ڪتاب جو نالو: سِپُون سُوجهي ڪڍيون
مصنف: مسرور پيرزادو
ڇپائيندڙ: امبر پبليڪيشنز
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 26 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 684 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 327 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
امداد حسيني لکي ٿو:
مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي
  • مُهاڳ : امداد حَسيني
  • پنهنجي پاران
  • مولانا رومي: عظيم صوفي شاعر
  • منصور حلاج: اناالحق جي نعرو هڻندڙ صوفي شاعر
  • وليم شيڪسپيئر: عظيم انگريز شاعر
  • ڀرتري هري : قديم دور جو جديد شاعر
  • رومانوي سنسڪرتي شاعر
  • پابلو نرودا : چليءَ جو نوبل انعام يافته شاعر
  • ٽئگور : نوبل پرائز ماڻيندڙ اُپکنڊ جو عظيم شاعر
  • ناظم حڪمت : ترڪيءَ جو رومانوي، انقلابي شاعر
  • قاضي نذرالسلام : بنگال جو انقلابي شاعر
  • نزار قاباني: جديد عربي شاعريءَ جو سرتاج
  • رسول حمزاتوف : وطن پرست شاعر
  • محمود درويش : فسلطين جو انقلابي شاعر

  • ارپنا

    بابا سائينءَ (بابي سليمان)
    جي نالي




    جسم جُدا ٿيو ليڪن تنهنجي،
    سار سدا آ رهڻي بابا!
    (مسرور)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (284) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب امبر پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مسرور پيرزادي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalama*.com
    books.sindhsalama*.com


    ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي

    ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي
    تن سِپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
    پسندا سيئي، املهه اکڙين سين.
    (شاهه)


    مُهاڳ : امداد حَسيني

    ”سپون سُوجھي ڪڍيون“ مسرور پيرزادي جو نئون ڪتاب آهي، جنهن ۾ دنيا جي عظيم شاعرن جي اعليٰ شاعريءَ کي سنڌي ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويوآهي. مسرور پنهنجي تخليقي ڪم ۾ مگن رهندو آهي. هُو ٻين جي لکڻين تي، خاص ڪري شاعريءَ تي، ڏاڍي چاهه سان ۽ بنا ڪنهن رک رکاءُ جي لکندو رهندو آهي. هاڻي مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
    تخليق کي ترجمي تي يقينن فوقيت حاصل آهي. پر ان سان ترجمي جي اهميت گھٽجي نٿي، پاڻ وڌي ٿي. ان ريت انهن شاعرن کي، جن جي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو وڃي ٿو، انهن کي نون پڙهندڙن جو وسيع حلقو ميسر ٿئي ٿو. اهو به سچ آهي ته سڄي دنيا جي شاعري، سموري انسان ذات جو مشترڪ ورثو آهي. ترجمي لاءِ لازمي آهي ته جنهن ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو وڃي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي، انهن ٻنهي ٻولين ۾ جوڳي ڄاڻ هجڻ گھرجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اصل ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ ان تان ئي وري ٽين ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. جيئن روميءَ جي ڪلام بابت مسرور پاڻ به لکيو آهي، رومي جي شاعريءَ ۾ ”سنڌ ۽ سنڌين“ جو حوالو موجود آهي؛
    هِندِ يان را اصطلاحِ هِندِ مدح
    سِنديان را اصطلاحِ سِندِ مدح
    روميءَ جي ان شعر کي پنهنجي هڪ نظم ”اپيل“ ۾ هيئن آندو اٿم:
    هِندين لاءِ هند جي ساراهه
    سِنڌين لاءِ سِنڌِ جي ساراهه
    هر بشر جي خمير ۾ آهي
    پنهنجي پنهنجي وطن جو چاهه اٿاهه
    لاکيڻي لطيف سان ٽي ڪتاب_ قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو سدائين ساڻ هوندا هئا. رڳو ساڻ نه هوندا هئا، پر روزانو صبح جو پڙهيا پڻ ويندا هئا ۽ رات جو شاهه سائينءَ جو ڪلام ڳائبو هو. شاهه سائينءَ آڏو ٻين شاعرن جو ڪلام به ڳايو/پڙهيو/چيو ويندو هو. انهن ٽن ڪتابن ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام کان پاڻ متاثر به ٿيو آهي، ان جا اهڃاڻ ”شاهه جو رسالو“ ۾ موجود آهن:
    وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري،
    هُن پَنَ پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لئه هاري.
    جنهن لاءِ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو لکي ٿو ته:
    ”گنج جي خاص ڳالهه اها آهي ته شاهه لطيف کي مثنوي روميءَ سان جيڪا محبت هئي، ان لحاظ کان گنج جي شروعات به مثنويءَ جي پهرئين شعر سان مناسبت رکندڙ بيت سان ڪئي وئي.“
    (شاهه جو رسالو-شاهه جو ڪلام. تعارف ص ز، ثقافت کاتو سنڌ. نئون ڇاپو 2013).
    روميءَ جو اُهو شعر هيءُ آهي:
    بشنو ازني چُون حڪايت مي ڪُند
    وز جدائيها شڪايت مي ڪُند
    شاهه سائينءَ بيت ۾ پنهنجي رمز به رکي آهي پر:
    ”وڍيل ٿي وايون ڪري“ ۽
    ”هُن پَنَ پنهنجا ساريا“
    جي روميءَ جي شعر سان ڪا مناسبت آهي به ته پوءِ اهو روميءَ جو ڪنهن به ٻي ٻوليءَ۾، جيڪا سنڌي آهي، پهريون نه به سهي، پر پهرين ترجمن مان ضرور آهي. اهو به عين ممڪن آهي ته تصوف سان گڏوگڏ، شاهه سائينءَ کي:
    سِندِيان را اصطلاحِ سِند مدح
    واري روميءَ جي رمز به موهيو هجي. مثنويءَ ۽ روميءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻڌائيندو ”هلان ته مثنوي مولانا روم جو سنڌيءَ ۾ مڪمل منظوم ترجمو ڇپجي چڪو آهي. اهو ترجمو مولوي دين محمد اديب فيروز شاهيءَ جو ڪيل آهي، جيڪو وڏي سائيز جي ٽن چئن جلدن تي مشتمل آهي ۽ آر ايڇ احمد اينڊ برادرز حيدرآباد سنڌ ڇپايو آهي. اهي ڇپيل جلد مون 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏٺا هئا، جڏهن آءٌ ٽه_ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر هئس. اهي سنڌي ادبي بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏناويا هئا. ”اديب“ فيروز شاهي، نور محمد هاءِ اسڪول ۾ منهنجو فارسيءَ جوا ستاد رهيو آهي. مثنوي مولانا روم جو منظم سنڌي ترجمو هڪ وڏو ڪم آهي. ان جي ٻيهر ڇپائيءَ لاءِ ”اديب“ فيروز شاهيءَ جي نياڻي سنڌي ادبي بورڊ جا پنڌ ڪندي رهي، پر اهو اڃا تائين ڇپجي نه سگھيو آهي. ان ريت ٻئي ڪم کان سواءِ حاجي احمد ملاح جو ”نور القرآن“ ۽ قرآن شريف جو بيت جي Forma* ۾ ترجمو آهي. ”اظهر گيلانيءَ“ به قرآن شريف، جپ صاحب ۽ ڀڳوت گيتا جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي. اهي سڀ ادب ۾ اعليٰ ڪارنامي جي حيثيت رکن ٿا. پر اعليٰ ڪارنامي سر انجام ڏيڻ وارن جو وٽي تي به نالو نه آهي، بلڪ وٽو ئي چورايو ويو آهي! سعديءَ جو ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، پر اڻلڀ آهي. ان مان منهنجو مقصد ”مسرور“ جي هن ڪم کي اعليٰ ڪارنامو يا وڏو ڪم ثابت ڪرڻ نه آهي. ها، البت اهو ضرور چوندس ته ”مسرور“ جي هي ڪم ننڍو ۽ غير اهم بهرحال نه آهي، خاص ڪري هاڻوڪي صورتحال ۾، جڏهن سنڌي شاعري زوال پذير آهي، تڏهن ”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ جهڙي ڪم جي اهميت ڪجھه وڌيڪ ئي آهي.
    سنسڪرت، فارسي، عربي، انگريزيءَ کي انڪري تياڳيو ويو، جو اهي سرڪاري، ڌرمي/مذهبي ٻوليون هيون. انگريزيءَ کي ڪافرن جي ٻولي چئي، ان کي نه پڙهڻ جي فتويٰ ڏني وئي. نتيجو؟ اسان جي سامهون آهي. هاڻي اسين روميءَ کي به انگريزيءَ ۾ پڙهون ٿا. ڪاليداس، ڀواڀوتي، ڀرتري هري، ٽئگور، نزار قاباني، رسول حمزاتوف، ناظم حڪمت، محمود درويش.... سڀني کي انگريزيءَ ۾ پڙهون ٿا. ائين انهن جو ترجمو اصل ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ (انگريزيءَ) ۾ ٿيو ۽ پوءِ ان تان ٽيءَ ٻوليءَ “سنڌيءَ“ ۾ ترجمو ٿيو.
    ”مسرور“ جو ترجمو پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ آهي. ان ڏس ۾ هُن ڪٿي ڪٿي پنهنجي ”مسروريت“ به ڏيکاري آهي. جيئن رسول حمزاتوف جي ”منهنجو داغستان“ مان نثري ٽڪرا منظوم ترجمو ڪيا ويا آهن، ياهڪ نظم جي هيٺان: (ڀرتري هريءَ جي خيال کان متاثر ٿي لکيل) لکيل آهي. اهو نظم زندگيءَ جيترو ئي وسيع به آهي ته مختصر به. خوبصورت به ته، پيڙيندڙ به. زندگي جيڪا اڻ چاهي ملي ٿي ۽ اڻ چاهي واپس ورتي وڃي ٿي:
    موت وس ۾، نه زندگي وس ۾،
    ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين!
    (لڇمڻ ڪومل)
    اهو نظم:
    هن جيون ۾ سُکُ ڪٿي آ؟!
    کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان جي پڃاڻي به انهيءَ سٽ تي ٿئي ٿي. ۽ انهن ٻن سٽن (بلڪ هڪ سٽ) جي وچ ۽ ”زندگي“ آهي. آد_وچ ۾ انت! ٻالڪپڻ_ جوڀن_ پوڙهائپ! بيماري ۽ موت! گوتم ٻڌ به زندگيءَ جي ان ڪُروپ کي ڏسي، سڀڪجھه تياڳي ڇڏيو ۽ نرواڻ جو مَتو ڏنو. ڀرتري هريءَ به تياڳ ورتو، زال جي بيوفائيءَ تي، جنهن سان گھڻو پيار ڪندو هو؛
    هيءَ سڄي ڌرتي منهنجو آهه وڇاڻو
    ٻانهون منهنجي لاءِ وهاڻو
    هِي نيرو آڪاس سندم آ چادر پياري
    هِرَ شام جي ٿڌڙي ڄڻ ته پکو آ مون لئه
    چنڊ ستارا منهنجي لاءِ بتيون آهن
    منهنجي زال ”تياڳ“ سُمهي پئي آهي مون سان
    اهڙي سُک سان ڪِينَ سُمهي ٿو
    ڪو شهزادو!
    جهڙي سُک سان
    آءٌ سمهان ٿو!
    هاڻي هن سان سندس زال ”تياڳ“ ڪو به دوکو نه ڪندي. ڪا به بيوفائي نه ڪندي! محل ماڙيون، تاج تخت ٿڏي آيل راجا لاءِ سرشٽي اَجھو بڻجي وئي. جتي نه سازشون هيون، نه دوکا، نه ئي بيوفائيون! شاهه سائينءَ به اهڙو ئي ڪو دُکندو دُک کڻي تياڳ ورتو ۽ ٽن سالن تائين جوڳين ۽ سامين جي ست سلنگ ۾ رهيو. پنهنجو هڪ شعر ٿو ياد اچيم:
    آءٌ نه ڀِٽَ ڌڻي، نه ڪپل وستُو جو شهزادو،
    ڪٺور رشتن جون زنجيرون پيرن ۾ پاتل!
    ڀرتري هريءَ اها سڄي وارتا نظم ڪري ٿو اِهائي اُها پَر آهي، جيڪا هر شاعر کي پارڻي آهي. شاعر وٽ زندگيءَ کي ”ڪيئن ڏٺو“ آهي، کان وڌيڪ اهميت ”ڪيئن ڏيکاري“ کي آهي. زندگيءَ جي موضوع تي شيڪسپيئر جو به هڪ لازوال نظم آهي، جيڪو “Seven S*ages of Man” جو ترجمو آهي. جنهن ۾ انساني زندگيءَ جا ست ڏاڪا ڄاڻايل آهن. ڄمڻ کان پوڙهائپ تائين. ڀرتري هريءَ ۽ شيڪسپيئر جو انساني زندگيءَ بابت اڀياس حيرت انگيز آهي! ۽ سڀ کان وڌيڪ اچرج جي ڳالهه ٻنهي رچنائن ۾ ”سمانتا اسمانتا/اسمانتا سمانتا“ آهي. ٻنهي ڀرتري هريءَ ۽ شيڪسپيئر جيئن زندگيءَ کي ڏٺو آهي، تيئن ڏيکاريو آهي. پوري ”سچائي“ سان ۽ اها ”سچائي“ ئي شاعريءَ کي دائميت جو درجو عطا ڪري ٿي. شيڪسپيئر جو اهو نظم چوٿين درجي جي انگريزي ڪتاب ۾ شامل هو. تڏهن جڏهن اڃا انگريزن جي دَور جا ڪتاب پاڙهيا ويندا هئا. ان نظم توڙي ٻين نظمن/رچنائن تي عنوان پڻ ڏيڻ گھرجن ها. ڪن تخليقن تي عنوان ڏنا ويا آهن. زندگيءَ بابت شيڪسپيئر جي هڪ جڳ مشهور سٽ آهي.
    Life is a *ale, *old by an idio*!
    (ڪنهن مورک جي آهه ٻڌايل جيون جي آکاڻي!)
    گوتم جيون_ڪٿا کي مختصر ترين لفظن ۾ هيئن اپٽاريو آهي: ”سروم دُکم دُکم!“ ان ڏک ۾ هڪ شاعر لاءِ سک جو پل اهو ئي آهي، جنهن ۾ هو رچي ٿو. تخليق ڪري ٿو ۽ اسين هزارها سالن کانپوءِ سندن تخيلقي تجربن ۾ شريڪ ٿيون ٿا، تڏهن اسين به هن نفسانفسيءَ جي دَور ۾ ڪجھه پل سُک جو ساهه کڻون ٿا ۽ اها سرخوشي ماڻيون ٿا، جيڪا انهن شاعرن اسان کي ڏيڻ چاهي آهي. اهڙا شاعر زمان ۽ مڪان کان ماورا هوندا آهن. اهڙا شاعر ٻاٽ واٽ ۾ لاٽ وانگر آهن. حسن، حق ۽ خير جو هوڪو ڏيندڙ اسان جا سُونهان آهن. چنڊ جي چانڊوڪيءَ، تارن جي ٽِم ٽِم، سج جي حرارت، وٽن ٽڻن، پکين جي مٺڙين لاتين، جھرڻن جي ملترنگ، رُتن، دريائن، سمنڊن، سُونهن، پريت، گيت سنگيت جون ڳالهيون ڪن ٿا. جيئڻ جو اتساهه بخشين ٿا. انهن کي پڙهي لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جي سُور جي سَٽَ کي سِٽَ ۾ اوتيو اٿن. ڄڻ اسان جا ئي لڙڪن رُنا اٿن. اسان جي ئي مُرڪ مُرڪي اٿن. هنن کي پڙهندي، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هو اسان کي پنهنجي دَور ۾ وٺي ٿا وڃن، يا پاڻ اسان جي دَور ۾ اچي ٿا وڃن!. بس رڳو اهو احساس ٿو رهي ته اسين اڪيلا ناهيون:
    ”آءٌ اڪيلي ڪاٿي آهيان
    عشق هلي ٿو
    گڏ گڏ مونسان!“
    (اُمارو)
    اهي ڪويتائون پڙهندي، اهو به پتو ٿو پوي ته شاعريءَ جا نقاد تڏهن به هئا. ڀواڀوتيءَ انهن جو ذڪر ڪيڏي نه دلچسپ انداز ۾ ڪيو آهي:
    عالم ۽ نقاد نندن ٿا
    منهنجي شعرن کي
    ڀل هو ويٺا پنهنجو ڪم ڪن
    مون ته انهن لئه ڪِينَ لکيو آ

    ڏينهن اُهو ڀي ايندو جڏهين
    ماڻهو پسندا پنهنجو پاڻ
    منهنجي شعرن ۾

    ڇو ته وڏي هيءَ دنيا آهي
    وقت، رڳو هي وقت نه آهي
    دَور، رڳو هي دَور نه آهي!
    اڄ اسين اهي شعر سنڌيءَ ۾ پڙهي رهيا آهيون ۽ انهن ۾ پنهنجو پاڻ پسي رهيا آهيون. ڀواڀوتيءَ ان رچنا ۾ دنيا، وقت ۾ دور جي ڳالهه ڪئي آهي. اهي ٽئي الڳ الڳ هوندي به الڳ نه آهن. الڳ نه هوندي به الڳ آهن.
    اَڇيهه ۽ اَکُٽ آهن. ڀواڀوتيءَ جي ان رچنا ۾ ٽيئي هڪ ٿي ٿا وڃن ۽ اِها ئي اُها ”سچائي“ آهي، جنهن کي شاعري سڏجي ٿو، جيڪا هر دور لاءِ آهي. سڄي دنيا لاءِ آهي ۽ هر وقت لاءِ آهي ۽ ظاهر آهي ته ”ماڻهن“ لاءِ آهي. ٿي سگھي ٿو ته ان دَور ۾ به شاعريءَ کي ”واندن جي وندر“ سمجھيو ويو هجي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ مان اپڙاسو نه تڏهن هو نه ئي هاڻي آهي! پر شاعرن کي ان جي ڪڏهن پرواهه به نه رهي آهي! ان رچنا ۾ ”لکڻ“ جي ڳالهه ڪيل آهي. معنيٰ ته شاعري چئي به وئي ته لکي به وئي ۽ انگريزن جڏهن اها شاعري پڙهي، تڏهن اچرج وٺي وين ۽ ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو پيش ڪيائون. پر سنڌ جي قديم شاعرن ۽ شاعريءَ جو اسان کي پتو نه آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي عظيم سڀيتا جي وارث سنڌو ماٿريءَ وٽ شاعري نه هوندي! موهن جي دڙي جهڙي شهر اڏيندڙن، مورت سازيءَ جي ماهرن وٽ پڪ سان شاعري هوندي ۽ اها لکت ۾ به هوندي. موهن جي دڙي مان نرتڪيءَ جي مورتي به لڌي آهي، نرت ڪلا هئي ته سنگيت به هوندو ته گيت به هوندو! پر ڌارين ڪاهيندڙن سڀ کان پهرين سنڌ جا ڪتبخانا ساڙيا! موهن جي دڙي مان لکت ته ملي آهي، پر ان جي ڀاڃ نه ٿي سگھي آهي! انڪري سنڌي شاعريءَ جي ابتدا قاضي قادن کان ڪئي ٿي وڃي. ان جا ست بيت، شاهه ڪريم پڙهيا ۽ پوءِ اهي درج ٿيا ۽ اسان تائين پهتا. انهن بيتن کان سواءِ ڀارت ۾ قاضي قادن جا وڌيڪ بيت مليا، جيڪي هيرو ٺڪر ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپرايا. ڊاڪٽر ني بخش خان بلوچ ”قاضي قادن جو رسالو“ پڻ ڇپايو آهي.
    منهنجي آڏو اهو سوال به آهي ته اهي بيت قاضي قادن پهرئين جا آهن يا ٻئين جا؟ آغا سليم وري بابا فريد گنج شڪر کي پهريون سنڌي شاعر ٿو سڏي.
    سِج لٿا، سنجھا پئي، اڳهون آئي رات،
    کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪَپر وات!
    چوڻ اهو پئي گھريم ته سنسڪرت جي قديم شاعري لکت ۾ محفوظ رهي ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ۽ اڄ اسان لاءِ ”مسرورو“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي. ائين هن پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. پر ان فرض جي ادائگيءَ جي مڃتا ضروري آهي ۽ ان جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسين انهن ترجمن کي پڙهون ۽ ڪڙهون، خاص ڪري جيڪي شاعر آهن، انهن کي اهو سدائين ياد رکڻ کپي ته سٺي شاعري ڪرڻ لاءِ، سٺي شاعري پڙهڻ لازمي آهي.
    مٿي مون ڀرتري هريءَ ۽ شيڪسپيئر جي ٻن نظمن بابت لکيوآهي، جن جو موضوع ”زندگي“ آهي. ان تي مون کي ڪجھه منظوم لوڪ سٽون ياد آيون آهن. ان جون پهريون سٽون_ چاليهن تائين، مونکي ياد نه آهن، ان کانپوءِ واريون سٽون، جيڪي ياد اٿم، هي هتي ڏيان ٿو. ان اميد سان ته پهريون سٽون، جنهن کي به، خاص ڪري سگھڙن کي ياد هجن ته انهن سٽن کي ضرور مڪمل ڪن:
    پنجاهه،
    تڪي ٿو منجا
    سٺ
    کنيئن هٿ ۾ لٺ
    سَتر
    پئي ڄمار ۾ ڪَتر
    اَسي
    مت کَسي
    نوي
    پيو ڪانگ لنوي
    سَو
    نه ڪو سڄڻ آسرو
    نه ڪو ڏُڄڻ ڀَو!
    ”سِپون سُوجھي ڪڍيون“ ۾ جيڪا شاعري ترجمو ڪئي وئي آهي، ان جا موضوع اهي ئي آهن، جيڪي گھڻي ڀاڱي هر دور جي شاعريءَ جا رهيا آهن، جهڙوڪ: حُسن، عشق، ويدانت/تصوف، وطن دوستي، انسان دوستي.... البت انهن موضوعن کي مختلف انداز سان پيش ڪرڻ جي اهميت آهي. شاعريءَ جو سرچشمو زندگيءَ مان ئي ڦُٽي ٿو ۽ اهي سمورا موضوع زندگيءَ سان سڌو/اڻ سڌو واسطو رکن ٿا. هتي آءٌ ڪاليداس جي هڪ ڪويتا ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ موضوع ”شاعري“ آهي:
    اڄڪلهه جا شاعر
    ويٺا ڪن پرچار رڳو
    يا بس پنهنجا سُور سلن ٿا
    پر هي منهجا شعر نه ڪائي
    ڪوشش ڪن ٿا
    ڪنهن کي ڪجھه سيکارڻ يا سمجھائڻ جي
    هي ته رڳو بس شعرن جو ئي لطف ڏين ٿا!
    پرچار ڪرڻ ڌرم/مذهب/رليجن جو ڪم آهي ۽ سمجھائڻ/سيکارڻ فلسفي جو. ته پوءِ شاعريءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ اُهو ئي، جيڪو هزارين سال اڳ ڪاليداس ٻڌايو آهي، يعني ”لطف ڏيڻ“. اها ڪويتا ڪاليداس پنهنجي دَور لاءِ رچي آهي يا اسان جي دَور لاءِ! ”اڄڪلهه جا شاعر“ ان ڪويتا جي پهرين سِٽ آهي، جيڪا ان ڪويتا کي هر دور سان لاڳو ڪري ٿي، بلڪه ”اڄڪلهه جي سنڌي شاعرن“ سان اها ڪويتا وڌيڪ لاڳاپيل ٿي لڳي!
    ”سِپُون سُوجهي ڪڍيون“ ۾ جن شاعرن جي شاعري ڏني وئي آهي، انهن مان اسين گھڻن کي ڄاڻون سڇاڻون ٿا، انهن جو ڪجھه نه ڪجھه ڪلام به اسان جو پڙهيل آهي، پر ان ڪتاب ۾ ڪجھه شاعر اهڙا به آهن جن جا نالا ۽ ڪلام پهريون ڀيرو ئي ماڻيو اٿم، جيئن سنسڪرت جا شاعر ڀواڀوتي، ڌرما ڪرتي، هارسا:
    جنهن ماڻهوءَ ڏي هوءَ ڏسي ٿي،
    تنهن جي دلڙي چورائي ٿي،
    پر جي ڪنهن ڏي ڪِينَ ڏسي ٿي،
    تنهن کي ويتر تڙپائي ٿي!
    (ڌرما ڪرتي)
    جنهن پَل تون گڏ آهين مون سان،
    تو ۾ هرشيءِ آنءٌ پسان ٿو.
    پر جنهن پل تون دور هجين ٿي،
    توکي هر شيءِ منجھه ڏسان ٿو!
    (هارسا)
    هڪڙي سان هوءَ ٽهڪ ڏئي ٿي،
    ٻئي کي هوءَ اشارا ڪري ٿي،
    ٽئين جي باري ۾ سوچي ٿي،
    ڪنهن سان آخر پيار ڪري ٿي؟
    (ڀرتري هري)
    مان هِت آهيان، تنهنجو آهيان
    تون هُت آهين، منهنجي آهين
    آ ذهني ميلاپ اسان جو
    ٻيو ڇا گھرجي منهنجا جاني!
    (ڀواڀوتي)
    اهميت ڪنهن کي آهي؟ رچنا کي؟ رچنا ڪار کي؟دوام ڪنهن کي آهي؟ تخليق کي؟ يا تخليقڪار کي؟ ان جو هڪڙو جواب ته ناظم حڪمت ڏنو اهي:
    گيت انسان جا انسانَ کان سهڻا آهن
    گيت انسانُ جا اميد ڀريا، درد ڀريا
    گيت انسانَ جا انسانَ کان وڌ جيئن ٿا
    گيت انسانَ جا دائم ٿا رهن، آهه مگر فاني هُو!
    ناظم حڪمت جو اهو نظم پڙهي، مون کي پنهنجو هڪ نظم ياد اچي ويو:
    مون کان منهنجا گيت سُٺا
    ها، جَن تنهنجا چَپَ چُميا
    سنڌيءَ ۾ اهڙيون انيڪ چوڻيون (منظوم) ۽ سٽون آهن، جيڪي روز مره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون، پر انهن جي سرجڻهارن جا نالا اسين نه ٿا ڄاڻون. اهو دائمي ۽ زندهه شاعريءَ جو مثال آهي. ان ريت لوڪ گيت آهن، ٻاراڻا ٻول آهن، ڪلام آهن. اڄ اسين انهن جي رچيندڙن جي نالن کان واقف نه آهيون. شايد، ان ڪارڻ ئي فارسي، هندي، سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين جي شاعرن پنهنجا نالا /تخلص شاعريءَ ۾ ڪتب آندا آهن.
    هڪ شاعر جي زندگي به مختلف مرحلن مان گذري ٿي، عام انسان جيان. اها ئي زندگيءَ جي ريت آهي. پير ڪڏهن رقص ۾ آهن، ته ڪڏهن ڪاٺ ۾! غمِ جانان/غمِ دوران. ذاتي/اجتماعي ڏک. عذاب، عقوبتون، ڦاهيون، ڦٽڪا، جنگيون، رتوڇاڻ، جيل، غلامي، آزادي ۽ ان صورتحال ۾ هڪ شاعر جي شاعري زخم تي پهي وانگر آهي. ڏُک ۾ ڏڍ آهي. پاڻ ٻاري به روشني ڪرڻي آهي شاعر کي. هڪ سچو شاعر ذاتي غم کان علاوه دنيا جهان جو غم ڀوڳي ٿو. نا انصافين خلاف احتجاج ڪري ٿو. ائين هو پنهنجي دور جي درد کي سِٽن ۾ سمائي ٿو ۽ پوري سچائيءَ سان اُن کي اظهاري ٿو ۽ ائين ئي هُو هر دور جو ترجمان بڻجي ٿو وڃي. هُو اسان جي اکين کي اهڙا سپنا ڏئي ٿو، جيڪي ساڀياڻ ماڻي سگھن ٿا:
    جڏهين راتيون ٿينديون آهن
    صبح نوان ايندا آهن
    منهنجي وطن جي آزاديءَ جو
    خواب جو ننڍپڻ منجھه ڏٺو هو
    منهنجي آڏو ايندو آهي!
    (آزاديءَ جو خواب_ناظم حڪمت)
    ”نزار قاباني عشق ۽ انقلاب جو شاعر آهي“ ائين لکيو ويو آهي. ڇا عشق خود هڪ انقلاب نه آهي؟ رسول حمزاتوف چئي ٿو ته:
    هرڪو ماڻهو شاعر آهي،
    ليڪن، ڪو ڪو شعر لکي ٿو!
    ايم ڪمل، ساڳي ڳالهه، مختلف انداز سان چئي آهي:
    ڪي ڪي غزل لکن ٿا، باقي وزن لکن ٿا!
    پهرين اچو ته نزار قابانيءُ جو هڪ نظم پڙهون:
    ڪو به مڇيءَ کي ڪِينَ ترڻ سيکاريندو آ
    ڪو به پکيءَ کي ڪِينَ اُڏڻ سيکاريندو آ
    پاڻهي تربو آهي
    پاڻهي اُڏبو آهي
    عشق سکڻ لئه ڪو به ڪتاب نه هوندوآهي
    ۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي
    عاشق اُمِي هوندا آهن!
    سو، اسين پاڻ به شاعرن کي دائرن ۾ آڻڻ گھرندا آهيون. عظيم، مهان، وڏو، انقلابي. اهي سڀ دائرا آهن. مثال طور جيڪڏهن اُن جي شاعريءَ ۾ جماليات آهي، محاڪات آهي، ته پوءِ اُن کي ڪهڙي دائري ۾ آڻينداسين؟ چوڻ اهو ٿو چاهيان ته عشق، انقلاب، حسن پرستي، ساڻيهه جي سِڪ، انسان دوستي، مزاحمت، بغاوت، هيڻي جي همراهي، ظلم ۽ ناانصافيءَ جي مخالفت... اهو سڀ شاعر جي فطرت آهي:
    ها لک
    مان هڪ عرب آهيان
    محمود درويش جي هڪ نظم جون اهي مُهڙي سِٽُون آهن. ڪل ڇهه لفظ انهن ۾ جيڪو احتجاج آهي، جيڪا ڌڪار آهي، جيڪو درد آهي. اُهو اڄ به اهڙو ئي تازو آهي، جڏهن لکجڻ کان اڳي (۽ پوءِ) محسوس ڪيو ويو! ان پوري نظم ۾ جيڪا پيڙ آهي، اُها پيڙي ٿي ڇڏي! اسان جي حالتن سان اهو نظم ڪيڏو نه ٺهڪندڙ آهي! اڄ محمود درويش جي ديس، بلڪه پوري عرب دنيا جو جيڪو بدحال آهي، جيڪا ڏکوئيندڙ حالت آهي. اُها محمود درويش جي دور کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار آهي!
    ”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ لاءِ سڀ ڳالهيون اتي ئي ختم نه ٿيون ٿين، گھڻيون رهجي به ٿيون وڃن. پر ڪجه ڳالهيون تڪڙيون تڪڙيون ڪري وڃان ته روميءَ جي شاعري، مثنويءَ تان نه، پر ديوان شمس تبريز جي شاعريءَ جو ترجمو آهي:
    اي ڪافرو! اي ڪافرو! ڏسجو ته مان ڇا ٿو ڪريان،
    جنهن کي وڻي مومن ڪريان، جنهن کي وڻي ڪافر ڪريان.
    ”منصور“ تاريخ ۾ هڪ امر ڪردار آهي. جيڪو ڪلاسيڪل، روايتي ۽ ترقي پسند شاعريءَ ۾ به حق جي اهڃاڻ (Symbol) طور ورتايل آهي:

    سَپت پچار پرينءَ جي، سپت هوتُ حضورُ،
    مُلڪ مِڙوئي منصورُ، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا!
    (شاهه سائين)
    سو انهيءَ حق سچ جي لازوال اهڃاڻ ”منصور“ جي ڪلام مان ٻه سٽون:
    پنهنجي رب کي دل جي اک سان آهه ڏٺو مون،
    مون پڇيو ”تون ڪير؟“ وراڻيو هن ته ”تون“!
    نذر الاسلام کي هڪ باغي شاعر مڃيو ويو آهي. پر اڄڪلهه سنڌي شاعريءَ ۾ الاءِ ته ڪيترا ”باغي“ آهن! ان ريت هر شاعر، جيڪو به آني مان ڦُٽي ٿو اُهو جديد شاعر آهي. ان صورتحال ۾ ڀرتري هريءَ لاءِ ”قديم ۽ جديد“ جو اصطلاح الاءِ ڪيترو سجوڳو آهي؟ سچ ته اهو آهي ته ”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ ۾ جن شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي، اُهي ڪويتا، اتهاس ۾ ڪلاسڪ (Classic)جو مرتبو رکن ٿا. اها لافاني ۽ آفاقي شاعري سموري انسانذات جو مشترڪ اَملهه ورثو آهي. ان ۾ اسان جي پرائڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي:
    هو جيڪو هڪ قاتل آهي
    صرف انهيءَ کي
    خارج آنءُ ڪريان ٿو
    پنهنجي محسوسات منجھان

    پنهنجي وطن کي
    خون خرابي
    ڏکن سورن
    ۽ ماتم جي
    نذر ڪريون ڇو؟
    انهن سڀن جي آهه خلاف
    سندم ڪويتا
    جيڪا هر هنڌ آهه هوا وانگر موجود!
    (پابلو نرودا)
    هڪ شاعر جي زندگيءَ وانگر، هُن جي شاعري به مختلف مرحلن مان گذري ٿي. اهي مرحلا ذاتي توڙي اجتماعي/بين الاقوامي سطح جا ٿي سگھن ٿا. هُو انهن مرحلن مان گذري ٿو. انهن کي ڀوڳي ٿو. ان ڀوڳنا جو اثر هن جي شاعريءَ مان بکي ٿو. مان ”مهاڳ“ جي پُڄاڻي/شروعات نزار قابانيءَ جي هڪ نظم ”ايندڙ نسل“ جي آخري بند تي ڪريان، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ لکڻ لاءِ ڪجھه به نه ٿو بچي. اهو نظم اسان جي جذبات جي ترجماني پڻ آهي:
    اي ڏُکايل ڏيهه! منهنجا
    تو ڪيو تبديل آهي
    عِشق جي شاعر مان مون کي
    رَتَ سان لکندڙ ڪويءَ ۾!


    2015-09-28
    ڪراچي، سنڌ.


    پنهنجي پاران

    ترجمو، سو به وري شاعريءَ جو، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪنهن به ڳالهه کي ڪنهن ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ ڏکيو ڪم ته آهي ئي پر شاعريءَ کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ آڻڻ انهيءَ ڪري به وڌيڪ ڏکيو آهي ڇو ته شاعري فقط ڳالهه ناهي. شاعري ڳالهه کان وڌيڪ احساسن، جذبن ۽خوابن جو اظهار هوندي آهي. ۽ احساسن، جذبن ۽ خوابن کي ترجمو ڀلا ڪيئن ڪجي!؟ انهن جي ترجمي لاءِ به احساس، جذبو ۽ خواب هجڻ لازمي آهي. اهو ڏکيو ڪم تڏهن سولو ٿي ويندو آهي، پنهنجي ئي هڪ مصرع ياد ٿي اچي:
    ڏکيائيءَ ۾ به سَولائي، اسان کي عشقَ سمجھائي!
    سو مونکي هي ترجما ڪندي ڪا به ڏکيائي محسوس نه ٿي. اڃا به ائين کڻي چوان ته هي ڪم ڪندي ڏاڍو مزو ۽ لطف آيو. بلڪل اهڙو ئي مزو ۽ لطف جهڙو پاڻ شاعري ڪندي محسوس ڪندو آهيان. هي ترجما ڪندي شايد مان تڏهن ڏکيائي محسوس ڪريان ها جڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مون کان هي ڪم ڪرائي ها. پر اهڙي ڳالهه نه هئي. هي ترجما مون پنهنجي دل جي چَوڻ تي ڪيا آهن.
    مون جڏهن انهن عظيم شاعرن (جن جا ترجما ڪيا اٿم) کي پڙهيو ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ انهن سان ڪو روحاني رشتو هجي ۽ انهن جا شعر مونکي پنهنجي اندر جو آواز لڳا. شايد ائين آهي ته انهن شاعرن ئي مونکي هي ڪم ڪرڻ لاءِ اُتساهيو ۽ ترجمو ڪرايو. انهن جي مدد کان سواءِ هي ڪم نه ٿي سگھي ها!
    مون اهو به نه سوچيو هو ته جن شاعرن جي ڪلام جو ڪجھه حصو پنهنجي مُوڊ ۾ ترجمو ڪيو اٿم، ان ڪم کي ڪڏهن ڪتابي صورت ۾ به آڻيندس. پر جڏهن رومي، منصور حلاج، پابلونرودا ۽ نزار قابانيءَ جي شعرن جا ترجما مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپيا ۽ فيس بُڪ تي پوسٽ ڪيا ته ڪيترن ئي دوستن ان ڪم کي ساراهيو ۽ ان سان مون کي به ڄڻ ته وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي شڪتي ملي وئي. پوءِ اڳتي هلي ڪجھه ٻين شاعرن جي ڪلام کي پڻ سنڌيءَ جو روپ ڏئي ڪم کي وڌايم ته محسوس ٿيو ته هي ڪم ڪتاب جيترو ٿي ويو آهي. ۽ اهڙي طرح ارادو ڪيم ته پنهنجي هن پيار جي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي.
    شاعري مون لاءِ مترنم خيال (LYRICAL *HOUGH*) آهي. ان ڪري ئي مون هي ترجما منظوم ڪيا آهن. بحر وزن جو خيال رکي انهن شاعرن جي خيالن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سواءِ هڪ شاعر (محمود درويش) جي ترجمن کان سواءِ (جيڪي نثري نظم ۾ آهن) مون باقي سڀني شاعرن جي ڪلام کي پابند يا آزاد نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهو به ان ڪري جو محمود درويش جا اهي نظم خط، ڪهاڻي يا ڳالهه ٻولهه واري انداز ۾ آهن. منظوم ترجما ڪرڻ جو سبب اهو ئي آهي ته منهنجو مزاج نثري نظم وارو نه پر موزون شاعريءَ وارو آهي. آئون سمجھان ٿو ته شاعريءَ لاءِ ترنم، نغمگي، سُر، بحر وزن، ڇند ضروري آهي. انهن شين جي ڪري ئي خيال، فڪر وڌيڪ خوبصورت، پُر اثر ۽ شاعراڻو ٿئي ٿو ۽ اهي ئي خوبيون شاعريءَ کي ٻين نثري صنفن کان وڌيڪ اهم پُر اثر ۽ خوبصورت بڻائين ٿيون. باقي ته سٺيون ۽ دانش سان ڀرپور ڳالهيون، اقوال زرين جي ڪتابن، ناولن، ڪهاڻين ۽ فلسفي جي ڪتابن ۾ به ڀريون پيون آهن، پر انهن ڳالهين کي شاعري ته نه ٿو چئي سگھجي.
    هي ترجما انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ٿيل ترجمن مان سنڌيءَ ۾ ڪيا اٿم. سڀ کان پهرين مون ڀرتري هري ۽ ٻين سنسڪرت جي شاعرن جا ترجما ڪيا هئا. مون جڏهن پنهنجي دوست اعجاز منگيءَ جي ڪتابن مان “POEMS FROM SANSKRI*” کڻي پڙهيو ته ان ڪتاب مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ان مان پوءِ ڪجھه شعر مون ترجمو ڪيا. ائين پوءِ ترجما ڪرڻ جو سلسلو هلي پيو. مولانا روميءَ جي شعرن جا ترجما ڪرڻ وقت مون فهميده رياض جي ڪتاب ”يه خانه آبِ گل“ ۽ انٽرنيٽ تي موجود هن جي شاعريءَ مان مدد ورتي. منصور حلاج جي شعرن جا ترجما ڪرڻ وقت مون مظفر اقبال جي ترجمو ڪيل هن جي ڪتاب ”ديوان“ مان مدد ورتي. پابلو نرودا جا شعر مون کي هن جي ڪتاب “Book Of Ques*ions” ۽ اديبات جي هڪ شماري ۾ مليا، جتان مون پنهنجي پسند جا شعر ترجمو ڪيا. ٽئگور جا گيت ترجمو ڪرڻ وقت مون W.B.YEA*S جو ترجمو ڪيل گيتانجلي به پڙهيو ۽ ان ئي ڪتاب جو اردو ترجمو جيڪو فراق گورکپوريءَ ڪيو هو ۽ سنڌي ترجمو جيڪو ڊاڪٽر گل ڪيو هو، اهي به پڙهيا. ناظم حڪمت جا نظم پڻ ادبيات جي هڪ شماري مان مليا، جڏهن ته وري ڪجھه نظم انٽرنيٽ تان کني ترجما ڪيم. قاضي نذر السلام جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب هٿ آيو، جنهن مان هي نظم ترجما ڪيم. نزار قابانيءَ جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب “ON EN*ERING SEA” پڻ اعجاز منگيءَ وٽان کڻي پڙهيم ۽ ان مان ئي نظم ترجما ڪيم. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ موجود قابانيءَ جا ڪجھه نظم وري هڪ ٻئي انگريزي ڪتاب مان ترجمو ڪيم. منهنجي خيال ۾ قابانيءَ کي سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو اعجاز منگي ئي متعارف ڪرايو، جڏهن هن شايد 1998ع ۾ هڪ اخبار ۾ هن جي شاعريءَ تي هڪ خوبصورت ڪالم لکيو هو. رسول حمزاتوف جا جيڪي مون نظم ترجما ڪيا آهن سي هن جا نظم نه پر هن جي نثري شاهڪار ڪتاب ”منهنجو داغستان“ جا ٽڪرا آهن. جن کي مون شعرن جو روپ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته محمود درويش جا نظم مونکي مُنو ڀائيءَ جي ترجمو ڪيل ڪتاب ” فلسطين فلسطين“ مان مليا. جن مان ڪجھه ترجمو ڪيا. انهن ڪتابن کان علاوه انهن سڀني شاعرن جي شاعري ۽ زندگيءَ بابت انٽرنيٽ تي موجود مواد پڻ پڙهيم ۽ ان مان مدد ورتم.
    سائين امداد حسينيءَ جون وڏيون مهربانيون، جنهن غور سان سڄو مواد پڙهي شعرن کي بهتر ڪرڻ لاءِ مفيد صلاحون ڏنيون ۽ بهترين مهاڳ پڻ لکيو. جڏهن امداد صاحب ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته ”مهاڳ لکي ڇڏيو آهيم“ ته جواب ۾ لکيو مانس ”وڏي مهرباني!“ جنهن تي هن وري ميسيج ڪري لکيو ته ”مهرباني ڪنهن جي؟ تنهنجي؟ منهنجي؟ يا انهن لافاني شاعرن جي؟“
    پياري جمال مصطفيٰ سيد جا پڻ ٿورا مڃبا جنهن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ مون کي پئي همٿايو. منهنجي خواهش آهي ته سائين جمال جي به ترجمن جو ڪتاب جلد اچي، ڇو ته هن به سٺي شاعريءَ جا خوبصورت ترجما ڪيا آهن.
    مهتاب مڱريي جي به مهرباني جنهن ڪتاب جي ڇپائيءَ دوران ڊُڪ ڊوڙ ڪئي. آخر ۾ پنهنجي گھر واريءَ، پٽ، امان ۽ ٻين گھر ڀاتين جون مهربانيون، جن مون کي گھر ۾ لکڻ، پڙهڻ جو هميشه سٺو ماحول ڏنو.

    مسرور پيرزادو
    masroorpirzado@yahoo.com


    مولانا رومي: عظيم صوفي شاعر

    مولانا جلال الدين روميءَ کي دنيا جو عظيم صوفي شاعر مڃيو وڃي ٿو. عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ به چوندا آهن ته هو ”مثنوي مولانا روم“ وارو ڪتاب اڪثر پاڻ سان رکندو هو ۽ ان مان پيو ”مطالع محبت“ ڪندو هو. شاهه سائينءَ تي مولانا روميءَ جو ڪافي اثر آهي، جيڪو سندس بيتن مان ظاهر آهي.
    روميءَ بلخ شهر ۾ جنم ورتو جيڪو هينئر اُتر افغانستان ۾ آهي. ڄم جي تاريخ بابت ڪتاب ٻڌائين ٿا ته رومي هن دنيا ۾ 6 ربيع الاول 604 هه (30 سيپٽمر 1207ع) واري ڏينهن آيو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ رومي قديم شهر لارند (جنهن کي هينئر ڪرمان چيو وڃي ٿو) ۾ رهندو هو. ۽ اتي هن پهرين شادي ڪئي جنهن مان هن کي ٻه پُٽ ڄاوا جن جا نالا سلطان ۽ علاءالدين محمد رکيا ويا. روميءَ جو پيءُ پڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صوفي هو جنهن کي سلطان العلماء جو خطاب پڻ مليو.
    چوويهن سالن جي عمر ۾ رومي قونيا ۾ آيو. وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ شام ويو. هو چار سال دمشق ۾ رهيو جتي سندس ملاقات شيخ محي الدين عربيءَ (ابن عربي) سان ٿي جيڪو پڻ ڪمال جو صوفي ۽ شاعر هو. ڪتاب اهو به ٻڌائين ٿا ته دمشق مان ئي رومي واپس قونيا طرف وريو جتي هن جي علم ۽ شاعريءَ جي گهڻي مشهوري ٿي. هن جا هزارين شاگرد هئا.
    28 نومبر 1244ع ۾ شمس تبريز قونيا آيو ۽ روميءَ سان مليو. ان کان پوءِ قونيا ۾ سڀڪجهه تبديل ٿي ويو. روميءَ جي شخصيت ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ شمس تبريز هن کي نئون روپ بخشي ڇڏيو. شمس تبريز روميءَ جو مرشد ۽ محبوب هو. ديوان شمس تبريز انهيءَ عشق جو داستان آهي. شمس تبريزي رومي صاحب تي اهڙو ته جادو ڪيو جو هن علم ۽ تدريس جا دفتر ويڙهي ڇڏيا ۽ رقص ۽ موسيقيءَ طرف راغب ٿي ويو ۽ ”مي رقصم“ جون صدائون هڻندو رهيو. پوءِ هن کي ڪائنات جي هر ذري ۽ شمس تبريزيءَ ۾ خدا جو جلوو نظر اچڻ لڳو. قونيا جي ماڻهن کي اها ڳالهه بلڪل ڪين وڻي. هو سڀ ان ڳالهه تي پريشان ۽ اَرها هئا ته شمس تبريز (جيڪو ان وقت گهڻو معتبر ماڻهو نه سمجھيو ويندو هو) روميءَ جهڙي عالمِ دين ۽ پرهيز گار ماڻهوءَ کي خراب ڪري ڇڏيو. اهو سڀڪجهه ڏسندي قونيا جي ماڻهن شمس تبريز جي سرعام بي عزتي ۽ توهين ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنهن کان پوءِ شمس تبريز چپ چاپ قونيا ڇڏي هليو ويو.
    هن جي وڃڻ کان پوءِ روميءَ جو جيءُ جدائيءَ جي آڳ ۾ جلڻ لڳو ۽ ان عشق جي آتش ۾ هو شعر لکڻ لڳو. روميءَ کي جڏهن پتو پيو ته شمس تبريز دمشق ۾ آهي ته هن ان ڏانهن پنهنجا اهي غزل اُماڻيا جيڪي روميءَ هن جي فراق ۾ لکيا ھئا. روميءَ جي پُٽ سلطان وڏي جاکوڙ کان پوءِ شمس تبريز کي قونيا واپس آندو. هن جو اچڻ روميءَ جي زندگيءَ ۾ ڄڻ زندگيءَ جو واپس اچڻ هو. پنهنجو مرشد ۽ محبوب ڏسي، روميءَ ۾ ڄڻ ته نئون ساهه پئجي ويو. پر اهو دور گهڻي دير نه هليو ۽ قونيا جي ماڻهن شمس تبريز کي ايڏو تنگ ڪيو، جو هو اُتان ويو ۽ وري واپس نه وريو. ڪجھه ڪتابن ۾ ائين به لکيل آهي ته شمس تبريز کي ماريو ويو ۽ سندس لاش کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
    ان کان پوءِ روميءَ شمس تبريز جي ياد ۾ جيڪي غزل لکيا اُهي ”ديوان شمس تبريز“ جي نالي سان مشهور ڪتاب ۾ موجود آهن. 1245ع ۾ تبريز جي وفات کان پوءِ رومي هڪ نئون صوفياڻو، درويشاڻو سلسلو قائم ڪيو جنهن کي تصوف جي اصطلاح ۾ ”سماع“ چيو وڃي ٿو.
    شاهه سائينءَ وانگر روميءَ پڻ آيتن جهڙا بيت ۽ شعر لکيا. جن ۾ هن اهو شعر پڻ لکيو ته:
    ”مثنوي و مولوي و معنوي
    هست قرآن در زبان پهلوي“
    روميءَ قونيا ۾ ئي وفات ڪئي. هن جي آخري آرام گاهه شمس تبريز جي مزار جي ويجھو آهي.

    *
    ڇا شڪل آ، ڇا سُونهن آ، ڇا قَدُ بُت، ڇا هٿَ پيرَ!
    ڇا رنگ، ڇا آهنگ آ! مَھ کي لڪائي ٿي قبا.

    تون سَروَ آهين يا چمن؟ تون آنهه لاله يا سمن؟
    تون شمع يا قنديل آن؟ يا رقصِ گل ۾ آ هوا؟

    دل جو قرار آخر وِيو، سڀ ڪاروبار آخر وِيو،
    بس رات جو ۽ ڏينهن جو، هڪ خواب تنهنجو آ پِيا!

    اي عشق! توکي آ ڏنو، سڀني الڳ ڪوئي لقب،
    پر مان چوان توکي پِيو، هڪ درد ڪوئي لادوا.

    *


    بي ذات ڪرتون ذات کي، خيرات ڏي درويش کي!
    کڻ ساڻ تون بي ذات کي، خيرات ڏي درويش کي!

    ڇا چنڊ جئن جلوو اٿئي! ڇا حُسن ۽ تجلو اٿئي!
    احسان ڪر مون تي به تون، خيرات ڏي درويش کي!

    آدم به تون ۽ دم به تون، عيسيٰ به تون مريم به تون،
    تون راز آن، محرم به تون، خيرات ڏي درويش کي!

    ڪوڙاڻ کي ميٺاج ۽ تو خار کي گُل آ ڪيو،
    تون دين ڪر هن ڪفر کي، خيرات ڏي درويش کي!

    تون ڪفر آن، ايمان ڀي، منهنجا مٺا! منهنجا مٺا!
    منهنجا مٺا! منهنجا مٺا! خيرات ڏي درويش کي!

    *


    اي عاشقو! اي عاشقو! مان خاڪ کي گوهر ڪيان،
    پياسا ٻُڌو، پياسا ٻُڌو! هن رُڃّ کي ڪوثر ڪيان.

    اي ڪيميا! اي ڪيميا! ڏسجانءِ ڪئن ٿو مان ڪيان،
    مسجد بڻايان دير کي ۽ دار کي منبر ڪيان.

    اي ڪافرو! اي ڪافرو! ڏسجو ته ڇا ٿو مان ڪيان،
    جنهن کي وڻي مومن ڪيان، جنهن کي وڻي ڪافر ڪيان.

    اي آدمي! اي آدمي! تون ڇا هئين ڇا ٿي وئين،
    اچ! اورتي مون ڏي اڃا، توکي اڃا بهتر ڪيان.

    *


    هڪ باهه منجھان ڪڍندس توکي،
    ٻي باهه ۾ مان وجھندس توکي،
    ها، نظرِ بد کان بچائيندس،
    تڪليفن ۾ وجھندس توکي.

    *


    اي عاشقو! اي عاشقو! ڪيڏو ڏکيو آهي جيڻ،
    آهيون ٻُڏا درياهه ۾ ۽ ڪين ايندو آ ترڻ.

    ڀل ٻوڏ اهڙي ڀي اچي، جيڪا وڃي لوڙهي جهانُ،
    پر جو پکي پاڻيءَ سندو، ان لاءِ ڪهڙو آ ڊڄڻ!؟


    *


    ڇا جُرم هن دل آ ڪيو، تنهنجي تمنا کان سوا؟
    ڇاڪاڻ تو مون کان پرين! مُنهنڙو لڪايو آ ڀلا؟

    رستا ٻه آهن بس رڳو، هڪ صبر جو، هڪ شڪر جو،
    پر ڪين ڏسجن ٿا ٻئي، منهنجا پرين! توکان سوا!

    *


    مان اماوس آهِيان، جو ماهه کان ٿيو آ خفا،
    مان گدا آهيان اهو جو شاهه کان ٿيو آ خفا.

    مهربان هو ٿو سڏي، گهر ڏانهن مون کي بار بار،
    مان ڀُليل هر دم رهيس جو راهه کان ٿيو آ خفا.

    *


    فنڪار ڪو مان آهيان، بُت روز بڻايان ٿو،
    ڊاهيان ٿو سڀئي جڏهين، تو ڏانهن نهاريان ٿو.

    سَوَ نقشَ بڻائي پوءِ، ٿو جان وجھان تن ۾،
    پر حُسن ڏسي تنهنجو، سڀ نقش جلايان ٿو.


    منصور حلاج: اناالحق جي نعرو هڻندڙ صوفي شاعر

    منصور حلاج سن 244هه ۾ البيقاء جي علائقي الطور ۾ پيدا ٿيو. هن جو نالو حسين رکيو ويو. سندس پيءَ جو نالو منصور هو جيڪو فرات نديءَ جي ڪناري تي قائم ٿيل علائقي ۾ اُن جي اُڻت جو ڪم ڪندو هيو ۽ ان پيشي جي ڪري انهن کي “الحلاج” چيو ويو.
    منصور حلاج 265هه ۾ بغداد ويو جتي هو جنيد بغداديءَ سان مليو ۽ ان کان ڪجهه سوال پڇيائين. بغداد جي ان دانشمند صوفيءَ هن کي ڪو جواب نه ڏنو، صرف هڪ مختصر ڳالهه ڪيائين، جيڪا ٻڌي اتي ويٺل سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. هن منصور کي چيو ته “اهو ڏينهن جلد اچڻ وارو آهي جڏهن تون ڪاٺ جي هڪ ٽڪري کي پنهنجي خون سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيندين”.
    جڏهن منصور حلاج جي عمر چويهه سال هئي ته هو مڪي ڏانهن ويو. هڪ سال جي قيام دوران حلاج حرم ۾ هڪ جڳهه عبادت لاءِ چونڊي جتي هو قلب جي صفائيءَ جي مشڪل مرحلن مان گذريو. انهن ئي ڏينهن دوران عمر بن مڪيءَ ۽ منصور حلاج جي لاڳاپن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا، جنهن کان پوءِ صوفين جو هڪ گروهه هن کي ناپسند ڪرڻ لڳو. اهو دور ئي دراصل هن جي شهادت جي ڪارڻ جي شروعات سمجھيو وڃي ٿو.
    272هه ۾ هو پنهنجي زال ۽ ڀاءُ سان تستر لڏي ويو ۽ اتي ٻه سال تبليغ ڪيائين. انهن ئي سالن دوران هن جي ٻن پٽن عبدالله ۽ سليمان ۽ هڪ نياڻيءَ جي پيدائش ٿي. ٻن سالن کان پوءِ حلاج پنهنجي خاندان کي اُتي ڇڏي طويل سفر تي روانو ٿيو.جڏهن هو واپس آيو ته سندس ٽئين پُٽ جي ولادت ٿي. انهن ڏينهن ۾ هن جون تحريرون تمام گهڻو مشهور ٿي چڪيون هيون ۽ ماڻهن ۾ هڪ ولولو پيدا ڪري چڪيون هيون جنهن جي ڪري ان وقت جي شيعا عالمن هن تي الزام لڳايا ۽ هن سختين کي سهڻ شروع ڪيو. چون ٿا ته حلاج کي فقط انڪري دار تي نه لٽڪايو ويو هو جو هن ”الحق“ جو نعرو هنيو هو، پر هن جي شهادت جي پويان سياسي سازشون پڻ هيون. انهن ئي ڏينھن ۾ هڪ مسجد ۾ منصور حلاج ابوبڪر شبليءَ جي سامهون هي لفظ چيا هئا ته:
    ”اناالحق والحق، للحق حق“ جنهن جي معنيٰ آهي ته مان حق آهيان ۽ حق، حق سان گڏ حق آهي.
    سندس اهي ئي لفظ هئا جن هن کي دار تائين آندو ۽ تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ تنهن وقت جي حڪومت هن کي 301هه ۾ گرفتار ڪيو ۽ هن تي مقدمو هلايو ويو ۽ هن تي الزام هنيو ويو ته هو ڪعبي تي حملو ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث آهي. هو اٺ سال جيل ۾ رهيو ۽ پوءِ 25 ذوالقعد 309 هه تي هن کي دار تي لٽڪايو ويو ۽ هن ڪاٺ جي ٽڪر کي پنهنجي خون سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. ماڻهن هن تي پٿر اڇلايا پر شبليءَ هن ڏانهن پٿر نه پر هڪ گُل اُڇليو. چون ٿا ته اهو گل جڏهن منصور حلاج کي لڳو ته هن هلڪي دانهن ڪئي. هن کان پڇين ته ”پٿر لڳڻ وقت تو دانهن نه ڪئي ۽ گل لڳڻ وقت تو دانهن ڪئي، ان جو ڇا سبب آهي؟“ ان تي منصور حلاج جواب ڏنو ”پٿر ته اهي ماڻهو پيا هڻن جن کي منهنجي خبر نه آهي. انڪري انهن ماڻهن جي پٿرن جو مون تي اثر نه ٿو ٿئي پر شبليءَ جي اُڇليل گل جو اثر انڪري ٿيو ڇو ته هو ته مون کي سڃاڻي ٿو.“


    *

    تو کي آنءُ سڏيان ٿو يا تون مون کي سڏين ٿو پيو؟
    مون هو پُڪاريو”تون ئي آن“ يا ”مان ئي هان“ تو چيو؟

    ڪيئن ڪيان مان، هن محبت جو آخر ڪريان ڇا؟
    منهنجا موليٰ! ويڄ به سارا ٿي بيزار ويا.

    ويڄ چون ٿا، بيماريءَ سان ڪر تون پنهنجو علاج،
    ها پر يارو! بيماريءَ سان ٿيندو ڪيئن علاج؟

    منهنجي موليٰ ڪاڻ محبت مون کي ڪِيو بيمار،
    پنهنجي موليٰ ساڻ ڪيان ڪئن هاڻي هي اظهار!

    جيئن ڏٺو مون هن کي منهنجي قلب سڃاڻي ورتو،
    ڪين بيانُ، اشارن بن پر ممڪن آهه ٿيو.

    روحَ رنجايو روحُ سندم، ها روح رنجايو آ،
    پاڻَ ڏنو هي ڏُک آ خود کي، درد پرايو آ.

    غائب هوندي ظاهر آ هُو، اکڙين کان اوجهل،
    ها پر پوءِ به ڏسي ٿي هن کي دل منهنجي پاڳل.

    ****

    هڪڙو علم اجايو آهي ۽ ٻيو علم سجايو،
    هڪڙي ساگر ٻوڙي ڇڏيو ۽ ٻئي پار پُڄايو.

    وِک کڻڻ بن ڀي مان پهتو آهيان اُتڙي،
    باقي سڀ لئه ڪونهي ممڪن پهچڻ جتڙي.

    ڪين گِهڙڻ بن ساگر جي گهرائي سمجھيم،
    ڪين پِيڻ بن پاڻيءَ جي هيءَ اُڃَّ اُجهايم.

    ****

    آرزوءَ جي انتها!

    آرزوءَ جي انتها!
    توتي، پنهنجو پاڻ تي
    مان گهڻو حيران آهيان.
    قرب تو مون کي ڏنو
    مون ته سمجھيو
    تون ته ”مان“ ئي آهِيان.
    زندگي منهنجي به تون
    ۽ رڳو تون آنهه نعمت،
    دفن کان پو آنهه بس
    تون ئي منهنجي لاءِ راحت.
    تون ئي منهنجو خوف آهين،
    تون ئي مون لئه امن آهين.
    تو اڳيان منهنجو سمورو
    آهه هي محدود فن
    ۽ اگر ڪنهن شيءِ جي مان
    آرزو ڪائي ڪيان،
    سا به تون ئي آنهه بس،
    تون ئي منهنجي
    آرزو ڪُل آنهه بس!


    ****


    زمين ڪهڙي سندءِ آ وجود کان خالي؟
    جو آسمان ۾ توکي تلاش ٿا هُو ڪن.

    ڏسين ٿو تون ته انهن کي، ڏسن ٿا جي تو ڏي،
    مگر هو ڪين ڏسن ٿا جو هُو انڌا آهن.


    ****

    پنهنجي رب کي دل جي اک سان آهه ڏٺو مون،
    مون پڇيو ”تون ڪير؟“، وراڻيو هُن ته ”تون“!

    تنهنجي لاءِ ”ڪٿي“ جو هاڻ سوال نه آهي،
    تنهنجي لاءِ ”ڪٿي“ ڀي هاڻ ڪٿي ناهي!

    منهنجي فنا ۾ منهنجي فنا جي آهه فنا،
    منهنجي فنا مان آنهه مليو تون مون کي سدا.

    ****

    منهنجا رب، اي منهجا موليٰ! مون سان رهه ويجھو،
    ڏاڍو آءٌ اڪيلو آهيان
    ڏاڍو، ها ڏاڍو.

    ****

    جيڪڏهن منهنجي تباهيءَ ۾ سندءِ آهي آ رضا،
    پوءِ ان تي مان به راضي آهِيان،
    ڇو ته تنهنجو انتخاب،
    آهه منهنجو انتخاب.

    ****

    جنهن کان ڊڄجي،
    تَنهن جي ئي بس،
    ويجھو وڃجي.


    ****

    مُحبت جي هن ساگر ۾
    ڪين ڇڏيو مون آهه ترڻ.
    لهر کڻي ٿي مون کي مٿي

    ۽ پوءِ هيٺ پئي اڇلائي.
    گهوتو کائي ڪڏهن ڏٺم جي
    ڏُور گهڻو ئي نڪري آيس.

    اهڙي جڳهه تي پهتس جنهن جو
    ڪوبه ڪنارو ڪونهي.

    مُحبت جي ساگر ۾ تو بن،
    ڪوبه سهارو ڪونهي!

    ****

    تنهنجو منهنجو روح ملي ويو،
    جئن عنبر سان مشڪ ملي ٿو.

    جيڪا شيءِ به ڇُهي ٿي توکي،
    مون کي سا شيءِ يار ڇُهي ٿي

    تون مان آهيان، مان تون آهين.
    فرق ٻنهي ۾ ڪِين رهيو آ.

    ****

    مان ”هُو“ ٿيس،
    هُو ”مان“ ٿيو،
    هاڻي اسين،
    هڪ آهِيون،
    تون ٿو ڏسين،
    مون کي جڏهن،
    تون ٿو ڏسين،
    هُن کي تڏهن،
    تون ٿو ڏسين،
    هُن کي جڏهن،
    تون ٿو ڏسين،
    مون کي تڏهن.

    ****

    جڏهن اولهه وڃان ٿو مان،
    ته آڏو تون رڳو آهين.
    جڏهن اوڀر وڃان ٿو مان،
    ته آڏو تون رڳو آهين.
    چڙهائيءَ تي چڙهان جڏهين،
    ته آڏو تون رڳو آهين.
    لهان ٿو هيٺ مان جڏهين،
    ته آڏو تون رڳو آهين.


    ****


    عقل ذريعي توکي ڄاڻڻ،
    چريائپ بن ڪجهه به نه آهي.

    حيرت جي ساگر مان ڪڏهين،
    عاقل نڪتو ناهي، ناهي.


    وليم شيڪسپيئر: عظيم انگريز شاعر

    شيڪسپيئر کي سڄي دنيا ۾ جيتري مڃتا ملي آهي، اوتري شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ۽ ليکڪ کي ملي هجي. هن جي حيثيت دنيا جي عظيم ترين ۽ مشهور ترين ليکڪ واري آهي. هو اسٽر اٽفورڊ ۾ 1564ع ۾ ڄائو. هتي سندس تعارف ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي شاندار ليکڪ، دانشور، سياستدان محترم رسول بخش پليجي جي تحرير جو ٽڪرو ڏيان ٿو جيڪو سندس اهم ادبي تنقيد جي ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“ مان ورتل آهي:
    انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو. هن ٻه چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا، پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينهن پيو رلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هوجوترجي زميندار جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنهن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پڇائي مار ڪڍيائينس. هوڏانهن جوڻس به اچي ڪوڪر ڪري کنيس ته ”مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي ته نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين!“ تنهن تي مڙس رسي، وڃي لنڊن کان نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻائي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.
    هي اهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪو هو ته مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستن سبب تفرقي ۾ هو. هي انگلينڊ جي ڦوهه جوانيءَ جو دور هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياءَ پئي وهيا. هي ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جهڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنهن سان ڪونه ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويهي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻڌايائين، تڏهن اهي اچي کل ۾ ڇٽڪيا، چي، ”ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي! اهي ڪم ڪن ته ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالهه جهنگ مان رلي رلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين!“ همراھ اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين. پر کانئس رهيو نه ٿيو، سو ٻيو به کيل لکيائين، ٽيون به لکيائين، پر ڪنهن پڇيس به ڪونه. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اڇلي ڇڏيو. ”ڀلا ائين به ڪو کيل لکبو آهي؟ نه ٻوليءَ ۾ چس، نه ڳالهه ۾ سواد!“ پر هيءَ همراھ نه مڙيو. سڄا سارا ۲۵ کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن پنهنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنهن ۾ ائڪٽنگ به پيو ڪندو هو ته ناٽڪ به لکندو هو. آخر ۵۲ ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ هو، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبه چٽو مقصد ڪونه آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿو پوي ته مطلب ڪهڙو اٿس، وغيره وغيره. ڪن چيو ته فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب ته ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور، ٻاهراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعلى اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيهي سگهندو؟
    انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گهلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اڇلي آيون، ته ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهايائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ مچي ويئي ته ”اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب هو، وڏو دانا هو. يگانو ڊرامه نويس هو، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر هو! هن جهڙو نه ٿيو نه ٿيندو!“
    400 سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مذهبي دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي ويئي آهي. کيس دنيا جي مٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ علم ۽ ادب جي سلطنتن ۾ هن جو سڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇهن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابه ٻولي ڪانهي جنهن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نه ٿيل هجن ۽ ها، جن ”قابلن“، ”دانائن“ ۽ ”عالمن“ کيس ”ڄٽ“، ”جاهل“ ۽ ”ادبي چور“ ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان به ڪونه بچيو آهي. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته اهي ”وڏا بزرگ“ ڪهڙي باغ جي موري هئا.
    ان ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهيءَ شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!

    ****

    جيون ڇا هي؟

    بس ڪو گهُمندڙ، ڦرندڙ پاڇو!
    ناٽڪ جو ويچارو ڪو ڪردار اِهو،
    جيڪو آڪڙ ۽ چڙ ۾ ٿو،
    پنهنجو وقت گذاري ويٺو،
    ۽ پو ڪين ڪڏهن ٻُڌجي سو.

    جيون ڀي ڪنهن احمق پاران
    آهه ٻُڌايل قِصّو ڪوئي،
    جنهن ۾ بس ڪو شور ڀريل آ،
    جنهن ۾ بس ڪو خوف ڀريل آ،
    جنهن جو ڪوئي ڪارج ڪونهي.


    ****

    جئن رؤنشائي ٻارن لاءِ مکيون آهن،
    تيئن خدائن لاءِ اسين آهيون پيارا!
    هُو پنهنجي ئي راند رُوند لئه
    ماڻهو مارن ٿا موچارا!



    زندگي هڪ منچ آهي،
    ۽ سمورا مرد ساريون عورتون،
    پنهنجو پنهنجو ٿا ادا ڪردار ڪن.
    هُو اچن ٿا ۽ وڃن ٿا،
    پنهنجي پنهنجي وقت سان.
    زندگيءَ ۾ هرڪو ماڻهو
    ڪيترائي ٿو مَٽائي روپ پنهنجا،
    زندگيءَ جا سَتَ دور
    هو گذاري ٿو وڃي.
    سڀ کان پهرين هُو ڄمي ٿو،
    نرس جي ٻانهن ۾ هُو دانهون ڪري ٿو،
    پوءِ ٿيلهو هُو کڻي اسڪول ڏي،
    ڪين چاهيندي به ويندو ٿو رهي.
    پوءِ عاشق هو ٿئي ٿو،
    ساهه ٿڌڙا هُو ڀري ٿو،
    ۽ اکين تي هُو پرينءَ جي
    ڪي غزل ويٺو لکي ٿو.
    پوءِ سپاهي هو ٿئي ٿو،
    ۽ وڙهي ٿو،
    ها، لڙي ٿو،
    پوءِ هُو منصف ٿئي ٿو،
    پوءِ هو پوڙهو ٿئي ٿو،
    ۽ وري بچپن ڏي ڄڻ واپس وڃي ٿو،
    ۽ ڍرا ٿي وڃن هن جا جُوراب
    ڏند، اکڙيون ۽ ٻيو سڀڪجهه،
    ختم ٿئي ٿو هوريان،
    بس ٿئي ٿو هوريان.


    ****


    ڪين ٿڌڙا ساهه ڀريو، ڇوڪريون!
    مردَ دوکيباز ئي آهن سدا،
    جن جو هڪڙو پير ساگر ۾ ته ٻيو
    آ وري هوندو ڪناري تي پيو.
    مستقل ڪنهن جاءِ تي ناهن اُهي
    ڪين ٿڌڙا ساهه ڀريو، ڇوڪريون!

    ****

    سائين! مون کي وڃڻو آهي،
    دُور سفر تي ڪهڻو آهي،
    منهنجو مالڪ مون کي سڏي ٿو،
    ڪين ڪري انڪار سگهان ٿو،
    چڱو سائين!
    آنءُ وڃان ٿو،
    آنءُ وڃان ٿو.

    ****

    اَڻ مُندائتي برفباريءَ
    جئن لٿو آ مُوت هُن تي،
    هوءَ جيڪا
    ساري واديءَ جو سڀن کان،
    خوبصورت گُل هئي.

    ****

    دردَ ڪمري کي ڀري آهي ڇڏيو،
    درد جيڪو دل ۾ آهي
    پُٽَّ پنهنجي جي جدائيءَ جو مون کي.
    دردُ هن جي هنڌ تي ليٽي پيو آ،
    درد هُن جا لفظ دُهرائي رهيو آ،
    درد مون سان ٿو هلي پيو،
    آنءُ جاڏي ڀي وڃان ٿو.

    ****

    موت اهو آ مُلڪ مٺا!
    جيڪو ڪين دريافت ٿيو آ.
    جو به مسافر اُسهيو ايڏهن،
    ڪين وري سو موٽيو هيڏهن!


    ****

    هن دنيا ۾
    ڪا به نه اهڙي شيءِ آ جيڪا،
    لطف ڏئي،
    جنهن مان ڪوئي مزو وٺجي.

    جيون اهڙو آهي قِصّو،
    جو ورجايل آهي ڏاڍو،
    ٻُڌي ٻُڌي ڀي هاڻي جيڪو،
    ڪنَّ پچي پيا آهن يارو!

    ****

    ديوتائو !
    ڇو ڏيو ٿا سُهڻا تحفا،
    جن سان ڏاڍو پيار ٿئي ٿو،
    جن سان سهڻو
    هي سڄو سنسار ٿئي ٿو،
    ۽ وري سارا سي تحفا،
    ٿا اسان کان سڀ کسيو،
    ديوتائو!
    ديوتائو!

    ****

    ڏُکَّ جڏهن ڀي ايندو آهي،
    ڪين اڪيلو ايندو آهي،
    فوج ڏُکن جي ايندي آهي،
    دل تي حملا ڪندي آهي.


    انڌو هوندو آهي عشق،
    ۽ سڀ عاشق،
    ڪين ڏسي سگهندا آهن،
    سهڻيون سي سڀ غلطيون،
    عشق ۾ جيڪي ڪندا آهن.

    ****

    سائين سڀ سان پيار ڪريو!
    ۽ ڪن تي اعتبار ڪريو!
    ڪنهن سان ڪين بُرو هلجو،
    سائين! سڀ سان پيار ڪريو!

    ****

    هيءَ پِيري ۽ جواني ،
    ڪين گڏجي ٿا سگهن ڪڏهين رهي.

    آهه بي پرواهه سائين! هيءَ جواني،
    ۽ وري پِيري رڳو آ احتياط.
    هيءَ جواني آ بهار،
    ۽ خزان جي مُند پِيري آهه ڪا.
    آ جواني راند روند،
    ۽ وڏو آرام پِيري آه ڪا.
    آ جواني گرم ڪوئي جوش، جذبو،
    ۽ وري پِيري ٿڌي، ڪمزور آهي.

    مان جوانيءَ سان ڪيان ٿو پيار ۽
    ڪين ٿي مون کي وڻي پِيري اِها!
    پيار منهنجو آ سدا سُهڻو، جوان،
    پيار منهنجو آ سدا سُهڻو جوان.


    ڀرتري هري : قديم دور جو جديد شاعر

    ڀرتري هري پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم، گرامر جو ماهر ۽ بادشاهه هو. هن پنهنجي زندگي شهزادن جيان عيش ۽ آرام ۾ گذاري پر پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هن کي پتو پيو ته سندس زال (راڻي) ڪنهن ٻئي مرد جي محبت ۾ چري آهي ته هن همراهه تخت، تاج، عيش آرام ۽ بادشاهت ڇڏي وڃي ويرانا وسايا ۽ اميري ڇڏي وڃي فقيريءَ جي راهه ورتي. هو تپسيا ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ يوڳي (جوڳي) ٿي پاڻ کي دنيا جي آسائشن ۽ لذتن کان پري ڪيو. هن جا ڪيترائي شعر ان تياڳ جي حوالي سان آهن، جيڪو هن دنيا کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري ڪيو هو. هو چوندو هو ته:
    هر مزي ۾ بيماريءَ جو خوف آهي، هر شان، مان ۾ بي عزتيءَ جو خوف آهي، دولت ۾ غربت جو خوف آهي، طاقت ۾ دشمنن جو خوف آهي، حُسن ۾ مخالف جنس جو خوف آهي، ڄاڻ ۾ ناڪاميءَ جو خوف آهي، جسم کي موت جو خوف آهي پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي خوف نه آهي ته اهو آهي تياڳ.
    ڀرتري هريءَ جي شعرن ۾ دنياوي مزن کان ويندي تياڳ جي سڪون واريون سڀ ڪيفيتون آهن.
    دنيا جي ٻين عظيم شاعرن وانگر ڀرتري هريءَ جي باري ۾ به مون کي پهريون ڀيرو شيخ اياز جي ڪتابن ۾ ئي ڄاڻ ملي. اياز نه فقط جديد سنڌي ادب جو عظيم تخليقار هو پر هو عظيم ادب متعارف ڪرائڻ وارو اهم ماڻهو به هو. هن جي ڪتاب “رڻ تي رم جهم” ۾ موجود محبت جي احساسن ۾ ٻُڏل هڪڙو ڇهه سٽو ڀرتري هريءَ جي ذڪر سان به آيل آهي. اهو هيئن آهي ته :
    ڀرتري هريءَ وانگر،
    ڪالهه هي چيو هو مون،
    ”رات جيڪا گذري وئي،
    چاندنيءَ ۾ چمڪي،
    ڄڻ ته لهر سنڌوءَ جي،
    سمنڊ ڏانهن موٽي وئي.“
    ۽ ان کان پوءِ وري علامه اقبال وٽان ڀرتري هريءَ جو هي نهايت سهڻو شعر مليو:
    ڦول ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هي هيري ڪا جگر،
    مردِ نادان پير ڪلامِ نرم و نازڪ بي اثر!
    ان شعر کان پوءِ منهنجي دل ۾ ڀرتري هريءَ کي پڙهڻ جي تمام گهڻي خواهش پيدا ٿي ۽ ڪافي وقت کان پوءِ مون کي سنسڪرتي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب Poems from *he Sanskri* مليو جنهن مان مون ڀرتريءَ هريءَ جي شعرن مان پنهنجي ان خواهش جي اُڃ اُجهائي. ان منجھان ئي هي ڪجهه ترجما مون ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿا.


    ****

    هن جيون ۾ سُکُّ ڪٿي آ ؟
    ننڍڙي آهي هيءَ حياتي،
    ۽ اُن جو ڀي اَڌُ وڃي ٿو،
    ننڊ ڪرڻ، آرام ڪرڻ ۾،
    بيڪار رهڻ، بيمار رهڻ ۾،
    باقي جيڪو وقت بچي ٿو،
    سو به اجايو ڄڻ ته وڃي ٿو،
    ٻالڪپڻ، پوڙهائپ وارن،
    گمنام، اجاين خوفن ۾.
    ۽ جوڀن ڀي جو گذري ٿو،
    سو به جُداين منجھه جھُري ٿو،
    پئسي لاءِ پريشانيءَ ۾،
    وقت سمورو هي گذري ٿو،
    ٻارن ۽ گهر وارن جي ڀي،
    ڳڻتيءَ ۾ هي وقت وڃي ٿو.
    هاڻي يار! ٻُڌاءِ مون کي،
    هن جيون ۾ سُکُّ ڪٿي آ؟

    ( ڀرتري هريءَ جي خيال کان متاثر ٿي لکيل )


    ****

    سِجُّ آهي،
    چنڊ آهي،
    ۽ ستارا،
    سَڀُّ آهن،
    پوءِ ڀي پر
    تنهنجي نيڻن
    ۾ ڏسڻ بن
    انءَ لڳي ٿو
    آ انڌيرو!

    ****

    هن چيو هو:
    ”ياد پيو مون کي ڪجان!“
    مون چيو هو:
    ”ايئن مون کان ڪين ٿيندو،
    ڇو ته جيڪا دل ڪندي آ ياد توکي،
    سا ته توسان سنگ ويندي!“

    ****

    هيءَ سڄي ڌرتي آهي بس منهنجو بستر،
    ٻانهون منهنجي لاءِ وهاڻا،
    نيرو هي آڪاس سندم آ چادر پياري،
    هِيرَ شام جي ٿڌڙي ڄڻ ته پکو آ مون لئه
    چنڊ، ستارا منهنجي لاءِ بتيون آهن،
    منهنجي زال “تياڳ ” سُمهي پئي
    آهي مون سان،
    اهڙي سُک سان ڪين سُمهي ٿو
    ڪو شهزادو،
    جهڙي سُک سان
    آنءُ سمهان ٿو.

    ****

    اڳ ۾ تون، مان چوندا هئا سين:
    مان تون آهيان، تون مان آهيان!“
    هاڻي ڇا ٿيو توکي، مون کي؟
    جو تون تون آن، مان، مان آهيان!

    ****

    هن جو چهرو چنڊ جيان ڀي ڪونهي ڪو
    هن جون اکڙيون نيل ڪنول جا گُلڙا ناهن،
    هن جون ٻانهون سون سچي جهڙيون ناهن،
    هوءَ ته آ هڏ ماس سندو بس ڪوئي پُتلو.

    شاعرَ ڀي ڏِس ڪهڙا ڪهڙا ڪُوڙ هڻن ٿا!
    ها پر پاڻ ته پيار ڪريون ٿا پوءِ به هن سان.
    ۽ هن بابت ڪوڙ سمورا سچُ ئي لڳن ٿا.

    ****

    ڏاڍو چنڊ! اُداس لڳين ٿو
    رات سموري ڪين سُمهين ٿو،
    ڳرندو ڏينهون ڏينهن وڃين ٿو ،
    ڇا تون مون وانگر ئي مٺڙا!
    هن جي باري ۾ سوچين ٿو؟

    ****

    اڌ دل هن جي آهه ڀريل،
    محبت سان محبوب سندي،
    باقي اڌ ۾ شرم اٿس.

    هڪ اک هن جي آهه کُتل،
    چهري تي محبوب سندي،
    در تي باقي هِڪّ اٿس.

    هن جو هڪ آ پير رکيل،
    بستر تي محبوب سندي،
    باقي هڪ آ ڌرتيءَ تي.

    ڪين ڪري هوءَ پيار سگهي،
    ۽ نه ڇڏي ئي يارُ سگهي.


    ****


    هڪڙي سان هوءَ ٽهڪ ڏيئي ٿي،
    ٻئي کي هوءَ اشارا ڪري ٿي،
    ٽئين جي باري ۾ سوچي ٿي،
    ڪنهن سان آخر پيار ڪري ٿي؟


    رومانوي سنسڪرتي شاعر

    قديم ڀارتي سنسڪرتي شاعري جڏهن پڙهجي ٿي ته پتو پوي ٿو ته تخليق ۽ فن جو حُسن ڪڏهن به پراڻو ناهي ٿيندو. اھو سدا نئون ۽ نڪور محسوس ٿيندو آهي. ڀرتري هريءَ کان علاوه ڪجهه ٻيا سنسڪرتي شاعر پڻ تمام زبردست آهن جن ۾ ڪاليداس، امارو، ڀواڀوتي، ڌرماڪرتي، هارسا وغيره شامل آهن. شيخ اياز ڪاليداس ۽ اماروءَ کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ هن بار بار انهن جو ذڪر پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي. اياز لکيو هو ته:
    ”مون ڪاليداس جو ‘وڪرم اروسي’، پڙهي محسوس ڪيو ته اهو ڪتاب مون لکيو آهي.“
    اياز ڪاليداس تي نوٽ لکندي اهو به لکيو هو ته
    ”منهنجي نظر ۾ هن ننڍي کنڊ جا ٽي وڏي ۾ وڏا شاعر ڪاليداس، ڀٽائي ۽ ٽئگو رهيا آھن.“
    پنهنجي هڪ آزاد نظم ۾ اياز پاڻ کي ڪاليداس ۽ امارو سڏيو آهي:
    ” آنءُ ڪاليداس آهيان
    ۽ اماروءَ جي انوکي ذات آهيان.“
    انهن سنسڪرتي شاعرن جي شاعريءَ ۾ جتي عشق جون موهيندڙ ڪيفيتون ملن ٿيون اُتي انهن وٽ تمام گهڻي دانش ۽ ڏاهپ پڻ ملي ٿي. پر خاص طور تي انهن جي شاعريءَ ۾ عشق جي جيڪا وارتا سمايل آهي، ان جو ته ڪو جواب ئي ناهي. انهن وٽ عشق، جدائي، محبوب سان ميلاپ ۽ محبوب جي خوبصورت جسم جي بيان تي ڪيترائي حسين شعر آهن، اهي چون ٿا ته:
    ”اي هوا ! وڃ ۽ منهنجي محبوب کي ڇُهي اچ ۽ پوءِ اچي مون کي ڇُهه! مان پنهنجي محبوب جو ڇُهاءُ تومان محسوس ڪندس ۽ مان هن جي خوبصورتي چنڊ ۾ ڏسندس.
    هڪ عاشق لاءِ جدائيءَ ۾ اهوئي ڪافي آهي ته هو ان هوا ۾ ساهه کڻندو رهي جيڪا هوا محبوب کي ڇُهي آئي هجي.“
    ڌرماڪرتي چوي ٿو ته:
    ”جڏهن منهنجي محبوبا کي چنڊ سان ڀيٽيو ٿو وڃي تڏهن چنڊ ڪيڏي نه آڪڙ ۾ پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري ٿو. هاءِ! منهنجي محبوبا کي ڪيڏو گهٽ سمجھيو ويو آهي.“
    هڪ ٻيو شاعر سدرڪا چوي ٿو ته:
    ”توڙي جو مون سڄي ڌرتي فتح ڪئي آهي پر پوءِ به منهنجو هڪڙو ئي شهر آهي ۽ ان شهر ۾ منهنجي لاءِ هڪڙو ئي گهر آهي ۽ ان گهر ۾ به منهنجو فقط هڪڙو ڪمرو آهي ۽ ان ڪمري ۾ منهنجو هڪڙو هنڌ آهي ۽ ان هنڌ تي مون سان هڪڙي محبوبا آهي، جيڪا اصل ۾ منهنجي سڄي بادشاهت ۽ خوشيءَ جو سبب آهي.“
    سدرڪا اهو به چوي ٿو ته :
    ”منهنجا محبوب! جيڪڏهن تون مون سان سچو پيار ڪرين ته پوءِ مون لاءِ جنت جا ٻيا مزا ڪهڙي ڪم جا! پر جيڪڏهن تون مون سان سچو پيار نه ڪرين ته به مون لاءِ جنت جا ٻيا مزا ڪهڙي ڪم جا!!“
    يا هڪ ٻيو سنسڪرتي شاعر محبت جي مرض جي دوا هيئن ڏسي ٿو:
    ”جيڪڏهن محبت جي مرض ۾ مبتلا ٿي وڃين،
    ته پوءِ هيءَ دوا اٿئي،
    پنهنجي پرينءَ جي مٺن چپن مان روزانو ٽي ڀيرا
    چُسڪي ڀرجان،
    ۽ وڌيڪ تڪليف کان بچڻ لاءِ،
    ۽ صحتمند رھڻ لاءِ،
    هن جي ڇاتيءَ جو گرم ڇهاءُ حاصل ڪندو رهجان“
    يا وري انهن منجھان ٻيو چوي ٿو ته:
    ”منهنجي پريمڪا ڪيڏو نه پياري آهي! مون سان ڪيڏو نه پيار ٿي ڪري! مان هن سان بيحد پيار ڪريان ٿو. هوءَ اهڙي جنت جي حور آهي جيڪا مون کي روزن رکڻ ۽ عبادت ڪرڻ کان سواءِ ئي ملي آهي.“

    ****

    هن جو چهرو،
    چنڊ جيان آ،
    هن جو هٿڙو،
    گُلّ جيان آ،
    هن جو لهجو،
    ساز جيان آ،
    پر دل هن جي،
    پَٿّر جهڙي!

    (امارو)

    ****

    مان هِت آهيان، تنهنجو آهيان،
    تون هُت آهين منهنجي آهين،
    آ ذهني ميلاپ اسان جو،
    ٻيو ڇا گهرجي منهنجا جاني!

    ( ڀوا ڀوتي )


    ****

    جيڪڏهن مان ڏکُ پنهنجو،
    هن نديءَ کي اڄ ٻڌايان،
    ته هيءَ نديءَ مون لاءِ ڪي پَل
    بيهي رهندي.

    جيڪڏهن مان ڏک پنهنجو،
    هن کجيءَ جي وڻَ کي ويهي ٻڌايان،
    ته هي کجي جو وڻُ منهنجي
    لئه جُهڪي پوندو پرين!

    ها مگر تون ڪين ڪجهه ڀي ٿي ٻُڌين،
    بس ائين ئي گيت ڳائيندي وڃين ٿي،
    ڪين مون ڏي تون ڏسين ٿي.

    جيڪڏهن مون لئه ندي هيءَ ڪين بيٺي،
    پوءِ به گهٽ ۾ گهٽِ اُن ۾
    مان اکيون ڌوئي ٿڌيون پنهنجون ڪري سگهندس پرين!


    ****

    جيڪڏهن مون لئه کجيءَ جو وڻ
    نه جھڪيو،
    پو به ان جي ڇانوَ مون کي ڪجهه گهڙيون
    آرام ڏيندي.

    ها مگر تون پنهنجي چپڙن،
    جو نه امرت ٿي پيارين،
    ۽ نه پنهنجي پيار جي ٿي ڇانوَ ڏين!

    (امارو)


    ****

    هوءَ مري وئي آهه پوءِ ڀي،
    گُلّ اڄ تائين ڇڻن ٿا،
    موت! اهڙي خوبصورت ڇوڪريءَ کي،
    پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ کان پوءِ ڀي،
    ڪنهن کي مارڻ لاءِ توکي،
    ڪيئن ٿي فرصت ملي؟؟

    (امارو)


    ****

    ”هيڏي ڪاري رات ۾ ڪاڏي
    ڪاهي پئي تون آهين؟“

    ”پنهنجي عاشق ساڻ ملڻ لئه
    مان نڪتي آهيان،
    هُو جو منهنجو
    جيون آهي،
    موت به آهي!“

    ”خوف اڪيلي ايئن وڃڻ ۾
    ڪين ٿيئه ٿو؟“

    ”آنءُ اڪيلي ڪاٿي آهيان،
    عشق هلي ٿو
    گڏ گڏ مون سان!“

    ( امارو )


    ****

    عالم ۽ نقّاد نندن ٿا،
    منهنجي شعرن کي،
    ڀل هو ويٺا پنهنجو ڪم ڪن!
    مون ته انهن لئه ڪين لکيو آ،
    ڪين لکان ٿو.

    ڏينهن اُهو ڀي ايندو جڏهين،
    ماڻهو پسندا پنهنجو پاڻ،
    منهنجي شعرن ۾.

    ڇو ته وڏي هيءَ آهي دنيا،
    وقت، رڳو هي وقت نه آهي،
    دور، رڳو هي دور نه آهي!

    ( ڀواڀوتي )


    ****

    جڏهن تون دوُر آهين منهنجي پياري!
    لڳي ٿو ڏينهنُ ڄڻ ڪو سالُ آهي،
    مگر تون ساٿ مون سان آنهه جڏهين،
    لڳي ٿو سالُ ڀي ڄڻ ڏينهن آهي.

    ( اڻ ڄاتل )

    ****

    جنهن ماڻهوءَ ڏي هوءَ ڏسي ٿي،
    تنهن جي دلڙي چورائي ٿي،
    پر جي ڪنهن ڏي ڪين ڏسي ٿي،
    تنهن کي ويتر تڙپائي ٿي.

    ( ڌرماڪرتي)


    ****

    جنهن پل تون گڏ آهين مون سان،
    تو ۾ هر شيءِ آنءُ ڏسان ٿو،
    پر جنهن پل تون دوُر هجين ٿي،
    توکي هر شيءِ منجھه پسان ٿو.

    (هارسا)


    ****

    اڄڪلهه شاعر ويٺا ڪن پرچار رڳو،
    يا بس پنهنجا سُور سلن ٿا،
    پر هي منهنجا شعر نه ڪائي،
    ڪوشش ڪن ٿا،
    ڪنهن کي ڪجهه سيکارڻ يا سمجھائڻ جي،
    هي ته رڳو بس شعرن جو ئي لطف ڏين ٿا.

    ( ڪاليداس )


    ****

    سَو دفعا مون فلسفي پنهنجي منجھان
    آهي سِکيو،
    هي ته پنهنجي عشق تي،
    خواب ۽ پڇتاءَ جي ساري سبب تي،
    ۽ سڄي خالي- پڻي تي ڪين سوچيان.
    ها مگر ڪو فلسفو
    منهنجي دل کي،
    عشق کان روڪي سگهيو آ ڪينڪي،
    حُسن کان روڪي سگهيو آ ڪينڪي.

    ( ڌرماڪرتي )


    پابلو نرودا : چليءَ جو نوبل انعام يافته شاعر

    دنيا جي تاريخ ۾ جن شاعرن کي جيئري تمام گهڻي مڃتا ملي، انهن ۾ چليءَ جو عظيم شاعر پابلو نرودا پڻ شامل آهي. هو شاعر سان گڏوگڏ ڪميونسٽ پارتيءَ جو ڪارڪن پڻ هو. هو شاعر طور ايترو ته مقبول هو جو جڏهن سياسي جلسي ۾ تقرير ڪندو هو ته جلسي ۾ موجود عوام هن کي اصرار ڪندو هو ته هو تقرير نه پر شعر ٻڌائي. اها چليءَ جي عوام جي شاعريءَ لاءِ قدرشناسي هئي الائي نرودا جي شاعراڻي عظمت!
    هڪ ڀيري هو ڪنهن جلسي ۾ عوام جي پُرزور فرمائش تي پنهنجا نظم پڙهي رهيو هو ته ڪنهن هن کي ان نظم پڙهي ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي جنهن جو عنوان ”اڄ رات مان لکي سگهان ٿو“ (*onigh* I can wri*e) آهي. پر انهيءَ وقت پابلو نرودا عوام سان معذرت ڪندي چيو هيو ته ”اهو نظم مون کي هن وقت سڄو ياد ناهي، باقي توهان مان ڪنهن کي اهو نظم ياد هجي ته اسٽيج تي اچي پڙهي ٻڌائي“ ان کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو، جن کي اهو نظم سمورو ياد هو، اسٽيج تي چڙهي آيا.
    فرانس جو عظيم فلسفي ۽ ليکڪ زان پال سارتر پڻ پابلو نرودا جي شاعري ۽ ڪردار مان متاثر هيو ۽ جڏهن نوبل پرائز لاءِ سارتر جي نالي جو اعلان ٿيو تڏهن سارتر چيو هو ته ”نوبل انعام جو مون کان وڌيڪ حقدار نرودا آهي.“
    پابلو نرودا جي شاعريءَ جو رومانوي پاسو محبت جي معصوميت ۽ عورت جي بدن جي لذتن ۽ خوبصورتين جو بي ساخته بيان آهي. هن جو هڪ نظم ”عورت جو بدن“ (body of a woman) پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هڪ شاعر لاءِ بهادراڻو پر شاعراڻو بيان ڪيترو نه ضروري آهي.
    هن جي مزاحمتي شاعري پڻ پنهنجي ملڪ توڙي دنيا جي مظلوم عوام جي دردن جي سچي ۽ فنڪاراڻي ترجمان آهي. توڙي جو هو هڪ سياسي ڪارڪن به هو ۽ جلسن جلوسن ۾ پنهنجي شاعري به پڙهندو هو، پر تنهن هوندي به هن جي شاعري ٺلهي سياسي نعري بازيءَ کان تمام گهڻي مٿي، فن ۽ فڪر سان سجايل آهي. هو جڏهن تقرير ڪندو هو تڏهن هو سو سيڪڙو سياسي ڪارڪن هوندو هو ۽ جڏهن شعر لکندو هو تڏهن سو سيڪڙو شاعر هوندو هو.
    پابلو نرودا 12 جولائي 1904ع تي چليءَ جي شهر پرال ۾ پئدا ٿيو. هن جو اصل نالو نضتالي رڪارڊو رائس بسالتو هيو. پابلو نرودا هن جو قلمي نالو آهي. 1971 ۾ هن کي ادب جو نوبل انعام مليو. عظيم ليکڪ گارشيا مارڪيز هن کي ويهين صديءَ جو، ڪنهن به ٻوليءَ جو، عظيم ترين شاعر چيو ھو. نرودا جا يادگار نظم ”ماچو پچو جون اُوچايون.“
    (*he heigh*s of macho picho) ۽ ڪجهه نثري شهپارا هن جي موت کان پوءِ شايع ٿيا. هو 23 سيپٽمبر 1973 ڪينسر وگهي گذاري ويو. هن جي ياد گيرين جو ڪتاب توڙي جو نثر ۾ آهي، پر ان جو روح شاعراڻو آهي.
    شاعريءَ کي اندر جي گهرائين جو آواز سڏيندڙ پابلو نرودا هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”مون انسانن جي سمنڊ مان گهڻو سکيو آهي. اهو انسانن جو سمنڊ جنهن کي هر ڪو شاعر پڙهي ناهي سگهندو ۽ جڏهن ڪو پڙهي سگهندو آهي ته هن جي شاعري ان سمنڊ جي ڀرسان ڦُٽل گاهه ۽ ٻوٽن جيان ٿي پوندي آهي.“

    ٻُڌاءِ مون کي!

    ٻُڌاءِ مون کي!
    اگهاڙو هي ڇا
    گلاب آهي؟
    اهو يا هن جو
    لباس آهي؟

    ٻُڌاءِ مون کي،
    لڪائيندا وَڻ
    ڀلا ڇو آهن،
    جڙن جو جيڪو،
    جمال آهي؟

    ٻڌاءِ! بارش
    ۾ ريل بيٺل،
    کان ڀي گهڻي ڪا،
    اُداس ڪندڙ،
    سڄي جهان ۾،
    ڪا شيءِ آهي ؟

    ٻُڌاءِ مون کي!
    ٻُڌاءِ مون کي!!!

    ****

    ڏهاڙي تون پئي کيڏين

    ڏهاڙي تون پئي کيڏين،
    دنيا جي روشنيءَ سان.

    سندم مهمان! آئي آن
    تون پاڻيءَ ۾ ۽ گل ۾ ڪئن؟

    هٿن ۾ منهنجي گلدستو جو آ پيارن گلابن جو،
    انهيءَ کان خوبصورت تون گهڻي آن.

    محبّت مان ڪيان توسان پيو تنهن لئه
    لڳي ٿو ڪو به تو جهڙو نه آهي.

    ستارن وچّ ۾ دُونهين جي حرفن سان
    لکي ٿو ڪير تنهنجو نانءُ؟

    مان توکي ائن ڏسڻ ٿو چاهيان جئن
    ڄمڻ کان اڳ هئينءَ تون.

    هوا يڪدم رڙي ٿي۽ دريءَ سان ٿي ٽڪرجي،
    هتي ساريون هوائون جلد يا ڪجهه دير
    ۾ رخصت ٿين ٿيون، سڀ جو سڀ.

    لٽا برسات پنهنجا پئي ٿي لاهي،
    پکي سڀ ڊوڙندا، اُڏندا وتن ٿا.

    تون مون سان ائن چنبڙبينءَ ڄڻ
    ته تون ڏاڍي ڊنل آهين.
    منهنجي پياري! تون آڻين ٿي ،
    ڪي تازا ڦُول منهنجي لئه،
    جنين جي مهڪ تنهنجي ڇاتين مان،
    مان سنگهان ٿو.

    محبّت ۾ مان ٽوڙيان ٿو،
    تنهنجي چپڙن جا ڦلَ مٺڙا،

    ڏٺا ڏک تو به ڪيڏا ساٿ منهنجو
    هئن نڀائڻ لئه.

    سندم هي لفظَ بارش جيئن توکي ٿا پسائن،
    گهڻي عرصي کان مان تنهنجي بدن سان،
    تنهنجي موتيءَ جهڙي هن بدن سان پيار ڪيان ٿو.

    يقين مون کي ته ٿي ويو آ،
    ته تون دنيا جي مالڪ آنهه مٺڙي!
    مان تنهنجي لئه پهاڙن جا ڀلا گلڙا،
    ۽ آڻيندس چمين جي ٽوڪري ڪائي.

    مان توسان سو ڪرڻ ٿو چاهيان
    جيڪو ڪندي آ،
    بهاري مُند چيريءَ جي وڻن سان!

    ****

    شاعري

    عمر منهنجيءَ جو اهو سو موڙ هو،
    منهنجي ڳولا ۾ جڏهن نڪتي هئي هيءَ شاعري.

    مان نه ٿو ڄاڻان ته هيءَ آئي ڪٿان هئي!
    سرد موسم مان يا ڪنهن درياهه مان.
    هيءَ ڪڏهن آئي؟ ڪٿان آئي؟ نه مون کي آ خبر.
    هيءَ ڪي آواز ۽ ڪي لفظ نه هئي،
    ۽ نه ڪائي سانت هئي،
    پر مون کي هڪڙي گهٽيءَ مان
    هو پُڪاريو ويو،
    رات جي شاخن منجھان،
    اوچتو ٻين جي وچان،
    ڀڙڪندڙ ڪنهن آڳ مان
    موٽندي تنها مان چهري کان به ڄڻ محروم هوس،
    ها تڏهن هن (شاعريءَ) مون کي ڇُهيو هو،
    مون کي ڇا چوڻو هيو،
    مون نه ٿي ڄاتو اهو،
    چَپَ منهنجا ڪين پيا ڄاڻن ته ڪئن ڳالهائجي!
    منهنجون اکيون هُيون انڌيون،
    پر روح ۾ ڪا شيءِ تڏهن بيدار ٿي هئي
    تَپُ هو؟ يا
    هي وساريل پَرَ منهنجا؟
    ۽ انهي ئي آڳ مان،
    راهه پنهنجي مون بڻائي،
    ۽ تڏهن پنهنجو لکيو ڪو
    شعر پهريون، اڌ مئو!
    اڌ مئو، ڇو ته اُن ۾ ڪوئي موضوع ڪين هو،
    شعر سو بلڪل اياڻپ هو سندم،
    ۽ اهو دانش به هو،
    (تنهن جي جيڪو ڪجهه به ڄاڻي ڪين پيو)
    ۽ تڏهن مون
    اوچتو کُلندي ڏٺو هو آسمان،
    ڌڙڪندڙ جھنگل ۽ پاڇا،
    گول ڦرندڙ رات ۽ هي ڪائنات،
    ۽ مان هڪ ادنيٰ وجود.

    مون تڏهن هو پاڻ کي،
    ان سڄي ماحول جو حصّو مڃيو،
    مان ستارن وچّ ۾ اُڏندو رهيس،
    مان ستارن وچّ ۾ اڏندو رهيس.

    ****

    لکي اڄ رات آئون ٿو سگهان

    لکي اڄ رات آئون ٿو سگهان، ها
    اداسي ۽ ڏکن واريون سِٽون ڪي.
    سٽون اهڙيون:
    ٽُٽي پئي رات آ ۽ دور تارا ٿا ڏڪن آڪاس تي.
    هوائون رات جون پيئون گُهلن ۽ ٿيون اِشارا ڪن.
    لکي اڄ رات آئون ٿو سگهان، ها
    اداسيءَ سان ڀريل ڪي شعر اهڙا،
    محبت مون ڪئي هن سان،
    ۽ هن ڀي ڪئي ڪڏهن مون سان.
    گهڻيون ئي راتڙيون هن منهنجي ٻانهنِ ۾ گذاريون،
    کليل آڪاس هيٺان مون،
    ڏنيون ڪيئي چميون هن کي.

    محبت هن ڪئي مون سان
    ۽ مون ڀي ڪئي ڪڏهن هن سان.
    مگر هوءَ ھاڻ مون سان گڏُ ناهي،
    وڃائي مون ڇڏيو هن کي،
    ڊگهي آ رات هن بن،
    ڊگهي هن رات ۾ منهنجي نظر پيئي،
    ڪري روح تي ائن،
    جيئن ڪرندي ماڪ آهي گاهه تي.
    اهو سڀ ڪيئن ٿي ويو؟
    محبّت منهنجي هن کي گڏ رکي ناهي سگهي ڇو؟
    نه آهي هاڻ مون سان هوءَ،
    وڃي ٿي رات هوريان هيءَ گذري،
    پري ڪوئي ڪو ڳائي گيت ٿو هي،
    وڃائي مون ڇڏيو آهي سڄڻ کي،
    تلاشي ٿي نظر منهنجي سڄڻ کي،
    گهڻو مان وقت محبت ڪين هن سان ڪئي.
    مان هاڻي ٿو تلاشيان سا هوا، جيڪا
    ٻُڌي پئي ڳالهڙيون هن جون،
    ڪنهين ٻئي شخص جي ڀي هوءَ ٿيندي،
    بدن ھن جو اکيون ھن جون،
    ڪنهين ٻئي شخص لئه هونديون.
    يقيني آ سڄڻ هن سان
    ملي ٻيهر نه سگهندس مان،
    ۽ شايد، مان ملي سگهندس.
    انهيءَ ننڍڙي محبت کي وسارڻ لئه
    وڏو ڪو وقت گهرجي.
    گهڻيون راتيون رهي هوءَ ڀاڪرن ۾ ،
    وڃائي هن کي منهنجو روح ويا ڪل آ،
    کڻي جو آخري هي ڏکُ آهي،
    جو سهڻو آهه مون کي،
    ۽ هي ڀي نظم منهنجو آخري آ،
    لکان جيڪو پيو هن لئه.

    ****

    هو جيڪو هڪ قاتل آهي،
    صرف انهيءَ کي،
    خارج آنءُ ڪيان ٿو،
    محسوسات منجھان پنهنجي.

    پنهنجي وطن کي،
    خون خرابي،
    ڏُکن، سُورن،
    ۽ ماتم جي
    نذر ڪريون ڇو؟

    انهن سڀن جي آهه خلاف،
    سندم ڪويتا،
    جيڪا هر هنڌ آهه هوا وانگر موجود.


    ٽئگور : نوبل پرائز ماڻيندڙ اُپکنڊ جو عظيم شاعر

    رابندر ناٿ ٽئگور 7 مئي 1861ع ۾ ڪلڪتي، بنگال ۾ ڄائو. هو پنهنجي والدين جو تيرهون نمبر ٻار هو. ٽئگور ادب، شاعري، ناول، موسيقي، ٿيٽر، مصوريءَ ۾ پنهنجو زبردست ۽ فنڪاراڻو اظهار ڪيو. هن کي پنهنجي ڪتاب ”گيتا نجلي“ تي 1913 ۾ نوبل پرائز مليو.
    ٽئگور هن دنيا کي گهڻو گُهمي ڏٺو ۽ پرکيو. هن پنجن کنڊن جا پنجٽيهن کان وڌيڪ مُلڪ گُهميا. هن پنهنجي طرز جي يونيورسٽي ”شانتينڪينتن“ قائم ڪئي، جنهن ڀارت جو ڳانڊايو ٻاهرين اولهه جي ملڪن سان قائم ڪيو ۽ جتي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ فنڪاراڻي ۽ صوفياڻي تربيت پڻ ڏني ويندي هئي. سنڌ جو عظيم دانشور ۽ سياستدان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڻ شانتي نڪيتن مان پڙهيو ۽ هن کي ٽئگور ”موهن جي دڙي جو ماڻهو“ چوندو هو.
    عظيم ڀارتي سياستدان مهاتما گانڌي ٽئگور جو تمام گهڻو قدر ڪندو هو ۽ جڏهن ٽئگور بيمار هو تڏهن گانڌي هن کي پڇڻ ايندو هيو.
    ٽئگور جي مشهور ڪتاب ”گيتانجلي“ کي وليم بٽلر ييٽس (W.B Yea*s) جڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته دنيا حيران ٿي وئي. ان ئي ڪتاب تي هن کي نوبل پرائز پڻ مليو. ”گيتا نجلي“ دراصل اهي گيت آهن جيڪي ٽئگور خدا جي حضور ۾ ڳايا / لکيا آهن، جيڪي پنهنجي مزاج ۾ صوفياڻا ڪلام آهن. ٽئگور چوندو هو ته ”مون وٽ خدا کي ڏيڻ لاءِ نذراني طور فقط هي گيت ئي آهن. مان هڪ پکي آهيان، جيڪو فقط اهي گيت ڳائي، لاتيون لنوي ڌڻيءَ جو شڪر ادا ڪري سگهان ٿو. اهي ئي گيت منهنجي عبادت آهن.“
    ٽئگور چوندو هو ته ”مون کي ڪو پير مرشد ڪري نہ مڃو، مون کي هڪ شاعر، فنڪار ۽ رقاص طور ياد ڪجو. مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي پوڄا ڪئي وڃي.“
    ٽئگور 7 آگسٽ 1941 ۾ ڪلڪتي ۾ هن دنيا کي سدائين لاءِ ڇڏي هليو ويو.
    اسان جي عظيم شاعر شيخ اياز ٽئگور کي “هڪ دور” چيو هو ۽ هي ٽيڙو لکيو هو:
    ٽئگور مري ويو آ،
    ٿي هند ٻُڌي خبرون،
    هڪ دور مري ويو آ.
    مون ٽئگور جا هي نظم ”گيتا نجلي“ مان ترجمو ڪيا آهن.

    ****

    گهڙي پل لاءِ تون مون کي
    وِهڻ ڏي پنهنجي پاسي ۾،
    گهڙي پل لئه اهو تون عيش ڏي مون کي.

    کنيا ڪم جي به مون آهن،
    اهي پورا ڪندس پوءِ مان.
    سندم دل کي سڪون آهي،
    نه چين، آرام ڪو آهي،
    بنان ديدار تنهنجي جي.
    پنهنجي آهُن ۽ دانهُن سان،
    هليو آيو دريءَ وٽ آهه سانوڻ،
    اڄ وري پيارا!
    ۽ ماکيءَ جون مکيون ساريون،
    مگن آهن رڳو بس گيت ڳائڻ ۾.
    اِهائي بس گهڙي آهي،
    سندءِ ويجھو وِهڻ جي ۽
    اُهو ئي گيت ڳائڻ جي
    جو آ حاصل حياتيءَ جو.

    گهڙي پل لاءِ تون مون کي،
    وِهڻ ڏي پنهنجي پاسي ۾.


    ****

    بڻايو تو مون کي بي انت آهي،
    انهي ۾ ئي خوشي آ تنهنجي سائين!
    سندم ڪمزور، ڪوري ٿانوَ جهڙي دل
    ڀرين ٿو روز راڻا ڄڻ نئين هڪ زندگيءَ سان.
    وتين ٿو يار پيو گهمندو
    کڻي تون بانسري ننڍڙي،
    ۽ ان مان ٿو ڪڍين سُر،
    ڇُهن ٿا جيئن مون کي هٿڙا،
    امر تنهنجا، سدا هٿڙا،
    ته منهنجي دل،
    خوشيءَ مان ڄڻ ته ڦاتي ٿي پوي پيارا!
    خوشيءَ مان پوءِ ٿو ڳايان،
    اکٽ آئون پيو نغما،
    سندم هٿ هي ننڍا آهن،
    وٺن ٿا جي وڏا انعام تنهنجا،
    پيو ٿو ڏين، پيو ٿو ڏين،
    سندم سائين!
    ۽ منهنجي دل اهي انعام سارا،
    جھلي ٿي پائي جھولي اوءِ سائين!
    رهي هردم ٿي خالي اوءِ سائين!


    ****

    اهو ٻار جنهن کي،
    ڪا پوشاڪ شاهي ٿي پهرائجي،
    ۽ جنهن جي ڳچيءَ ۾،
    ڪو هيرن سندو هار
    آ هوندو پاتل،
    سو راندين جي سارن
    مزن کان پري آ.
    سندس شاهي پوشاڪ آهي،
    رڪاوٽ مزن ۾،
    هو هر دم ڊڄي ٿو،
    ته ڪٿ اهڙي پوشاڪ ميري نه ٿئي.

    اهو هار سينگار آ ڪهڙي ڪم جو؟
    اهو عيش، آرام آ ڪهڙي ڪم جو؟
    پري جو رکي ٿو،
    انهيءَ زندگيءَ کان،
    جا ڌرتيءَ جي آهي ڌڌڙ ۾،
    جا ماڻهن جي ميلي،
    ۾ هوندي آهر دم.

    ****

    ڇڏي ڏي عبادت،
    ۽ تسبيح سورڻ،
    ڇڏي ڏي هي خطبا،
    نمازون ۽ سجدا،
    ڪري بند در تون،
    پيو ڪنهن کي پُوڄين؟

    اکيون کول ۽ ڏِس!
    ته تنهنجو خدا ڪين
    آ تنهنجي سامهون.
    مگر هُو اُتي آ،
    جتي سخت محنت،
    ڪري ٿو هُو هاري،
    ڪو مزدور ماڻهو،
    تتي ڏينهن ۽ مِينهن ۾ پيو سدائين،
    لٽا جنهن جا ميرا،
    پگهر جنهن جي مُنهن تي.

    اها لاهه الفي،
    ۽ وڃ تون ڌڌڙ ۾،
    ته توکي ملي هاڻ مُڪتي.
    ڀلا ڇا جي ٿيندو،
    جو ميرا لٽا تنهنجا ٿيندا!
    ۽ تن تي وڏا داغ لڳندا!
    پگهر ڳاڙ ۽ هاڻ پورهيو ڪري ڏس!
    ته توکي ملي هاڻ مُڪتي.

    ****

    لهي آئين تون پنهنجي تخت تان ۽
    اچي بيٺين تون منهنجي جھوپڙيءَ ٻهران.
    انهي پل مون پئي ڳاتو،
    اڪيلي ڪنڊ ۾.
    ۽ سندم آواز آيو هو ڇڪي توکي.
    سندءِ درٻار ۾ ڪيئي وڏا گائڪ
    به هوندا جي،
    سُريلو ڳائيندا هوندا،
    مگر توکي الائي ڪيئن منهنجي سادڙي سُر آ
    ڇڪي ورتو ائين سائين!
    پرين! مان سيکڙاٽ آهيان،
    مگر مون لئه اهو انعام اعليٰ آ،
    جو منهنجي جھوپڙيءَ آڏو،
    اچي بيٺين،
    ٻڌڻ لئه گيت هي منهنجو.


    ****

    منهنجا ٻچڙا!
    جڏهين تهنجي لئه ٿو آڻيان،
    رنگبرنگي رانديڪا مان،
    تڏهين ٿو معلوم ٿئي،
    ته ڪڪرن تي ۽ پاڻيءَ تي ۽ گلڙن تي،
    ايڏا رنگ ڀلا ڪئن آهن!

    منهنجا ٻچڙا!
    جڏهين توکي وندرائڻ ۽ جُهومائڻ لئه،
    ڪجهه ڀي جھونگاريان ٿو مان،
    تڏهين ٿو معلوم ٿئي،
    ته پنن ۾ موسيقي آهي،
    ۽ هي ڇوليون،
    ڳائن ساگر جا ٿيون ڳيتَ

    منهنجا ٻچڙا!
    جڏهين تن جو مُکُ چمان ٿو،
    تڏهين ٿو معلوم ٿئي،
    ته پرهه ڦُٽيءَ جي سُجهندي ۾،
    اُڀ منجھا ڪئن نڪري ٿي،
    نهر خوشيءَ جي.
    منهنجا ٻچڙا!
    منهنجا ٻچڙا!


    ****

    پنهنجي گيتن ساڻ توکي عمر ساري،
    آنءُ ڳوليندو رهيس.
    گيت، جيڪي هئا مون کي در در وٺي ويا،
    گيت، جن مون کي پَسايو پنهنجو پاڻ،
    گيت، جن دنيا کي ڳوليو .
    گيت منهنجا جن مون کي سارا سبق
    آهن پڙهايا،
    تن مون کي ڏيکاريا رستا ڳجھا،
    تن ئي سمجھايو مون کي،
    ڏُکُ ڇاهي!
    سُکُ ڇاهي!
    تن مون کي اسرار سمجھايا سمورا،
    نيٺ گيتن
    زندگيءَ جي شام جو،
    آهه پهچايو مون کي،
    تنهنجي شاهي محل آڏو.


    ناظم حڪمت : ترڪيءَ جو رومانوي، انقلابي شاعر

    ناظم حڪمت ران 15 جنوري 1902 ۾ ڄائو. هو ترڪ شاعر، ڊرامانويس، ۽ ناول نگار هو. هن سترهن ورهين جي عمر ۾ ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.
    هن کي پابلو نرودا وانگر عشق ۽ انقلاب جو شاعر چيو وڃي ٿو. اهڙي ئي قسم جو شاعر فيض احمد فيض به ناظم حڪمت مان گهڻو متاثر هيو ۽ هن ان جا ڪجهه شعر اردوءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيا. جيڪي امداد حسينيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن ۽”تنهنجي ساگر نيڻن ۾“ ڪتاب ۾ شامل آهن. امداد هن جو اهو نظم به ترجمو ڪيو آهي جيڪو هن پنهنجي روسي زال ”ويرا“ لاءِ لکيو هو. امداد جو ترجمو مان هتي ڏيان ٿو:
    هن چيو آءُ
    ۽ هن چيو ترس،
    ۽ هن چيو مُرڪ،
    ۽ پوءِ چيائين مري وڃ!
    آنءُ آيس،
    ۽ ترسيس،
    ۽ مُرڪيس،
    ۽ پوءِ مري ڀي ويس!
    ناظم حڪمت کي پهريون جديد ترڪ شاعر چيو وڃي ٿو ۽ هن جو شمار سڄي دنيا ۾ ويهين صديءَ جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي گهڻي شاعري طبقاتي تضادن ۽ سماجي انصاف جي موضوعن تي آهي. نظرياتي طور تي هو هڪ ڪميونسٽ، سوشلسٽ هو جنهن ترڪ شاعريءَ کي پنهنجي فن ذريعي انقلابي رنگ ڏنو. پنهنجي سياسي وابستگيءَ جي ڪري هو ڪيتروئي عرصو جيل ۾ رهيو ۽ جلاوطن رهيو. هو روس ۾ به چڱو وقت رهيو جتي هن ڪافي شاعري ۽ ٻيا ليک لکيا. هو 3 جون 1963 تي دنيا ڇڏي ويو.
    ناظم حڪمت هيرو شيما ۾ آمريڪا هٿان هنيل دنيا جي پهرئين ايٽم بم خلاف هڪ ڇوڪريءَ جي زباني هڪ شاندار نظم لکيو هو جيڪو سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ اپيل آهي. ان نظم ”هيروشيما جي ٻارڙي“ ۾ هو لکي ٿو ته:
    مان هر دورازي تي اچي دستڪ ڏيان ٿي،
    پر منهنجي خاموش آواز کي ڪوبه نه ٿو ٻُڌي،
    مان دروازا کڙڪائيندي رهان ٿي ۽
    ماڻهن کي نظر نه ٿي اچان،
    ڇاڪاڻ جو مان مري چُڪي آهيان.
    مان فقط ستن سالن جي هيس،
    جڏهن مان مري وئي هيس،
    گهڻو اڳ هيرو شيما ۾،
    مان اڃا تائين ستن سالن جي آهيان،
    ڇو ته جڏهن ٻار مري ويندا آهن،
    تڏهن انهن جي عمر ناهي وڌندي.
    پهريون بارودي باهه منهنجا وار ۽ ڪپڙا ساڙيا هئا
    ۽ پوءِ منهنجو سڄو وجود،
    پوءِ منهنجا هڏا رک ٿي ويا.
    مون کي ميوا ۽ ماني نه کپي،
    نه ئي مون کي مٺيون شيون کپن،
    مان ته مُئل آهيان،
    مون کي پنهنجي لاءِ
    ڪجهه به نه کپي.
    مان فقط اهو ٿي چاهيان ته،
    توهان امن لاءِ اُٿو ۽ وڙهو،
    ته جيئن هن دنيا جا ٻيا ٻار،
    خوشيءَ سان رهن،
    وڌن ۽ ويجهن، کلن ۽ کيڏن.

    ****

    گيت

    گيت انسان جا انسان کان سهڻا آهن،
    گيت انسان جا اُميّد ڀريا، درد ڀريا،
    گيت انسان جا انسان کان وڌ جيئن ٿا،
    گيت انسان جا دائم ٿا رهن، آهه مگر فاني هُو.

    پيار انسان کان به مون گهڻو ڪيو آهي
    هن جي گيتن سان، سندس شعرن سان.
    گيت زندهه ٿا رهن ڀل وڃي ماڻهو به مري،
    گيت ناهن جتي، جيون به اتي ڪونهي ڪو
    مون کي دوکو نه ڪڏهن گيت ڏنو جيون ۾،
    جنهن به ٻوليءَ ۾ هجي آنءُ اهو سمجھان ٿو،
    گيت جي آهه سدا هِڪَّ ئي ٻولي هوندي،
    جا خوشي مون کي ملي آهه هتي گيتن مان،
    سا خوشي ٻي نه ڪنهنين شيءِ مان ملي آ مون کي،
    کاڌي پيتي جي ڪنهين شيءِ مان نه ئي سير منجھان،
    گيت ئي سڀ کان وڏي آهه خوشي جيون جي.

    ****

    زال ڏانهن خط

    توڙي جو مان جيل ۾ هان ، پر
    منهجي تخيّل ٻاهر هر هڪ
    شيءِ کي دل ۾ سمايو آهي.
    منهنجون نگاهون شاخون آهن
    جن تي کڙن ٿا سهڻا گل.
    تون جا منهنجو جيون آهين،
    منهنجي پياري جيون ساٿي!
    توکي سڀ ۾ مان ڳوليان ٿو،
    توکي سمندر ۾ ڳوليان ٿو،
    توکي ستارن ۾ ڳوليان ٿو،
    مان راتين جي خاموشين ۾،
    اڪثر سوچن ئي سوچن ۾،
    پنهنجي وطن ۾ ويندو آهيان،
    ۽ يارن جي وچ ۾ ويهي،
    ٻرندڙ مچ جي روشنين ۾،
    تنهنجو سهڻو مُنهن ڏسندو هان.
    انسانيت سان محبت آهي،
    مون کي ماڻهن سان محبت آ،
    محبت آ تحريڪن ۽ تحريرن سان،
    محبت آهه بلند ارادن سان،
    ۽ تن سڀني چيزن سان ئي،
    تون به جڙيل آن منهنجي ملڙي،
    منهنجي پياري جيون ساٿي!
    مون کي توسان محبت آهي.

    ****

    آزاديءَ جو خواب

    سَٺّ ورهين جي عمر ۾ ڀي مان،
    ساڳيو پراڻو خواب ڏسان ٿو.
    ان جي پويان آنءُ وڃان ٿو،
    جيڪو خواب نَون سالن جي،
    عمر ۾ آنءُ ڏٺو هو.
    هجر کسيو آ ڇا ڇا مون کان!
    ڪيڏيون آسون ۽ درد کسيا،
    جن ۾ ڦڻي ڏيندو هوس آئون،
    سي وار کسيا،
    جن سان هٿ ملائيندو هوس،
    سي هٿ کسيا.
    خواب انهيءَ ۾ مون گُهميو هو،
    يورپ، ايشيا ۽ افريڪا،
    پر امريڪا انڪار ڪيو ۽ ويزا ڪين ڏنو،
    سارو جهان گُهمڻ ۾ مون کي،
    درياهن، صحرائن ۽ جبلن کان وڌ
    انسانِ وڻيا،
    محبت ساري مون انسانن سان ئي ڪئي.
    قيد ۾ آزاديءَ جو ڪِرڻو،
    خواب رهيو سو منهنجي لاءِ،
    منهنجي جلاوطنيءَ ۾ سو هو،
    سُڪّل مانيءَ جو ساٿي به بڻيو،
    جڏهين راتيون ٿينديون آهن،
    صبح نوان ايندا آهن،
    منهنجي وطن جي آزاديءَ جو،
    خواب، جو ننڍ پڻ منجھه ڏٺو هو،
    منهجي آڏو ايندو آهي!


    قاضي نذرالسلام : بنگال جو انقلابي شاعر

    قاضي نذرالسلام ، ٽئگور کان پوءِ بنگال جي شاعريءَ جو تمام وڏو نالو آهي. هن تڏهن لکڻ شروع ڪيو جڏهن بنگالي ٻوليءَ ۾ ٽئگور پنهنجي شاعريءَ جي جادوگريءَ سان ماڻهن کي حيران ڪندو هو. ٽئگور جي سحر ۾ جڪڙيل بنگال بين ڪيترن ئي (ان دور جي شاعرن) طرف ڪو خاص ڌيان ئي نه پئي ڏنو. بس اهڙي صورتحال ۾ قاضي نذرالسلام ئي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن جا پُرزور انقلابي ۽ رومانوي شعر ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ هن کي پذيرائي ملي.
    نذرالسلام 24 مئي 1899 تي بنگال جي هڪ مسلمان گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو غريب، محروم، ڏکن جو سٽيل پر تخليقي ۽ باغي ماڻهو هو. ننڍپڻ ۾ ئي هن جو پيءَ هن کان وڇڙي ويو، جنهن جي ڪري هو غريب رهيو ۽ چڱي طرح اسڪول جي پڙهائي به حاصل نه ڪري سگهيو. هو ننڍپڻ ۾ ٻه ڀيرا گهران ڀڄي ويو هو ۽ ٻئي دفعا وري واپس به موٽي آيو. غربت سبب هن هڪ هنڌ بورچي ٿي پڻ پيٽ پاليو.
    1922 ۾ هن جو مجموعو ”باغي“ شايع ٿيو، جنهن کان پوءِ هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. ان مجموعي ۾ هن جو آواز گهڻو مزاحمتي هو ۽ هن انهن سڀني ماڻهن کي پنهنجو ڪردار بڻائي پيش ڪيو جيڪي سماج ۾ اڻ برابريءَ جو شڪار آهن. جيڪي مزدو، هاري ۽ پورهيت آهن. هن جي شاعري مظلوم ماڻهن کي اُتساهيندڙ هئي ۽ انهن جي حقن جي ترجمان پڻ. هن هڪ رسالو به ڪڍيو، جنهن ۾ هن جا انقلابي گيت ۽ لکڻيون هونديون هيون. هڪ ڀيري پوليس ان رسالي جي دفتر تي ڇاپو هڻي هن کي گرفتار ڪيو. هن جيل واري عرصي ۾ پڻ ڪافي شاعري ڪئي.
    قاضي نذرالسلام جي زندگيءَ ۾ هڪ تبديليءَ جو موڙ تڏهن آيو جڏهن هن جي ماءُ ۽ هن جو پُٽ ”بُلبل“ فوت ٿي ويا. انهن ٻنهي ويجھن رشتن جي وڇوڙي هن کي صفا جھوري وڌو ۽ هو هڪ انقلابي ۽ باغي ماڻهوءَ مان تبديل ٿي هڪ صوفي ۽ ديندار ماڻهو ٿي ويو. هن جي زال کي فالج ٿي پيو جنهن جي ڪري پڻ هو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ هن جي علاج لاءِ هن پنهنجي لائبريريءَ جا ڪتاب ۽ گرامافون چار سئو روپين جي عيوض گروي رکيا. ٽئگور جي وفات پڻ هن کي وڏو دلي صدمو رسايو. مطلب ته هو سڄي عمر ڏکن ۾ گذاريندو رهيو ۽ شعر لکندو رهيو.
    هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”مان شاعر آهيان. خدا مون کي هن دنيا ۾ ان ڪري موڪليو آهي ته جيئن مان اهو ڪجهه بيان ڪري سگهان جيڪو بيان ناهي ٿي سگهيو. منهنجي شاعريءَ مان جيڪي آواز نڪرن ٿا، اهي خدا جو پيغام آهن. خدا کي فقط شاعر جي آواز منجھان ئي ٻُڌي ۽ سمجھي سگهجي ٿو.“

    ****

    باغي

    آنءُ باغي آهِيان!
    آنءُ باغي آهِيان!
    هُو هماليا ڀي جھُڪائي
    ڪنڌ ٿو منهنجي اڳيان.
    آنءُ ڪو سيلاب آهيان،
    ڪا تباهي آهِيان،
    رحم ڪونهي ڪو به مون کي،
    مان ڀڃان ٿو،
    ٽوڙِيان ٿو،
    جو به مون آڏو اچي ٿو،
    ڪين منهنجو قاعدو آ،
    ڪين ڪو قانون آهي،
    مان اصولن، قاعدن کي ،
    پنهنجي پيرن سان چِٿيان ٿو!

    اوچتو آيل ڪوئي طوفان آهيان،
    آنءُ ڌرتي-ماءُ جو ،
    پُٽُّ باغي آهيان !
    آنءُ باغي آهيان !

    هَٿَّ ۾ هڪڙي سُريلي بانسري آ،
    هَٿَّ ۾ ٻئي آهه منهنجي
    جنگ جو ڪوئي بگل.
    آنءُ ڪومل پيار آهيان،
    سورنهَن سالن جي سهڻي سانوريءَ جو،
    آنءُ بيوهه زائفان جي دل سندو
    لڙڪ لاڙيل آهِيان،
    بدنصيبن جو ٿڌو مان ساهه آهيان،
    بي گهرن ۽ دربدرن
    جو ڪوئي مان درد آهيان،
    ڏکُّ آهيان،
    سُور آهيان،
    جو سلي ٿوڪين سگهجي،
    ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ جو ڇرڪ آهيان،
    پهريون ڀيرو جو ڇُهڻ تي هوءَ ڀري ٿي،
    آنءُ هن جي چوڙين جي ڇڻڪ آهيان،
    آنءُ برقعي مان به گُهوريندڙ نگاهون آهِيان،
    ڳوٺ جي مان ڪا لڄاري چوڪري هان،
    جا ڊڄي ٿي پنهنجي سامايل وهيءَ کان،
    آنءُ ڪو بي هوش آهيان روح ۾
    ڪنهن هوش وانگر.

    آنءُ ٻيلي جي اَجهل ڪا باهه آهيان،
    مان زمين ۽ آسمان ڏي
    هان کڻي پيغام ويندو انقلابن جا سدا.
    آنءُ آسانيءَ سان پاڙئون پٽيندس،
    هيءَ ڌرتي
    ۽ ڪندس تخليق ٻي ڪا ڪائنات،
    امن جي ۽ آشتيءَ جي ڪائنات!
    آنءُ باغي آهيان!
    آنءُ باغي آهيان!

    (قاضي نذرالسلام جي نظم ”باغي“ جي ڪجهه بندن جو ترجمو)


    ****

    پتنگ

    عشق جي هر دم نشي م چُور آهيان،
    ۽ سڄي دنيا کان آئون
    بي خبر ۽ دُور آهيان.
    مون ڇڏي مسجد، ٻُڌو جڏهين خدا جو سَڏُ يارو!
    مون ڇڏيو روزو ۽ جنّت جو تصور هاڻ سارو.
    جيئن شيرينءَ سان ڪندو فرهاد هو،
    تيئن ڪيان ٿو
    عشق مان پنهنجي خدا سان
    پاڻُ پنهنجو مان وڃائي،
    بس انهيءَ سان ئي ملان ٿو،
    ۽ انهيءَ جي عشق ۾ دنيا کان ٿيو هان بي خبر،
    مان پتنگ آهيان وڃي جو مَچَ ۾ ٿو،
    موت کان ڀي ڪين، ها جيڪو ڊڄي ٿو.

    ****

    تون نه وڃ!


    ڪير آهين؟
    جا اڪيلي ٿي گهُمين هن باغ ۾؟
    گُلّ پنهنجو پاڻ توتي ٿا ڪِرن،
    پنهنجون پَتيون تنهنجي هر هڪ ئي قدم تي ٿا ڇٽين،
    تنهنجي وارن جي مٺي! اڄ واس ۾،
    باغ ڪمتر پاڻ کي ڀانئي پيو،
    هيرَ گلڙن سان نه ٿي کيڏي مگر
    تنهنجي وارن سان اچي کيڏي پئي.
    هيءَ شفق آڪاس تي تو لاءِ ڄڻ ڪو آ لباس،
    تنهنجي پيرن ساڻ چُنبڙن،
    ٿيون وليون ساريون هتي،
    ڪين سي چاهن پيون،
    تون هتان واپس وڃين!
    باغ جو ماحول سارو ٿو چوي،
    تون هتان واپس نه وڃ!
    تون هتان واپس نه وڃ!


    نزار قاباني: جديد عربي شاعريءَ جو سرتاج

    نزار قاباني جديد عربي شاعريءَ جو سُريلو ۽ نرالو آواز آهي. هي رومانس ۽ انقلاب جو عظيم شاعر 21 مارچ 1923 ۾ دمشق ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ئي هن بيحد خوبصورت شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جو پهريون شعري مجموعو پڻ شايع ٿيو، جنهن ان وقت جي وڏن وڏن ۽ مشهور سينيئر شاعرن جو پڻ ڌيان ڇڪرايو ۽ کين متاثر ڪيو.
    نزار قاباني جڏهن عمر جي پندرهين سال ۾ هو تڏهن هن جي ڀيڻ هڪ بي جوڙ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جڏهن هن تي اها شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي. پنهنجي جوان ڀيڻ جي مرتئي قابانيءَ جي زندگي کي هڪ نئون موڙ پڻ ڏنو. ڀيڻ جي مرتئي تي قابانيءَ پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪيو ته هو عورتن جي حقن لاءِ لکندو ۽ سماج ۾ موجود ناانصافين ۽ مدي خارج ريتن رسمن خلاف بغاوت ڪندو. ان کانپوءِ آخر تائين هن جي شاعري انهن سڀني سماجي بڇڙاين خلاف هڪ مزاحمتي آواز رهي.
    مزاحمت سان گڏوگڏ هن جي شاعري عشق جو اهڙُو خوبصورت آبشار آهي جنهن کي ڏسندي ۽ پڙهندي حيران ٿي وڃجي ٿو. قابانيءَ جي عشقيه شاعري عورت ۽ مرد جي جسماني لاڳاپن ۽ جسم جي خوبصورتين جو پڻ بيان آهي. ان ڳالهه جو مقصد قطعي طور اهو ناهي ته هن وٽ عشق جو تصور فقط جسم جي مزن تائين محدود آهي. پر هن وٽ عشق حضرت عيسيٰ جي صليب تان رت ڳڙڻ واري عمل جهڙو پڻ آهي. هڪ نظم ۾ هن لکيو آهي ته “ منهنجي پياري! اها ڳالهه صحيح آهي ته منهنجي زندگي ۾ ڪيتريون ئي عورتون آيون آهن. پر ڇا توکي اها خبر آهي ته فقط تنهنجي عشق ۾ مون عيسيٰ وانگر رت ڳاڙيو آهي؟”
    نزار قابانيءَ جنهن دور ۾ شاعري تخليق ڪئي سو دور عرب دنيا ۾ عشق ۽ آزاديءَ جي قيد جو دور هو. هن هڪ ڀيري چيو هو ته ”عرب دنيا ۾ عشق قيدي آهي. مان ان کي آزاد ڏسڻ ٿو چاهيان“. عشق جي آزاديءَ لاءِ هن جيڪي شعر لکيا اهي عرب دنيا جي عورتن ۽ مردن جي چپن ۽ دلين ۾ اڄ به موجود آهن. ان کان علاوه هن جا انقلابي شعر به ڄڻ ته عربن جي حقيقي آزاديءَ جا ترانا آهن جن مان هينئر به اتساهه وٺي، عرب پنهنجي منزل طرف پنڌ ڪن ٿا. هن جڏهن پنهنجي وطن کي رت ۾ وهنجدي ڏٺو تڏهن هن لکيو هو ”اي منهنجا محبوب وطن! تو مون کي هڪ پيار جي شاعر مان بدلائي هڪ رت روئندڙ محب الوطن شاعر بڻائي ڇڏيو آهي. “
    عشق ۽ انقلاب جي موضوعن تي دنيا جي تمام گهڻن شاعرن لکيو آهن، پر انهن مان ڪجهه شاعرن کي پايندگي حاصل ٿي سگهي آھي. نه ته انقلابي شاعرن وٽ اڪثر ڪري ڇڙي نعري بازي ڏسڻ ۾ آئي آهي. نزار قابانيءَ جو شمار عشق ۽ انقلاب جي خوبصورت سنگم جوڙڻ وارن انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ فيض احمد فيض، شيخ اياز، پابلو نرودا، ناظم حڪمت، قاضي نذر السلام، محمود درويش وغيره شامل آهن.
    نزار قابانيءَ ٻه شاديون ڪيون. ٻي شاديءَ هن هڪ عراقي خاتون بلقيس الراويءَ سان ڪئي. جيڪا پوءِ هڪ بم ڌماڪي ۾ فوت ٿي وئي. هن جي جدائيءَ قاباني کي گهڻو زندهه رھڻ نه ڏنو ۽ هو 30 اپريل 1988ع تي دل جي دوري پوڻ سبب هيءَ دنيا ڇڏي ويو. چيو وڃي ٿو ته عرب دنيا هن جي موت جو سوڳ ائين ڪيو هو جيئن ڪنهن ويجهي مائٽ ۽ محسن جو ڪبو آهي.

    ****

    خوبصورت جڏهن به ڪا عورت،
    آهه مرندي ته پوءِ هيءَ ڌرتي،
    آ وڃائيندي ڄڻ توازن ڀي،
    چنڊَ سو سال سوڳ جو ڪوئي،
    آهه اعلان ڀي ڪندو روئي،
    شاعري، اهڙي سانحي کان پوءِ،
    آهه بيروزگار ٿي ويندي!

    ****

    تنهنجي باري ۾ جڏهن مان،
    شوق سان ڳالهيون ڪندي،
    ٿو ٻُڌان مردن کي ۽
    ساڙ ۾ ڳالهيون ڪندي،
    زائفائن کي ٻڌان ٿو
    ها تڏهن سمجهي سگهان ٿو،
    ڪيتري تون خُوبصورت آن مِٺي!

    ****

    ڪو به مڇيءَ کي ڪين ترڻ سيکاريندو آ،
    ڪو به پکيءَ کي ڪين اُڏڻ سيکاريندو آ،
    پاڻهي تربو آهي،
    پاڻهي اُڏبو آهي.
    عشق سکڻ لئه ڪو به ڪتاب نه هوندو آهي.
    ۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي،
    عاشق اُمي هوندا آهن.


    ****

    نوٽ بُڪ جي پنن مان نڪري آءُ!
    بيڊ جي چادرن مان نڪري آءُ!
    شرٽ جي ٻيڙين مان نڪري آءُ!
    هاڻ سڀني شين مان نڪري آءُ!
    آءُ نڪري ته ڪم ڪيان ڪوئي!

    ****

    روشني ڪنهن ڀي بتيءَ کان اهم آ،
    اهم آهن شعر ڀي ڪتابن کان ،
    اهم چپڙن کان وڌڪ آهن چميون،
    منهنجا خط ، جيڪي لکيا توڏانهن هوم،
    اهم آهن سي مون کان، توکان گهڻا
    ڇو ته سيئي صرف دستاويز آهن
    حُسن تنهنجي جا
    سندم ديوانگيءَ جا!

    ****

    تنهنجو نازڪ هَٿُ منهنجي هَٿَ ۾،
    ڄڻ ته ڪوئي ريشمي آهي رومال،
    بي تحاشا جسم تنهنجي جا مزا،
    ٿورڙي پر آهه پنهنجي زندگي!

    ****


    ايندڙ نسل لاءِ

    دوستو! افسوس آهي،
    پنهنجي ٻولي ۽ ڪتابن تي مون کي،
    پنهنجي دانش تي، جا هارائي چڪي آ،
    دوستو! افسوس آهي قوم تي،
    شاعري ڪَوڙي لڳي ٿي،
    زلف، اکڙيون ۽ پرينءَ سان
    رات ڀي ڄڻ بي مزي آ!
    زندگي ڪَوڙي لڳي ٿي.

    اي ڏکايل ڏيهه! منهنجا،
    تو ڪيو تبديل آهي،
    عشق جي شاعر مان مون کي ،
    رَتَ سان لکندڙ ڪويءَ ۾.

    ****

    درد پنهنجو راز ناهي،
    لفظ کان تلوار آهي تيزتر،
    آهه پهريل پاڻ کي پهراڻ هي تهذيب جو،
    هر جڳهه تان آهه جو ڦاٽي پيو،
    ڏوهه ناھي وقت جو ۽ حالتن جو،
    ڏوهه قمست جو به ناهي،
    ڏوهه پنهنجو آهه جو ڪمزور آهيون،
    ڏوهه پنهنجو آهه جو ڪم چور آهيون.
    ها، اسين بي حس ۽ پٿر آهِيون،
    روح پنهنجا ڄڻ ته بنجر ڪي زمينون،
    راند، ننڊ ۽ مقبرن جا بس اسين هيراڪ آهيون
    ڇا سٺا پوءِ ڀي سڀن کان آهِيون؟

    ملڪ منهنجي ۾ اکين بن،
    ٿا رهن ماڻهو سڀئي،
    لڙڪ لاڙن ٿا هتي سڀ ٻارڙا،
    بربريت ۾ رهن ٿا سَڀُ هي،
    پير ۾ چمپل نه ماڻهن کي هتي،
    چئن شادين ۾ رکن ايمان ٿا،
    کنگهندي ساري ڪٽن ٿا رات هي،
    ۽ دوا دارون به تن لئه خواب آ.

    ****

    نسل هاڻي پاڻ کي گهرجي نئون،
    نسل جو پاڙون سڃاڻي پانهنجون،
    نسل جيڪو سست ناهي سوچ ۾،
    نسل جو غلطيون نه دهرائي وڏن جون،
    ٻار اڄ جا آس ۽ اميد آهن،
    ٻار هي زنجير ٽوڙيندا ها سڀئي،
    ٻار ئي هن قوم کي جاڳائيندا،
    ٻار جيڪي، نجُ ۽ معصوم آهن،
    ٻار جن جو صاف سارو آ دماغ،
    مان چوان ٿو تن کي ٻارو! ڪين پڙهجو،
    ملڪ جي تاريخ جنهن ۾ سڀ ستل ها،
    ها اسين ڪنهن ڀي نه ڪم جا ٿي سگهياسين،
    ڪين پوئواري ڪجو ٻارو! اسان جي،
    ڪين مڃجو سوچ جيڪا آ پراڻي،
    ها اسين بيمار هڪڙو نسل آهيون،
    نسل هن کي رد ڪري ڇڏجو توهان،
    ها توهان برکا به آهيون آس ڀي،
    ٻجَ ڀي زرخير ڌرتيءَ جا توهان،
    ها توهان ئي نسل هوندا سَچَ جو،
    ها توهان ٻارو! فقط ٻارو! توهان.


    رسول حمزاتوف : وطن پرست شاعر

    رسول حمزاتوف، سوويت يونين (روس) جي داغستان ۾ هڪ پهاڙي علائقيءَ ۾ قائم ٿيل ڳوٺ سدا آوار ۾ 8 سيپٽمبر 1923 ۾ ڄائو. هن جو والد حمزه سداسا پڻ هڪ سٺو شاعر هيو پر ڏسندي ئي ڏسندي رسول (سندس پُٽ) هن کان به وڌيڪ مشهور شاعر ٿي ويو. هن جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۾ پنهنجي ڌرتي (داغستان) ۽ ٻولي (آوار) سان بيحد محبت نظر اچي ٿي. هن لکيو آهي ته
    ”داغستان منهنجي محبت آهي، منهنجو واعدو آهي ۽ منهنجي دعا آهي. داغستان! تون ئي فقط تون ئي اهو موضوع آهين جيڪو منهنجي سڀني ڪتابن جو خاص تصور ۽ منهنجي سموري زندگيءَ جو سرمايو آهين.“
    ان ئي ڪتاب ۾ هن پنهنجي ڌرتي ۽ محبت جي حوالي سان ڪيئي ڳالهيون لکيون آهن. مان انهن مان هڪ هتي توهان سان شيئر ڪريان ٿو. رسول لکيو آهي ته منهنجي ڳوٺ جي هڪ عورت مون وٽ آئي ۽ پڇيائين ته ”تون ٻاهرين ملڪ ۾ منهنجي پُٽ سان ملئين؟“ مون وراڻيو ”ها، ملياسين ۽ سٺي ڪچهري ڪئي سين“. تنهن تي ان عورت پڇيو ”توهان ٻنهي آوار (مادري ٻوليءَ) ۾ ڪچهري ڪئي نه ؟“. ته رسول حمزاتوف وراڻيو ”نه، اسان ٻنهي ترجمان ذريعي ڪچهري ڪئي. مان روسيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هوس ۽ تنهنجو پُٽ فرانسيسي ٻوليءَ ۾. اسان جو ترجمان اسان کي ترجمو ڪندو ٻڌائيندو ويو.“ ان کان پوءِ هو لکي ٿو ته ”ان عورت پنهنجي منهن تي ڪارو نقاب وجھي ڇڏيو بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح اسان جي پهاڙي علائقي ۾ پُٽ جي موت جي خبر ٻُڌي مائرون ڪنديون آهن“.
    رسول حمزاتوف هڪ فطري شاعر آهي، جنهن جي نثر جو ڪتاب ”منهنجو داغستان“ به ڄڻ ڪو خوبصورت شعري مجموعو آهي. مون جيڪي هن جا ترجما ڪيا آهن سي هن جي شاعريءَ جا نه پر ”منهنجو داغستان“ ڪتاب جي ٽڪرن جا ڪيا آهن. مون هن جا نثري ٽڪرا منظوم ترجما ڪيا آهن. ان ڪتاب ۾ تمام گهڻيون شاعراڻيون ڳالهيون آهن. لوڪ قصا آهن جيڪي ڏاهپ سان ڀرپور آهن.
    رسول حمزاتون انهيءَ ڪتاب ۾ پنهنجي علائقي جون چوڻيون به ڏنيون آهن، جن مان ڪجهه هي آهن.
    • ”دنيا جي تخليق کان سوين سال اڳ شاعر جنم ورتو هو.“
    • ”اهو نه چئه ته مون کي موضوع ٻڌاءِ. اهو چئه ته مون کي اکيون عطا ڪر!“
    • ”هن ٽالسٽاءِ جهڙي ٽوپي ته ورتي آهي پر ٽالسٽاءِ جهڙو دماغ ڪٿا آڻي!“
    • ”جيڪو شخص ٻوليءَ کان ناواقفيت جي باوجود شاعري ڪرڻ جو فيصلو ڪري اهو ايترو ئي چريو آهي جيترو اهو ماڻهو جيڪو اڻ تارو هجي ۽ درياهه ۾ ٽپو ڏي.“
    • ”جيڪڏهن ڀتيون مضبوط نه هجن ته سهڻي کان سهڻو گهر به ڊهي ويندو.“
    ان کان علاوه مان هتي رسول حمزاتوف جو اهو نظم به ڏيان ٿو جيڪو مون هڪ دوست وٽان ٻڌو هو:

    جڏهن توکي معلوم ٿئي ته هڪ هزار ماڻهو،
    توسان محبت ڪندا آهن ته سمجھجان،
    ته انهن ۾ هڪ رسول به آهي.
    جڏهن توکي معلوم ٿئي ته هڪ سَو ماڻهو،
    توسان محبت ڪندا آهن ته سمجھجان،
    ته انهن ۾ هڪ رسول به آهي.
    جڏهن توکي معلوم ٿئي ته فقط هڪ ماڻهو،
    توسان محبت ڪري ٿو ته سمجهجان،
    ته اهو رسول ئي آهي.
    ۽ جڏهن توکي معلوم ٿئي ته توسان ڪوبه،
    محبت نه ٿو ڪري ته سمجھجان،
    ته رسول مري ويو آهي.

    ****

    ”عقاب! تنهنجو جنم ڪٿي ٿيو؟“
    ”زمين جي هڪ وڏيءَ کڏ ۾“
    عقاب! اُڏرين ڪٿي پيو تون؟“
    ”وسيع هن آسمان ۾ اڄ!“

    ****

    جيڪڏهن تو وٽ ڪُنجي آ،
    در ڀڃڻ جي ڇا ضرورت!

    ****

    جيڪڏهن پوکيا اٿي گدرا سڙڪ جي ڀَرّ ۾،
    پو ته ماڻهو سي پٽنيدا پيا پچڻ کان اڳّ ۾.

    ****

    جيڪڏهن پاڻي پنين تائين رڳو آ،
    پوءِ گوڏن تائين پاچا ڇو ڪجن!


    ****

    گيت ڳائڻ لاءِ ڀلو آهي بسنت،
    ۽ ٻُڌائڻ لئه ڪهاڻي،
    آ سياري- مُند بهتر.

    ****

    شاعري گهوڙي سواريءَ جيئن آهي،
    فاصلو جيڪا ڪري ٿي طئي گهڙيءَ ۾،
    پر نثر پيدل گُهمڻ آ.


    ****

    بار ڍوئيندڙ گڏهه جي هينگ کان،
    شاخ تي ويٺل ڪنهين بلبل سندو،
    گيت مون کي ٿو وڻي.

    ****

    ”هن ڌرتيءَ تي سڀ کان ڀيانڪ
    ۽ بد صورت منظر ڪهڙو؟“
    ”خوف وچان ڪو ڏڪندڙ مرد.“

    ”۽ ان کان به وڌيڪ ڀلا ڪو؟“
    ”خوف وچان ڪو ڏڪندڙ مرد.“

    ****

    آ شوق تنهنجو ته ٿئين تون شاعر،
    نقاد توتي، خيال رکجان!
    ڪُتن جيان ڀَونڪندا ئي رهندا،
    مگر نه ڄجان نه ئي تون رڪجان!

    ****

    شاعري تون منهنجي ٻالڪپڻ جي ڪا پياري لولي،
    شاعري تون منهنجو جوڀن جو حَسين خواب آهين!
    پهريون پيار ڪيو مون ته جنم ٿيو تنهنجو،
    پيار جنهن ساڻ رهيو ساٿ سدائين منهنجو!

    ****

    شاعري! اوءِ شاعري منهنجي،
    تو بنان مان يتيم ٿي ويندس.

    ****

    آ اوهان لاءِ جئن ٻني ڪائي،
    تيئن مون لاءِ آهه ڪاغذ هي،
    ٻجّ وانگر هي لفظ آ هر ڪو،
    نظم آهي ڪڻو اناج سندو.
    سالَ ڪنهن ۾ اناج ٿئي ٿو گهڻو،
    وري ڪنهن ۾ ڪڻو به ڪونهي ڪو.

    ****

    ڪين ڦاٿي ڪُنڍيءَ ۾ جيڪا به مڇي،
    سا سٺي هئي سڀن کان ڄڻ ته مڇي،
    ڪين جيڪو شڪار مون کان ٿيو،
    سوئي آ سڀ کان مون کي ياد گهڻو
    ڪين حاصل جا ٿي سگهي عورت،
    آ اڃا تاءِ بس اُها دل ۾،
    شعرُ جيڪو ڪٿي آ گُم ٿي ويو،
    منهنجو سڀ کان سٺو سو شعر هيو.

    ****

    هر ڪو ماڻهو شاعر آهي،
    ڪو ڪو ليڪن شعرَ لکي ٿو.


    محمود درويش : فسلطين جو انقلابي شاعر

    محمود درويش 13 مئي 1942 ۾ فلسطين جي علائقي ۾ هڪ ڳوٺ البروا ۾ پيدا ٿيو. اهو خوبصورت ڳوٺ سهڻين پهاڙين ۽ سرسبز وادين سان ڀريل هو. جڏهن هو ڇهن سالن جو ٻار هو تڏهن اسرائيلي فوج رات جي اونداهيءَ ۾ ٻين ڳوٺن سان گڏ محمود درويش جي ڳوٺ کي به ڍير ۾ بدلائي ڇڏيو. ٻين گهراڻن وانگر هن جو خاندان پڻ لڪي ڇپي، لڏي وڃي لبنان پهتو جتي ٻين فلسطيني مهاجرن وانگر اقوامِ متحده جي خيرات ۽ ريڊڪراس جي راشن تي هُن هڪ سال کان وڌيڪ وقت ڪاٽيو. محمود درويش پيدائشي شاعر هيو ۽ اهي واقعا هن جي ڪچڙي ذهن تي سڄي عمر لاءِ نقش ٿي ويا ۽ ان وقت جي اذيت ۽ ڪاوڙ هن جي سڄي زندگيءَ ۾ ملي ٿي. هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
    ”هڪ دفعي منهنجو پيءُ مون کي لڪ ڇپ ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ وٺي هليو هو. اسين انهن کنڊرن وچان لنگهيا سين. مان اٺن سالن جو هوس پر اهو ڄاڻان پيو ته وطن ۾ بي وطن هجڻ جي اذيت ڇا ٿيندي آهي. پنهنجي گهرن ۾ چورن وانگر اچڻ ڪيڏو نه تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي! مون کي پنهنجي پيءُ جي خاموشي اڃا تائين ياد آهي. انهيءَ رات منهنجو ٻالڪپڻو ختم ٿيو هو ۽ مان زندگيءَ جو پهريون شعر لکيو هو. اهو شعر پنهنجي مقتول وسنديءَ سان لاڳاپيل يادن بابت هو. عام سٽون هيون پر انهن ۾ منهنجو ڏک ۽ منهنجا لڙڪ هئا. انهيءَ رات مان ٻار مان تبديل ٿي هڪ شاعر ٿي ويس.“
    درويش جو پهريون شعري مجموعو ”پَرن کان سواءِ پکي“ ان وقت ڇپيو هو جڏهن هن جي عمر اڻويهه سال هئي. هن جي شاعري مظلوم طبقي جو آواز بڻجي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي فلسطيني عوام هن جي شاعريءَ کي پنهنجي جلسن ۽جلوسن ۾ پڙهڻ لڳو ۽ نعري وانگر ڪم آڻيندو رهيو. اڪثر جيل ۾ رهندڙ ۽ پنج سال پنهنجي گهر ۾ نظر بند رهندڙ هي انقلابي شاعر پوءِ به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرگرمين ۾ شامل هوندو هو. 1973 ۾ هن ياسر عرفات جي تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي. هي عظيم فلسطيني اڳواڻن جارج حباش ۽ ليليٰ خالد جي ويجھن دوستن منجھان هو. محمود درويش اردو ٻوليءَ جي عظيم ۽ ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جي پڻ ويجھو رهيو. توڙي جو هو فيض صاحب کان ٽيهه سال ننڍو هو پر پوءِ به فيض هن جي شاعراڻي عظمت جو اعتراف ڪندو هو ۽ هن جي عزت ڪندو هو.
    بيروت تي حملي دوران جڏهن فلسطين جو انقلابي ريڊيو هلائي رهيو هو تڏهن هو پاڻ فلسطيني مجاهدن سان گڏ اسرائيلي فوج سان جنگ ۾ مصروف هو. هو فقط لفظ لکندڙ نه پر خون ڏيندڙ شاعر به هو ۽ فقط ڪنهن ڪمري ۾ ويهي نظم نه لکندو هو پر عملي طور تي پڻ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪندو هو. درويش پاڻ به چيو هو ته هو شاعرن جي ان خاندان سان تعلق رکي ٿو جنهن ۾ روس جو ماياڪو وسڪي، ترڪيءَ جو ناظم حڪمت، چليءَ جو پابلو نرودا، اسپين جو لورڪا ۽ پاڪستان جو فيض احمد فيض شامل آهن.
    9 آگسٽ 2008 تي محمود درويش دل جي دوري ڪري هيءَ دنيا ڇڏي. هن جي وڇوڙي تي فلسطين ۾ ٽي ڏينهن سرڪاري طور تي سوڳ ملهايو ويو.

    شناختي ڪارڊ

    ها، لک!
    مان هڪ عرب آهيان
    ۽ منهنجي ڪارڊ جونمبر
    پنجاهه هزار آهي،
    منهنجا اٺ ٻار آهن،
    نائون هن سال ٿيندو.
    ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي
    ڪهڙي ڳالهه آهي؟

    ها، لک!
    مان هڪ عرب آهيان،
    پٿر ڪُٽيندڙ مزورن سان گڏ،
    ڪم ڪندو آهيان،
    مون کي اٺ ٻار آهن
    انهن لاءِ ٽڪرين منجھان ماني ،
    ڪپڙا ۽ لکڻ جون ڪاپيون،
    تراشيندو آهيان،
    تنهنجي در تي پنڻ ناهيان ويندو،
    مون کي ڪمتر نه سمجھه،
    ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي
    ڪهڙي ڳالهه آهي؟

    ها، لک!
    مان هڪ عرب آهيان،
    ڪنهن نالي، ڪنهن لقب کان بغير،
    هڪ اهڙي شهر ۾ آهيان،
    جتي هر شيءِ
    ڪاوڙ جي ڪُن ۾ زندهه آهي،
    منهنجون پاڙون،
    وقت جي پيدائش کان اڳ،
    زمانن جي شروع ٿيڻ کان اڳ،
    صنوبر ۽ زيتون جي وڻن کان اڳ،
    ٻج ڦٽڻ کان اڳ،
    قائم هيون،
    منهنجي پيءُ جو تعلق،
    “هل” خاندان سان هو،
    ڪنهن وڏي گهراڻي سان نه.
    منهنجو گهر چوڪيدار جي
    جھڳي آهي،
    ڪکن ۽ ڪانن جي ٺهيل،
    منهنجو رتبو ڄاڻي وئين؟
    مان هڪ نانءُ آهيان،
    بغير ڪنهن ذات جي.

    ها، لک!
    مان هڪ عرب آهيان،
    وارن جو رنگ - ڪارو،
    اکيون- ناسي،
    منهنجو پتو، هڪ ڳوٺ،
    ڏورانهون، وسريل ڳوٺ،
    جنهن جون ڳليون،
    بي نام آهن،
    رهائش، ٻنين ۽ کاڻين ۾
    ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي
    ڪهڙي ڳالهه آهي؟

    ها، لک!
    مان هڪ عرب آهيان،
    تو منهنجي وڏڙن جون،
    ٻنيون چورايون،
    جنهن ۾ اسين ان اپائيندا هئاسين،
    تو منهنجي پوٽن ۽ پوٽين لاءِ
    ڪجهه به ناهي بچايو،
    انهن ٽڪرين کان سواءِ
    جن بابت چوندا آهن ته،
    توهان جي حڪومت واپس وٺندي.

    ها، لک!
    مان ماڻهن کان نفرت ناهيان ڪندو،
    مان ڪنهن جي به علائقي
    مان ناهيان گذرندو،
    پر جيڪڏهن مون کي بُک لڳي،
    ته غاصب کي ڪچو
    کائي ويندس.
    ڊڄ، ڊڄ!
    منهنجي بُک کان،
    منهنجي ڪاوڙ کان.

    **

    جلاوطن سياسي ڪارڪن جو ماءُ ڏانهن خط

    تنهنجي لاءِ تمام گهڻو پيار
    ۽ نيڪ تمنائون،
    ٻيو ڀلا ڇا ٿو چئي سگهان؟
    ڪٿان شروع ڪيان ۽
    ڪٿي ختم ڪيان؟
    وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي
    ۽ هن جلاوطنيءَ ۾،
    مون وٽ
    سواءِ ماني، اداسي ۽
    محرومين سان ڀريل هڪ ڪتاب جي،
    ڪجهه به نه آهي.
    ڪٿان شروع ڪيان ؟

    اهي سڀ ڳالهيون جيڪي
    چيون ويون آهن يا
    چيون وينديون،
    مون کي منهنجي گهر نه وٺي وينديون،
    نه مِينهن وسائي سگهنديون،
    ۽ نه ئي ٿڪل ۽ وڇڙيل پکين کي
    نوان پَرَ ڏئي سگهنديون.

    ريڊيو تي هڪ پيغام،
    هن کي ٻُڌايو ته مان ٺيڪ آهيان،
    مان جھرڪيءَ کي چوان ٿو،
    جيڪڏهن تون اُتان گذرين،
    ته منهنجو نياپو نه وسارجان!
    هن کي ٻڌائجان ته مان ٺيڪ آهيان،
    ٺيڪ آهيان، ها ٺيڪ آهيان.
    منهنجي نظر اڃا ٺيڪ آهي.
    مان ڏسي سگهان ٿو.
    آسمان اڃا چنڊ کان محروم ناهي ٿيو.
    منهنجا پراڻا ڪپڙا.
    اڃا منهنجي جسم تي موجود آهن.
    ڪٿان ڪٿان ڦاٽي ضرور پيا هئا،
    پر مان سبي ڇڏيا هئا.
    هاڻي بلڪل ٺيڪ آهن.

    مان هاڻي ويهه ٽپي چڪو آهيان،
    امان! مون کي ڪڏهن ڏس!
    مان مردن وانگر،
    زندگيءَ جو بار کڻي رهيو آهيان،
    هڪ هوٽل تي ڪم ڪندو آهيان،
    ٿانءَ ڌوئندو آهيان،
    گراهڪن لاءِ چانهہ ٺاهيندو آهيان،
    اداس مُنهن تي مصنوعي مرڪ،
    اوڍي رکندو آهيان،
    ته جيئن هو آرام سان ويٺا رهن.

    مان هاڻي ڀت کي ٽيڪ ڏئي،
    جوان ڇوڪرين کان حال احوال پڇندي،
    سگريٽ به پيئڻ لڳو آهيان.
    ڇوڪريون نه هجن ها ته
    زندگي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هجي ها.
    منهنجا دوست هڪ مانيءَ جو
    سوال ڪندا آهن،
    ان ماڻهوءَ جي به ڪهڙي زندگي،
    جيڪو رات جو،
    هر رات جو بکئي پيٽ سمهي.

    مان ٺيڪ آهيان،
    مون وٽ ماني آهي
    مانيءَ سان گڏ ٻوڙ به آهي،
    مون ريڊيو تان جلاوطن ساٿين جا
    پيغام ٻڌا،
    سڀ ائين ئي چوندا آهن،
    ته ”اسين ٺيڪ آهيون.“
    ڪير به ائين ناهي چوندو ته
    ”اسين ناخوش آهيون “.


    بابا جا ڪهڙا حال آهن؟
    ڇا هُو اڃا تائين نمازون پڙهندو آهي؟
    ڇا هو اڃا تائين ٻارن سان،
    زمين سان ۽ زيتون جي ٻوٽن سان،
    محبت ڪندو آهي؟
    ۽ منهنجا ڀائر ڪيئن آهن؟
    ڇا اهي ماستر ٿي ويا آهن،
    جيئن بابا چاهيندو هو؟

    امان! توکي خبر آهي ته
    منهنجون اکيون ڇو آليون ٿي وينديون آهن؟
    فرض ڪر ته مان ڪنهن شام جو،
    بيمار ٿي پوان
    ته ڇا رات مون تي ترس کائيندي؟
    ڇا ان وڻ کي،
    جنهن جي هيٺان مان ڪرندس،
    هي معلوم ٿيندو،
    ته هي مردو به ڪڏهن انسان هو؟
    ڇا هو منهنجي لاش کي ڳجھن کان بچائي سگهندو؟

    پياري امان!
    خبر نه آهي ته هي ڪاغذ،
    ڇا جي لاءِ ڪارا ڪري رهيو آهيان،
    ڪهڙي ٽپال آهي،
    جيڪا هنن کي کڻي ويندي؟
    زميني، بحري ۽ هوائي رستا بند آهن،
    ۽ ٿي سگهي ٿو ته توهان سڀ،
    مارجي چڪا هجو.
    يا جيئرا هجو بغير ڪنهن پتي جي.
    ڇا ڪوئي زندهه رهي سگهندو آهي،
    بغير ملڪ جي؟
    بغير گهر جي؟
    بغير جھندي جي؟
    بغير پتي جي؟

    **

    اداس لهجي ۾ ٻڌائي ويندڙ هڪ ڪهاڻي

    اسان جي ملڪ ۾،
    نهايت اداس لهجي ۾ ٻڌائي ويندي آهي،
    منهنجي ان دوست جي ڪهاڻي،
    جيڪو ويو ۽ وري واپس نه آيو.

    هن جو نالو------
    هن جو نالو وٺڻ جي ضرورت ناهي،
    لفظن کي سيني ۾ سلامت رکو،
    نه ته انهن کي هوا،
    خاڪ وانگر اڏائي ويندي،
    انهن کي دلين ۾ ئي رهڻ ڏيو،
    هو هڪ اهڙو زخم آهي جيڪو،
    شفا جي پهچ کان پري آهي.

    منهنجا عزيزو! مان پريشان آهيان،
    ڪٿي اسين هن جو نالو،
    وساري نه ويهون،
    ياد رهجي ويندڙ انهن نالن جي
    کوٽ ۾،
    ڪٿي اسين هن کي وساري نه ويهون،
    مون کي انديشو آهي،
    سردين جي بارش ۾، طوفان ۾،
    ڪٿي اسان جي دلين جا زخم،
    سُمهي نه پون.

    هن جي عمر-----
    هو ته هڪ مکڙي هو جنهن کي،
    هڪ به برسات ياد ناهي،
    هن ڪڏهن چانڊوڪي رات ۾،
    ڪنهن محبوبا جي ديوار جي ويجھو بيهي،
    ڪو گيت نه ڳايو هو،
    هن جون نگاهون ڪڏهن ڪنهن گذرندڙ،
    خواھش جي پويان نه ڊوڙيون هيون،
    ھن ڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي چميو يا
    ڪڏهن محبت جو اظهار نه ڪيو هو.
    زندگيءَ ۾ صرف ٻه ڀيرا هن هڪ ڇوڪريءَ
    کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريو هو،
    پر هن مُڙي هن ڏانهن نه ڏٺو هو،
    هو ڏاڍو ننڍو هو،
    هوءِ ڇوڪري ۽ اها اُميد،
    هن جي پهچ کان ٻاهر هئي.



    اسان جي ملڪ ۾ هن جي ڪهاڻي
    ٻڌائي ويندي آهي،
    هن وڃڻ وقت پنهنجي ماءُ کان نه موڪلايو هو،
    دوستن کي به نه ٻڌايو هو،
    ڪو پيغام به نه ڇڏيو هو،
    انديشن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ،
    ڪا ڳالهه نه ڪئي هئائين،
    پنهنجي ماءُ لاءِ ڊگهن راتين کي،
    وڌيڪ طويل ڪري ويو،
    جيڪا هاڻي،
    آسمان سان، هن جي شين سان،
    هن جي هنڌ سان، هن جي سُوٽ ڪيس سان،
    ڳالهيون ڪندي رهي ٿي.

    اي رات، اي ستارا، اي خدا، اي ڪڪر!
    ڇا توهان منهنجو اهو اڏندڙ پکي ڏٺو آهي؟
    هن جون اکيون ٻه چمڪندڙ ستارا هيون،
    هن جا هٿ گلدستا هئا،
    هن جو سينو چنڊ ستارن جو وهاڻو هو،
    هن جا وار هوا ۽ گلن وانگر لهرائيندا هئا،
    ڇا توهان ڪو اهڙو مسافر ڏٺو،
    جيڪو اڃا سفر جي قابل به نه ٿيو هو؟
    ۽ جيڪو پاڻ سان گڏ ماني به نه کڻي ويو هو،
    هن جي بک جي ڪنهن کي ڳڻتي هوندي؟
    هن سان ڪير همدردي ڪندو؟
    هو اجنبي آ، اوپرو آ،
    هتي ڪيترا حادثا ٿين ٿا،
    منهنجا پُٽ! منهنجا پُٽ!

    اي رات، ستارو، راهون، ڪَڪر!
    ان ماءُ کي ٻڌايو ته،
    اسان وٽ ڪوبه جواب ناهي،
    زخم لڙڪن کان وڏو هوندو آهي،
    افسوس ۽ ڏک کان به وڏو،
    تون حقيقت برداشت نه ڪري سگهندينءَ،
    ڇو ته تنهنجو پُٽ مري چڪو آهي،
    اي امڙ!
    پنهنجي لڙڪن کي نه پَٽ!
    لڙڪن جون به پاڙون هونديون آهن،
    انهن لڙڪن کي هر شام لاءِ بچائي رک،
    جڏهن رستا لاشن سان ڀرجي وڃن،
    ۽ تنهنجي پُٽ وانگر،
    مسافرن کي رستو نه ملي،
    تون پنهنجا لُڙڪ اُگهي وٺ!
    ۽ انهن پيارن ۽ اجنبين جي يادگار طور،
    ڪجهه لڙڪ محفوظ ڪري وٺ،
    جيڪي هن کان اڳ شهيد ٿي ويا آهن،
    پنهنجا لڙڪ نه پٽ!
    انهن لڙڪن کي بچائي رک!
    شايد سڀاڻي هن جي پيءَ لاءِ،
    هي جي ڀاءُ لاءِ، هن جي دوستن لاءِ،
    انهن جي ضرورت پوي،
    اسان جي ايندڙ ڏينهن لاءِ
    ڪجهه لڙڪ بچائي رک!

    اسان جي ملڪ ۾ هن جي ڪهاڻي
    ٻڌائي ويندي آهي،
    جيڪو ويو ۽ وري واپس نه آيو،
    هن ڪيئن جان ڏني،
    ڪيئن گوليون هن جي مُنهن ۽ سيني ۾،
    کُپي ويون،
    ان جي وضاحت نه ڪر!
    مان هن جا زخم ڏٺا آهن،
    زخمن جي گهرائي ڏٺي آهي،
    پر مان ٻين ٻارن جو سوچي رهيو آهيان،
    ۽ انهن جي هٿن ۾ ٻارن جون گاڏيون آهن،
    پيارا دوستو!
    اهو نه پڇو ته هو ڪڏهن واپس ورندو،
    فقط ايترو پڇو ته،
    ماڻهو هن جي ڳولا لاءِ ڪڏهن نڪرندا؟
    ڪڏهن اُٿندا؟؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428661
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ