ڪتاب جو نالو: هـوگـو شـاويـز (زندگي ۽ جدوجهد)
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 28 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 615 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 544 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”هوگو شاويز (زندگي ۽ جدوجهد)“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جو وينزويلا جي صدر هوگو شاويز تي لکيل مختلف مضمونن ۽ سوانح تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي ئي آهي.
ايران جولاءِ 2006ع ۾ صدر شاويز کي پنهنجو سڀ کان وڏو سرڪاري اعزاز ڏنو، کيس اهو اعزاز ايران جي نيو ڪليئر پروگرام جي جرئت ڀري حمايت جي اعتراف ۾ ڏنو ويو، صدر شاويز آمريڪا تي سخت تنقيد ڪرڻ کانسواءِ لبنان تي اسرائيل جي حملي کي ”چريائپ“ ۽ ”دهشتگردي“ قرار ڏنو . هن آمريڪا جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو. ”سڄي دنيا جي عوام کي گڏجي آمريڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ا رپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • شاويز جو وطن وينزيويلا
  • بغاوت کان صدارت تائين
  • ٻيو ڀيرو صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي ۽ ملڪي ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ وکون
  • شاويز جي ڪهاڻي، سندس پنهنجي زباني
  • شاويز جا عوامي ڀلائي لاءِ کنيل قدم
  • هوگو شاويز جي انقلابي پارٽي : ففٽ ريپبلڪ موومينٽ
  • ڪالهه ! هتي شيطان آيو هو
  • بوليوين انقلاب ۽ هوگو شاويز
  • ڪجهه پڇاڙڪا لفظ

  • ا رپنا

    سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي
    سُکيو، خوشحال
    وڏيرڪي ۽ بيٺڪي
    قبضي کان آزاد
    ڏِسڻ جي خواهش لاءِ
    جدوجهد ڪندڙ
    جيلن ۾ ويندڙ
    وڏيرن ۽ ڌارين جون مارون کائيندڙ
    ڦٽڪا سهندڙ
    پر سدا ڳاٽ اوچو رکندڙ
    قومي ڪارڪنن
    ۽ هاري ورڪرن
    رسول بخش ڏيٿو عرف ساٿي جبل (مرحوم)
    علي محمد سوڍو عرف علي سائين (مرحوم)
    ڪامريڊ ابو ملاح (مرحوم)
    ۽
    سائين محمد يوسف ڪيڙاني جي نالي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (286) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”هوگو شاويز (زندگي ۽ جدوجهد)“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جو وينزويلا جي صدر هوگو شاويز تي لکيل مختلف مضمونن ۽ سوانح تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي ئي آهي.

    ايران جولاءِ 2006ع ۾ صدر شاويز کي پنهنجو سڀ کان وڏو سرڪاري اعزاز ڏنو، کيس اهو اعزاز ايران جي نيو ڪليئر پروگرام جي جرئت ڀري حمايت جي اعتراف ۾ ڏنو ويو، صدر شاويز آمريڪا تي سخت تنقيد ڪرڻ کانسواءِ لبنان تي اسرائيل جي حملي کي ”چريائپ“ ۽ ”دهشتگردي“ قرار ڏنو . هن آمريڪا جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو. ”سڄي دنيا جي عوام کي گڏجي آمريڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.“

    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2012ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شاويز جو وطن وينزيويلا

    وينزويلا هميشه جي لاءِ بدلجي چڪو آهي- شاويز

    وينزويلا 1830ع ۾ ”گرين ڪولمبيا“ (GRAN COLOMBIA) جي ٽٽڻ سان وجود ۾ ايندڙ ٽن ملڪن مان هڪ آهي، باقي ٻه ملڪ ايڪوئيڊور ۽ گريناڊا هئا، جيڪو پوءِ ڪولمبيا ٿيو. ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ وينزويلا تي گهڻو ڪري فوجي راڄ رهيو، جنهن تيل جي صنعت کي ترقي وٺرائي ۽ ملڪ ۾ ڪي سماجي سڌارا پڻ ڪيا. 1959ع کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون قائم ٿيڻ لڳيون.
    وينزويلا جي پکيڙ 912050 ڪلوميٽر آهي. ملڪي سرحدون ڪئربيئن سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ، ڪولمبيا، برازيل ۽ گيانا سان ملن ٿيون. وينزويلا پئٽرول، قدرتي گئس، لوهه، سون، باڪسائيٽ، هيرن ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي. ملڪ جو سرڪاري نالو ”بوليويئرن ريپبلڪ آف وينزويلا“ آهي. ملڪ جي گادي جو هنڌ ”ڪاراڪاس“ ۽ سرڪاري زبان اسپيني آهي. وينزويلا 5 جولاءِ1811ع تي اسپين کان آزادي حاصل ڪئي، وينزويلا جو هاڻوڪو آئين 1999ع ۾ تيار ڪيو ويو، جنهن جي منظوري هڪ ريفرينڊم جي ذريعي عوام کان ورتي ويئي. اهو آئين1961ع جي آئين جي جاءِ تي ڊسمبر 1999ع ۾ لاڳو ڪيو ويو. 1811ع ۾ وينزويلا جي آزاديءَ کانپوءِ ملڪ ۾ 26 آئين لاڳو رهيا، اهو ستاويهون آئين آهي، جنهن کي ٺاهڻ جو تصور هيوگو شاويز پيش ڪيو هو. شاويز ۽ سندس حامي، جن کي شاويسٽا (Chavista)چيو وڃي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته هو ان کي ”سائمن بوليوار ۽ بولي ويئرين ازم“ جي سياسي فڪر ۽ فلسفي جو آئينو قرار ڏين ٿا.
    1999ع جو آئين وينزويلا جو پهريون آئين آهي، جيڪو عوامي ريفرنڊم جي ذريعي منظور ڪيو ويو ۽ اُن آئين جي لاڳو ٿيڻ سان وينزويلا ۾ ”پنجين ريپبلڪ“ جو قيام عمل ۾ آيو. ”ففٽ ريپلڪ“ سڏائڻ جو سبب اهو آهي ته نئين آئين ۾ بولي ويئرين ازم جي اصولن ۽ سوشلزم جي فلسفي موجب ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديليون آڻڻ جا فقرا شامل ڪيا ويا آهن. ان آئين ۾ وينزويلا جي حڪومت جي ڍانچي ۽ ذميوارين ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ وينزيويلا جي سڀني شهرين کي ڪيترن ئي انساني حقن جون ضمانتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ مفت تعليم، صحت، صاف ماحول، اقليتن (مقامي ماڻهن سميت) جي سڀيتا، مذهب ۽ زبانن جي تحفظ جا حق شامل آهن.
    صدر هيوگو شاويز جيڪو 6 ڊسمبر 1998ع تي، 1961ع جي آئين موجب ملڪ جو صدر چونڊيو ويو هو، 1992ع ۾ پنهنجي فوجي بغاوت جي زماني ۾ ئي هڪ نئين آئين جي جوڙجڪ جي باري ۾ سوچي رهيو هو، سندس چوڻ آهي. ” اسان ان حوالي سان ڪافي غور ويچار ۽ بحث ۽ مباحثو ڪيو ته ماضيءَ مان ڪيئن جند ڇڏائجي، هن جمهوريت مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي، جيڪا اجادار طبقن جي مفادن جي نگهبان آهي ۽ ڪرپشن مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي. اسان سدائين هڪ روايتي قسم جي فوجي بغاوت جي تصور کي رد ڪيو هو، اسان نه ته فوجي آمريت قائم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ نه ئي وري ملٽري جنتا. اسان کي 91-1990ع ۾ ڪولمبيا ۾ ٿيندڙ واقعن جي خبر هئي، يعني هڪ هٿ ٺوڪي آئيني اسيمبلي ته موجود هئي، پر اها موجود قوتن جي فرمانبردار هئي، اهي ڪولمبيا جون موجود قوتون هيون، جن آئين ساز اسيمبلي جي جوڙجڪ ڪئي هئي، ان کي هلائي رهيون هيون، اهڙي صورتحال کي ان ڪري به مڪمل طور تي بدلائي نٿو سگهجي، جو اها موجود قوتن جي فڪر ۽ فلسفي جي قيدي هئي.“
    هيوگوشاويز 1992ع ۾ ڪيل فوجي بغاوت جي ناڪام ٿيڻ، گرفتاري ۽ آزادي کانپوءِ نئون آئين ٺاهڻ پنهنجو سياسي مقصد بڻائي ورتو هو. تنهنڪري هن 1998ع جي صدارتي چونڊ مهم دوران، عوام سان ٻين واعدن ڪرڻ سان گڏ هڪ نئون آئين ٺاهڻ جو به واعدو ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته هو صدر چونڊجڻ کانپوءِ هڪ عوامي ريفرنڊم ڪرائيندو ته عوام هڪ آئين ساز اسيمبليءَ جو قيام چاهي ٿو يا نه؟ صدر چونڊجڻ کانپوءِ هن جيڪو سڀ کان پهريون فرمان جاري ڪيو اهو ريفرنڊم ڪرائڻ جي باري ۾ هو، جيڪو 29 اپريل 1999ع تي ٿيو، ووٽرن کان ٻه سوال پڇيا ويا هئا. آئين ساز اسيمبلي ٺاهڻ کپي يا صدر جي تجويز ڪيل ميڪانزم موجب آئين ٺاهيو وڃي؟ انهن ٻنهي سوالن جي حق ۾ ترتيبوار 92 سيڪڙو ۽ 86 سيڪڙو ووٽ وڌا ويا.
    


    بغاوت کان صدارت تائين

    غربت جي خاتمي جو واحد طريقو اهو آهي ته حڪومت غريبن کي ڏني وڃي.(شاويز)

    هيوگو شاويز، 1992ع ۾، ان وقت جي صدر ”ڪارلوس آندري“ جي خلاف فوجي بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ، کاٻي ڌر جو نظريو رکندڙ ”ففٽ ريپبلڪ موومينٽ“ جي نالي سان پنهنجي سياسي پارٽي قائم ڪئي، جنهن جي پليٽ فارم تان هن وينزويلا جي اڪثريتي غريب آباديءَ جي بهتريءَ جي واعدن تي 1998ع ۾ صدارتي چونڊ کٽي. 2000ع ۾ هو ٻيو ڀيرو صدر چونڊيو. هن ملڪ ۾ ”بولي ويئرن مشنس“ جي عنوان سان ڪيترا ئي ترقياتي ۽ فلاحي پروگرام شروع ڪيا، جن جو مقصد ملڪ مان غربت، جهالت، بي روزگاري، بيمارين، خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين سماجي براين جي پاڙ پٽڻ هئي. عالمي سطح تي صدر شاويز واشنگٽن جي معاشي نظرين جو سڀ کان وڏو مخالف ۽ متبادل معاشي ۽ سماجي نظرييءَ جي پروگرام جو سرگرم پرچارڪ آهي. هو دنيا جي غريب ملڪن جي پاڻ ۾ سهڪار ۽ ٻڌي جي نظريي تي يقين رکي ٿو.
    صدر شاويز جي سڌارن جي نتيجي ۾ وينزويلا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان ايندڙ رد عمل ۾ جتي سندس سڌارن جي واکاڻ ڪئي ويئي، اتي مٿس سخت تنقيد به ڪئي ويئي. وينزويلا جا شهري ٻن ڌار ڌار رخن ۾ سوچين ٿا، هڪڙا چون ٿا ته شاويز غريبن جي حالتن ۾ سڌارو آندو آهي ۽ ٻيا وري الزام هڻن ٿا ته سندس پاليسين جي ڪري سندس آمراڻو ڪردار اُڀري آيو آهي ۽ معيشت جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. دنيا جا ڪي ملڪ هن کي تيل جي قيمتن ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ خطرو تصور ڪن ٿا، جڏهن ته ڪي ملڪ سندس آئيڊيالاجيءَ جا قدردان آهن ۽ وينزويلا سان ٻه طرفا واپاري معاهدا ڪري رهيا آهن. ڪي ملڪ وري وينزويلا کان امداد به حاصل ڪري رهيا آهن.
    مشهور ”ٽائم مئگزين “ 2005ع ۽ 2006ع ۾ کيس دنيا جي سڀ کان وڌيڪ هڪ سئو بااثر شخصيتن ۾ شامل ڪيو هو.

    شروعاتي زندگي
    شاويز 28 جولاءِ 1954ع تي ”ساريناس“ جي هڪ وسندي ”سبانيتا“ ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ جو نالو ”هيو گو ڊي لوس ريس شاويز“ ۽ امڙ جو نالو ”ايلينا فرائس ڊي شاويز“ آهي. ٻيئي اسڪول ماستر هئا.
    شاويز جا ابا ڏاڏا آمريڪي، انڊين، آفريقي ۽ اسپيني گڏيل سڏيل نسل جا آهن، سندس پالنا هڪ جهوپڙيءَ ۾ ٿي. ننڍي وهيءَ ۾ کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ ايڊن سان گڏ پنهنجي ڏاڏيءَ وٽ ”سبانيتا“موڪليو ويو، جتي شاويز مصوري، گلوڪاري ۽ بيس بال جهڙا شغل اختيار ڪيا. اتي هن ”جو ليئن پينو اسڪول“ مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. پوءِ کيس هڪ ٻي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. سترهن سالن جي عمر ۾ شاويز کي ”وينزيويلين اڪيڊمي باربناس ۾ آف ملٽري آرٽس اينڊ سائسنز“ ۾ داخلا ملي. 1975ع ۾ هن سڀ ليفٽيننٽ جي عهدي سان ملٽري آرٽس اينڊ سائنسز ۾ ڊگري ورتي. ان کانپوءِ هن ڪجهه مهينا فوجي نوڪري ڪئي. تنهن کانپوءِ کيس ”ڪاراڪاس“ جي ”سائمن بوليور يونيورسٽي“ ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي موڪل ملي.
    تعليم جي دوران هن پنهنجي ساٿي شاگردن سان گڏجي کاٻي ڌر جي قومپرستيءَ تي ٻڌل نظريي جي جوڙجڪ ڪئي، جنهن کي هن ”بولي ويئرن ازم“ جو نالو ڏنو، ان نظريي جو بنياد اڻويهين صديءَ جي وينزويلائي انقلابي ”سائمن بوليوار“ جي پان آمريڪي فلسفي، پيرو جي سابق صدر ”جو آن ويلاسڪو ايلوار“ ۽ ٻين ڪيترن ئي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن جي خيالن تي رکيو ويو. ان عرصي دوران شاويز ثقافتي سرگرمين ۽ مختلف راندين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. تنهن کانسواءِ هن شاعري ڪئي. ڪهاڻيون ۽ ڊراما پڻ لکيا.
    تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ شاويز ”باريناس“ ۾ بغاوتن کي منهن ڏيندڙ بٽالين ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. شاويز سترهن سالن تائين فوجي نوڪري ڪئي، ان دوران هو مختلف ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. نيٺ کيس ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي. شاويز، وينزويلا جي ملٽري اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ جون ۽ انتظامي ذميواريون به ادا ڪيون، جتي کيس پنهنجي شعله بياني، وينزويلا جي حڪومت ۽ سماج تي انقلابي انداز ۾ تنقيد ڪرڻ جي ڪري پنهنجن ساٿين ۾ مقبوليت ملي. ان زماني ۾ هن ”انقلابي بولي ويئرن موومينٽ 200“ قائم ڪئي، هن وينزويلا جي گادي جي هنڌ ”ڪاراڪاس“ ۾ ڪن انتهائي اهم ۽ حساس فوجي عهدن تي به خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا.

    1992ع ۾ شاويز جي بغاوت
    وينزيويلا جي صدر ”ڪارلوس آندري پيريز“ جي حڪومت ۾ ملڪ معاشي زوال ۽ انتشار جو شڪار هو، عوام ۾ سخت بيچيني پکڙيل هئي، جيڪا طاقت جي استعمال سان دٻائي ويئي، انهن حالتن کي ڏسندي شاويز فوجي بغاوت جي رٿا تيار ڪئي. پهرين ڊسمبر 1991ع تي بغاوت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر حالتن کي ڏسندي تاريخ بدلائي 4 فيبروري 1992ع مقرر ڪئي ويئي. مقرر ڪيل تاريخ تي شاويز جي اڳواڻيءَ ۾ پنجن فوجي يونٽن صدارتي محل، وزارت بچاءُ جي آفيسن، لاڪارلوٽا ملٽري ايئرپورٽ ۽ تاريخي ميوزيم تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ پيشقدمي شروع ڪئي، هنن پرڏيهي دوري تان موٽندڙ صدر ڪارلوس کي گرفتار ڪرڻ ٿي چاهيو، پر اها بغاوت ناڪام ٿي ويئي. دراصل شاويز کي وينزويلائي فوج جي فقط ڏهين پتي جي حمايت حاصل هئي. بغاوت جي دوران سندس ڪي ساٿي به ساڻس بي وفائي ڪري ويا ۽ هو پنهنجن ڪجهه ساٿين سميت تاريخي ميوزم ۾ اهڙي حالت ۾ گهيري ۾ اچي ويو، جو وٽس ٻاهر موجود پنهنجن ساٿين سان رابطي جي سهوليت به نه رهي. ٻي پاسي شاويز جا ساٿي، سندس اڳ ۾ رڪارڊ ڪيل خطاب به نشر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، جنهن ۾ هن عوام کي پيريز جي خلاف عوامي بغاوت برپا ڪرڻ جو چيو هو، صدر پيريز جي حامي فوجين باغين کيس گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ سخت مقابلي کانپوءِ شاويز کي گرفتار ڪيو ويو. ان لڙائيءَ ۾ 14 فوجي مئا 50 فوجي ۽ 80 شهري زخمي ٿي پيا، البت ٻين شهرن ۾ شاويز جا ساٿي عوام جي مدد سان ڪامياب رهيا ۽ هنن ويلسينيا، ماراڪيو ۽ مارا جهڙن شهرن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، البت هو گادي جي هنڌ ”ڪاراڪاس“ تي قبضو ڪري نه سگهيا.
    حالتن کي نظر ۾ رکندي شاويز پنهنجو پاڻ کي گرفتاري جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. حڪومت کيس ٽيليويزن جي ذريعي باقي باغين کي پنهنجون ڪارروايون روڪڻ جي لاءِ خطاب ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ان خطاب ۾ هن پنهنجو مشهور جملو ادا ڪيو. ”اسان جي ناڪامي وقتي آهي “. حڪومت جي بدعنواني ۽ آمريت جي مخالفت ڪندڙ اڳواڻ جي حيثيت سان هو وينزويلا جي غريب عوام جو هيرو بنجي ويو.
    شاويز کي جيل ۾ وڌو ويو، پر هڪ سال کانپوءِ صدر پيريز جو مواخذو ڪري کيس عهدي تان هٽايو ويو، قيد جي دوران شاويز اکين جي بيماري جو شڪار ٿيو، جنهن سبب سندس نظر ڪمزور ٿي ويئي.

    سياسي اُڀار – 1992ع – 1999ع
    ٻن سالن جي قيد کانپوءِ 1994ع ۾ صدر ”رافيل ڪالڊيرا“ سندس سزا معاف ڪري ڇڏي. آزاد ٿيڻ کانپوءِ شاويز ايم بي آر 200 کي ”ففٽ ري پبلڪ موومينٽ“ جو نالو ڏنو.
    1998ع ۾ هن صدارتي عهدي جي لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي مهم شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ هن ووٽرن جي سامهون جيڪو پروگرام پيش ڪيو، اهو ”بولي ويئرين ازم“ تي ٻڌل هو، هن چيو، ”هو هڪ نئين ريپبلڪ جو بنياد رکڻ چاهي ٿو.“ هن چيو ته موجوده حڪومت آمريت ۾ بدلجي چڪي آهي ۽ آئين جي ڪابه حيثيت نه رهي آهي. صدارتي چونڊ مهم جي دوران شاويز پنهنجي خطابن جي ذريعي عوام جون دليون کٽي ورتيون. هو عوام سان سندس ئي زبان ۾ ڳالهائي ٿو. موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان مقامي چوڻيون ۽ پهاڪا به استعمال ڪري ٿو.
    ملڪ جي غريب ۽ پيڙهيل عوام کي شاويز جي شڪل ۾ اميد جو ڪرڻو نظر اچڻ لڳو ۽ سندس عوامي حمايت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ويو. نيٺ 6 ڊسمبر تي صدارتي عهدي جي لاءِ چونڊ ٿي، جنهن ۾ شاويز 56 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.
    هيوگو شاويز 2 فيبروري 1999ع تي صدر جي عهدي جو حلف کنيو، هن سڀ کان پهرين جيڪي ڪم ڪيا، انهن ۾ سڀني کان اهم ۽ مشهور قدم ”پلان بولي وار 2000ع“ جي شروعات هئي. ان پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ روڊ، رستا ۽ غريبن جي لاءِ گهر اڏيا پيا وڃن. وبائي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، شاويز جو ٻيو اهم قدم اهو هو ته هن”نيشنل سيڪيورٽي سسٽم“ جي ايلومينم انڊسٽري ۽ تيل جي صنعتن جي نجڪاري روڪي ڇڏي. ان کانسواءِ هن وڏين ڪارپوريشنن ۽ زميندارن کان ٽئڪسن ۽ ڍلن جي اوڳاڙي جي نظام کي شفاف بنايو.
    جولاءِ 1999ع ۾ هڪ ريفرنڊم جي ذريعي آئين ساز اسيمبلي جوڙي ويئي. آگسٽ 1999ع ۾ آئين ساز اسيمبلي جي ”قانوني هنگامي ڪميٽيءَ“ “عدالتي ايمرجنسي“ جو اعلان ڪندي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. ان کانپوءِ هڪ ست رڪُني ڪميٽيءَ قومي اسيمبليءَ جا فرض ادا ڪندي رهي. آئين ساز اسيمبلي 1999ع وينزويلا جو آئين تيار ڪيو، جنهن ۾ صدر جي عهدي جي مدت پنجن سالن مان وڌائي 6 سال ڪئي ويئي، صدر جي عهدي تي هڪ شخص جي چونڊ کي ٻن ڀيرن تائين محدود ڪيو ويو. ملڪ کي ”ريپبلڪا بولي ويرنا ڊي وينزويلا“ جو نالو ڏنو ويو، صدر جا اختيار وڌايا ويا. ملڪي پارليامينٽ کي ٻن بدران هڪ ايواني بنايو ويو. ججن جي مقرري ميرٽ تي ڪرڻ جا فقرا شامل ڪيا ويا. صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ”پبلڪ ڊي فينڊر“ جو عهدو تخليق ڪيو ويو.
    نئين آئين تحت، هڪ ايواني قومي اسيمبلي جي لاءِ 30 جولاءِ 2000ع تي نيون چونڊون ٿيون، شاويز ٻيهر صدر جي عهدي جي لاءِ چونڊن ۾ حصو ورتو، انهن چونڊن ۾ شاويز ۽ سندس اتحادي پارٽين قومي اسيمبلي جون ٻه ڀاڱي ٽي سيٽون کٽيون، جڏهن ته شاويز 60 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. انهن چونڊن جي نگراني هڪ اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي ”دي ڪارٽر سينٽر“ ڪئي.
    صدر هيوگو شاويز پنهنجي صدارت جي شروعاتي ٽن سالن ۾ زمينون ورهائڻ جو هڪ پروگرام شروع ڪيو ۽ عوام جي سماجي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ڪيا. انهن سڌارن جو مقصد جنم وٺندڙ ٻارن جي موت جي تعداد کي گهٽائڻ، حڪومتي فنڊ سان هلندڙ هيلٿ ڪيئر سسٽم جو قيام ۽ يونيورسٽي جي سطح تائين تعليم جي مفت فراهمي شامل آهي. شاويز حڪومت موجب پرائمري اسڪولن ۾ داخل ٿيندڙ ٻارن جي تعداد ۾ ڏهن لکن جو واڌارو ٿيو آهي.

    شاويز جي خلاف بغاوت
    9 اپريل تي مخالف ڌر جي اڳواڻ ”ڪارلوس اورٽيگا“ ٻن ڏينهن جي هڙتال جو اعلان ڪيو. 11 اپريل 2002ع تي سوين ماڻهن وينزويلا جي سرڪاري تيل ڪمپني جي نوڪريءَ مان ڪڍيل انتظاميا جي حق ۾، ڪمپنيءَ جي هيڊڪوارٽر تائين جلوس ڪڍيو، جلوس جو بندوبست ڪندڙن، جلوس کي صدارتي محل تائين وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جتي شاويز جي حامين جو جلسو ٿي رهيو هو، نتيجي ۾ مظاهرين جي ٻن گروپن ۽ حڪومت جي مخالف ”ڪاراڪاس“ جي ميئر جي حڪم هيٺ ڪم ڪندڙ ”ڪاراڪاس ميٽرو پوليٽن“ پوليس ۽ شاويز جي حڪم هيٺ ڪم ڪندڙ ”وينزويلا نيشنل گارڊز“ جي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي.
    پوءِ، غير متوقع طور تي وينزويلا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر انچيف”لوڪس روڪن روميرو“. قومي نشرياتي رابطي تي خطاب ڪندي ٻڌايو ته صدر شاويز استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي ۽ کيس فوج جي تحويل ۾ وٺي هڪ فوجي اڏي تي نيو ويو آهي. فوج ”پنڊروڪارمونا“ کي وينزويلا جو وقتي صدر مقرر ڪيو، وقتي صدر ڪارمونا، پنهنجي پهرين حڪم جي ذريعي ”بولي ويئرين انقلاب“ جي دوران جاري ڪيل سڀني اهم سماجي ۽ معاشي پاليسين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، وقتي صدر قومي اسيمبلي کي به ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جو نالو ٻيهر ”ري پبلڪا ڊي وينزويلا“ رکيو.
    وقتي صدر جي ان حڪم جي جاري ٿيڻ کانپوءِ هيوگو شاويز جي حامين ”ڪاراڪاس“ ۾ زبردست احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. شاويز جي حامي فوجين عوام جي حمايت سان جوابي فوجي بغاوت شروع ڪري ڇڏي ۽ صدارتي محل تي قبضو ڪري شاويز کي آزاد ڪرائي ورتو. 13 اپريل 2002ع جي رات هيوگو شاويز ٻيهر پنهنجي عهدي تي بحال ٿي ويو.

    بغاوت جو آمريڪا تي الزام
    پنهنجي عهدي تي بحال ٿيڻ کانپوءِ صدر شاويز الزام هنيو ته وٽس ان ڳالهه جو پڪو ثبوت موجود آهي ته اپريل ۾ سندس خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت ۾ آمريڪي فوج به ملوث هئي، هن ٻڌايو ته وينزويلا جي راڊارن مان حاصل ٿيندڙ اميجز مان خبر پوي ٿي ته بغاوت جي دوران آمريڪي سامونڊي ۽ هوائي جهاز وينزويلا جي سمنڊ ۽ فضا ۾ موجود هئا. ان کانسواءِ برطانوي اخبار ”گارڊين“ هڪ اڳوڻي آمريڪي انٽيليجنس آفيسرن ”وين ميڊسن“ جو بيان شايع ڪيو ته اپريل ۾ وينزويلا ۾ ٿيندڙ فوجي بغاوت ۾ آمريڪي سامونڊي فوج ملوث هئي.
    صدر شاويز الزام هنيو ته بغاوت ختم ٿيڻ کانپوءِ به آمريڪا کيس حڪومت مان هٽائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. 6 آڪٽوبر 2002ع تي صدر شاويز بيان ڏنو ته بغاوت جي هڪ ٻي سازش پڪڙي ويئي آهي.

    *
    صدر هيوگو شاويز پنهنجي عوامي مقبوليت ۽ حمايت برقرار رکڻ جي لاءِ 4-2003ع ۾ ڪيترائي سماجي ۽ معاشي پروگرام شروع ڪيا. جولاءِ 2003ع ۾ هن پروگرام ”مشن روبن سن“ شروع ڪيو، جنهن جو مقصد پندرهن لک بالغ شهرين کي لکڻ ۽ پڙهائڻ سيکارڻ هو. آڪٽوبر 2003ع ۾ صدر شاويز ”مشن گوائي ڪائي پورو“ شروع ڪيو جنهن جو مقصد وينزويلا جي اصلوڪن رهاڪن جي مذهب، گذر سفر، زمين ۽ سڀيتائي حقن جو تحفظ شامل هو. 2003ع جي پڇاڙيءَ ۾ صدر شاويز ”مشن سوڪري“ شروع ڪيو، جنهن جو مقصد ويهن لکن اهڙن بالغ شهرين کي اعليٰ تعليم ڏيڻي هئي، جن پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي، نومبر 2003ع ۾ صدر شاويز ”مشن ريباس“ شروع ڪيو، جنهن جو مقصد هاءِ اسڪول جي تعليم اڌ ۾ ڇڏيندڙ 50 لک شهرين کي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ ڊپلوما حاصل ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪرڻ هو.
    مشن ”روڊن سن“ جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي صدر شاويز پنجاهه هزار اهڙن شهرين جي ميڙ کي خطاب ڪيو، جيڪي پهرين اڻ پڙهيل هئا. ان جلسي ۾ صدر شاويز چيو ته ”اسان هڪ سال ۾ 1250000 شهرين کي گريجوئيٽ بنائي ڇڏيو آهي.“
    *

    9 مئي 2004ع تي ”ڪاراڪاس“ جي ويجهو ٻن فارمن تي ڇاپا هڻي 126 ڪولمبيائي رهاڪن کي گرفتار ڪيو ويو، هنن ٻڌايو ته کين وينزويلا ۾ روزگار جو ڏٽو ڏيئي هتي آندو ويو ۽ پوءِ وينزويلائي فوج جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ ڀرتي ڪيو ويو، جنهن فارم تان کين گرفتار ڪيو ويو هو، اهو فيڊل ڪاسترو جي مخالف هڪ ڪيوبائي جلاوطن جو هو، جيڪو اپريل 2002ع ۾ صدر شاويز جي خلاف ٿيندڙ بغاوت ۾ به شامل هو. صدر شاويز بيان ڏنو ته غير ملڪي پئسن سان هڪ نجي پيرا ملٽري فورس ٺاهي پيئي وڃي، جنهن جو مقصد تشدد وسيلي کيس اقتدار مان هٽائڻ آهي.
    


    ٻيو ڀيرو صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي ۽ ملڪي ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ وکون

    منهنجو ايمان آهي ته هڪ نئين، سٺي ۽ ممڪن دنيا جو رستو سرمائيدار نه پر سوشلزم آهي.
    3 ڊسمبر 2006ع تي ٿيندڙ چونڊن ۾ هيوگو شاويز 63 سيڪڙو ووٽ کڻي هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجي ويو. انهن چونڊن کان ”ڪارٽر سينٽر“ به شفاف ۽ آزاد قرار ڏنو. انهن چونڊن ۾ سندس ويجهو مخالف مينوئل روزاليز هو، جنهن 4 ڊسمبر 2006ع تي پنهنجي هار مڃڻ جو اعلان ڪيو. جيت کانپوءِ صدر شاويز سوشلزم کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ انقلابي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو.
    صدر هيوگو شاويز جي اندروني پاليسين جو گهڻو تڻو مدار ”بولي ويئرين مشن“ تي آهي، جنهن جو مقصد ملڪ جي معاشي ۽ سڀيتائي منظر ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ آهي.
    بولي ويئرن مشن تحت حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جن ۾ غريبن جي لاءِ هزارين مفت ۾ صحت مرڪز قائم ڪيا ويا. شهرين کي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو ويو. 1998ع کان وٺي 2006ع جي وچ ۾ نون ڄمندڙ ٻارن جي موت جي شرح ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي. حڪومت 2007ع جي بجيٽ جو 6. 44 سيڪڙو سماجي سرمائيڪاريءَ جي لاءِ رکيو. صدر شاويز جا حامي ان مشن جي تجربي ۽ بي زمين غريبن ۽ مقامي برادرين کي زمينون ڏيڻ جي عمل کي شهرين ۽ پورهيتن جي حڪمراني قرار ڏين ٿا.
    مارچ 2006ع ۾ ”ڪميونل لا ڪائونسل“ منظور ٿيو، جنهن تحت ڪائونسل جي صورت ۾ متحد ٿيندڙ برادرين کي ملڪي سطح تي تسليم ڪري کين وفاقي فنڊن مان امداد ۽ ڪميونٽي پروجيڪٽس جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. ان قدم سان مقامي ۽ رياستي حڪومتن جو عمل دخل گهٽيو، جيڪي رشوت خوري جي ڪري گهڻيون بدنام هيون.
    صدر شاويز معيشت ۾ رياستي مداخلت کي وڌائيندي 19 جنوري 2005ع تي ڪاغذ ۽ گتو ٺاهيندڙ هڪ بندڪارخاني کي قومي ملڪيت ۾ وٺي لاٿو، ٿيو هيئن هو ته ان ڪارخاني تي مزدورن قبضو ڪري پيداوار شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ مزدورن سان انتظاميا جا معاملا طئي ٿي نه سگهيا ته انتظاميا ڪارخاني جي مشنري تباهه ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو، جنهن تي صدر شاويز ڪارخاني کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو اعلان ڪري، مزدورن جي لاءِ قرض جاري ڪيا ۽ تعليمي ادارن کي حڪم ڏنو ته هو وڌ ۾ وڌ ان ڪارخاني کان ڪاغذ خريد ڪن.
    صدر شاويز مزدورن جي انتظام هيٺ ڪارخانا هلائڻ جو به تجربو ڪيو، ان نظام ۾ مزدورن جون ڪائونسلون ڪارخاني جي انتظاميا طور ڪم ڪن ٿيون. گڏيل انتظاميا تحت هلندڙ ڪارخانن ۾ مزدور پروفيشنل تنظيمن سان گڏجي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ فيصلا ڪن ٿا. اهڙن ڪارخانن جي هر شعبي مان مزدورن جو هڪ نمائندو ڪائونسل ۾ شامل هوندو آهي.

    معاشي پاليسي
    وينزويلا تيل ۽ تيل مان ٺهندڙ مصنوعات جي پيداوار جو وڏو وڪرو ڪندڙ ملڪ آهي، تيل ۽ تيل جي مصنوعات وينزويلا جي معيشت ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي. اوپيڪ ۾ شاويز پاران تيل جون قيمتون وڌائڻ ۽ تيل جي پيداوار گهٽائڻ جي گهر ڪئي ويئي.
    صدر شاويز ٻين ترقي پذير ملڪن سان گڏجي تيل جا وڌيڪ کوهه کوٽائڻ جو عمل شروع ڪرايو آهي. انهن ملڪ ۾ ارجنٽائن، برازيل، چين ۽ هندستان شامل آهن. تيل مان ٿيندڙ رڪارڊ آمدني مان سماجي ڀلائيءَ جي پروگرامن لاءِ تمام گهڻو ناڻون حاصل ٿيو.

    پرڏيهي پاليسي
    صدر هيوگو شاويز پنهنجي پرڏيهي پاليسي تحت لاطيني آمريڪا جي ملڪن سان ٻه طرفان واپاري ۽ امدادي ٺاهه ڪري لاڳاپن کي بهتر بنايو آهي، سندس پاليسيءَ کي ”تيل سفارتڪاريءَ“ جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر شاويز جو چوڻ آهي ته ”وينزويلا وٽ تيل جو اهڙو ته سگهارو ڪارڊ آهي، جنهن جي ذريعي هوصحيح اسٽريٽجڪ اسٽيج تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.“ هن چيو ته ”هي اهڙو ڪارڊ آهي، جنهن جي ذريعي اسين دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ملڪ آمريڪا سان منهن ڏينداسين.“
    صدر شاويز لاطيني آمريڪي ملڪن سان فوجي ناتا به بهتر بڻايا آهن. هن برازيل سان هٿيارن جي خريداري جا ٺاهه ڪيا. ڪيوبا سان تيل جي بدلي ماهر موڪلڻ جا ٺاهه ڪيا ۽ ارجنٽائن سان تيل جي بدلي گوشت ۽ کير وٺڻ جا ٺاهه ڪيا. هن هيٽي جي لاءِ گڏيل قومن جي ”فرينڊز گروپ“ ۾ پڻ وينزويلا کي شامل ڪيو ۽ لاطيني آمريڪا جي واپاري بلاڪ ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي

    نئين بيٺڪي نظام، نيولبرل ازم ۽ آمريڪا جي مخالفت
    صدر هيوگو شاويز عالمي سطح تي ”نيو ڪالونيئل ازم“ ۽ ”نيو لبرل ازم“ جي زبردست مخالفت جي تحريڪ شروع ڪري رکي آهي. هو عراق، هيٽي ۽ فري ٽريڊ ايريا آف آمريڪا جهڙن معاملن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ جو سخت مخالف ۽ نقاد آهي. هن، ڪيوبا کي سفارتي ۽ معاشي طور تي اڪيلو ڪرڻ جي آمريڪي پاليسيءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ فيڊل ڪاسترو سان پنهنجي دوستيءَ کي سگهارو بڻايو.
    صدر شاويز آمريڪا ۽ وينزويلا جي وچ ۾ پراڻن فوجي ٺاهن کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي. تيل جون قيمتون وڌائڻ جي گُهر سببب آمريڪا کيس پسند نٿو ڪري. هن 2004ع ۾ ”اوپيڪ“ جي ملڪن جو دورو ڪيو هو، جنهن جو مقصد تيل جي حوالي سان پنهنجي پاليسيءَ جي حمايت حاصل ڪرڻ هو. هو نار جي جنگ کانپوءِ صدام حسين سان ملاقات ڪندڙ پهريون غير ملڪي اڳواڻ هو.
    آمريڪا جو اڳوڻو صدر بش ۽ سندس پاليسين جي مخالفت سبب هو کيس ”مسٽر ڊينجز“ چوندو هو ۽ 2006ع ۾ هن بش کي ”شيطان“ جو خطاب ڏنو.
    آمريڪي حڪومت سان مخالفت جي باوجود 2005ع ۾ جڏهن آمريڪا ۾ ”قطرينا“ طوفان تباهي مچائي ته سڀ کان پهرين مدد جي آڇ ڪندڙ شاويز جي حڪومت هئي، پر بش اها آڇ رد ڪري ڇڏي.
    2006ع ۾ صدر شاويز آمريڪي ڪانگريس کي خط لکي چيو ته ،”اها صدر بش جي حڪومت کان گهر ڪري ته اها ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگان تي هوائي جهازن جي خود ڪرايل حملن ۽ بن لادن گهراڻي ۽ بش گهراڻي جي وچ ۾ لاڳاپن جي وضاحت ڪري.“
    صدر شاويز ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اها ڳالهه ورجائي آهي ته 11 سيٽمبر 2001ع جي حملن جي پويان بش حڪومت جي رٿابندي هئي. ان حوالي سان هن جانچ ڪرائڻ جي گهر به ڪئي، سندس چوڻ آهي ته :
    ”اهو مفروضو وڏي معنيٰ وارو آهي ته انهن ٽاورن ۾ ڊائناميٽ لڳايا ويا هئا، ڪابه عمارت ائين ڊهي نٿي سگهي، جيستائين ان ۾ ڌماڪيدار مادو لڳل نه هجي، اهو نقطو اهميت اختيار ڪندو پيو وڃي ته اهو آمريڪي سامراج ئي هو، جنهن اُن خوفناڪ دهشتگرديءَ جي رٿابندي ڪئي هئي ۽ ان تي عمل به ڪرايو ۽ سڄي دنيا جي عوام جي خلاف قدم به کنيا.“

    اسرائيل – لبنان جنگ
    جڏهن 2006ع ۾ اسرائيل لبنان تي حملو ڪيو ته وينزويلا احتجاج طور پنهنجي سفير کي اسرائيل مان واپس گهرائي ورتو. جواب ۾ اسرائيل به وينزويلا مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو. صدر شاويز پنهنجي بيانن ۾ اسرائيل کي هٽلر سان تشبيهه ڏني ۽ اسرائيلي قدمن کي ”نئون هولو ڪاسٽ“ (New Holocaust) قرار ڏنو. هن اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان آمريڪا جي به مذمت ڪئي.

    صدر شاويز ۽ ميڊيا
    اپريل 2002ع ۾ صدر شاويز جي خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت کان اڳ وينزويلا جا پنج وڏا نجي ٽيليويزن نيٽ ورڪ ۽ وڏيون اخبارون شاويز جي پاليسين جي مخالفت ڪري رهيا هئا. ميڊيا الزام هنيو ته شاويز جا موڪليل غنڊا، سندن صحافين کي ڊيڄارين ۽ ڌمڪائين ٿا. جواب ۾ صدر شاويز چيو ته سُڌ سماءَ جي انهن ذريعن جا مالڪ وينزويلا جا نه پر آمريڪا جا وفادار ۽ نيو لبرل ازم کي وڌائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.
    نيويارڪ يونيورسٽيءَ ۾ لاطيني آمريڪي تاريخ جي پروفيسر ”گريگ گرنيڊن“ چواڻي. ”وينزويلا جي ميڊيا ڊگهي عرصي کان شاويز جي مخالفت ڪندي پيئي اچي ۽ ان جي تنقيد جو انداز اسان آمريڪا وارن جي لاءِ ته عجب ۾ وجهندڙ آهي.“
    2002ع ۾ شاويز جي خلاف فوجي بغاوت ٿي ته ميڊيا باغين جو ڀرپور ساٿ ڏنو. بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ شاويز ”سماجي ذميداري“ جي عنوان سان قانون بڻايو، جنهن جو مقصد ميڊيا جي سرگرمين کي ضابطن هيٺ رکڻو هو، پر هو اهو قانون لاڳو ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ناڪام رهيو.

    هيلو پريڊيڊنٽ!
    هيوگو شاويز جڏهن کان صدر ٿيو آهي، سندس ميزبانيءَ هيٺ هڪ لائيو شو ”ايلو پريذنيٽ (Alo President) يعني ”هيلو پريڊيڊنٽ“ نشر ڪيو پيو وڃي. اهو پروگرام وينزويلا جي سرڪاري ٽيليويزن تان مختلف فارميٽس ۾ نشر ڪيو ويندو آهي. ان شو ۾ صدر شاويز قوم کي خطاب ڪندو آهي ۽ اسٽوڊيو ۾ موجود ماڻهن کانسواءِ ٽيليفون ڪندڙن جي سوالن جا جواب به ڏيندو آهي. (اهو پروگرام هر آچر جي ڏينهن يارهين وڳي نشر ڪيو ويندو آهي) ۽ هو اهڙن هنڌن جا دورا ڪندو آهي، جتي حڪومت جي سماجي ڀلائي جا پروگرام جاري هوندا آهن. 25 جولاءِ 2005ع تي صدر شاويز، لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي ٽي وي سي اين اين جي اسپيني زبان جي نشريات ”سي اين اين ايب اسپانول“ جي اجاري داري ٽوڙڻ جي لاءِ ٽيلي سر (Telesur) جي نالي سان چينل جو افتتاح ڪيو، اهو لاطيني آمريڪا ۾ الجزيره ٽي وي جو همزاد چينل هوندو. صدر شاويز جي ميڊيا پاليسيءَ به وينزويلا ۽ آمريڪي حڪومت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي وڌايو.
    2006ع ۾ شاويز اعلان ڪيو ته وينزويلا جي ٻي وڏي ٽي وي چينل آءِ سي ٽي وي جي لائسنس جي تجديد نه ڪئي ويندي. آر سي ٽي وي جو لائسنس 27 مئي 2006ع تي ختم ٿي ويو. صدر شاويز اعلانيا چيو ته،”آر سي ٽي وي باغين جو همدرد آهي، هاڻ ان جي لائسنس جي مدت پوري ٿي رهي آهي، کين چئو ته پنهنجي نشريات بند ڪري رمتا ٿي وڃن.“ آر سي ٽي وي تي الزام هو ته هن 2002ع جي بغاوت ۽ 2002ع ۽ 2003ع جي تيل هڙتال ۾ شاويز جي مخالفن جو ساٿ ڏنو هو، تنهن کانسواءِ حڪومت اهو به الزام هنيو ته چينل سماجي ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. چينل جي ڊائريڪٽر ’مارسل گرينئر‘ بغاوت ۾ شامل ٿيڻ جي الزام کان انڪار ڪيو.
    لاطيني آمريڪا جي لاءِ ”هيومن رائٽس واچ“ جي ڊائريڪٽر جوزي ميگل حڪومت جي ان قدم تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان کي سينسر شپ قرار ڏنو. ٻي پاسي آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ ان تڪرار جي حوالي سان ڇپجندڙ مضمون ۾ چيو ويو هو ته ،”وينزويلا ۾ اظهار جي آزادي تي ڪابه پابندي ڪونهي، هڪ ٻيو نهايت سگهارو ٽيليويزن اسٽيشن ”گلوبووارن“ شاويز جي حڪومت تي لڳاتار تنقيد ڪري ٿو ۽ ”ڪاراڪاس“ مان ڪيتريون ئي اخبارون ڇپجن ٿيون، جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪنديون رهنديون آهن.“

    بولي ويئرن ازم ۽ شاويز
    صدر شاويز، سائمن بوليوار جي نظريي جي بنياد تي پنهنجي ’بولي ويئرين ازم‘ جو نظريو پيش ڪيو، ان نظريي جي جوڙجڪ ۾ مارڪسي مورخ ”فيڊيريڪو برائٽو فيگيو روا“ جي لکڻين مان به استعفادو ڪيو، شاويز لاطيني آمريڪا ۾ سوشلزم جي مختلف روايتن کان به چڱي طرح واقف آهي، هن جارج ايليسير گائٽن، سلواڊور الندي، چي گويرا ۽ فيڊل ڪاسترو، ايزڪائيل زامورا ۽ سائمن روڊريگر جي تصورن مان به استعفاد ڪيو، صدر شاويز جي سياسي فلسفي تي نام چومسڪي ۽ بائبل ۾ محفوظ حضرت عيسيٰ جي تعليم جا به اثر پيل آهن، صدر شاويز حضرت عيسيٰ عليه السلام کي دنيا جو پهريون سوشلسٽ قرار ڏي ٿو. جيتوڻيڪ صدر شاويز خود پنهنجي آئيڊيالاجي کي ”بولي ويئرن ازم“ چوي ٿو، پر ملڪ ۾ سندس حامي ۽ مخالف ان نظريي کي ”شاوزمو“ چون ٿا. تنهنڪري صدر شاويز جا حامي پنهنجو پاڻ کي ”بولي ويئرين“ يا ”بولي ويئريئنسٽ“ سڏائڻ جي بدران ”شاونسٽا“ سڏرائين ٿا.

    جمهوري سوشلزم
    صدر شاويز جمهوري سوشلزم جو حامي آهي. جمهوري سوشلزم ۾ عوام جي شرڪت تي زور ڏنو ويندو آهي. صدر شاويز پنهنجي جمهوري سوشلزم جي نظريي کي عملي روپ ڏيڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ”بولي ويئرين سرڪل“ قائم ڪيا آهن، جن جو مقصد سياسي عمل ۾ عوام کي شريڪ ڪرڻ آهي. انهن سرڪلن جي ذميدارين ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته هو پنهنجي علائقي کي ٺاهين جوڙين، عوام کي سياسي لحاظ کان سجاڳ ۽ متحرڪ ڪن، ننڍن ڪاروبارن لاءِ قرض ڏين ۽ بنيادي سماجي خدمتون مهيا ڪن.

    ذاتي زندگي
    هيوگو شاويز ٻه شاديون ڪيون آهن، سندس پهرين شادي، نينسي ڪول فياريس سان ٿي، جنهن جو واسطو صدر شاويز جي علائقي ”سبانيتا“ جي هڪ غريب گهراڻي سان هو. اها شادي ارڙهن سالن تائين هلي ۽ کين ٽي ٻارڙا روزا، ورجينا، مارياگبريلا ۽ هيوگو رافيل پيدا ٿيا. 1992ع ۾ شاويز جي بغاوت جي ڪوشش کانپوءِ منجهن طلاق ٿي ويئي. شاويز ٻي شادي ”ميرين زابيل روڊريگر ڊي شاويز“ سان ڪئي. جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو روز ينيس آهي.
    هيوگو شاويز جي هڪ ڏهٽي به آهي، جنهن جو نالو ”گيبريلا“ آهي.
    


    شاويز جي ڪهاڻي، سندس پنهنجي زباني

    آئون پنهنجي حڪومت جي پهرينءَ ڏينهن کان ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته دنيا کي مجموعي اخلاقي قدرن جي گهرج آهي، منهنجو ايمان آهي ته اخلاقيات کي اسان جي اڄوڪي دنيا جو پهريون موضوع هئڻ گهرجي. - هيوگو شاويز هيوگو شاويز جي زندگيءَ جي ڪهاڻي صدارت کان شروع نٿي ٿئي، پر هن جي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جي شروعات ته 1954ع ۾ وينزويلا جي هڪ ننڍي ڳوٺ جي هڪ جهوپڙيءَ کان شروع ٿي، سندس ماءُ ۽ پيءُ اسڪولي استاد يعني ماستر هئا، هو ايترا ته غريب هئا، جو کيس پالي به نه ٿي سگهيا، تنهنڪري شاويز کي سندس ڏاڏيءَ سانڍيو. هو اڄ به ان کي ”ماما روزيٽا“ چئي سڏ ڪندو آهي، هڪ ڀيري هن، پنهنجي انٽرويو ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي حوالي سان به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون هيون، هو چوي ٿو:
    ”منهنجي ننڍپڻ جو اهو وقت ڏاڍو خوشين ڀريو هو، اڄ به جيڪڏهن ڪو مون کي اهي ڏينهن موٽائي ڏي ته کيس پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان، آئون هڪ غريب هاري ٻارڙو هوس، پر پنهنجي ڏاڏيءَ سان ڏاڍو خوش هئس، هن مون کي اڻميو پيار ۽ حوصلو ڏنو، منهنجي پالنا درياهه جي ڪنڌيءَ تي هڪ غريباڻي ڳوٺڙي ۾ ٿي، جتي غربت هر هنڌ نظر ايندي هئي، مون کي درياهه جو وهندڙ پاڻي ڏاڍو وڻندو هو، آئون تمام گهڻيون مڇيون جهليندو هوس ۽ اهي جهليل مڇيون غريب پاڙيسرين کي ڏيئي ڇڏيندو هوس، جيئن هو گذارو ڪري سگهن، اسين جهنگ ۾ وڃي انبڙيون ميڙيندا هئاسين ۽ اهي به ورهائي ڇڏيندا هئاسين ته جيئن اهي خراب نه ٿي وڃن، مون کي ڪوبه جبر يا دٻاءُ محسوس نه ٿيندو هو، مون غربت کي بنهه ويجهڙ کان ڏٺو آهي ۽ سچ اهو آهي ته آئون ڏاڍو رنو آهيان.“

    غربت جو درد
    مون کي جارج ياد اچي ٿو، جنهن سان آئون روزانو کيڏندو هوس، پوءِ هيئن ٿيو ته هڪ ڏينهن هو اسڪول نه آيو، اسان جي پُڇڻ تي ته هو اسڪول ڇو نه آيو آهي، خبر پيئي ته سندس امڙ ويم جي دوران گذاري ويئي آهي، اهڙا واقعا عام جام پيا ٿيندا هئا، جنهن جو سبب اهو هو ته اتي ڪوبه ڊاڪٽر موجود نه هو. جارج جو پيءُ اڳ ۾ ئي گذاري ويو هو، تنهنڪري کيس پڙهائي ڇڏي ڪم تي وڃڻون پيو ۽ هو مزدور بنجي ويو، هن جا ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينرون هيون، جن جو پيٽ ته کيس ڀرڻون ئي هو.
    مون غربت جو درد ڀوڳيو آهي، منهنجو ننڍو ڀاءُ انيسو، ڏاڍو خوبصورت ٻارڙو هو، هڪ ڏينهن هو بيمار ٿي پيو، مون کي ياد آهي ته هو ليٽيو پيو هوندو هو ۽ مُرڪندو رهندو هو، پر هو مري ويو، اتي ڪوبه ڊاڪٽر نه هو، جيڪو سندس علاج ڪري هو انهن ٻارڙن مان هڪ هو جنهن کي غربت جي ڏانئڻ کائي ويئي.“
    جارج ننڍپڻ ۾ مزدور بنجي ويو ۽ انيسو بنا دوا درمل ۽ علاج جي گذاري ويو، هڪ اهڙي ملڪ ۾ جيڪو تصور کان به وڌيڪ حد تائين شاهوڪار هو، جڏهن هيوگو شاويز ٻارڙو هو ته، ان وقت وينزويلا تيل مان حاصل ٿيندڙ دولت جي سمنڊ ۾ تري رهيو هو. پر هيوگو شاويز جي ڳوٺن جهڙا ڳوٺ، جيڪي وينزويلا جي نوي سيڪڙو آباديءَ جا گهر هئا، بدترين غربت جو شڪار هئا، شاويز هڪ نه پر ٻن ملڪن ۾ پرورش پاتي. هڪ اهڙو ملڪ، جنهن کي دولت جي ريل ڇيل جي فرق ٻن ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، هڪ شاهوڪار وينزويلا هو، جنهن ۾ رهندڙ چمڪندڙ منهن مهانڊن واري معزز طبقي جا ماڻهو لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان ملڪ جو تيل پي- مچي مواڙ ٿي پيا هئا، انهن اميرن پنهنجي رهڻ لاءِ بيورلي هلز جهڙا آسائش سان ڀرپور علائقا آباد ڪري رکيا هئا، وينزويلا جا اهي امير ماڻهو ۽ گهڻ قومي ڪمپنيون بدعنوان پارٽين جي ذريعي اقتدار جي راند کيڏي رهيون هيون ۽ دنيا وينزويلا جي جمهوريت جي واکاڻ ڪري رهي هئي، هي اهوئي وينزويلا هو، جنهن هيوگو شاويز جي ننڍڙي ڀاءُ کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو هو.
    سنگ مرمر سان ٺهيل ان وينزويلا جي چوڌاري هن ٻيو وينزويلا به سدائين موجود رهيو، اهو غريب وينزويلا هو، جيڪو هيوگو شاويز ۽ سندس ڏاڏيءَ جو وينزويلا هو. ”جمهوريت“ ۽ پيٽرول جي مهڪ سان سرشار امير وينزويلا ۾ هنن لاءِ ڪابه جڳهه نه هئي، پر ننڍڙو هيوگو ان حقيقت کي سمجهي نه سگهيو، منجهس انقلابي تبديلي جي شروعات ڪافي پوءِ ٿي، جڏهن هو ايڪيهين سالن جو نوجوان هو ۽ ملٽري اڪيڊميءَ مان تازو پڙهي نڪتو هو، کيس پنهنجي اباڻي شهر ۾ هڪ مائوسٽ احتجاجي هلچل کي چٿڻ جي لاءِ موڪليو ويو، انهن ڏينهن کي ياد ڪندي هن چيو :
    ”مون ان وقت کان ڏسڻ شروع ڪيو ته هاري ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن، فوج هنن جا گهر ساڙي ڦُلهيار ڪري ڇڏيا ۽ قانون جي حڪمراني کي پٺيان اڇلي کين ڏوهاري قرار ڏيئي ڇڏيو. مون ڏٺو ته منهنجن ساٿين هارين تي ڪيترو نه تشدد ڪيو هو، مون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ٿيندي ڏٺو. مون گوريلن کي به ڏٺو، جن اسان جي ڪيترن ئي جوانن کي ماري ڇڏيو هو، انهن مان هڪ ڄڻي ته منهنجي ٻانهن ۾ پساهه پورا ڪيا. منهنجي لاءِ ته اهو به هڪ هاري هو، پر هو فوج ۾ هو، مون کي ياد آهي ته هن چيو هو ته،”اسان تي راتاهو هنيو ويو آهي. مون کي مرڻ کان بچايو.“ هڪ فوجي جوان منهنجي ٻانهن ۾ هو، کيس ڇاتيءَ ۾ ٽي گوليون لڳيون هيون، هو مري ويو. هن جي رت جون ڦينگون اڃا به منهنجي ذهن ۾ موجود آهن. آئون سوچڻ لڳس ته ڪير صحيح ۽ ڪير غلط آهي؟ ڇا اسين صحيح آهيون ۽ حق تي آهيون؟ ڇا منهنجا فوجي جيڪي هارين تي تشدد ڪن ٿا ۽ کين ماري ٿا ڇڏين، يا اهي گوريلا جيڪي هارين تي ئي تشدد ڪن ٿا؟ اها منهنجي سوچڻ جي شروعات هئي.“
    ايڪيهن سالن جي عمر ۾ لڳندڙ انهيءَ ڌچڪي هيوگو شاويز کي حالتن جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ڪيو، هيڏانهن فوج ۾ سندس ترقي ٿيڻ لڳي، ان دوران هو انقلابي سياست جي باري ۾ مطالعو ڪندو ۽ بحث مباحثو ڪندو رهيو.
    هيوگو شاويز کي اڻويهين صديءَ ۾ وينزويلا، ڪولمبيا، بوليويا ۽ پيرو جي اسپين کان آزادي جي جنگ جي هڪ انقلابي اڳواڻ ”سائمن بوليوار“ جي خيالن ۽ فڪر گهڻو متاثر ڪيو، پوءِ جڏهن 1980ع ۾ آءِ ايم ايف ”صدمن سان ڀريل ٿيلهو“ کڻي وينزويلا ۾ داخل ٿيو ته هيوگو کي سياسي جدوجهد جو اسٽيج ملي ويو.
    1989ع ۾ آءِ ايم ايف وينزويلا جي حڪومت کان گهر ڪئي ته غريبن تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ ۾ ڪمي ڪئي وڃي ۽ گهڻ قومي ڪمپنين جي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي، هڪ ڏينهن غريب وينزويلا صبح جو اُٿيا ته بسين جي ڀاڙن ۾ ايترو ته واڌارو ڪيو ويو هو، جو هنن جي لاءِ ڪم تي وڃڻ ناممڪن ٿي پيو هو، پوءِ وينزويلا ۾ ان صديءَ ۾ پهريون ڀيرو عوامي فساد ٿيا، فوج بندوقن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ جيڪا به شئي چُرپُر ڪندي ڏٺي، اها اڏائي ڇڏي، بي شمار غريبن کي قتل ڪيو ويو، هيوگو شاويز انهن ڏينهن فوج ۾ ليفٽيننٽ هو، هن غريبن تي گولي هلائڻ جي حڪم تي عمل نه ڪيو.

    هيءَ ڪهڙي فوج آهي
    ”ان زماني ۾ آئون فوج ۾ هئس ۽ پنهنجو پاڻ کان پڇندو هئس ته ڇا هيءَ بوليوار جي فوج آهي؟ منهنجي ذهن ۾ جواب آيو، نه – ان کي وينزويلا جي بچاءُ ۽ تحفظ بدران سندس ئي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، وينزويلا جي عوام کي چٿڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سائمن بوليوار چيو هو.“ لعنت هجي ان فوجيءَ تي جيڪو پنهنجي ئي ماڻهن تي گولي هلائي.“ وينزويلائي فوج کي مجبور ڪيو ويو هو ته اها آءِ ايم ايف ۽ وحشي نيولبرل ازم جون گوليون پنهنجن ئي ماڻهن تي هلائي، مون ائين نه ڪيو.“
    ان جي ابتڙ شاويز شاهوڪارن جي ڪرپٽ پارٽين جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جو اهي سڀ آءِ ايم ايف جي عوام تي حملي جي حمايت ڪري رهيون هيون، هن 1992ع ۾ بي غيرت حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ موت کي قبولڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو، پر هو جيئرو بچي ويو، هاڻ هو چوي ٿو ته سندس ايمان آهي ته وٽس جيڪو وقت آهي، اهو اُڌارو (Borrowed) آهي، هو هڪ کانپوءِ ٻي خطري کي منهن ڏي ٿو، کيس بغاوت جي ڏوهه ۾ بدنام زمانه جيل ”ياري پرزن“ ۾ ٻه سال قيد ڪاٽڻون پيو، جيڪو هنن جي پنهنجي ”روبن آءِ لينڊ“ ۾ آهي. قيد جي دوران کيس ان خبر ڏاڍي خوشي ڏني ته چونڊن ۾ هن جنهن اميدوار جي حمايت ڪئي هئي، اهو ڪامياب ٿي ويو هو.

    زندان: تصورن جي بٺي
    ”آئون اڪيلو نه هئس، مون سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو هئا، ڪيترن ئي ماڻهن ويڙهه وڙهي ۽ ڪيترائي مارجي ويا. آئون ان ڪري هيرو ناهيان، جو مون به پرماري قوتن جي خلاف ويڙهه ڪئي هئي.
    ”جيل هڪ اهڙي بٺيءَ جيان هوندو آهي، جنهن ۾ اوهين پنهنجي تصورن ۽ خيالن کي پچائي پختو ڪريو ٿا. آئون پنهنجي کوليءَ ۾ بند، ايندڙ حڪومت جي خاڪي جي باري ۾ سوچيندو رهندو هوس.“
    نيٺ هو 1998ع ۾ زندان جي بٺيءَ ۾ رچي ڪُندن ٿيل خيالن کي عملي جامون پهرائڻ جي قابل ٿيو، هو هڪ آزاد اليڪشن ۾ وينزويلا جي صدر جو عهدو جيتڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هن چيو ته منهنجي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد اهو هو ته، ”آئون دنيا کي سرمائيداري نظام جي تباهه ڪندڙ حڪمرانيءَ کان بچائڻ ٿو چاهيان، دنيا جنهن پاسي وڃي رهي آهي، ان پاسي کي بدلائڻ ٿو چاهيان.“
    هن هڪ مختلف ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو، يعني تيل مان حاصل ٿيندڙ ملڪي دولت کي بي شمار ”جارجن ۽ انيسو“ تي خرچ ڪرڻ ٿي چاهيو، ان لاءِ هيوگو شاويز ”مشنز“ شروع ڪيا آهن ۽ هر ڳوٺ ۾ تيل جي دولت مان اهڙا مرڪز قائم ڪيا آهن، جتي غريبن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو، اڪثر ڳوٺن ۾ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر جي سهوليت مهيا ڪئي ويئي آهي، هن غريبن جي لاءِ مفت تعليم جا پروگرام شروع ڪيا آهن. هاڻي پوڙهيون عورتون ٻهڪندڙ چهرن سان بليڪ بورڊن تي چاڪ سان پنهنجو نالو لکنديون نظر اچن ٿيون، هاڻ اهڙا پوڙها دنيا کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهن، جيڪي چاليهن سالن تائين موتئي جي بيماريءَ سبب انڌا رهيا. اوبر سوبر ميڙي انهن تي وقت گذاريندڙ عورتون هاڻ هيوگو شاويز جي کوليل سيڌي سامان جي سستن دڪانن تان پنهنجي ٻارن لاءِ ڪڪڙ جو گوشت خريد ڪري سگهن ٿيون، هاڻ وينزويلا ۾ صدر شاويز جي ننڍي ڀاءُ جهڙو ڪوبه ٻارڙو ڪونهي، جيڪو ڊاڪٽر نه هئڻ سبب مري ويو، اها آءِ ايم ايف جي نجڪاري ۽ ڪمپنين جي حڪومت واري ماڊل لاءِ هڪ فخريه للڪار آهي ۽ سڄي ترقي پذير دنيا جي عوام ان کي اونداهي ۾ هڪ ڪرڻي طور ڏسي رهي آهي، جنهن جو کين ڊگهي عرصي کان اوسيئڙو هو.
    صدر شاويز عوامي ڀلائي جي رٿن جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائيندي چوي ٿو، ”هو وينزويلا کي حقيقي معنيٰ ۾ شاهوڪار بنائي ڇڏيندو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ان جي سڄي آبادي پڙهيل لکيل ۽ صحتمند بنجي ويندي.“

    سرمائيداري ۽ سوشلزم
    ”حقيقي ۽ سچي جمهوريت سرمائيداريءَ ۾ ممڪن ڪونهي، سچي جمهوريت فقط سوشلزم ۾ ئي ممڪن آهي شاويز.“ دنيا ۾ تيل جي ڪجهه وڏن ذخيرن مان هڪ ذخيري جو مالڪ اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪندو آهي، سرمائيدار ملڪن جا ماڻهو چاهين ٿا ته هو روزا لڪسمبرگ ۽ سائمن بوليوار جهڙن عوام دوست باغين ۽ آزادي پسندن جي بدران شيل (Shell) ۽ هيلي برٽن (Heliburton) جهڙين ڪمپنين جي زبان ۾ ڳالهائي، پر هو زور ڏيئي چوي ٿو ته هو ڪميونسٽ ڪونهي.
    ”اسين نه ته رياست جي مطلق حڪمراني چاهيون ٿا ۽ نه وري نيولبرل ازم جا خواهشمند آهيون، اسين اعتدال پسند آهيون، اسين ان نظام جا حمايتي آهيون، جنهن ۾ منڍي جو نظر نه ايندڙ هٿ، رياست جي نظر ايندڙ هٿ سان گڏجي ٿو، جيستائين رياست ضروري آهي ۽ جيتري حد تائين منڍي ممڪن آهي.“
    پر آءِ ايم ايف جي چنبي ۾ ڦاٿل دنيا ۾، ڪنهن ترقي ڪندڙ ملڪ ۾ سوشل ڊيماڪريسي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ به هڪ انقلابي ضروري آهي.
    صدر شاويز انهن پاليسين کي هڪ شفاف اخلاقي زاويي کان ڏسي ٿو، هتي دولت آهي تنهنڪري اها ورهائجڻ گهرجي جيئن هو ننڍي هوندي مڇي ۽ انبڙيون پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، تيئن اڄ هو تيل جي دولت کي به ورهائي رهيو آهي، جتي تيل سڄي دنيا جي ماحول کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اتي هڪ ملڪ اهڙو به آهي، جتي ان ڪو سٺو ڪم به ڪيو آهي.“

    سگهارو دشمن
    ”مون کي خبر آهي ته آئون هڪ سگهارو دشمن پيدا ڪري رهيو آهيان-شاويز.“
    رڳو وائٽ هائوس ۾ ئي نه، پر هر هنڌ، آمريڪي حڪومت شاويز کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿي، ڇو ته اها پنهنجي سياسي زندگيءَ جي لاءِ جن پيٽرول ڪمپنين جي محتاج آهي، صدر شاويز انهن جي فائدي جي لاءِ هڪ خطرو آهي، پيٽرول ڪمپنيون آمريڪي سياستدانن جي چونڊ مهم ۾ پئسو لڳائين ٿيون ۽ ٿنگ ٽئنڪس کي فنڊ مهيا ڪن ٿيون، جيستائين اوهين وڏين ڪمپنين جي فائدي سان ڇيڙ ڇاڙ نٿا ڪريو، اوهان جي آمراڻي حڪومت ڪنهن جي لاءِ به خطرو نه هوندي آهي، پر جيڪڏهن اوهين تيل مان حاصل ٿيندڙ فائدي کي اولهائين ملڪن جي بينڪ اڪائونٽس ۾ رکڻ جي بدران پنهنجن ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لڳندا ته دنيا جي لاءِ خطرو قرار ڏنا ويندا. ان ئي تناظر ۾ صدر شاويز ميڪسيڪو جي باري ۾ چيو.
    ”ويچارو ميڪسيڪو! خدا کان گهڻو پري ۽ آمريڪا جي بنهه ويجهو.“
    2002ع ۾ آمريڪا جي پٺڀرائي سان ٿيندڙ فوجي بغاوت ۾ صدر شاويز کي اغوا ڪري 48 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو ويو، نيٺ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا ۽ فوج ۾ جوابي بغاوت جي ڪري شاويز کي ٻيهر اقتدار حاصل ٿيو، انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به شاويز پاڻ کي اهڙن قدمن کڻڻ کان روڪيو، جن مان اهو تاثر ملي ته هو ڊڪٽيٽر آهي، جهڙوڪ: هن کيس قتل ڪرڻ تي هشڪاريندڙ اخبارن تي به پابندي نه لڳائي، حد ته اها آهي ته سندس خلاف بغاوت ڪندڙ ماڻهو به آزاديءَ سان گهمي ڦري رهيا آهن.
    


    شاويز جا عوامي ڀلائي لاءِ کنيل قدم

    ”سرمائيداري نظام هڪ جهنمي مشين آهي، جيڪا هر گهڙيءَ بي شمار غريبن کي جنم ڏيئي رهي آهي، ڏهن سالن ۾ ٻه ڪروڙ سٺ لک يعني هر سال 26 لک غريب..... اهو ته جهنم ڏانهن ويندڙ رستو آهي.“
    شاويز اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ صدر شاويز عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ۽ پروگرام شروع ڪيا، انهيءَ پروگرام کي ”بولي ويئرن مشنز“ جو نالو ڏنو ويو، اهي پروگرام سماجي انصاف، سماجي ڀلائي، غربت جو خاتمو، تعليمي، چونڊن ۽ فوجي ڀرتي جا پروگرام آهن، ان جو نالو وينزويلا جي انقلابي هيري ”سائمن بوليوار“ جي نالي تي رکيو ويو آهي. بولي ويرئين مشنز (پروگرامن) ۾ هيٺيان پروگرام (مشن) شامل آهن.

    (1)مشين روبن سن:
    هي مشن جولاءِ 2003ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن تحت اڻ پڙهيل ماڻهن کي پڙهڻ لکڻ سيکارڻ شامل آهي. اهو فرض رضاڪار ادا ڪندا آهن، مشن روبن سن جو نالو، اڻويهين صدي جي فلسفي ۽ تعليم عام ڪندڙ سڌارڪ سائمن روڊ ريگور (1854-1769) جي ان نالي تي رکيو ويو، جيڪو هن اسپيني آمريڪا مان جلاوطني جي دوران اختيار ڪيو هو، مشن روبن سن ۾ فوجين کي به شامل ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ فوجي جوانن کي موڪليو ويندو آهي، جيڪي اتي جي اڻ پڙهيل ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ ۽ حساب ڪتاب رکڻ سيکاريندا آهن.
    مشن روبن سن جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي صدر شاويز تعليم حاصل ڪندڙ پنجاهه هزار ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو هو ته،”اهو هڪ عالمي رڪارڊ آهي ته اسان هڪ سال ۾ ٻارهن لک ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ سيکاري ڇڏيو آهي.“
    28 آڪٽوبر 2005ع تي وينزويلا اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ خواندگي جو تناسب 99 سيڪڙو ٿي ويو آهي ۽ وينزويلا خواندگي کان آزاد ملڪ بنجي چڪو آهي. واضح رهي ته عالمي معيارن موجب ان ملڪ کي نا خواندگي کان آجو ملڪ قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن جي 95 سيڪڙو آبادي لکڻ پڙهڻ ڄاڻندي هجي.

    (2)مشن ريباس:
    هي پروگرام 2003ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت انهن ماڻهن کي هاءِ اسڪول جي سطح تائين تعليم ڏني وڃي ٿي، جن ڪن سببن جي ڪري پنهنجي هاءِ اسڪول جي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي، ان مشن (پروگرام) جو نالو وينزويلا جي آزادي جي هيري ”جوزف فيلڪس ريباس“ جي نالي تي رکيو ويو آهي.

    (3) مشن سوڪري:
    هي مشن 2003ع جي پڇاڙيءَ ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن موجب انهن بالغ شخصيت کي بنيادي تعليم ڏني ويندي آهي، جن شروعاتي درجن ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي، وينزويلا ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد ويهه لک آهي، ان مشن جو نالو ارڙهين صديءَ جي آزادي جي هيري ”انٽو نيوجوزي ڊي سوڪري“ جي نالي تي رکيو ويو آهي، ان مشن موجب پنجن يا ان کان وڌيڪ سالن ۾ مڪمل ٿيندڙ يونيورسٽي سطح جي تعليم وينزويلا جي شهرين کي ٽن سالن ۾ ڏني وڃي ٿي. ان کان اڳ فقط مٿين طبقي ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن جا ٻار ئي يونيورسٽي سطح تائين جي تعليم پرائي سگهندا هئا. اهو پروگرام ملڪ جي غريب ٻارن کي تعليم فراهم ڪري ٿو. هن پروگرام تحت ملڪ جا هزارين غريب شاگرد ڊاڪٽريءَ جي مفت تعليم ۽ سکيا حاصل ڪري رهيا آهن.
    صدر شاويز اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ وينزويلا جي تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي بي مثال قدم کنيا. هاڻ حڪومت سڀني شهرين جي اعليٰ تعليم جي ضامن بنجي چڪي آهي. صدر شاويز اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پنج نيون يونيورسٽيون ۽ چار يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي قائم ڪيا آهن.

    (4) مشن انرجيا:
    هي پروگرام نومبر 2006ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت ماحوليات کي بچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن مشن تحت شهرين کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويندو آهي ته هو گهڻي بجلي خرچ ڪندڙ بلبن جي بدران انرجي سيور استعمال ڪن.

    (5) مشن سرڪل:
    هن پروگرام تحت زرعي جنسن، کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائي عوام کي اهي شيون سستن اگهن تي ڏنيون وڃن، ان پروگرام جو مقصد عوام جي لاءِ وڌ ۾ وڌ غذائيت واريون، محفوظ ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ خوراڪ مهيا ڪرڻ آهي.

    (6) مشن بيريرو ايڊينٽرو:
    هن پروگرام موجب وينزويلا جي غريب عوام کي مفت طبي سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن.

    (7) مشن هيبي ٽيٽ:
    هن پروگرام موجب غريب عوام جي لاءِ گهر اڏيا پيا وڃن، هن پروگرام موجب اهڙا رهائشي زون تيار ڪيا ويندا آهن، جتي صحت کان وٺي تعليم تائين سڀئي سهولتون موجود هجن.

    (8) مشن ويولٽال ڪمپو:
    هن پروگرام جو مطلب آهي ”ڳوٺن ڏانهن واپسي.“ اهو 2005ع جي وچ ۾ شروع ڪيو ويو هو، ان پروگرام تحت شهرن ۾ رهندڙ غريب ۽ بي روزگار ماڻهن کي ڳوٺن ۾ آباد ٿيڻ تي راضي ڪيو ويندو آهي.

    (9) مشن اربول:
    ”اربول“ جي معنيٰ آهي ”وڻ.“ هي پروگرام جون 2006ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد وينزويلا جي ٻيلن جو تحفظ آهي. ان مشن موجب پنجن سالن ۾ هڪ لک نوان ٻوٽا لڳايا ويندا. هن پروجيڪٽ موجب ڳوٺاڻن ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي ته هو ٻيلن مان ٻارڻ جي لاءِ وڻ نه وڍين، پر وڌيڪ آمدني جي لاءِ ڪافي ۽ ناريل جا وڻ پوکين.

    (10) مشن سائنسيا يعني مشن سائنس:
    هن پروگرام جي شروعات 2006ع ۾ ڪئي ويئي، جنهن موجب چار لک ماڻهن کي اوپن سورس سوفٽ ويئر جي سکيا ڏني پئي وڃي، تنهن کانسواءِ شاگردن کي گريجوئيشن جي لاءِ اسڪالر شپون ڏيڻ ۽ يونيورسٽين ۾ ليبارٽريون قائم ڪرڻ آهي.

    (11) مشن ويولان ڪاراس:
    هن پروگرام جو مقصد وينزويلا جي معيشت کي سماجي بهتري آڻيندڙ معيشت ۾ بدلائڻ آهي، هن پروگرام موجب عام شهرين کي معيشت ۾ عملي ڪردار ڏنو پيو وڃي. صدر شاويز جي لفظن ۾،”سڀني شهرين جي زندگين ۾ وقار ۽ معيار آڻڻون آهي.“ ان مشن جي ٻي مرحلي جي مهورت جي موقعي تي صدر شاويز چيو،”اسين عوام کي آمريڪي سامراج جي مزاحمت جي لاءِ تيار ڪنداسين.“

    (12) مشن مرانڊا:
    هن پروگرام موجب وينزويلا جي شهرين کي فوجي سکيا ڏني ويندي ته جيئن هو ملڪ جي بچاءُ ۾ باقاعده فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ گڏي وڙهي سگهن.

    (13) مشن گوائي ڪائپورو:
    هي پروگرام 12 آڪٽوبر 2003ع تي شروع ڪيو ويو، ان پروگرام کي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت هلائي رهي آهي. ان جو مقصد وينزويلا ۾ آباد مختلف نسلن جي ماڻهن کي سندن زمينن جي ملڪيت جو حق ڏيڻ انهن جي سڀيتا جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن جي معاشي حالتن کي بهتر بنائڻ آهي، ان مشن جو نالو هڪ قبائلي سردار ”گوائي ڪائپورو“ جي نالي تي رکيو ويو آهي، جنهن وينزويلا کي اسپين جي بيٺڪيت بنائڻ جي خلاف مزاحمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

    (14) مشن زامورا:
    هي پروگرام نومبر 2001ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، ان جو نالو 19 هين صديءَ جي هڪ هاري اڳواڻ ”ايزيڪيل زامورا“ جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي.
    ويهين صديءَ ۾ وينزويلا ۾ تيل جي لڀجڻ کانپوءِ زرعي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ شهري آبادي وڌڻ لڳي، هن وقت وينزويلا ۾ 85 سيڪڙو شهري آبادي آهي، جيڪا لاطيني آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾ پوک لائق زمين تمام گهڻي آهي، پر پوءِ به وينزويلا لاطيني آمريڪا جو اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو غذائي ضرورت جون شيون ٻاهران گهرائي ٿو. هن پروگرام جو مقصد ملڪ کي زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ڪرڻ آهي، ٻيو مقصد جاگيرداري ختم ڪرڻ آهي، هن وقت ملڪ جون 75 کان 80 سيڪڙو زمينون رڳو پنج سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت آهن. جڏهن ته سٺ سيڪڙو پوکيءَ لائق زمين فقط ٻه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت آهي. هن مشن جي ٻين مقصدن ۾ غريب ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ شهري آبادي کي وڌڻ کان روڪڻ آهي.
    هن پروگرام موجب سرڪار زمين ۽ نجي ملڪيت جي اهڙي ايراضي، جنهن کي حڪومت نجي مالڪن جي زمين نٿي مڃي، غريب ماڻهن کي ڏني ويئي آهي. هن پروگرام تحت ارڙهن کان پنجويهن سالن جو ڪوبه شهري زمين حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪو شخص يا گهراڻو ورتل زمين تي لڳاتار ٽن سالن تائين پوکي ڪري ٿو، تنهن کي ان زمين جو مالڪ بنايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ حڪومت پاران اهڙي زمين وڪڻڻ تي پابندي وڌل آهي. پر زمين جو مالڪ اها پنهنجي اولاد ۽ ويجهن مٽن مائٽن کي وراثت ۾ ڏيئي سگهي ٿو.
    هيوگو شاويز جي شروع ڪيل مشن پروگرامن جي ڪيترن ئي عالمي ادارن ۽ تنظيمن واکاڻ به ڪئي آهي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونيسيف، گڏيل قومن ۽ وينزويلا جو دورو ڪندڙ سعودي عرب جي نمائندن عوام کي صحت جون مفت ۾ سهولتون مهيا ڪندڙ ”مشن بيريو ايڊينٽرو“ جي ساراهه ڪئي آهي ۽ سعودي عرب وينزويلا جي تجربي کي مثال بڻائي پاڻ وٽ به اهڙو پروگرام شروع ڪيو آهي.

    انقلابي زرعي سڌارا
    زرعي سڌارا شايد ڏکڻ آمريڪا جو سڀ کان اهم اشو آهي، ان خطي جي ٻين ملڪن وانگر وينزويلا ۾ به زمين صدين کان وڏن زميندارن، سياستدانن ۽ ڀاڙي جي قاتلن جي قبضي ۾ آهي. هاڻ اها زمين زرعي سڌارن جي ذريعي آبادگارن کي ڏني پئي وڃي. وينزويلا ۾ زمين هڪ ”گڏيل شئي بدران“ نجي استعمال ۾ ڪتب ايندڙ وٿ بنجي چڪي هئي ۽ ان جي ذريعي طاقتور ماڻهو ئي غير قانوني طور تي امير ٿي رهيا هئا. هاڻ زمين کي عوامي سرگرمين ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
    وينزويلا ۾ شاويز جي حڪومت ۾ ”مشن زامورا“ جي عنوان سان زرعي سڌارن جو عمل جاري آهي. زمينن جي ورهاست جو ڪم وينزويلا جو ”نيشنل لينڊ انسٽيٽيوٽ“ ڪري ٿو، جيڪو ”مشن زامورا“ کي عملي جامون پهرائي رهيو آهي. ان پروگرام تحت ڏهه لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين/ آبادگارن کي ڏني ويئي آهي. هيستائين چاليهه هزار ڪٽنب زرعي سڌارن مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. حڪومت هارين/ آبادگارن کي زرعي اوزارن سان گڏ 30 ارب ”بولي وار“ يعني ٻه ڪروڙ آمريڪي ڊالر به ڏنا آهن.
    وينزويلا ۾ زمين جي ورهاست جو عمل ڪو سولو ڪونهي، طاقتور ڪاروباري ۽ سياسي ماڻهو ان عمل جي راهه ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪري رهيا آهن. گذريل سالن ۾ پنهنجي زمينن جي بچاءُ ڪندڙ 79 هاري ڀاڙي جي قاتلن هٿان قتل ٿي چڪا آهن. وينزويلا ۾ هڪ چوڻي عام آهي ته،”زمين ئي زندگي آهي.“

    سوشلسٽ شهر
    جنوري 2007ع ۾ صدر شاويز قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته ملڪ جي اندرين علائقن جي غير آباد حصن ۾ نوان شهر اڏيا ويندا. هر شهر جي پکيڙ هڪ سئو ڪلوميٽر هم چورس تي ٻڌل هوندي. هن پنهنجي مخالفن کي مخاطب ٿي چيو ته،”جيڪڏهن اوهين ڄاڻڻ ٿا چاهيو ته آئون ڪهڙي قسم جو سوشلزم آڻڻ چاهيان ٿو ته کين مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن.“
    


    هوگو شاويز جي انقلابي پارٽي : ففٽ ريپبلڪ موومينٽ

    هيوگو شاويز اها پارٽي 1997ع ۾ قائم ڪئي هئي، اسپيني ٻوليءَ ۾ ان جو نالو ”موومينٽو وي ريپبلڪا“ ۽ انهي جو محقق ”ايم وي آر“ آهي. ”ر“ جو مطلب پنج آهي. پارٽي جو هيڊڪوارٽر ”ڪاراڪاس“ ۾ آهي.

    نالي جي تاريخ:
    1811ع ۾ پنهنجي وجود کانپوءِ وينزويلا حڪومتن جي چئن تبديلين مان گذري چڪو آهي. پهرين ريپبلڪ کي ”وينزويلا ڪنفيڊريشن“ سڏيو وڃي ٿو، جيڪا 1830ع تائين برقرار رهي. ان کانپوءِ ملڪ کي ”ريپبلڪ آف وينزويلا“ قرار ڏنو ويو. اها ٻين ريپبلڪ سڏي ويئي. 1864ع ۾ ان کي ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف وينزويلا“ جو نالو ڏنو ويو، اها ٽين ريپبلڪ سڏي ويئي. 1953ع ۾”ريپبلڪ آف وينزويلا“ کي بحال ڪيو ويو، اها چوٿين ريپبلڪ سڏي ويئي. 1999ع هيو شاويز صدر ٿيو ته ملڪ جو نالو ”بولي ويئرين ريپبلڪ آف وينزويلا“ رکيو ويو، اها اها پنجين ريپبلڪ سڏي ويئي. ”ففٽ ريپبلڪ موومينٽ“ جي نالي رکڻ جو سبب اهوئي آهي.

    هيوگو شاويز جي پهرين صدارتي چونڊ
    6 ڊسمبر 1998ع تي وينزويلا جي صدر جي عهدي لاءِ چونڊ ٿي، جنهن ۾ هيوگو شاويز 2. 56 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، گذريل چاليهن سالن ۾ ووٽن جو اهو سڀ کان وڏو تعداد هو، شاويز پهريون ڀيرو صدارت جي لاءِ چونڊ مهم جي دوران ٽي بنيادي واعدا ڪيا. پهريون اهو ته هو صدر چونڊجڻ کانپوءِ وينزويلا جي پراڻي سياسي نظام ”پنٽو فيجسمو“ کي ختم ڪري ڇڏيندو. ٻيو وعدو اهو هو ته هو ڪرپشن جو خاتمو ڪندو ۽ ٽيون واعدو اهو هو ته وينزويلا مان غربت جو خاتمو ڪندو.
    هيوگو شاويز 1958ع کان ملڪ ۾ لاڳو ٻه پارٽي سسٽم جي مذمت ڪئي، جنهن ملڪ کي ڪرپشن، غربت، بيروزگاري ۽ سماجي انتشار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو هو، شاويز جي صدر بنجڻ کان اڳ وينزويلا ۾ ٻه پارٽيون ”سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ ۽ ”ڪرسچيئن ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ واري واري سان اقتدار ۾ اينديون رهيون هيون.
    ٻن سالن جي قيد کانپوءِ جڏهن صدر رافيل ڪالڊيرا 1994ع ۾ شاويز جي باقي سزا معاف ڪري کيس جيل مان آزاد ڪري ڇڏيو. آزاد ٿيڻ کانپوءِ شاويز پنهنجي پارٽي ايم بي آر 200 کي، ”ففٽ ريپبلڪ موومينٽ“ ۾ بدلائي ڇڏيو. 1998ع ۾ شاويز ان ئي پليٽ فارم تان صدارت جي عهدي لاءِ چونڊ مهم شروع ڪئي. شاويز ووٽرن جي حمايت ۽ ڀروسو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ”بولي ويئرين ازم“ جي فلسفي تحت ايجنڊا جي جوڙجڪ ڪئي. هن ڪرپشن ۽ غربت جي خلاف مهم شروع ڪئي. مهم جي دوران هن ملڪ کي ڪرپشن ۽ غربت جون لعنتون ڏيندڙ سياسي نظام ’پنٽو في جسمو‘ (Puntofi jismo) يعني ٻه پارٽي سسٽم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وعدو ڪيو.

    سوشلزم يا موت
    هيوگو شاويز ٽيون ڀيرو صدارت جي عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ تقرير ڪندي چيو،”آئون پنهنجي زندگي وينزويلا ۾ سوشلزم جي تعمير ۾ ارپي ڇڏيندس.“
    هن صدارتي پٽي به ساڄي ڪلهي بدران کاٻي ڪلهي تي سجائي هئي، جيڪا سندس سوشلزم تي يقين جو اظهار هئي، پنهنجي حلف جي دوران هن نهايت ولولا انگيز انداز ۾ چيو،” آئون يسوع مسيح تي حلف کڻان ٿو، جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو سوشلسٽ آهي، آئون ڏکن تي حلف کڻان ٿو، آئون محبت تي حلف کڻان ٿو، آئون اميدن تي قسم کڻان ٿو.“ تقرير جي پڄاڻي هن ”سوشلزم زنده باد“ جي زوردار نعري سان ڪئي.
    حلف کڻڻ کان اڳ هن ڏکڻ آمريڪا جي آزادي جي هيري ”سائمن بولي وار“ جي مقبري تي گلن جي چادر چاڙهي، سندس نظرين سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.
    ان سبب جي ڪري هيوگو شاويز جا مخالف کيس ايندڙ ”فيڊل ڪاسترو“ چون ٿا.

    شاويز جي خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت
    11 اپريل 2002ع تي صدر شاويز جي خلاف فوجي بغاوت برپا ٿي، کيس گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويئي. ان بغاوت جي حوالي سان صدر شاويز پنهنجا تاثرات هن ريت بيان ڪيا.
    ”11 اپريل تي منهنجي حڪومت ختم ڪندڙ بغاوت جي شروعاتي ڪلاڪن ۾ مون کي اهوئي انديشو هو ته باغي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. باغين وينزويلا ۽ دنيا جي ماڻهن کي اهوئي ٻڌايو ته منهنجي حڪومت ختم نه ڪئي ويئي آهي، پر مون پاڻ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي. مون کي ڊپ هو ته باغي جلد ئي منهنجي مٿي ۾ گولي هڻي، اهو مشهور ڪري ڇڏيندا ته مون آپگهات ڪيو آهي، پر هڪ غير معمولي ڳالهه ٿي ته ماڻهن کي بغاوت جي سچائيءَ جي باري ۾ خبر پئجي ويئي ۽ وينزويلا جا شهري لکن جي تعداد ۾ رستن تي نڪري آيا ۽ عوامي احتجاج مان حوصلو حاصل ڪندي فوج ۾ موجود جمهوريت جا حامي عنصر چرپر ۾ اچي ويا ۽ هنن ٿوري وقت جي لاءِ قائم ٿيندڙ آمريت کي ڊاهي ڇڏيو، جنهن جو اڳواڻ وينزويلا جو هڪ واپاري ’پيڊرو ڪارمونا‘ هو.
    سچ، منهنجي زندگي ۽ وينزويلا جي جمهوريت کي بچائي ورتو، موت جي ان تجربي مون کي بدلائي ڇڏيو، منهنجي خواهش اها آهي ته آئون اهو چئي سگهان ٿو ته ان منهنجي ملڪ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
    وينزويلا ۾ هاڻوڪي ورهاست 1998ع ۾ منهنجي چونڊجڻ سان عمل ۾ نه آئي آهي، منهنجو وطن ته پنهنجي سڄي تاريخ ۾ سماجي ۽ معاشي لحاظ کان ورهايل رهيو آهي. وينزويلا دنيا جي سڀ کان وڏن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن مان هڪ ۽ آمريڪا کي تيل مهيا ڪندڙ چوٿون وڏو ملڪ آهي، منهنجن مخالفن کي جن ۾ گهڻائي مٿين طبقي سان واسطو ٿي رکي. وطن جي مصيبتن، ڏکن ۽ اڻ برابري تي تر جيتري به ڪاوڙ نٿي اچي، پر کين ان ڳالهه تي ڪاوڙ ٿي اچي ته مون تيل جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو غريبن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڇهن سالن جي دوران اسان صحت جي مد ۾ خرچن کي ٻيڻون ڪري ڇڏيو آهي ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌارو ڪيو آهي، تازو جنم وٺندڙ ٻارن جي موت جي تناسب ۾ ڪمي ٿي آهي، خواندگي وڌي ويئي آهي.
    جڏهن 2002ع ۾ منهنجي حڪومت کي غير قانوني ختم ڪيو ويو ته آمريڪي حڪومت (بُش جي) اڪيلي اهڙي حڪومت هئي، جنهن ان عمل کي صحيح قرار ڏنو هو. مون کي اميد آهي ته آمريڪي حڪومت هاڻي اسان جي ريپبلڪ جو احترام ڪندي.“

    1992ع جي فوجي بغاوت
    ”آئون اهو ڏينهن ڪڏهن به وساري نه سگهندس، جڏهن مون پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي پيار ڪيو، کانئن موڪلايو ۽ کين دعا ڪئي، مون کي خبر هئي ته آئون ان گهڙيءَ زندگي کان موڪلائي رهيو آهيان.“

    پسمنظر
    وينزويلا ۾ 1959ع کان حڪومت جو ٻه پارٽي نظام هلندو پي آيو، جنهن کي ARTXARCY يعني پارٽين جي حڪومت چيو ويندو هو، انتظام تحت ٻه وڏيون پارٽيون ڊيموڪريٽڪ ايڪشن پارٽي ۽ سي او پي اي آءِ (C.O. P. E I) واري واري سان اقتدار ۾ اينديون هيون، حڪومت جي ان نظام جي وڏي خامي ڪرپشن هئي. وينزويلا تيل جي دولت سان مالا مال ملڪ آهي ۽ ڪارلوس آندري پيريز جي حڪومتي دور ۾ تيل مان حاصل ٿيندڙ اُپت ۾ 54 سيڪڙو واڌارو ٿي ويو. ان رقم جو وڏو حصو سياسي ۽ غير سياسي حڪومتي عنصر (نوڪر شاهي) ڪرپشن جي ذريعي هضم ڪري ويندي هئي، ملڪ جي اڪثريتي غريب آبادي بدترين معاشي ۽ سماجي ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهي هئي، ان خراب صورتحال ۾ بگاڙ تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن سعودي عرب سميت آمريڪا ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن تيل جي اُپت ۾ گهڻو واڌارو ڪري ڇڏيو، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تمام گهڻي لاٿ ٿي ويئي، آمريڪا جي دوست ملڪن اهو قدم سوويت يونين جي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ کنيو هو، ڇو ته سوويت يونين جي معيشت جو گهڻو تڻو مدار تيل جي برآمد تي هو، تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو اثر لاطيني آمريڪا جي ملڪن تي به پيو، جن ۾ وينزويلا به شامل هو. 1989ع ۾ ڪارلوس آندري پيريز جي حڪومت خراب معاشي حالتن کي سنڀالڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي هدايتن موجب اسٽرڪچرل ايڊجسٽمينٽ پروگرام شروع ڪيو، جنهن تحت سماجي شعبي جي خرچن ۾ گهڻي ڪمي ڪئي ويئي ۽ ڪيترين ئي شين تي ڊگهي وقت تائين پرائس ڪنٽرول جا ضابطا لاڳو ڪيا ويا. ان پاليسيءَ جو نتيجو غريبن جي تڪليفن جي صورت ۾ نڪتو، سياسي صورتحال خراب ٿي ويئي ۽ 27 فيبروري 1989ع تي ملڪ جي تاريخ جا بدترين فساد شروع ٿي ويا، جن کي ”ڪاراڪاس“ هنگاما چيو وڃي ٿو.
    ٻي پاسي پيريز حڪومت فوجي اداري کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي. وينزويلا جي فوج ۽ سياسي حڪومتن ۾ تاريخي طور تي دوري رهي آهي ۽ ٻيئي هڪ ٻئي جي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪنديون آهن. پيريز حڪومت جي انهن قدمن سان فوج ۾ بيچيني پکڙجي ويئي. جنهن حڪومت وچولي درجي جي عهدن وارن فوجين کي عوامي معاملا سنڀالڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ته فوجين کي پهريون ڀيرو عوامي مسئلن جي خبر پئي، انهن آفيسرن ۾ هيوگو شاويز به شامل هو، هن پهريون ڀيرو پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ملڪ جو غريب عوام ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. انهن سڀني مسئلن جي جڙ ڪرپشن کي قرار ڏنو ويو.
    1990ع تائين حڪومت عوامي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون بلڪل ئي ختم ڪري ڇڏيون، جنهن سان عوام وڌيڪ مايوس ٿيو، عوام مايوسي ۽ ڪاوڙ ۾ موجود نظام جي متبادل نظام جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. عوامي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وينزويلا جي جمهوريت ملڪ کي ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي. ان پسمنظر ۾ ليفيننٽ ڪرنل هيوگو شاويز ۽ فرانسڪو ايرياس ڪارڊيناس ايم بي آر 20(Move mnento Blorino Revolueian2210) قائم ڪئي.
    وينزويلا جي اڻويهين صدي جو انقلابي هيرو”سائمن بوليوار“ سندس فڪري اڳواڻ هو، ان پارٽيءَ صدر ڪارلوس آندري پيريز جي حڪومت جي ڪرپشن ۽ ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ابتري جي خلاف جدوجهد شروع ڪئي، انهن ٻنهي اڳواڻن جو خيال هو ته سماجي تبديلي جي لاءِ سڄي سياسي نظام کي بدلائڻ ضروري ٿي پيو آهي.

    بغاوت جي ناڪامي جا سبب
    1992ع ۾ هيوگو شاويز جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ فوجي بغاوت جي ناڪامين جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته ان جي لاءِ درست رٿابندي نه ڪئي ويئي هئي، باغين غير ضروري راز داريءَ کان ڪم ورتو ۽ سڌ سماءَ جي ذريعن سان سندن رابطا صفا ڪمزور هئا، جنهن جي ڪري سندن عوام سان رابطا ڪمزور رهيا، اهوئي ڪارڻ آهي ته جڏهن فوجي بغاوت ٿي ته نظام کان مايوس عوام اُن جو ساٿ ڏيئي نه سگهيو.
    واضح رهي ته عوام پاران بغاوت جي اها ڪوشش گهڻي پسند ڪئي ويئي هئي، جڏهن بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ عوامي سروي ڪرائي ويئي ته پتو پيو ته وينزويلا جي اڌ کان به وڌيڪ آبادي ان ڪوششن کي ساراهي ٿي، عوام پڌري پٽ چيو ته هو سماجي تبديلي جي لاءِ فوجي بغاوت جي حق ۾ آهي، جڏهن ته ستر سيڪڙي کان به وڌيڪ عوام سياسي ذريعن سان ملڪ جي مسئلن جي نبيري جي آپشن جي مخالفت ڪئي. 27 نومبر 1992ع تي ملڪ ۾ ٻي بغاوت ٿي، پر ان کي به ناڪام ڪيو ويو، ان دوران هيوگو شاويز جيل ۾ باندي بڻيل هو، ٻي بغاوت جي ناڪامي جا سبب به اهي ئي هئا، جيڪي پهرين بغاوت جي ناڪاميءَ جا هئا، البت انهن ٻنهي بغاوتن سان اها ڳالهه سامهون آئي ته فوج جي وچولي طبقي جا آفيسر ملڪي نظام مان مطمئن ڪونهن، ٻي بغاوت ايئر فورس جي آفيسرن ۽ جوانن برپا ڪئي هئي، جيڪا وڌيڪ پُرتشدد هئي.
    ٻن بغاوتن کانپوءِ پيريز حڪومت جي ساک تمام گهڻي خراب ٿي ۽ ملڪ جي ٻين سياستدانن به پيريز حڪومت کي بدلائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، ائين ملڪ ۾ پراڻو ٻن پارٽين وارو ’پنٽو جسمو‘ نظام خطري ۾ پئجي ويو، اڳوڻي صدر ”رافيل ڪالڊيرا“ ملڪ جي دانشورن سان هم آواز ٿي ملڪ جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ سياسي، معاشي ۽ سماجي صورتحال جي حوالي سان پيريز جي حڪومت تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي. نتيجي ۾ 2 مئي 1993ع تي پيريز حڪومت ڪرپشن جي الزام هيٺ پنهنجي انجام کي پهتي ۽ 1993ع ۾ ئي ڪالڊيرا ٻيهر ملڪ جو صدر بنجي ويو، کيس اقتدار ۾ آڻڻ ۾ ڪيترين ئي ننڍين سياسي پارٽين اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
    قيد جي دوران هيوگو شاويز اکين جي هڪ بيماريءَ جو شڪار ٿي ويو، قيد جي دوران ئي سندس اک جو آپريشن ٿيو، پر سندس نظر سڄي زندگي لاءِ ڪمزور ٿي ويئي، قيد مان ڇٽڻ کانپوءِ انهيءَ تجربي کيس احساس ڏياريو ته ملڪ جي غريب عوام کي صحت جي حوالي سان ڪيترا ئي مسئلا درپيش آهن ۽ ان ئي وقت هن غريب عوام جي صحت جي حوالي سان مسئلا حل ڪرڻ جو وچن ڪيو. هن سمجهيو ته اڻ ڳڻيا ماڻهو اکين جي علاج جوڳين بيمارين جو علاج ڪرڻ جي لائق نه آهن ۽ کين تعليم به مجبوري جي حالت ۾ اڌ ۾ ڇڏڻي ٿي پئي ۽ هو سڄي زندگي مسئلن کي منهن ڏين ٿا.

    صدر شاويز تي يهودي دشمنيءَ جو الزام
    عالمي خبرون ڏيندڙ اداري ايسوسي ايٽيڊ پريس 5 جنوري 2006ع تي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته لاس اينجلس، آمريڪا جي هڪ يهودي تنظيم ”سائمن ويرنٽل سينٽر“ صدر شاويز کي ”يهودي دشمن“ قرار ڏنو آهي، هن سندن نالي هڪ خط ۾ سندن ان تقرير جو حوالو ڏنو آهي، جيڪا هن 2006ع جي پهرين رات ”ڪرسمس نائٽ“ جي موقعي تي ڪئي هئي، جنهن ۾ هن چيو هو.
    ”دنيا جون ڪجهه اقليتون سڄي دولت تي قابض آهن، هي اهي اقليتون آهن، جن حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي چاڙهيو هو.“
    صدر شاويز جي ترجمان چيو ته اهو اعتراض گهڻي دير سان ڪيو ويو آهي، جنهن جي سچائي ۾ ڪوبه وزن ڪونهي. ٻيو ته صدر شاويز واضح طور تي ڪنهن به اقليت جو نالو نه ورتو آهي، تنهنڪري مٿس يهودي دشمنيءَ جو الزام بي بنياد آهي.
    رپورٽ موجب هڪ آمريڪي ربي (Rabbi) آرٿرواسڪوف صدر شاويز جي نالي اي ميل ۾ لکيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام کي يهودين نه پر رومن سلطنت ۽ رومي فوجين صليب تي چاڙهيو هو.

    صدر شاويز جي لاءِ ايران جو سڀ کان وڏو اعزاز
    ايران جولاءِ 2006ع ۾ صدر شاويز کي پنهنجو سڀ کان وڏو سرڪاري اعزاز ڏنو، کيس اهو اعزاز ايران جي نيو ڪليئر پروگرام جي جرئت ڀري حمايت جي اعتراف ۾ ڏنو ويو، صدر شاويز آمريڪا تي سخت تنقيد ڪرڻ کانسواءِ لبنان تي اسرائيل جي حملي کي ”چريائپ“ ۽ ”دهشتگردي“ قرار ڏنو . هن آمريڪا جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو. ”سڄي دنيا جي عوام کي گڏجي آمريڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.“
    ايراني صدر محمود احمد نجاد کيس اهو اعليٰ اعزاز تهران يونيورسٽيءَ ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ پيش ڪيو.
    


    ڪالهه ! هتي شيطان آيو هو

    (20 سيپٽمبر 2006ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي صدر هيوگو شاويز خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن آمريڪا جي ان وقت جي صدر جارج ڊبليو بُش کي شيطان جو خطاب ڏنو ۽ جنرل اسيمبلي کي ”بيڪار“ قرار ڏنو، هيٺ ان تقرير جو مڪمل متن پيش ڪجي ٿو.)

    سڄي دنيا جي حڪومتن جا نمائندو!
    اوهان سڀني کان صبح جو سلام – سڀ کان پهرين ته آئون ادب ۽ احترام سان اوهان سڀني کي اها دعوت ڏيندس ته جنهن به هيءَ ڪتاب نه پڙهيو آهي، اهي هي ضرور پڙهن.
    (هن اها ڳالهه اتي ويٺلن کي ڪتاب ڏيکاريندي چئي.)
    نوم چومسڪي آمريڪا ۽ دنيا جو هڪ نهايت محترم دانشور آهي، هيءَ سندس تازو ڪتاب آهي، جنهن جو عنوان آهي.
    Hegemony or urvial :
    The Imporialist Strategy of the Unted Status
    هي ڪتاب اسان کي 21 هين صدي ۽ اڄ جي دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کي سمجهڻ ۾ مدد ٿو ڏي.
    آمريڪا جي اجاري اداريءَ وارن ارادن بني نوح انسان جي بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسين اوهان کي لڳاتار ان خطري کان واقف ڪندا رهيا آهيون. اسين آمريڪا ۽ سڄي دنيا جي عوام کي اپيل ٿا ڪريون ته هو ان خطري جي ٽوڙ واسطي عملي قدم کڻن. اهو خطرو تلوار جيان اسان جي مٿان لڙڪي رهيو آهي.
    هي ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي، مون کي پڪ آهي ميڊم پريزيڊنٽ ته اوهان هي ضرور پڙهيو هوندو، هي ڪتاب انگريزي کانسواءِ روسي، جرمني ۽ عربي زبانن ۾ پڻ ڇپيو ويو آهي، منهنجي خيال ۾ ته جن ماڻهن کي سڀ کان پهرين هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي، اهي آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، ڇو ته هنن جي لاءِ اهو خطرو سندن گهر ۾ ئي موجود آهي.
    شيطان گهر ۾ آهي، شيطان، هائو شيطان گهر ۾ آهي.
    ۽ شيطان ڪالهه هت آيو هو، ڪالهه شيطان هت آيو هو، هت .... ۽ ان جي ڌپ اڄ به پکڙي پيئي آهي. ڪالهه... هت شيطان آيو هو، معزز خواتين ۽ حضرات، آمريڪا جو صدر اهو جنٽل مين جنهن کي آئون شيطان ٿو چوان، هو هت روسٽرم تي آيو هو ۽ ائين پيو ڳالهائي ڄڻ دنيا جو مالڪ هجي. دنيا جي مالڪ جيان پي ڳالهايائين. منهنجو خيال آهي ته پاڻ آمريڪي صدر جي ڪيل ڪالهوڪي تقرير جي تجزبي لاءِ ڪنهن نفسياتي ڊاڪٽر کي گهرائي سگهون ٿا، هو سامراج جي ترجمان جي حيثيت سان آيو هو، هو دنيا جي ماڻهن تي غلبي، انهن جي پرماريت ۽ ڦرلٽ جي هاڻوڪي نظام جي بچاءُ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    ان منظر کي ”الفرڊهچڪاڪ“ جي ڪنهن موويءَ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو، آئون ته ان جو نالو ”شيطاني نسخو“ تجويز ڪندس، جيئن چومسڪيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ واضح طور تي لکيو آهي ته آمريڪي رياست پنهنجي غلبي جي نظام کي سگهارو بنائڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، جيڪو ڪري سگهي ٿي، پر اسين کيس ائين ڪرڻ جي موڪل ڏيئي نٿا سگهون.
    دنيا جي پيءَ جي تقرير – چريائپ سان ڀريل منافقي، هر شئي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت تحت جنم وٺندڙ سامراجي منافقت – هو چوي ٿي ته هو هڪ جمهوري ماڊل کي لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، پر اهو آهي سندس جمهوري ماڊل! اها ته مٿين اشرافيه طبقي جي ڪوڙي جمهوريت آهي ۽ هڪ نهايت نج جمهوريت، جيڪا هٿيارن، بمن ۽ بندوقن جي زور تي لاڳو ڪئي ويئي آهي.
    ڪهڙي نه عجيب جمهوريت آهي. اها، ارسطو ۽ جمهوريت جا ٻيا باني ته شايد سڃاڻي به نه سگهن، هيءَ ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي جيڪا ميرينز ۽ بمن جي ذريعي لاڳو ڪئي وڃي ٿي؟
    ڪالهه، آمريڪا جي صدر، هن ئي ڪمري ۾ اسان کي چيو هو ۽ آئون سندس ئي لفظ ڳالهائڻ لڳو آهيان. ”اوهان جنهن پاسي به ڏسندا، اوهين انتهاپسندن کي اهو چوندي ٻڌندا ته اوهين تشدد، دهشت ۽ شهادت جي ذريعي ئي غربت مان نڪري پنهنجو وقار بحال ڪري سگهو ٿا.“
    هو جيڏانهن به ڏسي ٿو، کيس انتهاپسند نظر اچن ٿا، ۽ اوهين منهنجا ڀائرو! هو اوهان جي رنگ کي ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته هي انتها پسند آهن، کيس ته بوليويا جو لائق صدر به انتهاپسند نظر ٿو اچي، ائين ڪونهي ته ڪو اسين انتها پسند آهيون، اصل ۾ دنيا سجاڳ ٿي رهي آهي، چوڌاري سجاڳي پکڙجي رهي آهي ۽ ماڻهو اُٿي کڙا پيا ٿين.
    پيارا عالمي ڊڪٽيٽر! منهنجو خيال آهي ته تون پنهنجي باقي سڄي زندگي ڊيڄاريندڙ خواب ۾ گذاريندين، ڇو ته اسين سڀ بيهي رهيا آهيون، اسين سڀ آمريڪي سامراج جي خلاف کڙا ٿي رهيا آهيون ۽ برابري، عزت ۽ قومن جي خودمختياريءَ جا نعرا هڻي رهيا آهيون، هائو، تون اسان کي انتهاپسند چئي سگهين ٿو، پر اسين ته سلطنت جي خلاف اُٿي کڙا ٿي رهيا آهيون، غلبي جي ماڊل جي خلاف کڙا ٿي رهيا آهيون.
    صدر اهو ٻيهر چيو ته، ”آئون وچ اوڀر جي ماڻهن سان سڌوسنئون چوڻ آيو آهيان ته منهنجو ملڪ امن ٿو چاهي.“
    اهو سچ آهي، اسين برونڪس ۾ ڦرنداسين، اسين جيڪڏهن نيويارڪ، واشنگٽن، سان ڊياگو يا ڪنهن به شهر ۾ جهڙوڪ سان انٽونيو، سان فرانسڪو ۾ وڙڪنداسين، ڪنهن به فرد سان، آمريڪا جي ڪنهن به شهريءَ کان پڇنداسين ته هي ملڪ ڇا ٿو چاهي؟ ڇا هي امن ٿو چاهي؟ ته هو چوندا ”هائو.“ پر حڪومت امن نٿي چاهي، آمريڪا جي حڪومت امن نٿي چاهي، اها پرماريت، ڦرلٽ ۽ پنهنجي اجاراداري واري نظام کي قائم رکڻ ٿي چاهي.
    هوءَ امن ٿي چاهي ته پوءِ عراق ۾ ڇا پيو ٿئي؟ لبنان ۾ ڇا پيو ٿئي؟ فلسطين ۾ ڇا پيو ٿئي؟ گذريل سئو سالن ۾ لاطيني آمريڪا ۽ دنيا ۾ ڇا ٿيو؟ ۽ هاڻ وينزويلا کي ڌمڪيون ڇو پيون ڏنيون وڃن.
    هن لبنان جي عوام کي چيو،”اوهان مان ڪيترائي ماڻهون پنهنجن گهرن ۽ پاڙن کي ڪراس فائر جي نشاني ۾ ايندو ڏسي چڪا آهن.“ اوهين ڪيترو چريا ٿي سگهو ٿا؟ اها بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪهڙي نه وڏي خاصيت آهي! بيروت ۾ خطرناڪ ترين بمن سان بمباري!؟ هو چوي ٿو اهو ڪراس فائر آهي.
    اها سوچ، سامراجي، فاشسٽ، قاتلاڻي ۽ نسل ڪشيءَ واري سوچ آهي، سلطنت ۽ اسرائيل، فلسطين ۽ لبنان جي ماڻهن تي فائرنگ ڪري رهيا آهن، اها آهي اصل صورتحال.
    آمريڪا جو صدر ماڻهن سان ڳالهائڻ آيو هو، دنيا جي ماڻهن سان، هو اهو چوڻ آيو هو، آئون پاڻ سان گڏ ڪجهه دستاويز کڻي آيو آهيان، ڇو ته آئون اڄ ئي صبح جو ڪن دستاويزن کي پڙهي رهيو هوس، مون ڏٺو ته هن افغانستان جي ماڻهن، لبنان جي ماڻهن ۽ ايران جي ماڻهن سان ڳالهايو ۽ هن انهن سڀني ملڪن جي ماڻهن سان سڌوسنئو ڳالهايو، اوهين حيرت مان سوچي سگهو ٿا ته فقط آمريڪا جو صدر ئي سڄي دنيا جي ماڻهن سان خطاب ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن دنيا جي ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي ته هو کيس ڇا چوندا؟
    منهنجي خيال ۾ مون کي ڪجهه اندازو آهي ته ڏکڻ جا پيڙهيل ماڻهو ڇا ٿا سوچين، منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن کين مائيڪرو فون ڏنو وڃي ته هو چوندا، ”يانڪي سامراجي! هٽ پري ٿي... ڀڄ هتان.“
    ۽ تنهنڪري ميڊم صدر، منهنجا دوستو، منهنجا ساٿيو، گذريل سال اسان هن ئي هال ۾ آيا هئاسين، ايئن اسين گذريل اٺن سالن کان اچي رهيا آهيون ۽ اسان جيڪو ڪجهه چيو هو، اڄ ان جي توثيق ٿي رهي آهي. مڪمل توثيق.
    منهنجي خيال ۾ هن هال ۾ موجود ڪوبه شخص نظام جي بچاءُ نٿو ڪري سگهي، اچو ته مڃيون.... اچو ته ايماندار بنجون.... گڏيل قومن جو اهو نظام جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ جوڙيو ويو هو، ڊهي چڪو آهي. اهو بيڪار ٿي چڪو آهي.
    هائو، ان ۾ هڪ خوبي آهي، اها ته اهو اسان کي هر سال هڪ ڀيرو گڏ ڪري ٿو. تقريرون ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر قسم جا ڊگها ڊگها دستاويز تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪل جهڙي هابيل تقرير ڪئي، کهريون تقريرون ٻڌون ٿا ۽ بي شمار تقريرون ٿين ٿيون، جيئن اسين سري لنڪن ۽ چلي جي صدرن جون تقريرون ٻڌون ٿا، پر اسين يعني هيءَ اسيمبلي مفلوج بنجي چڪي آهي، اسان وٽ ڪوبه اختيار ڪونهي، دنيا جي ڊيڄاريندڙ صورتحال تي اثرانداز ٿيڻ جو ڪوبه اختيار ڪونهي، تنهنڪري وينزويلا اڄ 20 سيپٽمبر تي اها رٿ ڏي ٿو ته گڏيل قومن جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وڃي.
    ميڊم! گذريل سال اسان چار تجويزون پيش ڪيون هيون، جن تي عمل ڪرڻ اسين ضروري سمجهون ٿا.
    پهرين آهي وڌارو- جنهن جي باري ۾ مُلئين يعني بُش ڪلهه هت ڳالهايو هو، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ۽ غير مستقل ميمبرن جي تعداد ۾ وڌارو ڪرڻ ضروري آهي، ترقي پذير ملڪن کي مستقل ميمبر بنايو وڃي. اها پهرين وک آهي.
    نمبر ٻه: عالمي تڪرارن کي نبيرن لاءِ شفاف فيصلا ڪرڻ ضروري آهن.
    نمبر ٽي: غير جمهوري ميڪانزم، جنهن کي ويٽو سڏجي ٿو، سلامتي ڪائونسل جي فيصلن ۾ ويٽو کي هڪدم ختم ڪيو وڃي، اهو اسان سڀني جو مطالبو آهي.
    آئون اوهان کي هڪ تازو مثال ٿو ٻڌايان، آمريڪي ويٽو، اسرائيل کي ان ڳالهه جي موڪل ڏني ته هو لبنان کي تباهه ڪري، اسين ڏسندا رهجي وياسين ۽ اسان جي اکين جي سامهون هڪ قرارداد کي منظور ٿيڻ نه ڏنو ويو.
    نمبر چوٿون: جيئن اسان سدائين چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ڪردار سگهارو ڪري ان جي اختيارن کي وڌائڻو پوندو.
    ڪلهه سيڪريٽري جنرل پنهنجي الوداعي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن اهو مڃيو ته گذريل ڏهن سالن ۾ معاملا اڳ کان وڌيڪ ڏکيا ٿي ويا آهن، بک، غربت، تشدد ۽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي لتاڙِ ڪئي ويئي آهي. اهو گڏيل قومن جي نظام جي ڊهڻ ۽ آمريڪي اجاري داريءَ جو نتيجو آهي.
    مئڊم ! وينزويلا ڪجهه سال اڳ گڏيل قومن جي اندر اها ويڙهه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اسين ان جي رُڪن جي حيثيت سان ان لاءِ آواز اُٿاري رهيا آهيون، اهو آواز وقار ۽ امن جي لاءِ ۽ بين الاقوامي نظام جي نئين جوڙجڪ جي لاءِ اٿاريو پيو وڃي، اهو آواز ڌرتي جي اجاردار ۽ جارح قوتن جي مذمت ڪرڻ جي لاءِ اُٿاريو پيو وڃي.
    آمريڪي حڪومت وينزويلا کي سلامتي ڪائونسل جي هڪ عهدي جي لاءِ آزاداڻي نموني چونڊجڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ غير اخلاقي حملو ڪيو، سلطنت سچ کان ڊنل آهي، سلطنت آزاد آواز کان ڊنل آهي، هو اسان کي انتهاپسند چوي ٿي، پر حقيقت ۾ اها پاڻ انتهاپسند آهي.
    خير ميڊم پريزيڊنٽ! ڇا به هجي، پر منهنجي خيال ۾ ڪجهه اهڙا سبب به آهن، جو اسين اميد پرست بنجي سگهون ٿا، هڪ شاعر چيو هو ”بي وسيءَ ۾ به اميد پرستي.“ اُن جو سبب اهو آهي ته جنگين ۽ بمن ۽ جارحيت ۽ پري ايمٽپوجنگ ۽ سڀني قومن جي بربادي جي باوجود به اسين ڏسي سگهون ٿا ته هڪ نئون دور اُڀري رهيو آهي، جيئن سلويوروڊيگر چئي ٿو ته زمانو دل کي جنم ڏيئي رهيو آهي، سوچ جا متبادل طريقا موجود آهن، نوجوان مختلف انداز سان سوچي رهيا آهن ۽ انهيءَ جو مشاهدو فقط ڏهن سالن جي عرصي ۾ ٿي چڪو آهي، ساڳئي طرح سرمائيداراڻي نيولبرل دنيا جي جوڙ جڪ جو مفروضو به ڪوڙو هو، اها ڳالهه ظاهر ٿي چڪي آهي ته اهو نظام فقط غربت کي ئي جنم ڏي ٿو، هاڻ ان تي ڪير ٿو يقين ڪري؟
    هاڻ اسان کي دنيا جي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي، پرهه ڪٿي پيئي ڦٽي، اوهين اها آفريقا ۾ ۽ يورپ ۾، ۽ اوشيانا ۾ ڏسي سگهون ٿا، آئون ان اميد پرستيءَ واري تصور تي زور ڀرڻ ٿو چاهيان، اسان کي پنهنجو پاڻ کي مضبوط بنائڻو آهي، اسان کي جنگ وڙهڻ جي پنهنجي ارادي کي سگهارو ڪرڻو آهي. اسان کي پنهنجي آگهي کي مضبوط ڪرڻو آهي، اسان کي هڪ نئين ۽ بهتر دنيا اَڏڻي آهي.
    جيئن ته وينزويلا ان جدوجهد ۾ شامل آهي، تنهنڪري اسان کي ڊيڄاريو پيو وڃي، آمريڪا وينزويلا ۾ بغاوت جو منصوبو ٺاهيو، ان جي لاءِ رقم مهيا ڪئي ۽ نيٺ بغاوت برپا ڪرائي ۽ هو اڃا به وينزويلا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بغاوتون ڪرائڻ جون ڪوششون پيو ڪري. لاطيني آمريڪا جي سياستدانن کي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ ڏوهه ڪرڻ وارا آزاد آهن، هو سي آءِ اي سان واسطو رکندڙ قاتل ۽ دهشتگرد آهن.
    اسان کي هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اڄ کان ٽيهه سال اڳ ڪيوبا جي هڪ هوائي جهاز کي دهشتگرداڻي حملي ۾ تباهه ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ 73 معصوم انسان مري ويا هئا ۽ هن خطي جو سڀ کان وڏو دهشتگرد ڪٿي آهي، جنهن ان هوائي جهاز کي تباهه ڪرڻ جي ذميداري قبول ڪئي هئي؟ کيس ڪجهه سالن جي لاءِ وينزويلا ۾ جيل موڪليو ويو هو ۽ پوءِ کيس سي آءِ اي ۽ حڪومتي عملدارن جي مدد سان ڀڄايو هو ۽ هاڻي هو هن ملڪ ۾ رهي ٿو ۽ آمريڪي حڪومت سندس حفاظت ڪري ٿي، هن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو، کيس سزا ملي هئي، پر آمريڪي حڪومت جا معيار ٻٽا آهن، اها جڏهن به چاهيندي آهي، دهشتگردن جو بچاءُ ڪندي آهي ۽ اسين وڏي واڪي چئون ٿا ته وينزويلا دهشتگردي ۽ تشدد سان جنگ جو خاتمو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. اسين امن لاءِ وڙهندڙن ۾ شامل آهيون.
    جنهن دهشتگرد کي آمريڪي حڪومت تحفظ ڏنو آهي، ان جو نالو ”لويئس پوساڊا ڪيرلز“ آهي، تنهن کانسواءِ وينزويلا مان ڀڄي ايندڙ بي شمار ڪرپٽ ماڻهون هتي موجود آهن، جن کي آمريڪي حڪومت تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، اهي ماڻهو هتي ئي آهن، جن سفارتخانن کي بمن سان اڏايو ۽ بغاوت جي دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو، هنن مون کي اغوا ڪيو هو ۽ مون کي قتل ڪرڻ وارا هئا، پر خداوند اسان جي مدد ڪئي ۽ عوام گهرن مان ٻاهر نڪري آيو ۽ فوج به ۽ اڄ آئون هتي موجود آهيان.
    جن ماڻهن بغاوت ڪئي هئي، اهي هتي هن ملڪ ۾ موجود آهن ۽ آمريڪي حڪومت کين تحفظ ڏيئي رهي آهي. آئون الزام ٿو هڻان ته آمريڪي حڪومت دهشتگردن کي تحفظ ڏيئي رهي آهي ۽ سراسر چريائپ جون ڳالهيون پئي ڪري.
    اسين هڪ نئون زمانون اُڀرندي ڏسي رهيا آهيون. اڻ ڌري تحريڪ جنم وٺي چڪي آهي ۽ منهنجا ساٿيو، منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون، مون کي خوشي ٿيندي ته اوهين به ان تحريڪ کي سگهارو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.
    هڪ نئين ۽ سگهاري تحريڪ جنم وٺي چڪي آهي، اسين ڏکڻ جا مرد ۽ عورتون آهيون، آئون انهن دستاويزن، انهن نظرين ۽ ان تنقيد سان پنهنجو فائيل بند ٿو ڪريان، آئون ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻي پيو وڃان ۽ اهو نه وساريو ته آئون وڏي جوش ۽ وڏي نوڙت ۽ انڪساريءَ سان اوهان کي اهو پڙهڻ جي صلاح ڏيئي رهيو آهيان.
    اسان کي ڌرتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ نظرين جي ضرورت آهي، ڌرتيءَ کي سامراجي خطري کان بچائڻو آهي، مون کي اميد آهي ته گهڻو وقت نه لڳندو، هن صديءَ ۾ ئي اسين اهو نئون زمانو ڏسنداسين ۽ اسان جي ٻارن ۽ پوٽين، پوٽن، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين جي لاءِ امن سان ڀريل دنيا جيڪا گڏيل قومن.... نئين جڙندڙ اقوام متحده جي بنيادي اصولن موجب ٺاهي ويندي.
    ٿي سگهي ٿو ته اسان کي گڏيل قومن کي ڪنهن ٻي هنڌ کڻي وڃڻون پوي، ڏکڻ جي ڪنهن شهر ۾ اسين وينزويلا جو نالو تجويز ڪري چڪا آهيون.
    اوهان کي خبر آهي ته منهنجو ذاتي ڊاڪٽر ۽ چيف آف سيڪيورٽي مستقل هوائي جهاز ۾ بند آهن، کين گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت جي موڪل نه ڏني ويئي، اهو شيطان پاران طاقت جو هڪ ٻيو غلط استعمال آهي، هو هت سلفر جي ڌپ ڇڏي ويو آهي. پر خدا اسان سان گڏ آهي ۽ آئون اوهان سڀني کي گلي سان ٿو لڳايان، خدا اسان سڀني تي پنهنجي ٻاجهه ڪري، اوهان سڀني لاءِ سٺي ڏينهن جي دعا سان.
    


    بوليوين انقلاب ۽ هوگو شاويز

    (ايلن وڊز عالمي مشهوري ماڻيندڙ مارڪسي ليکڪ آهي، جنهن جي سياسي تجزين کي عالماڻي گهرائي جي ڪري کاٻي ڌر جي حلقن ۾ وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، صدر هيوگو شاويز جي حوالي سان مارڪسٽ ڊاٽ ڪام )www.morxist( تي سندس هڪ اهم مضمون شايع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ جتي صدر شاويز ۽ بولي ويئرن انقلاب جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي، اتي عوام دوست ۽ انسان دوست سياست جي حوالي سان ڪيترائي اهم نقطا بيان ڪيا آهن. هيٺ ان مضمون جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.)

    انقلاب جا ڪهڙا دوست آهن
    گذريل هفتي آئون وينزويلا ۾ برپا ٿيندڙ انقلاب جي حامين جي ٻي عالمي ميڙ ۽ اپريل 2002ع ۾ برپا ٿيندڙ بغاوت جي ناڪامي جي ٻي سالگرهه ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ”ڪاراڪاس“ ۾ هئس. جتي مون کي بولي ويئرين ريپبلڪ جي صدر هيوگو شاويز سان گڏجڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ ليکڪ ۽ مارڪسي مؤرخ جي حيثيت سان تاريخ ٺاهيندڙ مردن ۽ عورتن جي باري ۾ آئون اڪثر لکندو رهندو آهيان، پر ائين ڪو روز روز نٿو ٿئي ته اسان کي تاريخ ٺاهيندڙ ڪنهن عظيم شخص جو ايتري ويجهڙائي کان مشاهدو ڪرڻ، کانئس سوال پڇڻ ۽ سندس حوالي سان اخبارن ۾ ڇپجندڙ خبرن جي حوالي سان نه پر ذاتي تجربي جي آڌار تي، هڪ تاثر وٺڻ جو موقعو ملي.
    آئون پنهنجي موضوع تي وڌيڪ لکڻ کان اڳ ڪجهه ڳالهيون چٽيون ڪرڻ ٿو چاهيان، مون وينزويلائي انقلاب جو جائزو هڪ ٻاهرين مشاهدو ڪندڙ يا هڪ خوشامند ڪندڙ جي حيثيت سان نه پر هڪ انقلابيءَ جي حيثيت سان ورتو. ڇو ته خوشامد انقلاب جي دشمن هوندي آهي، ڇو ته اها سچ جي دشمن هوندي آهي. وينزويلا ۾ انقلاب زبردست خطرن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جيڪي ماڻهون احمقاڻيون تقريرون ڪن ٿا ۽ بولي ويئرين انقلاب جي معجزن جو ذڪر ڪن ٿا، اهي انقلاب کي درپيش خطرن کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين، اهڙا ماڻهون انقلاب جا ڪوڙا دوست آهن، جن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي.
    ڪامياب انقلاب جا سدائين تمام گهڻا دوست هوندا آهن، اقتدار ڏانهن لاڙو رکندڙ وچينءَ طبقي جا عنصر ماکي ڏانهن اُڏندڙ مکيون هونديون آهن، هي عنصر ان وقت تائين انقلاب جا ڳُڻ ڳائيندا رهندا آهن، جيستائين هو اقتدار ۾ هوندا آهن، هو انهن کي دشمنن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوبه سنجيدهه عمل نه ڪندا آهن، جڏهن انقلاب کان اقتدار کسجي ويندو آهي ته هو واڳونءَ وارا ڪجهه لڙڪ ڳاڙهيندا آهن ۽ پوءِ ٻي ٽي ڏينهن زندگي جي ايجنڊا جي ٻي اسم طرف وڌي ويندا آهن. اهڙا دوست ٻن ٽڪن جا به نه هوندا آهن، حقيقي دوست اهو هوندو آهي، جيڪو بي ڊپائيءَ سان، اوهان جي اکين ۾ اکيون وجهي اوهان کي ٻڌائي ته اوهان غلطي ڪئي آهي.
    وينزويلائي انقلاب جا حقيقي دوست دنيا جي مزدور طبقي جا ماڻهو آهن، جن جا سڀني کان وڌيڪ باشعور نمائندا مارڪسي آهن، هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي وينزويلائي انقلاب کي دشمنن کان بچائڻ جي لاءِ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري سگهن ٿا. انقلاب جا حقيقي دوست سدائين بي ڊپائيءَ سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا. اسين جتي به ڏسنداسين ته صحيح دڳ جي چونڊ ڪئي پيئي وڃي. ان جي اسين واکاڻ ڪنداسين ۽ جتي ڏسنداسين ته غلطي ڪئي پيئي وڃي، اتي اسين دوستاڻي تنقيد ڪنداسين. حقيقي انقلابين ۽ بين الاقواميت پسندن مان ٻي ڪهڙي قسم جي رويي جي اميد ڪرڻ گهرجي؟
    وينزويلا ۾ ڪيل ڪيترين ئي تقريرن ۽ ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ انٽرويوئن ۾ مون چيو ته اوهان جو انقلاب سڄي دنيا جي مزدورن جي لاءِ هڪ مثال آهي، اوهين معجزي وارو ڪم پيا ڪريو، پر انقلاب جي محرڪ قوت پورهيت طبقو ۽ عام ماڻهو آهن، اهوئي مستقل ۾ ان جي ڪاميابي جو راز آهي، جيستائين اوهين بينڪرن ۽ موڙي وادن جي معاشي سگهه تباهه نه ڪندا، تيستائين انقلاب مڪمل نه ٿيندو، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته عوام کي ڪميٽين جي صورت ۾ هر سطح تي منظم ڪيو وڃي. اهو ضروري آهي ته پورهيتن جون پنهنجون آزاد تنظيمون هجن، مارڪسي رجحان جي جوڙجڪ لازمي آهي.

    جمهوريت ۽ حڪمران طبقو
    مون جتي به تقرير ڪئي انهن ئي خيالن جو اظهار ڪيو، مون تي ڪڏهن به ڪنهن نه ڪو دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي وري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هر سطح تي مارڪسي تصورن ۾ گهري دلچسپي ورتي ويئي.
    سي آءِ اي جي مدد سان پکيڙيل افواهن جي ابتڙ وينزويلا ۾ مڪمل جمهوريت آهي، مخالف ڌر کي جيڪا جمهوريت جي خلاف سَٽون سٽي رهي آهي، پنهنجن نظرين جي اظهار جي آزادي آهي، حد ته اها آهي ته اها ٽيليويزن چينلن تان بغاوت جون اپيلون پئي نشر ڪري.
    هڪ ڀيري هڪ برطانوي پُراڻ پسند سياستدان هڪ سوشلسٽ کي چيو هو، ”اوهين ڪڏهن به جيتي نٿا سگهو، ڇو ته اسين سدائين اوهان جي اڳواڻ کي خريد ڪري وٺنداسين.“ ان ئي اصول تي عمل ڪندي وينزويلا ۾ اميرن جي حڪمراني جي قائل ماڻهن شاويز کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن وينزويلائي سياست جي پراڻن اصولن موجب ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو، ”ڏسو! هي ملڪ سون جي جهرڪي آهي، هتي اڻ مئي دولت آهي، پاڻ ۾ وڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اچو ته پاڻ ۾ ٺهي هلون، جيترو تون ڦٻي سگهين ٿو ڦٻ، باقي اسان لاءِ ڇڏي ڏي.“ حڪمران طبقي جي بدقسمتي جو هر شخص وڪري جو مال ڪونهي.
    نئين حڪومت، نئون آئين جوڙيو، جيڪو لاطيني آمريڪا، بلڪه سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ جمهوري آئين آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ جنس جي سندس حق ڏنو ويو آهي، پر اميرن جي حڪمرانيءَ جي قائل ماڻهن سوچيو ته آئين ڇا آهي؟ ردي ڪاغذن جو ڍڳ، هنن جي سوچ بورزوائي جمهوريت ۾ آئين ۽ قانون سان روا رکندڙ سلوڪ جو لقاءَ آهي، هو آئين ۽ قانون کي سنجيدگيءَ سان نه وٺندا آهن، هو ان کي حقيقي صورتحال جي پردي جي طور استعمال ڪندا آهن، حقيقي صورتحال اها آهي ته اڪثريتي دولت تي اقليت جو لڳاتار قبضو آهي.
    حڪمران طبقو، جمهوريت، پارليامينٽ، چونڊن، اظهار جي آزادي ۽ آزاد ٽريڊ يونينز کي اهڙو شر سمجهي ٿو، جنهن کي ان وقت تائين برداشت ڪري سگهجي ٿو، جيستائين اهي بينڪن ۽ اجاري دارن جي آمريت جي لاءِ خطرو نٿا بنجن، پر جيئن ئي عوام جمهوريت جي ميڪنزم کي سماج ۾ بنيادي تبديلي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي شروعات ڪري ٿو ته حڪمران طبقي جو رويو بدلجي وڃي ٿو ۽ هو ڊڪٽيٽر شپ جي واويلا مچائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، پوءِ ڀلي اها وينزويلا جي حڪومت جيان وڏي اڪثريت سان چونڊيل ڇو نه هجي، هو جمهوري طريقي سان چونڊيل حڪومت کي ڊيڄارڻ، ڊاهڻ ۽ ان جون پاڙون اُکيڙڻ جي لاءِ معاشي قوت، ملڪ جي معاشي حياتيءَ تي پنهنجو ڪنٽرول ۽ سُد ٻڌ ۽ عدالتن تي پنهنجي ڪنٽرول کي استعمال ڪندا آهن، يعني هو حڪومت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ غير پارلياماني طريقا استعمال ڪندا آهن.
    قانون ۽ آئين جي ذريعي اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن حڪومت کي بچائي سگهڻ جو سوچڻ انتهائي سادگي آهي، حڪمران طبقي جي غير پارلياماني قدمن کي پارليامينٽ ۾ تقريرن ۽ آئين کي اپيلن جي ذريعي شڪست نٿي ڏيئي سگهجي. وينزويلا ۾ انقلاب جو تجربو اُن جي سئو سيڪڙو تصديق ٿو ڪري، ان جو سبب اهو آهي ته آئين منظور ڪري وٺڻ هڪ شئي ۽ اڪثريت کي حق ڏيڻ ٻي شئي آهي. اڪثريت جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪرڻون هجي ته اميرن جي حڪمرانيءَ جي قائل طبقي سان ٽڪراءُ ضروري آهي، ان لاءِ گهڻ طرفي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي.
    جيئن ئي اميرن جي حڪمراني جي قائل طبقن کي اها حقيقت سمجهه ۾ آئي ته هو شاويز سان ڪو ٺاهه ڪري يا کيس خريد ڪري نٿا سگهن، هنن هڪدم مٿس حملو شروع ڪري ڏنو، مٿين طبقي منظم ٿيڻ ۽ پنهنجي قوتن کي چرپر ۾ آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو. هنن سُڌ ۽ سماءَ جي ذريعن تي پنهنجي ڪنٽرول کي استعمال ڪري وچينءَ طبقي کي جنون ۾ مبتلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، هنن سي آءِ اي تي استعمال ڪندي بدعنوان ٽريڊ يونين اڳواڻن کي رشوتون ڏيئي ري ايڪشنري هڙتالون ڪرايون، جيئن چلي ۾ ’سلواڊورآلندي‘ جي حڪومت جي خلاف لاري ڊرائيورن جي هڙتال ڪرائي ويئي هئي، هنن ”سرمائيڪاري جي هڙتال“ ڪئي ۽ اربين ڊالر ميامي جي بينڪ اڪائونٽس ۾ رکائي ڇڏيا. هو 11 اپريل 2002ع جي رد انقلاب جي تياري ڪري رهيا هئا.
    اهو چوڻ جي ضرورت ڪونهي ته ان سازش جي اُڻت واشنگٽن ۾ ڪئي ويئي هئي، سوال اهو آهي ته آمريڪي سامراج شاويز کان نفرت ڇو ٿو ڪري؟ هو بولي ويرئين انقلاب کان ڇو ٿو ڊڄي؟ اڃا تائين ته شاويز وينزويلا ۾ وڏين آمريڪي ڪمپنين جي اثاثن کي قومي ملڪيت ۾ نه ورتو آهي، هن آمريڪا کي تيل جي فراهمي به بند نه ڪئي آهي. هن اميرن جي حڪمراني جي قائل ماڻهن جون ملڪيتون ضبط نه ڪيون آهن.
    واشنگٽن شاويز جو دشمن ان ڪري آهي ته هن آمريڪي سامراج جي مخالفن جو پڪو پهه ڪري ورتو آهي، هو شروع کان ئي تيل جي قيمتن ۾ واڌاري جو حامي رهيو آهي. اها پاليسي آمريڪي سرمائيدارن جي مفادن جي خلاف آهي، ماضيءَ ۾ وينزويلا ۾ اهڙيون حڪومتون رهيون آهن، جيڪي ٿورڙي رقم جي عيوض آمريڪي حڪومت جي پسند جون پاليسيون اختيار ڪنديون هيون، جيتوڻيڪ وينزويلا جي تيل ڪمپني ”پي ڊي وي ايس اي“ کي رسمي طور تي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو هو، پر ان کي ڪرپٽ بيورو ڪريسي ڪنٽرول ڪندي هئي، جيڪا ”پي ڊي وي ايس اي“ کي ڪنهن سرمائيدار ڪمپني جيان هلائي رهي هئي ۽ وڏين آمريڪي تيل ڪمپنين جي مفادن کي پورو ڪندي هئي.
    پر آمريڪي سامراج جي شاويز کان نفرت جو حقيقي سبب ڪو ٻيو آهي، هن وقت صورتحال اها آهي ته هڪ انقلابي لهر سڄي لاطيني آمريڪا تي حاوي ٿي چڪي آهي، جنهن مان واشنگٽن جا Straeg is to of capital ڊنل آهن، دنيا جون اکيون وچ اوڀر تي کُتل آهن، هيءَ اهو علائقو آهي جيڪو واشنگٽن جي لاءِ بي پناهه معاشي اهميت رکي ٿو، پر لاطيني آمريڪا کي آمريڪا جو پويون اڱڻ تصور ڪيو ويندو آهي، ڏکڻ ۾ ٿيندڙ واقعن جو سڌوسنئون اثر آمريڪا تي پوي ٿو.
    هيوگو شاويز جو ”بولي ويئرن انقلاب“ آمريڪي سامراج جي لاءِ ان ڪري به سنئون سڌو خطرو آهي ته اهو لاطيني آمريڪا جي پيڙهيل عوام جي لاءِ هڪ مثال بنجي ويو آهي، هن ڊگهي عرصي کان گهري ننڊ ۾ ستل عوام کي جدوجهد جي لاءِ جاڳائي ڇڏيو آهي. انقلاب جي عملي ڪاميابين جي فهرست متاثر ڪندڙ آهي. ان پورهيتن ۽ غريبن جي لاءِ ڪجهه سنجيده سڌارا ڪيا آهن، پندرهن لک ماڻهن کي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو ويو آهي ۽ مختلف سطح جي تعليمي پروگرامن ۾ 30 لک ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي، هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهن کي جن اڳ ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏٺو به نه هو، ڪيوبائي ڊاڪٽرن کان مفت طبي امداد ملي رهي آهي، جن کي ڳوٺن ۾ رهڻ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي. لڳ ڀڳ 20 لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي ويئي آهي.
    اهي ڪاميابيون ضرور آهن، پر انقلاب جي حقيقي ڪاميابي وڌيڪ اهم ۽ ٺوس آهي، جنهن کي نه توري سگهجي ٿو ۽ نه ماپي سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري ڳڻي سگهجي ٿو. انقلاب عوام کي، عام ماڻهن کي انسان جي حيثيت سان وقار جو احساس عطا ڪيو آهي. ان انصاف جو احساس پيدا ڪيو آهي. هن کين پنهنجي سگهه جو نئون احساس ڏنو آهي. هن کين نئون ڀروسو ڏنو آهي، هن کين مستقل جي لاءِ اميد ڏني آهي، حڪمران طبقي ۽ سامراجيت جي نقطه نظر کان اهو هڪ ”هولناڪ خطرو“ آهي.
    هن وقت وينزويلا ۾ طبقاتي قوتن جو انقلاب سان لاڳو عام رواجي آهي، شاويز جي مقبوليت لاثاني آهي، کيس سٺ سيڪڙي کان به وڌيڪ ووٽ ملن ٿا. جيڪڏهن اسين سندس حمايت ڪندڙ قوتن کي ذهن ۾ رکون ته سندس حامي حقيقت ۾ ان کان به وڌيڪ آهن. وينزويلا ۾ جيڪا شئي جيئري آهي، اها تخليقي آهي، چُرپُر آهي ۽ انقلاب جي حامي آهي، ٻي پاسي ردعمل ۾ پراڻ پسند قوتون آهن، جيڪي ڌپاريون ۽ ڪرپٽ آهن.
    وينزويلا جي ٻن سئو سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام کي محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت خود وٽن آهي. ماضيءَ ۾ حڪومت ڌارين قوت هوندي هئي، جيڪا خود سندن خلاف هوندي هئي. هو پراڻين ۽ ڪرپٽ پارٽين کي ٻيهر واپس اقتدار ۾ ايندي ڏسڻ نٿا گهرن.
    ٽراٽسڪيءَ پنهنجي ڪتاب ”روسي انقلاب جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته،”انقلاب هڪ اهڙي صورتحال هوندي آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو پنهنجي تقدير پنهنجن هٿن ۾ کڻڻ شروع ڪندا آهن.“ اڄ وينزويلا ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، عوام جي سجاڳي ۽ سياست ۾ سندن سرگرم شرڪت وينزويلائي انقلاب جو فيصلي ڪندڙ گُڻ ۽ ان جي ڪاميابي جو راز آهي.
    ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وينزويلا تي امير ماڻهن جي ڪرپٽ ۽ اخلاق کان ڪريل حڪومت قائم هئي، ملڪ ۾ ٻه جماعتي نظام قائم هو ۽ ٻيئي جماعتون امير ماڻهن جي نمائندگي ڪنديون هيون، جڏهن شاويز بولي ويريئن انقلاب جي شروعات ڪئي ته هن وينزويلا جي ڌپاري سياسي زندگيءَ جي صفائيءَ جو پڪو پهه ڪيو، اهو هڪ محدود مقصد هو، پر امير حڪمرانن ۽ سندن ڇاڙتن پاران ان جي وڏي مزاحمت ڪئي ويئي ۽ 11 اپريل 2002ع تي امير ماڻهن واشنگٽن جي ڀرپور عملي سهڪار سان، هڪ فوجي بغاوت جي ذريعي شاويز جي حڪومت کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس اغوا ڪري ”فيرافلورز“ (صدارتي محل) تي قبضو ڪري ورتو، پر 48 ڪلاڪن جي اندر ئي عوام کين ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. شاويز جي وفادار فوجين عوام جو ساٿ ڏنو ۽ بغاوت کي 13 اپريل تي ناڪام ٿيڻون پيو.
    شاويز ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپي جو نظارو به دلچسپ هو، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته غريب ماڻهو هن شخص جا وفادار آهن، هيوگو شاويز کين پهريون ڀيرو آواز ۽ اُميد ڏني آهي. تنهنڪري هو ساڻس غير معمولي خلوص ۽ وفا جو اظهار ڪن ٿا. هن منجهن زندگي کي اُڀاريو آهي ۽ هو منجهس پنهنجو پاڻ کي ڏسي سگهن ٿا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته امير ۽ طاقتور ماڻهو کانئس سخت نفرت ڪن ٿا، جڏهن ته غريب ماڻهو ساڻس محبت ڪن ٿا ۽ سندن وفادار آهن.
    شاويز سان حڪمران طبقي جي غير معمولي نفرت جي وضاحت ان مان ٿئي ٿي. اها اميرن جي غريبن کان نفرت آهي، پرماريت ڪندڙن جي پرمارين جو شڪار ٿيندڙن کان نفرت آهي، ان نفرت جي پويان ڊپ آهي. پنهنجي دولت، پنهنجو اقتدار ۽ پنهنجون رعايتون کسجي وڃڻ جو ڊپ، اها هڪ اهڙي خليج آهي، جنهن کي لفظن سان ڀري نٿو سگهجي. اها ته سماج جي بنيادي ورهاست آهي.
    معمول موجب، شاويز تفصيلي تقرير ڪئي، قومي ۽ بين الاقوامي مامرن جو جائزو ورتو، خاص ڳالهه اها آهي ته هو آمريڪي حڪومت ۽ عوام ۾ فرق ٿو ڪري ۽ آمريڪي عوام کي اپيل ٿو ڪري ته هو بُش ۽ سامراجيت جي خلاف سندس حمايت ۽ تائيد ڪن. جڏهن هو تقرير ڪري رهيو هو ته آئون سندن پويان لڳل اسڪرين کي ڏسي رهيو هوس ته پوڙها هجن يا جوان، مرد هجن يا عورتون ۽ ورڪنگ ڪلاس جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ سندس تقرير جو هڪ هڪ لفظ نهايت ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيا هئا. هو کيس ٻُڌي ڪيڏي مهل ته تاڙيون وڄائڻ تي لڳا ته ڪيڏي مهل کلڻ ۽ حد اها آهي ته ڪن موقعن تي هو روئي به پيا. هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي پنهنجو پاڻ کي ۽ انقلاب ۾ پنهنجي ڪردار کي ڄاڻي چڪا هئا.
    ۽ شاويز! شاويز واضح طور تي پنهنجي مضبوطي عوام جي تائيد ۽ حمايت سان حاصل ڪري ٿو، جنهن سان هو مڪمل طور تي جڙيل آهي، هن جي تقرير ڪنهن پيشه ور سياستدان جهڙي نه هوندي آهي.

    پهرين ملاقات
    جلوس کان هڪدم پوءِ بين الاقوامي نمائندن کي صدارتي محل جي اندر ٿيندڙ آجياڻي ۾ مدعو ڪيو ويو، ان محل ۾ وڃڻ سولو ڪونهي، سيڪيورٽي تمام سخت آهي، ڇو ته شاويز جي قتل جو مستقل خطرو موجود رهي ٿو، شاويز ٻيهر اجلاس کي خطاب ڪيو. حيرت ٿي ٿئي ته هو ايتري سگهه ڪٿان حاصل ٿو ڪري. هن بغاوت واري ڏينهن جا تفصيل بيان ڪيا. هن ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون، جيڪي هن اڳ ڪڏهن نه چيون هيون، تقرير کانپوءِ هن جي چوڌاري ميڙ ڪٺو ٿي ويو. نيٺ آئون هن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم.“ آئون ايلن وڊز آهيان. لنڊن مان آيو آهيان، آئون ريزن ان ريولٽ (Reason in Relolt) جو ليکڪ آهيان.“
    هن منهنجو وڌايل هٿ پنهنجي هٿ مضبوطيءَ سان جهلي ورتو ۽ پڇيو،”اوهان ڪهڙي ڪتاب جو نالو ورتو؟“
    مون وراڻيو،”ريزن ان ريولٽ.“ هو مرڪيو، سندس چهرو نکري پيو، ”اهو ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي. آئون اوهان کي مبارڪون ٿو ڏيان.“ پوءِ هن پنهنجي چوڌاري بيٺل همراهن کي چيو،”اوهان سڀني کي اهو ڪتاب پڙهڻ گهرجي.“
    مون ٻين ماڻهن جو وقت بچائڻ جي لاءِ ساڻس وڌيڪ نه ڳالهايو ۽ پڇيو،”ڇا اسان جي ملاقات ٿي سگهي ٿي؟“
    ”بلڪل.... اسين ضرور ملنداسين، منهنجي سيڪريٽري سان ملو.“ هن هڪ طرف بيٺل هڪ نوجوان ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن چيو ته هو مون سان رابطو ڪندو. آئون صدر کي ٻين ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ اتان وڃڻ لڳس ته هن جوش مان چيو.”توکي خبر آهي، تنهنجو ڪتاب منهنجي سري کان رکيل آهي ۽ آئون روزانو رات جو اهو پڙهندو آهيان“.

    ٻي ملاقات
    مون کي ٻڌايو ويو ته صدر ساڍي ڇهين بجي مون سان ملڻ چاهي ٿو. منهنجو خيال هو ته صدر شاويز ٿڪجي پيو هوندو، مون کي ٻڌايو ويو ته هو روزانو صبح جو اٺين بجي ڪم شروع ڪندو آهي ۽ رات جو ٽين بجي تائين ڪم ڪندو رهندو آهي، تنهن کانپوءِ هو مطالعو ڪندو آهي (کيس مطالعي جو وڏو شوق آهي) مون کي خبر ڪونهي ته هو ڪيڏي مهل سمهندو آهي، پر ان هوندي به هو سدائين تازو ۽ توانو نظر ايندو آهي ۽ هر موضوع تي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي.
    آئون سندس ڪمري ۾ گهڙيس، جنهنجو نالو Russia from Revol آهي، ته ڏٺم اتي ”سائمن بولي وار“ جي وڏي تصوير لڳل هئي، ميز تي منهنجو ڪتاب ”ريزن ان ريوولٽ“ ۽ منهنجو خط رکيو هو. مون کيس ٻه ڪتاب پيش ڪيا. هڪ پنهنجو ڪتاب جنهن جو نالو Bolshevism, the Road to Revokution ۽ ٻيو ٽيڊ گرانٽ جو Ution to counts Revotution هئا.
    ڪتاب ملڻ تي هو ڏاڍو خوش ٿيو، هن چيو،”مون کي ڪتابن سان وڏي محبت آهي. جيڪڏهن ڪو ڪتاب سٺو آهي، اها محبت اڃا به وڌي ويندي اٿم. جيڪڏهن ڪتاب خراب آهي ته به آئون ان سان محبت ڪندو آهيان“.
    هن مون کي ٻڌايو ته هن پليخاف جو ڪتاب ”تاريخ ۾ فرد جو ڪردار“ پڙهيو آهي، پوءِ هن مون کان پڇيو،”خبر اٿئي ته اهو ڪتاب مون ڪڏهن پڙهيو هو؟“
    ” نه، آئون اندازو نٿو لڳائي سگهان؟“ وراڻيم.
    هن ٻڌايو ته هن اهو ڪتاب ان وقت پڙهيو هو، جڏهن هو هڪ فوجي آفيسر هو ۽ پهاڙين ۾ ويڙهاڪ گوريلن جي خلاف وڙهي رهيو هو.مون کي اها تارن ڀري رات ياد آهي. جڏهن آئون ٽارچ جي روشنيءَ ۾ اهو ڪتاب پڙهي رهيو هوس، ان مون تي ڏاڍو گهرو اثر ڇڏيو، آئون سوچڻ لڳس ته آئون فوج ۾ ڇا پيو ڪريان، آئون فوجي نوڪري ۾ خوش نه هئس. مون پنهنجي جوانن کي هارين تي تشدد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. منهنجي آفيسرن مون تي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪيس هلائڻ ٿي چاهيو. مون فوج ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پر هڪ پراڻي ڪميونسٽ مون کي ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ چيو تون فوج ۾ رهي ڏهن ٽريڊ يونينسٽن کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهين ٿو. تنهن ڪري مون فوج نه ڇڏي ۽ اڄ سوچيان ٿو ۽ مون ٺيڪ ڪيو.“
    هن ڳالهه جاري رکندي چيو،”ڇا توکي خبر آهي ته مون پهاڙن ۾ پنهنجي فوج ٺاهي هئي، جيڪا پنجن ڄڻن تي ٻڌل هئي، ان جو نالو به ڏاڍو ڊگهو هو. ”دي سائمن بولي وار پيپلز نيشنل لبريشن آرمي.“ اهو چئي هو دل کولي لکڻ لڳو.
    ”اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي؟“ مون پڇيس
    ”اها 1974ع جي ڳالهه آهي.“ هن ٻڌايو.
    ان کانپوءِ هن پنهنجي خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت جي حوالي سان پنهنجا تاثرات بيان ڪيا. ”جڏهن هو مون کي گرفتار ڪري وڃڻ لڳا ته منهنجو خيال هو ته هو مون کي گولي هڻي ماري ڇڏيندا. آئون سوچڻ لڳس ته ڇا منهنجا 25 سال زيان ٿي ويا؟ ڇا اهو سڀ بيڪار هو؟ پر پيراٽروپ رجمينٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته اهو سڀ بيڪار نه هو.“ هن مون کي تفصيل سان بغاوت جي باري ۾ ٻڌايو. باغين کانئس استعيفيٰ وٺڻ ٿي چاهي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. هنن چيس ته صحيح ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪيوبا وڃڻ ڏنو ويندو. ان جي باوجود هن صحيح نه ڪئي. ”مون کي گرفتار ڪرڻ وارا بيحد نروس هئا. کين واشنگٽن مان لڳاتار فونون اينديون رهيون ته مون استعيفيٰ ڏني يا نه؟“
    ان ملاقات مان مون اهو تاثر ورتو ته شاويز کهرو ۽ ديانت دار انسان آهي، هو مخلص ۽ انقلاب لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو اٿس. هو ناانصافي ۽ جبر کان نفرت نٿو ڪري.
    هن مون کان وينزويلا ۾ تحريڪ جي حوالي سان به پڇيو ۽ مون کيس ٻڌايو ته اها تحريڪ متاثر ڪندڙ آهي. مون چيس ته ان ۾ هڪ کوٽ آهي، هن پڇيو ته اها کوٽ ڪهڙي آهي، مون وراڻيس ته ان تحريڪ جي ڪمزوري اها آهي ته ان ۾ چٽو نظريو ۽ ڪيڊر ڪونهي.
    هن چيو،”خبر اٿئي ته آئون پاڻ کي مارڪسٽ نه سمجهندو آهيان، ڇو ته مون مارڪس جا گهڻا ڪتاب نه پڙهيا آهن.“
    ان ملاقات مان مون اهو ڄاتو ته شاويز مارڪسي نظريي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وينزويلائي انقلاب هاڻ ان مرحلي تي پهچڻ وارو آهي جتي يا ته کيس مٿين طبقن جي معاشي سگهه کي ختم ڪرڻون پوندو يا وري شڪست کائڻي پوندي.
    اُمڪان اهو آهي ته حالتون شاويز کي کاٻي ڌر ڏانهن مائل ٿيڻ تي مجبور ڪنديون، هن پنهنجي هڪ تقرير ۾ عوام کي هٿياربند ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪڏهن انقلاب کي اڳيان وڌڻو آهي ته عوامي تحريڪ هلائڻي پوندي ۽ عوام کي منظم ۽ هٿياربند ڪرڻون پوندو.


    ڪجهه پڇاڙڪا لفظ

    آئون عام طور فردن جي باري ۾ ايترو تفصيل سان نه لکندو آهيان ۽ آئون ان حقيقت کان به واقف آهيان ته ڪي ماڻهون اهڙين شين کي مارڪسي ادب ۾ غير ضروري سمجهندا آهن، پر منهنجو خيال آهي ته اهي غلطي تي آهن. ڇو ته تاريخ ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن جو مطالعو مارڪسي ادب جو هڪ حصو آهي. هڪ خاص حد تائين فرد جي شخصيت تاريخ جي عمل تي اثرانداز ٿئي ٿي. شاويز سان ملاقات کان اڳ آئون سندس حوالي سان اهو تاثر رکندو هوس ته هو هڪ ديانتدار ۽ عوام سان مخلص انسان آهي ۽ ساڻس ملاقات کانپوءِ منهنجو اهو تاثر وڌيڪ پختو ٿيو آهي. هيوگو شاويز مون کي ٻڌايو ته هو مارڪسي ڪتاب پڙهي رهيو آهي. ماڻهون ويهن سالن جي دوران سکيل ڳالهيون انقلاب جي دوران ويهن ڪلاڪن ۾ سکيو وڃن. منهنجي خيال ۾ وينزويلائي انقلاب ۾ مارڪسي عنصر پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ان ئي رستي تي هلي کيس فتح حاصل ٿيندي.
    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397299
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ