ڪتاب جو نالو: دادلو درياهه
مصنف: فقير الله بچايو لغاري
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 29 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 387 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 183 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”دادلو درياهه“ سنڌو درياهه بابت هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ فقير الله بچايو لغاري آهي. هو لکي ٿو:
”درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • دادلو درياه
  • باب پهريون : ماٽي/ ماٽري لڙها
  • باب ٻيو : درياهه ۾ ترڻ جا سنڊ
  • باب ٽيون : درياه جا لٽ
  • باب چوٿون : دادلي درياه جا آبي جانور
  • باب پنجون : دادلي درياه جي آبي مڇي
  • باب ڇهون : دريائن جا آبي پکي ۽ ويراڳي سيلاني پکي
  • باب ستون : دريائي پڊن جا خشڪي جا پکي
  • باب اٺون : دادلي درياه جي ڪپرن خشڪي جا جانور
  • باب نائون : دادلي جي ڪنڌي وارا جيت
  • باب ڏهون : درياه مان مڇي مارڻ جا رڇ / هلٽ ۽ طريقه
  • باب يارهون : دادو مورو پل/مخدوم بلاول پل جو ساڄو پاسو
  • باب يارهون : ڏاکڻي ڪچي جي پٽي
  • باب ٻارهون : دادلي درياه جي کاٻي ڀر
  • باب تيرهون : سنڌو درياه جي کاٻي پاسي ڍنڍون، ڍورا، واهڙ ۽ دٻا
  • باب چوڏهون: منهنجو ڳوٺ لغاري بجراڻي
  • باب پندرهون : ڳوٺ لغاري بجراڻي اڌ صدي اڳ ۽ پوءِ
  • باب سورهون : ڳوٺ لغاري بجراڻي جو ڪاروهنوار
  • سنڌو سڀيتا بابت

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (287) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”دادلو درياهه“ سنڌو درياهه بابت هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ فقير الله بچايو لغاري آهي. هو لکي ٿو:

    ”درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
    درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي. “

    اسان ٿورائتا آهيون پياري عباس ڪوريجو جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پيارن کان پياري پٽ نور جي نانءُ جو هن فاني دنيا مان لاڏانو ڪري ويو آهي.


    آهه نور حسين لغاري

    ڪري ڪوچ ويا، سڀئي سنسار مون،
    پير پيغمبر اولياءَ جن پنهنجا پنٿ ڪيا،
    گياني، ڌياني، گُرهستي، سامي پنڌ پيا،
    سڀئي غائب ٿيا، تو ڇا سمجهيو پاڻ کي!
    شاهه

    نور جي وڇوڙي کانپوءِ درد سري، فڪرات، ذهني ۽ جسماني ازيتن جو شڪار آهيان، فڪراتن جي بحر بي ساحل م غوطه زني ڪندي، دل پُر درد آهي، عمر جي ايام ڪاري جو سج به لڙي چڪو آهي. تڏهن به طَمَعَ سندو تس ڀرجيو ڀرجي ڪين ڪي، نه معلوم ته ڪيئن پيو جيان پاڻ کي آٿت ڏيندي قلم کنيو اٿم. نه کڻڻ جو ڏانءُ اٿم ۽ نه ئي ڪو اديب يا محقق آهيا. ضعيف الحال هوندي استاد بخاري جون هي سٽون ڪنن ۾ پڙلاءُ جيان گونجن ٿيون.
    کٽن زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي،
    کٽن بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي،
    ڏکئي مان ڏکيو عشق اکرن جو آهي،
    رکي دوستي دوستي ڪيئن ڇڏجي
    استاد بخاري
    نور منهنجو موڀي ۽ پڳدار پٽ هو. والد جي ناتي جيڪي سندس سان محبتي حجتون ۽ پيچ گنڍيل هئا، سي اوچتو ڇڄي ڪڻان ڪڻان ٿي ويا. جيئن سيد چوي ٿو ته:
    ڪڻان منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
    ڳاهي ڳاهه فراق جي ڪيا ڌارون ڌار،
    نه ڄاڻان ٻيهار، ته ڪير ملندو ڪنهن سين
    شاهه
    محبتي پيچ خواب مثل، ڄڻ گهڙي کن جو کيل هئا. سچ پچ نور جي صورت ۽ سيرت توڙي فضيلتون لکڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب گهرجن، پر ساري ساجن ڪيتريون! نور هڪ رهه گذر مسافر، رب پاڪ ڏانهن راهي ٿي ويو. سڄي گهر عزيزن ۽ دوستن کي وداع چئي هتان هالاڻو ڪري ويو.

    اناالله وانااليه راجعون

    نور نوڪري جي تلاش ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ ڪراچي ويو هو. اتفاقي حادثي ۾ 2009-09-05 برو ڇنڇر بمطابق 14 رمضان 1:20 وڳي منجهند جو شهيد ٿي ويو.
    جيئن ئي نور جي شهادت جو اطلاع والدين کي فون ذريعي ڪيو ويو عين ان وقت سڀ گهر جا ڀاتي هوش ۽ حواس وڃائي ويٺا، ڪيهاٽ، ڪرلاٽ ۽ روڄ راڙو برپا ٿي ويو. اوڙي پاڙي، مائٽن ۽ دوستن لاءِ قيامت صغرا هئي، هر ڪو صاحب اولاد انهيءَ پيڙاءَ کي ڄاڻي ٿو. امر الاهي هو، توبهه ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا به ڳلي نه رهي خداوند ڪريم کيس جنت الفردوس عطا ڪري ۽ شال جيئندن جو خير هجي آمين.
    نور لکي مڙس ۽ لڏڻ انسان هو. هم خيال ۽ هڪ جيڏن جي دلين تي جاسوسي ڪندي، ڪا دل اهڙي هٿ اچي ويندي هئس جنهن ۾ دوستي جي دونهين دکي سگهندي ته ويريم ئي ڪا نه ڪندو هو. جهٽ پٽ پنهنجي پهلو مان چڻنگ هڻي ڇڏيندو هوس. جنهن کي به دوستي جي دام ۾ ڦاسايو، سو وري نڪري ڪو نه سگهندو هو. دل ايڏي ته ڪشادي هئس، جو گهيري ۾ هوند سڄو جهان ماپي وڃي. دوستن ۽ يارن سان گڏ کلندي ۽ مشڪندي هلندو هو. سچ پچ سراپا محبت ۽ خلوص هو. سڄي جهان جي حصي ۾ جيڪا وفا، خلوص، دوستي، مهر ۽ محبت اچڻي وڃي هئي، سا خدا هڪ نور جي ”خمير“ ٺاهڻ ۾ ئي خرچ ڪري ڇڏي هئي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن مورو شهر، سيال محلا وارڊ نمبر 19 مان جنازو اٿيو ته گويا نور جو ڪو نه هو. بلڪه دوستيءَ ۽ دلبري جو جنازو هو. محبت ۽ وفا جو جنازو هو. پيار ۽ پريت جي سڀني ريتن ۽ رسمن جو اهو لاش هو. نور جي گهر کان امام بارگاهه حسيني مورو تائين رات جو 2 وڳي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا. ان جنازي کي دوستن ۽ عزيزن اوڇنگارون ڏئي ڪلهن تي کنيو. امام بارگاهه ۾ غازي جي الم پاڪ جو طواف ڪرائي جنازه نماز پڙهي وئي. يار شاهه واري مقام ۾ نور جي جسد خاڪي کي لحد ۾ لاهي دفن ڪيو ويو.
    انهي کانپوءِ مهر و وفا جي وستي ئي ويران ٿي وئي. ڄڻ دوستي جا اهي دستور محبت جا اهي طور طريقه ئي هليا ويا. جن جون سرخيون نور دل جي رت ڦڙن سان ويهي رتيون هيون.
    اثنا عشري ناتي حسين عه جي در جو غلام هو. مورو شهر جي عزاداري واري تنظيم ۾ مجلس عامله جو رڪن هو. غم حسين رضه طاري هئس ۽ عزاداري جي لحاظ کان نوحه خوان پڻ هو. گهڻو ڪري ٻنهي جهانن جي بازي کٽي ويو.
    ڪيچي آخر وڃي ڪيچ رسيو، سانگي نيٺ وڃي ساڻيهه پهتو،
    سوڳوارن ۾ پيءُ، ماءُ، ڀائر، ڀينرون، وني ۽ سندس ننڍڙو پٽ حسنين عرف ”جاني“ آهن.
    هنڌاهي ئي ماڳ، جت نه رهيا جوءِ ۾.

    فقير الله بچايو لغاري
    سبجيڪٽ اسپيشلسٽ
    فون: 3094511-0302


    دادلو درياه

    چين تبت ۽ ڪيلائش هندستان کان وهي ايندڙ سنڌو ندي ڪشمير، هماليه افغانستان ۽ پنجاب کي لتاڙيندي، پنج ند کان سونهاري سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. سنڌ اهو ديس آهي جتي دادلو ڌڌڪا ڏئي وهندو آهي.
    سنڌوءَ جي لهرن جي لس ليٽ، ميٽاين ۽ لڙاٽيل جَر جا جلوه، ڳهيلو سنڌو، اُڀي تار، ڪنين تار، ٻوڙان ٻوڙ ڪري، ڪڏهن ته مهر جي ٻوڏ آڻي، ته ڪڏهن ڪاوڙيلو ديوتا بنجي کٻي، سڄي قهر ڪيو ڇڏي.
    تاريخي حوالن جي ته گهڻي ڄاڻ ڪا نه اٿم، تاهم اهو ڄاڻان ٿو ته دادلي درياهه جي دهشت ۽ وهڪ، سنڌ جي سيني کي چيري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ماتا سنڌو ايشيا جي سڀني دريائن کان سرموڙ آهي. دادلي جي گُرگاٽ سان وهڪري ۾ اهڙي تک اٿس، ڄڻ ڪو نرينو ڍور رنڀندو ڊوڙندو ٿو اچي جيڪي به چرندڙ چيزون آهن، تن جي رفتار ۾ ايتري تک ناهي، جهڙي دادلي درياهه جي.
    گلگت ۽ گلشير جو سير ڪندي سنڌو ندي جڏهن پنجاب ۾ پيهي ٿي ته اتان جون پنج نديون، راوي، جهلم، چناب، ستلج ۽ بياس اچي ان ۾ سمائجي وڃن ٿيون ۽ پوءِ سنڌ ۾ سنڌو ندي ڦوهه جواني جي جوش ۾ وهي ٿي ۽ خاص ڪري سانوڻ ۾ جڏهن هماليه جي اٿاهه برف پگهرجي ٿي ۽ چئوطرف چوماسي وارا برساتن جا وسڪارا پون ٿا ته سنڌو ندي مست ٿي، ڪيهر شينهن وانگر گجگوڙ ڪري، ڇُلڪندي، ڇَم ڇَم ڪندي، مستي ۾ لڏندي، لمندي پنهنجي گهوٽ سمنڊ سان وڃي سنگم/سماگم ڪري ٿي. اهو دادلو درياهه سنڌ جو ساهه ۽ جياپو آهي، نه ته سرسبز سڀاڳي سنڌ بدلي اتي ويران رڻ پٽ هجن ها، سارو سنڌ ان درياهه مان نڪتل، واهن، شاخن، ڪڙين، ڍنڍن، ڍورن ۽ واهڙن جي ڄار سان ڇانيو پيو آهي. گهڻا واهه ۽ نهري نظام، انگريزن جي صاحبي ۾ کوٽايا ويا هئا ته جيئن لکين ايڪڙ زمين تي پوکرائي ٿي سگهي. منهنجي سانڀر ۾ پاڻي جو جهجهو حصو انهن واهن ۾ نيڪال ڪيو ويندو آهي پر تڏهن به بعضي بعضي وڏيون ٻوڏون ٿينديون رهن ٿيون ليڪن ڪجهه سالن کان انهي نماڻي ۽ ننڌڻڪي سنڌو ندي تي ڪيئي ڊيم اڏي سنڌ کي سرڪي لاءِ تڙپايو پيو وڃي. ڊيمن کان اڳ ته درياهه شاهه مشڪندو، جهولندو، هڪ نه ٻئي سال ڪچي واسين کي حاڪماڻي حِشمت ڏيکارڻ لاءِ ٻوڏ ڪري گوشمالي ڪندو رهندو هو. جنهن جي خوشي ۾ ڪچي واسين، انسانن جهنگلي جانورن، جيتن، پکين پکڻن، وڻن ٽڻن، آبي جانورن، آبي پکين، زمينون ٻيلا، مالوند، ماڻهن جون حياتيون وڌي وينديون هيون.
    درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
    درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي.
    پندرهن ويهه سال اڳ دادلو درياهه ڪچي واسين کي ڏڪار جا ڏنڀ ڏئي ويو هو. ليڪن وري آگسٽ 2010ع ۾ سنڌ واسين ۽ ڪچي واسين جون دعائون اگهاڻيون، نقصان به ڪافي کان زياده ٿيا ته جانيون به کوڙ ساريون کسي ويو. کٻي، سڄي، شهر، ڳوٺ، واهڻ، بستيون ويران ڪري ڇڏيائين پراسرار رمزن رنڱيل سنڌو درياهه ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي.پر ڪچي واسي ۽ ڪنڌي واسي پوءِ به چونداسين ته ”ٻڏي جا ٻيڻان“
    سنڌ اهو روماني ديس آهي، جتي درياهه ڌڌڪا ڏئي وهندو آهي. جڏهن سانوڻ ۾ درياهه چڙهندو آهي، يڪي ڪاڇي ۽ لاڙ جا ماڻهو به پنهنجي خفي ۽ ڪشمڪش جي حرارت مٽائڻ لاءِ درياهه تي تفريح لاءِ ايندا هئا. دادلي درياهه کي سنڌ واسي سڪ مان سنڌو ندي به چون. سنڌ جي سينڌ به چون، سنڌو به چون ته مهراڻ به چون. چوڻ ۾ اچي ٿو ته پنج ند کان مٿان بچاءُ بند آهن ئي ڪونه. صرف پنج ند کان هيٺ درياهه جي ڇوڙ تائين ساڄي توڙي کاٻي کان بچاءُ بند ٻڌائي ڪچي پڪي جو تصور سمجهيو ويو آهي. تنهنڪري سرزمين سنڌ کي به علائقن جي سطح تي کوڙ سارا نالا ڏئي ورهايو ويو آهي.
    جيئن ڪچي جو علائقو بچاءُ بند کان درياهه تائين، پڪي جو علائقو جنهن ۾ نهري نظام تحت بچاءُ بند کان اندريون حصو هجي ”ڪاڇو“ جو علائقو، جنهن ۾ صرف مينهن جي وَسَ تي آبادي هجي، ”ٿر“ جتي به وارين جا ڍير ۽ ڀٽون هجن ٿيون، ان علائقي ۾ گهڻي ڀاڱي وس تي آبادي ٿيندي وغيره.
    اڳ گهڻو ڪري آسماني تارن، موسمن ۽ رُتن جي ڦيرين گيرين تحت وڏڙا اهڃاڻ ٻڌائيندا هئا، ان مطابق گهڻو ڪري ٻوڏون به ٿينديون هيون ته وس به ٿيندي هئي.
    اڳ موسمن آهر دادلي جي وهڪ جا ڪيئي طور طريقه نت نرالا آهن. ۽ پڻ درياهه سان لاڳاپيل وصفون پڻ بيان ڪجن ٿيون.جهڙوڪ: ماٽي لڙها/ ماٽري لڙها، پائڪ، ڪن، پٽيون، سير، اوڀارو، لهوارو، لسهڙو، تار، تانگهو، ٻيٽ، ڍنڍ، واهڙ، ڍورا، چِڪڻ، کِنجهو، اُڀ ڪپري، تَڙَ، ٻِيڻ، جهول، ڪُهري لانگها، لهر، ڇولي، دُٻا، کوهيون، ڇَڇَ، ڇَرَ، ڪنڀال گهيڙ، آجهار، جهوڪو، ٻِه درياهي، نڙي، تَلهر گُڻنب.
    درياهه جا آبي پکي ۽ ويراڳي پکي
    نيرنگ، ڪرڙو، آڙي، پيڻ، لاکو ڄاڃي، ٿوراندو، منگهه، چوئي، جهنجهري، ڏوريو، سانءَ، ٻراهي، رتبو، لنگهو، ڊرگوش، جهرو، چيخلو، بدڪ، سرندو، ڪانيرو، کنڀو، هنج، چڪور.

    دريائي ڪپرن جا خشڪي جا پکي
    تتر، تلور، ٻاٽيرو، ڪروان، ڪونج، چيها، باز ڪُڙل، شهباز، پٽ تتر، ڳاڙهو ڳيرو، اڇو ڳيرو، ڀونترو، ٻوڙي جهرڪي وهيو، گگهه.
    درياهه جي ڪپرن جا خشڪي جانور:
    ڦاڙهو، مرون، گدڙ، سهو، جهنگ ٻلو، بگهڙ، سيڙهه، لومبڙ، ڦيڪاري، ڄاهو.

    درياهه جي ڪپرن جا جيت:
    نانگ بلائون، ککر، ماکي، مڇر، ٻنڊو، وڇون، ڀنڀوري، ڀنڀوري نما پاڻي جو جيت، ماڪڙ، سانڊو.

    درياهه جا لٽ:
    چيڪو، ٻهر، واري، نوڙ، ڦوڙي ڌُٻڻ، چور گپ.

    درياهه جا آبي جانور:
    واڳون، سيسر، انڌي ٻلهڻ، لڌڙو، ڪمي، ڪڇون، ڏيڏر.

    درياهه جي مڇي:
    آبي پلو، ڪرڙو، موراکو، ٿيلهي، شهڪر، ڄرڪو، سينگاري، کڳو، ڪانگٽ، گندڻ، ڏاهي، گوج، درو، گل خام، گراسي، پاپليٽ، سوڻي، پوپري، مانڇري، ڇلي، مُرد، ڦاٻڻيون، ملير، لهڙ، فوجي کڳو، ڊينگڻون.

    مڇي مارڻ جا رڇ هلٽ ۽ طريقه:
    سنبوهي، پاکونڙو، ڪترو نڙو، ڏورا، ڪلوئڙا، گهائو رڇ، ڪڙهي، ٻانڌو، جهلپ، ڀن، کوڙ چوڻا، ٽنب ڄارو.

    درياهه ۾ ترڻ جا سنڊ ۽ طريقه:
    سيڻهه، تنبو/ ڪدو، گهڙو يا مٽ، پنڊيون، لُورو، تُرهو، ٻانهڙ، ڳُجهڙ.
    واضح رهي ته هي مواد صرف دادو مورو پل / مخدوم شهيد بلاول پل کان سيوهڻ تائين درياه ۽ ڪچي سان سلهاڙيل ساڄي توڙي کاٻي پاسي، جيڪي ٻيلا، ڳوٺ، ذاتيون، پتڻ، ڍنڍون، ڍورا، واهڙ، دٻا، مال جا ڀاڻ، شڪاري، ڀلوڙ ماڻهو ۽ محدود ترڻ، تير هڻڻ ۽ سواري ڪرڻ تي مشتمل آهي. اگر چه ڪجهه غلطيون يا تسلسل اڳيان پويان هجن ته معافي جو خواهستگار آهيان. ڪوتاهيون درگذر ڪري ڇڏيندا.

    فقير الهبچايو لغاري


    باب پهريون : ماٽي/ ماٽري لڙها

    سنجهي جو ڪتي اڀري نروار ٿي، ويراڳي پکي ڪونج، پيڻيون ۽ نيرنگ هِنڌ، سنڌ چري واپس پنهنجي وطن نائيجيريا ۽ سائيبيريا ورندا هئا، ٻٻر مان پلڙا ڇڻندا هئا، ڪنڊيون به سڱر ڇاڻينديون هيون، ڊڀ ڊڍي ۾ هوندو، ته گويا چاليهو ختم سمجهيو ويندو هو. وري مٿان چئو وايا لڳن، واچوڙا اڀيون لاٽون ڪري مٿي اٿن. ڊڀ نسري ويندا ته ٻئي طرف سانوڻ جي خوشبوءَ به واسيندي هئي. ڪچي واسي وري خريف/ ڪتي جي فصلن جا ٻچ گڏيندا هئا. سڪي جا پکي، آکيرن مان ٻچا اٿاريندا هئا. هماليه ۽ گليشير جون برفون ڳرنديون هيون ته دادلي ۾ نئون پاڻي ميرو گپ جهڙو پوندو هو. جنهن پاڻي جي خوشوءَ ۽ هُٻس ڪوهين ايندي هئي. ائين ماٽي لڙهن جا لاها چاڙها پيا هلندا هئا. اهي ماٽي /ماٽري لڙها چئبا هئا. انهيءَ آسري ڪنڌي واسي ڪچي واسي، ڪاٺ جا نار چاڙهڻ لاءِ واهڙن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪپرن تي وهٽن تي ڪاٺوڙ کڻي، نار چاڙهڻ واري هنڌ گڏ ڪندا هئا. هوڏانهن نائکا به ٻيڙين، ڊونڊين، بتيلن، هوهڙن ۽ ڪٽارن کي ڍور جي وهه /چرٻي مکي درياهه يا ڍنڍن ۾ لاهيندا هئا. ساکرو، توڙي لاڙي ٻيڙين جا سڙهه ۽ ساز به نوان ڪندا هئا. پکي پکڻ، جيت جڻيو، زميني سلا، مال متاع، انسان حيوان، نباتات وغيره خوشيءَ ۾ نه ماپندا هئا. بهار به پنهنجو ڦوهه ختم ڪري هاڙهه کي دعوت ڏيندو هو ته ڏسندي سنبرندي مهيني کن ۾ دادلو درياهه ڪَنين تار ٿي ويندو هو.

    پائڪ: درياهه اتر کان ڏکڻ لهوارو وهندو آهي. پهرئين سانوڻين ۾ ۽ درياهه جي پيٽ وارن ٻيٽن تي پاڻي تک سان وهندو آهي ۽ چڙهندو ويندو آهي. درياهه جي وهڪ به ڪنڀاري ۽ ڪاريهر نانگ وانگر، ورن ۽ وڪڙن سان هوندي آهي. ڪڏهن جهوڪو اورئين ڪپر ته ڪٿي وري جهوڪو پرئين ڪپر سان هوندو آهي. پائڪ تڏهن ڪندو آهي جڏهن هڪ طرف درياهه ماٺو ٿي وهندو آهي ته ٻئي طرف ڪپر سان لڳي، تکو ۽ تيز وهندو آهي. اگر چه ويڪرائي ۾ ڪٿي سوڙهه هوندس ته پائڪ ڪندو آهي. گهڻو ڪري ٻانهڙ لهوارو به زمين پائيندو آهي ته اوڀارو به پائڪ ڪندو آهي. لهواري ڪپر سان لڳ وهندڙ ۽ تک سبب زمين کي اندران ئي اندران پيو کائيندو ۽ مٿان ڪپر تان وڏيون وڏيون ڀيرون سيرون ڏئي ڪرنديون رهنديون، ڌُوڌڪا لائي ڏيندو، رڳو رئي پئي اڏامندي، دادلو زمين ڳڙڪائيندو ويندو آهي. گهڙي پلڪ ۾ تونگر جا تونگ درياهه جي پيٽ ۾ وڃي ڪرندا آهن. اگرچه پائڪ وقت ڪٿي ڪپر سان چيڪي زمين اچي ويس ته پائڪ گهٽ ڪندو، بلڪه اتان ڪپر سان رَڙي وهي وڃي پرئين ڪپرجهوڪو هڻندو. وڌيل چوٽي چڪڻ واري کان هيٺان وري اوڀاري وهڪ ڪپر سان هلندو آهي ته به ڪنڀال ٺاهيندو پائڪ ڪندو هلندو.
    وري سرءُ ۾ جڏهن درياهه لهندو آهي ته به لاڳاڻي وارين هنڌن تي درياهه پائڪ ڪندو آهي.

    ڪُن: درياهه ۾ڪُن ننڍا وڏا ٿيندا اهن، جتان ڪپر ۾ درياهه رڙي لنگهندو آهي. سوڙهه هئڻ ڪري سڄو درياهه ڪپر ۾ ڪري پوندو آهي. جنهن چوٽيءَ کان وراڻو هوندس، جهوڪو يا وهڪ ڇڪڻ واري چوٽي کان رڙي ٿڙي پرئين ڪپر ڪرندو ان چوٽي کان هيٺان اوڀارو وهڪ ٺاهيندو. جتي اوڀارو ۽ لهوارو پاڻي گڏبو آهي. ان ٻيڻ واري هنڌ وٽ ڪن ٺهي پوندو آهي. ڪن کوهه جي صورت وانگر ٿيندو آهي، پاڻي اتي ڦيريون پائيندو آهي. اهو پاڻي ڪڏهن مٿان کان هيٺ تري تائين پيو ڦرندو ۽ ڀربو آهي، ته ڪڏهن تري کان پاڻي کي مٿي اڇليندو آهي. چئن پنجن ڪاتن جي ويڪر ۾ اهو ڪن ٺهندو آهي ڄڻ سڄو درياهه اتي ڪريل هوندو آهي ۽ رڙي وهندو آهي. اهو راڙو پري کان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. گهڻو ڪري، ماڻهو، جانور، درياهه ۾ ترندڙ هوندو آهي ته اهي ڪنن جا ڪڙڪاٽ ٻڌي لڙي ويندا آهن، پر جي ماڻهو، جانور يا کنجهو، ان ڪن ۾ ڦاسي پوندو ته پيو ڦرندو. هيٺ ڀريو ته ٻوڙي ڇڏيندس پر جي هيٺان مٿيڀرجي اٿل ڪيائين ته انهيءَ ڦاٿل شيءَ کي ڪن واري ايراضي کان ٻاهر اڇلي ڇڏيندو. گهڻو ڪري ڪن چڪڻ واري وڌيل چوٽي ۾ ٿيندا آهن. جتي اوڀاري ۽ لهواري وهڪ گڏبي آهي. ننڍا ڪن به اڪثر ڪپرن ۾ پائڪ واري هنڌ ٿيندا آهن. ليڪن اهي ايترا خطرناڪ نه هوندا آهن.

    پٽيون: تار ۽ سير جي وچ واري وهڪ ۾ ڪاني ڪاني جيتريون ويڪريون پٽيونٿينديون آهن. يعني انهي ڌار کي پٽي چئجي، پٽين ۾ ڇوليون ڪو نه ٿين. ڇاڪاڻ ته اهي پٽيون درياهه جي اونهائي کي اندران زمين کي پائڪ ڪنديون آهن ۽ مٿي پاڻي اڌما ڏئي پيو وهندو آهي. توڙي جو ڏکڻ واءُ تي درياهه ۾ وڏيون ڇوليون ۽ لهرون ٿين ته به پٽين واري وهڪ ۾ لهرون نه ٿينديون. پاڻي جي مٿئين سطح تي وهڪ بلڪل جَهڪي هوندي آهي.

    سير: درياهه جي وچ واري وهڪري کي تيزائي هئڻ سبب ان کي سير چيو ويندو آهي. درياهه جي سير صرف پنج ڇهه ڪانا ويڪر ۾ هوندي آهي. باقي درياهه ساڄو يا کاٻو پاسو سير جي تيز وهڪ کان ماٺو ٿي وهندو آهي. سير واري پٽيءَ ۾ ٻيڙيون، سَنَڊَ تي ترندڙ تارو، جانور يا کنجهو ترندي يا لڙهندي نظر ايندا ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ريل گاڏي لهواري ڊوڙي رهي آهي. سير ۾ به گهڻو ڪري لهر يا ڇولي ڪا نه ٿئي. اصل ۾ درياهه به سير وارو چئبو آهي. باقي ساڄي يا کاٻي پاسي واري وهڪ وارو پاڻي ڇڇ مثل هوندو آهي. فضا ۾ به هوا جي ذري نه هوندي به درياه جي سير وارن ڪانن ۾ گهڻو ڪري ڏکڻ جي هير ضرور لڳندي آهي. اها سير جي سڃاڻپ آهي.

    اوڀارو: جڏهن درياهه ڪنهن چڪڻ واري چوٽي کان رڙي ٿڙي پرئين ڪپر هليو ويندو ته انهيءَ چوٽي کان هيٺ پاڻي جي وهڪ ماٺي هئڻ سبب ٻه چار ڪانه ويڪر ۾ ڪپر سان، اوڀاري وهڪ ۾ وهي پوندو آهي. تان جو تيز وهندو، پائڪ ڪندو، چوٽيءَ ۾ اچي لهواري وهڪ ۾ گڏبو، اهو گويا اوڀارو چئجي. اوڀاري وهندڙ پاڻيءَ ۾ گند ڪچرو، گجي، هئڻ سبب گپ جهڙو پاڻي هوندو آهي. کڳو مڇي جو کاڄ ۽ خوشحالي به انهيءَ اوڀاري وهڪ ۾ ٿيندي آهي ته مارين هٿان ڪڙهين وسيلي مرندو به آهي.

    لهوارو: درياهه دادلو اصلئون لهوارو وهندڙ آهي. لهواري پاڻي ۾ تک گهڻي هوندي آهي. ڏکڻ يا اوڀر وائڻ تي درياهه ۾ لهواري وهڪ ۾ ڇوليون/ لهرون تمام وڏيون هونديون آهن. لهرن يا ڇولين جا ڇڇڪا پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. لهواري ۾ ڪا به ترندڙ شئي/ سواري ترندي يا لڙهندي تيزي سان وهندي آهي.

    لسهڙو: لسهڙو درياهه ۾ سانوڻي جو به ٿئي ته سرءُ جي مند ۾ به ٿئي، جڏهن پاڻي درياهه ۾ وڌندو ۽ گهڻو ٿيندو آهي ته اهو پاڻي درياهه جي پيٽ واري ٻيٽن تي چڙهي پوندو آهي. درياهه ڪنهن چوٽي کان ٿڙي ٻئي ڪپر وهندو ته ٻيٽن تي وهي ۽ ڪري پوندو. رڙي پيو اتان ٽپندو. ان تيزي واري وهڪ کي لسهڙو چئبو آهي. لسهڙو ننڍي پاڻي ۾ ٿيندو آهي. تک ۽ تيزي سبب گهڻو ڪري لهر ڇولي به ڪا نه ٿئي. لسهڙي واري وهڪ ۾ درياهه شاهه وارين يا تهه/ لٽ اڇليندو ويندو آهي. ڳپل پنڌ کان پوءِ پاڻي وڃي تار ۾ ڪرندو ته لسهڙو جو زور جهڪو ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ٻيڙيون، تارو به لسهڙي ۾ ڦاسي پوندا آهن، گپ جهڙي ميري پاڻي جو انت ئي نه پوندو، گوڏي جيتري پاڻي ۾ پير به نه کپندو، تک سان سواري کي ابتو سبتو ڪري ڪيرائي ٻوڙي وجهندو. تارو سڄاڻ نائکا، لسهڙي جي رڙين کي ٻڌي، ليٽ کان لڙي تار پاڻي ۾ تري، نڪري ويندا آهن سرءُ ۾ جڏهن پاڻي لهندو آهي ته ڍنڍن، ڍورن، واهڙن، ۽ جهول وارو پاني درياه ۾ واپس ڪرندو آهي ته به تک سان ٻيٽن تان واپس وهندو آهي. اهي به لسهڙا چئجن.
    لس يا لسهڙن واري وهڪ ۾ ملاح/ ماري گهڻو ڪري وڏي ڪڙهي کڻي سرءُ ۾ واپس درياهه ۾ ويندڙ مڇي کي ماريندا آهن.

    تار: تار اونهي پاڻي جو انت ئي نه هوندو آهي. تار وهندڙ پاڻي ۾ ٽوٻا به تري تائين گهٽ پهچي سگهندا آهن، اهڙي اونهائي واري پاڻي کي تار چيو ويندو آهي.

    تانگهو تانگهو ننڍي پاڻي کي چيو ويندو آهي، جتي البته ترڻ، هلڻ دوران پاڻي ۾ پير کپي وڃن ته اهو تانگهو چئبو آهي.

    ٻيٽ: چوڌاري پاڻي ۽ وچ تي سڪي هجي اها زمين واري جا دڙا هجن يا چيڪي هجي، اهي ٻيٽ چئجن. سرءُ ۾ ٻيٽن تي ٻوڙيء/ وسڻ ۽ ناپٽ مور گهڻي ڦٽندي آهي. ٻوڙي وڏي ٿي ڪانهن ٿيو وڃي، ناپٽ مور وڏي ٿي لئي ٿي ويندي آهي. ٻوڙي/ وسڻ کي گهڻو ڪري، مينهن ۽ ڦاڙهو شوق سان چرندو آهي. ناپٽ مور کي ٻيٽن تان جهٻيم /ڪليار قوم ٻيڙين تي چڙهي زالين مڙسين ڪپي، سڪائي پُسائي کارا ٺاهيندا آهن.
    ٻوڙي يا وسڻ گوڏي کان مٿي وڌندي آهي ته انهي ڪانهن جي ٻوڙي کي چانهنڪ چيو ويندو آهي. ڪانهن چونڪو آهي ته ان جي ڳني ڪند يا تُري جوار جي ڪاني وانگر مٺي ٿيندي آهي، جنهن کي چوپايو مال ۽ سرءُ واري ماکي خوب چرندا آهن. سرءُ ۾ ماکي گهڻو چونڪيل ڪانهن، گهگهو ٽاور، سڱر، وڻ ويڙهي، ان جا گل، بهڻ جي گل، ۽ زمين مان ڦٽل مختلف گاهن مٿان پيل ماڪ ڦڙا به کائيندي ۽ پيئندي آهي، تنهنڪري اونهاري، سياري توڙي بهار واري وڻ تان لاٿل ماکي جي سواد کان سرءُ جي ماکي سوادي هوندي آهي. ورهيه پئي هجي ته به خراب نه ٿيندي.
    ڍنڍ: چوڌاري سڪي ۽ وچ تي پاڻي واري حصي کي ڍنڍ يا دٻو چئجي. اهي ڊنڍون گهڻو ڪري، اونهو يا تار پاڻي جهلينديون آهن.

    واهڙ: هڪڙا ماٺا واهڙ چئجن، جيڪي سالن کان پراڻا درياه مان نڪرندڙ ۽ وهندڙ هوندا آهن. جيڪي وهي درياه مان نڪري جهنگن ۾ ڇرن کي ڀريندا آهن. ٻيا سائو واهڙ چئجن، جيڪي ويڪرا ۽ اونها به هوندا آهن، پهرين ئي لڙهن ۾ وهي پوندا آهن. درياه جو لاڳاڻو ٿين ته تکا ۽ تيز وهندا آهن. جيڪي پڻ ڇرن، زمينن ۾ ڇوڙ ڪري ٻوڏون برپا ڪندا آهن.
    سائو واهڙن مان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن ور تان درياه لنگهي پوندو آهي ۽ پنهنجو رخ تبديل ڪندو آهي. هونءَ به چواڻي آهي ته درياه مينهن جي چاري مان به وهي پوندو آهي ۽ رخ مٽائيندو آهي.

    ڍورا: ڍورا به ڍنڍن وانگر ٿين، البته ڍنڍن جو پاڻي هڪ هنڌ جمع هوندو آهي. ڍورا وهندڙ هوندا آهن. انهن جا ڇوڙ به زمينون ۽ ننڍيون ڍوريون آهن، جن جي وهڪ وسيلي هيٺ مٿاهين واريون زمينون سيراب ٿينديون آهن.
    چڪڻ: چيڪي زمين کي ”چڪڻ“ سڏيو ويندوآهي، گهڻي ۽ اونهي چيڪي زمين کي ته درياه به پائي نه سگهندو آهي، درياه جي پائڪ دوران ڪٿي چيڪي جو ورن اچي ويس ته رڙي رڙي ٿڙي پرئين ڪپر هليو ويندو.

    کنجهو/اوٽر/دڙا: سنڌو درياه سنڌ مان ڪشمور کان ڪراچي تائين وهندي، ڪيترن ئي ورن، وڪڙن تي پائڪ ڪندو رهي ٿو. پوءِ اها پائڪ واري جاءِ، هنڌ، زمين هجي، جهنگ يا ٻيلا هجن، آباديون هجن يا بُٺ. پائڪ ۾ وڏا وڻ ٽڻ پائي لهواري لوڙهي ڇڏيندو آهي. اهي وڻ ٽڻ، لسهڙن مان لڙهندا، وٽبا سٽبا لڙندا رهن ٿا. اهي لڙهندڙ وڻ ٻٻر، ليون، بهڻ، ڪنڊيون، سر، ڪانهن، اڪ، وغيره کي کنجهو/ اوٽر يا دڙا چئجن، جيڪي لٽ وارين جاين تي لٽيل هوندا آهن.

    اڀ ڪپري: سرءُ، سياري ۾ جڏهن دادلو درياه لهي وڃي ترو وٺندو آهي ته ڪپر مٿي هوندا آهن. جيڪي پاڻي جي سطح کان ڏهن کان ويهن فوٽن تائين مٿاهان ۽ اڀا هوندا آهن، ان کي اڀ ڪپري چيو ويندو آهي.

    تڙ: دادلي جي ڪپرن تي گهڻو ڪري، ڌنارن طرفان مال کي پاڻي پيارڻ واسطي، اڀ ڪپري کان لهواري جاءِ ڏسي اڀ ڪپري جي دڙن، دِڪن کي ڀڃي گهيڙ/چارو ٺاهيو ويندو آهي ته جيئن مال اڀ ڪپري تان آساني سانلهي ۽ چڙهي سگهي ۽ گهڙي پل لاءِ مال اوڳاري پاڻي يا ڪپرن تي ويهي ڌنار پاڻي ۾ لهي چيڪي زمين، ٻهر زمين ۽ وارياسي ترو ڏسندا آهن ته جيئن مال گپجي نه پوي، وارياسو ترو تڙ لاءِ ڀلو هوندو آهي. اهي تڙ چئجن.
    ڌنار مٿي ڪپر تي منهه، ڇپر، پيهي اڏيندا آهن ته جيئن منڊلي مچائجي ، جيئن ئي منجهند جو جهنگ چري مال تڙ تي پاڻي لاءِ پهچندو آهي ته ڌنار به پنهنجي پيهي/ منهه ۾ ويهي ٻڌي آيل کاڌو نوش جان ڪندا ۽ پوءِ شروع ٿي ويندي ڪچهري. جيستائين مال تڙ تي هوندو آهي، تيستائين هر ڪو ڌنار پنهنجو فن ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آهن، بينيون، نڙ، بوڻيڊا، بئنسري، چنگ ۽ لڪڻ ڌنارن جا ساز هوندا آهن. جيڪي وجد ۾ وڄائيندا آهن ته دادلو درياه به وجد ۾ اچي ويندو آهي. مختلف سُرن جي آلاپ جا پڙلاءَ پيا پوندا آهن. مطلب ته اهڙيون محفلون، مختلف تڙن تي سنڌو جي ڪنڌي تي ٿينديون رهن ٿيون. جيڪي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهن، ڪچهري کانپوءِ ڪجهه وقت درياه ۾ ڌنارن جو تڙ ڳڻ ۽ ترڻ، ڏاهي راند، کيڏڻ جو وقت به هوندو آهي. پڙلاءُ تي پري پري تائين ٽهڪڙا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. منجهند وقت ڏاهي مڇي به مال جا ڇيڻا ۽ چِچُڙ چرڻ لاءِ تڙ تي پاڻي ۾ هوندي آهي، هٿن، چارن ۽ ڪلوئڙن ۾ به ڦاسائيندا آهن. لڙي منجهند تڙ تان مال اٿندو ۽ جهنگ چرڻ لاءِ راهي ٿيندو ته ڌنار به ڪڻان ڪڻان ٿي ويندا. وري ٻئي ڏينهن منجهد جو تڙ تي گڏ ٿبو آهي.
    ٻيڻ: جتي اوڀارو ۽ لهوارو پاڻي پاڻ ۾ گڏبا آهن. اها ٻيڻ چئجي، سير ۽ ڇڇ جي پاڻي گڏجڻ وقت به هڪ ڌار ٿيندي آهي. جنهن کي پڻ ٻيڻ چيو ويندو آهي.

    جهول: درياه مان واهڙن، ڍورن ذريعي نڪرندڙ پاڻي جهنگين جي تونگن يا زمينن ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي کي جهول چيو ويندو آهي. جهول جي بيٺل ڪاري پاڻي ۾ ڪُرڙو ۽ موراکو چيڄ ڪندا آهن. ماري ڪترن يا پاکن نڙن وسيلي مڇي ماريندا آهن.

    ڪُهري: دريائي ٻيٽن ۾ جتي کنجهو، دڙا، اوٽر اٽڪي بيهندا آهن. چوڌاري وهڪ سبب دڙن، کنجهن ۽ اوٽرن جي اڳيان يعني ان جي هيٺئين پاسي لٽ نه پوندو بلڪه اتي اٺ، ڏهه فوٽن جيتري، ويڪري ۽ سوڙهي ڍوري تي پوندي آهي، جنهن کي درياهي ٻولي ۾ ڪُهري چيو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪنهن واهڙ يا ڍوري ۾ تيز وهڪري سبب زميني سطح پٽبي آهي ۽ هيٺ مٿاهين وارين جاين کي به ڪُهڙي سڏجي.

    لانگها: جڏهن سياري جي مند ۾ درياه لهي پاڻي تر وٺندو آهي. ته سڄاڻ يا دريائي تارو، هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر تائين درياهه ۾ گِهڙي ننڍو پاڻي جاچي، اتي لکها يا پَڃَر کوڙي ڇڏيندا آهن ته جيئن اَڻ تارو آساني سان درياه پار ڪري سگهن. ان لانگهي جاچڻ ۾ اهو خيال به ضرور ڪيو ويندو آهي ته جيئن، گپ، چڪڻ، ڌٻڻ نه هجي، صرف وارياسو يا ٻهراٺو لٽ هجي، جيئن ماڻهو يا ڍور گپجي نه پوي اهي لَڪ، لانگها ۽ پاتڻي چارا سڏبا آهن.

    لهر/ ڇولي: جڏهن درياه ڪنين تار ٿي وهندو آهي ته گهڻو ڪري ان رُت وقت ڏکڻ ۽ اوڀر وائيندا آهن. ان واءُ تي درياه ۾ وڏيون ڇوليون ۽ لهرون مچي وينديون آهن پر جي واءُ بيهي به ويندو آهي ته به متل ڇوليون ۽ لهرون هلنديون رهنديون آهن ۽ آهستي آهستي گهٽبيون آهن.

    دُٻا: سرءُ جي مند ۾ جڏهن درياهه لهي وڃي ترو وٺندو آهي. جهول جهنگن، ۽ زمينن جو پاڻي درياه ڏانهن واپس وهندو رهندو آهي، جڏهن باقي چند هيٺايون بچنديون، جن جا ڪپر اُپي يا آجا ٿي ويندا آهن ته انهن هيٺاهين جاين تي پاڻي بيهي ويندو آهي، اهي هنڌ دُٻا چئجن.
    ڪٿي ننڍا ڪٿي وڏا ۽ ويڪرا دٻا ته سياري تائين به ڀريا يا اڌيڪا لڳا پيا هوندا آهن. ويراڳي پکي رات جو انهن دٻن تي ڇيڄ ڪندا آهن. دٻن ۾ گهڻو ڪري ڪل، پن، لئي، بهڻ وغيره ڦٽندو آهي. انهن دٻن تان چوپايو مال به پاڻي پيئندو آهي ته جهنگلي جانور به اتئون پاڻي پيئندا آهن. شڪاري کڏڻا ٺاهي دٻن جي ڪپر تي لڪي ويهندا آهن. ڦاڙها به مارين ته ويراڳي/ سيلاني پکي به مارين.

    کوهيون: جن هنڌن تان ٻوڏ جو پاڻي گهمي ويندو آهي يا سيراب ڪندو آهي. جڏهن پاڻي لهي ويندو آهي ته دٻن ۾ پاڻي بيٺل رهندو آهي. ڪن دٻن ۾ کارو پاڻي به ٿي ويندو آهي ته ڪي وري ستت ئي سڪي ويندا آهن. ڌنار، ڀاڳيا، ڪڇي جا جهنگ واسي، پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سڪي ويل دٻن جي ڪپرن ۾ کوهيون کوٽي پاڻي حاصل ڪندا آهن. اهي کوهيون ٻن کان چئن فوٽن تائين جيتريون هونديون آهن ۽ هيٺان جر مان مٺو پاڻي نڪريو پوي، جيڪو پاڻي ڪچي واسي اُڃ اجهائڻ لاءِ پيئندا آهن. اهي کوهيون ڪوڏر سان به کوٽبيون آهن ته هٿن ۽ ڪنهن ڪاٺي ڳن جهڙي سان به کوٽي پاڻي ڪڍيو ويندو آهي. گهڻو ڪري اهو کوهي وارو پاڻي ڪيئي ڏينهن تائين سڪندو به نه آهي، ڇاڪاڻ ته جر زمين کي ويجهو هوندو آهي.

    ڇڇ/ ڇر: درياهه جي پيٽ ۾ سير وهندڙ پاڻي کانسواءِ ”کٻي سڄي گهڻو پاڻي ڪپر تائين وهندڙ ويڪر واري پاڻي کي ڇَڇَ /ڇَرچئبو آهي. گهٽي ٽڙيل پکڙيل پاڻي کي به ڇڇ/ڇر چيو ويندو آهي.

    ڪنڀال: سانوڻين ۾ درياه ڪٿي ڪٿي ڪپر سان اوڀاري وهڪ وهندو آهي. پائڪ به ڪندو آهي، ڊگهائي ۽ سڌائي واري ڪپر کان اوڀارو ايڪڙ ٻن ۾ اندر پائڪ ڪري کنجهو ۽ اوٽر پيو ڦيرائيندو، اندر ايڪڙ ٻه واري وهڪ کي ڪنڀال چيو ويندو آهي. انهي ۾ پائڪ به گهڻي ڪندو ويندو آهي ۽ ڪنڀال ٺهندا ۽ ڊهندا رهندا آهن.

    ٻه درياهي: سانوڻين ۾ جڏهن درياه ڀرجي ويندو آهي، درياه پيٽ کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان پائڪ ڪندو آهي. سرءُ ۾ سائو واهڙن يا ٻيٽ جي دڙن کان ٻنهي ڪپرن سان ٻه ٽي دريائي رخ ٿي ويندا آهن. وچ تي ٻيٽ هوندا ۽ پاسن کان پيا وهندا انهن وهڪن کي ٻه درياهي چئجي.
    نڙي/ لِڪي: سرءُ ۾ لاهي وقت ڇڇن، ڇرن ۽ جهولن مان پاڻي نڪري درياه ۾ ڪرندو آهي. لٽن پوڻ ڪري ٽڙيل پاڻي هڪ ئي ڍوري سائو ڪري ان مان پيو وهندو. ان سوڙهي وهندڙي کي نِڙي چيو ويندو آهي.

    گهيڙ: اڀ ڪپري کان هيٺ درياه جي سطح تائين، چارو ٺاهيو ويندو آهي، اهم گهيڙ آهي. يا وري ڪن واهڙن ۾ پاڻي بيهي ويندو آهي. ته جوانڙا ڇهايون پاڻي ۾ وجهي، ڪپر ڪپي سڌا ڪري چارا ٺاهيا ويندا آهن. اهو به گهيڙ چئجي.

    آجهار: جنهن ڪپر سان پائڪ گهٽ هوندي آهي ۽ درياه تکو/ماٺو ٿي وهندو آهي. انهي ڪپر کي آجهار چيو ويندو آهي.

    جهوڪو: جڏهن درياه هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر ورندو آهي ۽ وڃي ٻئي ڪپر سان لڳي وهندو آهي، انهي ٿيڙ کان ٻئي ڪپر جي لاڳاڻي کي جهوڪو چيو ويندو آهي.
    گڻنب: گڻنب درياهي پاڻي وهڪ ڪري جڏهن ڪنهن ڇڇ/ڇر ۾ ڪرندو آهي ته انهي ڇڇ ۾ تکائي سبب اونهو کڏو ٿي ويندو، جڏهن پاڻي لهي ويندو آهي ته گويه اها جاءِ گولائي ۾ دُٻي جي صورت اختيار ٿي ويندي آهي ۽ اونهائي سبب اتي اونهائي واري گول دائري ۾ ٻارهوڻي پاڻي بيهي ويندو آهي، جنهن کي گڻنب چيو ويندو آهي.


    باب ٻيو : درياهه ۾ ترڻ جا سنڊ

    سيڻهه، تنبو، گهڙو يا مٽ، بنڊيون تُورو، تُرهو، ٻانهڙ ڳجهڙ ترڻ چواڻي آهي ته ترڻ، تير هڻڻ ۽ سواري ڪرڻ، جنهن انسان ۾ گڻ هجن، اهو سڄو انسان، جيڪو مٿيان گُر نه ڄاڻندو هجي اهو اڌ انسان ڪوٺيو ويندو آهي. تنهن لاءِ گهڻو ڪري، مٿيان گڻ دادلي درياه جي ڪنڌي واسين ۾ آهن.

    سيڻهه: اهڙو سنڊ آهي، جنهن وسيلي درياه ۾ تري سگهبو آهي. جيئن ته ڇهن کان اٺن سيرن جي وهه واري ڇيلي کي ڪهي ڪاريگر، خبرداري سان کل لاهيندو، جيئن کل جي ڪنهن به حصي کي ڪٿان ٽڪو نه اچي. پوءِ ان کل کي ڏهه ٻارهن سير ٻٻر جي آلن ڇوڏن جي پاڻي ڀريل تسس ۾ وجهي ڇڏبي. پندرهن ويهن ڏينهن کانپوءِ ان کل کي ٻاهر ڪڍبو ته نرم ۽ ناسي رنگ جهڙي ٿي ويندي آهي ۽ کل جا وار به ڇڻي ويندا آهن. بعد ۾ ڪاريگر ان کل کي منڍي واري جاءِ کان اندران ٽوپا ڏيندا، ۽ ٽي ٽنگن واريون جايون به ٽوپي سان سبي ۽ ٻڌي ڇڏيندا، هڪ اڳئين ٽنگ ۽ ٻه پويون ٽنگون سلائي ڪيون وينديون آهن، باقي اڳئين بچيل هڪ ٽنگ ۾ ڦاڙهي جي اڳئين ٽنگ واري نري يا هڏي چار پنج آڱر ڊگهي بچيل ٽنگ ۾ وجهي ۽ ٻڌي ڇڏبي ۽ ان ذريعي سيڻهه ۾ هوا وات سان ڦوڪي ويندي آهي، سبيل هنڌ به اهڙا سيتل هوندا، جيئن انهن مان هوا ٻاهر نه نڪري سگهي.
    پوين ٽنگن وارن چوٽين ۾ رسن جا انگڙا ٺاهي ٻڌي ڇڏبا آهن. جيڪي ترڻ وقت تارو انهن انگڙن ۾ رانن/چوتن تائين ڦاسائي ڇڏيندو، ارهه ۾ سيڻهه رکي ڦوڪيندو ته سيڻهه ڦوڪجي ويندي. تارو سيڻهه تي سينو رکي ٻانهن هڻندو آهي ته ٽيڪ تي به ترندو آهي. اسانجي علائقي ۾ نُوح ڪوري ۽ زنگي جتوئي سيڻهن رنڱڻ جا ڪاريگر هئا. ٻئي خيري ديري جا ويٺل هئا پري پري جا تارو ۽ ڪاٽڪو سيڻهون رنڱائي ويندا هئا.

    تنبو: تنبو ”ڪدُو“ ڀاڄي چاڙهڻ واري کي چئجي. انهي ڪدو کي ولهه مان پٽي سڪائي. ان کي ٽنگڙي ۽ انگڙن ۾ بند ڪري، انهي ڪدو/ تنبي وسيلي درياه ۾ تَربو آهي. ڪدو مان يختيارا به ٺاهيا ويندا آهن. جيڪي فقراهي راڳ چوڻ ۾ ساز طور ڪم ايندا آهن.

    گهڙو يا مٽ: مٽي جا ٺهيل دلا ۽ مٽ، آوي جا پڪل، اهو کڻي درياه ۾ لهبو، ان کي امونڌو ڪري منهن پاڻي ۾ وجهس ته اندرين پاسي دلي يا مٽ جي هوا ڪا نه نڪرندي، سنڊ تري بيهندو، تارو سنڊ جي پٺن تي سوار ٿي گهڙي جي ڪپر ۾ هٿ وجهندو، انهيءَ سهاري تري درياهه، ڍنڍ يا واهڙ پار ڪري سگهجي ٿو.

    بُنڊي/بنڊ/ٻانڊ ڪاٺ: گهڻو ڪري درياه جي ڪنڌيءَ سان جهنگلن ۽ ٻيلن هجڻ سبب، ڪيئي سڪل بنديون وڏا بند يا ٻانڊ ڪاٺ پيل هوندا آهن، سڪل ڪاٺ پاڻي ۾ ترندو آهي. درياه پار ڪرڻ وارا جهنگ مان ڄاڻايل سنڊ جي سهاري تري منزل تي پهچندا آهن.
    تورو: تورو گهڻو ڪري سڪل ڪانهن جي ٻوڙن مان ٺاهيو ويندو آهي. يعني ڀاڪر کن جو گڏو ٻڌي، ان کي ڪانهن جي نوڙين سان اڳيان ٻنڌڻ ٻڌي قابو ڪري ڇڏبو ۽ وچان پيٽي به نوڙي سان ٻڌبي، انهي سنڊ کي پاڻي ۾ لاهي. انهي سهاري لهوارو لڙهي، تري سگهبو آهي. سڪل سنهين ڪاٺين جا گڏا ٻڌي، ٻيلائي ڪاٺين تي گذر سفر ڪرڻ وارا به ڪاٺين جا گڏا ٻڌي هڪٻئي سان وڻ ويڙهي سان اٽڪائي، ٽلن جي صورت ۾ لوڙهي منزل تي تري پهچندا آهن. اهي تورا چئجن، انهن سنڊن سهاري ترڻ به تارو تار تاگهيندو.

    ترهو: ترهو خاص ڪري ڪنڌي واسي، درياه ترڻ وقت جيڪو تارو وٽ سامان، ڪپڙا وغيره هوندا، اهي مٽي سان انگوڇي سان ٻڌي، ڪنهن سنڊ وسيلي، تار تاڻي لهي پوندو، درياه ۾ ترڻ دوران مٿي سان ٻڌل ڳنڍ، ضروري سامان، ڪپڙا وغيره پسڻ کان محفوظ هوندا آهن. اهو گويه ترهو چئجي اڳي ٻيلائي، ڀاڻن وارا گيهه، مکڻ ۽ ماکيون آر پار ٽپائيندا هئا. چونريون، ساڙهيون ۽ ماٽيون ڀري مٽن سان ٻڌي سنڊن ذريعي تري پار پوندا هئا. شڪاري به هٿيار، مٿن سان ٻڌي سنڊن تي تري شوق شڪار ڪندا هئا. اهي سڀ توڪل جا ترها چئجن.

    مون سي ڏٺا ماءِ! جنين ڏٺو پرين کي،
    رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سنديءَ جاءِ،
    تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾.

    ٻانهڙ ترڻ: ٻانهڙ ترڻ به تارو جو فن آهي، دادلي جي ڪنڌي وارا وقت تي سنڊ نه هئڻ جي صورت ۾ ٻانهڙ به تري پار پئجي ويندا آهن.

    ڳجهڙ ترڻ: هي به درياه يا ڪنهن ڍنڍ دُٻي ۾ ترڻ جو فن آهي. اگر چه پاڻي ۾ لهبو ته ٻانهن ۽ ٽنگن جي مدد سان پاڻي اندر اهي ٽنگون ۽ ٻانهون هلائبيون ته ڳچي وارو حصو مٿي هوندو ۽ ماڻهو ترندو هلندو. گويه اهو ڳجهڙ ترڻ چئجي.


    باب ٽيون : درياه جا لٽ

    درياه جا لٽ: چيڪو، ٻهر، واري، نوڙ، ڦوڙي، ڌٻڻ چور گپ

    چيڪو: جڏهن درياه شاهه سانوڻيءَ جو مست ٿي وهندو آهي تڏهن مختلف، وَرَن، وڪڙن، ٻيٽن، ڇَرن، ۾ وهڪ مطابق لٽ/ڇاڻو ڇاڻيندو ويندو آهي. چيڪو لَٽَ گهڻو ڪري اُبتي وهڪ ۾ پوندو آهي. ڪنهن ڇر ۾ گڏجي پاڻي بيهي رهيو ته چيڪو لٽ اڇليندو. درياه لاهي ۾ به لٽ اڇليندو آهي. اگر چه چيڪو لٽ ڪنهن زمين ۾ گوڏي کان مٿي هوندو ته هاري رکين، ڀاڳين، چونرين ۾ دالي ۽ تبلي فصلن جا ٻج کڻي، گپن ۾ گپون ۽ رپيون چٽيندا آهن. گوڏي کان هيٺ چيڪي لٽ واري زمين ۾ چڻا، مٽر، ڪڻڪون ڀليون ٿينديون آهن.

    ٻهرلٽ: ٻهرلٽ، يعني واريءَ ۽ چيڪي سان ملي ٺهندو آهي. ٻهر لٽ جا ڇاڻا، زمينن ۾ جهنگ هوندي، اُبتي سبتي وهڪ ۾ ٻهرلٽ زمينن ۾ پئجي ويندا آهن. ٻهرلٽ کي گسراٺو لٽ به چون. هنن لٽن ۾ ناڙين ذريعي، گدرا، سونف، ڌاڻا، جَواڻ، مانهن وغيره ڀلا فصل لهندا آهن.

    واري: درياه جي لهواري ۽ سُبتي وهڪ ۾ جڏهن درياه جو پاڻي، ليٽن ۽ ٻيٽن تي چڙهي پوندو آهي. ته وارين جا ڍير اڇليندو ويندو آهي. اهو واري لٽ چئجي. واري جي چيلهه جيتري زمين مٿان پئي ته وڏن دڙن واي لٽ ۾ فصل ڪو نه ٿئي. اها درياه جي وڃايل زمين چئبي. اگر چه زمين تي چيلهه کان گهٽ جيترو واري لٽ واريون زمينون هونديون ته اتي کڏا هڻي انهي ۾ ڇانهيون ۽ گدرا، ونگا، ريڀڙيون پوکي ڇڏبيون ته تمام ڀلا فصل ٿيندا آهن.

    نوڙ: اُبتا ڍورا، واهڙ وهي درياه مان نڪري ڪنهن ڇڇ جي صورت ۾ هيٺاين جاين تي بيهي رهندا آهن ته چيڪي ۽ ڪاري جهڙي ڪٺ، جهڙا لٽ پاڻ ۾ ملي زمينن ۾ ڪرندا ويندا آهن ته وري مٿان درياه واري يا چيڪي لٽ جو تهه اڇليندو ويندو ته نوڙ وارم لٽ ڍڪجي ويندو آهي. اگر چه فٽ کان مٿي نوڙ لٽ پئجي ويو ته زمين فصل ڪاهڻ جي وٽ ۾ ڪا نه ايندي واري جو فوٽ کن جيترو تهه نوڙ مٿان پئجي ويو ته زمين فصل ڪاهڻ جي وٽ ۾ ڪا نه ايندي، لٽن تي دارو مدار آهي، ان مطابق بوسي سڀ فصل ڀلا ٿين.
    ڦوڙي: يعني زمين جي ڦاٽڻ، گهڻو ڪري چيڪو لٽ گوڏي يا سٿر تائين درياه اڇليندو آهي ته اهي زمينون پاڻي لهڻ کانپوءِ سرءُ ۾ اها زمين ڦاٽي پوندي آهي ۽ ڦوڙيون ٿي نروار ٿينديون آهن، پهريائين سنهيون سيرون، پوءِ جيئن اها زمين سڪندي ويندي ته ڦوڙيون به وڏيون، ڊگهيون ۽ ويڪريون ٿينديون وينديون آهن. ان کي ڦوڙي چئجي. ڪچي جا هاري انهي هلڪي ڦوڙي ۾ سرنهن، چڻا، مٽر، توريو وغيره ڇٽ ڪندا آهن۽ اهي ڇٽ ٿيل ٻجن مٿان ڦَرسو/ڦريو گهمايو ويندو آهي ته جيئن مٿي پيل ٻج ڦوڙي ۾ لهي ۽ ڦٽي.

    ڌُٻڻ: درياه جي چڙهڻ وقت اوڀاري وهڪ ۾ چيڪا يا نوڙ جو لٽ زمينن ۾ پوندا آهن. لاهي ۾ وري درياه ۾ پوندڙ وري يا ٻهراٺا لٽن جو تهه پوندو آهي. پاڻي سڪي وڃڻ کانپوءِ مٿيون واري يا ٻهرلٽ وارو تهه سڪي ويندو، ليڪن اندران چيڪي ۽ نوڙ وارو تهه برقرار هوندو، ماڻهو جانور انهي زمين تي هلندا ته گپجي پوندا. ڪيئي ڀاڳين جا مال ڌٻڻ ڳپ ۾ ڦاسي پوندا هئا. نه نڪرڻ ۽ نه ڪڍڻ جي صورت ۾ ڍور اتي ئي مريو وڃن. گدڙ، ٻلو ۽ ڳجهون پيو جيئرن ڍورن کي پٽيندا آهن. ان ڌٻڻ واري گپ جو انت ئي پوندو آهي.

    چور گپ: هي گپ به دريائي ڪپرن ۾ مختلف لٽن پوڻ جي صورت ۾ ٿيندي آهي. ڌٻڻ وانگر زمين اندران چيڪا ۽ نوڙ لٽ پيل هوندا، مٿان واري جو سنهو تهه پيل هوندو ته خبر ئي نه پوندي. ماڻهو، ڍور، جانور به انهن گپن ۾ ڦاسيو پون. چيلهه جيتري چور گپ تائين کان گهٽ لٽ مان ماڻهو جانور نڪريو وڃن. وڏي چور گپ ڀاڳين جي ڪيئي ڍورن جون حياتيون کسي وٺندو آهي. لٽن جي تهن تحت بوسيون آباديون گپ سڪڻ کانپوءِ ٿينديون آهن.


    باب چوٿون : دادلي درياه جا آبي جانور

    واڳو، سير، انڌي ٻلهڻ لڌڙو، ڪمي ڪڇون، ڏيڏر

    اڳي جڏهن وڏيون ٻوڏيون ٿينديون هيون ته سياري جو به درياهن جي کوڙن ۾ واڳون، سِيسَر، ٻُلهڻيون، لُڌڙا رهندا به هئا ته واڌ ويجهه به ڪندا هئا. ليڪن ورهين کان درياه ۾ ٻوڏون نه ٿيڻ سبب مذڪوره جانور مارجي ويا، ڪي وڏيرن جي اوطاقن جا پڃرن ۾ زينت بڻيا. تان جو نسل ئي ختم ٿي ويو. هاڻي صرف ڪميون، ڪڇون ۽ ڏيڏر آهن. هاڻي ته ٽيڪنيڪل دور ۾ ڪڇون ۽ ڪمين جي عضون مان شايد ڪي قيمتي وکر ٺهن ٿا، تنهن ڪري مارين ڪمين ۽ ڪڇن تي به مار ماران ڪري ڇڏي آهي اهي به سڄي درياه ۾ ورلي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. البته ڏيڏر ٻئي ڪلها وڙهندڙ جانور آهي. ٻوڏن ۾ پاڻي جو پياسي، دٻن ۽ ڍنڍن ۾ به گذارين. پر جي سوڪ ٿي وڃي ته زمين اندر ئي پنهنجو گهر ٺاهي وڌي ۽ ويجهي سگهي ٿو.


    باب پنجون : دادلي درياه جي آبي مڇي

    پلو، ڪرڙو، موراکو، ٿيلهي، شهڪر، ڄرڪو، سينگاري، کڳو، گانگٽ، گندڻ، ڏاهي، گوج، درو، گل فام، گرامي، پاپليٽ، سُوڻي، پوپري، مانڇري، ڇلي، مُرو، ڦاٻڻيون، ملير، لُهڙ فوجي کڳو ڏنڀرو.

    پلو: جيئن ته پلو سمنڊ يا کاري پاڻي جي پيداوار آهي. اڳي جڏهن ڊيم ۽ پاڻي کي روڪڻ جا در نه هوندا هئا ته پلو چرڻ يا خوشحالي ڪرڻ لاءِ سمنڊ مان اوڀارو سَير تي نڪرندو هو. جيڪو حيدرآباد لتاڙيندو، ڪشمور تائين پهچي ويندو هو. مهاڻا به اڪثر سنبوهي رڇ سان پلن جو شڪار ڪندا هئا. ليڪن هن وقت سالن پڄاڻان، درياه ۾ پاڻي نه هئڻ سبب ۽ بئراجن تي در لڳل هئڻ سبب صرف ڪوٽڙي تائين اوڀارو ايندو آهي. پلن جو وزن به ٻه ٽي سيرن تائين ٿيندو آهي، هڪڙا آني وارا ۽ ٻيا کيرا پلا هوندا آهن. گهڻو ڪري وڏا ماڻهو ئي مهانگو خريد ڪري کائي سگهن ٿا. باقي غريب غربو ته صرف پلي جو نالو ٻڌندو آهي، پلو به کائڻ ۾ تمام گهڻو لذيز ۽ سوادي ٿيندو آهي.

    ڇلي:، درو، گراسي، پاپليٽ، مانڇري به ڇيلري مڇي ۾ ڳنڍيل آهن. هنن مڇين جو وزن به پاءُ کن جيترو مس ٿئي. هنن مڇين مان به مالي اپت جهجهي ٿيندي آهي ۽ ڳري رقم ۾ وڪامجن ٿيون. هي مڇيون به وڏين مڇين جو کاڄ آهن. اڻ لڀ هئڻ سبب مارڪيٽ ۾ ملهه، مهانگو اٿن.
    جهڙوڪ ڪرڙو، ڏنڀرو، موراکو، ٿيلهي، شهڪر، ڏاهي، گندڻ، هنن مڇين جو شمار، ڇيلري، مڇي ۾ ٿئي ٿو. هي مڇيون دادلي جي مٺي پاڻيءَ جي پيداوار آهن. واڌ ويجهه جو سلسلو به درياه ساڻ اٿن. گهڻو ڪري سانوڻ ۽ بڊي جي مند ۾ ڄاڻايل مڇي جو، لڳ، لڳاءُ، ميلاپ ٿيندو آهي. سندن پيٽ ۾ آني ٺهي ٿي، جيڪا سوين آنن سان جهونجهيل هوندي آهي. ويم دوران صرف آنا درياهه ۾ اڇلينديون آهن ۽ انهن مان ٻچا ڦٽي نڪرندا آهن. اهي ٻچا ماءُ کان جدا ٿي، درياهه ۾ ڪرندا ويندا آهن. واڌ ويجهه ۽ کاڌ خوراڪ به درياءَ تي اٿن. ڄاڻايل مڇين جو وزن هڪ پاءُ کان پنجن اٺن سيرن جيتريون به رڇن ۾ مرن، کائن پچائڻ ۾ ڀلي لذت اٿن. گل فام به درياهه جي مٺي پاڻي جي پيداوار آهي. ليڪن پاڻي گهٽ هئڻ سبب اها جنس جيءَ ۽ بچي نه سگهي. صرف هن وقت وڏن ماڻهن جي ٺهرايل هٿرادو ڊيمن ۾ انهيءَ جنس کي خاص کاڌ خوراڪ ڏئي پالي وڏو ڪيو وڃي ٿو، مَري مارڪيٽ وڪامجي ٿو. قدبت ۾ سهڻي آهي ۽ کائڻ ۾ به شيري اٿس.
    گوج لُنڊي بلا وانگر مڇي آهي، ڇيلري مڇي ۾ شمار آهي، مُرو، ڦاٻڻيون ملير، ڊينگڻون، هي مڇيون به ڇيلري مڇي ۾ شمار آهن. ليڪن سندن وزن بنهه پاءُ کن جيترو مس ٿئي. هي مڇيون درياهه جي آبي جانورن ۽ آبي وڏي مڇي ”ملي“ جو کاڄ آهن. ان کان علاوه ماري سنهن ڪيترن نڙن وسيلي ماري به ڳري ملهه کپائين، ڇاڪاڻ ته ڪيميڪل ۾ ڪم اچن.
    ڄرڪو، سينگاري، کڳو فوجي يا سنڌي، ڇلي، لهڙ، هي مڇي به درياهي پيداوار آهي. هنن مڇين جو ڳاڻيٽو ملي مڇي ۾ ٿئي ٿو. ملي مڇي جي پٺن تي ڇلر نه هوندو، تنهنڪري بنا ڇلر واري مڇي ”ملي مڇي“ چئجي، ڄرڪو، سينگاري کڳو وزن ۾ ٻن کان ڏهن ٻارهن سيرن تائين جي وزن جيترا به درياه يا دريائي کوڙن ۾ مرندا آهن. هي مڇي به ڳري ملهه ۾ وڪامندي آهي. ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هنن مڇين مان ڪيئي وکر ٺهن ٿا.
    هي مڇي شوقين، پلاءُ ڀت ۾ ٺاهي، ان کي کائيندا آهن هنن مڇين جو کاڄ به درياه ۾ ننڍين مڇين کي کائي پيٽ قوت ڪرڻ آهي واه رنگي تنهنجا رنگ، عجب اسرار آهي، جر ۾ جياليندڙ هنن ساهه ڀريل مڇين جو!
    آئون اڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي،
    متان مارينئي، پاهيڙي پهه ڪري
    سچ پچ ته آبي پکين جي فطري سونهن هوندي آهي.


    باب ڇهون : دريائن جا آبي پکي ۽ ويراڳي سيلاني پکي

    آءٌ اڏامي هنجڙا، سَر ۾ سارينئي،
    متان مارينئي، پاهيڙي پهه ڪري.
    نيرنگ، ڪَرڙو، آڙي، پيڻ، لاکو ڄاڃي، ٿوراندو، منگهه، چوئي، جهنجهري، ڏوريو، سانءَ ٻراهي، رتبو، لنگهو، درگوش، جُهرو، چِيخلو، بدڪ، سُرندو، ڪانيرو، کَڀو، هنج، چَڪور، صُحب پيڻ،
    چون ٿا ته آبي پکين جا سوين قسم آهن. هتي صرف سنڌو درياه سان صحبت رکندڙ پکين جي پچار آهي. جيڪي درياه جي وهڪ ۾ وهندا ويندا آهن ۽ جن کي مون ڏٺو ۽ پسيو آهي.
    هي پکي اتر کان نائيجيريا، سائيبيريا، روس ۽ آفريڪا وغيره وارن ملڪن مان سانگ ڪري، چرڻ لاءِ سنڌ ۽ هند جو رخ ڪن ٿا، جيڪي سيپٽمبر مهيني ڌاري، پنهنجن ماڳن تان ويراڳي ٿي، دادلي درياه سان، ولرن جي صورت ۾ اڏام ڪندا پاڻي وهڪ سان وهندا ويندا آهن. هڪ ٽڪاڻو ڪو نه اٿن، اوڀر ۽ ڏکڻ ڏانهن رخ ڪندا آهن. هنن پکين جو چرڻ سفر ۾ ئي هوندو آهي. دريائي ٻيٽن ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ خوشحاليون، ڪندا هلندا ويندا آهن ۽ ٻيا پيا ايندا آهن. اهو سلسلو فيبروري تائين هلندو آهي، مارچ ڌاري واپس ڏيهه، ورندا آهن. هنن ويراڳين، سيلانين جي پاڻ ۾ محبت، ۽ پريت جو پيچ ڳنڍيل آهي. سَوَنَ جي تعداد ۾ الڳ الڳ ٽولن جي صورت ۾ گڏيا اچن ۽ گڏيا وڃن. لطيف سائين جي انهي پريت ۽ ڳانڍاپي کي پسي هيئن چيو آهي.
    وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
    پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.
    سياري جي مند ايندي ئي، سندن اصلي ماڳ جي ميداني يا پاڻياٺي پڊن تي برڦ ڄمي ويندي آهي. سندن کاڌ بند ٿي ويندي آهي. تنهن ڪري، سيلاني ٿي سنڌ ۽ هند اچن ٿا، چري گهمي ڦري، مارچ ڌاري پنهنجي وطن موٽي ويندا آهن ۽ سندن واڌ ۽ ويجهه جو سلسلو اپريل مهيني کان اتي ئي ٿيندو اٿن، پنهنجا ٻچا وڏا ڪري، اڏاري وري ساٿ سان سنڌ ۽ هنڌ ۾ سيپٽمبر ڌاري اچيو وڃن جڏهن تهه سيارو، ڊسمبر ۽ جنوري ٿيندو آهي ته هي پکي ڪينجهر، منڇر، هاليجي ۽ عمل وغيره وارن ڍنڍن ۾ ڇيڄ ڪندا آهن، تڙڳندا به آهن. ڪن آبي پکين جي پيرن جا پردا ڳنڍيل هوندا آهن. ۽ ڪِن جا ڪو نه به ڳنڍيل هوندا آهن. چون ٿا ته ڳنڍيل پيرن پردن وارا حلال پکي آهن ۽ بغير ڳنڍيل حرام چيا وڃن ٿا. هي پکي به گهڻو ڪري سنڌ ۾ ولائتي مهمانن ۽ جوءِ جي وڏيرن جي بندوقن ۽ شڪار جو کاڄ ٿيندا آهن.
    هنن پکين جو وينجهرن ذريعي به شڪار ڪيو ويندو آهي. وينجهر ڊگها پڃر پاڻي ۾ اُڀا کوڙي، انهن سان رڇ ٻڌي ڇڏبا آهن. ماري جهنگ مان آهستي آهستي پکين کي تڙيندو هلندو ۽ پکي به ترندا هلندا آهن. جيئن ئي وينجهر کي ويجها ٿيندا ته ماري هل هنگامو ڪري، تاڙيون وڄائي پکين کي اٿاريندا آهن. جيئن ئي پکين جا ولر تر ڏئي اڏامندا ته وڃي ونجهرن ۾ ڦاسندا آهن. اهڙي نموني ماري زنده پڪڙي شهرن ۾ سرعام کپائي ناڻو ڪمائيندا آهن. والڊ لائيف وارا به شايد مارين سان مليل هوندا آهن.
    سائي، ڳاڙهي ڳاني وارو نيرنگ، سڀني آبي پکين کان سونهن جو سردار آهي. صحب پيڻ پکي جي وهه، چرٻي/ مينجهه ڀڳل هڏ واري ماڻهو يا جانور کي مک ڏبو آهي ته مريض صحتياب ٿي ويندا آهن. آبي پکين ۾ سڀ کان لذيذ ۽ سوادي گوشت نيرنگ جو هوندو آهي.


    باب ستون : دريائي پڊن جا خشڪي جا پکي

    تتر، تلور، ٻاٽيرو، ڪروان، ڪونج، ڪڙل، باز، شهباز، چيهو، پٽ، تتر، ڳاڙهو ڳيرو، اڇو ڳيرو، ٻوڙي ڦڪي جهرڪي وهيو. گگهه.

    ڪارڙو تتر: هي خشڪي ۽ دريائي ڪنڌي سان رهندڙ ۽ وڌندڙ پکي آهي. نهايت خوبصورت آهي. خُشڪي پکين ۾ ٻيو ڪو به پکي سهڻائپ ۾ سندس مَٽ نه آهي.
    ڪارڙي تتر جي مادي کي ”ڪٻي“ / تتري چئجي، تتر جي واڌ ويجهه فيبروري کان شروع ٿيندي آهي ۽ آگسٽ تائين جاري رهي ٿي، گهڻو ڪري ٻه يا ٽي تُور تتري آنا لاهي، آرو ڪري ٻچا ڦوڙيندي آهي، ڪچي ۾ درياه جي ڪنڌي، جهنگن، ٻيلن ۽ چيٽي فصلن ۾ حشام تترن جا هوندا آهن. صبح سانجهي پير پير کدر جون لوليون هونديون اٿن. گانگسي، شيدي، چڻنگي ڪارڙن تترن جون جنسون آهن.

    اڇڙو تتر: هي پکي به عاليشان سونهن ڀريو پکي آهي. خشڪي دريائي ڪنڌين ۾ وڌندڙ ۽ پلجندڙ هي پکي به ٻه ٽي تُور آنا لاهي آرو ڪري ٻچا ڦوڙينديون آهن. هي پکي ولر جي صورت ۾ جرن، جڳن ۽ وڻن تي واهيرو ڪري چاڙهيڪي تي چڙهن. چاڙهيڪي تي چڙهڻ وقت به ڪيڙوُ ڪيڙوُ ڪندو آهي. ۽ ڀنڀراڪي جو لهڻ وقت به ڪيڙوُ ڪيڙوُ ڪندو آهي. هي پکي به جهنگن ۾ سٿ سٿيا پيا هوندا آهن. ڪنڌي واسي تترن جو شڪار ڪوڙڪين، ڳارين، چوڻ، ونجهرن ذريعي ڪندا آهن. امير ته بندوقن سان شڪار ڪندا آهن.چواڻي آهي ته خشڪي پکين ۾ سڀ کان لذيذ ۽ سوادي گوشت تتر جو هوندو آهي.

    تلور: هي سيلاني پکي به اترئون ٿڌن ملڪن مان اڏري ٽولن جي صورت ۾ سنڌ جي ميداني ۽ وارياسي علائقن ۾ چرڻ لاءِ ايندو آهي. ناياب پکي آهي. زمين جهڙو گڊرو رنگ اٿس. تمام ڊڄڻو ۽ بزدل پکي آهي. گهڻو ڪري ڪڙل، باز ۽ شهباز هن پکي جا ماري آهن. عرب ملڪن جا شڪاري به باز ۽ شهباز جي مدد سان تلور جو شڪار ڪندا آهن. تلور گهڻو ڪري دريائي ٻيٽن تي رهندي آهي. ڄانڀو ۽ سرنهن خاص چيڄ اٿس. وزن هڪ ڪلو کان ٻه ڪلو تائين جيتري ٿيندي آهي. پيرين پنڌ ڪرڻ جي تکي آهي ۽ اڏامڻ ۾ به تيز آهي. جوءِ جا شڪاري بندوقن سان به مارين ته ڦندن ۽ ڪوڙڪين ذريعي به ڦاسائن. هي پکي کائڻ ۾ ايترو لذيذ نه آهي بلڪه هن جي گُجي مان خاص طور حڪيم يا ڪچي واسي ڪک ٺاهي، دم، سلهه، کنگهه ۽ ٻاراڻي گهٻهڙي واري کنگهه واري مريض کي کارائيندا آهن ته مريض شفاياب ٿي ويندو آهي.

    ٻٽ تتر: ٻاٽيرو ۽ ڪروان به سنڌ ۾ سياري جي مند ۾ ظاهر ٿيندو آهي. باقي ٻين رتن ۾ هي پکي جابلوِ ٿڌن علائقن ۾ رهندڙ آهي. ڪروان ٻيٽن تي نظر ايندو آهي ۽ ٻاٽيرو چيٽي پوکن ۾ نظر ايندو آهي، شڪاري خوب هنن پکين جو شڪار ڪندا آهن. پٽ تتر به ڪاڇي، ٿر ۽ ڪچي جي علائقن ۾ سياري ۾ جام هوندا آهن. هي پکي ٿڌن علائقن جو رهواسي آهي. چيٽي فصلن جي لابارن تائين هي پکي هتي رهندا آهن ۽ پوءِ وڃي ٿڌن علائقن ۾ وڌندا آهن.

    ڪونج، ڪڙل، باز، شهباز: هي به پرديسي پکي آهن. اترئون ايندا آهن، ننڍا خشڪي پکي شڪار ڪري کائيندا آهن. باز ۽ شهباز تمام گهڻو قيمتي پکي آهي. خاص طور وڏا ماڻهو هي پکي تلورن ۽ هرڻن جو شڪار هنن پکين جي مدد سان ڪندا آهن. ڪونج جڏهن ولرن جي صورت ۾ سنڌ ايندي آهي ته خاص ڪري ڪچي جا هاري انهن جي آمد ۽ سر نسرڻ کانپوءِ چيٽي فصلن جو ٻچ زمين ۾ گڏيندا آهن، ڪونج جي واپسي تي فصلن ۾ لابارا پوندا آهن. ڪونج ولر جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي، سندن کاڌ خوراڪ درياهي ڪپرن تي گاهه ۽ سنهو جيت آهي. باقي ڪڙل، باز ۽ شهباز اڪيلا اچن، اڪيلا واپس وڃن.

    چيهو، ڳاڙهو ڳيرو، ڦڪي رنگ جي ٻوڙي جهرڪي وهيو: هي به ويراڳي پکي آهن. بهار جي موسم ۾ ڪچي جي ڪنڌين وارن پوکن ۾ چرندا آهن ۽ جهنگ سندن رهائش ٿيندي اٿن. اڄڪلهه ته چيها، وهيا، ٻوڙي جهرڪي شڪاري ڦندن ۾ ڦاسائي وڏن شهرن ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا آهن. ڳاڙهو ڳيرو، لابارن وقت نروار ٿيندو آهي ۽ هاڙجو واپس پنهنجي وطن ورندو آهي.
    اڇو ڳيرو جوءِ جو پکي هر وقت هر هنڌ نظر ايندو آهي، هاڻي ته شڪاري ڳيرن جو به شڪار ڪندا آهن. ورنه اڳي ڳيرو گهٽ شڪار ٿيندو هو.
    گگهه: هي پکي ڳاڙهي رنگ جو ڪانءَ جيترو درياه جي ڪپرن وارن جهنگن ۾ وڻن تي ويٺل يا اڏامندي ڏسبو آهي. رنگ ۽ قد بت ۾ سهڻو پکي آهي. ليڪن اڏار جي رفتار گهٽ اٿس تنهنڪري گهڻي منزل اڏري نه سگهندو آهي. پيو جيئي.
    خشڪي جي پکين جي شڪار جا طريقه

    ڳارين جو شڪار: اڇڙي تتر جو شڪار ڳارين وسيلي ڪيو ويندو آهي. جيئن ته ڪانن يا ڪاٺين جون چورس اڌ فوٽ کن پڃرا ٺاهي هڪٻئي سان ڳنڍي چورس جي وچ تي گهوڙي جي پُڇ جو وار ڦاسي ڦندو ٺاهي چورس جي وچان لڙڪائي پڃرن کي زمين تي وڇائي رکي ڇڏبو ۽ پاسن کان ٽاپون ڏئي، گهٽ گهيڙ بند ڪري ڇڏبا. پوءِ اڇڙا تتر پڃرن جي ٻِٽ ۾ پيل تترن کي ڳاري جي ٻئي پاسي کان سيٽين تي ٻولائيندا، جهنگلي تترن ٻوليون سُڻي پيرين پنڌ ڪري اچي ٻٽ ۾ پيل تترن سان گڏجڻ جي ڪوشش ڪندا، جيئن ئي چورس مان ٽپندا ته گهوڙي وار واري ڦندي ۾ ڦاسي پوندا.

    چُوڻ جو شڪار: ماري هڪ هنڌ ان چٽي ان کي چوڌاري ٽي فوٽ ٽاپ سان بند ڪري ڇڏيندا. تترن جي لنگهه وٽان ڪجهه اَن ڇٽيندا ته جيئن تتر چرندو اچي چُوڻ چري. ماري کڏڻي ۾ لڪي، چوڻ جي تر ۾ زمين تي ڄار وڇائي ڇڏيندو. جيئن گهڻا تتر چوڻ تي گڏ ٿيندا ته وڇايل ڄار ۾ پيل ران کي کڏڻي مان ڇڪ ڏيندو ته ڄار ملي ويندو. سڀ تتر گوندي ۾ سُڪ ٿي ويندا.
    ڪوڙڪي جو شڪار: لوهي چمٽن ۾ ڪماڻون ٺهيل هونديون آهن، جن کي چمٽي جي مدد سان ڇڪي، ڪماڻيون ڪوڙڪي جي گول ۾ وڇائي زمين ۾ پوري ڳلو ٺاهي ڇڏيندا. ڳلي کانسواءِ باقي پاسا ٽاپ ڏئي گهٽ گهيڙ بند ڪري پڃري ۾ پيل تتر کي ٻولائيندا ته جهنگلي تتر به اچي ڳلي مان لنگهندو ته ڪوڙڪي ڇٽي پوندي ۽ پکي جون ٽنگون ڦاسي پونديون، ماري کڏڻي مان اٿي ڪوڙڪي مان تتر ڪڍندو. ڍٻي ۽ چوڻ ساڳيو طريقو آهي.


    باب اٺون : دادلي درياه جي ڪپرن خشڪي جا جانور

    ڦاڙهو، مرون، گدڙ، سهو، جهنگ ٻلو، بگهڙ، سيڙهه، لومبڙ، ڦيڪاري، ڄاهو

    ڦاڙهو: ڳئون جيان ويامندڙ، وڌندڙ، چئن ٿڻن وارو، کُر چير، ڳاڙهي ۽ ناسي رنگ جو ٿيندو آهي، ٻڪر جيترو قد بت ٿيندو اٿس. ڪن، پڇ به اڌ فوٽ کن جيترو اٿس. نر کي چئن گوشن سان سنڱ ٿين، مادي کي ڦاڙهي چون، ليڪن سڱ ڪو نه ٿينس. ڪهني گهاٽي جهنگ ۾ رهندو آهي. سنڌو ڪنڌي ٻن قسمن جا ڦاڙها رهندا آهن. هڪڙا اهي جن جي سڱن ۾ چم چڙهيل هوندو آهي. اهي چمڙيل چئجن. ٻيا اهي جن جي سڱن تي چم چڙهيل نه هوندو آهي. اهي باٺيل چئجن. ڦاڙهو گاهه کائيندڙ ۽ اوڳاريندڙ جانور آهي. ڏندين سدائين ٻڙاندو هوندو آهي.
    ڦاڙهي جي سڱ مان حڪيم دوائون ۽ ڪک ٺاهيندا آهن. کوڙ سارن مرضن جي لاءِ اڪسير آهي. وڏا ماڻهو ڦاڙهن جو شڪار بندوقن ۽ پنجوڙن ذريعي ڪندا آهن. ان کان علاوه ڪيئي پَهرون، وڏن ماڻهن جي بنگلن ۾ زينت بڻيل آهن، هي جانور، ڪن جو سرلو ۽ اکين کان نظر گهٽ پويس.

    مرون/سوئر: هي حرام جانور گاهه به کائي ۽ ڍونڍه به کائي، ڪُتي وانگر واڌ ويجهه ٿئيس. اٺين ڏهين مهيني پنجن کان اٺ ڏهن ڦرن کي جنم ڏيندڙ جانور آهي. هي جانور اک جو سرلو ۽ ڪنن جو ٻوڙو آهي. هن جانور جو ”قنڌ“ ڪو نه وري، بلڪه وراڻي وقت سڄو وري ايندو آهي. هن جانور سان به قهري قيس ٿيندا آهن. شڪاري پنجوڙن، ڪتن، بندوقن وسيلي شڪار ڪندا آهن. الائجي ڇو، سيد، پير، امتي اوچيون ذاتيون هن جانور جو شڪار ڪندا آهن.
    جوئي آهي ته مرووان موت، ملوڪان شڪار!
    ظالماڻي انداز ۾ هن جانور کي چيچلائي ڪتن کان مارايوويندو آهي عجيب منظر آهي!. الاهي اسرار سمجهه کان بالا آهي. الائجي ڇو؟ هن ساسي کي چيچلائي شڪار ڪيو ويندو آهي.

    گدڙ/ڦيڪاري: هي جهنگلي جانور ڪتي وانگر واڌ ويجهه ڪندو آهي، ڍونڍه کائيندڙ ۽ پنهنجو پاڻ جهنگ مان شڪار ڪري کائيندڙ جانور آهي. اک ۽ ڪنن جو سرلو آهي، گهڻو ڪري دشمنن کان دور هوندو آهي. گدڙ جي ماديءَ کي گداڙي به چون ته ڦيڪاري به چون. وجهه وٺي، جهانگيئڙن جي گهرن مان ڪڪڙ به کنيو وڃن، ته رڍن ۽ ٻڪرين جي واڙ مان ننڍا ڦر به کڻي وڃي پيٽ ڪوت ڪندا آهن.

    جهنگلي ٻلو: هي جانور به ٻلي جهڙو جهنگلي ٻلو هوندو آهي. جهنگ ۾ شڪار ڪري کائيندو آهي. ٻلي جيان واڌ ويجهه اٿس.

    سهو: هي جانور به گهريتو پاليل ننڍي ٻلي جيترو نفيس ۽ نازڪ جانور جهنگ ۾ گاهه چرندڙ ۽ اوڳاريندڙ جانور آهي. گهڻا ماڻهو، ”پٽن“ ۽ بندوقن ذريعي شڪار ڪري شوق سان کائيندا آهن ۽ ڌاريندا به آهن.

    بگهڙ: هي به گدڙ وانگر جانور آهي، اڳي اڌي صدي اڳ جڏهن ٻيلا ۽ ٻوڏون ٿينديون هيون ته هي جانور دريائي ڪنڌي سان جام هوندو هو. سالن پڄاڻان هاڻي ٻيلن ۽ ٻوڏن نه هئڻ سبب جبل ۽ ٿر ۾ رهندڙ جانور آهي. رڍن ۽ ٻڪرين جو ويري آهي. هن جي کل مان به ناياب دوائون به ٺهنديون آهن ته وڏن ماڻهن جي فرنيچر ۽ غاليچن ۾ بگهڙ جي کل مالهي مڙهي ويندي آهي. ڪچي واسي هن جانور جي کل گهرن ۾ رکندا هئا ته جيئن نظر لڳڻ، ڊيڄڙي ۽ ڪنهن ٻئي ڪوسي واءُ کان بچاءُ جو سامان سمجهي رکندا آهن.

    سيڙهه: هي ٻلي جيترو جانور آهي. هن جي بدن ۾ ڊگها ڪنڊا ٿيندا آهن. ڪچي جي ٻيٽن ۾ بُٺن تي ڏَر کڻي لڪي ويهندڙ جانور آهي، گهڻو ڪري بَرن جو جانور آهي.

    ڄاهو: هي جانور به سيهڙ وانگر، پنهنجي بدن ۾ منهن لڪائيندڙ آهي. سندس ساري جسم سان ڪنڊا جڙيل هوندا اٿس اصلئون، ڪاريهر نانگ ۽ ڄاهي جو جهيڙو هلندڙ آهي. بٺن ۽ برن جو رهاڪو آهي.

    لومڙ/لومبڙ: هي جانور به گدڙ جيان ڊگهي پڇ سان برن ۽ بٺن تي هلندو وتندو آهي. ڏر ۾ لڪي ويهندڙ جانورآهي. درياهي ڪنڌي سان گهٽ، بلڪه ٿر ۽ جبل ۾ گهڻو رهندڙ جانور آهي.


    باب نائون : دادلي جي ڪنڌي وارا جيت

    نانگ، بالائون، ککر، ماکي، مڇر، ٻنڊو، وڇون، ڀنڀوري خشڪي، ڀنڀوري پاڻي جي، ماڪڙ، ڳوه، سانڊو

    واسنگ، ڪاريهر، ڪارو نانگ ڪنڀارو: درياه جي ڪنڌي وارن جهنگن، بٺن ۽ آبادين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪڏهن، ڪڏهن ٻوڏون ٿين ته به پاڻي ۾ لڙهندي، ترندي رڙهي اچي گهرن جي ٿَلهن تائين به پهچندا آهن. هي زهر ڀريو جيت آهي. گهڻو ڪري ماڻهن کي ڏسندي ئي ڏر ۾ هليو ويندو آهي. پر ڪڏهن ته وري انسانن ۽ جانورن کي چڪ پائي زهر اڇليندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ انسان يا جانور مريو وڃن پر جي ڪٿي ڪنهن هنڌ ماڻهو ماري وڌس ته ويري ٿي پوندو آهي.
    لنڊي بلا، سرنگهه بلا، کير بلا: لنڊي ته بي پيري بلا چئبي آهي. فوٽ ڏيڍ جيتري هي بلا چارن، گَهٽن ۽ گهيڙن تي ستي پئي هوندي آهي، ماڻهن ۽ جانورن کي چڪيندي آهي. هن جي چڪ سان به موت برابر ٿيو وڃي.
    کپر/ هڻ کڻ بلائون به خطرناڪ آهن. لت ايندن ته چڪي وجهنديون، زهريلو چڪ اٿن.

    سرنگهه بلا: هي ڊگهي ۽ سنهي بلا ٿئي، هي مسڪين بلا آهي، ماڻهو کي ڏسڻ سان ڏر ۾ هلي ويندي آهي. پر جيڪڏهن چڪ به هڻندي ته هن ۾ ايترو زهر نه آهي. هن جي چڪ پائڻ سان خطرو نه هوندو آهي.
    هاڻي ته انگريز سائنسي دوا دريافت ڪئي آهي. وقتائتو ڏنگيل مريض اسپتال تائين پهچي وڃي ٿو ته علاج وسيلي شفاياب ٿي ويندو آهي.
    ڳوهه ۽ سانڊو به انسان جا ويري نه آهن. هي جيوت به بلا وانگر ٻرن ۽ ڏرن ۾ رهنديون آهن. جهر جهنگ، بٺن، ٻيٽن تي ڏسڻ ۾ اينديون آهن.

    وڇون: هي خطرناڪ زهر ڀريو هڪ انچ کان ٻن انچن تائين جيترو جيت آهي، گهڻو ڪري گندگي وارين جاين تي هوندو آهي. هن جيت جو چڪ به چيڪليون پارائي ڇڏيندو آهي. مانڊن کان جهاڙ ڦيڻو، رکائڻ سان درد دور ٿي ويندو آهي.
    ککر: هي جيوت وڻن تي ولرن جي صورت ۾ مانارو ٺاهي ويهندي آهي. هن جو چڪ به چيڪاٽ ڪرائي ڇڏيندو آهي ۽ پڻ ڏينهن ٻن تائين چڪ وارو هنڌ سُڄي ويندو آهي.

    ماکي: هي جيت به ککر وانگر وڻن تي وارن جي صورت ۾ مانارا ٺاهي ويهندو آهي. ماکي جو مند کاڄ تمام گهڻو لذيذ ٿئي. خاص طور ڀاڳيا مکڻ سان ملائي کائيندا آهن. ماکيون لاهي مَند گڏ ڪري وڏا تين ڀري ڪچي واسي وڪڻي سٺو ناڻو ڪمائي ويندا آهن. سرءُ جي مند واري ماکي، ٻين سڀني مندن واري مند کان سٺي ۽ سوادي هوندي آهي. ماکي جو مند به حڪيم دوا لاءِ ڪم آڻيندا آهن. وڏا ماڻهو به شوق ڪري مکڻ ۽ ماکي گڏي کائيندا آهن. هي ڪنڌي جي سوغات آهي. هي جيت به گهڻو ڪري، سانوڻي ۾ سانگ ڪري وار اڏري هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ وڻن ۾ مانارا ٺاهي ويهندا آهن. هن جي چڪ سان به بدن سڄي ويندو آهي. پر خطري وارو چڪ نه هوندو آهي.

    مڇر: هي به پاڻي ۽ جهنگ جي پيداوار چئجي ته هرج نه ٿيندو هي جيت ڪچي توڙي پڪي ۾ ٿئي. ساريال وارن علائقن ۾ ته ٻارهو ئي هي جيت ماڻهن ۽ جانورن کي ڏنگيندو آهي. سم وارن علائقن ۾ به هي جيت گهڻو ٿئي ڪچي ۾ صرف سانوڻ جي مند ۾ ٿئي. جهرجهنگ ڇرن ۾ هي جيت جام هوندو آهي. خاص طرح سج لٿي کانپوءِ ته مال جهنگ چرڻ ڇڏي، ڀڄي وڃي ڀاڻن تي دونهين ڀيڙا ٿيندا آهن. ڀاڳيا ڀاڻن تي دونهان ڪندا آهن، ته جيئن دونهين جي واس تي پري هليو وڃي. ڪچي واسين جي گهرن ۾ به ننڍن ٻارن ۾ سج لٽي کانپوءِ ريهاٽ هوندا آهن. بڊو ختم ٿيندو ته مڇر به ختم ٿي ويندو آهي.

    ڀنڀوري: مڇر مار جيت آهي. سانوڻ ۽ بڊي ۾ هي جيت مڇرن جو شڪار ڪندي اڏامندي نظر ايندو آهي.

    ٻِنڊو: ٻِنڊو جيت ڀونئر جهڙو ٿئي ٿو. چيٽي فصلن جي لابارن ۾ شايد ٿڌن علائقن مان اچي ٿو ۽ وري ٻن مهينن کانپوءِ غائب ٿي وڃي ٿو. اهو به سانگي جيت آهي. باقي سال جا نو مهينا ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي. نه معلوم ته ڪهڙي ڏيهه کان هتي اچي ٿو ۽ سندس واڌ ويجهه ڪٿي ۽ ڪيئن ٿئي ٿي؟ اُڏار سڌي ۽ اُڀي هيليڪاپٽر وانگر ذوڪٽ ڪري اڏرندو آهي.

    ماڪڙ: گهڻو اڳ تقريبن اڌ صدي اڳ هي جيت ولرن جي صورت ۾ الائجي ڪٿان ايندي هئي ۽ الائجي ڪيڏانهن رخ هوندو هوس، اسان جي تر ۾ اسان اولهه ۽ اتر کان ايندي ڏٺي، اوڀر ۽ ڏکڻ ويندي ڏٺي، جڏهن مٿي اڏام جي صورت ۾ ڏسبي هئي ته باقائده آسمان جهڙ جيان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڄڻ سج به لڪي ويندو هو. ايتري ته گهڻي ۽ گهاٽي ايندي هئي. وري جي زمين تي لهندي هئي ۽ فصلن ۾ چرندي هئي ته تونگن جا تونگ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي هئي. ايتري قدر جو سئي رکڻ جي به زمين تي جاءِ به نه بچندي هئي. ليڪن هاڻي واري دور ۾ ڪيئي سال ٿيا آهن ته ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي. ليڪن بنيادي طور اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته سندن اصل ماڳ ماڪڙ جو ڪهڙو آهي ۽ ڪيستائين انهي ماڪڙ جي پهچ آهي.

    اڪ ماڪڙ: هي ماڪڙ به گهڻو ڪري اڪ وڻ جي پيداوار آهي، رڳو اڪن جي وڻن تي اڪ جون چوٽيون کائيندي سائي رنگ جي نظر ايندي آهي ۽ ٻارهو ئي اڪن تي ڏسبي آهي.

    ڀنڀوري نما جيت: هي جيت هر سال سنڌو درياه ۾ مارچ مهيني جي وچ ڌاري الائجي ڪٿان اچي ٿو؟ ليڪن آخري وصال اچي سنڌو درياهه ۾ ٿيندو اٿس. مسلسل هفتو کن وهندو آهي ۽ درياه ۾ ڪرندو آهي. ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ مري وڃي ٿو، نه معلوم ته اها جيوت ڪٿان ۽ ڪهڙي ڏيهه مان اچي ٿي ۽ مٿان اچي درياه ۾ ڪري ٿي ۽ مري وڃي ٿي .هفتو کن درياه جي پاڻي ۾ مئل ۽ مرندڙ اهو ڀنڀوري نما اڇو جيت ايترو ته جهجهو اچي ٿو جو ڄڻ سڄو درياه انهن جيتن سان ڀريو پيو هوندو آهي. اهو جيت ته درياه جي ڪنهن ڪپ تي ڏسڻ ۾ نٿو اچي نه وري درياهي ٻيٽن تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي صرف مٿان ئي ڪري ٿو ۽ درياه ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃي ٿو اهي مٿيان جيت ويراڳي آهن ليڪن سندن اصلي ماڳ جي خبر نه آهي.


    باب ڏهون : درياه مان مڇي مارڻ جا رڇ / هلٽ ۽ طريقه

    سنبوهي ، پاکونڙو، ڪترونڙو، ڏورا، ڪلوئڙا ، گهاڻو رڇ ، ڪڙهي، ٻانڌو ، جهلپ، ڀن، کوڙ ، چُوڻا ، ٿنب ، ڄارو

    سنبوهي: هي رڇ گهڻو ڪري درياه ۾ پلي مارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. يعني هڪ ڊگهي، لُهي پڃر، لڙهي ۾ ٻه فٽ کن جو گول دائري جو رڇ ٻڌل هوندو آهي. جيڪو ٻيڙي جي آڳل تي ويهي رڇ وارو پاسو درياه لهواري ۾ ٻه ٽي فوٽ هيٺ پاڻي ۾ لاهي هلبو. پلو اوڀارو سفر ڪندو آهي. اڳ جڏهن پل ۽ دروازا ڪو نه هئا ته پلو سمنڊ جي کاري پاڻي مان اوڀارو نڪري چرندو، خوشحال ڪندو، ڪشمور تائين ويندو هو. جيئن ئي ٻيڙي لهواري هلندي رهندي ته اوڀارو ايندڙ پلو به انهي رڇ ۾ ڦاسندو ۽ ماري يڪدم رڇ کي مٿي ڇڪي ٻيڙي تي آڻيندو ٻه چئن سيرن جهڙو آنيارو پلو پيو ڦٿ ڦٿ ڪندو. ملاح يڪدم رڇ مان ڪڍي اک ۾ سئو ٽنبي قهه ۾ وجهي پاڻي ۾ لاهي ٻيڙي ۾ ٻڌي ڇڏيندو ته جيئن پلو زندهه رهي. اهڙي نموني شڪاري شڪار پلي جو ڪندا آهن. سنبوهي ۾ ڪرڙو به لڳندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪرڙا وڏا به اوڀاري وهڪ ۾ خوشحالي ڪندي سنبوهي ۾ ڦاسندا آهن.
    ڪترونڙو: اڄ ڪلهه جديد دور آهي، ڪراچي ۽ موري جهڙي شهر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ٺهيل رڇ مارڪيٽ ۾ موجود آهن. اڌ مني صدي اڳ، اهي رڇ اڪ جي آلي ڪاٺي مان مٿيون کلون لاهي، سڪائي، پسائي، انهي مان سنيهون ڌاڳن جهڙيون تندون ڪڍي ڳنڍي، ٺاهي ٽوپي، ڪاريگر رڇ ٺاهيندا هئا. سِڻي مان تندون ڪڍي انهن مان به رڇ ٺاهيندا هئا. ڪترو رڇ، انچ ڏيڍ جا اکا ٺاهي، پنج ڇهه هٿو ويڪرو ۽ چاليهه پنجاهه هٿو ڊگهو ٺاهي، ان جي هيٺان، مٿان، ڊگهي ڏور، اکن ۾ ڦاسائي ڇڏبي هئي. جنهن کي رانءَ چيو ويندو آهي. مٿئين رانءَ ۾ سڪل ڪانا فٽ کن جيترا جڙي ڇڏبا، يا ڪو ڪدو، سامونڊي گج جا دڦا به ڦاسائي ڇڏبا ته جيئن پاڻي ۾ لاهڻ وقت مٿيون پاسو تري بيهي ۽ هيٺيون پاسو تر وڃي وٺندو آهي. گهڻو ڪري، ڇرن، ڇڇن ۾ ٿوري گهڻي جهنگ ۾ لاهي ڇڏبا آهن، مڇي به چرڻ واسطي ڇرن جو رخ ڪندي آهي. ويندي انهن ڪترن رڇن ۾ ڦاسندي. ڪتري رڇ ۾ پاءُ کن کان سير ٻن تائين ڇيلري يا ملي مڇي ڦاسي سگهي ٿي.
    پاکونڙو: هي نڙو به ڪتري رڇ وانگر ٺهندو آهي. فرق صرف اهو آهي ته ڪترونڙو هڪ انچ اکي وارو رڇ آهي انچ جي اکن جي ماپ سان ٺهندو آهي. پاکونڙو اڍائي کان ٽي چار انچ تائين ويڪرو اکو ٺهيل هوندو آهي. ڏهه ٻارهن هٿو ويڪرو ۽ پنجاهه هٿو ڊگهو هيٺان مٿان ران پيل، گهڻو ڪري وڏي پاڻي واري ڇڇ، ڇر ۾ لاهبو آهي. هن رڇ ۾ سير کان وڌيڪ وزن واريون مڇيون ڦاسنديون ۽ ڪتري ۾ سنهي مڇي هڪ سير کان گهٽ وزن واري مڇي ڦاسندي آهي.
    مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته رڇن جا ڪيترائي نمونا ٿين هتي صرف ڄاڻايل جوءِ واري علائقي ۾ رڇن جي نالن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هونءَ به سونهاري سنڌ جي هر ڏهه پندرهن ڪوهي کانپوءِ، ٻولي جو لهجو، وکرن جا نالا، يا ڪن ٻين اسمن جا نالا مٽ سٽ هوندا آهن.
    ڏورا: هي رڇ نه پر ٻه ٽي سئو فوٽ ڊگهي هڪ ڏوري هوندي آهي. انهي ۾ وري ڏهن ڏهن فوٽن جي ڊيگهه تي انهي وڏي ڏور ۾ ننڍيون ٻن فوٽن جيتريون ڏوريون ٻڌي پاڻي ۾ لاهڻ لاءِ ٻڌبيون آهن. اها ڊگهي ڏور ڊگهائي ۾ درياه جي ڪپر سان کتل ڪاٺين ۾ يا پڃرن، ڏڪن ۾ ٻڌي ڇڏبي، ننڍن ڏورين ۾ ڪلوئڙا ٻڌل هوندا آهن ۽ انهن ڪلوئڙن ۾ ننڍيون ننڍيون مڇون ڦاسائي ماري، ڪلوئڙي ۾ اٽڪائي ڇڏيندا آهن. انهن ننڍين مڇين کي ”ڳاهه“ چئبو آهي. جيئن وڏيون ملي مڇيون درياه جي ڪپرن سان ڇيڄ ڪنديون ته ڪلوئڙي ۾ ڦاٿل ننڍي مڇي کي کائينديون ته کين وات ۾ ڪلوئڙي جي چهنب ڦاسي پوندي، جيئن مڇي ڦٿڪي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي، تيئن ويتر سڪ ٿي ويندي. اهڙي طريقي سان، کڳو، سينگاري، ڄرڪو گهڻو ڪري ڏورن سان ماري ڦاسائيندا آهن. اهي ڏورا چئجن.
    ڪلوئڙا: ڪلوئڙو گهڻو ڪري ڏورين ۾ وجهي مڇي ڦاسائي ويندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن وڏي ڏور ۾ هڪ ڪلوئڙو ٻڌي خفتي درياه جي ڪپر تي ويهي ڪلوڙي واري ڏور پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ٻيو ڏور جو پاسو ماري جي هٿ ۾ هوندو. جيئن ئي هلي مڇي ”ڳاهه“ کي کائيندي ته سڪ ٿي ويندي. ماري کي ڊوه/ڊروهه ايندي ۽ ڇڪي ڏوري جي ڪلوئڙي کي ٻاهر ڪڍندا انهي مان ڦاٿل مڇي ڪڍندا. اهڙي طريقه سان ڪلوئڙي سان شڪار ٿيندو آهي.
    گهائو رڇ: هي رڇ پنج سئو کان هزار فوٽن تائين ڊگهائي ۾ ٺهيل هوندا آهن، ويڪر پندرهن ويهه فوٽ، هيٺان مٿان، رسو ”ران“ ٻڌل هوندو اٿس. هيٺين ران ۾ فوٽ فوٽ جي مفاصلي تي لوهي ڪڙا وزني ٻڌل هوندا آهن ته جيئن رڇ لاهڻ وقت هيٺين ران ترو وٺي زمين سان گڏ گهلجي سگهي. هن رڇ جا ”اکا“ ڏيڊ کان 3 انچ تائين جيترائي ٺهيل هوندا آهن ۽ هيٺين ران سان ”گوندا“ ٺهيل هوندا آهن. هي رڇ گهڻو ڪري سرءُ جي مند ۾ مڇي مارڻ لاءِ درياه جي پيٽ وارن ٻيٽن جي ڪپرن ۾ ٻيڙي وسيلي لاهبا آهن ۽ پنج ست مڙس مٿئين ران کي وٺي ٻيٽ جي ڪپر تائين گهلي هلندا. جيڪا به مڇي انهي رڇ جي گهيري ۾ ايندي، اها ڦاسندي، گوندن ۾ ته وڏا وڏا ڪرڙا، موراکا، ٿيلهيون، گهلبا وٽيل سٽيل پيا ڦٿڪندا آهن. ماري ٻيڙي مان ”ڪهه“ ڪڍي ايندو، يعني ان ڊگهي ڏور ۾ سئو ٻڌل هوندو. ان کي ”ڪهه“ چيو ويندو آهي. رڇ ڪپر تي پهچڻ سان ان مان مڇي ڪڍندا هڪ اک کان سئو ٽنبي، ٻي اک مان ڪڍندس ۽ مڇي ڏور ۾ پوئيندا ويندا. جيئن ڪنهن هار ۾ مڻيا پويا ويندا آهن. سڀ مڇيون ڪهه ۾ ٻڌي ۽ اها ڏور ٻيڙي جي ڪڇي سان ٻڌي ڇڏبي ۽ ڪهه ۾ پويل مڇي پاڻي ۾ هوندي. اهو انهي لاءِ ته جيئن مڇي ڪجهه وقت يا ڪجهه ڏينهن زنده رهي سگهي.
    مڇي کي ڪهه ۾ پوئڻ وقت وڏو ايذاءُ ڏنو وڃي ٿو ۽ پاڻي ۾ به وڏي ايذاءُ ۾ گذاري ٿي. ملاح گهڻي مڇي گڏ ڪري، ماري، پوءِ مارڪيٽ تائين پهچائين. اهو گهائو رڇ سڏبو آهي.
    ڪڙهي: لڪڻ جيترا، ڪاٺ جا پنج ست پاوا پاڻ ۾ هڪپاسي کي ڳنڍي، سوڙها ڪبا، ٻئي پاسي جي هڪ هڪ پائي ۾ رڇ ٻڌي ڇڏبو آهي. مٿين پاون کي قابو ڪرڻ لاءِ ”منر“ گول دائري وانگر فٽ کن جيترو ٺاهيو ويندو آهي. اها ”منر“ ڪڙهي جي مٿين پاون کي پارائي ۽ ٻڌي ڇڏبي ته ڪڙهي تيار.
    ننڍي ڪڙهي اڪثر دٻن يا ننڍن پاڻين ۾ مڇي کي ايندو ويندو ڏسي، ماري ان مٿان پاڻي ۾ ڪڙهي کي مٿئين پاسي هٿ وجهي هيٺيون ويڪرو رڇ وارو پاسو مڇي مٿان اڇليندو، جيڪا مڇي انهي اندر آئي ساسڪ ٿي ويندي.
    ڪڙهه: ڪڙهه به ڪڙهي نما ڪجهه وڏيٽڙو ٿئي ٿو. اهو ڪڙهه اڪثر، درياهي لسهڙن ۾ سانوڻي يا سرءُ ۾ مڇي جي لنگهه واري جاءِ ڳولي، ماري ڪڙهه ڪلهي تي کڻي بيهندو آهي، جيئن مڇي پاڻي ۾ اوڀاري يا لهواري هلندي ته مٿان پاڻي ۾ هلڪي ڇولي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پوءِ ماري اهو ڪڙهه انهي ڇولي مٿان اڇليندو، جيڪا به مڇي انهي ڪڙهه ۾ آئي سا سڪ!
    ٻانڌو: ملاح يا ڪنڌي جا رهواسي مڇي جي شڪار واسطي سانوڻ جي مند ۾ جڏهن دادلو درياه ڪنين تار ٿي وهندو آهي، ڪپرن مان اٿلي، زمينون ريليندو آهي. ڍورين جي صورت ۾ درياه مان پاڻي ٻاهر نڪرندو آهي. ملاح يا شڪاري، ڪهاڙي کڻي ڪپر واري جهنگ مان ڇهائي/ پتر ڪپي، گوڏي يا چيلهه جيتري وهندڙ ڍوري کي آر پار تائين واڻي ڇڏيندو، پاڻي جي وهڪ کي سوڙهو ۽ تکو ڪرڻ لاءِ ٻن فوٽن جيترو هڪ ڳلو ڇڏبو، جتان پاڻي تيزي سان وهي. باقي سڄي ڍوري انهي ڇهائي/پتر سان بند هوندي. ٻن فوٽن جيتري بچايل ڳلي، مٿان وڏا پڃر کوڙي، ويهڪ لاءِ پيهي ٺاهيويندي آهي. رڇ ٻن پڃرن ۾ ڳنڍبو آهي. پڃرن جي هڪ ڇيڙي تي گوندي جيان رڇ ٻڌل هوندو ۽ پڃرن جو ٻيو پاسو ماري مٿي پيهي تي جهلي ويهندو آهي. ائين رڇ هيٺ لٿل هوندو آهي ۽ ان ۾ هڪ ڏور به ٻڌل هوندي اهي، جيڪا پڻ ماري جي هٿ ۾ هوندي آهي. جيئن درياه مان مڇي نڪري ٻاهر چرڻ لاءِ نڪرندي ته تيز وهڪرو ڏئي هلندي. جيئن ئي تيز وهڪ واري ڳلي مان ٽپي ته گوندي ۾ اڙجي ويندي. ۽ مٿي پيهي تي ويٺل ۽ هٿ ۾ جهليل ڏور کي ڊوه، ڊروه، ڇڪ ايندي ماري يڪدم انهي پڃرن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍندو ته انهي گودي واري رڇ ۾ مڇي پئي ڦٿڪندي، يڪدم انهي مڇي کي گودي مان ڪڍي ”ڪهه ۾ ٻڌي لڙڪائي ڇڏبي ته جيئن مڇي ڪجهه وقت زنده رهي، اهي ٻانڌا سڏجن.
    جهلپ: جهلپون گهڻو ڪري سرءُ ۾ ٿينديون آهن. جهلپن لاءِ به وڏا رڇ، گهائي رڇ وانگر ٺهيل هوندا آهن. جڏهن سرءُ ۾ پاڻي لهندو آهي ۽ واپسي درياه ۾ ڪرندو آهي ته ملاح يا ماري واپسي واريون ڍوريون جهلائيندا آهن. يعني ڍوري جي منهن ۾ وڏا پڃر کوڙي، انهن سان رڇ ٻڌي ڇڏبا آهن ته جيئن ڇڇن، ڇرن ۽ جهنگن واري مڇي واپس درياه ۾ نه پوندي ۽ پوئتي ئي وڏن دٻن يا ڍنڍن ۾ رهجي وڃي. پر جي مڇي جو زور واپسي درياه ۾ پوڻ جو هوندو ته جهلپ واري رڇ ۾ ڦاسندي. ماري به گهڙي گهڙي رڇ پيو ساهيندو، جاچيندو ته جيئن ڦاٿل مڇي ڪڍي ڪَهه حوالي ڪجي. هفتو کن جهلپ وارو مامرو هلندو رهندو آهي. ڪپر آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڍنڍون وهڻ کان بيهي وينديون آهن ۽ کوڙ ساري مڇي رڇن کي سنگهي واپس ٿي ڍنڍن ۾ بيهي رهندي آهي. جنهن کي ماري، سياري جو پيا ماريندا آهن ۽ چڱو اُپڙاسو ٿيندو اٿن. اڳي ڍنڍون ۽ ڍورا ۽ درياهي پاڻي نيلام ٿيندا هئا. ليڪن هن وقت جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڪار آهي.
    پن : پن رڇ گهڻو ڪري ٻارهوڻي، درياه جي ڪپرن ۾ لاهي، رڇ اڀا پڃر کوڙي، انهن سان ٻڌي ڇڏبا آهن. وچ تي اَٺ ڏهه هٿو ويڪرو ۽ ڊگهو گول گوندو ٺاهي ڇڏبو. انهي گول مان صرف اڌ فوٽ کن جيترو ڳلو ٺاهبو، جيڪو انهي گوندي ۾ مڇي وڃڻ واري واٽ هوندو. پوءِ ڪَن/پاسا، انهي گوندي واري رڇ ۾ ٻڌي/ڦاسائي، ڏهه ويهه هٿن جي مفاصلي تي سڪي ڪپر تائين ڇڪي، ٻڌي ڇڏبو. ٻيو ڪَن/ پاسو درياه ۾ لهواري طرز تي وڇائي ڇڏبو. مڇي درياه ۾ گهڻو ڪري اوڀارو هلي، چرڻ، گهمڻ ۽ خوشحالي ڪرڻ لاءِ نڪرندي آهي. پن رڇ به گهڻو ڪري درياهي ڪپرن واري گاهه جي سهاري هڻي ڇڏبا آهن. گاهه لئي، ڪانهن، پن، ڪل، کنجهو وغيره ڪپرن ۾ پاڻي ۾ هوندا آهن. مڇي انهي سهاري جيئن ئي وڃي ٿي. تيئن اوڀاري ۾ ڀن لڳل هوندس. ڪنهن به ڪَن سان مڇي کنهيندي تيئن پن واري گوندي ڏانهن ايندي. ۽ ڦري سري اوڀاري، اهو اڌ فوٽ جيترو ڳلو لڀندس ته هلي ويندي ۽ وڃي گوندي واري رڇ ۾ پوندي. گهڻو ڪري مڇي کي جند ڇڏائڻ لاءِ به اهو ئي ڳلو هوندو آهي ليڪن اهو ڳلو لڀندي ناهي يا رڇ ڇنائي ڪَهي ويندي. ليڪن 99 سيڪڙو مڇي پئي گوندي ۾ ڦرندي آهي. ڪا اتفاقن مڇي نڪرندي ۽ ڪهي ويندي آهي. چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي. ماري به پهراءُ کانپوءِ پيا رڇ سنڀاليندا آهن. جيڪا گوندي ۾ ڦاٿل مڇي هوندي اها ڪڍي ڪهه جي ور چاڙهيندو. اهي پن رڇ چئبا آهن.
    کوڙ: جنهن هنڌ درياه پائڪ ڪري اوڀارا ۽ ڪنڀال ٺاهيندو آهي. انهي هند اونها پاڻي هوندا آهن. اونهي پاڻي واري هنڌ کي کوڙ سڏيو ويندو آهي ۽ سياري مند ۾ به نروار هوندا آهن. پاڻي جڏهن ٿورو درياه ۾ ٿيندو آهي ته اهي کوڙن وارا هنڌ اٺاس ٻن جيترا ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ ايندا آهن. انهي پاڻي جي اونهائي ويهن کان سٺ ستر فوٽن تائين ٿئي. باقي درياه جي پيٽ ۾ ننڍو پاڻي هوندو آهي. سياري جي مند ۾ مڇي به وڏي پاڻي جو سهارو وٺي کوڙن ۾ گڏ ٿيندي آهي ۽ تري واري گپ تي گذر ڪندي آهي.
    ماري ۽ ملاح به کوڙن کي رڇ اڳيان پويان ڦيرائي، گهائي رڇ وسيلي ٺپا هڻي مڇي ماريندا آهن. اهي کوڙ چئجن. اڳي درياهن جي پاڻين جا ٺيڪا ديهن مطابق جوءِ جي ملاحن کي ڏنا ويندا هئا. ٻيلن، رونين وارن ڍنڍن، ڍورن ۽ دُٻن جا الڳ ليلام ٿيندا هئا. اهي به مسڪين ملاحن کي ڏنا ويندا هئا. ليڪن جڏهن کان ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي پهتي آهي ته اهي ٺيڪا وڏا ماڻهو کنيو وڃن، مسڪين کي ويجهو اچڻ ئي ڪو نه ٿا ڏين. صرف بطور هارپ ملاحن کي وٺي اچي مڇي ماريندا آهن. سو به جن سکين ستابن وٽ ٻيڙيون، رڇ هلٽ وڌيڪ هوندو، انهن کان ئي مڇي مارائيندا. باقي مسڪين ملاح ته ڪرڙي ڪاڻ به پيا سڪندا آهن. اهڙي حالت هئڻ ۽ درياه ۾ سالن پڄاڻان ٻوڏون نه ٿيڻ ۽ درياه کسجي وڃڻ ڪري، گهڻو ڪري ڪنڌي جا ملاح ڪشمور کان ڪراچي تائين، ٻيريون ۽ هلٽ رڇ کپائي وڃي سڪين تي مزوريون ۽ پوکن جا هارپا ڪرڻ لڳا آهن. هن وقت نه درياه رهيا آهن، نه ملاح، نه کوڙ، نه ٻيلا رڳو درياه جي پيٽ مان رئي پئي اڏامي ۽ رڃ پئي واڪا ڪري.
    چُوئا: چوئو ڄرڪن موت آهي. درياه مان وهندڙي وهي ڪنهن ڍوري ۾ پوندي آهي ته ڄرڪو به درياه مان نڪري. انهي وهندڙي ۾ لنگهي ويندو آهي. وهندڙي اڏ يا واٽر جهڙي سوڙهي وهي هلندي آهي. گهڻو ڪري ڄرڪو ئي، شڪار واسطي، خوشحالي، ۽ پيٽ ڪوت واسطي، انهي وهندڙيءَ مان لنگهي جڏهن اندر ڍوري ۾ ويندو آهي ته ماري به تاڙ ۾ هوندا آهن. جيئن ئي ڄرڪن جا ولر انهي وهندڙي ۾ هليا ويندا آهن، ماي انهي وهندڙي جي منهن ۾ ڄار ڦاسائي ڇڏيندا ته ٻنڊو يا بند ڏئي ان کي بند ڪري ڇڏيندا. پوءِ وڃي انهي ڍوري ۾ ڌاڙ ڪندا/ تڙڪندا، پاڻي کيلُڙو ڪندا، انهي کڙڪي تي ڄرڪا واپس درياه ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا ته وڃي ڄار، بند، ٻنڊي سان ٽڪربا ۽ پيا واجهائيندا. ماري به پويان لڳا ايندا، پوءِ هٿن سان، لٺين سان، ڄرڪن کي ڪٽي سٽي وٺي ٻاهر ڪڍي ايندا. هڪ ڪلو کان اٺن ڏهن سيرن تائين وزن وارا ڄرڪا پڻ انهي وهندڙي مان ماريا وڃن ٿا. انهي وهندڙي کي چوئو سڏيو ويندو آهي. چوڻي ۾ اڪثر ڄرڪو پوئين پير پڇ ڀر لنگهندو آهي ۽ مرندو آهي، ٻي ڪا به مڇي گهڻو ڪري انهي سوڙهي وهندڙي ۾ نه ويندي آهي.
    ٽنب: ٽنب ڪتري ۽ پاکي نڙي وانگر ٺهيل رڇ هوندو آهي. اهو گهڻو ڪري، جهلپن واري رڇ کان پويان لاهي ڇڏبو آهي. جيئن جهلپن مان ڪهي ويل، بچيل مڇي جو داڻو نڪري وڃي ته وڃي ٽنب واري رڇ ۾ ڦاسندو آهي. ٽنب رڇ کوڙ واري مڇي مارڻ وارن رڇن پويان به لاهي ڇڏبا آهن. ته جيئن بچي ويل مڇي، انهن ٽنبن واري رڇ ۾ ڦاسي پوي. اهڙي رڇ کي ٽنب سڏيو وڃي ٿو.
    ڄارو رڇ: هي رڇ گوندي نموني گول اٺ ڏهه هٿ ويڪرو ٺهيل هوندو آهي. هيٺين ”ران“ ۾ لوهي شيهي جا ڪڙا ٻڌل، جڙيل هوندا اٿس. مٿئين ران ۾ ڏوري پويل هوندي اٿس. هي رڇ ماري ڪلهن تي کڻي پاڻي ۾ ٽيڙي اڇلائيندا آهن. مٿئين ران هٿن ۾ هوندي آهي. ۽ ماري ڇڪي ان کي ٻاهر ڪڍندا آهن. اڪثر هن رڇ سان گانگٽ ماريا ويندا آهن. اگر چه ٻي مڇي به انهي گودي ۾ اچي ويندي ته گهلجي ماري جي هٿن تائين ايندي آهي. اهو ڄارو رڇ چئجي.


    باب يارهون : دادو مورو پل/مخدوم بلاول پل جو ساڄو پاسو

    سنڌو درياه جي ڪنڌي، ساڄي توڙي کاٻي پاسي، سوين ٻيلا، دادلي درياه جي سونهن هئا، هونئن به ڪنڌي واسي سراپا نياز آهن. ليڪن هن وقت اهي ٻيلا، دادلي جي اڌ صدي اڳ واري وهڪ ماضي بنجي چڪا اهن. تاهم چئوماسي هوائون ۽ برساتن پوڻ سبب ڪجهه نه ڪجهه ٻوڏون ٿينديون رهيون آهن نه معلوم ته اڳ ۽ هاڻي واري ڊيمن ٺهڻ ۽ سکر کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ڪچي/درياه ۽ ڪنڌي واسين جي مستقبل جون مهارون ڪنهن جي هٿن ۾ اينديون؟
    سيد پتڻ جو ناءُ سنڌ جي جاگرافي ۾ درج ٿيل آهي. پل ٻڌجڻ کان اڳ هن پتڻ جي اوج هوندي هئي. مورو ۽ دادو جي وچ تي درياه تي هي پتڻ هو. هتي سوين ٻيڙيون بيٺل هيون. جن ۾ ساکرو، لاڙي، ڊونڊيون، تَبيلا، هُهُڙا ۽ ڪٽارن جي وسيلي پتڻ آر پار ٽپائيندا هئا. ماڻهو، جانور توڙي وڻج واپار به هنن ٻيڙين ذريعي ٿيندو هو. هن پتڻ جا پاتڻي، نائکو اوڀايو ملاح، يوسف ملاح ۽ احسان ملاح، وارا هئا ۽ ٻيڙائتا به هئا. هنن ملاحن جا گهر به ٻيڙين ۾ هوندا هئا. درياه جي ٻنهي ڪپرن تي سندن لانڍيون اڏيل هيون. آر پار ٽپڻ وارا پُور اچڻ ۽ وڃڻ تائين انهن لانڍين ۾ گهڙي پلڪه آجهاپ ڪندا هئا. ٻارهوئي هي پتڻ سائو وهندڙ هو. ليڪن پل ٺهڻ کانوءِ هن پتڻ جو نانءُ نشان ئي ختم ٿي ويو ويچارا پاتڻي، پتڻ ڇڏي ٻيڙيون کپائي وڃي سڪين تي ويٺا، هارپا ۽ مزوريون ڪرڻ لڳا.
    لليه پتڻ ٽپي پيار پئبو هو ته ”ع“ عين ٻيلو ۾ داخل ٿبو هو. درياه جي اولاهين ڪنڌي سان هزارين ايڪڙن تي مشتمل هي ٻيلو هو جيڪو، وڻن، جهنگلي جانورن، مارو ماڻهن جي مال جي ڀاڻن سان ٽُٻيل هو. ٻيلن ۾ پها ۽ چارا هوندا هئا. هر ڪو آيو ويو، پها يا چارا وٺي وڃڻ سان سُونهان ٿيندا هئا. پڪي پهچندا هئا، اگر چه ڪو سائو چارو يا مال جي اچ وڃ واري راهه لڀندي هئي ته اها واٽ وٺي ڪنهن ڀاڻ جي وسينهن ڀيڙو ٿبو هو. جهنگ ايترا ته گهاٽا هوندا هئا، جو چارن ۽ پهن ۾ سج به ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو هو. ڀاڻن جا ڇپر، پترون ۽ اڙليون، ستن اٺن انگهن وارا نهيلا کتل وڏا هٽ ٺهيل ڏسي ڀائنبو هو ته ڄڻ ڪنهن جهنگ مان نڪري ٻوساٽيل ساه کي وري ساهه پئجي ويندو هو.
    واٽ ويندي صرف جهنگ ۾ مينهن جي ڀيل ڳچين ۾ سَنَڀرَ جا آواز، الاهو الاهو جي تنوار سان ٻڌبا هئا. سنڀر مان مراد، چڙا، ڊگريون، ڇڙيون، ٽليون، کَرڪيون، ۽ ڪِڙڪ وغيره آهي. گهڻو ڪري پنجاه ڪوهي ۾ ٽلٽي جي لُهرن جا ٺهيل سنڀر مشهور هئا. ڀاڳيا به سَنَڀرَ ٽلٽي مان آڻي، ڪنهن ٽاهڙ ڍور، يا سڻو پري ڍور جي ڳچي ۾ ٻڌندا هئا. جڏهن ڪنهن ڀاڻ تي پهچبو هو ته، کيرن، مکڻن ۽ لسين جون ٺڪر جون چاڏيون ڀريون پيون هونديون هيون. کاڌ پيت جا سامان ڪاٺ جي نهيلن ۾ ٽنگيل هوندا هئا. ٺڪر جا ٿانونءَ به پنجاهه ڪوهي ۾ مينهين جي ڳوٺ وارن ڪنڀر شاهن جا ٺهيل مشهور هئا. سيوهڻ جي مشهور ٿوٻي جون پڪل مانيون به ڪڻڪ جي تيلي مان ٽونئر سان ٺهيل دٻڪين ۾ پيل هونديون هيون، اها ماني وري مور/لڪڙ جي ٺهيل ننڍن کارن يا ڇڪن ۾ وجهي لانڍي جي ڪنهن پڃر سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. کائڻ پيئڻ جي ڪنهن کي جهل پل ڪا نه هوندي هئي. ڀاڻ وارا ڀاڳيا به آيلن جي پيا چاڪري ڪندا هئا. سخي مڻيادار ڀاڳيا گهڻو ڪري جتوئي، جيسر ۽ پنهور هوندا هئا. اوائل ۾ ته ڳهڻي جتوئي جي ڀاڻن جي ڳالهه هئي پر پوءِ ڪيڙ وڌندو ويو، صاحب جتوئي، ولي محمد جتوئي ڀائي خان جتوئي کان ويندي، گلزار جتوئي ۽ ڪمال جتوئي جا ڀاڻ اڄ به موجود آهن. گلزار جتوئي ڪنڌي جي ڪنڌار، ڏاميچ ۽ محبتي مڙس هو. ليڪن ڪن سببن ڪري، ڪي سال ٿيا آهن، جو پوليس هٿان مارجي ويو. هن ٻيلي مان، درياه مان هڪ سائو واهڙ ماٽي لڙهن ۾ ئي وهي نڪرندو هو. جيڪو ”ڦر واري ڍوري“ کان شروع ٿيندو هو، جيڪو ڏکڻ طرف وهندو هو. جيڪو ”خوني واهڙ“ ۽ ”چرئي واهڙ“ جي نالي سان به منسوب هو. هي واهڙ پنهورن کان اوڀر کان ٿيندو، خيرو ديرو کان حاجي صالح شڪرائي جي ڀاڻن کان وهندو خيرو ديرو ٻيلي مان سَوَ فُٽي واري علائقي وارو پهو ڪراس ڪري ڪنداه ٻيلو لتاڙي، سهتن جي پٽيءَ واري ڳوٺ کان ڏکڻ پاسي، دانستر ۽ اڙل واه کان وڃي درياه ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ليڪن پوءِ دريائي وهڪرن مٽجڻ سبب، اهو واهڙ لٽجي يا پائجي ويو. ليڪن اڃا تائين انهي ڊگهي وهڪ واري واهڙ جا ڪٿي ڪٿي نکام آهن.
    هي ٻيلو سڄو شڪار گاه هو. جهنگلي جانورن جا ته سٿ سٿيا پيا هوندا هئس. هن ٻيلي جي ايراضي وارن، دٻن، ٻيٽن، جهنگ ۾ ڪڏهن شڪاري شڪار ڪندي، ڏسبا هئا، ته ڪڏهن سنڌي ڌاڙيل به لهوارا يا اوڀارا ايندي ويندي ڏسبا هئا. درياه جي هن ڪنڌي واري ٻيلي جي تڙن تي سوين مينهون اوڳر ورائيندي ۽ شوڪا ڪندي تڙن تي پاڻي ۾ ويٺل ڏسبيون هيون ڇاڪاڻ ته مينهن پاڻي جي مشتاق آهي.ته ڪٿي وري ٻيٽن تي ڪانهين ڪپڻ وارا، ماکين لاهڻ وارا، مور/ لڪڙ ڪپڻ وارا به ڏسڻ ۾ ايندا هئا. مور/ لڪڙ مان کارا، ڇڪا گنديون، مال جا آهورا ۽ بندرون ٺاهيندا آهن. گهڻو ڪري جهٻير، ڪليار قوم وارا چئوڪنڊي، سڙهه سان ساکرو ٻيڙين ۾ جن ٻيڙين جي آڳل ۽ پاڇل وريل هوندي هئي. ٻارين ٻچين سوار، سندارا پيا، ٻيڙين کي درياه ۾ ڏياريندا هئا ۽ مختلف ٻيٽن تان مور/لڪڙ ڪبي. سڪائي، گڏ ڪري ٻيڙين تي کڻي ڪپرن تي کارا به ٺاهيندا هئا ته سکر تائين کجي جي موسم ۾ اوڀارا وڃي ٽوڪرا ٺاهي کجين وارن کي ڏئي رقم وٺي گذر سفر ڪندا هئا.
    عين ٻيلو کانپوءِ ڏکڻ ۾ جهلي جو ڳوٺ، بمبيا، ڀٽر، پنهورن جو ڳوٺ، جتوئين جو ڳوٺ، ابو طالب شاهه جو ڳوٺ، منشي مير محمد ٻگهيه جو ڳوٺ، پاتڻين جو ڳوٺ، اميناڻي شريف، جهنڊياڻيون، نصير سهتي جا ڀاڻ، غيبي ٻگهيه جا ڀاڻ، حاجي صالح شڪراڻي جا ڀاڻ ۽ پوءِ خيرو ديرو ڳوٺ ۽ ٻيلو اچي وڃي ٿو. ٻيٽن ۾ ڪَچِي واري ڀاڱي ۾ سرائي حاجي شوڪت علي لغاري جا ڀاڻ، جانڻ، راوت ۽ حسن لغاري جا ڀاڻ، آدماڻي ٻگهين، زنگي ۽ گل حسن جتوئي جا ڀاڻ هوندا هئا. چوئي واهڙ جي ڪنڌي تي حاجي هاشم ٻگهيه جا ڀاڻ پڻ هئا. وقتن پڄاڻان پنهنجا وارا وڄائي ويا. هن وقت اڌ صدي گذري وئي آهي. اهي وڻ ئي ويا ته واهيرا ئي ويا ۽ درياهي وهڪرن مٽجڻ ۽ لٽجڻ سبب اهي ماڳ ئي نه آهن.
    ڳوٺ جهلي جو ارباب ڇڄڙو، وڏو اديب، ڊرامه نگار ۽ ڪهاڻي ڪار آهي. ياري جو دائرو وڌو اٿس، سدائين خوش ۽ مسڪرائيندڙ، ادب دوست پرين پيارو ۽ مٺڙو مڙس آهي. خدا کيس ڏينهن ڏئيس جو ادب جي خدمت ڪندو رهي. آچر ڇڄرو به ڀلوڙ مڙس آهي. پنهورن جو ڪمدار ڌڻي بخش مري به محبتي ۽ شڪاري ساٿي هو. ورهيه گذريا جو گذاري ويو. مور ملاح، حاجي خيرو پنهور، زنگي جتوئي، گل حسن جتوئي، نصير سهتو، سانوڻ سماٺي (سيد ڪوڙل شاه، ڪتن سان شڪار ڪندي سون جهڙي زندگي مرن، ڦاڙهن ۽ رڇن سان ڪتن ذريعي وڙهندي گذاريائين. هيئنر پوڙهو آهي، تڏهن به شوق ساڳيو اٿس ۽ شهنشاهه به جوڙ هوس، شاهن جمالي ”منشي مير محمد ٻگهيه ته وڏو سارک ۽ پارکو هو. پٽڪي ٻڌڻ جو ڪاريگر ۽ شوقين هو. موسيقي جي شوق ۾ قافيا، منظور علي خان، فقير امير بخش کي گهڻو ٻڌندو هو“پاتڻي قادر بخش ملاح وڏيرو صالڻ عرف محمد صالح ٻگهيه، وڏيرو پيرل ٻگهيه، احمد خان حاجي صالح ٻگهيه (شڪراڻي) حاجي رسول بخش ٻگهيه، نوح ڪوري، وارث ٻگهيه وغيره نالي وارا مڙس هئا. هاڻي ڪي آهن ته ويچارا ۽ پير سن آهن، ڪي هتان هالاڻ ڪري ويا.
    اميناڻين شريف جو حڪيم عبدالرسول ٻگهيه به هنڌين ماڳين مشهور آهي. هن جي حڪمت خاص ڪري ڀڳل يا نڪتل هڏ ٻڌڻ ۽ ٺاهڻ آهي. فقير صفت، تن من صفا، تمام سادڙو آهي، ڪيئي اوليل مسڪين اسپتالن مان لا دوا ٿي به هن فقير وٽان دوا ۽ دعا وسيلي شفاياب ٿي ويندا آهن. خدمت خلق جاري اٿس. خيرو ديرو جي ڳوٺ ۾ پندرهن ويهه سال اڳ، ڌاڙيلن لاري مان مختلف ذاتين جا 19 اوڻيهه ماڻهو لاهي، بيدردي سان قطار ۾ بيهاري گولين جو کاڄ بڻايا هئا.
    امير پير بادشاهه به اميناڻي شريف ۾ مدفون آهي. سندس درگاه تي ڪيئي سالن کان ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. عين ٻيلي ۽ خيروديرو ٻيلي جي وچ تي درياه جي ساڄي پاسي وارن واهڙن ۾ جهلي وارو واهڙ، پنهورن واري ڍنڍ، چاندري وارو دٻو، يوسف وارو دُٻو، سرائي شوڪت علي واري ڍنڍ، خيرو ديرو ۽ شڪراڻي وارا واهڙ مشهور مياڻ هئا.
    دُٻن ڍنڍن، درياهن جي پاڻين جا ٺيڪا سرڪار جوءِ جي مير بحرن کي ڏيندا هئا. جيڪي پڻ مَڇيون ماري گذر ڪندا هئا. عين ٻيلي کان خيروديرو تائين للين جو خدا بخش ملاح ”راڄائي“ جي آڪهه، مڇي مارڻ ۽ سيلاني پکين مارڻ جا خفتي هئا. خدا بخش ”راڄاڻي“ کي درياهه جي وهڪ جي وڏي ڄاڻ هئي. هن وقت به الياس ملاح ۽ خير محمد ملاح وارا به اباڻي ڪرت ۾ جوٽ جوٽيو پيا اچن. لغاري ۽ ٻگهين جي ڪيٽي مان وهندڙ درياه، دُٻن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ ۾ جادائي ملاحن کي ٺيڪو ملندو هو ۽ اهي ماري هئا. جن ۾ سلطان ملاح، احمد ملاح، ڪريم ڏنو ملاح، هاشم ملاح، سڀئي ”جادائي“ پاڙي سان تعلق رکندڙ ۽ ڏنو ملاح، عثمان ملاح، ابراهيم ملاح، هي ڏاهري پاڙي سان تعلق رکندڙ ملاح هئا. اڃا تائين هنن جي پونئرن مان پيرو جادائي، ابراهيم ڏاهري، من ڏاهري ۽ غلام نبي جادائي اباڻي ڌنڌي کي لڳا اچن.
    هاشم ملاح ”جادائي“ درويش صفت، انسان هو، تن تي پورا لٽا به ڪو نه هوندا هئس ليڪن پراڻو پٽڪو ٻڌندو هو. پٽڪي جو تُرو پويان هميشه زمين سان لڳندو، ۽ گهلبو ايندو هو، پيرين اگهاڙو راتيان ڏينهان پيو هلندو هوندو هو. پراڻن پنن ۽ اخبارن جي پُٺارک پوتڙي ۾ ٻڌيو، ڪلهي تي رکيو وتندو هو، پنهنجي منهن ڳالهائيندو هو، چلم ڇڪڻ لاءِ ڪنهن اوطاق تي لڙي ويندو هو ته ماڻهو پڇندا هئس ته هاشم ڪهڙا حال آهن ته جواب ۾ صرف ٻه تڪيا ڪلام ڳالهائيندو ۽ ٻيو ڪجهه به نه! ٻئين چوٿين ڏينهن گهر ايندو هو غير حاضري جو ڪنهن به گهر ڌڻي يا ڳوٺ وارن کي معلوم نه هوندو هو ته هن فقير ڪٿي رات گذاري!
    1. تڪيه ڪلام: دادو مورو پل ٿو ٺهرايان! جتوئي غلام الرسول خان ۽ غلام مصطفى خان کي چيو اٿم، پل ٺهڻ واري آهي. بس!
    2. ڀلا ڇيلا بيٺا اٿو لانڍين تي ڪُهي وڃي کائو! بس ورهيه گذريا آهن جو وصال ڪري ويو. ليڪن پل ٺهڻ ۽ ڏسڻ وارو خواب اکين سان ڪو نه ڏٺائين.
    خيري ديري ٻيلي مان وهندڙ درياه، دٻن ۽ ڍنڍن جا هاري ”پارهيڙي“ ملاح هوندا هئا. جن ۾ حاجي مورڙو ملاح، دينو ملاح، ڏنو ملاح وارا هئا. هن وقت به محمد ملاح، علي شير ملاح، درياهي ملاح پنهنجي اباڻي ڪرت کي لڳا اچن.
    حاجي مورڙو ٻيڙين تي اهل ۽ عيال سان رهندڙ پاڻي جو ملاح سڏبو هو. ڪنڌي جو ڪنڌار هو. آئي وئي لولڙو به کارائيندو هو ته پار به اڪاري ڇڏيندو هو. شڪار ڦاڙهي مارڻ جو خفتي هو. اڪيلو ئي جهنگ ۾ ڦاڙهي جي رنب ”ذيل“ وات سان وڄائي لڪي ويهندو هو. ڦاڙها به جهنگ ۾ پنهنجي ٻولي ٻڌي قنڌ اچي کڏڻي اڳيان ڏيندا هئس، بندوق سان ڪيئي قيس ڪري ڇڏيائين. 92ع ڌاري ڌاڙيل کيس چئن ساٿين پٽن ۽ ڀائيٽين سان گڏ بيخبري مان ٻيڙين تان ماري ويس.

    خيرو ديرو ٻيلو:
    هي ٻيلو به هزارن ايڪڙن تي مشتمل هو درياه جي وچان وهڪ سبب اڌ ٻيلو هِن ڪپر اڌ ٻيلو هُن ڪپر هو. گوناگون، گهاٽا جهنگ هئا. جهنگلي جانورن سان ڀريل هي ٻيلو شڪار گاه به هو. مالوند ڀاڳيا ماڻهو ه مال جا ولر ڪاهيو، پاڻ اڏيو پيا چاريندا هئا. هن ٻيلي ۾ نواب جتوئي، ڪرڙ جتوئي، وريام جتوئي، سرائي شوڪت علي لغاري ۽ پڻ ٻگهين جا ڀاڻ مشهور هئا. جتوئين جون مينهون اڻ ڏڌيون پَهربيون هيون، بنا ونگن جي مينهون ڏڀنديون هيون. سَڪريون ٽِهاڻيون، گابيون وهڙيون، کوڙ سارا ڍور، جهنگ ڄاوا ۽ جهنگ نپنا هوندا هئا. ٻيلن جا ماڻهو توڙي مال هاڪارا هئا. مختلف قومن جي مال هئڻ سبب، ڀاڳيا پنهنجي ذات جي ڍور جي سڃاڻپ خاطر ڍور کي ڪنن ۾ ڪَڪَر ڏئي نشان ڪندا هئا يا وري ڍور جي ران تي لوهي شيخ تپائي ران تي بطور نشان به ڪري ڇڏيندا هئا. ڀاڳيان ڀاڻن تي صبح جو کير مکڻ سولا ڪري، ٻيلي جا پها ۽ چارا آڙيندا هئا ته جيئن کين خبر پوي ته ڪو اوپرو ماڻهو جوءِ ۾ نه آيو هجي! يا ڪو مال جو ولر ڇڳا ڇڳا ٿي نه ويو هجي. ان کانپوءِ درياه جي تڙن تي وڃي مال سنڀاليندا هئا. وڏو مال تر چرندو هو. سنهو مال ڪريون يا رڍون ٽاري يا پلڙو سنهي مال کي چاريندا هئا. ليڪن ٻيلي کاتي وارن جي رسائي ڀاڳين سان سلهاڙيل هئي. گهڻو ڪري ٻيلي کاتي وارا بطور شيخ ننڍو پهرون، ڇيلو، ليلو، گابو يا پاڏو وٺندا هئا. هڪٻئي جو ڀرم رکندا هئا. پيو ڪارنهوار هلندو هو. اهڙو ڪوندورو واءُ وريو جو ڏهه ٻاهن سال ٿيندا ته عام ماڻهن توڙي ٻيلي کاتي وارن وڻ ڪپائي ڇڏيا ۽ زمينون وڏيرن جي ور چڙهي ويون. اڄ ته ٻيلي جو نانءُ نشان ئي ڪونهي، نه شڪار گاه رهيا نه جهنگلي جانور رهيا نه ڀاڻ ۽ ڀاڳيا رهيا.
    اڳ جڏهن ڀاڳين جا مال چور ڪاهي يا درياه مان لوڙهي ويندا هئا ته پري پري تائين ڪڪرن ۽ ڏنڀن جا پار ڏئي ڀاڳيا ووڙون موڪليندا هئا. هڪ دفعي وريام جتوئي ڍورن جي ووڙ ڏيڻ لاءِ حسن لغاري احمداڻي وٽ آيو. حالي احوالي ٿي مينهن جا پار ڏنائين. اڳي سڄاڻ مڙس ٽونڻا هڻندا هئا. ٽوڻا هڻندي وريام جتوئي چيو ته ادا حسن ڀانيان ٿو ته ”مانجهون مينهان واسان ”ولس سگريٽ“ ٿي ويون“ حسن پڇيس ته ڇوڪرن جا ڪهڙا حال آهن، اهي مال جو پڇ نه ڇڏين ڌنارپي ڪن. وري وريام وراڻيو ته ادا حسن هڪ ڇوڪرو به نڀاڳو ٿيو اٿم ”جيڪو ٻه ڀلوڙ موملان مينهان کپائي ڪلبلائون ”ڪربلا“ گهمڻ ويو آهي“
    ڀٽي ذوالفقار علي جي پهرئين بادشاهي دور ۾ ڪرنسي نوٽ مٽيا هئا، جنهن لاءِ سرڪار طرفان اعلان ڪيا ويا ته هفتي کن ۾ بئنڪن ۾ نوٽ جمع ڪرايو ۽ پنهنجا نالا لکرايو ته جيئن اوتري رقم توهان کي ڏئي سگهجي. ليڪن انهي اعلان تي جهنگلي رهواسين، مالوندن ڀاڳين خاص ڪري جتوئي قومن، جن جا ڏوڪڙن سان ڀريل اترين جنڊن ۾ پارڙا پوريل هئا، نه کوٽيائون! نه وري نوٽ جمع ڪرايائون، مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي سڪاءَ نوٽ ضايع ٿي ويا. پوءِ پٽڪن ۾ نوٽ ٻڌيو سڪن جون ڀريون کنيو پيا شهرن ۾ ڦرندا هئا ته من سڪا ۽ نوٽ اگهامن، ليڪن وقت ختم ٿي ويو.
    الائجي ڪيڏانهن علم ڀڳو ٿو وڃي، پر ڇا ڪجي! اهي به ته يادگار قصا آهن. درج نه ڪرڻ شايد هن ڪتاب جي مواد سان ناانصافي ٿيندي.

    خيرو ديرو پتڻ
    هي پتڻ به سنڌ جي نقشي ۾ درج ٿيل آهي. انگريزن جي صاحبي يا ان کان اڳ هن پتڻ جو شاهي شان هو. اڃا روڊ رستا، ريل گاڏيون ۽ پليون ڪو نه هيون. جو هن پتڻ جو وڻج واپار، اچ وڃ ٻيڙين وسيلي هوندو هو. ٽلٽي شهر ۽ پراڻو گچيرو هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا. وچون دادلو درياه وهندو هو ۽ وچ تي هي پتڻ هو. هي پتڻ نائکي قادربخش ۽ موسي ملاح وارن جو سڏبو هو. ڪيئي ورهين کان هنن جي آڪهه پتڻ وهائيندا اچن. جوءِ وارن سان آهت هوندو هون، فصل لهڻ تي لاپو اوڳاڙيندا هئا. ان کان علاوه آهت واري راڄ جي شادين غمين ۾ پاڻي ڀريندا هئا. يعني پکالي به سڏبا هئا. هنن نائکن جي گهڻو ڪري رهائش ۽ گهڻ گهرائپ لغارين سان هئي درياه به لغاري بجراڻي ڳوٺ کان اولهه ۾ ويجهو وهندو هو ۽ پتڻ به اتئون هو. هنن پاتڻين وٽ به کوڙ ساريون ننڍيون وڏيون ٻيڙيون هونديون هيون. پر انهن ۾ هڪ ساکرو ٻيڙي تمام وڏي ٻيڙي هئي. انهيءَ تي سانوڻي ۾ سوين مڻ وزن کڻي آر پار ٽپائيندا هئا. اها ٻيڙي بحري جهاز جو ڏيک ڏيندي هئي. سرءُ، سياري ۽ بهار ۾ هي ٻيڙي پتڻ تي ڪيئي ننگهن ۽ ناتارين سان ڪپر ۾ ٻڌي پئي هوندي هئي. گهڻو ڪري ڪشمور کان ڪراچي تائين ههڙي وڏي شهه ڪاريگرن جي ٺهيل سهڻي ٻيڙي شايد مشڪل ڪنهن تڙ يا پتڻ تي هئي. اميراڻو بنگلو چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. هي ٻيڙي ۾ ديال، لوهيڙو، صندل ۽ ٽالهي جي ڪاٺ جي ٺهيل هوندي هئي. آڳل ۽ پاڇل تي ڪاٺ جون ٺهيل ٻماڙ، ٽماڙ ۽ چار ماڙ ڪوٺيون ٺهيل هونديون هئس. ان جي سينگار لاءِ ڪوٺين ۾ ڪاٺ جا ڪٻٽ در، دريون، ۽ هيٺ ويهڻ لاءِ منجيون ۽ پيڙها ٺهيل هوندا هئا. آڳل واري ڪوٺي ۾ هڪ وڏي چلم ٺهيل هوندي هئي. جيڪا هر وقت دکيل هوندي هئي. آيو، ويو پُور ٽپڻ وارو ۽ نائکن سان چار چونڪ ڪچهري جا لڳائڻ واسطي ٻيڙي تي چڙهي چلم کي ڊڙڪائيندا هئا.
    ٻيڙي جي تري ۾ ڇهائي، يا ڪانهن پيل هوندا هئا ته جيئن چوپايو مال چڙهي بيهي يا ويهي سگهي. هڪ ئي پور ۾ ولر ڍورن ۽ وهٽن جا ٽپائيندا هئا. هي ٻيڙي جڏهن سانوڻي ۾ سڙهه سئون ڪري اوڀاري يا لهواري هلندي هئي ته ڪوهين پري هن جي ڪلمي/ سڙهه، آڏ، ڏسڻ ۾ ايندي هئي. سئو فوٽ ڊگهو کوهو، سوا سئو کن فوٽ ڊگهي ڪلمي ۽ ٽڪنڊو ڏيڍ سئو فوٽن جو سڙهه ڪلمي سان ساڪن ۾ ٻڌل به هوندو هو. کوهه تر واري اڏي ۾ کٽ جي ٻانهين وانگر نڪتل سل ۾ اُڀو کتل هوندو هو. چئني طرفن کان ڪيئي رسا جهل، ڇڪ طور ٻڌل هوندا هئا. کوهي جي چوٽي ۾ ڀرڻي ٺهيل هئي، جنهن ۾ وڏو رسو ڀرڻي مان ڇڪي اڏي واري مُني ۾ ٻڌي ڇڏبو هو، جنهن کي ”گهير“ چيو ويندو آهي.
    ٻيڙي سان سلهاڙيل ساز يا هلائڻ وارا هلٽ جا نالا هن ريت آهن. مهرو، آڳل، تَر، ڪَڇو، ناتاري، نِنگهه، پَڳهه، کُوهو، ڪلمي، آڏ، دامن، گِهير، مونڊو، مَرَڪَ، سِڙهه، ساڪو، ڳانو، بانبٽي، ويڻو، سکاٽ، ونجهه، پسون، ڪٽهڙو، ڪوٺيون، در دريون، ڪٻٽ، زنجير، ساڪڙ، سنگهر، اڏو آڳل وارو، ڳڻو اڏي جي ٽيڪ، توتڪ، ڦٽا، پاڇل، پاڇلي، اڏو، چِٽڪي، مُنا، منجڻ، پاسرا، پاڇلي ڦٽي، آڳلي ڦٽي، منجڻ جا ڏڪ، ڦٽا، آڳل ڪوٺيون، پاڇل ڪوٺيون، اڌيرون، جادارون، سونهن لاءِ، ڦٽيون، ڪامون، ٻاهرين سونهن لاءِ، جهلي، ٽُوئو، ڪِڙي ڇانون لاءِ، پويون بندول ڇانون لاءِ، سندارو، اتمڻي، رس، قل رڌ پچاءُ لاءِ، سانگ پکين جي شڪار لاءِ، ڪڙهه، مڇي جي شڪار لاءِ، رڇ وغيره اهي گويا ساز چئجن. ڪنڌو. کوهي جي چوٽي ۾ هڪ جهنڊي ٻڌل هوندي آهي. جيڪو نائکي کي هوا جو رخ ٻڌائيندي آهي. ان مطابق ٻيڙائتو سکاڻ، ويڻو، يعني هينڊل کي هيڏي هوڏي ڦيرائيندو آهي. انهي جهنڊي کي بانبٽي سڏيو ويندو آهي. بانبٽي ريڊار وارو ڪم ڏيندي آهي.
    ڪلمي جي منڍ ۾ ٻڌل رسي کي مونڍو چيو ويندو آهي. جنهن کي ڇڪي آڳلي ۾ لڳل ڪڙي ۾ ٻڌي ڇڏبو آهي. ڪلمي جي چوٽي واري ٻڌل رسي کي ”مرڪ“ چيو ويندو آهي. جنهن کي پڻ ڇڪي سکاڻ سان گڏ ڪڙي ۾ قابو ٻڌي ڇڏبو آهي. سڙهه ٽڪنڊو ٿلهي بافتي جي ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو آهي. سڙهه جي هڪ ڪنڊ مونڍي سان اٽڪيل، ٻي ڪنڊ ڪلمي جي چوٽي تائين اٽڪيل هوندي آهي. ٽئين ڪنڊ ۾ رسو ٻڌو ويندو آهي. جنهن کي ”دامن“ چيو ويندو آهي. جڏهن سڙهه کڻبو ته دامن ساهبو ته سڙهه هوا ۾ ڀرجي ويندو آهي. اهو دامن گهڻو ڪري سکاڻ تي ويٺل نائکي جي هٿ ۾ هوندو ۽ پيو سڙهه ۾ ڀريل هوا کي دامن وسيلي گهٽ وڌ ڪندو هوندو آهي. اڳ ته ٻيڙين ۾ موٽر وغيره ڪو نه هوندا هئا. تنهنڪري سڙهه ونجهن جي استعمال سان ٻيڙيون هلنديون هيون. ڪانهن جو واڻ وٽي ٻن ٽن فوٽن جون نوڙيون ٺاهبيون هيون. جنهن کي ”ساڪا“ چيو ويندو آهي. نائکو موسو ٻيڙي بيهڻ وقت سڙهه کي ڪلمي سان ٻڌڻ لاءِ ساڪا کڻي ڪلمي تي چڙهي وڃي سڙهه گڏي ٻن ٽن فوٽن تي ساڪا ٻڌندو، چوٽي تائين چڙهي ۽ ٻڌي ايندو هو.
    سپون: کٽ جي سيرون جيان ٿين ۽ اهي تري ۾ ڀرائي ٿيندا آهن.
    سندارو: ٻيڙي هُن پار يا هِن پار تاري سڙهه تي هلڻ کي چيو ويندو آهي.
    قل: مٽي جو ٺهيل چلهو هوندو آهي. جيڪو ڪاٺ جي ٻيڙي تي رڌ پچاءُ لاءِ ڪتب ايندو آهي.
    سانگ: ڪاٺ جو ٽڪنڊو ٻه فوٽ کن ڊگهو ٺهيل هوندو آهي. جنهن تي بندوق رکي سڌي ڪري ۽ ان جي سهاري تار تري وڃي ٻيٽ تي پکين جي ويٺل ولر کي خفتي وڃي بندوق هڻندو. سانگه ظاهر هوندو کنجهو جيان خفتي تري ۽ لوڙهي پاڻ کي پاڻي منجهه لڪائيندو آهي ته جيئن پکي ماڻهو کي نه ڏسن.
    ڪنڌو: ڪنهن پکي جي کل ڪاٺين جو پنڃرو/ ٽوپلو ٺاهي مٿان جڙي ڇڏبس ۽ خفتي، پکي جي کل سان جڙيل ٽوپلو مٽي ۾ وجهي، پاڻي ۾ تري هٿن تي بندوق تاري وڃي ولر کي ولهو ڏيندا آهن. اُتمڻي، درياه ۾ چووالو لڳڻ وقت، اچانڪ جوهي سان منجهه ڪلمي ڦري ويندي آهي. سڙهه جو وزن کوهي تي ابتو پئجي ويندو آهي. يڪدم ٻيڙي هيٺ مٿي ٿي، جهوهي جي جهٽ سان مارجي پوندي آهي. انهي گهڙي واري عمل کي اُتمڻي چيو ويندو آهي. اوچتو اُتمڻي پوڻ تي ڪيئي ٻيڙيون مارجي وينديون آهن. پر پارکو سڄاڻ، سکاٽ تي ويٺل نائکا سکاڻ/ ويڻي جي مدد سان اُتمڻي اُڪاري پار پوندا آهن. اوڀارو هلڻ وقت به ڊرائيور سکاڻ وارو کٻي سڄي ۽ مُهري اڳيان پيو نظرون ڦيرائيندو ته جيئن ڪنهن جوکم جي خطري کان ٻيڙي کي ڪڍندو، تاريندو، پيو درياه ۾ منزل تائين پهچڻ تائين پئي ٻيڙي هلندي آهي.
    ٻيڙي جي اڳئين حصي کي آڳل ۽ پوئين حصي کي ”پاڇل“ وچ واري حصي کي تَرو، تَر چئبو آهي.
    رس: رس هڪ ڊگهو چار پنج سئوفوٽن جو رسو هوندو آهي جيڪو اوڀاري هلڻ وقت هوا جي نه هئڻ سبب، پنج ست همراهه سڪي تي لهي ٻيڙي ۾ ٻڌل رسي کي پاڻي جي ڪپر سان ڇڪيندا هلندا آهن، جنهن وسيلي ٻيڙي هلندي آهي. انهي رسي کي ”رس“ چئبو آهي.
    ڪڇو: ٻيڙي جي پاسن کي ڪڇو چيو ويندو آهي.
    ناتاري ۽ ننگهه مان مراد ڪلا به چئجن ته ٻيڙي جهل به چئجي پڳهه، مان مراد، اهو رسو جنهن سان ڪپر تي ٻيڙي ٻڌل هوندي، ڇٽڻ وقت ٻڌل رسو ڇوڙبو ته اهو رسو گويه ”پڳهه“ پلاند چئجي.
    باقي ٻيا ڄاڻايل نالن واريون شيون ٻيڙي منجهه لڳل هونديون، بلڪه حرڪت ۾ نه اينديون آهن. گهڻو ڪري سونهن لاءِ سامان هوندو آهي. جنهن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. نائکي موسي واري وڏي ٻيڙي، 1976ع ۾ مئي ڌاري اولاهون ڪارو ڪوسو ڇُوهو، واءُ لڳو، جنهن سبب ناتارين، ننگهن سان ٻڌل ٻيڙي ڇوڙائي وئي. وڃي اوڀر واري ڪپر ۾ ڌڪ کائي لڳي، ٻيڙي هنڌان هنڌان ٽٽي پئي، دادلي جي رواني ۾ راهي ٿي ڌڪ کائيندي لڙهي ۽ لٽجي ويئي. واءُ ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻيڙائتن ٻيڙي سنڀالي ۽ پيڇو ڪيو پر هٿ نه آئي. انهي ٻيڙي مارجڻ کانپوءِ نائکو موسو ذهن وڃائي ذهني مفلوج ٿي ويو. اٺ ڏهه سال ٿيندا، جو 90 ورهين جي ڄمار ۾ رب ڏانهن راهي ٿي ويو. قادر بخش پوئين پهر ۾ آهي. پونئر، هارون ۽ بخشل وارا اڃا پتڻ وهائيندا پيا اچن. هن وقت ننڍا ههڙا آهن، جن ۾ موٽر فٽ آهن جلد اڪاريندا آهن. هن پتڻ به ٻارهوئي وهندڙ آهي. ليڪن هن وقت اها موج مستيءَ ڪا نه آهي. جديديت زور وٺي وئي. تاهم به جوءِ وارن لاءِ پتڻ آهي. ٻنهي ڪپرن تي پاتڻين جون لانڍيون ٺهيل هيون. وڏي گهري سان چلم رکيل هوندي هئي. آيو ويو پتڻ ٽپڻ وارو به ڦوڪون ڏئي چلم ڇڪيندو هو. سڄو ڏينهن ڪچهري هلندي هئي. هر قسم جي مزاج جا ماڻهو ٽپندا هئا. کل، خوشي، امن، محبت ۽ شڪراني کانسوءِ ٻي ڪا به ٻولي ڪا نه هوندي هئي.


    باب يارهون : ڏاکڻي ڪچي جي پٽي

    هاڻي خيرو ديرو ٽپي ڏاکڻي ڪچي جي پٽي ڏانهن ڪنداه ٻيلي جو ڪجهه حصو لتاڙي سيوهڻ خيروديرو کانپوءِ اُگرا جتوئي، پٺي سڙيا جتوئي، ڀورل خان جتوئي ڳوٺ هڪ ئي ڳوٺ مختلف وقتن تي ٽنهي نالن سان سڏبو اچي ٿو. ڳوٺ نورو ٻگهيه، ڳوٺ جلباڻي، دري ديرو، نيواهڻ، وريام جو ڳوٺ دري ديري کان اولهه ۾ بند جي ڪپر تي ٻاهران ٽلٽي جو پراڻو شهر، ماهي اوٺو ڳوٺ، سهتن جي پٽي 420 فوٽ، ۽ پوءِ سيوهڻ شهر پهچي ٿو. هن علائقي جي زمين ڪجهه خيرو ديرو ٻيلو ۾ ڪجهه سيٺرن جي ڪيٽي ۾، ڪجهه جتوئين جون زمينون، هاليپوٽن جون زمينون، جتوئين جا ٽڪرا ۽ پوءِ ڪنداه ٻيلي جي ايراضي ۽ اوٺن جون زمينون اچي وڃن ٿيون، ڏاهرين جون به ڪجهه زمينون آهن چوڻ ۾ اچي ٿو ته مٿيون ڄاڻايل زمينون، سهتي نائو مل جي جاگير سڏبي هئي. جيڪا پوءِ وقتن پڄاڻان اصلاحات سبب مختلف قوتن ۾ ورهائجي ويون. روني توڙي ٻيلي ۾ گلڻ پنهور جا ڀاڻ، سماٺين جا ڀاڻ، ڇتن ڏاهري جا ڀاڻ، پنهون چانڊيو جا ڀاڻ، سمي فقير جتوئي جو ڀاڻ، قادو جانوري جو ڀاڻ، مير هزار ڪلي جو ڀاڻ محبت اوٺو جا ڀاڻ، ڇتي هاليپوٽي جا ڀاڻ گل حسن سهتي جا ڀاڻ، مشهور هئا. ڀاڻن وارا ته سک جا سانگي هئا. گَرَن جتوئين جو وڏيرو دوست محمد جتوئي، موسو ڦاڙهي جتوئي، بهاول جتوئي، جلباڻين جي ڳوٺ مان يوسف ولد قادو جلباڻي، بلاول پور جا استاد محمد شريف راهپوٽو، محمد بخش واڍو، امير بخش سولنگي، نورو ٻگهيه، دري ديري جا ابراهيم هاليپوٽو، عبدالرسول هاليپوٽو، عرس هاليپوٽو، فراض هاليپوٽو جيڪو ملهه راند جو ٻئين جوڙ جو ڀلو پهلوان آهي، شال خوش هجي ۽ پهرين جوڙ ۾ رانديون رچائي“.
    نيواهڻ جا بيگ هاليپوٽو، عيسو هاليپوٽو، ڀوتار هاليپوٽو، وريام جي ڳوٺ جا مير هزار ڪلو، حاجي منظور، ڏاهرين ۾ امير بخش ڏاهري، الهه ڏنو ڏاهري، ٽلٽي جا مير سهتو، سلام پنجابي، لياقت علي لغار،ي شاهه محمد گاڏهي، ماهي اوٺو جا محمد آچر اوٺو، محبت اوٺو، ڪرم پور وارو محمد اڪبر اوٺو، سمي فقير جا ٻڍو ۽ آڍو جتوئي سهتن واري پٽي ڳوٺ مان بادل سهتو، ڪوڙو سهتو، رجب سهتو، ڀورو ڀٽي، وغيره هاڪارا ۽ ڳالهه ڳت وارا هڱا، سادڙا ماڻهو هئا. هن وقت ڪي آهن ته پوين پساهن ۾ ۽ ڪي ته ويچارا وڃي مقامن جا سينگار بڻيا. مٿين ڳوٺن ۽ ڀاڻن وارن اڪثر ذاتيون، جتوئي، ٻگهيا، هاليپوٽا، لغاري، ڏاهري، ڪلا، سماٺي، پنهور، دائود پوٽا، گاڏيهي، اوٺا، ملاح، واڍا، راهپوٽا، سهتا، جلباڻي، جانوري وغيره اچي وڃن ٿا.
    ڍنڍ جي اولاهين ڪپر ۾ ”حاجي خشڪ ملهه پهلوان پريون جوڙ ملهون وڙهي نالو ڪڍايائين، ورهيه گذريا جو وصال ڪري ويو. ان کان علاوه ٽلٽي شهر جو غلام عمر بن دائود پوٽو، جيڪو وڏو مفڪر علم دوست عالم ۽ ڪيئي ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو آهي، سندس پٽ، جنهن کي ”شس العلماءُ“ جو لقب پڻ مليل آهي.
    هن علائقي جون ڍنڍون، ڍورا ۽ واهڙ هن ريت آهن
    گرن جتوئين وارو واهڙ، نوري ٻگهيه واري ڍنڍ، هاليپوٽن جي ڍنڍ، بلاول پور واري ڍنڍ، اوٺن وارو واهڙ، جيڪو چرئي واهڙ جي نالي سان به منسوب آهي. شڪار گاه واري ڍنڍ، سمي فقير وارو دٻو گري واري ڍنڍ، راڄو وارو دٻو، پٽي وارو واهڙ، منهڙو واهڙ پوءِ اڙل ۽ دانستر واه اچي وڃن ٿا.
    ٽلٽي شهر ته تاريخي ۽ پراڻو آهي، ان تاريخ کي ڦلهورڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. البته ٽلٽي شهر ۾ سيد گنبل شاهه ۽ بخاري بادشاهه جون درگاهون آهن. ڪيئي سالن کان درگاهن تي ميلا لڳندا رهندا آهن. ٽلٽي جي اوڀر ۾ پراڻي ڍنڍ آهي، شايد بچاءُ ٻجهڻ/ ٻڌجڻ بند کان اڳ درياه جو وهڪرو هوندو هو اهي نکام آهن.
    عين، خيرو ديرو ۽ ڪنداه ٻيلن جا مشهور ڌاڙيل
    ڪارو ماڇي، لائق چانڊيو، پرو چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، صديق ڪتڙي، ڪارو ڪلڪي لغاري، سوالي مري، ابراهيم مڪڙو، حامد اوٺو گلي ٻگهيه، نورو ٻگهيه، حسن پنهور، امو کوسه، سلطان جتوئي، بقادار شاهه، سردار ۽ شربت جمالي.
    هي ٽولا گهڻو ڪري مٿئين ڄاڻايل ٻيلن ۾ رهندا هئا. الڳ الڳ ٺڪاڻا هوندا هئن. سڄي سنڌ مان ناميارا ڌاڙيل به وٽن ڪهي ايندا هئا ۽ هڪٻئي جا پلاند ڪندا هئا. اوائل ۾ ته پري پري کان ڏوهه ڪري هتي اچي لڪندا هئا. پر پوءِ تَرَ تَپايائون، سڪا ساوا ساڙيائون. ڏينهن، مهينن ۽ سالن پڄاڻان، پاڻ به گولين جو کاڄ ٿي مرندا ويا. اڪثر سنڌي ڌاڙيل وڏيرن ۽ پوليس جي تنگي سبب روپوش بڻبا هئا. ڪاري ماڇي جي ٽولي ۾ مٺل ماڇي به ڌاڙيل هو ته شاعر به هو.
    نموني طور ڪلام پيش ڪجي ٿو:
    ٿلهه: ٻهڪن پيا ٻيلن ۾ ٽهڪن پيا ٽولا،
    هزارين حڪومت، ڪئي تن جي ڳولا،
    1. ماڇي مڙن ۾ ڪنڌار ڪارو، تنهن کان ڊنو ٿي سپاهه سارو.
    سپاهه تنين منجهه هئا، ماسا ۽ تولا،
    2. مٺل چوي منهنجا ٻئي بازو ڀڄي پيا، جيئرا جوش منهنجا جانوءَ جالي ويا.
    منهنجن نصيبن ۾ لکيل هئا ڪي رولا
    هزارين حڪومت ڪئي تن جي ڳولا: ٻهڪن پيا ٻيلن ۾.

    پرو چانڊيو ۽ لائق چانڊيو. غريبن لاءِ ڇپر ڇانوءَ هوندا هئا، نياڻيون ۽ عورتون ڪو نه لٽيندا هئا. سڄي سنڌ ۾ کين، ڏهڪاءُ هو. حڪومت ته نالي کان به ڊڄندي هين. ڪيئي گهيرا ٽوڙي، جهيڙا ڪري مڙس ماري ۽ مارائي ديده دليري سان برسٽن جا رڙاٽ ڪڍائي نڪري ويندا هئا. ڌاڙيلن جي دور ۾ عام ماڻهو ٻيلن ۾ ڪو نه لهندا هئا ۽ نه ئي ٻيلو کاتو پير پائيندو هو. صرف مالوند ماڻهن جي ڀاڻ، وٿاڻ هئا. جن جا ڌاڙيلن سان لولي کارائڻ جي ناتي لاڳاپا هئا. امام بخش عرف امو کوسي، خيري دير مان لاري مان اوڻيهه ماڻهو لاهي بيدردي سان قتل ڪيا.
    سلطان جتوئي، ماڇين ۽ جتوئي تڪرار ۾ موجوده ڳوٺ ۾ ولي محمد سليمان واري مشين جي اوڀر ۾ ٽانگي تي ايندڙ عيسو ماڇي، احمد ماڇي، گلڻ ماڇي ۽ ٽانگي ۾ جوٽيل گهوڙي کي گولين جو کاڄ بنايو.
    ڪنداه ٻيلي مان عدد ٽي پتڻ لاڳاپيل هئا. جن ۾ صفن پتڻ، دولتپور وارو يا ڦوٽي وارو پتڻ، سنهڙي وارو پتڻ، صفن پتڻ به سنڌ ۾ مشهور هو. ان جا پاتڻي به قادر بخش، موسو ملاح ۽ هدايت الله وارا هئا. گهڻو وقت اڳ هي پتڻ به سائو هو. هر قسم جي مال جي اچ وڃ هئي. ليڪن وقتن پڄاڻان روڊ رستا ۽ پلين ٺهڻ ڪري هي پتڻ موج مٽائي ويو ۽ صرف جوءِ وارن لاءِ هاڻي پتڻ وهندڙ آهي. جنهن کي ڪوڙي ۽ گل محمد ملاح وارا پتڻ وهائيندا پيا اچن.
    دولتپور ۽ سنهڙي وارا پتڻ تاريخي ته نه آهن. البته جوءِ وارن لاءِ سهولت آهي. پوکي راهي ۽ ڀاڻن وارا هنن پتڻن تان اچ وڃ ڪن ٿا. مصري ملاح، ڦوٽو ملاح، اڳي پتڻ ڪندا هئا. ليڪن هن وقت به صالح ملاح، سومر ملاح ۽ پٺاڻ ملاح وارا به ڏوريندا پيا اچن.
    ڪنداه ٻيلو اونداه سڏجي. سنڌ ۾ هن ٻيلي جو وڏو نانءُ هو ۽ وڏو شڪار گاه پڻ هو. هتي به انگريزن کي شڪار ڪرائي پير الاهي بخش وارن سنتون، جاگيرون، خطاب ۽ خانصاحبي ماڻيون ۽ پڻ ٻين به ڪيترن ئي تونگرن شڪار ڪيا. سچ پچ ته ڦاڙها، تتر، مينهون ۽ ڳئون هن ٻيلي جا سينگار هئا. ڪهني ۽ گهاٽي ٻيلي ۾ انگريزن جي دور جا پهاءِ چونڪڙيون ٺهيل هيون، جيڪي پوءِ درياهي وهڪرن مٽجڻ چواڻي آهي ته درياه ڏري ڀڪ هوندي به ڀيرن وهڪرو مٽائي ويندو آهي ۽ پڻ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين جي ڪري پها چونڪڙيون ۽ ڀاڻ ڦِٽي ۽ لَٽجي ويا، گهڻو پوءِ بينظير جي پوئين دور ۾ سيد عبدالله شاهه جي وزارت اعلى ماڻڻ وقت هن ٻيلي جي وچ تي ”ڇت“ واري علائقي ۾ شڪار گاه نالي هڪ پوائنٽ ٺاهي پي وئي. بجيٽون رکيون ويون، ڪم هلڻ شروع ٿيو. هڪ عاليشان بنگلو ٺهيو بجلي پهچائي وئي، جهنگلي جانورن جا پڃرا ۽ دڙا ٺاهيا پي ويا. هن پوائنٽ کي ٻارهن سئو ايڪڙ ايراضي ڏني ويئي ليڪن ستت ئي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ ڪم رڪجي ويو. صرف 15 سيڪڙو ڪم رهجي ويو. پوءِ ته ٻيلي جي بي دردي سان واڍي به شروع ٿي ويئي ۽ هزارين ايڪڙن تي مشتمل هي ٻيلو ان جي ايراضي وڏيرن جي وَر چڙهي ويئي. هن وقت ٻيلي جو ڄڻ وجود ئي ڪونهي ٺهيل پوائنٽ جا باقي ڪي نشان وڃي رهيا آهن. هن ٻيلي جي پکيڙ ڏکڻ طرف سيوهڻ تائين لڳي ٿي.
    سيوهڻ پتڻ: هي پتڻ به تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. دادلي درياه جي اولهه طرف سيوهڻ شريف شهر آهي ۽ او ۾ نواب ولي محمد شهر آهي. وچ تي هي پتڻ ڪيئي سالن کان سائو وهندو اچي ۽ ٻارهو ئي وهندڙ آهي. هن پتڻ جا نائکا صالح ملاح ۽ الله بخش ملاح وارا به ڪيئي سالن کان پتڻ وهائيندا اچن. هن پتڻ تي به ساکرو ۽ لاڙي ٻيڙيون لڏي لام سميت بيٺل هونديون هيون. پنهنجي مڇي مارڻ واري ڪرت ڪندا هئا. پري پري جا ٻيڙين جا خريدار به هن پتڻ تان خريداري ڪندا هئا. اولهه ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ به آهي. درياهي رخ مٽجڻ سبب ڪي ٻيڙائتا منڇر راهي ٿي ويا ته ڪن ٻيڙيون ۽ هلٽ کپائي سڪين تي وڃي سڪونت اختيار ڪيائون. ليڪن پتڻ وهندڙ آهي. ٻين پتڻن جي ڀيٽ ۾ هن پتڻ جي وڏي اپت آهي.


    باب ٻارهون : دادلي درياه جي کاٻي ڀر

    هاڻي دادلي درياه جي کاٻي ڀر هلو ٿا: جيڪو علائقو بچاءُ بند جي اندر درياه تائين ڪچي جو علائقو سڏجي.

    دادو مورو پل کان ڏکڻ طرف ڳوٺ لليه آباد آهي. پل ٺهڻ کان اڳ وارو ڳوٺ درياه پائي ويو ۽ هن وقت ساڳي لليه نالي ڳوٺ تقريبن ٽيهن سالن کان آباد آهي. ڳوٺ لليه کان اوڀر سنهڙي نونڌن جي ڳوٺ ۽ ان کان اوڀ ۾ بچاءُ بند جي ڪنڌي تي ”ڳوٺ ڪانڌڙا هو. جيڪو 1976ع ۾ وڏي ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو. بعد ۾ بچاءُ بند جي اوڀر ۾ لڳ ڳوٺ ڪانڌڙا ڪالوني اڏيو ويو. ڳوٺ لليه جا رئيس غلام حيدر جيسر، عبدالله خان جيسر، سڄڻ جيسر، املهه ماڻڪ آهن. ”عبدالله خان جيسر اديب، وڪيل، مضمون نگار ۽ سلڇڻن سان صحبت رکندڙ يار آهي. سماجي ڪمن ۽ غريبن جي ڪم ايندڙ کلڻو ملڻو، سنڌي ويس پهريندڙ جوان آهي. لليه ڳوٺ ۾ وڏي لئبريري اٿس، ڀانيان ٿو ته سنڌو ڪنڌي ايڏي وڏي لئبريري اڻ لڀ هوندي خدا کيس ڏينهن ڏئيس“ نونڌن جي ڳوٺ ۾ حبيب الله نونڌو قابل ذڪر غريب مزاج آهن.
    ڳوٺ ڪانڌڙا ڪالوني جا نظر محمد ڪانڌڙو، استاد علي نواز ڪانڌڙو، استاد جمن ڪانڌڙو ڀلوڙ مڙس آهن. ان کان ڏکڻ ۾ ڳوٺ ڏتل ڪورائي اچي وڃي ٿو. ابراهيم وڏو، ابراهيم ننڍو، محمد ياسين ڪورائي ننڍو، پال ڀلائيندا پيا اچن. مرحوم هدايت الله ڪورائي ته جيئري لاءِ ڦنڊر ڪهڻ وارو يارن جو يار دلبر مڙس هو، جواني چڙهي مس پار ٿيو جو خدا گهرائيس ٻِنڊي وارن ۾ صدورو خاصخيلي مرحوم ڀلوڙ ڀاڳيو هو. هيئنر ڀوئنر مان مسڪيني حال آهر، وڏي دل رکندڙ محبوب خاصخيلي محبتي مڙس آهن. شال خوش هجي.
    ڏتل ڪورائي کان اوڀر ۾ ڳوٺ نهال ماڇي آهي، هن ڳوٺ جا ننگر ماڇي عيسو ماڇي، احمد ماڇي، پرين مڙس هئا. ان کان اوڀر ۾ ڀونر ماڇي ڳوٺ آهي. جنهن ۾ پڻ ڀونر ڀلو وارو وڄائي ويو. امير بخش ماڇي به يار ويس مڙس هئا. ان کان اوڀر ۾ ڀونگر ماڇي ڳوٺ آهي. جنهن ۾ پڻ ڀونگر ڀلو وارو وڄائي ويو. امير بخش ماڇي به يار ويس مڙس هو، هن وقت حاجي ماڇيءَ هن ٽهي جو ٽهڪندڙ مڙس آهي. نهال ماڇي ۽ ڀونگر ماڇي نالي سان ڳوٺن جي وچ تي ميرن جو ڪوٽ هو. جيڪو مير علي مراد ۽ ٺاري جي نالي سان منسوب هو. ليڪن هن وقت ڦٽي ڀُري ڀڄي پيو آهي. صرف مٽيءَ جا دڙا اڃا تائين موجود آهن. ان کانپوءِ ڳوٺ لغاري بجراڻي اچي ٿو. جنهن جو ذڪر اڳئين باب ۾ ٿيل آهي. ان ڳوٺ جي اوڀر ۾ ڳوٺ عزت ٻگهيه آهي. جنهن ۾ پڻ الله بخش ڀٽي، يونس ڀٽي به ملوڪ هر منڙا ماڻهو هئا، ان کانپوءِ گچيرو پراڻو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هي ڳوٺ ٻه صديون پراڻو آهي. اوليائن ۽ درويشن جو پراڻو مقام به آهي. هن وٺ جي اتر ۾ مخدوم هضرت هنڱورو سائين جي درگاهه آهي. جتي پڻ عقيدتمند اڄ تائين باسون باسي خير خيراتون ڪندا آهن. هن ڳوٺ ۾ رئيس امان الله خان ٻگهيه پڙهيو لکيو معتبر وڪيل هو. ڏاڍو رعبدار وچولي طبقي جو زميندار هو. پنجاهه ڪوهي جا فيصلا مختلف قومن جا ايندا هئس، سدائين بي ريا فيصلا ڪري ڌريون مکڻ ماکيون ڪري ڇڏيندو هو. رحمد مزاج، غريبن جو يار، هر وقت سندس اوطاق جا دروازا کليل هوندا هئس. ڀانيان ٿو سٺ ورهيه جي لڳ ڀڳ عمر ماڻيائين ۽ پوءِ چالاڻو ڪري ويو. هن وقت سندس پٽ رئيس اياز احمد ٻگهيو لکيل پڙهيل نوجوان آهي. پيءُ وانگر سٺي پرک اٿس. اباڻي زمينداري پيو سنڀالي شل خوشيون، ابتهاج ماڻيندو رهي. هن ٽهي ۾ اعجاز علي ٻگهيه ۽ قربان علي ٻگهيه سٺا صحبتي آهن. وڏيرو غلام حيدر ٻگهيو ڪوٽائي ۽ الله بخش ٻگهيه ڪوٽائي به ڪنڌي جا ڪنڌار هئا. غلام حيدر ٻگهيه اوٺي سوار ۽ الله بخش ٻگهيه زمينون ماپن ڪرڻ جو ڄاڻو هو.
    هن ڳوٺ جو قاسم حجام به ڏاهو ڦٽ ڦرڙي جو علاج ڪندڙ شڪاري خفتي هو. ڪي سال ٿيا آهن جو وصال ڪري ويو. هن وقت به سندس پٽ محرم حجم راڄ ستار سان ٽوريندو اچي. گچيرو جا استاد شفيع محمد ٻگهيه، عزيز الله ٻگهيو، احمد خان سومرو/چاڪي، جمع خان سومرو/چاڪي، الله رکيو چنو، چوٽي جا استاد هئا. استادي پيشي کي نيڪ نيتي سان نڀايائون. شل رب العزت کين بهشتي بنائين ڪيئي سال ٿيا جو هي جهان ڇڏي ويا.
    مسٽر رسول بخش ٻگهيه به چوٽي جو اديب آهي. عمر جو منو حصو سماجي ڪمن ڪرڻ ۾ گذاريو اٿس. هن وقت ڳوٺ سڌار سنگت جو چيئرمين آهي. گچيري جا اسڪول روڊ رستا هن مانجهي مرد جي ڪوشش سان ٺهي پايه تڪميل تي پهتا آهن. ماروي ليئبريري نالي لاجواب ڪتابن جو وڏو ذخيرو اٿس. شال خوش هجي. گچيرو پراڻو کان اولهه ۾ مينهين ٻگهئي جو ڳوٺ آهي. جنهن ۾ رئيس دوست محمد ٻگهيه مانائتو وڏيرو ٿي گذريو آهي. وڏيرو حاجن ٻگهيو به پنهنجي جوڳ پوري ڪري ويو. هن ڳوٺ جا ٺڪر جا ٿانوءَ به پنجاهه ڪوهي ۾ مشهور هئا. صالح شاهه وارا آويون پچائيندا هئا. پونير به مٽيون ڪٽي ٿانون ٺاهي آويون پچائيندا رهن ٿا. هن ڳوٺ جي اولهه ۾ عرض محمد خان لغاري ڳوٺ آهي. ليڪن هتان جو ڀورو ماڇي، ڀلو، ڀلن جو يار هو. هن وقت سندس پٽ شمن ماڇي ٺاهوڪو مڙس آهي.
    هن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ بگائي سيدن جو ڳوٺ پريل شاهه ڳوٺ مشهور آهن. هتان جا سيد حاجي باقر شاهه اول ته وڏي پيري مريدي ۽ ڌاڳي ڦيڻي وارو سيد هو. سيد لعل محمد شاهه به درويش صفت انسان هو. سيد پريل شاهه ۽ سيد ذاڪر حسين شاهه به پنهنجو وارو وڄائي ويا. پنجتن پاڪ جا پوڄاري هئا. هن وقت به باقر شاهه دوئم ۽ اقبال شاهه ڳوٺ جا نيڪ مرد سيد سڏيا وڃن ٿا.
    سيد جي ڳوٺ کان اوڀ ۾ بچاءُ بند جي ڪڇ ۾ بنگل بڙدي ڳوٺ آهي، هن ڳوٺ جو حاجي نظام الدين بڙدي نيڪ نيت، سنجيده ۽ واپاري مزاج جو ماڻهو آهي. شوق شڪار به کيڏندو آهي. ليڪن هن وقت ڀانيان ٿو، پيري واري عالم ۾ آهي. سندس پٽ ربنواز بڙدي ۽ سهراب بڙدي استاد آهن. جيڪي پڻ يار ويس آهن. مولوي مصري بڙدي به معلم آهي.
    هن ڳوٺ جي اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ تي ڳوٺ حاجي عبدالرزاق سيٺر ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جا حاجي عبدالرزاق سيٺر وڏي هستي وارو ڪچي جو زميندار ٿي گذريو آهي. کيس نرينه اولاد ڪو نه ٿيس. ستر ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻُ ڪري ويو. سندس ملڪيت محي الدين سيٺر ۽ دادن سيٺر جي ور چڙهي. هن وقت ٻئي ڀلن مڙسن ۾ شمار آهن. هن ڳوٺ جو الهه بچايو سيٺر ڏاهو، سنجيده، سگهڙ ۽ فقير مزاج انسان ٿي گذريو آهي. هن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ دودي ٻگهيه جو ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جي لوهرن جون ٺهي ڪهاڙيون، پنجاهه ڪوهي ۾ مشهور آهن. هتان جا لوهر سهتا، ڀاڻ پوٽا مشهور آهن. الياس لوهر، عمر چوڌري يا ڀاڻپوٽو، مولوي غلام مصطفى ڀاڻپوٽو، امير بخش واڍو/ لاکو ۽ سندس پٽ قاسم فوجي ۽ امين فقير مشهور هئا. ڪي آهن ته اڻ ڏٺي ڏيهه رهاي ٿي ويا. هن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ صفن ڳوٺ مشهور آهي. هن ڳوٺ جا ٻيڙائتا ملاح، گل محمد ملاح، ڏاهري، فقير شير ملاح، علي شير پارهيڙي ملاح ڪنڌي جا پرين مڙس ۽ هاڪارا هئا. ان کان علاوه بوسڪي ملاح ۽ گل حسن ملاح سنڌ جي ملهه راند جا رانديگر آهن. جيڪي پڻ پهرئين جوڙ ۾ ملهون وڙهندا پيا اچن. شل وڌو وڌ هجن. هن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ رئيس گلڻ ڄام ڏاهري ڳوٺ آهي. رئيس سردار گلڻ ڄام ڏاهري لاءِ ته مختلصر لکڻ بيجا آهي. هن جي حاڪماڻي حيثيت لکڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. رئيس گلڻ ڄام ڏاهري قوم جو سردار هو ۽ اڃا تائين سندن سرداري دائم ۽ قائم آهي.گلڻ ڄام ۽ وڏل مير ڏاهري ٻه ڀائر هئا. وڏل مير کي نرينه اولاد ڪو نه ٿيو ۽ گلڻ ڄام کي ٽي پٽ ٿيا. 1. رئيس جان محمد، 2.رئيس رضا محمد خان، 3.رئيس مٺل خان. گلڻ ڄام جي ملڪيت ۽ ڪيٽي جا وارث جان محمد ۽ رضا محمد ٿيا ۽ وڏل مير جي ملڪيت رئيس مٺل خان جي حصي ۾ آئي. رئيس سردار گلڻ ڄام ڏاهري سنڌو ڪنڌي جو ڪنڌار، ناميارو رعب تاب وارو سردار سڏيو ويندو هو. مُلڪان ملڪ سندس هاڪ هئي. فيصلن لاءِ ڪيئي الائي جي ڪٿان ڪٿان خلق ڪهي ايندي هئي. فيصلا ڪرائيندا هئس بي ريا فيصلن ڪرڻ جي ڳالهه ڳائبي هئي. ايتري قدر ته سندس ڏيا هئس، جو ڏوهاري قسم جا ماڻهو سندس ڪيٽي مان به ڪو نه ٽپندا هئا. ڪچي جو هي ڪنڌار سٺي پوک پوکي ويو جو اڄ تائين سندس نانءُ سنڌ جي تاريخ ۾ دليرن سردارن جي لسٽ جي چوٽي تي لکيل آهي.
    رئيس گلڻ ڄام جا فرزند:
    1. رئيس جان محمد ڏاهري: فقير صفت، سالڪ، سنجيده پارکو ۽ دورانديش نيڪ مرد انسان آهي. ماڻهپي جا لعل لهڻ ۽ ڳولڻ وارو آهي. سراپا سون آهي. هَٺ جي رتي به نه اٿس. هر وقت سندس بنگلي تي ڪٽڪ ماڻهن جا هوندا آهن. خدمت خلق ڪندو رهي ٿو. هر روز سوين فيصلا ڪري، تَر جي خلق کي مکڻ ماکي ڪيو ڇڏي، هن وقت پوئين پهر ۾ پيو هلي، شال خوش هجي.
    2. رئيس رضا محمد ڏاهري: سردار گلڻ ڄام کانپوءِ سردار گلڻ ڄام کانپوءِ سرداري جي پڳ هن تي آئي هي صاحب لوڪ آدمي هو. سياست جو رانديگر هو. ٻه دفعا سنڌ جو ايم پي اي چونڊيو ڳوٺ، شهر، توڙي اسيمبلي ايوانن ۾ هاشا هوندا هئس. وڏي مان مرتبي وارو هر ڪنهن غريب غربي ننڍي توڙي وڏي جي ڪم ايندڙ شخص هڙان وڙان ڏيئي خدمت ڪندو رهندو هو. پنهنجي تڪ ۾ ڪيئي اسڪول کولرايائين، تقريبن ستر سالن جي ڄمار ۾ 2009ع ڌاري هي ماڳ ڇڏي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.
    3. رئيس مٺل خان ڏاهري: هي به صاحب حيثيت وارو املهه ماڻڪ آدمي آهي. پنهنجي زمينداري سان لڳاءُ اٿس. سياست به کيڏيائين، هڪ دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو پر پوءِ سياسي راند ڇڏي پنهنجي جهجهي ملڪيت کي وڌائيندو اچي. سندس ڳوٺ کڙ آهي، سندس پٽ رئيس عاشق حسين ڏاهري پڙهيو لکيو نوجوان آهي. ڪجهه وقت تعلقه ناظم پڻ رهيو“ سلڇڻن سان صحبتي آهي، صورت ۽ سيرت جو نيڪ آهي. خداوند ڪريم شل وڏي حياي ڏئيس. ٻئي پي پٽ عوام خدمت جي جذبي سان سرشار آهن.
    رئيس جان محمد کي ٻه پٽ ٿيا، 1.رئيس خان محمد ڏاهري ۽ گلڄ ڄام، رئيس خان محمد ڏاهري به سياست جو رانديگر ٻه دفعا ايم پي اي چونڊيو آهي ۽ هڪ دفعو سنڌ جي تعليم واري وزارت جو قلمدان به رهيو آهي. سرداري جي پڳ به هن جي حصي ۾ آهي. ننڍي وهيءَ ۾ ئي عوام جي ڀلي جي سوچ اٿس، طبع ۽ مزاج جو شوخ ۽ تيز، هي سنهڙو هڪ سخن واعدي جو پڪو، سنڌ ۽ سنڌو درياه سان ازلي عشق اٿس، سنڌو ڪنڌي تي ڳوٺ گلڻ ڄام ڏاهري ۾ جديد طرز جو عاليشان بنگلو اٿس، جتي هر وقت کوڙ ساري مخلوق جا فيصلا ڪندي ڏسبو آهي. کلڻو ملڻو، شڪار جو تمام گهڻو شوقين آهي. سندس شڪاري صحبتي غلام مصطفى لغاري، ارباب علي لغاري، منظور علي لغاري ۽ ناچيز آهن. الهڏنو ماڇي، ڪمدار حسين ماڇي شڪاري پيري ۽ خفتي پڻ گڏ هوندا اٿس. والي بال راند جو به چوٽي جو رانديگر آهي، شال وڏي ڄمار ٿئيس ۽ ساعت به ساٿي رهيس آمين.
    رئيس رضا محمد ڏاهري جو اڪيلو اربيلو فرند ڊاڪٽر بهادر خان ڏاهري بخت ڀريو صاحب آهي. هي به سياست کي ٻين پيشن کان اوليت ڏيندڙ قوي دل ۽ حوصله صاحب جواني واري جوڀن ۾ آهي. ايم بي بي ايس جي سنڌ يونيورسٽي جي ڊگري پاس آهي. هڪ دفعو ايم پي اي چونڊيو آهي. ڊاڪٽر نه ڪيائين. زمينداري ۽ واپار واري ڌنڌي سان به نڀائيندو اچي. ساعت جو ساٿ اٿس، شال رب سائين عمر دراز بخشي آمي.
    هر ڳوٺ جي اوڀر ۾ بچاءُ بند جي ڪڇ ۾ شاهه حسين جو ڳوٺ آهي، هتي شاهه حسين جي درگاهه پڻ آهي. جتي ٻارهين مهيني ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. هن سائين جا سنڌ جا شيدي/ مڪراني گهڻو ڪري مريد ۽ طالب آهن. هن وقت به هن ڳوٺ ۾ غلام قادر پيرزادو، زوار اياز حسين پيرزادو محمد بخش ڪوري، صحبتي، محبتي ۽ ڀلڙ ماڻهو آهن. هن ڳوٺ کان ڏکڻ ۾ ڇڙوڇڙ گهر، ڀاڻ ۽ پوءِ سکپور ٻيلو اچي وڃن ٿا. ٻيلي کان اوڀر ۾ دادلي سائين جي درگاهه پڻ بچاءُ بند جي ڪڇ ۾ ڪچي ۾ آهي. هن سائين تي پڻ ٻارهو ئي ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. سکپور ٻيلي ۽ روني ۾ علي محمد راهو، بلاولي راهو، رئيس محمد هاشم ٻگهيه جهونجهاڻ واري جا ڀاڻ ۽ زمينون آهن. ڀنڊن جون زمينون پڻ آهن. محمد هاشم ٻگهيه، تر جي زميندارن ۾ وڏو زميندار آهي. اباڻي ملڪيت جهنجهي اٿس. موچارو ۽ محب انسان آهي، هاڪارو مڙس آهي. شل خوش هجي، يونين ڪائونسل جو ناظم به رهيو آهي ۽ دلبر آهي، ڀنڊن ۾ نياز حسين ڀنڊ، ملوڪ مڙس، يار ويس مٺڙو ماڻهو هو. دل جو دلبر، جواني وفا نه ڪيس. 2009ع ۾ لڳ ڀڳ چاليهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
    سکپور ٻيلو ۽ ان جي آس پاس واريون زمينون نوابن لغارين، تاجپور/ نصرپور وارن جي جاگير هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ ان کان اڳ اصلاحات سبب جاگير ذرا ذرا ٿي وئي ۽ ڪجهه ايراضي سکپور ٻيلو جي نالي ڪري ٻيلو بڻائي ڇڏيائون وڌيڪ زمينون مختلف قومن ۽ فردن جي ور چڙهي ويون. ڪالهه تائين سکپور ٻيلو به گهاٽو ۽ ڪهنو ٻيلو هو ۽ شڪار گاهه پڻ هو. جهنگلي جانورن جي چرڻ ۽ رهڻ جي ڀلي جوءِ هئي. ڏکڻي حد سان پاتڻي چارو آهي، جيڪو نواب ولي محمد کان سيوهڻ پتڻ تائين سائو وهي ٿو. هن وقت لغارين جو جاگير ۾ ويسو به نه آهي. البته ڪجهه وقت اڳ ڪجهه زمين تي نواب وزير حسين لغاري قابض هو، هي به سفيد سونهاري وارو بندري قد جو رعبدار مڙس آهي. وچولي طبقي وارن ماڻهن جي رهنمائي ڪندي ڏسبو آهي. ڀلو ڀلن جو ڀل يار هجي، سکپور ٻيلي جي اوڀر ۾ ڪچي واري علائقي ۾ بچاءُ بند جي پاڙ ۾ ڳوٺ ڪرم ٻگهيه پڻ آهي. هن ڳوٺ جا علي حيدر شاهه وارا پنهنجو پاڻ مڃائيندا پيا اچن.


    باب تيرهون : سنڌو درياه جي کاٻي پاسي ڍنڍون، ڍورا، واهڙ ۽ دٻا

    سنڌو درياه جي کاٻي پاسي ڍنڍون، ڍورا، واهڙ ۽ دٻا

    کوکرن واري ڍنڍ، مياڻي وارو دٻو، چڪڻ واري ڍنڍ، گهارو گڻنب گچيري وارو ٻٽڙن واري ڍنڍ، هوت خان وارو دٻو، مين ٻگهيه وارو دٻو، شادي وارو دٻو، ڪل وارو ڍورو، بجر وارو دٻو، دوستن وارو واهڙ، خيري وارو دٻو، کوسن وارو واهڙ، لغارين وارو واهڙ جيڪو اوڀارو صفن کان وهي شاهه مراد کان ٿيندو لغارين واري ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. لغاري واري ڍنڍ، ڏاهري وارو دٻو، سيٺرن واري ڍنڍ، صفن واري ڍنڍ، پيرو راهو وارو واهڙ، سکپور وارو دٻو سپنا ڍنڍ اچي وڃن ٿا. هي پراڻا نکام آهن. درياهي وهڪرن مٽجڻ ۽ لٽجڻ سبب ڪي ڍورا ڍنڍون، دٻا ۽ واهڙ آهن ته ڪي دادلو درياه پائي ويو.

    سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي ڪيٽيون، ٻيلا، پتڻ ۽ ڀاڻ
    دادو مورو پل کان ڏکڻ لڳ ڪيٽي جيسر، اڌ درياهه جي اوڀر ۽ اڌ اولهه فاضل جاگير، جيڪا رئيس رسول بخش خان مري آف ٽنڊو آدم واري جي جاگير، ڪورائين جي ڪيٽي، لغارين جي ڪيٽي، ٻگهين جي ڪيٽي، اڌ اوڀر ۽ اڌ درياهه کان اولهه، خيرو ديرو ٻيلو، خيرو ديرو پتڻ، ڪنداهه ٻيلو ۽ سکپور ٻيلو آهن. خيروديرو پتڻ، صفن پتڻ، ڦوٽي وارو پتڻ، منهڙو پتڻ ۽ سيوهڻ پتڻ آهن. ڪيٽي سيٺر، ڪيٽي گلڻ ڄام ڏاهري، نواب لغارين جي جاگير، سکپور ٻيلو قلندر شهباز جي جاگير جيڪا گادي نشين سيد گل محمد شاهه جي حوالي هئي. هن وقت سندس پونئر سيد حاجن شاهه، سيد مراد شاهه ۽ سيد الهه بخش شاهه سنڀاليندا اچن ۽ پوءِ پاتڻي چارو اچي وڃي ٿو.
    ڳوٺ لليه کانپوءِ ڏکڻ ۾ مرين جي جاگير ۾ قاسم کوسو ۽ احمد کوسه جا ڀاڻ ۽ مائي نازي کوسو جا ڀاڻ مشهور هئا. مائي نازي کوسه ڪنڌي جي ڪنڌار عورت هئي. ڀاڻن تي آئي وئي کي دل جي گهراين سان لولو کارائيندي هئي ۽ مال پڻ پهريندي هئي. ڪيٽي لغاري ۾ دوسن لغاري جا ڀاڻ، حسن احمداڻي لغاري جا ڀاڻ، منظور احمداڻي لغاري جا ڀاڻ، مين ٻگهيه، غلام حسين ۽ علي گوهر جا ڀاڻ، ٻگهين جي ڪيٽي ۾ بڙدين جا ڀاڻ، مائي ڦاپان بڙدي جا ڀاڻ، مائي ڦاپان مَردن جي مٽ هئي. دادلي جي ڪنڌي تي مائي ڦاپان هاڪاري هئي، خيرو ديرو ٻيلي ۾ ٻاجهي جتوئي ۽ محمود جتوئي جا ڀاڻ، سيٺر جي ڪيٽي ۾ لعل بخش عرف لعلي سيٺر جا اڻ مشهور هئا. سکپور ۾ رئيس هاشم ٻگهيه جا ڀاڻ، گل حسن سهتو ۽ ڪوڙو سهتو جا ڀاڻ، ڀاڻن وارا ڳالهه ڳت وارا به هئا ۽ سوين دليون هيس. ڪنداهه وڏي ۾ مقيقم ڏاهري واري چونڪي، علي محمد راهو وارو ٿاڻو مشهور آهن. ٿاڻو حسن جا ڀاڻ، ٿاڻو پريل شاهه ۽ ٿاڻو مير محمد راهو به ڪچي ۾ مشهور آهن. سپنا ڍنڍ جي ڪنڌي تي واحدو سماٺي جا ڀاڻ، حسن چوڌري اوٺو جا ڀاڻ سنهڙو پتڻ، اهي ڪنڌي جا اهم مرڪز هئا. آيو ويو هنن ماڳن تي سلاماليڪي ڪندو هو. هن وقت ته درياهي وهڪرن مٽجڻ ۽ لٽجڻ سبب، پاڻي جي دادلي ۾ اڻهوند، ٻيلن جي ختم ٿيڻ جي ڪري اهي ماڳ نه رهيا آهن، تاهم ڪجهه آهن ته ڪي مٽجي ويا.
    نوٽ: ڳوٺ لغاري بجراڻي جا رهواسي پاڙن جي وصرت ۾ تقسيم ٿيل آهن، جيڪي پاڙا هن ريت آهن، بجراڻي، خيراڻي، چڪراڻي قيصراڻي، عطراڻي، سهراباڻي، مهراباڻي، مولڻائي، ميراڻي ۽ فقير آهن. خدا بخش جي ڳوٺ وارا سڏبا آهن، احمداڻا،ي باگاڻي ۽ ڏتاڻي به آهن. هتي مضمون ۾ پاڙي جو تخلص ڏيندي لغاري لفظ پويان لکجي ٿو.


    باب چوڏهون: منهنجو ڳوٺ لغاري بجراڻي

    نوٽ: لغاري بجراڻي جي ڳوٺ جي تاريخي ڄاڻ منظور حسين عرف ڏتل لغاري وٽ آهي.
    مشتاق باگاڻي به ڳوٺ جي تاريخي مواد مان گهڻي ڄاڻ رکي ٿو.
    تاريخ جي پڪي ڄاڻ نه هوندي، صرف وڏڙن جي واتان ٻڌندا پيا اچون ته ڳوٺ لغاري بجراڻي جو وجود چئن مانجهي مردن جي همت ۽ بهادري سان پيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي چارئي ڀائر هئا. احمد خان، بجر خان، باگو خان ۽ ڏاتو خان لغاري. هونئن ته لغاري ذات پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ گهڻي آهي، پر هتي صرف ڳوٺ لغاري بجراڻي سان تعلق رکندڙ قصي کي آندو ويو آهي. مذڪوره چارئي ڀائر ڳوٺ چاڪر ڪوٽ لغاري جا هئا. جيڪو ڳوٺ نئين گاج جي اوڀر ۾ ڪاڇي علائقي تعلقه جوهي ضلع دادو ۾ واقع آهي. ڪاڇو وس تي آباد هو. ڪڏهن سُڪر تي ڪڏهن ڏُڪر! انگريزن جو دور هو، هتان جا مير ۽ سَهتا به انگريزن سان ٻِٽ هئا. تنهنڪري گهٽ ۽ غريب ذات ۽ راڄ کي ڪو نه سگهندا هئا. چارئي ڀائر روزي ۽ رهائش جي تلاش لاءِ نڪري پيا. پاڻ ۾ صلاحون ڪري موجوده ڳوٺ لغاري بجراڻي، منتخب ڪيائون. اڳ شايد هي ڳوٺ سهتن جو هو، جو انهن جا بنگلا ۽ ويهڪون موجود هيون. ڳوٺ جي ڪوه کن اوڀر ۾ مير شير محمد خان ۽ مير ٺاري خان وارن جو شڪار گاهه چئجي ڪوٽ اڏيل هو. وقتن پڄاڻان ميسارجي ڊهي ويو، پر اڄ تائين دڙن جي صورت ۾ موجود آهي. ڀائنجي ٿو ته مير صاحبان به پنهنجن ڪڙين تي قابض هئا. مهتا به هٽائي واپاري ۽ شاهوڪار هئا.
    وَسُون ۽ ٻوڏون گهٽ هئڻ سبب لغاري ڀائر به اچي موجوده واهڙ وٽ جيڪو گچيرو پراڻو کان ڪوهه کن اولهه طرف واقع آهي. انهي ڪپر تي منهڙا اڏي ويٺا ليڪن انگريزن مهتن ۽ ميرن جي چرت تي لغارين کي ويهڻ کان منع ڪيائون. لغارين نابري واري جهيڙو جوٽيائون، باگو خان مارجي پيو، ليڪن سوڀارا لغاري ٿيا ۽ ويهي ويا. پوءِ چاڪر ڪوٽ کان چئني ڀائرن جو ڪيڙ ايندو ويو ۽ موجوده ڳوٺ ۾ ويهي ويا. اڳ ته الائجي ڪنهن جو ڳوٺ هو. لغارين جي قابض ٿيڻ کانپوءِ اهو ڳوٺ لغاري بجراڻي بنجي ويو. نائون مل جي جاگير جي ڪجهه ايراضي تي به قابض ٿي ويا. پهريائين ته مُڙهي هئا پر پوءِ ڇُڳي ڇُڳي ٿي ويا ۽ پوءِ ڀائرن مان ڪيچ ٿي راڄ ٺهي ويا. ڳوٺ ٻجهي ويا، پاڙا ٺهي ويا. باگي مان باگاڻي، احمد خان مان احمداڻي، بجر خان مان بجراڻي ۽ ڏاتي خان مان ڏاتاڻي ٿي ويا.
    باگي خان جي آڪهه ڪجهه ڪچي رهي ۽ ڪجهه ماڻهن پڪي تي زمين وٺي وڃي آباد ٿيا. ڳوٺ شبير آباد نالي، حاجي ڪرم علي ۽ حاجي صحبت علي باگاڻي نالي به ڳوٺ ٻجهي ويا. جيڪي اڄ تائين آباد آهن. هي ڳوٺ شاهپور جهانيان کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي اوڀر طرف آباد آهن.
    حاجي ڪرم علي لغاري (باگاڻي)، زوار گل حسن لغاري، (باگاڻي، زوار الهه ڏتو لغاري باگاڻي، حاجي صحبت علي باگاڻي، نظر علي خان باگاڻي، غلام محمد ۽ غلام حسين (ڦڏائي) لغاري مولڻائي) وارا هن ڳوٺ جا ڏهيسر ڳنوار ۽ محبتي ماڻهو هئا. پنهنجو وارو وڄائي ويا. هن وقت نئين ٽهي ۾ مشتاق علي باگاڻي، عاجز اسلم مولڻائي، ڪُهنه مشق اديب آهن. قلم کي خوب ڪڏائي رهيا آهن. قمبر علي، مولوي نجف علي، الهه جڙيو، علي دوست به مڻيادار محبتي آهن، شل جواني ماڻين.
    ڳوٺ لغاري بجراڻين جو حاجي علي محمد سهراباڻي به لڏي شبير ڳوٺ کان ڏکڻ طرف ڪوهه کن جي مفاصلي تي ڳوٺ حاجي علي محمد / حسين آباد نالي ڳوٺ ٻڌائي ويهي ويو. ڪجهه لغارين جي ڳوٺ جا ٻيا به انهي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا جن ۾ چڪراڻي پاڙو به هو. حاجي علي محمد لغاري، سهراباڻي، پاڙي سان تعلق هوس. محنت مزوريون ڪري ٻني ٽوٽا هٿ ڪيائين. ماني مڇي وارو بنجي ويو. حج ۽ زواريون به ڪيائين وڏي عمر ماڻي وصال ڪري ويو. ليڪن نرينه اولاد ڪو نه ٿيس. راوت تر ۾ پيري طور سڃاتو وڃي ٿو. حاجي علي محمد جو ڀائٽيو، غلام نقي لغاري سهراباڻي، ساٿي رهيس. هن ڳوٺ ۾ به ميوو، دائم، قاسم فقير، راوت، غلام نقي خان وارا واهه جو ڀاڳ ڀريا مڙس هئا. پنهنجي جوڳ پوري ڪري ويا. هن وقت غلام مصطفى ولد غلام نقي، علڻ ولد علي حيدر، محمد خان ولد نظر علي، جعفر علي ولد دائم ڳوٺ جي چڱن ۾ شمار آهن. شل خوش هجن آمين. ڏتاڻين مان ڪجهه ته ڪاڇي ئي رهجي ويا ۽ ڪي ڪچي آيا ته ڪن وڃي مورو کان اوڀر ٽمور تي زمينون وٺي ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيا. جن ۾ علودو خان مولڻائي، علو ۽ جڙيو ڏتاڻين، محمد حسن ڏتاڻين، غلام قمبر ڏتاڻين وارا واهه جو وارو وڄائي ويا. محمد بخش ڏتاڻين ۽ حاجي خانڻ ڏتاڻين ته اهڙا اَسيل يار ويس، شڪاري، ڀوڳائي ٿي گذريا آهن جو صديون گذرندي به نه وسرندا. هن وقت به مير خان ولد محمد بخش، علودو ولد محمد عالم عنايت ولد حاجي خانڻ، ولد امام بخش جوٽ جوٽيو پيا اچن! شل! خوش هجن آمين. احمد خان مان احمداڻي راڄ ٿيو. احمداڻي ڳوٺ جيڪو لغاري بجراڻي سان لڳ ڏکڻ ۾ هو ۽ پائجي ويو. هن وقت به ڇڙو ڇڙ ڪيٽي ۾ آباد آهن. احمداڻين به دادلي جي ڪنڌي نه ڇڏي، ڪڏهن هن ڪپر ته ڪڏهن هُن ڪپر مالوند ۽ هر هاري دادلي جي ٻوڏ تي گذر سفر ڪرڻ وارا هئا. جيئن ته هن ڳوٺ جو مذهبي ناتو، اهل سنت سان رهيو آهي ۽ لغاري بجراڻين جو مذهبي ناتو اهل تشيعه سان رهيو آهي. هڪٻئي سان مٽيون مائٽيون پڻ آهن. ليڪن خوش قسمتي اها آهي جو ڪيئي ورهيه گذريا آهن ته به ڪڏهن هڪٻئي سان مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ڪا نه ٿي آهي. هر ڪو پنهنجي راهه راهي آهي. هڪٻئي سان شاديون غميون، ٻڌيون، اتحاد جاري ۽ ساري آهي.
    هن ڳوٺ جا سٻاجهڙ، مسڪين به اصلئون سراپا نياز آهن. سرائي حاجي عرض محمد خان لغاري ”احمداڻي“ سرائي حاجي شوڪت علي لغاري ”احمداڻي“ الهبچايو حڪيم ”فدائي“، سائين مولوي عبدالرحيم سائين عبدالڪريم ولد حاجي شفيع محمد، سائين يار محمد ولد نبي بخش لغاري احمداڻي به وڏي مان مرتبي وارا ٿي گذريا آهن. مٿيان سڀئي مانجهي مرد استاد ميوو خان لغاري (فقير) جا شاگرد ٿي رهيا آهن. سائين عبدالڪريم ۽ سائين يار محمد ته پڙهي ڳوٺ ۾ پهريان پروفيسر جي عهدي تائين پهتا، سائين عبدالرحيم مدرسي مان فقه جي سَنَدَ حاصل ڪري موري شهر ۾ ريل جي ڀرسان مدرسو جوڙائي غريب ۽ بي پهچ طالب علمن کي مذهبي تعليم سان نوازيندو رهيو. سائين هُن ڏيهه ويو تڏهن به مدرسه ۾ درس پڙهايو وڃي ٿو. جنهن جي نگراني پڻ بشير احمد لغاري ”احمداڻي“ ۽ اختر حسين ”احمداڻي“ لغاري ڪري رهيا آهن. حڪيم الهه بچايو ”فدائي“ ادب ۽ حڪمت ۾ پاڻ ملهايو. کيس لکتن ۽ ڪتابن ۾ تخلص ”فدائي“ رهيو آهي.
    سرائي عرض محمد خان لغاري (احمداڻي) ولد حاجي لعل بخش ڪچي ۾ وچولي طبقي جي زمينداري سنڀاليندي پنهنجو وقت، قوت برداشت، شرافت، لڄ لحاظ وارو پارکو، راڳ ۽ ويراڳ جو شوقين يار ويس ڀلن کان ڀلو مڙس ٿي گذريو آهي. گهڻو ڪري سيد سعيد علي شاهه جهانيان پوٽه خانصاحب منظور علي خان (ڳائڻو) محمد هاشم ملنگ وڪيل سيد نبن شاهه مورائي وارن سان مٺي صحبت هيس. تر جا سياستدان به سٺي نگاهه سان ڏسندا ۽ ڀائيندا هئس. قومي جهيڙي جي نظر ٿي ويو خدا جنت فردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين. کيس ٻه فرزند ٿيا، روشن علي جيڪو جواني ۾ ئي فوت ٿي ويو. اقبال احمد پيءُ واري مشن تي گامزن آهي. يونين ڪائونسل جي نائب ناظمي ماڻي چڪو آهي. سرائي حاجي شوڪت علي خان لغاري (احمداڻي) ولد خان محمد احمداڻي، فقير صفت صوم صلوات جي متقي، سخي، غريب دوست، امن پسند ڪچي پڪي جي زمينداري هيس. صرف نرينه اولاد لاءِ سڪندي ساهه جو سڳو ٽٽي پيس، ڌڻي در راهي ٿي ويو. شال ڌڻي جي ذات راضي رهيس ۽ بهشتي بنائيس آمين. ميرڻ حاجي اڪبر بنگل به ڪنڌي جا ڪنڌار هئا. جواني ۾ ئي مقامن جا سينگار بنجي ويا. چاچو دوست علي ولد نبي بخش احمداڻي به مولوي طرز جو هيٺائين مزاج وارو صوم صلوات جو پابند، مسجد ۾ پاڙي جي ٻارن کي قرآن شريف جو درس ڏيندڙ پڇاڙڪي پهر ۾ آهي. سندس پٽن مان حاجي محمد ايوب بنهه سادڙو ۽ غريبن جو يار آهي. هر ڪنهن سان سَن مُک آهي. شل وڏي ڄمار ٿئيس. هن وقت هن ٽهي ۾ منظور علي لغاري (احمداڻي، عبدالمجيد احمداڻي، علي غلام احمداڻي، رسول بخش ولد حسين بخش احمداڻي، حضور بخش احمداڻي، حاجي محمد ايوب، اقبال احمد ۽ وزير احمد احمداڻي هن ٽهي جا جوڏا جوان آهن. جوءِ ۾ ڳالهه ڳت وارا اهن. ڳوٺ جي خدمت واري جذبي ۽ همت ڀريا آهن. شال خوب صحت هجين آمين.
    محمد خان احمداڻي باز ۽ شهباز پکي جي شڪار ڪرڻ جو شوقين هوندو هو. سدائين راتيان ڏينهان ٻيلن ۾ ڄارن ۽ پَٽن سان دودي جي ڳوٺ جي ٺهيل ڪهاڙي ڪلهي ۾ وجهيو مذڪوره پکين جي گهٽن ۽ گهيڙن تي ڏسبو هو. بندوق چٽڻ جو به توبچي هو. چيڄ جو شڪار ڪري ڦاڙها ماريندو هو. باز ۽ شهباز ڦاسائي ڪجهه وقت ڌاري ٺاهي سنگت سان کي ڏئي ڇڏيندو هو اُپراسي يا پئسن جو لالچي ڪو نه هو.
    بجراڻي راڄ سان فقير به ڌريئون ئي گڏيا آيا. ميانوال فقير سڏبا هئا. عسين فقير ”شهيد“ سوڍل فقير اول، شادمن فقير اول، دودو فقير، ماڻڪ فقير، ڏتل فقير اول، فخشو فقير، چاڪر ڪوٽئون لڏي اچي لغاري بجراڻي ۾ رهيا، ڌاڳي ڦيڻي جو هُدو به هون. ڪجهه ڳوٺ ۾ رهيا، دودي فقير وارا ۽ سندن پونئر دودي فقير پويان لاڙ لڳ ميرواه گورچاڻي ضلع ميرپور خاص ۾ دودو خان لغاري نالي ڳوٺ ٻڌائون. مزوريون ۽ پورهيا ڪري پيٽ قوت ڪندا رهيا. سندن پونئرن زمينون ورتيون ۽ اتي ئي آباد ٿي ويا. ڳوٺ دودو خان لغاري جي اتر ۾ ڪوه کن جي پنڌ تي واگهرجي واهڻ آهي، جتي به لغاري گهڻائي ۾ آهن. واگهريجي واهڻ ۾ اهل تشيعه جو وڏو مدرسه مولانه مفتي مجتهد علامه غلام مهدي لغاري قائم ڪيو. ملڪان ملڪ سندس مدرسه جو درس مشهور هو. ڪيترائي عالم ۽ فاضل بنائي فارغ ڪيائين. 90 ورهين جي عمر ۾ وصال ٿيس. تاهم اڃا تائين مدرسي ۾ سندس پٽ مولوي محسن لغاري ديني درس ڏيندو رهي ٿو. دوداڻين جي ڳوٺ ۾ ڳڻي ڳڻجن ڪيتريون ئي شخصيتون ٿي گذريون آهن. ليڪن هن ٽهي ۾ حاجي حسين بخش ولد قمبر علي خان، غلام حسين ولد رسول بخش خان، منظور حسين ولد خانصاحب مراد علي خان، قاسم علي ولد احمد علي خان وارا مان مرتبي وارا، يار ويس، ملڻا جلڻا ماني ڳنڌڻ وارا آهن. شل! محبت ۽ امن واري مشعل ٻاريو اچن. خوش هجن، هن ڳوٺ جي امر سنڌو به هن وقت پروفيسر ۽ چوٽي جي اديب آهي. قلم کي زيور بنايو اٿس، خوب لکندي ۽ پڙهندي رهي ٿي.


    باب پندرهون : ڳوٺ لغاري بجراڻي اڌ صدي اڳ ۽ پوءِ

    ڏينهان ڏورڻ ڏٿ سين، راتيان ڪن رهڻا،
    عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري
    سيد لطيف

    ڳوٺ کي درياهه پاتي 35 سال گذري ويا آهن. سهڻي سندر اباڻي ڳوٺ ۽ ڳوٺ واسين کي وسارئي به نه ٿا وسري سگهن. اڄ به ان جي ياد منهنجي وجود جي اٿاهه اونهاين ۾ هڪ عجيب سڪ پيدا ٿي ڪري، هن ڳوٺ جو ڪمال به ڏٺم ته زوال به ڏٺم ۽ پسيم، لڳ ڀڳ 50 ورهين جي ڄمار تائين جا انيڪ عڪس پسي سگهن ٿا. ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ مونکي ساهت جي مورخن جو سنگ مليو، جن مان گهڻو ئي پرايم پر اڃا تائين پريم نه گهٽيو آهي. ڪڏهن ته وري اداسائي ۾ من جو پکيڙو اڏامندو اڏامندو دادلي جي ڌڌڪن ۽ ڪپرن وارن نظارن، شڪار ڪرڻ واري جوءِ ڏانهن هليو ٿو وڃي. انهن يادن قلم کڻايو آهي. ڄاڻان ٿو ته بنهه بڪواس لکي اٿم ۽ لکي پيار پوندس. دادلي جي ڪپر جا رهواسي، سانگيئڙا، مالوند، هر هاري جهنگ ۾ گذر سفر ڪرڻ وارن جو هي ڳوٺ لغاري بجراڻي آباد هو. خدا ڄاڻي انهي وسندڙ بستي تي الائجي ڪهڙو ڏمر ٿيو جو دادلي درياهه جي بي رحم موجن بک بڻجي ويو. هن وقت به ڳوٺ آهي، ليڪن سڄي ڪيٽي ۾ تڙيل پکڙيل آهي.
    ڳوٺ لغاري بجراڻي ديهه خيرو ديرو، تعلقه مورو ضلع نوشهرو فيروز گچيرو پراڻو کان ٻه ڪوهه اولهه ۾ واقع سنڌو ڪنڌي آباد هو. هن ڳوٺ ۾ به ڪيترين ئي ذاتين وارا رهائش پذير هئا. ليڪن وقتن پڄاڻان گذر سفر جي ڪمي هئڻ سبب لڏيندا ويا. ڪي ڌريون درياهه پاتي کان اڳ لڏي ويون، ڪي درياهه پائڻ کان پوءِ لڏي ويا. هن وقت صرف لغاري بجراڻي ۽ احمداڻي لغاري ۽ ڪجهه پڃارن جا گهر آهن. درياهه پاتي کان اڳ سيدن جو هڪ گهر سيد ڏنل شاهه جو هو. هي سيد فقير مزاج ۽ ڌاڳو ڦيڻو ڪندڙ سيد هو. کيس ٻه فرزند ٿيا. 1. سيد لعل محمد شاهه، 2. سيد گنبل شاهه، سيد لعل محمد شاهه، سنڌي فائينل پاس ڪري تپيدار بڻيو. 1956ع ڌاري لڏي موري جي شهر ۾ اچي ويٺا. 2. سيد گنبل شاهه خاص ڪري لغارين سان پيري مريدي وارو ناتو نڀائيندو آيو. تمام سادڙو ٽهڪندڙ، پرين مڙس هو، ڪيئي سال گذريا آهن، جو وصال ڪري ويو آهي. لانگاهه، ڊکڻ، حجام ، ڪوري، هُليا، موچي، ڪنڀر، ماڇي به درياه پاتي کان اڳ لڏي ويا. لانگاهن ۾ حاجي مراد لانگاهه ڀلو ڏورڻو ڏوري لڏي وڃي پڪي تي ويٺو. ڊکڻن موسن ڊکڻ، جيڪو پينگهن، هندورن ۽ کٽن ٺاهڻ جو پنجاهه ڪوهي جو مشهور ڊکڻ هو. جيئندل ڊکڻ هر ٺاهڻ جو پنجاهه ڪوهي ۾ مشهور هو. سندن وڏا لغارين جي ڳوٺ ۾ هئا. پوءِ موسن، جيندل ۽ احمد وارا لڏي وڃي موري شهر ويٺا. حجامن ۾ قاسم حجام ۽ سندس وڏا لغارين ۾ حجامت به ڪندا هئا ته ڀت خيراتون به رڌيندا هئا. قاسم حجام ڦٽ ڦرڙي جي علاج جو قوي ماهر هو، هن وقت به سندس پٽ محرم راڄ سنڀاليندو اچي. قاسم شڪار جو خفتي به هو. بعد ۾ لڏي وڃي گچيرو پراڻو ۾ ويٺا، ڪوري به گهڻا هئا. کٿا ۽ کيس ٺاهيندا هئا، پر ڌنڌي ۾ اُپراسي گهٽ هئڻ سبب گچيري وڃي ويٺا ڪورين ۾ مسو ڪوري، مسڪين فقير صفت ڀلڙو مڙس هو.هليا به گهڻا هئا، پر پوءِ لڏي وڃي سڌوجا جي ڀرسان ويٺا. ميهر هليو چور خان به هو ته چڱو به هو. پنهنجو وارو وڄائي ويو. ڪنڀر صالح شاهه وارا اڳ ته لغارين جي ڳوٺ ۾ مٽي جا ٿانو ٺاهيندا هئا پر پوءِ لڏي وڃي مينهي جي ڳوٺ گچيرو کان اولهه وڃي ويٺا. جتي اڄ تائين آويون پچائيندا رهن ٿا ۽ سندن ٺهيل ٺڪر جا ٿانو به پنجاهه ڪوهي ۾ مشهور آهن. موچين ۾ مٺو موچي ويٺو رهيو. اوتارو به ٺاهيائين ۽ محبتي ۽ فقير هو پارکو به هو، ڳوٺ لغارين ۾ ئي وصال ڪيائين.
    لغارين جي ڳوٺ ۾ ماڇين جو راڄ به گهڻو هو. ليڪن اهي به گهڻا درياهه پاتي کان اڳ لڏي وڃي پڪي تي ويٺا پانڌي ماڇي مڙني ماڇين جو مهندار هو. اڃا به سومر ماڇي ۽ سندس پٽ محبوب ماڇي واهڙ ڪپر تي آباد آهن.
    ميراثي درياهه پاتي کانپوءِ لڏي وڃي چوٽيهه هزار موري جي ڀر ۾ زمينون وٺي ڳوٺ ٻڌي ويهي ويا. ادريس ميراسي صالڻ ميراسي، ايوب ميراسي ۽ الهه بخش ميراسي وارا واهه جو ڀلا مڙس هئا. ايوب ميراسي دهل وڄائي راڄ ستار ۾ شادين جا شادمانه وڄائيندو هو. هن وقت به بهارو ميراسي ”رانجهاڻي“ ڊاڪٽر علي نواز ميراسي ”رانجهاڻي“ خوش مزاج ۽ مڇي ماني وارا آهن شل خوش رهن.
    پڃارا اڃا تائين واهڙ ڪنڌي تي ويٺل آهن، شل خوش رهن. پڃارا اڃا تائين واهڙ ڪنڌي تي ويٺل آهن. ڪي لڏي ويا. ويٺلن ۾ آچر پڃارو، عثمان پڃارو، رجب پڃارو، مسڪين مارو ۽ هر هاري هئا. ڪوس به ڪندا هئا. آچر راڄ جي شادين ۾ ڦنڊرون قهي لاپو وٺندو هو. عثمان پڃارو، فقير سراپا سچ هو. گهڻو ڪري ٻوڏن ۽ برساتن ۾ چارا ۽ رستا ڊهي ويندا هئا اهي پيو ٺاهيندو هو. يا واهڙ جا ٻوڏ ۾ گهيڙ لٽجي ويندا هئا. اهي به ٺاهيندو هو. ڇپر ٻاڌو به اول نمبر جو هو. بنا چوڻ جي راڄ ستار جا ڇپر ٻڌائيندو هو. هن وقت به انور پڃارو، قاسم پڃارو، رکيل پڃارو حسن پڃارو جوٽ جوٽيو پيا اچن. شل وڌو وڌ هجن.


    باب سورهون : ڳوٺ لغاري بجراڻي جو ڪاروهنوار

    ڳوٺ لغاري بجراڻي وارن جوانن توڙي مستقبل ۾ ايندڙ نوجوانن لاءِ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاروهنوار کي ڪجهه حصن ۾ ورهائي پيش ڪجي ٿو

    ڳوٺ لغاري بجراڻي وارن جي معاشي زندگي رسم و رواج رهڻي ڪهڻي پهر اوڄ، مڙسن جون اوطاقون لغارين جو اتحاد ۽ ٻڌي، ڪيٽي ۾ ٻوڏن، کوهن پڙهوڏن ذريعي آباديون، ڪيٽي ۾ مال جا ڀاڻ، پتڻ جو وهڻ، عيدن، شادين تي قوم جون خوشيون ۽ رانديون، ملهه ڪٻڊي ۽ ٻلهاڙو ۽ والي بال چانڊوڪين راتين ۾ سير سفر ۽ شڪار، سالڪن ۽ سگهڙن جون ڪچهريون، غم حسين، مجلسون، پڙ، مسجدون، ملا، ادب، شاعري، حڪيم، مانڊا ماندرا، پيري، ڇپر ٻاڌا، هڏ ٻاڌا، ناڙي ڪاها، تارو، ڪوڪڙي، تيتري، ڀوڳائي، اوٺي، سورا، نڙ، بينون، بوڻينڊا، چنگ، بنسري، نغارو، وڏي باهه وارو واقعو، وڏيون ٻوڏون، ڪاٺ جا نار، راڳيندڙ، دايون، ڳوٺ ۾ وندر واريون جايون، گهيڙ، چارا، نور شاهه، شڪاري، ساٿي، شڪار، واهڙ، گڻنب، فقير مزاج غريب ۽ سادڙا ماڻهو، ڀلڙ ماڻهو.
    معاشي زندگي: ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ لغاري گهڻائي ۾ هئا ۽ ٻيون قومون گهٽ هيون. مهتن جي ڀاڄڙ کان اڳ ٻين قومن وارا مانجهي مرد به لغارين جي ڳوٺ وارن سان، ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ جُهٽ هيا. پر پوءِ مهتن لڏڻ کانپوءِ ٻين قومن وارا به وقتن پڄاڻان لڏيندا ويا. ڪجهه رهجي به ويا. پر وري درياهه جي ڳوٺ پائي وڃڻ کانپوءِ لڏي ويا. صرف لغاري قوم ئي ڪنڌي تي آباد رهندي اچي ٻوڏون ٿين ته ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيو وڃن. ورنه ڪٺن زندگي گذاري سال پورا پوندا هئا. گهڻو ڪري مالوند ئي ساوا هوندا هئا ته هر هاري به هئا. هر ڪنهن وٽ گابي ليلي هوندي هئي، ٻوڏون ٿين ته چيٽي بوسي، فصل ڪاهي اَن اُپائيندا هئا. کوهن ۽ واهڙن تي ڪاٺ جا نار چاڙهي آباديون ڪري به گذر سفر ڪندا هئا. مزدور طبقي جا ماڻهو به صبح سويل، ڪڪڙن جي پهرئين دس تي اٿي، اغثني يا سيدا، رس ريا رسول الله صلعم چئي دودي ٻگهيه جي ڳوٺ جي لهرن جي ٺهي ڪهاڙي، ڏني لوهر گچيرائي جا ٺهيل ڏاٽا کڻي جهنگ منهن ڪندا هئا، سَرَ ڊڍو، ڪانهن، لُهي، پَتَر، لَڙهَو، پَڃَر، چاڙهو، ٿُوڻي، وَرَو، داسو، ڏَڪ، ڏَاڪ، دَوڳي وغيره ڪپي، وهٽن تي کڻائي. اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿيندا هئا ۽ پوءِ پڪي يا آس پاس وارا ماڻهو گهرج مطابق ڄاڻايل شيون خريد ڪري کڻي ويندا هئا. ڳوٺاڻان وهٽن تي وکر رکي اوڙي پاڙي گهورڙيا بنجي گهور ڪري به گذران ڪندا هئا. ڪانهين ۽ ڊڍي جون نوڙيون به وٽيندا هئا. ڍيرا به ڪتيندا هئا. سُپت هين، ڪُپت ڏان ئي ڪين هوندي هي. ساڳ دال، کير ۽ کُنڀين تي گذارو ڪندا هئا. سانوڻ مند ۾ پورب لڳن ته مينهن وسن، چواڻي آهي ته ”سانوڻ جو مينهن، ڏاند يا مينهن جي هڪ سڱ تي وسي، ٻئي تي ڪو نه وسي“ جڏهن سانوڻ جا گجگوڙ هوا جي رخ تي ڇڳا ڇڳا ٿيندا آهن ته ڪٿي وسي ته ڪٿي ڪو نه وسي. مينهن کانپوءِ زمين ۾ کنڀيون جام ڦٽن، ڳوٺ واران ڳنڌڻ لاءِ جهنگ ۽ پوٺن مان ڇنگا ڀري آڻين ۽ چاڙهين. شاهنواز ڪورائي واري پوٺي ۽ واپاري ۽ کوهه واري پوٺي تي کنڀيون جام ٿينديون هيون.
    ٻوڏون ٿين ته ڪچي وارا خوشيون ڪندا هئا. شڪراني جون ديڳون چاڙهي نذر نياز به ڪندا هئا. جيئن ئي ٻوڏ ختم ٿيندي سرءُ مند شروع ٿيندي سرءُ موسم جا آثار چٽ ختم ٿيندو لوڪ ڏاهپ چوڻي آهي ته سر نسريو ته رات جا اَنگ ماڪ سان ڀرجي ويندا هئا. سر نسرندو، ڪونجون اينديون هيون ته هر هاري به گهڻو ڪري پهريائين ته ٻيٽن ۾ درياهي وڏن لٽن ۾ سرنهون ۽ مٽر رپين ۽ گپن ۾ ڇٽڻ ويندا هئا. ۽ باقائده چيٽي فصل جي ڪاهه شروع ٿي ويندي هئي. سچ پچ ڪچي ۽ ڪنڌي واسين لاءِ سنڌو درياه جند جان ۽ سرتاج آهي. انهي جي مهر سان سندن جياپو اٿن ٻوڏ ٿي پاڻي لهي وڃن ته جهرجهنگ زميني سلا ڦٽن ته چوپايو مال به ٽراڏون هڻي چري، سادڙا، سٻاجهڙا تن تي پورو لٽو به نه هوندن ته به حال خوش رهن. هڪٻئي جون مَهلون ڪندا هئا. پاڙيوارن غريبن جي ويلي نه هئڻ تي مدد ڪندا هئا. وسان ڪين گهٽائيندا هئا. لڱائي چڱائي ۾ به هڪٻئي کي ڪو نه ڇڏيندا هئا. چيٽ يا ڪتي جا فصل لهندا هئا ته پاٽيون، ٽويا، ڪاسا ۽ خرار ڳڻبا هئا، لاپا لائي، ليکا بنديون فصل لهڻ وقت ڪندا هئا. سرندي وارا پنهنجا ان پلين، گُندين ۽ گُندڙن ۾ سانڀي ڇڏيندا هئا. باقي عام مزور طبقو آڻين ۽ چاڙهين واري سلسلي ۾ گذريندا هئا.
    رسم رواج، ريتون ۽ تهذيب: اگر چه ڳوڙهو اڀياس ڪبو ته سنڌ جي ڏهه پندرهن ڪوهي ۾ رسم رواج ۽ ريتون مختلف ڏسڻ ۽ ٻڌڻ اينديون آهن. ليڪن ڳوٺ لغاري بجراڻي وارن جو رسم رواج ۽ ريتون ساڳيون ئي رهنديون اچن. توڙي جو کڻي کوڙ ساريون ذاتيون رهائش پذير هيون. تاهم لغارين جي گهڻائي هئڻ سبب شادين، غمين، سنوڻ ساٺن ۾ سڀ گڏ هوندا هئا. اوکي سوکي تي به هڪٻئي مٿان ساهه قربان ڪندا هئا. خاص طور تي شادين جي موقعن تي مٽي مائٽي جو پاند اڙبو هو ته دهل دمامه شروع ٿي ويندا هئا. مٽ مائٽ، آڙو پاڙو، دوست گڏجي شادي جي ٿِت / تاريخ ٻڌندا هئا. پوءِ باقائده شادي جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو. سنگت ساٿ کي ڳَهي کڻڻ لاءِ ڪم ورهائجي ملندا هئا. هر ڪو پنهنجي ڪم جي مقرر تاريخ تائين پورائي ڪندو هو. سنگتي ڦنڊرون ڏيندا هئا. وهٽن وارا اٺ پلاڻي ڇني ٺاهڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا. جهنگ ۽ ٻيلن مان ڪاٺوڙ گڏ ڪري، هفتي کن ۾ ڇنو ٺاهي تيار ڪندا هئا. مٽن مائٽن ۽ دوستن ڏانهن ميراسي فقير سَڏ پهچائيندو هو. اگر چه ڪنهن وٽ ڪاوڙ، ڪسوبت هوندي هئي ته ولر مڙسن جا گڏجي ان کي پرچائيندا هئا. سانجهي وقت ميراسي گهوٽيتن جي در تي دهل ڪٽيندو هو، اتان مراد وٺي اچي کليل ميدان تي دهل وڄائيندو هو ته ڳوٺ جا ننڍا وڏا، توڙي جو ڀت نه کائيندڙ هجن. سڀ گڏ ٿي ويندا هئا. ڏونڪن تي ناچ ڪندا هئا ته ملهون به وڙهندا هئا. ڪيئي ڏينهن شادمانه پيا هلندا هئا. جيسين وڃي لايو سجايو ٿيئي. عورتن ۾ به وايو منڊل مچي ويندو هو. گهريتيون وڏڙيون عورتون اَسُر جو اٿي چڪيون پيهنديون هيون. چڪي ٻن پٿرن جي پڙن مان ٿئي. هيـئين پُڙ جي وچ تي لوهي ڪير لڳل هوندي هئي. مٿئين پُڙ جي وچ تي اڌ فوٽ جيتري گولائي تي ڳلو ٺهيل هوندو. جنهن ۾ اَنَ وجهڻ جي جاءِ هوندي. ڳلي جي وچ تي ڪاٺ جي مڪڙي گول دائري ۾ مليل هوندي ۽ ان مڪڙي جي وچان سل ۾ ڪير آرون پار لڳل هوندو آهي. مٿئين پُڙ جي پاسي ۾ ڪاٺ جو هٿيو لڳل هوندو، جنهن کي عورتون ڦيرائين اَن پيهنديون هيون. مڪڙي ڪير ۽ اَن پسجڻ جو آواز جي تنوار پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. چڪين ۾ جوار، ٻاجهري، ڪڻڪ، جو اَن پيسيو ويندو هيو. چڻن، مٽرن، مڱن ۽ مسور جي دال به ڦِرڙي ويندي هئي. عورتون گڏجي رليون، گج، چولا سُين، سان سبنديون هيون ته ڪي وري ڪڻڪ جي تيلي مان دٻڪيون ٺاهي انهن کي ٽونئر جي سونهن سان سجائينديون هيون. سچ اڀرڻ تائين ٽويو اَنَ جو پيهي پوءِ اٿنديون هيون. ڏينهن جو گهر ڌياڻيون ڪم ڪار لاهي، کير جون چاڏيون ڪاٺ جي ٺهيل مانڌاڻين سان ولوڙي، پالهيون، ٿينديون هيون. ٽپهري ڌاري سج لٿي وري گهر ڀاتين کي کارائي پياري سنجهي جو، رات جو سهرن ۽ لاڏن تي وڃڻ لاءِ سانباها ڪنديون هيون. عورتون به گهڻو ڪري شادين، ڇٺين ۽ پِڙن تي گڏ ٿي هڪٻئي سان حال اورينديون هيون. الڙ جواني واريون عورتون به سهرن ۽ لاڏن تي دهل ۽ ٿالهه وڄائي ورونهن ڪنديون هيون، عورتن جو گهڻو مارو تيل، ميٽ، مساڳ ۽ ميندي تي هوندو هو. اڃا صابڻ پائوڊر ڪو نه هئا. اسان سنڌ سونهاري ۾ رسمي طور سڪيلڌي پٽ، پوٽي يا ڀاءُ جي شادي جي مراد پڄندي ته فطري طور تي تن، من ۾ ازخود خوشيءَ جي وير اُڀامندي هئي. ٻين قومن ۾ ساڳي طرح مزاج هئا. گهڻو ڪري آهتي قومون، ڊکڻ گهوٽن لاءِ کٽون ۽ هندورا ٺاهي لاڳ وٺندا هئا. پڃارا ڦنڊرون قُهندا هئا. ۽ قُهندا اچن. ڪنڀر ٺڪر جا ٿانون، پاٽيون، پاٽوڙا، مٽ، دلا ۽ ٽڀا، ڪونئرا پهچائيندا ۽ پني مراد وٺندا هئا. حجم ڀت رڌيندا هئا ۽ طوهر به ڪندا هئا ته موڙ ۽ ڳانا ٻڌي گهورون وٺندا هئا. مير بحر پکالي هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي نڀائڻ لاءِ گَد گَد پيا ٿيندا هئا. مراد پڄندي پُڳر پلئه پوندو هو.
    موت فوت تي به ڳوٺ وارا ڪلهي ڪانڌي ٿيندا هئا ته ڀتر ڀائي به ٿيندا هئا. ڳوٺ کان سڏ پنڌ پري، وهٽن تي سوار لهي پوءِ ڳوٺ ايندا هئا، يا ٽپي ويندا هئا. عزازپ ۾ وري مٿو اگهاڙو ڪري گهرن ۾ ڪو نه ويندا هئا. عزازپ ۾ وري مٿو اگهاڙو ڪري گهرن ۾ ڪو نه ويندا هئا. مٿو اگهاڙو شان ۽ مان ۾ گهٽتائي هو اسان جو ڳوٺ ٻروچ ناتي پرديدار هو. نياڻي جو ٻار ته گهر جي چائنٺ کان نه نڪرندو هو. البته شادي، غمي تي عورتون گڏجي نڪرنديون هيون. ڳوٺ جا مرد گهٽيون چارا ۽ اوطاقون عورتن جي اچ وڃ وقت خالي ڪندا هئا ته جيئن عورتن تي نظر نه پوي.
    ڪچي واسين کي مهمان نوازي ته ڄڻ ڏاج ۾ مليل آهي. جائي رکي سکي هوندن سان مزمان کي کارائيندا هئا. مهمانوازي کانسواءِ سنڌو ڪنڌي وارن سنڌين وٽ تهذيب جو انگ به هوندو هو. دوستيءَ جا اَنگ نَنگ ڏاڍا هوندا هئا. سنگتن ۽ دوستن ۾ سڪ ۽ صدق سواد هوندو هو. سيڙهجي به سنگت وٽ وڃي راتيون ٽڪي ڀيرا ڀڃي اچبا هئا. دوست ايندو هو ته سڄيون ماندگيون لهي وينديون هيون. راتيون چرچن ۽ ڀوڳن ۽ ادب پرور محفلن م گذرنديون هيون. ڏينهن رهاڻ ۽ حالي احوالي ٿيڻ ۾ گذرندا هئا. منهن ٽڙي پوندا هئا. وَرَ وَرَ ڪيو پيا هڪٻئي کي ڳراٽڙيون پائيندا هئا. دوستي ان لاءِ ڪا نه رکبي هئي ته هن مان ڪو ڪم نڪرندو! دوستي سنگت جي وڌاءُ ۽ وفاداريءَ لاءِ هوندي هئي ۽ هڪٻئي لاءِ سِرويچ هوندا هئا.
    راندين جي رسم به جام هوندي هئي. چيڪلا، پينگهون، گلي ڏڪر وغيره، رانديون رچنديون هيون، ننڍا ٻار وري چِرا پيا چٽيندا هئا. ڌرتي جا سانگيئڙا، ساڳي ڌرتي جي اَن جَل ۽ تهذيب جي ڌاڳي ۾ پوتل داڻا هئا.
    پهر اوڄ، رهڻي ڪهڻي: سڄو ڳوٺ ڪکائون ٺهيل هو. اڃا ماڙين ۽ بنگلن بنائڻ جا عام شاهوڪارن توڙي غريبن کي اوناڪون نه هئا. صرف منهه ڇپر ڇانو، ڪک ۽ ڪاٺين جا ٺهيل هئا! البته مهتن جون جايون ڀاڄڙ کانپوءِ ڪجهه لغاري کي هٿ آيون. تمام سادڙا تقريبن مهيني ماسي، ميلي ملاکڙي شادي غمي تي حجم ڪسبت کڻي ڳوٺ وارن کي سنواري ويندا هئا. مٺي موچي جون ٺهيل جتيون پائيندا هئا. سئي ڌاڳي سان ٽوپيل وڳا مرد توڙي عورتون پائيندا هئا. عورتن کي گج لانوڻيون، ۽ گربي جو ويس پهريل هوندو هو. مرد پهراڻ خميس ۽ ڪورين جي رنڱيل گوڏ پائيندا هئا. بافتي يا ململ، هرک جا پٽڪا به ٻڌندا هئا. گهڻو ڪري چڙها ٻاهر ايوانن ۾ کٽولن تي رات جو سمهندا هئا. يا اوطاق تي سمهندا هئا. لڄ ۽ حجاب گهڻو هوندو هو. فصل لهڻ ۽ پوکڻ کانپوءِ واندڪائي ۾ وڻن جي ٿڌين ڇانون هيٺان ننڍا جوان، لطف اندوز رانديون به رچائيندا هئا ۽ پُر لطف ڪچهريون به ڪندا هئا. مننجهند جو گهڻو ڪري چنر چيلي، سورهڻ ٽڻ، نوٽڻ، ۽ پتي راند کيڏندا هئا. شاهن سهراباڻي ڄام مولڻائي، استاد سعيد خان سهراباڻي، استاد رسول بخش مهراباڻي، سجاول فقير مٿين راندين کيڏڻ جا شهه رانديگر هئا.
    بازار ۾ گلزار علي جو هٽ، جهنڊي جو گهاڻو، حاجي ملي وارو هٽ، حُسيني فقير وارو هٽ منجهند جي راند پڻ کيڏڻ جا مرڪز هئا. لڙي منجهند کانپوءِ صاحب فقير جو داريو راند جو مرڪز هوندو هو. سگريٽ ٻيڙي ڪا نه هئي پوڙهن پڪن جو چلم تي مارو هو.
    اوطاقون ۽ اسڪول: ڳوٺ لغاري بجراڻي ۽ احمداڻي لغاري ڳوٺ هڪٻئي جي لڳ ڀڳ هئا. ڪمين ڪارين هڪٻئي جي اوطاقن تي وڃي ڪاروهنوار ڪندا هئا. احمداڻين لغارين ۾ سرائي عرض محمد لغاري جي اوطاق ”فدائي“ الهبچائي حڪيم جو حڪمت خانو، دريائون پار سرائي حاجي شوڪت علي لغاري جون اوطاقون مهمانن ۽ جوءِ وارن جا مرڪز هئا.
    ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سرائي سمندر خان جي اوطاق سرائي يار محمد خان جي اوطاق، سليمان جي اوطاق، يقين علي / عرف يختيار جي اوطاق مٺي فقير جو اوطارو، ميراسين جي کوهه، صاحب فقير جي اوطاق/ داريو سرائي مڱڻ خان جي اوطاق، پنهل جي اوطاق، ماستر غلام شبير جي اوطاق، حسن ۽ خانڻ سهراباڻي جي اوطاق، ڳوٺ کان اتر طرف علي آباد ۾ دلاور ۽ حاجي ڪمال خان جي اوطاق، خدابخش جي ڳوٺ ۾ حسن علي جي اوطاق، ان ڏڻ ۾ علي گوهر ٻوڙي جي اوطاق اولهه کان اوڀر ويندڙ رستي کان ڏکڻ ماستر ميوو وارو کوهه، مقام جي اترئين ڪنڊ ۾ سيد نور شاهه مدفون هو. اتي علي حيدر جو مڪان، گهڻو پوءِ غلام مصطفى ۽ امام علي جي اوطاق، جمع ۽ بهاول عرف بالو جي اوطاق هئي. اهي اوطاقون ڳوٺ جي ٻاهران چئني طرفن کان هيون. آيو ويو لڙي ويندو هو ته انهن جي حال آهر سٺي خاطر خواهه ٿيندي هئي. رات ڏينهن سياري اونهاري اهي اوطاقون ڪچهري جا مرڪز هيون. سانوڻ جون چانڊوڪيون، نوراني راتيون هجن، وري جو ڏکڻ جون ٿڌيون تنوارون لڳن، ته ڳوٺاڻان به اوطاقن جي ڪشادن ايوانن۽ اڱڻن ۾ لطيفا ۽ ڀوڳ چرچا چيا ويندا هئا. مزمانن کي لولو کارائي گهرن جا اوکا پوکا لاهي، جوان اچي جو اوطاقن تي ويهن ته کٽولا، منجيون پيڙها ته ڀرجي وڃن ته به هيٺ ڌرتي تي به مڙس ڪانڀان هڻي ويهن. ڪچهريون ڪندا هئا. اوڀڙا اوڀاري ڇڏين ته به ڪچهريون ۽ ٻول نه کٽن. ڳوٺ پاتي کانپوءِ ته ڪيئي پرائمري اسڪول کلي ويا. جنهن ۾ ناچيز به پنهنجي حصي جي زمين ۾ والد جي نالي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳهڻو خان لغاري نالي کولرايو، جنهن ۾ اڄ به درس جاري ۽ ساري آهي.
    اول ۾ حاجي ملي جي هٽ کان اوڀر ۾ مهتن جي زماني جو اسڪول ٺهيل هو جنهن ۾ سائين ميوو خان فقير ڪيترن ئي هندن توڙي مسلمانن کي معياري تعليم سان همڪنار ڪيو. مهتن جي وڃڻ کانپوءِ آسائش واري جهنگ ۾ ڍوري جي اولاهين ڪپر تي عاليشان اسڪول ٺهيل هوندو هو. جنهن ۾ استاد حاجي اميد علي ۽ محمد حسن مهراباڻين کوڙ سارن ڳوٺ وارن کي تعليم جي زيور سان نوازيو.
    اسان جي ڳوٺ ۾ پهريون گرامفون ڦونو علي بخش ٻڪرار عرف ”چندر“ غلام مصطفى ۽ جڙئي مولڻائن وارن آندو، صاحب فقير واري دارئي ۾ وڄايائون. سڄو ڳوٺ گڏ ٿيو ۽ تعجب ۾ پئجي ويا ته رڪارڊ ڦري ۽ وڄي ٿو. ڪنور رام چندر ۽ جيوڻي مائي جا رڪارڊ وڄائيندا هئا. ان کانپوءِ پهريون ريڊيو استاد ميوو خان جي فرزند احسان علي آندو، جيڪو سرڪاري خرچ تي آمريڪا پڙهڻ ويو. وڏو ايگريڪلچر جو آڦيسر هو. اتان خريد ڪري آندائين. خاص ڪري پُنهي جي اوطاق تي وڄائيندا هئا. تقريبن سڄو ڳوٺ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ايندو هو.
    لغارين جو اتحاد: ”چواڻي آهي ته ٻڌي کي وڏي طاقت آهي“ تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته لغاري بجراڻي جي ڳوٺ وارن جو هڪٻئي سان اتحاد ۽ ٻڌي جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور هئي. توڙي کڻي جو هڪٻئي سان ڀت ڀاڄي نه کائيندا هجن. تڏهن به ٻي ڪنهن قوم سان يا وقت جي ڌاڙيلن سان گڏجي جنگ جوٽيندا هئا ۽ دشمنن کي ڪيٽي مان ڀڄائي ڪڍندا هئا. اوپرو ماڻهو يا چور چڪار ته جوءِ ۾ ئي ڪو نه ايندو هو. درياه مان به ڪڏهن لغارين جي ڪيٽي مان ڪنهن چور يا ڪاٽڪو ڍور لهوارو يا اوڀار نه نيو. ڳوٺ وارا راتيان ڏينهان هڪٻئي لاءِ ساهه سر صدقي ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا. ڌارئي جي ناجائزي برداشت ڪو نه ڪندا هئا. صلاح مصلحت ڪرڻ کانپوءِ آخري قدم کڻندا هئا. چند چڱا هئا، جن جو هر ڪو احترام ڪندو هو ۽ انهن چواڻي حڪم هلندو هو. اها ٻَڌي سالن پڄاڻان، اڄ تائين دائم ۽ قائم آهي ۽ پڻ اهو اتحاد تائين قيامت برقرار رهي آمين. سچ پچ ٻڌي ۾ سڀئي ڪارج سڌ ٿي ويندا آهن.
    ڪيٽي ۾ ٻوڏون، کوهن ۽ پڙهوڏن تي آباديون: اڳ عرض ڪري چڪو آهيان ته ڪچي واسين جو جياپو درياهه شاهه آهي، اڳ جڏهن ڊيم نه هئا ته آبڪلاڻي مند ۾ درياهه جا ڌڌڪا ۽ ڇولين جا ڇڇڪا ڪوهين ٻڌبا هئا. درياهه پنهنجي موج ۽ چڙهه ۾ ٻوڏ ڪندو هو. ڍورا، ڍنڍون، دٻاءِ زمينون ڀرجي وينديون هيون. مهر جي ٻوڏ سان هر جيوت ۾ ڄڻ نئون ساهه پئجي ويندو هو اوڀر توڙي اولهه بچاءُ بندن سان پاڻي ٺهڪي بيهندو هو. ڪچي وارا ٻيڙين ذريعي يا سنڊن ذريعي تري، پڪي تان سيڌو وٺي گهرو گهرجون پوريون ڪري واپس گهر ايندا هئا. اهڙي طريقي سان سانوڻي جو وقت گذاري پار پوندا هئا. جيئن ئي پاڻي لهندو هو پاڻي واپس ساڳين ئي نکامن مان نيڪال ٿي درياهه ۾ پوندو هو. جيئن ئي زمينون هرين/ وٽ ۾ اينديون هيون، ته هاري جيندل ڊکڻ جا ٺهيل هر پنجاريون سنڀاليندا هئا. بوسي زمينون آباد ٿينديون هيون، گهڻو ڪري چڻا، مٽر، ڪڻڪ، سرنهن، ڄانڀو، سونف، ڌاڻا گدرا ۽ ڇاهيون عام جام پوکيندا هئا. اڳ ٽريڪٽر وغيره ڪو نه هئا. ڏاندن ۽ اٺن وسيلي هر ڪاهبا هئا ۽ انهن ئي وهٽن وسيلي گهڻن ۽ وڏن ڀترن واري زمين ۾ ليٽڻ گهمائي ناڙي لائق زمين ٺاهيندا هئا. ليٽڻ ڏهه ٻارهن فوٽ ڊگهي ۽ 2 فوٽ ويڪري ٿلهي ڪاٺ جي ٺهيل هوندي هئي. ٻه اٺ يا ٻه جوڙا ڏاندن جا ڇڪي ليٽڻ زمين ۾ گهمائيندا هئا ته ڀتر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويندا هئا ۽ زمين سنهياري ٿي ويندي هئي. ليٽڻ به خيراتي شي هئي. عام ماڻهو وهائيندا هئا. ڪن غريبن وٽ ڏاندن ۽ اٺن جي اڻ هوند ڪري وَٽوهڙ سان ڀتر ڪٽي زمين ٺاهيندا هئا. گهڻو ڪري ناڙيون ڪندا هئا. ناڙي ڪاهڻ به خدائي ڏات آهي. پنجن کان ڏهن ٻارهن جوڙن واري جوٽ ۾ اڳيون ڪاهو، جوڙن آهر جَاٽ هڻندو ته جيئن هر ڪو جوڙو پنهنجي اوڙ وٺيو اچي. پويون ڪاهو به ڏاندن جي جوڙي کي ڪن رهيل ڪاپن يا ڀاڱن جي پورائي ڪندي تڙيندو ۽ وهائيندو ايندو هو. اهڙي طريقي سان ڪچي ۾ ٻوڏون ٿين ته تونگن جا تونگ ناڙيون ڪيون وينديون هيون. پري اوري کان ڀلاڪا هاءِ ڀلا ڏاند گهرائي مقابلا ڪرايا ويندا هئا. ڏورڻا مٽبا هئا. ڏاندن کي ڇيريون پيل هونديون هيون، مزرا ۽ مرادون ملنديون هيون، ديڳيون ونگارين ۽ ڏسندڙن کي کارايون وينديون هيون. پر جي اتفاقن ڪنهن سال ٻوڏ گهٽ ٿيندي هئي ته لغارين جي ڪيٽي ۾ ويهارو کن کوهه هئا. جن تي ڪاٺ جا نار چاڙهي آباديون ڪندا هئا. نارن ۾ اٺ يا ڏاند وهائيندا هئا. لوهي نار گهڻو پوءِ آيا، اهي به کوهن تي چاڙهيندا هئا. هر کوهه تي چار جوڳون يعني چار هاري هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي پهر آهر پوک پچائيندو هو. اهي گويه چيٽي فصل هئا. ٻوڏ دوران ڪن ٻيٽن تي نوان لٽ ٻهر، چيڪا گوڏي کان مٿي پوندا هئا. هاري ٺڪر جي ڀاڳين يا دَکين ۾ ٻج وجهي پيل لٽن واري زمين جيڪا گپ ۽ رپين جي صورت ۾ هوندي هئي اتي ڇٽون ڪندا هئا. جنهن کي ڇٽ جو فصل چيو ويندو آهي.
    ڪَتي جو فصل گهٽ ٿيندو هو. وسيلن نه هئڻ سبب واهڙن ۽ ڍنڍن جي ڪپرن تي کوهاڏا / کوٽي ان تي اٺ جا نار چاڙهي جواريون، ٻاجهريون، تر، مڱ ۽ گواريون وغيره پوکيندا هئا ان اپائيندا هئا. هن مند واري نارن کي هُرلا نار به چوندا هئا
    ڪاٺ جي نار چاڙهڻ لاءِ ٻيلن ۽ جهنگن مان وهٽن ذريعي وڏي ڪاٺوڙ گڏ ڪئي ويندي هئي. نار ڌڻي پهريائين لانڍي ٺاهي ڇپر ڇانوءَ ٺاهيندا هئا. اتي ڊکڻ به موجود هوندو هو. جيڪو ڪاٺ جا ڪِلا گهڙي نار ۽ ان جي سازن ٺاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ همراهن جو ٻانهن ٻيلي هوندو هو. رکيو فقير ”خيراڻي“ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو. ڳوٺ وارا گهڻو ڪري انهي کي آڻيندا هئا ننڍي چڪر، وڏي چڪر، لٺ ڪانيڻ، ڳاگيون، مُهرا، نسير، پاڙڇ، ارڙيون، ڍينڍو ڪاٺ جا ٺهندا هئا. مالهه ڪانهن جي نوڙين مان وٽي، وڏي چڪر تي وڇائي، ڪنگريون يا ڀاڳيا ٻڌي ڇڏبا هئا. چئوطرف گاڏي ڦرندي هئي، وهٽن کي گوڏن کان مٿي ڇيرون به ٻڌندا هئا ته جيئن خبر پوي ته وهٽ وهندا رهن ٿا ۽ پڻ وهٽن جون نار وهڻ وقت اکين تي اکياڙيون چاڙهي اکيون ٻڌي ڇڏيندا هئا ته جيئن وهٽ وهڻ ويل ڪنهن اوپري شئي يا کوهه، پڙهوڏي جي کڏ ڏسي ٽاهه ٽوهه نه کائين.
    ڪاٺ جا نار چاڙهيندڙ، محب علي خيراڻي، پانڌي ماڇي، ادريس ميراسي، سليمان بجراڻي، هاشم مولڻائي، صاحب فقير، دوست علي احمداڻي، دوست علي مهراباڻي، الهه بخش الياڻي، برادي پڃارو وارا کوهن ۽ پڙهوڏن تي نار چارهڻ جا جوڌا هئا. وهٽن جون اکيون ٻڌي گاڏي ۾ جوٽيندا هئا. ڳاڌي ڦرڻ سان سڄو ڍنڍو ڦرندو هو ته ڪنگريون به پاڻي آڻينديون ۽ نيئينديون هيون، ڪي ٺڪر جون ڪنگريون ڍينڍي ۾ مالهه ۾ سلهاڙيل هونديون هيون، ۽ پيون ڦيري سان پڄنديون هيون ۽ ٻيون ڀرجڻ وينديون هيون، ڦيري سان ڪنگرين جو پاڻي پاڙڇ ۾ ڪرندو ۽ پوءِ نسير مان وهي اڏ ۾ پوندو هو. اهڙي نموني چيٽ ڪتي آباديون ٿينديون هيون. لطيف سرڪار به هڪ نار تي بيهي ڪنگرين جو ڪمال هن ريت بيان ڪيو آهي.
    تري ڀڳل ڪنگري، پئي ڦيرا ڏئي،
    نڪي ڀري، نڪي آڻي، ته به سلهاڙي وتي سڄڻين.
    لغارين جي جوءِ ۾ سيد عمر شاهه کوهاڻو جوڻالي جو ويٺل هو. کوهن کوٽڻ جو سئو ڪوهي تي مشهور هو. گهڻو ڪري لغاري جي ڪيٽي جا کوهه عمر شاهه ۽ سندس ساٿي حاجي راضي سيٺار جا کنيل هئا. کوهه کوٽڻ کان وٺي کوهه جي پڳ ٻڌڻ تائين ڪم ڪري کوهه راس ڪندو هو. اڳي کوهن ۾ ڪاٺ جا چڪ لاٿا ويندا هئا. هوڏانهن کوهه جي کاٽي هلندي هئي ته ٻئي طرف واڍا چڪ ٺاهڻ ۾ مشعول هوندا هئا. کوهه جي ويڪر جيترو گول دائرو ڪنڊي يا ٻير جي ڪاٺ مان ٺاهي ان کي ڳانا ٻڌندا هئا. چڪ کوهه ۾ لاهڻ واري ڏينهن وڏي خيرات ٿيندي هئي. واضح رهي ته ٻٻر يا ڪنڊي جو پڪو ڪاٺ پاڻي ۾ هجڻ سبب سخت ڪِٺ ٿي ويندو آهي. يعني لوهه جي مضبوطي جهڙي مشابهت هوندي اٿس. خيرات واري ڏينهن دهل دمامه وڄندا هئا. کوهه تڙ ڏيندو هو ته اهو چڪ رسن، واڍن ذريعي ٻڌي کوهه جي تر ۾ لاهبو هو ۽ پوءِ انهي چڪ مٿان سرن جي اوساري ٿيندي هئي ۽ آخر ۾ کوهه جي پڳ جو وراڻ ڏئي، مٺايون، مرادون ۽ گهورون وٺندا هئا.
    ڪيٽي لغاري ۾ مال جا ڀاڻ: لغارين جي ڪيٽي ۾ سرائي شوڪت علي لغاري جو ڀاڻ جيڪو درياهون پار هو گلو ۽ راوت لغاري جا ڀاڻ، حسن احمداڻي جا ڀاڻ، دوسن لغاري جا ڀاڻ، هوت خان جو ڀاڻ، مين ٻگهيه ۽ غلام حسين ٻگهيه جا ڀاڻ هوندا هئا. درياهي وهڪرن مٽجڻ سبب هن وقت اهي ڀاڻ نه رهيا آهن.
    ڀاڳيان ڀاڻ دٻن يا درياهه جي ڪپرن واري غير آباد جوءِ ۽ جهنگ ۾ اڏيندا هئا. هنن ڀاڳين وٽ ڀاڻن تي مال تمام گهڻو هوندو هو. لغارين جا نشاني طور ڍورن کي وڍ ڪڪر يا ڏنڀ ڏنل هئا. ڌنار پوکن جو پاسو وٺي ويهندا هئا. مال رات ڏينهن گور چرندو هو جوءِ ۾ جهنگ ۽ ڪک گهڻو هوندو هو. ڪنڌي سدائين سائي ۽ سربز هوندي هئي جهنگ ۾ چڙن ۽ ڊگرين جا آواز گونجندا هئا. راتيان ڏينهان ڀاڻن تي ٽاهو/ ٽراهو متل هوندا هئا. کير مکڻ ولوڙي چاڏيون ڀري ڇڏيندا هئا. آيو ويو ڌنار پنهوار مکڻ جا چاڻا کائي، لسين جا لوٽا پي، ڊانڊريا پيا هوندا هئا. سانجهي جو مڇر، مک جي ڏنگ هئڻ سبب ڇيڻن جا دونهان ڪيا ويندا هئا. ته جيئن مال چري اچي دونهين ڀيڙا ٿين. سُوائون ته ڊُڪي سوير اچن، باقي ٻيو مال آهستي آهستي اوڳاريندو پيو ايندو هو ته ڪي ڍور ته ايندا ئي ڪو نه هئا. سڄي رات ڀاڻن وارا ڀوتار نڙ، بيت، قصن، ڪلامن واري ورونهن ۾ پيا گذاريندا هئا. صبح تي هر ڪو پنهنجو سنڀالي پهرائي ويندا هئا.
    پتڻ جو وهڻ: ڪيئي ورهيه لغارين جي ڳوٺ کان اولهه طرف وهندڙ درياهه اتر کان ڏکڻ وهندو رهيو. خيرو ديرو پتڻ ڳوٺ ويجهو آمهون سامهون وهندو هو. تنهنڪري آر پار زمينون هئڻ سبب لغاري پاتڻين جا آهتي هئا. ”چواڻي آهي ته پتڻ جيئري به ڏيئو ۽ مئي به ڏيئو آهي“ تنهنڪري لغارين جي اُپت ۾ پاتڻي پَتيار هئا. ڏاڍو سائو پتڻ وهندو هو. ڪيئي ماڻهو، مال، وهٽ پيا پُرن ۾ ٽپيندا هئا. پتڻ جا نائکا موسو ۽ قادر بخش ملاح هئا. هڪ وڏي ساکرو مشهور ٻيڙي هين، جيڪا ڇوهي ۾ مارجي ويئي. انهي ٻيڙي جو به اوج هيو ته ٻيون به ساکرو ڊونڊيون هونديون هئن، پتڻ پيو وهندو هو. پاتڻين جي طرفان ٻنهي ڪپرن وارن گهيڙن تي ڇپر ڇانو ٺهيل هوندي هئي. سڻاوَ وائن تي سندرا ڏئي پار ويندا هئا. اَڻائي واءُ وقت پهرن مان ڏينهن گذري ويندا هئن. پڳهه نه ڇڙندو هو. سانوڻي ۽ سرءُ تائين سڙهن وسيلي ٻيڙيون هلنديون هيون. سياري جو درياهه ۾ پاڻي گهٽ هئڻ سبب ڳن ۽ ويڻا موڙي ونجهن جي زور تي پار پوندا هئا. موسو ۽ قادر درياهه جا وڏا ڄاڻو هئا. ٻوڏ يا گهڻي پاڻي ٿيڻ جا رُتن آهر ٽيڻا به هڻي ٻڌائيندا هئا. جيڪي سچ ثابت ٿيندا هئا. سڻائي ۽ اڻائي واءُ کي به سمجهي ويندا هئا. ڀلي جوٽ هين، ليڪن وڏي ٻيڙي مارجڻ کانپوءِ پاڻ به نه رهيا. مرحوم ٿي ويا. سندن پونئر پتڻ سنڀاليو اچن. بخشل، بلاول ۽ هارون ملاح اڃا تائين پتڻ وهائيندا اچن.
    عيدن ۽ شادين تي قوم جون خوشيون: عيد جو چنڊ ڏسبو هو ته ننڍن توڙي وڏن ۾ ٽهڪڙا مچي ويندا هئا. ڪچي واسي هونءَ ته گهڻو ڪري غربت هئڻ سبب شهرن ۾ ويندا ئي ڪو نه هئا. پر عيد، ميلو ملاکڙو ٻارهين مهيني ٿيندو هو. تنهنڪري ٻهراڙي جا ماڻهو وڏي ڏينهن تي وندر خاطر شهرن، ميلن ملاکڻ تي ويندا هئا. غريب غربو، سرندي آهر، نوان يا سادا ڪپڙا، ليلامي ڪپڙا پهري ٽولن جي صورت ۾ گهڻ ويندا هئا. غريبن لاءِ ئي وڏا ڏينهن ماندگيون لاهڻ لاءِ ٿيندا آهن. امير ۽ شاهوڪار ته سدائين سک ۽ سلامتي ۾ هوندا آهن. غريب يارهن مهينا، اوڻٽيهه ڏينهن وڏي ڏينهن جو سهائي چنڊ جو ڏينهن ڳڻي انتظار ڪندا هئا. چوڻي آهي ته ”پٽ ۽ ڀائر ڀل وڌو وڌ هجن، پوءِ ڀل اهي اگهاڙا ئي هجن“ انهي مصداق جيان سنڌو ڪنڌي واسي به غريب هئڻ سبب قسمت سان پٽن ۽ ڀائرن جون شاديون ڪندا هئا. لغارين جو ڳوٺ ۾ هي رسم خاص هئي ته عزيز ۽ دوست گڏ ڪري شادي جي ٿت ٻڌندا هئا. پوءِ ته ڪيئي رنگ رچندا هئا. ڀلي هڪ ٻئي سان ڀت ڀاڄي نه کائيندا هوندا ته به هڪٻئي جي شادمانن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سانجهي ويلي جڏهن کليل ميدان تي دهل ڏونڪو وڄندو هو ته هاري، ڌنار، مزور جوان، پوڙها، توڙي ننڍا ٻار ڏونڪن واري ناچ ۽ ملاکڙي ۾ ضرور شرڪت ڪندا هئا. سٺي راند ۽ سٺي ناچ ڪرڻ وارن کي ٻانهين مان مُزرا ملندا هئا. ننڍا ٻار به وڏن جيان هڪٻئي کي سندرا ڪشي پيا جانٺا ۽ وارا هڻندا هئا. سڄي ڏينهن جا ٿڪ ۽ ڳڻتيون ڏونڪن ۾ لٽجي ويندا هئا. ڏينهن پيا ڳڻبا هئا ته ڪڏهن ٿو لايو سجايو ٿئي.
    رانديون، ملهه، ڪٻٽي، ٻلهاڙو، والي بال گلي ڏڪر: ٻهراڙي ۾ ته راند روند ئي مونجهارا، ماندگيون، غربت، ڏک ۽ تڪليف کي گهڙي پلڪ لاءِ ذهني توڙي جسماني اذيتن کان پري رکڻ جو ذريعو هوندو هو. صبح ويل هر ڪو پنهنجي ڪرت ڪري منجهند جو اوطاق تي پتي تاس راند، چنر چيلي، نوٽڻ، سورهڻ ٽڻ، رانديون کيڏيون وينديون هيون، سانجهي وري کليل ميدانن تي ڪٻڊي، ملهه، ٻلهاڙي، ونجهه وٽي، گلي ڏڪر چِرا چٽڻ، لاتون ڦيرائڻ والي بال کيڏيون وينديون هيون. رات جو وري ڪشادن ميدانن ۾ به ڳوٺاڻي خلق گڏ ٿيندي هئي. هڪٻئي کي گڏ ڪرڻ لاءِ هي آلاپ ڳائيندا هئا.
    ”اڪ جي ڪاٺي، لم جو پايو، راند جو سايو، ڊوڙي اچي ڊڳڙ کاءُ، موٽي وڃي موچڙا کاءُ جيڪو نه ايندو انهي جي ناني کي گدڙ گهلي ويندو.
    وو...وو.............هڪ اواز ٿي ويندا هئا.
    سڄي ڳوٺ ۾ پڙلاءَ پئجي ويندو هو هر ڪو تڙ تڪڙ ۾ گهر، مال جا اوکا پوکا لاهي، ننڍا وڏا گڏ ٿي ويندا هئا. بازر کان اتر ڏکڻ وارن جون مئچون ٿينديون هيون. طرحين طرحين جا ڀوڳ، رانديون، کلڪارا، راندين ۾ هڪٻئي کي گوءِ کڻڻ لاءِ ڦڙتيون ڪندا هئا. چانڊوڪين راتين ۾ ته سج اڀاري ڇڏيندا هئا.
    ملهه: لغاري بجراڻي ڳوٺ جا عدد ٻه پهلوان پهرئين جوڙ ۾ ملهون وڙهندا هئا. حسن علي، خدا بخش جي ڳوٺ وارو ۽ علي حيدر خان سهراباڻي، ٻئين جوڙ ۾ برسات علي عرف نظر علي، پيرو ملاح، روشن عرف روشو ڪالو، قاسم ڪورائي قائم چڪرائڻي.
    ”هڪ دفعي امام شاهه جي ميلي تي قائم کي ڪنهن ملهه ڌڪ ڏنو قائم ڏندڻجي ويو. گهڙي کانپوءِ وري ملهه لءِ چيائونس قام نابري واري ڇهر هڻي ويهي رهيو. کائنس سبب پڇيائوسن چيائين ته هن کان وڌيڪ ڌڪ ايندو آهي ته ماڻهو مري ويندو آهي. تنهنڪري آئون ڪو نه وڙهندس“ ٽئين جوڙ جا رانديگر، باقر خيراڻي، خادم خيراڻي، شوڪت علي بجراڻي، لطف علي، خدا بخش ڳوٺ وارو، مدن ملاح، رمضان ملاح.
    ڪٻڊي ۽ ٻلهاڙي جا رانديگر: لغارين جي ڳوٺ ۾ ڳهڻو خان فقير، استاد حسن علي ولد خانڻ فقير، قلب علي ۽ استاد غلام شبير، علي شير سهراباڻي، علي بخش عرف اسباط علي، طالب حسين مير وارو، طالب حسين خدا بخش جي ڳوٺ وارو، نظر فقير شاعر، دوست علي عرف دوسو جمعدار بجراڻي، بلاول بجراڻي، غلام علي بجراڻي، غلام مرتضى مهراباڻي، غلام الرسول سهراباڻي، پانڌي ماڇي، الهه بچايو حڪيم ”فدائي“ قوي رانديگر ٻڌبا هئا.
    هاڻوڪي ٽهي ۾ به استاد نظر علي عرف برسات علي، محمد بخش عرف منو، مير محمد ولد شاهه محمد، ابراهيم ننڍو ڪورائي، دربان علي، اڪبر ولد قلب علي، خير محمد ولد گلشير، وزير ولد ڪيئنسر، فقير محمد خدا بخش جي ڳوٺ وارو، حاجي ولد فيض محمد، جمال خان، بچل ڌوٻي، خانڻ بجراڻي، صالح جهنڊي وارو، سومر مولڻائي، رستم بجراڻي، علي حسن عرف مُستي بجراڻي، باقر سهراباڻي، فخر علي، حاڪم ولد مهرو، نيازو ڪيئنسراڻي عرف گاڏو پهلوان، محمد خان خيراڻي، غلام نبي مهراباڻي، ابراهيم ولد محب علي احمداڻي ۽ ناچيز به ساڻ وندو هون. وغيره هن وقت ڪي آهن ته ڪي لوڪ پڌاري ويا.
    والي بال: والي بال جا رانديگر لغارين جي ڳوٺ واران جي پري پري تائين ڳالهه هئي. والي بال جو خالق استاد جيوڻ علي سهراباڻي هوندو هو. کوڙ سالن کان راند رچايو پي آيو. هن وقت پندرهن ويهه سالن کان سرڪاري سنڌي ماستري تان رٽائر آهي. پوئين پهر ۾ آهي. شال! خوش هجي. تعلقه يا ضلع سطح تي ٽورنامينٽ رانديون ڪرايون وينديون هيون. انهن ۾ حصي وٺڻ لاءِ ڪئپٽن، سرواڻ استاد جيوڻ علي هدايتون ۽ راند جا قائدا قانون سمجهائي گهڻو ڪري عدد ٻه ٽمون کيڏائيندو هو. هڪ نه ٻي ٽيم لغارين جي فائينل ۾ پهچي ويندي هئي. کيڏي انعام حاصل ڪندي هئي.
    هڪ دفعي ضلعي نوابشاهه طرفان دولتپور ۾ والي بال راند جو ٽورنامينٽ جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن ۾ تقريب ويهن کان ٽيهن ٽيمن حصو ورتو لغارين جون عدد 2 ٽيمون اي ۽ بي نالي تشڪيل ڏنيون ويون، پُکن ذريعي مختلف ٽيمن سان لغارين جون ٽيمون کيڏنديون رهيون ۽ سوڀاريون ٿينديون آيون، تان جو ٽن ڏينهن جي سخت مقابلي ۾ آخري فائينل ۾ اچي لغارين جون ٻئي ٽيمون پهتيون، ڪيئي مخلوق گڏ ٿيندي هئي. رانديگرن کي انعام ۽ مُزرا ڏيندا هئا. واهه واهه ٿي ويندي هئي، لغارين جون ٻئي ٽيمون انعام اڪرام، ڪپ، ٽرافيون ۽ شابسون وصول ڪري ڳوٺ پهتيون.
    اي ٽيم جا والي بال جا رانديگر: استاد جيوڻ علي، غلام الرسول مهراباڻي، غلام مصطفى مولڻائي، طالب حسين خدا بخش جي ڳوٺ وارو، برڪت علي تپيدار، غلام مرتضى مهراباڻي.
    بي ٽيم جا رانديگر: روشن علي مولڻائي، غلام نبي مهراباڻي، لعل بخش عرف اقرار علي، محمد بخش عرف منو، علي بخش همام دسته ۽ بنده شامل هئا. اسپيئر ۾ برسات علي ”اميد علي“ جيڪو بال کي ڌڪ هڻڻ وقت چوندو هو ”هت رکينس“ استاد دودو عالم خان وغيره.
    هاڻي به راند رچي پئي، پر نون قائدن ۽ قانونن جي ابتڙ ٻهراڙي ليول جي راند کيڏي وڃي پئي. جنهن ۾ ارباب علي، صالح ڊاڪٽر قربان علي، شوڪت علي، استاد بخشل، جيئند، فڪر علي، سومر، سائينداد، غلام مصطفى بجراڻي، غلام حسين ولد دلاور، غلام مصطفى عرف مُستو، علي حسن عرف مُستي، بشير عرف بشن احمداڻي، عبدالمجيد عرف شدن احمداڻي، انور مهري وارو، وزير احمد احمداڻي، رمضان ملاح، اياز احمداڻي.
    چانڊوڪين راتين ۾ سير سفر ۽ شڪار:
    چانڊوڪين راتين ۾ نوجوان ٽهي ۾ گهمڻ، راند کيڏڻ، ڪُڏ ڏيڻ ۽ شڪار ڪرڻ جا جذبا اڀامي پوندا هئا. سنجهي جو ٽولا ٺاهي درياهه ڏانهن رخ ڪندا هئا. واٽ تي واڙين مان گدرا ڇاهيون پٽيندا کائيندا، چڻن مٽرن جو ڏڌڙيون ڪندا، ٻير چونڊيندا، اچي درياهه تي پهچندا هئا. درياهه ۾ تڙڳن، ڏائي راند کيڏن، لهوارا ٻانهڙ، لڙن، لانگوٽا چاڙهي رانديون به رچائين، اهي مامرا طئه ڪري، شڪاري ڪتن کي ڪوڪرون ڪندا هئا ته اهي به سهڪي اچي پهچن. واپسي ۾ سير بڇيندا هئا. سوئر سها، سيڙهون، به گودرن مان نڪري اچي چرن ته ڪتا به ڌپ تي انهن جانورن کي وٺڻ جي ڪن.
    شڪارين ۾ هوڙ ڀيڻهان پئجي ويندي هئي. ڪنهن ماريو ته ڪنهن مارايو وارو منڊل هوندو هو. لڙي آڌي تائين گهمي ڦري، شڪار ڪاري جو انڙا اچي گهر ڀيڙا ٿيندا هئا.
    سگهڙ ۽ سالڪن جون ڪچهريون؛ اڳ تر جا چڱا چڱن وٽ، محفلن ۽ ڪچهرين ڪرڻ لاءِ هلي ويندا هئا. جن ۾ پارکو ۽ سڄاڻ به هوندا هئا. نج سُپڪ سلوڻي سنڌي ۾ ڳالهائيندا هئا. هڪٻئي وٽ ٽڪي، راتيون ڀڃڻ مانَ ۽ شانَ سمجهندا هئا. محبت ۽ مروت جي ڪهڙي نه عجيب مها هئا. رئيس دوست محمد ٻگهيه گچيرائي، مير محمد منشي ٻگهيه پارپچو، سائين ميوو خان لغاري، سرائي سمندر خان لغاري، سرائي مڱڻ خان لغاري، سرائي عرض محمد خان، حاجي شوڪت علي، زوار غلام عباس فقير، علودو ۽ بخشڻ علي خان اول وارا موتين مالها پائيندا هئا. جڏهن اوطاقن تي گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا ته هر موضوع ۽ هر رنگ رچندو هو. روئڻ هارڪي کي به کلائي ڇڏيندا هئا، چلم وچ جي زينت هوندي هئي.
    دوست محمد ٻگهيه ڪچي جو زميندار هو سُگهڙائپ ۽ سڃاڻپ جي خوشبوءِ سِکندي هئس. انگريزن کي شڪار ڪرائيندو هو ۽ چاڪري ڪندو هو. هڪ دفعي انگريز وٽس شڪار تي آيس، ڪچهري دوران انگريز مخاطب ٿي چيو ته دوست محمد خان ماڻهن چواڻي، تو ۾ ڪهڙي خوشبوءِ آهي؟ اها ڪهڙي آهي، جواب ۾ ٻگهيه چيس ته ”سائين منهنجا! نڪ وارن کي خوشبوءِ ايندي آهي، بي نڪن کي ڪا نه ايندي آهي“ انگريز هن جي لفظن جي اُڇل سمجهي قنڌ هيٺ کڻي ڪيو. پوئين ٽهي ۾ به سگهڙن ۽ سالڪن جو ڪاٿو ئي ڪو نه آهي.

    غم حسنين، مجلسون، پڙ، مسجدون ۽ ملا:
    حسن مير حسين لاءِ جن نه هيئنڙي ڄامر
    خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن.
    ڳوٺ لغاري بجراڻي وارن کي علي علي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا به ڳلي ڪانهي البته پاڙي ۾ رهندڙ احمداڻي قوم، پڃارا، ملاح، ماڇي وغيره اهلسنت سان تعلق رکندڙ هئا. پر تڏهن به محرم پاڪ جي مهيني ۾ غم حسين ضرور ڪندا هوندا ۽ نه وري ڪا اهڙي تاريخي تلخي ٿي آهي، جو بيان ڪجي، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ دستور مطابق، غم اهلبيت ملهائڻ لاءِ هر سال محرم مهيني ۾ تعزيه، سيجون، سينگاري قافلا ڪڍي، مجلسون به پڙهندا هئا ته سينه زني ۽ زنجير زني به ٿيندي هئي. نذر نياز سبيلون، هلنديون هيون، درياهه پاتي کان اڳ به علي گوهر ٻوڙي وارا تعزين، سيجن ۽ پينگهن سجائڻ جا خاص خادم ۽ مزاور هئا، اڄ به علي گوهر جي پٽ خادم حسين (لائوڊ وارو) سواريون سجائيندو اچي ۽ پڻ امام بارگاهه جي خدمت به ڪندو رهي ٿو. گهڻو اڳ جڏهن ڳوٺ ۾ باقائده تنظيم سازي ڪا نه هئي ته به وڏڙا پنج اَٺ ڄڻا قافلي جي نگراني ڪندا هئا. پر پوءِ ستت ئي ملنگ غلام شبير ۽ سوڍو ولد مراد علي گولو ٻاري مجلس تي رات جو کڻي ايندا هئا. پوءِ ته جمال خان عرف امان علي کي ماتمي سالار بنايو ويو جيڪو اڃا تائين سرواڻي، قافلي جي ڪندو اچي شل خوش هجي. علي گوهر، دينڻ، صوڀو ۽ علي بخش وارا امام بارگاهه تي حاضري ڏيندا هئا. ڳوٺ پاتي کانپوءِ غم حسنين جاري ۽ ساري آهي. هاڻي پڪي امام بارگاهه ٺهيل آهي، جيڪا ”پنجتني امام بارگاهه“ جي نالي سان مشهور آهي. هاڻي نوجوان ٽهي آهي، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ جيڪا مجلسن ۽ ماتمين جو جلوس ڪڍي هئي حسين يا حسين ڪندا وتن! غم حسين ويرون ويرون وڌ آهي.
    محرم مهينو شروع ٿيندي ئي مونن جي گهرن ۾ کٽولا اونڌا، ويس ڪارا، پهري غم حسين ۾ مستغرق ٿي ويندا هئا. بازار کان اوڀر ۾ امام بارگاهه هئي. هر روز رات جو گڏ ٿي مجلس ۽ ماتم جو ورد ڪندا هئا. محرم پاڪ جي مهيني توڙي ٻين مخصوص ڏينهن تي جڏهن مجلس برپا ٿيندي هئي ته صوڀُو ترنم ۽ سريلي آواز ۾ سج لٿي ڌاري صلوات پڙهندو هو ته جيئن ڳوٺ وارن کي خبر پوي ته اڄ مجلس آهي. مجلسون گهڻو ڪري زوار الهه رکيو مهراباڻي، غلام عباس، فقير ٻڍل، حاجي غلام شبير، استاد حاجي اميد علي، دينو عرف دينڻ مهراباڻي، برسات علي عرف نظر علي، علي گوهر وارا پڙهندا هئا. صُوڀو ۽ علي بخش قيصراڻي خاص طور زوار الهه رکيه جا سوزي هئا. ڪڏهن ڪڏهن سيد واحد علي شاهه، ڪرم شاهه، زوار گل حسن باگاڻي، مولوي عطا محمد لانگاهه، حاجي الهه بخش لانگاهه، محمد اسماعيل لانگاهه وارا به لغارين جي ڳوٺ ۾ مجلسون پڙهڻ ايندا هئا، نبي بخش ۽ وارث سهراباڻي وارا ماتم دوران بند به ڏيندا هئا. پهرئين محرم پاڪ تي مختلف مردن ۽ زنانن پڙن تي ۽ اوطاقن جي اڱڻ تي علم پاڪ نوان سنوان ڪندا هئا. عَلم پاڪ ۾ نئين بئرڪ چڙهندي هئي، عَلم واري ڪاٺي کي رنگ روغن ڪري، اُڀو زمين ۾ کوڙي ڇڏبو هو، ان کي جهل ڇِڪ وارين رسين ۾ سرينهن جي وڻ جون ٽاريون ٽُنبي ٽوپي، ٽاڪي ڪجهه مومن گڏ ٿي عَلم پاڪ کي اُڀو ڪندا هئا ۽ نظر نياز ونڊيو ويندو هو. ستين رات، سيج سينگاري، امام بارگاهه واري پڙ تي کڻي ايندا هئا. گهڙي کانپوءِ اتان سواري کڻي بجراڻين جي زناني پڙ تي پهچندا هئا. ڏهين تاريخ صبح تي قافلو تعزيه، پينگها ۽ سيجون سينگاري مختلف پڙن تي جتي عَلم پاڪ چڙهيل هجي، اوطاق ۽ ماتمين جي جاءِ ڦرين ڦونگارن سان صاف هجي، اتي قافلو ويندو هو. جيئن صبح ويل علي گوهر فقير واري پڙ تان سواريون سينگاري، قافلو نڪرندو هو ته ٿورو اتر ۾ حسن علي لغاري جي پڙ تي قافلو پهچندو هو. مجلس نياز ونڊيو اتان قافلو وري اتر ۾ علي آمار ۾ حاجي ڪمال خان جي اوطاق تي پهچندو هو. وري اولهه ۾ زوار فتح محمد ميراڻي جي ٺهيل مسجد واري علم جو طوائف ڪري دلاور لغاري جي اوطاق تي پهچبو هو. راهه رباني جو ورد ڪري ڏکڻ طرف وڏي ڳوٺ پنهل ميراڻي جي اوطاق تي اچبو هو. ماتم مجلس ٿيندو هو سواريون، فقيرن ۽ سهراباڻين جي زناني پڙ تي پهچائيندا هئا. عورتن ۾ رڙيون ۽ رنڀاٽ پئجي ويندا ۽ ماتم به ٿيندو هو، اتان وري سواري کڻي ڳوٺ جي وچان واري گهٽي ڏياري مهراباڻين جي زناني پڙ تي پهچندي هئي، جتي پڻ سواريون ڏسي ۽ چمي عورتون به اوڇنگارون ڏينديون هيون. هئي حسين يا حسين واري ورد شروع ٿي ويندي هئي.
    مردانو قافلو پُنهي جي اوطاق تان ٻڍل جي مجلس ٻڌي روانو ٿيندو هو. نور شاهه مقام کان ٿيندو، صاحب فقير جي دارئي ۾ داخل ٿبو هتي خاص طور تي فقيرن جو ويڙهو نظر، نياز ڪندو هو. غلام عباس فقير مجلس پڙهندو هو. پاڻ به زارون قطار روئيندو هو ته مومنن کان ڪرلاٽ، ڪيهاٽ ڪڍائي روئاري ڇڏيندو هو، ماتمي به ڏک ۽ جوش ۾ سينه زني ۽ زنجير زني جو ماتم ڪندا هئا.
    اتان وري قافلو ڳوٺ جي اولهه ۾ بازار ٽپي مڱڻ خان جي پڙ تي پهچندو هو، هن پڙ تي زوار الهه رکيه مهراباڻين سورين سان گڏجي فضائل ۽ مصائب پڙهندو هو ته مومن به هنجون هاريندا هئا ۽ روئڻ ۾ ٻڏي ويندا هئا. اتان قافلو اٿي اوڀر روانو ٿيندو هو ته رستي تي مهراب مهراباڻين جي گهرن وٽ سواري گڏبي هئي. مومن اوثاريون ۽ مرثيه پڙهندا، حاجي ملي جي هٽ کان اوڀر ۽ حسين فقير جي هٽ کان اتر ۾ ڪشادي ايوان ۾ علم پاڪ لڳل هوندو هو. اتي اچي قافلو پهچندو هو. اتان سواريون بجراڻين جي زناني پڙ تي کڄي وڃن. مرداڻو قافلو اتي مجلس ۽ ماتم برپا رکندو هو. هن پڙ جي نگراني ۽ غلامي گهڻو ڪري ”خيراڻي“ ڪندا هئا. هتان وري امام بارگاهه کان قافلو ٿيندو، مٺي فقير جي اوتاري تي پهچندو هو، هتي جي نگراني زوار مراد علي ۽ ”عطراڻي“ ڪندا هئا. اتان وري يقين علي جي اوطاق کان ٿيندو سليمان بجراڻي جي اوطاق تي پهچندو هو. ريت مطابق اتي به مجلسون پڙهي وري سرائي سمندر خان جي اوطاق تي قافلو پهچندو هو. اتان وري ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي ۾ ميراسين جو علم لڳل هوندو هو. اتان قافلي کي طوائف ڪرائي سڌو علي گوهر واري پڙ تي پهچبو هو. سواريون به ساڻ هونديون هيون. اتي زوار الهه رکيو شام غريبان پڙهي، زيارت پڙهائي نهرات ڪرائيندو هو. جن پڙن يا اوطاقن تي قافلو ويندو هو خاص طور انهن جاين تي نظر نياز ٿيندو هو. جيڪو نهرات کانپوءِ مومن وٺي کائيندا به هئا ته گهرن لاءِ به نياز کڻي ويندا هئا. چوڏهين تاريخ تائين سوڳ هلندو هو هاڻي به غلام مصطفى مهراباڻي، استاد غلام اڪبر ميراڻي، جمال خان، استاد سائين بخش فقير، رمضان علي ميراڻي، ديدار علي ولد طالب حسين، بچل ڌوٻي، سوڍو ولد مراد علي، ڳوٺ جي عزاداري ۾ سرواڻ آهن. نوحه خوان به آهن. سوڍل فقير ڳائڻو، استاد غلام اڪبر ميراڻي، اوشاق عرف ”لوگي“ خادم لائوڊ وارو جمال خان فتح علي ولد علي بخش الياڻي، محمود ولد سائين داد لغاري، ممتاز علي عرف متو ڊاڪٽر قربان علي، رضا ولد تاج محمد پڻ ماتمي تنظيمن جا ماڻهو آهن.
    ڳوٺ جون مسجدون: سرائي يار محمد خان واري مسجد، حاجي ملي واري مسجد، زوار الهه رکيه واري مسجد، غلام عباس فقير وارن جي مسجد هوندي هئي. جتي فرض ۽ جمع نماز پڙهائي ويندي هئي. فقيرن واري مسجد جي نگراني دينڻ ڪندو هو. دلا، مٽ، ڦريو، ڦوهارو ڏيندو هو.
    ڳوٺ جا مُلا: حاجي ملو، صادق علي فقير، حاجي اميد علي، ملو غلام قادر مهراباڻي، ٻڍل، زوار الهه رکيه، دينڻ، نمازين جي امامت به ڪندا هئا. نڪاح ۽ مَرَ جيءَ به پڙهندا هئا. هن ٽهي ۾ رضا محمد ولد تاج محمد حاجي ولد يار محمد، استاد غلام اڪبر ميراڻي، رمضان علي ميراڻي، حاجي محمد احمداڻي، مولوي بدر الدين وارا نڪاح ۽ مَرَ جيءَ پڙهندا رهن ٿا.
    ”ملو غلام قادر مهراباڻي، واگهرجي مان پڙهي سَنَد وٺي آيو. هڪ ٻه عيد نمازون پڙهايائين، ۽ پوءِ فقيرن واري مسجد ۾ قرآن پاڪ پڙهائيندو هو. بنده پڻ استاد غلام قادر مهراباڻي جي استادي ۾ قرآن پڙهي پڄايو ڪجهه وقت کانپوءِ دماغي توازن بگڙي ويس، پندرهن کن سال گذريا هوندا جو وصال ڪري ويو“.
    انهي وقت ۾ نبي بخش وارا، شيرل سهراباڻي عرف نئون، فقير سريلي ۽ وڏي آواز سان فقيرن واري مسجد ۾ بانگ ڏيندو هو، جنهن جي آواز جو پڙلاءُ سڄي ڳوٺ تائين پهچندو هو.
    ادب ۽ شاعري: سچ پچ ڪچي واسي دادلي جي ڪنڌي وارا سادڙا، سٻاجهڙا ماڻهو سراپا نياز ۽ ادب آهن. ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ به ڪيئي ادبي رهاڻيون رچنديون هيون. سياري ۾ رات جو اوطاق تي مچ پيا ٻرندا هئا. چلم پئي ڦرندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو ماني ٽڪي کائي اچي اوطاق تي گڏ ٿيندا هئا. کٽولا، منجيون، پيڙها ۽ تڏا ويهڻ لاءِ هوندا هئا اونهاري ۾ اوطاقن جي اڳيان کليل ويڪرن ميدانن تي ڪچهريون به ٿينديون هيون ته ڀوڳ، چرچا، رانديون به رچنديون هيون، مڙس ڪانڀان هڻي جو ويهن ته اوڀر اڀري وڃن. ڏِٺ، پروليون، ڳجهارتون، ڏور، بيت، ڪهاڻيون، قصا ۽ داستان به ڪٽبا هئا. سيدن جي ثنا ۾ قصيدا، وتائي فقير جا ٻول، فقراحي ۽ مزاحيه ڪلام به رهاڻ هئي. ادب پرور محفلن ۾ نظر فقير جهڙا في البيهه شاعر ان وقت ٺاهڻ ۽ گهڙڻ ۽ ان وقت چوڻ، واهه جو هنر هوس. ادب جي رونق هو. استاد ميوو خان، حيدر فقير، پنهل، صادق علي فقير، بخشو فقير، سرائي سمندر خان، علي حيدر خان، حاجي ملو وارن جي صحبت ۽ ڪچهري به سريحن ادب هئي.
    علي مردان ۽ مهري فقير وارا به ڀلوڙ بيت پڙهندا هئا، ادبي اهڃاڻ هئا. استاد حاجي اميد علي، استاد محمد حسن مهراباڻي، استاد غلام قمبر ۽ استاد جيوڻ علي، ٻئي ڀائر استاد سعيد خان سهراباڻي، استاد رسول بخش مهراباڻي، استاد غلام شبير، استاد ڌڻي بخش فقير، استاد بهاول بجراڻي، استاد حسن علي فقير، حڪيم الهبچايو ”فدائي“ وارا به ادب جي ساڃاهه رکندڙ هئا. ادبي گفتن ۾ به موتين جي مالها پوئيندا هئا. ٻڌڻ وارن جا لڱ ٺري پوندا هئا. سڄي ڏينهن جي ڪوماڻ نڪري ويندي هئي ۽ هر ڪو تراوت ۾ اچي ويندو هو.
    پوئين ٽهي ۾ محمد وارث سهراباڻي، سهج محمد، رجب ولد ٻڍل اخبارن ۽ رسالن پڙهڻ جا ڪيڙا هئا. نيم پڙهيل هوندي سٺو مطالعو هون. ڪامريڊ لڏي جا پهريائين ”جيئي ڀٽو“ ۽ پوءِ ”جيئي سنڌ“ واري نعري ۽ سياست تي قائم رهيا. خصوصي طور رجب ولد ٻڍل ڏاهو، غريب، تَن مَنَ صفا فقير مزاج جو ماڻهو آهي. شل خوش باش رهي آمين.
    ڳوٺ جا شاعر: نظير فقير، مهرو فقير، استاد بهاول، جمع عرف جمن ولد فيض محمد بخشڻ ولد سائيڏتو، خانڻ عرف خانو بادشاهه ولد مهدي سهراباڻي، منظور حسين عرف ڏتل، مشتاق باگاڻي، عاجز اسلم لغاري، علي خان پياسي، وارا وڏي پئماني جا شاعر آهن. بهاول لغاري ۽ مشتاق باگاڻي جون ته ڪيئي شاعري تصنيفون ڪتابي شڪل ۾ اڄ به ادبي لئبريرين ۾ موجود آهن.
    نظر فقير ولد احمد فقير: خيراڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ في البديهه شاعر هو. جتان آيس اتان واري ڪار هئس، گهڻو ڪري سندس ٺهيل ڪلام علي بخش ”همام دسته“ ۽ امام بخش ولد فيض محمد وارا چوندا هئا. نظر فقير ڀوڳائي ۽ شوق شڪار رکندڙ پرين مڙس هو. پنجوڙن ۾ ”مرون“ وٺڻ جو به ناميارو واٺو هو. شاعري وسيع هئس ڪتاب ڇپجي پيا سگهجن. ليڪن سهيڙجي نه سگهي زبان جي ڪئينسر وگهي لڳ ڀڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ 1974ع ڌاري وصال ڪري ويو. هڪ جاءِ تي چيوس اٿس.
    واهه قادر قدرت وارا!
    - توباريءَ بنايو ڀڳ، تماشو لوڪ، ڦِٽم سک سارا،
    واهه قادر قدرت وارا
    - هن جڳ ۾ آهين مهمان، ٻڌل سامان،
    - ته ساجهر ٿيندين سفر تون تيار، ڏيندين ڪهڙو هلي اظهار....؟
    - ”نظر“ ڪري آئين قول وڏا ويندئي ويل وهامي ڇا جيئندين جڏا!.
    - ايڏي هڻ نه حياتي تي هام، سدائين اٿئي شام، اٿئي هٿ مَلڪَل جي ته مهار،
    - ڏيندين ڪهڙو هلي اظهار...؟
    شڪاري شوق ۾ هيئن به چيو اٿس.
    ڪلام: آيا دل جا دلبر، ڪي ديدار ڏس تون،
    خوشي جا کليا نيڻ، کلڪار ڏس تون،
    مصرع: لوڌا لاڏ مان ڪن، ويڙن ۾ ئي واڪا،
    واريو ويندن کي، اچن سان سهه ڪيا،
    دونالين جا دهڪا، ڪي ڏهڪار ڏس تون، آيا دل...........
    2. واٺا ويس لاهي، نچن ناز وارا،
    سڌا هٿ سونڍن ۾، وٺن جا ئي وارا،
    هايون ڪن هزار، ڳلي هار ڏس تون، آيا دل جا...
    3. چيهن جون چهڪارون، ٽمن ۾ ئي ٿاڻا،
    وهي تيڪ تاڙن، ڀڄڻ تي براڻا،
    نظر تون نماڻا، کليا وار ڏس تون، آيا دل.....

    هڪ ڪلام هي به چيو اٿس:
    - هتي هنر تون هزار ٿو ٺاهين،
    هر شيءَ تي ٿو حڪم هلائين،
    پاڻ سڃاڻ، تون ڇا مان ڇا آهين،
    نام انهيءَ جي نظر نه ڪا؟

    وري هي به ٻول اٿس:
    - هام نه هڻ تون هٺيلا، بي بقام بق نه ڪر،
    سوڙهي، سامي ۾ سٽيندئي، اي بند ابانور نه ڪر،
    سڀ ڪري برباد باقي، هيڪلو هلندين حبيب،
    بي وفا دنيا انڌيري، ناهه نيبهه اي نظر.

    هيئن به چيو اٿس:
    - ڏي معافي تون مولا، توکي ساءِ ستايان،
    بدڪار بيمار آهيان....
    ڪهڙا ڪلام لکي ڪهڙا لکجن!

    ڪلام: جادم هوندي حياتي، نوڪر ويندو نڀائي،
    ماريندين پيو ته ڇا آهي............
    هر روز ٿو رسين تون، هيڏو رهئين ستائي، ماريندين پيو ته ،
    آئي منهنجين نصيبن، پيڙ مَ پلئه ڪو پاپي.
    سهڻا چوان جا صافي، ماري ڇڏين، اٿئي معافي،
    بس! مون لاءِ قبر آ ڪافي، ڏي نظر تون سر نمنائي.

    هڪ دفعي وڏو ميرون اچي پنجوڙ ۾ لڳو، واٺا ويجهي نه پيا وڃن، آخر هڪلون ڪري مڙسن وڃي مرون دسيو! اتي واٺن ۽ ٻئي شوق تي هي ڪلام چيائين:

    مون ته وٺڻ ڇڏيو به وساري،
    ڪڍيو ڪات ڄاڙيون پيو ڏيکاري،
    ڇهر هڻي ير مان، ڇپي جي ويڙس،
    مٿئون نظر بيٺو ٿو نهاري،
    مون ته وٺڻ ڇڏيو............

    هي به چيو اٿس:
    حسنين کي نه ڏيندس دل مان وري،
    تنهن کان کائي زهر، مان ويندس مري،

    مصرع: حسنين جي کپي، مگر ڪا نه شفا،
    تنهن کان لازم آهي، بس موت صفا،
    هُت هڪ وار مرڻ هِتي ڪيئي دفعا،
    ويندين نيٺ ”نظر“ ڳڻتين ۾ ڳري،
    حسنين کي نه ڏيندس دل.....................

    هي به ڪلام اٿس:
    نظر اهڙي نصيبي ٿي، ڪٺس در دوست جي اڳيان،
    پوءِ جي جنازي کي ڪلهو ڏئي هلندو ته ڏک ۽ درد ويو ونڊيو،
    تنهنجي در تي جهليم جهولي، تو ڇا ڇا خير آ ڪڍيو.

    جمع عرف جمن ولد فيض محمد لغاري:
    هي ويچارو هر هاري قد جو ڊگهو، ڪَتريل مڇون، منهن تي ماتا جا داغ، نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾!. پنهنجي دونهين دکايو، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾وکر جو هٽ کوليو پنجاهي کن ٻڪرين جا پهرون ڌاريو، پيو اُرهه سان ٻيڙي ڌڪي هڪ ٻه درجه پڙهيل آهي. شاعريءَ جي قدرتي ڏات اٿس، دل ۽ دماغ جي سيڄائي هئڻ سبب شاعري هن ريت اٿس، تڪ بندين رديف ۽ ڪافئي وغيره جي هن کي خبر ئي نه آهي، چوي ٿو:
    ڪلام ٿلهه: شل عيدون نه اچن! تن سڄڻن جا ٿا پور پون،
    شل عيدو نه اچن،
    ڏس ڪهڙي ڪندو هاڻي عيد لغاري،
    ٽٽي جڏهن کان پيار جي وئي يار،
    تڏهن کان ئي، روئندو هليو ”جمن“
    شل عيدو نه اچن،

    ٻئي هنڌ چيو اٿس:
    ڪلام: سرما تيل، ڦڻيون، ڦيريان، وڳا ويس پايان، ڪيئن سڄڻ!
    هاڻي ڪهڙو ٿيندو، منهنجو جيئڻ، هي ازل ڀانيان يا الستي اَمرُ،
    هتي ڏک ونڊيو اٿس:

    ڪلام: موٽي ماڳ اچن، شال پرين ويندو ڳڻتي ۾، الهبچايو ڳري،
    ٿي پئي نور حسين لاءِ دلڙي چري، ادا! ويو ته جمن لاءِ ڪري زندگي زهر،

    وري چوي ٿو ته:
    درشن تيڏي دا هي شوق اسان ڪون،
    لوڙهه وڏي هي، غرض ”جمن“ ڪون،
    آءُ ته پرين ڪرون ملاقاتڙيان.

    هي ڪلام به چيو اٿس:
    اسين جهانگيئڙا اياڻا اڻ ڄاڻ،
    وجهي هٿ ٻرن ۾، پڇتايون پاڻ،
    الله تن کي آڻ، سدا وسي سنڌڙي ”جمن“

    خانڻ عرف خانو، مستانه، بادشاهه سهراباڻي، ولد مهدي سهراباڻي، جنم 1985-05-02 مستاني جي خاندان وٽ، ٻني ٻارو نه هئڻ سبب، مزوري ۽ ڌنارپي، ڪرڻ سکيو. ستن سالن جي عمر ۾ پڙهڻ جي شوق کيس اسڪول جو منهن ڏيکاريو، چار پنج درجا پڙهيائين، پر چوندا آهن ته ”غربت تعليم جي راهن ۾ رڪاوٽ آهي“ واري مصداق جيان، وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، تنهن ڪري ”ساڳيو ڳن، ساڳي ڪهاڙي“ واري ڪار جهنگ ۾ مزوري ۽ ڌنارپي پيو ڪري، خدائي ڏات مان شاعري جي جزبه سمايل اٿس. پنهنجي منهن شاعري جهنگ جهونگاريندو رهي ٿو. بغير ترتيب ۽ آٿت جي ڪري شاعري سهيڙڻ جيتري به سگهه ڪا نه اٿس. موجوده دور ۾ مزاحيه سماج ۽ جهنگ سان لاڳاپيل شاعري اٿس، خداوند ڪريم انهي شاعري واري جذبي سان سرشار رکيس ته جيئن معياري شاعري ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي سگهي آمين.
    هڪ هنڌ چيو اٿس.
    خانو! جڏهن تون، ويسين مَر،
    1. سنگتين ساٿين ڪون، پوسئي خبر،
    ڪرڻ اوسن تيڏي، عذر خواهي،
    وات وچون ڪڍسن، اها ئي وائي،
    خانو: ول نه اوسي نظر.
    2. هرک ڪفن دا تيڪون، پليسن چولا،
    پڇين ياد اوسي، تڪيو مولا،
    جڏهن مچ آڙاهه دا ڏيکسين شعلا،
    خانو، جڏهن تون ويسين مَرَ!

    ڪلام: ڇا چئي، ڇا نه چوان، شادي نه اسان ڪيون....
    1. مليو آرڊر، سينڊل وٺي آيس نوان،
    سي منهنجي پٺن تي، ٿيا روان،
    رات ساري سمهين نه سگهياسين سنوان،
    پوءِ به مرد پنهنجو پاڻ کي چوان!
    ڇا چئي ڇا نه چوان....................
    2. ڏينهن جو لوڙي، مزوري ڪمايان سَوَ،
    رات جو سرڪار چئي، ڪپڙا وڃي ڌو،
    پادر کائين خانو، جي ڪرين نه هائو.


    سنڌو سڀيتا بابت

    ڇا سنڌو ائين ٿي سگهي ٿو؟ جيئن اڳي سنڌي چوان هئا....
    ڇا ڪن، ڇا پٽيون، ڇا کنجهو لڙهندا هئا،
    ڇا ولر پکين، ڇا ڍير مڇين جا، ڇا گندڻ ڄرڪا ايندا هئا.
    ڇا درياهه جون پائڪون، ڇا زمين جون ساوڪون، ڇا فصل ٿيندا هئا.
    ڇا مبتون، ڇا چاهتون، ڇا ڳجهارتون ڏيندا هئا،
    ڇا! خانو ائين ٿي سگهي ٿو، جيئن اڳ سنڌي چوندا هئا،
    ڇا سنڌو ائين ٿي سگهي ٿو، جيئن اڳ سنڌي چوندا هئا؟
    مشتاق علي باگاڻي ولد زوار گل حسن لغاري، باگاڻي جنم 1949-04-12 هي صاحب ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر آهي. وڏي همت ۽ جرئت سرن سڄي عمر پنهنجي حاتي جي سگهه اڄ تائين ڏيندو اچي، منهنجي لاءِ ته هو متبرڪ شخصيت آهي. مون هن ۾ ڪڏهن به وڏائي، غرور پاڻ پڏائڻ ۽ تڪبر نه ڏٺو آهي. فقيراڻو انداز اٿس. شاهپور جهانيان کان اوڀر طرف ڳوٺ حاجي علي بخش باگاڻي جو ويٺل آهي. هن وقت موري شهر ۾ رهي ٿو. ڪافي کان گهڻو زياده مشاهدو اٿس. لاري جي ڪنڊيڪٽري کان ليبر جي ڊائريڪٽري ماڻي رٽائر ڪيائين. هن وقت سندس کي مليل ورثي جون زمينون ڪچي، پڪي، سنڀالي رهيو آهي. سندس ڪيئي ڪتاب لکيل اٿس. ادب ۽ شاعري جي ڀريل ڀنڊار مان اڃا تائين لکندو اچي. تمام سادو کلڻو ملڻو، قد جو بندرو، وچولا شهپر رکيل، سونهاري چَٽ تُري ۾ جوار جي داڻي جهڙو رنگ، حد کان وڌيڪ سهپ جو مادو رکندڙ، نوڙت ۽ نياز وارو، شل خداوند ڪريم عمر دراز بخشيس آمين. شڪاري ميخ به لڳل اٿس، ٺٽي ضلعي ۾ بندوق کي خوب وڄايائين.
    مشتاق باگاڻي جا لکيل ڪتاب اڻ ڇپيل ڪتاب:
    1. اجهاڻل آس، ڪهاڻين جو مجموعو
    2. هي جي ٻول ٻريا شاعري (گولڊ ميدل مليل)
    3. لڙهندڙ ونجهه، اٻهريون لهرون، شاعري ”پاڪستان رائيٽس گلڊ پاران انعام يافته،
    4. هو جي پهڻ پٻ جا ادبي تاريخ
    5.لاڙ جا ڏينهن لاڙ جون راتيون سنڌي لوڪ ادب تي ڪتاب
    6. سوجهرو رسالو قسطوار ڇپيل
    7. ڳالهيون ڳنوارن جون، سنڌ جو ڪلچر
    8. ننگر ٺٽي جو سماج ”مطالعو ۽ مشاهدو“
    9. ساحلي علائقي جي جتن ۽ مهاڻن جو سماجياتي مطالعو
    (انگريزي ۾)
    10. کراچي کي دن کراچي کي راتين ”منظوم ڊرامه“ (اردو)

    اڻ ڇپيل ڪتاب:
    1. ويا گذاري ڏينهڙا ڳوٺ لغاري بجراڻي جي تاريخ
    2. ڪاري رات، اتر ۾ ڪانڀو شاعري شيخ اياز جي مهاڳ سان وغيره.

    مهر علي: مهرو فقير ولد سرائي يار محمد لغاري جو وڏو پٽ آهي. هيئنر پڇاڙڪا پهر اٿس، حسنين جو حبدار آهي. سدائين روئندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. بيتن جي صورت ۾ شاعري سهيڙڻ وارو ڪير به ڪو نه اٿس. پنجتن پاڪ جي ثنا ۾ شاعري اٿس.
    1. سمجهه ڳيان، سمجهه ڳيان، ميڏا بابل سائين، تون ودا هين، صبر دل وچ پائي،
    پارت هوئي ميڏي اڪبر اصغر ڀراوان دي، ميڪون آهي، اميد پرڻاوڻ دي،
    مين تان ول ول بوسي ڏي گهنا، اڪبر اصغر ڪون، نهين تانگهه لهندي ڀراوان دي.
    ول ملون يا نه ملون، هي بي پرواهي، رب دي،
    جڏهن سهڻي وَسدي آسي شهر مديني بابل سائين،
    مين وتي آسي ڀرا اڪبر اصغر ڪون ڳل لائي،
    هڻ سڃ ڪر ڳيوي، شهر مدينه، ودي هي روندي ڀيڻ نماڻي،
    مين ته رو رو ٿڪيان، بابل سائين مين ڏهدي هان چئو طرف چوڌاري.
    ڪوئي نظر نهين اوندا، ميڏي دلڙي ٿئي هي پريشاني،
    آکي گنهگار ”مهرعلي“ ڪوئي سڄڻ نظر نهين اوندا، ميڏي دلڙي ٿئي هي پريشاني،

    خيبر جي ميدان تي حضرت علي عليه السلام جو معجزو:
    1. مرحب ويٺو آ ڪوٽ تي حملا ڪري پيو هر هر هيڪار،
    ناجومي هڻ نجوم، ڪنهن جي نڪري ٿي فتح ڪنهن جي نڪري ٿي هار،
    پوءِ ڪاوڙ آئي ڪميڻي کي، ناجومي کي ڪيائين سزادار،
    چيائين چوڏهن سوَ آ لشڪر محمد جو منهنجي لشڪر ڏي ته نهار،
    چئي محمد ڪو نه گهرايو آءَ مديني مان، جيڪو ڪروڙين ۽ پدمان وڃي ٿو پار،
    چيائين علي جيڪو مونکي وٺي آڻي ڏئي، تنهن کي سوين ڏيندس دينار،
    محمد پڪاريو ناد علي ناد علي، اها ملائڪن مديني پهچائي تار،
    نبوي مسجد ۾ پڙهي پيو علي نماز، لبيڪ يا رسول الله حاضر تنهنجو تعبيدار،
    نماز پڙهي فارغ ٿي، پوءِ دعا گهري آئو دلدار،
    غلام قمبر پڇيس نبوي مسجد ۾، ڪنهن سان ڪئي آ گفتار،
    غلام قمبر منهنجي دلدل کي تيار ڪر، مونکي سڏي ٿو سردار.

    خيبر جي ڪوٽ تي:
    حيدر علي کنيائين، اچي پنهنجي ذوالفقار،
    آيو دلدل وٽ ته هڪ لحظي ۾ ڏئي هَلَ تون للڪار،
    تنگ منهنجو ڍرو ڪر، اڳيان ڏس تون خيبر جي وڻڪار،
    پل نه گذريو، منهنجو پرين آيو، ڪر ڪڪر ڪارنڀار،
    نر سڀئي ماديون ٿي ويا، آيو شير آهي بازار،
    اڳيان گڏيس انٽر حرامي، تنهن پڇيس خبر چار،
    ڪير آهين، ڪاڏي ٿو وڃين، ڪهڙو تنهنجو ڪم ڪار،
    نالو منهنجو آ حيدر قرار آهيان قاتل ڪفار.

    هتي ڪيئي آيا خان کپي ويا، مرد جهلي ويا مار،
    مڙس گڏيو اٿئي ڪو نه ڪو، تو گانڊو ڪيا آهن غار،
    يا دين مڃ محمد جو، يا اول ڪر پنهنجي وار،
    ڪيئن مڃان دين محمد جو، توڙئون ٿئي ها تڪرار،
    انٽر کي ماري، هاڻي ٿيو آ، خيبر تي تيار،
    آيو خيبر جي ميدان تي، اٿي مليس سپهه ۽ سالار،
    خان خوشين مان ڪين ماپن، ڀلي آئين، اسان تنهنجي آڌار،
    مرحب روئي هليو ماءُ ڏي، اڳيان ڇرڪ ڏنس شيطان، ايڏو پهلوان اٿئي، تو سوَ مڻن جا کڻي ٿو بار،
    علي تنهنجي اڳيان آهي، جيئن ڪالهوڪو ٻار،
    مرحب موٽيو پوئتي، جلدي ٿي ويو علي جو شڪار
    ”مهر علي“ آهي هقي علي جو حبدار.


    استاد بهاول لغاري

    استاد بهاول لغاري ولد سرائي سمندر خان لغاري جنم 1940ع ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقه مورو ضلع نوشهرو فيروز.
    هي فقير قوي دل حوصله صاحب، انسان دوست، همدرد، صابرين ۽ سفيد پوش، سنڌي ماستري کان سب ڊويزنل ايجوڪيشن، آفيسر ٿي، 2000ع ۾ رٽائر ڪيائين. بلوغت ۽ جواني ۾ شوق شڪا ڪري ڪتن جي مدد سان مِرن جو ماري رهيو توبچي به ڀلو هو. ڦاڙها به کوڙ ماريائين، شايد گذريل عمر ۾ دائمي خوشي ۽ اطمينان قلب حاصل ڪرڻ جو سوداگر رهيو هوندو. ليڪن رٽائر ٿئي کانپوءِ، هن فقير پنهنجو پاڻ کي شاعر جي صورت ۾ ظاهر ڪيو. حافظ علي مراد مست زرداري جو معتقد آهي. اتان کان رتي ماسو فيض به مليل اٿس، جنهنجو پنهنجي شاعري ۾ به اظهار ڪيو اٿس. ”بهاول تنهن جاني کي جس، جنهن مست ٽاريو مصيبت کي“ جهٽ پٽ چار ڪتاب ڇپائي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين.
    1. اڌوري آس ڪهاڻيون
    2. عشق مون اڻاٺ شاعري
    3. عشق مون ايمان شاعري
    4. سچل جو ٻالڪو ناول

    ڪجهه ڪتاب ڇپائي هيٺ پڻ آهن
    1. خاڪ ۽ کٽ ڪهاڻيون
    2. عشق مون اسرار سرائڪي شاعري
    3. ايران، سعودي عرب، لاهوت ۽ ٿر جا سفر نامه

    هن وقت سندس اظهار حال مان ڀائنجي ٿو ته دائمي خوشي ۽ اطمينان قلب هڪ اڻ ڏٺل وهم ۽ گمان واري آئيڊيل کي ڳولي لڌو اٿس. کائنس انهي آئيڊيل جي جهلڪ محو حيرت ۾ آهي. شال! خالڪ اڪبر روب صحبت رکيس. آمين پنهنجي زندگي جي آتم ڪٿا لکي ها ته هڪ وڏي تاريخ جڙيپوي ها. نموني طور ڪجهه شاعري پيش ڪجي ٿي.
    ڪلام ٿلهه: سڄي هن سنسار ۾ ڪو هندو ته ڪو مسلمان،
    ڪو ملان ته ڪو موالي، ڪو مومن ته ڪو مروان،
    1. ڪو لاهوتي ته ڪو لعل، ته ڪو عشق ۾ آ پئمال،
    ڪو صوفي ته ڪو شيطان.
    2. ڪو مسجد ته ڪو مندر، ڪو دوزخ ته ڪو دربدر،
    ڪو سامي ته ڪو سلطان.
    3. ڪي ڄمن ٿي ڄام، ڪن کي عشق انعام،
    ڪي گمراهي ۾ غلطان..............
    4. ڪي ريجهائن رام، ته ڪي دعوى ڪن رحمان،
    ڪي عرش گهمن انسان.......................
    5. ڪي مجاز ۾ مست، ڪي بادشاهي ڪن بهشت،
    حيرت ”بهاول“ حيران.

    1. پاڳل بهاول پڌرو، هزارن ۾ هڪ
    متان ملي سُرڪ، اٻوجهائي ۾ عشق جو،
    2. ظاهر مظهر هر صورت ۾ پاڻ ئي پڌرو
    ذات صفت ۾ بهاول ئي سمجهه بي ايمان،
    3. ڀونڪڻ کان بس نه ڪج، چونڪي ڪر چور،
    متان ڏين ڳڀو ڀور، ڪتي جيان ڪور ڪوري ڪري،
    4. الله سائين جي اهليت تي، ذرو نه شڪ گمان،
    واحد القهار، ولما ڪرين، اهيون، حيرت ۾ حيران.
    5. الله ڪان، بعباده بصيراً، پوءِ به هاڃا هن جهان،
    ”بهاول“ آهي، اي ارمان، الله جي انصاف جو؟

    بهاول پنهنجي شاعري جي ڪتاب ۾ تخلص، باگڙي، کبڙو ٻاليشاهي، ٻڪري ۽ ڪتي وارا تخلص ڏيئي هيٺائين واري واٽ ور تي اٿس، ڪٿي وري الله سائين جي انصاف کي چئلينج به ڪندو رهي ٿو.
    عشق، عاجزي ۽ وحدانيت ڏانهن تڪڙيون وکون پيو کڻي، پاڻ عشق جو عاشق آهي. سمجهي هي نٿو سگهجي ڇا هن جو رايو آ.
    هاڻي جولاءِ ۽ آگسٽ 2010ع واري ٻوڏ بابت هي بيت لکيو اٿس، جيڪو موري ۾ ادبي رهاڻ ۾ سندس پٽ امتياز علي لغاري 2010-09-26ع تي پڙهيو.
    ٿلهه: هي سيلاب هو سڪرات برابر، هڪ سيڪنڊ سڄي رات برابر
    1. ٻچا، اجها، ڳڀا لڙهي ويا، پارڙي پيل اٽا لڙهي ويا.
    قلب ڪربلا حالات برابر.
    2. آڌي رات گگهه اونداهي، گهر گهر هو ذڪر الاهي،
    هاڻي هاڻي هئي نات برابر.
    3. ڪي وير ويا، ڪي مهمير ويا، ڪي ونيون ويون، ڪي ٻنيون ويون،
    4. ٻڏل ٻوڏ مان بلائون بندن تي ڏنگين ڏانئڻيون کٽن مجن تي،
    چئو طرف هئي چهلم رات برابر...........
    5. بنان اجهي خلق بندن تي، ٽن ڏينهن کان بيمار بکن تي،
    ڪُمهري هئي ڪات برابر.................
    6. اَدي اَدا کي باٿ لاءِ بار، ٿلهي لهڻ سان پاڻي تار،
    هئي منجهند به انداهه رات برابر.............
    7. بيحد بيزاريون بحر جون، ڪيهون، ريهون قهر جون،
    لڳي لذت الله کي لات برابر..................
    8. ٻوڏ ٻڏل ڪي خان ڏٺم، خيرات پندين نانَ ڏٺم،
    صدمن جون صدائون صلوات برابر.............
    9. پاڪيٽ پيل ڦڪا ڀڳڙا، لوڻ جي ٿيلهي کٽمٺڙا!
    هئي سرڪار ۽ امداد سوغات برابر.
    10. خالي جهولي خالي لولي، ٻچڙو ٻوڏ ۾ کڻي وئي ڇولي،
    ڳوڙها امي جا برسات برابر...............
    11. هئا پناهه لاءِ وڏا واڪا، پاڻي پڙلاءَ پري ڌڌڪا،
    الله صمد لاءِ سرباٽ برابر.................
    12. مڻين ميڊيا جي محنت هئي، صحافين سرس صحافت،
    هئا سماجي اڳواڻ سادات برابر................
    13. ڪوڙا ڪارڪن، ڪوڙا آسرا، ڪوڙا آفيسر ڪوڙا سهارا،
    ٿيا واپس جهٽ جهات برابر..............
    14. الله کل شيءَ سميع بصيرا بهاول، پلڪ پهر کي ڄاڻي پل پل،
    ڪيئي ٻوڏ خدا خيرات برابر.
    15. الله به رنو هو ٽن هنڌن تي، هڪ ڪربلا ٻيو شام ٽيون، بندن تي.
    ڏسي هيڻائي جا حالات برابر...................


    حڪيم: استاد ميوو خان فقير، عنايت حسين عرف حاجي ملو، الهه بچايو احمداڻي ”فدائي“ عورتن ۾ سوني فقير، حاجاڻي بجراڻي، سوني ميراڻي، آست ميربحر، راڻي قيصراڻي طبابت ڪنديون هيون. طمع ڪا نه هين، في سبيل الله گهرن ۾ وڃي علاج ڪنديون هيون، سرڪاري دوائون ڪو نه هيون، جي هيون ته اڻلڀ جهنگلي ٻوٽين تي مارو هو.
    دايون: لغارين جي ڳوٺ ۾ مائي صاحب خاتون، مائي ڀاڳان، دائپو ڪنديون هيون، پُني مراد هر ڪو ڏيندو هون، سنوڻ ساٺ جون به قابل هيون.
    مانڊرا: حيدر فقير سهراباڻي، غلام شبير ولد گلڻ، علي گوهر ٻوڙو ۽ بخشو ولد يوسف، غلام علي ٻوڙو، حاجي ملو، ڪک رنجايل کي ڦيڻو ڦوڪ ڪندا هئا.
    پيري: قلب علي، قاسم ولد الهڏتو، محب علي خيراڻي، ذوالفقار علي سهراباڻي، ٺارو بجراڻي، راوت پڪي وارو، ارباب علي، نجف علي سهراباڻي، حاجي ايوب احمداڻي، هي ڍورن هي چورن ۽ جهنگلي جانورن جا پير کڻي سولا ڪندا هئا. خانڻ ٻلال ۽ ڏاڙهو خيراڻي، خير محمد سهراباڻي به سٺا پيري هئا.
    ڇپر ٻاڌا: ٽلو مهراباڻي، عثمان پڃارو، علي گوهر ٻوڙو، پانڌي ماڇي، خير محمد الياڻي، خير محمد احمداڻي، سائين ڏتو، علي بخش عرف همام دسته.
    هڏ ٻاڌا: نهال خيراڻي ڀڳل هڏ ٻڌڻ جو ۽ جوڙڻ جو آڙي ڪاپ ڪاريگر هو.
    ناڙي ڪاها: اڳي ته سردار خان ۽ مڱڻ خان مهراباڻي جي ڳالهه هئي پر پوءِ ٽلو مهراباڻي، علي گوهر ٻوڙو، پانڌي ماڇي سائين ڏتو، علي بخش عرف همام دسته، قمبر علي فقير، مير محمد ولد شاهه محمد، ڪالو ڪڇائي، غلام قادر بجراڻي، سوڍو ولد مراد علي، ايوب احمداڻي، انور پڃارو محبوب ماڇي، عيسى احمداڻي، ناچيز وغيره ڪي اڃا تائين ناڙيون ڪاهيندا پيا اچن ڪي وڃي مقامن ۾ مٽي جا ڍير بڻيا.
    اڳئين ۽ پوئين ڪاهي کي جاٽ هڻڻ جي ڪاريگري هوندي هئي. مٿيان ڪاها پنجن کان ڏهن جوڙن جون جوٽون جوٽي ناڙي ڪاهيندا هئا. اڳي ٻوڏو ٿينديون هيون، تنهنڪري تونگن جا تونگ ناڙي فصل ڪاهيندا هئا. ناڙي جي به باقائده تاريخ ٻڌي ويندي هئي. ڪاٺ جون ناڙيون ۽ سنها هر گڏ ڪيا ويندا هئا. پري پري جي سنگتين کي جوڙا آڻڻ لاءِ چيو ويندو هو. ناميارا ڏاند ايندا هئا. ديڳون لاهي ڏسڻ ۽ ڪاهڻ وارن کي کارائيندا هئا. ناڙي جون مبارڪون وصول ڪندا هئا. قمبر علي، فقير خدا بخش جو ڳوٺ وارو به وڏو ناڙي ڪاهو هو. اسان جي تر ۾ سونف ڌاڻن، مسور، جواڻ، سئا وکر پوکڻ جو رواج ناڙي ذريعي هن فقير وڌو. گدرا ۽ ڇانيون به ناڙين ذريعي ڪوهين ڪاهيون وينديون هيون.
    ڪوڪڙي: ڳهڻو خان فقير، ڪمون ملاح گچيرائي، غلام شبير ”ملنگ“، نظر حسين مهراباڻي، عالم خان، نظر علي تپيدار، صالح شاهه، روشن مولڻائي، قام چڪراڻي الهه بخش مولڻائي، استاد دودو، جعفر علي خيراڻي، محمد حسن عطراڻي، لوٽي، شوڪت علي بجراڻي، محمد علي قيصراڻي، غلام سرور بجراڻي وغيره وارا هئا ۽ آهن.
    تيتري: صحبت علي ۽ علي بخش قيصراڻي ”ڀائر“ ابراهيم خيراڻي، لوٽي، ڪلو، نيازو، محمد علي، وارا تتر ڌاريندا هئا. پکڙن ۽ ڪوڙڪين ذريعي شڪار به ڪندا هئا.
    تازو: چوندا آهن ته ”ترڻ تير هڻڻ ۽ سواري ڪرڻ“ وارا گُر هر انسان ۾ هئڻ گهرجي، تنهنڪري ڪچي واسين ۾ گهڻو ڪري مٿين ٽنهي گڻن جون خوبيون هونديون آهن.
    پنهو ميراڻي، غلام مصطفى مولڻائي، قلب علي، نظر فقير، غلام علي بجراڻي، الهه بچايو ”ڀوتار“ خدا بخش جي ڳوٺ وارو، دوسن سهراباڻي، هوت خان بجر خان، طالب حسين ولد مير برڪت علي ولد حسن علي، حام علي ولد مهرو فقيرو، قاسم سنڊن تي به درياهه ترندا هئا ته ٻانهڙ به درياهه ڍنڍون ڍورا تري لڪ لنگهي ويندا هئا. چوندا آهن ته ”تري به تارو ٻڏي به تارو“ پنهون ميراڻي به رپي گپ ڇٽي موٽي هڪ سوڙهي ڍوري تري ٽپندي ٻڏي مري ويو. قاسم به 2010ع واري قهري ٻوڏ دوران بچاءُ بند کان ڳوٺ تري وڃي رهيو هو، ليڪن تيز وهڪري کيس ٻوڙي وڌس ۽ لڙهي ويو. ميانڏته فقير 2010ع واري ٻوڏ دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هيٺان اچي ويو ۽ فوت ٿي ويو.
    ڀوڳائي: ياد حسين عرف ”يادو“ نظر فقير، سانوڻ منڊو، دوست علي جمعدار بجراڻي، فتح علي ولد وزير، گلو غازي سهراباڻي، مدد علي ميراڻي، شيرل سهراباڻي، حسنو ولد الهيار مهراباڻي، شوڪت علي ولد عطر، ڪاظم علي مهراباڻي، لوٽي، نيازو، حاڪم ولد شادي، محمد بخش ۽ خانڻ ڏتاڻين بهاول عرف ”بالو“ صابر حسين ولد يادو ۽ ٻيا ڪيترائي کلڻا کلائڻا مختلف ڀوڳائي ايٽم پيا پيش ڪندا هئا. سندن چهرو اڻ هوند ۾ به پيو ٻهڪندو هو.
    اوٺي سوار: حاجي الهه بخش الياڻي، بلاول ولد سليمان، دوست علي مهراباڻي، علي بخش الياڻي، مير محمد ولد شاهه محمد رجب پڃارو، قاسم لڍ غلام حيدر ٻگهيه گچيرائي، سليمان هُليو، وارا اُٺ جي پٺن تي اِنڊ ٻڌي ساکرو، ٿر يا جابلو لاڙي، ڍاٽي وڏا اُٺ توڙي ڪنواٽ تڙيندا هئا. ميلن ملاکڙن تي اٺن کي ڊوڙائيندا هئا ۽ اٺ جي پٺن تي پلڻ رکي بار لڏيندا هئا. پري جا دوست پڻ ”نم“ جي ڳوٺ جا ٺهيل ”نير“ اٺن جي ڳچي ۾ ٻڌي بلاول لغاري وٽ اچي ٽڪندا هئا. رات جو چرڻ وقت اٺ جي اڳين ٽنگن ۾ ڏاوڻ يا نير ٻڌي ڇڏيندا هئا ته جيئن اٺ چرندو جوءِ نه ڇڏي وڃي.
    ڪڏهن وري جت يا سوار شادين مرادين تي، يا درگاهن تي سُکائون ڏيڻ لاءِ اٺ پلاڻي، گورند، پُستنگ ۽ تنگ ٻڌندا هئا ۽ پڻ مَهري اٺن جي پڇ کي به پڇڙي ۾ رسو ٻڌي رسي جو ٻيو پلاند پلڻ ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا ته جيئن اٺ جو چٿرهه پڇ لڏڻ وقت ماڻهو کي نه لڳي. پلڻ پاکڙا گاشا، انڊون ۽ ڪجاوا، اٺن جي ٿوهن مٿان جڙي، ٻڌي ولر مردن يا عورتن جا کڻي باسون ڏيڻ ويندا هئا. گهوٽ کي به گهوڙن يا ڀلن اٺن تي سرڪس گهمائيندا هئا. اٺن جي گوڏن کان ٿورو مٿان ڇيرون ٻڌندا هئا ۽ ڳچين ۾ ڳانيون ٻڌندا هئا. گهڻو ڪري ڄڃ مَهري اٺن تي کڻندا هئا. هر ڪو صاحب حيثيت جتن کي پُني مراد ڏيندو هو. اُٺ جي نڪ ۾ لاٽي چِمر ۽ تَرون هڻندا هئا ۽ انهن ۾ مهار ٻڌل هوندي هئي. انهي مهار سهاري اٺن کي هيڏي هوڏي ورائيندا به هئا ته ڊوڙائيندا به هئا. ترون خاص ڪري مست اُٺ کي هنيون وينديون هيون.
    حاجي الهه بخش الياڻي کي به اٺ کاڌو ۽ مري ويو،
    نڙ: نڙ گهڻو ڪري ڪنگور جي ڪاني مان ٺاهيندا هئا، دوسن لغاري کي نڙ وڄائڻ ۽ ٺاهڻ جو ڏانءُ هوندو هو.
    بينون: غلام نبي ”گُرين“ سهراباڻي ڏاڍي سريلي سوز سان وڄائيندو هو. ڪچهرين ۾ بينن جا سريلا آواز چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا.
    نغاري: حاجي الهه بخش الياڻي ۽ ان کانپوءِ خير محمد الياڻي، سهائي چنڊ ڏسڻ وقت يا روزن جي مهيني ۾ سحري ۾ افطاري وقت وڄائيندا هئا.
    دهل: ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ايوب ميراسي دهل وڄائيندو هو، شادين مرادين تي ڇٺين يا جهنڊ لاهڻ وقت، ڳوٺ وارا ايوب ميراسي کان دهل وڄرائيندا هئا. ڪڏهن منادي گهمائڻ لاءِ به دهل وڄرائي ڄاڻ ڏيندا هئا. ايوب ميراسي راڄ کي سنڀاليو پي آيو. پر ڳوٺ پاي کانپوءِ لڏي ويو ۽ هاڻي ته هي جهان ڇڏي ويو.
    راڳيندڙ: غلام شبير ولد وزير ته راڳيندڙن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. باجو وڄائي راڳ ڳائيندو هو. گهڻو پوءِ جڏهن اسان جي ڳوٺ وارا جهانيان پوٽي سيد علي شاهه جا طالب ٿيا ته صوفياڻي رنگ ۾ رچي ويا. راڳ رنگ جو ورد ڪندا هئا، صادق علي فقير ۽ محب علي، الهه رکيو فقير يختياري جي تند سان تنواريندا هئا. سائين جا طالب وري سنگ جي صورت ۾ اسباط علي، برسات علي، محمد بخش عرف ”منو“ محمد رحيم خيراڻي، فقير محمد ۽ دربان علي وارا ڳائيندا هئا. پڪواز وڄائڻ جو محمد بخش عرف منو سٺو ڪاريگر هو. باجا، يختيارا، گهڙا ۽ گهاگهريون وڄائي ورد ڪندا هئا. هن وقت سوڍو فقير به سندن ئي صحبت مان پرائي چوٽي جو فقرائي فنڪار ٿي ويو آهي. سُر ۽ سوز جو آلاپ گهڻو ڪري ”سُر جوڳ“ ۾ اٿس مٺڙي ۽ سريلي آواز سان ڳايل ڪلام ڪيترن ئي ڪيسٽن ۾ سمايل آهن. ريڊيو ۽ ٽيليوزن جو به سنڌ ۾ مشهور ڳائڻو آهي. ڳوٺ ۾ محرم پاڪ جي مهيني ۾ دوهيڙا ۽ نوحه پڻ درديلي آواز ۾ پڙهندو اهي. شل رب العزت کيس انهيءَ عشق ۾ ڪامياب رکيس مين.
    گهيڙ ۽ چارا: ٻوڏو يا برساتون پونديون هيون ته واهڙ جا گهيڙ ۽ سائو چارا ڊهي ويندا هئا. عثمان پڃارو هر وقت گهيڙ ۽ چارا ٺاهڻ لاءِ ڪوڏر، واهولو، ڪهاڙي ۽ ڏاٽو کنيو انهن جي مدد سان گهيڙ ۽ چارا ٺاهيندي ڏسبو هو.
    ڪيٽين جي ماپ: درياهه جي پائڪ ۽ ٻوڏون ٿيڻ سبب ڪيٽين جون دڙيون دنگ ۽ نشان ڊهي ويندا هئا. اسان جي تر ۾ رئيس الهه بخش ٻگهيه، غلام عباس فقير رٽائر سپر وائيزنگ تپيدار، غلام حسين ڦڏائي، حاجي اميد علي، دوست علي احمداڻي، گلشير سهراباڻي، سرائي مڱڻ خان، سرائي سمندر خان، ڪانن ۽ سينڪلين تي ماپون ڪري دنگ ۽ دڙيون سنوان ڪندا هئا. هن وقت به نظر علي خان تپيدار، واحد بخش عرف ”واحدو“ رضا محمد ولد تاج محمد، فقير محمد ميراڻي، استاد بخشل سهراباڻي، رستم بجراڻي، غلام اصغر مهراباڻي، حاجي محمد احمداڻي ماپن ڪرڻ جا ماهر آهن. واحد بخش عرف ”واحدو“ هن وقت فقير مزاج، سچ ڳالهائيندڙ ننڍي پيماني جا فيصلا ڪندڙ پرين پيارو ماڻهو آهي. شل خوش هجي.
    ڳوٺ جا رازا: رازي کي اوستو ڪاريگر، استاد ڪري ڪوٺيندا هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ رازڪي جو ڪم داون علي سهراباڻي ڪندو هو. هال آهر ڏوريندو هو. اڳ اسان جي ڳوٺ ۾ ڊکاڻڪو ڪم الهه رکيه خيراڻي ڪندو هو. هن وقت سندس پٽ ٽوهن ۽ عيسو فقير ڊکاڻڪي ڪم کي ٽوريندا پيا اچن.
    ڪاٽڪو ۽ ڏيا وارا مڙس: ڳوٺ درياهه پائڻ کان پوءِ وزير حاجي اڪبر احمداڻي ميرڻ احمداڻي ۽ احمد احمداڻي، اڃا جواني کي مس نسريا ته سَنگن کان لڻڻ شروع ڪيائون. تنهنڪري جواني بنهه ڪا نه ٿين. وزير گهڻو وقت جيل ۾ رهڻ ڪري ۽ پوليس جي مارن سبب ڄنگهن ۾ ڪئينسر ٿي ويس، اسپتال ۾ زندهه رکڻ لاءِ ٻئي ٽنگون گوڏن کان ڪپي ڇڏيائون هاڻي لٺ جي ٽيڪ سان ڪَٺن زندگي پيو گذاري.
    حاجي اڪبر احمداڻي به پنهنجائپ جي دشمني جي ور چڙهي ويو ۽ مارجي ويو. ميرڻ احمداڻي زندگي ۾ جواني جو گهڻو عرصو جيل ۾ رهيو ۽ پنهنجي موت مري ويو.
    احمد احمداڻي: ڌاڙيلن سان گڏ ڪاروائي ڪندي مارجي ويو.
    ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ کوهيو:
    1. سرائي يار محمد جي اوطاق کان اوڀر ۾ پراڻي زماني جي کوهي هئي، جتان بجراڻي خيراڻي ۽ چڪراڻي پاڙن وارا پاڻي پيئندا هئا.
    2. ڳوٺ جي امام بارگاهه کان سَوَ وکون ڏکڻ ۾ کوهي هوندي هئي، جنهن مان قيصراڻي، چڪراڻي، عطراڻي وارا پاڻي ڀريندا ۽ پيئندا هئا.
    3. جهنڊي جي گهاڻي لڳ اتر ۽ گلزار علي جي هٽ لڳ اولهه ۾ کوهي هئي جتان، مولڻائي، سهراباڻي ۽ ڪجهه مهراباڻي پاڻي واپرائيندا هئا.
    4. دائي صاحب خاتون جي گهر کان پنجاهه وکن تي اتر ۾ کوهي هوندي هئي، جتان پڻ سهراباڻي، ميراڻي، فقير، قادر بخش جي آڪهه وارا پاڻي ڀريندا هئا.
    ڳوٺ لغاري بجراڻي جا بي ڊي ميمبر: فيلڊ مارشل صدر محمد ايوب جي زماني کان بي ڊي اليڪشن لوڪل گورنمينٽ جو بنياد وڌو ويو، جنهن ۾ پهريون بي ڊي ميمبر حاجي ملو لغاري بعد ۾ سندس ڀاءُ علي نواز ميراڻي، ان کانپوءِ زوار حسين مهراباڻي، ان کانپوءِ ارباب علي لغاري، ان کان پوءِ پرويز مشرف جي دور ۾ ناظم سسٽم بنايو ويو. جنهن ۾ نائب ناظمي يونين ڪائونسل ”گچيري“ ۽ فتو ٻلال جي اقبال احمداڻي جي حصي ۾ آئي بي ڊي ميمبر منظور حسين مهراباڻي، رضا ولد تاج محمد ۽ محمد حسن پڃارو بڻيا. زڪوات چيئرمين غلام حيدر مهراباڻي، دوست علي احمداڻي، حاجي محمد احمداڻي وارا ماڻي چڪا آهن.
    ڳوٺ ۾ وندر ۽ ڪچهري جا مرڪز: سڀ کان وڏي وندر ڪتن جا پڙ هوڏن تي نار هئا. جيئن ئي ماٽي لڙها چڙهندا هئا ته نار چاڙهڻ وارا وهٽن تي ٻيلن مان ڪاٺوڙ گڏ ڪري نار واري هنڌ رکندا هئا. نار چاڙهڻ لاءِ گهڻن همراهن جي ضرورت هوندي هئي.جتي ڊکڻ ڪاٺ ڪِلا گهڙيندا هئا. ڪنڀر مٽي جا ٿانوءَ، ڀاڳيا ۽ ڪنگريون آڻيندا هئا. ڪاٺ جي بنڊن تي همراهه ويهي مالهه ٺاهڻ لاءِ هٿيون ڏوڱرين سان ڪٽيندا هئا. ڪي وٽيندا هئا، چلم به ساٿي هئي، گهڻو ڪري مانجهاندو جوانڙا وڃي نارن تي ڀڃيندا هئا. جتي مختلف مڪتبه فڪر ۽ مختلف ڪمن ڪارين وارا همراهه هوندا هئا. ڪچهريون کل ڀوڳ همراهن سان ٿينديون هيون ۽ نار چاڙهڻ لاءِ به همراهن جي مدد جي ضرورت پوندي هئي. تنهنڪري واندا ورنهن به ڪندا هئا ته همراهي به ڪرائيندا هئا.
    1. ڳوٺ وارن جي ٻي وندر ڳوٺ جي چوڌاري ٻوڏ کان پوءِ بيٺل پاڻي جا دٻا هوندا هئا، جن دٻن ۾ ٻي ٻوڏ اچڻ تائين پاڻي بيهي ويندو هو، جن ۾ ڳوٺ کان اوڀر ڪل وارو دٻو، ڳوٺ کان اولهه شادي وارو دُٻو، ڳوٺ کان اتر هوت خان وارو دُٻو ۽ تڙ واري ٻير وارو دُٻو ۽ گڻب وارا دُٻا هوندا هئا. هنن دُٻن ۾ ننڍي پاءُ کن کان اڌ ڪلو جيتري مڇي هوندي هئي. جوان مڙس يا ننڍي ٽهي وارا ڪُڙهين يا ڦاٽل رڇ جي مدد سان مڇيون ماريندا هئا. ڪي ته الڙ جوان ٻڌل انگوڇن جي گوڏ جي مدد سان ڊڪي وڃي ڪپر سان چڏا ٽيڙي ويهي گوڏ ويڪري ڪندا هئا ته ڪا نه ڪا مڇي انهي اڏاڻي ۾ ڦاسندي هئي. ان سنهور مڇي کي سهراباڻي واري ڏاڪر به چوندا هئا. پهر کن اهو هل هنگامو دٻن تي ڪري ڇنگا ڀري مڇي کڻي اچي رڌي پچائي کائيندا هئا.
    2. احمد علي ولد خانڻ مهراباڻي جي اٽي پيهڻ واري مشن: احمد علي ولد خانڻ مهراباڻي لاڙون لڏي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ اچي ويٺا، جڏهن ته ان زماني ۾ وڏي ويل واري آئل انجڻ متعارف ٿي هئي، جيڪا مشن احمد علي لاڙئون کڻائي آيو هو، هتي نور شاهه کان اولهه ۽ پُنهي جي اوطاق کان اوڀر ۾ اها مشن لڳائي وئي. ڳوٺ ۾ اَن پيهڻ جو سلسلو شروع ڪيو. جڏهن ته پسگردائي ۾ اها پهرئين انجڻ لڳائي وئي ۽ اتي اوطاق جو ٽپ به ٺاهيو ويو. ڳوٺاڻان خصوصي طور تي اها مشن وهندي ڏسي عجب کائيندا هئا. سڄو ڏينهن اَن پيهائڻ وارن ۽ واندن جي وندر ۽ ڪچهري جو مرڪز هوندو هو. احمد علي اڃا جواني کي مس رسيو ته مشن جي پٽي ۾ اچانڪ ڦاسي پيو ۽ اها مشن ئي احمد علي جي موت جو ڪارڻ بني.
    3. ڳوٺ جي بازار: بازار ۾ وندر، ڪچهرين ۽ کل ڀوڳ لاءِ وڏي وندر وارو هنڌ هو گلزار علي جو هٽ، جهنڊي وارو گهاڻو، امام بخش وارو دڪان، حاجي ملي جو دڪان ۽ اوطاق، حسيني فقير ۽ سجاول فقير وارن جوهٽ، واندن ۽ ڀوڳائين لاءِ ڀريا پيا هوندا هئا. رڳو کل خوشي هئي ٻي ڪا به وائي ڪا نه هئي.
    4. سانوڻي جي پهرئين لڙهن يا ماٽي لڙهن ۾ جڏهن ڍوريون درياهه مان وهي ڇر ڀرينديون هيون ته ڳوٺ وارا کوڙ سارا ٻانڌا ٻڌي ايندا هئا. راتين جو رڇ لاهي، صبح تي موراکن، ٿيلهين ۽ ڪُرڙن جون ڪنوانٺيون ڀري اچي بازار م کپائيندا هئا، ڪي زَر وٺندا هئا ته ڪي اَن چلون وٺندا هئا. ڳوٺاڻان مڇي خريد ڪري ٻوڙ رڌي کائيندا هئا. مارين جي شوق شڪار جو به شُتم به پلبو هو ۽ ٻه چار ڪوڏيون به ڪمائيندا هئا. وقت پيو ٽپندو هو. ٻانڌن ٻڌڻ ۽ شڪاري مڇي مارڻ وارا، علي مڙدان، منٺار سهراباڻي، شير خان سهراباڻي، گلزار علي، خدا بخش، لوٽي، ميانڏتو فقير، نهال يادو، ڏنو ملاح، سلطان ملاح ۽ ٻيا کوڙ سارا هئا. ڏنو ملاح بازار ۾ پاڻ به مڇي کپائڻ لاءِ ايندو هو ۽ سندس گهر واري آست مير بحرڻ پڻ کِکين جون کاريون ڀري ڳوٺ وارن جي گهرن ۾ مڇي کپائڻ به ويندي هئي ته ننڍن ٻارن جا علاج به ڪندي هئي.
    5. گھاهي سردارن خان واريون ٻيريون: مراد علي سوڍي واريون ٻيريون، سرائي يار محمد واريون ٻيريون، ڇٻي واريون ٻيريون، علي آباد واريون ٻيريون، شيرل واريون ٻيڙيون، ڊُپي ٻير، مقام وارا لوا به نوجوانن ۽ واندن لاءِ وهوا هئي. جڏهن مند ۾ ڳاڙها ٻير ٿيندا هئا ته ڳوٺ جا ننڍا، وڏا جوان ٻيريون ڌوڻيندي ۽ چونڊيندي کلندا ۽ خوش ٿيندا هئا. ڀريون ٻڌي گهر آڻيندا هئا. ٻير سڪائڻ لاءِ ڇپرن تي اڇلي ڇڏيندا هئا. سانجهي ويل ننڍا ننڍا ٻار جهولين ۽ کيسن ۾ وجهي سڪل ٻير کائيندا هئا. جيڪي پڻ تمام لذيذ هوندا هئا. جواريون لهن ته سنگ ڪُٽي ڦُلا ڀُڃي کائيندا هئا. ڪن جي هٿن۾ گليليون هونديون هيون، جيڪي ڳيرن کي چُٽي ماري مٿين هنڌن تي پچائي کائيندا هئا. ڪي لاٽون ڦيرائيندي چُگهه چُٽي ڇڏيندا هئا. گلي ڏڪر راند به کيڏندا هئا. اڪثر مقام واري لون جي هيٺان راند کيڏندا هئا. غلامون سهراباڻي، غلام نبي مهراباڻي وارا انهي ٽهي ۾ گلي ڏڪر راند جا قوي رانديگر هئا.
    6. استاد غلام شبير ۽ حسن ۽ خانڻ سهراباڻي واريون اوطاقون: هنن اوطاقن تي شڪاري قابض هئا. سَرَ جي ڊڍي کي ڪٽي سٽي نوڙيون ۽ رسا وٽي اٺن ڏهن اکن سان ويڪريون ۽ اٺ ڏهه فوٽ ڊگهيون، پنجوڙون ٺاهيندا هئا. شير خان سهراباڻي، پنجوڙ نوٽڻ جو شهه ڪاريگر هو. سڄو ڏينهن ڪُٽ سٽ هلندي هئي. هنن اوطاقن تي شڪاري ڪتا به ڌاريل هوندا هئا. شڪاري وايو منڊل هوندو هو. ماستر غلام شبير جي اوطاق اڳيان هڪ وڏي سهڻي ۽ گهاٽي ٽالهي جو وڻ هوندو هو. کوڙ خفتي ڪُتر پيا ٿيندا هئا ۽ هاڙهه جي گرمي اجهائڻ لاءِ ۽ ٿڌي ڇانو جا مزا ماڻيندا هئا. اوطاق تي مرن جا واٺا، جانورن جا پير کڻي ويهارڻ وارا به هر وقت موجود هئا. ذوالفقار سهراباڻي قاسم الهه ڏتي وارو ۽ سندس ڀاءُ محمد بخش، نظر فقير، قلب علي، علي خان سهراباڻي، غلام علي وارا صبح ساڻ ئي، جوءِ ۾ ڪمين ڪارين نڪري ويندا هئا. ويندي يا ايندي اگر چه ڪو جهنگلي جانور مرون يا ڦاڙهي جو پير نظر چڙهي ويندو هون ته ڪم ڪار اُتي ئي ڇٽو! پير کڻي جوءِ ۾ سولو ڪري ويهاري ايندا هئا. منجهند ڌاري پنجوڙون ڪلهن تي کڻي ٻه چار توبچي ساڻ ڪري، ڪتا ڪاهي، ولر مڙسن جا گڏجي وڃي شڪار ڪندا هئا. مرون ڦاسائي ڳوٺ سل ۾ وجهي کڻي اچي سرائي يار محمد جي ٻير سان ٻڌي الڙ ڪرائيندا هئا. يا مُني کوڙي، ان ۾ ٻڌي به الڙ ڪرائيندا هئا. اگر ڦاڙهو مرندو يا ڦاسندو هو ته ان کي ڪُهي کلي، همراهن آهر جهنگ ۾ ئي ونڊا ٺاهي ورهائي کڻندا هئا. هن اوطاق تي سياري جو به شڪاري صحبتي گڏبا هئا، گهڻو ڪري کل ڀوڳ، خچر کلو، ڊاڙون، ٻٽاڪون، ڪچهريون، ڪتن جي گوءِ جا قصا، واٺن ۽ تاڙن جون پچارون، اهي منڊل گهڻو ڪري شڪاري لڏي ۾ هوندا هئا ۽ شڪاري لڏي ۾ محبتي پيچ پڻ جڙي هئا. سياري جي سڄي رات مچ پيا ٻرندا هئا چلم جو چسڪو به پيو هلندو هو. هر ڪو سنجهي جا اوکا پوکا لاهي اچي گڏبا هئا. جوان باهه جو پاسو وٺي ڪرونڊڙا ٿي پَلٿي هڻي زمين تي اُبتا سُبتا ويهي ۽ سمهي سسڪيون وٺندا هئا. ڪچهري دوران وَر وَر ڪيو پيا ورنديون ڏيندا هئا. اوڀر اڀري وڃي نه ڪاٺ کٽي نه باهه وسامي، چڙ يا ڪاوڙ جو ذرو به ڪنهن وٽ ڪو نه هوندو هو. پُرلطف گهڙيون گذرنديون هيون.
    7. نور شاهه مقام: هي هنڌ موالين جي گهيري ۾ هوندو هو، علي حيدر خان سهراباڻي جي سربراهي ۾ مقام جي اترئين ڪنڊ تي مڪان ٺاهي سيد نور شاهه جي قبر مٿان پڙ چاڙهي، لِمبي مٿڀرو ڪري عَلم پاڪ کوڙي نلڪو ۽ لانڍي ٺاهي، بخشو خيراڻي ولد شادي سان صحبت ڪري گل ٻوٽا ترڪاريون، نازبو ۽ هيرڻ، ڪنوار ٻوٽيون، پوکيائون، وڏي وسينهن ٿي وئي. رمضان عرف ”رمو“ حسنو، سانوڻ منڊو، بخشو پوءِ ته وارث سهراباڻي ۽ سبحان علي ولد حيدر، مبارڪولد عطر ڪيئي ساٿي بنجي ويا. لوڪان لڪي پيئندا به هئا ته ڇڪيندا به هئا

    عام ماڻهو سان ڪچهريون به ڪندا هئا. مڪان کان ڏکڻ ۾ گهاٽا ڪرڙ جا وڻ هئا. جتي به جوان جُمبي ويندا هئا. کل ڀوڳ ۽ ڪچهرين ۾ درياهه پاتي کانپوءِ مقام جو وجود ئي نه رهيو. گهڻو پوءِ استاد بهاول مقام جي لاءِ زمين ڏني جتي پڻ سيد نور شاهه جو تڪيو ٺاهيائون، اتي به بخشي خيراڻي خدمت ڪئي. مرندڙن کي اتي پوريو وڃي ٿو. ٻه ٽي سال بهاول ميلو لڳرايو، پر سنڌي ڌاڙيلن جي تنگدستي سبب بند ٿي ويو. هاڻي اصلي پراني مقام واري جاءِ تي علي بخش عرف علو سائين جو تڪيو ٺاهي ٻه ٽي وڻ پوکي غلامي ڏيندو رهيو اتي به مقام آهي. هاڻي رستم ولد بجر بجراڻي ڪجهه وقت کان ميلو لڳرائيندو اچي.
    8. وارث سهراباڻي وارا کٽولا: هي هنڌ به سج لٿي کانپوءِ ڪچهري، کل ڀوڳ جو مرڪز هو. وارث سهراباڻي ۽ دلدلار عرف دردي جو مالڳئون هيون، هاڙ جو ٻاهر کليل ايوانن ۾ ڪاٺ جون اڙلون کوڙي، انهن مٿان ڪاٺوڙ سٿي مٿي ڪري، لوڙهن سان بند ڪري مال ويهاريندا هئا ۽ دونهان دڦا ڪري مال کي مڇر جي ڏنگ کان بچائيندا هئا. ٽي چار کٽولا هوندا هئا، جتي رات جو سمهندا هئا. ٻه چار کٽولا ڳوٺ جي چڙهن جا به هئا. سڄي ڳوٺ جو مال ڍڳي، ليلي، سج لٿي جو ڏهي، کارائي ڇوڙي ڇڏيندا هئا. ڳوٺ کان اوڀر ۾ پُنهي ۽ مولڻائين جي زمين ۾ سوين مال گڏ ٿي ويندا هئا. وهڙن جون ٽراڏون، پيون ٻڌبيون هيون، سياسي ڪچهريون به ٿين سهج محمد، رجب، وارث ۽ ٻيا ڪامريڊ لڏي جا هئا. ان کان علاوه ڏکڻ اتر ۾ به کوڙ چونڪڙيون کٽن جون ميدانن تي پيون هونديون هيون، جتي پڻ ڇڙها سمهندا هئا ۽ سج لٿي کانپوءِ هر اوطاق، هر هنڌ کان رڳو کلڪارا ٻڌبا هئا. ملو غلام قادر مهراباڻي ڪٽلي سگري ۾ وجهي چانهه ڪاڙهي هر ڪچهري واري هنڌ کپائيندو هو، ڪڏهن ته ڪٽلي ۽ سندس سامان زمين تي پيو هوندو هو، ملو ڦيريون ڏيندي ڏسبو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو ڦيريون پائيندو هو.
    9. صاحب فقير وارو واريو: هي ماڳ به وندر، راند روند ڪچهرين جو وڏو مرڪز هو، شام صبح رات دارئي کان اوڀر پاسي کليل ميدان تي ڪٻٽي، ٻلهاڙو، ملهه ونجهه وٽي والي بال کيڏي ويندي هئي. ڪوڪڙي، ڪڪڙ ويڙهائين، ٽهڪڙا مچائن، وغيره اهو سڀ ڪجهه روز جو معمول هو. ڳوٺ ۽ گهرن کان ميدان وٿيرڪو هو، نرينه ڌمچر گهرن تائين ڪو نه ٻڌبو هو. پهريون دفعو ڦونو علي بخش ٻڪرار عرف چندر جڙئي ۽ غلام مصطفى مولڻائي وارن آندو ۽ دارئي ۾وڄائيندا هئا. دارئي جي نگراني صاحب فقير ۽ علي بخش ٻڪرار ڪندا هئا. سڄي ڏينهن جون ماندگيون ۽ ٿَڪ رات جو دارئي ۾ ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي لاهيندا هئا، قرب ونڊيندا هئا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. ڏاندن، اٺن ۽ گهوڙن جي گوءِ جا قصا، فصلن جون گهٽ وڌايون ۽ ٻيا کوڙ سارا موضوع لڙي آڏي پيا ماڻهو گهر ويندا هئا. صبح تي رس يا خدا سيدا اغثني يا رسول الله چئي هر ڪو پنهنجي ڪمين ڪارين نڪري ويندو هو. صاحب فقير جو تعلق فقير گهراڻي سان هو، يعني جواني ۾ هارپو سکيو ۽ هارپو ئي گذر معاش رهيس، نارن چاڙهڻ جو به ڪاريگر ناڙي ڪاهو به سهي ته ڇپر ٻاڌو به سندس اوطاق دارئي طور سڏبي هئي. لولڙو به کارائيندو هو. سندس کوڙ سارن پٽن مان حسين بخش استاد آهي، محمد علي زراعت کاتي ۾ آفيسر آهي ۽ اشرف لغاري ڪامريڊ قومپرست آهي، غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي ٿو، سنڌ جي آزادي لاءِ بطور سپاهي آهي. علي بخش ٻڪرار وٽ ٻڪرين جو ڌڻ هو، انهي به اَچي اوطاق جي اتر پاسي لڳ ٻڪرين جي واڙ ٺاهي. اهو به ڀوڳائي پرين مڙس هو. سندس تعلق مهراباڻي پاڙي سان هوس. فقير ۽ علي بخش ٻڪرار عرف چندر گڏجي اوطاق جي نگراني ڪندا هئا.
    ڳوٺ کي وڏي باهه: 1964ع ڌاري اتفاقن ڳوٺ جي اترئين پاسي کان چڻنگ دکي پئي، جيڪا ڏسندي ڀڀڙ ٿي وئي، ويچارا ڳوٺاڻان ڪکاوان گهر ڇڏي، سر بچائي نڪتا، گهرن ۾ ٻڌل ڦروٽ، ڪڪڙيون ڪکاوان گهر، جيت جڻيو گهرن جا سامان سئي سڳي تائين سڙي اڱار ٿي ويو. خدا ڄاڻي وسندڙن غريبن سانگيئڙن جي هن بستي تي ڇو قهر نازل ٿيو؟ بازار تائين سهراباڻي، ميراڻين، فقيرن مولڻائين، مهراباڻين جا گهر سڙي ويا، باهه بازار دنگ ڪيو اڌ ڳوٺ بچي ويو. ڳوٺ وارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ونڊي کاڌو، ونڊي پهريو، وهٽن تي ٻيلي ۽ جهنگ مان ورا ٿوڻيون، پترون لهيون، پڃر وڍي تيار ڪيا ويا. چئن ڏينهن ۾ سڙيل ڳوٺ ٻَجهي ويو.
    1973ع واري ٻوڏ: هي ٻوڏ سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان درج ٿيل آهي. شايد چئوماسي براستن پوڻ سبب عام ٻوڏن کان وڏي ٻوڏ ٿي وئي. ڏسندي ڏسندي، درياهه شاهه ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻي ڪنين تار ٽٻ ٽار ٿي ويو. ڍورا، ڍنڍون، دُٻا واهڙ وهي وڃي بچاءُ بند سان پاڻي لڳو. ڪچي واسي گهڻو ڪري ٻوڏ کان اڳ ئي پنهنجا مال متاع ڪاهي پڪي طرف وڃي سانوڻين جو وقت ڀڃيندا هئا. ڳوٺ وارا ڳوٺ گهر ڪو نه ڇڏيندا هئا. بالآخر ڪچي وارن جا گهر گهاٽ ڪري ٻڏي ويا. صرف مٿڀرن ٿلن تي وقت گذاريندا رهيا. يا ڪاٺ جا منجا، مڏ ٺاهي، وڻن تي ويهي به وقت گذاريندا هيا. ايتري قدر جو گُندين جي چاپڙن تي مڏن ۽ منجن مٿان چُلهون ٻاري ٽڪر ڀور پچائيبکئي پيٽ ۾ وجبو هو. پر چوندا آهن ته بک بڇڙي بلا چڱن کي چريو ڪري ڇڏي. پاڻي جو زورويرون ويرون وڌندو رهيو. کٻي، سڄي بچاءُ بند ڀڄي پيا. ڪچو پڪو هڪ ٿي ويو. پڪي وارن کي ڪچي وارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تڪليف آئي، ڇاڪاڻ ته پڪي وارن ڪڏهن ٻوڏ ڏٺي ئي ڪا نه هئي. ڪيئي نقصان ٿيا، گهر مال سڀ ڪجهه لڙهي ويو. جيستائين پاڻي مار ڪيو، ٻوڏ دوران پاڻي ۾ لڙهندڙ جانورن ۽ جيتن جو به سڪل ٿلهن تي لاڙو هوندو هو، ڪچي واسي مرد توڙي عورتون انهن جانورن ۽ جيتن جي بچاءُ خاطر رات ڏينهن هٿيار کڻي پهرا ڏيندا هئا. بند ڀڳا پر انجنيئرن جي قابليت سبب ٻئي هنڌان هيٺان بند کي ڪٽ، ٽڪا ڏئي پڪي وارو پاڻي ٻوڏ دوران ئي واپس درياهه ۾ هليو ويو. ڀٽي ذوالفقار علي جي بادشاهي هئي. الائي ڪٿان سوين هيليڪاپٽر آڻي ڪڍيائين هر هر پيا ڪچي ۽ ٻڏل وڪي وارن علائقن ۾ چڪر ڏيندا هئا. ڳوٺن مٿان ٻورن جا مينهن کوليندا هئا. انهن ۾ ننڍيون پنجن سيرن جهڙيون ٿيلهيون سبيل جن ۾ ڪجهه ڀڳل اَن ۽ چڻا، ميڻ بتي، ماچيس، ڳڙ جو سير کن ۽ سڪل کير وغيره پيل هوندو هو. اهي ٿيلهيون مٿان اچي پاڻي ۾ ڪرن، عام ماڻهو ننڍو توڙي وڏو تري وڃي اهي کڻي اچن. انهي مٿئين امداد به پيٽ جي سٺي بک لاٿي. پاڻي لهي وڃڻ کانپوءِ به تمام گهڻيون امدادون ورهايون ويون. پر انصاف جي تقاضا پوري ڪا نه ٿي. وچ وارا وڏيرا ۽ ڪامورا غريبن لاءِ مليل امداد هڙپ ڪري ويا. بي علم هيڻا، سڀ ڪنهن وهيڻا، وارو ورتاءُ ٿي ويو. ڪچي وارن لاءِ ”ٻڏي جا ٻيڻا“ ٿي ويا. ڪيئي چيٽي فصل ڪاهي اَن اپائي خرارين بٽئيون ڪيائون.
    1976ع واري ٻو_: هي ٻوڏ به 1973ع واري ٻوڏ کان اڌ فوٽ کن وڌيڪ پاڻي هو. جو اڃا تائين اسان جي علائقن ۾ نشان موجود آهن. هن ٻوڏ ۾ به واهڙ وهائي ڇڏيا ساڄي کاٻي بند ڀڳا ڪافي کان زياده نقصان ٿيا. 1973ع يا 1976ع وارين ٻوڏن ۾ پاڻي آهستگي سان انچ اڌ انچ چئن پهرن ۾ ايندو هو. شايد ڊيمن ۽ پلن نه هئڻ سبب پاڻي جي رفتار گهڻي تيز نه هئڻ سبب پاڻي جي رفتار گهڻي تيز نه هئي. تنهنڪري ڪچي وارا سهسايو ويٺا هوندا هئا. ٻيڙين ذريعي يا سنڊن ذريعي بچاءُ بند تائين اچ وڃ ٿيندي هئي. تان جو پاڻي مند پوري ڪري وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. ساڳيا ئي 1973ع واري ٻوڏ وارا ڪچي وارن جا ڏولاوا ۽ سرڪار جو به ساڳيو ئي سلوڪ رهيو.
    نوٽ: 2010ع واري ٻوڏ جو پاڻي اڳئين ٻن ٻوڏن کان گهڻو گهٽ پاڻي آيو. صرف هن ٻوڏ ۾ لهواري وهڪ تمام تيزي سان وهندڙ هئي شايد مٿان ئي کڻي هڪ ئي وقت پاڻي ڇڏيو ويو جنهن اچي زيان ڪيا.
    2010ع جولاءِ آگسٽ واري ٻوڏ: شايد ڊيمن ۾ پاڻي جي رنڊڪ هئڻ سبب ڪيئي سالن کان ٻوڏ ڪا نه پي ٿي. سنڌو سڪندو ٿي ويو. سنڌين سُڪار لاءِ درياهه جي پيٽ ۾ وڃي دعائون گهريائون. ڪچي واسين جون دعائون اگهاڻيون، پُر اسرار رمزن رنڱيل دادلي درياهه ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي کٻي سڄي ناقص انتظامن سبب بند ڀڳا، سنڌ بلڪه پوري پاڪستان ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو. خاص طور سنڌ جي ساڄي پاسي، جيڪي بند ڀڳا، انهي پاڻي سڄي پاسي جو نهري نظام به تباهه ڪري ڇڏيو. پليون، بچاءُ بند ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويا، هن پاڻي ۾ واڌ ۽ تک ٻين ٻوڏن کان تمام گهڻي هئي. ايتري قدر جو چئن پهرن ۾ ٻن کان چار فوٽ پاڻي تمام تيزي سان آيو. ماڻهن ۽ سرڪار جون مَتيون منجهي ويون. عربي سمنڊ تائين سنڌو درياهه جو پاڻي ويل وهائيندو ويو. کڙ جانيون. ماڻهو توڙي جانور، ڳوٺ شهر، وستيون ويران ٿي ويون.
    پر ڪچي ۽ ڪنڌي واسي پوءِ به چونداسين ته ”ٻڏي جا ٻيڻا“ هوند هيئن هئي“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345164
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142526
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ