ڪتاب جو نالو: ڪيمانگر
مصنف: پائولو ڪوئلهو / فهيم اختر ميمڻ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 11 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 609 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 531 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مصنف جو مهاڳ
  • ٻه اکر سنڌيڪار پاران
  • زندگيون بدلائيندڙ ڪتاب ۽ سنڌي ترجمو
  • هڪ شاهڪار ناول
  • پرڏيهه ۾ رهندي به سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪندڙ فهيم اختر ميمڻ
  • قسط 1
  • قسط 2
  • قسط 3
  • قسط 4
  • قسط 5
  • قسط 6
  • قسط 7
  • قسط 8
  • قسط 9
  • قسط 10
  • قسط 11
  • قسط 12
  • قسط 13
  • قسط 14
  • قسط 15
  • قسط 16
  • قسط 17
  • قسط 18
  • قسط 19
  • ايپيلاگ / پُڄاڻي / اوڙَڪُ

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٻاونجاهه (52) پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

    اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست فهيم اختر ميمڻ جا جنهن هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ سان گڏ ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪليو آهي. پياري دوست عمران درويش سومري جا به قرب جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهي موڪليو.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com


    ارپنا

    ارپنا مرحوم والد جي نانء

    ڇانــوَ تنهنجيء جي لاء رِڻَ ۾ رُلـــــندو رهيــــس
    ائين رُسي تــون وئين،مَنَ ۾ جُهرَنـــدو رهيــــــس
    کُڻڪَ انهـــــــــيء ۾ اَبــا پورو جوڀـــن ويـــــــــو
    تنهنجو ڪانڌي نه ٿيس، تنهنجو ڪانڌي نه ٿيس

    (فهيم اختر)


    مصنف جو مهاڳ

    آءٌ پنهنجي هن ڪتاب ڪيمانگر The Alchemist جي بابت ڪجهه وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته هي ڪتاب هڪ خيالي ڪتاب Fiction ڇو آهي، جڏهن ته منهنجو پڇاڙڪو ڪتاب، ياترا The Pilgrimage ، هڪ غير خيالي Non-Fiction ڪتاب هو.
    پنهنجي زندگيء جا يارنهن سال مون علم ڪيميا پڙهيو. ڌاتُن کي سون ۾ تبديل ڪرڻ، يا آبِ حيات جي ڳولا وارو خيال هڪ اهڙي شخص لاء دلچسپيء جو سبب بڻيو جنهن زندگيء ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي آمهون سامهون اهي ڪرامتون ٿيندي ڏٺيون هجن.
    آءٌ اهو باسيان ٿو ته جنهن شيء مونکي پاڻ ڏانهن گھڻو ڇِڪيو اها آبِ حيات هئي. اڳ ۾ خدا پاڪ جي موجودگيء جو صرف ٻڌو هئم ۽ محسوس به ڪيو هئم، پر هڪ نه هڪ ڏينهن هر شيء کي ختم ٿيڻو آهي، ان ڳالهه مونکي تمام گھڻو نراس ڪري ڇڏيو هو. تنهنڪري جڏهن اهو ٻُڌم ته هڪ اهڙي پاڻياٺي شيء جو وجود آهي، ۽ انکي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي جيڪا ڪيترن ئي سالن تائين ڄمار وڌائي سگھي ٿي، ته مون پنهنجو تَن مَن ان شيء کي حاصل ڪرڻ لاء اَرپي ڇڏيو.
    سَتَر عيسويء واري ڏهاڪي جي شروعات ۾، جڏهن هڪ وڏو سماجي انقلاب آيل هو، تنهن وقت برازيل ۾ علم ڪيميا جي ميدان ۾ ڪو ڳنڀيرتا وارو ڪم نه ٿي ڇپيو. تنهنڪري هن ڪتاب جي ٻن ڪردارن وانگي مون وٽ به جيڪي ٿورا گھڻا ڏوڪڙ هئا تن مان ٻاهران جا مهانگا ڪتاب وٺڻ شروع ڪيم، ۽ ڏهاڙي ڳچ وقت انهن ۾ موجود مُنجھيل نشانين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. رِيَو ڊِي جنيرو ۾ ان حڪمت واري ڪم ۾ ڳنڀيرتا سان ڪم ڪندڙ ٻن شخصن جا پيرا وٺندو وڃي وٽن پُهتُس، پر انهن مونسان ملڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. آءٌ ٻين به ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان مليس جن پاڻ کي ڪيمانگر ٿي سڏرايو، جن وٽ پنهنجيون ذاتي تجريبيگاهون پڻ هيون، تن چڱي ڀلي معاوضي جي عيوض مونکي ان فَنَ جا ڳُجھ سيکارڻ جا واعدا پڻ ڪيا. پر اڄ آءٌ اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته کين ان بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي جنهن جي سيکارڻ جو هو ڍونگ ڪري رهيا هئا.
    منهنجون سڀ ڪوششون اَجايو ويون ۽ مونکي ڪجھ به نه وَريو. انهن مان ڪا به شيء جيڪا هنن مونکي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، علم ڪيميا جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڇپيل نه هئي. اهي ڪتاب تمام ڏُکي ٻوليء ۾ لکيل هئا، ۽ اجگر جانورن، شينهن، سج، چنڊ ۽ پاري جهڙين ڳُجھين نشانين سان ڀريل هئا. انهن عجيب و غريب نشانين مونکي اهڙي بي يقيني ۾ وجھي ڇڏيو جو مونکي اهو محسوس ٿيو ته آءٌ غلط رستي تي هلي رهيو آهيان. 1973 عيسويء ڌاري پنهنجي ناڪاميء کان مايوس ٿي مون هڪ انتهائي غير ذميواريء وارو قدم کنيو. ان وقت آءٌ هڪ سرڪاري ملازم جي طور تي ناٽڪن جي بابت پڙهائيندو هئس. ان وقت مون پنهنجي شاگردن کي زمرد جي تخطيء جي حوالي سان ڪجھ مشقون ڪرائڻ شروع ڪري ڏنيون.
    اُن عمل ۽ اُن سان گڏوگڏ جادوگريء جي اُونداهي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جهڙن تجربن “جيڪي پوکيندئو سو ئي لُڻندئو” واري پهاڪي جيان منهنجي سموري زندگيء کي پِيڙائن جي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ ايندڙ ڇَهه سال مون پاڻ کي اهڙي قسم جي ڳُجھن مشاهدن کان ڏُور رکيو. اُن روحاني پَرَواسيء جي دوران مون گھڻو ڪجھ سکيو؛ مثال طور اها ڳالهه ته، اسين سچائيء کي پهريان مڪمل طور تي ٿُڏڻ کانپوء ئي تسليم ڪندا آهيون؛ ۽ اهو به سکيو ته اسانکي ڪڏهن به پنهنجي تقدير کان ڀَڄڻ نه گُهرجي؛ ۽ اهو به ته خدا پاڪ جو وٺُ ڏاڍو سخت به آهي ته هو نهايت ٻاجھارو به آهي.
    1981ع ڌاري آءٌ رَيم ( قديمي اُندلس جي جادوگرن جي هڪ مَنڊليء (RAM: regnum, agnus, mundi) ۾ پنهنجي هڪ اُستاد سان مليُس، جنهن مونکي سڌي رستي تي آندو. اهو رستو جنهن تي مونکي سفر ڪرڻو هو. جيئن ئي هُن مونکي پنهنجي اعتقادن سان متعارف ڪرايو ته آءٌ پنهنجي سِر پاڻ علم ڪيميا پڙهڻ لاء نِڪري پيُس. هڪ رات خيالن جي ڊِگھي ڏي وٺ کانپوء مون کانئس پُڇيو ته ڪيمانگرَ هميشه اهڙي مُبهم ٻولي استعمال ڇو ڪندا آهن؟
    منهنجي اُستاد وراڻيو، “ڪيمانگرَ ٽن قسمن جا ٿين ٿا؛ هڪڙا اُهي جيڪي مبهم انڪري ٿين ٿا جو کين خبر ئي نه هوندي آهي ته هو ڇا پيا ڪن؛ ٻيا اُهي جيڪي مبهم انڪري ٿين ٿا جو کين اها خبر هوندي آهي ته هو ڇا پيا ڪن، ۽ کين اها به خبر هوندي آهي ته علم ڪيميا جي ٻولي دماغ سان نه پر دل سان مخاطب ڪندي آهي.”
    “ ۽ ٽيون قسم ڪهڙو آهي؟” اُستاد کان پڇيومانس.
    “ ٽئين قسم جا ڪيمانگرَ اُهي آهن جن ڪڏهن به علم ڪيميا جي بابت ٻُڌو ئي ناهي، پر پوء به هو پنهنجي حياتيء ۾ پارس جو پٿر ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.”
    ۽ اهڙي نموني، منهنجو اُستاد جيڪو ٻئي قسم جي ڪيمانگرَن مان هو، مونکي علم ڪيميا پڙهائڻ لاء راضي ٿي ويو.
    ان دوران مون اهو دريافت ڪيو ته، جنهن نشانين واري ٻوليء کان آءٌ سدائين منجھيل ۽ ڪَڪ ٿي رهيس سا دنيا جي روح تائين پهچڻ جو واحد رستو هئي، جنهن کي ڪارل گستاو يُونگ (سوئزرلينڊ جو رهواسي نفسيات جو ماهر) “مجموعي لاشعوري عمل” ڪوٺيو هو. مون خدا جي ذات جي عظمت ۽ سندس نشانين ۽ اهڙين حقيقتن کي پڻ دريافت ڪيو جن جي سادگيء جي سبب منهنجي ادنى دماغ انهن کي تسليم نه ٿي ڪيو. مون اهو پڻ دريافت ڪيو ته پارس پٿر ۽ آبِ حيات کي حاصل ڪرڻ وارو حڪمت جو ڪم صرف ڪجھ ماڻهو نه پر هر انسان ڪري سگھي ٿو. ائين به ناهي ته سدائين ان حڪمت واري ڪم سان اسانکي پارس جو پٿر ۽ آبِ حيات ملي سگھي. پر اُن کان بغير به هر ڪو پنهنجي وهم جي پاڇن کا پَرڀرو ٿي دنيا جي روح ۾ داخل ٿي سگھي ٿو.
    اهو ئي سبب آهي جو ‘ڪيمانگر’ پڻ هڪ خيالي لفظ آهي. هن ڪتاب ۾ هر اها شيء جيڪا مون سکي اها پڙهندڙن تائين پهچائي آهي. مون اهڙن عظيم ليکڪن کي پڻ ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن ڪائنات جي ٻوليء کي سمجھڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هيمنگوَي، بليئڪ، بورگس (جنهن پنهنجي هڪ مختصر آکاڻيء ۾ فارسي تواريخ جو پڻ استعمال ڪيو آهي)، مالبا، تاهن پڻ شامل آهن.
    هن ڊگھي مهاڳ جي پُڄاڻي ڪرڻ لاء ۽ ٽئين قسم جي ڪيمانگرن جي بابت ڏنل منهنجي اُستاد جي سمجھاڻي کي بيان ڪرڻ لاء هڪ قصو هت بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان جيڪو هُن مونکي پنهنجي تجريبيگاهه ۾ ٻڌايو هو. اهو قصو ڪجھ هن ريت آهي، “ بيبي مريمؑ سندس جھوليء ۾ ننڍڙي عيسىؑ سان گڏ زمين تي لهي هڪ خانقاهه گُھمڻ جو رِٿيو. اُتي موجود راهبَ انتهائي احترام سان بيبيء کي ڀيٽا ڏيڻ لاء قطار ۾ بيٺا. واري واري سان بيبيء جي آڏو اچي ڪنهن کيس عمده شاعري ٿي ٻڌائي، ته ڪنهن وري توريت ۾ موجود مضمونن تي ٺاهيل پنهنجي چترڪاريء جا نمونا پيش ڪيا، هڪ وري مڙني درويشن جا نالا ورجايا. هڪ پٺيان ٻئي ٻائي بيبي مريمؑ ۽ ننڍڙي عيسىؑ جي شان ۾ سندن واکاڻ ڪئي.
    “انهن مڙني مان آخري راهب پوري خانقاهه ۾ نماڻو ٿي لڳو. جنهن ڪڏهن به ڪنهن به قسم جا ڪتاب نه پڙهيا هئا. سندس مائٽ به سادا ماڻهو هئا، ۽ پنهنجو گُذر سفر ڪرڻ لاء هو ميڙاڪن ۾ ڪرتب ڏيکاريندا هئا. هنن پنهنجي پُٽ کي صرف هوا ۾ بال اُڇلائڻ وارو ڪرتب ئي سيکاريو هو.
    جڏهن سندس وارو آيو، ته مڙني ان ڀيٽا ڏيڻ واري سلسلي جي پُڄاڻي ڪرڻ لاء سوچيو. ڇاڪاڻ جو هو آخري راهب جيڪو صرف هڪ مداري هو، وٽس پيش ڪرڻ لاء يا چوڻ لاء ڪجھ به نه هو، جنهن سان خانقاهه جي ساک تي بُرو اثر پڻ پئجي ٿي سگھيو. پر هن ته دل جي گهراين سان عيسىؑ ۽ بيبي مريمؑ کي ڪجھ نه ڪجھ پيش ڪرڻ چاهيو ٿي.
    هو شرمسارهو ۽ ساڻس گڏ ٻائن جون نظرون مٿس هيون، هن پنهنجي ٿيلهَي مان ڪجھ نارنگيون ڪڍي هوا ۾ اُڇلائي ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيو، ۽ معذرت سان اهو پڻ چيائين ته وٽس ان ڪرتب ڏيکارڻ کانسواء ٻيو ڪجھ ناهي.
    “ اهو ڪرتب ڏسي، ننڍڙو عيسىؑ جيڪو بيبيء جي ڪڇ ۾ ويٺو هو، مُرڪيو ۽ خوشيء منجھان تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيائين. تنهن کانپوء بيبيء کيس ننڍڙي عيسىؑ کي کڻڻ جي سعادت نصيب ڪئي.


    ٻه اکر سنڌيڪار پاران

    علمي، ادبي ۽ روحاني مَنڊلين ۾ پائولو ڪوئلهو کي جديد دور جو زندهه درويش ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ناول “ڪيمانگر The Alchemist” پڙهڻ کانپوء واقعي ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاء محسوس نه ٿو ٿئي. هي ناول پُرتگالي زبان مان انگريزيء ۾ ترجمو ٿيڻ کانپوء پوري دنيا ۾ مڃتا جي اوچائن تي پهچي ويو. گِنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ هن ڪتاب جو نالو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب جي طور تي شامل آهي. جنهن کانپوء اڄ تائين هي ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي، ۽ ڏهن سالن تائين آمريڪا ۾ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب جو خطاب پڻ ماڻي چڪو آهي. پائلو ڪوئلهو جي زندگيء جي بابت مختصر حوالو سندس ئي لکيل مُهاڳ کي ترجمو ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ناول پڙهڻ کان اڳ ان جي ليکڪ جي ذاتي زندگيء جي بابت ڄاڻ ان ناول جي روح تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري ٿي. سندس ٻين ناولن ۾ آهن :
    Eleven Minutes, By the River Piedra I Sat Down and Wept, Veronika Decides to Die, The Winner Stands Alone, Manual of the Warrior of Light, The Zahir, The Devil and Miss Prym, The Fifth Mountain, The Witch of Portobello, The Valkyries, Like the Flowing River .Aleph, Brida,Life, Manuscript Found in Accra.
    منهنجي لاء هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو نا ممڪن هو ته باقي ڪتابن وانگي هن ڪتاب کي به يا ته اڌ قيمت ۾ وڪرو ڪري نئون ڪتاب خريد ڪجي ها يا وري ڪتابن جي الماڙيء ۾ سجائي رکي ڇڏجي ها. هَينري مِلر واري ڳالهه ته، “ الماڙيء ۾ رکيل ڪتابُ ناڪارا هٿيار وانگي آهي.” سو ٻه سال اڳ جڏهن هن ڪتاب کي پڙهڻ سان گڏوگڏ ترجمو ڪرڻ جو پڻ پڪو پهه ڪيم ته ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته هن جهڙو ناياب ڪتاب اڃا تائين سنڌي ادب جو حصو ڇو نه بڻجي سگھيو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ جو سبب منهنجي ان ڪيفيت ۾ وڃڻ جي ڪوشش پڻ هئي جنهن ڪيفيت ۾ اهو ڪتاب اصل ليکڪ لکيو آهي. خير، ڪتاب جو ترجمو شروع ٿيو، پر بدقسمتي اها رهي ته صرف ڪجھ ئي صفحا ترجمو ڪرڻ کانپوء زماني جي لاهن چاڙهن جي ور چڙهي ويس، ۽ پورا ٻه سال اهو ڪتاب الماڙيء جي زينت بڻيو رهيو. ٻن سالن کانپوء ٻيهر ان ڪتاب پڙهڻ ۽ انکي ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ٻه سال گذرڻ کانپوء ان ڪتاب کي ٻيهر پڙهڻ جو سبب اهو هو ته هي اهو ڪتاب آهي جيڪو زندگيء جي ڀوڳنائن، ڪشالن ۽ تڪليفن کي سمجھڻ، انهن کي حل ڪرڻ ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. زندگيء جي چوواٽن ۾ ڀٽڪي ويل اهڙا ارواح جيڪي همت هاري ويٺا آهن ۽ پاڻ کي پنهنجي منزل ڳولڻ جي بدران زندگيء جي تيز وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيواٿن، انهن جي لاء هن ڪتاب ۾ رهنمائي آهي.
    هاڻ جڏهن هن ڪتاب جو ترجمو پورو ٿيڻ وارو هو ته اها خبر ملي ته هي ڪتاب اڳ ۾ ئي احرار يوسف پاران سنڌيء ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي. اها ڳالهه ٻڌي مونکي ڪا تڪليف ڪو صدمو نه رسيو، پر سَرَهو ٿيس ته سنڌي ادب ۾ جنهن ناياب ڪتاب جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي سا هاڻ پوري ٿي. ان دوران ئي ان سنڌي ترجمي کي پڙهڻ جو موقعو مليو. پر اهو ترجمو پڙهندي مونکي اچرج به ٿيو ۽ مايوسي به ٿي. سنڌيڪار احرار يوسف ڪتاب جي ڪردارن جا نالا مٽائڻ سان گڏو گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي فَني ڪوتاهيون ڪيو آهن، جن سان ڪتاب جي اصل روح تائين پهچڻ ناممڪن آهي.
    انهن مان ڪجھ غلطين جي وضاحت هت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. هڪ ته ناول جي مرڪزي ڪردار جو نالو ناصر نه پر سانتياگو آهي، ٻيو ته سانتياگو جنهن بادشاهه سان مليو انجو نالو عبدالله نه پر مالڪي زيڊڪ هو. مالڪي زيڊڪ دراصل يهودين جي روحاني رهبرَ طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي عبدالله جو نالو ڏئي احرار يوسف ڪتاب ۽ ليکڪ جي ساک کي هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب کي پُرتگالي ٻوليء مان انگريزي ٻوليء ۾ ترجمي ڪرڻ واري ايلن.آر.ڪليرڪ ڪتاب جي هڪ هڪ لفظ ۽ جُملي کي جيئن جو تيئن انگريزيء ۾ بيان ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته اصلي ڪتاب ۾ بيان ڪيل حالتن، واقعن، جڳهين، ڪردارن کي سڌو سنئون ٻي ٻوليء ۾ منتقل ڪجي ته جيئن پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب پڙهڻ کانپوء ان بابت ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان پهريائين اهي سڀ شيون موجود هجن.
    هڪ ٻي فَني غلطي جيڪا احرار يوسف کان ٿي آهي، اها هن ريت آهي ته، ناول ۾ ٻن پٿرن (يُورِم ۽ ٿُومِم) جو ذڪر ٿيل آهي. عبراني ٻوليء ۾ يُورِم جو معنى آهي ‘روشني’ ۽ ٿُومِم جي معنى آهي ‘ڪماليت’. هي الهامي پٿر آهن، يهودي عقيدن جي مطابق يهودي پادري (رَبي) خدا کان رهنمائي حاصل ڪرڻ لاء هنن جو استعمال ڪندا آهن. احرار يوسف پنهنجي ترجمي ۾ انهن پٿرن کي اصل نالن جي بدران ياقوت ۽ مرجان ڪوٺيو آهي. جڏهن ته اصل ناول ۾ انهن پٿرن جو رنگ اڇو ۽ ڪارو ٻڌايو ويو آهي، پر احرار يوسف جي ترجمي ۾ استعمال ٿيل ياقوت ته رنگ جو ڳاڙهو ٿئي ٿو.
    ڪتاب جي نالي جي ترجمي ‘ڪيمياگر’ سان ڪو خاص اختلاف ناهي. پر، 1910 واري پرمانند ميوارام واري سنڌي لُغت جيڪا سنڌ جي علمي ۽ اَدبي وايي منڊل ۾ هڪ مُستَنَد سنڌي لُغت سمجھي وڃي ٿي ۽ انجو هڪ نُسخو بِرٽش ميوزيم ۾ پڻ رکيل آهي، ته اُن مطابق The Alchemist جي معنى ڪيمياگر نه پر ڪيمانگر آهي. تهنڪري ڪيمانگر استعمال ڪرڻ سان ترجمي کي پنهنجي ساک قائم رکڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
    اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي فَني غلطيون احرار يوسف جي ترجمي ۾ موجود آهن جن سان ليکڪ جو اصل پيغام پڙهڻ وارن تائين صحيح نموني نه پهچي سگھيو آهي. ان ترجمي مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته مُترجم ناول جو اصل پيغام پڙهندڙن تائين رسائڻ جي بجاء پنهنجو سنڌي ٻوليء تي اُبور پيش ڪيو آهي.
    هي سڀ ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد احرار يوسف جي ساک کي هاڃو رسائڻ بالڪل ناهي، پر انهن مڙني سنڌيڪار دوستن ۽ پبلشرز جي لاء هڪ سنيهو آهي ته مهرباني ڪري ٻاهرئين ادب جا بهترين ۽ گھڻي کان گھڻا ڪتاب سنڌي ٻوليء ۾ آندا وڃن، ته جيئن سنڌ جي ادبي، علمي، سياسي، سماجي ۽ روحاني ميدانن ۾ رهجي ويل خالَ ڀري سگھجن، پر انهن ڪتابن جي ڇاپڻ کان اڳ انهن جي ٿيل ترجمي جي مڪمل جاچ ۽ اصل ڪتاب سان پوري پوري ڀيٽا ڪئي وڃي ۽ ترجمي ۾ ڪنهن به قسم جي غير فني هَير ڦَير نه ڪئي وڃي ته جيئن اصل ليکڪ جي محنت اجائي نه وڃي.

    فهيم اختر ميمڻ
    دمام، سعودي عرب


    زندگيون بدلائيندڙ ڪتاب ۽ سنڌي ترجمو

    ڪُجهه وڏو ظرف رکندڙ دوست ننڍڙن ماڻهن جو قد ڪاٺ وڌائڻ ۾ وڏا چالاڪ ثابت ٿين ٿا. منهنجو دوست سليمان وساڻ به انهن مان هڪ آهي جنهن مون کي هڪ اهڙي ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ جو چيو آهي جنهن ڪتاب کي سڄي دنيا پڙهيو ۽ پسند ڪيو ۽ ليکڪ کي اڻ ڳڻي مڃتا ملي.
    هِن ڪتاب تي ته جام لکجي چُڪو ۽ جڏهن ڪتاب پڙهيو هئم (انگريزي ۾) ته ڪتاب تي آيل رايا درست به لڳا. هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي جنهن وٽ مايوسي نالي ڪُجهه آهي ئي نه. بس هڪ جنون ۽ جستجو آهي ٻيو سفر جنهن تي هلڻ ئي سندس مقدر آهي.
    پر اڄ سنڌ سلامت جي رُڪن “فهيم اختر ميمڻ” پاران هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پيش ڪيو پيو وڃي. هِن همراهه اهو ترجمو ڪري ڪمال ته ڪيو پر کيس اُها خوشي نه رهي ڇو جو سنڌ جي وڏي ۽ ناليواري پبلشر پاران هي ڪتاب ترجمو ڪرائي ڇپيو ويو پر اسان جي دوست کي شابس آهي جنهن اعلىٰ ظرف جو مظاهرو ڪندي هِن ڪتاب جو ترجمو تڪميل تي پُهچائي سنڌ سلامت تي بنا ڪنهن ذاتي غرض جي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. فهيم ميمڻ پاران ترجمو ڪيل هي ڪتاب مون ان وقت پڙهيو جڏهن آئون تازو سندري اُتمچنداڻي جهڙي مهان سنڌي ليکڪه پاران مليالم ٻولي جي ڪتاب “ساگر جي سنتان” جو بيمثال ترجمو پڙهي ويٺو هُجان. اهڙي ۾ هِن ڪتاب شروع ڪرڻ وقت يقين هو ته ترجمي ۾ مزو نه ايندو. پر هن ڀلي همراهه جو ترجمو پڙهندي ڪٿي به اهو احساس نه ٿيو ته لفظي ترجمو آهي ۽ انهي جي ڪري صاف ظاهر ٿيندڙ بيزاري واري ڪيفيت جو شڪار ٿيڻو پئي ٿو.
    آئون سمجهان ٿو ته فهيم اختر ميمڻ کي اها ڏات رڳو انهيءَ ڪري ملي آهي ته هو هڪ سخي شخص آهي. اڄڪلهه خود غرضي ايتري عام ٿي وئي آهي جو ڪو ٻه اکر لکي ٿو ته به پيو سوچيندو آهي ته ايئن بنا ڪنهن مفاد جي ڪنهن کي ڇو ڏيان. پر هن سخي همراهه سڄي ساري محنت ايئن سڀني اڳيان رکي ڇڏي. اُميد ته پڙهندڙ هن مان ضرور مستفيد ٿيندا.
    منهنجي فهيم اختر ميمڻ کي گذارش آهي ته هو هِن ڪم کي روڪي نه. ڇوته دنيا جي انيڪ قومن ۽ ٻولين ۾ لکيل ادب سڀني جي پڙهڻ لاءِ صرف تڏهن دستياب ٿيندو جڏهن سندس جهڙا سخي مرد بهترين ترجمو ڪري انهن تائين پُهتو ڪندا. رهي ڳالهه سِلي ملڻ جي ته اُهو بس ڏاتار سان حساب آهي جيڪو ڏيئي نه پچاري.

    عبدالحفيظ لغاري
    سچل ڳوٺ، ڪراچي


    هڪ شاهڪار ناول

    انگريزي ۾ هي ناول پڙهڻ کانپوء اهو تجسس هيو ته ڪاش هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ٿئي. فهيم اختر ميمڻ جا ٿورا جنهن ڪتاب جو ترجمو ڪري سنڌ سلامت کي موڪليو آهي. پائولو ڪوئلهو جو هي ناول انساني زندگي جو شاهڪار آهي. هن ناول ۾ پائولو سمجهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته هر انسان جي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج عمل اهڙا هوندا آهن جيڪي انتهائي اهم هوندا آهن. ۽ جي انهن کي سامهون رکندي درست فيصلو ڪيو وڃي ته ان انسان جي زندگي تبديل ٿيو وڃي. انهن پنجن عملن کي پائولو ڪوئلو هن ڪهاڻي ۾ دلچسپ انداز سان پيش ڪيو آهي. جيڪي هي آهن.

    1. زندگي جو مقصد
    پائلو ڪوئلهو لکي ٿو ته جن ماڻهن وٽ زندگي جو ڪو مقصد ناهي هوندو انهن جو مثال رڍن وانگر هوندو آهي جن وٽ زندگي جو حصول رڳو گاهه ۽ پاڻي هوندو آهي. ڏينهن رات ڪيئن ٿا گذرن، موسمون ڪيئن ٿيون مٽجن، کين ڪنهن شيء سان غرض ناهي هوندو. ايسيتائين جو جيڪڏهن ريڍار کين هڪ هڪ ڪري کين ذبح ڪرڻ شروع ڪري ته به انهن کي تڏهن وڃي ڄاڻ پوندي آ جڏهن هو باقي وڃي بچن. جڏهن ته انسانن جي زندگي جو هڪ مقصد ٿيندو آهي، جيئن هڪ ريڍار رڍن کي موسمن جي شدت ۽ بگهڙن کان بچائيندي کين سر سبز علائقي ڏانهن وٺي ويندو آهي اهڙو ئي مقصد انسان کي جانورن کان افضل بڻائيندو آهي. پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جستجو انسان کي ڏکيائن کي برداشت ڪرڻ جي جرئت ڏيندي آهي، اهو مقصد ئي هوندو آهي جيڪو انسان کي هر ناممڪن ڪم کي ممڪن بنائڻ جي قابليت ڏيندو آه..
    اهو ئي واضح مقصد هيو جو انسان چنڊ تي پهچڻ کان پوءِ هاڻي پنهنجا قدم مريخ تي پهچائڻ جي جستجو ۾ آهي. چنڊ تي پهچندڙ به اسان وانگر گوشت پوست جا انسان ئي هئا. انهن ۾ جيڪڏهن ڪا خاصيت هئي ته صرف اها ته انهن کي پنهنجي مقصد جو علم هو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي همت هئي. مقصد جيترو واضح هوندو ان کي حاصل ڪرڻ اوترو ئي سولو هوندو آهي.

    2. مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ همت
    مقصد سامهون رکڻ کان پوءِ ڪاميابي جو ٻيو شرط مقصد کي حاصل ڪرڻ جي تڙپ ۽ همت آهي. ان تڙپ ۾ ايتري شديد هجي جو انسان ان کي حاصل ڪرڻ جي جستجو کي ڪڏهن به ختم نه ڪري سگهي. اڪثر ماڻهن جي زندگي جو مقصد ته هوندو آهي پر هو ان کي حاصل ڪرڻ دوران مونجهاري جو شڪار هوندا آهن، ڇو ته :
    • هو ناڪامي کان ڊڄندا آهن.
    • مقصد جي سچائي تي پر اعتماد نه هوندا آهن.
    • مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل محنت کان گهٻرائيندا آهن.
    • هو رسڪ کڻڻ کان ڊڄندا آهن.
    • مقصد جي سچائي ته پڪو يقين ناهي رکي سگهندا.

    ناڪامي جو خوف ۽ پنهنجي صلاحيتن تي اعتماد جي گهٽتائي انسان کي زندگي جي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي ڇيهو رسائيندي آهي. ياد رکو ته ڪاميابي صرف اها ناهي هوندي ته توهان منزل تي پهچو. جيڪڏهن منزل کان ڪجهه پوئتي به رهجي وڃو ۽ توهان غور ڪيو ته توهان ڏسندو ته مقصد جي حاصل ڪرڻ جي جستجو دوران توهان ڪئي منزلون اهڙيون حاصل ڪري چڪا هوندا آهيو جيڪي پڻ ڪاميابي جو درجو رکنديون آهن. هر انسان ۾ اها صلاحيت هوندي آهي ته هو هر ان شيء کي حاصل ڪري جنهن جو هو ارادو رکي ٿو، پر اڪثر همت ڪري نه سگهندا آهن. جيڪي همت ڪندا آهن انهن لاءِ غربت ۽ مالي ڪمزوري به سندن مقصد کي حاصل ڪرڻ دوران رڪاوٽ نه بڻجندي آهي.

    3. قسمت
    اسان زندگي جي باري ۾ گهڻا ئي عجيب غريب نظريا رکندا آهيون. جن مان هڪ اهو به آهي ته اسان جي زندگي، موت ۽ رزق سڀ ڪجهه قدرت جي هٿ ۾ آهي ۽ ان تي اسان جو ڪو به ڪنٽرول ناهي هوندو. اهو ئي سبب آهي جو قسمت تي ان قسم جو يقين اسان کي محنت ڪرڻ کان روڪيندو آهي. بيشڪ خدا اسان جي قسمت ۾ جيڪو به لکيو آهي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت کي وسيلو بڻايو آهي ان ڪري پنهنجي موجوده حال کي قسمت جو لکيو سمجهي پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي بلڪه محنت سان پنهنجي قسمت ۾ لکيل سمورا مقصد حاصل ڪجن. پائولو جي مطابق جڏهن ڪوئي انسان ڪنهن ڪم ڪرڻ جو ارادو رکندو آهي ته ڪائنات جي هر شي ان جي مدد ڪرڻ لاءِ مصروف ٿي ويندي آهي.

    4. مستقبل جو فڪر
    انسان کي يا ته ماضي جون ڪوتاهيون پريشان ڪنديون آهن يا وري مستقبل جو فڪر ستائيندو آهي. انهي فڪر ۽ پريشاني ۾ هو پنهنجي حال کان غافل رهندو آ. زندگي ۾ ماضي ۽ مسقبل جي اهميت ان ڪري به گهٽ هوندي آهي جو انهن کي بدلائڻ پنهنجي وس ۾ ناهي هوندو ها البته حال پنهنجي هٿ ۾ هجڻ ڪري پنهنجي محنت سان مستقبل کي به ڀلو بڻائي ڇڏيندو آهي. پائولو جي مطابق الله تعاليٰ انسان کي مستقبل جي ان واقعي جي باري ۾ آگاهي ڏيندو آهي جنهن کي ان لکيو ئي ان ارادي سان آهي ته ان کي تبديل ڪري پنهنجي فائديمند بڻائي. الله تعالي اسان جي مستقبل ۾ ايندڙ واقعن جي نشانن کي اسان جي حال ۾ رکي ڇڏيو آهي ته جئين اسان محنت ڪريون ته اسان جو حال بدلجي ۽ پوءِ اهي نشانيون به بدلجن ۽ ان طرح اسان جو مستقبل پاڻمرادو بهتر بڻجي وڃي.

    5. پنهنجي صلاحيتن تي اعتماد
    انسان جي اندر رب پاڪ ڪيتريون ئي صلاحيتون رکيون آهن. جيڪڏهن انسان کي انهن جو صحيح استعمال اچي وڃي ته هر انسان شاندار ڪارنامه انجام ڏئي. پر اسان کي پنهنجي صلاحيتن تي اعتماد ناهي هوندو. تمام گهٽ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي صلاحيت کي ڄاڻي ۽ سمجهي سگهندا هجن. انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته نوانوي سيڪڙو ناڪامي انهن ماڻهن ڪري ٿيندي آهي جيڪي ڪم نه ٿيڻ جي واويلا ڪندا آهن. پائولو جي بقول دنيا ۾ اتفاق نالي جي ڪا شيء موجود ناهي. سڀ ڪجهه خالقِ ڪائنات جي منصوبه بندي جي مطابق ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن توهان کي پنهنجي محنت جو سلو نه ملندو آهي ته توهان مايوسي جو شڪار ٿي ويندا آهيو پر ڪڏهن غور ڪيو اٿوَ ته توهان جنهن واقعي کي رڳو اتفاق پيا سمجهو اهو توهان جي محنت ڪري ئي ٿيندو آهي. هڪ مشهور چوڻي آهي ته قدرت هميشه مساوات جي اصول تي عمل ڪندي آهي. ڪڏهن انسان کي پنهنجي محنت جو صلو تڪڙو ناهي ملندو ۽ ڪڏهن کيس سندس ڪيل محنت کان وڌيڪ مليو وڃي. ان ڪري پنهنجي صلاحيتن تي اعتماد رکجي ۽ محنت ڪرڻ کان اصل نه ڪيٻائجي.

    رشيد سمون
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    پرڏيهه ۾ رهندي به سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪندڙ فهيم اختر ميمڻ

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر جوڙي انٽر نيٽ تي پيش ڪيل سنڌي پي ڊي ايف ڪتاب سهيڙڻ جي ڪوشش ڪندي، سنڌ سلامت پاران به ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ جي شروعات ڪئيسين. ڪم ڏکيو ته ضرور هيو پر نا ممڪن نه هو. سنڌ سلامت 52 ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪيا آهن. هن ڪم ۾ ڪيترن ئي دوستن مدد ۽ رهنمائي ڪئي. پائولو ڪوئلهو جي ڪتاب الڪيمسٽ جو گهڻو چرچو هيو ته سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ دمام (سعودي عرب) ۾ رهندڙ فهيم اختر ميمڻ جو ان ئي ناول جي سنڌي ترجمي تي ڪيل تنقيدي مضمون نظر مان گذريو ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کيس عرض ڪيم ته هو جيڪڏهن اجازت ڏئي ته اسان سندس ترجمو اِي بوڪ جي صورت ۾ سنڌ سلامت تي پيش ڪيون. پاڻ سخاوت ۽ وڏ ماڻهپي جو مظاهرو ڪندي فوري اجازت ڏنائون ۽ ڪتاب جي سافٽ ڪاپي اي ميل ڪري موڪليائون.

    فهيم اختر جا ڪالم ته اڪثر ڪري سنڌي اخبارن ۾ پڙهڻ لاءَ ملندا هئا پر ساڻن ڪا دعا سلام ڪونه هئي. پوء نيٽ ذريعي ساڻن رابطو وڌيو ۽ خبر پئي ته سنڌ جو هي ڪوي نوجوان سعودي عرب جي شهر دمام ۾ هڪ خانگي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس پيدائش نوابشاهه ۾ ٿي، ننڍپڻ هالا ۾ گذريس، هن وقت سندس مائٽ حيدرآباد ۾ آهن۔ بنيادي تعليم انٽر تائين هالا ۾ پوري ڪيائين، پوء بِي۔اِي (سول) قائد عوام يونيورسٽيء مان پاس ڪيائين۔ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوء پاڪستان جي ڪجھ خانگي ڪمپنين ۾ نوڪري ڪندو رهيو۔ مارچ 2008 ۾ سعودي عرب وڃڻ جو موقعو ملي ويس ۽ هاڻ اتي ئي دمام شهر ۾ سيٽل آهي۔ پڙهڻ لکڻ جو ننڍپڻ کان وٺي شوق هيس، ڇو ته کيس پڙهڻ لکڻ وارو ماحول مليو۔ سندس والد کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو، سو هو جيڪي به ڪتاب پنهنجي لاء آڻيندو هو سي فهيم به پڙهندو رهيو.

    لکڻ جو شوق به کيس ننڍي هوندي کان ئي هو۔ شروعات شاعريء سان ڪيائين، ايتري گھڻي شاعري به نه اٿس ۽ نه وري ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر يونيورسٽيء جي شاعريء جي مقابلي ۾ کيس پهريون انعام مليو۔ هاڻ نه شاعريء ۾ دلچسپي اٿس نه اهو شوق ۽ نه ئي وري پراڻي شاعري سانڍي رکي اٿائين. فهيم اختر ميمڻ چوي ٿو “منهنجي حساب سان شاعري خيالي ۽ تصوراتي دنيا آهي۔ تنهنڪري انکي ڇڏي مان حقيقي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪيو.”

    سندس پهريون آرٽيڪل 2010 ۾ عوامي آواز ۾ ڇپيو. انکانپوءِ مختلف وقتن ۾ تعليمي، سماجي ۽ معاشي حالتن تي ڪجھ نه ڪجھ لکندو رهي ٿو جيڪو اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ باقائدگي سان ڇپبو رهي ٿو. هو چوي ٿو ته کيس ڊائري لکڻ جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ پنهنجي ڊائري ۾ ڪجھ نه ڪجھ لکندو رهيو آهي. کيس لکڻ تي آماده ڪرڻ ۽ اعتماد ڏيارڻ وارو شخص سائين عرفان علي شاهه آهي جيڪو پڻ ڪاوش ۾ لکندو رهندو آهي۔ ڪجهه انگريزي ڪالم به لکيا اٿائين.
    ڪالمن کان علاوه مختصر ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيون اٿس جن مان هڪ (ننڊاکڙو وجود) انعام عباسيء جي ڪهاڻي ڊائجسٽ ۾ ڇپي آهي۔ پر سندس وڏو ڪم آهي دنيا جي سڀ کان مقبول ناول الڪيمسٽ جو سنڌي ترجمو، جيڪو هن شاندار نموني ڪيو آهي. سندس اهو ڪمال آهي ته ناول لکندي هن ناول جي اصليت کي برقرار رکڻ سان گڏ ان جي رواني ۽ سنڌي ٻولي جي اصليت کي به برقرار رکيو آهي. ائين ٿو لڳي ته هي ترجمو نه پر سنڌي ٻولي ۾ لکيل ڪو ناول هجي.
    مونکي فهيم اختر ميمڻ جي ڪم کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ۽ اتساهه مليو آهي ته پرڏيهي ٻولين ۾ ڇپيل ڪيئي اهم ۽ مشهور ڪتاب هاڻ اسانکي سولي سنڌي ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا.
    مان ٿورائتو آهيان فهيم اختر ميمڻ جو جنهن هن ناول جو ترجمو سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    قسط 1

    نِينگَرَ جو نالو سانتياگو هو. سندس ڌڻ سَميت هُو نِما شام مهل هڪ ويران گِرجا وٽ پُڳو. گِرجا جي ڇِت پَٽُ پيل هئي، ۽ ان جڳهه تي جتي پهريان گِرجا جو حُجرو هو هڪ تمام وڏو انجير جو وڻ بيٺل هو.
    هُن اُتي رات گهارَڻ جو فيصلو ڪيو. سندس سموري ڌَڻَ جي هڪ ڦِٽَل دروازي کان اندر اچڻ جي پَڪَ ڪري هُن اتي لوڙهو ڏئي ڇڏيو ته جيئن رات ۾ ڌَڻُ ٻاهر وڃي ڀٽڪي وڃائجي نه وڃي. هن علائقي ۾ بگھڙ ته نه هئا ، پر هيڪر ڪو جانور رات ۾ وڃائجي ويو ته نِينگَرَ کي سڄو ڏينهن ڳولا ڪرڻي پئجي وڃي ها.
    پنهنجي اَنگرکي سان زمين ٻُهارَي ڪتاب جيڪو پڙهي پورو ڪيو هئائين سو مَٿي هيٺان ڪري سُمهي سوچڻ لڳو ته هاڻ ڪجھه وڌيڪ ٿلها ڪتاب پڙهڻ گھرجن ته جيئن اهي ڳچ وقت تائين پڙهي به سگھجن ۽ آرامدهه وهاڻا به ٿي پون.
    اڃا سوجھرو ئي نه ٿيو هو ته سُجاڳي ٿيس، مٿي نظر ڦيرايائين ته کيس ڊٺل ڇت مان تارا نظر ٿي آيا.
    “مون اڃا وڌيڪ سمهڻ چاهيو ٿي،” هن وِيچاريو. هن اهو ئي ساڳيو خواب لَڌو هو جيڪو هفتو پهريان لَڌو هئائين، پر هَيلَ وري اهو خواب پورو ٿيڻ کان اڳ ئي کيس جَاڳَ ٿي وئي.
    هو اُٿيو ۽ پهنجي لَٺ سان رڍن کي پڻ اٿارڻ شروع ڪيائين جيڪي اڃا تائين سُتل هيون. کيس محسوس ٿيو ته سندس سُجاڳ ٿيڻ سان ئي، ڌڻ مان ڪجھه رڍن پڻ چُر پُر شروع ڪئي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن غيبي طاقت سندس زندگي کي رڍن جي زندگي سان جوڙي ڇڏيو هجي، جيڪي جَھر جھنگ ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي ڳولا ۾ ٻن ورهين کان سندس ساڻ هيون. “رڍون منهنجيون ايترو ته عادي ٿي ويون آهن جو هاڻ منهنجي اُٿي ويٺيء جي به خبر پئجي وئي اٿن،” هو ڀُڻڪيو. هو ٿوري دير ان ڳالهه بابت سوچيندو رهيو ۽ محسوس ڪيائين ته ائين به ٿي سگھي ٿو ته ڪٿي هو پاڻ ئي نه رڍن جي اُٿي ويٺيء جو عادي ٿي ويو هجي.
    پر انهن مان ڪجھ اهڙيون رڍون به هيون جن سُجاڳيء ۾ ڳچ وقت پئي لاتو. نِينگَرُ هڪ هڪ کي نالو وٺي پهنجي لٺ سان اٿارڻ لڳو. کيس اهو يقين هو ته هو جيڪي ڪجھ به ساڻن ڳالهائي ٿو رڍون اُهو سمجھن ٿيون. ڪڏهن ته هو کين سندس ڪتابن مان پنهنجا ڪجھ پسنديده قِصا ۽ ريڍار جي اُڌمن جي بابت ٻڌائيندو هو، ڪڏهن ته وري ساڻن انهن واقعن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو جيڪي هن مختلف ڳوٺ لنگھندي ڏٺا هئا.
    پر گذريل ڪجھ ڏينهن کان هن کين صرف هڪ شئ جي بابت پئي ٻڌايو. هڪ نِينگِرِي، واپاريء جي نياڻي، جيڪي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا جتي نِينگَرُ چئن ڏينهن ۾ پڄڻو هو. هو ان ڳوٺ ۾ صرف هڪ ئي دفعو هڪ سال پهريان ويو هو. واپاريء جو مرهياڙڪو هَٽُ هو، ۽ سدائين سندس اهو ئي مطالبو هوندو هو ته رڍون سندس موجودگيء ۾ ئي ڏاسيون (رڍن جا وار/اُن لاهڻ) وڃن، ته جيئن ڪير ٺَڳي نه سگھي. نينگَرَ کي ان هَٽَ بابت هڪ سنگتيء ٻڌايو هو، ۽ هو پهنجون رڍون اتي ڪاهي آيو هو.
    “مونکي اُنَ وڪرو ڪرڻي آهي ،” نِينگَرَ واپاريء کي چيو.
    هَٽَ ۾ مَيڙُ جَجھو هجڻ جي سبب، ريڍار کي چيو ويو ته هو منجھند تائين انتظار ڪري. نِينگَرُ هَٽَ جي ڏاڪڻ تي ويهي رهيو هو ۽ پهنجي ٿيلهي مان هڪ ڪتاب ڪڍيو هئائين. سندس پُٺن کان هڪ نِينگِريءَ جو آواز آيو، “مونکي اندازو نه هو ته ريڍار به پڙهڻ ڄاڻن ٿا.”
    نِينگِريءَ جو تعلق اندلس جي ڪنهن خاص علائقي سان ٿي لڳو، سندس ڪارا ريشمي وار ۽ اکيون موريتانيا جي فاتحن جي ياد ڏياري رهيا هئا.
    “چڱو.. پر عام طور آءٌ ڪتابن کان وڌيڪ پهنجي رڍن کان سکندو آهيان،” هن وراڻيو.
    ٻن ڪلاڪن جي ڳالهه ٻولهه دؤران، نِينگِريءَ کيس ٻڌايو ته هوءَ واپارئ جي ڌئُ آهي، ۽ ڳوٺ جي رهڻي ڪهڻيء بابت ويچار پڻ ونڊيا هئائين، جتي هر ڏينهن عام ڏينهن جهڙو هو. ريڍار وري کيس اندلس جي ٻهراڙئ ۽ هر ان ڳوٺ جي بابت حال احوال ٻڌايو هو جتي هو ترسيو هو. رڍن سان ڳالهائڻ کان پوء هن ڳالهه ٻولهه سان کيس سرهائي ٿي هئي.
    “ توهان پڙهڻ ڪيئن سکيو؟” هڪ موقعي تي نِينگرِيءَ کانئس پڇيو هو.
    “جيئن هرڪو سکندو آهي،” ، “ اسڪول ۾.” هن وراڻيو.
    “چڱو، جيڪڏهن توهان پڙهيا لکيا آهيو، ته پوء توهان ريڍار ڇو بڻيا آهيو؟”
    نِينگَرَ سوال جو جواب ٽارڻ لاء پهنجي منهن مِڻ مِڻ ڪئي. کيس پڪ هئي ته هوءَ اها ڳالهه ڪڏهن نه سمجھندي. هن کيس پهنجي مُسافريء جا قصا ٻڌائڻ جاري رکيا، ۽ نِينگِري اچرج منجھان سندس ڳالهيون ٻڌندي رهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿي ويو، ته نِينگَرَ جي دل ۾ اها خواهش پيدا ٿيندي ٿي رهي ته جيڪر اڄوڪو ڏينهن ڪڏهن ختم نه ٿئي، نِينگرِيءَ جو پيءُ ڪم ۾ رُڌل ئي رهي ۽ ڀلي کيس ٽي ٻيا ڏينهن به انتظار ڪرائي. سندس مَنَ ۾ هڪ عجيب احساس اُڀري رهيو هو، اهو احساس کيس اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو؛ اُهو احساس هن ڪارن ريشمي وارن واري حَسين نِينگِريءَ سان هميشه لاء گڏ زندگي گھارڻ جو احساس هو. اهڙا ڏينهن وري نه ايندا.
    پر نيٺ واپاري آيو، ۽ نِينگَرَ کي سندس چار رڍون ڏاسڻ لاء چيائين. ۽ کيس اُنَ جا پيسا ڏئي وري ايندڙ سال اچڻ لاء چيائين.


    قسط 2

    هاڻ سال اچي پورو ٿيو هو ۽ ساڳئي ڳوٺ ۾ پهچڻ لاء باقي چار ڏينهن ئي بچيا هئا. ۽ هو جوش ۾ هو، ساڳئي وقت ۾ ان ڳالهه جو به اونُو هوس ته ٿي سگھي ٿو نِينگِرِيءَ کيس وساري ڇڏيو هجي. ڇاڪاڻ جو روز اُتي ڪيترائي ريڍار اُنَ کپائڻ اچن ٿا.
    “ڪا ڳالهه ناهي،” “ آءٌ ٻين جڳهين تي ٻين نِينگِرِين کي پڻ سڃاڻان ٿو.” هن پهنجي رڍن کي چيو.
    پر مَنَ ئي ۾مَنَ ۾ هو ڄاڻي پيو ته اهو مسئلو آهي. کيس خبر هئي ته ريڍارن کي، مُهاڻن ۽ مسافر واپارين وانگي، سدائين هر ڳوٺ ۾ ڪو نه ڪو اهڙو شخص ملي ويندو آهي جيڪو سندن جَولان وارا کُٽڪا ئي وساري ڇڏيندو آهي.
    باکَ ڦُٽَڻَ واري ٿي ته ريڍار پهنجي رڍن کي اُڀراندي ڏانهن ڪاهيو. “رڍون ڪڏهن به ڪو فيصلو پاڻ نه ٿيون ڪري سگھن، شايد انڪري ئي هو سدائين منهنجي ڀر ۾ رهن ٿيون”. هو سوچي رهيو هو.
    رڍن کي جيڪڏهن پرواهه هئي ته صرف ڀوڄن جي. جيئن ئي نِينگَرَ اندلس جي بهترين چراگاهه جو رُخ ڪيو ٿي، تيئن ئي رڍون سندس سنگتي بڻجي ٿي ويون. باکَ ڦُٽيءکان سانجھين تائين جي وچ واري ڊگھي وقت دوران سندن ڏينهن گُزارڻ ۾ به ڪا نواڻ نه هئي؛ ۽ رڍن ته اڳ ڪڏهن ڪو ڪتاب به نه پڙهيو هو، ۽ نِينگَرَ جي مختلف شهرن جي نظارن بابت ڪيل ڳالهه ٻولهه ڪڏهن به کين سمجھ ۾ نه ٿي آئي. اهي ته بس ڀوڄن ۾ ئي راضي هيون، بدلي ۾، فراخ دليءَ سان پنهنجي اُنَ، پنهنجو ساٿ ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت به ٿي ڏنائون.
    نِينگَرَ سوچيو ته جيڪڏهن آءٌ هڪ ڀوائتي جانور جيان هڪ هڪ ڪري کين ماري ڇڏيان ته کين تڏهن ئي خبر پوندي جڏهن ڳچ ڌڻ ڪُسجي چڪو هوندو. هنن جو مون ۾ ويساه آهي. ڇاڪاڻ ته آءٌ هنن جي سنڀار ڪيان ٿو، انڪري هنن پنهنجي فطري صلاحيتن تي ڀاڙڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.
    نِينگَرَ کي پهنجي سوچ تي حيرت ٿي. ٿي سگھي ٿو ته گرجا، جتي انجير جو وڻ ڦُٽو هو اُتي جِنَن جو واسو هجي. ۽ ٿي سگھي ٿو ته ان سبب جي ڪري ئي هن ساڳوخواب ٻيهر ڏٺو هجي،اها ڳالهه کيس چِڙَ ڏياري رهي هئي. هن ڪالهه رات وارو بچيل مَڌُ پيتو، ۽ اَنگرکو (ڪوٽ) کڻي پهنجي ڀر ۾ رکيائين. کيس خبر هئي ته ڪجھه ڪلاڪن کانپوءِ، ٽاڪ منجھند ۾ اُڦٽُ گرمي جي ڪارڻ هو پهنجي ڌڻ کي ميدانن ۾ نِيَڻَ کان لَنوائي رهيو هو. آڙَهڙ (اونهاري) ۾ ان وقت سڄو اندلس ستل رهي ٿو. رات ٿيڻ تائين گرمي رهي ٿي، ۽ اهو سڄو وقت سندس وزنائتو اَنگرکو کيس ساڻ رکڻو هو. پر اُن کان اڳ جو هو اَنگرکي جي وزن جي رَڙ ڪري، کيس ياد آيو ته، اهو اَنگرکو ئي ته کيس باک ڦُٽيء مهل ٿڌ کان به بچائي ٿو.
    “اسان کي هر تبديليء لاء تيار رهڻ گھرجي.” هن سوچيو. ۽ پوء کيس اَنگرکي جي گرمي ۽ وزن جو قدر ٿيو.
    اَنگرکي وانگي نِينگَرَ جو به ڪو مقصد هو. زندگيء ۾ سندس مقصد گھمڻ ڦرڻ هو، ٻه ورهيه اندلس جي علائقن ۾ گھمڻ ڦرڻ کانپوء، هو ان علائقي جي سڀني شهرن کان واقف ٿي چڪو هو. هن دفعي هو ان نِينگِرِيءَ کي اهو ٻڌائڻ بابت رٿي رهيو هو ته هڪ عام ريڍار ٿي ڪري به هو پڙهڻ ڪيئن سکيو. سورهن ورهين جي ڄمار تائين هو هڪ مدرسي ۾ ويندو رهيو. سندس مائٽن کيس هڪ پادري بنائڻ ٿي چاهيو، جيڪا سندن ننڍڙي خاندان لاء فخر جي ڳالهه هئي. هُنن به رڍن وانگي صرف ڀوڄن حاصل ڪرڻ لاء سخت جاکوڙ ڪئي هئي. هن علمِ اِلاهي سان گڏ لاطيني ۽ اسپينيي ٻوليون پڻ پڙهيون هيون. پر ننڍي هوندي کان ئي کيس دنيا ڏسڻ جو شوق هو، ۽ اهو ئي هن لاء انسان جي گناهن ۽ خدا بابت ڄاڻڻ کان وڌيڪ اهم هو. هڪ ڏينهن، خاندان جي گڏجاڻي ۾ هن پنهنجي پيء کي اهو ٻڌائڻ جي همت ڪئي ته هو پادري نه پر هڪ سيلاني بڻجڻ چاهي ٿو.
    “ پُٽَ، سڄي دنيا جا سيلاني هن ڳوٺ مان گذر ڪري چڪا آهن.” سندس پيء کيس چيو. “اِهي نَيُن شين جي کوجنا ۾ اچن ٿا، پر واپس وَرَڻَ وَيلَ هو جهڙا جو تهڙا. جبل تي چڙهي محلات ڏسڻ کانپوء سندن بس اها ئي سوچ وڃي بيهي ٿي ته ماضي ۾ جيڪي ڪجھه به هو سو اڄ اسان وٽ موجود هر شيء کان بهتر هو. هو ڀُورن وارن ۽ سانورِي چمڙيء وارا ماڻهو هتان جي رهواسين وانگي ئي آهن.”
    “پر آءٌ سندن شهرن جا محلات ڏسڻ چاهيان ٿو.” نِينگَرَ واضح ڪيو.
    “اِهي سيلاني جڏهن اسانجي ڌرتي ڏسن ٿا ته هو هِت سدائينء لاء رهائش جون ڳالهيون ڪن ٿا .” نِينگَرَ جي پيء ڳالهه جاري رکي.
    “ٺيڪ آهي ته پوء آءٌ سندن ڌرتي ۽ رهڻي ڪهڻي ڏسڻ چاهيان ٿو.” سندس پٽ وراڻيو.
    “ هِت اچاڻ وارن سيلانين وٽ ڏوڪڙ جام هوندا آهن، تنهنڪري ئي هو سيلانَ جا خرچَ سَهيو وڃن. اسان مان ته صرف ريڍار ئي سيلان ڪي سگھن ٿا.” سندس پيء چيو.
    “ٺيڪ آهي، ته پوء آءٌ به ريڍار بڻجندس.”
    سندس پيء وڌيڪ ڪجھه نه ڪڇيو. ٻئي ڏينهن، پٽ کي هڪ ڳوٿري ڏني جنهن ۾ ٽي قديم اندلسي سون جا سڪا هئا.
    “هڪ ڏينهن مون هي سڪا لڌا هئا. مون چاهيو ٿي ته هي سڪا تنهنجي حصي جي وراثت ۾ اچن. پر هاڻ انهن مان ڌَڻ وٺ ۽ ميدانن ۾ سفر جو سانباهو ڪر. هڪ ڏينهن تون ضرور اها ڳالهه سمجھي ويندي ته اسانجون ٻهراڙيون ۽ اسانجون عورتون ڪيڏيون نه خوبصورت آهن. پوء هُنَ پٽ کي دعا ڏني. نِينگَرُ پيء جي نهار ۾ سندس سيلاني بڻجڻ جي خُواهش پڻ ڏسي ٿي سگھيو، جيڪا اڃا زندهه هُئي. ورهيه اڳُ ڀوڄن حاصل ڪرڻ ۽ گھر جي ٻين ذميوارين کي نِڀائڻ جي ڪاڻ کيس سيلاني بڻجڻ جي خواهش کي دفن ڪرڻو پيو هو.


    قسط 3

    آڪاس منڊل تي ڳاڙهاڻ ڇانئجي چڪي هئي، ۽ اُمالَڪُ سج به پڌرو ٿي ويو. نِينگَرُ سندس پيء سان ٿيل ڳالھ ٻولھ جي بابت سوچي سَرَهو ٿيو. ۽ خيالن ۾ ئي ڪيترا ئي محلَ ڏسي چڪو هو ۽ ڪيترين ئي عورتن سان ملي چڪو هو (پر انهن مان ڪا اهڙي نه هئي جيڪا سندس انتظار ڪندي هجي). وٽس هڪ اَنگرکو، هڪ ڪتاب جنهن جو سودو ڪري ٻيو وٺي پيو سگھجي، ۽ رڍن جو ڌڻ ئي هئا. پر اهميت جوڳي ڳالهه اها هئي ته هو هاڻ هر روز پنهنجي خواب پٽاندڙ زندگي گذاري ٿي سگھيو. جيڪڏهن هو اندلس جي ميدانن ۾ هلي هلي ٿڪجي به پيو ته پهنجون رڍون کپائي هو سمنڊ جي سفر لاء وڃي ٿي سگھيو. وٽس مختلف شهر۽ عورتون ڏسڻ، ۽ سَرَها رهڻ لاء ٻيا ڪيترائي موقعا هئا.
    هو سج اڀرندي واري منظر کي ڏسي سوچڻ لڳو ته مدرسي ۾ شايد مونکي خدا نه ملي ها.
    هاڻ هو جڏهن به چاهي سفر لاء ڪو به نئون گَسُ وٺي ٿي سگھيو. ڪيترا ئي ڀيرا ان علائقي جي سفر ڪرڻ جي باوجود هو اڳ ڪڏهن به ان ڊَٺلَ گرجا۾ نه آيو هو. دنيا تمام وڏي ۽ اڻکٽ آهي؛ بس هيڪر پنهنجي رڍن کي پنهنجي صحيح گَسَ تي آڻڻ کانپوء هو ڪيتريون ئي نيون ۽ دلچسپ شيون ڏسي سگھيو ٿي. مونجھارو بس اهو هو ته رڍن کي اهو احساس ئي ناهي ته هو روز نئين رستي تي هلي رهيون آهن. ۽ کين نون ميدانن ۽ موسمن جي تبديل ٿيڻ جو به احساس ناهي. کين ڪنهن شيء جي خبر آهي ته بس اهو آهي ڀوڄن.
    “اسين انسان به شايد انهن وانگر ئي آهيون، ۽ آءٌ پڻ،” نِينگَرُ سوچن ۾ مُستَغرق ٿي ويو. “جڏهن کان آءٌ واپاريء جي ڌيء سان مليو آهيان، تڏهن کان ڪنهن ٻي عورت جو سوچيو ئي ناهي.” سج جي بيهڪَ ڏسندي هن ڪاٿو لڳايو ته هو طريفا ٻنپهرن تائين پهچي ويندو. جتي کيس پهنجو ڪتاب هڪ ٿلهي ڪتاب جي عيوض مٽائڻو هو، مَڌُ جي گُگھي ڀرڻي هئي ۽ حجامت ڪرائڻي هئي. نِينگِرِيءَ سان ملاقات لاء کيس تيار ٿيڻو هو، کيس اهو اُلڪو هو ته متان به منهنجي ڌڻ کان وڏي ڌڻ وارو ڪو ٻيو ريڍار کانئس اڳ ئي اتي پهچي واپاريء کان سندس نِينگِرِيءَ جو هٿ نه گھري وٺي.
    “ٿي سگھي ٿو ته اهو خواب سچو ٿئي ۽ زندگي خوشگوار ٿي پوي.” هن ٻيهر سج جي بيهڪ ڏسي وقت جو اندازو لڳايو ۽ پنهنجي رفتار تيز ڪئي. اُمالَڪُ کيس ياد آيو ته طريفا ۾ هڪ ٻُڍڙِي به آهي جيڪا خوابن جي تعبير ٻڌائيندي آهي.


    قسط 4


    ٻُڍڙِي نِينگَرَ کي سندس گھر جي پٺيان واري حصي ۾ موجود هڪ ڪمري ۾ وٺي وئي؛ جيڪو سندس رهائش واري ڪمري کان هڪ رنگين موتين جي پڙدي سان الڳ ٿيل هو. ڪمري ۾ هڪ ميزَ، حضرت عيسىؑ جي مقدس دل جي تصوير، ۽ ٻه ڪرسيون موجود هيون.
    هوءَ ويٺي ۽ نِينگَرَ کي به ويهڻ لاء چيائين. پوء هن نِينگَرَ کي ٻنهي هٿن کان جھلي ماٺيڻي انداز ۾ دعا شروع ڪئي.
    اها خانا بدوشن (رَمتَن) جي دعا وانگي لڳي رهي هئي. نِينگَرُ پهريان به سفر ۾ ججھن خانا بدوشن (رَمتَن) سان ملي چڪو هو؛ اهي به سفر ڪندا رهندا هئا پر وٽن ڪو ڌڻ نه هوندو هو. اهو چيو ويندو هو ته اهي خانا بدوش (رَمتَا) پهنجي سڄي ڄمار ماڻهن کي ٺڳڻ ۾ گذارين ٿا. اهو به چيو پئي ويو ته سندن شيطان سان معاهدو هو، ۽ هو ٻارن کي اغوا ڪري پنهنجي ڳجھن ٿاڪن تي کڻي ويندا هئا ۽ پهنجو غلام بڻائيندا هئا. ننڍي هوندي کيس به رَمتن جي کنڀي وڃڻ جو ڀوء ڏياريو ويندو هو، اهو ئي خوف نِينگَرَ کي اچي ٿيو جڏهن ٻُڍڙِيء کيس هٿن کان جھليو.”پر وٽس ته حضرت عيسى مسيح جي مقدس دل جي تصوير آهي.” هن سوچيو ۽ پاڻ کي خاطري ڪرائي. هن نه پئي چاهيو ته سندس هٿ ڏڪن ته متان به ٻُڍڙِي سمجھي ته هو ڊنل آهي. هو خاموشيء سان دعا ڪندو رهيو.
    “تمام دلچسپ،” عورت نِينگَرَ جي هٿن ڏانهن چِتائيندي چيو،۽ پوء چُپ ٿي وئي.
    نِينگَرُ پريشان ٿي ويو ۽ سندس هٿ ڏڪڻ لڳا ته ٻڍڙِيء اهو محسوس ڪيو. نِينگَرَ جھٽ ۾ پنهنجا هٿ پري ڪري ورتا.
    “آءٌ هتي هٿن جون تريون پڙهائڻ نه آيو هوس،” هن پنهنجي اچڻ جو افسوس ڪندي چيو. هن سوچيو ته اهو بهتر ٿيندو ته کيس پهنجو اُجورو ڏيئي ڪجھه ٻڌڻ کان بغير ئي هليو وڃجي، ڇو ته هن لاء سندس خواب اهم هو.
    “ته تون هتي پهنجي خوابن جي تعبير ٻڌڻ لاء آيو آهين،” ٻُڍڙِيء چيس. “ خواب خدا جي ٻولي آهن. جڏهن هو اسانجي ٻولي ڳالهائي ٿو ته انجو ترجمو آءٌ ڪري سگھان ٿي. پر جڏهن هو روح جي ٻولي ڳالهائي ٿو، ته اها صرف تون ئي سمجھي سگھين ٿو. پر ڇا به هجي آءٌ توکان انجو معاوضو وٺندسِ.”
    هڪ ٻي ٺڳي، نِينگَرَ سوچيو. پر کيس اهڙو موقعو ورلي ملي ها. ريڍار جي زندگي ۾ سدائين اهڙا خطرناڪ موقعا ايندا رهن ٿا، جن ۾ هو بگھڙن ۽ واچوڙن کي منهن ڏئي ٿو. اهو ئي سڀ ڪجهه هڪ ريڍار جي زندگي کي دلچسپ بڻائي ٿو.
    “مون اهو ساڳيو خواب ٻه دفعا ڏٺو آهي،” هن چيو. “ مون خواب ۾ اهو ڏٺو ته آءٌ پنهنجي رڍن سان گڏ هڪ ميدان ۾ هوس ته هڪ ننڍڙي ٻار اچي رڍن سان کيڏڻ شروع ڪيو. مونکي ماڻهن جي اها ڳالهه پسند ناهي ڇاڪاڻ جو رڍون ڌارين کان ٽهنديون آهن. پر ٻارن سان کيڏندي رڍون خوف محسوس نه ٿيون ڪن. خبر ناهي ائين الائي ڇو آهي. مخبر ناهي ته جانور انسانن جي ڄمارن جو ڪاٿو ڪيئن ٿا لڳائين.
    “پنهنجي خواب جي بابت وڌيڪ ٻڌاء، مونکي رَڌ پچاء لاء به وڃڻو آهي، ۽ جيئن ته تو وٽ ايترا پئسا به ناهن سو آءٌ توکي وڌيڪ وقت نه ٿي ڏئي سگھان.” ٻُڍڙِيء چيو.
    “ٻارڙي ڪجهه وقت تائين منهنجي رڍن سان کيڏندي رهي،” نِينگَرَ ڪجھ گھٻراهٽ مان پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “اُمالَڪُ اها ٻارڙي مونکي پنهنجي هٿن کان جھلي مصر جي احرامن ڏانهن وٺي هلي.”
    هو گھڙي کن لاء رڪيو، اهو ڏسڻ لاء ته ان عورت کي مصر جي احرامن بابت ڪا ڄاڻ آهي به يا نه. پر هوءَ چپ رهي.
    “تنهن کانپوء مصر جي احرامن وٽ،” نِينگَرَ پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيندي هي لفظَ نهايت آرام سان چيا ته جيئن ٻُڍڙِيء کي سمجھڻ ۾ آساني ٿئي _ “ ان ٻارڙيء مونکي چيوته توکي هتي هڪ ڳجھو خزانو ملي سگھي ٿو، ۽ ٻئي دفعا جنهن وقت ان نينگريء مونکي ان لڪيل خزاني جي جاء ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي بلڪل ان وقت آءٌ سجاڳ ٿي ويس.”
    ٻُڍڙِي اهو خواب ٻڌي خاموش رهي ۽ نِينگَرَ جا هٿ جھلي غور سان انهن جو مشاهدو ڪرڻ لڳي.
    ٻُڍڙِيء کيس چيو ته، “ آءٌ هاڻ توکان ڪو معاوضو نه وٺنديس، پر جيڪڏهن تون ان خزاني کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته انجو ڏهون حصو مونکي ڏيندي.”
    نِينگَرَ سرهائيء منجھان ٽهڪ ڏنو. وٽس جيڪي ٿورا گھڻا پئسا هئا سي ان ڳجھي خزاني جي خواب جي ڪري خرچ ٿيڻ کان بچي ويا !
    هن پوڙهيء کي چيو “ٺيڪ آهي، هاڻ خواب جي تعبير ٻڌاء.” “ پهريان قسم کڻ ته ان خواب جي تعبير ٻڌائڻ جي بدلي تون مونکي ان خزاني جو ڏهون حصو ڏيندي.” ريڍار قسم کڻندي چيو ته هو کيس ضرور ان خزاني مان حصو ڏيندو. پوڙهيء کيس چيو ته حضرت عيسيٰء جي مقدس دل واري تصوير ڏانهن منهن ڪري وري قسم کڻ.
    پوڙهيء چيو ته، “ دنياوي لحاظ کان اهو هڪ خواب آهي، آءٌ توکي انجي تعبير ٻڌائي سگھان ٿي پر ان جي تعبير نهايت ڏکي آهي. تنهن ڪري آءٌ ڀائنيان ٿي ته جيڪي به توکي ملندو ان ۾ آءٌ به ڪجھ حصو لهڻان.”
    “ته هي آهي تعبير؛ توکي مصر جي احرامن ڏانهن وڃڻو پوندو. مون ڪڏهن به انهن بابت ناهي ٻڌو، پر، ان ٻارڙيء توکي خواب ۾ اهي ڏيکاريا آهن ته انهن جو وجود ضرور هوندو. اتي ئي توکي اهو خزانو ملندو جيڪو توکي مالا مال ڪري ڇڏيندو.”
    نِينگَرُ اچرج ۾ پئجي ويو. هو پوڙهيء کان ان ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ماڻڻ کان گھٻرائي رهيو هو. ڇاڪاڻ جو هو ان پوڙهيء کي ڪو معاوضو به ته نه ڏئي رهيو هو.
    نِينگَرَ چيو، “صرف ايتري ڳالهه لاء آءٌ پنهنجو وقت ضايع نه ڪيان هان.”
    پوڙهيء وراڻيو، “مون توکي چيو هو ته تنهنجي خواب جي ساڀيان ايتري آسان ناهي. زندگيء ۾ ننڍڙيون ۽ آسان نظر ايندڙ شيون وڏي اهميت رکن ٿيون. ساڃهه وند ماڻهو ئي ان ڳالهه کي سمجھي سگھن ٿا. ۽ ڇاڪاڻ جو آءٌ ساڃهه وند ناهيان سو مونکي ڪجھ ٻيا فن به سکڻا پوندا، جيئن هٿن جي ترين کي پڙهڻ وغيره.”
    “ ٺيڪ آهي، پر آءٌ مصر ڪيئن پهچان؟”
    “ آءٌ فقط خوابن جي تعبير ٻڌائي سگھان ٿي. انهن کي حقيقت ڪرڻ واري فن کان آءٌ واقف ناهيان. تنهن ڪري ئي آءٌ پنهنجي ڌيء جي در تي رهي پئي آهيان.”
    “ پر جيڪڏهن آءٌ مصر ڪڏهن به نه پهچي سگھيس ته پوء؟”
    “ پوء آءٌ پنهنجي معاوضي کان رهجي ويندس ۽ اهو ڪو پهريون دفعو ناهي ٿيو.”
    اهو چوندي ته اڳي ئي هوء پنهنجو جام وقت هن سان ضايع ڪري چڪي آهي، پوڙهيء نِينگَرَ کي چيو ته هاڻي تون وڃين سگھين ٿو.
    نِينگَرُ نراس ٿي چڪو هو ۽ هن فيصلو ڪيو ته هاڻ هو ڪڏهن به خوابن تي يقين نه ڪندو. کيس ياد آيو ته ٻيا به ڪيترائي ڪم ڇڏائڻا آهن، سو هو بازار ويو ۽ ڪجھ کائڻ پيئڻ کانپوء هن پنهنجي ڪتاب جي سودي ۾ هڪ ٻيو ٿورو وڌيڪ ٿلهو ڪتاب خريد ڪيائين، ۽ بازار جي عمارت ۾ هڪ بينچ تي ويهي جيڪا مَڌُ جي گُگھي هن ورتي هئي ان مان چسڪيون وٺڻ لڳو. ڏينهن نهايت گرم هو سو مَڌُ پيئڻ سان کيس فرحت ملي رهي هئي. سندس رڍون شهر جي دخل تي موجود هڪ واڙي تي ٻڌل هيون جيڪو سندس دوست جو هو. نِينگَرَ جي شهر ۾ چڱي ڀلي واقفيت هئي، اهو ئي سبب هو جو هو مزي سان سير و تفريح ڪري رهيو هو. سدائين هو نوان دوست ٺاهيندو هو، پر هو انهن سان ڳچ وقت گذارڻ کان لهرائيندو هو. ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪو شخص روز روز ساڳين ماڻهن سان ملي ٿو، جيئن هو اسڪول ۾ ملندو رهندو هو، ته اهي ماڻهو زبردستي انجي زندگيء جو حصو بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ هو چاهين ٿا ته اڳلو به سندن مرضيء پٽاندڙ پاڻ ۾ تبديلي آڻي. پر جڏهن اهو شخص سندن مرضيء پٽاندڙ نه ٿو هلي ته هو ڪاوڙجيو پون. هر ڪنهن کي اها چڱي ريت پروڙ آهي ته ٻين کي زندگي ڪيئن گذارڻ گھرجي، پر پنهنجي زندگي ڪيئن گذارجي اهو سوچڻ لاء ڪو به تيار ناهي.
    پنهنجي رڍن کي ٻنين ۾ چارڻ لاء هو ڏينهن ٺرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٽن ڏينهن کانپوء کيس واپاريء جي ڌيء سان به ملڻو هو.
    ايتري ۾ هن اهو نئون ڪتاب ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو جيڪو خريد ڪيو هئائين. پهرئين ئي صفحي تي هڪ جنازي جو ذڪر هو، ان ڪتاب ۾ جن به ڪردارن جو ذڪر ٿيل هو تن جي نالن کي اُچارڻ کيس ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو، هن سوچيو ته جڏهن هو ڪو ڪتاب لکندو ته هو هڪ وقت ۾ هڪ ئي ماڻهوء جو حوالو ڏيندو ته جيئن پڙهندڙن کي ججھا نالا ياد نه ڪرڻا پون. جڏهن سندس پوري توجهه ڪتاب پڙهڻ ۾ مرڪوز ٿي ته کيس ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو اچڻ لڳو؛ اهو جنازو برفباريء واري ڏينهن ٿيو، ۽ کيس اهو ٿڌڪار وارو احساس ڏاڍو سٺو لڳو. ڪتاب پڙهندي هڪ پوڙهو بزرگ سندس ڀر ۾ اچي ويٺو ۽ هن سان ڪجھ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين.
    “ هو ڇا پيا ڪن؟” پوڙهي بزرگ عمارت ڏانهن ڪجھ ماڻهن ڏانهن رُخ ڪندي پڇيو.
    “ڪم پيا ڪن،” نِينگَرَ ان پوڙهي بزرگ کي اهو احساس ڏياريندي ته سندس ڌيان ڪتاب ۾ آهي، رکو جواب ڏنو.
    حقيقت ۾ هو واپاريء جي ڌيء جي سامهون پنهنجي رڍن کي ڏاسڻ جو سوچي رهيو هو، ته جيئن هوء ڏسي سگھي ته هو ڪيترا نه اوکا ڪم پڻ ڪري سگھي ٿو. هو اڳ به ڪيترائي ڀيرا ان گھڙيء جو تصور ڪري چڪو هو. نِينگِرِيءَ کي متاثر ڪرڻ لاء هو کيس رڍون ڏاسڻ جا طريقا ٻڌائيندو رهندو هو. ٻيا به ڪيترائي قصا ۽ واقعا جيڪي هن ڪتابن ۾ پڙهيا هئا سي کيس اهڙي ريت ٻڌائيندو رهندو هو ڄڻ ته اهي واقعا هن سان ٿي گذريا هجن. نِينگِرِيءَ کي انهن ڳالهين جي حقيقت جي خبر ئي نه پوي ها ڇاڪاڻ جو هوء اُمي هئي.
    ان وچ ۾ پوڙهي بزرگ وري سندس خيالن ۾ رنڊڪ وجھندي ڪجھ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته هو ٿڪيل ۽ اُڃايل آهي، ۽ نِينگَرَ کي مَڌُ جي چُسڪي هڻائڻ لاء چيائين. نِينگَرَ کيس بوتل ڏني ته مَنَ هاڻ هو سندس جِند آجي ڪري. پر پوڙهي بزرگ ڳالهائڻ ٿي چاهيو ۽ نِينگَرَ کان پڇيائين ته هو ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. نِينگَرَ ڪاوڙ منجھان سوچيو ته هاڻ هيء بينچ ڇڏڻ گھرجي، پر سندس پيء کيس وڏن جي ادب ڪرڻ جي سکيا ڏني هئي، سو هن ڪتاب ڪڍي پوڙهي بزرگ کي ڏنو. پوڙهي بزرگ کي ڪتاب ڏيڻ جا ٻه سبب هئا، هڪ ته نِينگَرَ کي پنهنجي ئي ڪتاب جو نالو اُچارڻ نه پئي آيو، ۽ ٻيو ته جيڪڏهن پوڙهو بزرگ اُمي آهي ته هو پاڻ ئي شرم وچان هيء بينچ ڇڏي ويندو.
    “هممم،” پوڙهي بزرگ ڪتاب جا ورق اُٿلائيندي چيو، ڄڻ ڪا عجيب شيء ڏٺي هجيس. “ هڪ خاص ڪتاب آهي ايترو دلچسپ ناهي.
    نِينگَرُ اچرج ۾ پئجي ويو. پوڙهو بزرگ پڙهيو لکيو هو ۽ هو اڳ ۾ ئي اُهو ڪتاب پڙهي چڪو هو. “جيڪڏهن ڪتاب واقعي دلچسپ ناهي، جيئن پوڙهي بزرگ چيو، ته اڃان انکي تبديل ڪرڻ جو وقت آهي،” نِينگَرَ سوچيو.
    “هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀ ساڳيون ڳالهيو آهن جيڪي دنيا جي باقي ڪتابن ۾ لکيل آهن.” پوڙهي بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، “هن ڪتاب ۾ پنهنجي قسمت پاڻ ٺاهڻ واري نظريي تي ماڻهن جي ڪمزور اعتقاد بابت وضاحت موجود آهي، ۽ هن ڪتاب جي انت ۾ اهو بيان ٿيل آهي ته هر انسان دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوڙ تي يقين رکي ٿو.”
    “ ۽ اهو دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ ڪهڙو آهي؟” نِينگَرَ انتهائي حيرت منجھان پڇيو.
    “ اهو هي آهي ته، اسان زندگيء ۾ ڪنهن هڪ مخصوص مرحلي تي پاڻ سان پيش ايندڙ حالات ۽ واقعات جي نتيجي ۾ هار مڃي پنهنجي زندگيء کي قسمت جي آڌار تي ڇڏي ٿا ڏيون، اهو ئي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي.”
    “ ائين مونسان ته ڪڏهن به نه ٿيو آهي،” نِينگَرَ وراڻيو. “ منهنجي والدين مونکي پادري بڻائڻ ٿي چاهيو پر مون ريڍار بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.”
    “ ڏاڍو سٺو،” پوڙهي چيو. “اهو انڪري جو توکي سير و تفريح ڪرڻ ۾ دلچسپي هئي.”
    “ کيس خبر آهي ته آءٌ ڇا سوچي رهيو آهيان،” نِينگَرَ جي من ۾ خيال آيو. جڏهن ته پوڙهو بزرگ ڪتاب جا ورق مسلسل اُٿلائي رهيو هو. نِينگَرَ ان پوڙهي بزرگ کي پهريل عجيب وَيسُ تي غور ڪيو، هو هڪ عرب لڳي رهيو هو، جيڪا اُن علائقي ۾ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ جو ٻيڙين جي وسيلي ڪجھ سوڙهن پيچرن کي پار ڪندي آفريڪا کان طريفا ۾ ڪجھ ڪلاڪن جو فاصلو هو، ۽ عربن جي هن شهر ۾ گھڻي اچ وڃ هئي. هت هو خريداري ڪندا هئا ۽ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي عبادت پڻ ڪندا هئا.
    “توهان ڪٿان جا آهيو؟” نِينگَرَ پڇيس.
    “منهنجو تعلق ڪيترين ئي جڳهين سان آهي،”
    “ ڪنهن جو تعلق ڀلا هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ جڳهين سان ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟” نِينگَرَ چيو.
    “ آءٌ هڪ ريڍار آهيان ۽ مون ڪيترين ئي جڳهين جو سير ڪيو آهي، پر منهنجو تعلق ته هڪ ئي شهر سان آهي جيڪو قلعي جي ڀر ۾ آهي، ۽ اهو ئي منهنجي جنم ڀومي آهي.”
    “ ٺيڪ آهي، ته پوء ائين چئي سگھجي ٿو ته منهنجي جنم ڀومي سالم آهي.”
    نِينگَرَ کي سالم جي بابت ڪا ڄاڻ نه هئي ته سالم ڪٿي آهي، پر هن ان ڊپ ۾ پڇڻ به نه پئي چاهيو ته متان هو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري. هن ٿوري دير لاء بازار جي عمارت ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن ڏانهن ڏٺو، سڀ جا سڀ مصروف نظر اچي رهيا هئا.
    “ سالم ڏسڻ ۾ ڪيئن آهي،” نِينگَرَ پڇيو ته مَنَ ڪا ڪَلَ پوي.
    “ سالم ائين ئي آهي جيئن سدائين کان هو.”
    کيس ڪا ڪَلَ نه پئي. پر ان بابت ته کيس پڪ هئي ته سالم اندلس ۾ ناهي، جيڪڏهن اندلس ۾ هجي ها ته ان بابت هو ضرور ٻڌي ها.
    “ اوهان سالم ۾ ڇا ڪندا آهيو؟” نِينگَرَ زور ڀريندي پڇيو.
    “ آءٌ سالم ۾ ڇا ڪندو آهيان؟” پوڙهي بزرگ کلندي چيو.
    “ آءٌ سالم جو بادشاه آهيان!”
    “ ماڻهو اهڙيون عجيب ڳالهيون ڪندا رهندا آهن،” نِينگَرَ سوچيو.
    ان کان ته رڍن سان گڏ هجڻ ۾ چڱائي آهي. هو ڪي اهڙيون عجيب ڳالهيون ته نه ڪنديون. يا وري خِلوَتَ ۾ ڪتاب پڙهي وقت گذارجي، جيڪي اُن وقت اهڙيون ناقابلِ يقين ڳالهيون ٻڌائين ٿا جنهن وقت اوهان کين ٻڌڻ چاهيو ٿا. پر جڏهن انسانن سان ڳالهائجي ٿو ته اهي اهڙيون عجيب ڳالهيون ڪريو ڇڏين جو ٻڌڻ وارو منجھيو پوي ته هاڻ ڳالهه کي ڪيئن جاري رکجي.
    “منهنجو نالو مالڪي زيڊڪ آهي،” پوڙهي بزرگ چيو.
    “تو وٽ گھڻيون رڍون آهن؟”
    “ پوريون ساريون آهن،” نِينگَرَ وراڻيو. کيس ائين ٿي لڳو ته پوڙهو بزرگ سندس بابت وڌيڪ ڄاڻڻ چاهي ٿو.
    “ پوء ته مسئلو آهي. جيڪڏهن تون سمجھين ٿو ته تو وٽ پوريون ساريون رڍون آهن ته پوء آءٌ تنهنجي واهَرَ نه ٿو ڪري سگھان.”
    نِينگَرَ کي خار لڳي. هن ته واهَرَ لاء چيو ئي نه هو. اهو ته هو پاڻ پوڙهو بزرگ هو جنهن مَڌُ جي چُسڪي هڻائڻ لاء چيو هو ۽ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي هئي.
    “ مونکي پنهنجو ڪتاب ڏيو،” نِينگَرَ چيو. مونکي پنهنجون رڍون گڏ ڪري اڳتي وڌڻو آهي.”
    “ مونکي پنهنجي رڍن جو ڏهون حصو ڏي ته آءٌ توکي ان ڳجھي خزاني جي بابت ڪجھ ٻڌايان.” پوڙهي بزرگ چيو.
    نِينگَرَ کي پنهنجو خواب ياد آيو، ۽ اُمالَڪُ هر ڳالهه سندس آڏو پڌري ٿي بيٺي. خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء هن کان ڪا اُجرت نه ورتي هئي، پر هي پوڙهو بزرگ شايد انجو مڙس آهي، ۽ شايد ان ڳجھي خزاني جنهن جو ڪو وجود ئي ناهي بابت معلومات ڏيڻ جي بدلي ۾ وڌيڪ پئسا ڪمائڻ چاهي ٿو. گھڻو ڪري هي پوڙهو به خانابدوش (رَمتَو) ئي آهي.
    پر ان کان پهرين جو نِينگَرُ ڪا ڳالهه ڪري، ان پوڙهي بزرگ هيٺ جھڪي هڪ ڪاٺيء جو ٽڪرو کنيو ۽ عمارت وٽ موجود واريء تي ڪجھ لکڻ شروع ڪيائين، ۽ اُمالَڪُ سندس سيني مان چمڪاٽ ڏيندڙ روشني نمودار ٿي، جنهن جي شدت ايتري هئي جو نِينگَرُ ٿوري دير لاء انڌو ٿي پيو. سندس ڄمار جي ماڻهن سان اهڙي ڀانت جا واقعا گھٽ نمودار ٿيندا آهن. پوء پوڙهي بزرگ پنهنجي ٽوپيء سان ان روشنيء کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن سندس بينائي واپس آئي ته نِينگَرُ اهو پڙهڻ جي قابل ٿيو جيڪو پوڙهي بزرگ ريتيء تي لکيو هو. واريء تي نِينگَرَ پنهنجي ماء پيء ۽ سندس اسڪول جا نالا پڙهيا. هن واپاريء جي ڌيء جو نالو پڻ پڙهيو، جنهن جي اڳ کيس خبر نه هئي، ۽ اهي ڳالهيو پڻ پڙهيائين جيڪي هن اڳ ڪنهن سان نه ڪيون هيون.
    “ آءٌ سالم جو بادشاه آهيان،” پوڙهي بزرگ ڪجھ دير اڳ چيو هو.
    “ پر هڪ بادشاه ڀلا هڪ ريڍار سان ڇو ڳالهائيندو،” نِينگَرَ ڦِڪائيء منجھان پڇيو.
    “ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا. پر سڀ کان اهم سبب اهو آهي ته تو پنهنجي تقدير ڳولي ورتي آهي.”
    نِينگَرَ کي اها خبر نه هئي ته “تقدير” ڇا ٿيندي آهي.
    “ جيڪي تون ماڻڻ چاهين ٿو اها ئي تقدير آهي. ننڍپڻ ۾ سڀني کي پنهنجي تقدير جي آگاهي هوندي آهي، زندگيء جي ان مرحلي تي هر ڳالهه چِٽي ۽ ممڪن هوندي آهي. ٻار خواب لهڻ ۽ هر ان شيء کي ماڻڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن، جيڪا هو چاهين ٿا. پر جيئن جيئن وقت گذرندو آهي، تيئن تيئن هڪ غيبي طاقت کين ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ شروع ڪندي آهي ته پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهڻ هڪ نا ممڪن شيء آهي.”
    پوڙهي بزرگ جي ڪا به ڳالهه نِينگَرَ جي سمجھ ۾ نه ٿي آئي. پر نِينگَرَ ان غيبي طاقت بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ٿي چاهيو. “واپاريء جي ڌيء کي اها ڳالهه ٻڌائبي ته ڏاڍي سَرَهي ٿيندي!” نِينگَرَ سوچيو.
    “اها هڪ ناڪاري طاقت جي صورت ۾ پڌري ٿئي ٿي. پر، اها طاقت توهان کي پنهنجي تقدير ماڻڻ ۾ توهانجي واهَرَ ڪري ٿي. اها طاقت توهان جي روح کي ۽ توهان جي مقصد کي تيار ڪري ٿي. ڇاڪاڻ جو هن پوري گرهه تي صرف هڪ ئي وڏي ۾ وڏو سچ آهي؛ اهو هي آهي ته توهان ڀلي ڪير به هجو، ڇا به ڪندا هجو، جڏهن توهان ۾ ڪنهن شيء کي ماڻڻ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي ته هن زمين تي اهو اوهانجو مقصدِ حيات بڻجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو ڪابه خواهش ڪائنات جي روح مان جنم وٺي ٿي.”
    “ ڀلي اها خواهش مسافري ڪرڻ جي هجي، يا ڪپڙي جي واپاريء جي ڌيء سان شادي ڪرڻ جي؟”
    “هائو، خزاني جي کوجنا جي به ٿي سگھي ٿي؛ ماڻهن جون سرهائيون، غم، ڪينو ۽ بغض هن دنيا جي روح کي سگھارو ڪن ٿا. ڪنهن شخص کي صرف پنهنجي تقدير جو احساس هجڻ ئي واحد شرط آهي، باقي سڀ شيون هڪٻئي جهڙيون ئي آهن.”
    “جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته، سموري ڪائنات ان شيء کي ماڻڻ جي منصوبي ۾ اوهانجي واهَرَ ڪري ٿي.”
    ڪجھ وقت لاء ٻئي چپ رهيا ۽ عمارت ۽ ان شهر جي ماڻهن جي اچ وڃ کي غور سان ڏسندا رهيا. پوڙهي بزرگ نيٺ ڳالهايو.
    “ تو پاڻ وٽ رڍن جو ڌڻ ڇو رکيو آهي؟”
    “ ڇاڪاڻ جو مونکي مسافريء ۾ دلچسپي آهي.”
    پوڙهي بزرگ عمارت جي ڪنڊ ۾ پنهنجي هَٽَ ۾ موجود هڪ نانوائيء ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، “ننڍي هوندي ان نانوائيء کي پڻ مسافريء جو شوق هو. پر ان لاء هن پهريان هَٽَ خريد ڪيو ته جيئن هو ڪجھ ڏوڪڙ پاسيرا ڪندو وڃي. پر هاڻ جڏهن هو پوڙهو ٿيندو تڏهن ئي وڃي هو آفريڪا ۾ هڪ مهينو گذارڻ جي قابل ٿيندو. کيس اهو احساس ئي نه هو ته ماڻهو زندگيء جي ڪنهن به حصي ۾ ڪڏهن به پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻڻ جي سگھ رکي ٿو.”
    “ کيس ريڍار بڻجڻ گھرجي ها،” نِينگَرَ چيو.
    “هن ان بابت سوچيو هو، پر نانوائي ريڍارن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا، کين پنهنجا گھر آهن، جڏهن ته ريڍار کلي آسمان هيٺان سمهن ٿا. مائٽ پنهنجي نياڻين جي شادي ريڍارن جي بجاء نانوائين سان ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا.”
    نِينگَرَ کي واپاريء جي ڌيء بابت اچي دل ۾ سوداء ويٺو، ڇاڪاڻ جو شهر ۾ نانوائي به موجود هو.
    پوڙهي بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته، “هڪ وسيع نظريي پٽاندڙ، ماڻهن لاء ريڍارن ۽ نانوائين بابت سوچڻ، پنهنجي پاڻ بابت سوچڻ کان وڌيڪ اهم آهي.” پوڙهو بزرگ ڪتاب جا ورق اُٿلائيندي هڪ ورق کي پڙهڻ ۾ مُستَغرق ٿي ويو.
    نِينگَرَ سندس فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪندي ڪندي پوڙهي بزرگ جي توجهه ۾ رخنو وجھندي چيو ته، “ اوهان هي سڀ ڳالهيون مونکي ڇو ٻڌائي رهيا آهيو؟”
    “ڇاڪاڻ جو تون پنهنجي تقدير کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين. ۽ هن وقت تون ان موڙ تي بيٺل آهين جتي تون ڪنهن به وقت همت هاري سگھين ٿو.”
    “ ڇا هي اهو ئي موڙ آهي جتي توهان سدائين پڌرا ٿيندا آهيو؟”
    “نه، سدائين ائين نه ٿيندو آهي. ڪڏهن آءٌ ڪنهن مسئلي جي حل سان يا ڪا سٺي ڳالهه کڻي پڌرو ٿيندو آهيان، يا وري ڪڏهن مشڪل گھڙين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاء، پر ٻيا به ڪيترائي ڪم آءٌ ڪندو رهندو آهيان، پر، گھڻو ڪري ماڻهن کي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيندو آهي ته مون انهن لاءِ ڇا ڇا ڪيو.”
    پوڙهي بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته هڪ هفتو پهريان هو هڪ کاڻين کوٽڻ واري جي آڏو هڪ پٿر جي شڪل ۾ پڌرو ٿيو هو، ان کاڻ کوٽڻ واري اَمُلُهه زمرد جي کوٽائيء لاء پنهنجو سڀ ڪجھ ڇڏي ڏنو هو. پنجن ورهين کان هو هڪ نديء جي اوسي پاسي ۾ کوٽائي ڪري رهيو هو ۽ هڪ زمرد جي کوجنا ۾ هو لکين پٿرن جو معائنو ڪري چڪو هو.
    کاڻ کوٽڻ وارو ان مهل همت هارڻ وارو هو جڏهن زمرد کي ماڻڻ لاء صرف هڪ پٿر جي کوٽائي باقي هئي، صرف هڪ پٿر. جيئن ته کاڻ کوٽڻ واري هر شئ پنهنجي تقدير کي ماڻڻ لاء قربان ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري ان پوڙهي بزرگ سندس ڪم ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هو پٿر جي شڪل اختيار ڪري رڙهندو وڃي کاڻ کوٽڻ واري جي پيرن ۾ پيو. کاڻ کوٽڻ واري پنجن ورهين جي اجائي ويندڙ جاکوڙ سبب پيدا ٿيندڙ نا اميدي ۽ چڙ مان اهو پٿر کڻي ايتري ته زور سان پاسي تي اڇلايو جو هيٺ پيل پٿر جي مٿان ڪرندي ئي انکي ٽوٽا ڪري وڌائين، ۽ ان پرزا ٿي ويل پٿر ۾ ئي دنيا جو خوبصورت زمرد لڪيل هو.
    “ماڻهو پنهنجو مقصدِ حيات پنهنجي زندگيء جي مُنڍ ۾ ئي ڄاڻي وٺن ٿا.” پوڙهي تلخ لهجي وچان چيو. “شايد ان جي ڪري ئي هو جلدي هار به مڃي ٿا ويهن. اهو سڀ ڪجھ ائين ئي هلندو رهي ٿو.”
    نِينگَرَ پوڙهي بزرگ کي ياد ڪرايو ته هن لڪل خزاني جي بابت ڪجھ چيو هو.
    “اهو خزانو پاڻيء جي وهڪري جي شدت سبب پڌرو ٿي ساڳئي ئي وهڪري سبب لَٽجي به چڪو آهي.” پوڙهي بزرگ چيو. “جيڪڏهن توکي ان خزاني بابت وڌيڪ معلومات گھرجي ته توکي پنهنجي ڌڻ جو ڏهون حصو مونکي ڏيڻو پوندو.”
    “خزاني جي ڏهين حصي جي بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟”
    پوڙهي بزرگ مايوسي وچان کيس ڏٺو ۽ چيائينس. “جيڪڏهن تون ان شئ جي بابت واعدا ڪندو رهندي جيڪا تو وٽ آهي ئي ڪانه، ته تون ان شئ کي ماڻڻ واري خواهش ئي وڃائي ويهندي.”
    نِينگَرَ کيس پنهنجي خزاني جي ڏهين حصي ڏيڻ واري واعدي جو به ٻڌايو جيڪو هن خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء سان ڪيو هو.
    “اهي خانابدوش (رَمتا) ماڻهن کان اهڙا واعدا وٺڻ ۾ ماهر آهن.” پوڙهي بزرگ ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو.
    پوڙهي بزرگ ڪتاب نِينگَرَ کي موٽائيندي چيو ته، “سڀاڻي هن ئي وقت پنهنجي ڌڻ جو ڏهون حصو منهنجي حوالي ڪر ته پوء آءٌ توکي ٻڌائيندس ته ان لڪيل خزاني جي ڪيئن کوجنا ڪجي. چڱو هاڻ موڪلاڻي آهي”، اهو چئي پوڙهو بزرگ عمارت جي ڀِڪ ۾ لمڻجي ويو (لمڻجي وڃڻ = غائب ٿيڻ، گم ٿيڻ يا اڏامي وڃڻ).


    قسط 5

    نِينگَرَ ٻيهر پنهنجو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو، پر هاڻ هو ان تي توجھ نه پئي ڏئي سگھيو، هو پريشان هو، ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته بزرگ جي ڳالهه صحيح هئي. هو نانوائيء ڏانهن ماني وٺڻ لاء ويندي اهو سوچيندو رهيو ته نانوائيء سان پوڙهي بزرگ واري سندس بابت ڪيل حقيقت بيان ڪجي يا نه. وري هن سوچيو ته ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ڳالهيون جتي جيئن آهن کين اتي ئي ڇڏڻ گھرجي، بهتري انهي ۾ آهي. هن چُپ رهڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪڏهن هو نانوائيء کي ڪا ڳالهه ٻڌائي هان ته ٻن ٽن ڏينهن جي سوچ ويچار کانپوء ڀلي هو ڪيترو به پنهنجي ڪم جو عادي ٿي ويو هجي، هر شئ تان هٿ کڻي ويهي ها. نِينگَرُ نانوائيء بابت پنهنجي پريشانئ تي ضبط ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ شهر ۾ گھمندي گھمندي هڪ دروازي تي اچي پُڳو، جتي هڪ عمارت جي ڳِڻکيء مان ماڻهو آفريڪا جي لاء ٽڪيٽ خريد ڪري رهيا هئا. ۽ نِينگَرَ کي خبر هئي ته مصر آفريڪا ۾ آهي.
    “ڇا آءٌ توهانجي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟” ڳِڻکيءَ مان هڪ ماڻهو پڇيو.
    “ گھڻو ڪري سڀاڻي.” نِينگَرَ اڳتي وڌندي وراڻيو. اهو خيال ڪندي هو گھٻرائي رهيو هو ته جيڪڏهن هو هڪ رڍ کپائيندو ته صرف هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ئي پهچي سگھي ٿو.
    “هڪ ٻيو خواب لهڻ وارو،” ٽڪيٽ کپائڻ واري نِينگَرَ کي ويندو ڏسي پنهنجي منشيء کي چيو. “وٽس سفر ڪرڻ لاء پئسا پورا ناهن.”
    ٽڪيٽ واري ڳِڻکيء کان گذرڻ دوران نِينگَرَ کي پنهنجو ڌڻ ياد آيو، هن فيصلو ڪيو ته هاڻ واپس ٿي پنهنجو ريڍارڪو ڪم ئي سنڀالجي. ٻن ورهين ۾ رڍون ڏاسڻ، ڳورهاري رڍن جي پرگھور لهڻ ۽ رڍن کي لومڙن جي حملي کان محفوظ رکڻ تائين هو ريڍارڪي ڪم بابت هر شئ سِکي چڪو هو. کيس اندلس جي ميدانن ۽ چراگاهن کان پڻ واقف ٿي چڪو هو ۽ کيس پنهنجي هر رڍ جي مُلُهه جو به صحيح ڪاٿو معلوم هو.
    هن پنهنجي دوست جي واڙي ڏانهن ويندڙ ڊگھي رستي جو انتخاب ڪيو. گھمندو ڦرندو هو شهر جي ڪوٽ کان اڳتي نڪري ويو، پر ٿورو پوئتي موٽي پٿرن جي ٺهيل چاڙهيء تي چڙهيو جيڪا اتي موجود ڀِت جي چوٽيء تي وڃي رهي هئي. اتان کيس ڳچ فاصلي تي آفريڪا نظر اچي رهيو هو. هڪ دفعي ڪنهن کيس ٻڌايو هو ته ڪنهن وقت ۾ ماريتانيا جا ويڙهاڪ اسپين تي قبضي لاء آيا هئا.
    ڀِت تي ويٺي هو سمورو شهر ڏسي پئي سگھيو، اها عمارت جتي هو پوڙهي بزرگ سان ڪچهري ڪري رهيو هو. “اها گھڙي منحوس گھڙي هئي جڏهن آءٌ پوڙهي بزرگ سان مليس،” هن سوچيو. هو شهر ۾ صرف ٻڍڙي عورت کان پنهنجي خواب جي تعبير پڇڻ لاء آيو هو. نه ئي اها ٻڍڙي عورت، نه ئي پوڙهو بزرگ هن جي ريڍار هجڻ تي متاثر ٿيا هئا. هو ٻئي خِلوَتُن ۾ رهڻ وارا هئا، جن کي ڪنهن شئ تي ويساهه نه هو، ۽ هو اها ڳالهه به نه پئي سمجھي سگھيا ته ڪيئن هڪ ريڍار پنهنجي رڍن سان لڳاء رکي ٿو. کيس پنهنجي ڌڻ جي هڪ هڪ جانور بابت ڄاڻ هئي.کيس خبر هئي ته ڪهڙي رڍ ڪمزور آهي، ڪهڙي رڍ جو ٻن مهينن جي اندر ويم ٿيڻ وارو آهي ۽ ڪهڙي رڍ بلڪل سست آهي. کيس اها به خبر هئي ته رڍون ڪيئن ڏاسبيون، کين ڪيئن ذبح ڪبو. جيڪڏهن هن رڍن کي ڇڏڻ جو سوچيو ته کين هاڃو به رَسي سگھي ٿو.
    واء لڳڻ شروع ٿي چڪي هئي. کيس ان واء بابت خبر هئي _ انکي ماڻهو ليوانٽر يا اوڀر جو واء جي نالي سان سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو انهي واء جي طرف تي ماريتانيا جا ويڙهاڪ يورپ ۽ آفريڪا جي وچ واري سمنڊ جي اوڀر کان آيا هئا.
    واء جي رفتار تيز ٿيندي وئي. “ هاڻ آءٌ پنهنجي ڌڻ ۽ ان خزاني جي وچ تي آهيان.” نِينگَرُ سوچي رهيو هو. کيس انهن ٻن شين، هڪ ته جنهن جو هو عادي ٿي چڪو هو ۽ ٻي جيڪا هن ماڻڻ ٿَي چاهي، مان ڪابه هڪ شيء چونڊڻي هئي. ٻئي طرف وري واپاريء جي ڌيء به هئي، پر هوءَ سندس ڌڻ کان وڌيڪ اهم نه هئي، ڇاڪاڻ جو هوءَ سندس تي نه پئي ڀاڙي. ٿي سگھي ٿو ته هي انکي ياد به نه هجي. کيس اها پڪ هئي ته واپاريء جي هن جي اوڏانهن اچڻ يا وڃڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، ڇاڪاڻ جو واپاريء جي ڌيء لاء هر ڏينهن هڪ جھڙو هو، ۽ جڏهن هر ڏينهن هڪجھڙو لڳڻ لڳي ته ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهو هر ڏينهن هڪ نئين سج جي اُڀرڻ سان هر ان سٺي شيء کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام ويو جيڪا سندن زندگيء ۾ اچي هلي ويئي.
    “مون پنهنجا ماءُ پيءُ ۽ شهر به ڇڏي ڏنو. هاڻ هو مونکان پري رهڻ جا عادي ٿي چڪا هوندا جيئن آءٌ انهن کان پري رهڻ جو عادي ٿي چڪو آهيان. رڍون پڻ مون کان پري رهڻ جون عادي ٿي وينديون.” نِينگَرُ سوچي رهيو هو.
    هي اُتي ويٺي عمارت کي ڏسي رهيو هو. ماڻهن جي نانوائيء جي هَٽَ تي اچ وڃ جاري هئي. هڪ نوجوان جوڙَي ان ساڳي بينچ تي ويٺي پيار پئي ڪيو، جنهن بينچ تي هو پوڙهي بزرگ سان ڪچهري ڪري رهيو هو.
    “نانوائي..........،” پاڻ سان ڳالهائيندي هن پنهنجو جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيو. واء اڃا تيزيء سان جُهوٽڻ لڳو ۽ هو پنهنجي چهري تي واء جي شدت کي محسوس ڪري رهيو هو. ان واء جي طرف تي ماريتانيا جا ويڙهاڪ هت آيا هئا _ ها. پر ان واء سان گڏ ريگستان ۽ پردي وارين عورتن جي سڳنڌ پڻ آئي هئي. ان واء پاڻ سان گڏ انهن جانبازن جو پگھر ۽ اهي خواب به آندا هئا جن نا معلوم شين جي ڳولا، خزانن ۽ احرام مصر تائين پهچڻ ۾ پنهنجو الهه تلهه ٿُڏي ڇڏيو هو. نِينگَرَ کي واء جي اهڙي آزاديء تي حسد ٿيڻ لڳو، ۽ سوچڻ لڳو ته جيڪر! وٽس به اهڙي آزادي هجي هان.کيس پوئتي روڪڻ لاء ڪا به اهڙي شيء نه هئي سواء هن جي پنهنجي ارادي جي.صرف رڍون، واپاريء جي ڌيء، ۽ اندلس جا ميدان ئي پنهنجي قسمت تائين پهچڻ واري سندس رستي جي وچ ۾ هئا.
    ٻئي ڏينهن منجھند جي وقت نِينگَرُ پنهنجون ڇهه رڍون کڻي پوڙهي بزرگ سان مليو.
    “مونکي حيرت ٿي آهي، ته منهنجي دوست منهنجون باقي رڍون به خريد ڪري ورتيون آهن. هو چوي پيو ته ريڍار بڻجڻ سندس خواب هو ۽ اهو ته هڪ سٺو سوڻ آهي.” نِينگَرَ جوش وچان چيو.
    “سدائين ائين ئي ٿيندو آهي. اهو ڀلائيء جو قائدوآهي. جڏهن پهريون ڀيرو پتي راند کيڏبي آهي تڏهن گھڻو ڪري توهانکي پنهنجي کٽڻ جو يقين هوندو آهي.جيڪو سيکڙاٽ جو ڀاڳ چورائبو.” پوڙهي وراڻيو.
    “ڇا مطلب؟”
    “ڇاڪاڻ جو هڪ اهڙي قوت موجود آهي جيڪا توهانکي پنهنجي تقدير کي ماڻڻ ۾ توهانجي واهَرَ ڪري ٿي؛ اها قوت توهانجي بُک کي ڪاميابي جي ترغيب ڏئي ٿي.”
    پوڙهي بزرگ رڍن جو معائنو شروع ڪيو، کيس هڪ رڍ ڪمزور نظر آئي. نِينگَرَ چيو ته اهو ڪو مسئلو ناهي، اها ئي رڍ پوري ڌڻ مان ڦڙتيلي هئي ۽ ججھي اُن به ڏيندي هئي.
    “خزانو ڪٿي آهي؟ نِينگَرَ پڇيو.
    “اهو مصر ۾ احرامن جي ويجھو آهي.”
    نِينگَرُ ڇرڪيو. ٻڍڙي خانابدوش (رَمتِي) به ساڳي ڳالهه چئي هئي. پر هن ته ڪو معاوضو به نه ورتو هو.
    “خزاني جي کوجنا لاء توکي ڪجھه سَوڻَن جي پويان هلڻو پوندو. خدا تعاليٰ هر ڪنهن جي لاء هڪ پيچرو ٺاهي ڇڏيو آهي. توهانکي صرف اهي علامتن تي غور ڪري ان پيچري تي هلڻو پوندو.”
    ان کان پهرين جو نِينگَرُ ڪجھ وراڻي، هڪ پوپٽ اڏامندو ٻنهي جي سامهون اچي پڌرو ٿيو. ان مهل کيس پنهنجي ڏاڏي جي ٻڌايل هڪ ڳالهه ياد آئي ته _ پوپٽ هڪ سٺي ڳالهه جو سَوڻُ آهن، جيئن تِڏيون، اُميدون، ڪِرڙيون، ۽ چئن پَنَن وارو گاههُ آهن. پوڙهي بزرگ نِينگَرَ جي ذهن ۾ جيڪا سوچ هلي رهي هئي انکي محسوس ڪندي چيو، “جيڪا ڳالهه تنهنجي ڏاڏي توکي ٻڌائي آهي، اها حقيقت آهي، اهي سڀ سٺا سوڻَ آهن. ”
    پوڙهي بزرگ پنهنجو اَنگرکو لاٿو ته ان بزرگ جي ڇاتيء تي ٻڌل سون جي پَٽَي ۾ پيل اَمُلُهه پٿرن کي ڏسي نِينگَرُ اچرج وچان ڄمي ويو. نِينگَرَ کي ڪالهوڪو ڇرڪائيندڙ واقعو ياد اچي ويو.
    هو واقعي بادشاهه آهي. هن ضرور چورن لٽيرن کان بچڻ لاء پنهنجو ويس مٽايو هوندو.
    پوڙهي بزرگ ڇاتيء تي ٻڌل سون جي پٽي مان هڪ ڪارو ۽ هڪ اڇو پٿر ڪڍي نِينگَرَ کي ڏيندي چيو، “هي وٺ.”
    “اهي پٿر يورِم ۽ ٿُومِم سڏرائجن ٿا. ڪارو پٿر “ها” ۽ اڇو پٿر “نه” کي پڌرو ڪري ٿو. جڏهن تون قدرتي سَوڻَ سمجھي نه سگھندي تڏهن اهي پٿر تنهنجي رهنمائي ڪندا. پر انهن کان سدائين معنيٰ خيز سوال ڪجان.”
    “پر جيڪڏهن تون ڪو فيصلو ڪرڻ جي قابل هجين ته ڪوشش ڪري اهو فيصلو پاڻ ڪجان. اها ته توکي اڳ ۾ ئي خبر آهي ته خزانو احرامن وٽ آهي. مون توکان ڇهن رڍن جو معاوضو صرف توکي تنهنجي فيصلي ۾ واهَرَ ڪرڻ لاء ورتو آهي.”
    نِينگَرَ اهي پٿر پنهنجي ڳوٿريء ۾ رکيا، ۽ اهو خيال ڪيو ته اڄ کانپوء هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو.
    “ڪنهن به ڪم ڪرڻ کا اڳ اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجان ته جيڪي ڪجھ آهي ته بس اهو ئي آهي، انکان علاوه ٻيو ڪجھ ناهي. ۽ انهن علامتن جي ٻولي کي به نه وسارجان. ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته پنهنجي تقدير کي تڪميل تائين پهچائڻ به نه وسارجان.”
    “وڃڻ کان اڳ توکي هڪ ننڍڙي آکاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.”
    “هڪ هَٽائيءَ پنهنجي پٽ کي سرهائيء جو ڳُجھ ڄاڻڻ لاء دنيا جي بهترين ساڃهه وند شخص ڏانهن موڪليو. نِينگَرُ رِڻ جھاڳِيندو جبل جي چوٽيء تي موجود هڪ خوبصورت محل وٽ پُڳو جتي اهو ساڃهه وند شخص رهندو هو.
    محل جي پهرين ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي نِينگَرَ ان ساڃهه وند شخص کي ڳولڻ جي بجاء اتي ٿيندڙ ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) کي ڏسندو رهيو؛ واپارين جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، ڪنڊن ۾ ماڻهن جون ڪچهريون هلي رهيون هيون، گاني ڳائڻ وارن جي هڪ ٽولي مڌر ڌُنون وڄائي رهي هئي، ۽ پاسي تي هڪ ٽيبل تي دنيا جي ان حصي جي بهترين ۽ لذيذ کاڌن جا ٿالهه رکيل هئا. ايتري ۾ ساڃهه وند شخص اتي موجود ماڻهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ۽ نِينگَرَ کي پنهنجي واري اچڻ جو ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.
    نِينگَرَ جي اچڻ جي مقصد جي وضاحت ساڃهه وند شخص غور سان ٻڌي کيس چيائين ته هن وقت هو ٿورو مصروف آهي ۽ نِينگَرَ کي چيائين ته محل جو سير ڪري ٻن ڪلاڪن کانپوء موٽي اچ.
    “ان دوران هڪ ڪم ڪر،” نِينگَرَ جي هٿ ۾ تيل جي ٻن ڦڙن سان ڀريل هڪ چمچو ڏيندي ساڃهه وند شخص کيس چيو. “محل جي سير دوران هي چمچو پاڻ وٽ اهڙي ريت رک جو ان ۾ موجود تيل نه هارجي.”
    نِينگَرُ چمچي کي سنڀاليندي محل جون ڏاڪڻون چڙهندو ۽ لهندو رهيو. ٻن ڪلاڪن کانپوء هو ساڃهه وند شخص وٽ واپس آيو.
    “ڇا تو دالان ۾ لٽڪيل اَمُلُهه ۽ نفيس ايراني پڙدا ڏٺا؟ ڇا تو اهو باغيچو ڏٺو جنهنکي سنوارڻ ۾ هڪ عمده مالهيء کي ڏهه ورهيه لڳي ويا؟ ڇا تنهنجو ڌيان منهنجي ڪتب خاني ۾ موجود چمڙي جي ٺهيل خوبصورت ورقن ڏانهن ويو؟”
    نِينگَرُ شرمسار ٿيو، ۽ اهو اعتراف ڪيائين ته سندس ڌيان ڪنهن شئ ڏانهن نه ويو. سندس ڌيان فقط ان چمچي ۾ پيل تيل کي هارجڻ کان بچائڻ ۾ هو جيڪو ان ساڃهه وند شخص کيس ڏنو هو.
    “ٺيڪ آهي،هاڻ تون وري واپس وڃ ۽ منهنجي محل جا عجائبات ڏس. تون ڪنهن ماڻهوء تي سندس گھر ڏسڻ کان بغير ويساهه نه ٿو ڪري سگھين.” ساڃهه وند شخص کيس چيو.
    نِينگَرَ کي اطمينان ٿيو، ۽ چمچو کڻي محل کي ڏسڻ لاء روانو ٿيو. هن دفعي هن محل جي ڇتين ۽ ڀتين تي چٽيل ڪم، باغيچا، محل جي چوڌاري پهاڙ، گلن جي سونهن ڏسي ان دلچسپيء جو ڪاٿو به لڳايو جنهن دلچسپيء سان اهو سڀ ڪم ٿيل هو. ساڃهه وند شخص ڏانهن واپسيء تي هن اکين ڏٺو سڀ ڪجھ اچي بيان ڪيو.
    “ پر تيل جا قطرا ڪٿي آهن جيڪي مون توکي ڏنا هئا؟” ساڃهه وند شخص چيو.
    چمچي ڏانهن نظر ڪندي جڏهن نِينگَرَ ڏٺو ته تيل جا قطرا غائب ٿي چڪا هئا.
    “چڱو، هاڻ صرف هڪ صلاح آءٌ توکي ڏئي سگھان ٿو،” ساڃهه وند شخص چيو. “ دنيا جا سڀ عجائبات ڏسڻ ۾ ئي سَرَهائيء جو ڳُجھ لڪل آهي، پر ڪڏهن به چمچي ۾ پيل تيل جي ڦڙن کي ناهي وسارڻو.”
    ريڍار چپ رهيو. کيس پوڙهي بادشاه جي اها آکاڻي سمجھ ۾ اچي وئي هئي ته هڪ ريڍار سيروسفر ته ڪري سگھي ٿو پر هو پنهنجي رڍن کي ڪڏهن به نه وساري.
    پوڙهي بزرگ نِينگَرَ جي هٿ ۾ هٿ ڏئي سندس نِراڙ تي عجيب و غريب اشارا ڪيا ۽ پنهنجون رڍون کڻي روانو ٿي ويو.


    طريفا جي اوچائيء واري جڳهه تي هڪ قديم قلعو آهي جيڪو ماريتانيا جي ويڙهاڪن ٺاهيو هو. انجي ڀِتين جي چوٽئ کان آفريڪا جي جھلڪ نظر اچي ٿي. مالڪي زيڊڪ، سالم جو بادشاه، ان ڏينهن ان ڀت تي ويٺي اوڀر جي واء (ليوانٽر) کي پنهنجي چهري تي محسوس ڪري رهيو هو. سندس ڀر ۾ رڍون لوڇي پوڇي رهيون هيون ۽ مالڪ جي تبديليء جي ڪري آنڌ مانڌ ۾ هيون. کين صرف خوراڪ ۽ پاڻيء جي گُهرج هئي.
    مالڪي زيڊڪ بندرگاه تان هڪ ٻيڙيء کي نڪرندي ڏٺو. هاڻ هو ڪڏهن به ان نِينگَرَ سان نه ملي سگھندو، جيئن هن ابراهيم کان پنهنجي معاوضي طور ڏهون حصو وٺي وري نه ڏٺو هو. اهو ئي ته سندس ڪم هو.
    خدائن کي ڪابه خواهش نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو سندن ڪا تقدير ئي ناهي. پر بادشاه کي نِينگَرَ جي بابت اها اميد هئي ته هو ضرور ڪامياب ٿيندو.
    هن اهو سوچيو پئي ته “نِينگَرَ کان جلد منهنجو نالو به وسري ويندو. آءٌ هنکي پنهنجو نالو ورجايان هان، ته جيئن جڏهن به هو منهنجي ڪا ڳالهه ڪري هان ته مونکي مالڪي زيڊڪ، سالم جي بادشاه جي نالي سان ياد ڪري ها.”
    هن ٿورو لڄي ٿيندي آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين، “مونکي خبر آهي منهنجا خدا، تو چيو هو ته اهو هٺ ۽ وڏائي آهي، پر هڪ پوڙهي بادشاه کي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي فخر ڪرڻ گھرجي.”


    قسط 6

    “ آفريڪا ڪيڏو نه عجيب آهي.” نِينگَرَ سوچيو.
    هو هڪ مَڌُ خاني ۾ ويٺو هو. اهو تنجائر جي سوڙهين گھٽين ۾ موجود باقي مَڌُ خانن جهڙو ئي هو. ڪجھ ماڻهوواري واري سان هڪ وڏو حُقو پي رهيا هئا. ڪجھ ڪلاڪن کان پوء هن ڏٺو ته ڪجھ ماڻهون پردي دار عورتن جي هٿن ۾ هٿ ڏئي اندر داخل ٿيا، ۽ ڪجھ پادري جيڪي مينارن جي ڇتين تي چڙهي ڀڄن پڙهي رهيا هئا _ ته اتي موجود هن سميت سڀ سجدي ۾ ڪري پيا.
    “هڪ منڪرن وارو عمل،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. جيئن ننڍي هوندي گرجا ۾ هو سدائين هڪ تصوير ۾ سَنت سانتياگو ماتامورس کي هڪ اڇي گھوڙي تي اُگھاڙي تلوار سان ڏسندو هو، ۽ هن ڀانت جا ماڻهو کيس جُهڪندا هئا. نِينگَرُ اتي انهن منڪرن جون شيطاني شڪليون ڏسي اڪيلائي ۽ منحوسيت محسوس ڪري رهيو هو.
    ان سڄي منظر ڏسڻ ۽ سفر جي ٿڪاوٽ کانپوء هن کان هڪ تفصيل پڇڻ وسري وئي هئي، صرف هڪ تفصيل جيڪا کيس خزاني کان پري رکي سگھي پئي. هن ملڪ ۾ صرف عربي ٿي ڳالهائي ويئي.
    مَڌُ خاني جو مالڪ وٽس آيو، نِينگَرَ کيس ڀر واري ٽيبل تي رکيل هڪ مشروب ڏانهن اشارو ڪندي کڻي اچڻ لاء چيو، جيڪا پيئڻ ۾ بالڪل ڪَڙي چانهن وانگي هئي ۽ نِينگَرَ مَڌُ پيئڻ کي ترجيح ڏني.
    پر کيس ان وقت ڪنهن ٻي شئ بابت اُلڪو ڪرڻ جي گُهرج ئي نه هئي، ڇاڪاڻ جو سندس پهرين ترجيح خزانو ۽ ان تائين پهچڻ جي گَس جي کوجنا ڪرڻي هئي. رڍن کپائڻ سان وٽس چڱا موچارا پئسا به هئا، ۽ کيس پئسن جي جادوء جي به خبر هئي، جنهن وٽ پئسو آهي اهو ڪڏهن به اڪيلو ناهي. ڪجھ ڏينهن کانپوء هو احرامن وٽ هوندو. ان پوڙهي بزرگ ڇهن رڍن جي بدلي ۾ هن سان ڪوڙ نه ڳالهايو هوندو.
    پوڙهي بزرگ سَوڻَن جي بابت ٻڌايو هو، هڪ سوڙهي پيچري تان گذرندي نِينگَرُ انهن علامتن جي بابت سوچي رهيو هو. ها، پوڙهي کي ان بابت ضرور ڪا نه ڪا خبر هئي. اندلس جي ميدانن ۾ وقت گذارڻ کانپوء نِينگَرُ زمين ۽ آسمان کي ڏسي موزون رستن جو تعين ڪرڻ ۾ به ماهر بڻجي چڪو هو. هن اهو به دريافت ڪيو هو ته هڪ مخصوص پکيء جي موجودگيء جو مطلب اهو آهي ته ڀر پاسي ۾ ڪو نانگ آهي، ۽ اهو به سکيو هئائين ته هڪ مخصوص ٻُوٽَي جي موجودگي ان علائقي ۾ پاڻيء جي هجڻ جو سَوڻُ آهي. اهو سڀ ڪجھ هنکي رڍن سيکاريو هو.
    “جيڪڏهن خدا رڍن کي صحيح پيچرو ڏيکاري سگھي ٿو ته مونکي به ضرور سيکاريندو.” هن سوچيو. جنهن سان هو وڏيڪ مطمئن محسوس ڪرڻ لڳو. هاڻ کيس اها چانهه به گھٽ ڪڙي لڳي رهي هئي.
    “تون ڪير آهين؟” اندلسي ٻولي ۾ هن اهو آواز ٻڌو.
    نِينگَرَ ٿڌو ساه ڀريو. هوانهن سَوڻَن جي بابت سوچي رهيو هو ته سندس آڏو هڪ شخص پڌرو ٿيو.
    “ تون اندلس جي ٻوليء ۾ ڀلا ڪيئن پيو ڳالهائين؟” نِينگَرَ پڇيو. هن نئين ڳڀرُو کي مغربي وَيسُ پهريل هو، پر سندس چمڙيء جي رنگ مان لڳو پئي ته سندس تعلق هن شهر سان آهي. سندس قد ڪاٺ ۽ ڄمار لَڳ ڀَڳ ساڳي نِينگَرَ واري هئي.
    “هت گھڻو ڪري هرڪو ئي اندلس جي ٻولي ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ جو اندلس هتان کان صرف ٻن ڪلاڪن جي فاصلي تي آهي.”
    “ اچ ويهه ته آءٌ تنهنجي ڪا خاطر ڪيان.”
    “منهنجي لاء ته مَڌُ جو هڪ گلاس گھرايو. هي چانهن ته مونکي بالڪل نه ٿي وڻي.” نِينگَرَ چيو.
    “ هن ملڪ ۾ مَڌُ مهيا ناهي،” ڳڀرُوء وراڻيو. “ هتان جي مذهب ۾ اهو ممنوع آهي.”
    نِينگَرَ کيس ٻڌايو ته کيس احرامن ڏانهن وڃڻو آهي. هي کيس خزاني جي بابت ٻڌائڻ وارو ئي هو پر کيس خيال آيو ته اهو صحيح ناهي. جيڪڏهن اها ڳالهه کيس ٻڌائبي ته ٿي سگھي ٿو ته هي عرب به ان خزاني جو ڪجھ حصو اتي پهچائڻ جي معاوضي طور وٺي. کيس پوڙهي بزرگ جي ڳالهه ياد آئي ته جنهن چيو هو ته جڏهن توهان وٽ ڪا شئ آهي ئي نه ته انجي حامي به نه ڀرجي.
    “ آءٌ چاهيان ٿو ته توهان مونکي اتي وٺي هلو. آءٌ توهانکي ان ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪرڻ جو معاوضو ڏيندس.”
    “ توهانکي خبر آهي ته اتي ڪيئن ٿو پهچي سگھجي؟” نِينگَرَ پڇيو.
    نِينگَرَ جو ڌيان ٿورو ڀرسان بيٺل مَڌُ خاني جي مالڪ ڏانهن هو جيڪو هنن جي ڪچهري غور سان ٻڌي رهيو هو. جنهنجي ڪري هو اوکائي محسوس ڪري رهيو هو، پر کيس هڪ سونهون ملي چڪو هو سو هاڻ هن اهو موقعو هٿان نه ٿي وڃائڻ چاهيو.
    “توهان کي ريگستان پار ڪرڻو پوندو.” ڳڀرُوء کيس چيو. “ ۽ ان لاء توهان کي پئسن جي گُهرج پوندي، ڇا توهان وٽ ايترا پئسا آهن؟”
    نِينگَرَ کي اهو سوال عجيب لڳو. پر کيس پوڙهي بزرگ جي ڳالهه تي ويساهه هو، جنهن کيس چيو هو ته، جڏهن توهان واقعي ڪنهن شيء کي ماڻڻ چاهيو ٿا ته سڄي ڪائنات ان شيء کي ماڻڻ جي منصوبي ۾ اوهانجي واهَرَ ڪري ٿي.
    هن پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍي هن ڳڀرُوء کي ڏيکاريا. مَڌُ خاني جو مالڪ پڻ اچي اهو لڪاء ڏٺو. هنن ٻنهي پاڻ ۾ ڪجھ عربي ٻولي ۾ ڳالهايو، جنهن کان پوء مَڌُ خاني جو مالڪ چِڙ ۾ نظر آيو.
    “هاڻ پاڻ کي هتان هلڻ گھرجي.” ڳڀرُوء چيو.” مالڪ به اهوئي ٿو چاهي.”
    نِينگَرَ ٿڌو ساه کنيو، ۽ حساب ڇڏائڻ لاء اٿيو، پر مالڪ کيس پڪڙي ڪاوڙ مان گھٽ وڌ ڳالهايو. نِينگَرُ سخت جان هو سو پنهنجي دفاع لاء هو به ڪجھ ڪري سگھيو پئي. پر هو هڪ ڌاريي ڏيهه ۾ هو. ايتري ۾ سندس دوست اچي مالڪ کي ڌڪو ڏئي هنکي ڇڪي ٻاهر وٺي ويو، ۽ کيس چيائين ته، “هن جي اک تنهنجي پئسن تي هئي. تنجائر باقي آفريڪا کان مختلف آهي. هي هڪ بندرگاه آهي ۽ هر بندرگاه تي چور هوندا آهن.”
    نِينگَرَ جو پنهنجي نئين دوست تي ويساه ٿي ويو. هن سندس ان خطرناڪ صورتحال کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ سندس واهَرَ ڪئي هئي. هو پنهنجا پئسا ڪڍي ڳڻڻ لڳو.
    “اسين سڀاڻي تائين احرامن وٽ پهچي وينداسين،” سندس دوست پئسا وٺندي کيس چيو.” “پر مونکي ٻه اُٺ وٺڻا پوندا.”
    ٻئي تنجائر جي سوڙهين گھٽين مان گذري رهيا هئا. هر طرف وڪري لاء مختلف شين جا اسٽال لڳل هئا. هو عمارت جي وچ تي اچي پهتا جتي بازار هئي. هزارين ماڻهو خريد و فروخت ۽ بحث مباحثي ۾ مشغول هئا. وڪري لاء ڀاڄيون، خنجر، غاليچا ۽ تماڪ پڻ موجود هئا. پر نِينگَرَ پنهنجي دوست تان نظر نه هٽائي. سندس سڄي جمع پونجي جو وٽس هئي. هن سوچيو ته اهي سڀ پئسا هن کان واپس وٺان پر اهو هڪ بي پريتيو عمل ٿي پوي هان. کيس ڌارين جي ڌرتيء جي رواجن جي خبر نه هئي.
    “ آءٌ بس هن تي نظر رکندس،” هن سوچيو. کيس خبر هئي ته سندس دوست جي مقابلي ۾ هي سخت جان آهي.
    اُمالَڪُ، ان سڄي مونجھاري جي وچ ۾ هن جي نظر هڪ انتهائي خوبصورت تلوار تي پئي، جنهن جي مياڻ تي چانديء جا نقش چٽيل هئا، هَٿيو اَمُلُهه پٿرن سان جڙيل هو. اهڙي تلوار هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. نِينگَرَ اهو پڪو پهه ڪيو ته جڏهن هو مصر کان واپس موٽندو ته اها تلوار ضرور خريد ڪندو.
    “اسٽال جي مالڪ کان پڇو ته اها تلوار گھڻي جي آهي،” پنهنجي دوست کي چيائين. تلوار ڏسندي اُمالَڪُ کيس محسوس ٿيو ته سندس ڌيان اصل شيء کان هٽي رهيو آهي. سندس دل زور جو جھٽڪو کاڌو ڄڻ مٿس ڇاتيء جو اُمالَڪُ زور پيو هجي. هاڻ هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ کان گھٻرائي رهيو هو، ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته هو ڇا ماڻڻ وارو آهي. پر سندس نظر اڃان به ان عمده تلوار ۾ کُتي پئي هئي، پر همت ڪري هن پنهنجو ڌيان ان تان هٽايو.
    مَنڊي جي چوڌاري خريدارن جي اچ وڃ، رڙ واڪن ۽ عجيب ڀانت جي کاڌن جي خوشبوئن سان ڀريل هئي... پر سندس ساٿي گُم هو.
    نِينگَرُ پاڻ کي ان ڳالهه تي آماده ڪري رهيو هو ته سندس دوست جو ائين گم ٿي وڃڻ صرف هڪ حادثاتي ڳالهه هوندي.
    هن اتي ترسي سندس انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ايتري ۾ هڪ پادري ڀر واري عمارت جي ڇت تي چڙهيو ۽ ڀڄن چوڻ شروع ڪيائين.؛ ان تي مَنڊي ۾ موجود هر شخص ڀڄن ٻُڌڻ لاء سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ ماڪوڙين جي آباديء وانگي پنهنجا پنهنجا اسٽال ڊاهيندو هليو ويو.
    سج پڻ لهڻ شروع ٿي چڪو هو. نِينگَرَ ان وقت تائين پئي سج لهڻ جو منظر ڌٺو جيسيتائين اهو مارڪيٽ جي عمارت جي چوڌاري گھرن جي پويان لڪي ويو. هن اهو خيال ڪيو ته جڏهن ان صبح جو سج اُڀريو هو، هو هڪ ريڍار جيڪو سٺ رڍن سان گڏ هڪ ٻئي کنڊَ تي هو ۽ نِينگَرَ سان ملڻ جي تياري ڪري رهيو هو. ان صبح جو انهن ميدانن ۾ گھمندي ڦرندي کيس اهو ڪاٿو ٿي چڪو هو ته هن سان ڇا ٿيڻ وارو آهي. پر هاڻي، جڏهن سج لهڻ شروع ٿي چڪو هو، ته هو هڪ ٻئي ملڪ ۾ ڌارين جي ڌرتيء تي پَرَهَنڌَن جيان هو کيس اتان جي ٻولي ڳالهائڻ به نه پئي آئي. هاڻ هو ريڍار نه هو ۽ نه ئي وٽس ڪا شيء موجود هئي، ۽ نه ئي پئسو جو هو ڏئي پنهنجي هر شيء واپس وٺي سگھي.
    اهو سڀ ڪجھ سج اُڀرڻ کان سج لٿي تائين جي وچ ۾ ٿي چڪو هو. کيس پاڻ تي تمام گھڻو افسوس ٿيو، هو ان حقيقت تي آه و زاري ڪرڻ لڳو ته ڪيئن سندس زندگي ايترو جلدي ۽ نهايت ئي بري طريقي سان تبديل ٿي ويئي.
    هو پاڻ تي ايترو شرمنده هو جو کيس روئڻ اچي رهيو هو. هو رڍن جي سامهون ڪڏهن به نه رُنو هو. مارڪيٽ به خالي هئي ۽ هو پنهنجي گھر کان به پري هو سو هن روئي ڏنو. هو انڪري رُنو جو خدا هن سان ويساه گھاتي ڪئي هئي. پر خدا کين اهڙي ئي طريقي سان نوازيندو آهي جيڪي پنهنجي خوابن تي يقين رکندا آهن.
    “جڏهن مون وٽ پنهنجيون رڍون هيون ته آءٌ به سَرَهو هئس، ۽ مون هنن کي پڻ سَرَهو رکيو هو. ۽ ماڻهو به مون مان سَرَها هئا.” نِينگَرُ سوچي رهيو هو. “پر هاڻ آءٌ ادنا ۽ اڪيلو آهيان. پر هڪڙي ماڻهوء جي ٺڳيء جي ڪري هاڻ آءٌ ڪنهن تي به ويساهه نه ڪندس. ۽ مونکي انهن ماڻهن سان به نفرت ٿيڻ لڳي آهي جن پنهنجا خزانا لڌا آهن پر آءٌ پنهنجو نه ڳولي سگھيس. مونکي هاڻ بس ٿوري گھڻي تي گذارو ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ جو هاڻ منهنجي اها حيثيت ناهي رهي جو آءٌ دنيا فتح ڪري سگھان.”
    هن پنهنجون باقي بچيل شيون ڏسڻ لاء پنهنجي ڳوٿري کولي ته متان اهو سنبوسو ٿورو بچيل هجي جيڪو هن ٻيڙيء تي سفر دوران کاڌو هو؛ پر کيس صرف هڪڙو ڳرو ڪتاب، سندس اَنگرکو ۽ ٻه پٿر مليا جيڪي پوڙهي بزرگ کيس ڏنا هئا.
    جيئن ئي سندس نظر انهن پٿرن تي پئي ته کيس ٿوري آٿت ٿي. سوني جي پٽي ۾ جڙيل اهي اَمُلُهه پٿر هن پنهنجين ڇهن رڍن جي عيوض ۾ ورتا هئا. هاڻ هو اهي پٿر کپائي واپسيء جي ٽڪيٽ وٺي پئي سگھيو. “پر هن دفعي مونکي سياڻپ سان ڪم وٺڻو پوندو،” نِينگَرَ ڳوٿريء مان پٿر ڪڍي پنهنجي کيسي ۾ رکندي سوچيو. اهو هڪ بندرگاه هو، ۽ هڪ ئي ڪم جي ڳالهه جيڪا سندس دوست کيس ٻڌائي هئي ته هي بندرگاه ڦورُن سان ڀريل آهي.
    هاڻ کيس سمجھ ۾ آيو ته مَڌُ خاني جو مالڪ هُن سان ڇو ايڏو تپي رهيو هو؛ شايد هو ان کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ان شخص تي ويساهه نه ڪر. “ آءٌ به عام انسانن جيان آهيان _ آءٌ به دنيا کي ان نظريي سان ڏسڻ چاهيان ٿو ته هر شيء منهنجي مرضي جي پٽاندڙ ٿئي، نه ڪي جيڪو ٿي رهيو آهي سو بس ٿيندو رهي.”
    هوريان هوريان هن پنهنجون آڱريون پٿرن جي مٿان انهن جي سطح ۽ حرارت کي محسوس ڪندي گھمايون. هاڻ اهي پٿر ئي سندس خزانو هئا. هو کين هٿن ۾ جھلي سڪون محسوس ڪري رهيو هو. اهي پٿر کيس پوڙهي بزرگ جي يادگيري ڏياري رهيا هئا. “جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته ، سموري ڪائنات انکي ماڻڻ جي منصوبي ۾ توهان جي واهَرَ ڪري ٿي.” هن چيو هو.
    نِينگَرَ ان ڳالهه جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جيڪا ان پوڙهي بزرگ کيس چئي هئي. هو هڪ خالي مارڪيٽ ۾ هو، ۽ وٽس هڪ ٽڪو به نه هو، نه ئي ڪا رڍ جنهنجي هو سار سنڀال لهي سگھي. پر اهي پٿر ان ڳالهه جو ثبوت هئا ته هو هڪ بادشاه سان ملي چڪو هو. اهو بادشاه جنهنکي نِينگَرَ جي ماضي جي به خبر هئي.
    “اهي يورم ۽ ٿومم سڏائجن ٿا، ۽ اهي سَوڻَن کي سمجھڻ ۾ واهَرَ ڪن ٿا.” نِينگَرَ اهي پٿر ڳوٿريء ۾ واپس رکيا ۽ انهن تي هڪ تجربو ڪرڻ جو سوچيو. پوڙهي بزرگ اهو چيو هو ته انهن کان چِٽا سوال ڪيا وڃن، ۽ انهيء کي ڪرڻ لاء، نِينگَرَ جو اهو ڄاڻ ضروري هو ته کيس ڇا گھرجي. سو هن اهو سوال پڇيو ته ڇا ان پوڙهي بزرگ جون دعائون اڃان تائين هن سان گڏ آهن.
    هن هڪ پٿر ٻاهر ڪڍيو. ۽ اهو “ها” هو.
    “ ڇا آءٌ پنهنجو خزانو ڳولي سگھندس؟” هن ٻيهر سوال ڪيو. جيئن ئي هن اهو سوال ڪيو ته ٻئي پٿر ڳوٿري مان هڪ سوراخ ذريعي وڃي پَٽ تي پيا. نِينگَرَ ڪڏهن به اهو غور نه ڪيو هو ته ڪي ڳوٿريء ۾ سوراخ آهي. هن هيٺ جھڪي يورم ۽ ٿومم کڻي واپس ڳوٿريء ۾ رکيا. پر جيئن ئي هو انهن پٿرن کي کڻڻ لاء جھڪيو ته هڪ ٻي ڳالهه کيس ياد آئي.
    “ سَوڻَن کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي پويان هلڻ سک،” پوڙهي بزرگ کيس چيو هو.
    “هڪ ٻيو سَوڻُ ،” نِينگَرَ پاڻمرادو کلندي چيو. هن اهي ٻئي پٿر کڻي ڳوٿريء ۾ واپس رکيا، ۽ ڳوٿريء جي سوراخ کي ڳنڍڻ تي غور ئي نه ڪيو. ان مان پٿر ڪنهن به وقت ڪري ٿي سگھيا. هي اهو سمجھي چڪو هو ته ڪجھ شيون اهڙيون آهن جن جي بابت ڪو سوال ڪرڻ ضروري ناهي، ته جيئن ڪو به پنهنجي تقدير کي ماڻڻ کان پاسيرو نه ٿي پوي.
    “ مون اهو واعدو ڪيو هو ته آءٌ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندس،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.
    پر پٿرن کيس اهو ٻڌايو هو ته پوڙهو بزرگ اڃا تائين هن سان گڏ آهي، جنهن سان هو وڌيڪ مطمئن ٿيو. هن خالي عمارت جي چوڌاري هڪ دفعو ٻيهر نظر ڦيرائي. هاڻ سندس نا اميدي اڳي کان گھٽ هئي. هاڻ اها ڌاري جڳهه نه هئي، هڪ ٻي نئين جڳهه هئي.
    ٻيو ته هن سدائين نَيُن جڳهين جو سير ڪرڻ ته چاهيو ٿي. جيڪڏهن هو احرامن تائين نه به پهچي سگھيو ته هن ايترو سفر ڪيو آهي جو ڪنهن به ريڍار نه ڪيو هوندو. جيڪر ! کين خبر هجي ها ته صرف ٻن ڪلاڪن جي ٻيڙيء جي فاصلي تي شيون ڪيڏيون نه مختلف آهن. جيتوڻيڪ، ان وقت هن جي دنيا بس اها خالي مارڪيٽ هئي، جيڪا هن ان وقت به ڏٺي هئي جڏهن اها ماڻهن سان ڀريل هئي، ۽ هو ڪڏهن به انکي نه وساريندو. کيس اها تلوار ياد آئي. انکي ياد ڪندي کيس ٿوري تڪليف ٿي، پر ان جهڙي تلوار هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. جيئن ئي هو انهن ڳالهين تي غور ڪري رهيو هو ته، کيس احساس ٿيو ته کيس هڪ ڳالهه جو انتخاب ڪرڻو پوندو ته، يا ته هو ڦوروء جي هٿان لُٽجڻ وارو هڪ مظلوم آهي يا وري هو خزاني جي کوجنا ۾ نڪتل هڪ جانباز آهي.
    “ آءٌ خزاني جي کوجنا ۾ نڪتل هڪ جانباز آهيان،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.


    قسط 7

    ڪنهن واٽهڙو جي ڌوڻي تي کيس جاڳ ٿي. کيس وچ مارڪيٽ ۾ ننڊ اچي ويئي هئي ۽ هاڻ مارڪيٽ جو ڪار وهنوار به شروع ٿيڻ وارو هو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پنهنجي رڍن کي جانچڻ لڳو. پر پوء کيس احساس ٿيو ته هو هڪ نئين دنيا ۾ هو. پر غمگين ٿيڻ جي بجاء هو سَرَهو هو. کيس هاڻ رڍن لاء خوراڪ ۽ پاڻي ڳولڻ جي بجاء هو خزاني جي کوجنا لاء وڃي ٿي سگھيو. سندس کيس خالي هو، پر کيس پاڻ تي ويساه هو. پوئين رات هن اهو فيصلو ڪيو هو ته هو ڪتابن ۾ جن جانبازن جي هو ساراه ڪندو هو، انهن وانگر ٿي ڏيکاريندو.
    هو مارڪيٽ ۾ آهستي آهستي گھمڻ لڳو. واپاري پنهنجا اسٽال لڳائي رهيا هئا، ته ان دوران نِينگَرَ هڪ مٺائيء واري جو هٿ ونڊرايو. مٺائيء واري جي منهن تي مُرڪ هئي؛ هو سَرَهو هو ۽ پنهنجي زندگيء مان مطمئن هو، ۽ پنهنجي روز مره جو ڪار وهنوار شروع ڪرڻ لاء تيار هو. سندس مُرڪ کيس پوڙهي بزرگ جي يادگيري ڏياري _ اهوئي روحاني پوڙهو بادشاه جنهن سان هو مليو هو. “هو مٺائيء وارو انڪري مٺائي نه پيو ٺاهي ته جيئن هو بعد ۾ سياحت ڪري ۽ ڪنهن هَٽَ واري جي ڌيء سان شادي ڪري. اهو سڀ ڪجھ هو انڪري ڪري رهيو آهي جو هو اهو ڪرڻ چاهي ٿو.” نِينگَرَ سوچيو. هن اهو محسوس ڪيو ته هي به اهو سڀ ڪجھ ڪري سگھيو ٿي جيڪو هو پوڙهو بزرگ ڪندو هو _ ڪنهنجي جي بابت اهو ڪاٿو لڳائڻ ته هو پنهنجي تقدير کي ماڻڻ کان ڪيترو پري يا ڪيترو ويجھو آهي. “ اهو آسان آهي پر ائين مون اڳ ڪڏهن نه ڪيو آهي،” نِينگَرَ سوچيو.
    جڏهن اسٽال لڳي ويو ته، مٺائيء واري کيس مٺائي ڏني جيڪا هن ان ڏينهن لاء تازي تيار ڪئي هئي. نِينگَرَ سندس شڪريو بجا آڻيندي مٺائي کاڌي ۽ روانو ٿيو. جيئن ئي هو ٿورو اڳڀرو ٿيو ته کيس خيال آيو ته اسٽال لڳائڻ وقت اتي موجود ٻن ماڻهن مان هڪ عربي ۽ ٻيو اندلس جي ٻولي ڳالهائي رهيو هو. ۽ هو هڪٻئي کي چڱي ريت سمجھي سگھيا پئي.
    اهڙي ڪا ٻولي ضرور هوندي جيڪا لفظن جي محتاج نه هجي، نِينگَرَ سوچيو. آءٌ اڳ ۾ ئي اهڙُ تجربو پنهنجي رڍن سان ڪري چڪو آهيان، ۽ هاڻ اهو ماڻهن سان پيو ٿئي.
    هو ڪيتريون ئي نيون شيون سکي رهيو هو. ڪجھ ته سندس مشاهدي کان اڳ ۾ ئي گذري چڪيون هيون، سو هن لاء ڪا نئين ڳالهه نه هئي، پر هن انهن ڳالهين کي ڪڏهن محسوس نه ڪيو هو. هن انڪري انهن ڳالهين کي محسوس نه ڪيو هو جو سندن عادي ٿي چڪو هو. کيس اهو احساس ٿيو ته؛ “ جيڪڏهن آءٌ اها ٻولي سکي پوان جيڪا لفظن جي محتاج ناهي ته آءٌ پوري دنيا کي سمجھي سگھان ٿو.” پرسڪون انداز سان هن اهو طع ڪيو ته هو تنجائر جو سوڙهيون گھٽيون جھاڳيندو، ۽ اهڙي ئي نموني سان هو سَوڻَن کي پڙهي سگھي ٿو. کيس خبر هئي ته ان ۾ وڏي صبر جي گُهرج آهي، پر ريڍار ته صبر جي بابت وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا. هڪ دفعو ٻيهر هن ڏٺو ته ڌاري ڌرتيء تي هو اهي ساڳيا عمل دهرائي رهيو هو جيڪي هن رڍن سان گڏ سکيا هئا.
    “ مڙني شين جو بنياد هڪ آهي،” پوڙهي بزرگ چيو هو.
    هڪ قلمي ڪائَي جي واپاريء پنهنجو ڏينهن ان ساڳي ڳڻتيء منجھان شروع ڪيو جيڪا کيس روزاني لڳي رهي ٿي. هو ان جڳهه تي ٽيهن ورهين کان ڪم ڪري رهيو هو؛ سندس هَٽُ هڪ ٽڪريء جي مٿان گذرندڙ گھٽيء ۾ هو جتان صرف چند خريدارن جو ئي گذر ٿيندو هو. هاڻ ته ڪا چڱي تبديلي آڻڻ جو وقت به نه هو _ قلمي ڪائَي جي ٿانوَن جي خريدو فروخت ئي هڪ اهڙو ڪم هو جيڪو هو سکي سگھيو هو. ڪو وقت هو جڏهن هن هَٽَ جي بابت ماڻهن ۾ ججھو چرچو هو؛ جن ۾ امير ترين عرب واپاري، انگريز ۽ فرانس جا زميني علم جا ماهر، جرمن فوجي شامل هئا. انهن ڏينهن ۾ قلمي ڪائَي جي سامان جو وڪرو هڪ بهترين ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) هئي، ۽ هن امير بڻجڻ چاهيو ٿي ۽ وڏو ٿي هڪ خوبصورت عورت سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.
    پر وقت سان گڏوگڏ تنجائر جا حالات تبديل ٿيندا ويا، ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) ٺَپ ٿيندي وئي. ۽ ان جي ڀر ۾ ئي هڪ شهر سيوٽا هو جيڪو ان وقت تنجائر جي نسبت تيزيء سان ترقي ڪري رهيو هو. ڀر وارا واپاري پنهنجي ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) منتقل ڪري چڪا هئا، ۽ ان ٽڪريء تي ڪجھ ئي هَٽَ بچيا هئا. ۽ ڪنهن به ان ٽڪريء تي چڙهي انهن ڪجھ هَٽَن کي گھمڻ نه ٿي چاهيو. پر قلمي ڪائَي جي واپاريء کي ڪا ٻي واٽ نظر نه آئي. هو پنهنجي زندگيء جا ٽيهه ورهيه قلمي ڪائَي جي ٿانون جي خريدوفروخت ۾ گھاري چڪو هو، ۽ هاڻ ٻي ڪا ڪِرتِ (ڪاروبار، سرگرمي) ڪرڻ لاء دير ٿي چڪي هئي. هو صبح کان گھٽيء ۾ ماڻهن جي ٿوري گھڻي اچ وڃ کي ڏسندو رهندو هو. پر، منجھند جي مانيء کا ٿورو اڳ، هَٽَ تي سادن ڪپڙن ۾ هڪ نِينگَرُ آيو. پر قلمي ڪائَي جي ٿانوَن جي واپاريء جون تجربيڪار اکين اهو ڏسي سمجھي ويون ته هن نِينگَرَ وٽ خريداريء لاء ڏوڪڙ ناهن. ان جي باوجود واپاري منجھند جي مانيء لاء نِينگَرَ جي وڃڻ تائين ترسيو.

    دروازي تي لڳل هڪ فَرَهيء مان پڌرو ٿيو پئي ته هَٽَ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.نِينگَرَ ڏٺو ته دَخَلَ تي هڪ شخص آيو.
    “ جيڪڏهن توهان چاهيو ته آءٌ ڪٻٽ ۾ پيل اهي قلمي ڪائَي جا ٿانوَ صاف ڪري سگھان ٿو.” نِينگَرَ چيو. “ ان حالت ۾ اهي ٿانوَ ڪير به نه وٺندو.”
    ان شخص ڪو به جواب نه ڏنو.
    “ ان جي عيوض توهان مونکي ڪجھ کائڻ لاء ڏجو.”
    هو اڃان به چُپ رهيو، نِينگَرَ سوچيو ته شايد هو ان بابت سوچي رهيو آهي. سندس ڳوٿريء ۾ هڪ اَنگرکو هو جيڪو بيابان ۾ ته کيس ڪم اچڻ وارو نه هو. سو اَنگرکو ڪڍي هو قلمي ڪائَي جا ٿانو صاف ڪرڻ لڳو. اڌ ڪلاڪ ۾ ڪٻٽ ۾ پيل سڀ ٿانو هو صاف ڪري چڪو هو، ان دوران ئي ٻه خريدار هَٽَ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪجھه ٿانو خريد ڪيائون.
    ٿانو صاف ڪرڻ کانپوء هن مانيء لاء پڇيو، “اچ ته هلي ماني کائون،” واپاريء کيس چيو.
    هَٽَ جي دروازي تي وقفي جي فَرَهي لڳائي هو ٻئي ڀر ۾ هڪ ننڍي هوٽل ڏانهن هليا ويا. ويهڻ ساڻ ئي قلمي ڪائَي جي واپاريء ٽهڪ ڏنو.
    “توکي صفائي ڪرڻ جي ضرورت نه هئي.” هن چيو. “ قرآن بُکايلن کي کارائڻ جو حڪم ڪري ٿو.”
    “ ٺيڪ آهي، پر توهان مونکي ائين ڪرڻ ڇو ڏنو؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ڇاڪاڻ جو قلمي ڪائَي جا ٿانو ميرا هئا. ۽ پاڻ ٻنهي کي پنهنجي ذهنن ۾ موجود منفي سوچن کي به صاف ڪرڻو هو.”
    ماني کائيندي قلمي ڪائَي جي واپاريء نِينگَرَ کي چيو، “ آءٌ چاهيان ٿو ته تون منهنجي هَٽَ تي ڪم ڪر. تنهنجي ڪم ڪرڻ جي دوران ٻه خريدار آيا ۽ اهو هڪ سٺو سَوڻُ آهي.
    ماڻهو علامتن جي بابت جام ٿا ڳالهائين. ريڍار سوچيو. پر کين خبر ناهي ته هو ڇا پيا ڳالهائين. جيئن مونکي اهو احساس نه هو ته ڪيترائي ورهيه آءٌ پنهنجي رڍن سان بغير لفظن واري ٻولي ڳالهائيندو رهيس.
    “ ڇا تون مون وٽ ڪم ڪرڻ چاهين ٿو؟” واپاريء پڇيو.
    “ آءٌ باقي سڄو ڏينهن ڪم ڪندس،” نِينگَرَ جواب ڏنو. “ آءٌ سڄي رات پره ڦٽيء تائين ڪم ڪندس، ۽ آءٌ توهانجي هَٽَ جو هر هڪ ٿانوء صاف ڪندس. پر انجي عيوض ۾ مونکي سڀاڻ مصر پهچڻ لاء پئسا گھرجن.”
    واپاريء ٽهڪ ڏنو، “جيڪڏهن تون منهنجي هَٽَ ۾ قلمي ڪائَي جا ٿانو سڄو سال به صاف ڪندي.... ۽ جيڪڏهن هڪ هڪ داڻو کپائڻ تي توکي سٺا پئسا به ملن تڏهن به توکي مصر پهچڻ لاء پئسا اوڌر وٺڻا پوندا. وچ ۾ هزارين ميلن جو بيابان آهي.”
    چوڌاري ماحول شانت ۾ اچي ويو، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته سڄي شهر کي ننڊ اچي وئي هجي. بازارن ۾ به ڪو آواز نه رهيو هو، واپارين جي وچ ۾ به ڪو بحث نه هو، ڪو به عمارت تي چڙهي ڀجن نه پيو چئي، ڪا اميد، ڪو جانبازي وارو ڪم، ڪو پوڙهو بادشاه ۽ ڪا تقدير، ڪو خزانو، ۽ ڪي به احرام باقي نه بچيا هئا. ائين لڳي رهيو هو ته سموري دنيا خاموش ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ جو نِينگَرَ جو روح به خاموش ٿي چڪو هو. هي اتي ويٺي پنهنجي موت ۽ هر شيء جي سدائين لاء خاتمي جي خواهش ڪندي هوٽل جي دروازي کي تڪيندو رهيو.
    واپاريء اُلڪي مان نِينگَرَ کي ڏٺو. اها سرهائي جيڪا هن صبح جو محسوس ڪئي هئي سا اُمالَڪُ لَمڻجي چڪي هئي.
    “پٽ، آءٌ توکي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ لاء پئسا ڏئي سگھان ٿو،” واپاريء کيس چيو.
    نِينگَرُ خاموشيء سان اٿيو ۽ ڪپڙا ٺيڪ ڪري پنهنجي ڳوٿري کنيائين.
    “آءٌ توهان وٽ ڪم ڪندس،” نِينگَرَ وراڻيو. هڪ ٻي گهرِي سانت کانپوء هن چيو، “مونکي رڍون وٺڻ لاء ڪجھ پئسن جي گُهرج پوندي.”


    قسط 8

    نِينگَرُ ان واپاريء وٽ هڪ مهيني کان ڪم ڪري رهيو هو، کيس اها خبر هئي ته هي اهو ڪم ناهي جيڪو کيس سَرَهو رکي سگھي. واپاري سڄو ڏينهن دخلَ تي ويٺو مٿس ڀُڻڪندو رهندو هو ۽ کيس احتياط ڪرڻ لاء چوندو رهندو هو ته ڪا شيء ڀڄي نه پوي.
    هو اها نوڪري صرف انڪري ڪري رهيو هو جو واپاري جيتوڻيڪ تيز طبيعت جو پوڙهو هو پر سندس سلوڪ ڏاڍو سٺو هو. نِينگَرَ کي هر ٿانو جي وڪري تي سٺا پئسا پئي مليا، جنهن جي ڪري هو ڪجھ پئسا بچائيندو به پئي ويو. ان ڏينهن هن اهو حساب ڪتاب پئي ڪيو ته جيڪڏهن هو روز ائين ئي پنهنجو ڪم جاري رکي جيئن ڪري رهيو هو ته، کيس ڪجھ رڍون وٺڻ لاء پورو سال لڳي ويندو.
    “ آءٌ ٿانون جي لاء هڪ الماري ٺاهڻ چاهيان ٿو،” نِينگَرَ واپاريء کي چيو. “ٽڪريء جي هيٺان کان گذرندڙ ماڻهن جو ڌيان ڇڪڻ لاء ان کي ٻاهر رکي سگهجي ٿو.”
    “ اڳ مون ائين ڪڏهن به نه ڪيو آهي.” واپاريء جواب ڏنو. “ماڻهو اتان گذرندي ان سان ٽڪرائبا ۽ ٿانو ڀڄي پوندا.”
    “پر جڏهن آءٌ پنهنجي رڍن سان ميدانن ۾ ويندو هوس ته انهن مان ڪجھ نانگ جي ڏنگڻ سبب مري پونديون هيون. پر اهائي رڍن ۽ ريڍارن جي زندگي آهي.”
    واپاري هڪ گراهڪ ڏانهن ويو جنهن کي ٽي ٿانو گھربل هئا. سندس وڪرو اڳي جي نسبت تمام بهتر ٿي چڪو هو. ڄڻ پراڻو وقت واپس اچي ويو هجي جن ڏينهن ۾ تنجائر جي ان گھٽي کي خاص اهميت حاصل هئي.
    “ ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) ڀَلي ٿي چڪي آهي،” گراهڪ جي وڃڻ تي واپاريء نِينگَرَ کي چيو.
    “سٺي ڪمائي ٿي رهي آهي، ۽ جلد ئي تون پنهنجون رڍون واپس وٺي ويندي. زندگيء کان ٻيو ڇا گھرجي؟”
    “ڇاڪاڻ جو اسانکي قدرت جي علامتن کي سمجھڻو آهي،” نِينگَرَ بغير ڪنهن مطلب جي اها ڳالهه ڪئي؛ جنهن تي هن معذرت به ڪئي، ڇاڪاڻ جو واپاري ته ڪڏهن ان بادشاه سان نه مليو هو.
    “ انهيء کي ڀلائيء جو قاعدو، يا سيکڙاٽ جو ڀاڳ چئجي ٿو. ڇاڪاڻ جو زندگي به اهو چاهي ٿي ته توهان پنهنجي تقدير کي حاصل ڪيو،” پوڙهي بزرگ چيو هو.
    پر واپاري نِينگَرَ جي ڳالهه سمجھي ويو هو. هَٽَ ۾ نِينگَرَ جي موجودگي به قدرت جو هڪ سَوڻُ هو، ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو ٿي ويو تيئن ڏوڪڙ به ايندا ٿي ويا،کيس نِينگَرَ کي پاڻ وٽ رکڻ جو ڪو افسوس نه هو. نِينگَرَ کي پنهنجي جائز حق کان وڌيڪ اُجرت ملي رهي هئي. واپاريء نِينگَرَ کي ٿانون جي وڪري تي وڌيڪ منافعو ان ڪري به پئي ڏنو ته انکانسواء وڪرو نه پئي وڌي سگھيو. کيس اهو به خيال هو ته ائين ڪرڻ سان نِينگَرُ جلد پنهنجون رڍون واپس وٺي سگھندو.
    “ تون مصر جي احرامن ڏانهن ڇو ٿو وڃڻ چاهين؟” واپاريء پڇيو.
    “ ڇاڪاڻ جو مون انهن جي بابت جام ٻڌو آهي،” نِينگَرَ پنهنجي خواب جو ذڪري ڪندي بغير کيس جواب ڏنو. خزانو هاڻ بس هڪ دردناڪ داستان بڻجي چڪي هئي، ۽ هن ان بابت سوچڻ کان به پاسو ٿي ڪيو.
    “هت مون ڪو اهڙو شخص نه ڏٺو آهي جيڪو صرف احرام ڏسڻ لاء ريگستان جو سفر ڪري،” واپاريء چيو. “ اهي بس پٿرن جا ڍير آهن، اهي ته تون پنهنجي گھر جي اڱڻ ۾ پاڻ به اڏي سگھين ٿو.”
    “ توهان ڪڏهن به سفر جا خواب نه ڏٺا آهن،” نِينگَرَ گراهڪ جو انتظار ڪندي چيو جيڪو هَٽَ ۾ داخل ٿي چڪو هو.
    ٻن ڏينهن کانپوء واپاريء نِينگَرَ سان الماري جي بابت ڳالهايو.
    “مونکي گھڻيون تبديليون پسند ناهن،” هن چيو. “پاڻ هن امير واپاريء حسن وانگي ناهيون. جيڪڏهن کيس واپار ۾ ڪو گھاٽو به ٿيو ته ان سان مٿس ڪو اثر نه پوندو. پر پاڻ ٻنهي کي پنهنجي غلطين سان گڏ زندگي گذارڻي پوندي.”
    اها ته هڪ حقيقت آهي، نِينگَرَ افسوس منجھان سوچيو.
    “ الماري رکڻ جي پويان تنهنجي ڪهڙي سوچ هئي؟”
    “ آءٌ پنهنجي رڍن ڏانهن جلد از جلد موٽڻ چاهيان ٿو. ڀاڳ کليو آهي ته اسانکي انجو ڀرپور لاڀ به وٺڻ گھرجي. “انهيء کي ڀلائيء جو قاعدو چئجي ٿو، يا سيکڙاٽ جو ڀاڳ.”
    واپاري ڪجھ دير لاء خاموش رهيو، ۽ پوء چيائين، “پيغمبرﷺ اسانکي قرآن ڏنو، ۽ سَرَهي زندگي گذارڻ لاء اسانوٽ پنج عقيدا ڇڏيا. جن مان سڀ کان پهريون ۽ وڏي اهميت وارو آهي هڪ خدا تي يقين رکڻ. ٻيو ڏينهن ۾ پنج وقت نماز پڙهڻ، رمضان جا روزا، ۽ غريبن جي لاء زڪوات.”
    هن پنهنجي ڳالهه اتي روڪي. پيغمبر ﷺ جن جي ڳالهه ڪندي سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. هو هڪ دين دار شخص هو، ۽ ايڏي بي صبري ۽ ڪاوڙ هوندي به هن پنهنجي زندگي اسلامي قانونن پٽاندڙ گھارڻ ٿي چاهي.
    “پنجون عقيدو ڪهڙو آهي”، نِينگَرَ پڇيو.
    “ٻه ڏينهن اڳ تو چيو هو ته مون ڪڏهن به سيرو سفر جي خواهش نه ڪئي آهي،” واپاريء جواب ڏنو. “هر مسلمان لاء پنجون عقيدو حج آهي. زندگيء ۾ هڪ دفعو مڪي پاڪ ڏسڻ اسان لاء خوش نصيبي جهڙي ڳالهه آهي.”
    “ مڪو پاڪ احرامن کان به تمام گھڻو پري آهي. جڏهن آءٌ ڳڀرُو هئس، ته مون ڪجھ ڏوڪڙ گڏ ڪري هي هَٽُ کولڻ ٿي چاهيو. مون سوچيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن آءٌ مڪي پاڪ وڃڻ جي قابل ٿي پوندس. مون وٽ ڏوڪڙ به گڏ ٿي ويا پر آءٌ هَٽُ ڪنهنجي حوالي نه ٿي ڪري سگھيس، ڇاڪاڻ جو قلمي ڪائَي جا ٿانوَ نهايت ئي حساس آهن. مڪي پاڪ ڏانهن ويندڙ ماڻهن جو لنگھ هن هَٽَ تان ٿيندو هو. انهن ما ڪجھ امير حاجي هئا جيڪي قافلن ۾ پنهنجي نوڪرن ۽ اُٺن سان گڏ هوندا هئا ۽ ڪي ته وري مونکان به غريب هئا. جيڪي به اتي ويا سي سَرَها هئا. انهن پنهنجي گھر جي دروازن تي حج تا آندل ڪجھ سوکڙيون به ٽنگي ڇڏيون هيون. انهن مان هڪ موچي هو جنهن جو گذر سفر جوتن ڳنڍڻ تي هو، ان موچيء چيو ته هن حج لاء ريگستان ۾ هڪ سال سفر ڪيو آهي، پر ان سفر کيس ايترو نه ٿڪايو جيترو سفر هو تنجائر جي گھٽين ۾ چمڙو خريد ڪرڻ لاء ڪندو هو.”
    “پوء توهان هاڻ مڪي پاڪ ڇو نه ٿا وڃو؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ ڇاڪاڻ جو اها مڪي وڃڻ جي سوچ ۽ لوچ مونکي زنده رکيو ويٺي آهي. ۽ ان سوچ جي ڪري ئي آءٌ زندگيء کي منهن ڏيو ويٺو آهيان جنهن ۾ساڳيا ڏينهن ساڳيون راتون، اهي ئي ساڪن ٿانو ۽ ساڳي سَراءِ جي ماني آهي. مونکي خوف آهي ته جيڪڏهن منهنجو خواب حقيقت بڻجي ويو ته منهنجي جياپي جو ڪو ٻيو ڪارڻ نه رهندو.”
    “ تون پنهنجين رڍن ۽ احرامن جا خواب ڏسين ٿو، پر تون مونکا پوء به مختلف آهين، ڇاڪاڻ جو تون پنهنجن خوابن کي محسوس ڪرڻ ۽ انهن جي حقيقت چاهين ٿو جڏهن ته آءٌ صرف مڪو پاڪ خواب ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. مون اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا ريگستان کي پار ڪري مقدس پٿر واري عمارت وٽ پهچي انکي هٿ لاهڻ کان بغير انجو ست ڀيرا طواف ڪرڻ جو خواب ڏٺو آهي. ۽ ان خواب ۾ اهي ماڻهو به ڏٺا جيڪي مونسان گڏ ۽ منهنجي اڳيان هئا، ۽ اها ڳالهه ٻولهه ۽ اهي دعائون پڻ خواب ۾ ڪري چڪو آهيان. پر اهو سڀ ڪجھ حقيقت ٿيڻ کانپوء منهنجي جياپي جو مقصد ختم ٿي وڃڻ جي خوف ۾ آءٌ بس انجي خواب کي ئي ترجيح ڏيندس.”
    ان ڏينهن، واپاريء نِينگَرَ کي الماري هڻڻ جي جي اجازت ڏني. هر ڪو ماڻهو پنهنجي خوابن جي ساڀيان ان ريت نه ٿو ماڻي سگھي جنهن ريت هن خواب ڏٺو آهي.


    ٻه مهينا ٻيا به گذري ويا، ۽ ان الماريء جي ڪري هَٽَ ۾ گراهڪن جو تعداد وڌندو ويو. نِينگَرَ ڪاٿو لڳايو ته ڇهه مهينا ٻيا ڪم ڪرڻ سان هو اندلس واپس وڃي سٺ رڍون خريد ڪري سگھي ٿو، ۽ انکانپوء سٺ ٻيون به. سال کان به گھٽ وقت ۾ هو پنهنجو ڌڻ ٻيڻو ڪري سگھي ٿو، ۽ هو عربن سان به ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) ڪرڻ جو لائق ٿي ويندو، ڇاڪاڻ جو هاڻ هو انهن جي ٻولي به ڳالهائي پئي سگھيو. ان ڏينهن بازار ۾ يورم ۽ ٿومم کي ڪَتب آڻڻ کانپوء هن ٻيهر انهن پٿرن کي ڪَتب نه آندو. ڇاڪاڻ جو مصر هاڻ سندس لاء هڪ ڏوراهين خواب وانگي هو، جيئن واپاريء لاء مڪو پاڪ. جيئن تيئن ڪري نِينگَرَ ان ڪم ۾ پنهنجو دل لڳايو، ۽ هو ان ڏينهن بابت سوچڻ لڳو جڏهن هو طريفا ۾ هڪ فاتح جي صورت ۾ پڌرو ٿيندو.
    “توهانکي سدائين اها خبر هجڻ گھرجي ته توهان ڇا ٿا چاهيو،” پوڙهي بزرگ چيو هو. نِينگَرَ کي اها ڄاڻ هئي ۽ هو ان لاء جاکوڙ به ڪري رهيو هو. ٿي سگھي ٿو ته پرديس ۾ اهو ئي سندس خزاني جو گَسُ هو ته ڪيئن هو چور سان مليو، ڪيئن هن پنهنجو ڌڻ هڪ آنڪ خرچ ڪرڻ جي بغير ٻيڻو ڪيو.
    کيس پاڻ تي فخر هو. هن ڪجھ خاص شيون به سکيون هيون، جيئن ٿانوَن جي ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي)، ۽ لفظن جي بغير ٻولي، ۽ اهي قدرتي سَوڻَ. هڪ ڏينهن هن ٽڪري تي چڙهندڙ هڪ شخص ڏٺو، جيڪو ڪُرڪي رهيو هو ته ايترو مٿي چڙهڻ کان پوء هت کائڻ پيئڻ لاء اهڙي ڪا چڱي جاء ناهي. نِينگَرُ جيڪو علامتن کي سمجھڻ جو قائل ٿي چڪو هو، واپاريء کي چيائين، “هن ٽڪريء تي چڙڻ وارن کي چانهن ڇو نه وڪرو ڪرڻ گھرجي.”
    “هت ڪيترين ئي جڳهين تي چانهن وڪرو ٿئي ٿي،” وپاريء وراڻيو.
    “پر اسين چانهن قلمي ڪائَي جي ٿانوَن ۾ وڪرو ڪنداسين. ماڻهو چانهن مان لطف اندوز به ٿيندا ۽ ٿانوَ پڻ خريد ڪندا. مون ٻڌو آهي ته سونهن مردن کي تمام گھڻو موهيندي آهي.”
    واپاري جواب نه ڏنو، پر ان ڏينهن منجھند جي وقت، هَٽُ بند ڪري نماز پڙهڻ کانپوء هن نِينگَرَ کي پاڻ سان گڏ حُقو ڇڪڻ جي صلاح ڪئي، حُقو عربن وٽ عام جام آهي.
    “ ڪهڙي شيء جي لاء تون لوچي رهيو آهين؟” پوڙهي واپاري پڇيو.
    “ اهو آءٌ توهان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مونکي رڍون خريد ڪرڻيون آهن ۽ ان لاء مونکي ڏوڪڙ گھرجن.”
    “ٽيهن ورهين کان مون وٽ هي هَٽُ آهي، مونکي قلمي ڪائَي جي ٿانوَن جي نوعيت جي خبر آهي ته ڪهڙو عمده آهي ۽ ڪهڙو خراب، ۽ آءٌ ان بابت هر شيء ڄاڻان ٿو. مونکي ٿانوَن تي ٿيل چٽڪاريء جي به ڄاڻ آهي. جيڪڏهن اسين انهن ٿانوَن ۾ چانهه وڪرو ڪنداسين ته ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) وڌي ويندي. ۽ پوء مونکي پنهنجي زندگيء جا طور طريقا به مٽائڻا پوندا.
    “ ته پوء اها سٺي ڳالهه ناهي؟”
    “ آءٌ انهن شين جو عادي ٿي چڪو آهيان. تنهنجي اچڻ کان اڳ، آءٌ اهو سوچي رهيو هئس ته هن هڪ ئي جڳهه تي مون پنهنجو ڪيترو وقت ضايع ڪيو آهي، جڏهن ته منهنجا دوست ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا، انهن مان ڪِن جو ته ڏيوالو نڪري ويو پر ڪجھ وري اڳي کان بهتر ٿي ويا. ان ڳالهه مونکي ڏاڍو پريشان ڪيو. هاڻ اءٌ ڀائنيان ٿو ته جيڪي ٿيو سو ٺيڪ ٿيو. هَٽُ ان ئي ماپ ۽ نقشي جو آهي جيئن مون چاهيو ٿي. آءٌ هاڻ ڪا شيء تبديل نه ٿو ڪرڻ چاهيان، ڇاڪاڻ جو تبديلين کي منهن ڏيڻ آءٌ نه ٿو ڄاڻان. آءٌ جيئن آهيان ائين ئي ٺيڪ آهيان.”
    نِينگَرَ کي سمجھ ۾ نه آيو ته ڇا چوڻ گھرجي. پوڙهي واپاريء پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “ تون منهنجي لاء برڪت جو سبب بڻيو آهين. ۽ اڄ مونکي اها ڳالهه سمجھ ۾ آئي آهي ته؛ برڪت يا رحمت کي ٺڪرائڻ سان اها مصيبت بڻجي پوي ٿي. مونکي زندگيء ۾ ٻي ڪنهن شيء جي طلب ناهي. پر تون مونکي ان ناڻي ۽ آڪاس منڊل جي انهن حدُن ڏانهن ڏسڻ لاء زور ڀري رهيو آهين جيڪي مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺيون. هاڻ جڏهن اهي سڀ شيون منهنجي سامهون آهن، ۽ هاڻ جڏهن آءٌ انهن امڪانن کان واقف آهيان ته هاڻ آءٌ تنهنجي اچڻ کان اڳ موجود مشڪلاتن کان وڌيڪ مشڪلاتن ۾ به ڦاسي سگھان ٿو.”
    “چڱو ٿيو جو طريفا ۾ موجود نانوائيء کي مون ڪجھ نه چيو،” نِينگَرَ سوچيو.
    هو ٻئي سج لٿي تائين حقو ڇڪيندا رهيا. هو پاڻ ۾ عربي ۾ ڳالهائي رهيا هئا، ان ڳالهه لاء نِينگَرُ پاڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو هو. اهو وقت هو جڏهن سندس خيال هو ته سندس رڍون ئي کيس دنيا جي ڪار وهنوار جي بابت هر ڳالهه سيکارينديون رهن ٿيون، پر اهي کيس عربي ڪڏهن به نه ٿي سيکاري سگھيون.
    “دنيا ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون هيون جيڪي اهي رڍون مونکي نه پئي سيکاري سگھيون،” نِينگَرَ پوڙهي واپاريء کي خيال ۾ رکندي سوچيو. اهي رڍون بس کاڌي پيتي جو ڪم ئي ڪري سگھن ٿيون. ۽ ٿي سگھي ٿو ته اهي مونکي ڪجھ نه سيکارينديون هجن پر آءٌ ئي انهن مان ڪجھ نه ڪجھ سکيس ٿي.
    “لکيو،” واپاريء آخرڪار ڪجھ چيو.
    “ انهي جو مطلب ڇا آهي؟”
    “ توکياهو سمجھڻ لاء هڪ عرب ٿي جنم وٺڻو پوندو.” واپاريء وراڻيو، “ پر تنهنجي ٻوليء ۾ ان جو مطلب آهي لکيو.‘
    حُقي ۾ موجود ڪوئلن کي پکيڙيندي، هن نِينگَرَ کي چيو ته هو قلمي ڪائَي جي ٿانوَن ۾ چانهه جو وڪرو شروع ڪري سگھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن وهندڙ نديء کي روڪڻ جو ڪو وجھء نه هوندو آهي.


    قسط 9

    ماڻهو ٽڪري تي چڙهندا هئا ۽ چوٽيء تائين پهچڻ ۾ ٿڪجي پوندا هئا. پر اُتي جڏهن سندن نظر هَٽَ تي وڪرو ٿيندڙ ڦودني جي چانهه تي پوندي هئي ته هو چانهن پيئڻ لاء ايندا هئا جيڪا قلمي ڪائَي جي عمده ٿانوَن ۾ پيش ڪئي ويندي هئي.
    “منهنجي زال ڪڏهن به هن بابت نه سوچيو هوندو،” هڪ ماڻهو ٿانوَ خريد ڪندي چيو ته _ ان رات وٽس ڪجھ مهمان اچڻا آهن ۽ مهمان قلمي ڪائَي جي انهن ٿانوَن جي سونهن ڏسي ضرور متاثر ٿيندا. ٻئي چيو ته قلمي ڪائَي جي ٿانوَن ۾ پيش ڪرڻ سان چانهه وڌيڪ لذيذ ٿيو پوي، ڇاڪاڻ جو انهن ٿانوَن ۾ چانهه جي خوشبوء محفوظ رهي ٿي. ٽئين چيو ته خاص ڪري اوڀر ايشيائي ملڪن ۾ قلمي ڪائَي جي ٿانوَن ۾ چانهه پيش ڪرڻ جي رواج آهي ڇاڪاڻ جو ان ۾ هڪ جادوئي طاقت آهي.
    ٿوري ئي وقت ۾ اها خبr پکڙجي وئي، ۽ ڳچ ماڻهن ان هَٽَ کي ڏسڻ لاء ٽڪريء تي چڙهڻ شروع ڪيو جيڪو هڪ پراڻي طرز جي ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) کي نئين طرز طور پيش ڪري رهيو هو. ٻيا به اهڙا هَٽَ کلي ويا جيڪي قلمي ڪائَي جي ٿانوَن ۾ چانهه پيش ڪري رهيا هئا، پر اهي هَٽَ ٽڪريء جي چوٽيء تي نه هئا تنهنجي ڪري سندن ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) گھٽ هئي. آخرڪار، واپاريء کي ڪم لاء ٻه وڌيڪ ماڻهو به رکڻا پيا. واپاريء ٿانوَن سان گڏوگڏ ڳچ مقدار ۾ چانهن به درآمد ڪرڻي پئي، ۽ سندس هَٽَ ۾ نين شين جي کوجنا لاء مردن ۽ عورتن جو انبوه جاري رهيو، ۽ اهڙي ريت مهينا گذرندا ويا.


    نِينگَرُ پرهه ڦٽيء جي وقت اٿيو. کيس آفريڪا جي کنڊ ۾ پير پاتي يارهن مهينا ۽ نو ڏينهن ٿي چڪا هئا.
    هن ان ڏينهن لاءِ خاص اڇو لچڪدار سوٽي ڪپڙي جو عربي وَيسُ پهريو، ۽ مٿي تي رومال رکي ان تي اُٺ جي چمڙي مان ٺهيل هڪ دائري نما (عقال) رکيو، ۽ نوان جوتا پائي خاموشيء سان هيٺ لٿو. سڄو شهر اڃان ننڊ ۾ هو. هن سنبوسو تيار ڪري کاڌو ۽ قلمي ڪائَي جي ٿانوَ ۾ گرم چانهن پيتائين. پوء هن ٿوري سوجھري واري جاء تي ويهي حُقو ڇڪيو.
    خاموشيء سان بغير ڪنهن سوچ ويچار جي حُقو ڇڪيندي هِير جي آواز کي ٻڌي رهيو هو جيڪا ريگستان جي سڳنڌ پاڻ سان گڏ آڻي رهي هئي. جڏهن هن حُقو ڇڪڻ پورو ڪيو ته پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌائين ۽ ڪجھ دير لاء اُتي ئي ويٺي ان بابت سوچيندو رهيو جيڪو هو پوئتي ڇڏي آيو هو. سندس کيسي ۾ ڳچ ڏوڪڙ هئا. هڪ سوء ويهه رڍيون، واپسيء جي ٽڪيٽ ۽ آفريڪا کان سندس ملڪ ۾ شين جي برآمد جي اجازت نامي لاء ايترا ڏوڪڙ ڪافي هئا. هو صبر سان واپاريء جي جاڳڻ ۽ هَٽُ کولڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. هَٽُ کلڻ کانپوء ٻنهي چانهن پيتي.
    “ آءٌ اڄ وڃي رهيو آهيان،” نِينگَرَ چيو. “مون وٽ ڏوڪڙ آهن ۽ آءٌ رڍون خريد ڪري سگھان ٿو ۽ هاڻ توهان وٽ به مڪي پاڪ وڃڻ لاء ڏوڪڙ آهن.”
    پوڙهو واپاري چپ رهيو.
    “ڇا توهان مونکي دعا ڏيندئو؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ تون منهنجي واهَرَ ڪئي آهي.” واپاري پنهنجي چانهن جاري رکي ۽ ٻيو ڪجھ نه چيو. پوء هو نِينگَرَ ڏانهن مڙيو.
    “مونکي توتي فخر آهي، تون منهنجي هَٽَ کي هڪ نئون رنگ ڏنو آهي. پر توکي خبر آهي ته آءٌ مڪي پاڪ نه ويندس، جيئن توکي اها به خبر آهي ته تون به رڍون نه وٺندي.” پوڙهي وراڻيو.
    “ توهانکي اهو ڪنهن چيو؟” نِينگَرَ اچرج وچان پڇيو.
    “لکيو،” پوڙهي واپاريء وراڻيو. ۽ هن نِينگَرَ کي دعا ڏني.



    نِينگَرُ پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ پنهنجا ٽَپَڙَ ٻڌڻ لڳو. ٽي ٿيلها ٽَپَڙَن سان ڀرجي چڪا هئا. جيئن ئي هو وڃڻ وارو ٿيو ته ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيل ريڍارن واري پراڻي ڳوٿري تي سندس نظر پئي. اهو ڳوٿرو ٽَپَڙَن جي سٿي هيٺان رکيل هو، ڳچ عرصي کان ان جي بابت کيس خيال ئي نه آيو هو. اهو خيال ڪندي هن پنهنجو اَنگرکو ان ڳوٿري مان ڪڍيو ته گھٽيء ۾ ڪنهن کي ڏئي ڇڏبو، ته ان مهل ٻه پٿر يورم ۽ ٿومم فرش تي ڪريا. جنهن سان نِينگَرَ کي پوڙهي بادشاه جي يادگيري اچي وئي، ۽ کيس احساس ٿيو ته ڳچ عرصي کان هن ان بابت سوچيو به نه هو. لڳ ڀڳ هڪ سال کان هو لڳاتار ڪم ڪري رهيو هو ۽ سندس سوچ بس وڌ کان وڌ ڏوڪڙ گڏ ڪري شان و شوڪت سان اندلس واپس موٽڻ جي هئي.
    “ ڪڏهن به خواب ڏسڻ نه ڇڏيو، ۽ سَوڻَن جي پيروي ڪريو،” پوڙهي بادشاه چيو هو.
    نِينگَرَ يورم ۽ ٿومم کنيا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر کيس اهو عجيب احساس ٿيو ته ڄڻ پوڙهو بادشاه سندس ڀر ۾ آهي. هن هڪ سال سخت جاکوڙ سان ڪم ڪيو هو ۽ سَوڻَ اهو ٻڌائن پيا ته هاڻ وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي.
    “ آءٌ واپس پنهنجو ساڳيو ڪم ڪرڻ لاء وڃي رهيو آهيان جيڪو آءٌ اڳ ۾ ڪندو هئس، ڀلي انهن رڍن مونکي عربي ڳالهائڻ نه سيکاري،” نِينگَرَ سوچيو.
    پر رڍن کيس اڃان به وڌيڪ اهم ڳالهه سيکاري هئي؛ ته دنيا ۾ هڪ اهڙي ٻولي آهي جيڪو هر ڪو سمجھي سگھي ٿو، اها ٻولي نِينگَرَ هَٽَ تي ڪم ڪرڻ واري سڄي عرصي دوران ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) ۾ سڌارا آڻڻ لاء ڪَتب آندي هئي. اها ٻولي گرمجوشيء ، پيار ۽ ڪنهن خاص مقصد لاء شين کي ماڻڻ، ۽ ڪنهن شيء جي کوجنا جو حصو جنهن تي ويساهه هجي ۽ جنهن جي خواهش هجي انکي ماڻڻ واري ٻولي هئي. هاڻ تنجائر سندس لاء اوپرو نه هو، هن اهو محسوس ڪيو ته جيئن هو هن شهر کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي تيئن ئي هو دنيا کي به فتح ڪري سگھي ٿو.
    “جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته، سموري ڪائنات انکي ماڻڻ جي منصوبي ۾ توهان جي واهَرَ ڪري ٿي.” کيس پوڙهي بادشاه جي ڳالهه ياد آئي.
    پر پوڙهي ڦورن جي بابت ڪا ڳالهه نه چئي هئي، نه ئي هن بي انت ريگستان جي بابت ڪجھ چيو هو، ۽ نه ئي انهن ماڻهن جي بابت ڪجهه ٻڌايو هو جيڪي خواب ته لهن ٿا پر انهن جي ساڀيان نه ٿا چاهين. پوڙهي بادشاه کيس اهو به نه ٻڌايو هو ته احرام بس پٿرن جو هڪ جٿو آهن ۽ اهي ته ڪير به پنهنجي گھر جي اڱڻ ۾ اڏي سگھي ٿو. ۽ هن ان ڳالهه جي به نشاندهي نه ڪئي هئي ته جيڪڏهن توهان وٽ ايترا ڏوڪڙ هجن جو اوهان پاڻ وٽ اڳ ۾ موجود ڌڻ کان وڌيڪ ڌڻ خريد ڪري سگھو ته اهو ضرور خريد ڪيو.
    نِينگَرَ اهو ڳوٿرو کڻي پنهنجي ٻين ٽَپَڙَن سان گڏ رکيو ۽ هيٺ لهي ڏٺائين ته پوڙهو واپاري هڪ پرديسي جوڙي جي هَٽَ ۾ داخل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻه خريدار قلمي ڪائَي جي پيالين ۾ چانهن پيئندا هَٽَ کان ٻاهر نڪتا. ان ڏينهن هَٽَ ۾ عام ڏينهن کان وڌيڪ ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) نظر ٿي آئي. جتي هو بيٺو هو اُتان کان پهريون ڀيرو کيس ائين لڳو ته پوڙهي واپاريء جا وار ان پوڙهي بادشاه جيئان آهن، کيس تنجائر ۾ پهرئين ڏينهن جنهن ڏينهن کيس ڪيڏانهن به وڃڻ جو گس نه پئي مليو ۽ اتي کيس ان مٺائيء واري جي مُرڪ به ياد آئي، اها مُرڪ به ان پوڙهي بادشاه جي مُرڪ جهڙي هئي. ائين لڳي رهيو هو ته هو هت آيو هجي ۽ پنهنجا نشان ڇڏي ويو هجي، پر هو ماڻهو ته ان پوڙهي بادشاه سان ڪڏهن به نه مليا هئا. ٻيو ته هن اهو به چيو هو ته هو سدائين وٽن واهَرَ لاء پڌرو ٿيندو آهي جيڪي پنهنجي تقدير کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
    نِينگَرُ واپاريء کان موڪلائڻ بغير ئي هليو ويو. هو اتي موجود دوستن جي سامهون روئڻ نه پيو چاهي، وڃڻ کانپوء اها جڳهه ۽ اهي سڀ ڳالهيون جيڪي هن اتي سکيون سي کيس ياد رهنديون.
    “ پر آءٌ انهن ميدانن ڏانهن واپس وڃي رهيو آهيان جن کان آءٌ چڱي ريت سونهون آهيان.” هن پاڻ کي پَڪ ڏياريندي چيو، پر هو ان فيصلي مان سَرَهو نه هو. هن سڄو سال پنهنجي خواب جي ساڀيان لاء ڪم ڪيو هو، ۽ ان خواب جي اهميت هاڻ هوريان هوريان گھٽجي رهي هئي. ڇاڪاڻ جو ٿي سگھي ٿو اهو حقيقت ۾ سندس خواب ئي نه هو.
    اها ته ڪنهنکي خبر ناهي... ٿي سگھي ٿو ته قلمي ڪائَي جي واپاريء واري ڳالهه ۾ ئي بهتري هجي؛ مڪي نه وڃڻ، ۽ سڄي زندگي اتي وڃڻ جي خواهش ڪرڻ، هن وري پاڻ کي آٿت ڏياريندي سوچيو. جيئن ئي هن يورم ۽ ٿومم هٿ ۾ جھليا ته کيس ان پوڙهي بادشاه جي سگھ ۽ ارادو پاڻ ۾ منتقل ٿيندي محسوس ٿيو. اهو اتفاق هو يا شايد واقعي هڪ قدرتي سَوڻُ هو، نِينگَرَ سوچيندي سوچيندي ان مَڌُ خاني ۾ داخل ٿيو جتي هو پهرئين ڏينهن آيو هو. اهو ڦورو اتي موجود نه هو، ۽ مالڪ سندس لاء چانهه جي هڪ پيالي آندي.
    “ آءٌ ڪنهن به ويلي ريڍار بڻجي سگھان ٿو،” نِينگَرَ سوچيو. “مون سندن سنڀال ڪرڻ جو هنر به سکيو آهي، ۽ اهو مونکي اڃان ياد آهي. پر ٿي سگھي ٿو ته مونکي مصر جي احرامن تائين پهچڻ جو موقعو وري نه ملي. ان پوڙهي بزرگ کي ڇاتيء تي سون جو پٽو پهريل هو، ۽ کيس منهنجي ماضي جي بابت به ڄاڻ هئي. هو واقعي هڪ ساڃهه وند بادشاه هو، اندلس جون ٽڪريون صرف ٻن ڪلاڪن جي فاصلي تي هيون پر احرامن ۽ سندس جي وچ ۾ سڄو جو سڄو بيابان هو. پوء به نِينگَرَ ان ڪيفيت کي هن ريت گَھڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ؛ هو حقيقت ۾ پنهنجي خزاني کان ٻن ڪلاڪن جي فاصلي تي هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو ٻن ڪلاڪن جو وقت ڇڪجي هڪ سال بڻجي چڪو هو.
    “ آءٌ ڄاڻان ٿو ته آءُ پنهنجي ڌڻ ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿو، آءُ رڍن جي رهڻي ڪهڻيء کي سمجھي سگھان ٿو، اهو ڪو مسئلو ناهي، ۽ انهن سان سٺي دوستي به ڪري سگھجي ٿي. ٻئي پاسي، پر مونکي اها خبر ناهي ته بيابان منهنجو سٺو دوست بڻبو يا نه، ۽ خزانو به مونکي ان بيابان مان ڳولڻو آهي. جيڪڏهن آءٌ انکي ڳولي سگھيس ته آءٌ گھر وڃي سگھان ٿو، مون وٽ آخرڪار ججھا ڏوڪڙ ۽ وقت پڻ آهن. پوء ڇو نه؟”
    هو ان ڳالهه تي ڏاڍو سَرَهو ٿيو. هو ڪنهن به ويلي واپس وڃي ريڍار يا وري قلمي ڪائَي جي ٿانوَن جو واپاري بڻجي ٿي سگھيو. ٿي سگھي ٿو ته دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي لڪل خزانا هجن، پر سندس اهو خواب هو، ۽ هو هڪ بادشاه سان پڻ ملي چڪو هو. اهو هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندو!
    مَڌُ خانو ڇڏيندي وقت هو رِٿَ رِٿي رهيو هو. کيس ياد هو ته هڪ ٿانوَن جي واپاريء کي پنهنجو مال قافلي جي صورت ۾ ريگستان کان گذر ڪندي مهيا ڪيو ويندو هو. هن يورم ۽ ٿومم سندس هٿن ۾ جھليا؛ انهن ٻن پٿرن جي ڪري ئي، هو هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي خزاني جي طرف وڃڻ وارو هو.
    “ آءٌ سدائين انهن جي ويجھو هوندو آهيان جيڪي پنهنجي تقدير کي سمجھن ٿا،” پوڙهي بادشاه چيو هو.
    انهن ٿانوَن مهيا ڪرڻ وارن جي گدامن تائين وڃڻ ۾ ۽ اها معلومات وٺڻ ۾ ته احرام واقعي ايترو ڏور آهن ڪهڙو حرج آهي.


    قسط 10

    عمارت ۾ هڪ انگريز هڪ بينچ تي ويٺل هو، ان عمارت ۾ ڌوڙ مٽي هئي ۽ جانورن ۽ پگھر جي ڌپ ٿي آئي؛ اها عمارت ڪجھ گدام پئي لڳي ته ڪجھ پکين جو پڃرو. “ مونکي اهو ڪاٿو نه هو ته پڇاڙيء ۾ آءٌ هن جهڙي جڳهه تي اچي پهچندس،” انگريز هڪ ڪيميائي مخزن جا ورق اُٿلائيندي سوچي رهيو هو. “ ڏهه ورهيه يونيورسٽيء جي تعليم ماڻڻ کانپوء آءٌ هڪ پڃري ۾ آهيان.”
    پر کيس اڳتي وڌڻو هو. کيس سَوڻَن تي ويساهه هو. سندس سموري حياتي ۽ سمورو علم ڪائنات جي اصل ٻوليء کي سمجھڻ لاء صرف ٿيل هو. پهريائين هن ايسپيرانٽو ٻولي پڙهي، پوء هن دنيا جي مختلف مذهبن جي بابت علم حاصل ڪيو ۽ هاڻ هو علم ڪيميا جو مطالعو ڪري رهيو هو. کيس ايسپرانٽو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آئي ٿي، ۽ کيس دنيا جي مڙني وڏن مذهبن جي ڄاڻ پڻ هئي، پر هو اڃا تائين ڪيمانگر بڻجي نه سگھيو هو. هو ڪجھ خاص سوالن جي پٺيان لڪل حقيقت کي به سمجھي چڪو هو، پر سندس ڏات کيس ان مقام تي پهچائي ڇڏيو هو. جو ان کان اڳتي هن وڃڻ نه ٿي چاهيو. هو هڪ ڪيمانگر سان به لهه وچڙ ۾ آيو هو جيڪو هڪ بي لاڀ عمل هو. پر ڪيمانگر عجيب ٿين ٿا، هو صرف پنهنجي بابت ئي سوچين ٿا، ۽ هنن سدائين سندس واهَرَ کان انڪار ڪيو.
    ڪهڙي خبر، ٿي سگھي ٿو ته هو اُن حڪمت واري ڪم يعني پارس جي پٿر جي ڳُجھ تائين پهچڻ ۾ ناڪام ويا هجن، ٿي سگھي ٿو ته ان ئي سبب جي ڪري هنن پنهنجي ڏات پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏي هئي.
    هو اڳ ۾ ئي پنهنجي پيء جو ڇڏيل ناڻو پارس جي پٿرکي ماڻڻ لاء اجائي لُٽائي چڪو هو. هن دنيا جي وڏي کان وڏن ڪتاب گھرن ۾ به پنهنجو ججھو وقت گذاري چڪو هو، ۽ ڪيميا جا ڪيترائي ناياب ڪتاب پڻ خريد ڪري چڪو هو. هڪ ڪتاب ۾ هن ڪيترائي ورهيه اڳ هڪ عرب ڪيميا گر جي يورپ گھمڻ جي بابت به پڙهيو هو. اهو ٻڌايو پئي ويو ته سندس ڄمار ٻه سوء ورهين کان به مٿي هئي، ۽ هن پارس جو پٿر ۽ وڏي ڄمار ماڻڻ وارو آبِ حيات به ڳولي لڌا هئائين. انگريز ان سڄي قصي کان انتهائي درجي تائين متاثر ٿي چڪو هو. پر هو ان قصي کي ايستائين هڪ ڏند ڪٿا سمجھي رهيو هو جيسيتائين سندس هڪ دوست بيابان مان قديم آثارن جي مهم تان موٽندي کيس هڪ پوڙهي شخص جي بابت ٻڌايو هو جيڪو غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو.
    “ هو ريگستان جي وچ ۾ هڪ سرسبز جاء الفَيوم ۾ رهي ٿو.” سندس دوست کيس چيو. “ ۽ ماڻهو چون ٿا ته هو ٻه سوء ورهين جو آهي ۽ هو ڌاتن کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جو ماهر آهي.”
    انگريز پنهنجي بي تابي گھڻي دير روڪي نه سگھيو. هو پنهنجا سڀ ڪم ڪاريون منسوخ ڪري، پنهنجا ڪجھ مخصوص ڪتاب کڻي هاڻي هو هڪ ميري بدبودار گدام ۾ ويٺو هو. ۽ ٻاهر هڪ وڏو قافلو سهارا ريگستان پار ڪرڻ جي تياري ۾ هو، ۽ ان قافلي کي الفَيوم وٽان به گذر ڪرڻو هو.
    “ آءٌ ان ڪيمانگر کي ڳولي لهندس،” انگريز سوچيو. هاڻ کيس پکين جي بدبوء به برداشت ڪرڻ جھڙي لڳي رهي هئي.
    هڪ عرب ڳڀرُو به پنهنجو سامان رکي اندر داخل ٿيو ۽ انگريز کي کيڪاريائين.
    “ اوهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟” ڳڀرُو عرب پڇيو.
    “ آءٌ ريگستان ڏانهن وڃي رهيو آهيان،” انگريز پنهنجو مطالعو جاري رکندي جواب ڏنو. هن ان وقت ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي ڪرڻ چاهي. کيس ان سڄي ڏات جو ٻيهر جائزو وٺڻو هو جيڪو ڪيترن ئي ورهين دوران پڙهيو هئائين، ڇاڪاڻ جو اهو ڪيمانگر کيس ضرور پرکيندو.
    عرب ڳڀرُو ڪتاب ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو. ڪتاب اندلسي ٻوليء ۾ لکيل هو.
    “ڏاڍو چڱو،” انگريز سوچيو. هو عربيء کان وڌيڪ اندلس جي ٻولي بهتر ڳالهائي رهيو هو، ۽ جيڪڏهن هي نِينگَرُ به الفَيوم ڏانهن وڃي رهيو آهي ته اتي واندڪائيء ۾ ڪو نه ڪو ڳالهائڻ لاء ته ملي ويندو.



    “ عجيب ڳالهه آهي،” نِينگَرَ هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڪتاب ۾ جنازي وارو قصو پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. “ آءٌ ٻن ورهين کان ان ڪتاب کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پر آءٌ شروع وارن صفحن کان اڳتي ڪڏهن به نه وڌي سگھيس.” پوڙهي بادشاه جي خلل نه وجھڻ جي باوجود به ڪتاب تي ڌيان نه پئي ڏئي سگھيو.
    کيس اڃا پنهنجي فيصلي تي شڪ هو. پر هو هڪ شيء سمجھي سگھيو ٿي؛ ڪو به فيصلو ڪرڻ صرف هڪ مُنڍ آهي. جڏهن ڪير به ڪو فيصلو ڪري ٿو ته ، ته حقيقت ۾ هو هڪ زوردار وهڪري ۾ ٽُٻي هڻي رهيو هوندو آهي ۽ اهو وهڪرو کيس سندس ان پهرئين فيصلي ڪرڻ کانپوء ان مقام تي پهچائي ڇڏي ٿو جنهن جو کيس گمان به نه هوندو آهي.
    “جڏهن مون خزانو ڳولڻ جو فيصلو ڪيو هو ته مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته آءٌ هڪ ٿانوَن جي هَٽَ تائين اچي پهچندس. ۽ هن قافلي تائين اچي پهچندس. پر هاڻ اهو جيئن به هلي رهيو آهي، مون لاء هڪ ڳجھ آهي،” هن سوچيو.
    سندس ڀر ۾ ئي انگريز ڪتاب پڙهي رهيو هو. هو بي پريتو انسان ٿي لڳو. ۽ جنهن وقت نِينگَرُ اندر داخل ٿيو هو ته کيس خار لڳي هئي. سندن وچ ۾ دوستي ٿي سگھي پئي پر انگريز ڳالهه ٻولهه ئي بند ڪري ڇڏي.
    نِينگَرَ پنهنجو ڪتاب بند ڪيو. نِينگَرَ سوچيو ته کيس ان انگريز وارو رويو اختيار ڪرڻ نه گھرجي. هن سندس کيسي مان يورم ۽ ٿومم انهن سان ڪڏڻ شروع ڪيو.
    “ يورم ۽ ٿومم!!” انگريز رڙ ڪندي چيو.
    گھٻرائيندي نِينگَرَ پٿر پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيا.
    “اهي وڪري لاء ناهن،” نِينگَرَ چيو.
    “ اهي گھڻا مهانگا به ناهن،” انگريز چيو. “ اهي فقط پٿر جا ٽڪڙا آهن، ۽ اهڙا پٿر جا ٽڪڙا زمين جي اندر جام آهن. پر جن کي اهڙين شين جي ڄاڻ آهي، اهي ئي اهو سمجھي سگھن ٿا ته اهي يورم ۽ ٿومم آهن. مونکي اها خبر نه هئي ته اهي دنيا جي هن حصي ۾ به موجود آهن.”
    “ هي پٿر هڪ بادشاه مونکي تحفي طور ڏنا هئا،” نِينگَرَ چيو.
    انگريز جواب نه ڏنو؛ انجي بجاء هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجھي ساڳيا پٿر ڪڍيا جيڪي نِينگَرَ وٽ هئا.
    “ ڇا تون هڪ بادشاه جي ڳالهه ڪئي؟” انگريز پڇيو.
    “ آءٌ ڀائنيان ٿو ته توهان کي ان ڳالهه تي يقين نه ايندو ته ڪو بادشاه مون جهڙي هڪ ريڍار سان ڳالهائيندو،” نِينگَرَ اهو چوندي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ چاهي.
    “ ائين هرگز ناهي. اهي ريڍار ئي هئا جن بادشاه کي سڃاتو هو جڏهن ته پوري دنيا ان ڳالهه کي تسليم نه ٿي ڪيو. سو بادشاه جو ريڍار سان ڳالهائڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ناهي.”
    هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي ۽ هو خائف به هو ته متان نِينگَرُ سندس ڳالهيون نه سمجھي سگھي، “ اهو توريت ۾ لکيل آهي. هي اهو ئي ساڳيو ڪتاب آهي جنهن مونکي يورم ۽ ٿومم جي بابت ڄاڻ ڏني. اهي پٿر خدا جي طرف کان برڪت وارا پٿر آهن. پادري انهن پٿرن کي سون جي پَٽَي ۾ رکندا آهن.”
    هاڻ نِينگَرُ ان گدام ۾ ويٺي سرهائي محسوس ڪري رهيو هو.
    “ ٿي سگھي ٿو ته هي به ڪو قدرت جو سَوڻُ هجي،” انگريز ٿورو وڏي آواز ۾ چيو.
    “ توهانکي انهن سَوڻَن جي بابت ڪنهن ٻڌايو؟” نِينگَرَ جي دلچسپي وڌي رهي هئي.
    “ زندگيء ۾ هر شيء قدرت جو هڪ سَوڻُ آهي،” انگريز هاڻ پنهنجو مخزن (رسالو) بند ڪندي کيس جواب ڏنو.
    “ هڪ ٻولي آهي جنهنکي پوري ڪائنات جي ٻولي چيو وڃي ٿو، ٻين شين سان گڏ ان ڪائنات جي ٻوليء جي کوجنا ۾ آهيان. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ هت آهيان. مونکي اهو ماڻهو ڳولڻو اهي جيڪو اها ٻولي ڄاڻي ٿو. ۽ اهو صرف هڪ ڪيمانگر ئي آهي.”
    گدام جي مالڪ سندن ڪچهري ۾ رخنو وڌو.
    “ توهان ٻئي سڀاڳا آهيو،” گدام جي مالڪ ٿلهي عرب چيو.
    “ اڄ هڪ قافلو الفَيوم ڏانهن وڃي رهيو آهي.”
    “پر مونکي ته مصر وڃڻو آهي،” نِينگَرَ چيو.
    “الفَيوم مصر ۾ ئي آهي،” گدام جي مالڪ چيو. “ تون ڪهڙي ڀانت (قِسم) جو عرب آهين، توکي اها به خبر ناهي.”
    “اهو سڀاڳ جو سَوڻُ آهي،” گدام جي مالڪ جي وڃڻ کانپوء انگريز چيو. “ جيڪڏهن آءٌ اهو ڪري سگھيس ته صرف ٻن لفظن “ڀاڳ” ۽ “اتفاق” تي هڪ تمام عميق معلوماتي خُلاصو لکندس، ڇاڪاڻ جو انهن ٻن لفظن سان ئي اها ڪائنات جي ٻولي لکيل آهي.”
    هن نِينگَرَ کي چيو ته سندس ان نِينگَرَ سان هٿ ۾ يورم ۽ ٿومم کنئي ملڻ اتفاق ناهي. ۽ نِينگَرَ کان اهو به پڇيائين ته ڇا هو پڻ هڪ ڪيمانگر جي کوجنا ۾ آهي.
    “ آءٌ هڪ خزاني جي کوجنا ۾ آهيان،” نِينگَرَ چيو، ۽ يڪدم کيس اها ڳالهه ٻڌائڻ تي افسوس ٿيو. پر انگريز سندس ان ڳالهه کي ڪا خاص اهميت نه ڏني.
    “ هڪ طرح سان ته آءٌ به هڪ خزاني جي ئي کوجنا ۾ آهيان،” انگريز چيو.
    “ مونکي علم ڪيميا جي بابت ڪا ڄاڻ ناهي،” نِينگَرُ اها ڳالهه ڪري ئي رهيو هو ته گدام جي مالڪ کين ٻاهر سڏيو.



    “آءٌ قافلي جو اڳواڻ آهيان،” ڏاڙهيء سان هڪ ڪرڙين اکين واري ماڻهوء چيو. “ جيڪي به مونسان گڏ آهن انهن جي زندگيء ۽ موت جو ذميوار آءٌ آهيان. ريگستان هڪ خيالي عورت وانگي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن کي چريو ڪريو ڇڏي.”
    اتي لَڳُ ڀَڳُ ٻه سئو کن ماڻهو ۽ چار سئو جانور جن ۾ اُٺ،گھوڙا، خچر ۽ پکي گڏ ٿيل هئا. ان انبوه ۾ ٻار ، عورتون مرد هئا ۽ مَرد تلوارن ۽ بندوقن سان هئا. انگريز وٽ به ڪتابن سان ڀريل ڪيترائي ٿيلها هئا. اتي تمام گھڻو شور هو، جنهن جي ڪري قافلي جي اڳواڻ کي پنهنجي ڳالهه هر هر دهرائڻي پئي پوي ته هرڪو سمجھي سگھي ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي.
    “ هت هر ڀانت جا ماڻهو آهن، ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي خدا تي ايمان رکي ٿو. پر آءٌ فقط هڪ الله تي يقين رکان ٿو، ۽ آءٌ انجو قسم کڻي اهو ٻيهر دهرايان ٿو ته آءٌ اوهان کي هي ريگستان پار ڪرائڻ لاء پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪندس. پر آءٌ اوهان مان هر هڪ کان اهو چاهيان ٿو ته توهان به پنهنجي پنهنجي خدا جو قسم کڻي چئو ته توهان منهنجي احڪامن جي هر صورت ۾ فرمانبرداري ڪندئو. ريگستان ۾ فرمانبرداري نه ڪرڻ جو تَتُ صرف موت آهي.”
    انبوه ۾ ڀڻ ڀڻ شروع ٿي وئي، هرڪو ماٺ ۾ پنهنجي پنهنجي خدا جو وچن ڏئي رهيو هو. نِينگَرَ عيسيٰؑ جو قسم ڏنو. جڏهن ته انگريز خاموش رهيو. ۽ اها وچن ڏيڻ واري ڀُڻ ڀُڻ ڪيتري ئي وقت تائين جاري رهي. ماڻهو پنهنجي حفاظت لاء پنهنجي خدائن جي عبادت پڻ ڪري رهيا هئا.
    بِگل وڳو، ۽ هر ڪو مٿي چڙهيو. نِينگَرَ ۽ انگريز اُٺ خريد ڪيا هئا، ۽ هو بي يقيني واري ڪيفيت ۾ انهن تي چڙهي ويٺا. نِينگَرَ کي انگريز جي اُٺ کي ڏسي افسوس ٿيو، جيڪو ڪتابن جي وزن جي ڪري جُھڪي پيو هو.
    “اتفاق جھڙي ٻي ڪا شيء ناهي،” انگريز وري اُتان کان ڳالهه شروع ڪئي جتان گدام ۾ ڇڏي هئائين. “ آءٌ هت انڪري آهيان جو منهنجي هڪ دوست هڪ عرب جر بابت ٻڌو هو جيڪو.........” قافلو هلڻ شروع ٿيو ۽ انگريز جي ڳالهه کي ٻڌڻ ناممڪن هو. پر نِينگَرَ کي خبر هئي ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي، جيتوڻيڪ ؛ هڪ الهامي سلسلو جيڪو هڪ شيء کي ٻي شيء سان ڳنڍي ٿو، ان ئي ساڳي سلسلي جي ڪري هو ريڍار بڻيو هو، انجي ڪري ئي هو وري وري اهو خواب لهي رهيو هو، ان سلسلي ئي کيس آفريڪا تائين پهچايو،بادشاه سان ملايو، ۽ قلمي ڪائَي جي واپاريء سان ملڻ لاء ڦورن کان به ڦريو، ۽..........
    “جيڪڏهن ڪير پنهنجي تقدير کي سمجھڻ جي ويجھو پهچي ٿو، ته اها تقدير ئي سندس جياپي جو سبب بڻجي ٿي،” نِينگَرَ سوچيو. قافلو اوڀر طرف هلڻ شروع ٿيو. قافلو پرهه ڦٽيء کان سفر شروع ڪري پيو، ٻن پهرن جو ٽاڪ منجھند جي ڪري منزل هڻي آرام ٿي ڪيائون، وري ٽئين پهر ۾ هلڻ ٿي شروع ڪيائون. نِينگَرَ ۽ انگريز جي گھٽ ڳالهه ٻولهه پئي ٿي ڇاڪاڻ جو انگريز ڳچ وقت ڪتاب پڙهڻ ۾ صرف ڪري رهيو هو.
    نِينگَرُ سانت ئي سانت ۾ ريگستان ۾ ماڻهن ۽ جانورن جو مشاهدو ڪري رهيو هو. سفر شروع ڪرڻ واري ڏينهن جي نسبت هاڻ خاموشي آهي، ان وقت مڙني کي آنڌ مانڌ هئي ۽ هر طرف رڙيون هيون، ٻارن جا رنڀاٽ ۽ جانورن جون هينگڻ، ان کان علاوه قافلي جي مختلف ٽولين جي رهبرن ۽ واپارين جي پريشاني سڀ شيون گڏجي ويون هيون.
    پر، ريگستان ۾ صرف واء ۽ جانورن جي کُرن جو آواز هو. قافلي جي ٽولين جا رهبر پڻ هڪٻئي سان گھٽ ڳالهائي رهيا هئا.
    “ مون هي ريگستان ڪيترائي ڀيرا پار ڪيو آهي،” هڪ اُٺ واري هڪ رات ڳالهه ڪئي. “ پر ريگستان تمام وڏو وسيع آهي، ۽ آڪاس منڊل تمام ڏور، هت انسان پاڻ کي ادنيٰ محسوس ڪري ٿو ۽ ان ڪري ئي خاموش رهي ٿو.”
    نِينگَرُ ريگستان ۾ پهرين دفعي سفر ڪرڻ جي باوجود سندس ڳالهه سمجھي ويو ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي، جڏهن به هو سمنڊ يا باهه کي ڏسندو هو ته انهن جي اصلي طاقت کي ڏسي سانت ۾ اچي ويندو هو.
    “ مون اهي شيون رڍن ۽ ٿانوَن مان سکيون آهن، آءٌ هن ريگستان مان به ڪجھ سکي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو تمام قديم ۽ ساڃهه وند آهي.” هن سوچيو.
    هِير هلندي رهي، ۽ نِينگَرَ کي اهو ڏينهن ياد آيو جنهن ڏينهن هو طريفا ۾ قلعي تي ويٺل هو ۽ اها ساڳي هِير سندس چهري سان ٽڪرائي رهي هئي. ان هِير کيس سندس رڍن جي يادگيري ڏياري. سندس رڍون هن وقت سدائين وانگي اندلس جي ميدانن ۾ خوراڪ ۽ پاڻيء جي ڳولا ۾ هونديون.
    “ هاڻ هو منهنجيون رڍون ناهن رهيون،” ماضي ۾ گذريل سٺي وقت کي ياد ڪئي بغير هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. “ اهي هاڻ پنهنجي نئين ريڍار جون عادي ٿي چڪيون هونديون، ۽ گھڻو ڪري مونکي به وساري چڪيون هونديون. اها ته تمام ڀلي ڳالهه آهي. رڍن جهڙي مخلوق جيڪا سفر ڪرڻ جي عادي آهي سا اڳتي وڌڻ ڄاڻي ٿي.”
    هن واپاريء جي ڌيء جي بابت سوچيو، ۽ کيس پڪ هئي ته هوء شادي ڪري چڪي هوندي؛ گھڻو ڪري هڪ نانوائيء سان يا ڪنهن ٻئي ريڍار سان جيڪو کيس دلچسپ آکاڻيون ٻڌائي سگھندو هوندو. هونئن به ان نِينگِريءَ لاء هي هڪ ته نه هو. هو اُٺ واري جي ان لڪيل ڳالهه کان گھڻو متاثر ٿيو هو؛ ٿي سگھي ٿو ته اهو اٺ وارو پڻ اها ڪائنات جي ٻولي سکي رهيو هجي جيڪا ماڻهن جي ماضي ۽ مستقبل سان تعلق رکي ٿي. سندس ماء انهن ڳالهين کي “وهم” سڏيندي هئي. نِينگَرُ ان ڳالهه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته وهم روح جو ڪائنات ۾ موجود زندگيء جي وهڪري ۾ اوچتي ٽٻيء جو نالو آهي، جتي انسانن جي تاريخ هڪٻئي سان ڳانڍاپي ۾ آهي، ۽ اسين سڀ ڪجھ سمجھڻ جي قابل آهيون، ڇاڪاڻ جو سڀ ڪجھ لکيل آهي.
    “لکيو،” نِينگَرَ کي ٿانون جي واپاريء واري ڳالهه ياد آئي.
    ريگستان جو ڪجھ حصو وارياسو ۽ ڪجھ حصو جابلو هو. جيڪڏهن ڪو وڏو پٿر يا ڪا وڏي ٽڪري قافلي جي رستي ۾ آيا ٿي ته قافلي کي انجي چوڌاري ڦيرو ڪٽي گذرڻو ٿي پيو؛ ۽ جيڪڏهن ڪٿي ريتي انتهائي سنهي ٿي آئي جتي جانورن جا کر ڦاسيو ٿي پيا ته گذر لاء ڪنهن سخت جڳهه جي ڳولا ٿي ڪئي وئي، جتي زمين سُڪل ڍنڍن جي لوڻ سان ڍڪيل هئي، اُتي جانور بيهي ٿي رهيا.، ۽ جَتَن (اُٺ ڪاهيندڙ) کي پنهنجي اُٺن تان وزن هلڪو ٿي ڪرڻو پيو. جَتَن وٽ اهڙين جڳهين تي الڳ وزن کڻڻ لاء گاڏا پڻ هئا. اهڙن لنگھن تا گذرڻ کانپوء وري وزن اُٺن تي واپس ٿي رکيو ويو. جيڪڏهن قافلي جي ڪنهن ٽوليء جو اڳواڻ بيمار يا فوت ٿيو ٿي ته جَتَن پُکن جي ذريعي نئون اڳواڻ منتخب ٿي ڪيو.
    پر انهن سڀني ڳالهين کانپوء به سندن هڪ ئي مقصد هو؛ ڀلي کڻي ڇا به ٿي پوي يا ڪيترائي ڦيرا کين ڪاٽڻا پون پر قافلي کي هڪ ئي گھير نُقطي تي هلڻو هو. هڪ دفعو اَڙاڪا ختم ٿيڻ کانپوء اهو نُقطو واپس اچي ٿَي ويو، هڪ تاري کي ڏسي هنن ريگستان ۾ ساوڪ ۽ پاڻي وغيره جو ڪاٿو ٿي لڳايو. جڏهن ماڻهن اهو تارو آسمان ۾ صبح جي وقت ٿي ڏٺو ته کين ڪاٿو ٿي ويو ٿي ته اهي صحيح طرف پاڻي، کجين جي وڻن ۽ صحيح پناه گاهه ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن. اهو انگريز ئي هو جنهن کي ڪنهن ڳالهه جي سُڌ نه هئي ۽ هو ڳچ وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ ئي غرق ٿي رهيو.
    نِينگَرَ وٽ پڻ هڪ ڪتاب هو، ۽ سفر جي مُنڍَ وارن ڏينهن ۾ هن اهوڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر سندس دلچسپي قافلي تي غور ڪرڻ ۽ ان هِير جي آواز ۾ وڌيڪ هئي. جيئن ئي هو پنهنجي اُٺ کي سمجھڻ لڳو هو، ۽ ان سان ناتو جوڙڻ شروع ڪيو هئائين تيئن ئي هن سندس ڪتاب پاسي تي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ نِينگَرَ اهو تصور جوڙي ڇڏيو هو ته هر دفعي جڏهن به هو ڪتاب کوليندو ته ڪا نه ڪا خاص ڳالهه سکندو، پر هن اهو سوچيو ته هن وقت هي هڪ غير ضروري وزن آهي.
    نِينگَرَ جي گڏ سفر ڪرڻ واري هڪ جَتَ سان دوستي ٿي وئي هئي، رات جو جڏهن هو مَچَ جي چوڌاري ويهندا هئا ته نِينگَرُ کيس پنهنجي ريڍارڪي وقت جا قصا ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي ان ڳالهه ٻولهه جي دوران کيس پنهنجي زندگيء جو قصو ٻڌايو.
    “ آءٌ القاهرة ۾ رهندو هئس، مون وٽ پنهنجو باغيچو هو، ٻار ٻچا ۽ اهڙي آرامده زندگي هئي جيڪا منهنجي مرڻ تائين تبديل نه ٿئي ها. هڪ سال جڏهن فصل تمام بهترين ٿيو هو، ته اسين مڪي پاڪ هليا وياسين، ۽ مون پنهنجي زندگيء جو اهو اهم فرض ادا ڪيو. جنهن کانپوء آءٌ سَرَهو ٿي سڪون واري موت مري ٿي سگھيس. هڪ ڏينهن زلزلو آيو، ۽ نِيل ندي جو پاڻي بند ٽوڙي اُٿلي پيو. مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته اهڙي ويڌن مونسان ٿيندي. منهنجي پاڙيسرين کي اهو خوف هو ته سندن زيتون جا وڻ ان ٻوڏ ۾ لُڙهي ويندا، منهنجي زال ان ڳالهه کان ڊنل هئي ته ٻوڏ اسانجا ٻار ٻچا به لوڙهي کڻي ويندي، مون به اهو ئي ٿي سوچيو ته مون وٽ جيڪي ڪجھ آهي سو هاڻ تباهه برباد ٿي ويندو. ٻوڏ آئي ۽ سڀ ڪجھ ختم ۽ ويران ٿي ويو، تنهن کان پوء مونکي گذاري لاء ڪجھ ته ڪرڻو هو. تنهنڪري آءٌ جَتُ بڻجي ويس. پر ان تباهيء مونکي الله پاڪ جي فرمان کي سمجھڻ ۾ مدد ڪئي، ته، جيڪڏهن انسان جيڪي چاهي ٿو يا جيڪا انجي گُهرج آهي انکي ماڻڻ جي قابليت رکي ٿو ته کيس ڪنهن شيء کان گھٻرائڻ جي گُهرج ناهي.
    “ اسين ڪا به شيء وڃائڻ کان خوفزده ٿا رهون، پوء ڀلي اها زندگي هجي يا ڪا ملڪيت يا ڪو ٻيو ساز و سامان. پر اهو خوف تڏهن جنم وٺي ٿو جڏهن اسين پاڻ کي ان ڳالهه تي قائل ڪيون ٿا ته اسانجي زندگيء جي ڪهاڻي ۽ دنيا جي تاريخ ساڳئي ئي قلم سان لکيل آهن.”
    ڪڏهن ته سندن قافلو ٻئي قافلي سان ٿي وڃي مليو. ان وقت هر ڪنهن وٽ اها شيء ضرور هوندي هئي جيڪا ڪنهن ٻئي جي گُهرج ۾ هئي _ جيئن واقعي هر شيء هڪ ئي قلم سان لکي وئي هجي. جَتَ جڏهن باهه جي مچ جي چوڏاري ويٺا ٿي، ته هو هڪٻئي کي ريگستان بابت ۽ ان ۾ ايندڙ واچوڙن جي بابت واقعا ٻڌائيندا ٿي رهيا.
    ڪنهن ويلي ته عجيب و غريب ڀانت جا ماڻهو مٿي تي پوتڙا ٻڌل ظاهر ٿي ٿيا؛ اهي عرب بَدُو هئا جن قافلي جي رستن جي نگهباني ٿي ڪئي، ۽ چورن ۽ جنگلي خونخوار قبيلن جي بابت اطلاع ٿي ڏنو. اهي خاموشيء سان اچي خاموشيء سان ئي هليا ٿي ويا، کين ڪاريون پوشاڪون پهريل هيون جن مان رڳي سندن اکيون ٿي نظر آيون.
    هڪ رات هڪ جَتُ باهه جي مچ وٽ آيو جتي نِينگَرُ ۽ انگريز ويٺا هئا. “پسگردائيء ۾ قبيلائي ويڙهه جون افواهون آهن،” هن کين آگاهه ڪيو.
    ٽئي ڄڻا سانت ۾ اچي ويا. نِينگَرَ کي چوڌاري خوف جو احساس ٿيو، جيتوڻيڪ ڪير به ان بابت ڪجھ ڪڇيو نه ٿي. هڪ ڀيرو ٻيهر هو لفظن جي بغير ٻوليء جو تجربو ڪري رهيو هو... اها ئي ڪائنات جي ٻولي.
    انگريز پڇيو ته ڇا اسان هاڻ خطري ۾ آهيون؟
    “ هڪ دفعو جڏهن توهان ريگستان ۾ پير پاتو ته پوء واپسيء جو ڪو پيچرو ناهي،” جَتَ وراڻيو. “ ۽ ان حالت ۾ جڏهن توهان پوئتي نه ٿا وڃي سگھو ته پوء اڳتي وڌڻ جي بهترين پيچري جي کوجنا ڪيو. باقي سڀ ڪجھ الله تي آهي.” هن پنهنجي ڳالهه اهو ڳجھو لفظ “لکيو” چوندي پوري ڪئي.
    “ توهان کي قافلي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي،” جَتَ جي وڃڻ کانپوء نِينگَرَ انگريز کي چيو. “ اسان ڪيترائي ور وڪڙ ٺاهيا پر اسانجي منزل ته هڪ ئي آهي.”
    “ ۽ توهانکي به دنيا جي بابت پڙهڻ گھرجي،” انگريز کيس وراڻيو. “ ڪتاب به ساڳئي نموني سان قافلن وانگي ئي آهن”
    ماڻهن ۽ جانورن جو انبوه هاڻ تيز تيز هلڻ شروع ٿيو. ڏينهن ته سدائين سانت ۾ ئي هئا پر هاڻ ته راتيون به سانت ۾ پئجي ويون هيون. باهه جي مچ جي چوڌاري جيڪي ماڻهو ويهي ڪچهرا ڪندا هئا هاڻ تن کي به ماٺ اچي وئي هئي. هڪ ڏينهن قافلي جي اڳواڻ اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ باهه جو مچ نه ٻاريو وڃي ته جيئن قافلي جي ڪنهن کي خبر نه پوي. مسافر سمهڻ مهل سيء کان بچڻ لاء جانورن کي دائري جي شڪل ۾ بيهاري وچ ۾ سمهندا هئا. ۽ اڳواڻ قافلي جي ٽولين جي حفاظت لاء هٿيارن سان چوڪيون پڻ لڳايون ٿي.
    هڪ رات انگريز کي ننڊ نه ٿي آئي. هن نِينگَرَ کي سڏيو ۽ هو هلندي هلندي قافلي واري جاء کان ٿورو اڳتي نڪري آيا. پورنماس جي رات هئي، ۽ نِينگَرَ انگريز کي پنهنجي زندگيء جي ڪهاڻي بيان ڪئي. انگريز نِينگَرَ جي ٿانوَن واري هَٽَ تان حاصل ڪيل ترقيء واري ڳالهه کان گھڻو متاثر ٿيو.
    “ اهو ئي قائدو آهي جيڪو هر شيء کي هلائي ٿو،” انگريز چيو.
    “ علم ڪيميا ۾ انکي دنيا جو روح چيو وڃي ٿو. جڏهن توهان پنهنجي دل و جان سان ڪنهن شيء جي طلب ڪيو ٿا، ته ان وقت توهان دنيا جي روح جي ويجھو اچي وڃو ٿا. ۽ اها سدائين کان هڪ مثبت قوت آهي.”
    هن چيو ته ، “ اهو ڪو انساني تحفو ناهي، پر زمين تي موجود هر شيء جاندار آهي ۽ هر شيء کي روح آهي، ڀلي اهي ڌاتو، ڀاڄيون، يا جانور، يا صرف هڪ خيال ڇو نه هجي.”
    “ دنيا ۾ موجود هر شيء مسلسل تبديل ٿيندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ جو زمين زنده آهي ۽ زمين کي به روح آهي. ۽ اسين ان روح جو حصو آهيون، سو اسانکي اها خبر ئي نه ٿي پوي ته اها اسان لاء زنده آهي ۽ اسان لاء ئي ڪم ڪري رهي آهي. هَٽَ ۾ تو اهو محسوس ڪيو هوندو ته هڪ شيشو به تنهنجي ڪاميابيء ۾ تنهنجي مدد ڪري رهيو هو.
    نِينگَرَ چنڊ ۽ واريء ڏانهن ڏسندي ڪجھ دير لاء ان بابت سوچيو پئي.
    “ مون قافلي کي ريگستان مان گذرندي ڏٺو پئي،” نِينگَرَ چيو. “ قافلي ۽ ريگستان جي به هڪ ئي ٻولي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ريگستان گذر ڪرڻ جي اجازت ڏيئي رهيو آهي. ۽ اهو قافلي جي هر قدم کي پرکي رهيو آهي ته قافلو پنهنجي مقرر وقت تي آهي يا نه، جيڪڏهن قافلو وقت تي آهي ته هو پاڻيء ۽ ساوڪ تائين به پهچيو پون.”
    “ جيڪڏهن اسان مان ڪير به پنهنجي بهادريء جي سبب هن قافلي ۾ شامل ٿئي ها، بغير ان جي ٻولي سمجھڻ جي ته ان لاء سفر تمام گھڻو اڻانگھو ٿي پوي ها.”
    ٻئي اتي بيٺا چنڊ کي تڪيندا رهيا.
    “اهو ئي ته سَوڻَن جو جادو آهي،” نِينگَرَ چيو. “ مون ڏٺو پئي ته قافلي جي رهنمائي ڪرڻ وارا ڪيئن ڪيئن انهن علامتن کي پڙهي رهيا هئا، ۽ ڪيئن قافلي جي روح ريگستان جي روح سان هم ڪلامي ٿي ڪئي.”
    انگريز چيو، “ مونکي واقعي قافلي تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ گھرجي.”
    “ ۽ مونکي واقعي توهانجا ڪتاب پڙهڻ گھرجن،” نِينگَرَ چيو.


    قسط 11

    اهي عجيب ڪتاب هئا. انهن ۾ پاري، ازدهائن، بادشاهن جي بابت ذڪر ٿيل هو، ۽ هو انهن مان ڪا به شيء سمجھي نه سگھيو. پر هڪ ڳالهه جيڪا انهن ڪتابن ۾ بار بار دهرائجي رهي هئي سا اها هئي ته، مڙني شين جو جنم صرف هڪ ئي شيء مان ٿيو آهي، يا سموريون شيون صرف هڪئي شيء جو تَتُ آهن.
    هڪ ڪتاب ۾ هن پڙهيو ته علم ڪيميا جي ڏات ۾ سڀ کان اهم عبارت صرف ڪجھ جملن تي مشتمل آهي. ۽ اها هڪ زمرد جي پٿر تي اُڪريل آهي.
    “ اها هڪ زمرد جي فَرَهي آهي،” انگريز چيو. ۽ نِينگَرَ کي ڪجھ سيکارڻ تي فخر محسوس ڪيائين.
    “ ٺيڪ آهي، ته پوء اسانکي انهن مڙني ڪتابن جي گُهرج ڇو آهي؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ ته جيئن اسين اهي ڪجھ جملا سمجھي سگھون،” انگريز ڳالهه سمجھڻ جي بغير ئي ته هو ڇا چئي رهيو آهي، وراڻيو.
    نِينگَرَ جي وڌ کان وڌ دلچسپي ان ڪتاب ۾ پيدا ٿي جنهن ۾ مشهور ڪيمانگرن جي بابت قصا بيان ٿيل هئا.
    هي اهي ماڻهو هئا جن پنهنجي سموري حياتي پنهنجي تجربيگاهن ۾ ڌاتن کي نِجُ ڪرڻ لاء وقف ڪري ڇڏي هئي. کين ان ڳالهه تي يقين هو ته جيڪڏهن ڪنهن ڌاتوء کي ڳچ ورهين تائين باهه ۾ تپايو وڃي ٿو ته اهو آخرڪار پنهنجي اصل خوبين کان آزاد ٿي وڃي ٿو، ۽ جيڪي بچي ٿو سو ئي آهي دنيا جو روح. اهو ئي دنيا جو روح کين دنيا ۾ موجود هر شيء کي سمجھڻ ۾ واهَرَ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو هي اها ئي ٻولي آهي جنهن سان هر شيء جو واسطو پوي ٿو. هو ان ايجاد کي “حڪمت وارو ڪم” سڏين ٿا. ان جو ڪجھ حصو پاڻياٺ ۽ ڪجھ وري نِهرو آهي
    “ڇا صرف ماڻهن ۽ سَوڻَن جي مشاهدي سان اها ٻولي نه ٿي سکي سگھجي؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ توکي هر شيء کي آسان وٺڻ جي بيماري آهي،” انگريز خار وچان جواب ڏنو. “ علم ڪيميا هڪ ڳنڀير مضمون آهي. ان ۾ هر قدم ائين ئي کڻڻو آهي جيئن انجي استادن کنيو.”
    نِينگَرَ اهو سکيو ته ان “حڪمت واري ڪم” جي پاڻياٺ واري حصي کي “ آبِ حيات” سڏجي ٿو، جنهن ۾ هر بيماريء جو علاج آهي؛ ۽ اهو ڪيمانگرن کي پوڙهي ٿيڻ کان پڻ بچائي ٿو. ۽ ٺوس حصي کي “پارس جو پٿر” سڏجي ٿو.
    “پارس جو پٿر ماڻڻ ايترو آسان ناهي،” انگريز چيو. “ ڪيمانگر ورهين جا ورهيه پنهنجي ڪيميائي تجربيگاهن ۾ ان باهه جو مشاهدو ڪندي گذاريو ڇڏين جيڪا ڌاتن کي نِجُ بڻائي ٿي. پنهنجو ڳچ وقت ان باهه جي ويجھو گھارڻ کانپوء هوريان هوريان هنن دنياوي خود نماين تان هٿ کنيو. هنن اهو دريافت ڪيو ته ڌاتن کي نِجُ بڻائڻ واري عمل کين پنهنجي ذات کي نِجُ بڻائڻ تائين پهچائي ڇڏيو.”
    نِينگَرَ کي ٿانوَن جي واپاريء جو خيال آيو. ان کيس چيو هو ته ٿانوَن کي صاف ڪرڻ سندس لاء سٺي ڳالهه آهي، ان سان هو پنهنجي اندر موجود ناڪارا سوچن کي به پاڪ صاف ڪري سگھي ٿو. نِينگَرُ ان ڳالهه جو قائل ٿيڻ لڳو هو ته علم ڪيميا روزمره جي زندگيء ۾ به سکي سگھجي ٿي.
    “ ۽ پڻ،” انگريز ڳالهه جاري رکندي چيو، “پارس جي پٿر جي هڪ بهترين خَصلَتَ اها به آهي ته ان پٿر جو هڪ ننڍڙو ذرو به وڏي تعداد ۾ ڌاتن کي سون ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو.
    اهو ٻڌڻ کانپوء نِينگَرَ جي دلچسپي علم ڪيميا ۾ اڃان وڌي وئي. هن سوچيو ته ٿوري صبر ڪرڻ سان هو هر شيء کي سون ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو.
    هن ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جي حياتئ جي بابت پڙهيو جيڪي اهو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا؛ جيئن، هيلويشس، الياس، فلڪانيلي ۽ جابر بن حيان. اهي تمام دلچسپ قصا هئا. انهن مان هر ڪنهن پڇاڙيء تائين پنهنجي تقدير پٽاندڙ مانَ ۽ مرتبي واري زندگي گذاري. هنن مسافري ڪئي، ڏاهن سان ميل ملاقاتون رکيون، کين پنهنجون ڪرامتون ڏيکاريون جن کي هنن ڳالهين تي ويساهه نه هو، وٽن پارس جو پٿر ۽ آبِ حيات پڻ هو.
    پر جڏهن نِينگَرَ اهو حڪمت وارو ڪم سکڻ ٿي چاهيو ته هو رڳي نقش، ڳجھيون هدايتون ۽ اڻ چٽا اکر ڏسي وائڙو ٿي پيو.




    “ هو شين کي ايترو منجھائي ڇو پيش ڪندا آهن؟” هڪ رات نِينگَرَ انگريز کان پڇيو. نِينگَرَ محسوس ڪيو ته انگريز سندس ڪتابن جي ڪري خار ۾ هو.
    “ اهو انڪري جو جيڪي قابل ۽ ذميوار آهن سي ئي سمجھي سگھن،” انگريز جواب ڏنو. “ فرض ڪر، جيڪڏهن هر ڪو ئي شِيهي کي سون ۾ تبديل ڪرڻ لڳو ته سون جو قدر گھٽجي ويندو. هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ثابت قدم آهن ۽ شين جو گھرائيء سان مطالعو ڪن ٿا، هي حڪمت وارو ڪم صرف انهن لاء آهي. ان ڪري ئي آءٌ به ريگستان جي وچ ۾ آهيان. ۽ آءٌ هڪ ذميوار ۽ مخلص ڪيمانگر جي کوجنا ۾ آهيان جيڪو انهن ڳجھن کي حل ڪرڻ ۽ سمجھڻ ۾ منهنجي واهَرَ ڪري سگھي ٿو.” “ اهي ڪتاب ڪڏهن لکيا ويا هئا؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ڪيتريون ئي صديون اڳ.”
    “ ان دور ۾ وٽن ڇاپي خانا نه هئا؟” نِينگَرَ بحث ڪيو. “ علم ڪيميا سکڻ هر ڪنهن جي وس جي ته ڳالهه نه هئي، پوء هنن ڇو اهڙي نقشن سان ڀريل عجيب ٻولي ڪَتب آندي؟”
    انگريز کيس سڌو جواب نه ڏنو. کيس چيائين ته هو گذريل ڪجھ ڏينهن کان قافلي جي وهنوار تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پر هو ڪا نئين شيء نه سکي سگھيو آهي. بس هڪ ڳالهه جنهن سندس ڌيان ڇڪرايو سا قبيلائي ويڙهه جي افواهن جي هئي جيڪا روز ڪئي ٿي وئي.


    هڪ ڏينهن نِينگَرَ انگريز کي پنهنجا ڪتاب موٽايا. “ ڇا تو انهن ما ڪا شيء سکي؟” انگريز آنڌمانڌ منجھان پڇيو. هن ڪنهن سان ٿيڻ واري ويڙهه تان ڌيان هٽائڻ لاء ڳالهائڻ چاهيو ٿي.
    “ مون اهو سکيو ته دنيا کي به روح آهي، ۽ جيڪو ان روح کي سمجھي سگھي ٿو ته اهو هر شيء جي ٻولي سمجھي سگھي ٿو. مون اهو به سکيو ته ڪيترن ئي ڪيمانگرن پنهنجي تقدير حاصل ڪئي، ۽ هو دنيا جي ان روح، پارس جي پٿر ۽ آبِ حيات کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.”
    “ پر انهن مڙني ڳالهين کان علاوه مون اهو به سمجھيو ته هي سڀ شيون نهايت ئي آسان آهن ۽ کين زمرد جي فَرَهيء تي لکي سگھجي پيو.”
    انگريز سندس ان ڳالهه تي نراس ٿي سوچڻ لڳو ته سندس ورهين جي تحقيق، جادوئي نشانين، عجيب لفظن ۽ تجربي گاه ۾ پيل سامان مان ڪنهن به شيء نِينگَرَ کي متاثر نه ڪيو. “سندس سادي مزاج جي ڪري ئي هو انهن شين کي سمجھي نه سگھيو آهي.” انگريز سوچيو. ۽ هن پنهنجا ڪتاب واپس ٿيلهي ۾ رکيا.
    “ هاڻ هلي قافلي تي ئي ڌيان ڏجي، ان مان پڻ آءٌ ڪا شيء نه سکي سگھيو آهيان.” انگريز چيو.
    نِينگَرُ به واپس ريگستان جي سانت ۽ جانورن جي کُرن مان اٿيل واريء تي غور ڪرڻ لڳو.
    “ هر ڪنهن جو سکڻ جو پنهنجو انداز آهي،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. “ پر انگريز جو سکڻ جو انداز مون جهڙو ناهي، نه ئي منهنجو انداز سندس جهڙو آهي. پر اسين ٻئي پنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ آهيون، ۽ انڪري آءٌ سندس عزت ڪيان ٿو.”



    قافلو رات ڏينهن هلڻ لڳو. عربي بدوئن جي اچ وڃ به وڌڻ لڳي. ۽ اهو جَتُ جنهن جي نِينگَرَ سان سٺي دوستي ٿي چڪي هئي، چيو ته قبيلائي ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي. ۽ جيڪڏهن قافلو ڪنهن ساوڪ واري جڳهه تي پهچي ويو ته اها قافلي جي خوش قسمتي ٿيندي.
    جانور به ٿڪجي چور ٿي پيا هئا، ۽ ماڻهن جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه به گھٽجي وئي هئي. رات جي وقت اها سانت تمام تڪليف ڏيندڙ هئي، اُٺن جو ٿورو به ڪُرڪڻ جيڪو اڳ ۾ صرف ڪُرڪڻ ئي هو هاڻ ڪنهن حملي جو اشارو بڻجي هر ڪنهن کي خوفزده ڪري رهيو هو.
    پر جَتَن کي جيتوڻيڪ ان ويڙهه جي خطري جي پرواهه نه هئي.
    “ آءٌ زندهه آهيان،” جَتَ نِينگَرَ کي هڪ رات کجي کائيندي چيو، ان مهل ڪو باهه جو مچ نه هو ۽ نه ڪي چنڊ هو. “ جنهن گھڙي آءٌ کائي رهيو آهيان، ان گھڙيء آءٌ صرف ان بابت ئي سوچيان ٿو. ۽ جنهن مهل آءٌ هلي رهيو هوندو آهيان ان وقت منهنجو ڌيان هلڻ تي ئي رهي ٿو. جنهن ڏينهن مونکي وڙهڻو پيو ته ان ڏينهن اهڙو وڙهبو جو ان جهڙو ڪو بهترين ڏينهن مرڻ لاء نه هوندو. ڇاڪاڻ جو آءٌ نه پنهنجي ماضي ۾ رهان ٿو نه ڪي پنهنجي مستقبل ۾. منهنجي دلچسپي صرف حال ۾ آهي. جيڪڏهن توهان سدائين پنهنجي حال تي ڌيان ڏيو ته توهان سَرَها رهندئو. توهان ڏسندئو ته ريگستان ۾ به جان آهي، آسمان ۾ تارا چمڪن ٿا، ۽ قبيلائي ماڻهو وڙهندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي به انساني نسل جو حصو آهن. حال ۾ رهڻ سان زندگي توهان جي لاء هڪ سرهائيء جي ڏُڻ جي حيثيت اختيار ڪري وٺي ٿي، ڇاڪاڻ جو زندگي اها گھڙي آهي جيڪا اسين هن وقت جيء رهيا آهيون.”
    ٻن راتين کانپوء، جڏهن نِينگَرُ سمهڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ته آسمان ۾ اهي تارا ڏٺائين جن کي طرف ڏسڻ لاء جَتَ هر رات ڏسندا هئا. هن سوچيو ته آڪاس منڊل اڳي کان ٿورو هيٺ لڳي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو کيس اهي تارا هيٺ ريگستان تي به نظر آيا.
    “ اتي ساوڪ آهي.” جَتَ چيو.
    “ ته پوء پاڻ کي هن وقت ايڏانهن نه هلڻ گھرجي؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ نه، ڇاڪاڻ جو هن وقت پاڻ کي سمهڻو آهي.”


    نِينگَرُ سج اُڀرندي ئي سجاڳ ٿيو. ڇا ڏسي ته جتي رات تارا چمڪي رهيا هئا، اتي بي انت کجيء جي وڻن جي قطار هئي جيڪي ريگستان ۾ ڳچ پنڌ تائين پکڙيل هئا.
    “اسين پهچي وياسين!” انگريز چيو، جيڪو پڻ ان وقت سجاڳ ٿيو هو.
    پر نِينگَرُ چُپ هو. ريگستان جي سانت کانپوء هاڻ هو اُتي موجود هو، ۽ وڻن کي ڏسڻ ۾ مُستَغرق هو. احرامن تائين پهچڻ تائين اڃان کيس منزلون لتاڙڻيون هيون، ۽ هڪ ڏينهن هيء صبح به ماضيء جو حصو بڻجڻي هئي. پر اهو ته حال هو، سرهائيء جو ڏُڻ، جيئن جَتَ چيو هو. ۽ هن ان لمحي کي ائين جيئڻ چاهيو ٿي، جيئن هو ماضيء مان سکيل سبقن ۽ مستقبل جي خوابن سان جيء رهيو هو. جيتوڻيڪ اهو کجيء جي وڻن جو نظارو به هڪ ڏينهن ماضيء جو حصو بڻجي ويندو جيڪو هن وقت رهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ جنگ کان بچاء واري جاء آهي. ڪالهه، اُٺن جي ڪُرڪر خطري جي نشاندهي ڪري رهي هئي، ۽ هاڻ کجيء جي وڻن جي قطار هڪ معجزي جي مُنادي ڏئي رهي آهي.
    “دنيا ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائي سگھي ٿي.” نِينگَرَ سوچيو.


    قسط 12

    “وقت سان گڏو گڏ قافلا به گذرندا رهن ٿا.” ڪيمانگر سوين ماڻهن ۽ جانورن کي نخلستان ۾ پهچندي ڏسي سوچي رهيو هو. اتان جا ماڻهو نون ماڻهن جي آمد تي کين ڀلي ڪار ڪري رهيا هئا، ڌوڙ مٽيء ريگستان ۾ سج جي روشنيء کي جَھڪو ڪري ڇڏيو هو، ۽ نخلستان جا ٻار پڻ گرمجوشيء منجھان نون آيلن سان ملي رهيا هئا.
    ڪيمانگر ڏٺو ته قبيلي جو سردار قافلي جي سردار کي ڀليڪار ۽ ڳچ دير تائين ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو.
    پر اها ڪيمانگر لاء ڪا نئين ڳالهه نه هئي. هن ڪيترائي ماڻهو ايندي ويندي ڏٺا، پر ريگستان ڪڏهن به تبديل نه ٿيو. ان ئي ريگستان جي واري ۾ هلندي هن بادشاه به ڏٺا ته فقير به. واريء جا دڙا واء جي زور تي برابر مٽجندا رهندا هئا، پر اها واري ته ساڳي ئي هئي جيڪا هو سندس ننڍپڻ کان ڏسندو آيو ٿي. کيس اهو ڏسي سدائين سرهائي ٿيندي هئي جڏهن مسافر هئڊي واري ۽ نيري آسمان ۾ هفتن جي سفر کانپوء جڏهن پهريون ڀيرو کجين جي وڻن جي ساوڪ ڏسندا هئا. “ ٿي سگھي ٿو ته خدا ريگستان ان جي ڪري ئي ٺاهيو هجي ته جيئن ماڻهو ان ۾ کجيء جا وڻ ڏسي انجو قدر ڪن،” هن سوچيو. هن ڪجھ ضروري مسئلن تي پنهنجو ڌيان ڏيڻ جو سوچيو. کيس اها خبر هئي ته قافلي ۾ ڪو اهڙو ماڻهو ضرور آهي جنهن کي هو پنهنجا ڪجھ ڳُجھ سيکاريندو. اهو کيس سَوڻَن ٻڌائي ڇڏيو هو. کيس ان ماڻهوء جي خبر نه هئي ته اهو ڪير آهي، پر جڏهن هو آڏو آيو ته سندس پرکڻ واري اک کيس ضرور سڃاڻي وٺندي. کيس اها اميد به هئي ته هو سندس پهرين شاگردن وانگي قابل هوندو.
    “خبر ناهي ته الائي ڇو هنن شين جو اظهار ڪرڻ لاء لفظن جي گُهرج پوي ٿي.” ڪيمانگر سوچيو. اهي دراصل ڪي ڳُجھ ته نه هئا، ڇاڪاڻ جو خدا پنهنجا اهي ڳجھ مخلوق تي تمام آسان نموني ۾ چِٽا ڪري ڇڏيا هئا.
    وٽس ان حقيقت جي صرف هڪ وضاحت هئي؛ ته اهڙين ڳالهين کي هڪ کان ٻئي هنڌ ان ئي طريقي سان منتقل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اهي شيون يا اهي ڳُجھ هڪ نِجُ زندگيء مان ٺهيا آهن. ۽ اها زندگي تصويرن ۽ لفظن جي آڌار تي نه ٿي حاصل ڪري سگھجي. ڇاڪاڻ جو ماڻهو لفظن ۽ تصويرن ۾ مُستَغرق ٿي دنيا جي ٻولي وساريو ڇڏين.

    نِينگَرَ کي يقين نه پئي آيو ته هو ڇا ڏسي رهيو آهي؛ نخلستان، جيڪو هن جاگرافيء جي هڪ ڪتاب ۾ چوڌاري ڪجھ کجيء جي وڻن سان ڏٺو هو، پر هي ته اندلس جي ڪيترن ئي ڳوٺن کان به وڏو ٿي لڳو، اتي ٽي سو کوهه، پنجاهه هزار کجيء جا وڻ ۽ انهن جي وچ ۾ لا تعداد رنگين خيما پڻ موجود هئا.
    “ اهو سڀ ڪجھ ‘هڪ هزار هڪ راتيون (الف ليلى) ’ واري افساني وانگي لڳي رهيو آهي،” انگريز چيو، جيڪو ڪيمانگر سان ملاقات جو بي صبريء سان انتظار ڪري رهيو هو.
    هو ٻارن سان گھريل هئا، جيڪي اتي پهتل جانورن ۽ ماڻهن کي سرهائيء منجھان ڏسي رهيا هئا. نخلستان جي رهواسين مسافرن کان ريگستان ۾ هلندڙ ويڙهه بابت ڄاڻڻ ٿي چاهيو، ۽ اتان جي عورتن ڪپڙي ۽ واپارين جي ذريعي آندل اَمُلُهه پٿرن جي نمائش لاء هڪٻئي کان گوء پئي ورتي. ريگستان جي سانت هاڻ هڪ ڏورانهون خواب ٿي لڳو؛ قافلي جا ماڻهو هاڻ لڳاتار هڪٻئي سان ڳالهائي ٻولهائي رهيا هئا، سندن وچ ۾ ٽهڪڙا ۽ شور شرابو هلي رهيو هو، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو ڪنهن روحاني دنيا مان هڪ ڀيرو ٻيهر انسانن جي دنيا ۾ اچي ويا هجن. هو مطمئن ۽ سَرَها هئا.
    هنن ريگستان ۾ نهايت ئي احتياط سان ڏنل هدايتن تي عمل ڪيو ٿي، پر جَتَ نِينگَرَ کي ٻڌايو هو ته نخلستانن کي سدائين غير جانبدار علائقا سمجھيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو اتي رهواسين جي اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. ريگستان ۾ چوڦير ڪيترائي نخلستان آهن، ۽ ڇاڪاڻ جو اهي سَامَ گاهون آهن، ان ڪري قبيلي وارا ويڙهه ريگستان ۾ ئي ڪن ٿا.
    ڏکيو ته هيو پر پوءِ به قافلي جي اڳواڻ پنهنجي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ کين هدايتون ڏنيون ته قافلو قبيلائي ويڙهه جي خاتمي تائين نخلستان ۾ ئي ترسندو، ۽ کين اتان جي رهواسين سان گڏ رهڻو پوندو، ۽ کين سٺي کان سٺي رهائش پڻ ڏني ويندي. اهو ئي مهمان نوازيء جو اصول به آهي. قافلي جي اڳواڻ کين ۽ سندس چوڪيدارن کي پڻ چيو ته هو پنهنجا هٿيار قبيلي جي سردار پاران منتخب ڪيل ماڻهن جي حوالي ڪن جيڪي اسانجي حفاظت لاء لڳايا ويندا.
    “اهي جنگي قانون آهن،” قافلي جي اڳواڻ چيو.
    “نخلستان سپاهين ۽ پهريدارن کي پناهه نه ڏيندو آهي.”
    جڏهن انگريز پنهنجي ٿيلهي مان رُڪَ جو هڪ پستول ڪڍي هٿيار گڏ ڪرڻ واري کي ڏنو ته نِينگَرُ اهو لقاء ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو.
    “ پستول ڇا لاء؟” هن پڇيو.
    “ اهو ماڻهن تي ويساهه ڪرڻ ۾ منهنجي واهَرَ ڪري ٿو.” انگريز وراڻيو.
    ان دوران نِينگَرَ کي پنهنجي خزاني جو خيال آيو. هو جيترو پنهنجي خواب کي ماڻڻ جي ويجھو پهچي رهيو هو ايترو ئي مشڪلاتون وڌنديون ٿي ويو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ پوڙهي بادشاه جي “سيکڙاٽ جي ڀاڳ” واري ڳالهه هاڻ ڪم نه پئي ڏيکاريو. خواب جي ساڀيان ماڻڻ ۾ لڳاتار سندس ثابت قدمي ۽ همت کي پرکيو ٿي ويو، ته جيئن هو ڪابه جلد بازي يا بي صبري نه ڪري. جيڪڏهن هو تڙ تڪڙ ۾ اڳتي وڌي ها ته سندس رستي ۾ خدا جي ڏيکاريل علامتن کي ڏسڻ ۾ ناڪام وڃي ها.
    “ خدا انهن علامتن کي منهنجي رستي ۾ آندو!” کيس ان ڳالهه تي حيرت ٿي. اڄ تائين هو انهن علامتن کي بس دنيا جي عام شين وانگي سمجھي رهيو هو. جيئن سمهڻ، کائڻ پيئڻ، پيار محبت، نوڪري جي کوجنا وغيره آهن. هن ڪڏهن به انهن علامتن جي بابت ان ريت نه سوچيو ته خدا کيس پيچرو ڏيکارڻ لاء انهن علامتن جي ٻولي ڪَتب آڻي ٿو.
    “بي صبر نه ٿيڻ گھرجي،” هن پنهنجي پاڻ سا ورجايو.” اها ڳالهه ائين ئي آهي جيئن جَتَ چئي هئي ؛ ‘ ته کائڻ جي وقت صرف کائڻ ۽ هلڻ جي وقت صرف هلڻ گھرجي.’ “
    پهرئين ڏينهن انگريز سميت سڀ ٿَڪ ۾ چُور هجڻ هجڻ سبب سمهي پيا. نِينگَرَ کي آرام لاء پنهنجي دوست کان ڳچ پري هڪ خيمو مليل هو، جتي سندس ئي ڄمار جا پنج ڄڻا ٻيا به ٽڪيل هئا. هو ريگستاني ماڻهو هئا ۽ هنن نِينگَرَ جي وڏن شهرن بابت قصن کي وڏي شوق سان ٻڌو ٿي.
    نِينگَرَ کين پنهنجي ريڍار واري زندگيء بابت پڻ ٻڌايو، ۽ کين ٿانوَن جي هَٽَ ۾ گھاريل وقت جي بابت ٻڌائڻ ئي وارو هو ته خيمي ۾ انگريز اچي نڪتو.
    “ آءٌ صبح کان وٺي توکي ڳوليان ويٺو،” انگريز نِينگَرَ کي ٻاهي وٺي ايندي چيو. “ مونکي ڪيمانگر کي ڳولڻ ۾ تنهنجي واهَرَ جي گُهرج آهي.”
    پهريان هنن پاڻ مرادو ڪيمانگر کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمانگر جي رهڻي ڪهڻي ضرور اتي رهندڙ باقي ماڻهن کان مختلف هوندي، ۽ سندس خيمي ۾ هڪ چُلهو لڳاتار ٻرندو هوندو.
    هنن کيس هر جڳهه تي کوجنا ڪئي، پوء کين اهو احساس ٿيو ته نخلستان سندن سوچ کان تمام وڏو آهي، اتي سوين خيما هئا.
    “ اسان سڄو ڏينهن وڃائي ڇڏيو،” انگريز نِينگَرَ سان گڏ هڪ کوهه جي ڀر ۾ ويهندي چيو.
    “ اسانکي ڪنهن کان پڇڻ گھرجي،” نِينگَرَ صلاح ڏني.
    انگريز پنهنجي نخلستان ۾ هجڻ جو سبب ڪنهن کي نه ٿي ٻڌائڻ چاهيو، ۽ نِينگَرَ جي صلاح تي پنهنجو ذهن آماده نه پئي ڪري سگھيو. پر آخرڪار هو نِينگَرَ جي صلاح تي راضي ٿيو، ڇاڪاڻ جو نِينگَرَ کي سٺي عربي ڳالهائڻ آئي ٿي، سو اهو ڪم هو ئي ڪري سگھيو ٿي. نِينگَرُ هڪ عورت ڏانهن وڌيو جيڪا کوهه تان مَشڪَ ۾ پاڻي ڀرڻ آئي هئي.
    “السلام عليڪم، سانئڻ، آءٌ هتان جي رهاڪو ڪيمانگر کي ڳولي رهيو آهيان.”
    عورت چيو ته هن ان شخص جي بابت ڪڏهن به نه ٻڌو آهي، ۽ اهو چئي هلي وئي. پر وڃڻ کان اڳ، هن نِينگَرَ کي مشورو ڏنو ته هو هت موجود پردي ۾ رهندڙ عورتن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري، ڇاڪاڻ جو هو شادي شده آهن، ۽ کيس ان رواج جو احترام ڪرڻ گھرجي.
    انگريز نا اميد ٿي پيو. کيس ائين لڳي رهيو هو ته سندس ايڏي وڏي مسافري مان کيس ڪجھ به نه وريو. نِينگَرُ پڻ اُٻاڻڪو ٿي پيو؛ سندس دوست پنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ هو ۽ جڏهن ڪو به ماڻهو اهڙي ڀانت جي کوجنا ۾ هوندو آهي ته پوري ڪائنات سندس ڪاميابيء لاء ڪوشش ڪندي آهي _ جيئن پوڙهي بادشاه چيو هو. ۽ هو غلط نه ٿو ٿي سگھي.
    “ مون اڳ ڪڏهن به ڪيمانگرن جي بابت نه ٻڌو آهي،” نِينگَرَ چيو. “ ٿي سگھي ٿو ته هت به ڪنهن کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي.”
    انگريز جون اکيون ٻري پيون، “ ائين ئي هوندو! ٿي سگھي ٿو هت واقعي ڪنهن کي خبر نه هجي ته هڪ ڪيمانگر ڇا ٿيندو آهي! هاڻ اهو ڳولڻو آهي ته هت ماڻهن جو علاج ڪير ڪندو آهي!”
    برقعي ۾ ڪيتريون ئي عورتون کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاء اچي رهيون هيون، پر نِينگَرَ انگريز جي زور ڀرڻ باوجود به ڪنهن سان به نه ٿي ڳالهايو. ايتري ۾ هڪ ماڻهو آيو.
    “ ڇا توهان هت ڪنهن اهڙي شخص جي بابت ڪجھ ڄاڻو ٿا جيڪو ماڻهن جي بيمارين جو علاج ڪندو هجي؟” نِينگَرَ پڇيس
    “ الله سائين اسانکي بيمارين کان شفا ڏئي ٿو،” ان ماڻهوء وراڻيو، هو پَرَهَنڌَن (اجنبي) کان ڊنل ٿي لڳو. “ توهان جادوگرن جي ڳولا ڪري رهيا آهيو.” هن قران مان ڪجھ آيتون پڙهيون ۽ هليو ويو.
    اتي هڪ ٻيو ماڻهو نظر آيو. هو ٿورو جھونو ٿي لڳو، کيس هٿ ۾ هڪ ننڍڙي ٽوڪري هئي. نِينگَرَ کانئس ساڳيو سوال ورجايو.
    “ توهان اهڙي ڀانت جو ماڻهو ڇو پيا ڳوليو؟” جھوني عرب پڇيو.
    “ ڇاڪاڻ جو منهنجي دوست ان سان ملڻ لاء ڪيترن ئي مهينن جو سفر طع ڪيو آهي،” نِينگَرَ وراڻيو. “ جيڪڏهن اهڙو ڪو ماڻهو هت نخلستان ۾ موجود آهي به ته هو تمام گھڻو طاقتور هوندو،” جھوني ڪجھ گھڙيون سوچڻ کانپوء جواب ڏنو. “ قبيلي جو سردار به جيڪڏهن چاهي ته ان سان نه ٿو ملي سگھي، جيسيتائين جو سندس رضامندي نه هجي.”
    “ ويڙهه ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو، ۽ قافلي سان هتان هليا وڃو. نخلستان جي زندگيء جو حصو بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪيو.” اهو چئي هو جھونو شخص روانو ٿيو.
    پر انگريز سَرَهو هو. هو هاڻ صحيح رستي تي هئا.
    آخرڪار هڪ ڳڀرُو ناري کوهه وٽ آئي جيڪا بغير برقعي جي هئي. سندس ڪنڌ تي هڪ ٿانء رکيل هو، ۽ کيس نقاب پهريل هو پر سندس صورت نظر آئي ٿي. نِينگَرُ ان ڏانهن ڪيمانگر جي بابت پڇڻ لاء وڌيو.
    ان گھڙيء کيس ائين لڳو ڄڻ ته وقت رُڪجي ويو هجي، ۽ دنيا جو روح سندس اندر سمائجي ويو هجي. جڏهن نِينگَرَ سندس ڪارن نيڻن ۾ جھاتي پاتي، ۽ جڏهن هن سندس چپن تي غور ڪيو جيڪي هڪ ئي مهل مُرڪ ۽ خاموشيء جو منظر پيش ڪري رهيا هئا، ته ان مهل هن ان ٻوليء جو اهم حصو سکي ورتو جيڪا پوري دنيا ڳالهائي ٿي. اها ٻولي جيڪا هن زمين تي هر ڪو ئي پنهنجي اندر ۾ ئي سمجھي سگھي ٿو. اها محبت جي ٻولي هئي. محبت جيڪا انسان ذات ۽ هن ريگستان کان به قديم آهي. جڏهن ٻه اکيون ملن ٿيون ته محبت ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي. ۽ سندن ٻه اکيون ان کوهه تي ملي ويون هيون. نِينگِريءَ مرڪيو، ۽ اهو به هڪ سَوڻُ هو. اهو سَوڻُ جنهن جو هو انتظار ڪري رهيو هو، کيس اها به خبر نه هئي ته هو ڪو پنهنجي سڄي ڄمار ان ئي شيء جو انتظار ڪري رهيو هو.
    اهو سَوڻُ جيڪو هو پنهنجين رڍن سان ۽ ڪتابن ۾، ٿانوَن جي هَٽَ ۾ ۽ ريگستان ۾ ڳولي رهيو هو.
    اها نِجُ دنيا جي ٻولي هئي. ۽ انکي وضاحت جي به گُهرج نه ٿي پوي، بلڪل ڪائنات وانگي ئي، جيڪا بي انت آهي، جنهن کي پڻ ڪنهن وضاحت جي گُهرج ناهي. ان گھڙيء نِينگَرُ اهو محسوس ڪري رهيو هو ته هو ان واحد عورت سان گڏ آهي جيڪا سندس زندگيء جو حصو آهي، ۽ اها نِينگَرَ به بغير لفظن جي سهاري ان ڳالهه کي سمجھي رهي هئي. کيس ان ڳالهه تي پڪو يقين هو. هن پنهنجي ابن ڏاڏن کان اهو ٻڌو هو ته ڪنهن سان به رشتو ناتو ڳنڍڻ کان پهريان ان جي بابت ڄاڻڻ ۽ ان سان محبت ڪرڻ ضروري آهي. پر جيڪي ماڻهو ان طريقي سان سوچين ٿا انهن ڪڏهن به ڪائنات جي ٻولي نه سکي آهي. ڇاڪاڻ جو جڏهن توهان اها ٻولي ڄاڻو ٿا ته اهو سمجھڻ نهايت آسان ٿيو پوي ته دنيا ۾ ڪير نه ڪير توهانجو انتظار ڪري رهيو آهي، پوء ڀلي اهو ريگستان جي وچ ۾ يا ڪنهن وڏي شهر ۾ ڇو نه هجي. ۽ جڏهن هو آمهون سامهون ٿين ٿا ۽ سندس اکيون ملن ٿيون ته ان مهل ماضي ۽ مستقبل جي ڪا حيثيت نه ٿي رهي. فقط اها گھڙي اهم ٿيو پوي، ۽ اها پَڪ ٿيو پوي ته هر شيء فقط هڪ ئي قلم سان لکيل آهي. اهو ئي قلم آهي جيڪو محبت جاڳائي ٿو، ۽ دنيا ۾ هر شخص لاء هڪ جوڙو پڻ ٺاهي ٿو. ان محبت کانسواء ڪنهن جا به خواب بي معنى آهن.
    “لکيو،” نِينگَرَ سوچيو.
    انگريز نِينگَرَ کي ڌوڻيندي چيو؛ “ هن کان ڪيمانگر جي بابت پڇ!”
    هو نِينگِريءَ جي ٿورو ويجھو ويو، ۽ هو ٻئي هڪٻئي کي ڏسي مرڪيا.
    “ توهان جو نالو ڇا آهي؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “فاطمه،” نِينگِريءَ پنهنجون نظرون ڦيريندي وراڻيو.
    “ منهنجي ملڪ ۾ به ڪجھ عورتن کي ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو.” نِينگَرَ چيو.
    “ اهو اسانجي پيغمبرﷺ جي نياڻيء جو نالو آهي، فاطمه چيو. “ جنگجو اهڙا نالا هر جاء تي ڇڏي ايندا هئا.” اها حسين نِينگِري جنگجوئن جي بابت وڏي فخر سان ڳالهائي رهي هئي.
    انگريز نِينگَرَ کي اشارو ڪيو، ۽ نِينگَرَ فاطمه کان ان حڪيم جي بابت پڇيو.
    “ هي اهو ماڻهو آهي جيڪو دنيا جا سمورا ڳُجھ ڄاڻي ٿو، ۽ هو ريگستان جي جنن سان پڻ هم ڪلام ٿيندو آهي.”
    جنن ۾ به نيڪ ۽ شيطاني روح موجود آهن. نِينگِريءَ ڏکڻَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ان طرف هڪ اهڙي ڀانت جو عجيب شخص رهي ٿو. پوء هن پنهنجو ٿانء پاڻيء سان ڀريو ۽ هلي وئي.
    انگريز پڻ ان ڪيمانگر کي ڳولڻ لاء نڪري پيو. نِينگَرُ اتي ئي کوهه جي ڀر ۾ ڳچ وقت تائين ويٺي ان اوڀر ڏانهن ايندڙ هِير (ليوانٽر) جي بابت سوچيندو رهيو جيڪا هڪ ڏينهن طريفا ۾ وٽس ان نِينگِريءَ جو هُڳاءُ کڻي آئي هئي، کيس اهو محسوس ٿيو ته هو ان نِينگِريءَ سان تڏهن کان محبت ڪري ٿو جڏهن کيس ان نِينگِريءَ جي موجودگيء جو به پتو نه هو. هو اهو ڄاڻي چڪو هو ته ان نِينگِريءَ جي محبت کيس دنيا جا سمورا خزانا ڳولڻ جي سگھ ڏئي سگھي ٿي.
    ان نِينگِريءَ سان ملڻ جي اميد ۾ ٻئي ڏينهن به نِينگَرُ کوهه تي آيو. پر کوهه تو هو اهو ڏسي حيران ٿيو ته انگريز اتي بيٺي ريگستان ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    “مون منجھند کان وٺي سانجھيء تائين انتظار ڪيو،” انگريز چيو. “ ڪيمانگر سانجھين مهل پڌرو ٿيو. مون ساڻس پنهنجي کوجنا جي بابت ڳالهه ڪئي، پوء هن مونکان پڇيو ته تو ڪڏهن شيهي کي سون ۾ تبديل ڪيو آهي. مون کيس وراڻيو ته اهو ئي ته آءٌ هت سکڻ آيو آهيان. هن مونکي چيو ته مونکي انجي ڪوشش ڪندو رهڻ گھرجي. اهو ئي سڀ ڪجھ، هن چيو ته، ‘وڃ ۽ ڪوشش ڪندو رهه’ .”
    نِينگَرَ ڪجھ نه ڪڇيو. ويچاري انگريز ايڏي وڏي مسافري ڪئي صرف اهو ٻڌڻ لاء ته هو ڪوشش ڪندو رهي، جيڪا هو ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهي.
    “ ٺيڪ آهي، ته پوء ڪوشش ڪندا رهو،” نِينگَرَ انگريز کي چيو.
    “ اهو ئي آءٌ ڪرڻ وارو آهيان، ۽ هاڻ کان ئي آءٌ شروع ٿو ڪيان.”
    جيئن ئي انگريز ويو، ته فاطمه پاڻي ڀرڻ لاء اچي کوهه تي نڪتي.
    “هت توهان سان صرف هڪ ڳالهه ڪرڻ آيو آهيان،” نِينگَرَ چيو. “ آءٌ توهان سان محبت ڪريان ٿو ۽ توهان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.”
    نِينگِريءَ کان هٿان ٿانء ڇڏائجي ويو ۽ پاڻي هارجي پيو.
    “ آءٌ هت توهان جو هر روز انتظار ڪندو رهندس. آءٌ ريگستان لتاڙي هڪ خزاني جي کوجنا ۾ نڪتو آهيان جيڪو احرامن جي ويجھو آهي، مونکي اڳ ۾ قبيلائي ويڙهه ڪو سٺو سوڻ نه ٿي لڳي، پر هاڻ اها منهنجي لاء هڪ نعمت بڻجي چڪي آهي، ڇاڪاڻ جو ان مونکي توهان تائين پهچايو آهي.”
    “ اها ويڙهه هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي،” نِينگِريءَ چيو.
    نِينگَرَ پنهنجي چوڌاري کجيء جي وڻن ڏانهن ڏٺو. کيس ياد آيو ته هو هڪ ريڍار هو، ۽ هو ٻيهر به ريڍار بڻجي سگھي ٿو. فاطمه خزاني کان وڌيڪ اهم آهي.
    “ قبيلائي ماڻهو سدائين خزاني جي کوجنا ۾ هوندا آهن،” نِينگِريءَ چيو، ائين ٿي لڳو ڄڻ کيس خبر هجي ته نِينگَرُ مَنَ ۾ ڇا سوچي رهيو آهي. “ ۽ ان ڳالهه تي ريگستان جون عورتون پنهنجي مَردن تي فخر محسوس ڪنديون آهن.”
    هن ٻيهر پنهنجو ٿانء ڀريو ۽ هلي وئي.
    نِينگَرُ هر روز کوهه تي فاطمه سان ملڻ لاء ايندو رهيو. هن کيس پنهنجي ريڍارڪي زندگيء ، بادشاهه سان ملڻ ۽ ٿانوَن جي هَٽَ تي ڪم ڪرڻ جي بابت سڀ ڪجھ ٻڌايو.
    هو دوست بڻجي ويا، ۽ انهن پندرهن منٽن جي ملاقات کانپوء نِينگَرَ کي ائين ٿي لڳو ته باقي سڄو ڏينهن نه گذري سگھندو. نخلستان ۾ رهندي کين مهينو ٿيڻ وارو هو، ان دوران قافلي جي اڳواڻ پاڻ سان گڏ مڙني مسافرن جي گڏجاڻي گھرائي.
    خبر ناهي ته ويڙهه ڪڏهن ختم ٿيندي، تنهنڪري اسين پنهنجو سفر جاري نه ٿا رکي سگھون،” اڳواڻ چيو. “ اهي جنگيون ڳچ وقت لاء هلنديون رهن ٿيون، ورهيه به لڳي سگھن ٿا. ٻنهي پاسي طاقتور ڌريون آهن، ۽ اها جنگ ٻنهي ڌرين لاء اهم آهي. اها جنگ برائيء جي خاتمي جي لاء نه پئي وڙهي وڃي پر اها جنگ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاء وڙهي پئي وڃي. ۽ اهڙي ڀانت جون جنگيون عام جنگين کان ڊگھيون ٿي پونديو آهن، ڇاڪاڻ جو اللهﷻ ان صورت ۾ٻنهي جي طرف هوندو آهي.”
    انکانپوء هر ڪو پنهنجي عارضي رهائشگاهه ڏانهن روانو ٿي ويو، ۽ نِينگَرُ ٻپهري ڌاري فاطمه سان ملڻ لاء هليو ويو. نِينگَرَ کيس گڏجاڻي وارو حال احوال ٻڌايو. “ پنهنجي ملڻ کانپوء تو مونسان محبت جو اظهار ڪيو. پوء تو مونکي ڪائنات جي ٻولي ۽ دنيا جي روح جي بابت ڪجهه ڳالهيون سيکاريون. صرف انهن ڳالهين جي ڪري ئي آءٌ هاڻي تنهنجي وجود جو حصو بڻجي چڪي آهيان.”
    نِينگَرَ سندس آواز تي غور ڪندي اهو سوچي رهيو هو ته سندس آواز کجيء جي وڻن سان ٽڪرائجندڙ هِير کان به وڌيڪ خوبصورت آهي.
    “ آءٌ تنهنجي لاء هن نخلستان ۾ ڳچ عرصي کا انتظار ڪري رهي هيس. آءٌ پنهنجو ماضي، هتان جا ريت رواج ۽ ريگستان جي ماڻهن جا عورتن جي بابت طور طريقا سڀ وساري چڪي آهيان. آءٌ جڏهن اڃا ننڍي هئس ته مون خواب ڏٺو هو ته هي ريگستان مون لاء هڪ نه هڪ ڏينهن هڪ عمده تحفو آڻيندو. ۽ هاڻي، منهنجو اهو تحفو مون تائين پهچي چڪو آهي، ۽ اهو تون آهي.”
    نِينگَرَ سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلڻ ٿي چاهيو پر هٿ پاڻيء جي ٿانء جي ڳَنَ ۾ هو.
    “ تون مون سان پنهنجي خوابن، پوڙهي بادشاهه ۽ پنهنجي خزاني جي بابت حال اوريو آهي، ۽ تون مونکي سَوڻَن جي بابت پڻ ٻڌايو آهي. سو هاڻي مونکي ڪو خوف ناهي، ڇاڪاڻ جو هي اهي ئي سَوڻَ آهن جن توکي مون تائين پُهچايو آهي. ۽ آءٌ تنهنجي خوابن ۽ تنهنجي تقدير جو حصو آهيان. تون ڀل انکي ڇا به چَئُه.”
    “ تنهن ڪري آءٌ چاهيان ٿي ته تون پنهنجو مقصد پورو ڪر. جيڪڏهن توکي جنگ ختم ٿيڻ تائين انتظار ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪر. پر جيڪڏهن توکي پنهنجي خوابن جي ساڀيان پويان وڃڻو آهي ته ڀلي وڃ. واريء جا دڙا واء جي زور تي مَٽجندا رهن ٿا، پر ريگستان ڪڏهن به نه ٿو مَٽجي، اهڙي ريت پنهنجو پيار به ڪڏهن نه مَٽبو.”
    “لکيو،” نِينگِريءَ چيو. “ جيڪڏهن آءٌ واقعي تنهنجي خواب جو حصو آهيان ته تون هڪ ڏينهن ضرور واپس ايندي.”
    نِينگَرُ ان ڏينهن ڏاڍو اُٻاڻڪو هو. هو انهن مڙني شادي شده ريڍارن جي بابت سوچي رهيو هو ته ڪيئن هو پنهنجي گھر وارين کي سندن ڏورانهن ميدانن ۾ وڃڻ کان اڳ ان ڳالهه لاء قائل ڪندا هوندا. جڏهن ته محبت جي تقاضا اها آهي ته پيار ڪرڻ وارن کي سدائين گڏ رهڻ گھرجي. هو اهو سڀ ڪجھ فاطمه کي هڪ ٻي ملاقات ۾ ٻڌائي رهيو هو.
    “ريگستان اسان جي مَردن کي اسان کان کَسي وٺي ٿو، ۽ اهي ورلي واپس موٽندا آهن. پر اسين اهو به ڄاڻئون ٿيون ته اسين هاڻي ان ڳالهه جون عادي ٿي چڪيون آهيون ته جيڪي واپس نه ٿا ورن سي آسمان ۾ موجود ڪڪرن، انهن چوپاين جيڪي غارن ۾ سَامَ وٺن ٿا ۽ ان پاڻيء جيڪو زمين مان نڪري ٿو جو حصو بڻجيو پون. اهي هر شيء جو حصو بڻجيو پون، اهي دنيا جو روح بڻجيو پون. انهن مان جيڪي واپس ورن ٿا، ته سندن عورتن سان گڏ ٻيون عورتون پڻ ان اميد ۾سَرَهيون ٿين ٿيون ته هڪ ڏينهن سندس مرد به ضرور موٽندا. آءٌ پڻ انهن عورتن جي سرهائيء کي ساڙ ۽ حسد وچان ڏسندي هيس. ۽ هاڻي آءٌ پڻ انهن منتظر عورتن منجھان هڪ ٿي پوندس.”
    “ آءٌ ريگستان جي عورت آهيان، ۽ مونکي انهي ڳالهه تي فخر آهي. آءٌ چاهيان ٿي ته منهنجو مڙس به ان آزاد واء وانگر گھمندو ڦرندو رهي جيڪو واريء جي دڙن کي هڪ صورت ڏئي ٿو. ۽ جيڪڏهن اها نوبت آئي ته آءٌ ان حقيقت کي به تسليم ڪرڻ لاء تيار آهيان ته هو به هڪ ڏينهن آسمان ۾ موجود ڪڪرن، چوپاين ۽ ريگستان مان نڪرندڙ پاڻي جو حصو بڻجي ويندو.”
    نِينگَرُ انگريز کي فاطمه بابت احوال ٻڌائڻ لاء نڪتو. کيس اهو ڏسي حيرت ٿي ته انگريز پنهنجي خيمي جي ٻاهران هڪ بٺي تيار ڪئي هئي. اها عجيب ڀانت جي بٺي ڪاٺين جي باهه تي ٻري رهي هئي، جنهن جي مٿان هڪ شفاف ڪائَي جي گُگھي رکيل هئي. انگريز ريگستان ڏانهن تڪي رهيو هو، ۽ ان وقت سندس اکين ۾ ڪتاب پڙهڻ واري وقت کان به وڌيڪ چمڪ هئي.
    “هي منهنجي ڪم جو پهريون مرحلو آهي، مونکي گندرف الڳ ڪرڻو آهي. ۽ ان ۾ ڪاميابيء لاء مونکي پاڻ مان ناڪاميء جو خوف ڪڍڻو پوندو. اهو ناڪاميء جو خوف ئي هو جنهن مونکي حڪمت واري ڪم ڪرڻ کان روڪيو ٿي. ۽ جيڪو مونکي ڏهه ورهيه اڳ ڪرڻو هو سو مون هاڻ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پر آءٌ اڃا به سَرَهو آهيان ته مونکي ويهه ورهيه انتظار ڪرڻو نه پيو.”
    هو باهه ۾ ڪاٺيون وجھندو رهيو، ۽ نِينگَرُ سج لٿي ريگستان جي گلابي رنگ ۾ مَٽجڻ تائين اُتي بيٺو رهيو. کيس ريگستان ۾ وڃڻ جي گُهرج محسوس ٿي، اهو ڏسڻ لاء ته ٿي سگھي ٿو ته متان انجي خاموشيء ۾ ئي سندس سوالن جا جواب ملي وڃن.
    هو نخلستان ۾ موجود کجيء جي وڻن کي ڏسندو هيڏانهن هوڏانهن جَهاڳِيندو رهيو. هو هِير جو آواز ٻڌي رهيو هو ۽ سندس پيرن جي هيٺان پٿرن کي محسوس ڪري رهيو هو. ان دوران هن هڪ سِپي لڌي، ۽ کيس اهو محسوس ٿيو ته ڪن وقتن ۾ هي ريگستان هڪ سمنڊ هو. هو هڪ پٿر تي ويٺو، ۽ پاڻ کي آڪاس منڊل ۾ مُستَغرق ڪري ڇڏيائين. هو محبت ۾ حاصلات جي نظريي کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ۽ هو ٻنهي کي الڳ نه ڪري سگھيو. پر ڇاڪاڻ جو فاطمه جو تعلق ريگستان سان هو سو نِينگَرَ کي اهي سڀ ڳالهيون سمجھڻ ۾ جيڪڏهن ڪا شيء واهَرَ ڪري سگھي ٿي ته اهو ريگستان ئي هو. هو اتي ويٺي اڃان سوچن ۾ ئي هو ته کيس پنهنجي مٿان ڪا چُرپُر محسوس ٿي. مٿي ڏٺائين ته بازن جي جوڙي آسمان ۾ اُڏامي رهي هئي. هو بازن کي واء جي زور تي ٿِڙندي ڏسي رهيو هو. جيتوڻيڪ انهن جي اُڏام هڪ ترز جي نه هئي، پر نِينگَرَ کي اهو سڄو منظر معنى خيز محسوس ٿيو. پوء به هو ان جي مطلب کي سمجھي نه ٿي سگھيو. هو پکين جي چر پر کي ڏسندو رهيو ۽ انکي سمجھندو رهيو. ٿي سگھي ٿو ته اهي ريگستان جا پکي کيس بغير حاصلات واري محبت جو مطلب سمجھائي سگھن.
    هو ننڊاکڙو ٿي پيو، هن جاڳڻ چاهيو ٿي، پر ان سان گڏ هو سمهڻ پڻ چاهي پيو. “ آءٌ دنيا جي ٻولي سمجھي رهيو آهيان، ان سان مونکي دنيا جي هر شيء ۾ ڪو نه ڪو مطلب نظر اچي ٿو.. بازن جي اُڏام ۾ به ڪو مطلب لڪيل آهي،” هو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. ۽ ان ڪيفيت ۾ هو محبت ۾ گرفتار ٿيڻ لاء شڪر گذار هو. “ جڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪريو ٿا ته، شيون وڌيڪ معنى خيز ٿيو پون،” هو سوچي رهيو هو.
    اُمالَڪُ هڪ باز ٻئي تي حملي ڪرڻ لاء آسمان ۾ هڪ ڀڙڪيدار ٽُٻي هنئي. اهو ڏسندي نِينگَرَ کي هڪ تڪڙو الهامي منظر نظر آيو؛ هڪ فوجي جٿو جيڪو پنهنجي تلوارن سان تيار نخلستان ۾ داخل ٿي رهيو هو. پر اهو منظر اُمالَڪُ لَمڻجي ويو. پر ان منظر کيس لوڏي ڇڏيو. هن ماڻهن کان اهڙا ڪيئي الهامي واقعا ٻڌا به هئا پر هاڻ پاڻ ڏسي به ورتائين؛ هي واقعا اهي خواهشون هيون جيڪي پنهنجي شدت جي سبب ريگستان جي مٿان حاوي هيون. پر سندس اها خواهش هرگز نه هئي ته نخلستان تي اهڙي ڀانت جي ڪا ڪاهه ٿئي.
    هن اهو منظر وساري پنهنجي خيال ۾ واپس اچڻ ٿي چاهيو. هن ريگستان جي گلابي پاڇن ۽ انجي پٿرن تي ٻيهر توجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سندس مَنَ ۾ ڪا اهڙي شيء هئي جيڪا سندس ڌيان هٽائيندي ٿي رهي.
    “سدائين سَوڻَن تي ڌيان ڏيو،” پوڙهي بادشاه چيو هو. نِينگَرَ ان منظر ۾ جيڪي ڏٺو تنهن کي ٻيهر ياد ڪرڻ جي ڪوشس ڪندي اهو محسوس ڪيائين ته اهو واقعي ٿيڻ وارو آهي.
    هو اُٿيو ۽ واپس کجيء جي وڻن ڏانهن روانو ٿيو. هڪ دفعو ٻيهر هن ڪيترين ئي ٻولين کي پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ ڳالهين ۾ محسوس ڪيو؛ پر هن دفعي ريگستان محفوظ هو پر نخلستان کي خطرو هو.
    کجيء جي وڻ هيٺان جَتَ ويٺي سج لهڻ جو مشاهدو ڪيو، هن نِينگَرَ کي واريء جي دڙي جي پاسي مان ايندي ڏٺو.
    “ ڪا فوج اچي رهي آهي،” نِينگَرَ چيو. “ مونکي الهام ٿيو آهي.”
    “ ريگستان ماڻهن جي دليان کي اهڙن الهامن سان ڀري ڇڏي ٿو،” جَتَ وراڻيو.
    پر نِينگَرَ کيس بازن جي بابت پڻ احوال ڏنو؛ ته هو انهن بازن جي اُڏام ڏسي رهيو هو ته اُمالَڪُ پاڻ کي دنيا جي روح ۾ غرق محسوس ڪيائين.
    جت نِينگَرَ جي ڳالهه سمجھي رهيو هو. کيس اها به خبر هئي ته زمين تي موجود ڪا به هڪ شيء مڙني شين جي تواريخ جو ڪاٿو لڳائي سگھي ٿي. ڪير به ڪنهن به ڪتاب جو ڪو به ورق کولي، يا ماڻهن جي هٿن جي ترين کي ڏسي، يا وري تاش جا پتا ورائي، يا پکين جي اُڏام ڏسي.... ڪا به شيء جيڪا مشاهدي هيٺ آئي، ته ڪير به پنهنجي تجربي کي ڪَتب آڻيندي ان شيء جو ٻي شيء سان ناتو ڳولي سگھي ٿو. حقيقت ۾ هي اهي شيون ناهن جيڪي پاڻمرادو ڪنهن ٻي شيء کي پڌرو ڪن ٿيون، پر اهي ماڻهو ئي آهن جيڪي پسگردائيء ۾ ٿيندڙ واقعن مان ڪا معنى ڪڍي دنيا جي روح ۾ داخل ٿين ٿا.
    ريگستان اهڙن ماڻهن سان ڀريل هو جيڪي پنهنجيون زندگيون اهڙي راحت ۾ گذاري رهيا هئا جو هو دنيا جي روح ۾ آسانيء سان داخل ٿي سگھيا ٿي. هو انترجامي (نُجومي) هئا، ۽ گھڻو ڪري عورتون ۽ پيرسن انهن کان خائف ٿي رهيا. قبيلائي ماڻهو پڻ وٽن صلاح مشورن لاء ويندا هئا، ڇاڪاڻ جو ان لاء جنگ وڙهڻ نا ممڪن ٿيو پوي جنهن کي مرڻ جو خوف آهي. قبيلائي ماڻهو جنگين ۽ انهن جي نتيجي جي پرواهه ڪندي بغير جيڪو ٿرٿلو مچندو هو انکي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا؛ ڇاڪاڻ جو اڳتي جيڪي ڪجھ ٿيڻو آهي سو الله تعالى لکي ڇڏيو آهي، ۽ جيڪي به لکيل آهي سو انسانن جي ڀلي لاء ئي آهي. تنهنڪري قبيلائي ماڻهو صرف حال ۾ رهيا ٿي، ڇاڪاڻ جو سندن حال تعجب سان ڀرپور هو، ۽ کين ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر رکڻي ٿي پئي ته دشمن جي تلوار ڪٿي آهي، سندس گھوڙو ڪٿي آهي، زندهه رهڻ لاء ٻيو وار ڪهڙو ڪرڻو آهي. جَتُ ويڙهاڪ نه هو، پر هن پڻ پنهنجي مستقبل جي بابت انهن انترجامين سان صلاح مشورا ڪيا هئا، جن مان ڪيترائي صحيح هئا، پر ڪجھ غلط به هئا. هڪ ڏينهن جَتُ انهن مان هڪ بزرگ انترجاميء سان مليو، جنهن هن کان پڇيو ته هڪ جَتَ جي ڀلا مستقبل ۾ ڪهڙي دلچسپي آهي.
    “ اهو انڪري ته جيئن آءٌ پنهنجا ڪم آسانيء سان ڪري سگھان، ۽ جيڪي شيون آءٌ نه ٿو چاهيان انهن شين کي ٿيڻ کان روڪي سگھان،” جَتَ وراڻيو.
    “ پر پوء اهي تنهنجي مستقبل جو حصو بڻجي نه سگھنديون،” بزرگ انترجاميء چيس.
    “ ٿي سگھي ٿو ته آءٌ پنهنجو مستقبل صرف انڪري ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ته جيئن آءٌ پاڻ کي ان لاء تيار ڪري سگھان.”
    “ جيڪڏهن ڪا سٺي ڳالهه ٿيڻ واري هئي ته اهو ته هڪ تمام سٺو سوڻُ ٿيندو، پر جيڪڏهن ڪا بري ڳالهه ٿي پئي ۽ انجي توکي اڳڪٿي ملي وڃي ته ان جي ٿيڻ کان اڳ ئي تون تمام گھڻو ڀوڳيندي.”
    “ آءٌ پنهنجي مستقبل جي بابت انڪري به ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته آءٌ هڪ مرد آهيان، ۽ مرد سدائين پنهنجون زندگيون مستقبل کي نظر ۾ رکي گذاريندا آهن.” جَتَ بزرگ انترجاميء کي جواب ڏنو.
    اهو انترجامي وڻ جي ٽارين سان مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ جي هڪ عمل جو ماهر هو؛ هن ڪجھ ٽاريون زمين تي اُڇلايون ۽ انهن جي زمين تي ڪرڻ جي انداز مان ڪجھ سمجھيائين. پر ان ڏينهن هن ڪا اڳڪٿي نه ڪئي. هن اهي ٽاريون ڪپڙي جي هڪ ٽڪري ۾ ويڙهي پنهنجي ٿيلهي ۾ رکي ڇڏيون.
    “ آءٌ ماڻهن جي مستقبل جي اڳڪٿي ڪري پنهنجو گذارو ڪندو آهيان،” بزرگ انترجاميء چيو. “ مونکي وڻ جي ٽارين جي حڪمت جي ڄاڻ آهي، ۽ آءٌ اهو به ڄاڻان ٿو ته کين ڪَتب آڻيندي ڪيئن ان جاء تي پهچي سگھجي ٿو جتي سڀ ڪجھ لکيل آهي. ۽ ان جاء تي آءٌ ماضي پڙهي سگھان ٿو، ۽ جيڪي ڪجھ وسري يا مٽجي چڪو آهي ان کي به ڳولي سگھان ٿو، ۽ انهن علامتن کي به سمجھي سگھان ٿو جيڪي حال ۾ موجود آهن. جڏهن ماڻهو مون کان صلاح مشورو وٺڻ اچن ٿا ته، ائين ناهي ته آءٌ مستقبل بابت سڀ ڪجھ کين پڙهي ٻڌايان ٿو، پر آءٌ کين سندن مستقبل جو صرف هڪ ڪاٿو يا گمان ٻڌائيندو آهيان. مستقبل جي ڄاڻ صرف خدا وٽ آهي، ۽ خدا ئي ان کي ڪجھ تمام پيچيده حالتن ۾ پڌرو ڪري سگھي ٿو. ۽ آءٌ مستقبل جو ڪاٿو ڪيئن لڳائيندو آهيان؟ صرف حال ۾ موجود ڪجھ علامتن جي ذريعي. جيڪڏهن توهان پنهنجي حال تي ڌيان ڏيو ته انکي بهتر بڻائي سگھو ٿا. ۽ جيڪڏهن توهانجو حال بهتر ٿي ويو ته مستقبل پڻ پاڻمرادو بهتر ٿي ويندو. مستقبل کي وساري ڇڏيو، ۽ هر ڏينهن ان بابت گذاريو جيئن انکي گذارڻ لاء سيکاريو ويو آهي، ۽ ان ڀروسي سان زندگي گذاريو ته خدا پنهنجي مخلوق سان محبت رکي ٿو. هر ڏينهن پاڻ سان گڏ جياپي جو ڏَڍُ آڻي ٿو.”
    جَتَ انترجاميء کان پڇيو ته اهي ڪهڙا حالات آهن جن ۾ خدا کيس مستقبل ڏيکاري سگھي ٿو.
    “اهو صرف تڏهن، جڏهن هو چاهي، تڏهن پڌرو ڪري سگھي ٿو. ۽ خدا گھڻو ڪري ته مستقبل کي پڌرو ئي نه ڪندو آهي. پر جڏهن هو ائين ڪندو آهي ته ان جي پويان صرف هڪ سبب هوندو آهي؛ اهو انڪري ته اهو مستقبل تبديل ڪرڻ لاء لکيو ويو هجي.”
    “خدا نِينگَرَ کي مستقبل جي هڪ جھلڪ ڏيکاري هئي،” جَتُ سوچي رهيو هو. “ اهو آخر ڇا آهي جنهن کي پڌرو ڪرڻ لاء خدا نِينگَرَ کان اهو ڪم وٺي رهيو آهي؟” جَتَ سوچيو.
    “ قبيلي جي سردار سان وڃي اها حقيقت بيان ڪر ته هڪ فوجي جٿو هيڏانهن اچي رهيو آهي،” جَتَ نِينگَرَ کي چيو.
    “ هو مون تي کلندا.”
    “ هو ريگستاني ماڻهو آهن، ۽ هو انهن علامتن کي سمجھندا آهن.”
    “ ته پوء گھڻو ڪري کين ان ڳالهه جو اڳ ۾ ئي پتو هوندو.”
    “ هنن جو ان ڳالهه سان في الوقت ڪو تعلق ناهي. سندن ان ڳالهه تي ايمان آهي ته جيڪڏهن الله تعالى کين ڪنهن ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ چاهيندو آهي ته ڪو نه ڪو اوهانکي ان بابت ٻڌائيندو. اهو اڳ به ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي، پر هن ڀيري اها خبر ٻڌائڻ وارو شخص تون آهين.”
    نِينگَرَ فاطمه جي بابت سوچيو. ۽ هن اهو طع ڪيو ته هو قبيلي جي سردارن ڏانهن ملڻ ضرور ويندو.


    قسط 13


    نِينگَرُ نخلستان جي هڪ ڪنڊ ۾ موجود هڪ تمام وڏي اڇي رنگ جي خيمي وٽ بيٺل هڪ پهريدار ڏانهن وڌيو.
    “ آءٌ سردارن سان ملڻ چاهيان ٿو، مونکي ريگستان جي ڪجھ سَوڻَن بابت ڳالهه ڪرڻي آهي.”
    ڪو جواب ڏيڻ جي بغير پهريدار خيمي ۾ داخل ٿيو، جتي هو ڪجھ دير تائين رهيو، جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته ساڻس هڪ ڳڀرُو عرب جنهن کي اڇي پوشاڪ ۽ سون پهريل هو گڏيو آيو. ۽ نِينگَرَ ان ڳڀرُو عرب کي جيڪي ڏٺو هئائين تنهن جي حقيقت بيان ڪري ٻڌائي، ۽ ان ڳڀرُوء خيمي ۾ داخل ٿيندي کيس انتظار ڪرڻ لاء چيو.
    رات ٿي وئي، ۽ ڪجھ جنگجو ۽ ڪجھ واپاري خيمي ۾ داخل ٿيا ۽ پوء ٻاهر نڪتا. هڪ هڪ ڪري باهه جا سڀ مَچ وسايا ويا، ۽ نخلستان به ريگستان وانگي سانت ۾ اچي ويو. صرف ان وڏي خيمي ۾ بتيون ٻرنديون رهيون. ان دوران نِينگَرُ فاطمه جي بابت سوچيندو رهيو، ۽ فاطمه سان پوئين ملاقات ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه کي اڃا نه سمجھي سگھيو هو.
    آخرڪار، ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوء، پهريدار نِينگَرَ کي اندر اچڻ لاء چيو. نِينگَرُ اندر جو منظر ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو. ان جو هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته ريگستان جي وچ ۾ ڪو اهڙو خيمو به ٿي سگھي ٿو. زمين تي انتهائي عمده غاليچا وڇايل هئا جن تي هو اڳ ڪڏهن به نه هليو هو، ۽ مٿي هٿ سان گھڙيل سون جا فانوس ٽنگيل هئا، ۽ هر هڪ ۾ ميڻ بتيون ٻري رهيون هيون. قبيلي جا سردار خيمي جي ڇيڙي تي اڌ گول جي شڪل ۾ عمده ريشم جي گاديلن تي ويٺا هئا، هڪڙا ملازم چانديء جي خوانچن ۾ چانهن ۽ ميوا کنيو آيا ٿي ۽ ويا ٿي. ته ٻيا ملازم حُقن جا ٽانڊا ٻارڻ ۾ رُڌل هئا. اندر سڄو ماحول خوشبودار دونهين سان معطر هو.
    اتي اَٺ سردار هئا، نِينگَرُ اهو ڏسي ڪاٿو لڳائي ٿي سگھيو ته انهن مان مکيه ڪير آهي؛ اهو هڪ عرب هو جيڪو اڇي پوشاڪ ۾ هو ۽ کيس سون پهريل هو، ۽ هو ان اڌگول جي وچ ۾ ويٺل هو. سندس ڀر ۾ اهو ئي ڳڀرُو عرب هو جنهن نِينگَرَ سان ڪجھ وقت پهريان ڳالهايو پئي.
    “ اهو ڪير پَرَهَنڌَو آهي جيڪو علامتن جي بابت ڳالهائي ٿو؟” سردارن مان هڪ پڇيو.
    “ اهو آءٌ آهيان،” نِينگَرَ وراڻيو. ۽ کيس پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌايائين.
    “ ريگستان اهڙيون ڳالهيون هڪ پَرَهَنڌَي تي پڌريون ڇو ڪندو جڏهن ته هو ڄاڻي ٿو ته اسين پيڙهين کان هتان جا آهيون؟” هڪ ٻئي سردار پڇيو.
    “ ڇاڪاڻ جو منهنجون اکيون اڃان ريگستان جي رواجن جو قائل ناهن ٿيون، انڪري آءٌ اهي شيون ڏسي سگھان ٿو جيڪي هتان جون قائل اکيون نه ٿيون ڏسي سگھن.”
    “ ۽ انڪري به ته آءٌ دنيا جي روح جي بابت پڻ ڄاڻ رکان ٿو،” نِينگَرَ اندر ئي اندر ۾ پاڻ سان ڳالهايو.
    “ نخلستان هڪ سَامَ گاهه وانگي آهي ۽ ان تي ڪير به حملو نه ٿو ڪري سگھي،” ٽئين سردار چيو.
    “ مون توهان کي اهو سڀ ڪجھ ٻڌايو جيڪي مون ڏٺو، جيڪڏهن توهان مونتي ويساهه نه ٿا ڪيو ته ڀلي توهان ان بابت ڪجھ نه ڪيو.”
    هو هڪٻئي سان بحث ڪرڻ لڳا. هو اتان جي مقامي عربيء ۾ ڳالهائي رهيا هئا جيڪا نِينگَرَ کي سمجھ ۾ نه ٿي آئي، پر جڏهن هو وڃڻ وارو ٿيو ته پهريدار کيس روڪيو. نِينگَرُ ڊِنو؛ علامتن کيس ٻڌايو ته هن سان ڪجھ غلط ٿيڻ وارو آهي. کيس جَتَ سان جيڪي ريگستان ۾ ڏٺو هئائين ان بابت ڪيل ڳالهه ٻولهه تي افسوس ٿيو.
    اُمالَڪُ، وڏو سردار جيڪو وچ ۾ ويٺو هو، مُشڪيو، جنهن سان نِينگَرَ کي دلجاء ٿي. ان شخص سڄي بحث ۾ هڪ لفظ به نه ڪڇيو هو. پر نِينگَرُ ڇاڪاڻ جو دنيا جي ٻولي جيڪا بغير لفظن جي ٿئي ٿي سمجھي سگھندو هو، سو کيس هاڻي خيمي جو پُر امن ماحول محسوس ٿي ويو. سو کيس اهو به الهام ٿي ويو ته سندس اچڻ صحيح ثابت ٿيو آهي.
    بحث ختم ٿيو. ۽ سمورا سردار خاموشيء سان وڏي بزرگ سردار جي ڳالهه ٻڌڻ لڳا. هو نِينگَرَ سان مخاطت ٿيو؛ هن ڀيري سندس لهجو ٿڌو هو.
    “ ٻه هزار ورهيه پهريان، ڪنهن ڏورانهين ديس ۾ هڪ شخص هو جيڪو خوابن تي يقين رکندو هو، کيس هڪ اونداهي تهخاني ۾ قيد ڪيو ويو ۽ پوء کيس وڪرو ڪيو ويو.،” پوڙهي سردار چيو، پر هاڻي اها مقامي ٻولي نِينگَرَ کي ٿوري سمجھ ۾ آئي ٿي. “ واپارين اهو شخص خريد ڪري کيس مصر وٺي آيا. ۽ اسين اهو ڄاڻون ٿا ته جيڪو خوابن تي يقين رکي ٿو، سو انهن جي تعبير پڻ ڄاڻي ٿو.”
    بزرگ سردار پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “ جڏهن فرعون خواب ۾ ڳئون ڏٺيون هيون، جن مان ڪجھ اَڀريون ۽ ڪجھ متاريون هيون، تنهن وقت اهو شخص جنهن جي آءٌ ڳالهه ڪري رهيو هئس تنهن مصر کي ڏڪار کان بچايو هو. سندس نالو يوسفؑ هو. هو پڻ ڌارين جي ملڪ ۾ هڪ ڌاريو هو، ۽ گھڻو ڪري تنهنجي ئي ڄمار جو هو.”
    هن ساهي کنئي، پر سندس اکين ۾ اڃا ٻيائي هئي.
    “ اسين سدائين پنهنجي روايتن جي پٽاندڙ هلندا رهون ٿا. ان ئي روايت مصر کي انهن ڏينهن ۾ ڏڪار کان بچائي مصرين کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو هو. روايت ريگستان پار ڪرڻ به سيکاري ٿي، ته شادين جو رواج به سيکاري ٿي. اها به روايت رهي آهي ته نخلستان هڪ پناهه گاهه جي حيثيت رکي ٿو، ۽ ڇاڪاڻ جو نخلستان ٻنهي طرف ٿئي ٿو سو ويڙهه واريون ٻئي ڌريون ان بابت ڪجھ نرمي رکن ٿيون.”
    سڀ خاموشيء سان ٻڌندا رهيا ۽ بزرگ سردار پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
    “ پر روايت اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته اسانکي ريگستان جي نياپي تي يقين ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ جو اسين جيڪي ڪجھ ڄاڻون ٿا سو اسانکي هن ريگستان ئي سيکاريو آهي.”
    بزرگ سردار اشارو ڪيو ۽ سڀ اُٿي بيٺا. گڏجاڻي ختم ٿي. حقا وسايا ويا، ۽ پهريدار چوڪس بيٺا رهيا. نِينگَرُ به وڃڻ لڳو، پر بزرگ سردار وري ڪجھ ڳالهايو؛ “ سڀاڻي اسين اهو معاهدو ٽوڙي رهيا آهيون جنهن ۾ اهو چيل هو ته نخلستان ۾ ڪير به هٿيار نه کڻندو. ۽ سڄو ڏينهن اسين پنهنجي دشمنن تي نظر رکنداسين، سج لٿي جو سڀ ماڻهو وري هت مون وٽ پنهنجا پنهنجا هٿيار جمع ڪرائيندا. ۽ اسانجي دشمنن جي هر ڏهن ماڻهن جي مرڻ تي توکي هڪ سون جو سڪو ڏنو ويندو.”
    “ پر جنگ ٿيڻ تائين هٿيار ڦٽا به نه ٿي ڪري سگھجن. هٿيار به ريگستان وانگي آهن، جيسيتائين کين ڪنهن ڪَتب ۾ نه ٿو آندو وڃي ته هو ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ۽ جيڪڏهن انهن مان سڀاڻي تائين ڪو به هٿيار جنگ ۾ ڪَتب نه آيو ته اهو تو تي ڪَتب ايندو.”
    جڏهن نِينگَرُ خيمي مان ٻاهر نڪتو، ته نخلستان صرف چانڊوڪيء سان چمڪي رهيو هو. هو پنهنجي خيمي ڏانهن وڃڻ لڳو جيڪو ويهن منٽن جي پنڌ تي هو.
    جيڪو ٿي گذريو، هو انکان ٿورو ڊنل هو. پر هو دنيا جي روح تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو، ۽ هاڻ ان ڳالهه جي مُلُهه سندس زندگي به ٿي سگھي پئي. اها هڪ خوفناڪ شرط هئي. پر هو اهڙيون خطرناڪ شرطون ان ڏينهن کان رکندو ٿي آيو جنهن ڏينهن هن پنهنجي تقدير کي ماڻڻ لاء پنهنجون رڍون وڪرو ڪيون هيون. ۽ جيئن جَتَ چيو هو ته، ڪنهن ٻئي ڏينهن تي مرڻ کان سڀاڻي مرڻ ۾ ڪهڙي قباحت آهي. هر ڏينهن يا ته جيڻو آهي يا ڪنهن نه ڪنهن کي مرڻو آهي. ۽ هر شيء جو آڌار هڪ لفظ تي آهي؛ اهو لفظ آهي، “ لکيو.”
    هو خاموشيء سان هلندو رهيو، کيس ڪنهن ڳالهه جو افسوس نه هو. جيڪڏهن هو سڀاڻي مري ويو ته ان جو سبب اهو ئي هوندو ته خدا مستقبل تبديل ڪرڻ نه ٿي چاهيو. مرڻ کا اڳ گھٽ ۾ گھٽ هن اهو سوڙهو پيچرو ته پار ڪيو جتان هو آفريڪا پُڳو هو، ۽ ٿانوَن جي هَٽَ ۾ ڪم پڻ ڪيو، ۽ ريگستان جي خاموشيء ۽ فاطمه جي اکين کي پڻ سمجھيو. ڳچ وقت اڳ پنهنجو گھر ڇڏڻ کانپوء پنهنجي زندگيء جو هر ڏينهن هن ڀرپور گذاريو هو. هاڻي جيڪڏهن هو سڀاڻي مري به ويو ته اها سندس لاء فخر جي ڳالهه ٿيندي ته هن باقي ريڍارن کان وڌيڪ دنيا ڏٺي.
    اُمالَڪُ هن هڪ ڪڙڪي دار آواز ٻڌو، ۽ واء جي شديد زور تي هو زمين تي ڪري پيو. چوڌاري تيز مٽيء جو واچوڙو ايترو ته تيز پکڙجي ويو جو چنڊ به نظر نه ٿي آيو. سندس اڳيان هڪ وڏو اڇو گھوڙو خطرناڪ رڙين جي گجگوڙ سان موجود هو.
    جڏهن مٽي ويٺي ته نِينگَرُ پنهنجي اڳيان جو منظر ڏسي ڏڪي ويو. گھوڙي تي مڪمل ڪاري وَيسُ ۾ هڪ گھوڙي سوار هو، سندس کاٻي ڪلهي تي هڪ باز ويٺل هو. کيس پَٽڪو پهريل هو، ۽ سندس اکين کان سواء باقي سڄو منهن ڪاري رومال سان ڍڪيل هو. هو ريگستان جو قاصد لڳي رهيو هو، پر سندس اهو انداز ان عام قاصد کان سَرَسُ سگھارو ٿي لڳو.
    ان پَرَهَنڌَي گھوڙي سوار گھوڙي جي پاکڙي ۾ لڳل مياڻ مان هڪ وڏي ونگ واري تلوار ڪڍي، جنهنجي رُڪ جو سِلو چانڊوڪيء تي چمڪي رهيو هو.
    “ ڪنهنجي همت ٿي آهي جو هن بازن جي اُڏام جي معنى سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟” هن ايتري ته تيز آواز ۾ پڇيو جو ان جو پڙاڏو الفيوم ۾ موجود پنجاهه هزار کجيء جي وڻن ۾ پڻ ٻڌڻ ۾ آيو.
    “ اهو آءٌ آهيان جنهن اها همت ڪئي آهي،” نِينگَرَ وراڻيو. کيس سانتياگو ماتامورس جي تصوير ياد آئي، جيڪو پڻ اڇي گھوڙي تي سوار هو ۽ منڪر ان جي کُرن هيٺان هئا. هي شخص به بالڪل ان وانگي ٿي لڳو، بس ڪردار مٽجي چڪو هو.
    “اهو آءٌ آهيان جنهن اها همت ڪئي آهي،” نِينگَرَ ورجائيندي چيو، ۽ پنهنجو ڪنڌ تلوار جي ڌڪ لاء جُھڪائي ڇڏيائين. “ ڇاڪاڻ جو آءٌ اهو سڀ ڪجھ دنيا جي روح ۾جھاتي پائي ڏسي سگھان ٿو، جنهن سان ڪيتريون ئي زندگيون بچي سگھن ٿيون.”
    تلوار وهائڻ جي بجاء ان پَرَهَنڌَي (اوپرو،اجنبي) هوريان هيٺ جھڪائي ايسيتائين جو اها نِينگَرَ جي نراڙ تي وڃي پئي، ۽ سندس نراڙ مان رت جو هڪ قطرو ڪريو.
    گھوڙي سوار ۽ نِينگَرُ ٻئي مڪمل طور تي ساڪن حالت ۾ هئا، نِينگَرُ اتان کان ڀڄي به نه ٿي سگھيو. پر مَن ئي مَن ۾ کيس هڪ عجيب سرهائي محسوس ڪري رهيو هو؛ هو پنهنجي تقدير جي کوجنا ۽ فاطمه لاء جان ڏيڻ وارو هو. ۽ ٻيو ته اهي سڀ سَوڻَ سچ ثابت ٿيا هئا. هاڻ هو پنهنجي دشمن جي آمهون سامهون هو، کيس پنهنجي موت جو ڪو اُلڪو نه هو، دنيا جو روح سندس انتظار ۾ هو، ۽ هو جلد انجو حصو بڻجڻ وارو هو. ۽ ٻئي ڏينهن سندس دشمن به انجو حصو بڻجي ويندو.
    پَرَهَنڌَي گھوڙي سوار جي تلوار اڃا نِينگَرَ جي نراڙ تي هئي. “ تو پکين جي اُڏام ڇو ڏٺي؟”
    “ مون صرف اهو ڪجھ سمجھيو جيڪو پکين سمجھائڻ چاهيو ٿي. انهن نخلستان کي بچائڻ ٿي چاهيو. سڀاڻي توهان مڙني کي به مرڻو اهي، ڇاڪاڻ جو نخلستان ۾ موجود ماڻهن جو تعداد توهان وٽ موجود ماڻهن کان ججھو آهي.”
    تلوار اڃا اتي ئي رهي جتي هئي. “ تون ڪير ٿيندو آهين الله تعالى جي مرضيء کي تبديل ڪرڻ وارو؟”
    “ الله تعالى ئي اها فوج ٺاهي آهي، ۽ اهي پکي پيدا ڪيا آهن. الله تعالى ئي مونکي اها پکين جي ٻولي سيکاري آهي، ۽ هر شيء هڪ ئي قلم سان لکيل آهي،” نِينگَرَ جَتَ جي ڪيل ڳالهه ياد ڪندي وراڻيو.
    پَرَهَنڌَي نِينگَرَ جي نراڙ تان تلوار هٽائي، نِينگَرَ ٿڌو ساهه کنيو، پر اڃان به هو ڀڄي نه ٿي سگھيو.
    “پنهنجي اڳڪٿين کا محتاط رهه، جيڪا شيء لکجي وئي ان کي ڪير به تبديل نه ٿو ڪري سگھي.” پَرَهَنڌَي چيو.
    “ مون جيڪي ڪجھ ڏٺو اهو صرف فوجين جو هڪ جٿو هو، مون جنگ جو تَتُ ته نه ڏٺو هو.” نِينگَرَ وراڻيو.
    پَرَهَنڌَو انهي جواب کان مطمئن نظر ٿي آيو. پر تلوار اڃان سندس هٿ ۾ ئي هئي. “هڪ پَرَهَنڌَي جو هن ڌاري ڌرتيء تي ڪهڙو ڪم؟”
    “ آءٌ پنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ نڪتل آهيان، ۽ اهو سڀ ڪجھ توهانکي سمجھ ۾ نه ايندو.”
    پَرَهَنڌَي پنهنجي تلوار مياڻ ۾ واپس رکي، تنهن کانپوء نِينگَرَ ۾ ساهه پيو.
    “مونکي تنهنجي همٿ کي آزمائڻو هو،” پَرَهَنڌَي چيو. “همت هڪ اهڙي خوبي آهي جيڪا دنيا جي ٻولي سمجھڻ لاء ضروري آهي.”
    نِينگَرُ اچرج ۾ پئجي ويو. پَرَهَنڌَو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هو جيڪي صرف ٿورڙا ماڻهو ئي ڄاڻين ٿا.
    “ڀلي تون ڪيترو به ڏور اچي ويو آهين پر ان هوندي به توکي همت نه هارڻ گھرجي، توکي ريگستان سان لڳاء رکڻو پوندو، ان تي ڪڏهن به مڪمل ويساهه نه ڪجانء. ڇاڪاڻ جو ريگستان ماڻهن کي آزمائيندو آهي؛ هر قدم تي للڪاريندو آهي، ۽ اهو انهن جي لاء موت آهي جيڪي رستي تان ٿِڙيو پون.”
    نِينگَرَ کي ان ڳالهه تي بزرگ بادشاهه جي يادگيري اچي وئي.
    “جيڪڏهن جنگجو هت پهچي وڃن، ۽ شام تائين تنهنجو سِر تنهنجي ڪنڌ تي سلامت رهي ته مونسان ملجان،” پَرَهَنڌَي چيو.
    ان ئي هٿ ۾ جنهن ۾ پهريان تلوار هئي هاڻي چهبڪ هو. گھوڙي جي گجگوڙ ٻيهر ۽ مٽي اُٿي.
    “ توهان ڪاٿي رهندا آهيو؟” گھوڙي سوار کي ويندو ڏسي نِينگَرَ رڙ ڪندي پڇيو.
    چهبڪ واري هٿ ڏکڻ ڏانهن اشارو ڪيو.
    ۽ ائين نِينگَرُ ڪيمانگر سان مليو.


    قسط 14

    ٻئي ڏينهن، ٻه هزار هٿيار بند الفيوم ۾ کجين جي وڻن جي چوڌاري پکڙجي ويا. منجھند کان پهريان ئي پنج سو قبيلائي اُتر کان نخلستان ۾ داخل ٿيا؛ ائين لڳي رهيو هو ته هو پُر امن آهن، پر انهن مڙني وٽ پنهنجا هٿيار سندن لبادن ۾ لڪايل هئا. جڏهن هو الفيوم جي وچ تي هڪ اڇي خيمي وٽ پهتا ته پنهنجون تلوارون ۽ بندوقون ڪڍي ان خالي خيمي تي اچي حملو ڪيائون.
    نخلستان جي ماڻهن انهن گھوڙي سوار ويڙهاڪن کي ريگستان جي چوڌاري گھيري ۾ آڻي صرف اڌ ڪلاڪ ۾ هڪ کي ڇڏي باقي مڙني حملي آورن کي ماري ڇڏيو. نخلستان جي ٻارن کي کجيء جي وڻن جي جُھڳٽي جي پويان رکيو ويو هو ۽ کين ڪنهن ڳالهه جي خبر ئي نه پئي ته ڇا ٿيو. عورتون پنهنجي مڙسن کان پري خيمن ۾ خير جي دعا ڪري رهيون هيون، کين پڻ ويڙهه جي ڪا به خبر نه پئي. جيڪڏهن زمين تي انهن ويڙهاڪن جا لاش نه هجن ها ته ائين لڳي ها ته جهڙو هت ڪجھ ٿيو ئي ناهي.
    صرف هڪ قبيلائي بچيو هو سو حملا آورن جي فوج جو سپهه سالار هو. منجھند جو کيس نخلستان جي قبيلي جي سردارن وٽ آندو ويو. جن هن کان روايت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو سبب پڇيو. سپهه سالار چيو ته سندس ويڙهاڪ ڪيترن ئي ڏينهن جي ويڙهه کانپوء بکايل، اڃايل ۽ ٿڪل هئا، سو انڪري نخلستان تي حملي جو سوچيو ويو ته جيئن ڪجھ آرام ڪري واپس وڃي جنگ وڙهي وڃي. قبيلي جي سردار چيو ته کيس سندس ماڻهن جي ان حالت تي افسوس ٿيو، پر روايت ته مقدس ٿيندي آهي. ۽ هن سپهه سالار جي بغير ڪنهن عزت افزائي ڪرڻ جي موت جو حڪم ڏنو. کيس بجاء ڪنهن چاقوء يا گوليء جي هڪ کجيء جي وڻ ۾ ٽنگي ڦاهي چاڙهيو ويو، جتي سندس لاش ريگستان جي واء تي لڏندو لمندو رهيو.
    قبيلي جي سردار نِينگَرَ کي سڏايو، ۽ کيس پنجاهه سون جي سڪن جو انعام ڏنو. هن پنهنجي مصر جي يوسفؑ واري ڳالهه ورجائي، ۽ نِينگَرَ کي نخلستان جو صلاحڪار بڻجڻ جي آڇ پڻ ڪئي.


    جڏهن سج لٿو ۽ پهريان تارا پڌرا ٿيڻ لڳا ته، نِينگَرَ ڏکڻ ڏانهن رُخ ڪيو. هلندي هلندي کيس هڪ خيمو نظر آيو، اتان کان لنگھندڙ ڪجھ عربن کيس ٻڌايو ته هن جاء تي جِنن جو ديرو آهي. پر نِينگَرُ اتي ويهي انتظار ڪرڻ لڳو. جلد ئي اتي کيس گھوڙي تي ڪيمانگر نظر آيو، جيڪو سندس ڪلهي تي ٻه مئل باز کنيو ٿي آيو.
    “ آءٌ اچي ويس،” نِينگَرَ چيو.
    “ توکي هت نه هجڻ گھرجي،” ڪيمانگر وراڻيو. “يا اها تنهنجي قسمت آهي جيڪا توکي هت وٺي آئي آهي؟”
    “ قبيلن جي وچ ۾ ويڙهه سبب ريگستان پار ڪرڻ نا ممڪن هو، انهيء ڪري آءٌ هت پهچي ويس.”
    ڪيمانگر گھوڙي تان لٿو ۽ نِينگَرَ کي پاڻ سان گڏ خيمي ۾ اچڻ جو اشارو ڪيائين. سندس خيمو به نخلستان ۾ موجود ٻين خيمن جهڙو ئي هو. نِينگَرَ جي خيمي اندر چُلهن ۽ علم ڪيميا ۾ ڪَتب ايندڙ سامان لاء نظر ڦيرائي پر کيس ڪجھ به نظر نه آيو.
    اُتي رُڳي ڪجھ ڪتابن جو ڍڳ، هڪ ننڍو رڌ پچاء جو چُلهو، ۽ ڳجھن نقشن سان چٽيل غاليچا موجود هئا.
    “ويهه، مون وٽ ڪجھ پيئڻ سان گڏوگڏ کائڻ لاء هي پکي پڻ آهن،” ڪيمانگر چيو.
    نِينگَرَ کي اهو انديشو ٿيو ته شايد هي اهي ئي پکي آهن جيڪي هن هڪ ڏينهن اڳ ڏٺا هئا، پر هو چُپ رهيو. ڪيمانگر باهه ٻاري ۽ ايتري ۾ لذيذ خوشبو خيمي ۾ پکڙجي وئي. اها حُقن جي خوشبوء کان چڱي هئي.
    “ توهان مونسان ملڻ ڇو ٿي چاهيو؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ علامتن جي ڪري،” ڪيمانگر وراڻيو.
    “هِير مونکي تنهنجي اچڻ جي خبر ڏني، ۽ اها به خبر ملي ته توکي واهَرَ جي گُهرج پوندي.”
    “اهو آءٌ نه هئس جنهن جي اچڻ جي خبر توهانکي هِير ڏني، هو هڪ ٻيو پرديسي آهي، انگريز، جيڪو توهان کي ڳوليندو ٿو وتي.”
    “ کيس پهريائين ٻيا ڪم به ڪرڻا آهن، پر هو پنهنجي رستي تي صحيح هلي رهيو آهي. ۽ هن ريگستان کي سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.”
    “ مون بابت ڇا راء آهي؟”
    “ جڏهن ڪو شخص واقعي ڪا خواهش ڪري ٿو ته، سڄي ڪائنات کيس پنهنجي خواب جي ساڀيان ڳولڻ جي منصوبي ۾ سندس واهَرَ ڪري ٿي،” ڪيمانگر چيو. بزرگ بادشاهه جا لفظ پڙاڏي سان کيس ياد آيا. نِينگَرُ سمجھي ويو ته هڪ ٻيو شخص کيس سندس تقدير تائين پهچائڻ ۾ واهَرَ ڪرڻ لاء موجود آهي.
    “ پوء توهان مونکي ڪجھ سيکاريندئو؟”
    نه، تون اڳ ۾ ئي اهو سڀ ڪجھ ڄاڻين ٿو جيڪو توکي ڄاڻڻ گھرجي. آءٌ توکي صرف تنهنجي خزاني جو طرف ٻڌائيندس.”
    پر ريگستان ۾ ته جنگ هلي رهي آهي. ۽ مون پنهنجو خزانو ڳولي ورتو آهي. مون وٽ هڪ اُٺ آهي، ٿانوَن جي هَٽَ مان ڪمايل پئسا ڏوڪڙ آهن، ۽ مون وٽ پنجاهه سون جا سڪا پڻ آهن. پنهنجي ملڪ ۾ آءٌ شاهوڪار ٿي رهندس.”
    “ پر انهن مڙني شين مان ڪابه شيء احرامن مان حاصل ٿيل ناهي،” ڪيمانگر چيو.
    “ مون وٽ فاطمه آهي، ۽ هوء مون لاء مڙني خزانن کان وڌيڪ آهي.”
    “ هوء پڻ تون احرامن مان حاصل نه ڪئي آهي.”
    هو خاموشيء سان ڀوڄن ڪندا رهيا. ڪيمانگر هڪ ٻاٽلي کولي جنهن مان ڳاڙهي رنگ جي پاڻياٺي شيء نِينگَرَ جي پيالي ۾ اوتيائين. اهو انتهائي لذيذ مَڌُ هو جيڪو هن اڳ ڪڏهن به نه چکيو هو.
    “ هت مَڌُ ممنوع ناهي؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ ماڻهن جي وات ۾ جيڪڏهن ڪا شيء وڃي ته اها خراب ناهي ٿيندي، پر جيڪي واتان نڪرندو آهي سو خراب هوندو آهي.”
    ڪيمانگر ٿورو ڀوائتو ٿي لڳو، پر، جيئن نِينگَرَ مَڌُ پيتو ته کيس سڪون آيو. ڀوڄن ختم ڪرڻ کانپوء هو خيمي کان ٻاهر مڌر چانڊوڪيء ۾ اچي ويٺا، جنهن جي سامهون تارا به ڦِڪا ٿي لڳا.
    “ کاءُ پيءُ ۽ موج مستي ڪر،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي سَرَهو ڏسي چيس. “ اڄ رات چڱي نموني آرام ڪر، جيئن تون هڪ ويڙهاڪ هئين ۽ ڪنهن جنگ لاء تيار هئين. ۽ اهو ياد رکجان ته جتي به تنهنجي دل هوندي خزانو اُتي ئي هوندو. توکي اهو خزانو ڳولڻو آهي ته جيئن ان دوران تون جيڪي ڪجھ سکيو آهي انجو ادراڪ ٿي سگھي. سڀاڻي پنهنجو اُٺ کپائي هڪ گھوڙو خريد ڪر، اُٺ دغا باز ٿين ٿا؛ هو هزارين قدم هلن ٿا پر محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته ڪو هوٿڪجن ٿا. پوء اُمالَڪُ هو گوڏا کوڙيو مريو پون. پر گھوڙا هوريان هوريان ٿَڪبا آهن. توهانکي اها سدائين خبر رهندي آهي ته کين ڪيترو هلائڻو آهي، ۽ اها به خبر هوندي آهي ته هو مرڻ وارا آهن.”


    ٻي رات نِينگَرُ ڪيمانگر جي خيمي وٽ گھوڙي ساڻ اچي پُڳو. ڪيمانگر تيار هو، هو پنهنجي گھوڙي تي چڙهيو ۽ بازُ پنهنجي کاٻي ڪلهي تي رکيائين. “ريگستان ۾ مونکي ڪا اهڙي جاء ڏيکار جتي ڪا جيوَت هجي، ڇاڪاڻ جو صرف اهي ماڻهو خزاني ڳولڻ جي صلاحيت رکن ٿا جن کي اهڙي ڀانت جي علامتن جي ڄاڻ هجي.”
    هو چانڊوڪيء ۾ گھوڙن تي سوار واريء ۾ هلڻ شروع ٿيا. “ خبر ناهي آءٌ ريگستان ۾ ڪا جيوت ڳولي به سگھندس الائي نه، مونکي ته ريگستان بابت اڃان ايتري ڄاڻ به ناهي،” نِينگَرُ مَن ۾ ويچاري رهيو هو. نِينگَرَ اها ڳالهه ڪيمانگر سان ڪرڻ ٿي چاهي، پر هو ڊنل هو. هو هڪ پٿريلي جڳهه تي پهتا جتي ڇوڪري آسمان ۾ شِڪرا ڏٺا هئا، پر هاڻ اتي خاموشي ۽ هِير هئي.
    “مونکي خبر ناهي ته ريگستان ۾ ڪا جاندار شيء ڪيئن ڳولجي، مونکي ايتري خبر آهي ته هت اهڙي ڪا ساهه واري شيء آهي پر اهو نه ٿو ڄاڻان ته ڪهڙي جڳهه تي آهي.”
    “ زندگي زندگيء کي ڪشش ڪري ٿي،” ڪيمانگر وراڻيو.
    نِينگَرَ کي اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي وئي. هن گھوڙي جي واڳ ڍلي ڪئي ۽ گھوڙو پٿرن ۽ واريء ۾ ڊوڙندو رهيو. ڪيمانگر نِينگَرَ جي گھوڙي جي پويان پويان اڌ ڪلاڪ تائين پنهنجي گھوڙي کي ڊوڙائيندو رهيو. هاڻ کين نخلستان ۾ کجين جا وڻ به نظر نه ٿي آيا، سندن مٿا صرف تمام وڏو چنڊ هو ۽ ريگستان جي پٿرن سان ٽڪرائيندڙ چانڊوڪي هئي. اُمالَڪُ بغير ڪنهن عذر جي نِينگَرَ جي گھوڙي جي رفتار گھٽبي وئي.
    “ هت ڪا ساهه واري شيء آهي،” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
    “ مونکي ريگستان جي ٻولي ته سمجھ ۾ نه ٿي اچي پر، منهنجو گھوڙو زندگيء جي ٻولي سمجھي ٿو.”
    هو گھوڙي تان لٿا، ڪيمانگر خاموش هو ۽ هوريان هوريان اڳتي وڌندي هو پٿرن ۾ ساهه واري شيء کي ڳوليندا رهيو. ڪيمانگر اُمالَڪُ بيهي رهيو ۽ زمين تي جھڪيو. اتي پٿرن جي وچ ۾ هڪ سوراخ هو. ڪيمانگر پهريان پنهنجو هٿ ان سوراخ ۾ وڌو، ۽ پوء ڪلهي تائين پوري ٻانهن. اتي ڪا شيء چرپر ڪري رهي هئي، ڪيمانگر جون اکيون پڻ ان چرپر کي محسوس ڪندي چرڻ لڳيون، نِينگَرُ ان وقت صرف ڪيمانگر جون اکيون ٿي ڏسي سگھيو. جيڪي ڪجھ به ان سوراخ ۾ هو تنهن کي پڪڙڻ لاء هو ٻانهن سان مسلسل ڪوشش ڪري رهيو هو. پوء هڪ جھٽڪي سان جنهن نِينگَرَ کي ڊيڄاري ڇڏيو، هن پنهنجي ٻانهن ٻاهر ڪڍي، ۽ پوئتي هٽيو. سندس هٿ ۾ هڪ نانگ هو.
    نِينگَرُ پڻ ڪيمانگر کان پري هٽيو. نانگ مستيء ۾ پنهنجو دفاع ڪري رهيو هو، ۽ سندس ڦوڪارن جو آواز ريگستان جي خاموشيء ۾ پکڙجي ويو. اهو هڪ واسينگ نانگ هو، جنهن جو زهر منٽن ۾ ماري ٿي سگھيو.
    “ ڏنگ کان بچاء ڪجو،” نِينگَرَ چيس. پر ڪيمانگر ته پنهنجو هٿ ان سوراخ ۾ پڻ وڌو هو، کيس ڏنگ به ضرور لڳو هوندي، پر هو خاموش هو. “ ڪيمانگر ٻه سو ورهين جي ڄمار جو آهي.” کيس انگريز جي ڳالهه ياد آئي. ضرور کيس ريگستانن جي نانگن کي منهن ڏيڻ ايندو هوندو.
    نِينگَرَ پنهنجي ساٿيء کي سندس گھوڙي ڏانهن ويندي ڏٺو جيڪو اتان پنهنجي تلوار کڻي آيو. تلوار جي نوق سان هُن واريء تي هڪ گول دائرو ٺاهي نانگ کي ان جي وچ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. تنهن کانپوء اهو نانگ سڪون ۾ آيو.
    “ گھٻرائڻ جي گُهرج ناهي،” ڪيمانگر چيو. “ هاڻ هي ان دائري کان ٻاهر نه ايندو. جيڪو مون چاهيو ٿي سو تون ريگستان ۾ ڳولي وئين.”
    “ پر ان ڳالهه جو سبب ڪهڙو هو؟”
    “ ڇاڪاڻ جو احرامن جي چوڌاري ريگستان آهي.”
    نِينگَرَ احرامن جي بابت نه ٿي ڳالهائڻ چاهيو.
    هو رات کان وٺي اُٻاڻڪو هو. خزاني جي کوجنا شروع ڪرڻ فاطمه تان هٿ کڻڻ جي برابر هو.
    “آءٌ ريگستان ۾ تنهنجي رهنمائي ڪندس،” ڪيمانگر چيو.
    “ پر آءٌ نخلستان ۾ رهڻ چاهيان ٿو،” نِينگَرَ وراڻيو.
    “ مون وٽ فاطمه آهي، ۽ هوء مون لاء ڪنهن به خزاني کان وڌيڪ آهي.”
    “ فاطمه هڪ ريگستاني عورت آهي،” ڪيمانگر چيس. “ کيس خبر آهي ته ماڻهو ڏور واپس ورڻ لاء ئي ويندا آهن. ۽ وٽس اڳئي پنهنجو خزانو آهي. اهو تون آهين. هاڻ هوء به اهو چاهي ٿي ته تون جنهن شيء جي کوجنا ۾ نڪتو آهين اها حاصل ڪر.”
    “ پر جيڪڏهن آءٌ هت ئي رڪجڻ جو فيصلو ڪيان ته پوء؟”
    “ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته پوء ڇا ٿيندو. تون نخلستان جو صلاحڪار بڻجي ويندي. تو وٽ ايترو سون آهي جو تون ڪيتريون ئي رڍون ۽ اُٺ خريد ڪري سگھين ٿو. پوء تون فاطمه سان شادي ڪندي، ۽ پوء توهان ٻئي هڪ سال لاء سَرَهائيء سان گذاريندئو. پوء تنهنجي دل ريگستان ۾ لڳي ويندي، ۽ تون پنجاهه هزار کجيء جي وڻن مان هر هڪ کان سونهون ٿي ويندي، ۽ انهن جي واڌ ويجھ به تنهنجي اکين آڏو پئي ٿيندي، جنهن جو توکي اهو ڪاٿو به ٿيندو رهندو ته دنيا ڪيئن تبديل ٿيندي رهي ٿي. ۽ پوء تون علامتن کي سمجھڻ ۾ به ماهر ٿي ويندي، ڇاڪاڻ جو ريگستان هڪ بهترين استاد آهي.”
    “ٻئي سال ڪنهن وقت توکي وري خزانو ياد ايندو. سَوڻَ ان جي بابت وري توکي اشارا ڪندا، ۽ تون انهن علامتن کي نظرانداز ڪندين. نخلستان ۽ ان جي رهاڪن جي ڀلائيء لاء تون پنهنجي ڄاڻ جو ڪَتب آڻيندي، ۽ قبيلي جا سردار تنهنجي واکاڻ ڪندا. ۽ اُٺن منجھان تو وٽ ناڻو ۽ طاقت ايندي.”
    “ ٽئين سال جي دوران، سَوڻَ وري توکي پنهنجي خزاني ۽ تقدير جي يادگيري ڏياريندا رهندا. پوء تون راتين جون راتيون نخلستان ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهندي، جنهن سان فاطمه کي تڪليف ٿيندي ۽ هوء اهو سوچيندي ته شايد هوء تنهنجي کوجنا جي وچ ۾ رُڪاوٽ آهي. پر تون کيس چاهيندو رهندين، ۽ هوء پڻ توکي چاهيندي رهندي. پوء توکي ياد ايندو ته هن توکي ترسڻ لاء نه چيو هو، ڇاڪاڻ جو ريگستان جي عورت ڄاڻي ٿي ته کيس سندس مرد جو انتظار ئي ڪرڻو آهي. پوء تون کيس الزام نه ڏيندين، اهو سوچي ته توکي وڃڻ گھرجي ها ۽ توکي ئي فاطمه جي پيار تي ويساهه ڪرڻ گھرجي ها. ڇاڪاڻ جو توکي واپس نه ورڻ جي خوف ئي نخلستان ۾ روڪي رکيو. ۽ ان وقت اهي ئي سَوڻَ توکي ٻڌائيندا ته هاڻي تنهنجو خزانو سدائين لاء لَٽجي چڪو آهي.”
    “ پوء چوٿين سال، اهي سَوڻَ تو وٽ اچڻ ئي ڇڏي ڏيندا، ڇاڪاڻ جو تون کين ٻڌڻ ئي ڇڏي ڏنو. قبيلي جا سردار اهو محسوس ڪندا، ۽ توکي نخلستان جي صلاحڪار واري عهدي تان هٽايو ويندو. پر، تيسيتائين، تون هڪ امير ترين واپاري بڻجي چڪو هوندي، ۽ تو وٽ بيشمار اُٺن سان گڏ واپار جو بهترين نظام پڻ هوندو. پر پوء تون پنهنجا باقي ڏينهن ان ڳالهه کي سوچڻ ۾ گذاريندين ته تون پنهنجي تقدير کي ڇو نه حاصل ڪيو ۽ هاڻ ته گھڻي دير ٿي چڪي آهي.”
    “ اهو سدائين ياد رکجان ته محبت ڪڏهن به پنهنجو مقصد ماڻڻ کان نه ٿي روڪي، جيڪڏهن ڪنهن ان محبت جي ڪري پنهنجو مقصد ڇڏي ڏنو ته کيس سچي محبت نه هئي، اها سچي محبت جيڪا دنيا جي ٻولي ڳالهائي ٿي.”
    ڪيمانگر واريء ۾ ٺاهيل گول دائرو ڊاهي ڇڏيو، ۽ نانگ رڙهندو پٿرن ۾ هليو ويو.
    نِينگَرَ کي ٿانوَن جو واپاري ياد آيو، جنهن جي سدائين کان مڪي پاڪ وڃڻ جي خواهش هئي، ۽ انگريز جيڪو ڪيمانگر جي کوجنا ۾ هو. نِينگَرَ ان عورت جو سوچيو جنهن جو ريگستان تي ويساهه هو، ۽ پوء ريگستان ڏانهن نظر ڦيرايائين جنهن کيس پنهنجي محبت سان ملايو هو.
    هو پنهنجن گھوڙن تي چڙهيا، ۽ هاڻي نِينگَرُ نخلستان تائين ڪيمانگر جي پويان پويان هو. هِير سان گڏ نخلستان جا آواز وٽن پهتا پئي، انهن آوازن ۾ نِينگَرَ فاطمه جو آواز ٻڏڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي.
    پر ان رات جڏهن نِينگَرَ واسينگ نانگ کي دائري ۾ قيد ڏٺو پئي ته، پَرَهَنڌَو گھوڙي سوار جنهن جي ڪلهي تي باز ويٺل هو، تنهن، محبت ۽ خزاني، ريگستان جي عورت ۽ سندس قسمت بابت پئي ڳالهايو.
    “ آءٌ توهان سان گڏ هلي رهيو آهيان،” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو، ۽ تنهن مهل مطمئن محسوس ڪيائين.
    “ پاڻ پرهه ڦٽيء ڌاري نڪرنداسين.” ڪيمانگر وراڻيو.


    نِينگَرَ اها سڄي رات جاڳي گذاري. پرهه ڦٽيء کان ٻه ڪلاڪ اڳ، نِينگَرَ خيمي ۾ ستل پنهنجي هڪ عرب دوست کي اُٿاري فاطمه جي خيمي جو ڏَس پڇيائين. پوء هو ٻئي سندس خيمي تائين ويا. پوء نِينگَرَ سندس دوست کي ان ڪم لاء سون جا ڪجھ سڪا ڏنا ته جيئن هو هڪ رڍ خريد ڪري سگھي.
    پوء نِينگَرَ پنهنجي دوست کي چيو ته هاڻ تون فاطمه جي خيمي ۾ وڃي کيس ننڊ مان اُٿار ۽ کيس منهنجي اچڻ جي بابت آگاهه ڪر. ڳڀرُو عرب ائين ئي ڪيو جيئن کيس چيو ويو هو، کيس ٻي رڍ وٺڻ لاء به سون جا سڪا ڏنا ويا.
    “ هاڻ تون وڃي سگھين ٿو.” نِينگَرَ پنهنجي عرب دوست کي چيو. عرب پنهنجي خيمي ۾ واپس آيو، ۽ نخلستان جي صلاحڪار جي مدد ڪرڻ تي کيس فخر محسوس ٿيو ۽ سون جا سڪا حاصل ڪري سَرَهو ٿيو.
    فاطمه خيمي جي چانئنٺ کان ٻاهر نڪتي. ٻئي کجيء جي وڻن وٽان گذرڻ لڳا. نِينگَرَ کي خبر هئي ته اها روايت جي ڀڃڪڙي آهي، پر هاڻي ان لاء اهو ڪو وڏو مسئلو نه هو.
    “ آءٌ وڃي رهيو آهيان، ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته تون منهنجي واپسيء جي پڪ رک. آءٌ توسان محبت ڪيان ٿو ڇاڪاڻ جو........” نِينگَرَ چيو.
    “ ڪجھ به نه ڪُڇ،” فاطمه سندس ڳالهه ڪٽيندي چيس. “پيار پيار ٿيندو آهي. ۽ پيار ڪرڻ لاء ڪنهن سبب جي گُهرج ناهي هوندي.”
    پر نِينگَرَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “ مون هڪ خواب ڏٺو، پوء آءٌ هڪ بادشاهه سان مليس، پوء ريگستان پار ڪرڻ لاء ٿانوَن جي هَٽَ تي ٿانوَ وڪرو ڪيا، پوء قبائلين جنگ جو اعلان ڪيو، پوء آءٌ کوهه وٽ ڪيمانگر کي ڳولڻ آيس. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مونکي توسان واقعي سچو پيار آهي ۽ پوري ڪائنات توسان ملائڻ جي منصوبي ۾ منهنجي واهَرَ ڪئي.”
    ٻنهي ڀاڪر پاتو. اهو پهريون ڀيرو هو جو ٻنهي هڪٻئي کي ڇهيو هو.
    “ آءٌ واپس ايندس،” نِينگَرَ چيو.
    “پهريان آءٌ ريگستان ڏانهن بي مقصد ڏسندي هئس، پر هاڻي ڪنهن اميد سان ڏسندس. منهنجو بابا به هڪ ڏينهن ائين ئي هليو ويو هو، پر هو منهنجي ماء ڏي موٽي آيو هو. پر تنهن ڏينهن کانپوء هو سدائين موٽندو رهيو. ” فاطمه چيس.
    هو خاموشيء سان هلندا رهيا، پوء نِينگَرَ فاطمه کي سندس خيمي وٽ ڇڏيو.
    “ آءٌ موٽي ايندس، تنهنجي بابا وانگي، جيئن هو تنهنجي ماء وٽ موٽي واپس آيو هو.” نِينگَرَ چيو.
    هن فاطمه جي اکين ۾ لُڙڪ ڏٺا.
    “ تون روئين پئي؟”
    “ آءٌ ريگستاني جي رهواسي آهيان،” فاطمه سندس منهن ڦيريندي وراڻيو. “ پر انهن مڙني شين کان پهريان آءٌ هڪ عورت آهيان.”
    فاطمه پنهنجي خيمي ڏانهن واپس وئي، ۽ جڏهن صبح ٿيو، هن گھر جا ڪم ڪار شروع ڪيا جيڪي هوء ورهين کان ڪندي ٿي آئي. پر هاڻ هرشيء تبديل ٿي چڪي هئي. نِينگَرُ هاڻ نخلستان ۾ موجود نه هو، ۽ نخلستان به هاڻي ائين نه رهيو آهي جيئن ڪالهه تائين هو، هاڻي هي اها جڳهه نه رهي آهي جتي پنجاهه هزار کجيء جا وڻ ۽ ٽي سو کوهه هئا، جتي مسافر ڊگھي سفر کانپوء اچي پنهنجو ٿڪ لاهيندا هئا. پر ان ڏينهن کانپوء نخلستان هن لاء هڪ خالي جڳهه وانگي ٿي ويو.
    ان ڏينهن کانپوء سندس لاء ريگستان ئي اهم هو. هاڻ هوء روز انکي ڏسندي رهندي، ۽ اهو ڪاٿو لڳائيندي رهندي ته نِينگَرُ خزاني جي کوجنا ۾ ڪهڙي تاري جي پويان هلندو هوندو. هوء هِير جي آڌار تي نِينگَرَ ڏانهن مِٺيون موڪليندي رهندي، ان اميد سان ته اهي ضرور نِينگَرَ جي چهري کي محسوس ٿينديون، ۽ کيس ٻڌائينديون ته هوء زندهه آهي ۽ سندس انتظار ڪري رهي آهي، هڪ عورت پنهنجي بهادر مرد جو انتظار ڪري رهي آهي جيڪو خزاني جي کوجنا لاء نڪتل آهي. ان ڏينهن کانپوء ريگستان ۾ هن جي لاء صرف هڪ مقصد هو؛ نِينگَرَ جي واپسيء جي اميد.


    قسط 15

    “ ان بابت نه سوچ جيڪو پويان ڇڏي آيو آهين،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي ريگستان جي واري لتاڙيندي سفر دوران چيو. “ هر شيء دنيا جي روح ۾ لکيل آهي، ۽ اها سدائين لاء اُتي ئي رهندي.”
    “ ماڻهو گھر ڇڏڻ جا نه پر گھر واپسيء جا خواب ڏسندا آهن،” نِينگَرَ وراڻيو. هاڻ هو ٻيهر ريگستان جي خاموشيء جو قائل ٿيڻ لڳو هو.
    “ جيڪڏهن ڪا شيء نِجُ مادي جي ٺهيل آهي ته اها ڪڏهن به خراب نه ٿيندي، ۽ انکي ماڻڻ کانپوء هر ڪو واپس به موٽي سگھي ٿو. پر جيڪڏهن توکي ڪَتيء وانگي بس روشنيء جي جھلڪ هٿ آئي ته واپسي ظاهر آهي خالي هٿين ئي ٿيندين.”
    هو شخص علم ڪيميا واري ٻولي ڳالهائي رهيو هو. پر نِينگَرُ کي سندس ڳالهه سمجھ ۾ اچي رهي هئي ته هو فاطمه بابت ڳالهائي رهيو آهي.
    جيڪي ڪجھ هو پويان ڇڏي آيو هو ان بابت نه سوچڻ هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل هو. ريگستان جي اڻکُٽ هڪجهڙائيء واري ماحول کيس خوابيده ڪري ڇڏيو. نِينگَرُ اڃان سندس خيالن ۾ کجيء جا وڻ، کوههَ ۽ سندس محبت جو چهرو ڏسي ٿي سگھيو. هو انگريز کي پنهنجا تجربا ڪندي پڻ ڏسي رهيو هو، ۽ هو ان جَتَ کي پڻ محسوس ڪري رهيو هو جيڪو هڪ اُستاد وانگي هو، پر هو ان ڳالهه کان نا واقف هو.
    “ ٿي سگھي ٿو هن ڪيمانگر کي ڪڏهن محبت ئي نه ٿي آهي،” نِينگَرُ سوچي رهيو هو.
    ڪيمانگر نِينگَرَ جي اڳيان سواري ڪري رهيو هو، سندس ڪُلهي تي باز هو. ان پکيء کي ريگستان جي ٻولي چڱيء ريت سمجھ ۾ آئي ٿي، ۽ هو شڪار جي کوجنا ۾ اُڏامي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن واپسيء تي هڪ سهو شڪار ڪري آندو هئائين، ٻئي ڀيري وري ٻه پکي آندا هئائين.
    رات جي وقت هنن سمهڻ لاء تڏا وڇايا ٿي، ۽ باهه کي ٿورو ڳُجھو ٿي رکيو. ريگستان جون راتيون ٿڌيون هيون، ۽ چنڊ جي تاريخن سان گڏ راتيون وڌيڪ اونداهيون ٿينديون ٿي ويون. هو لڳاتار هڪ هفتو هلندا رهيا، ۽ پاڻ ۾ صرف قبيلن جي جنگين کان بچاء لاء احتياطن وٺڻ بابت ڳالهائيندا ٿي رهيا. جنگ جاري هئي، ڪنهن وقت ته واءَ سان گڏ پگھر ۽ رت جي بدبوء به آئي ٿي ڇاڪاڻ جو جنگ ڀرپاسن ۾ ئي هلي رهي هئي، ۽ اها واءُ نِينگَرَ کي اهو ياد ڏياريندي ٿي رهي ته علامتن جي به ٻولي آهي جيڪا سدائين کيس اهو ڪجھ ڏيکاريندي هئي جيڪو هو پنهنجي اکين سان نه ٿي ڏسي سگھيو.
    ستين ڏينهن، ڪيمانگر وقت کان اڳي ئي منزل هڻڻ جو فيصلو ڪيو. باز شڪار ڪرڻ لاء اُڏاميو، ۽ ڪيمانگر نِينگَرَ کي پنهنجي پاڻيء جي ٻاٽلي ڏني.
    “تون پنهنجو سفر پورو ڪرڻ وارو آهين، آءٌ توکي تنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ ڪاميابيء تي واڌايون پيش ڪيان ٿو.” ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو.
    “توهان رستي ۾ مونسان ڪجھ به نه ڳالهايو. مون سوچيو هو ته توهان مونکي پنهنجي ڏات مان ڪجھ نه ڪجھ سيکاريندئو. آءٌ ريگستان ۾ هڪ اهڙي شخص سان سفر ڪري رهيو هئس جنهن وٽ علم ڪيميا هو، پر آءٌ ان مان ڪجھ نه سکي سگھيس.” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
    “سکڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي،” ڪيمانگر وراڻيو. “ اهو آهي عمل جي ذريعي. توکي جيڪي ڪجھ سکڻ جي گُهرج هئي سو تون سفر مان سکي چڪو آهين. توکي بس باقي هڪ شيء وڌيڪ سکڻي آهي.”
    نِينگَرَ ان بابت ڄاڻڻ چاهيو ٿي ته آخر اها ڪهڙي شيء آهي، پر ڪيمانگر آڪاس منڊل ڏانهن باز لاء تڪيندو رهيو.
    “ توهان کي ڪيمانگر ڇو ٿو سڏيو وڃي؟”
    “ ڇاڪاڻ جو آءٌ ڪيمانگر ئي آهيان.”
    “ ڀلا ٻين ڪيمانگرن کان اها ڪهڙي غلطي ٿي جو هو سون ٺاهڻ ۾ ناڪام ويا؟”
    “ هو صرف سون ڳولي رهيا هئا،” ڪيمانگر وراڻيو.
    “ هو پنهنجي تقدير سان گڏ رهڻ جي بجاء پنهنجي تقدير ۾ لکيل خزاني جي کوجنا ۾ هئا.”
    “ اها ڪهڙي شيء آهي جيڪا توهان چيو ته مونکي ڄاڻڻ جي گُهرج آهي؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
    پر ڪيمانگر آڪاس منڊل ڏانهن ئي تڪيندو رهيو. ۽ آخرڪار باز سندن ڀوڄن ساڻ موٽيو. هنن هڪ کڏ کوٽي ان ۾ باهه ٻاري ته جيئن ڪير باهه جي شعلن کي ڏسي نه سگھي.
    “ آءٌ هڪ ڪيمانگر آهيان ڇاڪاڻ جو آءٌ هڪ ڪيمانگر آهيان،” هن ڀوڄن تيار ڪندي جواب ڏنو. “ مون هي ڏات پنهنجي ڏاڏي کا سکي، ۽ ان پنهنجي پيء کا سکيو هو، ۽ اهڙي طرح اهو سلسلو دنيا جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هلندو ٿو اچي. انهن وقتن ۾ حڪمت واري ڪم کي صرف زمرد جي فَرَهين تي آسانيء سان لکي سگھجي پيو. پر ماڻهن آسان طريقن جي بجاء رسالن، ترجمن ۽ فلسفي انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو. کين اهو پڻ محسوس ٿيو ته وٽن انهيء ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاء ٻين کان وڌيڪ بهتر طريقي ڪار موجود آهن. پر انهن مڙني ڳالهين جي باوجود اڄ به زمرد جي فَرَهيء وارو تصور زندهه آهي. ”
    “ ان زمرد جي فَرَهيء تي ڇا لکيل هو؟” نِينگَرَ ڄاڻڻ ٿي چاهيو.
    ڪيمانگر واريء تي نقش چِٽڻ شروع ڪيو. ۽ اهو نقش هن پنجن منٽن ۾ ٺاهي ورتو. جيئن ئي هو نقش ٺاهي رهيو هو ته نِينگَرَ کي بزرگ بادشاهه، ۽ اها عمارت ياد آئي جتي ان ڏينهن هو مليا هئا؛ کيس ائين لڳو ڄڻ اها ڳالهه ڳچ ورهيه اڳ ٿي هجي.
    “زمرد جي فَرَهيء تي هي لکيل هو،” ڪيمانگر نقش چِٽي پورو ڪرڻ کانپوء وراڻيو. نِينگَرَ واريء تي اهو پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “اهو ته هڪ ڳجھو اشارو آهي،” نِينگَرَ مايوسيء وچان چيو. “ ان جهڙي هڪ شيء مون انگريز جي ڪتابن ۾ پڻ ڏٺي هئي.”
    “ نه،” ڪيمانگر وراڻيو. “ اهو انهن ٻن بازن جي اُڏام وانگي آهي؛ اهو صرف دليل سان نه ٿو سمجھي سگھجي. اها زمرد جي فَرَهي دنيا جي روح تائين پهچڻ جو سڌو سنئون پيچرو آهي.”
    “ سياڻن لاء هي دنيا جنت جو صرف هڪ خيالي تصور آهي. هن دنيا جو وجود صرف ان ڳالهه جي ضمانت لاء آهي ته هڪ ٻي دنيا جو به وجود آهي جيڪا بي عيب ۽ مڪمل آهي. خدا هي دنيا ان ڪري پيدا ڪئي ته جيئن ان جي پر اسرار شين مان انسان سندس روحاني تعليمات ۽ سندس دانائيء جي عجائبن کي سمجھي سگھي. ۽ عمل مان منهنجو اهو ئي مطلب هو.”
    “ ڇا مونکي زمرد جي فَرَهيء تي لکيل شيون سمجھڻ گھرجن؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ شايد، پر جيڪڏهن تون ڪيميائي تجربيگاهه ۾ هجين ها ته زمرد جي تخطيء کي سمجھڻ جو هي صحيح وقت هو. پر هن وقت تون ريگستان ۾ آهين. سو پاڻ کي ان ۾ ئي مصروف رک. ريگستان توکي دنيا کي سمجھڻ ۾ تنهنجي واهَرَ ڪندو؛ حقيقت ۾ زمين تي موجود هرشيء دنيا کي سمجھڻ ۾ واهَرَ ڪري ٿي. جيڪڏهن تون واريء جي صرف هڪ ذري تي گهرائيء سان سوچ ويچار ڪرين ته توکي پوري ريگستان کي به سمجھڻ جي گُهرج نه پوندي، ڇاڪاڻ جو ان واريء جي هڪ ذري ۾ ئي توکي تخليق جي عمل جا سڀ معجزا نظر ايندا.
    “ آءٌ پاڻ کي ريگستان ۾ ڪيئن رڌل رکان؟”
    “ پنهنجي ضمير جي ٻڌ، اهو سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿو، ڇا ڪاڻ جو اهو دنيا جي روح مان ئي تخليق ڪيو ويو آهي، ۽ کيس هڪ ڏينهن اوڏانهن واپس به ورڻو آهي.”



    وڌيڪ ٻه ڏينهن هو ريگستان ۾ خاموشيء سان هلندا رهيا. ڪيمانگر هاڻ ٿورو وڌيڪ محتاط ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ جو هو ان علائقي کي ويجھو هئا جتي انتهائي خونخوار جنگيون هلي رهيون هيون. منزل ڏانهن وڌندي، نِينگَرُ پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
    اهو ايترو آسان نه هو؛ مُنڍ ۾ سندس دل کيس هر ڳالهه ٻڌائڻ لاء تيار هئي، پر اڳتي هلي اهو غلط ثابت ٿيو. اهڙو به وقت آيو جڏهن سندس دل ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيس پنهنجا اُڌما ٻڌائيندي رهندي هئي، پر ڪڏهن وري ائين به ٿيو ته سندس دل ريگستان ۾ سج اُڀرندو ڏسي ايترو ته جوش ۾ اچي ٿي وئي جو نِينگَرَ کي پنهنجا ڳوڙها لڪائڻا ٿي پئجي ويا. خزاني جي ڳالهه تي سندس دل تيز ڌڙڪڻ شروع ٿي لڳي، پر ريگستان ۾ اڻکٽ آڪاس منڊل ڏسي ان جو ڌڙڪو گھٽجي ٿي ويو. پر ڪيمانگر ۽ نِينگَرَ جي خاموشيء جي باوجود به سندس دل سانت ۾ نه ٿي آئي.
    “دل جي ڳالهه ٻڌڻ اسان لاء ڇو ضروري آهي؟” هڪ ڏينهن منزل هڻڻ وقت نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
    “ ڇاڪاڻ جو جتي توهانجي دل چوندي، خزانو به اُتي ئي ملندو .”
    “ پر منهنجي دل ته بي آرام ۽ پريشان آهي، کيس پنهنجا خواب آهن، ۽ اها پُرجوش آهي، ۽ اها ريگستان جي هڪ عورت لاء بي تاب آهي. اها مونکان سوالَ به ڪري ٿي، ۽ مونکي فاطمه جي بابت سوچيندي ڪيئي راتيون جاڳايو به اٿائين.” نِينگَرَ وراڻيو.
    “ اها ته سٺي ڳالهه آهي، تنهنجي دل زندهه آهي، اها جيڪو به چوي ٿي انکي ٻڌندو رهه.”
    وڌيڪ ٽي ڏينهن گذري ويا، ۽ ان دوران سندن گذر ڪيترن ئي هٿياربند قبيلن وٽان ٿيو. نِينگَرَ جي دل هاڻي خوفزدهه هئي، ۽ کيس اهي قصا ٻڌائڻ لڳي جيڪي هن دنيا جي روح کان ٻڌا هئا، اُهي قصا انهن ماڻهن بابت هئا جيڪي خزانن جي کوجنا ۾ نڪتا هئا ۽ هو ناڪام موٽيا هئا. ڪنهن وقت وري کيس دل اهو خوف ٿي ڏياريو ته متان هو پڻ خزانو ڳولڻ ۾ ناڪام وڃي ۽ ريگستان ۾ ئي موت جو کاڄ نه بڻجي وڃي. ڪڏهن وري اها نِينگَرَ کي محبت ۽ ناڻي جي حاصلات تي مطمئن ٿي لڳي.
    “ منهنجي دل دغاباز آهي،” نِينگَرَ ڪيمانگر کي ان وقت چيو جڏهن هو گھوڙن کي ساهي ڏيڻ لاء رڪيا.
    “اها مونکي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهي آهي.”
    “ اها ڳالهه واقعي ڪو فهم رکي ٿي،” ڪيمانگر ورڻيو.
    “ اهو هڪ قدرتي احساس آهي ته تنهنجي دل ان ڳالهه کان ڊنل آهي ته تون ڪاٿي پنهنجي خواب جي ساڀيان ماڻڻ دوران هن وقت تائين جيڪي ڪجھ حاصل ڪيو آهي ڪاٿي اهو سڀ ڪجھ به نه وڃائي ويهين.”
    “جيڪڏهن ائين آهي ته پوء آءٌ پنهنجي دل جي ڇو ٻڌان؟”
    “ ڇاڪاڻ جو تون پنهنجي دل کي ڪڏهن به خاموش نه ٿو ڪري سگھين، پوء ڀلي تون ان کي نه ٻڌڻ جو بهانو ڇو نه ڪرين، پر اها سدائين توسان گڏ ئي رهندي ۽ تون پنهنجي زندگيء بابت ۽ دنيا بابت جيڪو ڪجھ به سوچيندين اهو توکي ورجائيندي رهندي.”
    “ توهان جو مطلب اهو آهي ته مونکي پنهنجي دل جي ٻڌڻ گھرجي پوء ڀلي اهو سڀ ڪجھ بغاوت بابت به ڇو نه هجي؟”
    “ بغاوت واءَ جي اوچتي جھوٽي وانگر آهي. پر جيڪڏهن تون پنهنجي دل کي چڱي ريت سمجڻ جي قابل آهين ته اها توکي ڪڏهن به ان رستي تي ڪانه وٺي ويندي. ڇاڪاڻ جو توکي سندس خوابن ۽ خواهشن جي خبر آهي، ۽ تون کيس سنڀالي سگھين ٿو. تون ڪڏهن به پنهنجي دل کان ڀڄي نه ٿو سگھين، تنهنڪري توکي ان جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي، ۽ اهو ئي طريقو آهي جنهن جي ڪرڻ سان تون سدائين واءَ جي اوچتن جھوٽن کان بچيو رهندين. ”
    ريگستان ۾ سفر دوران نِينگَرَ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌڻ جاري رکي. ۽ هو انجي اٽڪلن ۽ مِڪر کي سمجھندو رهيو. هاڻ سندس خوف ختم ٿي ويو، ۽ نخلستان واپس ورڻ واري ڳالهه به هن کان وسرندي ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو ان ڏينهن سندس دل کيس چيو هو ته هوء سَرَهي آهي. “ ان هوندي به ته آءٌ ڪڏهن ڪڏهن شڪايتون ڪندي رهندي آهيان،” دل چيو. “ اهو انڪري جو آءٌ هڪ انسان جي دل آهيان، ۽ انسانن جون دليون ائين ئي ٿينديون آهن. انسان پنهنجي سڀ کان اهم خوابن جي ساڀيان کي ماڻڻ کان ڪيٻائيندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو سمجھندا آهن ته هو ان جا اهل ناهن، يا وري هو انکي حاصل ئي نه ڪري سگھندا. اسين، سندن دليون سدائين پنهنجن پيارن جي وڇوڙي جي سوچ کان خوفزدهه رهن ٿيون، يا انهن گھڙين کان خوفزدهه رهنديون آهيون جيڪي خوبصورت هجڻ گھرجن ها پر اهي نه ٿي سگھيون، يا انهن خزانن کان خوفزدهه رهون ٿيون جن کي ڳولجي ها پر اهي سدائين لاء واريء ۾ دفن ٿي ويا. انهن ڳالهين ۾ اسان لاء تمام وڏي پِيڙا آهي.”
    “ منهنجي دل ان پِيڙا کان خوفزدهه آهي،” هڪ رات نِينگَرَ ڪيمانگر کي خالي آسمان ڏانهن تڪيندي چيو.
    “ پنهنجي دل کي چئو ته پيڙا جو خوف ان پيڙا کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي ۽ ڪنهن به دل اڄ تائين پنهنجي خوابن جي ساڀيان جي کوجنا جي پويان ڪا تڪليف نه ڏٺي آهي، ڇو جو، ان کوجنا جو هڪ هڪ لمحو خدا ۽ ان جي ابديت سان ملاقات آهي.”
    “ ڪنهن به کوجنا جو هڪ هڪ لمحو خدا سان ملاقات آهي،” نِينگَرَ اها ڳالهه پنهنجي دل سان هنڊائي. “اها هڪ حقيقت آهي ته خزاني جي کوجنا جي دوران منهنجو هر ڏينهن روشن ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو مونکي اها خبر آهي ته ان ڏينهن جو هڪ هڪ پل منهنجي خواب جي ساڀيان جو حصو آهي. ۽ خزاني جي کوجنا جي دوران مون اهڙيون اهڙيون ڳالهيون دريافت ڪيون جيڪي هڪ ريڍار هجڻ جي حيثيت سان آءٌ سوچي به نه ٿي سگھيس.”
    ان ڏينهن سندس دل مطمئن هئي. ۽ رات جو نِينگَرُ تمام گهري ننڊ ستو، جڏهن هو جاڳيو ته سندس دل کيس دنيا جي روح جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. سندس دل کيس ٻڌايو ته ماڻهو جيڪي سَرَها آهن انهن جي سرهائيء جو سبب اهو آهي ته خدا ساڻن گڏ آهي. ۽ سرهائيء کي ريگستان جي واريء جي هڪ ذري ۾ به ڳولي سگھجي ٿو، جيئن کيس ڪيمانگر ٻڌايو هو، ڇاڪاڻ جو اهو واريء جو ذرو به ڪائنات جي تخليق جو هڪ حصو آهي، ۽ ڪائنات جي تخليق ۾ هزارين ورهيه لڳي ويا.
    “ زمين تي موجود هر شخص لاء ڪو نه ڪو خزانو موجود آهي، اسين انسانن جو دليون، اهڙن خزانن بابت ڪجھ نه ڪُڇنديون آهيون، ڇاڪاڻ جو ڪير به انهن جي کوجنا ڪرڻ لاء تيار ناهي. اسين اهڙيون ڳالهيون صرف ٻارن سان ڪنديون آهيون، پوء اسين زندگيء کين پنهنجي رُخ ۽ قسمت تي ڇڏي ڏيون. بدقسمتي اها آهي ته صرف ڪجھ ئي ماڻهو ان رستي تي هلن ٿا جيڪو انهن لاء ٺاهيو ويو آهي _ سندن تقدير ۽ سرهائين جو پيچرو. ڪيترائي ماڻهو هن دنيا کي هاڃيڪار جاء سمجھن ٿا، ۽ سندن ان سوچ جي ڪري ئي دنيا انهن لاء هاڃيڪار ٿيو پوي. تنهنڪري اسين سندن دليون، تمام نرم انداز ۾ ڳالهائينديو آهيون. پر اسين ڪڏهن به ڳالهائڻ بند نه ٿيون ڪري سگھون، ۽ اسانکي سدائين اها ئي اميد هوندي آهي ته اسانجي ڳالهه ڪانه ٻڌي ويندي؛ پر جيڪي ماڻهو به پنهنجي دل جي نه ٿا ٻڌن اسين کين رنجيدهه به نه ٿيون ڏسي سگھون.”
    “ ماڻهن جون دليون کين پنهنجي خوابن کي ماڻڻ لاء تاڪيد ڇو نه ٿيون ڪن؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
    “ اها ئي ته ڳالهه آهي جيڪا دلين کي وڌ ۾ وڌ غمگين ڪيو ڇڏي، ۽ دليون ڪڏهن به غمگين ٿيڻ نه چاهينديون آهن.”
    ان ڏينهن کانپوء نِينگَرُ پنهنجي دل جي ڪيفيت سمجھي ويو. هن پنهنجي دل کي چيو ته هوء ڪڏهن به هن سان ڳالهائڻ نه ڇڏي. هن پنهنجي دل کي اهو به چيو ته، جڏهن به هو پنهنجي خواب جي ساڀيان ماڻڻ کان هٽي وڃي ته سندس دل کيس ان ڳالهه جو چتاء ڏئي. نِينگَرَ اهو قسم کنيو ته جڏهن به کيس اهڙو ڪو چتاء مليو ته هو ان تي ضرور ڌيان ڏيندو.
    ان رات نِينگَرَ اها سڄي حقيقت ڪيمانگر سان ڪئي. ۽ ڪيمانگر سمجھي ويو ته هاڻ نِينگَرَ جي دل دنيا جي روح ڏانهن موٽي چڪي آهي.
    “ هاڻ مونکي ڇا ڪرڻ گھرجي؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
    “ احرامن جي طرف هلندو رهه،” ڪيمانگر وراڻيو. “ ۽ انهن علامتن تي ڌيان ڏيندو اچ. تنهنجي دل اڃا ان قابل آهي جو توکي اهو ٻڌائي سگھي ته خزانو ڪٿي آهي.”
    “ ڇا اها ئي هڪ شيء باقي هئي جيڪا مونکي ڄاڻڻ جي گُهرج هئي؟”
    “نه، “ڪيمانگر وراڻيو. “جيڪي توکي اڃان ڄاڻڻ جي گُهرج آهي اهو هي آهي؛ ڪنهن به خواب جي ساڀيان تائين پهچڻ کان اڳ، دنيا جو روح ان وچ ۾ ايندڙ هر شيء جيڪا اسان سکي يا حاصل ڪئي ان کي آزمائيندو آهي. ان جو اهو مقصد هرگز ناهي ته دنيا جو روح ڪو غلط آهي، اهو صرف ان ڪري جو اسين پنهنجي خوابن جي ساڀيان تائين پهچڻ ۾ جيڪي ڪجھ پرايو ان تي عبور حاصل ڪري سگھون. اهو ئي واحد نقطو آهي جتي پهچي گھڻي قدر ماڻهو هار مڃيو ويهن. اهو ئي اهو نقطو آهي جتي ريگستان جي ٻوليء ۾ هڪ عام پهاڪو ڪَتب ايندو آهي ته، ‘ اڃايل تڏهن دم ڏنو جڏهن نخلستان پڌرو ٿيو.’ ”
    “ هر کوجنا سيکڙاٽ جي ڀاڳ سان شروع ٿئي ٿي، ۽ سوڀاري جي سخت آزمائش سان ختم ٿئي ٿي.”
    نِينگَرَ کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪَتب ايندڙ هڪ ٻيو پهاڪو ياد آيو ته ‘ رات جو سڀ کان اونداهو پهر به پرهه ڦٽيء کان ٿورو ئي اڳ ايندو آهي.’


    قسط 16

    ٻئي ڏينهن خطري جي پهرين چِٽي نشاني پڌري ٿي. ٽي هٿياربند قبيلائي شخص نِينگَرَ ۽ ڪيمانگر وٽ آيا ۽ سندن اتي موجودگيء جو ڪارڻ پڇيايون.
    “ آءٌ پنهنجي باز سان گڏ شڪار ڪري رهيو آهيان،” ڪيمانگر وراڻيو.
    “ توهانجي تلاشي وٺڻي پوندي ته ڪٿي توهان وٽ ڪو هٿيار ته ناهي.” هڪ قبيلائي شخص چيو.
    ڪيمانگر ۽ نِينگَرُ ٻئي گھوڙي تان لٿا.
    “تو پاڻ سان گڏ پئسا ڇو کنيا آهن؟” قبيلائي شخص نِينگَرَ جو ٿيلهو جاچيندو کانئس پڇيو.
    “ ان ڪري جو مونکي احرامن تائي پهچڻو آهي،” نِينگَرَ وراڻيو.
    قبيلائي شخص کي ڪيمانگر جي سامان جي تلاشي وٺندي هڪ پاڻياٺي مادي سان ڀريل گھُگھي ۽ هڪ ڦِڪي رنگ جي ڪائَي جهڙو بيضو هٿ آيو جيڪو ڪُڪِڙ جي بيضي کان ٿورو وڏو هو.
    “ هي ڇا آهن؟” قبيلائي شخص پڇيو.
    “ هي پارس جو پٿر ۽ آبِ حيات آهن. هي ڪيمانگرن جي حڪمت جا نمونا آهن. جنهن به آبِ حيات پيتو اهو ڪڏهن به بيمار نه ٿيندو، ۽ ان پارس جو هڪ به ٽڪرو ڪنهن به ڌاتوء کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.”
    عرب قبيلائي مٿس ان ڳالهه تي کِليا، انهن سان گڏ ڪيمانگر پڻ کِليو. هنن سوچيو ته هو ڀوڳ ڪري رهيو آهي، ۽ کين سندن سڄي سامان سان وڃڻ جي اجازت ڏني.
    “ توهان چريا ته نه ٿي ويا آهيو؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو، “اهڙي چريائپ توهان ڇو ڪئي؟”
    “ توکي زندگيء جو هڪ نهايت ئي آسان سبق سيکارڻ لاء،” ڪيمانگر وراڻيو. “جڏهن تون پاڻ وٽ موجود اَمُلُهه خزانن جي بابت ڪنهن کي ٻڌائيندي ته تنهنجي ڳالهه تي ڪير به ويساهه نه ڪندو.”
    هنن ريگستان ۾ پنهنجو سفر جاري رکيو. هر ڏينهن گذرڻ سان نِينگَرَ جي دل خاموش ٿيندي ٿي وئي. ۽ کيس مستقبل يا ماضيء جي به پرواهه نه رهي؛ اهو صرف ريگستان ۽ دنيا جي روح تي سوچ ويچار ڪرڻ جو هڪ انداز هو. نِينگَرَ ۽ سندس دل جي وچ ۾ دوستي ٿي چڪي هئي، ۽ هاڻ هو هڪٻئي کي ڌوڪو نه ٿي ڏئي سگھيا.
    هاڻ سندس دل صرف کيس همت ۽ جوش ڏيارڻ لاء هن سان ڳالهائيندي هئي، ڇاڪاڻ جو ريگستان جي سانت تمام تڪليف ڏيندڙ هئي. سندس دل کيس سندس خوبيون جي بابت ٻڌايو؛ رڍون وڪرو ڪري پنهنجي تقدير کي جيئڻ واري خوبي، ۽ سندس ٿانوَن جي هَٽَ ۾ جوش ۽ ولولي سان گذاريل وقت واري خوبي پڻ ٻڌائي.
    سندس دل کيس هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌائي جنهن تي هن اڳ ڪڏهن به غور نه ڪيو هو؛ سندس دل کيس لاحق خطرن بابت به ٻڌايو، پر اهي خطرا کيس ڪڏهن به ويجھو نه آيا. سندس دل کيس اهو به ٻڌايو ته ان سندس پيء جي اها بندوق پڻ لڪائي ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ جو اهو ممڪن هو ته متان ان سان نِينگَرُ پاڻ کي زخمي ڪري وجھي. سندس دل کيس اهو به ياد ڏياريو جڏهن هو ميدان ۾ رڍون چارڻ دوران بيمار هو ۽ اُلٽيون پڻ ڪيون هئائين، جنهن کانپوء هو گهري ننڊ پئجي ويو هو. اتان کان ٿورو اڳتي ٻه چور نِينگَرَ کي مارڻ ۽ سندس رڍن چورائڻ جو منصوبو ٺاهي ويٺا هئا. پر ڇاڪاڻ جو نِينگَرُ اتان نه لنگھيو ۽ هو اهو سوچي هليا ويا ته متان نِينگَرَ گس ئي مٽائي ڇڏيو هجي.
    “ ڇا انسان جي دل سدائين سندس واهَرَ ڪري ٿي؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کا پڇيو.
    “گھڻو ڪري اهڙن ماڻهن جون دليون سندن واهَرَ ڪن ٿيون جيڪي پنهنجي تقدير جي کوجنا ڪن ٿا. پر هو ٻارن، مَڌُ پياڪن ۽ پيرسنن جي پڻ واهَرَ ڪن ٿيون.”
    “ ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته آءٌ ڪڏهن به ڪنهن مشڪل ۾ گرفتار نه ٿيندس؟”
    “ ان جو مطلب اهو آهي ته دل مشڪلن کان بچائڻ لاء پنهنجي پوري ڪوشش ڪندي آهي.” ڪيمانگر وراڻيو.
    هڪ ڏينهن سندن گذر قبيلن جي لڳايل هڪ منزل وٽان ٿيو. ڪنڊ تي ڪجھ عرب اڇن جُھٻن ۾ هٿيارن سان بيٺا هئا. پاسي کان ڪجھ ماڻهو حُقا ڇڪيندي جنگ جا حال احوال اوري رهيا هئا. هنن ٻن مسافرن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.
    “ هتان ڪو خطرو ناهي،” نِينگَرَ اتان گذرندي ڪيمانگر کي چيو.
    ڪيمانگر باهجي پيو؛ “ پنهنجي دل تي يقين رک، پر اهو به نه وسار ته تون ريگستان ۾ آهين. جنگين جي دوران دنيا جو روح جنگين مان ايندڙ رڙيون ٻڌندو آهي. هن زمين تي ڪير به نتيجن جي پيڙائن ڀوڳڻ کان بغير رهي نه ٿو سگھي.”
    “ سڀ شيون هڪ آهن،” نِينگَرَ سوچيو. پوء ريگستان ڪيمانگر جي اها ڳالهه صحيح ثابت ڪئي، ٻه گھوڙي سوار سندن پويان کان پڌرا ٿيا.
    “توهان هن کان اڳتي نه ٿا وڃي سگھو،” انهن گھوڙيسوارن مان هڪ چيو. “توهان جنگين واري علائقي ۾ آهيو.”
    “ اسين گھڻو اڳتي نه پيا وڃون،” ڪيمانگر گھوڙي سوار جي اکين ۾ اکيون وجھي وراڻيو. هو ڪجھ گھڙين لاء خاموش رهيا، ۽ پوء نِينگَرَ ۽ ڪيمانگر کي اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏنائون.
    نِينگَرُ حيرت منجھان سندن ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهيو هو.
    “ توهان جي هنن گھوڙي سوارن ڏانهن تڪڻ جي انداز سان توهان هنن تي غالب هئائو.” نِينگَرَ چيو.
    “ توهان جون نظرون توهانجي روح جي طاقت کي پڌرو ڪن ٿيون،” ڪيمانگر ورڻيو.
    “ اهو واقعي صحيح آهي،” نِينگَرَ سوچيو.
    کيس اهو محسوس ٿيو ته انهن قبيلي وارن هٿياربندن منجھان هڪ شخص کين مسلسل تڪي رهيو هو. ٿورو پرڀرو هجڻ جي ڪري سندس صورت نظر نه ٿي آئي پر نِينگَرَ کي اها پڪ هئي ته هو کين تڪي رهيو آهي.
    آخرڪار، جڏهن هنن جابلو سلسلو جيڪو تمام ڏور تائين ڦهليل هو، پار ڪيو ته ڪيمانگر چيو ته هاڻي اسين احرامن کان صرف ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهيون.
    “ جيڪڏهن اسانجا رستا هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ وارا هجن ته مونکي علم ڪيميا جي بابت ضرور ڪجھ سيکاريو.” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
    “تون اڳي ئي علم ڪيميا جي بابت ڄاڻين ٿو. اها ڏات دنيا جي روح ۾ داخل ٿيڻ جو فن سيکاري ٿي ۽ ان خزاني جي کوجنا جي ترغيب ڏئي ٿي جيڪو توهانجو آهي.”
    “ منهنجو اهو مطلب نه هو، آءٌ شيهي کي سون ۾ تبديل ڪرڻ واري ڏات جي ڳالهه ڪري رهيو هئس.”
    اها ڳالهه ٻڌي ڪيمانگر ريگستان وانگي سانت ۾ اچي ويو هو، هن کيس تڏهن جواب ڏنو جڏهن هو ڀوڄن لاء رڪيا.
    “ ڪائنات ۾ موجود هر شيء ارتقاء جي عمل هيٺ رهي ٿي،” ڪيمانگر چيو.
    “ ۽ ساڃهه وندن لاء سون به هڪ اهڙو ڌاتو آهي جيڪو وڌيڪ ارتقاء جي مرحلن مان گُذرندو رهي ٿو. اهو نه پڇجان ته ائين ڇو آهي، ڇاڪاڻ جو مونکي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي. مونکي صرف ايتري خبر آهي ته اهو روايتن ۾ آهي، ۽ روايتون سدائين صحيح هونديون آهن.”
    “ ماڻهون ڪڏهن به ڏاهن جي ڳالهين کي نه سمجھي سگھيا. تنهنڪري سون کي ارتقا جي نشاني سمجھڻ جي بجاء جھيڙن جو بنياد بڻائي پيش ڪيو ويو.”
    “ مختلف شيون به پنهنجيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائين ٿيون. اهو به وقت هو جڏهن، مون لاء اُٺن جي هڻڪار هڪ هڻڪار کان وڌيڪ ڪا شيء نه هئي. پوء اها ئي هڻڪار مون لاء خطري جي نشاني پڻ ثابت ٿي. ۽ آخرڪار اها هڻڪار وري هڪ هڻڪار ئي بڻجي وئي.” پر اهو چوڻ کانپوء نِينگَرُ اهو سوچي ماٺ ٿي ويو ته انهن مڙني ڳالهين کان ته ڪيمانگر ضرور واقف هوندو.
    “ آءٌ ڪجھ اهڙن حقيقي ڪيمانگرن کي سڃاڻان ٿو جن پاڻ کي پنهنجي تجربيگاهن ۾ بند ڪري سون وانگي ارتقاء جي مرحلن مان گُذرڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن کانپوء کين پارس هٿ آيو، ڇاڪاڻ جو هو اها ڳالهه سمجھي چڪا هئا ته، جڏهن به ڪا شيء ارتقاء جي مرحلن مان گُذري ٿي ته ان جي چوڌاري موجود هر شيء پڻ ارتقاء ڪندي رهي ٿي. ٻيا ڪيمانگر وري اهڙا هئا جن کي اهو پٿر حادثاتي طور تي هٿ اچي ويو. وٽن اڳ ۾ ئي اهو تحفو هو، ۽ سندن روح اهڙي ڀانت جي شين لاء ٻين کان وڌيڪ تيار هئا. پر اهي شيون سندن لاء ڪا اهميت نه ٿيون رکن ۽ اهڙا انسان تمام گھٽ آهن. ڪجھ وري اهڙا ڪيمانگر هئا جن جي صرف سون ۾ دلچسپي هئي. پر هو ڪڏهن به ان ڳُجھ تائين نه پهچي سگھيا. هو اهو وساري چڪا هئا ته شيهي، پِتل ۽ لوهه جون پنهنجون پنهنجون الڳ تقديرون آهن. ۽ جيڪڏهن ڪير به ڪنهن ٻي شيء جي تقدير سان ڇيڙڇاڙ ڪندو ته هو ڪڏهن به پنهنجي تقدير کي حاصل نه ڪري سگھندو.”
    ڪيمانگر جا هي لفظ هڪ نحوست وانگي پڙاڏوڪرڻ لڳا. هن زمين تان هڪ سِپي کڻندي چيو ته “ هي ريگستان ڪنهن وقت ۾ هڪ سمنڊ هو.”
    “ آءٌ ان ڳالهه کان آگاهه هئس،” نِينگَرَ وراڻيو.
    ڪيمانگر نِينگَرَ کي اها سِپي پنهنجي ڪَن تي رکڻ لاء چيو. نِينگَرُ ننڍي هوندي ائين ڪيترائي ڀيرا ڪري سمنڊ جو آواز ٻڌي چڪو هو.
    “سمنڊ هن سِپيء جي مٿان گذري چڪو آهي، ۽ اهائي ان جي تقدير آهي. پر اهو هاڻ تيسيتائين نه ٿي سگھندو جيسيتائين ٻيهر هن ريگستان ۾ پاڻي نه ايندو.”
    هو پنهنجن گھوڙن تي چڙهيا ۽ مصر جي احرامن جي طرف سفر شروع ڪيائون.




    سج لهڻ وارو ٿيو ته نِينگَرَ جي دل ڪنهن خطري جو اشارو ڪيو. سندن چوڌاري واريء جا تمام وڏا دڙا هئا، نِينگَرَ ڪيمانگر ڏانهن ڏٺو ته هن به ڪا اهڙي خطري واري شيء محسوس ڪئي آهي يا نه. پر هو اهڙي ڪنهن به خطري واري ڳالهه کان بي خبر ٿي لڳو. پنجن منٽن کانپوء نِينگَرَ ٻه گھوڙي سوار اڳيان سندن انتظار ۾ هئا. ان کان اڳ جو هو ڪيمانگر کان ڪجھ ڪُڇي، اهي ٻه گھوڙي سوار ٻن مان ڏهه، ڏهن مان سئو ۽ پوء دڙن ۾ هر جاء تي پکڙجندا ويا. اهي جنگجو قبيلائي نيري رنگ جي وَيسُ ۾ هئا، کين پٽڪن تي ڪارا ڇلا پهريل هئا. سندن چهرا نيري رنگ جي نقاب ۾ ڍڪيل هئا ۽ صرف سندن اکيون ئي نظر ٿي آيون.
    پري کان به سندن اکين مان سندن روح جي سگھ جو اندازو لڳائي سگھجي پيو. سندن اکيون موت جو پيغام ڏئي رهيو هيون.
    ٻنهي ڄڻن کي ويجھي ئي هڪ فوجي ڇانوڻيء ۾ آندو ويو. هڪ سپاهيء کين هڪ خيمي ۾ گِهلي وٺي آيو، جتي فوج جو سردار پنهنجي عملي سان گڏجاڻيء ۾ مصروف هو.
    “ هي مخبر آهن،” هڪ سپاهيء سردار کي چيو.
    “ اسين مسافر آهيون،” ڪيمانگر وراڻيو.
    “ ٽي ڏينهن اڳ توهانکي دشمنن جي ڇانوڻيء ۾ هڪ سپاهيء سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو هو.”
    “ آءٌ ته بس هڪ رِڻ جو رولاڪ ۽ علم هيئت جو ڄاڻو آهيان، ۽ آءٌ صرف پنهنجي دوست جو سونهون آهيان، مونکي جنگجوئن يا قبيلن جي چُرپُر جي ڪا به خبر ناهي،” ڪيمانگر وراڻيو.
    “تنهنجو دوست ڪير آهي؟” سردار پڇيو.
    “هڪ ڪيمانگر،” ڪيمانگر وراڻيو. “هو قدرت جي قوتن کي سمجھڻ جي قابليت رکي ٿو، ۽ توهانکي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ چاهي ٿو.”
    نِينگَرُ خاموشيء ۽ خوف منجھان ٻڌي رهيو هو.
    “ پر هي پَرَهَنڌَو هتي ڇا ڪرڻ آيو آهي؟” هڪ سپاهيء پڇيو.
    “ هن توهانجي قبيلي لاء ڪجھ رقم آندي آهي،” ڪيمانگر کين چيو، ان کان پهريان جو نِينگَرُ ڪجھ ڪُڇي، ڪيمانگر سندس ٿيلهي مان سون جا سِڪا ڪڍي کين ڏنا.
    عرب بنا هڪ لفظ چوڻ جي اهي سون جا سڪا قبول ڪيا. اهي ڳچ هٿيار وٺڻ لاء ڪافي هئا.
    “ اهو ڪيمانگر ڇا ٿيندو آهي؟” سردار پڇيو.
    “ ڪيمانگر اهو شخص آهي جيڪو قدرتي سرشتي ۽ دنيا کي سمجھڻ جي سگھ رکي ٿو ۽ جيڪڏهن هو چاهي ته توهانجي هن ڇانوڻيء کي واءَ جي طاقت سان تباهه به ڪري سگھي ٿو.”
    اتي موجود سڀ ماڻهو کِليا. هو جنگ جي تباهين جا عادي هئا، کين اها به خبر هئي ته واءُ سندن ڪجھ به نه ٿي بگاڙي سگھي. پر تنهن هوندي به ان ڳالهه جو سندن دل ۾ ٿورو خوف ضرور اُٿيو. ڇاڪاڻ جو هو ريگستان جا ماڻهو هئا، ۽ کين جادوگرن جو خوف هو.
    “ آءٌ کيس اهو ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو،” سردار چيو.
    “ کيس ان ڪم لاء ٽي ڏينهن گھرجن،” ڪيمانگر وراڻيو.
    “ کيس سندس اها قوت ڪَتب آڻڻ لاء پهريان پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن هو ائين نه ڪري سگھيو ته توهانجي قبيلي جي شان ۾ اسانجي جان حاضر آهي.”
    “ تون مونکي اها شيء حاضر نه ٿو ڪري سگھين جيڪا اڳي ئي منهنجي قبضي ۾ آهي،” سردار آڪڙ وچان وراڻيو. پر هن ٻنهي مسافرن کي ٽي ڏينهن ڏنا. نِينگَرُ خوف وچان ڏڪي رهيو هو، پر ڪيمانگر کيس خيمي کان ٻاهر وٺي آيو.
    “کين پنهنجي خوف جو احساس نه ڏيار،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو. “هي بهادر ماڻهو آهن، ۽ هو بزدلن کان نفرت ڪندا آهن.”
    پر نِينگَرُ ڪجھ به نه ٿي ڪُڇي سگھيو. سندس اها حالت ڇانوڻيء جي وچان گذرڻ مهل ٿي رهي هئي. کين قيد ڪرڻ جي گُهرج ئي نه هئي، عربن بس سندن گھوڙا قبضي ۾ ڪري ڇڏيا هئا.
    هڪ ڀيرو ٻيهر، دنيا سندس ڪيتريون ئي ٻوليون پڌريون ڪري رهي هئي؛ ڪجھ گھڙيون پهريان ريگستان اڻکُٽ ۽ خالي ٿي لڳو، پر هاڻ اهو ئي ريگستان هڪ بنا دروازي ۽ ڳِڻکين جي ڀِت بڻجي چڪو هو.
    “ توهان هنن کي منهنجو اَلهو تَلهو ڏئي ڇڏيو! اها منهنجي سموري حياتيء جي جمع پونجي هئي!” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
    “ تنهنجي مرڻ کانپوء انهن مان ڪهڙي شيء تنهنجي ڪم جي رهي ها؟” ڪيمانگر وراڻيو. “تنهنجي جمع پونجيء اسانکي ٽن ڏينهن جي زندگي ڏني آهي، ۽ گھڻو ڪري ائين ڪڏهن نه ٿيو هوندو ته اڄ تائين ڪو پئسي ڏوڪڙ سان ڪنهن جي جان بچي هجي.”
    پر نِينگَرُ ايترو ڊنل هو جو کيس اهي حڪمت واريون ڳالهيون سمجھ ۾ ئي نه ٿي آيون. کيس اها ڳالهه سمجھ ۾ نه ٿي آئي ته هو پاڻ کي ڪيئن واءَ ۾ تبديل ڪندو، ڇاڪاڻ جو هو ڪيمانگر نه هو!
    ڪيمانگر هڪ سپاهيء کي چانهن جو چيو. ڪيمانگر ان مان ڪجھ چانهن نِينگَرَ جي ڪاراين تي هاري ته نِينگَرَ ڪجھ سڪون محسوس ٿيو، ان دوران ئي ڪيمانگر چپن ئي چپن ۾ ڀُڻنڪندي ڪجھ لفظ چيا جيڪي نِينگَرُ سمجھي نه سگھيو.
    “ پنهنجي خوف کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏي،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي تمام نرم آواز ۾ چيو. “جيڪڏهن ائين ٿيو ته تون ڪڏهن به پنهنجي دل سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگھندي.”
    “ پر مونکي ڪو ڪاٿو ناهي ته آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪيئن ڪندس.”
    “ جيڪڏهن هڪ شخص جيڪو پنهنجي تقدير کي جي رهيو هجي، اهو هر اها شيء ڄاڻي ٿو جيڪا کيس ڄاڻڻ جي گُهرج آهي. صرف هڪ ئي شيء آهي جيڪا خوابن جو پنهنجي ساڀيان تائين پهچڻ کي نا ممڪن بڻائي ٿي؛ اها آهي ناڪاميء جو خوف.
    “ آءٌ ناڪاميء کان نه ٿو ڊڄان. بس مونکي اها خبر ناهي ته آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪيئن ڪيان.”
    “ اهو ته توکي سکڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو هاڻ ان تي ئي تنهنجي زندگيء جو دارومدار آهي.”
    “ پر جيڪڏهن آءٌ اهو نه ڪري سگھيس ته؟”
    “ته پوء تون پنهنجي تقدير تائين پهچڻ جي وچ ۾ ئي هلاڪ ٿي ويندين، جيڪو لکين اهڙن انسانن جي موت کان ته بهتر آهي جن کي پنهنجي تقديرن جي اڃان ڄاڻ به نه هئي.”
    “ پر پريشان نه ٿي،” ڪيمانگر پنهنجي ڳالهه جاري رکي. “عام طور تي موت جو خوف ماڻهن کي پنهنجي زندگين بابت وڌيڪ سُجاڳ ڪندو آهي.”


    قسط 17

    پهريون ڏينهن گذريو. ڀر پاسي ۾ وڏي ويڙهه هلي رهي هئي، ۽ روز ڪيترائي زخمي سپاهي ڇانوڻي ۾ آندا ٿي ويا، ۽ جيڪي مريو ٿي ويا انهن جي جڳهه تي ٻيا سپاهي آندا ٿي ويا ۽ ائين ئي اتي زندگي هلندي ٿي رهي. “ ڪنهن جي موت سان ڪا به شيء تبديل نه ٿي ٿئي،” نِينگَرُ سوچي رهيو هو.
    “ تون ٿورو پوء به جان ڏئي ٿي سگھئين،” هڪ سپاهي پنهنجي ساٿيء جي لاش کي چئي رهيو هو. “ تون امن ٿيڻ کانپوء به جان ڏئي ٿي سگھئين. پر توکي هر صورت ۾ مرڻو ئي هو.”
    سج لٿي نِينگَرُ ڪيمانگر کي ڳولي رهيو هو، جيڪو پنهنجي باز سان گڏ ريگستان ۾ نڪتل هو.
    “مونکي اڃان ڪو ڪاٿو ناهي ته آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪيئن ڪندس،” نِينگَرَ پنهنجي ڳالهه ورجائي.
    “ جيڪو مون توکي چيو هو سو ياد ڪر؛ هيء دنيا بس خدا جو هڪ پڌرو نظارو آهي. ۽ ڪيمانگري ان روحاني ڪماليت جو مادي شين سان ڳانڍاپي جو هڪ ذريعو بڻجي ٿي.”
    “ توهان هت ڇا پيا ڪيو؟”
    “ پنهنجي باز کي ڀوڄن پيو ڪرايان.”
    “ جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل نه ڪري سگھيس ته اسانکي مرڻو پوندو، پوء باز کي ڀوڄن ڪرائڻ جو لاڀ؟ “ نِينگَرَ پڇيو.
    “ صرف توکي ئي مرڻو پوندو، آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ وارو فن ڄاڻان ٿو.”


    ٻئي ڏينهن، نِينگَرُ ڇانوڻيء جي ڀر ۾ هڪ اُوچي چوٽيء تي چڙهي ويو. پهريدار سپاهين کيس وڃڻ جي اجازت ڏني؛ هنن اڳي ئي هڪ اهڙي جادوگر جو پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو قصو ٻڌو هو، انڪري هو نِينگَرَ جي ويجھو ئي نه ٿي ويا. ڇا به ٿي پوي ريگستان ته پوء به هڪ مشڪل ترين جڳهه هئي.
    نِينگَرَ ٻيو سڄو ڏينهن ريگستان کي تڪيندي ۽ پنهنجي دل جي ٻڌندي گذاريو. نِينگَرُ اهو به ڄاڻي پيو ته ريگستان سندس خوف کان واقف آهي، ڇاڪاڻ جو ريگستان ۽ نِينگَرُ ٻئي هڪ ئي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا.

    ٽئين ڏينهن، قبيلي جو سردار پنهنجي عملي سان مليو. ڪيمانگر کي به ان گڏجاڻي ۾ گھرايو ويو. “هاڻي هلي ڏسجي ته نِينگَرُ پاڻ کي ڪيئن واءَ ۾ تبديل ٿو ڪري،” سردار ڪيمانگر کي چيو.
    “ اچو،” ڪيمانگر وراڻيو.
    نِينگَرُ کين ان چوٽيء تي وٺي ويو جتي هو هڪ ڏينهن اڳ ويو هو. هن مڙني کي ويهڻ لاء چيو.
    “ ان ۾ ٿوري دير لڳندي،” نِينگَرَ چيو.
    “اسان کي به ڪا تڪڙ ناهي، اسين ريگستاني ماڻهو آهيون،” سردار وراڻيو.
    نِينگَرَ آڪاس منڊل ڏانهن تَڪيو. کيس ٿوري ئي فاصلي تي جبل، واريء جا دڙا، پٿر ۽ ٻوٽا نظر آيا جيڪي ان جڳهه تي قائم ۽ دائم هئا جتي رهڻ نا ممڪن آهي. اتي اهوئي ريگستان هو جنهن ۾ هو مهينن جا مهينا جَهاڳِيندو رهيو هو؛ پر ان جي باوجود به کيس ريگستان جي زندگيء جي اڃا به ايتري معلومات نه هئي. ريگستان ۾ گذاريل پنهنجي زندگيء جي ان حصي ۾ کيس انگريز مليو هو، ڪيترائي قافلا، قبيلائي جنگيون ۽ پنجاهه هزار کجيء جي وڻن ۽ سئو کوهن وارو نخلستان پڻ ڏٺا هئائين.
    “ اڄ توکي ڪهڙي شيء جي طلب آهي؟ ڪالهه تون ئي هئين نه جنهن سڄو ڏينهن مون کي تڪيندي گذاريو هو؟” ريگستان نِينگَرَ کا پڇيو.
    “ تون وٽ اهو شخص آهي جنهن سان آءٌ محبت ڪريان ٿو، تنهنڪري جڏهن آءٌ تنهنجي واريء ڏانهن تڪيندو آهيان، ته ان ۾ مونکي هوء نظر ايندي آهي. آءٌ هن ڏانهن واپس وڃڻ چاهيان ٿو، تنهنڪري پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاء مونکي تنهنجي واهَرَ جي گُهرج آهي.” نِينگَرَ ريگستان کي چيو.
    “ محبت ڇا آهي؟” ريگستان نِينگَرَ کان پڇيو.
    “ محبت تنهنجي مٿان هڪ باز جي اُڏام جيان آهي. ڇاڪاڻ جو باز جي لاء تون هڪ سرسبز زمين آهين جنهن مان هو سدائين پنهنجو شڪار ڪري ٿو. کيس تو منجھ موجود پٿرن، واريء جي دڙن ۽ جبلن جي ڄاڻ آهي، ۽ تون پڻ مٿس مهربان آهين.” نِينگَرَ ريگستان کي وراڻيو.
    “ باز پنهنجي چهنب سان منهنجا ذرا کڻندو رهي ٿو، ورهين تائين آءٌ سندس شڪار جي سنڀار ڪندو ٿو رهان، کيس پاڻ وٽ موجود ٿورو گھڻو پاڻي مهيا ڪندو ٿو رهان، ۽ کيس سندس شڪار جو ڏَس پڻ ٻڌائيندو ٿو رهان. ۽ آءٌ ان حقيقت کان مطمئن ٿيندو آهيان ته سندس شڪار منهنجي ئي سطح تي وڌندو ويجھندو رهي ٿو، پر تنهن کانپوء اهو ئي باز آسمان مان هڪ ٽُٻي هڻي اهو سڀ ڪجھ کنيو وڃي جنهن جي مون سنڀار ڪئي.” ريگستان نِينگَرَ کي چيو.
    “ پر، سندس ڀوڄن لاء ئي ته تو اهو سڀ ڪجھ ڪيو، اُن سان تو باز جي سَار لڌي، باز وري انسانن جي، ۽ نتيجي ۾ انسان وري تنهنجي واريء جي سار لهندو، جتي اهو شڪار وري پيدا ٿيندو، ائين ئي ته دنيا جو سرشتو هلندو رهندو.” نِينگَرَ وراڻيو.
    “ ته اها ئي محبت آهي؟”
    “ ها. اهائي آهي محبت. اها ئي محبت آهي جنهن سان شڪار باز ۾، باز انسان ۾ ۽ انسان ريگستان ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو. اهائي محبت آهي جيڪا شيهي کي سون ۾ پڻ تبديل ڪري ٿي ۽ سون کي واپس زمين جي اندر موڪليو ڇڏي.”
    “ مونکي تنهجيون ڳالهيون سمجھ ۾ نه ٿيو اچن،” ريگستان کيس چيو.
    “ پر تون ايترو ته سمجھي سگھين ٿو ته تنهنجي واريء ۾ ڪٿي نه ڪٿي هڪ عورت موجود آهي جيڪا منهنجو انتظار ڪري رهي آهي. صرف ان جي ڪري ئي مونکي پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻو آهي.”
    ريگستان ڪجھ دير لاء کيس ڪو جواب نه ڏنو.
    پوء کيس چيائين، “ آءٌ صرف واءَ کي جھوٽڻ ۾ واهَرَ لاء توکي پنهنجي واري ڏئي سگھان ٿو، ان کان علاوه اڪيلي سِر آءٌ تنهنجي ٻي ڪا واهَرَ نه ٿو ڪري سگھان. وڌيڪ توکي واءَ کان مدد وٺڻي پوندي.”
    واءَ جو هڪ جھوٽو لڳڻ شروع ٿيو. قبيلي وارا نِينگَرَ کي پري کان ڏسي پاڻ ۾ سندن ٻوليء ۾ ڳالهائي رهيا هئا جيڪا نِينگَرَ کي سمجھ ۾ نه ٿي آئي.
    ڪيمانگر مُشڪيو.
    واءُ نِينگَرَ ڏانهن وڌندي سندس منهن کي ڇهيو. کيس نِينگَرَ ۽ ريگستان جي وچ ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه جي خبر هئي، ڇاڪاڻ جو واءَ کي سڀ خبر رهندي آهي. اهي پوري دنيا جا چڪر ڪاٽينديون رهنديون آهن، ۽ سندن نه ڪا جيئڻ جي جاء آهي نه مرڻ جي.
    “ منهنجي واهَرَ ڪر. هڪ ڏينهن تون مون لاء پاڻ سان گڏ منهنجي محبوب جو آواز آندو هو. ” نِينگَرَ واءَ کي چيو.
    “ توکي ريگستان ۽ واءَ جي ٻولي ڪنهن سيکاري؟” واءَ نِينگَرَ کان پڇيو.
    “ منهنجي دل،” نِينگَرَ وراڻيو.
    واءَ جا ڪيترائي نالا آهن. دنيا جي ان حصي ۾ کيس سِراڪو يا ريگستاني واءُ سڏيو ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو اهو واءُ اوڀر کان پاڻ سان گڏ سمنڊ جي رطوبت ۽ ريگستان جي واري کنيو ايندي هئي. اتان کان ڏورانهين ديس مان جتان نِينگَرُ آيو هو، اُتي ان واءَ کي ليوانٽر سڏيو ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو اُتان جي ماڻهن جي پٽاندر اهو واءُ ريگستان جي واريء سان گڏ ماريتانيا جي ويڙهاڪن جي وچ ۾ وڙهيون ويندڙ جنگين جا واڪا پڻ گڏ کڻي ايندو هو. شايد اندلس جي چراگاهن کان ڏور ماڻهن کي اهو ئي محسوس ٿيندو هوندو ته اهو واءُ اندلس کان آيو هو. پر، حقيقت ۾ واء ته ڪنهن هڪ مخصوص جڳهه کان نه ايندو آهي نه ڪيڏانهن ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهو ريگستان کان وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو. ريگستان ۾ ڪير به وڻ پوکي ۽ رڍون چاري سگھي ٿو، پر واءَ کي ڪڏهن به ڪير واڳ نه ٿو وجھي سگھي.
    “ تون واءُ نه ٿو بڻجي سگھين،اسين ٻئي تمام مختلف آهيون.” واءَ چيس.
    “ائين ناهي،” نِينگَرَ وراڻيو. “مون سفر دوران ڪيمانگرن جا ڪيترائي ڳُجھ سکيا آهن. منهنجي اندر واءُ به آهي ته ريگستان به، سمنڊ، تارا ۽ هر اها شيء جيڪا ڪائنات ۾ موجود آهي، منهنجي اندر پڻ شامل آهي. ڇاڪاڻ جو هرشيء جي خالق صرف هڪ ذات آهي، ۽ هر شيء ۾ ساڳيو روح آهي. آءٌ تون وانگر بڻجي دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ پهچڻ چاهيان ٿو، سمنڊَ پار ڪرڻ چاهيان ٿو، پنهنجي خزاني جي مٿان پيل واريء کي پنهنجي جھوٽي سان هٽائڻ چاهيان ٿو، ۽ ان عورت جو مڌر آواز پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو جنهن سان مونکي محبت آهي.”
    “ مون ٻڌو پئي جيڪي هڪ ڏينهن تون ڪيمانگر سان ڳالهائي رهيو هئين. هن چيو پئي ته هر شيء کي پنهنجي پنهنجي تقدير هوندي آهي، پوء ماڻهو پاڻ کي واءَ ۾ ڪيئن ٿو تبديل ڪري سگھي.” واءَ چيو.
    “مونکي بس ڪجھ گھڙين لاء واءُ بڻجڻ سيکار، ته جيئن پاڻ ماڻهن ۽ واءَ وٽ موجود بي انت مُمڪنات جي بابت ڳالهائي سگھون.”
    واءَ جو ان ڳالهه جي بابت اُلڪو وڌندو ويو جيڪا اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. صرف ڳالهين جي حد تائين ٺيڪ هو پر اها ته پاڻ واءَ کي خبر نه هئي ته هڪ انسان کي واءَ ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگھجي ٿو. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته واءُ ان کان علاوه ٻيو ڪيترو ڪجھ ڪرڻ ڄاڻي ٿو! جيئن ان ريگستان پيدا ڪيا، بحري جهاز ٻوڙيا، ٻيلن جا ٻيلا تباهه ڪيا، ۽ شهرن جي وچان عجيب و غريب آواز ڪندي جُهوٽندي رهي. کيس اهو ڪاٿو به هو ته سندس ڪي به حدون ناهن. ۽ نِينگَرُ به کيس اهو ٻڌائي رهيو هو ته اڃان به واءُ گھڻا معجزا ڏيکاري سگھي ٿو.
    “ اهائي آهي محبت،” نِينگَرَ واءَ کي سندس خواهش پوري ڪرڻ جي ويجھو ڏسندي چيو. “ محبت ۾ توهان ڪجھ به ڪري سگھو ٿا، ۽ محبت ۾ اهو به سوچڻ سمجھڻ جي گُهرج ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ڪجھ به ٿي رهيو هوندو آهي سو توهانجي اندر هوندو آهي، ۽ انسان پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو پر ان صورت ۾جڏهن واءُ سندس واهَرَ ڪري.”
    پر واء ته هٺيلو هو سو نِينگَرَ جي ڳالهين تي ڪاوڙ ۾اچي ريگستان جي واري اُڏائيندي تيز جھوٽڻ لڳو، ۽ آخرڪار کيس اها ڳالهه مڃڻي پئي ته پوري دنيا ۾ جھوٽڻ جي باوجود به کيس اها خبر نه هئي ته انسان کي واء ۾ ڪيئن تبديل ڪجي. ۽ کيس اها به خبر نه هئي ته محبت ڇا آهي.
    “ مون پوري دنيا ۾ سفر دوران ماڻهن کي محبت جون ڳالهيون ڪرڻ وقت آسمانن ڏانهن تڪيندي ڏٺو آهي، سو اها ڳالهه آسمانن کان پڇڻ گھرجي،” واء پنهنجون حدون ڄاڻڻ لاء آنڌ مانڌ منجھان چيو.
    “ ٺيڪ آهي، ته پوء ان جي لاء منهنجي واهَرَ ڪر، ۽ اهڙو واچوڙو برپا ڪر جو سج لڪي وڃي ته جيئن آءٌ آسمانن ڏانهن ڏسي سگھان.”
    واء اهڙو زور سان جھوٽيو جو آسمان ريتيء سان ڀرجي ويو ۽ سج هڪ سنهري ٽِڪيء ۾ تبديل ٿي ويو.
    ڇانوڻيء ۾ ڪا به شيء نه پئي ڏسي سگھجي. ريگستاني ماڻهو اهڙي ڀانت جي واء کان واقف هئا. هو ان کي سِمَم (ريگستاني واچوڙو) سڏيندا هئا، ۽ اها سامونڊي واچوڙي کان وڌيڪ خطرناڪ هئي. سندن گھوڙا چيڪاٽ ڪرڻ لڳا ۽ سندن هٿيارن ۾ واري ڀرجي وئي.
    مٿي ويٺل هڪ سپهه سالار سردار کي چوڻ لڳو ته ، “بهتري انهيء ۾ آهي ته هي سڀ ڪجھ هاڻي ختم ٿيڻ گھرجي!”
    “روڪيو اهو سڀ ڪجھ،” ٻئي سپهه سالار چيو.
    “ آءٌ الله پاڪ جي عظمت ڏسڻ ٿو چاهيان، ۽ اهو ڏسڻ ٿو چاهيان ته ڪيئن هڪ شخص پاڻ کي واء ۾ ٿو تبديل ڪري،” سردار انتهائي احترام سان چيو.
    پر سردار انهن ٻن ڄڻن کي پنهنجي ذهن ۾ رکيو جن پنهنجي خوف جو اظهار ڪيو هو. واء رڪجڻ سان ئي هن ٻنهي کي سندن عهدن تان برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ريگستان جا ماڻهو ڊڄندا ناهن.
    “ واء مونکي ٻڌايو آهي ته توکي خبر آهي ته محبت ڇا آهي، جيڪڏهن توکي واقعي اها خبر آهي ته محبت ڇا آهي ته توکي دنيا جي روح جي پڻ ڄاڻ هوندي، ڇاڪاڻ جو دنيا جو روح محبت منجھان ٺهيو آهي.” نِينگَرَ سج کي چيو.
    “جنهن جاء تي آءٌ موجود آهيان، اتان آءٌ دنيا جو روح ڏسي سگھان ٿو. ان جو منهنجي روح سان رابطو آهي، ۽ اسين ٻئي گڏجي ٻوٽن جي واڌ ويجھ ڪيون ٿا، رڍن کي آرام لاء ڇانو مهيا ڪيون ٿا. جنهن جاء تي آءٌ موجود آهيان اها زمين کان ڳچ ڏور آهي، پر پوء به مان محبت ڪرڻ ڄاڻان ٿو. مونکي خبر آهي ته جيڪڏهن آءٌ زمين کي ٿورو به ويجھو ٿيس ته اتي موجود هر شيء ختم ٿي ويندي، ۽ دنيا جو روح به ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اسين هڪٻئي جي پَرَگھورَ لهون ٿا، ۽ اسين هڪٻئي جي گُهرج آهيون، آءٌ کيس تپش ۽ زندگي ڏيان ٿو، ۽ هو مونکي منهنجي هجڻ جو سبب ڏئي ٿي.”
    “ ته توکي محبت جي بابت ڄاڻ آهي،” نِينگَرَ چيس.
    “مونکي دنيا جي روح بابت به ڄاڻ آهي، ڇاڪاڻ جو اسانجي هن ڪائنات جي اڻ کُٽ مسافريء جي دوران هڪٻئي سان وڏي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي. دنيا جي روح مونکي ٻڌايو ته سندس وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته اڄ تائين صرف معدنيات ۽ نباتات ئي اهو سمجھي سگھيا آهن ته هر شيء هڪجهڙي آهي. ۽ لوهه کي پِتل ۽ پِتل کي سون ۾ تبديل ٿيڻ جي گُهرج ئي ناهي. هر ڪا شيء پنهنجي ڪارگذاري پنهنجي طريقي سان انجام ڏئي رهي آهي. ۽ اهو قلم جنهن سان هي سڀ ڪجھ لکيو ويو آهي، جيڪڏهن تخليق جي پنجين ڏينهن رُڪجي پوي ها ته هر شيء پُر امن رهي ها.”
    “پر ڇهون ڏينهن آيو،” سج پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.
    “ تون ساڃهه وند آهين، ڇاڪاڻ جو تون شين کي فاصلي کان ڏسين ٿو، پر پوء به توکي محبت جي ڪا خبر ناهي. جيڪڏهن تخليق جو ڇهين ڏينهن جو وجود نه ٿئي ها ته انسان جو به وجود نه ٿئي ها؛ پِتل پِتل هجي ها ۽ شيهو شيهو هجي ها. اها صحيح ڳالهه آهي ته هر شيء جي پنهنجي پنهنجي تقدير آهي، پر اها تقدير هڪ ڏينهن ته پنهنجي تڪميل تي پهچڻي آهي، جنهن کانپوء هر شيء کي ڪنهن نه ڪنهن بهتر شيء ۾ تبديل ٿي نئين تقدير ٺاهڻي پوي ٿي، ۽ اهو سلسلو تيسيتائين هلندو رهي ٿو جيسيتائين دنيا جو روح هڪ شيء نه ٿو بڻجي پوي.”
    سج ان بابت سوچيو ۽ وڌيڪ روشنيء سان چمڪڻ لڳو. واء جيڪو سندن ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهيو هو، وڌيڪ طاقت سان جھوٽڻ لڳو ته جيئن سج جي روشني نِينگَرَ کي انڌو نه ڪري وجھي.
    “ اهو ئي سبب آهي جو علم ڪيميا پنهنجو وجود رکي ٿو، ته هرڪو پنهنجي خزاني جي کوجنا ڪندو رهي، ۽ انکي حاصل ڪري ۽ پنهنجي پراڻي زندگيء ۾ بهتري آڻيندو رهي.” نِينگَرَ چيو. “ شيهو پنهنجو ڪردار ايسيتائين نڀائيندو رهندو جيسيتائين دنيا کي انجي گُهرج رهندي؛ تنهن کانپوء ان کي به سون ۾ تبديل ٿيڻو پوندو. اهو ئي سڀ ڪجھ ڪيمانگر ڪندا رهن ٿا. هو اهو ثابت ڪن ٿا ته جڏهن اسين اڳ کان بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته، اسانجي چوڌاري هر شيء پڻ بهتر ٿيو پوي.”
    “ ٺيڪ آهي پر، تون ائين ڇو چيو ته توکي محبت بابت ڪا ڄاڻ ناهي؟” سج نِينگَرَ کان پڇيو.
    “ ڇاڪاڻ جو ريگستان وانگي بغير چُرپُر جي هڪ ئي جڳهه تي رهڻ به محبت ناهي، نه ئي واء وانگي سڄي دنيا ۾ جھوٽڻ ئي محبت آهي. تون وانگي هر شيء کي پري کان ڏسڻ به محبت ناهي. محبت هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا دنيا جي روح کي تبديل ڪري ٿي ۽ سگھارو ڪندي رهي ٿي. پهريائين ته مون به ائين ئي ٿي سوچيو ته دنيا جو روح مڪمل ۽ بي عيب آهي، پر پوء مون ڏٺو ته اهو به باقي مخلوق وانگي ئي آهي، انکي به پنهنجا جذبا ۽ پنهنجا اُڌما آهن. اُهي ته اسان انسان ئي آهيون جيڪي دنيا جي روح جي واڌ ويجھ ڪندا ٿا رهون. ۽ هيء دنيا جنهن ۾ اسين رهون پيا، انجي بهتر يا بدتر هجڻ جو دارومدار اسانجي بهتر يا بدتر هجڻ تي آهي. ۽ هي اهو ئي نقطو آهي جتان محبت جي قوت جنم وٺي ٿي. ڇاڪاڻ جو محبت ۾ اسين همشه اڳي کان بهتر بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.”
    “ هاڻ ڀلا تون مون مان ڇا ٿو چاهين؟” سج نِينگَرَ کان پڇيو.
    “ مونکي واء ۾ تبديل ٿيڻ لاء تنهنجي واهَرَ گھرجي،” نِينگَرَ وراڻيو.
    “ قدرت جي تخليق مان آءٌ سڀ کان وڌيڪ ساڃهه وند تصور ڪيو ٿو وڃان، پر آءٌ توکي واء ۾ تبديل ڪرڻ جو فن نه ٿو ڄاڻان.”
    “ پوء ڀلا آءٌ ڪنهن کي واهَرَ لاء چوان؟”
    سج ڪجھ دير لاء سوچيو. واء اهو سڀ ڪجھ غور سان ٻڌي رهيو هو، ۽ دنيا جي هر حصي تائين اها خبر پهچائڻ ٿي گُھري ته سج جي دانائي به محدود آهي، ۽ هو ان نِينگَرَ کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي جيڪو ساڻس دنيا جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.
    “ ان کان واهَرَ گُھر جنهن هي سڀ ڪجھ پيدا ڪيو آهي،” سج چيس.
    واء سرهائيء منجھان گُهوگھٽ ڪندي تمام تيزيء سان جُهوٽڻ لڳو. اُتي موجود خيما زمين مان پَٽجي ويا، ۽ جانورن جا رَسا ڇڏائجي ويا. ٽڪريء تي ويٺل ماڻهو واء جي زور جي ڪري هڪٻئي کي جھلڻ لڳا.
    نِينگَرُ جيئن ئي اُن ذات ڏانهن مڙيو جيڪو هر شيء جو خالق آهي، ته کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄي ڪائنات سانت ۾ اچي وئي هجي، هن پڻ ڪجھ نه ڪُڇڻ جو فيصلو ڪيو. نِينگَرَ جي دل ۾ پيار جي هڪ ڇولي اُٿي، ۽ هن دعا گھرڻ شروع ڪري ڏني. اهڙي دعا هن اڳ ڪڏهن نه گھري هئي، ڇاڪاڻ جو اها دعا بغير لفظن ۽ بغير ڪنهن فرياد جي هئي. هن ڪڏهن پنهنجي رڍن لاء نيون چراگاهون ملڻ تي به ڪو شڪرانو ادا نه ڪيو هو؛ نه ئي هن ٿانون جي هَٽَ ۾ برڪت لاء ڪڏهن دعا گھري هئي؛ هن ڪڏهن اها به استدعا نه ڪئي هئي ته جنهن عورت سان هو مليو آهي، اها سندس انتظار ڪندي رهي.
    خاموشيء ۾ نِينگَرَ اهو محسوس ڪيو ته، ريگستان، واء، ۽ سج قدرت جي نشانين کي سمجھڻ ۽ انهن ۾ پنهنجي پنهنجي پيچرن تي هلڻ جون تدبيرون ڳولي رهيا هئا ۽ زمرد جي فَرَهين تي لکيل ڳالهه کي پڻ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. نِينگَرَ ڏٺو ته قدرت جا سَوڻَ زمين ۽ وايو منڊل جي چوڏس ٽڙي پکڙجي ويا هئا ۽ هاڻ کيس اهي سڀ سَوڻَ بي سبب ۽ غير ضروري ٿي لڳا، نه ئي ريگستان، نه واء نه ڪي سج ۽ نه وري انسان ئي انهن علامتن جي تخليق جو سبب سمجهي ٿي سگھيو. پر ان تخليقڪار وٽ ته هر ڳالهه جو سبب موجود آهي، ۽ صرف اها ذات ئي سمنڊ کي ريگستان يا انسان کي واء ۾ تبديل ڪرڻ جهڙا معجزه ڏيکاري سگھي ٿي. ڇاڪاڻ جو هي اها ئي ذات آهي جنهن پوري ڪائنات جي ڇهن ڏينهن واري تخليق کي هڪ حڪمت ڀريي عمل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
    نِينگَرَ جڏهن دنيا جي روح ۾ جھاتي پاتي ته کيس ان ۾ خدا پاڪ نظر آيو، ۽ جڏهن خدا پاڪ تي غور ڪيائين ته کيس پنهنجو روح نظر آيو. اهڙي نموني هو معجزا ڪرڻ جي قابل ٿي پيو.


    قسط 18

    ان ڏينهن جهڙو سِمَم (ريگستاني واچوڙو) اڳ ڪڏهن نه اُٿيو هو. عربن جي ايندڙ پيڙهين نِينگَرَ جي پاڻ کي واء ۾ تبديل ڪرڻ، ۽ ريگستان جي سڀ کان طاقتور فوجي سردار جي ڇانوڻي تباهه ڪرڻ واري ڪارنامي کي ياد رکيو.
    جڏهن ريگستاني واچوڙو جَھڪو ٿيو ته، هرڪو ان جاء ڏانهن ڏسي رهيو هو جتي ڪجھ وقت اڳ نِينگَرُ بيٺل هو. پر هاڻي هو اُتي موجود نه هو؛ هو ڇانوڻيء کان پريان هڪ پهريدار سپاهيء جي ڀر ۾ بيٺل هو.
    ماڻهو سندس جادو ڏسي خوفزده ٿي ويا هئا. پر منجھن ٻه ماڻهو اهڙا هئا جيڪي مُرڪي رهيا هئا؛ هڪ ته ڪيمانگر هو، ڇاڪاڻ جو کيس پڪو معتقد ملي چُڪو هو، ۽ ٻيو هو سردار، ڇاڪاڻ جو کيس خدا جو شان سمجھ ۾ اچي ويو هو.
    ٻئي ڏينهن، سردار نِينگَرَ ۽ ڪيمانگر جي وڏي ڌوم ڌام سان دعوت ڪئي ۽ سفر ۾ هڪ محافظ ٽولو پڻ هنن سان ساڻ موڪليو.


    هنن سڄو ڏينهن سفر ڪيو. شام ڌاري هو هڪ اصلوڪي مِصري عيسائين جي خانقاهه وٽ پهتا. ڪيمانگر گھوڙي تان لٿو ۽ محافظن کي ڇانوڻي ڏانهن واپس ورڻ لاء چيائين.
    “هاڻ هتان کا اڳتي توکي اڪيلي سفر ڪرڻو آهي، هتان کان احرامن تائين صرف ٽن ڪلاڪن جو فاصلو آهي.” ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو.
    “ توهانجي مهرباني، توهان مونکي دنيا جي ٻولي سيکاري.” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
    “مون صرف توکي اهي ڳالهيو ياد ڏياريون جيڪي تون اڳي کان ڄاڻين پيو.”
    ڪيمانگر خانقاهه جو در کڙڪايو ته ڪاري پوشاڪ ۾ هڪ سالڪ ٻاهر نڪتو. هنن ڪجھ دير پاڻ ۾ اتان جي اصلوڪي ٻولي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوء ڪيمانگر نِينگَرَ کي اندر هلڻ لاء چيو.
    “مون کيس ڪجھ دير لاء سندس رڌڻو استعمال ڪرڻ لاء چيو آهي،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي مُرڪندي چيو.
    هو خانقاهه جي پويان هڪ رڌڻي ۾ ويا. ڪيمانگر باهه ٻاري، ۽ سالڪ کيس شيهي جو ٽڪڙو آڻي ڏنو، جيڪو ڪيمانگر هڪ لوهه جي ڪڙاهيء ۾ وڌو. جڏهن شيهو پاڻياٺ ۾ تبديل ٿيو ته، ڪيمانگر سندس کيسي مان ڦڪي رنگ جو عجيب ڀانت جو بيضو ڪڍيو. هن ان بيضي کي کُرچي وار جيترو سنهو ٽڪڙو ميڻ ۾ ويڙهي ڪڙاهيء ۾ وڌو جنهن ۾ رِجيل شيهو پيل هو.
    ڪڙاهيء ۾ پيل مُرڪب جو رنگ رَتَ جهڙو ڳاڙهو ٿي ويو. ڪيمانگر ڪڙاهي باهه تان هٽائي ٿڌي ڪرڻ لاء رکي. ان دوران هو سالڪ سان قبيلائي جنگين جي بابت ڳالهائيندو رهيو.
    “ آءٌ ڀائنيان ٿو ته اهي جنگيون اڃان ڳچ وقت لاء جاري رهنديون،” ڪيمانگر چيو.
    سالڪ به ان ڳالهه تي خفي ٿيو. ڪيترائي قافلا غِزا وٽ جنگ ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ ترسيل هئا. “ پر جيڪا خدا جي مرضي هوندي سو ئي ٿيندو،” سالڪ چيو.
    “ بلڪل صحيح،” ڪيمانگر وراڻيو.
    جڏهن ڪڙاهي ٿڌي ٿي ته سالڪ ۽ نِينگَرُ ان کي ڏسي دنگ رهجي ويا. شيهو ٿڌو ٿي ڪڙاهيء جي صورت وٺي چڪو هو، پاڻ هاڻ اهو شيهو نه رهيو هو، اهو سون بڻجي چڪو هو.
    “ ڇا آءٌ اهو فن ڪڏهن سکي سگھندس؟” نِينگَرَ پڇيو.
    “ اهو تنهنجي نه پر منهنجي تقدير ۾ لکيل هو، پر مون توکي صرف اهو ڏيکارڻ ٿي چاهيو ته اهو ممڪن آهي،” ڪيمانگر وراڻيو.
    تنهن کانپوء هو خانقاهه جي دروازي تائين آيا. ڪيمانگر اُن سون جي ٿالهيء کي چئن حصن ۾ ورهايو.
    “هي توهان لاء هت ايندڙ پانڌيئڙن سان سٺي خلوص سان پيش اچڻ جي لاء آهي،” ڪيمانگر هڪ حصو سالڪ کي ڏيندي چيو.
    “ پر هي ته منهنجي ان حقير خلوص جو تمام وڏو مُلهه آهي،” سالڪ وراڻيو.
    “ ائين نه چئو، ٿي سگھي ٿو ٻيهر توهانکي گھٽ ملي،” ڪيمانگر وراڻيو.
    ڪيمانگر نِينگَرَ ڏانهن مُڙيو. “هي حصو تنهنجي ان نُقصان جو پورائو ڪرڻ لاء آهي جيڪو تو فوج جي سردار کي ڏنو.”
    نِينگَرُ اهو چوڻ وارو هو ته، هي ته ان نُقصان کان سَرَسُ آهي جيڪو هن سردار کي ڏنو هو. پر هو چُپ رهيو، ڇاڪاڻ جو هن ڪيمانگر جي سالڪ سان ڪيل ڳالهه ٻڌي هئي.
    “ ۽ هي حصو مون لاء آهي، ڇاڪاڻ جو مونکي ريگستان واپس ورڻو آهي، جتي قبيلائي جنگيون هلي رهيو آهن.” ڪيمانگر سون جي ٿالهيء هڪ حصو پاڻ وٽ رکندي چيو.
    ڪيمانگر چوٿون حصو سالڪ جي حوالي ڪيو.
    “جيڪڏهن کيس ڪڏهن گُهرج پئي ته هي حصو هن نِينگَرَ لاء آهي.”
    “ پر آءٌ ته پنهنجو خزانو ڳولڻ جي نهايت ئي ويجھو آهيان،” نِينگَرَ چيو.
    “مونکي پَڪَ آهي ته تون خزانو ڳولي وٺندي،” ڪيمانگر وراڻيو.
    “ پوء هي چوٿون حصو مون لاء ڇو؟”
    “ ڇاڪاڻ جو تو اڳ ۾ ئي ٻه ڀيرا پنهنجي جمع پونجي وڃائي ويٺو آهين. هڪ ڀيرو چور جي هٿان ۽ هڪ ڀيرو سردار جي هٿان. آءٌ پوڙهو ۽ وهمي آهيان، ۽ آءٌ پنهنجي پهاڪن تي يقين رکان ٿو. هڪ پهاڪو اهو آهي ته، هر اها ڳالهه يا حادثو جيڪو هڪ ڀيرو ٿي گذريو ٻيهر ڪڏهن به نه ٿيندو. پر هر اها ڳالهه يا حادثو جيڪو ٻه ڀيرا ٿي گذريو اهو ٽيون ڀيرو به ضرور ٿيندو.” ۽ تنهن کانپوء هو گھوڙن تي سوار ٿيا.
    “ آءٌ توکي خوابن بابت هڪ قصو ٻڌائڻ چاهيان ٿو،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو.
    نِينگَرَ پنهنجو گھوڙو سندس ويجھو آندو.
    “ پراڻي روم جي ٽابيريس بادشاهه جي وقت ۾، اُتي هڪ نيڪ شخص رهندو هو، جنهن جا ٻه پُٽ هئا. هڪ فوج ۾ هو، جنهن کي سلطنت جي ڏورانهن علاقن ڏانهن موڪليو ويو هو. ٻيو پُٽ هڪ شاعر هو، جنهن جي عمده شاعريء جو پوري روم ۾ چرچو هو.
    “ هڪ رات سندن پيء خواب ۾ هڪ فرشتو ڏٺو، جنهن کيس چيو ته تنهنجي هڪ پُٽ جا لفظ سدائين ياد رکيا ويندا ۽ پوري دنيا ۾ ايندڙ پيڙهين تائين ورجايا ويندا. هو جڏهن ننڊ مان جاڳيو ته شڪرگذاري منجھان روئڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو زندگي مٿس اهڙو احسان ڪيو هو جو ڪنهن به پيء جي لاء اها ڳالهه فخر جهڙي ڳالهه هئي.”
    ڪجھ ئي وقت کانپوء هو هڪ ٻار کي گاڏَي جي ٽَڪر کا بچائيندي پنهنجي جان ڏئي ويٺو. ۽ جيئين ته هن پنهنجي سموري حياتي ايمانداري ۽ ڀلائي ڪندي گذاري، تنهنڪري هو سڌو جنت ۾ ويو، جتي هو ساڳئي فرشتي سان مليو جيڪو سندس خواب ۾ آيو هو.
    “ تون هڪ نيڪ انسان هئين، تون پنهنجي سموري حياتي بهترين نموني گذاري، ۽ توکي موت به وڏي مرتبي وارو مليو. تنهنڪري آءٌ تنهنجي ڪهڙي به خواهش پوري ڪري سگهان ٿو.” فرشتي کيس چيو.
    “ منهنجي زندگي تمام بهترين گذري، جڏهن توهان منهنجي خواب ۾ آيئو، ته مونکي ائين لڳو ته مونکي پنهنجي سمورين ڪوششن جو ثمر ملي ويو، ڇاڪاڻ جو منهنجي پٽ جي شاعري ايندڙ پيڙهين تائين پڙهي ويندي. هاڻ مونکي پنهنجي لاء ڪنهن ٻي شيء جي طلب ناهي. ڪو به پيء پنهنجي ان اولاد جي نيڪ ناميء تي فخر محسوس ڪندو جنهن جي ننڍي هوندي هن سنڀار ڪئي، کيس پڙهايو لکايو ۽ کيس وڏو ڪيو. تنهنڪري مستقبل مان آءٌ هن جا بس ڪجھ لفظ ٻڌڻ چاهيندس.”
    فرشتي سندس ڪنڌ تي هٿ رکيو ۽ هو ٻئي مستقبل ۾ هليا ويا. هو هزارين ماڻهن جي هڪ انبوهه ۾ اچي نڪتا، جيڪي هڪ عجيب ٻولي ڳالهائي رهيا هئا.
    هو اهو ڏسي سرهائيء منجھان روئڻ لڳو.
    “ مونکي خبر هئي ته منهنجي پٽ جا بيت لافاني آهن،” هن فرشتي کي روئندي چيو. “ ڇا توهان ٻڌائي سگھو ٿا ته هو منهنجي پٽ جو ڪهڙو بيت ورجائي رهيا آهن؟”
    فرشتو سندس ويجھو آيو ۽ کيس آرام سان ڀر ۾ پيل هڪ بينچ تي وٺي ويهاريائين.
    “ تنهنجو پٽ جيڪو شاعر هو، سندس بيت پوري روم ۾ تمام گھڻو مشهور هئا ۽ هر ڪنهن کي پسند به هئا، پر جڏهن ٽائيبيريس جي بادشاهي ختم ٿي ته سندس شاعري به ماڻهن کان وسرندي وئي. هي لفظ جيڪي تون ٻڌي رهيو آهين هي تنهنجي ان پٽ جا آهن جيڪو فوج ۾ هو.”
    هن فرشتي کي حيرت منجھان ڏٺو.
    “ تنهنجي پٽ کي ملڪ جي خدمت لاء ڏورانهن علائقن ۾ موڪليو ويو هو، جتي کيس روم جي فوجي لشڪر جي بهترين سپهه سالار جو خطاب مليو هو. هو ايماندار ۽ بهترين انسان هو. هڪ ڏينهن سندس هڪ ملازم بيماريء وگھي مرڻهارڪو ٿي پيو. تنهنجي پٽ کي هڪ يهودي پادريء جو ڏَس مليو جيڪو حڪيم هو، ۽ ان حڪيم کي ڪيترائي ڏينهن ڳولڻ کانپوء تنهنجي پٽ کي خبر پئي ته هو (نعوذ بالله) خدا جو پُٽ آهي. تنهنجو پٽ انهن سان به مليو جن جو هن حڪيم علاج ڪيو هو ۽ انهن تنهنجي پٽ کي سندس ڏات جي باري ۾ آگاهه ڪيو. تنهن کانپوء تنهنجي پٽ روم جي بهترين سپهه سالار هجڻ جي باوجود به ان جي عقيدي کي اختيار ڪري ورتو. ڪجھ ئي وقت کانپوء هو ان حڪيم وٽ پُڳو جنهنکي هو ڳولي رهيو هو. هن حڪيم سان سندس ملازم جي بيماريء جو ذڪر ڪيو ته پادري ساڻس گڏ وڃڻ لاء تيار ٿيو. تنهنجو پٽ پُخطي عقيدي وارو شخص هو ۽ کيس اهو يقين هو ته هو (نعوذ بالله) واقعي خدا جي پُٽ سان گڏ آهي.
    “ تنهنجي پُٽ پادريء سان ڳالهه ٻولهه ۾ جيڪي ڪجھ کيس چيو سو وسارڻ جوڳو ناهي،” فرشتي چيو. “ هي آهن سندس لفظ، ‘اي خداوند، آءٌ ان قابل ئي ناهيان ته توهان منهنجي تڏي تي اچو. پر توهانجي صرف هڪ لفظ سان منهنجو ملازم ٺيڪ ٿي سگھي ٿو.”
    ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو ته، “ڪير به ڀلي ڇا به ڪندو هجي، پر هر انسان دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪري ٿو. ۽ عام طور تي اها کيس به خبر ناهي هوندي.”
    نِينگَرُ مُشڪيو. کيس ڪڏهن به اهڙي ڀانت جو گُمان نه هو ته زندگيء جي بابت اهڙا سوال هڪ ريڍار جي لاء ڪهڙي اهميت رکن ٿا.
    “ هاڻي موڪلاڻي آهي،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو.
    نِينگَرَ پڻ ڪيمانگر کان موڪلايو.


    قسط 19


    نِينگَرُ ريگستان ۾ ڪيترائي ڪلاڪ سفر ڪندو رهيو، ان دوران هو پنهنجي دل جي ڳالهه کي به غور سان ٻڌندو رهيو ته آخر دل ڇا ٿي چوڻ چاهي. ڇاڪاڻ جو سندس دل ئي کيس خزاني جو ڏس ڏئي ٿي سگھي.
    “ جتي تنهنجي دل هوندي، خزانو به اُتي ئي هوندو،” کيس ڪيمانگر جي ڳالهه ياد آئي.
    پر سندس دل ته ٻين شين جي بابت ڳالهائي رهي هئي.
    وڏي فخر سان سندس دل کيس ان ريڍار جو قصو ٻڌائي رهي هئي جنهن پنهنجي ان خواب جيڪو هن ٻه ڀيرا ڏٺو هو ان جي ساڀيان ماڻڻ لاء پنهنجو ڌڻ ڇڏي ڏنو هو. سندس دل کيس تقدير ۽ انهن ماڻهن جي بابت ٻڌائي رهي هئي جيڪي ڏورانهن جڳهين ۽ خوبصورت عورتن جي کوجنا ۾ نڪرندا هئا ۽ سندن بابت مختلف رايا رکندا هئا. سندس دل کيس مسافريء، دريافتن، ڪتابن ۽ ايندڙ تبديلن جي بابت پڻ ٻڌائيندي رهي.
    جيئن هو هڪ واريء جي دڙي تي چڙهڻ وارو ٿيو ته، سندس دل کيس ڪا سُس پُس ڪئي، “ ان جڳهه وٽ هوشيار رهجان جتي تنهنجي اکين مان لُڙڪَ ڪِرن. اُن ئي جڳهه تي آءٌ هونديس، ۽ اها ئي جڳهه آهي جتي تنهنجو خزانو موجود آهي.”
    نِينگَرُ ان واريء جي دڙي تي آرام سان چڙهيو. تارن ڀريي آسمان تي پورنماس هو؛ کيس نخلستان ڇڏي هڪ مهينو اچي لنگھيو هو. چانڊوڪي واريء جي دڙن تي اهڙا پاڇا ٺاهي رهي هئي جو سمنڊ جو ڏيک ٿي آيو.
    جڏهن هو دڙي جي چوٽيء تي پُڳو ته، سندس دل زور سان ڌڙڪي. چانڊوڪيء ۽ ريگستان جي چمڪ تي سندس نظر مصر جي شاندار احرامن تي پئي.
    نِينگَرُ گوڏن ڀر زمين تي ڪريو ۽ روئڻ لڳو. هن پنهنجي تقدير جي حاصل ڪرڻ کان وٺي بادشاهه، واپاريء، انگريز ۽ ڪيمانگر سان ملاقات تي خدا پاڪ جو شڪر ادا ڪيو. ۽ انهن مڙني ڳالهين کان مٿاهين ڳالهه اها ته هو هڪ ريگستاني عورت سان مليو هو جنهن کيس اهو ٻڌايو هو ته محبت ڪڏهن به پنهنجي تقدير حاصل ڪرڻ کان نه ٿي روڪي.
    هاڻ جيڪڏهن هو چاهي ها ته نخلستان فاطمه وٽ واپس موٽي ريڍارن واري زندگي سادگيء سان گذاري ٿي سگھيو. ڪيمانگر به ته دنيا جي ٻولي سمجھڻ ۽ شيهي کي سون ۾ تبديل ڪرڻ واري ڏات حاصل ڪرڻ کانپوء ريگستان ۾ ئي زندگي گذاري رهيو آهي، ۽ کيس پنهنجي ڏات ۽ فن ڪنهن جي آڏو پڌرو ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. نِينگَرُ اهو سوچي رهيو هو ته سندس تقدير حاصل ڪرڻ دوران هن ان وچ ۾ هن اهو ڪجھ سکيو جيڪو هو سکڻ چاهي پيو، ۽ هر ان شيء جي مشاهدو ڪيائين جنهنجو هن ڪڏهن سوچيو به نه هو.
    پر هاڻ هو ان جاء تي موجود هو جتي سندس خزانو لڪيل هو، ۽ کيس اها ڳالهه ياد آئي ته ڪو به منصوبو تيسيتائين مڪمل ناهي جيسيتائين انجو مقصد پورو نه ٿو ٿئي. نِينگَرَ پنهنجي چوڌاري واريء تي نظر ڦيرائي، ۽ اها جڳهه ڏٺائين جتي سندس لُڙڪ ڪريا هئا، ٺيڪ ان جڳهه تي هڪ ٽنڊڻ واريء ۾ ڊوڙي رهيو هو. نِينگَرَ ريگستان ۾ گذاريل وقت ۾ اهو ٻڌو هو ته مصر ۾ ٽنڊڻ خدا پاڪ جي نشانين مان هڪ نشاني آهي.
    هڪ ٻيو سَوڻُ ! نِينگَرَ واريء جي دڙي تي ان جاء وٽ کوٽائي شروع ڪئي. کوٽائيء دوران نِينگَرَ کي ٿانون جي واپاريء جي هڪ ڳالهه ياد آئي، هن چيو هو ته، “ڪير به پنهنجي گھر جي پٺيان اڱڻ ۾ مصر جي احرامن جهڙا احرام ٺاهي سگھي ٿو.” پر هاڻ احرام ڏسڻ کانپوء کيس ائين لڳو ته پنهنجي سموري حياتي به جي هو پٿر مٿان پٿر رکندو رهي ته به اهو نا ممڪن آهي.
    سڄي رات نِينگَرَ ان جڳهه تي کوٽائي ڪئي پر کيس ڪجھ نه وريو. هو صديون اڳ اَڏيل احرامن کي ڏسي پريشان هو. تيز واء جي جھوٽي ٻيهر کڏ کي واريء سان ڀريو ٿي ڇڏيو پر هن همت نه هاري ۽ کوٽائي جاري رکي، ايسيتائين جو سندس هٿَ رهڙجي پيا ۽ هو ٿَڪ ۾ چور ٿي پيو. پر هن پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي کوٽائي جاري رکي. هوکوٽائيء ۾ ايندڙ پٿر ڪڍي رهيو هو کيس ڪنهنجي قدمن جو آواز آيو. ڏٺائين ته ڪيترائي ماڻهو سندس ويجھو اچي رهيا هئا. سندن پُٺيون چانڊوڪيء ڏانهن هيون تنهنڪري نِينگَرُ سندن شڪليون نه ٿي ڏسي سگھيو.
    “ هت ڇا پيو ڪرين تون؟” انهن مان هڪ نِينگَرَ کان پڇيو.
    نِينگَرُ ڊنل هو سو کين جواب نه ڏنائين. نِينگَرَ سندس خزانو ڳولي لڌو هو ۽ هو ان ڳالهه کان ڊنل هو ته هاڻ الائي ته ڇا ٿيندو.
    “ اسين پناهگير آهيون، ۽ اسانکي ڏوڪڙن جي گُهرج آهي. پر تون هت ڇا لڪائي رهيو آهين؟” هڪ پناهگير نِينگَرَ کان پڇيو.
    “ آءٌ ڪجھ به نه پيو لڪايان،” نِينگَرَ کين وراڻيو.
    انهن مان هڪ نِينگَرَ کي پڪڙي کَڏ مان ٻاهر ڪڍيو. ٻيو وري سندس ٿيلهي جي جاچ وٺي رهيو هو ته کيس سون جو ٽڪڙو مليو.
    “ وٽس سون آهي،” پناهگير رڙ ڪئي.
    چانڊوڪي جڏهن ان عرب جي منهن تي پئي ته نِينگَرَ کي سندس اکين ۾ موت نظر آيو.
    “وٽس گھڻو ڪري ٻيو به سون آهي جيڪو زمين ۾ پوريل آهي.”
    هنن نِينگَرَ کي کوٽائي جاري رکڻ لاء چيو، پر کيس ڪجھ به نه مليو. جيئن ئي سج اُڀريو ته هنن نِينگَرَ کي ڪُٽڻ شروع ڪيو. هو زخمي ٿي پيو ۽ سندس رت وهي رهيو هو، سندس ڪپڙا ڦاٽي لِيڙون لِيڙون ٿي پيا، ۽ کيس موت ويجھو ٿي نظر آيو.
    “موت سامهون هجي ته دولت ڪهڙي ڪم جي؟ ائين ورلي ٿيندو آهي ته دولت ڪنهنجي جان بچائڻ جي ڪم آئي هجي.” نِينگَرَ کي ڪيمانگر جي ڳالهه ياد آئي.
    آخرڪار، نِينگَرَ اتي بيٺلن کي رَڙ ڪندي چيو ته، “ آءٌ خزاني جي کوٽائي ڪري رهيو آهيان!”
    کيس واتان رت اچي رهيو هو هو، تنهن هوندي به هو حملو ڪندڙن کي مصر جي احرامن وٽ لڪيل خزاني جي خواب بابت ٻڌائي رهيو هو.
    هڪ شخص جيڪو سندن اڳواڻ لڳي رهيو هو، ٻئي شخص کي چيائين ته؛ “ کيس ڇڏي ڏيو، وٽس ٻيو ڪجھ به ناهي. ضرور هن هي سون چورايو آهي.”
    نِينگَرُ واريء تي بيهوشيء جي حالت ۾ ڪِريو. اڳواڻ کيس ڌُوڻيندي چيو ته، “اسين وڃون پيا.”
    پر وڃڻ کان اڳ هن نِينگَرَ کي چيو ته، “تون زندهه رهندين، ۽ اهو سبق سکندين ته ماڻهن کي اهڙي چريائپ نه ڪرڻ گھرجي. ٻه ورهيه اڳ، هن جڳهه تي مون پڻ هڪ خواب ڏٺو هو. ان خواب ۾ مون کي اشارو مليو هو ته مونکي اندلس جي ميدانن ڏانهن وڃڻ گھرجي جتي هڪ گِرجا جي کنڊرَن ۾ هڪ ريڍار پنهنجين رڍُن سان آرامي هو. مون خواب ۾ اُتي هڪ اِنجير جو وڻ پڻ ڏٺو هو، ۽ مونکي اهو اشارو مليو هو ته جيڪڏهن آءٌ ان انجير جي وڻ کي پاڙن منجھان کوٽيان ته اتي مونکي هڪ ڳُجھو خزانو هٿ ايندو. پر آءٌ چريو ناهيان جو صرف هڪ خواب جي ڪري پورو ريگستان لتاڙيان.”
    تنهن کانپوء هو هليا ويا.
    نِينگَرُ اُٿيو، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر احرامن کي ڏٺائين. کيس اهي مٿس کِلندا نظر آيا، هو پڻ کِليو. سندس دل سرهائيء منجھان ڦُنڊجي وئي. ڇاڪاڻ جو هاڻ کيس سندس خزاني جي خبر پئجي وئي هئي ته اهو ڪاٿي لڪل آهي.....


    ايپيلاگ / پُڄاڻي / اوڙَڪُ

    نِينگَرُ جڏهن ويران گِرجا وٽ پُڳو ته رات ٿيڻ واري هئي. انجير جو وڻ اڃان ساڳي جاء تي هو، ۽ ان ڦِٽل ڇت مان اڃان تارا ڏسي سگھجن پيا. کيس اهو وقت ياد آيو جڏهن هو پنهنجي رڍن ساڻ اتي موجود هو؛ ان خواب کان سواء اها رات نهايت ئي سانتيڪي رات هئي.
    هاڻ هو اتي پنهنجي ڌڻ سان گڏ نه پر هڪ ڪوڏر سان گڏ هو.
    هو اتي ڳچ وقت تائين ويٺي آسمان کي تڪيندو رهيو. ۽ پوء پنهنجي ٿيلهي مان گُگھي ڪڍي مَڌُ پيئڻ لڳو. کيس ريگستان ۾ ڪيمانگر سان گهاريل اها رات ياد آئي جنهن ۾ هو مَڌُ پيئندي تارن کي تَڪيندا رهيا. هو انهن واٽُن بابت سوچي رهيو هو جن تي سفر ڪيو هئائين ۽ ان واٽ بابت پڻ سوچي رهيو هو جيڪا خدا پاڪ سندس خزاني تائين پهچڻ لاء چونڊي هئي. جيڪڏهن هو سندس وري وري ايندڙ خواب جي اهميت کي نه سمجھي ها ته هو ڪڏهن به ان خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء، بادشاهه، چور ۽ کيس جيڪي به مليا انهن سان نه ملي سگھي ها. “ پر اها واٽ ته قدرت جي علامتن ۾ لکيل هئي، تنهنڪري آءٌ غلط نه پئي ٿي سگھيس،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.
    کيس ننڊ اچي وئي. جنهن مهل سندس اک کُلي ته سجُ اُڀري چڪو هو، ۽ هن انجير جي وڻ جي هيٺان کوٽائي شروع ڪئي.
    “ اڙي پوڙها جادوگرَ،” نِينگَرَ آسمان ڏانهن تڪيندي رڙ ڪندي چيو. “ توکي سڄي قصي جي خبر هئي. توکي اها به خبر هئي ته منهنجي سون جو ڪجھ حصو خانقاهه ۾ موجود آهي جنهن سان آءٌ واپس هن گِرجا تائين موٽڻو هئس. سالڪ به منهنجا ڦاٽل ڪپڙا ڏسي مونتي کِليو هو. تون مونکي ان سڄي جاکوڙ کان بچائي نه ٿي سگھيين؟”
    “ نه،” نِينگَرَ واء جي زور تي هي آواز ٻڌو. “جيڪڏهن آءٌ توکي اهو سڀ ڪجھ ٻڌايان ها ته تون احرام نه ڏسي سگھين ها. اهي خوبصورت هئا نه؟”
    نِينگَرُ مُشڪيو، ۽ کوٽائي جاري رکيائين. اڌُ ڪلاڪ کانپوء، سندس ڪوڏر هڪ سخت شيء تي لڳي. هڪ ڪلاڪ کان پوء سندس آڏو هڪ پيتيء ۾ اندلسي خالص سون جا سِڪا، اَمُلهه پٿرَ، سون جا نقاب جن تي ڳاڙها ۽ اڇا کنڀ سينگاريل هئا، ۽ پٿر جون مورتيون جن کي اَمُلهه زيور پهريل هئا موجود هئا. هي سمورو خزانو ڪنهن جنگ ۾ سوڀ کانپوء لَٽجي ۽ وسارجي چڪو هو. ۽ فاتح ان خزاني بابت پنهنجي پونئيرن کي ٻڌائي نه سگھيو هو.
    نِينگَرَ پنهنجي ٿيلهَي مان يورم ۽ ٿومم پٿر ڪڍيا، جيڪي هن صرف هڪ ڀيرو استعمال ڪيا هئا، ان ڏينهن جڏهن هو بازار ۾ هو. کيس انهن پٿرن جي استعمال جي ضرورت ئي نه پئي ڇاڪاڻ جو سندس زندگيء ۽ سندس چونڊيل رستي ۾ قدرت جي علامتن ئي سندس ڳچ واهَرَ ڪئي هئي.
    هن اهي ٻئي پٿر ان پيتيء ۾ رکيا. ڇاڪاڻ جو اهي پٿر به هاڻ سندس خزاني جو حصو هئا، جيڪي هميشه کيس بزرگ بادشاهه جي يادگيري ڏياريندا رهيا هئا، جنهن سان هاڻي هو ڪڏهن به نه ملي سگھندو.
    “اها حقيقت آهي ته زندگي هميشه انهن جي همت وڌائيندي رهي ٿي جيڪي پنهنجي تقدير حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.” نِينگَرَ سوچيو. پوء کيس ياد آيو ته طريفا ۾ خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء کي به ان خزاني مان واعدي پٽاندر ڏهون حصو ڏيڻو آهي. “ خانه بدوش واقعي سياڻا آهن، ٿي سگھي ٿو انڪري جو هو رُلندا ڦرندا رهن ٿا،” نِينگَرَ سوچيو.
    واء ٻيهر جُهوٽڻ شروع ٿيو. اهو ساڳيو اوڀر جو واء (ليوانٽر) هو، جيڪو آفريڪا کان آيو هو. پر هاڻ اهو واء پاڻ سان گڏ ريگستان جي واريء جي خوشبوء ۽ ماريتانيا جي ويڙهاڪن جي حملي جو خطرو نه پراُها عطر جي سرهاڻ آندي هئي جنهن کان هو چڱي ريت واقف هو، ۽ پاڻ سان گڏ هڪ مِٺيء جو احساس پڻ آندو هو _ اُها مِٺي جيڪا تمام پري کان آئي هئي ۽ هوريان هوريان اچي سندس چَپَن تي پئي هئي.
    نِينگَرُ مُشڪيو. اهڙي مِٺي فاطمه کيس پهريون ڀيرو موڪلي هئي.
    “ آءٌ اچان پيو فاطمه،” نِينگَرَ چيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259581
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ