ڪتاب جو نالو: سياست جو صحرا
مصنف: لطيف جمال
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 03 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 546 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 301 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سياست جو صحرا“ جو ليکڪ محترم لطيف جمال آهي. اعجاز منگي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
مان سوچي رهيو آهيان ته:
”ڇا لطيف جمال پين کي پستول وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟“
هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪالم انهن اداس فائرن جهڙا آهن، جيڪي اونداهي رات جي آسمان جي ڇاتي ڇاڻيندا رهندا آهن!
۽ ڪجهه ڪالم انهن نه هلي سگهيل گولين جهڙا آهن، جن کي مايوس باغي، لاڪيٽ بڻائي ان ڳچيءَ ۾پائيندا آهن، جيڪا سڄي زندگي ڪنهن احساسِ جُرم جي بار سبب جُهڪيل رهندي آهي!
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • اداري پاران
  • مهاڳ : هي واريءَ پنڌ نه کُٽڻو آ....!
  • سنڌ جو سياسي صبح پري ناهي..!!
  • شخصيتون

  • سائين جي ايم سيد ( 1910-1995 )
  • سيد، سنڌ، عشق ۽ سياست........!!
  • انتهاپسنديءَ جو جِن ۽ سيد جي فِڪري اُڏام
  • سياست جون سنگينيون ۽ سيد جو فِڪر....!!!
  • مونسين هلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري.....!
  • مين تان کوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي....!!
  • عبدالواحد آريسر 1949-2015
  • سنڌ جو ديوداس ۽ شام جا اُداس پاڇا....!!
  • اَڪن تپڻ کان ٿڌڙيءَ ڇانو تائين....!
  • شهيد بشير خان قريشي ( 1959-2012ع ):
  • دل جي بي وفائي يا سياسي قتل..........؟؟!!
  • قومي تحريڪ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جا خدشات ....!!!
  • بيگم نصرت ڀٽو: 1929-2011
  • وڃين ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.....!!!
  • شهيد مير بالاچ خان مري 1966-2007
  • اُداسين جي اُس ۾سياسي اُتساهه جو ڇانورو...!!!
  • علي بابا
  • ادب جي سينواريل ڍنڍ ۾ هڪڙو نيل ڪنول....!!!
  • حسن درس 1968-2011
  • زندگيءَ جو رومانس....!!
  • مائي جندو(جدوجهد جي علامت)
  • مائي جندو ڪٿي آهي؟
  • قُربان بلوچ (بيرو خان جانوري) 1955 -- 2007
  • ڪُوفي جهڙي شهر ۾ فرشتن جهڙو انسان....!!!
  • مسعود لوهار
  • مُهاڻي ٻار جي نماڻن نيڻن جهڙو انسان....!
  • سک رمز وجود وڃانوڻ دي.....!!!
  • عاشق انصاري:(1984 – 2013 )
  • موڪلاڻيءَ جي موسم ......!!!
  • مضمون

  • قومپرست سياست مٿان تشدد جا طريقا ڪڏهن بند ٿيندا؟
  • جُرم بڻجي ويل سنڌ دوست سياست!
  • پُرامن سياست جي پيرن ۾ پيل پابندين جون زنجيرون...!
  • نوجوانن جا لاش سنڌ جي سياست کي ڪهڙي پاسي وٺي ويندا؟
  • مُلڪ مان انتهاپسنديءَ جو خاتمو ممڪن آهي؟
  • ڇا دنيا ۾ سياسي، انقلابي آدرشن جو خاتمو آيو آهي؟
  • “ڳوٺ”: جتي، ڪُتا خاموش ۽ بندوقون ڀونڪن ٿيون......!!!
  • نئين سال جي نيڻن ۾ پراڻي سال جا ڳوڙها
  • وڙهندي ورهيه ٿيام، اچي وار اڇا ٿيا..!!
  • نئين نسل کي سياسي مالها ۾ پوئڻ جي ضرورت!
  • آسرن جي اُس ۾ سڙندڙ سنڌي سماج جي سياسي صورتحال
  • انڌيرن جي اوٽ ۾ سُتل سنڌ جو نسل.......!!!
  • جاگيردار سماج ۾جياپي جو جبر سهندڙ سنڌي عوام...!
  • مُحبت ۽ نفرت جي جنگ...!

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (288) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب ”سياست جو صحرا“ جو ليکڪ محترم لطيف جمال آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي.

    اعجاز منگي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    مان سوچي رهيو آهيان ته:
    ”ڇا لطيف جمال پين کي پستول وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟“
    هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪالم انهن اداس فائرن جهڙا آهن، جيڪي اونداهي رات جي آسمان جي ڇاتي ڇاڻيندا رهندا آهن!
    ۽ ڪجهه ڪالم انهن نه هلي سگهيل گولين جهڙا آهن، جن کي مايوس باغي، لاڪيٽ بڻائي ان ڳچيءَ ۾پائيندا آهن، جيڪا سڄي زندگي ڪنهن احساسِ جُرم جي بار سبب جُهڪيل رهندي آهي!

    اسان ٿورائتا آهيون لطيف جمال جا جنهن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    سنڌ جي قومي ڪارونجهر
    عبدالواحد آريسرجي نالي..............

    “عاشق زهر پياڪ، وِهه ڏسي وِهسن گهڻو...”(شاهه رح)


    اداري پاران

    سنڌ جي نامياري ليکڪ لطيف جمال جو ڪتاب “سياست جو صحرا..” ڇپائيندي، اسان کي تمام گهڻي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي. اداري پاران پڙهندڙن جي هٿن تائين هي اسانجو پنجون ڪتاب آهي. اُميد ته جلد ئي ٻيا به ڪيترائي ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندا. جيتوڻيڪ مواصلات جا مُختلف ۽ جديد ذريعا موجود آهن. ليڪن “ڪتاب” جي جيڪا اهميت آهي اُن کان ڪو به معاشرو انڪار ڪري نٿو سگهي. اسان جي پاران شايع ٿيل لطيف جمال جو هي ڪتاب سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ نئون اضافو آهي. پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.

    ادارو


    مهاڳ : هي واريءَ پنڌ نه کُٽڻو آ....!

    ڄامشوري جو اوپن ايئر مئڪدو
    نيري نڀ تي کِڙيل پورو چنڊ
    شيخ اياز جي نظم جهڙي تيز هوا
    ۽ پيار جي ڪوڙن قسمن واري
    قاضيءَ جي مزار!
    جنت ۽ جهنم جي وچ تي وڇايل ڏاڪڻ تي ويهي
    مون هڪ نوجوان جي هٿن مان پستول ورتو هو!
    پوءِ هن قلم ڪيئن کنيو؟
    مون کي معلوم ناهي!
    پر منهنجي اڳيان ان قلم سان لکيل ڪتاب موجود آهي!
    ۽ مان سوچي رهيو آهيان ته:
    “ڇا لطيف جمال پين کي پستول وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟”
    هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪالم انهن اداس فائرن جهڙا آهن، جيڪي اونداهي رات جي آسمان جي ڇاتي ڇاڻيندا رهندا آهن!
    ۽ ڪجهه ڪالم انهن نه هلي سگهيل گولين جهڙا آهن، جن کي مايوس باغي، لاڪيٽ بڻائي ان ڳچيءَ ۾پائيندا آهن، جيڪا سڄي زندگي ڪنهن احساسِ جُرم جي بار سبب جُهڪيل رهندي آهي!
    اوشو چيو هو ته: “عظيم گرو نه پر چيلو ٿيندو آهي.”
    ساڳي طرح سان عظيم رائٽر نه پر اهو ريڊر هوندو آهي، جيڪو اهو ڪجهه پڙهي سگهي، جيڪو رائٽر نه لکيو!
    يا هن کي لکڻ نه ڏنو ويو!!
    اهو پتو صرف هڪ ليکڪ کي ئي هوندو آهي ته هن ڇا لکڻ چاهيو ۽ هن ڇا لکيو؟
    ۽ صرف ڪي ڪي پڙهندڙ اهڙا هوندا آهن، جيڪي بند چپن سان چيل ڳالهه ٻڌي وٺندا آهن ۽ بند چپن سان داد به ڏيندا آهن ۽ انهن جو خاموش داد، خاموشيءَ سان دل ۾ پيهي به ويندو آهي ۽ وري ڪنهن اڻ ڪيل اقرار لکڻ تي اتساهيندو آهي!
    ۽ وري هڪ رائٽر قلم جي روات سان پنهنجي روح مٿان چڙهي ويل زنگ لاهيندو آهي!
    ۽ وري لکڻ چاهيندو آهي!
    هڪ ڪوڙي ڪهاڻي!
    هڪ سچو ڪالم!
    جنهن کي اخبار جي زينت بڻجڻ لاءِ سچل جي انهن سٽن مان گذرڻو پوندو آهي ته:
    “مل معشوقاں مصلحت کیتی
    عاشق قتل کریسوں!”
    اخبارن جا مالڪ ۽ انهن جا ملازم اهڙا معشوق آهن، جيڪي ڪالم جي وجود کي ڪٽي ڪباب بڻائيندا آهن!
    سو! منهنجي پڙهندڙن کي صرف اها گذارش آهي ته هو انهن ڪالمن کي ائين پڙهن جيئن اصل ۾ هو لکيا ويا!!
    فيض ڍاڪا کان واپس ورندي لکيو هو:
    “ہم کہ ٹھرے اجنبی اتنی مدارتوں کے بعد،
    کب بنیں گے آشنا کتنی مدارتوں کے بعد.. !”
    آشنائن ۾ اجنبي!
    اهو ڇوڪرو جيڪو هاڻي هڪ شخص بڻجي ويو آهي. جيڪو هاڻي ديوانن وانگر ميڊيا جي ديوارن تي لاطيني آمريڪا جو اهو مشهور قول لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته: “جنهن عشق ۾ ديوانگي ناهي، اهو عشق ئي ناهي.”
    پران عشق جي ڪاريهر جي ڪکيل نوجوانن جون تصويرون جڏهن سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿين ٿيون، تڏهن هن کي ڏسندي اهو پُڇندي محسوس ٿين ٿيون ته: “اسان جنهن خواب خاطر خون ٿياسين! ان جو ڇا ٿيو؟”
    تڏهن هن قلمڪار کي پنهنجي ديس جي سياست ان صحرا وانگر نظر اچي ٿي، جيڪا منڍ کان وٺي مورن جو مقتل رهي آهي!
    مون کي ذاتي طور معلوم آهي ته سنڌ جي قومپرست سياست جا اڪثر اڳواڻ لطيف جمال جا ذاتي دوست آهن. پر پوءِ به هن جي قلم ڪنهن ليڊر جي قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هو سدائين اڻ ڏٺل ۽ اڻ مليل ڪارڪنن جي پاسي رهيو آهي. هو جيڪو قومي سياست جي نالي ۾ اُڻيل ڄار جي حقيقت ڄامشوري ۾ رهندي، سمجهي چڪو هو ۽ پوءِ هن سياست ائين ڇڏي، جيئن حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌ ڇڏي هئي!
    هن جو اصل وطن قومي سياست هئي ۽ هو سالن تائين جلاوطن رهيو آهي. مون کي حيرت آهي ته برازيل جي باغي استاد پائلو فراريءَ کان اهي لفظ لکڻ ڇو وسري ويا هئا ته “وطن جو نقشو هڪ جلاوطن شخص جي روح جو ڪڏهن نه ڀرجندڙ زخم هوندو آهي.” هن کي اهو لکڻ کپندو هو ۽ هن کي اهو به لکڻ کپندو هو ته: “جلا وطن شخص صرف اهو ناهي، جيڪو وطن ۾ نه رهي، پر حقيقي جلاوطن اهو هوندو آهي، جنهن ۾ وطن جو واسو هوندو آهي.”
    لطيف جمال اهو سياسي جلاوطن آهي، جنهن جي روح ۾ سياست ڪنهن زخم وانگر ترسي پئي آهي. اهو زخم هڪ آئينو آهي ۽ ان آئيني ۾ هن سدائين سنڌ جي صورت کي پسيو آهي. اڪثر روئيندڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن کلندڙ سنڌ!
    هي ڪالم ان آئيني جون ڪرچيون آهن!
    اهو آئينو جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته:
    “مان ٻار ته ناهيان او جيجل!
    جو چنڊ ڏسان آئيني ۾..!”
    آدرشن جي ٽٽل آرسيءَ ۾ سنڌ جو روپ سروپ سجائي ان کي چاهيندڙ هڪ قلمڪار! پنهنجي پين کي ڪوشش جي باوجود به نشتر بڻائي نه سگهيو آهي. هن جو قلم اڄ به هڪ ڦڻي آهي، جنهن سان هو سنڌ جي چڳن جو چيڙهه ڪڍندو رهي ٿو ۽ ڪڏهن هو پنهنجي ان قلم کي لپ اسٽڪ بڻائي پنهنجي ڌرتيءَ جي زخمي چپن کي چٽائي ٿو ۽ ڪڏهن ڪاغذ کي ٽشو بڻائي ڌرتيءَ جا آلا ڇپر اگهي، ان جي گهايل نيڻن ۾ ڪجل ڀري ٿو!
    ۽ پوءِ انهن سٽن سمان انتظار ڪري ٿو ته:
    “ڪو ساحل ساحل سپنو هان
    مان ساري رات سفيني ۾!”
    هو بنيادي طور تي سياسي ماڻهو آهي. پر هن ڌرتيءَ کي ڌنڌو بڻائڻ کان انڪار ڪيو.
    هو بنيادي طور تي سياسي ڪارڪن آهي پر هو اها سڪل ڪاٺي نه بڻيو، جنهن کي جلائي چالاڪ ليڊر سياست جي سرد رات ۾ هٿ سيڪيندا آهن.
    هو بنيادي طور تي هوشيار ماڻهو آهي پر سنڌ سان هن جو پيار ڪنهن سياڻپ جي سرحدن ۾ سمائجي نه سگهيو آهي.
    هو سياست جو سگهڙ ليکڪ آهي. هن کي معلوم آهي ته لفظ لڄارا هوندا آهن ۽ هو انهن کي چاهه جي چنريءَ ۾ سينگاري جڏهن خودڪلاميءَ جهڙي ڪيفيت ۾ اچي ويندو آهي، تڏهن هڪ ڪالم تيار ٿي ويندو آهي. هڪ اهڙو ڪالم جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ هن جي موبائل ان باڪس ۾ “واهه واهه” جهڙا لفظ جُهڙڦُڙ جهور جهڪور وانگر وسندا آهن. پر هن کي سدائين اهو افسوس رهيو آهي ته هو اهو ڪجهه ڇو نه لکي سگهيو، جيڪو ڪجهه لکڻ جي لاءِ هن قلم کنيو هو!
    اها ڪيفيت آفاقي آهي. ٽئگور پنهنجي هڪ نظم ۾ ان جو اداس اظهار ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته:
    “اي ڌڻي مان پنهنجي ساز کي سيني سان لڳائي
    هاڻي تو طرف اچڻ جو منتظر آهيان
    ۽ مان اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ته
    جيڪو گيت مان ڳائڻ لاءِ ڌرتيءَ تي آيو هوس
    اهو اڻ ڳاتو رهجي ويو!
    مون سڄو وقت صرف ساز جي تارن کي
    ڇڪڻ ۽ ڍرو ڪرڻ ۾گذاري ڇڏيو!”
    اها ڪيفيت هر شاعر محسوس ڪندو آهي. ان ڪري هو هر شعر کان پوءِ ٻيو شعر لکندو آهي. اهو احساس هر اديب ۾ هوندو آهي، جيڪو هڪ افساني ۽ ناول کان پوءِ هڪ ٻيو افسانو ۽ ناول لکندو آهي. ان ساڳي ڪيفيت لطيف جمال کان ڪيئي ڪالم لکرايا پر هو اڃان تائين اهو ڪالم نه لکي سگهيو آهي، جيڪو ڪالم لکڻ جي لاءِ هو ميڊيا جي درياهه ڪناري قلم کي ڪنڍي بڻائي ويٺو ۽ هن کي پڪ هئي ته اها مڇي ضرور ڪنڍيءَ ۾ ڦاسندي، جنهن لاءِ هو ميڊيا جو مهاڻو بڻيو. پر اڃان تائين اها مڇي شڪار ٿيڻ کان بچندي رهي آهي ۽ خيالن جي لهرن ۾ رقص ڪندي قلم جي ڪنڍيءَ سان مستيون ڪندي رهي آهي. اها من موهن مڇي هن کان اڃان ڪيترو انتظار ڪرائيندي؟ هو نه ٿو ڄاڻي! پر هن جو حوصلو هيمنگوي جي اڏول ڪردار “سانتياگو” جهڙو آهي. جنهن مڇيءَ کي مخاطب ٿي چيو هو ته “اي مڇي! مان تنهنجو احترام به ڪريان ٿو ۽ تون مون کي پياري به آهين پر هن ڏينهن پوري ٿيڻ کان اڳ مان توکي ڦاسائي رهندس.” اهو ارادو ليکڪ کان سدائين لکائيندو رهي ٿو ۽ لطيف جمال پنهنجي ڪالمن جو هي ڪتاب نه چاهيندي به ان ڪري ڇپرايو آهي ته جئين ڪوشش جو هڪ باب پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي!
    دراصل هن جي دل ۾ هڪ سچ آهي. اهو سچ جيڪو هن ڪجهه چيو آهي ۽ هن کي اهو سچ مڪمل ڪرڻو آهي.
    هن جو حقيقي پڙهندڙ ان حقيقت کان آگاهه هوندو ته هن اڃان نه سنڌ جي باري ۾ پورو سچ بيان ڪيو آهي ۽ نه ان سياست جي باري ۾! جنهن جي وچ ۾ رِشتو هاڻي بازار ۾ وڪامندڙ وينگس ۽ انساني اسمگلر جهڙو آهي!
    سنڌ ۽ سياست جي حوالي سان هڪ هڪ المياتي ڪهاڻي بيان ڪرڻ آيو هو ۽ پوري ديس کي ٻڌائڻ آيو هو ته:
    “بدصورت غلاميءَ ۾
    اهو خوبصورت لمحو هو!
    جڏهن سنڌ ۽ سياست جي رومانوي ڪهاڻي شروع ٿي هئي.”
    اڄ اها ڪهاڻي پنهنجي المناڪ انجام سبب انهن سرائڪي سٽن ۾ سڙي رهي آهي ته:
    “ساڈی لگدی کسی نا ویکھی
    تے ٹٹدی نوں جگ جانندا ...!”
    پر اها ڪٿا “سنڊريلا” جي اسٽوريءَ کان وڌيڪ موهيندڙ هئي.
    ان وقت سنڌ جي سياست جو تصور قرت العين حيدر جي ناول “آگ ڪا دريا” جي ان چمپا کان وڌيڪ سهڻو هو، جنهن اوڌ جي اداس رات ۾ گوتم نيلمبر کي چيو هو ته: “شال خدا توکي حسين جي غم کان سواءِ ڪوئي غم نه ڏئي!! پر توکي ڇا معلوم ته حسين جو غم ڇاهي؟ تون ته اهو به نه ٿو ڄاڻين ته غم ڇاهي!!”
    پوءِ اها پاڪيزه محبت ڪرمنل سياست جي ڪوٺي جي وئشيا ڪيئن بڻي؟!
    اهو درد جو طويل داستان آهي ۽ لطيف جمال ان کي ڪالمن جي ٽڪرن ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي!
    هن ٻڌائڻ چاهيو آهي، اهي هاسٽل جون راتيون، جڏهن قومي ڪارڪن ڇاپن جي امڪان سبب پهاڙن پاسي ڇُپي ويندا هئا ۽ يونيورسٽي “اڻ اعلانيل مدي” تائين بند ڪئي ويندي هئي ۽ جڏهن وري بسون هلنديون هيون ۽ ڇوڪرا واپس موٽندا هئا، تڏهن ڪوئي نوجوان پينسل سان پنهنجي ڪمري جي ديوار تي امرجليل جا اهي لفظ لکندو هو ته: “اسان برف جا تاج محل تعمير ڪندا آهيون. اسان ڪاغذي گل جهول ۾ رکي بهارن جو انتظار ڪندا آهيون. اسان عاشق ناهيون. اسان سڌڙيا آهيون.”
    ڇا امرجليل جي افسانن ۽ اياز جي نظمن وارا ورق ڪاغذن جا گل هئا؟
    ڇا آزاديءَ جو تصور برف جو تاج محل هو؟
    لطيف جمال جي سٽن ۾ اهي سوال سڏڪا ڀرڻ ٿا چاهن پر پوءِ به هن جا لفظ لڙڪ لڪائن ٿا ۽ اهي اداس لهجي ۾ ٻڌائن ٿا، ان دور جي ڪٿا، جڏهن سياست ۾ سرمستي ۽ سرڪشي هئي.
    هي اهو دور هو، جڏهن قومي سياست ڪندڙ حساس نوجوانن جون اکيون ڀريل ۽ کيسا خالي هوندا هئا.
    اڄ جڏهن ٽڪي جو عقل محبت جي ديوانگيءَ تي چٿر ٿو ڪري، تڏهن ڌرتيءَ جي عشق کي ڪائنات جي سڀ کان وڏي دين سمجهندڙ ماڻهو ڪڏهن چڙي ٿا پون ۽ ڪڏهن پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿا چون:
    “هي سڀ سپنو هو
    ها پر سپنو سانوري
    ڪيڏو پيارو هو...!”
    انسان صرف سود ۽ زيان جو حساب ڪتاب ته ڪونهي. هو هڪ اهڙي ڊائري به آهي، جنهن ۾ سهڻين ڇوڪرين جا نالا لکيل هوندا آهن. جنهن ۾ دل موهي وٺندڙ حوالا محفوظ ڪيا ويندا آهن. جنهن ۾ پنهنجي پهرين پيار جو سربستو احوال تحرير ٿيل هوندو آهي.
    لطيف جمال جي انهن ڪالمن ۾ ان دور جي ڪيفيت سمايل آهي، جيڪا ڄامشوري جي سرد راتين کي سنهڙي سويٽر سان مات ڏئي سگهندي هئي. انهن ڪالمن ۾ ان دور جو پورو تفصيل موجود آهي، جڏهن جيجي زرينا بلوچ جي گيتن تي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلندا هئا ۽ ان غيرسنجيده داد ۾ به ترنم هوندو هو.
    هي ڪالم امانت آهن، ان وقت جي سار جي، جيڪو المنظر وٽ الوداعي ملاقات مهل سنڌو جي خاموش ويرن ۾ وهندو ويندو ۽ چوندو ويندو هو ته:
    “محبت جي ميهارن جو
    ڪٿي ڪتبو لڳو آهي؟”
    لطيف جمال جي انهن سٽن ۾ ان دور جي سار آهي، جنهن ۾ عبدالواحد آريسر جي تقرير اهڙي ڪيفيت پيدا ڪندي هئي، جهڙي ڪيفيت ڪينجهر جي ڪناري تي نورا پائي نچندڙ نوريءَ جي نهار پيدا ڪري سگهي ٿي!
    ان حوالي سان اهو پيار جو عظيم دور هو!
    پوءِ اهو پيار بازار جو وکر ڪيئن بڻيو؟
    سياست سوديبازيءَ ۾ تبديل ڪئين ٿي وئي؟
    واعدا ڪوڙن نعرن جو روپ ڌاري گهٽ اگهه تي ڪئين وڪاميا؟
    ان سموري تماشي کي جيڪي حساس انسان خاموش اکين سان تڪيندا رهيا، انهن ۾ ٻه اکيون لطيف جمال جون به هيون.
    اهو لطيف جمال جيڪو سمجهي ٿي سگهيو ته جڏهن منافقت اٿاهه مايوسي پيدا ڪندي آهي، تڏهن نهرو ديوداس بڻجي ويندا آهن!
    حقيقت تمام گهڻي تلخ آهي. جهڙي ريت ٻين مهاڀاري جنگ جي انت وارو منظر پيش ڪندي هڪ مغربي ناول نگار لکيو هو ته: “اسان کي ايتري وڏي قربانيءَ کان اها جمهوريت حاصل ٿي! اها جمهوريت جيڪا ڪنهن وئشيا وانگر محاذ تان ڀڳل فوجيءَ جي سيني تي ستل آهي.” ساڳي ريت ايتريون گهڻيون قربانيون ڏيڻ جي باوجود سنڌ جي سياست جو حشر به ان نماڻيءَ نار جهڙو ٿيو آهي، جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته:
    “هاءِ نماڻي روز وڪاڻي وينگس وچ بازار
    منهن منهن مومل جي ماڙي آ
    ارهه ارهه اسرار!!”
    سنڌ ۾ سياست جي اهو زوال صرف قومي سياست جي حصي ۾ نه آيو پر انقلاب جا سرخ سپنا سوچيندڙ ٽول ٽيڪس جي ٺيڪن تي وڪامي ويا ۽ ڪابل جي ڪارين راتين ۾ عوامي صبح جا خواب ڏسندڙ گوريلن جي قبرن جا ڪتبا گم ٿي ويا ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي جلسن ۾ اهي نعرا لڳي رهيا آهن ته:”سب په ڀاري زرداري” جڏهن ته ڦاسيءَ جي جهولي ۾ ننڊ ڪندڙ ايشيا جو عظيم عوامي ليڊر پنهنجن ٽن شهيد ٻارن کي جهوليءَ ۾ سمائي هميشه لاءِ ستو پيو آهي.
    سياسي ۽ نظرياتي اختلاف پنهنجي جاءِ تي! پر سياست جو گهڻ طرفو زوال ته اسان جو اجتماعي الميو آهي!
    هي ڪالم ان ديس جي ڪويل جي ڪوڪ آهن، جنهن ۾ شايد هاڻي دل به نه رهي آهي.
    هي ڪتاب سياسي صحرا جي اداس ڪارونجهر عبدالواحد آريسر جي نالي ٿيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب ئي ان سوال جو جواب آهي ته سنڌ جي آزاديءَ واري سياست ان صحرا ۾ تبديل ڪئين ٿي، جنهن ۾ هاڻي به نوجوان ڇوڪرا هٺيلن هرڻن وانگر اڳتي وڌن ٿا.
    قرت العين حيدر انقلابي سياست جي زوال تي پنهنجي املهه ناول جي پڄاڻي انهن نوجوانن تي ڪئي هئي، جيڪي پنهنجي پوئين پيڙهيءَ تي مايوسيءَ جي تهمت مڙهي، وري وقت جي وارياسي رڻ پٽ ۾ اڳتي وڌڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا.
    وقت جو سلسلو ڪڏهن به رڪڻو ناهي.
    قتل گاهن مان نوان عاشق پراڻا پرچم کڻي اوس نڪرن ٿا.
    انهن ڪالمن ۾ پنهنجي پراڻي درد سان گڏ انهن نوجوانن جي لاءِ دعا به آهي، جيڪي اياز جي انهن ٻولن مان ٻهه ٻهه ڪري نڪري رهيا آهن ته:
    “اوندهه اجاربي نه اڳوڻي چراغ سان
    نيزي مٿان اڀار نئون سج نوڪ ۾
    وهه کان ڪڙي پيار اسان کي اڙي ڪلال
    ها اوت اوت اوت اڃان اوت اوڪ ۾
    ڪرهو ڪڏاءِ ڪاڪ پري ناهه مينڌار
    ڇا جي ڇڏئيه ٻه چار جڏا جيءَ جهوڪ ۾!”

    اعجاز منگي
    ڪراچي


    سنڌ جو سياسي صبح پري ناهي..!!

    اُلهاس نگر جون انڌيون راتيون اُن ديوداس جي دل کي ڪا آٿت ڏئي نه سگهيون. جنهن جي پورهيت دل ۾ آخر تائين اُهو سُرخ سُتل هو. جيڪو ماسڪو کان وڌيڪ سنڌ کي ساريندو رهيو. جيڪو اُلهاس نگر کان گانڌي ڌام ۽ بمبئي ۾ به پنهنجي ڳوٺ جون ڳليون ڳوليندي هڪ ڏينهن هوا بڻجي هليو ويو، اُن ديس ڏانهن جنهن ديس کان ڪو واپس وري ناهي سگهيو. اُهو ڪميونسٽ حشو ڪيولراماڻي جنهن نه رُڳو پنهنجي انقلابي سياسي آدرشن وسيلي سنڌ سان پنهنجو سُٻنڌ نڀائي رکيو پر پورهيت سنڌ جي تصوير کي پنهنجي اکين جي آکيرن ۾ آخر تائين سنڀالي رکيو. جنهن کان سندس سنگتي آخر ۾ ائين ڀڄي ويندا هُئا، جيئن لاهور جا اديب اُن منٽو کان ڀڄي ويندا هُئا. جنهن “ڪالي شلوار” لکي ڪا قيامت نه آندي هُئي پر اُن لاهور کي اُگهاڙو ڪيو هو. جيڪا لاهور پنهنجي اُگهاڙپ جا انگ ڍڪيندي اُن اديب کي ياد ڪندي هُئي، جنهن لاهور کي پنهنجو لباس آڇيو هو. حشو به سنڌ جو لباس هو. جنهن کي ورهاڱي جا وڍ ڪمزور ڪري نه سگهيا هُئا. پر سندس وطن دوست سياسي نظرين سبب کيس گهڻو پوءِ سنڌ کي الوداع چوڻ وقت جيڪا اذيت ڀوڳڻي پئي هُئي سا اذيت سندس پڇاڙڪن ڏينهن تائين به پيڇو ڪندي رهي. جنهن کي انگلنڊ ۾ هندستان جو هاءِ ڪمشنر ڪرشنامينن به ان تعارف سان سُڃاڻيندو هو ته اُهو “سنڌين کي ڌار قوم سڏيندو هو.” ڪيترائي ڀيرا سوچيو اٿم پر ڪنهن نتيجي تي پُهچي ناهيان سگهيو. پر اها حقيقت آهي ته ورهاڱو وڏو الميو هو پر اُن کان به وڏو الميو اِهو هو جو سنڌ پنهنجي اُن مڊل ڪلاس کان محروم ٿي وئي. جنهن جي اوسر حقيقي فطري حالتن ۾ ٿي هُئي ۽ سنڌ حشو ڪيولراماڻيءَ جهڙن جينيئس ڪردارن کان به محروم بڻجي سياسي زوال جو شڪار ٿي وئي.
    مُنهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته سنڌ اندر ٽن سياسي ۽ نظرياتي سوچن جا رستا رهيا آهن. 1 ) اقتدار جي حاصلات واري سياسي سوچ، 2 ) آرٽ ۽ ادب جي ذريعي وطن جي سلامتيءَ واري سوچ، 3 ) سنڌ جي قومي وحدت ۽ فڪري آزاديءَ واري سياسي سوچ. هن وقت تائين انهن ٽن مُختلف سياسي ڌارائن سنڌ جي قومي عوامي شعور مٿان پنهنجا پنهنجا خاص اثر ڇڏيا آهن. پوين ٻن سياسي سوچن ۽ خيالن جي وچ ۾ تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي قومي وحدت ۽ فڪري آزاديءَ واري سياسي واٽ کي آرٽ ۽ ادب جي دُنيا سياسي طور سگهارو بڻائيندي رهي آهي. جنهن جا وڏا مثال 60ع ۽ 70ع وارن ڏهاڪن ۾ آرٽ ۽ ادب کي سياسي سختين وارين آرين سان مُنهن ڏيڻو پيو هو ۽ سنڌ جا ڪيترائي شاعر ۽ اديب سلاخن پويان واڙيا ويا هُئا ته ساڳي طرح سنڌ جي قومي وحدت ۽ فڪري آزاديءَ جي سياسي هلچل هلائيندڙ قيادتون به ڪاٺ ۾ هُيون. جڏهن ته فقط اقتدار خاطر هلندڙ سياست ۾ وطن دوستي ۽ قوم دوستيءَ جا تصور بيحد ڪمزور هُئا. پر اُهو عوام جنهن لاءِ آمريڪي فلاسافر ۽ تاريخدان وِل ڊيورانٽ چيو هو “اُن انبوهه کي عوام نٿو چئي سگهجي، جنهن جي دماغ مٿان شعور جي روشنيءَ جا ڪرڻا ڪڏهن به پئجي ناهن سگهيا.” پر اقتداري سياست جا پاڇا پنهنجي عددي اڪثريت سبب سنڌ مٿان ڇانيل رهيا ۽ سنڌ سان بي پناهه عشق ڪندڙ حشوڪيولراماڻي، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين جي سياست، اياز جي شاعري ۽ سڄو مذاحمتي ادب پنهنجي روشن خياليءَ ۽ وطن دوستيءَ وارن عظيم آدرشن سان، سنڌ اندر تمام گهڻي عددي اقليت جي باوجود اهڙي نرسري ٺاهي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو، جيڪا نرسري سنڌ جي قومي سلامتي ۽ وجود مٿان ٿيندڙ حملن ۽ خطرن کي نه فقط سمجهي سگهي پر اُنهن سازشن اڳيان سِيهي جي ڀِت بڻجي وئي. اُهو 60ع جو ڏهاڪو جنهن کي اياز ادب ۾ صليبي جنگين جو دور سڏيو هو. جنهن ۾ تخليقن کان توبن جو ڪم ورتو ويندو هو. جنهن دور جي ادب سنڌ جي ماڻهن کي سندن سياسي وجود ۽ قوميت جو احساس ته ڏياريو. ليڪن اقتدار واري سياسي ويڙهه وارين حالتن کي سمجهڻ ۽ ڏسڻ جي باوجود به سنڌ ۾ وطن دوست سياسي ۽ قومي شعوري سگهه واري پارٽي پئدا ڪري نه سگهيو. جيڪا وڏيرڪي سياست جو مضبوط مُتبادل بڻجي سگهي. جيتوڻيڪ سياسي طور ڪيتريون ئي نظرياتي ۽ سياسي پارٽيون موجود هُيون پر اُهي پنهنجي عددي اڪثريت ۾ عوامي سياسي نفسيات کان گهڻو پري بيٺل هُيون. جيڪي آرٽ ۽ سياست جي ميلاپ سان مزاحمتي ڪردار ته ادا ڪري رهيون هُيون پر عوامي سياسي نفسيات کي وڏيرڪي اثر مان ڪڍي پنهنجي ڦاٽل سياسي چوليءَ جو دامن آڇي سگهڻ ۾ناڪام رهيون، پر اُها وقتي ناڪامي مُستقبل جي سياسي سوڀ ۾ بدلجڻي هُئي. جيڪا اڄ سنڌ جي سياسي آسمان مٿان عرصن کان ڇانيل اوندهه ۾ هڪ روشن صبح وانگر نظر اچي رهي آهي.
    تمام سُٺي ڳالهه اها آهي ته هن وقت سنڌ جي سياسي آسمان مٿان نئين صبح ڪنهن نويلي ڪنوار وانگر پنهنجون پنبڻيون پٽي پاڻ پسائڻ واري آهي، سا آهي، سنڌ اندر مُنتشر عوامي شعور جي موجودگي. لکين ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خود مرڪزي مورچو بڻيل آهن. جيڪي روايتي سياست مان پنهنجي بيزاريت جو اظهار ڪندا رهن ٿا. ائين تاريخ ۾ به ٿيندو رهيو آهي. غير مُنظم، ڇڙوڇڙ ۽ داڻو داڻو بڻيل طاقتون پنهنجي مُنظم ٿيڻ جو انتظار ناهن ڪنديون. مُغلن خلاف سنڌين جي ويڙهه ڪا مُنظم ويڙهه نه هُئي، اُها ويڙهه به مُنتشر عوام ئي وڙهي هُئي. جنهن مُغل شهنشاهيت جي دور جو خاتمو آندو هو. جڏهن سنڌ جي ماڻهن روايتي سياست واري جُئا کي سمجهي ورتو آهي ۽ هُو پنهنجي جيون کي سياسي جُئا ۾هارائڻ بجاءِ، اهو سمجهڻ لڳا آهن ته سنڌ جي سياسي تقدير جي بدلائڻ جو وقت اچي ويو آهي، تڏهن اُهي ڪنهن جزباتي نعرن جو ٻارڻ بڻجي ختم ٿيڻ بجاءِ، ماٺ جي ڊگهي بنواس مان اکيون پٽي اُٿڻ وارا آهن ۽ پنهنجي وطن جي تقدير پاڻ لکڻ لاءِ سوچي رهيا آهن. اُهي اُنهن هٿن کان اُها عوامي طاقت ڦُري وٺندا. جنهن عوامي طاقت جي ڀاري مينڊيٽ هيٺ سندن سڄي زندگي ڪنهن بنواس ۾ گُذري وئي آهي. جن جا ڳوٺ بدحالي ۽ بُک جي تصوير بڻيل آهن. جن جي جسمن جا اُگهاڙا انگ نعريباز عوامي سياسي گليمر ڍڪي ناهي سگهيو. چيو ويندو آهي ته جنگين ۾ سڀ ڪجهه جائز هوندو آهي. جتي کنڊر جهڙا منظر، انسانن جون لڱ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻيون بيان ڪندا آهن، جتي ٻارڙا ۽ عورتون هڪ ڊبل روٽي ۽ نان پويان ڊوڙون پائيندي نظر ايندا آهن. پر افسوس جو سنڌ اهڙي جنگ جي دور ۾ داخل نه ٿيڻ جي باوجود به جنگي حالتن جهڙي زندگي گُذاري رهي آهي. اڄ به ٻارڙا ۽ عورتون اهڙي ئي زندگي گُذاري رهيا آهن. جتي ڪو به چونڊيل نُمائندو، سنڌ جي هڪ به ڳوٺ يا شهر کي مثالي ڳوٺ يا شهر ڪري پيش ڪري سگهڻ جي دعوى ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. ريڊ انڊين کي اڃان ڪهڙا سُرخاب جا پر لڳل هوندا آهن؟ مونکي اڄ به اُهي جُملا ذهن مٿان ڪنهن هٿوڙي وانگر لڳندا رهن ٿا. جيڪي 60ع جي ڏهاڪي ۾ ڪنهن آفيسر سنڌ جي ذهانت جي علامت بڻيل حشو ڪيولراماڻيءَ کي چيا هُئا.

    You Sindhies will be decimated like red Indians (اوهان سنڌي ريڊ انڊينن وانگر ملياميٽ ڪيا ويندئو). اڄ 4 ڏهاڪن کان مٿي عرصو گُذري وڃڻ کان پوءِ سڄي سنڌ جو جائزو وٺي ڏسو ته “سنڌي” ريڊ انڊين ئي ته بڻجي ويا آهن. جنهن ۾ وڏو عمل دخل اُن عوامي سياست جي بي رحم سنگينين جو آهي. جنهن سنڌ جي ماڻهن کي عوامي طاقت جي راڄ جي نالي تي ڳِچين ۾ اهڙن سياسي نعرن جون سوڙهيون سنگهرون وِجهي ڇڏيون آهن. جيڪي هاڻ خود به خود زنگجي ڀُري رهيون آهن. عوامي سياست مٿان مخصوص طبقي جي قبضي ۽ وطن دوست قومي سياست جي عوامي سياست ۾ عدمِ دلچسپيءَ سبب مُفاد پرست طبقي عوامي سياست جي نالي تي سنڌ جي عوام جو لڳاتار استحصال ئي ڪيو آهي. نتيجي ۾ سنڌ اندر ترقيءَ جي سُست رفتار به اُن عوام جي حصي ۾ اچي نه سگهي آهي. جنهن عوام جي خُوابن خاطر سنڌ جي روشن خيال، وطن دوست قومي قيادتن ۽ تخليقڪارن قيد ڪاٽيا هُئا. جنهن لاءِ سنڌ جا رستا رتوڇاڻ جي طويل راتين جي ور چڙهيا هُئا ۽ سنڌ رت ۽ بارود جي باهه مٿان گُذري هُئي. پر عوام جنهن منزل جي سياسي صبح جو انتظار ڪيو هو. اهڙي منزل اُن عوام جي حصي ۾ نه آئي. پر اُن عوامي طاقت کي اُهي سياسي باز جهٽ هڻي جهٽي ويا. جن کي عوام جي خوشحاليءَ سان ڪا به دلچسپي نه هُئي. جيڪي هر حالت ۾ عوام جي نالي تي پنهنجي صنعتن ۾ اضافو ڪندا رهيا. “منزل انهين ملي جو شريڪِ سفر نه تها.!” ائين جن جي پُٺين تي ڦٽڪن ۽ ڪوڙن جا ٺپا ٺاهيا ويا، سي عوامي جدوجهد کان دور بيٺل رهيا. هڪ طويل سياسي سفر کان پوءِ سنڌ پنهنجي ڦُريل طاقت کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ مُنتشر ئي صحيح، ليڪن پنهنجي اجتماعي آواز ۾ مُنظم نظر اچي رهي آهي. سا اهڙا سياسي سِڙهه سِبي رهي آهي، جنهن کي وڏا سياسي طوفان به ڪمزور ڪري نه سگهندا. اُها پنهنجو ڦُريل عوامي مينڊيٽ واپس وٺڻ واري نُقطي تي مُتفق آهي. سنڌ جي عظيم وطن دوستي ۽ قوم دوستيءَ واري نظرياتي هلچل جا هن وقت نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. جو اڄ سنڌ جا ماڻهو جڏهن پنهنجي سياسي تحريڪن ۽ ادبي تنظيمن ۽ باشعور مزاحمتي فڪر جو جائزو وٺي رهيا آهن. تڏهن کين اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي ته سنڌ رُڳو ووٽ ڏيڻ ۽ وٺڻ جو نالو ئي ناهي، نه ئي سنڌ سدائين سياسي طور اُنهن ماڻهن جي هٿن ۾ رهڻ جو نالو آهي. جيڪي پنهنجي مِزاج ۾ مُڪمل طور مُفاد پرست آهن. جيڪي عوام جي معاشي تحفظ سان تِر جيترو به لڳاءُ نٿا رکن. جن هن وقت تائين عوام کي “عوامي آمريت” جي قيد ۾ رکيو آهي. اُن قيد جا ڪڙا هاڻ ڪمزور ٿيڻ لڳا آهن. سنڌ جو سياسي ضمير تبديل ٿي رهيو آهي. اُن شعوري جاڳرتا ۾ قلمڪارن جو به وڏو هٿ آهي جن پنهنجي قلم سان عوامي مُفادن جي جنگ وڙهي آهي. جيڪي سنڌ جي ماڻهن کي ڪاروباري سياسي مافيائن کان اڳواٽ آگاهيءَ جي مُهم به هلائي رهيا آهن. جيڪي لڳاتار عوام دُشمن سياست مٿان طنز ڀريون تحريرون به لکندا رهيا آهن. تنهن ڪري قلمڪارن جي قلمي پورهيي ۽ جدوجهد کي قطعي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جن سنڌ اندر عوامي سياست جي نالي تي عوام سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ائين ويڙهه ڪئي آهي، جيئن ٻي عالمي جنگ ۾ قلمڪارن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو. جيتوڻيڪ وقتي طرح سنڌ جي سياست کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکندڙ قُوتون اهو سمجهي رهيون آهن ته اُنهن جي سوڀ اُنهن جي مُقدر جو حصو آهي. ڇاڪاڻ ته اُهي سياست سِڪي جو فقط هڪ ئي پاسو ڏسندا آهن. جنهن ۾ رُڳو سندن جيت لکيل هوندي آهي. پر اُنهن اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ته سندن مُقدر ۾ جڏهن هار ڪنهن ڀيانڪ طوفان وانگر آئي ته پوءِ اُهي عوامي نفرت جي طوفان اڳيان بيهي سگهڻ جي صلاحيت به وڃائي چُڪا هوندا. کين خبر پئجي ويندي ته عوامي مُحبت ۽ نفرت ڇا ٿيندي آهي؟ هاڻ سنڌ جا ماڻهو اِهو سمجهي چُڪا آهن ته جيڪڏهن هن وقت به اُنهن پنهنجي دماغ بجاءِ دل سان سوچيو ته پوءِ سندن اڱڻن تي صبح جي روشنيءَ جا سونهري ڪِرڻا ڪڏهن به پئجي نه سگهندا. اُنهن جي کيتن ۾ ڪوئي گُل ٽِڙي نه سگهندو. پر اها ڳالهه اُنهن سياسي سوداگرن جي سمجهه کان مٿي آهي، جيڪي اڃان تائين عوام کي عوامي راڄ آڇڻ جا لاليپاپ ڏيکاري رهيا آهن. تن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ هاڻ حشوءَ جي اک سان ڏسڻ شروع ڪيو آهي. سنڌ هاڻ پنهنجي روح جي روشنيءَ سان نئين سياسي سفر جي ابتدا ڪرڻ لاءِ آتي آهي. هاڻ ڪنهن به سياسي ڪهاڻيءَ جي ڪاڪ جا طلسم گهڻي وقت تائين رهي نٿا سگهن. ڇو ته اُنهن لاءِ سنڌ سياست نه پر مُحبت آهي. اُها مُحبت جنهن کي هُو پنهنجي پيءُ جي پٽڪي جي وَر ۽ ماءُ جي پوتيءَ کان وڌيڪ پويتر سمجهندا آهن.

    مُنهنجو هي ڪتاب “سياست جو صحرا” سمورن ڇپيل مضمونن جو مجموعو آهي. جيڪي مضمون گهڻي ڀاڱي “ڪاوش” ۾ ڇپيل آهن. باقي ڪُجهه مضمون هفتيوار رسالي “افيئر” ۾ ڇپيل آهن. جهڙيءَ ريت سماج ۾ سياسي اُٿل پُٿل جا اثر ڪنهن به باشعور ماڻهوءَ تي پوندا آهن ۽ نتيجي ۾ اُهو پنهنجو ردِعمل ظاهر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن به وطن ۽ قوم جي بُنيادي مُفادن جا معاملا سامهون آيا آهن ته اُن لاءِ مون قلم جو سهارو ئي ورتو آهي ۽ پنهنجي قلم جي ذريعي ئي مذاحمت ڪئي آهي. جنهن جو عڪس پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ نظر ايندو. پنهنجي پيارن ۽ مهربان دوستن شوڪت سومرو، ڌڻي بخش سولنگي (ڌنو) ۽ رياض احمد آگرو، سليم حيدر سولنگي ۽ ثاقب خان جو ٿورائتو آهيان. جن جي تمام گهڻي اسرار ۽ همت افزائيءَ جي نتيجي ۾ هي ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پُهتو آهي. پياري اعجاز منگيءَ جون تمام گهڻيون مهربانيون جنهن ڪيترن حوالن سان پنهنجا مُفيد مشورا ڏنا. هاڻ پڙهندڙن جي راين جو مُنتظر رهندس. جيڪي مُنهنجي ڪتاب جي باري ۾ پنهنجا قيمتي رايا ڏيندا.

    لطيف جمال
    حيدرآباد، قاسم آباد
    03 ڊسمبر 2015ع
    موبائيل نمبر:0300-8376551
    ايميل: latifjamal@hotmail.com


    شخصيتون

    سائين جي ايم سيد ( 1910-1995 )

    سائين جي ايم سيد سن ۾ پيدا ٿيو ۽ شروعاتي تعليم پڻ اتي ئي حاصل ڪيائين. اڳتي هلي سنڌي مسلمانن جو مڃيل ليڊر ثابت ٿيو. سن 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڪجهه وقت اندر مسلم ليگ سنڌ جو صدر منتخب ٿيو. سيد مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مقبول ڪرايو ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي ٺهراءَ لاءِ پهرين قراداد منظور ڪرائي پر جلد ئي سندس مسلم ليگ جي قيادت سان اختلاف ٿيا. اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندس انديشا يقين ۾ بدلجي ويا ته هيءَ نئين رياست سنڌ جي حقن جو ڪنهن به طرح تحفظ نه ٿي ڪري سگهي، جنهن سبب هن جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌو. سيد هن ملڪ جي بانين ۾ شمار ٿئي ٿو . سيد حق ۽ سچ واري موقف سبب سڄي زندگيءَ قيد ۾ گذاري. هن پنهنجي پيغام ۽ سنڌ سان ٿيندڙ انياءَ کي عوام تائين پُهچائڻ لاءِ پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا.


    سانوڻ لَهرِيُون، ٿَرَ واري تِرَوار،
    اِنهان ئي اَپارَ، مونسين ڀَلي ڀالَ ڪيا.

    (شاهه سائين)


    سيد، سنڌ، عشق ۽ سياست........!!

    اُها سياست جيڪا پئسن ۽ عُهدن جي هڏين تي پلجندي هُجي ۽ هي سماج جيڪو سياسي جُئا ۾ جوئر جي ڍوڍي پويان ڊوڙ ۾ بُنيادي قدر Absolute Values به وڃائي ويٺل هُجي. جتي عوام جا مُقدر ڪارن ڪوئلن سان لکيا ويندا هُجن ۽ سياست جي نالي تي ماڻهن جي خُوابن سان کيڏيو ويندو هُجي. جتي وطن ۽ قومن جي بُنيادي انساني قدرن جون قيمتون مُقرر ڪري سڄي سماج کي مفلوج بڻايو ويندو هُجي. جتي ناڻي جهڙا مُفاد نظرين جي نيلاميءَ جو سبب بڻجي پون. جتي سياست سماجي ۽ معاشي تبديليءَ آڻڻ بجاءِ فقط اقتدار جي حاصلات جو ذريعو بڻجي وڃي. اهڙي سماج ۾ وطن ۽ قوم جي عظمت ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ ڪنهن ڪُفر کان گهٽ ناهي هوندي. جيڪي انسان سياست جي سينواريل ڍنڍن ۾ وطن سان وفائن جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ ڌرتيءَ ۽ قوم جي ماڻهن سان پنهنجي رِشتي کي سنهي سُئيءَ سان سبي ڇڌيندا آهن. سي آدرشي انسان الزامن جي پرواهه ناهن ڪندا. اُنهن جي “انڪار” جي عظمت اڳيان ڪانئر قُوتن جا ڪوٽ به ڀُرندڙ ڀتيون بڻجي پوندا آهن. اهڙا انسان تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي ڪُلهن تي سختين جا صليب کڻي زندهه رهندا آهن. جن جي پُرامن سياسي جدوجهد کان ڪانئر قوتون ايترو ئي ڪنبيل هونديون آهن جيترو چي گويرا جي گوريلا ويڙهه کان، اُهي ظالم قُوتون پُرامن سياست کان ايترو ئي خائف هونديون آهن جيترو سُرخ سپاهين جي سرواڻ لين پيائو کان. اُهي قُوتون پُرامن سياست کان ايترو ئي ڊنل هونديون آهن. جيترو آفريڪي حقن جي ويڙهه وڙهندڙ ڪبرال کان. پُرامن سياسي جدوجهد جي طاقت کي اُهي سمجهي سگهن ٿا، جيڪي گوتم ٻُڌ جي بُک، انتظار ۽ سفر جي سختين کي سمجهي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ پُرامن سياسي جدوجهد وارو رستو تشدد ۽ ويڙهه جي رستي کان مُختلف آهي. ليڪن اُن جو اِهو مطلب هرگز ناهي ته دُنيا ۾ سماجي، سياسي ۽ انقلابي تبديلين خاطر وڙهندڙ انسانن جي اهميت ۽ عظمت کان ڪو انڪار ڪري سگهي ٿو. جنرل گياپ جي ڪمان هيٺ وڙهندڙ سپاهين جي کستوري ٿيل خُون کان وٺي، روپلي جي رت تائين ۽ سڀاش بابو کان سورهيه بادشاهه تائين وطن خاطر ويڙهه وِڙهندڙ سرويچن ۽ سورهين جي جدوجهد جا رستا ۽ طريقا ته مُختلف هُئا. ليڪن وطن جي حقن جي حاصلات واري منزل ساڳي هُئي. جيڪا منزل اهنسا جي اُصولن تي جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن جي هُئي. انڪري منزل تائين رستا مُختلف ٿي سگهن ٿا، عشق جا انداز ۽ نينهن جي نشي جون ڪيفيتون مُختلف ٿي سگهن ٿيون. ليڪن اُنهن جي عظمتن جا گيت قومن جي چپن جا تا حيات ترانا بڻجي ويندا آهن. گانڌي هٿين خالي، هڏڙين جي مُٺ هو، ليڪن پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ اهڙو پهاڙ هو، جنهن کان برطانوي سامراج هميشه خوفزدهه بڻيل رهيو. اسرائيل جا ڪيميائي هٿيار ياسر عرفات جي هٿ ۾ جهليل زيتون جي ٽاريءَ اڳيان رانديڪا لڳندا هُئا. اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا جي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي 27 سالن قيد گورن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هُيون ۽ منڊيلا جي قيد گورن جي غرور جا بُت ڊاهي ڇڏيا هُئا. تنهن ڪري تاريخ اِهو ثابت ڪيو آهي ته وطن ۽ قومن جي خوشحال آئيندي خاطر، جن ماڻهن ذاتي مُفادن واريون آسائشون قُربان ڪيون آهن، سي تاريخ جا تاج محل بڻجي ويا آهن. پاڪستان جي قيام کان پوءِ به سنڌ جي ابتدائي سياست وطن دوستيءَ جي جذبي کان ٻاهر نه هُئي. جيڪا ادبي ۽ سياسي محاذ تي تمام گهڻو مُتحرڪ هُئي. جن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، حيدربخش جتوئي، شهيد الله بخش سومرو، سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، شيخ عبد المجيد سنڌي ۽ ڪيترائي اڻ ڳڻيا اڳواڻ هُئا جيڪي سنڌ خلاف ڪنهن به سازش تي خاموش نه ويهندا هُئا. جن جي محنتن ۽ قُربانين کان قطعي به اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. ليڪن اڳتي هلي سنڌ جي سياست ۾ جديد قومپرست ۽ وطن دوست فِڪر جون ڏياٽيون ٻارڻ ۽ سنڌ جي سياسي پِڙ ۾ ليڪو ڪڍي بيهڻ ۾ اهم ڪردار سائين جي ايم سيد جو آهي. جنهن پنهنجي پُوري سياسي ڄمار سنڌ وطن جي آَزاديءَ ۽ وارثيءَ واري واٽ تي گُذاري. اُهو سيد جنهن سنڌين جي جُداگانه قوميت وارو واضع ۽ چٽو تصور ڏنو. جنهن سنڌ جي هزارين سال پُراڻي تهذيب، ثقافت، رهڻي ڪهڻي، جاگرافيائي وحدت ۽ ٻوليءَ جي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن لاءِ بلوچ اڳواڻ اڪثر اِهو چوندي ٻُڌا ويندا هُئا ته: “جيڪو ڪم سن ۾ ويهي سيد ڪري رهيو آهي. اهڙو ڪم اسان جا وڏڙا ڪري وڃن ها ته شايد بلوچستان جا پهاڙ به پُرزا ٿي وڃن ها، ليڪن بلوچ اهڙي ذلت واري زندگي گُذارڻ تي مجبور نه هُجن ها.“سيد” جا سياسي مُخالف به ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته سيد سنڌي ماڻهن کي قومي سُڃاڻپ ڏيارڻ جهڙو ڏُکيو ڪم به پنهنجي ڪُلهن تي کنيو. هُو جيڪو لٺ جي سهاري تي رڙهي سگهڻ واري عمر کان به اڳتي چڙهي ويو هو. تڏهن به پنهنجي آڱرين کان اُهو ڪم وٺندو رهيو هو. جيڪو ڪم هِن قوم جي سياسي شعور جون پُوريل اکيون پٽي سگهي. اهڙو ڪم فقط عشق ۾ ڪبو آهي. عشق کان سواءِ اهڙي مام تي رسڻ ممڪن ناهي هوندو. سائين جي ايم سيد ڪڏهن به سنڌ کيفقط سياستدان جي اک سان نه ڏٺو. سياستدانن جون اکيون عاشقن جي اکين اڳيان جُهڪي وينديون آهن. جيڪڏهن هُو سنڌ کي فقط هڪ سياستدان جي اک سان ڏسي ها ته اڄ اُن جي ڪتاب جهڙي قبر مٿان مُحبتن جا هي ميڙ نظر نه اچن ها ۽ ائين سن جي سج جهڙي روشنيءَ مٿان سڄي سنڌ مان پروانا پنڌ نه ڪن ها. پر هُو هڪ عاشق هو. هُو سِرُ ڏئي سَرهو ٿيڻ وارن مان هو. هُن وٽ “سنڌ” سياست نه پر عظيم وطن ۽ ڌرتي هُئي. اهڙي ڌرتيءَ لاءِ هُو پنهنجو سمورو ڌن ۽ دولت به قُربان ڪرڻ وارن مان هو. هُو ڏيڻ .......۽ رُڳو ڏيڻ....... ۽ رُڳو ڏيڻ وارن عاشقن مان هو. هُو وٺڻ وارن واپارين مان نه هو. هُو سرمد به هو.... منصور به هو..... عاشق به هو.... ته محبوب به هُو... اياز ڪٿي لکيو آهي ته: “ نجد جي صحرا ته هڪ مجنونءَ کي جنم ڏنو. پر سنڌ جي صحرا ڪيئي مجنون پئدا ڪيا. جن سنڌ سان ليلى کان به وڌيڪ محبت ڪئي.” ڪو ڀلي سائين جي ايم سيد جي سياست سان سوين اختلاف رکي. ليڪن عشق ۽ سياست جي وچ ۾ فرق رکي ڏٺو وڃي ته سيد جيڪا سياست ڪئي اُها عبادت هُئي. عبادت عيبن کان آجو ٿيڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. ليڪن سيد جيڪا سياست ڪئي اُها عيبن کان آجي ۽ سفيد ڪپڙي وانگر بي داغ هُئي. اُها اهڙي معصوم مُحبت هُئي. جنهن مُحبت ۾ اڪثر ٽين ايج ۾ عاشق پنهنجي محبوبائن کي رت جي مَسُ سان خط ئي لکي سگهندا آهن. هُن جي سياست سنڌ سان نسورو نينهن هُئي. اُهو نينهن جيڪو اڻکٽ هو. جنهن جو ڪو انت ۽ ڪو ڪنارو ئي نه هو. لطيف جي سُورمين کي پڙهون ٿا ته عقلي دليلن جي دُنيا خالي کوهه وانگر لڳي ٿي. ڪنهن جي مجال آهي جو لطيف جي سورمين جي سچائي ۽ پاڪيزهه پوتين مٿان آڱريون کڻڻ جهڙي حرڪت ڪري؟ ڪنهن ۾ ايترو دم آهي جو چئي سگهي ته درياهه جي دهشت ۾ گَهڙو کڻي گِهڙڻ ۽ ميهار سان مِلڻ سُهڻيءَ جي سياڻپ نه پر چريائپ جي چُسڪي هُئي؟؟ ڪو چئي سگهندو ته پُنهونءَ لاءِ رِڻن ۾ رُلندڙ سسئيءَ کي ڪهڙي ضرورت هُئي ته ائين پٿرن جي پنڌ تي ڪاهي پئي؟ ڪنهن کان صلاح ئي نه پُڇيائين!! سرتين کي به ساڻ نه کنيائين!!! پنهنجي لِيڙون ٿيل لِباس سان نِڪري پئي؟ اِهو ڇا هو؟ ڇو نِڪتي؟ سائنس دلين جي معاملي ۾ ڪو دليل ڏئي نٿي سگهي ۽ عشق اڳيان عاجز آهي. عشق دماغن سان نه پر دلين سان ڪيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دلين جا فيصلا دماغي دُنيا کي مفلوج ڪري ڇڏيندا آهن.
    “محبت وِڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري ...” (لطيف رح)
    سيد تنقيد کان بالاتر ناهي. ليڪن سيد کان جيڪي به سياسي غلطيون سرزد ٿيون. اُن اُنهن جو نه رُڳو اظهار ڪيو پر لکت ۾ ڪيو. مون دُنيا جي سياستدانن پاران ڪيل غلطين جا اعتراف ناهن پڙهيا. پر پاڪستان ۽ سنڌ جي حوالي سان ئي ڏسبو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ پنهنجي غلطين جا اعتراف ناهن ڪيا. پر سائين جي ايم سيد جي اها انفراديت آهي. اها خُصوصيت آهي ته هُن پنهنجي ڪيل سمورين غلطين جا اعتراف لکت ۾ ڪيا آهن. 1971ع ۾ ئي، پاڪستان جي جن سياسي اڳواڻن اوڀر پاڪستان واري واقعي وقت جيڪي غلطيون ڪري مُلڪ کي ٽوڙي وِڌو تن جا به غلطين وارا اعترافي بيان ڪنهن جي نظر مان گُذري ناهن سگهيا. ليڪن سائين جي ايم سيد پنهنجي سمورين غلطين جو اعتراف ڪيو آهي. مسجد منزل گاهه واري واقعي کان وٺي شهيد الله بخش سان ساٿ نه نڀائي سگهڻ تائين، هر غلطيءَ کي هُن کُليل طريقي سان قبول ڪيو ۽ اُن جو اعتراف ڪيو. جيڪا ڳالهه سيد جي سنڌ سان سياسي سچائيءَ جو وڏو دليل آهي.هُن نه رُڳو جديد قومپرست سياسي فڪر کي سنڌي عوام ۾ ڦهلائڻ وارو ڪم پنهنجي علمي ۽ ادبي پورهيي رستي ڪيو. پر هُن ورهين کان پُٺتي پيل پيڙهيل طبقي جهڙي سماج سان سلهاڙيل قوم جي نفسياتي بيمارين کي به سمجهي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ اوهام پرستيءَ جو شڪار هِن قوم کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ کين تاريخي دليلن ۽ سائنسي نظرين جي ذريعي سمجهاڻيون ڏنيون ۽ کين بار بار ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته عقيدن، وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل قومون نئين دُنيا ۽ نون معاشرن سان مُقابلي ڪرڻ جي سگهه ساري نٿيون سگهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم لاءِ نئين دُنيا ۾ داخل ڪرڻ جو خُواب ڏٺو هو. اُن جو خاڪو “سنڌوءَ جي ساڃاهه” ۾ به پيش ڪيو اٿس. جنهن ۾ انگ اکرن سان هُن سنڌ جي سمورن وسيلن مٿان جن قُوتن جي مالڪي آهي. اُن جا تفصيل بيان ڪيا آهن. اڄ جڏهن اُن معصوم عاشق جي سياست تي ويچارجي ٿو ته ائين لڳي رهيو آهي. ڄڻ سنڌ جي سياست سيد جي وڇوڙي کان پوءِ يتيم ٻار بڻيل آهي. هُو سياست ۾ فقط هڪ سپنو ڏسندو هو. جيڪو سپنو فقط سنڌ جي خوشحالي ۽ آزاديءَ جو هو ۽ جيڪو سپنو عُقاب جي اک کان سنڌ جي آجپي جو هو. ليڪن اُها خوشحالي ۽ اُهو آجپو، اياز جي اُن سِٽ وانگر بڻيل رهيو ته:
    “مُهنجا نيڻ هرڻ، تو پويان ڊوڙيا پرين! ٻيهر اُڃ مرڻ”...
    اُها اُڃ، اُها سِڪ ۽ ڇِڪ واري ڪيفيت سيد جي ساهه جي آخري تند ٽُٽڻ تائين جاري رهي. جڏهن به سج رني ڪوٽ جي پهاڙن پويان لنگهه لتاڙي لهي ويندو آهي ۽ چانڊوڪي “پَرين جي تڙ” کي چُميون ڏيندي آهي. تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ سيد، سنڌ، عشق ۽ سياست چارئي هڪ ئي وجود جو گڏيل مُرڪب هُجن.


    انتهاپسنديءَ جو جِن ۽ سيد جي فِڪري اُڏام

    جڏهن به سنڌ ڪنهن يتيم ٻار وانگر ويڳاڻپ جي احساس ۾ ڦاٿل نظر ايندي آهي ۽ سياست جا سِڪا، ڪُوڙا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. جڏهن به سنڌ جو آواز ڪنهن ڦاٽل سِڙهه وانگر ڪمزور بڻجي پوندو آهي ۽ جڏهن سياسي قيادتون عوامي اطمينان جي علامت بڻجڻ بجاءِ ايذاءَ جو سبب بڻجنديون آهن ۽ سنڌ جي اجتماعي سياسي مُفادن بجاءِ پارٽين جا مُفاد اوليت تي رکيا ويندا آهن. جڏهن به لالچ ڪنهن نشي وانگر سياست جي جسم ۾ داخل ٿيندي نظر ايندي آهي. جڏهن به سياست ۽ مذهب جو ڳانڍاپو ڳولڻ لاءِ، سوين دليل پيش ٿيڻ لڳندا آهن. جڏهن به انتهاپسندي عُروج تي پُهچي ويندي آهي. جڏهن به حُسين بن منصور مٿان توهين جهڙيون تُهمتون لڳايون وينديون آهن. جڏهن به سنڌ جي اتهاس جي چمن جا نازڪ ٻوٽا لتاڙيا ويندا آهن ۽ سنڌ جي سياست جي عصمت جا چولا چاڪ ڪيا ويندا آهن ۽ جيئن سياست جي چهري کي تيزاب سان بِگاڙي تباهه ڪيو ويندو آهي ۽ سياسي اُصول پسنديون اڳواٽ آپگهات ڪري ڇڏينديون آهن ۽ سياسي ايمانداري سائيبيريا جي سُفيد وادين مان اُڏامي ويل پکين وانگر محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. تڏهن سن جي مِٽيءَ ۾ کُليل ڪتاب واري قبر ۾ سُتل اُهو سيد شدت سان ياد اچڻ لڳندو آهي. جنهن هميشه سنڌ جي سياست کي سُگهڙ جي سِٽ جي سچائيءَ وانگر سمجهيو. جنهن ڪڏهن به پنهنجي سياسي آدرشن مٿان ڪُوڙ جي ڪَٽُ چڙهڻ نه ڏني. جنهن سنڌ جي سياست کي سازشي هٿن مان ڇڏائڻ لاءِ هر وار کي پنهنجي بي خوف دل مٿان خوشيءَ سان قبول ڪيو. اُهو سيد جنهن ننڍي کنڊ جي سياست ۾ ڪانگريس جي ڪردار کي اُن وقت ئي پرکي ورتو هو. جڏهن گڏيل هندستان جي ايجنڊا تي سنڌ جا سياسي مُفاد ثانوي حيثيت اختيار ڪري چُڪا هُئا ۽ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جهڙي ذهنيت رکندڙ سوچ، ڪانگريس اندر سيڪيولر سياسي مُفادن مٿان مُڏيون ڪاتيون ڦيرڻ لڳي هُئي. اُها ڪانگريس جيڪا گڏيل هندستان جي اندر سنڌ جي اجتماعي سياسي مُفادن کي اوليت تي رکڻ بجاءِ ولڀ ڀائي پٽيل جي انتهاپسند ذهنيت جي عڪاسي ڪرڻ لڳي هُئي. تڏهن سائين جي ايم سيد اُن ڪانگريس کي الوداع چئي مُسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هُئي. اُها مُسلم ليگ جيڪا سنڌ اندر پنهنجي سياسي ساک ۾ ڪمزور بڻيل هُئي، تنهن کي سيد سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ نه رُڳو مُسلم ليگ کي سياسي طور پٽ تان کڻي آسمانن تائين پُهچايو. پر مسلم ليگ سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾، مرڪزي قيادت اڳيان قرارداد به پيش ڪيائين ته سنڌ جي سياسي ۽ قومي مُفادن خاطر کين اهي اختيار ڏنا وڃن ته سنڌ جي حوالي سان فيصلا سازيءَ ۾ مرڪزي مُداخلت نه ڪئي ويندي. جنهن کي اُن وقت ئي مُسلم ليگي اڳواڻن مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو هو. اِها سيد مٿان سراسر تُهمت چئبي جو اڪثر دوست ائين چوندا آهن ته سيد ۽ جناح جا اختلاف سيٽن جي ورهاست تي شروع ٿيا هُئا. جڏهن ته سائين جي ايم سيد اُن وقت جڏهن اِهو محسوس ڪرڻ لڳو هو ته، مسلم ليگ وٽ به ڪانگريس وانگر سنڌ جا قومي اجتماعي مُفاد ترجيع تي نه آهن. تڏهن سيد سمجهڻ لڳو هو، ته هُو آسمان مان ڪِري کجيءَ ۾ اٽڪي پيو آهي. تڏهن هُو 1954ع ۾ مسلم ليگ کان ڌار ٿي ويو. سائين جي ايم سيد ڪانگريس کان الڳ ٿي جڏهن مُسلم ليگ ۾ شامل ٿيو هو ته آخري وقت تائين برطانوي اسٽيبلشمينٽ ۽ مُسلم ليگ جي گڏيل سازشن سان سيد کي سياست جي سوڙهي گهٽيءَ تائين محدود ڪرڻ ۾ جيتري طاقت استعمال ٿي اُن جا ثبوت سيد جا ڪتاب ۽ اُهي ڪاغذ آهن. جيڪي بعد ۾ سيد جي گهڻ گُهرن سهيڙي ڪتابي صورتن ۾ سامهون آندا. جن ۾ واضع طور سمجهايو ويو آهي ته سيد کي سياسي طور سازشن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ برطانوي اسٽيبلشمينٽ ڪيترا معاملا اُٿاري ۽ قانون پاس ڪرائي سيد کي سياست کان پري رکڻ جا طريقا اختيار ڪيا هُئا. جيئن سيد اُها سنڌ اڏي نه سگهي جنهن جي خُواب جي تعبير خاطر هُو هميشه تڙپندو رهندو هو. 1948ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق حوالي ڪيو ويو هو ته جيئن هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ آسانيءَ سان، ڪُوڙن ڪليمن سان داخل ٿيندڙ ڌاري آبادڪاريءَ جي ذريعي ڪراچيءَ مٿان قبضو ڪرائي سگهي. تڏهن اُن جي مُخالفت ڪندڙن کي مسلم ليگ ۾ هُجڻ جي باوجود به پنهنجي عُهدن تان هٿ ڌوئڻا پيا هُئا ۽ سيد کي قيد ڪيو ويو هو. اُهو قيد سائين جي ايم سيد جي پُوري حياتيءَ تائين اُن جو پاڇو بڻيل رهيو. هُو جنهن پنهنجي زندگي وڏن مُفڪرن جي صحبت ۾ گُذاري ۽ “سامي وويڪانند” کان وٺي “ڪرشنا مورتي” ۽ “ڄيٺمل پرسرام” تائين نه رُڳو هُن اُنهن جي علم، فهم ۽ ادراڪ کي هيانو سان هنڍايو پر جتان هُن حُب الوطنيءَ واري رستي واري سياست کي اخلاقي ضابطن جي دائري ۾ رهڻ جهڙا درس سِکيا. جنهن سمجهيو ته وطن دوست سياست ۾ ڪاروباري ذهنيت جهڙي فريب ۾ ڦاسي پنهنجي دامن کي داغدار ٿيڻ کان بچائڻ ئي اهم مقصد هُجڻ گُهرجي. جيڪڏهن سائين جي ايم سيد به پنهنجي دور ۾ ٻين هم عصر سياستدانن وانگر سياست ڪري ها ۽ سنڌ جي مجموعي قومي مُفادن مٿان پنهنجي ذاتي سياسي رُتبي ۽ مانَ کي افضل سمجهي سياست ڪري ها ته شايد مُسلم ليگ پاران تا حيات سنڌ جي وڏ وزارت هُن جي حصي ۾ اچي ها. ليڪن، هُو جنهن سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن واري اُصولي سياسي موقف تي ڪڏهن به سوديبازي نه سِکي هُئي. جنهن روايتي سياسي رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ، سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن خاطر غير روايتي سياست جا بُنياد وڌا ۽ نئين سنڌ جي تعمير واري واٽ ورتي. جنهن مُلڪي اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ مُداخلت ۽ ٻه قومي نظريي جهڙي ڪُوڙ جي پَت پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ وائکي ڪئي. جنهن سنڌ سان پنهنجي نينهن کي ساهه جي آخري تند تائين نڀايو. جنهن مذهب ۽ سياست جي ميلاپ واري سياست جي مُخالفت ڪئي. جنهن چار ڏهاڪا پهرين مُلڪ ۾ جُنونيت جي جِن کي رياستي سرپرستيءَ ۾ پالي پوسي وڏو ڪري، ڪشمير فتح ڪرڻ جا خُواب ڏسندڙن کي تنبيهه ڪئي هُئي ته اُهي مذهب جي نالي تي مُلائيت کي هٿي ڏئي مُلڪ جي مُستقبل کي پنهنجي پاليسين سان ئي ڪمزور ڪري رهيا آهن. سائين جي ايم سيد جي سياسي فڪر جي دُور انديشي ئي هُئي، جنهن افغانستان ۾ آمريڪا ۽ روس واري جنگ دوران واضع موقف اختيار ڪيو هو ته رياست جي پرڏيهي پاليسي ۽ مُلائيت کي مضبوط ڪري، آمريڪا جا هٿ مضبوط ڪندڙن کي مُستقبل ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا. اُها مُلائيت نه رُڳو هن مُلڪ لاءِ بلڪه ڪيترن مُلڪن جي مُستقبل کي خاڪ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جي سياسي موقف جون مُخالف قُوتون ته اُن وقت به سياسي انڌائپ جون پٽيون پائي ويٺل هُيون. ڇاڪاڻ سَهي جهڙين دلين سان شينهن جي کَل پائي هلندڙ سياستدان، رياست جي سمورين خراب پاليسين تي مصلحتن ماٺ رهي. رياست جي پاليسين ۽ سازشن مٿان پردا رکندا هُئا. سائين جي ايم سيد ئي واحد دلير دل رکندڙ اهڙو سياستدان هو. جيڪو سنڌي ماڻهن جي سامهون صحيح سياسي موقف پيش ڪرڻ وڏي عبادت سمجهندو هو. نار واري جنگ دوران جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت لاءِ صدام حُسين هيرو بڻجي ويو هو ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي پُٽن جا نالا صدام حُسين رکندي فخر محسوس ڪندا هُئا. تڏهن به سائين جي ايم سيد پاڪستان جو واحد سياستدان هو جنهن پنهنجي تقرير ۾ صدام حُسين کي ڊڪٽيٽر ۽ ڪُردن جو قاتل قرار ڏنو هو. اُن وقت اهڙي ڳالهه ڪرڻ دوران، سيد اِهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته اهڙي بيان اچڻ سان هُن لاءِ، سنڌ اندر ڪهڙي راءِ جُڙي ٿي؟ پر هُن ڪڏهن به اُن جي پرواهه نه ڪئي ۽ نه ئي ڪُوڙين ۽ عارضي همدردين جي حاصلات خاطر سياسي سچائيءَ جهڙي موقف پيش ڪرڻ کان ڪيٻايو. سيد جي اهڙي سنجيدهه سياسي ڪردار ۽ عمل جي سچائيءَ ۽ بهادر سياستدان هُجڻ جون شاهديون ۽ دليل اُن جا دُشمن به ڏيندا. سائين جي ايم سيد پنهنجي ذات ۾ سنڌ جو اُهو اسپارٽيڪس ڪردار هو. جنهن انڪار جي جُرئت اختيار ڪري، اُنهن سمورن سياستدانن کان پنهنجي عظمت، ڪردار ۽ عمل ۾ مُنفرد شخصيت بڻجي بيٺو. جيڪي سياستدان اقتدار کان سواءِ زندگيءَ کي قيد سمجهي هميشه سياسي سچاين تان پردا کڻڻ واري خوف ۾ مُبتلا رهندا هُئا. پر سيد نه رُڳو سنڌ جي قومي آزاديءَ کي پنهنجو سياسي ڌرم سمجهيو پر اُن خاطر طويل عرصي تائين جيل به ڪاٽيا ته تاحيات نظربندين هيٺ به رهيو. ڪيترائي دوست اِن خيال جا آهن ته سائين جي ايم سيد چونڊن ۾ هارائي ويندو هو يا کيس سنڌي ماڻهن وٽان موٽ مِلي نه سگهندي هُئي. جيڪا ڳالهه موجودهه حالتن ۾ غلط ثابت ٿي چُڪي آهي. گڏيل هندستان ۾ به سائين جي ايم سيد جو رِشتو ٻن وڏين پارٽين سان رهيو. جن ۾ پهرين ڪانگريس ۽ پوءِ مُسلم ليگ. ليڪن سيد جو ٻنهي سان اُصولي اختلافن جو ڪارڻ”سنڌ” رهي. ڇاڪاڻ ته اُنهن ٻنهي پارٽين جو سنڌ جي خوشحاليءَ جي حوالي سان موقف ۽ پاليسي بلڪل غير واضع ۽ اڻچٽي هُئي ۽ اُنهن ٻنهي پارٽين جي ترجيحات ۾ سنڌ جي اقتصادي خوشحاليءَ وارو خاڪو نه هو. جڏهن ته سيد جي دليرانه سياسي موقف رکڻ تي انگريز گورنر به ڪڏهن خوش نه رهيو. برطانوي اسٽيبلشمينٽ جا اڪثر آفيسر خوشامد ڪندڙ ۽ گيسيون پائيندڙن کي وڏن خطابن سان نوازيندا هُئا ۽ اُهي ڳالهيون کين وڌيڪ وڻنديون هُيون. جڏهن ته سائين جي ايم سيد اُن جي بلڪل اُبتڙ هو. جيڪو ڪانگريس، مُسلم ليگ ۽ خود برطانوي اسٽيبلشمينٽ ۽ گورنر لاءِ پنهنجي تلخ سياسي موقف رکڻ سبب ناپسنديدهه رهيو. اُهو ئي سبب هو جو، 1945ع ۾ انگريزن جي پسنديدهه شخصيت سر غلام حسين هدايت الله جڏهن سنڌ جي وڏ وزارت تي ويٺل هو ۽ جيڪو انتهائي مغرور ذهنيت جو مالڪ هو، جنهن وٽ سنڌ جا قومي مُفاد ڪنهن به ايجنڊا جو حصو نه هُئا ۽ سائين جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين اُن خلاف مُنظم طريقي سان عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪري اُن کي هٽائڻ لاءِ پيش رفت ڪئي ۽ 26 ووٽن جي اڪثريت سان سندس وڏ وزارت جي هُجڻ جو ڪو جواز نه رهيو هو. تڏهن به انگريز گورنر پاران اُن کي بچائي بحال رکيو ويو. جنهن لاءِ اهو پڻ مشهور آهي ته سر غلام حسين کي عدمِ اعتماد واري رِٿ مان بچائڻ ۾ خود جناح جو به هٿ هو. اهي سڀ معاملا مُسلم ليگ سميت خود برطانوي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اڻوڻندڙ هُئا. جيڪي سيد جي واضع ۽ چٽي موقف رکڻ سبب کيس پوئتي رکڻ لاءِ ڪافي هُئا. سيد کي اُن وقت به ڌانڌلين جي ذريعي اليڪشنن ۾ هارايو ويندو هو. جنهن جو ذڪر پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب “اُهي ڏينهن اُهي شينهن..” ۾ پڻ ڪيو آهي. جنهن جي هڪڙي ڪيس ۾ پير علي محمد راشدي خود به سائين جي ايم سيد جو وڪيل رهيو هو ۽ ڌانڌلين جي ڪيس ۾ آڏي پُڇا ۾ سيد کان کٽي آيل اُميدوار ڪيس هارائڻ کان پوءِ وائکو ٿي پيو هو. تنهن ڪري اُهي سڀ معاملا هاڻ ڪنهن ڳُجهه ڳوهه جو حصو ته بِلڪل به ناهن رهيا. ڇاڪاڻ ته پاڪستان اندر ٿيندڙ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪليئرنس کانسواءِ ته ڪو به اُميدوار کٽي اچي ناهي سگهندو. جيڪڏهن هڪ اهڙو ماڻهو جنهن مان مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي باغيءَ هُجڻ جي بُوءِ اچي ۽ جنهن مان اِهو خطرو هُجي ته اُهو سنڌ جي اجتماعي قومي مُفاد جي معاملن تي ڪڏهن به جُهڪاءَ واري پاليسي اختيار نه ڪندو. اُن کي شفاف چونڊن جيترو اسپيس ڪيئن ڏنو ويندو؟؟ هن مُلڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين به برطانوي اسٽيبلشمينٽ ان سوچ کي هٿي ڏني هُئي. جنهن کي بعد ۾ هن مُلڪ جي پاليسيءَ طور هلايو پيو وڃي. هِن مُلڪ جي سڄي سياسي تاريخ هٿ ۾ کڻي پڙهجي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ مُخالف ڪنهن به شخصيت کي هر حالت ۾ سياسي طور اڪيلو ڪرڻ ۽ اُن کي اڳتي آڻڻ وارو عمل پاپ ۾ شُمار ڪيو وڃي ٿو. 1970ع واريون اليڪشنون به اهڙي سوچ جي جهلڪ هُيون. جنهن ۾ عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي اچڻ کان پوءِ به يحيى خان اقتدار شيخ مُجيب کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، نتيجي ۾ هن مُلڪ جي جمهوريت جي علامت بڻيل مسٽر ڀُٽي پاران هر حالت ۾ اقتدار کيس ڏيڻ لاءِ يحيى مٿان زور ڀرڻ ۽ بنگالين کي نظرنداز ڪرڻ ۽ اقتدار عوامي نُمائندي شيخ مُجيب کي ڏيڻ ۾ لڳاتار دير ڪرائي رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جنهن سبب شيخ مُجيب کي اُصولن اقتدار نه ڏيڻ واري اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان پُرامن سياسي جدوجهد جو اهڙو طوفان بڻجي پيو، جو هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ پُر امن سياسي موقف رکندڙ بنگالين ‘خلاف سرچ لائيٽ آپريشن جي شروعات ڪئي. جنهن ۾ لکين بنگالين کي Gook (غلاظت) قرار ڏئي ڪُٺو ويو. معصوم بنگالين کي غليظ قوم سمجهي اُن جو صفايو ڪرڻ لاءِ پهرين ٽِڪا خان ۽ پوءِ نيازي ميدان تي لاٿا ويا. جن لکين بنگالين کي قتل ڪيو. مُڪتي باهني طويل عرصي تائين ويڙهه ڪئي. اندرا گانڌيءَ مُداخلت ڪئي ۽ انڊيا جي فوجن بنگلاديش جي ڪيترن علائقن تي قبضو ڪري آخر ۾ ڍاڪا ۾ نيازيءَ جي ڪمانڊ کي قابو ڪيو ۽ مجبورن جنرل نيازيءَ انڊيا جي “جنرل اروڙا” آڏو سرينڊر ڪيو ۽پاڪستان ٽُٽي ويو. پر پوءِ به هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ، پنهنجي پُراڻي روايت برقرار رکندي، ڪنهن به طرح پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه رهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي پُوري ڄمار هن مُلڪ جي سياست ۾ سنڌ جي مظلوميت جي داستان کي بار بار ورجائيندي، اِهو چوندو رهيو ته: “هن مُلڪ اندر قومن جي استحصال خلاف جيڪو به آواز بلند ڪندو اُن آواز کي هر حالت ۾ دٻايو ويندو.” اُهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد هڪ سچي سياسي صوفيءَ وانگر ڪڏهن به سنڌ جي خوشحاليءَ خاطر کنيل بينر کي ويڙهي نه رکيو. هُو دولهه دريا خان جهڙي دل سان پاڪستان جي چالاڪ اسٽيبلشمينٽ اڳيان جيڪو عدالتي بيان ڏنو هو. اُن کي پڙهجي ٿو ته سيد جي سنڌ سان انوکي عشق کي لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي. جنهن ۾ هُن پنهنجي جُرم جو اعتراف ڪندي فارسي شعر جون ترجمي سان گڏ اُهي سِٽون به لکيون هُيون ته :
    سِر يار جي قدمن تان فدا ٿيو سُٺو ٿيو،
    اِهو بار ڳرو هو، ادا ٿيو سُٺو ٿيو.

    ائين جيئن سرمد شهيد کي جڏهن دليءَ جي گهٽين مان گُهمائي جلاد اڳيان آندو ويو هو. تڏهن هُو جلاد کي ڏسي مُرڪيو هو ۽ سِر اڏيءَ تي رکڻ وقت به فارسيءَ جو شعر پڙهيو هو. جنهن جي معنى هُئي ته:
    “شور ٿيو ۽ مون عدم جي خُواب مان اک کولي، ڏٺم ته اڃان فِتني جي رات باقي هُئي، وري سُمهي پيس!”
    ائين سيد فتني جي باقي بچيل رات ۾ اسان کان موڪلائي اُن هنڌ وڃي آرامي ٿيو. جتي سيد جي کُليل ڪتاب جهڙي قبر فتني خلاف وڙهي ويندڙ ويڙهه ۾ مورچو بڻيل آهي، جيڪا وڙهي رهي آهي ۽ وڙهندي رهندي ايستائين جيستائين فتني جي رات پنهنجي پُڄاڻيءَ تي نٿي پُهچي.


    سياست جون سنگينيون ۽ سيد جو فِڪر....!!!

    سنڌ جي جوانيءَ جي دلين تي راڄ ڪندڙ، اردوءَ جي مشهور افسانه نگار مظهر السلام لکيو هو ته “عاشقن جو آخري فرض، محبت کي بچائڻ هوندو آهي.” اُها محبت جيڪا زماني جي منطق وارن سانچن ۾ ماپي نه سگهي. اُها محبت جيڪا ٺٽي جي اڀيچند تان فدا ٿي فقيريءَ پاسي سفر ڪري ۽ اورنگزيب اڳيان اُگهاڙي بڻجي نفيءَ جي ندي بڻجي وڃي. اُها نفي جيڪا دراصل سرمد شهيد جي ذات جي نفي هُئي. جنهن جي ذريعي ئي هُن حقيقت جي دنيا ڏانهن وڃڻ جي واٽ ڳولي ورتي هُئي. پر اورنگزيب جو عقل، جهڙي ريت سرمد جي مجزوب عشق کي سمجهي نه سگهيو هو ۽ سرمد جو سِر جلاد جي تکي تلوار جو نشانو بڻائي مجزوب محبت جي مزار ۾ تبديل ڪيو ويو هو. اهڙي طرح هر دور ۾ عقل ۽ عشق جي جنگ ۾ بظاهر عقل حاوي نظر آيو آهي. پر هار ۽ شڪست هميشه عقل جي حصي ۾ آئي آهي. عشق پنهنجي ابتدا ۾ به عظيم رهيو آهي ته پنهنجي انتها ۾ به عظيم تر رهيو آهي. ۽ عاشقن پنهنجي آخري فرض ۾ محبت کي نه رُڳو بچايو آهي، پر اُن کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. محبت جا شوق هر دور ۾ شديد ۽ درد جديد بڻجي ستارن جي سونهن هيٺان وهندڙ نيرين ندين وانگر پنهنجي پُڄاڻيءَ ۾ خود سمنڊ بڻجي ويا آهن.
    اڄ جڏهن سن جي صحن ۾ ڪتاب جهڙي قبر مٿان گُل نڇاور ٿيندا ۽ سنڌ جي جواني اُن پوڙهي عاشق جي پيرانديءَ کان بيهي، هُن جي ڳالهين کي ڪتابي ورقن مان ياد ڪرڻ لڳندي ته کين محسوس ٿيندو ته سن جي مِٽيءَ ۾ سُتل سنڌ جو سياستدان نه پر هڪ اهڙو عاشق آهي، جنهن پنهنجي آخري فرض ۾ محبت کي بچائي رکيو. اُهو سيد جنهن برِصغير جي وڏن مُفڪرن “سوامي وويڪانند”، “ڄيٺمل پرسرام” ۽ “ڪرشنا مورتي” سان ملاقاتون ڪيون ۽ اُنهن جي ڳالهين جي ڳنڍين کي “ديارِ دل ۽ داستانِ محبت” ۾ سفيد تاڪين وانگر کوليندو ويو. هن جو خيال هو ته “جتي عقل جي انتها ٿئي ٿي، اُتان عشق جي ابتدا ٿئي ٿئي. عقل سان زندگيءَ جا معاملا مُنجهندا رهن ٿا. عشق مُنجهيل معاملن کي سُلجهائي سڌو ڪري ٿو.” هُو جيڪو برِصغير جي سياست جو اکين ڏٺو شاهد هو. تنهن پنهنجي مُشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي مُسلم ليگ جي سياست کي مسلمانن جي دماغن جو خلل سمجهي، سنڌ سان بي وفاين کي برداشت نه ڪري الوداع چيو هو. جنهن ٻه قومي نظريي کي غلط قرار ڏيڻ جي ڏوهه ۾ قيد ڪاٽيا. عجيب اتفاق آهي ته سيد جنهن موقف جي بُنياد تي قيد ڪاٽيا اڄ پاڪستاني ميڊيا تي اينڪرز به ٻه قومي نظريي کي غلط قرار ڏئي رهيا آهن. پر اُنهن خلاف هن مُلڪ ۾ تنبيهي ليٽر به جاري نٿو ڪيو وڃي. اُهو سچ جيڪو سيد صعوبتن جي صورت ۾ سهي اڇڙن ڪڪرن جا رستا پار ڪري هليو ويو. اڄ سرِعام ورجائجي رهيو آهي. اِها سيد جي عشق جي فتح آهي.

    بدر يا غلط با موجش در آويز،
    حيات جاودان اندر ستيزاست،

    (معنى: سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي لهرن سان مُقابلي ۾ اچ، دائمي زندگي جدوجهد ۾ ئي لڪيل آهي.)
    اهو سيد جنهن سياست جي سمنڊ ۾ پنهنجي دل کي درويش رکيو. لالچون کيس لوڙهي نه سگهيون. نه ئي دڙڪا سندس دل کي ڪمزور ڪري سگهيا. جنهن تڪليفن جي طوفانن ۾ پنهنجي دل جي ٻيڙيءَ کي ڪمزور نه ڪيو ۽ لڳاتار پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. اهڙو عمل عاشق ئي ڪري سگهن ٿا. سياستدانن جون دليون ته سوڙهيون ٿينديون آهن.سيد ته سنڌ جو عاشق هو. عاشق ته فقط ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن جن کي وٺڻ جي تمنا ناهي هوندي. جن وٽ حساب رکڻ واري حُجت گناهه جي برابر هوندي آهي. ڪنهن سيد کان پُڇيو ته: “توهان پنهنجي ذات سان محبت نه ڪندا آهيو؟ اها ته انساني فطرت آهي؟” سيد چيو: “فطرت هوندي....... پر مان سنڌ سان محبت ڪندو آهيان.” غير مشروط محبت جنهن ۾ شَرط، شِرڪ برابر هُجن. اهڙي محبت جو جام رُڳو سائين جي ايم سيد جي حصي ۾ آيو.
    اڄ جڏهن سڄي دُنيا ۾ مُلائيت، بُنياد پرستي ۽ فرقيواريت جهڙا سوال وڏو چئلينج بڻيل آهن. ۽ سڄي دُنيا دهشتگرديءَ جي بارود تي ويٺل آهي. سنڌ ڳيري جي آکيري وانگر پنهنجي اُداس دل سان رُڳو اِها دعا گُهري رهي آهي ته هُن جي امن جو آکيرو نفرت جي باهه کان بچي سگهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ به اهڙا واقعا ۽ لقاءَ ڪرائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. پر اهڙين سازشن اڳيان جيڪا مزاحمت جي ديوار نظر اچي رهي آهي اُن ۾ وڏو ڪردار سائين جي ايم سيد جو آهي. جنهن اڄ کان ڪيترائي ورهيه پهرين جڏهن سرد جنگ جون صورتون تبديل نه ٿيون هُيون. تڏهن “جيئن ڏٺو آهه مون...” لکي اهڙي انڪار جي جُرئت ڪئي هُئي. جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ نٿو مِلي. جنهن جي نتيجي ۾ سيد خلاف نه رُڳو فتوائون جاري ڪيون ويون هُيون پر سيد مٿان مُلحد ۽ ڪافر هُجڻ جا ليبل به لڳايا ويا هُئا. پر هُو،
    “اوهندي او جاڻي، سانکون اپڻي ريت نڀانوڻ ڏي”
    وارين صوفياڻين سِٽن وانگر پنهنجي موقف تي سِيهي جي ديوار وانگر اٽل رهيو. سيد سنڌ اندر مذهبي ڪٽرپڻي خلاف نه رُڳو پنهنجو موقف سڌو رکيو پر ائين به چوندو رهيو ته: “اڄ جيڪي مسلمان قوم واري تصور هيٺ اسلامي نظام رائج ڪرڻ جا حامي آهن، اُهي سڀاڻي، اهڙي تصور هيٺ مُلڪي نطام کي تحس نحس ڪري ڇڏيندا.” ڇاڪاڻ ته سيد جو خيال هو ته “سمورن مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان، بُنيادي وحدت وارا راز سمايل آهن”. سيد جا اهڙا خيال هن مُلڪ کي هلائيندڙ قوتن کي چِڙ ڏياريندا رهيا. ان حد تائين جو سنڌ جي عاشق سيد پنهنجي ڪراچيءَ ۾نشتر پارڪ واري سالگرهه دوران بين الاقوامي مُلڪن کي صلاح ڏيندي چيو هو ته: “دُنيا کي مذهبي جنونيت واري جِن کان بچائڻ لاءِ، روحاني قومن جو جُدا بلاڪ جوڙڻ جي ضرورت آهي.” هن وقت جيتوڻيڪ سيد سنڌ جي هنجهه ۾ سُتل آهي. پر اڄ هُن جي عشق، فهم ۽ ادراڪ تي ويچارجي ٿو ته هُو سنڌ جي مِٽيءَ جو اهڙو مست الست عاشق هو، جنهن سنڌ کي ايندڙ ڪيترين صدين تائين پئي ڏٺو. سيد جي حصي ۾ پيغامِ سنڌ اُن فڪر جي روشنيءَ ۾ پرکي سگهجي ٿو. جنهن سلسلي جي زنجير شاهه عنايت شهيد، شهيد مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، سچل سرمست ۽ ڀٽائي سائين هُئا. سيد سمورين درگاهن ۽ درن جا درشن ڪيا. جن جا تذڪرا پنهنجي ڪتابن ۾ به ڪندو رهيو. پر جنهن مڪتب تي مُتفق ٿيو. اُهو سلسلو سنڌ جي عظيم هستين جي محبت وارو مڪتب هو. فارسي جي ڪنهن شاعر جي هنن سِٽن وانگر:

    حريفان بادها خوردند رفتند،
    تهي خمخانها، ڪردند رفتند.

    (ساٿي محبت جا ڍُڪ پي گُذر ڪري ويا آهن. اڄ سندن مئخانه خالي پيا آهن.)

    سائين جي ايم سيد اُن خالي پيل مئخانن کي آباد ڪرڻ واري رمز وارو سلسلو ورتو. جنهن سلسلي تي هلڻ سياستدان جي وس جي ڳالهه نه هُئي. پر اهڙي سلسلي تي ڪي عاشق ئي هلي سگهن ٿا. صالحن جي صُحبت سيد جي سڄي زندگيءَ کي سنڌ جي محبت واري محور پاسي موڙي ڇڏيو. اُهو ئي سبب هو جو هُن جي سياست جو بُنياد فقط سنڌ جي خوشحالي ۽ قومي آجپو رهيا. هُن اقتدار جي حوس ۽ لالچ کي لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. حافظ شيرازيءَ جي انهن سِٽن وانگر ته: “جڏهن حافظ بي خود ٿئي ٿو ته “ڪائوس” جي بادشاهت کي به هڪ جَو برابر به نٿو سمجهي.” سيد جڏهن به ۽ جتي به محسوس ڪيو ته ڪو معاملو سنڌ جي حق ۾ ناهي. يا اُهو سنڌ جي مُفاد ۾ ناهي ته اُن کان هُو ڌار ٿي بيٺو. 1948ع ۾ پاڪستان جي باني مُحمد علي جناح، جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو ته سيد مخالفت ڪئي ۽ اُن جُرم ۾ جيل موڪليو ويو. 1954 ۾ مُلڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو. جنهن جي سڀ کا وڏي مخالفت سائين جي ايم سيد ڪئي ۽ اهڙي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نظربند ڪيو ويو. سيد پنهنجي پُوري ڄمار جو وڏو حصو جيل ۽ نظربندين ۾ گُذاريو. سنڌ هُن جي محبتن جو مرڪز هُئي. هُن ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌي قوم کان ڪا شڪايت نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته سيد سنڌي قوم کان ڪڏهن به حاصلات جي توقع نه رکي. هو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي هر وقت محبت آڇيندو رهيو. اهڙي محبت جنهن ۾ جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ وارو حساب ناهي هلندو. سيد جي محبت ۾ حساب واري حُجت حرام هُئي. هُو جنهن 1970ع وارين چونڊن ۾ قومپرستي، سيڪيولرازم، سوشلزم ۽ جمهوريت جو بينر کولي حصو ورتو ۽ هارائي ويو. تڏهن پير علي محمد راشديءَ سنڌ جي عاشق سيد کي چيو ته: “تو اهڙي عورت (قوم) سان پيار ڪيو آهي. جيڪا ڪوڙهه جي مريض آهي.” پر سيد سنجيدگيءَ سان راشدي صاحب کي هڪ فارسي شعر پڙهي ٻڌايو. جنهن جو مطلب ڪجهه ائين هو ته:“ليلى کي مجنون جي نظر سان ڏس!” ۽ سيد جو پيار هن قوم سان پهچ کان به مٿي رهيو. ڪنهن شاعر چواڻي ته: کريل کير به ولوڙيندو رهيو. پر ڪڏهن مايوس نه ٿيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو سيد عشق جي انوکن امتحانن ۾ تصوف جي اسرارن جي سڀ کان بافضيلت دوست شاعريءَ جو سهارو وٺندو رهيو ۽ پنهنجي مزاج ۾ ڦرڻي گهِرڻي قوم لاءِ به ڪڏهن شڪايتن جا دفتر نه کوليائين. لطيف سائين جي انهن سِٽن جو سهارو ورتائين ته: “جيها ڪي تيها، مون مارو مڃيا.!”
    هُو جيڪو وحدت الوجودي اياز جي سِٽن ۾ صوفي لاڪوفي واقعي بڙ جي اهڙي گهاٽي ڇانو هو. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي سا وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي. ڪاش! اياز جي انتظار کي ڪا ساڀيان ملي سگهي ته اهڙي بڙ مٿان سنڌ جا عقاب ڦيرا ڏئي تتل سج کي تيز نظرن سان گُهوري ڏسن. ۽ سنڌ جي هِن صوفي عاشق جي محبت سلامتيءَ جو نئون سفر شروع ڪري سگهي.


    مونسين هلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري.....!

    اُهو ٻار جيڪوجديد سنڌ جي جوڙجڪ لاءِ پهرين سياسي وِک 15 سالن جي عُمر ۾ پنهنجي تعلقي کان کڻي ٿو ۽ پوءِ ”سن“ جي اسڪول بورڊ جو چيئرمين بڻجي وڃي ٿو. تڏهن ڪنهن جي چيل سِٽ ياد اچي ٿي ته: “دُنيا جا سمورا رستا پنهنجي گهر جي در کان شروع ٿين ٿا.” هُن لاءِ به سموري دُنيا جي شروعات پنهنجي گهر جي در کان ٿي هُئي. هُو ايتري ننڍڙي عمر ۾، جڏهن ڊائيس اڳيان بيهي ڳالهائيندو هو ته سندس قد ۽ ڊائيس جي اُوچائي ساٿ ڏئي نه سگهندا هُئا. جنهن فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ اُن کي اِسٽول / ميز جو سهارو وٺڻو پوندو هو. اُهو ٻارڙو جيڪو 25 سالن جي عمر ۾ پُهچي ٿو ته “ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ” جو صدر بڻجي وڃي ٿو ۽ 33 سالن ۾ “سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ” جو ميمبر بڻجي وڃي ٿو ۽ 34 سالن جي وحيءَ ۾ پير پائڻ وقت، “آل انڊيا مُسلم ليگ” جي پليٽفارم تان باقاعده پنهنجي سياست جي شروعات ڪري ٿو ۽ سنڌ جي تعليم جو وزير بڻجي وڃي ٿو ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن جي سُڌارن لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪو پنهنجي وزارت کي سنڌ جي امانت سمجهي نڀائي ٿو. اُهو سيد جيڪو پنهنجي مزاج، عمل ۽ ڪردار ۾ سياسي صوفي بڻجي، پنهنجي ذات کي فنا ڪري ڇڏي ٿو ۽ سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن خاطر ننڍي کنڊ جي سياست ۾ پير رکڻ سان ئي پنهنجي سُڃاڻپ ڪانگريس کان وٺي مُسلم ليگ جي وڏن اڪابر اڳواڻن تائين تلخ موقف رکندڙ شفاف ڪردار واري شخصيت طور ڪرائي ٿو. جڏهن سنڌ جا اڪثر سياسي اڳواڻ برطانوي اسٽيبلشمينٽ جي پاڇي ۾ رهي سياست ڪندا هُئا ۽ گورنر کي خوش رکڻ خاطر پنهنجا سياسي موقف ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهندا هُئا. تڏهن به سائين جي ايم سيد پنهنجي سياسي سچائيءَ جهڙو موقف رکي، نه رُڳو برطانوي اسٽيبلشمينٽ کي چِڙ ڏياري ڇڏيندو هو. پر سنڌ جي قومي حقن جي حوالي سان ننڍي کنڊ جي وڏن اڳواڻن سان اختلاف رکڻ ۾ دير نه ڪندو هو. جيڪو 1941ع ۾ مُسلم ليگ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻجي وڃي ٿو. پر گڏيل هندستان ۾ مُسلم ليگ وٽ سنڌ جي قومي حقن جو واضع تصور نه ڏسي، چند سالن ۾ ئي مُسلم ليگ کي الوداع چئي، 1946ع ۾ سنڌ ۾ “پروگريسو مُسلم ليگ” قائم ڪري ٿو. پر جڏهن سائين جي ايم سيد جي زندگيءَ جو ڪتاب پڙهجي ٿو ته، اها ڳالهه چِٽي ٿي سامهون اچي ٿي ته، هُو هر موڙ تي اتحادن، پارٽين ۽ تنظيمن سان اختلاف فقط، سنڌ جي بُنيادي سياسي ۽ اقتصادي مسئلن ۾ “سنڌ” کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اُن جي ترقيءَ ڏانهن توجهه نه ڏيڻ سبب رکي ٿو ۽ پوءِ هُو ممڪن حد تائين معاملن کي نبيرڻ لاءِ ڪوششون وٺي ٿو. پر سياسي اڳواڻن پاران سنڌ کي لڳاتار نظرانداز ڪرڻ جي نتيجي ۾ هُو اُنهن کان ڌار ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجون سياسي سرگرميون الڳ پليٽ فارمن تان جاري رکي ٿو. جيئن ”نئين سنڌ“ جي اڏاوت ممڪن بڻجي سگهي. اُهو ئي سبب هو جو جڏهن به هُن سياسي اڳواڻن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد محسوس ڪيو ته هُو گهڻي عرصي تائين اُنهن سان گڏ هلي نه سگهيو. هُو پنهنجي مزاج ۾ معصوم ۽ طبيعت ۾ ترار جهڙو انسان هو. جنهن وٽ چالاڪ سياستدانن جهڙي دل ته نه هُئي. ليڪن هُن جي سيني ۾ صوفين جي سچائيءَ جهڙي دل ڌڙڪندي هُئي. جيڪو شاهه سائين جي ڪلام سان پنهنجي مايوسين ۽ تڪليفن جو علاج ڪندو هو. جنهن وٽ وطن جي حُب عظيم ترين جذبي وانگر هميشه جاڳندي رهندي هُئي. جيڪو پنهنجي ابتدائي سنڌ پرستيءَ وارن مرحلن ۾ اُهي سڀ تجربا ڪندو رهيو. جيڪي “نئين سنڌ” جي قيام کي ممڪن بڻائي سگهن. ليڪن هُن ڏٺو ته سياستدانن جي اڪثريت، سياست فقط پنهنجي انفرادي مُفادن خاطر ڪن ٿا ۽ قوم جي اجتماعي مُفادن کي خطري ۾ وجهي ڪري رهيا آهن. هُن ڏٺو ته سُٺن نعرن ۽ نظرين جي پويان به اُهي ئي سياسي مافيائون موجود آهن. جيڪي سنڌ جي معاشري کي جديد معاشرن تائين پهچائڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پر اُهي قُوتون ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌ جي سياست کي پنهنجي انفرادي مُفادن خاطر استعمال ڪري رهيون هُيون. جيڪي سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلٽ تي خاموش رهڻ جو روزو رکيو ويٺيون رهُيون. پنهنجي سمورن سياسي تجربن ۽ سياسي اختلافن رکڻ جي نتيجي ۾ جيل ۽ نظربندين کان پوءِ سائين جي ايم سيد ان نتيجي تي پُهتو هو ته، اهڙي سياسي گندگيءَ خلاف جيسيتائين سنڌي قوم ۾ شعور جي روشني پکيڙي نه وئي ته شايد سنڌي قوم پنهنجو شاندار تهذيبي ورثو به وڃائي ويهي ۽ اُها سياست جنهن مٿان چند موقعي پرست سياسي مافيائن جو قبضو آهي. سا سياست سنڌ جي سرزمين کي ڪنهن حملا آور جي حملي کان به وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏي. پر سائين جي ايم سيد جي سياسي سرگرمين تي پابندين هُئڻ سبب هُن 1966ع ۾ “بزمِ صوفياءِ سنڌ” جو قيام عمل ۾ آندو. جنهن پليٽ فارم تان صوفياڻي راڳ رنگ کانسواءِ سنڌي قوم سان پنهنجي سياسي رشتي ۽ سلسلي کي بحال رکڻ خاطر شعوري جاڳرتا واري عمل کي سرگرم رکيو. شاهه سائين جي ڪلام سميت سنڌ جي سمورن صوفي بُزرگن جي وطن دوست ڪردار کي پنهنجي تقريرن جو موضوع بڻائي سنڌي ماڻهن کي سجاڳيءَ واري واٽ رستي منظم ڪندو رهيو. پر ايوبي آمريت سيد جي اهڙي پروگرام کي به پاپ سمجهي سيد جي سرگرمين مٿان بندش وجهي کيس 1967ع ۾ قيد ڪري ڇڏيو. پر ايوبي آمريت جي پُڄاڻيءَ سان يحيى خان اقتدار سنڀالي ويهي رهيو. جيڪو به ايوبي آمريت جو تسلسل هو. ليڪن سيد 1969ع ۾ ٿورڙي عرصي لاءِ آزاد ٿيو ته “سنڌ يونائٽيڊ فرنٽ” قائم ڪري سياسي سرگرمين جي شروعات ڪيائين ته ٻيهر 1970ع ۾ کيس سندس ڳوٺ سن ۾ نظربند ڪيو ويو. پر 1971ع ۾ يحيى خان جي اوڀر پاڪستان مٿان “سرچ لائيٽ آپريشن” ۾ ناڪاميءَ ۽ بنگلاديش جي نئين مُلڪ طور دُنيا ۾ اک کولڻ سان ئي يحيى خان اقتدار ذوالفقار ڀُٽي جي حوالي ڪري هليو ويو. جڏهن ته مسٽر ڀُٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان سائين جي ايم سيد جي نظر بندي ختم ته ڪئي وئي. پر اُها نظربنديءَ مان آزادي به عارضي ثابت ٿي. سائين جي ايم سيد جي سنڌ پرست موقف رکڻ سبب ۽ سنڌ جي خودمختياريءَ جو مُطالبو خود ڀُٽي صاحب جي سرڪار جي برداشت کان به ٻاهر بڻجي پيو ۽ سائين جي ايم سيد کي 1972ع ۾ قيد ڪيو ويو. چند مهينن کان پوءِ آزاد ڪري وري سندس سياسي سرگرمين سبب کيس ٻيهر نظربند ڪيو ويو. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد، مُلڪ جي قيام خاطر پهرين قرارداد سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي هُئي. جيڪو هِن مُلڪ جي بانين مان ڳڻيو ويندو رهيو. سو پنهنجي سياسي سچائيءَ جي بينر کولي بيهڻ جي ڏوهه ۾ پُوري زندگي قيد ۽ نظربندين هيٺ رهيو. جيڪو پنهنجي قيد ۽ نظربندين سبب هن مُلڪ جو منڊيلا قرار ڏنو ويو. جنهن قيد ۾ به ڀٽائيءَ جون اُهي سِٽون ياد رکيون ته: “سَکَر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾”... اُهو قيد سيد جي سڄي زندگي پيڇو ڪندو رهيو. پر سيد کي پنهنجي قيد تي پڇتاءُ نه هو. سنڌ جي هِن سُقراط سچ خاطر زهر جو پيالو پِي هن دُنيا کي الوداع ڪرڻ پنهنجي توهين سمجهي ۽ هر پل سچ خاطر زهر جو پيالو سيد جو مُنتظر رهيو. هُو جنهن پنهنجي حياتي سنڌ جي عشق جي ڏوهه ۾ قيدي بڻجي ڪاٽي. هُو جيڪو سڄي ڄمار سياست ۾ سرگرم ڪردار جي علامت بڻيل رهيو. تنهن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو نِچوڙ ان نتيجي سان ڪڍيو ته: “جيسيتائين قومون پنهنجا مالڪاڻا حق حاصل نٿيون ڪن، تيستائين اُنهن جي خوشحالي ممڪن ٿي نٿي سگهي.” ۽ اِهو پڻ واضع ڪيائين ته: “سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل سنڌ جي سياسي ۽ قومي آزاديءَ ۾ آهي.” ۽ پوءِ 1972ع ۾ جڏهن هُن “جيئي سنڌ محاذ” جي صورت ۾ هڪ نئين سياسي پارٽيءَ جو اعلان ڪيو. تڏهن اُن اعلان جي موٽ کيس سنڌ جي اڻموٽ جوانين ڏني هُئي. اُها جواني جيڪا “دارا شڪوه” کان وڌيڪ حسين ۽ مجزوب هُئي. اُهي نوجوان جيڪي اُن پوڙهي عاشق سان رُڳو مُحبت ئي نه ڪندا هُئا، پر عقيدي جي حد تائين عشق ڪندا هُئا. سنڌ ۾ اڄ به سيد جا مُخالف سيد جي فڪري رستي کي سيد جي جلدبازي سمجهندا آهن. ليڪن اِهو هن مُلڪ جي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته سياسي مافيائون “نئين سنڌ” جي قيام لاءِ سنجيدهه ناهن ۽ نه ئي سنڌ اُنهن جي سياسي ايجنڊا جو ڪڏهن حصو رهي آهي. ڇاڪاڻ ته اقتدار جي حاصلات لاءِ سنڌ جي ڦُرلُٽ جهڙيون قيمتون ادا ڪيون وڃن ٿيون. ڪنهن چواڻي ته: “سنڌ هيروئن آهي، جنهن استعمال ڪئي، سو ختم ٿي ويو ۽ جنهن ڪاروبار ڪيو سو امير بڻجي ويو.” پر سيد لاءِ سنڌ ازل کان عشق هُئي. اهڙو عشق جيڪو بي ڪناره بحر بڻيل هو. اهڙو عشق جنهن جي ڪا پُڄاڻي نه هُئي. سيد پنهنجي سياسي فڪر ۾ فتح لاءِ ئي نه پر هُو فتح ۽ شڪست کان بالاتر بڻجي پنهنجي نظرياتي موقف تي پهاڙ بڻجي بيٺل رهيو. هِن مُلڪ جي سياسي ٿيئٽر ۾ جتي هرڪو پنهنجي ڪُرسي بچائڻ جي ڪاروبار ۾ رُڌل آهي. اُتي سيد جي سياست اهڙي سنگتراشيءَ جهڙي هُئي، جنهن سان پٿرن مان هڪ خوبصورت جسم جي تخليق جُڙڻي هُئي. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي پوين سالن ۾ سوويت يونين جو زوال اکين سان ڏٺو ۽ برلن جي ديوار کي ڀُرندي محسوس ڪيو هو. جنهن جي نعري کان اقتدار تي ويٺل حُڪمران سدائين چِڙيل رهيا. هُو جيڪو ڪنهن کي ڪيرائڻ ۽ ڪامياب ڪرائڻ واري ڪاروبار جو حصو نه رهيو. ليڪن هُن جي نعري کي ڪارڊ طور استعمال ڪري ڪيترين پارٽين جا اڳواڻ حُڪمرانيءَ جا حق حاصل ڪندا رهيا. اُهو جنهن پنهنجي نعري سبب سڄي ڄمار قيد ڪاٽيا ۽ صعوبتون سَٺيون، اڄ اُن جي نعري جو استعمال عام جام آهي ۽ جنهن نعري تي اقتدار جي حاصلات لاءِ بارگيننگ معمول بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته “سنڌ ڪارڊ” دراصل “جي ايم سيد” ڪارڊ ئي آهي. هُو جنهن سنڌ جي نالي کي سياسي ڪاروبار ۾ استعمال ڪرڻ ڪبيرو گُناهه سمجهيو. ڇاڪاڻ ته هُن لاءِ سنڌ ڪنهن ڪارڊ جو نالو نه هُئي ۽ نه ئي هُن لاءِ سنڌ ڪوئي واپار جو وکر هُئي، هُن لاءِ سنڌ هڪ محبوب تصور ۽ انوکو عشق هُئي. سيد جي دل جو مندر به اُن عشق جي ڏيئي سان هميشه روشن رهيو. ليڪن جن جا اندر ڪارا هُئا اُنهن سيد جي محبوب سنڌ جا سودا ڪيا. اُهي هار تي هِرکڻ وارا عاشق هُئا، جن جي سياست دُنيا جو دُڪان رهي. سي سنڌ سان سيد جي مُحبت واري ميخ کي سمجهي نه سگهيا.
    اڄ جڏهن سن ڏانهن ويندڙ قافلا اُن ڪتاب جهڙي قبر مٿان بيهي، نِڙين ۾ اٽڪي پيل سُڏڪن کي روڪي کيس ياد ڪندا، تڏهن اُهو عاشق کين ضرور ياد ايندو، جنهن جي دل مُلڪن جيڏي موڪري هُئي. جنهن جي سوچ عظيم آدرشن وانگر اُوچي هُئي. جنهن جي سرڪش سياست کي ڪا صيهوني سوچ جُهڪائي نه سگهي. جُهڪي اُهي سگهندا آهن، جن جون دليون ڪمزور هونديون آهن، ليڪن هُو ته بغاوت جي باهه جو اهڙو بُت هو، جنهن کي جُهڪائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هُئي. هيمنگوي جي ناول The old man” and the sea” ۾ لکيل اُهي سِٽون سيد کي سمجهڻ لاءِ ڪيتريون نه سوليون آهن.A man can be destroyed but not defeated(هڪ ماڻهوءَ کي ختم ته ڪري سگهجي ٿو، پر شڪست ڏئي نٿي سگهجي) ائين ئي سائين جي ايم سيد سڄي ڄمار سرڪاري بندشن، قيد ۽ نظر بندين ۾ گُذاري پر شڪست قبول نه ڪئي. هُو جيڪو پنهنجي غلطين جو اعتراف لِکت ۾ ڪندو هو. جيڪو پنهنجي سياسي زندگي ۾ موت کان پوءِ به کُليل ڪتاب بڻيل رهيو. جنهن کي ڪڏهن به ڪورٽ سڳوريءَ بيان وٺڻ لاءِ پاڻ وٽ نه گُهرايو. تاريخ ۾ هميشه ائين ٿيندو رهيو آهي ته سمورن باغي انسانن کي سزائون ٻُڌايون ويون آهن. “ڪنگ رچرڊ 2” هٿان “والٽئر” جو قتل هُجي يا جرمنيءَ جي زندهه ساڙيل “روهرباڪ” يا “سقراط” هُجي يا “اسپارٽيڪس” يا اورنگزيب هٿان “سرمد” شهيد هُجي يا بغداد جي چونڪ تي “حسين بن منصور” جي سنگساري هُجي. ليڪن سڀني باغين کي پنهنجي دور جي ججن جي فتوا ٻُڌڻي پئي هُئي ۽ پوءِ کين تجويز ٿيل سزائون ڏنيون ويون هُيون. ليڪن سيد پنهنجي پڇاڙڪن ڏينهن تائين به عدالتي بيان ڏيڻ لاءِ آتو رهيو. پر هُن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪو به جج تيار نه هو. هُو جيڪو پنهنجي پوئلڳن کي ڪنهن آسري ۾ نه رکندو هو. جنهن جي رستي تي هلڻ وارن کي خبر هُئي ته کين روزگار مِلي نه سگهندو نه ئي کين ڪو ٺيڪو يا بدلين جا آرڊر مِلي سگهندا. پرکين رُڳو رِڻ جو پنڌ ۽ ڏُکن جا ڏونگر پار ڪرڻا آهن. پوءِ به ماڻهو هُن سان پيار ڪندا هُئا. هُو ڪنهن کي به ڪو ڪُوڙو آسرو نه ڏيندو هو، نه ئي کين پنهنجي پويان هلڻ تي مجبور ڪندو هو. پر پوءِ به سڄي سنڌ کان نوجوانن جا قافلا اُن سن پاسي سُرڪي ايندا هُئا. ڄڻ سن اُنهن جي آٿت هُجي. هُو هر بار پنهنجي ورڪرن کي سمجهائيندو هو ته: هي سفر سولو ناهي. پُلصراط جو پنڌ آهي.
    “مونسين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.” (شاهه).
    پر جن کي جيءُ مٺو نه هوندو هو، سي سيد جي فڪري رستي واري واٽ وٺڻ تي فخر محسوس ڪندا هُئا. اڄ جڏهن هِن مُلڪ سميت سڄو ايشيا ۽ آفريڪا جُنوني جهادين کان ڪنبي رهيو آهي. جنهن جي لهر هاڻ يورپ ۾ به پنهنجي ڀيانڪ صورت سان لٿي آهي. فرانس، پيرس ۽ جرمنيءَ سميت اڪثر مُلڪ انتها پسند جهادين جي نشاني تي اچي ويا آهن. تڏهن سيد جا لکيل ڪتاب دُنيا جي پرڏيهي وزارتن ۾ ويٺل اُن ٿنڪ ٽينڪ کي ضرور پڙهڻ گُهرجن، جيڪا ٿِنڪ ٽينڪ ماضيءَ جي پاپ جهڙين پرڏيهي پاليسين تي پڇتائي رهي آهي. پر ڇا اِهو سچ ناهي ته چار ڏهاڪا پهرين سيد جيڪي سياسي تجزيا ڪيا، اڄ تجربي جي صورت ۾ سامهون ڏسي رهيا آهيون. اِها ئي سيد جي وڏي عظمت آهي. اڄ به جڏهن هوائون وار کولي سيد جي ڪتابن جا پنا اُٿلائين ٿيون، تڏهن ساهن جي سِتار وڄڻ لڳي ٿي ۽ سيد پنهنجي ڪتابن ۾ روشنيءَ جو مينار بڻجي چمڪڻ لڳي ٿو. ڪاش! سيد جي ڪتابن جي سگهه سنڌي ماڻهو سمجهي سگهن...!!!


    مين تان کوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي....!!

    جن ڏهاڙن ۾ اسان جي ايم سيد جي جواني ڏٺي هُئي، تڏهن ويل چيئر تي هلندڙ هڏڙين مُٺ اهڙي تند هُئي جيڪا تلوار کان به تِکي هُئي. هُو اهڙي پناهه وانگر هو جو ڪيترا ئي ٻارڙا پنهنجي ماءُ جي گرم گود به وساري اُن پوڙهي جي پيار جا قيدي بڻجي ويندا هُئا. جيڪو کين شعور جي اهڙي روشن واٽ جو ڏس ڏيندو هو، جنهن واٽ جا مسافر، منزل ماڻڻ لاءِ پنهنجي جوانيءَ جا ڏهاڙا تتل رڻ جي سفر ۾ طئي ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا هُئا. اسان 80ع جي ڏهاڪي جا اُهي عاشق به ڏٺا جيڪي سيد جي سِڪ ۾ سن کي سياسي ڪعبي طور قبول ڪرڻ کان پوءِ سياسي قبلا تبديل ڪرڻ واري ڪلچر جو مرڻ گهڙيءَ تائين حصو نه بڻيا. جتان سنڌپرست فڪر جي واٽ تي عقيدت جون اکيون ايتريون انڌيون نه ٿيون هُيون جو شخصي نعريبازيءَ جي راهه تي نظرياتي سياست جا بينر ويڙهجي وڃن. سيد سنڌ جو واحد جُهونو سياستدان هو جنهن جا سمورا عاشق اُهي نوجوان هُئا، جيڪي سيد ۽ سنڌ تان پنهنجي ڪنڌ جي قيمت کي خسيس سودو سمجهندا هُئا. هي اُهو دور هو جنهن دور ۾ قومپرست سياست جڏهن شخصي نعريبازيءَ پاسي وڌڻ لڳي هُئي ته سيد جي سنجيدهه چهري تي مُرڪ اچي ويندي هُئي. پر اُن مُرڪ جي پويان به خاموشيءَ جي رِڻ جهڙي اٿاهه اداسي هوندي هُئي. جنهن مان محسوس ٿيندو هو ته سيد شخصيت پرستيءَ جي بيماريءَ کان ڪيترو نه بيزار آهي؟!هُو چاهي ها ته شيخ مجيب سميت پاڪستان جي سموري اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ ڪري ها. هُو چاهي ها ته سنڌ حڪومت ۾ هميشه لاءِ پنهنجو حصو رکي پئي سگهيو. جڏهن کيس ان اکر تان هٿ کڻائڻ لاءِ لالچن جا لالي پاپ آڇيا پئي ويا، جنهن لاءِ يونان جي ناول نگار ڪازانت زاڪس لکيو آهي ته “آزادي” اهو لفظ مان ڏنگين ۾ ائين ٿو رکان جيئن هڪ وحشي سانَ کي سڱن کان پڪڙي جهلبو آهي. پر هُن کي ان لفظ سان عشق هو. هن ان لفظ تان دستبردار ٿيڻ وارو اوڇو ڪم نه ڪيو. هُن ائين ان ڪري به نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سموري سياسي قيادت وٽ آجپو ته پري جي ڳالهه آهي پر سنڌ کي معمولي خودمختياري ڏيڻ جيترو به اختيار نه هو.جنهن وقت هُن اها ڳالهه سمجهي ورتي ته جنهن واعدي تي اسان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ جنهن صبح جي آسري تي سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو پيو هو. اُها صبح ته اڃان پري آهي. تڏهن کان سيد پنهنجي سياسي رستي جو تعين ڪري ورتو ۽ مسلم ليگ کان ڌار ٿي سنڌ جي آجپي خاطر ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جي شروعات ڪئي. جيڪي سرگرميون مختلف مرحلن مان گُذري جيئي سنڌ تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويون ۽ سيد مڪمل طور سياسي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سن کي سياسي مرڪز بڻائي سرگرم ٿي ويو.
    ڪڏهن ڪڏهن حالتن جا رُخ مَٽجي ويندا آهن. اُهو سيد جيڪو هميشه شخصيت پرستي جو مخالف رهيو. جيڪو سنڌ کان مٿانهون ڪنهن به نظريي ۽ عقيدي کي قومي گُناهه سمجهندو هو، سو هميشه ان سوچ جو حامي هو ته سنڌ کان مٿانهين ڪا به شخصيت ناهي ٿيندي. وطن هميشه شخصيتون پئدا ڪندا آهن پر شخصيتون وطنن کي ڄڻي ناهن سگهنديون. ها ڪنهن شخصيت جي وطن جي آجپي لاءِ جدوجهد ڳڻي سگهجي ٿي ۽ قومي غلاميءَ خلاف ڪردار تاريخ جي سونهري تحرير بڻجي سگهي ٿو. پر وطن کان مٿي شخصيتون ناهن ٿينديون. اها الڳ ڳالهه آهي ته اڳتي هلي سيد جي زندگيءَ جو نصاب به اهڙي سياسي شخصيت پرستيءَ کان سندس سياسي نظريي جي واٽ تي هلندڙ پارٽيءَ کي به بچائي نه سگهيو ۽ اُها پارٽي به شخصيت پرستيءَ جي طوفان ۾ اهڙي ڪمزور ٻيڙي بڻجي ڪُنن ۾ ڦاسي پئي جو اڃان تائين نڪري ناهي سگهي. جنهن جي فڪري واٽ تي هلندڙ تنظيم ڪيترن ڌڙن جو شڪار بڻجي وئي ۽ جنهن کي جوڙڻ لاءِ نظرياتي ۽ فڪري هڪجهڙائيءَ وارا خيال به گڏائي نه سگهيا. سيد جي فڪر سان سلهاڙيل سمورن ڌڙن جا ڌار ڌار دليل ٻُڌي، مونکي شولوخوف جون اُهي سٽون ياد اينديون آهن. جيڪي هُن پنهنجي آتم ڪٿا On the beatings of my hearts ۾ بيان ڪيون آهن: “اوهان نوجوانن کي ائين سيکاريو جيئن عقاب پنهنجي ٻچن کي اُڏرڻ سيکاريندو آهي. عقاب جڏهن ڏسندو آهي ته هُن جي ٻچڙن جا پَر هوائن ۾ رستو ٺاهڻ جهڙا ٿي ويا آهن. تڏهن هو اُنهن کي آسمان جي بُلندين تي کڻي ويندو آهي ۽ پوءِ کين نيرين وُسعتن ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. انهن جو فقط ايترو خيال رکندو آهي، ته جيئن هُن جي ٻچڙن جون ڪَچڙيون کنڀڙاٽيون ٽُٽي نه پون.” مان اڪثر شولوخوف جي انهن سٽن تي سوچيندو آهيان ته سيد جو وڇوڙو به اُن وقت ٿيو جڏهن هُن جي ٻارڙن جي سياسي سمجهه جون کنڀڙاٽيون ڪَچيون هيون. جن سنڌ جي قومي تحريڪ جي نيري آسمان تان اُڏار ڪرڻ وقت ئي پنهنجون کنڀڙاٽيون ٽوڙائي وڌيون.!!!
    سن جو صوفي سيد جنهن مُسلسل پنهنجي زندگي خوشحال سنڌ جي خوابن ۾ گذاري، جنهن ائين ڪڏهن به نه سوچيو هو، ته سندس فڪر ترميم پسنديءَ جي تيلين سان ساڙي تباهه ڪيو ويندو. ان حد تائين جو سن ۾ سندس سالگرهه يا ورسي تي وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جا اصل عنوان به غائب ڪيا ويندا. هوته سنڌ جي سياست ۾اهڙو ڪُراڙو ڪردار هو، جنهن سينواريل سياست ۾ پنهنجي دامن کي هميشه داغ کان بچائي رکيو. جنهن وٽ ڪاروباري سياست جي نالي سوني جهرڪيءَ جهڙا محاورا، معمولي ڳالهه هُئا. جيڪو اهنسا ۾ ايمان رکندو هو پر گانڌيءَ وانگر اهنسا کي عقيدو نه سمجهندو هو. هو جڏهن هن دُنيا جي دروازن تي آخري نظر وجهي الوداع چئي رهيو هو، تڏهن به تصور ۾ پنهنجي محبوب سنڌ کي اُن فارسي شعر ۾ مخاطب هو ته :
    به جُرمِ عشق تُو، اُمِ کُشند گوگا اِست
    تُو نِيز برسرِ بام، آکِ خوش تماشاءِ است

    معنى: ) تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾، مونکي ڪُهن ٿا، وڏو هُل متل آهي،
    تون به ماڙي تي چڙهي ڏس ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي؟؟!!!)
    سنڌ جي سياست هر دور ۾ بُهتانن جي بازار بڻيل رهي آهي. پر سيد سنڌ جي سياست ۾ اهڙو انوکو ڪردار هو. جنهن جو دامن هميشه کير وانگر اُجرو رهيو. جنهن جا نقاد به جڏهن هُن جي سامهون ايندا هُئا ته سيد جي انسان دوستي، مهمان نوازي، پيار ۽ پنهنجائپ ڏسي شرمائجي ويندا هُئا. هُو جنهن ڪڏهن به پاڻ تي ٿيل ڪڙين تنقيدن جي ترديد نه ڪئي. هُن ڪڏهن به ڪنهن کي طنز ڀريا طعنا نه ڏنا، بس سنڌ جي قومي آجپي واري رستي تي رمندو رهيو. اُن سِٽ وانگر ته: “اوهندي او جاني، سانڪون اپڻي ريت نڀاوڻ ڏي” ۽ ريت نڀائڻ خاطر هُن جيل ڪاٽيا، نظربنديون سَٺيون. اهڙي ڪهڙي مصيبت هُئي جيڪا هُن جي حصي ۾ نه آئي؟ اهڙين ڪهڙين پيڙائن جا پهاڙ هُئا جيڪي هُن تي نه ڪِريا؟؟!! پر هُو صبر ۽ تحمل جي ڍنڍ جو اهڙو اُجرو هنج هو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي ڪنولن جهڙي ڪُومل دل کي نفرتن سان ميرو نه ڪيو. جيڪو مسلسل سرڪاري عتاب جي نشاني تي رهيو. پر پنهنجي دل جا سور جَڳ سان سلڻ جهڙا نه سمجهي، ڪتابن جي دنيا کي آباد ڪيائين، اُها دنيا جنهن سنڌ جي سياسي منظر کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جيڪا ذاتين ۽ قبيلن کي قوم تصور ڪندي هُئي سا پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي ۽ قوميت جي تصور جي ويجهو آئي. هن ڪڏهن به جيلن جي اڪيلاين ۽ نظربندين کي سياسي هٿيار طور استعمال نه ڪيو نه ئي ڪڏهن، ڪنهن کي پنهنجي پيرن جي ترين جون تصويرون ڏيکاري سياسي سودا ڪيا. اُها غلام محمد گراميءَ جي عظمت واري اک هُئي جنهن سيد جي سياست کي سمجهندي چيو ته هو ته: “سيد سنڌ آهي.....!” ائين جيئن ڊيگال چيو هو ته سارتر پوري فرانس آهي.
    جيڪڏهن صوفين جي سبق کي سمجهجي ته ڪڏهن ڪڏهن محبتن جا مرحلا، عشق جون رمزون اُن سطع تي پهچي وينديون آهن جو منصور کي اناالحق جو آواز الاپڻو پوندو آهي ۽ سولي اُن جي سيج بڻجي ويندي آهي سرمد سنگسار ڪيو ويندو آهي. هي سن جو سياسي صوفي مجذوبيءَ جي اهڙي معراج تي پهتل هو، عشق جي اهڙي منزل جي لاحد ڪيفيت تي رسيل هو. جتي هو خود “سنڌ” بڻجي ويو هو. عشق جي اهڙي منزل فقط سيد محمد شاهه سنائيءَ جي پُٽ جي حصي ۾ آئي هُئي جنهن جو نالو سيد غلام مرتضى شاهه هو.
    پر اها به هڪ انوکي حقيقت آهي ته جيڪڏهن سيد رڳو سياستدان ئي هُجي ها ته شايد، سياستدان جي دل ۽ دماغ سان ئي سوچي ها، ۽ پنهنجي ڪيل غلطين کي ڪتابي شڪل ۾ لکي اهو اعتراف نه ڪري ها ته هُن سياسي طور غلطيون به ڪيون آهن. جن جي سزا کيس ملي رهي آهي. پر هُو پنهنجي سياسي غلطين جو اعتراف به ڪندو رهيو ۽ پڇتائيندو به رهيو. هُو ته سنڌ جو صوفي عاشق هو، اهڙو عاشق جيڪو محبت ۾ رُڳو ڏيڻ ڄاڻيندو آهي وٺڻ اُن جو وڙ ناهي هوندو. جي ايم سيد به محبت جي اهڙي معراج واري منزل تي هو جنهن وٽ سنڌ محبوبه هُئي، ڪو واپار وارو وکر نه هُئي. جنهن کي پنهنجي سياسي سفر ۾ استعمال ڪندو رهجي. هُن ته سنڌ ڪارڊ نالي سياست وارو واپار سِکيو ئي نه هو. اهڙي سياست ته فقط اُهي سياسي صوفي ئي ڪري سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي محڪوم ماڻهن ۽ وطن خاطر ديبل جو دور ته دُهرائي سگهن ٿا پر ڌرتيءَ جي مِٽيءَ تي سياسي سودا ڪري نٿا سگهن. سيد، سنڌ جي سياست ۾ اهڙو ئي صوفي ڪردار هو ۽ تصوف جي سڄي تاريخ شاهد آهي ته صوفي ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ جا طرفدار ناهن رهيا. انڪار تي آيا آهن ته حڪمرانن اڳيان معافي وٺڻ بجاءِ پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي شهيد ٿي ويا آهن. پر حق ۽ سچ تان تِر جيترو به ناهن هٽيا. سو سيد جي سياست عشق واري سياست هُئي جتي عقل جي حاجت جا هٿ وڍيل هُئا. عقلمند ماڻهو عاشقيءَ جي رمزن جا راز سمجهي ناهن سگهندا. سيد به سنڌ سان عشق جو رشتو ڳنڍيو هو. جيڪو رشتو عقلمند سياستدانن جي سمجهه کان مٿي هو.
    اڄ سڄي سنڌ مان نوجوانن جا قافلا، سن جي اُن سيد جي سالگرهه ۾ اچڻ لاءِ نظمن جهڙا نعرا هڻندي، پهتا آهن. جيڪو سيد انهن جي مايوس چَهرن ۽ ٿڪل جسمن کي ستارن جهڙين اکين سان مُرڪي ڏسندو هو ته انهن جي اندر ۾ سوين سارنگ ڇڙي پوندا هُئا. اڄ اُهي نوجوان ساڳئي سن ڏانهن واپس ٿيا آهن پر سيد کانسواءِ هُو ائين محسوس ڪن ٿا ڄڻ هُو پنهنجي دل جي ديس ۾ ئي جلاوطن هُجن. جن جو دنيا ۾ ڄڻ ڪجهه به نه هُجي. ڄڻ هُو هٿن ۾ ڪو ڪشڪول کڻي هر دل جو در کڙڪائي پيار ڪَڻا پني رهيا هُجن. دل جي دنيا ۾ جلاوطنيون کڻي جيئندڙ هي نسل به وڃائجي ويل ٻار وانگر لڳي رهيو آهي. جيڪو پنهنجي دل ڪَنڊن تي ڪيرائي سيد جي سيرانديءَ کان بيهي سوچي ٿو ته ڇا سيد جي صبوح وارو خواب دوزخ جهڙي ديس ۾ ساڀيان ڪڏهن ٿيندو؟ ڪڏهن چانڊوڪي هن ديس جي گهٽين مٿان مهربان ٿيندي؟ ڇو ته شخصيت پرستيءَ پاسي ويندڙ رستن ۾ سيد جو فلسفو هاڻ حسرتن جي اکين ۾ چُڀندڙ شيشن وانگر بڻجي ويو آهي. جتي هام هڻڻ ته آسان آهي پر سنجيدگيءَ جي پيرن جون تريون ئي زخمي ٿيل آهن.
    “سيد کان پوءِ قومي تحريڪ جو وڏو الميو ڪهڙو آهي؟” قومي تحريڪ جو هڪ ورڪر پُڇي رهيو هو. “ڇا اهو الميو گهٽ آهي ته سيد هاڻ هڪ بينر بڻجي ويو آهي...!؟ هڪ جلسو بڻجي ويو آهي....!؟ هڪ اسٽيج ٿي ويو آهي....!؟ هڪ تقرير بڻجي ويو آهي...!؟ سيد جي آجپي جو خواب پارٽي ڊسيپلين ۾ پُورجي ويو آهي... اِهو الميو آهي.” هڪ قومپرست شاعر چوي ٿو...! الميو ته اهو به آهي جو جيڪو سيد ٽوڙهي ڦاٽڪ جي نوجوانن جي شهادت جو ٻُڌي اوڇنگارون ڏئي رُنو هو ۽ جنهن پنهنجي اوطاق کي تڏي ۾ تبديل ڪري تعزيتون وصول ڪيون هُيون. اُن جي وڇوڙي کان پوءِ ٽوڙهي ڪيس جا ڪردار به سيد جي واٽ وساري ويٺا آهن. اُهو سيد جيڪو طويل مُدت تائين درد جا مزا وٺي موڪلاڻيءَ جي رستي جي چونڊ ڪئي. سنڌ ۾ نوجوانن جي شهادتن جي حادثن واري پيڙا، پوڙهائپ تائين به هُن جو پيڇو ڪندي رهي. ڪازانت زاڪس لکيو آهي ته: ”عظمت اِن ۾ ناهي ته هڪ جهٽڪي سان سمورو رت ڏئي شهيد ٿي وڃجي. پر اُهي ماڻهو عظيم آهن جيڪي قسطن ۾ مرڻ جو مزو وٺن ٿا.“ سو سيد به اسان کان آهستي آهستي موڪلايو..... مزو وٺي موڪلايو..... زندگيءَ جي شيشن تي اگهاڙين پيرين رقص ڪندي موڪلايو.... سڀ عاشق ائين موڪلائيندا آهن. اها عاشقن جي ازلي رسم آهي...! اسان رڳو ڏسندا رهجي ويندا آهيون. دنيا جي عاشقن جي حصي ۾ آيل سموريون موڪلاڻيون ائين قسطن ۾ ئي ٿيون آهن. اسان رڳو پنهنجي انڌن سُڏڪن سان محبتن جا مرثيا ڳائيندي رهجي ويندا آهيون.
    سياست جي روايتي راند ۾ جنهن جا بنياد واريءَ جي ڍيرن تي بيٺل هوندا آهن. اُتي سيد جي سياست جا بنياد سِيهي جي ديوار وانگر اهڙا مضبوط هُئا جن کي ڊاهڻ، وقت جي منات ۽ عُظى جي وس جي ڳالهه نه هئي. سيد پنهنجي پوري حياتيءَ جو فڪري پورهيو اُن پارٽيءَ جي حوالي ڪيو جيڪا پارٽي ستن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي ۽ جيئي سنڌ هلچل ۾ هن وقت ڪو به اهڙو ڌڙو ناهي جيڪو اها دعوى ڪري سگهي ته هُو باقي ڌڙن جي مُقابلي ۾ اڪثريتي پوزيشن ۾ آهي. ڇا سيد جي فڪري پورهئي جون دعويدار ڌريون اها دعوى ڪري سگهن ٿيون ته انهن جا بنياد به سيد جي سياست وانگر مضبوط ديوار وانگر آهن؟ اُهو سيد جنهن پنهنجي سياسي ابتدا معصوم ٻارڙن جي ترين مان نڪتل آڱرين جيترن ٿورڙن نوجوانن کان ڪئي هُئي. جنهن کي ٿورڙن ئي نوجوانن جي اهڙي حلقي قبول ڪيو هو. جيڪي سِر ترين تي رکي سيد جا سپاهي بڻجي هلندا هُئا. جيڪي سيد جي ڪردار ۽ اخلاق جا عاشق هوندا هُئا. پر اڳتي هلي ڪيترائي نوجوان به سيد سان سياست جي روايتي راند ۾ بهانا ڪري جُدا ٿي ويا ۽ سياسي سمجهوتن جي دنيا آباد ڪيائون. پر هُو اهڙو پهڻ هو جيڪو پِڙ تان نه چُريو. هن ڪڏهن به بي وفائين جا حساب نه رکيا. هو پنهنجي نظريي ۽ فڪر تي آخر تائين قائم رهيو. اُن سيد جي زندگيءَ جو باب بند ناهي ٿيو. هُن جي فڪر جي خوشبو سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي. ڇاڪاڻ ته سائين جي ايم سيد، سنڌ سان سياست وارو رشتو نه رکيو هو. سياست وارا سلسلا کُٽي پوندا آهن. انهن جي پُڄاڻي ممڪن هوندي آهي پر عشق جا سلسلا عميق هوندا آهن جن جي ڪا منزل ناهي هوندي. سيد جو رستو به وحدانيت جي وهندڙ اهڙي نديءَ وانگر آهي، جيڪا هر پل هر گهڙي نئين آهي. جيڪا نئين نينهن جي نشي وانگر هميشه حواسن تي ڇانيل رهي ٿي. سيد سياست جي دنيا ۾ هڪ صوفي خيال هو هڪ اهڙو آدرش هو جنهن جو ڳانڍاپو ذات جي شعور سان آهي. سچل سائين جي انهن سٽن وانگرته:
    مين تان کوئي خيال هان
    ملسان نال خيال دي

    ڇا جي ايم سيد به ڪو خيال هو؟ ڪو اهڙو خيال جنهن کي خيالن ۽ آدرشن ۾ ڳولي سگهجي ٿو؟ خيال جيڪي مرندا ناهن. مرندا ته فقط ماڻهو آهن. ماڻهن جا لاش ماڻهن جي ڪُلهن تي کنيا ويندا آهن. پر خيالن جا جنازا ناهن ٿيندا. اُهي ته گرم لُڙڪ بڻجي اکين مان اوتجي ايندا آهن. ڪنهن سُڏڪي جي صورت ۾ نڙين ۾ اٽڪي پوندا آهن. جي ايم سيد به سنڌ جي ساهه جو هڪ سڏڪو هو.


    عبدالواحد آريسر 1949-2015

    آريسر صاحب جيئي سنڌ تحريڪ جي اهم اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو طبيعت جو سادو ۽ پُراثر شخصيت جو مالڪ هو.سيد جي وڇوڙي کان پوءِ هُو جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين پڻ رهيو. آريسر صاحب سيد جي فڪر جو پرچارڪ ۽ نظرياتي طور انتهائي قابل شخصيت جو مالڪ هو. جنهن کي سائين جي ايم سيد “سنڌ جو ابولڪلام آزاد” جو لقب ڏنو هو. هن سنڌ ۾ شعوري جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِ سياست، ادب ۽ تاريخ تي 30 کان مٿي ڪتاب لکيا.



    I am Love monk
    With torn umbrella
    Crossing the woods
    (مان ڦاٽل ڇٽيءَ سان اڪيلو ئي فقير آهيان ۽ هڪ جهنگ پار ڪري رهيو آهيان- مائوزيتنگ)


    سنڌ جو ديوداس ۽ شام جا اُداس پاڇا....!!

    اُهو جنهن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات سن کان ڪئي هُئي. تنهن پنهنجي ابتدائي تعليم جا ڏينهن ديوبند جي مدرسي ۾ فارسيءَ جا ڪتاب “گُلستان” ۽ “بوستان” پڙهي گُذاريا هُئا. جنهن جي نصاب ۾ “شيخ سعدي” به شامل هو ته حافظ شيرازي به هُن جي نصاب جو حصو هُئا. جنهن “ديوانِ حافظ” ۽ “خيام” جي خيالن جي پرواز تي پنڌ ڪيا هُئا. جنهن فارسي شعر کي ڪنهن مدرسي جي معلم وانگر محسوس نه ڪيو هو، پر عاشق جي دل ۾ لهي ويندڙ ڇيت وانگر محسوس ڪيو هو. جنهن جڏهن “امير خُسروءَ” جي فارسي شعر جون سِٽون پڙهيون هُيون، جنهن جو مطلب هو ته: “مُحبت جي مريض جو علاج فقط محبوب جي جهلڪ ۾ آهي.” تڏهن هُو، اُن محبوب لاءِ مجذوب بڻجي پيو هو. هُن جو محبوب ڪير هو؟ ڪير هو؟ جيڪو هُن جي اندر ۾ اوتيندڙ مُلائيت واري نصاب اڳيان سيهي جي ديوار بڻجي بيٺل هو. ڪڏهن ڪڏهن تجسس به محبوب سان مِلڻ جو رستو بڻجي ويندو آهي. هُو به تجسس جي گهٽين ۾ گِهڙي پنهنجي محبوب کي ڳوليندو رهيو. ڇا هُو ڪنهن سُرخ رئي ۽ نماڻين نظرن واري ناريءَ جي عشق ۾ مُبتلا هو؟ جي ائين هُجي ها ته شايد هُن لاءِ مسجد جو محراب ڇڏڻ مجبوري نه بڻجي ها. ليڪن هُن جو عشق اُهو خيال هو، اُهو آدرش...!! جنهن لاءِ صوفي شاعرن جون سِٽون آهن ته:
    “مين تان کوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي....!!”
    جيڪو خيال هُن جي دل مٿان لاڙ جي هوائن وانگر لٿو هو ۽ اُتر جي آرهڙ ۾ تندور بڻجي تپيو هو.؟ هُو جيڪو سائين جي ايم سيد جي بندش پيل ڪتابن کي مدرسي جي ڪٻٽن ۾ لِڪائي رکندو هو ۽ جڏهن سڀ خُطابي، ننڊ جي خُمارن ۾ ستارن جي سيج تي حُورن جي هنج ۾ هليا ويندا هُئا. تڏهن هُو اُنهن ڪتابن کي کولي پڙهندو هو ۽ پنهنجي پيرن هيٺان اُن تتل تندور کي محسوس ڪندو هو، جيڪا تپش کيس سُک سان سمهڻ نه ڏيندي هُئي. ڀٽائيءَ جي انهن سِٽن وانگرته:
    کَرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين،
    اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.

    (شاهه سائين)
    ۽ اُن کاهوڙيءَ کي هميشه پنهنجي اُن پنڌ جو اوسيئڙو رهندو هو. جنهن پنڌ لاءِ سيد جو آواز کيس سڏي رهيو هو. جڏهن سائين جي ايم سيد مٿان مُلن پاران مُلحد هُجڻ جون طنز ڀريون تُهمتون لڳايون پئي ويون ۽ سيد خلاف فتوائن جهڙا فِتنا کڙا ٿيڻ شروع ٿيا. تڏهن به هُن سيد مٿان مڙهيل فتوائن خلاف دليلن سان جواب ڏنا هُئا ۽ مُلن جي اهڙين فتوائن خلاف پمفليٽ لکي ورهائيندو رهيو. هُو جيڪو حيدرآباد جي ٻڪرا منڊيءَ ويجهو ڪيتري عرصي تائين مسجد ۾ پيش امام رهيو. جنهن برِصغير جي تمام وڏي عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي معتقد هُجڻ سبب ساڄي ڌُر سان گڏ رهندي به، ڪڏهن ساڄي ڌُر جي سياست جو پاسو نه کنيو. جنهن سنڌ جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سيد جي فڪري رستي کي ئي سنڌ جي آجپي ۽ ڇوٽڪاري جي واٽ سمجهيو. هي اُهو دور هو جڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي سياسي خيالن سبب حُڪومتي عتابن هيٺ رهيو. سيد جي فڪر واري سياست ڪندڙن کي هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ مٿيون سياسي طبقو حقارت سان ڏسندو هو. ائين جيئن آمريڪي فوجي ويٽنامين کي حقارت مان Gook (غليظ) يا Dink (بي وقوف) سڏيندا هُئا. تڏهن سن جي سياسي رستي جي چونڊ ڪا عياشي نه پر امتحان هُئي. هُو جنهن پنهنجي پيش اماميءَ کي الوداع چئي، سن پاسي روانو ٿيو ۽ اُن پنڌ ۾ پنهنجي زخمي پيرن سان عمر جي هِن عليل عرصي ۾ به نڀائيندو رهي ٿو. هُو جنهن پنهنجي ڪتاب “سَر ۾ سانجهيءَ وير” جو انتساب به شاعريءَ جهڙي شڪايت ۾ ڪيو. “اُنهن جي نالي، جيڪي واٽن ۾ ويهي رهيا.!!” پنڌ ڏاڍو پري، آهي پانڌيئڙا..(اياز) اُن انتساب کي پڙهي هُن جي سفر جي اٿاهه ٿَڪ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيڪو ٿَڪ هُن ڪڏهن به محسوس نه ڪرايو. ليڪن مون سنڌ جي هن “ديوداس” کي ڪُجهه موقعن تي اڪيلائيءَ جي رِڻ جهڙو سفر اڪيلي سِر طئي ڪندي ڏٺو آهي. جڏهن به کيس مدهوش حالتن ۾ مُلڪ جي مهربان طاقتن کنڀيو آهي. تڏهن هِن جي حصي ۾ جسماني تشدد کان سواءِ رُڳو نفس جي ذِلتن جهڙين صعوبتن جا پهاڙ آيا. نيلسن منڊيلا، هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: “مون لاءِ جسماني ۽ ذهني تشدد ڪا به معنى نٿا رکن، ليڪن جنهن تشدد ۾ ذِلت جو احساس محسوس ڪيو ويندو آهي، اُهو تشدد ناقابلِ برداشت هوندو آهي.” ليڪن هِن سنڌ جي سفير سڀني اذيتن کي ائين سمجهي سَٺو آهي ته: “غلاميءَ ۽ محروميءَ جهڙي غليظ، دُنيا ۾ ڪا ٻي گار پئدا ئي ناهي ٿي.” اُهو ئي سبب آهي جو هُن لاءِ قيد ۽ صعوبتون بي معنى بڻجي وينديون هُيون. هُو جيڪو پنهنجي ڪمزور جسم مٿان هر طرح جو تشدد برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکندو پئي آيو آهي، جنهن جي ٿُوهر جهڙين اکين ۾ ڪڏهن ماڪ ڦُڙن مهرباني ناهي ڪئي. پر جڏهن سنهڙا، سيپڪڙا، 15 کان 30 سالن جي وِچ واري وَحيءَ وارا نوجوان، سنڌ جي ڪارين راتين ۾ ڪُٺا ويا، تڏهن پنهنجي همسفر سياسي جوانن جا چِچِريل لاش ڏسي، رڙيون ڪري روئڻ لڳو. هُن جون ٿوهر جهڙيون اکيون خود ندي بڻجي وهڻ لڳيون. مان ڪيترا ئي ڀيرا سوچيندو آهيان ڇا انسان! ايترو مضبوط آهي؟ جنهن جون اکيون ماءُ جي وڇوڙي تي به آليون ٿي نه سگهن؟؟؟؟ انسان واقعي مضبوط آهي. ليڪن اندر ۾ اُٿلون کائيندڙ دلين جون نديون ڪڏهن ڪڏهن اکين جو سيلاب بڻجي وينديون آهن. مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته هُو، جيڪو سنڌ جي تاريخ جا حوالا ڏيندي، ارغونن، تُرخانن ۽ مُغلن سان سنڌ جي ويڙهه جي ڪٿا جا تاڪيا کوليندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ سندس آواز جي سرڪشي ڪڏهن به سُڏڪي ۾ بدلجي نه سگهندي. ليڪن سيد جي وڇوڙي وقت هن ديوداس جي دل يتيم بڻجي وئي هُئي، ڄڻ هُو جنهن “پاروءَ” جا پنڌ پُڇندي سيد وٽ پُهتو هو، سا “پارو” ڪنهن ٻئي پار هلي وئي هُجي. سنڌ جي سرڪش دل اُن وقت به ڏکوئجي پئي هُئي، جڏهن باکوڙيءَ ۾ باهه ٻري هُئي، جڏهن رتيديري جون ماڙيون رُنيون هُيون ۽ سنڌ سيد کان پوءِ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو هو، تڏهن به هِن ديوداس جي دل ڀُري پئي هُئي. هُو ته اُن وقت به ڀُري پوندو آهي، جڏهن سنڌ جي رستن مٿان روزانو لاش ائين اُڇلايا ويندا آهن، جيئن نازين هٿان يهودين جا لاش اُڇلايا ويندا هُئا. هُو جنهن کي سياسي مارڪيٽ ۾ وکر ٿي وِڪرو ٿيڻ جون آڇون ٿيون، جنهن کي ڀُٽي صاحب کان وٺي پاڪستان جي ڪيترن سياستدانن اسيمبليءَ ۾ اچڻ جون آڇون ڪيون ۽ وزارتن جون لالچون ڏنيون. پر هُو خليفي نبي بخش جي اِنهن سِٽن وانگر اٽل رهيو ته:
    ”ويا اُڏامي ڪَکَ، پِڙَ تان پَهڻ نه چُري.“
    هُو به پِڙَ جي پهڻ وانگر پَل لاءِ به نه هٽيو. جنهن ڪڏهن به سياسي سوديبازين عيوض عظيم آدرشن کي اوڙاهه ۾ اُڇلائي، اُها واٽ نه ورتي جنهن واٽ تي وڃڻ لاءِ سياستدانن کان سنڌ جي سلامتي ۽ وجود به وِسري ويندو آهي. هُو جيڪو پنهنجي تقريرن جي سحر سان سنڌ جي نوجوانن کي اسير بڻائي ڇڏيندو هو. جنهن سنڌ جي گِهٽيءَ گِهٽيءَ ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سياسي سُجاڳيءَ لاءِ سفر ڪيا هُئا. جنهن ”جُمن دربدر“ سان گڏ، سنڌ ۾ ابتدائي سياسي شعور جي لاٽ ٻارڻ لاءِ سفر ڪيا هُئا ۽ پئسي جي کوٽ وقت پنهنجي انائن جا لباس لاهي، بسن مان پِني پُورت ڪئي هُئي. جنهن ڪڏهن به، سنڌ جي سياسي آجپي واري واٽ کان اکيون ٻُوٽي، اهڙو رستو اختيار نه ڪيو، جيڪو رستو سنڌ جي سياسي وجود جي سلامتيءَ لاءِ خطري جو سبب بڻجي وڃي. مان دعوى سان چوان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي سياسي فڪر ۽ نظرياتي رستي کي هِن ديوداس جهڙي معصوم دل ۽ سياسي منطق جي اِمام مُدبر ۽ مُقرر چاچا حفيظ قريشي ۽ شهيد بشير خان جهڙو سرڪش عوامي سياسي انداز، حصي ۾ نه اچي ها ته، شايد سيد جي سياسي واٽ پاسي وڏي اڪثريت جو جُهڪاءُ ۽ اُن جي حصي ۾ ايتري وڏي مقبوليت اچي نه سگهي ها. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪانگريس کان پوءِ مُسلم ليگ ۽ عوامي ليگ جي وڏن اڳواڻن وٽ سيد جي پنهنجي ذاتي سياسي ساک هُئي. پر 70ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سيد سياسي طور پنهنجي رستي جو تعين ڪري رهيو هو. تڏهن سيد جي سياسي ساٿ ڏيڻ لاءِ، گهڻن سيد سان نڀائڻ جا وچن ڪيا هُئا. ليڪن اُهي سڀ واعدا جَر تي ڦوٽو ثابت ٿيا هُئا. سيد جي سياسي فڪر سان آخري گهڙين تائين جن ساٿ ڏنو، اُنهن ۾ هڪ نالو اُن مولوي عبدالواحد آريسر جو به آهي. جيڪو سنڌ جي عشق ۾ پنهنجي مڪتب مان پِرايل نرسري واري تعليم به وساري ويٺو ۽ شاهه سائينءَ جي ان سِٽ ۾ سمائجي ويو ته:
    صُورت جا ساهَڙَ جي، سا جي ڏٺي آن،
    هوند نه پليو مان، گِهڙو سڀ گهڙا کڻي.

    (شاهه سائين)
    هُن سيد جي فِڪر واري واٽ ۽ سنڌ سان عشق واري پنڌ کي پنهنجي پُوري سچائيءَ سان نڀايو. اُها سياسي واٽ، جيڪا “انڪار” جي واٽ هُئي سرمد جي نفيءَ واري واٽ هُئي. کيس خبر هُئي ته اهڙي سياست کيس اذيتن کانسواءِ ڪُجهه به ڏئي نه سگهندي. ليڪن هُن سنڌ سان وفائيءَ خاطر اُن رستي جي چونڊ ڪئي جتي ذرو ذرو بڻجي جيئڻو هوندو آهي. وِک وِک تي واسينگ وِچڙيل رهندا آهن. جيڪڏهن هِن مُلڪ جي سياسي انداز کي ڏسجي ٿو ته سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ خاطر سياست جا خُواب اکين ۾ سانڍي هلندڙن جا قافلا مجذوبن جا قافلا محسوس ٿين ٿا، ليڪن ڇا اُها مجذوبي سنڌ جي سُتل جذبي کي جاڳائي سگهي ٿي؟ پر اُن جو جواب هُن جي پُرسڪون چهري جي چپن جي مُرڪ ۾ ئي مِلي وڃي ٿو. هُو جيڪو سنڌ جو ديوداس آهي. جنهن جي “پارو” اُها پوڙهي سنڌ آهي. جنهن جي ٻانهن جا چُوڙا به چورايا ويا آهن. جنهن جي ڪاراين جا ڪنگڻ به لاٿا ويا آهن. جنهن جي ڪنن جون واليون به بُکايلن وانگر وياج تي رکيون ويون آهن. جنهن جي قيمتي لباس کي، لينڊ مافيا جي مِلي ڀڳت سان لاٿو ويو آهي. جنهن جي سون جي جُتيءَ کي سياسي عبادتگاهه مان چورايو ويو آهي. سو پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجي سياسي سفر جي سچاين جي ساک کڻي چئي رهيو آهي ته: “ ممڪن آهي سياسي سفر ۾ اسانجي عقل دوکو کاڌو هُجي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سياسي بصيرت ٺوڪر کاڌي هُجي، اهو به امڪان آهي ته اسان سياسي مسئلي جي گهرائيءَ تائين پُهچي نه سگهيا هُجون. پر اي! سکر جا شهر، اي کرڙيءَ جي شهيدن جا مقدس لاشئو، اي ڦاسيءَ جي ٽياس تي هيمون ڪالاڻيءَ جي آخري مُرڪ! اي بکر جي اونداهي کوهه ۾ ارغونن هٿان ڪرندڙ ڌاريجن جي حُب الوطني ۽ اياز جي لازوال شاعري! اوهان سڀ سُهاڳ رات جي گيت وانگر آواز ٿي ساکي رهجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦُڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ ڪنوارن ٿڻن جو تقدس هميشه رهيو آهي. اسان ڪڏهن به مڻيي تي موهجي نه ويا آهيون، اسان ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي آهي، اسان ڪڏهن به استقبالي جُلوسن خاطر سنڌ نه وِساري آهي.” اُهو سانوري سنڌ جو دراوڙ “ديوداس” اڄ بيمار آهي. ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻ هُن جي حياتي هيڊي بڻجي پئي آهي. جڏهن هُو راجپوتانه اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل هو، تڏهن به هُن جي چهري تي سفر جي پيڙا جا پاڇا نظر نه آيا. ليڪن الائي ڇو؟ مون انتهائي ڏُک مان ڌنوءَ (ڌڻي بخش سولنگيءَ) کي چيو: “بيماريءَ جي بستري تي پيل هن ٻار جي پارت اٿو..” هي ٻار رُڳو سائين جي ايم سيد جو فڪري پُٽ ئي ناهي، پر هي ٻار قومي تحريڪ جي سمورن ڪارڪنن جي سياسي تربيت جي حوالي سان اُستاد به آهي. جيڪو علالت جي عجيب گهڙين ۾ سج جي آخري لڪير بڻجي لهي رهيو آهي ۽ شام جي اُداس پاڇن وانگر بڻجي پيو آهي. سيد جي وڇوڙي کان پوءِ، سن جي سايي ۾ ساهه کڻندڙ سمورين پارٽين، پنهنجي گڏيل راءِ سان هُن کي سيد جيترو مانُ ڏئي، مرڪزيت ڏني هُئي. تڏهن به هُن اُن مانَ ۽ شان جو ڀرم ته رکيو. ليڪن هُو سيد جو سچو سپاهي هو. “سيد” نه هو، جيڪو اُن بار کي برداشت ڪري سگهي. ڪنهن به ڪمانڊر جو بار سپاهيءَ جا ڪمزور ڪُلها ڪيئن ٿا کڻي سگهن؟ جڏهن به پارٽيءَ جي اندر اختلاف ٿيا ته هُن اُنهن جي نبيري لاءِ وس آهر ۽ پنهنجي سياسي سمجهه آهر فيصلا ته ڪيا.. ليڪن سيد جو مُتبادل بڻجي نه سگهيو. جنهن جو اعتراف هُو پنهنجي اُنهن ڪچهرين ۾ به ڪندو رهيو، جڏهن ڪَوڙن ڍُڪن جا کيپ هُن جي دل جا دروازا کوليندا هُئا. پر ڇا اِهو سچ ناهي ته هُو اُنهن سياڻن سياسي سوداگرن مان ناهي. جيڪي هر وقت سيد ۽ سنڌ جو نالو پنهنجي سياسي ڍال طور استعمال ڪري اڳتي نِڪري ويندا آهن ۽ پوءِ “سن” جي سار اُنهن جي ويسر جو مُستقل مرض بڻجي پوندي آهي. هُو چاهي ها ته “اندرا” به آڪسفورڊ ۾ پڙهي ها، ليڪن، “اندرا” به اُنهن اسڪولن ۾ پڙهي، جن اسڪولن جون ڀُريل ڀِتيون ۽ ڇتين جا ڇِنل ڇپر ڪڏهن ڪڏهن المناڪ حادثن جو سبب بڻجي پوندا آهن ۽ جنهن جي پڙهائيءَ جو خرچ به سندس پُراڻو ساٿي ۽ سيد جو عاشق “جُمن دربدر” ڀريندو رهيو. هُو چاهي ها ته “اُنڙ آباد” جا ڪَک ڇڏي ڪراچيءَ جي ڊفينس ۾ لکاپتي بڻجي رهي ها. ليڪن هُن پنهنجو عشق ۽ ايمان هميشه سلامت رکي اِهو ثابت ڪيو ته سياست لاءِ پئسي ۽ پروٽوڪول جي ضرورت ناهي هوندي. پر ”ايمان“ جي سلامتي ئي اهم هوندي آهي. هُو جنهن جي سانوري چهري ۾ چتائي ڏسبو ته هُن جي چهري تي معصوم مُرڪ نظر ايندي. مون ڪٿي پڙهيو آهي ته: “جياپي جي جنگ وڙهندڙ انسان، پنهنجي مُنهن تي ڪڏهن به مايوسيءَ جا تاثرات ڪنهن اسٽيڪر وانگر چنبڙائي ناهن گُهمندا. ڇاڪاڻ ته اُنهن جي مايوس چهرن کي پڙهندڙ، اُنهن جون دلين آسانيءَ سان پڙهي وٺندا آهن. جنهن سان اُنهن جي طاقت مٿان وار ڪرڻ آسان بڻجي پوندو آهي.” سنڌ جي ديوداس جو چهرو به سندس دل جي ڪتاب جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. هُو جيڪو شديد علالت جي حالت ۾ به ڪنهن کي پنهنجي پيڙا جا پاڇا نٿو ٻُڌائي. جيڪو پنهنجي من جي مُونجهه کي، ماڻهن اڳيان بيان ڪرڻ کي بڪواز سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جياپي جي جنگ ۾ مايوس ٿي موٽڻ مِهڻي وانگر هوندو آهي. مضبوط ڪمانڊرن جي ڪمان هيٺ وڙهندڙ سپاهين وانگر هُو پنهنجي بيماريءَ جي حالت ۾ به مُسڪرائيندو رهي ٿو. اُها مُسڪراهٽ ئي اُنهن طاقتن جو موت آهي جيڪي، سيد جي فڪري رستي جا مُنڪر آهن. ڇاڪاڻ ته سيد جو فِڪر جڏهن هِن ديوداس جي سيني ۾ ساهه بڻجي ڌڙڪندو آهي ۽ هُو اسٽيج تي ايندو آهي ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ هُن جي زبان مان لفظ تلوارن جي نوڪ تي نچندا هُجن، ڄڻ جرمن جو باغي “روهرباڪ” باهه جي مچ مٿان رقص ڪندو هُجي. ڄڻ تاريخ پاسو ورايو هُجي ۽ دراوڙ جي دانهن جو درد سنڌ جي نئين نسل جي نس نس محسوس ڪندي هُجي. پر ڇا؟ ڪوئي آهي؟ جيڪو قومي تحريڪ جي هن اثاثي کي امانت سمجهي سنڀالي سگهي. جنهن جي روشن زندگيءَ ڏانهن موت جي اونداهيءَ جا پاڇا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن ۽ هُو سنڌ جو ديوداس شام جي اُداس پاڇن وانگر بڻجي پيو آهي.


    اَڪن تپڻ کان ٿڌڙيءَ ڇانو تائين....!

    مئي جي مُند ۾ آخرڪار اُن جي اکڙين جون پنبڻيون به پُورجي ويون. جنهن کي سنڌ جي قومپرست سياست جو نه رُڳو ستارو ئي سمجهيو ويندو هو پر سنڌي ادب جي آسمان تي ستارن جون ڄڃون ساڻ کڻي هلندڙ اهڙو چمڪندڙ چنڊ به سمجهيو ويندو هو. جنهن سنڌي ادب کي قومپرست سياسي نظريي سان هميشه لاءِ سلهاڙي ڇڏڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن سنڌ سان عشق هُن جي دل مٿان لاڙ جي هوائن وانگر لٿو هو ۽ اُتر جي آرهڙ ۾ تندور بڻجي تپيو هو. تڏهن هُن مسجد جا محراب ڇڏيا هُئا ۽ سن جي مِٽيءَ سان پنهنجي ماٿي مٿان تلڪ لڳائي ڇڏيو هو. هُو مذهبي طرز جي تعليم کي الوداع چئي وطن سان مُحبت واري رِشتي ۾ ڳنڍجي ويو. اُهو رِشتو ايترو انوکو ۽ نرالو ثابت ٿيو هو جو سندس ڪمزور جسم رياست جون سموريون صعوبتون نه رُڳو سولائيءَ سان سهي ويو پر عشق ۽ ايمان جي سلامتيءَ واري واٽ تي آخر تائين بيٺل رهيو. جنهن کي اذيتن جا وڏا طوفان به هٽائي نه سگهيا. خليفي نبي بخش جي انهن سِٽن وانگر ته:
    “ويا اُڏامي ڪَکَ پِڙ تان پهڻ نه چُري.”
    هُو جنهن لاءِ سنڌ جا اديب ۽ سياستدان ٻن حصن ۾ ورهايل رهيا ۽ آخر تائين ڪو حتمي فيصلو ڪري نه سگهيا ته عبدالواحد آريسر اديب آهي يا سياستدان؟ پر جڏهن به ان موضوع تي بحث ٿيا آهن. تڏهن مونکي سارتر جون اِهي سِٽون ياد آيون آهن ته: “جهڙي طرح هر سُٺو سياستدان سُٺو اديب ناهي هوندو. اهڙي طرح هر سُٺو اديب، سٺو سياستدان هوندي به ڪامياب سياستدان ناهي هوندو.” عبدالواحد آريسر سُٺو اديب هوندي ڪامياب سياستدان هو يا نه؟ اُهو فيصلو ته تاريخ ڪندي. ليڪن هُو سنڌ جو “وان گوگ” ته ضرور هو. جيڪو سنڌ جي اتهاس کي پنهنجي لفظن جي رنگن سان ڀريندو رهيو ۽ لفظن جي بُرش سان تصويرون ٺاهيندو رهيو ۽ سنڌ کي پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن سان نِت نوان رابيل آڇيندو رهيو. هُو جيڪو سنڌ جي جديد قومپرست سياسي فڪر جو پهريون پرچارڪ هو. جنهن پنهنجي زخمي پيرن سان سنڌ ۾ پنڌ ڪيا هُئا ۽ عوامي شعور جو ڏياٽيون ٻاريون هُيون. جيڪڏهن ڪو هُن جي پيرن جي ٿَڪ کي محسوس ڪري سگهي ٿو ته اُهو فقط جُمن دربدر ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن هُن سان گڏ قومپرست سياسي فڪر جي ڦهلاءَ خاطر شُروعاتي پنڌ ڪيا هُئا. لارين ۽ بسن ۾ ڳائي پئسا گڏ ڪرڻ کان وٺي رُوپوشيءَ جي رهزن راتين تائين آريسر جي جدوجهد تي لکبو ته ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. جڏهن به کيس مدهوش حالتن ۾ مُلڪ جي مهربان طاقتن کنڀي کنيو هو. تڏهن هِن جي حصي ۾ جسماني تشدد کان سواءِ رُڳو نفس جي ذِلتن جهڙين صعوبتن جا پهاڙ آيا. نيلسن منڊيلا، هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: “مون لاءِ جسماني ۽ ذهني تشدد ڪا به معنى نٿا رکن، ليڪن جنهن تشدد ۾ ذِلت جو احساس محسوس ٿيندو آهي، اُهو تشدد ناقابلِ برداشت هوندو آهي.” ليڪن آريسر جي حصي ۾سڀئي اذيتون آيون. دوستن جي دوکن ۽ سياسي سازشن کان وٺي رياستي تشدد ۾ ذلتن جي عنصرن تائين. ليڪن هُن هر مُصيبت کي ائين چئي سَٺوته: “غلاميءَ ۽ محروميءَ جهڙي غليظ، دُنيا ۾ ڪا ٻي گار پئدا ئي ناهي ٿي.” اُهو ئي سبب آهي جو هُن لاءِ قيد ۽ صعوبتون بي معنى بڻجي وينديون هُيون. هُن کي جڏهن ڏهاڪو سال پهرين قاسم آباد مان کنڀيو ويو هو ته هُن سا اهڙو ئي لقاءُ ڪيو ويو هو. کيس حيدرآباد کان ٻاهر تشدد ڪرڻ کان پوءِ ننگو ڪري ڇڏيو ويو هو. تشدد جون اهڙيون ڪيتريون ئي ذِلتون هُن جي حصي ۾ آيون ۽ هُن مظلوم قوم سان ٿيندڙ سمورين تعدين کان واقف هوندي صبر سان سَٺيون. غالب جي ان شعر وانگر ته:
    هم ني مجنون په لڙڪپن مين اسد
    سنگ اڻهايا تها ڪه سر ياد آيا

    (اسد اسان ننڍپڻ ۾ مجنونءَ تي، پٿر هٿ ۾ کنيو هو ته پنهنجو مٿو ياد آيو.)
    عبد الواحد آريسر جڏهن سنڌ جي قومپرست سياست ۾ پير پاتو هو تڏهن سنڌ جي قومپرست ۽ وطن دوست سياست جي واٽ وارو سفر تلوار جي تِکيءَ نوڪ مٿان پنڌ ڪرڻ جي برابر هو. جنهن واٽ تي هلڻ وارن کي خبر هُئي ته ٽِڙڻ جي موسم کان اڳ ڇڻڻ جي موسم اُنهن جو مُقدر بڻجي سگهي ٿي. ليڪن اُميد جي ڪُنواري آڱر پڪڙي هُو وطن دوست سياست سان وفائن جا وچن وڇوڙي جي وڍ ڏيندڙ وقت تائين نڀائيندا رهيا. اُن ڏينهن جڏهن آريسر صاحب جو جسدِ خاڪي حيدرآباد جي باءِ پاس وٽان گُذري رهيو هو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي گود ۾ هميشه سُمهي پوڻ لاءِ سفر ۾ هو. تڏهن اُن جي پارٽيءَ جا ورڪر هڪ نعرو هڻي رهيا هُئا ۽ اُن نعري جي وراڻي هُئي....آريسر.... آريسر....!. خبر ناهي ته آريسر صاحب اُن نعري جي پهرين سِٽ هو به يا نه؟ ليڪن هُو سنڌ جي قومپرست سياست جو هڪ اهڙو ڪردار هو. جنهن نه رُڳو سنڌ جي نوجوانن ۾ سياسي سحر ۽ رُومانس کي زندهه ڪيو. پر کين نظرياتي سياسي سگهه ڏني. جيڪا سگهه سنڌ دُشمن طاقتن جا قلعا ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪافي هُئي. اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي نظرياتي رستي کي آريسر جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل، مُحبِ وطن مُقرر ۽ مُدبر چاچا حفيظ قريشي ۽ شهيد بشير خان جهڙو سرڪش عوامي سياسي انداز حصي ۾ نه اچن ها ته سيد جي سياسي واٽ پاسي وڏي اڪثريت ۽ اُن جي حصي ۾ ايتري وڏي مقبوليت اچي نه سگهي ها. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد پنهنجي دور جي وڏين سياسي پارٽين ڪانگريس، مُسلم ليگ ۽ پوءِ عوامي ليگ جهڙين پارٽين جي پليٽفارمن تان ڪم ڪري چُڪو هو ۽ نالي واروسياسي اڳواڻ هو، جنهن جي سياسي مقبوليت ۾ ڪو به شڪ نه هو. پر 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سيد پنهنجي الڳ سياسي نظريي ۽ واٽ جو تعين ڪيو هو. تڏهن سيد سان سياسي ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪندڙ سندس ساٿي، کيس اڪيلو ڇڏي ويا هُئا. ڇاڪاڻ ته کين خبر هُئي ته سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تي هلڻ رُڳو ڏيڻ ۽ حاصل ڪُجهه به نه ڪرڻ جي برابر آهي. اجتماعي حاصلات جو انتظار سياستدانن کان ناهي ٿيندو. اُهي وطن جي اجتماعي مُفادن خاطر انتظار ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا. ليڪن جن ماڻهن سيد سان ساٿ نڀائڻ ۽ اُن جي نظرياتي سياسي واٽ تي هلڻ لاءِ پُرخطر رستن جو تعين ڪيو. تن ۾ هڪڙو عبدالواحد آريسر به هو. جنهن سيد ۽ سنڌ سان هڪ واعدو ڪيو. واعدا جيڪي هِن مُلڪ جي موجودهه سياسي انداز ۾ ڏٺا وڃن ته اُنهن جي وفا امڪانن کان ٻاهر نظر ايندي. ليڪن آريسر صاحب ڪنهن ڀريل جلسي ۾ هزارن جي هُجوم اڳيان هڪ واعدو ڪيو هو ته: “اي بکر جي اونداهي کوهه ۾ ارغونن هٿان ڪرندڙ ڌاريجن جي حُب الوطني ۽ اياز جي لازوال شاعري! اوهان سڀ سُهاڳ رات جي گيت وانگر آواز ٿي ساکي رهجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦُڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ تقدس هميشه رهيو آهي. اسان ڪڏهن به مڻيي تي موهجي نه ويا آهيون، اسان ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي آهي، اسان ڪڏهن به استقبالي جُلوسن خاطر سنڌ نه وِساري آهي.” جيڪڏهن آريسر صاحب جي سياسي زندگيءَ ۽ عمل کي ڏسبو ته هُن ڪڏهن به سياسي سوداگرن وانگر مڻيي تي موهجي سنڌ جي اجتماعي سياسي مُفادن جا سودا نه ڪيا. نه ئي طلب جي تنوار ۾ سنڌ کي وِساريو. هُن الوداع کان هڪ ڏينهن پهرين به سنڌ جي نوجوانن کي مُتحرڪ رهڻ ۽ مايوس نه ٿيڻ جهڙو بيان جاري ڪيو. هُو جيڪو سنڌ جي قومي تحريڪ جي وڏي اڪثريت جوسياسي تربيت جي حوالي سان اُستاد به رهيو جيڪو علالت جي پڇاڙڪن پهرن ۾سج جي آخري لڪير بڻجي لهي رهيو هو ۽ شام جي اُداس پاڇن وانگر بڻجي پيو هو. تڏهن به هُن جي چپن تي ٽڙندڙ ڪنولن جهڙي مُرڪ هُئي. هُو جنهن پنهنجي ناڪامين سان به مُحبت ڪئي هُئي. ڇاڪاڻ ته هُن سياست جي شروعات فتح جي حاصلات لاءِ نه ڪئي هُئي. پر ان وچن سان ڪئي هُئي. جنهن لاءِ ڊاڪٽر چِي چيو هو ته: “اسانجا لاشا اسانجي فتح بڻجي ويندا.” طويل علالت کان پوءِ هُن جو وڇوڙو سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ ته وڏو صدمو آهي پر خود سنڌ اهڙي انوکي سياسي ڪردار کان محروم ٿي وئي آهي. جيڪو هڪ ئي وقت ادب ۽ سياست جو سنگم محسوس ٿيندو هو. جيڪو شاعريءَ کي چاهه سان ٻُڌندو هو. جنهن وٽ راڳ جا پنهنجا رنگ هُئا. جنهن وٽ مُحبت جون پنهنجون معنائون هُيون. جيڪو سنڌ جي قومي سياست جي هڪ ڪرڻي وانگر محسوس ٿيندو هو. هُو جيڪو قومي تحريڪ جو غريب اڳواڻ هو. جنهن سياست کي سِڪن جي حاصلات لاءِ ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. مون جڏهن هِن قومي ڪارونجهر جون اِهي سِٽون پڙهيون جيڪي هُن “روح جا ريلا” ڪتاب ۾ لکيون هُيون. تڏهن ڪيتري وقت تائين مُنهنجون اکيون ڀِنل رهيون هُيون. هُن لکيو آهي ته: “جڏهن کيس برسات اخبار ۾ لکڻ جو معاوضو هڪ ئي وقت ڏهه هزارن جي صورت ۾ مليو هُو ته ايترا پئسا ڏسي حيرت ٿي هُئي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ قارون جو خزانو مِلي ويو هُجي. ڇاڪاڻ ته ايترا پئسا مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺا هُئا. پوءِ مان عمر ڪوٽ پُهچي، جن قومي ڪارڪنن کي پاڻ کان به غريب سمجهندو هوس اُنهن کي پنج پنج سو رپيا ڏنا هُئا ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مارڪيٽ مان گوشت وٺي گهر ويو هوس.” اُهو آريسر صاحب جنهن جي نالي تي ڪيترائي قومي اڳواڻ ارب پتي بڻجي ويا. ليڪن هو قومي تحريڪ جو آخري وقت تائين غريب اڳواڻ رهيو. جنهن جو دامن سُفيد کير وانگر اڇو هو. سو لحد ۾ لاٿو ويو ۽ ڌرتيءَ جي گود ۾ هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو. مئي جي پُورنماس راتين واري چانڊوڪي هُن جي آلي قبر مٿان پنهنجي چپن جون پنکڙيون رکندي ۽ مُسڪرائي موٽي ويندي. ليڪن عبدالواحد آريسر جو پنڌ اڃان جاري رهندو. لُڪن لڳڻ ۽ اَڪن تپڻ کان وٺي آزاديءَ جي ٿڌڙي ڇانو تائين....!!


    شهيد بشير خان قريشي ( 1959-2012ع ):

    شهيد بشير خان قريشيءَ، غلام مرتضى قريشيءَ جي گهر رتيديري ۾ جنم ورتو، سياست جو آغاز شاگرد تحريڪ کان ڪيو ۽ اڳتي هلي جيئي سنڌ جو اهم اڳواڻ ثابت ٿيو. هو هڪ باعمل اڳواڻ هو. جنهن سيد جي فڪر کي عملي روپ ڏئي سندس پيغام کي سنڌ جي هر وستي ۽ واهڻ تائين پهچايو. جنهن سنڌ جي آزاد، خود مُختيار ۽ سيڪيولر وطن خاطر پُرامن سياسي جدوجهد جي چونڊ ڪئي.. هُوسنڌ جو واحد وطن دوست قومپرست اڳواڻ هو، جنهن جي سڏ تي لکين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هُئا. هُن قومپرستيءَ جي قافلي کي نين عوامي منزلن تائين پُهچايو.

    ائين لڳي ٿو اي آزادي!
    هُو توکي جنهن وقت ڏسن ٿا،
    منهنجا نيڻ وري ساڳيئي
    سپني سان سُرٻاٽون ڪن ٿا!

    نيٺ ته ساڀيان ٿيڻي آهين
    تون جا سپنو آن اڄ تائين،
    تُنهنجي لاءِ تڪيندا رهندا
    وَر وَر مُنهنجا نيڻ سدائين،

    ڪير چوي توکي ڳوليندي
    منهنجي عمر اجائي ويئي!
    ڳولا خود به ته آزادي آ
    ساري عمر سجائي ويئي.

    (اياز)


    دل جي بي وفائي يا سياسي قتل..........؟؟!!

    جڏهن گلابن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا
    ۽ سچ بيروت جي باهه ۾ سڙندو رهندو!!!
    منهنجا محبوب مان،
    مان توکي الوداعي چُمي ڏيڻ لاءِ
    پنهنجو هٿ چپن تي رکي ڇڏيندس!!!!
    (نذار قاباني)

    هُو انهن نوجوانن جو هيرو هو جن هِن کي پنهنجي ڳچين جو هار سمجهي پائي ورتو هو ۽ کيس “ابو جهاد” جو لقب ڏنو هو جنهن جو مطلب آهي (فادر آف دي اسٽرگل) اها جدوجهد ته فلسطين جي ڌرتيءَ تي فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي اڳواڻ ياسر عرفات شروع ڪئي هُئي پر فلسطين اهو اعزاز فقط خليل ابراهيم جي کاتي ۾ لکيو هو. سنڌ ۾ سيد جا ڪيترائي عاشق رهيا پر هڪ عرصي تائين هلڻ کان پوءِ انهن پنهنجي منزل مٽائي ڇڏي. پر مصيبتن جي طوفانن ۾ به جيڪو شخص بيٺل رهيو اُهو فقط اڪيلو بشير خان قريشي ئي هو. جنهن کي سنڌ جي نوجوانن “ابو جهاد” جو لقب ڏئي ڇڏيو. جيڪو سنڌ جي قومي تحريڪ جو “فادر آف اسٽرگل” هو. هي سنڌ جو اهو سياسي اڳواڻ نه هو جيڪو گاڏين ۾ ويهي لانگ مارچ ڪري پر هي پنهنجي ورڪرن جي قافلن سان گڏ زخمي پير کڻي هلندڙ اهو سياسي اڳواڻ هو. جنهن متل ميدان تي پنهنجي ساٿين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو. جنهن جي وارن ۾ چاندي لهي اچڻ کانپوءِ به جدوجهد جي ميدان تي هو قومي تحريڪ جي ورڪرن جي وچ ۾ رهيو. ڇا سنڌ جي ابو جهاد جي وڇوڙي جو صدمو هن سنڌ کان برداشت ٿي سگهي ٿو؟ جنهن جي وارثيءَ جو بار فقط قومي تحريڪ جي مٿان آهي. سنڌ جا نوجوان نذار قاباني وانگر پنهنجي محبوب اڳواڻ کي الوداعي چمي ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهن. الوداع ته انهن کي ڪبو آهي جيڪي جُدا ٿيندا آهن. ڇا اسان پنهنجي اُن معصوم اڳواڻ کي الوداعي چُمي ڏئي سگهڻ جي جُرئت جهڙو جُرم ڪري سگهون ٿا؟ اسان جو ذهن اهو قبول ڪري ٿو ته هو جيڪو سنڌ جي عشق ۾ جدوجهد جي ميدان تي ڪنهن پهاڙ وانگر بيٺل نظر ايندو هو. سو دل جي بي وفائيءَ سبب جدا ٿيندو؟ جنهن سان سنڌ ائين محبت ڪري ٿي جيئن ڪنهن معصوم ٻار سان ڪئي ويندي آهي.
    هُو اُن وقت کان ئي سيد جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو هو جڏهن هُن جي شعور جي اک کُلي هُئي. هن جي حصي ۾ سڄي زندگي مصيبتون ئي رهيون ۽ هو مصيبتن کي چئلينج سمجهي قبول ڪندو رهيو.
    1959 ۾ رتيديري شهر ۾ غلام مرتضى قريشي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي هن محبوب اڳواڻ جو روحاني پيءُ وري سيد غلام مرتضى سيد رهيو. ۽ پوءِ هُن پنهنجي روحاني پيءُ سان ساهه جي آخري تند تائين نڀايو. هُن کانپوءِ سنڌ جي قومي تحريڪ هڪ اهڙي صدمي ۾ هلي وئي آهي جنهن جو ازالو جلدي ممڪن ناهي.سوال اهو آهي ته هن ڏکويل گهڙيءَ ۾ سيد جا فڪري پوئلڳ ۽ سنڌ جي سهڻي اڳواڻ جا عاشق ڪارڪن هن صدمي مان نڪري سگهندا؟ جيڪڏهن اهڙي وڏي حادثي جي حالت ۾ سنڌ جي سٻاجهن ڪارڪنن پنهنجي صدمي کي صبر جي طاقت ۾ تبديل نه ڪيو ۽ مِڙي مُٺ نه ٿيا ته قومي تحريڪ جو آئيندو اونداهو بڻجي ويندو.
    ٻيو اهم سوال اِهو به آهي ته ڪجهه متضاد بيان به سامهون اچي رهيا آهن هڪ پاسي بشير خان جي موت جو سبب “هرٽ اٽيڪ” ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي “بلڊ پريشر” جو گهٽجي وڃڻ ٻڌايو وڃي ٿو. پر ان معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ته بشير خان جي موت پويان “فريڊم مارچ” کان پوءِ بوکلائجي ويل اهي قوتون ته ناهن جن سنڌ جي آواز کي بين الاقوامي ميڊيا تائين پهچائڻ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي متوجهه ٿيڻ کانپوءِ خوفزدهه ٿي ڪا رٿابندي ڪئي هُجي. منهنجي خيال ۾ هي هڪ اهڙو سياسي قتل آهي. جنهن جي پويان ڳجها هٿ ٿي سگهن ٿا. باقي جيڪو سياسي اڳواڻ سکر کان ڪراچيءَ تائين پنهنجي پيرن تي پٽيون رکي پنڌ ڪري پهچي، جيڪو سنڌ جي سمهي پيل قومي تحريڪ کي رستن ۽ روڊن تي پنهنجي سگهاري سياسي موبلائيزيشن سان سنڌ کي اُٿاري وجهي، سو ائين اوچتو هرٽ اٽيڪ ۾ هليو وڃي ۽ بلڊ پريشر به گهٽجي وڃي سا ڳالهه شڪ جا ڪيترائي دروازا کولي وجهي ٿي. مان بشير خان کي سنڌ جو سياسي شهيد سمجهان ٿو. جيڪو رياست جي ڪنهن وڏي سازش تحت قومي تحريڪ جي قافلي کان جدا ڪري قومي تحريڪ کي هڪدم ڪمزوريءَ پاسي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڇو ته هي واحد سنڌ جواڳواڻ هو جيڪو حقيقي معنى ۾ سنڌ جي تاريخ جو اهو پڙاڏو هو جنهن جي سڏ تي سنڌ سمنڊ وانگر اٿلي پوندي هُئي. جنهن جو اظهار ڪراچيءَ وارو “فريڊم مارچ” هو. جتي رياست سان گڏ اهي قوتون به بوکلائجي ويون هُيون. جيڪي ڪراچيءَ تي فقط پنهنجو حق سمجهنديون رهيون آهن. جتي سنڌي ماڻهو هڪ ئي پارٽيءَ جي حاڪميت واري اهڙي احساس ۾ جيئن ٿا جيڪو احساس انهن کي اندر ئي اندر ۾ اذيت ڏئي رهيو آهي. سنڌ کي اهڙي احساس مان فقط بشيرخان جي بردبار تحريڪ ئي ٻاهر ڪڍي پئي سگهي ۽ هڪ اهڙي هنڌ بيهاري پئي سگهي جتي رني ڪوٽ جي رڻ مان خوشحال سنڌ جو سج اُڀري پوي ها. پر سنڌ جي قسمت ۾ عذابن جا لکيل ڪنڊا هٽائڻ لاءِ جڏهن به ڪو جوڌو ميدان تي لٿو آهي. تڏهن اُن جي نصيب ۾ رڻ جون راتيون ئي رهيون آهن، جيڪي کُٽن ئي نٿيون. سنڌي ماڻهن جي وارثي ڪرڻ واري هن اڪيلي اڳواڻ جي حصي ۾ به اُهي عذاب جون ڪاريون راتيون رهيون، جيڪي هن هميشه ويڙهاند ۾ گذاريون. سنڌ جي ابو جهاد جي وڇوڙي جي خبر سان فقط رتوديرو تڏي ۾ تبديل ناهي ٿيو پر سڄي سنڌ ۾ تڏو وڇايو ويو آهي ۽ سنڌ پنهنجي دل کي تڏي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ پنهنجي آلين اکين سان اُن اڳواڻ جي وڇوڙي تي هڪ اهڙو ماتمي لباس پائي ورتو آهي. جنهن لباس کي لاهڻ لاءِ قومي تحريڪ کي وقت لڳندو.
    اپريل هونئن ته ڀلي ڪنهن جي جنم جي خوشين جو ڏهاڙو هجي پر سنڌ لاءِ هي اهو ئي اپريل جو مهينو آهي جنهن اپريل سنڌ کان سنڌ جا وڏا سياسي قد کسيا آهن. سائين جي ايم سيد، ذوالفقار ڀٽو ۽ بشير خان قريشيءَ سميت سرائي قربان ۽ روپلو چولياڻيءَ تائين هن مهيني سنڌ جي دل ۾ درد جي اهڙي ڇيت ٽنبي آهي. جنهن جو سور سنڌ ورهين تائين ڀوڳيو آهي.

    سنڌ تنهنجي هيانو ۾ هُرندا سدا
    هاءِ سڀ ڏينهن هي اپريل جا.

    (حاجي ساند)

    هُو جنهن جي چهري تي هميشه ٽهڪن جا سوين چنڊ کڙيل نظر ايندا هُئا. جنهن کي وڏيءَ محبت سان ورڪر “وڏو” سڏيندا هُئا سو وڏو سنڌ جي اڱڻ تي سوين اُداسيون ڇڏي هليو ويو آهي. هن سان محبت ڪرڻ وارن جو انگ ايترو گهڻو هو جو هن جا مخالف به هن جي روايتن جا عاشق هوندا هئا. سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ قومي تحريڪ جو نئين سِر پروفائيل ٺاهي، پُرامن سياسي جدوجهد جي ميدان تي هُن جنهن طريقي سان پيش رفت ڪئي ۽ ان جي نتيجن جو سج اڃان اُڀرڻو ئي هو، ته سياسي سفر ۾ هو اسان کان وڇڙي ويو.

    تنهنجو آواز،
    اسانجي روحن ۾ محفوظ آهي،
    جيڪو لڳاتار سڏي رهيو آهي،
    پر توسان اهو واعدو آهي،
    اسان تنهنجي آواز جي
    تڪميل بڻجي
    پنهنجي وطن جي مٽي محفوظ رکنداسين.

    (تامل گيت)

    سنڌ جي قومي تحريڪ هن وڏي صدمي مان ورهين تائين نڪري نه سگهندي پر جيڪڏهن هن صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪيو ويو ته شايد ڪمزور سنڌ خوشحاليءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿي سگهي.ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ناڪاميون، ڪمزوريون ۽ خوف به طاقت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. يهودي سڄي دنيا جون ذلتون برداشت ڪري جڏهن عقابن وانگر اکيون پٽيون ته انهن جي حصي ۾ به رُڳو فتحون ئي آيون.
    ڇا سنڌ جي قومي تحريڪ بشير خان جي وڇوڙي کانپوءِ پنهنجو اهڙو پروفائيل ٺاهي سگهندي؟ جيڪو پروفائيل هن پنهنجي 27 سالن جي سياسي تاريخ ۾ ٺاهيو هو. هن اهڙي پروفائيل ٺاهڻ لاءِ قومي تحريڪ کي پنهنجي پوري حياتي ارپي ڇڏي هُئي. هن زندگيءَ کي سيد جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙي قومي تحريڪ کي سياسي طور دنيا جي ملڪن تائين متعارف ڪرايو.
    جيتوڻيڪ بشير قريشيءَ جي دل هُن جي جسم جو ساٿ ڇڏي ڏنو. پر هُن ڪڏهن به سنڌ جو ساٿ نه ڇڏيو. جڏهن به سنڌ هُن کي ساريندي ته ان جي ڳلن تي ڳوڙهن جي اهڙي لڪير ٺهندي. جنهن لڪير سان غلاميءَ جون زنجيرون ٽُٽي پونديون ۽ سنڌ جي شامن کي سوڳ جون تِيليون ساڙي نه سگهنديون. هُن لاءِ ئي ڪنهن اردوءَ جي شاعر چيو هو ته:

    خالی کاغذ پے حرف سجایا کرتا تھا
    تنھائی میں شہر بسایا کرتا تھا۔

    اي! اسانجا عظيم شهيد اڳواڻ!!

    جيتوڻيڪ توکي اسان کان جدا ڪيو ويو آهي، پر اڄ تنهنجي آجيان لاءِ رتيديري جي چيڪي مٽي تنهنجو انتطار ڪري رهي آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته تنهنجي قبر ڪٿي به هُجي پر اها روپوش رهي نٿي سگهي. ڇو ته شهيدن جا لاش به وڙهندا آهن ۽ قبرون انهن جا مورچا بڻجي وينديون آهن.


    قومي تحريڪ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جا خدشات ....!!!

    سنڌ جي خالي پيل سياسي سليٽ تي ”آزاديءَ“ جي اکر لکڻ جي ابتداسائين جي ايم سيد ڪئي هُئي. هي 73 وارو اهو دور هو جڏهن پاڪستان جي ٽٽڻ کي پوڻا ٽي سال مس ٿيا هُئا. ۽ ڍاڪا جي ديوارن تي اڃان ڪمزور بنگالين جي رت جا داغ به نه مِٽيا هُئا. بنگال جي آزاديءَ جي تحريڪ سان سڄو بنگال رت جي اهڙي راند ۾ داخل ٿي ويو هو جو بنگال جون سڀ گهٽيون ڪمزور بنگالين لاءِ قبرون بڻجي پيون هُيون. جناح جي سيڪيولر ملڪ وارا نظريا ته جناح سان گڏ ئي دفن ڪيا ويا هُئا. جناح کان پوءِ وارو پاڪستان ننڍين قومن جي نڙين تي اهڙي لت ثابت ٿيو جو آهستي آهستي پاڪستان ۾ موجود سموريون ننڍيون قومون محروميءَ واري اهڙي احساس ۾ مبتلا ٿينديون ويون جنهن جو ازالو هن ملڪ جي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه نه رهيو. نتيجي طور پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي بلوچن جي اعتراضن جو ازالو نه ڪيو ويو مسلسل انهن کي مجبور ڪيو ويو ته اُهي پهاڙن جي پنڌ تي هلن. سرحدي گانڌي خان غفار خان پنهنجي سڄي ڄمار قومي حقِ خوداراديت جا خواب ڏسندي، هن ملڪ جي انتظامي سرشتي مان نااميدي ظاهر ڪندي نفرت ڪندو رهيو. سرائيڪين پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪندي هميشه اهو اعتراض پئي ڪيو آهي ته سرائيڪي پاڪستان جي ٻين مظلوم قومن وانگر هن ملڪ جي حڪمرانن وٽ نظرانداز ٿيل قوم آهن. مطلب ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ سمورين قومن وٽ بنيادي اعتراض اهو رهيو آهي ته هُو وفاق جي نالي تي وڏي ڀاءُ کي پاليندا رهن ٿا. جنهن جا انگ اکر تفصيلي طور ڪتابي صورتن ۾ به آيل آهن ته پاڪستان اندر ننڍين قومن جو ڪيئن نه استحصال ٿيندو رهي ٿو. پر ننڍين قومن جي اعتراضن تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ وڏو ڀاءُ راوي تي ويهي بانسرين وڄائڻ ۾ رُڌل رهيو آهي.
    پاڪستان جي ننڍين قومن جي اندر ۾ جيڪا آئسوليشن ورهين کان پلجي رهي هُئي ان جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن طور تي ته ٿيڻو ئي هو. جنهن کي لٺ بانٺي جي زور تي دٻائي هميشه قابو ۾ رکڻ هن رياست جي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه به ناهي رهي. اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح قومن جي اهڙي احساسِ محرومي جي خاتمي لاءِ ڪوڙن دلاسن ۽ آسرن جو سهارو وٺندا رهن ٿا پر ان جي مستقل حل ڳولڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن. ورهين کان تاريخ جي ڪُک ۾ پلجندڙ قومي ذلت ۽ ڪروڌ واري احساس جو وولڪينو ايتري وڏي شدت اختيار ڪري چڪو آهي جو هاڻ ان کي راوي ۽ چناب جو پاڻي به وسائي نٿو سگهي.
    سنڌ به اهڙي ئي احساس کي 73 کان پنهنجي اندر ۾ پاليندي پئي اچي جنهن جي هلڪي جهلڪ 23 مارچ واري اُن ميڙاڪي ۾ نظر آئي جنهن جي سرواڻي سيد جي سچي عاشق شهيد بشير خان پئي ڪئي. جنهن ۾ هُن سائين جي ايم سيد جي بنيادي سياسي نظرياتي نُڪتن:
    عدمِ تشدد
    جمهوري رواداري
    سيڪيولرازم
    سنڌ جو قومي آجپو
    ڏکڻ ايشيا جي سمورين قومن سان اتحاد۽ سماجي ۽ اقتصادي برابريءَ _ سان گڏ پنهنجي خطاب ۾ 40 واري قرارداد کي مڪمل طور رد ڪندي سنڌ جي مڪمل قومي آجپي جي ڳالهه ڪئي. نتيجي طور پاڪستان جي سازشي ٽولي اڻسڌي طرح سنڌ جي قومي هيرو مٿان حملو ڪري سنڌي قوم کي اهڙي صدمي جو گهاءُ ڏئي ڇڏيو جنهن صدمي مان سنڌي قوم جو نڪرڻ مُدتن تائين محال آهي.
    هن وقت سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن وٽان ڪيترائي سوال سامهون اچن ٿا جن تي بحث ٿيڻ گهرجي ۽ اُنهن ڪارڪنن کي هڪ وڏي آئسوليشن ۾ وڃڻ کان بچائڻ گهرجي ٻي صورت ۾ شهيد بشير خان جو صدمو ايترو وڏو آهي جنهن جو ازالو ممڪن ناهي. اهڙي صورتحال ۾ صدمي ۾ سڙندڙ سنڌ جي هن نئين نسل جي مرهمن تي محبت جي اتساهه جي مرهم پٽي نه رکي وئي ته قومي تحريڪ ٿورڙي ئي عرصي ۾ پنهنجي پئدا ڪيل بين الاقوامي سطع جي پذيرائي وڃائي ويهندي. سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کان پوءِ قومي تحريڪ جي سمورن ڌڙن جو گڏجي پوڻ انتهائي ساراهه جوڳو فيصلو هو. ڇو ته سيد جو وڇوڙو قومي تحريڪ لاءِ ايڏو وڏو سانحو هو جنهن جو ازالو مختلف ڌڙن ۾ ورهايل قومي تحريڪ جي سموري قيادت منظم ٿي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏجي ويهڻ ۾ ئي سمجهيو. ڇو ته مختلف گروهن ۽ گروپن ۾ ورهايل هجڻ سان قومي تحريڪ سنڌ جي قومي آجپي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه رهي ها. تنهن ڪري سڀني گڏجي ويهڻ کي اوليت ڏني ۽ قومي تحريڪ جا سمورا وڏا اڳواڻ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي پيا ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جوڙي اهو وچن ڪيائون ته هو سيد جي فڪر کي سنڌي عوام تائين پهچائيندا. اُهو انضمام جيتوڻيڪ گهڻو عرصو هلي نه سگهيو ۽ نظرياتي طور گڏ هجڻ جي باوجود به اصولن ۽ حڪمت عملين تي اختلافن جي ور چڙهي مختلف وقتن تي مختلف ڌڙن ۾ ورهائجندو رهيو پر اُن انضمام جي پليٽ فارم تان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي هڪ اهڙو اڳواڻ مليو، جنهن سيد جي فڪر کي ايترو پکيڙيو جو اُهو سنڌ جي تعليمي ادارن مان نڪري عوامي سطع تي به مقبوليت ماڻي ورتي. ان حد تائين جوڪراچيءَ ۾ 23 مارچ واري لکين ماڻهن جي ميڙاڪي کان پوءِ ان جي گُونج آمريڪي ڪانگريس جي ڪنن تائين به پهتي. ائين به نه هو ته ڪو شهيد بشير خان جي جسقم کان پهرين ڪا سڃاڻپ نه هُئي. بلڪ هن کي سنڌ هڪ بهادر ۽ ارڏي نوجوان جي نالي سان ياد ڪندي هُئي. جيڪو جدوجهد جي ميدان ۾ سِر جي سودي کي به سستو سمجهندو هجي. پر اها سڃاڻپ فقط سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ شاگردن تائين محدود هُئي. جيڪي کيس روايتي ويڙهاڪ هجڻ جي لقبن سان نوازيندا هُئا. جيڪي سمجهندا هُئا ته هو سياسي طور ڏاهپ کان ڏور آهي. پر وقت ثابت ڪيو ته سياسي ۽ نظرياتي طور پُختا ماڻهو به سيد ۽ سنڌ جي ڪيس کي بين الاقوامي سطع تائين پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا پر هو عملي سياسي ميدان ۾ ايترو خوشقسمت رهيو جو سنڌ جي ڪيس کي عالمي دنيا جي اک تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    اهڙي متل سياسي ماحول کي اڳتي ڪير کڻي هلندو؟ هاڻي بشير خان جو نعم البدل ڪير آهي؟ ورڪرن کي بشير خان جيتري محبت ڪير ڏيندو؟ جهڙا سوال قومي تحريڪ جو ورڪر سياسي بي سمجهيءَ ۾ هڪٻئي کان ڪندو رهي ٿو. جيڪا ڳالهه مُنجهائيندڙ آهي. اها حقيقت آهي ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي وڇوڙي جو خال ڪو ٻيو ڀري ناهي سگهندو. محمد عباس، ياسر عرفات جي خال کي ته ڀري نه پئي سگهيو پر جدوجهد جي ميدان تي پي ايل او جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ اُن کي چونڊيو ته سڄي فلسطين اُن کي دل سان قبول ڪيو. سائين جي ايم سيد جو خال ته ڪو به قومي تحريڪ جو اڳواڻ ڀري نه پئي سگهيو پر انضمام کان پوءِ قومي تحريڪ جي ورڪرن آريسر تي اعتماد ڪري قومي تحريڪ جي سفر کي جاري رکيو. پيپلز پارٽيءَ جي اندر ذوالفقار ڀٽي جي شهادت کان پوءِ ڀُٽي جهڙو ليڊر ته ڪو به نه هو، پر عملي سياسي ميدان ۾ عوام سندس زال ۽ ڌيءُ تي اعتماد ڪيو ۽ ايم آرڊي جدوجهد کي جاري رکيو. تهنڪري اهو سوال بنهه غلط آهي ته قومي تحريڪ جو سفر بشير خان جي شهادت سان رُڪجي ويندو يا قيادت جي کوٽ پئدا ٿيندي.
    قومي تحريڪ وٽ يقينن بشير خان جهڙو اڳواڻ ته ناهي پر اها خود سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ بشير خان جي جدوجهد سان زيادتي ٿيندي جو سنڌ ۾ اهو تاثر پئدا ڪيو وڃي ته بشير خان جي وڇوڙي سبب قومي آجپي جي تحريڪ به بلڪل ختم ٿي وئي. اهڙي تاثر جو پئدا ٿيڻ قومي آجپي جي تحريڪ لاءِ بشير خان جي وڇوڙي کان به وڏو صدمو ثابت هوندو، موجودهه قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ بجاءِ ۽ انهن جي تمام تر ڪمزورين ۽ ڪوتاهين سميت کين قبول ڪرڻ جي بجاءِ ائين چئجي ته قومي تحريڪ بشير خان جي شهادت سان گڏ ختم ٿي وئي.!! اهو هڪ اهڙو وڏو صدمو هوندو جنهن سان سنڌ سياسي طرح وڏي زوال جو شڪار ٿي ويندي. تنهن ڪري پنهنجي تمام تر ڪمزورين ۽ مايوسين جي باوجود سياسي جدوجهد جي ميدان کي وڌيڪ مچائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان بشير خان سان حقيقي معنى ۾ محبت ڪريون ٿا ۽ اسان جي اندر ۾ ٿورڙو به قومي آجپي وارو انسان جاڳيل آهي ۽ خوشحال سنڌ جو خواب ڏسي ٿو. اهو اهڙي سياسي مونجهاري جو شڪار ٿيڻ بجاءِ پنهنجي اندر جي پوري سچائيءَ سان ڪمزور قيادت کي به قبول ڪندو ته اُها قيادت ورڪرن جي مليل پيار ۽ اتساهه سان اهڙي روشنيءَ واري سفر تي رواني ٿيندي جو سنڌ وري نئين سياسي تاريخ جي ٽُٽل تند کي جوڙي وٺندي. مايوس ورڪر هڪ ڀيرو ٻيهر ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ اُميدن جا ڏيئا روشن رکن. هو ائين نه سمجهن ته عوامي سطع تي قومي تحريڪ کي مليل موٽ ۽ مڃتا کي قومي تحريڪ جي موجودهه قيادت سهيڙي نه سگهندي پر مختلف موقعن تي موجودهه قيادت اهو اظهار به ڪندي رهي آهي ته هو شهيد بشير خان جي مشن ۽ سيد جي فڪر کي کڻي قومي تحريڪ جي سفر کي جاري رکندا. بشير خان جي اڳواڻيءَ ۾ قومي تحريڪ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ۾ پڻ وڏو حوصلو پئدا ڪيو هو. جنهن تي جسقم جي موجودهه قيادت کي پڻ سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. ڪراچيءَ جي حالتن ۾ سنڌي ماڻهن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاءِ جسقم جي موجودهه قيادت کي مڪمل حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين وٽ جسقم قيادت لاءِ پئدا ٿيل سافٽ ڪارنر ڪمزور ٿي نه سگهي ۽ ڪراچيءَ جي ديوارن تي ٿيندڙ ڌار صوبي لاءِ چاڪنگ تي به ايم ڪيو ايم جي قيادت مٿان سياسي دٻاءُ پئدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايم ڪيو ايم اهڙي حساس معاملي تي پنهنجو موقف واضع رکي. ڇو ته عوامي سطع جهڙي مقبوليت ماڻيندڙ هن قومپرست سياسي پارٽيءَ ويجهي ماضيءِ ۾ جيڪي سياسي طور سنڌ کي تڪڙا نتيجا ڏنا آهن، انهن نتيجن جي روشنيءَ ۾ سنڌي عوام جون قومي محاذ ۾ توقعات به وڌي ويون آهن. جيڪڏهن مسلسل سياسي جدوجهد نه رهي ۽ موجودهه قيادت مسلسل متحرڪ نه رهي ته شايد هڪ ڀيرو ٻيهر قومي تحريڪ ڪيترائي سال پوئتي هلي وڃي. پر مان سمجهان ٿو ته قومي تحريڪ جي قيادت مٿان بشير خان جي شهادت کان پوءِ جيڪو بار پيو آهي. اُن کي کڻي هلڻ ورڪرن جي محنتن کانسواءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ صدمي ۾ آيل قومي تحريڪ جي ورڪر مٿان به ڪجهه ذميواريون عائد ٿين ٿيون ته اڄ شهيد جي چاليهي جي موقعي تي قومي آجپي جي تحريڪ سان سلهاڙيل ورڪرن کي به وچن ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي سموري سچائي ۽ طاقت سان عملي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهن. ڇو ته ورڪرن جي سياسي ثابت قدميءَ سان ئي قيادتن جا حوصلا به بلند ٿي ويندا آهن ۽ قيادتون اهڙا فيصلا ڪرڻ شروع ڪنديون آهن. جنهن سان انقلابي نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. هن وقت سنڌ عالمي سياسي طاقتن جي بحث جو موضوع آهي اهڙي صورتحال ۾ ورڪرن جي سچائيءَ جو ننڍڙو ذرو به ضايع ٿي نٿو سگهي. ڇو ته دماغن سان ڪيل سياسي فيصلا ناڪام ٿي سگهن ٿا پر دل جي سچائيءَ سان ڪيل سياسي فيصلا ناڪام ناهن ٿيندا پر اهڙا فيصلا سوين سج اُڀاري سگهن ٿا جن فيصلن پويان معصوم دلين جون سچايون موجود هجن ٿيون. دلين جي سچاين سان ته هارايل جنگيون به کٽي سگهجن ٿيون. اچو ته پنهنجي ناڪامين، شڪستن ۽ مايوسين کي ڪنهن اهڙي طاقت ۾ تبديل ڪريون جيڪا طاقت سنڌ وطن جي آجپي ۾ استعمال ٿي سگهي.



    بيگم نصرت ڀٽو: 1929-2011

    بيگم نصرت ڀٽو کي مادرِ جمهوريت جو خطاب مليل آهي. سندس خاندان جي جدوجهد کي پاڪستان ۾ پارلياماني سياست ۽ جمهوريت جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. هن کي جيڪڏهن شديد دُک دائڪ عورت چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڇوته سندس اڳيان گهر وارو ۽ ٽن ٻارن مرتضى، بينظير ۽ شاهنواز جو قتل پڻ ٿيو.

    جان جان هُئي جِيئري، ويٺي نه ويساند،
    لُڙهي لهرن پاندِ، مُيائي ميهار ڏي.

    (شاهه سائين)


    وڃين ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.....!!!

    اُها ايراني عورت ته اُن ڏينهن ئي مري چُڪي هُئي، جڏهن ان جي سُڏڪن ۾ ڳڀرو سج ستر ڪلفٽن ويجهو ٻُڏي ويو هو. هن جي من جا مور ته تڏهن کان ئي اڪيلائيءَ جي آسمانن ڏانهن نهاري سمهي پيا هئا جڏهن 20 سيپٽمبر 1996 تي هن جي موڀي پٽ جو رت، راهن تي گلابن جي پتين جيان پکڙجي ويو هو ۽ پوءِ نصرت جي خوابن جي ٻيڙي ٻُڏي وئي هُئي. هن سياست جي سنگينيءَ ۾ پنهنجي صدائن جا سڏ به ٻڏندي محسوس ڪيا هُئا. اُن کانپوءِ نصرت ڀٽو سياست جي اسڪرين تان غائب ٿي وئي هُئي ۽ سياست جي سج جي تپش جهڙيءَ طرح ڀٽو خاندان جي حصي ۾ آئي اهڙي طرح شايد ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ نه آئي هجي جو سياست ۾ سڀ شهادتون ڳڙهي خدابخش جي مٽيءَ جو مقدر بڻيون.
    نصرت ڀٽو جنهن شهيدڀٽو جي شهادت کانپوءِ هڪ گهڙي به سُک سان نه سُتي. جنرل ضياءَ خلاف هلندڙ ايم آر ڊي تحريڪ، ۽ پنهنجي پٽ شاهنواز جي شهادت کانوٺي مير بابا جي موڪلاڻيءَ تائين هن جي حصي ۾ رُڳو اُداسيون آيون. مارشل لاءَ جون مصبتون ته هُن جي صدائن کي سوگهو ڪري نه سگهيون پر سياست جي صحرا ۾ جهڙي طرح هُن پنهنجي پيارن کي پُسيل اکين ۽ نيڻن جي ندين سان الوداع چئي ڳڙهي خدابخش جي جهوليءَ حوالي ڪيو.اهڙو امتحان ته فقط هن ايراني عورت جي حصي ۾ آيو. جنهن نه فقط ڀٽو سان پنهنجي وفا جو اُهو وچن نڀايو جيڪو وچن هن پنڊي جيل جي سلاخن مان هٿ وڌائي ڀٽو سان ڪيو هو ته: “جيڪڏهن ضياءَ هن جي مڙس کي شهيد ڪندو ته عوامي سمنڊ ۾ اُهو طوفان ايندو جنهن آڏو ضياءَ جي بچيل باقيات به بيهي نه سگهندي.” ۽ پوءِ هن عورت عوام سان گڏ ضياءَ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد جي رڻ ۾ هن عورت جي مٿي تي لٺيون وسائي کيس زخمي ڪيو ويو. مسلسل جيل ۽ نظربنديون ماءُ ۽ ڌيءُ جو مقدر رهيون پر هُنن ڪڏهن به عوامي جدوجهد جي ميدان تي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. سوڳواريءَ جي سمورن سلسلن ۾ اُن عوام سان گڏ رهيون جنهن عوام جي پٺين تي ضياءَ مارشل لاءَ ڦٽڪن ۽ ڪوڙن جا نشان ٺاهيا هئا. انهن کي اهو پورو يقين هو ته غلاظتن جي بوٽن سان گُلن جي لتاڙ جي موسم جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي ۽ سڏڪن جي سانجهيءَ کان پوءِ عوامي سونهن جو سج اُڀرڻ وارو آهي.
    1988ع واري اُن عوامي راڄ ۾ ماڻهن بينظير ۽ نصرت کان ڪجهه به نه گهريو. انهن لاءِ اهو ڪافي هو ته هي ٻئي عورتون ضياءَ جي ظالماڻي نظام خلاف هليل هلچل ۾ هنن سان گڏ هيون. اهڙي طرح ڀٽو خاندان جي هنن ٻن عورتن شهيد بينظير ۽ نصرت ڀٽو سياست ۾ عوامي سِڪي کي خريد ڪري ڇڏيو. عوام جي غير مشروط محبت جي جيتري سزا هن خاندان جي ورثي ۾ آئي اُن جو وڏو حصو اُن ماءُ جي حصي ۾ آيو جنهن پنهنجي مڙس جي شهادت کان پوءِ طويل سياسي جدوجهد ڪئي پر اُن جدوجهد هن عورت کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڪيو ٻن پٽن جي شهادت هن ماءُ جي معصوم دل کي ايترو زخمي ڪيو جو هوءَ طويل علالت جو شڪار ٿي ڪُوما ۾ هلي وئي. جنهن کي آمريڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ “گريٽ ڊپريشن” چيو ويندو آهي. اهڙي بيماريءَ جي بستري تي جو کيس پنهنجي سياسي جدوجهد جي ساٿي ڌيءُ جي شهادت جي به خبر پئجي نه سگهي هُئي. جنهن سان هن ڪيتريون راتيون سڏڪن جي مالها ۾ گذاريون هيون. هوءَ جيڪا عوام جي ماءُ هئي سا پنهنجي خاندان ڏانهن آخر موٽي وئي. ان ماءُ لاءِ ئي نزار قاباني جي هڪ نظم آهي ته:
    جڏهن بيروت منهنجي جهوليءَ ۾
    نيزي سان شڪار ٿيل مڇيءَ وانگر
    تڙپي رهيو هو
    ان وقت دمشق مان هڪ ڪال آئي
    “تنهنجي ماءُ مري وئي”
    پهرين ته مونکي اهي الفاظ سمجهه ۾ ئي نه آيا
    مڇي هڪ ئي وقت، ٻن جاين تي
    شڪار ڪيئن ٿي سگهي ٿي!؟
    منهنجو محبوب شهر، بيروت
    منهنجي حيرت انگيز ماءُ، فائزه
    مان هڪ موت کان،
    ٻئي موت ۾ داخل ٿيس.
    منهنجي ماءُ
    هڪ خدا
    هڪ محبوب
    ۽ هڪ محبت تي يقين رکندڙ عورت هئي
    پنهنجي ماءُ جي موت سان
    منهنجي قميس ڳوڙهن سان پُسيل هئي
    اها قميس جنهن ۾ معصوم نرمي هئي
    اها آخري ڇٽي جيڪا ايندڙ سرديءَ جو سهارو هُئي
    هاڻي مان گهٽين ۾
    اگهاڙو ڦرندي نظر ايندس.....!
    اهو عوام اُن سفيد وارن واري ان ماءُ کي ڪيئن ٿو وساري سگهي جنهن پنڊيءَ کان ڪراچيءَ جي ڪلفٽن تائين عوام سان غير مشروط محبت ڪئي هُئي. جنهن پنهنجي ٻارن جون شهادتون آلين اکين سان ڏٺيون هُيون ۽ دل جي اُجڙيل دنيا کي ڪنهن سياسي سهاري کانسواءِ 1996ع ۾ ئي الوداع چئي چڪي هُئي جڏهن مير بابا پنهنجي ڀيڻ جي حڪومت ۾ شهيد ٿيو هو. هڪ “ماءُ” مڙس جي وڇوڙي جو صدمو ٻارن جي سهاري سان ته کڻي سگهي ٿي پر ماءُ لاءِ ممڪن ئي ناهي ته اها پنهنجو پاڻ کي ٻارڙن جي وڇوڙي جي صدمي کي ڪنهن سهاري تي جيئاري سگهي. نصرت ڀٽو شهيد مرتضى کانپوءِ هڪ اهڙي گهري صدمي ۾ هلي وئي جنهن مان موت تائين نڪري نه سگهي.
    جيتوڻيڪ نصرت ڀٽو پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ آمريت خلاف ويڙهه ڪئي پر ضياءَ جي بچيل باقيات ڀُٽي خاندان جو پيڇو نه ڇڏيو. هن ايراني عورت کي پاڪستان جي اندروني سياسي سازشن جي خبر هُئي پر هوءَ ائين چئي عوام جي سياسي سگهه کي هميشه همٿائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ته: “شهيد ڀٽو عوامي جدوجهد جو نالو آهي عوامي جدوجهد سان ئي تبديلي ايندي.” پر سياست جي گسن تي سازشن جا وڇايل ڄار ايترا طاقتور هُئا جو نصرت جي نماڻين نظرن کان هميشه ڳجها رهيا ۽ هوءَ پنهنجي جهوليءَ ۾ پنهنجي پيارن جا لاش ميڙيندي رهي. ڪوما ۾ وڃڻ کان پوءِ به 27 ڊسمبر 2007ع واري اُن ڪربلا جهڙي ڪٿا کي محسوس نه ڪري سگهندڙ نصرت عوام سان پنهنجي وفا جو وچن نڀايو ۽ ڳڙهي خدابخش جي مٽيءَ ۾ پنهنجي پيارن سان وڃي ملي. جتي سڀ ان جو انتظار ڪري رهيا هئا.
    نصرت ڀٽو هڪ اهڙي عورت جو نالو آهي جنهن شهيد ڀٽو کانپوءِ سياست جي عوامي عاشقيءَ واري سفر جا ڏيئا روشن ڪيا. جتي اڪثر ڀٽو شهيد جا ساٿي ماٺ جي موسم جو شڪار ٿي ويا هئا اُتي فقط ٻن عورتن جيلن ۽ جلاوطنين ۾ به ضياءَ ۽ ان جي ساٿين جون ننڊون ڦٽايون هيون ۽ سياست کي غيرتمند عوام جي امانت سمجهي اُن ۾ خيانت کي ڏوهه سمجهنديون رهيون. جيتوڻيڪ دُک جي دور جي پڄاڻي ته ناهي ٿي نه ئي عوام لاءِ اوڀر کان انوکو سج نڪري نروار ٿيو آهي پر عوام پنهنجي ان ماءُ کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي جيڪا ماءُ ان لاءِ سياسي اُس ۽ صليبن جي سياهيءَ جو سهارو هُئي.


    شهيد مير بالاچ خان مري 1966-2007

    بالاچ مري بلوچستان جي آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ تحريڪن مان اهم جماعت بلوچستان لبريشن آرمي جو سربراهه ۽ مشهور بلوچ اڳواڻ نواب خير بخش مريءَ جو فرزند هو. سندس جماعت گوريلا ويڙهه تي يقين رکندڙ آهي. سندس اڳواڻيءَ جي ڪري بلوچ گوريلا ويڙهه بلوچستان جي عليحدگيءَ جي مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اجاگر ڪيو.



    The revolution is not an apple that falls when it is ripe. You have to make it fall.
    I don’t trust words, I trust actions.

    (Che Guevara)


    اُداسين جي اُس ۾سياسي اُتساهه جو ڇانورو...!!!

    اُهو 9 آڪٽومبر 1967ع جو ڏينهن هو، جڏهن بوليويا جي جهنگلن مان هلڪي ڏاڙهيءَ واري ويڙهاڪ ڊاڪٽر “چي گويرا” کي آمريڪين گرفتار ڪيو هو. تڏهن هن پنهنجي ساهه جي آخري گهڙيءَ کان پهرين جيڪي لفظ چيا هئا، سي لفظ سڄي دنيا جي مظلوم قومن جي نوجوانن جي دلين جو اهڙو گيت بڻجي گونجندا رهيا جنهن گيت تي ڪيترن ڏهاڪن تائين انقلاب جو رُومانس رقص ڪندو رهيو. هن آمريڪين کي مخاطب ٿي چيو هو ته: “مونکي خبر هئي ته اوهين مونکي گولي هڻندا، مونکي جيئري گرفتار ٿيڻ نه گهربو هو، فيڊل (فيڊل ڪاسترو) کي ٻڌائجو ته هي ناڪامي انقلاب جي خاتمي جي مترادف ڪانهي پر اُن منجهان ڪيتريون ئي ڪاميابيون جنم وٺنديون. ايليڊا (چي گويرا جي زال) کي به چئجو ته مونکي وساري ڇڏي ۽ وري شادي ڪري هڪڙي مطمئن زندگي گذاري ۽ ٻارن کي پڙهائي، سپاهين کي چئجو ته پنهنجا نشانا سڌارين.”
    جڏهن سنڌ جي قومپرست دانشور عبدالواحد آريسر، بلوچ ويڙهاڪ بالاچ خان جي شهادت کان پوءِ، ساهه جي آخري تند تائين بلوچن لاءِ ويڙهه جو وچن نڀائيندڙ خير بخش مريءَ سان ملاقات ڪندي کيس چيو هو ته “بالاچ خان بلوچستان جو ”چي گويرا“ هو ۽ تون هن دور جو “عمر مختار” آهين. تڏهن هو صحيح هو، ڇو ته “عمر مختار” جي اکين جون دَريون مظلوم قومن لاءِ دُعائون هُيون. هُن جون اکيون اُن دؤر جي جن به شاعرن ڏٺيون تن پنهنجا نيزن جهڙا نظم ”عمر مختار“ کي اَرپي ڇڏيا هئا. اڄ خير بخش مريءَ جي چپن تي مسڪراهٽ ڏسي اِئين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اُن جي مسڪراهٽ پويان هزارين خنجر کـُـتل هجن پر بلوچ مرد لاشن تي روئي پنهنجي نسلن کي مايوس ناهن ڪندا ۽ خير بخش مريءَ به اِئين ڪيو آهي ۽ بلوچن جي مزاحمت جا مورچا وڌيڪ مضبوط ڪيا آهن. سنڌ جي قومي تحريڪ جا ورڪر، جيڪي اُداسين جي اُس ۾ سڙي رهيا هُئا سي به اُن پوڙهي انقلابيءَ کي ڏسي اُتساهه جي ٿڌي ڇانو ۾ پنهنجا ٿَڪ لاهين ٿا.
    اڄ جڏهن برطانوي حڪومت به خير بخش مريءَ جي پٽ “حربيار مريءَ” تي دهشتگرديءَ جا ڪيس مڙهڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، تڏهن هن سفيد وارن واري پوڙهي “عمر مختار” جي صبر جو حـُـسيني انداز ڏسي- ڀٽائي هـُجي ها ته هڪ سـُر شايد هـِـن بلوچ ويڙهاڪ جي نالي به لکي ها. جنهن جي اندر جو ڪـَـتبو ڪو پڙهي ته ناهي سگهيو.ليڪن هُن جي دل جو ڪتاب جـِـي ٿـِـري جي گولين سان پهاڙن ۾ پـرُوڻ ڪيو ويو.
    تند تنهنجي تان، ڪـَـهيو سو قبول پيو،
    سـِـرُ ته آهي سـَـقَ ۾، پر ٻيو ڪـِـي مڱج دَان
    خاڪِ مـِـٽي ڪابان، ڪـَــٽيو ته ڪجهه نه ٿيو.
    (شاههرحه)
    بلوچن پاران پارليامينٽ کان پهاڙن ڏانهن پنڌ جو سلسلو ته گهڻو پراڻو آهي پر بلوچ قومي تحريڪ جو هي ويڙهاڪ لڏو هـِـن وقت برصغير جي سمورين تحريڪن کان مٿي بيٺل آهي. مان بي بي سيءَ جي ويب سائيٽ تي بار بار بالاچ خان جي تصويرن کي غور سان ڏسندو رهان ٿو ۽ منهنجي ذهن ۾ “مولانا آزاد” جا اُهي لفظ گونجندا رهن ٿا ته: “تلوار جي سچائي ڪنهن به دؤر ۾ ڪمزور ناهي ٿي- اُهي هٿ نهايت ئي مقدس آهن، جن ۾ سفيد جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي پر زندهه اُهي قومون رهي سگهن ٿيون، جن جي هٿن ۾ تلوار جو مـُـٺيو آهي.”
    نوروز خان زرڪزئي ۽ جنرل شيروف کان وٺي خير بخش مريءَ تائين بلوچ بغاوت جي باهه مٿان راوي ۽ چناب جي پاڻيءَ جي طاقت آزمائي وئي. پر بلوچن جي بغاوت جي باهه جا شُعلا اڳ کان وڌيڪ ڀنڀٽ بڻجي ٻرندا رهيا ۽ رياست جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون رهيون.
    هـُو به اُن بغاوت جي سلسلي جو حصو هو، جنهن بغاوت جي بدن مٿان عاشورن جون ڪيتريون ئي اُجاڙ شامون لٿيون هيون ۽ هُن ڪيترن ئي لاشن کي ڪوهلو جي پهاڙن ۾ دفن ڪيو هو. هـُن جنهن پاڪستان اندر جمهوريت کي پنجاب جي بالادستيءَ جو نالو ڏنو هو. جنهن بلوچستان جي بُک ڏسي، ڪنوارن چپن جون ڪهاڻيون ته گهڻو اڳ ئي وساري ڇڏيون هيون ۽ چمين جي فصل کي ڀيلي ڇڏيو هو، جنهن انگلنڊ جي “ٿيمس نديءَ” جي سونهري شامن کي ٿـُڏي، ڪوهلو جي پهاڙن جو پنڌ ورتو هو. تنهن پنهنجي محبوبه کي الوداع چوڻ وقت کيس ”بروٽس“ جا اُهي لفظ ضرور ٻڌايا هوندا ته:
    “That is not Ceasre I Loved you less, but I Love Rome more!!”
    يعني: ”سيزر ائين ناهي ته مون توسان گهٽ پيار ڪيو آهي، پر مونکي روم وڌيڪ پيارو آهي“ ۽ هـُن کي بلوچستان جي ڌرتيءَ سان ايترو ئي پيار هو، جيترو ڪنهن رِڻ جي مسافر کي بـَـڙ جي گهاٽي ڇانوَ سان. جڏهن هـُـن ڏٺو ته بلوچستان نيزي سان شڪار ٿيل مڇيءَ وانگر ڦٿڪي رهيو آهي ۽ ٻارڙن جا ٽهڪ سـَـڙي رهيا آهن ۽ هر گهر جي اڱڻ تي ڳوڙهن جون پـُـسيل چادرون پيل آهن ۽ مياڻ ۾ پيل تلوارون زنگجي ويون آهن. تڏهن آسرن جي اُس ۾ سڙڻ بجاءِ، هُو اُڀن ڪاون جو پـنڌ ڪري بلوچستان جي ڌرتيءَ ڏانهن موٽي آيو. سندس دل مئخانن جون مستيون ۽ ڪـِـلبن جا مزا وساري ويٺي ۽ محبوب جا ڀاڪر سندس وجود کي ڪمزور ڪري نه سگهيا ۽ نه ئي ڪنهن جي زلفن جا زنجير کيس روڪي سگهيا نه ئي هُـو ڊالر پويان ڊوڙون پائيندڙ موقعي پرست وڏيرن جي اولاد وانگر هو جو زر خاطر زمين جا سودا ڪندا رهن ۽ سرمايي مٿان موهجي وطن کي پراڻي ڪوٽ وانگر لاهي ڦٽو ڪري ڇڏين. هُو پنهنجي ديس جي دُکي ماڻهن لاءِ مزاحمت جو مورچو سنڀالڻ لاءِ موٽي آيو ۽ ڌرتيءَ جي سـُـڏڪن جي گرميءَ ۾ ڪوهلوجي پهاڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر انقلاب جي نئين تاريخ لکڻ سيکاري. مونکي خبر ناهي ته هـُن کي ڪتابن سان ڪيترو لڳاءُ هو پر هـُن “برٽش لائبريري” مان بلوچن جي ويڙهه جي تاريخ ضرور پڙهي ورتي هوندي ۽ ڪنهن بلوچ شاعر جي گيتن جون اُهي سـِـٽون به ضرور پڙهيون هونديون.
    ”پنهنجي تلوار کي
    مياڻ ۾ ايستائين واپس نه
    رکجان، جيستائين تنهنجو
    هڪ به دشمن جيئرو هجي.
    چانڊوڪيءَ جو بدن ساڙيندڙ
    تنهنجي ديس جا دشمن
    پهاڙون لتاڙيندا پيا اچن
    ۽ تون سُتو پيو آهين؟!!”
    تڏهن محبوب جي مهڻي هاب اکين ۾ نهاري بلوچ ويڙهاڪ پنهنجو وچن ڏيندي چوندا آهن ته:
    “منهنجا محبوب!
    هنن سڀني ڀيليل وستين جو قَسم
    تنهنجا ڳل، مون لاءِ ايستائين
    حرام آهن.
    جيسيتائين، دشمن کان هي ديس
    خالي نٿو ڪرايان.“
    ميڊيا جي معرفت تجزيا ۽ خبرون ته کوڙ ٻُڌڻ ۾ اچن پيون ۽ دانشور پنهنجن سمورن عقلي دليلن سان اِهو ٻُڌائي رهيا آهن ته بلوچن جي ويڙهه جو شايد هي آخري رائونڊ هُجي، پر بلوچ مزاحمت جي تاريخ اِهو ٻُڌائي ٿي ته بالاچ خان جي شهادت بلوچ مزاحمت جو آخري رائونڊ ناهي، پر هيءَ جدوجهد اڳ کان به وڌيڪ تيز ٿيندي ۽ ڪنهن فيصلا ڪُن مرحلي ڏانهن وڌندي. ڇو ته بلوچن جي ويڙهه کي سنڌ جي قومي تحريڪ سان ڀيٽ نٿي ڏئي سگهجي. سنڌ جي قومي تحريڪ ته هر چڙيل ماڻهوءَ کي “چي گويرا” جي لقبن سان نوازيو هو. پر بلوچستان جي هـِـن “چي گويرا” جي رَت سان بلوچن جي ويڙهه ۾ تيزي ايندي، جنهن کي گن شپ هيليڪاپٽرن جون بمباريون برباد ڪري نه سگهنديون.
    لڳي ائين ٿو ته بلوچ هاڻي پنهنجا نشانا وڌيڪ بهتر ڪندا ۽ سرحدن تي ويٺل اتحادي فوجون به پنهنجا نشانا سڌارڻ جي ڪوشش ڪنديون. اِها ڳالهه ياد رکڻ گهُرجي ته اُداسيءَ جي گـِـهٽين ۾ ڀٽڪي ويل قومي تحريڪن جي ورڪرن جي اندر هاڻ شايد اُتساهه پيدا ٿي پوي ۽ مان يقين سان چوان ٿو ته جيئن نوجوان ڳچين ۾ “چي گويرا” جون تصويرون پنهنجن لاڪيٽن ۾ وجهي گهـُـمندا هئا، سي اڄ کان پوءِ ضرور هـِـن سفيد وارن واري خاموش ويڙهاڪ “عمر مختار” جي پُٽ بلوچستان جي “چي گويرا” کي پنهنجي دل جي مندر ۾ سانڍي رکندا ۽ جڏهن ڪوهلو جي پهاڙي سلسلن مٿان ڪو گن شپ هيليڪاپٽر ڦيرا ڏيندو ۽ لهندڙ شام جا پاڇا پهاڙي سلسلن مٿان پنهنجون پنبڻيون پُورڻ لڳندا ۽ ڪٿان ڪنهن گوليءَ جي گونج ايندي، ته اُها گولي بلوچن جي ويڙهاند جي آخري گولي نه هوندي.


    علي بابا

    علي بابا سنڌ جو ديومالائي ليکڪ آهي. جنهن پنهنجي ڊرامن ۽ ڪهاڻين سان سنڌ جي اُن طبقي جي درد ڪٿائن کي پنهنجي قلمي سگهه سان اسڪرين تي آندو. جنهن طبقي جي مسئلن کان سنڌ جا ماڻهو بلڪل بيخبر هُئا. خانه بدوش قبيلن کان وٺي، ٻيڙين جي گهرن ۾ رهندڙ مُهاڻن تائين. عليءَ جي ڪهاڻين جا موضوع مِٽيءَ جا ماڻهو رهيا آهن. هُو “موهن جو دڙو” ناول جو تخليقڪار آهي. جيڪو سنڌي ادب جو شاهڪار ناول آهي. ڪوٽڙي ڄائي علي بابا جو سنڌوءَ ۾ ساهه آهي.


    اي اگني(ڌرتي)! مان توکي، پاڻيءَ جي چادر سان ڍڪيان ٿو. ڇو ته تون اسان لاءِ پاڪ آهين. اناج ڏيڻ ۽ سُڪون پُهچائڻ جو سبب آهين. (رگ ويد)
    جيئن “سنڌ” جي زوردار هوائن سان لهرون اُٿن ٿيون، جيئن سُرخ گهوڙو لڪڙيون ٽوڙيندو پگهر وهائيندو ايندو آهي. اهڙيءَ طرح کير جون نديون تيزيءَ سان وهي رهيون آهن.

    (رگ ويد)


    ادب جي سينواريل ڍنڍ ۾ هڪڙو نيل ڪنول....!!!

    هزارين سال اڳ سنڌ سونمياڻيءَ جي سونهن هُئي. جتي راجائن جو راڄ هو. جيڪي پُرامن هُئا. هنسا جو ڪو تصور ئي نه هو. شانتي جي شمع پُوري ديس مٿان ڪنهن ڇٽيءَ جي ڇانوري وانگر هوندي هُئي. جتي سنڌوءَ جي پُوڄا ديوتائن وانگر ٿيندي هُئي. جتي مهاويد آتم تارا لاءِ ڪُومل ڪامڻيون اکين ۾ ڪجل ۽ ڪاراين ۾ سونا ڪڙا پائي عرصن کان انتظار ڪنديون هُيون. جيئن مهاديو لڇمڻ تارا جون مهربان نظرون اُنهن مٿان به پئجي سگهن، جن جا سرير ستيا سان سرشار هوندا هُئا. پُوڄارڻيون پاٺ ڪندي ڪُنوارين جي سَتيا لاءِ ديوتائن اڳيان سوين ساٺ ڪنديون هُيون. سمبارا لوڪ مهاويد آتم تارا جي سلامتيءَ لاءِ ديوتائن جي در دُعائون گُهرندو هو. ڇاڪاڻ ته اُن ديس ۾ سُک سلامتي، امن ۽ شانتيءَ خاطر دعائون ئي هٿيارن طور استعمال ٿينديون هُيون. دُعا جنهن ۾ درد هو. دُعا جنهن ۾ طاقت هُئي. دُعا جنهن ۾ نياز ۽ عاجزي هُئي. دُعا جيڪا پُوڄارڻين جي پناهه هُئي ۽ سونمياڻيءَ جو سُک ۽ سلامتي اُن دُعا ۾ ئي سمايل هو. اُهو ڪهڙو ديس هو؟ اُهو ديس جنهن جي دُنيا پَرين جي ديس جي ڪهاڻيءَ کان مُختلف نه هُئي. ليڪن وقت تبديل ٿيو. اهڙي پُرامن ديس جي دل مٿان رت جو سنڌو وهيو ۽ هڪ عظيم تهذيب مِٽجي ۽ ميسارجي تاريخ جي تهخانن ۾ رهجي وئي. ليڪن ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هِن ديس جي مِٽيءَ اهڙا تخليقڪار پئدا ڪيا آهن. جيڪي پنهنجي تخيل جي اُڏام ۽ ذهانت جي طاقت سان هزارن سالن جي وڃايل تهذيب جي ماڻهن جو تسلسل لڳندا آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن هڪ مُوڊ جي حوالي سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪيتريون ئي سماجي بيقدريون ۽ بيحسيون انساني مُقدر ۾ اينديون آهن. تمام وڏا ماڻهو ۽ عظيم هستيون به زندگيءَ جي مادي حقيقتن سان مُقابلو ڪري ناهن سگهنديون. جن جي بي پناهه ذهانت ۽ غير معمولي صلاحيت به مادي دُنيا جي هاٿيءَ جهڙن پيرن هيٺان اچي ڪُچلجي ويندي آهي. دُنيا جي ادب جي ڇانو ۾ ٻه گهڙيون ويهي ٿَڪ ڀڃڻ بجاءِ، فقط سنڌ جي سياسي ۽ ادبي اتهاس جي روشنيءَ ۾ پنهنجو سفر جاري رکي جائزو وٺنداسين ته شايد زنگجي ويل سنڌ جو سياسي ضمير اُن جو ذميوار نظر ايندو. تمام وڏا ماڻهو جن جو قد ڪاٺ عالمي ادب ۽ سياست جي تناظر ۾ اچڻ گُهربو هو. پر حالتن هٿان اُنهن جي پرواز جا پرڙا سياسي ڪينچين سان ڪتري اُنهن کي اهڙي محدود زندگي گُذارڻ تي مجبور ڪيو ويو. جو اُهي اعلى پايي جا عالم سنڌ کي عالمي ادب جهڙا شاهڪار ڏيڻ بجاءِ محدود زندگيءَ جي دائرن ۾ دٻجي، سماج جي سوڙهين گهٽين تائين محدود رهجي ويا. اڄ تائين ڪنهن کي ڪو به پتو ناهي ته اُهو ڌرتيءَ ڌڪاڻو حَشو ڪيولراماڻي اُلهاس نگر جي ڪهڙي گهٽيءَ ۾ غائب ٿي ويو؟ جنهن کي سنڌ جي پڙهيل لکيل ساڃاهه وندن زبردستي اُن پار موڪليو هو. جنهن پار کي هُو آخري وقت تائين قبولڻ لاءِ تيار نه هو. جنهن جي جسماني ڍانچي جو پاڇو ته ممبئي ۽ اُلهاس نگر ۾ نظر ايندو هو. ليڪن اُن جو رُوح اروڙ جي غُفائن ۾ ڀٽڪندو رهندو هو ۽ دل ديبل ۾ دفن ٿي وئي هُئي.. خبر ناهي ته حشوءَ جا پڇاڙڪا پهر ڪيئن گُذريا هُئا؟! پتو ناهي ته هُن جي چُرندڙ پُرندڙ وجود ۾ ڪهڙي وِلوڙ هُئي. اها به خبر ناهي ته هُن جي دل جي تند هُن جي جسم جو ساٿ ڏيڻ ڪڏهن کان ڇڏيو هو. ليڪن اِها پَڪ آهي ته حشو ڪيولراماڻي هِن دُنيا کي تڏهن الوداع! چيو هو. جڏهن هُن سنڌ ڇڏي هُئي. سنڌ کان جُدائيءَ جو غم کيس اهڙي گهٽيءَ ۾ گهِلي کڻي ويو. جتان هُو ٻيهر واپس وري نه سگهيو. پر مون جيترو حشوءَ جي باري ۾ پڙهيو آهي ۽ ٻُڌو آهي تيئن تيئن مان پريشان ٿيو آهيان. ڇاڪاڻ ته حشوءَ جي ساهميءَ ۾ طور ڪجي ها ته هُو هڪ کنڊ کان به ڳرو انسان نظر اچي ها. اياز چواڻي ته: “اُن جهڙو قابل ۽ ذهين انسان سنڌ پئدا ڪري ناهي سگهي.”! حشو ته هِن سماج جو سهارو ٿيڻ بجاءِ اڳئين دُنيا جي در تي بيهي سنڌ کي پنهنجي نماڻين نظرن سان ڏسندو هوندو. ليڪن مان جڏهن به اُن سنهڙي سيپڪڙي هڏين جي مُٺ جيتري وجود کي ڪوٽڙيءَ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڏسندو آهيان. تڏهن ائين لڳندو آهي ته اُهو حشوءَ جو ڀٽڪندڙ روح آهي. جيڪو پنهنجي ذات ۾ ذرڙو هُجڻ جي باوجود، بي پناهه طاقت آهي. جيڪو پنهنجي جسماني وجود ۾ ڪمزور پر پنهنجي دل ۾ وسيع ديس جيڏو وجود آهي. اُهو علي بابا جنهن جا دوست سنڌ جا سٻاجها ٻار آهن. سو خود به معصوم ٻارڙن وانگر آهي. جنهن جي سيني ۾ چالاڪين واري چال چلندڙ دل ئي ناهي. هُو معصوم ۽ ديوانو آهي. ديوانگيءَ جي دُنيا به عجيب ٿيندي آهي. جنهن دُنيا ۾ رُڳو درد هوندا آهن. جتي خوشيون فقط خُوابن جي آرڪسٽرا ڌُن بڻيل هونديون آهن. اُهو “علي” جنهن جون دوستيون مُهاڻن، ڪولهين، باگڙين ۽ سماج جي ڏُتڙيل انسانن سان ئي رهيون آهن. جن جي زندگين جون پنهنجون ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون آهن. جيڪي پنهنجي ڪٿائن جي ڪتابن کان اڳيان ناهن سوچيندا. جن جي اڳيان ادب ۽ اديبن جون دُنيائون ئي اوپريون هونديون آهن. اهڙا ماڻهو علي بابا جي اکين جا تارا رهيا آهن. جيڪي هُن جي ڪهاڻين جو نه فقط موضوع رهيا آهن پر اُنهن جي دلين جا داستان علي بابا کانسواءِ باقي دُنيا کان هميشه ڳُجها رهيا آهن. اُهي دلين جا ڳُجهه ڪنهن سان سَلي ناهن سگهندا. ليڪن علي بابا اُنهن جي دلين جي ڪتابن جا داستان پنهنجي دل جي دفتر ۾ سانڍي رکڻ کان پوءِ پنن جي پيٽ تي جُئارين جي ڇڪي وانگر اُڇلي ڇڏيندو آهي. اُهي جيڪي علي بابا سان سَلڻ نه جهڙيون ۽ ڪرڻ نه جهڙيون ڳالهيون به ڪري ڇڏيندا آهن. تن جي زندگيءَ جا راز فقط عليءَ جي دل ۾ ئي دفن آهن. جن لاءِ هُن ڊراما لکيا. جن لاءِ هُن “دنگيءَ منجهه درياءُ” جهڙو شاهڪار ڊرامو لکيو. ليڪن ڪنهن لاءِ؟ جن لاءِ هُن ڊراما لکيا، تن جي گهرن ۾ ته ٽي وي به نه هُئي. جيڪي ڏسڻ کان پوءِ کيس پنهنجا پگهر ۾ پُسيل سينا آڇين ها. کيس پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي داد ڏين ها. اهڙن ماڻهن وٽان مليل پيار جي پرشاد جي اهميت ته نوبل انعام کان به مٿي هوندي آهي. ليڪن هُن جون ڪهاڻيون، هُن جا ڪتاب هُن جا ڊراما اُن مخلوق جي دلين جا دروازا کڙڪائي نه سگهيا. هُن جون لکڻيون سماج جي پُٺتي پيل انسانن تائين پُهچي نه سگهيون. ليڪن عليءَ جي حصي ۾ اُهو پڙهيل لکيل طبقو آيو، جنهن کيس مانائتي موٽ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي. ليڪن اهڙي بيقدر مخلوق، جن جي سينن ۾ سيهي جهڙي دل هُئي. جيڪي ڊرامن ۾ عوامي زندگيءَ جو عڪس پسي ناهن سگهندا. جيڪي اِهو سمجهي ناهن سگهندا ته تخليقڪار اُگهاڙن انگن کي ڍڪڻ ۽ اُنهن جي زندگين ۾ تخليقن جي ذريعي تبديلين جي تمنا رکندا آهن ۽ اِها اُميد ڪندا آهن ته اُنهن جون تخليقون سماج جي ستم ظريفين جي شڪار طبقي کي ڪنهن سماجي توازن ۾ آڻي فِٽ ڪنديون ۽ اهڙي طبقي جي اُلجهيل زندگين تي ويچاريو ويندو ۽ اُنهن جا ٻار به اسڪول جي عمارتن کي حسرتن ڀريل نظرن سان نهارڻ بجاءِ، پاڻ اُنهن اسڪولن ۾ پڙهي سگهندا. پر افسوس! جو هي سماج غريبن جي ڪهاڻين مان تفريحي لُطف وٺندو رهيو. جن وٽ ڊرامن جي اهميت واندڪائيءَ جي وندر کان سواءِ ٻي ڇا هُوندي آهي؟ دُنيا ڊرامن، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ جهڙن شاهڪارن کي پنهنجي انقلابي سگهه سمجهي اڳتي وڌي آهي. ليڪن هي سماج انقلابي سگهه ته وڃائي به چُڪو. ليڪن، پنهنجي تخليقڪارن جي تخليقي سگهه کان به محروم بڻجي ويو. سنڌي ادب ۾ چريا ۽ ديوانا اديب هر دور ۾ دُکي رهيا آهن. ماڻڪ ۽ ماٺيڻي اوٺي کان وٺي علي بابا تائين جزباتي ۽ حساس تخليقڪارن جي حصي ۾ سماج جون حقارتون ئي آيون آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي هميشه سياسي پارٽين جي پاڇي کان پاسي تي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اُنهن پنهنجي ڌُن ۾ ئي هلڻ سِکيو آهي. چالاڪ اديبن وانگر اُنهن ڪڏهن به ٻين کان لکائي پنهنجو نالو ناهي ڪمايو. اُنهن ڪڏهن به پنهنجي ادبي پورهيي کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ جهڙو وکر سمجهي قيمتون مقرر نه ڪيون آهن. سي هميشه پنهنجي اُصولن ۽ آدرشن جون سزائون ڀوڳيندا رهيا آهن. ڪنهن وٽ به ان جو جواب ناهي ته علي بابا جهڙي اعلى پايي جهڙي ذهين ليکڪ جون ڪهاڻيون ڪاڏي ويون؟ ڪتاب ڪاڏي ويا؟ ڊراما ڪاڏي ويا؟ هڪ پُوري “موهن جي دڙي” کي گُم ڪيو ويو آهي. سنڌي اديبن وٽ جواب آهي؟ جن جو ڇَسو ادب مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان ڇپجي رهيو آهي. ليڪن علي بابا جي باري ۾ انٽرنيٽ تي به ڪوئي خاص مواد موجود نظر نٿو اچي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اسان جي نامِ نهاد ادبي دُنيا جي سينواريل ڍنڍ ۾ ڪنهن نيل ڪنول جي وجود کي برداشت ڪرڻ جهڙيون دليون ئي ناهن. علي بابا به اهڙي سماج جو حصو آهي جنهن سماج ۾ ذهين، اُصول پسند، باضمير ۽ معصوم تخليقڪارن کي چالاڪين سان استعمال ڪري هڪ پاسي ڪيو ويندو آهي. جن سان پنهنجا ساٿي به پراون جهڙو سلوڪ ڪندا آهن. علي بابا ادبي دُنيا کان ڪٽيل ڇو آهي؟ ڇو اُن جي تخليقي سگهه گُمناميءَ جي گهٽين ۾ ڀٽڪي گُم ٿي وئي آهي؟ اُن جا سبب ڪهڙا به هُجن پر اُن جو قصور اسانجي سماج جي اُها بيحسي آهي جو اسان پنهنجي جينيئس ليکڪن ڏانهن پنهنجي جارحانه روش جو جائزو وٺي ناهيون سگهيا. جيڪڏهن روس ماياڪووسڪيءَ کي بچائي پئي سگهيو ته پوءِ اسانجو سماج آخر علي بابا کي بچائي ڇو ناهي سگهيو؟ ڇا ماياڪو وسڪيءَ جي زندگيءَ جون حالتون علي بابا کان مُختلف هُيون؟ پر مونکي افسوس سنڌي سماج تي آهي. جنهن هڪڙي فقير ليکڪ جي حصي ۾ گُمناميءَ جهڙي اوندهه اوتي ڇڏي آهي.
    علي بابا جنهن جي سيني ۾ سهي جهڙي دل آهي. پر هُو جڏهن به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد ۽ سنڌ تي ڳالهائيندو آهي ته ٽلٽيءَ جا جوڌا ۽ مرزا صالح جي پيٽ ۾ خنجر کوڙيندڙ مُريد جت جي ديوانگي به ياد اچڻ لڳندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هُو سنڌو سڀيتا مٿان آرين جي حملي جي سازش جي سنک وقت خود لڇمڻ ڄام سرواڻ هُجي. جيڪو ٽامي جي راجا خلاف سونمياڻيءَ جي سُندر وجود کي بچاءَ جو وڏو آواز بڻيل هو. اُهو علي بابا جيڪو پنهنجي مزاج ۾ جزباتي ۽ ديوانو آهي. جنهن ڪڏهن به چالاڪيون ناهن سِکيون. جيڪڏهن کيس چالاڪين جهڙا گُر اچن ها ته باقي سمورن اديبن وانگر هُو به مراعت يافته طبقي جو حصو هُجي ها. ليڪن هُن جي مزاج ۾ مراعت يافته هُجڻ جو مقصد ڪنهن گار کان گهٽ ناهي رهيو. سو ڪڏهن ڪڏهن ڏيئي جي آخري وسامجندڙ وَٽِ وانگر لڳندو آهي ته ڪڏهن جهنگلن جي اهڙي باهه وانگر لڳندو آهي. جنهن کي ڏسندي ڪيترائي ڏيهه ڏڪي ويندا آهن. جيڪڏهن سنڌو درياهه جي ڪا انساني صُورت هُجي ها ته اُن جو روپ علي بابا هُجي ها. هُو به سنڌو درياهه وانگر ڪڏهن ماٺيڻو ۽ سُڪل واريءَ جهڙو لڳندو آهي ته ڪڏهن اُٿلون کائي اُٿندو آهي ۽ ڪنارن کي به ڪنبائي ڇڏيندو آهي. هُو ستارن جي سيج تي ڊوڙون پائيندڙ اهڙو چنڊ لڳندو آهي. جيڪو ڪڏهن سنهڙو ته ڪڏهن ڳچ بڻجي پوندو آهي. مونکي خبر ناهي ته علي بابا “موهن جو دڙو”ناول ڪيتري ڄمار ۾ لکيو هو؟ ليڪن اها خبر اٿم ته هُن “موهن جو دڙو” تڏهن ڏٺو هو. جڏهن هُن جو ناول پڙهندڙن جي هٿن تائين پُهچي چُڪو هو. پر ڇا اِهو ڪمال ناهي ته ڪو اديب پنهنجي تهذيب جي تاريخ جا کنڊرات ڏسڻ کان پهرين اُنهن کي زندهه ڪري وِجهي. جيڪو پنهنجي تخليقي صلاحيت سان هڪ مُردهه ۽ دفن ٿيل شهر کي کوٽي ڪڍي اُن ۾ ساهه وِجهي ڇڏي. جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي خاموش مُجسمي کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهي. سو اڄ سنڌي ادب جي آسمان تان اُجهاڻيل تاري وانگر بڻيل آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اُن جي ادبي دُنيا مان گُمنام بڻجي پوڻ جي پويان ڪهڙا سبب آهن؟ ليڪن ائين محسوس ٿي رهيو آهي. ڄڻ سنڌ مان موهن جي دڙي جو وجود ميسارجي ويو آهي. جنهن انداز ۾ هُن موهن جي دڙي جي منظر ڪشي ڪئي آهي. اهڙي دلڪش منظر ڪشيءَ جو ڏانءُ نوبل انعام حاصل ڪندڙ ڏاهن جي حصي ۾ به ناهي آيو. “اسان ڪيئي ڀيرا آرين سان وڏيون جنگيون ڪيون. هنن جا وڏا سردار مارياسين ۽ قيد ڪياسين ۽ آريا اسان جي پيش پيا. اسان کين جيئندان ڏنو. اُن لاءِ ته اسان جو ڌرم کميا، تپسيا، اهنسا، ديا ۽ دان آهي. اسين هن ڌرتيءَ تي امن امان چاهيون ٿا. اسان آرين ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو. اسان آرين کي ڪڀا ۽ وروونا وارا پَٽ ورهائي ڏنا. اُن لاءِ ته آريا ديش ۾ برف پوي ٿي. اُتي اناج نٿو اُڳي. اسان آرين سان وڏا وَڙَ ڪيا. او ڌرتي! او ماتا وڌاتا! آرين وري منهن ڪڍيو آهي! آرين وري ڪر کنيو آهي.” (علي بابا- موهن جو دڙو، ناول) علي ته اُن تهذيب جو ۽ شهر جو دراوڙ آهي. جنهن درندگيءَ جهڙي دُنيا ۾ اک کولڻ جو جُرم ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن عظيم انسانن جي حصي ۾ بيحس سماجي حالتون اينديون آهن. جيڪي اُنهن جي فطري ماحول ۾ مُداخلتن جو سبب بڻبيون آهن. علي بابا جيڪڏهن اولهه ۾ اک پٽي ها ته شايد هِن وقت نوبل انعام جو مُستحق بڻجي وڃي ها ۽ دُنيا جي جهوليءَ کي شاهڪار ادب سان ڀري ڇڏي ها. ليڪن هُن اهڙي سماج ۾ اک پٽي، جيڪو سماج تخليقي ادب جي تارازيءَ کان ئي محروم آهي. جنهن سماج جي مجموعي نفسيات ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ پنهنجي معياري ادب کي دُنيا جي ٻولين ۾ ترجمي ڪرائڻ جهڙن رُجحانن کان ئي ڪٽيل آهي. جنهن سماج ۾ چالاڪ دلين ۽ شاطر دماغن وارا اديب هُجن جيڪي تخليقي ادب جي اوسر اڳيان چالاڪين ۽ سازشن جا ڄار اُڻي ويٺل هُجن. جيڪي معصوم دليون رکندڙ جذباتي ۽ ديوانن اديبن جي اڳيان خود اُڀن ڪاون جا رستا وڇائي ويٺل هُجن. اُتي علي بابا جي تخليقن سان ڇا ٿيو هوندو؟ اُن جا تفصيل پڙهندڙ پاڻ تلاش ڪن. اهڙي سماج ۽ ادبي دُنيا ۾ علي بابا جهڙي ذهين اديب کي ڪتابن جي دوڪان تي ڳولڻ بي معنى هوندو. اهڙي اديب جون شاهڪار لکڻيون ڳريل ۽ سڙيل ڪاغذن جي صورت ۾ اُن جي جُهرندڙ جهوپڙيءَ جهڙي گهر مان هٿ اچي سگهن ٿيون. اهڙو الميو اوڀر جي اڪثر ذهين اديبن ۽ شاعرن جي حصي ۾ آيو آهي. منٽو کان وٺي، ساغر صديقيءَ تائين ۽ علي بابا کان وٺي حشو ڪيولراماڻيءَ تائين. هي سماج اُنهن جو مُجرم آهي. جيتوڻيڪ منٽو ۽ ساغر جي ته ڪنهن حد تائين مالڪي به ٿي، پوءِ اُها مالڪي اُنهن جي اڻڇپيل تخليقن کي ڇپائڻ جي صورت ۾ ئي صحيح. ليڪن علي بابا، حشو ڪيولراماڻي، ماڻڪ ۽ ماٺيڻي اوٺي جو سوال اچي ٿو ته اسان وٽ اُن جو ڪو به جواب ناهي.
    اُهو علي بابا جيڪو ٿر جو عاشق آهي ۽ وسڪاري جي مُند ۾ ٿر لاءِ ڪنهن ٿريي کان وڌيڪ تڙپي پوندو آهي ۽ هُو پنهنجي دل کي روڪي سگهڻ جي همت هاري ويهندو آهي. اُهو ٿر جيڪو وسڪاري کان پوءِ سونمياڻيءَ جي راڻي شيوا جو بدن بڻجي پوندو آهي. جنهن ٿر جي ڪُنواري حُسن مٿان مور ٽهوڪا ڏئي ٽِڙندا آهن. اهڙي مُند ۾ هُو جڏهن ڪارونجهر جي ڪنهن چوٽيءَ تي چڙهي ويو هو ۽ جڏهن هڪ پاسي نظر اُڇلائي هُئائين ته هُن جي واتان بي خوديءَ مان درد ڀري دانهن نڪتي هُئي ته: “او خُدايا! هِن ڌرتيءَ سان ماڻهو غداري ڪيئن ٿا ڪن؟!!!” اُهو علي بابا جنهن موهن جو دڙو ناول ۾ لکيو آهي ته: ۽ پوءِ پُوڄارڻين سندس ڇَتا ڇوڙيا. سندس ڪامڻيءَ ڌڙ کان وهانو جو کهنبو وڳو ڌار ڪيو. کاٻيءَ ٻانهن ۾ عاج جي موتين مڙهيل ٻانهن، ساڄيءَ ۾ سون ڪڙا ۽ ڪنگڻ، ڳچيءَ ۾ هسلي، گهگهي جيان گول سڊول بدن جو گهڙاءُ....۽ سون جي اُجري اُجري، سرهاڻين ڀريل، گل،ڦل پاڻيءَ ۾ ڄڻ لٿي هُئي. ڪا اِندر لوڪ جي اپڇرا، اڱڙا ڌوئڻ لاءِ ديوداسيون مٿائنس گلن ڦلن جي ورکا ڪنديون رهيون، ۽ پوڄارڻين جلترنگ ۽ جهانجهه تي راڳ ڇيڙي ڇڏيو:
    جهٽ جهٽ وهنجي وٺ ڙي ڇوري، مٿان مور پيا ڏسن!
    جهٽ جهٽ اڱڙا ڌوئي وٺ، ٻارڙا سڀ سنڌو گهاٽ تي اٽي ڏڪر کيڏڻ ويا آهن:
    جهٽ جهٽ وهنجي وٺ ڙي ڇوري، ڇورا متان اچي وڃن!
    جنهن پاڻيءَ ۾ تون وهنجي پئين، سو باغن ڏانهن وهائبو، تُنهنجي سُرهي مَر مان ڦُٽنديون ڪيئي سرهيون ڦُلڙيون:
    جهٽ جهٽ اڱڙا ڌوئي وٺ، مٿان مور پيا ڏسن!“
    سونمياڻيءَ جي سونهن جي منظر ڪشي ۽ دراوڙن جي سرڪشي علي بابا جي تخليقي ذهانت جا وڏو مثال آهن. عليءَ جي ٻولي ۽ لهجو هُن جي تخليقن جي انفراديت جو انوکو مثال آهن. پر جيڪڏهن اسان علي بابا کان ڪلا، سونهن ۽ رقص جي باري ۾ پُڇون ته اُن جو جواب به هُو پنهنجي تخليقن مان ڏئي ٿو. “مون چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ مور کي ناچ ڪندي ڏٺو آهي، ۽ سدا ائين ڀائيندو هوس ته مور نِرت جو انت آهي. پر شيوا! تُنهنجي سونهن ۽ ناچ ڏسي ڀانيان ٿو ڪلا جو ڪو انت ڪونهي. سچ تون سپنن جي اپسرائن کان به سُندر آهين.” شيوا ڊيل وانگر ڪنڌ مٿي کڻي مڌماتن نيڻن جي گُهور سا نهاري چوي ٿي: “مهاويد! ناچ سرير جي ڪويتا آهي. اندر جي اوڀام.....! بن ۾ مور ڇو نچندو آهي؟ ڪنهن لاءِ نچندو آهي؟! اِيءَ رڳو مور ڄاڻي ٿو. منهنجو نِرت منهنجي اندر جو اُڌمو آهي.” ڪلا، رقص، سونهن ۽ سونمياڻيءَ جهڙي ديس جو شهزادو ليکڪ علي بابا اڄ خاموش آهي. جنهن جي ماٺ سنڌي ادب لاءِ هاڃيڪار آهي. تنهن ڪري اسان عليءَ سان هڪ حُجت ٿا ڪريون ته: علي! تُنهنجي، تخليقن کان ناراضگي ته جائز ٿي سگهي ٿي. ليڪن اُنهن نوجوانن کان تُنهنجي ناراضگي جائز ناهي. جن ننڍپڻ کان توکي چاهيو آهي. اُنهن تُنهنجي تخليقن سان مُحبت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته، تو سنڌ کي چاهيو آهي. مهراڻ جي هر موج ۽ لهر کي چاهيو آهي. سنڌ کي اڄ به تُنهنجي تقريرن ۽ تحريرن جي ضرورت آهي. تُنهنجون تخليقون سنڌ جي سياسي رِڻ ۾ بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻجي سگهن ٿيون. تنهنجون تخليقون آرڪسٽرا جي اُهڙي ڌُن آهن. جنهن سان سنڌ جو نئون نسل پنهنجي بِگڙيل توازن کي بحال ڪري سگهي ٿو ۽ موهن جي دڙي جي اسٽوپا جون اُداس اکيون ٻيهر ڏيئو بڻجي ٻري سگهن ٿيون. علي! سنڌ توکان مُطالبو ٿي ڪري ته تون اُن جي جهوليءَ ۾ پنهنجي تخليقي جذبن جا تحفا پيش ڪرڻ واري صلاحيت کي ساڻي ساهه وانگر نه بڻاءِ. سنڌ جو ادب تُنهنجي آجيان لاءِ پنهنجا نيڻ وِڇائي ويٺل آهي. ڇاڪاڻ ته تون ئي سنڌي ادب جي سينواريل ڍنڍ ۾ اڪيلو نيل ڪنول آهين.


    حسن درس 1968-2011

    حسن درس سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو خوبصورت شاعر آهي. سندس شاعريءَ جي سڳنڌ ٿوري عرصي اندر سنڌ واسين کي موهي وڌو. پر افسوس ته انگريز انقلابي شاعر شيلي وانگر هي به هڪ حادثي دوران جوانيءَ ۾ ئي اوچتو پنهنجي چاهيندڙن کي الوداع! چئي هليو ويو.


    ائين بس ملياسين جو وڇڙي وياسين!
    وڇڙي وڃي پوءِ وڻن ۾ ڦُٽاسين،
    ڪنارا به ڪيئي ندين جا ڏٺاسين،
    گهٽا مينهن بنجي پٽن تي وٺاسين،
    ائين بس ملياسين جو وڇڙي وياسين!
    تمنا جي آڱر نه پڪڙي سگهياسين،
    سڳين کي اکين سان نه جڪڙي سگهياسين،
    رڳو گنبذن تان نهاري سگهياسين،
    رڳو ڏاڪڻين تي چڙهياسين لٿاسين
    ائين بس ملياسين جو وڇڙي وياسين!
    هوا گهر اسانجو ٻُهاري کڻي وئي،
    رڳو بس وحشت سهارو ٿي بيٺي،
    نديءَ کي دلي ۾ وجهي ڪو کڻي ويو،
    اڪيلائي پنهنجو ڪنارو ٿي بيٺي،
    صفا سڃ ۾ پئي ڇوليون ڇلياسين،
    ائين بس ملياسين جو وڇڙي وياسين!
    ڪتابن جون ڳالهيون ڪتابن ۾ آهن،
    مگر موسمون ته گلابن ۾ آهن،
    سوالن نه ساهي کڻڻ ڪا ڏني،
    جوانيون ته جملن جوابن ۾ آهن،
    سوال جواب نه سمجهي سگهياسين،
    ائين بس ملياسين جو وڇڙي وياسين....!!!

    (حسن درس)


    زندگيءَ جو رومانس....!!

    سونهري وارن واري آمريڪي ليکڪا ايلزبيٿ بشپ جنهن لکڻ جي شروعات شارٽ اسٽوريز کان ڪئي هئي. سا پنهنجن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ به ان حسرت جو شڪار رهي ته هوءَ شاعره ناهي. تنهن ڏاڍي چڱي ڳالهه چئي هُئي ته: “خدا جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ شاعريءَ جو در وڌيڪ موزون آهي.” هن چيو هو ته “شاعري زندگيءَ جي رقص ۽ عورت جي ٽهڪن سان ڀريل اهڙي دنيا آهي. جتي دنيا جا باقي رستا وڃائجي وڃن ٿا.” تخليق جي خوشبو زيرِ زمين تحريڪ وانگر ٿيندي آهي. جنهن جا اثر وقت جي هر دور ۾ وهندڙ ندين وانگر ڌرتيءَ کي سيراب ڪري سائي گاهه جو سبب بڻبا آهن. سنڌ خيالن جي خدائيءَ سان اهڙي سرشار ڌرتي رهي آهي، جنهن جي موسيقيت واري مٽيءَ مان معذور مسافر به مدهوشيءَ جي دنيا ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ سندن دليون اهڙي چنبيلي ول بڻجي پون ٿيون جنهن جي سڳنڌ تي سوڳ جون ميريون راتيون به اُجريون بڻجي پون ٿيون. شاعر هوا جي بدن تي خوشبو جو ڪو جهوٽو هوندا آهن؟ يا ڌرتيءَ جي سڏ جو پڙاڏو هوندا آهن جنهن جي گونج صدين تائين تاريخ جي رت هاڻين پنبڻين ۾ ڳاڙهن موتين وانگر جرڪندي رهندي آهي. شاهه لطيف سنڌ جو اهو شاعر هو جنهن جي عالم وٽ به ايتري ئي اهميت آهي جيتري عام ماڻهوءَ وٽ.
    ايلزبيٿ بشپ صحيح چيو هو ته: “خدا جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ شاعري جو رستو ئي موزون آهي.” شاعر جي اک ايندڙ انديشن کي آسانيءَ سان پرکي وٺندي آهي. اُهي پنهنجي دور کان گهڻو اڳتي ڏسي سگهندا آهن. انهن جي اک زمانن تي هوندي آهي. اُهي فقط حال جي حقيقتن ۾ ڦاٿل ناهن هوندا. اُهي پنهنجي تخيل جي تيزيءَ سان اهو سمجهي سگهندا آهن ته عاشقيءَ جي اُس جيتري تلخ ٿيندي آهي ايترو ئي وڻندڙ هوندي آهي. مٽيءَ سان محبت به انهن جي غيرمشروط عشق جو عڪس بڻجي ويندي آهي.
    سنڌ جي شاعريءَ جو تخليقي سفر ته جاري رهندو پر هو جيڪو پنهنجي پهاڙي ٽهڪن سان کلائي کيرو ڪندو هو ۽ پنهنجي منفرد انداز ۽ اسلوب سان شاعري ٻڌائي دنيا کان دور فقيري فطرت سان پراون کي به پنهنجو ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو اهڙو انداز سنڌ جي ڪنهن به نوجوان شاعر ۾ نظر نٿو اچي.
    مون ڪيترائي ڀيرا ذاتي طور هن فقير کي منٿ ڪندي چيو هو ته: “تنهنجي شاعري جتي ڪٿي وِکري پئي آهي، ڪنهن ڪتابي صورت ۾ آڻ ته تنهنجي خيالن جي خدائيءَ کان سنڌ به واقف ٿئي.” هڪ ڀيري هن ڪمپوز ٿيل ٽي چار نظم ڏيکاريا. مون اهي نظم کڻي چيو ته: “هاڻ اِهي نظم توکي نه ڏبا.” ۽ پوءِ کوڙ سارين ڪچهرين ۾ حسن جا نظم مون پنهنجي نالي سان هن جي موجودگيءِ ۾ دوستن کي پڙهي ٻڌايا ۽ داد به ورتو. پر هن ڪڏهن به اُن تي اعتراض نه ڪيو فقط ايترو چوندو هو، “ڀلي عياشي ڪري وٺ_ منهنجو ڪتاب ايندو ته تنهنجي شاعرانه عياشي ختم ٿي ويندي.“ جيتوڻيڪ هن جي حياتيءَ ۾ هن جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي نه سگهيو. پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪا اڀاڳي رات اسان کان اسانجو شهزادو شاعر ڦُري اسان جي اکين ۾ زخمن جا ڪنڊا پوکي ڇڏيندي. حسن درس دل ۾ شڪايتون رکندڙ شاعر نه هو. هو سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو اهو شاعر هو جنهن جي دل جا دروازا دوستن لاءِ هميشه ديوانگيءَ جي حد تائين کُليل رهندا هُئا. جيڪڏهن هُو چاهي ها ته ڪنهن به سرڪاري سيٽ اپ ۾ مشيري ماڻي وٺي ها. پر هُو فيض جي اِن سٽ وانگر رهيوته:
    ہم خستہ تنوں سے محتسبو، کيا مال منال کا پوچهتےہو،
    جو عمر سے ہم نے بہر پایا، سب سامنے لائے دیتے ہیں-

    هن جي زندگي زر ۽ زيور جي محتاج نه هُئي. هن پنهنجي مختصر عمر ۾ شاعريءَ جي جيڪا تسبيح ڇڏي اُها سنڌي ادب جي آسمان جو اهو ستارو بڻجي پئي آهي جنهن ستاري جي روشني ۾ شاعريءَ جا نوان رستا جڙندا. حسن جي حصي ۾ اها خوشنصيبي به آئي جو هُن جي ڪتاب جو مسودو ثقافت کاتي يا ڪنهن ٻئي سرڪاري اشاعتي اداري کي ملي نه سگهيو نه ته اڄ تائين حسن جو تخيل اسانجي دلين کان دور هجي ها ۽ اهو فقط سمريز، بجيٽ ۽ ايپروول جي اُس ۾ سڙندو رهي ها.
    پر حسن جي شاعريءَ جي لاءِ اهو ئي وڏو اعزاز آهي جو هن جي ڪتاب کي ڇپائڻ وارا سرڪاري هٿ نه رهيا جيڪي ڪتاب کي به ڪمائيءَ جو وسيلو سمجهي پنهنجا کيسا ڀرين ها. پر حسن جي حصي ۾ به اُھي فقيري هٿ رهيا جن پنهنجي کيسن کي خالي ڪري، اهڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو جنهن جي هر نظم سان گڏ خوبصورت اسڪيچز به ڏنل آهن. جيڪا حسن جي خواهش هُئي. حسن جي پوري حياتيءَ کي هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪرڻ جهڙو ڪم ڪو معمولي ناهي. جنهن ۾ مسعود لوهار ۽ ان جي ساٿين جي محنت کي سنڌي ادب هميشه ياد رکندو جن سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هڪ زبردست ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي.
    “حسن جي رسالي” متعلق کوڙ سارن دوستن طرفان تنقيدون ٿينديون رهن ٿيون پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن به آرٽسٽڪ ايپروچ کي ناهي ساراهيو جنهن ايپروچ تحت سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هڪ شاهڪار شاعريءَ جي مجموعي جو اضافو ٿيو. سنڌي ادب جي گهڻ گُهرن کي جيڪڏهن ڪي اوڻايون نظر اچن ٿيون ته هُو هن رسالي کي اِن کان به وڌيڪ سُٺي انداز ۾ ڇپائڻ جو حق رکن ٿا. پر جن فقيرن پنهنجي پوري محنت سان ۽ خرچ سان هن ڪتاب کي مارڪيٽ ۾ آندو آهي اُنهن کي داد ڏيڻ بجاءِ انهن جي دل آزاري ڪرڻ مناسب عمل ناهي.
    حسن درس هن دور جو غير معمولي شاعر هو. جنهن پنهنجي نظمن ۾ نرالپ واري انداز ۽ اسلوب کي اپنايو. هن پنهنجي ٽهيءَ ۾ شاعري جي اهڙي اسلوب کي آندو جو هُن جي نظم ٻڌندي ئي سمجهي وڃبو ته اهي خيال فقط حسن جي دل مان ئي ڦٽي نڪتا آهن.
    پٻن تي اُڀو ٿي ڏسان يار توکي
    مٿي مٿڀرو ٿي ڏسان يار توکي

    محبوب کي ڏسڻ لاءِ پٻن تي اُڀو ٿي بيهڻ _ اهڙا خيال آهن جيڪي شاعريءَ جي دنيا ۾ فقط حسن ئي آندا آهن. هن جي سڄي شاعري شاهوڪار تمثيلن، منفرد تشبيهن ۽ جمالياتي حُسن سان ڀري پئي آهي جيڪي خيال هن دور جي نسل لاءِ بلڪل نوان ۽ منفرد آهن. يا اها “ماچس جي تيلي!” واري نظم.
    ماچس جي تيلي اِها،
    گندرف جو ٽوپ پائي،
    آ اڃان تائين سُتي.
    جاڳندي تيلي جڏهن
    ٿي سگهي سگريٽ جو
    چاهه مان چهرو چمي،
    ۽ خود وسامي وڃي.

    محبوب جو تصور ته ڪنهن بهار جي جهوٽي وانگر هوندو آهي جيڪو خاموشيءَ سان اچي گذري ويندو آهي ۽ دل تي يادن جا اڻمٽ نشان ڇڏي ويندو آهي. عظيم شاعري سرءُ جي هوا وانگر هوندي آهي. رڳو بهار جو جهوٽو ئي ناهي هوندي. سرءُ جي هوا جو به پنهنجو تعارف هجي ٿو. ڀٽائي کان وٺي اياز تائين سرءُ جو پنهنجو تعارف رهيو آهي. حسن جي شاعري ڪنهن اداس ناچڻيءَ وانگر دل جي تارن کي ڇيڙي وجهي ٿي ۽ اهڙي دنيا ۾ وٺي هلي ٿي جنهن دنيا جي دامن کي نپوڙي، فرشتا وضو ڪندا رهن ٿا. ڪاميو چيو هو ته “ محبوب سان گهاريل گهڙين جي ياد جي سهاري مان سڄي زندگي زندان ۾ گذاري سگهان ٿو” محبوب جو تصور ئي اهڙو احساس آهي جيڪو جنت جي هوا جو جهوٽو بڻجي سمورين اذيتن جي احساسن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.
    مون چيو ته تون ناهين،
    تو جهڙي نظم ٺاهيان
    اوچتو تصور ۾
    تو چيو قلم کي رک
    مان اچي وئي آهيان.

    حسن جي سڄي شاعري لوڪ گيتن جهڙي گفتگو وانگر پڙهندڙ جي دل تان اهڙا پردا لاهي ڇڏي ٿي جن پردن جي پويان پيار جي دنيا آباد آهي. هڪ اهڙي دنيا جنهن جو رستو سفيد ڪڪرن جو رستو آهي. جتي بارشن ۾ وڻ وهنجن ٿا ۽ وهندڙ ندين جي ٽهڪن سان فصل پچن ٿا ۽ ٻارڙا پنهنجي آباد اڱڻن تي کيڏن ٿا. ناريون نخريلن نازن سان کوهن تا پاڻي ڀرين ٿيون ۽ نوجوان ٿڌا ساهه کڻن ٿا.
    تمنا تاڪ ۾ آهي،
    لِڪي توکي ڏسڻ چاهي.
    مصور اُس مان آخر،
    تنهنجي تصوير ٿو ٺاهي.


    “Life moves not like a business, it moves like poetry; Life moves not from the head, it moves from heart; it is a Romance.”
    (زندگي هڪ ڪاروبار وانگر نه، پرشاعري وانگر هلي ٿي؛ زندگي دماغ سان نه پردل سان هلي ٿي. اهو ئي رومانس آهي.)
    انگريزيءَ جي انهن سٽن وانگر حسن درس زندگيءَ کي دماغ سان نه پر دل سان گذاريو. هن جي حياتي مڪمل رومانس هُئي. شاعري هن جو رومانس هُئي، بزنيس نه هُئي ۽ جڏهن شاعري روح سان ڪئي ويندي آهي ته اُها فقط شاعر جو رومانس ناهي رهندي پر اها سڄي جڳ جو رومانس بڻجي پوندي آهي ۽ دنيا جي دلين ۾ به ڌڙڪندي رهندي آهي. حسن سنڌ جي جوانيءَ جو اهڙو رومانس بڻجي پيو آهي جيڪو صدين تائين ان جي روح ۾ لٿل هوندو. جنهن کي الزيمر جي بيماري (ويسر جو مرض) به ڦري نه سگهندي.


    مائي جندو(جدوجهد جي علامت)

    مائي جندو سنڌ ۾ انصاف وٺڻ جي حوالي سان اهم نالو آهي. سن 1992ع ۾ آرميءَ جي ميجر جميل مائي جندو جي پٽن کي ٽنڊي بهاول ڳوٺ مان پڪڙي انڪائونٽر(مُقابلو) ڏيکاري ماري ڇڏيو. واقعي جون حقيقتون ميڊيا ۾ اچڻ کان پوءِ ميجر گرفتار ٿيو. پر انصاف کي پايهءِتڪميل تائين پهچائڻ لاءِ جندو جي ٻن ڌيئرن کي پاڻ ساڙڻو پيو.تڏهن سندس خاندان جا قاتل پنهنجي انجام تي پهتا. مائي جندو بهادريءَ ۽ وڏي جدوجهد سان پنهنجن پُٽن جو انتقام ورتو.

    هُو چون ٿا هيئن چئه
    مان چوان ٿو ”ائين نه چوندس“
    زندگي گُذري وئي ڪنهن جو ڪيو مون ڪو نه ڀئُه،
    آگ جو مون ۾ اڃان تائين اُهو ئي آهه تئُه،
    جا چوي ٿي ”جي پتنگ آهين ته مون ۾ پاڻ پئُه“
    هُو چون ٿا هيئن چئُه
    مان چوان ٿو ”ائين نه چوندس.“

    (اياز)


    مائي جندو ڪٿي آهي؟

    هن وقت جڏهن سنڌ نيزي سان شڪار ٿيل مڇيءَ وانگر ڦٿڪي رهي آهي. تڏهن مقامي ۽ قومي ميڊيا جي ڪئميرائن جي مجبوري بڻيل اُها گُهنجيل چهري واري سنڌي عورت ساهن ۾ سُري رهي آهي جنهن جي بيروت جهڙي دل جي باهه ايستائين نه وسامي جيستائين هن جي پيارن جي شهادتن ۾ ملوث مُک جوابدار ڦاسيءَ تي نه چاڙهيو ويو. سنڌي سماج ڀلي جديد دور ۾ جيئڻ جا جتن ڪري ۽ سنڌ ۾ سياسي رومانس کي خاموشيءَ جي خودڪشيءَ طرف وٺي ويندو هجي پر سنڌ جي عورت صدين جي ظلم خلاف اُٿي آهي ته تاريخ ۾ اُن جي سچائيءَ جا نغما گونجڻ لڳا آهن. سنڌي سماج ۾ عورت جو ڪردار مسلسل جدوجهد ۽ مستقل مزاجيءَ جي حوالي سان مشهور آهي. ڀٽائيءَ جي سورمين کان وٺي راڻي لاڏي، ٻاگهل ٻائي ۽ مائي بختاور کان وٺي مائي جندو تائين عورتن جي وفاداري ۽ جدوجهد تي تِر جيترو به شڪ نٿو ڪري سگهجي. يا اُهي عورتون جن جي مڙسن سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب کڻي پنهنجي زندگين جا نذرانا ڏئي ڇڏيا تن عورتن جي اکين ۾ پلجندڙ نفرتن کي ڪنهن پڙهيو آهي؟ سنڌ ڪنهن وڏي سياسي طوفان ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي جڏهن انهن عورتن به مائي جندو جي جدوجهد واري واٽ ورتي.
    اها مائي جندو جيڪا پنهنجي پوري وجود ۾ شامِ غريبان هئي. جنهن پنهنجي جسم کي اُن وقت ئي ماتمي لباس ۾ لڪائي ڇڏيو هو جڏهن ٽنڊي بهاول جي مٽيءَ تي هُن جي پيارن جي رت جون پتيون پکڙيون هُيون. انصاف جي اوسيئڙي ۾ هن دنيا جا سڀ در کڙڪايا هئا ۽ پُرامن احتجاج جي علامت بڻيل هڪ اڪيلي ئي عورت وڏين طاقتن جي طوفانن سان ٽڪر کاڌو هو. جن طاقتن سامهون سرڪش سياسي اڳواڻ به جُهڪي پوندا آهن. پر مائي جندو “گولڊ اٽيڪ” ۽ “گن اٽيڪ” سامهون پنهنجي سرڪش سِر کي اُوچو رکي، اِهو ثابت ڪيو ته سچائيءَ سان کنيل وِکن اڳيان ڪوڙ جا پوکيل ڪنڊا سچائيءَ جي پيرن هيٺان اچي گلابن جي پتين وانگر بڻجي پوندا آهن. مائي جندو ريمنڊ ڊيوس ڪيس وانگر چاهي ها ته خونن جو مُلهه وٺي پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري بڻجي پوي ها. پر هوءَ لالچن جي ليلا نه هُئي، جو هار تي هِرکجي پنهنجي ضمير جي چنيسر جو سودو ڪري ها. هوءَ ته هن دور جي اُها انقلابي عورت هُئي جنهن اسڪولي نصاب نه پڙهيو هو نه ئي ڪنهن سياسي اسٽڊي سرڪل ۾ ويهي دنيا جي جدوجهد جي تاريخ کي اُٿلايو هو. هوءَ ته اُن سماج جي پئداوار هُئي جتي “پلاند پُراڻا ناهن ٿيندا” جون روايتون رهيون آهن. جتي ونين ۽ زمينن تان سِرن جي سودن جون ڳالهيون ٿينديون آهن. ۽ هن مائيءَ جي رَڳ رَڳ ۾ انتقام جي اهڙي آگ دُکيل هئي جنهن کي دنيا جي ڪنهن به سِڪي جو پاڻي وسائي نه پئي سگهيو. هن جي جسم جا سمورا پنا اهڙي ڪٿا جو منظر هُئا جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ عذابن جون باقي بچيل ڪهاڻيون ڪوڙيون لڳنديون هُيون. اردوءَ جي اُن شعر وانگر ته:
    دل جهان بهي تها، وهان درد هي درد هي.
    اُهو درد فقط هڪ عورت جي ئي حصي ۾ آيو. اهو اجتماعي درد هو پر ڀوڳنائن جي سفر ۾ هوءَ فقط اڪيلي هُئي. اڪيلي هوندي به پوري هڪ تحريڪ هُئي. اهڙي تحريڪ جيڪا سنڌي سماج جي واحد ڪامياب تحريڪ چئي سگهجي ٿي. باقي تحريڪون ته هوا ۾ موڪليل اُنهن نازڪ بَلونن وانگر آهن جيڪي سج جي معمولي تپش تي ئي ختم ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن هن سماج جي سياست کي سمجهه واري اک ۽ اندر جي احساس سان محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هجي ها ته مائي جندو جي جدوجهد مان سِکي سنڌي سماج کي نيزي ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر ڦٿڪندو ڏسي خاموشيءَ جي ننڊ جون گوريون کائي، ويهي نه رهي ها.
    سنڌ سان عشق ۾ مبتلا هجڻ جي دعوى ڪندڙ دوستن لاءِ به مائي جندو جي موومينٽ وڏو مثال آهي. انقلاب رڳو پڙهيل لکيل اڪثريت جي ڪُلهن تي بيٺل ناهن هوندا پر انقلابي تحريڪن کي انهن ملنگ مستانن جي ضرورت هوندي آهي جيڪي اڳتي وڌڻ کان پوءِ پوئتي ناهن ڏسندا. جن لاءِ پوئتي مُڙڻ مهڻي وانگر هوندو آهي. اهڙي مهڻي جو داغ مائي جندو پنهنجي زندگيءَ جي اُجري ڪينواس تي لڳائڻ نه پئي چاهيو.
    ميڊيا جي اها مجبوري چئجي يا پاليسي چئجي ته ڪنهن به خبر جي “فالواپ” جو ڦيٿو اُن وقت ئي رُڪجي ويندو آهي جڏهن ڪو ڪيس پنهنجي انجام تي پهچندو آهي. پر مائي جندو جي ڪيس جي ڪهاڻيءَ جي شروعات ته هاڻي ٿيڻ گهرجي. اهو اعزاز ته هن مائيءَ جي حصي ۾ هاڻي اچڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ گهرجي ته هيءَ مائي، هن سماج جهڙي وڪري جي وڏي مارڪيٽ مان بچي ڪيئن وئي؟ جتي “ريمنڊ ڊيوس” هٿان ماريل لاهور جي ٻن نوجوانن جي عيوض ۾ ڊالرن جا سودا ٿيا هُئا ۽ آمريڪن شهريت ملڻ جا معاوضا طئي ٿيا هئا. تڏهن هن مائيءَ جي حصي ۾ به اُهي سڀ آڇون آيون هُيون ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ جي عيوض ميجر ارشد جي مڪمل پراپرٽيءَ جي مالڪ ٿي پئي سگهي. پر هُن پنهنجي پيارن جي خون کي کپائڻ نه پئي چاهيو. هن جي ضمير اهو قبولڻ کان انڪار ڪيو ته هُو انهن قوتن اڳيان شڪست قبول ڪري ڪيس تان هٿ کڻي، سنڌ جي روايتن کي داغدار بڻائي ڇڏي. جيتوڻيڪ هن مائيءَ کي اها خبر هُئي ته جيئن هن جون ڌيئرون هن جدوجهد ۾ سڙي شهيد ٿي، مائي جندو جي موومينٽ جو مان مٿانهون ڪري ويون تيئن مستقبل جي غربت هن جي حياتيءَ جو حصو بڻجي ويندي. غربت جو وڏو اوڙاهه انهن جو انتظار ڪري رهيو آهي. پر پوءِ به هن مائيءَ جي مٿي ۾ مذاڪرن ۽ ڳالهين جي جِن واسو نه ڪيو. هوءَ فقط هڪ ئي مطالبي تي اٽل رهي ته: “ٽنڊي بهاول ۾ ڪُٺل ڪونڌرن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.” ۽ پوءِ هُن مذاڪرن ۽ ڳالهين لاءِ پنهنجي دلين جا در بند ڪري ڇڏيا.
    سنڌ جيڪا سوديبازين، مصلحتن، مذاڪرن ۽ مفاهمتن جي علامت بڻيل آهي. جتي پارٽيون پنهنجي پاليسين ۽ پروگرامن کي ڳجهن ادارن جي آشيرواد سان هلائين ٿيون. جتي تحريڪون ٽينڊرن جي پاس ٿيڻ جي انتظار ۾ رهن ٿيون. جتي ڪرائيم جي ڪنٽرول جو رموٽ سياسي پارٽين جي هٿ ۾ رهي ٿو. جتي عورت اميدوار عورتن مٿان تشدد جا نوان رڪارڊ قائم ڪندي نظر اچن ٿيون. جتي قبائلي ڪلچر ۾ ڪاريون ڪري ماريل عورتن ۽ قبائلي جهيڙن جا پيرا به جاگيردارن جي حويلين ڏانهن وڃن ٿا. جتي انساني حقن جي لتاڙ روز جو معمول بڻيل آهي. جتي نامِ نهاد مذهبي تنظيمن جي طاقت ۽ سهڪار سان اقليتن جي عورتن جون عزتون محفوظ نٿيون هجن. جتي هر بُري ڪم ڪرڻ لاءِ سياسي سهاري وٺڻ جون غليظ روايتون قائم هجن. اهڙي معاشري ۾ موجودهه سياسي ڪلچر ۽ پارٽين مان ڪهڙي انقلاب جي توقع ڪري سگهجي ٿي؟ بلوچ بغاوت سان هزار اختلاف، پر انهن بلوچن تي اڻپڙهيلن جو اسٽيڪر لڳائيندڙ پاڪستاني دانشور هاڻ ڇا ٿا سوچين؟ جڏهن بلوچن جي قومي تحريڪ جي نوجوانن جي رت جا ڇنڊا نيو يارڪ جي ديوارن تي نظر اچڻ لڳا آهن؟ ۽ انهن جي، “جِي ٿِري” جو آواز پينٽاگون ۾ ٻُڌجي رهيو آهي. تڏهن دانشورن جا دليل بي معنى نظر اچن ٿا. اُهي فقط ٽي وي اينڪرن جي سوالن ۽ جوابن واري نقطي تي بيٺل هوندا پر بلوچ بغاوت کي ايترو سولو ۽ سادو سمجهي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
    ساڳي طرح سنڌ جي قومي تحريڪ بلوچ قومي تحريڪ جي مقابلي ۾ ڪٿي بيٺل آهي؟ اهو سوال به اهم آهي. بلوچستان پنهنجي اندروني تضادن ۾ سنڌ کان گهڻو بهتر پوزيشن ۾ آهي پر سنڌ ”مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي.“ واري سَڪتي ۾ سُتل آهي. اها سنڌ جي بدقسمتي ئي چئبي جنهن وٽ اڄ به سنڌ جي سڏ کي تاريخ جو پڙاڏو سمجهي، موٽ ڏيندڙ ڪا به پارٽي موجود ناهي. هر سياسي پارٽي لِيلا وانگر مفادن جي هار تي موهجي، مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ وکر بڻجي پئي آهي اهڙين پارٽين مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ته اُهي سنڌ کي دنيا جي انقلابن جا رستا ڏيکارڻ جي سگهه رکن ٿيون.؟
    اڄ جڏهن مائي جندو جي جدوجهد کي ورهيه گذري ويا آهن تڏهن حبيب جالب جي سٽ دل جي تارن کي ڇيڙي رهي آهي ته:

    دل کی بات لبوں پرلیکرابتک دکھ سھتے ہیں
    ہم نے سنا تھا اس بستي ميں،دل والے بهی رهتے ہیں

    پر سنڌ جي بستي اِهڙي بستي آهي جتي ڪنهن کي ڀُلائڻ لاءِ صدين جي عرصي جي ضرورت ناهي هتي ڪلاڪن جا سفر ئي ڪافي آهن. پر مائي جندو جي جدوجهد کي سنڌ ڪلاڪن جي سفر ۾ ڀُلائڻ جي سگهه ساري ناهي سگهي. سنڌ اڄ به مائي جندو کي پنهنجي وڃائجي ويل ٻار وانگر ڳولي رهي آهي. اُن عورت کي ڳولي رهي آهي جنهن کان سنڌ کي اڃان گهڻو ڪجهه سِکڻو آهي. جنهن پاڻ کي خسيس سِڪن ۾ خريد ٿيڻ بجاءِ بدحاليءَ جي اوڙاهه ۾ ڀسم ٿيڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏني. جنهن سنڌ کي جدوجهد ڪرڻ جو اهڙو ڏانءُ ڏسيو جو اڄ سنڌ جدوجهد جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ مائي جندو کي تاريخ جي اهڙي چيخ سمجهي ٿي جيڪا چيخ سُتل سنڌ کي جاڳائي سگهي. جيڪا سنڌ ۾ اهڙي سياسي تحريڪ جو طوفان کڙو ڪري جو سنڌ به آمريڪا جي ايجنڊا جو حصو بڻجي پوي.
    پر ڪو ٻڌائي سگهندو ته ڪالهه جي پريس جي پُوريل اک کوليندڙ مائي جندو اڄ ميڊيا جي پُوريل اکين جي نشاني تي ڇو آهي؟ جنهن اجتماعي طور سنڌي سماج جي جياپي جي جنگ وڙهي هُئي سا مائي جندو غربت جي اوڙاهه ۾ اڪيلي سِر سڙي ڇو رهي آهي؟ ڪو ٻڌائي سگهندو ته حيدرآباد پريس ڪلب جون ديوارون جنهن عورت جو انتظار ڪنديون هُيون اُها مائي پريس کان پري ڇو آهي؟ ڪو ٻڌائي سگهندو ته سنڌ ۾ انقلاب جي علامت بڻيل اڪيلي عورت مائي جندو ڪٿي آهي؟


    قُربان بلوچ (بيرو خان جانوري) 1955 -- 2007

    قُربان بلوچ (بيرو خان جانوري) سيتاروڊ جي ننڍڙي ڳوٺ بيرو خان جانوريءَ ۾ محمد صديق جانوريءَ جي گهر ۾ اک کولي. ننڍپڻ کان ئي وطن دوست قومپرست سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. جيڪو سلسلو روزگار جي بهاني اسلام آباد ۾ به جاري رهيو. قُربان بلوچ 80ع واري ڏهاڪي ۾ اسلام آباد جهڙي شهر ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي پرچار، ادبي سرگرمين جي وسيلي ڪندو رهيو. سنڌ جي انتهائي گهڻ پاڙهو قومي ورڪرن مان هو. اسلام آباد ۾ ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ تمام گهڻو مُتحرڪ رهيو ۽ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن لاءِ اسلام آباد جهڙي شهر ۾ وڏي آٿت هو. بُنيادي طور وطن دوست سياسي ورڪر ۽ نظرياتي ڪارڪنن منجهان هو.


    “There is no death. Only a change of worlds.”
    Osho

    ڪنهن وچن واسطي، پنهنجي اياز
    زندگي، بنواس ۾ گُذري وئي!!!

    (اياز)


    ڪُوفي جهڙي شهر ۾ فرشتن جهڙو انسان....!!!

    اُها اسلام آباد جتي گدڙ اڪثريت ۾ ۽ سنڌي اقليتي مخلوق بڻجي رهندا هُئا. جن جو تعداد سَوَن کان مٿي نه هوندو هو ۽ ادبي سنگت جي آڙ ۾ ادبي سرگرمين کان وڌيڪ قومپرست سياسي سرگرميون ٿينديون هُيون. ضياءَ جو دور هو، جنهن ۾سنڌين جي پُٺين تي ڦٽڪن جا ٺپا ٺاهيا پئي ويا ۽ سڄي سنڌ مٿان رت جا بادل ڇانيل هُئا. پر اهو دورادب ۽ سياست جو رُومانوي دور هو ۽ اسلام آباد جا سنڌي پنهنجي گهرن ۾ محفلون مچائيندا هُئا ۽ سازن کان بغير نوجوان اياز ۽ تاجل جا گيت ڳائيندا هُئا. اُها اسلام آباد سنڌين لاءِ اوپري هُئي. جتي سنڌي پاڻ کي پرديسي تصور ڪندا هُئا. ضياءَ جي انٽيليجنس اسلام آباد ۾ آڱرين تي ڳڻجندڙ سنڌين مٿان ڪڙي نظر رکي ويٺل هُئي. ليڪن مارگلا جي هنجهه ۾ سُتل اُن ننڍڙي شهر ۾ هڪڙو ماڻهو جاڳندو هو. جنهن جي هٿن ۾ هر وقت ڪتاب هوندا هُئا. هُو يانگ مُو جي ناول ”نوجوانن جو گيت“ جي ڪردار “لِين” وانگر لڳندو هو يا گورڪيءَ جي ناول “ماءُ” جو “پاويل”. جنهن ڪتاب کي سُرخ سياسي ٻوليءَ ۾ “ڳاڙهي ڊائري” سڏيو ويندو هو. بي ڊپو، نِڊر، سرگرم انقلابي سياست ڄڻ هُن سُتيءَ ۾ پيتي هُئي. هُو سرمد جي نيڻن جهڙو معصوم ۽ درياءَ جهڙي دل رکندڙ ماڻهو، ڄڻ جُوالا جي مِٽيءَ مان ٺهيل هُجي. جيڪو سياست کي نه فقط سمجهندو هو پر نتيجا به سائنسي انداز ۾ ڪڍندو هو. جنهن وٽ ڪتاب رُڳو پڙهڻ لاءِ نه هوندا هُئا پر پنهنجي نظرياتي دليلن ۽ علمي ڄاڻ کي پُختو ڪرڻ ۽ سياسي ايمان کي مضبوط ڪري اڳتي وڌڻ جو ذريعو هوندا هُئا. هُو نه فقط پاڻ وطن دوست سياسي نظريي سان وابسته هو. پر اُن سياسي نظريي جو وڏو پرچارڪ به هو. جيڪو عملي طور کاٻي ڌُر سان مارڪسزم جي جدلياتي ماديت تي ائين ڳالهائيندو هو، ڄڻ مارڪسزم جو سڄو جدلياتي علم هُن جي سيني ۾ ساهه کڻي رهيو هُجي. جيڪو نظرياتي سياسي طور ايترو پُختو جو سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پهرين اُن جي ٽُٽڻ جون اڳڪٿيون ڪري رهيو هو. جنهن کي خبر هُئي ته، سوويت يونين جي رياستن ۾ آيل بُک گورباچوف کي جُهڪائڻ تي مجبور ڪري وجهندي. هُو جيڪو فڪري طور سنڌ جي قومپرست سياسي نظريي سان وابسته هو. جيڪو پُوري دُنيا جي سياسي اتهاس جو شعور رکندو هو. جيڪو سمجهندو هو ته، آمريڪا ٽين دُنيا جي اندر جمهوري جدوجهدن اڳيان وڏي رُڪاوٽ آهي. جيڪا فوجي جرنيلن جي ذريعي ٽين دُنيا جي ماڻهن مٿان آمريتون مڙهڻ چاهي ٿي. ليڪن اُن دور ۾ هُو آمريڪي فلاسافر وِل ڊيورانٽ جي ان نُقطهءِ نظر جو حامي هوته پُٺتي پيل سماجن اندر يا بُنيادي انساني حقن کام محروم معاشرن ۾، جمهوريت عوامي فلاح لاءِ ڪو ٻُوٽو ٻاري نٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته جمهوريت سُڌريل ۽ باشعور معاشرن جي اندر ئي ڪامياب سماجي، سياسي ۽ معاشي نظام جي ضمانت ڏيندي آهي. پر ٽين دُنيا ۽ خاص طور تي ٽين دُنيا جي اندر محڪوم قومن ۽ معاشرن جي بُنيادي انساني آزاديءَ کانسواءِ جمهوريت اڪثريت جي آمريت بڻجي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته آمريتون رُڳو اُهي ناهن ٿينديون. جيڪي بندوقن جي طاقت تي عوام مٿان حُڪمراني ڪن. پر آمريتون اُهي به ٿينديون آهن. جن کي محڪوم معاشرن جي اندر عوامي ووٽن جي ذريعي عوام مٿان ئي مڙهيو ويندو آهي. سياسي طور تي سرگرم قومپرست ڪارڪنن جي ان سطع جي سياسي ۽ نظرياتي سوچ فقط اُنهن جي ڪتابن سان مُحبت جو نتيجو هُئي. هُو جيڪو سياست ۾ تشدد جو شديد مُخالف هو. جيڪو ڪڏهن ڪڏهن رت ۾ ٻُڏل فلسطين جي شاعر محمود درويش جي ان سِٽ جو مثال ڏيندو هو ته: “ دهشتگرديءَ کي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به صُورت ۾ صحيح ثابت نٿو ڪري سگهجي.” هُو جيڪو ننڍڙي پگهار تي اسلام آباد جي سمورن سنڌين سان رابطي ۾ رهندو هو. اُها اسلام آباد جيڪا سازشن ۾ ڪُوفو لڳندي هُئي. پر هُن کي ڪُوفي جهڙي شهر ۾ قومپرست سياست ڪرڻ آسان لڳندي هُئي. سنڌ جا ڪيترائي قومپرست اڳواڻ هُن جي ٽن ڪمرن واري فليٽ ۾ انڪري ترسي نه سگهندا هُئا جو اُن فليٽ کي “سنڌ هائوس” سمجهيو ويندو هو يا ان فليٽ ۾ ٿڌي ڪمري واري سهولت مُيسر نه هُوندي هُئي. سنڌ جا نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي اسلام آباد جي اُن ننڍڙي فليٽ ۾ ائين وڃي رهندا هُئا، ڄڻ اُها فليٽ نه پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل هُجي، اُهي مهمان جن کي ميزبان به نه سُڃاڻيندو هو. جنهن کي ڪڏهن به اها ضرورت محسوس نه ٿي ته هُو ڪنهن کان پُڇي سگهي ته هُو ڪير آهن؟ ڪٿان آيا آهن؟ پر هُو کين پاڻ وٽ رهائيندو هو. جنهن جا ٻار سيتا روڊ جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندا هُئا ۽ وقت تي کين سولي ماني به مُيسر نه هوندي هُئي. پر اسلام آباد جهڙي شهر ۾ اوطاق هلائيندڙ اُهو “قُربان جانوري” جنهن کي سنڌي سڄڻن جي اڪثريت “قُربان بلوچ” جي نالي سان سُڃاڻيندي هُئي. جيڪو ڪتابن ۽ مهمانن سان مُحبت ڪندو هو. جنهن وٽ سنڌ سمورن ڌرمن کان اُتم هوندي هُئي. جڏهن به وطن جا لباس لِيڙون ڪري لاٿا ويندا هُئا ته هُو سرڪاري نوڪريءَ جي پرواهه نه ڪندو هو، ۽ سياسي جدوجهد ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندو هو. محمود درويش چيو هو ته: “محڪوم ماڻهو پئدا ته هڪ ڀيرو ٿيندو آهي، ليڪن سڄي زندگي مرندو ئي رهندو آهي. جيل ۽ جلاوطنيون ۽ رُوپوشين جون راتيون اُن جو نصيب بڻجي وينديون آهن.” هُو به اسلام آباد جي انٽيليجنس جي اکين ۾ مِٽي وجهي پنهنجو پنڌ جاري رکندو رهيو. ليڪن اياز جي انهن سِٽن وانگر ته: “اک ٻُوٽي جڳ ٻُوٽيو.” ائين هُو به سڀني کان وسري ويو..! ڪنهن کي ياد آهي؟؟ اُهو قُربان بلوچ جنهن کي اسلام آباد ۾ سنڌين وٽ تعارف ڪرائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي هُئي. پر جڏهن هُن اک ٻُوٽي ته روايتي دُنيا به پنهنجي دلين جون دريون پُوري ڇڏيون ۽ وساري ڇڏيو اُن انسان کي جيڪو پنهنجي گهر کي اسلام آباد ۾ سنڌين لاءِ “سنڌ هائوس” ڪري ويٺل هو.
    اُها اسلام آباد جتي هاڻ 80ع جي ڏهاڪي واريون حالتون ئي ناهن رهيون، نه ئي اُتي سنڌ جا رهندڙ امير ماڻهو سنڌ مان پُهتل بيروزگار نوجوانن جي مدد لاءِ ڪو مُتحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جتي هاڻ ميٽرو سروس جون سهولتون به مُيسر آهن. جتي هاڻ گدڙ غائب ۽ سنڌي اڪثريت ۾ آهن. ليڪن سنڌين جي ادبي سرگرمين جي آڙ ۾ وطن دوست سياسي جدوجهد رُڳو ماضيءَ جو خُواب بڻجي وئي آهي. اهڙي صورتحال مجموعي طور سڄي سماج جي آهي. جتي نظرياتي سياسي سرگرميون ناپيد بڻجي ويون آهن. اُن جا سبب ۽ ڪارڻ ته ڪيترائي آهن. جنهن موضوع تي ڌار لکي سگهجي ٿو. ليڪن هن مضمون جو مقصد سنڌ جي اهڙي ڪردار جو تعارف آهي. جنهن پاڪستان جي وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ وطن دوست سياسي جدوجهد کي تمام گهڻو مُتحرڪ رکيو.
    قُربان بلوچ، جنهن پنهنجي گهر کي نه رُڳو اوطاق بڻايو پر اُهو گهر هڪ اسٽڊي سرڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين. ظفر جوڻيجي کان وٺي، آصف بالاديءَ تائين ۽ هاشم لغاريءَ کان وٺي روشن جوڻيجو تائين ان ڳالهه جا ڪيترائي دوست گواهي ڏيندا ته قُربان بلوچ اُنهن ڪردارن مان هو. جيڪي نوجوانن کي سياسي ۽ ادبي ڪتابن تائين پُهچ جو ذريعو بڻبا آهن ۽ وطن دوست سياست کي پنهنجو ڌرم تصور ڪندا آهن. مُنهنجي به اُردو، سنڌي ۽ انگريزي ادب جي وڏن نالن سان واقفيت قُربان بلوچ سان ويجهڙائپ هُئڻ سبب بڻي. اُهو دور سنڌ ۾ قومي عوامي شعور جي عُروج جو دور هو. جڏهن سياسي پارٽيون ٻاراڻين تنظيمن تي ائين محنت ڪنديون هُيون جيئن هاري فصلن تي ڪندا آهن. اُنهن سياسي نرسرين جي سنڀال پارٽيون ذميوار مالهين وانگر ڪنديون هُيون. اُنهن جي سياسي ۽ ادبي نصاب جا فيصلا پارٽين جي مرڪزي اجلاسن ۾ طئي ڪيا ويندا هُئا. ليڪن جڏهن سياسي پارٽين ٻاراڻين تنظيمن جي نرسرين جا بُنياد ئي اُکيڙي ڇڏيا. تڏهن مذهبي جماعتن کي وٿي مِلي. جن سياسي پارٽين جي ڪمزور قلعن مٿان پنهنجا جهنڊا چاڙهي جهادي جُنوني ذهنيت جي نرسرين کي پاڻي ڏئي وڏو ڪيو. نتيجي طور نه فقط بُنياد پرست ذهنيت کي هٿي مِلي پر ٻئي پاسي سنڌ جي سياسي پارٽين جي اندر موقعي پرست ورڪرن جو وڏو انبوهه شامل ٿي ويو. جنهن سان سنڌ ۾ نظرياتي سياسي قيادت جي پئدا ٿيڻ ۽ سماج کي سياسي ۽ سائنسي انداز سان ڏسندڙ اکين اڳيان اوندهه اچي وئي. اُها سياسي خودڪشي سياسي پارٽين پنهنجي سياسي اڻڄاڻائيءَ سبب ڪئي يا شعوري طور تي اُنهن سنڌ مان سياسي نرسرين جو خاتمو آڻي جُنونيت کي جاءِ ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو، سا ته خبر ناهي. ليڪن 1989ع جي ابتدائي سالن ۾ جڏهن القاعدهه جو نيٽ ورڪ چند مُلڪن تائين محدود هو ۽ اُن تنظيم جي طاقت کي ايتري پذيرائي نه مِلي هُئي. جيتري نائين اليون کان پوءِ مِلي هُئي ۽ جڏهن اُسامه بِن لادن آمريڪا لاءِ خطري جي علامت بڻيل نه هو. تڏهن قُربان بلوچ بن لادن جي تصوير هڪ رسالي ۾ شايع ٿيل ڏسي، چيو هو ته: “ هي ماڻهو دُنيا ۾ جُنوني جهادين جا بُنياد رکڻ پيو وڃي ۽ اُهو جهادي جذبو ڪيترن مُلڪن کي ساڙي رک ڪندو.” مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ سياسي پارٽيون 80ع جي ڏهاڪي وانگر مضبوط هُجن ها ته شايد جُنوني جذبي کي سنڌ ۾ پنهنجي جاءِ پئدا ڪرڻ جو موقعو مِلي نه سگهي ها. قُربان بلوچ سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان ڪيترائي سال پهرين جڏهن گورباچوف اڃان گوڏا نه کوڙيا هُئا. تڏهن سياسي اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته: “سوويت رياستون گڏجي هلي نه سگهنديون ۽ سوويت يونين روس بڻجي رهجي ويندو.” شهيد مُرتضى ڀُٽو جي پُراڻي ساٿي علي احمد پليپوٽو سان هڪ سياسي ڪچهريءَ دوران هُن “لال مسجد آپريشن” تي سياسي تبصرو ڪندي چيو هو ته: “مُشرف سرڪار نائين اليون جي واقعي کان پوءِ آمريڪي دٻاءَ جو شڪار آهي. هاڻ ويٺا ڏسجو ته خودڪش بمبارن جون فيڪٽريون هن مُلڪ جي اندر اهڙي باهه ٻارينديون جو هي مُلڪ سيڪيورٽي رِسڪ بڻجي ويندو.” مان ڪيترائي ڀيرا هُن جي سياسي بصيرت ۽ سمجهه کي داد ڏيندو هوس. جيڪو اسلام آباد جهڙي سازشي شهر ۾ ويهي سياسي سرگرميون جاري رکندو هو. اڄ جڏهن هُن جي ياد، دل جي صحرا مٿان خاموشيءَ سان اچي خيما کوڙيا آهن. تڏهن قُرت العين حيدر جو ناول “آخرِ شب ڪي همسفر” ياد اچي وڃي ٿو. ائين لڳي ٿو ڄڻ اسلام آباد جي سُندر بن ۾ هُو ڪٿي رُوپوش آهي. جڏهن به مُئل سياسي زندگي مُتحرڪ ٿيندي ۽ جڏهن به اسلام آباد جا سنڌي اڪيلائيءَ جي احساس ۾ وڪوڙجي ويندا ۽ جڏهن به سنڌ جا نوجوان سياسي ادبي نصاب واري نظرياتي واٽ تي اڪيلا بڻجي رهجي ويندا. تڏهن قُربان بلوچ موٽي ايندو ۽ ادبي سنگت جي آڙ ۾ سنڌ جي وطن دوست سياسي فڪر جو پرچم کڻي بيهندو ۽ اسان سڀ اُن پرچم جي ڇانو ۾ نئين سياسي صبح جا مُنتظر هونداسين. تڏهن اسلام آباد سازشي شهر هوندي به اڪيلو هوندو. پر سنڌ پنهنجي معصوم سچاين سان هُجومن ۾ هوندي. ڇاڪاڻ ته قُربان بلوچ به اسلام آباد جي اڪيلي سنڌ ۾ هڪ وڏو سياسي هُجوم هو.


    مسعود لوهار

    مسعود لوهار بدين ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ دينار ٽالپور سان تعلق رکندڙ آهي. سندس تعلق ان وقت جي ٽهيءَ سان آهي. جنهن ٽهيءَ سنڌ ۾ “جمهوريت بهترين انتقام آهي” وارو نعرو به اڃان نه ٻُڌو هو ۽ نه ئي سنڌي ماڻهن کان ووٽ ورتل حڪومت کانئن بدترين انتقام وٺڻ نه شروع ڪيو هو. ان وقت پِيلي اسڪولي ڊريس ۾ غريب هارين جا ٻار هر قسم جي چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ حصو وٺي، اي سي، ڊي ايس پي، ڪمشنر ۽ سڀ ڪجهه ٿي سگهندا هئا. جيڪو هينئر صرف اِليٽ ڪلاس جو خصوصي حق ٿي ويو آهي. مسعود ذهين هجڻ سان محنتي پڻ هو.هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات صحافت سان ڪئي، ترقي جي ڏاڪڻ تي قدم رکندو ويو، هينئر دنيا جي هڪ معتبر اداري يو-اين-ڊي-پي پاڪستان جو سربراه آهي، پر سندس تن جي تند اڄ به علم، ادب ۽ سنڌ جي ماروئڙن سان سان ڳنڍيل آهي.

    تِن جون جُهلون جِيءَ سان، لهڪي لڳايان،
    تِن ناڪيليون نَٿَ سان، لالڻ مان لايان،
    سي ڪيئن ڀُلايان، آري جِن اوڏو ڪيو.!

    (اياز)



    مُهاڻي ٻار جي نماڻن نيڻن جهڙو انسان....!

    جڏهن به اُتر جي هوا گُهلندي آهي ۽ رلين جا رنگ ساحل کي سڏڻ لڳندا آهن ۽ ساوڪ رُت سنڌ جي سينڌ ۾ سينڌور بڻجي لهندي آهي ۽ سَر نِسري رُوپلي ڪولهيءَ جي سرڪش ڳاٽ وانگر هوائن جي هندورن ۾ لُڏڻ لڳندا آهن. لاڙ جي ڍنڍن مٿان آڙيون اُڏامڻ لڳنديون آهن ۽ سج مُهاڻي ٻار وانگر آخري ستاري سان گڏ اکيون ٻُوٽڻ لڳندو آهي. تڏهن ساهه جي سِتار تي سنڌ جو اُهو سرڪش شاعر رقص ڪرڻ لڳندو آهي. جنهن جي وڇوڙي کان پوءِ سنڌ جي جوانيءَ پنهنجي دلين ۾ تڏا وڇائي ڇڏيا هُئا. جنهن پنهنجي وڇوڙي کان ڪُجهه ڏينهن پهرين فون ڪري چيو هو ته: “جيڪڏهن تون مُنهنجي هڪ يار سان مِلين ته توکي سماجي خدمتن جي معنى جا ڪيترائي موتي مِلي سگهن ٿا.” تڏهن مون کيس حُجت سان سندس ئي هڪ نظم جي سِٽن مان جواب ڏنو هو ته: “تون مُحبت جي سوڙهين گهٽين مان جڏهن نِڪري سگهين ته پوءِ هلي سنگت سان مِلبو...!” تڏهن هُن وري ڳالهائڻ جو چئي فون بند ڪئي هُئي. پر اُها گڏجي مِلڻ واري سَڌَ لاحاصل مُحبتن وانگر حاصلاتن جا هنجهه ماڻي نه سگهي ۽ حسن درس زندگيءَ جا ڪيترائي اڌورا گيت ڇڏي هليو ويو. ڪنهن چيو هو ته: “شاعر سُفيد ڪڪرن تي سفر ڪندا آهن.” شايد حسن مُحبت جي سوڙهين گهٽين مان نِڪري ڪڪرن جي واٽن ۾ وڃائجي ويو. مان هميشه حسن جي يار سان مِلڻ لاءِ سوچيندو ئي هوس پر ڪيتريون ئي نيون اسائنمينٽس رستن جي روڪ جو سبب بڻجي پونديون هُيون. جڏهن يو ايس ايڊ واري هڪ پروجيڪٽ ۾ سڄي سنڌ کي ڏسڻ جو موقعو مِليو. تڏهن ائين محسوس ٿيو هو ته ڄڻ پڃري ۾ بند پيل ڪنهن قيدي پکيءَ کي آزادي مِلي هُجي ۽ پوءِ سڄي سنڌ جو سفر آزاد پکيءَ وانگر پرڙا هڻي ڪندو رهيس. اُن سفر ۾ پڙهڻ لاءِ نه رُڳو ادارا مِليا پر ماڻهو به مِليا، مزاج ۽ رويا به مِليا ۽ وڏن قدن کي ماپڻ ۽ تورڻ تڪڻ جو موقعو به مِليو. جاپان جي جديد هائيڪو جي تمام وڏي نالي باشوءَ جي هڪ هائيڪو جي معنى آهي ته: “پڙهڻ لاءِ پنا ته مِليا، ليڪن ماڻهن جا مزاج رُڳو ملاقاتن سان پڙهي سگهبا آهن.” سو ائين سنڌ جا وڏا نالا، جن جي نالن پويان ڪتابن جون ڊگهيون فهرستون شامل هُيون. ليڪن اُنهن جي علمي ۽ عقلي ڄاڻ جو اندازو اُنهن سان ويجهو رهڻ کان پوءِ ٿيو. مونکي اُن سفر ۾ پُونا جي پوڙهي اوشوءَ جي ليڪچر جون اُهي سِٽون گهڻو ياد اينديون هُيون جنهن ۾ هُن چيو هو ته: “نابالغ مُعاشرن جا ماڻهو مُحبتون ناهن ڪندا، اُهي مُحبتن جو ڍونگ ڪندا آهن. علم اُنهن جي اکين جي رُڳو اُڃ اُجهائيندو آهي پر اُنهن جا دماغ عقل کان خالي هوندا آهن. نفرتون اُنهن جي عادت بڻجي وينديون آهن. اُهي انساني صُورت ۾ وحشي جانور هوندا آهن.”
    ليڪن ڪافڪا جي اُن سِٽ وانگر ته:“ڪجهه لفظ اهڙا هوندا آهن، جن کي فقط پنهنجن زخمن سان ئي سمجهي سگهجي ٿو.” مان پنهنجي زخمن کي جڏهن به ڏسندو آهيان تڏهن مونکي اسان جو پيارو دوست مسعود لوهار ياد ايندو آهي. جنهن ڪڏهن به نامِ نهاد غير سرڪاري ادارن جي وڏن عُهدن تي پُهچي ڪم ڪندڙن وانگر وطن دوستي ۽ سنڌ پرستيءَ جي نالي تي سنڌ کي وکر جو دوڪان سمجهي استعمال ناهي ڪيو. جيتوڻيڪ اڪثر اُها جُڳاڙي ٽهي، جن کي اسان سنڌي ادب جي آئيني ۾ سنڌ جو عڪس سمجهندا هُئاسين. سي سنڌ ۾ قومي عوامي شعور جي لاٽ ٻارڻ ۽ سنڌ کي شعوري طور اڳتي وٺي وڃڻ بجاءِ پاڻ طبقاتي طور تمام گهڻو مٿي ٿي ويا. جن جي هلڻ جون چالون ئي تبديل ٿي ويون، جيڪي مظلوم طبقي جون ڳالهيون ڪندي خود استحصالي طبقي جو حصو بڻجي ويا. پر جڏهن به مسعود جي زندگيءَ جي سفر کي ڏسبو ته ٽُٽل ڪاون جو پنڌ محسوس ٿيندو. جنهن کي اڪثر وڏن غيرسرڪاري ادارن جا مالڪ ڀلي اڻوڻندڙ انداز سان ڏسن. پر هُن جو وڻندڙ انداز ئي اهو آهي جو هُن صحرا جهڙي سُڃ ۾ ادارا جوڙيا آهن. اُهي ادارا جيڪي نه رُڳو نوجوانن جي روزگار جو وسيلو آهن پر هن سماج ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار به ادا ڪري رهيا آهن.
    هُو جيڪو لاڙ جي سامونڊي پٽيءَ تي پليو ۽ چونئرن مٿان چانڊوڪيءَ کي چُميون ڏئي وڏو ٿيو. جنهن مُهاڻن جي ٻارڙن جا مُرجهايل چهرا ڏٺا ۽ جنهن ڪچين حسرتن جا ڪيترائي ڪاڪ ڪِرندي ڏٺا. جنهن زندگيءَ جا ڪيترائي ڪتاب سڙندي ڏٺا. جنهن پنهنجي اکين سان اُهي طوفان به ڏٺا. جن طوفانن نه رُڳو هُن جي ڳوٺ جي ڀيل ڪئي پر سڄي سامونڊي تَر ۾ زندگيءَ کي مُڪمل مفلوج بڻائي ڇڏيو. هُن ڏٺو ته سمنڊ جڏهن غصي ۾ ايندو آهي ته ماڻهن جا لاش ڪکن پنن جيان پاڻيءَ مٿان ترندا آهن. جنهن ويجهڙائيءَ کان بيحسيءَ جي بدن تي انساني زندگيون ساهه کڻندي ڏٺيون. هُن بدين جي بيحسي پنهنجي اکين سان ڏٺي. هُن ڏٺو ته قُدرتي وسيلن سان شاهوڪار ضلعي جا ماڻهو غريب ڇو آهن؟ جيڪو ضلعو تيل جي آمدنيءَ ۾ شاهوڪار هُجي اُتي جا ماڻهو آکيري جهڙن گهرن ۾ رهڻ جهڙي زندگي بسر ڇو ڪري رهيا آهن؟ اُهو ٻارڙو بدين جي يونين ڪائونسل ڀُڳڙا ميمڻ جي ننڍڙي ڳوٺ دينار ٽالپور جو مسعود لوهار ئي هو. جيڪو ڀُڳڙا ميمڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، بدين اسلاميا ڪاليج کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ تائين پُهتو. مسعود سان مُنهنجي مُلاقات قومپرست سياست سان سلهاڙيل هُجڻ سبب، سنڌ يونيورسٽيءَ جي “ٽوڙهي گرائونڊ” تي ٿي هُئي. جتي جساف جي جلسي جون تياريون ٿي رهيون هُيون ۽ هُو حميد سبزوئيءَ سان ملڻ لاءِ آيو هو. ڀانيان ٿو اُهو 1989ع جو سال هو. تڏهن مان خيرپور ناٿن شاهه ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. نصير ميمڻ سان ته پُراڻي ويجهڙائپ هُئي. جيڪو مُنهنجي ڪچين ڦڪين لکڻين کي مُختلف ادبي رسالن ۾ ڇپرائڻ لاءِ مدد ڪندو هو. (نصير جي مهربانين تي الڳ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته ٻن ماڻهن مونکي ادب ۽ سياست سان چاهه پئدا ڪرايو. جن ۾ هڪ نصير ۽ ٻيو مُنهنجو ماما مرحوم قُربان). پر مسعود سان مُلاقات اسانجي پياري دوست ۽ اُن وقت شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار حميد سبزوئيءَ معرفت ٿي هُئي. تڏهن مُنهنجي خيال ۾ عبرت ميگزين جو ايڊيٽر مسعود هو ۽ مُنهنجي ڪهاڻي “انتظار جي آخري شام” حميد، مسعود کي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته: “هي اسانجو دوست ڪهاڻيون سُٺيون لکندو آهي. هيءَ ڪهاڻي اوهان عبرت ميگزين ۾ شايع ڪيو.” مسعود جي هٿ ۾ ڪو فائيل هو. جنهن ۾ ڪُجهه اخباري پنا ۽ هڪ اڌ ٻاهر جو رسالو. هُن حميد کان ڪهاڻي وٺي پنهنجي فائيل ۾ رکي ۽ روانو ٿي ويو. هُن بغير ڪنهن تعارف جي مُنهنجي ڪهاڻي تمام سُٺي انداز ۾ شايع ڪري ڇڏي. اُن کان پوءِ لڳاتار ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون. پر مسعود سان مُنهنجي مُلاقات نه رهي. سياست ۽ ادب سان سان وابستگي هُجڻ سبب، لکڻ ۽ پڙهڻ ته جاري رهيو. پر مسعود جو نالو ڪٿي نظر نه آيو. گُمناميءَ جي اهڙي ٽُٻي...!! ڪنهن دوست کي به خبر نه هُجي ته ڪٿي آهي؟ حميد سبزوئي اُن جو ڏس انگلنڊ جو ٻُڌائيندو هو. ائين وقت ابابيلن جي اُڏام وانگر پنهنجا پرڙا هڻندو رهيو. پُراڻي سنگت، اوٺيئڙن وانگر سفر جو مهارون پڪڙي هلي وئي. اياز جي انهن سِٽن وانگرته:
    چَڙن پڙاڏا-
    اوٺيئڙا اڳتي ويا
    لڪ لنگهي آڏا.

    حسن درس جي فون ۽ پوءِ سال 1989ع جي ياد، هڪ ڀيرو ٻيهر مسعود سان مِلايو. اُهو ساڳيو انداز، جيڪو مون “ٽوڙهي گرائونڊ” تي ڏٺو هو. اڪثر ماڻهو انگلنڊ مان پڙهي موٽندا آهن ته اُنهن جو مزاج مُختلف ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن وڏي عُهدي تي پُهچندا آهن ته پوءِ پُراڻپ جا سمورا لباس لاهي ڦِٽا ڪندا آهن. پر هي همراهه بين الاقوامي اداري ۾ مُلڪ جي نُمائندي هُجڻ جي باوجود، ڪڏهن به وڏائيءَ ۽ غرور واري بيماريءَ جو شڪار ناهي ٿيو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪنهن چڱي پوزيشن تي اچڻ کان پوءِ اڪثر ماڻهو مَٽجي ويندا آهن. ليڪن “دينار ٽالپور” جي مسعود لوهار جو مزاج نه مَٽيو. هُن ڪڏهن به سنگت جي سرڪل ۾ اهو تاثر ناهي ڏنو ته هُو اُنهن ادارن سان تعلق رکي ٿو. جن ادارن جي ماڻهن لاءِ چڱا ڀلا غير سرڪاري ادارن جا اڳواڻ پاڻ کي وڇائي ڇڏيندا آهن. ماڻهوءَ جي پَرک وڏي عُهدي ۽ ملڪيت اچڻ کان پوءِ ٿيندي آهي ۽ مسعود جي فقيري انداز مان ئي محسوس ٿيندو ته هُن لاءِ عُهدا ڪا معنى نٿا رکن. هُن جي دُنيا درويشن جي دُنيا آهي. غريب دوستن سان هُن جا ڳانڍاپا ۽ تعلقات ڏسي اڪثر ماڻهو سڙندا آهن. پر هي پنهنجي فقيري رمز ۾ رمندو رهندو آهي اُن شعر وانگر ته:
    اوهندي او جاڻي، سانڪون اپڻي ريت نڀاوڻ ڏي.
    مسعود لوهار هڪ فرد جو نالو ناهي. پر ڪيترن ادارن جو نالو آهي، جنهن جي محنت سان ڪيترا ادارا جُڙيا آهن. جيڪڏهن ڪو ان ڳالهه سان اختلاف رکي ٿو ته اُن کي حق آهي. پر مسعود جون محنتون ان کان وڌيڪ ڪهڙيون ٿي سگهن ٿيون جو هُن پنهنجي اداري جي آفيس کي اسلام آباد جهڙي شهر مان ڪڍي سنڌ جي مرڪز حيدرآباد ۾ کڻي آيو. مُنهنجو ذاتي تجربو آهي ته ڪنهن ڊونر اداري ۾ نيشنل سطع جي آفيس کي اسلام آباد مان ڪڍي حيدرآباد ۾ قائم ڪرڻ ڪيترو نه اوکو ڪم هوندو آهي؟! جيڪڏهن اُها آفيس اسلام آباد ۾ هُجي ها ته شايد ڪراچيءَ جي ايليٽ طبقي کانسواءِ اُن اداري تائين ڪنهن جي پُهچ ممڪن ٿي نه سگهي ها. ليڪن هُن سنڌ ۾ هلندڙ ڪيترن ئي ادارن جي پُهچ کي آسان بڻايو. پر هُن ڪڏهن به نامِ نهاد غيرسرڪاري ادارن جي مالڪن وانگر اها دعوى ناهي ڪئي ته هُو سنڌ جي ادارن خاطر سڀ ڪُجهه ڪري رهيو آهي. ڪي ماڻهو خاموشيءَ ۾ پنهنجو ڪم ڪندا آهن. پنهنجي پذيرائيءَ جا بينر کولي ناهن بيهندا. اهڙن ماڻهن کي مانُ نه ڏيڻ پاڻ سان زيادتي ڪرڻ جي برابر آهي. مسعود اُن مان ۽ مرتبي جي لائق آهي. هُن جڏهن حسن درس جي شاعريءَ جو ڪتاب شايع ڪرايو هو تڏهن به مٿس جُهلون ڪيون ويون. پر اُنهن ماڻهن کي ڪير سمجهائي جيڪي حسن درس جي شاعري پاڻ ته ڇپائي نه پئي سگهيا ۽ حسن جي سموري پورهيي تي پاڻي ڦيري رهيا هُئا. پر جيڪڏهن مسعود ڏکين حالتن ۾ به حسن جي پورهيي کي مجموعي جي شڪل ۾ آندو. تڏهن به کيس مهڻا سَهڻا پيا. پر هي پِرهه جهڙو پيارو، صبح جي سَرڪش هوائن جهڙو ماڻهو، ڪڏهن به مايوسيءَ جي ڪُفر ۾ مُبتلا نه ٿيو. ڇو ته کيس خبر آهي ته هن سماج ۾ هر پُٺيءَ پويان ڪو بُروٽس بيٺل آهي. سرمد جو فارسي شعر آهي ته:“شور ٿيو ۽ مون عدم جي خُواب مان اک کولي، ڏٺم ته اڃان فِتني جي رات باقي هُئي ۽ وري سُمهي پيس!” سو جيستائين به فتني جي رات رهندي، اسان پنهنجون اکيون سرمدي سُنت ۾ پُوريل رکنداسين. پر اياز چواڻي ته: “سنڌ فقط جوئر جو ڍوڍو ئي ناهي. پر شاهه جو رسالو به آهي.”مسعود سمجهي ٿو ته اُهي هُن جا دوست ٿي ئي نٿا سگهن. جيڪي سنڌ کي فقط “جوئر جو ڍوڍو” ئي سمجهن ٿا. هُو سمجهي ٿو ته هُن جا دوست فقط اُهي ئي ٿي سگهن ٿا. جيڪي سنڌ کي “شاهه جو رسالو” به سمجهن. ڪاش! دوستن کي مسعود جي محنت سان ٺهيل ادارا به نظر اچن. عرب شاعر اُمراءُ القيس جو هڪ شعر آهي ته: “اوهه! ڊگهي رات! صبح ايندو، پر اُن جي روشني مُنهنجي مُحبت کان سواءِ هوندي.” مسعود لوهار جي محنتن جي ٻاريل روشني ننگر پارڪر کان ڪمون شهيد تائين پکڙيل آهي. ڪاش! اُنهن اکين کي اُها روشني نظر اچي جيڪي اونداهين جون هيراڪ آهن.


    سک رمز وجود وڃانوڻ دي.....!!!

    These are the only two real emotions and love. If you don’t love, you will be in fear. If you are in fear, you cannot love. If you love, fear is impossible. (Osho)

    محبت ڇا آهي؟ جيڪڏهن ان جو جواب ڪنهن عاشق جي اندر کان پُڇجي ته هُو بي خوديءَ جي جهان مان به اهو آواز ڏيندو ته:“جتي“مان” ختم ٿي وڃي اتان مُحبت جي ابتدا ٿئي ٿي. “مان”... “مان”... نه...، فقط “تون”...!”جتي پنهنجي ذات جون حدون ختم ٿين ٿيون، اُتان عشق جي ابتدا ٿئي ٿي. پر حاصل جي تمنا ۾ تڙپندڙ ڪنهن اِيڊيٽ عاشق کان پڇجي ته هو دل ۾ سرءُ جي سُتل موسم کڻي اوجاڳيل اکين سان اهو جواب ڏيندو ته: “رُڳو هڪ فريب...! هڪ ڌوڪو......!” محبت ڪو واپار ناهي جيڪو ڪنهن وکر وانگر وڪامجندو هُجي. محبت ته فقط ڏيڻ جو نالو آهي، جتي حاصل جي تمنا هوندي، اُتي محبت جي معنى ختم ٿي وڃي ٿي. محبت ته ڪاميو جي اُن ڪردار وانگر آهي جيڪو ميري سان ملندي کيس ائين چوندو آهي ته:”تنهنجي ياد جي سهاري مان ساري زندگي سلاخن پويان گُذاري سگهان ٿو.“ يا عيني جي ناول ”آگ کا دريا“ جي گوتم ۽ چمپا وانگر جيڪي مختلف جنمن ۾ به ملي ناهن سگهندا. ڇا محبت رُڳو ميلاپ جو نالو آهي؟
    جي ائين هُجي ها ته دنيا مان مُحبت ناياب نسل وانگر اڻلڀ ٿي وڃي ها. سُر ۽ سنگيت جو موت ٿي وڃي ها. صحرا جي حُسن، پهاڙي چشمن جا ٽهڪ ۽ اڪيلين ندين جون سمنڊ ڏانهن ڊوڙون پائڻ ۽ ان ۾ سمائجي وڃڻ واري فطري لقاءَ جو به موت ٿي وڃي ها. هر عاشق جي حصي ۾ فراق جا زخم ئي ته ايندا آهن. جيڪي عاشق، فراق کي به محبوب سان وصال جو رستو سمجهي جيئندا آهن ۽ وڇوڙي جي واٽن تي ويٺل واسينگن کي لتاڙي جيئندا آهن، سي ڪڏهن به پنهنجي محبوب مٿان بي وفائين جي تُهمتن جا طعنا ناهن مڙهيندا. اُهي پنهنجي دل جي اڪيلي اڱڻ تي پن پن ٿي ڇڻندا آهن ۽ اکين ۾ ڏکن جا پاڇا کڻي، ڪُٺل پکين وانگر تڙپندي نظر ايندا آهن. پر پنهنجي محبوب جي نظمن جهڙن نيڻن کي ميارن سان ميرو ناهن ڪندا نه ئي اُن جي حصي ۾ ڏوراپن جهڙا ڏونگر ڇڏيندا آهن. پر هن سماج جي تلخ حقيقتن کي سمجهڻ بجاءِ، مُحبت ۾ ناڪاميءَ سبب عاشق پنهنجي محبوبه مٿان تيزاب هاري ڇڏڻ. محبت ۾ ناڪاميءَ سبب ڇوڪريءَ زهر پي انت آڻي ڇڏيو.. وغيرهه وغيرهه جهڙيون خبرون روزانو اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون.
    محبت ۾ ناڪاميءَ جو ڇا مطلب؟؟ مُحبت ۾ ناڪاميءَ جو مطلب جيڪڏهن اهو وٺجي ته محبوب کيجسماني ۽ سماجي حوالي سان حاصل نه ڪري سگهڻ، اها ناڪامي آهي. محبوب جي ملي وڃڻ کي ڪاميابي قرار ڏجي؟ مُحبت جي اهڙي تصور کي ڪو ناٽڪ ته سڏي سگهجي ٿو پر اها محبت ناهي. محبت ته ذرو ذرو ٿي جيئڻ جو نالو آهي، قسطون قسطون ٿي مرڻ جو نالو آهي.
    گَهڙو ڀَڳَو مُند مُئي، وسِيلا وِيا،
    تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻيءَ سَڏ ميهار جا.

    (شاهه سائين)
    پنهنجو وجود وڃائڻ سان ئي ته محبت جو معراج ماڻبو آهي. تڏهن ته محبوب جا سڏ سُڻبا آهن. جيڪي محبت جي رمزن کي سمجهن ٿا تن کي ڪُنن جا ڪڙڪا به فريب لڳندا آهن، اکين جو سراب لڳندا آهن. نظر جو ڌوڪو لڳندا آهن. سي ڪڏهن به محبت کي مصيبت ناهن سمجهندا. اُهي ته محبوب جي فراق ۾ صنوبر جو ٻيلو بڻجي پوندا آهن يا سونفن جي اُن فصل وانگر جيڪو هوائن ۾ هُڳاءُ ڦهلائي ڇڏيندو آهي. اُهي ته هر جلوي ۾ پرينءَ کي پَسندا آهن ۽ پنهنجي ساهه ۽ سرير ۾ هر وقت محبوب جي ياد جا سارنگ ڇِڙندي محسوس ڪندا آهن.
    مونکان اُها مائي نٿي وسري جيڪا هن وقت ڪراچيءَ جي هاسپيٽل ۾ انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ شفٽ ڪئي وئي آهي، جيڪا ڀٽائيءَ تي ائين ڳالهائيندي رهي آهي ڄڻ سمورو علم اُن جي اندر مان اُٿلون کائي ٻاهر نڪرندو هُجي. هُن آخري ڀيرو، پنهنجي ڊاڪٽر دوست کي ٽورنٽو (ڪئناڊا) وڃڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي الوداع چوندي شاهه سائين جو اهو بيت اُردو ترجمي ۾ ٻڌايو هو.
    لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران،
    مَڙِهيو مَنجهاران، جيءُ مُنهنجو جِن سِين.

    جنهن تي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي سندس شاگرد دوست ڀٽائيءَ جي ان سٽ مان سمجهي ورتو هو ته هوءَ ساڻس ڪيڏو پيار ڪري ٿي.!! اُها جنوري 1992ع جي اُداس شام هُئي، ڪراچي جُهڙ جي جهالر سان ڍڪيل هو. پر بارش جي بوندن جا ڪي به امڪان نه هُئا. اُن ڏينهن واپسيءَ وقت ان ڇوڪريءَ جي اکين مان بارش اُٿلي پئي هُئي. هُن ڊفينس ۾ پنهنجي گهر جي روم ۾ بند ٿي مسلسل روئيندي رات گُذاري هُئي. هُن جي بستر جا ويهاڻا به آلا ٿي ويا هُئا. الائي ڇو هُن کي هڪ اُميد هُئي ته هُن جو وڻجارو ورندو. ڪئناڊا کان ڪال جو هُن کي ائين انتظار هوندو هو جيئن ٿر جي ڌرتيءَ کي بارش جو. اهو سلسلو هلندو رهيو. گهر ۾ ايندڙ هر رشتي کي ٺُڪرائيندي رهي. هُن جي جوڀن جا ڏينهن آهستي آهستي سڙڻ لڳا. هوءَ پنهنجي اُن پيار جو انتظار ڪرڻ لڳي، هُن کي پَڪ هُئي ته سندس پيار هڪ ڏينهن کيس موٽي ملندو. آسائتين اکين سان هُن جو انتظار ڪرڻ لڳي. پنج سالن کان پوءِ هُن جو دوست هڪ مهيني جي موڪل تي آيو. هو ڇا آيو؟ ڄڻ هن جي دل جي ٻيڙيءَ جا سِڙهه ئي ٽُٽي پيا. هُن کي اها خبر ئي نه هُئي ته سندس محبت ڪنهن گوريءَ جي گوندر ۾ ڦاسي پوندي!! کيس پتو ئي نه هو ته ٽورنٽو ۾ هُن جي ڳچيءَ جو هار ايلزبيٿ اسٽريٽ تي قائم جنرل هاسپيٽل جي انگريزياڻي نرس اڳيان ٽُٽي وکري ويندو. جنهن کي سهيڙڻ هُن جي وس جي ڳالهه نه هوندي.
    ڪئناڊا کان واپسيءَ تي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو سِي وِيو تي شام جو ڪيترائي ڪلاڪ ويٺا رهيا. جڏهن سندس دوست کيس پنهنجي ڪهاڻيءَ جي اصل حقيقت ٻڌائي ته هُن ڪو به ردِعمل نه ڏيکاريو. بس مسلسل سمنڊ جي بي چين لهرن کي تڪيندي رهي ۽ جڏهن مُڙي هُن ڏانهن منهن ڪيائين ته سمورو سمنڊ سندس اکين مان اوتجي آيو هو. جڏهن ڪلفٽن جا بلب سڄي ڏينهن جي ننڊ مان اکيون پٽي اُٿي پيا هُئا. تڏهن هُن کيس ڪٿي ڊنر ڪرڻ جي آفر ڏني هُئي. پر محبت جي گهٽين ۾ وڃايل عاشق فقط ڪنڌ سان انڪار ڪندي کيس گهر ڊراپ ڪرڻ جو چيو هو. اُها سندن آخري مُلاقات هُئي. وري سندن ڪو به رابطو نه رهيو. 21 سالن تائين هوءَ جيئندي رهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هوءَ لائمفوميا (بلڊ ڪينسر جو قِسم) جي مريض آهي. هوءَ بچي نه سگهندي هُن جي ساهه جي تند ڪيڏي محل به ٽُٽي سگهي ٿي.
    هوءَ مونسان ٻه سال پهرين تڏهن مِلي هُئي جڏهن مان ڪنهن آفيشل وزٽ تي انهن جي آفيس ويو هوس. تڏهن تعارف کان پوءِ هُن منهنجي ۽ پنهنجي دوستن جي ساڳئي هلڪي هُجڻ سبب ڪراچي جيمخانه ۾ لنچ جي دعوت ڏني هُئي. اُن دعوت کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آفيس جي ڪمن سبب مُلاقات ٿيندي رهندي هُئي. هوءَ ڪيترائي ڀيرا دوستن جي حلقي ۾ ائين چوندي هُئي ته “مردن کي پيار ڪرڻ ناهي ايندو اُهي پيار جو رُڳو ناٽڪ ڪندا آهن. نينهن جو نيئر ڪيئن ننڊون ڦٽائيندو آهي؟ سا فقط اُنهن عاشقن کي خبر هوندي، جيڪي وڇوڙي جي واسينگن هٿان ڏنگيل هوندا.” الائي ڇو بيماريءَ کان اڳ تائين مونکي هُن جون ڳالهيون ائين لڳنديون هُيون ڄڻ هوءَ نه ڳالهائيندي هُجي. هُن جي جسم ۾ ويٺل ڪا اجنبي قوت ڳالهائيندي هُجي. جيڪا چوندي هُئي ته: ”محبت ۾ هڪ ۽ هڪ ٻه ناهن ٿيندا پر هڪ ئي هوندو آهي. جڏهن هڪ ڪڍي ڇڏبو آهي ته زيرو بچندو آهي.“ هوءَ محبت جي ماريل اهڙي فنا ٿيل فقير لڳندي هُئي، جو محسوس ٿيندو هو ڄڻ هوءَ هن دنيا ۾ ناهي. ڄڻ هُن جو جسم آهي جيڪو مُتحرڪ آهي. هلي گُهمي ٿو، ساهه کڻي ٿو، جيئي ٿو. پر هوءَ ڪنهن ميڻ بتيءَ وانگر آهستي آهستي ختم ٿي رهي هُئي. جيتوڻيڪ هاڻ هوءَ انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ شفٽ ڪئي وئي آهي. پر گوندر جي غم جي بيماري، هُن جي حياتيءَ کي ڦڙو ڦڙو ٿي ڳاريندي رهندي.
    اُها جنهن محبت کي مشروط نه بڻايو. هن ڪڏهن به ٽورنٽو ۾ وڃائجي ويل محبت جي شڪايت نه ڪئي. هُن ڪڏهن به ائين نه سوچيو ته محبت ڪو ئي واپار آهي. هُن هميشه ائين ئي سمجهيو ته محبت شعور ۾ واڌ جو سبب بڻبي آهي. محبت جو هڪ لمحو به پُوري حياتيءَ تي محيط هوندو آهي. اُن ۾ حاصل ۽ لاحاصل جو حساب ناهي رکيو ويندو. محبت ئي قلب مان ڪُپت جي ڪَٽ لاهي اندر جي اک کوليندي آهي. تڏهن ئي محبت جو معراج حاصل ٿيندو آهي. اها جيڪا هن وقت بلڊ ڪينسر جي مريض آهي ۽ ڪُوما جي حالت ۾ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل آهي. مان جڏهن ڪجهه ڏينهن پهرين هُن سان ملڻ لاءِ، سندس آفيس ويس ته هُن جي آفيس خالي هُئي. خبر پئي ته هوءَ بيمار آهي. مان اسپتال جي ڪمري ۾ بستري تي پيل اُن فنا ٿي ويل فقيرياڻيءَ کي فقط شيشي مان ڏٺو، ته الائي ڇوسنڌ جون اهي صوفي سِٽون ياد اچڻ لڳيون ته:
    محبت وڌي آ مامري،
    نه ته ڪير ڪشالا ڪڍي

    جنهن ڪڏهن به ڪئناڊا، پنهنجي هوت لاءِ ڏُکن جي ڏوراپن جهڙيون اي ميلز نه ڪيون نه ئي ڪڏهن اِها شڪايت ڪئي ته هُن ساڻس ڪا بي وفائي ڪئي آهي. بس هوءَ ته پنهنجي زندگيءَ جي ٻُڏل ٻيڙيءَ جا سِڙهه سنوان ڪرڻ لاءِ، پرائيويٽ ادارن ۾ نوڪريون ڪري مصروف وقت گُذاريندي رهي. پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته محبت جي درياهه ۾ گهڙا هميشه ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن. پر عاشق سِيرن ۾گَهڙن جي سهاري ناهن گِهڙندا. اُهي ته مُحبت جي معاملن ۾ ڪشالا ڪاٽيندا آهن.
    لطيف سائين تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو موقف آهي ته لطيف پنهنجي جيون جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي اها وائي جهونگاريندو رهندو هو ته:
    ڪهڙي منجهه حساب،
    هُئڻ منهنجو هوت ريءَ؟

    اياز پنهنجي هڪ يادگار انٽريو ۾ چيو هو ته: ”سائنس تمام گهڻي ترقي ڪرڻ جي باوجود اڃان تائين ان سوال جو جواب نه ڏئي سگهي آهي ته:
    ڪهڙي منجهه حساب،
    هُئڻ منهنجو هوت ريءَ؟“

    محبت جي معاملي ۾ موت ته سستو سودو آهي، موت ته گهڻين اذيتن کان بچائي وٺي ٿو. پر ڪنهن عاشق جو فراق ۾ ڦڙو ڦُڙو ٿي جيئڻ اُن موت کان به وڏي اذيت آهي جيڪو موت جهٽڪي سان اچي اُن کي سمورين اذيتن کان ڇوٽڪارو ڏياري ڇڏي ٿو. پر ان اذيت ۾ جيڪو مزو آهي اُهو مزو فقط نصيب وارن کي ئي ملي ٿو. اُن مزي جي حاصلات خوشقسمتن جي حصي ۾ اچي ٿي. هوءَ به انهن خوشنصيب عاشقن وانگر محبت جي مزي کي ماڻي رهي آهي. اهڙو مزو جنهن لاءِ پونا جي پوڙهي اوشو چيو هو ته: “محبت جي زندگيءَ ۾ ذرو ذرو ٿي مرڻ وارن لاءِ موت بي معنى بڻجي پوندو آهي. انهن جو موت به زندگيءَ جي حُسن سان ڀريل هوندو آهي.” خبر ناهي ڪنهن وقت هوءَ ستارن جي وُسعتن ۾ گُم ٿي وڃي پر هُن جي حصي ۾ به اهڙي زندگي آئي جيڪا هُن پُختي پيار وانگر ڪاٽي.اهڙي زندگيءَ جي امتحان ۾ هوءَ ڏونگرن کان به ڏاڍي بڻجي وئي.
    هُن جي ساهه جي تند ٽُٽي پئي،ڊاڪٽرن ھُن جي منهن تان آڪسيجن ماسڪ هٽائي ڇڏيو. هوءَ ڦڙو ڦڙو ٿي آسمان جي وُسعتن ۾ گُم ٿي وئي. لائمفوميا جي مرض آخرڪار کيس سندس ميهار سان ملائي ڇڏيو....!! منهنجي موبائيل تي ڪال اچي ٿي، “ماريه مري وئي......!!!” نڙيءَ ۾ ڦاٿل سُڏڪا روڪي چوان ٿو..... “هوءَ امر ٿي وئي...!!!” مرندا ته اُهي آهن جيڪي جيئڻ چاهيندا آهن.... هوءَ ته گهڻو اڳ تڏهن مري چُڪي هُئي جڏهن مُدثر جي دل جي ڪُنڍي ٽورنٽو ۾ ٽِڪي پئي هُئي. محبت جي موت ۾ ڦڙوڦڙو ٿي جيئڻ وارن اڳيان موت بي معنى بڻجي پوندو آهي. هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي دوستن کي چيو هو، عاشقن لاءِ هر گهڙي مزي جي گهڙي هوندي آهي. لاحاصل عشق جي “اذيت” ناهي ٿيندي، پر اُهو اهڙو دلڪش نشو آهي، جيڪو محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪو سڄي زندگي لهي ئي نٿو سگهي. مان تصور جي اکين سان ”ماريه“ کي محسوس ڪريان ٿو، جنهن جي وڇوڙي جي خبر ڪنهن اخبار ۾ سنگل ڪالم ۾ به شايع نه ٿي. جنهن جي وڇوڙي کي ڪنهن چينل جي ڪئميرا پنهنجي اک ۾ محفوظ نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته هوءَ سياسي پارٽيءَ سان وابسته ورڪر نه هُئي. هوءَ ته سياست کي ”ليگل مافيا“ سمجهندي هُئي. اهڙي مافيا جيڪا امن ۽ محبت جي واٽ وساري تشدد جي طريقن ۾ ويساهه رکندي هُجي. جيڪا سازشن سان امن جي صاف سٿري ماحول کي ساڙي رک ڪري ڇڏي. هُوءَ ته پنهنجي رمز ۾ رُڌل اهڙي فقير هُئي... جنهن وٽ هر وقت پاپ ميوزڪ ۽ لوڪ موسيقي جي رش هُئي. نوڪري ڪرڻ ۽ دوستن سان ڪچهريون ته بس، زندگي گُذارڻ جو بهانو هو. نته جيڪا ڇوڪري ايليٽ ڪلاس جي گود ۾ پلجي وڏي ٿي هُجي، سا آفيس کان گهر وڃڻ لاءِ به رڪشا جو انتظار ڪري؟! جنهن جي گهر جي درن تي گاڏيون رولو ڪُتن وانگر بيٺل هُجن، سا پنهنجي زندگي سادگيءَ سان گُذاريندي هُجي. جيڪا هر مهيني بيوٽي پارلرن تي خرچ ڪرڻ بجاءِ سمورا پئسا ڪتابن تي خرچ ڪري ڇڏي سا اُن ساهڙ جي سڪ ۾ ”جنهن دم غافل، تنهن دم ڪافر“ واري انداز سان رهي.
    تمام عمر اس کے خیال میں گذری فراز
    میرا خیال جسے عمر بھر نہیں آیا

    محبت جي ديوي ماريه! جيڪا ڪراچيءَ جي غِذري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، اُتي ڪيتريون ئي ماريائون مدفون هونديون. ڪيتريون ئي ماريائون پنهنجي دوستن، مٽن ۽ مائٽن کي پياريون هونديون. پر محبت جي “ديوي” ماريه جي قبر فقط هڪ آهي. جنهن جي مهڪندڙ مِٽي اهو سُندر سنيهو ڏئي رهي آهي ته محبت رُڳو حاصلاتن جي حوس ۾ گُم ٿيندڙ سوڙهي ندي ناهي. پر اُها لاحاصل حقيقتن ۾ لڪيل اهڙو راز آهي جنهن جو سينو سمنڊ جيڏو وسيع ۽ آسمانن جيڏو ڪُشادو آهي.
    ماريه جي پيار ڪهاڻي به اهڙي ديوانگيءَ جي درن ۾ ڦاٿل هُئي جنهن جو ذڪر بانو قُدسيه جي ناول ”راجه گدهه“ ۾ ملي ٿو. پر بانو قُدسيه جو ناول ته ديوانگيءَ جي سببن جي تاڪين جا تهه، سائنسي بحث سان کوليندو رهي ٿو. پر جتي سائنسي سببن جي انتها ٿئي ٿي اُتان ماريه جي محبت جي ابتدا ٿي هُئي. اهڙي محبت جيڪا لاحاصل حقيقتن جا ڳجهه ڳولڻ ۾ گُذري.
    حد حد چليا هرڪوءِ،
    بيحد چليا نه ڪوءِ

    هُن لاحاصل پيار جي لامحدود سچاين کي ڄاڻڻ لاءِ، زندگيءَ جو سفر اذيت سمجهي نه ڪاٽيو. ڇو ته هوءَ محبت ۾ رُڳو پسڻ واري پاسي جي حامي نه هُئي. هُوءَ شاهه سائينءَ جي مريدياڻي هُئي. جيڪا ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت...!“ واري فلسفي جي ڦرهيءَ تي زندگيءَ جا 21 سال گوندر جي غم ۾ ڳاريندي رهي. هُن حاصلات جي خواهشن جا ڪڏهن به سنج نه سنواريا، هُن سمجهيو پئي ته طلب جي خواهش هميشه تابع بڻائيندي آهي. عشق جي رمزن کي سمجهڻ لاءِ طلب جي تنوار ڪم نه ايندي. هُن عاشقيءَ جو مڪمل مزو ماڻڻ پئي چاهيو... زندگيءَ سان هلندي زندگيءَ جي نفي...! اهڙي زندگي جيڪا ڪنهن عاشق جي تن ۾ پرينءَ جي تئونس کي هميشه برقرار رکي. هُن جو محبت جي باري ۾ خيال صوفياڻو خيال هو. جيڪو حاصلاتن جي حسرتن ۾ سڙڻ بجاءِ، گوندر جي غم ۾ هن ڪائنات جي لڪيل رازن ۽ ڳجهن کي ڳولڻ هو. دوزخ جهڙي دنيا ۾ هُن محبت جي جنت جا خواب فقط حاصلاتن جي هنجهه ۾ ڳولڻ نه پئي چاهيا. پر هُن جي اندر جي عشق پنهنجي ذات جي فنا ۾ ئي محبوب سان ميلاپ جو راز پروڙيو هو. اهڙو راز جيڪو هر عاشق جي حصي ۾ ايندو آهي.
    ماريه جو ساجن اهو مدثر هو جيڪو محبت جي معراج وارن مزن ماڻڻ کان محروم رهيو. مادي دنيا جي مزن ۾ وڃائجي ويل مدثر کي ڪهڙي خبر ته 21 سال اڳ جنهن ڇوڪريءَ، ڪراچي ايئرپورٽ تي کيس ڪئناڊا وڃڻ وقت الوداع! شاهه سائينءَ جي ٻوليءَ ۾ ڪئي هُئي. جنهن جو اردو ترجمو کيس ٻڌايو هُئائين. سا هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهي. مدثر کي اها خبر هُئي ته ماريه کيس دل جي پُورين سچاين سان چاهي ٿي. پر روايتي نوجوانن وانگر گورين جي ٻانهن ۾ وڃائجي ويل مدثر کي ڪهڙي خبر ته اُها ماريه 21 سال انتظار کان پوءِ هاڻ خوشبو بڻجي هوائن جي هندورن ۾ گُم ٿي وئي آهي. اُها سمنڊ جي لهرن وانگر بيچين زندگي گُذاريندي رهي، سا پنهنجي زندگيءَ جا سِڙه سنوان ڪري نه سگهي ۽ هُن جي زندگيءَ جي ٻيڙي ٻارڙن جي هٿ ۾ آيل رانديڪي وانگر ٽُٽِي پئي. پر جڏهن به سمنڊ جا سُر ۽ سانوڻيءَ جي بارشن جا نغما ڇڙندا، جڏهن به هوائن جي هندورن ۾ وڻن جا پن “بيلي رقص” ۾ محو ٿي ويندا ۽ ڪراچيءَ جي اُداسين ۾ لهندڙ سج کان پوءِ ڪلفٽن جا بلب پنهنجون اکيون مهٽي اٿندا ۽ چنڊ آسمان جي وُسعتن ۾ ترڻ لڳندو ۽ اُن جو عڪس سمنڊ ۾ وکريل سفيد موتين وانگر لڳندو. تڏهن اسان سڀني کي اُها ماريه گهڻو ياد ايندي. جيڪا ائين چوندي هُئي ته “محبت ۾ هڪ ۽ هڪ ٻه ناهن ٿيندا پر هڪ ئي هوندو آهي. جڏهن هڪ ڪڍي ڇڏبو آهي ته زيرو بچندو آهي.” وجود وڃائي محبوب کي ماڻڻ ۾ زيرو ئي ته ٿيڻو پوندو آهي. ماريه به محبت ۾ زيرو ئي ته هُئي.

    سِک رمز وجود وڃانوڻ دي،
    نهين حاجت پڙهڻ پڙهانوڻان دي.

    (سچل سائين رح)


    عاشق انصاري:(1984 – 2013 )

    عاشق انصاري، ضلعي بدين جي ننڍ ڙي شهر ڪڍڻ ۾ خميسو خان انصاريءَ جي گهر ۾ اک کولي. هُو طبيعت ۾ سادو، سٻاجهو ۽ ادب دوست نوجوان هو. جيڪو شاعريءَ سان حد کان وڌيڪ لڳاءَ رکندو هو. جناح يونيورسٽي اسلام آباد مان اينٿراپالاجيءَ ۾ماسٽرس ڪيائين. مُختلف محفلن ۽ پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض سر انجام ڏيندو رهيو. حسن درس ۽ اُن جي شاعريءَ جو پروانو هو. پر حسن درس جي وڇوڙي کان پوءِ جلد ئي دل جي بيوفائيءَ سبب ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڙ جي اکين ۾ لُڙڪ پوکي هليو ويو.

    اڄ مسافر ماڪ جا پئي ڪا نه آ،
    هُوءَ ملڻ محبوب سان وئي ڪا نه آ.
    جا پرولي پيو پرينءَ کان تون پُڇين،
    چنڊ توکي سا ته مون چئي ڪا نه آ.
    عشق عشق جو گهوڙيسوار ساڳيو،
    راهه تُنهنجي ۾ اُها رئي ڪا نه آ.
    تون ڀلي توري تڪي وٺ ساهمي،
    مون اڃان محبت مئي ڪا نه آ.

    (حسن درس)


    موڪلاڻيءَ جي موسم ......!!!

    سوڊان جي سُٺي ناول Season of Farewell of Birds to North “اُتر پاسي پکين جي موڪلاڻيءَ جي موسم” جي پهرئين پيج تي ڇپيل اُهي لفظ ڪيترا نه اهم آهن: “ان جون ڳالهيون پاڻيءَ ۾ اُڇلايل پٿريون نه پر زمين ۾ پوکيل ٻج وانگر هُيون.” اُهي ماڻهو واقعي غير معمولي هوندا آهن جيڪي پنهنجي وجود کي تخليق، تحقيق ۽ تحريڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙيون شخصيتون پنهنجو فطري وقت گُذاري وڇڙي وينديون آهن. پر اُنهن جو ذڪر خوشبوءِ وانگر ماحول کي هميشه مهڪائيندو رهندو آهي.
    اهڙي غمگين خوشبوءِ گُلاب جي انهن پنکڙين مان اچي رهي هُئي، جيڪي اسان جي نامور دوست مٿان اُن جا دوست ۽ مائٽ نڇاور ڪري، هُن جي جوانيءَ جي لهي ويل سج جي ماتم ۾ ڏُک جي چادر ويڙهي ويهي رهيا هُئا. اهو عاشق جيڪو هر اسٽيج تي سنڌ جي جوانيءَ جي شاعر حسن جا گيت ڳائيندي مسڪرائيندو هو. پر سچ اهو آهي ته عاشق جڏهن حسن جي شاعري پڙهندو هو ته مونکي اُن جي مُسڪراهٽ پويان به درد جون نراليون گهٽائون نظر اينديون هُيون.
    عاشق سان منهنجي پهرئين مُلاقات، ائين ياد آهي جيئن ڪو انسان پنهنجي دل جي ڪُنڊ ۾ پهرين محبت جون ڳنڍيون مرڻ گهڙيءَ تائين به سنڀالي رکندو آهي. عمر جي اها حد جڏهن انسان جي ياد داشت مٿان الزيمر جي مرض جو حڪم هلندو آهي. پر پوءِ به هُن کان الزيمر جو مرض پهرئين پيار جي ياد ڦُري ناهي سگهندو. پريس ڪلب حيدرآباد ۾حسن درس جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس هو ۽ هُن جو تعارف ڪرائيندي اسٽيج سيڪريٽريءَ اعلان ڪيو ته “هاڻي حسن جي شاعريءَ جو حافظ عاشق انصاري حسن جي شاعري ٻڌائيندو” پنڊال خاموشيءَ سان حسن جي شاعريءَ ۾ گُم ٿي ويو.

    محبت جي سوڙهين گهٽين مان
    وڃي هو جي نڪتو ته واپس نه موٽيو.
    چون ٿا ته اُن رات برسات پئي هُئي
    ۽ کنوڻ جا به گهوڙا پئي هڻڪيا هوا ۾

    ۽ آخري سٽون پڙهڻ لڳو......
    جتي زندگي پئي ڪئي ميزباني
    اُتي زندگي خود به مهمان ٿي وئي.....!

    زندگي جي ميزباني ۽ مهمانيءَ جي وچ ۾ فاصلو ئي ڪيترو آهي؟!!! ايترو جيترو حسن جي حياتي، اي جي چانڊيو جي موڪلاڻي ۽ عاشق انصاري جو اوچتو وڇوڙو. مونکي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. انهن انسانن کي مرحوم چوڻ، جن کي اڃان جيئڻو هو. جن جي حياتيءَ جا گُل ٽڙڻ کان اڳ ئي مُرجهائجي وڃن ٿا.
    عاشق سان پهرئين تعارف جو سبب ته حسن درس ئي بڻيو هو پر پوءِ تفصيلي تعارف جو سبب اين آر ايس پي جو ادارو هو. پر تعزيت ڪرڻ دوران خبر پئي ته عاشق جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر علم الدين انصاري سان ته 1996ع کان دوستيءَ جو رشتو رهيو هو. جڏهن ايل ايم سي ۾ اسان جا کوڙ سارا ٻيا دوست به هوندا هُئا ڊاڪٽر مُراد قريشي، ڊاڪٽر حسن سومرو، ڊاڪٽر نياز ڪيريو ۽ اهو جزباتي دوست ڊاڪٽر قادر ابڙو جيڪو اسلام آباد ڏانهن اڏام ڪندڙ ايئر بليو ڪريش ۾ اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويو. ان جو مطلب ته عاشق سان منهنجو رشتو هاڻ جو نه هو پر هو اسانجي پُراڻي دوست جو ننڍو ڀاءُ به هو.
    سرد هوائن جي موسم ۾ عاشق پنهنجي پيارن جي ڳلن تي گرم ڳوڙها ڏئي، اوچتو الوداع چئي هليو ويو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته عاشق لاڙ کي ڪهڙي اک سان پئي ڏٺو.. هُن ايتري ننڍڙي عمر ۾ دوستن جو جيڪو وسيع حلقو ٺاهيو هو. ڇا عاشق انهن وانگر ئي لاڙ تي لهندڙ سج کي پئي ڏٺو؟؟ هو ڪو شاعر نه هو.... ڏسڻ ۽ سمجهڻ واري اک شاعرن جي معصوم دلين ۾ رهندي آهي. اها حقيقت آهي پر هڪ دل اها به هُئي جيڪا تمر فقير جي سيني ۾ ڌڙڪندي هُئي. عاشق جي سيني ۾ به هڪ تمر فقير رهندو هو جنهن لاڙ جي پکين ۽ ماڻهن سان ائين پيار ڪيو جيئن دنيا جا شاعر ڪندا آهن. هسپانوي شاعر پابلو نرودا جي نظم آهي ته:

    ۽ مان اونداهيءَ ۾تيز هوائن ۾
    پنهنجي وڃايل ستياگو کي ڳولي رهيو آهيان.

    اهڙي طرح اُهي اکيون جيڪي هاڻ عينڪ کانسواءِ منظرن کي مناسب انداز سان نٿيون ڏسي سگهن. انهن کي ته فوڪل چشمي سان به اها بدين نظر نه ايندي جنهن کي عاشق پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.

    الجھنے لگیں شعلیں آندھیوں سے
    سلجھنے لگے گا کل شب رفیقو۔۔۔۔۔

    عاشق کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ محبت جو دور مردهه گُلن جي سيمفوني بڻجي چُڪو آهي ۽ اُن جا سُڏڪندڙ سُر عاشق جي تدفين جي رسمن دوران فضا ۾ گونجندا رهيا. جهڙي طرح ڳوڙهن جو ڪو رنگ ناهي هوندو اهڙي طرح محبت جو به ڪو رنگ ناهي هوندو. وڇوڙي کان ٻه ڏينهن پهرين هُن شهيد فاضل جي ورسي جو ذڪر ڪندي پياري اعجاز منگيءَ جي تقرير جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مان چاهيان ٿو ته اُن کي بدين ۾ گهرائي فقط اُن کي ٻُڌجي.
    مون کِلي چيومانس ته:“ڪڏهن کان محبوب مَٽائڻ سکيو آهين؟” چيائين “ڇا مطلب؟” مون چيو ته: “حسن تنهنجو محبوب هو. هاڻ وري تقرير کان متاثر ٿي اعجاز کي محبوب پيو بڻائين؟؟”
    مسڪرائي چيائين “سائين حسن شاعر هو ۽ اعجاز ڪالم نگار آهي. ٻئي وڻن ٿا.” پوءِ اسان ٻئي به کلي پياسين.
    هاڻ سوچيان ٿو ته سرد هوائن سان گڏ موڪلاڻيءَ جي مُند ۾، عاشق جون اهڙيون ڳالهيون ڏکن جي گهڙين ۾ حوصلو به ته ڏين ٿيون. اهڙي حوصلي جي خوشبو جيڪا رُڳو بارش جي ڦڙين سان ڪڍڻ جي چيڪي مِٽيءَ مان ئي ايندي آهي.


    مضمون

    قومپرست سياست مٿان تشدد جا طريقا ڪڏهن بند ٿيندا؟

    بي چينيءَ جي بازار ۾ وَکر وَکر ٿي وڪرو ٿيندڙ سنڌ، هاڻ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي. جتي هاڻ ننڍن سياسي سوداگرن، پنهنجون بازيون بچائڻ خاطر وڏن سوداگرن ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن اسان کي ڪالهه تائين جون تلخ تقريرون به ياد اچڻ لڳيون آهن. جن ۾ سنڌ ون ۽ ٽو وارن فارمولن جو به استعمال ٿي رهيو هو. ڪالهه تائين جيڪا جماعت سنڌ جي چند وڏن شهرن تائين محدود هُئي، لباس مَٽائي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي هٿيار سان سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن تائين به وڇائجي وئي. جيڪڏهن تاريخ جي بند پيل بابن مٿان ويسر جي مِٽي هٽائي ڏسنداسين ته سنڌ پنهنجي مهربان مهمان نوازيءَ سبب يا پنهنجي ثقافتي سادگيءَ ۾ کَٽيل جنگيون به هارائيندي رهي آهي. مهاراجه ڏاهر طرفان علافين کي ڏنل پناهه سنڌ جي چچ خاندان جي حڪمرانيءَ ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي هُئي. اهڙي طرح ورهاڱي وقت سنڌين جي مهمان نوازي به سنڌي ماڻهن کي ڏنل وڏي سياسي شڪست طور سامهون آيون. جو اڄ سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي ننڌڻڪائپ واري احساس ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. جڏهن قومن جا بُنياد اُکيڙيا ويندا آهن ته قومون سياسي محرومين جو شڪار بڻجي وينديون آهن. سنڌين ۾ پنهنجي صفبندي مضبوط ڪرڻ لاءِ جهڙيءَ طرح شهري جماعت جي قيادت سنڌي ماڻهن اڳيان سندن ئي ثقافتي لباس ۾ اچي، سنڌ ڌرتيءَ جو حلالي فرزند هُجڻ جون دعوائون ڪيون ۽ وري “مهاجر صوبي” جهڙي نعري کي ناجائز ٻار وانگر ڪڏهن به پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. پر اوچتو ئي اهڙي ناجائز ٻار کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ديوارن تي چِڙ ڏياريندڙ چٿرن جهڙي چاڪنگ ڪئي وئي. اهڙي سڄي سياسي راند پويان ڪهڙا سياسي لقاءَ ۽ راز لڪيل هُئا؟ اُنهن جو اندازو ته سڙندڙ سنڌ ۾ ساهه کڻندڙ سمورن ماڻهن کي هوندو. پر سنڌ جي زخمي چيخ، اُنهن ڪنن تائين ڪيئن پُهچندي؟ جيڪي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هڪ ئي سڪي جو ساڳيو پاسو بڻجي سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رهيا آهن.
    هڪ پاسي بلوچستان جي پُرامن پيادل قافلي جا در اسلام آباد ۾ بند ڪري کين، اڪيلائپ جو احساس ڏياريو وڃي ٿو. ۽ سندن وارثن جي اکين جي ماڻڪين مان ڳوڙهن جا موتي به موڪلائي وڃن ٿا پر سندن گُمشدگيون سواليه نشان بڻجي وڃن ٿيون. کين اُنهن جا لاش به نٿا ڏنا وڃن. جيڪي ورهين کان هن مُلڪ جي ڳُجهن ادارن وٽ باندي بڻيل آهن يا ماريا ويا آهن...! ڪنهن کي ڪابه خبر ناهي. سنڌ اندر قومپرست ڪارڪنن جي لاشن جو سلسلو ته گُذريل ڏهاڪو سالن کان جاري آهي. پر جڏهن 2011ع ۾ سانگهڙ ويجهو باکوڙيءَ وارو واقعو ٿيو هو. جنهن ۾ سرائي قربان کهاوڙ ۽ روپلو چولياڻيءَ سميت هڪ ٻيو نوجوان نورالله تُنيو زندهه باهه ۾ سڙي اهو ثابت ڪيو هو ته تشدد اُنهن جي حوصلن کي هيسائي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ اهو واقعو به اهڙي انداز ۾ ڪرايو ويو هو، جيئن سندن لاشن جي سڃاڻپ به ممڪن ٿي نه سگهي. پر زخمي نوجوان نورالله تنيو پنهنجي سڙندڙ وجود سان اهڙي واقعي جي سازش تان پردو کڻي، ڳُجهن ادارن جي حملي کي بي نقاب ڪيو هو. جڏهن 23 مارچ 2012ع ۾ سنڌ جي قومپرست اڳواڻ بشير خان قُريشيءَ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي قرارداد پاس ٿيڻ واري ڏينهن تي فريڊم مارچ جو اعلان ڪيو هو ۽ سڄي سنڌ مان لکين ماڻهو ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا هُئا ۽ اُن جي نتيجي ۾ آمريڪن ڪانگريس جي هڪ ميمبر اهو اعلان ڪيو هو ته “بلوچستان جي معاملي سان گڏ، ايندڙ ڪانگريس جي اجلاس ۾ سنڌ جي معاملي کي به کنيو ويندو.” اهڙي پُرامن سياسي هلچل جي نتيجي ۾ رياستي مشينريءَ جو ردِ عمل اهو سامهو آيو جو جلد ئي بوکلاهٽ جو شڪار بڻجي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ قداور اڳواڻ کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. ساڳي طرح جڏهن جسقم قيادت پنهنجي اڳواڻ جي پُرامن سياسي جدوجهد جي واٽ واري رستي کي جاري رکيو ۽ ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌي ماڻهن جي گڏجڻ جي دعوى ڪئي ته ٻن ڏينهن جي وٿيءَ سان شهيد بشير خان جي ڀاءُ مقصود خان قُريشيءَ کي باکوڙيءَ جي شهيدن وانگر حملو ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. سنڌ جون قومپرست پارٽيون اها دعوى ڪري رهيون آهن ته مقصود خان جي ٻه ڏينهن پهرين شهادت 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيڻ ۽ فريڊم مارچ کي روڪڻ جي سازش آهي. پر ڇا ڪنهن به جدوجهد کي موت جي ميري اک موڙي سگهي ٿي؟ هن وقت سنڌ ۾انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال سامهون آئي آهي. جيڪا ڪنهن به طرح بلوچستان جي سياسي حالتن کان مختلف ناهي. سنڌ ۾ قومپرست سياسي ورڪرن جا تشدد ٿيل لاش ته مختلف وقتن تي وارثن کي وصول ٿيندا رهن ٿا. جڏهن ته 23 مارچ تي ٻيهر ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي گڏجڻ کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ اهڙو واقعو پيش آيو آهي. جيڪو اهڙي مارچ کي مُلتوي ڪرائڻ لاءِ رٿيو ويو. ڀريا ويجهو بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ مقصود خان قريشيءَ کي جهڙي طرح وحشي انداز ۾ زندهه ساڙي شهيد ڪيو ويو آهي. اهڙو واقعو قومپرست سياست مٿان نفسياتي حملو آهي. اهڙي سازش کي سنڌي ماڻهو اڳواٽ سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جيتوڻيڪ لاتعداد نوجوانن جا لاش هاڻ سنڌ ۾ وارثن کي وصول ٿيندا رهن ٿا پر باوجود ان جي رياست جي نفسياتي حملن سان قومپرست سياست ڪمزور ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ پُختي ٿي آهي. تنهن ڪري سنڌ جي نوجوانن کي کنڀي گُم ڪرڻ ۽ اُنهن جي وارثن کي تشدد ٿيل لاش موڪلڻ وارن طريقن سان ڪنهن کي به ڪمزور نٿو ڪري سگهجي.هڪ پاسي طالبان هٿان مُلڪ جي اهم ادارن مٿان حملا ٿين ٿا جن ۾ فوج، انٽيليجنس ادارن سميت رينجرس کي به نشانو بڻايو وڃي ٿو پر پوءِ به اُنهن سان ڳالهين جا دروازا کُليل رکيا وڃن ٿا. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست سياسي تنظيمن جي پُرامن سياسي جدوجهد کي به قبول نٿو ڪيو وڃي. مقصود خان قريشيءَ جي شهادت وارو معاملو هن مُلڪ جي ڳُجهين طاقتن جي پَت وائکي ڪري وڌي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جو گڏجڻ ۽ پنهنجي اڪثريت ظاهر ڪرڻ هن مُلڪ جي ڳُجهن ادارن وٽ اڻوڻندڙ ڳالهه آهي. اُهو ئي سبب آهي ته هاڻ هن مُلڪ جون ڳُجهيون طاقتون به اهو نٿيون چاهين ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت هُجي. پاڪستان جي ڳُجهين طاقتن سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي نسل ڪُشي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مقصود خان قريشيءَ جي شهادت به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. سوال اهو آهي ته پُر تشدد سياست جي بجاءِ پُرامن سياست ڪندڙ جسقم قيادت مٿان رياستي تشدد وارا طريقا آزمائڻ سان ڇا سنڌ ۾ هن رياست لاءِ مُحبت پئدا ٿي سگهي ٿي؟ ڇا رياست اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ پُرامن قومپرست سياست سان سلهاڙيل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي رستن ۽ روڊن تي زندهه ساڙيو ويندو؟ هن رياست کان بلوچستان جي بيزاري ته رياستي تشدد جو نتيجو آهي. پر جيڪڏهن سياسي طريقن سان حق گُهرندڙ ڌُرين ڏانهن به اهڙو ئي رويو اختيار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ هن رياست کان بيزاريت جي باهه کي، ڪنهن به سرچاءَ ۽ پيڪيج جا پاڻي وسائي نه سگهندا.
    مقصود خان قُريشي جنهن جي چهري تي معصومن جهڙي مُسڪراهٽ هر وقت کيڏندي رهندي هُئي. هن ڪڏهن به اهڙي سياسي رستي جي واٽ نه ورتي هُئي. جنهن رستي تان تشدد جي بوءِ ايندي هُجي. پر جڏهن ڀريا ويجهو هن جي ڪار مٿان حملو ڪري کيس زندهه ساڙي قومپرست سياسي ڪارڪنن جي چِڙ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. اُن جا نتيجا ايندڙ وقت ۾ ڏاڍا اُگرا نڪرندا. مقصود خان پنهنجي مزاج ۾ ٿڌي طبيعت ۽ پيار ڪندڙ قومپرست اڳواڻ هو. جنهن کي ورڪرن سان محبت ڪرڻ ڄڻ ورثي ۾ ملي هُئي. پر اهڙي معصوم ۽ مُحبت سان دليون کٽيندڙ اڳواڻن مٿان اوچتا حملا اهو ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ ۾ ڳُجهيون طاقتون مايوسي ڦهلائڻ لاءِ اهي عمل ڪري رهيون آهن. پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گُذريل هڪ ڏهاڪي کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ اها وڏي تبديلي هُئي، جو تمام گهڻين شڪايتن ۽ ناراضگيءَ جي باوجود به سنڌ جي قومپرست تنظيمن پنهنجي ناراض نوجوانن کي پُرامن رستي پاسي وٺي هلڻ لاءِ پُرامن سياست جي چونڊ ڪئي پر انهن مٿان تشدد جا طريقا اهو ظاهر ڪن ٿا ته شهيد بشير خان قُريشيءَ کان وٺي، شهيد مقصود خان قريشيءَ تائين 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي سزا طور شهيد ڪيو ويو. سنڌ جا ٻئي بهادر اڳواڻ 23 مارچ جا ئي شهيد سڏيا ويندا. هاڻ جيڪڏهن ڪا به قومپرست پارٽي پنهنجي مرڪزي آفيس جي مورچي لاءِ ڪراچيءَ جي چونڊ ڪري ٿي، يا سڄي سنڌ کي گڏ ڪري هن شهر جي مالڪيءَ ۽ وارثيءَ جي دعوا جو وچن دُهرائي ٿي ته اها ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ جي غمگين دل آهي. جنهن کي خبر آهي ته هن مُلڪ سان هن شهر جو رِشتو به سنڌ جي ڪري جُڙيو هو. هن شهر جون پاڙون پُختيون ٿيڻ بجاءِ اُکڙجڻ لڳيون آهن. هن شهر سان جُڙڻ ۽ مالڪيءَ جي دعوا لاءِ رُڳو سياست ڪافي ناهي. هن شهر جي وارثيءَ لاءِ مُحبت جي چونڊ ڪرڻي پوندي. مُحبت جيڪا ديواني هوندي آهي. ڪراچي به سنڌ جي ديوانن جو شهر بڻجڻ گهرجي، اُنهن پروانن جو شهر جيڪي شمع جي شعلن ۾ پنهنجو عڪس ڏسي رقص ڪندا آهن.
    اسانکي اڄ جيڪي تاريخ جا طعنا ڏئي رهيا آهن ۽ اهو سمجهي رهيا آهن ته اُهي باهه جو درياءُ پار ڪري، هن ديس ۾ پُهتا هُئا. پر کين پتو ئي ناهي ته هي اهڙو ديس آهي جنهن کي مُحبت سان فتح ڪرڻ ته آسان رهيو آهي. پر نفرت سان نشانو بڻائڻ ڏاڍو ڏکيو رهيو آهي. هن ديس واسين جڏهن پنهنجا ڳاٽ اُوچا ڪري ڪراچيءَ جي وارثي ۽ مالڪيءَ جي دعوا ڪئي ته سياسي غُرور جا ڪيترائي مينار ڪِري پَٽ پئجي ويندا. ڇاڪاڻ ته معصوميت به پنهنجي مزاج ۾ بيحد عقلمند هوندي آهي. جيڪا سياسي کيل تماشي ۾ سنڌ جي سڙندڙ وجود کي بچائڻ لاءِ ساهه جي آخري تند تائين طوفانن سان مقابلي ۾ رهي روشنيءَ جا ڏيئا ضرور ٻاريندي. سنڌ جي معصوم قومپرست ڪارڪنن جي رت جا گُلاب هن ديس مٿان بهار ضرور آڻيندا. 23 مارچ جي ٻن شهيدن سنڌ کي اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪراچيءَ ۾ پُرامن طريقي سان گڏ ٿيڻ جي بين الاقوامي طاقت ڪيتري آهي؟ ڇاڪاڻ ته ٻنهي شهيدن جي خواب جي ساڀيان لاءِ جدوجهد جا بينر کُليل رکيا وڃن.


    جُرم بڻجي ويل سنڌ دوست سياست!

    سياست جي صحرا ۾ ڪنهن ٿڪل ٿوهر جهڙي هڪڙي دُنيا به آباد آهي. جيڪا دُنيا اُن نسل جي دُنيا آهي. جيڪا سنڌ سان عقيدي جهڙو عشق ڪري ٿي. جنهن جو اڄ به اُن سياسي صحرا سان ايترو ئي پيار آهي. جيترو پيار”پابلو نرودا“ جو چليءَ سان هو. جنهن چليءَ کان هُن جلاوطنيءَ جا ڏهاڙا ڪنهن قيد وانگر ڪاٽيا هُئا. جنهن پنهنجي جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي نڪور نظم لکيا هُئا. جن مان هڪ نظم اِهو به هو جنهن جو عنوان هو. ”اڄ رات مان سڀ کان وڌيڪ ڏُک ڀريون سِٽون لکي سگهان ٿو.“ جنهن “سانتياگو” سان پنهنجي مُحبت جو اظهار هنن سٽن سان ڪيو هوته.” مان ان سان محبت ڪريان ٿو پر، محبت مختصر ۽ ويسر سرد راتين وانگر طويل ٿيندي آهي.“ اُها سياسي صحرا جي طويل رات جيڪا سنڌ جي سياسي رُومانس مٿان هڪ عرصي تائين ڇانيل نظر ايندي هُئي سا ٻيهر ”سُندر بن ٻيلو“ بڻجي ٻرڻ لڳي آهي. اهڙي اُتساهه پاسي وِکون وڌائڻ لڳي آهي، جنهن ۾ خوف ڪنهن خسيس احساس وانگر اُن نسل جي دلين مان نڪري رهيو آهي. جن کي رستن تي اُڇلايل لاشن جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اُها صحرا جنهن ۾ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ٿوهرن جهڙي ڇانو ئي هوندي آهي. اڄ هڪ پُورو نسل سنڌ جي اُن سياسي رُومانس واري دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. جنهن کي قادريءَ جي انقلاب ۽ ڪپتان جي تبديليءَ سان تِر جيتري به دلچسپي ناهي. جيڪو پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ لاءِ ڪُوڙي آٿت سمجهي، اُن جي سحر کان ٻاهر بيٺل آهي. جيڪو عوامي هُجومن وارن وڏن جلسن کي هن قوم جي تقدير جي تبديلي نٿو سمجهي. جيڪو سمجهي ٿو ته سنڌ کي سياست کان وڌيڪ عشق جي ضرورت آهي. اُهو عشق جيڪو انائن جي سياسي بُتن سبب ڪمزور بڻجي پيو هو. جيتوڻيڪ اِهو الڳ بحث آهي ته تشدد ڪنهن به طرح امن جو سفيد ڪڪر بڻجي، ڪنهن قوم مٿان ناهي وسي سگهيو. پر سنڌ جي سياسي پارٽين جي حصي ۾ آيل اُن تشدد جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جيڪو تشدد هڪ طرفو هلي رهيو آهي. بلوچستان جي ابتدائي سياسي صورتحال، سنڌ جي موجودهه صورتحال کان ڪنهن به طرح مُختلف نه هُئي. پر لڳاتار بلوچستان مٿان اذيت جي آفتن جا نتيجا ان سطح تي وڃي پُهتا آهن، جو هاڻ معاملا هڪ هڪاڻيءَ تائين هليا ويا آهن. سنڌ ۾ جنهن طريقي سان سياسي ڪارڪنن مٿان تشدد جا تجربا ٿي رهيا آهن. اُن سان هڪ پُورو نسل تشدد ۽ خوف واري دُنيا مان نڪري رهيو آهي.
    ڪالهه تائين ماڊل ٽائون جي واقعي جي نتيجي ۾ هن وقت مُلڪي سياست جا ڦيٿا ڦري ويا آهن. قادري ۽ ڪپتان هر واقعي کي بُنياد بڻائي هن حُڪومت مٿان سياسي دٻاءُ وڌائيندا رهن ٿا. پر ٻئي پاسي، سنڌ ۾ قومپرست سياسي تنظيمن خلاف اڻ اعلانيه آپريشن تي اکيون ٻُوٽيون وڃن ٿيون. گُذريل ڏهه سالن کان سنڌ جي سياسي ڪارڪنن خلاف تشدد جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. سو پنهنجي آخري نتيجن ۾ بلوچستان بڻجڻ وڃي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين بظاهر اهو نظر ناهي آيو ته سنڌ جي قومپرست سياسي ڪارڪنن رياست خلاف غير معمولي حد تائين ڪو اهڙو واقعو ڪيو هُجي، جنهن سان مُلڪي مُفادن کي خطرو پئدا ٿي پيو هُجي. پر باوجود ان جي سنڌ ۾ وقفي وقفي سان کنڀي کنيل نوجوانن مٿان تشدد جا سمورا تجربا ڪري لاش روڊن، رستن ۽ ويرانين ۾ اُڇلايا وڃن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن جون مجموعي همدرديون اُنهن نوجوانن جي خاندانن سان وڌندي نظر اچي رهيون آهن. جن نوجوانن جي جسم مٿان ڊرل مشينن سان سوراخ ڪرڻ جهڙا غير انساني تشدد جا طريقا اختيار ڪري کين هميشه لاءِ سُمهاريو وڃي ٿو. ٻئي پاسي هڪ اُهو نسل به آهي، جيڪو پنهنجي ٽين ايج جهڙي جوانيءَ ۾ نازڪ ٻانهن جي زنجيرن واري قيد مان آزاد بڻجي. اُن سياسي سحر پاسي وڌي رهيو آهي. جنهن سياسي سحر جا رستا سوڳ تي ئي کُٽڻا آهن. ڇا سنڌ جي اُن نسل کي ماري سنڌ جي سياسي فڪري آزاديءَ جا رستا روڪي سگهجن ٿا؟ سڄي دُنيا ۾ تشدد جي شدت سان ڪنهن به نظريي جي آواز کي روڪي سگهڻ وارا طريقا پُراڻا بڻجي ويا آهن. نازين پاران يهودين خلاف تشدد کان وٺي، سڀاش چندر بوس جي “سوراج” مٿان برطانوين جي تشدد تائين ۽ بنگال جي “سرچ لائيٽ آپريشن” ۾ لکين ماڻهن جي قتل ۽ عورتن جي عصمت درين تائين يا ڪشمير اندر ڀارتي جارحيت ۾ هزارين سوڳوار خاندانن تائين اُهو ڪهڙو تشدد آهي؟ جنهن امن جا رستا کوليا هُجن؟ شام کان بيروت ۽ فلسطين تائين رُڳو انساني رت سان لکيل تاريخ نظر اچي رهي آهي. پر اڄ به پاڪستان اندر تشدد جو نه کُٽندڙ اهڙو سلسلو جاري آهي. جنهن کي بند ڪرائڻ بجاءِ انساني حقن جون عالمي تنظيمون به فقط مذمتي ٺهرائن تائين محدود آهن. اُهي عورتون جن جا مُڙس ورهين کان وڃايل آهن، جيڪي اڌ بيواهه جهڙي اذيت واري زندگي گُذاري رهيون آهن. “اک جي بدلي اک ته رُڳو سڄي دُنيا کي انڌو ئي ڪري سگهي ٿي.” مهاتما گانڌيءُ چيو هو. ليڪن اهڙي سماج ۾ جتي محبت واري منطق سان موقف جي آزاديءَ جو موت اچي وڃي ۽ اظهار جي آزادي گولين جي گونج سان دٻائي ويندي هُجي. تڏهن اهڙن سماجن جي اندر ساهه کڻندڙ نسل مان امن جي اُميد اجائي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته تشدد جي ڪُکِ مان تشدد ئي جنم وٺندو آهي.
    جهڙي طرح سنڌ جي سياسي ڪارڪنن مٿان تشدد جي تلوار استعمال ٿي رهي آهي. ان جا نتيجا ڀيانڪ مسقبل جا بنياد وجهي رهيا آهن. اُهو نسل جنهن سوويت يونين جي خاتمي سان پنهنجي سياسي روومانس جا بُت ڀُرندي محسوس ڪيا هُئا ۽ هميشه لاءِ گوشهءِ نشينيءَ جون گوريون کائي وڃي ڪُنڊ وسائي هُئي. اُن کان پوءِ ٽيون نسل ٽين ايج ۾ اڳتي آيو آهي. جن جي جسمن جا گلاب رستن ۽ روڊن تي پتين وانگر پکيڙيا وڃن ٿا. ليڪن هُو پنهنجي نظرياتي واٽ تي اٽل ٿي بيٺل آهي. ڪير ٿو چوي ته نظرياتي سياست ڪمزور ٿي آهي.؟ جيڪڏهن ائين هُجي ها سنڌ جي رستن ۽ روڊن تي رُڳو سوڪالڊ سِول سوسائٽيءَ جا چند ڪارڪن فوٽو سيشن جو ڏيکاءُ ڏيندا هُجن ها. ليڪن شهيد نظير عباسيءَ کان وٺي اڄ جي شهيدن تائين، جن جي قبرن جون قطارون اِهو پيغام ڏئي رهيون آهن ته تشدد ڪندڙ هٿ ڪمزور ٿيا آهن. ليڪن اُنهن جي اُلفت جي امتحان جي ابتدا هاڻ کان ٿي آهي. جيتوڻيڪ اُنهن جون اکيون روس جي ادب کي ڇُهي نه سگهيون آهن. نه ئي اُنهن جي نيڻن مٿان ڪيوبا جي انقلاب جو نشو چڙهيو نه ئي اُنهن انقلابي ادب سان پنهنجي دل جي مندر جا ڏيئا روشن رکيا. ليڪن هڪ خواب، هڪ آدرش سنڌ جي ٽين ايج نسل جي دلين کي ائين ڇڪي آيو آهي، جيئن ڪنواري بدن جي خوشبوءَ بيقرار دلين کي ڇڪيندي آهي. اُهو آدرش ۽ خُواب وحشت جي رات جي پُڄاڻيءَ جو پيغام آهي. اهڙي رات جيڪا ڏهاڪن کان هن ديس جي تقدير بڻيل آهي. ڇا هن نسل کي هٽائڻ لاءِ تشدد جو طريقو اُنهن جي دلين کي ڪمزور ڪري سگهندو؟ جيڪڏهن لڳاتار سنڌ جي نسل کي رت ۽ بارود ۾ ڌڪيو ويو ته سنڌ اندر مُلڪي سياست مان ويساهه کڄي ويندو. جيتوڻيڪ مُلڪ جي اندروني صورتحال اها هرگز اجازت نٿي ڏئي ته وفاق ۾ موجود صوبن جي ماڻهن جي نوجوانن کي گُم ڪرڻ جهڙي غلطيءَ کان پوءِ کين ماريو وڃي. سنڌ ۾ مارجي ويل نوجوانن جو پروفائيل پڙهبو ته اُنهن جون ايتريون عمريون ئي ناهن، جن جي بُنياد تي اُهي هن مُلڪ جي مضبوط سيڪيورٽيءَ لاءِ ڪا رِسڪ بڻجي سگهن. ليڪن سنڌ اندر سياسي خوف پئدا ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي وڏي کيپ کي ختم ڪرڻ ڪنهن به طرح مُلڪي مُفاد لاءِ بهتر ناهي. هڪ پاسي بلوچستان اندر هلندڙ ڇڪتاڻ آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي سياست کي بلوچستان بڻائڻ لاءِ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون پيون وڃن. جيڪي هن مُلڪ جي سياسي ساک کي اُڏوهي وانگر اُڊيڙي رهيون آهن. جڏهن ته هن مُلڪ لاءِ ۽ هن مُلڪ جي آئيندي لاءِ مٿي جو سُور بڻيل مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف ڪو سنجيدهه لائحه عمل نظر نٿو اچي. ان حد تائين جو سڄي دُنيا ۾ هن مُلڪ مٿان انتها پسنديءَ جي لڳل ليبل کي لاهڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ته پري جي ڳالهه آهي پر سموري مُلڪ ۾ نيون نِسريل نرسريون به هن مُلڪ کي هلائيندڙ هٿن کي نظر ئي نه اچي رهيون آهن. ٻئي پاسي هن مُلڪ جي انتها پسند ڌُرين جو القاعده کان پوءِ عالمي امن لاءِ خطرو بڻيل دولتِ اسلاميءَ پاسي همدردين جو وڌندڙ رُجحان آهي. جيڪو هن مُلڪ جي خطي ئي نه پر سموري عالمي امن لاءِ به انتهائي خطرناڪ ڳالهه آهي. جنهن پاسي مُلڪ جي طاقتور ڌُرين کي ڌيان ڏيڻ گُهرجي. پر اُهي پنهنجي پراڻي پاليسيءَ کان تِر جيترو به هٽڻ لاءِ تيار ناهن ۽ هن مُلڪ جي اُنهن نوجوانن کي پڪڙي ماري رهيون آهن. جيڪي پُرامن سياسي واٽ وٺي پنهنجا حق گُهري رهيا آهن. جيڪڏهن هن مُلڪ جي طاقتور هٿن اهڙي روايت جاري رکي ته لازمي طور سنڌ کي ڪو به مُستقبل ۾ بلوچستان بڻجڻ کان بچائي نه سگهندو. تنهن ڪري هن وقت جڏهن سڄي سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي اغوا کان پوءِ ملندڙ لاشن جو سلسلو وڌي رهيو آهي. تڏهن رت سان لکيون ويندڙ ڪهاڻيون ۽ سوڳ ۾ سُتل ٻارڙا ۽ اڌ بيواهه بڻيل عورتون اِها التجا ڪري رهيون آهن ته کين اُهو ڏوهه ڏسيو وڃي. جنهن ڏوهه ۾ اُنهن جي گلابن جي جسمن جون پتيون ڪنهن حوس هيٺ ڇاڻيون ويون. جن جا خاندان اڄ به فاقا ڪشيءَ جهڙي زندگيءَ جي اذيت ڪاٽي رهيا آهن. جن جا ڪٽنب پنهنجي ڪُٺل جوانن جو جُرم پُڇي رهيا آهن. اُهي پُڇي رهيا آهن ته ڇا هن ديس لاءِ سنجيدهه سياست به ڪا سزا آهي؟ جيڪڏهن خوشحال سنڌ خاطر سياست ڪرڻ سزا آهي؟ ته پوءِ اهڙي سزا سڄي سنڌ سهڻ لاءِ تياريءَ پاسي وڃي رهي آهي. جيڪا ڪنهن به طرح مُلڪي سياسي حالتن لاءِ پرهه جو پيغام سمجهڻ نه گُهرجي. ڇاڪاڻ ته پُرامن سياسي حالتن اڳيان تشدد جا طريقا سماجن کي ڪنهن وڏي بغاوت لاءِ مجبور ڪندا آهن.


    پُرامن سياست جي پيرن ۾ پيل پابندين جون زنجيرون...!

    اُهو مُلڪ جتي جنگ جائز ۽ مُحبت سختين جي سلاخن پويان باندي بڻيل هُجي. جتي عُقاب آزاد ۽ جِهرڪيون پاپ جي پڃرن ۾ قيد بڻيل هُجن. جتي سياست سنگينن جي سائي ۾ ساهه کڻندي هُجي. جتي مُلڪي استحڪام، عوام جي بُک ۽ بدحاليءَ کان وڌيڪ معتبر ۽ مٿانهون هُجي. جتي تخليق جا مُجسما تخريبي هٿن ۾ رانديڪو بڻجي ٽوڙيا ويندا هُجن. جتي تشدد ڪنهن تير ڪمان وانگر هر وقت اکيون تاڻي بيٺل هُجي ۽ ڪنهن به انسان جي ساهه جي سِتار مٿان موت جو وار بڻجي ڪڙڪي پوي. جتي هرصبح نمرود جي نظرن جي نوڪ بڻيل هُجي. جتي سرد صبح جو ٻوڪيون ٻڌل ٻارڙا ڪنهن اُجهاڻيل چُلهه مٿان چوڪڙي ٺاهي ويٺل هُجن ۽ پاڙي مان درد جي ايندڙ دانهن سڄي ڳوٺ جي اکين ۾ لوبان جي دونهين وانگر لهي ويندي هُجي ۽ درد جي اذيت اکين مان اُٿلون کائڻ لڳندي هُجي. جتي سرمد جي ڪلمي جي سچائي دليءَ جي گهٽين مان گهلبي نظر ايندي هُجي. دارا شِڪوهه جا سُڏڪا پِرهه جي هوائن جي گهوڙن تي چڙهي آسمان ڏانهن اُڏامڻ لڳندا هُجن ۽ اورنگزيب جي سُرخ اکين جي وحشت زيب النساءِ کي فارسي سِٽون لکڻ تي مجبور ڪندي هُجي. اهڙي درد جي دانهن بڻيل ديس کي“سنڌ” سڏيو وڃي ٿو. اُها سنڌ جنهن جي تصوير ننڍي کنڊ جي تهذيب جي عظيم علامت بڻيل هُجي. اڄ اُها سنڌ پنهنجي ڳيري جهڙي ساهه کي امن جي آکيري ۾ لِڪائڻ لاءِ پريشان آهي. تصور جي اکين سان ڏسجي ٿو ته سنڌ جي قومي سياست ۾ پير پائڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جي برابر بڻجي پيو آهي. سنڌ جي سياست مٿان رت جي لڪير جا ليڪا پاتا پيا وڃن. اُهي ليڪا اهڙي درندگيءَ کي ورجائن ٿا. جنهن سان پهرين بنگال، پوءِ بلوچستان ۽ هاڻ سنڌ نشاني تي آهي. اُن تشدد جي تاريخ جا نتيجا ڪهڙا نڪتا آهن؟ اُن ۾ جهاتي پائڻ لاءِ ويجهڙائيءَ واري ماضيءَ جي ياد تي چڙهي ويل دز هٽائي ڏسبو ته پتو پئجي ويندو. اوڀر پاڪستان اهڙي تشدد جي نتيجي ۾ بنگال بڻجي ويو. پهاڙن تي چڙهي ويل بلوچستان “پينٽاگان” کان هيٺ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جي پُرامن سياسي آواز کي تشدد جي طاقت سان خاتمي جا سنيها روزانو لاشن جي صورت ۾ وصول ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ، پنهنجي چِٻيءَ چيلهه سان لاش ميڙي ٿڪجي پئي آهي ۽ ميريءَ پوتيءَ سان پنهنجون آليون پنبڻيون اُگهي رهي آهي. اهڙي رياستي ڏاڍ جي حاصل ڪيل بُرن نتيجن جي باوجود به ڇا هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ اهو طئي ڪري ورتو آهي ته پنهنجي قومي وجود ۽ تشخص جي بقا واري سياست کي لاشن جي صورت ۾ اهڙي نفسياتي خوف ۾ مُبتلا ڪري ڇڏڻو آهي. جنهن سان ٻيهر پُرامن قومي جدوجهد جا رستا به بند ٿي وڃن؟ اهڙي سوچ هن مملڪتِ خُدادِ پاڪستان سان ڪنهن به طور ڀلائي ناهي، پر هن مُلڪ سان وڏي دُشمني آهي. اهڙي ذهنيت هر دور ۾ شڪست کاڌي آهي. هلاڪوءَ کان چنگيز ۽ هٽلر کان ڊائر تائين، تشدد جي ڀيانڪ تاريخ جا بُنياد بيحد ڪمزور رهيا آهن. پر افسوس! جو سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود چونڊيل نُمائندن کي اُهي گولين سان پروڻ ٿيل جسم، جن کي رات جي پوئين پهر ۾ سُمهاريو وڃي ٿو، نظر ڪو نه پئي آيا. جڏهن، سنڌ جي سِول سوسائٽي ۽ سياسي تنظيمون ٻن ڏينهن جي لڳاتار هڙتال ڪنديون رهيون. تڏهن سنڌ اسيمبليءَ پاران ميار لاهڻ جهڙا بيان جاري ٿيا. ليڪن جڏهن سنڌ اسيمبليءَ مان بيان جاري ٿي رهيا هُئا ۽ سنڌ جا رستا هڙتال سبب ويران هُئا. اُن ڏينهن تي سنڌ پنهنجي ٻن ٻين ڳڀرو پُٽن جا چِچريل لاش ميڙي رهي هُئي پر وفاقي سرڪار ۽ انٽيليجنس ادارن کان ڪو به پُڇاڻي لاءِ تيار ناهي ته هي جيڪي رستن تان سنڌ پنهنجي معصومن جا لاش ميڙي رهي آهي!! اُنهن جو آخر ڏوهه ڪهڙو آهي؟؟!. جيڪڏهن سنڌ جي نوجوانن کي ائين رِڻ جي راتين ۾ سمهاريو ويو ۽ اُن عمل لاءِ وفاقي سرڪار ڪو سنجيدهه نوٽيس نه ورتو ته ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته سنڌ جي پُرامن ۽ وطن دوست سياست پنهنجي پُرامن سياسي جدوجهد وارو رستو ڀُلائي ويهندي. ڇاڪاڻ ته گُمشدگين کان پوءِ لڳاتار لاشن جو ملڻ ان ڳالهه جي تصديق آهي ته اهو سلسلو سنڌ ۾ پُرامن سياست اڳيان ديوار بڻجي رهيو آهي.
    هڪ پاسي دُنيا درندگيءَ جي نين شڪلين ۽ صفتن سان هڪ خاص انداز ۾ اُڀري رهي آهي. اولهه انتهاپسنديءَ جي پاڇي کان خوف کائڻ جي باوجود بُنياد پرست قُوتن هٿان پنهنجا سياسي ۽ اقتصادي مُفاد حاصل ڪرڻ لاءِ هر طريقو آزمائي رهيو آهي. جيڪو پنهنجي مُفادن خاطر بُنياد پرستيءَ کي هٿي به ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجا حاصل ڪيل حدف پُورا ڪرڻ کان پوءِ هٽائيندو به رهيو آهي. اُن اولهه هن مُلڪ مٿان ڪڏهن به انڌو اعتماد ناهي ڪيو. جيڪڏهن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي گهر جي اندر معاملا نبيري نه سگهي ته اهڙي ڪمزور قُوت بڻجي ويندي، جنهن سان ڪو به مُلڪ پنهنجا ناتا ڳنڍڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ مُلڪي سالميت جي نالي تي، پنهنجي عملي ڪردار ۾ هن مُلڪ کي اهڙي اونداهي دور پاسي وٺي وڃي رهي آهي. جنهن کي مُستقبل ۾ ڪي به بهتر نتيجا مِلڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پر اندروني حالتون ئي هن مُلڪ لاءِ حاڃيڪار بڻجي وينديون. بنگال کان پوءِ بلوچستان هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي اڍنگي رويي سبب هن مُلڪ سان پنهنجو روحاني رشتو عرصي کان ٽوڙي ويٺل آهي. سنڌ کي مِلندڙ لاشن جي لڳاتار سلسلي کان پوءِ اهو اندازو لڳائڻ آسان آهي ته سنڌ ۾ خونريز سياست جا بُنياد وجهڻ لاءِ خود رياستي ادارا ذميوار آهن. جيڪي، نوجوانن کي اذيتون ڏئي ننڌڻڪو ڪري ماري رهيا آهن. ڇا اُهي اِهو نٿا سمجهن ته تصور يا آدرش کي اذيتن سان ختم نٿو ڪري سگهجي. تصور ۽ نظرين جو موت ممڪن هُجي ها ته گهڻو اڳ فلسطين جو پُورو نسل زمين جي ننڍڙي ٽُڪري تان هميشه لاءِ ميسارجي وڃي ها. ويٽنامي نسل ڪُشيءَ جي باوجود به جنرل گياپ جي رائفل جي اڳيان آمريڪي طاقت، پنهنجي شڪست قبول نه ڪري ها. يا آفريڪي نسل ڪُشيءَ مان ڪبرال جي ڪمان ٻيهر صفبنديءَ سان اُڀري نه سگهي ها. پر تاريخ اِهو ثابت ڪيو آهي ته تشدد سان ڪڏهن به امن جا شهر آباد ٿي ناهن سگهيا. پر تشدد سان مُلڪ تاراج ٿي ويندا آهن. اڄ جڏهن سنڌ جي ڳاڙهن ڳلن وارا ڳڀرو چوواٽن تان کنڀي کنيا وڃن ٿا ۽ لاشن جي صورت ۾ مائٽن کي موٽائي ڏنا وڃن ٿا. تن مان ڪو به اهڙو ناهي، جنهن جو تعلق ڪنهن امير گهراڻي سان هُجي. جنهن جون ترجيحات تبديل هُجن. جيڪي خُواهشن جا مُحتاج هُجن، جن وٽ پئسي ۽ عياش زندگيءَ جهڙا آدرش هُجن. جيڪي پنهنجي خُوابن کي نفيس جسمن سان سلهاڙي ڇڏين. جيڪي ڳاڙهن ڳلن تي موهجي وطن دوست قومي جدوجهد سان پنهنجي لاتعلقيءَ جا اعلان ڪن. پر اُهي نوجوان ته اُهي آهن، جن جي هٿن ۾ هڪ ڏيئو آهي. زيتون جي ٽاريءَ جهڙي دل آهي. جن جي هٿن ۾ ڪڏهن گليلي به نه هُئي. اُنهن جو قصور سياسي پارٽيءَ سان وابستگي هُئي. جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان تعلق هُجڻ جي ايتري ڳري سزا آهي ته اهڙي سزا اُنهن سياسي اڳواڻن کي ڇو نٿي ڏني وڃي جيڪي، هن مُلڪ جي سياسي لباس ۾ لڪيل بگهڙ آهن، جيڪي مُلڪ جي بجيٽ کي هڪ ئي ڳيت سان ڳهي ڇڏين ٿا. جيڪي کربين رُپيا کائڻ کان پوءِ به بچي وڃن ٿا. جيڪي هن رياست جا بُنياد اکيڙڻ جو بُنيادي سبب بڻيل آهن. يا اُنهن دهشتگرد جماعتن جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڇو نٿو ڪيو وڃي. جيڪي سنڌ جي وڏن شهرن جي ديوارن تي “داعش” جي موجودگيءَ جون دعوائون ڪندا رهن ٿا؟ پاڪستان جا انٽيليجنس ادارا اُنهن هٿن کي پڪڙي سگهڻ ۾ ڇو ناڪام آهن؟ جيڪي مذهب جي مُقدس نالي تي اقليتن مٿان وڏي مصيبت بڻيل آهن. جيڪي ڪوڙين فتوائن سان اقليتن کي زندهه ساڙي ڇڏين ٿا. ڇا اهڙن عملن سان هن مُلڪ جي سالميت کي ڪو خطرو ناهي؟ تاريڪ رستن تي مارجي ويل نوجوانن جا وارث هن رياست کان پُڇن ٿا ته آخر اُنهن جو ڏوهه ڪهڙو هو؟ اُهي جيڪي ٻهراڙيءَ جا ٻار هُئا، جيڪي غريب والدين کان مِلندڙ محدود خرچ تي سنڌ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندا هُئا. جتي سڀ سياسي پارٽيون پنهنجي نظرين جي پرچار جا بينر کولي بيهنديون آهن. پر سنڌ جي قومي سياست جي ڪارڪنن کي، خانگي ڪپڙن سان کنڀي، گُم ڪيو وڃي ٿو. مائٽ پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا، بيان ڏين ٿا، انساني حقن جي تنظيمن جا در کڙڪائين ٿا. سول سوسائٽيءَ کان وٺي سياسي تنظيمن تائين احتجاج ڪن ٿا. ليڪن آخر ۾ ائين ٿئي ٿو جيئن دُنيا جي هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. هڪ سرد لاش وصول ٿئي ٿو. اذيت جو طويل سفر سنڌ جو معمول بڻجندو پيو وڃي. فراق گورکپوري جي سِٽ وانگر : “زندگي هي ڪه، رام ڪا بنواس” وانگر سنڌ سياسي بنواس جي دور ۾ رُڳو لاشن وٺڻ جو اُصولي فيصلو ڪرڻ کا اڳتي وڌي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا سنڌ جي سياست ۾ اهڙي تلخي پئدا ڪرڻ لاءِ ئي سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي؟ هي معاملو هاڻ اُنهن رياستي هٿن ۾ آهي. جيڪي سنڌ جي سياست جا رُخ تشدد پاسي موڙڻ جي پُوري مُوڊ ۾ آهن. جنهن مُوڊ پويان ڪهڙيون ڳُجهيون حقيقتون آهن؟ اُن جو پتو ڪنهن کي به ناهي. ليڪن سنڌ ۾ نوجوان سياسي ورڪرن جي چچريل لاشن جا نتيجا سنڌ جي پُرامن وجود کي تشدد ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهن. جن کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي سمورين ساڃاهه وند ڌُرين، سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي گڏيل حڪمت عملي جوڙي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ بين الااقوامي ادارن تائين ان آواز کي اُٿارڻو پوندو. اُهو سلسلو جيڪو تيزيءَ سان سنڌ جي سيني ۾ اذيت جا ڪوڪا هڻي رهيو آهي. اُن جو ردِعمل آيو ته سنڌ جي سموري پُرامن سياسي جدوجهد ڪنهن به معاملي تي پنهنجو مضبوط آزادانه موقف رکي سگهڻ ۾ ناڪام ٿي ويندي. سنڌ جا ماڻهو هن وقت اهڙي انساني الميي تي سخت ڏُک ۽ ڪاوڙ سان هن مُلڪ جي طاقتور ادارن مٿان اهڙن واقعن جا ڇوهه ڇنڊي رهيا آهن. جن واقعن جي نتيجي ۾ سنڌ جي جوانيءَ جي جسمن مٿان تشدد جا تجربا ٿيندا رهن ٿا. سنڌ جي ويجهڙائيءِ واري سياسي تاريخ ۾ ايتري حد تائين ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو، جو صبح سان اکيون مهٽي اُٿندڙ سنڌ پنهنجي درد کي دٻائي اخباري سُرخين کي پڙهي سگهڻ جي سگهه به ساري نه سگهي. اُهي جيڪي رُڳو سياسي ڪارڪن ئي نه هُئا پر اُهي ڀاءُ به هُئا ته پُٽ به هُئا پيءُ به هُئا ته مُڙس به هُئا. جن جي پويان پُورو خاندان هو. جنهن خاندان اغوا کان پوءِ اُنهن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۽ موت تائين واري وٿيءَ ۾ جيڪا اذيت سَٺي آهي. اُن اذيت جو اندازو ڪو اُنهن خاندانن کان پُڇي ڏسي.جيڪي برفيلي چادر جهڙي اُداسي ويڙهي ويٺل آهن. اُنهن جي اندر جي اُداسي ٻيو ڪيئن محسوس ڪري سگهندو؟ اُن درد جي اُداسي رُڳواُهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. جيڪو اهڙي زخم جي اذيت مان گُذريو هوندو. مُلڪ جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي خبر ناهي ته ڪهڙي ايجنڊا آهي؟ ليڪن اها ايجنڊا هن مُلڪ جي سلامتيءَ لاءِ قطئي به ڪارگر ناهي. اُن لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جا ادارا سنڌ جي سياست ۾ رت جي لڪير ڪڍڻ جو فيصلو ڪرڻ کان پهرين، تاريخ جي سمورين حقيقتن کي سامهون رکي سوچين. دلين کي تشدد نه پر مُحبت سان فتح ڪري سگهجي ٿو. اُن لاءِ سنڌ جي پُرامن سياست جي پيرن ۾ پيل پابندين جون زنجيرون کولڻيون پونديون.


    نوجوانن جا لاش سنڌ جي سياست کي ڪهڙي پاسي وٺي ويندا؟

    ڪنهن پئي ڄاتو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو سنڌ جي جواني جُنون جي اُن جهان ۾ داخل ٿيندي جو سياست جي صليبن جي منزل اُنهن جو مُقدر بڻجي ويندي. ڪنهن پئي ڄاتو ته نعرا نشن وانگر سنڌ جي جوانيءَ جي دماغن ۾ دونهان دُکائيندا ۽ اُنهن جي سينن ۾ اهڙي باهه ٻاري ڇڏيندا جو موت اُنهن لاءِ تڇ بڻجي ويندو ۽ سنڌ ڪيترن سالن کان پنهنجي پيارن جا لاش رستن ۽ روڊن تان ميڙيندي رهندي. هيءَ رياست جيڪا مُختلف طريقن ۽ نالن سان آپريشن جاري رکي پنهنجي مُلڪ جي ماڻهن کي ماريندي رهي آهي. جنهن جا نتيجا اڄ به اسان جي اکين اڳيان آهن. اُگهاڙي بنگال کي چيري ڦاڙي مُلڪ وڃائي فتح جا نشان ڏيکاريندڙ قُوتون، بلوچستان کان پوءِ سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجي زنگجي ويل سنگينن کي ريگ مال سان صاف ڪري نڪتيون آهن. هر مهيني ۾ سنڌ پنهنجي نوجوانن جا لاش آلين اکين سان وصول ڪندي رهي ٿي. پر سولين سرڪار طاقتور قُوتن اڳيان ايتري بيوس بڻيل آهي جو ايڏي وڏي الميي تي به مُجرمانه ماٺ جو روزو رکي ويٺل آهي. سنڌ ۾ هلندڙ اُهو سلسلو ڪٿي ڇيهه ڪندو؟ ڪو پتو ناهي. ليڪن ان سلسلي جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ مُلڪ جي لاءِ ڪو بهتر سنئوڻ ثابت نٿا ٿي سگهن. سنڌ جي تاريخدان ۽ نامياري ليکڪ سائين عطا محمد ڀنڀري جو پُٽ راجا ڏاهر ئي وطن دوست سياست جي سزا طور شهيد ناهي ٿيو پر راجا ڏاهر به اُنهن سمورن شهادتن جو تسلسل آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح طاقتور قُوتن پاران سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي وحشيانه تشدد کان پوءِ اُڇلايا وڃن ٿا ۽ سنڌ اُڇلايل لاشن کي ميڙي پنهنجا ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ٿي. هڪ پاسي نوجوان سياسي ڪارڪنن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ اُنهن جا وارث احتجاج ڪن ٿا پريس سان رابطا ڪن ٿا. بيان جاري ڪن ٿا. گُم ٿيل نوجوانن مٿان ڪنهن به قسم جا ڪيس هُجڻ لاءِ کين عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جا مُطالبا ڪن ٿا. پر اُنهن جي ڪنهن به ڳالهه تي ڌيان ڌرڻ بجاءِ، نوجوانن کي پڪڙِي وحشياڻي تشدد کان پوءِ کين رستن تي اُڇلايو وڃي ٿو. اهڙو ڀيانڪ لاڙو سنڌ جي سياست کي ڪنهن نفسياتي خوف ۾ مُبتلا ڪرڻ جي بجاءِ سنڌ جي پُرامن سياست کي پُرتشدد واٽ تي وٺي ويندو. سنڌ جا سنجيدهه ۽ سياسي حلقا سياسي ورڪرن سان اهڙي سلوڪ تي ڏُکويل آهن. سنڌ جي سياسي ورڪرن سان اهڙي سلوڪ جو نتيجو به اهو نڪري سگهي ٿو. جهڙو نتيجو پُرامن بنگال جي عوام مٿان تشدد جي صورت ۾ نڪتو هو. مُڪتي باهني رت جي ڪنهن هڪ قطري جو نتيجو نه هُئي، پر بنگلاديش ۾ وهيل لڳاتار خون جو نتيجو هُئي. جنهن سبب اڄ بنگلاديش هِن مُلڪ جو حصو هُئڻ جي باوجود به آزاد مُلڪ جي حيثيت سان بيٺل آهي. تشدد ڪنهن به طور تي امن جا رستا ناهي کوليندو پر تشدد هميشه تشدد جا رستا کوليندو آهي. هِن خطي ۾ جيڪا صورتحال پئدا ٿي آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جا نوجوان کنڀي کنيا وڃن ٿا ۽ چچريل لاشن جي صورت ۾ اُڇلايا وڃن ٿا اُن سان سنڌ ۾ سياسي انارڪيءَ جي وڌڻ جا امڪان آهن ۽ سنجيدهه سياست جي راهن اڳيان رُڪاوٽون کڙيون ٿيل نظر اچي رهيون آهن. انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي جو طاقتور قُوتن جي اهڙي رويي سبب، اسيمبلين ۽ ايوانن تان عوام جي ويساهه کڄڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن عوام جا چونڊيل اُميدوار سنڌ جي نوجوانن لاءِ اسيمبلين ۾ آواز اُٿارڻ وقت نفسياتي خوف ۾ مُبتلا ٿي وڃن. تڏهن مجموعي طور تي اِن تاثر کي وڌيڪ سگهه مِلي وڃي ٿي ته هن مُلڪ ۾ اسيمبلين ۾ ويٺلن جو آواز به ڪنهن اڻڄاتل خوف جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. گُذريل ڪيترن سالن ۾ اڻ اعلانيل آپريشن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سياسي ورڪر اغوا ٿيا آهن ۽ پوءِ کين شديد تشدد ڪري شهيد ڪري رستن تي اُڇلايو ويندو رهيو آهي. اهڙي رياستي رويي سبب سنڌ جي پُرامن ۽ وطن دوست سياست ۾ ٻه اهم رُجحان نُمايان نظر اچي رهيا آهن. هڪڙو رُجحان ته سياسي ورڪرن ۽ قيادت کي خوف ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي ٿو. جنهن جو ثبوت رياستي تشدد ۽ نوجوانن کي رستن تي ماري اُڇلائڻ وقت اُنهن جي مُڪمل خاموشي مان ظاهر ٿئي ٿو. يا اِهو رويو اختيار ڪرڻ ته اُهي ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان سلهاڙيل هُئا. جيتوڻيڪ اهو رويو سياسي پارٽين ۽ اُن جي قيادت جي دلين ۾ لڪيل خوف کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن مان مجموعي طور سنڌي سماج جي مذاحمتي سياسي سگهه جي ڪمزوري نُمايان نظر اچي ٿي. رياستي تشدد ۽ چچريل لاشن جي مِلڻ سان جيڪو ٻيو رُجحان ۽ لاڙو سنڌ ۾ پئدا ٿيو آهي اُهو آهي، “ڪُهي ڪُهندين ڪيترا...” وارو. جنهن جو مطلب اِهو آهي ته اسان سنڌ ۾ سياسي ورڪرن، بُردبار ۽ سنجيدهه ڪارڪنن جو ايترو وڏو انگ پئدا ڪري ورتو آهي جو رياست اُنهن ورڪرن ۽ سنجيدهه سياسي ڪارڪنن کي ڀلي ڪُهندي رهي پر اُهي کُٽي نه سگهندا. جيڪي ٻئي رُجحان سنڌي سماج جي داخلي سياسي صورت مٿان تمام گهڻا گهرا اثر ڇڏي رهيا آهن.
    اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جون سياسي تنظيمون ۽ اُنهن جون قيادتون تمام تر تنظيمي، آئيني ۽ نظرياتي اختلافن جي باوجود به سنڌ کي ملندڙ چچريل لاشن واري معاملي تي ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مُڪمل ناڪام ٿي ويون آهن يا اُهي خوفزدهه آهن ته اهڙي رياستي ڏاڍ جي خلاف آواز اُٿارڻ سان شايد سندن سياسي مُستقبل خطري پئجي وڃي. پر ڇا قيادتون فقط پنهنجي پارٽين ڏانهن ئي جوابدار هونديون آهن؟ ڇا اُنهن جو ڪردار ۽ عمل اُن قوم ڏانهن ذميوار ناهي هوندو جنهن قوم جي گهر گهر ۾ ڪُٺل نوجوانن جا تڏا وڇايل هُجن؟ جيڪڏهن سنڌ جون سياسي قيادتون نظرياتي اختلافن سبب روڊن ۽ رستن تان جهٽيل ۽ پوءِ رت ۾ ٻُڏل سياسي ڪارڪنن جا لاش ڏسي خاموش رهيون ۽ اهو سمجهنديون رهيون ته اُنهن ورڪرن سان اُنهن جو انڪري تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته اُهي ورڪر ڪنهن ٻي پارٽيءَ جا ميمبر هُئا ته اهڙو رويو سنڌي سماج جي سياست کي انتهائي وڏي اوڙاهه ۾ اُڇلائي ڇڏيندو. سنڌ جو ڪو به سياسي ڪارڪن، ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڇو نه هُجي پر ڪنهن کي اهو حق نه هُجڻ گُهرجي ته اُن جي نظرين ۽ آدرشن سان اهڙي مذاق ڪري جو کيس ڌاڙيلن وانگر مُقابلا ڄاڻائي ماري ڇڏي ۽ اُن جي لاش کي لاوارثيءَ جي حالت ۾ ڦٽو ڪري ڇڏي. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ڏانهن اهڙي رياستي رويي تي سنڌ جي سنجيدهه حلقن کي ويچارڻ گُهرجي ۽ سنڌ جي سياسي تنظيمن ۽ اُنهن جي قيادتن کي اهو سمجهڻ گُهرجي ته اظهار راءِ جي آزادي هر سياسي ڪارڪن ۽ ورڪر جو بُنيادي حق آهي. اُن جي اُن حق کي جيڪڏهن ڪا به وحشياڻي طاقت دٻائي ٿي ته اُن جو ڪو به انساني جواز موجود ناهي.
    سنڌ جا ماڻهو ڪيتري عرصي کان ان موقف جا حامي آهن ته جنهن طريقي سان رياستي طاقت سنڌ جي نسل ڪُشي ڪري رهي آهي، اُن جا ڪي خاص بُنياد ناهن. جيڪڏهن آپريشن ضربِ عضب شروع ٿيو هو ته اُن جا سبب موجود هُئا. ڇاڪاڻ ته مذهبي ڪٽرپڻي کان تنگ آيل سڄو اولهه پاڪستان کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي مدرسن جون عمارتون وڇائجي رهيون هُيون ۽ جيڪي اڄ به جاري آهن. ته ٻئي پاسي پاڪستان جي عسڪري قُوتن کي ڪوليٽرل ڊيميجز جي صورت ۾ نقصان کڻڻو پئي پيو. پر جيئن ته مملڪتِ خداداد پاڪستان ۾ هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته ڪُجهه حاصل ڪرڻ لاءِ، گهڻو ڪُجهه وڃائڻو ئي پوندو آهي. نتيجي طور ضربِ عضب ته شروع ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا اهم طالبان اڳواڻ گرفتار ٿيا آهن يا حورن جي هنجهه ۾ آرامي ٿيا آهن سا ته خبر ناهي البته، هڪ ئي وقت مُلڪ اندر عسڪري قوتن پاران هڪ ئي وقت ڪيترا محاذ کوليا ويا آهن. مُتحده مٿان ڪراچيءَ ۾ سوڙهه، مني لانڊرنگ جا معاملا، ڪرپشن خلاف ڪارروايون وغيرهه وغيرهه. پر سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي بنا سبب اغوا ڪرڻ واري معاملي تي اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وحشياڻي طريقي سان سياسي ڪارڪنن جي قتل جي نتيجي ۾ سياسي ردِعمل به تشدد واري شڪل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ائين جيئن بلوچستان جون بگڙيل حالتون وري ڪنهن سنئين واٽ تي اچڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ڏانهن لڳاتار اهڙي رويي جو نتيجو بلوچستان کان مُختلف نه هوندو. اهو الڳ بحث آهي ته سنڌ جي نوجوانن اهڙي ڪهڙي واٽ ورتي آهي يا اهڙو ڪهڙو سياسي رستو اختيار ڪيو آهي؟ جنهن جو طاقتور قُوتون شديد ردِعمل ظاهر ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن بلوچستان ۾ بلوچن جي هلندڙ ويڙهاڪ جدوجهد مُلڪ جي طاقتور قُوتن جي مٿي جو سُور بڻيل آهي ته اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُتي ويڙهه جي واٽ وٺندڙ بلوچن مٿان جڏهن حملو به ٿئي ٿو يا کين لاش وصول ٿين ٿا ته مُلڪ جي عسڪري طاقتن کي به اُن جو جواب مِلي ٿو. ليڪن سنڌ جي صورتحال بلوچستان کان بلڪل مُختلف آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڀِت جي چاپڙ ڪيرائڻ ۽ ريل جي پٽڙيءَ کي اُکيڙڻ جي نتيجي ۾ سنڌ کي ايترا لاش وصول ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ ويچارڻ جي ڳالهه آهي ۽ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا اسان جي سياسي پارٽين جي حڪمت عملي ڪمزور آهي؟ يا ڪٿي اسان جي سياسي جدوجهد ڪنهن جذباتي رُخ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي؟ سنڌ جا سياسي ڪارڪن ڪهڙي به سياسي نظريي يا حڪمت عمليءَ سان واسطو رکندڙ هُجن ليڪن کين اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته دُنيا جون طاقتور ۽ ويڙهاڪ تنظيمون به ڪا هڪڙي حڪمت عملي اختيار ڪنديون آهن. اُهي يا سياسي ۽ پُرامن رستي واري واٽ وٺنديون آهن. يا مُڪمل طور ڪيموفليج رهي ويڙه ڪنديون آهن. ليڪن سنڌ جي سياست ۾ پُرامن سياسي جدوجهد واري رستي ۽ ويڙهه واري رستي کي گڏي هلايو پيو وڃي. جيڪا حڪمت عملي ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ ناهي. جيڪڏهن اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ته اُها مجموعي طور سنڌ جي پُرامن سياسي وجود لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿيندي.
    مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به اِها ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته ڪنهن به نظريي يا اظهار کي تشدد سان ختم نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي گولين سان ڪنهن تنظيم يا تحريڪ کي ڌرتيءَ تان گُم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن چِڙيل نوجوانن جو پنهنجو هڪڙو نُقطهءِ نظر آهي ته اُن نُقطهءِ نظر سان اختلاف رکڻ جو هر ڪنهن کي حق هُجڻ گُهرجي ليڪن اُن جو ردِعمل چچريل لاشن جي صورت ۾ سامهون آڻڻ، ڪنهن به صورت ۾ دُرست عمل ناهي. جيڪڏهن ڪنهن به سياسي ڪارڪن جي خلاف ڪي ثبوت آهن يا اُن جو ڪو ڏوهه آهي ته مُلڪي عدالتن ۾ اُنهن جا ڪيس هلائڻ گُهرجن ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ اُنهن کي سزائون ڏنيون وڃن پر اها انتهائي وڏي ناانصافي ٿيندي جو سنڌ جي سياسي ورڪرن کي اغوا ڪري گُم ڪيو وڃي ۽ پوءِ سنڌ اُنهن جا لاش روڊن، رستن تان ميڙيندي رهي. اهو رويو هن مُلڪ جي اندر سياسي ڪارڪنن سان لڳاتار رکيو ويو ته اُن جا نتيجا ايترا بُرا ۽ خطرناڪ نڪري سگهن ٿا جنهن جي نتيجن کان هن مُلڪ جو وجود به خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪي گهر لڳاتار لاش وصول ڪري رهيا آهن اُهي هن مُلڪ جي وجود کان پري بيٺل آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو اڃان جاري رهيو ته پوءِ سنڌ جو اڪثريتي عوام وفاقي ايڪي واري ڇٽيءَ هيٺ رهي نه سگهندو.


    مُلڪ مان انتهاپسنديءَ جو خاتمو ممڪن آهي؟

    جڏهن مُلڪ ايٽمي توانائيءَ جي طاقت رکندو هُجي ۽ پاڙيسري مُلڪ به اهڙي ايٽمي ڇَٽيءَ هيٺ ساهه کڻندو هُجي. تڏهن اِهو بحث انتهائي اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو ته ايٽمي توانائيءَ جو ننڍڙو ذرڙو هماليه جي پهاڙن کي به پُرزا ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ سڄي ڏکڻ ايشيا بارود جي ڍير تي ويٺل نظر ايندي ۽ ائين لڳندو ته جيڪڏهن اُها ايٽمي طاقت جُنوني جهادين جي هٿ ۾ اچي وئي ته، ڏکڻ ايشيا جي ڪروڙين آبادين وارا مُلڪ هڪ معمولي جهٽڪي سان ختم ٿي سگهن ٿا. هِن وقت جڏهن جُنوني طاقتون پنهنجي مذهبي عقيدن جي ڦهلاءَ خاطر پنهنجي نيٽ ورڪ جو ڄار پاڪستان ۽ افغانستان ۾ وڇائڻ لاءِ داعش جو به سهارو ورتو آهي. جنهن جا اعلان ڪُجهه ڏينهن پهرين ميڊيا جو موضوع به بڻيل رهيا. ڇا هِن مُلڪ جي سياسي قُوتن وٽ ايترا اختيار آهن؟ جيڪي جهادي گُروپن جي عسڪري طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنهنجي ضمير جي پُوري سچائيءَ سان ڪي سنجيدهه ڪوششون ڪري سگهن؟ يا هِن مُلڪ جي سياسي اڳواڻن جو مقصد فقط اسٽيبلشمينٽ کي ريجهائي رکڻ آهي؟ جيئن اُهي پنهنجي اقتدار جو عرصو آسانيءَ سان پُورو ڪري سگهن؟ هِن مُلڪ ۽ پُوري ڏکڻ ايشيا جي سياسي پاليسين جي پسمنظر ۾ تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته: “انتهاپسندي پنهنجي وجود ۾ ڪا وڏي قُوت ناهي. پر جيستائين مذهبي انتهاپسنديءَ کي سياسي مورچن طور استعمال ڪرڻ واري ذهنيت جو خاتمو نه ايندو، تيستائين اُها جَڙ کان جُدا ٿي نه سگهندي.” جيتوڻيڪ هِن وقت تائين مُلڪ جا لبرل ۽ سيڪيولر خيالن وارا تجزيي نِگار مُلڪ جي فارين سيڪيورٽي پاليسين تي ڇِتيون تنقيدون ڪندا رهيا آهن ۽ چوندا رهيا آهن ته: “مُلڪ کي خارجي قُوتن کان خطرو ناهي، پر وڏو خطرو پنهنجي اختيار ڪيل پاليسين مان آهي.” جنهن سان پاڪستان جون داخلي حالتون اهڙي بدترين شِڪل اختيار ڪري وينديون. جنهن سان هي مُلڪ ٻاهرين دُنيا وٽ “سيڪيورٽ رِسڪ” جي تعارف سان سُڃاتو ويندو. هِن مُلڪ جي سياسي قُوتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اکين اڳيان جڏهن انتهاپسند قُوتن Spatial Mapping (مقامي سطع جي نقشن) سان مدرسن جون فيڪٽريون پئي قائم ڪيون، (جن جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي)، تڏهن به اُنهن جي راهه ۾ رُڪاوٽ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا. نائين اِليون کان پوءِ پينٽاگان جي دڙڪي سبب جڏهن مُشرف جهادي گُروپن ۽ تنظيمن تي بندشون وِڌيون ۽ مدرسن جي نصاب کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي، تڏهن به اُن حِڪمت عمليءَ مٿان ڪيترو عمل ٿيو؟ ۽ بندش پيل جهادي تنظيمون آزاديءَ سان ڪيئن ڪم ڪنديون رهيون؟! اُن کان پاڪستاني عوام چڱيءَ ريت واقف آهي. هِن وقت جڏهن آمريڪا هِن خِطي ۾ ڀارت جو وڏو تجارتي واپاري بڻجي ويو آهي ۽ ڀارت جي ذريعي افغانستان جي معاشي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ حِڪمت عملي جوڙي رهيو آهي. تڏهن پاڪستان جهادي گُروپن جي نِشاني تي آهي. افغانستان جي هڪ سياسي تجزيي نِگار کان ڪنهن صحافيءَ پِشاور واقعي کان ڪُجهه ڏينهن بعد ۾ پُڇيو ته: “پاڪستان جو موقف آهي ته افغانستان جو دُشمن پاڪستان جو دُشمن سمجهيو ويندو ۽ افغانستان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو دُشمن افغانستان جو دُشمن سمجهيو ويندو. اوهانجو ڇا خيال آهي؟” تڏهن هُن جواب ڏنو ته: “جيڪڏهن ٻنهي مُلڪن جو اِهو موقف آهي ته پوءِ جهادي گُروپ بچي ڪيئن ٿا سگهن؟. بس معاملو ئي ختم....! پر موقف ڏيڻ واري سچائي، اُنهن جي نِيتن مان به نظر اچڻ گُهرجي. بُنيادي ڳالهه نيتن جي آهي، جيڪا نظر نٿي اچي.” ان جو مطلب ته انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ ڪوششون ڪي نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي نٿيون سگهن. اُن جا ڪارڻ فارين سيڪيورٽيءَ وارا معاملا آهن. جيڪي بغير نتيجن جي پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پُهچي وڃن ٿا. پاڪستان جا اندروني سيڪيورٽي معاملا ان حد تائين بي يقينيءَ جو شِڪار بڻجي چُڪا آهن جو هر سانحوِ ٻئي سانحي جي زنجير ۾ پوئجي وڃي ٿو ۽ سياستدانن جون پريس ڪانفرنسون به فرقيواريت جي اڏيءَ تي ڪُٺل انسانن جي ازالي کي وقتي سهاري جي گود مُهيا ڪري سگهڻ ۾ به ناڪام نظر اچن ٿيون. پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي قيادتن جي بين الاقوامي پاليسين ۽ ڪِردار جي پسمنظر ۾ آمريڪن ڄائي “ڪرسٽين فيئر” جو ڪتاب Fighting to the end جنهن به پڙهيو هوندو، سو آسانيءَ سان هن مُلڪ جي سياسي ۽ عسڪري پاليسين کي صحيح معنى ۾ سمجهي سگهي ٿو. جنهن ۾ هُن مُلڪ جي پاليسي ميڪرن مٿان ڇتي تنقيد ڪئي آهي. جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: “ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هِن مُلڪ جي سياست ۾ مذهبي نظريي کي داخل ڪرڻ ۽ اُن جي ڦهلائڻ لاءِ مُنظم طريقي سان مذهبي جماعتن جو سهارو ورتو ويو ۽ سرحدي سيڪيورٽي اِشوز کي اُڀاري مُلڪ جي عوام کي اوندهه ۾ رکيو ويو ته هِتي خدشا مُلڪ مٿان ٻاهرين قُوتن جي حملن جا آهن. ليڪن مُلڪ جي مذهبي جُنونيت کي تياريءَ لاءِ اسپيس ڏنو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ مُلڪ اندر جهادي گُروپن جي اوسر ٿي.”
    ڪرسٽين جي اُن ڪتاب کي جنهن به پڙهيو آهي. سو مُلڪ اندر موجوده سياسي حالتن کي صحيح رُخ ۾ سمجهي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙين حالتن ۾ جتي اِهو سوال بار بار ورجائجي رهيو آهي ته مُلڪ اندر انتهاپسنديءَ جا بُنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪرسٽين جي ساڳئي ڪتاب جي 272 کان 275 صفحي تي ڏنل انگ اکرن جو تجزيو ڪنداسين ته شايد ڪنهن به خوشفهمي يا غلطفهميءَ جو شِڪار بڻجڻ کان بچي پونداسين. ڪرسٽين جي مُختلف سوالن جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪنداسين ته مُنجهيل معاملا سُلجهي سگهن ٿا. هُن انگ اکرن جي خاڪن ذريعي سمجايو آهي ته: “ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾، اُهي ماڻهو جيڪي جهاد واري جدوجهد کي پنهنجو ذاتي حق سمجهن ٿا سي پنجاب ۾ پنجابي 15 سيڪڙو آهن.” جڏهن ته: “اُهي ماڻهو جيڪي سمجهن ٿا ته جهاد ويڙهاڪ جدوجهد آهي، تن ۾ پنجابي 28 سيڪڙو سنڌي 18 سيڪڙو آهن. سرڪار اسلامي اُصولن (شريعت) موجب حُڪمراني نه ڪري رهي آهي، واري سوچ جي حوالي سان پنجابي 26 سيڪڙو ۽ سنڌي 14 سيڪڙو ڄاڻايا ويا آهن. جڏهن ته مذهب (شريعت) جو ڪردار موجودهه رياست ۾ وڌيڪ هُئڻ واري سوچ ۾ پنجابي 47 سيڪڙو ۽ سنڌي 23 سيڪڙو آهن.” هُن اهڙن ئي انگن اکرن جي بُنياد تي ڏسيو آهي ته: “اُها سوچ جيڪا چاهي ٿي ته رياست جي اندر شريعت جو نفاذ بدعُنوانيءَ کي وڏي پئماني تي گهٽائي سگهي ٿو اُن ۾ پنجابي 47 سيڪڙو ۽ سنڌي 23 سيڪڙو آهن.” جڏهن ته خيبر پختونخواهه جا انگ اکر ناهن ڄاڻايا ويا ليڪن بلوچستان جا انگ اکر تفصيل سان موجود آهن. هتي اِنهن انگ اکرن ڏيڻ جو مقصد اِهو آهي ته اُها انتهاپسندي جيڪا بين الاقوامي سياست جي ڪُکِ مان نِڪري دُڪا کائي پلجي، جوان ٿي آهي. سا نه فقط هِن مُلڪ لاءِ خطرناڪ بڻجي وئي آهي پر اُن جا پير سنڌ ڏانهن به سُرڪي آيا آهن. سنڌ اندر انتهاپسنديءَ جي واقعن جو طويل سلسلو آهي جنهن ۾ شِڪارپور واري واقعي تي اکيون ٻوٽي ويٺل حُڪمرانن جي بيحسيءَ جو نظر اچڻ ته مُتوقع هو. پر ٻئي پاسي انتهاپسنديءَ خلاف وڙهي ويندڙ ويڙهه جا ڪي نتيجا نِڪرندي نظر نٿا اچن. سنڌ ڪيترائي ڏهاڪا پهرين به يوٽوپيائي خُوابن جي دُنيا ۾ ويٺل نه رهي هُئي نه ئي ان تاثر جو شِڪار هُئي ته صوفياڻي سرزمين تي انتهاپسند قُوتون ڪات کڻي، انسانن جا ڪنڌ لُڻي نٿيون سگهن. سنڌ جي ساڃاهه پهرين به سُتل ڪونه هُئي نه ئي ڪڏهن سُتل رهي آهي. جيڪا بين الاقوامي سياست جي گود ۾ پلجندڙ انتهاپسنديءَ جي بُرن نتيجن کي سمجهي سگهڻ کان قاصر رهي هُجي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن به هزاره برادريءَ جو رت وهيو آهي ته اُن خُون کي پنهنجو سمجهي سنڌ رستن تي نِڪتي آهي. پِشاور سانحي تي سنڌ ئي هُئي، جيڪا شٽربند هڙتال سان گڏ، انتهائي سوڳ ۾ سُتل هُئي. ليڪن شڪارپور سانحي تي نه ڪوئٽا ۾ هزاره برادريءَ ۾ هلچل نظر آئي، نه ئي پِشاور ۽ پنجاب ۾ ڪنهن عورت جون اکيون آليون نظر آيون. سنڌ انتهاپسنديءَ خلاف هر دور ۾ آواز اُٿاريو آهي. اڄ کان 63 سال پهرين “ويانا عالمي امن ڪانفرنس” ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪيل تقرير به اُن جو وڏو مثال رهي آهي. جنهن ۾ هُن سڄي دُنيا کي اپيل ڪئي هُئي ته جهڙي طريقي سان مذهب کي مُلڪن جي سياست ۾ آندو وڃي ٿو. اُن جا نتيجا ڪهڙا نِڪري سگهن ٿا؟ ليڪن آمريڪا ۽ اُن جي اتحادي مُلڪن سرد جنگ دوران جيڪو هِن خِطي ۾ اسٽريٽجڪ ڪِردار ادا ڪيو ۽ هِن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي اڳواڻن آمريڪا جي گريٽ گيم ۾ پنهنجا ڀاڪر آڇي امدادون ورتيون ۽ هِن مُلڪ جي عوام جي حصي ۾ فرقيواريت ۽ انتهاپسندين جا قلعا کڙا ڪيا، سي اڄ نه رُڳو سنڌ کي ساڙيندا رهن ٿا. پرسڄي مُلڪ جي ڀيل ڪندا وتن ٿا. اُن ۾ ايستائين ٺاپر اچڻ جا امڪان نظر نٿا اچن. جيستائين اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پُراڻين پاليسين جا فائيل اُڇلائي، سهپ ۽ رواداريءَ واري سوچ تي خود سهمت نه ٿيندي. هاڻ اِها ڳالهه ڪنهن کان ڳُجهي ناهي رهي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ جهادي جُنونيت خود وڏي منافعي واري صنعت بڻيل آهي. اهڙي صنعت جي خاتمي جو مطلب اِهو ٿيندو ته اهڙي پراڊڪٽ تان هٿ کڻڻو پوندو. پر ڇا اهڙي پراڊڪٽ جي خاتمي جو ڪو نعم البدل به آهي؟ نوم چومسڪي اهڙي پراڊڪٽ ۽ مُنافعي جي صنعت جو نعم البدل نفرتن جي خاتمي کي سمجهي ٿو. هُو چوي ٿو “انساني ڀائيچاري جي بُنياد تي امن جي صنعت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ، دُنيا مان نفرتن واري سياست جو خاتمو ضروري آهي. دفائيت جي نالي تي بجيٽن ۾ اضافو وڌيڪ نفرتن جا بُنياد وِجهندو. رياست جي سياسي معاملن کي مذهب کان پري رکي ئي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جا بُنياد ڪمزور ڪري سگهجن ٿا.” پر سوال اِهو آهي ته ڇا ڏکڻ ايشيا سميت سڄي دُنيا ۾ پُهتل اُهي جهادي گُروپ جنهن کان فرانس ۽ پئرس به بچيل ناهن، اُنهن جون جڙون ڪاٽڻ لاءِ ڪنهن هڪ مُلڪ جي وس جي ڳالهه آهي؟ قطعي به نه، اُن لاءِ دُنيا جي سمورن مُلڪن ۾ قائم، اُنهن نرسرين تي به ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي. جيڪي نرسريون ئي دُنيا جي امن جو سُڪون برباد ڪري رهيون آهن. سنڌ کي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت واري ڌُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ هِن مُلڪ جي اندر اِهو موقف رکڻ جي ضرورت آهي ته رياست جي معاملن کي مذهب کان جُدا رکيو وڃي. جيڪڏهن رياستي معاملن ۾ مذهب جي مُداخلت برقرار رهي ته انتهاپسنديءَ جي خاتمي جا امڪان گهٽجي ويندا. جيڪڏهن انتهاپسنديءَ جو خاتمو نه آندو ويو ۽ ان معاملي کي سنجيدهه رُخ ۾ نه ڏٺو ويو ته اُهو معاملو ايترو سنگين بڻجي ويندو. جنهن تي ضابطي آڻڻ جيتري صلاحيت هِن مُلڪ جي حُڪمرانن وٽ تِر جيتري به ناهي. جيڪڏهن جديد هٿيارن سان مصلح جُنوني جهادي، جيڪي جديد ٽيڪنالاجيءَ کان واقف بڻجي ويا آهن. جيڪي لڳاتار سپر طاقتن سان جهيڙو ڳنڍي بيٺل آهن. جڏهن اُنهن جي ايٽمي هٿيارن تائين پُهچ ممڪن بڻجي وئي ته ڌرتيءَ جو وجود قيامت ۾ تبديل ٿي ويندو.


    ڇا دنيا ۾ سياسي، انقلابي آدرشن جو خاتمو آيو آهي؟

    ڇا دنيا مان سياسي انقلابي دور جا دروازا هاڻ پُورجي چُڪا آهن؟؟ اهو اهڙو سوال آهي جيڪو ذهني طور مسلسل مُنجهائيندو رهي ٿو. دُنيا جي انقلابي تاريخ سامراج مخالف جدوجهد سان ڀري پئي آهي. پر دُنيا مان علامتي ڪردارن جي موڪلاڻيءَ سان گڏ انقلابي تاريخ جو تسلسل به ڀُرجندي محسوس ٿي رهيو آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ظلم، ناانصافي ۽ غلاميءَ خلاف جدوجهد ڪندڙ مثالي ڪردارن جا اُوچا ڳاٽ نظر نه اچي رهيا آهن. جيڪي تبديليءَ جي خواهش رکندڙ، ماڻهن جي اُميدن جو آخري مرڪز بڻجي پون. دُنيا مان آدرشي انسانن جي عدم موجودگي آدرشن جي موت جو سبب ناهي بڻبي. آدرش آدرشي انسانن جي ذات سان سلهاڙيل ناهن هوندا. پر اُهي قومن جو گڏيل اجتماعي ورثو هوندا آهن. مارڪسوادي ڪامريڊن گورباچوف مٿان “پرسٽرائيڪا” جو ليبل لڳائڻ کان پوءِ گوشهءِ نشينيءَ جي ڊگهي ٽُٻي هڻي ڇڏي. مائوزيتنگ سان نظرياتي سياسي رشتو ڳنڍيندڙ، “مائو ڪيپ” تائين محدود ٿي ويا. اِهي ۽ اهڙي قسم جا سوال سنڌ ۾ سياسي خاموشي اختيار ڪندڙ دوستن جي ڪچهرين ۾ خاص موضوع بڻيل رهن ٿا.
    دُنيا مان سامراج مخالف علامتي ڪردارن جي موڪلاڻيءَ جو مطلب اهو هرگز نه هُجڻ گُهرجي ته انقلابي سياست جو انت اچي چُڪو آهي. دُنيا ۾ جڏهن به، جيستائين به ۽ جنهن به شڪل ۾ ناانصافي موجود آهي. سامراج مخالف تحريڪون ۽ مثالي ڪردارن جو زوال ممڪن ناهي. ائين جيئن مائوزيتنگ جي موڪلاڻيءَ کان پوءِ به چين قومي ۽ ثقافتي طور منظم رهيو آهي ۽ مائوزيتنگ چيني قوم جي فڪري سگهه ۽ علامت بڻيل رهيو. اهڙي طرح سموري دُنيا جون تحريڪون، تنظيمون ۽ قومون ڪنهن هڪ فرد جي فڪر جون مُحتاج ته ٿي سگهن ٿيون. پر جسماني جُدائيءَ کان پوءِ اُنهن قومن جو زوال ناهي آيو. يا جپان مٿان ٻي عالمي جنگ دوران ڪيرايل قيامت ۾ “هيرو هيٽو” کان “جنرل توجو” تائين پنهنجي قوم کي اهڙي تباهيءَ مان نڪرڻ لاءِ اهو پيغام ڏيڻ ته “اوهان پنهنجي ڪُل طاقت کي مستقبل جي تعمير لاءِ استعمال ڪريو.” ۽ جپاني قوم جيڪا ٻي عالمي جنگ ۾ شديد اقتصادي بدحاليءَ جو شڪار بڻيل هُئي. جنهن جي “يين” مان ٻارڙا لغڙ ٺاهي اُڏائيندا هُئا. اڄ اُها قوم اقتصادي طور اُتي بيٺل آهي جو دُنيا جي مارڪيٽ ۾ ننڍڙي تالي کان وٺي وڏي مشينريءَ تائين “ميڊ اِن جپان” جو ليبل نظر اچي رهيو آهي. اُهو ويٽنام جيڪو ڪالهه تائين فرانس ۽ آمريڪا جي جاگير بڻيل هو. ان ۾ هڪ ڪمزور جسم واري ”هوچي منهه“ جنهن کي پيار مان ويٽنامي ”ماما هُو“ سڏين ٿا. جنهن نه رُڳو ويٽنام کي هٿياربند انقلابي پارٽي ”ڪميونسٽ گوريلا موومينٽ“ جي ذريعي ويڙهه جا گُر سيکاريا. پر کين طاقتور قوت اڳيان سينو تاڻي بيهڻ جو حوصلو به ڏنو، جنهن کي ڏکڻ ويٽنام ۾ ”ويٽ ڪانگ“ به سڏيو ويندو هو. تنهن آمريڪا جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هُيون. ڪير ٿو چوي ته انقلابي علامت بڻيل ڪردارن جي موت کان پوءِ تحريڪن جو زوال اچي ويندو آهي. جي ائين هُجي ها ته ويٽنام “هوچي منهه” جي موت کان پنجويهه سال بعد آزادي نه ماڻي ها. فردن جي ڪنٽريبيوشن، ڪردار، عمل ۽ نظريي جي روشنيءَ ۾ انقلابي تنظيمون جيئنديون آهن. پر اُنهن جي طبعي طور هُجڻ يا نه هُجڻ سان انقلابي تحريڪن جو عمل رُڪجي ناهي سگهندو. ڇا اهو ڪمال ناهي ته ڏکڻ ويٽنام جي گاديءَ واري هنڌ ”سائيگان“ جنهن کي هاڻ ”هوچي منهه سٽي“ سڏيو وڃي ٿو. اُن شهر جي عورتن ويٽنامي نسل بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪُک ۾ آمريڪي نسل کي پالي وڏو ڪري، طويل جنگ وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو هو. ان حقيقت کان قطعي به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته دُنيا مان انقلابي اڳواڻ وقفي وقفي سان پنهنجي زندگيءَ جو سفر ڪاٽي هليا ويا آهن. پر ڇا اُنهن جي شاندار جدوجهد ۽ انقلابي نظرين جي آڌار تي دنيا ۾ ٿيندڙ ناانصافين اڳيان پنهنجي جدوجهد جاري رکي نٿي سگهجي؟
    انقلابي قيادتون ۽ اڳواڻ جدوجهد جي ميدان تي جنم وٺندا آهن. اُنهن جو انقلابي خاندان شُجري يا قبيلي سان هُجڻ جو تعلق ضروري ناهي هوندو. دُنيا ۾ ڪا به اهڙي درسگاهه ناهي، جتي انقلابي اڳواڻن جي تربيت ٿيندي هُجي. ناانصافين، ظلتن، غلامين ۽ نفرتن جي ڪُکِ مان انقلابي اڳواڻ پئدا ٿيندا آهن. جيڪي دُنيا لاءِ درسگاهه بڻجي پوندا آهن. مارڪس، لينن، مائوزيتنگ، هوچي منهه، ڪاسترو، چي گويرا يا نيلسن منڊيلا تائين سمورن انسان دوست انقلابي اڳواڻن جون آتم ڪٿائون اهو ٻڌائين ٿيون ته اُنهن جي تربيت هميشه عوام سان ٿيندڙ ظلمن خلاف بغاوت جي دُکندڙ باهه ۾ ٿي آهي. اُنهن جي ويڙه ڪنهن ڪُڙم ۽ قبيلي جي خلاف نه هُئي. پر اهڙي فاشسٽ سوچ ۽ ذهنيت رکندڙ طاقتور قوتن خلاف هُئي. جيڪا سوچ مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن مٿان صدين کان مڙهي وئي هُئي. پر افسوس جو اڄ اسان جي سياسي صِفن ۾ اهو بحث عام آهي ته دُنيا مان انقلابي سياست جو انت اچي چُڪو آهي. جيڪڏهن دُنيا ۾ انقلاب لاءِ اتساهيندڙ ڪردار ناهن رهيا ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انقلابي سياست جو سج لهي چُڪو آهي. نٽهڻ اُس جهڙي سامراج ذهنيت جا پاڇا جيستائين به هن دنيا مٿان قائم رهندا. انقلابي سياست جو زمانو پنهنجون شڪليون ته تبديل ضرور ڪندو پر پنهنجي پُوري عروج سان قائم رهندو. انقلابي سياست جو فلسفو سائنسي بنيادن تي بيٺل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪا سائنسي کوجنا يا تحقيق انقلابي سياسي آدرشن جي ڪنهن پهلوءَ سان ٽڪراءَ ۾ اچي ٿي ته اُن پهلوءَ کي سائنسي نقطهءِ نظر سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. پر انقلابي سياسي نظرين جي خاتمي جو اعلان نه ڪبو، نه ئي وري سائنسي دليلن کي دٻائڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙبيون. سائنس انقلابي سياسي نظرين جي مددگار هوندي آهي ۽ انقلابي سياسي جدوجهد ڪڏهن به سائنسي نقطهءِ نظر سان ٽڪراءَ ۾ ناهي ايندي. سنڌ جي سياسي سوچ ۽ فڪر کي به اهڙي دنيا ۾ داخل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جتي سياست، سائنسي ۽ انقلابي نُقطهءِ نظر کي سنڌي سماج جي نفسيات سان هم آهنگ رکي سگهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن وقت تائين سنڌ سان انقلابي سياسي نظرين جي نالي تي اڌ سچ ڳالهايو ويو آهي، ۽ ڪنهن فلاسافر چواڻي ته ”اڌ سچ سڄي ڪوڙ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي.“ اهڙي طرح اڌ سچ جي آسري تي سياسي انقلابي جدوجهد جي دعوى ڪرڻ ۽ نتيجن جي اُميد رکڻ، اهڙو دوکو آهي، جنهن کي دليلن جي پردن سان ڍڪي نٿو سگهجي. اهڙو عمل سنڌي سماج کي تبديليءَ پاسي وٺي وڃڻ بجاءِ، انتشار پاسي وٺي ويندو رهيو هوندو. اُهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين سنڌي سماج جنهن جي سياسي ڄمار ته وڏي آهي پر عقلي سياسي هلچل جي ميدان ۾ نابالغ ٻار وانگر ميدانن ۽ گهٽين ۾ سياسي تماشي جو شڪار رهيو آهي. هن وقت تائين پاڻ واري ڪامريڊ لڏي حقيقتن بجاءِ همدردين جي بنياد تي سياست ڪئي آهي. ڇا حقيقتن لاءِ اهوضروري آهي ته اُنهن جي، اسان جي طبيعتن، مزاج يا روين سان همدردي به هُجي؟ سنڌي سماج سان اهو وڏو الميو رهيو آهي ته هن وقت تائين حقيقتن کي دليلن جي هٿوڙن سان ڪُٽي سَٽي اُن جو حُليو ئي بگاڙي ڇڏيو آهي. سياست کي پنهنجي ذاتي گروهي مفادن جي ماتحت رکي، سياسي انقلابي نظرين کي رديءَ جي ڍير ۾ اُڇلائي ڇڏيو آهي. سنڌي سماج جي اها وڏي بدقسمتي چئجي جو، اسان هن وقت تائين، علمي ۽ عملي سياسي ميدان وارو پاسو خالي ڇڏي، سياست کي ذاتي گروهي مفادن پاسي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ اندازن جي آڌار تي سياسي سِڙهه سبيندا رهيا آهيون. سياسي حالتن جي واءَ جو رُخ ڪهڙي پاسي آهي؟ اُن کان بلڪل اڻواقف رهندا آيا آهيون. نتيجي طور پنهنجي نسل کي سياسي اونداهه ۾ رکي انقلابي سياسي اخلاقيات جي آسري تي ٿڪائيندا رهيا آهيون. ظاهر آ ته طويل سياسي سفر ۾ تِر جيترا به نتيجا حاصل نه ڪري سگهڻ جي صورت ۾ اهو سوال ضرور اُڀري ٿو ته آخر ايڏي وڏي سياسي سفر ۾ سنڌ جنهن گُهربل نتيجن جو انتظار پئي ڪيو آهي، اُهي نتيجا آخر حاصل ڇو ناهن ٿي سگهيا.؟؟
    ڪنهن به سياسي پارٽيءَ پنهنجي ڪم کي تنقيدي نظر سان ناهي ڏٺو ۽ نه ئي اُنهن اهو تجزيو ڪيو آهي ته هُنن پنهنجي طويل سياسي سفر ۾ ڪٿي ۽ ڪهڙيون غلطيون ڪيون آهن.؟ جيڪي آئندهه اُنهن جي سياسي سفر جو حصو نه هُئڻ گهرجن. جڏهن ته خود احتسابيءَ وارو عمل سياسي انقلابي تنظيمن ۾ ئي رائج هوندو آهي. خود احتسابيءَ واري عمل کانسواءِ تحريڪون ڪنهن به سماج کي نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ناڪام وينديون آهن. جڏهن ته سياست کي پنهنجي گروهي مفادن خاطر استعمال ڪندڙ تنظيمون خود احتسابيءَ واري عمل کان آجيون هونديون آهن. جيڪي سياسي بُت ته کڙا ڪري ڇڏينديون آهن. پر اُهي بُت هن سماج جي سياسي تقدير تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ناهن سگهندا. تنهن ڪري سوال اهو ناهي ته دنيا مان انقلابي سياست جو انت اچي چُڪو آهي. پر سوال اهو آهي ته تاريخي طور سياسي انقلابي آدرشن جو مرڪز بڻيل سنڌ، سياسي طور ائين ڇو سوچڻ لڳي آهي؟ سنڌ کي اهڙي سياسي مايوسيءَ پاسي وٺي وڃڻ سان، اُنهن سياسي مافيائن جا مفاد محفوظ ٿي سگهن ٿا. جيڪي سياست کي گروهي مفادن خاطر استعمال ڪرڻ جا عادي آهن. ڇاڪاڻ ته اِها به حقيقت آهي ته سنڌ ۾هڪ عرصي تائين سياسي فينٽيسي جو دور رهيو آهي. اُن دور ۾ ڪوڙن دلاسن کانسواءِ سنڌ کي ڪجهه به ناهي مليو. اهڙي ئي فينٽيسيءَ واري دور ۾ وڏا سياسي بُت ۽ قد ڪاٺ ته پئدا ٿي پيا. پر اُهي پنهنجي ذات جي بقا واري دائري مان ٻاهر نڪري نه سگهيا. جن نه رُڳو سنڌ خاطر وڏيون دعوائون ڪيون پر موقعي ملڻ تي پنهنجون ترجيعات ئي تبديل ڪري ڇڏيون. بنيادي طور اُهي سياسي انقلابي عمل جو حصو نه هُئا. موقعي جي انتظار ۾ هُئا، موقعو ملڻ سان ئي اُنهن سياسي انقلابي آدرشن وارا انگل ڪرڻ ڇڏي ڏنا. جيڪڏهن اڃان به بحث جي باهه مٿان، فڪر جا ٿڌا ڇنڊا هڻي، سوچجي ۽ پنهنجي ميري من ۽ ڌنڌلي دِيد سان، سنڌ ۽ دنيا جي سياسي انقلابي آدرشن تي نظر وجهجي ته ائين محسوس ٿيندو ته جيڪي اهو سمجهن ٿا ته دنيا مان سياسي انقلابي آدرشن جو خاتمو ٿي چُڪو آهي. دراصل اُنهن جي اکين جا آئينا ٽڙڪي پيا آهن، ۽ هُو پنهنجي ڪِرچيون ٿي ويل اندر سان انقلابي نظرين ۽ آدرشن کي ٽُٽندي محسوس ڪن ٿا.
    ان ڳالهه تي ڪو به اختلاف ناهي رهيو ته سنڌ، سياسي انقلابي آدرشن جو آشيانو رهي آهي. پر ان تي بحث جي گنجائش بهرحال موجود آهي ته سنڌ جي سياسي انقلابي آدرشن جا آشيانا اُجاڙي، سياست کي ذاتي ۽ گروهي مفادن واري واٽ تي آندو ويو آهي. جنهن لاءِ سنڌ کي ٻيهر سوچڻو پوندو. گڏوگڏ اهو به سمجهڻو پوندو ته هن وقت دُنيا جي فقط هڪڙي بدنصيبي آهي، جو سڄي دُنيا سرمائيدار طاقتن جي اُجاره داريءَ هيٺ آهي. ۽ سرمائيدار مخالف قوتون ڪمزور آهن. پر سرمائيدار مخالف قوتن جي ڪمزور هُجڻ جو اهو مطلب قطعي به نه هُجڻ گهرجي ته دُنيا مان انقلابي سياسي آدرشن جو انت اچي ويو. ڇاڪاڻ ته انقلابي سياسي عمل هميشه بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي وانگر ناهي هوندو، جيڪو سُڪي وڃي. پر انقلابي سياسي عمل اهڙي وهندڙ نديءَ وانگر هوندو آهي. جيڪا تاريخ جي سردين ۾ ڀلي سُڪي وڃي. پر جڏهن به سياسي سانوڻ وسندا آهن، تڏهن اُن درياهه ۾ وري دهشت پئدا ٿي پوندي آهي. 


    “ڳوٺ”: جتي، ڪُتا خاموش ۽ بندوقون ڀونڪن ٿيون......!!!

    اُها 7جنوري 2014 جي سرد صبح هُئي. ڳوٺاڻا ٻارڙا جن جي جسم تي ٿڌ کان بچڻ لاءِ پُورو لباس به پهريل نه هو. گهٽين ۾ سج جي نڪتل تِڙڪي ۾ پنهنجي بدن کي سيڪي رهيا هُئا ۽ کيڏي رهيا هُئا. مرد حسبِ معمول هٿن ۾ ڏاٽا کڻي ٻنين تي نڪتل هُئا. لسيءَ ۽ مکڻ سان مکيل مانيون، ٻنين ڏانهن کڻي ويندڙ ونيون، ٻنين جا ٻنا لتاڙي پنهنجي ورن ڏانهن وڃي چُڪيون هُيون. پوڙهيون گهرن جي آڳرن ۾ سج جي نڪتل تڙڪي تي کٽن سان ڏوليون ٻڌي ٻارڙن کي سُمهاري رهيون هُيون. سنڌ جي ڳوٺن ۾ سياري جي صبح روسي ڇوڪرين وانگر جڏهن اکيون کوليندي آهي ته اُن جي سامهون ”وان گوگ“ جا سوين شهڪار ڪنڌ جُهڪائي بيهي رهندا آهن. اُهو ئي سبب آهي جو اڄ به اسڪائپ تي آن ٿي ڪچهري ڪندڙ منهنجو دوست ظفر ڪيليفورنيه جي ڪنڊ مان سنڌ جي صبح کي روسي ناريءَ جا نيڻ ۽ شام کي گيڙو ويس ۾ ويندڙ اهڙو جوڳي سمجهندو آهي. جنهن جي بدن ۾ ڪائنات جا سمورا لقاءَ سُڪون سان سمهي پوندا هُجن.
    پاٽ شريف جي اُتر ۾ 3 ڪلوميٽر اڳيان، ۽ سيتا وليج جي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ تي 4 ڪلوميٽر اڳيان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آباد آهي جنهن کي “دُٻي” چيو وڃي ٿو. جنهن جي چوطرف چانڊين جا ڳوٺ آهن. هن ڳوٺ ۾ 110 گهر آباد آهن. جتي چانڊين جا چار گهر باقي سيد، لهٻر، جانوري ۽ سولنگي آهن. 70 سيڪڙو سولنگي ذات جا ماڻهو رهن ٿا. ڳوٺ جي 100 سيڪڙو آباديءَ جو دارو مدار هارپي ۽ مزدوريءَ تي آهي. هن علائقي جي آسپاس چانڊيا ذات جي وچ ۾ قبائلي تڪرار ته ورهين کان هلندڙ آهي. فيصلا ٿيندا آهن. هڪ ڌُر سان جهيڙو ختم ٿيندو آهي ته ٻي ڌُر سان جهيڙي جي شروعات ٿيندي آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڌاڙيل پريل چانڊيي جي عروج وارو دور به هن ڳوٺ جي پُرامن ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. ماڇين ۽ چانڊين جي وچ ۾ تڪرار جي تلخين جا قصا اڄ به هن ڳوٺ جي ماڻهن کان ناهن وسريا، چانڊين جي وچ ۾ رهندي به هن ڳوٺ جي ماڇين مٿان ٻن قبيلن جي تڪرار جي تلخين جا اثر پئجي نه سگهيا هُئا. جڏهن سمورن چانڊين جو پريل مٿان زور وڌي ويو هو ته مارجي ويل چانڊين جو پلاند دُٻيءَ جي ماڇين کان وٺڻ گُهرجي. تڏهن پريل پنهنجي رائفل وڌائي چانڊين حوالي ڪئي هُئي ۽ چيو هو ته:”پهرين مونکي ماريو پوءِ دُٻيءَ جي ماڇين مٿان وار ڪجو. منهنجا پاڙيسري آهن. اُهي قبائلي تڪرار کان پري آهن. اُنهن تي حملو ڪرڻ، پنهنجي ڀاءُ کي ڪُهڻ جي برابر سمجهان ٿو.“
    پر جڏهن 80ع جي گود ۾ پلجي جوان ٿيندڙ نسل، جنهن جي دلين کي هٿيارن جو جُنون فتح نه ڪري سگهيو. جيڪي ڪلاشنڪوف کان وڌيڪ ڪتابن کي طاقتور سمجهي، ڪتابي دُنيا جو ڪيڙو بڻجي ويا. جيڪي سياسي ۽ سماجي طرح دُنيا کي تبديل ڪرڻ جو خُواب ڏسندا هُئا ۽ صبح جي باک تائين بتيون ٻاري دُنيا جي انقلابن جون ڪهاڻيون پڙهندا هُئا. جيڪي، ليلى خالد جي آتم ڪهاڻيءَ ۽ يانگ مون جي“Song of Youth” جي ڪردارن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳوليندا هُئا. سي اڄ پنهنجي ڳوٺن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هُو ايترو اڳتي نڪري چُڪا آهن جو هاڻ کين پنهنجا ڳوٺ اذيت گهر محسوس ٿين ٿا. کين جُون جي سج جي هلڪي تپش به ساڙيندي رهي ٿي. کين جنوري جي معمولي سردي به سُڪايو ڇڏي. جيڪي بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. سي پنهنجي ڳوٺن جي امن کي ڪيئن ٿا موٽائي سگهن؟ جيڪي چند بدمعاشن جون ننڍڙيون ننڍڙيون جاگيرون بڻجي چُڪا آهن. سنڌ جي سلامتي ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ته ”دلي دور است“ وانگر آهن. پر فقط پنهنجي ڳوٺن جي سلامتي به اُنهن لاءِ سپنو بڻجي وئي آهي. اُهي جڏهن پنهنجو چهرو حالتن جي آئيني ۾ ڏسن ٿا ته کين پنهنجو چهرو مهڻن وانگر ميرو ٿيل محسوس ٿئي ٿو. هُو پنهنجي ڪردار کي اهڙي ڪاري ڪلڪ وانگر محسوس ڪن ٿا جن کي دُنيا جو ڪو به ڌوٻي ڌوئي نٿو سگهي.
    “دُٻي” هڪ دُٻي(تلاءَ) جو نالو آهي. جنهن ۾ سڀ مزدور، هاري ۽ پورهيت رهن ٿا. جيڪي ڪنهن کي چماٽ هڻڻ به پاپ سمجهن ٿا. ڳيري جهڙيون دليون رکندڙ ماڻهو سَهي جي کَل ۾ ساهه کڻن ٿا. پر پوءِ به اُهي وقت جي بگهڙن کان بچي نٿا سگهن. اُهي بگهڙ آهن جيڪي هن ڳوٺ مٿان حملو ڪن ٿا. اهڙو حملو چنگيز ۽ هلاڪو ئي ڪري سگهي ٿو. حملو ڪندڙن جي اندر ۾ ڪو هلاڪو ۽ چنگيز ئي سُتل هو. جيڪي هڪ ئي ڏينهن ۾ دُٻيءَ جي دل ۾ درد جي اهڙي ڇيت ٽُنبين ٿا جيڪا هن ڳوٺ جي دلين کي ايذائيندي رهي ٿي. ونگار طور گڏهه گاڏو نه ڏيڻ جهڙي معمولي مسئلي تي پنهنجي بُزدلي جو مظاهرو سهي جي کَل ۾ لڪيل انسانن مٿان آزمائين ٿا. رزاق، ارباب ۽ معصوم نسيم (جيڪا 4 سالن جي ٻارڙي هُئي.) کي سڄي ڳوٺ جي سامهون موت جي ننڊ سُمهارين ٿا ۽ ڪيترن گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏين ٿا. ڳوٺ مان ڪا مزاحمت نٿي ٿئي. 4 ڪلاڪن تائين هٿياربندن هٿان سڄو ڳوٺ يرغمال بڻجي وڃي ٿو. گهر گهر ۾ گهڙي اُنهن مزدور ماڇين جون پُڇائون ڪن ٿا. جيڪي مارجي ويلن جا وارث هُئا. چون ٿا ته مارجي ويل رزاق کي ست ننڍڙين نياڻين جو اولاد آهي. جن کي پالڻ واري پورهيت پيءُ جي پاڇي کانسواءِ ٻيو ڪو به آمدنيءَ جو ذريعو ناهي. اهڙي حالت پاڪستان جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ايم آر ڊي تحريڪ دوران به هن ڳوٺ سان نه ڪئي هُئي. سڄو ڳوٺ سراپجي وڃي ٿو. ڳوٺ جا ڪُتا خاموش ۽ بندوقون ڀونڪڻ لڳن ٿيون. پوليس روايتي انداز ۾ پنهنجي پيرن کي پُٺتي رکيو. جڏهن 4 سالن جي معصوم نياڻيءَ سميت ٽن ماڻهن جا لاش بيدرديءَ جي حالت ۾ ميڙي گڏ ڪيا ويا ۽ بندوقن جا وات بند ٿيا ته پُٺتي بيٺل پوليس هن ڳوٺ ۾ پُهتي. چون ٿا ته دادوءَ جو ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر موجودهه سنڌ حڪومت ۾ شامل علائقي جي چونڊيل هڪ نُمائندي جو قريبي رشتيدار آهي. اسلام آباد جي صحافين هن واقعي مُتعلق جڏهن ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس چيو ته ڳوٺ دُٻي جا ڳوٺاڻان اسلام آباد چيف جسٽس کي قتل معاملي تي خودرو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري رهيا آهن، جيڪي اوهان تي الزام لڳائين ٿا ته ڊي پي او ڌُر بڻيل آهي. پر هُن صاحب کي اقتدار جو ايترو نشو هو جو هُن ان ڳالهه کي اهميت ئي نه ڏني. نه ئي ڳوٺ جي هڪ ڪلوميٽر تي ويٺل قاتلن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي.
    هن واقعي جي دوران، سنڌ هڪ پاسي پيپلزپارٽي ۽ شهري تنظيم جو سينڊوچ بڻيل رهي ۽ سنڌ جي فضائن۾ شهري تنظيم جي شيطاني سازشن جي بوءِ پکڙيل هُئي ته ٻئي پاسي سنڌ جون ٻهراڙيون سوڳ ۾ ساهه کڻي رهيون هُيون. اهڙو سوڳ!! ڳوٺ دُٻيءَ جي ساهه ۾ ڪنهن لاٿو هو؟ ڪنهن اُن ڳوٺ مٿان قيامت آندي هُئي؟ جي پيرا کڻجن ته اُهي پيرا به پنهنجي گهرن تائين پهچن ٿا. سنڌ کي محبتن جو مرڪز سمجهندڙ ۽ اُن لاءِ جانين جا نذرانه ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ قومي تحريڪ جي قيادتن کان هڪ سوال پُڇجي ٿو ته : ڇا اوهان پنهنجي ڳوٺن کي بدامنيءَ جي باهه کان آجا ڪري سگهيا آهيو؟ سنڌ کي آجپي ڏيارڻ جا معاملا ته وڏي ڳالهه آهن. توهان جيڪڏهن 200 گهرن کي آجپو ۽ امن ڏياري سگهڻ ۾ ناڪام ويا آهيو ته ڪروڙن جي آباديءَ جو آجپو ته پري جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن سيتا جا سيتل (گُل) رانوڻن هٿان لُٽجي رهيا آهن ته اُن جو اُلڪو اُنهن انڌين اکين کي ڇو ٿيندو؟ جن اکين مٿان اقتدار جي نشي جون ڪاريون پٽيون پاتل آهن. پر اُن جو اُلڪو به قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي هُجڻ گُهرجي. جيڪي آڌيءَ رات جي بگهڙن جي بدمعاشيءَ کان ڳوٺاڻي سنڌ کي بچائي سگهن ٿا. اُها ڳوٺاڻي سنڌ، جيڪا پاڻ بُکي رهي، شهري آباديءَ جو پيٽ ڀري ٿي. جيڪا پاڻ سهولتن جي اڻهوند جي اذيت ۾ رهي شهري آباديءَ جي سُڪون ۾ رُخني جو باعث نٿي بڻجي. پر سنڌ جا ڳوٺ اسان کان فقط هڪڙو ئي مطالبو ڪن ٿا ته کين امن ۽ انصاف ڀري زندگي ڏني وڃي. جنهن زندگيءَ مٿان ڪلاشنڪوف جا پاڇا نه هُجن. جن جي امن جي آکيرن کي ڪو بدمعاش باهيون ڏئي ساڙي نه سگهي. ڇا سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪو اهڙو به پوليس آفيسر ناهي. جيڪو ڏوهارين هٿان سنڌ جي لُٽجندڙ لوئين کي پنهنجي ايمانداريءَ سان سهارو ڏئي سگهي؟ ڇا سنڌ ۾ اهڙن پوليس آفيسرن جي مُڪمل کوٽ پئدا ٿي پئي آهي؟ جيڪي سهي جي کَل ۾ جيئندڙ انسانن جو سهارو بڻجي سگهن؟ جيڪي پنهنجي گهرن ۾ غيرقانوني پئسي کي آڻڻ پاپ سمجهن. جيڪي اهو سمجهن ته هن سماج ۾ رهندڙ معصوم انسانن جون حياتيون سندن فرض ۾ شامل آهن. جيڪڏهن سنڌ جي هڪ ضلعي ۾ به ڪو ايماندار پوليس آفيسر پنهنجا فرض صحيح معنى ۾ سرانجام ڏئي سگهي ته سنڌ جي ڳوٺن جا ويران ويڙها وري آباد ٿي سگهن ٿا. پر افسوس جو ڪراچيءَ جي ڪُن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن کي چهنڊڙي به نٿي لڳي. جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين جي ڀيل ٿيندي رهي ٿي. کين اُنهن انسانن جي محبت جي ڪهڙي خبر جيڪي آليءَ مِٽيءَ تي اُگهاڙا پير کڻي پنهنجي ٻنين ۾ گُهمن ٿا. جن جا مُرجهايل من پنهنجي ڳوٺ جي وڻن جي ٽاريءَ ٽاريءَ سان وچڙيل آهن. اُهي پنهنجي ڪَچن گهرن جي ڀتين کي محراب سمجهي مُحبت ڪندا آهن. اهڙي محبت جو احساس ته اُنهن کي هوندو جيڪي پنهنجي گهرن ۽ گهٽين کي ڇڏيندي، ائين محسوس ڪن ٿا ڄڻ ڪو سندن سينن مان دليون چيري ٻاهر ڪڍندو هُجي. اسان ته ورهاڱي وقت وارو ادب رُڳو پڙهيو هئوسين. ڪرشن چندر، مُنشي پريم چند، راجندر سنگهه بيدي، منٽو جا افسانه ۽ موهن ڪلپنا جا احساس پڙهيا هُئاسين ته دلين جا ورهاڱا ڪيئن ٿيندا آهن.؟ جُدائيءَ جي رت ۽ بارود جي اذيت ڇا ٿيندي آهي؟ اُن افسانوي ادب کي پڙهندي اکين جا بند ته ٽُٽي پوندا هُئا. پر پنهنجي ڳوٺن جي ڳلين ۾ اهڙو حادثو، اکين سان ڏسي، ڳوٺ جي ماڻهن جي دلين تي ڇا گُذريو هوندو؟ اُن جو اندازو اُن بيوسيءَ مان به محسوس ڪري سگهجي ٿو. جو 55 سالن جي ارباب پويان جڏهن بندوقون ڀونڪڻ لڳيون هُيون ۽ ڏاڙهڻ لاءِ وڌيون هُيون ته هُن ڳوٺ جي عورتن کي رڙيون ڪندي بچائڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو. اُهي عورتون پاڪ ڪلام کڻي، قاتلن کي ٻاڏائينديون رهيون، پر هُنن ٽريگر تي آڱر ڦيرائي کن پل ۾ ارباب جي آواز کي بند ڪري ڇڏيو. اهڙي بيوسيءَ جي حالت ۾ ڪُٺل انسانن جي ڪهاڻيءَ کان پوءِ، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڪائنات جي سمورن رنگن ڪارو لباس پائي ورتو آهي. سنڌ جا هي ڳوٺ جيڪي لوڪ گيتن تي رقص ڪندا آهن. جيڪي پگهر جي ڪمائيءَ سان پيٽ پاليندا آهن، جيڪي پنهنجي ڍڳن ۽ ڍورن سان اولاد جيترو پيار ڪندا آهن. جن جي دلين ۾ نفرتن جي ڪڏهن چڻنگ به ٻري ناهي سگهي. اُنهن ڳوٺن مٿان وحشت جا پاڇا ڪنهن جون پُڇائون ڪندي پُهتا آهن؟ ڪازانت زاڪس چيو هو ته “حقيقتن کي ڦيرائي سگهجي يا نه پر اُنهن اکين کي ڦيرائي نٿو سگهجي جيڪي حقيقتن کي ڏسي رهيون آهن.” مصلحتن سبب معاشرا ڀلي ماٺ جي ڌُنڌ ۾ ويڙهجي وڃن. پر اُن ماٺ جي ڌُنڌ ۾ اُميدن جا ڪِرڻا هڪ ڏينهن ڌُنڌ جي خاتمي جو سبب بڻبا آهن. اهو وسارڻ نه گُهرجي ته معصومن مٿان هلندڙ هٿيارن جي عمر ڏاڍي مُختصر ٿيندي آهي.


    نئين سال جي نيڻن ۾ پراڻي سال جا ڳوڙها

    سال جي آخري سج، دهشت سان ڀريل ديس مٿان نظر وِڌي ۽ اولهه جي تڙ تان ترڪي، ساڻي ساهه وانگر اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.. گُذريل سال جو سج، پشاور سانحي جي ٻارڙن سميت ڪيتريون ڪهاڻيون پنهنجي سُرخ اکين جي فريم ۾ سانڍي، سال جي سوڳ سان سنهڙي لڪير بڻجي لهي ويو. پر اُهو درد هن ديس جي دلين مان ڪا آهه! بڻجي اُٿيو آهي، جنهن جي گونج، شهرن، ڳوٺن، ٻنين، صحرائن ۽ پهاڙي پيچرن کي پنهنجي پيڙا جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اُهو درد جنهن ساون کيتن کي ساڙي ڇڏيو آهي. جنهن ندين جون نِڙيون خُشڪ ڪري ڇڏيون آهن. اُهو درد جيڪو ماءُ جي ڳل جو موتي ئي ناهي، پر پُسيل پنبڻين جو اُهو پاڻي به آهي، جيڪو پاڻي، پاپ جي ڪاڪ لاءِ هڪ پيغام آهي ته “پاپ” جي عمر هميشه مُختصر ٿيندي آهي. جيڪو درد ڪنهن ڀيانڪ پاڇي وانگر هن ديس جي ماڻهن جو پيڇو ڪري رهيو آهي. اُهو ديس جيڪو بيروت جي باهه وانگر ڀڙڪي رهيو آهي. اُها باهه جنهن کي پنجند جو پاڻي به وسائي نٿو سگهي، سا اڻ اعلانيه جنگ وانگر هن ديس جي ماڻهن مٿان مڙهي وئي آهي. هر سال سخت سزا سمجهي ڪاٽڻ کان پوءِ نئين سال سان چڱيون اُميدون وابسته ڪرڻ هر انسان جو حق آهي، ليڪن اُن تمنا کي تماشو بڻائي، هر سال هن دُنيا کي نفرتن جو جهنم بڻائيندڙ، ڇو نٿا سمجهن؟ ته دُنيا کي جهنم بڻائي، ڪڏهن به جنت حاصل ڪري نٿي سگهجي. نفرتن سان مُحبتون حاصل ڪري نٿيون سگهجن. پر هر سال هن ديس جي ماڻهن جي اِها تمنا اڌوري ئي رهجي ويندي آهي. جيڪي چاهيندا آهن ته ڪاش! هي سال هن ديس مٿان مصيبتن جي ڪارن ڪڪرن لاءِ آخري بڻجي سگهي ۽ نيري اُڀ ۾ اُڏامندڙ اُن پتنگ وانگر بڻجي سگهي، جنهن جي ڏور ڪنهن معصوم ٻار جي هٿ ۾ هوندي آهي. پر افسوس! جو هر سال گُذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اذيتون ڏئي هليو ويندو آهي ۽ هر سال عوام جي حصي ۾ غير سنجيدهه سياسي رويا، اُنهن جي زندگين جي سفر کي ڏُکيو بڻائيندا رهندا آهن. ڇا اِهو ممڪن ناهي ته هن سٻاجهي مخلوق لاءِ هر سال ڪنهن نئين نويد وانگر بڻجي سگهي!؟ جيڪڏهن دُنيا جا مُلڪ ٿورڙن عرصن ۾ عظيم حاصلاتن ۽ بُلندين جا مينار کڙا ڪري سگهن ٿا ته آخر هِن مُلڪ جوعوام هر سال ڪنهن نئين نويد جي اُميد رکي ڇو نٿو سگهي؟! ڇا سبب آهي؟ جو هن ديس جي عوام جي مُقدر ۾ رُڳو قُربانيون ڏيڻ ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ ئي آهي؟ جيڪڏهن جنگين ۽ تباهين جي ور چڙهيل سڄو يورپ جيڪو نازين جي پيرن جي مِٽي چٽيندو هو ۽ جرمن طاقتن ايشيا جي تيل ذخيرن جي حاصلات لاءِ اڌ دُنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏي هُئي. اُها دُنيا تباهين مان اُڀري، ڪنهن سوني سنگ وانگر کڙي ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي اذيت ڀري ماضيءَ کي ڀُلائي ويهي ٿي. اُها دُنيا جيڪا جنگي تباهين کي فقط سزا جهڙو سپنو سمجهي وساري ويهي ٿي. ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته اُها دُنيا ايترو اڳتي نڪري ويندي جو “وولگا نديءَ” جا ڪنارا به اهڙو بيچ بڻجي ويندا، جتي گورا جسم سج تي سيڪا ڏيڻ لاءِ اُن نديءَ جي ڪنارن تي ويندا، جتي 7 ڏهاڪا پهرين رُڳو انساني جسمن جا پکڙيل عُضوا ۽ رت سان ڀريل ريت هُئي. ڪنهن سوچيو هو ته اوڀر پاڪستان “سرچ لائيٽ” آپريشن کان پوءِ اکيون پٽي اُٿي سگهندو؟ ۽ ايتري جُرئت به ڪري سگهندو جو، 1971ع واري قتل عام ۾ مُلوث جماعت جي اڳواڻن کي ڦاسيون به ڏيندو؟! ۽ بنگال جو ٽڪو پاڪستاني رُپئي کان اڳتي نڪري ويندو؟
    پر زخمي پيرن سان ڪيئن هلبو آهي؟ پرواز لاءِ، ڀڳل پرڙن سان پنڌ ڪيئن ڪبا آهن؟ عوام جي وڃايل اعتبار کي واپس ڪيئن موٽائبو آهي؟ رت ۽ بارود جي درياءَ مان حوصلن جا ڪمزور ٻيڙا پار ڪيئن ڪرائبا آهن؟ اُن جي سمجهه اُنهن سياسي دماغن وٽ ناهي، جيڪي سياست ۾ چور دروازن جي ذريعي داخل ٿيندا آهن ۽ عوام جي حقن جي ترجماني ڪندڙ پارليامينٽ تائين پُهچي ويندا آهن. تن کي اِها قطعي به خبر ناهي هوندي ته عوام تي مڙهيل مصيبتن وارين حالتن ۾ کين همت ڏيارڻ جا رستا ڪهڙا هوندا آهن؟ انقلابي واٽ سان اونداهن رستن تي فڪر جون ڏياٽيون ڪيئن ٻاربيون آهن؟ ڪيئن عوام جي ڪمزور دلين کي طاقت ۾ تبديل ڪري آسمانن جي اُوچاين تائين وٺي وڃبو آهي؟! هارايل جنگين جي حالت ۾ به سپاهين کي اِهو سبق ناهي سيکاربو ته اُهي پوئين پير پهاڙي پيچرا ۽ نديون پار ڪري ڀڄي وڃن. پر کين اُتساهڻ لاءِ اهڙا جُملا آڇيا ويندا آهن جو اُهي پنهنجي سِرن جون قيمتون خسيس سمجهي وڙهندا آهن. کين پولينڊ جي “ولاديسلا اينڊرس” جا جُملا وڻندا آهن. جيڪو کين چوندو آهي ته، “توهان پُٺيون ڏيکارڻ وارا نه، پرمُنهن ڏيکارڻ وارا محبوب آهيو. بدلي جي باهه ۾ سڙڻ بجاءِٰ سِرن جا سودا ڪرڻ سِکو.” جڏهن جوان سپاهين جي ڪنن تائين ڪمانڊرن جون اُتساهيندڙ هدايتون پُهچنديون آهن. تڏهن اُهي سپاهي پنهنجي جسمن جا گهرا گهاوَ وساري وڙهندا آهن ۽ هارايل جنگيون به کٽي وٺندا آهن. هن مُلڪ جا سياستدان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ مُتحد ته آهن. ليڪن اُنهن جي سيني ۾ ڪمزور دليون ڌڙڪي رهيون آهن. اُهي هلندڙ جنگ ۾ عوام کي امن ڏيارڻ خاطر پنهنجي سِرن جا سودا ڪرڻ جهڙا ڳرا وچن ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. اُنهن وٽ ته اُهي لفظ به ناهن جيڪي رت جي درياءَ ۾ ٻُڏي ويل انسانن جي خاندانن کي صدمي ۾ سهارو ڏئي سگهن. جيڪي نئين سال ۾ اُنهن انسانن کي اُتساهه ڏئي اُٿاري سگهن. جيڪي انسان لاش کڻي ٿڪجي پيا آهن.اُهي اِهو سمجهن ٿا ته ماضيءَ جي گُناهن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ کين پنهنجي رستن تان رت جا داغ ڌوئڻا پئجي رهيا آهن. قاضي قاضن جي انهن سِٽن وانگر ته : “اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي وريام.” وانگر هاڻ اُهي سمورا پاپ هن مُلڪ جي سياست لاءِ سوڙهه جو سبب بڻجي رهيا آهن. ڪنهن کي اِهو اندازو ئي نه هو ته اُهي جهادي جيڪي ڪالهه ڪابل جي چوواٽن تي ڊاڪٽر نجيب کي ڦاسي ڏئي رهيا هُئا. سي هِن مُلڪ لاءِ به سيڪيورٽي رِسڪ بڻجي ويندا. جيڪي هِن مُلڪ جي عوام کان خوشيون کسي وٺندا ۽ هر سال جي نغمن کي نوحن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. اهڙي دهشت جو راڄ قائم ڪندا، جو هر ماءُ پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلڻ وقت وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙجي ويندي. پر ڇا هر سزا جهڙي سال جي موڪلاڻي ايندڙ سال جي اذيت بڻجي ايندي؟ اُن جو جواب هِن مُلڪ جا حُڪمران ئي ڏئي سگهن ٿا. جيڪي عوام جي سخت غصي ۽ ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اُنهن دهشتگردن کي ڦاسين جي جُهولن ۾ سُمهاري ته رهيا آهن. ليڪن سوال آهي ته ڦاسين جون سزائون مُلڪ مان مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواراڻي نفرت جي باهه کي وسائي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنديون؟ ڇا فقط ڦاسين سان عُروج تي پُهتل انتهاپسنديءَ جو خاتمو اچي سگهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته اُها ذهنيت جيڪا پنهنجي جسمن کي بمن سان اُڏائي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اهڙي ذهنيت کي ڦاسين جون ڪمزور رسيون ختم ڪري نٿيون سگهن. جيڪڏهن مُلڪ جون عسڪري طاقتون هن سال جي شروعات سان مذهبي تنظيمن جي عسڪري ونگز جي خاتمي لاءِ سنجيدگيءَ جو مُظاهرو ڪن ٿيون ۽ جيڪو کين ڪرڻو پوندو۽ جنهن جي ابتدا ٿي به چُڪي آهي. ان لاءِ سياسي پارٽيون به اهڙي عمل جي ڀرپور تائيد ڪرڻ جهڙي طاقت جو مُظاهرو ڪن ته شايد گُذريل سزائن جهڙي سال وانگر هن سال جو پهريون سج امن جو پيغام کڻي اچي. جيئن ڪنهن به سال ۾تشدد جا پاڇا انسانن جو پيڇو ڪري نه سگهن. اُن لاءِ ڪنهن وڏي ٿيوريءَ يا ڪنهن منطق جي ضرورت ناهي. رُڳو سنجيدگيءَ سان سمجهڻ جي آهي. ڇاڪاڻ ته انتهاپسند قُوتون، هن مُلڪ جي سمورن حصن تي قابض ٿيڻ جي نيت رکن ٿيون. جيڪي چاهين ٿيون ته مُلڪ جي لبرل خيالن جي نڙين کي گُهٽي سگهن. جيڪي مُحبت ۽ موسيقي، آرٽ ۽ ادب کي پنهنجي خيالن سان ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. جيڪي ٻارڙن جي ٽهڪن کي تڙپائيندڙ ۽ هيانو ۾ چڪ وجهندڙ چِيخ ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون. جيڪي مُلڪ جي موجودهه قانون کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهڙي ذهنيت جي خاتمي لاءِ اُن جي بُنيادن کي ڪمزور ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن بُنيادن کي اُکيڙڻ بجاءِ، دهشتگرديءَ جي وڌي ويل وڻن کي ڪاٽيو ويو ته اُن جا نتيجا ڪي بهتر مِلي نه سگهندا ڇاڪاڻ ته وڻن جو ڪِريل ٻج وري ڦُٽي پوندو آهي. جيڪڏهن هن سال کي به مُلڪ جا حُڪمران عوام جي خوشحال مُستقبل خاطر دهشتگرديءَ ۽ انتها پسنديءَ کي جَڙ کان اُکيڙڻ لاءِ سنجيدهه نوٽيس وٺي نه سگهيا ۽ مُلڪ جي وڏن شهرن ۾ ڦهلجي ويل دهشتگرديءَ کي فقط آپريشن جي ذريعي ڪُچلڻ جو سوچيو ويو ته شايد اُن جا نتيجا بهتر اچي نه سگهن. ڇاڪاڻ ته دهشتگرد تنظيمون مُختلف طريقن سان پنهنجي تربيتن جي وسيلي دهشتگرديءَ کي مُنظم طريقي سان تربيتون ڏئي ۽ دُڪا کارائي پالي وڏو ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن اُنهن جي اهڙين تربيتن ۽ جهادي ذهنيت مٿان ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته هي نئون سال عوام لاءِ ڪا بهار جي موسم کڻي نه ايندو پر پُٽن جا لاشا هن ديس جي تقدير بڻيل رهندا. گُذريل سڄو سال هن ديس مٿان اذيت جي گهڙين وانگر گذري ويو. سنڌ کي مِلندڙ لاشن جي لمبي قطار، هوائي اڏن تي حملا، ڪوئٽا جي هزاره برادريءَ جي وهايل رت گُلن جهڙين مصوم ٻارڙين سان زيادتيون ۽ پشاور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، جنهن سڄي دُنيا کي سال جي پڄاڻيءَ سان سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو. ڇا اِهي سڀ حادثا ۽ واقعا دُنيا ۾ هن مُلڪ جي ڪمزور ساک لاءِ سُٺو سئنوڻ ثابت ٿي سگهن ٿا؟ اسان کي هر سال جي ابتدا سان ايندڙ وقت جو اونو ڪرڻ گُهربو هو. سنڌ جڏهن افغان آباديءَ خلاف احتجاج ڪندي رهي، تڏهن هِن مُلڪ جا حُڪمران، افغانين سان همدرديءَ ۾ سنڌ جي احتجاج کي ڪنهن ليکي ۾ نه آڻي رهيا هُئا. هاڻ جڏهن افغان آبادين وارا علائقا، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ “نو گو ايرياز” بڻيل آهن. تڏهن اُنهن خلاف آپريشن ڪيترا نتيجا ڏئي سگهندو؟ اُهو وقت ئي ٻُڌائيندو. ليڪن سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ سموري ڌاري آبادڪاريءَ جي حوالي سان سنڌ حُڪومت وٽ ڪو مضبوط اسٽريٽجڪ پلان به موجود ناهي نه ئي اُن جي ڪنهن سنجيدهه ايجنڊا جو حصو آهي. جيڪڏهن سنڌ حُڪومت ضربِ عضب آپريشن جي شروع ٿيڻ وقت ئي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ آءِ ڊي پيز واري معاملي تي وفاق سان سخت موقف رکي ها ۽ سنڌ جي رستن جي ڪڙي نِگراني ڪري ها ته آءِ ڊي پيز جي آڙ ۾ اُتر وزيرستان جي حجمن هٿان ڪلين شيو بڻجي دهشتگرد ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ داخل ٿي نه سگهن ها. ليڪن اُهي سمورا آءِ ڊي پيز جن کي اُردو به ڳالهائڻ نٿي اچي، سي سنڌ جي شهرن ۾ اڳواٽ ترسيل رشتيدارن معرفت ۽ نادرا جي مهربانين سان سُڃاڻپ ڪارڊن سان گڏ هاڻ ته ڊوميسائيل به ٺهرائي چُڪا آهن. جن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ خود سنڌ حُڪومت جي وس جي به ڳالهه ناهي رهي. جيڪي نئين سال ۾ ڪهڙيون قيامتون برپا ڪندا؟! اُن جو اندازو ته جلد ئي ٿي ويندو. ليڪن سنڌ جي سنجيدهه حلقن جي راءِ ۽ احتجاج تي سنجيدگيءَ سان سوچيو وڃي ها ته، دهشتگرد قُوتن کي ائين ڦهلجي وڃڻ جو شايد موقعو ميسر ٿي نه سگهي ها.
    هي نئون سال، رُڳو گهڙيالن جي ڪانٽن ۾ اٽڪجي سوچڻ جو ناهي. پر هن وقت اُن “وائيلڊ وار” (جهنگلي جنگ) تي سوچڻ جو آهي. جيڪا جنگ اسان جي سمورن سالن جون خوشيون خاڪ ۾ تبديل ڪندي رهي ٿي. اُها جنگ جنهن جي پُڄاڻيءَ جي ڪا تاريخ مُقرر ناهي ٿي. ليڪن افسوس جو هن مُلڪ جو عوام ويسر جي مُوذي مرض ۾ مُبتلا آهي. جيڪو اذيت ڏيندڙ حادثن کي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي پنهنجي ياد جي پٽيءَ تان ميساري ڇڏي ٿو. نئين سال جي آجيان لاءِ رات کان محفلن جا اهتمام ٿين ٿا. جيڪي سج اُڀرڻ تائين هلندا رهن ٿا ۽ اکين ۾ ڪيترا ئي کيپ چاڙهي سڄو ڏينهن سُمهي آرام ڪرڻ جهڙي عياشي ٿئي ٿي. پر ڪجهه گهڙيون پُراڻي سال ۾ ڪُجهه ڪري نه سگهڻ جهڙي پڇتاءَ تي سوچڻ جيترو وقت ڪنهن وٽ به ناهي. ڇا اسان پُراڻي سال تي پشيمان ناهيون؟!! جنهن سال ۾ دهشتگرديءَ جو ديو پَريُن جهڙي ديس کي لتاڙيندو ۽ ساڙيندو رهيو. جنهن سال ۾ سنڌ بدامنيءَ جي باهه ۾ بي رحميءَ سان سڙندي رهي. سنڌ حُڪومت جا سمورا کاتا عوامي بجيٽ مٿان سرڪاري عياشيون ڪندا رهيا. ٿر جا ٻار ٽڙڻ کان اڳ ئي مُرجهائجي موڪلائيندا رهيا. سنڌ جا سمورا شهر ۽ رستا گٽرن جي پاڻيءَ هيٺ ٻُڏل رهيا ۽ ڪيترائي ٻارڙا گٽرن جي وات جو لُقمو بڻجي ويا. تعليمي نظام جي بهتريءَ لاءِ سرڪاري ڪوششون ناڪام نظر آيون. پيئڻ جو صاف پاڻي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين جو وڏو مسئلو بڻيل رهيو. مهانگائي مٿان پيٽرول جون ڪِريل قيمتون به ڪنٽرول ڪري نه سگهيون. پوليس ۽ پاپ جو پُراڻو رِشتو هميشه برقرار رهيو. اغوائن جي صنعت پنهنجي عُروج تي پُهتل رهي. قبضا مافيا جو ڪاروبار سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندو رهيو. پر ويسر جي مُوذي مرض ۾ مُبتلا ماڻهو پنهنجي معمول واري زندگي گُذارڻ لاءِ ڪنهن سبب جي تلاش کان سواءِ ئي معمول تي موٽي اچن ٿا. جيڪا فطري ڳالهه آهي. پر جڏهن هر سزا جهڙي سال کي گُذارڻ کان پوءِ، نغمن جهڙي نئين سال جي تمنا ڪجي ٿي ته نفرتن جي خاتمي لاءِ سوچڻو پوندو. اُنهن انسانن لاءِ سوچڻو پوندو جيڪي سياسي سوداگرن جي نظرانداز بڻيل مخلوق آهن. اُن ڳوٺاڻي عوام تي سوچڻو پوندو، جيڪي اڄ به پٿر جهڙي دور ۾ جِي رهيا آهن ۽ 21 هين صديءَ جا غلام بڻيل آهن. اُنهن اسپتالن ۽ اسڪولن جي عمارتن تي سوچڻو پوندو. جيڪي پري کان پاراتا ڏئي رهيون آهن. اُنهن کنڊر بڻجي ويل شهرن تي سوچڻو پوندو، جيڪي هن سياسي نظام جي هلڪي جهلڪ پيش ڪري رهيا آهن. اُنهن سرد بڻجي ويل جسمن تي سوچڻو پوندو، جيڪي ناڪردهه گُناهن جي سزائن سبب راتين جي رڻ ۾ رستن تي اُڇلايا وڃن ٿا. نئون سال، هن ديس جي ماڻهن جي سُک ۽ سلامتيءَ خاطر چونڊيل نُمائندن جي غير ذميواراڻه روش جي خاتمي جو سال هُجڻ گُهرجي. جڏهن سياستدانن جي احتساب لاءِ جوڙيل ادارا ڪمزور ڪردار ادا ڪندا آهن. تڏهن عوامي احتساب جون اکيون کُلنديون آهن ۽ عوام پُڇاڻو ڪرڻ شُروع ڪندو آهي. هن وقت عوامي احتساب جي اک ڳاڙهي نظر اچي رهي آهي. تنهن ڪري سماج جي تمام گهڻين ڪمزورين جي باوجود به اِها اُميد رکي سگهجي ٿي ته عوامي اُٿل هاڻ پلٽو کائي پُڇاڻي پاسي، وکون وڌائڻ لڳي آهي. ڇاڪاڻ ته ضروري ناهي ته ذهين ذهن ۽ اعلى دماغ هن سماج کي بدلائي سگهن، پر ورهين جون ذلتون، بُک، مجبوريون ۽ ڪاوڙ ڪمزور ذهنن ۾ به تبديليءَ جي چڻنگ ٻاري اهڙو شعلو ڀڙڪائي وٺنديون آهن، جيڪو مچ بڻجي ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن مچ مٿان مُنتشر ماڻهن جا ميڙ ٿيندا آهن، تڏهن اُنهن کي قيادتون به مِلي وينديون آهن. سڄي سياسي تاريخ ۾ ته ائين ئي ٿيندو رهيو آهي.


    وڙهندي ورهيه ٿيام، اچي وار اڇا ٿيا..!!

    سياست کي سائنس ۽ سياسي عمل کي آرٽ جي اک سان ڏسندڙ سنڌ جو هڪ پُورو نسل پوڙهائپ جي پاڇي ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. اُها پوڙهائپ پُراڻن ڪِتابن ۾ اُن سياست کي ڳولي رهي آهي، جيڪا سياست هاڻ ڏند ڪٿائي ڪهاڻيءَ وانگر محسوس ٿئي ٿي. جديد دور جو پُورو ادب سياسي زوال کي بچائڻ لاءِ پنهنجو نُور نِچوئي رهيو آهي. ليڪن اُن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان هِن دور جي جواني گهڻو دور بيٺل آهي. اُها جواني جنهن جا آئيڊيل اُهي انسان ناهن. جيڪي پنهنجي دور جي معمولي ماحول ۾ رهي، غير معمولي ۽ افسانوي حيثيتون ماڻي عظمتن جا تاريخي مينار اڏي ويا. اڄ جڏهن آرٽ، سياست ۽ سائنس تي ويچارجي ٿو. تڏهن ائين محسوس ٿي رهيو آهي. ڄڻ هي دور ڪنهن طويل وقفي جو دور آهي. جتي تاريخ جي ڪُکِ غير معمولي انسانن جي پئدائش کان خالي نظر اچي ٿي. اُن جو فقط هڪ ئي ڪارڻ نظر اچي ٿو، نئين نسل جي سياست، ادب، آرٽ ۽ سائنس جهڙن سنجيدهه موضوعن ڏانهن عدمِ دلچسپي. اُها عدمِ دلچسپي، جنهن لاءِ جديد دور جي دانشور نوم چومسڪيءَ چيو هو ته:” جيڪو نسل پنهنجي دور کان ڌار رهي ۽ حالتن جي سنگينين کان بي خبر رهي ٿو. اهڙو نسل اهڙي بيماريءَ کي دعوت ڏئي ٿو جيڪا سماجن جا بُنياد ئي اُکيڙي ڇڏيندي آهي.“ آرٽ ۽ سائنس جون دُنيائون ته وري به پنهنجي توازن کي برقرار رکي سگهڻ ۾ ڪامياب نظر اچن ٿيون. ليڪن سياست ۽ ادب جي مضبوط مورچي جون ڀِتيون ڀُرندي محسوس ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ دُنيا ۾ اڄ به شاهڪار ادب تخليق ٿي رهيو آهي. رُڳو 60ع واري ڏهاڪي کان ئي جائزو وٺبو ته هڪ ڊگهي قطار نظر ايندي. جنهن دُنيا جي جهوليءَ کي شاهڪار ادب سان سائو ستابو رکيو آهي. ميخائيل شولوخوف، گبريل گارشيا مارڪيز، جوزف براڊسڪي کان وٺي مويان، ايلائيس منرو ۽ پيٽرڪ موڊيانو تائين تخليقڪارن جي دلين مان خيالن جون ڪونجون پرڙا هڻي اُڏامنديون رهيون آهن. ليڪن مِلين ۽ بِلين ۾ پڙهندڙن جو تعداد سُسي سوڙهو ٿي وڃي، لکن تي پُهتو آهي. پڙهندڙن جي اُن تعداد ۾ به اڪثريت اُن عمر جي آهي. جيڪا عُمر دُنيا ۾ تاريخي تبديليون آڻڻ واري ڄمار کائي چُڪي آهي. اهڙي عُمر، جيڪا پنهنجي جسم جو بوجهه کڻي سگهڻ جي صلاحيت به وڃائي ويهندي آهي. ان سڄي پسمنظر ۾ آرٽ ۽ سائنس جا موضوع پنهنجي اهميت ۽ اعتبار جي حوالي سان اڄ به توازن جي سلسلي کي برقرار رکي بيٺل آهن. جيڪڏهن دُنيا ۾ سِرجندڙادب اڳيان اِهي چئلينج رهيا ۽ پڙهندڙن جو تعداد محدود بڻجي ويو ته اُن جا اثر سماجي ۽ سياسي صورتحال کي بِگاڙي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنڌ کي ان تناظر ۾ ڏسنداسين ته سنڌ جو نئون نسل بِگڙيل سياسي حالتن جي پئداوار آهي. جيڪو آرٽ، ادب، سائنس ۽ سياست کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ بجاءِ هلڪڙائپ واري انداز ۽ غير سنجيدهه رِوش جو شِڪار آهي. جنهن جي زندگي، سماج، ادب ۽ سياست ڏانهن رِوش بِنهه مُختلف آهي. جنهن جي سوچ ۾ وطن دوستيءَ جا رُجحان ته موجود آهن پر اُها سوچ به نابالغيءَ جي ڏاڪي تي بيٺل آهي. جڏهن سنڌ ۾ ڳڻپ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون موجود هُجن. جن جا نظريا ۽ سوچون قوم دوستي ۽ وطن پرستيءَ جون دعوائون ڪندا هُجن. اُتي سرگرم سياسي ورڪرن ۽ شاگردن جي اڪثريت جا نظرياتي بُنياد ئي ڪمزور هُجن ته پوءِ کين ابتدائي سياسي جدليات ڪير سمجهائي سگهندو؟! ڇاڪاڻ ته هِن وقت عام سياسي ڪارڪن جي نفسيات ۽ خاص طور تي شاگرد سياست ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن جي نفسيات ۾ ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي. اُن جو فقط هڪڙو ئي سبب آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي عددي اڪثريت ۾ ته وڌيڪ آهن پر اُنهن جي سياسي خوبي Quality ۽ ڪمٽمينٽ خود سواليا نشان بڻيل آهن. ڇاڪاڻ ته اُنهن جون نظرياتي عقيدتون وطن دوستيءَ بجاءِ پارٽي عقيدتن ۾ تبديل ٿي ويون آهن. نتيجي ۾ جيڪو سياسي فصل وارو نصاب تيار ٿيڻو آهي، اُن جا نتيجا سنڌي سماج تي اَوَس پَوڻا آهن ۽ پئجي رهيا آهن. جڏهن سياسي پارٽين جا قِبلا ئي دُرست رُخ ۾ ساهه نه کڻندا هُجن ۽ وطن ۽ قوم جي آدرشن جي بجاءِ اُنهن جا پارٽي مُفاد ئي پنهنجون شڪليون ۽ صورتون بدلائي چُڪا هُجن. تڏهن نرسريءَ واري سياست جو ڪهڙو حال هوندو؟ اڄ هِن مضمون جو موضوع 60ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جون سياسي حالتون ڪهڙيون هُيون ۽ سنڌ جي وطن دوست نوجوان نسل جو سياسي ڪردار ڪهڙو هو؟ 80ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر وطن دوست سياسي جدوجهد ۽ نظرياتي سياست جا بُنياد ڪٿي بيٺل هُئا؟ ۽ موجودهه دور واري سياست ڪهڙين ڪيفيتن ۽ حالتن ۾ ساهه کڻي رهي آهي؟ ۽ اُن جا نتيجا ڪهڙا نِڪري سگهندا؟
    1954ع ۾ جڏهن گورنر جنرل غلام محمد سنڌ کان پنهنجي سُڃاڻپ کسي مُلڪ مٿان علائقائي وحدت وارو ڪارو قانون مڙهيو هو. جنهن ۾ سمورا صوبا پنهنجون حيثيتون وڃائي “ون يونٽ” جي پنجوڙ ۾ ڦاسي پيا هُئا. تڏهن سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ ۾ مضبوط سياسي پارٽي نه هُجڻ جي باوجود به سنڌ جا باشعور نوجوان بغاوت جي باهه ٻاري “سنڌ مدرسي” مان احتجاج جو اعلان ڪري نِڪتا هُئا. وطن دوست باشعور نوجوانن پنهنجي سياسي ڪردار ۽ وطن جي عظمت ۽ قومي بقا جي جدوجهد کي لڳاتار جاري رکيو. پوءِ اُها جدوجهد مُختلف صورتن ۽ شڪلين ۾ برقرار رهندي آئي. پمفليٽ لکي ورهائڻ کان وٺي پُرامن احتجاجن تائين. سنڌ جو نوجوان مُختلف نظرياتي سوچن هُئڻ جي باوجود قومي جدوجهد سان جُڙيل رهيو. ون يونٽ جي آڙ ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ صوبن جي سمورن وسيلن کي وفاق جو جائز حق سمجهي، ڪيئن ڦٻائيندي رهي ۽ سنڌ جي مجموعي سياسي ۽ اقتصادي مُفادن کي پنهنجي قبضي هيٺ ڪيئن رکيو.؟! اُن تي ڪيترو ئي مواد لکجي چُڪو آهي. پر سنڌ جو وطن دوست فِڪر، نوجوانن جي اڻٿڪ جدوجهد جي شِڪل ۾ لڳاتار مذاحمتي مورچو رهيو. فقط چند سياسي اڳواڻن ۽ سنڌ جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن به اهڙي ڪاري قانون خلاف پنهنجي دلين جا ڏيئا روشن رکي تاريخي جدوجهد جا بُنياد رکيا هُئا. هي 60ع جو اُهو ئي ڏهاڪو هو، جنهن دوران سنڌ ۾ مذاحمتي ادب جا پِڻ بُنياد پيا هُئا ۽ اُهو ادب جنهن نه فقط مذاحمت ڪئي پر سنڌ جو مضبوط سياسي آواز بڻجي، سنڌ ۾ ساڻي ٿيل سياست ۾ ساهه وِڌو هو. 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجهد به اُن تسلسل جو حصو هُئي. سنڌ جا باشعور ۽ وطن دوست شاگرد لڳاتار جدوجهد جي رُڃ واري ميدان تي تاريخ جي چيخ بڻجي بيٺل رهيا. جيڪي ايوبي آمريت لاءِ به خود وڏي للڪار هُئا. عوام جي اندر ۾ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ هُئي، جنهن جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن طرح ٿيندو رهيو. جيتوڻيڪ اُن وقت به سنڌ جي شاگردن جي ڪا مُنظم تنظيمي سياسي شِڪل نه هُئي. پر اُن جي باوجود وطن دوست جذبو سياسي طور غير مُنظم انداز سان وڙهيو. انڪري جيڪڏهن ائين سمجهي وٺجي ته سنڌ جو نئون نسل موجودهه حالتن ۾ مايوسيءَ جهڙي ماٺ جو شِڪار آهي ۽ اُن جو سياسي ردِعمل گُهربل سياسي جدوجهد جي حوالي سان نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي ته اُن ۾ اُن جو قصور ناهي. پر بُنيادي طور جڏهن سياست خود واپار جي شِڪل اختيار ڪري وئي آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قومي مُفاد بُنيادي سياسي ايجنڊا کان ٻاهر رکيا ويا آهن ته نئين نسل کي اُتساهه ڪٿان مِلي سگهندو؟ جيتوڻيڪ 60ع واري ڏهاڪي ۾ ڇڙوڇڙ قومي جدوجهد اڳتي هلي 1970ع ۾ ڪنهن حد تائين سياسي شِڪل ۽ صورتن سان سامهون آئي. 70ع وارو ڏهاڪو سنڌ جي وطن دوست قومي جدوجهد ڪندڙ پارٽين جي ابتدائي ڏهاڪي طور ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن 80ع واري ڏهاڪي ۾ اچي پنهنجا بُنياد مضبوط ڪيا. اُهو 80 وارو ڏهاڪو ئي آهي جنهن ۾ سنڌ اندر وطن دوست سياسي سوچ مُنظم شِڪل اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ ان دور ۾ سنڌ جي نئين نسل کان ڪافي غلطيون به سرزد ٿيون. پر اُهي غلطيون مجموعي سياسي جدوجهد واري سفر ۾ ڪنهن ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙيون نه هُيون. هن ئي دور ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين اسٽڊي سرڪلز کي هلائي نه فقط سنڌ جي جوانيءَ جي سينن کي انقلابي آدرشن ۽ وطن دوست سياسي فِڪر سان مصلح ڪيو پر اُنهن جي نظرياتي سياسي تربيت جا پِڻ بُنياد رکيا. اڄ جيڪڏهن ڪا ٿوري ٿڪي نظرياتي سياسي تربيت جا اولڙا نظر اچن ٿا ته اُهي اُن سياسي پسمنظر جو نتيجو آهن. اُهو 80ع جو ڏهاڪو ئي هو جو سنڌ جا سياسي ورڪر سياسي ۽ ادبي ڪتابن کي پنهنجو هٿيار سمجهندا هُئا ۽ نظرياتي سياسي پنڌ جي رُومانس ۾ پنهنجي محبوبائن کي به وِساري ويهندا هُئا. هڪ اهڙو نسل جنهن تي تبصرو ڪندي هڪ سياسي اڳواڻ چيو هو ته: ”جاگيرداريءَ ۾ ڄائو، سرمائيداريءَ ۾ ساهه کنيائين ۽ پرسٽرائيڪا ۾ سوچي ٿو.“ اهڙي نسل جي نظرياتي سياسي پرورش ٿيندي رهي. جنهن هڪ خُواب خاطر باقي سڀ خُواب وِساري ڇڏيا. جن سياست مٿان پُراڻپ جا سمورا پَڙ لاهي ڦٽا ڪيا. اياز لکيو هو ته: “جنهن جي روح ۾ راڳ ناهي، اُن جي راڳ ۾ به روح ناهي.” خبر ناهي ته اُهو گُناهه گورباچوف جي “گِلاسنوسٽ” مٿان مڙهجي يا اُها شِڪايت هتي جي اُن سياسي اڳواڻن کان ڪجي؟ جن سياست جي سيني مان راڳ جهڙو رُوح ڇِڪي ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪنهن سياسي راڳ ۾ به رُوح نه رهيو. اڄ جڏهن 21 هين صديءَ ۾ دُنيا ساهه کڻي رهي آهي. تڏهن به مزدور سرمائيداريت جي وحشي چنبن ۾ غلاميءَ جهڙي زندگي گُذاري رهيا آهن. قطر جي دُوها کان وٺي پاڪستان جي وڏن شاپنگ مال واري دُنيا تائين سرمائيداريت پنهنجي اُجاراداريت کي هٿي ڏئي رهي آهي ۽ غلام مزدورن جي ڪمزور ڪُلهن تي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائي رهي آهي ۽ ترقياتي منصوبن جي نالي تي انساني سماج کي ماڪوڙي سمجهي لتاڙي رهي آهي. تڏهن سرمائيدار مُخالف سياست جي خاتمي جو اعلان ائين آهي، جيئن هلندڙ جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري هار قبول ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن دانشور جي دل ان دليل جو سهارو وٺي ٿي ته، سياسي رُومانس واري دور جي سياست جا بُنياد ئي سرد جنگ سان جُڙيل هُئا ته شايد ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو الميو نه هوندو. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سرمائيدار دُنيا مُخالف سياست جو سحر پنهنجي سرڪش وجود ۾ ڪنهن پهاڙ وانگر اُوچي ڳاٽ سان بيٺل هو. ليڪن ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته سرد جنگ جي خاتمي سان اُها سرڪش سياست بُزدليءَ جي ڀيانڪ ڀاڪرن ۾ ماضيءَ جو ڪو سپنو بڻجي ويندي.! اسان پنهنجي اُن سياسي نسل جي پاڇي جو پتو ڪيون ٿا ته اُهو هن وقت پنهنجي عُمر جي آخري حصي ۾ پُهتل آهي. جنهن پنهنجي جواني ڪيترن ڏهاڪن تائين آمرن سان ويڙهه ۾ گُذاري هئي. اڄ اُنهن جون اڇيون ڏاڙهيون سنڌ جي نئين نسل جي نيڻن مان اِها توقع رکن ٿيون ته موجودهه سنڌ جي جواني سياست جي سرڪش گهوڙي تي ڪڏهن سوار ٿيندي؟ ۽ وطن دوست سياسي نظرين جي سچائيءَ جي سفر جي شروعات ڪندي؟ ڇاڪاڻ ته سنڌ اهڙن سياسي هٿن ۾ آهي، جن لاءِ سياست فقط سازشن، مُفاهمتن ۽ دوکن جهڙي دُنيا آهي. سياست جيڪا سڄي دُنيا لاءِ سماجي سائنس ۽ اهميت وارو علم آهي. ليڪن سنڌ لاءِ سياست ڪنهن راند يا واپار جو نالو ناهي. سنڌ لاءِ سياست جياپي جو نالو آهي. مُسلسل محنت ۽ جدوجهد جو نالو آهي. اُها جدوجهد جنهن لاءِ اياز چيو هو ته:
    ماريندي هِن مڇ کي، ڪيڏا وَس ڪيام،
    ڇتيون ڇيهون ٿي ويون، ڇِڄِي رَڇ پيام،
    وڙهندي ورهيه ٿيام. اچي وار اڇا ٿيا.

    اُها سياست آخري وار جي اڇي ٿيڻ تائين به ڪرڻي پوندي. جنهن کان اسانجو نوجوان پري بيٺل آهي. اُن لاءِ وطن دوست سياسي پارٽين کي سوچڻو پوندو. اُهي پنهنجي سياسي ورڪرن جي اندر نظرياتي سياسي فِڪر جون ڏياٽيون ٻارڻ لاءِ کين دُنيا سان مُتعارف ڪرائين. کين ادب، آرٽ، سائنس ۽ سياست جي دُنيا ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ کين عالمي سياسي ادب سان رُجوع ڪرائين. ڇاڪاڻ ته نعريبازي نظرين جو موت هوندي آهي. نعريبازين بجاءِ نظرياتي سياسي سگهه جو سهارو وٺڻو پوندو. نظرياتي سياست جو ميدان ئي سياسي جدوجهد جو اُهو ميدان آهي. جتي سياست سگهاري بڻجي سنڌ جي وڃايل سياسي سگهه کي سهارو ڏئي سگهي ٿي. جيڪا روايتي سياسي پارٽين جي هڪ هٽيءَ واري هڏيءَ ۾ آخري ڪوڪو بڻجي سگهي ٿي. اُن لاءِ اڄ جي ڏينهن تي ويچارڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ جو ڏينهن ئي هو، جنهن ڏينهن تي سنڌ جي نوجوان نسل نئين سياسي تاريخ جا بُنياد وِڌا هُئا.


    نئين نسل کي سياسي مالها ۾ پوئڻ جي ضرورت!

    “اسين پڇتاءَ جي پاڇي ۾ پيدا ٿيا آهيون ۽ شايد محبت جي موسيقي اسان جي روحن کي راحت بخشي نه سگهي. The Fallجي ليکڪ“البير ڪاميو” هي لفظ اُن اُداس نسل جي دلين جي ترجماني ڪندي لکيا هئا، جيڪو نسل تارن کي تڪيندي اهو سوچي رهيو هو ته ڪڏهن سندن مستقبل هڪ مڌر گيت بڻجي گهري رات جي ڪُک مان اُجري آسمان جي روشني بڻجي پوندو؟ ڪڏهن سندن من جي مايوسي اميدن جي عڪاسي ڪندي ۽ سياست جو صحيفو غلاظتن مان آجو ٿيندو؟! جيتوڻيڪ سنڌ جو هي نسل پنهنجي پُوري سرڪشي ۽ طاقت سان اڳتي آيو آهي. اُهو ڪنهن پڇتاءَ جي پاڇي جي پيدائش ناهي، نه ئي مايوس موسم جو نتيجو آهي. جيڪو پنهنجي، فهم، فڪر ۽ ادارڪ ۾ ايترو اٽل ۽ اڏول آهي جو نراسائيءَ جي ننڊ هن جي ارادن جا رستا روڪي نٿي سگهي. هو ته پنهنجي شروعات به آهي ته پڄاڻي به. هو آرڪسٽرا جي اهڙي خوبصورت ڌن آهي، جنهن ۾ آزاد زندگي گهارڻ جي جُستجو آهي. هن نسل سياست کي ماءُ جي هنج ۾ پڙهيو آهي. زماني جي لتاڙ ۾ سِکيو آهي ۽ زندگيءَ جي ساز ۾ سمجهيو آهي. هي نسل عجيب نسل آهي، جنهن متقي ٿي پاڻ کي تقوى جي تارازيءَ ۾ تورڻ بجاءِ ۽ عقل جي خصيص دور ۾ جيئڻ جا جتن ڪرڻ بجاءِ ديوانگيءَ جي دور ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو سياست کي سيڙپڪاريءَ جي بجاءِ سِرن جو سودو ۽ چيتي جي اَک سمجهي ٿو. هي نوجوان پنهنجي ضمير جي زخم کي سمجهي چُڪو آهي، ۽ جڏهن ڪنهن قوم جو نسل پنهنجي ضمير جي زخم کي سمجهي وٺندو آهي تڏهن اُن جي علاج جي فلسفي واري ڦَڪي به پاڻ ئي ٺاهي وٺندو آهي. هو انتظار جي گهٽين ۾ گهمڻ کي وقت جو زيان سمجهندو آهي. تڏهن اهو ئي نسل پنهنجي بکئي ۽ ايبنارمل عوام جي قسمت پاڻ لکندو آهي. بنگال رڳو پاڪستاني فوج جي چڙهائيءَ جو نتيجو نه هو، پر ٽيٽومير کان مُڪتي باهني تحريڪ تائين هڪ وڏي تشدد ۽ نوجوانن جي عظيم قربانين جو نتيجو هو، جن جي حياتين جا گلاب سِڻيءَ جي فصلن ۽ سارين جي ريج سان گڏ پوکيا ويا هئا.
    تنهن ڪري سنڌ جي سياست جو صنوبر اڃا به سائو نظر پيو اچي. ان جي ٿورڙي جهلڪ سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪنهن به فيصلي تي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي اعلان تي ان ردِعمل مان به ڏسي سگهجي ٿي، جيڪي پنهنجي ڪمزور وجود ۾ سنڌ جو طاقتور آواز بڻجي وڃن ٿا. هوا جو رُخ معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ تيليءَ جو ٻارڻ ئي ڪافي هوندو آهي. هن سرڪش ۽ خوددار نسل جي نهار ڦِٽل فلسفا ۽ مدي خارج نظريا کڻي هلندڙن کان گهڻو مٿي آهي. هي نسل سمجهي ٿو ته سنڌ جي ڏاهپ جي قيمت ڏهن هزارن کان مٿي ناهي. هاڻي اهڙن بيمار بزرگن جي صلاحن جون مرهم پٽيون سنڌ جو علاج ڪري نٿيون سگهن. هزار بُراين جي باوجود به سياسي جدوجهد ۾ ئي سنڌ جو وجود بچائي سگهجي ٿو. لاتعداد بُراين جي باوجود به سياسي قيادت ئي ڪم جي آهي. فورمن جا فرمائشي راڳ ٻُڌي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن Intellectualsجون صلاحون سنڌ لاءِ ان ڪري به ڪارگر ناهن رهيون، جو اڪثر Intellectualsپنهنجين تقريرن ۽ تحريرن لاءِ به مُلازم ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن.
    علي قاضيءَ طرفان سنڌ ۾ تبديليءَ جو اُٿاريل سوال انتهائي اهميت رکي ٿو. ڇا نسل در نسل رواجي سياست وارن تماشن کان سنڌ تبديليءَ پاسي وک نٿي وڌائي سگهي؟ موروثي سياست واري طريقهءِ ڪار کان سنڌ ۾ نئين سياسي قيادتن اچڻ وارا بند پيل رستا کُلڻ نه گهرجن؟ ڇا سنڌي قوم فقط هڪ ئي سياسي پارٽيءَ جي رحم و ڪرم تي رهندي ايندي؟ جنهن پارٽيءَ جي قيادت مٿان پاور ۽ پئسي جو نشو چڙهيل هجي اُن مان عوامي اميدن جي سج اڀرڻ جي اميد اجائي آهي. سياست بازاري عورت جيان پاور ۽ پئسي جي نشي ۾ نيلام ٿيڻ جو نالو ته ناهي. جتي نين ترميمن جا ٽينڊر پاس ٿيندا هجن ۽ سنڌ جي ووٽ جي توهين ٿيندي هجي، اتي تبديلي اچڻ به گُهرجي. ڪنهن هڪ سياسي پارٽيءَ جي مونوپولي ٽُٽڻ به گهرجي.
    افسوس جهڙي ڳالهه ته اها به آهي ته هتي قلمڪارن جون لکڻيون حڪمرانن جي نڙين ۾ ڪنهن ڪنڊي جيان اٽڪي پون ٿيون. هن سماج جي سينواريل پاڻي ۾ جن ليکڪن جون لکڻيون ڪا هلچل پيدا ڪن ٿيون ۽ مفادن ۽ مفاهمتن جي اَڏين تي وطن ۽ قوم کي وڪڻڻ خلاف طاقتور آواز بڻجن ٿيون، تن کي مختلف حُربن سان هيسايو وڃي ٿو. سنڌ جي هن نسل مٿان اُن پارٽيءَ جو نشو لهڻ لڳو آهي، جنهن پارٽيءَ وٽ انهن جي بيروزگاريءَ لاءِ ڪا مناسب حڪمت عملي به ناهي. جيڪو نسل خوشحال سنڌ جا خواب ڏسندو هجي ۽ موت جو مقابلو زندگيءَ جي دلڪش نغمن سان ڪندو هجي. سو غربت جي وڏي آڙاهه ۾ ڀسم ٿيڻ بجاءِ هاڻ تبديلي پسنديءَ واري نئين پنڌ تي نڪتل آهي، جيڪو چاهي ٿو ته اهڙي نئين سياسي قيادت اچي جيڪا هن سماج کي بدلائي سگهي. جيڪا سنڌ جي نئين تاريخ لکي جيڪا جيئڻ جي همت هاري ويٺل هن سماج ۾ زندگيءَ جو روح ڦوڪي سگهي. ٿورڙو تصور ته ڪريو، ٿورڙو پنهنجي دماغن جي ڏيئن کي ٻارڻ جي ڪوشش ته ڪريو ۽ اِها سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪريو ته اڄ جو سنڌي نوجوان پورا ٽي ڏهاڪا پوئتي واري نسل کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. جنهن کي سياست سيکارڻ لاءِ نمائشي دانشورن ۽ اڌ پڙهيل پيڙهي جي ضرورت ناهي رهي. جيڪا پيڙهي ڪالهه جي باغي سڏبي هئي پر اڄ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد هيٺ آهي. هن نسل جي نمائندگي جي دعويٰ اُهي دانشور نه ڪن، جيڪي هن وقت تائين هن نسل کي ڪجهه ڏئي سگهڻ بجاءِ هر حڪومت کان مراعتون وصول ڪندا رهيا آهن. پر اُهي قلمڪار ئي هن نسل جي قيادت آهن، جن جي اکين ۾ نئين سنڌ جو هڪ خواب آهي، ۽ اُهي سياسي قيادتون، جيڪي ووٽن جي معمولي قيمتن تي قومن جا سودا نه ڪنديون هجن. جيڪي ايوانن ۾ وڃڻ کي پاور جي جنون ۽ پئسي جو ذريعو نه ٺاهن پر حقيقي سياسي تبديليءَ واري سوچ رکن. هن وقت تائين هلندڙ سياسي ڪلچر ۾ سنڌ جو انهن ايوانن تان ئي اعتماد کڄي ويو آهي. اهو اعتماد نئين سياسي قيادت پنهنجي ايمانداراڻي سياسي عمل سان ئي عوام کي واپس ڏياري سگهي ٿي. رواجي سياسي پارٽيون، جيڪي فقط ۽ فقط اقتدار جي نشي ۾ عوام جي قربانين جي توهين ڪنديون رهن ٿيون ۽ عوام جي بُک ۽ بدحاليءَ جي خاتمي بجاءِ سياست کي پاور ۽ پئسي جو ذريعو بڻائين ٿيون. تن لاءِ ئي تلسيداس چيو هو.
    مايا سي مايا ملي ڪر ڪي لمبي هاتهه
    تلسي داس غريب کي کوئي نه پوچهي ذات

    ايوانن جي سياست ته هڪ اهڙو صحرا آهي، جتي پيٽ کانسواءِ سڀ فلسفا ۽ فڪر فراڊ لڳندا آهن ۽ هي نوجوان نسل- اُهو نسل جيڪو رُڳو پروفيشنل صحافيءَ جي سڏ کي به پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ مڪمل سچائيءَ سان آجيان ڪري ٿو، سو هاڻ اهڙي سياسي ڪلچر مان تنگ اچي چڪو آهي، جنهن سياست گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان هن سماج ۾ ڪا تبديلي ناهي آندي. جيڪو نسل هن ملڪ جي سياست کي ڪنهن صحيفي وانگر ياد ڪيو ويٺو آهي ۽ هن ملڪ جي تاريخ ته اُردو جي هڪ مختصر شعر ۾ بيان ڪري ٿو:
    يون هي کهلائي هين هم ني هميشه آگ مين پهول
    نه اُن کي هار نئي هي نه اپني جيت نئي!

    پر اڄ آهي ڪا اهڙي سياسي قيادت، جيڪا آجپي جي اکر تي هن نوجوان نسل جي نينهن کي آزمائي ڏسي. جيڪا انهن جي سموري طاقت کي سهيڙي سنڌ جي وساريل وجود ۾ زندگي جو روح ڦوڪڻ لاءِ عملي سياسي جدوجهد ۾ شامل ڪري سگهي ۽ ڪنهن به وڏي دعويٰ جا در کولڻ بجاءِ سن تُزو جي انهن سٽن تي عمل ڪري ته: Pretend inferiority and encourage his arrogance. (پنهنجو پاڻ کي گهٽ ظاهر ڪريو ته جيئن توهان جو دشمن غرور جو شڪار ٿي وڃي.) ۽ غرور جو شڪار ٿيندڙ دشمن خود شڪار ٿي ويندو آهي ۽ شڪست اُن جو مقدر بڻجي پوندي آهي.
    جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته اسان جي سياسي قيادت ۾ اها صلاحيت ناهي، جو سنڌ جي هن سرڪش نسل کي سهيڙي سياسي مورچو سنڀالڻ جو ڪم سونپي سگهي. پر پوءِ به ان مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن اها پنهنجي پوري Commitmentسان اڳتي آئي ته سنڌ جو هي نسل رِڻ جي رات ۾ به اُن سا گڏ هوندو، ڇو ته هي نسل دانشور دوستن جي ڪمزور دلين واري دنيا مان نڪري چڪو آهي ۽ سمجهي چڪو آهي ته سنڌ کي هاڻ دانائن جي دليلن جي ضرورت ناهي. اُهي سياست جو سُٽ سُلجهائڻ بجاءِ اُلجهائين ٿا. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ چند اڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جي ڏاهپ جا ڏيئا ئي هئا، جنهن جي روشني تي هي نسل اونداهيءَ جو وڏو سفر لتاڙي آيو آهي پر منزل تائين پهچڻ لاءِ سياست جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻو پوندو ۽ اها سياست جيڪا سياست سڄي سنڌي قوم کي آجپي جي آڳنڌ تي گڏ ڪري سگهي، ڇو ته اقتدار ۽ ايوانن جي سياست جو تجربو ته تڏهن ئي ناڪام ٿي چڪو هو جڏهن عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي اچڻ کانپوءِ به اقتدار کان محروم رهي هئي. اقتدار ته شهيد ڀُٽي، شهيد راڻي ۽ شهيد مرتضيٰ کي به بچائي نه سگهيو. اقتدار ته بگٽي ۽ بالاچ کي به بچائي نه سگهيو. ايوانن ۾ پهچي عوامي خدمت واري سياسي ڪلچر جي ڪشش ممڪن آهي ته گهڻن کي موهي وجهي پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ئي آزمائشن جي شروعات ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪا سياسي قيادت اهڙي آزمائش مان بچي نڪري ٿي ۽ سنڌ جي آواز سان ايوانن جي ديوارن ۾ ڏار وجهي ٿي ته شايد اها قيادت سنڌ جي قسمت کي تبديل ڪري وجهي.
    هن نسل جي خوابن جي تعبير به تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن هي نسل پنهنجي قيادت جي صحيع چونڊ ڪندو ۽ پنهنجي موقف جو بينر کليل رکندو ۽ اُهو بينر هن دور جا نوجوان کڻي بيهڻ جي شروعات ڪري چڪا آهن، جيڪي دماغن بجاءِ دلين سان سوچين ٿا. هونئن به عشق جي شروعات دماغن بجاءِ دلين کان ٿيندي آهي.


    آسرن جي اُس ۾ سڙندڙ سنڌي سماج جي سياسي صورتحال

    آمريڪي سائنسي ادب جي سگهاري نالي رابرٽ اي هينلين جنهن کي سائنسي ادب تي لکڻ لاءِ ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو هو. تنهن ٻي عالمي جنگ جي تباهين جي پسمنظر ۾لکيل ڪتاب “ورلڊ وار ٽُو” ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي آمريڪا پاران اُڇلايل ايٽمي زهر کان پوءِ به اکيون پٽي اُٿندڙ جپان جي همت کي ڏسي لکيو هو ته:“مسلح معاشرن پٺيان هڪ مهذب سماج موجود هوندو آهي. بس رڳو زندگيءَ جي ٽُٽل ڪڙين کي جوڙڻ جي ضرورت آهي.” هينلين جي مٿين ڳالهه سان اتفاق ڪندي جڏهن سنڌ جي مذهبي، سياسي، سماجي، فڪري ۽ اخلاقي قدرن جو جائزو وٺبو ته سمورا رستا مايوسي ۽ نااُميديءَ پاسي ويندي نظر ايندا. سنڌ جو معاشرو مجموعي طور وڏي سياسي، مذهبي، سماجي، اخلاقي ۽ فڪري تباهيءَ کان پوءِ به ڪن انساني تهذيبي قدرن جا ڪي بنياد رکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي. سا ڳالهه ڏاڍي بي چين ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته لڳاتار جدوجهد جي باوجود وڏي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي قدرن جي حاصلات ۾ ڪا ممڪن ڪاميابي ٿي سگهي هجي جنهن کي ڪنهن ڳڻپ جو حصو قرار ڏئي سگهون، سا ناهي.
    جيتوڻيڪ سنڌ جي سيني ۾ هڪ بهترين لبرل سوچ واري دل ڌڙڪي رهي آهي. پر جنونيت وارو جن ايترو سگهارو آهي جيڪو سنڌ جي تصوف وارين اُجرين اکين مٿان مسلسل مذهبي نفرتن جو تيزاب هارڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي ۽ سنڌ جيڪا وحدت الوجود جي ابدي آواز جو پڙاڏو هُئي، تنهن کي مختلف فِرقن ۾ ڦاسائڻ ۽ اُلجهائڻ لاءِ سمورا حُربا استعمال ٿيندا رهن ٿا. نتيجي طور مختلف وقتن تي سنڌ جي شهري آبادي وارن علائقن مان اهڙيون کوڙ ساريون خبرون اينديون رهن ٿيون، جنهن مان اهو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي لبرل سوچ کي مذهبي جنونيت ۾ بدلائڻ لاءِ ڪيئن نه چالاڪين وارا حُربا استعمال ڪيا وڃن ٿا. فرقيواراڻن حادثن کان سنڌ هميشه آجي رهي آهي پر هاڻوڪين حالتن سبب هر مذهبي ڏينهن تي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو وڃي ٿو. ان جو وڏو مثال گُذريل ڪيترن سالن کان سنڌ اندر مختلف فرقيواراڻا قسم جا وڌندڙ حادثا اُن جو وڏو مثال آهن. ان حد تائين جو هلندڙ محرم پاڪ واري مهيني ۾ سخت سيڪيورٽيءَ وارا قدم کنيا ويا آهن، پر اُن جي باوجود به اِهي خدشا آهن ته اُنهن روايتي سيڪيورٽي اُپائن جي باوجود به اُهي عنصر جيڪي سنڌ جي خمير ۾ سمايل رواداريءَ واري مزاج تي چڙيل آهن سي پنهنجي حرڪتن ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪيتري عرصي کان مذهبي سهپ ۽ رواداريءَ جا مثالي گُڻ رکندڙ سنڌ فرقيواراڻن نفرتن جي اوڙاهه پاسي آهستي آهستي وڌندي ي رهي آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ها. پر روايتي طرح سمورن ٻين حادثن وانگر فرقيواراڻن حادثن کي پڻ تحقيقاتن وارن فائيلن ۾ اُڇلائي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي لبرل صورت ۽ سوچ کي بگاڙيندڙ عنصرن تي سنجيدگيءَ سان ويچاريو ئي ناهي ويو. ڪٿي ائين ته ناهي جو ڪجهه فسادي عنصرن کي سنڌ جي لبرل تصوير نٿي وڻي ۽ اهي قطعي به نٿا چاهين ته پرڏيهي قوتون سنڌ کي سُٺي نظر سان ڏسي سگهن.؟ سنڌ جيڪا پنهنجي اندر ۾ مسجد ۽ مندر کي گڏ کڻي هلندي رهي آهي، سا رنڪل ڪمارين جهڙن حادثن وارين گهٽين ۾ گِهلبي رهي ٿي ۽ سموري دنيا اُن سنڌ کي به شڪ جي نظر سان ڏسندي رهي ٿي، جيڪا سنڌ هميشه سچل سائين جي دل سان سوچيندي رهي آهي.

    مذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    شيخيءَ، پيريءِ، پنڊتيءَ بيحد ڀُلايا،
    ڪي نِوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي

    (سچل سائين)

    هاڻوڪي سنڌ گهڻ قومي مسئلن ۾ ڦاٿل اهڙي ڌرتي آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح نون مسئلن ۽ معاملن ۾ اُلجهي، پنهنجي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري وجود جي بقا لاءِ مسلسل اهڙي اُس جو پنڌ ڪري رهي آهي، جنهن جي پُڄاڻي اُداسين جي اُنهن اڱڻن تي ٿئي ٿي. جتي خوشين جي بارشن جون بوندون ته رڳو خواب ئي آهن. سنڌ مسلسل هڪ اهڙي سياسي سج جي تپش هيٺ آهي جيڪو موسمن جي مٽاسٽا جو محتاج ناهي، جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته “اُن جي منهن مان اهڙي باهه ڀڙڪي رهي آهي جو جيڪڏهن اهڙي تپش هيٺ فرشتا به اَچن ته انهن جا پَر به سڙي خاڪ ٿي وڃن.”
    سنڌ جو سياسي مستقبل آڌيءَ رات جي انهن بگهڙن وٽ آهي. جيڪي ايترا چالاڪ آهن، جن جي رات جي ڪيل شڪار جي رت جي نشانن کي صبح جي سج جي روشني به ظاهر ڪري نٿي سگهي. سنڌ جو عوام بيزاريت جي باوجود به اهڙين سياسي پارٽين جي پوئلڳي ڪري رهيو آهي، جتان کين بهتر سماج جي اڏاوت جي ڪا اُميد ئي نظر نٿي اچي.“ڇا نواز ليگ سنڌي عوام جي بهتريءَ لاءِ ڪجهه ڪري نٿي سگهي؟” اُن ڏينهن سول سوسائٽيءَ جي هڪ دوست ڪچهريءَ دوران سوال ڪيو هو. ڪنهن به پارٽيءَ جي سُٺائي اُن جي ڪيل ماضيءَ جي ڪم مان پرکي سگهجي ٿي. جتي سياست مختلف ڪاروبارن وانگر هڪ واپار بڻجي وڃي اُتي پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا عمران خان جي سوناميءَ مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو؟ سنڌ بنيادي طور اهڙي جاگيرداراڻه سياسي سماج اندر ساهه کڻي رهي آهي. جتي مڪمل مڊل ڪلاس سياسي قيادت جي اوسر اڃان سواليه نشان بڻيل آهي. جاگيردارانه ذهنيت مجموعي سياسي تبديليءَ ۾ وڏي رُڪاوٽ آهي. جنهن سبب ائين لڳي رهيو آهي ته هن سڄي سماج کي انفرادي مقصدن جي حاصلات لاءِ اُهي سياسي ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن خاطر هلائي رهيا آهن جن جو عوامي خدمت ۽ بهتر سياسي عوامي مستقبل سان ڪو تعلق ناهي. سنڌ ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي مختلف سببن جي ڪري ايوانن تائين آڻيندي رهي. هڪ جذباتي سياسي وابستگي به اُن جو سبب هُئي. پر ايندڙ چونڊون اُن جذباتي سياسي وابستگيءَ جي بنياد تي نه هونديون. ڇاڪاڻ ته اُهي سمورا جاگيردار جيڪي پيپلز پارٽيءَ لاءِ قطعي به قابلِ قبول نه هُئا نه ئي پيپلز پارٽي انهن لاءِ قابلِ قبول هُئي پر هن وقت “سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي” واري پاليسيءَ جي بنياد تي ٽوڙ ڦوڙ ڏسي رهيا آهيون جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، مستقبل ۾ ڪا وڏي سياسي تبديلي اچي سگهي سو ممڪن ناهي. ڇو ته سنڌي سماج جاگيردارانه سياسي اثرن هيٺ هُجڻ سبب جاگيردار مخالف سياسي پارٽيون به سياسي ٽوڙ ڦوڙ ۾ انهن جاگيردارن لاءِ پنهنجي پارٽيءَ جا دروازا کُليل رکڻ يا انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. نتيجي طور سنڌي ماڻهو وري به سياسي طور، ڪنهن مڊل ڪلاس سياسي پارٽي يا قيادت کي چونڊڻ ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ئي سياسي مبصر اهو چوندي نظر اچن ٿا ته “پيپلز پارٽيءَ جو هن ڀيري کٽي اچڻ، شهيد ڀٽو يا شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادتن ۽ ماڻهن جي ڀٽو خاندان سان والهانه محبت جو ڪمال نه هوندو پر اُها آصف زرداريءَ جي سياسي حڪمت عملي ئي هوندي جنهن سان پيپلز پارٽي ٻيهر اقتدار حاصل ڪندي.” اُها جُدا ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ سياسي طور ڪافي چئلينجز آهن، هاڻ اڳي وانگر ممڪن ناهي ته گُذريل اليڪشن جيان، کين آسانيءَ سان ۽ بغير ورڪ ڪرڻ جي ووٽ ملي ويندا. هن ڀيري صورتحال ماضيءَ جي سمورن دورن کان سنگين آهي. اُن جي ٿوري جهلڪ ته پارٽيءَ جي اڳواڻن حيدرآباد واري جلسي ۾ پَسي هوندي جتي سموري سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ ۽ تمام گهڻي اشتهار بازي ڪرڻ جي باوجود به چند هزارن جي تعداد ۾ عوامي ميڙ ممڪن ٿي سگهيو.
    سنڌ ۾ عوام دوست ۽ مڊل ڪلاس سياسي قيادت وارو خال ڪڏهن پورو ٿيندو؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي تفصيلي تجزيي جي ضرورت آهي. بنيادي طور سنڌ زرعي معشيت تي دارومدار رکندڙ اهو صوبو آهي جتي 80 سيڪڙو زراعت موجود آهي ۽ 70 سيڪڙو آباديءَ جو واحد وسيلو زراعت ئي آهي. جڏهن ته “پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ” جي 2011 ع واري رپورٽ مطابق پاڪستان جي ڪُل آباديءَ جو 63 سيڪڙو ماڻهو ٻهراڙين ۾ رهن ٿا. ان جو مطلب ته مجموعي طور اڪثريتي آبادي ٻهراڙين ۾ ئي رهي ٿي. جڏهن ته اُن سڄي آباديءَ جي وڏي تعداد جو دارو مدار زراعت تي آهي باقي 15 کان 20 سيڪڙو آبادي اهڙي به آهي جيڪي محنت مزدوري ڪري پيٽ پالي ٿي. هاڻ سوال اهو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ جتي زمين جي ورهاست جا ڪي قانون ئي موجود نه هُجن. انگريزن سان وفادارين جي آڌار تي مليل جاگيرن جا مالڪاڻه حق رکندڙ جاگيردار جيڪي بنيادي طور پيڙهين کان پنهنجي جاگيرن ۾ آباد آهن، انهن کي چئلينج ڪرڻ ۽ انهن جي سياسي طاقتن کي ڪمزور ڪرڻ ايترو آسان ناهي. جن وٽ سماجي، سياسي ۽ معاشي طاقت موجود آهي. اُنهن جي طاقت کي ڪمزور ڪري وچولي سياسي طبقي جو اُڀري اچڻ يا ننڍي زميندار يا وڏيري کي ايوانن ۾ موقعو ملڻ ڪو آسان ڪم ناهي. تنهن ڪري سنڌ ۾ سمورين آزمايل سياسي پارٽين کي وڌيڪ آزمائڻ بجاءِ، بهتر سياسي ساک رکندڙ زميندارن، وڏيرن ۽ وچولي طبقي جي سياسي قيادت جي ميلاپ سان سنڌ جي وسيع تر قومي مفادن خاطر هڪ پليٽ فارم طئي ڪرڻو پوندو. جتان پنهنجي گڏيل اميدوارن کي بيهارڻ لاءِ ورهين کان موجود سياسي هڪ هٽي کي ٽوڙڻ لاءِ مڪمل تياري ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾جاگيردار، وڏيري ۽ زميندار جي تشريح کي به سمجهڻو پوندو. سنڌ جا سمورا جاگيردار پنهنجي سياسي ڪردار ۽ عمل ۾ موقعي پرست ته ٿي سگهن ٿا. پر هر زميندار ۽ وڏيرو پنهنجي سياسي عمل ۽ ڪردار ۾ ڪمزور هجي، اهو ممڪن ناهي. سنڌ ۾ اهڙا لاتعداد مثال ٿورو غور ڪرڻ سان ملي ويندا.
    سنڌ کي پنهنجي حصي جي سياسي اڪائونٽبلٽي جوڙڻي پوندي، شعوري طور ڪيل سياسي غلطين کي سنڌي سماج سان وڏي ويساهه گهاتي قرار ڏئي اُن تي مڪمل طور پنهنجي حصي جي چارج شيٽ جاري ڪرڻي پوندي، جيڪو معاشرو مڪمل طور تي بگاڙ جو شڪار بڻجي ويندو آهي، اُن کي لازمي طور ٻيهر مُهذب معاشري پاسي واپس ٿيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اُن جو زوال فطري آهي. سوال اهو آهي ته سنڌ جي پنهنجي شڪل ۽ صورت جيڪا مڪمل طور بِگڙي چُڪي آهي، اُن وڃايل صورت جي بحاليءَ لاءِ مهذب طريقن جي چونڊ ڪرڻي پوندي. ڪا نا اميدي واري صورتحال ناهي، سنڌ جا شهر لساني، فرقيواراڻا فسادن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگس جو شڪار بڻيل آهن، جڏهن ته 80 سيڪڙو آبادي رکندڙ سنڌ جون ٻهراڙيون چند ضلعن کي ڇڏي باقي قبائلي تڪرارن جي ڀيٽ بڻيل آهن. سنڌي ماڻهو اهڙي ٻِٽي تذبذب جو شڪار آهن جو هو سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين اندر نفسياتي خوف ۾ رهن ٿا. ڇا اهڙي صورتحال جتي هو پاڻ کي مڪمل ويڳاڻو سمجهڻ لڳن ته سندن شهرن تي کين 10 سيڪڙو به مالڪيءَ جا حق مليل ناهن. اهڙي صورتحال ۾ظاهر آهي روزگار ته انهن لاءِ فقط هڪ خواب ئي هوندو. جڏهن ته ٻهراڙين ۾ قبائلي تڪرارن واري طوفان سبب سڄي سنڌ ڪک پن ٿيندي رهي آهي. انهن سمورن تڪرارن جا پيرا کڻبا ته اُهي پيرا انهن جاگيرن تي اچي کُٽندا، جن جاگيرن ۾ اُها سياسي قيادت ويٺل آهي جن کي اسان ووٽ ڏئي ايوانن ۾ ويهاري اها اُميد رکي ويٺا آهيون ته اُهي اسان کي ۽ اسانجي نسل کي بهتر مستقبل ڏيندا. پر موٽ ۾ جڏهن اسان پنهنجي مقدر جون ڳنڍيون کوليون ٿا ته مايوسي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اسان جا سياسي ادارا ڪمزور آهن. عوام جي اڪثريت انهن جاگيردارن جي پيڙهين کان غلام آهي. انهن غلامن ۾ انڪار جي جُرئت پئدا نٿي ٿئي. جڏهن سنڌي سماج ۾ انڪار جي جُرئت پئدا ٿي پئي، اُن ڏينهن کان جاگيرداري سماج جو خاتمو ايندو. انڪار جي جُرئت ماڻهن ۾ سياسي ادارا ۽ پارٽيون پئدا ڪنديون آهن. سنڌ جي وطن دوست، سياسي ساک رکندڙ وڏيرن، زميندارن ۽ وچولي طبقي جي گڏيل سياسي پليٽ فارم جي اها پڻ ذميواري هُجڻ گهرجي ته اُهي ماڻهن کي موبلائيز ڪن ۽ مسلح سماج کي مهذب بنائڻ لاءِ سياسي حڪمت عملي جوڙين. جيڪڏهن هن وقت به پنهنجي سماج کي صحيح سياسي رُخ ۾ هلائڻ لاءِ ڪوششون نه ڪيون ويون ۽ سنڌي سماج کي آسرن جي اُس ۾ ساڙيو ويو، ته پوءِ ايندڙ دور هن دور کان به وڌيڪ تلخ ثابت ٿيندو. ايما گولڊ مين صحيح چيو هو ته:
    The most violent element in society is ignorance.
    (سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ پُرتشدد عنصر جهالت/ اڻڄاڻائي آهي.)


    انڌيرن جي اوٽ ۾ سُتل سنڌ جو نسل.......!!!

    سگريٽ ساڙيندڙ سنڌ جو هي نسل اُهو نسل آهي جنهن مٿان نظرين جو نشو ڪڏهن چڙهيو ئي ناهي. جنهن لاءِ سياسي جدليات جو جنون ڪا معنى نٿو رکي. هن نسل مقتل گاهن تي گلابن جون پنکڙيون ڇڻندي به ناهن ڏٺيون. هنن ته سلاخن پويان گجندڙ آوازن کي به محسوس ناهي ڪيو. هنن ته يانگ مو جي ”سانگ آف يوٿ“ ۽ ميڪسم گورڪي جي ”ماءٌ“ ۾ پنهنجو پاڻ کي به ناهي ڳوليو. نه ئي سنجها کان سانجهيءَ تائين ڀڳڙن جي مُٺ تي سياسي سفر ڪيا آهن. هي ته اُهو نسل آهي جنهن نسل جڏهن اک پٽي تڏهن دنيا جي اندر انقلابي تبديلين جا آدرش مري چُڪا هئا. گوربي جي گلاسنوسٽ کانپوءِ بحث جي بيماري ختم ٿيڻ لڳي هُئي. هُو جيڪي ڪيليگرافيءَ جا ڪاريگر ڪامريڊ هُئا، جيڪي سُتل راتين جي سُڃ ۾ پنهنجي صدائن جا سِلوگن سڌا ڪندا هئا ۽ سنڌ انهن جي گونج سان گونجي اٿندي هُئي. تن تبليغي جماعتن جي پاڇي ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ انڌيرن مان اُجالي ڦٽڻ کان پهرين ئي پنهنجي وجود جون آرسيون ٽوڙي هميشه لاءِ هليا ويا. عاشقيءَ جي سفر ۾ بچيل باغين جي وارن تي به چاندي لهي آئي ۽ هو به گمناميءَ جي گهِٽين ۾ گهڙي وڃڻ کانپوءِ واپس نه موٽيا. سنڌ جي سياسي سوڳ ۾هن ننڌڻڪي نسل کي ڪو رهنما ئي نه مليو. جيڪو کين صدين کان ايندڙ سنڌ جو سڏ سُڻائي سگهي. اکين ۾ ڪائناتون رکندڙ صبح جي جلون جهڙو جُهور اُهو پوڙهو به پوين پَساهن ۾ سنڌ جي اهڙي سياسي تبديليءَ تي مايوس هو. جيڪو کين ڀٽائيءَجي اِن سٽ جي طويل تشريح سمجهائي سگهي ها ته.
    ووءِ ووءِ ڪندي وت،
    متان ووءِ وسارئين.

    پر افسوس! سنڌ جي سياست اُها جنون واري جواني برقرار رکي نه سگهي ۽ عقل جي خصيص دور ۾ داخل ٿي اشتهار بڻجي پئي. ۽ اسان ڏسندا رهياسين ته اکين جي آرسين ۾ پوريل صدين جا اوجاڳا اشتهاري سياست جي نظر ٿي ويا. آئيڊيل سياست جي دور کي عياشيءَ واري زماني جي تيلين ساڙي ڇڏيو. نظرياتي سياسي بحث ۽ تربيتن وسيلي نئين سنڌ جي خوابن جو سلسلو رُڪجي ويو۽ اُهي جن يتيم ٻارن وانگر منزل جو عيد وانگر انتظار پئي ڪيو، تن کي ميرانجهڙي منزل به نصيب ٿي نه سگهي.
    نجات ديده ودل کي گهڙي نهين آئي
    چلي چلو که وه منزل ابهي نهين آئي.

    (فيض)

    سياست سان عشق جي رومانوي دور جا هزارين قصا هن دور جي نسل کي سمجهه ۾ ئي نه ايندا. روپوشين جون راتيون، سياسي تضادن جي طويل بحثن جي نتيجن ۾ پئدا ٿيندڙ پارٽيون، انضمام، تضاد ۽ گمنامين جي رڻ ۾ رُلي ويل ساٿي......!
    منزل انهين ملي جو شريڪِ سفر نه تها.
    اُها منزل ڪهڙي هُئي؟ ڇا اُها هن سياسي ڊزائين جهڙي منزل هُئي؟ جيڪا موسمن جي مقدر وانگراسان پنهنجي نصيب ۾ لکي هُئي؟ ڇا صدين کان سنڌ هلندڙ سياسي ڪلچر جو انتظار پئي ڪيو؟ ڇا انهن پنهنجا جسم اُڀن ڪاون تي غلاظتن جهڙي سياسي ڪلچر جي بحاليءَ لاءِ رکيا هُئا؟ ڇا انهن پنهنجي جوانين جا سِج اُن سنڌ جي عشق ۾ لاٿا هُئا جتي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جو ڪلچر رائج هجي. جتي لُڪن جي لُوساٽيل ماڻهن کي ڇپر جهڙي ڇانو به ميسر نه هجي. جتي هر حادثي جا اثر اُنهن آکيرن جهڙن گهرن تي طويل مدتن تائين رهندا هجن ۽ جيڪي فنا جي ڦوڪ جو شڪار ٿي وڃن. جتي ڳڻپ کان ٻاهر انساني آباديون قدرتي آفتن کان وڏي آفت سرڪاري نظراندازين جو شڪار بڻيل هجي. سنڌ ته اُن منزل جي مُتلاشي هئي جيڪا هن ڀٽڪيل نسل جي ڀرجهلي ٿئي، جيڪا هن نسل کي روپا ماڙيءَ مٿان اُڀرندڙ آزاد سج واري تاريخ جي دريءَ جو درشن ڪرائي. جنهن ۾ لاڙ جي هوائن سان گهُلندڙ پيار ۽ پکي آزاد هجن.
    ”اسان ته پنهنجا تصور صليبن جي سختين تي چاڙهي اُن سنڌ جو تصور ڪيو هو جيڪا سنڌ ساڌ ٻيلي جهڙو سُڪون ڏيندڙ ۽ ماءٌ جي گود جهڙي پُرسڪون هجي. اسان سنڌ جي هن نسل سان وڏيون اُميدون وابسته ڪيون هُيون. پر اُهي اُميدون پوريون ٿي نه سگهيون ۽ ڪمزور سياسي ٻيڙين جا سڙهه سنوان ٿيڻ کان اڳ ئي طوفانن جي غوراب ۾ غرق ٿي ويا ۽ وحشتن جي زمانن جي پڄاڻي ٿيڻ بجاءِ سنڌ هڪ عجيب اذيت جي اوڙاهه ۾ اُڇلائي وئي آهي.“ ماضيءَ جو پوڙهو سياسي ورڪر چئي رهيو هو.
    سنڌ جي سياست آئيڊيل دور مان نڪري دڪانداريءَ جي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي. جتي ورڪر کان وٺي پارٽين جي قيادتن تائين، پئسن جي جنون ۾ ڦاٿل پارٽيون سنڌ کي ڪهڙا نتيجا ڏئي سگهنديون؟ ڇو ته جتي نقد هٿان نظريو شڪست کائي رهيو هجي اُتي تبديليءَ جي تمنا رکڻ ڪا معنى نٿي رکي. هتي تبديلين جون سڀ تيليون پاڻيءَ جي پئسن ۾ پُسيل آهن جيڪي ٻرڻ کان پهرين ئي وسامي وڃن ٿيون. اُهي سنڌ جي هولوڪاسٽ جهڙين حقيقتن کي سمجهي، سُتل سنڌ جي غير سياسي نسل کي سياسي رستي تي ڪيئن وٺي ايندا؟ جنهن نسل هوش اچڻ سان پنهنجي ڪنن تي رنگ ٽيونز جا آواز پئي ٻُڌا آهن. جيڪي پئدائشي پئڪيجز تي هِريل آهن جن موبائيل ڪمپنين جي پئڪيجز کانسواءِ سنڌ جي پئڪيج کي پنهنجي پريارٽي تي ئي ناهي رکيو. جيڪو نسل موبائيل جي مرض جو ڪنهن آفيمي نشي وانگر عادي بڻجي پيو آهي. ڪميونيڪيشن جي تيز ترين دور ۾ موبائيل ضرورت آهي پر ان ضرورت جي غير ضروري استعمال هن نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. راتيون جاڳڻ ۽ ڏينهن جو ننڊون ڪرڻ کان پوءِ هن نسل مان تبديليءَ جي ڪهڙي تمنا رکي سگهجي ٿي؟
    اڄ سمورين سياسي پارٽين وٽ قيادت سان گڏ ان ورڪر جي به کوٽ آهي جنهن پنهنجون سياسي وابستگيون نظرياتي طرح نه پر دوستين جي بنيادن تي سلهاڙي ڇڏيون آهن. جن پارٽين جا پروگرام سمجهڻ بجاءِ فقط پارٽين کي ذاتي بنيادن تي استعمال ڪرڻ لاءِ شموليت اختيار ڪئي آهي. هي اهو نسل آهي جيڪو سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ شموليت لاءِ نظرياتي سياسي وابستگيءَ طور ناهي آيو ۽ افسوس جو اسان جيڪي تبديليءَ جي تمنا ۾ هن نسل مان وڏيون اميدون وابسته ڪري ويٺا آهيون. جنهن نسل جي پريارٽي فقط پئسي جو پئڪيج رهيو آهي. جنهن جو اظهار موجودهه سياسي پارٽين جو اهو تنظيمي سياسي ڍانچو آهي جنهن ۾ اڪثريت ورڪر جي وابستگي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ صورت ۾ ان جي لفظي اظهار طور به سامهون ايندي رهي ٿي. نتيجي طور ڪا به پارٽي نتيجا ڏيندڙ تحريڪ هلائڻ جي حالت ۾ ناهي رهي.
    هي نسل سرد جنگ جي خاتمي کان واقف ئي ناهي پر جن ماڻهن جو رت سرد جنگ جي خاتمي ۾ گرم هو. اُهي جيڪي ڪتابن کي پنهنجي محبوبائن کان مٿي سمجهندا هُئا سي سارتر جي انهن سٽن کي ڪڏهن به ڀلائي نه سگهيا ته: “سامراج اوهانجي نسلن تي تهذيبي ۽ ثقافتي وار ڪرڻ لاءِ انهن جي وات ۾ پنهنجون زبانون وجهي ڇڏيندو” هڪ سازش تحت سنڌ جي هن نسل کان خواب کسيا ويا آهن ۽ انهن جي وات جي زبانن جي ٻولي ٻڌائيندي رهي ٿي ته انهن جي جدوجهد ۽ آدرشن جا رستا ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهن. انهن جي سياسي مزاج کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن رحم ايندو آهي. اهڙي سياسي جدوجهد جنهن جا سمورا نقصان سنڌ کي ڀوڳڻا پون، سنڌ جي مجموعي سياسي مزاج کي هن نسل جي رحم و ڪرم تي ڇڏي نٿو سگهجي. جيڪو نسل ڪنهن وڏي سياسي اُٿل پُٿل جي پئداوار ناهي نه ئي هي نسل اُن سياسي ڪلچر جي پئداوار آهي جنهن سياسي ڪلچر خلاف سمورين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي پارٽين ۾ تربيتي سياسي ڪلاس هلايا هُئا ۽ مان سياست جي اُن جنون واري جزباتي دور کي سنڌ جي اُن نسل جو اهم دور سمجهان ٿو. هي اهو دور هو جتي سنڌ جي نوجوان پنهنجي سياسي تصور کي وڌيڪ واضع ۽ نظرياتي طور پاڻ کي پُختو ڪيو هو. گهوٽڪيءِ کان گهاري تائين نظرياتي سياست سنڌ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون هُيون. پر جهڙي طرح هن دور جي نسل سنڌ جي سياسي ڪلچر جي ڀينگ ڪئي آهي اُن جو مثال ماضي ۾ ملڻ مشڪل آهي. احتجاج جي اهميت پريس رليز بيان جيتري به ناهي رهي. اُن جو اهم سبب اِهو آهي ته اسان کي اِها خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙن وڏن اشوز تي احتجاج ڪجي ۽ ڪهڙن اشوز تي بيان جاري ڪجي؟ سنڌ هڪ عجيب سياسي تماشي جو شڪار بڻيل آهي. پاور ۽ پئسي سنڌ جي سياسي جنون واري جن کي پنهنجو قيدي بڻائي ڇڏيو آهي. جيستائين سنڌ اندر ذهني تبديلي نه ايندي تيستائين سياسي روين جي تبديلي ممڪن ناهي. اسان کي ڏاڍي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته سياست ذريعي تبديلي آڻڻ جي خواهش ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر واپسيءَ جو اهو رستو وٺن جنهن رستي تان نظير عباسي گذريو هو. جنهن رستي کي اڃان پاور پاليٽڪس جي ليگل مافيا ميرو نه ڪيو هو. ڌرتيءَ جي اوچن پهاڙن جيان اڻانگي سفر جا رستا طئي ڪرڻ لاءِ پاور ۽ پئسي جي عادي ٿي ويل هن سياست مان هٿ ڪڍڻو پوندو. اهڙي سياست جي ابتدا گيڙو لباس واري قيادت ئي ڪري سگهي ٿي. جيڪا بدن ۾ بُکن جا خنجر کڻي هن نسل جي ذهني تبديليءَ لاءِ وک کڻي. سنڌ جي ڏنل اعتماد واري امانت ۾ خيانت نه ڪري. مان يقين سان چوان ٿو ته سنڌ پوتيءَ جي پلئه ۾ سانڍي رکيل پيار به اُن قيادت کي ڏئي ڇڏيندي ۽ ان سان پنهنجا ٽٽل رشتا ٻيهر جوڙي وٺندي جيڪا قيادت تاريخ جي تلخ لمحن ۾ سنڌ جي وکريل خوابن کي سهيڙي وٺندي. فقط انڌيرن جي اوٽ مان نڪرڻو آهي ۽ جاپاني شاعر شاوُچينگ جي ان هائيڪو جيان ته.
    “ڪائنات جي شروعات جهڙي صبح
    انڌيرن جي اوٽ مان نڪري ٿي ته،
    هر شيءِ هائيڪو ٿي پوي ٿي.”

    هي نسل انڌيرن جي اوٽ مان تڏهن نڪري سگهندو. جڏهن انهن جي ذهنن ۾ سياسي طرح تبديليءَ جو طوفان کڙو ٿيندو. ٻي صورت ۾ انڌيرن جي واٽ تي وڃائجي ويل هن نسل مان تبديليءَ جي تمنا رکڻ اجائي آهي.


    جاگيردار سماج ۾جياپي جو جبر سهندڙ سنڌي عوام...!

    جاگيرداريت جي پاڇي ۾ ساهه کڻندڙ سماجن جي سياسي اوسر ۽ ترقي پنهنجي رفتار ۾ بيحد سُست هوندي آهي. اهڙن معاشرن ۾ تمام گهڻيون سماجي وبائون انسانن جي مُقدر جو حصو بڻجي پونديون آهن. جن مان سولائيءَ سان جند آجي ٿي ناهي سگهندي. اُهي سماج جيڪي جاگيرداريت جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هوندا آهن سي پنهنجا بُنيادي سياسي قدر، ريڊيڪل ۽ لبرل سياسي اُصول وڃائي ويهندا آهن. جيتوڻيڪ فرانس جي انقلاب بابت اڃان تائين ڪا آخري راءِ جُڙي ناهي سگهي. ليڪن جڏهن فرانسيسي سماج ورهين جي جاگيرداريت جي غلاميءَ وارين زنجيرن مان تنگ آيو ۽ لبرل، سيڪيولر، جمهوري ۽ سوشلسٽ قومپرست نظرين کي بُنياد مُيسر ٿيا ۽ جديد سياسي نظرين جو ڦهلاءُ ٿيو ته فرانس اندر جاگيرداريت جا بُت ڀُرڻ شروع ٿيا. جڏهن ته اُن جي اُبتڙ يورپ اندر جاگيرداريت جي شڪل تبديل هُئي. سماجي ۽ سياسي ڍانچي جي حساب سان ڏهين ۽ پندرهين صديءَ تائين يورپ جي جاگيرداريت اقتدار جي بُکئي ڪيٿولڪ (عيسائيت) جي هٿن ۾ رهي. جيڪي پاڻ کي زميني خُدا تصور ڪندا هُئا. پوپ جي هٿن جي پڪڙ ۾ نه رُڳو پُورو جاگيرداري نظام هو پر پوپ جي پڪڙ کان سياسي ۽ انتظامي نظام به آجو نه هو. اهڙي سگهه جي خاتمي لاءِ امير طبقي پنهنجي پگهاردار سپاهين معرفت جاگيرداريت جي عرصن کان قائم اُجاراداريءَ جي بُت کي پنهنجي هٿياربند فوجي جٿن جي هٿوڙن سان هميشه لاءِ هٽائي ڇڏيو ۽ ڪنگ هينري 8 يورپ جي ڪيٿولڪ (عيسائيت) ۽ پوپ جي طاقت کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن يورپ جي جاگيرداريت واري دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو تجزيو ڪبو ته شايد اِهو بحث تمام گهڻو طويل ٿي ويندو. ليڪن يورپ جي اندر جاگيرداريءَ جي نتيجي ۾ پئدا ٿيل اثرن جي چند بُنيادي اهم نُڪتن تي ويچاربو ته اُهي سنڌ جي موجودهه سياسي ۽ سماجي حالتن کان گهڻو مُختلف نظر نه ايندا.
    1. جاگيرداريءَ يورپ کي طبقاتي سماج ۾ ورهائي ڇڏيو.
    2. جاگيرداريت سبب قومي رياست جي قيام ۾ رُڪاوٽون وڌيون ويون.
    3. جاگيرداريت هارين جي حالت کي رحم جوڳو بڻائي ڇڏيو.
    4. جاگيرداريت سبب يورپ اندر سياسي اتحاد ۾ رُڪاوٽون پئدا ٿي پيون.
    ان کان سواءِ انيڪ سياسي ۽ سماجي قسم جا مسئلا جاگيرداريت جي مضبوط بُنيادن سبب سامهون آيا. جڏهن سماج مُختلف طبقن، گروهن ۽ مذهبي فرقن ۾ ورهائجي ويندو آهي تڏهن اُن جي اوسر ۽ ترقي بِنهه رُڪجي ويندي آهي. اهڙي سماج جي اندر معاشي استحصال جا هزارين مثال سامهون ايندا آهن. جنهن ۾ طبقاتي استحصال کان وٺي معاشي استحصال تائين انساني سماج مٿان هڪ پُورو ڪارو دور ڇانيل رهندو آهي. جڏهن ته خودمختيار قومي رياست جو خُواب عوامي اکين جو سپنو هوندو آهي جيڪو ساڀيان جي صورت وٺي ناهي سگهندو. جمهوري آزادي عوام جي حصي ۾ اچي ناهي سگهندي. عوام قومي فلاحي رياست جي قيام لاءِ فقط هڪ اُميد ئي ڪري سگهندو آهي. اهڙي حالت ۾ معاشي صورتحال جو ڍانچو ماس کان سواءِ انساني ڍانچي (هيومن اسڪيليٽن) وانگر بڻجي پوندو آهي. اهڙو معاشرو انسانن کي رت ۽ ماس کان سواءِ اسڪيليٽن بڻائي هٿ ڪڍي ڇڏيندو آهي. هارين ۽ اُن جي ڪُٽنبن جي حالت بدترين انساني حالت جهڙي بڻجي پوندي آهي. جنهن جي ذهني سوچ اُنهن جي جسم جو ساٿ ڏيڻ ۾ ناڪام بڻجي ويندي آهي. اهڙي سماج مان اُٿي پوڻ يا اهڙي سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ عرصا لڳي ويندا آهن. جن جي تڪڙي اُميد گهٽ هوندي آهي. ليڪن جيڪڏهن اهڙا انسان اُٿي پون ٿا ته اُهي دقيانوس معاشرن جي تابوت جو آخري ڪوڪو ثابت ٿين ٿا. ٻي جيڪا انتهائي اهم ڳالهه آهي ته اهڙن سماجن ۾ سياسي اتحادن جُڙڻ جي اُميد گهٽ هوندي آهي. پر جيڪڏهن اهڙا اتحاد جُڙندا آهن. تڏهن به اُهي سازشن جي معمولي جهٽڪي جي سَٽ سهي ناهن سگهندا ۽ جُهري پوندا آهن. اُنهن جا سبب ته ڪهڙا به هُجن ليڪن اتحادن جي خاتمي جا بهانا هڪ جهڙا هوندا آهن. چيو ويندو آهي ته فلاڻو اصل ۾ مون کان وڌيڪ اهميت جي حامل نه هو. ليڪن اُن کي اهميت ڏني وئي يا اهليت ۽ ميرٽ جا معيار ۽ ماپا مُختلف ڳڻايا ويندا آهن. جيتوڻيڪ 21 هين صدي جديد سائنسي سوچ جي صدي ليکي وڃي ٿي. پر پوءِ به ان صديءَ ۾ انساني آباديءَ جو لقاءُ 15هين صديءَ جي انسانن جهڙو ٿيندو هُجي. تڏهن معاملو انتهائي ڳڻتيءَ واري صورتحال اختيار ڪري وڃي ٿو. ڪُجهه اڌ پڙهيل دانشورن جو چوڻ آهي ته جاگيرداريت جي سُڌريل صورت سرمائيداريت ۾ آهي. سرمائيداريت ڇا آهي؟ ان تي بحث پوءِ ڪبو. ليڪن هن وقت سنڌ جنهن سياسي جهنم جو شِڪار آهي اُتي جاگيرداريت 21 هين صديءَ ۾ به پُوري طاقت سان ساهه کڻي رهي آهي. جاگيرداريت جو اهڙو ماڊل جڏهن سنڌ ۾ موجود آهي ته باقي ٻي دُنيا ۾ ليئو پائڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ اهڙي Phenomenon ۾ سنڌ جي ڪهڙي سياسي صورتحال جُڙي سگهي ٿي؟ ان تي پاڻ اڄ ويچارينداسين. سنڌ جي تاريخ جي طويل سلسلي ۾ گهڙڻ بجاءِ مُختصر بيان ڪجي ته ڪلهوڙن جي وِچئين يا آخري دور کان وٺي ٽالپر حُڪمرانن ۽ انگريز راڄ تائين سنڌ جاگيرداريت جي ڀاري پيرن هيٺان لتاڙبي رهي آهي. انگريزن سنڌ جي سماجي حالت کي ڪنهن حد تائين سهارو ته ڏنو. ليڪن جاگيرداريت جي اثر کي وڌيڪ هٿي ڏني. نتيجي طور جنهن سماج جي جُڙڻ جي سنڌ کي ضرورت هُئي. اهڙو سماج سنڌ جي ڪُکِ مان پئدا ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي پئدا ٿيڻ ڏنو ويو. موجودهه سياسي حالتون ماضيءَ جي سياسي ۽ انتظامي حالتن جو نتيجو آهن. اڄ جڏهن سنڌي سماج جديد سائنسي دور واري صديءَ ۾ ساهه کڻڻ لاءِ اڳتي جي اُڏام لاءِ پرڙا هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اُهو هڪ حد کان اڳتي رِڙهي سگهڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿو. سنڌي سماج کي جنهن اُڀريل وچئين طبقي جي توقع هُئي سو وچيون طبقو 80ع واري ڏهاڪي ۾ اُڀرڻ سان ئي عُروج تي پُهچڻ بجاءِ انتهائي خسيس معمولي مُفادن تي پنهنجي قيمت مُقرر ڪري ويهي رهيو. جيڪڏهن سياسي حالتن جي تبديليءَ جي آسري تي هلجي تڏهن به وِچولي طبقي جي سهڪار کان سواءِ اهڙي سياسي تبديليءَ جي توقع ممڪن ناهي هوندي. سڄي دُنيا جي انقلابن ۽ تبديلين جي پويان وچئين طبقي جي ادا ڪيل ڪردار کي رد نٿو ڪري سگهجي. پر سنڌ جي اهڙي بدقسمتي آهي جو نئين اُڀريل وچولي طبقي جي مُنافق ۽ موقعي پرست سياسي ڪِردار سبب سنڌ جي خمير ۾ موجودهه مذاحمتي سياسي سگهه جا پڻ بُنياد لُڏي ويا آهن. ارسطو جاگيرداريت تي ڳالهائيندي چيو هو ته: “دُنيا غريب انڪري آهي جو اُن جي سياسي مالڪي مخصوص طبقي جي هٿن ۾ ڪٺ پُتلي بڻيل آهي. نتيجي ۾ سياسي يتيميءَ جو پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.” اڄ سياست يتيم انڪري آهي جو اُها جاگيرداريءَ جي اثر هيٺ آهي. ليڪن ٽيون رستو به آهي، جيڪو جاگيردارسياست کي فنا جي هڪ ڦوڪ سان ختم ڪري سگهي ٿو. اُهو ٽيون رستو هيٺئين طبقي ۾ سياسي شعور جي اُڀار جو آهي. جڏهن هيٺئين طبقي پنهنجي لڳاتار ٿيندڙ ڦُرلُٽ جو صحيح اندازو لڳائي ورتو ۽ اِهو سمجهي ورتو ته سياست مٿان قابض جاگيرداري طاقت اُنهن جي استحصال جو بُنيادي سبب آهي. تڏهن سنڌ ۾ سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. مارڪس چيو هو ته: “جاگيرداريت ۽ سرمائيداريت ٻئي پُٺتي پيل مُلڪن جا نظريا آهن.” هڪ حوالي سان اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ وِچولي طبقي جي تمام تر مُنافقين کي ڳِچيءَ جو هار ڪري هلڻ واري چال وِسارڻ لڳي آهي. جاگيرداريت جي رِڻ ۾ رُلي سنڌ جي هيٺئين طبقي اِهو سمجهي ورتو آهي ته سنڌ نه فقط جاگيردار سياست جي مضبوط جڪڙ ۾ آهي پر اُن جو ساٿاري نئون پئدا ٿيل اُهو وِچيون طبقو به آهي جيڪو معمولي انفرادي معاشي مُفادن جي عيوض اجتماعي قومي مُفادن جي قُرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار ويٺو آهي. اهڙين هولناڪ سياسي حقيقتن ۾ سنڌ جي سياسي مُستقبل کي ڏسجي ٿو، تڏهن به ڪا پريشان صورتحال نظر نٿي اچي. ڇاڪاڻ ته پريشان صورتحال تڏهن پئدا ٿيندي آهي. جڏهن عوام جي سياسي شعور واري دل سماج جي جسم جو ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏئي ۽ ماڻهو سياسي مايوسيءَ واري ڪُن ۾ ڦاسي ڦٿڪندا رهن. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ سنڌ دوست سياسي پارٽين جي سياسي ڪارڪردگيءَ سبب اڪثر سياسي ورڪر اُنهن کان ڌار به ٿيندا رهيا آهن. ليڪن اُن جو اِهو مطلب هرگز ناهي رهيو ته اُهي ورڪر سياست مان ئي بيزاريت جو شڪار بڻيا آهن. سياسي پارٽين جي مايوس ڪارڪردگيءَ جو اِهو مطلب هرگز نه هُجڻ گُهرجي ته ماڻهو سياست مان ئي بيزار بڻجي ويا آهن. پارٽين ۽ تنظيمن مان بيزاريت جو مطلب سياسي بيزاريت ناهي هوندو پر اُن جا سبب انتظامي نوعيت جا هوندا آهن. سياسي پارٽين کان ڌار ٿيڻ ۽ وري ڳنڍجڻ وارا فطري لقاءَ سياسي جدليات جو حصو هوندا آهن. ليڪن اِها ڳالهه انتهائي اهم آهي ته سنڌ ۾ سمورن طبقن جي وِچ ۾ هڪ اهڙو طبقو به پئدا ٿيو آهي. جنهن کي سنڌ جو “سياسي طبقو” چئي سگهجي ٿو. جنهن جو ڀلي ڪنهن به سياسي پارٽي يا تنظيم سان تعلق نه هُجي پر اسان اُن کي جيڪڏهن سياسي طبقو سمجهون، تڏهن به مايوسيءَ مان نِڪري سگهون ٿا. تنهن ڪري سنڌ ۾ هيٺيون ۽ هيٺيون وچيون طبقو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ صورت ۾ تمام گهڻو سرگرم ۽ مُتحرڪ نظر ايندو. پوءِ اُهو ڪنهن فورم تان ڪم ڪندو هُجي يا انفرادي يا سماجي ميڊيا جي سهاري سان مُتحرڪ هُجي. ليڪن اُهو مايوس ناهي هوندو. جيتوڻيڪ اِن حقيقت جو ادراڪ هر باشعور سياسي ماڻهوءَ کي آهي ته وطن دوست سياسي نظريا رکندڙ پارٽين ۽ تنظيمن کان سواءِ وڏي سياسي تبديليءَ جو سونامي اچي ناهي سگهندو. ليڪن سنڌي سماج جنهن دور مان گُذري رهيو آهي. اُهو دور جاگيردار سياست جي تبديل ٿيندڙ نئين سياسي چهري جو دور آهي. جنهن ۾ جاگيردار سياست پنهنجون شڪليون تبديل ڪري رهي آهي. جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جا تصور به تبديل ٿي رهيا آهن. جاگيردار سياست پنهنجي بُنيادي تصور ۾ ٻنيءَ جي ملڪيت سان گڏ صنعتي پراپرٽي ۽ انفراسٽرڪچر واري صورت اختيار ڪئي آهي. اُن کي سياسي مورخ ڪهڙو نالو ڏين ٿا؟ اُن جو اندازو ته هن وقت ناهي. ليڪن جاگيردار سياست سرمائيداريءَ جي دُنيا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙي شڪل ۽ صُورت اختيار ڪندي؟ اُن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ دوست سياسي پارٽين کي اهڙي وڏي مُقابلي کي مُنهن ڏيڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي هر اُن ماڻهوءَ کي اهڙي تبديل ٿيندڙ ۽ نئين صورت ۽ شڪل اختيار ڪندڙ سياسي طاقت جي مد مُقابل ٿيڻو آهي. اُن جي تياري ٿيڻ گُهرجي. هِن وقت تائين جيڪو جياپي جو جبر سنڌ سَٺو آهي. شايد ئي اهڙي اذيت جي سهپ ڪنهن مُلڪ، صوبي يا قوم جي حصي ۾ آئي هُجي؟!. ڇاڪاڻ ته اهڙي جياپي جي جبر سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ جهڙو مثال دُنيا ۾ نٿو مِلي. جيڪو سنڌ سهندي رهي آهي. ليڪن اهڙين تبديل ٿيندڙ سياسي طاقتن جي شڪل ۽ نئين صورت اڳيان سنڌ جو هيٺيون ۽ هيٺيون وچيون طبقو وڏو چئلينج بڻيل آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن غير معمولي حقيقت جو اولڙو نظر اچي رهي آهي. جهڙيءَ ريت وقت مڪاني چونڊن جو وڏو چرچو آهي. جنهن تي پاڪستان اندر مُختلف پارٽيون پنهنجي پنهنجي سوچ جو اظهار ڪنديون رهن ٿيون ته چونڊون غير جماعتي بُنيادن تي ٿيڻ گُهرجن يا جماعتي بُنيادن تي؟ ليڪن سنڌ جو سياسي طبقو پنهنجي سوچ رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته اُهو طبقو جيڪو ورهين کان جياپي جو جبر سهندو رهي ٿو اُن جي خيال ۾ مڪاني چونڊون غير جماعتي بُنيادن تي ٿينديون هُجن يا جماعتي بُنيادن تي ٿينديون هُجن. جيستائين سياسي سگهه جاگيرداريت جي جُڙندڙ نئين شڪل جي هٿن مان نٿي نڪري، تيستائين سنڌي سماج سنئين واٽ وٺي نه سگهندو. نئين شڪل ۽ صورت ۾ اُڀرندڙ جاگيرداريت جي خاتمي لاءِ جيتري ذميواري وطن دوست سياسي تنظيمن ۽ پارٽين جي آهي ايتري ذميواري غير مُنظم ئي سهي پر سنجيدهه ۽ ايماندارانه سياسي سوچ رکندڙ فورمن ۽ سماجي ميڊيا تي پڻ عائد ٿئي ٿي جيڪي انفرادي طور به ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جنهن سان نه رُڳو وچئين طبقي جي مڪروهه چهري جي چالاڪيءَ جو خاتمو اچي سگهندو پر جاگيرداريت جي نئين جُڙندڙ تصوير به مُڪمل ٿي نه سگهندي ۽ اُن جي سياسي سگهه پڻ ڀُرندڙ ڀِت بڻجي ڊهي پو ندي.


    مُحبت ۽ نفرت جي جنگ...!

    ڇا مُحبت به ڪنهن خوف جو نالو آهي؟ ڪو معصوم جذبو، خوف جي علامت ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟ هُو مُحبت جي ڏينهن کان خائف ڇو آهن؟ ڇا انسانن سان مُحبت ڌرتيءَ تي ساهه کڻندڙ مخلوق لاءِ امن جو آکيرو بڻجي نٿي سگهي؟جڏهن ڪراچيءَ ۾ مُحبت جي ڏينهن ملهائڻ جو تياريون ٿي رهيون هُيون ۽ عاشق پنهنجي زندگيءَ جا ڪُجهه لمحا وفائن ۽ بي وفاين، فِراق ۽ وصال جي وٿيءَ واري وقت تي ويچاري رهيا هُئا. تڏهن اُن کان ڪجهه ئي ڏينهن پهرين ڪراچيءَ جي هر چوڪ تي چِڙ ڏياريندڙ چٿرن جهڙا بينر لڳايا ويا هُئا. جن بينرن تي مُحبت مٿان بندشن جا نعرا لکيا ويا هُئا ۽ اُهو ڏينهن جنهن ڏينهن تي پيار ڪندڙ دليون موبائيلن تي سِڪ ڀريا سنيها موڪلي رهيون هُيون. اُن ڏهاڙي تي پِشاور جي امام بارگاهه مٿان بمن جا حملا ٿي رهيا هُئا ۽ انساني عُضوا پتن وانگر پکڙجي ويا هُئا. ڇا هِن مُلڪ اندر نفرتن جي سڄي سال ۾ ساهه کڻندڙ انسانن لاءِ مُحبت جو هڪ ڏينهن به ممنوع بڻجي ويو آهي.؟ ڪنهن ديوار يا چوڪ تي مارٽن لوٿر ڪنگ جا اُهي لفظ ڇو نٿا لکيا وڃن ته: I have decided to stick to Love. Hate is too great a burden to bear (مون اِهو فيصلو ڪيو آهي ته مان مُحبت سان جُڙيل رهان. نفرت برداشت کان وڌيڪ وڏو بوجهه آهي). اسانجو سماج جيڪو نفرتن جو مُستقل معبود بڻجي ويو آهي. اُن نفرت خِلاف نعرا اونداهين گِهٽين ۾ گُم ٿيندا پيا وڃن ۽ مُحبت ڪنهن قيدياڻيءَ وانگر قيد ڪاٽي رهي آهي. جنهن کي هڪ ڏينهن جي پئرول تي به آزادي نصيب نٿي ٿئي ۽ نفرتن وارا نعرا هِن مُلڪ ۾ سيلابي صورتحال اختيار ڪندا وڃن ٿا. هر دور ۾ ڪو نه ڪو اورنگزيب اکيون پٽي جاڳي ٿو ۽ مُحبت کي ڪوٽن ۽ ڪڙن ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿو. ويلنٽائين واري ڏينهن جي پويان ته ڀلي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ قصا هُجن. ليڪن مُحبت ۽ نفرت جي ويڙهه ٽين صديءَ کان ڪلاڊيئس 2 شهنشاهه جي ظُلم جي نتيجي ۾ ”ويلينٽائين“ کي مليل سزا کان شروع نٿي ٿئي. اُها جنگ ازل کان آهي. نفرتن جون شيطاني شرارتون مُحبت جون ازل کان مُخالف رهيون آهن. هي مُلڪ به نفرتن جي باهه مٿان هٿ سيڪيندو رهيو آهي. جتي گانڌيءَ جي لفظن ۾ ”گُناهه کان نفرت ۽ گُناهگار سان مُحبت“ وارو نظام رائج آهي. هتي نفرتن جي سياسي باهه ۾ مُحبت ٻارڻ بڻجي ٻري رهي آهي. هِن مُلڪ ۾ هڪ ئي موسم هلندي آهي، ٻي ڪا به موسم هِن مُلڪ مٿان مهربان بڻجي ناهي ايندي. اُن هڪ ئي موسم جو نالو آهي ”نفرت“ پوءِ اُها سياسي نفرت هُجي يا فرقيواريت يا ڪنهن ٻي انتهاپسنديءَ جي صورت ۾ هُجي. هِن مُلڪ جو عوام اُن نفرت جي نِشاني تي آهي. جتي مُحبت جي موسم پاپ بڻجي وئي آهي. عوام کي سيکاريو وڃي ٿو ته نفرت جي اطاعت ڪيئن ٿيندي آهي؟ پر اُن اطاعت جا بُنياد ڪمزور آهن، ڇاڪاڻ ته مُحبت اڳيان نفرت هر دور ۾ هارايو آهي. عوام لڳاتار اطاعت کان پوءِ جڏهن بغاوت ڪندو آهي ته اُن اڳيان نفرتن جون ڪمزور ديوارون ڪِري پونديون آهن. روم جي اسپارٽيڪس کان ڪاموڊس ۽ آفريڪا جي اسٽونو کان سنڌ جي شاهه عنايت شهيد ۽ شهيد مخدوم بِلاول تائين. تاريخ ڪيترن مثالن سان ڀري پئي آهي، جتي لڳاتار اطاعتن جي نتيجي ۾ بغاوت اڳيان ڪو به نظام بند ٻڌي ناهي سگهيو. اڄ جڏهن مُحبت اڳيان نفرتن جا مينار کڙا ٿيڻ لڳا آهن ۽ انسانن کي مُختلف گروهن، فِرقن ۽ عقيدن ۾ ورهائي، هڪ ٻئي خلاف نفرتن جي جنگ جي باهه دُکائي وئي آهي. تڏهن پائيدار امن خاطر مُحبت کي ڦهلائڻ لاءِ گِروهن، عقيدن ۽ فِرقن جي ڦندي مان آجپو حاصل ڪرڻو پوندو. رواداريءَ جا بُنياد رکڻا پوندا. اهڙا بُنياد جن ۾ عيسائيت جي حِساسيت، اسلام جي رواداري، هِندو ازم جي امن ۽ شانتي شامل هُجن. جڏهن دُنيا مُحبتن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي هُئي، تڏهن پشاور جي امام بارگاهه ۾ بم ڦاڙيا پئي ويا. اُها نفرت جيڪا مُستقل مهمان بڻجي هِن مُلڪ جي رڳ رڳ ۾ دونهون بڻجي دُکي رهي آهي سا لڳاتار انساني امن ۽ مُحبت اڳيان وڏي رُڪاوٽ بڻيل آهي. مُحبت جي رستي ئي هارايل جنگيون کٽي سگهجن ٿيون. جنهن سان اندر جي ڪيني کي ڪڍي، گندگيءَ جي ڍير تي اُڇلائي ڦِٽو ڪرڻو پوندو ۽ ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي ويچارڻو پوندو ته مُحبت کي نفرتن جي مُحتاجيءَ مان ڪيئن ڪڍي سگهجي؟ ڪيئن هِن سماج جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ۾ شامل ٿي ويل انتهاپسنديءَ جي زهر مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي ٿو. هن ديس جو سٻاجهو سڀاءَ جڏهن انتهاپسندن جي آڱرين تي اچي هڪ ئي جهٽڪي سان پُوري علائقي کي رت ۽ بارود ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ دوزخ جهڙي دونهين ۾ انساني عُضوا پکڙجندا نظر اچن ٿا. تڏهن اسان کي پيار جي پرچار ڪرڻي پوندي. اُهو پيار جنهن لاءِ ڀِٽائي سائينءَ جي سِٽن وانگر کامي، پچي، پُڄري، لُڇي ۽ لوچڻو پوندو. جنهن ۾ پنڌ پري هُجڻ جهڙا بهانا تلاش نه ڪرڻا پوندا. هر ڏينهن کي مُحبت جو عالمي ڏينهن سمجهي اسان پنهنجي انداز ۾ به ملهائي سگهون ٿا. اُهو انداز اُن گيڙو رنگ ۾ ئي آهي. جيڪو رنگ خود مُحبت، امن ۽ پيار جو رنگ آهي. ڇا انسان سان مُحبت ۽ پيار به ڪو ئي پاپ آهي. جنهن لاءِ اسان جي شهرن جون ڀِتيون ڪاريون ڪري، چونڪن تي بينر لڳائي، اِهو سنيهو ڏنو وڃي ٿو ته اهڙي پاپ کان پرهيز ڪريو. جيڪڏهن پيار به پاپ آهي ته پوءِ مذهب جي نالي تي يزيدي عورتن جون بيحُرمتيون ڪهڙي ثواب جي دائري ۾ اچن ٿيون.؟ عبادت گهرن کي مقتل گاهن ۾ تبديل ڪرڻ ڪهڙي مُهذب سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن هِن مُلڪ ۾ امن جو مُطالبو ڏوهه آهي ته پوءِ معصوم ٻارڙن کان وٺي عورتن ۽ مردن جي ڪوس کي ڪهڙي زِمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟ هِن مُلڪ جي اندر مُحبت به هاڻ ڪنهن سياسي مُطالبي وانگر بڻجي پئي آهي. اهڙو مُطالبو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ منظور ٿيڻ جي حالت ۾ ناهي رهيو. فطرت جي هر لقاءَ کي مصنوعي انداز ۾ هلائڻ وارا هٿ جبري طور پنهنجا مذهبي عقيدا مڙهڻ لاءِ نفرتن جو سهارو وٺي رهيا آهن ۽ عوام صحرا جيڏو صبر ڪري ويٺل آهي. موسيقي، رقص، مُحبت پاپ جي هيٺان پنڌ ڪندا رهن ٿا. قُدرت جي تخليق جو موت اهڙي ڀوائتي شِڪل اختيار ڪندو؟ ڪنهن جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه هوندو.جيڪڏهن موسيقي گُناهه آهي ته پوءِ وهندڙ ندين جي موسيقي، اُداس شام کي رنگينين ۾ تبديل ڪندڙ پکين جي آواز جي موسيقي، هوا جي ڇُهاءَ سان وڻن جي موسيقي، ٻارڙن جي ٽهڪن جي موسيقي، سمنڊ جي ڪنارن کي چُمندڙ لهرن جي موسيقيءَ جي پيرن ۾ زنجيرون ڪو وِجهي سگهندو.؟ ڇا ڪنهن کي ايتري طاقت آهي ته پنهنجي عقيدي کي جبري طور ٻين انسانن مٿان مڙهي سگهي؟ دُنيا ۾ اُهي سڀ نظريا ۽ فلسفا ناڪامين جي انڌيرين گِهٽين ۾ گُم ٿي ويا. جن جو بُنياد انسان دُشمنيءَ تي بيٺل هو. اڄ جڏهن اُها ذهنيت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي نظرياتي ويڙهه واري سوچ سان داخل ٿي آهي ۽ لڳاتار بم ڦاڙي پنهنجي سوچ کي جبري طور هِن سماج مٿان لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي. تڏهن ٻي عالمي جنگ جي پسمنظر ۾ ٺهيل هڪ فلم جو سين ياد اچي رهيو آهي. جنهن ۾ “بيلجيئم” جو هڪ شهر جرمن فوج فتح ڪري وٺندي آهي. سڄو شهر ڀيانڪ تباهيءَ جا منظر پيش ڪندو آهي. هڪ انسان به زندهه بچي ناهي سگهندو، ڪُتا ۽ ٻليون به جرمن فوجين هٿان ماريا ويندا آهن. هڪ ننڍڙو 6 سالن جو ٻار گهر جي تهه خاني جي ڪُنڊ ۾ هُجڻ سبب بچي ويندو آهي. جيڪو تهه خاني مان نِڪري گهر جي دريءَ مان شهر کي ڏسندو آهي ته کيس هر پاسي فاشي جهنڊا ئي ڦڙڪيل نظر ايندا آهن ۽ هُو وڻن جي ٻُور جهڙو ٻارڙو جرمني جهنڊن کي ڏسي چپن ۾ چوندو آهي ته: “مان پنهنجي وطن جي سيني ۾ اوهان جا کوڙيل خنجر قبول نه ڪندس” اُهو اُتساهه جهڙو هڪ عزم هوندو آهي. جيڪو اُن ٻار جي دل سان گڏ ڌڙڪي رهيو هوندو آهي. جنهن دور ۾ سنڌ جو نئون نسل ساهه کڻي رهيو آهي. اُهو دور به ڪيترن محاذن تي ڇِڙيل جنگ جو دور آهي. جنهن جنگ ۾ سياست ڪمزور دل وانگر وينٽيليٽر تي ساهه کڻي رهي آهي ۽ انتهاپسند قُوتون مُحبت جي هڪڙي ڏينهن کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سڄو سال نفرتن ۾ ساهه کڻندڙ هن سماج کي مُحبت مُخالف قُوتون مُحبت جي هڪ ڏينهن جي مُهلت به ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. پر اسان کي روشن واٽ جو تعين ڪرڻو پوندو. هِن ديس جي ماڻهن کي روشنيءَ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ انتهاپسنديءَ جي اوندهه مان ڪڍڻو پوندو. هِن ديس جا ماڻهو جيڪي عرصي کان انتهاپسنديءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، سي پيغامِ لطيف واري واٽ سان ئي انتهاپسنديءَ مان آجا ٿي سگهن ٿا. فرقيوارانه فسادي خيالن کان واحد رستو مُحبت جو رستو ئي آهي. فقط اُن عزم جي ضرورت آهي. جيڪو عزم طويل جنگين ۾ ڦاٿل انسان ڪندا آهن. مُحبت جو ڪو عقيدويا فِرقو ناهي هوندو. مُحبت ته وهندڙ نديءَ وانگر هوندي آهي. ندين جا ڪهڙا مذهب ۽ عقيدا؟! اُهي هر فرقي ۽ عقيدي جي اُڃ اُجهائينديون آهن. اُنهن جي دل ڪنهن دولاب جو شِڪار ناهي ٿيندي. تنهن ڪري بدترين حالتن ۾ مايوس ٿي موٽڻ، هار جي برابر هوندو آهي. جيڪڏهن سنڌي سماج جو هر فرد فقط هڪ عزم کڻي اڳتي وڌي ۽ اِهو سمجهي ته، هر انسان مُحبت جي لائق آهي، هر عقيدي جو احترام لازمي آهي. تڏهن به نفرتن جي پکڙيل باهه کي مُحبت جي پاڻيءَ سان وسائي سگهڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳندو. ڇاڪاڻ ته مذهبي عقيدا ۽ نظريا انسانن کان اُتم ناهن هوندا. انساني مُحبت ۽ رواداري سڀ کان وڌيڪ اهم هوندي آهي. اِهو قطعي به سوچڻ هِن سماج لاءِ حاڃيڪار آهي ته سماجن جي اندر پئدا ٿيندڙ انتشار انت جي ڪنهن ڇيڙي تي پُهچي نٿا سگهن. سماجن جي اندر انتشار ۽ بُحران پئدا ئي ختم ٿيڻ لاءِ هوندا آهن. تنهن ڪري اِهو سمجهڻ اسان سڀني لاءِ وڌيڪ اهم آهي، جڏهن سڄي دُنيا پنهنجي ترقيءَ سبب تنزل جي خوف ۾ مُبتلا بڻيل هُجي ۽ بارود جي ڍير تي بيٺل ٻارڙا بي خوفيءَ ۾ چيوگم چٻاڙي رهيا هُجن، تڏهن ڪنهن فلاسافر جون اِهي سِٽون گهڻو سهارو ڏئي سگهن ٿيون ته: “مُحبت ئي سڄي دُنيا جي فاتح آهي.”
    اُهي سڀ طاقتون جن نفرتن کي ڦهلائي مُنافعي جا مينار کڙا ڪيا آهن. جيڪي نفرتن جي نازي ڪئمپن ۾ جلاد بڻجي بيٺل رهيا آهن. جيڪي مُحبت کي ماڻهن جي دلين مان ميسارڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانايون صَرف ڪندا رهيا آهن. اُنهن کي فقط مُحبت جي طاقت سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هر عاشق نفرت کي نينهن جو دُشمن سمجهندو آهي. مُحبت امن جو گيت آهي. جنهن گيت کي قيمتن جي تارازين ۾ توري نٿو سگهجي. اسان جيڪي عرصي کان رُڳو نفرتون ڪرڻ سِکيا آهيون۽ جن اونداهين جا سفر ڪيا آهن، روشنين کان محروم رهيا آهيون. سي مُحبت جي طاقت سمجهي سگهڻ جي صلاحيت کان محروم بڻجي ويا آهيون. ليڪن شاهه جا سمورا سُر مُحبت جو درس ڏين ٿا ۽ تنبوري جي تنوار سان تلوارن جي مُقابلي جو درس ڏين ٿا. مُحبت جي رستي تي هلڻ لاءِ اهو واعدو ڪريون ته اسان پنهنجي نيتن ۽ دلين کي نفرتن واري رِوش جو هر هنڌ خاتمو آڻينداسين. اوهان ڏسندوءَ ۽ محسوس ڪندو ته شاهه سائين پنهنجي فِڪري واٽ سان اونداهن رستن تي اسانجو آخري سهارو ثابت ٿيندو. جهڙي ريت “شيراز” ۾ حافظ شيرازيءَ جو فِڪر ايران جي نئين نسل لاءِ وڏو اُتساهه بڻجي رهيو آهي. سنڌ ۾ به مُحبت جي ڦهلاءَ ۽ پرچار لاءِ نئين نسل جي دلين ۾ شاهه سائينءَ جي سُرن کي لاهڻ سان ئي نفرتون ڦهلائيندڙ قُوتون شِڪست کائي سگهن ٿيون. شاهه سائينءَ جي لفظن ۾ ته نفرتن جا نيئر، نينهن کي اُجاري اڇو ڪندا آهن. ڏُکين حالتن ۽ ڏونگر جي گهڙين کان پوءِ ئي منزل مِلندي آهي. اِن وچن کي ورجائڻ لاءِ، دلين ۽ دماغن ۾ عرصن کان نفرتن جا ويٺل نانگ ماري مُحبت جي منزل ڏانهن وڌڻو آهي. اُها مُحبت ئي آهي جنهن کان انتهاپسند قُوتون خوفزدهه بڻيل آهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397305
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ