ڪتاب جو نالو: ميراث
مصنف: آغا ممتاز حسين خان دراني
ڇپائيندڙ: آغا ممتاز حسين دراني اڪيڊمي، ڳڙهي ياسين
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 23 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 595 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 181 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • سهيڙيندڙ پاران
  • تخليقڪار بابت

  • نذر آغا ممتاز دراني : شاعر نثار بزمي
  • منهنجو بابو : پروفيسر آغا وقار دراني
  • آغا ممتاز حسين درانيءَ ” ممتاز“ مرحوم جي ياد ۾ : علي احمد بروهي
  • آغا ممتاز حسين درانيءَ جي شاعري ۽ شخصيت : منظور سولنگي
  • آغا ممتاز حسين خان درانيءَ جي ياد ۾ : حڪيم ميان مرتضيٰ اعظم عباسي
  • آغا ممتاز درانيءَ جون فارسي_ سنڌي ترڪيبون : سرمد چانڊيو
  • آغا ممتاز دراني بحيثيت شاعر : منير سولنگي
  • آغا ممتاز دراني : سرڪش سنڌي
  • منهنجو سائين، منهنجو رهبر : غلام مصطفيٰ دَلُ
  • آغا ممتاز: تصوف ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي آئيني ۾ (اشرف الزمان پير چنڊامي)
  • دراني بارڪزئي خاندان جي شجري بابت ڄاڻ ۽ ڳڙهي ياسين جي مختصر تاريخ : پروفيسر آغا وقار دراني
  • مددي ڪتاب
  • تخليق جا گل ڦل

  • بيت
  • نقاشءِ ازل جو شهڪار آدمي آ
  • غزل
  • ”تنهنجي شهر ۾“
  • بيداد
  • نظم پاڪستان
  • فضلي
  • پروڊا جي ڪرامت
  • للڪار ٿي
  • بزم تصور
  • اي فاضل شاهه جيلاني
  • مورک مستانه
  • پاڪستاني جمهوريت
  • ناڻو شاهه
  • قفس جي زندگي
  • ووٽن جو طلبگار
  • التجا
  • همايوني صاحب جي تتبعه
  • دردِ دل جو ڪوئي علاج نه آ
  • ڀٽائيءَ جي ديڳ
  • واهه وڏيرا
  • چنڊ جو ماتم
  • اداءِ با ڪمالي ٿو ڪري
  • خُدائِيءَ ۾ خال
  • پاڇي کان پنهنجي پاڻ گريزان به رهياسون
  • ناگواري ٿي
  • غزل : اماس رات مهر ماهه نه آ
  • ذوق نظر ڪٿي نصيب
  • دردِ دل اڄڪلهه وڌيل آهي
  • خدا ٻي رت به ٺاهي آ
  • آسرو خدا جو
  • وطن جي خدمت
  • قائد عوام
  • ناراض روحي
  • رازدان روحي
  • غزل : نگهتِ الفِ ڇا چئجي
  • انسانيت جا آثار
  • اردو شاعری

  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • نوستارے : پاکستان قومی اتحاد
  • کل ڀوڳ

  • ديوان ٽيڪچند ٿڌاڻي
  • پرمانند گنگواڻي
  • خاب بولو
  • ٻڍل جي فرياد
  • جواب شڪوهه (آمنت جو جواب)
  • مولائي ٻڍل جي ڪٿا
  • مينهون کوکر
  • قصيده ملان صديق
  • جناب امروٽي
  • ميڙي چونڊي

  • آئینہ
  • پیکر
  • آنسو
  • نیند
  • متفرق
  • آخری الفاظ

  • ارپنا

    مان پنهنجو هي پورهيو
    مٺڙي امڙ حسنِ جهان
    جي نانءُ ڪيان ٿو
    جنهن جي دعائن سان اڄ هن منزل تي آهيان
    ۽ ڀائرن
    مرحوم آغا سعادت حسين خان
    مرحوم آغا صباحت حسين خان
    کي پڻ ارپيان ياد ڪيان ٿو
    جن نوجوانيءَ ۾ ئي سوين سپنا سيني ۾ سانڍي
    پنهنجي بابا جي ڀر ۾ آرامي ٿيا.

    ڪاڇين ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (283) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.

    هي ڪتاب آغا ممتاز حسين دراني اڪيڊمي ڳڙهي ياسين پاران 2014ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ وٽان ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون مانواري آغا وقار حسين دراني جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    آغا ممتاز حسين درانيءَ جي شاعري اڄ کان هڪ سال اڳ سندن فرزند ۽ پنهنجي پياري دوست آغا وقار درانيءَ جي ڊفينس واري فليٽ تي مون پهر يون ڀيرو پڙهي ته منهنجا وار ڪانڊارجي ويا، ڇاڪاڻ ته اها منهنجي اڻڄاڻائي ۽ جهالت هئي جو هيڏي وڏي گامُو سچار جي تخليقن کان پنهنجي سٺ سالن جي عمر تائين مان واقف نه ٿيو هئس ۽ نه ئي مرحوم جي شاعري پڙهڻ جو مون کي موقعو مليو. بهرحال آغا وقار جڏهن پنهنجي والد مرحوم جي اڻڇپيل ڪلامن جو مسودو منهنجي آڏو کولي رکيو ته آئون سندس نظم، گيت، غزل ۽ بيت پڙهڻ مهل ڄڻ هڪ اهڙي جهان ۾ داخل ٿي ويس جتي پنهنجاهه ورهيه اڳ ۾ به سياسي اڳواڻن ۽ سرڪاري ڪامورن جي عوام دشمن پاليسين، چورين ۽ رشوت خورين جي بدبوءِ پکڙهيل هئي جنهن کي دفن ڪرڻ جي جسارت، جرئت ۽ تڙپ آغا ممتاز جي هر تخليق ۾ عيان آهي.
    مرحوم جو هي غزل اڌ صدي اڳ لکيل آهي ۽ ان وقت سنڌ اندر جيڪي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتون هيون تن جو سچو عڪس اوهان پاڻ پڙهي ڏسو:

    نظامِ مملڪت بدتر اهوئي آهه اڳ جهڙو
    ظلم جورو جفا اڪثر اهوئي آهه اڳ جهڙو
    چمن بدليو، فضا بدلي، زماني جي هوا بدلي،
    دقيانوسي مگر ڌمچر اهوئي آهه اڳ جهڙو
    نه آيو انقلاب آهي منسٽر جي طبيعت ۾،
    ستم پرور ۽ ڊڪٽيٽر اهو ئي آهه اڳ جهڙو
    هڻن ٿا ڏنگ انسانن کي زَنبور زهريءَ جان،
    هي رشوت خور آفيسرُ اهوئي آهه اڳ جهڙو
    هئي اميد ٿيندو پاڪ ۾ انصاف پر ويتر
    غريبن جي مٿان پادر اهوئي آهه اڳ جهڙو
    هيون ڏاڍيون اميدون ديس پنهنجو ٿيندو هي جنت،
    مگر هاريءَ جي هٿ ۾ هَرُ اهو آهه اڳ جهڙو
    پروڊا جو وجهي پنجوڙ ڪورٽ ۾ کڙو ڪن ٿا،
    تڏهن به ليگ جو ليڊر اهو آهه اڳ جهڙو
    ڪندا رهنداسون هر حالت ۾ اي ممتاز حق گوئي،
    اسان جو طبع جو جوهر اهوئي آهه اڳ جهڙو

    مٿيون غزل پڙهي جڏهن اڄوڪين حالتن تي نظر ڦيرايم ته يقين ڪريو ته ڏاڍو افسوس ٿيو ته مار هيڏي وڏي سائنسي ترقي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ جڏهن دنيا جا عظيم سائنسدان مرد توڙي عورتون چنڊ، مريخ ۽ زهره جهڙن اربين ميل ڏور سيارن ۽ ستارن تي قدم رکي پنهنجن پنهنجن ملڪن جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا آهن تڏهن به اسان جي بدنصيب سنڌ بلڪه سمورو ملڪ پاڪستان اڃا تائين واڳونءَ جي وات ۾ ڦاٿل آهي. ساڳيو ئي دقيانوسي ۽ مدي خارج وڏيرڪو نظام، ڀوتارن جا بدمعاشيءَ سان ڀرپور جرڳا ۽ ناجائز ۽ غير قانوني فيصلا، سياسي قيادت جي واعدي خلافي، لالچ، دغا، دولاب، مڪاري ۽ نفسانفسيءَ جو بدترين عالم، خدا جي مخلوق جو ساهه ٻوساٽڻ واري ڪُڌي ڪم ۾ رڌل آهي. ظلم ۽ ستم سان ڀرپور سندن جاگيرداريءَ ۽ سرمائيداريءَ وارو عذاب اڳ کان به ٽيڻو چئوڻو ٿي ويو آهي. هارين جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ آندل زرعي سڌارا هڪڙو ڍونگ ثابت ٿي چڪا آهن. اڄ به اسان جي وطن جا هاري ناري ۽ پورهيت منافعي خورن ۽ سياسي چالبازن جي خوني چنبي ۾ جڪڙيل آهن. ٿورو هن غزل تي غور فرمايو ته ڪيئن نه هِن عوام دوست شاعر اسان جي اڄوڪي سنڌ ۽ ان جي حاڪمن توڙي شاهن جي شاهاڻين ۽ نؤسر بازين کي وائکو ڪيو آهي:

    دنيا وارن ڪئي جور و وفا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
    هتي نفسيءَ ۾ هرڪو مبتلا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
    دغا، دولاب، لالچ، واعده شڪني ۽ ريا ڪاري،
    اڙي سائين! اسان وٽ سڀ روا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
    تقدس خون جي رشتي جو عرصو ٿيو ختم ٿي ويو،
    پُڄائي پيرُ پئسو آس ٿو پنهنجن پوڄارين جي،
    جي ” ناڻو شاهه“ اڄ مشڪل ڪُشا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
    سائين ممتاز جي ” ناڻو شاهه“ واري ايجاد به انوکي آهي جنهن منهنجان اسان کي پنهنجي دور جي انقلابي ڪهاڻيڪار مرحوم جمال ابڙو صاحب جي افساني ” شاهه جو ڦر“ جي به جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي، آئون پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۾ جڏهن شاهه مافيا جو ذڪر ڪندو آهيان ته ان جو مقصد سڄي ذات برادري کي مورد الزام هرگز نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار کان وٺي درٻيلي واري سيد ظفر علي شاهه تائين اهڙا به سيد سڳورا سنڌ ڌرتيءَ پئدا ڪيا جن اسان جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي. باقي حڪمرانن، شاهن ۽ سندن مداحن توڙي واٺن تي لطيف چواڻيءَ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ”گولا جي گولن جا، تنين جا غلام“ ڪندا آهن. اڄ جيڪا سنڌ جي بدحالي ۽ بيوسي آهي، سنڌ ۾ جنهن سطح جي هماليائي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ آهي، ان تي ته اکيون رت روئين ٿيون
    توهان حيران ٿيندؤ ته پنجاهه سال اڳ هيءُ يگانو شاعر سنڌ جي حڪمرانن جا جيڪا بد اعمال ۽ بڇڙا افعال بيان ڪري ويو آهي سي سندس هيٺ ڏنل تمام پراڻي غزل مان هڪ تاريخي اڳڪٿي جيان اسان ماڻهن جي سوچ ۽ سمجهه جو اڄوڪو منظر پيش ڪن ٿا.

    صاحبِ املاڪ ۽ زردار آ
    صدق و صفا ۾ توجو ڪيو هنجو شمار
    حسنِ سياست جو هو شهڪار آ

    مرحوم آغا ممتاز پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي غريب مسڪين هارين ۽ پورهيتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناحق کي ننديو آهي، اتي کين ڀٽائيءَ جو لفظن ۾ ته ” هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين“ جهڙو سڏ ورجائيندي چوي ٿو ته:
    خاموشي ڇڏ زبان ۾ طاقتِ گُفتار پيدا ڪر
    جا باطل کان نه ٿئي خائف اها تلوار پيدا ڪر
    عصائي موسوي فرعونيت لاءِ پار پيدا ڪر
    نه چنگيزي رهي باقي فضا هموار پيدا ڪر

    سائين ممتاز سنڌ جي ڏکن ڏوجهرن ۽ حاڪمن جي وطن فروشي کي ڏسندي فرمايو:

    تذڪرو بلبل ۽ گل جو باغبان آهي فضول،
    باغ جو گهُر خير جيڪو ٿي رهيو نيلام آ
    اڄ سياست پنهنجي محور ٿي هر ڪنهن جي ڦِري
    ”پاڪ“ جو پيشِ نظر ڪنهن کي نه استحڪام آ

    سنڌ جي هن عاشق ۽ درويش شاعر، جنهن کي انسان جي بلند ڪردار ۽ حب الوطنيءَ جو جيڪو ادراڪ هو ان جو اندازو سندس ڪيترن ئي تخليقن مان ڪري سگهجي ٿو. ۽ هن غب الوطنيءَ سان غريبن سان ٿيندڙ ناحق ۽ جورجفا کي پنهنجي قلم جي طاقت سان شاعريءَ جي مالها ۾ پوئيو آهي، ۽ هن سونهن ۽ سوڀيا جي سڳند مان سرور حاصل ڪري پڙهندڙن لاءِ عشق محبت جا داستان به رقم ڪيا آهن. دنيا ۾ ڪهڙو انسان آهي جنهن عشق نه ڪيو هجي؟ اهو ته ممڪن ئي ناهي ته شاعر هجي پر عاشق نه هجي، دانشور هجي پر سونهن جي سڄاڻپ کان وانجهيل هجي. سندن جمالياتي ذوق جا ترورا سائين ممتاز جي هن غزل مان جهاتيون پائي ۽ عاشقن کي اتساهي رهيا آهن:

    ڇو ٻريا غمدهِ دل ۾ ڏيئا؟
    تنهنجي رخ جي ڇا ضيا ياد آئي
    گلبدن ڪير ٿو اچي شايد
    موسمِ گل جي هوا ياد آئي
    غم جي جهولن ۾ توکي ڇو ممتاز
    هن جي زلفن جي گهٽا ياد آئي

    مرحوم شاعر اڄڪلهه جي پريمي جوڙن کي اها تنبيهه ٿو ڪري ته عشق ۽ محبت انساني فطرت جو اڻٽٽ حصو آهي. بيشڪ عشق ۽ محبت ونڊيو پر پنهنجي انهيءَ عمل ۾ انجام کان بي خبر ٿي ڪو اهڙو قدم نه کڻو جنهن سان نه رڳو محبتون بدنام ٿين پر مٽن مائٽن جي دامن تي به داغ لڳي وڃن. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي بهاني روزانو ڪيئن معصوم جوانيون ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ٿيون وڃن. جرڳائي ڀوتار سندن غريبن واندين مٿان ڪروڙن جا ڏنڊ ٿا وجهن جيڪي سئو سالن ۾ به ڀرجي نٿا سگهن. جيسين ڏنڊ ڀرين تيسين سندن نياڻيون ڀوتارن جي اوطاقن ۽ حويلين ۾ قيدياڻيون جيان قابو هجن ٿيون. شاعر جي هيءَ تخليق اهڙن پريمي جوڙن لاءِ وڏي نصيحت آهي:

    سو نه عشق آ ممتاز دور انديش
    جنهن جي انجام تي نگاهه نه آهه

    دستگير ڀٽي


    سهيڙيندڙ پاران

    بابا سائين جي سڀ دوست جيڪي مون لاءِ صدق لائق احرام آهن. ۽ ٻين منهنجي دوستن پڻ ڪجهه سالن کان زور رکيو ته آخر ڪهڙي مصلحت آهي جو تون پنهنجي پيءُ جو ڪتاب ” دقيانوسي ڌمچر“ ڇوڪو نه ٿو ڇپائين؟ مان چپ ٿي ويندو هوس، مان ڪنهن کي ٻڌائڻ جي قابل ئي نه رهيو هوس ته دقيانوسي ڌمچر تي ڌاڙو لڳي ويو آهي. مان ڪنهن کي ڪيئن ٻڌايان ته منهنجي سموري ميراث مون وٽ نه آهي. مان ته ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته مون سان اهڙي ويڌن ۽ ويساهه گهاتي ٿي ويندي. سال سوا ته صفا ذهني طور تي مائوف ٿي ويو هوَس پر پوءِ پاڻ سنڀالي ٻاهر نڪتس. ڳالهه اها آهي ته چاچا علي احمد بروهي کي بابا سائين بعد منهنجو رهبر ۽ رهنما رهيو هو. مون ڳچ سال پرنس ڪامپليڪس منجهه چاچا ساڻ گڏ رهيس. چاچا سائين پنهنجي شريڪ حيات کي ماڻي ڪري سڏيندو هو. جيڪا پڻ منهنجي پنهنجي هئي. هو تيستائين چاچا علي احمد کي به ترسائيندي هئي ته مان جيستائين پهچان پوءِ ٽيبل تي ماني کائڻ شروع ٿيندي سندن قرب جي ڪٿ ئي ڪونه ٿيندي آهي. مان اڄ ڏينهن سودو علي احمد کي پاڻ سان گڏ ڀائيندو آهيان بابا سائين جي ڪتاب جو قلمي نسخو خوش خطي سان لکيل چاچا علي احمد بروهي وٽ ڇپائڻ لاءِ محفوظ ٿيل هيو. جڏهن سندس صحت اڀري سڀري ٿيڻ لڳي مون کيس عرض ڪيو چاچا سائين مونکي مسوڌو واپس ڏيو. مون وٽ ابي جو مال جام آهي پاڻ ڇپائيندس جنهن تي بروهي صاحب ڪاوڙ جي ويو. چيائين تون ايتري اميد لاٿي آهي. ڇا سال سوا به ڪونه جي سگهندس. مون معافي ورتي ته ٻيهر ڪتاب جي ڳالهه نه ڪڍندس. پر هو پرديسي پکيئڙو کلندي کائيندي عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن هُن پار هليو ويو، ۽ سندس شريڪ حيات پنهنجي نيڻ ۾ ڳوڙهن جا نيسارا ٺاهي ڇڏيا. مٿان وري سندس ناٺي محمد علي شيخ جي رويه کيس جهوري وڌو ۽ ستت ئي وڃي پنهنجي پنهل کي پرتي. ٻنهي جون قبرون ايڏيون ته لڳو لڳ آهن ڄڻ هڪ قبر نظر ايندي جيڪا عبدالله شاه غازي جي احاطي منجهه آهن. چاچا اتي ٻنهي قبرن جي جاءِ پنهنجي جيئري ئي خريد ڪري سهڻي نموني ٺهرائي ڇڏي هئي. چاچا مونکي ٻه ٽي دفعا پنهنجي ۽ گهر واري جي قبر تي وٺي هلندو هيو هڪ دفعي اوچتو مون کان اها ڳالهه واتان نڪتي هئي ته واه جون قبرون ٺهيل آهن جڏهن اهي لفظ سائڻ ٻڌا ته هوءَ چاچا تي سخت ناراض ٿي. مون اهو نه ڄاتو هو ته هيءَ ڳالهه ايڏو وڏو ممڻ مچائيندي خير نيٺ علمائن جي پڇا بعد قبرن ۾ ڪڻڪ وجهرائي وئي. پوءِ وڃي قصو ٺريو. بقول چاچا علي احمد بروهي جي پنهنجي مضمونن منجهه 600 شعرن جي موجودگي جو ذڪر ڪيو اٿائين. ڪتاب جو مسودو بروهي صاحب جي گهر منجهه ڀيل ٿي وئي. محمد علي شيخ سڄي مال ۽ لائبريري جو مالڪ ٿي ويو. ۽ سندس گهر جو نشان ئي نه رهيو. مون کي گهر جي ڪنهن مال ۽ ملڪيت جي ضرورت نه آهي فقط دست بسته محلد علي شيخ کي عرض آهي ته مونکي منهنجي پيءُ جي ميراثي يعني ڪتاب ” دقيانوسي ڌمچر“ واپس ڪيو وڃي ته احسان رهندو. مان پوءِ به همت نه هاري ويٺس ڪڏهن ڪنهن ڪيسٽ مان ته ڪڏهن ڪنهن دوست وٽان ڪڏهن ڪنهن ڪتاب مان بابا سائين جي شاعري جو ڪجهه حصو هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان جو حال حبينا سو پيش پريان ڪيان ٿو. اميد ته هي ڪتاب سندس دوستن جي ڪجهه اساٽ گهٽ ڪندو.

    پروفيسر آغا وقار دراني


    تخليقڪار بابت

    نذر آغا ممتاز دراني : شاعر نثار بزمي

    اعليٰ اديب عالم عزت مآب هو
    شعر و سخن جي ملڪ جو گويا نواب هو
    محفل جو مور اهلِ دل عاليجناب هو
    ڪوئي سندس جواب نه هو لاجواب هو
    تنوير ۽ مان به ٽمڪون ٿا ساهت جي اڀ تي
    پر آسمان ادب جو هو آفتاب هو
    دشمن جو خير خواهه هو، يارن جو يار هو
    مخلص سچار بي ريا کليل ڪتاب هو
    طنز و مزاح ۾ سندس ثاني نٿو ڏسان
    هر صنف تي ڪلام سندس بي حساب هو
    ياسين جي ڳڙهي ۾ مون هيئن هو ڏٺو
    گويا رڍن اڳيان هو وڄندڙ رباب هو
    مرحوم هن کي لکندي قلم ٿو ڪنبي وڃي
    سوچان ٿو هڪ سهانو دراصل خواب هو
    فردوس ۾ رهي ٿو، هو حورن جي هنج ۾
    يارو خدا گواهه آ هو فيضياب هو
    ڪنهنجي مجال آهي جو هن جي جڳهه ڀري
    خود انجمن جي آن بان جو آب تاب هو
    بزمي نثار کان ڀلا وسري هو خان ڪيئن
    مجلس ۾ بار بار سندس بارياب هو.

    (روزاني هلال پاڪستان 23 مئي 2002ع خميس)


    منهنجو بابو : پروفيسر آغا وقار دراني

    17 مارچ 1924ع ۾ ڳڙهي ياسين هڪ اهڙي انسان کي جنم ڏنو جيڪو جنهن عزت ۽ عظمت جو اهو مقام حاصل ڪيائين، جنهن لاءِ خان ابن خان ۽ سردار ابن سردار صديق کان سَڌون ڪندا آهن.
    آغا ممتاز دراني ڳڙهي ياسين جي اها هردلعزيز شخصيت هو. جيڪو هلندڙ وقت ۽ ايندڙ حالتن جا راز پروڙي نه فقط شهر پر صوبي جي ايندڙ نسل جي ڀلائيءَ جا گس ٻڌائيندو هو. هي مهربان انسان گمناميءَ جو اهو سمنڊ هو، جنهن ۾ انيڪ هيرا، لعل ۽ موتي لڪل هئا. جيڪي سندس ويجها دوست سندس مان جهوليون ڀريندا هئا. هي دوستن ۽ تعلقي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هو.
    مرهيات بابت ماڻهن جا جدا جدا رايا هئا. ڪي چون ته سخي مڙس هو، ڪي چون ته نرم مزاج هو، جي چون سخت اصول پرست ۽ ارڏي مزاج وارو هو، موٽڻ کي مهڻو سمجهندو هو.
    سندس هڪ مرحوم دوست سيد شاهه محمد شاهه هنڱورجا شريف جي چوڻ مطابق: ”مرهيات جو ته ڪو انت ئي نه هو، هو گونا گون هو.“
    1982ع جي بيماريءَ جي لوڏي کانپوءِ ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو، جوانيءَ منجهه اڇو رنگ، موهيندڙ چهرو، سهڻيون سٻاجهڙيون اکيون، وڏي ويڪري ڇاتي زبردست قد ڪاٺ وارو هو.
    هو ظلم ڏسي آپي مان نڪري ويندو هو. پوءِ ڪنهن کي به نه ڏسندو هو، ته منهنجي اڳيان ڪير آهي. مرهيات نيڪ سيرت، واعدي جو پڪو، سڄڻن جو ساٿي پر دشمن بن منجهائنس چڱي اميد رکندا هئا. سندس ذات منجهه ڪيئي انجمنون لڪل هونديون هيون.
    جتي ويهي اتي محبت جا ميلا مچي ويندا هئا. جنهن سان دوستي رکندو هو تنهن سان توڙ نڀائيندو هو. هو فيصلي وقت سڀ کان وڏي خوبي سندس اها هئي ته ڌرين ۾ ڀلي ڪيڏا به وڏا اختلاف ڇو نه هجن پر هي مڙس مٿير اهڙي ته حڪمت هلائي انهن کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو جو. ورهين جا وڙهيل ۽ رٺل به سندس آڏو کلندي خوش ٿيندي اٿي ويندا هئا.
    ڪنهن به ضرورتمند کي ڪا ضرورت هوندي هئي ته هي سخاوات جو پيڪر ان جي ڳجهه ڳوهه ۾ مدد ڪري ڇڏيندو هو. جيئن هٿ نه ڏسي هٿ کي. سدائين مسڪينن پاران انتظاميا سان وڙهندو رهندو هو. جنهن ڪري چڱا مڙس، ڪليڪٽر ۽ ڪماني سندس دشمن هوندا هئا.
    تنهن هوندي به سندس استقلال ۾ رتي ڀر به ڦيرو نه آيو. هو هميشه حق سچ جو علمبردار رهيو.
    وقت جي علمدارن ۽ خانن جا سيس ته سندس آڏو جهڪيا پر سندس سيس رڳو قادر اڳيان جهڪيو. مرحوم تعلقي جي ماڻهن سان ايترو ته قرب ڪڙيءَ ۾ قيد رکندو هيو جو ڪير به کيس جواب نه ڏئي سگهندو هو ننڍو وڏو سندس عزت ڪندو هو. ماڻهن جو اهو خيال هوندو هو ته هو کيس وڌيڪ ڀائين ٿو. پر سچ اهو هو ته هر ڪنهن کي عزيز رکندو هو.
    مرهيات تي ماڻهن جو اعتماد ۽ ڀروسو ايڏو هوندو هو جو جا به ڳالهه ڪندو ته سندس ساٿي ان سان سهمت ٿي پوندا هئا.
    مرهيات جو سياستدانن بابت رايو هو ته، هو جنهن نظريي جي پرچار ڪن ٿا ان تي پاڻ عمل ئي نٿا ڪن.
    جي. ايم. سيد بابت سندس اهو رايو هيو ته، ” هو سدائين رد عمل جي سياست ڪندو آهي ۽ ان جي ڪري سنڌ ڏاڍو ڀوڳيو آهي.“
    رسول بخش پليجي لاءِ سندس چوڻ هو ته ” هو بين الاقوامي انسان آهي هو سنڌي قوم لاءِ فٽ ناهي. سندس سياست اڄ به آسمانن تي آهي جڏهن ڌرتيءَ تي لهندي ته هو ڀٽي کان به گهڻ رخي شخصيت ثابت ٿيندو.“
    ڀٽي لاءِ چوندو هو ته، ” هو هڪ تمام بهترين ليڊر آهي پر نظرياتي طور تي کوکلو ۽ خالي آهي. هو ڪڏهن ته فرشتن کان به افضل ۽ مٿانهون ته وري ڪڏهن ان جي ليول هڪ ٿاڻي جي صوبيدار کان گهٽ، هو ڪڏهن گوتم ته، ڪڏهن ميڪاوليءَ جي ” دي پرنس“ جو هڪ ڪردار لڳندو آهي.“
    هو نوجوانن کي ڪچهرين ۾ نوان نڪورا تاريخي گس ٻڌائيندو هو. هن جو نه فقط ملڪي معاملن تي عبور هو، پر هو ته بين الاقوامي معاملن تي به وڏي دسترس رکندو هو. جتي عام جي سوچ دنگ ڪندي هئي اتان سندس ڏاهپ جا در کلندا هئا.
    هو نوجوانن کي ور ور چوندو هو ته، ”ڪاميابيءَ لاءِ قربانين جي ضرورت پوندي آهي.“
    رئيس امروهي مرڻ کان مهينو ڏيڍ اڳ مرهيات ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ لکيائين ته، ” اڄ جو انسان وحشي ٿي چڪو آهي. ڪراچي وحشت ۽ دهشت جي گهيري ۾ آهي، لڳي ٿو ته، ڪراچيءَ ۾ وڏا ڪوس گهر ٺهندا ۽ وڏا ڪِيسَ ٿيندا. ۽ سڀ کان اڳ مان ان ڪوس گهر ۾ هوندس.“
    ان خط سان گڏ هڪ ڪتاب پڻ اماڻيائين. جنهن تي هڪ شعر سندس هٿ اکرن ۾ لکيل هو:
    يه تحفهِ دل پذير افکار
    اے همد م جواں مبارک
    رئيس کا حقير ساتحفه
    ممتاز حسين خان مبارک
    سندس دوستن ۾ رئيس امروهي، علي احمد بروهي، جوش مليح آبادي، اعجاز الحق قدوسي، بدر عالم دراني، آغا غلام نبي پٺاڻ، ڊاڪٽر سيد انوارالحق، فقير مسرور بدوي، نثار بزمي، اينمري شمل، حسام الدين راشدي، علي محمد راشدي، کيئلداس فاني، ڪليم الله ميمڻ ۽ ٻيا انيڪ انسان هئا.
    جوش منيح آبادي، جڏهن پنهنجو ڪتاب: ”يادوں کی بارات“
    ڏانهس اماڻيو ته ان تي هي هٿ اکر لکيا هئا:
    ” يه پهول ﮨﮯ باغباں کو ديدو
    يه رنگ ﮨﮯ کـﮩـکشاں کو ديدو
    يادوں کي بارات اے جوش
    ممتاز حسين خان کو ديدو “
    جوش اهو به لکيو ته: ” ادب هڪ ڪهڪشان آهي“. ”يادن جي باراز“ ڪتاب هڪ فرد کي نه پر هڪ زماني کي اپريان ٿو. ڇو ته، آغا ممتاز دراني هڪ فرد نه پر هڪ زماني جو نالو آهي.
    ممتاز دراني ڀٽائيءَ جو حافظ هو کيس سڄو رسالو برزبان ياد هئس.
    هو ڳالهه ٻولهه ۽ تقريرن ۾ عام جام ڀٽائيءَ جا بيت ڪتب آڻيندو ۽ اردوءَ جا شعر پڻ ان کي اڻڳڻيا ياد هوندا هئا. غالب، فيض، فراز، جوش، مصطفيٰ زيدي، انيس، اقبال، داغ، سودا ۽ زوق جا ته هزارين شعر برزبان ياد هوندا هئس. ساڳئي وقت رومي، سعدي ته به وڏو دسترس هئس.
    مرهيات جي استاد کيئلداس فاني انڊيا مان پنهنجو ڪتاب: ” سڪ ۽ سوز“ تي اهو لکي موڪليائين:
    نساز سان به همنشين ناساز نه آهي
    عالم کان جدا هي ڀلا انداز نه آهي
    دنياءِ ادب ۾ سخنور ته گهڻا آهن
    ممتاز کان ليڪن ڪوئي ممتاز ناهي
    اهو استاد جون سٽون ممتاز درانيءَ لاءِ وڏي سعادت ۽ اعزاز آهن.
    مرهيات جا اڪثر دوست جيڪي ڪميونسٽ هئا. انڪري لٽريچر به ڪميونسٽن جو ڪافي پڙهيائين. انهن مان مارڪس، لينن، چيخوف، شولو خوف سان گڏو گڏ هوماڪو وسڪي آپگهات نه ڪيو پر کيس ماريو ويو هو، ۽ سندس موت اسٽالن هٿان ٿيو هو.
    مرهيات نه رڳو شاعر، اديب، پر تاريخدان ۽ طنزمزاح جو پڻ وڏو شوقين هو

    ساهڙ ڏي ساڃاهه ته تار تري تڙٿيان


    آغا ممتاز حسين درانيءَ ” ممتاز“ مرحوم جي ياد ۾ : علي احمد بروهي

    منهنجي سانڀر وارا مٺڙا ۽ موڪڻا ماڻهو اڪثر راه رباني وٺي چڪا آهن. ڪو ڪڻو داڻو ڪٿي ٽمڪندو ٿو رهي ته مون کي ڄاڻ نه آهي. گهڻو ڪري دائمي تڏا ويڙهه جو بک ٿي چڪا آهن. پيءُ ماءُ چاچا ماما ۽ ٻڍڙيون امڙيون ته سنجهيئي سڙهه سنڀاري پڳهه کڻي وڃي پرينءَ ڀر پهتيون، پر جي هم عمر هم مڪتب ۽ چتڙن جا يار هئا سي به يا ته لاڏاڻو ڪري وڃي گورستان ۾ آرامي ٿيا يا وري سنڌ ڇڏي لڏي وڃي ڀارت واسي ٿيا. بس! مان اڪيلو ۽ ڊڄڻو ۽ انهيءَ دنيا ۾ جا، مون نه خلقي آهي. بيٺو ٿو وائڙن جيان واجهايان ته واڪا ڪريان.
    اها حقيقت آهي ته زندگيءَ جي هر گهڙي ۽ هر پلڪ لاءِ شڪراني جو سجدو ڏيڻ ٿو چاهيان، پر هي ڄاڻ نه اٿم ته هتي آءُ ترسيل ڪهڙي مقصد لاءِ آهيان. هيءَ خبر البت اٿم ته زندگي نالو آهي موت لاءِ اوسيئڙو ڪرڻ جو، بلڪل درست، پر آخر ڪيستائين؟ يا جيئن پشتو زبان ۾ پڇا ويندي آهي. ” تابه ڪئه“ آءُ ته نه عبادت گذار آهيان ۽ نه وري ڪي نيڪ ڪم ڪيا اٿم. ممڪن آهي ته سزا طور جنم ٽيپ پيو ڪاٽيان، يا وري ممڪن آهي ته مالڪ ڪو اهڙو سبب بڻائي ته توبه تائب ٿي ڪيل گناهن جي تلافي ڪريان، يا وري ٻڏائي ۽ ليلائي معافي منگان. بهرحال آءُ مالڪ جي هر ڳالهه تي راضي پئي رهيو آهيان پوءِ هيئن به سڄڻ واهوا ۽ هونئن به سڄڻ واهوا. شمس کي صبح تائين هر حال ۾ ٻرڻو آهي. پوءِ جا مالڪ جي مرضي. هي هڪ انوکي ڪهاڻي آهي، مهلت ملي ۽ الله پاڪ توفيق به عطا ڪئي ته تفصيل سان عرض حال ڪندس. في الحال ته وڇڙي ويل يار جو ذڪر ڪرڻو آهي ۽ ائين نه ٿئي جو ممتاز حسين ته رهجي وڃي ۽ خالي ” مئن مئن“پيو نظر اچي.
    منهنجي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۾ جي منهنجا جاني ۽ جگر دوست هئا، آغا ممتاز حسين خان دراني ”ممتاز“ به انهن ۾ هڪ هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ساڻس دوستيءَ جو ناتو صحيح نموني نڀاهي نه سگهيس، جيئن سهڻو لطيف ٿو فرمائي ته ” سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري“ ته اهو اڻاسي آءُ آهيان، ڇاڪاڻ ته آءُ ڪڏهن به سندس ڪم نه آيس. ممتاز حسين خان سکيو ستابو ۽ سرنديءَ وارو هيو ۽ پئي پنجڙ جي محتاجيءَ کان آجو هيو. الله پاڪ کيس سڀ ڪجهه ڍئو تي ڏنو هيو. شڪل صورت، علم عقل، همٿ جرئت ۽ وڏڙن جو ورثو.
    احمد شاهه ابدالي واري دور ۾ شاهه شجاع تائين شڪارپور ۽ سکر وارا علائقا پٺاڻن جي هٿ هيٺ رهيا ۽ اٺ به ٽيهارو کن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ خدمتن عيوض سالياني پٽينداري ملندڙ آهي. ڪوٽ سلطان جا بابڙ پٺان، مدئجي جا مشواڻي پٺاڻ ۽ ڳڙهي ياسين جا بارڪزئي دراني زميندار ۽ پٽيندار آهن. باقي عام پٺاڻ ڪمي ڪاسبي ۽ پورهيت آهن. آغا ممتاز حسين دراني 17 مارچ سال 1924ع ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ميونسپل اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ ۽ انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. اردو ۽ فارسي زبان تي به خاص دسترس هيس. ممتاز بنيادي طور تي شاعر هيو ۽ شاعري سندس شوق ۽ شغل هيو ۽ نه ذريعي معاش. ڪتابن پڙهڻ جو به شوق هيس. اردو سنڌي ۽ فارسي ڪتاب پڙهڻ کان علاوه کيس اڪثر شاعرن جهڙوڪ: شاهه لطيف، سچل، سانگي، فيض، فراز، جوش، غالب، جفر مراد آبادي، سعدي، رومي ۽ حافظ جا بيت کيس بر زبان ياد هوندا هئا. زندگيءَ جي هر مسئلي هر موضوع تي ڳالهائي ۽ سمجهائي سگهندو هيو. سندس سنگت ساٿ جو دائرو پڻ وسيع هوندو هيو، جنهن ۾ اڪثريت استادن ۽ عالمن جي هوندي هئي. سڄي شهر جا استاد، وڪيل، ڊاڪٽر، عملدار، شاعر ۽ ٻيا معزز شهري شام ٽاڻي اچي سندس بنگلي تي سهڙندا هئا ۽ پوءِ اڌ رات تائين ڪچهري هلندي رهندي هئي، جنهن ۾ ملڪي، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي راءِ زني ۽ ٽيڪا ٽپٽي ٿيندي هئي، ڪڏهن وري سنگت جي گڏجاڻيءَ کي ڪنهن موقعي يا ڪنهن خاص مهمان جي آمد ڪري ادبي يا شاعراڻي محفل جو رنگ ڏنو ويندو هيو ۽ هر هڪ فرد کي سندس خداداد صلاحيت جي آڌار تي ڏات جي اظهار جو موقعو ملندو هيو.
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هر اديب، هر شاعر ۽ هر مفڪر اورچ ۽ محنتي ٿيندو آهي. پر ممتاز حسين خان تي قدرت خاص رحمتون عطا فرمايون هيون سندس نثر توڻي نظم لکڻ جو انداز ائين هوندو هيو جيئن ڪوئي بتي ٻارڻ لاءِ برقي بٽڻ دٻائي يا ڪمپيوٽر چالو ڪري حاضر دماغيءَ جو عالم هي هيو جو ڪوئي به موضو پيش ٿيو ناهي ته هڪدم تحرير يا تخليق جي تڪميل ٿي ويندي، مطالعو پنهنجي جاءِ تي پر حافظو ۽ هنياءُ جو سوجهرو الله پاڪ کيس رونگ ۾ عطا ڪيو هيو. پاڻ ڪڏهن به مشاعرن ۾ نه ويو. لاغرض انسان هيو. کيس ڄاڻ هئي ته پٿر به پنهنجي جاءِ تي ڳورو هوندو آهي. ان ڪري واندن ۽ نکمڻن جي اوطاقن ۽ اوتارن تي وڃڻ کي وقت جو زيان سمجهندو هيو. سندس شاعريءَ جا ڇهه سئو شعر ته پنهنجن هٿ اکرن ۾ موجود آهن جي زيرِ اشاعت آهن. شعر جو هي انداز ڪو ايترو وڏو نه آهي، پر جيڪڏهن هن ڳالهه کي ذهن ۾ رکجي ته هڪ شرميلو شاعر جو شهرت کان پاسو ڪندڙ هجي انهيءَ لاءِ هي رتبو ايوريسٽ پهاڙ جي چوٽي سر ڪرڻ جي برابر آهي، بقول سنڌ جي بزرگ استاد ” سيد شاهه محمد شاهه” جي ته: “ آغا ممتاز حسين خان دراني گمناميءَ جو سمنڊ هيو، پر منجهيس لڪل ڏاهپ جا موتي ۽ گوهر هئا، جيڪي اسان جي اکين پسيا هئا، مرحوم مڪمل عالم هيو، لکڻ جي ڏات ۽ ڏانءُ هيس“
    مرحوم سهڻو سيبتو ۽ آئيني جهڙي اوجر دل ۽ ٺاهوڪي جسم جو مالڪ هيو. مون کي ياد نه آهي ته مون ڪڏهن کيس موڳو يا مايوس نه ڏٺو، پر الاجي ڇو عمر جي آخري حصي ۾ کيس پيٽ جو عارضو ٿيو جنهن کيس نهوڙي ڇڏيو.
    ماه آگسٽ جي پهرين تاريخن ۾ ڳوٺ کان فون آئي ته آغا ممتاز حسين کي ڪراچيءَ علاج لاءِ وٺي پيا اچون. آءُ وائڙو ٿي ويس ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ڀيرو ڪئي مون کي زمانا ٿي ويا هئا ۽ مون کي سندس بيماريءَ جي ڪا ڄاڻ نه هئي. کيس سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ڪيو ويو. آغا جو فرزند وقار حسين ۽ سندس گهر ڀاتي ساڻس گڏ خدمت ۾ هئا. بيماريءَ جي حالت نازڪ هئي ۽ علاج معالجي کان مٿڀرو ٿي چڪي هئي. البت دعا جو در کليل هيو.
    ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪجهه اشارن ۾ ته ڪجهه دلين جي ڌڙڪڻ وارين حرارتن وسيلي ٿيندي رهي. هڪ ڏينهن آءٌ ڇرڪي پيس جڏهن چيائين ته سڀاڻي سفر جي تياري آهي. انهيءَ ڏينهن 4 آگسٽ 1992ع اڱاري ڏينهن يار راهه رباني وٺي ويو. وفات وقت سندس عمر 69 سال ۽ پنج مهينا هئي.

    مرحوم آغا ممتاز حسين درانيءَ جا ڪجهه چونڊ شعر هيٺ ڏجن ٿا:

    مرتضيٰ اعظم عباسيءَ لاءِ چيل

    سختن فهم شاعر ۽ ادب جو عاشق آ.
    فڪر فن ۽ فرازنگيءَ ۾ فائق آ.
    اسم به اسمي سندس تخلص ”خاذق“ آ.
    ***

    چه فصاحت چه بلاغت چه معنيٰ چه بيان
    جلوه پيراست در آغوشي زبان ” خاذق“ آ
    ***
    نقاش ازل جو شهڪار آدمي آ
    ساري زمين جو سچ پچ سينگار آدمي آ
    ***
    نفرت عناد آ ملان جو مذهب يار من
    اهڙي مذهب کان ڀڄي وڃ بانورا بيزار ٿي
    ***
    هئي اميد ٿيندو پاڪ ۽ انصاف پر ويتر،
    غريبن جي مٿان پادر اهو ئي آه اڳ جهڙو
    ***
    الله سان محبت ۽ آدميءَ کان نفرت
    اهڙو عجيب تر آ. انداز پارسا جو
    ***
    وچ سير ۾ آ ٻيڙي ۽ دور آ ڪنارو.
    طوفان ساڻ به لڙندو اڄ عزم ناخدا جو.
    ***
    امر ٿيندا رڳو ممتاز سي جي نيڪ مقصد لئه
    ملائي موت سان اکيون دليرانه مري ويندا.
    ***

    روزاني هلال پاڪستان ڇنڇر 30 مارچ 2002ع


    آغا ممتاز حسين درانيءَ جي شاعري ۽ شخصيت : منظور سولنگي

    آغا ممتاز حسين دراني جي ” ميراث“، سندس وارث فرزند آغا وقار دراني جي هٿان ملي. پڙهڻ کانپوءِ مونکي اردوءَ ۾ لکيل هڪ شاهڪار ڪتاب ”هندي مسلم تهذيب“ جي تخليقڪار لاهور جي پروفيسر قاضي جاويد جو اهو جملو ياد آيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ” 1526ع ۾ مغل بادشاهه ظهير الدين بابر هندستان فتح ڪيو پر (25 سالن جي) ٿوري عرصي ۾ هندستان سر زمين بابر جو پوٽي (شهنشاهه) اڪبر کي فتح ڪري ورتو.“ قاضي جاويد جو اشارو مغل شهنشاهه اڪبر جي انهن ريتن ۽ روايتن ڏانهن هو. جيڪي هن (شهنشاهه اڪبر) هندستان جي ماحول کان متاثر ٿي اپنايون هيون. شڪارپور جا پٺاڻ به لڳ ڀڳ به سؤ سال اڳي شاهه شجاع جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي اقتدار تي قبضي ڪرڻ لاءِ ان پرڳڻي ۾ وارد ٿيا پر پوءِ انهن بار ڪزئين پٺاڻن کي جلد ئي سنڌ ڌرتي فتح ڪري وئي ۽ هو هتي رهجي ويا ۽ پوءِ هتي ئي زندگيءَ جا آخري پساهه پورا ڪرڻ وارن سندن وڏڙن جي هڏڙن مٿان سنڌ جو واءُ ۽ واري ورندي هئي.
    ستن پيڙهين جي سفر کان پوءِ ڳڙهي ياسين جي جوءِ ۾ جڏهن آغا ممتاز دراني جنم ورتو ته سندس شاعري ترڪيءَ جي عظيم شاعر ناظم حڪمت جي ان شاعري جهڙي لڳي مو مونکي ناظم حڪمت جهڙو لڳو.
    ”جيتوڻيڪ سندس ذات ۽ شجري ۾ دراني لکيل هو پر سندس موهه، مزاج ۽ سڀاءُ سڀ ڪجهه سنڌي بڻجي چڪو هو“.
    سنڌ ۾ علم، ادب ۽ تخليق جي فن ۽ فنڪارين جا جيڪي مرڪز (نرسريون) رهيون آهن انهن ۾ ڳڙهي ياسين به هڪ آهي، هن مرڪز ۾ علي محمد شاهه راشدي، حسام الدين شاهه راشدي، دين محمد وفائي، تاج محمد امروٽي، اي ڪي بروهي، علي نواز وفائي، علي احمد بروهي، نثار بزمي جهڙا داناءَ، دانشور، سياستدان ۽ سمجهدار ماڻهو پيدا ٿيا ۽ آغا ممتاز دراني به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
    آغا ممتاز دراني جي شاعري تي جيتوڻيڪ پنهنجي دؤ جي ڳوڙهي ڇاپ ۽ اثر آهي جنهن ۾ موضوع جي لحاظ کان اخلاقيات ۽ ٻولي جي لحاظ کان فارسيءَ جو اثر نهايت نمايان آهي پر پوءِ به سندس شاعريءَ جا عنوان ۽ انهن ۾ پيش ڪيل خيال نت نوان ۽ نڪورا آهن ۽ اهائي ڳالهه سندس شعر کي ممتاز بنائي ٿي. جهڙوڪ:
    آدام اڏيل هر هڪ آفيس ۾ رشوت جو
    ننڍو ۽ وڏو افسر صياد نظر آيو
    مشغول رهيا عالم، تحرير فتاوا ۾
    هر روز نئون تن جو، ارشاد نظر آيو
    جنهن کي ٿا چون مرشد ۽ رهنما و رهبر
    اخلاق بگاڙڻ جو بنياد نظر آيو.
    ٻئي هنڌ وري چوي ٿو:
    هئي اميد ٿيندو پاڪ ۾ انصاف پر ويتر
    غريبن جي مٿان پادر، اهوئي آهه اڳ جهڙو
    ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جي شان ۾ به هڪ سٺو خيا پيش ڪيو اٿس.
    هزارين خون جي پياسن جي وچ ۾ سر بلنديءَ سان
    سرِ مقتل وڌايو تيز تر هن گام هو تنها
    ڀٽ ڌڻي ماڻهوءَ جي مزاج جي ڪيڏي نه سهڻي تصوير ڪشي ڪئي آهي ته ”جاءِ نه سڄو ڏينهن هينئر وا وٺي وڳ جيئن.“
    بلڪل ائين شاعر به مختلف ڪيفتين مان گذري ٿو پر اهو ڪمال ڪنهن ڪنهن شاعر وٽ هوندو آهي ته تنهنجو پنهنجي سمورن خيالن ۽ احساسن کي سهڻن لفظن جي قطار به سنواري بيهاري آغا ممتاز دراني پنهنجي شاعريءَ ۾ اهي سڀ روپ، سروپ ڪري پيش ڪيا آهن هو جڏهن مجموعي سان پنهنجي وفا ۾ ڪيس لڙي ٿو تڏهن دليل ڏئي ٿو ته:
    پنهنجي جنهن وقت خطا ياد آئي
    تنهنجي دلچسپ سزا ياد آئي
    تو زماني جو چلن آ ڏٺو
    توکي منهنجي ڪا وفا ياد آئي؟
    ٻئي هنڌ لکي ٿو:
    خدا جو سنهن اگر تو بيوفائي ڪئي ته پاڻهيئي
    سسئي ۽ سهڻي وارا ڀي افسانا مري ويندا.
    هڪ وري هر شڪايت ڪندو لکي ٿو:
    چاره گر واقف مزاج نه آ
    منهنجي غم جو ڪٿي علاج نه آ
    بيزارگي جو عالم به انساني فطرت جي هڪ اڻ ٽر ڪيفيت آهي. ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ مان به بيزاري ۽ حقارت ٿو پوي. آغا ممتاز پنهنجي ان ڪيفيت کي به سهڻي نموني پيش ڪيو آهي.
    ڇاٿا پڇو اي دوستو هن بزم جو چلن
    پهرن جا پهر غم ۾ پريشان به رهيا سون
    اهڙو سمو به بارها آيو اي ممتاز
    پاڇي کان پنهنجي پاڻ گريزان به رهيا سون.
    آغا ممتاز دراني پنهنجي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ علامه اقبال جهڙو تفصيلي شڪوو نه لکيو آهي پر هن جي هڪڙي سٽ ڄڻ ” جامع سڀ جهان“جهڙي آهي.
    آهه ويڪا ۾ منهنجي عمر عزيز گذري
    يارو ڏسي ڇڏيو آ. مون شان ڪبريا جو
    شيخ اياز انسان جي عظمت کي ڪمال جي طريقي سان بيان ڪيو آهي.
    ”جا خدا کان نه ٿي جا نه امڪان ڪلهه کان سان ڳالهه آهي. انسان ۾“
    پر آغا ممتاز به انسان جي وڌائي کي نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
    نقاشِ ازال جي شهڪار آدمي آ
    ساري زمين جو سچ پچ سينگار آدمي آ
    سجدو ڪري ان انهي کي ثابت ڪيو فرشتن
    ڪل ڪائنات ۾ آ اشرف مقام هنجو
    مخلوق ڪل ۾ فعل المختار آدمي آ
    فطرت شناس ازلي فنڪار آدمي آ
    آغا ممتاز دراني پنهنجي شاعري ۾ وطن جي حُب، بهادري، قرباني ۽ اورچائي کي به بيتن منجهه سهڻي نموني سموهيو آهي. پر مونکي سندس شاعري جو واقعياتي داستان گوئي وارو پهلو ان ڪري وڌيڪ سٺو ٿو لڳي جو ورهاڱي کانپوءِ ڄڻ ته اهڙي قسم جي شاعري جو پهلو آهي، جنهن کي سنڌ جو نئون نسل ڄاڻ هوندي به ڄڻ ڳولي پيو.
    آغا ممتاز درانيءَ جي ” ميراث“ نالي شعري تخليق جي مجموعي کي جهڙي طرح سندس فرزند آغا وقار دراني سانڍيو سنڀاليو ۽ ڇپرايو آهي. ان لاءِ ائين چوڻ ڪافي آهي ته آغا ممتاز دراني جي ” ميراث“ محفوظ ۽ لائق وارث جي هٿن ۾ آهي.
    ***


    آغا ممتاز حسين خان درانيءَ جي ياد ۾ : حڪيم ميان مرتضيٰ اعظم عباسي

    سمجهه ۾ نٿو اچي ته هاڻ زماني کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اهي انسان ڪٿي غائب ٿي ويا آهن، ڪنهن کان ڪاوڙيا آهن؟ ڇو منهن موڙي ويا آهن. آخر اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو هيو سين، جو پاڻ ته هليا ويا پر اسان کي انسانن نما جانورن جي حوالي ڪري هليا ويا، جن جون بي وفايون ڏسي لڳي ماٺ مرن کي. آخر اهڙيءَ ويا ڇو منهن ڪڍيو جو دوست اٿي ويا ۽ اڄ مڙهيون ٿيون مارين ته جيءُ جياريندڙ ماڻهو آخر ڪٿي غائب ٿي ويا ۽ اوطاقون اجاڙي ويا. اسان ڪهڙو گناهه ڪيو هيو سين، وڻ به ساوا چهچ آهن ۽ لامون به لڏي رهيون آهن، ڪيڏانهن ويا آهن پکيئڙا ۽ اهي آکيرا؟ نه اهي صبح جا گيت آهن ۽ نه اهي شام جون مٺيون باتيون آهن. الله اڪبر ! آغا ممتاز درانيءَ کي مرحوم لکندي قلم به ڪنبي ٿو وڃي ۽ اکيون به آليون ٿي ٿيون وڃن. آعا ممتاز دراني، بارڪزئي خاندان جي دود مان شاخ محمد زئي جي جدي پشتيءَ مان آهن. آغا ممتاز دراني 1924ع ۾ خان صاحب محمد اعظم خان جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خاندان انهن جاگيردارن ۽ پٽيدارن مان هڪ هو، جيڪي ارڙهين صديءَ ۾ افغانستان مان هجرت ڪري شڪارپور سنڌ ۾ آيا. سندس خاندان افغانستان جي حاڪمن مان هڪ هو، رشتي ۾ سابق شهنشاه افغستان محمد ظاهر شاهه به سندس سئوٽ ٿئي. آغا ممتاز دراني هڪ شاعر، اديب، دانشور، سماجي ڪارڪن ۽ محبتي ماڻهو هيو، جڏهن ڳالهائيندو هيو ته دل چوندي هئي ته کيس ٻڌندو ئي رهجي مون پهريون جوانيءَ ۾ جيڪي دراني جاگيردار ڏٺا تن ۾ در محمد خان، محمد اعظم خان، خدا يار خان ۽ شمس الدين خان جن هئا، مرحوم آغا ممتاز درانيءَ جو والد محمد اعظم خان دراني ولد خايار خان ولد حيات الله خان، ابن جمع خان شڪارپوري ابدال خان، ابن شاهه جمال خان ابن آغا محمد يوسف خان ابن آغا محمد سرور خان ابن اختيار خان ابن آغا مورث خان جون افغانستان جي محمد زئي بارڪزئي درانيءَ جون نسبي شاخون وڃي ترين خان سان ملن ٿيون جن جا پاڻ ۾ تخت نشينيءَ جي ڪري اختلاف ٿيا. خان صاحب جمع خان جو والد ابدال خان افغانستان مان هجرت ڪري شڪارپور آيو هو. انگريزن جي حڪومت اچڻ تي کين شاهي خاندان هجڻ باعث ڳڙهي ياسين ۾ جاگيرون ۽ پٽيداريون مليون، جنهن سبب هو شڪارپور مان لڏي ڪوٽ عبدالله (ٻانبيهڙ) کان ٿيندا اچي 18 صديءَ جي آخر ۾ اچي ڳڙهي ياسين ۾ آباد ٿيا، ڪوٽ اڏيائون، دراني خاندان سان گڏ آيل علوي خاندان شڪارپور ۾ رهي پيو ۽ سيد خاندان درانين سان گڏجي ڳڙهي ياسين ۾ رهائش پذير ٿيو، اڄ به انهن سيدن جون جڳهون ڪوٽ حيات الله خان درانيءَ جي قريب بروهي محلي ۾ آهن، اها علحده ڳالهه آهي ته هاڻي سيد مان روحانيت غائب ٿي وئي آهي، البت سندن جايون اڳ کان هاڻي وڌيڪ خوبصورت آهن.
    آغا ممتاز درانيءَ سان منهنجي ملاقات 1936ع ۾ درزي بيگ انصاريءَ جي دڪان تي ٿي. انهيءَ وقت ڳڙهي ياسين مان ”پيغام صلح“ اخبار نڪرندي هئي، مان مولوي محمد ابراهيم وٽ رهندو هيس. اهو 1937ع جو زمانو هيو. آءُ اڪثر شام جو سندس اباڻي بنگلي تي جنهن کي ”خان جو بنگلو“ سڏيندا هئا ويندو هيس، جتي استاد جان محمد دايو جيڪو ڊاڪٽر عنايت الله جوکئي جو ڏاڏو ۽ استاد واحد بخش ميمڻ جيڪو ڪليم الله ميمڻ وڪيل جو پيءُ جن ايندا هيا ۽ کيس پڙهائيندا هيا. 1946ع ۾ مون شادي ڪئي، چئن مهينن بعد ڳڙهي ياسين ۾ ٻوڏ آئي، انهيءَ وقت آءُ سندس همدرديءَ ۽ پاڻ وارڻ واري جذبي کان سخت متاثر ٿيو هيس. آغا ممتاز درانيءَ جي سڏايل تقريبن ۾ شرڪت سبب ملاقاتن جو شرف حاصل رهندو هيو. مرحوم مون لاءِ چانهه پنهنجي نوڪر کان خاط طور تي لُلي جي هوٽل تان گهرائي تواضع ڪندا هيا، ان دور ۾ مرحوم عوامي وندر خاطر زبردست ملاکڙا ڪرائيندو هيو. انهن ملاکڙن جي ٽيم ۾ محمد نواز خان بابڙ ۽ عزيز الله خان بار ڪزئي سندس خاص ڪارندا هوندا هيا. مون کيس 1965ع جي جنوريءَ ۾ آغا بدر عالم جي وفات حسرت آيات تي انتهائي سوگوار ڏٺم ۽ پنهنجي ڏک ڀرين خيالن جو اظهار هن انهيءَ وقت ڪيو هو، جيڪو 1980ع ۾ ”نواءِ انقلاب“ اخبار بدر عالم نمبر ڪڍيو هو. انهيءَ نمبر ۾ آغا ممتاز درانيءَ پنهنجي عزيز بدر عالم تي هڪ شاندار تاثر لکيو هو. پاڻ وڏو تاريخ دان، مقرر، مدبر، ڏاهو ۽ هڪ بهترين شاعر هو. سندس شاعري کي مڃڻ ۽ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي سندس ابتدائي دور جي شاعريءَ ۾ فارسيءَ جي جهلڪ نظر ايندي هئي، پر بعد ۾ نئين جدت واري واٽ ورتائين، هن پنهنجي شاعري ۽ نثر کي مون وانگر رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪونه ڇپايو، پر مون جهڙن سَوَنِ کي پنهنجي شاعري ۽ ادبي لياقتن سبب دلين ۾ جاءِ گير ضرور ڪيو آهي. آءُ جڏهن ڪچهري ۾ ڪهي ويندو هوس ته گفتگوءَ مان نه فقط اسلامي ۽ بر صغير جي تاريخ جي پروڙ پوندي هئي، پر يورپ، آمريڪا ۽ روس جي دانشورن ۽ سورمن بابت اسان کي آگاهه ڪري علم ۽ فهم ۾ اضافو آڻيندو هو. سندس بنگلي منجهه سندس دوستن جا ميڙا مچندا هئا. شام جو فقيرن کان شاهه لطيف جون وايون ٻڌندا هئا.
    ڳڙهي ياسين جي مٽي وڏي مردم خيز هئي، جنهن ٿورڙي وقت ۾ مولانا تاج محمود امروٽي، آغا ممتاز دراني، اي ڪي بروهي، آغا بدر عالم دراني علي احمد بروهي، حافظ نور محمد، حسام الدين راشدي، علي محمد شاهه راشدي، نثار بزمي ۽ دين محمد وفائي جهڙن املهه ماڻهن کي جنم ڏنو، سڀئي املهه موتي جن جي جوت سچ پچ ته جهان کي جرڪائي ڇڏيو.
    مون زندگيءَ ۾ ممتاز درانيءَ جهڙا گهٽ ماڻهو ڏٺا، جيڪي هڪ ئي وقت تحرير توڙي تقرير جا ماهر هجن. سندس گفتار من کي موهي وجهندي هئي ته وري شاعري جي سٽ سٽ تي ساهه وارڻ تي دل چوندي هئي. جي مرحوم اڃا به وڙڪري خط جا ٻه اکر لکي داد ڏئي ته مون پارو پنهنجي اوقات ئي وساري ويهندو هو، کيس دل ۾ گهر ڪرڻ جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ته ڪو مثال ئي ڪونه هو.

    روزاني هلال پاڪستان ڪراچي خميس 23 مئي 2002ع


    آغا ممتاز درانيءَ جون فارسي_ سنڌي ترڪيبون : سرمد چانڊيو

    دنيا جي مختلف قومن جي باري ۾ مختلف ڪٿائون ٿين ٿيون، جيڪي بظاهر ته کل جهڙيون هونديون آهن، پر انهن ڪٿائن جي پويان ڪيئي حقيقتون لڪل هونديون آهن. ايشيا ڪوچڪ کان وٺي قنڌار ۽ سبي تائين رهندڙ قومن کي گهوڙي سواريءَ جي ڪري رومي مردن کي ديو ۽ عورتن کي پري سڏيو ويو آهي. سنڌي ماڻهن کي ڍڳي جي سواري جي ڪري ڳورو ۽ عورتن کي ڳوري سڏيو آهي. هندستاني ماڻهن کي هاٿي جي سواريءَ جي ڪري اوتار ۽ عورتن کي ديوي سڏيو ويو آهي. دريائي ۽ جل پري سڏيو ويو آهي توڙي جو انهن ڪٿائن ۾ سوار ۽ سواريءَ کي هڪ جسم ۽ هڪ جان سمجهيو ويو آهي جيڪا ڳالهه عقل ۽ فهم کان تمام پري آهي، پر اها ڳجهارت ڏاڍي معنيٰ خيز آهي. جابلو ۽ نامهمواري زمين جي رهواسين گهوڙي کي وسيلو بنائي تيز رفتاري سان جيڪي فاصلا طئي ڪيا آهن جنهن جي ڪري کين ديوقامت انسان سڏيو ويو آهي. ها ان دور جي شاعري ساراهڻ جهڙي ڳالهه آهي. جو انهن ماڻهن گهوڙي جهڙي شوخ مزاج جانور کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، نه رڳو ڏکئي ۽ اڻانگي سفر سولو بنايو، پر انسان جي همت به وڌائي ڇڏي، ائين سنڌي ماڻهن ڍڳي جهڙي ڳوري جانور کي قابو ۾ آڻي پاڻ کي شان ۽ مان واري قوم ڪوٺرايو ته وري هندستاني ماڻهن هاٿي جهڙي پربت نما جانور کي زير دست بنائي پاڻ کي خدا (اواتار) ۽ ديوا (پوڄا لائق) چوايو سامونڊي ۽ دريائي ملاحن وري ٻيڙا جوڙي، ڇڙواڳ ڇولين ۽ اندوهه ناڪ ويران سان مهاڏو اتڪائي پاڻ کي راڪاس، اجگر ۽ جل پريون ڪوٺايو.
    انهن ڪٿائن کي نظر ۾ رکي اسان اهو ئي چئي سگهون ٿا ته ڏاهپ ئي هر دور ۾ انسان کي اعليٰ ۽ اتم بنايو آهي، جيئن اڄوڪي سائنسي دور ۾ سائنسي ايجادن وارا ملڪ ان داتا تصور ڪيا وڃن ٿا، ايئن ئي آڳاٽين ايشيائي قومن به پنهنجي ڏاهپ جو غلط استعمال ڪيو هو، جنهن جي ڪري رومي ماڻهن کين مختلف نالن سان سڏيو آهي.
    ترڪمان ۽ ارغوني قبيلن گهوڙن تي سوار ٿي جيڪي ڦريون ۽ ڌاڙا هنيا، انهن سان تاريخ ڀري پئي آهي. سنڌي ماڻهن ڍڳن جي وسيلي جيڪا زرعي ترقي ڪئي اها سائرس اعظم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڇانيل ٿئي نظر اچي. وري هندو مذهب، جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڪشتري نسل جا هندو لوڪ مذهبي جنون ۾ ديوي پنٿ جي پوڄا عام ڪرائڻ لاءِ عراق ۽ جرمني تائين سرگردان نظر اچن ٿا.
    ايئن سامونڊي ڌاڙيلن به ڪنهن کان ڳجها پاليا ناهن.
    آغا ممتاز حسين ”ممتاز“ دراني مرحوم جي شاعري لاءِ جنهن تي مون کي ڪيترائي ويچار ونڊڻا آهن. مرحوم جي گهڻي شاعري ته مون کي نه موڪلي وئي آهي پر جيڪي شعر مليا آهن، انهن جي حوالي سان، مان مرحوم جي شاعراڻين ترڪيبن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندس، ڏسو غزل جوهي سرو!
    نقاش ازل جو شهڪار آدمي آ.
    ساري زمين جو سچ پچ سينگار آدمي آ
    مٿين سٽ جي بحر وزن کان هٽي ڪري صرف ترڪيب ۽ هيٺين سٽ جي ترڪيب تي نظر وجهندا ٿا هلون. ته لفظ ”آدمي“ مٿين سٽ ۾ تخليق آهي ۽ هيٺين سٽ ۾ تخليق هوندي به اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي، جنهن جو مطلب آهي، جيڪڏهن آدمي هن زمين تي نه هجي ته هيءَ زمين ڪا به معنيٰ نٿي رکي. اهو شاعر جي دانائي ۽ ڏاهپ جو ڪمال آهي. وري مٿين سٽ ۾ لفظ نقاش جي حرف “ش” تي جيڪا اضافي زير موجود آهي. اها ”جو“ ”يا“ ” جي“ جي معنيٰ ڏئي ٿي، پر شاعر لفظ ازل کان پوءِ جيڪو ”جو“ جو لفظ ڪم آندو آهي، جنهن جي اچڻ سان لفظ نقاش جي ”ش“ واري اضافي زير پنهنجو پاڻ محزوف ٿي وڃي. ان مان شاعر جي علمي ذهانت ظاهر ٿي ٿئي ته شاعر کي ٻوليءَ تي ڪيتري هٿ پهچ آهي. مرحوم کي ٻوليءَ جو حاذق سڏجي به ته درست آهي، جيئن اصطلاحي معنيٰ ۾ اسان عورت کي گهر جو سينگار چئي سڄي گهر جي مالڪي سندس حوالي ڪندا آهيون. بلڪ ائين ئي آدمي کي ڌرتي جو سينگار چئي شاعر انسان ذات کي ڌرتيءَ جي مالڪي ڏئي ڇڏي آهي. هن غزل جي سري ۾ لفظ ”آدمي“ جيڪو رديف طور ڪم آيل آهي، رديف مقفا چوندا سين، جنهن تي عرب وڏو فخر محسوس ڪندا آهن. اها علم البيا جي گونا گونيت آهي. ان بحث کي نظر ۾ رکندي ”ممتاز“ دراني صاحب کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. اهڙي شاعريءَ تي ريس ٿيندي آهي. جنهن ۾ ڪيئي معنائون ۽ راز پنهان هوندا آهن.
    دراني صاحب هڪ ٻئي شاهڪار غزل جو مقطنو ڏسو ڇا نه ٻن جدا ٻولين جي ترڪيبن جو سنگم ڪرايو اٿس. ڄڻ ڪن ٻن قومن جون ٻه حسين ڪنواريون هڪ ئي وقت پنهنجي حسن جو داد وصول ڪرڻ لاءِ منتظر بيٺيون هجن ۽ جج منجهي پيا هجن ته ڪنهن کي حسن جي ديوي قرار ڏجي! ڏسو!
    مڪتفت ٿي نگاهه اي ممتاز!
    پاڻ پنهنجو وقار ڇا چئجي!
    مٿين سٽ ۾ يار جي نگاهه جو توجهه ڇڪائي جنهن انداز سان هيٺين سٽ ۾ پنهنجي وقار ۽ شاعري جي ڳالهه جيڪا شاعر ڇيڙي آهي، اها حيران ڪن آهي. نقاد منجهي بيهي ٿو رهي ته محبوب جي نگاهه متوجهه ڪرائڻ واري داد ڏجي يا محبوب جي نظرِ عنايت کي داد ڏجي. هڪ پاسي مهربان نگاهه جو معاملو آهي ۽ ٻئي پاسي توجهه ڪرائيندڙ جي شخصيت آهي. جيئن گل ۽ خوشبو آهي جيئن روح ۽ جسم آهن هاڻ مرحوم جي ممتازي بيان ڪجي يا محبوب جي مخموري، سڪ ۽ سونهن کي ملائي شاعر منجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
    مان ته چوندس ته ٻئي پار ڳورا آهن! پرهه جي ماڪ جي ڳالهه ڪيان جنهن مکڙيءَ کي نکار بخشيو آ يا منتظر مکڙيءَ جي ڳالهه ڪيان جيڪا سڄي رات ماڪ ماڪ ٿي ڪندي رهي. لفظ مڪتفت جيترو اوپرو جيئن بيان ٿيو نگاهه جي حوالي سان ۽ هوڏانهن وري وقار لفظ قافيو، ڇا چئجي. اهو دراني صاحب جي گويائي جو ڪمال آهي، هن بحث کان اڳتي هلندي ساڳي غزل جو هڪ بند ڏيڻ به ضروري ٿو سمجهان! جنهن ۾ ٺيٺ فارسي ترڪيبون آهن. ڏسو!
    دلِ ماشاد چشم ما روشن
    آمد نو بهار ڇا چئجي
    هن بند جون مٿيون ٻئي ترڪيبون ”دل ماشاد چشم ماروشن“ شعر جي زندگي وڌائي ٿيون ڇڏين. ڇو؟ ان ڪري جو محبوب نو بهار جلوه گر ٿو ٿئي. محبوب جڏهن سامهون ٿو ٿئي ته دل کي فرحت ۽ اکين ۾ چمڪ اچي ٿي وڃي. محبوب سدائين سهڻو هوندو آهي ڀل ان جي عمر کڻي پنجاهه سال ٿي وڃي، پر جڏهن درشن ٿو ڪرائي ته بلوغت جي پهرين بهار وانگي ٿو لڳي.
    اهو شاعر جي لفظن جي جوڙجڪ جو ڪمال آهي. وڻيس ته ڳالهه وڪوڙي سڪوڙي بند گوبيءَ جي گل ۾ رکي ڇڏي، وڻيس ته ڳالهه سج جي روشنيءَ کان به چٽي ڪري ڇڏي، هن بند ۾ دراني صاحب فارسي شاعر”ساقيءَ“ سان وڃي ڪلهي گس ڪئي آهي. اهڙي شاعر ٿي جڏهن اڳيان اچي ته انسان جي اعليٰ هجڻ جو تصور ٿو ذهن تي اڀري اچي. هاڻي ٿا اچون نج سنڌي ترڪيبن تي ڏسو هن غزل جو مقطعو!
    غم جي جهوٽن ۾ توکي ممتاز!
    ان جي زلفن جي گهٽا ياد آئي!
    جهڙ ۽ هوا تصور جي پردن تي لهرائي گرمي ۽ جهولي کي گنوائي ٿو ڇڏي بلڪل ڄڻ هوا لڳندي ۽ ڪڪر اڏامندو. ترڪيبن ۾ زندگيءَ جي جوڙ جو توڙ ڪرڻ هڪ ڏانءَ آهي. شاعر هٿ کان وٺي وڃي پڙهندڙ کي ماحول ۾ ڇڏي ۽ وري پڇيس ٿو ته واقعي شاعري ۾ جادو آهي يا نه!
    شاعري جي ترڪيبن جي فن تي لکندو مون کي انهن دوستن تي کل ايندي آهي جيڪي چوندا آهن ته شاعري الهام آهي، جيڪڏهن شاعر الهام آهي ته ترڪيبي فن ڇا آهي؟ خير مان پنهنجي موضوع تي ٿو اچان. توهان کي حيران ٿو ڪيان ته
    هاڻي ڏسو جهوٽن، زلفن جو ترڪيبي سٽاءُ گل دستي جي شڪل اختيار ڪرڻ ٿو بيهي، پر ان ۾ گل مختلف آهن اڃا به ائين چئجي ته رابيل ۽ گلاب جو سنگم آهي جن جي خوشبو به جدا ۽ رنگ به جدا آهي. توهان ترڪيبن جو سٽاءُ ته ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، پر هيءَ ترڪيب مصرعا آهي. ٻئي مصرعائون هڪ بند ۾ گڏ هوندي به جدا آهن. ڪاش اڄ منهنجو سعودي عرب وارو ليڪچرار دوست حجاج هٿ هجي ها ۽ توهان کي ترڪيب مصرعا جي سٽاءَ تي عربن جي لوڪ رغنا جي مصرعا بازيءَ جو ذڪر پنهنجي فصيح زبان سان ٻڌائي ها ته عرب هن ترڪيب کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا آهن. مصرعا هڪ ٻئي کان جدا آهي، غمن ۽ زلفن جو پاڻ ۾ ڪو پري جو تعلق آهي، پر غم جي جهوٽن وڃي زلفن جي گهٽا سان ڳالهه ملائي، بظاهر ڳالهه ڏک جي آهي پر خواهش سک جي ٿا رکون يا زلفن جي ڇانوَ، غم جي جهوٽن جي ياد ڏياري!”تن ڏکن کي شاباس، جن محبتي ميڙيا“ هن ميڙ ۾ ڪو دوست لکڻ جهڙي مصرعا چئي، توهان ٻي مصرعا اهڙي ڏيو جو اکين ۾ لڙڪ تري اچن، اها آهي ترڪيب مصرعا. علم البيان جي دنيا ۽ هيءَ اعليٰ پائي جي صنعت به آهي.
    هاڻي اچون ٿا دراني صاحب جي ان غزل ڏي جنهن ۾ ترڪيب تلسين جو لاجواب استعمال ٿيل آهي ڏسو!
    ”معاذ الله جهڪائي آدمي سِرُ، آدمي اڳيان،
    گرا وٽ جي اها انتها ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟“
    لفظ گراوٽ گرپرڻي، هندي لفظ آهي جيڪو سنڌي ۾ گراوٽ طور ڪتب اچي ٿو. فارسي زبان ۾ ان ترڪيب کي تفريس سڏيندا آهن. جيئن انگريزي لفظ پارليامينٽ کي فارسي ۾ ٺاهيائون پارليامان. هدراني صاحب گرپرڻي مان گراوٽ ٺاهي آهي انهيءَ ادبي ترڪيب تاليس جو استعمال جڏهن ادب ي شاعري ۾ ٿيندو آهي منهنجو عرب دوست ان واڌاري جي خوشي مان بهي نچي هان جيئن اسان وٽ لفظ اسٽيشن جي سنڌي لفظ ٽيشڻ ٿي آهي پر اسان جا علام سڳورا وري ان کي غلط العام جو نالو ڏيئي روح کي رنجائي ڇڏيندا آهن ان شي کي غلط العام هرگز نه چوڻ گهرجي اهڙي ترڪيب ڏسي منهنجي اکين ۾ خوشي جا لڙڪ تري آيا ته هي سر زمين اهڙن فردن جي ماءُ آهي جيڪي ترقي يافته دور ۾ عربي ٻولي کان به مٿانهون ترڪيبون نظر اچن ٿيون. ساڳي ترڪيب وري هن غزل جي بند ۾ ڏسو!
    نفرت و عناد جو آ ملان جو مذهب يار!
    اهڙي مذهب کان ڀڄي وڃ بانوارا بيزار ٿي.
    عربي لفظ ملاجي شد ڪٽي ”ن“ غنون ڏئي شاعري پنهنجي علمي ادبي ڄاڻ جو ثبوت ڏنو آهي. دراني صاحب جي شاعري ٻين خوبين سان به ٽمٽار، آهي اميد ته ڪنهن ٻئي موقعي تي ٻيو موضوع ۾ آڻبو. آخر ۾ فقط ايترو چوندس ته ڪيترائي لاها، چاڙها اکين پسيا، مطالعي ۽ مشاهدي باعث سندس شاعري سيني ساڍڻ جهڙي آهي، ڪاش سندس فرزند وقار دراني مرحوم جي شاعري عام ۾ روشناس ڪرائي.

    روزاني هلال پاڪستان 8 جون 2002ع


    آغا ممتاز دراني بحيثيت شاعر : منير سولنگي

    آغا ممتاز دراني 17 مارچ 1924ع ۾ اک کولي، ان وقت ننڍي کنڊ تي انگريزن جو پوري طرح تسلط هيو. سنڌ جو صوبو بمبئي پريزيڊينسيءَ سان ڳنڍيل هيو، سنڌي قوم غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي. ٻهراڙيءَ جو مسلمان طبقو اقتصادي طور بدحالي جو شڪار هيو، تعليم ۽ واپار هندن جي هٿن ۾ هيو. ان وقت جا پير، مير، جاگيردار ۽ زميندار، انگريزن جي خوشامد ۾ رڌل هئا. سنڌ جي زراعت جو دارو مدار کوهن، ٻوڏن ۽ برساتن تي هيو. لائيڊ بئراج جو منصوبو مڪمل ٿيڻ تي هيو هيڏانهن سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جي تحريڪ زورن تي هئي. سنڌ جي جدائيءَ تي ڪيترائي هندو ناراض هئا. جي ايم سيد، سرشاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ميران محمد شاهه، حاجي عبدالله هارون ۽ ٻيا سنڌ جي جدائيءَ ۾ تمام گهڻو سرگرم هيا.
    محمد ايوب کهڙو صاحب (Sufferings of Sindh) لکي سنڌ جي جدائيءَ واري ڪيس کي نهايت مضبوط ڪيو، سنڌ جي علحدگيءَ جي مخالفت ۾ پروفيسر ڇٻلاڻي ۽ راءِ بهادر هيرانند اڳڀرا هئا. ان جي برعڪس ڄيٺل مل پرسرام ۽ سنت داس سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ هئا ۽ اخلاقي مدد ڏيندا رهيا. آخرڪار پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ بمبئي کان جدا ٿي.
    انهيءَ وقت آغا ممتاز دراني سنڌ مدرسته السلام ۾ زير تعليم هيو. آغا ممتاز دراني جي عمر جڏهن ڇهن يا ستن سالن جي مس هئي. تڏهن سنڌ جو مايه ناز عالم، انقلابي ليڊر ۽ انگريزن جو ڪٽر دشمن حضرت مولانا تاج محمد امروٽي صاحب جن نومبر 1929ع تي هن دنيا مان آخرت ڏانهن سفر ڪن ٿا. انگريزن سان قطع تعلقات جا لفظ سڀ کان اول حضرت مولانا امروٽي صاحب جي وات مان نڪتا هئا. جيڪي پوءِ سڄي هندستان ۾ پکڙجي ويا. آغا ممتاز جي جنم کان 3 سال اڳ ۾ مير علي نواز ناز رياست خيرپور جي تخت تي ويهي ٿو ۽ پوءِ ستت ئي لاهور جي هيرا منڊي جي طوائف اقبال بيگم عرف باليءَ سان شادي ڪري ٿو ۽ پوءِ بالي جو ڀاءُ بگُو نوٽ ساڙڻ شروع ڪري ٿو. 1928ع ڌاري وڏا ماڇيون تپي ۾ هارين ۽ رياستي فوج ۾ ڍل تان تصادم ٿئي ٿو. جنهن ۾ ڪيترائي هاري شهيد ٿي وڃن ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري جو هارين جي سوڀ ٿئي ٿي. بٽئيءَ بجاءِ ڍل جو سرشتو چالو ٿئي ٿو. هارين جو اڳواڻ وڏيرو حاجي شفيع محمد سولنگي رياست مان رات جو پيٽ مان نڪري نئين ديري جي آس پاس ٻرڙن ۾ روپوشيءَ جا ڏينهن گذاري ٿو.
    مسجد منزل گاهه جو جهيڙو، هيمو ڪالاڻيءَ جو شهيد ٿيڻ، ڪنور ڀوڳت رام جنونين هٿان شهيد ٿيڻ جهڙا واقعا به آغا ممتاز درانيءَ جي آس پاس ٿيندا رهيا. ممتاز دراني ان وقت جناح جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿئي ٿو، جڏهن آمريڪا ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپان جي ٻن شهرن هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ائٽم بم وسائي انسانيت جو قتل ڪري ٿو. ان واقعي جي پسمنظر ۾ ممتاز درانيءَ جو هڪ نظم”چنڊ جو ماتم“ لکي سامراج ۽ وحشي انسانن کي شرمايو آهي. نظم جون چند سٽون ڏجن ٿيون.
    چنڊ ماتم ٿو ڪري
    شرح ڪري ڪير سگهي
    ڇا فرشتا هانميا تنهنجي اڳيان
    تو وڌائي آزمين جي رونق
    ائٽمڪ بام ۽ راڪيٽ تو ايجاد ڪيا،
    ڪنهن سان تون ڪندين جنگ
    يا ڪندين پاڻ کي تن سان تون تباهه
    شاعري ڪنهن هڪ دور جي لاءِ ڪونه هوندي آهي، بلڪ ان منجهه ماضيءَ جو ماضي توڙي مستقبل جي مستقبل جو اولڙو نظر ايندو آهي، آغا ممتاز جي سياسي شاعري جيڪا منهنجي مطالعي هيٺ آئي آهي، سا 1940ع جي بعد جي آهي. سندس جو ادبي ڪردار بعد ئي سامهون اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته 1947ع ۾ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ بعد هن آدرشي انسان جيڪي خواب ڏٺا هئا. سي سڀ چڪنا چور ٿيندي نظر اچن ٿا. مثلن هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
    پاڪ جو وطن پر ڏسجي ته پليتي ٿي
    اسلام جي پردي ۾ الحاد نظر آيو
    اڄ سياست پنهنجي محور تي ٿي هر ڪنهن جي ڦري
    پاڪ جو پيش نظر ڪنهن کي نه استحڪام آ.
    جنهن انسان اهي خواب لڌا هئا ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ ۾ اسلام جو جهنڊو بلند ٿيندو. امن آشتي ٿيندي، انصاف پنهنجي جوڀن تي هوندو. هر ڪو سک ۽ سانت ۾ هوندو ليڪن اهي خواب ممتاز دراني جا اڌورا رهجي ويا. کيس اٿاهه مايوسي ويڙهي وڃي ٿي. چوي ٿو:
    هئي اميد ٿيندو پاڪ ۾ انصاف پر ويتر
    غريبن جي مٿان پادر اهو ئي آهي اڳ جهڙو.
    چمن بدليو، فضا بدلي، زماني هوام بدلي
    دقيانوسي مگر ڌمچر اهو ئي آهي اڳ جهڙو.
    مسلم ليگ جدوجهد ڪري پاڪستان حاصل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ئي پاڪستان ۾ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي ويئي. پوءِ مغموم ٿي ممتاز دراني مسلم ليگ جي ليڊرن تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته:
    پرواڊ جو وجهي پنجوڙ ڪوڙ ۾ کڙو ڪن ٿا
    تڏهن ڀي ليگ جو ليڊر اهو ئي آهه اڳ جهڙو
    ياد رهي ته محمد ايوب کهڙو به پرواڊ ايڪٽ هيٺ ڪشٽ ڪاٽيو هيو. ممتاز دراني هاريءَ کي وطن جو معمار سڏيو آهي. پر افسوس جو هاريءَ جي حالت پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ساڳي ئي آهي ۽ ان جي حالت زار تي هن طرح خيال آرائي ڪري ٿو.
    سرمايه پرستن جي هاريءَ تي حڪومت آ.
    معمار وطن جو اڄ ناشاد نظر آيو.
    رشوت خوري، بداخلاقي ۽ ٻي ڪرپيشن کي ڏسي ڪري هن جي دل ڏکندي رهي ٿي.
    مشغول رهيا عالم تحرير فتويٰ ۾
    هر روز نئون تن جو ارشاد نظر آيو.
    مصنوئي ۽ ٺڳ مرشد لاءِ چوي ٿو ته:
    جهن کي ٿا چون مرشد ۽ رهنما و رهبر
    اخلاق بگاڙڻ جو بنياد نظر آيو
    رشوت خور آفيسرن لاءِ چوي ٿو ته:
    آ دام اڏيل هر هڪ آفيس ۾ رشوت جو
    ننڍو ۽ وڏو آفيسر صياد نظر آيو.
    ادب برائي زندگي مرحوم جي شاعريءَ ۾ ايتري ته ارزان ٿي نظر اچي جو انسان دنگ ٿو رهجي وڃي. جهڙي طرح هن غزل جو بند:
    پڄائي پير پيسو ٿو آس پنهنجي پڄارن جي
    جي ناڻو شاهه اڄ مشڪل ڪشا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
    زندگيءَ منجهه اهڙي شاعري گهٽ نظر ايندي آهي جيڪا سمورن دورن جي ترجمان هوندي آهي. ڇا مرحوم جي هڪ غزل جو بند ان ڳالهه جو ساکي نه آهي.
    تذڪرو بلبل ۽ گل جو باغبان اڄ فضول،
    باغ جو گهر خير جيڪو ٿي رهيو نيلام آ
    اسان تي نازل ٿيل حڪمرانن جا ڪُڌا ڪرتوت ڪنهن کان ڳجها ڪونه آهن انهن جي ڪردار کي وائکو ڪندي چوي ٿو.
    هن اڏيا باغ باغيچا محل
    هي به آخر ملڪ جو معمار آ
    شاعر هڪ وڏي ٺٺول ڪندي حڪمرانن کي نندي ٿو ته توهان فقط پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن ۽ عوام ته اڄ به بک ۽ اڃ ۾ حيران ۽ پريشان آهي ته ٻئي طرف سياسي فوجي حڪمرانن جا محل ۽ ماڙيون ڪنهن کان ڳجهيون ڪين آهن. مرحوم آغا ممتاز دراني حضرت عبدالغفور همايوني جي مشهور غزل
    ” تنهنجي ذلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو“
    جي تتبيع تي آغا جو جڙيل هي غزل
    ”تنهنجي حسن نزاڪت ڇا چئجي،
    تنهنجي سونهن لطافت ڇا چئجي
    مستان هزارين مان نه رڳو“
    جڏهن سامهون ٿو اچي ته دل مان آواز ٿو نڪري ته شاعر واهه جو حق ادا ڪيو آهي. هو ڪيڏو نه وڏو شاعر هيو.
    شاعر ڌرتيءَ سان واڳيل ڪميٽيڊ ڪارڪنن جي ڪردار بابت خوب چيو آهي.
    هزار بار دنيا جي مزن انهن کي سڏيو
    خيال تنهنجي کان غافل ٿيا نه ديوان
    شمع جي عشق ۾ جانيون ڏين ٿا پروانا.
    اڪثر ڪري غزل ۾ حسن يار جون ڳالهيون هونديون آهن پر مرحوم جي غزلن جي اڀياس مان سونهن سچ ۽ نيڪيءَ جا سبق نظر اچن ٿا.
    هو خاموشيءَ بدران تڙپ ۽ جنون جي ڳالهه ڪري جهڙي طرح:
    هوا گهلي آ ته اهڙي جو خوف طاري آ.
    جي ملڪ قوم جا ها ترجمان چپ آهن
    نه ڪو آ ولولو تحريڪ نه جوش جنون
    جنهن جي دم سان هئي سي آن بان چپ آهن
    آغا ممتاز دراني پاڻ پنهنجي شاعري جي وضاحت ڪندي پاڻ ٻڌائي ٿو ته:
    نوح گران عظمت انسان به رهياسون.

    روزانو هلال پاڪستان ڪراچي 12 آگسٽ 2002ع


    آغا ممتاز دراني : سرڪش سنڌي

    مرحوم سنڌ جو ۽ اسان جي جوءِ جو انمول انسان هيو. مان ته ٿورائتو آهيان آغا وقار حسين درانيءَ جو جنهن مونکي آغا تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو. جيڪا منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
    اها ڳالهه صحيح آهي ته تاريخ جا ورق اٿلائيندي رت، جي بوءِ اچي ٿي. حملي آورن جي گهوڙن جي سنبن جا آواز ٻڌجن ٿا، پر مان چوان ٿو هي آغا سچي پچي اهو ڏاتار هو جنهن جي سيني ۾ هڪ شفاف ۽ اجري دل هئي جنهن ۾ ماڻهپي ۽ محبت جا سمنڊ هئا. هي سنڌ جو اهو سرويچ انسان هيو. جيڪڏهن ابدالي دور ۾ به هجي ها ته حق ۽ سچ جي واٽ وٺي ها.
    اهڙا ماڻهو سدائين عالمي ضميرن جا امين هوندا آهن. هي انهن امينن مان هڪ امين هيو. ممتاز خان هڪ جنگجو قبيلي مان هيو. پر هن کي ڌرتيءَ اهڙي ٿڃ پيئاري جو سندس خاندان هميشه لاءِ هن ڌرتيءَ جو ٿي ويو، ۽ ڪڏهن محسوس نه ٿيو ته هي ڪي ڌاريا هئا. جنهن ماڻهو کي شاهه لطيف برزبان ياد هجي. ان کان بهتر ڪير سنڌي ٿي سگهي ٿو، مونکي ارمان ته انهن ماڻهن جو آهي جيڪي سٺ سالن کان سنڌ ۾ آهن پر سنڌي نه ٿي سگهيا آهن ۽ اڄ به اهي دهشتگرد ئي آهن.
    ارغون آيا سنڌي ٿي ويا، ترخان آيا سنڌي ٿي ويا، مغل آيا بازڪزئي آيا، دراني آيا سنڌي ٿي ويا قريشي ۽ سيد آيا سنڌي ٿي ويا.
    اهڙا سنڌي ٿي ويا جهڙا اسين آهيون. هاڻي ته آغا ممتاز رڳو وقار درانيءَ جو ناهي ڳڙهي ياسين جو يا شڪارپور جو ڪونه آهي هو ته سڄي سنڌ جو آهي. اسين هڙني اهل قلم ۽ اهل دل وارن جو آهي. مونکي علي احمد بروهيءَ ٻڌايو ته طنز مزاح ۾ منهنجو جيڪو مقام آهي اهو ممتاز حسين جي ڪري آهي.
    ممتاز دراني کي مون ڪڏهن به شخصيت پرست نه ڏٺو. هي آدرشي انسان هڪ اصول ۽ هڪ ئي مڪتبئه فڪر جو ماڻهو هيو. سندس شاعري پڻ ان ڳالهه جي گواهه آهي.
    هي قومي طبقاتي انقلاب جو حامي هيو شخصيت پرستي هن لاءِ هڪ ثانوي حيثيت رکندي هئي.
    هن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي ڏسون ٿا ته، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي دور ۾ فاطمه جناح ۽ جمهوريت بدران ڊڪٽيٽر ايوب سان گڏ هيو ته، آغا ممتاز حسين هيئن مٿس تنقيد ڪئي:
    ٻڌائي تال ۽ سُر ۾ پيو هر هر بيت هي ذلفي
    اسان هر گهوٽ جا آهيون ستن پيڙهين کان شيدائي.
    ۽ اهو ئي ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن آمر سان مهاڏو اٽڪايو ۽ موت جي اکين ۾ اکيون ملايون ته ان لاءِ هيئن لکيائين:
    شهادت رات حضرت قاعدِ عوام هو تنها
    چڙهي سوريءَ تي هن پيتو اجل جو جام هو تنها
    هيا حسين سان گڏ ٻاهتر ساٿي قتل گاهه ۾
    مگر هن ڪربلا ۾ وقت جو امام هو تنها
    يعنيٰ پوءِ ذلفيءَ مان کيس قائدِ عوام سڏڻ لڳو. اها هئي سندس جي حق ۽ سچ سان ڪمٽمنٽ هو هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند ذهن جو مالڪ هيو. ان وقت جي پير پرست معاشري کي هيئن چئلينج ڪيو:
    ڪڍائن ٿيون اچن جنات پنهنجي جسم مان ڪنواريون
    ٿي جهومي ساز تي جواني اي فاضل شاهه جيلان
    تجارت قبر تنهنجيءَ جي مجاور ڪن ٿا
    عقاعد جي ٿي ارزاني اي فاضل شاهه جيلاني
    منهنجي خيال مطابق اهڙو غزل جيڪر ٽيڪسٽ بوڪن ۾ داخل هجي جيئن عوام ميرن، پيرن جي ڪوڙن ناٽڪن ۽ ٺڳين ۾ نه ڦاسي. آخر ۾ سندس عقيدت ۾ هي نظم پيش ڪيان ٿو.
    ڪي انسان ته جيئري ئي مري ويندا آهن
    ڪي امر موت پڄاڻان به ته ٿي ويندا آهن
    ڪنهن جو گهر ۾ به نه هوند آ وٽي تي نالو
    ڪي سڄي قوم جي تاريخ لکي ويندا آهن
    ڪي ويندا هن ته پتو ڪنهن کي نه پوندو آهي
    ڪي جي ويندا آهن ته شهر رلي ويندا آهن

    ***


    منهنجو سائين، منهنجو رهبر : غلام مصطفيٰ دَلُ

    جنهن قلم سان اڄ هي ٿورو منتشر خيالات خراج عقيدت جي ڀيٽا لاءِ آغا ممتاز حسين درانيءَ جي نظر ڪري رهيو آهيان هي قلم هلائڻ انهيءَ ئي ته سيکاريو هو. هو منهنجو مهربان استاد هو زندگيءَ جي جنگ لڙڻ جو اعتماد حوصلي نه هارڻ جو جذبو ۽ الائي ڇا ڇا ان جي تربيت جو نتيجو آهن. ان جي اوچتي موت منهنجي خيالن کي ايڏو ته پريشان ڪيو جو ڪيترا سال لکان ڇا نه لکان جي ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس. مونکي آغا ممتاز جو قول ياد آيو ڪنهن به ڪم جي صحيح تڪميل جي لاءِ ماڻهوءَ ۾ فقط شوق جو هجڻ ڪافي نه آهي. بلڪ لست هجڻ کپي. ڏاهي بڻجڻ لاءِ اهو ڪڏهن به ضروري نه آهي ته ان جي پٺيءَ تي گهڻا ڪتاب رکيل هجن يا سيني تي اعليٰ ترين سونا ٻلا لڳل هجن. ڏاها در حقيقت پيدائشِي هوندا آهن. اهي نصابي نه هوندا آهن ڏاهي جي غير معمولي ذهانت ئي ان کي اعليٰ بڻائيندي آهي. مان پالجتي کان پنهنجي ڀاءُ دلدار احمد دل سان گڏجي آغا ممتاز دراني جي بنگلي تي ايندا هئاسين. مون کي ياد نٿو اچي ته ڪڏهن ڪو هڪ ڏينهن سندس ڪچهريءَ ۾ نه ويٺو هوندس ۽ سندس طلسماتي سحر جي اثر کان سيراب نه ٿيو هوندس. هو جڏهن تاريخ تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو ته سوين ڪتاب پنهنجي مانَ مرتبي کي وڌائيڻ خاطر ان حسرت ۾ هوندا هئا. شل اسان کي ڇهيو وڃي. سندس لفظ ڪڏهن تاج محل ٺاهيندا هئا ته ڪڏهن پاڻي پٽ جي جنگ جي منظر ڪشي ڪندا هئا. مان دعويٰ سان چوان ٿو هندستان جي فلم نورجهان ۽ مغل اعظم گهڻو پوءِ ڏٺو هو. ان کان گهڻو اڳ آغا ممتاز دراني مغلن ۽ خصوصاَ اڪبر اعظم جي تاريخ جي اهڙي ته منظر ڪشي ڪئي ۽ جلا الدين محمد اڪبر ۽ شيخو بابا جي وچ ۾ ويڙهه مهل احساسن جذبن جي ته چترڪاري ڪئي هئي جو پرٿوي راج جي فلم مونکي ڪافي تشنه لڳي هئي. دراني صاحب جي علم ۽ ادراڪ تي ڳالهائڻ مون جهڙي گهٽ علم واري لاءِ ناممڪن بلڪ عمال بي ادبي آهي. مرحوم سان اسان جي خاندان جا روحاني ۽ جذباتي تعلقات هئا. منهنجي وڏي ڀاءُ جي موت کان پوءِ به سندس خدمت ۾ حاضريون ڀريندو رهيس. منهنجو والد مرحوم سکيا خان دل خان جن سان برادرانا رشتا هئا. آغا ممتاز خان جي بنگلي تي پاٽڙا پاڻيءَ ۽ اَن سان ڀريل نظر ايندا هئا. جنهن سبب بنگلي تي بيٺل ئي وڻن ۽ بنگلي سامهون بورچيخاني ۽ نلڪي جي ڪوٺي جي ڇتن تي پکين جا ميڙا ڪا ڏسندو هوس. آءٌ هڪ ڏينهن حيران ٿي ويس جو خان پنهنجي نوڪر عظيم ٻوهئي کي چيائين ته هو سامهون جيڪو ڪٻرين جو ٽولو ڏسين ٿو. ان ۾ چار ڪٻريون ڪومايل آهن شايد گرم ڏينهن سٽيو اٿن. ان وقت آءٌ حيران ٿيندو هوس ته آغا پکين جي صحت جو ڪيڏو خيال رکن ٿا. بنگلي جي ٻاهران جڏهن ٿلهي تي خان ويندو هو ته پوءِ رولو گڏهن ۽ ڪتن جو به خيال رکندو هو. هن بنگلي ٻاهران چوسول تي ٽائون ڪميٽي سان لک پڙهه ڪري نلڪو ۽ وڏو حوض ٺهرايو. جيئن جانور پاڻي پي سگهن. اهو آغا محمد شريف خان جي شهر جو ٽيون دفعو چيرمين ٽائون ڪاميٽي چونڊجڻ وارو دور هو. جيڪو ڳڙهي ياسين جي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. جيئن جانور پنهنجي اُڃ اجهائي سگهن. اڃان به مونکي حيرانگي ٿي جڏهن ڪجهه هيڻا جانور گهٽين سان گذرن پيا. آغا جانورن جو ڊاڪٽر 3 ڏينهن بنگلي ۾ ويهاري سندن جو علاج ڪرايائين. اڃان به شل نه ڪو شهر يا پاڙي وارو بيمار ٿئي ۽ خان کي خبر پئي هو هڪدم ڊاڪٽر گهرائيندو، پر ڊاڪٽرن سان پڻ ان سبب ڪري هميشه دوستي رکندو هيو. هن فقيرن منش جي مطالعي سبب ايلوپٿي ٿوڙي حڪمت منجهه وڏي هٿ پهچ هيس. هر روز ڪيترائي بيمار ايندا هئا. جيڪي دوا وٺڻ ايندا هئا.
    مون جڏهن آغا جي بنگلي تي اينمري شل کي فقط آغا ممتاز خان سان ئي مخاطب ٿيندي ڏٺو هيو. جنهنجي ڀاءُ دلدار احمد دل اديب جا حسام الدين راشدي سان تعلقات هيا. ادا ٻڌايو هيو ته آغا ممتاز دراني جي طفيل ئي راشدي ڀائرن سان تعلق ٿيا هئا. دراني صاحب بلا جو ڏاتار هيو. تاريخ عالم، تاريخ اسلام، تاريخ سنڌ جي ڄڻ اٿارٽي رکندو هو. سندس لائبريري منجهه هر ڪتاب تي سندس جا فوٽ نوٽ ڏسي حيران ٿيندو هوس. سندس ڪتابن جي چونڊ مان ئي سندس جي علمي قد جي خبر پئجي سگهي ٿي. سندس سياسي بلاغات جي ڪٿا ڪرڻ ئي مشڪل آهي. واليٽر سان به واقفيت هيس ته سارتر مان به سرور وٺندو هو. برٽن رسل تي سندس تنقيدي تبصرن تي اي ڪي بروهي کي قائل ڪيو ته بروهي چئي ڏنو ته ممتاز تون صحيح آهين. اي ڪي بروهي ۽ بدر عالم سندس علم جا مداح هئا. علي احمد بروهي ٻڌائيندو هيو ته ادا وڏي يعني اي ڪي بروهي فقط ممتاز خان سان گڏجي ٽهڪ ڏيندو آهي. ورنه ادا کي ڪڏهن کلندي ته ڇا ڏند ٽيڙيندي به ڪونه ڏٺو هو. اسين علي احمد کي چيوسين ته پنهنجي ڀاءُ کان به ڪونه ٿو مڙين+ 1977ع جي 5 جولاءِ کان پوءِ جڏهن ضياء الحق ڀٽي صاحب جو تختو اونڌو ڪري ملڪ جي حاڪم بڻيو ۽ اسلام جي نالي ۾ ملڪ جي ڀينگ ڪري ويو. ڪلاشنڪوف، هيروئن جي ويا، ايم ڪيو ايم کي جوڙڻ ۽ سنڌ جي ميرن، پيرن ۽ ڀوتارن کي ٻيهر سگهارو ڪري سنڌي عوام کي هميشه لاءِ ڏچي ۾ وجهي ويو. ان وقت کان اي ڪي بروهي سان ممتاز خان ملڻ ۽ خطو ڪتابت جو سلسلو منقطع ٿيو ۽ پوءِ اهڙا جدا ٿيا جو اي ڪي بروهي جي جنازي ۾ آغا ممتاز دراني شامل ڪونه ٿيو هيو 40 تي علي احمد بروهي سان سندس جو عذر ڪيو هئائين. علي احمد بروهي کي آغا ممتاز دراني ئي اتساهيو جنهن کان پوءِ علي احمد بروهي ڀٽي صاحب تي هڪ علامتي ڪهاڻي ”واريءَ سندا ڪوٽ“ لکي هئي. ۽ پوءِ علي احمد بروهي اها لطيف ڊائجسٽ ۾ چپرائي جڏهن آغا ممتاز دراني جي بنگلي تي کڻي آيو هيو ته هو ان ڏينهن ڏاڍي زور دار طريقي سان ڀٽي صاحب جي شهادت تي رنو هيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جي ڪردار کي ننديو هئائين ان رات ئي آغا ممتاز دراني ڀٽي صاحب تي مشهور نظم لکيو هيو.

    شهادت رات حضرت قائد عوام هو تنها
    چڙهي سوري تي هن پيتو اجل جو جام هو تنها
    هيا حسين سان گڏ ٻاهتر ساٿي قتل گاهه ۾
    مگر هن ڪربلا ۾ وقت جو امام هو تنها
    گهٽايو ڪونه مودوي، بروهي، پير ۽ اصغر
    انهي سازش جو ڄاڻ انڪل سام هو تنها

    جڏهن علي احمد بروهي صاحب کي ٻڌايا پئي ته بروهي چيو ته تاريخ بي رحم آهي ۽ جڏهن انصاف ڪندي آهي ته پوءِ ڪوبه گنگهار بچي ڪونه سگهندو آهي.
    آغا ممتاز دراني رجعت پسنداني ۽ ڪڏهن رسمن جي خلاف هڪ شهڪار نظم لکيو هيو.
    چٽائن خاڪ مرقد جي چرين کي ڇو ته سياڻا ٿين
    صريحا آه ناداني اي فاضل شاهه جيلاني
    بتن وانگر قبر تنهنجي ٿا پوڄن حيف ڪلمي گو
    ڏسو اسان جي مسلماني، اي فاضل شاهه جيلاني
    نه اٿندا سوز اسرافيل کان اڳ ۾ قبر وارا
    اهو آ امر رباني اي فاضل شاهه جيلاني
    آمريڪي اشاري تي ملن ۽ ملٽري ملي ڪري نَوَ جماعتن جو اتحاد 9 ستارا ٺاهيو. جمهوريت خلاف ڪامياب سازش ڪئي. پوءِ ايشيا جو انتهائي گندو آمر جنهن اردن ۾ هزارين هٿين خالي بيگناه فلسطيني ماريا هئا. ضياءُ الحق اقتدار جي مسند تي ويٺو ته ممتاز دراني آمريت خلاف هڪ زبردست گيت لکيو.
    بے رحم سياستداں قصيده خواں
    خليل کے مخالف نمرودکے نگهباں
    فرعون کے مصاحب موسیٰکے دشمن جاں
    يزيديت کے حامي حسينيت سے نالاں
    اس دورکے هو مرواں بے رحم سياستداں
    آغاممتاز دراني اهو روشن دماغ انسان هيو جنهن جو عقل ۽ خرد جي جوت جو جرڪاءُ، جهالت جي اونداهه ۾ روشنيءَ جو ڪم ڏيندو هيو.
    آخر ۾ سندس غزل جي بند سان پنهنجو مضمون بند ٿو ڪريان.
    تذڪرو بلبل ۽ گل جو باغبان اڄ ا فضول
    باغ جو گهُر خير، جيڪو ٿي رهيو نيلام آ


    ***


    آغا ممتاز: تصوف ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي آئيني ۾ (اشرف الزمان پير چنڊامي)

    ”اباڙي گهل ڙي گهوڙا ڙي“ سنڌ ۾ اڄ به ڪنهن لٺ بندوق جي جهيڙي يا عام ڪنهن ظلم مصيبت ۾ سنڌي ماڻهو خاص ڪري عورتون ۽ ٻار، پنهنجي وارثن کي ڪنهن ٿيندڙ جهيڙي جو اطلاع ڏيڻ يا دانهن لاءِ. اهو جملو وڏي آواز ۽ اوٻاڪيءَ سان رَڙِجي صورت ۾ ورجائيندا آهن يا ڪنهن ظلم ڌاڙي، چوري ۽ مصيبت جي وقت ۾ ”اباڙي“ ” گهل ڙي“ ”گهوڙا ڙي“ چوندا آهن.
    اِهو ”گهل گهوڙا“ هن وقت اصطلاح آهي ظلم ۽ مصيبت وقت دانهن جو جيڪو اڄ کان اڳ اڍائي ٽي سؤ سال اڳ سنڌ تي، يا سنڌ ڏانهن ٿيندڙ ظلم يا ظلمن، غاضبن، ڌاڙيلن، لٽيرن ڦورن جي ڪاهه يا چڙهائيءَ جو علامتي اطلاع واري سڏ يا نعرو هو يا شهر ۽ ڳوٺ ۽ گهر وارن کي هوشياري ڪرڻ خبر ڏيڻ ۽ پڪارڻ جو پيغام هو جيڪو رڙ جي صورت ۾ هو ۽ آهي.
    بهرحال گهل معنيٰ فوج ۽ گهلو يا گهلرن مان مراد اُهي ماڻهو آهن جيڪي ٽولي يا لشڪر جي صورت ۾ آهن. اڳ به سنڌ ننڌڻڪي هئي. آهي ته اڄ به ننڌڻڪن ۾ شمار ٿئي ٿي اڳ به نالي چڙهيا وارث هوندا هئا ۽ اڄ به ڪجهه فرد اهڙي وارثي جي دعويٰ ڪندا آهن اڳ وارا به اڄ وارن وانگر ڪمزور، ويڪائو، وکريل يا غدار هوندا جو سنڌ پئي سدائين گهوڙن ۽ گهلرن هيٺان پئي لتاڙجي جيئن اڄ لانگ بوٽن جي هيٺان پئي لتاڙجي.
    اهي گهلر ڪير هئا؟ اهي افغاني ڪابل، قنڌار جا پشتون پٺاڻ، ارغون، ترخان، مغل هئا. يا ايراني پارسي پٺان اسان سنڌين کي سڀ اتر اولهه وارا پٺاڻ ئي نظر ۽ سمجهه ۾ ايندا آهن.
    اهو خطرو اڳ به هو ته اڄ به آهي بلڪ خطرو ڇا؟ بلڪ خطرناڪ تباهي وارو سلسلو جاري آهي ۽ گهڻي قدر اهو سلسلو خاموش ۽ چور جي آهٽ وانگر هلندو پيو ٿو رهي ۽ اسين ڏسون ٿا ته پنهنجن جوئي ان ۾ هٿ آهي ۽ ائين ئي سنڌي شاعر اظهار ڪيو آهي.
    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا.
    ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
    انهن گهلرن ۽ گهوڙن جو اڳ لنگهه سکر ۽ شڪارپور سنڌ جو رستو هئو ته اڄ به آهي سنڌ ۾ خصوصاَ شڪارپور واري علائقي سلطان ڪوٽ شڪارپور، ڳڙهي ياسين مدئجي، آدمجي، باگڙجي، گوسڙجي، سهڪجي جهڙن شهرن ۾ گهوڙا ٻڌي جاگيرون هٿ ڪري ويٺا اڄ سندن پويون نسل ساڳئي ٺٺ ٺانگر سان رهندو پيو اچي.
    جيئن ته اهو هڪ الڳ ۽ وڏو موضوع آهي پر هت مان خاص آغا ممتاز درانيءَ تي لکڻ جي ڪوشش ڪندس.
    سنڌ جي لک پتي شاعر سائين نثار بزميءَ آغا ممتاز درانيءَ جي لاءِ هڪ شعر لکيو هو.
    تون مهنجو آن تون منهنجو آن.
    تون ڌاريو هاڻي ڌاريو ناهين
    تون سنڌ کي ڪيو پنهنجو آن،
    تون مونکي ڪيو پنهنجون آن،
    مان تنهنجون آن، مان تنهنجو آن.
    تون منهنجو آن، تون منهنجو آن.
    آغا ممتاز خان دراني جنهن نه رڳو سنڌ ڌرتيءَ تي اکيون کولڻ سان پنهنجي ڌاريائيپ واري وجود کي رد ڪيو بلڪ سنڌ ڌرتيءَ سان قديمي ڳانڍاپو ڳنڍيندي چيو ته:
    آءُ آڳاٽو آهيان موهن دڙي کان موجود،
    آد جڳاد کان آهيان ڪير وڃائيندو وجود،
    ٿيندين پاڻ نابود، هوندس آءٌ هر دؤر ۾.
    مان 1984ع ۾ 21 ايڪوهين سالن جي عمر ۾ شاعريءَ سکڻ جي شوق ۾ پنهنجي محترم مرحوم استاد سنڌ جي عوامي نصابي لکپتي شاعر سائين نثار بزمي صاحب سان مرزا پور ۾ مليس جيڪا پنجن ڪوهن جي پنڌ تي ڳڙهي ياسين شهر کان پري آهي پوءِ ان زندگيءَ جي سفر ۾ سائين بزمي صاحب کان سنڌ جي ٻين نون پراڻن شاعرن جي نالن ۽ ذڪر سان گڏ آغا ممتاز خان درانيءَ جو نالو به وڏي احترام ۽ شَدَ مَدَ سان ٻڌم، ٻئي هم عصر ۽ هم عمر شاعر به هيا ته ڪن ڳالهين ۾ هڪجهڙائي به رکن پيا. مثلاَ سائين بزمي صاحب مرزا پورڄايو. جوڻيجن جي وڏيرڪي خاندان سان تعلق رکندڙ هيو ته آغا ممتاز خان دراني به ڳڙهي ياسين جي جاگيرداري گهراڻي مان......... سائين بزمي صاحب به خود دار هيو ته ممتاز خان ٻه درجا وڌيڪ......... سائين بزخمي صاحب اڪثر پنهنجي ادبي شياني مان گهٽ نرڪندو هو ته ممتاز خان به......... پر بزمي صاحب اڃا سنڌ ۾ ادبي محفلن مشاعرن ۾ ويندو هو ۽ ريڊيو، ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ به شرڪت ڪندو هو پر ممتاز خان ته اهڙين آفرن کي به رد ڪيو.
    ان عرصي ۾ ممتاز خان ڪڏهن به بزمي صاحب وٽ ڪونه آيو پر بزمي صاحب دفعا قدم ڀري ممتاز خان جي آڳر تي پڌرايو مونکي پاڻ سان ڪجهه دفعا ساڻ ملايو ۽ آغا ممتاز خان جي شخصيت ۽ شاعري کان روشناس ڪرايو. مون ممتاز خان کي ويجهي کان ويجهو ڏٺو. پر ممتاز خان وٽ رڳو بزمي صاحب نه، پر مرحوم سائين تنوير عباسي، مرحوم نياز همايوني، مرحوم سائين اعظم عباسي ۽ ٻيا ايندي ۽ راتيون رهندي به ڏٺا ۽ ٻُڌا. آغا ممتاز خان حد درجي جو آڳر تي آڌرڀاءُ ڪرڻ وارو ۽ مهمان نوازيءَ جو حق ادا ڪرڻ ڄاڻدو هو.
    آغا ممتاز مرحوم جي جاتي ڀٽي ذوالفقار علي خان سان محبت هجڻ ڪري پيپلز پارٽيءَ سان سياسي عشق جهرو رشتو هيو اتي سائين رسول بخش پليجي صاحب سان محبت سنڌ ڌرتي سان حب هجڻ به ثبوت آهي. اهو ئي سبب آهي ته سندس شاعري ۾ جاتي شهيد ڀٽي صاحب جا به گيت ڳايل ڏسجن ٿا ته اتي ان کان وڌيڪ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ اٿاهه اتساهه ملي ٿو ۽ مون ڏٺو به...
    آغا ممتاز خان مرحوم جتي شاعري ۾ مڪمل علم العروض مطابق، گيت غزل نظم وايون به ورجايون ته اتي اصل سنڌي شاعري جو ورثو ڏوهيڙا يعني بيت به چيا آهن ۽ اهي لطيف سرڪار جي بيتن جيان ڏيڍوڻا ٻيڻا ٽيڻا آهن ته پنجوڻا به چيا آهن. مون سندس اها شاعري به پڙهي آهي ته بيت به..... پر مون سندس تخيل روح، جسماني شخصيت، مذهبي ۽ سياسي عقيدي کي سندس چيل بيتن ۾ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ هو مونکي بلڪل پاڻ ۾ نج سنڌي صوفي شاعرن وانگر نظر آيو آهي جيڪي بلڪل پاڻ ۾ الله احد ڳولڻ ۽ پنهنجي ماتر ڀوميءَ لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ جي گـَسُ ٻڌائن ٿا ۽ واٽ وٺڻ ۽ وٺائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ رهبري ڪن ٿا.
    ڀٽائي سرڪار جيان،
    ”ووڙين ڇو وڻڪار ۾
    هت نه ڳولين هوت کي.“
    آغا ممتاز خان به ڀٽائي سرڪار جي نظريي جي تائيد ڪندي ساڳي ئي ڳڻ ڳولڻ لاءِ چوي ٿو ته
    ويچار ڪر وجود جو، روح سان ڪر رهاڻ،
    نڪو جانب جبلن ۾ ڪڍ نه ڪنهنجي ڪاڻ،
    خود ۾ خدا ڄاڻ، ڀٽڪين ڇو ٿو برن ۾.
    يا
    پنهنجو پاڻ پروڙ آهين الله پاڻ تون،
    رکيئه فقط جي ربَ تي، هنُ ٿيندئي معذور،
    جيءَ کي نه جهور، ٻيون باتيون ٿي ڀلائڻ جون
    رڳو مثال طور آغا ممتاز کي انهن بيتن جي آئيني ۾ ڏسو ته هو سنڌي صوفي واٽ وٺائيندڙن جي قطار ۾ نظر اچي ٿو ۽ ان ۾ اصطلاحي طور تي اهو ئي شعر دڳ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بندو خودمختيار ڪري ڌرتيءَ تي موڪليو ويو آهي. هو سڀ ڪجهه هاڻي پاڻ ئي آهي. پاڻ تي ئي ڀاڙي ۽ پاڻ تي ئي ڀروسو ڪري ۽ اهڙي ئي شرعي تصوف جي سلسلي سان جيئڻ مرڻ جو ڳانڍاپو ڳنڍي زندگيءَ جي ڏکن سکن کي ساڻ کڻي هو ڌرتيءَ سان دين ڳنڍي جيئڻ لاءِ اول سورن سکڻ جو سبق ڏئي ٿو ته:
    جوٽِ جنگيون جيئڻ ڪاڻ ڏيهه ۾ آهن ڏک،
    سوز سهڻ تون سک، جي اٽڪڻو اٿئي عقابن سان
    هڪ سچو صوفي ۽ ديشي جيئڻ لاءِ ۽ سکن کي پسڻ لاءِ اول سورن سکڻ جو ئي سبق ڏيندو آهي سنڌ جي سدا حيات لطيف سرڪار يا سچل سائين، بيدل سرڪار ۽ ڀڳت ڪبير ۽ سهڻي ساميءَ جي اها ئي نظرياتي روايت پڻ رهي آهي.
    مرشد لطيف جيئن چيو آهي ته:
    سورهيه مري سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين
    يا
    جيها سي تيها مون مارون مڃيا
    مون جهڙپون ملير ۾ چونڊن موڪ ميها
    منهنجي آس اِها ڪڏهن ڪيرائيندو ڪوٽ کي.

    بلڪل ائين آغا ممتاز خان به ورجائي ٿو ته:
    سورهيه سمجهي پاڻ کي موت پسي نه موت
    لڳئي نيزو نرڙ ۾ گهاءُ کائي ٿيءُ گهوٽ،
    جي اڄ به ٿين اروٽ، سورهه نه سڏائج سنڌ جو
    يا
    جي سڪ اٿئي ساڻيهه جي پو عشق نه چئبو ائين،
    وقت وڃائيندا واٽ ۾، سي ڪوٽ ڪيرائيندا ڪيئن
    هئڻ کپي هيئن، اڄ ئي اٽڪون عقابن سان.
    صوفي شاعر جو شعر ڪڏهن به هڪ طرفو نه ٿيندو آهي زندگيءَ گذارڻ جي هر واٽ ۾ هر وکر ان کي ملندو آ. آغا ممتاز رڳو ٻئي کي هُشي ۽ عقابن سان اٽڪڻ جي صلاح نه ٿو ڏي پر پاڻ به ميدان ۾ سندرو ساهي گڏجي هلڻ لاءِ چوي ٿو.
    اُهُو ۽ اهي عقاب ڪير ۽ ڪهڙا آهن اها هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پر ۾ چڱي طرح خبر آهي. عقاب پنهنجي وجود ۾ به آهي جنهن سان اول وڙهڻو ۽ ان کي مارڻو آ. جڏهن پنهنجي اندر وارو عقاب مرندو ته ٻاهرين عقابن سان وڙهڻ آسان ٿي پوندو آهي. اهو هڪ صوفي شاعر گـسُ آهي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪلهه به عقاب آيا ته اڄ به عقابن جي يلغار آهي ته اڄ انهن سان گڏ پنهنجو ۽ سنڌي سڏائيندڙ عقابن جي به لٽ مار آهي ۽ اهي سورَ جاتي آغا ممتاز خان پٽي پٽي ۽ ڏسي انهن سان مهاڏو اٽڪائي هتان هليو ويو.
    آدسي آديس، هئائون ڪري هليا
    ڪاپڙين قلب ۾، ڪيو ڏورانهون ديس
    ويراڳين نئون ويس، روال ڍڪي رميا ”شاهه“
    اڄ سندس وڏو فرزند (جنهن هي مضمون مونکي لکڻ لاءِ امُرُ ڪيو) آغا وقار دراني به سور پِٽي رهيو آهي، اهو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن نثر ۽ نظم جي صورت ۾ موبائيل فون تي آغا وقار جا سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جا عذاب ۾ پيڙجڻ وارا ۽ سنڌ ڌرتي کپڻ کپائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي راتاهو هئڻ ۽ پنهنجن ۽ پروان هٿان مرڻ ۽ مارجڻ جا مسيج نه ايندا هجن. مان سمجهان ٿو جيڪي به دوست آغا وقار جي رويرو يا فون جي رابطي ۾ رهندا هوندا. اهي ان ڳالهه جي چٽيءَ جي رکواليءَ واري ڪمان کڻي اڳتي جانشين طور ڪمانڊر واريون واڳون سنڀالي نڪتو هجي. مسلسل داهيندو ۽ ڪاهيندو پيو اچي ۽ اسان جهڙن سست ڪاهل طبيعت رکندڙ ن کي به سنڌ جا سور ٻڌائي هلڻ ۽ ساٿ ڏيڻ جي صلاح ڏيندو پيو اچي.
    ***


    دراني بارڪزئي خاندان جي شجري بابت ڄاڻ ۽ ڳڙهي ياسين جي مختصر تاريخ : پروفيسر آغا وقار دراني

    ڌرتيءَ جي گولي تي قديم ترين ملڪن ۽ تهذيبن ۾ سنڌ جو شمار ٿئي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ جون حدون هر دور ۾ گهٽبيون ۽ تبديل ٿينديون رهيون آهن. ڪڏهن ته هماليه کان نڪرندڙ سنڌو درياءَ جي ڪپرن واري علائقي کي سنڌ سڏيو ويندو هيو. مڪران ۽ بلوچستان ته ڪالهه تائين سنڌ پرڳڻي ۾ شامل هيا. پر ان حوالي سان تاريخ ۾ جوڳو احوال ڪونه ٿو ملي. 494ع کان راءِ خاندان ۽ ان کان پوءِ برهمڻ خاندان جيڪو 710ع تائين حاڪم رهيو. انهن دورن بابت به معلومات ڪونه ٿي ملي. 710ع کان وٺي 1055ع تائين عربن جي سنڌ تي حاڪميت رهي پر ان دور جي به ڪا مستند تاريخ نٿي ملي نه وري ڪو عرب حاڪمن جي تسلط واري دور جي عرب تاريخ جي ڪتابن منجهه به سنڌ جي تاريخ ڄڻ نظر انداز ٿيل آهي. عربن جي هاباري خاندان جي خاتمي کان پوءِ پهريون دفعو اسان جا پنهنجا سومرا ۽ پوءِ سما خاندان 1050ع کان 1520ع تائين حڪمران رهيا. پر تڏهن به ڪا تاريخ ڪونه لکي وئي. جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ جي سائنسي انداز ۾ کوجنا ڪجي ته ان نتيجي تي پهچندا سين ته سومرن ۽ سمن تي ڪو جامع ڪتاب لکڻ به ڏاڍو دشوار آهي 1521ع کان ارغون، ترخان ۽ پوءِ مغل 1700ع حاڪم رهيا پر صحيح تاريخ تائين رسائي تمام مشڪل آهي. بي صرف گهوڙا ڙي الله ڙي! جهڙي واويلا تاريخ سرجي سگهي آهي. 1700ع کان 1782ع تائين ڪلهوڙا حڪمران به اقتدار ۾ آيا. پر هو سنڌ تي حڪمراني برقرار کي ڪونه سگهيا.
    جڏهن ته ڪلهوڙا دور کان وٺي افغانستان جي بارڪزئي خاندان جو سنڌ سان تعلق رهندو آيو آهي. سردين ۾ ڪابل ۽ قندار کان پٺاڻ سنڌ ايندا هئا ۽ وري سنڌ جا ديوان، پارسي ۽ ٻيا سنڌي وري گرمين ۾ ڪابل ۽ قندار سير ۽ واپار سانگي ايندا ويندا هئا. جنهن سبب سنڌين ۽ پٺاڻن جا پاڻ ۾ برادرانه تعلقات ٿي ويا هئا. قنڌار ۾ شڪارپور نالي بازار پڻ قائم ٿي.
    سنڌ ۾ 1782ع کان 1883ع تائين ٽالپر حڪمران رهيا جنهن چوياري جي انداز ۾ حڪمراني ڪئي.
    1827ع ۾ ڊاڪٽر جيمس برنس سنڌ جي اڀياس لاءِ هت آيل هيو. ان وقت پنجاب جو راجا رجيت سنگهه سنڌ تي قبضي جا عزم رکڻ شروع ڪيا ۽ سنڌ کي پنجاب پرڳڻي ۾ شامل ڪرڻ جا سانڀاها شروع ڪيا اهڙي سازش جي ڄاڻ جڏهن ٽالپر ميرن کي پئي ته اهي پريشان ٿيا. پر انهن حاڪمن پنهنجي حفاظت جون تياريون حيدر آباد ۽ ميرپور خاص تائين محدود رکيون. پر اتر سنڌ واري علائقي سکر بکر شڪارپور وارن علائقن ۾ سنڌ جي اڙٻنگ سومرن سان گڏجي بارڪزئي پٺاڻ خاندانن به مادرِ وطن جي حفاطت لاءِ هڪ لشڪر به تشڪيل ڏنو. عاليجاه جمع خان سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماتر ڀومي روح سان تسليم ڪري چڪو هيو. جنهن جي وصيت مطابق کيس شڪارپور جي منڇر شاهه قبرستان منجهه دفن ڪيو ويو آهي. ڳڙهي ياسين جا بارڪزئي دراني افعانستان جي شهنشاهه دوست محمد جا ويجها عزيز هئا.
    هن خاندان مان سردار رحيم داد ۽ تيمور شاهه دراني 1773ع- 1793ع جي دور ۾ فوج جو ڪاردار رهيا. جنهن کان پوءِ سندس پٽ ابدال بارڪزئي (1785- 1786ع) به والد واري عهدي تي رهيو. ابدال خان (اول) دراني جو پٽ جمعا خان درانيءَ جنهن جي نالي پٺيان شڪارپور ۾ جمعا خان جي مڏي ۽ محلو مشهور آهي پنهنجي وقت جو هڪ مستند ۽ مشهور هستي ٿي گذري آهي سنه 1824ع ۾ حيدر آباد ٽالپر جي حاڪم مير ڪرم علي خان جي سپهه سالار نواب ولي محمد خان لغاري جڏهن شڪارپور جي آخري افغاني نواب منصور علي خان کان شڪارپور جو قبضو ڇڏائڻ آيو هو ته ان وقت جمعا خان بارڪزئي نواب ولي محمد لغاري ۽ نواب منصور علي خان وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري شڪارپور جو قبضو ٽالپر ميرن کي ڏياريو هيو. عالجاهه جمعا خان ٽالپر ميرن کان نواب منصور علي خان جي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ مهلت گهري ۽ پنهنجي ڳڙهي ياسين واري جاگير ڪوٽ عبدالله منجهه رهايو جنهن کي ٻانيهڙ ۽ بعد ۾ ٻانڀيهڙ نالو پيو جتان پوءِ نواب منصور علي خان واپس ڪابل هليو ويو، پر پاڻ سان گڏ پنهنجي پيءُ جي دوست ياسين خان نورزئي کي واپس وٺي وڃڻ جو جمع خان بارڪزئي کان وچن ورتو چيو وڃي ٿو ته ياسين واه جي کوٽائي ۽ ڳڙهي ياسين جون اڏاوتون پڻ ياسين خان نورزئي ڪرايون هيون جنهن سبب ياسين راهه ۽ شهر تي سندس نالو پيو، جنهن جا پويان نورزئي خاندان ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ اورنگ آباد منجهه آهن سندس تعمير ٿيل ڪوٽ جون اڄ به نشانيون نظر اينديون حاجي عطاءُ الله جي فرزند ثناءُ الله خان نورزئي جنهن جرڳائي فيصلن ۾ وڏو نالو ڪڍيو آهي ۽ شاهه محمد خان نورزئي جي اولاد طفيل احمد خان نورزئي ۽ ٻيا نورزئي ڪجهه ڳڙهي ياسين ۽ ڪجهه اورنگ آباد ۾ موجود آهن. ان وقت موجوده ڳڙهي ياسين ٽن ڳوٺن تي مشتمل هئي (1) مدن پور (2) ڀائيءَ جي کڏ (3) گوڪل پور هيون. گوڪل پور منجهه هيرا سنگهه وارا چانڊوڪي راتين ۾ گدڙن جو ڏيڏرن کي پڪڙڻ ڏسندا هئا، ڏيڏر کي فارسيءَ منجهه غوڪ چوندا اهن جنهن سبب ان ڳوٺ کي گوڪل پور سڏيندا آهن. پر ڪن جهونڙن اديبن جو خيال آهي ته نوشهري جا سک سردار جڏهن نوشهرو ڇڏي ڳڙهي ياسين آيا ته سردار هيرا سنگ جو ڏاڏي جو نالو گوڪل داس هيو، جنهن پٺيان گوڪل پور جو نالو پيو، ڳڙهي ياسين جي شاهي بازار جي اتر منجهه 1812ع ۾ بارڪزئي دراني خاندان جون ضربيون ۽ ٻه ڪوٽ ٺهيا. باڪزئين جي اچڻ سبب علائقي منجهه امن ۽ آشتي آئي ۽ شهر ترقي ڪرڻ لڳو مدن پور، گوڪل پور ۽ ڀائيءَ جي کڏ پنهنجو وجود ختم ڪري ڳڙهي ياسين ۾ ضم ٿي ويون الله بخش خان بارڪزئي جو وقت شهر جي لاءِ سنهري دور ثابت ٿيو ۽ ڳڙهي ياسين شهر منجهه خوشحالي آئي 1919ع منجهه هن شهر ميونسپالٽي جو درجو ماڻيو ۽ سول اسپتال ۽ عورتن جي اسپتال به ٺهي راس ٿي.
    جمعا خان بارڪزئي کي 9 پٽ هئا جن جا نالا، عبدالقادر خان، خير الله خان، عبدالله خان، حيات الله خان، عزيز خان، شاهه غازي خان، مير خان، سيف الله خان ۽ محمد خان، حيات الله خان والد جمعا خان جي پٽ خدايار خان ڳڙهي ياسين منجهه هڪ شاندار ڪوٽ اڏايو جنهن جون ڀتيون قلعي جيتريون ويڪريون هيون جنهن ۾ ٻيا بارڪزئي خاندان وارا پڻ اچي رهيا ۽ پنهنجيون ضربيون ۽ جايون اڏايون جن جا ڪجهه کنڊر بچيل آهن هاڻي انهن ڀلائن ۽ جاين تي مبارڪ خان، سمندر خان، جان محمد خان جي اولاد طار خان، صابل خان عرف شهبازي خان جي اولاد شوڪت خان، عيوض خان جي اولاد امان خان عرف امنو خان، نيڪ محمد خان جي اولاد نظام الدين خان ۽ الله ورايو خان، عزيز الله خان ۽ منور خان جي اولاد ۽ الحاج الله داد خان جي فرزند حڪيم حبيب الله خان جي اولاد احمد خان جج ۽ سلطان خان جي اولاد امير بخش خان جي جن جون جايون آهن هڪ ٻيو پڻ شاندار ڪوٽ الله بخش خان جي موڀي پٽ عبدالمجيد خان اڏ هيو. جنهن سندس فرزند خانبهادر در محمد خان هائير سيڪنڊري اسڪول جي عمارت قائم آهي باقي منجهه در محمد خان جي آخري نياڻي رهائش پذير آهي خدايار خان کي ٻن پٽن جي اولاد هئي پهريون معزالدين خان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو جنهن کي عدل و انصاف جو پيڪر سڏيندا هئا کيس نرينه اولاد نه هيو سندس ٻيو پٽ محمد اعظم خان هو جنهن جي ڪبير خان جي نياڻي ۽ آغا شمس الدين خان جي ڀيڻ سندس عقد ۾ آئي کيس ٽن پٽن جي اولاد ٿي محمد انور خان، محمد شريف خان ۽ ممتاز حسين خان صاحب ڪتاب نالي هئا، جيڪي آغا صدر الدين خان ۽ آغا بدر الدين خان جا پڦاٽ ۽ ماروٽ ٿين عاليجاهه معزالدين خان ۽ محمد اعظم خان گڏجي ڳڙهي ياسين شهر منجهه هڪ شاندار عمارت اڏائي جنهن جو ڪم 1892ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1901ع ۾ ٺهي راس ٿيو جنهن کي ”خان جو بنگلو“ سڏيندا هئا. جنهن جو ڪجهه حصو اڃان به محفوظ آهي. جنهنجي مرمت ۽ تزئين آرائش جهڙي ثواب جو ڪم رفيق احمد خان چيف جسٽس فيڊرل شريعت ڪورٽ ڪرايو آهي. ان منجهه ئي آغا ممتاز خان دراني جي لائبريري ”مڪتبه دراني“ قائم هئي.
    عبدالله خان ولد جمعا خان کي چئن پٽن عطاءُ الله خان، ڪرم الله خان، الله بخش خان ۽ ڪبير خان جي اولاد هئي.
    الله بخش خان جا ٻه پٽ هئا عبدالحميد خان ۽ عبدالمجيد خان ۽ الله بخش خان جو موڀي پٽ عبدالمجيد خان جنهن کي وراثت ۾ وڏو مال ۽ ملڪيت ملي. سندس پٽ خانبهادر درمحمد خان کي سڀ نياڻيون هيون ۽ عبدالمجيد خان جو پٽ قلندر بخش خان هيو جنهن جي اولاد اڄ ڏينهن سميت حال حيات آهي. خان صاحب شمس الدين خان هڪ سهڻي جاءِ ٺهرائي جنهن کي شمس محل سڏڻ لڳا شمس محل جي اڏاوت تي 6 سال لڳا جيڪو 1925ع ۾ ٺهي تيار ٿيو. شمس محل جي ٻن پاسن کان اتر ۽ اوڀر کان خان صاحب محمد اعظم خان جون زمينون هيون. شمس محل جي گيٽ پڻ محمد اعظم خان جي زرعي زمين تي سندس زباني اجازت بعد اڏيل آهي. ۽ باقي بچيل زرعي زمين تي پڻ چوڌاري ديوار ڏياري ڪوٽ دراني ۾ شامل ڪيو ويو آهي. شمس محل جي اولهه منجهه هڪ شاندار ديوانن جو اڏيل پڪو تلاءُ هيو جنهن ۾ عورتون ۽ مرد غسل ڪندا يا ڪپڙا ڌوئيندا هئا تلاءُ جي چواڌري نِم ۽ ٽالهي جا گهاٽا وڻ هيا جنهن سبب وڏي ڇانوَ هوندي هئي. جتي انسانن سان گڏ ڪيئي جانور ۽ هزارين پکي پکڻ پڻ آسيون وٺندا هئا. 1947ع جي ورهاڱي بعد خوبصورت تلاءُ اجڙي ويو ۽ 1965ع ۾ آغا بدر الدين خان جي رحلت کان پوءِ ته تنهان بي توجهيءَ سبب شهر جو گندو پاڻي ٽائون ڪاميٽي ان تلاءَ ۾ ڇوڙ ڪرائيندي رهي. جنهن سبب هڪ شاندار تلاءُ ڪني پاڻيءَ جي کڏ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. اهو پڻ 2013ع ۾ ڪوٽ دراني ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي باني ميمبر محمد اشرف خان عرف لالا امير خان جي بقول ته ان تلاءَ تي آڙين ۽ نيرڳن جو مان پڻ شڪار ڪيو آهي. تلاءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي سلطان احمد خان جي اوطاق هئي جيڪا اڳتي هلي امير بخش خان جي نالي سان مشهور ماڻي. جتي راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون جنهن ۾ مشهور ڳائڻا گويا ۽ ناچو ايندا هئا ۽ شڪاري پنهنجي شڪارن جا حوال ڪندا هئا ان اوطاق تي سيد احمد شاهه جيلاني راڻيپور وارو، سيد سخي صالح شاهه، سردار نيڪ محمد اوڍو، سرائي محمود سيال، چيف سردار سندر خان سندراڻي، غلام عمر انڙ، موسيٰ خان ٻگهيو وغيره ايندا هئا. خان صاحب شمس الدين خان جي اولاد ۾ بدر الدين خان ۽ صدر الدين خان هئا. هاڻوڪو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج الدين خان دراني پڻ آغا صدر الدين خان دراني جو پٽ آهي شمس محل جي ايراضي وقت سان گڏ وڌندي رهي. پر شمس محلس منجهه سم ۽ سيڪ سبب اڳيون جايون بوسيده ٿي جُهري پيون ۽ هاڻ اتي آغا سراج خان دراني هڪ وڏي ايراضي تي هڪ عاليشان عمارت 2013ع منجهه اڏائي آهي ۽ شمس محل جي جاءِ تي ڪوٽ دراني لکرايو ويو آهي.


    مددي ڪتاب

    1. تاريخ سنڌ: (ڪلهوڙا دور) غلام رسول مهر
    2. جنت السنڌ: مولائي شيدائي
    3. تاريخ سکر: مولائي شيدائي
    4. پٺاڻ: آغا سليم
    5. ڳڙهي ياسين درشن: ڀائي منا سنگهه سيتل داس
    6. خانصاحب محمد اعظم خان جي ڊائري
    7. آغا ممتاز درانيءَ جي ڊائري
    8. لالا محمد اشرف خان عرف لالا امير خان کان ورتل احوال
    9. سندهه پر قبضه: شيخ عبدالعزيز
    10. سندهي ثقافت تاريخ کـﮯ آئينـﮯ ميں: مبارڪ علي
    11. History of Alieanation in Province of Sindh
    12. گوگل انٽرنيٽ: Afganistan Tread


    تخليق جا گل ڦل

    بيت

    (1)
    پنهنجو پاڻ پروڙ، آهين الله پاڻ تون
    رکيئي فقط جو رب تي، من ٿيندئي معذور
    جيءُ کي نه جهور، ٻيون باتيون ٿي ڀلائڻ جون

    (2)
    ويچار ڪر وجود جو، روح سان ڪر رهاڻ
    نڪو جانب جبلن ۾، ڪڍ نه ڪنهنجي ڪاڻ
    خود ۾ خدا ڄاڻ، ڀٽڪين ڇو ٿو برن ۾

    (3)
    جوٽ جنگيون جيئڻ ڪاڻ، ڏيهه ۾ آهن ڏکِ
    سور سهڻ تون سک، جي اٽڪڻو اٿئي عقابن سان

    (4)
    يارن ياراڻو، ڪڏهين نڀايو ڪنهن سان
    محبت نه اٿن مٽي جي، ٻاڪر ڪٽو ٻاراڻو
    تن کي ڪهڙو طعنو، جي هن وات ڳاڙها ويچار

    (5)
    صبح ٿيو ڪر سعيو، رات گذري راه ۾
    ڪڏي پيو ڪٽڪن تي، هڻي هوڪارو
    مڙس ڪريو مارو، مان مٿاهون ٿي مهراڻ جو.

    (6)
    ڀيرو نه ڀڄان ڀونءَ ڪاڻ، گهڙي ڪانه گسان
    لڱ ڀلي ليڙون ٿين، ريٽو ٿي به رسان
    پرين من پسان، پنهنجي ملڪ ملير کي

    (7)
    پسيم ڪو نه پرين کي، ويو سج لهي
    رڙيم ساري رات پڻ، ويسو وقت وهي
    ڪو نه آيو ڪهي، ديکي بنا دم ڏنم

    (8)
    ڏکين ڏڌيل آهيان، ڏاڍا ڏٺم ڏينهن،
    لکي ڪونه لڌو هو، سور حياتي سين
    سورن ايئن سيڪاٽيو، جنڀان لڳن جيئن
    وڃان ڪاڏي ڪيئن دل اٿم هن ديس سان

    (9)
    پرين توکي پاڻ، ڏيندس ڏوراپو
    رحم نه آيئي رتي جو، قدر نه ڪئي ڪو
    ڪنهن کي چوان ڇو، دل ۾ دانهون ٿو ڪريان

    (10)
    ملڪ ٻري جيئن مچ، سورائتا سڀ آهيون
    رهبر رهزن ساڳيا، سڻايائن ٿو سچ
    اوري منهنجي اچ، پاڻي کير پڌرو ڪريان

    (11)
    اڄ به گذري رات، پنڌ پري آهن گهڻا
    ڪيرايون اڄ ڪوٽن کي، وائي اهائي وات
    گهاؤن توڙي گهايو، تڏهن به اها تات
    ٻي نه ڪندس ڪا بات، جيئي سنڌ جهان ۾

    (12)
    مون سڏ ڪندي سڏيم، پرين سڻن پڪاران
    ويا وڇڙي جي ولر کان هنجهون تن لاءِ هاريان
    پيو ويٺو ٿو پڪاريان ڪڏهن پڄندس پرينءَ کي

    (13)
    جهاتي پائي جيءَ ۾، پرک تون پاڻ
    پيار رک تون پاڻ جو، محبوب سچي کي ماڻ
    عشق کي الله ڄاڻ، ڀٽڪين ڇو ٿو بن ۾

    (14)
    ويري ويٺا ووڙين، پنهوهارن جا پيچرا
    ڪارا قلوب تن جا، جيجل کي جهورين
    ڪلئون ڪنڌ ڪورين، ماروئڙن جا ماڳ تي

    (15)
    جن سوري چڙهڻ سکيو، ماريندا سيئي موت
    جن لڱ وڍائي لکيو، سيئي هلندا هن راه ۾

    (16)
    ڪاتي ڪڏ ڪري، سورهه ساماڻا
    موٽڻ تن لئه مهڻو، وڌيا پير ڀري
    ڌرتي ڪارڻ ڌري، ڪلهئون ڪپايئون ڪنڌ کي

    (17)
    آيلن جي اُجهايو، مون ٻيهر وري ٻاريو
    ويهي واچوئوڙن وچ ۾ آهي دود دکايو
    مونکي ڀل ماريو، ساٿ نه وڪڻندس سون تي

    (18)
    اڳيان ويرن وٽ، اُڀ جيان اوچا ڳاٽ
    ڪاتي ڪونه ڪنبايا، ڪسڻ به ڀايئون گهٽ
    پيا پانڌيئڙا پٽ، سَرَ ڏنائون ساڻيهه لئه

    (19)
    ماروئڙن جي محبت ڪاڻ، وجود کي وسار
    ڌر ڌرتي ڪنڌ ڪونگرين، عشق کي اجار
    نيزو سسي پاءِ، پتنگ پوءِ سڏائين

    (20)
    آئون آڳاٽو آهيان، موهن کان موجود
    آد جڳاد کان آهيان ڪير وڃائيندو وجود
    ٿيندين پاڻ نابود، هوندس آءُ هر دور ۾

    (21)
    تَن ۾ تِن جي تانگ، سي هلي هوت ويا
    ووڙيان ٿو واٽن تي، ڪڏهن ايندا ڪانگ
    من ۾ منهنجي مانگ، اڄ ئي اچن اڳن تي

    (22)
    سور پيو سهان، ڪڇان ڪُرڪان ڪين ٿو
    چئه ته ائين چوان، مونکي ماريو منهنجن

    (23)
    ڪنهنجن نه ڪرڪن، توڙي وير وڍجي پيا
    مڙس اڄ ميدان ۾، لال ڳڀرو لڇن
    لڪائي لوڪ کان، پاڻ ئي پٽيون ڪن
    توڙي چاڪ چڪن، دانهن نه ڪن داد لئه

    (24)
    تنوارن ۾ تون، مرد مانجهي مهراڻ جا
    تون آن سونهه سنڌ جي توسان سونهين ڀونءِ
    مور نه گهرجي مون توري جيوت جڳ ۾

    (25)
    سانڍيان ۽ سڪان، ڪارڻ پنهنجي ڀون
    مور نه گهرجي مون، حياتي هوتن بنان

    (26)
    سورهه سمجهين پاڻ کي، موت پسي ۾ نه موٽ
    لڳئي نيزو نرڙ ۾، گهاءُ کائين ٿئين گهوٽ
    جي اڄ به ٿئين اروٽ، سورهه نه سڏاءِ سنڌ جو

    (27)
    آهي سڪ ساڻيهه جي ڀل ڪپي ڪو ڪوري
    جيئڻ اڄ جهوري، مري مانائتو ٿيان

    (28)
    جي سڪ اٿئي ساڻيهه جي، پوءِ عشق نه چئبو ايئن
    وقت وڃائيندا واٽ ۾، سي ڪوٽ ڪيرائيندا ڪيئن
    هئڻ کپي هيئن، اڄ ئي اٽڪون عقابن سان

    (29)
    سر ڏجي ساڻيهه تي، جيسين رڳن منجهه ساهه
    ڪرٽ ڀل ڪاپار ۾، کڻان پويان پساهه
    سمجهان سوبه گناهه، جي مرڪي موت نه ماڻيان

    (30)
    مرڻ کان منهن نه موڙ، سرهو ٿي سر ڏي
    ڪاتي لڳئي ڪاپار ۾، خنجر لڳئي کوڙ
    جيجل ڪارڻ جوڙ، سِرن سندا ڪوٽ تون

    (31)
    روح ساڻ رکيج، سڪ تون ساڻيهه جي
    اونداهه انڌو ڪار ٿئي، پرين پوءِ به پسيج
    اها راهه رميچ، جا هلي هوتن ڏي

    (32)
    تن ۾ اها تنوار، وڻ وڻ وائي هيڪڙي
    مارئي منهنجي ملڪ جا ۾ سڀئي سزا وار
    مارو منهنجي ملڪ جا، سوري سمجهن سينگار
    اٿيا لک هزار، چاڙهي چاڙهيندين ڪيترا

    (33)
    وريو اهڙو واءُ، ساڙي سارو لوڪ ٿو
    رڪ وهندا راند ۾، پن پن هي پڙلاءُ
    جلدي پهچون جنگ ۾، رستو سوئي وٺاءِ
    پانڌيئڙا پڄاءِ، ويرن جي اڄ وچ ۾

    (34)
    هلون ان هنڌ، جت رمندا راتاهن ڪاڻ
    ڏسي ڏونگر مَ ڏر، پانڌيئڙا ڪر پنڌ
    ڪيچين ڪارڻ ڪنڌ، دان ڏيئي ڌرتي لئه
    *** ***


    نقاشءِ ازل جو شهڪار آدمي آ

    نقاشءِ ازل جو شهڪار آدمي آ
    ساري زمين جو سچ پچ سينگار آدمي آ

    سجدو ڪري انهي کي ثابت ڪيو فرشتن
    رفعت مآب عالي سرڪار آدمي آ

    ڪل ڪائنات ۾ آ اشرف مقام هنجو
    مخلوق ڪل ۾ فعل المختار آدمي آ

    پوري خلا ۾ آهي هن ٿرٿلو مچايو
    تسخير چنڊ تي جو تيار آدمي آ

    ڄاڻي خدا ٿو ڪهڙي مٽي مان هو بڻيل آهه
    برف و شرر تي جيڪو هسوار آدمي آ

    آگاه معرفت جو ۽ رازدان قدرت
    فطرت شناس ازلي فنڪار آدمي آ

    ممتاز آهه جنهن تي الله پاڻ عاشق
    يارو سو آدمين جو سردار آدمي آ


    غزل

    پاڻي هو مليل، ڇا مئي ۾، محفل ۾ ڪوئي مخمور نه هو
    اي پير مغان هن دور کان اڳ تو وٽ ته ايهو دستور نه هو

    الله جو تو ۾ جلوو آ، زاهد مان پت ڪيان ڪيئن
    ڪلهه چهرو چتائيم تنهنجو افسوس مگر پر نور نه هو

    هر شئه تي رسائي آ تنهنجي پر همت مردان آ شرط اول
    هي تنهنجو چوڻ آ يار عبثَ، مان ڇا ڪريان مقدور نه هو.

    هر برمِ جنون ۾ ذڪر هيو سر سانگين تان قربان ڪجي
    ڪنهن عقل و خرد جي محفل ۾ هيهات اهو مذڪور نه هو

    واهه خوب ڏنو آه مصرع طرح هي بزم ادب وارن مون کي
    ڪو عشق ۾ رسوا ڪين ٿئي دنيا کي ته هي منظور نه هو.


    ”تنهنجي شهر ۾“

    ڪونه نالي کان رهيو وينجهار تنهنجي شهر ۾
    ڪٽِ ڪٽيندڙ بس بچيا لوهار تنهنجي شهر ۾

    فطرت ايذان رسان ۽ مصلحتن شيرين زبان
    مور جي ميڪ اپ ۾ آهن مارَ تنهنجي شهر ۾

    حال ڀائي راز محرم جو ٻڌائي ۽ ٻڌي
    ڪوبه ڪونهي مون ڏٺو غمخوار تنهنجي شهر ۾

    پرچڻ هرڪو ٿو چاهي پرچائڻ نه پر
    مخلصيءَ جو هي رهيو آ معيار تنهنجي شهر ۾

    موسم گرما جي بي مهري ۽ ٻيپهريءَ جو سمو
    ۽ نه ڪو آ سايه ديوار تنهنجي شهر ۾

    ڪونه ڪو منصور به شهر تنهنجي ۾ ڏٺم
    هر گهٽي ۾ پر اڏيل هو ڄار تنهنجي شهر ۾

    لوهار جا اعصاب به هيڪر ٿا لرزش ۾ اچن
    ڪيترو آخر سهي ڪوبار تنهنجر شهر ۾

    طلعتِ زيبا ادائي دلبري ۽ اعتبار
    سڀ غلط عملن ٿيا سرڪار تنهنجي شهر ۾

    دل گهريو ساٿي اڪيلائي ۽ بارش جي گهڙي
    ٿين ميسر ڪاش جي هڪ وار تنهنجي شهر ۾

    حيف ئي پيرِ مغان جو قطره ئي مئه لئه سڪن
    هن ڀري برسات ۾ ميخار تنهنجر شهر ۾

    چانهه ۽ سگريٽ اخبارون رسائل ۽ ڪتاب
    ٻيو زياده ڇا رکيو آ يار تنهنجي شهر ۾

    ماجراءِ زندگيءَ بابت نه پڇ ممتاز کان
    زيست هر عنوان آ دشوار تنهنجي شهر ۾
    ***


    بيداد

    اڄ ساري زماني ۾ بيداد نظر آيو
    مظلوم جو خسخانو برباد نظر آيو

    آ دامُ اڏيل هر هِڪَ آفيس ۾ رشوت جو
    ننڍو ۽ وڏو افسر صياد نظر آيو

    مشغول رهيا عالم تحرير فتاوا ۾
    هر روز نئون تن جو ارشاد نظر آيو

    جنهن کي ٿا چون مرشد ۽ رهنما رهبر
    اخلاق بگاڙڻ جو بنياد نظر آيو

    پاڪ جو وطن آ پر ڏسجي ته پليتي ٿِي
    اسلام جي پردي ۾ الحاد نظر آيو

    سرمايه پرستن جي هاريءَ تي حڪومت آ
    معمار وطن ڇو اڄ ناشاد نظر آيو

    ممتاز فنا ٿيندي آخر هي زرپرستي
    مزدور جو مستقبل آباد نظر آيو
    ***


    نظم پاڪستان

    نظامِ مملڪت بدتر اهوئي آهه اڳ جهڙو
    ظلم جورو جفا اڪثر اهوئي آهه اڳ جهڙو

    چمن بدليو، فضا بدلي، زماني جي هوا بدلي،
    دقيانوسي مگر ڌمچر اهو ئي آهه اڳ جهڙو

    نه آيو انقلاب آهي منسٽر جي طبيعت ۾،
    ستم پرور ۽ ڊڪٽيٽر اهو ئي آهه اڳ جهڙو

    هڻن ٿا ڏنگ انسان ذات کي زَنبور زهريءَ جا،
    هي رشوت خور آفيسرُ اهو ئي آهه اڳ جهڙو

    هئي اميد ٿيندو پاڪ ۾ انصاف پرويتر
    غريبن جي مٿان پادر اهو ئي آهه اڳ جهڙو

    هيون ڏاڍيون اميدون ديس پنهنجو ٿيندو هي جنت،
    مگر هاريءَ جي هٿ ۾ هر اهو ئي آهه اڳ جهڙو

    پروڊ اجو وجهي پنجوڙ ڪورٽ ۾ کڙو ڪن ٿا،
    تڏهن به ليگ جو ليڊر اهو ئي آهه اڳ جهڙو

    ڪندا رهندا سون هر حالت ۾ اي ممتاز حق گوئي،
    اسان جي طبع جو جوهر اهو ئي آهه اڳ جهڙو
    ***


    فضلي

    اليڪشن جي اچڻ لئه گهري رب کان دعا فضلي،
    ته پنهنجي پيٽ جي پوري ڪري جي اشتها فضلي

    اجابت هيٺ آندي نيٺ مولا التجا اُن جي
    چڙهي جيپن ۾ چڪر ٿو هڻي صبح و مسا فضلي،

    مَڇيءَ ۽ ٻوڙ تي اُن جي وڪامي ليڊري ويئي،
    جتوئي وٽ وڪيو ايمان ۽ شرم و حيا فضلي

    هڻائي ڏيڏريءَ ٿي نعل ٿيو ان کي زڪام آهي،
    ڦٻائي حق هارين جو بڻيو آ رهنمائي فضلي

    سڃاڻن ٿا سڀئي توکي اڙي او دين جا ٿنڀا،
    اڃان ڀي ڪونه سمجهئه کوليانء ڪچا چٺا فضلي
    ***


    پروڊا جي ڪرامت

    اظهار ٿي اڄ نيٺ پروڊا جي ڪرامت، اعمال جي شامت
    معدوم ٿي سنڌ مان کهڙي جي سياست قاضيءَ جي خجالت

    آزاد ٿي اڄ سنڌ انهيءَ گرگ ڪنهن کان غدارِ وطن کان،
    صابڻ کان سوا وئي لهي سورهيه جي سنوارت حاجيءَ جي حجامت

    قانون جي شڪنجي ۾ قاضي به اچي ويو بي موت مري ويو
    لونڊن جي پٺيان جنهن لُٽي ليلائي وزارت هي قوم امانت

    محمود رضا گڏجي مظفر سان روئن ٿا هيئن روئي چون ٿا،
    هن عمر ۾ ٻيو ڪير ڪندو پيار رعايت هئي سنڌ رياست

    نا اهل جو ممتاز اهو آهي ته انجام، بدنام ۽ ناڪام
    اي ڪاش پرائن ڪو سبق اهلِ سياست هيءَ آهي حڪايت
    ***


    للڪار ٿي

    تون سراپا ڪفر ۽ الحاد لئه للڪار ٿي،
    اٿ مجاهد مرد تون نعرو هڻي نروار ٿِي
    طاقت طاغوت لئه تلوار جي جهنڪار ٿي
    اي مجاهد مرد تون نعرو هڻي للڪار ٿِي
    بوسئِه منصور آهي ثبت رسن و دار تي،
    جيڪڏهن منصور نه ٿو ٿئين ته، رسن ودار ٿي
    ڇو ٿئين آوارو ڪوئه بتان ٿو روز و شب،
    ذوقِ نسيان ۾ خدارا ڪين اهڙو خوار ٿي
    نفرت و عناد آملان جو مذهب يار من،
    اهڙي مذهب کان ڀڄي وڃ بانورا بيزار ٿي
    ڪونه آهي ماني و بهزاد جو اڄ قدر دان
    تون به چغتائي جي فنِ تجريد جو شهڪار ٿي
    حسن جي بابت بي وقعتي زبان حال سان
    ڪن ڏئي ٻڌ ڇا چوي خود مصر جِي بازار ٿي
    حرفِ حق جي واسطي سقراط پنهنجي دؤر ۾
    زهر جو پيالو ڪري ويو نوش جان لاچار ٿي،
    قيمتِ اشعار پرکي، جز اهلِ نظر،
    گوهرن کان ڀي گران ممتاز جا اشعار ٿي
    ***


    بزم تصور

    پنهنجي جنهن وقت خطا ياد آئي
    تنهنجو دلچسپ سزا ياد آئي

    پيار ٽِڙي بزمِ تصور ۾ گلاب،
    تنهنجي محفل جي فضا ياد آئي

    تو زماني جو چلن آهه ڏٺو!
    توکي منهنجي ڪا وفا ياد آئي؟

    هم سفر ڪو جُدا ٿيو جڏهين
    سختيء راهه وفا ياد آئي

    ڇو ٻريا غمڪده دل ۾ ڏيئا؟
    تنهنجي رخ جي ڇا ضيا ياد آئي

    گلبدن ڪير ٿو اچي شايد
    موسمِ گل جي هوا ياد آئي

    غم جي جهولن ۾ توکي ڇو ممتاز
    هن جي زلفن جي گهٽا ياد آئي
    ***


    اي فاضل شاهه جيلاني

    بقدرِ ظرف هر ڪنهن کي ملي ٿو فيض روحاني،
    سندءِ دربار لاثاني اي فاضل شاه جيلاني
    نه تعلميات تنهنجي کي ٿا سمجهن بدعتي ڀٽڪيل،
    طريقي ڪار قرآني اي فاضل شاه جيلاني
    بتن وانگر قبر تنهنجي ٿا پوڄن حيف ڪلمي گو
    اسان جي ڏس مسلماني اي فاضل شاه جيلاني
    ڪڍائڻ ٿيو اچن جنات پنهنجي جسم مان ڪنواريون
    ٿي جهومي ساز تي جواني اي فاضل شاه جيلاني
    چٽائن خاد مرقد جي چرين کي، ڇو ته سياڻا ٿين
    صريحا آهه ناداني اي فاضل شاه جيلاني
    تجارت قبر جي تنهنجا مجاور ڪن ٿا گويا
    عقائد جي ٿي ارزاني اي فاضل شاه جيلاني،
    نه اٿندا صور اسرافيل کان اڳ ۾ قبر وارا
    اهو آ امر رَباني اي فاضل شاه جيلاني،
    رهائي داشته پنهنجي کي ٿو درگاهه عاليءَ تي
    ڪري ٿو ڪار شيطاني اي فاصل شاه جيلاني،
    ڪڏهن سوچيو اٿئي ”ممتاز“ وئي وسري اسان کان ڇو؟
    جهانداري جهان باني اي فاضل شاه جيلاني
    ***


    مورک مستانه

    محبت ۾ سي مورک، ۽ مستانه مري ويندا.
    شمع ٻاريو متان! مسڪين پروانه مري ويندا

    سبب ڪهڙي؟ ڪري ٿو زلف جي زنجير کان آجو،
    اها جي بي رخي آهي ته ديوانا مري ويندا

    حياتي ڇا ڏئي سگهندا. ڪنهين بيمار کي حاذق،
    جڏهين ايندي قضا، سي پاڻ فرزانه مري ويندا

    خدا جو سنهن اگر تو بيوفائي ڪئي ته پاڻيهي،
    سسئي ۽ سُهڻيءَ وارا ڀي افسانه مري ويندا

    ڏسن ٿا ظرف تنهنجو اي پير مغان متان سمجهين
    نه ملندي تو وٽان جي مئه، ته مستانه مري ويندا

    رڳو مسڪين ۽ عاجز اجل جو کاڄ ڪونهن پڻ
    رکن جي شان ۽ شوڪت ٿا سي شاهانه مري ويندا،

    امر ٿيندا رڳو ممتاز سي جي نيڪ مقدس لئه
    ملائي موت سان اکيون دليرانه مري ويندا
    ***


    پاڪستاني جمهوريت

    ڪسابن بعد ”ڇورن“ جي اڱڻ ۾ ٿي آسرهائي،
    ”پڻن“ سان پرڻجي ”بي بي“جمهوريت هنن وٽ آئي

    مُيسر پئي ٿيو هر دؤر ”نئون پيءُ“ ”ڇورن“ کي
    مگر ڪا ماءُ موچارِي يتيمن کي نه هٿ آئي

    اگر آهي اسان ڇورن سندءِ هيءَ ماءُ ماٽيجي
    نڀائيندي مگر معصومڙن کي چاهه سان مائي

    خلافتِ راشده جي نانءَ سان مشهور هئي پيڪي
    اتر پرديش جِي ڪهني سياست دان جِي ڄائي

    سندس من موهڻي مورت هُئي مشهور ملڪن ۾،
    اڇوتي ناز سوڀياوان هئي ڄڻ اپسرا ڪائي

    سندس چشم فِسون گر جو ”غلام محمَد“ هيو قائل
    سندس انداز عشوي جو ”سڪندر“ پڻ سودائي

    بلند اقبال ”بي بي“ جو ازل کان هي مقدر هو
    تعال الله! اميرالمومنين جي عقد ۾ آئي

    سمورو ملڪ پاڪستان هن کي ”ڏاج“ ۾ مليو،
    مسلم ليگ پڻ خلفه بگوشيءِ هن جي ۾ آئي

    ابو ”جرنيل فوجي“ ”۽“ امان بيبي جمهوريت “آ
    ڏسي جوڙي کي دشمن جي ڇڻي ٿي منهن مان ڇائي

    انهيءَ شاديءَ ۾ ڳايو ”هو جمالو“ فوجي جي جوانن
    نچڻ ۾ ڪينَ ڪئي هئي انتظاميا ڀي ڪا گهٽتائي

    پڙهيو سهرو هو عزت مآب ”ڪالاباغ“ شاديءَ ۾
    سڄو صوبو مليس انعام ۾ ٻيو ڇا کپي ڀائي!

    ”منعم“، ”لال ميان“، ”طائفي“ پنهنجي ساڻ حاضر ها
    ”صبور“ ۽ ”چوڌريءَ“ مشڪي ڏني هڪ ٻئي کي واڌائي

    ”حبيب الله ڀڳت“ پڻ پهريون هو ڇير ۽ جامو
    ادو ”سعود صادق“ خود بڻيو هو پاڻ طبلائي

    ٻڌائي تال ۽ سر ۾ پيو هر هر بيت هي ”زلفي“
    اسان هر گهوٽ جا آهيون ستن پيڙهين کان شيدائي

    ٿيا لايا سجايا ۽ سڀن جي آس پوري ٿي
    ڏسون ڪهڙي قسم جا ٿي ڄڻي ڏي ٻار هي دائي
    ***


    ناڻو شاهه

    دنيا وارن ڪئي جورو جفا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
    هتي ” نفسيءَ“ ۾ هر ڪو مبتلا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

    تقدس ۾” خون جي رشتي“ جو عرصو ٿيو ختم ٿي ويو
    برادر اڄ برادر کان جدا ناهي ته ٻيو ڇاهي!؟

    دغا، دولاب، لالچ، وعده، شڪني ۽ رياڪاري،
    اڙي سائين اسان وٽ سڀ روا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

    پُڄائي پيُو پيسو آس ٿو پنهنجن پوڄارن جي،
    جي ناڻو “ شاهه” اڄ مشڪل ڪشا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

    اشاري غير جي تي آزمائي ٿو وفا منهنجي
    وفا آشنا هو بيوفا ناهي ته ٻيو ڇاهي!؟

    جياري ٿو ڇڏي سچ پچ پياري وصل جو شربت،
    دهن ۾ يار جي آبِ بقا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

    ممتاز صدق و صفا وارن وفاڪيشن سان پڻ اڪثر
    دنيا وارن ڪئي جورو جفا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
    ***


    قفس جي زندگي

    چوطرف ڪهڙو قيامت جو متل ڪهرام آ
    مبتلائي رنج وغم اڄ خاص توڙي عام آ

    اڄ سياست پنهنجي محور ٿي هر ڪنهن جي ڦِري،
    ” پاڪ“ جو پيشِ نظر ڪنهن کي نه استحڪام آ

    جن چيو سچ سي بڻيا ڪافر ۽ سوريءَ تي چڙهيا
    عاشقن تي ڪافريءَ جو ازل کان الزام آ

    ٿو ڪري پردي ۾ سونهاريءَ جي سڀ ڪجهه مولوي
    مفت ۾ هي ” وات ڳاڙهو“ رند ٿيو بند بدنام آ

    باغ کان باغي ۽ بد فطرت ٿي بلبل هِي بڪي،
    هن قفس جي زندگيءَ ۾ ئي گهڻو آرامُ آ

    واهه جو بزمِ ادب وارن ڏنو مصرِع طرح،
    طالب الموليٰ تي شايد ٿيو الهام آ

    تذڪرو بلبل ۽ گل جو باغبان آهي فضول
    باغ جو گهر خير جيڪو ٿي رهيو نيلام آ

    ڪنهن ممتاز جو سنڌ ۾ ڪونهي قدر،
    هاءِ هي شيرين سخن شاعر گمنام آ
    ***


    ووٽن جو طلبگار

    صاحبِ املاڪ ۽ زردار آ
    دولت و شهرت جو پرستار آ

    ڪير طبعيت کي هنجي ڪري پسند،
    عجز سان هو برسرِ پيڪار آ

    صدق و صفا ۾ تو جو ڪيو هنجو شمار
    حسنِ سياست جو هو شهڪار آ

    غازي ڪردار ٻيو ڪو يار ڳول
    هي ويچارو غازي گفتار آ

    هن اڏايا باغ باغيچا محل،
    هي به آخر ملڪ جو معمار آ

    ڪجهه ته چؤ سائين، آ تنهنجو ڇا خيال،
    ريٽ ڇاهي، هي به خريدار آ

    تنهنجو خادم هي ممتاز آ بهر حال،
    تنهنجي ووٽن جو هي طلبار آ
    ***


    التجا

    آشنا کي التجا مان ٿو ڪريان
    ساده لوحي منهنجي ڏسجو هاءِ ڇا مان ٿو ڪريان

    اچي ويٺو آهه ويڪا مان ٿو ڪريان،
    چنڊ ۽ تارن کي پنهنجو همنوا مان ٿو ڪريان

    غير جي ڪهڙي گلا آ، غير آخر غير آ،
    شڪرءِ بي مهريءَ اهل وفا مان ٿو ڪريان

    رحم ڪري اي آسمان تون ڏي اجازت روئڻ جي،
    هو اڳيان آهي بيانِ مدعا مان ٿو ڪريان،

    ڪين ڪم آيا ” ممتاز“ هي ” بت“ اجايو وقت ويو
    هر طرح لاچار ٿِي يادِ خدا مان ٿو ڪريان

    ***


    همايوني صاحب جي تتبعه

    تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو،
    زم زم جو قسم تنهنجي غب غب ۾ غلطان هزارين مان نه رڳو،

    تنهنجي حسن نزاڪت ڇا چئجي، تنهنجي سونهن لطاقت ڇا چئجي،
    تنهنجي موت خراج ملاحت تان مستان هزارين نه رڳو

    تنهنجي عشوي غمري ناز مٿان، تنهنجي حسن و ادا انداز مٿان،
    قربان ٿين ٿا جن ملڪ، انسان هزارين مان نه رڳو،

    جيڪي پاڻ تي ناز آفرين هيا، سي هڪڙي گهور سان گهائي ڇڏيا،
    تنهنجي تيرِ نظر جا تير فگن، نيشان هزارين مان نه رڳو

    تون شعله صفت آن سيمي بدن تنهنجي ابرو زلف ۽ غنچه دهن
    تنهنجي پيڪر حسن جي شمع مٿان پروانه هزارين مان نه رڳو

    منصور ممتاز ويو دار چڙهي ۽ شاهه عنايت ويو ڪسجي
    تنهنجي قرب ۾ ٿيا ڪل جڳ ۾ قربان هزارين مان نه رڳو
    ***


    دردِ دل جو ڪوئي علاج نه آ

    چاره گر وقفِ مزاج نه آ
    منهنجي غم جو ڪٿي علاج نه آ

    عشق تنها پسند جو يارو
    حسن عالم سان امتزاج نه آ

    دل جي دنيا ته دل جي دنيا آ
    ان جهان ۾ ڪنهين جو راج نه آ

    ڇو اجايو پُڇائين حاذق ٿو،
    درد دل جو ڪوئي علاج نه آ

    مشغول دارو رسن جو زورن تي،
    حيف جو ڪو به احتجاج نه آ

    ناز شوخي رسڻ واري ريجهڻ،
    هاءِ دلڪش امتزاج نه آ،

    تنهنجي چاهت ۽ دلبريءَ جي نظر
    ”ممتاز“ جي دل ڪا گهٽ خراج نه آ
    ***


    ڀٽائيءَ جي ديڳ

    شاهه ڀٽائيءَ ديڳ رڌي آ
    اول الله عليم چئي
    عاشق رمز پروڙن ٿا
    ڪير اچي ٿو... شور مچي ٿو
    خاص چئي... ڪو عام چئي
    ڪو سچُو سچو نام چئي
    آواز اچي ٿو
    ديڳ رڌل جو ڍڪڻ لاٿو
    سچل سائينءَ
    وهه واهه جو هٻڪار مچي وئي
    اسين آدم ڪنون اڳي هوا سين
    آدم ساڏا ڄايا...
    الله آدمي بن آيا
    غل مچي ويو... بُلاَ آيو
    ديڳ کڻي ويو ساري
    توبهه زاري
    ڳالهه ” ممتاز“ آ ائين
    ڪيئن چوي ڪو جيئن چوي
    ***


    واهه وڏيرا

    رات انڌيري...
    هوءَ اڪيلي
    چور پيو آ
    ڪير ڪري ٿو ڪوڪان...؟
    تنهنجي دل ۾ کوٽ آ راڻا...!
    ٻڌ مومل جون چيٽان...!
    ڪنهن کي ڪنهنجو درد نه آهي...
    مطلب جو آ هر ڪو..
    ڏوهي آ نار تڏهين ڀي
    چور ته آهي عاشق صادق
    آهه وڏيرو سنڌوءَ جو
    راڄ انهيءَ جو...
    ڀاڳ انهيءَ جو...
    مومل ان جي....
    ڪاڪ انهيءَ جو...
    آهه ” ممتاز“ حيران مگر....!!
    ***


    چنڊ جو ماتم

    چنڊ ماتم ٿو ڪري...
    شرح ڪري ڪير سگهي
    ڇا فرشتا ها نميا تنهنجي اڳيان...؟
    قهقها ٻڌ تون ستارن جا ادا!
    شال خدا خير ڪري...!
    شرم شل توکي اچي...
    تو وڌائي آ زمين جي رونق...؟
    يا ڪندين پاڻ کي تون تباهه...!
    چنڊ توکان ٿو پڇي...
    ۽ ” ممتاز“ چپ ٿو ڪري ...
    ***


    اداءِ با ڪمالي ٿو ڪري

    مون سان خوش خيالي ٿو ڪرين
    ڇو ادائي بي اعتدالي ٿو ڪرين

    تون بتن جي حسن کان محفوظ ٿي،
    محمد ربِ لايزا لي ٿو ڪرين

    جيستائين ظرف ڀرجي عمر جو،،
    ڇو هزارين جام خالي ٿو ڪرين

    ساغرِ عمرِ روان ٿي! غور ڪر!
    بي خياليءَ ۾ جو خالي ٿو ڪرين

    مدح زلفِ يار ۾ دشمن کان تون،
    ڇو ادائي باڪمالي ٿو ڪرين

    ڪير ڪنهن کي ياد پر پٺ ڇوڪري؟
    تون ڪهڙي لا ابالي ٿو ڪرين

    ناآشنائن جي اڳيان تون ڇو ممتاز؟
    آروزوءِ هم خيالي ٿو ڪرين
    ***


    خُدائِيءَ ۾ خال

    ڇا خدائيءَ ۾ پيو ڪو خال کلندي کائيندي
    ٿا ڦرون جو سڀ پريشان حال کلندي کائيندي

    خون جا ڳوڙها وهايون ٿا اسان، هر شب، مگر
    صُبحَ جو ڪريون ٿا استقبال کلندي کائيندي

    زندگي جي هر قدم تي رهزنن جي ڀيڙ آ
    رهبرن جو پئجي ويو هت ڪال کلندي کائيندي

    خوب گذري ٿي اسان جي زندگي اي دوستو،
    پي رهيا هون آتش سيال کلندي کائيندي

    گوهر هڪ لمحه قيامت کان نه آهي گهٽ مگر،
    ٿا وڃن گذري ” ممتاز“ هت سال کلندي کائيندي
    ***


    پاڇي کان پنهنجي پاڻ گريزان به رهياسون

    نوحِ گرانِ عظمتِ انسان به رهياسيون
    ماڻهن جي ليکي يار غزل خوان به رهياسون

    صُبح چمن جي نغمه سرائن کي ڇا خبر
    پرورِدگارِ فصل بهاران به رهياسون

    خوبان شب جي سازشِ
    پيغمبرانِ صبح درخشان به رهياسون

    ڇا ٿا پڇو اي دوستو هن بزم جو چلن،
    پهرن جا پهر غم ۾ غلطان به رهياسون

    اهڙو سمو به بارها آيو آ اي ” ممتاز“
    پاڇي کان پنهنجي پاڻ گريزان به رهياسون
    ***


    ناگواري ٿي

    جا زير سايه گيسوئي يار گذري ٿي
    سا زندگي به ڪڏهن دل تي بار گذري ٿي

    رهينِ گردشِ ليل و نهار گذري ٿي،
    حياتِ عشق مگر با وقار گذري ٿي

    تيور باغ نه سمجهن ته صبح هي آهي،
    هي موجِ برق شررِ شدت رخسار گذري ٿي

    ڪڏهن حوادثِ دنيا ڪڏهن حوادث عشق
    اسانجي زندگي هئين سوگوار گذري ٿي

    ڪري ٿو عرض اشاري ۾ هي ” ممتاز“ هن کي،
    اسانجي ديد ڀي ڇا ناگوار گذري ٿي
    ***


    غزل : اماس رات مهر ماهه نه آ

    اماس رات مهر ماهه نه آ
    درد دل ۾ ۽ لب تي آهه نه آ

    دل کي دل سان جو رسم و راهه نه آ
    حسن سان عشق جو نباهه نه آ

    عين توهين آ محبَت جي،
    جا محبت جابي پناهه نه آ

    عشق ۾ شرط اولين آ ايهو،
    درد دل ۾ ۽ لب تي آهه نه آ

    مستحق ئي نه آ سو رحمت جو
    جنهن کان سرزد ٿيو گناهه نه آ

    سو ” ممتاز“ عشق آهه دور انديش،
    جنهنجي انجام تي نگاهه نه آ
    ***


    ذوق نظر ڪٿي نصيب

    مونکي ازل کان آ پسند، طرزِ فغانِ عنديلب
    فصلِ بهار زندگي ٿيندي رهي خزان نصيب

    غم سان خوشي وڌي سندم مونکي نشاطِ عزيز،
    مونکي قرار آ ڪٿي منهنجو سڄو جهان رقيب

    صبح ازل نظر نواز شام ابد نظر فروز،
    جلون جي ناهه ڪا ڪمي، ذوقِ نظر ڪٿي نصيب

    محو مان هئس خيال ۾، پهچي ويم الا جي ڪٿ،
    هوش نه هو خدا جو سنهن، آيو صنم منهنجي قريب

    هڪ هڪ ٿي سڄڻ ۽ دل گهريا مونکي ڇڏي هليا ويا،
    هاڻي ” ممتاز“ جو ڪونه آ ڪوئي جهانَ ۾ حبيب
    ***


    دردِ دل اڄڪلهه وڌيل آهي

    ازل کان مرتبو هي حضرتِ دل جو مڃيل آهي
    نگاهن جي اثر جو فيصلو دل تي ڇڏيل آهي

    لٻاڙون ٿو هڻين سڌڙيا، آ سوِريءَ تي چڙهڻ سُٿرو؟
    اهو منصب فقط منصور جهڙن کي مليل آهي

    ڀلي ڪر آسمان پيمائيون، پر هيٺ ڀي ڏس تون
    جتي هر گامَ تي نئون دام تنهنجي لئه اڏيل آهي

    وڌي ويو مانُ ٻهروپن جو يارو هن زماني ۾،
    سڏائي پاڻ کي صوفي ٿو جيڪو سر رڱيل آهي

    ڏسو سائين! پڇي بيدرد ٿو منهنجي عزيزن کان
    ٻڌو آ مون ”ممتاز“ جو درد دل اڄڪلهه وڌيل آهي
    ***


    خدا ٻي رت به ٺاهي آ

    ڀلا باد خزان توئي وڌايا غم غريبن جا
    ڪيئه ساڙي اجاڙيا تو آشيانا عندليبن جا

    مگر تنهنجا چَنڊي چٽڪا رڳو هن چئن ڏينهن جا
    اجهو موٽي وري آيا اهي ئي ماهه مينهن جا

    اچڻ سان اي خزان پنهنجا پکا هِت هُت اڏيئه پئي،
    چمن مان نينهن وارن متوالن کي تڙايئه پئي

    نه پئي سمجهيئه اري نادان دنياوي دور ڪوڙو آ
    اها هستي حرفتائي وڏائي زور ڪوڙو آ

    جڳائي ڪين بي نيازي جفا ۽ جور ڪوڙو آ
    ڪرڻ بانَورُ زماني تي غرور و غور ڪوڙو آ

    خبر ڏي اي خزان تنهنجو اڳواڻو ناز ويو ڪاڏي
    ڪيئه پئي مفت مغروري اهو انداز ويو ڪاڏي

    ڪمالي لازوالي هت نه ڪنهن جي بادشاهي آ
    ” ممتاز“ توکي مٽائڻ لئه خدا ٻي رت به ٺاهي آ
    ***


    آسرو خدا جو

    عنقا آ دوستي هت دستور آ ريا جو
    ناياب آ مروت نالو آبس وفا جو

    آهه و بڪا ۾ منهنجي عمر عزيز گذري،
    يارو ڏسي ڇڏيو آ مون شان ڪبريا جو

    انسان سان نفرت الله سان محبت!
    اهڙو عجيب تر آ انداز پارسِا جو

    خاذق حڪيم مونکي تنهنجي دوا نه گهرجي
    بيمار عشق طالب ٿيندو ڀلا دوا جو؟

    بادِ سموم ۾ ويا هت روح ڀي جهلسي
    آ انتظار احمق توکي اڃا صبا جو

    وچ سِيرَ ۾ آ ٻيڙي ۽ دورِ آ ڪنارو
    طوفان ساڻ لڙندو اڄ عزم نا خدا جو

    نا آشنا ۽ ويري چؤ طرف مان ڏِسان ٿو
    آهي ” ممتاز“ کي ڪافي هڪ آسرو خدا جو
    ***


    وطن جي خدمت

    وطن جي خدمت ادب اڌ ۾ رهايون ٿو وڃان
    درد دنيا جي هي پنهنجي دل ۾ سنڀاليون ٿو وڃان

    شاهه جي حالت تي وس ڪيم واقف نه ٿيس
    جو ڏٺم سو ڏسَ ڏنم باقي بچايون ٿو وڃان

    زندگي پنهنجي گذاريم مارُئن ملاقاتون ڪندي
    تن سچن سهڻن جي سڪ سيني سانڍيون ٿو وڃان

    ديس سان هي دلبري هئس سن صغيريءَ کان وٺي،
    اڄ سُڪايل سنڌ تي لڙڪ لاڙيون ٿو وڃان

    عشق سنڌڙي ائين سمجهيم جيئن هو آب حيات،
    دائمي تنهن جام کان منهڙو مٽايون ٿو وڃان

    وطن وارا خوش ٿيو ”ممتاز“ محافظ آ خدا
    سنڌ جي قومي زبان تي دل ڏُکايون ٿو وڃان
    ***


    قائد عوام

    شهادت رات حضرت قائدِ عوام هو تنها!
    چڙهي سوريءَ تي هن پيتو اجل جو جام هو تنها!

    هيا حسين سان گڏ ٻاهتر ساٿي قتل گاهه ۾،
    مگر هن ڪربلا ۾ وقت جو امام هو تنها!

    ڏهيسر ۽ ٻيا سڀ پر سڪون هئا پر رڳو قائد،
    سڄي گهر ٻار سان گڏ برسر آلام هو تنها!

    مدد ڪر منهنجي مولا بي گُنههَ هان، تنهنجو بندوهان
    شهادت جو وتو مولا کان هن انعام هو تنها!

    وڌائون ذوالفقارِ قوم کي زوريءَ مياڻ اندر،
    جو پاڪستان جي وحدت جو استحڪام هو تنها

    رڳو هي ڏوهه هو هن جو، ته هِي هو ديو بونن ۾،
    مقابلي هر قداور جي بلند و بام هو تنها!

    ڪڏهن گل يا خوشبو کي به ڪنهن سوريءَ چاڙهيو آ،
    مملڪت پاڪ جو هو عطر هو گلفام هو تنها!

    مسلسل ٿي سٺائين اَذيتون ۽ ٽارچر ذهني،
    عظمت جو مجسمِ سخت بي آرام هو تنها!

    هزارين خون جي پياسن جي وچ ۾ سر بلنديءَ سان،
    سرِ مقتل وڌايو تيز تر هن گام هو تنها!

    ڀٽو هڪ اِزم هو، هڪ نظريه هو، هڪ اراده هو،
    مدلل شرح سان اسلام جو پيغام هو تنها!

    گهٽايو ڪين مودوديءَ، بروهيءَ پير ۽ اصغر،
    انهيءَ سازش جو ڄاڻ انڪل سام هو تنها!

    نه پاڪستان جوئي ترادف حضرت ڀٽو
    هيو روح فلسطين لبيا، مصر تا شام هو تنها!

    جنهن جي دم سان گلستان ۾ رونق ۽ بهار آئي،
    اهو صياد وٽ ئي مورد الزام هو تنها!

    هجي ها ڪاش فيصل سعودي عرب ۾ زنده،
    سڄي اسلاميه ۾ شاه خالد خام هو تنها!

    خدا جو قسم چڙهيل سوريءَ تي سڀ آهيون اڃان تائين،
    نه هاڻي يا اڳي ڪو قائدِ عوام هو تنها!
    ***


    ناراض روحي

    اگر هيڪر ٻڌين منهنجي حڪايت جو خونچان روحي
    چوين جيڪر تو خود ئي الحفيظ والا مان روحي

    تمنا ترڪ ڪر حسب توقع حڪم هو تنهنجو
    مگر مان ” اجنبي“ ڪئين روح پنهنجي کان ٿيان روحي

    اُنهيءَ مهمان بدطالعيءَ جو مان ڪر، جيڪو
    مزاجِ ميزبان تي ٿي پيو بارِ گران روحي

    جسارت ڪيئن ڪريان مان بيوفا توکي چوڻ جي پر
    تون ئي چئه جان من، آخر ته توکي ڇا چوان روحي

    اگر تون پيار کي بازار جي شئه ڪونه سمجهين هان،
    ڪريان جيڪر ها ڇو انديشئِه سودو زيان روحي

    زمين ۽ آسمان جي دشمنين جي ڪين هئي پرواه
    اگر جي تون نه ٿين هان هن طرح نامهربان روحي

    قسم مونکي آ مٺڙي، تنهنجي دلڪش مسڪراهٽ جو،
    مان ڏاڍو بليغ پيتم جام اڄ تنهنجي هٿان روحي،

    ڀلا ڀيليءَ گهڙي جو تو بنايو ممتاز ڇو ترهو
    هينئر منجهدار ۾ مر تون ٿئي ڀل شادمان روحي
    ***


    رازدان روحي

    اسان جو قدر ڪيو جڏهين تو منهنجي قدر دان روحي
    زمين ٿي رهڻ لائق، آسمان ٿيو مهربان روحي

    وري موٽي پيئڻ جي ۽ جيئڻ جي مند آئي آ
    پيارج پيار جو پياري شراب ارغوان روحي

    چُڪي اهڙي چکائج جو وڃون مدهوش ٿي اهڙا
    رهي تنهنجي نه ” تون“ باقي بچي منهنجي نه ” مان“ روحي

    اچي ٿو رشڪ مونکي پاڻ تي، جو پاڻ منهنجيءَ ۾
    پريشان حال هئي مغمون هئي، گريه ڪنان روحي

    ڪشش زخمي غزاله جي اکين کان ڀي زياده هئي
    کڻي اکڙيون جڏهين مون ڏي نهاريئه پيار مان روحي

    سدا انفاس تان سر صدقي گُلُ رخسار تان قربان
    معطر واه ٿي پئي آهي بهار گلستان روحي

    فضا ۾ چؤطرف مون محسوس ڪئي جڏهين،
    ڪيو اقرارِ الفت تنهنجي گڏ قلمه و زبان روحي

    خوشيءَ جي انتها ۾ ”ممتاز“ صاحب جيڪڏهن ٻهڪيو،
    يقيناَ پو به ٿيندي ڪين هنن کان بدگمان روحي
    ***


    غزل : نگهتِ الفِ ڇا چئجي

    نگهتِ الفِ ڇا چئجي
    رشڪِ مشڪِ تتار ڇا چئجي

    دل ماشاد، چشم ما روشن
    آمدِ نوبهار ڇا چئجي

    تشنگي پڻ وڌي وئي دل جي
    بارشِ حسنِ يار ڇا چئجي

    هو ويو، دل وئي، بهار ويو
    داغ هِن يادگار کي ڇا چئجي

    دل ۾ جنت جي آرزو نه رهي
    عشرتِ ڪوئي يار ڇا چئجي

    عشق خود دار حسن بي پرواهه
    مدعا بار بار ڇا چئجي

    ناز شوخي ۽ بيگناهي جو
    عالم انتخاب ڇا چئجي

    مور ڀي ڀلا ڪيئن نه ٿئي موهت
    موجِ رفتار يار ڇا چئجي
    مُرڪ تنهنجيءَ تان او مٺڙي!
    تند تيز ٿي ڏاڍو شراب ڇا چئجي

    مڪتفت ٿي نگاهه اي ”ممتاز“
    هاڻ پنهنجو وقار ڇا چئجي.
    ***


    انسانيت جا آثار

    اٿي انسانيت جا پاڻ ۾ آثار پيدا ڪر
    فدائي قوم ٿيءُ ۽ جذبهءِ ايثار پيدا ڪر
    خاموشي ڇڏ زبان ۾ طاقت گفتار پيدا ڪر
    جا باطل کان نه ٿي خائف اها تلوار پيدا ڪر
    سياه بختي کي گم ڪر طالع بيدار پيدا ڪر

    ڏي يڪجهتي سندو پيغام تون ساري زماني کي
    وساري ڇڏ وساري ڇڏ تفرقي جي تراني کي
    مٽائي ڇڏ جهانگيري جي فرسوده فساني کي
    لٽي پرمار ظلم ڇو چڙي جي آشياني کي
    ڇٽي ٻج آمديت جو گل و گلزار پيدا ڪر

    نظر ڦيراءِ ڏس عالم ۾ ڪيڏو انتشار آهي
    جرائم جي ۽ رشوت جي خباثت بي شمار آهي
    وطن جو پورهيت طبقو بکيو بي روزگار آهي
    ڪٿي عصمت فروشي آ ڪٿي چوريءَ جي ڪار آهي
    معطر ٿي وڃي دنيا سڄي هٻڪار پيدا ڪر

    نه دنيا ۾ هي جورو جفا ۽ هاءِ هو باقي
    نه دنيا ۾ رهي رجعت پسنديءَ جي ڪا بو باقي
    نه ظالم ئي رهي زنده نو خود غرضيءَ جي خو باقي
    رهي باقي فقط بس انسانيت جي آبرو باقي
    نه چنگيزي رهي باقي فضا هموار پيدا ڪر

    ٿيڻ گهرجي نه جنهن حالت ۾ بي اصفهام جي پوڄا
    بلائي ناگهاني جي نڪا اوهام جي پوڄا
    سراسر ظلم آهي شخصيت ۽ نام جي پوڄا
    ڪجي ڇو مئي ڪشي خاطر سبو ۽ جام جي پوڄا
    عصائي موسوي فرعونيت لئه پار پيدا ڪر

    ٿئي اجڙي ويل باغ وطن ۾ تازگي پيدا
    ۽ مرغان گلشن جي گلو ۾ نغمگي پيدا
    ٿئي مرده دلين ۾ جلد روح زندگي پيدا
    وڃي ممتاز مايوسي ٿئي خور زندگي پيدا
    بس اهڙا انقلابي پر اثر اشعار پيدا ڪر
    ***


    اردو شاعری

    غزل

    روز ہی ہم حضور پیتے ہیں
    کون ساہے قصور پیتے ہیں

    ہم ہیں وہ رند جو شراب کے ساتھ
    بادہ خانے کا نور پیتے ہیں

    چشم ساقی میں جھلکتا ہے
    ہم وہی تو سرور پیتے ہیں

    یہ گر جرم ہے سزا دیجئے
    ہم ہیں مئے کش ضرور پیتے ہیں

    ممتاز ہم ہوش میں نہیں پیتے
    ہوکھ نشے میں چور پیتے ہیں
    ***


    نظم

    کوئی نام کانہ رہا ہے یار تیرے شہر میں
    ہر گلی میں پھر رہے ہیں اغیار تیرے شہر میں

    کیوں نہیں اس شہر کے شرفاکو ہے شرم و حیا
    ہوتی ہے بے عزتی صد بار تیرے شہر میں

    کوئی بھی اس شہر میں سچ بولنے والا نہیں
    جھوٹ کی ہے طرف بھرمار تیرے شہر میں

    چاہیے کوئی مجھے بھی غم بانٹنے کے واسطے
    پر کوئی ملتا نہیں غمخوار تیرے شہر میں

    دل کو آخر موہ ہی لیتے ہیں یہ شیریں زباں
    پر لگی ہے حادثوں کی بھرمار تیرے شہر میں

    آدمی منصور جیسے سے نہ پالا ہے پڑا
    ہر گلی میں پر لگے تھے دار تیرے شہر میں

    تیری مئہ میں وہ نہیں اگلا نشا پیر مغاں
    شکوہ کرتے ہیں سبھی میخار تیرے شہر میں

    نیک نامی کی مثال اک بھی نہیں ملتی یہاں
    بدسے بدتر رہتے ہیں بدکار تیرے شہر میں

    موسم گرما کی بے مہری اور دوپہر کا سماں
    اور نہ کوئی سایہء دیوار تیرے شہر میں

    شہر کی حالات نئی ممتاز سے آکر پوچھ لو
    کوئی بھی رستہ نہیں ہموار تیرے شہر میں
    ***


    نظم

    بارگاہ دلبری میں کوئی پہنچادے یہ بات
    اے کہ تیرے دم سے ہے وابستہ میری کائنات
    روح تو پاکیزہ تر ہے جملہ مخلوقات سے
    میری محبوبہ! ہے مجھ کو عشق تیری ذات سے
    قلب آلودہ نہیں جسمانیت کے رنگ پر
    جی نہیں سکتا ہوں میں اس مقام ننگ پر
    تیرہ دل فتنے اٹھاتے رہیں
    اہل شر باتیں بناتے ہیں بناتے رہیں
    قلزم ء عفت ہے تو سر چشمہ عصمت ہے تو
    میری نظروں میں مثل قرآن کی آیت ہے تو
    گو میں تیرے پیار لینے کا تیرے لائق نہ تھا
    میں بھلا تھا یا برا تھا لیکن یقینا تیرا تھا
    وا ء اے جان تمنا مجھ سے اور تو بد گمان
    توُ تو تنہا تھی بھری دنیا میں میری رازدان
    ممتاز تجھ سے دور رہ کر زندہ رہ سکتا نہیں
    اور ہو تذلیل الفت یہ بھی سہہ سکتا نہیں۔
    ***


    نوستارے : پاکستان قومی اتحاد

    بے رحم سیاستدان آمر کے قصیدہ خواں
    فروعون کے مصاحب موسی' کے دشمنِ جان
    خلیل کے مخالف نمرود کے نگہباں
    یزیدیت کے حامی حسینیت سے نالاں
    اس دور کھ ہو مرواں بے رحم سیاستداں

    یہ ظلم کی زنجیریں یہ جھوٹ کی تعزیریں
    رکتی ہیں بھلا اِن سے عوام کی تدبیریں
    جاگیں گی اچانک جب جمہور کی تقدریں
    نکلیں گی میانوں سے شش نانگ کی شمشیریں
    اس وقت سے ڈر ناداں بے رحم سیاستداں

    ارزان بہت تم نے ناموس وطن بیچا
    ابدالی و ٹیپو کا رنگیں کفن بیچا
    اتحاد کھ پردے میں ملت کا چلن بیچا
    غرضی کے وزارت پر خود اپنا ہی من بیچا
    کیا اب بیچے گا قرآن بے رحم سیاستدان

    سقراط کو پھر زہر پلانے پہ تلے ہو
    مسیح کو سولی پے چڑہانے پہ تلے ہو
    حسین کو پھر قتل کرانے پے تلے ہو
    کیا شمر عصر کس کو بنانے پر تلے ہو
    ابن زیاد دوراں بے رحم سیاستداں

    اپنے ہی ہاتھ ظالم گھر کو جلا رہا ہے
    در پردہ شہ پہ قومی وحدت مٹا رہا ہے
    اسلامیہ کی غیرت کو آزما رہا ہے
    قومی عظیم قائد سولی چڑہا رہا ہے
    شیطان نما انساں بے رحم سیاستداں
    ***


    کل ڀوڳ

    ديوان ٽيڪچند ٿڌاڻي

    شري پئنچات جي شوڀا برابر ٽيڪچند آهي
    ڳڙهي ياسين جو ديوان بهادر ٽيڪچند آهي

    عيان ان جي ادا عشري مان آهي عين ارڏئي
    مٿيرا جي مکي ها تن جو جوهر ٽيڪچند آهي

    ڳڙهي ياسين ۽ روهڙي سندس جو لانگاهه آهن
    چلي ٿو چال چوطرفي جو گوبر ٽيڪچند آهي

    چوي ڪيول ٿيو ان کي بڪبڪيو مخبوط ۽ پاگل
    انهيءَ ڪم بخت ڪُوڙي کان به ڪم تر ٽيڪچند آهي.

    ٻڌي بي ربط هن جي گفتگو دشمن هلائن ٿا
    دماغي مرض کان شايد متاثر ٽيڪچند آهي.

    سَري سگهندي انهيءَ کان جا ڪندو شيوا، وگر نه هو
    اوهان جي پيءُ ڏاڏي جو ڇا چاڪر ٽيڪچند آهي

    ڍڪائي گڏ، هو گنگواڻي ۽ سيئو مل کي گاڏي ۾
    ڏيئومل تي ٿيندو هسوار اڪثر ٽيڪچند آهي

    سڀا جو ٿو پتي سونهين سڀا پتني سندس سيئو
    مڙن گوپن ۽ گوپين جو ته گرڌر ٽيڪچند آهي

    شهر جي واڳ جا ۽ ڀاڳ جا مطلق العمنان ٻيئي
    جي ڪسري آهه گنواڻي ته قيصر ٽيڪچند آهي

    شري پئنچات جو آ ڏير ” ڏيئو“ ۽ پر ” پرمو“
    ” چَتن“ جو گهر سندس سسرال ۽ شوهر ٽيڪچند آهي

    نه ڪر اغويٰ شري پئنچات کي شيوڪ اڳي ئي هو
    عزيزن کان الڳ ۽ گهر کان بي گهر ٽيڪچند آهي

    سراپا هن مان سندس سوڀيا ۽ مصلت ٿي بکي اهڙي
    ڪنهن بي ملڪ جو گويا گورنر ٽيڪچند آهي

    اوهان سان ساٿ سازش ۾ نه ڏيندو ياد رکجو سڀ
    لڦنگو ناهه هرگز ڪين لوفر ٽيڪچند آهي

    سنها ڇاڪُر ۽ ڪُرِڙيون سڀ ترن ٿيون تار ان جي
    ڳڙهيءَ جي کير ٿر جو واهه سيسر ٽيڪچند آهي

    عجب ڀڳوان جي ليلا زمانو ڌوڙ ڇائيءَ جو
    جي پرمانند آ دودو چنيسر ٽيڪچند آهي
    ***


    پرمانند گنگواڻي

    مبارڪ باد توکي شهر جا منهدار گنگواڻي؛
    پٺاڻن، واڻين، سنڌين سندا سردار گنگواڻي.

    صرف تون ئي ڪنڌن ڪوڙي سدوري جو نه آن سالڪ،
    آئل ڀاري جو آهين دراصل اوتار گنگواڻي.

    شري پئنچات کي آ فخر توتي، ڇو ته هن کان اڳ؛
    نه تو جهڙو ڄڻيو جننيءَ ڳڙهي ۾ ٻار گنگواڻي

    جنم پتري ڏسي تنهنجي، چيو ٻائي هريءَ توکي،
    وڌيو آ ” چاڻڪيه“ کان تنهنجو ناماچار گنگواڻي.

    ملان، قاضي، مهاجر سڀ ٿيا موهت مٿان تنهنجي،
    ۽ عيوض خان بي تنهنجو آ عاشق زار گنگواڻي.

    وجهي ڏانوڻ ڏنل کي تو بڻايو واهه جا ڏاڪڻ،
    ٽپي عبدالنبيءَ جي سر مٿان وئين پار گنگواڻي.

    ڪٺورن، ظالمن، خونين ڪٺو ٻن بيگناهن کي
    مگر تن جي لهوءَ سان تو ڪيو سينگار گنگواڻي.

    وجهي زنار جي سرڳي ڪنئيه کي ڪري قابو،
    مسلمانن تي ڇوڙيئه سگِ پر آزار گنگواڻي.


    وڌايون چاولا کي لک، مبارڪ بدر عالم کي
    ٺهين ٿو خوبتر تون شهر جو پڳدار گنگواڻي.

    مبارڪ باد تي ناراض ٿي سرڪار گنگواڻي
    دماغي ڪيفيت جو پيش ڪُيئه معيار گنگواڻي

    تون سومر نانوائي لائو شيديءَ جي لياقت کي
    وري هن نئين زماني ۾ ڪيو نروار گنگواڻي

    مجن لوهر ۽ لالو نوني ناهن توتي نازان پر
    ڏسو کوکر به توتان ٿو وڃي ٻلهار گنگواڻي

    ايهو ڊرامو هليل آ اڳ ميونسپل هال ۾ جنهن ۾،
    سڪندر خان جو توکي مليو ڪردار گنگواڻي

    بباطن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ٿي ڏسن هي دوربين نظرون
    بظاهر جو نظر توکي اچي ٿو هار گنگواڻي

    تکيون طوطئه ڪيون هن منزلون پنهنجي ترقيءَ جون،
    پمي مان پاڻ پر مانند ٿئين يڪبار گنگواڻي.

    سياستدان، ليڊر، چيئرمين، ٽائوٽ ۽ شاطر؛
    غرض، تون مختلف اخصال جو مهندار گنگواڻي.

    شرارت، چاپلوسيءَ، چالبازيءَ چغلخوري ۾
    نه مٽ تنهنجو مڪر ۾ تون وڏو مڪار گنگواڻي

    چون ٿا چاهه مان هڪ ٻئي کي تارا چند ۽ ڪوڙو
    پيئي ۽ شال جيئي جڳ جڳ وڌي ڏاتار گنگواڻي

    هندو فرقه پرستي جا ستل هئي ننڊ ۾ تنهن کي
    هڻي چاڻڪيه جو نعرو ڪيو بيدار گنگواڻي

    اندر ۾ پائي ڏس جهاتي! تعصب ۾ ڀريل آهين
    جيو جيئن گانءِ کي ڪنهن مينهن هو هڪوار گنگواڻي.

    چاپلوسي نيازمنديءَ جي سبب توڏي اصل کان؟
    ڏيڻ آيا ها ڪوڙا ووٽ ٿي تيار گنگواڻي!

    مليئه درگاهه کان هي فيض يا تنهنجي لياقت هئي
    تجاهل عارفانه جونه ڪر اظهار گنگواڻي.

    معاذ الله چوي ٿي سادگيءَ تنهنجيءَ کي پر ڪاري،
    سيلف ريسپيڪٽ جي نعري جو ڇڏي تڪرار گنگواڻي

    مڙين پُتِلن ۾ پاٽي خان جو آ مرتبو تنهنجو
    غرض ڌاڳن ۾ جڪڙيل تنهنجو هر هڪ وار گنگواڻي

    خوشامد پاب بوسي ۽ سلاميون پارٽيون پيالا
    انهن حيلن سان ڪامورا ڪرين هموار گنگواڻي

    ڏنو پير مغان ٿي جام تنهنجو ظرف جاچڻ لئه
    متان ٿوريءَ چڪيءَ ۾ ٿي وڃين سرشار گنگواڻي

    پروڙين جي نفي اثبات جو تون فلسفو مورک
    نفيءَ جي انتها جو آهين تون اسرار گنگواڻي

    محمد شاهه جا اعمال بد نادر جي صورت ٿيا
    اسان جي شامت اعمال جو شهڪار گنگواڻي

    تون پاڪستان سان آهين سچو ڪن پيٽ پالڻ لئه
    پکيڙيون ٿي هتي ويهي وڏو هڪ ڄار گنگواڻي

    ڪمالي لازوالي هت نه ڪنهنجي” بادشاهي“ آ
    فضا کان پاڻ پڇ پبلڪ سنڌو اظهار گنگواڻي.

    خموشي گفتگو دارد که در گفتن نمي آيد
    ڏسون قدرت ڪري ٿي پاڻ ڇا ويچار گنگواڻي

    وڏي هي مرتبي واري جو آ اعجاز تو جهڙا.
    وگر نه هت وڪامن ٿا ٽڪي جا چار گنگواڻي

    يقينن تون ڏنگيندين ان کي جنهن توکي نپايو آ
    جو آهين فطرتا تون آستين جو مار گنگواڻي.
    ***


    خاب بولو

    بدبخت سياهه باطن، بدڪار خان بولو.
    ڏاڍو خراب ٿيو آ ۽ خوار خان بولو.
    واري تي يار پنهنجا، هڪ هڪ ڪري ڏنگيائين؛
    اهڙو آهه آستين جو هي مار خان بولو.
    هنجو ڏنگيل عزيزو پاڻي گهري نه سگهندو؛
    سڀني سپن جو لاشڪ سردار خان بولو.
    ٻين جو ڪيل ڀلايون هن کي نه ياد آهن؛
    نسيان جي مرض ۾ ٿيو نروار خان بولو.
    اولاد سان ۽ گهر سان نه آهي جنهن کي الفت؛
    ٻي جو پوءِ ڪيئن ٿيندو هي يار خان بولو.
    روزيءَ جو مسئلو ته هِن طرح حل ڪيو آ؛
    جاڌم کي تو بڻايو داتار خان بولو.
    چٻ ۽ چريو چنبي ۾ تنهنجي اچي ويو آ؛
    سولو ڪٿي ڇڏيندين شڪار خان بولو.
    ڀائرن کي ٿو وڙهائين حرڪت کان باز اچ تون؛
    توتي خدا جي لعنت سو بار خان بولو.
    عبدالرشيد لوهر ۽ شيخ ڇوڪرا بس
    هن قافلي لٽيل جو سالار خان بولو.
    تنهنجي نمڪ حرامي ضرب المثال آهي
    ڪهڙي ڪريان مان ويهي وستار خان بولو.
    چوريءَ تي چور کي تون، هٿ ساڻ موڪلي پوءِ
    پڻ ساڌ کي ڪندو آن هوشيار خان بولو.
    صورت حرام پنهنجي صورت به تو ڏٺي آ.
    هر دم وسي ٿي جنهن تي ڦٽڪار خان بولو.
    ***


    ٻڍل جي فرياد

    (1)
    تو وڃي آباد گهر ڪيو غير جو اي بي حيا
    تو وساريا يار جي آغوش ۾ پنهنجا ٻچا
    تنهنجي ڏيرياڻين وٽان جن کي ملن ٿا نِتُ ڌڪا
    حيف تنهنجي حال تي بدنام ڪئي تو مامتا
    ڪين ڪنڃري توکي ڪو پنهنجن ٻچن جو خيال آهه
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه

    (2)
    روز مهڻن جي ٿي مونکي موک مهماني ملي
    لعنتن جو ٻوڙ ۽ ڦٽ ڦٽ جي ٿي ماني ملي
    ان تواتر ساڻ ٿي طعنن جي طولاني ملي
    ان طرح توکي غذا ٿي غير انساني ملي
    قرب جو ڀورل، ڇٽل توڙي جڙيل وٽ ڪال آ
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه

    (3)
    لخت دل خون جگر پڻ آهه تنهنجو خوردنوش
    پر خدا جي مهربانيءَ سان آهيان مان سخت ڪوش
    چرس ۽ ڀنگ جي ڪري گرگهٽ ٿيو آ عقل هوش
    تب يقينن ڪونه ٿيندس مان ڪڏهين بيگم فروش
    رب جي سرڪار کي منهنجو اهوئي سوال آهه
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه

    (4)
    معتبر مشهور مولائي کي تو بدنام ڪيو
    اڌ شهر کي جسم پنهنجو تو کڻي انعام ڪيو
    مطمئن ٿي هر ڏنڊي ڏوٽي سان تو وسرام ڪيو
    واهه جو هي ڪارنامه تو سرانجام ڪيو
    وات سان تڏهين به مان چيو ڪين ڪي بدچال
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه

    (5)
    پاڻ وٽ توکي نه مان پنهنجو فقط پابند رکيو
    پنهنجي وت آهر هميشه توکي مان خور سند رکيو
    تنهنجي يارن ساڻ پڻ ڪڏهين نه مان ڪو ڦند رکيو
    بلڪه تن سان واسطو تنهنجي ڪري دو چند رکيو.
    پوءِ ڇو اي بي گري تو منهنجو ڪيو هي حال آهه،
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه.

    (6)
    شهوتڻ مونکي ملي وئي رن اڻائي دوستو
    منهنجي منهن ۾ جا وجهي وئي ڌوڙ ڇائي دوستو
    رات جمعي جي نه هئي ڪا مان گهٽائي دوستو
    هاءِ پر افسوس مون مان هوءَ نه ڍائي دوستو
    يار! منهنجي دل تي هنجو نقش هڪ هڪ تال آهه
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه.

    (7)
    بي سبب مونکان جدا ڪئي زال منهنجي خود خدن
    منهنجا دشمن خوش ٿيا جهڙوڪ شعبان و ربن
    هڪ اڳيئي پاڻ ئي هئي فطرتا رن بد چلن
    ٻيو وري ڪَاڻي حبوءَ جي، ڪم ڪيو ويتر ڏٽن
    جَوَ سلامت ڪيئن ٻڍل جو آمنت جنجال آهه
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه

    (8)
    ڀائرن ۽ مائٽن پڻ مونسان غداري ڪئي
    زال منهنجي اصل ۾ ڪاڻي حبوءَ ڪاري هئي
    ڪورٽن تي تنهنکي چاڙهي خوب هن خواري ڪئي
    ۽ ججن جي معرفت طلاق لئه تياري ڪئي
    الغرض ڪاڻو حبو ڀڙوو دلو دلال آهه
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه

    (9)
    ڪو ڪڙي، مراد ڪورين جو بڻيو پڳدار آهه
    مڇ وٽي واهه واهه بڻيو خود ساخته سردار آهه
    اندر جي ڪارو هچارو پاڻ بد ڪردار آهه
    نانوائيءَ جي طفيلي شهر ۾ نروار آهه
    هنجي پت پرتيت جو شاهد ته هر بقال آهه
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه

    (10)
    حيدري نعرو هڻي مان نيٺ خونخواري ڪندس
    دشمنن کان پاند آخر پاڻ هڪ وار ڪندس
    قتل ڪاري کي ڪري پوءِ زال مان ڪاري ڪندس
    خون سان ڪارنهن کي ڌوئي راند مان ساري ڪندس
    سڀيئي چوندا سرخرو ٿيو ماءُ جو هي لال آهه
    تو سوا جيئڻ ٻڍل جو آمنت جنجال آهه
    ***


    جواب شڪوهه (آمنت جو جواب)

    (1)
    مان وٺي طلاق ڪورٽ مان ٿيس توکان جدا
    شرع موجب ٻي ڪيم شادي انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا
    بک ۽ ڏک جا گذاريم سال تو وٽ ڪيترا
    جسم جو سودو ڪري سڀ ٻار مان پاليا هئا
    هاڻي ٻارن جي ڌڪن ڌوپن جو توکي خيال آهه
    تو سان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (2)
    روز جي مهڻن جي مهمانيءَ تي آهين تون هريل
    اصل کان طعنن جي طولائيءَ تي آهين تون هريل
    لعنتن جي ٻوڙ ۽ مانيءَ تي آهين تون هريل
    هن غذائي غير انسانيءَ تي آهين تون هريل
    اي ڪميڻا عورت جي عزت جو تو وٽ ڪال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (3)
    هاڻ مونکي مڙس ماڻهو جي پٺيءَ لاتو خدن
    منهنجي والد جي ڪئي امداد شعبان و رين
    ۽ ٿيس آخر جي گناهن کان وري مان دفعتن
    ڪڍ فقيرن جي ڪتا ٿا ڀوڪندا ڪيئي وتن
    مڙس موجوده جيئي منهنجو جيڪو رکپال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (4)
    ٿي برابر تنهنجي ڀائرن توسان غداري ڪئي
    پانڊون وانگر سڀن ٿي مون تي سواري ڪئي
    هڪ جو هو ڇا جهين ٿي ڪار هيءَ ڪاري ڪئي
    ان ڪري ئي ترت مون طلاق لئه تياري ڪئي
    تنهنجو هر مائٽ وڏو ڀڙوو دلو دلال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (5)
    تون هڻين نعرو ڇا ڀڙوا ڪا به خونخواري ڪندس
    موچڙا کائي تون توبــھ نيٺ هڪواري ڪندس
    تون ٽڪر ڀڙوت جا کائي مون کي ڇا ڪاري ڪندس
    تون جهڪي اڳيان جوانن جي ته نيزاري ڪندس
    روسياهه ڀڙوي کي چوندو ڪير آخر لال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (6)
    چرس ۽ ڀنگ تنهنجو اصل کان ئي خورد نوش
    تنهنجو ناهي دين و دنيا عقل و هوش
    تون سڪن ٽڪرن تي ڪيئن ٿيندين سخت ڪوش
    آدم کان مشهور آهين عزت و غيرت فروش
    پاڻ کان هيڪاند ۾ ڀي تو پڇيو ڪو سوال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (7)
    پاڻ کي ٻارن نپائڻ جي ڪري بدنام ڪيم
    مان نه ڪو جذبات ۾ هو جسم کي نيلام ڪيم
    هر ڏنڊيءَ ڏوٽي سان سِڪن جي عيوض وسرام ڪيم
    مامتا جو فرض ئي هو جو سرانجام ڪيم
    اهڙي قرباني ڪندڙ کي ڪير چئي بدچال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (8)
    خرچ گهر جو تو ڏنو ڪڏهين؟ جو تون پابند رکين
    پنهنجي لالچ جي ڪري تون مونکي پيو خورسنده رکين
    تنهنجو گهر پيا جي هلائن تن سان ڪيئن ٿو ڦند رکين
    واسطو پيو تن سان تون دو چند رکين
    ڇا هلائيندو اهو گهر جنهن جو ههڙو حال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه

    (9)
    تون قسم سان چئه ستن سالن ۾ مون تي سوار ٿئين؟
    هر دفعي کدڙا ۽ بي غيرت ذليل و خوار ٿئين
    هر جمع جي رات شرمندو پيو هر بار ٿئين
    نيٺ نامرديءَ ۾ تون نڪري نسنگ نروار ٿئين
    مڙس زنخو واسطي عورت وڏو وبال آهه
    توسان گڏ گهارڻ موالي هيجڙا جنجال آهه
    ***


    مولائي ٻڍل جي ڪٿا

    اڄ ڪٿا پنهنجي ٻڌائڻ لئه ٻڌل تيار آ،
    پنهنجي ئي موضوع تي اڄ مائل گفتار آ.

    گرچ پيشه موچڪو ٿس، ذات جو ڪٽبار آ؛
    پر مهانڊو، معتبر ۽ مڙس مڻيادار آ.

    تڪ بندان سنڌ جو سرخيل ۽ سردار آ؛
    شاعري جي ملڪ جوهي مستند مهندار آ.

    دوستان باوفا لئه هي گل بي خار آ؛
    دشمنانِ پر خطر لئه پر هنه تلوار آ.

    خود فروشيءَ ۽ خوشامد کان بنهه بيزار آ؛
    خود خدا جي مهربانيءَ سان ڌرا خود دار آ.

    آد کان هنجو ڪتابي علم سان تڪرار آ؛
    ۽ نصابي علم سان پڻ برسر پيڪار آ.

    خوش خدا جي خلق ساري هن مان آهي ڇو ته هي
    خوش سير خوشرو ۽ خوش آواز اطوار آ.

    ڏات ناهي ذات تي جو ٿو وهي سوٿو لهي،
    ذات جو ڪمذات هن تي داد ڪيو داتار آ.

    ڇا نظرثانيءَ جي مصرع طرح محتاج ناهه؟
    ديد جي شهيد جو دارون دوا ديدار آ!

    قافيه پيما ۽ شاعر ۾ رڳو هي فرق آ،
    هڪڙو ڪچ ڪوڏين جو ڪوڏيو ۽ ٻيو وينجهار آ.

    شعر ڳيرن جان ڪري ڳٽ ڳٽ ٿا هن وٽ ڦاسجن؛
    قافين جو چوطرف هنجو پکڙيل ڄار آ.

    ڇا پڇو ٿا منهنجو مذهب يا ڌرم اي دوستو،
    هٿ ۾ تسبيح آ ۽ زيبِ گلو نار آ.

    سينڊ ۾ ڳاتي سپو رنج صاف آهي مارئي؛
    سادڙو درويش مولائي ٻڍل پرڪار آ.
    ***


    مينهون کوکر

    بدمعاش بي حيا، بدڪردار آهه کوکر
    شهدو، ذليل پاجي بدڪار آهه کوکر

    ارزل امير ڪنهن جو شايد هي بخش ٿيل آ
    نطفي حرام جوهي شهڪار آهه کوکر

    خنريز کان به بدتر هي بدشناس آهي
    انسان ذات جي لئه آزار آهه کوکر

    روٽي کادلا نالو شيروءَ رکيو آهنجو
    ان ناءُ سان شهر ۾ نروار آهه کوکر

    مٽي قبر جي شايد هنجا ڀري سگهي ڀڀ
    نٿا ڍاپجڻ ۾ ڏائڻ هت خوار آهه کوکر

    نوڪر جي حيثيت ۾ ميمبر ۽ چيرمن ٿي
    آقا سان سرڪشي ڪئي سئو بار آهه کوکر

    محسن ڪشي شروع کان هنجو رهيو آ شيوو
    تحقيق آستين جو هي مار آهه کوکر

    قومي اسيمبليءَ جي گذريل اليڪشن ۾
    کوسي جي نان تي ٿيل مردار آهه کوکر

    هنکي هو ووٽ جو حق آقا جي شڪ امانت
    پيسن تي هن وڪيو سو هر بار آهه کوکر

    سئو بار صاف آغا مرحوم هي چيو هو
    ناقابل ڀروسه غدار آهه کوکر

    زر تي هي زال جو ڀي سودو ڪندو خوشيءَ سان
    ايمان دين جو پڻ وڻجار آهه کوکر

    هن جو نماز روزو داخل ريا ۾ آهي
    ڇو جو هي مفتي نه پر مڪار آهه کوکر

    ڪوئي مري ڇا جيئي هنجو ڇا واسطو آ
    حلوو پلاءُ هر دم درڪار آهه کوکر

    ڪهڙو وٺي اچين ٿو تون منهن شمس محل ۾
    صورت الهام توتي ڦٽڪار آهه کوکر

    پادر آ هنجو مرشد پادر آ هنجو دارون
    پادر اڳيان ممتاز هي لاچار آهه کوکر
    ***


    قصيده ملان صديق

    (1)
    اهو من جي ناخلق اولاد آ ملان صديق
    ٿو خدا ڄاڻي ته آهي ڇا بلا ملان صديق
    آهه خوبان شهر جو آشنا ملان صديق
    قاضين وٽ اڄ آ قسمت آزما ملان صديق

    (2)
    مان ڪري اشعار ۾ تعريف تنهنجي ڪيئن سگهان
    تون نه ڪنهن انسان جي توصيف جو محتاج آن
    بيگ جي مسجد جي حجري کي هجي جيڪر زبان
    جو ٻڌائي تنهنجي ساري ماجرا ملان صديق

    (3)
    ٿا چون ماڻهو ته تنهنجي آهه هر علت ڪڌي
    کير پيڻ واسطي تو مرون جي مادي آ ڏڌي
    ڪوڪ گونگي شاهه جي ڪنڀرن جي مسجد هئي ٻڌي
    پوءِ به ان مسجد جو آهي پيشوا ملان صديق

    (4)
    ريش جي رمزن سان پنهنجي ڍال ٺاهيئه مولوي
    ۽ خوشامد سان ڪري خدمت جهڪائيه مولوي
    معتقد ۽ مقتدي پنهنجا بڻائيه مولوي
    خوب آهن تنهنجا منتر واهه واهه ملان صديق

    (5)
    ڪنهن به صورت ۾ نه آهي دل ۾ تنهنجي گداز
    ڇو ته تون اخلاق جي قدرن کان آن بي نياز
    سڀ ٺڳيءَ جو ٺاٺ آهن تنهنجا روزا ۽ نماز
    ڪير توکي چئي سگهي ٿو پارسا ملان صديق

    (6)
    بي سبب ڀوڪين ٿو ڇو، تون اي ڪتا ڪالوءَ سندا!
    موچڙا توکي لڳل وسري ويا لالوءِ سندا!
    تون هيڻين بهتان درويشن تي ٿو عالوءِ سندا!
    ڀڄ خدا جي قهر کان او بي حيا ملان صديق!

    (7)
    ريش جي بنياد تي تو جو اڏايو پنهنجو عز
    سو لَسين جو صحبتن ۾ تو گنوايو پنهنجو عز
    قسم ڪوڙا ٿو کڻي ڪاذب وڃايو پنهنجو عز
    آنهه بلڪل صدق کان خالي صفا ملان صديق

    (8)
    ڪارناما اي ابن ابليس ڪهڙا ٿو ڪرين
    جنس ۾ افعال تون خنريز جهڙا ٿو ڪرين
    تون جتي کائين اتي ڪر توت اهڙا ٿو ڪرين
    ڪنهن به صورت ۾ نه جي آهن روا ملان صديق

    (9)
    بي گرا سچ پچ ته آهين روح تائين تون گندو
    مڪر جو روئڻ به تنهنجو آهي هڪ مهلڪ ڦندو
    همسري ڳوڙهڻ ۾، مانگر مڇ ڇا توسان ڪندو
    ٿو رکين آنسوئن جا اکين ۾ دريا ملان صديق

    (10)
    تنهنجي ڏاڙهي بي شڪ آ خوب ڪارنهن ۾ لڪل
    تنهنجي ٻٽيهي آ توکي مئل واڻئي جي مليل
    تون لڪائين لوڪ کان ٿو پنهنجا جيڪي بدعمل
    ڇا ڏسئي ٿو ڪين تون ئي چئه خدا ملان صديق

    (11)
    ڪلهه ٿو چوي چندر ته ملان ڪنهن جو همدرد نانهن
    ٿس رڳو ڪهڙي هوس هو مڙس ماڻهو مرد نانهن
    لوط واري قوم جو پڻ يار پانڊي فرد نانهن
    ڇو ته ڪنهن کدڙي نه ڪئي تنهنجي ثنا ملان صديق

    (12)
    مڙس ماڻهوءَ جي ڪڏهين ٿو ناچ ناچو جيان نچي؟
    هن عمر ۾ چيلهه لوڏڻ ڀلا ڪنهن کي ٺهي؟
    تنهنجي ڳڀرن ساڻ سنگت مان ته ثابت هي ٿو ٿئي
    مرض ۾ ميرن جي خود آ مبتلا ملان صديق

    (13)
    ڇا خبر توکي نه آ، تون ڪيترو بدنام آن
    ڇا هلائيندا وتن ٿا ڇوڪرا تولئه ميان
    پنهنجي پردي لڪائڻ واسطي تون وات مان
    ٿو ڪرين تعريف پنهنجي خوامخواهه ملان صديق

    (14)
    سٺ سالن تي اچي ٿي، عمر اي ڇيڳرا
    موت جا مارو اڃا توکي سجهن ڪي ڪين ٿا
    باليقين توبــھ جا دروازا کليل ٿي بودلا
    تون گنوائيندي اڃان وقت ڇا ملان صديق

    (15)
    لالچي، بدعادتون، منحوس ۽ ڏائڻ ڪني
    چار پئسه رکندي ڀي ماني ٽڪر کائين پني
    تو ٻڍل مسڪين کي ڇيڙي آ اڪ سان ڳئي کني
    مست آيو ٿي اٿي تون ڀڄ چريا ملان صديق

    (16)
    مڪر جي پر پيچ پهريون ٺاهه پنهنجي پٽڪڙي
    منهن ڏسي پو آرسيءَ ۾ پاءِ پنهنجي پٽڪڙي
    ڪين مولائيءَ هٿان لهراءِ پنهنجي پٽڪڙي
    مشورو منهنجو اٿي هي برملا ملان صديق
    ***


    جناب امروٽي

    ڏنو هي ليٽ آ تحفو ” جناب امروٽي“
    ڳڙهيءَ جي واسطي آهي عذاب امروٽي

    سياهي خوب پکيڙيندي چوطرف آيو
    سياهه چسمي جو پهري نقاب امروٽي

    ريا جي، مڪرجي، فتني جي ڪند ڪاتيءَ سان
    ڪهي ٿو شهر سڄي کي قصاب امروٽي

    خسيس نفس ارذل ٿڪاڻو پاجي
    شرارتي ۽ فسادي ڪذاب امروٽي

    لڇي پڇي ۽ سڙي ٿو حسد جي آتش تي
    پچي ٿو سيخ تي گويا ڪباب امروٽي

    پسي خرابيءِ بسيار پنهنجي خاني ۾
    ڪري ٿو خلق جو خانو خراب امروٽي

    اگر ڏسي ٿو ڪٿي جنگ جدل جو امڪان
    وڄائي شر جو اتي ٿو رباب امروٽي

    نظر ۾ نقص، وڏو پيٽ ۽ پنيون ساڻيون
    عجيب شيپ سان آهي جناب امروٽي

    عطا ڳڙهيءَ ۾ ئي فرزند ارجمند ٿيس
    هتي ئي پاڻ بڻيو بوتراب امروٽي

    خوشا نصيب جو پيريءَ ۾ ٿيو امير مگر
    پنڻ ۾ پنهنجو گنوايو شباب امروٽي

    گناهگار آ هر ڪو مگر قهر ته ڏسو
    گناهه ٿو ڪري سمجهي ثواب امروٽي

    اڳيون جهان پري ٿي فساد جا باني
    هتي ئي ترت تون ڏيندين حساب امروٽي

    لٻاڙ ڊاڙ فحش گفتگو گلا گوئي
    انهن جزن ۾ لکيل آ ڪتاب امروٽي

    نظر سان پيءُ صراحيءَ کي مگر هٿ نه لڳي
    هتان جو تند ٿي ڏاڍو شراب امروٽي

    امروٽي: امير علي شاهه
    ***


    ميڙي چونڊي

    آئینہ

    تاب نظارہ نہیں آئینہ کیا دیکھنے دوں
    اور بن جائینگے تصویر جو حیران ہوں گے
    (مومن)

    آئینہ تیرے حسن کا دل بھی ہے جگر بھی
    ہے ایک ہی صورت کہ ادھر بھی ہے ادھر بھی۔
    (امیر مینا)

    میں انکے جلووں کا آئینہ ہوں، وہ میری حیرت کا آئینہ ہیں
    جہاں یہ عالم ہو محویت کا سوال کیسا جواب کیسا۔
    (اثر لکھنوی)

    کیوں اڑاتا ہے کسی کی بے بسی کا تو مذاق
    اپنی صورت پہلے اپنے دل کھ آئینہ میں دیکھ
    (انور)

    خود آئینہ تو ایک غلط سی مثال ہے
    ہے آئینہ میں کچھ تو تہمارا جمال ہے۔
    (عدم)

    ہر چند آئینہ ہوں پر اتنا ہوں ناقبول
    منہ پھیرلے وہ جس کے مجھے روبرو کرے
    (درد)

    درد ہم کی مثال ہے آئینہ
    ایک عالم کا روشناس کیا
    (ساغر)

    آئینہ جب دیکھتا ہوں ہجر میں کہتا ہوں میں
    آدمی کی ایسی ہوجاتی ہے صورت الحفیظ
    (داغ)

    آئینہ مہر کا تھا مکدر غبار سے
    گردوں کو تپ چڑھی تھی زمین کے بخار سے
    (انیس)

    ترے خیال کی تصویر ہے تری تہذیب
    ترا ضمیر ہے تیرے عمل کا آئینہ
    (زہرہ اشتیاق)

    مرے عشق کا مقصود خاص پوچھتے ہیں
    ضرورت آن پڑی آئینہ دکھاتے ہیں
    (احمد ندیم قاسمی)

    دل کا آئینہ ہمارا جام جم سے کم نہیں
    دیکھ لیتے ہیں اسی میں گردش دوراں کو ہم نہیں
    (رسوا)

    دیکھ کر تیری تصویر کو
    آئینہ بن کے ہم رہ گئے
    (رسوا)

    بہتر دیکھائی دیں کہیں شمس و قمر سے آپ
    دیکھیں جو آئینے کہ ہماری نظر سے آپ

    دل کے آئینے پہ آئے نہ کبھی گرد ملال
    اے مری زیست کو تاریک بنانے والے
    (انور شعور)

    جو حسن ازل میں دیکھا تھا تقدیر سے ہے آنکھوں میں
    جو پھول چمن میں آتا ہے بنکر آئینہ آتا ہے

    توڑ کر دیکھ لیا آئینہ دل تونے
    تیری صورت کے سوا اور بتا کیا نکلا
    (مظہر نائی)

    تم نے مجھ کو دکھا کے آئینہ
    اک حقیقت سے روشناس کیا

    آئینہ کیوں نہ دوں کہ تماشا کہیں جسے
    ایسا کہاں سے لائوں کہ تجھ سا کہیں جسے
    (غالب)

    یہ اداس اداس چہرے یہ حسین حسین بستی
    تری انجمن میں شاید کوئی آئینہ نہیں ہے
    (شکیل)

    کتنی نادیدہ تمناوں کی حسرت لے کر
    حسن پھر آئینہ بدوش ہوا جاتا ہے

    جب دیکھو محو آرائش جب دیکھو احساس کا
    آئینہ اک نازک شے ہے لوگوں کو سمجھائے کوں
    (عشرت)


    پیکر

    حسن کا پیکر مجھے اک صبح دم
    نازنین، ناز آفریں و نازک کمر، نازک بدن
    (ساجد)

    آدمی پیکر خطا ہی نہیں
    آدمی مظہر خدا بھی ہے
    (حضور سلیم)

    محبت، عزیمت، شجاعت کے پیکر
    الہی' ہمیں ایسے انسان عطا کر
    (اثر مہبائی)

    اغیار بڑے شوق سے پوجیں ترا پیکر
    مجھ کو تو ترا حسن تخیل ہی بہت عزیز
    (قمر)

    اٹھی تھی بحر حسن کی اک موج بے قرار
    فطرت نے اس کو پیکر انسان بنا دیا
    (اصغر گونڈوی)

    دغا دے جاتے ہیں اکثر خلوص و مہر کے پیکر
    یہ دنیا ہے یہاں پر ایسے باتیں ہو ہی جاتی ہیں
    (فراز صدیقی)

    اے شاد مجھ کو غم سے محبت سی ہوگئی
    اک پیکر جمیل کو غم خوار دیکھ کر
    (نریش کمار)

    چند بوندیں ہی نظر آئیں سر شاخ مثردہ پے
    آرزو دل کی کبھی پھول کا پیکر نہ ہوتی
    (خلیل رامپوری)

    نقش فریادی ہے کس کی شوخی تحریر کا
    کاغذی ہے پیرہن ہر پیکر تصویر کا
    (غالب)

    ہائے وہ ستمگر نفس ہائے وہ پیکر ہوس
    جس نے سمجھ لیا آشیاں کو بازار جنس و ہوس
    (شکیل بدایونی)

    ہم نے ہنس ہنس کے تری بزم میں اے پیکر ناز
    کتنی آہوں کو چھپایا ہے تجھے کیا معلوم
    (اختر شیرانی)

    اپنے شہید ناز کو گلہائے زخم سے
    اک پیکر بہار بنا کر چلے گئے
    (اثر لکھنوی)

    یہ حسن کہ جس سے تیرا پیکر ہے عبارت
    برسوں مرے تخیل کے سانچے میں ڈھلا ہے
    (احسن احمد اشک)

    ڈھلتا گیایادوں کے شفق میں ترا پیکر
    احساس نے جب حسن کی توصیف رقم کی
    (احمد سعدی)

    آشکار ہے یہ اپنی قوت تسخیر سے
    گرچہ اک مٹی کے پیکر میں نہاں ہے زندگی
    (اقبال)

    خبر کیا تھی بنیں گے پیکر غم
    بڑے خوش تھے تمہیں اپنا بنا کر
    (مبارک امروز)

    تابش کسی کے پیکر رنگیں کی چاہ میں
    دل کا چراغ ہم نے جلایا تمام رات
    (تابش)

    یاد آئے ترے پیکر کے خطوط
    اپنی کوتاہی فن یاد آئی
    (قتیل شفائی)

    گذشتہ جنگ میں پیکر جلے مگر اس بار
    عجب نہیں کہ یہ پر چھائیاں بھی جل جائیں
    نبھے کیونکہ مرا اور اس پری پیکر کا یارانہ
    وہ بے پردا میں سودائی وہ سنگین اداس میں دیوانہ
    (بہادر شاہ ظفر)


    آنسو

    بھرے ہیں آنکھ میں آنسو اداس بیٹھے ہو
    یہ کس غریب کی تربت کے پاس بیٹھے ہو
    (آغا صادق)

    نہ جانھ کیوں مری آنکھوں میں آگئے آنسو
    کسی نے ہاتھ بڑھایا تھا دوستی کے لئے
    (شمس زبیری)

    تھا یہ وقت انکے خیر مقدم کا
    اب کہاں جا کے مرگئے آنسو
    (نازش حیدری)

    آنسو ٹوٹا سب نے دیکھا دل دکھا سکے نہ ہم
    گلشن کی ہر شاخ کو دیکھا ٹوٹا دیکھ سکے نہ ہم
    (شاہد رضا)

    کسی کے ایک آنسو پر ہزاروں دل تڑپتے ہیں
    کسی کا عمر بھر کا رونا بھی بیکار جاتا ہے
    (میر تقی میر)

    تعجب کیا جو بے تابی میں کچھ آنسو نکل آئے
    صرف میں ہی سدا سرمایہ گوہر نہیں رہتا
    (زہرہ اشتیاق)

    صبح دم دیکھ نہ لے کوئی یہ بھیگا آنچل
    میری چغلی کہیں دکھادیں نہ تمہارے آنسو
    (اختر شیرانی)

    چوڑیوں کے ساز میں یہ سوز ہے کیسا بھرا
    آنکھ میں آنسو بنی جاتی ہے جسکی ہر صدا
    (جوش)

    روداد غم الفت ان سے ہم کیا کہتے کیونکر کہتے
    اک حرف نہ نکلا ہونٹوں سے اور آنکھ سے آنسو نکل گئے
    (مجاز)

    سنا ہے سنگدل کی آنکھ سے آنسو نہیں بہتے
    اگر یہ سچ ہے تو پتھر سے کیوں چشمے ابلتے ہیں
    (محشر)

    ہم دونوں دیکھتے رہے بندھن کا ٹوٹنا
    تم مسکرا کے رہ گئے آنسو بہا کے ہم
    (قیوم سروری)

    نہ آئے آنکھ میں آنسو نہ ہونٹوں پر کبھی آہیں
    نہ ہونے دی انہیں بے تابی دل کی خبر میں نے
    (بلقسی فاطمہ زہری)

    ترے غم میں بہہ گیا ہے مرا ایک ایک آنسو
    نہیں اب کوئی ستارہ جو چمک سکے گلشن میں
    (شکیل شفائی)

    کچھ یاد کرکے آنکھ سے نکل پڑے
    مدت کے بعد گزرے جو اسکی گلی سے ہم
    (احمد ندیم قاسمی)

    ٹپک اے شمع آنسو کے پروانے کی آنکھوں میں
    سراپا درد ہوں حسرت بھری ہے داستان میری
    (اقبال)

    مدت کے بعد اذان تبسم ملا مگر
    وہ بھی کچھ ایسا تلخ کہ آنسو نکل پڑے
    (جگر)

    قطرہ قطرہ آنسو آنسو طوفان طوفان شدت ہے
    پارہ پارہ دل ہے جس میں تودہ تودہ حسرت ہے

    گریبان چاک مخمل سے نکلا جاوں تو کیا ہوگا
    تری آنکھوں سے آنسوں بن کے ڈھل جاوں تو کیا ہوگا

    کوئی آنسو مری پلکوں سے نہیں ٹوٹے گا
    تیرے پھلوں کا حسین رنگ نہیں چھونے گا
    (جان نثار احمد)

    یہ رکے رکے سے آنسو یہ گھٹی گھٹی سی آہیں
    یونہی کب تلک خادیا غم زندگی نبھائیں
    (مجروح)


    نیند

    یہ سوچا تھا پہنچ کر منزل مقصود پہ دم لیں گے
    ہمیں نیند آگئی انور کہ جب منزل قریب آگئی

    چاند مدھم ہے آسمان چپ ہے
    نیند کی گود میں جہاں چپ ہے

    یاس کی نیند سلانا ہی اگر تھا منظور
    میری ناہید کی راتوں کو جگایا کیوں تھا

    پھر نہ انتظار میں نیند آئے رات بھر
    آنے کا عہد کر گئے آئے جو خواب میں

    محبت نے کیا کیا پہلے تو رونا دل کا تھا
    ان تو نیند سے بھی ہوگئے محروم ہم

    دل کو سکون مل گیا درد کو نیند آگئی
    راہ طلب میں آگیا کون سا آستاں نہ پوچھ

    ان سرمگیں آنکھوں میں نیند آہی گئی آخر
    تم سن چکے افسانہ میں کہہ چکا افسانہ

    کتنی تسکین ہے وابستہ ترے نام کے ساتھ
    نیند کاٹوں پہ آجاتی ہے آرام کے ساتھ

    قصہ عہد جوانی پوچھتے ہو کیا عزیز
    آگیا تھا اتفاقا نیند کا جھونکا مجھے

    ترا شور صبح محشر نہ اسے جگا سکے گا
    ترا ذکر کرتے کرتے جسے نیند آگئی ہو

    تمہیں بھی نیند آئے گی ہم بھی سو ہی جائینگے
    ابھی کچھ بیقراری ہے ستاروں تم تو سو جاو

    رہا یوں بھی نامکمل غم عشق کا فسانہ
    کبھی مجھ کو نیند آئی کبھی سوگیا زمانہ

    موت سے زیست کا شعلہ کہاں ہے عدم
    صرف احساس کو اک نیند سی آجاتی ہے

    نہ سوئے رات بھر آخر نہ آنا تھا نہ نیند آئی
    ادھر آکاش پر تارے ادھر ہم ہجر کے مارے

    ہر آہٹ پہ سوچا ہے کہ شاید اب وہ آجائیں
    اسی دھوکے میں ابتک غم کے ماروں کو نیند آگئی

    جلوے بھی محو خواب، نگاہیں بھی محو خواب
    دونوں کی نیند ٹوٹی ہے دل کی پکار سے

    وہ روبرو ہیں آج مرے مدتوں کے بعد
    کہہ دے یہ کوئی نیند سے دشمن نہ بنے آج

    میں ڈر رہا تھا سوتے نہ پائیں کہیں مجھے
    وعدے کی رات نیند نہ آئی تمام شب

    ہوا کا رخ بدل چکے تھے بھنور کی زد سے نکل چکے تھے
    کہاں امیدوں کو نیند آئی کہاں سہاروں نے ساتھ چھوڑا

    اکیلا صبح تک تڑپا مریض شام تنہائی
    نہ غم آئے نہ نیند آئی نہ چین آیا نہ موت آئی

    شب نالہ کرتے رہے ہم کوئے یار میں
    ایسا نہ ہو کہ نیند میں اسکی خلل پڑے

    دوستو تم پہ بھی گذرا ہے کبھی یہ عالم
    نیند آئی نہیں اور خواب نظر آتے ہیں

    نیند بھی موت بن گئی ہے عدم
    بے وفا رات بھر نہیں آئی

    مجھ کو شکوہ ہے انہی آنکھوں سے
    تم نہ آئے تو نیند کیوں آئی
    ***


    متفرق

    نوٹ ہاتھوں میں وہ رشوت کے لئے پھرتے ہیں
    کوئی پوچھے کہ کیا ہے تو چھپائے نہ بنے

    معرکہ چالو ہے ووٹوں کی طلبگاری کا
    امتحان ہے تیرے ایثار کی خود داری کا

    سو پشت ہے پیشہ آبا گداگری
    کچھ لیڈری ذریعہ ء عزت نہیں مجھے

    پہلے دل میں درد تھا اب چاولوں کی مل میں ہے
    الفرض کسٹوڈیں لیڈر بڑی مشکل میں ہے

    کیا ہے مولوی گل شیر نے چیلینج بھولو کو
    ادا ہو شکریہ کس طرح امریکہ تیرے گھی کا

    خدا کے واسطے مجھ کو منسٹری دیدو
    مرا مزاج جو لڑکپن سے لیڈرانہ ہے

    ہر طرف جاری ہیں کرسی کے لئے سرگرمیاں
    آگئی اپنی سیاست میں بھی گرمی جون کی

    خرس کا سر، شکل بندر کی منہ خزیز کا
    ایک پہلو یہ بھی انسان کی تصویر کا

    یہاں پگڑی اچھلتی ہے اسے ایوان کہتے ہیں
    نہ جائیں واعظ دیندار ون یونٹ اسمبلی میں

    فاقہ مستی کی عید آئی ہے
    ٹیب جی سیٹھ کی دہائی ہے

    سن کے بولے وہ مری روداد غم
    یہ تو مسلم لیگ کا اعلان ہے

    ہاے یہ دور کبھی میر نے بھی دیکھا تھا
    ہم بھی عطار کے لونڈے سے دوا لیتے ہیں

    سیاست بے ضیافت جلوہ پیدا کر نہیں سکتی
    ڈنر چالو رہے جس میں سیاست اس کو کہتے ہیں

    زاہد کو سکھا دیجئے آداب یہ مجلس کے
    پیتے ہیں شراب اول کھاتے ہیں کباب آخر

    رہ گیا ہے اب ڈنر تک ساری تصویروں کا زور
    قوم ہے ہوٹل سے باہر لیڈری ہوٹل میں ہے

    گدھوں پہ لاد کے ہم بوجھ ذمہ داری کا
    یہ کہ رہے ہیں کوئی آدمی نہیں ملا

    کیا کھائیں گے جن کے دل میں یہ کانٹھ کھٹکٹے ہیں
    کہیں مریضہ نہ ہوجائے کہیں ہیضہ نہ ہوجائے

    اس کو بزنس کی ضرورت نہ کسی سروس کا
    جس کی قیمت میں ہو قوم کا لیڈر ہونا

    دامن واضع کہیں جب پارہ پارہ ہوگیا
    اوڑھنی مفلر بنی برقع غرارہ ہوگیا

    چمن ہوٹل میں یہ رمضان کے بیمار بھیٹے ہیں
    نہیں اٹھنے کی طاقت کیا کریں لاچار بیٹھے ہیں

    تم ثنا اللہ خان ہو اور میں عبدالمجید
    بس مسلمانی رہی جاتی ہے اب تو نام ہے

    بینک بیلنس بھی ہے بنگلہ ہے اور ہے بھوک بھی
    لیڈری میں ایک بی کی کمی پاتا ہوں میں

    ہمارے حال پر سرکار کتنی مہربانی ہے
    نہ ایندھن ہے، چینی ہے نہ آٹا ہے نہ پانی ہے

    میں بولا بادشاہ میری اک چھوٹی گل سن لو
    وہ بولے چھڈو جی کیا گل سین بازار کے وچ میں

    مرغیاں، کوفتے، مچھلی، بھنے تیتر انڈے،
    کس کے گھر جائے گا سیلاب غذا میرے نصیب کا

    سینکڑوں پلان بنا کر تجھے دونگا اے دوست
    جن کے پڑھنے سے ہو بہنوں کا بھلا میرے بعد

    نیا الیکشن کا کھیل ہے پیارے
    دھن کی جو ریل پیل ہے پیارے
    شامل کاک ٹیل ہے پیارے
    یہ ترقی ہے ساری سائنس کی
    یعنی فی میل، میل ہے پیارے

    پہلے تو دل پہ ریڈ کرتے ہیں
    اور پھر فرسٹ ایڈ کرتے ہیں
    تو بھی کر پریڈ میری زہرہ جبیں
    ماہ پارے پریڈ کرتے ہیں
    ان دنوں بن گئے وہ حاجی
    بلیک مین جو ٹریڈ کرتے ہیں

    ادھر مل ادھر فیکٹری چل رہی ہے
    زہے لیڈری لیڈری چل رہی ہے
    غم قوم کھانے کی فرصت کہاں ہے
    ڈنر، لنچ، ٹی پارٹی چل رہی ہے

    ہو جس میں قوم ٹن پرسنٹ، لیڈر نائنٹی پرسنٹ
    حقیقت ہے یہی قومی جماعت اس کو کہتے ہیں

    کبھی کرسی پہ بٹھلایا گیا ہوں
    کبھی کرسی سے اٹھوایا گیا ہوں
    کہیں بنگلے میں نچوایا گیا ہوں
    کہیں فوٹ پاتھ پر پایا گیا ہوں

    بینک بیلنس، بیوک، بنگلہ، بیگمات
    کتنی مہنگی لیڈری ہے آج کل
    واہ یک طرفہ ٹریفک کا کمال
    ہر سڑک تیری گلی ہے آج کل

    واہ ون یونٹ اسمبلی اے مجید
    میر بھی جس میں دوانہ ہوگیا
    ***


    آخری الفاظ

    ایک تو درد ملا اس پہ یہ شاہانہ مزاح
    ہم غریبوں کو بھی کیا تحفے دیئے جاتے ہیں

    تم ایسے کون سے خدا ہو کہ عمر بھر تم سے
    امید بھی نہ رکھوں نا امید بھی نہ رہوں

    زندگی ہے کہ سلگتی ہوئی سگریٹ کی طرح
    دم بدم راکھ کی صورت میں ڈھلی جاتی ہے

    الفت کی نئی منزل کو چلا تو بانہیں ڈال کر بانہوں میں
    دل توڑنے والے دیکھ کے چل ہم بھی تو پڑے ہیں راہوں میں

    ایک میں ہوں ایک میری بیکسی کی شام ہے
    اب تجھ بن زندگی جینے کا ایک الزام ہے

    وہ جام ہوں کہ خون تمنا سے بھر چکا
    یہ میرا ظرف ہے کہ چمکتا نہیں ہوں میں
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340587
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ