهن.
    اسين ڪنهن رستي، يا گهٽيءَ تي جنرل هوش محمد جو نالو ڏسي خوش ٿيون ٿا. قوم جو سياسي شعور جڏهن تمام هيٺاهين سطح تي هوندو آهي، تڏهن ڪنهن فٽ پاٿ تي بيٺل سيمنٽ جي تختي تي پنهنجي جوڌي جو نالو ڏسي خوشي ٿيندي آهي. ان جوڌي جي قول ڏانهن ڌيان نه ويندو آهي. ان جوڌي جي جدوجهد ڏانهن خيال نه ويندو آهي.
    ون يونٽ جيڪي ويل وهايا، تن ۾ سڀ کان خطرناڪ وار، اسان کي ماضيءَ کان ڪٽي ڌار ڪرڻ جو منصوبو هو. ڪابه غيرت مند قوم پنهنجي تاريخ کان ڪٽجي زندهه رهي نه سگهندي آهي. اسان کي باقاعدي مارڻ جي سٽ سٽي ويئي هئي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب مان سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ کي ڌار ڪيو ويو. سنڌ جي تاريخ پڙهائڻ کي غير ضروري قرار ڏنو ويو. اهو ون يونٽ جو قهري دور هو.
    اڄ ون يونٽ ناهي (ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ناهي) پر نصاب ۾ سنڌ جي تاريخ شامل ناهي، ٻارن ۽ شاگردن کي مغلن جي سلطنتن ۽ دهليءَ جي درٻار جي باري ۾ ته پڙهايو وڃي ٿو پر سنڌ جي حيدرآباد جي تاريخ جي باري ۾ ڪجهه به ٻڌايو نه ٿو وڃي. اسين حيدرآباد جي رسالا روڊ جو نالو جنرل هوش محمد شهيد پڙهي خوش ٿيون ٿا. اسان جو سياسي شعور تمام هيٺاهين سطح تي آهي. اسين هوشوءَ جا وارث آهيون. پر اٻالا اٻالا، اڻ سونهان!

    15 مارچ 1973ع


      بهاري، بنگالي ۽ سنڌ

    ويچارا مسڪين، مظلوم ۽ بيحال بهاري بنگلاديش مان ڀڄي، هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ پناهه وٺي رهيا آهن. اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو هميشه وانگر مهمان نوازيءَ جو شرف اسان کي ئي ملي رهيو آهي. درحقيقت، اسين مهمان نوازيءَ ۾ دنيا جا چئمپين آهيون. اسان جي سٻاجهي سڀاءَ جي هر هنڌ هاڪ آهي. مان وڌاءَ کان ڪم نٿو وٺان. جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته پوءِ هڪ به بهاري بنگال مان ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناهه نه وٺي ها. توهان کي اهو ٻڌي بيحد خوشي ٿيندي، ته بنگال مان جيڪي به بهاري نيپال ۽ برما جي رستي ڀڄي رهيا آهن، سي فقط سنڌ جو رخ ڪري رهيا آهن. وري به، پنجويهن سالن جي تاريخ ۾ قدرت ٻيو دفعو اسان کي موقعو نصيب ڪيو آهي، ته اسين مظلومن ۽ ستايلن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيون، ۽ مهمان نوازي ۾ دنيا جا چئمپين هئڻ جو ثبوت ڏيون. اهو ڪيڏو نه وڏو اعزاز آهي، مان ۽ مرتبو آهي، جو بهاري سنڌ جو رخ ڪري رهيا آهن، ۽ هزارن جي تعداد ۾ اسان وٽ آباد ٿي رهيا آهن!
    اسان سنڌين کي خوشي آهي، ته 1947ع وانگر، هن دفعي پڻ ٻاهران ايندڙ مظلومن، مجبورن ۽ ستايلن فقط سنڌ کي پنهنجي لاءِ پناهه گاهه منتخب ڪيو آهي. بهاري پنجاب ڏانهن نه پيا وڃن. بهاري بلوچستان ڏانهن نه پيا وڃن. هنن کي اهي صوبا پسند ناهن. يا ٿي سگهي ٿو ته هنن کي سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان صوبن مان پاڪستان فقط سنڌ ۾ نظر آيو هجي تنهن ڪري هنن بنگال مان ڀڄي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ کي ترجيح ڏني آهي!
    بهارين پاڪستان لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. سندن قربانيون پاڪستان جي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيون وينديون. هنن پنجويهه سال بنگال ۾ رهي بنگالي ٻولي نه سکي، ۽ اهڙي نموني هنن پاڪستان سان پنهنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو. نه فقط ايترو! بهارين هر طرح سان بنگال مان بنگالي ٻوليءَ کي تڙي ڪڍڻ، نيست ۽ نابود ڪرڻ، ۽ ان جي جاءِ تي اڙدوءَ کي نافذ ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکيون. اهڙي نموني، هو نظريه پاڪستان جي حفاظت ڪندا رهيا.
    بهارين کي اسلام سان دلي قرب آهي. هنن کي بنگالين جي ڪلچر ۾ غير اسلامي عنصر نظر آيو، تنهن ڪري هنن نه رڳو بنگالي ڪلچر کي تحريرن ۽ تقريرن رستي لوئيو ۽ Expose ڪيو. اهڙيءَ ريت بهارين پاڪستان سان پنهنجي سچائيءَ جو ثبوت ڏنو.
    بهاري جيئن ته آريا آهن، تنهن ڪري هنن کي بنگالي اَڻ آرين مان ککي ڌپ ايندي هئي. هنن، تنهن ڪري پاڻ کي اڻ سڌريل بنگالين کان پري رکيو.
    بنگالي برٽش سامراج جي دور کان وٺي معاشي ۽ اقتصادي طرح ڏتڙيل رهيا آهن. سندن پيٽ خالي ۽ تن بدن اُگهاڙو هوندو آهي. طبقاتي ڪشمڪش ۾ هو تمام هيٺاهين درجي جي نمائندگي ڪندا آهن. بهاري جيئن ته سکيا، ڪاروبار وارا، مال ملڪيت وارا ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ سان هئا، تنهن ڪري مٿاهين درجي جي نمائندگي ڪندا هئا، تنهن ڪري هنن جو هيٺين درجي جي بنگالين کان فطري طور تي پري رهڻ لازمي امر هو.
    بنگالي جڏهن بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا، ۽ مغربي پاڪستان جي آقائن کان جيئڻ جو حق گهري رهيا هئا، تڏهن فقط اهي ذهين ۽ هوشيار بهاري ئي هئا، جن بنگالين جي ظاهري طرح جائز جدوجهد جي پس منظر ۾ بغاوت جو رنگ ڏسي ورتو ۽ پوءِ مغربي پاڪستان جي سخت انتظاميه جي مدد سان کين چچرڻ جي ڪوشش ڪئي. بهارين پنهنجي عمل سان پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان ذري گهٽ بچائي ورتو هو. پر ڇا ڪجي جو نظام شمسي اسان جي خلاف هو، ۽ پاڪستان ٽڪر ٽڪر ٿي ويو! ان ۾ ويچارن بهارين جو تر جيترو به ڏوهه ناهي.
    هاڻي، خيرن سان اسان جا مسلمان ڀائر بهاري سنڌ ڏانهن اچي رهيا آهن. هنن کي پاڪستان فقط سنڌ ۾ نظر آيو آهي. هو ستايل ۽ مظلوم آهن. هنن پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هو پاڻ سان سڌريل ٻولي، ۽ سڌريل ثقافت آڻي رهيا آهن. اسين سنڌي خوشنصيب آهيون جو هنن سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

    1 اپريل 1973ع


      انصاف ۾ دير يعني انڌير

    هڪ اخباري خبر آهي. توهان به پڙهي هوندي. اهڙيون خبرون ذري گهٽ روزانو شايع ٿينديون رهنديون آهن. اسين اهي خبرون پڙهندا آهيون. پڙهي، وساري ڇڏيندا آهيون. اسين انهن خبرن تي، انهن خبر جي پس منظر تي، انهن خبرن ۾ ٻڌايل واقعي جي بنيادي ڪارڻ تي سوچيندا ناهيون. سوچيندا ان لاءِ ناهيون، جو سوچڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيدو آهي. سوچڻ سان مٿي ۾ سور پوندو آهي. طبيعت خراب ٿيندي آهي. دل کٽي ٿيندي آهي، ۽ روح معاشري جي نظام کان باغي ٿي پوندو آهي. تنهن ڪري، سوچڻ مان عذاب کان سواءِ ڪجهه نه ملندو آهي. اسين اهم خبرون، خبرن جون خبرون پڙهي به حالتن جي خبر نه وٺندا آهيون!
    جيڪي ماڻهو سوچيندا ناهن، انهن جي صحت (ذهني صحت ڇڏي) ڏسڻ وٽان هوندي آهي. سوچبو دماغ سان آهي. دماغ جو ڪم سوچڻ آهي، پر، دماغ جو هاضمي سان ڪهڙو تعلق آهي، ان راز جي باري ۾ ڪنهن سيڪريٽ ايجنٽ کان پڇڻو پوندو. جيڪي ماڻهو سوچيندا آهن، انهن کي بک نه لڳندي آهي، ماني هضم ڪري نه سگهندا آهن. مطلب ته کين بد هاضمي جي بيماري ٿي پوندي آهي. ها، اِهو ياد رکڻ گهرجي، ته بدهاضمي جو هرڪو مريض بنيادي طرح سوچڻ جي ڪري بدهاضمي جو شڪار نه ٿيندو آهي. تنهنڪري بدهاضمي جي هرهڪ مريض کي پيٽ سان گڏ دماغ جي علاج جو فڪر ڪرڻ نه گهرجي.
    جنهن خبر جو ذڪر ڪندي، سوچ، ۽ سوچ کان پوءِ بدهاضمي جو ذڪر نڪتو آهي، سا خبر گذريل هفتي جي سنڌي اخبارن ۽ ڪجهه انگريزي ۽ اڙدو اخبارن ۾ به شايع ٿي هئي. اها خبر سکر جي باري ۾ هئي. سکر ۾، هڪ ڪورٽ سڳوريءَ جي نڪ هيٺان (اهو انگريزي محاوري Under the Nose جو آزاد ترجمو آهي)، خون جو الزام ۾ ڦاٿل ٽن ڏوهارين کي مخالف ڌر جي جوانن گوليون هلائي اُڦٽ ماري وڌو. اها هئي اها خبر جنهن جي ڪري سوچ، ۽ سوچ کان پوءِ بدهاضمي جو ذڪر نڪتو آهي.
    ڪورٽ سڳوريءَ جي موجودگيءَ ۾، مخالف ڌر جي ماڻهن ڪيس جي شنوائيءَ ۾ آيل ڏوهارين مان ٽن کي ماري وڌو. ڪورٽ سڳوري پوڙهي ڪمزور ۽ ضعيف قانون جي ڦڏي لٺ تي هلندڙ ۽ ٿڙندو، انصاف جي ناني، ڪجهه ڪري نه سگهي. ڏسندي رهي.
    همو رابيءَ جي پٿرائين ٿنڀ تي اِنصاف جي باري ۾ جيڪي لکيل آهي سو اٺ – ڏهه هزار سال گذرڻ کان پوءِ به سچ آهي -فيصلي ۾ دير نه وجهو. اسان جيئن ته دنيا جي هر هڪ اصول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، تنهن ڪري، اِنصاف ۾ دير، (دير به انڌير جهڙي) وجهڻ اسان لاءِ فخر جو باعث آهي.
    قانون اِنسان جي وحشي جذبن کي ٻنجو ڏيڻ ۽ قبضي هيٺ رکڻ جو دستور آهي. قانون جڏهن فيصلي ڪرڻ ۾ دير وجهي ٿو، جڏهن معمولي نوعيت جا ڪيس پنجن کان ڏهن، ۽ ڏهن کان ويهن سالن ۾ به فيصلا ٿي نٿا سگهن، تڏهن قانون ناقص ثابت ٿئي ٿو. تڏهن قانون بيڪار ثابت ٿئي ٿو، ۽ انسان فطرتي طرح انتقام وٺڻ لاءِ قانون جو سهارو ۽ آسرو ڇڏي، پاڻ انتقام وٺي ٿو. جيئن سکر ۾ ٿيو آهي.

    9 اپريل1973ع


      نه کٽندڙ سلسلو

    هڪ نوجوان جو خط آيو. ڏکايل هو. موجوده معاشري جو ستايل هو، تنهن ڪري سندس خط زهر سان ڀريل هو. اُهو خط مون پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو آهي. مان اُن خط کي ڪنهن تاريخ نويس جي حوالي ڪندس، جيڪو، سنڌ جي سچي تاريخ لکندو- جيڪو، اسان جي زوال، ۽ زوال مان جدوجهد ڪري اُڀرڻ ۽ اُسرڻ جي تاريخ لکندو.
    جنهن نوجوان جو خط آهي، سو انٽرنيشنل رليشن ۾ ايم اي آهي. وٽس فرسٽ ڪلاس ۾ ماسٽرس ڊگري آهي.
    مان اُن نوجوان کي سڃاڻان. مون کي خبر آهي ته هن ڪيئن، ۽ ڪهڙين حالتن ۾ مرندي جيئندي ايم - اي جي ڊگريءَ حاصل ڪئي آهي. مون کي خبر آهي ته سندس پوڙهي پيءُ ڪيئن بکون ڪاٽي، تڪليفون سهي، ڏينهن رات ضعيفيءَ ۾ محنت ڪري پنهنجي پٽ کي تعليم ڏياري آهي. مون کي خبر آهي ته نوجوان جي ڪراڙي ماءُ ڪيئن هٿ جو پورهيو ڪري، نور نچوئي پنهنجي لعل کي يونيورسٽيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لائق ڪيو آهي!
    پر اڄ، جڏهن ان نوجوان فرسٽ ڪلاس ۾ ايم -اي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، تڏهن مٿس اسان جي معاشري جي سنگدلي ۽ تنگدلي ظاهر ٿي پئي آهي. هو بيروزگار آهي. فرسٽ ڪلاس ۾ ايم - اي جي ڊگري کڻي، هو ڪلارڪي، ۽ دفتريءَ جي نوڪريءَ لاءِ واجهائي رهيو آهي. هو، ٻن سالن کان بيروزگار آهي.
    شاگرديءَ واري زماني ۾ هو اُنهن نوجوانن سان ڪم ڪندو هو، جيڪي قلم سان سنڌ جي ويرين ۽ ون يونٽ جي ناخدائن سان جنگ ڪندا ها ۽ ڪري رهيا آهن. هو اڃا تائين اُن جنگ ۾ شامل آهي، هن سنڌ جي عوام ۾ سياسي شعور ۽ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي ٿورو گهڻو ڪيو آهي، تنهن جو معاوضو هرگز نه گهريو آهي. هن پاڻ کي تعليم سان جهنجهي، پاڻ کي معاشري جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ته مون کان ڪم وٺو. سنڌ جي تعمير ٿي رهي آهي. مان هڪ معمولي سر آهيان، مون کي اوسر ۾ ڪم آڻيو. مون کي محنت جو موقعو ڏيو. مون کي ڪم ڪرڻ جو وارو ڏيو!
    پر، موجوده معاشري کيس ڏني آهي بک، ۽ بيروزگاري.
    هن مون کي خط لکيو آهي. درد سان، ۽ ڏک سان ڀريل خط! هن مون کان صلاح نه گهري آهي. هن کي خبر آهي ته مان بلڪل بيڪار ۽ نڪمو آهيان. هن مون کي پنهنجو سمجهي، اندر جو حال اوريو آهي.
    مان سندس خط ڪنهن تاريخ نويس جي حوالي ڪندس، جيڪو سنڌ جي سچي تاريخ لکندو. ڊڄندو نه ¸ جيڪو اِهو لکندي نه ڪيٻائيندو، ته سنڌ جا مسڪين، محنت ڪش، ۽ پورهيت نوجوان جڏهن سنڌ جي عظيم تر مفاد لاءِ پنهنجو رت، ست ۽ ساهه قربان ڪري رهيا هئا، تڏهن، سندن محنت جي ميراث تي پرمارن جا پٽ قبضو ڄمائيندا، ۽ سنڌ کي موروثي ملڪيت سمجهي، سندس وسيلن تي قابض ٿيندا پئي ويا.
    مون کي پڪ آهي، ته جنهن نوجوان مون کي خط لکيو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن وڏيري جو پٽ هجي ها، موٽرن ۽ نوڪرن چاڪرن وارو هجي ها، ته پوءِ کيس نوڪري ضرور ملي ها. اُهو نوجوان، جيڪڏهن سامراجي ذهنيت رکندڙ ڪنهن ڪاموري جو پٽ هجي ها، ته پوءِ کيس نوڪري ضرور ملي ها.
    سنڌ ۾ نوڪريون جام! پر اُهي وڏيرن، ڪامورن ۽ سفارشن جي چٺين تي ٻڌي ليکي وراهجي رهيون آهن. نوڪريون ۽ وڏا عهدا اُنهن کي ملي رهيا آهن، جيڪي وڏا ”لائق“ آهن، ۽ جيڪي ڪتاب کولي، ڪاپيون ڪري امتحان پاس ڪندا آهن. نوڪريون اُنهن کي ملي رهيون آهن، جن کي انگريزي ته ڇڏيو، سنڌيءَ جي سٽ به لکڻ نه ايندي آهي.
    سنڌين جي تحريڪ کي جيڪڏهن سوشلزم کان ڌار ڪبو، ته اهي وڏيرا ۽ ڪامورا سنڌ تي قبضو ڪري وٺندا، ۽ هميشه وانگر، پنهنجي مفاد خاطر سنڌ کي وڪڻڻ ۾ دير نه ڪندا.

    8 اپريل 1973ع


      نئون نڪورو آئين

    گذريل هفتي ملڪ کي هڪ آئين ڏنو ويو آهي، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ساڳئي وقت اسلامي آهي، ته جمهوري به آهي يعني پاڪستان جو آئين Islamic Democracy جي اصولن تي بيٺل آهي. مخالف ڌرين کي اشتراڪيت کان ڀئو هو، تنهن ڪري هنن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي پاڪستان جي آئين مان لفظ Islamic Socialism ڪڍرائي ڇڏيو. ان زور آوريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ زور نيپ لڳايو، جيڪا ظاهري طرح Socialism جي زبردست حامي هئي. مخالف ڌرين پنهنجي منطق ۾ چيو ته هڪ آئين اسلامي ٿي سگهي ٿو، يا اشتراڪي. يعني، ته ڪو به آئين ساڳئي وقت اسلامي ۽ اشتراڪي ٿي نٿو سگهي. ساڳيو منطق استعمال ڪندي اهو دليل هن ريت به ڏيئي سگهجي ٿو ته هڪ آئين يا ته اسلامي ٿي سگهي ٿو، يا جمهوري. يعني، هڪ آئين ساڳئي وقت اسلامي ۽ جمهوري ٿي نه ٿو سگهي. بهرحال، اهو مسئلو منجهائيندڙ آهي، تنهن ڪري اتيئي ڇڏي، ڳالهه کي اڳتي وڌائجي ٿو.
    گذريل هفتي جيڪو آئين ڏنو ويو آهي، تنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اسلامي آهي، ۽ جمهوري به آهي. آئين جو جشن ملهايو ويو. بينڊ باجا، ۽ دهل وڳا. اخبارن خاص نمبر ڪڍيا. آئين جي سلسلي ۾ اخبارن جيڪي خاص نمبر ڪڍيا، اُهي اشتهارن سان ڀريل هئا. اشتهار ڏاڍا مزيدار ۽ چرچائي هئا. گهڻا ماڻهو اشتهارن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن. مان سڀ کان اڳ اخبار ۾ اشتهار پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ خبرون ۽ پوءِ ايڊيٽوريل.
    آئين جي سلسلي ۾ شايع ٿيل خاص ايڊيشنز ۾ اخبارن کي هن طرح جا اشتهار مليا، جيڪي هنن شايع ڪيا –
    اشتهار 1 : (هڪ هوٽل پاران)
    ”جمهوري ۽ اسلامي آئين مبارڪ. اسلامي آئين جي خوشيءَ ۾ اڄ رات اسان جي هوٽل ۾ هوش اڏائيندڙ البيلين ۽ الهڙ جوانين جا رقص ڏسو.“
    اشتهار 2 : (پاران - پاڻ سمجهو!)
    ”ملڪ کي وفاقي، جمهوري ۽ اسلامي آئين ملڻ جي خوشيءَ ۾ جشن ۾ شامل ٿيو، ۽ بليڪ ڊاگ واٽ 69، ۽ جاني واڪر اسٽل گوئنگ اسٽرانگ جا چشڪا وٺو.“
    اشتهار 3 : (هڪ هوٽل پاران)
    ”آئين مبارڪ - دستور مبارڪ. اسان هن مبارڪ موقعي تي خاص بفي ڊنر جو اهتمام ڪيو آهي، جنهن ۾ سٺ طعام پيش ڪيا ويندا. في ماڻهو پنجاهه رپيا ايڪسائيز ڊيوٽي ڏهه سيڪڙو جدا.“
    (ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪستان دنيا جي غريب ملڪن مان هڪ آهي).

    1 2 اپريل 1973ع

    ____
    1973 ع جا پنجاهه روپيا اڄ ڪلهه جي اڍائي هزار روپين برابر هوندا هئا.


    اچو اچو ــ سنڌ ۾ وسو

    نيپال جي حڪومت چيو آهي ته هزارن جي تعداد ۾ جيڪي بهاري بنگلاديش مان ڀڄي نيپال ۾ اچي لڪيا هئا، سي هزارن جي تعداد ۾ پاڪستان پهچي ويا آهن، پر ڪجهه هزار اڃا نيپال ۾ رهجي ويا آهن. ڪجهه بهاري جيڪي نيپال مان پاڪستان پهتا آهن، تن فرمايو آهي ته نيپال ۾ پاڪستان جي ايجنسي سندن ڪابه مدد نه ڪئي ۽ هو مڙسان مڙسي ڪري پاڪستان ۾، خاص طرح سنڌ ۾ اچي پهتا آهن.
    اسان سنڌين کي اِهو ٻڌي سخت افسوس ٿيو آهي ته پاڪستان جي ايمبيسي نيپال مان بهارين جي لڏ پلاڻ ۾ ڪوبه ڪم نه ڪري رهي آهي. اسين سنڌي مهمان نوازيءَ ۾ دنيا جا عالمي چيمپئن آهيون. هيل تائين جيڪي بهاري برما، نيپال، سيلون، ۽ ٻين ٻٽين مان ڀڄي پاڪستان پهتا آهن، تن خاص طرح سنڌ ۾ رهڻ، ۽ آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هرهڪ بهاري، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ بنگلاديش مان ڀڄي نڪتو آهي، ۽ پاڪستان پهتو آهي، سو سنڌ ۾ اچي رهيو آهي.
    اسان سنڌين جي مهمان نوازي جڳ مشهور آهي. اِهو ئي سبب آهي جو هيل تائين جيڪي بهاري پاڪستان پهتا آهن، تن سنڌ وسائي آهي. 1947ع ۾ اسين پنهنجي مهمان نوازي جو ثبوت ڏيئي چڪا آهيون، ۽ مهمان نوازيءَ جو انعام حاصل ڪري چڪا آهيون، ۽ ڪري رهيا آهيون. اها سڌ سموري سنسار کي آهي.
    ياد رهي ته هڪ به ڀڳل بهاريءَ پنهنجي آمد سان بلوچستان سرحد ۽ پنجاب کي نه نوازيو آهي. اِهو اعزاز فقط سنڌ کي حاصل آهي! اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو بنگلاديش مان ڀڳل بهاري فقط، ۽ فقط سنڌ ۾ رهڻ، آباد ٿيڻ، ۽ پناهه وٺڻ جو پڪو فيصلو ڪري چڪا آهن. ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي مهمان نوازيءَ جي هاڪ ڪيتري نه پختي آهي!
    تاريخ ورجائجي رهي آهي. اسان جي مهمان نوازي آزمائجي رهي آهي. اسان کي ثابت قدم رهي، ثابت ڪرڻو پوندو ته اسين ئي مهمان نوازيءَ ۾ دنيا جا عالمي چيمپئن آهيون. اسان جو ڪو ثاني ڪونهي. اسان جو ڪو مٽ ڪونهي اسان 1947ع واري مهمان نوازيءَ جي عيوض جيڪي انعام اڪرام حاصل ڪري رهيا آهيون، سي وسارڻ جهڙا ناهن. هن دفعي پڻ بهارين کي پنهنجي تڏي تي آڻي، اڱڻ اجاري مهمان نوازيءَ جو ثبوت ڏيڻو اٿئون. هن دفعي بهارين جي مهمان نوازيءَ جي عيوض اسان کي جيڪي انعام اڪرام ملڻا آهن، تن جو مثال دنيا ۾ ملي نه سگهندو.
    ڀڳل بهاري ڪنهن نه ڪنهن طريقي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن رستي سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اسان جون اکيون ٿڌيون. اسان جو تڏو وڇايل آهي. اسان جي دونهي دکايل آهي. تنهن ڪري اسين پر زور مطالبو ڪريون ٿا ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڀڳل بهارين کي سنڌ ۾ آڻي آباد ڪيو وڃي، ۽ اسان کي موروثي مهمان نوازيءَ جو موقعو ڏنو وڃي.
    اسين حڪومت پاڪستان کان پر زور مطالبو ڪريون ٿا ته نيپال ۾ باقي رهجي ويل هرهڪ بهاريءَ کي پاڪستان ۾ آندو وڃي ۽ سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي. اسين حڪومت پاڪستان کان اهو به مطالبو ڪيون ٿا ته هڪ به بهاريءَ کي بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد ۾ آباد نه ڪيو وڃي. اهو اسان جو حق آهي. سنڌ جو، ۽ سنڌين جو حق آهي! 

    5 2 اپريل 1973ع

    ____

    ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جي ٻه اڌ ٿيڻ، ۽ مشرڪي پاڪستان جو بنگلاديش ٿي پوڻ کان پوءِ بنگال ۾ بنگالين خلاف سازشي ۽ وڙهاڪ بهارين ڀاڄ کائي سنڌ جو رخ ڪيو هو.


      داخلائن ۾ مذهب جو دخل

    پاڪستان کي ترقي پسند بنائڻ لاءِ حڪومت ڪجهه ڪري يا نه ڪري، پر ڪي پڄنديءَ وارا پنهنجي وسان ڪين پيا گهٽائن!
    مثال طور، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي داخلائن ۾ هندن کي اڳ عام اميدوارن سان گڏ چونڊيو ويندو هو. يعني، ته هندو ۽ مسلمان جو تفاوت نه رکيو ويندو هو. هن سال کان، خدا جي فضل ۽ ڪرم سان، پڄنديءَ وارن جي اسلامي جذبي جوش کاڌو، ايماني غيرت اُٿلي پيئي، هنن هندو شاگردن لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو جي داخلائن ۾ چٽا ڀيٽيءَ رستي داخلا وٺڻ واري سرشتي کي بند ڪري ڇڏيو.
    اِهو تمام وڏو ڪارنامو آهي. حڪومت ويچاري ته پرڏيهي پاليسين ڪري مجبور رهي ٿي، پر پڄنديءَ وارن تي ڪا جهل پل ڪانهي! هندو شاگردن جي داخلائن کي ٻنجو ڏيئي لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي اختياري وارن نه فقط پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي، پر اسلام جي به بي بها خذمت ڪئي آهي. هنن، هندو شاگردن کي چٽا ڀيٽيءَ واري نظام کان ڌار ڪري اسلام کي خطري کان بچائي ورتو آهي. ملن به اهو ئي چاهيو پئي. اهو جماعت اسلامي جي عين منشور مطابق آهي. ڏسو نه سائين منهنجا! جماعت اسلامي حڪومت جي مخالف ڀل هجي، پر سندس ڪي ڪي اصول ۽ پاليسيون تمام بهترين آهن. هنن، يعني جماعتين ٿر ۾ هندن جي ٻيهر آباديءَ تي واءُ ويلا مچائي هئي، پر حڪومت سندن واءَ ويلا تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ هندن کي ٻيهر آباد ڪرائي ڇڏيو. حڪومت جو اهو قدم غير اسلامي آهي. ان تي نه فقط جماعت اسلامي وارن کي اعتراض آهي، پر هڪ سچي مسلمان کي ڏک آهي. جماعت اسلاميءَ جي نظريي مطابق هندن کي پاڪستان ۾ رهڻ جو ڪو حق ڪونهي. سندن، يعني ملن جو اِهو نظريو ساراهه جوڳو آهي.
    لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ هندن جي داخلا کي ٻنجو ڏيئي پڄنديءَ وارن پاڪستان ۽ اسلام جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، تنهن لاءِ ملڪ جا اسلام پسند، ملان، کڳا، ڪٻا، چٻا ۽ نواب گانگٽ سندن ٿورائتا آهن. سندباد جهازيءَ جي مين خلاصيءَ ڪامريڊ بي ايمانيءَ پڻ پڄنديءَ وارن جي ان قدم کي ساراهيندي اپيل ڪئي آهي ته هن سال هندو شاگردن کي چٽا ڀيٽيءَ رستي داخلا وٺڻ کان روڪي جيڪو ڪارنامو سر انجام ڏنو ويو آهي، تنهن تي پڄنديءَ وارن کي ”ستاره خدمت“ ڏنو وڃي.
    هڪ اسلام پسند وڏي ڪاموري جو خيال آهي ته هندن کي ان لاءِ داخلائن ۽ تعليم کان روڪيو ويو آهي، جو اهي هندو شاگرد علم پرائي ملڪ ڇڏي ويندا! مان سمجهان ٿو وڏو ڪامورو، نه فقط ڪامورو آهي، پر نجومي پڻ آهي، جو کيس هندو شاگردن جي ڀڄي وڃڻ جي سڌ پئجي ويئي آهي. وڏي ڪاموري جو انومان بلڪل سچو آهي. اڄ ڪلهه ملڪ مان سوين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٻاهرين ملڪن ڏانهن روزگار جي تلاش ۾ نڪري رهيا آهن. اهي سڀئي هندو آهن. هندو ان ڪري آهن، جو وڏي ڪاموري جي انومان مطابق هندو شاگرد علم پرائي ملڪ ڇڏي هليا ويندا. سوين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٻاهر وڃي رهيا آهن. شايد هندو آهن.
    مان لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري جي پڄنديءَ وارن کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو، جو هنن هندو شاگردن جي داخلائن کي عام چٽا ڀيٽيءَ کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهڙي طرح اسلام ۽ پاڪستان کي خطري کان بچائي ورتو آهي. 

    8 2 اپريل 1973ع


      ڳالهه هڪ جاگيردار جي

    سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو دور به آيو هو، جڏهن سنڌ جي وجود مان جاگيرن، رياستن، ۽ اسٽيٽن جو ڦٽ ڦاٽي نڪتو هو. اڄ پاڻ هڪ جاگير جي هڪ بودلي جاگيردار جون ڳالهيون ڪنداسين.
    مان ان بودلي حاڪم جو نالو ظاهر نه ڪندس، ڇو جو ان بودلي حاڪم جا ڏهٽا، پر پوٽا، ڇوٽا ۽ کوٽا اڄ به، نه فقط جيئرا جاڳندا آهن، پر وڏي انفلوئنس، رسوخ، ۽ پهچ وارا آهن. تنهن ڪري، مان ان بودلي جو نالو ظاهر نه ڪندس، ۽ نه ئي توهان کي ان جاگير جو نالو ٻڌائيندس. ائين برابر آهي، ته مان انشوئر ٿيل آهيان، ۽ مون کي پنهنجي پرواهه ناهي. پر مون کي انهن جو اونو آهي، جيڪي منهنجا آهن، يا جن جو مان آهيان. دشمني پاڙڻ جو اهو قديم طريقو سنڌ ۾ اڃا موجود آهي. جاگير جي حاڪم، يا واليءَ جا وارث ڪاوڙيا، ته مون کي هٿ نه لائيندا. منهنجي اولاد مان ڪنهن کي کڻي ويندا. اها سندن بهادري جي پرک، ۽ معيار آهي. پر مون کي اولاد ناهي. مان ڇڙو ڇانڊ آهيان. خير، اهي اجايون ڳالهيون آهن. اسان کي سنڌ جي هڪ سابق جاگير جي واليءَ سڳوري جو ذڪر خير ڪرڻو آهي.
    اُن واليءَ جي بدني بناوت اجگر جهڙي هئي. الله سائين شايد کيس هاٿيءَ جي روپ ۾ پيدا ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پر پوءِ کيس ماڻهو ڪري پيدا ڪيائين، ۽ جاگير جو والي ڪيائين.
    والي صاحب جيئن ته بي انتها ٿلهو هو، تنهن ڪري چرچا پسند ڪندو هو. هڪ هڪ چرچي جي عيوض، چرچو ٻڌائيندڙ، يعني چرچائيءَ کي ڇهه هزار رپيا انعام ڏيندو هو. ان زماني ۾ نوٽن جو رواج نه هو، تنهن ڪري پيسا روڪ، يعني سڪن جي صورت ۾ ڏيندو هو. نوٽن جي نه هئڻ سبب مهانگائي به نه هوندي هئي، تنهن ڪري ڇهه هزار رپيا تمام وڏي رقم سمجهي ويندي هئي. پر هونءَ به چرچي تي ڇهه هزار رپيا رقم، نهايت مناسب رقم آهي.
    والي صاحب کي هڪ خاص چمچو به هوندو هو، جيڪو سدائين ساڻس گڏ رهندو هو. والي صاحب ۽ سندس وڏي چمچي جو جڏهن به ذڪر اچي ٿو، تڏهن جاگير جي سرڪاري چرچائين جي اهميت گهٽجيو وڃي.
    هڪڙي دفعي والي صاحب کي هڪ عام ماڻهوءَ جو چرچو وڻي ويو. کيس ڇهه هزار رپيا انعام جي رقم ڏيڻ جو حڪم ڪيائين. وڏي چمچي ان ماڻهوءَ کي چيو، (بلڪل اڄ ڪلهه جي رواج موجب) ته حصو پتي ڪر، يعني انعام جي رقم مان مون کي هڪ هزار ڏي. ان ماڻهوءَ تريءَ تي تيل لڳڻ نه ڏنو. صفا انڪاري ٿيو. وڏي چمچي انعام جي رقم رپين بدران پيسن، ٽڪن، آنڪن ۽ آڌين جي صورت ۾ ڳوڻيون ڀرائي کڻي آيو. والي صاحب پنهنجي وڏي چمچي کان پڇيو، ته هي خزانو خالي ڪري ڪيڏانهن کنيو پيو وڃين. وڏي چمچي جواب ڏنو ته سائين چرچائيءَ کي انعام پيو ڏيان. والي صاحب کان رڙ نڪري ويئي. چيائين ته هي تمام گهڻي رقم ٿي ڏسجي. هڪدم پيسن ۽ پاين جي مٺ ڀري چرچرائيءَ کي ڏيئي ڇڏيائين.
    هڪ دفعي والي صاحب گدڙن جي اوناڙ ٻڌي. وڏي چمچي کان سبب پڇيائين، ته گدڙ ڇو پيا اوناڙن؟ وڏي چمچي وراڻيو، گدڙ ان پيا گهرن. حڪم ٿيو ته سو ڳوڻيون ان جون گدڙن کي ڏنيون وڃن. ٻئي رات گدڙن وري اوناڙيو. پڇڻ تي وڏي چمچي والي صاحب کي ٻڌايو ته گدڙ سوڙون پيا گهرن. والي صاحب حڪم ڪيو ته گدڙن کي هڪ سو سوڙيون ڏنيون وڃن. وڏي چمچي جي ٻيگهي مچي ويئي. ٽينءَ رات گدڙن وري اناڙ ڪئي. واليءَ جي پڇڻ تي وڏي چمچي وراڻيو، ته سائين گدڙ اوهان کي دعائون پيا ڪن. اهڙو هو هڪ جاگير جو هڪ والي. جنهن جا پٽ، پوٽا ۽ ڏهٽا اڄڪلهه سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر آهن، ۽ ڪي قومي اسيمبليءَ ۾ ويٺل آهن. 

    9 2 اپريل 1973ع


      سنڌ ملڪ تي لامارو

    رٽائرڊ ايئر مارشل هوائي خان خوابن جي دنيا مان ڌرتيءَ ڏانهن گت هئين. ڪنهن الله لوڪ مٿس رحم کاڌو. ان کان اڳ جو ايئر – مارشل هوائي خان گنجي ٽڪر سان لڳي ڪني آني وانگر ڀڄي پوي ۽ بدبوءِ پکيڙي، اُن الله لوڪ کيس ڪن کان جهلي، ڌونڌاڙيندي چيو، ”هوش ڪر، ايئر مارشل هوائي خان. ڪنهن جي ملڪ تي گت پيو ڏئين!“
    ”ٽين ٽين ٽين - ڊز ڊز ڊز.“
    ايئر مارشل هوائي خان وات مان مشين گن جهڙا آواز ڪڍندي چيو ”هيءُ ملڪ منهنجو آهي.“
    ”ڀليو آهين، پٽ ايئر مارشل هوائي خان.“ الله لوڪ کيس سمجهائيندي چيو، ”اجائي تڪڙ نه ڪر. هيءُ تنهنجو ملڪ ناهي. هيءَ سنڌ ملڪ جي ڌرتي آهي.؟
    ”سنڌ منهنجي، ۽ منهنجي بابي جي جاگير آهي.“
    ”سو وري ڪئين؟“
    ”اهو مون کان نه پڇ.“
    ”ته پوءِ ڪنهن کان پڇان؟“
    ”برٽش گورنمينٽ کان.“
    ”انگريز کان پڇان!“
    ”ها، ها. انگريز مائي باپ، يعني برٽش گورنمينٽ سنڌ مون کي ۽ منهنجي بابي کي جاگير طور ڏيئي ويو آهي.“
    الله لوڪ ان انڪشاف تي حيران ٿيو. پڇيائين، ”مائي ڊيئر ايئر مارشل هوائي خان، تو وٽ ڪو پروانو، يا دستاويز آهي، جنهن مطابق سنڌ تنهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي جاگير آهي؟“
    ”پرواني، يا دستاويز جي ڪا ضرورت ناهي.“ ايئر مارشل هوائي خان وراڻيو، ”اسان جو خاندان انگريز بهادر جو موسٽ اوبيڊئنٽ سرونٽ، يعني پگهاردار ٻانهو هيو. مون به انگريز مائي باپ جي ڏاڍي خذمت ڪئي هئي.“
    ”سو وري ڪيئن؟“
    ”انگريز مائي باپ جڏهن هندستان تي حڪومت ڪندا هئا، تڏهن اسين سندن اشارن تي، حڪمن تي پنهنجي ئي ماڻهن تي گوليون هلائيندا هئاسين.“
    ”پنهنجن ماڻهن تي توهين گوليون ڇو هلائيندا هئا.“
    ”هو آزادي گهرندا هئا. انگريزن جي غلاميءَ کان نفرت ڪندا هئا.“ ايئر مارشل هوائي خان چيو، ”اسين انهن باغين کي گولين جو نشانو بنائيندا هئاسين. ان خذمت جي عيوض انگريز سرڪار جڏهن ايفرو ايشيائي ملڪن مان ٽپڙ ٻڌا، ۽ هندستان مان روانا ٿيا، تڏهن سنڌ ملڪ اسان کي جاگير طور ڏيئي ويا.“
    ”اها 1947ع جي ڳالهه پيو ڪرين پٽ ايئر مارشل هيءُ 1973ع آهي. سنڌجو نئون نسل سجاڳ آهي.“ الله لوڪ چيو، ”سنڌ جي نئين نسل تاريخ تان دز لاهي، ماضيءَ سان پنهنجو رشتو جوڙي، پنهنجي بيپناهه قوت کي پرکي ورتو آهي. نئين نسل سان چرچا نه ڪر، هوائي خان.“
    ”نه نه. مان نه مڙندس. مان گُت هڻندس.“
    ”مڙي وڃ.“
    ”نه مڙندس. مون گُت هنئي آهي. مان سنڌ تي نازل ٿي رهيو آهيان.“
    ”سنڀال، ايئر مارشل هوائي خان.“ الله لوڪ کيس خبردار ڪندي چيو، ”حيدرآباد کان ڪجهه اڳڀرو ٿي ويو آهين.“
    ”بلڪل ٺيڪ. مون کي هتي لهڻو آهي.“ هوائي خان خوابن جي آسمان مان ڌرتيءَ ڏانهن گت هڻندي الله لوڪ کان پڇيو، ”حيدرآباد جي ويجهو هيءُ ڪهڙو مقام آهي، جيڪو مون کي ڇڪ ڪري رهيو آهي؟“
    ”هيءَ هنڌ گدو بندر آهي.“ الله لوڪ وراڻيو.
    ”بس. مون کي هتي، يعني گدو بندر تي لهڻو آهي. هيءَ منهن جي موروثي آرامگاهه آهي.“ ايئر مارشل هوائي خان اکيون بند ڪري گدو بندر تي گت هئين.

    8 مئي 1973ع


      اسان جون علتون ۽ عادتون

    هر ڪنهن قوم جون قومي خصلتون هونديون آهن. انهن خصلتن کي سامهون رکي قومن جي ڪردار جي ورڇ ڪئي ويندي آهي.
    سر جان مالڪم پهريون انگريز هو، جنهن اڄ کان ٻه سو سال اڳ، سنڌ ۾ درياهي آمدرفت جا رستا تلاش ڪرڻ جي بهاني سنڌ ۽ سنڌين جي خصلتن، علتن ۽ عادتن جو ڀرپور اڀياس ڪيو. سرجان مالڪم جي ڄاڻ کي آڏو رکي انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو منصوبو رٿيو. اڳتي هلي، انگريزن سر چارلس نيپيئر جي اڳواڻيءَ ۾ سن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. تاريخ شاهد آهي ته انگريزن وٽ ڪا زبردست فوجي طاقت نه هئي. سندن لشڪر جو تعداد پڻ گهٽ هو. پر، سر جان مالڪم ۽ کانئس پوءِ سنڌ ۾ آيل انگريز سياحن جي هٿ ڪيل معلومات ۽ کوجنائن جي آڌار تي سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي.
    ڌارين کي اسان جي خصلتن جي ڀلي ڀت پروڙ آهي. کين خبر آهي ته سنڌين کي چٽ لائي پنهنجي طرف ڪري سگهجي ٿو. سنڌيءَ کي سائينءَ چئبو ته وڇانئجي ويندو ۽ سائينءَ لفظ سان مخاطب ڪندڙ کي اکين ۾ جاءِ ڏيندو، دل ۾ ويهاريندو. خبر همراهه کي تڏهن پوندي جڏهن کيس سائين چوندڙ پٺيءَ ۾ خنجر هڻي ڪڍندو. يا سندس اکين ۾ انبور هڻندو.
    ڌارين کي اِها به خبر آهي ته سنڌين کي پاڻ ۾ وڙهائڻ ڏائي هٿ جو ڪم آهي. کين خبر آهي ته سنڌي جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا آهن، تڏهن هڪٻئي جون ٻوٽيون پٽيندا آهن. صدين جا پلاند ڪندا آهن. ڏاڏي جو بدلو پوٽن کان، ۽ پيءُ جو وير پٽ مان ڪڍندا آهن. سنڌي جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا آهن، ۽ ڏاڙهي پٽ ڪندا آهن، تڏهن کين پٺ جي خبر نه رهندي آهي. همراهن کي خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن ڌاريا سندن ڍينگو ڍيري ڪري ڇڏيندا آهن. سندن ترو ڪڍي ڇڏيندا آهن.
    سنڌين کي جڏهن ”ٽاپ“ ڏبو آهي، تڏهن ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندا آهن. مثال طور، جيڪڏهن سنڌين کي ٻڌائبو ته اوهين مهمان نواز آهيو ۽ مهمان نوازيءَ ۾ ورلڊ چيمپئن آهيو، ته هڪدم اوهان جي راهن ۾ وڇانئجي ويندا. اُها جاءِ نه ملندن، جتي اوهان کي ويهارين. مهمان جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيندا. گهر ٻاري ڏياري ڪندا. همراهن کي خبر تڏهن پوندي جڏهن جهڳو جهڻ ٿيندن، ۽ مهمان سڳورو سندن گهر ٻوهاري، الهه تلهه تي قبضو ڪري ويهندو. پر تڏهن به سنڌي نه مڙندا. ساڳي يخي پئي لڳندي، ته اسين مهمان نوازيءَ ۾ دنيا جا چيمپئن آهيون.
    سنڌين جي سسي لاهيندي سنڌين کي اِهو هرگز نه ٻڌائجي ته سندن سر وڍجي رهيو آهي. کين ٻڌائجي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. بهار جي مند آهي. مينا، چيها، بلبليون ۽ طوطا خوش آهن. مرض لادوا ناهي. مڙيئي خير آهي. ان تمهيد کان پوءِ سنڌين جو سياسي، سماجي ۽ ثقافتي قتل ڪري سگهجي ٿو.
    تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ ثقافتي قتل ٿيو آهي.
    ٿاڻي بولا خان وارو ٽي -وي بوسٽر باقاعدي ڪم ڪري رهيو آهي. اڙدو ۽ انگريزي پروگرام حيدرآباد، بدين، ميرپور خاص ۽ ذري گهٽ نوابشاهه تائين ڏسڻ ۾ پيا اچن. ٽي - وي بوسٽر باقاعدي هلي رهيو آهي.
    اختياريءَ وارن کي خبر آهي، ته جيڪڏهن ٽي - وي بوسٽر جو افتتاح ڪرائين ها، ته سنڌي سجاڳ ٿي پنهنجو حق گهرن ها. تنهن ڪري رسمي افتتاح کان سواءِ بوسٽر ڪم شروع ڪيو آهي. سنڌي ستل آهن. کين آنند آهي، ته ٿاڻي بولا خان واري بوسٽر جو افتتاح نه ٿيو آهي. جڏهن افتتاح ٿيندو، تڏهن حق گهربو! في الحال ننڊ ڪبي. 

    2 2 مئي 1973ع

    ______

     1973ع ۾ ڪيبل ۽ ٽيليويزن چينل نه هوندا هئا. ڪراچي ٽي-وي سينٽر تان روزانو پنجويهه منٽ پروگرام سنڌيءَ ۾ هلندو هو.


      سنڌ امن ڪاميٽي

    نواب گانگٽ پنهنجن ٻن ٻالڪن احتشام علي نڪسن، ۽ ڪٻي نيپاليءَ ڏانهن ڏٺو، ۽ کونر سان کهري ڪيل مڇ تي هٿ ڦيرايو.
    نواب گانگٽ جي کاٻي پاسي احتشام علي نڪسن ويٺو هو. نواب گانگٽ کيس کاٻي اک هڻي ڪڍي. نواب گانگٽ جي ساڄي پاسي ڪٻو نيپالي ويٺو هو، نواب کيس ساڄي اک هڻي ڪڍي. موٽ ۾ ٻنهي ڄڻن نواب گانگٽ کي اک هڻي، ڪلها لوڏيا، ۽ اک جي سگنل نه سمجهڻ جو اظهار ڪيو.
    نواب گانگٽ پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿيو، ۽ ٻالڪن ڏانهن هليو آيو.
    هن احتشام علي نڪسن کي ڪن ۾ چيو، ”گڙ ٻڙ گهوٽالو ٿيڻ گهرجي. ڪيترن ڏينهن کان سنڌ ۾ امن امان آهي. اهو سراسر ظلم آهي. نه ته يو - ڊي - ايف وارا گڙٻڙ ڪرائڻ ۾ پاڻ کان گوءِ کڻي ويندا!!“
    احتشام علي نڪسن پڇيو، ”ته پوءِ ڪهڙو حڪم آهي، استاد گانگٽ؟“
    ڪٻو نيپالي، ڪٻ ڪڍي، ٺونٺيون ٺوڪيندو، ڪڏهن ريڙهيون پائيندو پنهنجي روحاني رهبر، نواب جي ويجهو هليو آيو.
    پڇيائين، ”سنڌ ۾ ڪا ڪليم واري ملڪيت باقي رهجي ويئي آهي ڇا، جو اوهين ڏاڍي رازداريءَ ۾ ڳالهيون پيا ڪريو؟“
    نواب گانگٽ چيو، ”ڌيرج - ٻالڪا. هن وقت سنڌ امن ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ هلي رهي آهي. اسين ان ڪاميٽيءَ جا معزز ميمبر آهيون.“
    ڪٻو نيپالي ٽانءِ ڀري سانڀر وانگر سٽجي ويو. چيائين، ”برابر. اسين سنڌ امن ڪاميٽيءَ جا ميمبر آهيون. پر ڪليم واري ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي اهم آهي.“
    ”فڪر نه ڪر، ٻالڪا ڪٻا“ نواب گانگٽ آهستي چيو، ”سموري سنڌ اسان کي ڪليم ۾ ملي آهي، ٻالڪا. دل نه لاهه. ونڊي وراهي کائينداسين.“
    سنڌ امن ڪاميٽي جي ستاويهين اجلاس جي صدارت فريب الحق ڪري رهيو هو، خاص مهمان هيو، طوطي.
    طوطيءَ جو نالو طوطي ڇو آهي، ان راز جي ڪنهن کي خبر ناهي. خبر فقط ايتري آهي، ته طوطي اصل ڪراچيءَ جو رهاڪو آهي، هندستان جي نو ڪروڙ مسلمانن سان سندس مائٽي ناهي. هو گدڙن سان گدڙ، ۽ لومڙن سان، لومڙ واري کل پائي لومڙ ٿي پوندو آهي. کيس سنڌي سڏائيندي شرم ايندو آهي.
    فريب صاحب جڏهن نواب گانگٽ کي پنهنجن ٻالڪن سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندي ڏٺو، تڏهن وڏي واڪ چيو، ”نواب گانگٽ اينڊ ڪمپني، گهٻرايو نه، اسان، سنڌ ۾ مڪمل امن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي رٿ تي عمل شروع ٿي ويو آهي.“
    نواب گانگٽ، احتشام علي نڪسن، ڪٻي نيپاليءَ امن ڪاميٽيءَ جي صدر فريب الحق ڏانهن ڏٺو.
    نواب گانگٽ پڇيو، ”امن ڪاميٽيءَ جي ڇويهين، يعني گذريل گڏجاڻيءَ ۾ اسان سنڌ ۾ امن لاءِ جيڪي رٿون ڏنيون هيون، سي قبول پيون آهن ڇا؟“
    ”ها.“ فريب صاحب وراڻيو، ”اسان جي مرڪزي ڪاميٽيءَ اسان جي رٿ کي قبول ڪندي ان تي عمل جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.“
    ”خوشيءَ وچان منهنجو نامراد دم ٿو نڪري. جلدي تفصيل ٻڌاءِ،“ نواب گانگٽ ڦتڪندي ۽ ور کائيندي ڳالهايو.
    سنڌ امن ڪاميٽيءَ جي ستاويهين اجلاس جو صدر فريب الحق اٿي بيٺو. چيائين، ته تعليمي نصاب مان سنڌي ٻوليءَ جي لازمي حيثيت کي ختم ڪيو ويو آهي، ۽ اڙدوءَ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان حساب سان، ايندڙ ڏهن سالن اندر خدا جي فضل سان سنڌ ۾ هڪ به سنڌي پڙهندڙ باقي نه رهندو. هر ڪو لازمي زبان اڙدو پڙهندو. تنهن ڪري، سنڌ اندر مڪمل امن قائم ٿيندو، ۽ زبان جي مسئلي تي هلندڙ جهيڙا ختم ٿي ويندا.“
    ان خوشخبري ٻڌڻ کان پوءِ سنڌ امن ڪاميٽيءَ مرڪزي نصاب ڪاميٽيءَ کي مبارڪ جون ستاويهه تارون موڪليندي لکيو ته اوهان سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جو جيڪو منصوبو رٿيو آهي، سو ڪامياب ويو آهي.

    13 جون 1973ع


      مورخ جو مسئلو

    زبان وارن فسادن ۾ زخمي ٿيل هڪ شخص کي اسپتال ۾ آندائون.
    زخمي ماڻهو بيهوش هو. کيس ڏنڊن، لوهي شيخن ۽ چاقن سان زخمي ڪيو ويو هو. رت وهي وڃڻ سبب سندس سانوري کل ڪاراٽجي ويئي هئي.
    وقت جو مورخ فسادن ۾ زخمي ٿيل ۽ مئل ماڻهن جا تفصيل تاريخ ۾ داخل ڪري رهيو هو. مورخ بيهوش زخميءَ جي مٿان اچي بيٺو. ڊاڪٽر زخميءَ کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
    گهڻي مٿا ماريءَ کان پوءِ بيهوش زخمي هوش ۾ آيو. هن اُجهايل اکين سان مورخ ۽ ڊاڪٽرن ڏانهن ڏٺو. هن وات کولي ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اکر اُڪلي نه سگهيو.
    مورخ کانئس تاريخ جي زبان ۾ پڇيو، ”تون ڪير آهين؟“
    زخميءَ مورخ ڏانهن ڏٺو.
    مورخ کانئس ٻيهر پڇيو، ”تون ڪير آهين؟ سنڌي آهين، يا مهاجر؟“
    زخميءَ جواب نه ڏنو، هو مورخ ڏانهن ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. زخميءَ جي خاموشي مورخ کي بيچين ڪرڻ لڳي. هن هيٺ جهڪي، زخميءَ کي ويجهو ٿي چيو، ”منهنجي ڳالهه ٻڌ. مان مورخ آهيان. مان آئيندي جي نسل لاءِ تاريخ لکي رهيو آهيان. مون کي ٻڌاءِ ته تون سنڌي آهين يا مهاجر؟“
    زخميءَ جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون.
    ”اکيون کول. مون ڏانهن ڏس.“ مورخ چيو، ”مان تنهنجا تفصيل تاريخ ۾ لکڻ چاهيان ٿو.“
    ڊاڪٽر ۽ نرسون زخميءَ کي آپريشن لاءِ وٺي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳا.
    مورخ زخميءَ کي چيو، ”توکي آپريشن لاءِ وٺي ويندا. مون کي پڪ ناهي ته تون آپريشن مان بچندين به، يا نه. مري ويندين ته منهنجي تاريخ اڻپوري رهجي ويندي. تنهن ڪري ٻڌاءِ ته تون سنڌين آهين يا مهاجر؟.“
    زخميءَ جي اکين مان تڪليف جو احساس ظاهر ٿيڻ لڳو.
    مورخ ڊاڪٽرن ڏانهن ڏسندي چيو، ”مان سمجهان ٿو، هيءُ تاريخ جي زبان نه ٿو سمجهي. تنهن ڪري ڪو ساڻس سنڌيءَ ۾ ڳالهائي. ممڪن آهي، هيءُ سنڌي هجي!“
    هڪ ڊاڪٽر سنڌي هو، سندس نالو ڌڻي بخش هو. هن زخميءَ کان پڇيو، ”تون سنڌي آهين، يا مهاجر؟“
    زخميءَ تڪليف وچان ڌڻي بخش ڏانهن ڏٺو.
    مورخ چيو، ”مان سمجهان ٿو، هي سنڌي ناهي. تنهن ڪري سنڌيءَ ۾ سوال به نه ٿو سمجهي سگهي. هيءُ پڪ مهاجر آهي. ساڻس اُڙدوءَ ۾ ڳالهايو.“
    هڪ ڊاڪٽر ساڻس اُڙدوءَ ۾ ڳالهايو. ڊاڪٽر جو نالو حيدر عباس هو. هن زخميءَ کان اُڙدوءَ ۾ پڇيو –
    ”تون سنڌي آهين، يا مهاجر؟“
    زخميءَ جواب نه ڏنو.
    مورخ چيو، ”هيءُ نه اُڙدو ٿو سمجهي، ۽ نه سنڌي. آخر هيءُ ڪير آهي؟“
    ڊاڪٽر ڌڻي بخش چيو، ”اسين هن کي آپريشن لاءِ وٺي ٿا وڃون.“
    ”ترسو.“ مورخ چيو، ”مان ايندڙ نسل لاءِ تاريخ لکي رهيو آهيان. تاريخ ۾ هن شخص جي باري ۾ ڇا لکان، ته سنڌي آهي يا مهاجر!“
    ڊاڪٽرن وراڻيو، ”اسان لاءِ هيءُ هڪ زخمي انسان آهي. اسين کيس آپريشن لاءِ وٺي ٿا وڃون!“
    وقت جو مورخ حيران ۽ پريشان بيٺو رهيو. ڊاڪٽر زخمي انسان کي آپريشن لاءِ وٺي ويا.

    0 3 جولاءِ 1973ع


    ______

    1973 ع وارا ٻوليءَ جي باري ۾ فساد، جنهن ۾ انيڪ ماڻهو مري ويا ۽ زخمي ٿيا هئا. وزيراعليٰ ممتاز ڀٽي اِهو چوڻ بجاءِ ته سنڌ ٻوليءَ کي ون يونٽ کان اڳ واري حيثيت ملي آهي، هن چيو ته هينئر سنڌ جي ٻولي سنڌي ٿيندي. جواب ۾ رئيس امروهيءَ جنگ اخبار جي پهرين صفحي تي ماتمي ڪارو حاشيو هڻا ئي قطعو لکيو هو: ”اردو کا جنازہ ہے ، زرہ دھوم سے نکلے“ نتيجي ۾ خونريز فساد ٿي پيا. ذوالفقار علي ڀٽي ٽي ويءَ تان هٿ ٻڌي فساد بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.


      پلان

    آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ، هينري ڪسنگر جا ٻه خاص صلاحڪار عربن ۽ تيل متعلق پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا:
    ”لارينس، پاڻ وارو باس Boss) ) ڪسنگر، وچ مشرق واري معاملي ۾ بلڪل ناڪام ٿيو آهي.“
    ”منهنجي راءِ تو کان مختلف ناهي.“
    ”هينئر مون کي پنهنجو پلان (Plan) ظاهر ڪرڻو پوندو.“
    ”ڇا جو پلان؟“
    ”عربن کان تيل ڇڏائڻ جو پلان.“
    ”ڀليل آهين پيٽر. اسرائيل مان جيستائين هٿ نه ڪڍنداسين، تيستائين ڪوبه پلان ڪم نه ڪندو.“
    ”منهنجو پلان اهڙو آهي، جو اسين اسرائيل مان هٿ ڪڍي گولڊاميئر کي ناراض نه ڪنداسين، ۽ عربن کان تيل به حاصل ڪري سگهنداسين.“
    ”ان جو مطلب آهي، ته تو ڪو خطرناڪ پلان ٺاهيو آهي!“
    ”خطرناڪ ته خير نه ٿو چئي سگهجي. پر، اها پڪ اٿم ته منهنجو پلان ناڪام نه ٿيندو.“
    ”ياد رک پيٽر، عربن تيل جي کوهن وٽ بارودي سرنگون وڇائي ڇڏيون آهن.“
    ”منهنجي پلان مطابق عربن کي بارودي سرنگن اڏائڻ جو هوش ئي نه رهندو.“
    ”جيڪڏهن ويٽنام وارو ڊرامو کيڏڻ جو پلان ٺاهيو اٿئي، ته پوءِ ويٽنام وانگر وچ مشرق ۾ به موچڙا کائينداسين.“
    ”اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”مڃين ٿو ته آمريڪا جا ناچ گهر ۽ نائيٽ ڪلبون تيل جي آڌار تي گرم رهنديون هيون؟“
    ”ها، مڃان ٿو.“
    ”۽ اِهو به مڃين ٿو، ته جڏهن کان آمريڪا ۾ تيل جي کوٽ ٿي آهي، تڏهن کان ناچ گهر ۽ نائيٽ ڪلبون ٺري يخ ٿي ويون آهن“؟
    ”برابر“.
    ”۽ اهو به قبول ڪرين ٿو ته ناچ گهرن ۽ نائيٽ ڪلبن کي تالا لڳي ويا آهن“؟
    ”ها“.
    ”ته پوءِ ان ڳالهه کان به انڪار نه ڪندين لارينس، ته نائيٽ ڪلبن ۽ ناچ گهرن جون نچڻيون اڄڪلهه بلڪل بيڪار ويٺيون آهن؟“
    ”بلڪل ٺيڪ پيو چوين“.
    ”منهنجي پلان موجب آمريڪا جي حسين، جوان ۽ جنسي ڪشش سان ڀرپور نچڻين کي ايلزبيٿ ٽيلر، اُرسلا اينڊريس ۽ راڪيل واليچ جي سربراهيءَ ۾ وچ مشرق موڪليو وڃي. اُهي ڇوڪريون عربن خلاف آمريڪا جو سڀ کان ڪارآمد هٿيار ثابت ٿينديون“.
    ”اڙي تون ته ڪو زبردست ماڻهو آهين، پيٽر. اهي ڇوڪريون پنهنجي دلريب مهم ۾ عربن کان ايڏو تيل ڇڏائي اينديون، جو اسان جون موٽرون رستن تي هلڻ بدران تيل جي تلائن ۾ ترنديون.“
    ”مان اڄ ئي پنهنجو پلان صدر نڪسن ۽ هينري ڪنسگر آڏو پيش ڪيان ٿو.“

    5 1 جنوري 1974ع



    _____

    اُن دور جون حسين آمريڪي اداڪارائون


      سچل سرمست جي درگاهه جو ڪليم

    ”اڙي بابو خان، وڏو ظلم ٿي ويو.“
    ”بنگلاديش مان بهاري مائٽ سرتي اچي ڪڙڪيا اٿئي ڇا؟“
    ”نه بابو خان، نه.“
    ”ته پوءِ ڇا ٿيو آهي؟“
    ”وڏو ظلم ٿي ويو آهي، بابو خان.“
    ”ڪوڙا ڪليم ظاهر ٿي پيا اٿئي ڇا؟“
    ”نه يار، نه. بس، سمجهه ته وڏو ظلم ٿيو آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”سرڪار، ڪليمن وارو کاتو بند ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“
    ”تنهن ۾ تنهنجو ڇا! تو ته ڪليمن ۾ ٻنيون، جايون، دڪان ۽ بنگلا هٿ ڪري ورتا آهن!“
    ”اها منهنجن ڪليمن جي اڌ ملڪيت به ناهي، بابو خان.“
    ”يار ڇڏ نه ڪالو خان. مون کي ڄڻ خبر ئي ناهي ته آگري ۾ تون ڇا ڇڏي آيو آهين!“
    ”اها ته فقط توکي خبر آهي نه. پر تون سرڪار ناهين.“
    ”اڃا ڪجهه ڪليم ڪرڻ جو ارادو اٿئي ڇا، ڪالو خان؟“
    ”ها، بابو خان.“
    ”ڇا جي عيوض ڪليم ڪندين؟“
    ”تاج محل جي عيوض.“
    ”تاج محل!“
    ”ها. حيران ڇو ٿو ٿئين، بابو خان. شاهجهان منهنجو مائٽ هيو.“
    ”تاج محل جي عيوض ڪليم ۾ ڪهڙي عمارت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندين؟“
    ”عمارت ڇا ڪندس! مان ته درگاهه هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. وڏي آمدني آهي، درگاهن مان، بابو خان.“
    ”ڪهڙي درگاهه تي اک رکي اٿئي؟“
    ”سچل سرمست جي درگاهه تي.“
    ”ڇو؟“
    ”سچل سرمست جي درگاهه سان چار سو ايڪڙ زمين به شامل آهي.“
    ”پر پنهنجو ڪليم ڪيئن ظاهر ڪندين، ڪالو خان؟“
    ”ڏس نه بابو خان. سچل جا اڌ کان وڌيڪ مريد ۽ معتقد هندو هئا. هو هتان لڏي ويا آهن. تنهن ڪري سچل سرمست جي درگاهه کي سولائيءَ سان ايوبڪيو پراپرٽي (هندن جي ڇڏيل ملڪيت) ثابت ڪري، ۽ ڪليم ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو.“
    ”واهه جا رٿ سوچي اٿئي ڪالو خان.“
    ”پر ظالم سرڪار ڪليمن واري کاتي جا ٽپڙ گول ڪري رهي آهي.“

    0 2 جنوري 1974ع


      انقلاب جو پس منظر

    اڄ مارچ جي 1 2 تاريخ آهي.
    اڄ اُنهن شهيدن جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جن جو ڏوهه اهو هو، جو سندن چمڙيءَ جو رنگ ڪارو هو.
    اڄ اُنهن ٻارڙن جي شهادت جو ڏينهن آهي، جن کي فقط ان ڪري مشين گنن جي گولين سان ماريو ويو، جو اُنهن ٻارڙن جو رنگ ڪارو هيو.
    اڄ مارچ جي 1 2 تاريخ آهي.
    اڄ، 1 2 مارچ، 1974ع کان پورا چوڏهن سال اڳ 1 2 مارچ 1960ع تي ڏکڻ آفريڪا جي اڇي چمڙيءَ وارن حڪمرانن آفريڪا جي اصولڪن ڪارن باشندن جي جلوس تي پنهنجي خونخوار پوليس کان گوليون هلارايون هيون. ان قتلام ۾ اڻهتر آفريڪي شيدي شهيد ٿيا هئا، جن مان اٺ عورتون ۽ ڏهه ٻار هئا.
    ڏکڻ آفريڪا ۾ اصولڪن ڪارن باشندن جي اڪثريت آهي. پر، اڇي چمڙيءَ وارن گورن جي حڪومت پنهنجي خونخوار پوليس ۽ فوج، ۽ بدنام قانون سبب مٿن قابض آهي. ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت اقليت جي اڪثريت تي حڪومت جو بدترين مثالآهي.
    ڏکڻ آفريڪا جي بدنام قانون مطابق ڪنهن به آفريڪي شيديءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ پاس کان سواءِ گهمڻ، ڦرڻ، سفر ۽ مسافريءَ جي اجازت نه آهي.
    اصلوڪن باشندن کي پنهنجي ملڪ ۾ چونڊن ۾ بيهڻ ته ڇڏيو، پر ووٽ ڏيڻ جو به حق نه آهي.
    ڏکڻ آفريڪا ۾ جيڪو به ڪاري رنگ وارو ماڻهو سورهن سالن جي عمر کي پهچندو آهي، تنهن کي پوليس ٿاڻن تي پنهنجو فوٽو ۽ نالو داخل ڪرائڻو پوندو آهي. ٿاڻن تي ڪاري رنگ وارن ماڻهن جي آڱرين ۽ هٿن جا نشان پڻ رکيا ويندا آهن.
    هڪ اندازي موجب، ڏکڻ آفريڪا ۾ روزانو اڍائي هزار شيدين کي هٿ ٺوڪين الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويندو آهي. هرهڪ گرفتار شيديءَ تي سراسري طرح ٻه منٽ ڪيس هلائي، کيس جيل اماڻيو ويندو آهي. جيل ۾ مٿن طرحين طرحين جا ظلم ڪيا ويندا آهن. کين هيبتناڪ جسماني عذاب ڏنا ويندا آهن. اهڙن عذابن سبب ڪيترائي مظلوم شيدي جيلن ۾ مري ويندا آهن.
    نوجوان شيدي شاگردن، اديبن ۽ شاعرن کي ڪميونسٽ ۽ دهشت پسند جو الزام هڻي گرفتار ڪيو ويندو آهي. انهن ٻن الزامن ۾ ڦاٿل مظلوم جيئري جيل ويندا آهن، جتان فقط سندن لاش ٻاهر نڪرندا آهن. اڄ، جڏهن دنيا جا آزاد ملڪ ڏکڻ آفريڪا جي شهر شار پويل ۾ اڻهتر شيدين جي شهادت کي ياد ڪري رهيا آهن تڏهن ڏکڻ آفريڪا جا جيل شيدي ليکڪن، فنڪارن، رانديگرن، شاعرن ۽ شاگردن سان سٿيا پيا آهن.
    ڏکڻ آفريڪا جي پوليس جي وزير جو هڪ مظلوم شيديءَ جي موت تي ڏنل بيان دنيا ۾ سنگدليءَ جو بدترين مثال آهي. هن پارليامينٽ کي ٻڌايو ته، ”هڪ نامعلوم شخص، نامعلوم تاريخ تي، ڪنهن نامعلوم سبب ڪري مري ويو.“
    ويهين صديءَ جي سموري ترقي ۽ سجاڳي ڏکڻ آفريڪا جي ظالم، جابر ۽ سنگدل حڪومت آڏو شرم وچان ڪنڌ جهڪائي بيٺي آهي.

    1 2 مارچ 1974ع



    ______

    اهڙي سياسي پسمنظر ۾ نيلسن منڊيلا هڪ وڏي انقلاب جي تياري ڪري رهيو هو.


      ماضيءَ جا منڪر

    اڄ مان بيبلان جي حاڪم همورابيءَ جو ذڪر ڪندس. همورابيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ جو خيال مون کي ڪالهوڪي هڪ واقعي کان متاثر ٿي آيو آهي.
    هڪ بزرگ، (جنهن جو تاريخ ۽ سوشيالاجيءَ سان ڪو واسطو نه هو)، ٻانهون کنجي، موهن جي دڙي تي ويٺي ڇوهه ڇنڊيا. سندس زور فقط هڪ ڳالهه تي هو، ته موهن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آهي، ۽ جي ڪڏهن ڪجهه آهي به، ته اُهو ڪافرن جو ورثو آهي، اسان جو ناهي.
    اهڙو شخص جنهن کي ڪيمسٽريءَ جي ڄاڻ نه هجي، ۽ ڪيمسٽريءَ تي ڳالهائي، يا اهڙو شخص جنهن کي اينٿراپالاجيءَ جي سڌ نه هجي، پر اينٿراپالاجيءَ جي باري ۾ بحث ڪري، مان اهڙي شخص کان پناهه گهرندو آهيان. تاريخ ڇو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ عام طرح پڙهائي ويندي آهي، تنهن ڪري اسين تاريخ کي ڪا اهميت نه ڏيندا آهيون ۽ تاريخ تي ڳالهائڻ تي سندرو ٻڌي تيار ٿي بيهندا آهيون. بادشاهن جي احوال، سندن سڌارن ۽ ڪجهه جنگين جي ذڪر کي اسين تاريخ سڏيندا آهيون!
    جنهن صاحب جو مان ذڪر ڪري رهيو آهيان، سو صاحب راولپنڊيءَ جي مري روڊ تي هڪ بيڪري هلائيندو آهي ۽ بيدا ۽ ڊبل روٽيون وڪڻندو آهي. کيس جڏهن خبر پيئي ته مان سنڌي آهيان ۽ موهن جو دڙو بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ آهي، ۽ ٽپال کاتي طرفان بدقسمتيءَ سان موهن جي دڙي کي مچائڻ بابت ٽڪليون جاري ٿيون آهن، هو صاحب ٻانهون کنجي موهن جي دڙي تي اُلر ڪري آيو. مون کيس جواب نه ڏنو. هن جو ڪم بيدا ۽ ڊبل روٽي وڪڻڻ آهي، پر هو صاحب تاريخ جي منجهيل مسئلي تي روانيءَ سان ڳالهائي رهيو هو. هو پنهنجي نوعيت جو اڪيلو مثال نه آهي. اسان جي سنڌ ۾ هن صاحب جهڙا ڪيترائي صاحبِ ذوق توهان کي ملي ويندا، جيڪي دڪين تي، حڪيمن جي دڪانن تي، يا ڀاڄي ڀتي وٺندي مارڪيٽ ۾موهن جي دڙي بابت ڳالهائيندي نظر ايندا آهن. يعني ساڳيو اعتراض اٿاريندي نظر ايندا آهن ته موهن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آهي!
    قومون پنهنجي ورثي تي فخر ڪنديون آهن. اسان کي خبر ڪونهي ته موهن جي دڙي مان لڌل چوڪنڊين مُهرن تي ڇا لکيل آهي. تاريخ جا ماهر ان ٻوليءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. فنلبنڊ جو اسڪو پريولا خاص طرح سان ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. موهن جي دڙي جي قديم ٻوليءَ جي سمجهه ۾ اچڻ کان پوءِ اسان کي خبر پوندي ته اڄ کان 6 هزار سال اڳ سنڌ دنيا کي، دنيا جي تهذيبن ۽ تمدنن کي ڇا ڏنو هو. اها ڄاڻ اسان لاءِ ضروري آهي. اسين فقط اونداهين جا وارث سڏائڻ لاءِ تيار نه آهيون. سنڌ سڀيتا دنيا کي ڪجهه ڏنو آهي. ڪجهه اهم، ڪجهه غير معمولي ڏنو آهي. اسان دنيا کي ڇا ڏنو آهي، ان باري ۾ ڄاڻڻ ضروري آهي.
    همورابي اڄ کان ذري گهٽ پنج هزار سال اڳ بيبيلونيا ۾ حڪومت ڪندو هو. بيبيلونيا ۽ ميسوپوٽاميا جي کنڊرن مان لڌل ڪتبن کي جڏهن پڙهيو ويو ۽ سمجهيو ويو، تڏهن وڏن وڏن دانشورن کي ڏندين آڱريون اچي ويون.
    همورابيءَ جا احڪام هزارين آهن. مان انهن مان فقط ڪجهه احڪامن جو ذڪر ڪندس. همورابيءَ اڄ کان پنج هزار سال اڳ حڪم جاري ڪيو هو ته:
    1 ¸خون جي ڪيس ۾ جيڪڏهن ڪنهن شخص ڪوڙي شاهدي ڏني آهي، ته اهڙي شخص لاءِ يعني ڪوڙي شاهد لاءِ موت جي سزا آهي.
    2 ¸ ڪنهن گهر يا عبادتگاهه مان چوري ڪرڻ، يا اهڙي چوريءَ جو مال خريد ڪرڻ جي سزا موت آهي.
    3 ¸ ٻارن کي اغوا ڪندڙ لاءِ موت جي سزا آهي.
    4 ¸ رستن تي ڦر ڪندڙ لاءِ موت جي سزا آهي.
    5 ¸ ڪنهن گهر ۾ جيڪڏهن باهه لڳي هجي، ۽ باهه وسائيندي ڪنهن ان گهر جي شيءِ کنئين هجي، ته اهڙي شخص کي باهه ۾ ساڙيو ويندو.
    6 ¸جيڪڏهن ڪنهن شخص پنهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏيڻ کان پوءِ، پاڻيءَ جو رخ اهڙي نموني ڪري ڇڏيو هجي جو سندس پاڙيسريءَ جي ٻني ٻڏي ويئي هجي ۽ هن جو فصل تباهه ٿي ويو هجي، ته اهڙي شخص کي سزا جي طور پنهنجي پاڙيسريءَ کي سمورو نقصان ڀري ڏيڻو پوندو.
    7 ¸ڪنهن پٽ جيڪڏهن پنهنجي پيءُ کي ڌڪ هنيو، ته اهڙي پٽ جو هڪ هٿ وڍيو ويندو.
    8 ¸ڪنهن شخص جيڪڏهن ٻئي شخص جي اک ڪڍي، ته اهڙي ملزم شخص جي اک ڪڍي ويندي.
    9 ¸ جاءِ اڏيندڙ جيڪڏهن اهڙي جاءِ ٺاهي، جيڪا ٺهڻ کان پوءِ هڪدم ڊهي پوي ۽ جاءِ ۾ رهندڙ ماڻهو مري پَون، ته اهڙي شخص لاءِ سزا موت آهي.
    همورابيءَ جي احڪامن تي مان ٽيڪا ٽپڻي نه ڪندس. فقط ايترو چوندس ته همورابيءَ جا احڪام پنج هزار سال پراڻا آهن. ڇا اهي احڪام بيڪار آهن؟ بيسود آهن؟ مدي خارج آهن؟ دنيا انهن احڪامن مان، ڇا ڪجهه به حاصل نه ڪيو آهي؟

    5 1 جولاءِ 1974ع


      گٽر ۾ ڪرڻ

    1947ع کان اڳ ڪراچيءَ جا گٽر ڍڪڻن سان بند هوندا هئا. پر، آزاديءَ کان پوءِ ڪراچيءَ جي گٽرن جا ڍڪڻ غائب ٿي ويا آهن.
    گٽرن جي ڍڪڻن جو غائب ٿيڻ ڪراچيءَ ۾ آيل ثقافتي انقلاب جو اهڃاڻ آهي. مون هڪ پوڙهي کان پڇيو، ته آزاديءَ کان اڳ ۽ آزاديءَ کان پوءِ واري ڪراچيءَ ۾ ڪهڙو فرق محسوس ڪيو اٿئي. پوڙهي وراڻيو، ته بابا، اڳ ڪراچيءَ جا گٽر ڍڪڻ سان بند هوندا هئا، آزاديءَ کان پوءِ گٽرن جا ڍڪڻ الوپ ٿي ويا آهن.
    پوڙهي جي فلسفي موجب، آزاديءَ جو اندازو گٽرن جي ڍڪڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن گٽر چڱي طرح ڍڪڻن سان ڍڪيل هجن، ته اهو دور غلاميءَ جو دور سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن گٽرن جا ڍڪڻ غائب هجن، ۽ گٽر کليل نظر اچن، ته اهو دور آزاديءَ جو دور سمجهڻ گهرجي. مطلب ته گٽر ۽ گٽرن جا ڍڪڻ غلاميءَ ۽ آزاديءَ جي ڪسوٽي آهن.
    اسين يقين جا پختا آهيون. اسان جو عقيدو آهي، ته هر ڪم، ۽ عمل ۾ ڪانه ڪا چڱائي ضرور هوندي آهي. مثال طور، پيءُ جو مرڻ! پيءُ جي مرڻ ۾ پٽ لاءِ چڱائي هوندي آهي. پٽ، پنهنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سموري ملڪيت جو وارث ٿي پوندو آهي. مثال نمبر ٻيو - بند کي ٽڪو يا گهارو لڳڻ! گهاري کان پوءِ ماڻهن جا اجها لڙهي ويندا آهن. پر، ان ۾ به چڱائي آهي. گهارو بند ڪرائڻ کان پوءِ اوورسيئر ۽ ايس ڊيئن کان وٺي وڏن وڏن انجنيئرن تائين ٻارن لاءِ نوان نوان ڪپڙا، گهر وارين لاءِ زيور، موٽرون ۽ بنگلا وٺندا آهن. ثابت ٿيو ته گهاري ۾ به چڱائي آهي.
    تنهن ڪري، اسان جي عقيدي موجب ڍڪڻ جي غائب ٿيڻ ۾ به چڱائيآهي. گٽرن تان جڏهن ڍڪڻ غائب ٿي ويندا آهن، تڏهن انسان کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو گٽر ۾ ڪرڻ جو سونهري موقعو ملندو آهي.
    گٽر ۾ ڪرڻ جا ڪيترائي فائدا آهن. مثال طور گٽر ۾ ڪري پوڻ کان پوءِ انسان ڪجهه عرصي تائين ٽريفڪ جي حادثي ۾ اُڦٽ مري پوڻ کان بچي ويندو آهي. گٽر ۾ ڪرڻ کان پوءِ، ماڻهو قرض اوڳاڙيندڙن کان ڪجهه وقت تائين لڪيل رهندو آهي. گٽر ۾ ڪرڻ کان پوءِ، ماڻهو قلم 109 ۽ 110کان بچي ويندو آهي. جيترو عرصو ماڻهو گٽر ۾ گذاريندو آهي، تنهن ۾ سس ۽ سهري جي چالبازين کان بچيل رهندو آهي. گٽر مان لعل به لڀندو آهي، ۽ پريت به رهجي ايندي آهي.
    گٽر ۾ ڪرڻ کان پوءِ، انسان ڪجهه گهڙيون دوکن، فريبن ۽ بيوفائين جي درد کان آجو رهندو آهي. 

    1 2 سيپٽمبر 1974ع


      مرڻ کان پوءِ

    مون کي انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ خط مليو آهي. خط سهڻن، اصطلاحن ۽ محاورن واري انگريزي ۾ لکيل آهي، ۽ بيحد دلچسپ آهي. ڪنهن ملي جو لکيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو لکيل هجي ها ته، خط جي آخر ۾ لکندڙ پنهنجو نالو ضرور لکي ها. پر، خط ۾ لکندڙ جو ڪوبه ڏس پتو، يا نالو نشان لکيل نه آهي. خط واري لفافي تي ميرپورخاص جي ڪنهن پوسٽ آفيس جو ٺپو لڳل آهي.
    ملان صاحب پنهنجي خط ۾ ارشاد فرمايو آهي، تون بدراهه، گمراهه، ڀٽڪيل، ۽ وغيره وغيره آهين. ۽ تون پنهنجين ڪهاڻين، ڪالمن ۽ ڊرامن رستي نوجوان نسل کي بدراهه ۽ گمراهه ڪري رهيو آهين. ملان صاحب جو ارشاد پڙهي، مان تپرس ۾ پئجي ويو آهيان.
    سنڌ جي آدمشماريءَ مان فقط ڇهه سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. انهن مان رڳو ٽي سيڪڙو سنڌي آهن. يعني، سنڌ جي آدمشماريءَ جو ستانوي سيڪڙو پڙهيل ناهي. باقي ٽي سيڪڙو شخص جيڪي پڙهيل آهن، انهن مان مشڪل سان هڪ سيڪڙي جيترن ماڻهن کي ادب سان دلچسپي هوندي. ان هڪ سيڪڙي مان مشڪل سان ڏهين پتيءَ جيترا پڙهندڙ به ورلي ڪي موجود هوندا جيڪي مون کي پڙهندا هوندا، جيڪي مون کي پڙهندا هوندا، ۽ منهنجين تحريرن جو اثر قبول ڪندا هوندا. پر، ملان صاحب فتويٰ ڏيئي ڇڏي آهي، ته سموري ”ارتعاش ۽ جنبش“ لاءِ مان ذميوار آهيان.
    هاڻي، ملان صاحب کي ڪير سمجهائي، ته ملان صاحب دنيا ڏينهون ڏينهن ننڍي ٿي رهي آهي. ماڻهن کي هڪ ٻئي جي نظرين ٻڌڻ، ۽ پرکڻ جو موقعو مليو آهي. هيءَ صدي ڀرمن جي ڀرڻ جي صدي آهي. ننڍا ننڍا ويڇا ختم ٿي رهيا آهن. نفرتن جون ديوارون ڪري رهيون آهن. سموري دنيا ٻن وڏن گروهن ۾ وراهجي رهي آهي. هڪڙو گروهه ظالمن، ڦورن، ۽ رت چوسيندڙ چورن جو آهي، ۽ ٻيو گروهه مظلومن، مفلسن ۽ انگ اگهاڙن جو گروهه آهي. ٻنهي گروهن دنيا جي هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ پنهنجن پنهنجن نظرين وارا ساٿي ڳولي لڌا آهن. جنگ جو آغاز ٿي چڪو آهي. عالمگير تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي. موجوده دور جو هرڪو ترقي پسند ليکڪ، پوءِ هو کڻي ڪنهن به ملڪ جو رهواسي ڇونه هجي، ان عالمگير تحريڪ سان شعوري يا لاشعوري طرح شامل ٿي ويو آهي.
    ملان صاحب مون کي تلقين ڪئي آهي، ته مان ڪجهه ڪتابن جو مطالعو ڪريان، ۽ پنهنجو ايمان پختو ڪريان. ملان صاحب جن ڪتابن جا نالا ڏنا آهن، اُهي ڪتاب مون اتفاق سان پڙهيا آهن. اُهي ڪتاب لالچ ۽ خوف پيدا ڪندڙ تحريرن سان ڀريل آهن. انهن ڪتابن ۾ متضاد خيالن ۽ سوچ سبب انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ شڪ شبهن ۽ پريشانين جو حل، يا ڪو جواب ڏنل ڪونهي. انهن ڪتابن ۾ انساني نسل ۽ سوچ جي ارتقا بابت ڪو احوال ڏنل ڪونهي. انهن ڪتابن ۾ نفسياتي مونجهارن لاءِ ڪابه سمجهاڻي ڏنل ڪونهي. انهن ڪتابن ۾ معاشي ۽ اقتصادي مسئلن جو حل ڏنل ڪونهي. انهن ڪتابن ۾ ٻارن کي ڊيڄارڻ جهڙيون ڏند ڪٿائون لکيل آهن. ملان صاحب جيڪڏهن ڪتابن جي ڪنهن دڪان تي هليو وڃي، ته کيس متضاد نظرين وارا هزارين ڪتاب گڏوگڏ رکيل نظر ايندا. پڙهندڙ کي ڪنهن مارشل لا ريگيوليشن موجب مختلف نظرين ۽ تحريڪ وارا ڪتاب پڙهڻ کان منع ڪري نٿي سگهجي.
    خط جي پڄاڻيءَ ۾ ملان صاحب لکيو آهي، ته آخر ۾ منهنجو حشر بنگال جي مشهور باغي شاعر نذر الاسلام جهڙو ٿيندو. ملان کي سخت غلط فهمي ٿي آهي. مان نذرل جي پيرن جي خاڪ برابر به نه آهيان.
    ملان پڇاڙيءَ ۾ فتويٰ ڏني آهي، ته مون کي قبر ۾ عذاب ملندو، ۽ وڇون ۽ نانگ منهنجي لاش کي چڪ پائيندا. تنهن ڪري مون وصيت ڪري ڇڏي آهي ته مرڻ کان پوءِ مون کي قبر ۾ نه وجهجو. مون کي پارسين جي خاموش ٽاور Tower of silence تي ڇڏي اچجو ته ڀل ڳجهون منهنجو ماس پٽن ۽ ڪانءَ اکيون ڪڍن. يا، سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏجو ته ڀل مڇيون مون کي کائي ڇڏين. يا، باهه ۾ ساڙي ڇڏجو ته رک ٿي مٽيءَ سان ملي وڃان.

    2 نومبر 1974ع


      مُلڪ سڄو پبلڪ جو آهي

    پبلڪ جي ڀلائيءَ لاءِ اڄڪلهه ريلوي نظام کي درست ڪرڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ساراهڻ جهڙو قدم آهي.
    سائين، ريلوي پبلڪ لاءِ هوندي آهي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته سمورو پاڪستان پبلڪ جو آهي، تنهن ڪري ريلوي کاتو ۽ سندس انجڻيون ۽ گاڏا، پليٽفارم ۽ پٽا وغيره پڻ پبلڪ جا آهن. مان تنهن ڪري پبلڪ جي سهوليت مطابق ڪجهه مطالبا پيش ڪيان ٿو، ته جيئن ريلوي کي سڌارڻ واري عمل ۾ پبلڪ جي مطالبن کي سامهون رکيو وڃي.
    سائين، ريل جي گاڏن ۾ بلبن تي جيڪي گلوب چڙهيل هوندا آهن، سي تمام مضبوطي سان لڳل هوندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي، جو گلوب مان بلب ڪڍڻ لاءِ اجايو گلوب کي ڀڃڻو پوندو آهي. تنهن ڪري، پبلڪ جو مطالبو آهي، ته بلبن تي گلوب اُڇاترا لڳايا وڃن، ته جيئن بلبن ڪڍڻ وقت گلوبن جو ذيان نه ٿئي. اوهين پڇندا ته پبلڪ گلوب مان بلب ڇو ڪڍندي آهي! ته ان لاءِ جواب حاضر آهي سائين، ته سمورو پاڪستان پبلڪ جو آهي. بلب به پبلڪ جي ملڪيت آهن.
    ٻيو ته، گاڏن جي پائخانن ۾ نلڪن کي پائيپن سان ”سارڊر“ (رهه ڏيئي) ڪري ڳنڍيو نه وڃي. نلڪا جڏهن پائيپن سان پختي طرح ڳنڍيل هوندا آهن، تڏهن سولائيءَ سان لهي نه سگهندا آهن. تنهن ڪري، نلڪا لاهڻ لاءِ پبلڪ کي پٿر ۽ مترڪا، ۽ پانا استعمال ڪرڻا پوندا آهن. پبلڪ جي سهوليت لاءِ پائخانن ۾ رواجي نموني نلڪا لڳايا وڃن، ته جيئن لاهڻ ۾ تڪليف نه ڏين. پبلڪ نلڪا ڇو لاهيندي آهي! ته ان لاءِ به ساڳيو جواب آهي، ته سمورو ملڪ ئي پبلڪ جو آهي.
    ويهڻ لاءِ گاڏن ۾ سيٽن تي تمام مضبوط ۽ سخت قسم جو ريگزين استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو پبلڪ انٽريسٽ جي بلڪل خلاف هوندو آهي. سخت ۽ مضبوط ريگزين عام رواجي بليڊ سان چيرجي نه سگهندو آهي. ان لاءِ چاقو ۽ خنجر استعمال ڪرڻو پوندو آهي. اوهان کي ته خبر آهي سائين، ته خنجر ۽ چاقو کڻڻ چڱو ڪم ڪونهي. تنهن ڪري، پبلڪ جو مطالبو آهي ته گاڏن ۾ ويهڻ لاءِ سيٽن تي اهڙو ته سنهڙو ۽ ڪمزور ريگزين لڳايو وڃي، جيڪو نه فقط عام رواجي بليڊ سان چيرجي سگهي، پر هٿ جي سٽ سان به ڦاٽي پوي! اوهين پڇندا، ته پبلڪ گاڏن جون سيٽون ڇو چيريندي ۽ ڦاڙيندي آهي! ته ان لاءِ جواب عرض آهي ته سائين سمورو ملڪ پبلڪ جو آهي!
    گاڏن ۾ نسوار جون ٿڪون، کانگهارا، هڏا، مڇيءَ جا ڪنڊا، نارنگين، موسمين ۽ ڪيلن جي کلن اڇلائڻ تي ڪي ايڪڙ ٻيڪر مسافر اعتراض ڪندا آهن. پبلڪ جو مطالبو آهي، ته اهڙو ڪوبه مسافر، جيڪو گاڏي ۾ ٿڪن، کانگهارن، کلن ۽ هڏن اڇلائڻ تي اعتراض ڪري، تنهن کي پبلڪ جي چوڻ تي گاڏي مان ٻاهر اڇلائڻ جو قاعدو پاس ڪيو وڃي.
    سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪلاس جي گاڏن ۾ چرس ۽ گانجو عام جام استعمال ٿيندو آهي، جنهن تي ڪجهه مسافر ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن، اعتراض ڪندا آهن. اهڙا مسافر حقيقت ۾ پبلڪ جا دشمن هوندا آهن. اهڙن مسافرن جو وات بند ڪرڻ لاءِ پبلڪ کي کليو کلايو گاڏن ۾ چرس ۽ گانجو واپرائڻ لاءِ قانوني تحفظ ڏنو وڃي. خاص ڪري دادو- سيوهڻ لائين تي!
    اسٽيشن تي ٿڌي پاڻيءَ جا جيڪي ڪولر لڳايا ويا آهن، انهن جا نلڪا ڪجهه مٿڀرا هنيا ويا آهن. تنهنڪري، ميرا پير ۽ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ پبلڪ کي تڪليف محسوس ٿيندي آهي. پبلڪ جي ڀلي لاءِ ڪولرن جا نلڪا ڪجهه هيٺ ڀرو ڪري لڳايا وڃن، جيئن پبلڪ کي پير ۽ ڪپڙا ڌوئڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.
    اهي آهن پبلڪ جا في الحال ابتدائي مطالبا ريلوي نظام کي درست ڪرڻ جا!

    0 3 نومبر 1974ع


      ڏاڙهي ميجر

    مون کي سندس نالي جي سڌ ڪونهي. هر ڪنهن سڏيس ٿي - ”ڏاڙهي ميجر“. جهڙو ڏنو هئائونس لقب، تهڙو هو پاڻ آڪڙيل، سيٽيل، ۽ کهرو! مٿان هئس ٽرڙائپ جي ٽڪ! ڏسڻ جو سوکڙي. منهن سردي وانگر لنبوتڙو، جنهن تي موهيڙن جا کٻ. نڪ نبات. چپ ٿلهڙا ۽ ڪاراٺيل. منهن تي مشين گهمايل ڏاڙهي، جيڪا ڄاڙهيءَ وٽان کٿل هئس، کيس ڪارو ڪوٽ پاتل هو، جنهن جي مٿئين کيسي ۾ ٻه - چار فائونٽن پينون ۽ هڪ عينڪ ٽنبيل هئس. ٽائي به ٻڌي هئائين، ۽ پتلون به پاتي هئائين. ڏسڻ جو سوکڙي!
    وڏي جئڪ سان وڏي عهدي تي وڃي ڇاپو هنيو اٿائين. اسلام آباد کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو اٿائين. مون کيس هڪ غير رسمي گڏجاڻيءَ ۾ ڏٺو. ڪنهن سگريٽ آڇيس، ته انڪار ڪندي چيائين، ”عيد تي ڇڪيندس.“
    پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ٽپ ڏيئي صوفه تان اٿيو. ڇري کڻي، ٻئي ميز ڏانهن وڌي ويو. ٻئي ميز تي چئن پائونڊن وارو ڪيڪ رکيو هو. ڏاڙهي ميجر ڪيڪ کي ذبح ڪري ڇڏيو. اهڙيون ته آڏيون ابتيون ڇريون وهايائينس جو ڪيڪ ويچارو ڳڀا ڳڀا ٿي ويو. ڪپيل ڪيڪ جو اڌ پائونڊ جيڏو ٽڪر کڻي، پنهنجي جاءِ تي اچي ٿائينڪو ٿيو. اتي ڪنهن چيو، ”اسان جي باري ۾ عام تاثر اهو ئي آهي، ته اسين سفارشي آهيون، ۽ ڪم جا بلڪل جڏا آهيون. اسان کي اهو تاثر مٽائڻو آهي. اسان کي ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي، ته اسين ذهين ۽ ڪم جا اورچ آهيون.“
    ڏاڙهي ميجر گڏجاڻيءَ جي دوستن تي هڪ نگاهه وڌي، ۽ پوءِ وڏي بي نيازي سان چيو، ”اوهان کي سفارشي سڏيندا هوندا مون کي ڪو سفارشي چوي، ته جيڪر ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيانس.“
    ڪنهن پڇيس، ”ڏاڙهي ميجر جهاد ڪندين ڇا؟“
    ڏاڙهي ميجر وراڻيو، ”مون کي جيڪو به سفارشي سڏيندو، تنهن جا مان صاحبن کي چئي اصل لاهه ڪڍائي ڇڏيندس.“
    ڏاڙهي ميجر جي جواب کان سڀئي ڄڻا بيحد متاثر ٿيا، ۽ سندس پهچ جا قائل ٿيا. ان وچ ۾ ڏاڙهي ميجر ڪيڪ پيسٽرين جا وڏا وڏا ڪريم وارا ٽڪر هڙپ ڪري ويو، ۽ پوءِ چانهه جي ڪوپ ۾ کنڊ جا چار چمچا وجهي، ڪوپ مان جلترنگ جهڙا آواز ڪڍڻ لڳو. ڪوپ ۾ چمچو ائين ٿي گهمايائين، ڄڻ دکيءَ ۾ مانڌاڻي!
    ڪنهن پڇيس، ”ميجر، چانهه مان مکڻ ڪڍندين ڇا؟“
    ڏاڙهي ميجر جواب نه ڏنو، ۽ شرڙاٽ ڪري چانهه جي ڪوپ مان سرڪيون ڀرڻ لڳو. ساڳئي ڄڻي پڇيس ”ڀلا ڪر خبر توسان ڪيئن ٿا هلن؟“
    ”ڪيئن ٿا هلن! منهنجي آفيس ۾ هلي ڏس، ميان. وڏي ميز ورتي ٿي مان، جنهن تي شيشو وڇايل آهي. پنهنجي ويهڻ لاءِ ڦرڻي ڪرسي به ورتي ٿي مان. ۽ ٻه ٻه ٽيليفون، چار ڪرسيون، ۽ هڪ گلم به ورتو ٿي مان.“ ڏاڙهي ميجر چيو، ”اهڙي رعب ۾ رکيو ٿي مان، جو سڀئي سمجهي ويا آهن، ته سنڌ مان ڪو ڇپ جهڙو ماڻهو اسلام آباد پهچي ويو آهي. پلاننگ، ڊرافٽنگ ۽ پروپوزل به هيٺين عملي کان تيار ڪرائيندو آهيان. مان ڪاغذن تي رڳو صحيحون ڪندو آهيان.“

    1 1 ڊسمبر 1974ع


      بچان ۽ انب

    سنڌ اسيمبليءَ جو خدا ڀلو ڪري، جو خطرناڪ قدم کڻڻ کان اڳ باقاعدي چتاءُ ڏيئي ڇڏيندي آهي، ۽ اهڙي نموني، ڪيترن سکين ستابن خاندانن ۽ ڪٽنبن کي برباديءَ کان بچائي وجهندي آهي.
    تازو، سائين عبدالوحيد ڪٽپر جن چيو آهي، ته جلد ئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ رشوت خورن خلاف هڪ بل پيش ڪيو ويندو، جنهن جي منظوريءَ کان پوءِ رشوت خور ڪامورن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون. ڳالهه اتي ختم نه ٿيندي. رشوتخور ڪامورن جيڪڏهن پنهنجن مائٽن جي نالي ۾ ملڪيتون ٺاهيون آهن، ته اهي به ضبط ڪيون وينديون.
    ”هائي الله! هاڻي ڇا ٿيندو؟“
    ”سڀ خير ٿيندو، بچان.“
    ”ڏس، توکي لک دفعا چيو اٿم ته، مون کي بچان نه سڏيندو ڪر. منهنجو نالو شبنم عندليب آهي.“
    ”معاف ڪجانءِ، مان اصل ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندڙ بل بابت سوچي رهيو هوس. تنهنڪري، توکي بيخياليءَ ۾ بچان چئي ويٺس.“
    ”هاڻي سمجهاءِ، ته معاملو ڇاهي؟“
    ”ملڪيتون ضبط ڪرڻ لاءِ اسيمبليءَ ۾ بل پيش ڪندا.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇا! بل پاس ٿيڻ ۾ هفتن جا هفتا ۽ مهينن جا مهينا لڳي ويندا. ان وچ ۾ پاڻ ملڪيتون محفوظ ڪري وٺنداسين.“
    ”مون وٽ جو پنج سير سون، ۽ هيرن جا چار سيٽ آهن، سي ڪيڏانهن ويندا! کسي وٺندا؟“
    ”کسي وٺندا جو مشڪري آهي! اهي سڀ سيف ڊپازٽ لاڪرن ۾ هليا ويندا.“
    (سيف ڊپازٽ لاڪر هڪ قسم جا لوهي خانا هوندا آهن، جيڪي بينڪن جي اسٽرانگ روم ۾ لڳل هوندا آهن. انهن خانن ۾ هر قسم جي نقدي، سون، زيور ۽ دستاويز محفوظ ڪري سگهبا آهن. سيف ڊپازٽ لاڪرن کي قانوني تحفظ مليل هوندو آهي.)
    ”عندليب شاداب - “
    ”عندليب شاداب نه. منهنجو نالو شبنم عندليب آهي.“
    ”نڪاح مهل ته. ملان تنهنجو نالو بچان ٻڌايو هو!“
    ”اجايو وڌيڪ نه ڳالهاءِ. ملان تنهنجو نالو به انب ٻڌايو هو. پوءِ تون ڪيئن اي ايم بي خان ٿي پيو آهين! ملڪيت جو فڪر ڪر. متان ڪنگال ڪرائي ڇڏين.“
    ”هيءُ بنگال ناهي جو ڪنگال ٿينداسين، شبنم عندليب ڦاسندا اُهي، جن وٽ بنگلا، موٽرون ۽ وڏا وڏا بينڪ بيلنس هوندا.“
    ”اسان وٽ جو بنگلو ۽ چار چار موٽرون آهن، انهن کي ساڙي ڇڏيندين ڇا؟“
    ”انهن کي ڇپر ۾ وڪڻي ڇڏبو.“
    ”۽ پيسن کي ڪيڏانهن ڪندين؟“
    ”سون وٺي سيف ڊپازٽ لاڪرز ۾ رکنداسين.“
    ”لکين رپين جو سون!“
    ”گهٻراءِ نه. ليمي، اڪ، ڪنڊي ۽ کنڊي لاءِ، يعني هرهڪ لاءِ پنجهتر پنجهتر هزار رپين جا خاص سرٽيفڪيٽ، پنجاهه پنجاهه هزار رپين جا ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽ، پنجاهه پنجاهه هزار رپين وارا نيشنل انويسٽمنٽ ٽرسٽ جا يونٽ ۽ لک لک رپئي جا هرهڪ لاءِ پرائيز بانڊ وٺنداسين.“
    ”اهو سڀ ٺيڪ آهي. پر توکي ياد رکڻ گهرجي، ته اسان پنهنجن پٽن جا نالا نديم، وحيد، علي ۽ شاهد رکيا آهن. هو هينئر ليما، اڪ، ڪنڊا ۽ کنڊا نه آهن.“
    ”چڱو جو ياد ڏياري ڇڏيئه.“
    ”موٽرن کانسواءِ تڪليف نه ٿيندي؟“
    ”في الحال ٻه ٽيڪسيون اٺئي پهر در تي بيهاري ڇڏبيون. پنهنجين گاڏين جهڙو سک پيو ملندو.“
    ”خدا ڀلو ڪري سنڌ اسيمبليءَ جو، جو اڳواٽ خطرناڪ بلن جو اطلاع ڏيئي ڇڏيندي آهي.“

    15 ڊسمبر 1974ع


      استعيفا ڏبي، نه ڏبي

    ”سائين، اوهان ته اين بلاڪ استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان جو ڇا ٿيو؟“
    ”ڇا جي استعيفا !“
    ”راولپنڊيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ اوهان جي ليڊر صاحبان چيو هو ته اوهين سڀئي گڏجي، يعني باجماعت استعيفائون ڏيندا، ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جون ڪرسيون خالي ڪندا.“
    ”تون به صفا ڪو درويش آهين. ڪير آهين يار؟“
    ”مان صحافي آهيان، سائين.“
    ”وڃي مڇين جو شڪار ڪر. راول ڊيم ۾ سٺي مڇي هوندي آهي.“
    ”پر، سائين ا ستعيفائن جو ڇا ٿيو؟“
    ”هي وٺ چار رپيا. سيروز سينيما ۾ روسي فلمن جي نمائش هلي پئي. اڄ رستم سهراب فلم هلڻي آهي. وڃي ڏس.“
    ”پر سائين، استعيفائن جي باري ۾ ته ڪجهه ٻڌايو.“
    ”بابا ڇڏ استعيفا جي ڳالهه. ٻي ڪا ڳالهه ڪر.“
    ”سائين، جڏهن کان اوهان جي اڳواڻن اوهان جي اين بلاڪ استعيفائن جو ذڪر ڪيو آهي، تڏهن کان خالي ٿيندڙ سيٽن لاءِ اڳواٽ اميدوار تيار بيٺا آهن.“
    ”ڇا مطلب!“
    ”مطلب ته اوهين جيڪي نشستون استعيفا ڏيئي خالي ڪندا، انهن نشستن لاءِ چونڊون ڪرايون وينديون. ڪجهه ڄڻا اوهان جي استعيفائن جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن.“
    ”ته ڇا، عوام تي اسان جي اين بلاڪ استعيفائن جي دڙڪي جو ڪو اثر نه ٿيو آهي؟“
    ”مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته اوهين جيڪي نشستون صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ خالي ڪندا، سي هڪدم ڀرجي وينديون.“
    ”سيٽون ڀرجي وينديون، جو مشڪري آهي!“
    ”اوهين استعيفا ڪڏهن ٿا ڏيو؟“
    ”اسان کي استعيفا ڏيڻي ئي ناهي، بابلا صحافي.“
    ”۽ اوهان جي اڳواڻن جو اعلان ڪيو هو!“
    ”اعلان ڪرڻ سولو آهي، پر سيٽ ڇڏڻ ڏکيو ڪم آهي.“
    ”سو وري ڪيئن؟“
    ”ميان صحافي، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ميمبرن پنج پنج ۽ ڏهه ڏهه لک رپيا خرچ ڪيا آهن. ٻيو ته اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ ۾ وڏا فائدا آهن. رعب ئي رعب. اسين چريا ٿيا آهيون، جو چرين اڳواڻن جي چرچ تي اسيمبلين جون سيٽون ڇڏي ڏينداسين!“

    22 ڊسمبر 1974ع


      ڀڄڻ ڀڄائڻ بابت بل

    اخبارن ۾ خبر آئي آهي، ته تمام جلد سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ اهڙو بل پيش ڪيو ويندو، جنهن جي منظور ٿيڻ کان پوءِ، عورتن جي ڀڄڻ ڀڄائڻ واري ڏوهه کي ٻنجو اچي ويندو، ۽ عورتون خير خوبيءَ سان حياتيءَ جا ڏينهڙا پورا ڪري، پنهنجن مڙسن جي هٿن ۾ مرنديون.
    درويشن ازل کان عورتن جي ڀڄڻ ڀڄائڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي. ڀڄڻ ڀڄائڻ جو ڏوهه گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ ٿيندو آهي. ڳوٺن ۾ ڀڄڻ لاءِ جيئن ته پڪا رستا، ۽ فٽ پاٿ وغيره نه هوندا آهن، تنهنڪري ڀڄندڙ عورتون ڪرڙ، ڪانڊيرن، ۽ کٻڙن ۾ وچڙي، ڦاسي پونديون آهن، ۽ پوءِ ڪاريون ڪري ماريون وينديون آهن. تنهنڪري، درويشن جي صلاح موجب، عورتن کي ڀڄڻ جو پروگرام في الحال ملتوي ڪرڻ گهرجي، ۽ ديهي ترقياتي پروگرام جي تڪڙي تڪميل لاءِ دعاگو ٿيڻ گهرجي. ديهي ترقياتي پروگرام موجب ڳوٺن ۾ پڪا رستا تعمير ڪيا ويندا، ۽ ڪرڙ، ڪانڊيرا، کٻڙ وغيره ختم ڪيا ويندا.
    درويشن جي کوجنا مطابق، گهڻو ڪري اُهي ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون گهرن کان ڀڄنديون آهن، جن جي شادي، سندن مائٽن جي عين مرضيءَ مطابق پوڙهن، ٺوڙهن ۽ کنڊن سان ڪئي ويندي آهي. اهي پوڙها ۽ کنڊا عمر ۾ پنهنجين نوجوان زالن جي ڏاڏن ۽ پڙ ڏاڏن برابر هوندا آهن. اهڙن پوڙهن ۽ کنڊن جون سنگدل نوجوان زالون گهڻو ڪري ڀڄي وينديون آهن. درويشن جو وس پڄي، ته اهڙين سنگدل نوجوان ڇوڪرين کي Cruelty to the animals جي ڏوهه ۾ جيڪر ٽيپ ڏياري ڇڏين! پوڙها کک آخر به ته انسان آهن، ۽ گهڻو ڪري رٻ کائيندا آهن. کين ڇڏي، ڀڄي وڃڻ انسانيت جي خلاف ناقابل معافي ڏوهه آهي.
    پوڙهن کي طرحين طرحين جون بيماريون هونديون آهن، جن ۾ سنڌن جو سور، مٺا پيشاب، ڪنبڻي، ٻوڙاڻ، ۽ انڌاڻ عام بيماريون هونديون آهن. اهڙا مجبور پوڙها، فقط ان لاءِ نوجوان ڇوڪرين سان شادي ڪندا آهن، ته جيئن سار سنڀال چڱيءَ طرح لهي سگهن، ۽ کين نرم ۽ پٽڙو کاڌو وقت سر ڏينديون رهن.
    هونءَ به، اقتصادي لحاظ کان نوجوان عورتن لاءِ پوڙهن ۽ کنڊن سان شادي ڪرڻ فائديمند سودو آهي. پوڙها جڏهن به پنهنجي پوٽيءَ يا ڏهٽيءَ جيتري ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندا آهن، تڏهن گهڻو ڪري قبر ڪنڌيءَ هوندا آهن، ۽ ڪجهه عرصو ڪشتن ۽ معجونن جي آڌار تي جيئري رهڻ کان پوءِ، الله سائين کي پيارا ٿي ويندا آهن. نوجوان عورت کي هميشه ان موقعي لاءِ اڳواٽ تيار رهڻ گهرجي. Mohamadan Law مطابق زال کي مرحوم مڙس جي ملڪيت مان دمڙيون حصي ۾ ملنديون آهن. تنهنڪري نوجوان عورت کي جڳائي، ته مڙس کي جوان ادائن سان قابو ڪرڻ کان پوءِ، سموري ملڪيت Gift طور لکائي، دستاويز پاڻ وٽ قابوڪري رکي، ۽ پوءِ پوڙهي جي مرڻ جو انتظار ڪري. تنهنڪري، پوڙهن ۽ کنڊن مڙسن کان جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ عورت لاءِ مڙسيءَ جو ڪم ڪونهي ۽ نه ئي وري ڪو اقتصادي طرح فائديمند فعل آهي.
    درويشن کي اميد آهي، ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪوبه اهڙو بل پيش نه ڪيو ويندو، جنهن جي منظور ٿيڻ کان پوءِ، اسي سالن جا پوڙها، سورهن سالن جي ڇوڪرين سان شادي رچائڻ کان محروم رهجي ويندا، ۽ اهڙي طرح ڀڄڻ ڀڄائڻ جي ڏوهه کي اڻسڌي طرح ٻنجو ڏيندا.

    8 2 ڊسمبر 1974ع


      ڪهڙي ثقافت ؟

    راولپنڊيءَ مان نڪرندڙ هفتيوار اڙدو رسالي ”البلاغ“ ۾ سيد انصار علي ناصري نالي ڪنهن شخص غالب جي نالي ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي نالي هڪ طويل خط شايع ڪرايو آهي. خط اڙدو ۾ آهي، پر ان اڙدوءَ ۾ نه آهي، جيڪا اڙدو پاڪستان ۾ سمجهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي.
    انصار ناصريءَ جي خط ۾ هيٺيون ڳالهيون ڌيان طلب آهن.
    1 - پاڪستان اڙدوءَ جي بقا لاءِ وجود ۾ آيو آهي.
    2 - علاقائي ٻولين جي نالي ۾ علاقائي مصيبت وڌي رهي آهي.
    3 - مرڪزي ۽ مِلي وحدت کان بغاوت جون تحريڪون علاقائي ٻولين مان پيدا ٿين ٿيون.
    4 - ثقافت جي نالي ۾ چئن قومن واري نظريي جو پرچار ٿي رهيو آهي.
    پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست ۾ سڀ کان المناڪ حادثو اِهو آهي، جو ڪجهه شخص ڄاڻي ٻجهي پاڪستان جي لازمي جزن، سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي وجود کان انڪار ڪندا رهيا آهن. پاڪستان ڪنهن هوائي ملڪ جو نالو نه آهي. پاڪستان کي پنهنجي جاگرافي آهي، پنهنجيون سرحدون آهن. انهن سرحدن اندر سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جا صوبا آهن. انهن صوبن جي وحدت جو نالو پاڪستان آهي. انهن صوبن کي پنهنجيون پنهنجيون ٻوليون، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت آهي. اِهي سموريون زبانون، ثقافتون، تهذيب ۽ تمدن پاڪستان جي گڏيل ميراث آهن. پاڪستان جي سالميت انهن صوبن جي سياسي ۽ ثقافتي وجود سان قائم ۽ دائم آهي.
    پاڪستان جي قائم ٿيڻ بابت هيئنر ٻه رايا بنيادي حيثيت حاصل ڪري ويا آهن. هڪ ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حفاظت، ۽ ٻيو هندن جي اقتصادي ۽ معاشي تسلط کان نجات. ڪنهن به تاريخي دستاويز م اِهو ذڪر نه آيو آهي، ته ڪو پاڪستان اڙدوءَ جي ترقي۽ بقا لاءِ وجود ۾ آيو آهي. مون کي پختو يقين آهي، ته انصار ناصريءَ جهڙا ڪوتاهه نظر انسان علاقائي زبانن جي مخالفت ڪري، اڙدوءَ لاءِ خير خواهي جو ڪم نه ڪري رهيا آهن.
    سنڌ، سرحد، پنجاب ۽ بلوچستان پاڪستان جا پرڳڻا آهن. انهن پرڳڻن سان اتان جي رهاڪن جي فطري پيار کي پاڪستان لاءِ دشمني ڪيئن سڏي ٿو سگهجي! انصار ناصري ۽ هن جهڙا ڪند ذهن ۽ نادان ڪهڙي ڪسوٽيءَ تي پاڪستان سان وفاداريءَ جي جذبي جي پرک ڪرڻ نڪتا آهن! مونکي سنڌ جي ڌرتيءَ، سنڌ جي پاڻيءَ، سنڌ جي مٽيءَ ۽ سنڌ جي ٻوليءَ سان ديوانگيءَ جي حد تائين عشق آهي. سنڌ منهنجي ماءُ آهي.
    سنڌ منهنجي پهرين ۽ آخري عبادت آهي. انصار ناصريءَ جي ڪسوٽيءَ مطابق مان ٿي پيس پاڪستان جو غدار! هڪ ٻيو شخص، ڪوبه، جنهن کي سنڌ جي ڌرتي، ماڻهن ۽ ٻوليءَ کان نفرت آهي، سو ٿي پيو پاڪستان جو حامي! عجيب منطق آهي! صوبائي ٻولين، تهذيبن ۽ ثقافت کان بيزار پاڪستان لاءِ قرب جو سبب ڪيئن ثابت ٿي سگهي ٿي!
    ان قسم جا خط باهه تي تيل جي ڇنڊي جو ڪم ڏيئي رهيا آهن. پاڪستان ۾ علاقائي ٻولين، ثقافتن ۽ تمدن جا وارث مسين مسين تاريخ ۽ سياست ۾ پنهنجي بنيادي اهميت قبول ڪرائي سگهيا آهن. 27 سالن جي ڏاڍ جو ڏونگر مسين مسين ته ڏريو آهي! پاڪستان مسين مسين ته حقيقت کي ويجهو ٿي رهيو آهي! اهڙي وقت ۾ اڙدو پريس مان رکي رکي سوسڙيون ڇڏڻ بدديانتيءَ جو واضح ثبوت آهي.

    5 1 جنوري 1975ع


      ڪالهه ۽ اڄ

    اسان جي ملڪ جو عام شهري ذهين ٿئي يا نه ٿئي، پر اسان جي ملڪ جا ڏوهاري ڏينهون ڏينهن ذهين ۽ چالاڪ ٿي رهيا آهن. اهو سٺو اهڃاڻ آهي. اسان جي ملڪ مان گهٽ ۾ گهٽ ڪو طبقو ته ذهين ٿي رهيو آهي.
    آڳاٽي وقتن ۾ شاگرد ڏاڍو ذهين هوندو هو. ڏاڍي ڪاميابيءَ سان ڪاپي ڪري امتحان هال مان هليو ويندو هو، ۽ انوجيليٽر کي گوهي ڏيڻ لاءِ ڪاپي ڪرڻ جا اهڙا ته انمول نمونا ۽ طريقا ايجاد ڪندو هو، جو سمورو ڪم ڇپر ۾ ٿي ويندو هو. سپ به مرندو هو، لٺ به نه ڀڄندي هئي. لعل به لڀندو هو، ۽ پريت به رهجي ايندي هئي. پوءِ آبهوا ۾ ڦيرو آيو. کاڌي خوراڪ ۾ ملاوٽ جو مرض پيدا ٿيو. شاگرد ويچارو ذهين نه رهيو. اهوئي سبب آهي، جو اڄڪلهه جو شاگرد اٽڪل لڙائڻ بدران خنجر ۽ پستول جي زور تي ڪاپي ڪري رهيو آهي. ويچارو شاگرد ذهين هجي ها، ته جيڪر چاقوءَ بدران ميڄالي تي ڀاڙي ها! خوامخواه ڏٺو ٿي پيو آهي.
    ساڳيو حال ڊاڪٽرن، وڪيلن، نجومين ۽ استادن جو آهي. چئني طبقن مان ڪوبه طبقو ذهين نه رهيو آهي. اڳوڻي دور جا ڊاڪٽر مرض سڃاڻڻ ۾ ٽي مهينا وٺندا هئا، ۽ مريض کي دوا بنا راهه رباني وٺائي ڇڏيندا هئا. مريض جي موت لاءِ ڊاڪٽر کي ذميوار نه سمجهيو ويندو هو. اڄوڪو ڊاڪٽر مرض سڃاڻڻ کان سواءِ ڪانه ڪا دوا ڏيئي ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح اڄڪلهه جي مريض جي موت ۾ ڊاڪٽر جو هٿ سمجهيو ويندو آهي. ذهين ڊاڪٽر دوا نه ڏيندو آهي، ڇو جو هو مرض سڃاڻي نه سگهندو آهي. هو فقط في وٺندو آهي.
    پراڻي دور ۾ وڪيل ذهين هوندو هو، تنهن ڪري اصيل گهٽ ۽ وڪيل گهڻو ڳالهائيندو هو. اڄڪلهه جو وڪيل پراڻي دور جو وڪيل جهڙو ذهين نه رهيو آهي. تنهن ڪري اڄڪلهه جي دور ۾ وڪيل گهٽ ۽ اصيل گهڻو ڳالهائيندو آهي.
    اڄڪلهه جو نجومي به پراڻي دور جي نجوميءَ جهڙو ذهين نه رهيو آهي. آڳاٽي دور ۾ نجومي هٿ ڏسي ۽ جوتش جي زور تي ماضيءَ جو حال ٻڌائيندا هئا. مايوس ماڻهو پنهنجو هٿ نجوميءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ ماٺ ڪري نجوميءَ جي واتان پنهنجي ماضيءَ جو سربستو احوال ٻڌندو هو، جنهن جي کيس بخوبي ڄاڻ هوندي هئي. اڄڪلهه جو نجومي آڳاٽي دور جي نجوميءَ جهڙو هوشيار نه رهيو آهي. تنهنڪري، اڄوڪي دور ۾ مايوس ماڻهو پنهنجو هٿ جڏهن نجوميءَ جي هٿ ۾ ڏيندو آهي، تڏهن نجومي ماٺ ڪري ٻڌندو آهي، ۽ مايوس ماڻهو پنهنجي ماضيءَ جو سربستو احوال نجوميءَ کي ٻڌائيندو آهي.
    پراڻي دور جا استاد به ڏاڍا ذهين هوندا هئا. هو شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ ٻين جا تيار ڪيل نوٽس (Notes) استعمال نه ڪندا هئا. هنن کي پڪ هوندي هئي ته بابر بادشاهه اڪبر بادشاهه جو ڏاڏو هو. پر اڄڪلهه جو استاد ڏڏ آهي. سندس چوڻ آهي ته بابر بادشاهه اڪبر بادشاهه جو ڏاڏو نه هو. بلڪه اڪبر بادشاهه بابر بادشاهه جو پوٽو هو. ان اختلاف جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو پراڻي دور جو استاد وٽامن اي ۽ ڊي نه واپرائيندو هو، ۽ اڄڪلهه جو استاد وٽامن اي ۽ ڊي واپرائيندو آهي.
    آئل ٽئنڪر جو اهو ڊرائيور بيحد ذهين هو، جنهن لي مارڪيٽ وٽ هڪ سائيڪل سوار کي گهوڙي سوار سمجهي چٿي ڇڏيو ۽ پوءِ حشام ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ زخميءَ کي ٽرڪ ۾ کڻي هليو ويو. ٻئي ڏينهن زخميءَ کي ڪراچي يونيورسٽيءَ وٽان مئل حالت ۾ لڌو ويو.

    16جنوري 1975ع


      ڪاپيءَ جو حق

    مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي دلير شاگردن کي سندن تازي شاندار ڪارنامي تي دلي مبارڪ پيش ڪريان ٿو. هنن وڏي ڪاميابيءَ سان ڪاپيءَ کي روڪڻ واري ظالماڻي قدم جو مقابلو ڪيو. ۽ انويجيليٽرن ۽ وائيس چانسلر جو گهيرائو ڪيو. هنن سچ پچ ته کيرون لهڻيون. سندن بهادريءَ تي سنڌ جو ٻچو ٻچو کين سلام ڪري ٿو.
    سائين، سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت سنڌي ميمبرن جي آهي. سنڌ جي ڪيبنيٽ ۾ به وڏو تعداد سنڌي وزيرن جو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ملڪ جو وزير اعظم پڻ سنڌي آهي. اهڙي ۾ سنڌي شاگردن جو ڪاپي ڪرڻ سندن آئيني حق آهي. سندن اخلاقي حق آهي. اهڙي حق کان کين ڪوبه محروم رکي نه ٿو سگهي. هيءُ آزاديءَ جو دور آهي. آزاديءَ ۾ ڪاپيءَ جي آزاديءَ تي بندش وجهڻ آزاديءَ جي روح کي قيد ڪرڻ جي برابر آهي. جيستائين شاگردن کي آزاديءَ سان ڪاپيءَ جي اجازت نه ڏني ويندي، تيستائين آزاديءَ جو مفهوم بي معنيٰ رهندو. مونکي سخت افسوس آهي، جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ ڪجهه استادن، شاگردن کي سندن آزاديءَ کان محروم ڪرڻ جي افسوسناڪ حرڪت ڪئي ۽ خوامخواه شاگردن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪايو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ اُستادن کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪاپيءَ جي آزادي شاگردن جو اخلاقي ۽ آئيني حق آهي. هو اسان جي قوم جو مستقبل آهن. کين سندن آئيني ۽ اخلاقي حق کان محروم ڪرڻ واري قدم جي اسين مخالفت ڪريون ٿا، ۽ اهڙي حرڪت کي ننديون ٿا.
    اسان جا ڪيترا دانشور سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن. هو اصل ۾ غير سنڌي قوتن جا ايجنٽ آهن. هو سنڌ جا غدار آهن. هو جيڪڏهن سنڌ سان سچا هجن ها، ته جيڪر سنڌي شاگردن جي ڪاپيءَ لاءِ هلندڙ آزاديءَ جي جدوجهد کي هٿي ڏين ها. مان سنڌي شاگردن کي ڀائپيءَ واري صلاح ڏيندي عرض ڪريان ٿو، ته ڀائرو جدوجهد جاري رکو. ڪاپي اوهان جو بنيادي حق آهي، ان حق کان اوهان کي ڪوبه محروم ڪري نه سگهندو.
    ائين برابر آهي، ته سنڌي شاگرد راندين ۾ جڏو آهي. ائين به برابر آهي، ته سنڌي شاگرد جو ڊيبٽن ۾ ڊٻو گل آهن. ائين به برابر آهي، ته سنڌي شاگرد ڊرامن، ۽ موسيقيءَ ۾ به پنگلو آهي. انهن ڪوتاهين جو مون کي تر جيترو به ارمان نه آهي. سنڌي شاگرد جي فيلڊ رانديون، ڊراما، موسيقي وغيره نه آهي. سنڌي شاگرد جي فيلڊ ڪاپي آهي. مان سيني تي هٿ هي سموري پاڪستان جي شاگردن کي چئلينج ٿو ڪريان، ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو ڪاپيءَ ڪرڻ ۾ مقابلو ڪري ڏيکارين! اسان جو شاگرد نه ڪاپيءَ جي معاملي ۾ آل پاڪستان چئمپئن آهي! 

    8 1 جنوري 1975ع


    وزير لوهر

    اڄڪلهه وزير لوهر جو چوٻول آهي!
    ماڻهن کي ٻئي ڪنهن وزير جو نالو ياد هجي، يا نه هجي، پر وزير لوهر جو نالو ضرور ياد آهي.
    وزير لوهر کي وزارت ڪرڻ لاءِ جيئن ته، زراعت، تعليم، آبپاشي، اطلاعات وغيره قسم جو ڪو کاتو هٿ نه لڳو، تنهن ڪري هن خونن ۽ ڌاڙن جو کاتو کولي، ان جي چارج سنڀالي ورتي آهي!
    خونن ۽ ڌاڙن جي کاتي لاءِ ٻيا به ڪيترائي ڄاتل سڃاتل، لائق ۽ قابل اميدوار هئا، جن کي ان کاتي هلائڻ لاءِ گهربل لياقت ۽ تجربو حاصل هيو، پر نصيب لوهر جو زور هيو. هڻي وڃي هنڌ ڪيو اٿائين!
    مون کي لوهر جي شجري جي خبر نه آهي. نه ئي مون کيس ڏٺو آهي. مون کي اها به خبر ناهي ته لوهر ڪهڙن ڪهڙن ٿاڻن جي لاڪبن ۽ جيلن مان خونن ۽ ڌاڙن جي تربيت ورتي آهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته لوهر پنهنجي وزارت جو کاتو ڏاڍيءَ ڪاميابيءَ سان هلائي رهيو آهي.
    مون کي اها سڌ به ڪونهي ته لوهر ”وزير“ ٿيڻ کان اڳ ڇا ڪندو هو! هاري هو، يا ڪڙمي هو! سندس پيءُ ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ٻڌجي ته نه ويو هو! سندس ڀيڻ کي اگهاڙو ته نه ڪيو ويو هو! سندس ماءُ جي سٿڻ ۾ ٻلي ته نه وڌي ويئي هئي! مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته ائين عالمو کوسي سان ٿيو هو. وزير لوهر جي باري ۾ مون کي ڪنهن ڪجهه به نه ٻڌايو آهي.
    خونن ۽ ڌاڙن جي وزارت جو کاتو هلائڻ لاءِ اهڙو ڪامياب وزير ڪٿان پيدا ٿي پيو! ڪلهه تائين ته مبين ڏاهريءَ جو نالو هو، هيءُ لوهر ڪيئن ميدان ۾ نڪري آيو، ڪٿان آيو، ڇو آيو!
    ڏوهاري ماءُ جي پيٽ مان ڏوهاري ٿي پيدا نه ٿيندا آهن. حالتون هڪ انسان کي ڏوهاري ٿيڻ تي مجبور ڪنديون آهن. معاشري جي ناانصافين، قانون جي ڪمزورين، ڏاڍاين، ۽ ظلم سبب ڏوهاري پيدا ٿيندا آهن. ڪوبه شخص جهرن، جهنگلن، ٻيلن، ۽ ڀڄ ڀڄان واري زندگي خوشيءَ سان اختيار نه ڪندو آهي. ته پوءِ، وزير لوهر ڪير آهي؟ هو ڪٿان جو آهي؟ ڌاڙن ۽ خونن کان اڳ هو ڇا ڪندو هو؟ هن ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ائين ته ناهي، ڪڏهن هن جو جيئڻ به حرام ڪيو ويو هو! هو ديده دانسته ڦرون ڪري رهيو آهي. ائين ته ناهي، ڪڏهن هن کي به ڦريو ويو هو! هن جو رويو معاشري ڏانهن سخت ظالماڻو آهي. ائين ته ناهي، ڪڏهن معاشري به هن تي ظلم ڪيو هو! آمريڪا جي بدنام ڏوهاري ڪارل چيسمين جي وحشي ڏوهن، ۽ سندس زندگيءَ جي المناڪ پسمنظر جي ياد اسان جي ذهن ۾ تازي آهي.
    مون کي خبر آهي، هڪڙي نه هڪڙي ڏينهن وزير لوهر پوليس سان مقابلو ڪندي مارجي ويندو. اهو سندس انت آهي. پر، مسئلو اتي ختم نه ٿيندو. اسان کي اصل ۾ پنهنجي معاشري جو جائزو وٺڻ گهرجي، ۽ ڏسڻ گهرجي ته معاشري جي ناانصافين ۽ ظلم سبب ڪيترا ڏوهاري ڪهڙي رفتار سان پيدا ٿي رهيا آهن!

    19 جنوري 1975ع

    _____

     ڪارل چيسمين ٻال اوسٿا (ننڍپڻ) ۾ معاشري جي ڏاڍائي ۽ ناانصافي ڏسي مجرم ٿي پيو. انيڪ خون ڪيائين. ڪوبه وڪيل هن جي دفاع لاءِ اڳتي نه آيو . هن ست سال جيل ۾ گذاريا. پنهنجو ڪيس پاڻ لڙيو. موت جي سزا اٺ دفعا ملتوي ڪرائي ڇڏيائين. اِن دوران هن جيل ۾ چار ناول لکيا. انهن مان ٻه ناول ’ڪڊ واز اي ڪلر‘ ۽ ’ڊيٿ سيل 2244‘ بيسٽ سيلر ٿي وڪاڻا، ۽ ايم جي ايم پاران هالي ووڊ ۾ ٻنهي ناولن تي فلمون ٺهيون. ’ڪڊ واز اي ڪلر‘ تي هندستان ۾ فلم ”مجھے جینے دو“ ٺهي، ۽ پاڪستان۾ ”آگ کا دریا“ . ڪارل چيسمين کي جڏهن موت جي سزا ڏني ويئي تڏهن سڄي دنيا ۾ فساد ٿيا هئا. ڪراچي ۾ به فساد ٿيا هئا. ڪارل چيسمين جو آخري جملو هو ته ” هو غلط ماڻهوءَ کي اليڪٽرڪ چيئر تي ويهاري رهيا آهن. مان اهو چيسمين نه آهيان.“


      ڪنهن کي ڏوهه ڏجي

    اڄوڪو ڪالم مان بيحد ڏک، افسوس ۽ رنج مان لکي رهيو آهيان. منهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهي. مان پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ بلوچن، پنجابين ۽ پٺاڻ ساٿين سان اک ملائي ڳالهائڻ جهڙو نه رهيو آهيان. مان ڪالهه کان اوندهه ۽ پاڇن جي پناهه ڳوليندو رهيو آهيان.
    سنڌ يونيورسٽيءَ، ۽ ڪجهه ڪاليجن جي شاگردن جي افسوس ناڪ حرڪتن ۽ رويي جو ذڪر جيستائين سنڌ جي سرحدن تائين محدود هيو، تيستائين چور جي ماءُ وانگر اسين ڪنڊ ۾ روئي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندا هئاسين. پر، هينئر سنڌي شاگردن جي ڪار گذارين جون ڪهاڻيون سنڌ جي سرحدن مان نڪري پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. چور جي ماءُ لاءِ هاڻي ڪنڊ ۾ روئڻ محال ٿي پيو آهي. چوپچو هلي رهيو آهي.
    ڪنهن پڇيو، ”تو وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگري آهي نه؟“
    وراڻيم ، ”ها“
    چيائين، ”اچي، هيءُ ايڊيٽوريل پڙهي ڏس.“
    هن ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي اخبار منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. اخبار سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي حرڪت ۽ يونيورسٽي بند ٿيڻ بابت ايڊيٽوريل لکيو هو.
    راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪراچيءَ جي اخبارن کي وڏي اهميت سان پڙهيو ويندو آهي. مون کي يقين آهي، ته شايد ئي ڪو اهڙو پڙهيل ڪڙهيل شخص پنڊيءَ يا اسلام آباد ۾ موجود هوندو، جنهن ان انگريزي اخبار جو ايڊيٽوريل نه پڙهيو هوندو، يا ان ايڊيٽوريل متعلق ذڪر نه ٻڌو هوندو.
    راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ عام تاثر اهو آهي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيل شاگرد ڇسا، ڏڏ، ۽ جاهل هوندا آهن. ان عام رايي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا سمورا شاگرد شامل سمجهيا وڃن ٿا. پوءِ ڀل ته اُهي شاگرد کڻي ان دور جا ڇونه هجن، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو جڳ ۾ نامياچار هوندو هو!
    سنڌ جي شاگردن جي خذمت ۾ مون کي فقط ايترو عرض ڪرڻو آهي، ته يارو، ڏنڊي جي زور تي ڊگري حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڏنڊي جي زور تي نوڪري به حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر ڏنڊي جي زور تي زندگيءَ ۾ قدم قدم تي ايندڙ چٽا ڀيٽين ۾ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿي سگهجي. اڄوڪي دور جي سنڌي شاگرد کي اهو ٻڌي شايد اچرج نه ٿيندو. ته دنيا جي اڪثر يونيورسٽين ۽ ملڪن سنڌ يونيورسٽي جي ڊگرين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عزت کان مٿي ڪابه دولت نه آهي. مون کي سخت ارمان سان لکڻو پوي ٿو، ته سنڌ جي ساک، سنڌ جي عظمت ۽ سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دشمن سنڌ جو اڄوڪو شاگرد آهي (مان انهن شاگردن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان، جيڪي پاڻ پتوڙيندا آهن، ۽ نور نچوئي امتحانن جون تياريون ڪندا آهن).

    1 2 جنوري 1975ع


      سنڌ جي سڌرندڙ حالت

    ”سنڌ جي حالت سڌري رهي آهي، بابلا.“
    ”الا!“
    ”هائو بابلا.“
    ”رشوت کان سواءِ ماڻهن جا ڪم ٿيڻ لڳا آهن ڇا؟“
    ”اوهو! رشوت جي ڳالهه ناهي بابلا.“
    ”ته پوءِ ڇاجي ڳالهه آهي؟“
    ”ڏوهن جي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ڏوهن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي.“
    ”الا!“
    ”هائو بابلا. 1973ع ۾ ٻارهن سو ٻاويهه خون ٿيا هئا. 1974ع ۾ فقط ٻارهن سو چوڏهن خون ٿيا آهن. يڪا سارا اَٺ خون گهٽ ٿيا آهن، بابلا.“
    ”واهه واهه.“
    ”1973ع ۾ ٻارهن سو ٽيهه خوني حملا ڪيا ويا. ۽ 1974ع ۾ فقط ٻارهن سو اڻٽيهه خوني حملا ڪيا ويا. ٿي آهي نه ڏوهن ۾ گهٽتائي؟“
    ”برابر، برابر.“
    ”ٻڌندو وڃ ماٺڙي ڪري بابلا. 1973ع ۾ اڻٽيهه هزار اٺ سو پنجونجاهه ڏوهه امن ۾ رخني وجهڻ جا ٿيا. ۽ انجي ڀيٽ ۾ 1974ع ۾ امن ۾ رخني وجهڻ جا ڏوهه فقط اڻٽيهه هزار ٻه سو ٻاهتر ٿيا.“
    ”بلي! ايترا گهٽ!“
    ”بابلا سائين، 1973ع ۾ عصمت دريءَ جا ڇهانوي ڏوهه ٿيا. ان جي ڀيٽ ۾، 1974ع ۾ عصمتدريءَ جا فقط ايڪانوي ڏوهه ٿيا.“
    ”يڪا سارا پنج ڏوهه گهٽ!“
    ”فسادن جي تعداد ۾ به ڪمي آئي آهي.“
    ”الا!“
    ”هائو بابلا. 1973ع ۾ هڪ هزار هڪ سو ايڪا اسي فساد ٿيا. ۽ ان جي ڀيٽ ۾ 1974ع ۾ فساد جا هڪ هزار هڪ سو ويهه ڏوهه ٿيا.“
    ”واهه سائين، واهه.“
    ”بابلا، بس سمجهه ته مجموعي طرح حالت سڌري رهي آهي. 1973ع ۾ ڪل ڇها اسي هزار چار سو پنجانوي (86495) ڏوهه ٿيا هئا، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ 1974ع ۾ ڪل ٻياسي هزار ٽي سو ستر (82370) ڏوهه ٿيا.“
    هزارن ۾ ٿو ڳالهائين ته منهنجو هنياءُ ٿو ڦاٽي. سون ۾ ڳالهاءِ.“
    ”ڊڄين ڇو ٿو بابلا. سون جو حساب هن ريت آهي، ته 1973ع ۾ سنڌ ۾ روزانو ٻه سو پنجٽيهه ڏوهه ٿيندا هئا. 1974ع ۾ پوليس جي زبردست ڪارڪردگيءَ سبب ڏوهه گهٽجي وڃي ٻه سو پنجويهه ڏوهه روزانو جي انگ تي بيٺا آهن.“
    ”ٻه سو پنجويهه (225)ڏوهه روزانو!“
    ”اهي انگ اکر پوليس کاتي ظاهر ڪيا آهن.“
    ”انهن ڏوهن ۽ وارداتن جو حساب ڪهڙي کاتي ۾ شامل ڪيو ويندو، جن جي باري ۾ڪڏهن به پوليس ٿاڻي تي رپورٽ نه لکائي ويندي آهي؟“
    ”ان ڳالهه کي اتيئي ڇپر ڪري ڇڏ، بابلا.“
    ”ڇپر وري ڪيئن ڪريان. سنڌ جا اڌو اڌ ماڻهو ٿاڻن تي وڃي رپورٽ لکائڻ کان ڪيٻائيندا آهن. ان لحاظ کان، منهنجي حساب موجب سنڌ ۾ روزانو چار سو پنجاهه ڏوهه ٿي رهيا آهن.“
    ”مجموعي طرح حالت سڌري رهي آهي، بابلا.“

    6 فيبروري 1975ع


      بم ڌماڪو

    خلفاءِ راشدين جي شهادت کان وٺي، بنگلاديش جي ٺهڻ تائين، اسان جي سموري تاريخ رت سان لکيل آهي. اقتدار جي منتقليءَ بابت اسان جي تاريخ ۾ جنهن به باب جو اضافو ٿيو آهي، سو باب بيگناهن جي خون جو امين آهي. اها اسان جي تاريخ آهي. اهوئي اسان جو ورثو آهي. اسين هميشه کان جمهوريت جي قتل ۾ واسطيدار رهيا آهيون.
    حيات محمد خان شيرپائو جي موت کي سياسي قتل چئي، ٽاري نه ٿو سگهجي. پشاور يونيورسٽيءَ جي تاريخ واري شعبي ۾ سندس قتل، اتفاق ناهي. تاريخ پاڻ کي اٿلايو آهي. شيرپائو جي موت ۾ علامتي اشارا آهن. سندس موت اسان جي تاريخ جي ارتقا ۽ اوسر ۾ هڪ خوني باب جو اضافو ڪيو آهي.
    اڄوڪو ڪالم مان راولپنڊي مان لکي رهيو آهيان. هي ڪالم جيستائين ڇپجي اوهان جي هٿن ۾ ايندو، تيستائين ڪجهه گرفتاريون عمل ۾ اچي چڪيون هونديون. قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو زور وٺي ويو هوندو. پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري هوندو. پر، جمهوريت کي پهتل نقصان جي تلافي ٿي نه سگهندي.
    بم ڦاٽڻ واري واقعي ۾ هڪ نوجوان شاگرد ٻنهي اکين جو نور وڃائي ويٺو آهي. ان نوجوان جي ڀيڻ جو هيءَ جملو غور طلب آهي، ”اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو اسان کي بمن سان ماريو پيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن کي حڪومت سان دشمني آهي، ته اهو حڪومت سان مقابلو ڪري، اسان کي ته وچ ۾ نه ماري.“
    نابيني ڀاءُ جي ڀيڻ پنهنجي جملي ۾ مقابلي جو لفظ ڪتب آندو آهي. اهو لفظ منهنجي ذهن ۾ ٻري رهيو آهي. منهنجي ناقص راءِ موجب، ڪنهن به حڪومت سان ٽن قسمن مان، ڪنهن به هڪ قسم جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. دوبدو مقابلو، گوريلا جنگ، يا چونڊن ۾ چٽا ڀيٽي. بمن جا ڌماڪا ڪندڙ تخريبڪارن ۾ ايتري ٿوم ڪونهي جو حڪومت سان دوبدو مقابلو ڪري سگهن. گوريلا جنگ ۾ ڪاميابيءَ جو دارو مدار عوام جي ساٿ تي منحصر هوندو آهي. تخريبڪارن کي عوام جو ساٿ حاصل ڪونهي. اٽلندو، سندن تخريبڪارين سبب عوام جي دل ۾ هنن لاءِ نه فقط نفرت، پر انتقام جو جذبو پڻ جاڳي اٿيو آهي. باقي رهي 1976ع وارين چونڊن جي ڳالهه سو سائين، تخريبڪارن کي جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ تر جيتري ڪاميابيءَ جي به اميد هجي ها، ته پوءِ جيڪر بمن جا ڌماڪا ڪرڻ ۽ بيگناهن کي مارڻ بدران چونڊن جي تياريءَ ۾ لڳي وڃن ها. هونءَ به چونڊن ۾ وڃي ڪيترو وقت بچيو آهي. اهو ئي ڪو سال کن نه! ته پوءِ سوال ٿو اٿي، ته اهي بمن جا ڌماڪا بيمقصد آهن؟
    بمن جي ڌماڪن جو ظاهري مقصد فقط هڪ آهي- جمهوريت جو انت!
    ننڍي کنڊ جي عام ماڻهوءَ اقتدار، ۽ سياست جي نالي ۾ گهڻو ڪجهه سٺو آهي. هن ڪڏهن به سک جو ساهه نه کنيو آهي. هو ويچارو ايترو ته اٻوجهه آهي، جو اقتصادي برتريءَ لاءِ گروهن جي ڇڪتاڻ ۾ وچڙي، مرندو رهيو آهي پر پنهنجي بيمقصد موت کي شهادت جو درجو ڏيندو رهيو آهي. ويهين صدي به ننڍي کنڊ جي ماڻهوءَ لاءِ ڇوٽڪاري جي صدي ثابت ٿي نه سگهي آهي.

    12 فيبروري 1975ع


      ايوب خان جو صلاحڪار

    ڪالهه هڪڙي صاحب سان ملاقات ٿي جيڪو ايوب خان کي تمام ويجهو رهي چڪو هو. ايوب خان جي ساراهه جا ڍڪ پئي ڀريائين. وڏي چشڪي سان ايوب خان تائين پنهنجي رسائيءَ جو ذڪر پئي ڪيائين. ايوب خان لاءِ بيحد احترام هوس، تنهنڪري سندس نالي بدران فيلڊ مارشل جي حوالي سان هن جي باري ۾ پئي ڳالهايائين.
    چيائين، ”فيلڊ مارشل منهنجين صلاحن کي اُڇاترو نه وٺندو هو. منهنجين صلاحن ۽ مشورن تي غور ڪندو هو، ويچار ڪندو هو“
    اسين ماٺڙي ڪري هن جي منهن ۾ ڏسي رهيا هئاسين. هو ڳالهائي رهيو هو، ۽ حاضرين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    هن چيو، ”فيلڊ مارشل مون کي ٻين صلاحڪارن ۽ عملي جي ملازمن وانگر ڇنڊ نه ڪڍندو هو. پر افسوس، جو فيلڊ مارشل پوين ڏينهن ۾ منهنجين صلاحن تي عمل نه ڪيو، تنهن ڪري سندس زوال آيو، ۽ کيس حڪومت تان هٿ کڻڻو پيو.“
    ڪنهن پڇيس، ”ايوب خان مرحوم کي ڪهڙيون صلاحون ڏنيون هيهءِ؟“
    وراڻيائين، ”مون ست اٺ سال فيلڊ مارشل سان ڪم ڪيو. تاشڪند واري معاملي کان پوءِ ڀٽو صاحب جڏهن فيلڊ مارشل جو مخالف ٿي پيو، تڏهن کان فيلڊ مارشل جي عروج جو زوال شروع ٿيو. پر، جيڪڏهن منهنجي آخري صلاحن تي عمل ڪري ها، ته شايد ايترو جلد سندس زوال نه اچي ها.“
    ڪنهن ورائي پڇيس، ”ايوب خان کي تو ڪهڙيون آخري صلاحون ڏنيون هيون؟“
    جواب ڏنائين، ”1968ع ۾ مون فيلڊ مارشل کي چيو ته عوام في الحال اوهان جي خلاف آهي، پر عوام کي پنهنجي طرف ڦيرائي وٺڻ مشڪل ڪم ڪونهي. اول ته توهان هٿ سان اڻيل کاڌيءَ مان ٺهيل سلوار قميص کي پاڪستان جو قومي لباس مقرر ڪريو. ۽ آرڊر ڪري ڇڏيو ته ڪوبه پاڪستاني جيڪو کاڌيءَ جي سلوار قميص ۾ نه هوندو، توهان سان ملي نه سگهندو. اهڙي طرح توهين ماڻهن جي دل کٽي وٺندا. ٻيو ته، اسلامي روايتن مطابق جيڪو شخص قوم جو سپهه سالار هوندو آهي، سو شخص قوم جو پيش امام به هوندو آهي. مون فيلڊ مارشل کي صلاح ڏني ته توهين گهٽ ۾ گهٽ جمعي جي نماز ۾ پيش امام ٿيو، ۽ لاهور واري شاهي مسجد ۾ ماڻهن کي نماز پڙهائڻ شروع ڪريو. ٽئين صلاح ۾ مون فيلڊ مارشل کي چيو ته اوهين پنهنجي سموري ظاهري ملڪيت قوم جي نالي وقف ڪري ڇڏيو. انهن ٽن صلاحن تي عمل ڪرڻ کان پوءِ، قوم اوهان کي خلفاءِ راشدين جو معتقد سمجهندي. ۽ سموري مخالفت هڪدم موافقت ۾ بدلجي ويندي. مون فيلڊ مارشل کي ڏاڍو سمجهايو ته عوام کي مڇ جي وار وانگر ورائڻ ڏائي هٿ جو ڪم آهي. بس رڳو اوهين منهنجين انهن ٽن صلاحن تي عمل ڪريو، پر افسوس، فيلڊ مارشل منهنجين آخري صلاحن تي عمل نه ڪيو. عوام هن جو دشمن ٿي پيو، ۽ ڀٽي صاحب فيلڊ مارشل جي حڪومت جو ترو ڪڍي ڇڏيو.“
    ڪجهه دير تائين ايوب خان جي زوال جو افسوس ڪرڻ کان پوءِ هن پڇيو، ”يار، توهان منجهان ڪو صحافي، يا اديب ته نه آهي نه؟ متان منهنجي باري ۾ ڪجهه ڇپرائي ڇڏيو!“

    6 مئي 1975ع


      ويٽنامين جي فتح

    ٽيون سال آمريڪا جي خونخوار جنگي ٻيڙي ۽ هوائي جهازن جڏهن توائي ٿي قوم پرست فوجن تي بمن، بارود ۽ باهه جو مينهن وسايو هو، تڏهن مون پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڪٿي لکيو هو، ته قومي آزاديءَ جا ويٽنامي جوڌا پنهنجيءَ ۽ سامراجين جي تقدير جا ڪاتب آهن. هنن پنهنجيءَ تقدير ۾ فتح ۽ ڪامراني لکي ڇڏي آهي، ۽ سامراجين جي نصيب ۾ ذلت، خواري، ۽ عبرتناڪ شڪست!
    گذريل هفتي، آمريڪي ڏاڍا بڇڙا ٿي ويٽنام مان نڪتا. پنهنجا ڇاونجاهه هزار فوجي مارائڻ کان پوءِ، هو سائيگان مان جڏهن پير مٿي تي رکي ڀڳا، تڏهن پنهنجي پٺيان فوجي ٽوپلا، لانگ بوٽ، جوراب ۽ چڍين جا انبار ڇڏي ڀڳا! دنيا جي سموري تاريخ ۾ اڄ تائين، ڪنهن به ايڏي وڏي ۽ طاقتور ملڪ اهڙي طرح شڪست نه کاڌي آهي، جهڙي شڪست آمريڪين ويٽنام ۾ کاڌي آهي.
    ويٽنام جي جنگ عزم، ارادي ۽ جذبي جي جنگ هئي. ويٽنام جي جنگ آزاديءَ لاءِ رت جا مشعل ٻارڻ جي جنگ هئي. ويٽنام جي جنگ موت تي مقصد جي فتح جي جنگ هئي. گذريل هفتي اُها جنگ، دنيا لاءِ نئون نياپو ۽ پيغام ڇڏي ختم ٿي آهي.
    ويٽنام جي جنگ ثابت ڪيو آهي، ته هٿيارن، بارود، بمن ۽ ڊالرن جي طاقت سان آزاد قومن کي غلام رکي نٿو سگهجي. ويٽنام ۾ سامراجين جي شڪست سان گڏ بين الاقوامي داداگيري ۽ غنڊه گرديءَ جو دور ختم ٿيو آهي. هينئر ڪابه سامراجي طاقت يا سامراجي طاقتن جا ڍنڍورچي ۽ لنگها ننڍين ۽ ظاهري طرح ڪمزور قومن ۽ ملڪن تي سنگينون اُڀيون ڪري نه سگهندا. سندن آزاديءَ تي وار ڪري نه سگهندا.
    منهنجو هيءُ ڪالم شايع ٿيڻ تائين. ويٽنام جي باري ۾ گهڻو ڪجهه شايع ٿي چڪو هوندو، ۽ منهنجو ڪالم قومي محاذ آزاديءَ جي فوجن ۽ جوڌن کي نوڙي سلام ڪري ختم ٿي ويندو. منهنجو ڪالم ڪنهن به پڙهندڙ جي علم ۽ معلومات ۾ اضافو ڪري نه سگهندو.
    سائيگان ۾ آمريڪا جي زوال ۽ شڪست جي باري ۾ اخبارن ۽ دنيا جي ريڊيو اسٽيشنن لاتعداد خبرون ۽ ڪهاڻيون ڏنيون آهن. انهن انيڪ خبرن مان هڪ خبر منهنجي ذهن تي پٿر جي ليڪ وانگر نقش ٿي وئي آهي.
    هڪ خبر مطابق، قومي آزاديءَ واريون فوجون جڏهن سائيگان جي شهر ۾ داخل ٿيون، تڏهن ڪجهه نوجوان فوجي جوڌا اهڙا به ڏٺا ويا، جن جي بدن تي پورا ڪپڙا نه هئا، ۽ سندن پيرن ۾ ٽائر جي تري وارا چمپل پاتل هئا!
    اها خبر ٻڌڻ شرط مون کي هوچي منهه جا پير ياد آيا، جن ۾ ڪروم جي چمڙي واري بوٽ بدران ٽائر جي تري وارو ڇڳل چمپل پاتل هوندو هو. مون کي هوچي منهه جي پوشاڪ ياد آئي. مون کي هوچي منهه جي خوراڪ ياد آئي. مون کي هوچي منهه جي سادگي ياد آئي!
    قومي آزاديءَ جون فوجون جڏهن آزاديءَ ۽ فتح جو جهنڊو جهولائينديون سائيگان ۾ داخل ٿيون، تڏهن هوچي منهه هنن سان ساڻ نه هو. ظاهري طرح هوچي منهه پنهنجي جوڌن سان گڏ نه هو، پر سندس روشن روح ۽ نظرين جي روشني هڪ هڪ جوڌي جوان جي روح ۾ شامل هئي.
    اڄ جڏهن هيءَ ڪالم لکي رهيو آهيان، مون کي هوچي منهه جي جيل ڊائريءَ جو هڪ ورق ياد اچي رهيو آهي. ”سياري جي سختي، ۽ سيءَ کان سواءِ، بهار جي حسن ۽ گرمائش جو احساس نه ٿيندو آهي. تڪليفن ۽ مصيبتن مون کي سخت جان، ۽ جانٺو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجن ارادن کي لوهه وانگر مضبوط.“

    7 مئي 1975ع


      ادب ۽ تاريخ

    ترقي پسند ادب اعليٰ انساني قدرن جو حامي، سچائيءَ جو پرستار، اوندهه جو دشمن، ۽ روشنيءَ جو دوست ٿيندو آهي. ترقي پسند ادب جي اوسر تاريخ جي ارتقا سان ٿيندي آهي. پر، جنهن ماحول ۽ معاشري ۾ تاريخ جي ارتقا حالتن سان ٺاهه ڪري مصلحتن جو شڪار ٿي پوندي آهي، تنهن ماحول ۾ ترقي پسند ادب تاريخ جي جاءِ والاري وٺندو آهي. اهڙو ادب ڇرڪائيندڙ، ڌونڌاڙيندڙ ۽ انساني ذهن کي سوچ جي روشنيءَ سان منور ڪندڙ ٿيندو آهي.
    مون کي ياد آهي، اسين ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن ايوب جو دور ۽ زور هوندو هو. سموري تاريخ ايوب جي ڪارنامن سان ڀريل هوندي هئي. سمورا لقب هن لاءِ وقف هوندا هئا. مڙس جي لهڻ جي دير هئي. اسان کي ٻڌايو ويو ته وڏو بدمعاش هو. جابر هو. آمر هو. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي، ته اسان جي تاريخ مصلحتن جو شڪار ٿيندي رهي آهي. اهڙي ماحول ۽ معاشري ۾ ادب کي تاريخ جي رهنمائيءَ جو فرض ادا ڪرڻو پوندو آهي. ادب کي اڳتي وڌڻو پوندو آهي. تنهن ڪري، ترقي پسند ادب جتي تاريخ جي ارتقا سان پنهنجيون ارتقائي منزلون طئي ڪندو آهي، اتي تاريخ جو سڀ کان وڏو امين به ٿيندو آهي. تاريخ مصلحتن جو شڪار ٿيندي آهي، پر ترقي پسند ادب ڪڏهن به مصلحتن جو شڪار نه ٿيندو آهي. ترقي پسند ادب حالتن سان ٺاهه نه ڪندو آهي. پر، جڏهن ٺاهه ڪندو آهي، تڏهن ترقي پسند نه رهندو آهي.
    پاڪستان جي سياسي، سماجي، معاشرتي ۽ ثقافتي تاريخ جامع صورت ۾ موجود نه آهي. پر، 1947 کان 1975ع تائين لکيل سنڌي ترقي پسند ادب جي رڳو سرسري مطالعي سان ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ اوهان جي اکين آڏو واضح ٿي بيهندي. ايوب خان جي دور کي سمجهڻ لاءِ ”روح رهاڻ“ جا پرچا پڙهڻ ڪافي آهن. ”روح رهاڻ“ تي 1968ع ۾ رجعت پرست قوتن بندش وجهي ڇڏي هئي.
    رجعت پرست قوتون هميشه کان ترقي پسند ادب خلاف سازشون ڪنديون رهيون آهن. منصوبا رٿينديون رهيون آهن. اهو سندن ظرف آهي. ترقي پسند ادب سان صتحمند تخليقي عمل ذريعي چٽا ڀيٽي ڪرڻ جي بدران رجعت پرست اديبن ڏٺو وائٺو ترقي پسند ادب خلاف مذهب جي نالي ۾ سي آءِ ڊي، انٽيليجنس ۽ اطلاعات کاتي جي عملدارن کي ڀڙڪايو آهي. سندن ڪتابن ۽ رسالن جو اڄ تائين جيڪڏهن وڪرو نه ٿيو آهي، ته ان لاءِ به هنن. سمورو الزام ترقي پسند اديبن کي ڏنو آهي. ان سموري روش جي بلڪل ابتڙ، ترقي پسند اديبن ڪڏهن به اخلاق ۽ فهم جي دائرن مان نڪري رجعت پرستن تي ڇوهه نه ڇنڊيا آهن -رجعت پرستن کي گاريون نه ڏنيون آهن- هنن جي باري ۾ تحريري يا تقريري طرح گندي زبان استعمال نه ڪئي آهي. اهو ترقي پسندن جو وڙ آهي.
    تازو، رجعت پرستن ڏاڍي چالاڪيءَ سان ترقي پسند ادب تي ڀرپور وار ڪيو آهي. هنن فحش ۽ سياسي طرح ڦلهڙي ادب کي ترقي پسند ادب جو ٺپو هڻي، سموري ترقي پسند ادب تي بندش وجهرائي ڇڏي آهي. اهڙي طرح، هڪ ڌڪ سان سندن ٻه مقصد پورا ٿيندا نظر اچن ٿا. هڪ ته ترقي پسند ادب، جنهن چٽا ڀيٽيءَ ۾ رجعت پرستن کي ڄامڙو ڪري ڇڏيو هو، سو بندش سبب چٽا ڀيٽيءَ مان خارج ٿي ويو آهي. اهڙي طرح رجعت پرستن کي سمورو ادبي ميدان خالي هٿ لڳي ويو آهي. ٻيو مقصد سياسي اٿن. موجوده حڪومت ترقي پسند قوتن جي حمايت ۽ همت افزائيءَ جو واعدو ڪيو آهي. ترقي پسند ادب تي بندش وجهرائي، رجعت پرستن چالاڪيءَ سان اسان جي ترقي پسند حڪومت کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي.
    هتي مون کي پنهنجي حڪومت کي هڪ گذارش ڪرڻي آهي. ترقي پسند ادب تي ڀل پابندي لڳايو، پر خدا جي واسطي ترقي پسند ادب کي فحاشي ۽ سياسي ڦلهڙائيءَ جو ليبل نه چنبڙايو.

    25 مئي 1975ع

    ____

    سوين سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت بندش وڌي هئي.


      هڪ تعليمي ڪانفرنس جو قصو

    گذريل هفتي مان پرائمري تعليم بابت هڪ اعليٰ سطح جي ڪانفرنس ۾ وڃي پهتس. مان تعليمي ماهر ناهيان. ۽ نه ئي تعليم کاتي جو ماڻهو آهيان. مان ماڻهو ڪنهن ٻئي کاتي جو آهيان. پرائمري تعليم جي مسئلن بابت ڪانفرنس ۾ پهچڻ اتفاق هيو. نصيب جو چڪر هيو.
    مان ڪانفرنس هال ۾ ويٺو هوس، ۽ هڪ پوڙهي عورت کي ڳالهائيندي ٻڌي رهيو هوس، جيڪا پرائمري تعليم جي ماهر هئي.
    منهنجي پاسي ۾ هڪ تعليمي ماهر ويٺو هو، جيڪو ڪيتري دير کان اوٻاسيون ڏيئي رهيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ هن پنهنجو مٿو منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو ۽ سمهي پيو. مون ماهر کي جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو، ۽ کيس سمهڻ ڏنو ۽ مون پنهنجو ڪلهو نه لوڏيو. مون ٽيڏي اک ڪري ماهر جي مٿي ڏانهن ڏٺو، جيڪي پنهنجي نوعيت جو بيحد انوکو مٿو هو. ويجهڙائيءَ کان ماهر جو مٿو ڏسڻ کان پوءِ مون کي هڪ گدرو ياد آيو.
    پوڙهي عورت وڏي واڪ چيو، ”اسان جو پرائمري ماستر تمام معمولي ۽ اڪثر حالتن ۾ چتيون لڳل ۽ گدلا ڪپڙا پائيندو آهي. آخر ان جو ڪهڙو سبب آهي؟“
    ذري گهٽ سمورا تعليمي ماهر بحث ۾ ٽپي پيا.
    ”سٺا درزي پنهنجا دڪان ٻهراڙين ۾ نٿا کولين.“ هڪڙي ماهر چيو، ”اسان جا پرائمري اسڪول گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ آهن. تنهن ڪري، پرائمري ماستر کي ڪنهن سٺي درزيءَ کان سٺو لباس سبائڻ جو موقعو نه ٿو ملي.“
    ”ان لاءِ درزين کي پنهنجيون ذميداريون محسوس ڪرڻ گهرجن، ۽ ٻهراڙين ۾ ٽيلرنگ شاپ کولڻ گهرجن.“
    ”الاءِ ڇو اسان جا ڊاڪٽر ۽ درزي ٻهراڙيءَ کان لنوائيندا آهن!“
    ”پر سائين، اڄڪلهه درزين به ڪپڙي سبڻ جا ريٽ ڳاٽي ڀڳا ڪري ڇڏيا آهن.“
    ”دال چانورن جي قيمت وڌندي، ته ڇا درزي پنهنجي ڪپڙي سبڻ جون قيمتون نه وڌائيندا!“
    ”ڇا ڪپڙي سبڻ واري مشين به دال چانور کائيندي آهي؟“
    ”اڙي ميان، ڌاڳو مهانگو ٿي ويو آهي.“
    ”مان سمجهان ٿي، اسين اصل موضوع کان هٽي ويا آهيون.“ پوڙهي عورت چيو، ”اسين پرائمري تعليم جي مسئلن بابت ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون. هيءَ اقتصادي ۽ معاشي مسئلن بابت ڪانفرنس نه آهي.“
    ”برابر، برابر!“ سڀني ماهرن يڪ آواز چيو.
    جيڪو ماهر پنهنجو گدري جهڙو مٿو منهنجي ڪلهي تي رکي سمهي پيو هو، سو آوازن تي جاڳي پيو. اکيون مهٽيندي مون کان پڇيائين، ”ڇا پيو ٿئي؟“
    ”ڪا خاص ڳالهه ڪونهي.“ چيم، ”پرائمري تعليم جي مسئلن بابت ڪانفرنس هلي رهي آهي.“
    ”اڇا اڇا.“ ماهر اوٻاسي ڏيئي، ٻيهر پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪلهي تي رکي سمهي پيو.

    10 جون 1975ع


      عوام جي خواهش جو احترام ڪريو

    اسان جي عوامي حڪومت ڪيترائي ڪم عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪيا آهن ۽ ڪيترائي ڪم عوام جي مرضيءَ ۾ منشا خلاف ڪيا آهن. مان عوامي ماڻهو آهيان. عوامي اداڪار نه آهيان. مان هيٺاهين آواز ۾ ڳالهائي سگهندو آهيان. رڙيون ڪري نه سگهندو آهيان.
    تازو، اسان جي عوامي حڪومت جنسيات سان ڀرپور فلمن خلاف قدم کڻي عوام جي دل ڀڃي وڌي آهي. عوام جو درد منهنجو درد آهي. جنسيات سان ڀرپور هر دلعزيز فلمن خلاف ڪاروائي، اڻ سڌي طرح عوامي خواهشن جي خلاف ڪاروائي آهي. سائين، فحش ۽ اگهاڙپ سان ڀرپور فلمون جيڪڏهن عوام ۾ مقبول نه هجن ها، ته ڇا کليو کلايو هلي سگهن ها!
    منهنجو عوامي حڪومت کي عرض آهي، ته اگهاڙپ سان ڀرپور فلمن خلاف هلايل مهم هڪدم ختم ڪئي وڃي، ڇو جو عوام کي اهڙين فلمن خلاف ڪنهن به قسم جو اعتراض نه آهي. اڄ تائين، جن جن سينيمائن ۾ بلو فلمن جو ڪاروبار ۽ ڌنڌو هلندو رهيو آهي، تن سينيمائن هڪ هڪ هفتي ۾ لکين رپيا ٺاهي ورتا آهن. ڪراچيءَ کان لاهور تائين ڪابه اهڙي سينيما نه آهي، جنهن اگهاڙي فلم هلائي هجي ۽عوام اعتراض طور اهڙيءَ سينيما کي تيلي ڏيکاري هجي!
    تازو ڪراچيءَ جي عوام انهن ٻن بسن کي خاڪ ڪري ڇڏيو، جن هڪ نوجوان اليڪٽريشن ۽ هڪ شاگردياڻيءَ کي اُڦٽ ماري وڌو هو. عوام پنهنجي نفرت جو اظهار تشدد ۽ ڊاهه ڊوهه سان ڪيو. هنن بسن وارن کي مبارڪون نه ڏنيون. منهنجي لکڻ جو مطلب آهي، ته عوام کي جيڪڏهن جنسياتي فلمن تي اعتراض هجي ها، ته هو ضرور اڄ تائين ٻن ٽن سينيمائن کي ڊاهي رکن ها. قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻن ها. ڪونه ڪو نقصان ضرور ڪن ها. اها اسان جي عوام جي نفسيات آهي. اسان جي عوام کي جڏهن به ڪنهن فعل يا قول تان چڙ آئي آهي، تڏهن هنن پنهنجي چڙ بجليءَ جي ڪنهن ٿنڀي، اسٽريٽ لائيٽ، ۽ سرڪاري عمارت جا شيشا ڀڃي لاٿي آهي. جنسي فلمون ڏسي، اسان جي عوام پنهنجي چڙ، خار ۽ نفرت جو اظهار نه ڪيو آهي. هنن اهڙين سينيمائن جو بلڪ آڌر ڀاءُ ڪيو آهي، اسان کي عوام جي خواهشن جو احترام ڪرڻ گهرجي.
    ڪجهه سينيمائون جنسياتي ۽ اُگهاڙيون فلمون هلائڻ لاءِ مشهور ٿي ويون آهن. اهڙين سينيمائن ۾ هر فلم جو هر شو ”کڙڪي ٽوڙ“ ٿيندو آهي. اهڙيون سينيمائون اتفاق سان جيڪڏهن جنسياتي فلم ڏيکاري نه سگهنديون آهن، ۽ عام فلم هلائينديون آهن، تڏهن شائقين ناراض ٿيندا آهن ۽ ڪاوڙ وچان ”ٽوٽا چلائو“ جا نعرا هڻندا آهن ۽ هال جون ڪرسيون ڀڃندا آهن. ان مان ظاهر آهي، ته جنسياتي فلمون عين عوام جي مزاج مطابق آهي.
    سائين، جنسياتي فلمون سينيمائن کان سواءِ وڏن وڏن بنگلن جي ڊرائينگ رومن ۾ به هلنديون آهن. عوامي حڪومت جي ڪارواين سبب جيڪڏهن سينيما هالن مان اگهاڙين فلمن جو ڪاروبار بند ٿي ويو ته پوءِ پنهنجي شوق جي تسڪين خاطر عوام کي وڏيون وڏيون رقمون ڏيئي وڏن وڏن بنگلن جي ڊرائينگ رومن ۾ جنسياتي فلمون ڏسڻيون پونديون ۽ اهڙي طرح عوام جو استحصال ٿيندو.

    2 جولاءِ 1975ع


      برناڊشا جي تقرير

    آزاديءَ جي باري ۾ جارج برناڊشا جي هڪ تقرير مون کي دل تي تري آئي آهي. الاءِ ڇو! برناڊ شا جي اها تقرير 17 جون 1935ع تي بي بي سيءَ تان نشر ٿي هئي. سموري تقرير دلڪش، پر طويل آهي، ۽ هتي، هن ڪالم ۾ ترجمو ڪرڻ ممڪن نه آهي. بهرحال، ان تقرير جا ڪجهه حصا خاص طرح ترجمو ڪرڻ جهڙا آهن، ۽ مان انهن حصن جو ترتيبوار ترجمو ڏيئي رهيو آهيان.
    ”آزاديءَ جي باري ۾ پراڻي پٽاڙ ورجائڻ لاءِ مون وٽ وقت ڪونهي. اچو ته سڌي سنواٽي ڳالهه ڪريون. آزاد ماڻهو اصل ۾ ڪنهن کي سڏي سگهجي ٿو؟ ظاهر آهي، ته فقط اهڙي شخص کي ئي آزاد چئي سگهجي ٿو، جيڪو شخص پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق، جيڪي وڻيس، جڏهن وڻيس ۽ جتي وڻيس ڪجهه ڪري، ۽ جيڪڏهن مرضي نه هجيس ته پوءِ ڪجهه به نه ڪري. در حقيقت نه اهڙو شخص آهي، ۽ نه ئي ڪو اهڙو شخص ٿي سگهندو. اسان کي پسند هجي، يا پسند نه هجي، پر اسان کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو سڄو سمورو ٽيون حصو ننڊ ۾ گذارڻو آهي. اڌ حصي لاءِ اسين زندگيءَ جي ضرورتن جا غلام آهيون. انهن ضرورتن کان ڪنڌ ڪڍائي نه ٿو سگهجي، پوءِ، ڀل ته اسين راجا کڻي ڇونه هجون، يا ڪنهن جاگير جا نواب، يا پنهنجيءَ زال جا غلام هجون!
    ”اٽو، لٽو، ۽ اجهو انسان پنهنجيءَ محنت سان پيدا ڪندو آهي. پر، اهي ضرورت جون شيون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن، تڏهن انهن شين جي چورائجي وڃڻ جو انديشو پڻ ٿي پوندو آهي. جيڪڏهن اوهان کي ماکي پسند آهي، ته پوءِ ماکيءَ جي مکين کان ماکي پيدا ڪرايو، ۽ پوءِ اُها ماکي چورائي وٺو. جيڪڏهن اوهين پنهنجين ٽنگن تي ڀاڙڻ لاءِ تيار نه آهيو، ته پوءِ ڪنهن گهوڙي کي غلام ڪريو. جيڪا تعدي اوهين ماکيءَ جي مک ۽ گهوڙي سان ڪري سگهو ٿا، سا تعدي اوهين ڪنهن انسان سان به ڪري سگهو ٿا. اها تعدي اوهين ڪنهن ٻار سان به ڪري سگهو ٿا ۽ کيس ٻڌائي سگهو ٿا ته اوهان لاءِ هنن جي آزاديءَ جو ٻليدان سندن مذهبي فريضن ۾ شامل آهي ....
    ”شڪايتن جي صورت ۾ اوهان کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته مستقبل ڏاڍو شاندار ٿيندو ۽ اوهين پاڻ پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندا، ان سلسلي ۾ حڪومت اوهان کي ووٽ جو حق ڏيندي آهي، ۽ هر پنجين سال چونڊن جو واعدو ڪندي آهي. اليڪشن ڀيري، ٻه شاهوڪار ماڻهو مقابلي ۾ بيهندا آهن، ۽ اوهان کي انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪڙي کي ووٽ ڏيڻو پوندو آهي. اخبارون اوهان کي يقين ڏيارينديون آهن ته اوهان جي قيمتي ووٽ سبب چونڊن جو فيصلو ٿيو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح اوهان هڪڙي جمهوري ملڪ ۾ پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪيو آهي.
    ”جڏهن به ڪي مشهور اديب ڪنهن هيراڦيريءَ تي احتجاج ڪندا آهن، مثال طور والٽيئر، روسو ۽ ٽام پائن ارڙهين صدي ۾، يا ڪيٽس شيلي، ڪارل مارڪس، ۽ ليسلي اوڻهينءَ صديءَ ۾، يا ويهينءَ صديءَ ۾ لينن ۽ ٽراٽسڪي هيرا ڦيرين تي احتجاج ڪيو، تڏهن اسان کي ٻڌايو ويو ته اهي اديب دهريا آهن، ملحد آهن، خوني آهن، ۽ بدمعاش آهن، اهڙن اديبن جي ڪتابن کي وڪڻڻ يا خريد ڪرڻ قانوني ڏوهن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.“
    ڪو ظاهري سبب سمجهه م نه ٿو اچي، ته برناڊ شا جي تقرير مون کي دل تي ڇو تري آئي آهي. سڀ خبر آهي خدا کي. فرشتا آسمانن تي ۽ انسان ڌرتيءَ تي عبادت ۾ مشغول آهن.

    27 جولاءِ 1975ع


      ادب مان پاڪستان کي خطرو

    ”فلاڻي افساني مان پاڪستان کي خطرو آهي. يا فلاڻي افساني شايع ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان خطري ۾ پئجي ويو آهي.“
    اڄ مٿئين جملي جي ڏند ڪٿا، يا حقيقت بابت ڳالهائبو.
    پاڪستان ۾ تعليم يافته ماڻهن جو تعداد ڇهه سيڪڙو مس آهي. ان تعداد ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين جا ڳالهائيندڙ شامل آهن. ان تعداد مان وڏو حصو نوڪرين ڪرڻ وارن جو آهي. نوڪرين ڪرڻ وارا تفريحي ادب پڙهندا آهن، ۽ سنجيده ادب کان لهرائيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اردوءَ ۾ تفريحي مواد ڏيندڙ سب رنگ ڊائجيسٽ جون هر مهيني هڪ لک ڪاپيون وڪامن ٿيون، ۽ ادبي رسالن سيپ ۽ افڪار وغيره جون ست اٺ سو کن ڪاپيون مس وڪامن ٿيون. سنڌيءَ ۾ ڪوبه رنگا رنگي ڊائجيسٽ نه آهي. تنهن ڪري ادبي رسالن کي ڪنهن ڊائجيسٽ سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. بهرحال، سنڌيءَ جي ادبي رسالن جو وڪرو اُردوءَ جي ادبي رسالن جي و ڪري کان پنجوڻون آهي. شروعات ۾ ”برسات“ رسالو جڏهن هفتيوار ٿي نڪتو هو، تڏهن سندس وڪرو هڪ اندازي موجب هفتي ۾ ڏهن هزارن کي به وڃي پهتو هو. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ڇهه سيڪڙو تعليم يافته طبقي مان مشڪل سان هڪ سيڪڙي جيترا تعليم يافته ماڻهو ادب ۾ دلچسپي رکن ٿا. ان هڪ سيڪڙي ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ اچي وڃن ٿا. ان لحاظ کان سنڌي ادب پڙهندڙن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
    اٽي ۾ لوڻ برابر تعليم يافته ماڻهو، جيڪي ادب ۾ دلچسپي رکن ٿا، ۽ اتفاق سان ڪو اعتراض جوڳو افسانو يا شعر پڙهي وٺن ٿا، ته ان مان ڪيئن يقين ڪري وٺجي ته پاڪستان خطري ۾ پئجي ويو. ڇا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو پاڪستان لاءِ نقصان جو باعث ٿي سگهن ٿا! ادب مان ملڪ کي نقصان تڏهن رسندو آهي، جڏهن ملڪ ۾ تعليم يافته ماڻهن جو تعداد اسي يا نوي سيڪڙو ٿيندو آهي ۽ جتي رسالا ۽ ڪتاب لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيندا آهن. اسان وٽ جنهن ڪتاب جون پنج سو ڪاپيون شايع ٿين ٿيون، سي ويهن سالن ۾ به مشڪل سان نيڪال ٿي سگهن ٿيون. هاڻي اهڙي ملڪ ۾ ڪنهن افساني سبب ڪهڙو انقلاب اچي سگهندو!
    اچو ته ڪجهه دير لاءِ کڻي قبول ڪريون ته سنڌ ۾ اعتراض جوڳا افسانا شايع ٿي رهيا آهن، جن ۾ نظريه پاڪستان جي خلاف پرچار ڪيل آهي. مٿئين بحث مطابق اهڙا افسانا تمام گهٽ تعداد ۾ شايع ٿيندا هوندا، ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن تائين مس پهچندا هوندا. ان جي برعڪس حڪومت وٽ عام ماڻهن تائين پهچڻ ۽ يڪجهتي ۽ نظريه پاڪستان جي پرچار لاءِ ٽي نهايت ئي طاقتور وسيلا موجود آهن. هڪ ريڊيو، ٻيو ٽيليويزن ۽ ٽيون اخبارون. ريڊيو ذريعي حڪومت ملڪ جي ستر سيڪڙو، ۽ ٽيليويزن رستي پنجويهه سيڪڙو عوام تائين پهچي سگهي ٿي، (1974ع جا انگ اکر) ۽ پهچندي رهي ٿي. ڇا اهو سمجهڻ حماقت نه آهي، ته ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارون سنڌيءَ جي هڪ افسانه نگار آڏو بيوس ۽ لاچار آهن!
    ادب رستي انقلاب اچڻو هجي ها، ته سنڌ جي ثقافتي فضا ۾ ڪڏهن لاڪر انقلاب اچي وڃي ها. جمال ابڙي کان مشتاق شوري تائين سنڌ جي سمورن اديبن پير پرستي، پاٿاريداري، حاويلين جي ظلمن، ٻين ڪيترين ئي سماجي براين خلاف ڀرپور نموني لکيو آهي، ۽ لاڳيتو لکيو آهي. پر، ڪهڙو نتيجو نڪتو آهي؟ ڇا سنڌ مان پير پرستي ختم ٿي ويئي؟ ڌاڙا لڳڻ بند ٿي ويا؟ حاويلين جا ڪوٽ ڪري پيا؟ ڪجهه نه ٿيو آهي. ڪجهه نه ٿيڻو آهي.
    سنڌي ادب جڏهن ثقافتي ۽ سماجي کيتر ۾ ڪو انقلاب آڻي نه سگهيو آهي، ته پوءِ سياسي انقلاب ڪيئن آڻي سگهندو! اهي وڏا نادان آهن جو سنڌي ادب سبب پاڪستان کي خطري ۾ محسوس ڪن ٿا. اصل ۾ هنن کي پاڪستان جي مستحڪم هئڻ تي يقين نه آهي. سندن دل ۾ چور آهي. تنهن ڪري پن جي کڙڪڻ تي کين پاڪستان خطري ۾ محسوس ٿئي ٿو.
    پاڪستان کي اصل ۾ خطرو آهي ڪي ايل گابا جهڙي ماڻهوءَ مان، جنهن جي هڪ هڪ ڪتاب جون هزارين ڪاپيون پاڪستان ۽ ٻئيءَ سموري دنيا ۾هٿون هٿ وڪامي رهيون آهن. هيءُ اهو شخص آهي جنهن 1948ع ۾ ”انسائيڊ پاڪستان“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾هن پاڪستان جي وجود تي اعتراض ڪندي، سندس جلد ڊهڻ جي پيشنگوئي ڪئي آهي. پاڪستان کي خطرو آهي ابو الڪلام آزاد جي ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ مان، جنهن جون هزارين ڪاپيون سڄيءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڪامي رهيون آهن.
    ملڪن کي خطرو محسوس ٿيندو آهي، پيسٽرناڪ، سولز هنستن، ڪاميو، سارتر ۽ بالڊون جهڙن اديبن مان، مون جهڙن معمولي ۽ خسيس اديبن سان نه!

    7 آگسٽ 1975ع


      آزاديءَ جو اٺاويهون سال

    اڄ چوڏهين آگسٽ آهي. اسان جي آزاديءَ کي 28 سال گذري ويا آهن. انهن 28 سالن مان سڄا سمورا 14 سال اسان ون - يونٽ جي غلاميءَ ۾ گذاري ڇڏيا. ون-يونٽ کي قائم رکڻ لاءِ اسان ڏهه سال مارشل لا جا به ڏسي ڇڏيا- شروعات جا ڪجهه سال سيفٽي ايڪٽ ۾ ڪاٽي ڇڏيا، ۽ ويجهڙائي وارا ڪجهه سال ڊي پي آر ۾! 
    ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبليءَ آڏو تقرير ڪندي، 11 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم هڪ هنڌ چيو هو:
    ”مان اهو نه ٿو چوان ته ٻيا ملڪ اِن لعنت کان ڪي بچيل آهن. پر، مان سمجهان ٿو اسان جي حالت ان سلسلي ۾ سڀني کان خراب آهي، ۽ اها لعنت آهي بدعنوانيءَ ۽ رشوت جي. اسان کي ان لعنت جي پاڙ پٽڻي آهي“
    اسان جي آزاديءَ کي سڄا سمورا 28 سال گذري ويا آهن. اسين رشوت ۽ بدعنوانيءَ جي پاڙ پٽي نه سگهيا آهيون. اسين هاڪيءَ جو عالمي اعزاز هارائي، رشوت ۽ بدعنوانيءَ جو عالمي اعزاز حاصل ڪري رهيا آهيون. اسين جيئڻ لاءِ رشوت ڏيندا آهيون. مرڻ لاءِ رشوت ڏيندا آهيون. مان بدعنوان ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جو ميمبر آهيان!
    ساڳئي تقرير ۾ قائداعظم چيو هو.
    ”بليڪ مارڪيٽنگ اسان لاءِ ٻي لعنت آهي.“
    مان قائداعظم جي جملي سان انحراف جي گستاخي ڪري نه ٿو سگهان. 28 سالن جي آزاديءَ ۾ بليڪ مارڪيٽنگ ڪيترن ماڻهن لاءِ رنگين مارڪيٽ کولي ڇڏيا آهن. اها ٻئي ڳالهه آهي، ته رنگين مارڪيٽن ۾ ڳاڙهو رنگ چاڪيواڙي جي مزور جي رت جو آهي. اهو رنگ چترال جي مزور جي رت جو رنگ آهي. اهو رنگ مريءَ ۽ سوات جي هوٽلن ۽ ڊاڪ بنگلن ۾ بک ۽ افلاس سبب وڪامي ويل نينگرين جو آهي!
    اسان جي ملڪ ۾ بليڪ مارڪيٽ هينئر اوپن مارڪيٽ جي صورت وٺي رهيو آهي. اسين بليڪ جي کنڊ کائي ذيابيطس جا مريض ٿي پيا آهيون. ذيابيطس کي روڪڻ لاءِ اسين ڊايابٽيز جي گورين بدران چاڪ ۽ چن جون گوريون کائي رهيا آهيون، ۽ انسولين جي انجيڪشن بدران ڊسٽل واٽر جون سيون هڻائي رهيا آهيون.
    ساڳئي افتتاحي تقرير ۾ قائداعظم هڪ هنڌ چيو هو.
    ”ڪيترين ئي چڱاين ۽ براين سان گڏ اسان کي ٺڳي ۽ ڪپت (Robbery) ۽ پنهنجي کي ورسائڻ(Nepotism) ورثي ۾ مليو آهي. ان برائي کي سختيءَ سان چٿڻو آهي.“
    ان برائيءَ کي اسين چٿي نه سگهيا آهيون. ان لاءِ سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو چٿڻ لاءِ جڏهن همام دستي جو بندوبست ڪيو ويو، تڏهن هڪ دفعي همام مليو، ته دستو نه مليو. ۽ ٻئي دفعي دستو مليو ته همام نه مليو. ٽئين دفعي جڏهن همام دستو مڪمل مليو تڏهن چٿڻ لاءِ هٿ نه مليو. ۽ جڏهن هٿ مليو، تڏهن اهو هٿ اڌ رنگ ۾ ورتل هو. هونءَ نه ته اسين قائداعظم جي حڪم جي پيروي ضرور ڪريون ها. ڇا ڪريون، مجبور آهيون. هينئر اقربا پروريءَ ۽ ٺڳيءَ کي چٿڻ ويٺاسين، ته سموري قوم کي چٿي رکنداسين. نيٺ به ته آزاديءَ کي 28 سال گذري ويا آهن!
    ون - يونٽ جا ڳجها ورڪر اسان کي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي معاملي ۾ مارڻ لاءِ قائداعظم جي تقريرن جا حوالا ڏيندا آهن. اتفاق سان اسان به قائداعظم جون ڪجهه تقريرون پڙهي ورتيون آهن. ان ۾ اسان جو ڏوهه ناهي. سمورو ڏوهه پبلشرن جو آهي، جيڪي قائداعظم جي باري ۾ هزارين ڪتاب ڇپائي رهيا آهن. سمورو ڏوهه لائبريرين جو آهي، جيڪي کوجنا لاءِ مواد ميسر ڪري رهيون آهن.
    قائداعظم ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ڏاڍيءَ عزت سان ڏسندو هو. ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن اول 1936ع ۾ ۽ پوءِ 1946ع وارين چونڊن ۾ مسلمانن جي لاءِ ڏينهن رات ورڪ ڪيو. پاڪستان جي قيام لاءِ پاڻ پتوڙيو. قائداعظم جي فرمان تي هنن ساهه قربان ڪيو. ڪنهن به طرف کان ڏسجي، ته پاڪستان جي قيام ۾ ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن تمام اهم، ۽ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو.
    ۽ پوءِ، اهي ڊاڪا يونيورسٽي جا ئي شاگرد هئا، جن پاڪستان جي خلاف بنگلاديش تحريڪ کي زور وٺايو. بنگلاديش جي قيام ۽ پاڪستان جي ڊاهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، ۽ نيٺ بنگلاديش کي وجود ۾ آڻي ڏيکاريو.
    ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن ائين ڇو ڪيو؟ جنهن پاڪستان لاءِ هنن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو، ان پاڪستان کي ڊاهڻ لاءِ هنن جان جي بازي ڇو لڳائي ڇڏي؟
    ان سلسلي ۾ مون وٽ ڪجهه سوال آهن، جن جا جواب واضح آهن، تنهن ڪري هتي لکڻ ضروري ناهن.
    1 - ائين ته ناهي، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي معاملي ۾ حڪومت ماڻهن سان دوکو ڪيو آهي؟
    2 - ائين ته ناهي، سندن اقتصادي وسيلن تي ٺڳن ۽ ڪپتين قبضو ڪري ورتو هو؟
    3 - ائين ته ناهي، سياسي لاهين چاڙهين ۾ اسلام جي مقدس نالي کي استعمال ڪري کين جائز حقن کان محروم ڪيو ويو آهي؟
    4 - جڏهن به هنن حقن لاءِ آواز اٿاريو، تڏهن کين غدار ۽ هندستان جو ايجنٽ سڏيو ويو؟
    5 - ائين ته ناهي، امپيريل ڪامورا، بنگالين کي سندن قد بت ۽ رنگ روپ سبب پاڪستان جا ٽئين درجي جا شهري ليکڻ لڳا هئا؟
    اهڙا هزارين سوال ذهن ۾ آهن. هرهڪ ذهن ۾ آهن، جن لاءِ جواب ضروري ناهن.
    اسين ازل کان تاريخ جا دشمن آهيون. اسان جي آزاديءَ کي اڄ28 سال گذري ويا آهن. اسين ڀڄي ڀري وري ٺهي رهيا آهيون. پر تاريخ سان دشمنيءَ جو جذبو اسان جو ساڳيو آهي. تاريخ جي تلخ سبقن کي وسارڻ ۽ تاريخي غلطين کي ورجائڻ اسان جو دلچسپ مشغلو آهي!

    14 آگسٽ 1975ع

    ______

    ڊي پي آر- ڊفينس آف پاڪستان رولز


    نجم عباسي جو پٽ ڇو نه چونڊجي سگهيو

    گذريل هفتي هلال پاڪستان ۾ سنڌ جي مشهور افسانه نگار نجم عباسيءَ جو ميرين اڪيڊميءَ جي باري ۾ هڪ خط شايع ٿيو هو. نجم عباسيءَ پنهنجي خط جي آخر ۾ لکيو هو:
    ”جيڪڏهن ڪو سنڌين جو ڌڻي سائين آهي، ته مون کي اهو معلوم ڪرائي ڏئي ته گذريل سال، منهنجو پٽ، جنهن جو نالو نديم عباسي آهي، ۽ جنهن جو اڪيڊميءَ جي اميدوارن ۾ رول نمبر 632 هو، ان کي گذريل سال ڪهڙي بنياد تي نه چونڊيو ويو؟“
    مان سنڌين جو ڌڻي سائين نه آهيان، تنهن ڪري مان نجم عباسيءَ کي اهو معلوم ڪرائي نه ڏيندس ته ڪهڙن بنيادن تي سندس پٽ نديم عباسيءَ کي ميرين اڪيڊميءَ لاءِ نه چونڊيو ويو. اهو ڪم انهن جو آهي، جيڪي سنڌين جا ڌڻي سائين آهن.
    ائين برابر آهي ته مان سنڌين جو ڌڻي سائين نه آهيان، پر مان نجم عباسيءَ جو مداح ۽ سندس دوست ضرور آهيان. هڪ دوست جي حيثيت ۾ مون تي لازم آهي ته مان نجم عباسيءَ جي مدد ڪريان، يعني کيس اهو معلوم ڪرائي ڏيان ته ڪهڙن بنيادن تي سندس پٽ نديم کي اڪيڊميءَ لاءِ نه چونڊيو ويو. ان سلسلي ۾ وڏيءَ ڀڄ ڊڪ کان پوءِ مون معلوم ڪيو آهي، ته هيٺين ترتيبوار سببن ڪري نديم کي اڪيڊميءَ لاءِ نه چونڊيو ويو آهي.
    1 -¸ اداڪار نديم جون ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه لاڳيتيون فلمون ناڪام ٿيون آهن. ميرين اڪيڊميءَ جا اڪابر، وسيع معلومات سبب نديم عباسيءَ ولد نجم عباسيءَ کي اداڪار نديم سمجهي ويٺا. هنن هڪ ناڪام اداڪار کي ميرين اڪيڊميءَ لاءِ چونڊڻ مناسب نه سمجهيو، تنهن ڪري هنن نديم کي رد ڪري ڇڏيو، اهو نديم اتفاق سان نجم عباسيءَ جو پٽ ثابت ٿيو.
    2 -¸ نجم عباسي خانواهڻ جو آهي. ميرين اڪيڊميءَ جي اڪابرن کي يقين آهي ته خان واهڻ هندستان ۾ آهي، ڇوجو ڪلا پرڪاش جي هڪ افساني جو عنوان آهي، خانواهڻ. تنهن ڪري هنن نجم عباسيءَ جي پٽ کي اڪيڊميءَ لاءِ چونڊڻ مناسب نه سمجهيو.
    3 -¸ نجم عباسيءَ جي هڪ افساني جو عنوان آهي، هاڻوڪو خانواهڻ. تنهن مان ميرين اڪيڊميءَ جي اڪابرن اندازو لڳايو آهي ته نجم عباسي اصل ۾ ڪلا پرڪاش سان ٻٺ آهي.
    4 -¸ سنڌي اديبن طرفان جڏهن به ڪو بيان يا احتجاجي مراسلو شايع ٿيندو آهي، تڏهن صحيح ڪندڙ اديبن ۾ سڀ کان پهريون نالو نجم عباسيءَ جو هوندو آهي. اهڙي خطرناڪ شخص جي پٽ کي ميرين اڪيڊميءَ ۾ کڻڻ اڪابرن جي اسٽريٽجيءَ خلاف هيو، تنهن ڪري هنن نديم کي نه چونڊيو.
    5 -¸ نجم عباسي جيئن ته ڊاڪٽر آهي، ۽ ڊاڪٽرن اڄڪلهه لبيا وڃڻ تي سنڌرو ٻڌو آهي، تنهن ڪري اڪيڊميءَ جي اڪابرن کي شڪ هيو ته نجم عباسي لبيا هليو ويندو، ۽ پٺيان سندس پٽ نديم عباسي ميرين اڪيڊميءَ جو ڪو جهاز ڀڄائي لبيا کان وڃي نڪرندو. تنهن ڪري هنن نديم کي اڪيڊميءَ لاءِ نه چونڊيو، ۽ هڪ جهاز بچائي ورتو.
    6 -¸ نجم عباسي پنهنجي پٽ لاءِ ڪنهن معزز، اهم ۽ معتبر شخصيت کان سفارشي چٺي حاصل ڪري نه سگهيو هو، تنهن ڪري سندس پٽ اڪيڊميءَ لاءِ نه چونڊيو ويو.
    ياد رهي ته مٿئين معلومات مون هڪ دوست جي حيثيت ۾هٿ ڪئي آهي. مان سنڌ جي ڌڻين سائين نه آهيان. مان سنڌ جي ڌڻي سائينِ جو شيدي آهيان.

    5 آگسٽ 1975ع


      حسين ابن منصور الحلاج

    حضرت جنيد بغداديءَ هڪ دفعي ابو المغيث الحسين ابن منصور الحلاج کي چيو هو، ”تون ڪنهن ڏينهن ڪاٺ جي اڏيءَ کي کنهنبو ڪندين.“ (يعني، تون قتل ڪيو ويندين)حلاج وراڻيو هو، ”جنهن ڏينهن مان ڪاٺ جي اڏي کي کنهنبو ڪندس، تنهن ڏينهن تون صوفي لباس بدران روايتي عالمن واري جنبي ۾ هوندين.“
    پوءِ ٿيو به ائين!
    ملن ۽ هٿ ٺوڪين عالمن حلاج خلاف فتوا ڏيئي ڇڏي. فتوا واري ڪاغذ تي حضرت جنيد بغداديءَ جي صحيحي ضروري سمجهي ويئي. ملان ۽ اڌ اکري عالم حضرت جنيد بغدادي ڏانهن ويا. کيس فتوا واري ڪاغذ تي صحيحي ڏيڻ لاءِ چيائون. حضرت جنيد بغدادي انڪار ڪري ڇڏيو. ان وقت کين گيڙو رنگ تي صوفين واري الفي پاتل هئي.
    عالمن ۽ حاڪمن حضرت جنيد بغداديءَ تي زور بار وڌو. تڏهن، حضرت جنيد بغداديءَ صوفين وارو لباس لاهي، عالمن وارو جبو پائي ۽ مٿي تي پڳ رکي ابن منصور الحلاج خلاف فتوا واري ڪاغذ تي صحيحي ڏيئي ڇڏي. صحيحي ڏيڻ کان پوءِ حضرت جنيد بغداديءَ چيو، ”اسين فقط ظاهر جا پارکو آهيون. ۽ جيستائين اندر جو سوال آهي، ته نيتن جو ڄاڻو فقط خدا آهي.“
    ابن منصور الحلاج کي قيد خاني ۾بند ڪري ڇڏيائون.
    هٿ ٺوڪين عالمن ۽ حاڪمن جي قهر کان وڏا وڏا صوفي ڪنبي ويا هئا. حضرت جنيد بغداديءَ جي سڀ کان وڏي شاگرد ۽ مريد، ابن عطا قيدخاني ۾ حلاج کي چوائي موڪليو، ”جيڪي چيو اٿئي تنهن لاءِ معافي گهر. توکي آزاد ڪري ڇڏيندا. (مطلب ته تو اناالحق جو نعرو هنيو آهي. هينئر ان نعري کان انڪار ڪر، ۽ پنهنجي جان بچاءِ.)
    حلاج کيس جواب ڏياري موڪليو، ”ابن عطا کان پڇي اچو ته ڪنهن اناالحق جو نعرو هنيو آهي ۽ ڪير معافي گهري؟“
    حلاج کي زنجيرن ۾ جڪڙي قيدخاني مان ٻاهر وٺي آيا. هو فخر سان هلڻ لڳو. قاتلن کانئس پڇيو، ”تون ايڏي فخر سان ڇو پيو هلين؟“
    حلاج وراڻيو، ”ڇو جو مون کي مقتل ڏانهن نيو پيو وڃي.“
    مقتل ۾سندس قاتلن کانئس پڇيو، ”حلاج، ڪيئن پيو محسوس ڪرين؟“
    حلاج وراڻيو، ”سچن صوفين جي منزل ڦاسي گهاٽ آهي.“
    اتي ابوبڪر شبليءَ کانئس پڇيو، ”صوفي مت ڇا آهي؟“
    ”صوفي مت جي سڀ کان هيٺاهين ڏاڪي تي مان بيٺو آهيان.“ حلاج جواب ڏنو، ”صوفي مت جي مٿاهين ڏاڪي تي اسين پهچي نه سگهندا آهيون.“
    حلاج جا ٻئي هٿ جڏهن ويڻين کان ڪپي ڇڏيائون، تڏهن هن رونڊيون ٻانهون مٿي ڪري، وهندڙ رت پنهنجي منهن کي مکي ڇڏي. ڪنهن کائنس پڇيو، ”ڇا پيو ڪرين؟“
    حلاج وراڻيو، ”رت وهي وڃڻ سبب، مان سمجهان ٿو، منهنجو منهن زرد ٿي ويو هوندو. متان ڪو ائين سمجهي ته ڊپ سبب منهنجو منهن هيڊو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري مون رت جي لالاڻ منهن کي ملي ڇڏي. رت اسان جو سينگار آهي.“
    ”پر، تون وڍيل ٻانهون مٿي ڪري، ٺوٺين کي رت هاڻو ڇو ڪيو؟“ ڪنهن حلاج کان پڇيو.
    حلاج وراڻيو، ”عشق جي سجدي لاءِ رت سان وضو ڪرڻو پوندو آهي.“

    2 سيپٽمبر 1975ع


      ذهني تباهيءَ جا سبب

    اچو ته اڄ ٿڌيءَ دل سان ڪجهه مسئلن بابت ڳالهايون، ۽ انهن تي غور ڪريون.
    مسئلو 1 : عربن سنڌ فتح ڪئي. پاڻ سان عربي ادب کڻي آيا. عربي ادب جو سنڌي ادب تي ۽ ٻوليءَ تي زبردست اثر پيو. عربن جي هٿن مان نڪري، سنڌ مغلن جي قبضي ۾ هلي ويئي. مغلن جي اقتدار دوران فارسي ادب ۽ ٻوليءَ جو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي گهرو اثر پيو. انهن ڏينهن ۾ ڇاپخانا وڏي پئماني تي ڪم نه ڪندا هئا. ڪاغذ جا خودڪار ڪارخانا وجود ۾ نه آيا هئا. مطلب ته ان دور ۾ جديد دور جي ڇاپخانن واريون سهولتون، ۽ ڪاغذ جي پيداوار، ۽ ڪتابن جي واپار جو باضابطه بندوبست نه هوندو هو. تنهن هوندي به جيڪي قومون ملڪ فتح ڪنديون هيون، ۽ پاڻ سان پنهنجي ٻولي کڻي اينديون هيون، ادب کڻي اينديون هيون، سي ٻئي ملڪ ۽ قوم جي ادب ۽ ٻوليءَ کي متاثر ضرور ڪنديون هيون. ياد رهي ته اسين ان دور جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون، جڏهن ڪتاب ڪلڪ سان، کهري ۽ غير معياري طريقن سان تيار ڪيل ڪاغذ تي لکيا ويندا هئا، ۽ محدود تعداد ۾ لکيا ويندا هئا. ڪنهن ڪتاب جون سئو کن ڪاپيون تيار ڪرڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا هئا.
    اڄڪلهه روسي ۽ آمريڪي ڪتاب لکن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ شايع ٿي رهيا آهن، ۽ سنڌ ۾ پهچي رهيا آهن. لينن جي مڪمل تحريرن جو سيٽ وڪامي رهيو آهي. مارڪس ۽ اينگلس جا ڪتاب وڪامي رهيا آهن. چيگيوارا جي ڊائري، ۽ سندس گوريلا جنگ بابت لکيل ڪتاب وڪامي رهيا آهن. هوچي منهه جي جيل واري ڊائري وڪامي رهي آهي. ويٽنامي انقلاب جي تاريخ وڪامي رهي آهي.
    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي، ته سنڌي ادب عربي ۽ فارسي ٻولين ۽ ادب جو اثر قبول ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ اڄوڪي دور ۾ مٿي ڄاڻايل ڪتابن ۽ نظرين جو اثر ڇو ٿو قبول ڪري سگهي؟ مسئلي جو تت هيءُ آهي، ته سنڌ ۾ مختلف ملڪن ۽ ٻولين جو ادب وڏي تعداد ۾ حڪومت جي باقاعدي اجازت سان پهچي رهيو آهي. اهڙي ادب سبب سنڌ ۾ بلڪل نئون ذهن ۽ ادب ۾ ترقي پسند نظريو اڀري آيو آهي. ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو آهي؟
    مسئلو 2 : ڪجهه دانشورن جو خيال آهي، ته موجوده ترقي پسند سنڌي ادب سبب نوجوانن جو ذهن تباهه ٿي رهيو آهي. اهو خيال بحث طلب آهي. جهالت ۽ غربت ڪري سنڌ ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي. انهن منجهان اٽي ۾ لوڻ برابر مقدار ۾ ڪي ڄڻا ادب ۾ دلچسپي رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ويهن سالن ۾ به هڪ ڪتاب جون هڪ هزار ڪاپيون نه ٿيون وڪامن هاڻي، ٿوري دير لاءِ جيڪڏهن کڻي قبول ڪجي، ته اٽي ۾ لوڻ برابر جوانن جو ذهن ترقي پسند ادب سبب تباهه ٿي رهيو آهي، ته پوءِ اهو مڃڻو پوندو ته سنڌ جي نوجوانن جو ذهن ٻاهرين ڪتابن ”تباهه“ نه ڪيو آهي. سنڌي نوجوان جو ذهن مطلبي سياستدانن خراب نه ڪيو آهي. سنڌ جي نوجوان جو ذهن تيزيءَ سان بدلجندڙ بين الاقوامي حالتن خراب نه ڪيو آهي. انجي مڪمل ذميداري فقط سنڌي اديبن تي آهي!
    دانشورن جي ڳالهه کي کڻي مڃيوسين، ته اٽي ۾ لوڻ برابر جيڪي نوجوان سنڌي ادب پڙهي رهيا آهن، سي ذهني طرح ”تباهه“ ٿي رهيا آهن، ته پوءِ سوال ٿو اٿي ته سنڌ جي پنجانوي سيڪڙو اڻپڙهيل نوجوانن کي ڪير ۽ ڪهڙن ذريعن سان ٺاهي يا ڊاهي رهيو آهي؟
    ڇا سنڌ جو اٻوجهه ۽ اڻپڙهيل عوام فلمن جي فحاشيءَ ۽ غير معياري پروڊڪشن سبب ذهني طرح تباهه نه ٿي رهيو آهي؟
    ڇا سنڌ جو مسڪين ماڻهو پيرن، مجاورن ۽ مجوسين جي چالبازين جو شڪار نه ٿي رهيو آهي؟
    ڇا سنڌ جو مجبور ۽ بيوس انسان راوڻ جهڙن سياستدانن هٿان برباد نه ٿي رهيو آهي؟
    مسئلي جو تت هيءُ آهي، ته سنڌ جي نوجوان جي ذهني ”تباهيءَ“ لاءِ ذميوار ڇا فقط اڄوڪو سنڌي ادب آهي؟ ڇا موجوده ترقي پسند ادب کان اڳ سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي وهنوار ۾ عدل ۽ انصاف، حق ۽ حمايت جو زور هوندو هو، جيڪو ترقي پسند ادب اچي ”تباهه“ ڪيو آهي؟

    3 سيپٽمبر 1975ع



    _____

    1975ع ڌاري ٽيليويزن محدود شهر واسين تائين پهچندي هئي. ٻهراڙين ۾ ته بنهه نه ڏسبي هئي.


      ترقي پسند ادب تي بندش

    چون ٿا، ته ادب ۾ سياست جو وري ڪهڙو ڪم؟ جيڪي افسانا سياسي پس منظر سان لکيل هوندا آهن، سي لازمي طرح اعتراض جوڳا هوندا آهن!
    مٿئين منطق مطابق افسانن ۾ فقط عشق ۽ محبت جون آکاڻيون هئڻ گهرجن - راز و نياز جا قصا هئڻ گهرجن- يعني افسانن ۾ فقط هڪ مسئلو هئڻ گهرجي ته ڇوڪري جي ڇوڪريءَ سان ۽ ڇوڪريءَ جي ڇوڪري سان پنهنجي پسند مطابق شادي ڪيئن ٿئي! پر، ان مسئلي ۾ به حد بنديون آهن. هو ٻئي هرڪو ڪم مائٽن جي مرضيءَ مطابق ڪندا. جيڪڏهن ان جي برخلاف ڪم ڪندا ته افسانو فحش سمجهيو ويندو. مطلب ته ملڪ ۾ ڀڄڻ ڀڄائڻ، آبرو ريزين ۽ ناجائز ٻارن جي ڄمڻ ۽ ڄمڻ شرط مارڻ جا واقعا بنهه ڪونه ٿا ٿين. افسانه نگار هٿرادو اهڙا واقعا گهڙي ٺاهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪن ٿا!
    ادب پنهنجي معاشري جي ماڻهن جي ڏکن ۽ خوشين، اميدن ۽ مايوسين، لڙڪن ۽ مرڪن، فتح ۽ شڪست، ۽ امن ۽ جنگ جي عڪاسي ڪندو آهي - ترجماني ڪندو آهي. هاڻي سوال ٿو اٿي، ته ڇا سياست اسان جي معاشري لاءِ نه آهي؟ ڇا هڪ معاشري جي وهنوار ۾ حصو رهندڙ ماڻهو سياست ۾ حصو نه وٺندا آهن؟ ڇا سياست جي چوپڙ تي چڱن چڱن جا لاهه نڪري نه ويندا آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ سياست کي ادب کان ڪيئن ڌار ڪري سگهجي ٿو!
    ويهين صديءَ ۾ جيڪو وڏو ادب پيدا ٿيو آهي، سو بنا امتياز جي سياسي پس منظر ۾ لکيل آهي. ڇا هيمنگوي اسپيني جنگ متعلق ناول نه لکيو آهي؟ ڇا اسٽائين بيڪ جنگ جي پس منظر ۾ ناول ۽ افسانا نه لکيا آهن؟ ڇا سارتر ۽ ڪاميو جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ ڇا آرٿر ڪوئيلسز جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ ڇا پيسٽرناڪ ۽ سولز هستن جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ ڇا گورڪيءَ جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ آمريڪا جي شيدي اديب جيمس بالڊون جو ادب سياسي نه آهي؟
    سموري دنيا ۾ سٺو ۽ وڏو ادب سياسي پس منظر سان شايع ٿي رهيو آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ڪرشن چندر، ۽ خوشونت سنگهه سياسي ادب پيدا ڪري رهيا آهن.
    جڏهن سڄي جڳ ۾ اهم ادب سياسي پس منظر سان لکجي رهيو آهي، ته پوءِ ڏنڊا ۽ باٺا فقط سنڌي ادب خلاف ڇو؟ سنڌي اديبن ۽ ادب خلاف ڏنڊا ۽ باٺا فقط تڏهن کڻي سگهجن ٿا، جڏهن پاڪستان ۾ سارتر، ڪاميو، ڪوئيسلرز، پيسٽرناڪ، سولز هستن، بالڊون، گورڪي ۽ ڪرشن چندر جي ڪتابن تي باقاعدي بندش پئجي وڃي. انهن اديبن جا ڪتاب جيستائين پاڪستان ۾ وڪرو ٿيندا رهندا، تيستائين سنڌي ادب تي اعتراض بي معني آهي.
    هر دور ۾ موجوده نسل پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ امانتون ۽ فيصلن جو تت ڇڏيندو آهي. اسان جو ايندڙ نسل اسان جي موجوده نسل جي حاڪمن کي عجب سان ڏسندو. اسان جو ايندڙ نسل سوچيندو ته اهي ڪير هئا، جن سنڌي ادب جي اوسر کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو؟ اهي ڪير هئا جن سنڌي ادب جي اعليٰ معيار کي سطحي تنقيدن ۽ ڇنڊڇاڻ سان جهاٽڪو ڪري ڇڏيو؟ مون کي پڪ آهي، کين سوال جو جواب لهڻ ۾ دير نه ٿيندي.

    6 سيپٽمبر 1975ع

    _____

    تڏهوڪي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌي ترقي پسند ادب تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي هئي.


      اجرت تي تقرير لکڻ

    ڳالهه ڪندا آهن، ته سيپٽمبر 1965ع واري جنگ جي اعلان لاءِ ايوب خان جيڪا تقرير ڪئي هئي، سا تقرير الطاف گوهر جي لکيل هئي. ولله• عالم بصواب! اها خبر جيئن ته باخبر ذريعن رستي اسان تائين نه پهتي آهي، تنهن ڪري اها خبر بنهه اعتبار جوڳي به نه آهي. يقين سان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. يقين سان فقط ايترو چئي سگهجي ٿو، ته 1965ع واري جنگ جي اعلان لاءِ ڪيل تقرير ايوب خان صاحب جي پنهنجي لکيل نه هئي.
    مان، خدانخواسته ايوب خان صاحب جي قابليت بابت مشڪوڪ نه آهيان. مرحوم وڏين خوبين جو مالڪ هو. ائين برابر آهي ته مرحوم اقتدار جي شروعاتي دور ۾ تقرير جي فن ۽ باقائدي تربيت وٺڻ شروع ڪئي هئي ۽ پنهنجن آخري ايام تائين تقرير جي فن ۾ ذري گهٽ ماهر ٿي ويو هو. منهنجي لکڻ جو مطلب آهي، ته مرحوم وڏو ماهر هو. ملڪ جو مالڪ هو. اسان جي ملڪ ۾ سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر، امير ۽ وزير پنهنجيون تقريرون پاڻ نه لکندا آهن. هو مصروف رهندا آهن. تنهن ڪري پنهنجيون تقريرون پنهنجي عملي مان ڪنهن ذهين ماڻهوءَ کان لکائيندا آهن. اهڙي ملڪ جي سربراهه جي باري ۾ يقين سان اهو چوڻ ته 1965ع واري جنگ جي اعلان لاءِ ڪيل تقرير سندس لکيل هئي، سراسر الزام آهي.
    اسان جي ملڪ ۾ سٺي تقرير لکڻ وارن لاءِ روزگار جا نهايت روشن موقعا موجود آهن. ان حقيقت جي خبر مون کي انهن ڏينهن ۾ پيئي هئي، جن ڏينهن ۾ مان بيروزگار هوندو هوس، ۽ هوائي قلعا تعمير ڪندو هوس. ڪجهه مهربانن کي منهنجي بيحال حال تي رحم آيو، ۽ هو مون کي هڪڙي ديسي صاحبلوڪ وٽ وٺي ويا.
    صاحبلوڪ مون کان پڇيو، ”ڇا تون تقرير ڪري سگهندو آهين.؟“
    هڪدم وراڻيم، ”سائين تقرير فقط ٻڌي سگهندو آهيان.“
    پڇيائين، ”ته پوءِ تون منهنجي لاءِ، ۽ منهنجيءَ (سينسر) لاءِ تقرير ڪيئن لکي سگهندين؟“
    وراڻيم، ”مون ننڍپڻ کان هڪ ئي قسم جون ايتريون تقريرون ٻڌيون آهن، جو هينئر تقرير لکڻ منهنجي لاءِ مشڪل ڪم نه آهي.“
    صاحبلوڪ پڇيو، ”هڪ ئي قسم جي تقريرن مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“
    وراڻيم، ”1947ع کان اڄ تائين مون جيڪي به تقريرون ٻڌيون آهن، تن ۾ سڀني سڄڻن اسان کي ٻڌايو آهي ته ملڪ بيحد نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. ملڪ کي يڪجهتي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي - اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون - هتي صوبائي عصبيت کي وڌڻ نه ڏبو، وغيره.“
    ”ٺيڪ آهي. ”صاحبلوڪ چيو،“ هاڻي اهي ڳالهيون گهوڙن متعلق تقرير ۾ هڻي ڏيکار.“
    مون کي چڱي طرح ته ياد ڪونهي، پر، سمجهان ٿو ته مون هن قسم جي تقرير گهڙي صاحبلوڪ کي ڏيکاري هئي - ”گهوڙو نهايت افضل جانور آهي، پر بدقسمتيءَ سان اڄڪلهه نهايت نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. سڀئي گهوڙا پاڻ ۾ ڀائر ٿيندا آهن - گهوڙن ۾ عصبيت جو مرض پيدا ٿيڻ نه ڏبو. ان لاءِ جانورن جي ماهر ڊاڪٽرن کي سڏي وٺبو، گاهه جيئن ته مهانگو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري گهوڙن لاءِ يڪجهتي ۽ اتحاد جو لوسڻ کائڻ لازمي ٿي پيو آهي.“
    صاحبلوڪ ڪجهه ڏينهن تائين نوڪريءَ ۾ رکيو، ۽ پوءِ غير ذميدار سمجهي، هڪڙي ڏينهن مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.

    30 سيپٽمبر 1975ع


      هڪ ديسي انگريز جي ڳالهه

    اعليٰ عملدارن جي شهر اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ عملدار ويٺي ٽن انگريزن سان ڳالهايو. کين هڪ هوٽل ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني هئائين. ديسي عملدار کي روايت موجب ولايتي ڪپڙا پاتل هئا، ۽ هو صحيح انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جيڪڏهن بي ڌيانيءَ ۾ سندس انگريزي ڳالهائڻ جو لهجو ٻڌجي، ته جيڪر گمان ٿئي ته ڄڻ ڪا ديسي ٻولي ويٺو ڳالهائي. مٿو ٺوڙهو هوس، ۽ پريان سردي جهڙو پئي لڳس. اهڙن مٿن کي اسين عام طرح راڪيٽ سڏيندا آهيون. هن پاڻ وڌيڪ پئي ڳالهايو، ۽ انگريزن کي ڳالهائڻ جو موقعو ورلي پئي ڏنو.
    انگريز اڇي چمڙيءَ وارا به ٿيندا آهن، ۽ ڪاريءَ چمريءَ وارا به. پر اسين پنهنجي ملڪ ۾ اڇي چمڙيءَ وارا انگريز ڏسندا آهيون. جن ٽن اڇن انگريزن سان هڪ ديسي عملدار اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾ ڳالهائي رهيو هو، سي ٽيئي ڪنهن پراڻي قرض جي سلسلي ۾ پاڪستان آيل هئا. انهن مان هڪ ڄڻي چيو، ”اسلام آباد ۾ برطانيه جو سفارتخانو ايشيا جي سهڻن ۽ وڏن سفارتخانن مان هڪ آهي.“
    ”ائين برابر آهي.“ ديسي عملدار چيو، ”پر، اصل ۾ سهڻن سفارتخانن مان هڪ هئڻ بدران، پاڪستان ۾ برطانيه جو سڀ کان وڏو سفارتخانو هئڻ گهرجي ها.“
    ”ڪو خاص سبب آهي؟“ هڪ انگريز پڇيو.
    عملدار کليو. چيائين، ”اوهان کي ته ڄڻ خبر ئي ناهي.“
    ”خدا ٿو ڄاڻي ته اسان کي خبر ڪونهي.“ هڪڙي انگريز چيو، ”ان باري ۾ توهين اسان جي مدد ڪريو.“
    اعليٰ عملدار هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. پوءِ بجليءَ جي بلب ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”هيءُ بلب، هيءَ بجلي، هيءَ روشني اوهان جي ڪري آهي. اوهان اسان کي ڏني آهي.“
    ”اسان!“ انگريز حيران ٿيا. چيائون، ”اوهين چرچائي موڊ ۾ آهيو!“
    ”بلڪل نه“. عملدار هڪدم دريءَ جو پڙدو هٽائي ڇڏيو. هوٽل ٻاهران موٽرن جون قطارون بيٺل هيون. عملدار موٽرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هي موٽرون به توهان جي ڪري آهن - ورنه اسين ڍڳي گاڏين ۽ گڏهن تي گهمندا ڦرندا نظر اچون ها.“
    اعليٰ عملدار جي ڳالهه تان ڪوبه انگريز نه کليو. پر، تنهن هوندي به هو پاڻ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. جڏهن کلي رهيو، تڏهن چيائين، ”توهان جي اچڻ ڪري اسان کي ريل گاڏيءَ جي شڪل ڏسڻ جو موقعو مليو. توهان جي ڪري اسان آگبوٽ ڏٺا. پڪا رستا ۽ پليون ڏٺيون.“
    انگريز ڪجهه ڪجهه شڪي ٿيڻ لڳا، ڇو جو هوٽل ۾ ويٺل ڪجهه ٻيا ماڻهو ڪنڌ ورائي وارئي ديسي عملدار ڏانهن ڏسي رهيا هئا. عملدار فطرتي طرح بينياز هو. سڀني کي نظر انداز ڪري ڳالهائيندو رهيو. چيائين، ”اسين احسان فراموش نه آهيون. توهان انگريزن پنهنجي حڪومت جي دوران اسان تي وڏا وڏا احسان ڪيا آهن. اسان جا اوهان سان تهذيبي ۽ ثقافتي ناتا آهن. هي ڏسو. مون اوهان جهڙ اڪپڙا پاتا آهن.“
    هڪ انگريز، جيڪو ماٺيڻو پئي ڏٺو، تنهن اعليٰ عملدار کان پڇيو، ”ڇا توهان کي اهو احساس ناهي، ته اسان اوهان تي حڪومت ڪئي آهي، ۽ اوهين صدين تائين اسان جا غلام رهيا آهيو؟“
    ”نه، نه هرگز نه“. اعليٰ عملدار چيو، ”ائين هرگز ناهي. اسين ته اوهان کي عزت ۽ احترام سان ياد ڪندا آهيون.“
    ماٺيڻي انگريز ٺوڙهي عملدار کان پڇيو، ”اوهان کي خبر آهي ته حاڪم قومون محڪوم قومن جي ملڪ ۾ سڌارا ڇو آڻينديون آهن؟“
    ”توهين ته اجايو حليمائي پيا ڏيکاريو!“ عملدار چيو، ”اوهان جا اسان تي احسان آهن. سوين هزارين احسان آهن.“
    ”اسين روحن جا خريدار آهيون.“ ماٺيڻي انگريز چيو، ”اسين بجلي، ريل، رستن ۽ آگبوٽن جي عيوض ارواح خريد ڪندا آهيون.“
    اعليٰ عملدار ٽڪڻ کنهڻ لڳو. ڪجهه چئي نه سگهيو.
    ماٺيڻي انگريز چيو، ”بائيبل ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته اُنهن حاصلات مان انسان کي ڪهڙو لاڀ ملندو، جيڪي حاصلات انسان پنهنجي روح کي وڃائڻ کان پوءِ حاصل ڪندو آهي.“

    21 آڪٽوبر 1975ع


      ڳالهه هڪ مذاڪري جي

    نومبر جي 2 ۽ 3 تاريخ تي لاهور ۾ پاڪستاني ثقافت جي عنوان سان هڪ قومي مذاڪرو ڪرايو ويو. مذاڪرو لاهور جي هڪ ادبي اداري، حلقه ارباب ذوق طرفان منعقد ٿيل هو. حلقه ارباب ذوق لاهور جي ترقي پسند اديبن جو پراڻو ادارو آهي. هي ادارو نه سرڪاري آهي، ۽ نه ئي نيم سرڪاري. هيءُ ادارو 1939ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ سندس اوائلي ميمبرن ۾ ڪرشن چندر، منٽو، ميراجي، احمد نديم قاسمي، راشد، بيدي ۽ ٻيا ترقي پسند اديب شامل هئا. هينئر به هن اداري تي ترقي پسند اديبن جو ڪنٽرول آهي.
    ثقافتي سيمينار جي سڀ کان وڏي خوبي اِها هئي، جو ملڪ جي هرهڪ صوبي مان مختلف خيالن ۽ نظرين وارن اديبن ۽ دانشورن کي مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي. مذاڪري ۾ تنهن ڪري مختلف ۽ هڪ ٻئي کان بنهه مختلف سوچ رکندڙ اديب اچي گڏ ٿيا. اهڙي صورت ۾ اڪثر ڦيٽاڙو ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿي پوندو آهي پر هن مذاڪري ۾ ائين نه ٿيو. ٻڌڻ وارن ۾ ترقي پسند ادب جا حامي، شاگرد، صحافي، وڪيل، پروفيسر، هاري ۽ مزور وڏي تعداد ۾ موجود هئا، پر هنن رجعت پرست اديبن کي نهايت تحمل ۽ صبر سان ٻڌو ۽ کين شڪايت جو موقعو نه ڏنو. سيد محمد تقيءَ پنهنجي مقالي ۾ هند عرب ثقافت جي وڪالت ڪئي. هن کي به خاموشيءَ سان ٻڌو ويو. وزير آغا سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي ثقافتن کي پاڪستان جو گڏيل ورثو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هن کي به ٻڌو ويو. مذاڪري جي ماحول مان صحيح جمهوري اصولن جي پروڙ پي پئي. اسان جي اها تمنا مسين مسين پوري ٿي، ته اسان کي به ته ٻڌو بابا - دنيا وسيع آهي - سوچ ۾ ترقي، ارتقا ۽ نئين رجحان جي عمل ۽ اختيار کي روڪي نٿو سگهجي.
    مذاڪري ۾ 22 پيپر پڙهيا ويا، ۽ مٿن بحث ٿيو. مذاڪري جي ٻن نشستن مان پهرين نشست جي صدارت احمد نديم قاسميءَ ڪئي، ۽ ٻيءَ نشست جي صدارت ڊاڪٽر ڪنيز يوسف، (وائيس چانسلر اسلام آباد يونيورسٽي) ڪئي. ٽين نشست، جنهن ۾ بحث مباحثو ٿيو، تنهن جي صدارت فيض احمد فيض ڪئي. نهايت مزيدار ماڻهو آهي. مٿس ڇوهه ڇنڊيا ويا. کيس ڪوڙيون ۽ زهريليون، پر حقيقت تي مبني ڳالهيون ٻڌايون ويون، پر تڏهن به هو مرڪندو رهيو. پنجابيءَ جي نوجوان ترقي پسند شاعر مشتاق صوفيءَ هڪڙي رجعت پرست دانشور کي جواب ڏيندي چيو، ”فيض احمد فيض کي فقط ان ڪري سٺو ۽ وڏو شاعر قبول ڪري نٿو سگهجي، جو هو اردوءَ ۾ شاعري ڪري سگهي ٿو. وڏو شاعر عوام جي چپن تي ۽ دلين ۾ هوندو آهي. پاڪستان جو عوام ٻهراڙين ۾ آهي، ۽ ٻهراڙين جي ماڻهن کي فيض جي شاعري ته ڇڏيو، فيض جي نالي جي به سڌ نه آهي.“
    مذاڪري ۾ اقبال جتوئيءَ جي پيپر کي ڏاڍو ساراهيو ويو. ٻڌندڙن جملي جملي تي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو. پر، ٻئي ڏينهن لاهور جي هڪ اخبار خبر شايع ڪئي ته ماڻهن اقبال جتوئيءَ کي نه ٻڌو. ۽ کيس اسٽيج ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. منجهند جي مانيءَ تي ڪجهه صحافي دوست گڏيا. ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هئن. پٽن تي لکيل هو، ”صحافت کي آزاد ڪريو.“
    مون صحافي دوست کي چيو، ”يار، ان کان وڌيڪ اوهان کي ٻي ڪهڙي آزادي گهرجي جو جنهن جي چاهيو تنهن جي پڳ لاهيو ٿا، ۽ جنهن کي چاهيو، تنهن کي پڳ ٻڌايو ٿا.“
    منهنجو اشارو سمجهي ويا. هونءَ به ان اخبار جي خبر سبب سڀني اديبن ۽ صحافين کي رنج هيو. بحث هليو. ٻئي ڏينهن جڏهن مان لاهور ڇڏي رهيو هوس، تڏهن به ساڳيو بحث هلي رهيو هو. ديسي صحافت مان هڪٻئي تي گند اڇلائڻ، هڪٻئي کي لوئڻ جو رجحان ڪيئن ختم ٿيندو ۽ ڪڏهن ختم ٿيندو!

    8 نومبر 1975ع


      پاڪستاني ثقافت جي کوج

    مان پاڪستان ۾ ثقافت جي مسئلي جو جڏهن به ذڪر ٻڌندو آهيان، تڏهن حيران ٿيندو آهيان. مون کي اڄ تائين اهو سمجهه ۾ نه آيو آهي، ته ٻيڙو فقير ۽ سندس سينگار ۽ هنر ڪڏهن کان مسئلو ٿي پيا آهن! مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته خميسو خان ۽ سندس الغوزا ڪڏهن کان ۽ ڪيئن مسئلو ٿي پيا آهن. مون کي خبر ڪونهي ته عالم لوهار ۽ فيض محمد بلوچ ڪهڙي طرح مسئلو ٿي پيا آهن! مان حيران آهيان ته نٿ، ٻانهين، اجرڪ، پڳ، پٽڪا، سوسي، گج، ڪاشي، ڳجهارتون، لوليون، سهرا ۽ لوڪ ڳيچ ڪڏهن کان مسئلو ٿي پيا آهن!
    منهنجي حيرت جي ڪاحد نه رهندي آهي، جڏهن مان ٽيليويزن تي ملڪ جي نامور عالمن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر ڪرار حسين، فيض احمد فيض ۽ ڊاڪٽر اجمل کي ثقافت تي بحث مباحثو ڪندي ٻڌندو ۽ ڏسندو آهيان. سندن گفتگو نهايت فصيح ۽ بليغ هوندي آهي - پر خدا ٿو ڄاڻي ته مان سندن گفتگو ۽ بحث مان ڪنهن به ثقافت جي کوج لڳائي نه سگهيو آهيان. سندن مباحثن مان فقط ايترو سمجهي سگهيو آهيان، ته پاڪستان اهو ملڪ آهي، جنهن کي هڪ عدد اهڙي ثقافت جي ضرورت آهي، جنهن کي قومي ثقافت جو ليبل چنبڙائي سگهجي. تلاش جاري آهي. خدا ڪندو ته هڪڙي ڏينهن تيل به لڀي پوندو، ۽ ثقافت به لڀي پوندي!
    پاڪستاني ثقافت جي هٿرادو مسئلي بابت جڏهن به مان سوچيندو آهيان، تڏهن مون کي پري وڃڻو نه پوندو آهي. پاڪستان ۾ ثقافت جي مسئلي جو ڦٽاڪو ٽيليويزن پروگرام ”لوڪ تماشا“ جي بيحد ڪاميابيءَ ۽ مقبوليت کان پوءِ شروع ٿيو.
    ”لوڪ تماشا“ پروگرام ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ مشرقي پاڪستان (1971ع کان اڳ) جا لوڪ فنڪار گهرايا ويندا هئا، ۽ پاڪستان جي لوڪ ميراث کي فخر سان ڏيکاريو ويندو هو. اهو پروگرام بيحد ڪامياب ٿيو، ۽ ڏسندڙن پسند ڪيو. لوڪ تماشا ڏسڻ کان پوءِ هرڪو پاڪستان جي گڏيل ثقافتي ميراث کي محسوس ڪري سگهندو هو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو، لوڪ تماشا پروگرام خلاف رجعت پرست اخبارن ۾ ممڻ متو. پاڪستان ۾ ثقافتي مسئلي جي اِها ابتدا هئي، اها شروعات هئي. ان کان اڳ ثقافت جي باري ۾ ڪو به شخص فڪرمند نه هو. عام تاثر اِهو ڏنو ويو ته سنڌ، پنجاب، سرحد، ۽ بلوچستان جون ثقافتون اصل ۾ علاقائي يا صوبائي ثقافتون آهن ۽ پاڪستاني قومي ثقافت ٻي ڪا شيءِ آهي، جنهن جي کوج لڳائڻي آهي.
    پاڪستان خواب ناهي، حقيقت آهي. پاڪستان زمين تي موجود آهي. پاڪستان کي پنهنجي ايراضي آهي، پنهنجي جاگرافيائي حيثيت آهي. سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان پاڪستان جا صوبا آهن، ۽ انهن صوبن جي گڏيل صورت جو نالو پاڪستان آهي. پوءِ سوال ٿو اٿي ته انهن صوبن جي گڏيل ثقافت کي پاڪستاني ثقافت ڇو نٿو مڃيو وڃي! سهڻي ميهار کي پاڪستاني ثقافت جو حصو ڇونه ٿو قبول ڪيو وڃي! ٽپي ۽ جهمر کي پاڪستان جي ثقافت جو حصو ڇو نه ٿو مڃيو وڃي! مائي ڀاڳيءَ جي ٿري لوڪ گيتن کي پاڪستاني ثقافت جي ميراث يا ورثو ڇونه ٿو چيو وڃي!
    ائين ته ناهي، ڪي شخص اهڙي ڪنهن ثقافت کي پاڪستان جي قومي ثقافت طور ٿاڦڻ جي منصوبي ۾ رڌل آهن، جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به حصي جي ثقافت نه هوندي؟

    15 نومبر 1975ع


      ٻهراڙيون، ٻار ۽ تعليم

    سماجي بهبوديءَ جا ڪجهه ماهر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻارڙن جي حالت ڏسڻ ويا. هو سڌو وڃي وڏيرن ۽ چونڊن جي ٺيڪيدارن وٽ ترسيا. ڏاڍي مهمان نوازيءَ سان نوازيا ويا. ڪڪڙ کاڌائون. ڇيلا کاڌائون. جهنگل ۾ منگل ڪيائون. ناچ ڏٺائون ۽ گانا ٻڌائون ۽ آڙين جو شڪار ڪيائون. ڏهه - ٻارهن ڏينهن ٻهراڙين ۾ گذاري موٽي آيا ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻارڙن جي حالت تي ايسڪپرٽ رپورٽ لکڻ ويٺا. پهرين ٽن مهينن ۾ هنن انگن اکرن تي ڪم ڪيو. ٻين ٽن مهينن ۾ هنن رپورٽ جو پهريون ڊرافٽ تيار ڪيو. ٽين ٽن مهينن ۾ هنن پهرين ڊرافٽ جي صداقت تي بحث ڪيو ۽ سال جي پوين ٽن مهينن ۾ هنن رپورٽ لکي تيار ڪئي.
    ماهرن جي رپورٽ مطابق سنڌ جي ٻار کي اسڪول ۾ هئڻ بدران تڏا ۽ کارا ٺاهيندي ڏٺو ويو. ماهرن جڏهن ڪجهه ٻارڙن کان پڇيو ته توهين اسڪول ڇونه ويندا آهيو، ۽ تڏا ۽ کارا ڇو ٺاهيندا آهيو، تڏهن ٻارڙن وراڻيو ته اسان جي دل پڙهڻ ۾ نٿي لڳي - ٻيو ته اسين تڏا ۽ کارا ٺاهي چار ڏوڪڙ ڪمائي وٺندا آهيون، ۽ مائٽن جي ڪلهن جو بار نه ٿيندا آهيون.
    ماهرن جي رپورٽ جڏهن وڏن ماهرن وٽ پهتي، تڏهن وڏا ماهر تپرس ۾ پئجي ويا. هو سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ٻارڙن جي حالت جو جائزو وٺڻ ۽ ننڍن ماهرين جي رپورٽ جي تصديق ڪرڻ لاءِ ٻهراڙين ڏانهن ڪاهه ڪري ويا. وڃي وڏيرن وٽ رهيا. وڏي قرب ۽ آڌر ڀاءُ جا حقدار ٿيا. سنڌ جي مهمان نوازيءَ کان متاثر ٿيا. ڪجهه گانا، ڪجهه بجانا ۽ ڪجهه کانا ڪري موٽي آيا. هنن پهرين ٽن مهينن ۾ ننڍن ماهرن جي رپورٽ جو پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو. ٻين ٽن مهينن ۾ هنن ننڍن ماهرن جي رپورٽ ۽ پنهنجي مشاهدي جي فرق بابت پهريون ڊرافٽ تيار ڪيو. ٽين ٽن مهينن ۾ هنن پنهنجي ڊرافٽ تي بحث مباحثو ڪيو. ۽ سال جي پوين ٽن مهينن ۾ هنن پنهنجي رپورٽ لکي تيار ڪئي.
    وڏن ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته هنن جڏهن ٻارڙن کان پڇيو ته توهين پڙهي لکي وڏا آفيسر ۽ عملدار ڇونه ٿا ٿيو، ۽ تڏا ٺاهي پنهنجو قيمتي وقت اجايو ڇو ٿا وڃايو، تڏهن ٻارڙن وراڻيو ته اسين سڀئي جيڪڏهن عملدار ٿي پياسين ته پوءِ تڏا ڪير ٺاهيندو!
    وڏن ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ هڪڙي پرائمري ماستر جو ذڪر پڻ ڪيو، جيڪو تڏا ٺاهيندڙ ٻارن کي نصابي تعليم کانسواءِ جديد ادب ۽ علم جو اڀياس پڻ ڪرائيندو هو. وڏن ماهرن ان پرائمري ماستر سان پڻ ملاقات ڪئي پرائمري ماستر کين ڊيڄاري ڇڏيو. هن چيو، ”علم نانوائيءَ جو تندور ناهي جنهن مان گرم گرم نان پچائي کائجن. علم کي جيڪڏهن فقط روزگار جو ذريعو سمجهيو وڃي، ته پوءِ اڻپڙهيل سمگر وڌيڪ سکيا آهن.“
    وڏن ماهرن کي پرائمري ماستر نه فقط دهريو، ۽ ڪميونسٽ محسوس ٿيو، بلڪه هو کين دشمن ملڪ جو ايجنٽ پڻ محسوس ٿيو. هنن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته سنڌ جي ٻهراڙين مان اهڙن خطرناڪ ماسترن کي ڪڍيو وڃي سنڌ جي ٻارڙن جو آئيندو اهڙن ملحد ماسترن جي موجودگيءَ سبب اونداهو ٿو ڏسجي!

    29 نومبر 1975ع


      نفسياتي جنگ

    اڄ مون کيPsychological Warfare ، يعني نفسياتي جنگ جي باري ۾ ڳالهائڻو آهي. رومي ۽ يوناني تهذيبن کان وٺي موجوده دور تائين نفسياتي جنگ جوٽي ويئي آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ هٿيار استعمال نه ٿيندا آهن، پر سندس اثر دائمي ٿيندو آهي. رومي سردار پنهنجن دشمنن تي هيبت ويهارڻ لاءِ پنهنجي رٿ کي چئن گهوڙن سان هلائيندا هئا. جيتوڻيڪ، منطق مطابق چار گهوڙا هڪ گهوڙي جي مقابلي ۾ نه تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي سگهندا، ۽ نه ڦري سگهندا. قبلائي خان دشمن تي حملي ڪرڻ کان اڳ هڪ وڏو حود چئن هاٿين تي رکائي، ان ۾ ويهي پنهنجي تصوير ٺاهرائيندو هو، ۽ اها تصوير ڪنهن نه ڪنهن نموني دشمنن تائين موڪليندو هو. دشمن جڏهن قبلائي خان کي چئن هاٿين تي سواري ڪندي ڏسندو هو، تڏهن سندس هانءُ کاڄي ويندو هو. نفسياتي جنگ جي اصولن مطابق ان کي مخالف جو حوصلو وڃائڻ چئبو آهي.
    نفسياتي جنگ ۾ سڀ کان ڪارگر حربو ٿيندو آهي، پنهنجي مدقابل جي صفن يا ڪيمپ ۾ ٽاڪوڙو وجهڻ. اسان جي ملڪ ۾ڪجهه عرصي کان رجعت پسند مخالف جماعتون ترقي پسند قوتن خلاف نفسياتي جنگ ۾ اهو حربو استعمال ڪري رهيون آهن. سندن چال خطرناڪ حد تائين ڪامياب ٿي رهي آهي. نفسياتي جنگ ۾ کين خاطر خواهه نتيجا ملي رهيا آهن. سندن چال، خاص طرح سان سنڌ ۾ ڏاڍي ڪامياب ويئي آهي.
    جناب ذوالفقار علي ڀٽي هزارين دفعا چيو آهي، ته سندس سياست قومي ۽ بين القوامي سطح جي آهي، ۽ کيس صوبائي سياست ۾نه گهليو وڃي. رجعت پسند مخالف جماعتن جناب ڀٽي جي سنڌي هئڻ کي پنهنجي نفسياتي جنگ ۾ استعمال ڪيو آهي. جيڪو به اڌ اکري، اڻپڙهيل ۽ نپٽ ڄٽ مخالف ليڊر تقرير ڪرڻ اٿي ٿو، سو ساڳئي رينگٽ کي وٺي ٿو ته جناب ڀٽو جيئن ته پاڻ سنڌي آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ سنڌو ديش جي حامين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي - جيئي سنڌ جي نعري تي بندش نه پيئي آهي - اياز، سراج، رشيد ڀٽيءَ ۽ امر جليل جهڙن ملحدن، ڪافرن ۽ غدارن کي ڦاهيءَ تي نه چاڙهيو ويو آهي. سياست ۾ بليڪ ميل جو اهو بدترين مثال آهي. مخالف ڌر جي ان حربي جو مقصد واضح آهي، ته هٿ ٺوڪين الزامن هيٺ اديبن ۽ شاگردن خلاف ڪامورن کان قدم کڻائي سنڌ ۾ جناب ڀٽي لاءِ مخالفت جو ميدان تيار ڪجي.
    ڪامورا، پوءِ کڻي ڪنهن به کاتي جا ڇونه هجن، نوڪريءَ جي اصولن پٽاندڙ وقت جي حڪومت جا خير خواهه ٿيندا آهن. موجوده دور ۾ سندن خير خواهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو مخالف ڌر جي نفسياتي جنگ ۾ ڪنهن سنڌي اديب يا شاگرد جو نالو آيو ناهي، جو هن خلاف ڪارروائي ٿي ناهي! رجعت پسندن کي ٻيو ڇا گهرجي! ڦاهو! هو جيڪي چاهين پيا، سو سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي. دوست گهٽجي رهيا آهن. دشمن وڌي رهيا آهن. نفسياتي جنگ ۾ رجعت پسند قوتن جو پلئه ڳورو آهي - مڃڻ مراد آهي!
    الا، سنڌي پريس جو آواز جيڪر محدود نه هجي، ۽ اسلام آباد جي برجن تائين پهچي سگهي! سنڌي ادب ۾ شاگرد قربانيءَ جا ٻڪر ناهن جو مخالف جماعتن جي اشاري تي قربان ڪيا وڃن. مخالف جماعتن جا آدمخور سنڌ جا سمورا اديب ۽ شاگرد کائڻ کان پوءِ به راضي نه ٿيندا.

    1 جنوري 1976ع


      مان نشاني تي آهيان

    مان سياستدان نه آهيان. اديب آهيان، ليکڪ آهيان. سياست منهنجي وس جو روڳ ناهي. ڪجهه عرصي کان مخالف ڌر جا ملان ۽ سندن ڍنڍورچي مون کي سياست ۾ گهيلي رهيا آهن. مان گهڻو ئي پنهنجا پلئه آجا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پر رجعت پرست ملان نه ٿا مڙن. ڪو هفتو اهڙو نه گذريو آهي، جو هنن منهنجي خلاف پنهنجي ڪنهن رسالي، يا اخبار ۾ ڇوهه نه ڇنڊيا هجن. هڪ دفعي منهنجو سڄو سمورو ڪالم پنهنجي رسالي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيائون. ڪالم سان گڏ پنهنجي طرفان هڪ وضاحتي بيان به شايع ڪيائون جنهن ۾ لکيائون ته، ڏسو ته سهي هلال پاڪستان جو ڪالمسٽ ڪيئن ته حڪومت تي تنقيدي ڪالم لکيو آهي! بيوقوفن اهو نه ڄاتو ته پنهنجي وضاحتي بيان ۾ هو اڻ سڌي طرح هلال پاڪستان جي جمهوري پاليسيءَ جو اعتراف ڪري رهيا هئا!
    آزاديءَ جي مفهوم مان سرحدن جي تصور کي ڌار ڪري نٿو سگهجي. انسان کي عمل جي آزادي آهي. پر، کيس ٻئي ڪنهن شخص جي آزاديءَ جي حدن کي لتاڙڻو ناهي. انسان کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي آهي، پر ٻئي جي گهر ۾ ڪاهي پوڻ جي آزادي ناهي. آزاديءَ لاءِ سرحدون ضروري آهن، ورنه آزاديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهبو. سرحدن جي اندر رهي، مون کي لکڻ جي مڪمل آزادي آهي. مون پارٽي اخبار هلال پاڪستان ۾ اهڙا اهڙا ڪالم به لکيا آهن، جي هوند ڪنهن مخالف ڌر جي پرچي لاءِ لکان ته جيڪر هرگز شايع نه ڪن. هلال پاڪستان مان منهنجو ڪو ڪالم کڻي پنهنجي مفاد خاطر شايع ڪرڻ مخالف جماعتن لاءِ ائين آهي، جيئن دانگيءَ سان پنهنجو منهن ڪارو ڪرڻ. منهنجو ڪالم هڪ اديب جي انفرادي آزاديءَ جو شاهد آهي. منهنجي ڪالم کي مخالفت لاءِ استعمال ڪرڻ رجعت پرستن لاءِ منهن ڀت ۾ هڻڻ جي برابر آهي.
    گذريل هفتي راولپنڊيءَ ۾ تقرير ڪندي مخالف جماعت جي جوڊو پهلوان ظهور الاهي چوڌري منهنجي خلاف ڇوهه ڇنڊيا. منهنجن هڪ ٻن افسانن مان به ٻه چار سٽون ڪڍي آيو هو. سي سٽون ماڻهن کي پڙهي ٻڌايائين - ۽ پوءِ چيائين نه ڏسو ته سهي، ملڪ ۾ ڪيڏو نه انڌير آهي، جو هڪ ملحد، ڪافر، باغي ۽ غدار اڃا تائين جيئرو آهي، ۽ جيئرو ان ڪري آهي جو سنڌي آهي. يعني اسين جڏهن اقتدار ۾ اينداسين تڏهن کيس چو واٽي تي لٽڪائينداسين ۽ سندس لاش ڪتن کان کارائينداسين- کيس جيئرو نه ڇڏينداسين.
    اولهه کان سج اڀرندو. ملن جي اقتدار جو دور ايندو. ڦاسي گهاٽ سينگاربا. اسين صليبن تي لٽڪنداسين! اديب لاءِ مرڻ مهڻو ناهي. پر ملن جي اقتدار جو خواب ديواني جو خواب آهي. ها، اها ٻي ڳالهه آهي ته جوڊو پهلوان چوڌري ظهور الاهي جا ڇاڙتا ۽ حواري مون کي اغوا ڪري کڻي وڃن ۽ پوءِ ماري ڇڏين! ان جو امڪان آهي.
    مان گذريل سورهن - سترهن سالن کان لکي رهيو آهيان. هر اديب کي پنهنجين تخليقن جي سلسلي ۾ هاءِ گهوڙا کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. مون به اهڙين هاءِ گهوڙائن کي منهن ڏنو آهي. پر منهنجي خلاف باقاعدي ۽ سياسي سطح تي مخالفت تڏهن کان شروع ٿي آهي، جڏهن کان مون هلال پاڪستان لاءِ لکڻ شروع ڪيو آهي. ائين ته ناهي، مان بڙڇي بڻجي ملن جي هانءَ ۾ لڳو آهيان، ۽ سندن اعصابن تي سوار ٿي ويو آهيان!

    3 جنوري 1976ع


      زندگيءَ جو سفر

    هو ڪير آهي؟ هو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ هن جو ڪنڌ جهڪيل آهي. هو سوچ ۾ ٻڏل آهي. ٿڪل ٿڪل قدمن سان هلي رهيو آهي.
    سج ٻڏي رهيو آهي. وڻن جا پاڇا وڌي ويا آهن. هن جو پنهنجو پاڇو وڻن جي پاڇن ۾ گم ٿي ويو آهي. هن جو پاڇو هن کان ڌار ٿي ويو آهي. کيس خبر آهي ته زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترا وراڪا اهڙا به ايندا آهن جتي انسان جو پنهنجو پاڇو سندس ساٿ نه ڏيندو آهي. هو درد ۽ وحشت جي صحرا ۾ اڪيلي سر ڪاهي پوندو آهي. وڌندو رهندو آهي. سندس قدمن جا نشان واري جي دڙن هيٺان لٽجي ويندا آهن. هو گم ٿي ويندو آهي، الوپ ٿي ويندو آهي، عدم موجود ٿي ويندو آهي. بس، ائين ئي ٿيندو آهي، ۽ هلندو آهي زندگيءَ جو سفر!
    هن کي خبر آهي، هو وحشت ۽ درد جي صحرا ۾ ڪاهي پيو آهي. هو هيڪلو آهي. سندس پاڇو کانئس جدا ٿي ويو آهي.
    ”نه نه.“ هن سوچيو آهي، ”مان هيڪلو نه آهيان. ڪوبه انسان هيڪلو نه هوندو آهي. انسان جي ذهن ۾ پرورش وٺندڙ وهم ۽ سنسا، خوف ۽ فڪر سندس وجود سان ڄور وانگر چهٽيل هوندا آهن ۽ سندس رت ست چوسيندا رهندا آهن.“
    ها، لڳي ٿو ته هو اڪيلو آهي، پر هو اڪيلو ناهي. انسان انفرادي طرح تاريخ جي ڪنهن به دور ۽ ذهني طرح اڪيلو نه رهيو آهي. انساني ذهن جي ارتقا ۽ اوسر جو دور ختم نه ٿيو آهي. انسان جو ذهن اندر ئي اندر پچندو، ڊهندو ۽ ڊهي وري ٺهندو رهيو آهي. اهو عذاب جو سلسلو قائم آهي.
    هو عذابن جي دور جو انسان آهي. اڪيلو هئڻ جي باوجود هو اڪيلو نه آهي. ڪو سندس وجود جي کنڊرن ۾ چپ چپ ڪري هليو آيو آهي - هليو ويو آهي. اهو ڪهڙو پهر هو! اها ڪهڙي ويل هئي! اها ڪهڙي گهڙي هئي! هن کي ڪجهه به ياد ڪونهي. هو ڪجهه به ياد ڪرڻ نه ٿو چاهي. ڪنهن جي اچڻ ۽ اچي هلي وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ احساس کي هن ميراث وانگر محفوظ ڪيو آهي. ان احساس جي ميراث کانسواءِ نيو ڪليئر دور جي اڪيلي انسان کي ڪجهه نه مليو آهي.
    هن جا دوست ڪٿي آهن! هن جا ساٿي ڪٿي آهن! هن جا رفيق ڪٿي آهن! کيس ڪجهه ياد ڪونهي. هن وحشت ۽ درد جي صحرا جو جڏهن سفر شروع ڪيو هو، تڏهن هيڪلو ئي هو. درد ۽ وحشت جي صحرا ۾ انسان اڪيلو ئي هوندو آهي. اتي پاڇو به سندس ساٿ ڇڏي ڏيندو آهي. اُهو سفر زندگيءَ جو آخري سفر هوندو آهي. ان کان پوءِ ٻئي ڪنهن به سفر جو آغاز نه ٿيندو آهي.
    تنگ نظر معاشري ۾ گرفتار ٿيل انسان جي آئيندي کان هو مايوس نه آهي. هن جو انسان جي آئيندي ۾ يقين آهي – اهڙي آئيندي ۾ جنهن ۾ سوچيندڙ انسان کي وحشت ۽ درد جي صحرا جو سفر نه ڪرڻو پوندو ¸ ۽ انسان آزاديءَ سان اندر جو حال اوري سگهندو - پنهنجي وهمن، سنسن ۽ عقل آڏو ڊهندڙ ڪوٽن جو ذڪر بنان ڪنهن ڊپ ۽ خوف جي ڪري سگهندو.
    کيس يقين آهي، اهڙو دور ايندو - پر هو پاڻ نه هوندو. هو ڪنهن کي ياد نه هوندو. هن جي غير موجودگيءَ تي ڪا اک آلي نه ٿيندي - ڪا دل اداس نه ٿيندي - جڏهن هو نه هوندو.

    24 جنوري 1976ع


      بارود ۽ بمن جا واپاري

    ”ادا آمريڪا.“
    ”جي ادا روس.“
    ”ادا آمريڪا، لبنان ۾ رڻ متل آهي.“
    ”هائو ادا روس. لبنان ۾ ماڻهو ماڻهوءَ جي وجود جو ويري ٿي پيو آهي.“
    ”ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي.“
    ”اسان کي به ڏاڍو ڏک آهي.“
    ”لبنان جو ماحول باهه، رت ۽ بارود جي دونهي سان دونهاٽيل آهي.“
    ”خانه جنگيءَ کي ڏهه مهينا ٿيڻ تي آيا آهن، پر ڪنهن طريقي سان موثر نموني جنگ بند ڪرائڻ جي ڪا واٽ نظر نه ٿي اچي.“
    ”ها ادا. سڀئي معاهده ناڪام ٿي رهيا آهن.“
    ”پر تازو معاهدو ڪارگر نظر پيو اچي.“
    ”اسد وارو؟“
    ”ها.“
    ”اُهو معاهدو به عنقريب، خدا ڪندو ته ناڪام ٿيندو.“
    ”مون کي پڻ اها اميد آهي.“
    ”ڪجهه ماڻهو ڏاڍا حرفتي آهن.“
    ”ڪيئن؟“
    ”چون ٿا ته هنن وٽ لبنان ۾ جنگ بند ڪرائڻ جي موثر تجويز آهي.“
    ”اڇا!“
    ”ها.“
    ”ڪهڙي قسم جي تجويز اٿن؟“
    ”ڏاڍي معمولي قسم جي تجويز اٿن. پر لڳي ڪارگر ٿي.“
    ”اهو ناممڪن آهي.“
    ”ڇو ناممڪن آهي.“
    ”اسان جي مرضيءَ بنا، لبنان ۾ ڪڏهن به جنگ بند ٿي نه سگهندي.“
    ”ان تجويز ۾ اسان ٻنهي جو ذڪر ناهي.“
    ”ته پوءِ اها تجويز اجائي آهي. بيڪار آهي.“
    ”پر هنن اها رٿ دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.“
    ”ايڏو مٿو ڦري ويو اٿن!“
    ”ها.“
    ”رٿ ۾ ڇا آهي؟“
    ”چيو اٿائون ته لبنان ۾ وڙهندڙ گروهن کي ملندڙ هٿيارن ۽ بارود جي ناڪي بندي ڪئي وڃي. ٻنهي گروهن کي هٿيار ۽ بارود ٻاهران ملي رهيو آهي. ٻنهي گروهن کي جيڪڏهن ملندڙ هٿيارن کان محروم ڪري ڇڏجي، ته جنگ پنهنجو پاڻ بند ٿي ويندي.“
    ”وڏا ڪي تخريبڪار آهن جو اهڙي بيهودي تجويز ڏني اٿائون. هو ڇا ٿا چاهين!“
    ”چاهين ٿا ته بارود، بم ۽ هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن ۾ بيروزگاري وڌي وڃي.“
    ”مان پاڻ سوچي رهيو آهيان ته لبنان ۾ جنگ بند ٿي ويئي، ته پوءِ هٿيار ۽ بارود ٺاهيندڙ ڪارخانن ۾ ڇا ٺاهيو ويندو! ڪوڪو ڪولا – سيون اپ!
    ”بهرحال لبنان جي جنگ جو مون کي افسوس آهي. ادا روس.“
    ”لبنان جي جنگ جو مون کي به ڏاڍو ڏک آهي ادا آمريڪا.“

    28 جنوري 1976ع


      اياز تي اُڇلون

    هيرن جواهرن جي باري ۾ جوهري وڏي دعويٰ سان ڳالهائيندا آهن. اهو سندن حق آهي. هيرن جواهرن جي باري ۾ ڳالهائيندي هو ٺهندا آهن. اوپرا ۽ بيوقوف نه لڳندا آهن.
    سون ۽ چانديءَ جي باري ۾ سونارا ڳالهائيندا آهن، کري ۽ کوٽي جي تميز ڪري سگهندا آهن. اِها ڪرت سندن ڪم ۾ شامل هوندي آهي. سون ۽ چانديءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي هو ٺهندا آهن. ڀوڪ نه لڳندا آهن.
    علم، عالمن ۽ يونيورسٽين جي باري ۾ فقط عالم، دانشور ۽ ڏاها ڳالهائيندا آهن. هو علم ۽ روشنيءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي ٺهندا آهن - ٺهندا ان ڪري به آهن، جو هو پنهنجيءَ ذات ۾ وڏا عالم، ڄاڻو، دانشور ۽ ڏاها هوندا آهن. هن جملي ۾ مون لفظ دانشور غير شعوري طرح استعمال ڪيو آهي. ورنه، سنڌ ۾ جڙتو ۽ ٺڳ 23 ”دانشورن“ جي لاهوري اخبار ۾ نقاب ڪشائي ۽ پذيرائيءَ کان پوءِ، لفظ دانشور تان منهنجو ارواح کڄي ويو آهي. اسين دانشور سمجهندا هئاسين پير حسام الدين راشديءَ کي، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي. اسين دانشور قبول ڪندا هئاسين مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کي ۽ سائين غلام محمد گراميءَ کي. لفظ دانشور ٻڌڻ سان اسان جي اکين آڏو اچي بيهندا هئا علامه آءِ آءِ قاضي ۽ لعل چند امر ڏنومل، مولانا دين محمد وفائي ۽ پرمانند ميوا رام. دانشور اسين ان عالم کي سمجهندا هئاسين جيڪو مذهب کان ٽيڪنالاجي، ۽ تاريخ کان فلسفي، ۽ سياست کان اقتصاديات تائين هر موضوع تي ذهني طرح واضح هجي. هر موضوع تي دعويٰ سان ڳالهائي سگهي. هر موضوع تي پنهنجي دانش جي ڇاپ هڻي سگهي. پر گذريل سال جماعت اسلاميءَ جا ڍنڍورچي، ٺڳ ۽ ٽپتائي جوڻ مٽائي ”نوائي وقت“ اخبار جي صفحن ۾ ”دانشور“ ٿي پيا. اسان پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا قاسمي ۽ مولانا گراميءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو! تنهن ڪري، لفظ دانشور کان مان ايلرجڪ ٿي پيو آهيان.
    بهرحال، علم، عالمن ۽ يونيورسٽيءَ جي باري ۾ فقط عالم ۽ ڄاڻو ڳالهائيندا آهن، جن جو وجود روشن هوندو آهي. علم، عالمن ۽ اعليٰ تعليم جي درسگاهه بابت جاهل، اڻپڙهيل۽ ڄٽ نه ڳالهائيندا آهن. اهو مڃيل اصول هيو، اهو مڃيل اصول آهي. پر اڄڪلهه ان اصول جي مٽي پليد ٿي آهي. عالمن، علم ۽ اعليٰ تعليم جي درسگاهن بابت پاڪستان جي مڃيل ڄٽن، جاهلن ۽ اڻپڙهيلن ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. هنن ڳچيءَ ۾ دهل ٻڌي، چو واٽن تي بيهي علم، عالمن ۽ يونيورسٽين جي نظام بابت مجمعو لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي. مون کي خبر آهي، ته هنن وٽ وڪڻڻ لاءِ تعويذ ڳنڍن ۽ ”دانت ڪا منجن“ کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي.
    جن ماڻهن سڄي ڄمار ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي شڪل نه ڏٺي آهي. جن ماڻهن سڄي عمر ڪو ڪتاب هٿ ۾ کڻي به نه ڏٺو آهي، تن ماڻهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شيخ اياز جي باري ۾ گٿا بيان جاري ڪيا آهن. شيخ اياز پنهنجي علم، ڄاڻ ۽ ڏاهپ سبب ڪنهن به صورت ۾ اسان لاءِ سارتر کان گهٽ نه آهي. هماليه جبل جي باري ۾ ڪوئن جو ڪاٿو ڏسي رد عمل لاءِ دل هٿن مان نڪتي نڪتي ٿي وڃي. ڪجهه دوستن جو چوڻ آهي، ته ڇڏي ڏجين ڀونڪڻ ڏجين. پر مان ان مدي خارج چوڻيءَ جي حق ۾ نه آهيان. اهو منهنجو ذاتي خيال آهي. اسان کي حضرت عيسيٰ لاءِ عقيدت آهي، پر اسين چماٽ کائڻ لاءِ پنهنجو ٻيو ڳٽو پيش ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون. هلال پاڪستان برسر اقتدار پارٽيءَ جي اخبار آهي، تنهن ڪري مخالف ڌر جي باري ۾ رجعت پسندن جي باري ۾ اسانکي حدن اندر رهڻو ٿو پوي. ورنه، خدا ٿو ڄاڻي، (تڪبر کان توبهه) مان هڪ هڪ ڪوئي جو پڇ ڪپي ڇڏيان ها، جن سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ شيخ اياز خلاف زهريلا بيان جاري ڪيا آهن. اهو زهر، جيڪو هنن اسان کي ڏنو آهي، مان کين اهڙيءَ طرح موٽايان ها، جو سندن سموري ڪوڙهي سرشت کي وائکو ڪري ڇڏي ها! پر ڇا ڪجي مجبور آهيون. رجعت پسندن جو نصيب زور آهي. اسين چريا زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون.
    جماعت اسلامي جي ڇاڙتن نوائي وقت اخبار ۾ شيخ اياز خلاف بيهودي مضمون ۾ سندس ڪتابن مان ڪجهه سٽون حوالي طور ڏنيون هيون. ان باري ۾ مون کي ڪجهه چوڻو آهي. شيخ اياز جي جن ڪتابن مان سٽون کنيون ويون آهن، انهن مان ٽي ڪتاب آمريت واري دور ۾ ضبط ڪيا ويا هئا. قانوني فيصلي مطابق ڪنهن به اهڙي ڪتاب يا تحرير جو حوالو، ويندي اشاري طور، هرگز ڏيئي نه ٿو سگهجي، جنهن ڪتاب تي بندش پيل هجي. قطعه نظر ان جي ته آمريت واري دور جي بندش ڪهڙي نوعيت جي هئي، نوائي وقت اخبار ۾ بندش پيل ڪتابن مان حوالا ۽ سٽون شايع ڪرايون ويون. پر، اطلاعات ۽ انٽيليجنس وارن کاتن کي لوڏو نه آيو.
    هينئر مون کي ڪجهه ڳالهائڻو آهي نظرياتي جنگ ۾ حوالن ۽ طويل تحريرن مان ڪڍيل سٽن واري بيان بابت. اهو مرض ملن مان پکڙيو آهي. هڪ سٽ يا هڪ حوالو سموري تحرير يا ليکڪ جي ذهني لاڙن کي واضح ڪري نه ٿو سگهي. هر ڪو ليکڪ پنهنجي سموري ادبي ثمر جي پس منظر ۾ ڏٺو ۽ سمجهيو ويندو آهي. مون ڏيڍ سو کن افسانا لکيا آهن. پر منهنجي خلاف شهادت جي طور تي منهنجن پنجن يا ڏهن افسانن مان سٽون، جملا ۽ حوالا ڏنا ويندا آهن. يعني، منهنجا هڪ سو چاليهه افسانا ته خيرن سان ”مسلمان“ آهن، باقي ڏهه افسانا غير مسلم آهن! شيخ اياز هزارين وايون، بيت ۽ گيت، نظم ۽ غزل لکيا آهن. هن هزارين صفحا نثر جا لکيا آهن. پر، ملن حوالا ڏنا آهن اٺن - ڏهن تحريرن مان. تنهن ڪري شيخ اياز ڏوهي آهي - ۽ باقي هزارين صفحن جي مواد جو ٿيو ڀلو!
    حوالي وارو مرض ان ڪري به خطرناڪ آهي، جو بحث براءِ بحث ۾ مذهبي، ديني ۽ اخلاقي ڪتابن مان اهڙا اهڙا حوالا ڏيئي سگهجن ٿا، جن جي پڙهڻ سان گهڻن کي جيڪر، ڏندين آڱريون اچي وڃن. منهنجيءَ ڳالهه تي يقين نه اچيو، ته خدارا ”بهشتي زيور“ پڙهي ڏسو. سليس اڙدوءَ ۾. پڙهي سگهندي ڪا ڀيڻ بهشتي زيور کي وڏي واڪي پنهنجي ڀاءُ جي موجودگيءَ ۾! پڙهي سگهندي ڪا ڌيءَ بهشتي زيور وڏي واڪي پنهنجي پيءُ جي موجودگيءَ ۾! ان باري ۾ مان ٻين ڪتابن جو ذڪر مناسب نٿو سمجهان. اجايو گهڻن جي ننڊ ڦٽي پوندي.
    شيخ اياز جي ڪلام مان جهڙي قسم جا حوالا نوائي وقت ۾ ڏنا ويا آهن، ان کان هزارين دفعا وڌيڪ ”خطرناڪ“ حوالا سلطان باهو، بلهي شاهه، غلام فريد ۽ سچل سرمست جي ڪلام مان ڏيئي سگهجن ٿا. تنهن ڪري شيخ اياز جي ڪلام تي اعتراض ڪرڻ وارن کي سڀ کان اڳ سلطان باهو، بلهي شاهه، غلام فريد ۽ سچل سرمست جي باري ۾ پنهنجن راين جو اظهار واضح نموني ڪرڻو پوندو. کين سڀ کان اڳ انهن چئن ڪلاسيڪي شاعرن بابت فيصلو صادر ڪرڻو پوندو. سياسي مقصدن لاءِ ادب کي لوئڻ وارن کي معلوم هئڻ گهرجي ته ادب باهه آهي، روشني آهي، سچ آهي، حقيقت آهي. ادب ۽ اديبن سان کونس سڀني کي مهانگي پوندي آهي. پوءِ اهو کڻي هٽلر هجي يا حنيف رامي، نواب مظفر هجي، يا ڊڪٽيٽر مسوليني!

    1 فيبروري 1976ع


      نئون معاشرو

    انسان جي تاريخ لکين سال پراڻي آهي. لکين سالن کان انسان وڙهندو رهيو آهي، محبت ڪندو رهيو آهي، ٺاهيندو رهيو آهي، ڊاهيندو رهيو آهي. هڪڙي دور لاءِ ڪي اصول ٺاهي، انهن اصولن کي مستقل ۽ مضبوط سڏيندو رهيو آهي. ٻئي ڪنهن دور ۾ ساڳين اصولن کي ريٽي، انهن اصولن کي مدي خارج سڏيندي، نوان اصول ۽ قدر گهڙيندو رهيو آهي. انسان هڪ دور جي ٺاهيل قدرن کي، ٻئي دور ۾ رد ڪندو رهيو آهي. اهو انسان جو مزاج آهي. ان مزاج پٺيان ڄاڻ جو هٿ آهي. جيئن جيئن معلومات ۾ اضافو ٿيندو رهيو، تيئن تيئن انسان پنهنجن اڳوڻن فيصلن، اصولن، نظرين، قدرن ۾ ترميم ڪندو رهيو. انسان جي سوچ تي جديد دور جي کوجنائن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڇاپ لڳندي رهي آهي.
    انسان جي تاريخ ۾ سماجي، سياسي ۽ مذهبي عقيدا ۽ اصول بدلجندي ڏٺا ويا آهن. سواءِ ٻن شين جي. قديم دور جي انسان کي سون ۽ هيرن جواهرن لاءِ جنون هو. جديد دور جي انسان کي اهو جنون مرض وانگر وڪوڙي ويو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته سون ۽ هيرن جواهرن جي باري ۾ انسان پنهنجو طرز عمل نه بدلايو آهي. جهوني ۽ جديد دور جو انسان سون ۽ هيرن جواهرن لاءِ مري رهيو آهي. انهن ٻنهي شين لاءِ انسان جي سوچ ۽ ذهن ۾ ڪوبه لاڙو پيدا نه ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ائين محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ تاريخ جي اوسر بند ٿي ويئي آهي.
    اقتصاديات جا ماهر اسان کي دلداري ڏيندا آهن، ته ٻيلي گهٻرايو نه - مڙيئي خير آهي - مختلف ملڪن جي سڪي جو ملهه سون سان لڳايو ويندو آهي، تنهن ڪري سون جو قدر آهي، ۽ ٻيو مڙيئي خير آهي! اهو احوال اسان اڳ به پڙهيو هو يونيورسٽيءَ ۾! نئون ڦٽاڪو نه آهي. مڃيوسين ته دنيا جي مختلف ملڪن جي سڪي جو ملهه سون سان لڳندو آهي، پر انسان کي ڇا ٿيو آهي! فرد کي ڇا ٿيو آهي! هڪ ماڻهو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ سون لاءِ ديوانو ڇو ٿيو آهي!
    مٿين سوالن جو جواب ڏنو هڪ سوشيالاجسٽ، يعني سماجيات جي علم جي ڄاڻوءَ. اسين ڀل ته سندس خيالن سان متفق نه ٿيون، اسين گهٽ ۾ گهٽ سندس خيالن جي اپٽار ٻڌي ته سگهئون ٿا. ان باري ۾ مون کي انگريزي شاعر جان ڪيٽس جو هڪ جملو ڏاڍو وڻندو آهي. چيو اٿائين ته ذهن جي ڳڙکين کي ڪڏهن به بند نه ڪجي. کليل رکجي، جيئن هر قسم جي علم جو گذر ٿي سگهي. تنهنڪري، اسين سماجيات جي عالم جو رايو ٻڌي سگهئون ٿا.
    هن چيو ته انسان جيئن ته نفسياتي طرح پاڻ کي غير محفوظ سمجهندو رهيو آهي، تنهنڪري سون ۽ هيرن جواهرن جي ملهه سان هو پاڻ کي محفوظ تصور ڪندو آهي. تنهنڪري هرڪو ماڻهو گهڻي کان گهڻو سون ۽ هيرا جواهر هٿ ڪرڻ جي جتن ۾ لڳل هوندو آهي. ڪنهن حد تائين سندس رايو قبول ڪرڻ جهڙو آهي. سوال ٿو اٿي ته انسان پاڻ کي، هڪ فرد جي حيثيت ۾ اڪيلو ڇو ٿو محسوس ڪري! ڇا اسين ناممڪن حالتن ۾ زندگي بسر ڪري رهيا آهيون، ۽ سون ۽ هيرن کان سواءِ غير محفوظ زندگي گذاري رهيا آهيون! ڇا اهو ممڪن ناهي ته اسين ڪنهن اهڙي معاشري جي تشڪيل ڪيون، جنهن معاشري ۾ سون ۽ هيرن جواهرن بدران هڪ انسان ٻئي انسان جي حفاظت ڪري. هڪ انسان ٻئي انسان جو احترام ڪري- هڪ انسان پاڻ جيئي، ۽ ٻئي انسان کي جيئڻ جو حق ڏئي! ڇا اهڙي معاشري جي اڏاوت ناممڪن آهي؟

    6 فيبروري 1976ع


      تاريخي قوتون

    اڄ مون کي Historical Forces بابت ڳالهائڻو آهي. هسٽاريڪل فورسز کي اسين سنڌيءَ ۾ تاريخي قوتون سڏيندا آهيون.
    تاريخي قوتون ڪنهن به ملڪ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. انهن قوتن کان انڪار يا انهن قوتن کان اکيون پورڻ بيوقوفي آهي. روس 1917ع واري پورهيت انقلاب کان اڳ به روس هيو، ۽ روس سڏبو هو، ۽ 1917ع واري انقلاب کان پوءِ به روس جاگرافيائي حدن مطابق ساڳيو روس آهي، ۽ روس ئي سڏبو آهي. 1917ع کان اڳ وارين نا انصافين، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف تاريخي قوتن ڪم ڪيو. 1917ع وارو انقلاب آيو. ملڪ کي نئين سوچ ۽ لينن جي قيادت ملي. پر، جاگرافيائي طرح روس ساڳيو رهيو. تنهنڪري، ملڪ جو تصور جاگرافيءَ کانسواءِ ڪابه معنيٰ نٿو رکي. انهن جاگرافيائي حدن اندر رهندي ملڪ جي ڀلائيءَ، بهبوديءَ لاءِ ڪم ٿيندا آهن، انقلاب ايندا آهن. اهڙي طرح 1948ع کان اڳ به چين جاگرافيائي طرح ساڳيو چين هيو، جيڪو هينئر آهي. فقط نون رجحانن ۾ ترقي پسند نظرين سبب ماڻهن جي سوچ ۾ انقلاب آيو، ۽ ترقي پسند چين ساڳين جاگرافيائي حدن اندر اڀري آيو. تاريخي قوتن آڏو ڪوبه زار يا آفيم جو نشو بيهي نه سگهيو. سڀ دقيانوسي قدر ڍير ٿي ويا.
    ملڪ جي جاگرافيائي حدن کي نقصان پهچائڻ ڏوهه آهي. پر، ملڪ جي جاگرافيائي حدن اندر رهي، تاريخي قوتن جي تقاضائن مطابق ملڪ جي بهتريءَ لاءِ، ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ ڏوهه ناهي. مان ان ڳالهه جي پنهنجي ملڪ جي مثال سان وضاحت ڪندس. ڪجهه ڪوتاهه نظر ۽ مطلبي سياستدانن ون يونٽ ٺاهيو، جيتوڻيڪ آزاديءَ واري 1947ع جي ايڪٽ موجب ڪٿي به ون يونٽ جو ذڪر نه هيو. بهرحال ۽ مان ان حرڪت کي به تاريخي منفي قوت سڏيندو آهيان. اڳتي هلي ماڻهن محسوس ڪيو ته ون يونٽ ڪوڙ جو ڪوٽ هيو، ۽ ملڪ جون پاڙون پٽي رهيو هو. جلسا ٿيا. جلوس نڪتا. باهيون لڳيون. تاريخي قوتن ون يونٽ کي ڊاهي وڌو. ون يونٽ کان اڳ به پاڪستان جو نالو پاڪستان هيو. پاڪستان ئي آهي. منهنجي لکڻ جو مطلب آهي ته ملڪ جي جاگرافيائي حدن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. جاگرافيءَ کي اهميت نه هجي ها، ته هوند وچ مشرق ۾ ڳراٺ جيتريون شيخن جون حڪومتون هزارن جي تعداد ۾ هئڻ بدران هڪ وڏو، طاقتور ۽ اڪيلو ملڪ هجي ها.
    مان ڪراچيءَ کان پشاور تائين نوجوانن جي سينن تي مائوزتنگ جا ٻلا لڳل ڏسندو آهيان. هنن ترقي پسند ادب پڙهيو آهي. هنن روشنيءَ جو کوج لڳايو آهي. اڄ جا اهي ننڍڙا نينگر ۽ سڀاڻي جا برجستا مرد جڏهن چونڊجي (20 –25 سالن کان پوءِ) اسان جي قومي اسيمبليءَ ۾ پهچندا، تڏهن ڪو چئي سگهي ٿو ته هو ڪهڙا فيصلا ڪندا، ۽ ڪهڙا قدم کڻندا! آهي ڪو تاريخي قوتن کي روڪڻ وارو بيوقوف!
    ون يونٽ دوران به پاڪستان جو نالو پاڪستان ئي رهيو. ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ به پاڪستان جو نالو پاڪستان آهي.

    26 فيبروري 1976ع

    _________

    چوٽيهن سالن کان پوءِ ننڍڙو ليک جڏهن هن ڪتاب ۾ ٻيهر ڇپيو آهي، تڏهن محسوس ڪريان ٿو ته تاريخي قوتن شڪست کاڌي آهي. منهنجي اڳڪٿي غلط ثابت ٿي آهي، اسان جو معاشرو ڪني پاڻيءَ جي تلاءَ وانگر غليظ، بدبودار ۽ ڪوڙهي سينور ۾ وٺجي ويو آهي. اسيمبلين ۾ مائوءَ جا ٻلا سيني تي سجائڻ وارا نه پهتا آهن. ساڳيا پير، مير، سردار، جاگيردار ۽ وڏيرا وڃي اسيمبلين ۾ويٺا آهن.


      حاڪمن جي چوڪڙي

    مان ڪجهه عرصي کان رکي رکي شهنشاهه ايران، منهنجو مطلب آهي اڳوڻي شاهه ايران محمد رضا شاهه پهلويءَ جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. مان رضا شاهه جو نه خير خواهه آهيان، ۽ نه ئي بدخواهه آهيان. مان تاريخ جو طالب علم آهيان. تاريخ جي تبديليءَ ۾منافقن جا بينقاب ٿيندڙ چهرا ڏسي رهيو آهيان.
    مون کي چڱي طرح ياد ڪونهي، ۽ اصل ۾ مونکي خبر به ڪونهي ته پاڪستان ۾ ڪهڙن ڪهڙن رستن، چو واٽن ۽ عمارتن جا نالا سابق شهنشاهه محمد رضا شاهه پهلويءَ جي نالي پٺيان رکيل آهن. راولپنڊيءَ جي وچ مان لنگهندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ مصروف رستي مري روڊ جو نالو ڪجهه عرصو اڳ بدلائي محمد رضا شاهه پهلويءَ روڊ رکيو ويو هو. محمد رضا شاهه پهلويءَ جي نالي جي خوب تشريح ڪئي ويئي هئي. فرلانگ ٻن کان پوءِ سيمنٽ جا وڏا وڏا بورڊ ٺاهي انهن تي محمد رضا شاهه پهلوي روڊ لکيو ويو هو. هيءَ دنيا ڏينهون ڏينهن سسي رهي آهي، ننڍڙي ٿي رهي آهي – پتڪڙي ٿي رهي آهي. بين الاقوامي سطح تي ڪوبه ڏوهه، ڪوبه ظلم، ڪوبه ڏڦير، ۽ ڪابه ناانصافي پوشيده رکڻ محال آهي. بلڪه ناممڪن آهي. اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ ۾ دير نٿي لڳي. جنهن وقت مري روڊ جو نلو محمد رضا شاهه پهلوي روڊ هو تنهن وقت به شاهه ايران جي ظلمن ۽ ناانصافين جو پڙاڏو دنيا جي ضمير کي ڌونڌاڙي رهيو هو. پاڪستان ۾ پڙهندڙ ڪيترائي ايراني شاگرد باغي ٿي بيٺا هئا. پر ان وقت محمد رضا شاهه پهلوي جيئن ته اقتدار ۾ هو، ايران جو بادشاهه سلامت هو، تنهن ڪري اسان کي پيارو هو، ۽ اسان سندس نالو مري روڊ تي برقرار رکيو. اسان کيس پاڪستان جو سڀ کان وڏو خير خواهه تسليم ڪيو هو.
    77-1976ع ۾ مان آمريڪا جي فلوريڊا يونيورسٽيءَ ۾ هوس. اتي مون ايران جي ظالم خفيه پوليس جي لونءَ ڪانڊاريندڙ ڪڌن ڪرتوتن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيو. اتي مون ايراني شاگردن کي شاهه ايران خلاف مظاهرا ڪندي ڏٺو. انهن مظاهرن ۾ دنيا جي سمورن ملڪن جا ترقي پسند شاگرد شامل ٿيندا هئا. آمريڪا جي CIA انهن مظاهرن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام رهندي هئي. پر پنهنجين ڪوششن ۾ وسان نه گهٽائيندي هئي. ايران جي خفيه پوليس ساوڪ جا ايجنٽ آمريڪا ۾ CIA جي مدد سان باغي ايراني شاگردن کي اغوا ڪري کڻي ويندا هئا، ۽ کين زهريلي انجيڪشن هڻي ماري وجهندا هئا. ان قسم جي هڪ نه بلڪه ڪيتريون رپورٽون فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي اخبارFlamingo ۾ شايع ٿيون هيون. پر، محمد رضا شاهه پهلوي اقتدار ۾ هو. هو آمريڪا جي حاڪمن کي پيارو هو. حاڪم پاڻ ۾ ملندا ته جپيون پائي ملندا، هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀريندا، هڪ ٻئي کي چميون ڏيندا، هڪ ٻئي جي عيبن تي پڙدو وجهندا! ان صورتحال ۾ محمد رضا شاهه پهلويءَ جو وار ونگو ٿي نه سگهيو.
    نيٺ ايران جو عوام اٿي کڙو ٿيو. سندن هلچل ناڪام ٿئي ها ته بغاوت قرار ڏني وڃي ها، ۽ باغين کي گوليءَ سان اڏايو وڃي ها. پر، هلچل ڪامياب ٿي. ۽ ان کي انقلاب جو لقب ڏنو ويو. محمد رضا شاهه اقتدار وڃائڻ کان پوءِ به ٽي سو خدمتگارن جو اٽالو کڻي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڪشالا ڪڍندو رهيو. اڄ ڪلهه مصر ۾ وڃي پناهه ورتي اٿائين. اسان جي حاڪمن مري روڊ تان سندس نالو گم ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي حاڪمن وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    مان سوچي رهيو آهيان ته محمد رضا شاهه جڏهن اقتدار ۾هو تڏهن، ڇا اسين سندس ظلم، ڏاڍاين ۽ناانصافين کان اڻ واقف هئاسين! تڏهن اسين سندس ڍڪ ڍڪڻ ۾ اڳرا ڇو هئاسين! تڏهين اسين حاڪمن جي بين الاقوامي سازشن ۾ شامل ڇو هئاسين!
    مئل شينهن جي مٿي تي پير رکي تصوير ڪڍرائڻ سولو ڪم آهي. اسان جي اصول پرستيءَ جي خبر ته تڏهن پوي ها، جڏهن اقتدار ۾ هوندي محمد رضا شاهه پهلويءَ کي آئينو ڏيکاريون ها.

    فيبروري 1976ع


      آمريڪا ۾

    مون کي آفيس ڏيئي انسٽرڪشنل سسٽمس ڊيولپمينٽ سينٽر جي بلڊنگ ۾ ويهاريو اٿائون. هن عمارت جو نالو ڊاڊ هال آهي. پراڻي دور جي عمارت آهي، پر سار سنڀال سبب اصلوڪي حالت ۾ آهي. ٻاهران هيءَ عمارت پراڻي طرز جي ۽ اندران جديد نموني جي آهي. سڀئي ڪمرا ايئر ڪنڊيشن، هر هڪ ڪمري ۾ ڀت کان ڀت تائين غاليچا، پردا، بهترين فرنيچر ۽ روشنيءَ جو مناسب بندوبست آهي. هن عمارت ۾ پڙهائڻ جي جديد طريقن تي کوجنا ٿيندي آهي. هيءُ مرڪز پڙهائڻ لاءِ جديد سهوليتن جهڙوڪ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلمن جي استعمال جو مڃيل مرڪز آهي، ۽ چون ٿا ته هن مرڪز جهڙو ٻيو ڪوبه مرڪز سموري آمريڪا ۾ نه آهي. هن مرڪز جو سربراهه ڊاڪٽر رابرٽ مورگن آهي. آمريڪا جي تعليمي سرشتي ۾ ڊاڪٽر مورگن مڃيل شخص آهي، ۽ قومي سطح تي کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ايڏو وڏو شخص، پر ايڏو نماڻو جو ساڻس ملاقات کان پوءِ خوشيءَ بدران حيرت ٿيندي! هو پروموشن يعني ترقي ڪندي (نوڪريءَ ۾ ڏاڪو ڏاڪو چڙهندي) ايڏي وڏي عهدي تي پهتو آهي. هو پنهنجي ڏات، علم ۽ کوجنا لاءِ شوق سبب ايڏي وڏي عهدي تي آهي.
    آمريڪا ۾ آئي مون کي ذري گهٽ مهينو ٿيڻ تي آيو آهي. فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ مون وڏيرن، چوڌرين، خانن ۽ سردارن جا سفارشي نه ڏٺا آهن. هتي سڀ کان وڏي پهرين ۽ آخرين سفارش آهي قابليت، ۽ لياقت. هتي ڪوبه شخص ڪوڙيون ڊگريون ڏيکاري، يا فقط ڊگرين جو ذڪر ڪري ساک ٺاهي نه سگهندو آهي. هتي ساک ٺهندي آهي ڪم سان. فلوريڊا يونيورسٽيءَ ۾ مون ڪنهن به اهڙي ليڪچرار کي فلمي شعبي جو سربراهه نه ڏٺو آهي جنهن اعتراف ڪيو هجي ته کيس فلمن جي ف بابت خبر ناهي ۽ کيس پروجيڪٽر هلائڻ جو شوق آهي، ۽ ان ڪم لاءِ آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ سکيا جو خواهشمند آهي. هتي مون ڪنهن اهڙي شخص کي، جنهن انگريزيءَ ۾ ٻه ٽي فحش ڪتاب لکيا هجن ۽ ڪنهن مغربي ملڪ ۾ پنجن پنجن منٽن واريون خاموش فحش (بلو) فلمون ٺاهيون هجن، تنهن کي يونيورسٽي ۾ اهم عهدي ته نه ڏٺو آهي – کيس ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم جي شعبي جو سربراهه نه ڏٺو آهي. 
    مان هتي ڊاڪٽر مورگن سان ڪم ڪري رهيو آهيان. توهان ۾ ڪم هوندس ته هڪدم اٿي ايندو. توهان جي ڪمري ۾ ويهندو - ڳالهائيندو، ۽ موٽي ويندو. گهرائڻو هوندس ته پٽيوالو نه موڪليندو. آمريڪا ۾ پٽيوالي قسم جي ڪابه نوڪري نه آهي. هتي ڪوبه پٽيوالو ۽ چپراسي نه آهي، جيڪو اسان جي در ٻاهران ويٺو هجي ۽ گهنٽيءَ جو آواز ٻڌي ڊوڙندو حاضر ٿئي. گهرائڻو هوندس ته پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چوندو. هوءَ توهان وٽ ايندي. چوندي ته ڊاڪٽر مورگن فلاڻي وقت کان فلاڻي وقت تائين توهان جي سهوليت مطابق توهان سان ملڻ چاهي ٿو.
    سوين ماڻهو ڊاڪٽر مورگن جي هٿ هيٺان ڪم ڪري رهيا آهن. پر ڪوبه سندس چمچو ڪونهي. ڪنهن جو به کانئس دم نه نڪرندو آهي. کيس سلام ڪجي، يا نه ڪجي، پاڻ سلام ڪندو. ٻئي جي سلام تي فقط ڪنڌ نه لوڏيندو. ڊاڪٽر مورگن سان ملڻ جو طريقو به سولو آهي. سندس سيڪريٽريءَ سان ملڻ وقت توهان کي سندس مصروفيت جو چارٽ ڏيکاريندي. جيڪو وقت هو توهان کي چارٽ تي خالي نظر اچي اهو وقت توهين کانئس وٺي سگهو ٿا. ان وقت تي ڊاڪٽر مورگن اوهان کي منتظر نظر ايندو. توهان کي سندس آفيس ٻاهران بيهڻو نه پوندو ¸ ڪنهن ڪلارڪ، پي اي يا پٽيوالي کي عرض ڪرڻو نه پوندو. واچ ۾ وقت ڏسو ۽سندس ڪمري جو در کولي اندر هليا وڃو.
    جيتوڻيڪ هو مرڪز جو سربراهه آهي، پر تنهن هوندي به پنهنجو رايو ٻين تي مسلط نه ڪندو آهي. هو اهو نه سمجهندو آهي ته تمام اهم عهدي تي هئڻ ڪري کيس هر مضمون ۽ معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو لائسنس ملي ويو آهي. هو توهان کي غور سان ٻڌندو – توهان سان بحث ڪندو - توهان سان گفتگو ڪندو. پر توهان کي عمل ڪرڻ کان نه روڪيندو. پر، اوهين جيڪڏهن ڪنهن اهڙي مضمون سان واسطو رکو ٿا، جنهن جي کيس ڄاڻ پوري ساري آهي ته هڪدم چوندو ته توهان جو مضمون آهي - توهان جي فيلڊ آهي - جيئن توهان چاهيو، تيئن ڪريو. عهدي سبب هتي ڪوبه هر فن مولا نه آهي.

    19 آڪٽوبر 1976ع


    _______

    اُن وقت جي پريزيڊنٽ جي سفارشيءَ طرف اشارو، جنهن کي اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ فلمن جي شعبي جو سربراهه ڪيو ويو هو. نون مهينن کان پوءِ ڀڄي ويو هو.


      اياز خلاف اسلام آباد ۾ مظاهرو

    آب پاره اسلام آباد جي ڀرسان نعرا پئي لڳا، ”شيخ اياز ڪو برطرف ڪرو“
    جماعت اسلاميءَ جا ٻالڪا، جمعيت يعني طلبا جا ويهارو کن ويڙهو گهٽا ميڙ ٺاهي رستي تي بيٺا هئا، ۽ شيخ اياز خلاف نعرا هڻي رهيا هئا.
    هڪڙو سنهڙو سيپڪڙو ڇوڪر، جنهن جي چيلهه منهنجيءَ مٺ برابر هئي، سو سڀني کان وڌيڪ زور سان نعرا هڻي رهيو هو. هن جي هٿ ۾ هاڪي هئي، ۽هو ٻاگها ڦاڙي نعرا هڻي رهيو هو، ”شيخ اياز ڪو برطرف ڪرو.“
    مون کي سنهڙو سيپڪ دلچسپ لڳو - هوبهو کڳي جو اڳ ڄايو پئي لڳو. مون هن سان ڳالهائڻ چاهيو. هڪڙي دوست روڪيو. چيائين، ”جيڪڏهن خبر پين ته تون ڪير آهين، ته پوءِ توکي اڦٽ ماريندي ويرم نه ڪندا.“
    مون جمعيت جي ويڙهو گهٽن ڏانهن ڏسندي چيو، ”هي سڀئي ويڙهو گهٽا آهن، ۽ مون کي ويڙهو گهٽن جي سڱن ۾ هٿ وجهي سندن ڪنڌ مروڙڻ ايندو آهي.“
    ان کان پوءِ مان سنهڙي سيپڪ وٽ وڃي بيٺس. هن کي ڪلهي تي ٿپڪي ڏنم. هن مون ڏانهن ڏٺو. کانئس پڇيم، ”توهين ڪير آهيو؟“
    جواب ڏنائين، ”اسين اسلام آباد يونيورسٽيءَ جا - ساڄي ڌر وارا شاگرد آهيون.“
    پڇيو مانس، ”شيخ اياز کي اسلام آباد يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو اٿائون ڇا؟“
    هن منهن ۾ شور وجهي مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”ڇا توکي خبر ناهي ته شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو اٿائون!“
    چيم، ”ها، مون کي خبر آهي.“
    هن چيو، ”اسان کي اها ڳالهه پسند ناهي.“
    ”ڇا جي؟“
    ”شيخ اياز جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي.“
    ”توهين اسلام آباد يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهيو، ۽ اياز کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو اٿائون. ”کائنس پڇيم، ”ان ۾ اوهان کي ڪهڙو اعتراض آهي.“
    ”اها مقرري اسان کي نٿي وڻي.“
    ”اڄ ڪلهه مقرريون توهان جي مرضيءَ مطابق ٿينديون آهن ڇا؟“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”مطلب ته شيخ اياز جي مقرريءَ تي توهان کي اعتراض ڇو آهي!“
    ”ها، اسان کي اعتراض آهي.“
    ”شيخ اياز جي مقرريءَ سبب سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد ته ڏاڍا خوش ٿيا آهن!“
    ”هو ڀليل آهن، اسين کين راهه راست تي آڻينداسين.“
    ”توهين!“
    ”ها، اسين.“
    ”ڪيئن؟“
    ”اسين شيخ اياز خلاف پروپيگنڊا جاري رکنداسين.“
    ”اها پروپيگنڊا اوهين ڪيستائين جاري رکندا؟“
    ”جيستائين اسان کي اسان جي مربين ۽ مها ملن جي جماعت، جماعت اسلاميءَ وٽان حڪم ملندو رهندو.“

    9 مارچ 1976ع


      هوشوءَ جو ڏهاڙو

    تاريخون تاريخن جهڙيون، ۽ ڏينهن سڀئي ڏينهن جهڙا ٿيندا آهن. وقت جو چرخو پيو هلي. پر، ڏينهن جهڙن ڏينهن مان ڪنهن ڏينهن کي اوچتو فضيلت نصيب ٿيندي آهي. اُهو ڏينهن عام ڏينهن کان مختلف ٿي پوندو آهي. اهڙي ڏينهن ڪو تاريخي واقعو رونما ٿيندو آهي. اهڙي ڏينهن شجاعت جي تاريخ ۾ بهادريءَ جي نئين باب جو اضافو ٿيندو آهي. هڪ شخص حب الوطنيءَ ۽ دليريءَ جي داستانن ۾ تمام مٿاهون مقام حاصل ڪرڻ لاءِ سر جو نذرانو ڏيئي ويندو آهي. هو پنهنجيءَ بيمثال قربانيءَ سان قومن جي سوچ بدلائي ڇڏيندو آهي. هو ظالم جي ظلم خلاف لڙندو آهي - وڙهندو آهي. رتو ڇاڻ ٿيڻ کان پوءِ، هو پنهنجو ٿڪل ٽٽل جسم ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ڇڏي هليو ويندو آهي - پر، ڏاڍ آڏو آڻ نه مڃيندو آهي. هو ذلت جي زندگيءَ تي عزت جي موت کي ترجيح ڏيندو آهي. هو پنهنجو وارو وڄائي هليو ويندو آهي، ۽ ايندڙ نسل جي سرويچن لاءِ آزاديءَ جو ابدي درس ڇڏي ويندو آهي.
    اڄ مارچ جي 24 تاريخ آهي.
    اڄ جرنيل هوش محمد جي شهادت جو ڏينهن آهي.
    اڄ اُن جوڌي جي اُسهڻ جو ڏينهن آهي، جنهن سامراجي قوتن آڏو ڪنڌ ڪپايو، پر ڪنڌ نه جهڪايو.
    اڄ اسان جي سهڻي، سلوڻي، ڪارڙي قداور جي موڪلائڻ جو ڏينهن آهي، جنهن وطن جي عزت ۽ آزاديءَ لاءِ سر ڏنو، پر انگريزن جي فوج آڏو اٽل رهيو.
    اڄ هوشو شيديءَ جو ڏينهن آهي، جنهن سنڌ لاءِ ساهه ڏنو، پر سنڌ جو سودو نه ڪيو.
    هو اسان جي اڄوڪي آزاديءَ جو ضامن آهي.
    هو عزت نفس جو محافظ آهي.
    هو غيرت جي علامت آهي.
    هن جو نالو جرنيل هوش محمد شيدي آهي.
    مير شير محمد کي هوشوءَ چيو هو ته بابا وڙهبو ¸ مربو، مڙس ٿي انگريز جو مقابلو ڪبو، پر ڪنهن به قيمت تي گوري آڏو آڻ نه مڃبي.
    هوشو وڙهيو. اهڙي دليريءَ سان وڙهيو جو انگريزن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آين، ته لکي ويا ته جرنيل هوش محمد قنبراڻي نيپولين بونا پارٽ جو خاص توبچي هو، ۽ واٽر لو جي جنگ ۾ نيپولين جي شڪست کان پوءِ سنڌي فوج ۾ اچي شامل ٿيو هو.
    انگريزن هوش محمد جي باري ۾ گٿا لفظ استعمال نه ڪيا. هو هوشوءَ جا دشمن هئا، پر سندس بهادريءَ، دليريءَ ۽ غيرت جا مداح هئا. هنن جيڪڏهن هوشوءَ کي نيپولين جي حوالي سان بيان ڪيو آهي، ته ڪنهن مدائيءَ جي جذبي سان بيان نه ڪيو آهي. نيپولين جهڙي جگري مڙس جو خاص توبچي هئڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي. هنن کي هوشوءَ جي شجاعت اهڙو ته بدحواس ڪري ڇڏيو، جو تاريخ ۾ ترميم ڪري هوشوءَ کي نيپولين جو توبچي ظاهر ڪري ويا. انگريزن جي اهڙي اظهار پٺيان هوشوءَ جي حب الوطنيءَ لاءِ سندن اعتراف جو عنصر شامل آهي.
    پر، اسان جي ملڪ ۾ ڪي اهڙا جماعتي مجهول، حب الوطنيءَ جا دشمن، ۽ عزت نفس کان نا آشنا شخص پيدا ٿيا آهن، جن سنڌ ۾ سنڌين خلاف نفرت جو مارو وڃي هوشوءَ تي ڪيو آهي. لکيو اٿائون ته هوشو اصل ۾ انگريزن جو ايجنٽ ۽ سرچارلس جو بورچي هيو. هو ڊڄڻو، گيدي ۽ ڪانئر هيو.
    سامراجي ايجنٽ قومن کي بد دل ڪرڻ لاءِ سندن دل ۾ پنهنجن بهادرن، دليرن ۽ جوڌن بابت شڪ شبهو وجهي، کين تاريخ کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. سامراجي ايجنٽن هوشوءَ خلاف بدڪلامي ۽ غلط بياني ڪري هوشوءَ جي عظمت کي ڇيهو رسائي نه سگهيا آهن، پاڻ ڏٺا ٿي پيا آهن. سندن سامراجي ايجنٽ هئڻ ۾ اسان کي ڪو شڪ نه رهيو آهي - بلڪه يقين ٿي ويو آهي.
    سامراجي گماشتا بي سمجهه آهن. نادان آهن. هوشو اسان جي دل ۾ آهي. هوشو اسان جي روح ۾ آهي. هو اسان جو ساهه آهي. هو اسان جو ماهه آهي. هوشوءَ جي حوالي کان سواءِ اسين بي معنيٰ، بي مقصد ۽ مبهم آهيون. هوشو اسان منجهان هو. اسين سندس وارث آهيون. اسين هوشو آهيون.

    25 مارچ 1976ع


      قياس آرائين واري قوم

    اسلام آباد ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن. هڪ يونيورسٽيءَ جي هڪ مائي پروفيسر مون کان پڇيو، ”سنڌ ۾ لعل موري پت رکيو ڀلا کان سواءِ ٻي ڪا موسيقي به آهي يا ٿيو ڀلو؟“
    پروفيسر جو سوال ٻڌي مون کي اچرج نه ٿيو - مون کي ڪابه حيرت نه ٿي.
    اسان جي ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه ڪاغذن تي ٿيندو آهي. ڪاغذن کان ڳالهه وڌندي، ته ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ميٽنگون، ميٽنگن کان پوءِ لنچ ۽ ڊنر جا پروگرام ٿيندا آهن. ڳالهه اڃا ڪجهه اڳڀرو هلندي آهي، ته تقريرون ٿينديون آهن.
    مان جڏهن ڄائو هوس، تڏهن پاڪستان لاءِ جدوجهد زورن تي هئي. انگريزن تي واضح ڪيو ويو هو، ته هندستان جا مسلمان پنهنجو جدا ملڪ ٺاهيندا - هندن سان نه ٺهندا، نه رهندا - هو پنهنجي آزاد ملڪ ۾ آزاديءَ سان اسلامي اصولن پٽاندڙ زندگي گذاريندا. انگريز قائل ٿيا.
    پوءِ جڏهن مان ڏهن يارهن سالن جو هوس تڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو. ان دفعي اسان کي اسڪول ۾ کٽمٺڙا کارايا ويا هئا. کٽمٺڙا اسان جي وات ۾ ئي هئا، جو اسان کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ٻڌيءَ، يعني يڪجهتيءَ جي ضرورت آهي.
    ملن مون تي ڪفر جي فتوا صادر ڪري ڇڏي آهي. هنن مون کي الحاد جو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي. تنهن ڪري، مان پنهنجي ڳالهه نه ڪندس. مان ڪافر آهيان. باقي سموري پاڪستان ۾ خدا جي فضل سان ماڻهو عين اسلامي اصولن مطابق زندگي گذاري رهيا آهن - بس، ڪا ڪمي رهجي ويئي آهي، ته اُها يڪجهتيءَ جي ڪمي آهي. هينئر، مان جڏهن چاليهن جي لڳ ڀڳ ٿيو آهيان، واءُ ويلا ٻڌي رهيو آهيان، ته يڪجهتي ڪونهي، يڪجهتي پيدا ڪبي - ماڻهن ۾ ٻڌيءَ جو جذبو جاڳائبو.
    هڪ مائي پروفيسر مون کان پڇيو آهي، ته ڇا سنڌ ۾ لعل موري پت رکيو ڀلا کانسواءِ ٻي ڪا موسيقي آهي!
    پاڪستان جي لازمي حصن، سنڌ، پنجاب، سرحد، ۽ بلوچستان جا ماڻهو هڪ ٻئي کي قياس آرائين ذريعي سڃاڻيندا آهن. انهن قياس آرائين مطابق سنڌ ۾ فقط هڪ فنڪاره آهي، جنهن جو نالو روبينه آهي، ۽ هوءَ لعل موري پت رکيو ڀلا ڳائيندي آهي. سرحد وٽ مهه جبين آهي، ۽ هوءَ هڪ پشتو لوڪ گيت ۾ پنهنجي محبوب سان پشاور جو مساڪ آڻڻ جي فرمائش ڪندي آهي. بلوچستان وٽ فيض محمد بلوچ آهي ۽ هو غمگين گيت نچي نچي ڳائيندو آهي. ۽ پنجاب وٽ به فقط هڪ فنڪار آهي، ۽ هن جو نالو عالم لوهار آهي ۽ هو پنجاب جي جگني ڳائيندو آهي. انهن قياس آرائين کان سواءِ ڪجهه ٻيون قياس آرايون به آهن، جيڪي مزيدار آهن. انهن جو ذڪر ٻئي ڪنهن دفعي ڪبو.
    دنيا، ڏينهون ڏينهن ننڍي ٿي رهي آهي. ان ۾ پهچ جي ذريعن جو دخل آهي. تيز رفتار جهازن، ريڊيو، ٽيليويزن، ٽيليفون، ٽيليڪميونيڪشن، مصنوعي سيارن فلمن، ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن سبب دنيا ننڍي ٿي ويئي آهي. اڄ جيڪي بيروت ۾ ٿي رهيو آهي، يا جيڪا صورتحال انگولا ۾ آهي، اسين ان کان هڪدم واقف ٿيون ٿا. اسان جا ريڊيو ۽ ٽيليويزن وارا هڪدم اسان کي بين الاقوامي حالتن کان واقف ڪن ٿا. هو اسان کي (خاص طرح سان ٽيليويزن وارا) آمريڪي فلمون ڏيکاري آمريڪي تهذيب سان روشناس ڪرائي چڪا آهن. اسين ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي قوت کان واقف آهيون.
    پر تنهن هوندي به پاڪستان ۾ اسين هڪ صوبي جا ماڻهو، ٻئي صوبي جي ماڻهن لاءِ اجنبي آهيون!

    6 اپريل 1976ع


      سرداري نظام جو خاتمو

    سرداري نظام جي خاتمي تي سموري ملڪ جي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا، مضمون ڏنا ۽ ڪالم ڪارا ڪيا، پر مون ڪجهه نه لکيو. اها خبر جڏهن پراڻي ٿي وئي آهي تڏهن مان سرداري نظام جي خاتمي بابت ڪالم لکي رهيو آهيان.
    مون پنهنجي حياتي خوابن جي سهاري گذاري آهي. باقي بچيل منهنجي زندگي پڻ خوابن جي سهاري گذري ويندي. مان ڪنهن اهڙي معاشري متعلق خواب ڏسندو رهيو آهيان، جنهن ۾ حسرتون، اميدون، تمنائون ۽ چاهتون شوڪيسن ۾ بند نه هونديون، ۽ اسين فٽ پاٿ تي بيهي ونڊو شاپنگ ڪندڙ مجبور ۽ بيوس انسان نه هونداسين! اهڙي معاشري متعلق مان سپنا ڏسندو رهيو آهيان جنهن ۾ ٽنگن هوندي ماڻهو منڊا نه هوندا، ٻانهن هوندي ماڻهو رونڊا نه هوندا، زبان هوندي ماڻهو گونگا نه هوندا، ڪنن هوندي ماڻهو ٻوڙا نه هوندا ۽ اکين هوندي ماڻهو انڌا نه هوندا! مان ڪنهن اهڙي معاشري جو منتظر رهيو آهيان، جنهن ۾ علم دولت هٿان مات نه کائيندو، ۽ عالم جا ٻار ڪشتو کڻي رستن تي نه پنندا!
    سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ٻڌم، پڪ نه پئي آيم. ڀانيم خواب ۾ آهيان - خواب ۾ ئي صدين جي ظلم جو خاتمو ڏسي رهيو آهيان. ڪسابن کان بيٺل قهرن جا ڪوٽ ڪيرائڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي. ڪهرن جي ڪوٽ، ۽ ڏاڍن جي ڏاڍائيءَ جي خاتمي جي ڳالهه ٻڌي ڇرڪ نڪري ويو. اڄ تائين يقين نه پيو اچيم ته خواب ۾ آهيان، يا جاڳي رهيو آهيان!
    سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ٿي چڪو آهي. تابوت تيار ٿي چڪو آهي. سرداري نظام جي بدبودار لاش کي دفنائڻ جو بندوبست ٿي چڪو آهي. هينئر باقي رهيل رسم عوام تي ڇڏيل آهي.
    ڏسڻو اهو آهي، ته عوام سرداري نظام جي بدبودار لاش کي دفن ڪري مٿس لت رکي ٿو، يا پڙ چاڙهي، پير ڪري ٿو پوڄيس!
    اسين ظلم سهندي سهندي ظالم سان وفادار ٿي ويندا آهيون. ڏسڻو اهو آهي، ته اُهو عوام جيڪو سردارن هٿان عزت نفس کان محروم ٿيندو رهيو آهي، سو عوام سرداري نظام جي خاتمي کانپوءِ آزادي ۽ عزت نفس کي قبول به ڪري ٿو، يا نه!
    سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان روشنيءَ جي راهه آهي. اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته روشنيءَ جي راهه تي هلندي عوام نفرت وچان مئل سرداري نظام کي ٺڪرائي به ٿو، يا سردارن جي ڪنهن چال جو شڪار ٿي، اوندهه جي راهه وٺي ٿو. سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان اسان لاءِ اڳڪٿي آهي. ختم ڪيل سرداري نظام جو نالو نشان ڊاهڻ ۽ ميسارڻ عوام جي هٿ ۾ آهي. اسين جي ڪڏهن سردار کي بار بار سردار سڏيندا رهنداسين، ته پوءِ ڪوبه اعلان صحيح معنيٰ ۾ سرداري نظام کي ختم ڪري نه سگهندو. ڏسڻو اِهو آهي ته عوام لفظ سردار کي هميشه لاءِ پنهنجي ذهن مان خارج به ڪري ٿو يا نه!
    چونڊون اينديون. اِهي ساڳيا سابق سردار ٻئي ڪنهن نالي ۾ چونڊون لڙندا. راڄن کان ووٽ وٺڻ لاءِ مظلوم ٿي عوام آڏو ايندا. اُڀ جيڏا واعدا ڪندا. خدا رسول جا واسطا ڏيئي ووٽ لاءِ عرض ڪندا. ڏسڻو اهو آهي، ته عوام اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏيئي طاقت ۾ آڻيندو، يا مڪمل انڪار ڪري سندن اهميت کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو! عوام جي سوڀ اِن ۾ آهي، ته اهڙا ماڻهو اسيمبلين تائين نه پهچن !

    13 اپريل 1976ع

    ________

    عوام، خاص ڪري سنڌ جو عوام چوٽيهه سالن ۾ اُتي جو اتي بيٺل آهي. ماڻهو سردارن، پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي در آڏو ٻڌا ٻانها ٿي بيٺا آهن.


      سپلائي لائين

    اسين انسان بنيادي طرح، پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي وڏا پلستر هوندا آهيون. هميشه ڀڏا ڪم ڪندا آهيون، پر پاڻ کي فرشتو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اسين هڪٻئي کي عذاب ڏيندا آهيون - هڪٻئي کي ستائيندا آهيون - خون ڪرائيندا آهيون - ڌاڙا هڻائيندا آهيون - نفرتن جو واپار ڪندا آهيون - هڪ ٻئي جون ملڪيتون ۽ ملڪ ڦٻائيندا آهيون، پر تنهن هوندي به پاڻ کي اشرف المخلوقات سڏائيندا آهيون.
    انسان جي انفردي عمل مان قومن جي اجتمائي عمل جي پروڙ پوندي آهي. جنهن قوم ۾ ڦڏيبازن ۽ ٽپتائين جي اڪثريت هوندي آهي، سا قوم اجتماعي طور تي ڦڏيبازن جي قوم هوندي آهي.
    بيروت باهه ۽ بارود ۾ سڙي رهيو آهي. نالين ۾ انسان جو رت وهي رهيو آهي. يتيم ٻار سڙڪن تي، ٽينڪن، جيپن ۽ لارين جي درميان موت جو منتظر آهي. رنگين راتين، عياشين، ۽ بدمعاشين جو شهر بيروت سڙي رهيو آهي. سرمائيدارن جي جنتن جو شهر خاڪ ٿي رهيو آهي. اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيلويويزن تان خبرون اچي رهيون آهن. امن ۽ صلح جون ڳالهيون ناڪام ٿي رهيون آهن. وڏين وڏين طاقتن کي بيروت جي حشر جو افسوس آهي. وڏين طاقتن کي ويٽنام جو به افسوس هيو. وڏين طاقتن کي ڪمبوڊيا جو به ڏک هيو. دنيا ۾ جتي به ۽ جڏهن به هٿيار بند جدوجهد شروع ٿيندي آهي، تڏهن وڏين طاقت لاءِ ڏک ۽ تشويش جو سبب ٿي پوندي آهي. روزانو بيان ٻڌبا آهن، ته فلاڻي وڏي ملڪ جي فلاڻي صاحب کي بيروت جو ڏک آهي، ويٽنام جو ڏک آهي، ڪمبوڊيا جو ڏک آهي، انگولا جو ڏک آهي، سموري دنيا جي قومن جو کين ڏک آهي!
    ڪنهن به ملڪ ۾ وڙهندڙ فوجون تڏهن ناڪام ٿينديون آهن، جڏهن سندن رسد لائين، جنهن کي ”سپلائي لائين“ چئبو آهي، ڪٽجي ويندي آهي. سپلائي لائين ذريعي وڙهندڙ فوجن کي هٿيار، بارود، ۽ خوراڪ پهچائي ويندي آهي. سپلائي لائين جڏهن ڪٽجي ويندي آهي، تڏهن ويڙهه جي شدت ختم ٿي ويندي آهي. فوجون هٿيار ڦٽا ڪري پيش پونديون آهن. اها جنگ جي اسٽريٽجي آهي.
    بيروت ۾ هلندڙ جنگ ۾، ٻنهي پاسي سپلائي لائين کي ڪير هلائي رهيو آهي! بيروت ۾ باقاعدي فوجن جي درميان جنگ ڪونهي. ساڄي ۽ کاٻي ڌر جا هٿيار بند منظم گروهه گهٽين، سڙڪن ۽ چوواٽن تي وڙهي رهيا آهن. سوال ٿو اٿي ته کين بارود، هٿيارن ۽ کاڌي جي سپلائي ڪير پهچائي رهيو آهي. هڪڙي اندازي موجب بيروت ۾ روزانو پنج ڪروڙ رپين جو بارود ۽ هٿيار ڪم اچي رهيا آهن. اهي ڪهڙيون طاقتون آهن، جيڪي پنج ڪروڙ رپيا روزانو خرچ ڪري رهيون آهن؟
    مان جڏهن بيروت بابت خبرون پڙهندو يا ٻڌندو آهيان، تڏهن وڏين طاقتن جي نيت تي شڪ ڪندو آهيان. منهنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويندو آهي. مان سوچيندو آهيان، ته منظم گروهن درميان هلندڙ ويڙهه کي روڪائڻ لاءِ ٻنهي گروهن جي سپلائي لائين هميشه لاءِ ڪاٽي ڇونه ٿي ڇڏجي؟ سپلائي لائين چالو رهي، فريقين کي هٿيار ۽ بارود پهچندو رهي، ۽ پوءِ امن جي اميد ڪجي، اجايو وهم آهي! 

    20 اپريل 1976ع


      مبهم ڳالهيون

    اڄ ڪجهه مبهم، ڪجهه بي معنيٰ ڳالهيون ڪبيون.
    ”جڏهن لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائبو آهي، تڏهن ڇا ٿيندو آهي؟“
    ”ڪوڙ تڏهن سچ محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.“
    ”ميڪاوليءَ جي نظريي مطابق اها ڳالهه ڪئي اٿئي ڇا؟“
    ”نه. تاريخ جي حوالي سان اِها ڳالهه ڪئي اٿم.“
    ”مون کي تاريخ پسند ناهي.“
    ”ڇو؟“
    ”مون کان سن ياد نه ٿيندا آهن.“
    ”تاريخ جا دشمن اسان جا استاد هئا، جيڪي سمورو زور سنن تي ڏيندا هئا، ۽ تاريخ کي معاشري کان ڪٽي، ڌار ڪري فقط بادشاهن جي عروج ۽ زوال جو قصو ڪري پڙهائيندا هئا.“
    ”تاريخ جي ان کان سواءِ ٻي ڪهڙي اهميت آهي؟“
    ”انسان ذات جي معاشرتي، نظرياتي، سماجي ۽ سياسي ارتقا جي تسلسل کي جڏهن قلمبند ڪبو آهي، تڏهن تاريخ ٺهي پوندي آهي.“
    ”۽ ادب؟“
    ”ادب تاريخ جي حوالي کان سواءِ فقط تفريح جو سامان ثابت ٿيندو آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”ون يونٽ ٽوڙائڻ واري تحريڪ دوران جيڪو ادب لکيو ويو هو، سو ذميداريءَ سان لکيو ويو هو. سمورو ادب تاريخ جي حوالي سان لکيو ويو هو.“
    ”ادب کي تاريخ جو حصو، يا تاريخ کي ادب جو حصو سمجهڻ گهرجي؟“
    ”ٻنهي جي جدا جدا حيثيت آهي. مون ادب جي ڳالهه ڪئي آهي. اُهو ادب جيڪو پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، ۽ معاشرتي لاڙن ۽ رجحانن جي ترجماني نٿو ڪري، يعني تاريخي ڦير گهير کي قلمبند نه ٿو ڪري، سو ادب تفريحي ادب آهي.“
    ”ڀلا ڪجهه ماڻهو ڪوڙ تي ثابت قدم ڇو رهندا آهن؟“
    ”ڇو جو هو سچ تي هلي نه سگهندا آهن.“
    ”سچ ڇاهي؟“
    ”سچ اُهو آهي، جيڪو ڪوڙ نه آهي.“
    ”۽ ڪوڙ اُهو آهي، جيڪي سچ نه آهي.“
    ”۽ اِهي ٻئي ڇا آهن؟“
    ”جيڪا شيءِ سچ کان مختلف آهي، سا ڪوڙ آهي. ۽ جيڪا شيءِ ڪوڙ کان مختلف آهي، سا سچ آهي.“
    ”مختلف هئڻ جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي؟“
    ”جيئن روشني اوندهه کان مختلف آهي. جتان اوهان کي بصيرت ملي، اُها روشني آهي، سچ آهي. ان جي ابتڙ اوندهه آهي.“
    ”دوکو ڇا آهي؟“
    ”جنهن تي اول هئڻ جو گمان هجي. پر تصديق ڪرڻ کان پوءِ نه هجي.“
    ”۽ فريب؟“
    ”سلام ڦيرڻ کان پوءِ جڏهن جتيءَ تي نگاهه وجهجي، ان کي غائب ڏسجي.“
    ”سچ منهنجيءَ دل ۾ آهي.“
    ”دل هميشه دوکو ڏيندي آهي.“ 

    23 مارچ 1976ع


      منهنجا مثالي شاگرد

    مون پاڻ کي شاگردن جي سياست کان هميشه ڌار رکيو آهي. مان ليکڪ آهيان، ۽ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ شاگردن جي سياست سان منهن جو سڌو سنئون ڪوبه تعلق ڪونهي. ها، مون شاگردن جي باري ۾ جيڪي محسوس ڪيو آهي، سو لکيو آهي. شاگرد قومن جي آئيندي جي علامت هوندا آهن. تنهن ڪري منهنجي ذهن ۾ مثالي شاگردن جو تصور مستقل صورت اختيار ڪري ويو آهي. تنهن ڪري مان جڏهن به شاگردن جي مسئلن بابت لکندو آهيان، اهي مثالي شاگرد منهنجي ذهن ۾ موجود هوندا آهن.
    سنڌ لاءِ ساهه قربان ڪندڙ اُهي شاگرد محنتن جا مسيحا آهن. مون کي لائبريرين ۾ نظر ايندا آهن – سنڌ جي تاريخ جا ورق ورائيندا آهن – سوچيندا آهن. هنن کي سنڌ جي ضرورتن جي خبر آهي. هو سنڌ لاءِ قوت ۽ طاقت جي خزانن کان واقف آهن. هو سنڌ کي طاقتور بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ کي هر سال ٽي سو ڊاڪٽر، ٽي سو انجنيئر، ۽ ٽي سو سائنسدان، ۽ لاتعداد هنرمند، ڪاريگر، آپريٽر، ٽيڪنيشن، نرسون، ڪمپائونڊر، ٽائپسٽ، اسٽينو گرافر، ريل گاڏيون، هوائي جهاز ۽ پاڻيءَ جا جهاز هلائيندڙ گهرجن. سنڌ کي اهڙن ڄاڻن جي ضرورت آهي، جيڪي ملڪي ۽ پرڏيهي واپار جا ماهر هجن – ناڻي جي مٽاسٽا جا ماهر هجن – بينڪاريءَ جا ماهر هجن. منهنجا مثالي شاگرد راندين ۾ ميدان ماري رهيا آهن - چٽا ڀيٽين ۾ اڳتي نڪري رهيا آهن – هو سموري جڳ ۾ سنڌ جو مانُ ۽ مرتبو مٿاهون ڪري رهيا آهن.
    منهنجا مثالي شاگرد نه صرف پنهنجي پڙهڻ ۾ ڀڙ آهن، ۽ سنڌ کي طاقتور بنائڻ لاءِ پاڻ کي تعليم، ڄاڻ ۽ خود آگاهيءَ جي هٿيارن سان جهنجهي رهيا آهن، پر هو بين الاقوامي سطح جي سياست کي پڻ سمجهي سگهن ٿا. هو سامراجي ايجنٽن کي سڃاڻن واري نگاهه رکن ٿا. هو سنڌ ۾ رهڻ جي باوجود سموري دنيا جي ترقي پسند قوتن سان پاڻ کي شامل محسوس ڪن ٿا. جتي به جابرن ۽ استحصالي قوتن خلاف مظلومن ۽ ڏتڙيل عوام جي جدوجهد هلي رهي آهي، هو پاڻ کي ان جدوجهد جو هڪ حصو سمجهن ٿا. هنن دنيا کي ٻن وڏن ۽ واضح گروهن ۾ تسليم ڪيو آهي. هڪ گروهه ظالمن جو آهي؟ ٻيو گروهه مظلومن جو آهي. هو مظلومن جي گروهه سان وابسته آهن ۽ سندن سر سان ڪفن ٻڌل آهي.
    منهنجا مثالي شاگرد سنڌ جي استحصالي قوتن جا جاني دشمن آهن. هو سنڌ جي هاريءَ، ڪڙميءَ، مزور، محتاج ۽ محنت ڪش جا دوست آهن. هو سنڌ جي پورهيت ۾ پورهيتن جي عالمي تنظيم واري سجاڳي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. هو سنڌ جي ترقي پسند اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن جا ٻانهن ٻيلي آهن.
    منهنجا مثالي شاگرد سنڌ کي وهمن، سنسن، ۽ ڀرمن جي ڀوت کان نجات ڏيارڻ چاهين ٿا. هو قبر پرستيءَ جا مخالف آهن، ۽ قبر پرستيءَ کي ترقي پسند تحريڪن لاءِ سخت هاڃيڪار سمجهن ٿا.
    منهنجا مثالي شاگرد ذهين آهن ۽ ترقي پسند آهن، تنهن ڪري سياسي طرح عام شاگردن کان وڌيڪ سجاڳ آهن. هو ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي چونڊن ۾ وڏيرن جي اولاد جي فتح کي مٿاهين سطح تي قومي چونڊن ۾ وڏيرن جي فتح سان وابسته ڪن ٿا. تنهن ڪري، سنڌ کي وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ رئيسن جي اجاره داريءَ مان آجو ڪرائڻ لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي چونڊن ۾ وڏيرڪن اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪنهن هاريءَ يا مزور جي پٽ کي بيهارين ٿا ۽ کيس ڪامياب ڪرائي ڏيکارين ٿا. هو وڏيري جي دولت کي تنظيم سان شڪست ڏين ٿا - اهڙا آهن منهنجا مثالي شاگرد. تيئن هي عوام دشمن، ۽ صحيح معنيٰ ۾ پاڪستان دشمن ٽولو، پنهنجي پرچار ۽ مهم کي تيز ڪري رهيو آهي. اهو ٽولو پاڻ کي پاڻ هرتو ۽ پاڻ مرادو پاڪستان جو پڳدار سڏرائي رهيو آهي، ۽ کليو کلايو ملڪ ۾ فن ۽ ادب بابت جاگيرداراڻو ۽ سرمائي داراڻو نظريو ڦهلائي رهيو آهي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته عوام جي زبانن، اديبن ۽ شاعرن کي غير پاڪستاني سڏي رهيو آهي .

    22 مئي 1976ع


      ادب بابت مائوزي تنگ جو رايو

    ادبي مطالعي کي مون مختلف ڌارائن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ادب بابت انقلابي شخصيتن جي راين کي مان ڏاڍي غور سان پڙهندو آهيان – بار بار پڙهندو آهيان.
    مائوزيتنگ سموري انساني تاريخ جي اهم شخصيتن مان هڪ آهي. هن انقلاب ۾ انسان لاءِ تعمير جي جذبي کي ڪارفرما ڏٺو. تنهن ڪري انقلاب فقط فيڪٽرين، ڪارخانن، ۽ محنت ڪشن تائين محدود ناهي. انقلاب جي آدرش کان ادب کي مستثنيٰ ڪري نه ٿو سگهجي. انقلاب ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ادب ۽ اديب کي ادا ڪرڻو پوندو آهي.
    8 فيبروري 1942ع تي يينان فورم آف آرٽ ۾ تقرير ڪندي، مائوزيتنگ انقلابي ادب جي بنيادي اصولن بابت واضح اشارا ڏنا هئا:
    تقرير ڪندي هن هڪ هنڌ چيو هو، ”اسان کي اهڙي زبان ۾ گفتگو ڪرڻ گهرجي، جيڪا عام ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ اچڻ جهڙي هجي.“
    مٿئين اشاري مان مائوزيتنگ جو مطلب آهي ته ڪابه ٻولي بنيادي طرح اظهار ۽ معلومات پهچائڻ جو ذريعو آهي. تنهن ڪري ٻوليءَ کي ڏکين ۽ ذو معنيٰ لفظن سان سٿي فهم کان ٻاهر نه ڪڍجي. ٻولي سادي، سليس ۽ هڪدم سمجهه ۾ اچڻ جهڙي لکجي. ان باري ۾ مون کي هيمنگوي جو هڪ جواب دل تي تري آيو آهي. هن کان جڏهن سوال ڪيو ويو هو ته ”تون تمام سادي ۽ تشبيهن کان آجي ٻولي ڇو استعمال ڪندو آهين؟“ تڏهن هن وراڻيو هو، ”جڏهن ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي، تڏهن اديب سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ پنهنجو اظهار ڪندو آهي. ۽ اديب وٽ جڏهن ٻڌائڻ ۽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي، تڏهن هو پڙهندڙ کي منجهائڻ لاءِ، پنهنجيون ڪمزوري لڪائڻ لاءِ ڏکي ۽ منجهائيندڙ ٻولي استعمال ڪندو آهي.“
    خليل جبران هڪ دفعي چيو هو، ”شڪر آهي جو منهنجي تحرير تجريدي ۽ مبهم آهي، منجهائيندڙ ۽ بي معنيٰ نه آهي.“
    يينان ۾ ساڳيءَ تقرير دوران مائوزيتنگ چيوهو، ”لکڻ وقت اوهان کي اهي پڙهندڙ ذهن نشين ڪرڻ گهرجن جن لاءِ اوهين لکي رهيا آهيو.“
    مائوزيتنگ جي مٿئين اشاري صدين کان قائم ڪيل هڪ ادبي رايي ۾ ترميم ڪئي آهي ته اديب فقط پنهنجي ذات لاءِ لکندو آهي. پر نه. انقلابي اديب عوام لاءِ لکندو آهي – ۽ عوام تائين پهچڻ لاءِ هو عوام کي ذهن نشين رکندو آهي ۽ پوءِ سادي سلوڻي تحرير معرفت عوام تائين پهچي ويندو آهي.
    تقرير دوران مائوزيتنگ چيو، ”لکڻ لاءِ مشاهدو ڪيو. اوهان جو مشاهدو جيڪڏهن اڻپورو آهي ۽ مڪمل نه آهي، ته پوءِ نه لکو.“ اڳتي هلي چيائين، ”جيڪڏهن اوهان وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي، ته پوءِ خوامخواه نه لکو.“
    ان تقرير ۾ مائوزيتنگ بار بار ليوهيوسن جي ادبي تحريرن مان حوالا ڏنا هئا.
    اديب جي خاموشيءَ کي اسين ٻن معنائن ۾ وٺندا آهيون – جمود ۽ مصلحت. پر، مان سمجهان ٿو اديب معاشرتي مونجهارن سبب اول مايوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ خاموش ٿي ويندو آهي. سندس مشاهدي جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري هو لکي نه سگهندو آهي. پوءِ کيس ڪنهن رسالي جي ايڊيٽر طرفان خط ملندو آهي، ته مهربان لکو، اسين خاص پرچو ڪڍي رهيا آهيون، ڪجهه نه ڪجهه لکي موڪليو. انقلابي ادب ۾ ”ڪجهه نه ڪجهه لکڻ“ واري روش بي معنيٰ آهي. ادب بامقصد ۽ بامعنيٰ ٿيندو آهي – ۽ ”ڪجهه نه ڪجهه“ نه ٿيندو آهي. مائوزيتنگ چيو هو ته ادب ۾ تگڙمبازي نه هلندي آهي – ادب ڏانهن غير سنجيده رويو نه فقط ادب لاءِ، پر بذت خود اديب لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي. 

    2 جون 1976ع


      ڪاروبار

    ملڪ ۾ رشوت جو ڪاروبار زور شور سان هلي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ مان اڄ ڪلهه ڏاڍو فڪرمند رهڻ لڳو آهيان. مون پنهنجي فڪر جو ڪجهه مفڪرن سان ذڪر ڪيو. هنن چيو ته مان جيئن ته هڪ علاقائي ٻوليءَ جي اخبار جو علاقائي ڪالمسٽ آهيان، تنهن ڪري مون کي سموري ملڪ لاءِ فڪرمند ٿيڻ نه گهرجي – مون کي فقط پنهنجي علائقي لاءِ فڪرمند ٿيڻ گهرجي.
    اهڙي انمول ۽ انو کي صلاح وٺڻ کان پوءِ، مون ملڪ جي مايه ناز مفڪرن کان پڇيو ته ڇا مون کي فقط سعيد منزل جي علائقي لاءِ فڪرمند ٿيڻ گهرجي، ڇو جو مان ان علائقي ۾ رهندو آهيان! تڏهن ملڪ جي مايه ناز مفڪرن منهنجي معلومات ۾ اضافو ڪيو، ۽ هنن مون کي علائقي جي مفهوم کان آگاهه ڪيو. هنن چيو ته مان هڪ سنڌي اخبار جو سنڌي ڪالمسٽ آهيان، تنهن ڪري سموري ملڪ لاءِ اجايو فڪرمند آهيان. مون کي فقط پنهنجي علائقي لاءِ، يعني سنڌ لاءِ فڪرمند ٿيڻ گهرجي.
    ملڪ جي مايه ناز مفڪرن جي صلاح کان پوءِ مان فقط سنڌ ۾ رشوت جي ڪاروبار متعلق فڪرمند رهڻ لڳو آهيان – ڇو جو مان هڪ علاقائي اخبار جو علاقائي ڪالمسٽ آهيان. سموري ملڪ سان (بقول مايه ناز مفڪرن جي) منهنجو ڪو واسطو ڪونهي. منهنجا ڪالم جيئن ته علاقائي ٻوليءَ ۾ هوندا آهن، تنهنڪري پاڪستان جي ڪامورڪي شهر اسلام آباد ۾ ترجمو ڪرائي پڙهيا ويندا آهن. منهنجا ڪجهه ڪالم انگريزيءَ ۾ ۽ ڪجهه اردوءَ ۾ ترجمو ٿيندا آهن. جيڪي صاحب منهنجا ڪالم انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندا آهن، تن جي انگريزيءَ سبب انگريز صاحب بهادر هندستان تان دستبردار ٿيو هو، ۽ انگريزي ٻوليءَ جي مٽي پليد ڪرائڻ بدران اسان کي آزاد ڪري هليو ويو هو. ۽ جيڪي صاحب منهنجا ڪالم اردوءَ ۾ ترجمو ڪندا آهن، سي اڄ تائين ان مام ۾ منجهيل آهن ته اردوءَ جي ٽ ۽ سنڌيءَ جي ٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي.
    بهرحال، مان سنڌ ۾ رشوت جي ڪاروبار متعلق اڄڪلهه فڪرمند آهيان، ڇو جو ٻين فڪرن کان آجو آهيان. جيڪي شخص سنڌ مان رشوت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ننڊ ڦٽائي رهيا آهن، مان انهن سان مليو آهيان. هنن مون کان پڇيو آهي ته ڇا مان داناءُ آهيان جو رشوت جهڙي گوڙهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حيلا هلائي رهيو آهيان! مون هنن کي ٻڌايو آهي ته مان داناءُ نه، بلڪه نادان آهيان. داناءَ پنهنجي دانائي داوءَ تي لڳائي پنهنجو ڏيوالو ڪڍائي الوپ ٿي ويا آهن –اڄڪلهه نادانن جي ٻيگهي متل آهي – مان به نادان آهيان، سمجهو ته گزيٽيڊ نادان آهيان ۽ رشوت جي خاتمي لاءِ فارمولو تيار ڪري رهيو آهيان.
    منهنجي انڪشاف تي سڀئي خوش ٿيا. چيائون، ”تون جيئن ته نادان آهين تنهن ڪري اسين تنهنجو آڌر ڀاءُ ڪريون ٿا – ۽ توکي ڪنهن اداري جو چيئرمين، ڊائريڪٽر يا سيڪريٽري ڪري لڳايون ٿا.“
    مون کين هٿ ٻڌي عرض ڪيو، ”بابلا، مون کي سيڪريٽري نه ڪريو – خدا جي واسطي مون کي ڪا سهڻي من مهڻي سيڪريٽري هٿ ڪري ڏيو – جنهن کي مان ڊڪٽيشن بدران محبت ناما ڏيندو رهان ۽ آفيس جا اٺ ڪلاڪ رومانٽڪ ماحول ۾ گذاريان!“
    هنن منهنجي درخواست تي همدرديءَ سان غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. هفتي کن ۾ مون کي ڪا نه ڪا سهڻي من موهڻي ليڊي سيڪريٽري ملي ويندي ۽ پوءِ مان سولائيءَ سان رشوت جي مسئلي کي حل ڪري سگهندس.
    ڪالهه منهنجي سڀ کان ڊگهي دوست مون کان پڇيو، ”تون جيئن ته بين الاقوامي ڪنگلو آهين، تنهنڪري پنهنجي ليڊي سيڪريٽري جو خرچ ڪيئن برداشت ڪري سگهندين – کيس انٽرڪان ۽ چائنيز هوٽلن ۾ ماني ڪيئن کارائيندين– ساڙهيون ۽ ڪاسميٽڪس ڪٿان وٺي ڏيندينس – ڪنهن هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ بنگلو ڪهڙي طرح ٺهرائي ڏيندينس!“
    منهنجو قداور دوست به وڏو ڪو نادان آهي. هن کي شايد خبر ڪونهي ته اڄ ڪلهه مان ڪهڙي ٽيبل تي ڪم ڪري رهيو آهيان.

    11 جولاءِ 1976ع


    ______

    سعيد منزل- بندر روڊ ڀرسان، جتي اسين ڊنشا آغا بلڊنگ جي هڪ فليٽ ۾ 1942ع کان 1992 تائين رهياسين.


      موت جي سزا بابت

    آمريڪا ۾ اڄڪلهه گلمر نالي هڪ خونيءَ جو تذڪرو ٿي هلي رهيو آهي. اڄوڪو ڪالم مان ڊسمبر جي 4 تاريخ لکي رهيو آهيان ايندڙ سومر تي، يعني ڊسمبر جي 6 تاريخ گلمر کي موت جي سزا ملڻي آهي، ۽ کيس گيس چيمبر ۾ وجهي ٻوساٽي ماريو ويندو، يا رائيفل جي گولين سان ماريو ويندو. عدالت طرفان مليل موت جي سزا ۾ اڄ تائين ڪنهن به خونيءَ کي رائيفل جي گولين سان نه ماريو ويو آهي. گلمر پاڻ عدالت ۽ فلوريڊا اسٽيٽ جي حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته کيس گولين سان ماريو وڃي. سندس درخواست تي ”همدردي“ سان غور ٿي رهيو آهي. عام راءِ مطابق سندس درخواست قبول ڪئي ويندي ۽ کيس مارڻ لاءِ گيس چيمبر بدران رائيفلن آڏو بيهاريو ويندو. اهو ڪم سومر، 6 ڊسمبر 1976ع صبح جو ڇهين لڳي ٿيندو.
    ان وچ ۾ فلوريڊا ۾ هڪ گروهه پيدا ٿي پيو آهي، جنهن موت جي سزا خلاف آواز اٿاريو آهي. هنن چيو آهي ته موت جي سزا قانون جي نالي ۾ هڪ ٻيو خون آهي. تنهن ڪري خونين کي عمر قيد جي سزا ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ هنن ٻن ڳالهين تي زور ڏنو آهي. هڪ، برطانيه ۾ موت جي سزا ختم ٿيڻ واري معاملي تي، ۽ ٻيو خونيءَ جي نفسياتي پهلوءَ تي. برطانيه ۾ خونيءَ کي عمر قيد جي سزا ڏيندا آهن. کيس ڦاهي نه ڏيندا آهن. ڦاهي رد ڪرڻ جو فيصلو هنن ڪجهه سال اڳ ڪيو هو، جڏهن هڪ اهڙي شخص جي بيگناهيءَ جو عدالت کي ثبوت مليو هو، جنهن کي ساڳي عدالت چار سال اڳ موت جي سزا ڏيئي ڇڏي هئي. ان شخص کي ٻيهر جيئرو ڪرڻ ته عدالت جي وس ۾ نه هو، هنن رد عمل طور ڦاهيءَ جي سزا ختم ڪري ڇڏي. آمريڪا ۾ جيڪي ماڻهو ڦاهيءَ جي سزا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سي ورجائي برطانيه جو مثال ڏيئي رهيا آهن.
    موت جي سزا ختم ڪرائڻ واري بحث ۾ سڀ کان وڌيڪ زور خونيءَ جي نفسياتي پهلوءَ تي ڏنو وڃي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته جيئن انسان جسماني طرح بيمار ٿيندو آهي، تيئن نفسياتي طرح به بيمار ٿيندو آهي. جسماني مرض جي خبر جهٽ پئجي ويندي آهي. نفسياتي مرض جي پروڙ تمام دير سان پوندي آهي. جسماني مريض کي سندس جسماني مرض سبب جيئن ڪابه سزا ڏيئي نه ٿي سگهجي، تيئن نفسياتي مريض کي به سزا کان آجو سمجهيو وڃي. آمريڪا مان جيڪڏهن موت جي سزا کي ختم ڪيو ويو ته پوءِ فقط فلوريڊا جي هڪ اسٽيٽ ۾ اسي خوني موت جي سزا کان بچي ويندا – باقي اوڻونجاهه اسٽيٽن ۾ خونين جي تعداد جي مون کي خبر ناهي.
    سوال ٿو اُٿي ته انساني معاشري ارتقا جي ڪهڙي ڏاڪي تي موت جي سزا کي پنهجي قانون ۾ داخل ڪيو؟ هزار سال اڳ؟ ٻه هزار سال اڳ؟ ٽي هزار سال اڳ؟ چار هزار سال اڳ؟ ڪڏهن؟ مان سمجهان ٿو انساني معاشري ۾ موت جي سزا جو قانون اسان کي چار هزار سال اڳ همورابيءَ جي حڪمن ۾ ملي ٿو. معاشرو جيئن جيئن ترقي ڪندو رهيو، موت جي سزا کي برقرار رکندو آيو. دنيا جي سمورن مذهبن خونيءَ لاءِ موت جي سزا جو ذڪر ڪيو آهي. ويندي ٻڌمت تائين. ٻڌمت ۾ موت جي سزا جو واضح ذڪر ناهي. پر، ٻڌمت ۾ ڪرما جي فلسفي جو مطالعو ڪرڻ سان اهڙو اشارو ملي ٿو – ڪرما جو تت آهي، جيڪي اسين لڻيون پيا، سو اسان ئي پوکيو آهي. يعني، جيڪا سزا خونيءَ کي ملي رهي آهي، تنهن سزا لاءِ هن ڏوهه ڪيو آهي. پر، ٻڌمت ۾ سمورو زور اهڙي معاشري جي وجود تي ڏنل آهي جنهن ۾ اخلاقي قدرن سبب ڏوهه نه ٿين. اسين وري ساڳئي نڪتي تي موٽي اچون ٿا ته خونيءَ لاءِ موت جي سزا کي ختم ڪرائي ڇا اسين اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انساني معاشرو ماضيءَ ۾ ڏوهارين ۽ خونين سان وحشي سلوڪ ڪندو رهيو آهي؟
    اسين قبول ڪريون ٿا، ته انسان جسماني مرضن وانگر نفسياتي مرضن جو به شڪار ٿيندو رهيو آهي. اسين جيڪڏهن ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهون ٿا ته جيئن جسماني مرض لاءِ مريض کي سزا نه ڏني ويندي آهي، تيئن نفسياتي مريض کي به سندس نفسياتي مرض لاءِ سزا ڏيڻ نه گهرجي، ته پوءِ اسان کي جسماني ۽ نفسياتي مرضن جي علاج بابت سوچڻو پوندو.
    نفسياتي مريضن جو اڄڪلهه فقط ڳالهين سان علاج نه ٿيندو آهي. کيس جسماني مرض ۾ مبتلا ڪنهن مريض وانگر دوائون کارايون وينديون آهن – سيون هنيون وينديون آهن. جيئن خوف، اميد، مايوسي، ۽ غم نفسياتي مرضن جو سبب آهن، تيئن جسماني عذاب ۾ سزا جو ڊپ پڻ نفسياتي مريض کي سندس مرض ۾ شفا طور ڪم اچي سگهن ٿا. بيشمار وحشين کي خون جي ارادي کان روڪڻ لاءِ موت جي سزا جو ڊپ ڪارگر ثابت ٿيو آهي. مان نه ٿو سمجهان ته معاشري ۾ خوني ذهنيت رکڻ واري شخص جي ذهن تان موت جو ڊپ جيڪڏهن ختم ڪيو ويو ته ان مان ڪو خاطر خواهه نتيجو نڪرندو. برطانيه ۾ قانون هٿان هڪ بيگناهه جي موت تي اسان جو ضمير ڦٿڪي اٿيو آهي – ته پوءِ انهن معصوم ۽ بيگناهه ٻار، عورتن، پوڙهن ۽ جوانن جي قتل تي اسان جو ضمير خاموش ڇو آهي! ۽ اسين ڇو خونين جا همدرد ٿي پيا آهيون؟ اسين سڀيئي پنهنجي پنهنجي وجود ۾ هڪ خوني لڪائي ويٺا آهيون.

    29 جنوري 1977ع


      ڪهڙيون ڪهڙيون مائرون

    جيئن ٻه انسان هوبهو هڪ جهڙا نه ٿيندا آهن، تيئن ٻه واقعا، ٻه قصا، ٻه ڪهاڻيون، ۽ ٻه حادثا به هوبهو هڪجهڙا نه ٿيندا آهن. پر ڪي انسان، ڪي واقعا، ۽ ڪي حادثا ايتري قدر ته ويجهي مشابهت رکندا آهن، جو هوبهو هڪ جهڙا لڳندا آهن. اڄ (20 ڊسمبر 1976ع) تلهاسيءَ جي اخبارن ۾ نيويارڪ جي عدالت ۾ هلندڙ هڪ مقدمي جو فيصلو پڙهيو اٿم. مقدمي جي روداد پڙهي، مون کي اڄ کان چار سال اڳ وارو هڪ واقعو ياد آيو. ان واقعي ۽ تازي واقعي ۾ ايتري قدر ته ويجهي مشابهت آهي جو ٻئي واقعا هوبهو هڪجهڙا محسوس ٿا ٿين. اڄ جڏهن اخبارن ۾ مقدمي جي ڪارروائي ۽ فيصلو پڙهيم تڏهن ائين محسوس ڪيم، ڄڻ ان حادثي جي باري ۾ اڳ به ڪٿي ڪجهه ٻڌو اٿم – پڙهيو اٿم. هڪدم ته ياد نه آيو، پر پوءِ اڪيلائي ۾ آڪٽوبر 1972ع جي هڪ رات ياد آئي.
    آڪٽوبر 1972ع جي هڪ رات هئي. بي بي سيءَ تان اردو پروگرام ويٺي ٻڌم. هفتي جا خاص خاص واقعا ويٺي ٻڌايائون. هڪڙي خبر هڪ ماءُ متعلق هئي. ٻڌايائون ته اها ماءُ پنهنجي ڇهن مهينن جي ٻار کي ڪتي جي نگهبانيءَ ۾ ڏيئي، پاڻ مزا ماڻڻ ۽ موجون ڪرڻ هلي ويئي. نشي پتي ۾ کيس ياد ئي نه رهيو ته ڪو پنهنجي ٻار کي ڪتي جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي گهر کي تالو هڻي آئي هئي. چوٿين ڏينهن جڏهن نشا لٿس تڏهن ياد آيس ته ٻار کي ڪتي جي حوالي ڪري آئي هئي. ڊوڙندي گهر پهتي، بکايل ڪتي ٻار جو ماس کائي ڇڏيو هو، ۽ هڏيون چٻاڙي ڇڏيون هيون.
    ان دفعي مون هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکيو هو. ان ڪالم ۾ هڪ اهڙي ماءُ جو ذڪر ڪيو هيم جنهن پٽ جي طلبڻ تي پٽ کي پنهنجي سيني مان دل ڪڍڻ جي اجازت ڏني هئي. سندس پٽ کي ڪنهن عورت چيو هو ته جيڪڏهن مون سان عشق اٿئي، ته مون کي پنهنجي ماءُ جي دل ڪڍي، آڻي ڏي. اهو پٽ ماءُ کي ماري، سندس سينو چيري، دل ڪڍي ان عورت ڏانهن روانو ٿيو. ماءُ جي دل هٿن ۾ جهلي ڊوڙندو پئي ويو جو واٽ تي ٿاٻو آيس. ڪري پيو. ان وقت ماءُ جي دل مان آواز ٻڌائين، ”پٽ، رهڙ ته نه آئي اٿئي.“
    اڄ (20 ڊسمبر 1972ع) جي اخبارن ۾ نيويارڪ جي هڪ ماءُ جي باري ۾ خبر پڙهي اٿم. عدالت ۾ مٿس مقدمو هليو هو ته هن گذريل سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڇهن هفتن جي پنهنجي ٻار کي ڪتي جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو هو. ”ڪن سببن“ ڪري گهر موٽڻ ۾ کيس دير پئجي ويئي. بکايل ڪتي ان وچ ۾ ٻار کي کائي ڇڏيو.
    ٻنهي حادثن ۾ مشابهت ايتري قدر ته ويجهي آهي، جو ٻئي حادثا هوبهو هڪ جهڙا محسوس ٿين ٿا. فرق فقط ايترو آهي جو هڪ حادثي ۾ ٻار ڇهن مهينن جو هو، ۽ ٻئي حادثي ۾ ٻار ڇهن هفتن جو هو. هڪ حادثي ۾ ماءُ نشي پتي سبب دير سان گهر پهتي هئي، ۽ ٻئي حادثي ۾ ”ڪن سببن“ ڪري ماءُ دير سان گهر پهتي هئي. هڪ حادثو يورپ ۾ ٿيو، ۽ ٻيو آمريڪا ۾. پهرين حادثي جي عدالتي ڪارروائيءَ جي مون کي ڪابه خبر نه آهي. آمريڪا واري حادثي ۾ عدالت ماءُ کي اِهو چوندي معاف ڪري ڇڏيو ته ٻار جي دردناڪ موت سبب کيس ڪافي ذهني صدمو رسيو آهي، تنهنڪري عدالت کيس ڪنهن به قسم جي سزا ڏيڻ ضروري نٿي سمجهي.
    اسان جو ذهن اُن ماءُ جي تصور سان آباد آهي جنهن جي دل مان آواز آيو هو. ”پٽ، رهڙ ته نه آئي اٿئي.“
    اسان جو ذهن ميگسم گورڪيءَ جي ”ماءُ“ جي عظمت سان آباد آهي.
    مان ڊڄان ٿو ان ڏينهن کان جڏهن يورپي ۽ آمريڪي ذهنيت واريون مائرون اسان جي معاشري ۾ پيدا ٿينديون ۽ اسان کي ڪتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏينديون.

    10 فيبروري 1977ع


      ملان جڏهن اقتدار ۾ ايندا

    سچ پڇو ته اڄ ڪلهه لکڻ پڙهڻ مان مزو نڪري ويو آهي. لکڻ لاءِ مواد ملندو آهي ماحول ۽ معاشري مان. اڄڪلهه ماحول ۽ معاشرو سياست جي وبا ۾ ورتل آهي. منهنجو علم محدود ۽ ناقص آهي، تنهنڪري سياست جي حرفت کي سمجهي نه سگهندو آهيان. مظاهرا ڪندڙ سڀئي پڙهيل ڪڙهيل آهن – عالم ۽ اڪابر آهن – بين الاقوامي معاملن جا ڄاڻو آهن – پرڏيهي پاليسين جا پارکو آهن، تنهن ڪري ملن جي چرچ تي مظاهرا ڪرڻ لاءِ رستن تي نڪري آيا آهن. علم کان وانجهيل، اڻ پڙهيل ۽ ڇسا گهرن ۾ ويٺا آهن، ۽ تشويش سان سياست جا ست رنگ ڏسي رهيا آهن.
    سياست جي نون داسڙن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته ملڪ جو امن امان برقرار آهي – سندن چرچ تي ماڻهو ضبط ۽ تنظيم سان رستن تي نڪري آيا آهن. بسن ۽ خانگي موٽرن کي باهيون جنن ڏنيون آهن – دڪان ۽ بينڪون به جنن لٽيون آهن – سندن فرشتا بي ڏوهي آهن. هو پر امن نموني جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن! داسڙن جي دعويٰ آهي ته هنن ملڪ ۾ انتشار نه پکڙيو آهي. مان داسڙن جي دعويٰ جو قائل آهيان – سندن مظاهرا پر امن آهن – هر طرف خير آهي. ماڻهو مينا بازار لڳائي رهيا آهن، ۽ لتا منگيشڪر جا گانا ٻڌي رهيا آهن. رستن جا بلب ۽ بتيون پنهنجو پاڻ پٽ پئجي رهيون آهن – شايد اتر کان هوا گهلي آهي!
    مان موڳو مٽر آهيان. اقتصاديات جي اصولن جو ڄاڻو نه آهيان. اقتصاديات ۽ معاشيات جا ماهر ملڪ مان لڏي ويا آهن، تنهن ڪري اقتصاديات (Economics) جو شعبو سياست جي نون داسڙن پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي. سموري دنيا ۾ قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي– مهانگائي ٿي آهي. پر، پاڪستان سموري دنيا سان ٻڌل ناهي. پاڪستان هوا ۾ بيٺل آهي، تنهن ڪري بين الاقوامي ڦير گهير جو پاڪستان تي ڪوبه اثر نه پوندو– ڌرتيءَ تي رونما ٿيندڙ تبديلين کان پاڪستان قطع تعلق رهندو! تنهنڪري، سياست جا داسڙا فرمائين ٿا ته هو جڏهن اقتدار ۾ ايندا، تڏهن قيمتن کي 1970ع واري سطح تي کڻي ويندا. اها سٺي ڳالهه آهي. پر، ان لاءِ، مان سمجهان ٿو سياست جي داسڙن کي ايڪنامڪس جي سائنس ۾ ڦير گهير ڪرڻي پوندي – ڇو جو قيمتون تڏهن وڌنديون آهن جڏهن وڌيڪ ناڻو وهنوار ۾ ايندو آهي– يعني، قيمتن جي چاڙهه جو هڪ سبب ۽ اهم سبب ناڻي جو ڦهلاءُ آهي. اڄ کان ست سال اڳ، 1970ع ۾ مزور کي ڏهاڙي ڇهه يا ست روپيا روزانه ملندي هئي، اڄڪلهه مزور جي ڏهاڙي پندرهن کان ويهه روپيا روز آهي، سياست جا داسڙا مزورن جي ڏهاڙي گهٽائڻ کان سواءِ جيڪڏهن قيمتون گهٽائيندا ته اقتصادي ڪارنامو ڪري ڏيکاريندا، ۽ مارشل، ۽ ڪينس کي شرمندو ڪندا. مان سمجهان ٿو سياست جي نون داسڙن وٽ ايڪنامڪس جا ماهر ويٺا آهن، يا هو پاڻ اقتصاديات جا ماهر آهن، تنهن ڪري ايڏي وڏي سائنسي دعويٰ ڪري ويٺا آهن.
    سياست جي نون داسڙن دعويٰ ڪئي آهي ته هو جڏهن اقتدار ۾ ايندا، تڏهن شراب تي پابندي وجهندا. سٺي ڳالهه آهي. پاڪستان مان بک، بيروزگاري، اڻپوري اپت، غربت، ڪرندڙ صحت، تعليم جي معيار وغيره جا مسئلا ختم ٿي ويا آهن– باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شرابين جو مسئلو اهم ٿي پيو آهي. ملان ان مسئلي کي حل ڪندا– ڇو جو پاڪستان جا سڀ کان اهم اقتصادي ۽ معاشي مسئلا حل ٿي چڪا آهن.
    پاڪستان ۾ ٻاهرين ملڪن جا انيڪ سفارتخانا آهن. اتي شراب واپرايو ويندو آهي. انهن جي باري ۾ ملن ڪوبه حڪم صادر نه ڪيو آهي. ڀائنجي ٿو ملان اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سمورن سفارتخانن سان قطع تعلق ڪندا ۽ سفارتخانا ملڪ مان بند ڪندا. اڄ ڪلهه جي سفارت سياست کان جدا نه آهي، جن کي شراب پيئڻو آهي، سي غير ملڪي سفارتخانن ۾ به وڃي شراب پيئندا. پابندي وجهڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن. پاڪستان ۾ هندستاني فلمن تي بندش آهي، پر يار اهڙا شوقين آهن جو هندستاني فلمون سموري ملڪ ۾ ڏسي رهيا آهن. ان قسم جا مسئلا تربيت سان حل ٿيندا آهن. پر، تربيت واري ڳالهه ملن لاءِ مدي خارج آهي. هو هر ڪو مسئلو پابنديءَ ۽ بندش سان حل ڪندا.
    ملن ڪميونسٽ چين جي باري ۾ ڪوبه ارشاد نه فرمايو آهي. هو ان باري ۾ خاموش آهن. اسان کي خبر ناهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ملان ڪميونسٽ چين خلاف اعلان جنگ ڪندا، يا کين راهه راست تي آڻڻ لاءِ ٻيو ڪو قدم کڻندا!

    27 مارچ 1977ع


      ڪراچيءَ وارن جو مسئلو

    منهنجو اڄوڪو ڪالم غور سان پڙهيو وڃي. اڄوڪي ڪالم ۾ مون کي ڪراچيءَ وارن جي نفسيات جو تجزيو ڪرڻو آهي – سندن نفسيات جو ڇيد ڪرڻو آهي. ڪراچيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، تنهن لاءِ مان ڪراچيءَ وارن کي ڏوهي نه ٿو سمجهان، تنهنڪري اصل صورتحال بابت ڪجهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪراچيءَ وارا نفسياتي مريض آهن. کين نفسياتي علاج جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ وارن کي نفسياتي مرض سياستدانن معرفت مليو آهي، تنهنڪري سندن علاج سياستدانن وٽ نه آهي. هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، سو شديد نفسياتي ۽ اعصابي ٻوجهه هيٺان دٻجي لاشعوري طرح ڪري رهيا آهن. هو رحم جي لائق آهن. هنن سان همدرديءَ وارو رويو روا رکڻ ضروري آهي. هڪ ڳالهه هتي واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، ته ڪراچيءَ وارن جو جيستائين نفسياتي علاج نه ٿيندو، تيستائين هو هنگاما ڪندا رهندا – حڪومتن سان ٽڪر کائيندا رهندا– ڀڃ ڊاهه واريون ڪارروايون ڪندا رهندا – ۽ مفت ۾ مرندا رهندا. اهو مرض اڳتي هلي لاعلاج ٿي ويندو. پر، موجوده حالتن مان لڳي ٿو ته مرض علاج جي حدن مان نڪري رهيو آهي. عقل ديوانگيءَ آڏو جهڪي رهيو آهي– هوش هنگامن جو شڪار ٿي رهيو آهي.
    ڪراچيءَ وارن کي غلط فهمي آهي ته تين هٽي پل جي ٻئي پار پاڪستان جو مثالي حصو آهي. تنهنڪري سندن رايا، رجحان، سياست ۽ سياسي حڪمت عملي سموري پاڪستان لاءِ لازمي آهي. کين غلط فهمي آهي ته سندن فيصلا پاڪستان جي ست ڪروڙ عوام تي مڙهي سگهجن ٿا. هنن پاڻ کي پاڪستان جو هڪ حصو سمجهڻ بدران پاڻ کي پاڪستان جو ٺيڪيدار سمجهي ورتو آهي. ان ۾ هنن جو ڏوهه ناهي. کين ائين سمجهڻ تي نفسياتي طرح مجبور ڪيو ويو آهي.
    1947 ع کان وٺي 1977ع تائين هر هڪ سياستدان ڪراچيءَ وارن جو نفسياتي استحصال ڪيو آهي. هرهڪ سياستدان کانئن ووٽ وٺڻ ۽ سندن حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ زور ڏيئي فرمايو آهي ته، ”پاڪستان توهان ٺاهيو آهي –پاڪستان توهان جي قربانين سان ٺهيو آهي – پاڪستان توهان جي احسانمند آهي – پاڪستان جا حقيقي مالڪ اوهين آهيو.“
    ٽيهه سال لاڳيتو ڪنهن شخص کي اهو ٻڌائجي ته تون پهلوان آهين – رستم زمان آهين – تنهنجو ثاني دنيا جي تختي تي پيدا نه ٿيو آهي – ته يقين ڄاڻو اُهو شخص نفسياتي طرح ان قسم جي غلط فهميءَ ۾ گرفتار ٿي پوندو ته هوئي هيڪلو پهلوان آهي – ۽ ٻيا شخص جيتامڙا آهن. ساڳي طرح جڏهن ورجائي ورجائي ڪراچيءَ وارن کي چيو ويو آهي ته پاڪستان توهان جي قربانين سان ٺهيو آهي – پاڪستان توهان ٺاهيو آهي (يعني پاڪستان جو باقي عوام آزاديءَ واري جدوجهد ۾ جک ماري آهي – ۽ ڪجهه نه ڪيو آهي) تڏهن هنن ۾ احساس برتريءَ جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي. احساس برتريءَ جي معنيٰ آهي ته جيڪي ڪجهه ڪراچيءَ وارا سوچين ٿا – جيڪي فيصلا ڪراچيءَ وارا ڪن ٿا، فقط سي فيصلا صحيح آهن – ۽ رهيل پاڪستان جي عوام جا فيصلا غلط آهن، ڇو جو پاڪستان سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي عوام جي ڪوشش سان نه ٺهيو آهي. چئني صوبن جا عوام مفتخورا آهن– ڪراچيءَ وارن جي قربانين سان ٺاهيل پاڪستان کي باقي رهيل پاڪستان جا عوام نقصان پهچائي رهيا آهن.
    موجوده حالتن ۾ ڪراچيءَ وارا پاڪستان جا پير سائين ۽ مرشد سڳورا ٿي پيا آهن ۽ باقي عوام سندن مريد آهي. ڇو جو ڪراچيءَ وارن پاڪستان لاءِ قرباني ڏني آهي، يعني پير سائين قرباني ڏني آهي، ۽ مريد نڪما ۽ ڇسا آهن.
    سياستدانن کي ووٽ وٺڻ لاءِ ايتريقدر ظالم ٿيڻ نه گهرجي، جو هڪ حصي ۾ رهندڙ ماڻهن کي اهڙي طرح نفسياتي شڪنجن ۾ جڪڙي اعصابي مريض ڪري ڇڏجي. تمام ضروري آهي ته ڪراچيءَ وارن کي ٻڌايو ۽ ذهين نشين ڪرايو وڃي ته پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ آباد ٿيل ماڻهو باقي عوام کان اُتم نه آهن – اسين سڀ برابر آهيون – هڪجهڙا آهيون – هتي جمهوريت آهي، تنهن ڪري هڪ طبقي جو فيصلو سموري پاڪستان تي مڙهي نه ٿو سگهجي.

    2 اپريل 1977ع


      ادب، اديب ۽ سياست

    نيون قومي ۽ صوبائي اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن. ميمبرن پنهنجيون جايون، ۽ وزيرن پنهنجا عهدا سنڀاليا آهن. پنهنجا پورٽفوليو سنڀاليا آهن. مخالف جماعتن جي دعويٰ آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت نه آهي. حڪمران پارٽيءَ جي دعويٰ آهي ته ملڪ ۾ مڪمل جمهوريت آهي. ٻنهي دعويدارن مان ڪير سچو آهي، ان باري ۾ ڪجهه لکڻ جي مون کي مجال ناهي. اڄ مون کي ادب ۽ اديبن ۽ شاعرن جي باري ۾ لکڻو آهي.
    اسان سنڌ جي سمورن اديبن آس لڳائي آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ادب دوست ميمبر اسان جي ساٿي اديبن ۽ شاعرن کي جيلن مان آزاد ڪرائيندا، ۽ جمهوريت جي دعويٰ کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريندا.
    اديب ۽ ادب جي آزادي جمهوريت جي ڪسوٽي آهي. جتي به ادب ۽ اديب آزاد آهي، اتي جمهوريت آهي. جتي به ادب تي پابندي آهي ۽ اديب جيلن ۾ آهي، اتي جمهوريت نه آهي. لنڪن واري جمهوريت جي تشريح ته اُها حڪومت جيڪا عوام طرفان هجي، عوام لاءِ هجي، ۽ عوام بابت هجي، سا تشريح مدي خارج ٿي ويئي آهي. اڄوڪي دور ۾ اظهار جي آزاديءَ جو ٻيو نالو جمهوريت آهي. ان کان سواءِ جمهوريت جي ٻي ڪابه تشريح نه آهي.
    اسان آس لڳائي آهي ته جمهوريت جي ناموس خاطر اسان جي ساٿي اديبن ۽ شاعرن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويندو. اسان اميد ڪئي آهي ته جمهوريت جي عزت لاءِ سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويندو.
    جمهوريت جي مان ۽ مرتبي لاءِ سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي آزاد ڪيو ويندو.
    سياست عارضي ٿيندي آهي. ادب دائمي ٿيندو آهي. اها سياسي تاريخ جيڪا ادب معرفت قلمبند ٿيندي آهي، سا مستند دستاويز طور سموري سياسي هيرا ڦيريءَ تي محيط هوندي آهي. تنهن ڪري سياست جو ادب لاءِ احترام ضروري ۽ لازمي آهي، ورنه سياست ادب معرفت پائمال ٿي ويندي آهي.
    چون ٿا ته ون ¸ يونٽ جي تاريخ قلمبند ٿيل نه آهي. پر، ائين نه آهي. ”روح رهاڻ“ رسالي جا 1962ع کان 1968ع جا پرچا پڙهي ڏسو. انهن پرچن ۾ ادب جو اڀياس ڪيو. توهان کي ون – يونٽ جي مستند تاريخ ملي پوندي.
    سنڌ ۾ پڙهيل ماڻهو مشڪل سان ڏهه سيڪڙو آهن. انهن مان فقط هڪ سيڪڙي جيترا شخص ادب سان دلچسپي رکن ٿا. ان هڪ سيڪڙي ۾ لوڻ برابر اديب ۽ شاعر آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڪاموري ڪڙي کي اهو ڊپ آهي ته اديبن ۽ شاعرن جي تخليقن سبب ڪو انقلاب ايندو ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ٿيندو، سو صاحب وڏيءَ غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهي، ۽ لازمي طرح انگ اکرن جي علم کان اڻڄاڻ آهي. ادب وسيلي جيڪڏهن انقلاب اچڻو هجي ها، ته جمال ابڙي جي ڪتاب ”پشو پاشا“ کان پوءِ سنڌ ۾ سماجي انقلاب اچي چڪو هجي ها. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته سنڌ ۾ ادب ذريعي انقلاب نه ايندو. هيءُ فرانس، ۽ روس نه آهي، جتي پنجانوي سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن، ۽ جتي سارتر جي هڪ تحرير ٿرٿلو برپا ڪري ڇڏي! تنهن ڪري سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو جيلن ۾ هئڻ بي معنيٰ آهي. يقين ڪريو، اسان جا پڙهندڙ اسان جي ڳالهه نه ٻڌندا آهن. هو وري به پيرن، ميرن ۽ مرشدن جي ڳالهه ٻڌندا آهن.

    7 2 اپريل 1977ع


      فساد

    آهستي آهستي سياسي وڳوڙ ۾ ٺاپر اچي رهي آهي. هنگامن جا هُل ختم ٿي رهيا آهن. جلسن جلوسن جو جوش ڍرو ٿي رهيو آهي. زندگي پنهنجي محور تي موٽي رهي آهي. هتي، لفظ زندگيءَ مان منهنجي مراد اُها زندگي آهي، جنهن زندگيءَ جي ٿالهه مان اسين پنهنجو پنهنجو حصو جهول ۾ جهلي جيئي رهيا آهيون. اُها زندگي محور تي موٽي رهي آهي. پر، زندگيءَ جي ٿالهه مان کنيل اُها زندگي موٽي نه ايندي جيڪا اُڏامي آسمانن ڏانهن هلي ويئي آهي. اُها زندگي جيڪا رستن تي رت ڏيئي زيان ٿي ويئي، سا زندگي موٽي نه ايندي. اُهو سينو جيڪو گهاءُ کائي خاموش ٿي ويو، سو سينو وري ساهه کڻي نه سگهندو. جيڪا دل چهڪ سهي ماٺ ٿي ويئي، سا دل وري ڌڙڪي نه سگهندي.
    ماحول معمول مطابق هلندو. حيدرآباد جي مارڪيٽ چونڪ تي بيٺل ٽاور جو گهڙيال ماڻهن جا انبوهه ڏسندو، پر انهن انبوهن ۾ انهن کي ڏسي نه سگهندو، جيڪي سفر جي سانڀاهي کان سواءِ اسهي ويا. بندر روڊ ڪراچيءَ مٿان ڳاٽ اوچو ڪري ڏسندڙ منسپل ٽاور جي گهڙيال ۾ وقت جا ڪانٽا هلندا رهندا. وهنوار جا وري وارا نيارا ٿيندا. پر اهي موٽي نه ايندا جن ڪڏهن ڪنڌ کڻي ٽاور جي گهڙيال ۾ وقت ڏٺو هو – ۽ رستن تي سر ڏنو هو.
    وقت وهڪري مثل آهي. هلندڙ آهي – وهندڙ آهي. زندگي وقت جي وهڪري سان وهي رهي آهي – ازل جي سمنڊ ڏانهن وڌي رهي آهي. ڪا زندگي وچ سير ۾ لڙهندي وقت کان اڳ ازل جي سمنڊ ۾ وڃي سمائجندي آهي. ڪا زندگي احتياط جي ڪنارن سان هلندي پنهنجي مقرر ڪيل موت سان سمونڊ جي اسرار سان وڃي شامل ٿيندي آهي. اهو ابد جو ڪاٿو آهي. ان ۾ ڦير گهير جو ڪنهين کي اختيار نه آهي.
    آفريڪا ۽ ايشيا جي ڏتڙيل ملڪن جي سياست خوني بابن ۾ ورهايل آهي. اهي باب مسڪين اڻ پڙهيل، اٻوجهه ۽ غريب ماڻهن جي رت سان لکيل آهن. اسان جي تاريخ جا خوني باب انهن جي رت سان لکيل آهن جن جي سياسي سوچ اڻپوري – جن جو مشاهدو ٻڙي، ۽ تعليم ناقص آهي. خوني بابن جي لاءِ سياستدان پنهنجو رت نه ڏيندا آهن. هو فقط تقريرون ڪندا آهن. نعري بازي ڪندا آهن – ۽ پنهنجن بنگلن ۾ محفوظ رهندا آهن. اسان جي ملڪ جا سياستدان ماڻهن کي رستن تي مارائڻ جا ماهر آهن. مون کي خبر ڪونهي ته پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ اهڙن ڪارنامن لاءِ ڪهڙو انعام رکيل آهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي ته پاڪستان جي 30 سالن واري تاريخ ۾هنگامن دوران اڄ تائين ڪوبه سياستدان رستن تي نه مئو آهي– ڪنهن به سياستدان جا ٻار يتيم ۽ لاوارث نه ٿيا آهن. اهو ساڄي ڌر جي سياست جو نمايان پهلو آهي. ساڄي ڌر جا سياستدان انقلاب کي پنهنجو رت نه ڏيندا آهن. يا ائين کڻي چئجي ته ساڄي ڌر وارا هٿ ٺوڪئي انقلاب جي نالي ۾ اٻوجهن جو رت وهائيندا آهن. اها روش سائنسي انقلاب جي منافي آهي.
    مون کي 1952ع ۽ 1953ع جا هنگاما ياد آهن. ان وقت مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس. لاتعداد ماڻهو انهن هنگامن ۾ مارجي ويا هئا. مون کي 1961ع ۽ 1962ع جا هنگاما ياد آهن. انهن ڏينهن ۾ مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس. ان دفعي پڻ لاتعداد ماڻهو رستن تي مري ويا هئا. مون کي 1970ع ۽ 1971ع جا هنگاما ياد آهن. تڏهن مان افسانا لکندو هوس. ان دفعي پڻ لاتعداد ماڻهو رستن تي مري ويا هئا. انهن ماڻهن ۾ ڪوبه سياستدان شامل نه هو. هنگامن کان پوءِ اڄ تائين ڪنهن به سياستدان يتيمن، لاوارثن، ۽ بيواهن جون فهرستون مرتب نه ڪرايون آهن. رجعت پرست تحريڪن جا خوني باب اصل ۾ يتيمن، لاوارثن ۽ بيواهن جا دردناڪ داستان آهن.

    30 اپريل 1977ع


      ايجنسيون ۽ اسين

    هيءَ ڪا پراڻي ڳالهه ناهي. ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي. اسان جا اديب ۽ شاعر دوست جيڪي آمريڪا خلاف آزاديءَ سان اظهار ڪندا هئا، سي ڪامورڪي لڏي جي عذاب ۾ هوندا هئا، ۽ بنا حجاب جي دهريا، ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ سمجهيا ويندا هئا. آمريڪا خلاف اکر اُڪلڻ لاءِ جتن ڪرڻا پوندا هئا. ٻيو ڪو طريقو نظر نه ايندو هو، ته سامراج جي اصطلاح سان اشارن ۾ ڳالهائبو هو. پر، اوچتو حالتن ۾ تغير آيو آهي. اديبن، شاعرن ۽ صحافين اشارن بدران واضح ۽ غير مبهم نموني آمريڪا جي سامراجي پاليسين خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. آمريڪا نواز ڪامورا منهن ڀيلڙو ڪري ويهي رهيا آهن.
    آمريڪا پنهنجن ايجنٽن معرفت اسان سان جاوا ڪيا آهن – ۽ اهو سلسلو ختم نه ٿيو آهي. اهو سلسلو بدستور جاري آهي. آمريڪي ايجنٽ مختلف ٻهروپ ڌاري پاڪستان ۾ پهچي رهيا آهن، ۽ گهربل معلومات هٿ ڪري موٽي رهيا آهن. پاڪستان مان هٿ ڪيل معلومات ۽ انگ اکر پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا ادارا آهن جن ادارن معرفت آمريڪي ايجنٽ ملڪ جي اندرين حصن ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اهڙن ادارن جا نالا لکڻ في الحال مان مناسب نه ٿو سمجهان. اهڙن ادارن جي ڪارڪردگيءَ متعلق ڪجهه ڳالهائيندس – ۽ فيصلو اوهان تي ڇڏي ڏيندس.
    اسلام آباد ۾ هڪ اداري جو ڪم آهي پاڪستان ۾ لوڪ ورثي جو تحفظ ۽ ان کيتر ۾ کوجنا. ان اداري ۾ آمريڪي ايجنٽن جي آمد آمد آهي. ڪو ڏينهن خالي نه آهي جو ان اداري ۾ ڪو آمريڪي ايجنٽ وارد نه ٿيندو هجي – آمريڪي ايجنٽ اڪيلي سر ۽ ڪڏهن ٽولن ۾ اهڙي اداري ۾ ايندا آهن، ۽ پاڪستان جي لوڪ ورثي ۾ غير معمولي دلچسپي ڏيکاريندا آهن. مان نه ٿو سمجهان ته پاڪستان جي لوڪ ورثي جو آمريڪا سان ڪو تعلق آهي يا آمريڪي تهذيب ۽ تمدن سان ڪو واسطو آهي. پر تنهن هوندي به آمريڪي ايجنٽ اهڙي اداري ۾ غير معمولي دلچسپي وٺي رهيا آهن.
    مان اهڙي اداري تي آمريڪي ايجنٽن جو اڏو هئڻ جو الزام قبل از وقت سمجهان ٿو. سامراج خلاف جاڳرتا جيڪڏهن وقتي ناهي، ۽ دائمي آهي، ته پوءِ اهڙن ادارن جا پول پڌرا ٿيندي ويرم نه لڳندي. اهڙن ادارن معرفت آمريڪي ايجنٽ ڪهڙي نموني ڪم ڪري رهيا آهن ان روئداد جي باري ۾ ڪجهه ٻڌو.
    ڪو آمريڪي ايجنٽ ايندو. اهڙي اداري جي اسٽوڊيو ۾ پاڪستان جو لوڪ سنگيت ٻڌندو. گهرو هنر جو سامان ڏسندو ۽ پاڪستان جي لوڪ ورثي تي اوچتو ئي اوچتو اڪن ڇڪن ٿي پوندو. اداري جي آمريڪا نواز سربراهه سان ان باري ۾ ڳالهائيندو ۽ پاڪستان جي ڳوٺاڻن علائقن جو دورو ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪندو. اداري جو سربراهه وڏي پاٻوهه سان آمريڪي ايجنٽ لاءِ پاڪستان جي اندرين علائقن جو گشت ڪرڻ ۽ واءُ سواءُ لهڻ جو پروگرام رٿيندو ۽ پوءِ، آمريڪي ايجنٽ ڪڏهن هيڪلو، ۽ ڪڏهن اهڙي سربراهه جي نگهبانيءَ ۾ گشت تي روانو ٿي ويندو هو. پاڻ سان ٻن– ٽن قسمن جون ڪيميرائون – ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪيلڪيوليٽر کڻي ويندو. ملڪ جي ڳوٺن علائقن جو دورو ڪندو ۽ وڏي هوشياريءَ سان اسان جي اٻوجهه عوام جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، سوچ ويچار ۽ آدمشماريءَ جي انگ اکرن جو رڪارڊ تيار ڪندو. ان قسم جي معلومات هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو آمريڪا روانو ٿي ويندو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻيو ڪو آمريڪي ايجنٽ ايندو، ۽ هو اڳ هٿ ڪيل معلومات جي آڌار تي وڌيڪ کوجنا ڪندو ته ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني پاڪستان جي ڳوٺاڻن علائقن جي سادي عوام کي سامراجي چڪر ۾ سوگهو ڪري سگهجي ٿو.
    ان قسم جا ٻه چار نه، بلڪه ڪيترائي ادارا پاڪستان ۾ سامراجي ايجنٽن جي خدمت ڪري رهيا آهن. 

    11 مئي 1977ع


      تاريخ سان هٿ چرند

    سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ٿي رهي آهي. سنڌ جي تاريخ سان ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي. سنڌ جي تاريخ سان فريب ٿي رهيو آهي. اسين خاموش آهيون. عالم خاموش آهن. دانشور خاموش آهن. اديب ۽ شاعر خاموش آهن. صحافي خاموش آهن. اسيمبلين جا ميمبر خاموش آهن جن جي ڪلهن تي سچائيءَ کي برحق رکڻ جي ذميداري آهي.
    سنڌ جي تاريخ سان کونس ٿي رهي آهي. سنڌ جي تاريخ تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ماٺ آهي. پير حسام الدين راشدي خاموش آهي. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ چپ آهي. ٻن زبردست ۽ مارڪته الا آرا تاريخي ڪتابن تاريخ تمند سنڌ ۽ جنت السنڌ جو مصنف مولائي شيدائي اداس آهي.
    بزرگ صحافي گرداس واڌواڻيءَ مون کان پڇيو آهي ته سنڌ تي پهريون حملو ڪڏهن ٿيو هو. مان اِن سوال جي جواب جي تلاش ۾ آهيان. پر، مون کي يقين آهي ته جهڙو خطرناڪ حملو هينئر سنڌ جي تاريخ تي ٿيو آهي، تهڙو حملو نه اڳ ٿيو هو، ۽ نه وري آئينده ٿيندو. سنڌ جي بيخ ڪڍڻ لاءِ حمله آورن هن دفعي سنڌ جي تاريخ تي حملو ڪيو آهي. ڄڻ منگولن ڪتبخانن تي حملو ڪيو آهي. تاريخ معصومي اسان کان موڪلائي رهي آهي. تحفه الڪرام ۽ مڪلي نامو اسان کان موڪلائي رهيا آهن. ورهين جي جاکوڙ سان جوڙيل گزيٽيئر اسان کان موڪلائي رهيا آهن. نيپئر، برٽن، برنس، ۽ ايسٽ وڪ جون تاريخون اسان کان موڪلائي رهيون آهن. سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، بازارين، چونڪن ۽ پارڪن جا نالا بدلائڻ واري مهم سان سنڌ جي تاريخ ڪفن پائي روئي رهي آهي. ان سلسلي ۾ مون ڪجهه ڪالم لکيا آهن. رشيد ڀٽيءَ ڪجهه ڪالم لکيا آهن. دوستن ۽ دردمندن اپيلون ڪيون آهن، پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي. شايد اسين سڀئي بيوس آهيون، ۽ حمله آور باوس آهن.
    ان سلسلي ۾ مون کي نئين ديري کان ڀاءُ غلام حسين ڪٽپر جو خط مليو آهي. نالن مٽائڻ واري بيوقوفيءَ تي ايڏو مدلل مواد منهنجي نظر مان اڳ ڪڏهن نه گذريو هو. ڀاءُ غلام حسين ڪٽپر جو خط ايڏو ته برجستو آهي جو مان سندس خط بنا ڪنهن وضاحت يا تمهيد جي اڄوڪي ڪالم ۾ ڏيڻ پنهنجو قومي فرض سمجهان ٿو.
    غلام حسين ڪٽپر نئين ديري کان پنهنجي خط ۾ لکيو آهي:
    ”حضرت ابراهيم کي ٻه زالون هيون، هڪ بيبي هاجره ۽ ٻي بيبي ساران. حضرت ابراهيم کي بيبي هاجره مان حضرت اسماعيل ڄائو ته ٻي گهر واريءَ جي چوڻ تي حضرت ابراهيم پنهنجي زال ۽ پٽ کي جهنگل ۾ ڦٽي ڪري آيو. ننڍڙي ٻار اسماعيل کي جهنگل ۾ سخت اُڃ لڳي ۽ بيبي صاحبه پنهنجي معصوم ٻار کي اُڃايل ڏسي پاڻيءَ لاءِ ڊوڙون پائڻ لڳي، ۽ ڪيترائي دفعا ڊوڙي واپس اسماعيل وٽ ٿي آئي. کيس ڊپ هو ته متان ننڍڙي اسماعيل کي جهنگلي جانور تڪليف ڏين. گهڻو وقت ڊوڙڻ کان بعد به هوءَ پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. پر قدرت منهنجي الله جي اڃايل اسماعيل پاڻيءَ لاءِ دڙها هڻي جابلو زمين ۾ کڏ ڪري وڌي، ۽ الله سائينءَ اتان مٺي پاڻيءَ جو چشمو وهايو.
    ”پاڻيءَ جي چشمي تي اُتان لنگهندڙ واپاري قافلا ترسڻ لڳا. هڪ دفعي مڪي نالي عرب واپاري اتي ترسيو ۽ هن اتي هڪ ڳوٺ ٺاهيو. اُهو ڳوٺ ڪافر مڪي واپاريءَ جي نالي تي مڪو ڳوٺ سڏجڻ لڳو. اتي ڪعبه الله ٺهيو ته به نالو ساڳيو ئي ڪافر واپاريءَ وارو مڪو رهيس. اتي ڪيترائي نبي پيدا ٿيا تن به مڪي جو نالو نه بدلايو. آخر ۾ اسان جو نبي حضرت محمد ﷺ به اتي پيدا ٿيو ۽ اسلام جي تبليغ به اتان شروع ڪيائين. اتان جي ماڻهن کيس تڪليفون ڏنيون ته هجرت ڪري مديني ۾ آيا. آخر مڪي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ اتي مسلمان گهڻا ٿي ويا ته به شهر جو نالو مڪو ئي رهيو، حالانڪه مڪو نالو هڪ ڪافر واپاريءَ جو هيو، مگر پاڻ سڳورن ان ڳوٺ کي صرف مڪي ڳوٺ ڪوٺڻ تي اڪتفا نه ڪئي، پر ان کي مڪه المعظمه بنائي ان مڪي واپاريءَ جي عظمت کي لازوال بنائي ڇڏيو.“

    16 مئي 1977ع


      پنهنجي طرفان

    ڪجهه ڪتابن جي مسودن تي ڪم ڪري رهيو آهيان. انهن مان چار افسانن جا مجموعا آهن– تاريخ جو ڪفن، هڪ دل جي اڪيلائي، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو، ۽، هڪ دور جو ماتم. انهن مجموعن ۾ ڪجهه افسانا ڇپيل آهن، ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل آهن. اڻ ڇپيل افسانن جي باري ۾ مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته منهنجا اُهي مهربان، جن نيڪيءَ جا ڪارناما سر انجام ڏيڻ لاءِ مون گنهگار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عهدنامو ڪيو آهي، سي اِهي افسانا قبول ڪري نه سگهندا. افسانا شايع ڪرائڻ کان اڳ مان ذهني طرح هڪ نئين آڏي پڇا ۽ تنبيهه لاءِ تيار ٿي ويو آهيان. منهنجو وچن ويڙهيچن سان آهي. منهنجي لاءِ مسئلو اڻ ڇپيل افسانن جو نه آهي. مسئلو اڳ شايع ٿيل افسانن جو آهي.
    ادب پنهنجي معاشري جي قدرن، ماڻهن ۽ ماحول جي عڪاسي ڪندو. اسان جي معاشري ۾ ان کانسواءِ ٻي ڪابه تبديلي رونما نه ٿي آهي، جو ماڻهو اول وڏن پائنچن واريون پتلونون پائيندا هئا. پوءِ هو سوڙهن پائنچن واريون پتلونون پائڻ لڳا. وري وڏن پائنچن جو رواج آيو. اڄڪلهه وري ننڍن پائنچن جو فيشن موٽي آيو آهي. اسان جي تاريخ جا 33 سال وڏن ۽ ننڍن پائنچن جي وچ ۾ گذري ويا آهن. اندران اسين، ۽ اسان جو معاشرو اهو ئي آهي. جيڪي ڪجهه اسان جي زبان تي آهي، سو اندر ۾ نه آهي. جيڪي ڪجهه اندر ۾ آهي، سو زبان تي نه آهي. اسين ٺمريءَ کي دادرو ۽ دادري کي ٺمري سمجهندا آهيون. جنهن جي واتان ست سريون ٻڌندا آهيون تنهن کي وڏو گويو قبول ڪندا آهيون. اسان جو هاضمو ان ڪري خراب آهي جو اسين ڦٿل ناسپاتين کي صوف سمجهي کائيندا رهيا آهيون.
    بهرحال، ڳالهه پئي ڪيم افسانن جي مجموعن جي. افسانن جي چئن مجموعن کي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان. اڻ ڇپيل افسانن کان وڌيڪ اڳ ڇپيل افسانن جو مون کي اونو آهي. ڏهه – پندرهن سال پراڻا افسانا جڏهن پڙهان ٿو ته محسوس ڪريان ٿو ته صاحبن کي منهنجي خلاف مفصل الزامن جي فهرست ملي ويندي. اسان کي لطيف سائينءَ جو درس مليل آهي – مئي متي مهراڻ ۾، پئه ٽپو ڏيئي، ته ميهار مليئي سنڀوڙو سيڻاهه سين. ڪتابن جا مسودا هڪ پبلشر دوست جي حوالي ڪري ڇڏيندس.
    1972 ع کان 1977ع تائين لکيل ۽ هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيل ڪالمن کي چئن جدا جدا عنوان هيٺ، چئن مجموعن م ورهائي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان ڪالمن جي چئني مجموعن جا نالا آهن. سنڌو منهنجي ساهه ۾، امڙ ڏانهن خط، بينو منهنجو ڀاءُ، ۽ هوائي ڳالهيون.
    ڪجهه عرصو اڳ الفتح (اردو هفتيوار رسالو) لاءِ ڪالم لکندو هوس، ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ، ڪالم جي سري هيٺ مختصر افسانا لکندو هوس. انهن افسانن کي به ترتيب ڏيئي رهيو آهيان.
    ڏهه سال اڳ منهنجن افسانن جو مجموعو شايع ٿيو هو، جنهن جو نالو هو ”جڏهن مان نه هوندس.“ اصل ۾، جڏهن مان نه هوندس، ناول هو. اهو ناول 1968ع کان 1970ع واري دور جي پس منظر ۾ لکيل هو. جڏهن سنڌ ڀرپور تحريڪ هلائي ون يونٽ ٽوڙايو هو. مون کي چيو ويو ته حالتون اهڙي ناول لاءِ سازگار نه آهن. ناول مان گهڻو ڪجهه ڪڍڻو پيو. نيٺ طويل افساني جي صورت ۾ ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو. مان سمجهان ٿو، اڃا به، ڪوبه پبلشر ان ناول کي اصلوڪي حالت ۾ شايع نه ڪرائيندو. هونءَ به ناول جو روح افساني ۾ منتقل ڪرڻ کان پوءِ ناول شايع ڪرائڻ بيسود سمجهان ٿو. اڄ ڪلهه هڪ نئين ناول تي ڪم ڪري رهيو آهيان. جڏهن به ناول تي ڪم ڪندو آهيان، تڏهن عبدالجبار شام جي ڪنهن مضمون جو هڪ جملو ياد ايندو اٿم. هن لکيو هو ته امر جليل اڳتي هلي ناول لکندو. مون کي پڻ محسوس ٿي رهيو آهي، ته مان ذهني طرح ناول ڏانهن مڙي رهيو آهيان.
    اڄوڪو ڪالم ٻن سببن ڪري لکيو اٿم. مون کان پڇيو ويندو آهي ته اڄ ڪلهه ڇا ڪري رهيو آهين، خاموش ڇو آهين! هر هڪ سڄڻ کي جدا جدا جواب ڏيڻ کان بهتر ڀانيم ته ان سلسلي ۾ ڪالم لکي ڇڏيان. سچ پچ ته جيترو قرب ۽ حب ۽ محبت توهان وٽان مون کي ملي آهي، مان ان جو حقدار نه آهيان. پيار سان ٽمٽار خط پڙهي مان بي حد اداس ٿيندو آهيان. سوچيندو آهيان، مون مبهم ڳالهين، ۽ سرڪش افسانن کان سواءِ اوهان کي ڇا ڏنو آهي جو اوهان پنهنجن خطن ۾ ايڏي سڪ جو اظهار ڪندا آهيو. مان اوهان جو احسانمند آهيان. اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي، منهنجين سمورين اوڻائين سميت قبول ڪيو آهي.

    مئي 1977ع


      ڪامورن جي آڪهه

    اڄ ڪلهه بيچينيءَ جو دور هلي رهيو آهي. ڪجهه ماڻهو سياسي صورتحال سبب بيچين آهن. ڪجهه ماڻهو مهانگائيءَ سبب بيچين آهن. ڪجهه ماڻهو ذاتي مسئلن سبب بيچين آهن. اها بيچيني سمجهه ۾ اچڻ جوڳي آهي. بيچينيءَ جي عالم ۾ سڀ کان وڌيڪ بيچين اڳوڻا سي ايس پي ڪامورا آهن. جيتوڻيڪ هو اڄ به ويهين ۽ ٻاويهين گريڊ جي نوڪرين ۾ آهن، پر خوش نه آهن. هنن کي سي ايس پيءَ جي لقب کان محروميءَ جو صدمو آهي.
    اسلام آباد عام ماڻهن جو شهر نه آهي. اسلام آباد ڪامورڪي لڏي، ۽ سندن ماتحتن جو شهر آهي. تنهن ڪري هتي ماڻهو بيچين ٿي سڙڪن تي نڪري نه ايندا آهن. بجلين جا بلب، سگنل لائيٽ، ۽ بسون نه ڀڃندا آهن. هو پنهنجن بنگلن ۾ ويهي منصوبا رٿيندا آهن. تنهن ڪري اسلام آباد منصوبن جو شهر آهي.
    اڄ ڪلهه سابق سي ايس پي آفيسر منصوبن جي رٿا بندي ڪري رهيا آهن. هو هرحال ۾ پنهنجو وڃايل رعب تاب موٽائي وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اهي ديسي صاحبلوڪ جن جي اک عام ماڻهن تي نه ٻڏندي هئي، اڄڪلهه عام ماڻهن جي وچ ۾ پاڻ کي ڏسي ششدر ٿي رهيا آهن. هنن پنهنجي سموري ڄمار پاڻ کي ٻين کان اُتم ۽ اعليٰ ثابت ڪرڻ جي جستجو ۾ گذاري ڇڏي هئي. ڪنهن کي به پنهنجو ثاني نه سمجهندا هئا. ڪنڌ آڪڙيل، آواز ۽ لهجي ۾ رکائي، ۽ منهن ۾ گهنڊ سندن خاص خصلتون هونديون هيون. اڄ ڪلهه به اهائي حالت اٿن. هڪ پهاڪو هن ريت آهي، ته ”عادت ڇڏي نه عادتي، علت مُور نه جائي – اُٺ پئي ڪڻڪ ۾ ته ڪنڊا چڻ چڻ کائي!“ ائين برابر آهي ته اڳوڻي سي ايس پي آفيسرن جو اهو اڳوڻو رعب نه رهيو آهي. پر، تڏهن به هنن اُٺ واري عادت نه ڇڏي آهي. سندن ڪنڌ اڄ تائين آڪڙيل آهي. سندن چپ اڄ تائين مرڪ کان محروم آهن. سندن آواز مان رُکائي نه ويئي آهي. کانئن جيڪڏهن ڪجهه کسجي ويو آهي ته اُهو سندن سي ايس پي هئڻ جو لقب آهي.
    هندستان کي جڏهن آزادي نه ملي هئي، ۽ پاڪستان جڏهن وجود ۾ نه آيو هو، تڏهن انگريز بهادرن ديسي ماڻهن تي ديسي بگهڙ ڇڏي ڏنا هئا. کين آئي سي ايس جو لقب ڏنو هئائون. آئي سي ايس جا ڪامورا انگريز بهادر جي حڪومت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا هئا. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انگريزن ايترا سال (ٻه صديون) جو اسان تي حڪومت ڪئي ته ان ۾ سمورو ڪارنامو آئي سي ايس وارن ڪامورن جو آهي.
    عوامي جدوجهد سبب انگريزن کي نيٺ ٽپڙ ٻڌڻا پيا. هو هتان هليا ويا، پر پنهنجا ڇاڙتا ڇڏي ويا – پنهنجو نظام ڇڏي ويا. ان نظام جي انتظام هيٺ ساڳئي آئي سي ايس نوعيت جا ڪامورا نروار ٿيندا رهيا. آزاديءَ جو دور هو. پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو. اهڙن ڪامورن تي آئي سي ايس جو لقب برقرار رکڻ بيمعني پئي لڳو. ڪجهه يارن آئي سي ايس جي لڏي کي سي ايس پي جو نالو ڏنو. يعني، انگريز هليا ويا، پر پنهنجو يادگار ڇڏي ويا.
    پنجويهه – ڇويهه سال پاڪستان ۾ سي ايس پي ڪامورن جي احساس برتريءَ جو دورو هلندو رهيو – پر پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو کانئن سي ايس پيءَ جو لقب واپس ورتو يو. کين عام ڪامورن جي لڏي ۾ شامل ڪيو ويو.
    موجوده دور ۾ جڏهن هر طرف سياسي وڳوڙ سبب ماڻهن ۾ بيچيني آهي، اڳوڻا سي ايس پي ڪامورا موجوده حالتن مان پنهنجي لاءِ فائدو کڻڻ جو منصوبو رٿي رهيا آهن ته ڪيئن ٻيهر ايس پيءَ جو لقب موٽائي وٺن ۽ پاڪستان ۾ پاڻ کي ٻين کان برتر ثابت ڪن!

    18 مئي 1977ع


      ڪوڙا ڊوميسائيل ڪير جاري ڪندا آهن

    ڪجهه عرصي کان ڪوڙن ڊوميسائيلن جو مسئلو هلي رهيو آهي. مان سمجهان ٿو سنڌ ۾ ڪيترا شخص سنڌ جي ڪوڙن ڊوميسائيلن تي نوڪري ڪري رهيا آهن. سنڌ کان ٻاهر پڻ اهو ڪم هلي رهيو آهي. خاص ڪري اسلام آباد ۾ مرڪزي نوڪرين ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن ڊوميسائيلن تي ڪي اهڙا شخص نوڪري ڪري رهيا آهن، جن سنڌ جو فقط نالو ٻڌو آهي – جن سنڌ کي اڄ تائين اکين نه ڏٺو آهي. هڪ شخص کي مان ذاتي طرح سڃاڻان جنهن وٽ سنڌ جا ٽي ڊوميسائيل آهن– هڪ ڪراچيءَ جو، ۽ ٻه ٻهراڙي جا. هو سنڌ ۾ ٽي ڏينهن به نه رهيو آهي.
    اهڙي طرح وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن حقن تي، يعني ڊوميسائيلن تي اهڙا شخص نوڪري ڪري رهيا آهن، جن جو خواب ۾ به سنڌ مان گذر نه ٿيو آهي. ڊوميسائيل جي لفظ ۾ ڪنهن به شخص کي قانوني طرح ان علائقي جو حقيقي رهاڪو تصور ڪيو ويندو آهي، ۽ هو ان حق جي آڌار تي ڪنهن به کاتي ۾ نوڪري ڪري سگهندو آهي. جيڪي شخص سنڌ جي ڊوميسائيل تي سنڌ جي ڪوٽا مان نوڪري ڪري رهيا آهن، پر اصل ۾ سنڌ جا نه آهن، سي حقيقت ۾ ڪنهن نه ڪنهن سنڌيءَ جو حق ماري رهيا آهن. حق لاءِ آواز اٿاري سگهجي ٿو. ان ۾ ڪو ڀولو ڪونهي.
    ڊوميسائيلن جي باري ۾ اڄ تائين مون وضاحت سان شايد ڪجهه نه لکيو آهي. ان جو اهو مطلب ناهي ته مان ڊوميسائيل جي اهميت کان منڪر آهيان. ڊوميسائيل جو مسئلو اهم آهي –۽ ان باري ۾ ڇنڊڇاڻ ضروري آهي.
    ڪجهه دوستن مون کان پڇيو، ”تون ڊوميسائيلن جي باري ۾ ماٺ ڇو آهين – مشرڪ – آهين ڇا!“
    کانئن ورائي پڇيم، ”ڪيئن ٿا چئو ته مان ڊوميسائيل جي باري ۾ خاموش آهيان.“
    چيائون، ”تو اڄ تائين وضاحت سان ڊوميسائيل جي باري ۾ تفصيل سان نه لکيو آهي.“
    چيم، ”ائين برابر آهي ته مون اڄ تائين تفصيل سان ڊوميسائيل جي مسئلي تي نه لکيو آهي – پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته مان ڊوميسائيل جي مسئلي جي باري ۾ خاموش آهيان. مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي، مان ڊوميسائيل جي باري ۾ ڳالهائيندو آهيان.“
    تڏهن به زور ڏيندي پڇيائون ته ڊوميسائيل جي باري ۾ لکندو ڇونه آهين – انهن کي وائکو Expose) ) ڇونه ڪندو آهين، جيڪي سنڌ جا ڪوڙا ڊوميسائيل هٿ ڪري سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون ڪري رهيا آهن؟ پوءِ چيائون، ”اسين توکي اهڙن ماڻهن جون لسٽون هٿ ڪري ڏينداسين، جيڪي سنڌ جا ڪوڙا ڊوميسائيل حاصل ڪري سنڌ جو حق ماري رهيا آهن.“
    مان خاموش رهيس.
    هنن پڇيو، ”اهڙي لسٽ پنهنجي ڪالم ۾ شايع ڪندين؟“
    چيم، ”نه.“
    پڇيائون، ”ڇو“
    وراڻيم، ”اهو مسئلي جو حل نه آهي؟“
    ”جيڪي نقصان پهچي چڪو – جيڪو حق مارجي چڪو، تنهن جو ازالو مشڪل آهي.“ چيم، ”اسان کي آئينده جو اونو ڪرڻ گهرجي – اهڙي طرح ان مسئلي کي اڳتي هلي روڪي سگهجي ٿو.“
    ان باري ۾ اسان ڪافي بحث ڪيو. مون ٻن ڳالهين تي زور ڏنو – هڪ ته جن ماڻهن وٽ ڪوڙا ڊوميسائيل آهن، سي ڊوميسائيل ان حد تائين ڪوڙا آهن جو اهڙن ماڻهن جي نالي ۾ نڪتل آهن، جن اڄ تائين سنڌ جو منهن نه ڏٺو آهي، پر اصل ۾ اهي ڊوميسائيل جڙتو نه آهن. انهن ڊوميسائيلن تي ڪامورن جون اصلي صحيحيون آهن. ٻيو ته اهي ڪامورا نج سنڌي آهن جن ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن. تنهن ڪري بهتر اهو ٿيندو ته اسين اهڙن ڪامورن کي وائکو Expose) ) ڪريون جن غلط ماڻهن کي ڊوميسائيل وڪڻي جاوا ڪيا آهن. چوريءَ جو سامان خريدڪرڻ برابر ڏوهه آهي، پر چوري ڪرڻ ۽ چوريءَ جو سامان وڪڻڻ وڏو ڏوهه آهي.

    28 مئي 1977ع


      تاريخ ۾ اپٽار

    مون پنهنجن ڪالمن ۾ سياست کان دامن بچائي لکيو آهي. مون اڪثر واضح ڪيو آهي ته مان سياست جو ليکڪ نه آهيان. مان معاشري جو ليکڪ آهيان، تنهن ڪري معاشري جي انيڪ مسئلن تي لکندي مان ڪڏهن ڪڏهن اڻسڌي طرح سياست تي به لکي ويندو آهيان.
    اڄوڪو ڪالم ظاهري طرح سياسي ڪالم لڳندو پر اصل ۾ اڄوڪو ڪالم سياسي ڪالم نه آهي. اڄوڪي ڪالم ۾ مون تاريخي پس منظر ۾ پنهنجي قومي ڪردار کي سمجهڻ جي نماڻي ڪوشش ڪئي آهي.
    ايوب خان جي اقتدار کان مون قومي ڪردار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان اڳ واري دور کي مون شعوري طرح نه ڏٺو هو. ايوب خان اقتدار ۾ آيو. ڏاڍو هر دلعزيز شخص ٿي پيو. ماڻهو مٿس گهوريا گهوريا پئي ويا. کيس پاڪستان جو بچائيندڙ، پاڪستان جو مجاهد اعظم، ۽ ان قسم جا انيڪ لقب ڏنائون. ايوب خان جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندي ماڻهن اعلان ڪيو ته ايوب کان اڳ وارا سياستدان چور هئا – ڊاڪو هئا – ڦورو هئا – هنن قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو – وغيره. هنن جي رايي مطابق ايوب خان فقط سپتو هو – سچار هو – قوم جو هڏ ڏوکي هو. ايوب خان 1958ع کان 1960ع تائين ٻه سال سک سانت ۾ گذاريا. انهن ٻن سالن ۾ ايوب ملڪ جو مجاهد اعظم هو. پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو 1961ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جا شاگرد ايوب کان ڦري ويا. هنن بغاوت جو علم بلند ڪيو. شهر ۾هنگاما ٿيا – فساد ٿيا – ۽ پوءِ اها باهه آهستي آهستي سموري ملڪ ۾ پکيڙجي ويئي.
    ”مجاهد اعظم“ ايوب خان ساڳين ماڻهن کي اک ۾ ڪک وانگر چڀڻ لڳو، جن ماڻهن جي اکين جو اڳ هو نور هوندو هو. ايوب خان جي هٿن مان اقتدار نڪري يحيٰ خان جي هٿن ۾ پهتو. ايوب جي وڃڻ تي ماڻهن مٺايون وراهيون – دهل وڄايا ۽ ڀاڪر پائي هڪٻئي کي مبارڪون ڏنائون.
    ايوب خان سٺو هو، يا خراب هو، ان سان منهنجو بحث نه آهي. هتي مون کي پنهنجي قومي ڪردار جو ذڪر ڪرڻو آهي. يحيٰ خان اقتدار ۾ آيو. ماڻهن اعلان ڪيو ته ايوب خان کان حساب ڪتاب ورتو وڃي. اخبارن (جن کيس خوب پڏايو هو) تن اداريا لکيا ته ايوب تي ڪيس هلايو وڃي، هو وڏو بدمعاش هو، هن ڏهه سال ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو آهي، کيس اهڙي طرح سولائيءَ سان نه ڇڏيو وڃي. اهي ساڳيا ماڻهو جيڪي چوندا ۽ دعويٰ ڪندا هئا ته ايوب خان کان اڳ ملڪ ۾ انڌير هو، ظلم هو، سي يحيٰ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ چوڻ لڳا ته يحيٰ سپتو آهي – سچار آهي – اسلام جو سپاهي آهي – امير المومنين آهي – يحيٰ خان کان اڳ ملڪ ۾ انڌير هو – ظلم هو!
    اهڙي طرح خبر پيئي ته ايوب کان اڳ ملڪ ۾ انڌير هو، ۽ يحيٰ خان کان اڳ به ملڪ ۾ انڌير هو – يعني پاڪستان جي تاريخ جا پورا پنجويهه سال انڌير ۾ گذريا هئا – افراتفريءَ ۾ گذريا هئا – ڦر لٽ ۾ گذريا هئا!
    1971ع واري جنگ ۾ مشرقي پاڪستان هٿن مان ويو، ۽ بنگلاديش ٿي پيو. راتو واهه ڀتين تي نعرا لکجي ويا ته يحيٰ خان تي ڪيس هلايو – کيس سزا ڏيو – هن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي – يحيٰ شرابي آهي – ڪبابي آهي – عياش آهي – جنرل رانيءَ جو عاشق آهي، وغيره. تڏهن مون جهڙن ڀوڪن جي ڪنن ۾ ساڳين ماڻهن جا نعرا پڙاڏا ڪرڻ لڳا ته يحيٰ خان اسلام جو سپاهي آهي – امير المومنين آهي! خبر پيئي ته اقتدار يحيٰ خان جي هٿن مان نڪري جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي مليو. اهو اقتدار عوام جي بيپناهه جذبي ۽ عقيدت سبب جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي مليو. مون کي ياد ٿو پوي ته لاهور اسٽيشن تي جڏهن عوام جي والهانه محبت ڏسي ڀٽي صاحب جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا هئا، تڏهن هن اُهي لڙڪ پنهنجي رومال سان اگهيا هئا. اهو رومال پارٽيءَ جي ڪنهن ورڪر پارٽي فنڊ لاءِ ڏهه هزار رپين ۾ نيلا ڪيو هو. جناب ڀٽي صاحب جا جلسا ۽ جلوس ڏسي جهونن جوڳين چيو هو ته ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ڪنهن به سياستدان کي عوام جي ايتري قدر پٺڀرائي حاصل نه ٿي هئي، جيتري ڀٽي صاحب کي هئي.
    سياست جو سج لهندو چڙهندو رهندو آهي. موجوده سياسي حالتون اوهان آڏو آهن. مان روزانه بنا ڪنهن تعجب جي ملن جي ڍنڍورچي اخبار ۽ هڪ احمقاڻو هفتيوار رسالو پڙهندو آهيان. اڄ اها اخبار ۽ رسالو جناب ڀٽي جا جاني دشمن ٿي پيا آهن ۽ صحافتي شرافت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڀٽي صاحب کي لوئي رهيا آهن. هنن ساڳيو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو آهي ته ڀٽي صاحب جو دور انڌير ۽ ظلم جو دور هو – ڌانڌلين جو دور هو! خبر پيئي ته پاڪستان جا سمورا ٽيهه سال انڌير ۽ ڌانڌلين ۾ گذريا آهن، پر پوءِ به ملڪ سالم آهي – قائم آهي، دائم آهي! ايوب خان مڪمل طرح خراب هو، يحيٰ خان به مڪمل طرح خراب هو، ۽ جناب ذوالفقار علي ڀٽو به مڪمل طرح خراب هو! ته پوءِ هن ملڪ کي ڪير هلائي رهيو آهي – هيءُ ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي! ان سوال جو جواب اسان کي پنهنجي قومي ڪردار کان ۽ سياسي شعور کان طلب ڪرڻو آهي.
    ڪو به شخص مڪمل طرح سٺو، يا مڪمل طرح خراب ٿي نٿو سگهي. انسان گڻن ۽ اوگڻن جو مجسمو آهي. هن ۾ چڱايون آهن، ته لڱايون به آهن. اسان جي سياسي ڪردار ۾ اهو رجحان خطرناڪ آهي ته ماضيءَ جو هرهڪ سياستدان مڪمل طرح خراب هو – اسان جو ماضي فقط اونداهو – ظالماڻو ۽ ڏاڍ ڏمر جو دور هو. جنهن سياستدان ست ڪم ڀڏا ڪيا آهن، تنهن لازمي طرح ٽي ڪم چڱا به ڪيا هوندا. منهنجي لکڻ جو مطلب آهي ته سياسي تقاضائن مطابق سياستدانن جي ڪمن ۽ سندن دور جو تجزيو ڪيو وڃي. ڳوڙهو اڀياس ڪيو وڃي، ۽ واضح ڪري ايندڙ نسل کي تاريخ ذريعي ٻڌايو وڃي ته ملڪ جي تاريخ ۾ ڪهڙي سياستدان جو نالو سونهري اکرن سان لکڻ لائق آهي – ايندڙ نسل کي اهڙن سياستدانن جي ڪارنامن، ڪاميابين ۽ ناڪامين کان آگاهه ڪيو وڃي. ان قسم جي طرز عمل کان سواءِ اسين پنهنجي ايندڙ نسل کي ملڪ کان بد دل ڪري ڇڏينداسين.

    29 جولاءِ 1977ع


    سچل ۽ چونڊون

    سچ پڇو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، جڏهن ٻڌم ته آزادانه، غير جانبدارانه ۽ منصفانه چونڊن ۾ سچل حصو وٺندو. پر، هڪ ڳالهه ڪنڊي وانگر منهنجي ذهن ۾ چڀڻ لڳي. تنهن ڪري سوچيم ته جيستائين ان سلسلي ۾ سچل کان وضاحت طلب نه ڪندس تيستائين ڪنڊي جو چڀڪو پيو محسوس ڪندس. اها ڳالهه ئي ڪجهه اهڙي هئي جنهن جي سمجهاڻي مون وٽ نه هئي. مان، تنهن ڪري سچل جي ڳولا ۾ نڪري پيس. سچل کي هٿ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. هو سچ وانگر روشن آهي تنهن ڪري روشنيءَ کي هٿ ڪرڻ ممڪن نه آهي. ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ لاءِ مان نڪري پيس. سنڌ جو چپو چپو ڳولي ڏٺم – سچل نه مليو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڇا ڪرايم – پر سچل جو ڏس نه مليو. پوءِ هڪڙي ڏينهن، جڏهن ٿڪجي، ٽٽجي، ساڻو ٿي پپر جي ڇانوَ ۾ وڃي ليٽي پيس تڏهن الاءِ ڪٿان سچل اچي اتان لانگهائو ٿيو. مون کي بيحال ڏسي بيهي رهيو.
    مون کان پڇيائين، ”آزادانه، غير جانبدارانه ۽ منصفانه چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ڪيو اٿئي ڇا؟“
    مون ڇرڪي هن ڏانهن ڏٺو. ڏسڻ شرط کيس سڃاڻي ورتم. چيم، ”مان تنهنجي تلاش ۾ نڪتو هوس سچل. ڪيئن آهين؟“
    جواب ڏنائين، ”آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.“
    ” ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي.“ چيم، ”تون جوئي آهين سو ئي آهين.“
    ”تون پپر جي ڇانوَ ۾ ڇا پيو ڪرين؟“ سچل پڇيو.
    چيم، ”تنهنجي تلاش ۾ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي ٿڪجي پيو هوس.“
    ”منهنجيءَ تلاش ۾؟“ هن پڇيو.
    چيم، ”ها، تنهنجيءَ تلاش ۾.“
    هن چيو، ”پنهنجو رڪارڊ خراب ڪرائيندين ڇا؟“
    ”رڪارڊ جي ڳالهه ڇڏ.“ مون چيو، ”مون کي اهو ٻڌي بيحد خوشي ٿي آهي ته تون آزادانه، منصفانه۽ غير جانبدارانه چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهين!“
    ”مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان؟!“ سچل چيو، ”ميان مٿو ته جائيتو اٿئي نه؟“
    چيم، ”اهو افواهه ناهي. مون هٿيڪي هنڌان اها خبر ٻڌي آهي.“
    سچل چيو، ”اها خبر بلڪل جڙتو آهي.“
    پڇيم، ”ڇا تنهنجو نالو سچل ناهي؟“
    ”ها.“ هن چيو، ”منهنجو نالو سچل آهي.“
    ”۽ توکي اها خبر آهي ته ايندڙ آڪٽوبر ۾ آزادانه، غير جانبدارانه ۽ منصفانه چونڊون ٿي رهيون آهن“
    ”ها مون کي خبر آهي.“
    ”انهن چونڊن ۾ تون حصو وٺي رهيو آهين؟“
    ”نه. اهو الزام بلڪل غلط آهي.“
    ”ڇا مطلب!“
    ”مطلب ته مان چونڊن ۾ بيهي نه سگهندس.“
    مون کي تعجب لڳو. چيم، ”چونڊون آزادانه، غير جانبدارانه ۽ منصفانه ٿي رهيون آهن.“
    ”مون کي خبر آهي. مان ٽي وي ڏسندو آهيان – ريڊيو ٻڌندو آهيان“ سچل چيو، ”چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ مون کي پنهنجي ڪلام جي وڏي حصي تان هٿ کڻڻو پوندو يا ان ۾ ترميم ڪرڻي پوندي.“
    اها ئي ڳالهه هئي جيڪا ڪنڊي وانگر منهنجي ذهن ۾ ڇڀي رهي هئي.
    سچل پڇيو، ”تون سمجهين ٿو ته منهنجي هن بيت ٻڌڻ کان پوءِ مون کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ڏيندا.“
    سچل پنهنجو بيت ٻڌايو
    ”ڪلمي مون کي ڪين ڪيو
    مورئون مسلمان،
    نڪو احمد موڪليو عرب کان ايمان
    سچو آهي سبحان
    ماڻهن ليکي آدمي.“
    مون ڪجهه نه چيو.
    سچل چيو، ”هڪ بيت جون هي سٽون مون کي آزادانه غير جانبدارانه ۽ منصفانه چونڊن ۾ بيهڻ کان رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.“
    هن اُهي سٽون ٻڌائيون.
    ”دوزخ دڙڪو
    بهشت دلاسو
    ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي.“
    پڇيم، ”ته پوءِ ڪهڙو سچل چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.“
    چيائين، ”اهو سچل ڪميشن تي مال سپلائي ڪندو آهي.“

    5 آگسٽ 1977ع


      منهنجي جنگ

    ڪجهه ڏينهن کان مان بنهه غير سياسي ڪالم لکي رهيو آهيان. اُهي ڪالم جڏهن شايع ٿيڻ کان پوءِ مون وٽ پهچن ٿا، تڏهن سياسي ڪالم لڳن ٿا. اهو راز مون کي سمجهه ۾ نه آيو آهي. اڄ به ارادو ڪيو اٿم ته بنهه غير سياسي ڪالم لکندس. مان پڪ سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهان ته اڄوڪو ڪالم شايع ٿيڻ کان پوءِ سياسي لڳندو، يا غير سياسي محسوس ٿيندو.
    اڄ مون کي پاڪستان ۾ سامراجين جي ايجنٽن متعلق ڪالم لکڻو آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته اقتدار جڏهن پيپلز پارٽيءَ وٽ هو، تڏهن هن قسم جو ڪالم مون اڳ ڪڏهن به نه لکيو هو. اڄ، جڏهن اقتدار پيپلز پارٽيءَ جي هٿن مان نڪري ويو آهي، ۽ هر طرف سامراجين، رجعت پسندن ۽ دقيانوسي ملن جي ٻيگهي متل آهي، تڏهن هن قسم جو ڪالم لکي رهيو آهيان.
    موجوده سياسي ڦير گهير کان اڳ، توهان کي ياد هوندو ته جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب زورائتي ۽ اثرائتي نموني دنيا ۾ سامراجين جي سربراهه آمريڪا جي عزائم جا پول پڌرا ڪيا هئا، ۽ آمريڪا کي اڇو هاٿي سڏيو هو. اڇي هاٿيءَ، يعني دنيا ۾ سامراجين جي سڀ کان وڏي سربراهه ايشيا ۾ جيڪي ڪلور ڪيا آهن، سي ڪنهن کان ڳجها نه آهن. ڀٽي صاحب جڏهن آمريڪا بابت پنهنجو موقف بيان ڪيو، تڏهن پاڪستاني نسل جي آمريڪي ايجنٽن جا منهن لڙڪي پيا هئا. هنن ثقافت، ادب، آرٽ ۽ سياست جي نالي ۾ جهڙي نموني اسان تي سامراجين جو تسلط قائم رکيو هو، ۽ آهي سو کين ککيو پئي. هنن پنهنجو حشر اکين آڏو ڏٺو پئي. کين پنهنجي حساب ڪتاب جو ڏينهن ويجهو محسوس ٿيو هو. هنن ۾ ڦڦڙي پئجي ويئي هئي. بند ڪمرن ۾ هنن ڪانفرنسون ڪيون. پنهنجي قلعي جي مضبوط ديوارن ۾ پيل شگاف ڀرڻ لاءِ پنهنجي آقا کان مدد حاصل ڪرڻ جا منصوبا رٿڻ لڳا. هنن مدد لاءِ ايلچي روانا ڪيا.
    پاڪستان ۾ سامراجين وڏي چالاڪيءَ سان، ۽ مڪاريءَ سان پنهنجو تسلط قائم رکيو آهي. ان لاءِ هنن پاڪستان ۾ پاڪستاني نسل جي سامراجي ايجنٽن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون آهن. انهن سامراجي ايجنٽن ثقافت، ادب، آرٽ ۽ سياست جي نالي ۾ پنهنجو ڄار پکيڙيو آهي. هنن وٽ رسالا آهن – اخبارون آهن. اسان جڏهن به سامراجين خلاف آواز اٿاريو آهي، تڏهن هنن پنهنجي بچاءَ ۾ وڏي چالاڪيءَ سان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن جو تعداد ۽ آواز وڌي رهيو آهي. پاڪستان ”سبز“ بدران ”سرخ“ ٿي رهيو آهي. پاڪستان اسلام جي نالي ۾ حاصل ڪيو ويو آهي. هي ”سرخا“ پاڪستان مان اسلام کي تڙي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ آهن. اسين (يعني سامراجي ايجنٽ) پاڪستان مان اسلام کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. اسين (يعني سامراجي) هر حال ۾ اسلام جي حمايت ڪندي ”سرخن“ جي سر ڪوبي ڪنداسين. اهڙي نموني پاڪستاني نسل جي سامراجي ايجنٽن پاڪستان ۾ ترقي پسند قوتن کي اُڀرڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. پاڪستان جا رجعت پسند اسلام جي اوٽ وٺي ترقي پسند قوتن سان مڪاريءَ واري جنگ جاري رکي رهيا آهن.
    پاڪستاني نسل جو هڪ نامور (يا بدنام!) سامراجي ايجنٽ مون کي چوائي موڪليو آهي ته هينئر توکي ڏسي رهبو – توکان تنهنجي لکيل هڪ هڪ لفظ جو حساب وٺبو –! سامراجي ايجنٽ جو دڙڪو ٻڌي مون کي سامراجي ايجنٽ جي عقل تي ارمان ٿيو. مان پيپلز پارٽيءَ جي وجود ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ لکي رهيو آهيان. پيپلز پارٽي جڏهن اقتدار ۾ هئي، تڏهن به لکي رهيو هوس. اڄ جڏهن سياسي ڦير گهير سبب پيپلز پارٽي اقتدار ۾ نه رهي آهي، تڏهن به مان لکي رهيو آهيان. هڪ ليکڪ کي پنهنجي جنگ اڪيلي سر لڙڻي پوندي آهي. سامراجين، رجعت پسندن ۽ دقيا نوسي ملن خلاف منهنجي جنگ جاري آهي. ۽ اها جنگ مان اڪيلي سر لڙي رهيو آهيان.

    7 آگسٽ 1977ع


      مان ڏوهي

    5 جولاءِ 1977ع کان پوءِ ملن مون کي وڏن وڏن ۽ حيرت انگيز الزامن سان نوازيو آهي. ڪا ملڙي اخبار يا رسالو اهڙو نه آهي جنهن ۾ مون تي ملن فتوائون نه ڏنيون هجن! مان حيران آهيان ته 5 جولاءِ کان اڳ انهن ٺڙڪائو اخبارن ۽ پڪوڙائي رسالن منهنجي خلاف ڪالم ڪارا ڇو نه ڪيا هئا. هنن کي لکڻ جي مڪمل آزادي هئي– هو طرحين طرحين جون احمقاڻيون ڳالهيون لکندا هئا – تڏهن، منهنجن ڏوهن جو ذڪر ڇونه ڪيو هئائون!
    گذريل مهيني ڪراچيءَ ۾ مينهن راڱا ڪيا هئا. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو. مينهن آسمان مان وٺو هو. ڪڪرن پاڻي سمونڊ مان ڀريو هو. پر، ملن چيو ته ان ۾ سمورو ڏوهه تنهنجو آهي – تون مينهن جي فرشتن سان ملي ڀڳت ۾ آهين –تنهنجيءَ هُشيءَ تي مينهن وٺو آهي – فرشتن تنهنجي چرچ تي مينهن وسايو آهي – ان سموريءَ تباهيءَ لاءِ ذميوار تون آهين. اهي الزام ٻڌي مان ڏاڍو حيران ٿيس– بلڪه پريشان ٿيس. مون مُلن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڙئو منهنجو مينهن جي فرشتن سان ڪوبه ٺاهه ٿيل نه آهي – هو پنهنجي مرضيءَ سان مينهن وسائي رهيا آهن. پر ملن منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. چيائون توتي ڪيس هلائينداسين – توکي ان لاءِ سزا ڏيارينداسين.
    ملڪ ۾ سيلاب آيو. ملن چيو ته سيلاب تنهنجي ڪري آيو آهي – تو سيلاب سان ملڪ ۾ تباهي پکيڙي آهي. مان سخت پريشان، بلڪ، حيران ٿيس. مون ملن کي چيو ته ملڙئو، مان درياهه نه آهيان –ماڻهو آهيان– مان سيلاب نه آهيان– مون کي اجايو الزام نه ڏيو. چيائون ته گذريل پنجن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، ان لاءِ تون ۽ تون فقط ذميوار آهين. مون ملن کي عرض ڪيو ته ملڙئو، سيلاب 1948 ع ۾ به آيو هو – سيلاب 1956 ع ۾ به آيو هو – سيلاب 1962 ع ۾ به آيو هو – انهن سيلابن لاءِ ڪير ذميوار آهي! ملن چيو ته اسان کي اڳ وارن سيلابن جي ڪا خبر ڪونهي– اسان کي فقط 1973ع ۽ 1977ع جي سيلابن جي خبر آهي –انهن سيلابن لاءِ تون ذميوار آهين.
    ان کان اڳ جو مان ملن کي ڪو مناسب جواب ڏيان، ملن چيو آهي ته گذريل پنجن سالن ۾ جيڪي ڪجهه خرابيون ٿيون آهن، تن لاءِ تون ذميوار ۽ قصور وار آهين.
    مون ملن کي چيو ته مُلڙئو مان توهان جو معاشرو نه آهيان – گذريل پنجن سالن ۾ جيڪي ڪجهه اسان جي معاشري ۾ ٿيندو رهيو آهي، سو 1947ع کان ٿي رهيو آهي - اسين جيستائين معاشري جو نظام ۽ سوچ نه بدلائينداسين تيستائين ڪنهن به قسم جو فرق محسوس نه ڪنداسين. ملن چيو ته تنهنجو دليل اسان کي قبول نه آهي - اسان جو معاشرو منڊيءَ تي ٽڪ آهي - تو فقط خرابي ڪئي آهي- گذريل پنجن سالن ۾ سينيمائن جون ٽڪيٽون بليڪ ٿيون آهن. عرض ڪندي چيم ته ملڙئو، سينيمائن جون ٽڪيٽون گذريل ٽيهن سالن کان بليڪ ٿي رهيون آهن. جيستائين بليڪ جون ٽڪيٽون وٺڻ وارا هوندا، تيستائين ٽڪيٽون بليڪ ٿينديون رهنديون - جيستائين رشوت ڏيڻ وارا هوندا، رشوت وٺڻ وارا به پيدا ٿيندا رهندا. ملن منهنجيءَ ڪنهن به ڳالهه جو يقين نه ڪيو. چيائون اڳ واري پاڪستان سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي - اسان جو تعلق فقط گذريل پنجن سالن واري پاڪستان سان آهي.
    ان کان پوءِ ملن چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ جيڪي خون ٿيا آهن، ڌاڙا لڳا آهن، انهن لاءِ به تون ذميوار آهين. ڏاڍو حيران ٿيم. چيم ته ملڙئو، اسان جي معاشري ۾ گذريل ٽيهن سالن کان هاڃا ٿي رهيا آهن – ڌاڙا لڳي رهيا آهن – ڇا انهن لاءِ به مان ذميوار آهيان – يا ٻيو ڪو ذميوار آهي – ملن وراڻيو ته ٽيهن سالن واري پاڪستان سان اسان جي ڪابه دلچسپي نه آهي – اسان جي دلچسپي گذريل پنجن سالن واري پاڪستان سان آهي. ملن جي ڳالهه ٻڌي مان سوچي رهيو آهيان ته گذريل پنجن سالن ۾ جيڪي رستن تي حادثا ٿيا – جايون ڪريون – سائيڪلن جي هوا نڪري ويئي – پنچر ٿيا – انهن لاءِ به مان ذميوار ۽ قصور وار آهيان! 


    11 آگسٽ 1977ع

    5 جولاءِ 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو. ۽ جنرل ضياء الحق ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي هئي.


      نيشنلائيزيشن

    مان تاريخ جو طالب علم آهيان. مون اڪثر سوچيو آهي ته تاريخ تي سياست حاوي رهندي آهي، يا سياست تي تاريخ پنهنجو اثر ڇڏيندي آهي! مون تمام غور سان ۽ عجب وچان سوچيو آهي ته پاڪستان جو موجوده سياسي بحران پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، يا ان ۾ بين القوامي سياست جو عنصر شامل آهي!
    مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان جو موجوده سياسي بحران اصل ۾ ٽين دنيا جي ڏتڙيل عوام ۽ سامراجين جي وچ ۾ حق جي فتح لاءِ تاريخي ڪشمڪش آهي. پاڪستان جو موجوده سياسي بحران اصل ۾ اوندهه ۽ روشنيءَ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي – موجوده سياسي بحران سچ ۽ ڪوڙ جو معرڪو آهي – موجوده سياسي بحران استحصالي قوتن ۽ چيڀاٽيل انسانيت جي وچ ۾ تاريخ ساز جدوجهد آهي.
    سماجي ۽ ثقافتي جوڙجڪ مطابق پاڪستان جو 5 8 سيڪڙو عوام ٻهراڙين ۾ رهي ٿو. اصولي طرح پاڪستان جي سياست ٻهراڙيءَ جي سياست هئڻ گهرجي. پر، ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ شهري سياست ٻهراڙيءَ جي سياست تي حاوي رهي آهي. يعني، شهري سياست جي 15 سيڪڙو راءِ ٻهراڙيءَ جي 85 سيڪڙو راءِ کي ريٽيندي رهي آهي. شهر جو سرمائيدار، صنعتڪار، ڪارخانيدار، واپاري، دلال، بينڪ ڪار ۽ سياستدان ٻهراڙين جو حق ماريندو رهيو آهي. اهڙي طرح 15 سيڪڙو شهري اقليت 85 سيڪڙو ڳوٺاڻي ۽ ٻهراڙيءَ جي اڪثريت تي پنهنجي راءِ ۽ فيصلا مسلط ڪندي رهي آهي. پنهنجو حاڪماڻو اثر مڙهيندي رهي آهي. اهڙي سياست، جيڪا عوام جي اڪثريت جي حق ۾ نه رهي آهي، تنهن کي بدلائڻ لاءِ لازمي هيو، ۽ آهي ته شهر جي استحصالي قوتن جي فرعوني اثر کي رد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. ان سلسلي ۾ ڪارخانن، ملين، بينڪن ۽ انشوئرنس ڪمپنين کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ تمام ضروري هيو. اهو قدم ظاهري طرح اقتصادي کيتر ۾ کنيو ويو هو. پر، هر دور ۾ سياست اقتصادي قوتن جي اثر هيٺ هلندي رهي آهي. معاشي ۽ اقتصادي نظام ۾ ڦير گهير آڻڻ سان سياست ۾ ترقي پسند ڦير گهير آڻي سگهجي ٿي. ڪارخانا، فيڪٽريون، ملون، بينڪون، انشوئرنس ڪمپنيون وغيره ڪنهن به ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي جوڙجڪ ۾ نه فقط اهم، پر سياسي طرح پڻ تاريخي اثر رکنديون آهن. اقتصادي ۽ معاشي نظام جي کيتر ۾ جڏهن صنعتڪار، سرمائيدار، بينڪ ڪار ۽ شاهوڪار کي مڪمل ڇوٽ ملي ويئي، تڏهن هن، اقليتي شهري سياست جي 15 سيڪڙو راءِ کي ٻهراڙيءَ جي اڪثريتي 85 سيڪڙو عوام تي زوريءَ مڙهي ڇڏيو. تنهن ڪري، ڪارخانن، فئڪٽرين، ملين، بينڪن، ۽ انشوئرنس ڪمپنين کي قومي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ ٻه سبب هئا (منهنجي خيال ۾) هڪ سبب هو اقتصادي ۽ معاشي برابري، ۽ ٻيو ٻهراڙيءَ جي 85 سيڪڙو عوام جو سياسي تحفظ.
    هينئر ملن اخباري بيانن ذريعي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو جيڪڏهن اقتدار ۾ آيا ته قومي تحويل ۾ ورتل ڪارخانا، ملون، فيڪٽريون، بينڪون ۽ انشوئرنس ڪمپنيون ٻيهر استحصالي قوتن کي موٽائي ڏيندا – صنعتڪار، ڪارخانيدار، بينڪ ڪار ۽ شاهوڪار کي ٻيهر ڏندين ڏاند ڪندا – ۽ اهڙي طرح ٻهراڙيءَ جي 85 سيڪڙو عوام کي سياسي تحفظ کان محروم ڪندا. سوال ٿو اٿي ته ڇا اها سوچ ملن جي پنهنجي آهي، يا سامراجين طرفان کين اهڙي هشي ڏنل آهي! سامراجين هميشه اڪثريت جي ترقي پسند راءِ کي رد ڪيو آهي. هنن صنعتڪارن، شاهوڪارن ۽ بينڪ ڪارن جي اقليتي راڄ جي هميشه حمايت ڪئي آهي. مون کي محسوس ٿئي ٿو ته موجوده سياسي بحران ۾ سامراجي قوتون ملن جي پشت پناهي ڪري رهيون آهن.  

    14 آگسٽ 1977ع

    _________

    موجوده حالتن ۾ مون کي پنهنجي ٽيٽيهه سال پراڻي سوچ غلط محسوس ٿي آهي. سرڪار، فوجي هجي يا عوامي، سندس هٿ هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن، اسپتالن، پوليس، واپار، بجلي، پاڻي ۽ ٻيا انيڪ ادارا ناقص ڪارڪردگيءَ جو بي مثال نمونو آهن. ڪرپٽ حڪومتون عوام جي ڀلائي ۽ بهتريءَ وارا ادارا هلائي نه سگهنديون آهن.


      پٿر نه هڻو

    هڪ خط مليو اٿم جنهن ۾ مون کي ماءُ ڀيڻ جي گارين سان نوازيو ويو آهي. خط لکڻ وارن پاڻ کي سنڌ جو هڏ ڏوکي ظاهر ڪيو آهي، ۽ مون کي سنڌ جو غدار سڏيو آهي. منهنجن ويجهڙائيءَ وارن ڪالمن تي هو يار آپي مان نڪري ويا آهن. خط جي آخر ۾ نالن لکڻ بدران هنن لکيو آهي، شاگرد، گورنمينٽ ڪاليج سکر.
    مون کي خبر ڪونهي ته اهو خط سچ پچ گورنمينٽ ڪاليج سکر جي شاگردن لکيو آهي، يا ٻئي ڪنهن شخص شاگردن جي نالي ۾ لکيو آهي. بهرحال، ان خط جي جواب ۾ ڪجهه عرض ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ان قسم جي سوچ رکڻ ۽ ان سوچ کي خطن ۾ظاهر ڪرڻ وارن دوستن ۽ مهربانن کي منهنجو عرض آهي ته منهنجو اڄوڪو ڪالم غور سان پڙهن. منهنجو اڄوڪو ڪالم هڪ اديب جي ذهني اضطراب جي ترجماني ڪندو.
    مان پنهنجن ڪالمن، ڊرامن ۽ افسانن جي هڪ هڪ لفظ لاءِ خود ذميوار آهيان. ڊراما، افسانا ۽ ڪالم مون لکيا آهن، تنهن ڪري گاريون مون کي ملڻ گهرجن. اهي ڊراما، افسانا ۽ ڪالم نه منهنجيءَ ماءُ لکيا آهن، ۽ نه منهنجيءَ ڀيڻ لکيا آهن. تنهن ڪري کين گاريون ڏيڻ بلڪل بي معنيٰ آهي. هنن ويچارين اڄ تائين نه هڪ لفظ لکيو، ۽ نه ڇپرايو آهي. ان قسم جو خط لکڻ وارن کي منهنجو نماڻو عرض آهي ته پنهنجي ٻئي خط ۾ سموريون ڪچيون گاريون فقط مون کي ڏجو، منهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ کي نه ڏجو. اهڙي نموني پنهنجي اعليٰ ظرف جو مظاهرو ڪندي پنهنجن اخلاقي قدرن جو ثبوت ڏجو – مان توهان جو ٿورائتو رهندس. خدا شل اوهان کي وڌيڪ گارين ڏيڻ جي توفيق عطا ڪري – آمين.
    مان نظرياتي طرح، روحاني رمزن ۾ سچل سرمست جو معتقد آهيان – مريد آهيان. مان پيپلز پارٽيءَ جو نه ورڪر آهيان، ۽ نه ترجمان آهيان. ان حقيقت جي خبر پيپلز پارٽيءَ جي هاءِ ڪمان کي آهي – ۽ هلال پاڪستان جي عملي ۽ انتظاميه کي آهي. کين خبر آهي ته مان ڇڙواڳ آهيان، پنهنجيءَ مت جو ماڻهو آهيان. مان نه چڙهندڙ سج جو سلامي آهيان، ۽ نه لهندڙ سج کي پٺي ڏيندو آهيان. دل جي داغن جي روشني منهنجي رهبر آهي. منهنجيون راهون جدا آهن – منهنجو طريقو اُهو ئي آهي، جيڪو سچل سائينءَ ڏسيو هو – ”ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي – آئون جو ئي آهيان سو ئي آهيان.“ منهنجي خيالن، لاڙن ۽ ذهني رجحان کان ڀليءَ ڀت واقف هئڻ جي باوجود مون کي هلال پاڪستان ۾ مڪمل آزاديءَ سان لکڻ ڏنو ويو آهي. اها سندن فراخدلي آهي. گذريل ساڍن پنجن سالن ۾ مون هڪ به ڪالم جناب ذوالفقار علي ڀٽي يا پيپلز پارٽيءَ بابت نه لکيو – ۽ نه ڪڏهن ان قسم جي ڪالم جي مون کان تقاضا ڪئي ويئي. اها هلال پاڪستان جي ادب شناسي ۽ ادب نوازي آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
    مان ڪنهن به شخص کي مڪمل طرح سٺو، يا مڪمل طرح خراب تصور نه ڪندو آهيان. هرڪو انسان چڱائين ۽ لڱائين جو مجموعو آهي. سٺي کان سٺي انسان ۾ خاميون، ۽ خراب کان خراب شخص ۾ خوبيون هونديون آهن. سموري ولوڙ تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن اسين گناهن، لغزشن، ۽ خطائن جي پتلي انسان ۾ فرشتو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. مان سياستدان نه آهيان. مان تاريخ جو طالب علم آهيان. ڪردارن جي تاريخي تجزيي ۾ ديانتداري ۽ سائنسي اصولن کي اهم سمجهندو آهيان. اهو ناممڪن آهي ته ايوب خان جا ڏهه ئي سال فقط ڀڏن ڪمن ۾ گذريا هئا. لازمي طرح هن ڪجهه ڪم چڱا به ڪيا هئا. ان سلسلي ۾ ايوب خان جي دور جو تاريخ جي سائنسي اصولن مطابق تجزيو ٿيڻ گهرجي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو اڄ ڪلهه اقتدار ۾ نه آهي. ڪجهه اخبارن ۽ رسالن تاريخ جي سائنسي اصولن جي ابتڙ کيس فقط خامين ۽ خطائن جو مجموعو ثابت ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي آهي. تاريخ جي هڪ طالب علم جي حيثيت ۾ مون کي تاريخ جو اونو آهي. تاريخ جي تقاضا آهي ته ڪنهن به شخص جي سياسي تجزيي ۾ سندس خوبين ۽ خامين جو ذڪر ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ لکيل منهنجن ڪجهه ڪالمن کي سياسي ڪالم سمجهيو ويو آهي. مون هميشه پاڻ کي سياست کان پري رکيو آهي. مان هميشه کان سياست کان وئون ويندو آهيان. سياست مان منهنجي بد دليءَ جو اندازو توهين ان مان لڳائي سگهو ٿا جو مون ووٽرن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو شامل نه ڪرايو آهي.
    موجوده حالتن ۾ جڏهن يارن تاريخ ۽ سياست ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، تڏهن هر تحرير تي کين سياست جو گمان ٿيڻ لڳو آهي. سنڌ سان وفاداريءَ جو سرٽيفڪيٽ مون کي ڪنهن کان به وٺڻو نه آهي. مان اڳ وانگر آئينده پڻ اهڙا ڪالم لکندس جن تي ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي سياست جو گمان نه ٿيندو. باقي تاريخ کي دفن ڪرڻ وارن جي گروهه ۾ مان ڪڏهن به شامل نه ٿيندس. مان تاريخ جي حشر تي ماتم ڪرڻ وارن جي نوحه سرائي ۾ ضرور شامل ٿيندس. 

    19 آگسٽ 1977ع


      احوال هڪ ميٽنگ جو

    اڄ هڪ اعليٰ سطح جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري آيو آهيان. ٻين لفظن ۾ ائين سمجهو ته اعليٰ سطح جي ميٽنگ مان عبرت حاصل ڪري آيو آهيان. اها ميٽنگ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ميٽنگ نه هئي. ان قسم جون ميٽنگون روزانو ٿي رهيون آهن. ان ميٽنگ ۾ ڇهه – ست کن پاڪستاني ۽ ٻه انگريز موجود هئا.
    انگريز کان آزادي حاصل ڪئي اسان کي ٽيهه سال ٿي ويا آهن – پر اقتصادي، معاشي، تعليمي، زراعتي، پيداواري ۽ ٻين انيڪ شعبن ۾ اسان جا خاص صلاحڪار انگريز آهن. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسين جيڪڏهن ايتري قدر انگريز جا محتاج آهيون، ته پوءِ اسان انگريز کان آزاديءَ جي تقاضا ڇو ڪئي هئي! انگريز بادشاهه جي حڪومت هجي ها – انگريز بادشاهه اسان جو گاڏو گيلهيندو رهي ها. اقتصادي، معاشي، زراعتي، ترقياتي ۽ تعليمي نظام ۾ خود مختيار ٿيڻ بي معنيٰ آهي. اسان جن کان سياسي آزادي حاصل ڪئي آهي، اڄ انهن جا محتاج آهيون. هو اسان جا صلاحڪار آهن. آفريڪا ۽ ايشيا جا اهڙا ملڪ جن اقتصادي، ۽ پيداواري شعبن ۾ مڪمل آزادي حاصل نه ڪئي آهي، تن ملڪن جي سياسي آزادي نالي ماتر آهي. ان داتا جڏهن اسان جي اقتصادي ۽ مالي مدد ڪندو آهي، تڏهن اسان جي سياسي معاملن ۾ دخل اندازي ضرور ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آفريڪا ۽ ايشيا جا اهي ملڪ جيڪي اقتصادي ۽ مالي طرح سرمائيدار ملڪن جا محتاج آهن، تن ملڪن ۾ سياسي ڏڦير آهي – سياسي افراتفري آهي – سياسي بدحواسي آهي.
    بهرحال، اهو حاڪمن جي مٿي جو سور آهي ته سياسي آزاديءَ جي بقا ۽ استحڪام لاءِ اقتصادي ۽ معاشي ۽ مالي خود مختياري لازمي آهي، يا نه آهي. هتي ان سلسلي ۾ مون کي ڪجهه به چوڻو نه آهي. مون کي اڄوڪي ميٽنگ ۾ پاڪستانين جي بدحواسي ۽ ڪسمپرسيءَ جو ذڪر ڪرڻو آهي.
    انگريز ذري گهٽ ٻه سو سال اسان تي حڪومت ڪئي. اسين ذهني طرح سندس غلام هئڻ جي باوجود سندس ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. ميٽنگن جي ڪارروائي هميشه، لازمي طرح انگريزيءَ ۾ هلندي آهي. اڄوڪي ميٽنگ جي ڪارروائي به انگريزي ٻوليءَ ۾ هلي رهي هئي. پاڪستاني ماهر ويچارا ٻن مسئلن ۾ منجهيل نطر آيا – هنن کي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪرڻو هو، سوبه انگريزيءَ ۾! صحيح انگريزي، سا به ان معيار جي جنهن ۾ انسان اندر جي ڳالهه ڪري سگهي، سا يارن لاءِ ڏکي پئي لڳي. هنن صحيح انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ته پنهنجي ذهن ۽ دل جي ڳالهه نه پئي ڪري سگهيا. ۽ جڏهن دل جي ڳالهه پئي ڪيائون تڏهن صحيح انگريزي نه پئي ڳالهائي سگهيا. ويچارن سان وڏي ويڌن هئي. ٻه انگريز سندن مجبوريءَ تي مرڪي رهيا هئا. هو روانيءَ سان پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي مٿن پنهنجي برتري ظاهر ڪري رهيا هئا. انگريزن کي تڪڙو، ۽ روانيءَ سان انگريزي ڳالهائيندي ڏسي پاڪستاني ماهر احساس ڪمتري جو شڪار ٿي رهيا هئا.
    منهنجو خيال آهي ته پاڪستاني ماهر جيڪڏهن تڪڙي ۽ صحيح انگريزي ڳالهائڻ، يا دل جي ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي بدحواسيءَ جو اظهار نه ڪن ها، ته اُها ميٽنگ وڌ ۾ وڌ هڪ ڪلاڪ هلي ها. پر، اها ميٽنگ پنج ڪلاڪ هلي.

    25 آگسٽ 1977ع

    _______

    اهڙن ملڪن ۾ پاڪستان هڪ نادر نمونو آهي. ٽيٽيهه سال اڳ ڪيل تجزيي کي صورت سميت اکين آڏو ڏسي رهيو آهيان.


      ڏونگر مون نه ڏکاءِ

    مون کي ڇهن صفحن تي پکيڙيل هڪ خط مليو آهي، جنهن جي پهرين صفحي جي مٿان لکيل آهي. ”ذليل قسم جا ڪالم لکڻ بند ڪريو.“ خط لکڻ واري صاحب پنهنجو نالو مخفي رکيو آهي، ۽ نالي بدران آخر ۾ لکيو آهي، ”هڪ سنڌي“ هن صاحب سموري خط ۾ منهنجي سياسي تربيت ڪئي آهي. هن مون کي کهڙي، قاضي فضل الله ۽ راشديءَ جهڙن جي حشر کان ڊيڄاريو ۽ ڪنبايو آهي. هن پنهنجي خط ۾ مون کي چتاءُ ڏنو آهي ته نيٺ ته توکي هڪ ڏينهن سنڌ موٽڻو آهي – تڏهن توکان حساب ڪتاب ڪيو ويندو! هن وضاحت سان لکيو آهي ته تون ”اتحاد“ لاءِ طرح طرح جا بيهودا لفظ لکي رهيو آهين، تنهنجو اهو ڏوهه هرگز بخشيو نه ويندو ڇو جو سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل پروفيسر غفور احمد، مولانا محمد طفيل امير جماعت اسلامي، مولانا نوراني، مولانا مفتي، چوڌري ظهور الاهي ۽ اصغر خان وٽ آهي.
    مان ضروري ٿو سمجهان ته پياري ”هڪ سنڌيءَ“ لاءِ جواب طور ڪجهه عرض ڪريان.
    منهنجا پيارا، مٺڙا سهڻا ”هڪ سنڌي“، تنهنجو عالماڻو خط مليو. قرب ونڊڻ، ڊيڄارڻ ۽ حشر نشر کان مون کي آگاهه ڪرڻ لاءِ تنهنجو ٿورائتو آهيان. منهنجا مٺڙا سهڻا ”هڪ سنڌي“، مان پنهنجن ويجهڙائيءَ وارن ڪجهه ڪالمن ۾ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪري چڪو آهيان ته مان ڪنهن به صورت ۾ سياستدان نه آهيان. بلڪ مون کي سياست کان ايتري قدر چڙ آهي جو مون ووٽرن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو داخل نه ڪرايو آهي. مان تاريخ جو طالب علم آهيان. گذريل مهيني جي شروعات ۾ مون ڪجهه ڪالمن ذريعي سياسي صورتحال جو تاريخ جي سائنسي اصولن موجب تجزيو ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي. ڪجهه يار بيحد ناراض ٿيا. گارين جا خط لکي موڪليائون. مون هڪدم محسوس ڪيو ته يارن سياست ۽ تاريخ ۾ تميز ڪرڻ جو ارادو رد ڪري ڇڏيو آهي – تنهن ڪري موجوده حالتن تي ڪجهه لکڻ بدران گوشه نشيني اختيار ڪجي – ۽ اڳ وانگر فقط ادبي ڪالم لکجن. مون ائين ئي ڪيو آهي. ڀائنجي ٿو ”هڪ سنڌي“ سڳوري کي مطالعي جو ڪو بيحد شوق آهي – کيس پراڻي اخبار هٿ لڳي ويئي آهي، ۽ منهنجو تاريخي تجزيي بابت لکيل ڪالم پڙهي آپي مان نڪري ويو آهي. منهنجو سهڻو ”هڪ سنڌي“ مهيني کن کان پوءِ جڏهن مهينو ڏيڍ پراڻيون اخبارون هٿ ڪري منهنجا وضاحتي ڪالم پڙهندو، تڏهن انشاء الله تعاليٰ ٺاپر ۾ ايندو.
    هينئر جڏهن ڳالهين مٿان ڳالهيون نڪتيون آهن، ته پوءِ منهنجا سهڻا ”هڪ سنڌي“ اچ ته اندر جو حال اوريون. تون منهنجي ڪنهن به تحرير سان اختلاف ڪري سگهين ٿو، اهو تنهنجو بنيادي حق آهي. تنهنجي حق لاءِ مون کي احترام آهي. ساڳي طرح تحرير ذريعي مان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهان ٿو. اهو منهنجو بنيادي حق آهي. مون کي تنهنجي بنيادي حق لاءِ احترام آهي. اهڙي جمهوري طرز عمل لاءِ مان توکي مجبور نه ڪندس. اهو تنهنجي وڙ، سماجي شعور، ۽ تعليم ۽ تربيت تي ڇڏيل آهي. منهنجي ان قسم جي تربيت ٿيل آهي جو ادبي، نظرياتي ۽ سخت قسم جي سياسي اختلافن جي باوجود مون اڄ تائين سردار علي شاهه ذاڪر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، محمد موسيٰ ڀٽو، عابد لغاري ۽ سندن دوستن ۽ ساٿين جي باري ۾ هڪ به گٿو لفظ استعمال نه ڪيو آهي. منهنجيءَ ڳالهه تي يقين نه اچيو ته ڪنهن ڏينهن حيدرآباد ۾ سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل ۽ عابد لغاريءَ سان وڃي ملجو. هو سياسي، ادبي ۽ نظرياتي اختلافن جي تصديق ڪندا – پر مون تي بيهودگيءَ ۽ بدڪلاميءَ جو الزام نه رکندا. صحتمند سياسي ۽ سماجي ماحول لاءِ لازمي آهي ته اسين هڪٻئي جو احترام ڪرڻ سکئون (ان سلسلي ۾ پڻ توهان کي مجبور ڪري نه ٿو سگهجي). تون جيڪڏهن محسوس ڪرين ٿو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل چوڌري ظهور الاهي، پروفيسر غفور احمد، مولانا مفتي محمود وغيره وٽ آهي ته تون ان قسم جي احساسات رکڻ جو حق رکين ٿو. اهو تنهنجو بنيادي حق آهي. مون کي پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪندي ايتري آزادي ڏي ته مان تنهنجي راءِ سان اختلاف رکان.
    منهنجا سهڻا ”هڪ سنڌي“ هينئر اچ ته سنڌ سان سر جون سٽون ڏيڻ، ۽ سنڌ سان سچائي جي باري ۾ اندر جو حال اوريون.
    پيارا، سنڌ ڪنهن جي جاگير نه آهي ۽ سنڌ لاءِ جذبي تي ڪنهن جي اجاره داري نه آهي. سنڌ منهنجي ماءُ آهي. پنهنجي جيجل سان سچائيءَ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مان ڪنهن به ٺيڪيدار آڏو درخواست نه ڏيندس. ماءُ ۽ پٽ جي معاملي ۾ مان ٽئين ڪنهن شخص جي دخل اندازي قبول نه ڪندس. مان محسوس ڪريان ٿو ته يارن سنڌ مان سنڌيت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ انيڪ ادارا کولي ڇڏيا آهن. مان اهڙي ڪنهن به اداري کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. مون سنڌ ڌرتيءَ جو اَن کاڌو آهي – سنڌوءَ جو پاڻي پيتو آهي. داڻي پاڻيءَ جو حق بخشائڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ مان ڪنهن به شخص کان صلاح وٺڻ ضروري نه ٿو سمجهان. درد جو سفر اڪيلي سر طيءِ ڪبو آهي. ان ڳالهه کي صديون گذري ويون آهن جو اسين سنڌي هڪٻئي جي وفادارين تي شڪ ڪندا آهيون. مون کي ان روايت کي ڀڃڻو آهي – ڊاهڻو آهي. مان ڪنهن جي به سنڌ لاءِ سڪ تي شڪ نه ڪندو آهيان. توکي ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ پڏائڻ ۽ ٻين جي وفادارين تي شڪ ڪرڻ سان سنڌ جي خدمت نه ٿيندي آهي.
    اسين سنڌي نه فقط هڪٻئي جي وفادارين تي شڪ ڪندا آهيون، پر هڪٻئي کي بنهه ڇسو، وائڙو ۽ نااهل به سمجهندا آهيون. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو سنڌي محنت ۽ پنهنجي اورچائيءَ سان اڳتي وڌي ٿو ته اسين سندس محنتن کي ساراهڻ بدران کيس ننديندا آهيون. مٿس ٺٺوليون ڪندا آهيون. اسين ڇسا، ۽ ڀوڪ آهيون، اها ڳالهه ايتري قدر اسان جي مٿي ۾ ويهجي ويئي آهي جو ڪنهن به سنڌيءَ جي تر جيتري ڪاميابي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهيون. منهنجا سهڻا ”هڪ سنڌي“ جيڪڏهن مون کي پاڻ پڏائڻ واري الزام کان آجو ڪرين ته ايترو ضرور عرض ڪندس ته مون کي آمريڪا لاءِ بين الاقوامي ترقياتي اداري طرفان چونڊيو ويو هو – مون کي جناب ذوالفقار علي ڀٽي آمريڪا نه موڪليو هو. مون کي تعليم لاءِ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلمن جي استعمال ۾ کوجنا لاءِ چونڊيو ويو هو. منهنجا سهڻا ”هڪ سنڌي“، يقين ڪر ته جناب ڀٽي صاحب فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ وارن کي اهو حڪم نه ڏنو هو ته يونيورسٽيءَ وارا مون کي شاگرد بدران پنهنجي اسٽاف تي استاد طور کڻن. ٻن مهينن کان پوءِ مون کي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ طرفان مشيگان اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل بين الاقوامي تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ چونڊيو ويو هو. منهنجي ان چونڊ ۾ به ڀٽي صاحب جو دخل نه هو. منهنجا سهڻا ”هڪ سنڌي“، اسين اصل ۾ ايتري قدر ڇسا، وائڙا ۽ نااهل نه آهيون. مٿي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم سو پاڻ پڏائڻ ۾ شامل آهي – پر ان لاءِ تو مون کي مجبور ڪيو آهي – جيڪي ڪجهه لکيو اٿم سو فقط توکي پڪ ڏيارڻ لاءِ لکيو اٿم ته اسين سنڌي چٽاڀيٽيءَ ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ جي قابل آهيون – اسين بنهه ڇسا نه آهيون.
    منهنجا سهڻا ”هڪ سنڌي“، تو مون کي وڪامڻ جو الزام ڏنو آهي. اهو الزام ايترو ته گسي ويو آهي، سڙي ويو آهي جو جواب ڏيڻ جي قابل نه رهيو آهي. جيڪو به سنڌي پنهنجي محنت سبب اڳتي وڌيو آهي، سو اوهان جي نگاهه ۾ وڪاميل آهي. توهان لاءِ رڍون سڀيئي ٻوٿ ڪاريون آهن – ڪنهن به سنڌيءَ ۾ ايترو کڙ تيل نه آهي جو اڳتي وڌي سگهي – بس وڪامندو ته اڳتي وڌندو! مون کي پنهنجي لهجي مان وري هڪ دفعو ٻيهر پاڻ پڏائڻ جي بدبوءِ اچي رهي آهي – پر ان لاءِ تو مون کي مجبور ڪيو آهي – تو هڪ ليکڪ جي انا ۽ هوڏ تي وار ڪيو آهي، تنهنڪري هي سڀ ڪجهه لکڻ لازمي سمجهان ٿو.
    منهنجا پيارا ”هڪ سنڌي“، مون انيڪ ڪالمن ۾ ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو آهي ته فيڊرل پبلڪ سروس جي ڪل پاڪستان چٽاڀيٽيءَ ۾ اڄ کان ٻارهن سال اڳ چونڊجي مان نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو هوس ۽ پنهنجي واري ۽ حق موجب موجوده عهدي کي اچي پهتو آهيان. يقين ڪر منهنجا سهڻا ”هڪ سنڌي“ ته اڄ کان ٻارهن سال اڳ پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آئي هئي. يقين ڪر منهنجا دوست فقط تون هيڪلو ناهين جو وڪامڻ ناممڪن آهين – ٻيا به جوڳيئڙا جهان ۾ پيا آهن. نه وڪامڻ تي ڪنهن جي هڪ هٽي قائم نه آهي. دوست – ڪدو رت دل مان ڪڍي ڏس – توکي انيڪ شخص اهڙا نظر ايندا جن کي خريد ڪرڻ ناممڪن آهي – فقط تون اڪيلو محب وطن نه آهين – اسين مسڪين به محب وطن هئڻ جو حق رکئون ٿا.
    مون کي يقين آهي ته سهڻو ”هڪ سنڌي“ منهنجو اڄوڪو ڪالم هڪ مهيني کان پوءِ اتفاق سان پڙهندو. تنهنڪري ”هڪ سنڌيءَ“ جي دوستن کي منهنجو عرض آهي ته يار کي هٿ ڪري منهنجو اڄوڪو ڪالم پڙهايو وڃي ۽ کيس يقين ڏياريو وڃي ته امر جليل جو سياست سان ڪوبه واسطو نه آهي – هو نهايت ادب سان توهان کان اختلاف راءِ جو حق گهري ٿو – ۽ بس.

    4 سيپٽمبر 1977ع

    ________

    پاڪستان ۾ ملن جي مختلف جماعتن گڏجي سڏجي پيپلز پارٽيءَ خلاف ”اتحاد“ ڪيو هو.


      خون ۽ کستوري

    پراڻن خونن بابت خيرن سان پڇا ڳاڇا شروع ٿي آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. مون کي به پنهنجن چئن يارن جي خون تان رازداريءَ جو پڙدو کڻائڻو آهي. مون کي پنهنجن چئن يارن جي خونين جي ڳولا آهي. منهنجا چارئي يار وڏا ماڻهو نه هئا. منهنجا چارئي يار اسيمبلين جا ميمبر نه هئا. منهنجا چارئي يار سرمائيدار ۽ جاگيردار نه هئا. منهنجا چارئي يار مون وانگر مولائي هئا – زندگيءَ جي رڻ ۾ ڪنهن ڇانو جا متلاشي هئا – دوکن ۽ دلاسن جي بيابان ۾ سچ ۽ روشنيءَ جي خيابان جا ڳولائو هئا. هو چارئي مري ويا. هنن کي ماريو ويو. سندن قاتل روپوش ٿي ويا – سندن قاتل اڄ تائين روپوش آهن.
    اول مان پنهنجن يارن جي ڏوهه جو ذڪر ڪندس. منهنجي يارن جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو هو، جو هو اوندهه جا دشمن هئا. اوندهه جي دشمنن کي معاشري جا ٺيڪيدار قبول نه ڪندا آهن. معاشري جي ٺيڪيدارن جا اوندهه ۾ ڍڪ ڍڪجي ويندا آهن. اوندهه سبب ڪوبه شخص ٺيڪيدارن جا ڀيانڪ ۽ وحشي چهرا ڏسي نه سگهندو آهي. اوندهه جي ڪري ڪوبه شخص سندن منهن تان منافقت جو نقاب لاهي نه سگهندو آهي. تنهنڪري، معاشري کي هٿ ٺوڪين ٺيڪيدارن ۽ علمبردارن کان آجو ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳ معاشري کي اوندهه مان ڪڍڻو پوندو آهي. اوندهه جي هنياءَ ۾ سچ جي روشنيءَ جي بڙڇي هڻڻي پوندي آهي. دل جي داغن کي روشن ڪري راهن جو رخ ڳولڻو پوندو آهي. منهنجا چار ئي يار روشنيءَ جا پيغامبر هئا. هو اوندهه جا دشمن هئا. هنن جي هٿن ۾ سچ ۽ سچائيءَ جون بڙڇيون هيون. معاشري جا هٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار ڊڄي ويا. معاشري مٿان اوندهه کي مسلط رکڻ لاءِ هنن روشنيءَ ۽ سچ جي پيغامبرن کي ناس ڪرڻ جو منصوبو رٿيو. هنن تاريخ جي پراڻن بابن کي ورجائڻ جو وچن ڪيو. هزارين سالن کان، تاريخ جي هر دور ۾ اوندهه جا علمبردار روشنيءَ جي پيغامبرن کي مارائيندا رهيا آهن. اهو تاريخ جو سلسلو آهي – هزارين سالن کان جاري آهي. منهنجا چارئي يار ظلم جي تاريخ ۾ مظلوم جي جاءِ والارڻ لاءِ شهيد ٿي ويا – شهيد ڪيا ويا.
    ٻڌو اٿم، اڄڪلهه پراڻن خونن بابت پڪڙ پڇاڙ شروع ٿي آهي. مون کي پنهنجن چئن شهيد دوستن جي قاتلن جو کوج لڳائڻو آهي – آهي ڪو منهنجي قانوني، ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ وارو!
    منهنجو پهريون يار آهي شهيد هيمون ڪالاڻي. هيمونءَ کي غلاميءَ جي اوندهه کان نفرت هئي. هن سچ جي بڙڇيءَ سان اوندهه تي وار ڪيو. اوندهه جي ٺيڪيدارن مقابلو ڪرڻ بدران هيمونءَ کي منصوبن جي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو ۽ کيس طرحين طرحين جا جسماني عذاب ڏيئي سکر جيل ۾ ماريو ويو. منهنجي يار هيمونءَ جا قاتل ڪٿي آهن –هنن کي ڪهڙن ڪهڙن عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون – هيمونءَ جي قاتلن کي ڪهڙن ڪهڙن انعامن سان نوازيو ويو! مون کي پنجٽيهه سالن کان پوءِ به پنهنجي يار شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جي قاتلن جي ڳولا آهي – مون کي کانئن بدلو وٺڻو آهي.
    مون کي پنهنجي ٻئي يار، ۽ روشنيءَ جي پيغامبر حسن ناصر شهيد جي قاتلن جي ڳولا آهي. جمهوريت جي دعويٰ ڪرڻ وارا حسن ناصر کي سهي نه سگهيا – اظهار جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا حسن ناصر جي زبان مان سچائي جون ڳالهيون ٻڌي نه سگهيا. هن وٽ سياسي اقتدار نه هو. هن فقط پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هو. هن مزورن ۽ هارين کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي طاقت تصور ڪيو هو، ۽ ظاهر ڪيو هو. ان ڏوهه ۾ کيس ٻڌي سوگهو ڪيو ويو. مٿس ڪميونسٽ هئڻ جو الزام مڙهيو ويو، ۽ پوءِ حسن ناصر کي طرحين طرحين جا عذاب ڏيئي لاهور جي بدنام جيل ۾ ماريو ويو – اسان جي رايي مطابق شهيد ڪيو ويو. ان ڳالهه کي ويهه سال گذري ويا آهن. اڄ به مون کي حسن ناصر شهيد جي قاتلن جي ڳولا آهي – آهي ڪو مون کي ۽ پاڪستان جي مزورن، هارين ۽ شاگردن کي ٻڌائڻ وارو ته حسن ناصر جا قاتل ڪهڙن ڪهڙن وڏن عهدن تي هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن. ڇا هنن کان حسن ناصر جي شهادت بابت قانوني پڇا ڳاڇا نه ٿي سگهندي!
    منهنجو ٽيون يار عبدالرزاق شهيد. هن ڪنهن به ٻوليءَ جو جنازو ڪڍڻ جو ذڪر نه ڪيو هو. هن ”زندهه رهو، ۽ زندهه رهڻ ڏيو“ جو مطالبو ڪيو هو. هن احترام انسانيت جو درس ڏنو هو، ۽ نتيجي ۾ کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ماريو ويو. منهنجي يار عبدالرزاق شهيد جا قاتل ڪٿي آهن – ڇا هو ضمير جي ملامت کان آجا آهن! ڇا هو قانون جي پهچ کان بالاتر آهن!
    منهنجي چوٿين يار اشوڪ ڪمار کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ هُلايو ويو ته اشوڪ هندستان جو ايجنٽ هو، ۽ پوليس جي پهري مان ڀڄي نڪرڻ کان پوءِ هندستان هليو ويو آهي! پر، آسمان جي اک ۾ لڙڪ ڏسي سڀني سمجهي ورتو هو ته اشوڪ کي شهيد ڪيو ويو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ مون ظفر حسن جي رسالي ڌرتيءَ ۾ اشوڪ جي شهادت بابت هڪ افسانو لکيو هو، ”قربان عليءَ جو روح.“ ان ڳالهه کي چار سال گذري ويا آهن. منهنجو روح پنهنجي يار اشوڪ ڪمار جي قاتلن جي ڳولا ۾ سرگردان آهي – ۽ اها ڳولا قيامت تائين جاري رهندي.

    15 سيپٽمبر 1977ع


      بنگالين جي علحدگي

    هڪڙي سياستدان فرمايو آهي، بلڪ چتاءُ ڏنو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سندس پارٽي مشرقي پاڪستان جي علحدگيءَ لاءِ ذميدار ماڻهن کي ٽيٽڪ تي چاڙهيندي. سائين، اهڙو چتاءُ ٻڌڻ کان پوءِ سابق مغربي پاڪستان، ۽ هاڻوڪي پاڪستان جا سمورا ماڻهو روح تائين ڊڄي ويا آهن – ڪنبي ويا آهن. هنن جا هٿ عرش الاهيءَ ڏانهن کڄي ويا آهن – هو ٻاڏائي رهيا آهن ته مولا اسان کي عذابن کان آجو رکجانءِ – اسان پنهنجي طرفان مشرقي پاڪستان جي بنگالين کي نئين سر مسلمان ڪرڻ جي بيحد ڪوشش ڪئي، پر بنگالي بدبخت بر ٿي بيٺا – ۽ بغاوت ڪري اسان کان جدا ٿي ويا – ان ۾ اسان جو تر جيترو به ڏوهه ناهي – اسان سڀ ڪجهه نيڪ نيتيءَ سان ڪيو هو – اِها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ڪوششن جو ابتو نتيجو نڪتو.
    هڪ ديندار پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ مون کي ياد ٿو پوي ته اسان1950ع ۾ پهريون دفعو ڀرپور نموني بنگالين کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان محسوس ڪيو هو ته بنگالي ٻولي جيئن ته کاٻي پاسي کان لکبي آهي، ۽ هندي ۽ سنسڪرت سان ملندڙ جلندڙ آهي، تنهن ڪري بنگالي ٻولي غير مسلم ٻولي آهي. تنهن ڪري اسان نيڪ نيتيءَ سان 1950ع ۾ فيصلو ڪيو ته بنگالين کي سندن مادري ٻولي بنگاليءَ کان نجات ڏياري وڃي. اهڙي طرح 1950ع جي شروعات ۾ هڪڙي صبح جو بنگالي جيئن ئي ننڊ مان سجاڳ ٿيا، ته ريلوي پليٽ فارمن، پوسٽ آفيسن، بينڪن، سرڪاري ادارن، سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن تان بنگاليءَ ۾ لکيل بورڊ ۽ بنگاليءَ ۾ لکيل نالا غائب ڏسي بيحد حيران ٿيا. حيران ٿيڻ کان پوءِ بنگالي پريشان ٿيا. اها مشرقي پاڪستان جي علحدگيءَ جي شروعات هئي.
    اسان بنگالين کي سمجهايو ته بابا صبر ڪريو – ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو – اسين جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهيون سو توهان جي آخرت اجارڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون – توهان کي مسلمان ڪري رهيا آهيون – توهان کي توهان جي مادري ٻوليءَ کان نجات ڏياري توهان کي مشرف به اسلام ڪري رهيا آهيون – توهان کي پڪو پاڪستاني ڪري رهيا آهيون.
    بنگالي باهه ٿي ويا. فساد ڪرايائون. پر اهي وڳوڙي ”مٺي برابر“ هئا. اسان کين ”ڪچلي“ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني. پر هو نه مڙيا. ”مٺي برابر“ بنگالين سموري مشرقي پاڪستان ۾ باهه ٻاري ڏني. مجبور ٿي اسان کي گولي هلائڻي پئي. اتفاق سان سوين بنگالي شاگرد، اديب، شاعر ۽ دانشور مارجي ويا. وڳوڙ وڌي ويو. اسان حالتن پٽاندڙ بنگالين کي في الحال مسلمان ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو. اسان سندن ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ (جيڪا هنديءَ سان ملندڙ هئي) جو به ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اسان ٻن بنگالي شاعرن رابيندراناٿ ٽيگور ۽ قاضي نذرالاسلام جي ڪلام کان مشرقي پاڪستان کي پاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان پنهنجي فيصلي تي سختيءَ سان عمل ڪيو. وري به بدبخت بنگالي باهه ٿي ويا. هو ٽيگور ۽ نذرالاسلام جي ڪلام تان سر قربان ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري ايا. اسان کي مجبور ٿي پنهنجي فيصلي تي عمل في الحال ملتوي ڪرڻو پيو. بهرحال اسان کي ارمان ٿيو ته بنگالي بدبخت مسلمان ٿيڻ کان نٽائي رهيا هئا. اها ڳالهه 1955ع جي آهي.
    ان کان پوءِ اسان بنگالين کي مسلمان ڪرڻ بابت خوب سوچيو، سياست جي ڪجهه شهسوارن اسان کي صلاح ڏني ته جيستائين بنگالين جي واپار وڙي ۽ اقتصادي نظام تي قبضو نه ڪبو، تيستائين بنگالين کي قبضي ۾ آڻي نه سگهبو، تنهنڪري، ڏاڍي نيڪ نيتيءَ سان اڳوڻي مغربي پاڪستان جي اسان صنعتڪارن، سرمائيدارن، بينڪ وارن، ۽ واپارين اڳوڻي مشرقي پاڪستان تي پنهنجي اقتصادي ۽ معاشي گهيرائو جو ڄار وڇائڻ شروع ڪيو.
    اسان پاڻ کي بنگالين کان برتر ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. هونءَ به اسين مغربي پاڪستان جا رهاڪو بنگالين کان رنگ ۾ اڇا، قداور، ٺاهوڪا، جانٺا ۽ جنگجو آهيون. بنگالي بندرا ۽ ڪارا هوندا هئا. پر پوءِ به بدبخت ارڏا هوندا هئا. هو اسان جي اقتصادي ۽ معاشي اشڪنجن ۾ وٺجي ويا. اسين ڪمائيندا مشرقي پاڪستان مان هئاسين ۽ خرچ مغربي پاڪستان ۾ ڪندا هئاسين. ڪجهه تخريبڪار اسان جي ان رويي کي نوآبادياتي (Colonial) رويو سڏيندا هئا. افسوس جو هنن اسان جي نيڪ نيت تي شڪ ڪيو. ورنه، اسين هر قدم بنگالين کي پڪو پاڪستاني ڪرڻ لاءِ کڻي رهيا هئاسين.
    هڪ صوبي جي حيثيت ۾ مشرقي پاڪستان اڪيلو، پاڪستان جي ٻين صوبن سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي ڀيٽ ۾ آباديءَ جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو هو – ايتري قدر جو سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي گڏيل آباديءَ کان وڌيڪ آبادي اڪيلي مشرقي پاڪستان جي صوبي ۾ رهندي هئي. صوبن لاءِ ملڪ جي مالي ۽ اقتصادي، ۽ انتظامي ورڇ جو وڏو حصو لازمي طرح آباديءَ جي ڪري بنگالين کي ملڻ گهرجي ها. پر، بنگالي جيئن ته مشرف به سلام نه ٿيا هئا ۽ پڪا پاڪستاني نه هئا، تنهنڪري اسان ائين نه ڪيو – يعني آباديءَ جي مطابق اسان کين سياسي، اقتصادي، ۽ انتظامي حق نه ڏنو. اسان ڇا ڪيو جو 1956ع ۾ ناخلف بنگالين کي ڪاپاري ڌڪ پٽائڻ لاءِ ون يونٽ ٺاهيو – يعني مشرقي پاڪستان جي هڪ صوبي جي مقابلي ۾ اسان مغربي پاڪستان جي چئن صوبن جو گڏيل محاذ کڙو ڪيو. اهو سڀ ڪجهه اسان نيڪ نيتيءَ سان ڪيو هو. پر بنگالين اسان جي نيڪ نيت تي شڪ ڪيو. سندن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن خوب ممڻ مچايو. اسين مڃون ٿا ته اسان بنگالين سان فسادن دوران ٿورڙي سختي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين بنگالي مارجي ويا. پر ان ۾ اسان جو ڏوهه نه هو. موت ۽ زندگي ته الله جي وس آهي! بنگالين کي راهه راست تي آڻڻ لاءِ اسان جيئن ساڻن وڌيڪ سختي ڪئي، هو وڌيڪ باغي ٿي ويا. نيٺ 1971ع ۾ لکين بنگالي مارائڻ کان پوءِ هو اسان کان ڇڄي ڌار ٿي ويا.
    هڪڙي سياستدان اعلان ڪيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سندس پارٽي مشرقي پاڪستان جي علحدگيءَ لاءِ ذميوار ماڻهن کي سخت سزائون ڏيندي – ڇا ان جو مطلب آهي ته اڳوڻي مغربي پاڪستان ۽ هاڻوڪي پاڪستان جي هرهڪ شهري کي سزا ڏني ويندي!

    21 سيپٽمبر 1977ع


      منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀينور ۾!

    ڳائڻ، وڄائڻ، ٺينگ ڏيڻ، اي پڻ چڱو ڪم
    پر اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان سر جي سنڌ کي

    سڄيءَ سنڌ جي ماڻهن کي ڊاڪٽر شاهد مسعود جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي جنهن کين هڪ پليٽفارم تي گڏ ٿيڻ جو سبب ڏنو. ورنه، تاريخ ۾ سنڌي هڪٻئي جي ٽوپي لاهڻ، هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽڻ، هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ لاءِ بدنام آهن. هڪ ٻئي لاءِ نه سهو، هڪ ٻئي لاءِ ڌڪار سندن طبيعت جو حصو آهي، مون کي خبر ڪونهي ته اسان سنڌين کان سواءِ دنيا ۾ ٻي ڪهڙي قوم آهي جنهن پنهنجو خانو پاڻ خراب ڪيو آهي. مون کي اهڙي ٻي ڪا قوم جڳ جهان ۾ نه سُجهي جيڪا لکين ذاتين پاتين ۽ قبيلن ۾ ڇڙ وڇڙ ٿيل هجي. آفريڪا ۾ لڳندڙ قبيلائي جنگيون ذات پات جي بنيادن تي هلنديون آهن. ٽڙيل پکڙيل، ڇڙ وڇڙ، وکريل ۽ منتشر سنڌي قوم کي هڪ هنڌ، هڪ نقطي تي گڏ ڪرڻ، ڊاڪٽر شاهد مسعود جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي.
    ماب موبلائيزيشن Mob Mobilisation، هجوم کي متحرڪ ڪرڻ، يعني انبوهه گردي سياسي سائنس جو هڪ هنر آهي. منتظمن جي غلفت يا غلطيءَ سبب انبوهه ڇڙواڳ ٿي Mob-law جو سبب ٿي پوندو آهي، جنهن کي عام طور تي موبو ڪريسي Mobocracy سڏبو آهي. يعني انبوهه جو پنهنجو پاڻ ٺهي پيل قانون جنهن جي نه ڪا حد هوندي آهي، ۽ نه ڪا سرحد هوندي آهي. سنڌي ٽوپي ريليون ڪڍائڻ وارا ڏاڍا خوش نصيب آهن جو ڪٿي به انبوهه Mobish يعني پنهنجيءَ تي نه لٿو. هُل هنگامو نه ڪيو. سڄيءَ سنڌ ۾ ريليون نچڻ، ڪڏڻ، ۽ ڳائڻ وڄائڻ سان خير خوبيءَ ۾ ختم ٿيون.
    هڪ اخبار ۾ اپيل ذريعي مون ريليون ڪڍائڻ وارن کي عرض ڪيو هو ته تقريرن دوران سنڌ جي اٿلي آيل عوام کان وچن ورتو وڃي ته:
    اڄ کان پوءِ سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿيندو ۽ وري ڪڏهن ڌاڙو نه لڳندو.
    پاٿاريدارن کي پڌرو ڪري سندن پاڙ پٽي ڪڍبي.
    اغوا ۽ ڀنگ واري ڪلچر جو خاتمو ٿيندو.
    ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي ڪلچر کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏبو.
    سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شودن ۽ لوفرن خلاف تنظيمون ٺاهي سندن مقابلو ڪبو.
    جابر ۽ ظالم وڏيرن، سردارن، جاگيردارن ۽ پيرن ۽ سندن ڪمدارن ۽ ڇاڙتن جي ڏاڍ ڏمر خلاف عورتون ۽ مرد ميڊيا سان ملي محاذ کڙو ڪندا.
    وڏيرن، سردارن، جاگيردارن ۽ پيرن جي سرپرستيءَ ۾ وحشي پوليس دهشت نه ڦهلائيندي، ۽ ڏوهارين جي پشت پناهي، ۽ بيگناهه ڳوٺاڻن تي ٿاڻن ۾ انسانيت کي شرمندو ڪندڙ تشدد نه ڪندي.
    تنظيمون ٺاهي ۽ ريليون ڪڍي بند اسڪولن مان وڏيرن جون اوطاقون، واڙا ۽ گدام ختم ڪرائي اسڪول کولايا ويندا.
    ريلين ۾ شامل سنڌين کان وچن ورتو وڃي ته هو آئينده ڪڏهن به عياش ۽ بدڪردار زميندارن، اميرن، سرمائيدارن ۽ شاهوڪارن کي ووٽ ڏيئي ايم پي اي، ۽ ايم اين اي ٿيڻ نه ڏيندا.
    ننڍي وڏي، مرد عورت کان وچن ورتو وڃي ته هو هر قيمت ۽ هر صورت ۾ موهن جي دڙي جي وارثن ۽ اصلي سنڌين جي حفاظت ڪندا، ۽ سندن مانُ مٿاهون رکندا. سندن عبادتگاهن جي بيحرمتي ٿيڻ نه ڏيندا.
    منهنجي اپيل عوام تائين پهتي، نه پهتي مون کي خبر ڪونهي. انبوهه جي پنهنجي ڪيفيت يعني Mob Mind Set هوندي آهي. انبوهه جي سوچ ٽوپيءَ تي مرڪوز هئي. انبوهه کي ياد آئي نه رهيو ته ٽوپيءَ کان علاوه ٻيا ڪجهه اشوز آهن جن جي باري ۾ سوچ ويچار رکڻ ضروري آهي ۽ اهي اشوز ٽوپيءَ کان وڌيڪ اهم آهن. جهڙوڪه:
    1 - شهري سنڌين، خاص ڪري ڳوٺن کان ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيڻ وارن پنهنجن گهرن ۾ سنڌي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. جيڪڏهن ان روش کي نه روڪيو ويو ته ايندڙ ويهن پنجويهن سالن کان پوءِ اوهان کي سنڌ جي شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ڪو سنڌي ڳالهائيندي نه لڀندو. سنڌي ٻولي فقط ڳوٺن تائين محدود ٿي رهجي ويندي.
    2 - ڪراچيءَ جي ڪجهه تعليمي ادارن ۾ ضلعي ڪراچيءَ کان ٻاهر ڄاول سنڌين جي داخلا تي بندش پيل آهي. ان قسم جو رويو سنڌين کي ٻئي نمبر جو شهري سمجهڻ برابر آهي.
    3 - سرڪاري نوڪريءَ دوران بدليون ٿينديون رهنديون آهن. سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان ٻاهر ٻئي ڪنهن شهر ۾ نوڪري ڪندڙ کي بدلي ڪرائي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جي اجازت ناهي.
    پيپلز پارٽيءَ ۾ آڙيڪاپ سياڻا ويٺل آهن. هنن ڪمال ڪاريگريءَ سان ٽوپي ريليز جي قيادت سنڀالي ورتي. سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ٽوپي ريليءَ جي اڳواڻي، وزيرن، ايم پي ايز، ۽ ايم اين ايز ڪئي. اهڙي طرح هنن صدر آصف علي زرداريءَ جي تيزيءَ سان ڪرندڙ ساک کي سنڀالي ورتو. هنن اڻچٽي نموني اسٽبلشمنٽ کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اوهان آصف زرداريءَ کي پريزيڊنٽ هائوس مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ سنڌ اڄ وانگر اٿلي پوندي. آڙيڪاپن ٽوپي ريليءَ کي Save Zardari ”زرداري بچايو“ ريليءَ ۾ تبديلي ڪري ڇڏيو.
    1947ع کان سنڌ سماجي، ثقافتي، تهذيبي، تمدني ۽ سياسي زوال ڏٺو آهي. اسان جو انگ انگ چيريل، چٿيل، ۽ ڦٽ ڦرڙين سان ڀريل آهي. اهڙن ناسورن جو ذڪر مون مضمون جي شروعات ۾ ڪري ڇڏيو آهي. اسين ڏکايل آهيون. ڪو اسان تي آڱر به رکي ته اسان کان آهه نڪري ٿي وڃي. اهڙي ڪيفيت ۾ سوچڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت هيٺاهين سطح تي هلي ويندي آهي.
    اڇي پڳ اسان سنڌين جي سڃاڻپ هوندي هئي. جنهن کي اڄ اوهين سنڌي ٽوپي سڏيو ٿا، سا ٽوپي مٿي تي رکي مٿان پڳ ٻڌبي هئي. منهنجيءَ ڳالهه تي شڪ شبهو هجيو ته مون کان وڏي عمر وارا ڪجهه ڄڻا اڃا کڻن پيا پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي. هنن کان پڇي ڏسو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي پڳ به الاءِ ڪيڏانهن ويئي. منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.

    8 آگسٽ 2009ع


      ڏوهه ڏوهاري ۽ بي ڏوهي!

    پاڪستان ڀل سائنس ۽ ٽينڪالاجيءَ ۾ ترقي نه ڪئي هئي، ۽ پاڪستان جو شمار تمام هيٺاهين سطح تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ دنيا جي ڏُتڙيل ملڪن ۾ ٿيندو هجي، پر پاڪستان سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي طريقن سان ڪيل ڪرپشن ۾ دنيا جي ٽاپ ملڪن ۾ شمار ٿيندو آهي. ايڏو ڊگهو جملو مان ورلي لکندو آهيان. ڊگهو جملو شايد ان ڪري لکجي ويو آهي جو منهنجي سامهون پاڪستان جي ٻاهٺ سالن واري تاريخ آهي. انساني شعور جي تاريخ ۾ ٻاهٺ سال اک ڇنڀ برابر ٿيندا آهن. لکين سالن جي تاريخ ۾ ٻاهٺ سال ڪا حيثيت نه رکندا آهن. وڄ وانگر گذري ويندا آهن. پر، ملڪن ۽ ماڻهن جي عمر ۾ ٻاهٺ سال وڏو عرصو شمار ٿيندا آهن. جنهن ملڪ ٻاهٺ سالن ۾ ٻوٽو نه ٻاريو، تنهن ملڪ جي آئيندي بابت قياس آرايون ڪوهيڙي وانگر معاشري مٿان لهي اينديون آهن.
    ڪراچيءَ ۾ جتي ڪٿي ويندو آهيان، جنهن سان به ملندو آهيان، هڪ سوال ٻڌندو آهيان، ”پاکستان کا کیا بنے گا؟ “ ”پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟“
    سورهين ڊسمبر جو ڏينهن ڪنهن بني بشر کي ياد نه هو. سورهين ڊسمبر جو ڏينهن آيو، ماٺڙي ڪري گذري ويو. اٺٽيهه سال اڳ، 16ڊسمبر 1971ع تي قائداعظم محمد علي جناح جو ٺاهيل پاڪستان ٽٽي پيو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد اڳڪٿي ڪئي هئي ته پاڪستان مشڪل سان پنجويهه سال جٽاءَ ڪري سگهندو. مولانا ابوالڪلام آزاد جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي هئي. پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، چويهين سال1971ع ۾ ٻه اڌ ٿي پيو هو. پاڪستان جو وڏو اڌ، مشرقي پاڪستان بغاوت کان پوءِ بنگله ديش ٿي پيو هو. باقي وڃي بچيو هو مغربي پاڪستان. ذوالفقار علي ڀٽي مغربي پاڪستان مان لفظ ”مغربي“ ڪڍي ڇڏيو. اهڙي طرح مغربي پاڪستان ٿي پيو پاڪستان. ڪنهن کان ڀَلُ ته هضم ٿئي، يا نه ٿئي، تاريخي حقيقت اِها آهي ته موجوده پاڪستان محمد علي جناح وارو پاڪستان ناهي. موجوده پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان آهي. موجوده پاڪستان جي عمر اٺٽيهه سال آهي.1947ع وارو پاڪستان جنهن صورت ۾ باقي نه بچيو آهي، تنهن پاڪستان جي ٻاهٺين سالگرهه ملهائڻ بي معنيٰ ٿو لڳي. ٻاهٺين سالگرهه ملهائڻ جو مطلب آهي ته ڊسمبر1971ع ۾ پاڪستان نه ٽٽو هو – ملڪ جو وڏو حصو مشرقي پاڪستان ڦري بنگلاديش نه ٿي پيو هو. اِها تاريخ سان ويساهه گهاتي آهي.
    16 ڊسمبر تي بنگله ديش يوم آزادي ملهايو هو، جنهن کي هنن يوم نجات جو نالو ڏنو آهي. بنگله ديش ٽيليويزن تان 16 ڊسمبر تي پاڪستان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالين جي جدوجهد واريون ڊاڪيومينٽري فلمون به ڏيکاريائون. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو هر سال سورهين ڊسمبر تي پاڪستان ۾ يومِ ندامت ملهايو وڃي. ۽ حاڪمن کي اڳوڻو حاڪمن پاران توبهه تائب ٿيڻ گهرجي جن پنهنجي سياسي چور بازيءَ ۽ ڪرپشن سان بنگالين جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو.
    ڪرپشن لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ آهي بدعنواني، پر، ٻڌڻ ۾ لفظ بدعنوانيءَ جو اهڙو اثر يا تاثر ناهي جهڙو لفظ ڪرپشن يا بدڪرداريءَ ۾ آهي. ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان بدڪردارن پاڪستان ۾ موج ڪئي آهي. هيءُ ڏاڍو عجيب ملڪ آهي جنهن ۾ بدڪردار، حرام خور، چور، ٺڳ ۽ قاتل ويندا آهن چوٽ چڙهندا. پنهنجا پنهنجا ڪنسورشيم ٺاهي معاشي، سياست، واپار، ناڻي، ۽ اقتدار تي قبضو ڪري وٺندا آهن. هو پنهنجي ڪرپشن ۾ ايتري قدر ته اعليٰ پائي جا سائنسدان ۽ ٽيڪنوڪريٽ ٿي پيا آهن جو سندن ڪرپشن ثابت ڪرڻ لاءِ اسين ته ڇا، ڊاڪٽر واٽسن ۽ سندس استاد دوست شرلاڪ هومز به بيوس ٿي پوندا.
    پنهنجي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ لاءِ هنن اهڙا اهڙا ته قائدا ۽ قانون ٺاهي ورتا آهن جو کين وائکو ڪرڻ امڪان کان ٻاهر ٿي پيو آهي. تنهن ڪري ڪجهه سوال اڄ تائين جواب کان محروم سواليه نشان وانگر ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيا آهن.
    منهنجيءَ ڳالهه کي اجايو ڇڪي تاڻي آصف علي زرداريءَ تائين نه کڻي وڃجو. ڳالهه سمجهڻ ۽ ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪجو. آصف علي زرداريءَ کان اڳ به خدا جا نيڪ بندا صدارت جي منصب تي آيا هئا، ۽ آصف علي زرداريءَ کان پوءِ به صدارت جي منصب تي ايندا رهندا. آئين ۾ صدر سائينءَ لاءِ جداگانه مراعتون زرداريءَ نه وجهرايون آهن. اهي مراعتون آئين ۾ اڳيئي موجود آهن. هاڻي اچئون ٿا انهن سوالن تي جن جي نصيب ۾ جواب لکيل ناهي.
    سوال جي وضاحت: آئين صدر کي مڪمل تحفظ ڏنو آهي. مٿس ان وقت تائين ڪيس هلائي يا کيس عدالت ۾ گهرائي نه ٿو سگهجي جيستائين هو صدر جو منصب ماڻي ٿو.
    پهريون سوال: جيڪڏهن هڪ اهڙو شخص صدر ٿي پوي، جنهن تي انيڪ ڪيس هلندڙ هجن، ته ڇا هو آئيني تحفظ جو فائدو کڻندي شاهدين ۽ ثابتين جي رڪارڊ سان هٿ چراند نه ڪندو؟ ان لاءِ آئين ڪهڙي ضمانت ڏني آهي؟
    ٻيو سوال:ان استعدلال تي ته جيستائين عدالت جو فيصلو اچي، ملزم بيڏوهي سمجهبو آهي، وزير جن تي ڪرمنل ۽ ڪرپشن جا انيڪ ڪيس هلندڙ آهن، پنهنجي منصب تي ويٺا هوندا ته ڇا پنهنجو اثر رسوخ هلائي، هلندڙ ڪيسن تي حاوي نه ٿيندا؟ ان جي گارنٽي ڪير ڏيندو؟
    ٽيون سوال: جن وزيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز تي ڪيس هلندڙ آهن اُنهن کي عام سرڪاري ملازمن وانگر عدالت جي فيصلي اچڻ تائين معطل ڇونه ڪجي؟
    چوٿون سوال: عام ماڻهن کي، جن تي ڪيس هلندڙ آهن، ۽ عدالت جي فيصلي اچڻ تائين منطق مطابق بيڏوهي آهن، تن کي وزيرن وانگر نوڪري چاڪري، ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڇونه آهي؟ عدالت جي فيصلي اچڻ تائين هو جيڪڏهن بيڏوهي آهن ته پوءِ انهن مان انيڪ جيلن ۾ بند ڇو آهن؟
    ڪنهن وٽ انهن سوالن جو جواب هجي ته ”افيئر“ کي لکي موڪلجو.


    15 ڊسمبر 2009ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 344927
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142367
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ