ڪتاب جو نالو: جوڀـن پـهريان ڏينهن
مصنف: اشرف پلي
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 30 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1152 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 396 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جوڀن پهريان ڏينهن“ خوبصورت شاعر اشرف پليءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. اڪبر لغاري لکي ٿو: ”ٿر جو ريگستان ڄڻ شاعريءَ جو گلستان آهي. حليم باغي، سائينداد ساند، وفا پلي، سردار شاھ، حاجي ساند، جمن دربدر، خطائي ٿيٻو ۽ ٻيا کوڙ سارا همعصر شاعر اهڙا آهن جن جي شاعري پڙهي بت مان سريڙون نڪريو وڃن. انهن سان ئي گڏ، انهن جهڙو ئي پر بي حد نرالو، البيلو، نماڻو، ماٺيڻو، بي نياز ۽ بي پرواھ شاعر اشرف پلي، جنهن جي مٽي عمرڪوٽ جي آوي ۾ پچي راس ٿي ۽ ٿر جي صدين جي عشقيه ۽ لوڪ روايتن جا مٿس ڪيئي رنگ برنگي چٽ چٽيل ٿا ڏسجن. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اشرف پلي: دردِ جماليات جو شاعر
  • لفظن جي مصوري
  • دل جي ڳالهه
  • حمد
  • غزل

  • اڄ به ڊوڙي پـيـو منـهـنجو بچپـن سکي
  • عشق ۽ انجام ساريندي رهي
  • وري ڪجهه يادگيرين جا سٿا ساکورجي آيا
  • ڇنڊيندو ڇڙيندو رهيو وقت توکي
  • رات، برسات ۽ ٻيو تنهائي الا
  • هي چهرا سج ڪني جھڙا حسن جي انتها آهي
  • رنگ ميٽي ڇڏيئي دل جي افلاڪ جا
  • ڏينهن به تنهن کي ڏنگ هڻي ٿو
  • يادگيريون ڇڏي چنگ چڙن جون پٺيان
  • ڪو راڄ ڪري مون ۾
  • زندگي لهندڙ ڪو پاڇو ٿي وئي
  • کلندي ڌاڳا سوريا آهن
  • هيڪلي ناوَ نوري جي هئي ڇر مٿان
  • انب لامون، صحن ۽ چري ڇوڪري
  • جڳ سمورو جوڳي ناهي، پنبڻ پوڙها سوچيندا
  • يادن جي وڇاڻي تي ڪو چنڊ ستو آهي
  • هن موت جي مام کان اڳتي
  • ٿيا خواب گھاڻا، پٿر ٿي وڃون
  • ستارا، ڪهڪشائون ۽ ڪتين جي ماٺ سوچي ٿي
  • سکي جي شهر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا
  • محبت خدائي تي ڇانئي رهي
  • دل جڏهن ڀي سکي مسڪرائي هئي
  • چنڊ بنجي رهين شهر سنسان تي
  • اوهان سان ئي منهنجي سڃاڻپ هئي
  • رات کي قهر جو نشو آهي
  • پاڻ گدري مثل وقت ڪاتي جيان
  • تو جو وار سُڪايا آهن
  • نيڻ تفسيرون لکن ٿا عشق جون
  • ائين ٿيو هو پيار سان ٻکجي وڃڻ
  • اُڀ جيئن جيئن اُهاءُ ٿيندو ويو
  • کوهن جا ڏول خوشبو، گاگھر کي گھير تنهنجا
  • رات لڙي جو جيئن ٺري ٿي چانڊوڪي
  • گلن جي وڇاڻي، ستو ڪير هو؟
  • نظم/آزاد نظم

  • ٻٻر جي ڏار تي رهجي
  • ميار
  • آئون جا نينهن ڪکي
  • تصور
  • عجيب خواهش
  • تون ڳاءِ کڻي
  • درويش دل!
  • آدو ملاح1
  • محبت
  • تحرير
  • حويلي
  • روپا ماڙي
  • ائڊريس
  • چانڊوڪي جو زهر
  • هلي آءُ.......
  • دل
  • ’شهيد بينظير ڀٽو‘
  • ’سنڌ‘
  • شڪايت
  • ڪڃري
  • ڪاپائتي
  • وڃي چئو بيوفا ناهيون
  • پاڻي
  • فنڪار جو درد
  • ائين......!
  • تنهائي
  • اڪيلائي
  • قبوليت
  • هوءَ ياد ٿي اچئي ڇا
  • ڪڪر سان گفتگو
  • دل ته آهي دل پرين
  • اڳتي ڇا ڇا ٿيندو آ
  • ڪٿي آهين....!؟
  • پوڙهي جي نوجوان کي صلاح
  • ٿري ڇوڪري ڏانهن
  • وڇوڙو
  • ياد جا سڪا
  • نوان محبوب
  • تون وڃين ٿي وڃ مگر..
  • گناهه جهڙي رات
  • جوڀن
  • پرولي
  • نه مان آهيان نه پاڇو آ
  • موڪلاڻي

  • ترتيب

    ڪتاب بابت

    جوڀن پهريان ڏينهڙا، ساوڻ گھاٽا مينهن
    سارا سارا ڏينهن، جھڙ نه لهي جيءُ تان.

    شيخ اياز


    BOOK NO: (82)


    • جوڀن پهريان ڏينهن • JOBHEN PAHRAYN DHENH (شاعري) (Poetry)
    • اشرف پلي ASHRAF PALLI •
    ڇاپو پهريـون: جنوري 2012ع FIRST EDITION 2012
    ٽائيـٽل@
    ڪمپوزنگ: ڪنول گروپس With All Rights Reserved
    ڪنول © KANWAL
    پبليڪيـشن قنبر Publication Kamber





    ملهه: 150 روپيـا


    ارپنا

    ارپيم

    سنڌ ۽ سنڌ جي ڳوٺن کي............


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (285) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”جوڀن پهريان ڏينهن“ خوبصورت شاعر اشرف پليءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. اڪبر لغاري لکي ٿو:
    ”ٿر جو ريگستان ڄڻ شاعريءَ جو گلستان آهي. حليم باغي، سائينداد ساند، وفا پلي، سردار شاھ، حاجي ساند، جمن دربدر، خطائي ٿيٻو ۽ ٻيا کوڙ سارا همعصر شاعر اهڙا آهن جن جي شاعري پڙهي بت مان سريڙون نڪريو وڃن. انهن سان ئي گڏ، انهن جهڙو ئي پر بي حد نرالو، البيلو، نماڻو، ماٺيڻو، بي نياز ۽ بي پرواھ شاعر اشرف پلي، جنهن جي مٽي عمرڪوٽ جي آوي ۾ پچي راس ٿي ۽ ٿر جي صدين جي عشقيه ۽ لوڪ روايتن جا مٿس ڪيئي رنگ برنگي چٽ چٽيل ٿا ڏسجن. “
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري اشرف پليءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اشرف پلي: دردِ جماليات جو شاعر

    اشرف پلي: دردِ جماليات جو شاعر



    هونءَ تـه سڄي سنڌ تخليقي جوهر سان مالا مال آهي پر ٿر جو ريگستان ڄڻ شاعريءَ جو گلستان آهي. حليم باغي، سائينداد ساند، وفا پلي، سردار شاھ، حاجي ساند، جمن دربدر، خطائي ٿيٻو ۽ ٻيا کوڙ سارا همعصر شاعر اهڙا آهن جن جي شاعري پڙهي بت مان سريڙون نڪريو وڃن. انهن سان ئي گڏ، انهن جهڙو ئي پر بي حد نرالو، البيلو، نماڻو، ماٺيڻو، بي نياز ۽ بي پرواھ شاعر اشرف پلي، جنهن جي مٽي عمرڪوٽ جي آوي ۾ پچي راس ٿي ۽ ٿر جي صدين جي عشقيه ۽ لوڪ روايتن جا مٿس ڪيئي رنگ برنگي چٽ چٽيل ٿا ڏسجن.
    اشرف پنهنجي شاعري جي هن ڪتاب ”جوڀن پهريان ڏينهن“ کي ٻن حصن يعني غزل ۽ نظم ۾ ورهايو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته سندس شاعريءَ تي تبصرو به ٻن ئي ڀاڱن ۾ ڪجي.
    غزل جي شاعريءَ ۾ داخليت کي وڏي اهميت آهي، جيڪا اشرف ڏاڍي خوبصورتي سان نڀائي آهي. سندس شاعري پڙهندي ڪٿي به ائين نٿو لڳي ته هن شاعري ڪرڻ جي ”ڪوشش“ ڪئي آهي، شاعري سندس اندر مان ائين اڇل کائي نڪتي آهي، جيئن برسات کان پوءِ صحرا ۾ حُسن ڦٽي نڪرندو آهي.

    بي وڙي او هـوا! هن کي چـئجـان وڃي،
    حال هـيڻـا اٿئي، تنهنجي رولاڪ جا.

    جام جي شام هئي، ناوَ ڪنهن جي ڀلا،
    ڪير پياسو ستو ، مئڪدن جي پٺيان.

    روماني شاعرن وٽ جذبي (emotion) جي شدت هر ڳالهه کان وڌيڪ اهم هوندي آهي پر اها شدت جيڪڏهن حد کان وڌي وڃي ته جذبا ته جذباتيت (sentimentality) بنجيو پوي، جيڪا شاعري جي نصب العين جي مطابق نه آهي. جذبي سان گڏ جيڪڏهن فهم به هجي ۽ حسن ِ بيان به هجي ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ جماليات يقينن حيات بخش هوندي. اشرف وٽ شدتِ جذبات بي پناھ آهي پرسندس لهجو ڌيمو ۽ شائسته آهي. سندس جذبا آتش فشان بنجڻ جي بجاءِ ڪنڀار جي آوي وانگر اندر ئي اندر ٻرندا رهن ٿا ۽ سندس رَڇ پچائيندا رهن ٿا. کيس هڪ ئي ڀڙڪي سان خاڪستر ٿيڻ جي بجاءِ دکندو رهڻ ئي سٺو لڳي ٿو. شايد نينهن جو سبق، لطيف جي نهائين کان ئي پرايو اٿس.
    زندگي لهندڙ ڪو پاڇو ٿي ويئي،
    تون وئين هي دل ته لاشو ٿي ويئي.

    آئون اندر جي اونداهي سان ڳالهايان،
    مون کان ٿورو هاڻ پري ٿي چانڊوڪي

    وڇوڙن جون سڀئي گرميون، اسان برسات جيئن ڀانيون،
    سڀيئي غم جڏهن جانان، اوهان سان اورجي آيا.


    سوز ئي سندس ساز آهي ۽ درد سندس نغمو. هن وٽ لذتِ هجر جو ذائقو نشاطِ وصل کان گھڻو اُتم آهي:
    ائين عشق تنهنجو، اسان ۾ رهيو،
    ڊٺل گھر ۾ جيئن ٿي تنهائي رهي،

    ملون ۽ سڄو موھ وڃائي ڇڏيون،
    انهيءَ کان چڱو آ، جدائي رهي.

    هر صحرائي وانگر سندس مشاهدي جي نگاھ ڪافي تيز آهي پر مشاهدو ڪرڻ وقت هو منظر کان الڳ رهي تماشبين نٿو بنجي. هو منظر مان پنهنجا من پسند چٽا عڪس کڻي انهن کي پنهنجي احساس جي سانچي ۾ ڍالي، نڪور ۽ اڻ ڇهيا خيال ٿو تخليق ڪري:
    مونکي آخر ته وکري هو وڃڻو پرين،
    محل مون ٿي اڏيا، سمنڊ ۾ خاڪ جا.

    رات، برسات ۽ ٻيو تنهائي، الا،
    ڪوئي جاڳي ٿو، ڪا ياد آئي، الا.

    پاڻ گدري مثل، وقت ڪاتيءَ جيان،
    درد دل ۾ رهيو، گھر جي ڀاتيءَ جيان.

    سمنڊ ۾ خاڪ جا محل، رات، برسات ۽ تنهائي جي تثليث، درد جي گھر ڀاتي سان تشبيهه، اندر جي اونداهي سان هم ڪلامي، اشرف جي تخليقي تخيل جا چند بي مثال نمونا آهن.
    هو روايتي غزل کان پري آهي، کيس نه ته رقيب جو ڪو الڪو آهي نه ئي وري واعظ کان گھڻي شڪايت. هو سڀ درد، سڀ غم پاڻ اڪيلي سرکڻڻ لاءِ تيار آهي، خنجر جي تيز ڌار سان به ڀاڪر پايو ويٺو آهي. راز و نياز جون ڳالهيون ته وصل جي پربهار لمحن ۾ ٿينديون آهن، اسان جي شاعر وٽ ته وڇوڙي جو واسو آهي.
    يادن جي اُڃي موسم، بچپن ٿو رلي جنهن ۾،
    هن ڳوٺ اباڻي تي، ڪــو چـنڊ سـتـو آهي .

    هو اول ۽ آخر عاشق آهي، محبوب جي هر ادا سان پيار ڪندڙ عاشق. محبوب جي طرفان مليل هر ڪڙائي کي چيت سان چکڻ وارو شاعر. تنهنڪري سندس شاعري تي به عاشقاڻو ۽ روماني رنگ حاوي آهي.

    هو ڪٿي به ناصح يا مبلغ ٿي غزل جي رنگ ۾ ڀنگ نٿو وجھي. نام نهاد رهبر بنجڻ جي ڪوشش کان ڪوهين ڏور آهي. هو ته عشق کي امام سمجھي پنهنجو قبلو درست ڪري ٿو. اشرف اهو رنگريز آهي جنهن جماليات جي چولي تي درد جو رنگ چوکو ئي چاڙهيو آهي. سندس شاعري سوز آفريني ۽ دلفريبي جو حسين سنگم آهي:
    رات لڙي جو جيئن ٺري ٿي چانڊوڪي
    مون ۾ ڪيڏو زهر ڀـري ٿي چانڊوڪـي

    مون اوهان جون اکيـون، ياد ڏاڍيون ڪيـون،
    ها جـڏهن ڳوٺ تـي مـاڪ ڇانـئي هئي .
    ٻولي (diction) به شاعر جي تشخص طئه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اوپرن ۽ ڳرن لفظن جو استعمال يا خيال جي آهنگ سان مطابقت نه رکندڙ ٻولي ابلاغ ۾ وڏي رڪاوٽ هوندي آهي. اشرف جي ٻولي ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. سندس ٻولي نج سنڌي، ڪومل احساسن جي ترجمان ۽ مٽيءَ جي خوشبو سان مهڪندڙ آهي:

    يادگيريون ڇڏي چنگ چڙن جون پٺيان،
    نيڻ ڇو ٿا وڃو، بي وڙن جي پٺيان.

    اسان جي آڱرين آهي، اڻيو تن کي وڇوڙن ۾،
    چنيءَ تي چٽ جيئن ڏينهڙا، اسان ڏي پورجي آيا.


    اشرف جو نظم سندس غزل کان به وڌيڪ سگھارو آهي. غزل ۾ سندس پيڪر تراشي بيشڪ خوبصورت آهي پر نظم ۾ سندس عڪس تراشي ڪمال جي آهي. سندس عڪس جمالياتي، چٽا ۽ من موهيندڙ آهن. ٻين جا عڪس فوٽو گراف پر هن جا عڪس چرندڙ پرندڙ آهن،ائين جيئن ڪا وڊيو هجي. هو عڪس تراشي جي ذريعي روماني ۽ راحت بخش ڪومل جذبن جي اظهار کان وٺي، رزميـه ۽ حزنيـه ڪيفيتون طاري ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿو.
    هن وٽ تشبيهون الاءِ ڪٿان ٿيون اچن، آمد جواهڙو ڪمال اڄڪلهه گھٽ ڏسڻ ۾ ٿو اچي:

    تهان پوءِ وصل جا جاڳا،
    مزارن جو اڱڻ ٿي پيا.

    ڏکاري ٻار جي کِل جهڙو،
    تصور ڳوٺ تنهنجي جو.

    هو عڪس نگاري جي ذريعي جمال طرازي سان گڏ، فڪري سوال پڻ اٿاري ٿو:

    سکا خاموش چپڙن جي،
    هينئين ۾ حل ٿيل ماڻهو،
    اکين کي روبرو گھرجي،
    سجيل تربت جي مٽي ۾،
    مري ۽ مات ٿيندڙ کان،
    حسين زنده جواني جي،
    عجب جهڙي خواهش هئي،
    عجب جهڙي...............!

    مٿيون تخيل سندس نظم ”عجيب خواهش“ جو ڪلائمڪس آهي، جيڪو بلڪل اشرف جي اندر جو آواز ٿو لڳي، صفا اشرف وانگر، نماڻو، ماٺو پر گھڻو ڪجهه پڇندڙ، خاموش للڪار وانگر، پرسڪون طوفان وانگر، گھٽيل ڳوڙهن وانگر۽ ڏکاري کِل وانگر. علامتن جي غلاف ۾ ويڙهيل هي هڪ سوال آهي ته تربتن ۽ مدفنن تي مٿو ٽيڪيندڙ حسين چهرا، خاڪ کان خوابن جي ساڀيان ڇو گھري رهيا آهن؟
    ”آدو ملاح“ سندس شاهڪار نظم آهي. هي نظم پڙهڻ مهل ائين لڳي ٿو ته ڪير دل کي مٺ ۾ نپوڙي رهيو آهي. مشرف حڪومت ۾ جڏهن سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا پئي ويا تن اسان جي شاعر کي جھوري وڌو. آدو ملاح جي سمنڊ سان گفتگو بذاتِ خود درد جو سمنڊ آهي. سڀ ڪجهه وڃائڻ جو احساس، پيرن هيٺيان زمين کسڪڻ جو احساس، پنهنجي شناخت گم ٿيڻ جو احساس، ڦرجي وڃڻ جو احساس..................

    هائو صبح کان اڳ ۾ ايندا،
    تڙ تان ڪير تڙڻ لئه مون کي،
    پوڙهاپي ۾ ماريو ويندو،
    نئون ڪو محل گھڙڻ لئه مون کي،

    دل ۾ خنجر لهندي محسوس ٿئي ٿو. هي نظم مڪمل طور علامتي ۽ هرحساس دل سنڌي جي دل جي ڪيفيت آهي. سمنڊ جيڪو روزگار جي علامت به آهي ته ماءُ پيءُ وانگر مهربان به آهي، محبتن جو منچ (locale) به آهي ته انهن جو گواهه پڻ. پکي جيڪي آزادي جي علامت آهن انهن کي مارِي پنهنجي غلامي جي ڄار ۾ جڪڙي ڇڏيندو:
    ماري ڄار اڻيو جو آهي،
    پنڇي سو ڦاسائي ويندو،
    منهنجا سڀ اٻاجھا مهاڻا،
    شهر وڏو ڳڙڪائي ويندو.

    هر سنڌي ماڻهو ڄڻ ته آدو ملاح آهي ۽ سمنڊ سنڌ آهي. وڏڙن جا هڏڙا اسان جي تاريخ ۽ ماضي آهن، انهن تان هٿ کڻڻ جي بي پناهه اذيت، اسان جي اجتماعي خوف جي علامت، ويڳاڻپ، دربدري جو خوف، ڌرتي ڌڪاڻو ٿيڻ جو انديشو، تهذيب ۽ ترقي جي نالي تي سنڌين جي وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ جو تشخص مٽائڻ جي اسڪيم کي اشرف مس سان نه پر خونِ جگر سان لکيو آهي.
    سندس نظم ”تحرير“ هڪـ قسم جو ڪيڏارو آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو ذڪرڪندي ان تاريخي حقيقت ڏانهن اشارو آهي ته سنڌ به رسمِ منصوري نڀائي آهي. حق، سچ، رواداري ۽ انسانيت لاءِ رت ڏنو آهي، ڪنڌ ڪپايو آهي ۽ شاهه عنايت جهڙا شهيد ڏنا آهن. امن پسند سنڌ جي تاريخ، سنڌ سان جبر جي تاريخ آهي:

    ان ۾ گھوڙن ٽاپولين تي،
    ڪاري ڪائي دز اڏي ٿي،
    جنهن جي پٺيان ڀاءُ مذهبي،
    ڪنهن تي ڪارا هٿ کڻن ٿا،
    نٿ ڇڄي ٿي، دانهن اُٿي ٿي،
    پر نه انهن جا هٿ ڏڪن ٿا....

    سندس نظم ”حويلي“ به هڪ درد ڪٿا آهي، انهن جي جيڪي حويلين جي آسائشن هيٺيان ڪنهن راز جيان دٻيل آهن:

    ها وڇوڙي جي قهر کان بيخبر،
    هوءَ وصل جون راحتون ڄاڻي نٿي،
    ۽ ڊسمبر ۾ ٿڌن ڳلڙن مٿان،
    آڱرين جون چاهتون ڄاڻي نٿي.

    حويلين ۾ قيد، محبتن کان وانجھيل وجود، بظاهر هر قسم جو سک چين، پر وڇوڙن جي لذتِ گريه کان نا آشنا، نه گلن جي نازڪ لمس مان ڪو حض حاصل ڪري سگھن، نه ئي وري آڪاش ۾ ٽڙيل تارن، چانڊوڪي جي ريشم، بادلن مان وسندڙ بوند بوند جي مسحورڪن مهڪ مان لطف اندوز ٿي سگهن. اشرف وٽ زندگيءَ جو جوهر عشق آهي، جيڪو لڳي ته پوءِ خار به گل آهن نه ته هر آسائش بي مزه ۽ زندگي بي ڪيف آهي.
    نظم ”روپا ماڙي“ ۾ اهو اشارو آهي ته آزادي جي قيمت ڳري آهي پر سودو مهانگو ناهي. تاريخ شاهد آهي ته آزادي جي حفاظت لاءِ تلوار۽ ڪيڏارو ٻيئي ضروري آهن. اشرف تاريخ جو گهرو شعور رکي ٿو جيڪو هر وڏي شاعر لاءِ ضروري آهي. هو سنڌ جي تاريخ جي انهن واقعن جي چونڊ ڪري ٿو جن ۾ ڌرتي ۽ سچ جي حفاظت لاءِ اسان جي وڏڙن وسان ڪونه گھٽايو. شاندار ماضي جو شعور ان لاءِ بيدار ڪبو آهي ته حال ۾ ٿڌا ٿي ويل جذبا گرمائجن ۽ ڳهر کي ڳراٽڙي پاتل قوم جا ڪن ڌونڌاڙجن. ماضي کي جيڪڏهن جذبن کي سراڻ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجي ته ٺيڪ آهي پر حال جي حقيقتن کان فرار ٿي، ان ۾ پناهه وٺڻ سنگين قومي ڏوهه آهي.
    نظم ”ايڊريس“ ۾ اشرف تخيل جي بي ڪران وسعتن جي بلندين کي ڇهيو آهي. پل پل ۾ تبديل ٿيندڙ منظر، بي رحم حقيقتن جي اداس عڪاسي آهن. ٽيشڻ جي تنهائي، اگھاڙو ٻار واٽر تي، سراءِ سامهون ڪو اويلو مسافر، نم جي ڇانوَ ۾ ويٺل مڙهو، جوان پٽڙن ۽ ڀڳل چوڙين جو ماتم، وچولو جھنگ، گمنام قبر، صحرا جي خاموشي.......هي سڀ اشرف جي ڪرشماتي تخيل، دردمند دل ۽ اندروني نظرجو ڪمال آهي. منظر نگاري کي شاعر اڪثر ڪري جمالياتي ۽ رزميه تاثر پذيري لاءِ استعمال ڪندا آهن پرهن نظم ۾ اشرف جي عڪس نگاري، ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم جو دلخراش نوحو به آهي ته ڪاري جي قبر تي صفِ ماتم پڻ. هي نظم هر صاحبِ دل کي نه صرف لرزائڻ جي طاقت رکي ٿو پر ان کي هن رسم جي مذمت ڪرڻ ۽ اندر ئي اندر ٻه ڳوڙها ڀيٽا ڏيڻ تي پڻ مجبور ڪري ٿو.
    ”پوڙهي جي نوجوان کي صلاح“ پڻ زبردست نظم آهي. جواني جوکيپ ماڻهو کي انڌو بنائي ڇڏيندو آهي، هن کي هر شئي حسين لڳندي آهي. حقيقت جي روشني هن جي بينائي کان ڏور رهي ٿي. جواني جي رومانس ۾ سڃائي به سڪندري لڳندي آهي ۽ کيس خطرن ۾ به لطف ايندو آهي. ليڪن جڏهن جواني جي وير لهندي آهي ته رعنائي ختم ٿيو وڃي. پوڙهو نوجوان کي صلاح به ڏئي پيو ليڪن لاشعوري طور تي هو پڇتاءُ جي ڪرب مان به گذري پيو.
    اشرف جي هر نظم ۾ نيون تشبيھون، انوکا استعارا، ٻولي جو تخليقي استعمال، معنويت جا تهه، علامتن جو فڪري استعمال ...... سڀ غيرمعمولي آهن. اسان وٽ ڪيترائي وڏا شاعر چوائيندڙ پنهنجي شاعري ۾ مايوس ڪندا آهن ۽ سندن سڄي شاعري پڙهڻ کان پوءِ مس وڃي ڪجهه شعر چڱا ملندا آهن پر انهن جي ابتڙ ڳولڻ سان به اشرف جي شاعري ۾ ڪو سقم ورلي ملندو. فن کان فڪر تائين، صنعت کان تخيل تائين ۽ ٻوليءَ کان لهجي تائين، هر شئي متاثر ڪندڙ آهي.
    چوندا آهن ته فن ۾ فنڪار جيترو گھٽ نظر ايندو اوترو بهتر. اشرف يقينن انهيءَ راز کان واقف آهي. هو پنهنجي شعور۽ شاعري جي وچ ۾ نٿو اچي. ڪٿي به اڇاترائي نٿو ڏيکاري. اسان جي اڪثر شاعرن وانگر، مان مان يا آئون آئون جهڙو تڇ گردان نٿو ڪري. هن جماليات جو لباس، درد جي سڳڙن سان سبي، پنهنجي انا کي ان ۾ ڍڪي ڇڏيو آهي، هن شاعريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ترجيح ڏني آهي ۽ان تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش نٿو ڪري ڇو ته هو انا جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل ڪونهي. هو ٽي ايس ايليٽ جي چوڻي تي پورو ٿو لهي ته، ”شاعري (شاعر جي) ذات جو اظهار نه پر ان کان فرار جو نالو آهي.“ انا ۽ خود پرستي شاعر ۽ قاري جي وچ ۾ فاصلا ۽ رڪاوٽون وڌائي شاعري جي ابلاغ کي سخت نقصان رسائي ٿي. ”پاڻ پرستي“ شاعر جي قد کي وڌائڻ بجاءِ ان کي گھٽائي ٿي.
    اشرف جي شاعري کي سرسري طور پڙهي اڳتي وڌڻ ڏکيو ڪم آهي. سندس حسنِ ادائگي ڏاوڻ وجھيو ڇڏي ۽ ماڻهو اک ڇنڀ ۾ تخيل جي طلسمي دنيا ۾ پهچيو وڃي. اسان جو شاعر اڃا نوعمر آهي تنهنڪري ڪارل يونگ جي چواڻي وانگر هن جي وجود جو حدون وسيع ٿي رهيون آهن. هن عمر ۾ وکرڻ، ٽٽڻ ۽ پکڙڻ سٺو لڳندو آهي ليڪن چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ نئين سر جڙڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي سميٽڻ جو شعور بيدار ٿيندو آهي. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته سندس ”ٽٽڻ“ واري دؤر جي شاعري ايتري شاندار آهي ته سندس ”جڙي راس ٿيڻ“ کان پوءِ واري شاعري يقينن ڪمال جي درجي تي پهچندي. خدا کيس حوصلو ڏئي.

    اسان جي اسان کي دعا آ اها،
    پرين تو پڄاڻان پٿر ٿي وڃون.


    اڪبر لغاري
    01-09-2011


    لفظن جي مصوري

    لفظن جي مصوري


    بي ترتيب اکر بي نانءُ ٿيندا آهن، پر جڏهن اکرن کي ترتيب ايندي آهي ته اهي ئي اکر لفظن جي شڪل وٺندا آهن ۽ پوءِ هنن کي صورت ۽ نانءُ ٻئي هوندا آهن، پر هڪڙي ٻي ڳالهـ به آهي ته بي ترتيب لفظ بي جان شين جيان ٿيندا آهن پر جڏهن انهن بي جان لفظن کي ترتيب ڏبي آهي ته لفظ جاندار ٿي پوندا آهن. پوءِ اهي جاندار لفظ ڪنهن ڪيفيت، ڪنهن احساس، ڪنهن خيال جي شڪل وٺندا آهن. اهي جاندار لفظ انهي ڪيفيت احساس ۽ خيال کي زنده ڪري ڇڏيندا آهن. ترتيب لفظن ۾ روح ڦوڪيندي آهي لفظ وري ڪيفيت احساس ۽ خيال ۾ روح ڦوڪيندا آهن لفظن جي روح ڦوڪڻ سان ڪيفيت، احساس ۽ خيال زنده ٿي پوندا آهن. لفظن جي انهي صورت جي پيرن ۾ جڏهن لئي ۽ ردم جي ڇير ٻڌبي آهي پوءِ انهي ڇير جو ڇمڪو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ۾ اها ڪيفيت شدت سان طاري ڪري اهو احساس شدت سان اڀاري ۽ اهو خيال اڃان پختو ٿئي ته اها آهي شاعري. ۽ باڪمال شاعري اها آهي جنهن جي سٽ پڙهندي ئي توهان شدت سان اهو محسوس ڪريو ته اها سٽ اوهان جي ئي حالت جي ترجماني ڪري ٿي توهان انهي سٽ جي سٽ ۾ ٻڏي ٻاهر نڪرڻ واري وس ۾ نه هجو، شاعري محسوس ڪرائڻ جو آرٽ آهي انهي ڪري ئي شاعري محبت جيئن آهي شاعري درد جيئن آهي انهي ڪري جيئن توهان محبت کي محسوس ڪريو ٿا ائين شاعري کي به محسوس ڪريو جيئن توهان درد کي محسوس ڪريو ٿا ائين شاعري کي به محسوس ڪريو،
    ڄڻ ڪو رڇ رڳن ۾ آهي
    جنهن جو پانڌ ڇڪي ٿو ڪوئي

    هاڻ جيڪڏهن توهان انهن سٽن کي پڙهندوءَ يا ٻڌندو ته توهان کي هڪڙي لمحي ائين محسوس ٿيندو ته توهان جي بدن جي بي ترتيب رڳن ۾ رت بدران رڇ جون اهي بي ترتيب ليلون واريون تارو آهن ۽ انهن جو پانڌ ڪوئي ڇڪي رهيو آهي ۽ توهان درد جي شدت مان پنهنجو پاڻ گذرندي محسوس ڪندا ۽ اهي سٽون اوهان کي محسوس ڪرائينديون، اشرف پلي جي هن ڪتاب ۾ اهڙيون بي شمار سٽون موجود آهن جيڪي محسوس ڪرائين ٿيون.انهن سٽن ۾ اها ست آهي
    ۽ هن جي شاعريءَ ۾ هڪڙي ٻي ڳالهـ به آهي يا ائين کڻي چئون ته اها ڳالهـ به هن جي شاعري جو روح آهي. جنهن سان هن جا نظم لفظن مان منظرن ۾ تبديل ٿين ٿا، پڙهجن لفظ ٿا پر خيال منظرن کي محسوس ڪري ٿو. اها لفظن جي مصوري آهي ۽ اهو ئي آرٽ آهي اها ئي لفظن جي مصوري هن کي ٻين کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. هڪڙي انگريز ڏاهي جي اهڙي مصوري لاءِ راءِ آهي ته ”تصوريت ڄاڻ کان وڌيڪ بهتر آهي“ ۽ هي انهن مان آهي جيڪي لفظن کان عقل ۽ دليل جا گهوڙا ڊوڙائڻ وارو ڪم وٺڻ جي بدران هنن کان مصوري جو ڪم وٺن ٿا
    اگهاڙو ٻار واٽر تي
    مڇيون پڪڙڻ جي مسرت سان
    صفا ٽمٽار ٿي توڏانهن
    نهاري ٿورڙو کلندو
    وري پو ڪرت پنهنجي ۾
    اهومصروف ٿي ويندو
    اهين شاعري کان مصوري وارو ڪم وٺڻ وارو آرٽ اشرف کي اچي ٿو. هن جي هن ڪتاب ۾ صبوح گوتم جو گيان ڏيندڙ بڻجي ٿو وڃي اهو گوتم جيڪو پاڻ گيان جو گونا گون دريا ۽ ڌيان جي ڌيمي ندي هو، انهي ئي گوتم جي ڀڪشوئن جو مذهبي ڪتاب ڌم پڌ به شاعريءَ ۾ آهي. ڪٿي ڪٿي اشرف جي شاعري سنسان ريلوي پليٽ فارم تي ريل جي سيٽي جو آواز بنجي وڃي ٿي ۽ هو مڙهي جي نيڻن ۾ صدين جو اتهاس ڏسي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪيترا رنگ آهن جيڪو هر پڙهندڙ کي پاڻ محسوس ڪرڻا آهن،
    هو جنهن جو اوتارو سهڻي صادق سائين جي قٻي کان چند قدمن جي فاصلي تي آهي ۽ ايتري ئي فاصلي تي وفا ۽ ڪريم پلي به آهن. ۽ هن راتين جا اوجاڳا ته روحل جي ساندن سان گڏجي به ڪٽيا آهن پر هن جي واٽ پنهنجي آهي ۽ هن جو پنڌ به پنهنجو آهي. باقي سهڻي صادق سائين جي قٻي جون ڪيفيتون اوهان کي هن جي سٽن ۾ ساهه کڻنديون ڪٿي به ڪونه محسوس ٿينديون، نه ئي ڪريم جي ڪافي جو رنگ آهي.
    هي هن جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي ۽ پيار جو پنڌ ته اکين سان ئي ڪرڻو آهي پوءِ انهي پنڌ ۾ هڪڙي وک به وڏي معنيٰ آهي، هن جي هي پهرين وک آهي ۽ اهو به پيار مان کنيل وک، پاڻ جي پنهنجي منهن ويهي ماٺ واندڪائي ۽ اڪيلائي ساڻ ڪري سچي دل سان هن جي خيال جي خيمي ۾ داخل ٿينداسين ۽ ڪيفيتن احساسن ۽ محسوسات جي مئي ڏوڪينداسين ته اکيون منظرن جا مزا ضرور ماڻينديون باقي اڃان پنڌ گهڻو آهي ۽ واٽ تي ويساهين به کائڻي ڪونهي.


    خالد ڪنڀار
    نهٽو مهراڻو ٿر


    دل جي ڳالهه

    دل جي ڳالهه

    آئون بنيادي طور تي هڪ ڳوٺاڻو آهيان، ان ڪري ڳوٺاڻي فطرت منهنجي مزاجن تي پوري ريت ڇانيل رهي آهي، مون ڳوٺن جا اگھور ننڊ ستل ٻالڪ جھڙا اثر ڏٺا آهن جن ۾ باک جي ڦڻي ڌرتي جي ڳوري چهري تان اوندھ جا ڪارا ذلف هٽائيندي آهي ۽ پوءِ اُهي منظر منهنجي شاعري ۾ بنا ڪنهن مبالغه آرائين جي لهي آيا آهن.
    هن ڀون جي ڳوري چهري تان
    اوندھ هٽائي باک ڦڻي
    تون ڳاءِ کڻي...........
    ڳوٺ، جن ۾ ٽالهين جي وڏن وڻن تان پکي ”لڪڙي جل بني ڪوئلا“ جھڙيون سوڳ ڀريون لاتيون ٿا لنون ۽ توريئي جي کيتن مان ڌرتي نـوَ ورني ٿي ڀاسي، انهن ڳوٺن جي خاموش سانجھين ۾ مون پنهنجي شاعريءَ جا ڪردار ڳولي لڌا آهن. سياري جي سرد راتين ۾ مچ تي هٿ سيڪيندڙ جھونا ڪردار، جيڪي پنهنجي عمر جا عشق ٻڌائيندي زمان ۽ مڪان جون سرحدون لتاڙي ٿا وڃن. جيڪي جواني کي ڪاري رات ۽ پيريءَ کي اڇو ڏينهن چئي پڇتاءُ جو احساس اڀارڻ چاهيندا آهن پر بيخودي مان ”ڪاري رات“ جي لذتن تي ڳالهائيندا رهندا آهن ۽ اهي ڪردار جن جي سينن ۾ بغاوت جي باھ ڀڙڪا ٿي کائي ۽ ڌرتي جو عشق محوِ رقص آهي.
    مون وٽ منهنجي شاعريءَ لاءِ ڪا به واضح جسٽيفڪيشن ناهي، آئون بس لکندو رهيو آهيان بنان ساهي جي ۽ بنان فل اسٽاپ جي، پر ايترو ضرور چوندس ته شيخ اياز کي سنڌي شاعرن کان جيڪا شڪايت هئي ته اهي مطالعو نٿا ڪن، مون ڌرتيءَ جي ان قدآور تخليقار جي انهي شڪايت کي دور ڪندي هي سئو سوا شعر لکڻ لاءِ ان کان ڏهوڻا ڪتاب پڙهيا آهن، ان باوجود به منهنجي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪا فڪري اڻاٺ يا مطالعاتي مشاهداتي کوٽ رهجي ويئي آهي ته اها منهنجي ڪم عقلي چئبي، مون کي ياد ٿو اچي ته شروع ۾ مون وٽ لکڻ لاءِ ڪو واضح سبب موجود نه هو سواءِ ”هن“ جي، جيڪا مون کي بي سبب گھڻو وڻندي هئي، پر هاڻ مون کي تخليقي طور متحرڪ رکڻ لاءِ سنڌ جون حالتون، لطيف جي شاعري ۽ روحل واءِ جو ادبي ماحول واضح سبب آهن.
    منهنجي شاعري مون کي وڻ جي گھاٽي ڇانو جھڙن ماڻهن سان ملايو آهي، ماما جمن، سردار شاھ، اڪبر لغاري ۽ مير حسن آريسر منهنجا اهي محسن آهن، جن کان مون گھڻو ڪجهه سکيو آهي، انهن جي شفقت ۽ محبت مون کي هميشه لکڻ لاءِ اتساهيو آهي، ان کان سوا شاعري مون کي کوڙ سارا دوست ڏنا آهن، جن جا نالا لکان ته هوند ڪيترائي صفحا والارجي وڃن پر ها انور ساند جو نالو لکڻ ان ڪري به ضروري ٿو سمجھان جو هو مقبول هاليپوٽو ۽ قمر راڄڙ غمِ جانان کان غمِ دوران تائين منهنجي پاڇي جيان مون سان گڏ رهيا آهن.
    منهنجي هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ڪيئي اوڻايون به ٿي سگھن ٿيون پر ان باوجود هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچائيندي آئون تمام گھڻي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. آخر ۾ آئون روايتن اهو لکڻ نٿو چاهيان ته فلاڻا فلاڻا دوست مون سان گڏ نه هجن ها ته آئون هي ڪتاب ڇپائي نه سگھان ها، ها پر اهو سچ آهي ته منهنجي ڀاءُ اڪبر پلي، پرويز ۽ ڀليڏنو ساند جو ڀرپور سهڪار نه هجي ها ۽ منهنجو استاد سائين مير مجاهد اگر ٽائيم نه ڏي ها ته آئون هي ڪتاب سولائي سان نه ڇپائي سگھان ها.
    ساٿ سلامت
    اشرف پلي
    عمرڪوٽ
    cell: 0346-6956636


    حمد

    من اندر ۾ تون ئي تون
    دل جي گھر ۾ تون ئي تون

    رات ڦڳڻ جي تارا تارا
    چنڊ سندر ۾ تون ئي تون

    ڪينجھر تولئه آرس موڙي
    ڪجلاسر ۾ تون ئي تون

    بوندون بوندون تنهنجون مرڪون
    اُڀ ڪڪر ۾ تون ئي تون

    تو بن منهنجا شعر اڌورا
    هر ڪنهن شعر ۾ تون ئي تون


    غزل

    اڄ به ڊوڙي پـيـو منـهـنجو بچپـن سکي

    اڄ به ڊوڙي پـيـو منـهـنجو بچپـن سکي
    واءُ، خوشـبـو، ڪـليـن، پـوپـٽـن جي پٺيان


    عشق ۽ انجام ساريندي رهي

    عشق ۽ انجام ساريندي رهي
    دل چپن جا جام ساريندي رهي

    تنهنجي نيڻن مان پيئڻ جو مون سکيو
    مئڪدي جي شام ساريندي رهي

    بارشن جي مند جھڙي ڳوٺ ۾
    ڪائي سيتا رام ساريندي رهي

    بيوفائي جو جھليو دامن اوهان
    هوءَ ته هر الزام ساريندي رهي

    تو ڪويتا جا سنيها ٿي مُڪا
    سنڌ، تو کي شيام ساريندي رهي

    شهر جي هن شور ۾ ڪا ڇوڪري
    ڳوٺ جو آرام ساريندي رهي

    رات ڀر پاسا ورائي چاندني
    شخص ڪو گمنام ساريندي رهي

    تون نه آئين هوءَ لکي ”اشرف پلي“
    هٿ تري تي نام ساريندي رهي


    وري ڪجهه يادگيرين جا سٿا ساکورجي آيا

    وري ڪجهه يادگيرين جا سٿا ساکورجي آيا
    پتنگا نيڻ ٿي پنهنجا شمع تان گھورجي آيا

    اسان جي آڱرين آهي اُڻيو تن کي وڇوڙن ۾
    چُنيءَ تي چٽ جيئن ڏينهڙا اسان ڏي پورجي آيا

    اسان سمجھيو تڏهن جانان کُليا هِن ڪلپ سڀ تنهنجا
    اکين جي اُڀ تي تارا جڏهن گھنگھورجي آيا

    نڪا هئي سئي، نڪو ساکو، نه ئي تو ساڻ ڪو ناتو
    ڀلا پو ڇو سڳا دل جا اوهان ڏي سورجي آيا

    رکيو ڪنهن يار اکڙين ۾، دريا جو آر اکڙين ۾
    تڏهن ئي خواب جا خيما هُتان کان جھورجي آيا

    وڇوڙن جون سڀئي گرميون اسان برسات جيئن ڀانيون
    سڀيئي غم جڏهن جانان اوهان سان اورجي آيا


    ڇنڊيندو ڇڙيندو رهيو وقت توکي

    ڇنڊيندو ڇڙيندو رهيو وقت توکي
    نئين سر اڏيندو رهيو وقت توکي

    اي مومل! ڀلا منڊ ڪهڙو منڊيئي
    صدين کان سليندو رهيو وقت توکي

    چليو من ٿي آتڻ ۾ چرخي جيان
    ڪپهه جيئن ڪتيندو رهيو وقت توکي

    تتل اُس جھڙي زماني ۾ مون تان
    جُھلن جيئن جَھليندو رهيو وقت توکي

    تون آئين عبادت ۾ ايندڙ خلل جيئن
    ٿي ”لاحُل“ ڌڪيندو رهيو وقت توکي

    خفن روز دل جي ٿي ميٽي پَــٽي پر
    چٽن جيئن چٽيندو رهيو وقت توکي

    نهائين نه نينهن جي مليئي مهل تي
    گھڙي جيئن گھڙيندو رهيو وقت توکي


    رات، برسات ۽ ٻيو تنهائي الا

    رات، برسات ۽ ٻيو تنهائي الا
    ڪوئي جاڳي ٿو، ڪا ياد آئي الا

    ڪنهنجي وارن جون راتيون ۽ رخ جا صبوح
    سي وسارڻ جي ڪوشش اجائي الا

    هن جي جوٽن تي جاڳڻ جو سپنو کڻي
    رات جاڳي آ اڄ ڀي کُٽائي الا

    ياد دل جي هٿن ۾ سڪي جيئن هئي
    پر نه دل سا وڃائي، کپائي الا

    ڳچ الزام، طعنا، اڌورا نظم،
    پوري جيون جي هي آ ڪمائي الا

    هن اُڃاري هينئين ڪا ڪڻي پيار جي
    ها نه پائي، نه پائي، نه پائي الا

    هو جو اشرف وڃي ٿو انهي ڳوٺ ڏي
    اڄ به ايندو نئين چوٽ کائي الا


    هي چهرا سج ڪني جھڙا حسن جي انتها آهي

    هي چهرا سج ڪني جھڙا حسن جي انتها آهي
    ڳلي رولاڪ پيرن جي سراپا دلربا آهي

    تنهائي جي وهاڻي تي رکي مان ڪنڌ ڳوليان پيو
    حسين خوابن جي ميلي ۾ وڃايو مون خدا آهي

    لوهارڻ جو ڀڳل بولو لڳي پيو چنڊ ٽيشن تان
    ۽ وڄندڙ ”آرگن“ ۾ ڄڻ يسوع تنهنجي صدا آهي

    ڀنڀوليا ڀونئر پي آيا ڀڳا موتيي جي مکڙين تي
    چيو هُن چيٽ ۾ واهڻ مصر جي اپسرا آهي

    ”قلعي جا برج لوڏڻ جي انهي ۾ سگهه ساڳي آ“
    ڀلي هي گيت پوپٽ جي پرن جي ماجرا آهي

    اکين آسيس ڇا ماڻي هينئين کي راحتون ڪهڙيون
    اٺين پن ڇڻ وهاڻي آ، اسان کان هو جدا آهي


    رنگ ميٽي ڇڏيئي دل جي افلاڪ جا

    رنگ ميٽي ڇڏيئي دل جي افلاڪ جا
    پوءِ در هئا کُليا دردِ ادراڪ جا

    تنهنجي ويڙهي مان ويندي اسان جانِ جان
    چند قصا کنيا حسنِ اخلاق جا

    هي جو تجلو ٿيو چئو ته کنوڻيون کِجيون
    يا ته چوڙا چُريا منهنجي حسناڪ جا

    مون کي آخر ته وکري هو وڃڻو پرين
    محل مون ٿي اڏيا سمنڊ ۾ خاڪ جا

    تو پڄاڻان ڏٺم ڳوٺ ويران هو
    ڇا ته پهرين هيا رنگ هن ڪاڪ جا

    تون نه آئين مگر عمر ڀر او پرين
    در کُليا ئي رهيا دل جي اوطاق جا


    ڏينهن به تنهن کي ڏنگ هڻي ٿو

    ڏينهن به تنهن کي ڏنگ هڻي ٿو
    رات به ڪهڙي ڪام ڪکي جي

    هلڪا هلڪا سُر پکين جا
    ڌيمي ڌيمي وهڪ ندي جي

    ڪالهه به منهنجي ڀر ڏئي گذريا
    گيت هوا جا دز مٽي جي

    اُڀ ڪپي تي پنڌ آڳاهون
    ساروڻين ۾ سينڌ سکي جي

    پاڻي جي ڪا سرحد ڪونهي
    ٿيندي ناهي واٽ پکي جي

    هونئن ته هن کي ديس به آهي
    پوءِ به ملاح کي ميخ مڇي جي


    يادگيريون ڇڏي چنگ چڙن جون پٺيان

    يادگيريون ڇڏي چنگ چڙن جون پٺيان
    نيڻ ڇو ٿا وڃو بي وڙن جي پٺيان

    جام جي شام هئي نانءُ ڪنهن جي ڀلا
    ڪير پياسا ستا مئڪدن جي پٺيان

    مان به تنهنجي مٿان ايئن مرندو رهيس
    جيئن پوپٽ مئا خوشبوئن جي پٺيان

    پياس ڀلجي ويا هوءَ اڃارا هرڻ
    تير ماري تڪيو جو وڻن جي پٺيان

    ڳوٺ جي ڳهر کي شور ٽوڙي ڇڏيو
    ڪو چريو هو لڳل ٻارڙن جي پٺيان

    اڄ به ڊوڙي پيو منهنجو بچپن سکي
    واءُ، خوشبو، ڪلين، پوپٽن جي پٺيان

    کوڙ يادون کڻي مون ڏٺو ريل مان
    سج لٿو پي تڏهن ڳوٺڙن جي پٺيان


    ڪو راڄ ڪري مون ۾

    ڪو راڄ ڪري مون ۾
    ٿو رنگ ڀري مون ۾

    جيئن باھ ڪپهه جي آ
    ائين عشق ٻري مون ۾

    تون آءُ هلي ڍوليا
    ڪو واءُ وري مون ۾

    زخمن جي جزيري سان
    ٿو درد پري مون ۾

    پيو حال پڇي مون کان
    ڪو مڱ ڏري مون ۾

    هُن ۾ ٿو ٻُڏان آئون
    هُو شخص تري مون ۾

    اي چنڊ! پئو اُڀري
    پئي رات ٺري مون ۾.


    زندگي لهندڙ ڪو پاڇو ٿي وئي

    زندگي لهندڙ ڪو پاڇو ٿي وئي
    تون وئين هي دل ته لاشو ٿي وئي

    ڪنهن جواني جا جو اُپٽيا مٽ مون
    هر گھڙي خوشبو جو واسو ٿي وئي

    دل ته ڪنهن جوڳي جي گبري جيئن هئي
    چار داڻن لئه تماشو ٿي وئي

    ولهه ۾ وارن کي ناهي ويڙهبو
    ايتري اڻڄاڻ هوءَ ڇو ٿي وئي

    مون تصور ۾ رکي توکي، ڏٺو،
    هر ڏسا تنهنجو ئي پاسو ٿي وئي.


    کلندي ڌاڳا سوريا آهن

    کلندي ڌاڳا سوريا آهن
    خواب چني تي پوريا آهن

    ويل ڀني جي تنهنجا ڳل
    ڏاڙهون ڄڻ ته ڪڪوريا آهن

    تنهنجي خوشبو ڌار نه ٿئي ٿي
    ڏيهه سمورا ڏوريا آهن

    توکان پوءِ اکين ۾ منهنجي
    موريسر ڄڻ موريا آهن

    آوي جيئن بڻياسين ”مرشد“
    حال نه ڪنهن سان اوريا آهن


    هيڪلي ناوَ نوري جي هئي ڇر مٿان

    هيڪلي ناوَ نوري جي هئي ڇر مٿان
    چنڊ کي منڊ هو رات ڪينجھر مٿان

    ايئن دودي جي تلوار هوندي هئي
    ٻانهن تو آ رکي جيئن گاگھر مٿان

    رات پنهنجي اکين خوب پيتو پرين
    زهر هاريو هيو تو جو ڪاڳر مٿان

    تنهنجي آمد تي دلڪش صُبح ٿو کلي
    گل اُڇلي پيو اڄ ته امبر مٿان


    انب لامون، صحن ۽ چري ڇوڪري

    انب لامون، صحن ۽ چري ڇوڪري
    ياد آئي اُها اڄ وري ڇوڪري

    ڀنيءَ ويل واهڻ کٿوري ٿيو
    ڇٽي خوشبوئن جي ڀري ڇوڪري

    ڪڏهن هوءَ ٽپهري بڻي جون جي
    ڪڏهن برف وانگر ڳري ڇوڪري

    جڏهن جنڊ ڦيريو وڇوڙي جو ويو
    تڏهن اَن وانگر ڏري ڇوڪري

    لکين چنڊ گج جي ٽڪن ۾ رکي
    انڌيرن ۾ رهي ٿي ٿري ڇوڪري


    جڳ سمورو جوڳي ناهي، پنبڻ پوڙها سوچيندا

    جڳ سمورو جوڳي ناهي، پنبڻ پوڙها سوچيندا
    اک مان نڪرڻ کان اڳ هاڻي پنهنجا ڳوڙها سوچيندا

    توڙي جر تي ڏيئا آهن ها پر تنهنجا ليئا ناهن
    پُور پتڻ جو ساڳيو ناهي ساحل هوڙها سوچيندا

    سانجھي ويلي بڙ تي پنڇي، اڄ نه آهن، ڪالهه هيا
    هاءِ وڇوڙا توتي روئي وڇڙيل جوڙا سوچيندا

    هي به ته ڪنهنجي ڪونج ڳچي جو هار هيا سينگار هيا
    چچريل گل جون ڪليون ميڙي هٿ _ مروڙا سوچيندا

    چانڊوڪي جي چادر اوڍي چنڊ نه ايندين ڇا ٿي پيو
    هاڻ نه تولئه ويڙهي جا هي رستا سوڙها سوچيندا


    يادن جي وڇاڻي تي ڪو چنڊ ستو آهي

    يادن جي وڇاڻي تي ڪو چنڊ ستو آهي
    ڪنهن خواب پراڻي تي ڪو چنڊ ستو آهي

    جلاد جي اک مان ڀي هڪ لڙڪ پيو ٽپڪي
    خاموش جو گھاڻي تي ڪو چنڊ ستو آهي

    يادن جي اڃي موسم، بچپن ٿو رلي جنهن ۾
    هُن ڳوٺ اباڻي تي ڪو چنڊ ستو آهي

    اي ساھ هليو وڃ تون چُرپُر نه ٿئي ڪائي
    ٻانهن جي وهاڻي تي ڪو چنڊ ستو آهي


    هن موت جي مام کان اڳتي

    هن موت جي مام کان اڳتي
    ڇاهي عمرِ تمام کان اڳتي؟

    زندگي ڪيتري سڃي هوندي!
    تنهنجي يادن جي شام کان اڳتي

    ترڪِ دنيا جون خواهشون جاڳيون
    عشق تنهنجي اڏام کان اڳتي

    ڪجهه نه منهنجي قلم لکيو آهي
    پنهنجي محبوبِ نام کان اڳتي

    جام و مئه جون نه لذتون آهن
    تنهنجي نيڻن جي جام کان اڳتي

    عشقِ بنواس ۾ خدا ڄاڻي
    پنهنجو نالو آ رام کان اڳتي


    ٿيا خواب گھاڻا، پٿر ٿي وڃون

    ٿيا خواب گھاڻا، پٿر ٿي وڃون
    هلي آ او راڻا، پٿر ٿي وڃون

    اسان جي اسان کي دعا آ اها
    پرين تو پڄاڻان، پٿر ٿي وڃون

    وساري اکيون ۽ وساري اهي
    سڀئي گس پراڻا، پٿر ٿي وڃون

    جدا ناز نوري جا ٿين تهان اڳي
    چڱو آ مهاڻا، پٿر ٿي وڃون

    اڙي چيٽ تنهنجي سڙي ٻيٽ ۾
    سڀئي سنگ وڪاڻا، پٿر ٿي وڃون


    ستارا، ڪهڪشائون ۽ ڪتين جي ماٺ سوچي ٿي

    ستارا، ڪهڪشائون ۽ ڪتين جي ماٺ سوچي ٿي
    ”ڪٿي ڀڳوان تون آهين“ ڪندي هُو پاٺ سوچي ٿي

    نه ٿيو جي ڀرجھلو ڪوئي، ٿڪي ويندس اجھامي مان
    پرھ ڪيڏي پري آهي، ڏيئي جي لاٽ سوچي ٿي

    چميو ٿي جن عقيدت سان، هجان ڄڻ ڪو مقدس مان
    ويا اڄ چپ سي ڪاڏي، سندم لِلاٽ سوچي ٿي

    ها ٿيندي سنڌ ڪا ڇاتي، حياتي رقص ۾ هوندي
    وصل جي مند ڳهريل تي، سکي اڳواٽ سوچي ٿي

    بتن ۾ حرڪتون اينديون، هوا کي ناز ٿي پوندو
    جڏهن هوءَ مرڪندي ايندي، مندر جي واٽ سوچي ٿي


    سکي جي شهر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا

    سکي جي شهر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا
    لڳو ڄڻ امبر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا

    اُٿي چنڊ آرس ڀڳو پي پرين
    ڪتين جي ته ڪر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا

    تماچي سندو محل اوندھ هيو
    ۽ نوري جي گھر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا

    ڀٽائي اُهي قوم تنهنجي جا هئا
    جنين جي پگھر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا

    الا رات نردئي هئي طوفان جي
    پراڻي مندر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا

    گلابي بدن پي ندي ۾ جھليو
    لڳو ڄڻ ته ڇَر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا

    لڙي رات خيمي ۾ جانچيو اسان
    ڏيئي جي ته ڀر ۾ ڏيئا ٿي ٻريا


    محبت خدائي تي ڇانئي رهي

    محبت خدائي تي ڇانئي رهي
    سدا سنڌ رهي ۽ ڀٽائي رهي

    سدا تون اکين جي گھرن ۾ کِلين
    سدا ڳوٺ تنهنجو سُهائي رهي

    سهاڳڻ تي جيئن ٿي رهي ٻانڌڻي
    ائين شال توتي خدائي رهي

    ڀلي چنڊ ان تي ڪري راندڙيون
    ستارن جي چادر وڇائي رهي

    تڙن تان نگاهون تڙيو غير جون
    پتڻ تي نه ڪا اک پرائي رهي

    ائين عشق تنهنجو اسان ۾ رهيو
    ڊٺل گھر ۾ جيئن ٿي تنهائي رهي

    مِلون ۽ سڄو موھ وڃائي ڇڏيون
    انهي کان چڱو آ جدائي رهي


    دل جڏهن ڀي سکي مسڪرائي هئي

    دل جڏهن ڀي سکي مسڪرائي هئي
    ڪا قضا بي چئي مون ڏي آئي هئي

    نيڻ ٻوٽي به تو هٿ مون تي رکيو
    عشق تنهنجي جي هي انتها ئي هئي

    رات تارن کڙي داد ويٺي ڏنو
    ڇا چُني واءُ ۾ تو اڏائي هئي

    روز احساس جا جام مون ۾ ڇُليا
    ڪيئن چئجي ته هي ڪا جدائي هئي

    مون اوهان جون اکيون ياد ڏاڍيون ڪيون
    ها جڏهن ڳوٺ تي ماڪ ڇانئي هئي

    ڪيئن ڳراٽي وجھي دوستن هو چيو
    تنهنجي هوندي به هوءَ اڄ پرائي هئي


    چنڊ بنجي رهين شهر سنسان تي

    چنڊ بنجي رهين شهر سنسان تي
    هاڻ ولهار ٿي ڳوٺ ويران تي

    تو پئي پوڄيو پٿر ۽ مون انسان کي
    شڪ پو ڀي ڪيئي منهنجي ايمان تي

    رات مون کي ٻڌا آهي ڪنهن جي چتا؟
    چنڊ جنهن لئه کڙو آهي شمشان تي

    تو سوا شام جو جام اٽڪيو پوي
    شال موٽي اچين جام جي جھان تي

    دل جا قاتل ٻڌا ڪالهه ڪنهن کي ڪُٺئي
    اڄ اٿئي آهيڙي ڪير نيشان تي؟


    اوهان سان ئي منهنجي سڃاڻپ هئي

    اوهان سان ئي منهنجي سڃاڻپ هئي
    اها ئي ته دل جي اياڻپ هئي

    وٺي گود ٿڦڪيون ڏنيون تو مگر
    اکين کي سمهڻ جي نه عادت هئي

    ڀنا نيڻ ۽ چپ مُرڪڻ لڳا
    عجب زندگي سان محبت هئي

    وهاڻي مان وارن جي خوشبو ملي
    وصل جي اها ئي وضاحت هئي

    پتڻ جيئن ڪيا پُور ساجن مگر
    اسان ۾ ٻڏڻ جي نه همٿ هئي

    رڳو چڙ مُلان کان ٿي آئي گھڻي
    نه مسجد سان ڪائي بغاوت هئي


    رات کي قهر جو نشو آهي

    رات کي قهر جو نشو آهي
    ڇا ته هن شهر جو نشو آهي

    مان وڃان ٿو ديوداسي لئه
    يا ته مندر جو نشو آهي

    پاڻ لاءِ حرام ناهي هي
    يار جي شهر جو نشو آهي

    پاڻ دنيا کي جو وساريون پيا
    هُن جي ڀاڪر جو نشو آهي


    پاڻ گدري مثل وقت ڪاتي جيان

    پاڻ گدري مثل وقت ڪاتي جيان
    درد دل ۾ رهيو گھر جي ڀاتي جيان

    تنهنجي ساهن سندي مئڪشي مون ڪئي
    ڇانئجي تون وئين مڌ ماتي جيان

    زهر ٿينديون ويون اڄ به چانڊوڪيون
    اڄ به دل کي وڍيو تانگهه ڪاتي جيان

    تنهنجي آنچل ۾ ٿئي ننڊ رولي وريا
    نيڻ پاگل هيا دل اڄاتي جيان

    ڪيترين ئي صدين نيڻ ٻوٽي ڇڏيا
    درد پر آ اُڀو تنهنجي ڇاتي جيان


    تو جو وار سُڪايا آهن

    تو جو وار سُڪايا آهن
    ڪيڏا پوپٽ آيا آهن

    هر ڪا چوٽي چندن واسي
    خوشبوءَ کيت سجايا آهن

    سنڌو جھڙا نيڻ کڻي تو
    ڪيڏا گھاتو گھايا آهن

    تنهنجا ٻانهن_هار اسان لئه
    سڀ کان اوچي مايا آهن

    ڏيئا ڏيئا واٽون ٿي پيون
    تو جو نيڻ وڇايا آهن

    هرڪا ڇيل ڇٻيلي ڳائي
    ڪاٿي گيت اجايا آهن


    نيڻ تفسيرون لکن ٿا عشق جون

    نيڻ تفسيرون لکن ٿا عشق جون
    هانوَ ڪاغذ ڪوئي ڪورو ٿو لڳي

    هُن جو آنچل پيو جھُلي نوري مٿان
    تنهن سمي ڪينجھر هندورو ٿو لڳي

    عاشقي جي ريت ڪجهه اهڙي ئي آ
    سر ڪپائڻ ڀي ته ٿورو ٿو لڳي

    جو بتن کي اپسرائون پيو چوي
    ڪيترو سو شخص ڀورو ٿو لڳي

    اي چريون چانڊوڪيون چئجو وڃي
    تو سوا ”اشرف“ ته ڇورو ٿو لڳي


    ائين ٿيو هو پيار سان ٻکجي وڃڻ

    ائين ٿيو هو پيار سان ٻکجي وڃڻ
    ول جو جيئن ٽار سان ٻکجي وڃڻ

    بارشن جي مند ڀيليو هو ڪڏهن
    درد ڏي ٿو سار سان ٻکجي وڃڻ

    اوچتو وکري وڃڻ جو هو سبب
    گل کان پو خار سان ٻکجي وڃڻ

    باک ويلي ڍنڍ تي آيو تمر
    آ تنبوري تار سان ٻکجي وڃڻ

    بي پناھ ڪنهن پيار جو احساس هو
    تنهنجو جھونا ٻار سان ٻکجي وڃڻ

    ننڊ لئه ۽ چين لئه گولي بڻيو
    رات جو ڪنهن سار سان ٻکجي وڃڻ

    مشغلو ”اشرف“ جو آ مقتل چيو
    هر خنجر جي ڌار سان ٻکجي وڃڻ


    اُڀ جيئن جيئن اُهاءُ ٿيندو ويو

    اُڀ جيئن جيئن اُهاءُ ٿيندو ويو
    تنهنجي اکڙين سان سرچاءُ ٿيندو ويو

    تيز طوفان پنڇين جا پر ٿي پٽيا
    وڻ جو پن پن ٿي پڙلاءُ ٿيندو ويو

    منهنجي ڪمري ۾ خوشبو هئي تنهنجي ٽڪيل
    ڪوئي ان کان ٿي آگاھ ٿيندو ويو

    مينهن ڌرتي تي قدمن جي آهٽ لڳو
    جسم سارو ٿي ڄڻ ٽاھ ٿيندو ويو

    تون جڏهن سچ وانگي ڪڙي ٿي وئين
    روح عيسيٰ جي ساڃاھ ٿيندو ويو

    تنهنجو نالو وٺڻ کان اڳي پيس سمهي
    مون کان ڪيڏو نه گناھ ٿيندو ويو


    کوهن جا ڏول خوشبو، گاگھر کي گھير تنهنجا

    کوهن جا ڏول خوشبو، گاگھر کي گھير تنهنجا
    وڻ وڻ ۾ واس تنهنجو، وڻ وڻ سان وير تنهنجا

    تون جا ڏيئي ڏيئي سان، هر ڪنهن دري دُکين ٿي
    ڇو لڱ پو وساڻا، سنجھا جي وير تنهنجا

    تنهنجي قدم قدم ۾، موسم جي بي نيازي
    ڀٽ ڀٽ تي ڀال آهن، ساوڻ ۾ سير تنهنجا

    اي عمر! توکي منهنجي، يادن ڇڏيو آ جيتي
    تڙ تڙ جي پيچرن تي، ليڪيا مون پير تنهنجا


    رات لڙي جو جيئن ٺري ٿي چانڊوڪي

    رات لڙي جو جيئن ٺري ٿي چانڊوڪي
    مون ۾ ڪيڏو زهر ڀري ٿي چانڊوڪي

    آسي پاسي وڻ هوا سان هم آغوش
    آسي پاسي رقص ڪري ٿي چانڊوڪي

    مون ۾ ڪنهن جي سار اُڻي ٿو پيلو چنڊ
    مون ۾ ڪنهن لئه روڳ ڪري ٿي چانڊوڪي

    عمر خيام هليو ويو آهي جنت ڏي
    ٻيهر ڪنهن لئه جام ڀري ٿي چانڊوڪي

    تنهنجي وارن منجهه پوي ٿي وچڙي رات
    تنهنجي انگ انگ منجهه ٻري ٿي چانڊوڪي

    آئون اندر جي اونداهي سان ڳالهايان
    مون کان ٿورو هاڻ پري ٿي چانڊوڪي


    گلن جي وڇاڻي، ستو ڪير هو؟

    گلن جي وڇاڻي، ستو ڪير هو؟
    ڀنل باک ٽاڻي، ستو ڪير هو؟

    الا رات مومل سندي ڀاڪرين
    نهاريو ٿي راڻي، ستو ڪير هو؟

    ٽِڪن ۾ لکين چنڊ جرڪيا پئي
    رلي اهڙي تاڻي ستو ڪير هو؟

    نمي چنڊ جنهن کي نهاري ويو
    نٿو ڪو به ڄاڻي ستو ڪير هو؟


    نظم/آزاد نظم

    ٻٻر جي ڏار تي رهجي

    ٻٻر جي ڏار تي رهجي
    ويل ڪا ڪوڪ ڪويل جي
    اڌورو چنڊ آسڻ تي
    ٿڌي جھنڪار پايل جي
    اسر، ڄڻ ننڊ ۾ ٻالڪ
    صُبح، ڄڻ گيان گوتم جو
    مـڙهِن ٿيون ڇوڪريون کل سان
    انديشو روز آگم جو


    ميار

    ميار

    منهنجي ڀاڪر کي ڇڏي
    جو پري آهين رهي
    ٿي ڀني جي ويل چئي
    تون اها ناهين رهي
    جنهن جي نيڻن ۾ اچي
    التجائون ٿي ٻڏُيون
    جنهن ۾ منهنجي عشق جون
    انتهائون ٿي ٻُڏيون
    جنهن جي آڱرين جي ڦڻي
    منهنجي وارن ۾ گهمي
    مون ڪٽيون ٿي راتڙيون
    جنهن جي جوٽن تي سمهي
    جنهن جي چپڙن جا صبح
    منهنجي چهري تي ڦٽا
    جنهن جي چاهت جا سڀئي
    دڳ مون تي ٿي کُٽا
    جا ڪڪر جي روپ ۾
    روح ٿر_ تي ٿي وُٺي
    جنهن جي وارن جي گهٽا
    ڇانو منهنجي لئه بڻي
    جنهن کي منهنجون ٻانهون هي
    ڪائناتون ٿي لڳيون
    هاڻ او منهنجي سکي
    تون اُها ناهين رهي
    تون اُها ناهين رهي


    آئون جا نينهن ڪکي

    آئون جا نينهن ڪکي


    آرس هرڪو انگ ڀڃي ٿو
    ايڏي موھ مَکي آهيان
    مون کي ننڊ نه ايندي آهي
    آئون جا نينهن ڪکي آهيان

    مون ۾ راتين راڳ ڪيو آ
    تارن جو تنبور کڻي
    آئي ڀيڄ ڀني جي ويلا
    مون لئه تنهنجي گھُور کڻي
    سهيڙي روپ جواني جا
    رنگن منجهه رکي آهيان
    آئون جا نينهن ڪکي آهيان

    منهنجو ساھ سُرن جيئن آهي
    تنهنجو پيار گويو ڄڻ
    آئون ڪا اُڃ انڌي هرڻي
    تون ته ترائي جو ڪو وڻ
    تون ڪو گيت فضائن جو
    آئون ڄڻ ته پکي آهيان
    آئون جا نينهن ڪکي آهيان

    تنهنجي ياد هينئين جي ٿر لئه
    ڄڻ ڪا مينهن ڪڻي آهي
    مور مري ويا خوابن جا، تو
    لاتي دير گھڻي آهي
    توسان اڄ به تصور منجهه
    وَرَ وَرَ آئون ٻکي آهيان
    آئون جا نينهن ڪکي آهيان

    منهنجا ڪن ڪنائين ٿا
    تنهنجون ڳالهيون او هر جائي
    چوءواتين جي وات چڙهي وئي
    منهنجي هيءُ اڪيلائي
    لوڪ لُڻي ٿو لابارن جيئن
    تنهنجي پوءِ به سکي آهيان
    آئون جا نينهن ڪکي آهيان


    تصور

    تصور


    ڏکاري ٻار جي کِل جھڙو
    تصور ڳوٺ تنهنجي جو

    ٻٻر جي ڏار تي رهجي
    ويل ڪا ڪوڪ ڪويل جي
    اڌورو چنڊ آسڻ تي
    ٿڌي جھنڪار پايل جي
    اسر، ڄڻ ننڊ ۾ ٻالڪ
    صُبح، ڄڻ گيان گوتم جو
    مـڙهِن ٿيون ڇوڪريون کل سان
    انديشو روز آگم جو
    ٻٻر جا ڦل جيئن پيلا
    نڪن ۾ نڪ ڦليون اهڙيون
    اڇا گل ڄڻ ته گجرن جا
    هي جھومڪ واليون اهڙيون
    سراپا چيٽ ڄڻ آهي
    بدن محبوب جوانين جو
    تصور ڳوٺ تنهنجي جو
    اهو ڀي هڪ حصو آهي
    اونداهي، جسم جو ٽڪرا
    حراسيل دانهن کان پوءِ
    قٻي جي گنبذن ۾ ڄڻ
    ڪبوتر ڦڙڦڙايو هو
    جسم هو ڪپهه جي پوڻي
    مٿان آتش جو سايو هو
    تهان پو وصل جا جاڳا
    مزارن جو اڱڻ ٿي پيا
    خدائي تنهنجي چادر ٿي
    ستارا يار ڄڻ ٿي پيا
    ملڻ جي مند کي جانان
    نه ماپيو مند جي ماپن
    الائي ڪيترا پل هئا
    وهاڻا تنهنجي ٻانهن ۾
    تِهان پوءِ جي ڳالهين ۾
    جدائي موت جيئن آهي
    انهي لئه ڳالهه کان پنهنجي
    لنوائي دل چيو آهي

    ڏکاري ٻار جي کل جھڙو
    تصور ڳوٺ تنهنجي جو


    عجيب خواهش

    عجيب خواهش


    هو نيزي پانڌ ڄڻ سورج
    ڳيهڻ آڪاش ٿي آيو
    قٻي جي در جي سيرن مان
    اگر جو واس پي آيو
    کٻڙ جي چهچ ٽاري تي
    ننڊاکيل مور پي مرڪيو
    ڪنڊيءَ جي لام تي جھولو
    تنها هو، منتظر ڪنهنجو
    ڏهر جي واٽ تي ڪنهنجي
    ڀڄي پيل بانسري جي سج
    پئي فاتح خواني ڪئي
    خاموشي جي مسافر جي
    وڻن پي ميزباني ڪئي
    ڊگھي گنبذ جي کڙڪي ۾
    ڪبوتر پر پکيڙيا پي
    تنهائي پنهنجي دامن ۾
    ڊگھا لمحا سهيڙيا پئي
    اڪيلائي جي سهيلي سان
    تڏهن ڪا ڌرتتي ڌاري
    سُکا لئه هئي کڻي آئي
    روهيڙي جا رتا گلڙا
    سُکا خاموش چپڙن جي
    هينئين ۾ حل ٿيل ماڻهو
    اکين کي روبرو گھرجي
    سڳي کان ساھ کي ويجھو
    صفا ٿو دوبدو گھرجي
    سجيل تربت جي مٽي ۾
    مري ۽ مات ٿيندڙ کان
    حسين زندھ جواني جي
    عجب جهڙي خواهش هئي
    عجب جھڙي خواهش هئي.


    تون ڳاءِ کڻي

    تون ڳاءِ کڻي

    ڪنهنکي نه وڻي، ڪنهنکي به وڻي
    تون ڳاءِ کڻي، تون ڳاءِ کڻي

    هي رات سڄي مڌ ماتي آ
    ۽ ڇوليون ڇوليون ڇاتي آ
    ٿي الغوزي جي ڌن ٻُري
    پُرشور هوا چوءواتي آ
    هي پل نه اجايا شال وڃن
    ٿي ناهي ايڏي دير گھڻي
    تون ڳاءِ کڻي ، تون ڳاءِ کڻي

    هي لهرون لهرون چانڊوڪي
    رابيل چمڻ لئه آئي آ
    ڀل ماحول ۾ پيو شور وسي
    پر روحن ۾ تنهائي آ
    هن وقت جي جھوني ٻير منجھان
    هي پل وڃن پيا يار ڇڻي
    تون ڳاءِ کڻي ، تون ڳاءِ کڻي

    پيو مڌ مچي هن ماٽي ۾
    ڪجهه ڏيو ته ڪلالو پاڻ پيئون
    هُو درد سڏي پيو سو نه ٻُڌون
    مدهوش ٿيون مدهوش ٿيون
    ۽ هوش ڇڏڻ کان پوءِ وڃي
    ريجھائي وٺون هو روح ڌڻي
    تون ڳاءِ کڻي ، تون ڳاءِ کڻي

    تون ڳاءِ بزم جي ڀاڪر ۾
    ڪو سرمستن جو ناچ ٿئي
    اي ساجن! پنهنجي ديس مٿان
    اڄ آزادي جي باک ڦٽي
    هن ڀونءِ جي ڳوري چهري تان
    اونداھ هٽائي باک ڦڻي
    تون ڳاءِ کڻي ، تون ڳاءِ کڻي.


    درويش دل!

    درويش دل!
    چاندني جي حسن جھڙي ڇوڪري
    عشق جي دلڪش گلين ۾
    تون هٺيلي ٻار وانگي
    دير تڪ ترسي هئين
    برسي هئين
    روح جي رنگين رستن جي مٿان
    تون صبح جي هير جيئن گذري هئين
    اڄ به ڪنهنجا انگ تنهنجي
    ڀاڪرن ۾ پيا ڀُرن
    چاندني ۾ حسن تنهنجو
    جھلملائيندڙ بدن
    ڪيترا رنگين گھاريا
    پل توسان موسمن
    سمنڊ تنهنجي سڪ جو مظهر هيو
    تو اڱڻ ۾ بيهه واريا وار جو
    واءُ خوشبو ٿي ويو ۽
    بادلن جون بيهڪون تبديل ٿيون
    هو ائين احساس تنهنجو
    ڄڻ هوا ۾
    ڪنهن کٿوري ٻُڪ هاريا
    تو نه ڄاتو تون هلي ويندينءَ ته پو
    سڃ ٿينديون روح ڪنهن جي جون گليون
    رک ٿيندا خواب ڪنهن جا
    خاڪ ٿينديون راحتون
    تو نه ڄاتو ۽ هلي وئينءَ هلي
    سئو سوالن جو اُڀا شيشا ڇڏي
    اڄ به تنهنجي گهر اڱڻ جو
    وڻ سوچيندو رهي ٿو
    ڇو ڇڏيئي در عاشقي جا
    ڇو فقيري ڏانهن وئينءَ
    ڇو ڪيا تو ويس گيڙو
    ڇو اسيري ڏانهن وئينءَ
    تون اندر جي هيڪلاين کان ڀڄي
    تن انڌيرن ڏانهن هلي آهين وئي
    عشق جن ۾ ڪفر آهي
    جرم آهي
    خود فريبي کي فقيري جو ڏنو تو ناءُ آ
    ٿو پڇي ڪو روح توکان
    هٿ تو آڏو جھلي
    ڏس چتائي هي لڪيرون
    ۽ ٻڌا درويش دل
    هن اڌوري عشق کي
    ڪائي آٿت آسرو ملندو ڪڏهن؟
    زندگي جي هن سفر ۾
    ڀاڪرن جو ڀرجھلو ملندو ڪڏهن؟
    ۽ ٻڌاءِ هي به تون درويش دل
    عشق کان وڌ ڪا عبادت ٿي سگھي ٿي
    خودفريبي کان وڏي
    ڪا فراريت ٿي سگھي ٿي.؟


    آدو ملاح1

    آدو ملاح1


    سمنڊ ڪنڌي تي جھونو آدو
    جھُڙ ۾ چنڊ لڪي ٿو ڪوئي
    ڄڻ ڪو رڇ رڳن ۾ آهي
    جنهن جو پانڌ ڇڪي ٿو ڪوئي
    هينئنڙو ونجهه جيان ٿو ٽوڙي
    بيهڪ دل جي پاڻي جي
    آدو سڏڪي ڳالهه ڪري ٿو
    پنهنجي پيار پڄاڻي جي
    سمنڊ پرھ جو تنها تارو
    کڙندي کوڙ جدايون ڏسندو
    ايندو سج سولي وانگي
    خالي هي سڀ جايون ڏسندو
    هوندا ڪون ککيءِ جا کارا
    جن جي ڇٽ وڻي ٿي توکي
    پاڻان ڪيئن پليندس آئون
    دل هي سين هڻي ٿي توکي
    هائو، صبح کان اڳ ۾ ايندا
    تڙ تان ڪير تڙڻ لئه مونکي
    پوڙهاپي ۾ ماريو ويندو
    نئون ڪو محل گھڙڻ لئه مونکي
    ها، پر توتي سمنڊ صدورا
    ساڳيو تارن ڇٽ به هوندو
    تنهنجو ڪوئي مٽ نه هوندو
    ڇولي ڇولي ۾ پيو ڇُلندو
    چنڊ به ڇوري ٻار جيان
    تنهنجي ڀر ۾ محل اڏيندا
    ڪاري ڪارونڀار جيان
    ها تنهن محل مٿانهان بيهي
    توکي جوان نگاهون ڏسنديون
    توتي هيل اسوءِ جا آگم
    عاليشان نگاهون ڏسنديون
    ۽ او سمنڊ صدورا سائين!
    هوءَ جا ڀونءِ ڏسين ٿو سامهين
    جنهن ۾ هڏ لٽيا مون آهن
    پنهنجي بابي ڏاڏي جا
    تنهن تي پڪنڪ پوانئٽ ٺهندي
    ڏاڍيون رنگ رهاڻيون ٿينديون
    ٻانهون چيلهه وڻن تي ول جيئن
    ڪيئي وَر وراڪا ڏينديون
    ها پر ڀيڄ ڀني جو تو ۾
    پنهنجا پير پساري ڪوئي
    پنهنجي رنگ برنگي دنيا
    ويهندو ڪين وساري ڪوئي
    لَسَ ۾ عڪس پرين جا پائي
    ڪو به نه هاڻ کٿوري ڏيندو
    ڪو به نه آدو مهاڻي وانگي
    توکي عمر سموري ڏيندو
    سمنڊ نه ساڳي سيوا هوندي
    هاڻ نه آڌي ڌاري ايندي
    توتي ڏيئا ٻارڻ ڪائي
    پنهنجو پاڻ وسارڻ ڪوئي
    جن سين موجون ماڻا تنهنجا
    جن سين پيار پراڻا تنهنجا
    جن سين شامون رنگ رتوليون
    سانجھيون چندن واس جيان
    اڄ سي ويندا ڏور هليا
    ويندڙ ڪنهن احساس جيان
    تن جي سار سٽيندي توکي
    کامي نيٺ کٽيندي توکي
    لونءُ لونءُ منجهه لَٽيندي توکي
    هرڪا گندري گھاوَ جيان
    شيشي جيئن وڃي ٿو گذري
    هي غم منهنجي هانو منجھان
    ماري ڄار اُڻيو جو آهي
    پنڇي سو ڦاسائي ويندو
    منهنجا سڀ اٻاجھا مُهاڻا
    شهر وڏو ڳڙڪائي ويندو.


    1 مشرف حڪومت ۾ جيڪي سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا پي ويا، هي نظم انهن ٻيٽن جي اصل وارث ” آدو ملاح“ جي سمنڊ سان آخري گفتگو آهي


    محبت

    محبت
    عمر جي بي نيازي جو
    |نمايان هڪ ليئو آهي
    محبت ڊائري ۾ چند
    گلن جو مرتيو آهي
    هي ڪنهن جا ٽهڪ ٽاري تان
    اڏاميل ڪنهن پکي جھڙا
    ڪٽيل ناريل جيئن چپ جا
    چُئاڪا مڌ وٽي جھڙا
    وکيريل وار ڇاتي تي
    هٿن ۾ هٿ ڪڙيون ڪنهنجون
    رڳن ۾ راحتن وانگي
    لمحا ڪنهنجا، گھڙيون ڪنهنجون
    سڀئي ڇڙواڳ ڇولين جيئن
    مڃيوسين دلبريون آهن
    مگر محبوب موسم جا
    دُکيل سگريٽ جيئن وعدا
    ڇڻڻ جو خوف ماري ٿو
    وڇوڙو عمر کان اوچو
    مٿان ميلاپ جي بيٺو
    پيو خود کي پساري ٿو
    وصل جي باغ ۾ مرڪي
    جدائي پن ڇڻي وانگر
    اچي پاتو ليئو آهي
    محبت ڊائري ۾ چند
    گلن جو مرتيو آهي


    تحرير

    تحرير

    هي ڪهڙي تحرير پئي آ
    جنهن ۾ ڪوئي ڏانءُ نه آهي
    مونکي تنهنجو نظم لڳو ٿو
    جنهن جو ڪوئي ٿلهه نه آهي
    جنهن جي ڪا به پڄاڻي ڪونهي
    ها، پر ان ۾ ڳوڙها آهن
    ورهين جا ته وڇوڙا آهن
    ان ۾ هڪڙو ٺٽو آهي
    جنهن ۾ لک اگھاڙا آهن
    ڏور پتڻ ۾ خواب ٻُڏن پيا
    گھر گھٽي ۾ راڙا آهن

    ان ۾ گھوڙن ٽاپولين تي
    ڪاري ڪائي دز اُڏي ٿي
    جنهن جي پٺيان ڀاءُ مذهبي
    ڪنهن تي ڪارا هٿ کڻن ٿا
    نٿ ڇڄي ٿي، دانهن اُٿي ٿي
    پر نه انهن جا هٿ ڏڪن ٿا
    ۽ هوءَ ڦاٽل ڪپڙن واريون
    مذهب نالي کان به ڊڄن ٿيون
    ان ۾ هڪڙي دونهين دُکي پئي
    جنهن جي آڏو آڳوٺي تي
    شاھ عنايت ورد ڪري پيو
    سارو جھوڪ ڳنڱاٽيل آهي
    ڪيڏا صوفي ناچ نچن پيا

    ان ۾ سنڌو دريا آهي
    جنهن جي ڪپ تي ٻيلا آهن
    جن ۾ جوڳين ٽولا آهن
    تن ۾ شاھ ڀٽائي آهي
    جيڪو تار تنبور جي تاڻي
    ڪيڏي وجد مان ڳائي پيو ٿو
    ”ڪهڙا ڪُهندي، ڪهڙا ڪهندي
    ملڪ سڄو منصور ميان“1
    ۽ آ سامهون جلٿل سنڌو
    جنهن تي چنڊ جو نور ميان
    ڇا ٿيو جي ڪو ڏانءُ نه آهي
    پوءِ به تنهنجو نظم چڱو آ
    جنهن ۾ ڪا تاريخ لُڇي ٿي
    جنهن ۾ ڪنهن جا ڳوڙها آهن
    ورهين جا ته وڇوڙا آهن.




    1 ملڪ مڙوئي منصور، ڪهي ڪهندي ڪيترا ”شاھ“


    حويلي

    حويلي


    ها بهارن جي رنگينن کان پري
    بند ڪوٽن ۾ پليل هُو ڇوڪري
    ڄڻ ته ”سارا“ جو اڌورو نظم آ
    هُن جي جوڀن جون سموريون ڪروٽون
    ۽ صبوحن جون سموريون آرسون
    ڪنهن مصور جي تصور کان حسين
    ڪن ستارن جيئن چمڪندڙ هُو اکيون
    ۽ جواني جي اُٻهري رقص کي
    ڪا به عاشق اک ڏسي ناهي سگھي
    عشق جي مفهوم کان اڻڄاڻ هُو
    ڪنهن جي نيڻن ۾ ٻُڏي ناهي سگھي
    هن گلن جي مهڪ کي پاتو نه آ
    ۽ ڀٽائي کي ڪڏهن ڳاتو نه آ
    هوءَ نٿي ڄاڻي ته هي اڌ رات جو
    ڇو ستارا ٿا ٽٽن آڪاش ۾
    عشق ڪيئن ٿو روح سان ٻکجيو وڃي
    ڪيئن ماڻهو ٿو ٻُڏي احساس ۾
    هوءَ مسافر جي اکين ۾ درد جي
    ڪون ٿي اتهاس کي پرکي سگھي
    هوءَ جا رشتن جي صليبن تي ٽنگيل
    سا نٿي وشواس کي پرکي سگھي
    هوءَ وڻن تي چاندني جو ڏيک ۽
    سبز کيتن کي ڏسي ناهي سگھي
    آئيني جو عشق ٿو ڄاڻي اهو
    هُو ڪڏهن ڪنهن کان رُسي ناهي سگھي
    ها، وڇوڙي جي قهر کان بيخبر
    هُو وصل جون راحتون ڄاڻي نٿي
    ۽ ڊسمبر ۾ ٿڌن ڳلڙن مٿان
    آڱرين جون چاهتون ڄاڻي نٿي
    هُو نٿي ڄاڻي ته بارش جو ڇهاءُ
    عاشقن جي آڱرين جھڙو ئي آ
    ۽ ڪڪر جيئن ڏور کان ڌرتي چُمن
    عشق جو بندهن به بس اهڙو ئي آ
    ها، سڀن احساس جي ڌاڳن کان هُو
    آ صفا اڻڄاڻ، الهڙ، بي خبر
    پر هندوري جو سمورو فلسفو
    هُو جواني کان گھڻو ڄاڻي پئي
    ۽ هندوري ۾ لُڏي ڄڻ عمر جو
    ٻُور هُو ڇاڻي پئي،
    ٻُور هُو ڇاڻي پئي........


    روپا ماڙي

    روپا ماڙي



    سج لهي ٿو
    روپا ماڙي رقص ڪري ٿي
    ڀاڳو ڀان جي گيتن تي
    وڳهه ڪوٽ مٿان کان ٻاگھل
    بيهي پرانهين پار ڏسي ٿي
    سامهون جنگ نغارن ۾
    آزادي جو عشق نچي ٿو
    دودي جي ساٿارن ۾
    جوڌا جوان ڪميتن تي
    رت جي ريت نڀائن ٿا
    جيڪر جوت جھڪي ٿئي ٿي
    ٻيهر آڳ لڳائن ٿا
    آزادي جي گيتن تي
    جيڪي توڙ پڄائن ٿا
    ڌرتي جا ٻاجھارا ڀاڪر
    تن کي گود ۾ لاهين ٿا
    تن سورهين ۽ سرواڻن وچ ۾
    دودي جي تلوار ائين آ
    ڄڻ ته کُڻيتي کنوڻين گڏجي
    اُڀ کي آڳ لڳائي آهي
    ٻاگھل مرڪي نيڻ کڻي ٿي
    تجلا تجلا تلوارن ۾
    اُجري اجري باک ڦٽي ٿي
    روپا ماڙي رقص ڪري ٿي
    ڀاڳو ڀان جي گيتن تي
    تارا ٻائي ننڊ ڪچي مان
    اٿندي آرس موڙي ٿي
    ۽ پو وڳهه ڪوٽ مٿان کان
    پنهنجا ڪارا ذلف ڇنڊي ٿي
    آزادي جو سج ڦٽي ٿو
    آزادي جو سج ڦٽي ٿو


    ائڊريس

    ائڊريس


    ننڊي ٽيشڻ تي گاڏي جي
    جڏهن ڌڙ ڌڙ جھڪي ٿيندي
    تڏهن بيچين پنڇين جيئن
    اُڏامي شام جو آنچل
    سموري سينڌ واهڻ جي
    ڀري سنڌور نيري سان
    سندءِ کيڪار ۾ کلندو
    چئي آداب ڌيري سان
    هينئون ٽيشڻ جي تنهائي
    ڏسي ڪجهه خوف کائيندئي
    مگر هڪ دلربا منظر
    اڳيان ڄڻ منتظر هوندئي
    اگھاڙو ٻار واٽر تي
    مڇيون پڪڙڻ جي مسرت سان
    صفا ٽمٽار ٿي تو ڏانهن
    نهاري، ٿورڙو کلندو
    وري پو ڪرت پنهنجي ۾
    اهو مصروف ٿي ويندو
    مصور ذهن پنهنجي ۾
    انهي منظر کي سانڍيندي
    اڳيان جي وک وڌائيندي
    ٻه ٽي ٻارن سان گڏ کلنديون
    صفا ئي نوجوان ڇوريون
    مسافر لاڏ مان لنگھنديون
    وڏو هُو موڙ رستي جو
    انهن کان ٿورڙو اڳتي
    ننڍو هڪ جوڙ رستي جو
    اُتان کان ڇوٽڙي رستيءِ
    وڃي ٿي سينڌ جيئن سرڪي
    ننڍي هڪڙي سراءِ ڏانهن
    مسافر تون متان سوچين
    اُتي آرام جي لاءِ
    گھڻو اڳ ۾، سرا سامهين
    اويلي ڪنهن مسافر جي
    اجائي موت تي سوچي
    ڊهي ويران ٿي وئي آ
    سرا کان ٿورڙو اڳتي
    صفي جي ڀِت کي پائي
    ڳراٽي نم کڙو هوندو
    انهي جي ڇانو ۾ ويٺو
    ٿڪل هڪڙو مڙهو هوندو
    انهي جا نيڻ جي پڙهندين
    صديون اتهاس جون ان ۾
    ڀڳل ٺڪرين جيان ملندئي
    جوان پُٽڙن جي لاشن جي
    انوکي درد کان ويندي
    ڀڳل چوڙين جي ماتم جي
    انهي تاريخ کي پڙهندي
    ائين محسوس ٿيندئي پيو
    ته ڄڻ ڪو هانو پنهنجي ۾
    لکين ٿوهر ڦُٽا آهن
    مڙهي جون ڳالهيون ڄڻ، سئو
    وراڪا سينڌ جا آهن
    انهن ۾ جيڪڏهن الجھين
    صديون نڪري نه سگھندي تون
    اُتان کان ٿورڙو اڳتي
    کجين ڄارين ۽ پپرن جو
    وچولو جھنگ ٿو ڏسجي
    انهي جھنگل سان وابسته
    جنن، پرين ۽ ديون جون
    هزارين ڳالهيون آهن
    مگر اونداهي راتين ۾
    اُتي اڪثر ٻه پاڇولا
    ملي مرڪون ورهائن ٿا
    اُهو جھنگل مٽيندي ئي
    اڳيان هڪڙي قبر آهي
    صفا گمنام اهڙي جو
    نه ڀونئرن کي پتو آهي
    نه خوشبوءُ کي خبر آهي
    نڪو ڪتبو نڪو ئي گل
    اگر جو واس ڀي ڪونهي
    نڪو ٿس هيٺيان ڌرتي
    مٿان آڪاش ڀي ڪونهي
    چون ٿا سال کن پهرين
    انهي واهڻ جي مٽي جو
    مَرڪ هئي ڇوڪري هڪڙي
    مگر ڪنهن جي محبت ۾
    اها هئي خون ٿي ويئي
    حسين جذبن ۽ ٽهڪن سان
    هتي مدفون ٿي ويئي
    چون ٿا هاڻ سڀ هن کي
    قبر آهي هي ڪاريءِ جي
    مسافر روح ۾ جيڪر
    وسئي صحرا جي خاموشي
    اداسائي سان ڀرجي دل
    پڇي توکان جي ”ڪاري“ جو
    انهن پيرن تي پُٺ تي تون
    وري واپس هليو اچجان
    شهر جي جھنگ ۾ ڪارو
    اوهان جو منتظر هوندو
    اوهان جو...............!


    چانڊوڪي جو زهر

    چانڊوڪي جو زهر


    هي وستي لک ڌڪارون ٿي
    هن دل جا خيما خاڪ ڪري
    ان کان ته اڳي اي چنڊ مئا
    ڏي چانڊوڪي جو زهر ڀري

    ڪلهه رات ڀني جو ڀاڳ ڀُليا
    هن ڀيڙيا ڀاڪر ٻانهن جا
    اڄ رات ته ساڳي تنهائي
    ۽ ساڳيا پهر جدائين جا
    هر تارو نهاري طنز منجھان
    ۽ رات هينئين تي مُڱ ڏري
    ڏي چانڊوڪي جو زهر ڀري

    ٿي خوشبوءُ ڪيڏا ڇڄ ڇٽي
    ۽ ميندي کيت تي مينهن وسي
    بي نياز اکين کان دوري جو
    احساس هينئين ۾ ڏار وجھي
    محبوب مندن جا چاڳ ڏسي
    هوءَ شال وري، هوءَ شال وري
    ڏي چانڊوڪي جو زهر ڀري

    ٿو روز هندورو گيت چوي
    ڪنهن ويروتار جواني جا
    ۽ دل ۾ آرس موڙن ٿا
    ڪي ماڻيل لمحا جاني سان
    پر ويجھو درد جدائي جو
    ٿو رفته رفته سانگ ڪري
    ڏي چانڊوڪي جو زهر ڀري

    هن پاگل دل ۾ اوسيئڙا
    تو ڪنهن لئه شور مچايو آ
    سي پير نه ايندا، پنڌ جنين
    ڪنهن پاراتي جيئن ڀانيو آ
    تن لاءِ وسڻ جا ويس ڪري
    چوء ڪيسين ڪوئي نيڻ ڌري
    ڏي چانڊوڪي جو زهر ڀري









    شيخ اياز جي سٽ
    ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري، ڏي چانڊوڪي جو زهر ڀري.


    هلي آءُ.......

    هلي آءُ.......


    هلي آءُ ميندي جي خوشبو کڻي
    وساريل گسن جي مٽي ٿي سڏي
    جتي بچپني جون بهارون ويون
    ڊٺل تن گھرن جي مٽي ٿي سڏي
    چُمي واءُ لامن جو ڪورو بدن
    پڇي ٿو اُها ويئي ڪيڏانهن هلي
    ڪنول جي گلن جھڙي نازڪ حسين
    اُها ڇوڪري يا گلابي ڪلي
    صبوحن سندي جيڪا لالي هئي
    بهارن جي جوڀن جي مستي هئي
    هوا جي انديشن اهو ڀي چيو
    اوهين آهيو هرجائي ٿي پيا پرين
    چوين جي انديشن کي ساڙي ڇڏيان
    غمن جا سڀئي ڳاٽ لاڙي ڇڏيان
    مگر هانو تي هٿ رکي چئو سکي
    ڳهريل اهو ڳوٺ وسري ويئي
    سندر راتڙيون جي پناهون هيون
    اهي ڄڻ امڙ جون ته ٻانهون هيون
    اُهي گرم ڀاڪر ۽ ٿڌڙيون چميون
    اُهي مينهن وساڙا اهي شبنميون
    پپر جي وڻن تي ڪريل چاندني
    ڪپهه جي ڍِڳن تي وسيل چاندني
    وصل جون اهي مست شامون الا
    وٿاڻن ڏي ورندڙ ولر ۾ ٻڌل
    چڙن جا مڌر گيت گونجيا هئا
    ڪڪر ڌوڙ جا خوب اڏريا هئا
    هوائن ۾ آنچل ڪي لهريا هئا
    اهو سڀ اٿئي ياد جيڪر سکي
    ته پوءِ هلي آ هلي آ هلي
    خزائن کان اڳ جي وڻن جو قسم
    پراڻي اُها عاشقي ٿي سڏي
    هلي آءُ ميندي جي خوشبو کڻي
    وساريل گسن جي مٽي ٿي سڏي.


    دل

    دل


    دل گلاسن جيئن ڀڄي ۽
    ڏور تڪ پڙلاءُ وڃي
    لوڪ ٿورو غور سان ان کي ڏسي
    پوءِ وساري ته به ڪا پرواه نه آ،
    دل، ڪنواري ٻانهن جي چوڙي جيان
    ڪجهه دٻيل ٽڙڪاٽ سان ٽڪرا ٿئي
    نوجوان عاشق جا احساسن ڀريا
    نيڻ تنهن کي پيار مان مرڪي ڏسن
    بي مروت روح پو منظر اهو
    ساھ ۾ سانڍڻ بجا منهنجا پرين
    جي وساري ته به ڪا پرواھ نه آ،
    دل، ڪنهن ماري جي اُٻهري
    وار جو شيڪار ٿيندڙ ڪونج جيئن
    آخري سڏڪو فضائن ۾ ڇڏي
    ۽ ڌنارن جون اکيون گھوري ڏسن
    پو وسارن ته به ڪا پرواھ نه آ،
    ها مگر ڇا چئون ڀلا
    دل سرِ محفل هزارن جي اڳيان
    ڪنهن به ٽڙڪي ڪنهن به پڙلاءُ کان سوا
    ائين ٽُٽيو وکريو وڃي ٿي پر پرين
    چپ تي آڱر رکي تعجب وچان
    ڪو به لمحي لئه مُڙي نهاري نٿو
    تون ئي چئو جنهن درد جي ڀريل وٽي
    ڪنهن نه پيتي ۽ نه پيئندي آ ڏٺي
    تنهن کان سارڻ جو سڄڻ
    يا وسارڻ جو سبب ڪهڙو پڇون
    درد جنهن جي شدتن کي
    ڪا نه ڪئميرا ٿي ڏيکاري سگھي
    درد تنهن کي چئو ڀلا
    بي مروت ڪوئي ڄاڻي ڀي ته ڪيئن
    درد پنهنجي کي ٻيو ڪوئي
    جي ماڻي ڀي ته ڪيئن.؟


    ’شهيد بينظير ڀٽو‘

    ’شهيد بينظير ڀٽو‘

    گھڻو گستاخ چوندو هو
    اسان کي لوڪ پر ڀينر
    اسان هر بار هي چيوسين
    ته ٿورو خيال ڪر ڀينر
    سندءِ خيالن جي خيمن مان
    اها زيتون جي خوشبو
    اهي القاب ڀائر جا
    انهن بي ايمان ماڻهن لئه
    اهو سڀ ڪجهه اجايو آ
    سدا توکي ٻڌايوسين
    انهن دستور هي مٺڙي
    گھڙي هيڏانهن اماڻيو آ
    اسان جا گھر اجاڙيندڙ
    تنبو آڇن ته ٿورا چئون
    اسان جي جوان ٻچڙن کي
    هٿن سان موت ڏيندڙ جي
    ڪفن آڇن ته ٿورا چئون

    سدا توکي ٻڌايوسين
    هتي زنجير جي معنيٰ
    هٿن جي هٿ ڪڙي آهي
    اها زنجير ٽوڙڻ لئه
    هتي هر دل کڙي آهي
    مگر تو ڳالهڙيون پنهنجيون
    نڪو ڳايون نه ورجايون
    نڪو ئي ڀيڻ او مٺڙي
    اهي جن جي زبانن تي
    حسيني فلسفو آهي
    انهن جي روح تي ڇانيل
    يزيدي کي اوهان سمجھيو
    رڳو بس شوق هو توکي
    ڊگھي زنجير بنجڻ جو
    انڌي هن ديس جي لاءِ
    نئين تقدير بنجڻ جو
    بگھڙ سان واڙ ۾ ٻڪري
    سلهاڙڻ ٿي گھريئي ليڪن
    انهي جي ڇا پڄاڻي آ
    سموري ديس جي دل ۾
    عاشورن جي سومهاڻي آ
    ’پنڊي‘ تي ڌنڌ سانجھي جي
    جڏهن نوحه خوان آهي
    تڏهن اڄ تنهنجي يادن جا
    اٻهرا ڌڻ واريندي
    سڀن رتڇاڻ روحن جي
    اڪيلي هي صدا آهي
    ته رستن تي لهو تنهنجو
    صبح جي آجيان آهي.


    ’سنڌ‘

    ’سنڌ‘
    هوءَ سُتي آ ننڊ ۾ ۽
    سمنڊ سيراندي ستو آ
    هن جي پيراندي پڄاڻان
    سُڃ جو پورو پَتو آ
    ۽ سندس کاٻي طرف کان
    هڪ ڊگھو سجدو اٿي ٿو
    اجنبي ڪنهن شهر ڏانهن
    ۽ وري ساڄي طرف کان
    ڄڻ وڇوڙي جي رتن جي هيڪلائي
    ناچ ٿي نئين سر نچي
    ننڊ ۾ هن جي هٿن جون
    آڱريون هلنديون رهن ٿيون
    ڄڻ ته ڪو سپنو اُڻن ٿيون
    ۽ چون ٿيون
    جيءُ ڇو جاڳي نٿو
    ڪيترا آواز واڪا ٿا ٿين
    هوءَ مگر جاڳي نٿي
    ڪي اچي هن جي نرڙ ۾
    بک جو ڪوڪو هڻن ٿا
    ڪي سندس ذلفن جي ڪاري رات کي
    ننڊ پنهنجي لئه کڻن ٿا
    هوءَ مگر جاڳي نٿي
    ۽ سندس ڳڀرو ٻچن جي
    درد جي ڀاشا نه ڪوئي
    چنڊ ٿو سمجھي سگھي
    ڪو اچي تن جي جھڳين کي
    روز تيلي ڏيو وڃي
    ۽ دونهين جا لاٽ اُڀ ڏي
    ڪنهن بُکي جي آڱري جيئن
    روز ٿي الُرون ڪري
    هوءَ مگر جاڳي نٿي
    ڪي پٽن ٿا وار هن جا
    ڪي اکيون کوٽي ڪڍن ٿا
    ڪي وري هن جي ذهن مان
    ٿا سڄو اتهاس روڙن
    هوءَ مگر جاڳي نٿي
    ۽ ڪڏهن ڪوئي اچي
    ڀٽ تي ڇيڙي تنبورو ٿو ڇڏي
    هوءَ ستي آ ننڊ ۾ ۽
    روح کي کيڙي تنبورو ٿو ڇڏي
    ۽ ٻرن ٿيون باھ جيئن ساريون تندون
    قطرو قطرو رت ٿو تن مان ٽمي
    ڪو چوي ٿو
    ”جاڳ کي ئي جس آهي
    جاڳ آزادي ڏي ويندڙ گس آهي“
    جاڳ جا واڪا ٿين ٿا
    جاڳ ۾ هڪڙو جٿو آ
    هوءَ ستي آ ننڊ ۾۽
    سمنڊ سيراندي ستو آ.


    شڪايت

    شڪايت

    رت جھڙا لفظ آهن
    جي ڳڙن ٿا روح مان
    ٿو لکان مان جسم تنهنجو
    ڪنهن گلابي ورق تي
    ۽ سمورو رت ڏيان ٿو
    پوءِ به تون مرڪين نٿي

    خواب جھڙي آرزو ۾
    سمنڊ جھڙي ڪنهن صفحي تي
    ٿو رکان مان نيڻ تنهنجا
    ۽ سُهائي جي حسن جا
    ٿا کُلن ادراڪ مونتي
    ۽ کلي ٿي ڪاڪ مونتي
    تون نه راڻو ٿي سگھين
    مان لڄارو ٿي پوان ٿو
    ۽ سموريون ڪائناتون
    زندگي جا ”ڪن ڀرن“ ٿيون
    مون کان منهنجي زندگي ئي
    پاڻ لئه معني گھري ٿي
    سوچ ڄڻ جلاد ٿئي ٿي
    پوءِ دل فرياد ٿئي ٿي
    آئون سوچيان ٿو ته جانان
    تون ئي معنئ زندگي جي
    تون ئي منهنجي زندگي
    پر اچي ٿو خيال مون کي
    جا به سوچيم، سا سموري
    خواب جھڙي آرزو آ
    نيڻ ٻئي ٻوٽي رکان
    پر چئو تون ڪيستائين
    هي جبر دل تي سهان
    ۽ اکيون ٻُوٽي جيان
    ۽ اکيون.............


    ڪڃري

    ڪڃري


    هوائن جيئن بدن هن جو
    نگاهون پُر پيالن جيئن
    هي ڇاتيون اڻ چيل ڳالهيون
    ۽ مرڪون سڀ سوالن جيئن
    چپن تي ٻول غالب جا
    نچي ٿي ڇير جي لئه تي
    ۽ اطلس جي وهاڻن تي
    وڏيرا جام و مئه تي
    نشائي ذهن ۾ طبلو
    وڄي ٿو مينهن جي ڌُن جيئن
    بتيلو جسم جو گھورن
    اکيون درياءُ جي ڪُن جيئن
    ورن ٿا انگ ائين هن جا
    هوا ۾ ڄڻ ڏيئو آهي
    ائين ٻانهون سمنڊ تي ڄڻ ڪي
    اڇا سڙھ ڦڙڦڙائن پيا
    ۽ جھومي سڀ تماشائي
    بدن جي لڄ لاهين پيا
    اهي سُر ڇير جا جنهن پل
    ٿڪي خاموش ٿي ويندا
    ته لويو جسم کي ويندو
    سجيل ڪمخواب بستر تي
    حسن ننگو ڪيو ويندو
    مگر ڪنهن پاپ جي تشريح
    هتي ٿي آ نه ٿي سگھندي
    انهي ڪوٺي جو در اُڪري
    سمورن فلسفن، بدبوءُ
    ڀريون الٽيون ڪيون آهن
    سمورن مذهبن جا من
    ڀڳا شيشي جي برتن جيئن
    سمورا نظريا گھوٽيا
    ويا ڄڻ ڀنگ گھوٽي ۾
    مگر پوءِ به ڪوٺي جي
    ڀتين تي نفرتون هاري
    ٿو ملان هانوَ کي ٺاري
    ۽ سارا فلسفي گڏجي
    دليلن جون ٿڪون کائن
    ۽ ڪوڙا نظريا باڦي
    ٿا پنهنجو روح ريجھائن
    مگر سڀ سوال ڪوٺي جا
    اڌورا ئي پيا آهن
    رنڊي جي جسم لئه جيڪر
    نظريو ڪو وڳو ٿي پئي
    بکايل پيٽ لئه مذهب
    جي ماني جو ڳڀو ٿي پئي
    ۽ سارو فلسفو هُن لئه
    ڪکن جو سهي، اجھو ٿي پئي
    ته پو انسانيت لاءِ
    رنڊي ڇالئه ٽڪو ٿيندي
    سماجن جي جھريل منهن تي
    اُها ڇا لئه بجو ٿيندي
    اُها...........................


    ڪاپائتي

    ڪاپائتي


    چرخو دانهن صدين جي ٿيو پر
    دانهن نه ڪنهن ورنائي آهي
    نجهري نجهري ماٺ وسي ٿي
    ڪا به نه آتڻ آئي آهي
    تون به نه آئينءِ جنهن کي هٺ هو
    منهنجو پورهيو مان لهي ٿو
    ڪيئن هي دهري دام چڙهي وئي
    تنهنجو پورهيو پاڻ پڇي ٿو
    هيءُ کڻيتي کنوڻين جهڙا
    تنهنجا انگ اڌارا ٿي ويا
    سون سريکا هٿ سندءِ
    ارٽ هلائي ڪارا ٿي ويا
    ڏک جي هر هڪ ڳوڙهي آهي
    نور نچوڙيو نيڻن مان
    پوءِ به الجهيل سُٽ رهين ٿي
    نڪري ڪونه خيالن مان
    ڪپهه جهڙا خواب اُڻيندڙ
    ڇا هي ياد نه آ توکي
    ارٽ اُکل سان گڏجي تنهنجو
    ذهن به اُکلي ويندوهو
    تنهنجو هر هڪ انگ اکين لئه
    نئين ڪا چغلي ٿيندو هو
    پر تون هاڻ ٻڌاءِ ڇوري
    تنهنجي پورهئي مانُ لڌو ڪو؟
    جيون جي ڇا موڙي آهي؟
    هنسلي، بولو، نٿ نه تو وٽ
    هٿ ۾ ڪا به نه چوڙي آهي
    جيون جي ڇا موڙي آهي؟


    وڃي چئو بيوفا ناهيون

    وڃي چئو بيوفا ناهيون


    مڃون ٿا چاهه ڪونهي پر
    حياتي مان خفا ناهيون
    وفا هرگز نه ٿي آ پر
    وڃي چئو بيوفا ناهيون

    چمان مان تنهنجي زلفن کي
    رهان گڏ شل سڳي وانگي
    سڀئي هي فاصلا ٽوڙي
    اچان اُڏري پکي وانگي
    گواهه تارا فڪر تنهن م
    صديون ٿيون جو سُتا ناهيون
    وڃي چئو بيوفا ناهيون

    ڏسي منظر پون جهومي
    ڊُڪي ڪا ڊيل جهونگاري
    ڀڃي آرس ڀٽون جاڳن
    ۽ ڏوٿي ڪو کلي نهاري
    گجي ٿر بر مٿان برسون
    اسين اهڙي گهٽا ناهيون
    وڃي چئو بيوفا ناهيون

    چمون ڪنهن چيلهه سنهڙي کي
    اسين ڪورا دِلا ناهيون
    وڃي ڪنهن چيچ ۾ ڦاسون
    پرين اهڙا ڇلا ناهيون
    اچي تنهنجي اڱڻ توکي
    ڇُهي گذرون، هوا ناهيون
    وڃي چئو بيوفا ناهيون.


    پاڻي

    پاڻي


    ڏور امبر تان چنڊ ڏسي ٿو
    ڪيڏي وحشت آهي اکين ۾
    هُن کي جل ٿل پاڻي کان،
    پاڻي جيڪو نيل گگن مان
    برسي ميگهه ملهارون بنجي
    دل جا مير سمورا ڌوئي
    پهرينءِ پيار جون سارون بنجي
    پاڻي جو ڇڙواڳ درياءُ ۾
    شاعر جي تشبيهه جيان آ
    پاڻي جو بي روڪ ندي ۾
    سامايل ڪنهن وينگس جي ڄڻ
    جوڀن جي ته رواني آهي
    جنهن ۾ چنڊ چڳن کي ڌوئي
    جنهن تي مور پرن کي ٺاهي
    پاڻي جيڪو سمنڊ سڄو آ
    سو ته ملاح جي اک مان بکندڙ
    ڄڻ ته مڇي جي موهه جيان آ
    پاڻي جنهن بن ساري دنيا
    ڪاري ڪنهن اندوهه جيان آ
    ڏور امبر تان چنڊ ڏسي ٿو
    ڪيڏي وحشت آهي اکين ۾
    هُن کي تنهن ئي پاڻي کان
    سامهون هُن جو ڏٻرو هيسيل
    ٻالڪ بُک وگهي ٿو تڙپي
    اُن جي اک ۾ پاڻي آهي
    جيڪو ڪنهن طوفان جيان آ
    جنهن ۾ هن جي ننڍڙي دنيا
    ڪک پن جيئن اُڏاڻي آهي
    هُن جي اک ۾ پاڻي آهي.


    فنڪار جو درد

    فنڪار جو درد


    سُرن سان آڱرين سرچي
    لکين آواز جوڙيا هئا
    اسان هن درد پنهنجي سان
    رنگن ۾ روح ٻوڙيا هئا
    وڇوڙا دل جي واهڻ جا
    سندم آواز جي دلڪش
    گلين جي شور سان گڏجي
    نئون ڪو گيت ٿيندا هئا
    اسان سي گيت دامن ۾
    سهيڙيا عمر ساري هئا
    انهن گيتن ۾ مومل جي
    مجازن ملڪ موهيا ٿي
    انهن گيتن ۾ عاشق جي
    نگاهن خواب پويا ٿي
    انهن گيتن ۾ محبوبن
    نکٽ جاڳي نهاريا ٿي
    اڱڻ ۾ آرسون موڙي
    اُڀي سورج اُڀاريا ٿي
    انهن گيتن ۾ قيدي جي
    اکين بادل کي گهوريو ٿي
    وطن وسڪار جو سوچي
    بدن تن جو انگوريو ٿي
    انهن گيتن ۾ تنهائي
    هينئين کي هنج ورتو ٿي
    دلين بي نياز نظرن کان
    غمن جو گنج ورتو ٿي
    اُهي سڀ گيت پنهنجا هئا
    اُهي ڄڻ ميت پنهنجا هئا
    ڪڏهن جن سڏ سُهڻين جا
    ميهارن کي پُڄايا هئا
    ڪڏهن سسئي جي پيرن کان
    سمورا لڪ لنگهايا هئا
    انهن گيتن گلابن لئه
    اسان سڀ سُک وڇوڙيا هئا
    اسان ائين درد پنهنجي سان
    رنگن ۾ روح ٻوڙيا هئا
    مگر اڄ درد پنهنجي کان
    جدائي جيءُ جهوري ٿي
    سُرن کان دور ساهن کي
    تنهائي ڄڻ ڦلهوري ٿي
    گلو آواز کان خالي
    رڳن تي بوجهه جيئن آهي
    اکيون جيئن باهه تي رکجن
    پرين اڄ روح تيئن آهي
    وڄن جي دور سارنگيون
    هينئون تن ڪڍ ويندو آ
    عمر ساري جي موڙي کي
    وڃائڻ وڍ ڏيندو آ
    وڃائڻ وڍ ڏيندو آ


    ائين......!

    ائين......!

    کُليا جو ٿان ڳالهين جا
    هوائون ريشمي ٿي ويون
    پُراڻين يادگيرين سان
    ڏسائون ريشمي ٿي ويون
    ائين آواز ڳهريو آ
    رکي ڄڻ هٿ کاڏي تي
    اوهان مون ڏي نهاريو پيا،
    ائين خوشبو ٿيو آهيان
    سکي ڄڻ باغ جي ڀت تي
    کڻي ناريل جي پياليء
    ٻنهي گڏ ويهي پيتو آ
    ۽ تنهنجي ساھ جي خوشبو
    اچي ٿي منهنجي ساهن مان،
    ائين اکڙين جھٽي بجلي
    سکي ڄڻ سيج تي ويٺي
    چُني ڳاڙهي جي گونگھٽ مان
    سندءِ مرڪون ڇڻيون آهن،
    ائين بيتاب ٿيو آهيان
    سکي ڇڙواڳ جيئن دريا
    ۽ تو سمنڊ جيئن مون کي
    پريان بيهي پڪاريو آ،
    ائين مرڪي پيو آهيان
    سکي ڄڻ دلربا تنهنجي
    حسن جي ڳالهه ڇيڙڻ تي
    چپن ۾ تو زبان ڏيئي
    وري ”هون هون“ اچاريو آ،
    ائين لرزي پيو آهيان
    سکي ڄڻ موڪلائيندي
    هٿن مان هٿ ڇڏايو آ
    انهي لمحي کي لمحا ٿيا
    هينئر ڄڻ هوش آيو آ
    ائين خيالن ئي خيالن ۾
    نگاهون ريشمي ٿي ويون
    کُليا جو ٿان ڳالهين جا
    هوائون ريشمي ٿي ويون.


    تنهائي

    تنهائي


    ٻٻرن پٺيان سج لهي ٿو
    بادل جيئن ڪي نيڻ وسن ٿا
    ڌوڙ اڏي ٿي رستن تي ۽
    ڪنهن جا تنها پير رلن ٿا
    وڻ وڻ سان ڳالهائي ٿو هوء
    ٿورو سوچي ڳائي ٿو هوء
    آکيرن مان ڪنڌ ڪڍي ڪي
    پنڇي هن ڏي نيڻ کڻن ٿا
    واھ ۾ ننڍڙا پٿر اڇُلي
    لڙڪ اگھي ۽ ڀڙڪي ٿو هوء
    شامن جي لالائي ڇا هئي
    منهنجي دل تي ڇانئي ڇا هئي
    لذت جا احساس انهي ۾
    وقت سندي پرڇائي ڇا هئي
    چانڊوڪي ۾ چنگ وڳا ٿي
    جن سان آٽيل انگ ڀڳا ٿي
    گل گل سان ڄڻ پيار نئون هو
    سارو هي سنسار نئون هو
    ڪنهن جا ڪارا نيڻ الاڙي
    ڇانئن جو احساس هيا
    ڪنهن جون ڳالهيون بارش جھڙيون
    ڪنهن جا لب آڪاش هيا
    پر تون هي تقدير ٻُڌاءِ
    اڄ جي هي تنهائي ڇاهي
    وقت سندي پرڇائي ڇاهي
    سرڳوشي جي نرم هڳا سان
    ڳوڙهن هاڻا نيڻ پڇن ٿا
    ڌوڙ اڏي ٿي رستن تي ۽
    ڪنهن جا تنها پير رلن ٿا.


    اڪيلائي

    اڪيلائي


    ڄاڻي نه سگھيا آهيون
    پيارا تون ڀلا ڇاهين
    بادل جو ڊگھو پاڇو
    يا بادِ صبا آهين
    پوپٽ جي پرن جو ڪو
    تون رنگ ذرو آهين
    پر پو به ڳرو آهين
    بي فيض پٺيان تنهنجي
    ڪيڏو نه ڊڪيا آهيون
    تولاءِ زماني کي
    ويجھا به رهيا آهيون
    تولاءِ سڄڻ منهنجا
    هي رنگِ حنا جهڙا
    کيڏڻ جا حسين ڏينهڙا
    جوڀن جا رنگين لمحا
    ڇا ڇا نه وڃايو آ
    پر سڀ اجايو آ
    افسوس پرين منهنجا
    تون ڪونه سگھين سمجھين
    هن دل جون ٿڌيون آهون
    هن دل جي اڪيلائي!


    قبوليت

    قبوليت
    پيار سفر ۾ منهنجي جانان
    تون مان الهڙ ناهيون ليڪن
    مُک تي هي ڏيکاءُ نئون آ
    هڪٻئي تي ويساهه نئون آ
    لاک لڳي ڪنهن باک ڦٽي ۽
    چانڊوڪي سان چاهه نئون آ
    ها پر هڪڙي ڳڻتي منهنجو
    ڳاهه جيان من ڳاهي ويٺي
    منهنجي شعور جي چانئـٺ تي سا
    ڳالهه ڳجهي ڳالهائي ويٺي
    مان ٿو سوچيان منهنجي جانان
    ويري وقت سندو هي واءُ
    پنهنجي اوگهڙ آڏو ٿيل
    اوڇڻ ڦاڙي ماضي جا
    پنهنجا عيب ڦلهوريندو
    تنهن پل هڪٻئي آڏو ڄڻ
    تون مان ننگا هونداسين
    ماضي جا ڪجهه ڪارا پل
    ماتا جي نيشان جيان
    ڏوران ڏور ڏيکائيندا
    تون چئو اهڙي اوگهڙي پن ۾
    ماتا جي نيشانن جهڙي
    عيبن جي ايوانن کي
    مُرڪي ڳل ڳراٽي پائي
    پاڻ انا جي تاج جا وارث
    ڪيئن قبولي سگهنداسين.؟


    هوءَ ياد ٿي اچئي ڇا

    هوءَ ياد ٿي اچئي ڇا

    عورت جي جسم جهڙي
    ٻاهر ته چاندني آ
    پر دل اندر اونداهي
    ۽ روح ۾ غمي آ
    اونداهي هڪ دري کي
    ڪو ٽيڪ ڏئي لڇي ٿو
    ڪنهن سوچ جي گلي ۾
    ڪو ياد جو پراڻو
    زنگيل سڪو ملي ٿو
    مندر جي گيٽ ڀرسان
    بيٺل اداس وڻ کان
    ڪوئي پڇي رهيو آ
    ڇا اڄ به ڇوڪريءِ هوء
    مورن جي ناچ لاء
    توسان پٺي ڀرائي
    ڳچ دير تائين تنها
    بيٺي اڃان به رهي ٿي

    هئي شام جي سرن ۾
    آڪاش جي تنهائي
    روئندڙگلي سان ڪوئي
    ڪنهن کي چئي رهيو هو
    ڳالهائين ڇو نٿي تون
    ڇا شام ٿي چڪي آ
    سورج جيئن تون ۽ آئون
    ڇا هاڻ لهي چڪاسين
    پنهنجو سمورو ماضي
    ۽ وصل جي گھڙين ۾
    هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾
    تحليل ٿي وڃڻ ڇا
    اونداهو ٿي چڪو آ؟

    آ پوء جي لمحن ۾
    لهرن تي تيز ٻيڙي
    ۽ دور کان نگاهون
    ويندڙ جي وائلي کي
    گھوري ڏسي رهيون هن
    ۽ ڪو ملاح تڙ تي
    ڌيمي سان ڳائي پيو ٿو
    ”روحن جو ميل تون مان
    جنمن جو پنهنجو ناتو
    هن موڙ تي جدائي
    ڇا انت آ انهي جو!؟“
    ويندڙ پسيل اکين سان
    پٺ تي مڙي ڏسي ٿي
    ميسيج جي صفحي تي
    ڄڻ بددعا لکي ٿي
    ”ڳالھيون رڳن ۾ دکنديون
    وڻ جو اداس پاڇو
    ھلڪي ھوا جي ايندي
    ڇرڪي اوهان کي چوندو
    هوء ياد ٿي اچئي ڇا
    هوء ياد ٿي اچئي ڇا ؟“


    ڪڪر سان گفتگو

    ڪڪر سان گفتگو

    دل ته چاهيو ٿي پرين!
    تون گھٽائون ٿي اچين
    ۽ نويلي مور جيئن
    ديس منهنجي تي نچين
    جيئن ٻانهياريون رقص ۾
    ائين کجي ٻڪرال ڀل
    پر هيس مان ڀورڙو
    مون کي ڪائي هئي نه ڪل،
    پاڻ سوچيو هو ته تون
    ڇوھ مان ڇُلندين جڏهن
    ڪي ڪڪوريل نيڻ ٿينديون
    ديس پنهنجي جون ٻنيون
    ڇيڳرين ۾ ڇال ايندا
    انگ ٿيندا آرسون

    پاڻ سوچيو هو پرين
    هيل ساريون سانوريون
    ساٺ سرهايون ڪنديون
    ۽ نمورين سان ڳنڌي
    سينڌ پنهنجي سانجهه جو
    دلبرن جي هنج ۾
    کوڙ کيٽا ڀي ڪنديون

    پاڻ سوچيو هو پرين
    هيل پاپي پيٽ لئه
    هٿ ڪراين جا ڪنگڻ
    ڪون وڪبا شهر ۾
    ۽ اگھاڙا هيءُ پنهنجا پيرڙا
    ڌرتتي جو ڇانو ڳوليندا نه ڪا

    پاڻ سوچيو هو پرين
    زندگي جي ڏهر ۾
    چار ڏيئا چاھ جا
    هيل ٻاريندي مگر
    هي نه سوچيوسين ڪڏهن
    تون گھٽائون ٿي وسي
    هينئن ٻوڙيندي پرين
    وڏ ڦُڙي جي قهر سان
    سُک وڇوڙيندي پرين
    ائين تاروتار ٿي
    هينئن ڪندي بي آسرا
    ۽ اجھاڻيل هي اکيون
    سڀ وڃائينديون اجھا
    هي نه سوچيوسين پرين

    ڪالهه جيڪي هئا سڄڻ
    هي ڳڱاٽيل ڳوٺڙا
    اڄ ڪيلانڪر ٿا لڳن
    ۽ هي جهوپا تن مٿي
    ڄڻ ته ڪومايل ڪنول
    هاءِ ڏس تون اي ازل
    هن سڄي وستي منجھان
    ڪونه ٿو دونهون اُٿي
    ڪو چلهو ناهي ٻريو
    ۽ بُکيا هي ٻارڙا
    جن جي چپڙن تي هيو
    ڪارڙو ڪونمارڙو
    سي ابر توکان گھُرن
    صرف ماني جو ڳڀو
    ۽ اکيون آڪاس ۾
    رحم کي ڳولن پيون
    ڌرتتي جي ڪانو جيئن
    پاڻ کي رولن پيون
    تن اکين جي کيت جا
    خواب ڪيئي نوجوان
    هيل ساڙي تو ڇڏيا
    هينئن اجاڙي تو ڇڏيا
    هينئن اجاڙي تو ڇڏيا


    دل ته آهي دل پرين

    دل ته آهي دل پرين

    جيتري بيتاب آهي
    اوتري اڻ جھل پرين
    ڪيئن پلجي پيار کان
    دل ته آهي دل پرين

    ڪنهن تصور ۾ کِليو
    چنڊ ننڍڙي ٻار جيئن
    ۽ ٽڙي پيو روح ۾
    ڪوئي ميندي ڏار جيئن
    هئا ڪپيل انجير تي
    باھِ جا بادل پرين
    دل ته آهي دل پرين

    سڪ هڪڙي ڇڪ آ
    ڇا ته ڇاڇوليو ڇڏي
    خوب روڪيون ٿا مگر
    روح کي روليو ڇڏي
    چئو ڪڏهن روڪي سگھيا؟
    سمنڊ کي ساحل پرين
    دل ته آهي دل پرين

    جيئن ندي ڪا سمنڊ ڏي
    ائين مون ڏي آءُ تون
    ساھ کي سرهاڻ ڏي
    روح کي مهڪاءُ تون
    جيئن گھٽا گھنگھورجي
    ڇوڙ ائين ڪاڪُل پرين
    دل ته آهي دل پرين


    اڳتي ڇا ڇا ٿيندو آ

    اڳتي ڇا ڇا ٿيندو آ

    مستقبل جي ڳالهه هلي ٿي
    حال پڇي ٿو ماضي کان
    اڳتي ڇا ڇا ٿيندو آ؟

    اڄ جيئن بم بندوقن سان
    ماڻهو ماريا ويندا هِن
    رت جي تار ندي وهائي
    ٻيڙا تاريا ويندا هِن
    دريا جيڪي ڌرتي جي
    سينڌ ٿين سنڌور ٿين
    تن کي بيواھ جي اک جيئن
    پو به سڪايو ويندو آ؟
    اڳتي ڇا ڇا ٿيندو آ

    مستقبل ۾ رت جو رنگ
    ساڳيو ڳاڙهو رهندو آ
    ۽ ڇا بکيو ٻار تڏهن جو
    انگ اگھاڙو رهندو آ
    ۽ ڇا عورت جي عصمت
    چونڪ مٿي نيلام ٿيئي ٿي
    پيٽ وڏي سان ڪوئي سيٺ
    قيمت ڪيئن ڪَٿيندو آ؟
    اڳتي ڇا ڇا ٿيندو آ

    مستقبل جو چنڊ ڀلا
    ڪنهن جي بک مٽائي ٿو
    يا ڪو صحرا مورن جي
    دانهن ڪڏهن ورنائي ٿو
    ۽ هن روپي ڪولهي جيئن
    تاريخ نئين ڪو ٺاهي ٿو
    يا ڪو گھوٽ بلاول جيئن
    ريٽو رت ڇڏيندو آ
    اڳتي ڇا ڇا ٿيندو آ؟


    ڪٿي آهين....!؟

    ڪٿي آهين....!؟

    تنهنجي ذلفن کان رهائي به عجب نڪتي
    زندگي خود سزا ٿي ويئي
    تنهنجي ڳولا جي ڊگھي جستجو ۾
    هر عبادت قضا ٿي ويئي
    تون جي آهين ته پو ڪٿي آهين
    هر تمنا ائين مري ويئي
    سڙھ بنا جيئن ڪا ٻيڙي
    ڇڪ ڇولين جي ۾ ٻُڏي ويئي
    آئون ڪنهن بددعا جيان جانان
    هر ڪنهن در تان ڌڪارجي ويو هان
    منهنجي هر جيت جو سبب تون هئين
    هاڻ ڪيڏو نه هارجي ويو هان
    مون کي دردن جي تيز اس ۾
    هاڻ محسوس ائين ٿيندو آ
    تون نه هاڻي هتي رهي آهين
    هيڪلائن ۾ خيال ايندو آ
    ها مگر او جانِ ادا منهنجي
    تون نه آهين ته پو هن دل جي
    خوشبو خوشبو خدائي ڇالئه آ
    دل جا سورج جي تون لهي ويو آن
    پوءِ هيڏي سُهائي ڇالئه آ
    لوڪ جي هر نگاھ جي بيرحمي
    مون کي طنز ۾ ٻڌائي ٿي
    تون اتي ئي آس پاس ڪٿي آهين
    توتي تارا ٿي ٽمڪي پوان آئون
    هاءِ دل جا او آڪاس ڪٿي آهين
    توکي ڳوليون ته ڪٿي ڳوليون
    هر ڪا سانجھي سڃي سڃي آهي
    چيٽ ٻيٽن تي سوڳ جھڙو آ
    دل جي هرڪا صدا اڃي آهي
    آئون ڪاري ڪلر جي ڀت وانگي
    رفته رفته ڊهي رهيو آهيان
    تنهنجي ڳولا جي ڊگھي جستجو ۾
    پر نه ٿڪجي ويهي رهيو آهيان
    اڄ به دل ۾ صدا ٻُري پيئي
    تون جا آهين ته پو ڪٿي آهين..؟؟


    پوڙهي جي نوجوان کي صلاح

    پوڙهي جي نوجوان کي صلاح

    لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
    ٿورو پاڻ سنڀالي هل.

    سامهون ڪا اونداهي تو ۾
    پاڻ لڪائڻ چاهيندي
    تو سان گيت جواني جا
    گڏجي ڳائڻ چاهيندي
    اونداهه اهڙي جنهن پٺيان
    لاکين چنڊ لُٽائيندين
    تنهنجي ننڊ جوئا ٿيندي
    ساري خواب کٽائيندين
    اونداهه جنهن ۾ هر حجرو
    پينو جي ڪشڪول جيان
    خالي خالي ڀائيندين
    سڃ اَکين ۾ هوندي ڀي
    پنهنجي پاڻ کي راجا ۽
    جڳ سوالي ڀائيندين
    اونداهي جي چيچ جهلي
    ان کان اڳتي جي هلندي
    نانگ ٻرن مان نڪري سڀ
    توکي ڦڻ ڏيکاريندا
    اڇي اُجري ڌرتي تي
    توکي مير جيئن ڀائيندا
    ها، پر ڪا پرواهه ڪٿي
    تنهنجو روح ڇُهي سگهندي
    تون ته پهاڙن تان ڪرندڙ
    چشمن جي ته رواني هوندين
    شُعلن جيئن رڳن ۾ ايندڙ
    جوڀن جيءُ جواني هوندين
    ها،پر پوءِ گهڻو اڳتي
    اونداهه سارا سڱ ڇني
    تو کان چيچ ڇڏائيندي
    ۽ پو اُس اڳيان تنهنجي
    ڏانئڻ وانگي ڏند ڪڍي
    توکي ڏنگ هڻڻ گهرندي
    ڇرڪي پاڻ جڏهن ڏسندي
    پنهنجي کل نپوڙيل ڪنهن
    ڪپڙي جيئن پئي لڳندي
    سامهون سج افق تي بيهه
    تنهنجي وارن ۾ چاندي
    ڏسندو ٽهڪ ڏئي کلندو
    ان جي لاءِ چئون ٿا يار
    لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
    ٿورو پاڻ سنڀالي هل.


    ٿري ڇوڪري ڏانهن

    ٿري ڇوڪري ڏانهن


    ڳوٺ ڳلين مان ويندڙ ڇوري
    لمحو لمحو سوريءِ ٿيندو
    جنهن ۾ پُورگهڙي جيئن پچندا
    ذهن ته اهڙي کُوري ٿيندو
    اونداهي، اڌ رات اکين ۾
    اوسيئڙي جو ڄار اڻيندي
    پيهي لوڇ لڱن کي تنهنجي
    تو ۾ ڪوئي پيار اُڻيندي
    توکي چنڊ چٿر جيئن لڳندو
    اوجاڳا آڙاهه جيان
    سمهندين سور رلي جيئن تاڻي
    بستر لڳندئي باهه جيان
    ها پر تو کان ڏور گهڻو
    واهڻ جي هر واٽ پرهه جو
    تنهنجا پير پراڻا ڳولي
    تنهنجا ٻانهن_ هار ڦلهوريندي
    تنهنجا وار وڇاڻا ڳولي
    ڪنهن جي ٻرندڙ ٽانڊي جهڙي
    دل تي ماڪ وسائيندي
    تنهنجا پنڌ پڇائيندي
    پنهنجو ڳوٺ ڇڏيندڙ ڇوري
    ڪهڙي پار وڃين ٿي تون
    تنهنجي کل جي خوشبو سان
    ڪهڙو کوهه کٿوري ٿيندو؟
    جنهن ۾ پُور گهڙي جيئن پچندا
    ذهن ته اهڙي کُوري ٿيندو.


    وڇوڙو

    وڇوڙو

    وسي آگم اڪاميو هو
    ڀنل هئا انگ لامن جا
    ڀڳيون ٿي آرسون ڳوٺن
    لٿا هئا ٿڪ ايامن جا
    مگر هڪ دل اِهو سوچيو
    وڻن جي لام هر هڪ مان
    اداسي جا لياڪا هئا
    کڻي ڪنهن درد جا جوڀن
    پنن ۾ ڄڻ لڪايا هئا
    اُڏارون سر مٿي تڙڳيون
    لڪيو پي سج ليارن ۾
    سکي جا وار ويڙهيندي
    وڃايل عمر جي عورت
    وڃي ڦاٿي سنڀارن ۾
    لٿا هئا عڪس نيڻن ۾
    ڪڪوريل نوجواني جا
    سرنهن جي لام ۾ جھولو
    لڏڻ سان ٻن ڪراين تي
    سڄڻ جي گفٽ جون چوڙيون
    الا ڇم ڇم سان ڇمڪيون ٿي
    اُتر کان ڏور ڪو بادل
    پئي چلڪاٽ سان گرجيو
    ڌنارن جي صدائن تي
    هوائن رقص ٿي ڇيڙيو
    گلن جي کيت مان ڪنهن پي
    وڏي پاٻوھ مان گھُوريو
    مگر سو سڀ اجايو هو
    وڇوڙو ئي سجايو هو
    الا ڪنهن شام اوکي جو
    تصور من ولوڙي ويو
    لمحو سو ياد آيو هو
    سڄڻ کي جو وڇوڙي ويو
    جھٻي هئي هانو کي آئي
    اکين ۾ سمنڊ ٿي لرزيو
    ويو پي ڪو حياتي جيئن
    چري سَر تي وڃي سڏ ڪِيو
    اُگھي ڳوڙهن کي ويندڙ هُن
    کنيون هڪ وار جو اکڙيون
    پپر تي ڪنڌ کي لاڙي
    الا ڪنهن ڇوڪري تڙپيو
    ڀڳل ڪنهن بانسري جهڙن
    چپن کي جنبشون آيون
    هٿن ۾ لرزشون آيون
    ويڙهي ڪنهن چيچ تي پوتي
    وڌي پي وات ۾ آڱر
    نچيا پي لڙڪ ڳلڙن تي
    ڀيانڪ هو سما ايڏو
    وڇوڙي مهل دل ڀانيو
    اونداهي ئي اونداهي آ
    مگر پوءِ گھڻو پوءِ
    جڏهن دل جي جھروڪن ۾
    پرين جي يادگيرين جا
    نما شامن ڏيئا ٻاريا
    تڏهن هن دل چري سمجھيو
    وڇوڙو بادشاهي آ
    سُهائي ئي سُهائي آ.


    ياد جا سڪا

    ياد جا سڪا

    دل جي هٿڙن ۾ هئا مون
    ياد جا سڪا ڏنا
    مون ته سمجھيو هو ائين
    وقت! تنهنجي ڌوڙ ۾
    سڀ وڃائيندي اُهي
    يا وري ڪنهن باک جھڙي
    مرڪ واري موھ عيوض
    سڀ کپائيندي اهي
    پر صدين کان پو جڏهن
    دل جا هٿ کولي ڏٺم
    ياد جا سارا سڪا
    سپ جي موتي جيان
    جرڪندي آيا نظر
    ها مگر دل جا اهي
    نرم، ڪومل هٿ ڪچا
    ڪنهن سڙي ويل جسم جيئن
    ڪاراٽجي آهن ويا.!!


    نوان محبوب

    نوان محبوب

    رڳو انجام تي سوچڻ
    رڳو ڳالهيون جدائي جون
    سدائين وصل کان باغي
    سدا سوچون تنهائي جون
    اهيو آغاز آ جانان
    ته پو انجام ڇا ٿيندو
    نه جي ڪجهه خاص ماڻيوسين
    ته پوءِ عام ڇا ٿيندو
    نوان محبوب، نئين سڪ جو
    نئون هي فلسفو آهي
    ملڻ، مرڪڻ کان اڳ وڇڙي
    مرڻ ۾ ڪو مزو ناهي
    رڳو محسوس ڪر جانان
    اڪيلي چنڊ راتين ۾
    محبت مجسمو ڪونهي
    گھڙي توکي ڏسيان آئون
    محبت تنهنجي پلڪن جي
    ٿڌيري ڇانو جھڙي آ
    محبت بين جوڳي جي
    ڪنهن صحرا ۾ ڇيڙي آ
    محبت سرڪ هڪڙي ۾
    حياتي کي پيئڻ جھڙي
    محبت چند لمحن ۾
    سوين عمريون جيئڻ جھڙي
    مگر جانان محبت کي
    ڳراٽيون وصل جون گھرجن
    پياليون پيار پنهنجي کي
    ٿيون گھاٽيون وصل جون گھرجن
    ذهن ڪشڪول خالي جيئن
    هلي آ تنهن اندر اوتيون
    ٿڌيون چانڊوڪيون گڏجي
    ٻه ٽي پل روح هڪڙو ٿيون
    جيئون گڏجي پيئون گڏجي
    هلي آ پنهنجي ساهن جا
    سمورا جام ڇُلڪايون
    هٿن ۾ هٿ ڏيئي جھومون
    هوا ۾ انگ لهرايون
    ته جيئن وڇڙي وڃڻ کان پو
    اگر ڪنهن موڙ تي گڏجون
    ذهن جي سرد خاني ۾
    ٻه ٽي ڀرپور ڀاڪر ۽
    ٻه ٽي چانڊوڪيون تڙپن
    ٻه ٽي ڳالهيون ڳراٽي جيئن
    هينئين تي هيج مان هرکن
    وڃڻ جي ويل دل جانان
    چوڻ تو کي اهو چاهي
    ملڻ مرڪڻ کان اڳ وڇڙي
    مرڻ ۾ ڪو مزو ناهي.


    تون وڃين ٿي وڃ مگر..

    تون وڃين ٿي وڃ مگر..



    ٿانوَ جيئن ماڃي بدن
    سينڌ کي سئو ور ڏيئي
    مرڪندي منهنجي اڳيان
    هانو تي پٿر ڏيئي
    تون وڃي ٿي وڃ مگر
    ديس کان پرتي گھڻو
    چنڊ ڪنهن پرديس جو
    جيڪڏهن توکان پڇي
    آسماني ويس جو
    مُرڪندي چئجان مٺي
    هوءَ زمين جھڙو هيو
    آئون هن جو آسمان
    سمنڊ جيئن هن جون اکيون
    ۽ ستارن جيئن مان
    پرتوو ڦهلائيندي
    روح ۾ هئس ڳائيندي
    ۽ ڪڏهن جي نيڻ هي
    بارشن وانگي وٺا
    روح هن جي جي زمين
    ٿي سڄي آلي ويئي
    پو نه جھڙالي ويئي
    منهنجو چهرو ٿي لڳو
    روپ هن کي چنڊ جو
    ۽ چڪورن جيئن هئا
    نيڻ ٻئي گھايل سندس
    رنگ هئا هن روح جو
    چپ ڪومايل سندس
    ۽ ڪڏهن جي کنوڻ جيئن
    مون مٿس کجڪار ڪئي
    هو گھڙيل ٽامي جيان
    ٿي سڄو چلڪاٽ ٿيو
    ۽ جڏهن ديدار جا
    دوئار ٿي هن تي کليا
    هو اڃي صحرا جيان
    ڪيترو بيچين ٿي
    گھائجي ويندو هيو
    ها مگر هاڻي اهو
    جو زمين جھڙو هيو
    حال تنهن جو ڇا چوان
    چنڊ اي پرديس جا
    جنهن زمين تي اُڀ جو
    ڪوئي پاڇو ڪونه آ
    جنهن زمين جي سمنڊ جي
    ڪنهن به ڇولي جي اُڇل
    چنڊ ڇاڇولي نٿي
    جنهن زمين جي رات ڪو
    صبح ئي ڳولي نٿي
    جنهن زمين جي چيٽ ۾
    ڪا به چانڊوڪي نه آ
    جنهن زمين جا سڀ چڪور
    چنڊ لئه تڙپي مُئا
    جنهن زمين جي ڀاڳ ۾
    بارشون ناهن لکيل
    سا زمين دوزخ سندي
    ڄڻ نئين تصوير آ
    ڪنهن ڀيانڪ خواب جي
    هوبهو تعبير آ
    ٿو جتي هاڻي ٿيئي
    بس رڳو پڄرڻ پچڻ
    بس رڳو کامي مرڻ
    بس رڳو کامي مرڻ.


    گناهه جهڙي رات

    گناهه جهڙي رات



    ڪهڙي ڪهڙي ياد رکان مان
    پنهنجي دل جي ديول ۾

    هڪڙي رات اماوس جي آ
    جنهن ۾ کهنبي ويس ڪنواريون
    چوڏس پرڻي رات جي خوشبو
    انگ انگ منجهه اُلاءُ ٻري ٿو
    انگ انگ ۾ برسات جي خوشبو
    پورا پار وسڻ جا آهن
    آگم جا اهڃاڻ اکين ۾
    هرڪو سڏ سرهو ئي آهي
    ڪانهي ڪا ڇاڪاڻ اکين ۾
    چوٽي چوٽي گل چندن جا
    موتيا هٿ ڪرائي ۾
    هر ڪنهن سينڌ سموهي آهي
    مهڪ ڀنيءِ پُروائي ۾
    هر ڪنهن مومل ”تارن تبرون“
    هاءِ ڪُهڻ جي ڪار اکين جي
    ڳل تي ڳل ڳراٽيون ڪيئي
    هاءِ سُرهي سيج سکين جي
    چوڏس واءَ ورايل ڏيئڙا
    ساري رات رميا آهن
    ساري لوڇ لڱن مان ويئي
    سارا درد ٿميا آهن
    ڀيڄ ڀنيءِ جي ويل سڀن جو
    انگ انگ آرس ٿي پيو آهي
    سارو لوهه سڃيندو هاڻي
    روح ته پارس ٿي پيو آهي
    پئي ٿي هير صبح جي ڳائي
    ڇم ڇم ڇم ڇم پايل ۾
    ڪهڙي ڪهڙي ياد رکان مان
    پنهنجي دل جي ديول ۾......


    جوڀن

    جوڀن
    ڏور مندر ۾ سَنک وڄن ٿا
    پوڄارڻ جي آشائن جا
    ديپ ٻرن ٿا
    منهن تان بين هٽائي ڪرشن
    ساري رات اهيو ٿو سوچي
    نکٽ نکٽ سان نينهن به ساڳيو
    تارن جا اهڃاڻ اهي ئي
    جن جي پرک پرائي راڌا
    مون ڏي پنڌ ڪيا آهن
    ماڻهو ماڻهو من به ساڳيو
    هر ڪنهن ترنيءِ تن به ساڳيو
    ساڳيو گنگا گهاٽ به آهي
    جنهن تي گپيون گج اتاري
    پنهنجا لڱ لسائن ٿيون
    جر سمورو ڏيئا ٿي ٿو
    اهڙا ڏيک ڏسائن ٿيون
    هيرون تن جي تن جي خوشبو
    گل گل کي پهچائن ٿيون

    ساڳي لڙهه لڙاٽيل جمنا
    چانڊوڪي جا ڏيک انهي تي
    هڪڙي تارن ريک انهي تي
    جيڪا واٽ ٻڌائي ٿي
    پرئين پار پريتم جي
    جنهن وٽ جيون با معنيٰ
    جيڪو بين وڄائي ٿو
    پنهنجي سُر سان سانوڻ جا
    سارا سانگ سجائي ٿو

    ساڳي مندر چانئٺ آهي
    جنهن تي سيس نمائي ڇوريون
    ڄڻ ته ازل جو ناچ نچن ٿيون
    پياسا پياسا نيڻ نچوئي
    پنهنجا آٽيل انگ مکن ٿيون
    ڏيئا ڏيئا تن انهن جا
    واريءِ مُٺ ڄڻ من انهن جا
    پوءِ به نيڻ جهڪائي پنڊت
    ڪهڙي رٽ لڳائي آهي
    جوڀن، جر تي ڦوٽو، ڇاهي
    سڀڪجهه جوٺي مايا آهي
    مورک هي به نٿو ڄاڻي
    جوڀن ٿو ڀڳوان جيئاري
    جوڀن رات ڦڳڻ جي آهي
    جنهن ۾ کهنبا ويس کڙن ٿا
    جوڀن گاگهر پاڻياري جي
    ڇُلڪا ڇُلڪا کاٽ هڻن ٿا
    امرت امرت پل آ جوڀن
    ”ريءُ سرائي سَل“ آ جوڀن
    سڀ ڪجهه ڄاڻي پو به نه ماڻي
    ائين نه چئو، اڻ جهل آ جوڀن.


    پرولي

    پرولي

    فضا خاموش واهڻ جون
    گليون سڀ گيان ۾ آهن
    سڀيئي صورتون تنهنجون
    اکين جي ڌيان ۾ آهن
    ڀنيءِ جو ولهه واهڻ تي
    بدن ۾ باھ ٻاري ٿي
    ٽُٽن ٿا انگ شيشي جيئن
    تنهائي هانو ڏاري ٿي
    لڱن جي لام تي ويهي
    نچين ٿو ناچ تون مون ۾
    ازل جي اُڃ اکڙين ۾
    تڪيان ٿي تنگ رستن کي
    اڃان هن واٽ جي ور تي
    تتل واري ۾ ويڻن جيئن
    پئي آ سوکڙي تنهنجي
    کڻان ٿي، ٿيون سکيون ٽوڪن
    ڇڏڻ تي دل نٿي سرچي
    ڪجل جا ڪس اکڙين مان
    ڌوئڻ تي دل نٿي سرچي
    ترائي تو پٺيان مون لئه
    وراڪو وڄ جو آهي
    ڀريان ٿي ڇرڪ ۽ اکڙيون
    الائي ڇا ته ڳولن ٿيون
    اوهان کان پوءِ سانجھي جون
    گليون سنسان ٿي ويون ۽
    سمهي پيا سڏ صبوحن جا
    منجھند مُرڪي نٿي مونسان
    ذهن کي آخري منظر
    اچن ٿا ياد ساوڻ ۾
    لٿو پي سج سڙنگھون جي
    وڻن جي پوئتان رڻ ۾
    ترائي جي ڪنڌي تي مان
    پريان هيٺاهين رستي تان
    هوا ۾ ٿيڙ کائيندو
    وئين پي دور تون ٿيندو
    سندءِ مايوس اکڙين ۾
    اڌورا سوال هئا ڪيئي
    مگر تو ڪون ٿي سمجھيو
    مُٺي هن دل جي ٻولي کي
    ”اچي پاڻي لئه پاڻياري
    وساري گھر گھڙولي کي“
    مسافر ڪاش سمجھين ها
    انهي سولي پرولي کي


    نه مان آهيان نه پاڇو آ

    نه مان آهيان نه پاڇو آ


    وڃي ٿي ڊوڙندي دل جي
    ندي بيتاب ساگر ڏي
    لمحن جي پينگهه تي آئون
    هلان ٿو دور دلبر ڏي
    وڻن جي ڇانو گھاٽي مان
    وڃي ٿو ور ڏيئي رستو
    ندي جي ٻئي ڪناري ڏانهن
    جتان کان باغ فطرت جو
    ٿيئي ٿو همسفر مون سان
    هلي ٿو آسمان نيرو
    صفا ڄڻ بيخبر مون سان
    فضا ۾ هير جو جھولو
    انبن جي ٻور جي خوشبو
    کڙي پئي آ تصور ۾
    پرين جي پور جي خوشبو
    پرن جي ڦڙڦڙاهٽ جي
    وڄي ٿي بانسري مڌم
    ڀڃن ٿا گل آرس ۽
    هوا ۾ گيت ۽ سرگم
    پُڇن ٿيون پنڌ پيرن کان
    پرين جي ڳوٺ جون ڳليون
    ۽ آئون واٽ تي ويهي
    ڏسان ٿو سج کي پرتان
    لهي جيڪو پهاڙي تان
    صدين جا ٿڪ لاهي ٿو
    ۽ منهنجي روح ۾ هڪڙو
    عجب اسرار ڳاهي ٿو
    ٿي منهنجي دل اهو سوچي
    ازل کان ابد تائين جو
    سفر ڪيڏو اڙانگو آ
    رڳو آ رڃ جو صحرا
    رڳو هڪڙو ئي پاڇو آ
    ڊڪان ٿو جنهن پُٺيان آئون
    ۽ ٿڪجي هارجي جنهن پل
    هي سورج همسفر منهنجو
    سفر ۾ موڪلائي ٿو
    ته ڇرڪي ٿو ڏسان خود کي
    نه مان آهيان نه پاڇو آ
    رڳو اوندھ ڏسائن ۾
    عدم جي ٻاٽ ڪاري آ
    پئي ڦهلي فضائن ۾!


    موڪلاڻي

    موڪلاڻي

    فضا جي چائنٺن تي هِن
    ستارن جا ڏيئا روشن،
    اڱڻ جي آخري ڪنڊ ۾
    تنهائي ميز تي خالي
    گلاسن جيئن پئي آهي،
    پريشان حال ڄڻ آهي
    هوءَ روشن دان ڪمري جو،
    بلب جي روشني جھيڻي
    الئه ڪنهن کي پڪاري پئي،
    درين جا ريشمي پردا
    هوا هر هر اڏاري پئي،
    انهن جي پوئتان ڪنهنجو
    سڙي ٿو جسم سگري جيئن،
    ٻه ٽي سگريٽ جا ٽوٽا
    وسامڻ ڪون ٿا چاهن،
    ٻه ٽي ڳالهين جون سرگوشيون
    الائي ڇوهوا خود سان
    کڻڻ وسري وئي آهي،
    ڳليءَ ۾ ڪنهن جي قدمن جي
    اڃا آهٽ سُتي ناهي،
    اڃا ڪجهه وقت ڀي لڳندو
    انهي کي دور اُڪرڻ ۾،
    اڃا سيٽي وڳي ناهي
    انهي سنسان ٽيشن تي،
    مگر معمول جي ابتڙ
    هلي وئي ريل گاڏي آ
    وساري هڪ دٻو پٺتي،
    جنهين جي هڪ دري مان، هٿ
    هٿن مان ڄڻ ڇُٽا ناهن،
    نظر نظرن ۾ ڄڻ آهي
    صفا تحليل ٿي ويئي،
    پريان وستي جي کيتن ۾
    وسي ٿي ٿڌ رستن تي،
    ۽ هلڪي غمزدھ سُر ۾
    وڇوڙو واءُ ڳائي پيو،
    وڻن جي بي لباسي کان
    ڊسمبر موڪلائي پيو..!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340626
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ