ڪتاب جو نالو: سيرت جو مطالعو
مصنف: مولانا وحيد الدين خان / يوسف هاشمي
ڇپائيندڙ: سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 24 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 633 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 385 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سيرت جو مطالعو (سيرت رسول ﷺ جو علمي ۽ تاريخي مطالعو) نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.
ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سيرت جي موضوع تي اهڙا ڪتاب لکيا وڃن، جيڪي مذڪوره قرآني آيتن سان هڪجهڙائي رکندا هجن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انهن جو تفسير ۽ تشريح بنجي سگهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ قسم جي هڪ ڪوشش آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڳالهه جي شروعات !
  • سيرت جو مطالعو
  • رسول ﷺ جي زندگيءَ جو احوال
  • قرآني تصوير
  • پيغمبر اسلام جي شخصيت
  • حڪمت نبوي
  • پيغمبراڻي پاليسي
  • پيغمبر اسلام ۽ ٻيا نبي سڳورا
  • سُنت حديبيه
  • پيغمبراڻو مشن
  • اسوة حسنه
  • ختم نبوت
  • فطرت تي ڀروسو
  • رسالت جو اظهار
  • امن جي سگهه

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (278) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”سيرت جو مطالعو (سيرت رسول ﷺ جو علمي ۽ تاريخي مطالعو) نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.

    ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سيرت جي موضوع تي اهڙا ڪتاب لکيا وڃن، جيڪي مذڪوره قرآني آيتن سان هڪجهڙائي رکندا هجن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انهن جو تفسير ۽ تشريح بنجي سگهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ قسم جي هڪ ڪوشش آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڳالهه جي شروعات !

    سيرت نگاريءَ جا ٻه طريقا آهن. پهريون عقيدي پرستي يا تقليد وارو ۽ ٻيو ڇنڊڇاڻ ڪري نين شين کي ميدان تي آڻڻ جو. پاڻ وٽ سوين سالن کان سيرت نگاريءَ جو جيڪو اسلوب هلندو پيو اچي اهو گهڻو تڻو تقليدي آهي. ان جي مقابلي ۾ مجتهدانه اسلوب اهو آهي، جيڪو سهيوڳي حالتن موجب هجي. يعني اهو اسلوب جيڪو اڄ جي انسان جي لاءِ ”پيغمبر اسلام“ جي نموني کي سمجهه وارو بنائي، جيڪو اڄ جي انسان کي پنهنجي زماني جي شئي نظر اچڻ لڳي.
    جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته پريس جو دور اچڻ کان پوءِ مختلف زبانن ۾ سيرت تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، اهي هڙئي تقليدي يا عقيدت منديءَ جي اسلوب ۾ لکيا ويا آهن. پر جيڪڏهن ڪو ڪتاب قديم اسلوب کان هٽي به لکيو ويو آهي ته اهو فرق به رڳو ظاهري آهي. اصل حقيقت جي لحاظ کان به اهي ڪتاب عقيدت منديءَ وارا ئي آهن، جيتوڻيڪ خود پسند ماڻهو پنهنجي خوشفهميءَ جي ڪري انهن کي مجتهدانه سمجهي وٺندا آهن.
    مقلدانه اسلوب ڪهڙو آهي؟ اهو ٻُڌائڻ جي لاءِ ڪنهن وضاحت جي گهرج ڪونهي. اوهين سيرت جي موضوع تي لکيل ڪنهن به ڪتاب کي ڏسو، اهو اوهان جي لاءِ مقلدانه اسلوب جو هڪ تعارف هوندو.
    مجتهدانه اسلوب جو مطلب اهو آهي ته سيرت نبويءَ کي نئين سر جديد اصطلاحن ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اڄ جو انسان جن اصطلاحن ۾ سوچي ٿو، انهن اصطلاحن ۾ نئين سر سيرت نبويءَ جي وضاحت ۽ تدوين ڪئي وڃي.
    قديم زماني ۾ سيرت جي عنوان سان جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، جهڙوڪ: سيرت ابن هشام، انهن ۾ يقيناً واڌاري جي گهرج آهي، پر واڌارو اهڙو نه جيڪو پوءِ جي دور ۾ ڪيو ويو.
    اصل ۾ سيرت جي شروعاتي ڪتابن ۾ سيرت جا ڪجهه حصا آيا آهن. اُن جا ڪيترائي حصا انهن ڪتابن ۾ شامل ٿي نه سگهيا آهن. اهي حصا اڃا به حديث جي ڪتابن ۾ موجود آهن. اهي مختلف عنوانن تحت حديث جي ڪتابن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حديث جي ڪتابن جو اُن نقطه نظر سان اُڀياس ڪري، سيرت جي حصن کي انهن مان ڪڍي، انهن کي سيرت جي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي، پر اهو ڪم ٿي نه سگهيو. سيرت جا اهي قيمتي حصا اسين متفق طور تي حديثن جي ڪتابن ۾ ڏسون ٿا، پر سيرت جي عنوان تحت اهي اسان جي سامهون نٿا اچن. تنهن ڪري عام پڙهندڙ انهن حصن کي سيرت نبويءَ طور اخذ نٿو ڪري سگهي. پڙهندڙ تي انهن جو اهو اثر نٿو ٿئي، جيڪو واقعي طور ٿيڻ گهرجي.
    شروعاتي دور ۾ سيرت جا ڪتاب فقط سيرت نبويءَ تي مشتمل هوندا هئا. جهڙوڪ: ابن اسحاق جي سيرت. جيڪا هاڻ ”سيرت ابن هشام“ جي شڪل ۾ اسلامي ڪتب خانن ۾ موجود آهي. پوءِ جي سيرت نگارن اُن ۾ به واڌارو ڪيو. هو سيرت جي موضوع تي ٻيون به ڪيتريون ئي شيون شامل ڪرڻ لڳا. جهڙوڪ: ابن قيم جي ڪتاب ”زاد المعاد“ ۾ فقهي مسئلا، حسنين هيڪل جي ڪتاب ”حيات محمد صه“ ۾ مستشرقين کي جواب وغيره. ان رجحان کي مولانا سيد سليمان ندويءَ آخري حد تائين پهچائي ڇڏيو، هن ته سيرت کي اسلام جي انسائيڪلوپيڊيا بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    اُن قسم جي توسيع ليکڪ جي علمي ڪمال جو اظهار ته ٿي سگهي ٿو، پر اهو سيرت جي مطالعي جو ڪو گهربل طريقو نه آهي. سيرت نبويءَ جو اصل مقصد قرآن موجب ”اسوه نبوي“ کي ڄاڻڻ آهي (الاحزاب 21) پر ذڪر ڪيل قسم جي ڪتابن ۾ اهو پاسو ايترو ته دٻجي ٿو وڃي، جو پڙهندڙ ان مان سيرت جي اصل غذا حاصل نه ٿو ڪري سگهي.
    هن ڪتاب ۾ سيرت جو اُڀياس ان خاص پاسي کان ڪيو ويو آهي. پر اهو موضوع جو مڪمل اُڀياس ڪونهي. هن ڪتاب جي حيثيت اصل ۾ ان موضوع سان تعارف جي آهي، نه ڪي ان موضوع جي جامع بيان واري.

    وحيد الدين
    21 آڪٽوبر 1998ع


    سيرت جو مطالعو

    پيغمبر اسلام ﷺ جي سيرت تي مختلف زبانن ۾ بي شمار ڪتاب لکيا ويا آهن. پر مسلم اهلِ علم جي لکيل انهن ڪتابن ۾ عام طور تي هڪ گڏيل کوٽ ملي ٿي، سا، اها ته اهي ڪتاب گهڻو ڪري تقدس واري جذبي تحت لکيا ويا آهن. اهو طريقو عقيدتمنديءَ واري مطالعي جي لحاظ کان اهم ٿي سگهي ٿو، پر علمي لحاظ کان انهيءَ انداز تي لکيل ڪتابن جي اهميت گهڻي ڪونهي. اهوئي سبب آهي جو مستشرقين جي لکيل اڪثر ڪتابن جي علمي قدر ۽ قيمت مسلمانن جي لکيل ڪتابن کان گهڻي ٿئي ٿي. مستشرقين پنهنجي موضوعي (Objective) اڀياس جي آڌار تي اڪثر ڪري اهو قيمتي نقطو ڳولهي وٺن ٿا، جنهن کي اسان جا سيرت نگار ڳولهڻ کان وانجها رهن ٿا.
    جهڙوڪ: اِي. اِي. ڪليٽ (E.E. Kellet) هڪ برطانوي ليکڪ آهي. هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ پيغمبر اسلام جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”پيغمبر اسلام تڪليفن جو مقابلو انهيءَ عزم سان ڪيو ته هو ناڪاميءَ مان ڪاميابيءَ کي نچوڙي.“
    He faced adversity with the determination to wring success out of failure.
    اڄوڪي دؤر ۾ پيغمبر اسلام جي شان ۾ اڻ ڳڻيا نعت ۽ قصيدا ۽ بي شمار ساراهه جا ڪتاب لکيا ويا آهن. پر آئون سمجهان ٿو ته اولهه جي ليکڪ جو مٿيون جملو مسلم شاعرن ۽ ليکڪن جي لکيل سڀني منظوم ۽ نثري نعتن تي ڳرو آهي. مٿيون جملو پڙهندڙ جي لاءِ راهه جي نشان جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته مسلمانن جي لکيل لکڻين ۾ پڙهندڙ کي فقط فخر يا سڳورپ جي غذا ملي ٿي. انهن جي ذريعي پڙهندڙ کي اها رهنمائي نٿي ملي، جنهن کي قرآن ۾ ”اسوة حسنه“ چيو ويو آهي. (الاحزاب 21)
    انهيءَ موضوع تي هڪ نامياري ليکڪ جو ڪتاب ”السيرة النبويه“ جي نالي سان ڇپيو آهي. جنهن جي مقدمي ۾ ليکڪ لکي ٿو، ”مؤلف کي خبر هئي ته سيرت جي موضوع تي لکندڙن ڏاڍا اهم ڪتاب لکيا آهن، پر مؤلف انهيءَ کي پنهنجي سعادت سمجهي ته هو سيرت جي عظيم موضوع تي هڪ نئون ڪتاب لکي ۽ اهڙي طرح هو سيرت نگارن جي انهيءَ نوراني لڙيءَ ۾ شامل ٿي وڃي. (صفحو 10)
    ظاهر آهي ته اهو مطالعي جو ڪو علمي طريقو ڪونهي. انهيءَ قسم جي مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو ته سيرت جو موضوع مسلمانن جي وچ ۾ علمي ۽ فڪري ارتقا جو ذريعو بنجي نه سگهيو. اهو فقط عقيدتمنديءَ وارن جذبن جي تسڪين يا فخر جي اظهار جو ذريعو بنجي رهجي ويو.
    موجوده دؤر ۾ سيرت جي موضوع تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، سي گهڻا تـڻا اُنهيءَ نوعيت جا آهن. اهي مسلمانن جي لاءِ فخر جا ڪتاب ته ضرور آهن، پر اُهي حقيقي معنيٰ ۾ انهن جي لاءِ رهنمائيءَ جا ڪتاب يا ’ڪتاب اسوة‘ ڪونهن.

    ڪجهه مثال
    اسان جا سيرت نگار جڏهن سيرت جي موضوع تي لکن ٿا ته هو اڪثر هيئن ڪن ٿا ته رسالت کان اڳ عربستان جي حالتن جو نهايت اونداهو تصور پيش ڪن ٿا. هو ٻُڌائين ٿا ته رسالت کان اڳ سڄو عربستان اونداهيءَ ۾ ٻُڏل هو. اخلاقي لحاظ کان ماڻهو درندا بنيل هئا. ڪيترين ئي عورتن سان نڪاح ڪري، انهن کي پنهنجي گهر ۾ رکندا هئا. ڇوڪرين کي ڄمندي ئي ماري ڇڏيندا هئا، وغيره.
    انهيءَ قسم جون ڳالهيون پيغمبر اسلام جي ڪارنامن کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ لکيون وينديون آهن. اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته جيستائين عربن کي آخري حد تائين خراب ثابت نه ڪيو ويندو، تيستائين پيغمبر اسلام جي عظمت ظاهر ٿي نٿي سگهي. پر اهو نه رڳو تاريخ جي خلاف آهي، پر خود قرآن ۽ حديث جي به خلاف آهي.
    اُن قسم جي ڳالهين جو نقصان هي آهي ته مسلمانن ۾ علمي نقطي نظر پيدا ٿي نه سگهيو. مسلمان حقيقت پسند قوم بنجڻ جي بدران پُراسرار خيالن ۾ جيئڻ واري هڪ قوم بنجي ويئي. ڪنهن به حقيقت کي علمي ۽ تاريخي حيثيت سان سمجهڻ سندن لاءِ ممڪن نه رهيو. سندن اڪابرن تائين جو اهو حال آهي ته هو فقط پُراسرار اصطلاحن ۾ سوچڻ ڄاڻن ٿا. سائنسي اصطلاحن ۾ سوچڻ هنن جي لاءِ ممڪن ئي ڪونهي.
    قرآن مان معلوم ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ پيغمبر اسلام کي بهترين ماڻهن مان پيدا ڪيو (الانعام 124). جنهن جا وڌيڪ تفصيل روايتن ۾ آيا آهن. پيغمبر اسلام فرمايو ته ”الله تعاليٰ انسانن کي پيدا ڪيو، پوءِ مون کي بهترين انسانن مان اُٿاريو.“ (تفسير ابن ڪثير 2/173)
    انهيءَ مان چٽيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جن عربن ۾ مبعوث ڪيو ويو، سي اخلاق ۽ ڪردار جي اعتبار کان سڄي دنيا ۾ سڀ کان بهترين ماڻهو هئا. حقيقت هيءَ آهي ته، انهيءَ ڪري اهو ممڪن ٿيو ته پاڻ سڳورا هڪ اهڙو انقلاب آڻين، جنهن جو مثال تاريخ ۾ موجود ڪونهي. جيڪڏهن عرب جا ماڻهو ايترائي خراب هجن ها، جيئن اسان جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته رسول جي اصحابين جي اها اعليٰ ٽيم ئي نه بنجي ها، جنهن کي قرآن ۾ ”خير اُمت“ چيو ويو آهي (آل عمران 110) ۽ جنهن جي ڪري ”دين توحيد“ جي عظيم تاريخ وجود ۾ آئي. اِهائي اُها حقيقت آهي، جنهن طرف حديث جي هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته ”خيارکم في الجاهلية خيارکم في الاسلام اذا فقهوا.“ (فتح الباري 6/477)
    سيرت جي مطالعي جي مذڪوره طريقي سڄي معاملي کي غير علمي بنائي ڇڏيو. مثال طور: هڪ طرف اهو چيو وڃي ٿو ته رسالت کان اڳ عرب ۾ ماڻهو ڊزنن جي حساب سان زالون رکندا هئا. ٻي طرف انهن ئي ڪتابن ۾ ٻُڌايو ويندو آهي ته عرب پنهنجين ڇوڪرين کي ڄمندي ئي ماري ڇڏيندا هئا. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جنهن سماج ۾ ڇوڪريون جيئريون پوريون وينديون هجن، اُتي عورتون ايتري گهڻي تعداد ۾ ڪٿان اينديون، جو ماڻهن کي موقعو ملي ته هو وڏي انگ ۾ پنهنجي گهرن ۾ عورتون رکن.
    اصل ڳالهه هيءَ آهي ته گهڻي تعداد ۾ نڪاح ڪرڻ جو رواج فقط ڪجهه سردارن ۾ هو، نه ڪي عام عربن ۾. ۽ اهي سردار به اهو عمل انهيءَ ڪري ڪندا هئا، جيئن مختلف قبيلن سان مٽي مائٽي قائم ڪري، کين پنهنجي سرداريءَ هيٺ متحد ڪري سگهن. انهيءَ رواج کي پيغمبر اسلام ﷺ پڻ اسلام جي حق ۾ استعمال ڪيو. پاڻ سڳورن به مختلف قبيلن جي عورتن کي پنهنجي نڪاح ۾ ورتو ته جيئن انهن قبيلن کي جنگ کان سواءِ اسلام جو حامي بنائي سگهجي.
    جيستائين ڇوڪرين کي جيئري پورڻ جو معاملو آهي ته اهو فقط ڪن غريب عرب قبيلن ۾ هو. عام عرب انهيءَ کي سخت خراب سمجهندا هئا. ايتري قدر جو هو غريب گهراڻن جي مالي سهائتا به ڪندا هئا ته جيئن هو انهيءَ وحشياڻي رسم کان پري رهن.
    انهيءَ سلسلي ۾ هڪ عام غلطي هيءَ آهي ته اڳواٽ طور ئي اهو فرض ڪيو ويو آهي ته سڀ کان وڏو ڪارنامون ”باطل“ سان ٽڪرائڻ آهي. تنهنڪري پيغمبر جي اُهائي تصوير اُتم تصوير آهي، جنهن ۾ هو ماڻهن سان جنگ ڪندي نظر اچي.
    اُنهيءَ مفروضي جي آڌار تي سيرت نگار سدائين پيغمبر اسلام کي هڪ وڙهندڙ پيغمبر جي روپ ۾ پيش ڪندا رهيا آهن. ايتري قدر جو سيرت جي ڪتابن جي لاءِ اڪثر مغازي جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي. جهڙوڪ: مغازي ابن اسحاق وغيره.
    پر، حقيقت انهيءَ جي اُبتڙ آهي. پيغمبر اسلام جي حقيقي سيرت جنگ وجدل جو مثال ڪونهي. پر امن پسندي، صبر ۽ درگذر جو مثال آهي. پيغمبر اسلام جو مقصد ماڻهن سان وڙهڻ يا کين مارڻ نه هو، پر کين زندگي ڏيڻ هو. قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي ”اي ايمان وارؤ! اللهج ۽ رسول جي سڏ تي لبيڪ چئو، جڏهن ته رسول اوهان کي اُن شئي ڏانهن گهرائي رهيو آهي، جيڪا اوهان کي زندگي ڏيڻ واري آهي.“ (الانفال 24)
    قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پيغمبر جي ذريعي جيڪو دين ماڻهن وٽ موڪليو ويو آهي، اُهو مئل دلين کي جيئرو ڪرڻ وارو آهي. اهو پيغام پنهنجي اندر ۾ حيات بخشيءَ جو گُڻ رکي ٿو. قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي:
    ”ڇا اُهو شخص مئل هو، پوءِ اسان کيس زندگي ڏني ۽ اسان کيس هڪ روشني ڏني ته هو انهيءَ سان گڏ هلي ٿو. هو اُن شخص وانگر ٿي سگهي ٿو، جيڪو اونداهين ۾ پيل آهي. هو انهيءَ مان نڪرڻ وارو نه آهي.“
    اهي ۽ انهيءَ قسم جي ٻين آيتن مان پتو پوي ٿو ته پيغمبر جو مشن بادشاهن جي مشن کان مختلف آهي. هڪ بادشاهه جو مقصد اهو هوندو آهي ته هو ماڻهن کي مغلوب ڪري، انهن جي مٿان پنهنجي حڪومت قائم ڪري. انهيءَ ڪري بادشاهه سدائين ”جنگ ۽ تشدد“ جو طريقو اختيار ڪندو آهي، ڇو ته انهيءَ جو مقصد انهيءَ کان سواءِ حاصل ٿي نه ٿو سگهي.
    پر، پيغمبر جو مقصد ماڻهن جي مٿان حاڪم بنجڻ نه هوندو آهي. پر ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي بدلائڻ هوندو آهي ته جيئن هو اعليٰ روحاني زندگي گذارين ۽ دنيا ۽ آخرت جي سعادت جا حقدار بنجي سگهن.
    پيغمبر ماڻهن کي حريف يا دشمن طور نه ڏسندو آهي، پر هو انهن کي فقط انسان طور ڏسندو آهي. هو هر انسان جو همدرد هوندو آهي. سندس دل ۾ سڀني ماڻهن جي لاءِ خيرخواهيءَ جو جذبو هوندو آهي. هو ماڻهن کي انهيءَ نظر سان ڏسندو آهي، جنهن نظر سان هڪ ماءُ پنهنجي ٻارن کي ڏسندي آهي. پيغمبر جو خاص گُڻ ماڻهن جي لاءِ اعليٰ ٻاجهه ۽ شفقت آهي، ايستائين جو اُن وقت به جڏهن ماڻهو سندس مٿان زيادتيون ڪري رهيا هجن. ماڻهو کيس نقصان پهچائڻ جي پويان پيل هجن.
    پيغمبر ماڻهوءَ جي اندر ۾ لڪل فطرت کي جاڳائڻ چاهيندو آهي. هو هر ماڻهوءَ جي سيني ۾ ربانيت جو باغ لڳائڻ چاهيندو آهي. هو چاهيندو آهي ته هر شخص فڪر ۽ عمل جي لحاظ کان هڪ صالح انسان بنجي وڃي.
    انهيءَ قسم جو مقصد ڪڏهن به جنگ ۽ ٽڪراءُ سان حاصل ٿي نٿو سگهي. اهو هيئن حاصل ٿيندو آهي ته ماڻهو بگڙيل هجن، تڏهن به انهن سان هڪ طرفي محبت جو معاملو ڪيو وڃي. ماڻهن جي حال کي نظرانداز ڪندي، کين سندن آئيندي جي حوالي کان ڏٺو وڃي. انهيءَ قسم جي هاڪاري روش تي قائم رهڻ، صبر ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ کان سواءِ ممڪن ڪونهي. انهيءَ ڪري قرآن پاڪ ۾ پيغمبر کي بار بار صبر ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي.
    انهيءَ جي هڪ انتهائي صورت اها آهي، جنهن کي قرآن ۾ تاليف قلب (التوبه 60) چيو ويو آهي. يعني پنهنجي مزاج کي ڇڏي ٻين جي مزاج موجب هلڻ. پيغمبر اسلام پنهنجي مدعو ماڻهن سان هر مرحلي تي تاليف قلب جو اِهوئي طريقو اختيار ڪيو. انهيءَ معاملي ۾ پاڻ سڳورا ايستائين اڳتي ويا جو مديني ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ڏيڍ سال تائين يهودين جي قبلي کي پنهنجو قبلو بنائي رکيو. اهو مديني جي يهودين جون دليون وٺڻ جي لاءِ هو. پاڻ انهيءَ اُميد ۾ هئا ته يهودي اوهان جي ويجهو ٿين ۽ هو اوهان جون ڳالهيون بنا ڪنهن ڊپ جي ٻُڌن. (الجامع لاحڪام القرآن اللقرطبي 2/150)
    مسلم ليکڪن وٽ سيرت جي مطالعي جو مقبول رجحان هيءَ رهيو آهي ته هو پيغمبر اسلام کي ڪامل نمونو قرار ڏين ٿا ۽ ”اسوة ڪامله“ جي عنوان تحت پاڻ سڳورن جي سيرت جو مطالعو ڪن ٿا. اهو اسلوب نه رڳو غير علمي آهي، پر اهو غير قرآني پڻ آهي.
    ”اسوة ڪامله“ کي جيڪڏهن پيغمبر اسلام جي سيرت جي مطالعي جو عنوان قرار ڏنو وڃي ته پهريون سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهيءَ تصور جو ماخذ ڪهڙو آهي. انهيءَ معاملي ۾ علمي طريقو هي آهي ته سڀ کان پهرين قرآن ۽ حديث مان اهو ثابت ڪيو وڃي ته پاڻ سڳورن جي سيرت جي حيثيت ”اسوة ڪامله“ هئي. يعني مڪمل نمونو. جيڪڏهن قرآن ۽ حديث مان اهو تصور ثابت نه ٿئي ته اهو سڄو بحث ابتدائي طور تي ئي بي بنياد قرار ڏنو ويندو. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته جن سيرت نگارن ’اسوة ڪامله‘ کي عنوان قرار ڏيئي، پاڻ سڳورن جي سيرت جو اُڀياس ڪيو آهي. انهن مان شايد ڪنهن به انهيءَ ابتدائي علمي شرط کي پورو نه ڪيو آهي.
    علمي نقطه نظر کان صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن ۾ پيغمبر اسلام کي ”اسوة حسنه“ طور پيش ڪيو ويو آهي، نه ڪي ”اسوة ڪامله“ طور. اسوة ڪامله جو مطلب هي آهي ته زندگيءَ جي هر معاملي جي لاءِ، پوءِ ڀلي اُهو ڪنهن به زماني ۾ پيش اچي. پاڻ سڳورن جي ذات ۾ انهيءَ جو سنئون سڌو ۽ عملي نمونو موجود آهي. پر هڪ واقعي جي طور تي اهڙي ڪامليت ممڪن ئي ڪونهي. مثال طور: هڪ ماڻهو رسول الله وٽ نياڻيءَ جي تربيت جو نمونو ته پائي سگهي ٿو، پر پُٽ جي تربيت جو نمونو رسول الله وٽ کيس نه ملندو. مائٽن سان سٺي سلوڪ جو نمونو ته پاڻ سڳورن وٽ ملندو، پر والدين سان سهڻي سلوڪ جو نمونو پاڻ سڳورن وٽ موجود ڪونهي. انهيءَ مامري ۾ وڌيڪ صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته پيغمبر اسلام جي حيثيت ’اسوة حسنه‘ جي آهي، نه ڪي ’اسوة ڪامله‘ جي، اهوئي تصور قرآن مان به ثابت آهي ۽ علمي طور تي اهوئي صحيح آهي.
    اڪثر سيرت نگارن وٽ جيڪا هڪ غلطي ملي ٿي، سا اها ته هنن پيغمبر کي دين جي دعوت ڏيندڙ بدران حاڪم سمجهي ورتو. انهيءَ غلط فهميءَ جو عڪس سيرت جي اڪثر ڪتابن ۾ ملي ٿو. سيرت جا مشهور ڪتاب، پيغمبر کي دعوت ڏيندڙ ۽ نصيحت ڪندڙ جي روپ ۾ پيش نٿا ڪن، پر هو پاڻ سڳورن کي حاڪم ۽ فاتح جي روپ ۾ پيش ڪن ٿا. اهوئي ڪارڻ آهي، جو انهن ڪتابن ۾ پيغمبر جي اصلي شخصيت نمايان نٿي ٿئي.
    علمي مطالعي بدران، عقيدتمنديءَ واري اُڀياس جو هي نقصان ٿيو ته اسان جا سيرت نگار، ڪيترين ئي اهڙين حقيقتن کي ڳولهي نه سگهيا، جن جو قرآن ۾ وڌيڪ وضاحت سان ذڪر ڪيل آهي. انهن مان هڪ معجزي جو مسئلو آهي. اسان جي سيرت نگارن وٽ ڪثرت سان پيغمبر اسلام جي معجزن جو ذڪر ملي ٿو. پر اهو سڄو تصور قرآن جي خلاف آهي، قرآن ۾ چٽيءَ طرح ٻُڌايو ويو آهي ته ”پيغمبر اسلام کي انهيءَ قسم جا معجزا نه ڏنا ويا آهن، جيڪي گذريل پيغمبرن کي ڏنا ويا هئا.“
    پيغمبر اسلام ﷺ کان سندس مخاطبين اها گهر ڪندا هئا ته جيڪڏهن اوهان پيغمبر آهيو ته ٻين نبين جيان ڪو ظاهري معجزو ڏيکاريو. پيغمبر اسلام ماڻهن جي هدايت جي اُميد ۾ اهو چاهڻ لڳا ته الله پاڪ طرفان ڪو اهڙو معجزو ظاهر ڪيو وڃي. پر قرآن ۾ پاڻ ڪريم جن جي اها خواهش رد ڪندي فرمايو ويو: ”۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن هنن ماڻهن جو منهن موڙڻ توکي ڏکيو ٿو لڳي ته جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته زمين جي اندر سرنگهه ڳولهي لهه، يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولهي لهه ۽ اهڙي طرح هڪڙي نشاني آڻي هنن کي ڏيکار. ۽ جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سڀني کي حق جي دين تي گڏ ڪري ها، تنهن ڪري تون اُنهن منجهان نه ٿي جن کي (حقيقت جو علم ڪونهي ۽) جاهل آهن. (الانعام 35)
    ٻي هنڌ قرآن ۾ انهيءَ مستقل پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته گذريل پيغمبرن جي اُبتڙ پيغمبر آخرالزمان کي ظاهري معجزا نه ڏنا ويندا. قرآن پاڪ جي هيٺين آيت انهيءَ جي حق ۾ هڪ قطعي ثبوت آهي:
    ”۽ (جيڪي نشانيون هي مڪي جا منڪر گهرن ٿا تن) نشانين جي موڪلڻ کان اسان کي ڪير ٿو روڪي سگهي، سواءِ هن ڳالهه جي ته اسان ڄاڻو ٿا ته اڳينءَ زمانن جا ماڻهو اهڙيون نشانيون ڪوڙيون ٺهرائي رد ڪري چڪا آهن. ۽ اسان ثمود جي قوم کي هڪ ڏاچي ڏني، جا هڪ چٽي نشاني هئي. پر هنن ان ڏاچيءَ تي ظلم ڪيو (۽ انهيءَ نشاني مان عبرت نه ورتائون) ۽ اسان نشانيون ته فقط ان ڪري موڪليندا آهيون ته ماڻهو (انڪار ۽ سرڪشيءَ جي نتيجن کان) ڊڄن. (۽ سنئين واٽ وٺن). (بني اسرائيل 59)
    اهو غير علمي اُڀياس جو هڪ چٽو مثال آهي. اسان جي سيرت نگارن کي محسوس ٿيو ته جيڪڏهن هو اهو مڃيندا ته پيغمبر اسلام کي حسي معجزا نه ڏنا ويا هئا ته پاڻ گذريل نبين جي مقابلي ۾ گهٽ نظر ايندا. انهيءَ ڪري غير واقعي طور تي هنن پاڻ ﷺ جي ذات سان ڪيترائي معجزا ڳنڍي ڇڏيا، جيتوڻيڪ قرآن ۾ وضاحت سان انهيءَ جي ترديد موجود هئي.
    خود حديث ۾ به انهيءَ جي وضاحت موجود آهي ته پاڻ سڳورن کي انهيءَ قسم جا معجزا نه ڏنا ويا هئا، جهڙي طرح گذريل نبين کي ڏنا ويا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ صحيح بخاريءَ جي هيءَ حديث قول فيصل جي حيثيت رکي ٿي. حضرت ابوهريره فرمائي ٿو ته رسول الله ﷺ فرمايو: نبين مان هر نبيءَ کي اهڙي نشاني ڏني ويئي، جنهن کي انهيءَ زماني جا ماڻهو مڃيندا هئا ۽ مون کي وحي (قرآن) جو معجزو ڏنو ويو. انهيءَ لاءِ آئون اميد ٿو ڪريان ته قيامت ۾ مون تي ايمان آڻيندڙن جو تعداد سڀني کان وڌيڪ هوندو.“
    اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جن واقعن کي پيغمبر اسلام جي معجزن طور بيان ڪيو وڃي ٿو، اهي سڀ نصرت جا واقعا آهن، جيڪي هر مومن سان پيش اچن ٿا ۽ پيغمبر اسلام کي اهي وڌيڪ اعليٰ ۽ افضل صورت ۾ ڏنا ويا. معجزو هڪ اهڙي قدرتي قاعدي کي ٽوڙڻ واري واقعي جو نالو آهي، جيڪو مخاطبين جي گهُر تي پيش ڪيو ويو هجي. جهڙوڪ: موسيٰ جي لٺ جو معجزو. پر پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ انهي نوعيت جو ڪو معجزاتي واقعو ثابت ڪونهي.
    شق قمر (چنڊ جو ٻه ٽڪر ٿي وڃڻ) به ڪو مطالباتي معجزو ڪونهي، پر اهو هڪ فلڪياتي نشانيءَ جي حيثيت رکي ٿو. ايئن سدائين کان ٿيندو رهيو آهي ته فطرت جي دنيا ۾ ڪي انوکا واقعا پيش ايندا آهن. جن کي حق جي دعوت ڏيندڙ پنهنجي پيغام کي سچائيءَ جي ثبوت طور پيش ڪندو آهي. پيغمبر اسلام ﷺ چنڊ ٻه ٽڪر ٿيڻ جي فلڪياتي واقعي کي هڪ فلڪياتي نشانيءَ طور پيش ڪرڻ فرمايو.
    روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ معاملي ۾ ايئن نه ٿيو ته منڪرن پاڻ ﷺ کان گهُر ڪئي ۽ سندن گهُر کان پوءِ پاڻ ﷺ سندن سامهون چنڊ کي ٻه ٽڪر ڪري چيو ته ”هي ڏسو منهنجو معجزو“، انهيءَ جي ابتڙ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته رسول الله پنهنجي ڪجهه صحابين سان گڏ مڪي ۾ هئا (نه ڪي مُشرڪن سان گڏ) انهيءَ وقت اهو واقعو ٿيو ته چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو. انهيءَ کي ڏسي پاڻ ﷺ پنهنجي اصحابن کي فرمايو ته ”هن کي ڏسو، هيءَ هڪ خدائي نشاني آهي.“ (تفسير ابن ڪثير 4/262 ــ 263)
    اهو ايئن هو جيئن هاڻوڪي دؤر ۾ ريڊيو سيٽ کوليو وڃي ۽ انهيءَ مان آواز نڪرڻ لڳي ته هڪ شخص ماڻهن کي چوي ته ڏسو، اوهين هن مثال مان سمجهي سگهو ٿا ته زمين ڪهڙي طرح قيامت جي ڏينهن خبرون ٻڌائيندي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ ڪيو ويو آهي. (يومئذتحدث اخبارها).
    سيرت جي مطالعي جي انهيءَ اسلوب جو هڪ نتيجو هي آهي ته پيغمبر جي، عاجزاڻي تصوير ماڻهن کي گهٽ نظر آئي. تنهن ڪري هنن پيغمبر جي اهڙي تصوير ٺاهي ورتي، جنهن ۾ سندن خيال موجب پيغمبر مٿانهون نظر اچي. اهوئي سبب آهي، جو سيرت جا ڪتاب پڙهي پاڻ سڳورن جي جيڪا تصوير جُڙي ٿي، سا اها ته پاڻ ﷺ هڪ جنگجو انسان هو، نه ڪي صلح پسند انسان. پاڻﷺ جو تلوار جي طاقت تي ڀروسو هو، نه ڪي امن جي طاقت تي. پاڻ ﷺ دشمن کي چٿڻ ۾ يقين رکندا هئا، نه ڪي کين دوست بنائڻ ۾. پاڻ هر وقت باطل سان ٽڪرائڻ جي لاءِ تيار رهندا هئا، باطل سان ٺاهه ڪرڻ پاڻ ﷺ جي مزاج جي خلاف هو. پاڻ سڳورن جي پاليسي سدائين قدم کڻڻ جي هوندي هئي، نه ڪي صبر ڪرڻ جي. پاڻ ڪريم جن جو طريقو ناحق کي مٽائڻ جو هو، نه ڪي انهن سان ٺاهه ڪرڻ جو وغيره.
    پيغمبر اسلام ﷺ جي اها تصوير سراسر فرضي آهي، پاڻ سڳورن جي زندگيءَ جي ڳوڙهي اُڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ﷺ آخري حد تائين هڪ امن پسند انسان هئا. پاڻ ﷺ سدائين ڏاهپ ۽ تدبر تحت عمل ڪندا هئا، نه ڪي جنگ ۽ ٽڪراءُ تحت.
    پيغمبر اسلام ﷺ جي زندگيءَ کي سمجهڻ ۾ هڪ رڪاوٽ سنت جو محدود مفهوم به آهي. اسان وٽ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڻ سڳورن جون سنتون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن. جن شين کي انهن ڪتابن ۾ سنت طور لکيو ويو آهي، ماڻهو انهن کي سنتون سمجهن ٿا، جڏهن ته انهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون آهن، جن کي اسان جي ڪتابن ۾ سنت طور لکيو نه ويو آهي. جيتوڻيڪ اهي پاڻ ﷺ جي اهم ترين سنتن جي حيثيت رکن ٿيون.
    جهڙوڪ: بخاريءَ جي هڪ روايت ۾ آهي ته حضرت عائشه رضه فرمايو ته رسول الله ﷺ کي جڏهن به ٻن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي هوندي هئي ته پاڻ ﷺ سدائين آسان جي چونڊ ڪرڻ فرمائيندا هئا.
    انهيءَ مان معلوم ٿيو ته اختيار اعسر (ڏکيو) هڪ غير مسنون عمل آهي ۽ انهي جي مقابلي ۾ آساني اختيار ڪرڻ هڪ مسنون عمل آهي. پر ڪنهن به ڪتاب ۾ پاڻ ﷺ جو اهو طريقو سنت طور لکيل ڪونهي. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته مسلمان عام طور تي آساني اختيار ڪرڻ کي ڇڏي ڏکيائي اختيار ڪرڻ جي واٽ وٺي رهيا آهن ۽ انهيءَ غير مسنون عمل کي عين اسلام سمجهن ٿا. فقط انهيءَ ڪري ته انهي رويي جو اندراج اسان جي ڪتابن ۾ سنت طور موجود ڪونهي.
    اهڙي طرح رسول الله ﷺ جي هڪ اهم سنت هيءَ هئي ته پاڻ ﷺ سدائين هيئن ڪندا هئا ته عام طور تي جيڪا صورتحال موجود هجي، انهيءَ کي ڇيڙڻ کان سواءِ، پنهنجي لاءِ عمل جو رستو ڪڍندا هئا. جهڙوڪ: مڪي دؤر ۾ ڪعبي ۾ بُتن جي موجودگي تي اعتراض ڪرڻ بدران ماڻهن کي توحيد جي دعوت ڏيڻ وغيره. پاڻ ﷺ جي انهيءَ سُنت کي قرآن ۾ صبر چيو ويو آهي. اڄ ڪلهه جي زبان ۾ انهيءَ کي ”اسٽيٽس ڪو ازم“ چئي سگهجي ٿو. پر اها ’سنت، سنت رسول‘ جي ڪتابن ۾ لکيل ڪونهي. نه ”اسٽيٽس ڪو ازم“ جي نالي تي ۽ نه وري ڪنهن ٻي نالي تي.
    اهوئي سبب آهي ته مسلمانن ۾ عام طور تي اهو مزاج بنجي ويو آهي ته جڏهن هو بظاهر ڪنهن حق جي خلاف ڳالهه کي ڏسن ٿا ته هو هڪدم وڙهيو پون ۽ انهيءَ کي هڪ اسلامي جرئت جو نالو ڏين ٿا. جيتوڻيڪ اها نه اسلامي جرئت آهي ۽ نه وري سنت رسول جي پيروي. اهو هڪ ڏاهپ کان خالي جوش آهي. ۽ ڏاهپ کان خالي جوش جو نتيجو نه موجوده دنيا ۾ نڪرڻ وارو آهي ۽ نه وري پوءِ جي ايندڙ دنيا ۾.
    هيءَ دنيا فطرت جي اٽل قانونن تي هلي رهي آهي. پيغمبر جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو فطرت جي انهن قانونن جي پيروي ڪندي ڪيو. پاڻ سڳورن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي، پر اها ڪاميابي جوش ۽ خروش يا غير ضروري ٽڪراءُ جي ذريعي حاصل نه ڪئي. پر فطرت جي قانونن جي مڪمل هڪجهڙائي جي ذريعي حاصل ٿي. پوءِ، ايندڙ مسلمانن جي لاءِ به، پاڻ ﷺ جي اها سنت هڪ ابدي نمونو آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه طريقو هن دنيا ۾ عمل جوڳو ڪونهي. پر موجوده زماني جا مسلمان انهيءَ عظيم سنت نبويءَ کي ڄاڻڻ کان محروم ٿي ويا ۽ انهيءَ جو سادو سبب هي هو ته انهيءَ جو اسان جي ڪتابن ۾ سُنت طور ذڪر ئي نه ڪيو ويو.
    موجوده دؤر جي سيرت نگارن جو عام طريقو هي آهي ته هو پيغمبر اسلام جي ڀيٽ ٻين پيغمبرن سان ڪن ٿا ۽ پنهنجي پيغمبر کي افضل ۽ ٻين پيغمبرن کي غير افضل ثابت ڪن ٿا. مطالعي جي انهيءَ طريقي جي حديث ۾ وضاحت سان منع ڪئي ويئي آهي. انهيءَ بند پيل چراگاهه ۾ داخل ٿيڻ جو نتيجو هي آهي ته سيرت نگار عظيم قسم جون علمي غلطيون ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح اُمت ۾ غير علمي انداز فڪر کي وڌائڻ جو سبب بنجن ٿا.
    جهڙوڪ: عام طور تي پيغمبر اسلام ۽ حضرت عيسيٰ جي ڀيٽ ڪندي اهو چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام وٽ نرمي ئي نرمي هئي ۽ پيغمبر اسلام وٽ نرمي ۽ سختي ٻئي هيون. اهڙي طرح اهو تصور ڏنو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ هڪ ناقص پيغمبر هو ۽ پيغمبر اسلام هڪ ڪامل پيغمبر. پر انهيءَ قسم جي ڳالهه سراسر بي بنياد آهي.
    حضرت عيسيٰ جي پيغام ۽ ڪردار کي ڄاڻڻ جو پهريون ماخذ، علمي لحاظ کان انجيل آهي. جڏهن انهيءَ نقطه نظر سان انجيل جو مطالعو ڪيو وڃي ته اهو انهيءَ جي بلڪل ترديد ٿو ڪري. جهڙوڪ انجيل جي روايت موجب، حضرت مسيح فرمايو: ”اهو نه سمجهو ته آئون ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. صلح ڪرائڻ نه پر تلوار هلائڻ آيو آهيان. (متي 10: 34 ــ 35)
    قرآن مان به مذڪوره نقطه نظر جي ترديد ٿئي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن جي سوره الصف جي آخري آيت پڙهو. انهيءَ جو ترجمو آهي:
    ”اي ايمان وارؤ! الله جي دين جا مددگار ٿيو، جيئن مريم جي پُٽ عيسيٰ پنهنجي ساٿين کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير بڻجن ٿا؟ انهن ساٿين چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون. (انهن ڪوششن کان پوءِ) بني اسرائيلين مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ ڪجهه ماڻهو منڪر ٿي بيٺا. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني، پوءِ اهي غالب ٿيا.“ (الصف 14)
    انهيءَ آيت ۾ پيغمبر اسلام جي ساٿين کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو حضرت عيسيٰ جي ساٿين جي پيروي ڪن. جنهن موجب، حضرت عيسيٰ جي دعوت جي نتيجي ۾ اُتي ٻه گروهه بنجي ويا. هڪ عيسيٰ عليه السلام جا ساٿي ۽ ٻيا منڪر. پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ قرآن موجب، هي واقعو پيش آيو ته منڪرن جي مٿان، عيسيٰ عليه السلام جا ساٿي غالب پئجي ويا. قرآن پاڪ جي اها شاهدي چٽي نموني ٻڌائي ٿي ته حضرت عيسيٰ وٽ به ساڳئي قسم جي نرمي ۽ سختي، ٻنهي قسمن جي تعليم موجود هئي. جهڙي طرح پيغمبر اسلام وٽ موجود آهي.
    سيرت جي مطالعي جو مذڪوره طريقو نه رڳو صحيح ڪونهي، پر اهو اُمت جي وچ ۾ غير علمي فڪر جو طريقو پيدا ڪرڻ وارو آهي. مطالعي جي اهڙي طريقي جي ماحول ۾ ڪڏهن به علمي اسلوب وڌي ويجهي نٿو سگهي.

    سيرت رسول جي عظمت

    قرآن ۾ پيغمبر اسلام جي ذات ۽ ڪارنامن کي نهايت شاندار انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ پيغمبر کي خطاب ڪندي قرآن پاڪ ۾ ارشاد ٿيل آهي: ومارسلناڪ الارحمة العالمين (الانساءِ 107) يعني اسان توکي سڄي جهان جي لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته پيغمبر اسلام پنهنجي مشن جي ذريعي هڪ اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندو، جيڪو دنيا جي سڀني انسانن جي لاءِ رحمت جو سبب بنجي ويندو. انهيءَ سلسلي ۾ هتي ٻه ٻيون آيتون نقل ڪجن ٿيون:
    ”حضرت محمد الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس گڏ آهن، اُهي حق کان انڪار ڪرڻ وارن جي لاءِ سخت آهن، پر هڪٻئي سان سراسر رحم سان ڀرپور آهن. تون کين ڏسين ٿو ته الله جي فضل ۽ راضپي حاصل ڪرڻ جي نيت سان رڪوع ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا ۽ سجدن جي اثر کان سندن پيشانين تي نشان ٺهي بيٺا آهن. تورات توڙي انجيل ۾ انهن جو بيان به اهڙي ئي طرح آيل آهي. جيئن ٻنيءَ ۾ ٻج وجهڻ. جيڪو سلو ٻاهر ڪڍي ٿو. پوءِ اهو ٿُلهو ٿو ٿئي ۽ پنهنجي ڪانيءَ تي مضبوط ٿي بيهي ٿو. اهو ڪُڙمين کي خوشي ۽ عجب سان ڀرپور ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڪافرن کي ساڻن حسد ۽ ساڙ ۾ ساڙي ٿو ڇڏي. انهن مان جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪندا رهن ٿا، تن سان الله تعاليٰ مغفرت (بخشش) تمام وڏي اجر جو وعدو ڪري ڇڏيو آهي.“ (الفتح 29)
    ”اهي ماڻهو چاهين ٿا ته الله جي روشنيءَ کي پنهنجي ڦوڪن سان وسائي ڇڏين. حالانڪه الله تعاليٰ اها روشني مڪمل ڪرڻ کان سواءِ نه رهندو؟ پوءِ ڀلي ڪافرن کي اها ڳالهه نه وڻندي هجي. اهوئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي حقيقي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، انهيءَ لاءِ ته انهيءَ دين کي سڀني دينن تي غالب ڪري ڇڏي. پوءِ ڀلي مُشرڪن کي ايئن ٿيڻ پسند نه اچي. (التوبه 32 ــ 33)
    قرآن جي انهن آيتن کي پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته پيغمبر اسلام جي بعثت ڪا عام ڳالهه نه هئي. اها هڪ عظيم انقلابي رٿا هئي. الله تعاليٰ کي پاڻ سڳورن جي ذريعي هڪ عظيم واقعو ظهور ۾ آڻڻو هو. هڪ اهڙو عظيم واقعو، جيڪو سڄي انساني تاريخ جي رخ کي بدلائي ڇڏي. اهي آيتون وڌيڪ اهو ٻُڌائين ٿيون ته ان عظيم ۽ عالمي رٿا جي لاءِ مقدر آهي ته اهو لازمي طور تي ظهور ۾ اچي. ڪنهن جي مخالفت انهيءَ کي ظهور ۾ آڻڻ کان روڪي نٿي سگهي.
    قرآن جو اهو اعلان بيحد چٽو آهي ۽ جيئن ته اهو هڪ خدائي اعلان آهي، تنهن ڪري لازمي طور تي اهو ظهور ۾ اچڻ کپي. پر سيرت جي موجوده ڪتابن ۾ پيغمبر خدا جي انهيءَ عظيم ڪارنامي جي تصوير نظر نٿي اچي. اهي ڪتاب بظاهر انهيءَ کان به گهٽ ٿا نظر اچن، جيئن انهن کي مذڪوره قرآني آيتن جي روشنيءَ ۾ نظر اچڻ کپي. جيڪڏهن نج علمي لحاظ کان جائزو ورتو وڃي ته شايد اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اهي ڪتاب، ڪنهن پڙهندڙ جي انهيءَ اميد کي پورو نٿا ڪن، جنهن کي هو قرآن جي بنياد تي انهن ڪتابن ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.
    اهو صحيح آهي ته سيرت جي انهن ڪتابن ۾ عقيدتمنديءَ وارن لفظن جي گهڻائي آهي. جهڙوڪ: پاڻ سڳورن جي پيدائش جو ذڪر سادن سودن لفظن ۾ ڪرڻ بدران هينئن ڪرڻ ته ’آفتاب رسالت طلوع ٿيو‘ يا پاڻ ﷺ جي وفات کي سادن لفظن ۾ لکڻ جي بدران هينئن لکڻ ته ’رسالت جو سج غروب ٿي ويو.‘ پر انهيءَ قسم جي اسلوب جي حيثيت لفظي ساراهه جي آهي، نه ڪي هڪ حقيقت جي علمي ۽ تاريخي اظهار جي. ۽ ساراهه جي لفظن جو ڪيترو به مقدار علمي اظهار جو بدل بنجي نٿو سگهي.
    تنهن ڪري ضرورت انهيءَ جي آهي ته سيرت جي موضوع تي اهڙا ڪتاب لکيا وڃن، جيڪي مذڪوره قرآني آيتن سان هڪجهڙائي رکندا هجن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انهن جو تفسير ۽ تشريح بنجي سگهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ قسم جي هڪ شروعاتي ڪوشش آهي.


    رسول ﷺ جي زندگيءَ جو احوال

    پيغمبر اسلام ﷺ جو نالو حضرت محمد بن عبدالله بن عبدالمطلب هو. پاڻ ﷺ 570ع ۾ مڪي ۾ پيدا ٿيا ۽ 632ع ۾ مديني ۾ وفات ڪيائون. پاڻ سڳورن کي چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ نبوت ملي. پاڻ ﷺ جن جي حياتي جو مختصر احوال هن ريت آهي.
    پاڻ ﷺ اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هئا، جو سندس والد عبدالله وفات ڪري ويو. پيدائش جي ڪجهه ئي سالن کان پوءِ پاڻ ﷺ جي امڙ آمنه به جهان ڇڏي ويئي. عربستان جي قديم روايتن موجب هڪ ريگستاني عورت دائي حليمه سعديه پاڻ ﷺ جي پالنا ڪئي. پيءُ جي غير موجودگيءَ ۾ پاڻ ﷺ جو ڏاڏو عبدالمطلب پاڻ سڳورن کي سنڀاليندو هو. ڏاڏي جي وفات کان پوءِ پاڻ ﷺ جو چاچو ابو طالب پاڻ ﷺ جو سنڀاليندڙ بنيو. ابو طالب هڪ واپاري هو، تنهن ڪري پاڻ ﷺ، ساڻس گڏ ڪي واپاري سفر به ڪيا. پاڻ سڳورن 25 سالن جي ڄمار ۾، مڪي جي هڪ بيوه عورت خديجه بنت خويلد سان نڪاح ڪيو. جنهن جي عمر چاليهه سال هئي.
    پاڻ سڳورن جي عمر جڏهن چاليهه سال ٿي، اُن وقت خدا جي پهرين وحي پاڻ ﷺ تي نازل ٿي. انهيءَ وقت پاڻ مڪي جي ڀرسان ”حرا“ نالي هڪ غار ۾ هئا. جتي پاڻ ﷺ اڪثر ڪري اڪيلائيءَ ۾ ايندا هئا. هتي ملائڪ جبرئيل پاڻ ﷺ جي خذمت ۾ آيو ۽ اها خبر ڏنائين ته الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجو پيغمبر بنايو آهي. پاڻ سڳورن تي جيڪي پهريون آيتون لٿيون سي ”سوره العلق“ جي شروع ۾ موجود آهن.
    قرآن، هڪ ئي وقت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ نه لٿو. پر ٿورو ٿورو ٿي لٿو. اهڙي طرح 23 سالن جي عرصي ۾ اهو مڪمل ٿيو. قرآن جي حفاظت جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي غير معمولي بندوبست ڪيو ويو هو. جڏهن قرآن جو ڪو حصو لهڻ وارو هوندو هو ته جبرئيل، پاڻ ﷺ وٽ ايندو هو ۽ قرآن جو اهو حصو پاڻ ﷺ کي پڙهي ٻُڌائيندو هو. پيغمبر اسلام پهرين اهو پاڻ چڱي طرح ياد ڪندا هئا، پوءِ اهو لکرائيندا هئا. پيغمبر اسلام پاڻ لکڻ نه ڄاڻندا هئا. پر پنهنجي ساٿين مان ڪيترن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو هئائون. اهي ”ڪاتبات وحي“ جي نالي سان سڏيا ويندا هئا. پاڻ ﷺ وٽ هر وقت ڪونه ڪو وحيءَ جو ڪاتب موجود رهندو هو. ته جيئن قرآن جي لٿل حصي کي انهيءَ مهل ئي لکي وٺي. انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ﷺ ايترو ته بندوبست ڪندا هئا، جو هجرت جي نازڪ سفر ۾ به هڪ وحيءَ جي ڪاتب ابوبڪر صديق کي پاڻ سان گڏ رکيائون. ساڻن گڏ سفر ۾ ٻين ضروري شين سان گڏ قلم ۽ ڪاغذ به هو، ته جيئن جيڪڏهن سفر جي دوران قرآن جو ڪو حصو لهي ته انهيءَ ئي مهل اِهو لکي وٺجي.
    ڪتابت سان گڏ، قرآن جي حفاظت جو ٻيو بندوبست هي ڪيو ويو هو ته اڪثر صحابي، قرآن جي نازل ٿيل حصي کي ياد ڪري وٺندا هئا. ۽ انهيءَ کي روزانو پنهنجي نمازن ۾ پڙهندا هئا. اهڙي طرح هڪ ئي وقت قرآن جي حفاظت ٻن طريقن سان ٿيندي رهي. هڪ پاسي انهيءَ کي اُن وقت جي ڪاغذ تي لکيو ويندو هو ۽ ٻي پاسي انهيءَ کي ياد ڪري انساني حافظي ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو.
    ايستائين جو جڏهن سڄو قرآن نازل ٿي ويو، ته جبرئيل، پيغمبر اسلام وٽ آيو. هن قرآن جي موجوده ترتيب سان، سوره فاتحه کان وٺي سوره الناس تائين پڙهي ٻُڌايو. پوءِ پيغمبر اسلام انهيءَ ئي ترتيب سان، سڀني صحابين کي سڄو قرآن پڙهي ٻڌايو. اهڙي طرح ڪيترائي اهڙا اصحابي هئا، جن کي قرآن موجوده ترتيب سان ياد هو. هو روزانو اهو نماز ۽ نماز کان ٻاهر پڙهندا ۽ ٻين کي ٻُڌائيندا هئا.
    اهڙي طرح، پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ ئي قرآن پنهنجي موجوده صورت ۾ ترتيب ڏجي ويو هو. پاڻ ﷺ کان پوءِ خليفي ابوبڪر ترتيب ڏنل قرآن کي هڪ جلد جي صورت ۾ تيار ڪرايو. پوءِ هوريان هوريان انهيءَ جا نقل سڀني شهرن ۾ پکڙجي ويا.
    نبوت ملڻ کان پوءِ پاڻ ﷺ جي زندگي بدلجي ويئي. پاڻ غار ”حرا“ ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنائون ۽ ماڻهن کي الله جو پيغام پهچائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. انهيءَ وقت مڪي ۾ شرڪ پکڙيل هو. پاڻ ﷺ ماڻهن کي ٻُڌائڻ شروع ڪيو ته شرڪ هڪ بي بنياد مذهب آهي. صحيح مذهب اهو آهي ته ماڻهو هڪ خدا جو پرستار بنجي ۽ انهيءَ جا حڪم مڃي ۽ انهيءَ جي مرضيءَ موجب پنهنجي زندگي گذاري آخرت ۾ توحيد واري مذهب جي قيمت هوندي. شرڪ وارو مذهب آخرت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اللهج موحدين کي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ مُشرڪن کي دوزخ ۾.
    پاڻ سڳورن جي دعوت جو طريقو گهڻو ڪري هي هوندو هو ته پاڻ سڳورا ماڻهن سان ملي کين قرآن جو ڪو حصو ٻُڌائيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ميڙ ۾ وڃي چوندا هئا ته: ايها الناس قولو الا اله الا الله تفلحوا (اي ماڻهؤ! هي چئو ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. اوهين ڀلائي پائيندا). اهڙي طرح پاڻ شرڪ جي مقابلي ۾ توحيد جي دعوت ڏيندا رهيا.
    شروع شروع ۾ پاڻ ﷺ انفرادي دعوت جو طريقو اختيار ڪيائون. اٽڪل ٽن سالن کان پوءِ پاڻ ﷺ کليل اعلان سان ماڻهن کي دعوت ڏني. هاڻي ماڻهن پاران مخالفت شروع ٿي ويئي. پاڻ ﷺ توحيد جي دعوت ڏيندا هئا. انهيءَ وقت مڪي جا ماڻهو ۽ عربستان جا ٻيا سڀئي قبيلا شرڪ کي پنهنجو مذهب بنايو ويٺا هئا. انهيءَ جي ڪري ماڻهن جي مخالفت فطري هئي. انهن ماڻهن کي محسوس ٿيو ته پاڻ ﷺ کين سندن اباڻي مذهب تان هٽائڻ ٿا چاهين ۽ کين هڪ نئين مذهب جا پوئلڳ بنائڻ ٿا چاهين. اها ڳالهه هنن جي سهپَ کان ٻاهر هئي.
    تنهن کان سواءِ مڪي وارن جي لاءِ شرڪ جو هڪ واپاري پهلو به هو. مڪي ۾ زراعت يا گذر سفر جو ڪو ٻيو ذريعو موجود نه هو. البت اُتي سيدنا ابراهيم عليه السلام جو جوڙيل مقدس ڪعبو هو. مڪي جي سردارن، انهي ڪعبي ۾ عربستان جي سڀني قبيلن جا بُت رکي ڇڏيا هئا. جن جو تعداد 360 هو. عربستان جا ماڻهو سڄو سال ڪعبي ۽ انهيءَ ۾ رکيل بُتن جي زيارت جي لاءِ ايندا هئا. اهي ماڻهو نه رڳو ڪعبي ۾ نذرانا ڏيندا هئا، پر انهن جي اچڻ سان مڪي ۾ واپار به ٿيندو هو. انهن ٻن سببن جي ڪري مڪي جا گهڻا تڻا ماڻهو پيغمبر اسلام جا سخت مخالفت بنجي ويا.
    انهيءَ هوندي به سنجيده ماڻهن پاڻ سڳورن جي پيغام جي سچائيءَ کي محسوس ڪيو. اهي ماڻهو هوريان هوريان اسلام قبول ڪرڻ لڳا، ايستائين جو تيرنهن سالن جي دعوتي عمل کان پوءِ مڪي ۽ آسپاس جا اٽڪل ٻه سؤ مرد ۽ عورتون اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا.
    مڪي جي سرداري قريش قبيلي جي هٿ ۾ هئي. انهيءَ قبيلي جا سردار جهڙوڪ: ابو جهل ۽ ابولهب وغيره پاڻ ﷺ جا سخت مخالف بنجي ويا. هنن پهرين ته طاقت جي ذريعي ڪوشش ڪئي ته پاڻ ﷺ جو دين اُتي نه پکڙجي. پر هنن محسوس ڪيو ته سندن اها ڪوشش گهڻي ڪامياب نه پئي ٿئي. انهيءَ دوران پاڻ سڳورن جو چاچو ابو طالب به گذاري ويو، جيڪو قريشن جو سردار، پاڻ سڳورن جو سرپرست ۽ حمايتي هو.
    ابو طالب جي چالاڻي کان پوءِ مڪي جي سردارن جي دشمني گهڻي وڌي ويئي. هو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پاڻ ﷺ جي خلاف ڪاروايون ڪرڻ لڳا. انهيءَ وقت پاڻ سڳورن محسوس ڪيو ته مڪي جون حالتون هاڻ سندن لاءِ سازگار نه رهيون آهن. تنهنڪري پاڻ ﷺ پنهنجي ساٿين کي موڪل ڏنائون ته هو وقتي طور تي مڪو ڇڏي پاڙيسري ملڪ حبش هليا وڃن. پاڻ پنهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته عربستان جي هڪ ٻي شهر طائف وڃن ۽ اُتي پنهنجي لاءِ حمايت هٿ ڪن. تنهن ڪري پاڻ ﷺ مڪي مان سفر ڪري طائف ويا. انهيءَ سفر ۾ پاڻ سڳورن سان فقط هڪ خادم زيد گڏ هو.
    پر انهيءَ سفر جو ڪو هاڪاري نتيجو نه نڪتو. طائف جا سردار به مڪي سردارن جيان پاڻ ﷺ جا مخالف بنجي ويا. هنن پاڻ ﷺ سان نهايت خراب هلت هلي. تنهن ڪري پاڻ طائف مان موٽي ٻيهر مڪي آيا. پر مڪي ۾ رهڻ جي لاءِ ڪنهن سردار جي حمايت ضروري هئي. تنهنڪري پاڻ پنهنجي خادم جي وسيلي مڪي جي هڪ مشرڪ سردار مطعم بن عدي ڏانهن نياپو موڪليو ۽ چيو ته تون مون کي پنهنجي حمايت ۾ وٺ ته جيئن مڪي ۾ رهي سگهان. عربستان جي قديم قبائلي نظام موجب ايئن ڪرڻ ضروري هو. مطعم بن عديءَ جي رضامنديءَ سان پاڻ سڳورا مڪي ۾ داخل ٿيا، پر مڪي جي سردارن جي مخالفت ايتري ته وڌي چڪي هئي، جو پاڻ سڳورن جي لاءِ مڪي ۾ وڌيڪ رهڻ ممڪن نه هو. تنهن ڪري 13 سال مڪي ۾ تبليغ کان پوءِ ماٺ مٺيءَ ۾ مديني هليا ويا.
    مديني پهچڻ کان پوءِ، پاڻ اُتي جي پهرين جمعي جي خطبي ۾، جيڪو پهريون خطبو ارشاد فرمايائون، اهو سڄو ’ابن هشام‘ نقل ڪيو آهي. انهي جو ترجمو هن ريت آهي:
    ”ساراهه ۽ ثنا کان پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو، اي ماڻهؤ! پنهنجي اڳتي جي لاءِ موڪليو. ڄاڻي وٺو ته اوهان جي مٿان موت جو وقت ضرور ايندو ۽ پوءِ اوهين پنهنجي ٻڪرين کي اهڙي طرح ڇڏي ويندؤ، جو انهن جو ڪوبه ڌراڙ نه هوندو. پوءِ ضرور هر ماڻهوءَ جو رب کيس چوندو، ۽ هن ۽ سندس رب جي وچ ۾ نه ڪو ترجمان هوندو ۽ نه ڪو پردو، جيڪو انهن کي لڪائي. ڇا اوهان وٽ منهنجو پيغمبر نه آيو هو ۽ انهيءَ اوهان کي منهنجو پيغام نه پهچايو ۽ مون اوهان کي مال ڏنو ۽ اوهان جي مٿان پنهنجي ٻاجهه ڪئي. پوءِ اوهان پنهنجي لاءِ اڳيان ڇا موڪليو. پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ڏسندو ته کيس ڪجهه به نظر نه ايندو. پوءِ هو پنهنجي اڳيان ڏسندو، جتي دوزخ کان سواءِ کيس ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو. تنهن ڪري اوهان مان جيڪو شخص انهيءَ جي سگهه رکي ٿو، سو پنهنجي چهري کي دوزخ کان بچائي، پوءِ انهيءَ لاءِ کجور جي هڪ پيشي ڇو نه هجي ۽ جي هو اها به ڏيئي نه سگهي ته هو هڪ سٺي ڳالهه جي ذريعي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري. ڇو ته انسان جي هر عمل جو بدلو ڏهن کان وٺي ستر تائين ڏنو ويندو ۽ اوهان جي مٿان خدا جي رحمت ۽ سلامتي هجي.“
    پاڻ سڳورا مڪي ۾ 13 سال رهيا، اُتي نماز باجماعت فرض نه ٿي هئي، باجماعت نماز هجرت کان پوءِ فرض ٿي. تنهن ڪري مديني پهچي پاڻ سڳورن سڀ کان پهرين جيڪو ڪم ڪيو، انهيءَ مان هڪ اهم ڪم هي هو ته پاڻ ﷺ مديني جي اندر هڪ مناسب زمين خريد ڪري، انهيءَ جي مٿان اها مسجد اڏرائي، جيڪا اڄ وڌيڪ ويڪري ٿي مديني جي ”مسجد نبوي“ جي نالي سان مشهور آهي. مسجد جي باري ۾ پاڻ سڳورن فرمايو ”مسجدون متقين جا گهر آهن.“ يعني مسجدون ايمان وارن جي لاءِ تقويٰ جو مرڪز آهن.
    مسجد جي اڏاوت کان پوءِ پاڻ سڳورن انهيءَ سان گڏ هڪ حجري ۾ قيام فرمايو. اُتي پاڻ باقائده پنجن وقتن جي نماز جو نظام قائم ڪيو. فجر، اڳين، وچين، سانجهي ۽ سُمهاڻي. انهيءَ سان گڏ پاڻ ﷺ جمعي جي نماز جو نظام قائم ڪيو، جيڪا هڪ هفتيوار نماز آهي ۽ وڏي اجتماعي نماز جي حيثيت رکي ٿي. جنهن ۾ پاڻ ﷺ نماز سان گڏ خطبو به شامل فرمايو، جيڪو ايمان وارن جي لاءِ هفتيوار ذڪر ۽ نصيحت جو ذريعو آهي.
    مديني ۾ پاڻ ﷺ تنظيم ۽ استحڪام جا مختلف ڪم ڪيا. مثال طور: هجرت کان پوءِ مديني جهڙي ننڍي آباديءَ ۾ هڪدم ٻن سؤ کان به مٿي ماڻهن جو واڌارو ٿي ويو. اهو هڪ وڏو سماجي مسئلو هو. پاڻ ﷺ انهيءَ جي نبيري لاءِ اها تدبير اختيار ڪئي، جنهن کي اسلام جي تاريخ ۾ مواخاة يعني ڀائيچارو قائم ڪرڻ چيو وڃي ٿو. انهيءَ جي صورت هيءَ هئي ته پاڻ ﷺ ٻاهران ايندڙ مهاجرن ۽ مديني ۾ رهندڙ انصارين جي وچ ۾ ڀائپيءَ وارو ناتو قائم ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هڪ مهاجر، ڪنهن انصاريءَ سان گڏ سندس گهر ۽ ڪاروبار ۾ ڀاءُ جيان شريڪ ٿي ويو. تاريخ ٻُڌائي ٿي ته اهي ماڻهو سڳن ڀائرن جيان گڏجي رهندا هئا، منجهن ڪڏهن به ڪنهن معاملي ۾ جهڳڙو نه ٿيو.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ پاڻ مرادو انهيءَ ڀائپيءَ جي گهرج نه رهي، ٻاهران ايندڙ مسلمان جن کي مهاجر چيو ويندو هو، تن کي اها ڳالهه پسند نه هئي ته هو ڪنهن ٻي جي مٿان بار بنجن. تنهن ڪري هرڪو سرگرميءَ سان ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ لڳي ويو. ڪنهن مزدوري ڪئي، ته ڪو زراعت ۽ ٻي واپار وڙي ۾ جنبي ويو. اهڙي طرح ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهن مان هرڪو معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهي ويو.
    ٻيو مسئلو هيءُ هو ته انهيءَ وقت مديني ۾ مسلمانن سان گڏ مشرڪ ۽ يهودي به آباد هئا. پيغمبر اسلام انهيءَ مسئلي جي نبيري جي لاءِ هڪ منشور جاري ڪيو. جنهن کي عام طور تي ”صحيفهء مدينه“ چيو ويندو آهي. مديني ۾ جيئن ته مسلمانن جي گهڻائي هئي، تنهن ڪري اُتي پاڻ ﷺ جي حيثيت سردار يا حاڪم جهڙي هئي.
    پاڻ ﷺ پنهنجي انهيءَ حاڪماڻي حيثيت تحت ”صحفيهء مدينه“ ۾ اهو اعلان فرمايو ته هتي جي سڀني ماڻهن کي برابريءَ وارا حق حاصل هوندا، هرڪنهن کي مذهب ۽ ڪلچر جي آزادي هوندي. مسلمانن جا معاملا شريعت موجب طئه ڪيا ويندا ۽ مشرڪن ۽ يهودين جا معاملا سندن روايتن يا قبائلي رواج موجب نبيريا ويندا.
    مڪي جي ڀيٽ ۾، مدينو پاڻ ﷺ جي توحيد واري دعوت جي لاءِ سازگار ثابت ٿيو. اسلام، پاڻ ﷺ جي اچڻ کان اڳ مديني ۾ داخل ٿي چڪو هو. پاڻ ﷺ جن جي اچڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو، ايستائين جو ٿوري ئي وقت ۾ مديني جا گهڻا ماڻهو اسلام قبول ڪري پاڻ سڳورن جا ساٿي بنجي ويا.
    اها صورتحال مڪي جي سردارن کي نه وڻي. کين اهو پسند نه هو ته جنهن شخص کي هنن مڪي مان هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو، اهو مديني پهچي پنهنجي لاءِ هڪ سگهارو مرڪز بنائي وٺي ۽ نيٺ سندن شرڪ واري مذهب جي لاءِ سخت خطرو بنجي وڃي. پنهنجي انهيءَ احساس جي آڌار تي هنن پيغمبر اسلام جي خلاف جنگي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. هنن چاهيو ته هو جنهن مذهب کي عام مخالفت جي ذريعي ختم ڪري نه سگهيا، تنهن کي تلوار جي طاقت سان ختم ڪري ڇڏين.
    هجرت کان پوءِ مڪي جي سردارن جارحاڻيون ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون. انهن مان هڪ واقعو اهو آهي، جنهن کي ”بدر الاوليٰ“ چيو وڃي ٿو. پر پيغمبر اسلام ۽ مڪي جي سردارن جي وچ ۾ پهريون وڏو مقابلو اهو آهي، جيڪو بدر جي جنگ جي نالي سان مشهور ٿيو، اها لڙائي مڪي جي سردارن جي اڳرائيءَ جي نتيجي ۾ پيش آئي. بدر واري هنڌ تي، 2هه ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هٿياربند ويڙهه ٿي. خدا جي خاص مدد سان پيغمبر اسلام ۽ سندس ساٿي سوڀارا ٿيا. مڪي جا ستر ماڻهو مارجي ويا ۽ ايتري ئي تعداد ۾ قيدي بنايا ويا.
    بدر جي شڪست، مڪي جي سردارن کي اڃا به وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏيو. هو پنهنجي عوام کي اهو چئي اُڀارڻ لڳا ته اسان کي بدر جي مقتولين جو پلاند وٺڻو آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڀيرا ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ۾ ننڍيون ننڍيون جهڙپون ٿيڻ لڳيون. ايتري قدر جو 3 هه ۾ هنن هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو ۽ اهو وٺي اچي مديني جي سرحد تي پهتا. جتي احد جبل وٽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي. انهيءَ جنگ ۾ پهرين اهل ايمان غالب آيا، پر پوءِ هڪ غلطيءَ مان فائدو وٺي، مڪي جي فوج ٻيهر مسلمانن تي هلان ڪري ڏني. انهيءَ ٻيهر حملي ۾ مسلمان بيهي نه سگهيا، اسلامي فوج جا ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. نيٺ مڪي وارن کي فتح حاصل ٿي.
    پيغمبر اسلام محسوس ڪيو ته جنگ سان انهيءَ معاملي جو نبيرو ٿيڻ وارو ڪونهي. تنهن ڪري پاڻ ﷺ هڪ ٻي تدبير اختيار ڪيائون. 6هه ۾ هڪ خواب موجب پاڻ سڳورن اعلان فرمايو ته پاڻ مڪي ويندا ۽ اُتي ڪعبي جو طواف ۽ عمري جي عبادت ادا ڪندا. انهيءَ موجب اٽڪل چوڏهن سؤ ساٿين سان گڏ پاڻ سڳورا مديني کان مڪي ڏانهن روانا ٿيا. اهو هڪ پُرامن سفر هو ۽ انهيءَ جو جنگ سان ڪوبه واسطو نه هو.
    مڪي ۾ انهيءَ قسم جا پُرامن وفد اچڻ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. عربستان جا مختلف قبيلا ڪعبي جي زيارت جي لاءِ لڳاتار ايندا رهندا هئا. پر مڪي جي سردارن جي لاءِ اها ڳالهه سهپ کان ٻاهر هئي. تنهن ڪري پيغمبر اسلام جڏهن حديبيه واري هنڌ پهتا ته مڪي جي سردارن اُتي اچي کين اڳتي وڌڻ کان روڪيو. مڪي جي سردارن اها ڳالهه پنهنجي انا جي خلاف سمجهي ته جن ماڻهن کي هنن مڪي مان ڪڍيو هو، سي ٻيهر مڪي ۾ اچي ديناداستيءَ عمري جي رسم ادا ڪن.
    هاڻ پيغمبر اسلام حديبيه ۾ ترسي پيو ۽ مڪي جي سردارن سان ٺاهه جون ڳالهيون مُهاڙيون شروع ڪري ڇڏيون. انهن ڳالهين مُهاڙين ۾ 15 ڏينهن گذري ويا. نيٺ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح جو اهو معاهدو ٿيو، جيڪو ”صلح حديبيه“ جي نالي سان مشهور آهي. پيغمبر اسلام انهيءَ معاهدي ۾ مڪي وارن جا سڀ شرط يڪ طرفي طور تي منظور ڪري ورتا، البت پاڻ سڳورن جي تجويز تي هڪ فقري جو واڌارو ڪيو ويو ته ايندڙ ڏهن سالن تائين مسلمانن ۽ مڪي جي قريشن جي وچ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح جنگ نه ٿيندي. انهيءَ معاهدي کان پوءِ پاڻ سڳورا حديبيه مان مديني موٽي آيا.
    ”صلح حديبيه“ کان پوءِ جنگ جو خطرو ٽري ويو ۽ پاڻ سڳورن کي سڪون حاصل ٿيو. هاڻ پيغمبر اسلام پنهنجي دعوت کي سگهارو ۽ مستحڪم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. انهيءَ سلسلي جو هڪ ڪم هي هو ته پاڻ ﷺ عربستان جي سرحدن سان لڳ حڪمراني ڪندڙ حاڪمن ۽ بادشاهن جي نالي دعوتي خط روانا ڪيا. جهڙوڪ: مصر ۽ شام وغيره جي حڪمرانن جي نالي.
    پاڻ سڳورن جا اصحابي، پاڻ ﷺ جا دعوتي خط کڻي انهن حاڪمن وٽ ويا. انهن مان فقط هڪ پاڻ ﷺ جي خط سان خراب هلت هلي. اهو ايران جو بادشاهه ”ڪسريٰ“ هو. جنهن ان خط کي پنهنجي شان جي خلاف سمجهيو ۽ اُهو ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو. اها خبر جڏهن پاڻ سڳورن کي پئي ته پاڻ فرمايائون، ”ڪسريٰ خود پنهنجي سلطنت جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا.“
    انهيءَ کان سواءِ باقي حاڪمن ۽ بادشاهن، پاڻ سڳورن جي موڪليل خطن کي عزت ۽ احترام سان ورتو. ڪيترن حاڪمن ته پاڻ سڳورن جي سفيرن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي روانو ڪيو. انهن مان ڪن اسلام پڻ قبول ڪيو. جهڙوڪ حبش جو بادشاهه نجاشي.
    صلح حديبيه ظاهر ۾ ته جيتوڻيڪ مڪي وارن جي فائدي ۾ هئي، پر انهيءَ جو هڪ عظيم فائدو اسلام جي حق ۾ نڪتو. اهو هيئن ته جڏهن اها ڳالهه مشهور ٿي ته پيغمبر اسلام ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ جنگ نه ڪرڻ جو ٺاهه ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ماحول پُرامن ٿي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي جي وچ ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي اچ وڃ ٿيڻ لڳي. مڪي ۽ ٻين عرب قبيلن جا ماڻهو مديني اچڻ لڳا. اهڙي طرح مديني جا مسلمان مُشرڪ قبيلن ۾ وڃڻ لڳا.
    انهيءَ ميل جول جي نتيجي ۾، پاڻ مرادو اسلام بحث هيٺ اچڻ لڳو. مُشرڪن ۽ توحيد جي داعين جي وچ ۾ بحث مباحثا ٿيڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾ اسلام جي دعوت تيزيءَ سان چوڌاري پکڙجڻ لڳي. عربستان جا ماڻهو، اسلام جي گُڻن کان واقف ٿي وڏي انگ ۾ اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا. ايستائين جو ٻن سالن جي اندر مسلمانن جي انگ ۾ غير معمولي واڌارو ٿي ويو.
    پوءِ هيئن ٿيو جو مڪي جي قريشن جي ڪجهه ماڻهن، پاڻ سڳورن جي هڪ ساٿاري قبيلي جي خلاف جارحاڻي ڪاروائي ڪئي. اهو معاملو ”صلح حديبيه“ جي سراسر خلاف هو. انهيءَ واقعي کان پوءِ پاڻ سڳورن ”صلح حديبيه“ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڏهن هزارن صحابين تي مشتمل لشڪر وٺي مديني کان مڪي روانا ٿيا. حديبيه جي سفر وقت پاڻ سڳورن سان فقط چوڏهن سؤ ماڻهو هئا. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ موجوده سفر ۾ پاڻ سڳورن سان گڏ ساٿين جو تعداد ڏهه هزار هو. عددي سگهه ۾ اهو واڌارو ايترو ته گهڻو هو، جو مڪي جا ماڻهو انهن جي مقابلي جي همت ڪري نه سگهيا. تنهن ڪري هنن مقابلو ڪرڻ کان سواءِ هار مڃي ورتي ۽ مڪو بنا جنگ جي فتح ٿي ويو. اهو واقعو 8 هه جو آهي.
    مڪي جي مشرڪن پيغمبر اسلام جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي هئي، هو پاڻ ﷺ کي قتل ڪرڻ جي پويان هئا. هنن پاڻ سڳورن سان جنگيون ڪيون. اهڙي طرح هو مختلف سنگين قسم جي زيادتين کان پوءِ بدترين قسم جا ڏوهاري بنجي چڪا هئا ۽ جيڪڏهن کين قتل ڪيو وڃي ها ته اهو عمل سندن ڏوهن جي لحاظ کان گهٽ هو. پر پيغمبر اسلام اعليٰ اخلاق جو ثبوت ڏيندي سندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي. ايتريقدر جو کين ملامت به نه ڪيائين ۽ پاڻ ﷺ سڀني لاءِ معافيءَ جو اعلان ڪندي فرمايو، ”وڃو! اوهين سڀ آزاد آهيو.“
    انهيءَ وقت جي حالتن ۾ اهو هڪ غير معمولي سلوڪ هو. مڪي جا مشرڪ اهو سمجهي رهيا هئا ته فتح کان پوءِ کين سندن نه معافيءَ جوڳن ڏوهن جي ڪري قتل ڪيو ويندو. پر پيغمبر اسلام بنا ڪنهن شرط جي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ غير معمولي سلوڪ، سندن ضميرن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. هنن محسوس ڪيو ته هاڻي هنن جي لاءِ سرڪشيءَ جو طريقو ڪنهن به نموني جائز ڪونهي. هيڏي وڏي انساني سلوڪ کان پوءِ هاڻ کين پيغمبر اسلام جي دين ۾ داخل ٿيڻ کپي، تنهن ڪري ايئن ئي ٿيو ۽ مڪي جا سڀ ماڻهو اسلام قبول ڪري پاڻ سڳورن جا ساٿي بنجي ويا.
    اُنهيءَ کان پوءِ پيغمبر اسلام مڪي ۾ هڪ شخص کي پنهنجي پاران حاڪم مقرر ڪيو ۽ پاڻ سڳورا طائف ڏانهن روانا ٿي ويا. انهي سفر ۾ پاڻ سڳورن سان ڏهن هزارن کان به وڌيڪ ساٿي گڏ هئا. رستي ۾ پاڻ سڳورا انهيءَ هنڌ پهتا، جنهن کي قديم زماني ۾ حنين چيو ويندو هو. هتي پاڻ سڳورن جو رستو ٻن ٽڪرين جي وچ مان ٿي گذريو. ٽڪرين جي مٿان ”هوازن قبيلي“ جا ماڻهو آباد هئا. پاڻ سڳورا خاموشيءَ سان رستو طئه ڪري رهيا هئا ته اوچتو هوازن جي ماڻهن، انهيءَ وقت تيرن سان حملو ڪري ڏنو، جڏهن پاڻ سڳورا ساٿين سميت ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ هئا.
    انهيءَ اوچتي حملي جي ڪري شروعاتي مرحلي ۾ اسلامي لشڪر ۾ افراتفريءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويئي، ۽ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. پر پاڻ سڳورا پنهنجي جاءِ تي ڄميا رهيا. پاڻ سڏ ڪري فرمايو، ”اي خدا جا ٻانها! مون طرف اچو.“ (الي عبادالله) اهو آواز ٻُڌي ماڻهن کي هوش آيو ۽ هو ٻيهر موٽي آيا ۽ پير کوڙي دشمن جو مقابلو ڪيائون ۽ دشمن کي شڪست ڏنائون. انهيءَ واقعي کي اسلامي تاريخ ۾ ”غزوه حنين“ چيو ويندو آهي.
    انهيءَ فتح کان پوءِ ’قبيلي هوازن‘ جا ڇهه هزار ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. مال غنيمت طور اُٺ، ٻڪريون ۽ ٻيو به کوڙ سارو سامان هٿ چڙهيو. اهي ڇهه هزار قيدي جنگي ڏوهارين جي حيثيت رکندا هئا. عام رواج موجب هو انهيءَ جي قابل هئا ته کين قتل ڪيو وڃي. پر پيغمبر اسلام سڀني کي بنا شرط جي معاف ڪري ڇڏيو. پاڻ سڳورن جو اهو سهڻو سلوڪ انهن ماڻهن جي لاءِ بي حد اثرائتو هو. انهيءَ کان متاثر ٿي قبيلي هوازن جا سڀ مرد ۽ عورتون ايمان آڻي دين اسلام ۾ داخل ٿي ويا.
    انهيءَ کان پوءِ پاڻ سڳورا طائف ڏانهن وڌيا. طائف قديم عربستان جو واحد اهڙو شهر هو، جنهن کي ڪوٽ ڏنل هو. طائف وارن قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح هو قلعه بند ٿي ويهي رهيا پيغمبر اسلام طائف ۾ گهڻو عرصو نه ٽڪيا، بلڪه کين سندن حال تي ڇڏي مديني موٽي آيا.
    قديم عربستان ۾ مڪي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ماڻهن وٽ مڪي جو اڳواڻيءَ وارو مقام هو. هاڻ مڪو فتح ٿي ويو ۽ اُتي جي ماڻهن اسلام قبول ڪري ورتو هو. تنهن ڪري اُتي پيغمبر اسلام جو اقتدار قائم ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ سڄي صورتحال بدلجي ويئي. هاڻ عربستان جي قبيلن محسوس ڪيو ته کين به اهوئي دين اختيار ڪرڻ کپي، جيڪو مڪي وارن جو دين آهي. يعني دين اسلام.
    انهيءَ کان پوءِ سڄي عربستان ۾ هڪ نئون عمل شروع ٿي ويو. اُهو هي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ رهندڙ قبيلا وفدن جي شڪل ۾ پنهنجا نمائندا مديني موڪلڻ لڳا ته جيئن هو اسلام ۾ داخل ٿين ۽ پيغمبر اسلام سان نئون عهدنامو ڪري اسلامي رياست سان پنهنجا لاڳاپا سڌاري سگهن. انهيءَ سال ايترا ته وفد آيا جو اهو سال ’عام الوفود‘ يعني وفدن جو سال سڏجڻ لڳو. اهڙي طرح هڪٻئي پويان سڀ قبيلا اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. انهن مان هڪ طائف جو قبيلو به هو. عربستان ۾ اسلام جي طاقت کي مستحڪم ڪرڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن حج ڪرڻ جو ارادو فرمايو. انهيءَ کي اسلامي تاريخ ۾ ”حجة الوداع“ چيو وڃي ٿو. پنهنجي عمر جي آخري سال پاڻ سڳورا مديني کان مڪي روانا ٿيا. انهيءَ سفر ۾ مسلمان به پاڻ ﷺ سان گڏ هليا. تنهن کان سواءِ ملڪ ۾ جڏهن اها خبر پکڙي ته چئني پاسن کان مختلف قبيلن جا ماڻهو مڪي اچڻ لڳا. اُتي پاڻ سڳورن پنهنجو پهريون ۽ آخري حج ادا ڪرڻ فرمايو ته انهيءَ وقت لڳ ڀڳ سوا لک ماڻهو انهيءَ عظيم عبادت ۾ پاڻ ﷺ سان گڏ شريڪ هئا. انهيءَ حج جي موقعي تي پاڻ سڳورن ماڻهن کي جيڪا تعليم ڏني، انهيءَ مان هڪ اهو خطبو به هو، جيڪو حجة الوداع جي نالي سان مشهور آهي. اهو خطبو گويا اسلام جو ابدي منشور آهي. انهيءَ خطبي ۾ پاڻ سڳورن فرمايو:
    ”بيشڪ اوهان جو خون ۽ اوهان جو مال اوهان جي مٿان حرام آهي، جهڙي طرح اوهان جو هيءَ ڏينهن، اوهان جي هن مهيني ۾، اوهان جي هن شهر ۾ حرام آهي. ٻُڌي ڇڏيو ته جاهليت جي زماني جي هر شئي منهنجي پيرن جي هيٺان آهي ۽ جاهليت جا سڀ خون باطل ڪيا ويا آهن ۽ سڀ کان پهريون خون جيڪو آئون باطل ڪريان ٿو، سو اسان جو خون ربيعه بن حارث جو رت آهي ۽ جاهليت جا سڀ وياج ختم ڪيا ٿا وڃن ۽ سڀني کان پهريون وياج جيڪو آئون ختم ٿو ڪريان، سو اسان جي خاندان جو وياڄ، عباس بن عبدالمطلب جو وياج آهي. اهي سڀ جا سڀ باطل آهن. اوهين ماڻهو عورتن جي معاملي ۾ خدا کان ڊڄو. اوهان انهن کي الله جه جي امانت طور حاصل ڪيو آهي ۽ اهي اوهان لاءِ نڪاح کان پوءِ حلال ڪيون ويون آهن ۽ اوهان جي مٿان انهن جو اهو حق آهي ته اوهين سندن کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو بندوبست ڪريو ۽ آئون اوهان جي وچ ۾ هڪ شئي ڇڏي رهيو آهيان، جيڪڏهن اوهان اها مضبوطيءَ سان جهلي ته گمراهه نه ٿيندؤ. اها شئي خدا جو ڪتاب آهي.
    اي ماڻهؤ! ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهين ڪهڙي مهيني ۽ ڪهڙي ڏينهن ۾ آهيو ۽ اوهين ڪهڙي شهر ۾ آهيو. ماڻهن وراڻيو، حرام مهيني، حرام ڏينهن ۽ حرام شهر ۾. پاڻ فرمايائون، اوهان جو خون، اوهان جو مال ۽ اوهان جون عزتون، اوهان جي مٿان قيامت تائين اهڙي طرح حرام آهن، جهڙي طرح هي ڏينهن، اوهان جو هي مهينو ۽ اوهان جو هي شهر حرام آهي.
    پوءِ فرمايائون، منهنجي ڳالهه ٻُڌو ۽ انهيءَ موجب عمل ڪريو. خبردار ظلم نه ڪجو. خبردار ظلم نه ڪجو. بيشڪ ڪنهن مسلمان کي ٻئي ڪنهن جو مال وٺڻ جائز ڪونهي، سواءِ انهيءَ جي ته ڌڻي راضي هجي. ٻُڌو! جاهليت جو هر خون ۽ مال ۽ وڏائي قيامت تائين منهنجي ٻنهي پيرن جي هيٺان آهي. توهان جي لاءِ توهان جو مال جائز آهي. نه اوهين ڪنهن تي ظلم ڪريو، نه اوهان تي مٿان ڪو ظلم ڪيو ويندو. ٻُڌو زمانو ڦري ويو آهي (بس اهو اڄ) انهيءَ نقطي تي آهي، جنهن ڏينهن خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو. پوءِ هيءَ آيت پڙهيائون: الله تعاليٰ وٽ مهينن جو ڳاڻيٽو ٻارهن مهينن جو آهي. الله جي ڪتاب ۾ ايئن ئي لکيو ويو، انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيائين. انهن مان چار مهينا محترم آهن. دين جي سڌي واٽ اهائي آهي. پوءِ انهن حرمت وارن مهينن ۾ پنهنجي جانين تي ظلم نه ڪريو. (التوبه 36)
    ٻُڌو! مون کان پوءِ منڪر نه ٿجو ۽ هڪٻئي جا ڪنڌ ڪپڻ نه لڳجو. ٻُڌو! شيطان انهيءَ مان مايوس ٿي چڪو آهي ته نماز پڙهندڙ سندن عبادت ڪن. پر اوهان کي پاڻ ۾ ويڙهائي هو پنهنجا مقصد حاصل ڪندو ۽ عورتن جي باري ۾ الله کان ڊڄو، ڇو ته هو اوهان جي وس ۾ آهن. هو پنهنجي لاءِ ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن ۽ اوهان جي مٿان هُنن جو حق آهي ۽ اوهان جو هُنن جي مٿان حق آهي. ٻُڌو! جنهن وٽ ڪا امانت هجي ته اُها امانتدار کي واپس ڪري. تنهن کان پوءِ پاڻ پنهنجا ٻئي هٿ اُڀا ڪيا ۽ فرمايو، ڇا مون پهچائي ڇڏيو. ڇا مون پهچائي ڇڏيو. پوءِ فرمايائون: اوهان جيڪي حاضر آهيو، سي جيڪي غير حاضر آهن، تنهن کي پهچائي، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جن کي پهچايو وڃي. هو ٻُڌڻ وارن کان وڌيڪ اخذ ڪرڻ وارا هوندا آهن.“
    پيغمبر اسلام 12 ربيع الاول 10هه تي هي جهان ڇڏيو. پنهنجي آخري زماني ۾ پاڻ ﷺ اٽڪل ٻن هفتن تائين بيمار رهيا. وفات کان اڳ پاڻ ﷺ مسجد نبويءَ ۾ جيڪا آخري نماز ادا ڪيائون، انهيءَ ۾ پنهنجي موجودگيءَ ۾ حضرت ابوبڪر صديق کي نماز جو امام بنايائون.
    اسلام ۾ باجماعت نماز جي جيڪا اهميت آهي، اُن لحاظ کان اهو چٽو اشارو هو ته مون کان پوءِ ابوبڪر مسلمانن جو خليفو يا امير المؤمنين هوندو. آخري زماني ۾ پاڻ ﷺ جيڪي ڳالهيون ڪرڻ فرمايون، انهن مان هڪ هيءَ هئي ته: مون اوهان جي وچ ۾ ٻه شيون ڇڏيون آهن. جيستائين اوهين انهن ٻن شين کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکندؤ، تيستائين گمراهه نه ٿيندؤ. اهي ٻه شيون آهن، خدا جو ڪتاب ۽ سندس رسول جي سنت. (مشڪاة المصابيح 1/66)
    پاڻ سڳورن جي وفات مسجد نبويءَ جي حجري ۾ ٿي. انهيءَ ئي حجري ۾ پاڻ ﷺ کي دفنايو ويو. پاڻ ﷺ جي تربت اڃا سوڌي اُتي موجود آهي. پوءِ جڏهن پاڻ ﷺ جي خليفن حضرت ابوبڪر ۽ عمر فاروق هي جهان ڇڏيو ته سندن تدفين به پاڻ سڳورن جي تربت جي ٻنهي پاسن کان ٿي.


    قرآني تصوير

    قرآن (القلم 4) ۾ پيغمبر اسلام جي باري ۾ فرمايو ويو آهي: ”بيشڪ تون (سيرت ۾ به) وڏي اخلاق وارو آهين.“ انهيءَ آيت جو بهترين تفسير اهو آهي، جيڪو حضرت عائشه کان نقل ڪيل آهي. حديث جي مختلف ڪتابن ۾ اها روايت آيل آهي ته پاڻ سڳورن جي زوجه محترمه عائشه کان ڪنهن پاڻ سڳورن جي اخلاق جي باري ۾ پُڇيو. هن ورنديءَ ۾ انهيءَ آيت جو حوالو ڏنو ۽ فرمايو: پاڻ ﷺ جو اخلاق قرآن هو. (تفسير ابن ڪثير 4/403)
    انهيءَ مان معلوم ٿيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جي صحيح تصوير اُها آهي، جيڪا قرآن ۾ ٻُڌائي ويئي آهي. حديث ۽ سيرت جا ڪتاب به پاڻ سڳورن جي زندگيءَ کي ڄاڻڻ جا ماخذ آهن، پر انهيءَ معاملي ۾ پهريون ۽ اصولي ماخذ بيشڪ قرآن ئي آهي. پيغمبر اسلام جي اهائي تصوير درست تصوير آهي، جيڪا قرآن جي بيانن سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هتي اسين قرآن جي ڪجهه آيتن جي روشنيءَ ۾ پيغمبر اسلام جي زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

    حق جي ڳولا
    قرآن جي سوره نمبر 93 ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته ’.... سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي، ۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي ۽ بيشڪ پوئين حالت تو لاءِ پهرين حالت کان گهڻي چڱي آهي ۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو، پوءِ تون انهيءَ تي خوش ٿيندين. ڇا توکي (تنهنجي پالڻهار) يتيم نه پاتو، پوءِ جاءِ ڏنائين ۽ توکي رستي جو ڳولائو ڏسي، پوءِ رستو ڏيکاريائين ۽ توکي ضرورتمند ڏسي، پوءِ توکي ايترو ڏنائين، جو تون ڪنهن جي مدد جو محتاج نه رهين. پوءِ يتيم تي متان سختي ڪرينءَ ۽ پوءِ سواليءَ کي متان جهڻڪينءَ ۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمتن کي پيو بيان ڪر. (الضحيٰ 1 ــ 11)
    پيغمبر اسلام ﷺ کي چاليهن سالن جي عمر ۾ نبوت ملي. اُن کان اڳ پاڻ سڳورن جي جيڪا زندگي هئي، اها قرآن جي هن بيان (ووجدک ضالاً) مان معلوم ٿئي ٿي. انهيءَ جي تشريح ۾ عالمن جا جيڪي قول تفسير جي ڪتابن ۾ آيا آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن. ووجدک طالباً، ووجدک متحراً، ووجدک محباً للهداية (التفسير القرطبي 20/97)
    انهيءَ حالت کي هڪ لفظ ۾ سچائيءَ جي ڳولا چئي سگهجي ٿو، گويا پيغمبر بنائڻ کان اڳ پاڻ ﷺ هڪ سچائيءَ جا ڳولائو (Truth Seeker) هئا. پاڻ ﷺ حقيقت جي ڳولا ۾ سرگردان هئا. انهيءَ زماني ۾ پاڻ شهر مان نڪري صحرا ۽ پهاڙ طرف هليا ويندا هئا. غار حرا ۾ تنهائيءَ ۾ وڃي ويهندا هئا. خاموشيءَ سان گڏ غور ۽ فڪر ۾ مشغول رهندا هئا. اهو سڀ پاڻ سڳورن جي سچائيءَ جي ڳولا جا لقاءُ هئا. جن جو ذڪر حديث ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ آيو آهي.
    انهيءَ مان معلوم ٿيو ته حق جي دريافت کان اڳ ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ صحيح طريقو هيءُ آهي ته اهو حق جي ڳولا ۾ هجي. جيڪو ماڻهو واقعي به سچائيءَ جي ڳولا ۾ سرگردان هوندو، تنهن کي اهڙي ئي طرح هدايت ملندي، جهڙي طرح قرآن موجب، محمد ﷺ کي ملي. فرق فقط اهو آهي ته پاڻ ﷺ کي هدايت سان گڏ نبوت به ڏني ويئي ۽ ٻين انسانن کي فقط هدايت ملندي.

    بشريت رسول
    قرآن مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام ﷺ عام انسانن جيان هڪ انسان هو. پاڻ ﷺ جي امتيازي خصوصيت اها نه هئي ته ڪو پاڻ غير بشر هئا، پر پاڻ ﷺ جي امتيازي خصوصيت هيءَ هئي ته پاڻ بشر سان گڏ هڪ پيغمبر به هئا. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن جون ڪجهه آيتون هتي نقل ڪجن ٿيون:
    ــ هل کنت بشرا رسولا (الاسراءِ)
    ــ قل انما انا بشر مثلکم يوحي الّي انما الهکم اله واحد (الڪهف 110)
    ــ قل انما انا بشر مثلکم يوحي الّي (حم السجده 6)
    ــ قالت لهم رسلهم ان نحن الابشر مثلکم (ابراهيم 11)
    ايئن هئڻ فطري هو. پيغمبر اسلام کي سڀني انسانن جي لاءِ عملي نموني جي حيثيت ڏني ويئي آهي. اها چٽي ڳالهه آهي ته پاڻ سڳورا، ماڻهن جي لاءِ عملي نمونو فقط تڏهن ٿي سگهيا ٿي، جڏهن پاڻ ﷺ به ٻين انسانن وانگر هڪ انسان هجي. پاڻ ﷺ جي اندر به اهي ئي احساس هجن، جيڪي ٻين انسانن جي اندر هوندا آهن. پاڻ ﷺ جي فطرت جا جزا به اُهي ئي هجن، جيڪي ٻين انسانن جي فطرت ۾ شامل آهن. پاڻ ﷺ به اهڙي ئي هڏ ماس جو مجموعو هجن، جنهن جو هڪ عام انسان مجموعو هوندو آهي. جيڪڏهن اها هڪجهڙائپ نه هجي ته پوءِ اهو حڪم هڪ غير عملي حڪم بنجي ويندو ته، ”اي ماڻهؤ! اوهين خدا جي پيغمبر جي نموني جي پيروي ڪريو.“
    پيغمبر اسلام جي عظمت انهيءَ ۾ هئي ته پاڻ بشر هوندي به اعليٰ اخلاق کي پنهنجي ذهن ۾ جڳهه ڏين. اعليٰ اخلاق کي پنهنجو اخلاق بنائين. هر معاملي ۾ اعليٰ روش جو ثبوت ڏين. جيڪڏهن پاڻ غير بشر هجن ها ته پاڻ ﷺ جو اهو غير معمولي ڪردار عظيم ڪردار نه ٿي بنجي سگهيو.

    رسول هڪ آزمائش
    قرآن جي سوره 6 ۾ پيغمبر جي مخالفن جو ذڪر ڪندي ارشاد ٿيو آهي ته... ”هيئن به چيائون ته هن وٽ ڪو فرشتو ڇو نٿو اچي. پر جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها ته پوءِ سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هنن کي مُهلت ئي نه ملي ها ۽ جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته ان کي به ته انسان جي صورت ۾ موڪليون ها. پوءِ جيئن هاڻي شڪ شبها آڻي رهيا آهن، تيئن پوءِ به شڪن شبهن ۾ پئجي وڃن ها. (الانعام 8-9)
    اهڙي طرح رسول جي مخالفن جو ذڪر ڪندي قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي ته، ”اهي هيئن چون ٿا ته هيءُ ڪهڙو رسول آهي، جيڪو ماني کائي ٿو ۽ رستن تي گهمي ڦري ٿو، ڇو نه هنن ڏي ڪو فرشتو موڪليو ويو آهي، جو هنن سان گڏجي خبردار ڪري. يا ڇو نه هن جي اڳيان ڪو خزانو اچي ٿو يا ڇو نه هن کي ڪو باغ ٿو ملي، جنهن مان کائي پيئي ۽ گذران ڪري. (الفرقان 7 ــ 8)
    اهڙي طرح ٻي هنڌ ارشاد فرمايل آهي، ”۽ حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن به الله جي هدايت (دنيا ۾) ظاهر ٿي، تڏهن فقط هن ڳالهه ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان روڪيو، جو چوڻ لڳا ته ڇا اللهج هڪڙو ماڻهو پيغمبر ڪري موڪليو آهي. (بني اسرائيل 94)
    انهن آيتن کي سمجهڻ جي لاءِ انهيءَ اصول کي استعمال ڪرڻ کپي، جيئن هڪ عربي چوڻيءَ ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي، يعني: شيون پنهنجي ضد سان سُڃاتيون وينديون آهن. انهيءَ اصول موجب ويچاربو ته پيغمبر اسلام (تنهن کان سواءِ ٻين پيغمبرن) جون ٻه، هڪٻئي کان بلڪل مختلف تصويرون اسان جي سامهون اچن ٿيون. هڪ اها جيڪا مذڪوره قرآن آيتن موجب، پيغمبر جي همعصر مخاطبين جي سامهون هئي. ٻي تصوير اها آهي، جيڪا پيغمبر اسلام جي ظهور کان اٽڪل ڏيڍ هزار سال پوءِ، اڄ جي ماڻهن کي نظر اچي رهي آهي. قديم تصوير ۾ پيغمبر فقط هڪ عام انسان نظر اچي ٿو. اُن جي اُبتڙ اڄ جي تصوير ايتري ته عظيم آهي، جو ذڪر ڪرڻ وارا جڏهن پاڻ ﷺ جو ذڪر ڪن ٿا ته هو لغت جا آخري ۽ انتهائي لفظ پاڻ ﷺ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. جهڙوڪ: فخر موجودات، شهنشاهه ڪونين، سرور ڪائنات، مُحسن انسانيت، تاجدار عرب، آقاءِ نامدار وغيره.
    هڪ ئي شخصيت جون ٻه ڌار ڌار تصويرون ڇو؟ انهيءَ جو سبب هي آهي ته پيغمبر جڏهن اچي ٿو ته هو پنهنجي همعصرن جي لاءِ پنهنجي مجرد روپ ۾ هوندو آهي. پر سوين سالن کان پوءِ هيئن ٿئي ٿو ته پيغمبر جي شخصيت سان گڏ، سندس چوڌاري پوءِ بنجندڙ تاريخ به شامل ٿي ويندي آهي. پهرين تصوير ۾ پيغمبر پنهنجي تاريخ کان سواءِ هوندو آهي ۽ ٻي تصوير ۾ پيغمبر پنهنجي تاريخي عظمتن سان نظر اچي ٿو.
    قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ايمان اها معتبر شئي آهي، جيڪا صحابين جي ايمان وانگر هجي. تنهن ڪري قرآن ۾ ارشاد ٿيل آهي: ”پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو اهڙي طرح ايمان آڻين، جهڙي طرح اوهان ايمان آندو آهي، ته پوءِ هنن هدايت جي واٽ ورتي ۽ پر جيڪڏهن هو منهن مُوڙي هٽي وڃن ته پوءِ سمجهه ته هو ضد تي آهن. پر الله تعاليٰ جي مدد توکي هنن جي مخالفتن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪافي ٿيندي ۽ هو سڀ ٻُڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.“ (البقره 137)
    صحابي انهن ايمان وارن کي چيو ويندو آهي، جيڪي پيغمبر جي زماني ۾ هئا. انهن ايمان وارن پيغمبر کي سندس ابتدائي تصوير سان ڏٺو. هنن پيغمبر کي انهيءَ وقت سڃاتو، جڏهن سندس ذات سان تاريخ جون عظمتون شامل نه هيون. جڏهن هو ظاهري طرح عام انسانن جهڙو هڪ انسان هو. نه ڪي اهو غير معمولي انسان، جنهن کي اڄ مذڪوره قسم جي وڏن وڏن لقبن سان بيان ڪيو وڃي ٿو. پيغمبر جي پهروڪي تصوير ئي سندس حقيقي تصوير آهي. باقي شيون پوءِ جو تاريخي واڌارو آهن. ايمان بالرسول جو ڪريڊٽ فقط انهيءَ شخص کي ملي سگهي ٿو، جيڪو پيغمبر کي سندس مجرد روپ ۾ دريافت ڪري. جيڪو تاريخ کي حذف ڪري، پيغمبر کي سندس اصل روپ ۾ سڃاڻي وٺي.

    غيب جو علم
    قرآن مان معلوم ٿئي ٿو ته غيب جو علم فقط الله تعاليٰ جي ذات کي حاصل آهي. اللهج کان سواءِ ٻيو ڪير به غيب دانيءَ جي صفت نٿو رکي. جيئن قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي. عالم الغيب فلايظهر علي غيبه احداً (الجن 26) معنيٰ: (اهو) ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي، جو پنهنجي ڳجهه تي ڪنهن هڪڙي کي به واقف نٿو ڪري.
    قرآن پاڪ ۾ پيغمبر اسلام جي باري ۾ بار بار وضاحت ڪئي ويئي آهي ته پاڻ ﷺ کي غيب جو علم نه ڏنو ويو آهي. ڪن موقعن تي الله تعاليٰ حضرت جبرئيل جي ذريعي ڪن ڳالهين جي اڳواٽ خبر پاڻ ﷺ کي ٻُڌائي ڇڏي. جهڙو حديبيه جو نتيجو ’فتح مبين‘ جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ (الفتح 1) پر عمومي ۽ ذاتي صفت طور تي پاڻ ﷺ کي غيب دان نه بنايو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن پاڪ جون ڪجهه آيتون هتي نقل ڪجن ٿيون:
    ــ ولو کنت اعلم الغيب لاستکثرت من الخير. (الاعراف 188)
    جيڪڏهن مون کي غيب جو علم هجي ها ته گهڻائي خزانا ۽ نفعا پنهنجي لاءِ حاصل ڪيان ها.
    ــ ولا اقول لکم عندي خزائن الله ولا اعلم الغيب. (هود 31)
    ۽ (ڏسو) مان ايئن ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن، نڪي ايئن ٿو چوان ته مان غيب جون ڳالهيون ڄاڻان ٿو.
    ــ فقل انما الغيب لله فانتظروا اني معکم من المنتظرين. (يونس 20)
    (اي پيغمبر) تون چئي ڏي ته غيب جو علم فقط الله جي لاءِ آهي. پوءِ ترسو، مان به توهان ترسڻ وارن مان آهيان.
    ــ تلک من انباء الغيب نوحيها اليک ماکنت تعلمها. (هود 49)
    (اي پيغمبر) اهي غيب جي خبرن مان آهن، جي اسان وحي جي ذريعي توکي ٻُڌائي رهيا آهيون.
    اهي ۽ انهيءَ قسم جون ٻيون آيتون وضاحت سان اهو ثابت ڪن ٿيون ته پيغمبر اسلام کي غيب جو علم حاصل نه هو. پيغمبر جي لاءِ الله تعاليٰ جي سُنت اها آهي ته کيس اهائي شئي ڏني ويندي آهي، جنهن جي کيس پيغمبراڻي ذميداري ادا ڪرڻ جي لاءِ ضرورت هجي. ۽ انهيءَ ڪم جو غيب دانيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونهي.
    پيغمبر جو ڪم اهو ڪونهي ته هو ماڻهن کي غيب جون ڳالهيون ٻڌائي حيران ڪري يا انهيءَ قسم جا ڪارناما ڏيکاري ماڻهن جي مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري، پر هو ته دعوت ۽ نصيحت جي ذريعي ماڻهن جي رهبري ڪندو آهي. اهوئي پيغمبر جو اصل ڪم آهي ۽ انهيءَ ڪم جي لاءِ غيب دانيءَ جو ڪوبه شرط ڪونهي. تنهن ڪري ڪنهن به پيغمبر کي غيب دان نه بنايو ويو.

    عسر (ڏک) ۾ يسر (سُک)
    قرآن جي سوره نمبر 95 ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي: ”ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو ۽ اسان توتان اهو بار لاٿو. جنهن (بار) تنهنجي پُٺ کي ڳرو ڪيو هو ۽ اسان تو لاءِ تنهنجي تعريف بلند ڪئي. پوءِ ڏک سان گڏ، سُک آهي. بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي. پوءِ جڏهن (به) تون واندو ٿئين ته محنت ڪر ۽ پنهنجي پالڻهار سان دل لڳائي. (الانشراح 1 ــ 8)
    انهن آيتن جي ذريعي پيغمبر اسلام جي زندگيءَ جو هڪ خاص پهلو سامهون اچي ٿو. اُهو هيءَ ته الله جي توفيق ۽ الله جه جي رهنمائي جي تحت پاڻ ﷺ پنهنجي اندر اها سگهه پيدا ڪئي ته پاڻ ﷺ ڏکيائيءَ کي به آسان ڏسن. مناسب حالتون نه هوندي به عزم ۽ همت سان حالتن کي مناسب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريو، مايوسيءَ جي موقعن تي به اُميد سان پنهنجو عمل جاري رکڻ.
    انهيءَ سلسلي ۾ اللهج تعاليٰ ڪجهه مثالن سان انهيءَ معاملي کي چٽو ڪرڻ فرمايو آهي. جهڙوڪ: پيغمبر اسلام کي سختين جو تجربو ٿيو. انهن سختين پاڻ ﷺ جي ذهن کي کوليو ۽ پاڻ ﷺ کي شرح صدر (سيني جي کلڻ) جي نعمت حاصل ٿي. اهڙي طرح پاڻ ﷺ جي مخالفن، پاڻ ﷺ جي لاءِ ڀانت ڀانت جون غلط ڳالهيون پکيڙيون. پر عملي طور تي هي ٿيو جو مخالفن جي اها پروپئگنڊه، پاڻ ﷺ جي مشن جي لاءِ عمومي مشهوري جو وسيلو بنجي ويئي، وغيره.
    پيغمبر اسلام جي پوئلڳن کي، پنهنجي اندر اهوئي ذهن پيدا ڪرڻ کپي. منجهن اها صلاحيت هئڻ کپي ته هو ”نه“ ۾ ”آهي“ کي ڏسن. هو ڏکيائيءَ کي سولائيءَ ۾ بدلائي سگهن.

    رب جو رزق
    قرآن جي سوره نمبر 20 ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي ارشاد فرمايو ويو آهي.... ”۽ هي جو اسان مختلف قسم جي ماڻهن کي دنيوي زندگيءَ جون آرائشون، سينگار ۽ رونقون ڏنيون آهن، تن تي سندن اکيون ڌيان نه ڏين. اهي سڀ انهيءَ لاءِ آهن، جو اسان هنن (گناهگارن) کي آزمائش ۾ وڌو آهي. ۽ جيڪا تنهنجي پروردگار جي بخشيل روزي آهي، سا ئي بهتر آهي باقي رهڻ واري. ۽ پنهنجي گهر وارن کي به نماز جو حڪم ڏي ۽ اُن تي مضبوطي سان ڄميو رهه. اسان توکان رزق ڪونه ٿا گهرون. اسان بخشڻ وارا آهيون ۽ (چڱي) پڇاڙي تقويٰ جي لاءِ آهي.“ (طه 132 ــ 131)
    پيغمبر هن دنيا ۾ رهندو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو زندگي گذارين ٿا. پر عام ماڻهو هن دنيا کي پنهنجو مقصد بنايو وٺن. هو وڌ ۾ وڌ پنهنجي لاءِ دنيا جو سامان ڪٺو ڪن ٿا. پر پيغمبر کي هن دنيا ۾ اهڙي طرح زندگي گذارڻي هوندي آهي، جو هو دنيا ۾ ته رهي، پر دنيا کي پنهنجو مقصد نه بنائي ۽ نه وري دنيا کان مالي رزق طلبي. پر اهو اُن کي رباني رزق جو ذريعو بنائي وٺي.
    دنيا ۾ هڪ شخص ايمان ۽ دعوت جي زندگي اختيار ڪري ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس زندگي تڪليفن واري زندگي بنجيو وڃي. ٻي پاسي اهو حال آهي ته جيڪي ماڻهو ان قسم جي ذميداريءَ کان آجا آهن، سي آرام ۽ سڪون ۾ پنهنجا ڏينهن گذارين ٿا. انهيءَ صورتحال کي چٽو ڪرڻ جي لاءِ شيطان ماڻهوءَ جي دل ۾ وسوسو وجهي ٿو. هو مومن ۽ داعي کي واٽ تان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    پر گهرائيءَ ۾ وڃي ڏسبو ته اُن ظاهري فرق جي اڳيان هڪ ٻيو فرق به آهي، جيڪو فرق وڌيڪ ڌيان جوڳو آهي. اهو فرق هيءَ آهي ته دنيا پرست ماڻهن کي جيڪا شئي ملي آهي، اها فقط وقتي آهي. ان کان پوءِ، اُن سدائين رهڻ واري زندگيءَ ۾ سندن لاءِ ڪجهه به ڪونهي. مومن ۽ داعي کي خدا سان ڳانڍاپو اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ جيڪا شئي ملي ٿي، اها دنيا جي سڀني شين کان وڌيڪ ملهائتي آهي. اها آهي... الله جي ياد، آخرت جو فڪر، عبادت ۽ تقويٰ جي زندگي. خدا جي ٻانهن کي آخرت ۾ پڪڙ کان بچائڻ جي لاءِ فڪرمند ٿيڻ. اهو به رزق آهي ۽ اهو وڌيڪ اعليٰ رزق آهي. ڇو ته اهو آخرت ۾ اهڙين اڻ ڳڻين نعمتن جي شڪل ۾ ماڻهوءَ طرف موٽايون وينديون، جيڪي ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ واريون هونديون.

    بنيادي ڪم
    قرآن جي سوره نمبر 74 ۾ پيغمبر کي خطاب ڪندي ارشاد ٿيل آهي ته... ”اي ڪپڙي ۾ ويڙهجڻ وارا، اُٿي پوءِ (ڀليل) ماڻهن کي ڊيڄار ۽ پنهنجي پالڻهار جي وڏائي بيان ڪر ۽ پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک ۽ گند کان پري رهه. ۽ (پوءِ الله جي مخلوق تي) هن لاءِ احسان نه ڪر ته (اُن جي موٽ ۾) گهڻو (بدلو) ملي ۽ پنهنجي پالڻهار جي لاءِ صبر ڪر.“ (المدثر 1 ــ 7)
    قرآن جي انهن آيتن موجب، هن دنيا ۾ پيغمبر جو ڪم، آخرت ۾ پيش ايندڙ سنگين مسئلي کان ماڻهن کي واقف ڪرڻ آهي. اهو ڪم اهوئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي دل اللهج جي وڏائي سان ڀريل هجي. جيڪو سُٺي اخلاق جو مالڪ هجي. جيڪو هر قسم جي برائيءَ کان پري هجي. جيڪو موٽ جي اميد کان سواءِ نيڪي ڪري، جيڪو ٻين پاران پيش ايندڙ تڪليفن تي صبر ڪري سگهي.

    چار ذميداريون
    پيغمبر اسلام ﷺ کي حضرت ابراهيم جي دعا يا دعاءِ خليل چيو وڃي ٿو. انهيءَ جو سبب هيءَ آهي ته جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام، پنهنجي پُٽ حضرت اسماعيل کي سندس امڙ بيبي هاجران سان گڏ حجاز جي ريگستان ۾ رهايو ته اُن وقت انهن جي لاءِ جيڪي دعائون گهريون، انهن مان هڪ دعا هيءَ هئي ته: ”اي اسان جا پروردگار! انهن منجهان هڪڙو رسول موڪلجان، جيڪو تنهنجون آيتون ماڻهن کي پڙهي ٻُڌائي. اللهج جو ڪتاب ۽ عقل ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون سيکاري ۽ هنن جون دليون پاڪ ڪري ڇڏي. اي پروردگار! بيشڪ تون ئي آهين، جو وڏي شان ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين. (البقره 129)
    هن آيت موجب، پيغمبر جو پهريون ڪم آيتن کي پڙهي ٻُڌائڻ آهي. آيت جي معنيٰ نشاني آهي. يعني اها شئي، جيڪا ڪنهن شئي جي مٿان دليل بنجي. انسان جي فطرت ۾ ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ الله تعاليٰ پنهنجي معرفت جون اڻ ڳڻيون نشانيون رکيون آهن. اهي اشارن جي صورت ۾ آهن. پيغمبر اُنهن اشارن کي کوليندو آهي. هو ماڻهوءَ کي اهڙي نظر ڏيندو آهي، جنهن سان هو هر شئي ۾ پنهنجي پالڻهار جو جلوه ڏسڻ لڳندو آهي. ڪتاب مان مطلب قرآن آهي.
    نبيءَ جو ٻيو ڪم هيءُ آهي ته هو الله جي وحيءَ جو ترجمان هوندو آهي ۽ اُها خدا کان وٺي انسان تائين پهچائيندو آهي.
    حڪمت جو مطلب بصيرت آهي. جڏهن ماڻهو خدا جي نشانين کي ڏسڻ جي نظر پيدا ڪري وٺندو آهي، جڏهن هو قرآني تعليم موجب پنهنجو ذهن ٺاهي وٺندو آهي ته انهيءَ جي اندر هڪ فڪري روشني ٻَرڻ لڳندي آهي. هو پنهنجو پاڻ کي حقيقت اعليٰ جو هم شعور بڻائي وٺندو آهي. هو هر معاملي ۾ انهيءَ صحيح معاملي تائين پهچي ويندو آهي، جيڪو الله تعاليٰ کي گهربل هوندو آهي.
    تزڪيه جو مطلب، ڪنهن شئي کي اڻ وڻندڙ عنصرن کان پاڪ ڪرڻ آهي، ته جيئن ماڻهو بهتر فضا ۾ پنهنجي فطري ڪمال تائين پهچي سگهي. نبيءَ جي آخري ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته اهڙا انسان تيار هجن، جن جون دليون الله جي عقيدت کان سواءِ هر عقيدت کان خالي هجن. اهڙا روح وجود ۾ اچن، جيڪي نفسياتي مونجهارن کان آجا هجن. اهڙا ماڻهو پيدا ٿين، جيڪي ڪائنات مان اهو رزق رباني حاصل ڪري سگهن، جيڪو اللهج پنهنجي مومن بندن جي لاءِ رکي ڇڏيو آهي.
    اهي چار ڪم پيغمبر اسلام جي مشن جا بنيادي جزا هئا. پاڻ ﷺ جون سڀئي سرگرميون انهن چئن شين جو تفصيل آهن. پاڻ ﷺ کان پوءِ پاڻ ﷺ جي پيرويءَ ۾ جيڪي ماڻهو انسانيت جي سڌاري لاءِ اُٿندا، تن کي به انهن ئي طريقن تي ڪم ڪرڻو آهي، جن تي پيغمبر اسلام خدا جي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي.

    اللهج جي دين جي دعوت
    قرآن جي سوره نمبر 5 ۾ پيغمبر کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته: ”اي پيغمبر! تنهنجي پالڻهار جي طرف کان جيڪي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن کي (خدا جي بندن تائين) پهچاءِ. ۽ جيڪڏهن تو ايئن نه ڪيو ته پوءِ تو خدا جو پيغام نه پهچايو. ۽ الله توکي ماڻهن (جي شرارتن) کان بچائيندو. هو انهيءَ ٽولي تي (ڪاميابيءَ جي) واٽ نٿو کولي، جنهن ڪفر جي واٽ ورتي.“ (المائده 67)
    انهيءَ آيت موجب، پيغمبر جو اصل ڪم الله طرفان نازل ڪيل آيتن جو پرچار ڪرڻ هو. انهيءَ ڪم جا هڪ ئي وقت ٻه پهلو هئا. هڪ هيءَ ته انهيءَ کي پورو ڪرڻ، پنهنجي پيغمبريءَ جي فرضن کي پورو ڪرڻ هو. ٻيو هي ته اهوئي ڪم پيغمبر جي لاءِ ماڻهن جي حفاظت جو ذريعو به هو.
    پيغمبر جڏهن به پنهنجي ماحول ۾ حق جي دعوت پيش ڪري ٿو ته کيس ٻُڌندڙن جي طرف کان سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اهو ردعمل موجوده اصطلاح ۾ سيڪيولر ماڻهن طرفان پيش نٿو اچي. بلڪه گهڻين حالتن ۾ اهو انهن ماڻهن طرفان پيش ايندو آهي، جيڪي مذهب جي نالي تي پنهنجي پيشوائي ۽ اڳواڻي قائم ڪريو ويٺا آهن.
    ٻُڌندڙن جي طرف کان اهڙو ردعمل هڪ فطري شئي آهي، ڇو ته پيغمبر جي دعوت انهن ماڻهن کي بي اعتبار ثابت ڪرڻ جي برابر هوندي آهي، جيڪي هٿ ٺوڪئي مذهب جي بنياد تي بيٺل هوندا آهن. حق جي دعوت ڏيندڙ کي انهي صورتحال سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. پر انهيءَ جو اثر انهيءَ دائري تائين محدود رهندو آهي، جيترو خدا جي قانون جي آزمائش جي تقاضا آهي. ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته مخالف انهيءَ حد تائين صورتحال تي قابو پائي وٺن، جو هو دعوتي مهم روڪي ڇڏين يا انهيءَ کي پنهنجي تڪميل تائين پهچڻ نه ڏين. هڪ سچي دعوت جو پنهنجي دعوتي نشان تائين پهچڻ هڪ خدائي رٿا هوندي آهي، تنهن ڪري اها لازمي طور تي پوري ٿيندي آهي. انهيءَ کان پوءِ مدعو ٽولي جو مڃڻ سندن پنهنجي ذميداري آهي، جيڪا ايترو ئي نتيجو ڏيندي آهي، جيترو مدعو چاهيندو آهي.

    هڪ طرفي خيرخواهي
    احد جي جنگ (3هه) ۾ اسلام جي مخالفن جو تعداد غير متناسب طور تي وڌيڪ هو. تنهنڪري انهيءَ جنگ ۾ مسلمانن کي ڪافي نقصان سهڻو پيو. خود پيغمبر اسلام سان به اهو واقعو پيش آيو ته مخالف لشڪر جي طرف کان پاڻ ﷺ کي پٿر هنيا ويا. پاڻ ڪافي زخمي ٿي پيا. انهيءَ نازڪ موقعي تي پاڻ ﷺ جي زبان مان هي لفظ نڪتا ”هي ماڻهو ڪيئن فلاح پائيندا، جن پنهنجي نبيءَ سان ههڙو سلوڪ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اهو کين پنهنجي رب جي طرف سڏي رهيو آهي.“ (تفسير ابن ڪثير 1/ 403)
    اهو پيغمبر سان هڪ کليل ظلم جو واقعو هو. پر الله تعاليٰ کي اها ڳالهه پسند نه آئي. تنهن ڪري انهيءَ وقت جبرئيل خدا جي طرفان هيءَ آيت کڻي نازل ٿيو: ”(اي پيغمبر) توکي هن معاملي ۾ ڪوئي دخل ڪونهي، هي الله جي هٿ ۾ آهي ته جنهن کي وڻيس معاف ڪري ۽ جنهن کي وڻيس عذاب ڏي، ڇو ته يقيناً هو ظالم آهن.“ (آل عمران 128)
    انهيءَ موجب پيغمبر جي لاءِ اهو لازمي هوندو آهي ته هو جن ماڻهن کي حق جي دعوت ڏي، تن جو هڪ طرفي طور تي خيرخواهه بنجي. ايستائين جو هو کيس پنهنجي ظلم ۽ زيادتيءَ جو شڪار بنائين، تڏهن به هو سندن همدرد ۽ خيرخواهه بنيو رهي. هو پٿر هڻندڙن جي حق ۾ به دعائون ڪري. هو سرڪشي ڪندڙن سان نرميءَ سان پيش اچي. هو نفرت ڪندڙن سان شفقت ۽ ٻاجهائپ سان پيش اچي. مدعوءَ جي انجام کي خدا جي حوالي ڪندي، پڇاڙي وقت تائين هو کيس نصيحت ڪندو رهي.
    پيغمبر جو اهوئي نمونو هر دعوت ڏيندڙ کي پنهنجي مدعوءَ سان اختيار ڪرڻ کپي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رويو، ڪنهن حق جي دعوت ڏيندڙ جي لاءِ جائز ڪونهي.

    هاڪاري ردعمل
    قرآن ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته ”(اي پيغمبر) ماڻهن کي پنهنجي پروردگار جي راهه ڏانهن سڏ. هن طرح جون حڪمت (عقل ۽ ڏاهپ) جون ڳالهيون بيان ڪر ۽ سهڻي نموني سان واعظ ۽ نصيحت ڪر. ۽ جيڪڏهن مخالفن سان بحث ڪرينءَ ته اهڙي طريقي سان ڪر، جو حسن ۽ خوبيءَ جو طريقو هجي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان نڪري گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير سڌي ۽ سچي راهه تي آهي.“ (النحل 125)
    اهڙي طرح قرآن ۾ ٻي هنڌ فرمايو ويو آهي ته: گفتار ۾ انهيءَ شخص کان ڪير بهتر ٿي سگهي ٿو، جيڪو الله ڏي سڏي ٿو ۽ نيڪ ڪم ڪري ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو ته يقيناً آئون (پاڻ) فرمانبردارن مان آهيان ۽ نيڪي ۽ بدي هرگز برابر ناهن. تون، (بدي ۽ برائي کي) انهيءَ طريقي سان پري ڪر، جيڪو بهترين طريقو هجي ۽ پوءِ نتيجو هي ٿيندو جو جنهن شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي يا دشمني هئي، سو اهڙو ته ٿي پوندو، جو ڄڻ ته هو گهرو ۽ گهاٽو دوست آهي. (حٰم السجده 33 ــ 34)
    هت ٻنهي آيتن ۾ پيغمبر اسلام جو داعيانه ڪردار معلوم ٿئي ٿو، دعوت جو پيغام هڪ احسن قول آهي. پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان اهو هڪ اهڙو ڪلام آهي، جنهن ۾ انسان جي لاءِ رحمت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. پر دعوت جي تقاضا اها هوندي آهي ته ماڻهو پنهنجي غلطين کي سُڌاري. هو هڪ زندگيءَ کي ڇڏي ٻي زندگي اختيار ڪري. پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ انهيءَ قسم جي تبديلي عام طور تي انسان جي لاءِ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. تنهن ڪري اڪثر هيئن ٿيندو آهي ته مدعوءَ جي طرف کان داعيءَ کي خراب سلوڪ جو تجربو ڪرڻو پوندو آهي.
    اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن دعوت ڏيندڙ خراب سلوڪ جي جواب ۾ پاڻ به خراب سلوڪ ڪندو ته داعي ۽ مدعوءَ جي وچ ۾ اها اعتدال واري فضا ختم ٿي ويندي، جيڪا دعوتي عمل جي لاءِ ضروري آهي. تنهن ڪري پيغمبر کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ماڻهن جي خراب سلوڪ جي جواب ۾ تون سٺو سلوڪ ڪر. اهڙي طرح دعوتي فضا برقرار رهندي ۽ نيٺ اهو وقت ايندو، جڏهن تنهنجي ڳالهه ماڻهن جي دلين ۾ ويهي رهندي. ايتري قدر جو مخالف به تنهنجا ساٿي ۽ هم خيال بنجي ويندا.
    انهن آيتن مان پيغمبر جي جيڪا تصوير معلوم ٿئي ٿي، اُها هيءَ ته پيغمبر جو طريقو هڪ طرفي سٺي سلوڪ جو طريقو هو. پيغمبر جي نظر ڪنهن ماڻهوءَ جي حال تي نه پر سندس مستقل تي هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو شخص پيغمبر سان خراب هلت هلي ته پيغمبر انهيءَ کي نظرانداز ڪندو هو. کيس يقين هو ته سندس ٻُڌندڙ نيٺ به حق جي اهميت کي سمجهندو ۽ انهيءَ کي قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو. پيغمبر جي نظر ۾ دشمن دوست هوندو آهي. پيغمبر کي پنهنجو اڄ جو مخالف سڀاڻي جو ساٿي نظر ايندو آهي.

    صبر وارو ڪردار
    قرآن جي سوره 46 ۾ پيغمبر ﷺ کي خطاب ڪندي ارشاد فرمايو ويو آهي... ”سو (اي پيغمبر) تون صبر ڪر ۽ ثابت قدم رهه. جيئن اڳوڻا عالي همت رسول ثابت قدم رهيا ۽ هنن (ڪافرن) بابت تڪڙ نه ڪر. ڇو ته هي ماڻهو جنهن ڏينهن اهو (عذاب) ڏسندا، جنهن جو کين واعدو ڏنل آهي (تنهن ڏينهن ايئن پيو معلوم ٿيندو ته ڄڻ ته) هو ڏينهن جي به ڪا گهڙي مس ترسيا هئا. (تنهنجو ڪم آهي فقط) پيغام پهچائڻ. (ياد رکو ته) فقط اهي ئي تباهه ٿيندا، جيڪي (خدا جا) نافرمان باغي هئا.“ (الاحقاف 35)
    پيغمبر جي ڪردار جو سڀ کان چٽو پهلو صبر آهي. حق جي دعوت ڏيڻ واري کي سدائين صبر جي زمين تي بيهڻو پوندو آهي، صبر اصل ۾ اُن شئي جو نالو آهي، ته مدعوءَ جي ڏنل تڪليفن جي باوجود، دعوت ڏيندڙ انهن کي هڪ طرفي طور تي نظرانداز ڪندو رهي. هو مدعوءَ جي ضد ۽ انڪار جي باوجود به لڳاتار کيس دعوت ڏيندو رهي. داعي پنهنجي مدعوءَ جو هر حالت ۾ خيرخواهه بڻيو رهي. پوءِ ڀلي مدعوءَ جي طرف کان ڪيترين ئي اڻ وڻندڙ شين جو تجربو ٿيندو رهيو هجي. اهو هڪ طرفو صبر انهيءَ ڪري به ضروري آهي ته انهيءَ کان سواءِ مدعوءَ جي مٿان خدا جي حجت پوري نٿي ٿئي.
    خدا جي سڀني پيغمبرن هر زماني ۾ اهڙي طرح سهپ ۽ ثابت قدميءَ سان حق جي دعوت جو ڪم ڪيو. آئنده به پيغمبرن جي رهبريءَ ۾ جيڪي ماڻهو حق جي دعوت جو ڪم ڪندا، تن کي انهيءَ ئي نموني جي دعوت جو ڪم ڪرڻو آهي. خدا وٽ داعي جو مقام فقط انهن ماڻهن جي لاءِ مقدر آهي، جيڪي هڪ طرفي سهپ جو حوصلو ڏيکاري سگهن.

    پيغمبر جي شخصيت
    قرآن جي سوره نمبر 9 ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي باري ۾ ارشاد ٿيو آهي ته .... ”اوهان وٽ هڪ رسول اچي ويو آهي، جيڪو اوهان منجهان آهي. توهان جي ڏک ۽ تڪليف ۾ پوڻ هن کي ڏاڍو ڏکارو ٿو ڪري، هن کي اوهان جي ڀلائيءَ جو ڏاڍو اونو آهي. هو مومنن جي لاءِ شفقت رکندڙ (مهربان) ۽ رحم وارو آهي. (اي پيغمبر) جيڪڏهن انهيءَ هوندي به هي ماڻهو منهن موڙين ته کين ٻُڌائي ڇڏ ته الله جو سهارو ڪافي آهي. ڪوبه معبود ڪونهي، پر فقط سندس ذات، مون انهيءَ تي ڀروسو رکيو. هو عرش عظيم جو خداوند آهي.“ (التوبه 128 ــ 129)
    هن آيت ۾ رسول الله ﷺ جي اها تصوير ٻُڌائي ويئي آهي ته اسلام جي جدوجهد ۾ سندس سڄو ڀروسو فقط هڪ الله جه تي آهي. هو ماڻهن کي جنهن خدا طرف سڏڻ جي لاءِ اُٿيو آهي، اهو اهڙو خدا آهي، جيڪو سڄي جهان جو مالڪ آهي. سڀني خزانن جو ڪنجيون وٽس ئي آهن. رسول انهيءَ ئي ايمان ۽ يقين جي سرزمين تي بيٺو آهي. تنهنڪري بلڪل فطري آهي ته انهي جو سڄو ڀروسو فقط هڪ خدا تي آهي. هو هر قسم جي مصلحتن ۽ انديشن کان بي پرواهه ٿي حق جي خدمت ۾ لڳو رهي.
    پوءِ اهو به ٻُڌايو ويو آهي ته خدا جو رسول ماڻهن جي حق ۾ بي حد ٻاجهائپ وارو ۽ مهربان آهي. هو ٻين جي تڪليفن تي ايئن ئي ڏکارو ٿئي ٿو، ڄڻ اها تڪليف مٿس آئي هجي. هو حرص جي حد تائين ماڻهن جي هدايت جو گهورو آهي. حق جي دعوت ۾ هن جنهن شئي کي متحرڪ ڪيو آهي، اهو سراسر خيرخواهيءَ جو جذبو آهي، نه ڪو شخصي حوصلو يا قومي مسئلو. هو ماڻهن جي ڀلائيءَ جي لاءِ اُٿيو آهي، نه ڪي پنهنجي ڪنهن ذاتي خوف لاءِ.
    عبدالله بن مسعود کان روايت آهي ته: پاڻ ﷺ فرمايو ته ماڻهو پتنگن جيان باهه ۾ ڪري رهيا آهن ۽ آئون کين جهلي باهه ۾ ڪرڻ کان روڪي رهيو آهيان.“ (مسند احمد)
    رسول جي ان تصوير جي شڪل ۾، حق جي دعوت ڏيندڙ جي تصوير هميشه جي لاءِ ٻُڌائي ڇڏي ويئي آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي دعوت ڏيندڙ جي اندر ٻن خاص گُڻن جو چٽو هئڻ ضروري آهي. هڪ اهو ته انهيءَ جو ڀروسو الله تي هجي. ٻيو اهو ته سندس دل ۾ مدعوءَ جي لاءِ فقط ڀلائي ۽ خيرخواهيءَ جو جذبو هجي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هجي. جيتوڻيڪ مدعوءَ جي طرف کان ڀانت ڀانت جون شڪايتون پيش اچن ٿيون. انهي جي ۽ داعيءَ جي وچ ۾ قومي ۽ مادي جهڳڙا به ٿي سگهن ٿا. انهن سڀني جي باوجود اهو ضروري آهي ته داعي انهن سڀني شين کي نظرانداز ڪري ۽ مدعو جي لاءِ رحمت ۽ خيرخواهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه جذبو پنهنجي اندر ۾ پيدا نه ٿيڻ ڏي.
    داعيءَ کي ردعمل جي نفسيات کان مٿانهون ٿيڻو ٿو پوي. کيس هڪ طرفي طور تي ائين ڪرڻو پوندو آهي ته مدعو جو خيرخواهه بنيو رهي. پوءِ ڀلي مدعو سندس خلاف ڪيترو ئي شڪايت جوڳو رويو ڇو نه اختيار ڪيو هجي. داعي خدا جي لاءِ ۽ مدعو پنهنجي ذات جي لاءِ جيئندو آهي.


    پيغمبر اسلام جي شخصيت

    هاڪاري مزاج

    پيغمبر اسلام جو مربي الله تعاليٰ هو. الله تعاليٰ طرفان انهيءَ سلسلي ۾ مختلف موقعن تي جيڪا رهنمائي لٿي، انهيءَ ۾ هڪ اها به هئي، جنهن کي مثبت يا هاڪاري مزاج جي تعمير چئي سگهجي ٿو. موجوده دنيا ۾ هرڪنهن سان اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، جيڪي بظاهر اڻ وڻندڙ نظر ايندا آهن. پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ به بار بار اهڙا واقعا پيش آيا. اهڙن موقعن تي هر ڀيري الله تعاليٰ طرفان اها رهنمائي ڏني ويئي ته بظاهر هڪ نامناسب واقعي ۾ به ڪهڙي طرح مناسب پهلو لڪيل آهي.
    قديم مڪي ۾، جڏهن پيغمبر اسلام پنهنجي توحيد جي دعوت جي شروعات ڪئي ته اُتي سخت قسم جون ڏکيائون پيش آيون. انهيءَ وقت قرآن ۾ اها رهنمائي ڏني ويئي ته تڪليفن کان نه گهٻرايو، ڇو ته هن دنيا ۾ ڏکن جي پٺيان سُک آهن (الانشراح 5) اهڙي طرح پاڻ سڳورن جي باري ۾ مخالفن سخت قسم جي ڪوڙي پروپئگنڊه جو رڻ ٻاري ڏنو ۽ پاڻ ﷺ جي طرح طرح جي عيب جوئي ڪيائون ۽ الزام هنيائون. انهيءَ وقت پالڻهار طرفان اها رهنمائي ڏني ويئي ته انهيءَ پروپئگنڊه جي ذريعي چئني ڏسائن تنهنجي باري ۾ چؤٻول آهي. تنهن ڪري انهيءَ کي مخالفاڻي پروپئگنڊه سمجهڻ جي بدران پنهنجي مشن جو پکڙجڻ سمجهو (الانشراح 4) اٽڪل ويهن سالن تائين تبليغ ڪرڻ جي باوجود پاڻ ﷺ ۽ سندس ساٿي عربستان ۾ ٿورائي واري حيثيت رکندا هئا ۽ منڪر گهڻائيءَ ۾ هئا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ ۽ سندس ساٿين کي فطرت جو هڪ قانون ياد ڏياريندي چيو ويو ته هن دنيا ۾ ڪيترائي ڀيرا هيئن به ٿيو آهي ته عددي ٿورائي رکڻ جي باوجود، اهي عددي گهڻائيءَ تي سوڀارا ٿيا آهن. (البقره 249)
    اهڙي طرح 3 هه ۾ غزوه احد پيش آئي، جنهن ۾ مسلمانن کي مشرڪن جي مقابلي ۾ ڪاميابي نه ٿي. ظاهري طرح اهو هڪ دل کي ڀڃندڙ واقعو هو. پر انهيءَ وقت به الله تعاليٰ جي طرف کان جيڪي رهنما آيتون نازل ٿيون، اهي ٻيهر انهيءَ جي روشن پهلوءَ جي نشاندهي ڪرڻ واريون هيون. تنهنڪري فرمايو ويو ته احد جي جنگ ۾ جيڪڏهن اوهان کي زخم پهتا آهن ته هن کان اڳ بدر جي لڙائيءَ ۾ مُشرڪ به ڌڪجي چڪا آهن ۽ اسين انهن ڏينهن کي ماڻهن جي وچ ۾ بدلائيندا رهندا آهيون. (آل عمران 140)
    اهڙي طرح 6هه ۾ پيغمبر اسلام ۽ مشرڪن جي وچ ۾ اهو واقعو پيش آيو جنهن کي ”صلح حديبيه“ چيو وڃي ٿو. اها صلح ظاهري طرح مسلمانن جي سياسي شڪست نظر پي آئي. پر قرآن ۾ جڏهن انهيءَ تي تبصرو ڪيو ويو ته انهيءَ جي ابتڙ الله تعاليٰ فرمايو ته اسان اوهان کي پنهنجي دشمن تي کليل فتح ڏني آهي (الفتح 1) انهيءَ جو مطلب هي هو ته ظاهري سياسي شڪست جي باوجود، انهيءَ معاملي ۾ اوهان کي اخلاقي سوڀ حاصل ٿي آهي. جيڪا نيٺ مڪمل فتح بنجڻ واري آهي وغيره.
    ان خدائي تربيت، پيغمبر اسلام کي هڪ اهڙو انسان بنائي ڇڏيو، جو ناڪاري روين کان مڪمل طور تي خالي هو. پاڻ ﷺ هاڪاري فڪر ۾ ايترو ته گهڻو وڌيا، جو بنا شڪ جي پاڻ ﷺ کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ هاڪاري مفڪر (Positive Thinker) چئي سگهجي ٿو.

    الله تي ڀروسو
    هجرت جي سفر ۾ جڏهن پيغمبر اسلام مڪي کان مديني روانا ٿيا ته اُن وقت ساڻن گڏ فقط حضرت ابوبڪر صديق هو. اهو ڏاڍو نازڪ سفر هو. مڪي جا ماڻهو پاڻ ﷺ جا جاني دشمن هئا. اهو يقيني هو ته هو پاڻ سڳورن جي پويان لڳندا. تنهن ڪري پاڻ ﷺ سخت احتياط سان اهو سفر ڪرڻ فرمايو. ايتري قدر جو پاڻ ﷺ کي مڪي کان مديني وڃڻو هو، پر پاڻ اُبتي رخ تي ”غار ثور“ ۾ پهتا ۽ اُتي حضرت ابوبڪر صديق سان ڪجهه ڏينهن لڪي ويٺا رهيا.
    مڪي جي سردارن کي جڏهن پاڻ سڳورن جي هجرت جو پتو پيو ته هنن چئني پاسن، پاڻ سڳورن کي جهلڻ لاءِ ماڻهو ڊوڙايا ته جيئن هو نعوذ باالله پاڻ سڳورن کي قتل ڪري ڇڏين. پاڻ اڃا ”غار ثور“ ۾ ئي هئا، جو مڪي جا ڪي ماڻهو پاڻ ﷺ جي ڳولا ۾ اُتي پهتا. اُن وقت هو ايترا ته ويجهو هئا، جو غار جو اندران ٻاهر سڀ ڪجهه پي ڏٺو. جڏهن حضرت ابوبڪر صديق اهو ڏٺو ته اهي ماڻهو تلوار کڻيو غار جي منهن تائين پهچي ويا آهن ته هن چيو، ”اي خدا جا رسول! هنن مان جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيرن ڏانهن نظر وجهي ته هو اسان کي ضرور ڏسي وٺندو.“ اهو ٻُڌي پيغمبر اسلام مڪمل ڀروسي سان فرمايو، ”اي ابوبڪر! انهن ٻن جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو گمان آهي، جن جو ٽيون الله هجي.“ (سيرت ابن ڪثير 2/243)
    پيغمبر اسلام جي زبان مان نڪتل اهي لفظ ايترا ته عظيم آهن، جو سڄي انساني تاريخ ۾ انهيءَ جو ڪو ٻيو مثال موجود ڪونهي. انهيءَ وقت پاڻ انتهائي خطري وارين حالتن ۾ هئا. پر الله تي ڀروسو ايترو ته وڌيل هو، جو ڪوبه طوفان انهيءَ کي لوڏي نٿي سگهيو. اهوئي بي پناهه ڀروسو هو، جنهن جي ڪري اهو ممڪن ٿي سگهيو ته اهڙين خطري وارين حالتن هوندي به ايتري ئي بي ڊپائيءَ جو ڪلمون پاڻ ﷺ جي زبان مبارڪ مان نڪتو.

    عبادت جي ڪيفيت
    پيغمبر اسلام روزانو خدا جي عبادت ڪندو هو. ڏينهن جو به ته رات جو به. عبادت جي وقت پاڻ سڳورن جي جيڪا دل جي ڪيفيت ٿي ويندي هئي، تنهن جو اندازو هڪ روايت مان ٿئي ٿو. حضرت علي روايت ڪري ٿو ته پاڻ سڳورا جڏهن نماز جي لاءِ کڙا ٿيندا هئا ته انهيءَ ۾ ذڪر ۽ دعا جا ڪهڙا لفظ پاڻ ﷺ جي زبان مان جاري ٿيندا هئا. ان سلسلي ۾ هو ٻُڌائين ٿا ته جڏهن پاڻ سڳورا نماز جي وقت رڪوع جي لاءِ جهڪندا هئا ته پاڻ ﷺ جي زبان مبارڪ تي هي لفظ هوندا هئا، ”اي پالڻهار، آئون تنهنجي اڳيان جُهڪيس، ۽ مون توتي ايمان آندو ۽ مون پنهنجو پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪيو. تنهنجي اڳيان منهنجا ڪن ۽ منهنجون اکيون، منهنجو دماغ ۽ منهنجون هڏيون ۽ منهنجا اعصاب جُهڪي ويا آهن.“
    اهڙي طرح حضرت علي ٻُڌائي ٿو ته: پيغمبر اسلام جڏهن سجدي جي وقت پنهنجو مٿو مبارڪ زمين تي رکندا هئا ته انهيءَ وقت پاڻ ﷺ جي زبان مبارڪ مان هي لفظ جاري ٿي ويندا هئا: ”اي پالڻهار! مون تنهنجي لاءِ ئي سجدو ڪيو ۽ توتي ئي ايمان آندو ۽ مون پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪيو، منهنجو منهن انهيءَ جي اڳيان جهڪي ويو، جنهن اُن کي خلقيو ۽ انهيءَ جي شڪل ٺاهي ۽ ان جي ڪن ۽ اکين کي ٺاهيو ۽ برڪتن واري ذات الله جي آهي. جيڪو سڀني کان سٺو خلقڻهار آهي.“ (صحيح بخاري، بحواله مشڪاة المصابيح جلد اول صفحو 257)
    ان روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورا جڏهن عبادت ۾ مشغول هوندا هئا ته اُن وقت سندن جذبا ڪهڙا هوندا هئا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ خدا جي وڏائي ۽ رعب جي احساس ۾ ٻُڏل هوندا هئا. خدا جي برتري ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ نوڙت جو تصور سندن سيني ۾ هڪ طوفان جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو هو. سندس عبادت، سندن جي لاءِ عظيم ۽ ڪبير خدا جي سامهون حاضريءَ جي هم معنيٰ بنجي ويندي هئي. پاڻ ﷺ جي عبادت، پاڻ ﷺ جي لاءِ انتهائي حد تائين هڪ جيئرو عمل هو، نه ڪي رڳو ڪجهه رسمي عملن جي ادائگي.

    هدايت جي لاءِ تڙپڻ
    قرآن جي سوره نمبر 26 ۾ پيغمبر کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي... ”هي چٽائي ڪندڙ ڪتاب (قرآن مجيد) جون آيتون آهن. هي ماڻهو جو ايمان نٿا آڻين، تنهن ڪري ممڪن آهي ته تون غم ۽ درد ۾ پاڻ کي جهوري وجهين. جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته آسمان انهن (ڪافرن) تي اهڙي ڪا نشاني نازل ڪري سگهون ها، جنهن کي ڏسي هنن جا ڪنڌ جهڪي پون ٿا. (الشعراءِ 1 ــ 4)
    هيءَ ۽ انهي قسم جون ٻيون شاهديون ٻُڌائين ٿيون ته پيغمبر اسلام پنهنجي ٻُڌندڙن جي هدايت لاءِ ڪيترو نه اونو ٿي رکيو. ”شايد تون غم ۽ درد ۾ پاڻ کي جهوري وجهين“ جو جملو انهيءَ ڪامل خير خواهيءَ کي ٻُڌائي رهيو آهي، جيڪا پيغمبر اسلام کي پنهنجي ٻڌندڙن جي لاءِ هئي. دعوتي عمل نج خير خواهيءَ جي جذبي سان اُڀري ٿو. پيغمبر اسلام انهيءَ ڪامل خيرخواهيءَ تحت پنهنجي قوم کي دعوت پهچائي ۽ پاڻ ﷺ پنهنجون هڙئي ڪوششون انهيءَ واٽ ۾ صرف ڪيون. انهيءَ جي باوجود به انهن جي گهڻائي پاڻ ﷺ جي پيغام کي مڃڻ لاءِ راضي نه هئي. انهي کان پوءِ پاڻ ﷺ جو هي حال ٿيو جو انهن جي هدايت جي غم ۾ جُهورڻ لڳو. پاڻ ﷺ جي ڏينهن جو سک ۽ رات جي ننڊ غائب ٿي ويئي.
    لعلک باخع النفسک (شايد تون پنهنجو پاڻ کي جهوري وجهين) جو مطلب پاڻ سڳورن کي روڪڻ نه آهي. پر اها انهيءَ ڳالهه جي تصديق آهي ته پاڻ ﷺ پنهنجي پيغمبراڻين ذميدارين کي انهيءَ جي آخري ۽ انتهائي حد تائين ادا ڪري ڇڏيو. ٻي جي چڱائيءَ جي اوني جي نتيجي ۾ پنهنجو پاڻ کي جهورڻ، پيغمبر جي شخصيت جي اهم ترين وصف آهي ۽ پاڻ سڳورا انهيءَ وصف ۾ بيشڪ ڪمال جي درجي تي پهتل هئا.

    ڪيفيتن جي حفاظت
    هڪ روايت موجب، پيغمبر اسلام فرمايو ته، ”منهنجي رب مون کي آڇ ڪئي ته هو منهنجي لاءِ مڪي جي ماٿريءَ کي سون جو بنائي ڇڏي. مون چيو اي منهنجا پالڻهار نه، پر آئون چاهيان ٿو ته آءٌ هڪ ڏينهن ڍءُ ڪري کاوان ۽ هڪ ڏينهن بُکيو رهان. پوءِ جڏهن مون کي بُک لڳي ته توکان گهران ۽ توکي ياد ڪريان. ۽ جڏهن پيٽ ڀري کاوان ته تنهنجي ساراهه ۽ وڏائي بيان ڪريان.“
    ڪيفيتن جو تعلق حالتن سان آهي. انسان جن حالتن ۾ هوندو آهي، سندس اندر ۾ تهڙيون ئي ڪيفيتون پيدا ٿينديون آهن. قرآن موجب پيغمبر اسلام به هڪ انسان هو. تنهن ڪري پاڻ سڳورا اهو اهتمام فرمائيندا هئا ته پاڻ ﷺ انهن حالتن مان لنگهن، جيڪي انسان جي اندر گهربل زباني ڪيفيتون پيدا ڪرڻ واريون آهن. تنهن ڪري پاڻ اهو پسند نه فرمايو ته پاڻ سدائين آرام ۽ خوشي واري حالت ۾ رهن. انهيءَ جي ابتڙ پاڻ ﷺ اهو اهتمام فرمايو ته پاڻ ﷺ تي به سخت حالتون گذرن ته جيئن انهيءَ جي اثر جي ڪري پاڻ ﷺ ۾ نوڙت ۽ گُهرڻ جي ڪيفيت پيدا ٿئي. اهڙي طرح پاڻ ﷺ تي سٺيون حالتون به گذرن، جيئن انهيءَ جي اثر جي ڪري پاڻ ﷺ جي خدا جي ساراهه ۽ شڪر جا جذبا اُڀرن.

    شجاعت ۽ بي ڊپائي
    8هه ۾ اها غزوه پيش آئي، جنهن کي ”غزوه حنين“ چيو ويندو آهي. انهيءَ غزوهه ۾ پيغمبر اسلام به موجود هو. اُن غزوهه ۾ هيئن ٿيو، جو پيغمبر اسلام پنهنجي صحابين سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، جو اوچتو ”قبيلي هوازن“ بنا ڪنهن اشتعال جي تيرن ذريعي مٿن حملو ڪري ڏنو. انهيءَ اوچتي حملي جي ڪري مسلمانن جا پير اُکڙي ويا. گهڻا ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. پر پيغمبر اسلام پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏ پنهنجي جاءِ تي بي ڊپا ٿيا بيٺا هئا.
    ان وقت چئني طرفن تيرن جو مينهن وسي رهيو هو، پر پاڻ سڳورا خچر جي مٿان هيٺيون هي شعر پڙهندا رهيا:
    انا النبي لاکذاب، انا ابن عبدالمطلب.
    يعني: آئون خدا جو پيغمبر آهيان. انهيءَ ۾ ڪوبه ڪوڙ ڪونهي. آئون عبدالمطلب جو پُٽ آهيان.
    انهيءَ واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام شجاعت ۽ بهادريءَ ۾ ڪمال درجي تي پهتل هئا. پاڻ ﷺ جو سينو ڊپ کان مڪمل طور تي خالي هو. تيرن جي وسندڙ مينهن به سندس اندر ۾ ڪا ڪمزوري پيدا ڪري نه ٿي سگهو. پنهنجي سچائيءَ جي ڀروسي کيس آخري حد تائين ناقابل تسخير بنائي ڇڏيو هو.

    آرام ختم
    پيغمبر اسلام جي هڪ حديث آهي، جنهن ۾ پاڻ فرمايو اٿن: ”آئون جيڪي ڪجهه ڏسان ٿو، اُهو اوهين ڏسي نٿا سگهون ۽ آئون جيڪو ڪجهه ٻُڌان ٿو، سو اوهين ٻُڌي نٿا سگهون. آسمان چرچراهي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ سزاوار آهي ته اهو چرچراهي.... قسم آهي ان ذات جو، جنهن جي وَس منهنجي جان آهي. آسمان ۾ چئن آڱرين جيتري به وٿي ڪونهي، جتي هڪ ملائڪ سجدي ۾ پيل ڪونهي. خدا جو قسم، جيڪي آئون ٿو ڄاڻان، اُهو جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ته اوهين کلو گهٽ ۽ روئو گهڻو. عورتن جي لاءِ بسترن ۾ اوهان جي لاءِ ڪا لذت نه رهي ۽ اوهين الله کي پڪاريندا بَرن ۽ بيابانن ڏانهن منهن ڪري نڪري وڃو.“ حديث جو راوي حضرت ابوذر چوي ٿو ته ”ڪاش آئون هڪ وڻ هجان ها، جيڪو وڍيو وڃان ها.“ (احمد، ترمذي، ابن ماجه، بحواله مشڪاة المصابيح 3/1469)
    اهو بظاهر ٻي سان خطاب آهي، پر حقيقت اِها آهي ته اها حديث خود پيغمبر اسلام جي پنهنجي نفسياتي حالت جي تصوير آهي. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جا ڏينهن ۽ راتيون ڪهڙن احساسن ۾ گذرندا هئا،. سندس ذهن ڪهڙي قسم جون ڳالهيون سوچيندو هو. وٽس اها سڀ کان وڏي خبر ڪهڙي هئي، جنهن کي پهچائڻ لاءِ پاڻ ﷺ بي قرار هئا.
    قرآن موجب، پيغمبر اسلام کي خدا اهو مشن حوالي ڪيو هو ته هو انسانن کي حقيقت ٻُڌائي ۽ موت کان پوءِ سامهون ايندڙ تڪليفن کان خبردار ڪري. هڪ اهڙي انسان جي لاءِ هيءَ دنيا خوشي ۽ آرام جو هنڌ نٿو ٿي سگهي. هو انهن شين مان لذت نٿو وٺي سگهي، جنهن ۾ اڻ ڄاڻ ماڻهو لذت محسوس ڪن ٿا. تنهنڪري پاڻ سڳورن جي باري ۾ روايت ۾ اچي ٿو ته پاڻ سدائين غم ۽ فڪر ۾ مبتلا رهندا هئا.
    پيغمبر اسلام ﷺ 25 سالن جي عمر ۾ عربستان جي هڪ نيڪ بخت عورت بيبي خديجه سان نڪاح ڪيو. پاڻ انهيءَ سان گڏ خوش زندگي گذاري رهيا هئا. ايستائين جو 40 سالن جي عمر ۾ پاڻ سڳورن کي نبوت ملي. انهيءَ کان پوءِ گهر آيا ته پاڻ سڳورن جي زوجه معمول موجب پاڻ ﷺ جي لاءِ بسترو وڇايو ۽ چيو اوهين هتي آرام ڪريو. پيغمبر اسلام فرمايو، ”اي خديجه! هاڻ آرام ڪٿي آهي.“ (اين الراحة يا خديجة)

    برابريءَ جو احساس
    پيغمبر اسلام جو هڪ صحابي حضرت عبدالله بن مسعود چوي ٿو ته اسين غزوهه بدر جي سفر ۾ نڪتاسين ته اسان وٽ سواري جا اُٺ گهٽ هئا. تنهن ڪري هڪ اُٺ تي واري وٽي سان ٽي ڄڻا سوار ٿيندا هئا. علي ابن ابي طالب ۽ ابولبابه، رسول الله سان هڪ اُٺ ۾ شريڪ هئا. پوءِ جڏهن رسول الله جو وارو نه هوندو هو ته هو ٻئي چوندا هئا، اي خدا جا رسول! اوهين اٺ تي سوار ٿي ويهو، اسين اوهان جي بدران پنڌ ٿا هلون. ان جي جواب ۾ رسول الله فرمايو ته اوهين پنڌ ۾ مون کان سگهارا ناهيو ۽ آئون اوهان ٻنهي کان گهٽ اجوري جو حاجتمند ناهيان. (مسند امام احمد بن حنبل 1/422)
    انهيءَ واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ هوندا هئا ته انهيءَ وقت سندن احساس ڪهڙا هوندا هئا. پيغمبر هئڻ جي باوجود به پاڻ ﷺ، پنهنجو پاڻ کي ٻين انسانن وانگر هڪ انسان سمجهندا هئا. سندن احساس اهو هوندو هو ته جهڙي طرح ٻين ماڻهن کي اجر ۽ ثواب جي گهرج آهي، تهڙي طرح مون کي به اجر ۽ ثواب جي گهرج آهي. انهيءَ ڪري جهڙي طرح ٻين ماڻهن کي عمل ڪرڻ گهرجي، تهڙيءَ طرح مون کي به انهيءَ جي لاءِ عمل ڪرڻ گهرجي. پاڻ فخر يا وڏائيءَ جي احساس کان آخري حد تائين خالي هئا ۽ اهو سڀ حقيقي طور تي هو، نه ڪي مصنوعي طور تي.
    جنهن ماڻهوءَ کي خدا جي حقيقي معرفت ملي وڃي، تنهن جو حال اهڙو ئي ٿيندو آهي. جڏهن ڪنهن کي خدا جي معرفت حاصل ٿئي ٿي ته اُها اُن انسان کي اصل Man Cut to Size بنائي ڇڏيندي آهي. خدا جي بي پناهه عظمتن جو ادراڪ، کانئس هر قسم جي وڏائيءَ جو احساس کسي وٺندو آهي. مٿس خدا جي مقابلي ۾ ننڍو هئڻ جو احساس ايترو ته حاوي ٿي ويندو آهي، جو بظاهر وڏو هئڻ جي باوجود به هو پنهنجو پاڻ کي وڏو نه سمجهندو آهي. خداءِ برتر جي گهري معرفت کانئس هر قسم جي وڏائيءَ جي احساس کي وٺندي آهي. هو پنهنجو پاڻ کي فقط ٻانهون سمجهندو آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه.
    انهن احساسن ۾ پيغمبر اسلام ڪامل درجي تي هئا. تنهن ڪري سندس اندر بندگيءَ جو احساس به ڪامل درجي ۾ موجود هوندو هو.

    آخرت جو فڪر
    هڪ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ ڀيرو پيغمبر اسلام پنهنجي هڪ زوجه محترمه جي گهر ۾ هئا. انهيءَ وٽ هڪ ٻانهي هئي. پاڻ سڳورن ڪنهن تڪڙي ڪم جي لاءِ ٻانهي کي ٻاهر موڪليو. پر هن اچڻ ۾ دير ڪئي. خبر پئي ته هوءَ رستي ۾ ٻارن جي راند ڏسڻ جي لاءِ بيهي رهي هئي. ٻانهي جڏهن واپس وري ته کيس ڏسي پاڻ ﷺ جي منهن مبارڪ تي ڪاوڙ جا آثار ظاهر ٿي پيا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ جي هٿ ۾ ڏندڻ هو. پاڻ ﷺ ٻانهيءَ کي چيو، ”جيڪڏهن مون کي قيامت ۾ بدلي جو ڊپ نه هجي ها ته توکي هن ڏندڻ سان مار ڪڍان ها.“
    پيغمبر اسلام ماڻهن کي قيامت جي پڪڙ کان ڊيڄاريندا هئا. انهيءَ واقعي مان پتو پيو ته اهو ڊيڄارڻ هڪ طرفو نه هو. پاڻ ﷺ جهڙي نموني ٻين کي ايندڙ قيامت کان ڊيڄاريندا هئا، تيئن پاڻ ﷺ به انهيءَ کان ڊپ محسوس ڪندا هئا. پاڻ سڳورا چاهيندا هئا ته ماڻهو دنيا ۾ ايئن رهڻ جو سندن دلين ۾ خدا جي پڪڙ جو خوف سمايل هجي. اهائي خود پاڻ سڳورن جي حالت به هئي. پاڻ ﷺ ايندڙ قيامت کي پاڻ سميت هرهڪ جو مسئلو سمجهندا هئا. ايئن ڪونه هو ته ڪو پيغمبر هئڻ جي ناتي پاڻ ﷺ آخرت جي فڪر کان آجا هئا.

    انسان جو احترام
    قديم مديني ۾ مسلمانن سان گڏ ڪجهه يهودي قبيلا به آباد هئا. هڪ ڏينهن هيئن ٿيو جو پيغمبر اسلام مديني ۾ موجود هئا، ته انهيءَ وقت اُتان هڪ جنازو گذريو. پاڻ ﷺ اُن وقت ويٺل هئا ۽ جنازي کي ڏسي احترام ۾ اُٿي بيهي رهيا. انهيءَ وقت پاڻ سڳورن سان گڏ ڪجهه اصحابي به هئا. اهو ڏسي هڪ اصحابيءَ چيو، ”يا رسول الله اهو ته هڪ يهوديءَ جو جنازو هو.“ اهو ٻُڌي پاڻ فرمايائون، ”ڇا هو انسان نه هو.“ (صحيح بخاري، ڪتاب الجنائر، بحواله فتح الباري جلد 3، ص 214)
    انهيءَ واقعي مان اندازو ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جي دل ۾ ٻين انسانن جي لاءِ ڪهڙي قسم جا جذبا هوندا هئا. پاڻ سڳورا هر انسان کي انسان سمجهندا هئا. کين هر انسان احترام لائق نظر ايندو هو. پاڻ ﷺ هر انسان کي خدا جي مخلوق سمجهندا هئا. کين هر انسان جي اندر اهائي ڪاريگري نظر ايندي هئي، جيڪا پاڻ سڳورن کي خود پنهنجي وجود ۾ نظر ايندي هئي. انسان کي ڏسي پاڻ سڳورا انسان جي خالق کي ياد ڪرڻ لڳندا هئا. اهوئي سبب هو، جو پاڻ ﷺ جي دل ۾ هر انسان جي لاءِ محبت ۽ احترام جو جذبو هو. انسان کان نفرت ڪرڻ پاڻ سڳورن جي مزاج جي بلڪل اُبتڙ هئي.

    انسانيت جو جذبو
    صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ پيغمبر اسلام جو هڪ واقعو نقل ڪيو ويو آهي. پاڻ هڪ واپاريءَ کان ڪجهه قرض ورتو. پوءِ هو پنهنجو قرض واپس وٺڻ جي لاءِ پاڻ ﷺ جن وٽ آيو. ڳالهين ۾ هن سختي ۽ تلخي اختيار ڪئي. ايستائين جو هن چيو ته عبدالمطلب جي گهراڻي جا سڀ ماڻهو قرضي آهن. واپاريءَ جون اهڙي قسم جون ڳالهيون ٻُڌي صحابين کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هنن چاهيو کيس جهلي مار ڪڍن، پر پيغمبر اسلام کين روڪي ڇڏيو ۽ فرمايو، ”هن کي ڇڏيو، ڇو ته حقدار کي چوڻ جو حق هوندو آهي.“ (رياض الصالحين 335)
    انهيءَ واقعي مان معلوم ٿيو ته تڪراري معاملن ۾ پيغمبر اسلام جا جذبا ڪهڙا هوندا هئا. ان قسم جي معاملن ۾ پاڻ ﷺ فقط پنهنجي اعتبار کان نه سوچيندا هئا، پر اڳلي ڌر کي به مڪمل رعايت ڏيڻ جي لاءِ تيار هوندا هئا. مذڪوره واپاريءَ ڳالهه ٻولهه جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، اُهو بنا شڪ جي ادب ۽ تهذيب جي خلاف هو. هن پاڻ ﷺ جي عزت ۽ وقار تي حملو ڪيو. هن اهڙي ڳالهه چئي جيڪا عام طور تي ماڻهن جي انا کي ڀڙڪائڻ جو سبب بڻجندي آهي. پر پاڻ سڳورن منصفاڻي مزاج موجب انهن سڀني پهلوئن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. پاڻ ﷺ پنهنجي جذبن جي رعايت ڪرڻ جي بدران ٻي ڌر جي جذبن جي رعايت ڪئي. پاڻ ﷺ هر ٻي ڳالهه کي وساري فقط اهو سوچيو ته مون جڏهن هڪ شخص کان قرض ورتو هو ته هاڻ کيس اهو حق حاصل آهي ته هو مون کان انهيءَ جي گهُر ڪري.

    حقيقتن تي ڀروسو
    6هه ۾ پيغمبر اسلام ۽ مڪي جي مشرڪ سردارن جي وچ ۾ صلح جو هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي ”صلح حديبيه“ چيو وڃي ٿو. ڳالهين مُهاڙين کان پوءِ جڏهن ٺاهه جا شرط طئه ٿي ويا ته پيغمبر اسلام انهن کي ڪاغذ تي لکرائڻ شروع ڪيو. حضرت علي بن ابي طالب انهيءَ جي ڪتابت ڪري رهيا هئا. پاڻ ﷺ چيو: هذا ما صالح عليه محمد رسول الله.... (سيرت ابن ڪثير جلد 3، ص 320) ته مشرڪ سردار اعتراض واريو. هن چيو ته ’اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ اهوئي ته جهيڙو آهي. اسين وهان کي رسول الله نٿا مڃون. جيڪڏهن اسين وهان کي رسول مڃي وٺون ته پوءِ جهيڙو پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو.‘ تنهن ڪري توهان هيئن لکو ته: هذا ما صالح عليه محمد بن عبدالله.... پاڻ هڪدم انهيءَ تي راضي ٿي ويا.
    حضرت عليءَ پاڻ ﷺ کي چيو ته آئون معاهدي جي ڪاغذ تان ”محمد رسول الله“ جو لفظ نٿو ڊاهي سگهان. انهيءَ کان پوءِ پيغمبر اسلام ڪاغذ پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ رسول الله جي لفظ کي ڊاهي ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ پاڻ سڳورن حضرت عليءَ کي چيو ته هاڻ هت محمد بن عبدالله لک. تنهن ڪري ايئن ئي ٿيو. (ص، 321)
    پيغمبر اسلام جي اصل حيثيت اها ئي هئي ته پاڻ الله جا رسول هئا. پاڻ ﷺ جو سڄو مشن ان ئي دعويٰ تي بيٺل هو. رسول الله جي لفظ کي ڊاهڻ ڄڻ پنهنجي اصل سڃاڻپ کي ڊاهڻ جي برابر هو. اهو هڪ نازڪ معاملو هو. رسول الله جو لفظ ڊاهڻ جو مطلب ماڻهن کي اهو چوڻ جو موقعو ڏيڻ هو ته خود پاڻ ﷺ کي پنهنجي سڃاڻپ جي باري ۾ شڪ آهي. تنهنڪري حضرت عمر ڪاوڙ جي حالت ۾ حضرت ابو بڪر وٽ آيو ۽ چيو: ”اليس برسول الله“ (ص 320) يعني ڇا هو خدا جو رسول ڪونهي؟
    پر پاڻ سڳورن انهن ڳالهين کي ڪابه اهميت نه ڏني. انهيءَ جو سبب هي هو ته پاڻ ﷺ هڪ اهڙا ته بُلند انسان هئا، جيڪو حقيقتن ۾ جيئڻ وارو هجي. جيڪو ظاهري شين کان مٿي ٿي معاملن کي ڏسي سگهي. پنهنجي انهيءَ نفسيات جي آڌار تي، پاڻ ﷺ محسوس ڪري رهيا هئا ته ڪاغذ تي ڀلي ڇا به لکيو وڃي، پر نيٺ حاوي اها شئي رهندي، جيڪا حقيقت هوندي.
    پاڻ سڳورن جو اهو يقين ته آئون خدا جو رسول آهيان. اهائي، اُن ڳالهه جي لاءِ ڪافي هئي ته پاڻ هڪ اهڙي شئي کي ڪابه اهميت نه ڏي، جيڪا حقيقتن جي زور تي هڪ ڏينهن مٽجي ويندي ۽ نه ڪو سندس حامي هوندو ۽ نه ئي وري ڪو وڪيل.

    مصلحت نه ڪرڻ وارو انداز
    روايت ۾ آيو آهي ته پيغمبر اسلام تي وقت کان اڳ ٻُڍاپڻ جا آثار ڏسي ڪن صحابين پُڇيو، ”يا رسول الله! ڪهڙي شئي اوهان کي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.“ پاڻ سڳورن جواب ۾ فرمايو، ”مون کي سوره هود ۽ ان جهڙين ٻين سورتن پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.“ (تفسير ابن ڪثير 2/435)
    سوره هود ۾ اُها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن پاڻ سڳورن تي ايترو غير معمولي اثر وڌو جو پاڻ ﷺ وقت کان اڳ پوڙها نظر اچڻ لڳا. انهيءَ جو اندازو سوره هود جي آيت نمبر 113 مان ٿئي ٿو:
    ”۽ ظالمن ڏي نه جهڪو، نه ته اوهان کي باهه لڳندي ۽ اللهج کان سواءِ اوهان جو ڪوبه مددگار نه آهي.“
    انهيءَ آيت ۾ اُن وقت جو ذڪر آهي، جڏهن پاڻ ﷺ پنهنجي دعوت کولي بيان ڪئي، انهيءَ جي باوجود به پاڻ ﷺ کي ٻُڌندڙن جي گهڻائي انهيءَ کي مڃڻ کان نابري واري ويٺي. خاص ڪري سردار ۽ پيشوا، انهيءَ انڪار تي هوڏ ٻڌيو بيٺا هئا. اهڙي وقت ۾ اهو احساس اُڀري ٿو ته ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جي لاءِ دعوت جي نقطن ۾ ڪي قدر تبديلي آندي وڃي ته جيئن اها ٻڌندڙن جي لاءِ قبوليت جوڳي ٿئي. انهيءَ شئي کي مذڪوره آيت ۾ جهڪاءُ سان ڀيٽيو ويو آهي.
    پر پيغمبر اسلام کي انهيءَ قسم جي جهڪاءُ کان سختيءَ سان روڪيو ويو. انهيءَ جو سبب هي هو ته الله تعاليٰ کي دعوت جي سلسلي ۾ جيڪا شئي سڀ کان وڌيڪ گهربل هئي، اهو حق جو وڏي واڪي اعلان آهي ۽ جهڪاءُ يا ٺاهه جي صورت ۾ حق جو وڏي واڪي اعلان ڪري نٿو سگهجي.
    اِهائي اُها شئي آهي، جنهن وقت کان اڳ پيغمبر اسلام کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. موجوده دنيا ۾ حق جو مصلحت پسنديءَ وارو پيغام بنهه سولو ڪم آهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ حق جو وڏي واڪي پيغام پهچائڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. مصلحت واري پيغام ۾ ماڻهوءَ کي مقبوليت ملي ٿي ۽ بنا مصلحت واري پيغام ۾ ماڻهو، ماڻهن جي نظر ۾ غير محبوب بنجيو وڃي. مصلحت واري پيغام کي پهچائڻ جا دروازا چؤڏس کليل نظر اچن ٿا ۽ بنا مصلحت واري پيغام پهچائڻ ۾ کليل رستا به بند نظر ايندا آهن. مصلحت واري پيغام رسائڻ ۾ جيڪڏهن هموار رستي تي سفر ڪرڻ آهي ته بنا مصلحت واري پيغام رسائي ڪنڊن ۽ پٿرن جي وچ ۾ سفر ڪرڻ آهي.
    پيغمبر اسلام محسوس فرمايو ته حق جو اعلان فقط اهو آهي، جيڪو بنا مصلحت جي اعلان هجي. ملاوٽ وارو اعلان سري کان حق جو اعلان ئي ڪونهي. انهيءَ معاملي جي اهائي سنگيني هئي، جنهن پاڻ سڳورن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو پاڻ ﷺ وقت کان اڳ پوڙها نظر اچڻ لڳا.

    فتح جي باوجود به
    مڪو پيغمبر اسلام جو وطن هو. پر اُتي جي ماڻهن کين اُتان هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ ظلم، جبر ۽ سرڪشيءَ جي لڳ ڀڳ ويهن سالن جي تاريخ آهي، جنهن مان پاڻ سڳورن کي مجبوريءَ مان گذرڻو پيو، نيٺ حالتن ڦيرو کاڌو ۽ رمضان 8 هه ۾ مڪو فتح ٿي ويو. جنهن شهر مان پاڻ ﷺ مظلوم بنجي نڪتا هئا، تنهن شهر ۾ پاڻ سڳورا ٻيهر فاتحاڻي انداز ۾ داخل ٿيا.
    پر انهيءَ وقت پاڻ سڳورن جي جيڪا دل جي ڪيفيت هئي، جيڪا انهيءَ کان بلڪل مختلف هئي، جيڪا عام فاتحن وٽ نظر اچي ٿي. ڏسڻ وارا ٻُڌائين ٿا ته مڪي ۾ داخل ٿيڻ وقت پاڻ ﷺ هڪ اُٺ تي سوار هئا. الله تعاليٰ جي غير معمولي نصرت جي احساس پاڻ ﷺ کي عجز ۽ نوڙت جي سراپا تصوير بنائي ڇڏيو هو. ايستائين جو سندن ريش مبارڪ اُٺ جي ٿوهي کي ڇهڻ لڳي. (سيرت ابن هشام 4/24)
    روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورا مڪي ۾ داخل ٿي ڪعبي جي دروازي تي ٿي بيٺا ۽ فرمايائون: هڪ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. سندس ڪوبه ثاني شريڪ ڪونهي. هن پنهنجي وعدي کي پورو ڪيو ۽ پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ مخالف گروهن کي اڪيلو ڪري شڪست ڏني.
    لا اله الله وحده، لاشريک له، صدق وعده، و نصره عبده، وهزم الاحزاب وحده (ص 33)
    فتح اهو موقعو آهي جڏهن ماڻهو خوشيون ملهائيندا آهن، وڏائي ۽ ٺٺ ڪندا آهن، پنهنجي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائيندا آهن. انهيءَ قسم جون ڳالهيون اهي ماڻهو ڪندا آهن، جن جي نظر پنهنجو پاڻ تي هوندي آهي. جيڪي فتح کي خود پنهنجو ڪارنامو سمجهندا آهن. پر پيغمبر اسلام جي نفسيات انهيءَ کان مختلف هئي. هنن جي لاءِ فتح جو واقعو هن جو پنهنجو ڪارنامو نه هو. اهو مڪمل طور تي خدا جي پاران ظاهر ٿيندڙ واقعو هو. اهوئي سبب آهي، جو هڪ اهڙو واقعو، جيڪو بظاهر سندن پنهنجو ڪارنامو هو، پاڻ مڪمل طور تي خدا جي خاني ۾ وجهي ڇڏيائون.

    هڪ دعا
    حديث جي ڪتابن ۾ پاڻ سڳورن جون ڪيتريون ئي دعائون نقل ڪيون ويون آهن. اهي دعائون پيغمبر اسلام جي اندروني شخصيت کي ظاهر ڪن ٿيون. انهن مان خبر پوي ٿي ته پيغمبر اسلام جي دل ۾ ڪهڙي قسم جي احساسن جو طوفان برپا رهندو هو. سندس اندر جي دنيا ڪهڙي قسم جي جذبن ۽ خيالن سان سدائين آباد رهندي هئي.
    انهن مان هڪ دعا اُها هئي جيڪا هنن لفظن ۾ پاڻ سڳورن جي زبان مان نڪرندي هئي: الهٰم ارنه الحق حقاً وارزقنا اتباعه وارنا الباطل باطلاً وارزقنا اجتنابه وارضا اجتتابه وارنا الاشياء کماهي (اي پالڻهار! اسان کي سچ کي سچ جي صورت ۾ ڏيکار ۽ انهيءَ جي پيروي جي توفيق عطا ڪر. اي پروردگار! اسان کي باطل کي باطل جي روپ ۾ ڏيکار ۽ انهيءَ کان بچڻ جي توفيق ڏي ۽ اي الله! اسان کي شين کي اهڙو ئي ڏيکار، جهڙيون اُهي آهن.)
    موجوده دنيا ۾ حقيقتن جي مٿان شڪن جو پردو پيل آهي. جيڪو شخص فقط شين جي ظاهر کي ڄاڻي، اُهو انهن کي حقيقت جي لحاظ کان سمجهي نٿو سگهي. پيغمبر کي اهو احساس تڙپائيندو هو، هو بيتاب ٿي الله کي سڏي اهو چوڻ لڳي ٿو ته مون کي حقيقت سمجهڻ جي توفيق عطا ڪر. ته جيئن آئون شين کي ٺيڪ طرح ڏسي ۽ سمجهي سگهان. آئون هر شئي جي باري ۾ اُها درست راءِ قائم ڪريان، جيڪا حقيقت، واقعي جي اعتبار کان هئڻ کپي.
    صحيح فڪر کان سواءِ سچي معرفت نٿي ملي. اهڙي طرح صحيح فڪر کان سواءِ صحيح عمل جو ظهور ممڪن ڪونهي. اهوئي احساس هو، جيڪو شدت اختيار ڪري مذڪوره قسم جي دعا جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو. اها دعا هڪ مومن جي دل جو آئينو آهي، جيڪو پيغمبر جي دل ۾ اعليٰ ترين درجي ۾ موجود هوندي آهي.


    حڪمت نبوي

    پيغمبر اسلام جي صفتن مان هڪ صفت اها به آهي ته پاڻ حڪمت جا ڌڻي هئا ۽ ماڻهن کي حڪيماڻي روش اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سڳورن جا ڪيترائي قول حديث جي ڪتابن ۾ آهن. مثال طور پاڻ سڳورن فرمايو: ”ٻن ماڻهن کان سواءِ ٻين سان حسد ڪونهي. هڪ اهو جنهن کي الله مال ڏنو هو اِهو وڌ ۾ وڌ حق جي راهه ۾ خرچ ڪري ۽ ٻيو اهو جنهن کي الله تعاليٰ حڪمت ڏني ۽ هو انهيءَ موجب فيصلو ڪري ٿو ۽ تعليم ڏي ٿو.“
    حضرت عبدالله بن عباس چوي ٿو ته: رسول الله ﷺ مون کي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ چيو ”اي الله هن کي حڪمت عطا ڪر.“ (فتح الباري 7/126)
    اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون آهن، جن مان حڪمت جي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. مثلاً رسول الله فرمايو: اها مجلس ڪيڏي نه سُٺي آهي جنهن ۾ ڏاهپ/ حڪمت جون ڳالهيون ڪيون وڃن. اهڙي طرح پاڻ ﷺ فرمايو آهي، ڏاهپ/ حڪمت جي ڳالهه کان وڌيڪ ٻي ڪابه سٺي سوکڙي ڪونهي.
    ڏاهپ/ حڪمت جي اهميت ايتري ته گهڻي آهي، جو انهيءَ بابت اها تعليم ڏني ويئي آهي ته ٻين قومن وٽان جيڪڏهن ڪا ڏاهپ/ حڪمت جي شئي ملي ته اها وٺڻ ۾ دير نه ڪجي. پاڻ ﷺ فرمايو آهي: ”ڏاهپ/ حڪمت مومن جي گم ٿيل ميراث آهي. اها جتان به ملي ته اُهوئي انهيءَ جو حقدار آهي. (الترمذي، ڪتاب العلم)
    ڪن روايتن موجب ڏاهپ/ حڪمت ۽ سوچ ويچار جي اهميت عبادت کان به وڌيڪ آهي. ترمذي ۽ ابن ماجه ۾ روايت آهي ته رسول الله فرمايو آهي: هڪ فقيه، شيطان جي مٿان هزار عابدن کان به ڀاري آهي. (مشڪاة المصابيح 751)
    پيغمبر اسلام جي سڄي زندگي ڏاهپ جي مثالن سان ڀري پئي آهي. نبوت جي ذميدارين کي ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سڳورن هر مرحلي ۽ موقعي تي ڏاهپ جو طريقو اختيار فرمايو. هتي انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ ﷺ جي زندگي مان ڪجهه مثال نقل ڪجن ٿا.

    ٽڪراءُ جي موقعي تي
    پيغمبر اسلام جي عمر جڏهن 35 سال هئي ته انهيءَ وقت مڪي ۾ هڪ واقعو پيش آيو. ڪعبي جي عمارت ڪن سببن جي ڪري ڊهي پئي هئي ۽ قريشن انهيءَ جي نئين سر اڏاوت ڪئي. انهيءَ دوران اِهو مسئلو پيدا ٿيو ته ’حجراسود‘ کي ڪير کڻي ۽ انهيءَ کي ٻيهر ڪعبي جي ديوار ۾ لڳائي. اِهو جيئن ته فضيلت وارو معاملو هو، تنهنڪري هرڪو اها ڪوشش ڪرڻ لڳو ته هو ئي اهو کڻي لڳائي ۽ اهو شرف حاصل ڪري.
    انهيءَ سوال تي قريشن جي ماڻهن جي وچ ۾ ڪيترائي ڏينهن جهيڙو هلندو رهيو ۽ سهمت راءِ سان ڪوبه فيصلو ٿي نه سگهيو. نيٺ هڪ وڏڙي جي انهيءَ رٿ تي سڀ راضي ٿي ويا ته سڀاڻي صبح جو جيڪو ماڻهو پهرين ڪعبي ۾ گهڙندو، اُهو ئي انهيءَ مسئلي جو فيصلو ڪندو ۽ سڀ ماڻهو اهو مڃيندا. ٻي ڏينهن هو جڏهن ڪعبي ۾ آيا ته هنن ڏٺو ته ڪعبي ۾ گهڙندڙ سڀ کان پهريون شخص رسول الله هو. اِهو ڏسي هرڪنهن چيو ”هي ته محمد ﷺ سچار ۽ امين آهي، اسان کي سندس فيصلو قبول آهي.“ (سيرت ابن هشام 1/214)
    رسول الله ﷺ ماڻهن کي چيو ته هڪ چادر کڻي اچو. ماڻهو چادر کڻي آيا ته پاڻ ﷺ انهيءَ کي زمين تي وڇايو ۽ حجرا اسود کڻي انهيءَ جي مٿان رکيو. پوءِ پاڻ ﷺ ماڻهن کي چيو ته اوهين سڀ چادر جا ڪنارا جهليو ۽ اها کڻي ڪعبي جي ڀت تائين هلو. هنن ايئن ئي ڪيو. پوءِ پاڻ ﷺ ”حجرا اسود“ کي چادر جي مٿان کنيو ۽ اهو ڪعبي جي ڀت ۾ هنيو.
    پيغمبر اسلام جو اهو عمل هڪ بهترين نمونو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن تڪراري معاملي کي ڪهڙي نموني خوش اسلوبيءَ سان نبيري سگهجي ٿو. اهو هيءَ ته ڏاهپ ڀريو انداز اختيار ڪري هرڪنهن کي انهيءَ ۾ شريڪ ڪيو وڃي. اهڙي قسم جو معاملو گهڻو ڪري ماڻهن جي وقار جو مسئلو بنجيو وڃي. پر جيڪڏهن تدبير سان ماڻهن کي احساس ڏياريو وڃي ته سندن عزت محفوظ آهي ته مسئلو نبيرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي.

    شروعات
    پيغمبر اسلام کي جڏهن مڪي ۾ نبوت ملي ته پاڻ ﷺ پنهنجي عمل جو اهو طريقو اختيار ڪيو ته پاڻ ﷺ ماڻهن وٽ ويندا هئا ۽ کين چوندا هئا ”اي انسانو! چئو ته الله هڪ آهي ۽ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. اوهان فلاح پائيندا.“ (ايها الناس قولو الا اله الا الله تفلحوا) يعني اوهين شرڪ کي ڇڏيو ۽ هڪ خدا جي عبادت جو طريقو اختيار ڪريو، ته اوهان جي ڀلائي ٿيندي.
    انهيءَ وقت ڪعبي ۾ 360 بُت رکيل هئا. هڪ صورت اها هئي ته ڪعبي کي بُتن کان پاڪ ڪري، اهو توحيد جو مرڪز بنايو وڃي ها. پر انهيءَ وقت اهو عملي طور تي شرڪ ۽ بُت پرستيءَ جو مرڪز بنجي ويو هو. انهن حالتن ۾ رسول الله وٽ ٻه ڌار ڌار رستا هئا. هڪ اهو ته ڪعبي مان بُتن کي ڪڍي اُتي ٻيهر توحيد جو ماحول قائم ڪن ۽ انهيءَ کي مرڪز بنائي پنهنجي توحيد واري تحريڪ هلائين.
    هڪ صورت زباني دعوت کان شروعات ڪرڻ جي هئي ۽ ٻي صورت عملي قدم کڻي شروعات ڪرڻ جي. جيئن تاريخ مان ثابت آهي ته پاڻ ﷺ عملي قدم کڻڻ کان مڪمل طور پاسو ڪيو ۽ فقط زباني دعوت تي مڪي ۾ پنهنجي پيغمبراڻي مشن کي جاري فرمايو. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته اسلامي دعوت يا اسلامي تحريڪ جو صحيح پيغمبراڻو طريقو ڪهڙو آهي. اُهو هيءُ آهي ته پهرين پُرامن فڪري مهم جي ذريعي ماڻهن جي سوچ ۽ ڪردار ۾ تبديلي آندي وڃي، اهو شروعاتي ڪم جڏهن مناسب حد تائين ٿي وڃي ته پوءِ حالتن موجب عملي قدمن جي شروعات ڪئي وڃي.

    توهين کي سهڻ
    مشهور سيرت نگار ابن اسحاق ٻڌائي ٿو ته قريشن رسول الله ﷺ جو نالو ”مذمم“ رکيو هو ۽ هو پاڻ سڳورن جو سب وشتم ڪندا هئا. انهيءَ جي جواب ۾ رسول الله ﷺ پنهنجي ساٿين کي فرمائيندو هو. توهان کي انهيءَ تي تعجب ڪونهي ته الله تعاليٰ مون کي ڪهڙي طرح قريشن جي ايذاءُ رسانيءَ کان بچايو آهي. هو سب وشتم ڪن ٿا ۽ هڪ شخص مذمم جي هجو ڪن ٿا. جڏهن ته آئون محمد (ﷺ) آهيان (سيرت ابن هشام 1/374)
    پيغمبر اسلام جو اصل نالو محمد ﷺ هو. جنهن جي معنيٰ واکاڻيل يا ساراهيل آهي. مڪي دور ۾ جڏهن قريشن کي پاڻ ﷺ سان ساڙ پيدا ٿيو ته کين اها ڳالهه پسند نه هئي ته هو پاڻ ﷺ کي محمد (واکاڻيل/ ساراهيل) جهڙي نالي سان سڏين. هنن پنهنجي ساڙ واري جذبي جي تسڪين جي لاءِ پاڻ سڳورن جو نالو مذمم رکي ڇڏيو، جنهن جي معنيٰ مذمت ڪيل آهي. قريش جڏهن پاڻ ﷺ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا ته هو پاڻ ﷺ جي لاءِ محمد جو لفظ استعمال ڪرڻ جي بدران مذمم جو لفظ استعمال ڪري گهٽ وڌ چوندا هئا. ايتريقدر جو ابو لهب جي زال اُم جميل خود پاڻ ﷺ جي سامهون اچي چيو: ”مذمما عصينا (صفحو 379) يعني هي مذمم آهي ۽ اسين هن کي نٿا مڃون.
    اها هڪ چيڙائڻ واري ڳالهه ۽ پاڻ ﷺ جي توهين هئي. پر پيغمبر اسلام هڪ خوبصورت جواب ڏيئي انهيءَ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو.
    پاڻ فرمايائون: هي ماڻهو مذمم جي سب ۽ شتم ڪن ٿا. پر اها سب ۽ شتم منهنجي مٿان پوڻ واري نه آهي، ڇو ته منهنجو نالو محمد (ﷺ) آهي، نه ڪي مذمم.
    پيغمبرﷺ هجرت ڪري مديني آيا ته هتي عبدالله بن ابي پاڻ ﷺ جو سخت مخالف بنجي ويو. هن جيتوڻيڪ اسلام قبول ڪري ورتو هو، پر حسد جي جذبي تحت هو پاڻ ﷺ جو سخت مخالف بنجي ويو هو. پاڻ ﷺ جي توهين ڪرڻ، پاڻ ﷺ جو سب ۽ شتم ڪرڻ ۽ پاڻ سڳورن جي خلاف خراب ڳالهيون پکيڙڻ، سندن سڀ کان وڏو مشغلو بنجي ويو. اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته هو سڀ کان وڏو شاتم رسول هو. حضرت عمر فاروق، رسول الله کي چيو ته مون کي موڪل ڏيو ته آئون کيس قتل ڪري ڇڏيان. پاڻ سڳورن فرمايو: ”دعه لايتحدث الناس ان محمدا يقتل اصحابه (فتح الباري 8/520) يعني: کيس ڇڏي ڏيو. ماڻهو اهو نه چون ته محمد (ﷺ) پنهنجي ساٿين کي قتل ڪرائي ٿو.
    انهيءَ واقعي مان پيغمبر اسلام جي هڪ خاص اسوة معلوم ٿئي ٿي. اها هيءَ ته .... توهين کي برداشت ڪريو. ڇو ته جيڪڏهن اوهين توهين کي نه سهندا ته انهيءَ کان به وڌيڪ وڏي برائي سامهون ايندي ۽ اها خدا جي دين جي بدنامي آهي.

    وقت کان اڳ قدم نه کڻڻ
    پيغمبر اسلام ﷺ لڳ ڀڳ تيرهن سال مڪي ۾ رهيا، جتي جي گهڻائي پاڻ سڳورن جي مخالف بنيل رهي. هنن هر طريقي سان پاڻ ﷺ کي ستايو. تنهن هوندي به پاڻ ﷺ جي دعوتي جدوجهد جي نتيجي ۾ اُتي جا لڳ ڀڳ ٻه سؤ مرد ۽ عورتون اسلام ۾ داخل ٿيون. اهي ماڻهو بار بار پاڻ ﷺ کي اهو چوندا هئا ته اسين ظلم جي خلاف جهاد ڪريون، پر پاڻ ﷺ کين سدائين صبر جي تلقين ڪندا هئا. جهڙوڪ: حضرت عمر فاروق، قريشن جي ظلمن جي خلاف جهاد جي موڪل گهري ته پاڻ سڳورن فرمايو: يا عمر انا قليل (سيرت ابن ڪثير 1/441) يعني: اي عمر اسين ٿورا آهيون.
    مڪي دؤر جي پڇاڙيءَ ۾، مديني جا لڳ ڀڳ ٻه سؤ ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿي ويا. انهن ماڻهن کي جڏهن پتو پيو ته مڪي جا ماڻهو پاڻ ﷺ ۽ سندس ساٿين کي ظلم ۽ زيادتيءَ جو نشانو بنائي رهيا آهن ته هنن به چيو ته اسان کي انهن ظالمن جي خلاف وڙهڻ جي موڪل ڏيو. پر پاڻ ﷺ کين فرمايو صبر ڪريو، ڇو ته مون کي قتال جي موڪل نه ڏني ويئي آهي (اصبروا فاني لم اومر بالقتال)
    پيغمبر اسلام ﷺ هر قسم جي ظلم ۽ زيادتيءَ جي باوجود اٽڪل پندرهن سالن تائين هڪ طرفي طور تي صبر ۽ سهپ جو طريقو اختيار ڪيو. انهيءَ کان پوءِ پهريون گهمرو پاڻ ﷺ ”غزوه بدر“ جي موقعي تي پنهنجي صحابين کي ساڻ ڪري دشمن جي مقابلي جي لاءِ نڪتا. اهو به پاڻ ﷺ انهيءَ وقت ڪيو، جڏهن الله تعاليٰ طرفان اهو کليل وعدو اچي ويو ته آسماني ملائڪ تنهنجي مدد جي لاءِ ايندا. (الانفال 9)
    پيغمبر اسلام جو طريقو اهو ڪونهي ته جڏهن به ڪو ظلم ڪري ته هڪدم انهيءَ جي خلاف ڪاروائي شروع ڪئي وڃي. پاڻ سڳورن جي سُنت اها آهي ته ظلم جي باوجود به صبر ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. عملي قدم فقط انهيءَ وقت کنيو وڃي، جڏهن انهيءَ جو نتيجو يقيني طور تي فائدي ۾ نڪري.

    تڪراري هنڌ تان هٽي وڃڻ
    پيغمبر اسلام ﷺ نبوت ملڻ کان پوءِ اٽڪل تيرهن سالن تائين مڪي ۾ رهيا. ڪجهه ماڻهن سندن ساٿ ڏنو، پر مڪي وارن جي گهڻائي پاڻ ﷺ جي سخت مخالف بڻيل رهي، جڏهن هنن ڏٺو ته رڳو مخالفت سان پاڻ ﷺ جي مشن کي ختم نٿو ڪري سگهجي ته هو پيغمبر اسلام ﷺ جي قتل جون سَٽون سٽڻ لڳا. هنن پاڻ ۾ طئه ڪيو ته مڪي جا سڀ سردار هڪ ئي وقت حملو ڪري پاڻ ﷺ کي قتل ڪري ڇڏين ته جيئن اوهان جي توحيد واري تحريڪ جو خاتمو ٿي وڃي.
    اهو هڪ نازڪ موقعو هو. بظاهر هڪ صورت هيءَ هئي ته پاڻ ﷺ پنهنجي ساٿين کي ساڻ ڪري ساڻن مقابلو ڪري. پر پاڻ انهيءَ مامي کي نتيجي جي حوالي کان ڏٺو. جيئن ته ان وقت جي حالتن ۾ هٿياربند مقابلو فائديمند نه ٿئي ها، تنهن ڪري پاڻ ﷺ ٽڪراءُ کان بچڻ جي اصول تي عمل ڪيو ۽ مڪي مان هجرت ڪري مديني هليا ويا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جي سنت تڪرار سان ٽڪرائڻ نه آهي. بلڪه تڪراري هنڌ تان هٽي وڃڻ آهي. اهڙي طرح ماڻهوءَ کي اهو موقعو مليو وڃي ته هو پنهنجي سگهه کي بچائي، اها وڌيڪ فائدي واري ڪم ۾ استعمال ڪري سگهي.

    دليون جيتڻ جي ڪوشش
    اسلام ۾ هڪ مستقل اصول اُهو آهي، جنهن کي دلجوئي ڪرڻ چيو ويو آهي (التوبه 60) دلجوئيءَ جو مطلب آهي، دلين کي ڳنڍڻ، ماڻهن کي پاڻ سان هيرائڻ. اهو مقصد هيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو ته ٻين سان رعايت ڪئي وڃي. ٻين جي جذبن ۽ مفادن جو احترام ڪيو وڃي. دلجوئيءَ جو اهو اصول اسلامي دعوت جو هڪ اهم اصول آهي. اهو ابدي طور تي هر انساني سماج ۾ گهربل آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ دلجوئيءَ جي انهيءَ اصول تي عمل ڪرڻ فرمايو. مثال طور: جڏهن پاڻ ﷺ هجرت ڪري مديني آيا ته انهيءَ وقت اهل ايمان سان گڏ اُتي مشرڪ ۽ يهودي به آباد هئا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ پنهنجي طرفان هڪ منشور جاري ڪرڻ فرمايو، جنهن کي ”صحيفه مدينه“ چيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ پاڻ ﷺ اعلان ڪرڻ فرمايو ته هر ڌر/ گروهه کي پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر جي آزادي هوندي هر قبيلي جا تڪراري مامرا انهيءَ قبيلي جي پنهنجي روايتن موجب نبيريا ويندا. عقيدي ۽ ڪلچر جي معاملي ۾ ڪنهن کي به مجبور نه ڪيو ويندو.
    يهودين سان ته پاڻ ﷺ خاص رعايت جو معاملو فرمايو. رمضان جي روزن جي فرض ٿيڻ کان اڳ پاڻ سڳورا به انهن ئي ڏينهن ۾ روزا رکندا هئا، جڏهن يهودي روزا رکندا هئا. قبلي جي تبديليءَ کان اڳ لڳ ڀڳ سترهن مهينن تائين پاڻ ﷺ يهودين جي قبلي (بيت المقدس) کي پنهنجو قبلو بنائي رکيو. يهودين جي عبادت جي قبلي کي پنهنجو قبلو بنائڻ انهيءَ ڪري هو ته پاڻ سڳورا اُميد رکندا هئا ته اهڙي طرح اُتي جا يهودي پاڻ سڳورن جي ويجهو ايندا. (تفسير القرطبي 2/150)
    پيغمبر اسلام ﷺ جو طريقو مخالفت جي جواب ۾ مخالفت نه هو. پر مخالفت جي جواب ۾ رعايت هو. پاڻ سڳورن جي سوچ اها نه هئي ته ماڻهن کي دٻائي پنهنجي تابع ڪجي. پر انهيءَ جي اُبتڙ پاڻ ﷺ جو طريقو هيءُ هو ته ماڻهن سان ٻاجهائپ ۽ پنهنجائپ جو معاملو ڪجي ۽ سندن دلين کي نرم ڪري کين پنهنجو ساٿي بنائجي.

    رازداري
    مڪي جي فتح جي سلسلي ۾ واقعن ۾ آيو آهي ته پاڻ ﷺ سفر جي تياريءَ جو حڪم ڏنو. عام مسلمان ضروري تيارين ۾ لڳي ويا، انهيءَ زماني ۾ حضرت ابوبڪر صديق پنهنجي نياڻي حضرت عائشه جي گهر آيا، جيڪا پيغمبر اسلام جي زوجه هئي. هوءَ انهيءَ مهل ضروري تياري ڪري رهي هئي. حضرت ابوبڪر پنهنجي نياڻيءَ کان پڇيو ته ڇا توکي رسول الله تياريءَ جو حڪم ڏنو آهي. حضرت عائشه وراڻيو ”هائو“. حضرت ابوبڪر ٻيهر پڇيو، هيءَ تياري ڪيڏانهن سفر ڪرڻ جي لاءِ آهي. حضرت عائشه وراڻيو، ”خدا جو قسم مون کي خبر ڪونهي.“ (سيرت ابن هشام 3/14)
    پيغمبر اسلام جي سنتن مان هڪ سنت اها به آهي ته پنهنجي نازڪ معاملن ۾ سدائين رازداري اختيار ڪرڻ فرمائيندا هئا. مڪي جي فتح جي مهم ۾ به پاڻ ﷺ ايئن ئي ڪرڻ فرمايو. پاڻ ﷺ مديني مان پنهنجي ڏهن هزارن اصحابين سان گڏ نڪتا، پر ماڻهن کي اهو نه ٻُڌايائون ته اسين ڪيڏانهن پيا وڃون. صحابه چون ٿا ته اسان هلندي جڏهن انهيءَ هنڌ تي پهتاسين، جتان کان رستو سڌو مڪي طرف ٿي ويو، تڏهن وڃي اسان کي خبر پئي ته اهو سفر مڪي جي لاءِ آهي.
    نازڪ گڏيل معاملن ۾ رازداري بي حد اهم آهي. گهڻو تڻو ڪاميابيءَ جو دارومدار انهيءَ تي هوندو آهي ته ٻي ڌر کي اوهان جي رٿن جي اڳواٽ خبر پئجي نه سگهي. پيغمبر اسلام پنهنجي سڄي زندگي انهيءَ حڪمت کي نهايت سٺي نموني اختيار ڪرڻ فرمايو.

    صورتحال کي جيئن جو تيئن مڃڻ

    جڏهن ٻن ماڻهن يا ٽولن ۾ تڪرار پيدا ٿي وڃي ٿو ته نيٺ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ عملي حالت قائم ٿي وڃي ٿي. جنهن کي اسٽيٽس ڪو (Status quo) چيو ويندو آهي. انهيءَ اسٽيٽس ڪو کي بدلائڻ جي ڪوشش گهڻين حالتن ۾ بنا نتيجي جي هوندي آهي. ڇو ته ٻي ڌر پنهنجي سموري سگهه سان جوابي ڪاروائي ڪندي آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته موجود صورتحال اسٽيٽس ڪو، جيئن جي تيئن باقي رهندي آهي. ۽ وڌيڪ نقصان اهو ٿيندو آهي ته انهيءَ بي نتيجا ڪوشش ۾ ٻنهي ڌرين کي مليل موقعا بنا فائدي حاصل ٿيڻ جي زيان ٿي ويندا آهن.
    اهڙي طرح تڪراري مامرن ۾ پيغمبر اسلام جي سُنت اها آهي ته حالتن کي جيئن جو تيئن مڃڻ. انهيءَ اسٽيٽس ڪو ازم جو عظيم فائدو هي ٿئي ٿو ته ماڻهوءَ کي انهيءَ ڳالهه جي واندڪائي مليو وڃي ته پنهنجي قوتن کي وڌيڪ سگهارو ڪري سگهن. تڪراري هنڌ تان هٽي پنهنجو پاڻ کي ايترو ته مضبوط ڪجي، جو نيٺ طاقت جو توازن بدلجي وڃي ۽ ڪنهن وڏي ٽڪراءُ کان سواءِ معاملي جو فيصلو ڪري سگهجي.
    پيغمبر اسلام ﷺ حديبيه جي موقعي تي اهائي حڪمت عملي اختيار فرمائي. پاڻ ﷺ مديني کان روانا ٿي حديبيه واري هنڌ تي پهتا ته مڪي جا ماڻهو به هلي اچي اُتي پهتا. هنن چيو ته اسين اوهان کي اڳيان وڌڻ نه ڏينداسين. اهڙي طرح حديبيه جي جاءِ تي رڪاوٽ جي حالت پيدا ٿي ويئي. پيغمبر اسلام ايئن نه ڪيو ته اهو تعطل ٽوڙي اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪن، پر پاڻ ﷺ حديبيه مان ئي واپس مديني موٽي آيا.
    اهو گويا پنهنجي ۽ ٻي ڌر جي وچ ۾ قائم اسٽيٽسڪو کي مڃي وٺڻ هو. انهيءَ حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ پيغمبر اسلام کي اهو موقعو ملي ويو ته پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ سگهارو ۽ مضبوط ڪري سگهن ۽ ايئن ئي ٿيو ۽ پاڻ فقط ٻن سالن جي اندر مڪي ۾ فاتحانه انداز ۾ داخل ٿي ويا.

    ڏکيائيءَ ۾ آساني

    پيغمبر اسلام ﷺ 8هه ۾ مڪو فتح ڪيو. انهيءَ کان پوءِ پاڻ ﷺ پنهنجي اصحابن سان گڏ مڪي کان طائف جي لاءِ روانا ٿيا. انهيءَ زماني ۾ عربستان ۾ هموار رستا نه هئا. هلندي هلندي هڪ هنڌ هڪ سوڙهو رستو آيو، جيڪو ٻن ٽڪرين جي وچ مان ٿي لنگهيو. تنهنڪري اهو رستو انهيءَ ئي صفت سان مشهور ٿي ويو هو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جڏهن انهيءَ هنڌ تي پهتو ته ماڻهن کان پڇيائين ته هن رستي جو نالو ڪهڙو آهي؟ ماڻهن وراڻيو هن جو نالو تنگ رستو آهي. پاڻ ﷺ جواب ۾ وراڻيو، ”نه! هي هڪ سولو رستو آهي.“ (سيرت ابن هشام 4/127)
    انهيءَ وقت پيغمبر اسلام ﷺ سان ڏهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهو هئا. اهي جيڪڏهن پکڙجي هلن ها ته پڪ سان انهيءَ رستي تان سندن لنگهڻ ڏکيو ٿي پوي ها. پر اهي ئي ماڻهو جيڪڏهن قطار ٺاهي هلن ته انهن جي لاءِ اهو رستو لنگهڻ ڏکيو نه هجي ها ۽ اهو ظاهري طرح پنهنجي تنگيءَ جي باوجود به، انهن جي لاءِ عملي طور تي سولو ٿي پوي ها. پيغمبر اسلام پنهنجي جواب ۾ انهيءَ حڪمت عمليءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ فرمايو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جي انهيءَ واقعي مان زندگيءَ جو هڪ اهم راز معلوم ٿئي ٿو. اهو آهي حالتن آهر تدبير اختيار ڪرڻ. انهيءَ حڪيمانه تدبير جو واسطو زندگيءَ جي مڙني معاملن سان آهي. انهيءَ تدبير کي استعمال ڪندي، زندگيءَ جي هر مشڪل کي سولو بنائي سگهجي ٿو.

    تدبير طور پٺتي هٽڻ

    پيغمبر اسلام جي زماني ۾، 8هه ۾ هڪ جنگ ٿي. اها شام جي سرحد لڳ ”مؤته“ واري هنڌ تي ٿي، جنهن جي ڪري انهيءَ کي ”مؤته جي جنگ“ چيو وڃي ٿو. انهيءَ جنگ جي موقعي تي مسلمانن جو تعداد فقط ٽي هزار هو. انهي جي مقابلي ۾ سامهونءَ واري ڌر فوجي لحاظ کان جهجهي تعداد ۾ هئي. آخري مرحلي ۾ خالد بن وليد انهيءَ جو سردار مقرر ٿيو. جنهن لڙائيءَ کي غير مفيد سمجهي واپسيءَ جو فيصلو ڪيو. هو تدبيري پسپائيءَ (Tactual retreat) جي اصول تي مؤته مان واپس مديني هليا ويا.
    عربن جو مزاج وڙهي مرڻ جو مزاج هو. هو انهيءَ پٺتي هٽڻ جي حڪمت عمليءَ کي سمجهي نه سگهيا. تنهن ڪري جڏهن هو مديني پهتا ته اُتي جي نوجوانن سندن ”يا فرار“ (اي ڀاڄوڪڙ) چئي آڌرڀاءُ ڪيو. پاڻ سڳورن جڏهن اِهو ٻُڌو ته انهيءَ جي ترديد فرمائي. پاڻ سڳورن چيو، ”هي ماڻهو ڀاڄوڪڙ نه پر خدا چاهيو ته قدم کڻڻ وارا آهن.“ (سيرت ابن هشام 3/438)
    پيغمبر اسلام ﷺ جي انهيءَ ارشاد مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ﷺ جي ويجهو صحيح قدم اهو آهي، جيڪو نتيجا ڏيندڙ هجي. فقط جوش ۽ وقار خاطر وڙهي مرڻ گهربل اسلامي طريقو ڪونهي. پر مومنن جي مقابلي ۾ ٻي ڌر جي طاقت فيصلي ڪندڙ حد تائين، اهڙين حالتن ۾ مقابلي جي لاءِ قدم نه کنيو وڃي. ايتري تائين جو مقابلو ٿي پوي ته به تدبير طور پٺتي هٽڻ کپي ته جيئن وڌيڪ تياري ڪري پنهنجو پاڻ کي نتيجا ملندڙ قدمن جي قابل بنايو وڃي.

    هوريان هوريان سُڌارا

    هڪ روايت موجب، حضرت عائشه فرمايو ته قرآن ۾ سڀ کان پهرين اُهي آيتون ۽ سورتون نازل ٿيون، جن ۾ جنت ۽ دوزخ جو ذڪر هو. ايستائين جو ماڻهو جڏهن اسلام طرف مائل ٿيا، ته پوءِ حلال ۽ حرام جا حڪم لٿا ۽ جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ۽ شروع ۾ ئي اهي حڪم لهن ها ته اوهين شراب نه پيئو، ته پڪ سان ماڻهو چون ها ته اسين شراب نه ڇڏينداسين. اهڙي طرح جيڪڏهن شروع ۾ ئي اهي حڪم لهن ها ته زنا نه ڪريو ته ماڻهو چون ها اسين ڪڏهن به زنا نه ڇڏينداسين. (صحيح البخاري 8/655)
    انهيءَ روايت مان هڪ عظيم حڪمت نبوي معلوم ٿئي ٿي. هيءَ اهائي حڪمت عملي آهي، جنهن کي Graduation چيو وڃي ٿو. انسان جو هڪ ڏکيو ۽ پيچيده ڪم آهي، عام طور تي انسان ڪجهه خيالن ۽ عادتن تي هِري وڃي ٿو ۽ پوءِ هو انهن کي صحيح سمجهڻ لڳي ٿو. انهيءَ آڌار تي هو ڪنهن نئين شئي کي هڪدم قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ انسانن جي سڌاري جو واحد طريقو اهو آهي ته انهيءَ ڪم کي ڏاهپ سان هوريان هوريان ڪيو وڃي.
    رسول الله عربستان ۾ پهرين ماڻهن جي سوچ کي بدلايو ۽ ماڻهن جي اندر قبوليت جو مزاج پيدا ڪيو. ايستائين جو ماڻهن ۾ سڌارن کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ويئي. انهيءَ کان پوءِ پاڻ سڳورن شرعي حڪم لاڳو ڪرڻ فرمايا. جيڪڏهن پاڻ سڳورا فڪري تبديليءَ جي ڪوشش ۽ مزاج ٺاهڻ کان سواءِ شريعت جا قانون لاڳو ڪن ها ته اها انساني فطرت جي خلاف هجي ها ۽ اهو انقلابي نتيجو نه نڪري ها، جيڪو عربستان جي سماج ۾ حاصل ٿيو.

    عملي حالتن جي رعايت

    پيغمبر اسلام ﷺ 9 ذي الحج 9هه ۾ حج جو فرض ادا ڪيو. جنهن کي عام طور تي حجة الوداع چيو ويندو آهي. انهي موقعي تي هڪ لک کان به وڌيڪ مسلمان گڏ ٿي ويا. پاڻ ﷺ پنهنجي خطبي ۾ جيڪي ڳالهيون فرمايون، انهن مان هڪ اها هئي، جنهن کي انساني برابري جو اعلان چئي سگهجي ٿو. انهيءَ موقعي تي پاڻ سڳورن اهي تاريخي لفظ فرمايا ته ’ڪنهن به عربيءَ کي عجميءَ تي فضيلت ڪونهي. ڪنهن ڳوري کي، ڪنهن ڪاري تي فضيلت ڪونهي. فضيلت جو تعلق فقط دين ۽ تقويٰ سان آهي.‘
    انهيءَ خطبي کان اٽڪل اڍائي مهينا پوءِ پاڻ ﷺ هي جهان ڇڏڻ فرمايو. پاڻ ﷺ کان پوءِ اهو مسئلو پيدا ٿيو ته ڪنهن کي خليفو بنايو وڃي. مذڪوره اعلان موجب بظاهر فقط اهو ٿيڻ کپي ها ته دين ۽ تقويٰ جي بنياد تي خلافت جو فيصلو ڪيو وڃي ها، نه ڪي نسل يا قبيلي جي بنياد تي. پر عملي طور تي ايئن نه ٿيو.
    پاڻ سڳورن جي وفات کان پوءِ مديني جي ’ثقيفه بنو ساعده‘ ۾ مسلمانن جو هڪ ميڙ گڏ ٿيو. ماڻهن جو پهريون رجحان هو ته سعد بن عباده کي خليفو بنايو وڃي، جيڪو مديني جي هڪ قبيلي سان لاڳاپيل هو. انهيءَ مهل حضرت ابوبڪر، رسول الله جي هيءَ حديث پيش ڪئي ته ”الائمة من قريش“ يعني خليفو يا امام قريشن مان ٿيندو. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته جيئن ته سعد بن عباده، قبيلي قريش مان ڪونهي، تنهن ڪري کيس خليفو بنائي نٿو سگهجي. بحث مباحثي کان پوءِ نيٺ ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي سهمت راءِ ٿيا ته قبيلي قريش مان ئي ڪنهن کي خليفو بنايو وڃي، انهيءَ موجب، حضرت ابوبڪر صديق پهريون خليفو مقرر ٿيو، جيڪو قريشن سان لاڳاپيل هو.
    بظاهر اها هڪ متضاد ڳالهه آهي. پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ ايئن ڇو فرمايو. انهيءَ جي پويان هڪ عظيم حڪمت هئي. اها هيءَ ته خليفي يا حڪمران کي هڪ وسيع انساني سماج تي حڪم لاڳو ڪرڻا هوندا آهن. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته ماڻهو خليفي جي اطاعت تي راضي ٿي وڃن. اها اطاعت رضاڪاراڻي هئڻ کپي. جيتري پيرويءَ جي ذريعي اهو مقصد حاصل ٿيڻ ممڪن نه آهي، جيڪو اسلامي خلافت جي مدعا آهي.
    قديم عربستان ۾، سوين سالن جي تاريخ جي نتيجي ۾، قريشن جي ماڻهن کي سرداريءَ جو درجو حاصل ٿي ويو هو. عوامي نفسيات ڪنهن اهڙي شخص جي اڳواڻيءَ کي سولائيءَ سان قبولي وٺندي هئي، جنهن جو واسطو قريش قبيلي سان هجي. انهيءَ سماجي صورتحال جي ڪري پاڻ ﷺ فرمايو، ”الائمة من قريش.“ اهو ڪو ابدي حڪم نه هو. انهيءَ جو مطلب فقط اهو هو ته ڪنهن قوم ۾ جنهن گروهه کي قريشن جهڙي سياسي حيثيت حاصل ٿي وڃي، اُتي انهيءَ گروهه جي ڪنهن فرد کي قوم جي مٿان حاڪم بنايو وڃي.
    انهيءَ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عمليت (Pragmatism) به رسول الله جي سنتن مان هڪ سنت آهي. انفرادي مامرن ۾ هڪ شخص کي سدائين نظري معيار سامهون رکڻ کپي. پرگڏيل مامرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظري معيار عمل جوڳو نه هوندو آهي. تنهن ڪري ضروري هوندو آهي ته اهڙن مامرن ۾ نظري معيار کي ڇڏي، عملي تقاضا موجب فيصلو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو وڃي ته زندگيءَ جو معيار سڌي نموني هلي نه سگهندو.

    مستقبل تي نظر

    مڪي جي فتح کان پوءِ عربستان ۾ اهو دور آيو، جنهن کي تاريخ ۾ ”عام الوفود“ چيو وڃي ٿو. عربستان جا قبيلا مديني اچي اسلام قبول ڪرڻ لڳا. انهن مان هڪ قبيلو ”بنو ثقيف“ پڻ هو، جيڪو طائف کان آيو هو. اهي جڏهن مديني آيا ته انهن هڪ انوکو شرط رکيو. هنن چيو ته، اسين اسلام ته قبول ڪنداسين، پر نڪو زڪواة ڏينداسين، نه وري جهاد ڪنداسين.
    اهو هڪ نازڪ مسئلو هو. عام ماڻهو انهيءَ قسم جي اسلام کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئا. پر پيغمبر اسلام ﷺ حال کان مٿي ٿي آئيندي کي ڏٺو. پاڻ پنهنجي سمجهه تحت اهو سمجهيو ته جڏهن هي ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيندا ته مسلم سماج جو حصو بنجي ويندا ته پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لڳندا. تنهن ڪري پاڻ ﷺ سندن شرطن کي مڃيندي کيس اسلام ۾ داخل ڪري ورتو. ماڻهن جي شڪن کي دور ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته: جڏهن هو اسلام قبول ڪري وٺندا ته زڪوات به ڏيندا ۽ جهاد به ڪندا. (سيرت ابن ڪثير 4/56)
    پيغمبر اسلام جي انهيءَ عمل مان هڪ عظيم حڪمت معلوم ٿئي ٿي. اها حڪمت ڪجهه لفظن ۾ مستقل تي نظر رکڻ آهي. انسان ڪو پٿر ڪونهي، جيڪو تاثر کي قبول نه ڪري. انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي، جيڪا سدائين بدلبي رهندي آهي. انسان جي حال تي سندس آئيندي کي قياس نٿو ڪري سگهجي. ماڻهوءَ سان معاملو ڪندي سدائين انهيءَ حقيقت کي سامهون رکڻ کپي. معاملي وقت هڪدم تبديليءَ تي زور ڀرڻ سان ضد پيدا ٿيندو آهي. انهيءَ جي ابتڙ جيڪڏهن وڏي نظر سان ڏسجي ته پاڻ مرادو ايئن ٿيندو ته مستقل ۾ ماڻهو اهوئي بنجي ويندو، جهڙو اسين حال ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا.


    پيغمبراڻي پاليسي

    عام طور تي اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته پيغمبر جو طريقو عزم جو طريقو آهي، نه ڪي رضا جو طريقو. پر اها هڪ بي بنياد ڳالهه آهي. ڪنهن عملي روش کي اختيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ اصل اعتبار حالتن ۽ واقعن جو ڪيو وڃي ٿو، نه ڪي ڪنهن واسطيدار آئيڊيل جو. اسلام ۾ عزم جي اهميت به ايتري ئي آهي، جيتري رضا/ مصلحت جي آهي. انهن مان نه ڪو سدائين جي لاءِ اُتم آهي نه وري ڪو غير اُتم. انهيءَ مامري ۾ ٺيڪ اهائي ڳالهه سيرت جي مطالعي مان ثابت ٿئي ٿي.
    قرآن ۾ عزيمت/ ثابت قدميءَ جو لفظ اُن معنيٰ ۾ نه آيو آهي، جنهن معنيٰ ۾ عام طور تي مشهور آهي. قرآن ۾ عزيمت/ ثابت قدميءَ جو لفظ قدم نه کڻڻ تي ڄميو رهڻ جي لاءِ استعمال ٿيو آهي، نه ڪي پرجوش طور تي قدم کڻڻ جي لاءِ، جيئن هيٺين آيت مان معلوم ٿئي ٿو.
    ”سو (اي پيغمبر) تون صبر ڪر ۽ ثابت قدم رهه، جيئن اڳوڻا عالي همت رسول ثابت ٿيا ۽ هنن (ڪافرن) بابت تڪڙ نه ڪر.“ (الاحقاف 35)
    انهيءَ آيت ۾ چٽي طرح صبر جي طريقي کي ثابت قدميءَ وارو طريقو چيو ويو آهي. يعني ٻي ڌر جي چڙ واري رويي، هن پاران نقصان رسائڻ ۽ ان طرفان مخالفاڻين ڪارواين جي باوجود هڪ طرفو صبر ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي جوابي قدم کڻڻ کان روڪي رکڻ، انهيءَ جو نالو صبر آهي ۽ انهيءَ صبر کي قرآن ۾ عزم ۽ همت جو طريقو ٻڌايو ويو آهي.
    رخصت ڇا آهي؟ رخصت ڪم همتي يا عمل کان ڀاڄ جو نالو نه آهي. بلڪه اها هڪ تدبير آهي، اُهو عمل جي لاءِ وڌ ۾ وڌ موقعا حاصل ڪرڻ جو نالو آهي، نه ڪي عمل کي ڇڏي ڏيڻ جو. مڪي دور جي آخر ۾ جڏهن دشمنن تلوارن سان هٿياربند ٿي رسول الله جي گهر کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ پاڻ سڳورن کي قتل ڪرڻ جي پويان پئجي ويا ته، پاڻ سڳورن ساڻن مقابلو ڪرڻ جي بدران هي ڪيو جو رات جي وڳڙي ۾ گهر جي پوئينءَ دروازي مان خاموشيءَ سان نڪتا ۽ مڪو ڇڏي، مديني روانا ٿي ويا.
    عام ذوق موجب اهو ثابت قدميءَ کي ڇڏي رخصت جو طريقو اختيار ڪرڻ هو. پر وڌيڪ صحيح ڳالهه اها آهي ته اهو جوش جي بدران هوش جو طريقو اختيار ڪرڻ هو. اهڙن موقعن تي جيڪڏهن ڪو وڙهي شهيد ٿي وڃي ته اهو ثابت قدميءَ بدران نادانيءَ وارو عمل چئبو. تنهن ڪري رسول الله ﷺ هي ڪيو جو غير ضروري ٽڪراءُ ۾ اچڻ جي بدران، اها جاءِ ڇڏي مديني پهچي ويا، ته جيئن پنهنجي دعوتي مهم کي وڌيڪ اثرائتي نموني جاري رکي سگهن. اسلام ۾ سر ڪٽائڻ نه پر سر بچائڻ آهي. اسلام ۾ زندگيءَ کي مٽائڻ جي بدران زندگيءَ کي چڱن ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جو درس ڏنل آهي.
    اسلام هڪ فطري دين آهي. اسلام جي تعليم مان اهم تعليم حقيقت پسندي آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جي پاليسيءَ کي هڪ لفظ ۾ چوڻو هجي ته انهيءَ کي حقيقت پسنديءَ واري پاليسي چئي سگهجي ٿو.
    اسلام ۾ انهيءَ معاملي ۾ ايستائين رعايت ڏني ويئي آهي ته پنهنجي قيمتي زندگي بچائڻ جي لاءِ واقعي جي خلاف ڪا ڳالهه ڪرڻي پوي ته اها به ڪرڻ ۾ پاسو نه ڪجي. وقتي دٻاءُ تحت ڪا ڳالهه چئي پنهنجي وجود کي بچائڻ، ان کان وڌيڪ چڱي آهي ته غير ضروري آڪڙ ڏيکاري، سچ چوڻ جي جوش ۾ بنا فائدي جي پنهنجو پاڻ کي ٻوهيءَ ۾ وجهجي.
    انهيءَ سلسلي ۾ مڪي دؤر جو هڪ واقعو انتهائي مثال جي حيثيت رکي ٿو. اهو واقعو ’عمار بن ياسر‘ سان لاڳاپيل آهي. جيڪو اُن وقت مڪي جي هڪ مُشرڪ سردار وٽ غلام هو. مڪي دور ۾ ايمان آڻيندڙن ۾ جيڪي ماڻهو آزاد گهراڻن سان واسطو رکندا هئا، اهي مشرڪن جي ايذاءُ رسانيءَ کان محفوظ رهيا. ڇو ته سندن حمايت ۾ سندن قبيلو موجود هو. پر جيڪي ماڻهو اُتي جي سماج ۾ غلام جي حيثيت رکندا هئا، ۽ اسلام قبول ڪيو هئائون، اهي پنهنجي مالڪن پاران سخت تڪليفن جو نشانو بنجندا هئا. انهن مان عمار بن ياسر به هڪ هو.
    عمار بن ياسر کي سندس مُشرڪ مالڪ سخت تڪليفون ڏنيون ۽ چيس ته تون جيستائين بُتن کي نه مڃيندين ۽ محمد (ﷺ) جو انڪار نه ڪندين، تيستائين توکي تڪليفون ڏيندا رهنداسين. انهيءَ کان پوءِ هن حق جي خلاف اُهي لفظ چيا، جيڪي منڪرن کانئس چورائڻ ٿي چاهيا. انهيءَ کان پوءِ هو پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چيائين مون مُشرڪن جي مطالبي تي هي ڪجهه چيو آهي. پاڻ ﷺ پُڇيس تنهنجي دل جو ڪهڙو حال آهي؟ هن وراڻيو منهنجي دل اسلام جي سچائيءَ تي پوري طرح مطمئن آهي. رسول الله فرمايو: مُشرڪ جيڪڏهن ٻيهر توکي ساڳئي ڳالهه چورائين ته ٻيهر چئي ڇڏج. (تفسير ابن ڪثير 2/587 ــ 588)
    قرآن موجب، پيغمبر اسلام سڀني انسانن جي لاءِ هڪ نمونو آهي (الاحزاب 21) جڏهن پالڻهار پاڻ سڳورن کي انسانن جي لاءِ هڪ نمونو بنايو ته ضروري هو ته پاڻ هڪ انسان جي حيثيت سان دنيا ۾ زندگي گذارين ۽ پاڻ ﷺ سان اهي سڀئي مسئلا پيش اچن، جيڪي انسانن لاءِ پيدا ٿيندا آهن. يا جيڪي هڪ عام انسان جي لاءِ عمل جوڳا آهن. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته رسول الله کي هر وقت فرشتن جي طاقت حاصل هجي ها ۽ هو فوق البشر انداز ۾ پيش ايندڙ معاملن جو مقابلو ڪري ها ته هو عام انسانن جي لاءِ نمونو بنجي نه سگهي ها. اهڙي حالت ۾ اها تڪليف سمجهه کان مٿي هجي ها ۽ ماڻهن کي چيو وڃي ها ته اوهين انهيءَ رسول جي پيروي ڪريو، جيڪو اوهان وانگر ڪونهي. بلڪه کيس غير معمولي طاقتون حاصل آهن. اهوئي سبب آهي ته رسول الله سڄي زندگي انهيءَ ڳالهه جو خيال رکيو ته عام حالتن ۾ ڪنهن انسان جي لاءِ ڪهڙي شئي عمل جوڳي آهي ۽ ڪهڙي شئي عمل جوڳي ڪونهي. جيڪا شئي هڪ عام انسان جي لاءِ ممڪن ۽ عمل جوڳي هئي. پاڻ سڳورن انهيءَ تي عمل ڪرڻ فرمايو ۽ جنهن شئي تي عمل ڪرڻ انسانن جي لاءِ ممڪن نه هو، انهيءَ کي ڇڏي ڏنو. ڪنهن مسئلي کي نبيرڻ جي لاءِ سدائين ٻه طريقا هوندا آهن. هڪ اهو ته عملي حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رٿا جي جوڙجڪ ڪجي. ٻيو طريقو هيءَ ته نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ، انهيءَ جي خلاف پرجوش قدم کنيو وڃي. رسول الله ﷺ جي ٽيويهن سالن جي زندگيءَ جو مطالعو ٻُڌائي ٿو ته پاڻ سڳورن ڪڏهن به ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ نه فرمايو. پاڻ ﷺ ايئن پهرينءَ طريقي تي هلندا رهيا.
    مثال طور: پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ڪعبي (بيت الله) جي اندر ٽي سؤ سٺ بُت رکيل هئا. پاڻ سڳورن جو مشن اهو هو ته ڪعبي کي انهن بُتن کان پاڪ ڪيو وڃي. پاڻ سڳورا تيرنهن سال مڪي ۾ رهيا، پر ڪڏهن به انهن بُتن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. ايستائين جو انهيءَ حالت ۾ ويهه سال گذري ويا. ويهن سالن تائين پاڻ ﷺ انهن بُتن جي معاملي ۾ فقط زباني دعوت تي عمل ڪندا رهيا. ويهن سالن کان پوءِ جڏهن مڪو فتح ٿيو ته انهيءَ وقت پاڻ سڳورن عملي ڪاروائي ڪندي ڪعبي کي بُتن کان پاڪ ڪيو.
    انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورن عمل جوڳن ۽ عمل ۾ نه ايندڙن جي وچ ۾ فرق ڪيو. ويهن سالن تائين بتن جي خلاف زباني تبليغ عمل جوڳي هئي، انهيءَ ڪري پاڻ سڳورا قول جي حد تائين رهي پنهنجو ڪم ڪندا رهيا. مڪي جي فتح کان پوءِ عملي صفائي، عمل جوڳي ٿي ويئي. تنهن ڪري پاڻ ﷺ عملي قدم کڻندي انهيءَ جي صفائي ڪرڻ فرمائي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته نتيجو حاصل ٿيندڙ ۽ نتيجو نه ملندڙ قدمن ۾ فرق ڪرڻ رسول الله ﷺ جي هڪ سنت آهي.

    فرق جو اصول
    پيغمبر اسلام جي سيرت جي مطالعي مان هڪ اهم اصول اهو معلوم ٿئي ٿو، جنهن کي فرق چئي سگهجي ٿو، يعني هڪ شئي ۽ ٻي شئي ۾ فرق کي سمجهڻ ۽ انهيءَ موجب ٻنهي سان ڌار ڌار معاملو نبيرڻ آهي. انهيءَ جي چٽائي قرآن جي سورة البقره جي آيت نمبر 275 ۾ موجود آهي. اهو فطرت جو هڪ اصول آهي ۽ انهيءَ اصول جو لحاظ پيغمبر اسلام جي پاليسين ۾ مڪمل طور تي ملي ٿو.
    1. انهيءَ مان هڪ چوڻ ۽ ڪرڻ جو فرق آهي. مثال طور: حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ”افضل جهاد ظالم حڪمران جي سامهون حق ۽ انصاف جي ڳالهه چوڻ آهي.“ (سنن ابي دائود 4/122)
    ٻي پاسي حديثن ۾ ڪثرت سان انهيءَ قسم جون هدايتون آيون آهن ته جيڪڏهن حڪمران ظالم بنجي وڃن ته به اوهين انهيءَ جي اطاعت ڪريو ۽ انهيءَ سان هرگز نه ٽڪرايو. (مشڪاة المصابيح 3/1484)
    مثال طور: حضرت حذيقه چوي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ايندڙ زماني ۾ حڪمران ۾ خرابيون پيدا ٿي وينديون، ايتري قدر جو اوهان جي مٿان اهڙا ماڻهو حڪمران بنجي ويندا، جن جو ظاهري طرح جسم ته انسانن جهڙو هوندو، پر انهن جون دليون شيطانن وانگر هونديون. حضرت حذيقه پُڇيو ته اسين انهن جي مقابلي ۾ ڇا ڪريون. پاڻ سڳورن فرمايو، ”اوهين حاڪم جي ڳالهه ٻُڌو ۽ کيس مڃو، پوءِ ڇو نه اوهان جي پُٺن تي ڪوڙا هنيا وڃن ۽ اوهان جو مال اوهان کان کسيو وڃي، پوءِ به اوهين ٻُڌو ۽ اطاعت ڪريو.“ (صحيح مسلم بشرح النوري 12/238)
    مذڪوره ٻنهي حديثن جو ڀيٽ وار اڀياس ڪريو، پهرين حديث ۾ ظالم حڪمران جي مقابلي ۾ جهاد جو چيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي حديث ۾ سختيءَ سان جهاد جي منع ڪئي ويئي آهي. انهيءَ فرق جو سبب ڪهڙو آهي. انهيءَ جي حقيقت اها آهي ته پهرين حديث جو واسطو زباني نصيحت سان آهي ۽ ٻي حديث جو واسطو عملي ٽڪراءُ سان آهي. حديث موجب: زباني نصيحت هڪ گهربل عمل آهي، پر عملي ٽڪراءُ سراسر گهربل عمل ڪونهي.
    هتي زباني نصيحت مان مطلب حڪمرانن جي خلاف جلسو، جلوس، تقرير يا اخباري بيان ڪونهي، بلڪه انهيءَ جو مطلب فقط هيءَ آهي ته ڪو شخص جڏهن حڪمران جي اندر خرابي ڏسي ته هو انهيءَ جي حق ۾ دعا گهري ۽ پوءِ ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ملي ۽ کيس دردمندي ۽ خيرخواهيءَ جي انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري. عبدالله بن عباس کان پُڇيو ويو ته حاڪم جي سامهون ”امر بالمعروف ونهي عن المنڪر“ ڪهڙي طرح ڪيو وڃي. هن وراڻيو، جيڪڏهن اوهان کي ڪرڻو آهي ته اهڙي طرح اڪيلائيءَ ۾ ڪريو جو رڳو هن ۽ اوهان جي وچ ۾ هجي. (جامع العلوم والحڪم 71)
    2. اهڙي طرح اسلام ۾ انفرادي ۽ اجتماعي عمل جي وچ ۾ فرق ڪيو ويو آهي. انفرادي قدم ۾ هڪ شخص جي زندگي خطري ۾ هوندي آهي. جڏهن ته گڏيل قدم ۾ هزارين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ اچي وڃي ٿي. تنهن ڪري اها بلڪل فطري ڳالهه آهي ته ٻنهي جو حڪم هڪجهڙو نه هجي.
    انهيءَ معاملي بابت هجرت جي واقعي ۾ هڪ رهنما مثال ملي ٿو. واقعا ٻُڌائين ٿا ته حضرت عمر بن خطاب، جڏهن مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڏانهن اُسهيو ته هو پنهنجي تير ڪمان ۽ تلوار کڻي، ڪعبي ۾ آيو. انهيءَ وقت قريش جا سردار ڪعبي جي اڱڻ ۾ موجود هئا. هن ڪعبي جو طواف ڪيو ۽ ٻه رڪعتون نفل پڙهيون، پوءِ قريشن جي سردارن وٽ ويو ۽ هنن کي مخاطب ٿي چيائين، ”جيڪڏهن اوهان مان ڪو شخص پنهنجي زال کي بيوه ۽ پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪرڻ جي سَڌ رکندو هجي ته پوءِ هو مون سان شهر کان ٻاهراچي ملي.“ اهڙي طرح هو هجرت جي لاءِ روانو ٿيو ۽ ڪوبه سندس پٺيان نه لڳو. (حيات الصابه 1/541)
    ٻي طرف انهيءَ جي ابتڙ رسول الله ﷺ ڳجهيءَ طرح هجرت ڪئي. جيئن معلوم آهي ته، مڪي دور جي تيرهين سال، قريشن جي سردارن ”دارالندوة“ ۾ پاڻ سڳورن جي خلاف مشورو ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ تلوارون کڻي رات جي وقت پاڻ سڳورن جي گهر کي گهيري ۾ ورتائون. پاڻ سڳورن ساڻن مقابلو نه ڪيو، پر رات جي اونداهيءَ ۾ ماٺ مٺيءَ ۾ نڪري ٻاهر هليا ويا. انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ايتري ته رازداري ڪيائون جو، کين مڪي کان مديني وڃڻو هو، پر پاڻ مديني ڏانهن منهن ڪري هلڻ جي بدران، اُبتي طرف غار ”ثور“ ۾ ٽي ڏينهن ويٺا رهيا ۽ پوءِ عام رستو ڇڏي، هڪ غير معروف رستي تان مديني طرف روانا ٿيا. انهيءَ فرق کي ڏسندي ڪن سيرت نگارن هي سوال ڪيو ته:
    ”اهو ڇو آهي ته حضرت عمر وڏي واڪي مشرڪن کي للڪاريندي اعلان ڪري بنا ڪنهن ڊپ ۽ انومان جي هجرت ڪئي، جڏهن ته پاڻ سڳورن لڪي ۽ پنهنجي بچاءُ ڪندي هجرت ڪئي. ڇا عمر، رسول الله کان وڌيڪ جرئتمند هو.“ (فقهه السيرة 144)
    انهيءَ جو سبب انفرادي ۽ اجتماعي قدمن جو فرق آهي. جيتوڻيڪ اسلام ۾ ٻنهي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته جڏهن به ڪو قدم کنيو وڃي ته، هوشمنديءَ سان کنيو وڃي. جذباتي طور تي کنيل قدم، پر جوش قدم اسلام ۾ وڻندڙ ڪونهي. پر انهيءَ معاملي ۾ فرد کي اها موڪل آهي ته هو جيڪڏهن چاهي ته پنهنجي ذات جي حدتائين، انهيءَ قسم جو قدم کڻي سگهي ٿو. سندس اهو عمل مڪمل طور تي شخصي هوندو، جيڪو ٻين جي لاءِ نمونو هرگز ڪونهي.
    حضرت عمر جنهن انداز ۾ هجرت ڪئي، اهو سندس ذاتي عمل هو. پر پيغمبر اسلام جي حيثيت هڪ فرد واري نه هئي. هو سڄي اسلامي ملت جو رهبر هو. پاڻ ﷺ جو هر قدم اُمت جي لاءِ هڪ نموني جي حيثيت رکندو هو. پاڻ ﷺ جيڪو ڪجهه ڪندا هئا، سو سدائين جي لاءِ سڀني مسلمانن کي ڪرڻو هو. جڏهن معاملو گڏيل قدم کڻڻ جو هجي ته اُتي اهو ڪيو وڃي، جيڪو رسول الله ﷺ هجرت جي وقت ڪيو. يعني مڪمل احتياط ۽ حالتن کي سامهون رکندي ڪو قدم کنيو هجي.
    انهيءَ مان اهو اصول چٽو ٿئي ٿو ته ڪنهن پيش ايندڙ معاملي ۾ جيڪڏهن ڪو شخص ذاتي بنيادن تي ڪو خطري وارو قدم کڻي ٿو ته انهيءَ جي موڪل هوندي، جيتوڻيڪ فرد جي لاءِ به انهيءَ قسم جو قدم رخصت آهي، نه ڪي ثابت قدمي.
    پر معاملو جڏهن جماعت يا اُمت جو هجي ته اهڙين حالتن ۾ نتيجي جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ خطري وارو قدم کڻڻ هرگز جائز ڪونهي. مذڪوره حق، ڪنهن فرد جي لاءِ به فقط ذاتي عمل جي درجي ۾ آهي. تنهن ڪري اهو بلڪل جائز ڪونهي ته اهو تقرير يا تحرير جي ذريعي ماڻهن کي جذباتي قدم کڻڻ جي لاءِ ڀڙڪائي. فرد جيڪڏهن رهبر جي حيثيت ۾ آهي ته انهيءَ کي هر حالت ۾ جماعتي صلاح مصلحت جو لحاظ ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن هو رهبر جي حيثيت ۾ ڪونهي، تڏهن به کيس اهو حق ڪونهي ته ڪو هو پنهنجي زبان ۽ قلم جي ذريعي ماڻهن کي خطري وارو قدم کڻڻ جي لاءِ ڀڙڪائي. هڪ شخص ذاتي طور تي ته خطرن سان ڀرپور قدم کڻي سگهي ٿو، پر ٻين کي خطرن سان ڀرپور قدم کڻڻ تي ڀڙڪائڻ هن جي لاءِ بنهه جائز ڪونهي.

    امام حسين جو نمونو
    رسول الله جي سُنت ۾ نتيجن جو اندازو لڳائڻ کان سواءِ جذباتي قدم کڻڻ جو مثال موجود ڪونهي. ڪجهه ماڻهو انهيءَ کي رسول الله ﷺ جي ڏهٽي جي سنت مان صحيح ثابت ڪن ٿا. اهو حضرت حسين بن عليؒ جي عمل جو واقعو آهي. انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته امام حسين جي طاقت بنو اُميه جي فوجين کان تمام گهڻي گهٽ هئي. تنهن جي باوجود به هن حقن جي لتاڙ ڏٺي ته نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ يزيد جي فوجن سان وڙهيو ۽ انهيءَ راهه ۾ پنهنجو سر ڏنائين.
    پر حسين بن عليءَ جي اها تصوير غير حقيقي ۽ سراسر هٿرادو تيار ڪيل آهي. سندن اها تصوير شاعرن ۽ خطيبن ٺاهي آهي. حقيقي تاريخ ۾ انهيءَ تصوير جو ڪوبه وجود ڪونهي. ڪنهن به مستند تاريخ مان حسين بن علي جي اها تصوير ثابت ڪونهي. هتي آئون ٽن تاريخ جو حوالو ڏيان ٿو. تاريخ طبري، الڪامل في التاريخ الابن الاثير، البدايه والنهاويه لابن ڪثير. ٽنهي تاريخن ۾ وضاحت سان ٻُڌايو ويو آهي ته جڏهن امام حسين، ڪوفي جي ويجهو پهتا ۽ کين حالتن جو پتو پيو ته هو انهيءَ جي لاءِ تيار ٿي ويا هئا ته واپس مڪي موٽي ويندا.
    واقعا ٻُڌائين ٿا ته حسين بن علي، جڏهن مڪي مان روانو ٿيو ته هو يزيد سان وڙهڻ جي لاءِ روانو نه ٿيو هو. سندس قافلي ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ کن ماڻهو هئا، جن ۾ زائفائون ۽ ٻار، ايستائين جو مريض به شامل هئا. جنگ جي لاءِ نڪرندڙ ڪوبه ماڻهو اهڙي قافلي کي وٺي نڪري نٿو سگهي. سندن مڪي مان روانگيءَ جو سبب فقط هي هو ته ڪوفين جي طرفان کين نياپو مليو هو ته اوهين ڪوفي اچو، اسين اوهان کي امام بنائڻ جي لاءِ تيار آهيون. انهيءَ خبر موجب هو مڪي کان ڪوفي روانا ٿيا.
    البدايه والنهاويه (الجزء الثامن) ۾ نهايت تفصيل سان امام حسين جو قصو بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن پاڻ ڪربلا ۾ پهتا ته کين پتو پيو ته سندن نمائندي مسلم بن عقيل کي ڪوفي جي اُموي حاڪم قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ڪوفي، امام حسين سان پنهنجي وفاداري ختم ڪري چڪا آهن. انهيءَ کان پوءِ پاڻ فيصلو ڪيائون ته هو جتان آيا آهن، واپس اوڏانهن موٽي وڃن.
    پر تاريخ جي پڪي ثابتيءَ موجب ڪوفي ۾ رهندڙ اُموي فوج سندن رستو روڪي ورتو ۽ سندن قتل ڪرڻ جي پويان پئجي ويا. انهيءَ وقت، طبري ۽ ٻين مورخن جي روايتن موجب حسين بن عليءَ، اموي حاڪم کي چيو، ”اي عمر! مون طرفان تون ٽن مان ڪابه هڪ ڳالهه قبول ڪر. يا ته مون کي ڇڏي ڏي ته آئون جتان آيو آهيان اوڏانهن موٽي وڃان. جيڪڏهن اها ڳالهه قبول ڪونهي ته پوءِ مون کي يزيد وٽ وٺي هل، جيئن آئون پنهنجو هٿ، هن جي هٿ تي رکي ڇڏيان، پوءِ هو منهنجي باري ۾ جيڪو به فيصلو ڪري. جيڪڏهن اها ڳالهه به نٿو مڃينءَ ته پوءِ مون کي ترڪ جي سرحد طرف وٺي هل، ته جيئن آئون انهن سان تيستائين وڙهان، جيستائين مري نه وڃان. (البداية والنهاية لابن ڪثير 8/170)
    حقيقت هيءَ آهي ته امام حسين جي نالي تي جنهن هٿ ٺوڪئي سياسي جهاد کي جائز قرار ڏنو ويو آهي، انهيءَ جو امام حسين جي نموني سان ڪوبه واسطو ڪونهي. اهو هڪ مفروضو، حسين جو خيالي نمونو آهي، نه ڪي حسين بن علي جو اهو نمونو جيڪو معتبر تاريخي ڪتابن مان ثابت ٿئي ٿو.

    اسٽيٽس ڪو ازم
    پيغمبر اسلام ﷺ جي پاليسيءَ جو هڪ اهم اصول اسٽيٽس ڪو ازم هو. اسٽيٽس ڪو ازم جو مطلب موجوده حالتن کي مڃي وٺڻ آهي. پر پيغمبر اسلام جو اسٽيٽس ڪو ازم، سادي طور تي اهو نه هو ته مروج صورتحال کي هميشه جي لاءِ جيئن جو تيئن مڃي وٺجي پر انهيءَ جو مطلب هي هو ته موجوده ڍانچي سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي لاءِ ڪو رستو ڪڍيو وڃي. اهو هڪ رٿابنديءَ وارو طريقو هو، نه ڪي ڪنهن قسم جو جمود يا تعطل هو.
    اهو اصول، پيغمبر اسلام پنهنجي مڪي توڙي مدني دور ۾ به استعمال ڪرڻ فرمايو. اهو انهن سببن مان هڪ آهي، جنهن جي ڪري، پاڻ سڳورن کي 23 سالن جي مختصر عرصي ۾ اهڙي عظيم ڪاميابي ملي، جهڙي سڄي تاريخ ۾ ڪنهن به شخص کي حاصل ٿي نه سگهي.
    انهيءَ اسٽيٽس ڪو ازم جو فائدو اهو آهي ته ماڻهوءَ کي فوري طور تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي. هو انهيءَ پوزيشن ۾ اچي وڃي ٿو ته پنهنجي طاقت جو ڪوبه حصو ذيان ڪرڻ جي بدران، انهيءَ کي ڀرپور طريقي سان پنهنجي مشن جي لاءِ استعمال ڪري. هو غير ضروري ٽڪراءُ کان بچندي، پنهنجو پاڻ کي آخري حد تائين نتيجو ملندڙ عمل ۾ لڳائي.
    پيغمبر اسلام جو مشن توحيد کي قائم ڪرڻ هو. جڏهن پاڻ مڪي ۾ مبعوث ٿيا ته انهيءَ وقت عملي صورتحال اها هئي ته ڪعبي جي اندر ٽي سؤ سٺ بُت رکيل هئا. توحيد جي گهر ۾ بُتن جي اها موجودگي پاڻ سڳورن جي مشن جي بلڪل ابتڙ هئي، پر پاڻ سڳورن عملي طور تي انهن بتن سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪئي ۽ فقط زباني طور تي توحيد جي پرچار ۾ لڳي ويا. اهو گويا ڪعبي جي مسئلي ۾ حالتن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ جي اصول کي اختيار ڪرڻ هو.
    انهيءَ جو فائدو اهو ٿيو ته پاڻ ﷺ کي اهو موقعو ملي ويو ته، پاڻ ﷺ 13 سالن تائين ماڻهن کي توحيد جي ڳالهه ٻُڌائيندا رهيا ۽ انهن 13 سالن جي دوران پاڻ سڳورن کي اها عظيم ڪاميابي حاصل ٿي ته مڪي جا اٽڪل ٻه سؤ بهترين ماڻهو پاڻ سڳورن کي ملي ويا. اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جن پاڻ سڳورن جو ساٿ ڏيئي، اسلام جي تاريخ جوڙي.
    مڪي دور جي آخر ۾ پاڻ سڳورن جو چاچو ابوطالب چالاڻو ڪري ويو، جيڪو ”بنو هاشم“ جو سردار هو. سندس وفات جي ڪري پاڻ ﷺ قبائلي حمايت کان محروم ٿي ويا. اُتي به پاڻ سڳورن مڪي جي موجوده حالتن کي استعمال ڪندي، پنهنجي لاءِ هڪ حامي حاصل ڪيو. اهو معطم بن عدي هو، جيڪو هڪ مشرڪ هو. پر پاڻ سڳورن اهو نه چيو ته آئون هڪ مشرڪ جي حمايت ۾ نه رهندس، پر پاڻ انهيءَ جي مشرڪ هوندي به سندن حمايت کي قبول ڪيائون. انهيءَ ڪري ته موجوده حالتن ۾ انهيءَ جي گنجائش نڪري رهي آهي.
    هجرت کان پوءِ، پاڻ سڳورا جڏهن مديني پهتا ته اُتي مسلمانن سان گڏ مُشرڪ ۽ يهودي به موجود هئا. پر پاڻ اُتي جيڪو نظام بنايائون، انهيءَ ۾ اها بلڪل ڪوشش نه ڪيائون ته پهرين مشرڪن ۽ يهودين کي مديني مان ٻاهر ڪڍو، انهي کان پوءِ اسين هتي پنهنجو نظام لاڳو ڪنداسين. پر موجود معاشري جي بنياد تي ئي هڪ نظام جي قيام جو اعلان فرمايائون، جنهن کي ”ميثاق مدينه“ چيو وڃي ٿو، انهيءَ ميثاق ۾ لکيل آهي ته: ”هر قبيلي جو مسئلو، خود انهيءَ قبيلي جي پنهنجي روايتن موجب نبيريو ويندو، جيڪي روايتون، هن وقت منجهن لاڳو آهن.“
    حج ابراهيم (۽ انهيءَ کان پوءِ حضرت اسماعيل) حج جو نظام قمري ڪئلينڊر موجب قائم ڪيو هو، جنهن جي سال جو عرصو، شمسي سال کان ڪجهه گهٽ هوندو آهي. اڳتي هلي مشرڪن حج جي نظام کي بدلائي شمسي ڪئلينڊر موجب قائم ڪيو. پيغمبر اسلام کي اهو بدلائي ٻيهر قمري ڪئلينڊر موجب قائم ڪرڻو هو، پر پاڻ مڪي ۾ رهائش جي دوران انهيءَ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪيائون ۽ نه وري مڪي جي فتح کان پوءِ انهيءَ ۾ تڪڙ ڪيائون. پر پاڻ سڳورن کي اهو قائم ڪرڻ جي لاءِ ڄڻ سڄي عمر انتظار ڪرڻو پيو. ايستائين، جو نبوت ملڻ جي 23 هين سال، جڏهن فلڪياتي اصول موجب، حج جي موسم پاڻ مرادو، ذوالحج جي مهيني ۾ اچي ويئي ته انهيءَ وقت حجة الوداع جي موقعي تي پاڻ اهو اعلان فرمايائون ته ”هاڻ حج جو فرض هميشه جي لاءِ ذوالحج جي مهيني ۾ ادا ڪيو ويندو.“
    اهو ”اسٽيٽس ڪو ازم“ پاڻ سڳورن وٽ ايترو ته ملي ٿو جو ڪن معاملن ۾ پاڻ اهو ڄاڻندي به ته هاڻ مون کان پوءِ انهيءَ کي بدلائڻ وارو نه هوندو، معاملي کي سندس موجود حالت ۾ ئي ڇڏي ڏنائون.
    انهيءَ جو هڪ چٽو مثال ”ڪعبي“ سان ”حطيم“ جو مسئلو آهي. اهو قصو هيئن آهي ته حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل ڪعبي جي شڪل ۾ جيڪا مسجد جوڙي هئي، انهيءَ ۾ موجوده ”حطيم“ جو حصو به شامل هو. اهڙي طرح حضرت ابراهيم جو جوڙيل ڪعبو ڊگهو هو، جڏهن ته موجوده ڪعبو چوڪنڊو آهي. اهو چوڪنڊو ڪعبو مشرڪن ٺاهيو هو. هڪ ڀيرو جڏهن ڪعبي جي عمارت ڪِري پئي ۽ اها ٻيهر جوڙڻ جي ضرورت پيش آئي ته مشرڪن اڏاوت جي سامان جي کوٽ جي ڪري انهيءَ جي اڌ حصي کي اڏيو ۽ باقي اڌ کي ڇڏي ڏنو. پيغمبر اسلام جي زوجه حضرت عائشه فرمائي ٿي ته پاڻ ﷺ مون کي فرمايو هئائون ته ”منهنجي دل چاهي ٿي ته موجوده ڪعبي کي ڪيرائي، انهيءَ کي ٻيهر ابراهيمي بنياد تي اڏيان، پر تنهنجي قوم اڃا تازو ايمان آندو آهي، مون کي انديشو آهي ته اها انهيءَ عمل سان ڀڙڪي پوندي.“ اهو چئي پاڻ سڳورن ڪعبي کي، سندس موجود حالت تي ئي رهڻ ڏنائون. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ڪعبو سدائين جي لاءِ مشرڪن جي بنياد تي بيٺو رهيو ۽ اهو ٻيهر ڪڏهن به ابراهيمي بنياد تي اڏجي نه سگهيو. (فتح الباري 3/513)
    اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته پيغمبر اسلام جو طريقو اهوئي هو ته موجوده حالتن کي (اسٽيٽس ڪو) ڇيڙڻ کان سواءِ پنهنجو رستو ڪڍيو وڃي. نه ڪي رستو ڪڍڻ جي نالي تي اسٽيٽس ڪو سان ٽڪراءُ شروع ڪيو وڃي.


    پيغمبر اسلام ۽ ٻيا نبي سڳورا

    قرآن ۽ حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام ﷺ کان اڳ مختلف قومن ۽ علائقن ۾ ڪيترائي نبي موڪليا ويا هئا. تاريخي لحاظ کان انهن سڀني نبين جي باري ۾ ڪابه خبر ڪونهي. ڇو ته انهن پيغمبرن جي همعصرن، انهن زمانن جون جيڪي تاريخون لکيون آهن، تن ۾ انهن پيغمبرن جي نالن يا ڪم جو ڪوبه احوال ڪونهي. گويا، انهن تاريخدانن جي ويجهو پيغمبر ۽ انهن سان لاڳاپيل واقعا سري کان ذڪر جي لائق ئي ڪونهن.
    جهڙوڪ: حضرت ابراهيم عليه السلام عراق ۾ پيدا ٿيو، پر عراق جي پراچين تاريخ ۾ انهيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. حضرت موسيٰ عليه السلام مصر ۾ پيدا ٿيو، پر مصر جي تاريخ حضرت موسيٰ جي ذڪر کان خالي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فلسطين ۾ پيدا ٿيو، پر فلسطين جي پراچين تاريخ حضرت عيسيٰ جو ڪوبه حوالو نٿي ڏي. گذريل سڀني نبين/ پيغمبرن سان اهوئي معاملو پيش آيو. انهن پيغمبرن کي عقيدي طور تي مڃيو ويندو آهي، پر نج تاريخي طور تي اهي ڪي ثابت ٿيل شخصيتون ڪونه آهن.
    انهن مان ڪجهه پيغمبرن جو ذڪر بائيبل ۾ ملي ٿو، پر بائيبل هڪ اعتقادي ڪتاب آهي، نه ڪي علمي معنيٰ ۾ ڪو تاريخي ڪتاب. وڌيڪ اهو ته، بائيبل ۾ جن نبين جو ذڪر آهي، تن جي شخصيت کي اهڙي ته داغدار انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جو جيڪڏهن بائيبل جي بيان کي صحيح سمجهيو وڃي ته پوءِ انهن جي باري ۾ اهو يقين ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ته هو خدا جا پيغمبر هئا. ايتري قدر جو بائيبل موجب، اهي اخلاقي لحاظ کان به ڪي اعليٰ نمونو قرار نٿا ڏيئي سگهجن. قرآن جي هڪ حيثيت اها آهي ته هن نبين جي گم ٿيل تاريخ جي انهن ڪڙين کي ٻيهر ملائي واقعن جي هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. نبي، بنا شڪ جي انسانيت جي تاريخ جي اُتاهن ڪردارن جي حيثيت رکن ٿا. پر ناقص تاريخ نويسيءَ جي ڪري هيئن ٿيو آهي ته انسان کي بادشاهن ۽ جنرلن جون حالتون ته تفصيل سان معلوم آهن، پر تاريخ جا اهي ملهائتا صفحا، جن جو واسطو پيغمبرن سان آهي، اهي انسان جي لاءِ گمنام بنيل آهن. قرآن ۾ پهريون ڀيرو انهيءَ بند ٿيل باب کي کوليو ويو آهي.
    قرآن ۾ ايئن ڇو ڪيو ويو آهي. بظاهر اهو ڪافي هو ته قرآن ۾ فقط انهيءَ دين جو ذڪر هجي ها، جنهن کي پيغمبر اسلام جي ذريعي انسانيت تي کولڻ ضروري هو. پر قرآن شريف ۾ جن ٻين نبين جو ذڪر تفصيل سان آيو آهي، تنهن جي پويان پڪ سان ڪا خاص مصلحت هئڻ کپي.
    اها مصلحت خود قرآن ۾ چٽيءَ طرح بيان ڪئي ويئي آهي. قرآن جي سوره نمبر 6 ۾ اٽڪل ڏيڍ ڊزن نبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن جا نالا هي آهن: ابراهيم، اسحاق، يعقوب، نوح، دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ، هارون، ذڪريا، يحيٰ، عيسيٰ، اسماعيل، السيع، يونس، لوط عليهم الالسلام (الانعام).
    انهن نبين جو ذڪر ڪندي قرآن ۾ اها شاهدي ڏني ويئي آهي ته انهن منجهان هرهڪ هدايت يافته هو (کلا هدينا) انهن مان هرهڪ محسن ۽ صالح هو. انهن مان هرهڪ کي الله تعاليٰ سڄي عالم تي فضيلت ڏني هئي.
    گذريل نبي سڳورن جا نالا کڻي ذڪر ڪرڻ ۽ انهن جي باري ۾ مذڪوره شاهديءَ کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ کي خطاب ڪندي حڪم ڏنو ويو آهي ته ’اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي الله تعاليٰ هدايت ڏني آهي، تنهن ڪري تون به انهن جي طريقي تي هل.‘
    انهيءَ وضاحت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته قرآن ۾ گذريل نبين جو ذڪر ڇو ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو سبب، قرآن جي بيان موجب، هيءَ آهي ته پيغمبر اسلام ۽ اهڙي طرح سندن اُمت انهن نبين جي حالتن مان رهنمائي حاصل ڪري. هوءَ انهن جي نمونن کي ڏسي اهو ڄاڻي ته مختلف حالتن جي لاءِ خدا جي سڌي واٽ ڪهڙي آهي ۽ انهيءَ تي ڪهڙي طرح عمل ڪري سگهجي ٿو.
    انهيءَ مطالعي ۾ قرآن پاڪ جي هڪ ٻي آيت شامل ڪئي وڃي ته اها ڳالهه وڌيڪ چٽي ٿي ويندي. قرآن جي سوره نمبر 5 ۾ ٻين نبين ۽ ٻين اُمتن جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ”اسان، اوهان مان هرڪنهن جي لاءِ هڪ شريعت ۽ هڪ طريقو مقرر ڪيو.“ (المائده 48)
    انهيءَ معاملي جو تفصيل اهو آهي ته خدا جو دين جيتوڻيڪ هڪ آهي ۽ اهو توحيد آهي. پر انسان جو احوال بدلبو رهندو آهي. انفرادي لحاظ کان به ته، اجتماعي لحاظ کان به. تنهن ڪري دين جي وحدت جي باوجود انهيءَ جي عملي ۽ ميلاپ جي لحاظ کان انهيءَ ۾ فرق ٿيندو رهندو آهي. احوال ۾ فرق جي آڌار تي ميلاپ ۾ فرق جي اهائي مصلحت آهي، جنهن جي آڌار تي مختلف نبين جي رستي ۾ اختلاف ٿيندو رهندو آهي. انساني نسل سڄي ڌرتيءَ جي گولي تي پکڙيو پيو آهي. جڏهن ته هر نبي، پيغمبر آخر الزمان سميت، زمين جي هڪ مخصوص خطي ۾ آيو. تنهن ڪري عملي طور تي اهو ناممڪن هو ته ڪنهن هڪ نبيءَ تي اهي سڀ حالتون گذرن، جيڪي وسيع سطح تي بني نوع انسان جي مٿان گذرن ٿيون يا آئنده گذرنديون.
    اهائي خاص مصلحت هئي، جنهن جي آڌار تي قرآن ۾ گذريل نبين جو ذڪر شامل ڪيو ويو آهي. اهي نبي سڳورا مختلف قومن ۽ مختلف علائقن ۾ آيا. تنهن ڪري فطري طور تي انهن جي احوالن ۾ فرق پاتو وڃي ٿو. انهي مان ڪنهن هڪ نبيءَ کي ورتو وڃي ته انهيءَ وٽ وسيع انساني سماج جا فقط جزوي احوال ملندا. پر جڏهن مختلف حصن ۾ ايندڙ نبين کي هڪ ئي وقت سامهون رکيو وڃي ته انهن سڀني وٽ انساني حالتن جا مثال ملڻ ممڪن ٿي پوندا.
    قرآن ۾ نبين جي تاريخ جي گم ٿيل ڪڙين کي نئين سر انسان ذات جي ڄاڻ ۾ آڻڻ جو خاص سبب اهوئي آهي. انهيءَ لحاظ کان، قرآن ۾ انهن جي احوال جو ذڪر گويا انهيءَ واقعي جو هڪ حصو آهي، جنهن کي قرآن ۾ ”تڪميل دين“ چيو ويو آهي. (اليوم اکلمت لکم دينکم.)
    قرآن ۾ هڪ طرف پيغمبر اسلام جي ٽيويهن سالن جي زندگيءَ جو ذڪر آهي ته ٻي طرف گذريل هزارين سالن جي دوران ايندڙ نبين جو احوال ڏنل آهي. اهي ٻئي ذڪر هڪ ئي طور تي قرآن جو حصو آهن. انهن ٻنهي حصن جي مجموعي سان ئي اهو مڪمل دين ترتيب پائي ٿو، جنهن جو ذڪر قرآن (المائده 3) ۾ ڪيو ويو آهي.
    انهيءَ تمهيد کان پوءِ ڪجهه مثالن جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسين ته گذريل نبين جو ذڪر ڪهڙي طرح ”تڪميل دين“ جو جز آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ ايمان وارن کي رهنمائي ڏين ٿا.
    1. انهيءَ قسم جو نمونو حضرت آدم عليه السلام جي زماني کان ئي شروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو پهريون انسان ۽ پهريون پيغمبر هو. قرآن مان خبر پوي ٿي ته حضرت آدم جي ٻن پٽن ۾ ذاتي نوعيت جو هڪ جهڳڙو شروع ٿيو. اهو جهيڙو وڌيو ۽ ايستائين جو هڪ ڀاءُ ٻي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. انهيءَ موقعي تي جيڪو ڀاءُ صالح هو، تنهن جي زبان مان قرآن ۾ هي چورايو ويو آهي ته ”جيڪڏهن تون منهنجي قتل جي لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندين ته به آئون توکي قتل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ نه وڌائيندس.“ (المائده 28)
    انهيءَ مان پهرينءَ پيغمبر جي شريعت معلوم ٿئي ٿو. ۽ اها به خبر پوي ٿي ته پيغمبر اول جو تربيت ڪيل هڪ صالح انسان جي سيرت ڪهڙي هئي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ايمان وارن (اهل اسلام) جي پاڻ ۾ جنگ سراسر حرام آهي ۽ جيڪڏهن اهل اسلام ۾ باهمي جهيڙي جهٽي جي نوبت اچي به وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ صالح ڌر اها آهي، جيڪا قتل ته ٿي وڃي، پر پنهنجي ڀاءُ کي قتل نه ڪري.
    انهيءَ ”اسوة“ جي تصديق خود پيغمبر اسلام جي تعليمات مان به ٿئي ٿي. حديث ۾ آيو آهي ته پاڻ سڳورن اهل اسلام کي پاڻ ۾ جهيڙي جهٽي کان مڪمل طور تي منع فرمائي آهي. هڪ شخص چيو ته جيڪڏهن ڪو مسلمان مون کي قتل ڪرڻ جي لاءِ اچي ته انهي مهل آئون ڇا ڪريان. پاڻ ﷺ فرمايو: تون آدم جي ٻن پٽن مان سٺو پٽ ٿي. (ابو دائود، بحواله مشڪاة المصابيح 3/1484)
    حضرت آدم عليه السلام جي اها شريعت، جنهن جي تصديق پيغمبر اسلام ڪئي، تنهن جو عملي نمونو ئي خليفي حضرت عثمان جي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. جنهن کي ڪجهه مسلمانن شهيد ڪري ڇڏيو. پر طاقت رکڻ جي باوجود به هن مسلمانن جي خلاف هٿياربند ڪاروائيءَ جي موڪل نه ڏني.
    2. قرآن ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو ذڪر ڪندي اهل ايمان کي چيو ويو آهي ته ”سندن زندگيءَ ۾ اوهان جي لاءِ اسوة حسنه آهي.“ (الممتحنه 4) انهيءَ اسوة حسنه جا ڪيترائي پهلو آهن، اسين هتي انهيءَ جي فقط هڪ حصي جو ذڪر ڪريون ٿا.
    حضرت ابراهيم جي هڪ دعا مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن زماني ۾ جيڪا تهذيب رائج هئي، انهيءَ ماڻهن جي ذهنن کي مڪمل طور تي بگاڙي ڇڏيو هو. سوين سالن تائين فرضي معبودن جي عبادت ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندن حال اهو ٿي ويو هو جو، اهي معبود سندن لاشعور جو هڪ حصو بنجي ويا هئا. ايتري قدر جو اهو ناممڪن ٿي پيو هو ته انهن باطل خدائن جي پرستش جي شهري مرڪزن ۾ ڪو انسان جنم وٺي ۽ هو انهيءَ ماحول کان متاثر ٿي نه سگهي. (ابراهيم 36)
    انهيءَ وقت حضرت ابراهيم نسل جي اڏاوت جو هڪ تاريخي منصوبو جوڙيو. اها هڪ نئين ۽ محفوظ نسل جي تياريءَ جي رٿا هئي. جنهن جو مثال گذريل تاريخ ۾ موجود ڪونهي. انهيءَ رٿا تحت پاڻ پنهنجي ٻارڙي حضرت اسماعيل کي سندس ماءُ سان گڏ پاڻ سان آڻي عربستان جي ريگستان ۾ ٽڪايو. اها ان وقت جي سڌريل ۽ تهذيب يافته وسندين کان دور هڪ غير آباد دنيا هئي. هتي فقط فطرت جو ماحول هو. اُتي اهو ممڪن هو ته مشرڪاڻي ماحول کان ڪٽجي، هڪ اهڙي نسل جي پالنا ٿئي، جيڪو پنهنجي خداداد فطرت ئي قائم هجي.
    تنهن ڪري ايئن ئي ٿيو. حضرت اسماعيل عليه السلام وڏو ٿي هڪ خانه بدوش قبيلي جي هڪ نيڪ عورت سان نڪاح ڪيو. انهن ٻنهي جي ميلاپ سان ريگستاني دنيا ۾ گهربل نسل ٺهڻ شروع ٿيو. انهيءَ ماحول ۾ ذهن سازي يا تربيت سازيءَ جي لاءِ فقط ٻه شيون هيون... انسان جي پيدائشي فطرت ۽ خدا جي پيدا ڪيل اها ڪائنات، جنهن کي قرآن موجب حق تي پيدا ڪيو ويو هو. (ابراهيم 85)
    انهيءَ سڌريل ماحول ۾ پيدائشي واڌ ويجهه جي ذريعي هڪ نئين نسل جي شروعات ٿي. انهيءَ نسل جي ٺهڻ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال لڳي ويا. ايستائين جو جڏهن اهو پنهنجي تڪميل تائين پهتو ته انهيءَ جي اندر پيغمبر آخرالزمان ﷺ مبعوث ڪيو ويو. انهيءَ تاريخي نسل مان اهي ماڻهو نڪتا، جن کي ”اصحاب رسول“ چيو وڃي ٿو. انهن جو تعداد هڪ لک کان به وڌيڪ هو. قرآن ۾ انهيءَ کي خير اُمت چيو ويو آهي. ۽ موجوده زماني جي ڪن مستشرقين، انهن جي غير معمولي ڪارنامن کي ڏسي، کين ”هيرن“ (Diamonds) جي هڪ قوم جو لقب ڏنو.
    حضرت ابراهيم جي اها اسوه ٻُڌائي ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن زماني ۾ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته اڻ سڌريل تهذيب اهڙي طرح ڇانئجي وڃي جو بظاهر ايئن لڳي ته جيڪي ماڻهو انهيءَ ماحول ۾ پيدا ٿيندا، اُهي انهيءَ جي عمومي بگاڙ کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا. انهيءَ وقت اهو ڪرڻ کپي ته ٻيهر زمين جي اهڙي ڪُنڊ ڳولهي وڃي، جتي فاسد تهذيب جا اثر پهچي نه رهيا هجن. جتي ٻارن ۽ نوجوانن کي ترسائي انهن جي تعليم ۽ تربيت جو خاص بندوبست ڪيو وڃي.
    انهيءَ رٿا کي جيڪڏهن صحيح طور تي عمل ۾ آندو وڃي ته حضرت ابراهيم ۽ بنو اسماعيل جي تاريخ اهو ٻُڌائي ٿي ته فطرت جي انهيءَ تربيت گاهه مان ٻيهر اعليٰ انسانن جي اها کيپ ٺهي نڪري سگهي ٿي، جيڪا عالمي رخ کي بدلائي ڇڏي ۽ تاريخ جو سفر ٻيهر صحتمند رخ تي هلڻ شروع ٿي وڃي.
    3. اهڙي طرح قرآن ۾ هڪ پيغمبراڻو قصو اهو آهي، جنهن جو واسطو حضرت يونس عليه السلام سان آهي. هو عراق جي هڪ قديم شهر ”نينوا“ طرف موڪليو ويو. جتي جا رهاڪو/ قوم شرڪ ۾ مبتلا هئي. حضرت يونس کين توحيد جو پيغام ٻُڌايو. هڪ ڊگهي عرصي تائين دعوتي ڪم ڪرڻ کان پوءِ هن اها راءِ قائم ڪئي ته هيءَ قوم ايمان آڻڻ واري نه آهي ۽ هاڻ اها انهيءَ سزا جي حقدار بنجي چڪي آهي، جيڪا توحيد جي انڪار جي نتيجي ۾ ڪنهن قوم جو مقدر هوندي آهي. تنهن ڪري هو انهي فيصلي کان پوءِ ”نينوا“ ڇڏي ٻاهر هليو ويو.
    پر انهيءَ جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو هي هو ته نينوا جي قوم جهڙي هئي، تهڙي ئي باقي رهي ۽ حضرت يونس عليه السلام کي هڪ مڇي ڳڙڪائي ڇڏيو. اوچتو هن پنهنجو پاڻ کي مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيل ڏٺو. جنهن مان نڪرڻ جو ڪوبه رستو نه هو. ايئن ڇو ٿيو. انهيءَ جو سبب هي هو ته ڪنهن قوم جو توحيد جو منڪر ٿيڻ اُن وقت ثابت ٿئي ٿو، جڏهن دعوت جي عمل کي پنهنجي آخري حد تائين پهچائي ڇڏڻ کپي. فقط ڪجهه ڏينهن جو دعوتي ڪم ڪنهن قوم کي توحيد جو منڪر قرار ڏيڻ ڪافي ڪونهي.
    حضرت يونس عليه السلام جڏهن خود تنقيدي جائزو ورتو ته مٿس اهو راز کليو ته هن دعوتي عمل کي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو هو. انهيءَ احساس کان پوءِ هن استغفار ڪيو ۽ الله کان دعا گهري. اللهج سندس دعا قبول فرمائي ۽ مڇيءَ کيس ٻيهر زمين تي ڪڍي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هو ٻيهر پنهنجي قوم ۾ موٽي آيو. هن قوم کي ٻيهر توحيد طرف سڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ سڄي قوم توحيد جي دين ۾ داخل ٿي ويئي.
    انهيءَ پيغمبراڻي واقعي ۾ ايمان وارن جي لاءِ هڪ بي حد اهم سبق آهي. اهو قرآن ۾ هيئن آيو آهي: پوءِ هڪ مڇي کيس (يونس کي) ڳهي ويئي، ۽ هن پاڻ کي ڏوهه ڏنو. پوءِ جيڪڏهن هو (پشيمان نه ٿئي ها ۽) خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان نه ڪري ها ته، قيامت تائين اُن (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ پيو رهي ها. (الصافات 142 ــ 144)
    انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته دعوت جي ذميداري ڪيتري نه اهم ذميداري آهي. دعوتي ذميداريءَ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ واري جي لاءِ خدا جو قانون اهو آهي ته انهيءَ کي ”مڇيءَ جي پيٽ“ ۾ وڌو وڃي. ۽ پوءِ کيس تيستائين ڇوٽڪارو نه ملي، جيستائين هو توبهه ڪري پنهنجي دعوتي عمل طرف ٻيهر واپس نه وري. ٻي صورت ۾ هو انهيءَ پيٽ ۾ پيو هوندو، ايستائين جو قيامت اچي وڃي. ڌيان ڌريو ته اهو مثال موجوده مسلم اُمت تي ٺهڪي ڪونه ٿو اچي. اها امت سؤ ورهين کان به وڌيڪ عرصي کان مسئلن جي پيٽ ۾ آهي. ڪيتريون ئي ڪوششون ۽ اڻ ڳڻيون قربانيون به کيس انهيءَ پيٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيون آهن. مذڪوره ”سنت رسول“ جي روشنيءَ ۾ ان جو واحد سبب هي آهي ته اُمت هڪ ڊگهي عرصي کان دعوت جو عمل ڇڏي ڏنو آهي. ايتري قدر جو موجوده مسلمانن ۾ دعوت جو شعور به ڪونهي. هو قومي تحريڪون هلائين ٿا ۽ انهيءَ جو نالو دعوت رکي ٿا ڇڏين. انهيءَ اُمت جي لاءِ مسئلن جي پيٽ مان نڪرڻ جي فقط هڪ واٽ آهي، سا اها ته هو پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪن، جيڪا غير مسلم قومن تي دعوت جو عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ کانئس ٿي آهي. اهو هن جي لاءِ توبهه جو عمل هوندو. انهيءَ توبهه کان پوءِ سڄي اُمت کي اهو ڪرڻو آهي ته هوءَ نئين سري کان دنيا جي قومن تي دعوتي عمل کي جاري ڪري ۽ انهيءَ جي سڀني تقاضائن کي ڌيان ۾ رکندي انهيءَ کي پنهنجي تڪميل تائين پهچائي.
    4. قرآن پاڪ ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جو قصو بار بار بيان ٿيو آهي. ايمان وارن جي لاءِ سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي سبق موجود آهن. هتي آئون، انهن مان هڪ سبق جو ذڪر ڪندس، جنهن جو مون کي ذاتي طور تي تجربو ٿيو.
    مون 1948ع ۾ ”اسلامي دعوت“ جو ڪم شروع ڪيو. پر انهيءَ وقت منهنجو حال هي هو ته آئون ڪنهن به ميڙ ۾ ڳالهائي نه سگهندو هئس. تنهن ڪري آئون پنهنجي تقرير کي اڳواٽ لکي وٺندو هئس ۽ اها جلسي ۾ پڙهي ٻُڌائيندو هئس ۽ منهنجي هٿ ۾ جيڪڏهن لکيل تقرير نه هوندي هئي، ته منهنجو حال هي هوندو هو جو منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي هئي ۽ مون کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي ۽ آئون پنهنجي ڳالهه لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندو هئس.
    اهو سلسلو لڳ ڀڳ پندرهن سالن تائين هلندو رهيو. منهنجي باري ۾ اهو مشهور ٿي ويو هو ته آئون جلسن ۾ تقرير نٿو ڪريان، پر مقالو پڙهندو آهيان. 1962ع اُهو سال آهي، جڏهن آئون تحريري خطاب مان نڪري، تقريري خطاب جي دؤر ۾ گهڙيس.
    1962ع ۾ اعظم ڳڙهه جي هڪ ڳوٺ ”انجان شهيد“ ۾ جماعت اسلامي هند جو ضلعي ميڙ هو. مون کي انهيءَ ۾ ڳالهائڻو هو. پر معمول جي ابتڙ انهيءَ موقعي جي لاءِ مون ڪابه تقرير نه لکي هئي. جڏهن منهنجو وارو آيو ته آئون ديوانگي جي عالم ۾ اُٿي بيٺس مون کي حضرت موسيٰ عليه السلام جي دعا ۽ خدا پاران انهيءَ جو جواب ياد آيو. مون مجنونانه انداز ۾ چيو:
    ”قرآن ڪو تاريخي ڪتاب ڪونهي. پر اهو زنده رهنمائي آهي. انهيءَ ۾ جيڪي واقعا ٻُڌايا ويا آهن، تن جو اسان سان به ايترو ئي لاڳاپو آهي، جيترو انهيءَ قديم شخصيتن سان لاڳاپو هئن، جن جي حوالي سان، انهن کي قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. پوءِ مون حضرت موسيٰ عليه السلام جو قصو بيان ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو خدا جو بندو پاڻ کي تقرير ڪرڻ کان عاجز سمجهي ته حضرت موسيٰ جي زبان ۾ اهو چوي: (اللهٰم) يضيق صدري ولاينطق لساني (الشعراء 13) ته مون کي پورو يقين آهي ته: ٻيهر پالڻهار جي طرف کان اهو آواز ايندو ته: قد اوتيت سؤلڪ يا موسيٰ (طه 36)
    اهو واقعو منهنجي زندگيءَ ۾ انقلاب جي نقطي جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ کان پوءِ منهنجو سينو کلي ويو ۽ آئون وڏن وڏن جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ لڳس. خدا جي فضل سان اهو سلسلو اڄ سوڌي جاري آهي.
    5. اهڙي طرح حضرت عيسيٰ عليه السلام جو به قرآن ۾ بار بار ذڪر آيو آهي. سندن تعليم ۽ زندگيءَ ۾ ايمان وارن جي لاءِ ڪيترائي نمونا آهن. انهيءَ مان هڪ نموني جو ذڪر هت ڪيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ عليه السلام پنهنجي شاگردن کي خطاب ڪندي فرمايو: ”آئون اوهان کي چوان ٿو ته پنهنجي دشمنن سان مُحبت ڪريو. جيڪي اوهان جو بُرو چاهين، تن سان ڀلائي ڪريو. هو اوهان تي ڦٽڪار وجهن ته اوهين سندن لاءِ برڪت گهرو. جيڪو اوهان جي بي عزتي ڪري تنهن جي لاءِ دعا گهرو. جيڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻي ڳل به ورائي ڏيو ۽ جيڪو اوهان جو چوغو کڻي ته کيس پنهنجي ڪرتو کڻڻ کان به منع نه ڪريو. جيڪو به اوهان کان گهري، اهو ڏيئي ڇڏيو ۽ جيڪو تنهنجو مال وٺي، انهن کان ڪجهه نه گهرو. (لوقا 6 آيت 27 کان 30)
    حضرت عيسيٰ پنهنجي انهن لفظن ۾ ڪنهن اثر پذير Passive روش جي تعليم نه ڏني آهي. اهو دراصل دعوت جي آداب جو بيان آهي. داعي سدائين هڪ طرفي اخلاق جو پابند هوندو آهي. داعي جيڪڏهن جوابي اخلاق جو انداز اختيار ڪري ته اها اعتدال واري فضا ئي ختم ٿي ويندي، جنهن جي اندر دعوتي عمل جاري هوندو آهي.
    پيغمبر اسلام جي اسوة مان به انهي جي چٽي تصديق ملي ٿي. مثال طور: حضرت صهيب روميءَ جي واقعي کي اڳيان رکو. هن مڪي مان آخري زماني ۾ هجرت ڪئي. جڏهن هو مڪو ڇڏي ٻاهر آيو ته قريشن جي ڪجهه نوجوانن کيس جهلي ورتو. هنن کيس چيو ته تو مڪي ۾ جيڪو ڪجهه ڪمايو آهي، اهو اسان توکي مديني کڻي وڃڻ نه ڏينداسين. انهيءَ مهل حضرت صهيب وٽ ڪجهه دينار هئا. هن چيو ته جيڪڏهن آئون اوهان کي هي سون جا سڪا ڏيان ته پوءِ اوهين مون کي وڃڻ ڏيندؤ؟ نوجوانن هائوڪار ڪئي. تنهن کان پوءِ هن اهي دينار ڪڍيا ۽ اهي نوجوانن جي حوالي ڪيا. جڏهن هو مديني پهتو ۽ پيغمبر اسلام کي مذڪوره قصي جي خبر پئي ته پاڻ سڳورن فرمايو: صهيب جو واپار ڪامياب رهيو... صهيب جو واپار ڪامياب رهيو. (سيرت ابن هشام 2/89)
    حقيقت هيءَ آهي ته حضرت عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي جنهن اخلاق جي تلقين ڪئي، اهو ئي اهل اسلام جي لاءِ به گهربل آهي. اهي دعوت جا لازمي آداب آهن، جيڪي داعيءَ کي پنهنجي مدعوءَ جي سلسلي ۾ اختيار ڪرڻا پوندا آهن. انهيءَ قسم جي هڪ طرفي اخلاق کان سواءِ دعوتي عمل جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
    6. حضرت يوسف عليه السلام واحد پيغمبر آهي، جنهن جو قصو قرآن جي هڪ سڄي سورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. (يوسف) اهو قصو بيان ڪرڻ کان پوءِ، آخر ۾ ارشاد ٿيو آهي ته اهي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسين اوهان کي ٻُڌائي رهيا آهيون. يعني اهو انساني تاريخ جو هڪ گم ٿيل صفحو هو، جنهن کي اسان اوهان جي لاءِ کوليو آهي ۽ انهي جو مقصد هيءَ آهي ته عقل وارا انهيءَ مان نصيحت حاصل ڪن. (يوسف)
    اهڙي طرح قصي جي آخر ۾ حضرت يوسف جي زبان سان ٻُڌايو ويـو آهـي ته جيڪو شـخص تـقويٰ اختيار ڪندو ۽ صبر ڪندو ته اللهج اهڙن ۽ اعليٰ ڪردارن جي ماڻهن جي عمل کي ذيان نٿو ڪري (يوسف 90). انهيءَ مان معلوم ٿيو ته حضرت يوسف عليه السلام وٽ جنهن ڪردار جو مثال ملي ٿو، اهو تقويٰ ۽ صبر جي اصول جو هڪ ميلاپ هو. ۽ تقويٰ ۽ صبر جي اصول کي جتي به عمل ۾ آندو وڃي، اُتي يقيني طور تي اعليٰ نتيجا حاصل ٿيندا.
    حضرت يوسف جي مذڪوره قصي ۾ عبرت ۽ نصيحت جا مختلف پهلو آهن. هتي اسين انهي جي فقط هڪ پهلوءَ جو ذڪر ڪنداسين.
    حضرت يوسف عليه السلام جو واقعو مصر سان واسطو رکي ٿو. اُن وقت مصر ۾ هڪ مُشرڪ بادشاهه جي حڪومت هئي. حضرت يوسف عه اُتي هڪ ٻانهي جي حيثيت سان داخل ڪيو ويو، پوءِ ڪنهن سياسي ڏوهه جي بدران ڪن غير سياسي سببن جي ڪري کيس جيل موڪليو ويو.
    انهيءَ کان پوءِ هڪ خواب جي واقعي حالتن ۾ انقلابي تبديلي پئدا ڪئي. بادشاهه حضرت يوسف عليه السلام جي خواب جي تعبير کان متاثر ٿي، کيس پنهنجي حڪومت ۾ هڪ اهڙي عهدي جي آڇ ڪئي، جنهن کي اڄڪلهه جي زبان ۾ وزير خوراڪ چئي سگهجي ٿو. بادشاهه جي اها آڇ اصل ۾ وزير خوراڪ يا زراعت جي هئي. پر جيئن ته اهو زرعي دور جو واقعو آهي ۽ انهيءَ زماني ۾ سموري قومي معيشيت زراعت تي ٻڌل هوندي هئي. سلطنت جي سڀني کاتن ۾ زراعت کي بنيادي اهميت حاصل هوندي هئي. تنهن ڪري عملي طور تي هيئن ٿيو ته حضرت يوسف عليه السلام کي بادشاهه جي سلطنت ۾ وزيراعظم جي عهدي جي حيثيت حاصل ٿي ويئي.
    انهيءَ واقعي جو اهو پهلو بي حد سبق وارو آهي ته حضرت يوسف توحيد جو داعي هو. (يوسف 39) تنهن جي باوجود به هن مصر ۾ هڪ مُشرڪ بادشاهه جي ماتحتيءَ ۾، سندس سلطنت جو هڪ ذيلي عهدو قبول ڪري ورتو. اهو معاملو ڪو غير صحيح يا غير معياري معاملو نه هو. خود قرآن موجب اهو مڪمل طور تي تقويٰ، صبر ۽ احسان جو هڪ معاملو هو.
    انهيءَ مان توحيد واري دين جو هڪ اهم اصول معلوم ٿئي ٿو. اهو هيءَ ته موحد هئڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته عملي طور تي غير موحدين سان ڪو گڏيل سهڪار جو معاملو نه ڪيو وڃي. توحيد جي تقاضا اها ڪونهي ته موحدين ۽ غير موحدين جي وچ ۾ انهيءَ وقت تائين ٽڪراءُ جاري رهي، جيستائين غير موحدين جو زور ٽٽي نه وڃي، اقتدار مڪمل طور تي موحدين جي هٿ ۾ اچي وڃي. حضرت يوسف عليه السلام جو مثال انهيءَ قسم جي نظريي جي صحت جي کليل ترديد آهي. انهيءَ جي اُبتڙ صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته ذاتي زندگيءَ ۾ توحيد تي پنهنجي عقيدي کي مڪمل طور تي مضبوط رکندي، عملي ۽ گڏيل معاملن ۾ ٻين سان سهڪار ۽ مفاهمت جو انداز اختيار ڪيو وڃي.
    وڌيڪ گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته موجوده زماني ۾ هر ملڪ ۾ مسلمانن کي جيڪي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، انهن جو هڪ وڏو سبب انهيءَ سنت يوسفيءَ کان اڻڄاڻائي به آهي. موجوده زماني ۾ مسلم ملڪن ۾ مڪمل اُمڪان موجود هو ته مسلمان اڳواڻ، ملڪي حڪمرانن جي اقتدار اعليٰ کي تسليم ڪندي، ساڻن سهڪار جي اصول تي معاملا هلائين. اهڙي طرح غير مسلم اڪثريت جي ملڪن ۾ جمهوريت مان فائدو وٺن، جيڪو اقتدار ۾ حصيداري (Power Sharing) جو هڪ نظام آهي. موجوده زماني جا مسلمان اڳواڻ، جيڪڏهن ايئن ڪن ها ته هر ملڪ ۾ مسلمانن جي لاءِ ترقي جا غير معمولي موقعا کلي پون ها. پر انهن اڳواڻن، هر ملڪ ۾ ٽڪراءُ جي سياست اختيار ڪئي. اهو پيغمبر جي سنت کان کليل انڪار هو ۽ پيغمبر جي سُنت کي ڇڏڻ جو نتيجو ابدي محروميءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. انهن ڪجهه مثالن مان اندازو ٿئي ٿو ته قرآن ۾ ذڪر ڪيل ٻين نبين جي سُنت ۾ اهل اسلام جي لاءِ نهايت ملهائتا نمونا آهن. اسان کي انهن نمونن کي اهڙي طرح مستند ’اسوه رسول‘ جي طور تي وٺڻ گهرجي، جهڙي طرح آخري پيغمبر ﷺ جي نمونن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪريون ٿا.


    سُنت حديبيه

    رسول الله ﷺ نبوت ملڻ کان پوءِ تيرهن سالن تائين مڪي ۾ توحيد جو ڪم ڪيو. مڪو پاڻ سڳورن جو وطن هو، پر مڪي وارا پاڻ سڳورن جا سخت دشمن ٿي پيا. هنن کين هر قسم جون تڪليفون ڏنيون. ايتري قدر جو هو پاڻ سڳورن کي قتل ڪرڻ جو سَٽون سَٽڻ لڳا. تنهن کان پوءِ پاڻ ۽ سندن صحابي سڳورا، الله جه جي حڪم سان مڪو، ڇڏي مديني هليا ويا. اها گويا هڪ قسم جي جلاوطني هئي. ظاهري طرح حالتون اهڙيون هيون جو اها اُميد ڪونه هئي ته ڪو مڪي وارا ٻيهر پاڻ ﷺ کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ڏيندا. انهن حالتن ۾ پاڻ سڳورن 6 هه ۾ مديني ۾ هڪ خواب ڏٺائون ته پاڻ پنهنجن صحابي سڳورن سان گڏ، امن امان جي حالت ۾ مڪي ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ اُتي آزاديءَ سان عمرو ادا ڪري ۽ قرباني ڏيئي رهيا آهن.
    انهيءَ خواب موجب پاڻ سڳورا، پهرين ذوالقعد 6هه تي پنهنجي ڏيڍ هزار صحابي سڳورن سان، مديني کان مڪي شريف جي لاءِ روانا ٿيا. اهو قافلو خير ۽ خوبيءَ سان اڳيان وڌي رهيو هو، پر جڏهن هو مڪي جي ويجهو ”حديبيه“ واري هنڌ پهتو ته مڪي وارن کين روڪي ورتو. هنن چيو ته اسين ڪنهن به صورت ۾ اوهان کي مڪي ۾ گهڙڻ جي موڪل نه ڏينداسين.
    پاڻ سڳورو ٻن هفتن تائين، پنهنجي صحابين سان گڏ ”حديبيه“ واري هنڌ ٽڪيو رهيو. انهيءَ جي دوران، مڪي وارن سان ڳالهيون مُهاڙيون جاري رهيون. نيٺ اهو طئه ٿيو ته پاڻ سڳورا ۽ سندس ساٿي هن سال مڪي ۾ داخل نه ٿيندا، بلڪه حديبيه کان ئي ٻيهر واپس مديني هليا ويندا. ٻي سال هو ٻيهر ايندا ۽ ٽن ڏينهن تائين مڪي ۾ ٽڪندا. ماٺ مٺيءَ ۾ عمرو ادا ڪندا ۽ پوءِ هڪدم واپس موٽي ويندا. انهيءَ ٺاهه موجب پاڻ سڳورا ۽ صحابي سڳورا، پيغمبر جي خواب جي باوجود به، حديبيه کان ئي مديني واپس موٽي آيا. ٻي سال هو ٻيهر آيا ۽ ٺاهه موجب هنن عمرو ادا ڪيو.
    حديبيه جي انهيءَ واقعي مان رسول الله ﷺ جي هڪ خاص سُنت معلوم ٿئي ٿي. اُها هيءَ ته: حالتن سان غير ضروري طور تي نه ٽڪرائڻ. ڪنهن معاملي کي عزت ۽ وقار جو مسئلو نه بنائي، انهيءَ کي سادي حقيقت جي طور تي ڏسڻ. جذبن کان مٿانهون ٿي معاملي کي سمجهڻ ۽ ٻي ڌر سان رعايت ڪندي، معاملي کي ڏاهپ ۽ ساڃهه سان نبيرڻ.
    انهيءَ پاليسيءَ کي ٻين لفظن ۾ ”اسٽيٽس ڪو ازم“ به چئي سگهجي ٿو. انهيءَ جو مطلب اهو به ڪونهي ته ڪو موجوده صورتحال کي بدلائڻ کان سواءِ مڃيو وڃي. ”اسٽيٽس ڪو ازم“ ڪا بي عملي نه بلڪه عمل جي سڀ کان مٿانهين ۽ ڏاهپ واري شڪل آهي.
    جڏهن به ڪن ٻن ڌرين ۾ ڪو ٽڪراءُ پيدا ٿي پوي ته اهو ٽڪراءُ هڪ خاص هنڌ تي اچي بيهي ٿو رهي. هاڻي ٻنهي ڌرين جي اڳيان وڌڻ جي صورت فقط اها هوندي ته هو موجوده صورتحال کي ٽوڙين ۽ اهڙي طرح پنهنجي لاءِ اڳيان وڌڻ جو رستو ڪڍن.
    اهڙن موقعن تي نادان ماڻهو، انهيءَ کي پنهنجي وقار جو مسئلو بنايو وٺن. هو سمجهندا آهن ته جيڪڏهن مون موجوده صورتحال کي مڃي ورتو ته انهيءَ سان منهنجي انا کي ڌڪ لڳندو. ۽ هو پنهنجي هٿراڌو انا کي بچائڻ جي لاءِ ٽڪراءُ جي رستي تي هلڻ لڳندا آهن، پر جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ ”تقويٰ“ هجي ته اُهو اهڙي قسم جي مامري کي ڪڏهن به وقار جو مسئلو نه بنائيندو آهي. تقويٰ هن جي لاءِ انهيءَ ڳالهه جي ضمانت بنجي وڃي ٿي ته هو هڪ اهڙي ٽڪراءُ کان پنهنجو پاڻ کي بچائي، جنهن جو نتيجو وڌيڪ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.
    اِهائي اُها حقيقت آهي، جنهن طرف سوره الفتح جي آيت نمبر 26 ۾ اشارو ڪيو ويو آهي. ماڻهو جڏهن ڪنهن اختلافي مسئلي کي انا جو مسئلو نه بنائي ته منجهس ڳنڀير فڪر جاڳي پوي ٿو. هو پنهنجي غير جذباتي سوچ جي نتيجي ۾ اهو ڄاڻي وٺي ٿو ته جيڪڏهن ٽڪراءُ واري هنڌ تان هٽي وڃان ته منهنجي لاءِ ٻيا رستا مڪمل طور تي کليل آهن. حديبيه ۾ به اهوئي واقعو پيش آيو. پيغمبر اسلام مڪي ۾ داخل ٿيڻ ٿي چاهيو. پر قريشن داخل ٿيڻ نه ڏنو. قريشن جي انهيءَ مخالفت واري روش کي پاڻ سڳورن پنهنجي وقار جو مسئلو نه بنايو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڻ ﷺ انهيءَ جي قابل ٿي ويا ته اسلامي قافلي کي جنگ جي ميدان مان هٽائي، دعوت جي ميدان ۾ سرگرم ڪري ڇڏين.
    صلح حديبيه (6هه) ۾ رسول الله ﷺ جي مخالفن جي سڀني شرطن کي هڪ طرفي طور تي مڃي ورتو ۽ ساڻن ڏهن سالن تائين جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو. انهي جي ڪري ڪجهه ماڻهن کي اهو ٺاهه ذلت وارو ٺاهه نظر آيو. (سيرة ابن هشام 3/365) پر جڏهن اهو ٺاهه مڪمل ٿي ويو ته قرآن پاڪ ۾ اها سوره مبارڪ لٿي، جنهن ۾ انهيءَ صلح کي فتح مبين (الفتح 1) چيو ويو هو. انهيءَ فرق جو سبب هي هو ته انسانن، انهيءَ کي حال جي لحاظ کان ڏٺو ۽ الله تعاليٰ مستقل جي لحاظ کان. اِهائي اُها حقيقت هئي، جيڪا قرآن ۾ هينئن بيان ڪئي ويئي آهي: ”فعلم مالم تعلموا (الفتح 27) يعني: جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي تنهن کي الله ڄاتو.
    صلح حديبيه شروعات ۾، ظاهري طرح ذلت ۽ پٺتي هٽڻ جو معاملو نظر ٿو اچي. پر پالڻهار انهيءَ کي ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيندڙ نتيجي جي لحاظ کان ڏٺو. تنهن ڪري انهيءَ کي کليل فتح قرار ڏنو. مشهور تابعي ابن شهاب الزهري چوي ٿو:
    ”حديبيه کان پهرين اسلام ۾ ايڏي وڏي سوڀَ ڪابه نه ٿي هئي. انهيءَ کان اڳ هو جتي به هڪٻئي سان مُنهان منهن ٿيندا هئا ته انهن جي وچ ۾ جنگ جي نوبت اچي ويندي هئي. پوءِ جڏهن منجهن ٺاهه ٿيو ۽ لڙائي روڪي ويئي ته هو هڪٻئي جي لاءِ امن ۾ هئا ۽ پاڻ ۾ ملڻ جلڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳا. انهيءَ کان پوءِ جنهن به شخص اسلام جي باري ۾ ڳالهايو ۽ ڪجهه سمجهه ٿي رکيائين ته هو اسلام ۾ داخل ٿي ويو. صلح جي ٻن سالن جي اندر ايترا ته ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيا، جيترا انهيءَ کان اڳ ڊگهي عرصي ۾ ٿيا هئا. پاڻ انهيءَ کان به وڌيڪ. ابن هشام چوي ٿو ته زهريءَ جي چوڻ جو ثبوت اهو آهي ته حديبيه جي سفر ۾، جابر بن عبدالله جي روايت موجب، پاڻ سڳورن سان هڪ هزار چار سئو ماڻهو گڏ نڪتا هئا. پر جڏهن ٻن سالن کان پوءِ مڪي جي فتح جي لاءِ نڪتا ته پاڻ سڳورن سان ڏهه هزار ماڻهو گڏ هئا.“ (سيرت ابن هشام 3/372)
    سنت حديبيه اها سنت آهي، جنهن جو نتيجو قرآن پاڪ جي لفظن ۾، فتح مبين جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. جنهن اسلامي تحريڪ کي غلبي جي دؤر ۾ داخل ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ اسلام جي لاءِ اهڙا اُمڪان ظاهر ٿيا، جيڪي اڳ ۾ سندس حق ۾ نه هئا. سنت حديبيه ڇا آهي. سنت حديبيه هڪ لفظ ۾ هيءَ آهي ته: مسئلن کي نظرانداز ڪيو وڃي ته جيئن موقعن کي استعمال ڪرڻ جي واندڪائي حاصل ٿي سگهي.
    خدا پنهنجي هن دنيا کي اهڙي طرح جوڙيو آهي، جو هتي سدائين عسر (ڏُک) ۽ يسِر (سُک) موجود رهي ٿو. (ان مع العسر يسرا) خود فطرت جي نظام موجب، هن دنيا ۾ جتي مسئلا هوندا آهن، تِتي اهڙا موافق موقعا به موجود رهن ٿا، جن کي استعمال ڪري، وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو سبب اڪثر هيءُ هوندو آهي ته ماڻهو مسئلن ۾ مُنجهي ويندا آهن. هو سمجهندا آهن ته جيستائين رڪاوٽون ختم نه ٿينديون، تيستائين اڳيان جو سفر شروع ٿي نه سگهندو.
    پر پيغمبر اسلام جي سنت انهيءَ کان بنهه مختلف آهي. اُها هيءَ ته، پنهنجو عمل، مسئلن جي خلاف ٽڪراءُ سان شروع نه ڪيو وڃي. بلڪه مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري موقعن جي استعمال جون راهون ڪڍيون وڃن. ايستائين جو انهيءَ اسلوب تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن مخالف جي هڪ طرفي شرطن کي مڃڻو پوي ته اهي به مڃيا وڃن.
    ”حديبيه“ جي نالي سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو هڪ ”متعين“ واقعو آهي. اهو بظاهر سيرت رسول جي ڪيترن ئي واقعن مان هڪ واقعي جي حيثيت رکي ٿو. پر حقيقت جي لحاظ کان اهو ڪو هڪ واقعو ڪونهي. اصل هيءَ آهي ته ”حديبيه“ جو روح پيغمبر اسلام جي سڄي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. جيڪر هيءَ چيو وڃي ته اهو غلط نه ٿيندو ته پاڻ سڳورن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ جيڪا سوچيل سمجهيل پاليسي اختيار ڪئي، اُها اِهائي ”حديبيه“ جي پاليسي هئي.
    ”حديبيه جي پاليسي“ پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان اها آهي ته ڪهڙي به صورتحال ۾، جيڪي به ڏکيائون هجن، تن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ انهن ڏکيائين جي باوجود به جيڪي اُمڪان هجن، تن کي استعمال ڪرڻ. رسول الله جي زندگيءَ ۾ ان پاليسيءَ جا مثال گهڻائيءَ سان ملن ٿا. پاڻ مڪي دور ۾ به انهيءَ ئي اصول تي عمل فرمايو ۽ مدني دور ۾ به. حديبيه ۽ انهيءَ قسم جي ٻين واقعن ۾ فرق فقط اهو آهي ته حديبيه جي موقعي تي اها پاليسي ٻنهي طرفن جي اعلان کان پوءِ اختيار ڪئي ويئي ۽ ٻين مثالن ۾ هڪ طرفي فيصلي موجب.
    پاڻ سڳورن جو طريقو هي هو ته حالتن جو اڻ ڌريو اُڀياس ڪري، خود ئي انهيءَ طريقي تي قائم ٿي وڃڻ، جنهن کي اسان حديبيه جي پاليسي چيو آهي. جهڙوڪ: مڪي جي ابتدائي زماني ۾ پاڻ سڳورن ڳجهيءَ طرح تبليغ جو ڪم ڪيو. انهيءَ جي صورت اها ڪانه هئي ته مڪي جي مشرڪن سان انهيءَ مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻنهي طرفن جي فيصلي موجب اهو طئه ٿيو ته اوهان اعلانيه تبليغ نه ڪريو پر ڳجهيءَ انداز ۾ پرچار ڪريو. انهيءَ جي بدران پاڻ خود ئي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڳجهي تبليغ جو انداز اختيار ڪيو.
    انهيءَ کان پوءِ جڏهن پاڻ سڳورن کلي عام توحيد جي دعوت ڏني ته انهيءَ وقت به اهو ڪونه ٿيو ته پاڻ سڳورا ۽ مڪي جا مشرڪ گڏ ٿيا ۽ انهيءَ مسئلي تي ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهيون مُهاڙيون ٿيون ۽ پوءِ اهو طئه ٿيو ته پاڻ بيت الله ۾ رکيل بتن کي ڪو نقصان نه رسائين. البت دعوتي انداز ۾ پنهنجي ڳالهه ماڻهن سان ڪن. پر ٿيو هيئن هو ته پاڻ سڳورن خود ئي پنهنجو پاڻ کي هڪ حد جو پابند بنايو. يعني غير الله جي پرستش کي ڇڏڻ جو پيغام ڏيڻ، پر بيت الله ۾ رکيل بتن سان عملي طرح ٽڪراءُ ۾ نه اچڻ.
    اهڙي طرح پاڻ سڳورا جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني پهتا ته اُتي مسلمانن سان گڏ يهودي پڻ آباد هئا. پاڻ سڳورن اهو ڪونه ڪيو ته يهودين سان ڳالهيون مُهاڙيون ڪري اهو طئه ڪيائين ته مديني ۾ اسين اهڙي نموني رهنداسين، جو اسين اوهان جي مٿان پنهنجو طريقو لاڳو نه ڪنداسين. پر اوهان کي پنهنجي دين جي آزادي حاصل رهندي. انهيءَ جي بدران پاڻ حالتن جي جائزي مان اهو سمجهيو ته پنهنجي لاءِ خود ئي هڪ قابل قبول حد مقرر ڪري، ته جيئن هروڀرو يهودين سان غير ضروري ٽڪراءُ نه ٿئي. تنهنڪري مشهور ”ميثاق مدينه“ ۾ پاڻ سڳورن اهي لفظ لکيا ته: يهودين جي لاءِ يهودين جو دين ۽ مسلمانن جي لاءِ مسلمانن جو دين (السيرة النبوية لابن ڪثير 2/322)
    حديبيه اسپرٽ اهو آهي ته سامهون واري ڌر سان ٽڪراءُ کان پاسو ڪندي، غير تڪراري ميدان ۾ پنهنجي مقصد جي حاصلات واسطي ڪوشش ڪرڻ. اها پاليسي فقط اُن وقت عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي، جڏهن داعي، هڪ طرفي طور تي ٻي ڌر کي اها رعايت ڏيڻ تي راضي ٿي وڃي، جنهن کي ٻي ڌر ان وقت پنهنجو حق سمجهندي آهي. انهيءَ قسم جي هڪ طرفي رعايت کان سواءِ ”حديبيه پاليسي“ اختيار نٿي ڪري سگهجي. پيغمبر اسلام جي سيرت جو مطالعو ٻُڌائي ٿو ته: پاڻ سڳورن سدائين ايئن ئي ڪيو. اهوئي ڪارڻ آهي جو پاڻ سڳورن جي لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهيو ته پاڻ سڳورا گهٽ کان گهٽ نقصان سهندي، وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
    سورة الفرقان هڪ مڪي سوره آهي. اها ان دور ۾ نازل ٿي، جڏهن پيغمبر اسلام کي فقط دعوت جو حڪم ڏنو ويو هو ۽ پاڻ سڳورا ڏينهن رات انهيءَ ۾ مصروف رهندا هئا. انهيءَ وقت پاڻ سڳورن کي خطاب ڪندي چيو ويو: فلاتطع الکافرين وجاهد هم به جهاد کبيرا. (الفرفان 52) تنهنڪري اوهين منڪرن جي ڳالهه نه مڃو ۽ انهن جي ذريعي ساڻن جهاد ڪبير ڪريو.
    انهيءَ آيت ۾ ”به“ جو ضمير قرآن جي طرف کان راجع آهي. جنهن جو مطلب آهي ته قرآن جي وسيلي جهاد ڪبير (وڏو جهاد) ڪريو. شاهه ولي الله رحه پنهنجي قرآن جي فارسي ترجمي ۾ جهاد ڪبير جو ترجمو ”جهاد بزرگ“ ڪيو آهي.
    قرآن پاڪ ڪا ”توپ ۽ تفنگ“ قسم جي شئي ڪونهي. تنهنڪري اها آيت چٽي طرح هٿياربند جهاد جي لاءِ ڪونهي، پر بي هٿيار جهاد جي لاءِ آهي. يعني ٻين لفظن ۾ انهن لفظن جو مطلب فڪري ۽ نظرياتي جهاد آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته قرآن جي تعليم جي ذريعي ماڻهن جي مٿان دعوتي عمل ڪريو. هر قسم جا پُرامن ذريعا استعمال ڪندي قرآن کي ماڻهن جي لاءِ سمجهه جوڳو بنايو. قرآن جي سچائيءَ جي ذريعي ماڻهن جون دليون جيتيو. اها آيت واضح طور تي قتال جي مقابلي ۾ دعوت جي برتري ٻُڌائي ٿي. انهي موجب جهاد جا ٻه قسم آهن. جهاد صغير ۽ جهاد ڪبير. هٿياربند جهاد، جهاد صغير آهي ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ پُرامن دعوتي جهاد، وڏو جهاد (ڪبير) آهي.
    ”حديبيه“ اسلام جي تاريخ ۾ انهيءَ جهاد ڪبير جو هڪ عظيم مثال آهي. هجرت کان پوءِ منڪر گروهه جي طرف کان هٿياربند جنگ شروع ڪئي ويئي. مومنن ۽ منڪرن جي گروهن ۾ ڪيترائي پُرتشدد مقابلا ٿيا. پر اهي فيصلو ڪندڙ ثابت ٿي نه سگهيا، ڇو ته انهيءَ وقت اصل نشانو هي هو ته مڪو ٻيهر ”اهل توحيد“ جي قبضي ۾ اچي، پر اهو نشانو جنگين جي ذريعي حاصل ٿي نه سگهيو. نيٺ هجرت جي ڇهين سال پيغمبر اسلام، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ امن جو اهو معاهدو ڪيو، جيڪو ”صلح حديبيه“ جي نالي سان مشهور آهي. اِهو ٺاهه گويا پُرتشدد مقابلي جي ميدان کان هٽي پُرامن دعوتي مقابلي جي ميدان ۾ اچڻو هو. حديبيه جو اهو طريقي ڪار نهايت اثرائتو ثابت ٿيو. انهي کان پوءِ ٻن سالن جي اندر ئي مڪو فتح ٿي ويو ۽ ايمان وارن کي اهو موقعو مليو ته هو انهيءَ شهر کي ٻيهر توحيد جو مرڪز بنائي سگهن، جيڪو صدين کان شرڪ جو مرڪز بنيل هو.
    پيغمبر جي انهيءَ ”سنت حديبيه“ ۾ اسان جي لاءِ وڏي رهنمائي آهي. ڳوڙهي اُڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده زماني ۾ ٻيهر اهڙي صورتحال پيش آئي آهي، جهڙي حديبيه جي وقت ”اسلامي تحريڪ“ جي اولين دور ۾ پيش آئي هئي. هتي سُنت رسول اسان کي اها رهنمائي ڏيئي رهي آهي ته اسين پنهنجين اڄوڪين حالتن ۾ انهيءَ پيغمبراڻي پاليسيءَ تي عمل ڪريون ۽ ٻيهر خدا جي طرف کان ”فتح مبين“ جو حق حاصل ڪريون.
    حديبيه اصول عام معنيٰ ۾ رڳو هڪ ”سنت“ ڪونهي، پر فطرت جو هڪ اٽل قانون آهي. نه رڳو مسلمان، پر غير مسلم قومون به جيڪڏهن انهيءَ اصول کي استعمال ڪن ته کين به پنهنجي دائري جي اندر اهائي ڪاميابي حاصل ٿيندي.
    انهيءَ جو هڪ مثال جديد جاپان جو آهي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ وقت جاپان اهو سمجهندو هو ته هو هٿياربند جنگ جي ذريعي پنهنجي قومي مقصدن کي حاصل ڪري سگهي ٿو. پر انهيءَ جنگ ۾ جاپان کي زبردست شڪست ملي. سندس اقتصاديات تباهه ٿي ويئي. جنگ کان پوءِ جاپانين ۾ نئين سوچ اُڀري. هنن پنهنجو پاڻ کي جنگ ۽ ٽڪراءُ جي هنڌ کان پري ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هنن پنهنجي سڄي طاقت تعليم، واپار ۽ صنعت ۾ سيڙائي. انهيءَ تبديليءَ جو نتيجو هي نڪتو ته تباهه ٿيل جاپان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي ويو، ايتري قدر جو هن هڪ عالمي اقتصادي طاقت جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. حديبيه جي واقعي جو ذڪر قرآن پاڪ جي سوره 48 (الفتح) ۾ آيو آهي. حديبيه اسپرٽ ڇا آهي. انهيءَ کي سوره الفتح جي انهيءَ آيت جي پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو.
    ”جڏهن انڪارين پنهنجي دلين ۾ سختي پيدا ڪئي (سختي به) نادانن جهڙي سختي، پوءِ الله پنهنجي رسول کي ۽ ايمان وارن کي پنهنجي طرفان بردباري لاٿي ۽ کين پرهيزگاري جي ڳالهه تي قائم رکيائين ۽ اهي ان جا وڌيڪ حقدار ۽ ان جا لائق هئا ۽ الله سڀ ڪنهن شئي کي ڄاڻندو آهي.“ (الفتح 25)
    قرآن پاڪ جي اها آيت ”صلح حديبيه“ جي موقعي تي نازل ٿي. پر قرآن پاڪ جي ٻين آيتن وانگر انهيءَ آيت جو به هڪ عمومي ۽ توسيعي مفهوم آهي. انهيءَ لحاظ کان انهيءَ آيت ۾ اسلام جي هڪ ابدي تعليم ملي ٿي. انهيءَ تعليم جو لاڳاپو اهڙي طرح جي ٻين زمانن سان به آهي، جهڙي طرح اسلام جي ٻي تعليم جو پوءِ جي زماني سان پڻ لاڳاپو آهي.
    انهيءَ لحاظ کان ويچاربو ته انهيءَ آيت ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي ويئي آهي، اها هيءَ ته موجوده دنيا ۾ مختلف سببن جي ڪري هڪ فرد ٻي فرد سان ۽ هڪ گروهه ٻي گروهه سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو. اهڙن موقعن تي ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇا نه ڪرڻ کپي. انهيءَ کي قرآن پاڪ جي انهيءَ آيت ۾ ٻُڌايو ويو آهي.
    انهيءَ موجب تڪراري صورتحال پيش اچڻ کان پوءِ ڪنهن فرد يا گروهه جي لاءِ ٻن قسمن جي روش ممڪن هوندي آهي. هڪ حقيقي روش ۽ ٻي غير حقيقي روش. ڪاميابي فقط انهن ماڻهن جي لاءِ هوندي آهي، جيڪي اهڙن موقعن تي تحقيقي روش اختيار ڪن ٿا. غير حقيقي روش اختيار ڪرڻ وارن جي لاءِ هن دنيا ۾ ناڪاميءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه انجام ڪونهي.
    اهڙن موقعن تي حقيقي رويو ڪهڙو آهي. انهيءَ کي هتي هڪ لفظ ۾ ”حميت جاهليه“ چيو ويو آهي. عربيءَ ۾ ”حمي يحمي“ جي معنيٰ هوندي آهي. يعني تيز گرم ٿيڻ. ”حمي عميه“ جي معنيٰ آهي غضبناڪ ٿيڻ. حميت مان مراد ڪنهن ماڻهوءَ جي اندر پيدا ٿيندڙ اها ڪيفيت آهي، جنهن کي غضب ۽ عصبيت جهڙن لفظن سان ڀيٽيو وڃي ٿو.
    ڪا تڪراري صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ عام ماڻهو هڪدم ڀڙڪي اُٿي ٿو ۽ منجهس ناڪاري جذبا بيدار ٿي پوندا آهن. هو انهيءَ حالت ۾ نه هوندو آهي ته معاملي کي ٿڌي دل ۽ دماغ سان ڏسي سگهي ۽ خالص اصول جي بنياد تي انهيءَ کي طئه ڪري. جيڪي ماڻهو انهيءَ قسم جي ڪيفيت ۾ مبتلا هجن، اُهي قرآن موجب ”حميت جاهليت“ جو شڪار ٿي ويا.
    انهيءَ جي مقابلي ۾ ٻيو رويو اهو آهي، جنهن کي قرآن پاڪ ۾ ”حقيقي رويو“ سڏيو ويو آهي. هي اُهي ماڻهو آهن جن کي خدا جو خوف سندن اصول پسنديءَ جي راهه کان هٽائي نه سگهي. جيڪي مستقل حالتن ۾ به حق ۽ انصاف تي قائم رهن. جن جو فيصلو ٻين جي رويي جي خلاف ردِعمل جو نتيجو نه هجي. بلڪه سوچيل سمجهيل ذهن جو نتيجو هجي.
    قرآن موجب، مذڪوره قسم جو غير حقيقي رويو ايمان ۽ اسلام جي بلڪل اُبتڙ آهي. جيڪي ماڻهو اهڙو رويو اختيار ڪندا اُهي خدا جي هن دنيا ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. انهيءَ جي مقابلي ۾ حقيقي رويو، خدا پرست رويو آهي. جيڪي ماڻهو اهو رويو اختيار ڪندا، انهن جي باري ۾ ڪائنات جي خلقڻهار جو فيصلو آهي ته هو ضرور ڪامياب ٿيندا.
    اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ حديبيه جو واقعو انهيءَ معاملي جو هڪ عملي مثال آهي. انهيءَ واقعي ۾ هڪ رويو اُهو آهي، جيڪو مڪي جي ڪافرن اختيار ڪيو ۽ ٻيو رويو اُهو آهي، جيڪو مديني جي اهل ايمان وارن پيغمبر خدا جي قيادت ۾ اختيار ڪيو. هاڻ قيامت سوڌي سڄي دنيا جا انسان انهيءَ واقعي ۾ پنهنجي پنهنجي تصوير ڏسي سگهن ٿا. جيڪي ماڻهو تڪراري معاملن ۾ غير حقيقي رويو اختيار ڪندا، اُهي عملي طور تي پنهنجو پاڻ کي غير مسلمانن جي جماعت ۾ شامل ڪري رهيا آهن ۽ اهي ماڻهو جيڪي حقيقي رويو اختيار ڪندا، انهن عملي طور تي پنهنجو پاڻ کي ايمان وارن جي جماعت ۾ شامل ڪيو.
    انهي سوره جي شروعات هن آيت سان ٿئي ٿي: انا فتحنالک فتحا مبينا (الفتح 1) الله تعاليٰ هن دنيا ۾ فتح انهن ماڻهن جي ڀاڳ ۾ لکي آهي، جيڪي مذڪوره بيان موجب معاملن ۾ حقيقي رويو اختيار ڪندا. انهيءَ جي بدران جيڪي ماڻهو معاملن ۾ غير حقيقي رويي تي هلندا، تن جي لاءِ خدا جي هن دنيا ۾ فقط هار ڀاڳ ۾ لکيل آهي. حديبيه جو واقعو انهيءَ معاملي جو هڪ تاريخي مثال آهي. انهيءَ وقت ايمان وارن حقيقي رويو اختيار ڪيو. تنهن ڪري نيٺ کين سوڀَ ملي ۽ قريشن غير حقيقي رويو اختيار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو مفتوح ۽ مغلوب ٿي ويا.
    حديبيه جو واقعو گذريل تاريخ جو واقعو ڪونهي. اهو هڪ زنده نمونو آهي. اهو هر دؤر جي خداپرستن کي ٻُڌائي ٿو ته تڪراري معاملن ۾ اهو ڪهڙو طريقو آهي، جيڪو سندن ڪاميابيءَ جي يقيني ضامن آهي. اهو هي ته تڪراري معاملن کي انا جو مسئلو نه بنائڻ، بلڪه انهيءَ کي تقويٰ جي اسپرٽ تحت نبيرڻ آهي.


    پيغمبراڻو مشن

    پيغمبر اسلام جو مشن يا مقصد ڪهڙو هو. اهو نهايت اهم سوال آهي. انهيءَ کي عملي طور تي متعين ڪرڻ جي لاءِ قرآن ۽ سنت جو ڳُوڙهو اڀياس ضروري آهي. اهو اسلامي بنيادن جي گهري اُڀياس کان سواءِ صحيح نموني طئه نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ اُڀياس جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين بنيادي رهنما اصولن جو تعين بنهه ضروري آهي.
    1. انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريون رهنما اصول هي آهي ته انهي سوال جو صحيح جواب فقط اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو سنئون سڌو قرآن جي ذريعي اخذ ڪيو ويو هجي. انهي سلسلي ۾ چونڊيل استدلال بلڪل ڪارآمد ڪونهي. چونڊيل استدلال يا سڌو استدلال فقط جز ئي ۽ فروعي معاملن ۾ ڪارآمد ٿيندو آهي. پر مشن يا نصب العين جو لاڳاپو بنيادي مامرن سان آهي ۽ بنيادي معاملن ۾ چونڊيل استدلال بلڪل ڪارآمد نه هوندا آهن. جهڙوڪ: جيڪڏهن ڪو شخص اهو چوي ته پيغمبر اسلام جو مقصد اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ هو ۽ انهيءَ جو دليل هو قرآن جي هن آيت مان اخذ ڪري:
    لقد ارسلنا رسلنا بالبينات وانزلنا معهم الکــٰتب والميزان اليقوم الناس بالقسط وانزلنا الحديد فيه باس شديد و منافع للناس وليعلم الله من ينصره و رسله بالغيب ان الله قوي عزيز (الحديد 25)
    (بيشڪ الله پنهنجن رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ساهمي (حڪمت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن ۽ اسان لوهه لاٿو، اُن ۾ سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته الله ڄاڻي ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي پر پُٺ مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله زورآور زبردست آهي.)
    انهيءَ آيت مان جيڪڏهن ’قسط‘ ۽ ’حديد‘ جو لفظ واپس ورتو وڃي ۽ اهو چيو وڃي ته اهو صحيح نه ٿيندو ته انهيءَ آيت ۾ اهو اسلامي مشن ٻُڌايو ويو آهي ته حديد (هٿيارن جي طاقت) کي استعمال ڪري انصاف جو نظام دنيا ۾ قائم ڪيو وڃي.
    علمي لحاظ کان اهو استدلال معتبر ڪونهي. تنهن ڪري آيت جي پهرينءَ حصي ۾ ”قسط“ (انصاف) جو لفظ انهيءَ مفهوم ۾ آيو آهي ته هرڪنهن کي کپي ته هو ”انصاف“ کي ڄاڻي پنهنجي زندگي انهي حساب سان گذاري. ٻين لفظن ۾ اهو هڪ لازم جو صيغو آهي، پر مذڪوره تشريح ۾ انهيءَ کي متعدي جي معنيٰ ۾ ورتو ويو آهي. يعني، ”تون پاڻ انصاف تي قائم آهين.“ جي جملي مان اهو مفهوم اخذ ڪيو ويو آهي ته تون ٻين جي مٿان انصاف وارو نظام قائم ڪر. انهيءَ قسم جو استدلال غير منطقي آهي. اهو علمي لحاظ کان قبوليت جوڳو ڪونهي.
    2. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو اصول آهي ته پيغمبر جي مشن جو جيڪو تصور طئه ڪيو وڃي، اهو پيغمبر جي ڏنل اصول تعليم مان اخذ ڪيو وڃي، نه ڪي پيغمبر جي چوڌاري ٺهندڙ ۽ عملي تاريخ مان. اصولي تعليم ابدي هوندي آهي. جڏهن ته تاريخ سماجي يا انساني حالتن موجب جڙندي آهي. انهيءَ آڌار تي مشن جو تصور تاريخ جي روشنيءَ ۾ جوڙي نٿو سگهجي. اِهو فقط اصولي تعليم جي روشنيءَ ۾ واضح ڪيو ويندو.
    جهڙوڪ: ڪجهه ماڻهو پيغمبراڻي عمل جي ترتيب جو نقشو هيئن ٿا جوڙين ته... دعوت، هجرت، جهاد، رياست جو قيام. اهو تاريخ مان مشن اخذ ڪرڻو ٿيو. قرآن ۽ حديث ۾ ڪٿي به اهو نه ٻُڌايو ويو آهي ته پيغمبراڻي مشن جي ابدي ترتيب هيءَ هوندي ته پهرين دعوت ڏني وڃي، پوءِ هجرت ٿيندي، پوءِ جهاد (قتال) ڪيو ويندو ۽ پوءِ اسلامي رياست جو قيام عمل ۾ ايندو. اها ترتيب هڪ تاريخي واقعي مان ڪڍي ويئي آهي، نه ڪي قرآن ۽ حديث جي اصولي تعليم منجهان ڪڍي ويئي آهي.
    انهيءَ جي اُبتڙ قرآن پاڪ ۾ اهو اهو ٻُڌايو ويو آهي ته پيغمبر جو مشن هيئن به مڪمل ٿي سگهي ٿو ته ”رياست جي قيام“ کان اڳ پاڻ برقعو مٽائي وڃن يا شهيد ڪيا وڃن (آل عمران 144)، انهيءَ آيت جي روشنيءَ ۾ اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته جيڪڏهن مديني يا عربستان ۾ رياست جي قيام کان اڳ پاڻ ﷺ تي ذڪر ڪيل ٻنهي معاملن مان ڪوبه معاملو گذري وڃي ته به پاڻ ﷺ جو پيغمبراڻو مشن مڪمل هوندو. ڇو ته ڪوبه پيغمبر پنهنجي مشن جي تڪميل کان سواءِ هن دنيا مان واپس گهرايو نه ويندو آهي.
    ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته تاريخ ۾ انهيءَ قسم جا واقعا ورجايا نه ويندا آهن. اهوئي سبب آهي جو انهيءَ قسم جي چؤطرفي ترتيب، نه ته پيغمبر اسلام کان اڳ ڪنهن ٻي نبيءَ سان پيش آئي ۽ نه وري پيغمبر اسلام کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي اُمت منجهان ڪنهن مصلح (سڌارڪ) يا مجدد سان اها ورجائي ويئي.
    جيڪڏهن اها ترتيب مشن جي لاءِ ابدي ڪورس جي حيثيت رکندي هجي ها ته ڪر اسلام هڪ وقتي ۽ زماني مذهب ٿي رهجي وڃي ها. جهڙوڪ: موجوده قومي حڪومتن جي زماني ۾ وڏي پئماني تي مڪاني هجرت ممڪن ئي ڪونهي. ته پوءِ هجرت واري مرحلي تي ڪيئن عمل ڪيو ويندو. اهڙي طرح جهاد جي معنيٰ جنگي قدم کڻڻ آهي. جيڪو هاڻي عملي طور تي ممڪن ڪونهي. ڇو ته هاڻ سڄي دنيا ”گڏيل قومن“ جي نظام تحت اچي چڪي آهي. گڏيل قومن تحت سڀئي ملڪ، مسلم ملڪن سميت صحيحون ڪري چڪا آهن ته ڪابه قوم ٻي قوم تي حملو نه ڪندي. هاڻي مڃيل عالمي اصولن موجب فقط هڪ ئي جنگ جائز ۽ ممڪن آهي ۽ اها اُها جنگ آهي، جيڪا واضح طور تي بچاءُ جي نوعيت رکي ٿي.
    اهڙي طرح مختلف سبب ذڪر ڪيل ترتيب کي عمل ۾ آڻڻ، لڳ ڀڳ اڻ ٿيڻا بنائي چڪا آهن. اهڙي حالت ۾ انهيءَ کي تاريخي ترتيب چوڻ فقط انهيءَ وقت ممڪن آهي، جڏهن اسين اهو مڃينداسين ته اسلامي مشن جو عملي ظهور انساني تاريخ ۾ فقط هڪ ڀيرو ٿي سگهيو ٿي. هاڻي ٻيو يا ٽيو ڀيرو انهيءَ کي ساڳئي ترتيب سان ورجائڻ عملي طور تي ممڪن ڪونهي.
    3. انهيءَ سلسلي ۾ هڪٻئي ۾ نهايت بنيادي نوعيت جي شئي هيءَ آهي ته پيغمبر اسلام جو جيڪو مشن مقرر ڪيو وڃي، اُهو بلڪل اُهوئي هجي، جيڪو ٻين پيغمبرن جو مشن هو. پاڻ ﷺ جي مشن جي ڪابه اهڙي تشريح، جيڪا ٻين پيغمبرن وٽ نه هجي، بنا ڪنهن بحث ۽ مباحثي جي رد ڪرڻ جوڳي آهي. ڇو ته سڀئي نبي سڳورا، نبي آخرالزمان سميت، هڪ ئي مشن ۽ هڪ ئي مقصد جي پورائيءَ لاءِ اُماڻيا ويا هئا.
    قرآن پاڪ جي سوره نمبر 42 ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته اللهج اوهان جي لاءِ اُهوئي دين مقرر ڪيو آهي، جنهن جو هن حضرت نوح عليه السلام کي حڪم ڏنو هو ۽ انهيءَ جي وحي اسان اوهان ڏانهن موڪلي آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم کي ۽ موسيٰ کي ۽ عيسيٰ کي ڏنو هو ته اوهين انهيءَ دين کي قائم رکو ۽ انهيءَ ۾ فرق نه ڪريو. اها ڳالهه مشرڪن لاءِ ڏکي آهي، جنهن طرف تون کين سڏي رهيو آهين. الله جه جنهن کي چاهي پنهنجي پاسي ڏي وٺي ٿو ۽ هو پنهنجي طرف انهن جي رهنمائي ڪري ٿو، جيڪي هن ڏانهن ڌيان ڏيندا آهن. (الشوريٰ 13)
    انهيءَ آيت ۾ پيغمبر اسلام کي مخاطب ڪندي، تاريخ جي ڪجهه پيغمبرن جا نالا ورتا ويا آهن ۽ فرمايو ويو آهي ته جيڪو دين انهن کي ڏنو ويو هو، اُهوئي دين اوهان کي به ڏنو ويو آهي. اوهين انهيءَ واحد دين جي پيروي ڪريو ۽ انهيءَ معاملي ۾ فرق جو طريقو اختيار نه ڪريو. ٻي جاءِ تي قرآن پاڪ ۾ گڏيل طور تي ڪيترن ئي نبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي انبياء مختلف هنڌن ۽ مختلف وقتن تي آيا هئا. انهن جو نالو وٺڻ کان پوءِ ارشاد ٿيو آهي:
    ”هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي پالڻهار هدايت ڏني... تنهنڪري اوهين به انهن جي طريقي تي هلو.“ (الانعام 91)
    انهيءَ آيت موجب جنهن معنيٰ ۾ پيغمبر اسلام هدايت يافته هو، بلڪل ٻيا پيغمبر به ساڳئي معنيٰ ۾ هدايت يافته هئا. تنهن ڪري پيغمبر اسلام کي به پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ اُهوئي عمل ڪرڻو هو، جيڪو ٻين پيغمبرن انجام ڏنو.
    قرآن جي انهن ارشادن موجب پيغمبر اسلام ﷺ جي مشن جو اهوئي تصور درست ٿي سگهيو ٿي، جيڪو ٻين پيغمبرن جي مشن موجب هجي. ڇو ته سڀئي پيغمبر هڪ ئي مشن جي لاءِ موڪليا ويا هئا. اهڙين حالتن ۾ پيغمبر اسلام جي مشن جي ٻي ڪا اهڙي تعبير جيڪا ٻين نبين کان مختلف هجي، هرگز صحيح ٿي نٿي سگهي.
    جهڙوڪ: هڪ شخص جيڪڏهن اهو چوي ته پيغمبر جي مشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قتال هڪ لازمي حصو آهي ته اهو بيان درست نه هوندو، ڇو ته قرآن ۾ ذڪر هيٺ آيل اڪثر پيغمبرن وٽ قتال جو واقعو نٿو ملي. ساڳئي طرح جيڪڏهن ڪو اهو چوي ته پيغمبر اسلام غير مسلم سياسي نظام هيٺ ڪو عهدو قبول نه ڪيو، ڇا سندن لاءِ ائين ڪرڻ هڪ غير پيغمبراڻو عمل آهي ته اهو به صحيح نه هوندو، ڇوته قرآن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته حضرت يوسف عليه السلام مشرڪ بادشاهه جي نظام هيٺ اهڙو عهدو قبول ڪيو هو، جيڪو اڄڪلهه جي زبان ۾ ”غذا/ خوراڪ واري وزارت“ چئي سگهجي ٿو، وغيره.
    قرآن جي معاملي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سڀني پيغمبرن کي هڪ ئي دين ڏنو ويو. البت هرهڪ جي تاريخ ڌار ڌار ٺهي، ڇو ته تاريخ سدائين حالتن جي لحاظ کان ٺهي ٿي. ان آڌار تي وڌيڪ صحيح ڳالهه اها آهي ته پيغمبرن جي تعليم جي حيثيت اصولي دين جي آهي ۽ انهن جي تاريخ ان جي مقابلي ۾ دين جي واڌو حصي جي حيثيت رکي ٿي.
    پيغمبراڻو مشن کي ڄاڻڻ جي لاءِ قرآن جو مطالعو ڪيو وڃي ته اُن سلسلي ۾ سڀني کي چٽي آيت اها آهي، جيڪا قرآن ۾ چئن هنڌن تي آئي آهي. هڪ هنڌ حضرت ابراهيم جي دعا طور (البقره 129) ۽ ٻين هنڌن تي عمومي انداز ۾ ان آيت ۾ پاڻ سڳورن جي بعثت جو مقصد بيان ڪندي ارشاد ٿيو آهي.
    ”هو اُهو آهي، جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو، جو کين سندن آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.“ (الجمعة 2)
    ان آيت ۾ اها سڄي ڳالهه ٻڌائي ويئي آهي، جيڪا پيغمبر کي سندس فرض جي ادائگي جي لاءِ هن دنيا ۾ انجام ڏيڻي آهي. پيغمبر جو اصل ڪم اهي ئي چار ڳالهيون آهن، جيڪي ان آيت ۾ ٻڌايون ويون آهن. انهن چئن ڳالهين کان سواءِ پيغمبر جي زندگيءَ ۾ جيڪي شيون نظر اچن ٿيون، اهي انهن چئن شين تحت ظاهر ٿيندڙ واقعا آهن. ذڪر ڪيل چارئي شيون جيڪڏهن پيغمبر جي بعثت جي مقصد سان واسطو رکن ٿيون ته باقي شيون پيغمبر جي تاريخي احوال سان ۽ اها هڪ پڌري حقيقت آهي ته بعثت جو مقصد اصولي طور تي سدائين هڪ ئي هوندو آهي، پر ان مقصد جي ادائگيءَ جي دوران پيغمبر جي چوڌاري جيڪا تاريخ جڙي ٿي اها، سدائين مختلف هوندي آهي. اها ڪڏهن به هڪجهڙي ٿي نٿي سگهي.
    1. ان سلسلي جي پهرين شئي آيتن جي تلاوت آهي. آيتن جي تلاوت جو مقصد خدا جي دين جي عمومي دعوت آهي. جڏهن به ڪو پيغمبر موڪليو وڃي ٿو ته اُن جو پهريون ڪم اهو هوندو آهي ته هو ڏاهپ (حڪمت) ۽ خيرخواهيءَ جي سڀني آدابن جو خيال رکندي ماڻهن کي خدا جو پيغام ٻُڌائي. هو ماڻهن کي خدا جي تخليق جي مقصد کان واقف ڪري. هي اهائي شئي آهي، جنهن کي قرآن ۾ ٻي هنڌ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻ ٻڌايو ويو آهي. (ويخرجهم من الظلمات الي النور ــ المائده 16)
    آيتن جي پڙهڻ مان مطلب اهو نٿو ٿي سگهي ته پيغمبر ماڻهن کي سڄو قرآن ٿو ٻُڌائي. ڇو ته دعوت جو اهو عمل پيغمبر جي ظهور کان پوءِ ئي شروع ٿي ويو. جڏهن ته ان وقت سڄو قرآن اڄ جيان سهيڙيل صورت ۾ موجود ئي نه هو. حقيقت اها آهي ته آيتن جي تلاوت جو مطلب دين جي بنيادن جي تبليغ آهي. يعني توحيد، رسالت ۽ آخرت. حقيقت ۾ دعوت جو عمل ماڻهن کي دين جي بنيادن کان واقف ڪرڻ جو عمل آهي. شريعت جي تفصيلي احڪامن جو خطاب ايمان آڻيندڙ ماڻهن سان آهي، نه ڪي انهن ماڻهن سان، جيڪي اڃا دين جي دائري ۾ داخل نه ٿيا هئا.
    2. پيغمبراڻي مشن جو ٻيو حصو اهو آهي، جنهن کي مذڪوره آيت ۾ تزڪيه چيو ويو آهي. تزڪيه مان مراد اهائي شئي آهي، جنهن کي اڄ جي زماني ۾ سکيا چيو وڃي ٿو. يعني ماڻهوءَ جي ذهني سوچ ۽ ان جي قلبي ميلانات (دلي رجحانن) کي ايئن سڌارڻ، جو اهو خدائي رستي تي يڪسوئي ۽ دلي سڪون سان هلي سگهي.
    آيتن جي تلاوت ۾ جيڪڏهن داعي جو نشانو اهو هوندو آهي ته هو ماڻهن جي بي خبريءَ کي ٽوڙي ۽ دليلن سان گڏ کين پنهنجي پيغام جي سچائي تي مطمئن ڪري ته تزڪيه جي عمل ۾ پيغمبر جو نشانو اهو هوندو آهي ته هو ماڻهن جي ذهني اتفاق کي عمل ۾ بدلائي. هو ماڻهن جي روحاني احساس کي جاڳائي ۽ منجهن حقيقي ڪردار جو گُڻ پيدا ڪري.
    3. پيغمبراڻو مشن جو ٽيو حصو اهو آهي، جنهن کي قرآن ”تعليم ڪتاب“ جي لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ”تعليم ڪتاب“ جو مطلب شريعت جي حڪمن ۽ قانونن جي تعليم آهي. جهڙوڪ پهرين مرحلي ۾ ماڻهن کي اهو چيو ويو ته: اي ماڻهو! خدا هڪ آهي ۽ اهوئي اوهان جي عبادت جي لائق آهي. ٻي مرحلي ۾ منجهن عبادت جو اسپرٽ پيدا ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ کين ٻڌايو ويو ته عبادت جي عملي شڪل ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙي طريقي سان اها ڪرڻ گهرجي.
    تعليم ڪتاب کي ٻين لفظن ۾ ”فقهه جي تعليم“ به چئي سگهجي ٿو. اها شئي جنهن کي اڄ اسلامي فقهه چيو وڃي ٿو، جنهن جي شروعات خود پيغمبر اسلام ﷺ جي زماني ۾ ٿي چڪي هئي. اسلام قبولڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ سڳورن کان حڪمن ۽ مسئلن بابت پُڇندا هئا ۽ پاڻ کين انهن جا جواب ڏيندا هئا. فقهه جي تعليم جو اهو ڪم اصحابن ۽ تابعين جي زماني ۾ پڻ ائين ئي جاري رهيو، نيٺ عباسي دؤر ۾ تبع تابعين جي زماني ۾ ان جي باقائده تدوين ٿي.
    4. پيغمبراڻي مشن جو چوٿون حصو اهو آهي، جنهن کي قرآن ۾ ”تعليم حڪمت“ جي لفظن م بيان ڪيو ويو آهي. حڪمت جو لفظ ”ظواهر احڪام“ جي مقابلي ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ۽ ان کي ٻين لفظن ۾ اسرار دين به چئي سگهجي ٿو.
    هڪ روايت موجب: پيغمبر اسلام ﷺ فرمايو ته قرآن جي هر آيت جو هڪ ظاهر آهي ۽ ٻيو باطن (لکل آيت منها ظهرو بطن) مشکاة المصابيح. 1/80)
    ان حديث ۾ جنهن شئي کي قرآني آيتن جو باطن چيو ويو آهي، اهي دراصل قرآني آيتن جون ڏاهپون آهن. ڪنهن آيت (يا حديث) جا لفظ رڳو اُن جي ظاهري يا شروعاتي مفهوم کي ئي ٻڌائين ٿا. انهن لفظن جي اندر جيڪا ڳوڙهي معنيٰ لڪل هوندي آهي، اها خود لفظن ۾ موجود نه هوندي آهي. ان کي فقط غور ۽ فڪر سان ئي ڄاڻي سگهجي ٿو. پيغمبر جو هڪ ڪم اهو آهي ته هو ماڻهن جي فڪري تربيت ڪري، کين ان جي لائق بڻائي ته هو نه رڳو ديني تعليم جي ظاهر کي ڄاڻن، پر هو ان جي اسرارن ۽ اونهاين تائين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.
    اها شئي جنهن کي دين ۾ اجتهاد چيو ويو آهي، ان جي صلاحيت به ان ”تعليم حڪمت“ جو ئي هڪ نتيجو آهي. حڪمت جي تعليم ماڻهوءَ کي اُن لائق بنائي ٿي ته هو ديني مسئلن تي مجتهدانه انداز ۾ سوچي سگهي، حڪمت ماڻهوءَ جي اندر اجتهادي سمجهه پيدا ٿي ڪري. جن ماڻهن جي اندر اها سمجهه پيدا ٿيو وڃي، اهي هڪ طرف ته ان جي قابل ٿيو وڃن ته اعليٰ ايماني سطح تي زندگي گذاري سگهن. ٻي طرف اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ملت جي اڳواڻيءَ وارين ذميدارين کي پورو ڪن ٿا. هو پنهنجي ذهن ۽ فڪر جي لحاظ کان ان جي لائق ٿيو وڃن ٿا ته بدليل حالتن ۾ دين حق جي صحيح تشريح ۽ ان جي درست نمائندگي ڪري سگهن.
    ذڪر ڪيل آيت ۾ پيغمبراڻي مشن جا چار حصا ٻڌايا ويا آهن. بظاهر ته ان ۾ پيغمبر جي زندگي جي ٻين ڪيترن ئي معلوم حصن کي شامل نه ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: هجرت، قتال، فتح، نفاذ، احڪام وغيره. ان جو سبب ڪهڙو آهي، ڇو اهي بقايا حصا ذڪر ڪيل آيت ۾ چئن مان ڪنهن به هنڌ تي موجود نه آهن.
    ان جو سبب اهو آهي ته هڪ شئي پيغمبر جو مشن آهي ۽ ٻي شئي پيغمبر جي تاريخ آهي. جيڪي شيون ذڪر ڪيل آيت ۾ لکيل نه آهن، اهي سڀ پيغمبر جي تاريخ جا حصا آهن، نه ڪي اصل مشن جا حصا. مشن فقط هڪ هوندو آهي ۽ پيغمبر سدائين ۽ هر حال ۾ اهو پورو ڪندو آهي. ان جي تڪميل کان سواءِ پيغمبر جو هن جهان مان وڃڻ ممڪن ڪونهي. جيستائين پيغمبر جي تاريخ جو معاملو آهي ته ان جو واسطو وقت جي حالتن سان آهي، جيڪي ڪڏهن به هڪجهڙيون نه هونديون آهن. اهي هميشه مختلف سببن جي ڪري بدلبيون رهنديون آهن. اهوئي سبب آهي ته مختلف پيغمبرن جي تاريخ مختلف انداز ۾ جُڙي. جيتوڻيڪ مشن سڀني جو ساڳيو هو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جي اصل حيثيت اها هئي ته پاڻ داعي هئا. قرآن ۾ بار بار پاڻ سڳورن کي ان ئي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ فقط هڪ آيت نقل ڪجي ٿي.
    ”اي نبي! اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن نتيجن کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ الله ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو آهي.“ (الاحزاب 44 ــ 45)
    ان قسم جي آيتن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جو مشن هڪ دعوتي مشن هو. پاڻ سڳورن جو اصل مشن تبليغ هئي، نه ڪي ڪنهن سياسي اقتدار کي قائم ڪرڻ. اهو درست آهي ته پاڻ سڳورن جي زندگيءَ ۾ دعوت ۽ تبليغ کان سواءِ ڪجهه ٻيا جزا به گڏ ٿيا، پر انهن ٻين جُزن جي اهائي تشريح درست هوندي، جيڪا پاڻ سڳورن جي دعوتي حيثيت کي مجروح نه ڪندي هجي. تنهنڪري اهو چوڻ صحيح هوندو ته پيغمبر اسلام اصل ۾ داعي ۽ مبلغ هئا. پاڻ سڳورن جي زندگيءَ ۾ جيڪي ٻيا جزا نظر اچن ٿا، اهي سنئون سڌو پاڻ سڳورن جو نشان نه هئا، پر اهي ٻين سببن جي ڪري پاڻ سڳورن جي زندگيءَ ۾ شامل ٿيا.


    اسوة حسنه

    پيغمبر اسلام ﷺ نه رڳو نظري لحاظ کان خدا جي دين کي ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو، پر عملي طور تي به مڪمل اُن جي پيروي ڪئي. تنهن ڪري پاڻ ٻڌائڻ وارا به آهن ته ٻڌايل ڳالهه جو عملي نمونو ڏيکارڻ وارا به. قرآن ۾ فرمايل آهي ته: ”بيشڪ اوهان جي لاءِ، الله جي رسول (جو طريقو)، عمدي پيروي آهي. ان شخص جي لاءِ جيڪو آخرت جي ڏينهن جي (اچڻ) جي اميد رکي ٿو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪري ٿو.“ (الاحزاب 21)
    اها آيت عزوه احزاب (خندق) جي پسمنظر ۾ لٿي. پر تفسير جي اصول موجب ان جو اطلاق عام آهي. پنهنجي عمومي مفهوم جي لحاظ کان آيت جو مطلب اهو آهي ته نه رڳو جنگ خندق (احزاب) پر هر لحاظ کان پيغمبر جي زندگي اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي. خدا جو سچو ٻانهو اهو آهي، جيڪو خدا جي رسول کي پنهنجي سڄي زندگي جي لاءِ نمونو بنائي.
    اسوة حسنه جو مطلب عام معنيٰ ۾ ”اصول ڪامله“ ڪونهي، پر اسوة صحيح آهي، يعني ان جو مطلب اهو ڪونهي ته فهرست جي لحاظ کان پاڻ سڳورن جي زندگيءَ ۾ هر قسم جا نمونا ملن ٿا، پر ان جو مطلب اهو آهي ته اصول جي لحاظ کان پاڻ پنهنجي عملي زندگي ۾ انهن اخلاقي قدرن جو سٺي نموني مظاهرو ڪيو آهي، جيڪي انسان جي لاءِ بهترين قدرن (Values) جي حيثيت رکن ٿا.
    اسوة حسنه کي جيڪڏهن فهرست جي لحاظ کان ”اسوة ڪامله“ جي معنيٰ ۾ ورتو وڃي ته اهڙي فهرست نه پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ موجود آهي ۽ نه ڪنهن هڪ شخص جي زندگي ۾ ”ان قسم جي عملي جامعيت“ ملي سگهي ٿي. جهڙوڪ: فهرست جي نظريي سان ڏسبو ته هڪ شخص چئي سگهي ٿو ته پاڻ سڳورن جي زندگي ۾ يتيمي جو نمونو ته موجود آهي، پر غير يتيمي جو نمونو موجود ڪونهي. پاڻ سڳورن جي زندگيءَ ۾ اهو نمونو ته ملي ٿو ته ڌيئرن سان ڪو پيءُ ڪيئن هلي، پر ڪو پيءُ پنهنجي پُٽن جي تربيت ڪيئن ڪري، پاڻ سڳورن وٽ اُن جو ذاتي نمونو موجود ڪونهي. ايئن ڪو شخص چئي سگهي ٿو ته پاڻ سڳورن وٽ نيزي ۽ تلوار سان جنگ ڪرڻ جو نمونو ته آهي، پر گن ۽ ميزائل جي ذريعي جنگ جو نمونو ڪونهي. پاڻ سڳورن وٽ روايتي دؤر جي معاملن جو نمونو ته ملي ٿو، پر سائنسي دؤر جي معاملن جي لاءِ پاڻ سڳورن وٽ سڌو سنئون نمونو موجود ڪونهي وغيره.
    رسول الله جي زندگي بيشڪ ڪامل نمونو آهي. پر اهو ڪامل نمونو اصول جي لحاظ کان آهي نه ڪي عملي لحاظ کان. پيغمبر اسلام دراصل اخلاق جا اعليٰ اصول ٻڌائڻ جي لاءِ آيا هئا ۽ پاڻ اُن موجب هڪ ڀرپور زندگي گذاريائون ۽ هر پيش ايندڙ معاملي ۾ عملي نمونو قائم ڪيائون، ائين پاڻ سڀني انسانن جي لاءِ هڪ بهترين ماڊل بنجي ويا. پر اهو ماڊل اصولي مفهوم ۾ آهي، نه ڪي هر قسم جي عملي تفصيلن جي مفهوم ۾. جهڙوڪ: پاڻ واپاري جو عملي نمونو پيش ڪيو ته صرف ديانتداري جي لحاظ کان هو، نه اهو ته ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ واپاري ڪم کي ڪيئن منظم ڪيو وڃي.
    ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڻ سڳورن جي نموني جو واسطو هر انساني معاملي سان آهي، نه ڪي ڪجهه بنيادي معاملن سان. تنهنڪري اسين ڏسون ٿا ته پاڻ کائڻ جي شين مان ڪجهه شين کي حرام ٻڌايو ته ڪن کي حلال قرار ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته حلال شيون کائو ۽ حرام شين کان پاسو ڪريو. ٻي طرف ”تابير نخل“ جي مشهور واقعي ۾ پاڻ سڳورن فرمايو ته: انتم اعلم با مر دنياکم (صحيح مسلم بشرح النووي 15/118) ٻين لفظن ۾ اهو ته باغباني (Horticulture) جهڙن معاملن ۾ اوهان کي آزادي آهي ته پنهنجي تجربي ۽ تحقيق موجب، جيڪو به طريقو اوهان کي فائدي وارو لڳي، اُن تي عمل ڪريو.
    هاڻ ان معاملي ۾ هڪ ٻي پهلوءَ کان به ڌيان ڌريو. مذڪوره قرآني آيت جو مطلب اهو آهي ته پيغمبر اسلام جي زندگي ۾ اوهان کي جيڪي به نمونا ملن، سي اختيار ڪري وٺو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ انهن جي پيروي ڪريو. پر جيڪڏهن اونهائيءَ سان ويچاريو وڃي ته خبر پوندي ته اهو معاملو ڪو سادو به ڪونهي.
    رسول الله جي پيغمبراڻي زندگي ٽيويهه سال هئي. ٽيويهن سالن جي ان عرصي ۾ ٽيويهن کان به وڌيڪ مختلف، بلڪه ظاهري طور متضاد نمونا ملن ٿا. جهڙوڪ: مڪي ۾ شروع ۾ پاڻ لڪي نماز پڙهندا هئا. پر تيرهن سالن کان پوءِ پاڻ سڳورا مديني پهتا ته اتي اعلان سان نماز پڙهيائون. مڪي زندگي ۾ تيرهن سالن تائين پاڻ سڳورا ڪعبي ۾ بُت رکيل ڏسندا هئا، پر پاڻ ڪڏهن به انهن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. پر مڪي جي فتح کان پوءِ پاڻ سڳورن سڀني بُتن کي ٽوڙڻ جو حڪم ڏنائون. مڪي دؤر ۾ پاڻ سڳورا ماڻهن کي فقط توحيد جي عقيدي، جنت ۽ دوزخ جون آيتون ٻڌائيندا هئا. پر پوءِ مدني دؤر ۾ پاڻ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن بابت عملي احڪام به ماڻهن کي ٻڌايا. مڪي دؤر ۾ پاڻ سڳورن ڪعبي کي عبادت جو ”قبلو“ بنايو ۽ جڏهن مديني پهتا ته لڳ ڀڳ 16 مهينن تائين بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا رهيا. مڪي دؤر ۾ پاڻ سڳورن باجماعت نماز جو نظام قائم نه ڪيو، پر جڏهن مديني پهتا ته پاڻ سڳورن اُتي مسجد جوڙي ۽ ۽ باجماعت نماز جو نظام قائم ڪيو وغيره وغيره.
    هاڻ سوال اهو آهي ته انهن مختلف ۽ بظاهر متضاد نمونن تي ڪيئن عمل ڪجي. اها ڳالهه چٽي آهي ته انهن سڀني نمونن تي هڪ ئي وقت ۾ عمل نٿو ڪري سگهجي. هڪ نموني تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ٻيو نمونو ڇڏڻو پوندو. جهڙوڪ: پيغمبر جي زندگي ۾ صبر ۽ درگذر جو نمونو به آهي ته جنگ ۽ ٽڪراءُ جو نمونو به. هاڻ ڪوبه شخص ايئن نٿو چئي سگهي ته هڪ ئي وقت ۾ ٻنهي نمونن تي عمل ڪري. هو جڏهن به هڪ تي عمل ڪندو، ته لازمي طور تي کيس ٻيو نمونو ڇڏڻو پوندو.
    جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته اسين پيغمبر جي پڇاڙڪي دور کي وٺون ۽ شروعاتي دور کي ڇڏي ڏيون ته اهو ڪنهن به حوالي سان درست ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پيغمبر جي سڄي 23 سالن جي زندگي اسان جي لاءِ نمونو آهي، نه ڪي سندس اها زندگي جيڪا هن پنهنجي عمر جي آخري سال ۾ گذاري. پيغمبر جي زندگيءَ جي واقعن ۾ ان قسم جو فرق شرعي اعتبار کان به غلط آهي ته عقلي اعتبار کان به.
    قرآن جون ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون آهن، جيڪي مڪي ۾ نازل ٿيون. انهن ۾ الله تعاليٰ اهو حڪم ڏنو آهي ته پيغمبر جي پيروي ڪريو. جهڙوڪ: ”الاعراف“ هڪ مڪي سورت آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ اهو حڪم فرمايو آهي ته:
    ”چئو ته اي انسانو! بيشڪ آءٌ اوهان سڀني ڏي اُن الله جو موڪليل آهيان، جنهن جي آسمانن ۽ زمينن ۾ بادشاهي آهي. جنهن کان سواءِ ڪو معبود نه آهي جو جياري ۽ ماري ٿو. پوءِ الله تي ۽ سندس ان رسول تي ايمان آڻيو، جو نبي اُمي آهي ۽ جو الله تي ۽ سندس (سڀني) ڪلامن تي ايمان آڻي ٿو ۽ ان جي تابعداري ڪريو، من اوهين رستو لهو.“
    اها آيت ۽ ان قسم جي ٻين آيتن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جي زندگيءَ جو اهو تيرهن سالن جو دؤر جيڪو مڪي ۾ گذريو، اهو هر لحاظ کان پيرويءَ جي لائق آهي. اهو به ايئن ئي اسوة حسنه آهي، جيئن بعد جو مدني دؤر. ٻنهي ۾ اسوة حسنه جي لحاظ کان ڪو فرق نه آهي.
    اهو هڪ ويچار جوڳو مسئلو آهي. جهڙوڪ: جيڪڏهن ڪو شخص واسطيدار شخص اهي لفظ چوي ته جهاد سڀني مسئلن جو حل آهي ته اهو جملو پنهنجي لاڳاپيل مفهوم ۾ صحيح نه هوندو، ڇو ته ايئن مڃڻ جي حالت ۾ پيغمبر جي انهن سڀني نمونن جي نفي پئي ٿئي، جڏهن پاڻ جهاد (معنيٰ قتال) جو طريقو اختيار نه ڪيو هو، پر صبر ۽ هجرت جهڙن طريقن تي عمل فرمايو.
    ايئن جيڪڏهن ڪو شخص اهو چوي ته ملت جو نصب العين مڪمل اسلامي نظام کي لاڳو ڪرڻ آهي ته اهو بيان به درست نه هوندو. ڇو ته ان ۾ حجة الوداع (10هه) کان اڳ جي سڄي پيغمبراڻي زندگي محذوق ۽ منسوخ سمجهي ويندي. جيئن پاڻ کي خبر آهي ته اسلام جي ڪيترن ئي حڪمن جي تڪميل پڇاڙيءَ ۾ حجة الوداع جي موقعي تي ٿي ۽ ان کان اڳ اهي حڪم موجود هئا ۽ نه قرآن جو نزول مڪمل ٿيو هو. اهڙي حالت ۾ اسوة حسنه جو مطلب اهو وٺڻو پوندو ته رسول الله جي زندگيءَ جو اهو آخري دور اوهان جي لاءِ اسوة حسنه آهي، جڏهن قرآن مڪمل طور تي نازل ٿي ويو ۽ اهو واقعو ظهور ۾ آيو، جنهن کي قرآن ۾ ”اڪمال دين“ (دين جو مڪمل ٿيڻ) چيو ويو آهي. (المائده 1)
    مذڪوره آيت جو اهڙو مفهوم وٺڻ شرعي توڙي عقلي لحاظ کان صحيح ڪونهي. حقيقت اها آهي ته رسول الله جي پيغمبراڻي زندگي جو سڄو عرصو اسان جي لاءِ ”اسوة حسنه“ آهي، نه ڪي ان جو ڪو حصو. پاڻ سڳورن جي قائم ڪيل نمونن مان ڪوبه نمونو نه ته متروڪ آهي ۽ نه ئي وري غير مطلوب.
    ان سوال جو هيءَ جواب به صحيح ڪونهي ته اهو سڄو معاملو تدريج جو معاملو آهي. يعني پيغمبر اسلام جو آخري مقصد ته اهوئي هو، جنهن جو نمونو ”حجة الوداع“ کان پوءِ پاڻ سڳورن جي زندگي ۾ ملي ٿو. ان کان اڳ جيڪي نمونا آهن اهي تدريج ۽ ترتيب جي اصول تي فقط شروعاتي مرحلن جا نمونا آهن، نه ڪي آخري يا تڪميلي مرحلن جا نمونا. اها تاويل به چٽي نموني غلط آهي ته خود قرآن جا بيان صريح طور تي ان جي ترديد ڪن ٿا.
    جهڙوڪ: قرآن پاڪ ۾ رسول الله ﷺ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اوهان ملت ابراهيم جي پيروي ڪريو (النحل 123) جيئن اسين ڄاڻون ٿا ته حضرت ابراهيم جي ”احڪام فهرست“ جي معنيٰ ۾ ڪا جامع شريعت پيش نه فرمائي. سندن سڄي زندگي توحيد جي دعوت ڏيندي ئي گذري. سندن زندگيءَ ۾ اجتماعي حڪمن جو نفاذ يا حڪومت جي قيام جهڙا نمونا سري کان موجود ئي ڪونهن. اهڙي حالت ۾ مذڪوره تعبير موجب، ان جو مطلب اهو ٿيندو ته جامع شريعت واري پيغمبر کي ناقص شريعت واري پيغمبر جي پيروي جو حڪم ڏنو پيو وڃي.
    ساڳئي نموني قرآن ۾ مختلف نبين جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ پيغمبر اسلام کي فرمايو ويو ته: اهي سڀ نبي خدا جي واٽ تي هئا، تون به انهن جي رستي جي پيروي ڪر. (الانعام 90)
    مذڪوره صورت ۾ جن نبين جو ذڪر آهي، انهن بابت خود قرآن جي بيان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهي مذڪوره مفهوم ۾ ”جامع شريعت“ جا حامل نه هئا، پر فقط توحيد ۽ اخلاق جهڙي اصولي تعليم ئي مٿن لٿي هئي. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن مذڪوره تعبير صحيح مڃي وڃي ته ٻيهر اهو چوڻو پوندو ته ان آيت ۾ جامع شريعت واري هڪ پيغمبر کي اهڙن نبين جي پيرويءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جن وٽ رڳو ناقص شريعت جو نمونو ملي ٿو.

    حالتن جي لحاظ کان تڪليفون
    اصل ڳالهه اها آهي ته پيغمبر اسلام جي ٽيويهن سالن جي زندگي جي مختلف نمونن مان هر نمونو خود ”اسوة حسنه“ جي حيثيت رکي ٿو. هر نمونو پنهنجي ذات ۾ مڪمل نمونو آهي. هر نمونو ساڳئي نموني گهربل نمونو آهي. هڪ نموني ۽ ٻي نموني ۾ گهرج جي لحاظ کان ڪو فرق ڪونهي. ان جو سبب اهو آهي ته شريعت جي مڃيل اصول موجب ماڻهو پنهنجي حقيقي حالتن جي لحاظ کان مڪلف آهي، نه ڪنهن مفروضي جي آخري نصب العين جي لحاظ کان (البقره 286). اسلام جي گهرج اها ڪانه هئي ته اهل اسلام ڪنهن ٻاهرين نشاني (مڪمل اسلامي نظام جو قيام) کي پنهنجو گهربل مقصد بنائين. يعني ڪنهن ماڻهوءَ جو اسلامي نشانو ڇا هجي، يا ان جي پنهنجي حقيقي حالتن موجب متعين ٿئي ٿو يا خارجي طور تي جوڙيل ڪنهن مفروضه نصب العين سان.
    ان تشريح موجب، اسوة حسنه جي ان آيت جو مطلب اهو آهي ته رسول الله ﷺ جي زندگي جي نمونن مان هر نمونو اوهان جي لاءِ پيروي جوڳو آهي. اوهان کي اهو ڪرڻو آهي ته اوهين پنهنجو پاڻ کي جن به حالتن م ڏسو، ان کي سامهون رکي پيغمبر جي زندگيءَ جو اڀياس ڪريو. پيغمبر جي زندگي ۾ انهن مخصوص حالتن سان هڪجهڙائي پيدا ڪندڙ جيڪو به نمونو ملي اوهين اها مڪمل طور تي اختيار ڪري وٺو. پيغمبر هر قسم جي حالتن ۾ رهيو. ان لحاظ کان پيغمبر جي زندگي ۾ هر قسم جي احوال لاءِ نمونا موجود آهن. هاڻ خدا جي ٻانهن کي اهو ڪرڻو آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي جن به حالتن ۾ ڏسن، ان کي سامهون رکي اهو ڏسن ته ان سان ملندڙ جلندڙ حالتون جڏهن پيغمبر سان پيش آيون ته ان مهل پاڻ ڪهڙي روش اختيار ڪئي هئائون ۽ پوءِ ان طريقي کي مڪمل طور تي اختيار ڪري وٺو.
    پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ نمونن جي فرق کي عام طور تي ناسخ ۽ منسوخ جو معاملو سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن قتال جون آيتون لٿيون ته صبر ۽ درگذر جو حڪم رد ٿي ويو، پر نسخ ۾ اهو تصور صحيح ڪونهي. نسخ جو مطلب آهي حالتن آهر حڪمن تي عمل/ لاڳو ڪرڻ آهي، نه ڪي هڪ ابدي طور تي رد قرار ڏيئي ان جي جاءِ تي ٻي حڪم کي ابدي طور تي قائم ڪرڻ آهي. جڏهن به حالتون تقاضا ڪن ته رد ڪيل حڪم ٻيهر مطلوب (گهربل) بنجي وڃي ۽ پوءِ جي دؤر ۾ به ان اڳوڻي حڪم تي ساڳئي نموني عمل ڪيو ويندو. جيئن اڳين حالتن ۾ ڪيو ويو هو.
    جهڙوڪ (بدر 2هه) جي موقعي تي پاڻ سڳورن صبر جي بدران قتال جي حڪم تي ايئن عمل فرمايو جو مديني کان ٻاهر نڪتا ۽ اڳتي وڌي بدر جي جاءِ تي مشرڪين سان جنگ ڪيائون، پر ان کان پوءِ وري ڪيترن ئي موقعن تي پاڻ مشرڪن جي هٿياربند للڪار جو جواب ۾ ٻيهر صبر وارو رويو اختيار ڪيائون. جهڙوڪ (5 هجري) جي موقعي تي مشرڪن جي هٿياربند للڪار جي جواب ۾ پاڻ سڳورا مديني ۾ ئي ٽڪيا رهيا ۽ ڊگهي کاهي (خندق) کوٽي اها تدبير فرمائي ته مشرڪين اڳيان وڌي نه سگهن ته جيئن جنگ جي نوبت ئي نه اچي. اها چٽي نموني صبر جي پاليسي هئي، نه ڪي قتال جي.
    بتن جي سلسلي ۾ پڻ پيغمبر اسلام جي زندگي ۾ ٻه مختلف نمونا ملن ٿا. مڪي دؤر ۾ پاڻ سڳورن ڪعبي ۾ رکيل بتن کي ڪڏهن به ڀڃڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر عملي طور تي ان کان پاسو ڪندا رهيا. پر هجرت کان پوءِ (8 هجري) مڪو فتح ٿيو ته پاڻ ان کان مختلف نمونو اختيار ڪيائون يعني سڀني بتن کي ڀڃي ڪعبي مان ٻاهر ڪڍيائون.
    انهن ٻنهي مختلف سنتن جو مطلب اهو ڪونهي ته پاڻ سڳورن کان پوءِ جي زماني ۾ سندن سنت رڳو بُت شڪني آهي ۽ بتن کان ڪن لاٽار ڪرڻ جي سنت سدائين جي لاءِ رد ٿي ويئي. پر ان جو مطلب اهو آهي ته جڏهن مڪي دؤر جهڙيون حالتون پيدا ٿين ته پاڻ سڳورن جي سنت بتن کان ڪن لاٽار ڪرڻي پوندي ۽ جڏهن فتح مڪي جهڙيون حالتون هجن ته پوءِ حالتن موجب ٻي نموني کي پاڻ سڳورن جي سنت قرار ڏنو ويندو.
    ساڳئي طرح، جهڙوڪ: پاڻ سڳورن مڪي جي شروعاتي لڳ ڀڳ اڌ زماني ۾ اعلان کان سواءِ نماز پڙهي. ان کان پوءِ جڏهن هجرت ڪري مديني پهتا ته پاڻ سڳورن اعلان سان نماز پڙهڻ شروع ڪئي.
    پاڻ سڳورن جي انهن ٻنهي سنتن جو مطلب اهو ڪونهي ته هاڻ سدائين اعلان سان نماز پڙهڻ ئي پاڻ سڳورن جي واحد سنت آهي ۽ بنا اعلان ۽ ڳجهي نموني نماز پڙهڻ هاڻ سدائين جي لاءِ هڪ رد ڪيل حڪم بنجي چڪو آهي. پر حالتن موجب ٻئي طريقا ساڳئي نموني گهربل آهن. جڏهن مدني دؤر جهڙيون حالتون هجن ته ان وقت کلي عام نماز پڙهڻ رسول الله جي سنت هوندي ۽ جڏهن مڪي دؤر جهڙيون حالتون هجن ته ٻيهر اهوئي عبادتي طريقو اختيار ڪرڻ سنت قرار ڏنو ويندو، جيڪو پاڻ سڳورن مڪي دؤر ۾ اختيار ڪرڻ فرمايو. ان تي ٻين سڀني نمونن کي قياس ڪري سگهجي ٿو.
    هتي هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته انهن مختلف پيغمبراڻن نمونن مان ڪوبه نمونو گهٽ آهي ۽ نه وڌ. نه ڪو ناقص آهي نه ڪو ڪامل، نه ڪو ابدي آهي نه ڪو غير ابدي. هر اهو نمونو جيڪو پيغمبر جي زندگيءَ ۾ پاتو وڃي ٿو، اهو خود پنهنجي ذات ۾ اسوة حسنه آهي. هر نمونو هڪجهڙي نموني پيغمبر جي گهربل سنت آهي. انهن مختلف سنتن مان پنهنجي حالتن موجب، جنهن به سنت تي عمل ڪيو وڃي، اها پيغمبر جي مڪمل پيروي جي هم معنيٰ هوندي ۽ اخلاص جي شرط مان الله تعاليٰ وٽ پوري ثواب جو حقدار قرار ڏنو ويندو.
    قرآن ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته: اي ايمان آڻڻ وارؤ! اطاعت ۾ پوري طرح داخل ٿي وڃو. (البقره 208) اُن آيت موجب هر شخص کان اسلام جي مڪمل پيروي گهربل آهي. پر مڪمل پيروي جو مطلب اهو ڪونهي ته هڪ ئي وقت سڀني احڪامن جي مجموعي پيروي ڪريو يا ته سڀني احڪامن جي مجموعي پيروي کي نشان بنائي، ان جي لاءِ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ جي تحريڪ هلايو. ان آيت جو مطلب فقط هيءَ آهي ته حالتن موجب اوهين جنهن اسلامي حڪم جا مخاطب بنجي رهيا آهيو، ان کي اختيار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڪريو. ان جي پيرويءَ ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي نه ڪريو.
    جهڙوڪ: مثال ماڻهو اهڙي حالت ۾ آهي، جتي هو نماز آزادي سان پڙهي ٿو سگهي ته نماز جو وقت اچڻ تي مٿس نماز باقاعدگي سان پڙهڻ ضروري ٿيندي. ساڳئي طرح اهل اسلام جيڪڏهن اهڙين حالتن ۾ آهن جتي کين دين جي دعوت ڏيڻ جي آزادي آهي ته مٿن اهو لازم هوندو ته هو دعوت جي ادائگيءَ ۾ مڪمل طور تي مصروف ٿي وڃن. هو سڀني ضروري تدبيرن کي استعمال ڪندي سٺي نموني سان مڪمل طور تي دعوت جو عمل انجام ڏين. ساڳئي طرح وقت جي حالتن موجب جيڪڏهن هنن جي لاءِ موقعا موجود آهن ته هو سڀني مسلمانن جي معروف تائيد ڪن ۽ جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن انڪار جو عمل ڪري ته حالتن موجب انفرادي يا گڏيل نموني ان انڪار تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن. اهڙين حالتن ۾ سڀني مسلمانن تي سگهه آهر اُن فرض جي مڪمل ادائگي به ضروري هوندي وغيره.
    تت اهو آهي ته ”ڪامل پيروي“ جو لاڳاپو حڪمن جي فهرست سان نه پر اُن مخصوص ۽ مقرر حڪم سان آهي، جيڪو بروقت اسلام تي شرعي طور تي لاڳو ٿي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب هر هڪ سنت جي مڪمل پيروي آهي، نه ڪي سڀني سنتن جي مجموعي پيروي.


    ختم نبوت

    اسلامي عقيدي موجب، حضرت محمد ﷺ تي نبوت جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پهتو. هاڻ دنيا ۾ خدا طرفان ٻيو ڪوبه نبي نه ايندو. اهو عقيدو قرآن ۽ حديث ۾ بار بار چٽي نموني بيان ڪيو ويو آهي. سڌي توڻي اڻ سڌي نموني به. ان سلسلي ۾ قرآن جي هڪ سڌي سنئين آيت هيءَ آهي:
    ماکان محمد ﷺ ابا احد من رجالکم ولکن رسول الله و خاتم النبين و کان الله بکل شئي عليما. (الاحزاب 40)
    ”خاتم“ جي معنيٰ (Seal) آهي، هتي ان جو مطلب اهوئي عمل آهي، جنهن کي عام ماڻهو ”مهربند“ چوندا آهن. هڪ شئي اسٽئمپ ۽ ٻي شئي سيل آهي. اسٽئمپ (ٺپو) ڪنهن شئي جي پڇاڙيءَ ۾ تصديق جي لاءِ هوندي آهي ۽ سيل ان جي پڇاڙيءَ ۾ مهربند ڪرڻ جي لاءِ هوندي آهي، جڏهن ڪنهن لکت کي لفافي ۾ رکي ان کي بند ڪري، پوءِ ان جي مٿان پُڄاڻيءَ جي مهر هڻبي آهي ته ان کي ”سيل“ ڪرڻ چئبو آهي.
    هن آيت مان ”خاتم“ جو مطلب اها ئي ”سيل“ آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته حضرت محمد ﷺ نبين جي ”سيل“ آهي. پاڻ سڳورن جو اچڻ، نبوت جي سلسلي کي ختم ڪري ٿو ڇڏي.
    ڪنهن شئي کي سيل ڪرڻ جو مطلب ان کي آخر ۾ بند ڪرڻ آهي ته ان کان پوءِ هن جي اندران ڪابه شئي نه ٻاهر نڪرندي ۽ نه وري ان جي اندر ويندي. تنهن ڪري عربي ۾ قوم جو خاتم، قوم جي آخري شخص کي چيو ويندو آهي. يعني اهو شخص، جنهن کان پوءِ فهرست ۾ ٻي ڪنهن شخص جو نالو نه هجي. (خاتم القوم آخرهم).
    هتي ”خاتم“ جو مطلب اهو ڪونهي ته هاڻ محمد ﷺ جي مهر (اسٽئمپ) جي تصديق سان نبي ايندا. جيئن ڪجهه نبوت جا دعويدار غلط طور تي چوندا آهن. اهو مفهوم عربي زبان ۽ ادب جي سراسر ابتڙ آهي.
    وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪو اهڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته خود محمد ﷺ، سندس دعويٰ جي کليل ترديد ڪري رهيو آهي، ڇو ته پاڻ سڳورن ثابت طور تي اهو فرمائي ڇڏيو ته مون تي نبوت ختم ٿي ويئي، هاڻ قيامت تائين ڪو ٻيو نبي اچڻ وارو ڪونهي. اها ڳالهه ڪيترين ئي روايتن مان ثابت آهي. ان سلسلي ۾ هتي ڪجهه حديثون پيش ڪجن ٿيون.
     رسالت ۽ نبوت ختم ٿي ويئي، مون کان پوءِ نه ڪو رسول آهي ۽ نه ڪو نبي. (احد والترمذي)
     مون تي نبين جي پڄاڻي ٿي. (البخاري)
     مون تي نبين جي آمد ختم ٿي ويئي. (الترمذي)
     آئون عاقب آهيان، جنهن کان پوءِ ڪو نبي ڪونهي. (صحيحين)
     آئون محمد ﷺ آهيان، اُمي پيغمبر ۽ مون کان پوءِ ڪو به نبي ڪونهي. (احمد)
    مفسر ابن ڪثير ان سلسلي ۾ روايتن کي تفصيل سان گڏ ڪري ڇڏيو آهي. اُتي انهن کي ڏسي سگهجي ٿو. پڙهو تفسير ابن ڪثير جلد 3 صفحو 493 ــ 494.
    سورة الاحزاب جي مذڪوره آيت کان سواءِ قرآن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون آهن، جيڪي اڻ سڌي طرح ان ڳالهه جو ثبوت فراهم ڪن ٿيون ته پيغمبر اسلام کان پوءِ هاڻ نه ڪو نبي اچڻ وارو آهي ۽ نه ڪنهن خدائي منصوبي موجب ڪنهن ٻي نبيءَ جي گهرج آهي. ان سلسلي ۾ هڪ آيت هيءَ آهي:
    ”اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان جي لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو.“ يعني اوهان کي جيڪي احڪام ڏيڻا هئا، اهي سڀ ڏنا ويا. اوهان جي لاءِ جيڪو ڪجهه موڪلڻو هو، اهو سڀ موڪلجي چڪو. هتي لاڳاپيل معنيٰ ۾ دين جي مڪمل ڪرڻ جو ذڪر ڪونهي، بلڪه اُمت محمديءَ تي جيڪو قرآن نازل ٿيڻ شروع ٿيو هو. ان قرآن جي پوري ٿيڻ جو اعلان ٿيو. اهو نزول جي تڪميل جو ذڪر آهي، نه ڪي دين جي تڪميل جو. ان جي لاءِ لفظ هن ريت نه آهن ته، ”اڄ مون دين کي مڪمل ڪري ڇڏيو.“ پرفرمايو ويو ته ”اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان جي لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو.“ حقيقت اها آهي ته خدا جو دين هر زماني ۾ پنهنجي مڪمل صورت ۾ انسان کي ڏنو ويو آهي، خدا ڪڏهن به اڻ پورو دين نه موڪليو آهي.
    قرآن کي مڃيندڙ امت کي خدا ايترو ته سگهارن بنيادن تي قائم ڪري ڇڏيو آهي، جو اها پنهنجي امڪاني سگهه جي لحاظ کان هر ٻاهرينءَ خطري جي منهن مان ٻاهر نڪري چڪي آهي. هاڻ ان کي جيڪڏهن ڪو نقصان پهچندو ته اندرين ڪمزورين جي ڪري، نه ڪي ٻاهرين حملن جي ڪري ۽ اندرين ڪمزورين کان پاڪ رهڻ جي سڀ کان وڏي ضمانت اها آهي ته ان جا فرد الله کان ڊڄڻ وارا هجن.
    ان آيت ”اڪمال دين“ (دين جو مڪمل ٿيڻ) جو مطلب حڪمن جي فهرست جي تڪميل نه آهي. يعني ان جو مطلب اهو ڪونهي ته زندگي جي مڙني شعبن بابت جيڪي احڪام آهن، اهي سڀ آخري پيغمبر تي لاهي ڇڏيا ويا آهن. ان آيت ۾ اکملت لکم دينکم جو مطلب حڪمن ۽ مسئلن جي تڪميل نه، پر ان جو مطلب دين جو استحڪام آهي. يعني هاڻ خدا جو دين سگهارن بنيادن تي قائم ٿي چڪو آهي. سندس اهو استحڪام ايترو ته وڌيڪ مڪمل آهي ته اهو انڪار يا باطل جي هر سازش جي پڪڙ مان ٻاهراچي چڪو آهي. هاڻ قيامت تائين، ڪنهن جون به مخالفاڻيون اٽڪلون ان کي نقصان پهچائڻ واريون نه آهن. ان آيت جي تفسير ۾ صحيح قول اهو آهي، جنهن کي ”مفسر النفسي“ پنهنجي تعبير ۾ لکيو آهي. هن ان آيت تحت لکيو آهي:
    (مون اوهان لاءِ اوهان جي دين کي مڪمل ڪيو) ايئن اوهان کي اوهان جي دشمن کان محفوظ ڪري ۽ اوهان کي ان جي مٿان غالب ڪري ڇڏيو. جيئن بادشاهه چوندا آهن ته اڄ اسان جو اقتدار سگهارو ٿي ويو، يعني اسان کي جنهن کان ڀؤ ڀولو هو، تنهن کان اسين محفوظ ٿي وياسين. (تفسير النسنعي 1/270)
    اها آيت اڻ سڌي انداز ۾ ختم نبوت جو اعلان آهي. ڪنهن نئين نبيءَ جي آمد ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن پوئين پيغمبر جي ذريعي آيل دين اصل صورت ۾ موجود نه رهي. دنيا خدا جي سچي رهنمائي (نه ڪي ڪامل رهنمائي) کان محروم ٿي ويئي هجي. هاڻ جڏهن دين ۾ استحڪام اُن ڳالهه جي ضمانت بنجي ويو آهي ته ڪا سازش يا مخالفاڻي ٽل، خدا جي دين جي حقيقي صورت کي بگاڙي نه سگهندي ته ڪنهن نئين نبي جي آمد جي سري کان ضرورت باقي نٿي رهي.
    هاڻوڪي زماني ۾ ڪجهه پاڻمرادو نبوت جا دعويدار نبين نئون مذهب جوڙيو. جهڙوڪ: بهاالله (وفات 1892ع) ۽ هندستان جو مرزا غلام احمد قادياني (وفات 1908ع) انهن پنهنجي نبوت جي حق ۾ گڏيل طور تي اهو دليل ڏنو ته هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي انسانيت روايتي دؤر کان نڪري سائنسي دؤر ۾ يا دستڪاريءَ جي دور کان به اڳتي نڪري مشيني دور ۾ داخل ٿي ويئي آهي. تنهن ڪري اها ضرورت پيش اچي ويئي آهي ته انسان کي بدليل حالتن موجب نئين سر رهنمائي ڏني وڃي. ان آڌار تي هنن دعويٰ ڪئي ته ان گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خدا کين نبي بنايو آهي ۽ پنهنجو ڪلام اسان جي مٿان لاٿو آهي.
    اهو دليل سراسري بي بنياد ۽ اڻ واسطيدار آهي. اها ڳالهه ته درست آهي ته هاڻوڪي دور ۾ تمدن ۽ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻيون تبديليون ٿيون آهن، پر انهن شين جو وحي ۽ نبوت سان ڪوبه واسطو نه آهي.
    تمدني سببن ۽ ذريعن جو واسطو انهن شين سان آهي، جن بابت پيغمبر اسلام فرمايو: انتم اعلم بامرد دنياکم (اوهين دنيا جي معاملن کي وڌيڪ ڄاڻو ٿا) (صحيح مسلم بشرح النوري 15/118)
    خدا جو پيغمبر زندگي جا اصول ٻڌائڻ ٿو اچي. هو تمدني سببن ۽ ذريعن کي ٻڌائڻ جي لاءِ نٿو اچي. تنهن ڪري تمدني ترقيءَ جي حوالي سان نئين پيغمبر جي آمد تي دليل آڻڻ سراسر بي بنياد ڳالهه آهي، ان جو واسطو نه شريعت سان آهي ۽ نه ئي وري عقل سان.
    سر ظفر الله خان هڪ قادياني هو. هن قاديانيت جي حمايت ۾ انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو، هو مرزا غلام احمد کي دؤر حاضر جو نبي مڃيندو هو. سندس چوڻ آهي ته هاڻوڪو زمانو هڪ بدليل زمانو آهي ۽ ان بدليل زماني ۾ خدا جي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر هڪ نئين نبيءَ جي ضرورت آهي، مرزا غلام احمد قادياني ان گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي.
    اهو استدلال رڳو هڪ مغالطو آهي. نبي جو واسطو زماني جي تبديليءَ سان نه پر ان ڳالهه سان آهي ته خدائي متن (ڪتاب) محرف/ بدلجي يا غير موجود ٿي ويو هجي. زمانو سدائين بدلبو رهندو آهي ۽ زماني جي تبديليءَ جي لحاظ کان گهرج هوندي آهي ته دين حق جي ٻيهر تشريح ڪئي وڃي، پر ان نئين تشريح جو ڪم عالم ۽ مجتهد انجام ڏيندا آهن، تنهن ڪري ان جي لاءِ ڪنهن نئين نبي جي بعثت جي ڪابه گهرج ڪونهي.
    جيئن اسان کي خبر آهي ته قرآن، مڪمل طور تي اڄ به اصلي حالت ۾ موجود آهي. ان جي متن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڦيرگهير نه ٿي آهي ۽ جڏهن خدا جو ڪلام قرآن جي صورت ۾ محفوظ آهي ته پوءِ نئين نبيءَ جي آمد جو ڪو سوال ئي ڪونهي.
    ان معاملي ۾ هڪ مثال هيءَ به آهي ته موجوده زماني جي نبوت جي دعويدارن اهو چيو ته هاڻوڪي صنعتي دؤر ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿيا آهن، انهن ۾ هڪ مسئلو گڏيل سماج جو آهي. صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ اچ ۽ وڃ وڌي ويئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نئين صورتحال پيدا ٿي، جڏهن ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا. ساڳي طرح اڪثر ملڪن ۾ گڏيل مذهبي سماج (ملٽي رليجيس سوسائٽي) قائم ٿي. انهن چيو ته اسلام ۾ واحد مذهبي سماج (يوني رليجيس سوسائٽي) جا احڪام ته موجود آهن، پر گڏيل مذهبي سماج جا حڪم موجود نه آهن. ان نئين ضرورت جي تقاضا اها آهي ته ٻيهر هڪ نبي اچي، جيڪو اُن مسئلي جي باري ۾ خدائي احڪام سُڻائي.
    انهن نبوت جي دعويدارن ان مسئلي جو نبيرو اهو ٻڌايو آهي ته سچائي هر مذهب ۾ ملي ٿي ۽ انهن جو اشارو خود قرآن جي هن آيت ۾ موجود آهي. وانه لفي زبرالاولين (الشعراء 196) هنن چيو، جيئن ته سچائي هر مذهب ۾ موجود آهي، تنهن ڪري هر مذهب واري کي ٻين مذهبن تي ائين ئي اعتقاد رکڻ گهرجي، جيئن هو خود پنهنجي مذهب تي ڀروسو رکن ٿا.
    پر اهو ڪو اهڙو مسئلو ڪونهي، جنهن جي باري ۾ خدائي حڪم ٻڌائڻ جي لاءِ ڪنهن نئين نبيءَ جي آمد ضروري هجي. پهرين ڳالهه اها آهي ته ان سوال جو چٽو جواب خود پيغمبر اسلام ﷺ جي سيرت ۾ موجود آهي. پاڻ سڳورا جڏهن مڪي کان هجرت ڪري مديني پهتا ته ان وقت اتي مسلمانن سان گڏ يهودي ۽ مشرڪين به موجود هئا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته ان وقت مدينو هڪ گڏيل مذهبي سماج جي حيثيت رکندو هو.
    ان وقت پيغمبر اسلام ﷺ هيئن ڪيو، جو هڪ منشور جاري فرمايو، جنهن کي عام طور تي ”صحيفه مدينه“ يا ”ميثاق مدينه“ چيو وڃي ٿو. ان ۾ پيغمبر اسلام جي انتظامي قيادت کي مڃيندي اهو چيو ويو هو ته هر مذهبي گروهه جا معاملا ان جي پنهنجي قبائلي روايتن موجب طئه ڪيا ويندا. جنهن مان اهو احوال ملي ٿو ته گڏيل سماج جي تنظيم هيئن ڪئي ويندي ته مرڪزي انتظام گهڻو تڻو اڪثريتي گروهه جي هٿ ۾ هوندو، پر اُن سان گڏ هر مذهبي ۽ سڀيتائي گروهه کي اهو حق هوندو ته هو پنهنجن عقيدن موجب پنهنجي داخلي معاملن جي جوڙجڪ ڪري سگهي.
    ٻي ڳالهه اها ته گڏيل سماج ۾ پُرامن ماحول پيدا ڪرڻ جو مسئلو، ڪو مذهبي مسئلو ڪونهي. هي ان کان ڌار مسئلو آهي. ايئن ڪونهي ته جيڪڏهن هر مذهبي گروهه ٻي مذهب واري کي سچو سمجهڻ لڳي ته امن قائم ٿي ويندو. امن پسندي واري زندگي جي لاءِ اصل ۾ جنهن شئي جي ضرورت آهي اهو سهپ (رواداري) جو جذبو آهي. جنهن سماج جي ماڻهن جي اندر ٽالرنس (سهپ/ رواداري) جو جذبو موجود هجي، اُتي امن هوندو ۽ جتي ٽالرنس (سهپ/ رواداري) جو جذبو نه هوندو، اُتي ٽڪراءُ هوندو.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٽڪراءُ جا واقعا گڏيل ۽ غير گڏيل ٻنهي قسمن جي سماج ۾ هڪجهڙا باقي رهن ٿا. جهڙوڪ: مهاڀارت جي لڙائي خود هندن جي ٻن گروهن جي وچ ۾ ٿي. ٻي مهاڀاري جنگ جتي ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٿي، اهي ٻئي عيسائي هئا. افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ خود مسلمان ئي ٻه گروهه بنجي هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ رُڌل آهن وغيره. ان معاملي جو خلاصو هڪ لفظ ۾ اهو آهي ته سماجي امن جو راز باهمي اعتراف (Mutual recognition) ۾ ڪونهي، پر باهمي احترام (Mutual respect) ۾ آهي.
    اهو مسئلو گڏيل اعتماد جو نه آهي، پر گڏيل احترام جو آهي. اسلام ۾ مسئلي جو اهوئي نبيرو ٻڌايو ويو آهي.
    قرآن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي آيتون آهن، جن جو واسطو ختم نبوت سان آهي، ان سلسلي ۾ هڪ آيت هن ريت آهي.
    ”۽ رات جو تهجد پڙهه، اها نفل نماز تنهنجي لاءِ آهي. اميد آهي ته تنهنجو رب توکي مقام محمود تي بيهاريندو.“ (بني اسرائيل 47) مقام محمود جي لفظي معنيٰ ۾ تشريح ”واکاڻيل هنڌ“ آهي. ان محموديت جو هڪ دنيوي پهلو آهي ته هڪ ان جو آخرت جو پهلو آهي. آخرت جي پهلوءَ کي مفسرين ”شفاعت ڪبريٰ“ چون ٿا، جيئن حديثن مان معلوم ٿئي ٿو. قيامت جي ڏينهن سڀئي نبي سڳورا پنهنجن مومنن جي شفاعت ڪندا. اها شفاعت گويا انهن جي مومن هئڻ جي تصديق هوندي، جنهن کان پوءِ انهن ماڻهن کي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، جن کي خدا جنت ۾ داخل ڪرڻ چاهي. رسول الله ﷺ جي شفاعت سڀني کان وڏي هوندي، ڇو ته پنهنجن اُمتين جو تعداد سڀني کان گهڻو هئڻ جي ڪري پاڻ سڳورا سڀني کان وڏي گروهه جي شفاعت فرمائيندا.
    رسول الله ﷺ جي محموديت جو دنيوي پهلو هيءَ آهي ته پاڻ سڳورن سان اهڙي تاريخ گڏ ٿي وڃي ته جيئن پاڻ سڳورا دنيا جي سڀني قومن جي نظر ۾ قابل ستائش ۽ اعتراف لائق بنجي وڃن. اها خدائي رٿا پاڻ سڳورن جي حق ۾ مڪمل طور تي پوري ٿي. اڄ دنيا جا سڀ ماڻهو پاڻ سڳورن جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور آهن. پاڻ سڳورن جي نبوت هڪ مڃيل حقيقت بنجي چڪي آهي، نه ڪي نزاعي نبوت، جيئن پاڻ سڳورن جي ظهور جي شروعاتي سالن ۾ هئي.
    محمودي نبوت، دنيوي لحاظ کان مڃيل نبوت (Established) نبوت جو ٻيو نالو آهي. يعني اهڙي نبوت جنهن جي حق ۾ تاريخي شاهديون ايتريون ته گهڻيون مڪمل طور تي موجود هجن، جو پاڻ سڳورن جي شخصيت ۽ تعليمات جي باري ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه رهي. انسان پاڻ ئي پنهنجي مڃيل علمي معيار موجب پاڻ سڳورن جي حيثيت جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي. اقرار يا انڪار اعتراف جي پڇاڙڪي صورت تعريف ۽ واکاڻ آهي. ان ڪري اُن کي ”مقام محمود“ چيو ويو آهي.
    مقام محمود جي هيءَ آيت مڪي دور جي آخر ۾ نازل ٿي. ان وقت اسلام اڃا سگهارو نه ٿيو هو. پوءِ الله تعاليٰ حالتن ۾ اهڙيون ته تبديليون پيدا ڪيون، جو دين اسلام هر لحاظ کان مڪمل طور تي سگهارو ٿي ويو. قرآن ائين محفوظ ٿي ويو، جو ان ۾ تحريف يا تبديليءَ جو ڪو امڪان ڪونهي. سنت نبوي ڪتابن ۾ سهيڙجي ويئي. پيغمبر اسلام جي شخصيت نج تاريخي معيار تي هڪ مڃيل ۽ معترف شخصيت بنجي ويئي. هڪ عظيم اُمت ۽ اڻ ڳڻيا ادارا دين اسلام جي حفاظت تي قائم ٿي ويا وغيره وغيره.
    جڏهن خدا جو دين ائين محفوظ ۽ سگهارو ٿي وڃي ته پيغمبر جي ذاتي موجودگيءَ کان سواءِ به اهو ممڪن ٿيو وڃي ته خدا جي دين کي پوري طرح سمجهيو وڃي ۽ اُن تي عمل ڪيو وڃي. ان قسم جا واقعا پيش اچڻ کان پوءِ انسانيت جاهليت جي اونداهيءَ ۾ نٿي رهي، بلڪه علم جي اُجالي ۾ اچي ٿي وڃي. ڪنهن به طالب جي لاءِ خدا جي مرضي کي ڄاڻڻ پوري طرح سولو ۽ ممڪن ٿيو وڃي. اهوئي پيغمبر جي بعثت جو مقصد آهي ۽ جڏهن بعثت جو مقصد حاصل ٿي رهيو هجي ته پوءِ نئون نبي ڇا جي لاءِ موڪليو وڃي.


    فطرت تي ڀروسو

    حضرت محمد ﷺ پنهنجي 23 سالن جي عمل جي ذريعي عربستان ۾ جيڪو انقلاب آندو، ان جو نتيجو رڳو اهو نه ٿيو ته قديم سياسي نظام بدلجي ويو. پر اُن کان وڏو واقعو اهو هو، جيڪو انساني سوچ جي سطح تي پيش آيو. جيڪي ماڻهو پهرين مُشرڪ هئا، سي موحد بنجي ويا، جيڪي ماڻهو سرڪش هئا، سي فرمانبردار بنجي ويا. جن جي سوچ مقامي حدن تائين محدود هئي، اهي بين الاقوامي پيغام جا علمبردار بنجي ويا. جن کي وڙهڻ مرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ايندو ئي نه هو، سي امن ۽ انسانيت جا پرچارڪ بنجي دنيا ۾ پکڙجي ويا. جن جي خود پنهنجي ڪا تاريخ نه هئي، تن اُتي اقوام عالم جي تاريخ جوڙي ڇڏي.
    حضرت محمد ﷺ اهو انوکو انقلاب آڻڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو، ان جو ٻيهر جواب اهوئي آهي ته ان نوعيت جو انقلاب آڻڻ جي لاءِ هڪ وڏي قرباني گهربل هجي ٿي. اها قرباني، جنهن کي اڄوڪي زبان ۾ رسڪ کڻڻ چئي سگهجي ٿو. هن دنيا جو اهو ئي اصول آهي ته ”جيترو وڏو رسڪ ايتري وڏي ڪاميابي“. انسان کي بدلائڻ هن دنيا جو ڏکي ۾ ڏکيو ڪم آهي. تنهن ڪري جيڪو شخص انسانن کي بدلائڻ ٿو چاهي، تنهن کي ڏکي ۾ ڏکيو رسڪ کڻڻو ٿو پوي. عالم اسباب جي لحاظ کان اهو چوڻ صحيح هوندو ته حضرت محمد ﷺ اُن معاملي ۾ آخري حد تائين رسڪ کنيو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ ڪريمن کي آخري درجي جي ڪاميابي عطا ٿي.
    هتي انهيءَ ڳالهه جي وضاحت لاءِ ٻه مثال پيش ڪجن ٿا. پهريون مثال اهو ته جڏهن مڪو فتح ٿي ويو. اُن وقت به مڪي جي ماڻهن جي گهڻائي مُشرڪ هئي. هي اهي ماڻهو هئا، جن پاڻ سڳورن سان سخت دشمني ڪئي هئي. هنن پاڻ سڳورن کي پنهنجي وطن مان ڪڍيو هو. هنن پاڻ سڳورن سان جارحاڻيون جنگيون ڪيون هيون. هنن پاڻ سڳورن جي ڪيترن ئي ساٿين کي قتل ڪيو هو ۽ خود پاڻ سڳورن تي پڻ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قاتلاڻو حملو ڪرڻ جا قدم کنيا هئا. هنن جا دشمناڻا ڏوهه ايترا ته هئا، جن جي سزا ان وقت جي رواج موجب اهائي هئي ته سڀني کي قتل ڪيو وڃي.
    انهن جي ماضيءَ جي ڏوهن کي معاف ڪري پي سگهجيو، پر اُتي هڪ ٻيو ڀؤ هو، جيڪو ان کان به وڏو هو، اهو هيءَ ته جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ڇڏيو وڃي ها ته انديشو اهو هو ته هو ٻيهر منظم ٿي اسلام جي خلاف سازشون ڪندا ۽ اسلام جي مخالفن کي منظم ڪري اسلام جي خلاف ٻيهر جنگ شروع ڪري ڇڏيندا.
    انهن ماڻهن کي بيت الله ۾ آندو ويو. هو اتي ايئن بيٺا هئا، گويا پنهنجي موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺا هجن. پر حضرت محمد ﷺ انهن جي لاءِ سزا جي بدران معافيءَ جو اعلان ڪيو. پاڻ فرمايائون ”وڃو! اوهين سڀ آزاد آهيو.“ پر جڏهن پاڻ سڳورن اهو رسڪ کنيو ته جيترو وڏو رسڪ هو، ان جو فائدو اُن کان به وڏو ٿيو. اهو فطرت تي ڀروسي جو معاملو هو، پر اهو هڪ سخت رسڪ پڻ هو.
    ان واقعي جي باري ۾ راوي روايت ڪن ٿا ته ان غير معمولي معافيءَ کان پوءِ جڏهن اهي ماڻهو بيت الله مان نڪتا ته سندن حال اهو هو، ڄڻ هو قبرن مان اُٿي آيا هجن ۽ هو پوءِ اسلام ۾ داخل ٿي ويا. (حياة الصحابه 1/175)
    مڪي جي فتح کان پوءِ اهي ماڻهو جڏهن حضرت محمد ﷺ وٽ آيا ته انهن جي نفسياتي حالت اها هئي ته هنن پنهنجي موت کي يقيني پي سمجهيو. هو پنهنجو پاڻ کي مئلن ۾ ڳڻي رهيا هئا. اهڙي حالت ۾ جڏهن پاڻ سڳورن کين معاف ڪري ڇڏيو ته اهو ايئن هو، ڄڻ ڪنهن مئل کي ٻيهر جيئاريو ويو هجي. پاڻ سڳورن کين معاف ڪري ڄڻ نئين حياتي ڏيئي ڇڏي. اهو مٿن ايترو ته وڏو احسان هو، جو اُن کان پوءِ منجهائن سرڪشيءَ جي اميد نه هئي. اهو انهن تي ايڏو ته وڏو ٿورو هو، جو اهو مممڪن ئي نه هو ته هو اهڙي اعليٰ سلوڪ کان پوءِ به بدستور سرڪش بنيا رهن. هنن (حضرت) محمد ﷺ جي دين کي قبول ورتو. اهي ئي ماڻهو جيڪي هيستائين پاڻ سڳورن جا سڀني کان وڏا ويري هئا، هاڻي اهي پاڻ سڳورن جا سڀ کان وڏا دوست ۽ ساٿي بنجي ويا. بيشڪ اهو انساني تاريخ جو سڀ کان انوکو واقعو هو، پر اهو فقط اُن وقت پيش آيو، جڏهن پاڻ سڳورن تاريخ جو سڀ کان انوکو رسڪ کنيو.
    ٻيو واقعو جيڪو، هتي پيش ڪرڻ چاهيندس، اهو ”قبيلي هوازن“ جو آهي، جيڪو مڪي جي فتح کان پوءِ پيش آيو. پاڻ سڳورا پنهنجي ساٿين سان گڏ مڪي مان طائف لاءِ روانا ٿيا. رستي ۾ ”هوازن قبيلي“ وارن جو علائقو هو. پاڻ سڳورن کين ڪجهه نه چيو ۽ نه ئي انهن جي خلاف ڪا ڳالهه چئي. سندن رستو هڪ اهڙي هنڌ تان ٿي گذريو، جتي ٻنهي طرفن ٽڪريون هيون ۽ وچ ۾ هڪ ماٿري هئي، جنهن مان ماڻهن جي اچ وڃ هوندي هئي. جڏهن پاڻ سڳورا ۽ سندس ساٿي ان وچينءَ رستي ۾ پهتا ته هوازن جي ماڻهن ٻنهي طرفن جي ٽڪرين کان زبردست تير اندازي شروع ڪري ڏني. ان اوچتي حملي سبب مسلمانن ۾ افراتفري پکڙجي ويئي ۽ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ذيان ٿي ويون. پر ان شروعاتي شڪست کان پوءِ مسلمانن کي ٻيهر فتح ٿي ۽ هوازن جي ڇهن هزارن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. مروجه طريقي موجب اهي گرفتار ٿيل سخت سزا جا حقدار هئا، تنهن کان سواءِ ان ڳالهه جو پڻ انديشو هو ته جيڪڏهن انهن کي ڇڏيو ويو ته هو ٻيهر اسلام ۽ مسلمانن جي لاءِ خطرو بنبا. تنهن ڪري انهن کي ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ بيشڪ هڪ وڏو رسڪ هو. پر پاڻ سڳورن ﷺ اهو رسڪ کنيو ۽ سڀني گرفتار ٿيلن کي غير مشروط طور تي ڇڏي ڏنو. ايتري قدر جو کين سواري ۽ سفر جو خرچ به ڏنو ته جيئن هو اطمينان سان پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي سگهن. پر ٿيو هيئن ته هو سڀ جا سڀ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. حقيقت اها آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ انهن سان جيڪو غير معمولي سلوڪ ڪيو هو، اُن کان پوءِ هنن جي لاءِ سرڪشي ممڪن نه هئي. ان کان پوءِ به جيڪڏهن هو سرڪشي ڪن ها ته سندن اعصابن جون رڳون ڦاٽي وڃن ها. هنن جي لاءِ جيئرو رهڻ ڏکيو ٿي پوي ها. ان کان پوءِ کين جيڪو ڪرڻ گهرجي ها، انهن اهوئي ڪيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جو دين اختيار ڪري ورتائون، هو پاڻ سڳورن جي لاءِ دشمن انسان بدران دوست انسان بنجي ويا.
    حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن پيغمبر اسلام کي تاريخ مان ڪڍيو وڃي ته اُن جو مطلب اهو ٿيو ته اهڙا مثال به ڪڍيا ويندا، جيڪي ڪنهن شخص جي ظاهري سياسي ڍانچي کي نٿا بدلائين، پر خود انسان کي اندر تائين بدلائي ٿا ڇڏين.
    پيغمبر اسلام جي سُنت جو هڪ اهم حصو انساني فطرت تي ڀروسو آهي. پاڻ سڳورن جي سڄي زندگيءَ ۾ ان اصول تي عمل ڪرڻ جا مثال ملن ٿا.
    انسان پٿر جي بُت وانگيان ڪونهي، پر هو پنهنجي سيني ۾ فطرت جو هڪ خزانو کڻيو گهمي. اها فطرت ڪنهن انساني شخصيت جو اهم ترين حصو آهي. اُن حقيقت کي قرآن ۾ هنن لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي: ”(قسم آهي) انسان جو، جنهن کي اهڙو ته درست ٺاهيوسون، پوءِ کيس چڱائي ۽ مدائيءَ جي سمجهه ڏني سون.“ (الشمس 7 ــ 8)
    ان مان خبر پئي ته هر ماڻهو ڄمندي ئي اهو ڄاڻي ٿو ته بڇڙائي ۽ ڀلائي ڇا آهي؟ صحيح ۽ غلط ڇا آهي. ان جو ٻيو مطلب هي آهي ته هڪ داعي ڪنهن انسان جي سامهون جيڪا دعوت پيش ڪرڻ پيو وڃي، اُن جو غير شعوري علم يا ان جي مجهول معرفت انسان کي اڳواٽ حاصل آهي. داعي جڏهن ڪنهن انسان کي حق جي دعوت ڏيندو آهي ته هو مدعوءَ کي سندس ڄاتل ڳالهه ئي ٻڌائي رهيو هوندو آهي. هو مدعو جي لاشعور کي شعور ۾ آڻڻ ٿو چاهي.
    اهو واقعو دعوت ڏيندڙ جي اندر اهو ڀروسو ٿو پيدا ڪري ته هو جيڪو پيغام ڏيئي رهيو آهي، اهو پيغام ته اڳواٽ ئي سندس اندر ۾ موجود آهي. مدعو خود پنهنجي اندروني فطرت جي ڪري ان کان مجبور آهي ته هو حق جو اعتراف ڪري. اهو واقعو داعيءَ کي سدائين مايوسيءَ کان بچائي ٿو. هو مدعو جي ظاهري بي ڌياني يا ان جي مخالفت کي نظرانداز ڪري، سندس سامهون پنهنجي دعوت پيش ڪندو آهي ۽ اهو يقين ٿو رکي ته هڪ نه هڪ ڏينهن مدعو ضرور سندس پيغام تي لبيڪ چوندو.
    پيغمبر اسلام جي دعوتي زندگي اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. ماڻهن جي ظاهري مخالفت جي باوجود به انهن جي باري ۾ پاڻ سڳورن جو ايمان ڪڏهن به نه لُڏيو ته نيٺ به انهن جو سينو کلندو ۽ هو پاڻ سڳورن جو پيغام قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا.
    اهوئي سبب آهي ته بدترين مخالفتن جي باوجود به پاڻ سڳورن انهن ماڻهن جي خلاف بددعا نه ڪئي، جيڪي بظاهر ته سندن دشمن بنيل هئا، پر پاڻ سڳورن سدائين سندن حق ۾ هدايت جي دعا گهري. جهڙوڪ: طفيل بن عمر الدوسي مڪي آيو ۽ هن پاڻ سڳورن جي هٿ تي اسلام قبوليو. تنهن کان پوءِ هو پنهنجي قبيلي دوس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ کين توحيد جي دعوت ڏنائين، پر ماڻهن سندن ڳالهه مڃڻ بدران ساڻس برو سلوڪ ڪيو. هو ٻيهر پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چيائين، ”اي خدا جا رسول! دوس قبيلو سرڪش ٿي ويو آهي، انهن کي پِٽيو.“ پر پاڻ سڳورن نه دوس قبيلي کي پٽيو نه ئي انهن جي خلاف بددعا ڪئي. پر اُن جي ابتڙ پاڻ سڳورن دعا جي لاءِ هٿ مٿي کنيا ۽ اهو فرمايو ته ”اي الله دوس جي ماڻهن کي هدايت ڏي.“ (سيرة ابن هشام 1/409)
    دعا کان پوءِ پاڻ سڳورن طفيل بن عمروالدوسي کي فرمايو ته تون واپس پنهنجي قبيلي ڏانهن وڃ ۽ انهن جي سختيءَ جي باوجود به ساڻن نرمي سان ڳالهائي. انهن جي زيادتين جي باوجود به ساڻن خيرخواهي سان هل. ان نصيحت جو راز اهوئي هو ته کين يقين هو ته ”دوس قبيلي“ جي ماڻهن جو ڪيس ڪو منفرد ڪيس ڪونهي. هو به ٻين انسانن جيان انسان آهن. خدا جي ڏنل فطرت انهن ۾ پڻ موجود آهي، جيئن اها ٻين ۾ موجود آهي. فطرت تي پاڻ سڳورن جو اهو يقين آخري حد تائين درست هو. تنهن ڪري طفيل بن عمرو الدوسي جڏهن واپس ويو ۽ پنهنجي قبيلي کي توحيد طرف سڏيائين ته اُن جو معجزانه نتيجو اهو نڪتو ته هوريان هوريان قبيلي جا سڀ مرد ۽ عورتون دين توحيد ۾ داخل ٿي ويا.
    فطرت تي ڀروسو پيغمبر اسلام جي هڪ عظيم سُنت آهي ۽ پاڻ سڳورن جي زندگي ۾ اُن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
    مدني دؤر ۾ جڏهن اسلام جو آواز سڄي عربستان ۾ پکڙجي ويو ۽ قبيلن جا وفد اچي اسلام قبول ڪرڻ لڳا. ان دور جي واقعن مان هڪ واقعو اهو به آهي، جيڪو طائف جي قبيلي ثقيف سان واسطو ٿو رکي.
    طائف جي قبيلي ثقيف جو وفد نائين صدي هجريءَ ۾ مديني آيو. پاڻ سڳورن کين اسلام جي تعليم جي باري ۾ ٻڌايو. هو اسلام قبولڻ تي راضي ٿي ويا، پر هنن پنهنجي طرفان ڪيترا شرط پڻ رکيا. جهڙوڪ: هنن چيو ته اسين نماز ته پڙهنداسين، پر صدقو نه ڏينداسين ۽ نه جهاد ڪنداسين. ان جي باوجود به پاڻ سڳورن کانئن بيعت وٺي کين اسلام ۾ داخل ڪري ڇڏيو.
    اُن تي ڪجهه ماڻهن اعتراض ڪيو ته پاڻ ان جو جواب ڏيندي فرمايائون، ”جڏهن هيءَ اسلام قبولي وٺندا ته ان کان پوءِ هو صدقو به ڏيندا ۽ جهاد به ڪندا.“ (سيرة ابن ڪثير 4/56)
    پيغمبر اسلام جيڪڏهن اهل ثفيف جي فقط موجوده قول کي ڏسن ها ته پاڻ سڳورا کين ڪڏهن به اسلام ۾ داخل نه ڪن ها، پر پاڻ سڳورن انساني فطرت تي ڀروسو ڪيو ۽ انهن کي حال جي لحاظ کان ڏسڻ جي بدران کين آئيندي جي اعتبار کان ڏٺو. پاڻ سڳورن جو اهو اندازو بلڪل صحيح ثابت ٿيو. تنهن ڪري ثفيف قبيلي جا سڀ ماڻهو مڪمل طور تي اسلام جا عامل بنجي ويا. هنن اسلام جي تعليم تي عمل ڪيو ۽ اُن کي پنهنجي سعادت سمجهيو.
    پاڻ سڳورن جي پاليسيءَ جو نتيجو هو ته پاڻ سڳورن کي ماڻهن جي خلاف تشدد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه آئي. پاڻ سڳورن دشمن سان به اهڙي هلت هلي ڄڻ اهو اوهان جو دوست هجي. اهوئي سبب آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڻ سڳورن اها ڪاميابي حاصل ڪئي ته هڪ پوري قوم ۾ هڪ اهڙو انقلاب آندو، جنهن کي بيشڪ غير خوني انقلاب چئي سگهجي ٿو.
    قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته الله تعاليٰ سڀني انسانن کي هڪ فطرت تي پيدا ڪيو آهي ۽ اها تخليقي فطرت ڪڏهن به بدلجڻ واري نه آهي (روم 30) اهائي ڳالهه حديث رسول ۾ پڻ آئي آهي ته هر پيدا ٿيندڙ فطرت تي پيدا ڪيو ويندو آهي. (کل مولود يولد علي الفطرة ــ تفسير ابن ڪثير 3/432)
    هڪ ٻي حديث ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ فرمايو ته مون پنهنجن ٻانهن کي سڌي طريقي تي پيدا ڪيو آهي (اني خلقت عبادي حنفاء) اُن مان خبر پئي ته سڀئي انسان پيدائشي طور تي هڪ آهن. ڪوبه انسان اهڙو ڪونهي ته حق جي دشمني ان جي فطرت جو ايئن حصو هجي ته ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري نه سگهجي.
    دعوت جي نقطه نظر کان اها هڪ بيحد اهم حقيقت آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته داعي جيڪڏهن ڏسي ته انساني گروهه ۾ ڪجهه ماڻهو سندس حمايت ۾ ۽ ڪجهه مخالف ۾ آهن ته داعيءَ کي گهرجي ته هو اُن فرق کي حقيقي سمجهي. فطرت تي ڀروسو ڪندي سندس ذهن اهو هئڻ گهرجي ته موافق انسان جيڪڏهن رضا خوشيءَ سان سندس ساٿي آهي ته مخالفت انسان طاقت جي حساب سان سندس ساٿي آهي. اهو ذهن داعي کي ابدي طور تي هڪ پُراميد انسان بنائي ٿو ڇڏي. مخالف انسان جي لاءِ سندس دل ۾ اهائي خيرخواهي هوندي آهي، جيڪا دوست انسان جي لاءِ سندس دل ۾ هوندي آهي. اهو بظاهر دشمن کي به يڪسان طور تي اعتدال جي نفسيات تحت پنهنجو مخالف بنائي ٿو، ايستائين جو اهو وقت اچي ٿو، جڏهن سندس دشمن به سندس دوست بنجي وڃي. اهائي حقيقت قرآن پاڪ جي هن آيت ۾ بيان ڪئي ويئي آهي.
    ”۽ ڀلائي ۽ بُرائي ٻئي برابر نه آهن، تون جواب ۾ اهو چئو، جيڪو ان کان سٺو هجي، پوءِ تون ڏسندين ته تو ۾ ۽ جنهن ۾ دشمني هئي، ائين ٿي ويا جيئن ويجها دوست.“ (السجده 34)
    دشمن جي دوست بنجڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته پهرين هو باهه هو ۽ هاڻ پاڻي ٿي ويو. حقيقت اها آهي ته هو اڳ ۾ ئي پاڻي هو. سندس شخصيت جي سطح تي ڪجهه شيون مٿاهين طور تي گڏ ٿي ويون هيون. اُنهن مٿانهين شين کي داعي پنهنجي خيرخواهيءَ جي سلوڪ سان هٽائي ڇڏيو. ان کان پوءِ ان جو حقيقي انسان اُڀري آيو ۽ حقيقي شخصيت جي سطح تي هر ماڻهو حق جو دوست ئي هوندو آهي، هو اُن جو دشمن نه هوندو آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ غير مسلمانن کان ڪم ۽ انهن مان ڀرپور فائدو ورتو. ابو طالب جي وفات کان پوءِ جڏهن پاڻ سڳورا پنهنجي قبيلي جي حمايت کان محروم ٿي ويا ته پاڻ سڳورن ٻين قبيلن وٽ وڃي انهن کان پنهنجي لاءِ حمايت گهري، جيتوڻيڪ ان وقت اهي قبيلا مشرڪ هئا. طائف کان واپسي کان پوءِ پاڻ سڳورا مڪي جي هڪ مشرڪ سردار معطم بن عديءَ جي حمايت کان پوءِ ٻيهر مڪي ۾ گهڙيا. هجرت جي سفر ۾ پاڻ مشرڪ عبدالله بن ارقط کي پنهنجو سونهون بنايو. اهڙا ڪيترا ئي واقعا آهن، جن مان اهو پتو پوي ٿو ته رسول الله ﷺ بار بار غير مسلمانن تي ڀروسو ڪيو ۽ پنهنجي مقصد جي لاءِ کانئن ڪم ورتو.
    انسانن کي دوست ۽ دشمن ۾ ورهائڻ سنت رسول جي خلاف آهي ۽ ان سان گڏ اها انساني فطرت جي پڻ خلاف آهي.
    سيرت جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته فطرت تي ڀروسو اسلام جو هڪ مستقل اصول آهي. اسلام موجب ماڻهن جا ڳالهايل لفظ يا انهن جون ڪاروايون وڌيڪ لحاظ جوڳيون آهن، ڇو ته اهي سڀ وقتي شيون آهن. ماڻهن سان ڇيڙي نبيري ڪندي اصل قابل لحاظ شئي انساني فطرت آهي. انسان بنيادي طور تي جنهن شئي جي تابع آهي، اها سندس پيدائشي فطرت آهي. اُن کان سواءِ باقي جيڪي شيون آهن، سي سڀ وقتي ۽ عارضي آهن ۽ اهي انساني سلوڪ جي معاملي ۾ فيصلو ڪندڙ عنصر جي حيثيت نٿيون رکن.
    رسول الله ﷺ جي اها سنت ٻڌائي ٿي ته معاملو ڀلي انفرادي هجي يا گڏيل، سدائين اهو ڪرڻ گهرجي ته ظاهري شين کي نظرانداز ڪيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ اهميت اُن ڳالهه کي ڏني وڃي ته انساني فطرت جي تقاضا ڪهڙي آهي. فطرت جي رعايت هر قسم جي ڪاميابي جي يقيني ضمانت آهي.
    هڪ شخص يا هڪ گروهه ڪنهن ڳالهه تي چڙي پئي ته اهڙي موقعي تي اصل قابل لحاظ شئي سندس چڙ نه آهي. پر اصل شئي اها آهي ته ظاهري اشتعال/ چڙ جي باوجود به ان جي فطرت بدستور پنهنجي تخليقي نقشي تي قائم رهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن اشتعال کي نظرانداز ڪري فطرت جي رعايت ڪئي وڃي ته معاملو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو. اشتعال يا چڙ اوچتو ختم ٿي ويندي ۽ ان کان پوءِ جيڪا شئي بچندي، اُها بلڪل اِهائي هوندي، جيڪا اسان کي گهربل آهي. يعني انسانيت، جنهن تي خدا فطرت کي قائم ڪيو آهي.


    رسالت جو اظهار

    اڄوڪي دور کي اسلام جي لاءِ مسئلن جو دور سمجهيو وڃي ٿو. پر اها ڳالهه ايئن نه آهي. حقيقت هيءَ آهي ته جديد دور اصل ۾ اسلام جو دور آهي. بلڪل ائين جيئن برسات جو زمانو زراعت جو زمانو هوندو آهي، پر مسلمان پنهنجي عدم معرفت جي ڪري اُن کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، تنهن ڪري هو جديد اُمڪان کي پنهنجي حق ۾ استعمال به نه ڪري سگهيا.
    اها شئي جنهن کي قرآن مجيد ۾ ”اظهار دين“ چيو ويو آهي، اهو ڪو وقتي واقعو نه هو، پر اهو پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان اسلام جي ابدي غلبي جو اعلان هو. اُن جو مطلب اهو ٿيو ته فڪر ۽ نظر جي دنيا ۾ اهڙو انقلاب پيدا ڪيو ويو، جنهن نظري حيثيت سان سدائين اسلام کي ظاهر ۽ غالب ڪري ڇڏيو. اهو امڪان خدا پاران کوليو وڃي ٿو، پر اُن کي استعمال ڪري واقعي جي صورت ۾ وجهڻ اهو خود اهل اسلام جو ڪم آهي.
    پيغمبر ۽ اصحابي سڳورن جي ذريعي ستين صديءَ ۾ جيڪو انقلاب آندو ويو، اُن جو مقصد قرآن ۾ ”اظهار دين“ ٻڌايو ويو آهي. ارشاد فرمايو ويو آهي:
    ”هو چاهين ٿا ته الله جي روشنيءَ کي وسائي ڇڏين ۽ الله پنهنجي روشنيءَ کي پورو ڪرڻ کان سواءِ مڃڻ وارو نه آهي، پوءِ ڀلي اهو منڪرن جي لاءِ ڪيترو ئي اڻ وڻندڙ ڇو نه هجي. هن پنهنجي رسول کي موڪليو آهي. هدايت ۽ دين حق سان گڏ، ته جيئن اُن کي سڄي دين تي غالب ڪري، پوءِ ڀلي اها مُشرڪن لاءِ اڻ وڻندڙ هجي. (التوبه 33 ــ 32)
    عربي زبان ۾ اظهار جي معنيٰ ”غلبو“ آهي. هتي اظهار دين جو مطلب سياسي غلبو نه آهي، بلڪه فڪري غلبو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته فڪري ۽ نظرياتي لحاظ کان خدا جو دين مٿانهين حيثيت حاصل ڪري. نظرياتي سچائي ڪنهن ٻي دين جي حق ۾ باقي نه رهي.
    خدا جي دين کي فڪري غلبي جو هنڌ عطا ڪرڻ ڪا سولي ۽ سادي ڳالهه نه آهي. اهو دراصل نئين تاريخ کي ظهور ۾ آڻڻ جي هم معنيٰ آهي. واقعي جي اعتبار جي لحاظ کان خدا جي دين کي مٿانهين حيثيت حاصل آهي. پر قديم زماني ۾ انساني علم ۽ فڪر جي ارتقا وهم جي بنياد تي ٿي. جنهن دين حق جي اُن فطري حيثيت تي پردو وجهي ڇڏيو.
    الله تعاليٰ جي مشيت اها ٿي ته پيغمبر آخر الزمان جي ذريعي هڪ اهڙو فڪري انقلاب آندو وڃي، جيڪو ان هٿرادي اڻ وڻندڙ صورتحال کي بدلائي ڇڏي. ان کان پوءِ خود انساني علم، انساني دين حق جي تصديق ڪرڻ وارا بنجي وڃن. انسان خود پنهنجي مڃيل علمي معيار موجب دين توحيد کي ماڻهن جي لاءِ ثابت ٿيل ڪري سگهجي.
    ان آيت ۾ اظهار دين جو مطلب اهائي رباني رٿا آهي. پيغمبر ۽ پاڻ سڳورن جي صحابين جي ذريعي خدا جي تائيد سان جيڪو انقلاب آيو، اُن کان پوءِ انساني تاريخ ۾ هڪ نئون عمل (Process) شروع ٿيو. جنهن جو عملي مقصد اهو هو ته توهان تي پردا چاڪ ٿي وڃن ۽ فطرت ۾ لڪيل اهي علمي شهادتون سامهون اچي وڃن، جن جي ذريعي ”دين توحيد“ جي سچائيءَ کي پڌرو ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. هاڻوڪي دور ۾ اهو انقلاب پنهنجي آخري تڪميل/ پورڻتا تائين پهچي چڪو آهي.
    اُن اظهار دين جا خاص طور تي ٻه مقصد هئا. هڪ طرف اهو ته مذهبي جبر جو نظام ختم ٿئي ته جيئن ديني دعوت جو اهو ڪم سولو ٿي وڃي، جيڪو گذريل زمانن ۾ فقط ڏکين حالتن جي ڪري انجام ڏنو پي ويو. ٻيو مقصد اهو ته دليل جي سڄي سگهه رڳو خدا جي دين جي حق ۾ گڏ ٿي وڃي ۽ ٻيا سڀ دين دليل جي سگهه کان مڪمل طور تي محروم ٿي وڃن. اهي ٻئي ڪم هاڻوڪي زماني ۾ تمام وڏي پئماني تي انجام ڏنا ويا آهن. هيٺ مختصر طور تي ان جو ذڪر ڪيو پيو وڃي.
    1. قديم زماني ۾ سڄي دنيا ۾ بادشاهت جو نظام هو. بادشاهت جهڙو شخصي نظام فقط جبر جي طاقت تي قائم ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري سڀني بادشاهن هرهنڌ جبر جو نظام قائم ڪري رکيو هو. هنن سدائين فڪري ۽ مذهبي آزادي کي چٿي ٿي ڇڏيو. اهي حالتون عام طور تي ديني دعوت ۽ انساني فڪر جي ارتقا جي لاءِ مستقل طور تي رڪاوٽ هيون. پيغمبر ۽ اصحابي سڳورن جي وسيلي جيڪو انقلاب آندو ويو، تنهن پنهنجي وقت جي سياسي نظام کي ٽوڙي تاريخ ۾ آزادي ۽ جمهوريت جي دور جي شروعات ڪئي. ان انقلاب جا اثر، پراسيس جي روپ ۾ تاريخ انسانيءَ ۾ شامل ٿي ويا. اهو عمل جاري رهيو، ايستائين جو هاڻوڪي زماني تائين اهو پنهنجي پورڻتا تائين پهچي ويو. هاڻ اهو ممڪن ٿي ويو ته دعوت حق جي ڪم کي آزادي جي ماحول ۾ انجام ڏيئي سگهجي.
    2. شرڪ، توهماتي مذهب جو ٻيو نالو آهي. قديم زماني ۾ اهوئي شرڪ عالمي ذهن تي ڇانيل هو. ماڻهو مڪمل طور تي توهماتي فڪر سان مغلوب هئا، سائنس جي ترقي ناممڪن ٿي ويئي هئي. پيغمبر ۽ صحابي سڳورن توهماتي نظام کي ختم ڪري ڇڏيو. ايئن هنن علمي طريقي جو دروازو کوليو ۽ سائنس جي دور جي شروعات ٿي. اها تبديلي هڪ پراسيس جي صورت ۾ تاريخ ۾ جاري رهي، نيٺ اچي هاڻوڪي دور تائين پنهنجي پورڻتا تائين پهتي. هاڻوڪي زماني ۾ سائنسي انقلاب اسلامي دعوت جي حق ۾ عظيم امڪان کولي ڇڏيا آهن.
    3. سائنسي انقلاب جيڪو دراصل اسلامي انقلاب جي ئي هڪ ضمني (By Product) پيداوار هئي. ان جو هڪ نتيجو اهو نڪتو ته اها شئي وجود ۾ آئي، جنهن کي جديد ڪميونيڪيشن چئجي ٿو. ان نئين دور جي ظهور جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ممڪن ٿي سگهيو ته اسلام جي اشاعت جو ڪم عالمي سطح تي ڪري سگهجي. حديث ۾ آيو آهي ته هڪ زمانو اهڙو ايندو جڏهن الله جو ڪلمو دنيا جي سڀني گهرن ۾ داخل ٿي ويندو. (مسند احمد) اها سڌي انداز ۾ ان جديد ڪميونيڪيشن جي دور جي اڳ ڪٿي آهي. ڇو ته ان جي وسيلي کان سواءِ اسلام جي عالمي اشاعت سري کان ممڪن ئي نه ٿئي ها.
    4. جديد سائنسي انقلاب جو هڪ نتيجو اهو به آهي ته نوان نوان دليل اسلامي عقيدن جي تائيد ۾ حاصل ٿي ويا. پهرين اسلام جا داعي اسلام تي فقط روايتي دليل قائم ڪري ٿي سگهيا، پر هاڻوڪي زماني ۾ اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته اسلامي حقيقتن کي خود انساني علم جي مڃيل معيار تي ثابت ٿيل ثابت ڪري سگهجي.
    5. قديم زماني ۾ مذهب جو اڀياس سڳوري انداز ۾ فقط اعتقادي انداز ۾ ڪري سگهبو هو. تنهن ڪري معتبر ۽ غير معتبر مذهب جو فرق علمي طور تي ڌار ڌار نه ٿيو هو. هاڻوڪي زماني ۾ سائنسي انقلاب جي اثر سان مذهبن جو مطالعو ساڳئي نموني بي لاگ تنقيدي انداز ۾ ٿيڻ لڳو آهي، جيئن ٻين سڀني شين جو تنقيدي انداز ۾ جائزو ورتو وڃي ٿو. اُن تنقيدي جائزي نج علمي سطح تي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته تاريخي طور تي فقط اسلام ئي هڪ معتبر مذهب آهي ٻيا سڀئي مذهب تاريخي اعتباريت (Historical Credibility) کان محروم آهن. ان فڪري انقلاب کان پوءِ اهو ممڪن ٿي سگهيو ته اسلام جي سچائيءَ کي نج انساني علم جي معيار تي ثابت ٿيل بنائي سگهجي.
    انهن جديد انقلابن هاڻوڪي زماني ۾ اسلام کي بنا مقابلي جي فتح (Unopposed victory) جي فتح تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هاڻ گهرج رڳو اُن ڳالهه جي آهي ته مسلمان مدعو قوم جي خلاف تشدد ۽ نفرت جي هر ڪاروائيءَ کي هڪ طرفي طور تي ختم ڪري ڇڏين ته جيئن داعي ۽ مدعوءَ جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ٿين ۽ نارمل حالتن ۾ ماڻهن کي اسلام جو مخاطب بنائي سگهجي. ان نئين صورتحال کان پوءِ اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته اسلام ۽ غير اسلام جي وچ ۾ سنجيده ۽ مفيد ڊائلاگ شروع ڪري سگهجي، جنهن جو لازمي نتيجو فقط اسلام جي حق ۾ ظاهر ٿيندو.

    هڪ عظيم اُمڪان
    1. جيئن ته دين جي غيبي عقيدن تي سنئون سڌو استدلال قائم نٿو ڪري سگهجي ۽ اهي فقط اڻ سڌي استدلال يا خاص استدلال جي ذريعي ئي ثابت ڪري سگهجن ٿا، تنهنڪري اهل علم اهو سمجهڻ لڳا هئا ته ديني حقيقتون فقط اعتقاد سان ئي واسطو رکن ٿيون، اهي علمي حقيقتون نه آهن. پر اڄوڪي زماني ۾ ائٽم جي ٽٽڻ کان پوءِ علم منطق ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي، ان کان پوءِ اهو مڃيو ويو ته خاص استدلال به پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان ايترو ئي مناسب ۽ معتبر (Valid) آهي، جيترو سنئون سڌو دليل. ان کان پوءِ ديني حقيقتن کي ان علمي سطح تي ثابت ڪرڻ ممڪن ٿي پيو، جنهن سطح تي غير مذهبي يا مادي نظرين کي ثابت ڪري سگهجي.
    2. قديم زماني ۾ انسان جڏهن دنيا تي نظر وجهندو هو ته بظاهر اهو نظر ايندو هو ته هتي ڀانت ڀانت جون شيون هڪٻئي کان مختلف نوعيت جون نظر ٿي آيون. اهو مشاهدو ظاهري لحاظ کان شرڪ جو ذهن پيدا ٿو ڪري. ماڻهو سوچڻ لڳا ته جڏهن شيون گهڻيون آهن ته ان جا خالق به گهڻا هوندا. پر سائنسي اڀياس مان ثابت ٿيو ته اهو فرق ۽ گهڻائي رڳو ظاهري آهي. نه ته سڀ شيون هڪ ئي مادي جا مختلف لقاءُ آهن. اهڙي طرح شرڪ جي حق ۾ فڪري بنياد ختم ٿي ويا ۽ توحيد جي حق ۾ فڪري بنياد قائم ٿي ويا.
    3. قرآن جي بيان موجب، هتي سڄي ڪائنات ۾ خدا جون نشانيون لڪيل آهن. سائنس جي اڀياس ان کي ظاهر ۽ معلوم بنائي ڇڏيو (حٰم السجده 53) ايتري قدر جو ڪائنات دلائل رباني جو هڪ عظيم ڪتاب بنجي ويئي.
    4. سائنس جي نين دريافتن کان پوءِ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون انسان جي ڄاڻ ۾ آيون آهن، جن ديني اهميت رکندڙ واقعن کي نون دليلن سان ثابت ڪرڻ بنائي ڇڏيو آهي. مثال طور ڪاربن 14 ڊيٽنگ ان ڳالهه کي ممڪن بنائي ڇڏيو ته رعميس ٻي (فرعون موسيٰ) جي ممي ٿيل لاش جي صحيح نموني عمر معلوم ڪري سگهجي ۽ ساڳئي نموني قرآن جي بيان جي سائنسي تصديق فراهم ٿي سگهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”فرعون جي جسم کي محفوظ رکيو ويو ته جيئن اهو پوءِ جي انسانن لاءِ نشاني بنجي سگهي.“ (يونس 92)

    اسلام ۽ اڄوڪو دؤر
    اسلام پوري معنيٰ ۾ هڪ پُرامن مذهب آهي. اهڙي حالت ۾ اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته هڪ اهڙو اسلام جيڪو امن جي تعليم ڏيندو هجي، ڇا اهو اڄوڪي دؤر جي لاءِ ريلونٽ (Relevant) آهي. ڇا اهو نين حالتن ۾ پنهنجي لاءِ ٻيهر مٿانهين حيثيت حاصل ڪري سگهي ٿو.
    ان جو جواب مڪمل طور تي هائوڪار ۾ آهي. حقيقت اها آهي ته اسلام جو هڪ پُرامن هئڻ ٻڌائي ٿو ته اهو هڪ ابدي مذهب آهي، جيڪڏهن اهو وائلنس (هنسا) جو مذهب هجي ها ته اهو ابدي نه هجي ها. ڇو ته هاڻوڪي زماني ۾ جديد فڪر جي ويجهو وائلنس (هنسا) جو طريقو مڪمل طور تي رد ٿي چڪو آهي. هاڻ انساني ذهن رڳو ڪنهن اهڙي ئي سسٽم کي ويچار لائق يا قبوليت لائق سمجهي سگهي ٿو، جنهن جي تعليم نان وائلنس (اهنسا) تي ٻڌل هجي.
    جديد ذهن هر اهڙي ازم کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن جو هنسا (تشدد) ۾ يقين هجي ۽ جديد ذهن جي لاءِ تشدد ڪنهن به لحاظ کان قبوليت جوڳو ڪونهي. تشدد پسند نظريا جهڙوڪ: نازي ازم ۽ فاشزم اُن ئي بنياد تي رد ڪيا ويا آهن. جديد انسان مذهبي يا غير مذهبي (Extremism) کي ان ڪري ناپسند ٿو ڪري ته اهو انسان کي ڦيرائي گهيرائي وري به تشدد طرف ٿو وٺي وڃي.
    پر اسلام هڪ فطري مذهب آهي. ان ۾ پهرين ڏينهن کان ئي تشدد ۽ وائلنس کي غير ضروري قرار ڏنو ويو آهي. اسلام پهرينءَ ڏينهن کان ئي امن جو علمبردار رهيو آهي، نه ڪي تشدد جو. ماضيءَ ۾ اسلام انساني اڏاوت جي لاءِ هڪ عظيم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انساني تاريخ نئين ترقياتي دور ۾ داخل ٿي. اڄ وقت اچي ويو آهي ته اسلام هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪري ۽ انساني تاريخ کي ٻيهر ترقي جي نئين دور ۾ داخل ڪري.
    اها شئي جنهن کي سائنس يا ٽيڪنيڪل ترقي چيو وڃي ٿو، اها فطرت جي ڳولا جو نتيجو آهي. اها فطرت سدائين کان اسان جي دنيا ۾ موجود هئي. پوءِ ان جي ڳولا ۾ ايتري دير ڇو ٿي. جيڪا سائنسي ترقي گذريل ڪجهه سؤ سالن ۾ نظر اچي ٿي، اها هزارين سال اڳ ڇو نه ظهور ۾ اچي سگهي.
    ان جو سبب اهو هو ته قديم زماني ۾ مذهب ۽ سائنس (علم الاهي ۽ علم انساني) هڪٻئي سان جڙيل هئا. ساڳئي طرح مذهبي داروگير (جبر) سائنس جي ترقيءَ ۾ هڪ مستقل رڪاوٽ هو. اسلام هي ڪيو ته مذهب کي (جيڪو عملي طور تي توهان تي عقيدن جو مجموعو بنجي ويو هو) سائنسي تحقيق کان ڌار ڪري ڇڏيو. جهڙوڪ: چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ کي انساني تقدير سان جوڙيو ويو هو. پيغمبر اسلام اعلان ڪيو ته گرهڻ جو انساني تقدير سان ڪوبه واسطو نه آهي. اهي سڀ فلڪياتي واقعا آهن، نه ڪي تقديري واقعا. (فتح الباري 2/611)
    کجورن جي پالي نيشن (تائيبر نخل) جي مشهور واقعي ۾ پيغمبر اسلام اعلان فرمايو ته: اهڙن معاملن ۾ اوهين پنهنجن تجربن موجب عمل ڪريو. ڇو ته انهن سڀني مامرن کي اوهين وڌيڪ بهتر ٿا ڄاڻو. (صحيح مسلم بشرح النووي 15/117)
    اهو مذهب ۽ سائنس کي هڪٻئي کان جدا (Divided) ڪري ڇڏڻ هو. ايئن سائنسي تحقيق کي پنهنجي عمل جي لاءِ آزاديءَ جو ماحول ملي ويو. ان کان پوءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو ته سائنسي علم مذهب جي مداخلت کان سواءِ آزاداڻي نموني ترقي ڪرڻ لڳو ۽ تدريجي طور تي اڳيان وڌندي اڄوڪين حالتن تائين پهچي ويو.
    اڄ انسان ٻيهر هڪ ٻي سخت مسئلي سان منهن ڏيئي رهيو آهي. اهو هيءَ ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ غير معمولي ترقي جي باوجود انساني زندگي ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ انهن مان ڇوٽڪاري ملڻ جو ڪو رستو اُن کي نظر نٿو اچي.
    اهو جديد مسئلو هڪ لفظ ۾ آزاديءَ جي حد کي نه ڄاڻڻ جو مسئلو آهي. جديد انسان آزادي کي هڪ اُتم سٺائيءَ جي صورت ۾ ڳولهي ته لڌو، پر هو آزادي جي حد کي ڳولهي نه سگهيو. تنهن ڪري آزادي وٽس لامحدود شڪل اختيار ڪري انارڪي ۽ ڇڙواڳيءَ جي هم معنيٰ بنجي ويئي. هاڻوڪي دور ۾ اولهائين سماج ۾ جنم وٺندڙ سڀني مسئلن جو اصل سبب اهوئي آهي. انسان کي هاڻ هڪ اهڙي آئيڊيالوجيءَ جي گهرج آهي، جيڪا انسان آزاديءَ جي حد کي ٻڌائي، جيڪا گهربل آزادي ۽ غير گهربل آزادي جي وچ ۾ سَنڌو وجهي سگهي. ان قسم جي آئيڊيالوجي فقط اسلام ئي فراهم ڪري سگهي ٿو.
    اڄ بهترين وقت اچي ويو آهي ته انسان کي اسلام جي اها آئيڊيالوجي پيش ڪئي وڃي ۽ هو ان کي دل سان قبول ڪري.
    ڪميونزم جي زوال (1991ع) کان پوءِ سڄي دنيا ۾ هڪ نظرياتي خلا پيدا ٿي پيو آهي. اهو خلا رڳو اسلام ئي ڀري سگهي ٿو. اڄ جي دنيا ۾ اهڙا ملڪ آهن، جيڪي اقتصادي سپر پاور يا فوجي سپر پاور جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن. پر نظرياتي سپر پاور جي جاءِ خالي آهي ۽ اهو امڪاني طور تي فقط اسلام جو ئي حصو آهي. اسلام جي حق ۾ ان عظيم امڪان کي واقعو بنائڻ ۾ رڳو هڪ ئي رڪاوٽ آهي ۽ اُهو اِهو ته اڄوڪي دؤر جي مسلم تحريڪن تشدد وارو رخ اختيار ڪري ورتو آهي. انهن تحريڪن اسلام کي دنيا جي سامهون هڪ تشدد پسند مذهب (وائلنٽ رليجن) جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. اُن آڌار تي اڄ جو انسان اسلام کان ڇرڪي ٿو ۽ اهو اعتدال واري ذهن سان اسلام جو مطالعو نٿو ڪري. جيڪڏهن ان مصنوعي صورتحال کي ختم ڪيو وڃي ۽ اسلام کي ٻيهر نان وائلنٽ مذهب يا پيس فل سسٽم جي انداز ۾ دنيا جي سامهون آندو وڃي ته انسانيت ٻيهر ان کي پنهنجي دل جو آواز سمجهي، اهو قبول ڪري وٺندي.
    جديد انسان کي هڪ نئين مذهب يا سسٽم جي ڳولا آهي. هڪ اهڙو نظام، جنهن جي تعليم امن تي ٻڌل هجي، جيڪا توهماتي عقيدن کان خالي هجي. جنهن ۾ گهرن نفسياتي سوالن جا جواب موجود هجن، جيڪو سائنسي حقيقتن سان نه ٽڪرائيندو هجي، جيڪو پنهنجي پويان هڪ ڪامياب تاريخ رکندو هجي.
    اڄ ڪلهه ان قسم جو مذهب اسلام کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي ۽ اهو فقط اسلام ئي آهي، جيڪو انهن سڀني شرطن تي پورو ٿو لهي. انفرادي طور تي اڄ به ڪيترائي اهڙا مرد ۽ عورتون آهن، جن اسلام جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اسلام جي خصوصيت جو اعتراف ڪيو آهي. انهن ۾ هڪ تعداد اهو به آهي، جيڪو نظري طور تي اسلام جي ان گُڻ جو اعتراف ڪري ٿو ۽ هڪ تعداد اهو آهي جنهن اڳتي وڌي باقاعده طور تي اسلام قبولي ورتو.

    دعوه ايڪٽوزم
    اسلامڪ ايڪٽوزم پنهنجي ميٿڊ جي لحاظ کان اهنسا تي ٻڌل آهي، ۽ پنهنجي نشاني جي لحاظ کان دعوت تي. دعوت حقيقت ۾ اسلام جي اشاعت جي لاءِ پُرامن جدوجهد جو نالو آهي. ان لحاظ کان اهو چوڻ درست ٿيندو ته اسلامڪ ايڪٽوزم دراصل دعوت ايڪٽوزم آهي.
    دعوت جو ڪم ڪو سادو ڪم ڪونهي. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جيڪو ڪليدي عمل جي حيثيت رکي ٿو. ان ڪم کي ڀرپور طريقي سان انجام ڏنو وڃي ته باقي گهرجون پاڻمرادو حاصل ٿي وڃن ٿيون. اُن سلسلي ۾ قرآن جا ڪجهه حوالا هتي نقل ڪجن ٿا.
    1. اي رسول! جيڪي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان تو ڏي لاٿو ويو آهي، سو پهچاءِ ۽ جيڪڏهن تو ايئن نه ڪيو ته (ڄڻ) تو سندس پيغام نه پهچايو ۽ الله توکي ماڻهن کان بچائيندو. بيشڪ الله ڪافر قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. (المائده 67)
    2. دعوت جي ذريعي دشمن به دوست بنجي وڃي ٿو (حٰم السجده 34)
    3. دعوت جي ذريعي اسلام جي نظرياتي مٿڀرائپ ثابت ٿئي ٿي ۽ بيشڪ نظرياتي برتريءَ کان وڏي ٻي ڪابه شئي نه آهي. (يونس 32)
    4. دعوت جي ذريعي اُمت جي اندر هاڪاري مزاج پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي قرآن ۾ نصح ۽ امانت چيو ويو آهي. (العمران 68)
    5. دعوت جو ڪم انسان جي وسيلي ٿئي ٿو. پران جي لاءِ موافق حالتون خدا تعاليٰ طرفان ئي مهيا ڪيون وڃن ٿيون. جيئن مينهن خدا پاران وسي ٿو، پر زراعت جو عمل هاري انجام ڏي ٿو. هاڻ اهل اسلام جو ڪم اهو آهي ته هو ٻين بي نتيجه ڪمن ۾ پنهنجي سگهه نه وڃائين ۽ هو پنهنجي سموري سگهه دعوت جي ڪم ۾ لڳائين. ان عمل جي ئي ذريعي سڀئي بهترين نتيجا حاصل ٿيندا.
    پيغمبر اسلام ۽ سندس لڳ ڀڳ ٻه سؤ اصحابي، مڪي مان ان حال ۾ نڪتا هئا، جو مڪي جي سردارن سندن مڪي ۾ رهڻ ناممڪن بنائي ڇڏيو هو. ان حد تائين جو هو پيغمبر اسلام کي قتل ڪرڻ جي لاءِ به تيار ٿي ويا هئا. پر مڪي کان مديني پهچي پاڻ سڳورن جيڪا پهرين تقرير ڪئي، ان ۾ نه ڪا تلخي هئي ۽ نه ئي وري مڪي وارن جي خلاف انتقامي تشدد جي ڪا ڳالهه. (ڏسو سيرة ابن هشام الجزء الثاني صفحو 19 ــ 118)
    پاڻ سڳورن مديني پهچي سڀ کان وڌيڪ اهميت سان جيڪو ڪم ڪيو، اهو ڀرپاسي جي سڀني قبيلن سان امن جو معاهدو ڪرڻ هو، جهڙوڪ: بنو خزاعه وغيره. يعني اهو ته نه اوهين اسان سان وڙهندا ۽ نه اسين اوهان سان وڙهنداسين. انهن امن معاهدن ۾ عرب جا ڪيترائي قبيلا شامل ٿي ويا.
    البت مڪي جي قريشن جارحيت تي زور ڀريو ۽ عملي طور تي ڪجهه جنگي قدم پڻ کنيا. پر نيٺ هجرت جي ڇهين سال پاڻ سڳورن ”حديبيه“ جي هنڌ تي ساڻن به امن جو معاهدو ڪري ورتو. جيتوڻيڪ اهو معاهدو قريشن جي هڪ طرفي شرطن تي ڪيو ويو هو.
    اسلام مڪمل طور تي هڪ امن پسند مذهب آهي. جيڪڏهن ٻيا ماڻهو تشدد ۽ بدامنيءَ جي فضا پيدا ڪن ته اسلام جي تقاضا اها آهي ته اهڙن موقعن تي جوابي تشدد نه ڪيو وڃي. بلڪه ردِعمل کان بچندي اهڙي هاڪاري ڪاروائي ڪئي وڃي ته اهل اسلام ۽ غير اهل اسلام جي وچ ۾ امن قائم ٿي سگهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسلام انساني سماج ۾ جن مقصدن کي وڌائڻ چاهي ٿو، اهي رڳو امن جي ماحول ۾ ئي عمل جوڳا ٿي سگهن ٿا. تشدد ۽ ٽڪراءُ جي ناڪاري فضا ۾ اسلام جو ڪوبه مقصد حاصل ٿي نٿو سگهي.
    اهوئي سبب آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ سدائين هڪ طرفي صبر جي اصول تي عمل ڪيو. جڏهن به ٻين نفرت ۽ تشدد جي باهه ڀڙڪائڻ چاهي ته الله جي حڪم موجب پاڻ سڳورن اهڙيون تدبيرون اختيار ڪيون، جو تشدد جو ماحول ختم ٿي اعتدال ۽ باهمي محبت جو ماحول جڙي پيو. (المائده 63)
    پيغمبر اسلام جي زماني ۾ دين جو جيڪو اظهار ٿيو، اهو بعد جي زمانن ۾ به گهربل آهي. هر دؤر جي مسلمانن جو اهو فرض آهي ته هو هر قسم جي ڪوشش ڪري اُن کي نسل درنسل جاري رکن.
    اهو هڪ غير سياسي نشانو آهي ۽ ان کي غير سياسي طريقي سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. اُن مقصد جي حاصلات لاءِ اهائي تحريڪ درست آهي، جيڪا اسلام جي نج فڪري ۽ نظرياتي اعتبار کان اُٿي ۽ مڪمل طور تي امن جي دائري ۾ ان جي جدوجهد جاري رهي.


    امن جي سگهه

    پُرامن عمل (نان وائلنٽ ايڪٽوزم) ڪنهن محدود عمل جو نالو نه آهي، پر اهو هڪ مڪمل عمل جو نالو آهي ۽ هر معاملي ۾ اهو هڪجهڙو ئي ڪارگر آهي.
    جڏهن ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪو معاملو ٿئي، پوءِ ڀلي اهو انفرادي هجي يا اجتماعي، ته هڪ صورت اها هوندي آهي، جنهن کي ٽڪراءُ ۽ تشدد جو طريقو چيو وڃي ٿو. ٻيو طريقو اهو آهي جنهن ۾ ٽڪراءُ ۽ تشدد کان پاسو ڪندي پُرامن طريقي سان مسئلي جو نبيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. پُرامن ذريعن جون مختلف شڪليون آهن. اها دراصل معاملي جي نوعيت آهي، جيڪا اهو ٻُڌائي ٿي ته پُرامن ذريعن ۾ ڪهڙي ذريعي کي ڪهڙي موقعي تي استعمال ڪيو وڃي.
    اسلام عدم تشدد جي تعليم ٿو ڏي. قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خدا فساد کي پسند نٿو ڪري (البقره 205). فساد مان هتي ڪهڙو مطلب آهي، اهو به ان آيت ۾ چٽي نموني موجود آهي. ان موجب فساد ان عمل جو نالو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سماجي نظام ۾ خلل پوي ۽ جان ۽ مال جو نقصان ٿئي. (البقره 205)
    اُن کي جيڪڏهن لفظ بدلائي چيو وڃي ته يقيناً اهو هيءَ هوندو ته خدا عدم تشدد کي پسند ڪري ٿو ۽ خدا کي اهو پسند ڪونهي ته انساني سماج ۾ تشدد جو عمل ڪيو وڃي ۽ پوءِ ماڻهن کي تن ۽ ڌن جي هلاڪت سان منهن ڏيڻو پوي. ان جي تائيد قرآن جي ٻين بيانن سان به ٿئي ٿي. جهڙوڪ: قرآن ۾ الله جو هڪ نالو السلام (Peace) ٻڌايو ويو آهي. (الحشر 23) ساڳي طرح قرآن ۾ خدا جي گهربل دين کي سبل السلام (امن جي رستي ۾) چيو ويو آهي (المائده 16) جنت، جيڪا خدا جي پسنديده معاشري جو آخري هنڌ آهي، ان کي قرآن ۾ دارالسلام (امن جو گهر) ٻڌايو ويو آهي. (الانعام 127) وغيره.
    قرآن جو سڄو مزاج اُن تصور جي حمايت ٿو ڪري. جهڙوڪ قرآن ۾ صبر کي وڏي اهميت ڏني ويئي آهي. ايتري قدر جو صبر واحد اسلامي عمل آهي، جنهن تي بنا حساب جي اجر جو وعدو ڪيو ويو آهي. (الزمر 10) صبر دراصل پُرامن ردِعمل جو نالو آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ بي صبري تشدد واري ردِعمل جو نالو آهي. صبر پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان عين اهائي شئي آهي، جنهن کي اڄوڪي زماني ۾ نان وائلنس (اهنسا) چيو وڃي ٿو. صبر واري عمل جو مطلب نان وائلنٽ عمل آهي.
    حديث ۾ اها ڳالهه وڌيڪ صداقت سان آئي آهي. هڪ روايت موجب پاڻ سڳورن فرمايو: ”ان الله يعطي الرفق مالا يعطي علي العنف“ (سنن ابن دائود 4/255)
    اُن حديث ۾ عنف جي مقابلي ۾ رفق جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. ايئن اها عين اهائي شئي آهي، جنهن کي اڄوڪي زماني ۾ عنف ۽ لاعنف چيو وڃي ٿو. ان حديث ۾ چٽي نموني عنف (وائلنس) جي مقابلي ۾ لاعنف (نان وائلنس) جي ابدي فوقيت ٻڌائي ويئي آهي.
    رفق (نان وائلنس) تي خدا اُهو ڏي ٿو، جيڪو هو عنف (وائلنس) تي نٿو ڏي. اها ڪا سادي ڳالهه ڪونهي، پر اها وسيع ۽ گهري ڳالهه آهي. ان ۾ فطرت جي هڪ اٽل قانون کي ٻڌايو ويو آهي. خود فطرت جي قانون موجب ايئن آهي ته سڀ خراب شيون وائلنس سان جُڙيل آهن ۽ سڀ سٺيون شيون نان وائلنس سان لاڳاپيل آهن. تشدد وارين سرگرمين (وائلنس ايڪٽوزم) سماج ۾ نفرت کي جنم ٿو ڏي ۽ پرامن سرگرميون محبت کي. هنسا (وائلنس) تخريب جو ذريعو آهي ۽ ان ماحول ۾ دشمني کي فروغ ملي ٿو ۽ نان وائلنس (اهنسا) جي ماحول ۾ دوستي کي. وائلنس جو طريقو ناڪاري قدرن کي اُڀاري ٿو ۽ نان وائلنس جو طريقو هاڪاري قدرن کي. وائلنس جو طريقو ماڻهن کي مسئلن ۾ مُنجهائي ٿو ۽ نان وائلنس جو طريقو ماڻهن کي موقعن جي استعمال طرف وٺي ٿو وڃي. هڪ لفظ ۾ وائلنس جيڪڏهن موت آهي ته نان وائلنس اُن جي مقابلي ۾ زندگي.
    قرآن ۽ حديث ۾ جهاد جي تمام گهڻي فضيلت بيان ڪئي ويئي آهي. جهاد ڇا آهي. جهاد جي معنيٰ ڪوشش ۽ جدوجهد آهي. اهو لفظ قتالي عمل جي مقابلي ۾ غير قتالي عمل جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جو هڪ چٽو ثبوت قرآن جي اها آيت آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته منڪرن سان جهاد ڪريو. جهاد ڪبير (الفرقان 52)
    قرآن ڪا تلوار يا گن ڪونهي. قرآن هڪ نظريي جو ڪتاب آهي، اهڙي حالت ۾ قرآن جي ذريعي جهاد ڪريو جو مطلب اهو آهي ته اُن نظرئيءَ تي عمل ڪريو. اسلام جي برتر آئيڊيالاجيءَ جي ذريعي انهن جي ذهنن ۽ دلين کي جيتيو.
    ان قرآني وضاحت جي روشنيءَ ۾ اهو چوڻ صحيح هوندو ته جهاد اصل ۾ پيس فل ايڪٽوزم يا نان وائلنٽ ايڪٽوزم جو ٻيو نالو آهي. قتال جيڪڏهن وائلنٽ ايڪٽوزم آهي ته جهاد نان وائلنٽ ايڪٽوزم.

    پُرامن شروعات
    قرآن جڏهن نازل ٿيڻ شروع ٿيو ته ان ۾ پهرين آيت لٿي اقراء (العلق). ان آيت کي ويچارڻ سان خبر پوي ٿي ته اسلامي عمل جو شروعاتي نقطو (Starting Point) ڪهڙو آهي. اسلامي عمل جي شروعاتي پوائنٽ هيءَ آهي ته ان هنڌان شروعات نه ڪئي وڃي. جتان تشدد واري ردِعمل جو انديشو هجي، پر اتان کان شروعات ڪئي وڃي جتان امن ڀريي نموني تحريڪ جاري رکڻ جي اُميد هجي.
    جنهن مهل قرآن ۾ ”اقراء“ جو حڪم آيو، ان وقت اسلامي تحريڪ جي شروعات لاءِ مڪي ۾ ڪيترائي نقطا موجود هئا. جهڙوڪ ڪعبي ۾ رکيل 360 بتن کي ڪڍڻ جي شروعات. پر اهڙي حالت ۾ پڪ سان ڦڏو ۽ فساد ٿئي ها ۽ قريشن پاران يقيني طور تي تشدد وارو ردِعمل سامهون اچي ها.
    دارلنده (مڪي جي پارليامينٽ) ۾ سيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش. عرب جي چوڌاري رومن سلطنت ۽ ساساني سلطنت جو تسلط، پر جيڪڏهن انهيءَ تسلط کان آزاديءَ کي شروعاتي نقطو بنايو وڃي ها ته هڪدم سخت قسم جو جوابي تشدد سامهون اچي ها.
    ان قسم جي مختلف نقطن کي ڇڏي قرآن پڙهڻ جو آپشن اختيار ڪيو ويو، جنهن جي باري ۾ پڪ هئي ته پرامن طور تي جاري رکي سگهجي ٿو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ ڪوبه تشدد وارو ردعمل سامهون اچڻ وارو نه هو.
    پيغمبر اسلام سڄي زندگي ۾ اهوئي اصول اختيار ڪرڻ فرمايو. پاڻ سڳورن جي پاليسي گويا وائلنٽ ميٿڊ جي مقابلي ۾ نان وائلنٽ ميٿڊ کي اختيار ڪرڻ جي هئي. اِهائي اُها شئي آهي، جنهن کي امڙ عائشه صديقه پنهنجن لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: رسول الله ﷺ کي جڏهن به ٻن ڳالهين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي هوندي هئي ته پاڻ سدائين ڏکئيءَ جي ڀيٽ ۾ سولي جي چونڊ ڪندا هئا. (فتح الباري 6/654)

    پُرامن عمل جا فائدا
    پُرامن عمل جو وائلنٽ ايڪٽوزم تي ڪهڙو ايڊوانٽيج آهي اهو مختصر طور تي هن ريت آهي:
    1. قرآن موجب هر انسان ۾ ٻه فيڪلٽي آهن. هڪڙي انا (ايگو) جنهن کي قرآن ۾ نفس اُماره چيو ويو آهي. (يوسف 53) ۽ ٻيو ضمير جنهن کي قرآن ۾ نفس لوامه چيو ويو آهي. (القيامه 2)
    2. پُرامن طريقي ڪار جو هڪ عظيم فائدو هيءُ آهي ته ماڻهوءَ جي وقت جو ڪوبه حصو ذيان نٿو ٿئي. ايئن ان کي اهو موقعو ملي ٿو وڃي ته هو حالتن جي اندر موجود موقعن کي آخري حد تائين استعمال ڪري سگهي. جيئن حديبيه جي جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو (No War Pact) کان پوءِ پيش آيو. امن جي ان معاهدي، ان ڳالهه کي ممڪن بنائي ڇڏيو ته اهل اسلام جي سگهه هٿيار بند ٽڪراءُ ۾ ذيان ٿيڻ جي بدران پُرامن تعميري عمل ۾ استعمال ٿي سگهي. (سيرة ابن ڪثير 3/324)
    3. پرتشدد عمل ۾ هڪ زبردست نقصان هيءَ آهي ته ان کي هلائڻ جي لاءِ سماجي روايتن کي ٽوڙڻو پوي ٿو. ان جي ابتڙ پُرامن عمل ۾ اهو عظيم فائدو آهي ته ان کي سماجي روايتون ٽوڙڻ کان سواءِ به جاري ڪري سگهجي ٿو.
    4. پرتشدد عمل جي ذريعي جيڪا آخري شئي حاصل ڪئي وڃي ٿي اها موجود سسٽم کي ٽوڙڻ آهي. هڪ سسٽم کي ٽوڙي، ٻي سسٽم کي آڻڻ اهو وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي ممڪن ڪونهي. ان جي ابتڙ نان وائلنٽ ميٿڊ جيئن ته تدريجي طور تي عمل ڪري ٿو، تنهن ڪري اُن جي ذريعي اهو ممڪن هوندو آهي ته هڪ نظام کي ٻي نظام سان Replace ڪري سگهجي. اهوئي ڪارڻ آهي ته تشدد جي بنياد تي هلندڙ حڪومتون رڳو هڪ ٻي قسم جي حڪومتي تبديلي (Coupe) آڻڻ تي ختم ٿي وڃي ٿي، اها شئي جنهن کي انقلاب چئجي ٿو، اها فقط ان تحريڪ جي ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جنهن کي عدم تشدد جي بنياد تي هلايو وڃي.

    اهنسا جي ذريعي ڪاميابي
    اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ ان کان پوءِ اسلام کي جيڪا وڏي ڪاميابي ملي، اها عدم تشدد جي طريقي تي هلي ملي. ان سلسلي ۾ هتي ڪاميابي جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
    1. پيغمبر اسلام جي شروعاتي تيرهن سالن جي دور کي مڪي دور چيو وڃي ٿو. ان دور ۾ مڪمل طور تي اهنسا يا پيسفزم جو طريقو اختيار ڪيو ويو. اُن وقت مڪي ۾ اهڙا ڪيترائي اشوءَ هئا، جيڪي ٽڪراءَ جو موضوع بنجي سگهيا ٿي. پيغمبر اسلام هر اهڙي اشو کان پاسو ڪندي پنهنجو پاڻ کي پُرامن پرچار جي دائري تائين محدود رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ ان دؤر ۾ دعوتي ڪم پنهنجي پوري سگهه سان جاري رهي سگهيو. انهيءَ تيرهن سالن جي دعوتي ڪم جي مختلف فائدن مان هڪ عظيم فائدو هي هو ته ان دؤر ۾ اهي سڀ بهترين ماڻهو مليا، جن اسلام جي تاريخ جوڙي. جهڙوڪ: ابوبڪر، عمر، عثمان، علي رضي عنهم وغيره.
    2. مڪي ۾ جڏهن اُتان جا سردار پاڻ سڳورن جي خلاف جنگ جي لاءِ تيار ٿي ويا ته ان وقت به پاڻ سڳورن جوابي انداز اختيار ڪرڻ جي بدران ماٺ مٺيءَ ۾ هجرت ڪري مديني هليا ويا.
    هجرت پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان پُرامن عمل جو هڪ مثال آهي. ان پُرامن تدبير رسول الله ۽ ساڻن گڏ هجرت ڪندڙ لڳ ڀڳ ٻن سؤ ايمان وارن کي اهو موقعو ڏنو ته هو مديني پهچي اتي اسلام جو هڪ سگهارو سينٽر قائم ڪري سگهن. جيڪڏهن هو پُرامن هجرت جي بدران هٿياربند مقابلي جو طريقو اختيار ڪن ها ته شايد اسلام جي تاريخ مڪي مان شروع ٿي، مڪي ۾ ئي دفن ٿي وڃي ها.
    3. هجرت کان پوءِ پاڻ سڳورن جي مخالفن هڪ طرفي طور تي جنگ ڇيڙي ڇڏي. جنهن جي نتيجي ۾ بدر ۽ احد جهڙا خوني واقعا پيش آيا. ان وقت پاڻ مخالف ڌر جي شرطن کي قبولي ڏهن سالن لاءِ امن معاهدو (Peace Treaty) ڪيو. جيڪو اسلام جي تاريخ ۾ ”صلح حديبيه“ جي نالي سان مشهور ٿيو. قرآن ۾ ان واقعي کي ”فتح مبين“ چيو ويو آهي. (الفتح 1) اهائي صلح آهي، جنهن کان پوءِ اهو پُرامن تعميري عمل جاري ٿي سگهيو، جنهن نيٺ مڪي ۽ عربستان جي تسخير کي ممڪن بنائي ڇڏيو.
    4. خلافت راشده جي دؤر جي آخر ۾ بنو هاشم ۽ بنو اميه جي وچ ۾ خوني ٽڪراءُ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسلام جا قدم (Advancement) ڏهن سالن جي لاءِ بيهي رهيا ۽ جنهن شئي ان شئي کي ٻيهر کوليو، اها حسن بن علي (وفات 50هه) جي جنگ کان واپسي هئي، جيڪا پُرامن عمل جي ئي هڪ عملي صورت آهي. حسن بن علي جي ان پُرامن قدم اسلام جي لاءِ ترقي جا دروازا کولي ڇڏيا.
    5. عباسي خلافت جي آخري زماني ۾ منگول قبيلن مسلم دنيا تي حملو ڪيو ۽ سمرقند کان وٺي حلب تائين جي علائقي کي تباهه ڪري ڇڏيو. بظاهر ته اسلام جي تاريخ بيهندي نظر آئي، ان وقت مسلمانن ۾ پُرامن دعوتي ڪم اُڀريو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته منگولن جي وڏي حصي اسلام قبولي ورتو ۽ اهو معجزاتي واقعو پيش آيو، جنهن کي هڪ مستشرق هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
    The religion of Muslims has conquered where their arms has failed.
    (مسلمانن جي مذهب اُتي فتح حاصل ڪري ورتي، جتي سندن هٿيار ناڪام ٿي چڪا هئا.)
    6. ان نوعيت جو هڪ عظيم واقعو هي آهي ته خلافت راشده کان پوءِ حڪومتي نظام ۾ بگاڙ اچي ويو. خلافت، ملوڪيت ۾ بدلجي ويئي، جيڪا لڳاتار جاري رهي. ان وقت بظاهر ته اهي سڀ ڪارڻ پيدا ٿي ويا، جيڪي حڪمرانن سان ٽڪراءُ جي دعوت ڏيئي رهيا هئا. پر پيغمبر جي هدايت موجب اهل اسلام مڪمل طور تي سياسي ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو. اها تاريخ بنو اُميه کان شروع ٿي صدين تائين جاري رهي. جڏهن ته تابعين، تبع تابعين، محدثين، فقيهن، عالمن، مومنن ۽ سڀني اڪابرن تقريباً پاڻ کي ان ٽڪراءُ کان الڳ رکيو.
    اها ڪا سادي ڳالهه نه هئي. اهو دراصل پرتشدد عمل جي ميدان کان هٽي پُرامن عمل جي ميدان ۾ اچڻو هو. تنهن ڪري اِهوئي اُهو زمانو آهي، جڏهن هڪ پاسي مختلف ملڪن ۾ پُرامن دعوت جو عمل جاري ٿيو ۽ ٻي پاسي اُن ئي زماني ۾ قرآن، حديث، فقهه ۽ ٻيا اسلامي علم وڏي پئماني تي سهيڙيا ويا. اسان جي ڪتب خاني جا اهي هڙئي ملهائتا ڪتاب، جن کي اسلام جو ڪلاسيڪل ادب چيو وڃي ٿو، اهو اُن ئي پُرامن عمل جي نتيجي ۾ تيار ٿيو.
    جهڙوڪ: حديث کي اسلام ۾ قرآن کان پوءِ ٻيو شرعي ماخذ مڃيو وڃي ٿو، اڄ اهي حديثون، حديث جي ڪتابن ۾ تدوين ٿي ڇپيل صورت ۾ پاڻ وٽ موجود آهن، اهي ايتريون ته ملهائتيون آهن جو انهن کان سواءِ دين جو ڍانچو بنجي ئي نٿو سگهجي. بنو اُميه ۽ بنو عباس جي زماني ۾ جڏهن حڪمرانن ۾ بگاڙ آيو ته ان وقت اهي حديثون ڪٿي هيون، اهي هڙئي حديثون اُمت جي انهن بزرگن جي سيني ۾ هيون، جن جا نالا اڄ حديث جي ڪتاب ۾ سَند جي سلسلي طور لکيل ملن ٿا. جيڪڏهن اهي همراهه تشدد جي اصول تي هلندي وقت جي ظالم، حڪمرانن سان اٽڪن ها ته حڪمران انهن کي ماري چَٽ ڪري ڇڏين ها ۽ حديثن جو سڄو ذخيرو سهيڙجڻ جي بدران قبرن ۾ دفن ٿي وڃي ها.
    اهو فقط تشدد جي مقابلي ۾ عدم تشدد اختيار ڪرڻ جو ڪرشمون آهي، جو حديثن جو اهو قيمتي ذخيرو ڇپيل مجلد صورت ۾ اسان جي الماڙين ۾ موجود آهي ۽ اسين هر گهڙي ان پوزيشن ۾ آهيون ته ”هديٰ محمدي“ مان ڪامل استفادو ڪري سگهون.

    سياسي خروج حرام
    خلافت راشده کان پوءِ مسلم حڪمرانن ۾ واضح بگاڙ جي باوجود اُمت جي عالمن انهن جي خلاف خروج (بغاوت) نه ڪئي. هو هڪ هزار سالن تائين ان معاملي کان بلڪل بي تعلق رهندي غير سياسي ميدان ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکيو آيا. اهو اتفاق نه هو پر واضح شرعي حڪم جي بنياد تي هو. جيئن اسان کي خبر آهي ته حديثن جي ڪتابن مان ”ڪتاب الفتن“ يا ٻين بابن ۾ تفصيلي روايتون آيل آهن، جن موجب پيغمبر اسلام ﷺ چٽن لفظن ۾ اهو فرمايو آهي ته ”پوءِ جي زماني ۾ حڪمرانن جي اندر طرح طرح جو بگاڙ ايندو. هو ظلم ۽ ناانصافيءَ جي هلت هلندا. پر اوهين انهن جي خلاف هرگز تلوار نه کڻجو. اوهين اهو ڪجو ته پنهنجا ”اٺ ۽ ٻڪريون“ وٺي پهاڙن تي هليا وڃجو.“
    ”اٺن ۽ ٻڪرين“ جو مطلب اهي موقعا آهن، جيڪي حڪمرانن ۾ بگاڙ اچڻ جي باوجود به انهن جي لاءِ غير سياسي ميدان ۾ موجود هئا. پاڻ سڳورن جي هدايت موجب ”اوهين سياسي ميدان ۾ ٽڪراءُ کان هٽي غير سياسي ميدان ۾ موجود موقعن کي پُرامن طور تي استعمال ڪجو.“ پيغمبر اسلام جون اهي هدايتون ايتريون ته چٽيون هيون جو علماء اسلام، پوءِ جي زماني ۾ اُن تي اجماع ڪري ورتو ته حڪمرانن جي خلاف بغاوت ڪرڻ حرام آهي ۽ کين ان کان هر حال ۾ پاسو ڪرڻ گهرجي.
    امام النووي صحيح مسلم جي شرح ۾ ”ڪتاب الامارة“ تحت حديثن جي تشريح ڪندي لکيو آهي ته... اوهين حڪمرانن سان سندن اقتدار جي معاملي ۾ تڪرار ۾ نه پئو، جيڪڏهن اوهين انهن اندر سراسر اسلام جي خلاف ڳالهه ڏسو تڏهن به اوهين رڳو ناصحانه قول جي ذريعي مٿن حق جي چٽائي ڪريو. ۽ جيستائين انهن کي اقتدار تان بي دخل ڪرڻ جي لاءِ بغاوت ۽ جنگ جو واسطو آهي ته مسلمانن جي گڏيل راءِ موجب حرام آهي، پوءِ ڀلي اهي فاسق ۽ ظالم ڇو نه هجن. (صحيح مسلم شرح النووي 12/229)
    پيغمبر اسلام جو اهو حڪم جيئن مٿي چٽو ڪيو ويو آهي، نهايت اهم مصلحت تي ٻڌل هو. اصل ڪارڻ اهو هو ته دور اول (۽ ان کان پوءِ به) ۾ به سياسي اداري کان ٻاهر اڻ ڳڻيا علمي، دعوتي ۽ اصلاحي ڪم موجود هئا، جن کي پورو ڪرڻ ضروري هو. انهن کي پورو ڪرڻ کان سواءِ اسلام جي تاريخ اڻ پوري رهجي وڃي ها. امت جا عالم جيڪڏهن سياسي اداري سان ٽڪراءُ ۾ ڦاسي وڃن ها ته يقيني طور تي اهي هڙئي تعميري ڪم ٿيڻ کان رهجي وڃن ها. ان ڪري پيغمبر اسلام وضاحت ۽ تاڪيد سان اهو حڪم ڏنو آهي ته سڀ ماڻهو سياسي تڪرار کان پاسو ڪريو. اهو ”پاسو ڪرڻ“ ان ڳالهه جي ضمانت هئي ته سياست کان سواءِ تعميري شعبن جو ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندو.
    هر سماج ۾ سدائين ٻه متوازي موقعا موجود رهندا آهن. هڪ سياسي ادارو ۽ ٻيو غير سياسي نظام. جيڪو مختلف غير سياسي ادارن جي ذريعي قائم ٿئي ٿو. اسلام جي رٿا اها آهي ته سماجي سطح تي قائم ٿيندڙ غير سياسي نظام کي سدائين سگهارو رکيو وڃي. ايئن اها ڪوشش ڪئي وڃي ته سياسي اداري جو بگاڙ يا تبديليءَ جي باوجود غير سياسي نظام جي سطح تي اسلام مسلسل قائم رهي.

    اسلام ۾ جنگ جو حڪم
    قرآن جي ڪن آيت ۾ جنگ (قتال) جو حڪم ڏنو ويو آهي. (الحج 39) ان سلسلي ۾ قرآن جي مطالعي سان ڪجهه ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون.
    1. پهرين ڳالهه ته جارحيت يا هٿياربند جنگ جي شروعات اهل اسلام طرفان قطعي جائز نه آهي، تنهن ڪري قرآن ۾ چٽي نموني هيءَ حڪم ڏنو ويو آهي ته: انهن ماڻهن سان الله جي واٽ ۾ جنگ ڪريو، جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا ۽ اوهين جارحيت نه ڪريو. (البقره 190)
    2. اسلام ۾ فقط دفاعي جنگ جائز آهي. يعني اها جنگ جنهن ۾ جارحاڻي شروعات ٻين پاران ڪئي ويئي هجي ۽ اهل اسلام بطور دفاعي جنگي قدم کڻن. جنگ جي شروعات مسلمانن پاران جائز نه آهي. اهائي ڳالهه قرآن ۾ هنن لفظن ۾ آئي آهي ته اهي ئي آهن، جن اوهان سان جنگ جي شروعات ڪئي. (التوبه 13)
    اُن سلسلي ۾ وڌيڪ اهو ته جي اڳلي ڌر پاران جنگي قدم کڄن ته به اهل اسلام پاران هڪدم دفاعي قدم نه کنيو ويندو، پر جنگ کان پاسو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ۽ جڏهن جنگ کان بچڻ ناممڪن ٿي پوي ته ان وقت اڻٽر دفاع طور جنگ ڪئي وڃي. رسول الله جا سڀئي غزوات ان ئي اصول جا بهترين مثال آهن. جيئن غزوه احزاب (خندق) ۾ پاڻ سڳورن وڙهڻ جي بدران خندق کوٽي جنگ کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حنين ۾ ان ڪري وڙهيا ته اتي جنگ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه هئي.
    3. قرآن موجب جنگ جو هڪ قسم اهو آهي، جيڪو وقتي طور تي گهربل هجي. اهو آهي فتني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جنگ. (البقره 113)
    ان آيت (وقاتلو هم حتي لاتڪون فتنه) جو مطلب جبري نظام آهي، جيڪو نيٺ Religious Persecution تي وڃي دنگ ڪري ٿو. قديم زماني ۾ جبر جو اهو سياسي نظام قائم هو. ان جبري نظام ۾ انسان جي مٿان روحاني ۽ مادي ٻنهي قسم جي ترقين جا دروازا بند ڪيا ويا هئا. اُن وقت حڪم ٿيو ته ان جبري نظام کي ٽوڙي آزاديءَ جو نظام آڻيو، ته جيئن انسان جي مٿان روحاني ۽ مادي ترقيءَ جا دروازا کلي سگهن.
    اهو ڪم پيغمبر اسلام جي زماني ۾ عربستان جي اندر داخلي سطح تي انجام ڏنو ويو. اُن کان پوءِ خلافت راشده جي زماني ۾ ساساني سلطنت ۽ بازنطيني سلطنت کي خدائي مدد سان ٽوڙيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي سطح تي فڪري جبر جو نظام ختم ٿيو ۽ فڪري آزاديءَ جو دور شروع ٿيو.
    اُن سلسلي ۾ اها روايت ڏاڍي اهم آهي، جيڪا صحيح بخاريءَ ۾ آئي آهي. چوٿين خليفي حضرت علي بن ابي طالب کان پوءِ جڏهن عبدالله بن زبير ۽ بنو اميه جي وچ ۾ سياسي لڙائي شروع ٿي ته عبدالله بن عمير، جيڪو اُن وقت موسٽ سينيئر صحابي هو، اهو ان لڙائي کان ڌار رهيو. ماڻهن مذڪوره آيت جو حوالو ڏيئي کيس چيو ته خدا فتني جي دوران قتال جو حڪم ڏنو آهي، پوءِ اوهين ڇو نٿا ان ۾ شامل ٿيو ته پاڻ وراڻيائون: فتني جو مطلب اوهان جي اها سياسي ويڙهه نه پر اُن جو مطلب مذهبي جبر هو ۽ اسان ان جو خاتمو ڪري ڇڏيو. (قد فعلنا) فتح الباري 8/160.
    ان مان خبر پوي ٿي ته قتال فتني جي جنگ هڪ وقتي ۽ محدود جنگ هئي، جيڪا خلافت راشده جي زماني ۾ آخري طور تي مڪمل ٿي ويئي. هاڻ اُن آيت جو نالو کڻي جنگ ڪرڻ درست ڪونهي، سواءِ اُن جي ته اهڙيون حالتون ٻيهر پيدا ٿين، جهڙيون آيت جي نزول وقت هيون.
    پيغمبر اسلام جي سيرت نگارن پاڻ سڳورن جي غزوات جو تعداد 80 کان به وڌيڪ ٻڌايو آهي، اهڙيون شيون پڙهي عام ماڻهو اهو تاثر قائم ٿو ڪري ته پيغمبر اسلام پنهنجي 23 سالن جي نبوت جي دوران گويا هر سال چار ڀيرا جنگ ڪئي، پر اهو تاثر سراسر بي بنياد آهي. اصل حقيقت اها آهي ته پيغمبر اسلام پنهنجي سڄي پيغمبراڻي زندگي ۾ فقط ٽي ڀيرا باقاعده جنگ ڪئي آهي. ان کان سواءِ باقي جن واقعن کي ”غزوه“ چيو وڃي ٿو، اهي دراصل جنگ کان اعراض (پاسو ڪرڻ/ بچڻ) جا واقعا آهن، نه ڪي جنگ ۾ ملوث هئڻ جا واقعا.
    جهڙوڪ: سيرت جي ڪتابن ۾ ”الاحزاب“ جي واقعي کي غزوه (جنگ) ٻڌايو وڃي ٿو. حالانڪه اصل حقيقت اها آهي ته ان موقعي تي عربستان هٿياربند قبيلا يارنهن هزارن جي تعداد ۾ جنگ جي ارادي سان مديني جي سرحد تائين پهتا، پر پيغمبر ۽ سندس صحابين خندق کوٽي پنهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ هڪ بفر (Buffer) قائم ڪري ڇڏي ۽ ايئن جنگ جي نوبت اچڻ نه ڏني. اهڙو ئي معاملو انهن ٻين واقعن جو به آهي، جن کي ”غزوه“ چيو وڃي ٿو. پيغمبر جي مخالفن بار بار پاڻ سڳورن کي جنگ ۾ ڦاسائڻ چاهيو، پر پاڻ سڳورن هر ڀيري ڪانه ڪا ڏاهپ ڪري ۽ تدبر کان ڪم وٺي جنگ کي ٽاري ڇڏيو يا جنگ جي بم کي ڊيفيوز ڪري ڇڏيو.
    فقط ٽي اهڙا موقعا هئا، جڏهن پاڻ سڳورا هٿياربند مقابلي جي لاءِ ميدان ۾ لٿا. بدر، احد ۽ حنين. پر واقعا ٻڌائين ٿا ته انهن ٽنهي موقعن تي جنگ اڻٽر ٿي چڪي هئي. تنهن ڪري پاڻ مجبوريءَ جي حالت ۾ بچاءُ جي طور تي حملي آورن جو مقابلو ڪيو. وڌيڪ اهو ته اهي ٽيئي لڙايون اڌ اڌ ڏينهن جون هيون. اهي ٻنپهرن جو شروع ٿي سج لهڻ تائين ختم ٿي ويون. تنهن ڪري اهو چوڻ صحيح هوندو ته پيغمبر پنهنجي سڄي زندگي ۾ عملي طور تي رڳو ڏيڍ ڏينهن جنگ ڪئي. گويا پيغمبر اسلام جي 23 سالن جي نبوت جي عمر ۾ پاڻ سڳورن فقط ڏيڍ ڏينهن کي ڇڏي، باقي سڄو عرصو نان وائلنس (اهنسا) جي اصول تي قائم رهيو.
    قرآن ۾ پيغمبر ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابن کي قتال جو حڪم ڏيندي اهو چيو ويو ته آهي ته ان معاملي ۾ ٻي ڌر اڳڀرائي ڪئي آهي (التوبه 13). هيءَ آيت اُن معاملي ۾ قول فعل جي حيثيت ٿي رکي ته اسلام ۾ جنگ فقط دفاعي آهي. پاڻ اڳڀرائي ڪري جنگ ڇيڙڻ اهل اسلام جي لاءِ جائز ڪونهي. اسلام جو طريقي ڪار مڪمل طور تي نان وائلنس (اهنسا) جي اصول تي قائم آهي. اڻٽر بچاءُ کان سواءِ اسلام ڪنهن به حالت ۾ وائلنس (تشدد) جي اجازت نٿو ڏي.

    اڄوڪو دؤر ۽ اهنسا
    اڄوڪي زماني ۾، منهنجي نظر ۾ اسلام جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته مسلمانن نان وائلنس جي سنت کي جهڙوڪر وساري ڇڏيو آهي. موجوده زماني ۾ جڏهن ترڪي خلافت ۽ مغل سلطنت جو خاتمو ٿيو ۽ فلسطين جهڙا مسئلا پيش آيا ته سڄي دنيا جا مسلمان ايڏي ته وڏي پئماني تي ناڪاري ردِعمل جو شڪار ٿيا، جو ڪنهن کي به اهو ياد نه رهيو ته اسلام جي پاليسي نان وائلنس (اهنسا) جي پاليسي آهي، نه ڪي وائلنس (هنسا/ تشدد) جي. اسلام کان اُن ئي انحراف جو اهو نتيجو هو ته سؤ سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين خوني جنگ جي باوجود به مسلمان ڪي هاڪاري نتيجا حاصل ڪري نه سگهيا، ان جي بدران اهو ٿيو ته وٽن جيڪو ڪجهه اُن کان پوءِ به حاصل هو، ان مان به هنن گهڻو تڻو وڃائي ڇڏيو.
    امام مالڪ جو چوڻ آهي ته هن اُمت جي پڇاڙي اصلاح به ان ئي طريقي سان ٿيندي، جنهن طريقي سان اُمت جي شروع جي اصلاح ٿي هئي. اُن ڳالهه کي جيڪڏهن لفظ بدلائي چيو وڃي ته اهو چوڻ درست ٿيندو ته پهرين دؤر جي زماني جي مسلمانن جا معاملا نان وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي درست ٿيا هئا، ساڳئي نموني هاڻوڪي زماني جي مسلمانن جون حالتون به نان وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي درست ٿينديون. وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي نه اڳ ۾ ڪو فائدو ملي ٿي سگهيو ۽ نه اڄ ان جي ذريعي ڪو فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو. اڄوڪي زماني جي مسلمانن جون حالتون حديبيه جي حالت سان ملن ٿيون. اڄ ٻيهر اهو واقعو پيش آيو آهي ته ٻي ڌر وڏي پئماني تي اُن روش جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جنهن کي قرآن ۾ ”حميت جاهليه“ چيو ويو آهي (الفتح 26). پهرين دؤر ۾ ان جو نبيرو اهو هو ته مسلمان ردِعمل جو شڪار ٿي ”حميت جاهليه“ جو مظاهرو نه ڪن، پر تقويٰ جي ڪلمي کي مضبوط جهلين. ايئن کين خدا جي مدد حاصل ٿيندي ۽ هو ”فتح مبين“ جا حقدار بنجي ويندا. (الفتح 26)
    ”حديبيه“ جي معاهدي وقت عربستان ۾ حالتون هي هيون ته قريش جن کي عربستان جي اڳواڻي حاصل هئي، اهي لڙائي تي سندرو ٻڌيو بيٺا هئا. هنن حرم تي قبضو ڪري رکيو هو. هنن پيغمبر اسلام ۽ سندس ساٿين کي وطن مان ڪڍي ڇڏيو هو. هنن مڪي جي مسلمانن جي گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪري ورتو هو. هو لڳاتار اسلام جي خلاف ناڪاري پروپيگنڊه ڪري رهيا هئا.
    انهن حالتن ۾ اهل اسلام جي اڳيان ٻه آپشن هئا. هڪ اهو ته هو ظلم کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ جي نالي تي ٻي ڌر سان جنگ جوٽين. جنهن جو يقيني نتيجو خود اهل اسلام جي لاءِ وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ها. ٻيو آپشن اهو هو ته بروقت ٿيندڙ سياسي يا مادي نقصان تي صبر ڪن ۽ اُن نقصان جي باوجود، جيڪي به امڪان سندن لاءِ موجود آهن، انهن کي استعمال ڪن.
    پيغمبر اسلام ۽ سندس ساٿين ان ٻي آپشن جي چونڊ ڪئي، جنهن جو شاندار نتيجو اهو نڪتو ته رڳو ڪجهه سالن جي اندر ئي سڄي ملڪ جي تاريخ بدلجي ويئي.

    (ترجمو پورو ٿيو 24 آڪٽوبر 2014ع بمطابق 28 ذوالحج 1435هه جمع جو ڏينهن حيدرآباد سنڌ)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399883
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ