ڪتاب جو نالو: سنڌي شاگرد سياست
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 05 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1373 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 570 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جو لکيل آهي.
سنڌي شاگرد سياست جي 4 مارچ واري جدوجهد جي تاريخي حيثيت آهي. عبدالحئي پليجي صاحب جو هيءُ ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي، جو ان ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي، سياسي تجربو سامهون اچي ٿو، جنهن حوصلي ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙيءَ طرح سنڌ جي ماڻهو کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اُصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌي شاگرد سياست
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • ورهاڱو ۽ سنڌي شاگرد
  • سنڌي شاگردن ۾ تنظيمي عمل
  • 4 مـــــارچ
  • سنڌ ۾ سجاڳي جي نئين لهر
  • سنڌ ۾ نيون شاگرد تنظيمون
  • 4 مارچ- ڀٽو ۽ بعد جي حالات
  • ڊاڪٽر افغان ڪيس ۽ ردعمل
  • جيل کان رهائي
  • شاگرد (4 مارچ جي ياد ۾)
  • 4 مارچ
  • 4 مارچ جي جوڌن دودن جي شان ۾
  • اڄ مارچ مهينو آيو آ
  • اپريل 1985ع
  • ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس، ميرپور بٺورو
  • انهي دؤر جا ڪجهه خط
  • ليکڪ جا ٻيا ڪتاب
  • اڻ ڇپيل ڪتاب

  • سنڌي شاگرد سياست

    ڪتاب جو نالو: سنڌي شاگرد سياست
    ليکڪ: عبدالحئي پليجو
    ڇاپو پهريون: 1989ع
    ڇاپو ٻيو: 2016ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن - ٻنون
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    ڊجيٽل ايڊيشن : سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    قيمت: 300 روپيا


    Book Name: Sindhi Shagird Seyasat
    Author: Abdul Hai Palijo
    Edition Frist: 1989
    Edition Second: 2016
    Copmputer Leyout: Jahanzeb Ali Junejo
    Title: More Sagar
    Printed at: Sahil Printers Hyd.
    0333 2634650
    Published By: Momal Publication
    Price: Rs. 300/=


    ارپنا

    سنڌي شاگرد سياست جي سنگ ميل 4 مارچ جي سڀني نامور ۽
    گمنام سورهيه شاگردن جي نالي جن پنهنجي پشم جهڙن پُٺن تي
    لٺيون سَٺيون، جيل ڪاٽيا، عذاب سَٺا ۽ قومي سياسي وايو منڊل کي نئون جذبو ۽ اُمنگ عطا ڪئي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (289) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جو لکيل آهي.

    سنڌي شاگرد سياست جي 4 مارچ واري جدوجهد جي تاريخي حيثيت آهي. عبدالحئي پليجي صاحب جو هيءُ ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي، جو ان ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي، سياسي تجربو سامهون اچي ٿو، جنهن حوصلي ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙيءَ طرح سنڌ جي ماڻهو کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اُصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو.

    ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1989ع ۾ ڇپيو هو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو مومل پبليڪيشن _ ٻنون پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    سنڌ جي شاگرد هلچل تي هيءَ ڪتاب هڪ اهڙي ڪردار جي قلم جو ڪم آهي، جيڪو اُن هلچل جو حِصو ٿي رهيو ۽ جنهن ۾ اڃا به انهن ئي مقصدن جو اونو سلامت آهي. لکڻ، ڪو اهڙو ڪم ناهي جو ايئن ويٺي ويٺي ڪري ڇڏجي، هي زندگيءَ ڏانهن ذميداري جي احساس مان ٻُنڀ ڏئي، ڦاٽ کائي نڪرندڙ، پر هڪ ضابطي ڀريو عمل آهي. جذبي جي ان سچائي کان خالي لکيتون به عام جام نظر اينديون. پر انهن کي، نه جٽاءُ رهي ٿو، ۽ نه وري ڪم جي ڳالهه ٿي ٿئي.
    محترم عبدالحيءَ پليجي جو سنڌ جي ڪنهن وقت جي هر اول سياسي دستي سان عملي ۽ احساساتي رشتو هيو، ۽ ان رشتي جي معصوميت کي به هن نهايت سچائيءَ سان سنڀالي رکيو آهي. ان معصوميت ۽ سچائيءَ جو ٻيو نالو گهڻين حالتن ۾ رومانيت به هوندو آهي. جيڪا پاڻ سنڌي ماڻهن جي سَنَدَ سَنَدَ ۾ ڀريل آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ٻه واضع ۽ نمايان پاسا آهن. هِڪڙو شاگرد سياست، اُن جو تنظيمي ڪم ڪار ۽ انڌ جي قوتن هٿان ان تي پوندڙ گهات، ٻيو پاسو سياسي تجزئي جو آهي. رومانس ۽ تجزئي جو جتي به ميلاپ ٿئي ٿو. اتي مزيدار منظر نظر اچن ٿا. اُهي ئي منظر سڀني سنڌي پڙهيل لکيل دانشور ۽ ليکڪن پيدا ڪيا آهن. هيڏن سالن جي ڏاڍ کانپوءِ هاڻي وڃي هلڪو احساس پيدا ٿيو آهي ته رومانس کي به انقلابي رومانس جو نالو ڏنو وڃي ۽ ڇنڊ ڇاڻ تجزيي يا حساب ڪتاب جو شعبو ئي ڌار ڪيو وڃي. هيءَ ڳالهه هن ڪتاب جي ليکڪ ڀاءَ عبدالحئي پليجي جي دردمند دل جي اوريل احوالن مان ئي اُڀري آهي. جيئن هر جدوجهد کي نظرياتي بنياد مهيا ڪبا آهن. تيئن ان جدوجهد کي رومانوي بنياد به ڏيڻا هوندا آهن. هڪ جذباتي ۽ اڃا به هيجاني فضا قائم ڪئي ويندي آهي. اهو هيجان ان مرحلي تي غلط به هوندو آهي. ڀل مناسب رٿابندي سبب ٿيندڙ جدوجهد ۾ ان جذباتي فضا تي نظر به رکبي آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو بندوبست نه هوندو ته پوءِ اهڙي جدوجهد هڪڙن هٿن مان نڪري ٻين جي ۽ ٻين کان ٽين جي هٿن ۾ هلي ويندي. تاريخ مرڻ مارائڻ جي جنون سان ڀري پيئي آهي ۽ جيڪڏهن جذباتيت تي ضابطي جو انتظام ٿيل نه هوندو ته پوءِ مرندا هڪڙا ۽ کٽيو کائيندا ٻيا. سادو مثال ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي هاري هلچل ۾ پيدا ڪيل سجاڳيءَ جو فائدو 1970ع وارين چونڊن ۾ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي، سوشلزم جو نعرو هڻي ورتو. البت پنجاب ۾ سندس کٽڻ لاءِ ٻيا ڪارڻ وڌيڪ اهم آهن. هي ڪم آهي نهايت ڏکيو، جذباتيت پيدا به ضرور ڪرڻي آهي. سِر ڏيڻ، مرڻ، مارائڻ، قرباني لاءِ تيار هجڻ ڪنهن جذباتيت ۽ عشق کانسواءِ ممڪن نه آهي.
    اهو ضروري ان ڪري آهي جو ظلم ۽ انڌ سان ويڙهه کائڻ لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو محرڪ جذبو ٿي سگهي ٿو. ظلم جي خلاف ڇڙو دليل ۽ منطق ڪم نٿو ڏئي ان لاءِ طاقت جي ٽيڪ کپي، جنهن سان اهو اڳتي وڌندو ۽ طاقت جذبن جي درياهي وهڪرن ۾ مانڌاڻ ۽ طوفان پيدا ڪرڻ سان اچي ٿي. ڏهه متحرڪ جذباتي قرباني لاءِ تيار ماڻهو هڪ لک ماٺ ڪري ويٺل اشراف ماڻهن کان وڌيڪ نتيجا ۽ اثر پيدا ڪري سگهن ٿا. پر ماڻهن کي تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ طوفان جا رُخ موڙي ڇڏيندڙ طاقت کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ سان تباهي پکڙبي آهي. اُن طاقت کي ضابطي ۾ رکڻ مان گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ان کي گهڻي زيان کان بچائڻ ٿوري طاقت مان وڌيڪ فائدو وٺڻ جهڙو ڳڻ ڳوت اسان نه ڪري سگهيا آهيون. اسان پنهنجي اُن اٿاهه طاقت کي جنهن کي سنڌي شاگرد هلچل جو نالو ڏجي ٿو، تي ڪي به ريگيوليٽر نه هڻي سگهيا آهيون. نه رڳو ايترو پر ان عمل جي ٿيڻ سان جيڪي نقصان ٿيا آهن. تن جي ڳڻ ڳوت به نه ڪئي اٿئون، اسان ته اڃان اهيو به نه سمجهي سگهيا آهيون، ته قوم رڳو هڪ سياسي اظهار نه هوندو آهي، قوم معاشي، ثقافتي، علمي ۽ ترقياتي اظهار به هوندي آهي. ”قوم کي پنهنجو مضبوط واپاري ۽ وچولو طبقو به هئڻ گهرجي. قوم کي تاريخ جي سفر ۾ تيار ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪندڙ دانشورن جا ادارا به هجن. قوم کي دنيا سان گڏوگڏ هلائڻ جا نقيب به هئڻ گهرجن.“ اهي سڀ نه ڪجهه ٿيڻ جو نتيجو هي نڪتو آهي جو معاشي، ثقافتي، ٽيڪنالاجي، علمي ۽ سياسي، سڀني پاسن ۾ پاڻ صفا ڇڄي، ڪٽجي ۽ اڻ لاڳاپيل رهجي ويا آهيون. هڪ نه گذريل ويهن ٽيهن سالن ۾ تبديلي جو جيڪو مقدار آيو آهي. سو گذريل ويهن ٽيهن سالن ۾ تبديلي جو جيڪو مقدار آيو آهي. سو گذريل ڏهه لک سالن ۾ به نه هو. ان تبديليءَ سان گڏ هلڻ هڪ ته خود سڄي دنيا لاءِ مسئلو ٿي ويو آهي ۽ مٿان وري پاڻ صدين جي گهيرن ۾ آهيون، توڪلي رومانٽڪ عاشق مزاج جڏهن محسوس ڪيوسين تڏهين ڏنڊا اُڀا نڪري پئبو. خبر پوندي ته جيڪي ڏندا ويهه سال اڳ اُڀا ڪرڻ کپندا هئا، سي هاڻي ٿا ٿين. يعني مهل هٿن مان نڪريو ٿي وڃي. هر شڪست کائڻ کان پوءِ غدار ڳوليون ٿا، وري به رومانس ۾، ”سنڌ ڪو تباهه ٿيڻي آهي ڇا، ڪئين آيا ڪئين ويا، سڀ برباد ٿي ويا پر سنڌ موجود آهي.“ هن ڳالهه ۾ کڻي سچائي به هجي پر ڇا هاڻي به دنيا ان رفتار سان هلي ٿي، جنهن سان پاڻ سوچڻ ۾ پورا آهيون.
    جيستائين قومن جون سوچڻ لاءِ ذميوار قوتون پنهنجي دور سان گڏ دور جي گهڙيءَ گهڙيءَ ڏانهن لمحي لمحي ڏانهن ذميوار نٿيون ٿين، تيسان فناه جي ڦوڪ واريون هوائون هلنديون رهنديون. ان ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي. اسان جي جدوجهد، اسان جو رومانس ۽ اسان جي سياسي هلچل جي راهه جو هڪڙو نشان وارو پٿر 4 مارچ 1967ع به آهي. سڄي سنڌ ماٺ هئي. هرڪو پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ هو، اڃان سنڌ جي عام ماڻهوءَ ۾ پنهنجا سياسي رويا ٺاهڻ جي طاقت ۽ ڏانءُ به نه هو. تڏهن هن ڌرتيءَ جي بي خبر لکين ماڻهن جي نمائندگي ڪجهه سئو شاگردن ڪئي. هو چرپر ۾ هئا، هنن ۾ جوش هو.
    هنن تاريخ ۾ ڪا سيڙپ ڪرڻ پئي گهري، ڪو مقصد هو جيڪو حاصل ڪرڻو هو. اهڙو اُتم ۽ اعليٰ مقصد جيڪو سنڌ ۾ ان وقت ٻئي ڪنهن وٽ به نه هو. رياستي ادارن سنڌي شاگردن جي چرپر کي خطري جو نشان سمجهي پنهنجي ننگي ڏاڍ جو مظاهرو ڪيو، جيل ڀرجي ويا. لکين ڪاغذ ڪارا ٿيا. شاعريون ڪيون ويون، ڪهاڻيون لکيون، مضمونن جا سلسلا هليا ۽ چوٿين مارچ جو ڏينهن جدوجهد جي علامت بنجي ويو. پر شاگرد هلچل جو ليکو سنڀاليو ته معيار جي لحاظ کان اها چوٿين مارچ کان به ٻه وِکون پوئتي آهي. شاگرد هلچل خلاف رياستي ادارن ڏاڍ سان گڏ اٽڪل بازي به شروع ڪري ڇڏي هئي. هنن جنهن شئي کي خطرو سمجهيو ته نهايت، ايمانداريءَ سان سمجهيو. پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته سنڌ جي شاگرد هلچل تباهه ٿي ويئي سرڪار پنهنجا ”مڇرائيندڙ ڇاڙتا“ شاگرد تنظيمن ۾ داخل ڪري سنڌ جي تعليم کي برباد ڪري ڇڏيو. خبر تڏهين پئي ته سياست اهي شاگرد ڪن ٿا، جيڪي پڙهڻ ۾ جڏا آهن.
    ڪنهن وقت جڏهن ڪنهن خيال کان ٻڌَي جي اگهه تي تعليمي معيار ڏسڻ کانسواءِ ۽ نقل جو سهارو وٺندڙ انجنيئرن جا لشڪر پيدا ڪيا ويا، سي ٻين قوميتن جي انجنيئرن سان ڪنهن به طرح چٽا ڀيٽي ۾ آڻڻ جهڙا نه رهيا.
    نوڪريون ملڻ کانسواءِ رشوتون کائڻ جي هنن جو ٻيو ڪو ڪم ئي نه رهيو. شاگرد هلچل جيڪڏهن سٺا روشن خيال ۽ وطن پرست شهري پيدا نٿي ڪري سگهي ته اها هلچل بدران هڪ ڇڙواڳ سياسي سرگرمي هوندي. جنهن جو فائدو وطن ۽ وطن جي ماڻهن بدران وطن جي دشمنن، ڌارين ۽ قبضو ڪندڙن کي ٿئي ٿو. محترم عبدالحئي پليجي پنهنجي هن ڪتاب ۾ شاگرد هلچل کي سنڌ مٿان خطرن جي يلغار کي منهن ڏيئڻ جو عمل ڪري ڏيکاريو آهي ۽ آهي به ايئن، ان مان خود سنڌي قوم جي سياسي بيوسي ظاهر ٿئي ٿي. قومن مٿان آيل بار رڳو اسڪولي شاگردن مٿان وجهبا ته گهربل نتيجا ڪڏهن به حاصل نه ٿيندا. سنڌ فقط شاگرد نه آهي. سنڌ هاري به آهي ته واپاري ۽ دڪاندار به آهي، پر اسان جي سياسي تعليم جو حشر اهو آهي جو ستر واري سڄي ڏهاڪي تائين سياسي ڪارڪن ان مونجهاري ۾ رهيو ته ڪجي ته ڇا ڪجي، ڪيئن ڪجي ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ شاگرد پاڻ سکڻ جي عمل ۾ هوندو آهي، سندس ان عمل کي نقصان پهچائڻ واري سياست جا نتيجا پاڻ ڀوڳيون پيا، سڀ ڪم رلي ويا آهن سنڌي عوام جي سياسي شعور کي جيڪي پر لڳل آهن، سي رياستي ادارن جي ڏاڍاين جي نتيجي طور آهن.
    سنڌ جو عوام ورهاڱي کانپوءِ سڌي ظلم جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. انهن ئي ظلمن خلاف نڪري پوڻ جا ڏيک 1983ع واري هلچل ۾ سامهون اچن ٿا. ماڻهو اڳتي ۽ سياسي اڳواڻ پوئيتان. سياستدان ڳالهه ڪري اچي ڦاٿا. هنن کي عوام جي شعور جو اندازو ئي نه هو. هنن ڳالهين جو مطلب هي آهي ته هتي سياست کي سماجي سائنس تسليم ڪرڻ بدران ذاتي ۽ گروهي راين ۽ روين جي آڌار تي هلايو ويو آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڪوڙن ڪليمن ۽ رشوت بازين جا جيڪي طائفا لڳا. جن ۾ پناهگيرن ٺڳن سان گڏ اسان جو ڪامورو ۽ وڏيرو ٻٽ هئا. ان حالت جي خلاف سنڌ ۾ ڪابه سياسي هلچل نه ٿي ملي. اسان جو هيءَ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته، ”ورهاڱي کان پوءِ ترت، سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪابه مزاحمت نه ٿي سگهي، سنڌ مٿان تاريخ جو هي نهايت وڏو بار آهي. جن منزل گاهه مسجد واري واقعي تي سنڌ ۾ تباهيون پکيڙيون جن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائڻ جي هلچل هلائي، تن کي ڪهڙي نانگ کاڌو هو جو ايئن سنڌ کي لُٽ جو مال بنجڻ ڏنائون ۽ ان لُٽ ۾ رياستي ڪارندن سان سنڌ کي شڪار بنائڻ واسطي شينهن ۽ گدڙ وارو رشتو رکڻ ۾ به کين ڪو شرم ڪونه ٿيو. انهيءَ زوال پرست طبقي سنڌ ۾ سنڌي وچولي طبقي جي اُسرڻ ۽ ڦهلجڻ ۾ پنهنجي برباديءَ کي تيز ٿيندو ڏٺو، اهو ئي طبقو صاف سٿريءَ چٽا ڀيٽيءَ کان گُسائي سازشن ۾ جنبي ويو، انهيءَ ئي طبقي هلندڙ صدي ۾ سنڌ سان جيڪي غداريون ڪيون آهن تن جهڙو هاڃو پنجابي، پناهگير ناجائز مفاد به نه پهچائي سگهيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جو وچولو طبقو هڪالي ڪڍيو ويو. جڏهن ڪنهن قوم کان ان جو واپاري پڙهيل لکيل ۽ سڌريل ڪلاس کسجي وڃي ته پوءِ اها جديد ساڃهه جي ليکي سان قوم ڪٿي ٿي رهي. بيحد سرگرم معاشي گروهه کانسواءِ قوم جو تصور ئي نه ڪري سگهبو ۽ جيڪڏهن ڪبو ته اها اهڙي خوش فهمي هوندي جنهن جا نقصان ايئن ڀوڳبا جيئن پاڻ ڀوڳيون پيا. سنڌ مٿان جيڪي للڪارون آيون آهن تن جو ذڪر اسان جي ليکڪ ڀاءُ عبدالحئي ڪيو آهي. ورهاڱي کان ترت پوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ڪليمن جو ڪاروبار ۽ ون يونٽ جهڙيون ويڌنون ٿيون. اسان وٽ ٻي ڪا طاقت ميدان تي نه هئي. جن اهي سڀ پسڻ ڪرايا، سي پنهنجي عياشين ۽ قوم کي تباهه ڪرڻ ۾ رُڌل هئا. سنڌ وٽ شاگرد ئي هڪ منظم قوت هئا تن کي کڻي حالتن جي آڙاهه ۾ اڳيان ڦٽو ڪيو ويو. پنهنجي تاريخ سو ٺاهيون باقي ٻيو گهڻو ڪجهه آويءَ ۾ هڄي ويو. سنڌ جي شاگرد هلچل کي پهتل هاڃي جو هڪ اهم ڪارڻ سنڌ جي سياسي توڙي سماجي اڏاوت لاءِ سوچيندڙ تي اچي ٿي. هنن سماج جي غير منظم حصن کي منظم ڪرڻ بدران سولائي ان ۾ ڏٺي ته شاگردن کي چر پر ۾ آڻڻ وڌيڪ سولو آهي، هڪ ته ايئن ڪيو ويو ۽ ٻيو ته شاگرد جن دٻائن هيٺ اچڻو هو، آيو ۽ اڃا به آيل آهي، تن کان سندس بچاءُ جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو. پنهنجي طاقت کي دولت وانگر خرچ ڪري ڇڏڻ ڪنهن طرح به ڪارنامو نه آهي. 1967ع کان ون يونٽ ٽٽڻ تائين شاگرد هلچل جي ڪردار ۽ ان جي ڪاميابيءَ کان انڪار نه آهي، هڪ نئون باب ضرور لکيو ويو، پر اها عقلمندي نه آهي ته ٻن چئن کوکلن اعلانن ڪرائڻ لاءِ پنهنجيون ٻه ٽي چار پيڙهيون زيان ڪري ڇڏيون.
    انهن اڻ رٿيل قدمن کڻڻ جو هڪ ٻيو اهم ترين سبب اها مايوسي آهي، جيڪا سنڌي ماڻهوءَ کي، پاڪستان جي اندر ٿيڻ لڳي. مايوسيءَ جو اهو اڳتي ڌوڪيندڙ دوزخ پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهوءَ جي روح کي لاڳيتو ڳڙڪائيندو رهيو آهي. هي ڪتاب ان جو هڪ ثبوت آهي. پاڻ جنهن بيدرديءَ جو شڪار رهيا آهيون ان جو اظهار ڀاءُ عبدالحئي پليجي نهايت ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي. پر اها ڳالهه خود هڪ غلط قدم آهي، اهو سنڌي ماڻهوءَ جو پٺتي هٽي وڃڻ (Whith Drawlist) جو رويو به غير حقيقي آهي، نظرياتي طرح پاڪستان جي اندر پاڪستان کان ماڻهن کي مايوس ڪرڻ ڪابه معنيٰ نه ٿو رکي، ڪابه حقيقت جيڪڏهن پاڻ کي ڀانءُ نه پوي ته ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اها حقيقت وجود ئي نه ٿي رکي، جيڪا راند هلي ان جا اصول ۽ قاعدا ڄاڻڻ ضروري آهن، ڪاوڙجي منهن ڦيرائي ويهڻ سان ڪشالا گهٽ ٿيڻ بدران پاڻ وڌن ٿا. ان ۾ ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي ته هن ملڪ کي اصل هاڃو رسائيندڙ قوتون حڪمران آهن. پاڪستان ۾ رهندڙ قومن تي ظلم جي بازار آمر حاڪمن گرم رکي. آمرن وٽ جنهن پاڪستان جو تصور رهيو آهي، پاڻ ان سان بنهه متفق نه ٿينداسين، پر ان ۾ ڪابه معقوليت نه آهي ته ملڪ کي ٽوڙين هڪڙا ۽ ٺڪر ڀڄي شيخ مجيب، جي.ايم.سيد يا غفار خان تي.
    ادا عبدالحئيءَ جو هيءُ ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي، جو ان ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي، سياسي تجربو سامهون اچي ٿو، جنهن حوصلي ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙيءَ طرح سنڌ جي ماڻهو کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اُصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو. هن ئي چوٿين مارچ جي ڏينهن کي اسان هينئر به پيمانو بڻائي ڳالهين کي پرکيون ٿا. 4 مارچ جي هلچل ۾ شامل سورهيه ڪردارن جي اڪثريت ان صورتحال کي وساري چڪي آهي. هن موضوع کي قومي سجاڳيءَ جو ازار سمجهڻ بدران ماضيءَ جو هڪ وسريل باب ڪري ڇڏيو آهي. هن کان اڳ طارق اشرف، مسعود نوراني يا هڪ اڌ ٻين همراهن 4 مارچ يا شاگرد هلچل تي ڪجهه لکيو آهي پر اُهو ڪافي نه آهي. سوويت يونين جي هڪ دانشور حمزه رسول جي هيءَ ڳالهه درست آهي ته ”جيڪڏهن توهان ماضيءَ کي پستول جو نشانو بڻايو ته مستقبل توهان کي توب جو نشانو بڻائيندو.“ اسان جي ليکڪ محترم عبدالحئي پليجي نه رڳو اهو درد سانڍي رکيو پر پاڻ اهو حال اوري ڇڏيو اٿس، جنهن کي آڌار بڻائڻ سان پنهنجي وجود متعلق ڪيترن سوالن جا رستا کُلي پون ٿا.

    ف . م . لاشاري
    10 مارچ 1989ع


    ورهاڱو ۽ سنڌي شاگرد

    سَرها سورهيه سچ جا، اَرهي اوک نه تن،
    دکّ ڌٻڻ کان پنڌ ۾، ورچي واٽ وٺن،
    جهاڳيا جهونجهارن، مرڪي پنڌ پهاڙ جا.
    (اياز)

    1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي شاگرد قيادت گهڻو ڪري هندن جي حوالي هئي، پُوري هندستان جي صورتحال اِها هُئي جو اُن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گريجويٽ مسلمان مس هئا. هندن انگريزي تعليم جي حصول ۾ شروع کان وٺي ئي دلچسپي ورتي جنهن ڪري اُهي تعليمي ميدان ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا. مسلمانن انگريزي تعليم کي ڪافرن جي تعليم سڏي پاڻ کي پرڀرو رکيو. انهي پسماندگيءَ جي ذميداري ٻن گروهن جي سر تي آهي.
    هڪ مُلان، جنهن پنهنجي تدريسي هڪ هٽي کي ٽٽندي ڏٺو ۽ عام ماڻهن کي انگريزي تعليم کان ڇرڪائي متنفر ڪري پري رکيو. ٻيو هو جاگيردار ۽ وڏيرو، جنهن تعليم کي عام ٿيڻ نه پئي ڏنو، ڇاڪاڻ ته هُو عوام جي ذهني ۽ سياسي شعور جي واڌ کان نهايت ڊنل ۽ هراسيل هو.
    نئين تعليم نوان لاڙا ۽ قدرَ پيدا ڪري رهي هئي ۽ پراڻن قدرن جي پسپائي ٿي رهي هئي. اهڙي ريت گروهه انهي پسپائي ۾ پنهنجي سياسي اقتدار جي پسپائي جو عڪس ڏسي رهيو هو. بهرحال انهن ٻنهي گروهن جي مفاد پرستانه عمل ڪري هندستان / سنڌ جو مسلمان هر شعبه زندگي ۾ هندن کان پٺتي رهجي ويو. هندن جو صرف وڏو طبقو ئي تعليم ڏانهن مائل نه بلڪه وچئين طبقي ۾ به تعليم عام هُئي. انهي ڪري مُلڪي سياست ۾ اهي شاگرد مختلف سياسي تنطيمن ۾ بطور ميمبر يا گارڊ حصو وٺندا هئا. مسلمانن جي صرف مٿاهين طبقي جو اولاد تعليم حاصل ڪندو هو، انهيءَ ڪري سياسي ميدان ۾ سندن ڪارگذاري نه هئڻ جي برابر هوندي هئي. جڏهين ورهاڱو ٿيو ته مُلڪ جي نون حاڪمن اهڙن نازڪ صورتحال پيدا ڪئي جو هتان جا قديم رهواسي جيڪي هن ئي مٽيءَ جا ماڻهو هئا ۽ جن جي رڳن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي رت بنجي ڊوڙي رهيو هو. جن جي ساهه پساهه ۾ سنڌ جي هزارها ساله پراڻي سڀيتا جو رنگ رچيل هو، جن جي ذهنن ۽ ضميرن ۾ لطيف، سچل، سامي ۽ شاهه عنايت جو رس ڀريل هو، موهن جو دڙو جن جي ميراث هُئي، سنڌي ٻولي جن جي جيجل جي لولي هئي، سي آليون اکيون کڻيو رت روئندا صدين جا رشتا ناتا ٽوڙيو پنهنجي ديس ڇڏي هليا ويا.هيءُ عظيم سانحو تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي. سنڌي ادب ۾ هن المناڪ باب تي ڪئين ڪهاڻيون ۽ شعر لکيا ويا آهن، جن کي پڙهندي چاڪ چڪيو پون ۽ اسان پاڻ کي ٻانهن وڍيل ببري قوم سمجهڻ لڳون ٿا.
    اُڏري ويا وهلور وڳر
    ڪا ڪونج نه موٽي آئي آ.
    (اياز)

    اڃا سينڱ سر ۾ سڱيل ڪونجڙين تي،
    وڳر ڪي وطن کان ويڳاڻا ڏسان ٿو.
    (رنگريز)

    انهيءَ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر پڙهيل ڪڙهيل، نوڪري پيشي، واپاري ۽ شاگردن جو هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو، جنهن خال کي اسان فوري طور تي ڀرڻ جي لائق نه هئاسين. انهي ڪري موقعي جو فائدو وٺي نئين آيل خلقت اها جڳهه والارڻ شروع ڪئي. اسان جي سياسي صورتحال هيءَ هئي جو اسان جا مسلمان سنڌي وڏيرا، مير پير ۽ جاگيردار قومي شعور ۽ محبت کان خالي ۽ نون حاڪمن جا پُڇ لٽڪائو هئا، جنهن ڪري سنڌين جي لٽجندڙ قافلي جي ڪوبه نگهباني نه ڪري سگهيو. هيڏانهن وري عوام جي صورتحال هيءَ هئي ته هو جاگيرداري نظام جي شڪنجي ۾ هٿين پيرين سوگهو هو. سياست تي چند خاندانن جي اجاره داري هئي. انهيءَ ڪري عوام سياسي شعور کان وانجهيل هو. وچيون طبقو اسان وٽ اُنهن ڏينهن تقريباً نالي ماتر هو. اهي ئي اسباب هئا جن جي ڪري ورهاڱي کان پوءِ ترت سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪابه مزاحمت نه ٿي سگهي. مثلاً جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪيو ويو ته انهي فيصلي تي ڪوبه ڀرپور ۽ اثرائتو ردعمل نه ٿي سگهيو. ڪراچيءَ ۾ چند سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو، پر اهو احتجاج گورنمينٽ هائوس جي ٻوڙن ڀٿرائن ڪنن جي توجه ئي نه ڇڪائي سگهيو.
    سنڌ جي سياست تي پير، مير، جاگيردار ڇانيل هئا ۽ آهن. جن انگريزن کان خلعتون، انعام، سندون، خان بهادريون، سر وغيره جا القاب ۽ جاگيرون وٺي پنهنجا ضمير وڪرو ڪري ڇڏيا هئا. اُهي انگريز بهادر جا نمڪ خوار، وفادار، ٽوڊي، جي حضوري ۽ دلال هئا. سندن زمينن ۽ جاگيرن تي پورهيو ڪندڙ هاري ماني ڳڀي ۽ اٽي لپ لاءِ پريشان هوندا هئا پر اهي جاگيردار هڪ انگريز آفيسر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ هزارها ۽ لکين روپيا شڪار ۽ دعوتن جي رسائين تي لٽائي ڇڏيندا هئا، صاحبلوڪ ته صاحبلوڪ پر صاحبلوڪن جي ميڊمن جي جُتين کي صاف ڪرڻ به سعادت سمجهندا هئا. انگريزن اهڙن ماڻهن کي اشراف طبقو سڏي سندن پٺي ٺپري خوب جاوا ڪيا، اهي اشراف طبقي جا نمڪ حلال، خوشامدڙيا، چاپلوس ۽ جي حضوري انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به پڪا اشراف رهيا ۽ نون حاڪمن کان ڪڏهن به ڪنڌ نه ڪڍايائون. وطن سان ڪيڏا ويل وَهيا، ڌرتيءَ کي ڪيئن ڪالونائيز ڪيو ويو، ٻوليءَ سان ڪهڙِون ٺٺوليون ڪيون ويون، قومي حقن کي ڪيئن پامال ڪيو ويو... اهو سڀ ڪجهه ڏسندي وائسندي اهي اشراف چُون به ڪونه ڪڇيا، پر مرڳوئي چورن جا ساٿاري بنجي بيهي رهيا. جيڪڏهن ڪنهن قومي غيرت ۽ محبت وچان قومي مفاد جي ڳالهه ڪئي ته باهوڙجي کڻي ڳٿر ۾ جهليندا. پاڙي اوڙي، هم قوم، هم زبان ۽ هم وطن هجڻ جون سڀ حيا حقيقتون وساري ڌارين جا جاسوس بنجي پيا نوس نوس ڪندا. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي پست حال هئڻ جي ذميدار اها وڏيراڻي قيادت آهي.
    سنڌي ماڻهوءَ جي لاءِ سواءِ انهي جي ٻيو ڪوبه چاڙهو ڪونهي ته هو انهي وڏيراڻي سياست تي ڀاڙڻ ڇڏي پنهنجي پوکي ۽ پنهنجي موکي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي عوام جي ذهن ۾ اها ڳالهه پڪيءَ طرح ويهاري ويئي هئي ته سياست صرف وڏن ماڻهن کي سونهي ٿي، غريب ۽ مسڪين کي ته انهي پاسي سوچڻ به نه گهرجي. جيئن ته پيداوار جي مڙني وسيلن تي انهن وڏن ماڻهن جو قبضو هو انهيءَ ڪري سرڪار ۾ به سندن لئي هئي. ٿاڻي يا آفيس ۾ غريب ماڻهو ويندو هو ته کيس پٽ تي ويهاريندا هئا ۽ ڪو وڏو ماڻهو آيو ته ڀليڪارون به ڏيندس ۽ ڪرسيءَ تي ويهاري خبرون چارون وٺندس. ڪاموري شاهي ۽ وڏيرا شاهي جو پاڻ ۾ هميشه گهاٽو ياراڻو رهيو آهي. ڪامورا تر جي وڏيري سان رس رهائي باقي خدا جي خلق کي پيا پٽيندا ۽ کائيندا. هوڏانهن وري وڏيرو پنهنجي سياسي سگهه کي قائم رکڻ لاءِ پيو پنج ڇوڙائيندو ۽ ڏهه ٻڌائيندو. اهڙي وايو منڊل ۾ سنڌي عوام جي سياسي شعور جي خاطر خواهه واڌ نه ٿي سگهي. اڄ به اسانجو اهو وڏو طبقو ساڳئي ڪار ۾ رڌل آهي رڳو ظلم ۽ ڏاڍ جو ڍنگ بدلايو اٿس.
    پنهنجي ديس ۽ ديس واسين تي ڌارين کي آڻي مڙهيو اٿس. انهن جو پڇ لٽڪائو ٿي پنهنجي قوم جي محب وطن ماڻهن تي چغلخور بنيو بيٺو آهي.

    پاڪستان ٺهڻ کان ٻه سال پوءِ سنڌ جي سسي يعني ڪراچيءَ کي ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو، انهي ’ڪار خير‘ کي هڪڙِ سنڌي سياستدان رات ڏينهن جا کوڙ ڪري مڪمل ڪيو.

    مُون پَڪ سُڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
    (ابراهيم منشي)

    انهيءَ فيصلي جي خلاف ڪراچي جي سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو، پر انهيءَ احتجاجي آواز کي دٻڙ دونس سان دٻايو ويو. سنڌي عوام ٻڙڪ به نه ٻاڦي. مٿن اسلامي نظريه قوميت جو ايڏو ڀُوت سوار هو جو وطن وڃائڻ ۾ عار نٿي محسوس ڪيائون. پر ايڏي ڀينگ به نه هئي. ڪي محب وطن دروانديش انسان به موجود هئا جن اسيمبلي جي ايوان ۾ احتجاجي آواز بلند ڪيو.
    روزنامه جنگ ڪراچي جي 16-17 سيپٽمبر 1953ع واري اشاعت ۾ ڇپيل هيءَ خبر اُنهيءَ احتجاج جو هڪ مثال آهي.
    ”ڪراچي 15 سيپٽمبر سنڌي هڪ الڳ قوم آهن. جي . ايم . سيد جو شرانگيز نعرو. مرڪز سنڌ سان ماٽي جي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي. سنڌ کي ڪراچي واپس ڏياري وڃي يا اُنجو معاوضو ادا ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ سڀاڻي غير سرڪاري تحريڪن جو ڏينهن آهي. ايجنڊا ۾ نوَ غير سرڪاري قراردادون شامل آهن. انهي موقعي تي حزب اختلاف جو ليڊر سنڌ اسيمبلي جي نالي هڪ عرضداشت پيش ڪندو جنهن ۾ ميمبر ان سنڌ کي سنڌ جي قديم ثقافت، تمدن ۽ تاريخ ياد ڏياري ويئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته آرين جو اصل وطن سنڌ جي اولهه ۾ هو ۽ اُهي ايشيا کان نه آيا هئا. لهٰذا تاريخي، جاگرافيائي، لساني ۽ معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان سنڌ الڳ قوميت رکي ٿي. انهيءَ ڪري انسانيت اسان تي هي فرض عائد ڪري ٿي ته اسان پنهنجي ثقافت کي ترقي ڏيون ۽ اُن جو واحد ذريعو زبان آهي، انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي. مسٽر جي . ايم . سيد هڪ ٻي قرارداد ۾ چيو آهي ته سنڌ سڀ کان اول تحريڪ پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان حڪومت کي مٿي لڪائڻ جي جڳهه ڏني. لکين مهاجرن کي پناهه ڏني، پر سنڌ کي جاگرافيائي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي طرح اپاهج ڪيو ويو ۽ ڪراچي اُن کان کسي ويئي. سنڌ جي سرڪاري عمارتن تي حڪومت پاڪستان قبضو ڪري ورتو. سنڌ کي ڪراچي واپس ڏني وڃي يا اُن جو معاوضو ادا ڪيو وڃي.“
    جڏهن اُن دور جي حالت جي جائزي وٺڻ لاءِ 1948ع جي الوحيد اخبار جا پرچا ڏٺم ته معلوم ٿيو ته الوحيد وڏي ايمانداري ۽ همت کان ڪم وٺندي ڪراچي جي سوال تي اداريا لکيا ۽ مضمون ڇاپيا. الوحيد جو اِهو ڪردار قومي جدوجهد جي تاريخ جو بهترين باب آهي. الوحيد سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ ۾ به تاريخي ڪردار ادا ڪيو. اڄ جي صحافت جو معيار اڳئين جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪِريل آهي. اڄ جي صحافت سرڪاري اشتهارن ۽ مراعات تي راضي رهي حق گوئي کان پاسو ڪري عيش آرام جا ڏينهن گهاري رهي آهي. صحافت قومي زندگي جي تربيت، اوسر ۽ تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. صحافيءَ جو قلم حق جو علم هوندو آهي. ايمانداري، حق گوئي، جُرئت ۽ بيباڪي اُن جو اهم ترين خصوصيتون هونديون آهن. جيڪڏهن ڪُوڙ بدوڙ، بليڪ ميلنگ، ذاتي فائدا، ذاتي ضد، خوشامد ۽ چاپلوسي مذڪور بالا خصوصيتن جي جڳهه والاري وڃن ته پوءِ صحافت جي ڏيوالپڻي جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي.
    بهرحال ذڪر هو الوحيد جو ته الوحيد ڪراچي جي علحدگي جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ عوام جي آواز کي پنهنجن صفحن ۾ جڳهه ڏني. هيٺ ڪُجهه ٽُڪرا نموني طور پيش ڪجن ٿا.

    (1) ”ڪراچيءَ جو سوال“، ”جمهوريت يا فئشزم؟“
    هن عنوان هيٺ ڪراچي جي سنڌ کان علحدگي جي سوال جو تجزيو ڪندي انهي قدم کي غير دانشمندانه ۽ غير جمهوري قدم سڏيو.
    (الوحيد ڪراچي 16 مارچ 1948ع)
    (2) ”ڪراچي کي سنڌ کان جدا نه ڪريو.“
    رتو ديرو 21 (خاص تار)
    مسٽر عبدالفتاح (لاڙڪاڻه) جي آمد تي هتي مقامي مسلم ليگ ورڪرز سيّد وريل شاهه جي اوطاق تي ڪٺا ٿيا، جتي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ کي سخت لفظن ۾ ننديو ويو.
    (الوحيد 22 فيبروري 1948ع)
    (3) ”نه ڏينداسين ڪراچي“
    اڄ صبح 11 وڳي مهل سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس سيّدصالح محمد شاهه صاحب جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وزيرن مان آنريبل پير الاهي بخش، قاضي فضل الله ۽ ڪيترن ايم . ايل . اي حضرات شرڪت ڪئي. ميٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مسلم اسٽوڊنٽس کڏه ۽ نو آباد محلن جا ڄاموٽ، چڱا مڙس ۽ ڪيترائي مڪراني بلوچ لوڪلبورڊ هال جي حدن ۾ اچي جمع ٿيا ۽ سارو وقت هيٺين قسمن جا نعرا هڻندا رهيا. ”نه ڏينداسون ڪراچي“، ”ڪراچي ڪين ڏينداسين.“
    (الوحيد 10 فيبروري 1948ع)

    سنڌ جي هر محرومي ۽ پيڙا پنهنجي زبانان پاڻ ٻولي ويٺي:
    ٽي سئو سَٺ سنڌن، سئو ڏهوتر هڏيون،
    سڀئي سُورَ ڪَڙهن، ڪهڙي آڇيان ويڄ کي.
    (لطيف)
    سنڌ ۾ سنڌي شاگرد هلچل کي سمجهڻ لاءِ انهن سُورن صدمن جي لاڳيتي سلسلي کي سمجهڻ ضروري آهي. لهٰذا انهن جو مختصر وستار/بيان پڙهندڙن جي صحيح ڏس ۾ رهنمائي ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجندو.
    (1) ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگي، جنهن جو تفصيلي ذڪر اڳين صفحن ۾ اچي چڪو آهي.
    (2) نئين رياست ٺهڻ کانپوءِ ٻيو فوري مسئلو هندن جي ڇڏيل ملڪيتن جو هو. سن 1947ع ۾ سنڌ اسيمبلي هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو هو ته سنڌ ۾ هندن وٽ جيڪي مسلمانن جون زمينون گروي رکيل هيون سي اصل مالڪن کي موٽايون وينديون. پر مرڪزي حڪومت انهي ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ پنجاب ۾ انهي تي مڪمل نموني عمل ڪندي گروي ٿيل زمينون اصل مالڪن کي موٽايون ويون. سنڌ ۾ آيل ٻاهرين ماڻهن کي ورسائڻ لاءِ سيٽلمينٽ جا اهڙا قاعدا قانون ٺاهيا ويا جو مقامي جائيدادون ٻاهرين ماڻهن جي حوالي ٿي ويون. هن قانون ۾ هڪ فقرو هيءُ به رکيو ويو ته اُها جاءِ جنهن جي ماليت / اگهه ڏهن هزارن کان مٿي هوندو سا ڪنهن به مقامي ماڻهوءَ کي نه ڏني ويندي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻاهران آيل ماڻهن کي ڪليم داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ اُنهي ڪليم جي ثبوت ۾ ڪنهن به دستاويزي ثبوت جي گُهر بدران صرف قسم نامي کي ڪافي قرار ڏيئي پَڪل ميوي جيئن ملڪيتن کي ڪليمنٽس جي جهولين ۾ اُڇلايو ويو. ڪَن ماڻهن ۽ گروهن، جن کي اُن وقت جي سرڪار جي سرپرستي حاصل هئي، ڪُوڙن ڪليمن جو ڪاروبار ڪري راتو رات ڪروڙين ڪمائي ورتا. سنڌ ۾ ڪوڙن ڪليمن خلاف شاگردن ۽ سياستدانن طرفان گهڻي ئي واويلا مچائي ويئي، پر پلئه ڪجهه به نه پيو. جيتري قدر ياد ٿو پويم ته سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچر آرگنائيزيشن ۽ ٻين تنظيمن طرفان بُک هڙتالون به ڪرايون ويون، پر اختياري وارن جي ڪن تي جُونءَ به نه سُري، ايوب خان جي دور جي وزير آبادڪاري ليفٽيننٽ جنرل اعظم خان به اعتراف ڪيو ته:
    ”ڪليم وارن جو اهڙو گروهه به موجود آهي جيڪو پنهنجا ڪُوڙا ڪليم واپس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.“
    هن بيان مان سرڪار جي بي وسي يا ڪوڙن ڪليمنٽس جي وسيع پهچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. حڪومت طرفان بار بار اعلان ڪيا ويا ته ڪوڙن ڪليمن کي رد ڪيو ويندو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. سنڌ جي ماڻهن خلاف قانون جي ذيلي تنظيم هئي، انهيءَ ڪري اُن مستقل طرح انقلابي يا قومي پاليسي تي هلڻ جي اُميد رکڻ اجائي هُئي. ڪراچي جي مسئلي تي هن فيڊريشن جي پاليسي ۽ تحريڪ جي پويان اُنهن مسلم ليگي ميمبرن جو به هٿ هو، جيڪي ڪراچي جي علحدگي جا مخالف هئا. هن سلسلي ۾ سندن قومي جذبي کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن وقت ته اها تنظيم غير سنڌي شاگردن جو ڳڙهه آهي ۽ سندس پروگرام ۾ ترقي پسندانه انقلابي ۽ قوميتي مسئلي جو ڪوبه نقطو نه آهي.

    ون يونٽ ۽ سنڌ
    انهي کانپوءِ ون يونٽ جو مرحلو آيو، ڪلهه جو آهني انسان ۽ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو چئمپين مرحوم محمد ايوب کهڙو اقتدار جي هَوَس ۾ پگهري پاڻي ٿي ويو. کهڙي ۽ مرحوم پر علي محمد راشدي سنڌ جي سوداگري ڪري اولهه پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ قائم ڪرايو. اُن وقت جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان صرف ٽن چئن ميمبرن ’ون يونٽ جي ٺهراءُ‘ خلاف ووٽ ڪيو، باقي سڀ سدورا پُٽ هاڪاري ووٽ ڏيئي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ محڪوميءَ جو ڳٽ وجهي ويٺا. اهڙيءَ ريت سنڌ جي صديون پُراڻي حيثيت ”خودمختيار رياست“ گهٽجي ’صوبو‘ بني ۽ پوءِ ’صوبو‘ مٽجي اولهه پاڪسان يا پنجاب جو هڪ انتظامي زون بنجي ويئي. جيتوڻيڪ 19 سيپٽمبر 1957ع تي اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. پر انهي جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. هيءُ ٺهراءُ سنڌ جي هڪ سياستدان محترم غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي اسيمبلي ۾ پيس ڪيو، جنهن کي 300 ميمبرن جي ايوان مان 296 ميمبرن ووٽ ڪيو. هن مُلڪ جي سياست ۾ سياسي فيصلا سياسي ماڻهن جي بدران ’خفيه هٿن‘ طرفان ٿيندا رهيا آهن. انهي ڪري ئي سياسي عمل هميشه رنڊڪن ۽ رڪاوٽن جو شڪار رهيو آهي. انهي ڳالهه جو اهڃاڻ سابق صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڪتاب ”فرينڊس ناٽ ماسٽرس“ مان به ملي ٿو، جنهن ۾ هُن صاحب پاڻ کي ون يونٽ جي خالقن ۾ شمار ڪيو آهي. انهي بيان کي نظر ۾ رکندي 1958ع جي مارشل لا جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. مُلڪي سياست ۾ فوج جي مداخلت جو تفصيلي چِٺو سابق ايئر مارشل اصغر خان (حال صدر تحريڪ استقلال) پنهنجي ڪتاب ”جنرلس ان پالٽڪس“ ۾ پڌرو ڪيو آهي.
    جيتري قدر سنڌ جي ڏکن دردن ۽ محرومين جو تعلق آهي ته اُهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن. ڪهڙي ڪهڙي ڏک جو روئڻو روئجي. ’لطيف‘ چواڻي:
    سرجيس ته سُورَ، سامايس ته سُک ويا،
    اهي ٻئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿا.
    انگريزيءَ جي ڪلاسيڪي شاعر شيڪسپيئر پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ پنهنجي هڪ ڪردار واتان چوائي ٿو:

    ”منهنجي جان تي جيڪي به زخم آهن،
    اُنهن مان هر زخم کي زبان آهي.“
    (3) ”ڪراچي نه ڏينداسين“ صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صداءِ احتجاج، هن احتجاج ۾ وڏن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، مثلاً جڏهن ڪراچي جي علحدگي جي مخالفت ڪئي ويئي ته پاڪستان حڪومت جي هڪ وزير سنڌين کي ڌمڪايو ته ”صبر ڪريو ورنه 15 لک پناهه گير آڻي سنڌين کي بيڪار بنايو ويندو.“ انکي عملي جامو پهرائڻ لاءِ اسپيشل گاڏيون ڌڙا ڌڙ پناهه گيرن جا جٿا آڻي رهيون آهن. جڏهن پناهه گيرن جو انداز ٿر، سانگهڙ، نواب شاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ اصل سنڌين کان وڌيڪ ٿي ويندو ته ممڪن آهي ته پوءِ اسان کان اهي ضلعا به ڇڏائي جدا علائقا بنائي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو وڃي. شايد اسان سنڌين کي اُتان لڏائي ٻين ضلعن ۾ وسايو وڃي. اهڙو علائقو پوءِ ته هميشه کوٽ ۾ رهندو. انهيءَ عذر تي سنڌ کي پنجاب سان گڏائي اسان جي وجود کي مٽايو ويندو. اسان هميشه پنجاب جي غلاميءَ هيٺ رهنداسين. ڪراچي اسان جو جگر آهي. ڪراچي سنڌ جي ڪنجي آهي، ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪنڊ ڪڙڇ مان نعرو لڳايو ته ”ڪراچي نه ڏينداسون“، ”سنڌ زنده باد“، ”سنڌي زنده باد“، ”ڪراچي نه ڏينداسون“.
    (الوحيد 8 فيبروري 1948ع)


    هن احتجاجي آواز ۾ جن خدشن جو ذڪر ڪيو ويو تن مان پنجاب جي قبضي يا ون يونٽ وارو خدشو ته صحيح ثابت ٿيو. باقي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ واري ڳالهه سا به اڻ ٿيڻي نٿي ڀائنجي. ڪن حلقن پاران ڪراچي صوبي ٺاهڻ جو مطالبو اڳتي هلي رنگ لائي سگهي ٿو.
    (4) 20 فيبروري 1948ع تي جمع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ”يوم ڪراچي“ وڏي پئماني تي ملهايو ويو جنهن ۾ شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو، مظاهرا ڪيا ۽ قراردادون پاس ڪيون.
    (5) 29 جنوري 1948ع تي سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن وزيراعليٰ، گورنر سنڌ ۽ قائداعظم اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا. جڏهن شاگردن سر غلام حسين هدايت الله گورنر سنڌ سان ملاقات جي گهر ڪئي ته هن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. قائداعظم شاگردن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات ڪئي ۽ ڏيڍ ڪلاڪ بحث ڪيو.
    (الوحيد 30 جنوري 1948ع)

    اُها مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جيڪا ڪراچي جي مسئلي تي سنڌ جي شاگردن جي نمائنده تنظيم جي حيثيت سان حڪومت سان ويڙهه کائي رهي هئي، سا اڳتي هلي هڪ بدترين رجعت پرست ۽ مرڪزي حاڪمن جي ايجنٽ جماعت بنجي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا تڏا ويڙهجي ويا. هونئن به مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن مسلم ليگ هميشه سخت گير رهيون، پر ٻاهران آيل ڪوڙن ڪليمنٽس خلاف اُن جي پڪڙ ڏاڍي ڪمزور رهي. اهڙي ريت اربها روپين جون ملڪيتون يعني جايون، زمينون ۽ پلاٽ جيڪي هندو سيٺين مقامي ماڻهن کان وياجن ۽ قرضن عيوض گروي ورتيون هيون، اصل مالڪن کي ملڻ بجاءِ اوپرن آيل ماڻهن جي حوالي ٿي ويون.
    (6) ون يونٽ: سن 1955ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ پيرزاده عبدالستار کي زوري وزارت تان هٽائي هٿ ٺوڪي وزارت قائم ڪري ون يونٽ تي ووٽ ورتو ويو. ون يونٽ جو قيام پنجاب جي پُراڻي خواب جو تعبير هو. انهي کانپوءِ سنڌ جي زمين، نوڪرين ۽ ملڪيتن کي مال غنيمت طور لٽيو ويو. انهي سلسلي ۾ به اسان اڳين صفحن ۾ ڪجهه ذڪر ڪيو آهي. بهرحال ون يونٽ خلاف فوري طرح سنڌ ۾ ردعمل جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ جي سياستدانن سائين جي . ايم . سيد ۽ ٻين ون يونٽ خلاف متحده محاذ قائم ڪيو.

    متحده محاذ جو مقصد هو:
    (الف) سنڌي ماڻهن جي سڀني طبقن کي متحده ڪري ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    (ب) سنڌ جي ڦُريل ۽ ڦٻايل حقن کي حاصل ڪرڻ.
    (ٻ) سنڌ لاءِ وڌ ۾ وڌ خود مختياري وٺڻ.
    (ڀ) سنڌي زبان جي قومي حيثيت مڃرائڻ.
    هن محاذ طرفان اها به ڪوشش ڪئي ويئي ته بلوچستان ۽ سرحد سان اهڙن محاذن تي عظيم اتحاد ڪري حڪومت تي دٻا وجهجي. انهي سلسلي ۾ ڪي عملي قدم به کنيا ويا. پاڪستان نئشنل عوامي پارٽي، جنهن تي بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار طرفان پابندي عائد ڪئي ويئي، ون يونٽ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌي شاگردن هن جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ون يونٽ ٽوڙڻ جي جدوجهد ۾ شاگردن هر اول دستي طور بهادري سان ڪردار ادا ڪيو. سنڌي شاگردن جي قومي جوش، ولولي ۽ اتحاد سنڌي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن تي ايترو دٻاءُ وڌو جو اُهي سڀ مڙي اچي ون يونٽ ٽوڙ محاذ ۾ گڏ ٿيا. مونکي ياد آهي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي حيدرآباد واري بنگلي تي هن محاذ جو وڏو اجتماع ٿيو هو، جنهن ۾ انهن سڀني وڏيرن پنهنجي گذريل غلطين جي معافي گُهري ۽ سنڌ جي حقن لاءِ وڙهڻ جو عهد ڪيو. پر پوءِ ترت ئي اُهي وڏيرا ۽ رئيس آهستي آهسي ٿي کسڪندا ويا ۽ وڃي پيپلزپارٽي جي پناري پيا. انهن ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ايوب خان جي ڪئبنٽ کان علحدگي اختيار ڪري هندستان ۽ پاڪستان درميان تاشقند معاهدي جو شوشو کڙو ڪري پنجاب ۾ چڱي موچاري همدردي ۽ مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئي. ڀٽو صاحب هڪ زيرڪ قسم جو سياستدان هو ۽ عوام جي جذبات سان کيڏڻ ۾ ڪمال مهارت رکندو هو. هن هڪ طرف هندستان سان هزار سال جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪري پنجاب جي وڏي آبادي ۽ ٻين رجعت پسندن کي موهي وڌو هو ۽ انهن کي هن جي ذات ۾ نئون محمود غزنوي ۽ اورنگزيب نظر اچڻ لڳو هو. جيڪو هڪ ڏينهن دهليءَ جي لال قلعي تي سندن جهنڊو جُهلائي سندن مرتبو مٿاهون ڪندو. هن صاحب ٻي طرف اقتصادي برابري جا وڏا واڪ ڏيئي محروم ماڻهن جون دليون موهي ورتيون ۽ هنن واقعي سمجهڻ لڳو هو ته ڀٽي صاحب جي اقتدار ماڻڻ کانپوءِ اُهي ذلت جي زندگيءَ کان نجات پائي وٺندا ۽ دنيا جون سڀ آسائشون سندن اڱڻ تي اچي ڀيڙيون ٿينديون. انهي صورتحال کي تاڙيندي اسانجي وڏيرن ۽ رئيسن به سمجهيو ته عوام جي وهڪ ته ڀٽو صاحب وٺيو پيو وڃي، انهي ڪري عافيت انهيءَ ۾ آهي ته اوڏانهن لڙي پئجي. اهڙيءَ ريت استحصالي طبقو ۽ ڦريل لُٽيل طبقو ٻئي ڀٽي صاحب جي هنج ۾ ويٺا هئا ۽ هو ٻنهي جي ڳلن تي ٿڦڪيون ڏيندي ٻنهي کي ڪڏائيندو رهيو. انهي ريت عوام جي ووٽ سان اقتدار به ماڻي ويو ۽ پنهنجي طبقي جي اميري به برقرار رکي ويو.


    سنڌي شاگردن ۾ تنظيمي عمل

    ون يونٽ ٺهڻ وقت ۽ اُن کان پوءِ يعني 1955ع ۾ اُن بعد واري دور ۾ سنڌ ۽ ڪراچي اندر شاگردن جون ڪجهه تنظيمون سرگرم عمل هيون، جيئن ته مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن، انڊس اسٽوڊنٽس فيڊريشن، نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) ۽ جمعيته طلبا وغيره. انهن جماعتن جي اڳواڻيءَ تي مهاجر شاگردن جو قبضو هو. سنڌي شاگرد جيڪي هاڻي يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ اچي رهيا هئا، تن کي انهن تنظيمن سان ڪابه دلچسپي نه هئي، البته ڪي سنڌي شاگرد، شاگرد سياست ۾ دلچسپي رکڻ ڪري ڪنهن نه ڪنهن تنظيم سان سلهاڙجي ويندا هئا. اهڙي وايومنڊل ۾ سنڌي شاگردن کي پنهنجي تنظيم جي ضرورت شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي هئي. انهيءَ ضرورت جي پورائي لاءِ ”سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي نالي سان هڪ شاگرد جماعت ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر قاضي فضل حق بڻيو. (جيڪو موجوده وقت نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ آفيسر آهي.) قاضي فضل حق هڪ ٽئلينٽڊ شاگرد هئو ۽ انگريزي به سٺي ڳالهائي سگهندو هئو. انهي ڪري چڱا موچارا شاگرد هن جي چوڌاري مڙي آيا هئا، پر جيئن ته هن جي ڪابه نظرياتي وابستگي نه هئي ۽ نه ئي جماعت جي پروگرام ۾ عوامي گهرجن کي پوري ڪرڻ جو عنصر شامل هئو، انهي ڪري اها جماعت مٿئين طبقي جي چند شاگردن جي سرگرمين تائين محدود رهجي ويئي ۽ سنڌ اندر پنهنجون پاڙون ڦهلائي نه سگهي ۽ آخرڪار پنهنجو وجود به وڃائي ويٺي.

    انهي دور کان اٽڪل ٻه ٽي سال پوءِ (غالباً 1964ع ڌاري) يوسف لغاري، منير سنڌي (ماڻڪ جي نالي سان ڪهاڻيڪار مشهور ٿيو، ڄام ساقي، مهر حسين شاهه، ارباب سنڌي، عنايت ڪشميري ۽ چند ٻين دوستن هڪ جماعت ٺاهڻ جو پروگرام رٿيو. فيصلو ڪيو ويو ته في الوقت انهي جماعت کي حيدرآباد تائين محدود رکيو وڃي ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جي تنظيمي جوڙ جڪ ۾ ۽ دائره ڪار ۾ وسعت پيدا ڪئي وڃي. رٿيل پروگرام کي عملي جامو پهرائيندي انهي شاگرد جماعت جو نالو ”حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ رکيو ويو. هن جماعت جي قيام ۽ تنظيمي ڪم جي وڏي ذميداري ڄام ساقي جي سر هئي ۽ هِن ڏس ۾ ڪافي پورهيو به ڪيو. (اڳتي هلي ڪن سببن ڪري يوسف لغاري، ارباب سنڌي (ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ)، غلام قادر پليجو ۽ ٻيا ڪيترا ڪارڪن جماعت کان علحدگي اختيار ڪري ويا.)
    جماعت جي پروگرام رٿجي وڃڻ بعد فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جي چونڊڻ لاءِ ڪنوينشن ڪوٺايو وڃي. سٽاءُ اها رکي ويئي ته صبح جي وقت ڪنوينشن ٿئي ۽ شام هڪ جلسو ڪجي، جنهن ۾ محترم ذوالفقار علي ڀٽي (مرحوم) کي گهرايو وڃي، جيڪو تازو وزارت کان علحده ٿيو هئو. پروگرام مطابق چونڊون ٿيون. پهريائين ته ڳچ همراهه عهدن ماڻڻ لاءِ ڪمرون ڪشي بيٺا. منهنجي اندازي مطابق هڪ هڪ پوسٽ لاءِ ڏهه ڏهه پندرهن پندرهن همراهه اميداوار هئا، پر پوءِ ڪافي سمجهائڻ ۽ ڏي وٺ بعد هيٺيان عهديار چونڊيا ويا.

    1. صدر: يوسف لغاري (هاڻ وڪيل)
    2. نائب صدر: منير سنڌي ۽ عبدالحئي پليجو
    3. جنرل سيڪريٽري: ڄام ساقي
    4. پريس سيڪريٽري: ميرٿيٻو (جيڪو هينئر آمريڪا ۾ رهي ٿو.)

    پروگرام مطابق شام جو جامعيه عربيه هاءِ اسڪول ۾ عام جلسو ٿيو جنهن جو خاص مهمان ذوالفقار علي ڀٽو هئو، فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ڄام ساقيءَ اردو ۾ لکيل سپاسنامون پڙهيو. اها ڳالهه آيل سڀني ماڻهن کي ڏاڍي ڏکي لڳي ڇو ته جلسي جي اڪثريت سنڌي ماڻهن جي هئي. هن سپاسنامي ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ جون ڳالهيون به هيون، پر ڀٽي صاحب انهن مسئلن کي ڇهيو ئي ڪونه. هڪ ته انگريزي ۾ تقرير ڪيائين ۽ ٻيو ته رڳو پاڪستان جي پرڏيهي معاملن تي ڳالهايائين. اسان واريون توقعات ۽ اميدون ته ڀٽو ون يونٽ خلاف هن اسٽيج کان زوردار بيان ڏيئي اسان جون دليون ٺاري ڇڏيندو. سڀ اجايون ويون. ائين سمجهجي ته ساري جاکوڙ اڄائي ويئي. جڏهن ڪنهن مجمع مان چيو ته ”ون يونٽ تي ڳالهايو“ ته چيائين، ”هيءُ وقت ون يونت تي ڳالهائڻ جو ڪونهي، پرڏيهي حالتن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.“ ڀٽي صاحب کي پنجاب کان اڳتي هلي ڇا مليو، سو پاڪستان جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب آهي، افسوس ته اهو آهي ته ڀٽي صاحب جا پونير تاريخ جي هن خوني واردات مان اڃان به ڪو سبق نه پرائي رهيا آهن. سنڌ جي سياست جي قابل افسوس صورتحال اها به آهي ته سنڌ جا اهي سياستڪار جيڪي بندوق جي نالي مان آزادي ۽ انقلاب اڀارڻ جا دعويدار ۽ هٿيار بند جدوجهد کان گهٽ ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، سي به پنجاب جي عشري ۽ ناز و ادا تي موهجي پيا ۽ پاڻ تان ”سنڌي“ جو لقب لاهي ”پاڪستاني“ بنجي پيا آهن.
    ها، سو ڳالهه پي هلي حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي. اِنهي دور ۾ ڪابه وڏي سنڌ گير شاگرد جماعت اڃا پيدا نه ٿي سگهي هئي، البته مختلف شهرن ۾ مقامي شاگرد جماعتون ڪم ڪري رهيون هيون. جيئن ته نواب شاهه اسٽوڊنٽس فيڊريشن، دادو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جنهن ۾ اعجاز قريشي جيڪو هينئر سنڌ يونيورسٽي جي شعبه اقتصاديات ۾ استاد آهي، صلاح الدين پنهور، منوهر لعل ۽ حئي قريشي وغيره شامل هئا.) هالا اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جنهن ۾ رفيق، معين، ڪرم علي، عاقل، عبدالرزاق، ميگهو مل، عزيز الله وغيره شامل هئا.)
    هنن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج، زرعي ڪاليج، سنڌ لا ڪاليج، جناح لا ڪاليج، مسلم ڪاليج، سچل سرمست ڪاليج ۽ حيدرآباد جي ٻين ڪاليجن ۾ شاگرد يونين جون چونڊون ٿيون جن ۾ سنڌ يونيورسٽي يونين جو صدر يوسف لغاري ۽ نائب صدر علي نواز ڀٽو چونڊيا. (يوسف لغاري قوم پرست خيالن جو پرجوش حامي رهيو آهي. چوٿين مارچ واري واقعي ۾ اهم ڪردار رکي ٿو ۽ موجوده وقت ميرپورخاص ۾ وڪيل آهي. علي نواز ڀٽو موجوده وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم عهدي تي فائز آهي.)
    انجنيئرنگ ڪاليج جو صدر مجيب پيرزادو ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود نوراني چونڊيا. (مجيب پيرزادو پيرزادي عبدالستار جو فرزند عبدالحفيظ پيرزادي جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هيئنر وڪالت ڪري رهيو آهي. مسعود نوراني انجنيئرنگ گريجوئيٽ آهي. پر هن وقت وڪيل آهي ۽ رسالو نئون نياپو ۽ ڪچهري ڪڍندو آهي. سندس وڌيڪ ذڪر SSCO جي سلسلي ۾ ڏنو ويندو.)
    سچل سرمست ڪاليج جو صدر غلام نبي مغل (صحافي) ۽ جنرل سيڪريٽري مهر حسين شاهه ٿيا.
    (مهر حسين شاهه هينئر سرڪاري ملازم آهي.)
    سنڌ لاڪاليج جو جنرل سيڪريٽري غلام نبي مغل (غلام نبي مغل سنڌي ٻولي جو سٺو ڪهاڻيڪار ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي.) منتخب ٿيو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو صدر ڀرڳڙي (نالو ياد نه رهيو اٿم.)
    مسلم ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري علي محمد ساريجو، جناح لا ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان پيرزادو. اهو دور سال 1966ع جي پوين مهينن وارو دور هئو ۽ اهو پهريون ڀيرو هئو جو حيدرآباد جي ڪاليجن ۾ ايڏي وڏي پيماني تي سنڌي شاگرد نمائندا چونڊجي آيا. انهي شاندار ڪاميابي جي پويان وطن پرستيءَ جو اهو جذبو هو، جيڪو ون يونٽ توڙ تحريڪ جي صورت ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ سنڌ جو سڄاڻ طبقو يعني استاد، اديب ۽ دانشور پس پرده انهيءَ عمل کي منطقي نتيجي تائين پهچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو. جدوجهد ۽ قومي جاڳرتا جي تحريڪن ۾ اسم صرف اُهي ڳڻيا ويندا آهن جيڪي يا ته اڳواڻ هوندا آهن يا ڪنهن پر نمايان ۽ پڌرا هوندا آهن. سمجهيو اهو ويندو آهي ته سڀ ڪجهه انهن جي طفيل ٿي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته نهايت خاموشي سان پس پرده رهندڙ سڄاڻ انسانن جو ڪيل پورهيو ڪنهن به ريت وسارڻ لائق نه آهي. اهي ماڻهو جدوجهدن جي تاريخ جا گمنام سپاهي بنجيو رهجيو وڃن ۽ پنهنجن همعصرن جي لاڏاڻي کان پوءِ ته سندن نالي ۽ پورهئي کي ياد ڪرڻ وارو به ڪونه ٿو رهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته انهن گمنام انسانن جي يادن کي تاريخ جي دستاويز تي محفوظ ڪري ڇڏڻ گهرجي، انهن ورڪرن ۽ عام ڪارڪنن جي سچاين ۽ پورهين جي مڃتا طور انهن جي وسريل ورقن کي سهيڙي رڪارڊ تي آڻي ڇڏڻ گهرجي. جدوجهدون، پوءِ اهي شاگردن جون هجن يا سياستڪارن جون فقط اڳواڻن جي فڪر ۽ عمل جو نتيجو نه هونديون آهن، پر انهي ۾ هزارها گمنام ورڪرن جي سوچ، لوچ، پتوڙ ۽ پيار به شامل هوندو آهي. اها ورڪرن/ڪارڪنن جي سگهه، سچائي ۽ صلاحيت هوندي آهي جيڪا جدوجهدن کي اڳيان وڌائيندي آهي.
    انهن چونڊن بعد ترت ئي انهن سڀني شاگردن نمائندن طرفان ”انٽر ڪاليجئٽ باڊي“ ٺاهي ويئي، جنهن جو مقصد هو شاگردن جي مسئلن کي نبيرڻ ۽ قومي حقن جي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ. هن باڊي جو چيئرمين مسعود نوراني، وائيس چيئرمين مهر حسين شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري يوسف لغاري چونڊيا ويا. اهو پهريون موقعو هو جو سنڌي شاگردن جي اڳواڻي مڪمل طور تي سنڌي شاگردن جي هٿ ۾ آئي. جيئن ته هيءَ ”انٽر ڪالجئٽ باڊي“ فقط حيدرآباد تائين محدود هئي پر همراهن جو خيال هو ته هُن کي سنڌ ليول تي آڻجي، انهي ڪري ”آل سنڌ اسٽوڊنٽس ڪنوينشن“ گهرائڻ جي رٿ رٿي ويئي. انهي سلسلي ۾ زور شور سان تياريون به شروع ڪيون ويون ۽ تاريخ جو اعلان به ٿي ويو پر انهي دوران سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي اوچتو ئي اوچتو برطرف ڪيو ويو. هن جو ڏوهه فقط اهو هو ته هُن ذوالفقار علي ڀٽي کي (جيڪو ايوب خان جو وزير هو)، ڊاڪٽر آف لاجي اعزازي ڊگري ڏني هئي. ۽ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا لاءِ ضلع وار ڪوٽا سسٽم جو طريقو رائج ڪيو هو. ڀٽي صاحب کي ڊاڪٽر آف لا جي اعزازي ڊگري ڏيڻ واري ڳالهه تي ملڪ امير محمد خان نواب آف ڪالا باغ گورنر حڪومت اولهه پاڪستان (جيڪو چانسيلر سنڌ يونيورسٽي به هو.) کي سخت ڪاوڙ لڳي هئي ۽ ڇاڪاڻ ته نواب صاحب (مرحوم) ڀٽي سان بنهه نه ٺهندو هو، جيتوڻيڪ ٻئي ڄڻا ايوبي آمريت جا اهم ٿنڀا شمار ٿيندا هئا. انهن ٻنهي جي ڇڪتاڻ واري حالت اهڙي هئي جو اليڪشن ۾ بيهاريل حڪومت جي اميدوار کي جيڪڏهن ڀٽو مدد ڪندو هو يا هو ڀٽي سان لڳ لاڳاپي ۾ رهندو هو ته نواب صاحب بيورو ڪريسي جي سهڪار سان اُن اميدوار کي هارائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    جناب حسن علي عبدالرحمان (مرحوم) جي برطرفي تي شاگردن ۾ گهڻو تاءُ پيدا ٿيو ۽ هنن گُهر ڪئي ته ”وائيس چانسلر کي واپس آندو وڃي.“ ۽ ڪمشنر مسرور حسن کي بدلي ڪيو وڃي.
    اِهي مطالبا ڏسندي ئي ڏسندي هڪ باقاعده تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويا ۽ اڳتي هلي اها تحريڪ سنڌي شاگردن جي قومي سجاڳي جو بنياد بني.

    سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي ۽ نئين ڪئمپس ۾ شاگردن جون باقاعده گڏجاڻيون ٿين لڳيون. انهن گڏجاڻين ۾ جيڪي پرجوش تقريرون ٿينديون هيون، تن ۾ ڳالهه کي واضح ڪيو ويندو هو ته سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ اهي سڀ زيادتيون ون يونٽ جو ئي نتيجو آهن.


    4 مـــــارچ

    4 مارچ 1967ع وارو واقعو سنڌي شاگردن جي جدوجهد جي يادگار ڏينهن هئڻ سان گڏ اڳتي هلي سنڌيت جي تحريڪ جو يادگار ڏينهن به بنجي ويو. سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز هن ڏينهن جي سلسلي ۾ لکيو:
    ”چوٿين مارچ سنڌ جو مئي ڊي (May Day) آهي. اڄوڪي ڏينهن حيدرآباد ۾ سنڌ جي شاگردن انهيءَ ظلم خلاف پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀو ڪيو هو، جنهن سنڌ جي صوبي، ان جي قوميت، زبان، ثقافت، سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي برابريءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش رٿي هئي. مون کي چيو ويو ته اڄوڪي ڏينهن، مان حيدرآباد ۾هجان، ڇو ته حيدرآباد سنڌ جي سياست ۽ ثقافت جو مرڪز آهي ۽ اتي ئي سنڌ تي ٿيندڙ ظلم خلاف پهريون موثر آواز اٿيو هو ۽ سنڌي شاگردن پنهنجو ريٽو رت ڏيئي، جيئي سنڌ جي نعري سان ڪوڙ جي قلعي کي ڌوڏي ڇڏيو.“
    (ماهوار سهڻي 4 مارچ نمبر) صبح 9 ۽ 10.

    هن سلسلي ۾ مسٽر رسول بخش پليجي لکيو:
    ”4 مارچ 1967ع نه رڳو سنڌي شاگردن جي تحريڪ جي شروعات جو ڏينهن آهي، پر اهو سنڌ جي قومي جدوجهد جو به هڪ وڏو حد نشان آهي. ان ڏينهن سنڌي قوم جي هڪ مجاهد دستي اڳتي وڌي سنڌ دشمن قوتن سان آمهون سامهون ٽڪر کاڌو ۽ رت ڏنو. ان ڏينهن سنڌي شاگردن قومي جدوجهد جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ ورتي ۽ ڪيترا سال مضبوطيءَ سان اها پنهنجي هٿن ۾ جهليو آيا. سنڌي شاگردن جي اها جدوجهد پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي قومي جدوجهد جي پنجين لهر هئي. ان کان اڳ چار لهرون هي هيون. (1)محترم جي.ا يم. سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪن ٿورڙن محب وطن پارليامينٽري طريقن سان سنڌ دشمنن سان مقابلو. (2)محترم جي.ايم.سيد طرفان شخصي، علمي ۽ نظرياتي جدوجهد (3) ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ عبدالقادر جي اڳواڻيءَ هيٺ هاري ۽ قومي جدوجهد (4) محترم ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز جي اڳواڻي هيٺ علمي ۽ ادبي جدوجهد.“ (ايضاً ص 27)
    هن ڏس ۾ 4 مارچ جي هيرن محترم يوسف لغاري لکيو.
    ”4 مارچ اسان جي قومي تحريڪ جو اهو روشن ڏينهن آهي، جڏهن صدين جي غلاميءَ جي ڪٽ چڙهيل زنجيرون هڪ ٺڪاءُ سان ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويون هيون. ڌرتيءُ ماءُ کي رت جو ريج مليو هو. اڀ سڄي کي لاک لڳي هئي.

    مهراڻ جي موجن مان هڪ نئون نڪور، نج سج اُڀريو هو. جنهن جي جوت سموري سنڌ کي جرڪافي وئي هئي. هر ڪنهن من ۾ هڪ نئون جذبو، هڪ نئين اُمنگ جاڳي هئي.“ (ايضاً ص 31)
    هن مضمون ۾ محترم يوسف لغاري 4 مارچ واري واقعي جي پسمنظر ۽ بعد جي حالتن تي تفصيلي روشني وڌي آهي.
    هن سلسلي ۾ انهي دور جي هڪ ٻي شاگرد اڳواڻ جنهن جو تعلق انجنيئرنگ ڪاليج سان هئو يعني محترم مسعود نوراني لکيو آهي:
    ”4 مارچ جي تحريڪ ئي درحقيقت ٻين تحريڪن کي جنم ڏنو ۽ سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو ٻج ڇٽيو. 4 مارچ تي جنهن تحريڪ جي شروعات ٿي، انهيءَ پوءِ ون يونٽ کي ٽوڙائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو ۽ اها تحريڪ ئي هئي، جنهن سنڌ ۾ شاگرد ليڊرن جو پايو وڌو، اها تحريڪ اڃان ختم نه ٿي آهي ۽ تيستائين ختم ٿي نٿي سگهي، جيستائين سنڌين کي ۽ سنڌ کي سندس سڀئي حق نه ملندا.“ (ايضاً ص 210)
    محترم مسعود نوراني به هن واقعي جي تفصيل ۽ اُن ۾ مختلف ماڻهن جي ڪردار کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. انهي دور جي شاگرد هلچل ۾ مکيه طرح ته چند ڪردار ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، پر ٻيا به ڪيترا ڪردار آهن. جن پنهنجي پورهئي ۽ سچائي سان اِنهي تحريڪ کي مضبوط بنايو ۽ اڳتي وڌايو. اِنهن ۾ مکيه اڳواڻن سميت هيٺيان شاگرد شامل آهن.
    يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادو، مسعود نوراني، رفيق صفي، ڄام ساقي، سليم سنجراڻي، ڪامل راڄپر، لالا قادر، عبدالڪريم انصاري، رحيم سهتو، علي احمد نظاماڻي، سيف الله صديقي، آغا زاهد، رفيق صديقي، مير امداد، غلام نبي مغل، سڪندر پانڌياڻي، منور ميمڻ، شفقت شاهه ڄاموٽ، اصغر شاهه، اڪبر شاهه، سڪندر عباسي، عمر ڀٽي، رشيد ميمڻ، تاج محمد سولنگي، مسعود پيرزادو، نذير عرساڻي، عبدالحئي پليجو، رحيم سمون، نور محمد کهڙو، خليل بچاڻي، قربان پنهور، اشفاق ميمڻ، يوسف علي مرزا، محبوب انصاري، جميل آفتاب، ظفر، ڇانگو مل، انور ميمڻ، رياض خميساڻي، لالا شير خان، حسين ابڙيجو، قادر سومرو، شڪور ميمڻ، قاضي محمد حيات، نانڪ، احمد شيخ، غلام حسين چانڊيو، ربڏنو ساريجو، اقبال ترين وغيره.
    4 مارچ جي محرڪ اسباب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي هن واقعي جي هڪ اهم ڪردار محترم مجيب پيرزادي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي:
    ”1967ع ۾ جڏهن اهو واقعو ٿيو ان وقت ون يونٽ قائم هو ۽ 1956ع ۾ 1962ع جي آئين موجب سنڌ جي ڪابه حيثيت ڪانه هئي. ان وقت سنڌ جي ماڻهن ۾ احساس محرومي هو ۽ ان جو سنڌ جي شاگردن تي جيڪو اثر پيو اُن جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ان سان ملحق ٻن وڏن ڪاليجن ايل.ايم.سي ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جي يونين ۾ قومپرست شاگرد اڳواڻ کٽي آيا.
    سنڌ يونيورسٽي ۾ يوسف لغاري صدر ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ مان پريزيڊنٽ چونڊجي آياسين. ان وقت اسان سوچيو ته سنڌ جيڪا هڪ حقيقت آهي ۽ هزارها سالن کان قائم آهي ۽ موهن جي دڙي کان وٺي جنهن جو وجود رهيو آهي ۽ جنهن کي نه ايراني، افغاني ۽ نه عرب مٽائي سگهيا، ۽ نه ئي هندستان جون حڪومتون ان کي مٽائي سگهيون، اُن کي زنده ڪرڻ لاءِ ڪا تحريڪ هلائي وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ سياسي پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن تي جيئي سنڌ موومينٽ جو نالو رکيو ويو. اها هارين، مزدورن ۽ شاگردن جي موومينٽ هئي ۽ سڀ ترقي پسند قوتون ان سان لاڳاپيل هيون. ان تحريڪ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ زور ورتو. ان سان ون يونٽ قائم ڪندڙن قوتن کي خطرو محسوس ٿيو. ان ڪري انهن سوچيو ته ان تحريڪ کي ڪنهن نموني سان ڪچلجي. هاڻي ان ۾ هيءَ ڳالهه واضح هئي ته ان تحريڪ جو زور سنڌ يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل انجنيئرنگ ڪاليج ۽ ايل . ايم . سي ۾ وڌيڪ هو. ان ڪري استحصالي قوتن جي نمائندن اهو سوچيو ته V.C حسن علي کي جيڪڏهن اسان ڪڍنداسين ته هيءَ تحريڪ پوءِ زور نه وٺي سگهندي، ڇاڪاڻ ته انهن جي خيال ۾ V.C اسان جي مدد ڪري رهيو هو. ان ڪري هنن حسن علي V.C کي زوري استعيفيٰ ڏياري يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان جي Reaction ۾ شاگردن جلوس ڪڍيا ۽ اسٽرائيڪ ڪئي. ان سلسلي ۾ هڪ وڏو جلسو 4 مارچ تي حيدرآباد ۾ ٿيڻو هو، اسان سڀ ان جلسي جي انتظام لاءِ حيدرآباد ۾ هئاسين. سنڌ يونيورسٽي، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ ايل.ايم.سي جي شاگردن کي هن جلسي ۾ شريڪ ٿيڻو هو. ان لاءِ جڏهن پنجن ڇهن بسن ۾ شاگرد چڙهي روانا ٿيا ته ڪمشنر مسرور سوچيو ته شاگردن کي ڪچلڻ لاءِ اهو موقعو آهي، اتي هُنن کي سيکت ڏجي. هوڏانهن شاگرد پنجن ڇهن بسن ۾ چڙهي اچي رهيا هئا ۽ هيڏانهن جتي هاڻي راجپوتانه اسپتال ٺهيل آهي، اتي پوليس گهيرو ڪري اچي ويهي رهي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان رائيفلون، بندوقون، لٺيون ۽ آنسو گئس جو سامان کنيو روڊ بند ڪري ويهي رهيا. جڏهن بسون پهتيون ته انهن تي آنسو گئس به اڇلي ويئي ۽ لٺيون هڻي ماريو به ويو.
    ان سان شڪور ميمڻ ۽ سڪندر علي پٺاڻ ته سيريس هيا ۽ ڪيترا ڏينهن ايل.ايم.سي ۾ داخل هئا ۽ 207 شاگردن کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ته 4 مارچ لاءِ مان اهو چوندس ته اها جيئي سنڌ تحريڪ جي مٿاهين اسٽيج هئي.
    ”ان جو سڄي سنڌ تي ايترو اثر ٿيو جو ايوب خان کان پوءِ يحييٰ خان مجبور ٿيو ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ ۽ سنڌ وري هڪ صوبي جي حيثيت سان نقشي تي اُڀري.“
    (شعور پبليڪيشن چوٿين ڪڙي 4 مارچ 1988ع صفحه 25)
    4 مارچ جي سلسلي ۾ محترم يوسف ٽالپر هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي.
    ”4 مارچ جي جدوجهد صرف شاگردن جي ئي جدوجهد هئي ۽ اُن ۾ ڪنهن پارٽيءَ جو ڪو هٿ ڪونه هيو. البته شاگردن ۾ سياسي شعور آڻڻ ۾ ان وقت سائين جي . ايم . سيد جو وڏو ڪردار هيو. باقي اها جدوجهد صرف تعليمي في وغيره ختم ڪرائڻ يا صرف شاگردن جي مسئلن لاءِ نه هئي، پر اها ايوب خان خلاف جدوجهد جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي، جو پوءِ سياسي تنظيمن کي فائدو پهتو.“
    (شعور نمبر 4 مارچ 1988ع)
    مطلب ته چوٿين مارچ واري وقعي کان پوءِ سنڌي شاگردن جي فڪر ۽ سوچ تي نوان آسمان کلي پيا ۽ هنن ڄاڻي وتو ته اُهي هڪ علحده قوم آهن، جنهن کي پنهنجي ٻولي، سڀيتا ۽ ثقافت آهي. انگريزن جڏهن 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو هو. ان وقت به سنڌ هڪ الڳ، آزاد ۽ خودمختيار ديس هو، جنهن جا پنهنجا راڄ ۽ ڀاڳ هئا ۽ پنهنجيون ڇيڙيون نبيريون هيون.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي مفادن کي وڏو ڪاپاري ڌڪ 1957ع ۾ ون يونٽ ٺاهي هنيو ويو. 4 مارچ واري تحريڪ جنهن جو نعرو هيو ته ”وائيس چانسلر کي واپس آڻيو ۽ مسرور حسن کي سنڌ مان ڪڍو.“ سا اڳتي هلي ون يونٽ خلاف ڀيڪيدار آواز ۾ تبديل ٿي ويئي. 4مارچ وارو واقعو ڪيئن واقع ٿيو اُن جو ٿورڙو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. فيبروري ۽ مارچ دوران ”حسن علي کي واپس آڻڻ ۽ مسرور کي ڪڍڻ“ واري تحريڪ شدت اختيار ڪري ويئي هئي. 4 مارچ تي شاگردن جو نيو ڪئمپس ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ شام جو اولڊ ڪئمپس ۾ زبردست جلسو ڪيو ويندو. انهي ڏينهن ڪجهه شاگرد اڳ ۾ ئي اولڊ ڪئمپس پهچي چڪا هئا ۽ ڪجهه اچي رهيا هئا. نيو ڪئمپس مان چئن بسن ۾ سوار اٽڪل 207 شاگرد شهر ڏانهن روانا ٿيا. اهو پُرجوش قافلو جڏهن نعرن سان هوا ۾ گونج ڦهلائيندو موجوده راجپوتانه اسپتال واري هنڌ وٽ پهتو ته اُنهي قافلي کي پوليس ۽ رينجرز جا سپاهي اوچتو گهيرو ڪري ويا. رستي جي اُڀرندي ۽ الهندي پاسن پاڻي بيٺل هو ۽ باقي ٻن پاسن کان هٿيار بند سپاهي راهه روڪيو بيٺا هئا. ڏسندي ئي ڏسندي بنا ڪنهن چتاءُ جي ڳوڙها گيس جا شيل اُڇلايا ويا. بس ۾ ويٺل شاگرد جڏهن بسن مان لهڻ لڳا ته مسرور جا اهي بڇيل بکيا ڪتا شاگردن تي ڪاهي پيا. بندوقن جي قنداقن ۽ لٺين سان شاگردن کي ماري ماري اڌ مئو ڪيو ويو.
    ڪيترن ئي شاگردن کي جيڪي زخمي به هئا گهيلي سينٽرل جيل آندو ويو. اُها ڌرتي اُهو هنڌ سڄو رتو رت هئو. ڌرتي ماءُ پنهنجي ٻچڙن جي رک کي پنهنجي سيني سان لائي ويٺي هئي. اهو رت اُڃايل ڌرتيءَ کي ريج هئو جنهن ۾ آزاديءَ جا گلاب ڦٽڻا هئا. هيءُ هڪ معمولي واقعو نه پر سنڌي شاگردن جي قومي شعور جو اُڀار هو. هيءَ هڪ انقلاب هو جنهن ستل ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ هيڻن هڏن ۾ سگهه پيدا ڪري ڇڏي. اهڙِي ريت چوٿين مارچ سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري باب بڻجي پئي.
    چوٿين مارچ سنڌ جي قومي آزاديءَ جي جدوجهد جو اهڃاڻ بنجي پئي.
    چوٿين مارچ، سنڌي شاگردن کي اُهو اُتساهه عطا ڪيو جو سڄي سنڌ جي شاگرد برادري سنڌ جي قومي سياست جو هر اول دستور بنجي پئي.
    جيل جو ڀئو، ڏنڊا ٻيڙين جا سراپ، سوريءَ چڙهڻ جا خوف سڀ پڻي ٿي ڇڻي ڪري پيا. سنڌ جي قوم سياست کي سگهه ڏيڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ جيترو جوکم سنڌي شاگدن کنيو ۽ جيتري قرباني انهن ڏني آهي اوتري هيستائين ڪو ٻيو گروهه نه ڏيئي سگهيو آهي. جيڪڏهن سنڌي سماج جا ٻيا طبقا ۽ گروهه ايتري جوش ۽ ولولي ۽ ايتري قرباني جو اظهار ڪن ها ته شايد اسان پنهنجي منزل کي ماڻي وٺون ها يا بنهه قريب هجون ها. بلاشبه سنڌ ۾ قومي رجحان کي چوٽ تي چاڙهڻ جو سهرو شاگردن جي ئي سِر آهي. 4 مارچ کان وٺي اڄ تائين ڪو مهينو، ڪو سال اهڙو نه لنگهيو هوندو، جنهن ۾ سنڌ وطن جي انهن سورهيه سپوتن سان جيل نه ڀريل هوندا. سنڌ جا جيل ته ٺهيو، پر سنڌي شاگردن کي سنڌ کان ٻاهر جي جيل ۾ به بند رکيو ويو. اڃا تائين سنڌ جو علي حيدر شاهه ڪوٽ لکپت ۾ قابو آهي ۽ ٽوڙي جا اسير گل محمد جکراڻي، ستار موريو ۽ دودو مهيري، گهنشام پرڪاش ۽ ٻيا شاگرد حيدرآباد، سکر، نارا جيلن ۾ قيد و بند جي زندگي ڪاٽي رهيا آهن. اهي ڏاڍايون ۽ اُرهه زورايون هنن جي هانوَ ۾ تر جيتري هلڪاڻ ۽ همتن ۾ ذري برابر به جنبش نه پيدا ڪري سگهيون آهن.
    سکر سي ئي ڏينهن مون جي گهاريا بند ۾،
    وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙين مينهن،
    نير منهنجو نيهن اُجاري اڇو ڪيو.
    يا اياز جي چواڻي:
    ڪو ڪيئن نه ڊورڙي مقتل ڏي آ رت ۾ خوشبو مهندي جي،
    ڪو ڪيئن نه ڊوڙيِ زندان ڏي ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا.
    وطن جي محبت ۾ اهو به هڪ سرمستيءَ جو عالم آهي جو زنجيرن سان پيار ٿيڻ لڳندو آهي. ماڙيون ڪونه مارينديون آهن، پر ماروئڙن جو مُنجهه اُٻاڻڪو ڪندي آهي. پنهنجي ڪيئي تي پڇتاؤ نه هوندو آهي، پر هڪ قدم اڃان به اڳتي وڌڻ جو عزم هوندو آهي.
    واجهه نه وجهه وَڍ ڏي، رَت وَهي ته به رِڙهه،
    پوئين وير به وِڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي.
    (اياز)

    شاگردن جي انهيءَ بهادرانه ويڙهه جتي سياسي فڪر جا نوان گس گهڙيا اُتي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي به دعوتِ فڪر ڏني ۽ موٽ ۾ وطن دوست سنڌي اديبن ۽ شاعرن به پاڻ ملهايو. اياز جي شاعريءَ ذهنن کي جهنجهوڙيندي ۽ جذبن ۾ آڳ ۽ آلاؤ ڀريندي رهي. نياز همايوني جي نظمن ”سنڌ جاڳي پئي“ ۽ ”مڪلي“ نئون ولولو ۽ ولوڙ پيدا ڪري ڇڏيو. استاد بخاري، سرويچ، منشي، گدائي، تنوير عباسي ۽ محمد خان مجيدي ٿر بَر باهه ڀڙڪائي ڇڏي. حيدربخش جتوئي جو نظم ”جيئي سنڌ“ ته قومي تحريڪ جو مستقل ۽ عام مقبول نعرو بنجي ويو. گهر گهر ۽ ڳلي ڳلي ”جيئي سنڌ“ جي گونج گُونجڻ لڳي.
    سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو،
    سهندو ڪير ميار او يار.
    جا ٻولَ تَن کي تڙپائڻ ۽ روح کي گرمائڻ لڳا. سنڌي شاعري سنڌي سپوتن تي فڪري غذا بنجڻ لڳي ۽ ان مان هنن پورو پورو اُتساهه حاصل ڪيو. شاعريءَ کان علاوه ڪهاڻي جي کيتر ۾ ڪهاڻيڪارن به پاڻ ملهايو. امر جليل، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، آغا سليم، حميد سنڌي، طارق اشرف، ابن حيات پنهور، رسول بخش پليجو، شوڪت ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن قومي جذبي کي نوان اُفق عطا ڪيا. اهڙي ريت سنڌ جو تخليقي ۽ تحقيقي سنڌي ادب سنڌي پڙهندڙن جي ذهنن لاءِ نوان چارا ٺاهيندو نوان سج اُڀاريندو رهيو. انهيءَ دور ۾ رسالو ’روح رهاڻ‘ فقط هڪ مخزن نه پر هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري سنڌي ادب ۽ قومي جدوجهد تي وڏو احسان ڪري ويو.

    هن دؤر ۾ سياسي پليٽ فارم تي رسول بخش پليجي، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي به پاڻ ملهايو.
    چوٿين مارچ جي واقعي ۾ گرفتار ٿيل شاگرد جڏهن آزاد ٿيا ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ نون خيالن، جذبن ۽ اُمنگن جا سفير بنجي ويا. اهڙيءَ ريت اها چڻنگ هڪ شعلو بنجي پئي ۽ اهو شعلو غاصبن ۽ ڦوروئن لاءِ عذاب جان بنجي پيو. تاريخ جا ننڍڙا ننڍڙا واقعا تمام وڏن ۽ عظيم انقلابن جي راهه روشن ڪندا آهن. استاد بخاري پنهنجي هڪ گيت ۾ اهڙي صورتحال جو چٽ ڪجهه هِن ريت چٽيو آهي، جنهن مان ننڍڙين شين جي وڏي اهميت جي سُڌ پوي ٿي.
    لُڏندي لُڏي
    سچ جي ٻيڙي - پار اُڪاري وجهندي آ
    ڍرندي ڍرندي
    رات ستم جي - سِج اُڀاري وجهندي آ
    دُکندي دُکندي
    سَر جي تيلي - ٻيلا ٻاري وجهندي آ
    ڇُهندي ڇُهندي
    سنهڙي ڇيڻي - ڏونگر ڏاري وجهندي آ


    سنڌ ۾ سجاڳي جي نئين لهر

    جيئن ته ايوب جي فاشي حڪومت پنهنجي اقتدار جي مضبوطي ۽ ون يونٽ جي سلامتي لاءِ جبر جو هر هٿيار استعمال ڪيو. انهي دور جي دٻاءَ واري صورتحال جا گواهه اياز جا هي شعر آهن.
    سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو
    ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو
    يا
    هن ديس سڄي کي سائي آ
    هر شام اُفق تي، ليمي جئن
    ڇا هيڊي هيڊي آئي آ!
    ۽ اُن جي ڪاريءَ ڪان ڪان ۾،
    ڇا وحشت! ڇا تنهائي آ!

    ڪو ديوَ ڦري ٿو ڌرتيءَ تي،
    جنهن مُنهن ۾ پاتي ڇائي آ،
    ۽ ڪنڌ ڪرنگهو ماڻهوءَ جو،
    تنهن رڙڪي راڙ مچائي آ.

    جو ڀُڻڪو آهه ڀيانڪ آ،
    هر ڄاڻوءَ ڄڀ ڪپائي آ،
    ڪا جهاتي ناهه جهروڪي ۾،
    ڇا هيبت هن ڦهلائي آ.

    آ مڙَهه جي ماٺ هوائن ۾،
    هر شام هِتان جي ڪائي آ،
    پر توسان ڳالهه اجائي آ.
    اهڙي گُهٽ ٻوسٽ واري ڀيانڪ ماحول ۾ سائين جي.ايم.سيد سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ثقافتي ڪم جي واٽ ورتي. اِنهي واٽ تي هلندي هيٺيان مقصد حاصل ڪرڻ هئا.
    الف: سنڌي ماڻهن کي پنهنجي الڳ قومي وجود جي احساس ڏيارجي.
    ب: سنڌي عوام کي سندن شاندار ماضي کان واقف ڪجي.
    ج: سنڌي عوام کي پنهنجن سورهين ۽ شهيدن جي ياد ڏياري منجهن قرباني جو جذبو پيدا ڪجي.
    د: سنڌي قوم جو پنهنجي تاريخ سان ٽُٽل رشتو ڳنڍجي.
    اِنهي پروگرام کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ سنڌ وطن جي هن اورچ، اڻ ٿڪ ۽ اڏول انسان ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي. هتي هن تنظيم جو ٿورو تفصيلي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ڇاڪاڻ ته هن تنظيم سنڌي شاگردن ۽ عام ماڻهن ۾ قومي شعور جي بيداري لاءِ وقتائتو ۽ مُلهائتو ڪم ڪيو.
    23 مارچ 1966ع تي سائين جي.ايم.سيد جي نظر بنديءَ جي بندش ختم ٿيڻ تي پاڻ عملي سياست کان پاسيرو ٿي ثقافتي محاذ تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون. انهي سلسلي ۾ پهريائين پاڻ ساريءَ سنڌ جي مکيه درويشن جي درگاهن جي زيارت ڪري حالتون معلوم ڪيائون ۽ انهيءَ بعد فيصلو ڪيائون ته انهن درگاهن ۽ مزارن تي لڳندڙ ميلا عوامي رابطي جو بهترين ذريعو آهن. انهي ڪري انهن ميلن جي موقعن تي ڪانفرنسون ڪري عوام کي سنڌ جو قديم پيغام، اتحاد، امن ۽ انساني ترقيءَ جي اهميت کان آشنا ڪجي ته جيئن سنڌين مان هيٺيون ڪمزوريون ۽ نقص دُور ٿين.
    (1) سنڌي ماڻهن مان خود مطلبي جي پاڙ پٽجي.
    (2) قومي شعور جي اڻ موجودگي ختم ڪجي.
    (3) سنڌي ماڻهن ۾ پاڻ ۾ موجود نفاق ۽ نفرت ختم ٿئي.
    (4) سنڌي ماڻهن خاص طرح وڏن طبقن مان بزدلي ۽ بي همتي نڪري وڃي.
    انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بزم صوفياءِ سنڌ جي نالي سان ڪانفرنسن ڪوٺائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي مکيه اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ ٻين قومي ڪارڪنن به پاڻ ملهايو.
    هن بزم طرفان ڇهه وڏيون ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنسون ٿيون.
    پهرين ڪانفرنس ٺٽي ۾ سيّد علي شيرازي عليه رحمت جي عرس جي موقعي تي 23 جون 1966ع ۾ ٿي.
    ٻي ڪانفرنس ٻڍاپور اسٽيشن ضلع دادو ۾ حضرت داد شهيد جي درگاهه تي پهرين آگسٽ 1966ع ۾ ٿي.
    ٽين ڪانفرنس ميرپور بٺوري ۾ 23 سيپٽمبر 1966ع تي شيخ اياز جي صدارت هيٺ ٿي.
    چوٿين ڪانفرنس 29 سيپٽمبر 1966ع تي ڀٽ شاهه ۾ ٿي.
    پنجين ڪانفرنس 23 آگسٽ آڪٽومبر 1966ع جو ڊٺڙيءَ ۾ ٿي.
    ڇهين ڪانفرنس سن ۾ شاهه حيدر عليه رحمت جي عرس جي موقعي تي 18-19 نومبر 1966ع جوٿي.
    جيتوڻيڪ نيچر/انداز جي لحاظ کان اِهي ڪانفرنسون خالص علمي، ادبي ۽ ثقافتي هُيون، پر انهن ڪانفرنسن فڪري واڌ جي سلسلي ۾ بنيادي ڪم سرانجام ڏنو. اُهو ڪم جيڪو سياسي پليٽ فارم تي وقت جي جابر حڪومت ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واسطي تيار نه هئي، سو ڪم بنهه سنجيده ۽ ماٺ ميٺ واري نموني هن پليٽ فارم تان تمام اثرائتي نموني ٿي ويو. هن ڪم کي اڃان به اڳتي وڌائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اُن جا مختلف محاذ کوليا وڃن. انهي فيصلي پٽاندڙ ابتدا شاگرد برادري کان ڪئي ويئي ڇاڪاڻ ته اهو محسوس ڪيو ويو هو ته شاگرد طبقو حساس به آهي ۽ اُنهن ۾ قربانيءَ جو مادو به آهي. انهي ڪري هڪ ٺهراءُ پاس ڪري شاگردن جي هڪ تنظيم ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن“ وجود ۾ آندي ويئي. (انهي ٺهراءُ جي ڪاپي ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آهي.)
    محترم ڄام ساقي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي شاگرد جدوجهد“، جي صفحه 62 تي ايس.ايس.ڪو (SSCO) جي ٺهڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي سو ڪُجهه هن ريت آهي، پر اهو بيان اصل حقيقت کي ۽ واضح ڪرڻ کان قاصر آهي. ڄام لکيٿو:
    ”1967ع جي وچ ڌاري حيدرآباد ۾ هڪ ٻي به شاگرد جماعت ٺهي جنهن جي ٺاهڻ ۾ مسعود نوراني ۽ يوسف لغاري، پيش پيش هئا، اُها هئي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن، ان وقت بظاهر حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن (H.S.F) ۽ سنڌ اسٽوڊٽنس ڪلچرل آرگنائيزيشن (ايس.ايس.ڪو) جو فرق ليڊرن جا ذاتي اختلاف يا ايس.ايس.ڪو جو رڳو پراڻن سنڌين کي ميمبرن ڪرڻ ۽ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پروگرام سان متفق ٿيندڙ هر شاگرد ميمبر ٿي سگهيو ٿي.“
    پر جيئن ته آءٌ مٿي ذڪر ڪري آهيو آهيان ته SSCO جو ٺهڻ در حقيقت بزم صوفياءِ سنڌ جي پروگرام کي تعليمي ادارن ۾ اڳيان وڌائڻ جي سوچيل سمجهيل رٿا بندي تحت هو ته جيئن سنڌي شاگردن ۾ پنهنجي قومي وجود جي شناس پيدا ٿئي ۽ کين پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب سان اُنس پيدا ٿئي. منشور جي اعتبار کان ايس.ايس.ڪو هڪ قوم پرست تنظيم هئي، انهي ڪري ئي هن کي سڄي سنڌ ۾ پکڙجڻ جو موقعو ملي ويو.
    هن تنظيم جو پهريون چيئرمين يوسف لغاري منتخب ٿيو. وائيس چيئرمين عبدالحئي پليجو ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود نوراني ٿيو.
    هن تنظيم کي فعال بنائڻ ۾ سڀني شاگردن ساٿين جو هٿ هو پر مجيب پيرزادي ۽ مسعود نوراني گهڻي محنت ڪئي.
    هن تنظيم طرفان ترت ئي سکر ۾ هڪ ”سنڌي شام“ ملهائي ويئي جنهن ۾ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي، محترم حفيظ قريشي، سيد شمس الدين شاهه، شيخ اياز، نياز همايوني، ڄام ساقي، مجيب پرزادي، مسعود نوراني، خليل بچاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ شاگردن حصو ورتو. سکر ۾ اهو ميڙ SSCO سکر شاخ طرفان منعقد ڪرايو ويو هئو. نبي بخش کوسي، مجيب پيرزادي، عابد شاهه موسوي ۽ ارشاد پارس جي ڏينهن رات جي پگهر پورهئي هن جلسي کي ڪامياب بنايو. اهڙي ريت ڏسندي ڏسندي هن تنظيم جون شاخون ساري سنڌ ۾ قائم ٿي ويون ۽ انهن طرفان ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون. اهڙي نموني انهن سمورين سرگرمين دوران هڪ سال جو عرصو گذري ويو ۽ چوٿين مارچ جو يادگار ڏينهن به اچي سهڙيو، يعني 4 مارچ 1968ع. شاگردن ٿورڙي تعداد ۾ هئڻ باوجود به هڪ جلوس ڪڍيو. انهي ڏينهن اتفاق سان اولهه پاڪستان جو گورنر به حيدرآباد آيل هئو. شاگردن جو اهو جلوس جڏهن شهر جي شاهراهن تان ٿيندو تلڪ چاڙهيءَ جي هيٺان پهتو ته پوليس جي هڪ ٽرڪ اچي آڏو بيٺي ۽ جلوس کي ڇڙو ڇڙ ٿيڻ جي تلقين ڪرڻ لڳي، پر ”اسان ڪاهيندا پيا اچون“ جي مصداق شاگردن جلوس کي برقرار رکيو ۽ اڳتي وڌندا رهيا. اهو جلوس شهر جي شاهراهن تي مارچ ڪندو نعرا هڻندو، ڏاڍ جا ڪوٽ ڪنبائيندو اچي اولڊ ڪئمپس ۾ پُڄاڻي تي پهتو.
    انهن ڏينهن ترت ئي سنڌ جي عظيم قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو لڳو. ڀٽائي جي درٻار ۾ هر سال جيان هن ڀيري به لکين سنڌي سٻاجهڙا اچي ڀيڙا ٿيا هئا. اهو موقعو غنيمت هئو ته سنڌ جي انهن ستل سورمن کي جهنجهوڙي جاڳائجي ۽ انهن کي ڌرتيءَ جي عظيم محب وطن شاعر جي پڙ ۾ پنهنجي وجود جي بقا جو پيغام ڏجي، نعرو ڏجي ۽ اُتساهه ڏجي. جڏهن اهي لوڪ ڳوٺن ۽ واهڻن ڏانهن ورندا ته اهي نوان نعرا، نوان خيال کڻي ڳوٺاڻن تائين پهچائيندا. اهڙي ريت هڪ ئي ڌڪ ۾ اهو پيغام ڳوٺ ڳوٺ ۽ وستي وستي پهچي ويندو. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته:
    ”غلام سجاڳ ٿيڻ لڳندو آهي ته غلامي مٽجڻ لڳندي آهي.“
    اها حقيقت آهي ته اونداهي ڪيتري به ڪاري ۽ ڪيڏي به ڀيانڪ ڇو نه هجي، پر روشنين جو هڪ ڪرڻو به اُن جي ڇاتيءَ کي پَرڻ ڪري ڇڏيندو آهي.
    شاگردن هن موقعي کي غنيمت ڄاڻندي ئي بسون ڀري اچي مرشد جي پڙ ۾ پير پاتو. سڄي واٽ تي ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“، ”جيئي سنڌ سدا جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻندا ”سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ کي وڏي واڪ ڪورس جي انداز ۾ ڳائيندا ڳوٺن وٽ ترسندا، تقريرون ڪندا، پمفليٽ ورهائيندا رهيا. انهي نموني به هزارها سنڌين تائين رستي هلندي وطن جي حفاظت ۽ حقن جي حاصلات جو پيغام پهچايو ويو.
    جڏهن شاگردن جا جٿا لطيف سائين جي حضور ۾ حاضر ٿيا ته هر زبان تي هئو.
    جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏڙاڪري،
    مَرن پيون ماريون قابو آهن ڪوٽ،
    اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
    (اياز)
    لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڏيئي ڪراڙ جي ڪپ تي آيا. ڪراڙ جيڪا لطيف سائين جي تخيل جيئن شفاف سانتيڪي هئي. انهي ڪراڙ جي ڪپ تي به جيئي سنڌ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا گونجيا، ڄڻ ته پن پن مان پڙلاءُ اچي رهيو هئو ۽ لطيف جي سنڌ ڪر موڙي جاڳي رهي هئي.
    حيدرآباد مان آيل شاگردن جو تعداد ته ٻه يا ٽي سئو هوندو ته هنن جي جوش ۽ ولولي هزارن جا هشام کڻي گڏ ڪيا هئا، پوءِ شاگرد ٽولن ٽولن ۾ ورڇجي سڄي ميلي ۾ پکڙي ويا. هَر چونڪ، هر اسٽال ۽ هر هوٽل جتي ماڻهن جو چڱو چوکو ميڙ هئو، اُتي ڀڀڪيدار تقريرون ڪري ٻڌندڙن جي خيالن ۽ جذبن ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيائون. ڳوٺاڻن ماڻهن کي پنهنجن نوجوانن جي همت، جذبي ۽ سياسي فڪر تي فخر ٿيڻ لڳو. جيتوڻيڪ اها سوچ اڃا وڏي پئماني تي وسيع ۽ پختي نه ٿي هئي، تڏهن به اوساڻ چڱا هئا.
    سنڌ جي حقن جي جدوجهد لاءِ لطيف سائين جي درگاهه يا ميلو سڀ کان سٺو اظهار جو هنڌ هئو، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين جا هر سنڌيءَ جي دل ۾ ديرا هئا. لطيف ۽ سنڌ ڌرتي پاڻ ۾ سلهاڙيل هئا. لطيف سائين جي شاعري نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي ضامن هئي، پر سنڌي قوم جي شناخت جو ذريعو به. انهي ڪي جڏهن هن هنڌ تي جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا ته لطيف سائين جي سُر مارئي جي عملي تشڪيل ٿيڻ لڳي ۽،
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    واري سپني جي ساڀيان ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ سنڌ جي سڪار لاءِ اڄ تائين لطيف جو روح رڙي رهيو آهي ۽ ڏڪاريا ڏيهه مان موذي ڪونه مئا آهن، پر ايترو ضرور ٿيو آهي ته انهي سڪار لاءِ سنڌ جا سورهيه سپوت پنهنجي اُملهه حياتين جي قرباني ڏيئي منزل کي قريب ٿي رهيا آهن. جيڪي نعرا فقط يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي ايوانن ۾ گونجندا هئا، سي هاڻ ڳوٺ ڳوٺ پڙاڏا پائي رهيا آهن. سنڌي ماڻهن پنهنجي قومي حقن کي به ڄاڻي ورتو آهي ته اُنهن جي پائمال ڪندڙن کي به سُڃاڻي ورتو آهي. هاڻي سنڌي ماڻهو مذهبي برادري ۽ اسلامي نظام جي پُر فريب ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار نه آهن، ڇاڪاڻ ته هنن اِنهي ڳالهه جو شعور حاصل ڪري ورتو آهي ته سنڌ کي محڪوم ۽ مظلوم رکڻ وارا نيتن جا نيڪ نه آهن. هنن جو مقصد اسلام جي خدمت نه پر پنهنجن مخصوص مفادن جي حاصلات ۽ حفاظت لاءِ اسلام جو استعمال آهي، جيڪا ڳالهه خود اسلامي تعليمات جي لحاظ کان ظالماڻي ۽ غير شرعي آهي.
    ميلي جي چڪر لڳائڻ کان پوءِ شاگردن جو ميڙ جلوس جي شڪل ۾ ڪانفرنس هال ڏانهن وڌڻ لڳو، جتي هڪ مرڪزي وزير خزانه مسٽر اين.ايم عقيلي اچڻو هئو. جلوس جڏهن ڪانفرنس جي دروازي وٽ پهتو ته پوليس طرفان مداخلت ڪئي ويئي ۽ شاگردن کي هال اندر وڃڻ نه ڏنو ويو. پوليس اِهلڪارن سان شاگردن جي زباني ڏي وٺ ٿي ۽ شايد انهي جو چو ٻول اندر هال تائين به پهچي ويو هو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد محترم عثمان علي عيساڻي ۽ وائيس چانسلر سنڌيونيورسٽي محترم محمد صالح قريشي ٻاهر نڪري آيا. شاگردن کي ٿورڙي دير انتظار ڪرڻ لاءِ چيائون. اُن تي شاگردن وراڻيو ته جڏهن هال ۾ داخل ٿيڻ جي عام اجازت آهي ته پوءِ پوليس هنن کي ڪهڙي سبب ڪري روڪيو ۽ جيڪڏهن شاگرد دروازي تي ڪجهه دير انتظار ڪن ته پوءِ فنڪشن ختم ٿيڻ کانپوءِ اندر وڃي ڇا ڪبو. اُنهي احتجاج تي شاگردن کان ٺاپر ۾ آڻڻ لاءِ کين ٻاراڻو دلاسو ڏنو ويو ته ”توهان لاءِ موسيقي وغيره جو خاص پروگرام پيش ڪيو ويندو.“ ڪافي دير سرڪاري اهلڪارن سان منهن ماري ۽ بحث مباحثو ٿيو. ڪجهه دير بعد هن فنڪشن جو خاص مهمان مسٽر عقيلي پنهنجي ساٿين ۽ ڪامورن جي جهرمٽ ۾ اچي اسان وٽان لنگهيو. پتو پيو ته عقيلي صاحب پنهنجي تقرير پوري ڪري وڃي رهيو هئو. انهي بعد شاگردن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. اصل ماجرا جو علم پوءِ ٿيو ته عقيلي صاحب جي تقرير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سڌي نشر ٿي رهي هئي. انتظاميه سمجهيو ته جيڪڏهن شاگرد اندر اچي ويا ته اُهي ’جيئي سنڌ‘ ۽ ٻين نعرن سان هال کي گونجائي ڇڏيندا ۽ اهي آواز ريڊيائي لهرن تي سوار ٿي جهر جهنگ پکڙي ويندا. شاگردن جي اندر داخل ٿيڻ بعد ميلي جي رننگ ڪامينٽري به نشر ڪرڻ بند ڪئي ويئي. واقعي ’مائوري تنگ‘ سچ چيو هو ته: ”سامراج ڪاغذي شينهن آهي.“ ’اياز‘ به اِنهي خيال جي سهڻي انداز ۾ اُپٽار ڪئي آهي.:
    مون ڏات انوکي آندي آ،
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان.
    ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
    ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان.
    ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،
    تون هيڻُو آن هٿيارن سان.
    سڄي هال تي شاگرد ڇانئجي ويا ۽ ائين لڳو ته هيءُ لطيف سائين جي ميلي جو سرڪاري فنڪشن نه پر يونيورسٽيءَ جو ڪو فنڪشن آهي. شاگردن جي اهڙِي همت، بهادري ۽ ٻڌي ڏسندي ماڻهن جي ذهنن جا دروازا ضرور ٺڪايا هوندا ۽ هنن به سوچيو هوندو ته هن ڀُونءَ کي ڀيل کان بچائڻ لاءِ جوان جاڳيا آهن. شاگردن جي انهي دليرانه جدوجهد سنڌي ماڻهن ۾ اهو عالم تاثر پيدا ڪري ڇڏيو هو ته خٿابي (شاگرد) ڍينگن کي به ڍير ڪري ڇڏيندا. سنڌي قوم جي نجات لاءِ ماڻهن جون نگاهون شاگردن تي کتل هيون، گويا اهو پي فرض ڪيو ويو ته شاگرد ئي قومي معاملن ۾ فيصله ڪن عنصر آهن. ماڻهن جي انهي تاثر پويان صدين جي غلامين جا عذاب ۽ عقوبتون هيون، جيڪي سهندي سهندي سنڌي ماڻهو ساڻا ٿي پيا هئا ۽ هاڻي ڪنهن ازغيبي اُٿل پٿل يا جواڻ رت جي ڪرشمه سازي جا آسائتا هئا. جڏهن هنن باوجود پنهنجي ماٺ جي نوجوانن کي پرجوش انداز ۾ وڙهندو ڏٺو ته هنن کي انهي ۾ پنهنجي نجات، سرهائي ۽ سوڀَ ڏسڻ ۾ آئي.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ دور ۾ قومي جدوجهد ۾ قائدانه ڪردار ادا ڪندڙ اهو نوجوان شاگرد طبقو اڳتي هلي سياسي گروه بندين، مفاد پرستين ۽ انا پرستيءَ جو کاڄ بنجي ويو. ڪيترا شاگرد چڱيون موچاريون نوڪريون وٺي چپن کي چُنو لائي ويهي رهيا ۽ وري ڪيترا ته وقت جي جابر حاڪمن جا ڪارندا، دلال، مُڇ جا وار ٿي ويٺا. اها قبيح ۽ ڪڙي صورتحال اهڙي ماجرا هئي، جنهن سنڌ جي قومي جدوجهد کي بريءَ طرح متاثر ڪيو. ائين ڇو ٿيو؟ ڇا ائين ٿيڻ اڻ ٽر هو؟ اهي سوال ذهنن کي جهنجهوڙين ٿا ۽ جواب طلب ڪن ٿا.
    اسان جيڪڏهن صورتحال جو ناقدانه تجزيو ڪريون ته هيٺيون ڳالهيون سمجهه ۾ اچن ٿيون.
    1. هڪ ته شاگرد سماج جي هڪ ئي پَرت سان تعلق رکندڙ نه هئا. اُنهن ۾ شاهوڪار به هئا ته وچين طبقي جا به، ته غريب طبقي جا به، انهن سڀني جا طبقاتي طرح لاڳاپا، سماجي معيار ۽ مفادات هڪ جهڙا نه هئا، جنهن ڪري انهن ۾ ويڙهه ٿيڻ سڀاويڪ هئي.
    2. شاگردي هڪ مختصر مُدي وارو دور آهي، جيڪو پوري ڪرڻ کان پوءِ هر شاگرد کي پنهنجي پيشي اختيار ڪرڻ جي لازمي ضرورت پيش اچي ٿي. اها توقع رکڻ به اجائي آهي ته سڀ شاگرد پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ سياسي ورڪر بنجي رهن ۽ ڪابه ڪرت اختيار نه ڪن. انهي ڪري ضرورت جي پورائيءَ واسطي ڪن عزت ڀريو ڌنڌو اختيار ڪيو ته ڪن اجائي هَوَس خاطر حڪمرانن جا بُوٽ پالش ڪيا.
    3. سنڌي عوام جو شاگردن کي ئي پنهنجي نجات جو محور بنائڻ هڪ غير دانشمندانه فيصلو يا رايو هو، جنهن مان پاڻ هرکائي جي کوٽ ۽ خود اعتمادي جو ڪال بَکيو ٿي. ٿيڻ ائين کپندو هو ته شاگردن جي انهي بهادرانه جدوجهد کي سنڀالڻ لاءِ عوام اڳتي وڌي ها، اُنهن سان ٻانهن ٻيلي به ٿئي ها ۽ اُنهن جي ڪمزورين کي ڏڍ ڏي ها.
    اڄ جي دور ۾ ڪافي سياسي تنظيم ڪاري وڌي آهي ۽ شاگرد جيتوڻيڪ اڄ به اڳڀرو آهي، پر اُنجو ٻين طبقن سان تعلق قائم ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي هن کي اڪيلائي جو ڏنڀيندڙ احساس نه آهي.
    بهرحال اسان وري به پنهنجي ساڳئي بيان ڏانهن موٽون ٿا ته لطيف سائين جي ميلي واري واقعي کان پوءِ تُرت ئي سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين ڪاليجن ۾ شاگرد يونين جي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ۽ هڙ شاگرد اليڪشن ورڪ ۾ جنبي ويا. ڪاليجن جون چونڊون به مزيدار نموني ٿينديون آهن. ڇو ته انهن جو مزاج قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ وڏيرڪي انداز جي چونڊن کان نيارو هوندو آهي. ڪاليجن جا شاگرد پڙهيل لکيل ۽ باشعور هئڻ ڪري اُميدوار جي پوري پرک وٺي پوءِ پنهنجو ووٽ استعمال ڪندا آهن. هاڻوڪي اليڪشن ۾ ته ووٽرن اُميدوارن کي انهي ڪسوٽي تي پي پرکيو ته ان اُميدوار جو قومي جدوجهد ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار رهيو آهي. ڇا هو سنڌين جي قومي حقن لاءِ وڙهڻ جو جذبو ۽ شعور رکي ٿو يا نه؟ سنڌ يونيورسٽي ۾ هن ڀيري جيڪي شاگرد اليڪشن ۾ بيٺا تن ۾ سنڌين طرفان صدارت لاءِ يوسف ٽالپر کي نامزد ڪيو ويو. گويا صدارت لاءِ هو اڪيلو سنڌي اميدوار هو. اُنجي اُبتڙ جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ٻه شاگرد يعني ڄام ساقي ۽ يوسف علي مرزا ۽ هڪ غير سنڌي شاگرد پرويز اُميدوار بيٺا. ڄام ساقي کي شاگردن طرفان بيهاريو پي ويو، پر يوسف علي مرزا ڪنهن لڪل ٽيڪ جي سهاري تي بيٺو. هوڏانهن انجنيئرنگ ڪاليج ۾ سڀني عهدن لاءِ فقط سنڌي شاگرد بيٺا هئا، جنهن ڪري اهو خطرو نه هو ته ڪاليج جي قيادت غير سنڌين جي حوالي ٿي ويندي. نتيجن سڀني جي توجهه جو مرڪز سنڌ يونيورسٽي جي اليڪشن بنيل هئي، نتيجا ظاهر ٿيا ته يوسف ٽالپر صدر چونڊجي آيو، پر ڄام ساقيءَ کي شڪست آئي. سندس غير سنڌي حريف کٽي ويو. ائين ڇو ٿيو؟ ان جا اسان جي اندازي مطابق هيٺيان ڪارڻ هئا.
    1. جنرل سيڪريٽري لاءِ ٻه سنڌي اميدوار بيٺا جنهن ڪري ووٽ ورهائجي ويا.
    2. يونيورسٽيءَ جي ڪن اهم شخصيتن جن جي شاگردن جي سياست سان گهاٽي دلچسپي هئي، تن لاءِ ڄام قابل قبول نه هئو. اهڙي گروپ جي بنهه هڪ مکيه ماڻهوءَ کي نجي محفل ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو ته: اهو ٺيڪ ٿيو. جيڪڏهن ڄام کٽي ها ته يوسف ۽ ڄام جو ميل نه ٿي سگهي ها ڇاڪاڻ ته هڪ نواب هو ته ٻيو مسڪين.
    3. ڄام پروڪميونسٽ هئو، جنهن ۾ قومي سوچ جا عناصر نه ٿي مليا، جڏهن ته سنڌي شاگردن ۾ قومي شعور ۽ جذبو وڌندڙ هو.
    هوڏانهن انجنيئرنگ ڪاليج ۾ سڀني عهدن تي سنڌي شاگرد کٽي آيا هئا. يعني صدر مسعود نوراني جنهن کي شاگرد پيار وچان سنڌ جو جاني سڏيندا هئا ۽ جيڪو اڳتي هلي پيپلزپارٽي جي دور ۾ سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽي، غلام مصطفيٰ جتوئي جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ٿي رهيو. جنرل سيڪريٽري محمود لاڙڪ، جوائنٽ سيڪريٽري اقبال ترين جنهن جي شعله بياني جا هوڪرا هئا ۽ جيڪو بعد ۾ ريڊيو ٽي . وي ڊرامن ۾ به ڪم ڪرڻ لڳو. يوسف ٽالپر ۽ اقبال ترين جو جوڙو ڪافي سالن تائين شاگرد سياست ۾ نمايان رهيو. مسعود نوراني جيان هنجي ابتدا به قوم پرستي سان ٿي ۽ اڳتي هلي مارڪسزم جي زير اثر رهيو. اقبال ترين جي ذهن ۾ ڪي قدر نراجيت Anarchism جا اهڃاڻ به هئا. سوشل سڪريٽري غلام نبي پليجو منتخب ٿيو. جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاگرد تحريڪ جو رڪن/اڳواڻ ٿيو پر پوءِ جلدئي نوڪري جي لوڻ کاڻ ۾ رلي ملي لوڻ ٿي ويو.
    اڳوڻي سال وانگر هن ڀيري پڻ حيدرآباد جي سڀني ڪاليجن ۾ سنڌي نمائيندا اڪثريت سان چونڊجي آيا، جنهن ڪري قومي تحريڪ کي ٽيڪ ملي. سنڌي شاگردن جي فڪري اوسر ۾ ڪاليجن جي ساليانن ۽ وقت بوقت ٿيندڙ ادبي ۽ علمي تقريبن به وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهي علمي فنڪشن پوءِ چاهي اهي ’سنڌي شام‘ جي نالي ۾ هجن يا ’جشن لطيف‘ جي چاهي اهي ادبي ڪانفرنس جي نالي ۾ هجن يا مشاعرن جي صورت ۾. هر حال ۾ انهن جو رنگ روپ قومي ڪاڄ جو لڳندو هو، جتي سنڌي نوجوان پنهنجي قومي لباس شلوار قميص ۽ اجرڪ ڪلهن ۾ وجهي پنهنجي قومي ۽ ثقافتي تسلسل جو اظهار ڪندا هئا. انهي کان پوءِ ئي سنڌ ۾ اجرڪ کي هڪ قومي لباس جي سڃاڻپ ۽ مقبوليت نصيب ٿي ۽ اجرڪ سازي جو مٽجندڙ ۽ مرڻينگ پيشو ٻيهر زندهه ٿي پيو. يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ هاڻي سنڌي شاگرد نمائيندا ئي اڪثر چونڊجي ايندا هئا ۽ انهن ۾ اڪثريت قومي سوچ ۽ جذبي رکندڙن جي هوندي هئي، انهي ڪري هنن جي سياسي هلچل قومي تحريڪ ۾ جدوجهد سان سلهاڙجندي ويئي. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جيڪي فنڪشن ٿيندا هئا، انهن ۾ سنڌ جا ترقي پسندن وطن دوست اديب ۽ شاعر گهرايا ويندا هئا، راڳ رنگ جي محفل ۾ شيخ اياز ۽ نياز همايوني جا قومي گيت ڳايا ويندا هئا، جن مان نئين ٽهي کي قومي پرستيءَ جو جذبو ۽ اُتساهه حاصل ٿيندو هو. چوندا آهن ته لاٽ مان لاٽ ٻرندي آهي، سو اسان وٽ به بلڪل ائين ٿيو، هڪ ڪاليج جي فنڪشن ٻي ڪاليج جي شاگردن ۾ شوق، جذبو جاڳايو، جيڪو شعور ۽ جذبو شاگردن هتي حاصل ڪيو اهو پنهنجن ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن تائين پهچايو. اهڙي ريت سنڌ جي ٻهراڙي وارين ايراضين ۾ به اهڙا قومي ڪاڄ ٿيڻ لڳا ۽ قومي سجاڳي جو پيغام ڳوٺن تائين پهچڻ لڳو. انهي صورتحال نه رڳو سنڌ جي دشمن قوتن کي هراسان ڪيو، پر انهن جي مقامي ساٿارين جي رڌڻن ۾ به رولو وجهي ڇڏيو. هنن محسوس ڪيو ته اها سجاڳيءَ جي لهر جيڪي نئين سج ويتر وڌندي پئي اچي سا سندن سگهه ۽ زور کي هڪ ڏينهن لوڙهي ٻوڙي ويندي.
    انهيءَ ڪري انهن هِن تحريڪ جي انهن نوجوانن کي مايوس ڪرڻ ۽ مونجهارن ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ نصيحتون ڪرڻ شروع ڪيون ته:
    ”شاگرد ٻار آهن.. انهن کي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي... هنن کي ڪهڙِي خبر ته سياست ڇا ٿيندي آهي. سياستدان ٻارن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.“ وغيره وغيره.
    اھي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو سرڪاري ڌر جا سڌا طرفدار هوندا آهن ۽ پنهنجي انهي ڪردار ذريعي حاڪمن وٽ پاڻ کي مقبول بنائڻ جا جتن ڪندا آهن. انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شاگردن جو ڪم پڙهڻ ۽ امتحان پاس ڪرڻ آهي، پر هن قوم جي فرد جي حيثيت سان هنن جو اهو به فرض آهي ته اهي پنهنجي قوم جي مظلوميت، مفلسي ۽ بدحالي تي سوچين ۽ لوچين به. انهي عمل کان هنن کي پري نٿو رکي سگهجي. هتي هن ڳالهه جو ذڪر انهي ڪري به ڪيو اٿم جو اسان مان اڪثر ماڻهو انهيءَ ڳالهه جو اندازو نٿا لڳائي سگهن ته قومي يا طبقاتي جدوجهد کي سياسي ۽ فڪري محاذن تي پسپا ڪرڻ ۽ انهن ۾ قوت وجهڻ لاءِ مقامي سطح کان عالمي سطح تائين سازشون تيار ٿين ٿيون، جيڪي نهايت خفيه نموني وڏي چالاڪي ۽ عياري سان اسان وٽ عمل ۾ اچن ٿيون. ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا سفيد پوش ماڻهو جن کي الله جو ڏنو سڀ ڪجهه هوندو آهي، ڪير به انهن جي شرافت ۾ شڪ به نه ڪري سگندو، سي به انهن سازشن جا مهرا ٿي ڪم ايندا آهن. بظاهر انهن جو ڪردار همدرد، هڏ ڏوکي، اصلاح ڪار جو هوندو آهي. اُهي عوام دوستيءَ جا سياسي جُبا به اوڍيندا آهن. اُهي علم ۽ ادب جي خدمت جا وڏا واڪ به ڏيندا آهن. اُهي صحافت جي ميدان جا چمپيئن به ٿيندا آهن. انهن روپن ۽ رنگن ۾ اُهي حاڪمن جي حڪومت کي ڊيگهه ڏيارڻ لاءِ ذهني فتنا کڙا ڪندا آهن، عقيدن جو ٽڪراءُ ڪرائيندا آهن. سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سامراجي سرواڻ آمريڪا جي جمهوريت ۽ آزاديءَ جا افسانا گهڙي پيش ڪندا آهن ۽ سوشلسٽ ملڪن جي اندروني صورتحال جا ڪوڙا خوفناڪ داستان ٺاهي عوام آڏو پيش ڪندا آهن ته جيئن ماڻهو سماجوادي سوچ کان ڇرڪيل رهن، ڇاڪاڻ ته اُهي اِنهي سوچ جي سگهاري ٿيڻ سان سندن قهر جا ڪوٽ ڪري پوندا. آمريڪا جي نو آبادياتي نظام جو تاڃي پيٽو پرزا پرزا ٿي ويندو ۽ اهڙي طرح اصل مالڪ، اُنهن جا مقامي دلال سڀ متاثر ٿيندا. اهڙو ئي هڪ همراهه تازو آمريڪا ۾ ست اٺ سال گذارڻ بعد اونهاري جي موڪلن ملهائڻ لاءِ وطن واپس وريو آهي. سندس علمي فضيلت جو ڪمال اهو آهي جو ستن اٺن سالن تائين آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي باوجود به ڪا ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هو صاحب سنڌ جي موجوده صورتحال تي ڏاڍو برهم ۽ ڏمريل آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو نوجوان آمريڪا جي آقائين کي مڃتا ڏيڻ کان سرڪش ٿي بيٺو آهي ۽ هو سماجوادي وٽ وٺڻ لڳو آهي. هن صاحب اچڻ شرط چاٻيءَ جي رانديڪڙي وانگر ٻولڻ شروع ڪيو آهي ۽ آمريڪا جي ساراهه جا اُهي ڍڪ ڀرڻ شروع ڪيا اٿس، جو محسوس ٿئي ٿو ته هيءُ پڙهايل طوطو ڪا خاص مشن کڻي آيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ملڪ اڳ ۾ ئي اهڙن ويڪائو ۽ سامراجي ڍنڍورچين جهڙوڪ پير علي محمد راشدي (جنگ جو ڪالم نويس) ۽ الطاف قريشي (اردو ڊائجسٽ ۽ زندگي جو ايڊيٽر) پارن سان سٿيو پيو آهي. هن صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
    ”آمريڪي نظام حڪومت ۾ واپار جو سڄو نظام عوامي ماڻهن جي هٿ ۾ آهي. مطلب ته بئنڪون، فيڪٽريون، ملون، هوائي جهاز ٺاهڻ ۽ هلائڻ واريون ڪمپنيون ۽ ريلوي وغيره سڀ ”عوامي ماڻهن“جي ملڪيت آهن ۽ قومي ملڪيت جي ڍونگ ۾ حڪومت ”عوام“ کان اهي معاشي ذريعا کسي ڪو نه ورتا آهن. هن قسم جي نظام ۾ جيڪڏهن ڪو محنتي ماڻهو آهي ته کيس سندس زياده محنت جو زياده عيوضو ملندو. ائين نه آهي ته سڀ هڪ جهڙا تصور ڪيا وڃن ۽ نڪمي ۽ محنتي جو پگهار هڪ جيترو هجي. وغيره. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا جي اندروني پيدائش دنيا جي ملڪن کان گهڻو مٿي آهي.
    سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نظرين ۾ اعتماد رکندڙ ماڻهو آمريڪا سان صرف انهيءَ ڪري ٿا سڙن جو آمريڪا ۾ ماڻهن کي پوري آزادي حاصل آهي ۽ انهي ڪري هو دنيا جي ٻين ملڪن بنسبت تمام آسودا آهن.
    اسانجي نوجوانن ۾ به اها ”زهر افشاني“ ڪئي پئي وڃي ته هو آزاد ۽ آسودن ملڪن کي بُرو ڪري ليکن. اگر ڪو ملڪ يا ماڻهو خوشحال آهي ته اسين ڇو هِن سان حسد رکون!“
    مٿين ٽڪري مان پڙهندڙن کي پروڙ پئي ويئي هوندي ته هيءُ همراهه ڇا ٿو چاهي. ايترا سارا ساراهه جا ڍڪ ڀريندي صاحب موصوف ايتري به لڄ محسوس نه ڪئي ته هو جنهن ملڪ کي آزادي ۽ جمهوريت جو علمبردار قرار ڏيئي رهيو آهي تنهن ۾ اُتي اڇي چمڙي وارن ۽ ڪاري چمڙي وارن جو ڪيترو امتياز ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا جي ڪن خاص جاين تي ته بورڊ لڳل هوندا آهن ته ”ڪارن ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه آهي.“ يا وري هيءَ حقيقت ڪنهن کان به ڳجهي ڪونهي ته آمريڪا ۾ هيستائين ڪو به ڪارو ملڪ جو صدر، چيف جسٽس ۽ ڪمانڊر انچيف نه ٿي سگهيو آهي. ڪارن آمريڪين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي مارٽن لوٿر ڪنگ شهادت پاتي. آمريڪا ۾ اُتي جي اصل رهواسين ريڊانڊينس کي ته بنيادي حقن کان به محروم رکيو ويو آهي. ڇا اِها آهي اُها آزادي ۽ جمهوريت، جنهن جي مثال کي پيش ڪندي سامراجي دلال ۽ ڍنڍورچي ڍاپن ئي نٿا.
    اِها ته ملڪ اندر صورتحال، پر آمريڪا دنيا جي هن گولي تي جيڪي قهر ڪيا آهن سي به تاريخ جو حصو آهي. ويٽنام تي فوجي چڙهائي، اُتي جي ڳوٺن ۽ شهرن تي گوله باريون ”مي لاني“ جو قتل عام جنهن تي دنيا جي حق پرست ماڻهن جي ضميرن کي جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ برطانيه جي عظيم فلاسافر برٽينڊرسل آمريڪي ظلمن جي چڪاس لاءِ هڪ ٽريبونل قائم ڪري آمريڪا جي درندگيءَ کي وائکو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت کي هٿيار ڪير ٿو سپلاءِ ڪري ۽ اقتصادي امداد ڪير ٿو ڏي. ڏکڻ آفريڪا جي اصل رهواسي ڪارن تي اڇن جي اقليت ڪنهن حڪمران بڻائي، ڪارن کي حيواني زندگي گهارڻ تي مجبور ڪيو آهي. وچ اوڀر ۾ اسرائيلي حڪومت جو قيام ۽يهودين جي آباد ڪاري لاءِ ڪير ذميدار آهي. ڇا اِها ڪا لڪل ڳالهه آهي ته آمريڪا جي ڏڍ ۽ ڏاڍ تي ئي فلسطين مان اُتي جي اصل رهوسين کي جلاوطن ڪيو ويو آهي. سالن کان انهن جي نسل ڪشي جو ڪڌو عمل جاري آهي. سنڌ جو نوجوان پڙهي، پروڙي ۽ عالمي صورتحال جو تجربو ڪري ٿو. هنن جيڪا واٽ ورتي آهي. سا سوچي سمجهي ورتي آهي. هو جڏهن آمريڪا کي سامراج قرار ڏي ٿو ته هڪ تاريخي حقيقت جي گواهي ڏي ٿو. سنڌ جو نوجوان شعوري طور ڪافي اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ آءُ يقين سان چوان ٿو ته پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي شاگردن ۾ ايتري فڪري بلندي ۽ گهرائي نه آهي جيتري سنڌي شاگرد ۾ آهن.


    سنڌ ۾ نيون شاگرد تنظيمون

    حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي سنڌ سطح جي تنظيم بنائڻ لاءِ سنڌ اسٽوڊنس ڪنويشن ڪوٺايو جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪراچيءَ جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي. هن جماعت جو نالو-سنڌ نيشنل اسٽوڊينس فيڊريشن رکيو ويو، جنهن جا عهديدار هيٺين ريت چونڊيا ويا.
    صدر-ڄام ساقي
    نائب صدر- اعجاز قريشي-نديم اختر
    جنرل سيڪريٽري-شاهه محمد شاهه ۽ مسعود پيرزادو
    پريس سيڪريٽري-مهر حسين شاهه
    سوشل سيڪريٽري-عبدالحئي پليجو
    شام جو جلسو ڪرايو ويو، جنهن جو افتتاح سنڌ جي جهوني سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪيو ۽ صدارت سائين جي. ايم. سيد جي تصوير کان ڪرائي ويئي ۽ مهمان خصوصي اجمل خٽڪ هو. جلسي ۾ پهريون ڀيرو شهيد هيمون ڪالاڻي جا فوٽو وڏي تعداد ۾ ورهايا ويا. اهڙيءَ ريت شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جي ياد کي تازو ڪري سنڌ عوام کي پنهنجن سورمن ۽ شهيد سان آشنا ڪيو ويو، شيخ اياز لکيو هو ته:
    ”جڏهن ڪا قوم مرده ٿيندي آهي ته ان کي ماضيءَ سان محبت نئين زندگي عطا ڪندي آهي.“
    شهيد هميون ڪالاڻي هجي يا شهيد هوش محمد، شهيد ڏاهر اعظم هجي يا شهيد دودو، شهيد مخدوم بلاول هجي يا شهيد دريا خان، انهن سڀني جي ياد سنڌي قوم ۽ ان جي نوجوانن کي پنهنجي وجود جي ڄاڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي سُڌ ڏني. اسانجا سورما ۽ اسانجا شهيد هڪ مقدس مِشن جا امين هئا. انهي مقدس ڪم کي سرانجام ڏيندي هنن پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيون، اُها مِشن يا اُهو ڪم هو سنڌ ڌرتي آزادي ۽ خودمختياري جو.
    اسانجي حاڪمن نه رڳو اسان تي سياسي قبضو ڄمايو هو، پر اسانجي ذهنن مان پنهنجي علحده قومي حيثيت جي سڃاڻپ کي ڇني وٺڻ لاءِ ثقافتي برابري جا به حربا هلايا. هنن اسانجي تهذيب کي ڪافر. هندوئن جي تهذيب قرار ڏيئي اسان کي سندن تهذيب جو شائق ۽ متوالو بڻايو. هنن اسانجي نصابي ڪتابن ۾ پنهنجن سورمن کي اسان تي مڙهيو ۽ اسان کي مجبور ڪيو ويو ته اسان انهن جي آڻ مڃون ۽ انهن جي عزت ڪريون اسان جي نصابي ڪتابن مان ڪنهن ۾ به سنڌ جي عظمت ۽ سنڌ جي سورمن جي ذڪر کي شامل نه ڪيو ويو. اسانجي ماضيءَ کي ڌڪار لائق قرار ڏيئي اسان جي ذهنن ۾ اهو بُس ڀريو ويو ته توهان جو ڪو ماضي ڪونهي، جيڪڏهن ڪو آهي ته توهان جو مسلمان هئڻ جي ناتي ان ان سان ڪوبه تعلق نه رهيو آهي. انهي ڪري هنن سنڌ کي سنڌ سڏڻ بجاءِ ”باب الاسلام“ سڏڻ جي پروپئگنڊا ڪئي. هنن اسانجي شهرن جي روڊن، ڳلين، پارڪن، ڪاليجن، اسڪولن ۽ پاڙن کي به مشرف به اسلام ڪري انهن تي پنهنجن اڳواڻن جا نالا رکيا. اسان جي ڪن سڄاڻ ۽ وطن پرست ماڻهن جڏهن اهڙن ڪڌن ڪرتوتن خلاف آواز اٿاريو ته انهن کي ملڪ دشمن، اسلام دشمن قرار ڏيئي بدنام ڪيو ويو. اسلام جي مقدس نالي کي هر هنڌ ۽ هر گهڙي اسانجي خلاف اهڙي ريت استعمال ڪيو ويو جو ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته شايد اسلام اصل ۾ پيدا ئي انهن وٽ ٿيو آهي. اهڙين دشوار حالتن ۾ سنڌي ماڻهوءَ کي اگهور ننڊ مان جهنجهوڙي جاڳائڻ جو جوکم ڀريو ڪم ٽن ڌرين والهانه انداز ۾ سرانجام ڏنو. هڪ سائين جي. ايم سيد، جنهن سنڌ جي ماڻهوءَ کي پنهنجي وڃايل وجود جي احساس کان آشنا ۽ آگاهه ڪيو ۽ جيڪا مِشن هو اڄ به پورو ڪري رهيو آهي.

    سُتي سيج هياس، مُون کي آهه اُٿاريو،
    جنين جاڳاياس، آئون نه جينئدي اُن ري.
    (لطيف)

    ٻيو سنڌي شاگرد، جنهن پنهنجا سک، آرام ڦٽائي سنڌ جي سياسي دنيا ۾ وڏي ولوڙ پيدا ڪري ڇڏي. ٽيون سنڌي اديب ۽ شاعر جنهن سنڌين جي تصور کي لفظن جو سهڻو روپ ڏيئي ذهنن جا تاڪ کولي ڇڏيا ۽ اندر ۾ مٽيءَ سان محبت جا پيچ پختا ڪري ڇڏيا.
    شاگردن جي هلچل کان خائف ٿي حڪومت وڌيڪ سخت گيري ڪئي، شاگردن جون گرفتاريون عمل ۾ آيون. انهن ۾ يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، ڄام ساقي، لالا قادر، اقبال ترين، مير ٿيٻو، هدايت حسين، نديم اختر، عنايت ڪاشميري، غلام محمد ساريو ۽ شوڪت سنڌي شامل هئا. ٿوري ئي وقت ۾ حڪومت خلاف ملڪ گير تحريڪ شروع ٿي ويئي. جنهن جي نتيجي۾ ڪراچي، راولپنڊي، ڊاڪا ۽ چٽا گانگ ۾ ڪيترائي شاگرد شهيد ٿيا. انهي عوامي تحريڪ دوران جنرل اعظم خان حيدرآباد جي دوري تي آيو. حيدرآباد ۾ اچڻ وقت ريلوي اسٽيشن تي هن جو استقبال ڪيو ويو. هن جي استقبال لاءِ ٽيهه چاليهه سنڌي شاگرد پڻ ”جيئي سنڌ“ ”مرسون مرسون. مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جا بينر کڻي پليٽ فارم تي پهچي ويا. هنن پليٽ فارم تي پهچڻ شرط ”جيئي سنڌ“ ”ون يونٽ ٽوڙيو“ جا زبردست نعرا هنيا. جنهن تي ٻين غير سنڌي ماڻهن اعتراض ڪيو، پر هنن اعتراض جا ڪابه پرواهه نه ڪئي. هنن سان چار پنج غير سنڌي شاگرد پڻ هئا. پليٽ فارم تي ٻه ٽي هزار ماڻهو موجود هئا. ٿوري دير کان پوءِ جنرل اعظم ٽرين ۾ آيو ۽ کيس جلوس جي شڪل ۾ گاڏي کاتي ڏانهن نيو پيو ويو.سنڌ شاگرد سڄي جلوس ۾ نعرا هڻندا جلوس سان گڏ هلندا رهيا، ٿوري دير لاءِ سنڌي ۽ مهاجر شاگردن درميان نعرن جي ڏي وٺ به ٿي پر جلوس جڏهن جاگيردار هوٽل وٽ پهتو ته سنڌي شآگردن تي غير سنڌين (مهاجر) طرفان حملو ڪيو ويو، پر سنڌي شاگرد ڌڪ کائيندا، مقابلو ڪندا نعرا هڻندا اڳتي وڌندا رهيا.
    هيءَ اهو دور هو جڏهن ايوب خان جي خلاف تحريڪ زورن تي هئي، انهي دوران ايئر مارشل اصغر خان جيڪو ايوب خان خلاف پيش پيش هو حيدرآباد جي دوري تي آيو. جيئن ته اصغر خان ڪار ذريعي ڪراچي کان حيدرآباد اچي رهيو هو، انهي ڪري سندس آجيان راڻي باغ وٽ ڪئي ويئي ته جيئن کيس جلوس جي شڪل ۾ شهر ڏانهن آندو وڃي. سندس آجيان لاءِ اٽڪل اٺ ڏهه هزار ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. سنڌي شاگرد ٻن سئون جي تعداد ۾ بينر کڻي اُتي پهچي ويا. هنن اتي بيج به وڏي انداز ۾ ورهايا، جڏهن اصغر خان پهتو ته جلوس شهر ڏانهن رخ رکيو، جلوس جي اڳيان سنڌي شاگرد ”جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻندا جلوس سان گڏ هلندارهيا. واٽ تي ٿوري ڏي وٺ پڻ ٿي، پر جلوس اڳيان وڌندو رهيو، جلوس جڏهن گاڏي کاتي ۾ سلطان وٽ پهتو ته جلوس ۾ شريڪ ملان جن جي هٿن ۾ بينر هئا ۽ جن تي ”پاڪستان ڪا مطلب ڪيا“ ”لاالھ الاالللھ“ لکيل هو تن مان ڏانڊا ڪڍي اسان تي ڪاهي پيا. اٽڪل اڌ ڪلاڪ اهو جهڳڙو هليو ۽ ٻنهي طرفن جا ڪافي ماڻهو زخمي ٿيا پر غلام نبي پليجي ۽ ايوب کي ڪافي ڌڪ لڳا. انهي جلوس ۾ اقبال ميمڻ، غلام قادر پليجي، عبدالحليم پليجي، حمزي خان پليجي ۽ پناهه جگر سنڌي کي به ڌڪ لڳا. انهي کان پوءِ اصغر سنڌ جي دوري تي جتي به ويو اتي سندس استقبال جيئي سنڌ جي نعرن سان ڪيو ويو. دادو ۾ صلاح الدين پنهور، مهتاب شاهه، عبدالحئي قريشي، نوابشاهه ۾ شاهه محمد عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، اسماعيل وساڻ، احمد خان جمالي ۽ عزيز ميمڻ، ٺٽي ۾ اوڀائي خشڪ ۽ عقيلي انهن جلسن جلوسن ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهي کان جلد پوءِ سڀني گرفتار ٿيل شاگردن کي ”رويو بورڊ“ جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کين آزاد ڪري ڇڏيو. حيدرآباد پهچڻ تي شاگرد اڳواڻن جو عظيم الشان استقبال ڪيو ويو، حيدرآباد جي فضا”جيئي سنڌ“ جي نعرن سان ٻُرڻ لڳي.
    هاڻي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن جون نيئن سر چونڊون ٿيون جنهن ۾ مسعود نوراني کي چيئرمين، لالا قادر ۽ اقبال ترين نائب صدر، غلام قادر پليجو جنرل سيڪريٽري، گوهر شاهه جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيا. سڀئي آزاد ٿيل شاگرد عوامي رابطي مهم لاءِ سنڌ جي دوري تي نڪري پيا. هو جتي به ويا اتي وڏي عزت ۽ مان پاتائون ۽ سندس عاليشان آجياڻا ٿيا. اهو دورو هلندڙ ئي هئو ته بلڙي شاهه ڪريم ۾ مقامي شاگردن جي جلوس تي پنجابي آبادگارن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت ”بلو پنهور“ شهيد ٿيو. بلو پنهور جيئي سنڌ تحريڪ جو شهيد اول آهي، پر افسوس هن ڳالهه جو آهي ته هن شهيد جي قبر نهايت زبون حالت ۾ پنهنجي بي زباني سان اسان سنڌين جي بي پرواهي، لاتعلقي ۽ بي حسيءَ تي ماتم ڪري رهي آهي. ٻڌڻ ۾ آيو هئو ته جڏهن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي بنگلي تي سنڌ متحده محاذ جو جلسو ٿيو هئو جنهن ۾ سنڌ جو ذات وڏو ماڻهو شريڪ ٿيو هو ته ڪن ماڻهن شهيد بلو پنهور جي يادگار قائم ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي چندو ميڙيو هئو، افسوس جو لائق هيءَ ڳالهه آهي ته شهيد جي نالي ۾ چندو اُڳاڙي ڪري نه اُها رقم اُن جي مسڪين پونيرن کي ڏني ويئي ۽ نه ڪو يادگار قائم ڪيو ويو. يادگار ته ٺهيو پر رڳو قبر تي سِرن سان ڪا چوڪنڊي به نه ٺهرائي ويئي ۽ نه ڪو ڪُتبو لڳايو ويو. جيڪڏهن قومي ڪارڪن پنهنجي شهيدن جو خون به نيلام ڪرڻ لڳن ته پوءِ قوم جي قسمت جو حال ۽ حشر ڪهڙو ٿيندو سو سمجهه کان ٻاهر نه آهي. انهي چندي جي اُڳاڙي ۽ کپت جا ڦاٽ تڏهن ڦاٽا جڏهن SSCO جي مسعود نورانيءَ جا رسول بخش پليجي سان اختلاف ٿيا ۽ هو انهن کان الڳ ٿي ويو. علحدگي کي اڃا ٿورڙا ئي ڏينهن ٿيا هئا ته پناهه جگر جي نالي سان مسعود نورانيءَ خلاف بيشمار الزامن تي مشتمل هڪ پمفليٽ ”ڏي جواب“ جي نالي سان پڌرو ٿيو. انهيءَ پمفليٽ جي جواب ۾ خليل بچاڻي جي نالي سان ”وٺ جواب ۽ ڏي جواب“ جي عنوان سان جوابي پمفليٽ پڌرو ٿيو. انهن پمفليٽن ٻين ڪيترن رازن کان پردا هٽائڻ سان گڏ انهيءَ راز تان به پردو هٽائي ڳُجهه اندر جي ڳالهه کي پڌرو ڪري ڇڏيو. بهرحال اهي ماضيءَ جون ڪڙيون مٺيون ڳالهيون هيون، جيڪي ماضيءَ جي مزارن ۾ دفن ٿي ويون ۽ ڌرين جا زخم به ڀرجي ويا ۽ هاڻي ته مسعود ۽ پليجو صاحب کير کنڊ ٿي ويا آهن ۽ مسعود پليجي صاحب جي ”سنڌ سُڄاڻ سڀا“ جو حصو آهي. جڏهن ”بلو پنهور“ جي شهادت جي خبر ٽنڊو محمد خان، ماتلي، حيدرآباد، ميرپور بٺورو، دڙو ۽ سجاول پهتي ته سوين شاگرد ۽ نوجوان اچي بلڙي ۾ گڏ ٿيا.
    ماڻهن جي وڏي ميڙ جنازي ۾ شرڪت ڪئي. ٻي ڏينهن به سڄو شهر بند رهيو ۽ شاگردن جلوس ڪڍيو ۽ قاتلن جي گهر تي حملو ڪيو ۽ اهي ان کان اڳ فرار ٿي چڪا هئا. مقامي ماڻهن ۾ پنجابين خلاف ڪافي تاءُ هئو، رات وچ ۾ ڪي نامعلوم شهر ۾ موجود پنجابين جي دڪانن کي ٽوڙي مال کڻي ويا. آسپاس جي پنجابي آبادگارن ۾ ايترو هراس پکڙيو جو ڪيترا ته زمينون ڇڏي پنجاب هليا ويا. وري تڏهن موٽيا جڏهن ملڪ ۾ يحيٰ خان واري مارشل لا لڳي. شهيد بلو پنهور جا قاتل جيل ۾ هئا، پر پوءِ ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ اماڻيو ويو، جتي انهن جي ضمانت به ٿي ۽ ڪيس مان رهائي به.
    ايوب خان جي آمريت ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ جاري هئي ته حيدرآباد ۾ خالد سنڌي جي اڳواڻي هيٺ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنهن اعلان ڪيو ته علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪجي ٿو ۽ اهو تيستائين جاري رهندو جيستائين ون يونٽ کي نه ٽوڙيو ويو آهي. پهريائين خالد سنڌ 67 ڪلاڪن جي بک هڙتال تي ويٺو ۽ پوءِ سڄي سنڌ ۾ بک هڙتالن جو سلسلو شروع ٿي ويو. انهي دوران راولپنڊي ۾ ڊئڪ DAC جي ميٽنگ شروع ٿيڻ واري هئي جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تقريباً پاڪستان جا سڀ مکيه سياسي اڳواڻ لاهور ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. دادو ۽ حيدرآباد کان اٽڪل ٽيهارو کن شاگرد سهي سنڀري لاهور روانا ٿيا ته اتي آيل سياسي اڳواڻن تي دٻاءَ وجهجي ته اهي DAC جي گڏجاڻي ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ جو مطالبو به ڪن. دادو مان لاهور ويل شاگردن ۾ صلاح الدين پنهور، احمد خان ملڪاڻي، غلام محمد ملڪاڻي، عبدالحئي قريشي ۽ اعجاز قريشي شامل هئا ۽ حيدرآباد مان مسعود نوراني، اشفاق ميمڻ، غلام قادر پليجو ۽ ٻيا ويا هئا. سنڌي شاگردن جو اهو بنهه همت ڀريو تاريخي قدم هئو جو انهن اولهه پاڪستان سرڪار جي گادي واري شهر ۾ وڃي سنڌ جي حقن جو آواز بلند ڪيو. اهو آواز ”هونئن ته پارليامينٽري پليٽ فارم تي 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ بعد ترت اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ سنڌ سچار ۽ وطن پرست سياستدانن سائين. جي. ايم سيد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي ڪوششن سان اٿاريو ويو هو ۽ سياسي حڪمت عملي جي ذريعي اولهه پاڪستان اسيمبليءَ کان ون يونٽ ٽوڙائڻ جو ٺهرءَ به پاس ڪرائي ورتو هو، اها پارليامينٽري سياست جي وڏي ڪاميابي هئي، جڏهن يحيٰ خان 1969ع ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ته انهيءَ اعلان ۾ اسيمبلي جي اُنهيءَ قرارداد جو به حوالو ڏنو هئائين. سنڌي شاگردن سياسي اڳواڻن سان ڳالهائڻ سان گڏ لاهور ۾ ون يونٽ خلاف هزارين جي تعداد ۾ پمفليٽ ورهايا. جڏهن عوامي ليگ جو صدر محترم (مرحوم) شيخ مجيب الرحمان لاهور هوائي اڏي تي پهتو ته سنڌي شاگردن ”جيئي سنڌ“ ۽ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي اُڀ ڏاريندڙ نعرن سان سندس استقبال ڪيو. هتي سرڪار جي دلالن ۽ جميعت جي غنڊن مٿن حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ هنن مڙسي سان منهن ڏيندي انهيءَ عزم جو اظهار ڪيو ته اسان ون يونٽ ٽوڙائڻ کان سواءِ واپس سنڌ نه وينداسين. انهيءَ ساري ماجرا کي لاهور جي اخبارن خوب رنگ ڏيئي ڇاپيو ته ”جيئي سنڌ وارا لاهور پهچي ويا آهن پر پنجاب جا سياستدان خاموش ڇو آهن؟“ انهيءَ پروپئگنڊا جو تاثر چڻ هيءُ هئو ته جيئي سنڌ جي ڪا فوج لاهور تي چڙهائي ڪري آئي آهي ۽ پنجاب وارن کي ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيڻ گهرجي. پروپئگنڊا جي انهيءَ مهم ۾ اخبار ”امروز“ ۽ ”نواءِ وقت“ پيش پيش هيون.

    انهيءَ دوران سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن (SSCO) طرفان 4 مارچ جو ڏينهن عظيم الشان نموني ملهائڻ جي سڏ ڏنو ويو. هونئن ته سڄي سنڌ ۾ هيءَ ڏينهن ملهايو ويو، پر انهيءَ سلسلي جو عظيم الشان جلسو ۽ جلوس حيدرآباد ۾ ٿيو، جتي سموري سنڌ مان ٽرڪن، بسن، موٽرن، ريلواين ۾ لکها سنڌي اچي ڀيڙا ٿيا. هن اجتماع ڪٺي ڪرڻ جي سلسلي ۾ محترم حفيظ قريشي، رسول بخش پليجي، يوسف ٽالپر، يوسف لغاري، مسعود نوراني ۽ ٻين سنڌ جا دورا ڪري سنڌي عوام کي هن اجتماع ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. انهيءَ ڪم ۾ محترم حفيظ قريشي جنهن کي سائين جي. ايم. سيد سنڌ جو ابوالڪلام چوندو آهي، جي شعله نوا تقريرن وڏو ڪردار ادا ڪيو. وطن سان وچن پاڙڻ جو اهو عظيم مظاهرو سنڌ جي قومي جدوجهد جي تاريخ جو يادگار باب آهي، جڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اٽڪل ٻه لک پٽڪي وَرَ حيدرآباد شهر پهتا ته ساري حيدرآباد جي رونق ئي ڪجهه ٻي ٿي ويئي. حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌي ايئن محسوس ڪرڻ لڳا ته اُهي غلام شاهه ڪلهوڙي جي هن شهر ۾ اڪيلا نه آهن. جڏهن به هنن تي ڪا آفت آئي ته سڄي سنڌ انهن لاءِ اُٿلي پوندي. انهيءَ جلسي شهري سنڌي کي ٻهراڙي جي سنڌي سان سلهاڙي ڇڏيو، اها اسانجي قومي زندگي جي ڪيڏي نه وڏي ٽريجڊي آهي، جو اسان جي وطن جي شهرن ۾ اسان سنڌي ويچارا ۽ غير محفوظ ٿي ويا آهيون.
    4 مارچ جو هيءَ تاريخي جلوس سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئپس وٽان نڪتو. ڪي ماڻهو گهوڙا گاڏين، ڪي ٽرڪن، ڪي پيدل جٿن جي صورت ۾ نعرا هڻندا ظلم ۽ جبر جا ڪوٽ ڪنبائيندا شهر جي مکيه رستن تان چڪر ڪاٽيندا پڪي قلعي ۾ جنرل هوش محمد شهيد جي قبر تي سلامتي ڏيندا، وري ساڳئي ضابطي سان جلوس جي شڪل ۾ واپس اولڊ ڪئمپس پهتا. سنڌڙي جي اولاد جو جوش ۽ جنون ڏسڻ وٽان هئو. هرَ من ۾ مهراڻ جي موج ۽ سنڌ ساگر جي هيبت هئي. هي ڏسڻ ۾ ڏٻرا اٻالڙا مارو ماڻهو آهني عزم جا ڌڻي آهن. فقط هنن جي عزم ۽ حوصلي کي صحيح رخ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
    جلوس جي پڄاڻي تي جلسو ٿيو جنهن کي شعله بيان مقرر محترم حفيظ قريشي، رسول بخش پليجي، يوسف ٽالپر، يوسف لغاري، مسعود نوراني، اقبال ترين ۽ ٻين مقرر خطاب ڪيو. سڀني جي گفتگو جو رنگ ۽ ڍنگ هڪ هئو. اُمنگ هڪ هئي، جذبو هڪ هئو ۽ مقصد کي ماڻڻ لاءِ اُتساهه ساڳيو هئو، سڀ ساهه ڏيئي ويساهه رکڻ جو عزم ورجائي رهيا هئا. سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ جا وچن ڪري رهيا هئا. سموري سنڌ کان آيل انبوهه ماڻهن جا نوان امنگ ۽ جذبا کڻي واهڻن ۽ وستين ڏانهن وريا ۽ ڳوٺاڻن کي واڌايون ڏيڻ لڳا ته ٻيلي ”مُڙس ٿجو.....سنڌڙي جي وارث جاڳيا آهن. ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿبو ته سنڌ تان ڏولاون جا ڏينهن ٽري ويندا ۽ تپي ٽامڻي ٿي ويل ڌرتي ٺري ويندي.
    حيدرآباد کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 4 مارچ کي شان ۽ مان سان ملهايو ويو. لاڙڪاڻي ۾ مصطفيٰ لاهوري، امان الله شيخ، قادري ۽ وارهه ۾ ارباب کهاوڙ، جيڪب آباد ۾ هزار خان کوسي، غالب لطيف، سکر ۾ عبدالحق چوهاڻ، ممتاز مهر، نبي بخش کوسي، رفيق صفي منشي، شڪارپور ۾ سرور مغل، طارق آغا، نذير سومري، خيرپور ۾ نبي بخش سهتي، علي محمد ڏوگر، ارشاد پارس، جاتي ۾ عبدالستار لوهار، چوهڙ ۾ محمد خان سومري، سجاول ۾ حسن تنوير، مظفر شاهه، بٺوري ۾ غلام حسن رنگريز، عبدالفتاح عبد، قاسم پٿر، دڙي ۾ سيد عالم شاهه، وزير ميمڻ، ٻني ۾ عبدالڪريم پليجي، هارون سومري، عزيز طهراڻي، جنگشاهي ۾ عبدالعليم پليجي، حمزي خان پليجي، ٺٽي ۾ اوڀائي خشڪ، عقيلي، جهرڪ ۾ غلام حسين ٻٻر، نواب شاهه ۾ احمد خان جمالي، شاهه محمد شاهه، عزيز ميمڻ، نثار انصاري، سڪرنڊ ۾ سرفراز ميمڻ، مورو ۾ سڪندر زمان، هارون سومري، محراب پور ۾ قمر، دادو ۾ صلاح الدين پنهور، اعجاز قريشي، مهتاب شاهه، شوڪت سنڌي، سيوهڻ ۾ خان محمد پنهور، سن ۾ اقبال ميمڻ، ڪراچي ۾ نذير چنا، پريم جگيشيا، اقبال جتوئي، فيض بلوچ، زمان شاهه، منظور آباد ۾ دلبر حسين شاهه، ڀان ۾ مولا بخش لغاري،، ابراهيم خشڪ، هالا ۾ محمد عاقل، ٽنڊوالهيار ۾ خليل بچاڻي، اسرار بچاڻي، ٽنڊو ڄام ته سڄو ئي سون آهي، ٽنڊي محمد خان ۾ لياقت سولنگي، محسن شاهه، صادق ميمڻ، ماتلي ۾ اسماعيل اڍيجو، آصف، ترائي ۾ مٺو راهو، بدين ۾ محمد خان آريجي، باگراڻي ۾ عمر شوري، کٿڙ ۾ زمان شاهه، کور واهه ۾ محمد خان، سانگهڙ ۾ انور نظاماڻي، کڏڙو ۽ شاهه پور چاڪر ۾ اسماعيل وساڻ، علي نواز ٽالپر، احمد خان شر، ٽنڊي آدم ۾ غلام قادر خاصخيلي، شهدادپور ۾ رحيم بخش ميمڻ، ميرپورخاص ۾ يوسف لغاري، مشتاق رضا، عزيز مهراڻوي، ڇاڇري ۾ گهنشام، مهتا، 4 مارچ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ حصو ورتو. انهن کان علاه اُهي اڻ ڳڻيا محب وطن شاگرد، هاري استاد ۽ پورهيت به اِنهي ڪم جي سرانجامي ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري ويا، جن جي نالن جي سڌ مونکي نه پئجي سگهي.


    4 مارچ- ڀٽو ۽ بعد جي حالات

    4 مارچ واري جلوس ۽ جلسي کان پوءِ 5 مارچ تي سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين طرفان مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي کي دعوت ڏني ويئي، جيڪو ايوب وزارت کان الڳ ٿيڻ بعد ايوب خلاف عوامي هلچل هلائي رهيو هو ۽ پنجاب کيس وڏي اهميت ڏيئي رهيو هئو. سنڌ جو ماڻهو جيڪو صدين کان پيڙهيل پنهنجي راڳ ڀاڳ کان محروم هئو، سو ڀٽي ڏانهن اميد ڀريل نگاهن سان نهاري رهيو هئو. اِها دعوت سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس جي ميدان تي ٿي. هن جلسي ۾ شاگردن ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. جيڪي اڄ به حيات آهن ۽ ڀرئي مجمعي ۾ ڀٽي صاحب جي ڳالهايل گفتن جي گواهي ڏيئي سگهن ٿا. هتي هيءَ ڳالهه لکڻ به ضروري ٿو سمجهان ته انهن ڏينهن پاڪستان ۾ صوبن جي حقن جي بحاليءَ لاءِ ون يونٽ ٽوڙ تحرڪ هلي رهي هئي. جنهن ڪري سنڌ ۾ قومي جدوجهد مضبوط ٿي رهي هئي. سنڌ دشمن قوتون ايتريون ته سراپيل هيون جو جماعت اسلامي جي امير مولانا مودودي فتويٰ صادر ڪئي ته ”جيئي سنڌ معنيٰ مري پاڪستان“.
    مودودي جي انهيءَ بيان جماعت اسلامي جي مذموم ۽ سنڌ دشمن ارادن ۽ پروگرامن جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو ۽ هيءَ جماعت وائکي ٿي پئي. اڳتي هلي انهيءَ جماعت جي ڪڌي ڪردار بنگال ۾ 30 لک مظلوم بنگالين جو قتل عام ڪرايو. پر جماعت اسلامي جي الشمس ۽ البدر تنظيمن جِن پاڪستاني فوج سان گڏ معصوم ۽ مظلوم بنگالين جو بندوقن سان شڪار کيڏيو ڪافي رسوا ۽ بدنام ٿي.
    مون کي ڪِن دوستن کان معلوم ٿيو ته شاگرد يونين جي عهديدارن يعني يوسف ٽالپر وارن ڀٽي صاحب کي دعوت ڏيڻ وقت اهو به چيو هئو ته هو ون يونٽ بابت ڳالهائي ۽ هن خاطري به ڏني هئي، پر جلسي ۾ تقرير دوران هو رٽيل پٽيل ڳالهين يعني تاشقند، ايوبي آمريت وغيره بابت ڳالهائيندو رهيو پر ون يونٽ تي نه ڳالهائين. نيٺ هڪ شاگرد (شايد ڄام ساقي) رڙ ڪري چيو ته ”ون يونٽ ٽوڙڻ بابت ڳالهايو“. جنهن تي ڀٽي صاحب چيو ته هو پنجاب خلاف ڪنهن به سازش ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي. اهي لفظ حاضرين تي وڄ بڻجي ڪڙيا ۽ شاگردن ۾ ڪافي تاءُ پيدا ٿيو، پر مهمانداري جا آداب لحاظ ۾ رکندي خاموش رهيا ۽ پوءِ شاگرد يونين جي عهديدارن سان ڪافي جٺ ٿي، پر هنن چيو ته اسان سان ڌوڪو ٿيو آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته ڀٽي صاحب ون يونٽ ٽوڙڻ جو مطالبو تڏهن ڪيو، جڏهن کانئس اڳ جماعت اسلامي به اهڙو مطالبو ڪري چڪي هئي ۽ پنجابي فوجي نوڪر شاهي به اهڙو فيصلو ڪري چڪي هئي.
    سنڌ ۾ سياسي حالتون تڪڙي تبديلي اختيار ڪري رهيون هيون. ڀٽي جي سياسي قوت ۾ اضافو ٿي رهيو هئو، سنڌ متحده محاذ کي گرهڻ لڳي رهي هئي ۽ شاگرد تنظيمن ۾ ٽوٽ ڦوٽ ٿي رهي هئي. انهي ٽوٽ ڦوٽ جي عمل SSCO يعني سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن انتشار جو شڪار ٿي ويئي. SSCO کان الڳ ٿيل همراهن يوسف ٽالپر جي سڏ تي ”جيئي سنڌ نوجوان محاذ“ ٺاهيو، جنهن جي ابتدائي گڏجاڻي هوٽل فارول حيدرآباد جي لان تي ٿي. هن محاذ جو ڪنوينر يوسف ٽالپر کي چونڊيو ويو ۽ ڪنويننگ باڊي تي هيٺيان ميمبر کنيا ويا.
    يوسف لغاري، اقبال ترين، ربڏنو ساريجو، عبدالفتاح عبد، هزار خان کوسو، شوڪت سنڌي، عبدالڪريم انصاري، غلام محمد ساريو، اشفاق ميمڻ، روشن پنهور، جاويد جيلاني، سهتو ۽ ايوب ڌامراهه، جيئي سنڌ نوجوان محاذ ٺاهڻ جو مطلب هئو شاگردن ۽ ٻين نوجوانن کي گڏ ڪري هڪ پليٽ فارم تي آڻجي ته جيئن هڪ منظم وقت جي حيثيت سان سنڌ جي قومي جدوجهد کي اڳتي وڌائي سگهجي.
    ڪو زمانو اهڙو هو جو سنڌي شاگردن جي ڪابه جماعت ڪانه هوندي هئي، پر هاڻي اهڙيون ٽي جماعتون سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ايس ايس ڪو ۽ جيئي سنڌ نوجوان محاذ. اهي ٽيئي تنظيمون اڳتي هلي ٽٽي ڦٽي ختم ٿي ويون. ۽ انهن ٽٽل ٻيڙن جي خلاصي هٿوراڙيون هڻندا وڃي ٻين ٻيڙن ڀيڙا ٿيا. غرض ته انهن تنظيمن مان ڪابه اُسري نسري سگهاري ۽ پائيدار تنظيم نه بڻجي سگهي.


    ڊاڪٽر افغان ڪيس ۽ ردعمل

    بيورو ڪريسي ۾ ورلي ڪي اهڙا موتين جهڙا ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي ڳچيءَ جو هار بڻائي سگهجن. نوڪر شاهي جي سوچ جو رڳو اهو رجحان هوندو آهي ته سرڪار سان هر حال ۾ حامي رهڻو آهي ۽ پگهار جو حق ادا ڪرڻو آهي. ڄڻ اهو سمجهيو ويندو آهي ته سرڪار پنهنجن ملازمن کي جيڪو پگهار ڏي ٿي تنهن ۾ عوام جي پگهر پورهئي جو ڪوبه حصو نه هوندو آهي! انهيءَ ڪري نوڪرشاهي جون وفاداريون عوام، ملڪ ۽ قوم سان نه پر حاڪمن سان مشروط هونديون آهن، ڀلي اُهي حاڪم چند، سالن کان پوءِ ناڪاره ۽ نڪما قرار ڏيئي ڌڪاري ڪڍيا وڃن، ڊاڪٽر افغان اُهو ماڻهو آهي جنهن انجنيئرنگ ڪاليج جي پرنسپال هئڻ باوجود ڪڏهن به اها پرواهه نه ڪئي ته سرڪار يا حاڪمن جي نرڙ تي آيل گهنج کانئس ڪهڙي طلب ڪن ٿا. هن پاڻ کي حڪمرانن بجاءِ پنهنجي عوام سان وفادار رکيو. اهڙي ريت ڊاڪٽر افغان انهن ٿورڙن ماڻهن مان ليکجڻ لڳو جن سنڌ جي خدمت کي ترجيح ڏني ۽ ذاتي تڪليفن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. سرڪار لاءِ اهڙو ماڻهو مٿي جو سور به هئو ته سندن مخصوص مفادن لاءِ هاڃيڪارن به. انهيءَ ڪري ان کي بدعنواني جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو ته جيئن مٿس دٻاءُ وجهي کيس سودي بازي ڪرڻ تي آماده ڪجي يا نوڪريءَ کان الڳ ڪري اهڙي سيکت ڏجي جو ٻيو ڪو به سنڌي ڪامورو/ڪارندو انهي واٽ وٺڻ جي ويچار ئي نه ڪري. ڊاڪٽر افغان کي انهيءَ جڙتو ڪيس ۾ ٻين ساٿين سميت گرفتار ڪري مارشل لا ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
    انهيءَ قدم تي سڄي سنڌ جي شاگرد برادري ۾ ڪاوڙ ۽ ڌڪار جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ شاگردن جي مڙني جماعتن ترت ئي حڪومت کان ڊاڪٽر صاحب جي آزادي جي گهر ڪئي.
    ڊاڪٽر صاحب جي همدرد شخصيت انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو جي شاگردن تي پدرانه ڇپر ۽ ڇانوَ جي حيثيت رکندي هئي ۽ شاگرد کيس پنهنجي شفيق پيءُ مٽ سمجهندا هئا. ڊاڪٽر صاحب هڪ امتيازي حيثيت رکندڙ عالم آهي ۽ پاڻ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ 1965 جي پڇاڙيءَ ۾ آيو. پاڻ هڪ سال لاءِ وائيس پرنسپال ۽ پروفيسر ٿي رهيو ۽ 1966 جي آخر ڌاري کيس پرنسپال بڻايو ويو. هن جي رات ڏينهن جي والهانه پورهئي ۽ خدمت سبب ڪاليج پنهنجي چڱي اوج تي رسيو ۽ دنيا جي ناليرن ڪاليجن مان هڪ ليکجڻ لڳو. ڊاڪٽر صاحب کي ڪاليج جي سڌاري ۽ ترقي جو ڏينهن رات اونو هوندو هو، کيس ناچاڪي جي حالت ۾ به ڪاليج جو ڪم ڪندي ڏٺو ويو. ڄڻ هن پنهنجي صحت کان ڪاليج کي وڌيڪ اهميت ٿي ڏني.
    ڊاڪٽر صاحب شاگردن مان جيڪي غريب ۽ بي سفارشي هوندا هئا انهن جي ذاتي طرح پرگهور لهندئو ۽ هڙان وڙان سندن مدد ڪندو هئو. انهي ساري پورهئي ۽ لگن پويان هيءُ جذبو ڪارفرما هئو ته سنڌي ماڻهو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ گهڻو پوئتي آهن ۽ انهن کي اڳيان وڌائڻ جي شديد ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ دور سائنس ۽ هنر جو دور آهي. هن دور ۾ اُها قوم ترقي ڪري سگهندي جيڪا سائنسي کيتر ۾ پاڻ موکيندي.
    اِها ڳالهه سنڌي ماڻهن عموماً ۽ سنڌي شاگردن لاءِ خصوصاً افسوسناڪ هئي، جو ڊاڪٽر صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي محنتن ۽ خدمتن کي وساري اُن کي جڙتو ڪيس ۾ ڦاسايو ويو. سنڌي شاگردن ڊاڪٽر صاحب جي آزاديءَ لاءِ گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪيون. انهيءَ هلچل هلندي هيءَ نعرو عام ٿي ويو، ”سنڌ جي جان، ڊاڪٽر افغان.“ انجنيئرنگ ڪاليج جي سڀني پروفيسرن، ريڊرن ۽ ليڪچررن ڊاڪٽر صاحب جي گرفتاري خلاف احتجاجن نوڪرين تان استعيفائون ڏيئي ڇڏيون.
    شاگردن جلوس ڪڍيا، نعرا هنيا، پمفليٽ ورهايا، چاڪنگ ڪئي ۽ اخباري بيان جاري ڪيا پر سرڪار جي ٻوڙڻ ڪنن تي ڄڻ ته پڙلاءُ ئي ڪو نه پيو. شاگردن جا ڪيترا وفد اختياري وارن سان ملڻ لاءِ ويا، پر فرعون صفت اختياريءَ وارن کين کيڪاريو به ڪين.

    شاگردن جو هڪ وفد گورنر سان ملڻ لاءِ ڪراچي ويو، پر گورنر ساڻن ملاقات ئي نه ڪئي. نيٺ شاگردن ٻيو چارو نه ڏسي ايڪشن ڪميٽي ٺاهي ۽ سموري سنڌ ۾ بک هڙتالن لاءِ اپيل ڪئي. سڄي سنڌ ۾ ڏسندي ڏسندي بک هڙتالن جو سلسلو ڦهلجي ويو ۽ وڏي پئماني تي گرفتاريون به ٿيون. اڳوڻن بک هڙتالن وقت بک هڙتالين کي فوري گرفتار ڪيو ويو هو، پر هينئر ٽين ڏينهن گرفتار ڪيو پي ويو. اڳي شاگرد بک هڙتال دوران ڦلن جو رس پيئندا هئا، پر هن ڀيري پوليس جو پهرو بيهاريو ويو ۽ بک هڙتالين کي رس به پيئڻ کان روڪيو ويو، جنهن ڪري بک هڙتالين جي حالت بگڙندي ويئي ۽ کين اسپتال داخل ڪيو ويو.
    بک هڙتالي شاگردن مان ٻن يعني اسماعيل شاهه ۽ سڪندر شاهه جي حالت ته بنهه خراب ٿي ويئي هئي. انهي تحريڪ هلندي فقط بک هڙتالين کي گرفتار نه ڪيو ويو، پر ٻين به ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گرفتار ڪري جيل ماڻيو ويو. انهن مان ڪجهه شاگردن جا نالا هي آهن، مس اختر بلوچ، نسيم سنڌي، لالا قادر، مسعود پيرزادو، عثمان پليجو، رفيق صفي، علي اڪبر بروهي، روشن پنهور، نثار پانڌياڻي، اسماعيل اڍيجو، ارباب سنڌي، يونس سومرو، عبدالڪريم انصاري، ضياءَ الدين دائود پوٽو، انور الدين، غلام حسين، عبدالحفيظ، ولي احمد، غلام محي الدين، الهه وسايو، محمد عيسيٰ، محمد رفيق لغاري، محمد اعظم، عبدالفتاح چنڊ، ظهير الدين، راڻو خان ڀٽو، سليم سنجراڻي، نثار قريشي، حضور بخش ميمڻ، قربان علي شاهه.
    ياد رهي ته هن ڀيري شاگردن کي فقط جيل ڀوڳڻ جي سزائن ڏيڻ تي بس نه ڪئي ويئي، پر انهن تي تمام ڳرا ڏنڊ به وڌا ويا. جي شاگردن کي جيل ۽ ڏنڊ جون سزائون ڏنيون ويون اُهي هئا:
    لالا قادر: هڪ سال ٽيپ ۽ پنج هزار رپيا ڏنڊ.
    شاهنواز : هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
    اسرار احمد: هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
    عبدالنبي: هڪ سال ٽيپ چار هزار ڏنڊ.
    عبدالخالق: هڪ سال ٽيپ چار هزار ڏنڊ.
    محمد يوسف: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ.
    علي نواز شاهه: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ
    جاويد احمد: هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
    شبير احمد: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ.
    امير الدين: هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
    مظهر علي جويو: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ.
    راجا غلام حسين: هڪ سلا قيد هڪ هزار ڏنڊ.
    عبدالرحمان: هڪ سال قيد ٻه هزار ڏنڊ.
    سڪندر علي: هڪ سال قيد ٻه هزار ڏنڊ.
    فقير علي محمد: هڪ سال قيد ٽي هزار ڏنڊ.
    شيام لال: هڪ سال قيد پنج هزار ڏنڊ.
    هن ڀيري سنڌي شاگردن سان گڏ ڪجهه مهاجر شاگرد به بک هڙتال تي ويٺا.

    ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج هميشه جيان هن دفعي به بک هڙتالي واري معاملي ۾ سڀني کان اڳڀرو هو. بُک هڙتالن سان گڏ حيدر چوڪ وٽ پُرامن مظاهرا به ڪيا ويا. انهن مظاهرن جي ڏوهه ۾ ستن شاگردن، هڪ هاري ۽ هڪ مزدور اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو. اِنهن جا نالا ۽ کين مليل سزائن جو ليکو هيٺ ڏجي ٿو.
    مير ٿيٻو: هڪ سال قيد ست هزار ڏنڊ
    اميد سومرو: هڪ سال قيد چار هزار ڏنڊ
    احمد خان جمالي: هڪ سال قيد ڇهه زهار ڏنڊ.
    ممتاز: هڪ سال قيد ٻه هزار ڏنڊ
    علي احمد مزدور اڳواڻ: هڪ سال قيد 10 ڪوڙا
    پرويز احمد ميمڻ: هڪ سال قيد ٽي هزار ڏنڊ
    الجهڙيو هاري اڳواڻ: هڪ سال قيد 10 ڪوڙا
    رحمت علي: هڪ سال قيد ٽي هزار ڏنڊ
    عبدالحڪيم: هڪ سال قيد هڪ هزار ڏنڊ
    گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جا شاگرد يونيورسٽي، ڪاليج ۽ پرائيويٽ بسن ذريعي ڀلاري، ڀٽ ڌڻي جي ميلي تي پهتا.
    شاگردن ميلي تي آيل سنڌي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪرن تي جڳهه جڳهه تقريرون ڪيون. اِنهي کانسواءِ پمفليٽ، بيج ۽ ڪتابڙا تقسيم ڪيا. اِهو سلسلو ميلي وارن ڏينهن ۾ روزانه جاري رهيو. ميلي جي پڇاڙڪي ڏينهن تي پوليس شاگردن کي پمفليٽ ورهائيندي گرفتار ڪيو. دوستن جي مشوري تي صورتحال جو اندازو لڳائيندي ڄام ساقي پوليس کان کسڪي ويو ۽ باقي مهر حسين شاهه، رفيق صفي، شبير نوراني، مسعود پيرزادو، شفيق صديقي، مير ٿيٻو ۽ آءُ (عبدالحئي پليجو) گرفتار ڪيا وياسين. اسان کي پهريائين ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پاڇا ڳاڇا لاءِ رکيائون، جتي DSP راجا اسان کان پڇا ڳاڇا ڪئي. اُتان کان اسان کي SHO محمد صديق شورو هالا پوليس اسٽيشن وٺي ويو جتي اسان کي لاڪپ ڪيو ويو. (SHO محمد صديق شورو ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ تيرهن سئو بدعنوان عملدارن سان گڏ نوڪري مان ڪڍيو ويو. وري ڪجهه سالن بعد ڀٽي صاحب جي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪوٽڙي واري تڪ مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو.)
    رات جو اسان وٽ مخدوم اعجاز آيو، جنهن چيو ته توهان کي جيڪا به شئي کپي ٻڌايو ته اسان اوهان کي آڻي ڏيون. اسان سندس مهرباني مڃيندي فقط هي عرض ڪيو ته هنن ٽيليفون نمبرن تي اسانجي والدين ۽ واسطيدارن کي اطلاع پهچائي ڇڏجو. اهو ڪم مخدوم اعجاز وڃڻ شرط ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن جا والدين صبح سوير پهچي ويا. هن اسان لاءِ رات جي ماني به موڪلي. لاڪپ ۾ اسان سان گڏ ٻه ٻيا به ماڻهو هئا، جن کي چوريءَ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ٻي ڏينهن صبح جو مختيارڪار هالا کان اسان جي چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ ورتو ويو.. اڌ رات جو جڏهن سارو لوڪ سپنن جي سنسار ۾ کويل محو خواب هئو ته اسان کي هڪ بند ٽرڪ ۾ هالا کان کڻي حيدرآباد سٽي ٿاڻي جي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. اسان کي آڻڻ لاءِ پوليس جو وڏو اٽالو موڪليو ويو هو. جنهن مان سرڪار جي سراپ جو پتو پيو ٿي. اسانجي منتقلي واري ڳالهه کي ڳجهه ڳوهه ۾ رکيو ويو هو، جنهن ڪري اسانجي رشتيدار ۽ ساٿي شاگرد ملاقات لاءِ ٻه ٽي ڏينهن هالا جا چڪر ڪاٽيندا رهيا، ٻه ٽي ڏينهن بعد کين خبر پئي ته اسان سٽي لاڪپ حيدرآباد ۾ مهمان آهيون.
    اسان جي گرفتاريءَ خلاف سنڌ يونيورسٽي، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسان وٽ لاڪپ تي عزيزن قريبن، دوستن، شاگرد ساٿين ۽ ورڪرن جون قطارون لڳيون پيون هونديون هيون، جنهن ڪري انتظاميا لاءِ اسين اتي به مٿي جو سور بڻجي پياسين ۽ هنن جند ڇڏائڻ لاءِ اسان کي سينٽرل جيل موڪليو، جتي ڪجهه ڏينهن بعد ڄام ساقي به گرفتار ٿي اچي ملاقات ٿيو.
    جيل اندر اسان جي روز جي ريت هوندي هئي ته صبح سوير اُٿي وهنجي، سنجهي تيار ٿي ويهندا هئاسين ته رضو ڀنڀرو ۽ سندس ساٿي اسان لاءِ چانهه تيار ڪري کڻي ايندا هئا. چانهه گهڻو ڪري کير بنا يعني سليماني هوندي هئي، پر ڏاڍي مزيدار هوندي هئي. مونکي ته حياتيءَ ۾، وري اهڙي مزيدار چانهه نصيب نه ٿي.
    مون مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”غبار خاطر“ ۾ چانهه جي تعريف بابت پڙهي هڪ ڀيرو سوچيو هو ته ڇا چانهه به ڪا اهڙي شئي آهي جنهن جي مولانا صاحب جهڙو ماڻهو ايتري تعريف ٿو ڪري. پر هيءَ چانهه پي انجي چس تي آءُ به چريو ٿي پيس، اسان وٽ ڳوٺن ۾ اڳي چانهه کي دوا طور استعمال ڪيو ويندو هو يعني ڪنهن کي جيڪڏهن ٿڌ ۽ تپ ٿي پيو ته سليماني چانهه ۾ ليمي جو رس وجهي پياربو هو ته طبيعت بحال ٿي ويندي هئي. هڪ دفعو پوءِ مون هڪ ميڊيڪل جرنل ۾ چانهه تي هڪ مضمون پڙهيو هو، تنهن ۾ به لکيل هو ته Tea is rather medicine (چانهه ته هڪ دوا آهي.) سنڌ اندر اپر سنڌ جي ڀيٽ ۾ لوئر سنڌ (لاڙ) ۾ چانهه جو استعمال زياده آهي. شايد گهميل آبهوا جي ڪري پيدا ٿيندڙ جسماني ٿڪاوٽ ۽ سستي کي دور ڪري ٿي. انهيءَ کان پوءِ حجام ايندو هو ۽ اسان سڀني جو شيو (Shave) ڪندو هو.
    هونئن گهر ۾ ته پهريائين شيو، پوءِ غسل ۽ پوءِ ماني کائبي هئي، پر هتي جيل ۾ ته سڀ سلسلا اُلٽا ۽ اُبتڙ ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته هيءَ دنيا ئي ٻي هئي. پاڻ جهڙن ٻن ڪنن، ٻن اکين، ٻن هٿن ۽ پيرن وارن ماڻهن اڳيان بي وس ۽ لاچار هئاسين. شايد اهو ڪيتو انهي جو لوڙي رهياآهيون جو جڏهن اسان (انسانن/عوام) ”روسو، جي معاهدي عمراني تحت پنهنجي Will ٻيٽ اڳيان يا ٻين جي ٺاهيل نام نهاد قانون ۽ ضابطن اڳيان ڦٽي يا Surrender ڪئي هئي. اسان عوام، قانون، حڪمران ۽ آئين جي تقدس ۽ زوراوري اڳيان ذهني طرح ايترا هيڻا ۽ هيسيل ٿي ويا آهيون، جو اُٿندي ويهندي پيا ڊڄون، پر جيڪي ڏاڍا آهن تن لاءِ قانون ڪوريئڙي جي ڄار آهي. ڏاڍ سان ٽڪرائجڻ لاءِ ڏاڍو ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته لوهه ئي لوهه کي ڪٽيندو آهي. ڪامريڊ مائوز تنگ لکيو هو ته:
    ”توهان جيڪڏهن بندوقن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرو ٿا ته بندوقون کڻو.“
    ملاقاتن جو سلسلو به تقريباً روزانو هوندو هو. ٻنپهرن جي ماني سڀني لاءِ شفيق صديقيءَ جي گهران ايندي هئي. ماني ست رڇي ۽ بنهه لذيذ هوندي هئي. ماني کائڻ کان پوءِ ڪجهه وقت مطالعي ۾ مصروف رهندا هئاسين ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي بحث مباحثو ڪندا هئاسين. رفيق صفي جيڪو ان وقت جو تمام سٺو مقرر هو ۽ آل پاڪستان يونيورسٽي تقريري مقابلي ۾، جيڪو ڊاڪا ۾ ٿيو هو، پهريون نمبر انعام کٽي آيو هو، سو ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو تيز هوندو هو (رفيق صفي تازو ڏهه سال ٽيپ ڪاٽي آزاد ٿيو ۽ پيپلزپارٽي وابسته آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو هو. پاڻ هن وقت انساني حقن جي حفاظت لاءِ به سرگرم آهي.) شاگرد اڳواڻ مهر حسين شاهه به تقرير جو ڀلوڙ هوندو هو ۽ مطالعو به هئس، ڄام ساقيءَ جو به مطالعو سٺو هو پر تقرير ۾ ايتري رواني نه هئس. سياستدانن وانگي توري تڪي ڳالهائيندو هو ۽ سندس گفتگو ۾ استدلال هوندو هو. ڪامريڊ سوڀي جي گفتگو جي انداز کان متاثر هو، ڄام جهڙو هو سياسي بحٿ ۾ ڀڙ، تهڙو ئي پهرين نمبر جو چرچائي. کِلائي کِلائي پيٽ ۾ ڳنڍيون وجهي ڇڏيندو هو. اڪثر سياسي لطيفا جام ٻڌائيندو هو، اسان جيل ۾ اڳ آيا هئاسين ۽ ڄام پوءِ سانگهڙ مان گرفتار ٿي آيو. اسان ويٺا هئاسين ته پريان ئي ٽهڪ ڏيندو آيو، ملياسين، خبرون چارون ڪيون سين ۽ پوءِ پاڻ پنهنجي گرفتاريءَ جو سرربستو احوال ٻڌايائين ته انور نظاماڻي کان موڪلائي ٽانگي مان سانگهڙ جي بس اسٽاپ تي اڃان پير مس رکيم ته پويان هڪڙي همراهه جيڪو سي آءِ ڊي جو سپاهي هو، تنهن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته: ”جام صاحب! آپ سے مل کر، بہت خوشی ہوئی!“ ڏٺم ته پريان پوليس جو وڏو اٽالو بيٺو هو. يڪدم جواب ڏنو مانس، ”جناب، مجهے تو آپ سي مل کر بلکل خوشي نہیں ہوئي.“ بهرحال اهو احوال ڪافي دير تائين جاري رهيو.
    شاگرد دؤر ۾ منهنجو ڄام سان ڪافي وقت تائين واسطو رهيو. آخري وقت ۾ ذهني طور تي قومي لاڙي وڌڻ ڪري جيئن ئي سنڌ سان تعلق قائم ٿيو. منهنجي پهرين ملاقات ڄام ساقي سان مسلم هاسٽل جي ڊائننگ هال جي ٻاهران ڇٻر تي ٿي. اُنهي وقت مون ۽ مراد جوڻيجي گڏجي يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي هئي. پاڻ اِها خبر اخبار ۾ پڙهي هئائين ۽ چيائين ته مون ٻين دوستن سان به ڳالهايو آهي. اچو ته گڏجي ڪم ڪريون. مون کيس چيو ته ٻين ساٿين سان صلاح بعد کيس جواب ڏيئي سگهندس.
    ساڻس هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا منهنجي جڳهه تي يا سندس جڳهه تي ملاقات ٿيندي هئي، جتي مختلف ڪتابن تي بحث ۽ موجوده حالتن تي راءِ زني ٿيندي رهندي هئي. ڄام جي معرفت منهنجي مرحوم ڪامريڊ عنايت ڪشميري، هدايت حسين، مير ٿيٻو، مرحوم منير احمد ميمڻ (جيڪو ادبي دنيا ۾ ماڻڪ جي نالي سان معروف ڪهاڻيڪار ٿيو ۽ جوڀن ۾ ئي لاڏاڻو ڪيائين) سان واسطا ٿيا جن سان به سياسي ۽ نظرياتي بحث مباحثا ٿيندا هئا. ڄام سان بعد ۾ قومي سوال ۽ مٿس مهاجر پنجابي ڪامريڊن جي ذهني ڇاپ جي ڪري اختلاف ٿي ويا، پر ان دور کان اڄ تائين اسان ياري جو رشتو نه ڇنيو آهي. ملندو آهي ته روايتي چمي ضرور وهائي ڪڍندو آهي ۽ ڏاڍي اڪير ڏيکاريندو آهي. پاڻ هينئر آزاد ٿيڻ کان اڳ جڏهن جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ زير علاج هو ته ساڻس ملاقات ٿي. عجيب اتفاق هو ته ساڳين ڏينهن ۽ ساڳئي اسپتال ۾ سائين جي- ايم-سيد، رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي زير علاج هئا. ياد ٿو اچيم ته جڏهن سائين جي-ايم-سيد سنڌ جي دوري تي نڪتو هو ته ڪينجهر تي عبدالحڪيم شاهه (مرحوم) سونڊن واري سائين جي دعوت ڪئي هئي ۽ آءُ ڄام سان گڏ آيو هئس. اسان ڪجهه وقت سائين وٽ رهڻ بعد واپس هليا وياسين، پر بابا صاحب( ارباب نور محمد مرحوم) دوري ۾ سائين سان گڏ هو. منهنجي والد صاحب جا سائين جي ايم سيد سان تمام پراڻا نيازمندانه ناتا هوندا هئا ۽ سائين جي ڪيترن ڪتابن جو ڇپائيندڙ بابا سائين هو. ذاتي نوعيت جا ڪم هجن يا سياسي معاملا، بابا هر وقت، هر حال ۾ سائين جي ساٿي رهيو. سائين به ڪيترائي ڀيرا پنهنجا ڀالَ ڀلائي اسانجي تڏي تي آيو. سنڌ جي هن يڪتا بي لوث خادم ۽ محب وطن جي قرب ۽ آمد کي اسان هميشه پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهيو آهي.
    اسان سياسي ميدان ۾ نوان ۽ جونيئر هئاسين. ڄام اسان ۾ نسبتاً پختو هو. مير ٿيٻو قد جو ڇوٽو، پر ذهين ۽ هوشيار هوندو هو ۽ نظرياتي ماڻهو هو. انهن جي ڀيٽ ۾ آئون، مسعود پيرزادو، شفيق صديقي ۽ شبير نوراني(پويان ٽيئي هينئر انجنيئر آهن،) بحث مباحثي ۾ گهٽ حصو وٺندا هئاسين. شبير ته اڪثر مون سان ڪچهري ڪندو هو ۽ چوندو هو ته يار هي ڪي همراهه چريا آهن. سڄو وقت سياست جو ڀوت سوار اٿن جهڙوڪر سياست کان ٻيو ڪو ڌنڌو ئي نه هجين.
    شفيق ۽ مسعود ڏاڍي سُلجهيل ۽ سلڇڻي سڀاءُ وارا هئا. ڪڏهن به ڪنهن سان تيز ٿي نه ڳالهايائون. شفيق جو چاچو حنيف صديقي جيڪو هڪ سٺو اديب آهي ۽ انگريزيءَ مان ڪيترا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس مثلاً جيمس برنس جو ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“. اُهو به شفيق سان ملاقات لاءِ آيو هو.
    جيل جا اُهي ڏينهن، اُهي ڪچهريون ۽ مارڪا ۽ اُهي يار ڏاڍا ياد اچن ٿا.
    سکر سي ئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾
    وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙين مينهن
    نيئر منهنجو نينهن اُجاري اڇو ڪيو.
    )لطيف(
    جيل سياسي ورڪر لاءِ سکيا جو گهر آهي. خصوصاً ان وقت جڏهن ٻيا سياسي ورڪر يا ساڃهه ڀريا ماڻهو گڏ هجن. جيل ۾ پڙهڻ جو موقعو به موچارو ملي ٿو. بحث ته پيا هلندا هئا. رات جو ننڊ اچڻ تائين سلسلو جاري رهندو هو. رات جو اسان کي ڪوٺين ۾ بند ڪندا هئا، سو به ٻڌيءَ ۾ نه پر ايڪي جي حساب ۾ يعني ٻه، چار، ڇهه، اٺ نه پر، هڪ، ٽي، پنج، ست وغيره. اهڙيءَ ريت هر رات هڪ ساٿي کي اڪيلو رهڻو پوندو هو، اڪثر همراهه اڪيلائي کان نٽائيندا هئا، بشير نوراني يا ڄام ئي اڪثر اڪيلا بند ٿيندا هئا.
    مسعود پيرزادو به هڪ بامروت، يار ويس، با اخلاق ۽ يارن جو يار ۽ هٿ جو کليل هوندو هو. انهن ڏينهن هيسباڻي درگاهه جي چوڏهن فقيرن کي به گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو هئو. انهن جو ڏوهه هيءَ هئو ته اهي روزانو يحيٰ خان تي لعنت جا نعرا هڻندا هئا. هن دور ۾ ون يونٽ جي ڪري پنجاب ۽ ملٽري خلاف ماڻهن ۾ گهڻو تاءُ هئو، پنجابي حڪمرانن ڪوشش ڪري رهيا هئا ته دڙڪي داٻ ۽ اٽڪل سٽڪل سان ماڻهن جي جذبات کي ماٺو ڪجي. ون يونٽ اهڙو مسئلو هو جو هڪ طرف بنگال کان، جيڪو ڪثير آبادي وارو صوبو هئو دٻاءُ پئجي رهيو هو ته ٻي طرف سنڌ ۾ سڀ وڏيون بااثر سياسي ڌريون سائين جي ايم سيد سان گڏ متحده محاذ ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ اچي شامل ٿيون هيون. انهي جو مظاهرو 1969ع ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي بنگلي تي حيدرآباد ۾ ٿيل متحده محاذ جي اجلاس ۾ ٿيو، جتي سنڌ جا چونڊ وڏيرا ۽ پير، سياسي ورڪر ۽ اديب اچي گڏ ٿيا. اهو ميڙ حڪمرانن لاءِ هڪ ڇرڪائيندڙ خواب هو، اهو اتحاد جيڪڏهن قائم رهي ها ته پنجاب لاءِ هتي بنگال جهڙي صورتحال پيدا ٿي پوي ها يعني قوم پرست قوتون وڌيڪ سگهاريون ٿي وڃن ها ۽ چونڊن ۾ انهن کي وڏي ڪاميابي ٿئي ها. انهي ڪري پنجابي حڪمرانن جي پاليسي سازن هن تحريڪ کي ٻن طرفن کان ڇيهو رسايو. هڪ ته ون يونٽ کي فوري طرح ٽوڙڻ جو اعلان ڪري متحده محاذ جي مشن جو انت آڻي ڇڏيو ۽ ٻيو ته ڀٽي صاحب کي اڳيان آڻي طبقاتي سياست جي پٺڀرائي ڪري ماڻهن کي پيٽ گذر جي فوري معاملن ۾ اُلجهائي ڇڏيو، صدين جو ستايل سنڌي ماڻهو ڀٽي صاحب جي ذات ۾ پنهنجو نجات ڏياريندڙ ڏسڻ لڳو، پيپلزپارٽي جي دلپذير نعرن ته ”اسان اقتدار ۾ اچي ٽپڙ ورهائينداسين. نه غريب غريب رهندو ۽ نه امير امير مساوات قائم ٿي ويندي.“ ماڻهن کي ڪشش ڪئي ۽ ماڻهن جي هجومن کي پ پ ڏانهن ويندو ڏسي متحده محاذ ۾ ويٺل سڀ وڏيرا ڍنڍ جي پکين وانگي اُڏامي وڃي ٻي ڪنڌيءَ ويٺا. ايتريقدر جو متحده محاذ جو سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ به پ پ ۾ وڃي شامل ٿيو. پر پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن نه کٽي سگهيو. مولا بخش سومري هٿان شڪست کاڌائين. متحده محاذ ۾ سائينءَ سان فقط مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي جو پُٽ محترم غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ چند ورڪر ساٿي وڃي بچيا. جن ۾ شاگردن جو تعداد وڏو هو، در حقيقت سنڌ ۾ شاگردن ئي سيد جي قومي پروگرام کي اڳيان وڌايو آهي. اڄ به جيئي سنڌ تحريڪ جي وڏي قوت شاگرد آهن.
    ياد رهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي اڳيان وڌائڻ ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو به وڏو هٿ آهي. خاص طرح ”روح رهاڻ“ جا ساليانا جشن ته ڪنهن نمائنده هلچل کان گهٽ نه هوندا هئا. بسنت هال (جيڪو مشهور ٿياسافسٽ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي نالي سان منسوب آهي) ۾ هر سال ترقي پسند سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو وڏو ميڙ ٿيندو هو. سڄو ڏينهن تقريب هلندي هئي. رات جو مشاعري جي محفل ۾ سنڌ جا ناميارا ۽ نوان شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا هئا. شيخ ”اياز“ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجو تازو ڪلام بر زبان ياد ٻڌائيندو هو، سندس شعر پڙهڻ جو انداز ۾ به عجيب تاثر ۽ انفرادايت هوندي هئي. ٻڌندڙن تي سڪتوطاري ٿي ويندو هو. اها شاعري نوجوان نسل ۾ نئون جوش جاڳائي رهي هئي ۽ نوان گس ۽ پيچرا ٺاهي رهي هئي ۽ نوان اُفق روشن ڪري رهي هئي. ”اياز“ جو آواز ڪنهن از غيبي روح جيئن جوانن جي اندر ۾ سمائجي رهيو هو. هنن مشاعرن ۾ عدالڪريم گدائي، نياز همايوني، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، استاد بخاري، فتاح ملڪ، غلام حسين رنگريز، ملڪ نديم، تنوير عباسي، پروانو ڀٽي، شمشيرالحيدري وغيره به جذبو جاڳائيندڙ ڪلام ٻڌائيندا هئا. اهڙي طرح نئين ٽهيءَ جي نوجوان جي ذهني اوسر ۾ روح رهاڻ جي جشنن سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ تقريبن به وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهي دور ۾ سڄي سنڌ اندر ”سنڌي شام“ ملهائڻ جو رواج پيو، جنهن ۾ اديب، شاعر، دانشور ۽ سياستدان سڀئي قومي مسئلن تي خيال آرائي ڪندا هئا. غالباً انهيءَ سلسلي جي ابتدا سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج کان ٿي جيڪا سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويئي.
    انهي کان سواءِ وطن دوست اديبن، شاعرن ۽ سياستدان جن اوطاقن ۾ به ادبي، علمي ۽ سياسي نوعيت جون ڪچهريون ٿينديون هيون. خاص طرح حفيظ قريشي جي گهر، رسول بخش پليجي جي آفيس، جويي محمد ابراهيم جو گهر، حميد سنڌي جي روح رهاڻ واري آفيس، ليکڪ جو فليٽ، ڄام ساقي ۽ يوسف لغاري جي رهائش گاهه، مسعود نوراني، مجيب پيرزادي خليل بچاڻي، اعجاز قريشي ۽ ملڪاڻي بردارس جا روم ۽ جمال رند جو گهر وغيره. هڪ ڀيرو محترم حفيظ قريشي جي گهر جي ڇت تي چڱو موچارو مشاعرو به ٿيو، جنهن ۾ محترم شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، امداد حسيني، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني، آگرو، ڄام ساقي، منير احمد ميمڻ (ماڻڪ) رسول بخش پليجو، ارباب نور محمد پليجو، شاهه محمد شاهه ۽ مون به شرڪت ڪئي. اياز جي انهيءَ دور جو شاعري ۾ عجيب ولولو ۽ گرمي هئي ۽ سندس انداز بيان به نرالو هو. ساڳئي طرح نياز همايوني جڏهن پنهنجي مڌر ۽ مترنم آواز ۾ نظم ”مڪلي“ ۽ ”سنڌ جاڳي پئي“ ٻڌائيندو هو ته وار ڪانڊارجي ويندا هئا. اها مشاعري جي محفل رات جي سانت ۾، حيدرآباد جي هڳاءُ ڀري هوا ۾، ستارن مان ٽپڪندڙ نُور هيٺان اڌ رات تائين هلندي رهي.
    شاگردن جي انهي جاکوڙ ۽ جدوجهد۾ محترم حفيظ قريشي، رسول بخش پليجي، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد ۽ سائين جي ايم سيد شاگردن کي اُتساهه به عطا ڪيو ته انهن جي ذهني ترتيب به ڪئي. حفيظ قريشي جون پرجوش، ولوله انگيز ۽ نصيحت ڀريون تقريرون شاگردن لاءِ تدريسي سبقن کان گهٽ نه هيون، حفيظ صاحب ڪڏهن ڪڏهن چٽڻي چهر خاطر ڪا کل آڻيندڙ ڳالهه ڪندو هو ۽ شاگردن ۾ ٽهڪڙا پئجي ويندا هئا ته هو يڪدم پنهنجي گرجدار آواز ۾ ڪڙڪو ڪري چوندو هو:” ”ڇورا! اڙي کلو ٿا؟ ياد رکو اڄ کلو ٿا سڀاڻي روئندا. هي عبرت جو مقام آهي، هي سوچ! فڪر جو مقام آهي، اڙي کلو ٿا، کلو کلو، ڀلي کلو.“ حفيظ صاحب جون اُنهي دور جون سڀ تقريرون Master Piece آهن. ڪاش ڪوئي ڪوشش وٺي ٽيپ ٿيل اهي تقريرون ڳولي هٿ ڪري ۽ انهن کي لکت ۾ آڻي شايع ڪرائي.
    محترم رسول بخش پليجي جي تقريرن ۽ تحريرن به سنڌي شاگردن جي ذهني آبياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجو پهريائين نيشنل عوامي پارٽي سان لاڳاپيل هئا ۽ اُتي مهاجر ۽ پنجابي ڪامريڊن جي هڪ هٽي هئي ۽ اُهي قومي سوال کي ترجيحي طرح کڻڻ لاءِ تيار نه هئا. انهي ڪري حفيظ ۽ پليجو پنهنجن ساٿين سميت پارٽي کان الڳ ٿي ۽ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌائون. جيڪا اڳتي هلي اسي واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ بڻي ۽ بعد ۾ عوامي نيشنل پارٽي ANP ۾ ضم ٿي ويئي، جنهن جو سربراهه خان عبدالولي خان آهي. حفيظ قريشي عوامي تحريڪ کان عوامي تحريڪ واري دور ۾ ئي الڳ ٿي ويو هو.
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي مشهور نظم ”جيئي سنڌ“ جي ذريعي قومي جدوجهد کي هڪ نئون نعرو ۽ نالو ڏيئي ڇڏيو، سندس ڏنل قربانيون ، ڀوڳنائون، سندس خلوص ۽سچائي، سندس همت ۽ بهادري سنڌ جي سياسي تاريخ جا نه وسرندڙ باب آهن.
    ڪامريڊ غلام محمد لغاري (مرحوم) جون جوشيلون تقريرون به سڄي سنڌ ۾ پڙاڏا وجهي رهيون هيون. هيءَ هاري اڳوان قومي غيرت جو پتلو هو، ٿر جي اُڃايل ڌرتيءَ جا ماڻهو ڏکن جا ڏاريل آهن، پر منجهن همت ۽ ساڃهه جو سوجهرو آهي. ڪامريڊ غلام محمد، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر، ڪامريڊ روچيرام، يوسف لغاري، مرحوم علي بخش ٽالپر، مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سڀ ٿرپارڪر ضلعي سان تعلق رکندڙ آهن.
    قاضي فيض محمد مرحوم پنهنجي پيرانه ساليءَ جي باوجود نوجوانن سان هر هنڌ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو هوندو هو، ايتريقدر جو شاگردن سان بک هڙتال تي ويٺو.
    سائين جي -ايم –سيد ته پنهنجي وجود ۾ سراپا قومي تحريڪ ۾ جدوجهد آهي. سنڌ ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن. هڪ سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻي سن. هن يونيورسٽيءَ اڻ ڳڻيا سياسي قومي ورڪر پيدا ڪيا. اڄ جون موچاريون سياسي شخصيتون حفيظ قريشي، رسول بخش پليجو، يوسف لغاري، شاهه محمد شاهه وغيره به انهي يونيورسٽي مان قوم پرستيءَ جا فارغ التحصيل آهن. انهيءَ لحاظ کان سنڌ ۾ موجوده وقت سيد جي حيثيت ۽ اهميت اُتم ۽ اُتاهين آهي.
    انهن ڏينهن اسان يعني مون، مير ٿيٻي، ڄام ساقي، مهر حسين شاهه، نديم اختر ۽ هدايت حسين مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري سنڌ جي سُورن جو ڪيس انهن آڏو پيش رکيو. انهي سلسلي ۾ اسان سائين جي ايم سيد جي ڪراچي واري بنگلي تي عوامي ليگ جي صدر شيخ مجيب الرحمان سان، نوابشاهه ۾ قاضي فيض محمد جي جاءِ تي عوامي ليگ جي سيڪريٽري قمر زمان سان، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ولي خان، غوث بخش بزنجو ۽ سردار عطاء الله مينگل سان، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پنجاب ۾ مولانا عبدالحميد ڀاشاني ۽ ميجر اسحاق سان اسان سان گڏ شاهه محمد شاهه به هو ۽ آءُ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊرشن ۾ هئس. معراج محمد خان ۽ ڊاڪٽر رشيد مون سان منهنجي شوڪت منزل واري فليٽ تي ملڻ لاءِ آيا. اسان پوءِ اُتان نڪري اچي تلڪ چاڙهي تي هوٽل مشرق ۾ ويٺاسين. چانهه به پيتيسين ۽ سياسي حالتن تي گفتگو به ڪئسين.
    مرحوم ذوالفقار علي سان به ڄام ساقي ۽ ٻين دوستن سان گڏ مرحوم مير رسول بخش ٽالپر، سندس ڪراچي واري بنگلي، هوٽل انڊس حيدرآباد، پير غلام رسول شاهه جيلاني واري بنگلي تي ملاقاتون ڪيونسين، ڄام ۽ ڀٽي صاحب درميان ڪافي گرما گرمي به ٿيندي هئي، پر ڀٽي صاحب جو خيال هر حال ۾ اهو هو ته هو ڪنهن به حالت ۾ پنجاب کي ناراض نٿو ڪرڻ گُهري. سنڌ جي مظلوميت، سنڌ جي استحصال وغيره جي ڳالهه کان هو باخبر هو، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هرحال ۾ پنجاب کي راضي رکڻ جو خواهشمند هو.
    سنڌ لٽجي، ڦرجي تباهه ٿي وڃي اُن سان هن کي ڪابه دلچسپي نه هئي. هُن اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ته پاڻ کي پنجابي آرائين سڏائڻ کان به نه ڪيٻايو. مون کي ياد آهي ته ڀٽو صاحب اڃان اقتدار ۾ نه آيو هو ۽ تازو ئي پرڏيهي وزارت تان ايوب خان لاٿو هئس ۽ پنهنجي پارٽي به نه ٺاهي هئائين، پر فقط هڪ نعري ته ”اسان هندستان سان هزار سالن تائين وڙهنداسين.“ کيس پنجاب ۾ وڏي مقبوليت ڏياري ڇڏي هئي. اقوام متحده ۾ تقرير دوران لاڙيل لڙڪ جنهن رومال سان اُگهيا هئائين اهو رومال پنجاب ۾ هزارين رپين ۾ وڪاميو هو. پنجاب ۾ ڀٽي صاحب جي مقبوليت جو مکيه ڪارڻ هندستان دشمنيءَ جو نعرو هو. انهي ڳالهه جي چٽائي سندس پراڻي ساٿي حفيظ پيرزادي صاحب هفتيوار رسالي ”ڪچهري“ کي ڏنل انٽرويو ۾ به ڪئي آهي. پيرزادي صاحب ٻڌايو ته:
    ”اسان پنجاب جي اُنهن غريب ضلعن مان ايڏي اڪثريت سان نه پر مالي طور خوشحال ضلعن مان سئو سيڪڙو سيٽون کٽيون. اِنهي جو ڪارڻ هندستان دشمني جو رويو هو، نه ڪه روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نظريو.“ انهيءَ سلسلي ۾ پيرزادي صاحب ٻيو مثال لاهور جي جلسي جو ڏنو آهي، جڏهن ڀٽو شمله ڳالهه ٻولهه لاءِ وڃي رهيو هو. 20/19 ڊسمبر 1972ع تي راولپنڊي ۾ پارٽي ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ تقرير ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي صاحب بنگلاديش جي مسئلي تي ڳالهائڻ چاهيو ته ميڙ مان ”نامنظور، نامنظور“ جا نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا. ڀٽي صاحب چيو ته جيڪڏهن توهان کي بنگلاديش نامنظور آهي ته آءُ صدارت تان استعيفيٰ ٿو ڏيان ته سڄي ميڙ هڪ آواز ٿي چيو ”لک ڀيرا ستعيفيٰ ڏيئي ڇڏ.“ انهي مان معلوم ٿيو ته ڀٽو صاحب پنجاب وٽ فقط هندستان سان ٽڪراءُ واري صورتحال ۾ قابل قبول هو. انهي ڪنوينشن واري عرصي ۾ ڀٽو صاحب سن ۾ سائين جي-ايم سيد سان ملڻ لاءِ آيو هو. آءُ ۽ بابا سائين به موجود هئاسين. سائين جي ايم سيد کيس گهڻو ئي سمجهايو ته، ”تون جنهن پنجاب لاءِ تڙپين پيو اُن جي بيوفائي جو مثال ڊاڪٽر خان صاحب ۽ لياقت علي خان جي صورت ۾ موجود آهن. تُون سر شاهنواز جو پُٽ آهين، ڳچ وقت ايوب جي ڪئبنٽ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو تجربو به اٿئي ۽ توکي بين الاقومي سياست جي به چڱي موچاري پرک آهي. پنجاب تي ڀروسو ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي ڳالهه ڪر.“ پر ڀٽو صاحب پنجاب کي ڇڏڻ لاءِ ڪابه ڳالهه سُڻڻ ۽ سمجهڻ واسطي تيار نه هو. تڏهن سائين چيس ته، ”ياد رکج! اهي پنجابي توکي استعمال ڪرڻ کان پوءِ ڍڳي جي ڪيس ۾ ٻڌرائي ڦاسي ڏياري ڇڏيندا.“
    اڳتي هلي ڇا وهيو واپريو، سو تاريخ جي صفحن تي به محفوظ آهي ۽ هن دور جي عيني شاهدن ڏٺو به، افسوس هن ڳالهه جو آهي ته ڀٽي صاحب جا پوئنير تاريخ جي انهي الم انگيز ۽ عبرتناڪ مثال مان ڪوبه سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اقتدار جي هَوَس ۾ اُهي قاتلن سان ڳٺ جوڙ ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ جماعت اسلامي جهڙي رجعت پسند جماعت، جيڪا ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيارڻ ۾ فوجي جرنيلن جي پڪي مددگار هئي، تنهن سان به سمجهوتي جون ڳالهيون هلايون پيون وڃن. سنڌ جي سياسي وهڪري ۾ سنڌي اديبن، شاگردن ۽ محب وطن سياستڪارن جي محنت ۽ قربانين ڪري جيڪا تيزي ۽ حب الوطني پيدا ٿي هئي، تنهن تي پيپلزپارٽي راتاهو هڻي سڄو لوڪ بُهاري ويئي. سنڌي ماڻهن سمجهيو ٿي ته ڀٽي صاحب جي ذريعي هن کي صدين جي ظلم ۽ استحصال ۽ قومي جبر کان نجات ملندي. پر اها سندن خام خيالي ثابت ٿي. پيپلزپارٽي جي دور ۾ هزارها سنڌي ماڻهو جيلن ۾ويا، اديب گرفتار ٿيا، ڪتاب بندش هيٺ آيا ۽ پريسون سيل ٿيون. سنڌي رسالن سهڻي، اڳتي قدم، ملير ڊائجسٽ ۽ پيغام تي پابندي عائد ڪئي ويئي. سنڌي ادب ۾ روح رهاڻ کانپوءِ ”سهڻي“ قومي ادب ۽ قومي مسئلن تي ڀرپور ۽ جوشيلا ايڊيٽوريل لکي پڙهندڙن ۾ سجاڳي آندي. انهي قومي خدمت جي ڏوهه ۾ سهڻي تي بندش وڌي ويئي ۽ طارق اشرف کي جيل اُماڻيو ويو. طارق سان سرڪار جي اها ارهه زورائي ۽ خرمستي بعد جي عرصي ۾ به جاري رهي. سنڌي اديبن ۾ طارق کان وڌيڪ شايد ئي ڪنهن ڀوڳيو هجي. بهرحال ڀٽي صاحب جي دور ۾ هڪ ته ڀٽي صاحب جي سنڌي هئڻ جي ناتي سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڇاٻ آئي ۽ ٻيو ته ظلم به انتها تي پهتو. هاڻي جڏهن قومي جدوجهد وري نئين سگهه ۽ ساڃاهه سان اُڀري آهي ته وري به پيپلزپارٽي ۽ بينظير کي اُن تي راتاهي هڻڻ لاءِ همٿايو پيو وڃي. سنڌي عوام کي گمراهيءَ جي کڏ ۾ ڪيرائڻ لاءِ پنجاب وٽ انهي کان وڌيڪ ڪوبه اثرائتو هٿيار نه آهي.


    جيل کان رهائي

    مون اڳين صفحن ۾ جيل وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي. بهتر ٿو سمجهان ته انهي سلسلي جي ٻين ڪجهه واقعن کي به پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريان ته جيئن انهي دور جي تصوير ڪجهه وڌيڪ چٽي ٿي پوي.
    اسان جا وڪيل صاحبان قانوني صلاح مصلحت ۽ خبر گيريءَ لاءِ اڪثر اسان سان ملڻ ايندا هئا. اسانکي ٻه ٽي ڀيرا مارشل لا وارن وٽ پيش ڪيو ويو. اسان کي جڏهن پوليس جي گاڏيءَ ۾ جيل کان مارشل لا اختياري وارن وٽ وٺي ويندا هئا ته اسان گاڏيءَ جي ڇت سان لڳ ننڍين درين مان جهاتيون پائي ٻاهر نهاريندا هئاسين. اسان پوليس گاڏيءَ ۾ به قومي گيت ڳائيندا اوچا ڳاٽ کڻيو فوجي عملدارن اڳيان پيش ٿيندا هئاسين.
    رستي تان لنگهندي درين جي ڄارين تي منهن رکي ”جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻندا هئاسين ته ٻاهران بيٺل ماڻهو دور دور تائين پوليس گاڏي ڏانهن پيا تڪيندا هئا، اسان کي ملٽري ڪورٽ وٽ وين مان لاهڻ وقت پوليس نهايت ڦڙتائي ۽ چستيءَ جو مظاهرو ڪندي هئي، گويا پنهنجي فوجي آقائن اڳيان پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندي هئي. اسان هٿڪڙين ۾ ٻڌل جڏهن مارشل لا ڪورٽ اڳيان ايندا هئاسين ته سچ پچ اسان جي ڇاتيءَ ۾ رڪ جهڙي سختي ۽ اسانجي عزم ۾ ڪارونجهر جيڏي اوچائي پيدا ٿي پوندي هئي ۽ اسان سمجهندا هئاسين ته اسان مادر وطن جي سرهائي لاءِ پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون، اهو احساس به اسان لاءِ وڏي وٿ ۽ وڏو اعزاز هوندو هو.
    جيل جي دنيا به هڪ نرالي دنيا آهي، جنهن ۾ ڪيئي چڪر ۽ ڪئين معاملا ٿين. اڇو چڪر، ڪارو چڪر، بند وارڊ، ڦاسي گهاٽ، اسپتال، ماڙهي، اسپيشل وارڊ، عورتن جو وارڊ، ڪچا قيدي، پڪا قيدي، ڦاسيءَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل قيدي، آزادي جي انتظار ۾ قيدي، باغ ۾ ڪم ڪندڙ قيدي، قيدين جا خدمتگار قيدي، جن کي برداشتي چئجي، ڌاڙيل، رهزن، چور، سياسي قيدي، وڪيل قيدي جن سان قيدي صلاح مصلحت ڪن ۽ اُهي سندن ڪيسن جا جائزا وٺي کين ٻڌائن ته هن جي ڪيس جو ڇا ٿيندو.

    مطلب ته هتي هر رنگ جا ۽ هر ڍنگ جا ماڻهو ملندا. ڪن جي زندگي ڏاڍي تلخ ته ڪي تلخين کي به مٺو ڪريو ويٺا آهن. قصا، ڪهاڻيون، ڳالهيون، داستان، تبصرا، تنقيدون، واکاڻون، گلائون ۽ گاريون. غرض ته وقت گذارڻ لاءِ سڀ مانڊاڻ منڊيا وڃن ٿا. اڪثر ڏٺم ته جنهن قيدي کي خبر پوندي هئي ته هو چند ڏينهن ۾ آزاد ٿيڻ وارو آهي ته سندس منهن تي سچي سرهائي موٽي ايندي هئي ۽ پيو بهار بهار ٿيندو هو. انهي مان انسان جي آزاديءَ پسند نفسيات جو پورو پورو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. قيد، چوديواري جو نالو نه آهي پر انهيءَ احساس جو نالو آهي، جيڪو انسان کي سوچڻ، لوچڻ ڪڇڻ ۽ ڪرڻ جي نسبت کان کسيو ويندو آهي. ماڻهن کي کڻي ڍورن وانگي لوڙهن ۾ واڙجي يا مٿن لانگ بوٽن جي روڊن تي ٺپ ٺڙاڪ ۽ مشين گنن جي نماءُ سان دهشت ڦهلائي پنهنجو مطيع بڻائجي، ٻنهي ۾ ڪو فرق نه آهي.

    هڪ ڏينهن شام جو پنج کن ٿيا هئا ۽ اسان جو بحث مباحثو به چوٽان چوٽ هو ته اسان سڀني کي جيل اختياري وارن کان نياپو مليو ته توهان سڀ پنهنجي سامان سميت تيار ٿيو، توهان کي هينئر جو هينئر مارشل لا هيڊ ڪوارٽر ۾ برگيڊيئر آڏو پيش ڪيو ويندو. اسان پنهنجا سامان سهيڙي تيار ٿي ٻاهر آيا سين، پوليس جو وڏو اٽالو ٻاهر موجود هو، اسان کي شهر جي ٻاهران ٻاهران ڦيرائي ملٽري هيڊ ڪوارٽر پهچايو ويو. اسان جي هٿن ۾ پيل هٿڪڙيون لاهي اسانکي هڪ ڪمري ۾ ويهاريو ويو. بعد ۾ اسان مان هر هڪ کي الڳ الڳ اندر ڪمري ۾ موڪليو ويو. جتي برگيڊيئر عبدالحميد، هڪ ڪرنل ۽ هڪ ميجر ويٺا هئا ۽ کين ملٽري يونيفارم بجاءِ خانگي پوشاڪ پهريل هئي. آءُ جڏهن اندر گهرايو ويس ته برگيڊيئر مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ آءُ اُتي پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس. برگيڊيئر مون کان نالو، تعليم ۽ ڳوٺ بابت پڇا ڪئي. هو نهايت نرم لهجي ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. آخر ۾ پڇيائين ته گهر وڃڻ جو ارادو آهي يا وري جيل ڏانهن؟ مون وراڻيو، ”اهو منهنجي نه پر توهان جي وس ۾ آهي.“ چيائين ته ”برابر اهو منهنجي وس آهي پر تنهنجي خواهش کي به ان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو“. مون چيو ته: ”نه آءُ پنهنجي مرضي سان آيو آهيان ۽ نه مرضي سان گهر موٽڻ جو اختيار رکان ٿو.“ برگيڊيئر چَپ ڍولا ڪندي چيو، ”برابر! برابر! چڱو ٺيڪ آهي . هن ڀيري آءُ توکي محض انهي ڪري ڇڏيان ٿو جو تون پهريون ڀيرو جيل ۾ آيو آهين، ٻي دفعي اهڙي غلطي ڪندين ته پوءِ ههڙي رعايت نه ملندءِ. چڱو، تون هاڻي ڳوٺ وڃي سگهين ٿو.“ آءُ ٻاهر اچي ساٿين سان گڏ ويٺس. جڏهن سڀني کان پڇا ڳاڇا ختم ٿي ته مونکي، مسعود پيرزادي، رفيق صفي، شفيق صديقي ۽ شبير نوراني کي رهائي جو پروانو ڏيئي گهر روانو ڪيائون ۽ باقي ٽن ساٿين کي هن ڪار مُنهين سماج جهڙي ڪاري پوليس وين ۾ چاڙهي جيل موڪليو ويو. اسان کي اهڙي رهائي تي ڪابه خوشي محسوس نه ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان جا ٽي ساٿي رها ٿيڻ کان رهجي ويا هئا. سچ پچ پاڻ کي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به قيدي سمجهيو پئي. هونئن به هن ملڪ ۾ آزادي جو نالو وڏو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، پر آزادي جو رُوح سان اُنجو ذري جيترو به رشتو نه آهي.
    اندر قيدي ٻاهر قيدي
    قيدي آهيون سڀ
    وارو عالم ۽ وايو منڊل آهي.
    مون جيل کان ٻاهر پهچڻ بعد پنهنجن ساٿين نسيم اختر، هدايت حسين، عنايت ڪل شميري ۽ منير سنڌي (ماڻڪ) سان ملاقات ڪئي، جن مون ۽ نديم کي سنڌ جي ٽوئر تي روانو ڪيو. مون ۽ نديم سڄي سنڌ جو ٽوئر ڪندي نوابشاهه، کڏڙو، شاهپور چاڪر، سانگهڙ، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، هالا، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ڪراچي ۾ دوستن سان ملاقاتون ڪري سنڌ جي ۽ شاگرد هلچل جي خبر ورتي ۽ صلاح مشورا ڪيا. انهيءَ دوري تان موٽي ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ ترسياسين ۽ پوءِ وري ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص وياسين. بهرحال اسان جتي به وياسين ته شاگرد برادري سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ جلسا ۽ ميٽنگون ڪري پنهنجو پروگرام دوستن آڏو رکيوسين. جيل جي تجربن کان به دوستن کان آگاهه ڪيوسين. انهن گڏجاڻين دوران سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخن کي منظم ۽ فعال بنائڻ لاءِ به سوچ ويچار ڪيوسين. اسان انهن دورن جي مڪمل رپورٽ حيدرآباد ۾ هڪ ميٽنگ ڪري دوستن اڳيان پيش ڪئيسين. دوستن وري ٻي ذميداري به مون ۽ نديم کي سونپي ته اسان هڪ هفتيوار اخبار ”پيغام“ شايع ڪرايون. اسان هن ذميداري کي خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ اخبار ”پيغام“ جون ڳچ ڪاپيون ڇپائي فيڊريشن جي سڀني شاخن ڏانهن موڪليوسين. اسان هن اخبار کي ڪيترين مشڪلاتن جي باجود ڪافي وقت تائين ڪڍندا رهياسين. هيءَ اخبار فيڊريشن جي دوستن لاءِ رابطي جي ڪڙي، نظرياتي ۽ سياسي تربيت جو هڪ اهم ذريعو هئي.
    انهيءَ دور ۾ وري هڪ ڀيرو ون يونٽ ٽوڙڻ جي خلاف سڄيءَ سنڌ ۾ هلچل شروع ٿي ويئي جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ڪارڪن پاڻ ملهايو. انهيءَ هلچل دوران ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪيا ويا. منهنجي ۽ خليل بچاڻي جي خلاف به گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا. اسان دوستن جي صلاح ۽ هدايت مطابق انڊر گرائونڊ ٿي وياسين. ڇاڪاڻ ته دوستن جو چوڻ هو ته هن صورتحال ۾ ڪن ڪارڪن جو روپوشيءَ جي صورت ۾ ئي صحيح، پر ٻاهر رهڻ ۽ ڪم جاري رکڻ ضرورت آهي. سندم والد محترم ارباب نور محمد پليجو به انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ موجود هئو، جيڪو اسان کي جيپ ۾ چاڙهي ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ويو ۽ اسان اتان لڪ ڇپ ۾ ڪراچي روانا ٿي وياسين. ڪراچي پهچندي اسان هڪ دوست مُراد وٽ وياسين ۽ کيس صورتحال کان واقف ڪيوسين. هن چيو ته هيءَ جا اِهي اوهين، آءُ اڳي ئي ڳوٺ لاءِ سنڀريو ويٺو هئس، سو وڃان ٿو، وڌيڪ توهانجا ڀاڳ کٽن. اسان صبح سوير هٿ منهن ڌوئي ڀرواري هوٽل ۾ ناشتو ڪيو ۽ پوءِ لِڪ ڇپ ۾ مختلف هنڌن تي مختلف دوستن سان به ملاقات ڪئيسين. حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن جي تعليمي ادارن جي صورتحال، ۽ سياسي وايو منڊل تي خبرون چارون ٿينديون هيون ۽ دوستن کان گرفتار ٿيل ساٿين جي آزادي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ جلسا جلوس به ڪڍاياسين ۽ اخباري بيان به جاري ڪراياسين. آءُ ۽ خليل، مجيب پيرزادي جي گهر وياسين ۽ سندس والد مرحوم پيرزادي عبدالستار سان به ملاقات ڪئيسين. مرحوم پيرزادي صاحب اسان جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ ٻڌائين ته مجيب سکر ويل آهي.
    هڪ ڏينهن اسان فليٽ ۾ ويٺا هئاسين ته اخبار واري اخبار ڦٽي ڪئي ۽ اسان اخبار پڙهي ته اخبار ۾ وڏين سرخين سان لکيو پيو هئو ته حيدرآباد پوليس کي گهربل شاگرد ممتاز جنيدي (ممتاز هينئر پيپلزپارٽي ۾ آهي) کي پوليس لياقت آباد جي هڪ سيمينا گهر جي ٻاهران گرفتار ڪري حيدرآباد وٺي ويئي. خبر پڙهڻ کانپوءِ مون خليل ڏانهن ڏٺو ۽ خليل مون ڏانهن نهاري زيرلب مسڪرايو. اسان پنهنجي چرپر کي هاڻي بنهه محتاط رکيو. مراد هاڻي ڳوٺان موٽي آيو هو ۽ اسان کي هن جي غير موجودگي سبب کاڌي پيتي ۽ سامان وغيره گهرائڻ ۾ جيڪا دشواري پيش اچي رهي هئي، سا ختم ٿي ويئي. مراد ايڏو فراخ دل ۽ يار ويس هئو جو وٽس رهندي اسان کي ڪڏهن به اوپرائپ جو احساس نه ٿيو. جيتوڻيڪ هو پيپلزپارٽيءَ جو سخت حامي هئو ۽ اسان پيپلزپارٽي جا مخالف هئاسين ۽ روزانو پيپلزپارٽي جي سياست ۽ خصوصي طرح قومي سوال تي سندس اڻ وڻندڙ پنجاب دوست رويي تي گرما گرم بحث ٿيندو هو، پر ڪڏهن به مراد من ميرو نه ڪيو ۽ نه ئي تنگي يا تنگ نظري جو ڏيکاءُ ڏنو. مراد هڪ بهترين انسان ۽ بهترين دوست آهي. آءُ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي وڏو خوش نصيب سمجهندو آهيان جو مون کي حياتيءَ جي هر موڙ ۽ منزل تي ڏاڍا سٺا ۽ مخلص دوست مليا آهن.
    سچا، هڏ ڏوکي ۽ همدرد دوست زندگيءَ جو املهه سرمايو آهن. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته: ”اهو ماڻهو مسڪين آهي جنهن کي سٺا دوست نه آهن.“
    مراد اسان لاءِ سُک ۽ سهوليت جو وڏو وسيلو هو. ڪڏهن ڪڏهن بوريت کي دُور ڪرڻ لاءِ ڪا انگريزي فلم ڏسي وٺندا هئاسين. خليل چوندو هو ته انگريزي فلم ڪنهن خشڪ موضوع واري ڏسبي ڇاڪاڻ ته اهڙي فلم کي ڏسڻ لاءِ پوليس وارا يقيناً نه ايندا هوندا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انڊر گرائونڊ رهڻ کان ڪڪ ۽ تنگ ٿي پياسين. سوچيندا هئاسين ته کلي عام هلون چلون، پوءِ ڀلي کڻي جيل وڃون، انڊر گرائونڊ يا روپوشي واري ذهني ڪيفيت کان سڌو سنئون جيل ۾ رهڻ بهتر آهي.
    جڏهن اسان انهي ذهني ڪيفيت جو اظهار مراد سان ڪيو ته مراد اسان کي احتياط ڪرڻ ۽ ڪنهن اٻهري قدم کڻڻ کان گهڻو ئي روڪيو، پر اسان فيصلو ڪري چڪا هئاسين. انهي ڪري مراد کان موڪلائي حيدرآباد روانا ٿياسين. حيدرآباد ويندي اسان پاڻ کي ڏاڍو فرحت ۾ محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻهي پان تي مڙهيل روپوشيءَ جي ذهني پيڙا کان پاڻ کي آجو ڪرائي چڪا هئاسين. حيدرآباد پهچي اسان پهريائين منهنجي فليٽ تي وياسين ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ خليل جي ڪمري تي پهتاسين.
    رات گذاري صبح يونيورسٽي ڪلاسن ۾ به وياسين، جتي ساٿين ٻڌايو ته شروع ۾ ڪجهه گرفتاريون ٿيون ۽ پوءِ ٺاپر ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت اسان ٻيهر باقاعدگي سان انڊر گرائونڊ زندگي کي ڇڏي کلي عام ڪم ڪرڻ لڳاسين.
    جيئن ته سنڌ جي قومي سوال تي مهاجر ۽ پنجابي ليفٽسٽ/مارڪسوادي ڪامريڊ جو عمل ۽ نقطه نظر مظلوم قومن جي حق خوداراديت جي خلاف هو، انهي ڪري اسان ڄام ساقي وارن کان الڳ ٿي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي نيشنلسٽ گروپ جو نالو ڏيئي الڳ جماعت ٺاهي. انهن ڏينهن سائين جي-ايم سيد سنڌ متحده محاذ به ٺاهيو هو ۽ اسان فڪري طرح قومي سوال کي ترجيح ڏيڻ واري سائين جي ايم سيد جي نقطه نظر جا حامي هئاسين. اسان جي قائم ڪيل نيشنلسٽ گروپ جو صدر شاهه محمد شاهه (جيڪو هينئر پاڪستان نيشنل پارٽي PNP ۾ آهي) ۽ آءُ (عبدالحئي پليجو)سيڪريٽر جنرل چونڊيا وياسين. مون ۽ شاهه محمد شاهه سڄي سنڌ جو دورو ڪري هن شاگرد جماعت جون شاخون مختلف شهرن ۾ منظم ڪيون.
    پاڪستان جي سياست ۾ هيءُ دور اهو هو، جڏهن بنگالي به سنڌ وانگي پنجاب جي بالادستي خلاف جدوجهد ۾ مصروف هئا، اسانجا ۽ بنگال جا ڏک درد هڪجهڙا هئا ۽ اسان سڀ هڪ تيغ ستم جا ڪُٺل هئاسين، انهي ڪري اسان به چاهيو ٿي ۽ بنگالي شاگردن به ته اسان مظلومن ۾ ويجهڙائپ پيدا ٿئي. لطيف سائين ته گهڻو اڳ چئي ويو هو:
    ڏکيون جان جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
    پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙها ڳل سندن
    ٻيون هوئين هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون.
    اهو سبب هئو جو اسان کي ڊاڪا جي شاگردن طرفان ڊاڪا جي هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي. آئون ڪن مجبورين سبب وڃي نه سگهيس، پر شاهه محمد شاهه سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند سائين امداد شاهه سان گڏجي اوڏانهن ويو.
    انهي کانپوءِ پنجاب جي هڪ شهر ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ هڪ عظيم الشان مزدور هاري ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مولانا عبدالحميد پلشاني آيو هو. هن ڪانفرنس ۾ نيشلسٽ گروپ طرفان آءُ ۽ شاهه محمد ساهه شريڪ ٿياسين. عوامي تحريڪ طرفان رسول بخش پليجو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان غلام نبي، غلام قادر پليجو ۽ پناهه جگر سنڌي شريڪ ٿيا. اسان کان سواءِ ٿي سگهي ٿو ته ڪي ٻيا سنڌي وفد به شريڪ ٿيا هجن، پر سندم يادگيري ۾ نه رهيا آهن تنهن ڪري انهن جي نالن ڏيڻ کان قاصر آهيان. اسان اتي گڏجي جيئي سنڌ ۽ سدا جيئي سنڌ جا نعرا هنيا. ٻي ڏينهن اتي آيل ڪراچي ءَ جي هڪ وفد سان ملاقات ٿي. بحث دوران رسول بخش پليجي انهن همراهن کي ڏاڍو هيسو ۽ چيو ته توهان پهريائين پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ تبليغ ڪري پنجابي عوام کي سمجهايو ته توهان ننڍين قومن جا حق غصب ڪيا آهن. اهو سلسلو بند ڪريو. اسان به انهي وفد اڳيان اهو نقط نظر رکيو ته مظلوم طبقن جا حامي مظلوم قومن جا به حامي هئڻ گهرجن. هتي ته ڪامريڊن جو عجيب عالم آهي. قومن جي ڦرلٽ ۽ مظلوميت تي ته سندن ذري جيتري به دل نٿي ڪڙهي، باقي هاري ۽ مزدور جي ڳالهه ڪندي نه پيا ٿڪجن. هن هيڏي وڏي ڪانفرنس ۾ قومن جي مظلوميت جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي ويئي ۽ سنڌ کي ڪابه نمائندگي نه ڏني ويئي.
    اسان انهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري موٽي نوابشاهه آياسين. انهي دوران سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ ۽ ون يونٽ ٽوڙائڻ جي سلسلي ۾ جدوجهد شروع ٿي چڪي هئي. انهي جدوجهد ۾ ساري سنڌ جي شاگردن ڀرپور نموني حصو ورتو. سوين ۽ هزارين شاگرد بک هڙتالن تي ويٺا ۽ گرفتار ڪيا ويا. انهي دوران سرڪار ووٽرن جي لسٽن کي اردو ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي به وڏو احتجاج ڪيو ويو. لالا قادر، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا بک هڙتال تي ويٺا. سڄي سنڌ ۾ انهي مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ بک هڙتالون ڪيون ويون ۽ هزارين شاگردن، هارين ۽ مزدورن سان جيل ڀرجي ويا، نيٺ حڪومت ووٽرن جي لسٽن کي سنڌي ۾ ٺاهڻ جو مطالبو قبول ڪيو. انهي سلسلي ۾ آءُ به گرفتار ڪيو ويو هئس. اڳي اسان جڏهن گرفتار ٿيا هئاسين ته فقط اٺ ڄڻا هئاسين پر هينئر سوين هئاسين ۽ انهي واڌاري ۽ سجاڳيءَ تي اسان کي سرهائي هئي. انهي ساڳئي وقت ۾ يحيٰ خان جي ملٽري حڪومت ون يونٽ ٽوڙڻ جو به اعلان ڪيو. گرفتار ٿيل سڀ شاگرد ۽ پورهيت ۽ سياسي ماڻهو آزاد ڪيا ويا.
    عرض ته سنڌي شاگردن جي بي پناهه قربانين ۽ اڻ ٿڪ محنتن جي نتيجي ۾ قومي حقن جي حاصل ڪرڻ جو شعور گهر گهر پهچي ويو. اڄ جيڪي سياسي جماعتون ۽ شاگرد جماعتون قومي حقن جي جنگ ۾ مصروف آهن، سي ماضيءَ جي سلسلي جو هڪ حصو آهن. اڄ جي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيڪا موجوده وقت ۾ قوم پرست سنڌي شاگردن جو وڏو مورچو آهي سا سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (نيشنلسٽ گروپ) جي ترقي يافته شڪل آهي. اڄ سنڌ ۾ شاگردن جون مختلف جماعتون سرگرم آهي. جهڙوڪ جساف-سپاف، سنڌي شاگرد تحريڪ، وطن دوست اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ڪنفيڊرل اسٽوڊنٽس آرگنائيزشن، سنڌ ساگر شاگرد جماعت وغيره وغيره.
    انهن جماعتن جي ڪارڪردگي تي ايندڙ وقت ۾ ڪو ليکڪ قلم آرائي ڪري سنڌي شاگرد سياست جي هن دستاويز کي مڪمل ڪندو، هن ڳالهه چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌ جي قومي سياست کي پنهنجي رت ست سان سائي ۽ سگهاري بڻائڻ ۾ سنڌي شاگرد جماعتن وڏو ۽ يادگار ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جو فروغ سنڌي شاگردن جي طفيل ٿيو آهي ۽ اڄ به قومي جدوجهد جو مُهڙ وارو دستو شاگرد ئي آهي. 4 مارچ کان وٺي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن تائين لَهو جي لڪير صراط المستقيم بني بيٺي آهي.
    اسان جي ڪيترن ئي شاعرن سنڌي شاگردن جي انهي جاکوڙ ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. انهن جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا.
    چوٿين مارچ جيڪو سنڌي شاگرد سياست ۽ قومي جدوجهد جو يادگار علامتي ڏينهن اهي، انهي تي لکيل چند منتخب شعر اجهو هي آهن:

    بيت
    شيخ ”اياز“

    اُڀري ايندا هو اوچتو ڌرتيءَ جا لالَ،
    آءُ ڏسان ٿو ڀُونءِ تي ايندا جي ڀُونچال،
    ماڻهو، مڏيون، مالَ، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.
    *
    آئون ٿو ڏسان ڀُونءِ تي اڄ به سو انسانَ،
    اُڀري ايندو باک سان جيڪو سج سمان،
    ناهي تِر به گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾.
    *


    شاگرد (4 مارچ جي ياد ۾)

    اياز قادري

    ڪوپا ڪوڏ مان ڪاهي هليا،
    سورهيه جي ساڻيهه جا.
    نعرا هڻندا، حق جا هلندا،
    گهوٽ گهوڙي چڙهندا الا،
    سورهيه جي ساڻيهه جا.
    وِڙهندا، وڌندا ڪين ڪي هٽندا،
    ملڪ مٿان مرندا، الا،
    سورهيه جي ساڻيهه جا.
    رڻ رنڱيندا رت سان،
    مانجهي جڏهن مچندا، الا،
    سورهيه جي ساڻيهه جا.
    سانگ نه رکندا سوڍا سِر جو،
    سوڀون سڀ کٽندا، الا،
    سورهيه جي ساڻيهه جا.


    4 مارچ

    غلام حسين رنگريز
    وَهيو رتُ جيڪو اوهان جو سپوتو،
    اُهو رت آهي امر.
    اُهو رُت سنڌڙيءَ جو آهي،
    ۽ جيجل جي جندڙيءَ جو آهي،
    اُهو رت آهي سڀن جو
    اُهو رت منهنجي به آهي رڳن جو
    اُهو رت سنڌوءَ جيان
    سنڌ جي سينڌ ۾ سينڌور آهي،
    اُهو رت آ ڪهڪشان ساٿيو،
    اُهو رت منزل جو آهي نشان ساٿيو،
    اُهو رت آ ست صدين جو
    اُهو رت تاريڪين ۾ آ مشعل،
    اُهو رت رات جي ڪُک ۾ ڪان آهي
    اُهو رت سوراج سيج آهي
    اُهو رت ساٿيو اسانجو ته ايمان آهي.


    4 مارچ جي جوڌن دودن جي شان ۾

    امداد حسيني

    ڪهڙو گهوٽ چڙهيو آ گهوڙي
    ڌرتي لالَ ڪنوار بڻي آ.
    ڳوٺ سمورو ڳاهٽ آهي
    تارن جي ڇا ڇاٽ ڇڻي آ
    ريٽي رت جا سونا سڪا
    گهٽي گهٽي گلزار بڻي آ
    دودي جوڌي من ئي من ۾
    اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڳڻي آ
    چنڊ جُڳن کان هِن گهڙي لئي
    کن کن گهڙي گهڙي ڳڻي آ
    اکيون ادل جون ٻَرن مَشالا
    هن ڌرتيءَ جو ڌاڄ ڌڻي آ
    ريٽي رت جو تلڪ نرڙ تي
    سنڌڙي ماءُ جي پيِر پڻي آ.


    اڄ مارچ مهينو آيو آ

    فتاح ملڪ

    اي سنڌو تنهنجي ڪنڌيءَ تي اڄ مارچ مهينو آيو آ،
    تون پنهنجو پيارو پاند نه ڏس ڇا ڇا نه ڦڳڻ ڦلهاريو آ.

    ڪلهه مُند مڙيو ئي ساڳيءَ ۾ ڪنهن ڪَک ۾ ڪان وهايو هو،
    ڇا ڪانئر ڄاتو ڪانيءَ سان ڪنهن واهر ورق واريو آ.

    ڇا ٻاجهارن جي ٻُوليءَ لئه ڇا گوندر جن جي جهولي لئه،
    تو سيني اندر سمنڊ رکي ڇا چَپ سان چنگ چلايو آ.

    ڪي ٻالڪ تنهنجي ٻاجهه ڏسي ٿا ڳاڙها اجرڪ آڇ ڪرن،
    تن ور ور تنهنجي وَڌ وجهي هي ڳاڙهو جهنڊو ٺاهيو آ.

    ڇا ڇوڪر ڇوڪر مستي آ ڄڻ موکِي مَنڌ وڪامي ويو،
    اڄ آزاديءَ جي سونهن سڻي ڇا هر ڪنهن نيڻ خماريو آ.

    ڏس هر ڪنهن ڏاٽا چمڪن ٿا ۽ گيت چپن تي چهڪن ٿا،
    اي سنڌ جا دشمن دُور رهو اڄ مارچ مهينو آيو آ.


    اپريل 1985ع

    (ٽوڙي جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ جي عظيم شاعر محترم شيخ اياز هيٺيون نظم لکيو. هنن شهيد شاگردن جو تعلق جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان هو.)


    ڪنهن جو خُون وَهيو ٽوڙيءَ ۾
    او ڍايرَ؟
    توکي ڪيئي سال مُئي ٿيا
    رُوم رُمَ مان تنهنجي نڪتا
    جيڪي ڪيڙا
    سي به مٽيءَ سان مِٽي ٿي ويا-
    ڪالهه مگر تو ٽوڙيءَ ۾
    لڳ ڀڳ ساڳيءَ ورديءَ ۾
    ساڳي هولي کيڏي!
    توکي عمر ملي ڇو ايڏي
    او ڍايرَ!
    مُون ته ٻُڌو هو
    ”ظلم سدائين قائم آهي،
    ظالم قائم دائم ناهي“
    ها، پر ظالم!
    عمر درازيءَ ۾ تون سڀ کي
    مات ڏيئي ويو آهين!


    ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس، ميرپور بٺورو

    3 سيپٽمبر 1966ع
    ]آجيان جو خطبو-از ارباب نور محمد پليجو[

    جناب صدر ۽ مُعزز حضرات، آئون اوهان سڀني آيل صاحبن جي تشريف آوريءَ تي دل و جان سان اوهان جي مرحبا ڪندي، اوهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو دور دراز پنڌ کان، وقت سيڙائي تڪليف وٺي، مجلس کي رونڪ بخشي اَٿو!
    ميرپور بٺورو تعلقو جيتوڻيڪ سنڌ جي هڪ گوشي ۾ هن وقت ڪا وڏي اهميت رکندڙ خطو نظر نٿو اچي، ليڪن تاريخي حيثيت سان ان جي وڏي اهميت رهي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سما گهراڻي جو دؤر، سونهري زمانو شمار ڪرڻ جي لائق آهي، اهو سنڌ جو رومانوي دؤر هو، جنهن مومل راڻي، ليلا چينسر، عمر مارُئي، سسئي پنهون ۽ نوري ڄام تماچيءَ جي عظيم داستانن کي جنم ڏنو. انهن جو مرڪز هن سرزمين تي هو، از انسواءِ سنڌ جي سياسي آزادي، عِزت وقار ۽ روايات قائم ڪرڻ لاءِ دودي سومري جي قرباني، سنڌ جي قومي آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ پهريون مثال آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪري سگهون ٿا. اهو ٿورو آهي هيءَ اها سرزمين آهي، جنهن حضرت شاهه عبدالڪريم عليھ رحمت بُلڙي وارو، ڏهين صدي هجريءَ ۾ پيدا ڪيو، جنهن جي خاندان مان شاهه عبداللطيف عليه رحمت پيدا ٿيو، انهن بزرگن جون عوام جي نفسياتي اصلاح، اخلاقي درستيءَ ۽ قومي تهذيب لاءِ حاصل ڪيل ڪاميابيون ۽ سندن اعليٰ ڪارناما وسري نٿا سگهن. ان کان پوءِ ٻارهين صدي هجريءَ جي اول ۾ هن سرزمين شاهه شهيد شاهه عنايت عليه رحمت پيداڪيو، جنهن تصوف ۽ حق گوئيءَ جي بهترين اصولن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ شهادت حاصل ڪئي ۽ جنهن جي فيض بشارت ڪري، سنڌ جي گوشي گوشي ۾ وحدت مذاهب، اتحاد انساني ۽ حق لاءِ ايثار ۽ قربانيءَ جو آواز پکڙجي ويو، اسين انهيءَ مقدس سرزمين تي اڄ گڏ ٿي رهيا آهيون، اسان جا مقصد به معمولي نه آهن، اسان انهن بزرگن طرفان سنڌ جي اُن عظيم پيغام کي نيئن سر زنده ڪري رهيا آهيون. هن وقت جڏهن اسان جو قومي شيرازو خود مطلبيء، نفاق ۽ نفرت، ڪمزوريءَ ۽ بزدليء ۽ قومي شعور جي عدم موجودگيء سبب پرزا پرزا ٿي پيو آهي، تڏهن اسان انهن خامين کي دور ڪرڻ لاءِ هنن ڪانفرنسن ذريعي مخلص ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪري، سنڌ جي ان پيغام جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جو عزم رکون ٿا، جيڪو امن، انصاف ۽ آزاديءَ جو پيغام آهي، اڄ اسين انهيءَ ئي عظيم مقصد لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، منهنجي نظر ۾، اسان کي مٿي ذڪر ڪيل قومي خامين دور ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي جنهن خاص پيغام کي پکيڙڻو آهي، ان پيغام جا مکيه جزا هيٺيان آهن.
    (1) مذهب جي غلط تشريح ڪري جا ايڪسپلائيٽيشن (استعمال غرضيء) جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ان کي دور ڪري، اسان کي مذهبي رواداريءَ ۽ محبت جو سبق پکيڙڻو آهي.
    (2) مذهب جي صحيح تعليم جي عدم موجودگيءَ ۾ اتحاد انساني ۽ امن عالم جو حصول ممڪن ٿي نه سگهندو ۽ ملڪ نفاق ۽ نفرت جو مرڪز بڻجي پوندو.
    (3) اتحاد ۽ امن انسانيء جي غير موجودگيءَ ۾ دنيا ترقي جي عيوض تباهيء ڏي وڌندي رهندي.
    (4) اتحاد ۽ امن انسان جي عالمي مِشن جي سرانجاميءَ جي سلسلي ۾ سرزمين سنڌ کي خاص رول ادا ڪرڻو آهي.
    (5)ان پيغام جي پکيڙڻ لاءِ سنڌ جي اندروني خود اختياري ۽ ذهني آزادي جو حصول لازمي آهي،
    (6) سنڌ جي اها خود اختياري ۽ آزادي پاڪستان جي مضبوطيءَ ۽ حفاظت جي ضمانت ٿي سگهي ٿي.
    (7) ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي آزاديءَ اتحاد امن ۽ ترقيءَ لاءِ عالمي محبت جو پيغام پکيڙڻ ضروري آهي.
    (8) ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي آزادي، عالمي اتحاد ۽ امن عالم لاءِ هڪ مکيه منزل جو ڪم ڏيندي.
    (9) انهن ڪمن جي سرانجاميءَ کي سنڌ جي صوفي سڳورن، اسلام جي چوڏهن سؤ ورهين جي مشن جو بنيادي مقصد سمجهيو هو، اڄ اسين پڻ ان کي ايئن سمجهون ٿا.
    انهن سڀني مقصدن جي حصول لاءِ، اسان کي هيٺيان ڪم سرانجام ڏيڻا آهن.
    (1) سياست عملي جي جٿابندين ۽ خلفشارن کان علحده ٿي ڪلچرل پليٽ فارم تان هن وقت ماڻهن جي نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.
    (2) سنڌ جي صوفياڻي ڪرام ۽ مخلص قومي ڪارڪنن جي پيغام کي نئين زبان ۽ نئين انداز ۾ هر طرف پهچائڻو پوندو.
    (3) سنڌ جي گوشي گوشي ۾ ڪانفرنسون ڪري، مٿيئن پيغام ذريعي، پنهنجن مقصدن جي تعليم ڏيئي، سنڌي عوام جي تربيت طرف متوجه ٿيڻو آهي.
    (4) مخلص ڪارڪنن جو گروه پيدا ڪرڻو آهي، جي مٿينءَ مِشن لاءِ پاڻ (کي) وقف ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.
    انهن لفظن سان وري به آءُ اوهانجي شڪر گذاري ادا ڪندس ۽ جناب جي ايم سيد صاحب کي عرض ڪندس ته پاڻ هن مجلس جي افتتاح لاءِ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪرڻ فرمائين.

    خادم
    نور محمد پليجو


    انهي دؤر جا ڪجهه خط

    20-5-1967ع
    سائين جي-ايم سيد
    جناب من ميان عبدالحي صاحب
    السلام عليڪم:
    بزم صوفيائي سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس 9 اپريل 1967ع تي سن ۾ گڏ ٿيو. جنهن ۾ هيٺين پاسي ڪيل ٺهرائن سان اوهان جو تعلق آهي، انڪري ان جي سرانجامي لاءِ هي ٺهراءَ اوهان ڏي موڪلجن ٿا.

    زياده خيرو السلام.
    غلا مرتضيٰ



    ٺهراءَ نمبر 4: رٿ آئي ته شاگردن ۾ بزم صوفيائي سنڌ جو پرچار ڪرڻ ۽ قومي شعور پيداڪرڻ لاءِ هڪ شاگردن جي ڪميٽي مقرر ڪجي ۽ انهيءَ جماعت جو نالو مقرر ڪجي. يڪراءَ بحال ٿيو ته بزم جو پيغام پهچائڻ لاءِ اپر سنڌ لاءِ سيد باقر شاهه ۽ لوور سنڌ لاءِ عبدالحي پليجو مقرر ڪجي ٿو ۽ جماعت جو نالو سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن (Sindh Students Culture Organinstion) مقرر ڪجي ٿو.
    (S.S.C.O.)



    31-1-1971ع
    محترم رسول بخش پليجو
    جيئي سنڌ
    سچي سڪ سان.
    ڀاءُ عبدالحي پليجي کي سندس سالگره جي مبارڪ موقعي تي
    جيئي شال:
    هن عظيم داستان جي سورمي سارنگ جيان تون به سنڌڙي ۽ سندس سنگهارن جي سُک ۽ سڪار جي جنگ ۾ ساهه ۽ سر جو سانگهو نه ڪج.

    تنهنجو ڀاءُ
    رسول بخش پليجو



    13-9-1971ع
    محترم عبدالواحد آريسر
    محترم جناب پليجا صاحب
    تسليم جيئي سنڌ.
    احوال ته جناب شاهه محمد شاهه صاحب اوهان جي نالي پيغام ڏنو آهي ته براءِ مهرباني هلندڙ مهيني جو پنجويهه 25 تاريخ سندس ڳوٺ ڀاڻوٺ ۾ توهان ضرور اچجو جو ضروري مشورو ڪرڻو آهي ۽ ميٽنگ آهي.

    زياده خير.
    فقط
    عبدالواحد آريسر



    27 جولاءِ 1969ع
    سينٽرل جيل پشاور
    محترم ڄام ساقي
    اڄ آزادي جي نعرن سان درد ويا دلگيرن جا.
    جيئي سنڌ
    مٺا ڀاءُ عبدالحي
    تنهنجو خط مليو. ڏاڍو مزو آيو. هڪ ته ايڏو پري ويهي خط لکڻ ۽ پڙهڻ جو مزو اچي ٿو ۽ وري ملاقات بند هجڻ جي صورت ۾ ڳالهه ئي ٻي آهي. ڪلهه نائون ڏينهن هو جو ڪنهن جو به خط نه مليو هو ۽ هاڻي آئون انهيءَ صدقي وڃي پهتو هوس جو ايندڙ گاڏيءَ جي سيٽي تي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي ويندي هئي ته هن ملير مان ڪو ماڻهو ڪو نئون نياپو اچي. حالانڪ ملاقات بند آهي. اچڻ جو فائدو به ڪونهي ۽ ويندڙ گاڏيءَ جي سيٽيءَ تي به ساڳيو حال ته اها منهنجي ملير مان لنگهيندي ڪڏهن اها مون کي به کڻي هلندي. پيارا تو لکيو آهي ته منهنجو خط پڙهڻ مهل اهو محسوس ٿيندو آهي ڄڻ آئون پاڻ روبرو پيو ڳالهايان، شايد لاشعوري طور تي ملاقات جي خواهش پوري ڪندو هجان. جاني اها ڇا، تو هڪ هنڌ مونکي توهان لکيو آهي. پاڻ ساٿي ۽ بي تڪليف دوست آهيون. تون، تون لک جيئن پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهيو ته خط پڙهڻ مهل ڪچهري جو مزو اچي ٿو.
    ڀاءُ تو جو لکيو آهي ته جيجي به تنهنجي لاءِ دُعا گهرندي انهيءَ کي هڪ نظر سان ڏسندي-ته تمام گهڻو مزو ايندو. اسان جا ساٿي گڏ هجن اها سٺي ڳالهه آهي. امان ۽ بابا دعاڳو هجن اها تمام سٺي ۽ وڏي ڳالهه آهي، جو پراڻو نسل دعاڳو هجڻ بدران مخالفت ڪندو آهي ۽ جيجي جيڪا امان جي به امان آهي، انهيءَ جي دعاءُ معنيٰ اسان جون پيڙهيون اسان جون دعاڳو آهن. اها غير معمولي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جيجي کي چئجان تنهنجي ڏوراهين ڏيهه ۾ ڏاڍي ٿيل ڏهٽي چيو آهي ته انشا الله اسان جو ازم پختو رهندو ۽ ڪامياب ٿي موٽنداسين. ادا هڪ ڏينهن هتي راولپنڊي ريڊيو اسٽيشن تان نشر ٿيل نغمون ”سنڌڙيءَ دا شهباز قلندر ٻڌم“ اهو هتان جي اسٽيشن جو تيار ڪيل ٿي معلوم ٿيو.
    ڌن چڱي هئي (Content) ٻول ڪي خاص نه آهن، پر هڪ عجيب طرح جو مزو آيو. هڪ عجيب جذبو محسوس ٿيو. جنهن ۾ غم به هو ته خوشي به ۽ ان وقت مون سمجهيو ته ثقافت دليلن سان سمجهائڻ يا سمجهڻ کان وڌيڪ محسوس ڪرڻ جي شئي آهي. ادا روبينا تو به ڏٺي آهي ۽ مون به. مون ساڻس سياست تي به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته پاڻ لنوائي غير سياسي موضوع تي ڳالهائيندي آهي. آخر سرڪاري ملازم آهي، سو ڳالهه ٿي ڪيم ته سندس ڪا به خاص ڳالهه محسوس ڪونه ڪئيسين. پر هتي-هفتو کن اڳ آچر جي ڏينهن راولپنڊي اسٽيشن تان نشر ٿيل روبينا جا ٻه نغمه ٻڌم، هڪ سچل سائين (سرمست بابا نه) جو ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا ۽ ٻيو ڀٽ ڌڻيءَ جو- ”اچي لالڻ لٽ ميان مئي جو لوڙهه لڪن ۾“ ته ڇا ٻڌايان ڇا محسوس ٿيو. ڀٽ ڌڻي ۽ سچل سائين ته عظيم آهن ئي پر اڄ روبينه جي عظمت جو به احساس ٿيو، هوءَ به اسانجي ثقافت جي سٺي ترجمان آهي. 19 جولاءِ تي B.Class جو آرڊر آيو آهي. هاڻي نوار به اڌ ٺاهڻي پوندي ۽ ماني به ڪجهه فضيلت واري ملندي. تنهنجي دوست شميم صاحبه جا ڪهڙا حال آهن. ملڪ جا ڪهڙا آهن.
    يار معارف ڪجانءِ جو خط ڪجهه ڊگهو ٿي ويو آهي. تون امتحان جي تياريءَ ۾ هوندين، پر ڇا ڪريان چاهيم ته توسان ڪچهري ڪري وقت گذاريان.
    سلام: بابا (ارباب نور محمد پليجو) شمشير، غلام رسول، موسيٰ نديم، اقبال ڏوگر، بروهي، پيرزادو، علي اڪبر ڪٻر، پير مظهر، ظهور انصاري، قاضي خادم، شيخ علي محمد، قمرالدين ميمڻ، يوسف ميمڻ، رجب ضياءُ، علي اڪبر شاهه، قائم شاهه، جن کي ڏجان، منير جا ڪهڙا حال آهن.
    ڪالهه تنهنجي خط سان گڏ اقبال جا موڪليل ڪتاب مليا. کيس ٻڌائجان سندس ٽپال Check (چيڪ) ٿيڻ جو امڪان آهي. يونيورسٽيءَ مان سلپ جلدي موڪلرائي ته اچان.

    تنهنجو
    ڄام ساقي



    2- آگسٽ 1969ع
    سينٽرل جيل پشاور

    چورون مڙيون، جندڙي رني ناهي رت،
    ساٿي اُٿ ستت، ته ساڙيون هن سماج کي.
    جيئي سنڌ.
    مٺا عبدالحي
    تنهنجو خط ڪلهه مليو. هن مان ئي اندازو لڳاءِ ته تو خط اٺ ڏهه دفعا پڙهيو آهي، جڏهن ته تون ٻاهر آهين، وطن ۾ آهين. يارن دوستن سان ملين ٿو، ڪچهريون ڪندو هوندين، ان هوندي به خط توکي ايڏو مزو ڏنو ته منهنجي متعلق ته توکي اندازو به نه هوندو ته مون ڪيترا دفعا پڙهيو هوندو ۽ ڪيترو حظ حاصل ڪيو هوندم.
    اڄ ارادو ڪيو اٿم ته دوستن جا خط-جيڪي هتي مليا آهن يا ملندا. اهي شايع ڪرائيندس. پر ان جي اها معنيٰ نه آهي تون محتاط ٿي لکين. اها بي تڪلفي ۽ بي ساختگي برقرار رهڻ گهرجي. هن قسم جي خطن مان ئي ملاقات جو مزو اچي ٿو. ڀانيان ٿو ته تون به مون وانگر خط سامهون رکي جواب لکندو آهين.
    يار اهو ڇا آهي؟ پنج دفعا توهان لکي پوءِ ڪاٽي تون لکيو اٿيئي. ڳالهائڻ ۾ ته پاڻ ٻئي پاڻ ۾ توهان استعمال نه ڪندا آهيون.ڏينهن جا ڏينهن بلڪ ورهين جا ورهيه گڏ گهاريا اٿئون. يار تون ته ڀلجي به توهان نه لک.
    تنهنجي جوش ۽ بي ساخته خوشي جو اظهار خط جو مزوئي ٻيو ڪري ڇڏيو.
    شاهه محمد شاهه کي سلام چئج.
    توهان جي موڪليل اخبار ”پيغام“ ملي. پڙهي طبيعت کي تراوت اچي ويئي. باقاعدي ڪڍندا رهو (توهان معنيٰ تون-نديم-اقبال شاهه ۽ منير وغيره سڀ) ادا خوشحال خان خٽڪ اياز وانگر نه پر ڀٽائي وانگر آهي. هو پوڻا چار سؤ سال اڳئي گذاري ويو. موجود شاعرن ۾ وڏي ۾ وڏو شاعر اجمل خٽڪ آهي، جو پنهنجي فيڊريشن جي ڪنوينشن تي آيو هو.
    خوشحال جو شعر عرض آهي جو اورنگ زيب جو قيد ۾ چيو اٿس:
    ٻير جا پن کائو جبلن ۾ رهو
    پر آزاد رهو
    اورنگ زيب پان ۽ ٻيون نعمتون ته ڏي ٿو
    پر غلام رکي ٿو.
    اي خدا مون کي هن غلامي کان ڇڏاءِ.
    اجمل خٽڪ جو هڪ شعر آهي:
    اهو ڪافي نه آهي ته اسان مان دونهن نڪري.
    اچو ته پاڻ باهه جا شعلا بنجي وڃون.
    نئون سهڻو ۽ دلپسند باغ ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي،
    ته پراڻي باغ کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
    خوشحال خٽڪ جو هڪ ٻيو شعر آهي:
    هن ۾ شڪ نه آهي ته جڏهن اورنگ زيب جو ملازم هوس ته سردار هوس.
    پر اهي زنجيرون ٽوڙڻ کان پوءِ ڪجهه به نه هوندي به مرضيءَ جو مختيار بادشاهه آهيان.
    هاڻي ته خوش تنهنجي فرمائش پوري ٿي؟
    ادا اڙدو ۾ غالب-اقبال-فيض ۽ ساحر-پڙهيا آهن. ٽئگور، چئٽرجي ۽ نذر السلام به پڙهيا اٿم ۽ انگريزي ۾ شيڪسپئر.شيلي، ڪيٽس ۽ ورڊ سورٿ به ٿورو پڙهيا اٿم ۽ تو وانگر ٻين ادبن ۾ فرينچ، جپاني-روسي ۽ چيني ادب ٿورو پڙهيو اٿم. پر مزو مون کي ڀٽائي ۽ اياز مان جهڙو اچي ٿو، اهڙو ٻئي ڪنهن مان نٿو اچي. ميران ٻائي ٻن ٽن دوهن کان وڌيڪ پڙهي ڪو نه اٿم. جو راءِ جو اظهار ڪريان. نڪو مير پڙهيو اٿم. هاڻوڪو خط ڪافي ڊگهو لکيو اٿئي، ان لاءِ ٿورائتو آهيان، ٽيون ڏينهن نديم جو موڪليل بيان امتحان بابت بانگ حر ۾ پڙهيم- کيس مبارڪون ڏجان.
    هتي ڏينهن ته ڪجهه نه ڪجهه مصروف گذري ويندو آهي. رات البت آهي چانڊوڪي رات. يادون ۽ اداسيون به کڻي ايندي آهي. چنڊ کي ڏسي حضرت انسان جي عظمت کي سلام ڪرڻ تي به دل چوندي آهي.
    انسان اڍائي لک ميل پنڌ ڪري چنڊ تي به پهتو آهي ۽ انسان هن چوڪڙي زمين تي ٻارهن فوٽ ديوارن کان ٻاهر به نٿو وڃي سگهي.
    اوانداهي راتين ۾ ڪي ٻيا خيال ايندا آهن. تارن ڀريون راتيون ته ڪي ٿوريون ڏسندا آهيون، گهڻو ڪري شهرن ۾ رهون، خبر ئي ڪانه پوي ۽ ٻهراڙين ۾ تارا ته ڏسون، جيڪر پر ڳوٺ وڃڻ جو موقعو ئي سال ۾ ويهارو ڏينهن مس ملندو آهي. ڪاري رات ۾ نيري آسمان تي تارا ائين نظر ايندا آهن جيئن گجَ تي ٽڪون.
    ڳوٺ وڃڻ جي ڳالهه تي ياد آيو ته هڪ دوست مون کان پڇيو ته شادي ته ڪيئي پر ڪو ٻار به آهي....؟ مون جواب ڏنو مانس ته آئون ته گهڻو وقت جيل ۾ آهيان يا ريل ۾. ٻار بسترن مان ته ڪو نه پيدا ٿيندا. ڏاڍو کلياسين.
    يونيورسٽيءَ جي ڊرائيورن جا سلام پڙهي، دل خوش ٿي. پرديس ۾ آهيان پر منهنجي ديس جي پورهيتن مون کي وساريو نه آهي. کين منهنجا گهڻا سلام چئجان. انهن مان ڪن جا نالا هي آهن. خان محمد، جانو، لکانو، رحيم، مسڪين، حاجي ۽ شوڪت وغيره.
    سلام: اقبال، نديم، منهنجي سئوٽ، موسيٰ سندس والد محمد رحيم، شاهه محمد شاهه، منير، غلام رسول، بابا (ارباب نور محمد پليجو) شمشير ۽ ٻين کي ڏيندا.
    سلام هاشم خان (ايوب خان تي گولي هلائڻ وارو) اڪبر علي خٽڪ، ليق احمد، گلشن ۽ زين الله ديوانه جا قبول ڪج.

    سلام امداد حسيني، نياز همايوني، عبدالحق عالماڻي، غلام رباني، ابن حيات پنهور، گرامي صاحب، مقبول صديقي (عبرت)، شيخ علي محمد ۽ قاضي خادم جن کي ڏج، پرواني ڀٽيءَ کي بنگال جي دوري لاءِ مبارڪون ڏج.اديبن وارا سلام جتوئي صاحب، سيد باقر علي شاهه، الانا صاحب، محرم صاحب جن کي ڏجان.
    پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر صاحب، ڀٽو صاحب، شيخ صاحب، مس زاهده، آخوند صاحب، تنوير صاحب ۽ وارثي صاحب کي ڏج.
    سڀني سنگتين ڏوگر، نانڪ، چوني لال، آغا زهد، علي اڪبر بروهي، علي اڪبر ڪنڀر، ضمير چنا، قمرالدين ۽ يوسف ميمڻ، پير مظهر، اعجاز قريشي جن کي ڏج.
    مير ٿيٻي ۽ مهر شاهه کي به خط لکندا رهو دوستن کي چئجان.
    امتحان لاءِ آگسٽ جي آخر ۾ ايندس. غالباً 24 يا 25 تيستائين خط لکندار هو.
    تنهنجو
    ڄام ساقي




    13-آگسٽ 1969
    سينيٽر جيل پشاور
    هي ماڻهو وه جو ڍڪ ٿيا، جيئن لڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا.
    جيئي سنڌ.
    پيارا عبدالحي
    سٺا ڀاءُ ڪلهه تنهنجو خط مليو اڄ جواب لکان ٿو پيو. مون کي اميد آهي ته پيغام هن خط پهچڻ کان اڳي روانو ڪري چڪو هوندين. جاني تو لکيو آهي ته وي-سي اسانکي ريسٽڪيٽ ڪيو. اهو ٿيڻ وڏي ڳالهه نه آهي. پياري وطن جي آزادي ۽ ان جي لکين پورهيتن جي خوشحاليءَ لاءِ اسين زندگيءَ مان ريسڪٽ ٿيڻ لاءِ تيار آهيون. هتي ته يونيورسٽي آهي. پر خاطري ٿئي ته هروڀرو ڪورس پڙهي مغز نه کپايون. ڪارخاني ۾ نوار ٺاهي ٿڪجي واپس اچي پڙهڻ جو اجايو بوجهه کڻون.
    توهان جي دوري لاءِ مبارڪون هجن جو سچ ته کيرون لهڻو. هڪ احوال ڏجان ته مون نديم کي سندس ايڊريس تي جواب موڪليو هو سو مليو هوس يا نه. اقبال ۽ بروهي کي خط لکيا اٿم. سي مليا يا نه. اقبال کي ڀاڻس جي ائڊريس تي ۽ بروهي کي چاچس جي ائڊريس تي، شفيق کي جواب لکيو هئم، اهو مليس نه. مسعود پيرزادي کي سندس خط جو جواب لکيو هئم اهو مليس نه. سندس هڪ خط جو احوال ڳوٺان آيو آهي جو بابا کي لکيو هئائين ان ۾ ڀاڄايس (منهنجي زال) کي تسلي به لکي هئائين (ڏاڍو سٺو ڪيائين) گرفتار ٿيل همراهن جو ڇا پيو ٿئي؟
    مٿين سوالن جا جواب جلد ڏج. منهنجي حال جو قدر ڪر ۽ ايڏي دير نه ڪندو ڪر.
    گرفتارين جو تفصيل ۽ ٻيو احوال سڄي سنڌ جي برانچن کي لکو ۽ کين هدايت ڪريو ته ڳوٺن ۾ پکڙجي وڃن اتي پيغام پهچائين ۽ نعپ، مزدورن، هارين ۽ شاگردن جي متحده محاذ جون ٿي سگهي ته شاخون قائم ڪن.
    کهڙي جي خلاف شاگردن جي مظاهري جي خبر پڙهيم خوشي ٿي. اهو سمجهه ۾ نه آيو ته جي-ايم سيد کهڙي جي دعوت ڪيئن ڪئي؟
    ڪراچيءَ ۾ پروفيسر مظفر آيو هو. سيد ان جي دعوت ڪئي، جيتوڻيڪ انهن ماڻهن ون يونٽ جي سوال تي ڪڏهن سمجهوتو نه ڪيو آهي ۽ مجيب جي دعوت ڪيائين، جيتوڻيڪ عوامي ليگ هڪ دفعو 1956ع ۾ حڪومت ڪئي آهي ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ کان انڪار ڪيو هئائين. ٻڌو اٿم ته منعم، پاڳارو ۽ ٻيا سڀ ڪنوينشن ليگي عوامي ليگ ۾ شريڪ ٿيا آهن. پارليماني نظام ۾ ۽ ان جي وزارتن جي آسري ۾. سيد کي شايد وري به پارليماني نظام ۾ ستٽيهن وزارت ڊاهڻ يا ٺاهڻ جو پراڻو شوق جاڳيو آهي.
    اسلم آزاد کي خط لکيو اٿم. هن سوال پڇيو هو ته توهان شاگردن جا پاڻ ۾ ڪهڙا اختلاف آهن. ڇهن صفحن تي جواب لکيو اٿم. پڇجانس ته مليس يا نه؟ ايندڙ خط ۾ ان جو جواب لکجان.
    سلام-هدايت-نديم-اقبال-منير-خليل بچاڻي-بابا نور محمد پليجو-شمشير-غلام رسول-موسيٰ-اسلم-آغا زاهد ۽ ٻين دوستن کي ڏج.
    تنهنجو
    ڄام ساقي



    29 آگسٽ 1969
    سينٽر جيل پشاور

    ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نيهن جا،
    سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.
    جيئي سنڌ.
    مٺا عبدالحي
    هن پرديس جي پڃري ۾ تنهنجو پرت جو پرزو مليو. ڪجهه ڏينهن کان مونکي تو تي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، جو جيل ۾ ڪاوڙ گهٽ ايندي آهي ۽ معمولي ڳالهه جو ڏک ڏاڍو ٿيندو آهي. ماڻهو پنهنجي روح سان سچو ۽ تمام گهڻو حساس ٿيندو آهي. ڪافي ڏينهن تنهنجو خط نه مليو هو. بار بار انهيءَ فڪر پئي پريشان ڪيو ته ڇا عبدالحي به خط لکڻ بند ڪري ڇڏيو آخر. ڪلهه خط مليو ۽ تاريخ ڏٺم ته سڄو معاملو سمجهه ۾ آيو ته جنهن تاريخ خط ٽپال ۾ وڌو ان تي 19 جي حيدرآباد جي مهر آهي. پوءِ حيدرآباد CID آفيس ۾ سنسر ٿيڻ لاءِ هڪ هفتو رهيو ۽ اتان 26 تاريخ روانو ڪيو ويو ۽ مون کي 27 تاريخ مليو. هتي به سنسرشپ جي سختي ڪجهه ڏينهن کان تمام وڌي ويئي. ڪجهه هن ڪري جو نواب شاهه وارو ڪيس ٿي پيو ۽ ڪجهه انڪري جو هتي نئون سپريڊنٽ آيو آهي جو ”يونٽي“ ذهنيت جو خالص چوڌري آهي. اتان جا سنسر ٿيل خط وري هتان پشاور جي آفيس (CID) ڏي موڪلين ٿا، اتان الائي ڪڏهن موٽن؟ 25 کانپوءِ ٽي خط اوڏانهن ويا آهن، اڃا نه موٽيا آهن. انهن ۾ شايد تنهنجو ڪاوڙ ڀريو خط به هجي ته جواب ڇو نه ڏنو اٿئي؟ سنسر جو هونئن ته ڪو به ڊپ نه آهي ڀلي ويچارا پڙهن پر دير نه ڪن. اسانجو پروگرام ته برسري عام آهي، ان ۾ ڪابه ڳالهه خفيه نه آهي. حڪومت البت اهي ڊراما ٺاهي ٿي هندوستان جا ايجنٽ آهن وغيره، توکي شايد خبر هجي ته هن ذهني گرفتاريءَ کان اڳي منهنجي لاءِ وائرليس ذريعي اهو نشر ڪيو ويو هو ته ساقي بارڊر ٽپندو. فلاڻي طريقي جو حليو اٿس ۽ گرفتار ڪريوس. مون ڪورٽ ۾ چيو ته خود حڪومت کي به يقين آهي ته اهو ڪوڙ، ۽ واهيات الزام آهي. نه ته سمري ڪورٽ ۾ ڪيس نه هلايو، جيڪا صرف هڪ سال سزا ڏئي ٿي سگهي. جيڪڏهن شهزاد جا ٽرڪ بارڊر ٽپي سگهن ٿا ته مون کي به هي پوليس روڪي نه سگهي ها، پر مان پاڻ هن کي غلط ٿو سمجهان. آئينده مونکي خط هن ايڊريس تي لکندو ڪر ”فضل الرحمان ٺيڪدار مشمل ڊيئري فارم سڪندرپور پشاور“، ائڊريس اردو يا انگريزي ۾ لک ۽ هن ائڊريس کان اسلم آزاد، بروهي، اقبال، نديم ۽ مسعود کي پڻ آگاه ڪج. منير کي به اها ائڊريس ڏج. ڪراچيءَ وارو ڪم سٺو ڪيو اٿو.ان لاءِ مبارڪون. حيدرآباد واري ڪم لاءِ به کيرون لهڻو. اعجاز کي منهنجا سلام ڏيئي چئج ته ائين نه ڪر. پوءِ به باز نه اچي ته چئج ته هڪ عوامي تنظيم مان ڪنهن فرد جو نڪرڻ ائين آهي جيئن درياءُ مان هڪ ڦڙي جو نڪرڻ.
    ڀٽي ائين چئي ته ”لطيف زنده هجي ها ته يونٽ جو مخالف هجي ها ۽ هي هن کي جيل ۾ وجهن ها“ اهو تسليم ڪيو آهي ته ڀٽ ڌڻي جا وارث پاڻ آهيون. ڀٽو ۽ سندس ٻار ئي نه آهن ياد. اٿئي ته اڳي چيو هئائين ته ڀٽائي زنده هجي ها ته ايوب خان کي گلن جا هار وجهي ها. سو ادا ڀٽو موقع پرست ته آهي هن لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي.
    بهرحال ائين ئي ڪم ڪندا رهو.
    سلام منير، نديم، اقبال، بروهي، شفيق، اسلم آزاد، غلام رسول، بابا، موسيٰ ۽ سندس والد محمد رحيم کي ڏج.
    نوٽ: اقبال کي چئج ته منهنجو سؤيٽر جو سندس ڪمري ۾ ٽنگيل آهي، سو 15 سيپٽمبر ڌاري موڪلي ڏئي جو هتي 15 کان سيءُ پوڻ شروع ٿي ويندو آهي.
    تنهنجو ڄام ساقي


    فضل الرحمان واري ائڊريس تي لفافي تي منهنجو نالو نه لکو. خط پاڻهي ملي ويندو.
    شاهه ۽ جمالي وارن کي سزا ملي، خبر پيئي. هاڻي توهانجون ذميداريون اڃا به وڌي ويون آهن، احساس هوندوءَ. اسان کي سزا ملي هئي ته خوب کليا هئاسين اڄ منهنجي ٽهڪن کي به ٽيپ اچي ويئي آهي. اسان کي سزا کان ڏيڍ مهينو پوءِ، بي ڪلاس ملي هئي. اگر هنن کي به ڏيڍ مهيني اندر نه ملي ته مان احتجاجن بي ڪلاس واپس ڪندس. 5 آڪٽوبر تي.



    محترم شاهه محمد شاهه
    پيارا عبدالحي
    جيئي سنڌ
    اميد ته خوش باش هوندا. احوال هن ريت آهي ته سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سنڌ) جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس نواب شاهه 21-1-1969ع بروز آچر 11 وڳي صبح جو منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت لاءِ اوهان جو نالو منتخب ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ساڳئي ڏينهن 3 وڳي هڪ عام جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو آهي. ان ڪري اوهان دوستن سان گڏ هن اجلاس ۾ ضرور به ضرور شرڪت فرمائي هن پروگرام کي ڪامياب فرمائيندا.
    هي پروگرام اوهان جو پنهنجو آهي ان ڪري ڪنهن به حالت ۾ دوستن سميت اوهان کي هتي نواب شاهه ۾ اچڻو پوندو.

    اوهانجو پنهنجو
    شاهه محمد شاهه
    قائم مقام جنرل سيڪريٽري سنڌ
    نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سنڌ)



    27-5-1971
    حيدرآباد سنڌ
    شهيد عبدالرزاق سومرو

    برادرم پليجا صاحب
    السلام عليڪم
    ادل افسوس آهي جو اوهان اڃا تائين اسان کي ياد نه ڪيو آهي جيڪڏهن ڪا ناراضگي هجي ته معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيون. اميد ته اوهان ناراض نه ٿيندؤ. مون کي خبر پئي هئي ته اوهان تقريباً هر هفتي يا 15 ڏينهن حيدرآباد ايندا آهيو مگر افسوس جو اوهان جي ڏسڻ جو شرف حاصل نه ٿي سگهيو آهي. سائين چنڊ به پنهنجي صحيح صورت 14 تاريخ تي ڏيکاريندو آهي، مگر اوهان ته ان کان به مهانگا ٿي ويا آهيو، اميد ته هاڻي حيدرآباد ايندو ته اسان گنهگارن تي رحم ڪندو ۽ صورت ڏيکاريندو. ادل هن آچر تي گوتم هتي آيل هو ۽ ڏاڍيون ڪچهريون ٿيون. هاڻي اوهان هتي ضرور گهمڻ ايندا. هتي انوڌر کي بنگلو ملي چڪو آهي ۽ پاڻ Family سميت رهندو آهي. اسين ٻئي توهان کي ڏاڍو ياد ڪندا آهيون. وڌيڪ ڪو خاص احوال ڪو نه آهي.
    بس پنهنجي ڪمزورين تي روئي
    ڏينهڙا گهاري رهيا آهيون-الائجي
    ڪڏهن اسين دلير ۽ سجاڳ ٿينداسين
    پو غمن جي درياهن کي پار ڪنداسين.

    فقط اوهانجو پنهنجو
    عبدالرزاق سومرو




    16-8-1972ع

    سنڌو هڻندي توکي ڇپر ان جي هڪ ڇولي سان
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا گذر ڪهاڙي گولي سان

    محترم مير نصير پليجو
    پيارا ڀاءُ سدا سلامت خوش هجو.
    اسلام عليڪم: جيئي سنڌ
    ادا- هت سڀ خير آهي اميد ته وهان به خوش هوندا.
    ادا-توهان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آهي پر توهان هتان کان هڪ هزار ميلن جي مفاصلي تي آهيو. خط رستي ملاقات ٿي سگهي ٿي پر ادا توهان 3 خطن جو جواب ڪو نه ڏنو آهي، شايد Busy آهيو.
    ادا- 1- سائين بٺوري آيو هو اتي هڪ ميڙ ٿيو. ان بعد 2 تاريخ سائين سان گڏجي بدين، ماتلي، تلهار، گولاڙچي وياسين. اتي عظيم الشان ميڙ، جلوس ٿيا. رات جو حيدرآباد آياسين. رستي ۾ مون کي آڱوٺي ۾ ڌڪ لڳو. پوءِ ڏاڍو بخار آيو. ساڍي 9 وڳي پهتاسين، مسلم ڪاليج ۾ اتي Receipation هئي. اتي بم ڦاٽو. آءُ، غلام رسول، شمشير ۽ بابا حضور به اتي موجود هئا. الله رحم ڪيو، ميڙ ۾ هڪ شهيد ٿيو، 17 زخمي، عمر شورو به زخمين ۾ شامل آهي. شهيد جو نالو دوست محمد پراچه آهي، پنجابي ڀاءُ هو. ٻئي ڏينهن ڀرڳڙي هائوس ۾ شهرين جو ميڙ هو، ڪافي ماڻهو هئا. سائين پوءِ حيدرآباد ضلعي جي دوري تي روانو ٿي ويو. 8 تاريخ گرفتار ٿيو. گرفتارين ۾ رسول بخش، حفيظ صاحب ۽ وڌيڪ ٻيا شاگرد آهن.
    ادا- ٻي ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي ته پيارو دوست محترم عبدالرزاق سومرو تازو مخالفن جي ڪيل حملي ۾ پاليٽيڪنڪ ڪاليج ۾ شهيد ٿي ويو.
    شهيد رزاق اڳئي سنڌي قوم، ٻولي لاءِ شهيد هو ۽ شهيد ٿيو. ادا-اُها شهادت هن ۾ ان وقت به ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن جاءِ تي حيدرآباد ۾ ايندو هو. پر رزاق عظيم آهي، امر آهي ۽ زندهه رهندو.
    بقول اياز: تون ڇا به چوين پر مرڻو ناهين
    ويس مٽائي ورڻو آهين
    رزاق جسماني طرح مري وڃي، پر هو زندهه آهي ۽ رهندو.
    گوتم کي خط لکيو هئائين. جيڪو گوتم اخبار عبرت ۾ ڇپايو آهي. جنهن ۾توهان جو ذڪر پڻ آهي. توهانجي باري ۾ گوتم کان پڇيو اٿس.
    تنهنجو ننڍو ڀاءُ
    مير نصير پليجو


    ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

     The Ruled Sind for Fifteen Years ڇپيل
     هي وري نه ورندو وڻجارو ڇپيل
     ڏوريم ڏيسارو (سفرنامو) ڇپيل
     هو جي وڻ ولات جا (سفرنامو) ڇپيل
     سنڌي شاگرد سياست ٻه دفعا ڇپيل
     ڪجل ڀِنل نيڻ ڇپيل
     اُتر لڳا آءُ پرين (سفرنامو) ڇپيل
     ديس پرديس (سفرنامو) ٽي دفعا ڇپيل
     بندر مون ڏور ٿيا (سفرنامو) ٽي دفعا ڇپيل
     عالمي عجائبات ڇپيل
     ٽوئر ٽو آمريڪا (سفرنامو) ڇپيل
     ٻنون ٽو ٽوڪيو (سفرنامو) ڇپيل
     پريان سندي پار ڏي (سفرنامو) ڇپيل
     ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون (سفرنامو) ڇپيل
     اسان پنڌ پرين ڏي (سفرنامو) ڇپيل
     دنيا جا مشهور شهر ڇپيل
     ڪنواريون ۽ ڪنول (سفرنامو) ڇپيل
     ڪيڏي نه مختصر زندگي (آتم ڪهاڻي) ڇپيل
     لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽلينڊ جون راتيون
     تن سپون سوجهي ڪڍيون ڇپيل
     واقعاتِ عالم (حصو پهريون)
     اسپين جو سفر نامو پريس ۾


    اڻ ڇپيل ڪتاب

     خاڪا (مختلف شخصيتون)
     سفرنامو (استنبول)
     خط
     مونتي لکيل مضمون
     آتم ڪٿا (حصو چوٿون)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471141
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188582
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ