ڪتاب جو نالو: ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا
مصنف: علي احمد بروهي
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 1984
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 11 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 1504 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 645 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا
  • ڪمپوزر جو نوٽ
  • اِنتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • آکاڻي ھڪ ھرڻ جي
  • حياتي ۽ موت
  • مهاڳ : آءُ ۽ علي احمد
  • سٽاءُ

  • مظفر صديقي
  •   اسماعيل قبرستاني
  •   رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
  •   ڊاڪٽر ڊرئگو
  •   مرزا فضل حسين
  •   سردار علي گوھر خان مھر
  • سنڌڙي جو راءِ ڏياچ ڀائي ڪنور
  •   مولوي شير محمد قريشي مرحوم
  •   استاد عطا محمد حامي مرحوم
  •   پائند خان پٺاڻ
  •   خان صاحب خان محمد خان
  •   مولانا دين محمد وفائي
  •   منشي ملنگ فقير
  •   آخوند الله بچايو وڪيل
  • سائين قاسم شاه
  •   پير ۽ مير مرحوم (پير حسام الدين راشدي ۽ مير رسول بخش ٽالپر)
  •   شانتي امان
  •   بي بي دادا بَچل
  •   نانو ڪؤڙو
  •   پيراڻو ڀنڀرو
  •   حاجي فقير حُر
  •   بابو جعفر ڀائي
  •   ديوان ڏيارام شاھاڻي
  • مامو حاجي ٻڪرار
  • خسرو خان چرڪس
  • جي ايم سيد
  • سخي ڄام صادق
  •   سڪندر ثاني
  • وتايو فقير
  • محمد ابراھيم جويو
  •   شاھ جي سنڌي موسيقي
  •   آغا بدرالدين احمد دوراني
  • سائين مھندي شاھ جھنڊه وارو
  •   غلام رسول ملڪ : درياھي گھوڙو

  • ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

    ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا


    علي احمد بروهي



    ڪمپوزنگ : شاهنواز ٽالپر


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪمپوزر جو نوٽ

    ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ جي دوران مون محسوس ڪيو ته اھڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي اڄڪلھه پاڻ گھٽ استعمال ٿا ڪريون. جيئن ”بازار“ کي ”بزار“ ، انجنيئر کي ”انجنير“ ۽ اھڙا ٻيا به انيڪ لفظ استعمال ڪيا ويا آھن، سو ان کي ڪمپوزر جي غلطي نه سمجھيو وڃي. جيئن ليکڪ لکيو تيئن مون ڪمپوز ڪيو آھي. وري به جي ڪا غلطي ھجي ته نشاندھي ڪجو.

    شاھنواز ٽالپر
    ڪمپوزر
    سنڌ سلامت گھر


    اِنتساب

    پنھنجي
    استاد ۽ مربي ڀاءُ،
    مرحوم الله بخش ڪريم بخش بروھي
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، محمد ابراهيم جويو، استاد عطا محمد حامي، مولانا دين محمد وفائي، پير حسام الدين راشدي ۽ سائين جي ايم سيد سميت ڪيترن ئي شخصيتن تي سندس لکڻيون،رايا ۽ زندگيء جو حال احوال شامل آهي. علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
    ”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
    هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“

    هي ڪتاب 1984ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    آکاڻي ھڪ ھرڻ جي

    ”ھڪ ھرڻ کي رڻ ۾ اچي اڃ ورايو. جنھن رخ ۾ نظر ٿي ڪيائين ته کيس رڃ ئي رڃ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. رڃ کي ساڀيا ڄاڻي ڏيکاءُ واري ڏس ۾ ڊوڙندو رھيو. ويجھو وڃڻ تي ڏٺائين ته ڪاريءَ وارا ڪک. وري ٻئي رخ ۾ نگاھ ڪيائين ته ساڳيو لقاءُ اکين اکين آڏو ھيو. پاڻيءَ ڇوليون ٿي ھنيون. وري نئين سر کڙين تي زور ڏنائين. اھڙي حال سارو وقت ڊوڙندي سندس جسم نستو ۽ نٻل ٿي پيو. پياس کان زبان ٻاھر نڪري آيس. ٽنگون ساڻيون ٿي اڳتي ھلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺيون. شام ٽاڻي ٿڪو ماندو ۽ مرڻينگ حال ۾، آخر اچي اھڙي ھنڌ پھتو جا واقعي ئي ڍنڍ ھئي. ڪنڌيءَ تي ڪرندي ھڪوار پاڻيءَ کي ڏٺائين. ڄاتائين ته اھو به ساڳيو دوکو ھيو جنھن کيس سوير کان ستايو ھو. آخرين سيسراٽي ڀريندي سندس جسم ڪپر کان کسڪي وڃي ھيٺ پاڻي ۾ ڪريو . . . . “


    (رابندر اناٿ ٽئگور)


    حياتي ۽ موت

    ”جڏھن به ماڻھو ھڪٻئي سان اختلاف رکن ٿا ته ھميشه زندگيءَ جي مسئلن بنسبت. پر جنھن ڳالھه تي سڀ ماڻھو پاڻ ۾ متفق ۽ يڪراءِ آھن ته اھو ”موت“ آھي.
    جيسين ماڻھو زندھ آھن ته منجھن دانائي ۽ ناداني، خدا ترسي ۽ بي رحمي، شرافت ۽ ڪميڻپائيءَ جو فرق ضرور رھي ٿو. پر جڏھن ماڻھو مري وڃن ٿا ته سندن لاش ڳڙي سڙي ھڏا ۽ خاڪ ٿي وڃن ٿا. اھو ھر ھڪ جو نصيب آھي ۽ مقدر به آھي. پوءِ دانائي ۽ نادانيءَ، خدا ترسي ۽ بي رحمي، شرافت ۽ ڪميڻپائيءَ ڪنھن جي ھٿ وس آھيئي ڪانه. نه وري لاش جي ڳڙڻ سڙڻ يا ھڏا ۽ خاڪ ٿي وڃڻ تي ڪنھن کي ڪو اختيار حاصل آھي. ماڻھوءَ جي زندگي پنھنجي وس ۾ نه آھي ۽ نه موت. نه سندس دانائي پنھنجي پيدا ڪيل آھي ۽ نه ناداني. نه خدا ترسيءَ جو خالق پاڻ آھي ۽ نه بي رحميءَ جو. نه شرافت سندس املاڪ يا ورثو آھي ۽ ڪميڻپ.
    ڪي ڏھاڪو سال جي ڄمار ۾ مري وڃن ٿا. ڪي سؤ سال عمر جھاڳي پوءِ فوت ٿين ٿا. داناءُ ۽ نادان به مري ٿو. خدا ترس ۽ بي رحم به مري ٿو وڃي. اشراف ۽ ڪميڻو به ساڳئي دڳ تي وڃي ٿو. جڏھن جيئرا آھن ته عدو موچي عثمان حجم ۽ سومر نانوائي. جڏھن مري وڃن ٿا ته پوءِ ھڏا ۽ خاڪ. جئري سورٺ، راءِ ڏياج ۽ ٻيجل! مئي پڄاڻان اھيئي ھڏا ۽ خاڪ. پوءِ ھڪ ماڻھو جي ھڏن ۽ خاڪ، ۽ ٻئي ماڻھو جي ھڏن ۽ خاڪ وچ ۾ فرق ڪھڙو؟

    (چيني فيلسوف ”ينگ چو“)


    مهاڳ : آءُ ۽ علي احمد

    آءُ کيس ڄاڻان سڃاڻان. اڄ ڪلھه کان نه پر ٻال جتيءَ کان. جڏھن اڃا کائونس گگ سنگھه وھندي ھئي. جا اُگھندو به گھڻو ڪري ٻانھن سان ھيو يا چولي سان. ھاڻ ته پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجھي؟ ڪٿي عقل جو اڪابر ٿو سڏائي، ڪٿي علم ادب جو ڄاڻو. پاڻ کي ائين ٿو پڏائي ڄڻ سج لھي اڀري ئي مٿس ٿو. اخلاق ۽ ايمانداريءَ جا واعظ الڳ ٿو ڪري. مون ته کيس مڙني ڳڻن ۽ وڙن کان واندو ڏٺو. پوءِ لڪي ڇپيءِ ڪو جس کٽيو ھجيس ته اھا ٻي ڳالھه آھي. پر آءُ ته سندس پاڇي جيان پيو ڦران. دائيءَ کان ڪو پيٽ ڳجھو آھي ڇا؟ منھنجي خيال ۾ ته جوڪجھه به ٻولي ٿو – کنڊ ٿو کائي.
    ھي برابر آھي جئن چوي ٿو ته ڳڙھي ياسين جو بروھي آھي. پر نه ڳڙھي ڪو مڪو مدينو آھي ۽ نه بروھي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنھن جي فرد ھئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندد گھراڻي جا گھڻا ڀاتي پڙھيل ڳڙھيل ۽ لائق ماڻھو آھن. پر ھتي ڳالھه آھي ھن مارڪي جي، ته ھي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنھن تي ويو؟ جھڙو ھيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجھو، اھڙائي بڇڙا افعال ھيس. پاڙي ۾ سڏبو ھيو باگڙي ۽ گھر ۾ گيدڙي! جھڙو اڦٽو پاڻ ھيو، اھڙي ھوندي ھيس اوباش سنگت. ياراڻي ھيس ٻڪرارن، ڌنارن ۽ ڇٻي وارن سان. سڀ رولاڪ. سيلاني خاڪ ھيو. البت گھران سو ٻه ٽي ڀيرا ڀڄي نڪتو ھو. ھڪ دفعو ته سال ڏيڊ يڪو گم ھو. پوءِ رلي پني خوار خراب ٿي واپس گھر وريو. کيس ڪنھن ڌنڌي دڳ لائڻ لاءِ مائٽن حيلا ڪيا. سونارڪو ڪم، ڊکاڻڪي ڪار ۽ طبابت. پر ٿيو ڀلو! پڇاڙيءَ جو دڪان ڪڍي ڏنائونس. پر سڀ سامان اوڌر تي ڏيئي ڏينھڪ ڏيوالو ڪڍي ويھي رھيو. پڙھائي به قسطن ۾ ڪيائين. وڏي کيپ کٽيائين جو مئٽرڪ پاس ڪيائين. سندس علمي لياقت اتي اچي دنگ ڪيو.
    جڏھن جواڻ جماڻ ٿي ڪمائي لائق ٿيو تڏھن به اھيئي ابتا پير. ڪٿي ٽڪاءُ ڪونه آيس. ڪراچي ڪسٽمس ۾ چڱي ڀلي ڪلارڪي مليس ته ڇھه مھينا مشڪل سان نباھ ڪيائين ۽ سمورو وقت سياسي چڪرن ۾ رھيو. جڏھن وارنٽ ڪڍ نڪتس ته بمبئي ڀڄي ويو سامونڊي فوج ۾ ڀرتي ٿيو. پنج سال ساندھ بحري ٻيڙن ۾ جنگي سرحدن تي رھيو. ڪيئي انساني ڪوس اکين پسائين. جنھن رتوڇاڻ ۾ ھي شخص رھيو اھا روئداد ڪي انساني اکيون ڏسن ھا ته پاڻمرادو انڌيون ٿي پون ھا! پر ھي نود جو نود رھيو. ھوائي حملا ٿيا، باروتي کاڻيون ڦاٽيون، جھاز ٻڏا پر ھن جو وار ونگو نه ٿيو. چي الله بچايو. ڄڻ ھي الله جو سڪيلڌو ھيو. باقي جي مُئا ۽ ڦٽيا اھي ڄڻ سڀ واليءَ جا ويري ھوا!
    1946ع ڌاري جنگي آرماڙ جي بمبئيءَ موٽ ٿي. لڙائي جي پڄاڻي ٿيڻ واري ھئي. جنگ ته برابر انگريز کٽي ھئي پر جنگ جو نتيجو ڪجھه جوئا جي راند جھڙو نڪتو ھيو. ھارائي جو اڌ منھن ڪارو ۽ کٽندڙ جو سڄو سارو. ستن سالن جي ويڙھ انگريز جي راڄ، انگريز جي جنگ ۽ خوس سندس وجود کان تنگ اچي چڪي ھئا. ھندستان ۾ سندن طاقت جو بنياد ”ديسي لشڪر“ ھيو ، جنھن کي ڪانگريس ۽ ليگ جو ”سياسي ڌمچر“ لوڏي نٿي سگھيو. ضرورت ھئي ان بنياد ۾ کاٽ ھڻي کيس اکيڙڻ جي. نفرت ۽ ڌڪار جي بارود اڳئي ديسي دلين ۾ موجود ھيو، فقط چوچڙي ڏيڻ جي دير ھئي. اھا اماڙي جن ڏٺي انھن ۾ ھي به ھڪ ھُيو. 17 فيبروري 1946ع تي جڏھن ڌڪڙ تي اٽو لڳو ۽ ڌماچوڪڙي شروع ٿي، ته انگريز ھيسجي ويو. جڏھن مقصد جي پوري ٿيڻ تي باغين ھٿيار ڦٽا ڪيا ته پڪڙ پڇاڙ عمل ۾ آئي. ڪورٽ مارشل ۾ مورڳو سر تي ويس، پر نصيب زور ھيس جو بچي ويو. باقي سزاياب ٿي جيل سو ڏاڍا ڀوڳيائين.
    جيل کان ٻاھر نڪتو ته دنيا گھڻي بدلجي چڪي ھئي. ٻي ڪا واھ نه ڏسي اخباري دنيا ڏانھن رخ ڪيائين. روزانه ”قربانيءَ“ ۾ پروف ريڊر ٿي ڀرتي ٿيو. پنجن مھينن پڄاڻان چيف ايڊيٽر جي چارج سنڀاليائين! تڪڙي ترقيءَ جو ڪارڻ سندس محنت يا لياقت نه ھئي پر اخبار جي مالي بدحالي. شايد ٻيا ڀڳڙن مٺ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا. ھونئن به کٽل اخبار کي صحافي ائين ڇڏي ويندا آھن جيئن ٻڏندڙ جھاز کي ڪوئا! سندس لکڻ جي برڪت سبب ”قرباني“ ترت عتاب ۾ آئي ۽ آخر بند ٿي ويئي. وري روزانه ”صداءِ سنڌ“ جو ايڊيٽر ٿيو. آخر اھا به راھ رباني وٺي ويئي. جنھن به اخبار ۾ پير سڌورو پاتائين ته اھا ضرور ضبط ٿيندي ھئي، پر ان سان گڏ پرنٽنگ پريس به سيل مھر. روزانه ”انقلاب“ ھن جي نحوست کان بچي ويئي جو مالڪن کي سمڪ آئي جن ھن کي سيگھه ۾ ٽڪيٽ وٺرائي. ائين به نه ھيو ته فقط ٻين جي اخبارن لاءِ پاراتو ھيو. بلڪل نه. جي پاڻ ٽي اخبارون سکر کان جاري ڪيائين، ته انھن جو به ساڳيو حشر ٿيو. سندس صحافت ھوندي ھئي سرڪاري ڪامورن جي ٽوڪ ٽڙي ۽ وزيرن جي شان ۾ گستاخي. جڏھن بري تي بڇ ٿي ۽ نوبتن وارنٽن تي پھتي ته راتو رات صحافت کي الوداع ڪري خيرپور رياست ۾ اچي پناھ ورتائين جتي کيس ھڪ ننڍڙي نوڪري به ملي. سندس پير رياست لاءِ به ڳرو ۽ ڳورو ثابت ٿيو ۽ جلد ئي ون يونٽ ۾ جذب ٿي ختم ٿي وئي.
    رياست جي خاتمي کان پوءِ رياستي ملازم جي حيثيث ۾ سرڪاري سروس ۾ آيو. چالاڪ ۽ چلتو پرزو اڳيئي ھيو، وري نوڪري مليس انفارميشن جي. ڍول وڄائڻ ۽ ڌمال وجھڻ واري. ھرڻي اڳيئي نچڻي ويتر پيس گھنڊڻي! پوءِ ته ھر سال ھڪ ڏاڪو مٿي چڙھندي چئن سالن ۾ ڊاريڪٽر جي پدويءَ تي وڃي پھتو. سروس ۾ جٽاءُ سو ڪيائين، پر ھڪ ھنڌ ٽڪاءُ ھت به ڪونه آيس. ھر ٻارھين مھيني بدلي. پوءِ سرديءَ ۾ ڪوئيٽا ۽ گرميءَ ۾ ملتان اماڻيندا ھئس. ون يونٽ جي خاتمي تي سنڌ جي انفارميشن جو مکي ٿي واپس وطن وريو.
    1971ع ۾ ”پنھنجن“ (پي پي پي) جي حڪومت پاور ۾ آئي. جي کيس شايد مون جيان ڄاڻندا سڃاڻندا ھئا. ھنن پھريون نيڪيءَ جو ڪم ھي ڪيو جو کيس بي آبرو ڪري نوڪريءَ کان ڪڍي ڇڏيائون. انھن چوڏھن سؤ ڪامورن جي لسٽ ۾ سرفھرست ھيو جي رشوت خور، ڪم چور، نڪما ۽ نالائق ڄاتا ٿي ويا!
    سرڪاري سھاڳ ماڻيندي مٿس ڏھاگ اچي سھڙيو. اھو به اوچتو ۽ ازغئبي. وري گھر گھاٽ ۽ سواري سڀ ھيس سرڪاري. جي ٽپڙ کيس ترت واپس ڪرڻا پيا. پنھنجي نه ھيس پونجي، نه علمي ڊگري ۽ نه ڄاڻندو ھيو ڪو ھنر يا ڪاريگري، جو ٽڪو ڪمائي ٽُڪر کائي ۽ ٽٻر به پالي! پر آخر پيٽ ته پالڻو ھيو. زندگي ڪا سکن جي سيج ته نه ھئي. پوءِ ھي حادثن جو ھيراڪ، خانگي ڪمپنين ۽ ڪارخانن جا چڪر ڪاٽيندو رھيو. ڪڏھن لانڍيءَ جي ڪپھه وارن ڪارخانن ۾ ته ڪڏھن ڪوٽريءَ جي فئڪٽرين ۾ ڌرم جا ڌڪا کائيندو رھيو. ست سال ساندھ انھن رولڙن ۾ رھيو. پوءِ ڪٿي ليبر آفيسر ته ڪٿي پبلڪ رليشن آفيسر ! 1974ع ڌاري صادق آباد شگر ملس ۾ ريزيڊنٽ ڊاريڪٽر مقرر ٿيو. 1975ع ۾ بخش گروپ جي ويھن ڪمپنين جو ليگل ايڊوائيزر! ڀڄ چريا چي مست آيا! ملڪ ۾ قانون جو اڇو منھن ڪو ھروڀرو ته نه ٿيو آھي!
    سال 1977ع ۾ جڏھن بادشاح گڙدي ٿي ۽ نئين حڪومت پاور ۾ آئي، ته ”ٽارزن جي واپسي“ به ٿي. ڄڻ ته ھن مھانڊي کانسواءِ گلشن جو ڪاروبار ئي نه ٿي ھليو. کيس پھريون اسلام آباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيائون. آخر کين پڇتائڻو پيو. ترت ئي کيس، مدت کان ٻارنھين مھينا اڳواٽ، پينشن تي اماڻي کائونس جان ڇڏائي ويئي. اڄڪلھه خير سان ھڪ خيراتي قسم جي سرڪاري ٽرسٽ ”گئوشالا“ ۾ نوڪر آھي. الله پاڪ ان ادارھ کي پنھنجي امان ۾ رکي ۽ پناھ ڏئي. آمين. ھي آھي ملوڪ جي مختصر ڪھاڻي.
    ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته زماني جي لاھين چاڙھين کان گذريو ضرور آھي پر نه سڌريو آھي ۽ نه ڪو سبق سکيو اٿائين. ڪم سدائين ڪاٺ پوڻ جھڙا ۽ ڀٽڪا. مون کي نه سجھي ته زندگي سڦلي ڪرڻ لاءِ ڪا صحيح سيڙپ ڪيائين. ننڍپڻ گذريس حرڪت بازي، شرارت ۽ شيطان گيريءَ ۾. جواني گنوايائين عيش، جوئا ۽ مجرن ۾. عمر ڀر خواھشن جي پاڇن ڪڍ ڊوڙندو ۽ پاڻي ولوڙيندو رھيو. زندگي ائين گھاريائين جئن ڪو وڏو ”ڀوڳ چرچو“ ھجي. جڏھن جک ماري ٿڪجي ساڻو ٿي عمر جي آخري موڙ تي آيو ته امالڪ موٽ کاڌائين. سڀ شونق شغل ڇڏي ڏنائين. ھاڻي خير سان ٻلي ست ڪوئا کائي حاجاڻي ھلي آ حج تي. روزا نمازون ۽ عمرا! اپديش الڳ ٿو ڏئي. الاجي ڪنھن جي اکين ۾ ٿو ڌوڙ وجھي؟
    اڳ ڏند ٽيڙي سڄو ڏينھن ويٺو کلندو ھيو. ھاڻي ڏند شھيد ٿئي فقط مرڪندو ٿو رھي. ڄڻ لاٽريءَ ۾ ڪا ھمياڻي ملي اٿس. چوي ٿو ته رب مٿس راضي آھي ڇاڪاڻ جو کيس دکي دل ملي آھي. اڙي مورک! ماڻھن وٽ تنھنجون جنم پتريون سانڍيل آھن. ڊڄ انھيءَ ڏينھن کان جڏھن تنھنجا پرڪار پڌرا ٿيندا ته تون ڪھڙو چڱو مڙس ھئين ۽ آھين؟ آسمان ڀلي تو کي نوازي ۽ شايد بخشي به ڇڏي، پر ڌرتي وارا ڪنھن کي ٽڪو به حساب بخشيندا آھن ڇا؟ تون ڀلي ڪتاب لکي پيو ماڻھن کي متاثر ڪر. ڄڻ ماڻھن کي خبر ئي نه آھي ته ٻين جا خيال ۽ فڪر چورائي ويٺو ڪاغذ ڪارا ڪرين!
    وري ڪتاب جو نالو رکيو اٿائين ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا. ڄام ۽ ڄاموٽ ته ڪتاب ۾ ظاھر ٿا ڏسجن پر ڄامڙا ته ڪٿي به نظر نٿا اچن. ڇا ائين ته نه آھي ته اصلي ڄامڙو ڪتاب جو ليکڪ پاڻ ھجي!


    سنڌي مسلم ھائوسنگ سوسائٽي
    6 اپريل 1984ع

    علي احمد بروھي


    سٽاءُ

    مظفر صديقي

    پنھنجي سٺيڪؤ سال زندگيءَ جي ڊگھي سفر ۾ بيشمار مسافرن سان لھه وچڙ ۾ اچڻ جو شرف حاصل ٿيو اٿم. پوءِ ڪن سان پھرن جا پھر قرب جون ڪچھريون ونڊيون اٿم ته ڪن سان حالي احوالي ٿيندي، اڃان رتي ڀر رھاڻ به مس ٿي ھوندي ته سندن سڏو اچي سھڙيو ۽ ھو موڪلائي پنھنجي ماڳ رمندا رھيا. انھن ۾ ڪي ته اسھڻ لاءِ ايترو آتا ٿي ڏٺا جو وڃڻ ويل الوداع ڪرڻ به ڀلجي ويا.
    ان وڇڙيل سنگت ساٿ جي صحبت، منھنجي زندگيءَ جو انمول سرمايو آھي. ھر وقت کٽل واڻئي جيان پراڻيون وھيون واچيندي سندن ياد ۾ ڳوڙھا ڳاڙڻ اڄ ڪلھه منھنجو نصيب ٿي چڪو آھي. آخر ڪنھن جي بخت سا ڪا ريس ته نه آھي. ھي سندن خوشنصيبي ھئي جو پنھنجو وارو وڄائي ويا، ميڙو به متل ڇڏي ويا ۽ آءُ پڇتاءُ جا ھٿ مليندي پٺتي رھجي ويس. آٿٿ فقط اھو اٿم ته منھنجي زندگيءَ جي سانجھي به اچي مٿان سھڙي آھي ۽ اڄ ڪي سنجھه صباح يارن سان ميلو ملاقات ٿيندم. انھن ھمراھن ۾ ھڪ درويش صفت شخصيت سرفھرست آھي جنھن جا پير ڌوئي پيئڻ به سعادت سمجھندو ھيس. اھو الله جو بندو ھيو مظفرالدين صديقي جو گذريل عيد ڏينھن مورخ 2 آگسٽ 1981ع جي حيدرآباد ۾ راه رباني وٺي رمندو رھيو.
    انا الله وانا اليه راجعون.
    منھنجي مرحوم سان ڏيٺ ويٺ اڄ کان ٽيھارو سال اڳ سکر شھر ۾ ٿي جتي آءُ روزنامه انقلاب ۾ ملازم ھيس. اھا ڄاڻ سڃاڻ اڳتي ھلي دوستي ۽ ڀائپيءَ جو روپ اختيار ڪيو. آخر ڪو وقت اھڙو به آيو جو آءُ کانئس دم به ڌار ٿيڻ گوارا نه ڪندو ھيس. جئن جئن وقت گذرندو رھيو ته آءُ سندس شخصيت کان بيحد متاثر ۽ مرعوب ٿيندو رھيس. منھنجي سانڀر ۾ ھي اولين مشاھدو ھيو ته ھڪ انسان جي ظاھري ۽ روپ حقيقي زندگيءُ وچ ۾ نه فقط زمين آسمان جو فرق ھيو پر جنھن جا ٻيئي رخ ھڪ ٻئي جي بلڪل برعڪس ۽ ضد ۾ ھئا.
    مظفر يا سيٺ مظفر، جيئن عام طور کيس خطاب ڪيو ٿي ويو، سکر جو بدنام شھري آھي، اھا خبر جڳ جھان کي ھئي. ھو نه فقط پاڻ پيئڻ کائڻ وارو ھيو پر شراب جو ٻڌو واپاري پڻ. ضلعي جي جملي شھرن جا گتا سندس حڪمت عمليءَ ھيٺ ھلندڙ ھئا. ڌنڌي جي چالاڪين ۽ چالبازين جو ھو ھر فن مولا ۽ عملدارن جي رھائيءَ رسائيءَ جو ماھر ھيو. ظاھر آھي ته اھڙي چلتي پرزه ۽ زمانه ساز ماڻھوءَ جي ساک پت ۽ عام شھرت سواءِ بدنامي، خواري ۽ ملامت جي ٻيو ڪھڙي ٿي سگھي ٿي. ليڪن ھي معلومات فقط چند ماڻھن تائين محدود رھي ته ھو ھڪ انتھائي خدا ترس، بيحد رحمدل ۽ سخي انسان آھي. سکر ۾ ھي واحد شخص ھو جنھن جو در ۽ کيسو ھر غريب مسڪين ۽ محتاج لاءِ ھميشه کليل رھندو ھو. ھر اسپتال ۽ ھر دواخانه ۾ سندس طرفان غريبن جي دوائن ۽ لاوارث لاشن جي ڪفن دفن لاءِ رقمون ڏنل ھونديون ھيون.
    منھنجي ساڻس عليڪ سليڪ ٿيڻ به ان سلسلي ۾ ھڪ عجيب اتفاق ھيو. مون کي ھڪ ڏينھن خبر پئي ته سيٺ مظفر ڪراچي کان نيلامي ڪوٽن جون ڳٺڙيون خريد ڪري پراڻه سکر ۾ ويٺو ٿو ماڻھن ۾ مفت ورھائي. انھن ڏينھن ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ۽ ميونسپل جون اليڪشنون زور تي ھيون. مون خيال ڪيو ته پڪ اليڪشن ۾ اٿڻ جو ارادو اٿس ورنه ھي ناممڪن ھيو ته ھڪ سنڌي مسلمان واپاري يا وڏيرو بنا مقصد جي في سبيل الله ويٺو خير جا ڪم ڪري! ٺوڪي اخبار ۾ لکيم ته ”ڪوٽ بدلي ووٽ وٺڻ جو نئون نمونو“. مون کي بعد ۾ اھو معلوم ڪري شرمساري ٿي ته مظفر ھر سياري ۾ نيلامي ڪوٽن ۽ پراڻن بلئنڪيٽن جون ٻه ڳٺڙيون خريد ڪري غريبن ۾ مفت تقسيم ڪندو آھي. اھا خبر اڳتي ھلي پيم ته روزانه ھر رات جو پنھنجي موٽر سوڙين ۽ رلھين سان ڀري نه فقط اگھاڙن مجذوبن ۽ فٽ پاٿ تي سمھيل سيءَ ۾ ڏڪندڙ فقيرن کي ڍڪيندو رھندو آھي پر سيءَ ۾ ڪوڪاٽ ڪندڙ ڪتن ۽ ٻلين جي پونگڙن جي به پرگھور لھندو ھيو.
    ھڪ دفعي سکر ٽاور وٽ ھڪ ٽانگي جو ڦيٿو ھڪ رولو ڪتي مٿان وھي ويو. پوءِ ته مظفر جي حالت ڏسڻ جھڙي ھئي. موٽر اڌ رستي تي ڇڏي ڦٿڪندڙ ڪتيءَ کي کڻي پنھنجي سيني سان سانڍيائين، جنھن جا آنڊا ٻاھر لڙڪي رھيا ھوا. مون کي رڙ ڪري چيائين ته گاڏي ڀڄاءِ ۽ ھل اسپتال. پھچڻ شرط ھر ڊاڪٽر جي پٺيان ڪڍ لڳو رھيو ته ڪتيءَ جو پيٽ سبي ڏيو. آخر ھڪ ڪمپائونڊر کي رحم پيو جو سبڻ جو سامان کڻي مظفر جي گھر ھلي سيبو ڪري ڏنو. پورا چار ڏينھن لڳاتار مظفر سيٺ پنھنجي بستر تي ڪتيءَ کي ڪڇ ۾ کنيو ويٺو رھيو جيستائين مارڪيٽ جي ڏٻري ڪتي خطره کان مڪمل طور محفوظ ٿي.
    روھڙيءَ ۾ مرحوم ميان عبدالغني وٽ محفل ۾ رات گذاري، ھڪ ڏينھن سوير صبح جو سکر ٿي آياسون ته بئراج تي ھڪ مھاڻي کان تازه ڦٿڪندڙ پلو خريد ڪري چيائين ته يار ھل ته گھر ھلي تو کي نيرن ڪرايان. پوءِ وڃي تون اوجاڳو لاھ. اڌ واٽ اورانگھي وري اوچتو موٽر کي موڙي واپس بئراج طرف رخ ڦيڙيائين. ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سڌو درياه تي اچي پلو واپس پاڻيءَ ۾ اڇليائين ته ”وٺ درياه شاه پنھنجي امانت.“ اکين مون نير جاري، بيٺو روئي، الله مونکي معافي ڏي جي پلي جو موت ھيو ئي ڪونه، ھو پيرن ۾ ڦٿڪندو ٿي رھيو. مون جيئري کي ھاف فرائي ڪرڻ ٿي گھريو.“
    ھڪ دفعي پنھنجي گھر ٻاھران ھڪ ڪاسائيءَ کي ڇريون تيز ڪندو ڏسي پڇيائينس ته ڪنھن کي قتلام ڪرڻ آيو آھين؟ قاصائي ٻڌايس ته سندس ڳئون جا ڪري پيئي آھي ۽ بيھي نه ٿي سگھي تنھن کي حلال ڪرڻ لاءِ کيس گھرايو ويو آھي. قاصائيءَ کان پنج روپيا ڏئي واپس ڪيائين ته منھنجي امڙ ڪا خدا ته نه آھي جو کيس خبر پوي ته ڳئون ڪڏُھن ٿي مري. پاڻ ڳئون کي اٿارڻ لاءِ گھڻا حيلا وسيلا ڪيائين پر ڳئون اٿي نه سگھي. آخر ڪجھه سوچي شاه خيرالدين بادشاه جي مزار تي وڃي ڳئون لاءِ دعا گھرڻ بيٺو. اتان موٽندي پاڙي جي ھندن واري مندر جي ڀت ٽپي وڃي ڪرشن ڀڳوان جي بت اڳيان بيٺو. چيائين مسلمانن جا پير ڳئن جي حق ۾ ھٿ نه ٿا کڻن، تون ڪو گانءِ ماتا جو مرم رک. الله جو شان! نه فقط ڀٽاري اٿي کڙي ٿي، پر اھا ڳئون ٽي سال پوءِ به جيئري رھي.
    شڪارپور جي گتي وارو سندس مئنيجر ٽيھه ھزار رپيا نقد رقم کڻي روپوش ٿي ويو. مون وٽ دانھن کڻي آيو ته ڪو بلو ڀيڻي ڪيان. شڪارپور وڃي ڀڄ ڊوڙ ڪري مئنيجر کي پوليس ذريعي پڪڙائي لاڪپ حوالي ڪري واپس شام ٽاڻي سکر پھتاسين. اڌ رات جو وري اچي مون کي جاڳايائين. اکين ۾ زار زار پاڻي، جسم ۾ ڏڪڻي ۽ پريشان حال. ”ادا الله واسطي ھلي مئنيجر کي ڇڏاءِ. سندس ننڍڙا ٻچا آھن. روئندا ھوندا. جوڻس ۽ ماڻس مصلي تي ويھي الله کي ٻاڏائينديون ھونديون. مون پنھنجي پئسن تان ھٿ کنيو. وڃي رقم کڏ ۾ پوي. اٿ پر ھاڻي ھل.“ مون کيس غصي ۾ اچي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو ته ماڻھو دغا ڪري تنھنجا ٽيھه ھزار کائي وڃي تنھن کي ھڪ ھفتو ته حوالات ۾ رھڻ ڏي. پيرن تي ڪري پيو ته ادا الله الاجي ڪھڙين ڳالھين ۾ راضي. وڏو چور ۽ ڌاڙيل ته آءُ آھيان. ھل ته ھلي کيس ڇڏايون. راتو رات جڏھن شڪارپور وڃي اثر رسوخ ھلائي مئنيجر کي آزاد ڪرايم تڏھن وڃي سندس ڏڪڻي ختم ٿي. پئسا ته پيسن جي ماڳ اٽلندو پنج سؤ رپيا مئنيجر جي ٻارن کي خرچي ڏئي معافي وٺي ماڳ پھتاسون. مئنيجر پنھنجي ملازمت تي بحال رھيو ۽ ان بعد اھڙا ڪيئي 30 ھزار ڦٻائيندو رھيو.
    مون کي انسان جي تلاش ھر دم ھوندي ھئي. پوءِ ھي ٻي ڳالھه آھي ته ڳولا ھميشه غلط جڳھه تي ڪندو رھندو ھيس. مون کي غلط فھمي ھوندي ھئي ته صحيح معنى ۾ فقط اھي انسان ٿي سگھن ٿا جن جي پيشانيءَ تي محراب ۽ ھٿ ۾ تسبيح ھجي. مظفر جي ملاقات کان پوءِ منھنجي سوچ ۾ ڪافي تبديل آئي. ننڍپڻ جي مون کي خبر نه آھي پر مون گذريل ٽيھن سالن ۾ کيس ٽيھن سالن ۾ رسمي عبادت ڪندي نه ڏٺو. ليڪن ھي يقين ته سندس ڪوبه دم الله جي نالي وٺڻ کان خالي نه اٿندي ويھندي ننڊ يا نشي ۾ ”الله الله“ پئي پوندي ھيس. ننڊ ۾ جسم جو پاسو اٿلائيندي به ”الله“ جو آواز پيو بلند ٿيندو. سندس تڪيه ڪلام هيو ”الله وڏو آهي“، ”الله مالڪ آهي“ ۽ ”الله وارث آهي“. سموري 65 سال عمر ۾ ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ نه ويو. جڏهن ڪو سور ٿيندس ته پنهنجي هٿ سان ”الله شافي الله ڪافي“ چوندي درد واري جاءِ تي پيو مهٽيندو ۽ منٽن بعد وري اهڙي جو اهڙو. الله جي وائي سندس وات ان حد تائين هوندي هئي جو ڪڏهن کانئس پڇيو ويندو هيو ته شراب جو دڪان ڪنهن جو آهي؟ ته بي اختيار آڱر مٿي کڻي چوندو، ”الله جو“. الله مالڪ آهي.
    مون سان سندس والهانه محبت هئي. حالانڪ آءُ هر وقت مٿس ٺٺوليون ۽ چٿرون ڪندو رهندو هيس. ڪاوڙجڻ ته دور ڪنار ، اٽلندو منهنجي مذاق ۽ ملامت تي ويٺو خوش ٿيندو ۽ کلندو. عجب اهو جو دعائون به ڪندو رهندو. ليڪن شل نه ڪنهن گهوڙي کي لڪڻ لڳندو ڏسي پوءِ ٽانگي واري جي شامت اچي ويندي. پاتول ڪڍي بيهي رهندو. عمومن سکر جا ٽانگن وارا کيس ڏسي پنهنجو لڪڻ لڪائي ڇڏيندا هئا. سفر ۾ رستي تي رولو ڪتن کي پنهنجي هٿ سان ماني وٺي کارائيندو. حيدر آباد ۾ سندس عام ائڊريس اها هوندي هئي ته جنهن گهر ٻاهران ٻلين جا ولر ڏسو اهو مظفر جو گهر هوندو. ڏهه سال اڳ سندس زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب رونما ٿيو. سنگت ساٿ ۽ پيگ پاڻي، سڀ عياشيون ڇڏي، عملي زندگيءَ کان رٽائر ٿي حيدرآباد لڏي اچي ويهي رهيو. سمورو وقت گهر اندر ويٺو الله سان اوريندو رهندو هو. ڪجهه سال اڳ سونهاري رکرايائين. پڇيومانس ته هيءَ ڀٽاري ڇو رکي اٿئي؟ چيائين ته ٻيو ته آخرت جو ثمر ساڻ نه اٿم، من نه من شاله انهيءَ سنت جو منڪر نڪير کي مرم پوي.
    عيد کان اڳ ھفتو اڳ وٽس ملاقات لاءِ ويس. مون کي چيائين ته منھنجو وقت پورو ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ ڀلائي ڪري مون کي وصيت رجسٽر ڪرائي ڏي، جيئن منھنجي اولاد کي پوءِ ڪنڊا ڪڍڻا نه پون. مون پنھنجي دستوري مذاق ۾ سندس ڳالھه ٽاري ڇڏي. رحلت کان ٽي ڏينھن اڳ منھنجي دوست سيف الدين بوريءَ جي دڪان تي اچي فون ڪيائين ته عيد ڏينھن اچي سگھندين؟ مون کيس عيد ڏينھن اچڻ کان معافي ورتي. پر واعدو ڪيو ته عيد جي ٻئي ڏينھن ضرور ايندس. جواب ڏنائين ته عيد جي ٻئي ڏينھن اچڻو اٿيئي ته سکر اچجانءِ.
    عيد کان ھڪ ڏينھن اڳ سندس پٽ مقبول احمد حيدرآباد اچي کيس سکر ھلي عيد ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. پٽ کي چيائين ته تون سکر ھل ۽ آءُ عيد جي ٻئي ڏينھن اتي پھچندس. عيد ڏينھن ڪچڙي منجھند ڌاري کلندي کٽ تي ليٽي پيو. گھر واريءَ کي چيائين ته منھنجي ھلڻ جو وقت ويجھو اچي ويو آھي. سڌو سنئون ليٽندي پنھنجي دستوري ذڪر لاالله الاالله جو ورد شروع ڪيائين. ھڪ ھڏڪي آئي پوءِ ٻي ۽ ٽئينءَ ھڏڪي ۾ يار ويندا ڏيکاريندا. ٻئي ڏينھن مظفر واقعي وڃي سکر پھتو! جتي ھزارھا ماڻھن کيس ڪلھا ڏيئي امڙ مٽيءَ حوالي ڪيو. جن سندس آخري ديدار ڪيو انھن جو چوڻ آھي ته محسوس ائين پئي ٿيو ڄڻ مرڪي رھيوھو. ھوش وارا ماڻھو موت تي مرڪندا ٿوروئي آھن.


      اسماعيل قبرستاني

    ” . . . . . . . . . . . . . . . ان ڪارڻ ماڻھو کي جڳائيءَ ته ڪنھن سان به پيار محبت نه ڪري. ھر پيار واري جو وڇوڙو عذاب آھي ۽ قيد آھي. زنجيرن کان فقط اھي آزاد آھن جي نه ڪنھن سان نفرت ڪن ٿا ۽ نه محبت.“
    ”ڀڳوان ٻڌ“
    اوھان به ماڻھن جا شوق ۽ شغل ڏٺا ۽ ٻڌا ھوندا. نرالا ۽ انوکا. پر جا عجيب و غريب وندر ۽ ورونھه منھنجي دل گھُرئي دوست جي دلپسند آھي، اھڙي شايد ورلي. ھي برابر آھي ته سندس شوق جو شمار خدمت خلق ۾ شامل آھي، توڙي جو ان تفريح جو تعلق زندگيءَ سان نه بلڪه زندگيءَ جي خاتمي بعد شروع ٿئي ٿو. سندس اھڙي عظيم خدمت خلق جنھن کان رب بچائي، جنازه کي غسل ڏيڻ، ڪفن کان دفن تائين سڳن ساٺ ڪرڻ ۽ مڙده کي ماڳ رسائڻ. مزو وري اھو جو اھڙي ڪٺن ڪم ڪندي پنھنجي پگھر جي پورھئي لاءِ نه پائي وٺي نه پيسو. نه ڪا اجرت ۽ نه عيوضو. اوھان فقط مري وڃو ۽ پوءِ سندس خدمت جو رنگ ڏسو ته ڪئن نه جوشيلا ۽ سريلا اشھد ڪلمان پڙھندي، پنھنجو ٻانھون کنجي ۽ پاجامي جا ور وجھي، مچي مڙس ٿي بسم الله ڪندو. اوھان کي ور ور ڪري وھنجاريندو. لاڏ سان عطر عنبير مکي ڪافور ۽ چندن سان سينگاري، اوھان کي گلن واري ڏوليءَ ۾ آرامي ڪري ماڻھن جي ڪلھن تي سوار ڪري ماڳ رسائيندو. سڀ خدمت في سبيل الله.
    ائين به نه آھي ته اوھان جي مڙھ لٽجڻ بعد، اوھان کي رڻ ۾ رولي. اوھان جي ڀاڄوڪڙ عزيزن ۽ قريبن جيان ٺڪاءُ ڏيئي رفوچڪر ٿي ويندو، بلڪل نه. روزانه الفجر ۽ شام ٽاڻي اوھان وٽ اچي قبر مٿان بيھي قل پڙھندو ۽ اوھان جي بخشش لاءِ ھٿ کڻي دعائون پنندو. جي اوھان سندس دوست آھيو ته اوھان سان ويھي ڪچھري ڪندو. پر جي اوھان جو موت درياه ۾ ٻڏڻ سبب يا باه ۾ سڙڻ باعث ٿيو آھي يا اوھان جو لاش بطور لاوارث جي دفن ٿيو آھي ته اوھان جي مزار مٿان اگربتيون ۽ ڏيئا ٻاريندو ۽ گل وجھندو رھندو. ھي سندس روزمره جي زندگيءَ جو پروگرام آھي جو سلسلو سواءِ ڪنھن انٽرويل جي گذريل پنجاھ سالن کان جاري آھي ۽ ان وقت تائين جاري رھندو. جيستائين اسماعيل جيئرو آھي. پوءِ ڪو انشاءَالله چوي يا نه.
    اسماعيل حيدرآباد جي صدر علائقي جو باشندو آھي ۽ ٽيليفون کاتي ۾ گذريل 45 سالن کان ملازم آھي. کيس جڳ سڃاڻي. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته کيس منھن سامھون ايندو ڏسي ماڻھو کيس گوشو ڪندا آھن، خاص ڪري سندس سڀ دوست بيمار ٿيڻ شرط کيس خاص نياپو موڪليندا آھن الله واسطي سندس گھرن ڀرسان گذرڻ جي زحمت نه ڪري ۽ نه مزاج پرسيءَ لاءِ اچي. ھي حقيقت آھي ته سندس پير ڏاڍو ڳورو آھي ۽ جنھن بيمار کان پڇڻ ويندو ته اھو مرندو ته تڏي ٿي، ورنه ترت سندس وڃڻ بعد. ٻن چئن ڪلاڪن بعد اسماعيل ڪڍ پيو ماڻھو ڊوڙندو ايندو ته ڀائو تو وارو گراھڪ گذاري ويو ۽ ھاڻ اچي پنھنجي ڪاروائي پوري ڪر. موت نه آھي پر موت جو مارو ضرور آھي. ھر ھڪ جي پنھنجي قسمت آھي. ڪنھن جي بخت ڀاڳ سان ڪا ريس ٿوري ئي ڪبي.
    سھڻو، شڪيل، قد جو پورو پنو، جسم جو ڀريل ۽ تندرست، جيڪو ڄمي تنھنجو سن، سدائين اڇي ڪفني ڪپڙن ۾ ملبوس، سياري اونھاري اڇي قميص اڇو پاجامون ۽ پيرن ۾ اڳ چاکڙي ھاڻ رٻڙ جي چمبل، ھميشه کلمک، مرڪندڙ ۽ مشڪندڙ چھرو، فڪر ۽ غم جي غبار کان بنھه خالي. مقام ۾ ملندو ته پوِءِ ڄڻ حورن جي ھنج ۾ آھي. پيو ٻھڪندو ۽ ٽڙندو ۽ ٽھڪ ڏيندو، ڄڻ لکن جي لاٽري ملي اٿس. مون کي ڏسندو ته پوءِ نون دفن ٿيل مڙدن جي مون سان واقفيت ڪرائڻ شروع ٿيندو: ھي قبر فلاڻه ميمڻ سيٺ جي آھي. پنجاھ ھزار روڪ روپيا رڪشا ۾ کڻي گھر تي ويو ته واٽ تي ھڪ رھزن پستول ڏيکاري پئسن لاءِ گھر ڪيس. ميمڻ ھيو، پئسن جو معاملو ھيو. ضد ڪيائين، پئسا به ويا ۽ پاڻ به پارسل ٿي ھت پھتو. منڪر نڪير جي ھر سوال جي جواب ۾ پنجاھ ھزار ۽ پنجاھ ھزار ٿي پڪاريائين . . . ھوءَ قبر فلاڻي سرڪاري عملدار جي آھي. خاصي ڪمائي ھيس. ڍئو جھلي نه سگھيو. دل جو دورو پيس. ٻه زالون ھيس. ڏاڏي پوٽيءَ سان پوت ڪانه ھيس پوءِ عشق ۾ ٻي شادي ڪيائين. وصيعت ڪئي ھوائين ته پھرئين زال جي پاسي ۾ پورجو. زندگيءَ ۾ مرحومه جو مُنھن نه وڻندو ھيس ۽ ھاڻ سندس پاسي ۾ پيو آھي. ساڳي ماني ساڳ سان . . . ھوءَ قبر جا جھڪيل ٿو ڏسين . . .
    اسماعيل، حيدرآباد جي ان دکني خاندان جو فرد آھي جو ڏيڊ سؤ سال اڳ انگريزن سان گڏ اچي ڇانوڻيءَ علائقي ۾ آباد ٿيو. سندس والد محترم شيخ ابراھيم خوش الحان ھيو ۽ ملٽري ملازمت سان گڏ صدر مسجد جي ٻانگي جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندو ھو. اسماعيل اڃا انگريزي ڇھين درجي جو شاگرد ئي ھيو ته پڻس سندس ھڪ مسڪين ۽ يتيم ڇوڪريءَ سان شادي ڪرائي ڇڏي. سال اڌ بعد سندس گھر واري سلھه جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ته ٻي طرف گھرو اڻبڻت سبب کيس گھر نيڪالي ملي. بيمار گھر واريءَ کي ساڻ ڪري اسماعيل، صدر جي ھڪ غير آباد گھوڙن جي ڪڙه کي اچي وسايو. دوستي ياري گھڻي ھيس. ڪنھن کٽ آندي ڪنھن بسترو ته ڪنھن دوائون، ائين لم ٺپ تي اسماعيل جو گذر سفر ٿيندو رھيو ليڪن سندس گھر واريءَ جي بيماري لاعلاج ثابت ٿي. ٽن مھينن بعد سندس گھر واري گذاري ويئي. کيس آڻي اميدن ڀريو مقام ۾ دفن ڪيائين. پاڻ به پوءِ سندس قبر جي ڀر ۾ اچي لڏي پلائي اچي ويھي رھيو.
    پورا ست سال سانده قبرستان ۾ مقيم رھيو. ڪيئن رھيو؟ اھو ھڪ وڏو قصو آھي جنھن جي بيان ڪرڻ لاءِ ھڪ مضمون بجاءِ پوري ڪتاب لکڻ جي گنجائش آھي. تعجب اھو جو ويھڪ لاءِ ڪا تونري يا تڏي به نه رکيائين. ڌرتي تتي نٽھڻ ھجي يا سياري جا پارا، مٽيءَ جا ڌوڙيا يا بارش جا وسڪارا، ڏينھن يا رات، اسماعيل کي تات قبرن جي. پھريون ته مجاور ھيو. فقط پنھنجي گھر واري جي قبر جو، پر پوءِ سموري قبرستان جي رکوالي پاڻ تي ھموار ڪيائين. قبرن جي صفائي، جھنگ جي ڪٽائي، ڊٺل بتين جي مرمت ۽ ھر نئين وارد جي آءُ ڀڳت سڀ سندس بلي ھئي.
    ھي اھو زمانو ھو جڏھن ٽيليفون کاتي وارن کيس سڏ ڪري نوڪري ڏني جا آفيس مقام کان سڏ پنڌ تي مس ھئي. ان عرصي دوران سندس گھرن وارن سان به پرچاءُ ٿيو پر سندس روزمره جو پروگرام ۽ مرڪز ساڳيوئي مقام رھيو. جنھن سبب سندس نالي پٺيان قبرستانيءَ جي علامت شامل ڪئي ويئي جا اڄ ڏينھن سوڌو ھلندي اچي.
    ستن سالن جي مدت بعد اسماعيل کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ اشارو به ٿيو ۽ ترت ئي آڇ به ٿي. شرط ھي وڌائين ته سندس نڪاح قبرستان ۾ پڙھيو وڃي جو عجيب ھوندي به قبول ڪيو ويو. دادو ضلعي جي اسيمبلي ميمبر ۽ درويش صفت انسان مرحوم علي اڪبر شاه سندس نڪاح مقام ۾ پڙھيو ۽ فقط لائون اچي گھر لڌائين. پوئين گھر مان کيس ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون آھن. سندس پٽن جي نالن مان ايئن پيو معلوم ٿيندو ڄڻ سوا لک نبين مان ست عدد سندس گھر ڀاتي آھن. شادي ٿي، اولاد ٿي ۽ گھراڻو آباد ٿيو پر مقام کي ھرگز نه وساريائين. ڪجھه سال ٿيا جڏھن کيس ميرپورخاص بدلي ڪيو ويو تڏھن به روزانه بس، ريل يا ٽرڪ جي ذريعي اچي پنھنجي قبرستانيءَ واري ڊيوٽي ڏيئي وري ڀنڀرڪي جو واپس نوڪريءَ تي. اھا اڻ ٿيڻي آھي ته عصر ۽ مغرب نماز درميان اسماعيل اميدن ڀريو مقام ۾ موجود نه ھجي. جنھن ڏينھن کيس مقام ۾ ٻاھر نه ڏٺو ويو ته خاطري ٿيندي ته اڄ ٻين جيان پاڻ به ”اندر“ آرامي آھي.
    اسماعيل نه فقط سالھا سال قبرن۽ قبرستانن جي ڳوڙھي لاڳاپي ۾ پنھنجي زندگي پئي بسر ڪئي آھي پر زھد تقوا ۽ پرھيزگاري علاوه ذڪر الاھي ۽ قرآني فڪر ۾ پڻ ڪافي چلا ڪاٽيل اٿس. موت جي اوڏو ۽ سندس ويجھڙائيءَ ۾ رھندي، ٿي سگھي ٿو ، ته کيس ان ”راه رباني“ جي پار پتي ۽ واءُ سواءُ جي ڪجھه ڄاڻ ھجي جنھن دڳ ۾، اسان ماڻھن لاءِ فقط وڃڻ وارن جا پيرا ڏٺا وڃن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن گفتگوءَ دوران ڪجھه اسرار جون ڳالھيون بي اختيار سندس مُک مان نڪري وينديون آھن جن لاءِ بعد ۾ سخت پڇتائيندو آھي. نه وري اھڙي راز جي پروڙ لاءِ مون کي ڪا پچار ھوندي آھي. مون کي ته اھا به خبر نه آھي ته آءُ ڄمڻ کان اڳ ڇا ھيس. حالانڪه اھو مرحلو لنگھي چڪو آھيان ته پوءِ اھو پتڻ پار ڪرڻو آھي پوءِ ماشا مولا، ڏٺو ويندو، سسئي ۽ سور پيا پٽيندا پاڻ ۾. البت عقل ۽ شعور کي اھا اڻ تڻ ۽ ھر کر ضرور ٿيندي رھي ٿي ته موت جي ڳجھارت جو من نه من ڪو پاھو ملي پوي ته خوف ۽ فڪر فردا کان ڪا رتي ڀر فراغت حاصل ٿئي.
    ھڪ دفعي ڳالھين ڪندي مون اسماعيل کان پڇا ڪئي ته ھُن ڪڏھن قبر جي سوڙھي ٿيڻ جا ڪي آثار ڏٺا ھئا. اسماعيل ته ٻڌايو ته نه، البت قبر جي ڪشادي ٿيڻ جو مشاھدو ۽ معجزو پنھنجي اکين سان ڏٺو ھوائين. مون کي ان عورت جي قبر ڏانھن وٺي ويو ۽ چيائين ته ھي مائي نھايت ديندار، سخي ۽ نيڪ بخت خاتون ھئي ۽ پنھنجي جئري ئي وصيعت ڪئي ھوائين ته کيس سندس مرحومه ماءُ ۽ نياڻي جي قبرن درميان ڇڏيل جڳھه تي دفن ڪيو وڃي، وري اھا به تقاضا ڪيائين ته ٻي صورت ۾ ھوءَ اڳين جھان ۾ اسماعيل کي ”وٺ“ ڪرائيندي. خدا جي قدرت اھڙي جو اسماعيل کان اھا ڳالھه وسري ويئي ۽ ان ڇڏيل جاءِ تي ٻيا ڪي ماڻھو اچي ٻيو ڪو جنازو پوري ھليا ويا. جڏھن اھا مائي فوت ٿي ۽ اسماعيل ماڻھو وٺي قبر کوٽڻ لاءِ جاءِ واردات تي پھتو ته کيس مائي جي وصيعت ياد آئي. حالانڪه اھا جڳھه ڪافي حد تائين ڀرجي چڪي ھئي تڏھن به اسماعيل وصيعت جي احترام ڪندي کوٽائي شروع ڪري ڏني. حڻا جتن ڪيائين پر ڪنھن به صورت ۾ قبر جيتري وٿيءَ جو حاصل ٿيڻ ناممڪن ٿي ڏٺو. رات جو وڳڙو ھيو ۽ لالٽين جي روشنائي تي گورڪن کوٽائي تي ڪئي ۽ اسماعيل بارگاه الاھي ۾ زاريون ڪندو رھيو. ائين ڪندي ھوا جو جھلڪو اچڻ ڪري لالٽين وسامي ويئي. جڏھن ٻيھر بتي ٻاري ويئي ته الله پاڪ جي قدرت جو عجب رنگ اکين آڏو عيان ھو. ان سوڙھي ۽ تنگ وٿيءَ وڌندي ۽ ويڪرو ٿيندي وڃي ھڪ وڏي قبر جيتري جڳھه والاري ھئي.


      رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

    جڳ جي مالڪ کي سچ ۽ سادگي وڻندڙ آھي. اھا ڄاڻ اٿئون. شيطان واري تجربي کان پوءِ خاص طور، وري ڪڏھن عزرائيل جھڙي عقل ۽ علم واري کي پنھنجي اوڏ اصل نه ڇڏيائين. شايد اھڙي ئي سبب پنھنجي پيغمبرن جي چونڊ به عقل جي اڪابرن بجاءِ اڻ پڙھيل، اُمي ۽ اٻوجھن کان ڪيائين. جتي به ڪنھن مسڪين معصوم ڌنار، ريڍار يا ڳنوار جو ڏس پتو پيو ٿي ته ڳولھي ڦولھي کين نبي مقرر ٿي ڪيائين. جي تاڃي پيٽي پٽ سچار ھئا تن کي به سالن جا سال آزمائڻ کان پوءِ نبوت جي واڳ ٿي ملي.باقي جي فڪر ۽ فلسفي وارا ھئا ، جئن زردشت ھو، گوتم ٻڌ ھيو، ارسطو سقراط يا افلاطون ھيو تن کي پاڻ کان ڪوھين ڏور رکيائين. ھونئن به جي عقل ۽ مت وارن کي الاھي پيغام ور چڙھي ھا ته منجھنس پنھنجي ملاوٽ ڪرڻ کان مڙن ٿورئي ھا. آخر الله کي به ته پنھنجي مخلوق جي عاقبت جو اونو ھيو!
    پر عجب ھن ڳالھه جو آھي ته جي الله جي پيارن لاءِ سادگي شرط ھئي ته پوءِ سنڌين کان وڌيڪ سادا ماڻھو ته دنيا ۾ ڪٿي به نه ھئا. سچار به ته سادا ماڻھو ئي ٿيندا آھن. ڇو ته ڪوڙ ھڻڻ لاءِ ته ”ھنر“ گھرجي جو ڪين اچي ئي ڪونه. پوءِ سنڌين کي اھو اعزاز ڇا لاءِ نه ڏنو ويو. شايد ھن ڪري جو ھڪ ته سنڌي چٽ سادا ھئا جو انھن جي ڀيٽ ۾ ڍور به عالم ۽ علامه ھئا. ٻيو ھن سبب ته سنڌ سڄي ڀورڙن سان ڀريل ھئي. ان ڪري چونڊ به اوکي ھئي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ فرعون ۽ ابوجھل به ملڻ مشڪل ھئا جن جو پيغمبرن ڪڍ ھئڻ لازمي ھيو. نه ته پيغمبرن کي پٿر ڪير ھڻي ھا؟ سنڌي ته ٿيا سٻاجھڙا، سڀ اکيون پوري ايمان آڻڻ وارا. وري جي ڪو اھڙو نبي ٿيڻ جھڙو مائي جو لال سنڌي لڀي پوي ھا ۽ وٽس ڪو فرشتو وڃي سھڙي ھا ته سندس ماشائي خطا ٿي وڃن ھا ۽ سڄي عمر سئين نه ٿئي ھا. اسان کي پوليس واري ڏٺي ڊيڄڙو ٿئي ٿو ته ملائڪ آئي ته جيڪر مجذوب ٿي وڃون. پر جي ڪنھن سنڌيءَ کي سڌيءَ طور بشارت ملي ھا ته ھو مورڳو اعتبار ئي نه ڪري ھا. چوي ھا ته ”ڇڏ يار اسان غريبن سان چرچا. ڪٿي مُنھن مريم ڪٿي الھيار.“ ان ڪري اھڙي آزمائش به اجائي ھئي.
    اھوئي فرق بنيادي ھو سنڌين ۽ ٻين قومن ۾. پنجابين کي الله سائين ڪڏھن ڀلجي به رسول ٿيڻ جي آڇ نه ڪئي. تڏھن به ھنن سدورن پنھنجا سوديشي پيغمبر کڙا ڪيا. ڄڻ ته اليڪشن لاءِ اميدوار تي بيھاريائون! قاديانين ته ھڪ عدد ھادي به بڻايو. پر پنجابي ھندن ته گرونانڪ کان گرو تيغ بھادر تائين ڏھاڪو کن اوتار لڳاتار ٺاھيا. سنڌي ته اھڙا مت جا موڙھا، جو رڳو قلندر به پاڻ منھن نه ٺاھي سگھيا. اھي به ٻاھران آيا. توڙي جو قلندر ٿيڻ ڪا فارسي ته نه ھئي. فقط ڇير ٻڌي نچڻو ھيو. اسان جو ڇڙو اجرڪ پائي وڏيون مڇون رکي سيٽيون وڄائڻ تي زور. اسان ڪڏھن غزا نه ڪئي ۽ نه تواريخ ساز ٿياسون. پيغمبرن کي ته پٿر ڪڏھن به نه ھنياسين. پر نه ڪڏھن ڪنھن قطب کي ڪاٺ وڌوسين ۽ نه ڪنھن وليءَ کي ڪوٽ ڏيجيءَ تي چاڙھيوسون. اسان وٽ جو ھڪ اڌ شھيد ٿيو. اھا مڙسي به ٻاھرين ڪئي. سنڌي ٻارھوئي آئي وئي جي ٽھل ٽڪور ٽانڊي ٽوپي ۽ مزمانيءَ ۾ مشغول. اسان پير فقير ته ٺھيو پر چورن کي به پناه ڏيندا رھياسون. دنيا جي ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ ڪو ڊاڪو مھيني اڌ کان وڌيڪ عرصو جٽاءُ ڪري نه سگھندو آھي. اسان وٽ صدين ۽ پيڙھين تائين سندن سلسلا ھلندا ٿا اچن.
    چون ٿا ته اسلام کان اڳ سنڌ جي رھاڪن کي ساڌ يا ساڌو سڏيو ويندو ھو. شايد سادگي اکر به ساڌ لفظ کان تڪتل صفت ھجي. ڇو ته سنڌين جي ڀورائي ۽ حضور شرمي اڄ ڪلھه جي الاٽمينٽ نه آھي پر صدين جي ميراث آھي. اسان جا ابا ڏاڏا جي اسان پاڻ اکين سان ڏٺا نھايت اٻوجھه ماڻھو ھئا. ظاھر آھي ته سندن وڏڙا به اھڙائي سچار ۽ سادڙا ھوندا. سادو ٿي رھڻ اسان جي اباڻي ريت ۽ روايت آھي تڏھن ته جي ڌاريا ماڻھو پنھنجي گھران رسي نڪرندا ھئا ته به اسان وٽ اچي اسان تي حڪومت ڪندا ٿي رھيا. اھا اسان جي تاريخ آھي. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته ھاڻوڪي دور وارا البت ان روايت جي خلاف آھن. اڄ ڪلھه اسان جا ڏسڻا وائسڻا مھانڊا ميان مٺو سڏائڻ خاطر پنھنجي عيبن جو لڪ لڪاءُ ڪرڻ ۾ مشغول ڏٺا ٿا وڃن. الاجي ڇو. خبر نه آھي ته ڪنھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ ٿا گھرن؟ شايد ان غلط فھمي ۾ مبتلا آھن ته سندن پرڪارن جي ڪنھن کي پروڙ آھي ئي ڪانه. جو ھڪ غلط تاثر آھي، سنڌين کي پنھنجن توڙي پراون جا افعال برابر سجھن ٿا ته ھو ڪھڙا چڱا مڙس آھن. پر انڌي کي انڌو ۽ ڪوڙھيئي کي ڪوڙھيو چوڻ سنڌين جو وڙ نه آھي. ھو ڄاڻن ٿا ته انسان خطا جو گھر آھي. پوءِ ڪو ڪچو ڪوٺو ته ڪو ڏھ منزلو مڪان. صحيح سنڌيءَ جي ته سڃاڻ ئي اھا آھي ته ”جوئي آھي سوئي“ سڏائي ۽ اھو ئي ٿي رھي جو ئي آھي.
    سنڌين جي سادگي ۽ سچائي واري روايت جو انوکو مثال ھيو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي . نه فقط پاڻ کي ھڪ مثالي شخصيت طور پبلڪ آڏو پيش ڪرڻ کان پرھيز ڪيائين. پر اٽلندو پنھنجي ذاتي اوڻاين تان پردو کڻي کين سيھڙي سميٽي ”ڪيئي ڪتاب“ لکي پنھنجي خرچ تي ڇپائي پڌرو ڪيائين. وڏ وڏيرا ۽ ڪبيرا ڏوھ گناه ته ٺھيو پر جي عيب ثواب چار ديواريءَ جي انڌيري ۾ ڪيا ھوائين، اھي به سئي سڳي سوڌو ٻانگ ڏيئي چوندو ويو. ڄڻ منڪر نڪير واري آڏو پڇا ۾ سؤ چوھٺ واري زباني ٿي ڏنائين! ان وچور سان ”مان“ جي مومل واري ماڙي ڊاھيندي مون جھڙس ٻيو ڪونه ڏٺو. جڏھن وڃڻ جي ويل آئي ته سڀني سان موڪلائي توڪلائي ھوڪو ڏيندو ھليو ويو. ”يارو، چيو آکيو معاف ڪجو. اڄ سن ٻياسي جي آھي آخري رات. ٻيلي اسان جي موڪلاڻي اٿو.“ سنڌ جي ويرانيءَ کي جس ھجي جو ڪوڙ ۽ ملاوٽ واري دور ۾ به پئي گامون سچار پيدا ڪري!
    رئيس ڪريم بخش نظاماڻي لاڙ جي شھر ماتلي جو زميندار ھيو. وڏو رنگين مزاج ماڻھو ھيو. ڳائڻ وڄائڻ جو شونقين، ڪچھرين جو ڪوڏيو ۽ مجلسي مڙس ھو. پنھنجي سر کڻي چئجي ته ھڪ قسم جو ميلو ملاکڙو به ھيو. ننڍپڻ کان ئي فلم ۽ ڊرامه جو شوق سر تي سوار ٿيس. 1928ع ڌاري بمبئي وڃي فلمي دنيا ۾ داخل ٿيو. جوانيءَ جا ويھارو سال ان جنون ۾ گھاريائين. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ 1947ع ۾ فلمي لائين ڇڏي ماتليءَ ۾ ڳوٺ اچي پنھنجو وڏيرڪو ورثو سنڀاليائين. اداڪاريءَ کي الوداع ڪندي به ذھني طور ايڪٽر ٿي رھيو. پنھنجي بقايا پوري زندگيءَ کي ڊرامائي انداز ڏنائين. جنھن ڊرامي جو ھيرو توڙي ولين پاڻ ٿي رھيو. باقي سندس چوگرد ايڪسٽرا ڪردار ھوا، ڊائلاگ ھئا يا سينري ھئي. پوءِ ڪڏھن ناٽڪي محفلون ھيون ته ڪڏھن جام ۽ طعام جون رنگ برنگي پارٽيون ھيون. يا وري رقص سرود جا مجرا ھئا!
    ”ڪيئي ڪتاب“ جو عمر جي آخري حصي ۾ لکيائين، سو سندس زندگيءَ جي پروگرام وارو ٽائيم ٽيبل ھيو. ھن ڪتاب ۾ اھي سڀئي منزلون وچور سان بيان ڪيون اٿس جي عمر جي ھر موڙ تي طئي ڪيائين. پنھنجي حياتيءَ جي اسٽائيل تي فتوا ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته ”دولت جي فراواني، حسن پرستي، شرابن طھورا ۽ ثقافتي رنگ جي مجلسن ۽ محفلن مجذوب بڻائي پاڻ ۾ مدغم ڪري ڇڏيو.“ پر عجب اھو ھو جو مئه ۽ موسيقي، عشق ۽ محبت، محفلن ۽ صحبتن تي سندس رام ڪھاڻي پڄاڻيءَ ٿيڻ بجاءِ اڃا اڳڀرو رڙھي سندس ان انساني صلاحيتن کي چمڪائي روشن ڪري ٿي جي منجھنس سمايل ھيون. ھي برابر آھي ته منجھنس خود ثنائي ۽ سماجي لاغرضيءَ جھڙيون ڪمزوريون موجود ھيون. جي پاڻ تسليم ڪيون اٿس. پر ساڳئي وقت منجھنس غضب جي صاف گوئي ۽ حق گوئي به ھئي، جا اخلاقي جرئت اسان ۾ اڻلڀ آھي. جوانيءَ جا جشن ۽ شباب جا شغل اھا عيش عشرت ھر وڏيرو ۽ ھر وڏو ماڻھو ٿو ڪري. اسين مسڪين به جيڪر وس کان چار پھر نه گھٽايون پر ڌن دولت نه ھئڻ ڪري بيوس آھيون. پر پنھنجا پرڪار پڌرا ڪرڻ ۽ اھو به لکت ۾ ۽ وري ڪتاب ڇاپڻ! سو به ڦٽڪن واري زماني ۾! ھي وڏي ھمت ۽ جرئت جو ڪم آھي.
    پاڻ کي سرخرو ڪرڻ واري طبعي لاڙي لاءِ رئيس تي الزام ڌرڻ بي انصافي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اٿاه لاھين چاڙھين کان سندس زندگيءَ جو گذر ٿيو ھو. ان مسافريءَ جي روشني ۾ سندس خود نمائي ۽ خود ثنائي ھڪ لازمي ڳالھه آھي. ھڪ ته ھو اداڪار ھيو ۽ ائڪٽر جي ڪا پرائيوٽ يا خانگي زندگي ٿيندي ئي ڪانه آھي. شوبازي سندس اداڪاري جو فن آھي. ان کانسواءِ رئيس وڏيرڪو ۽ سڪيلڌو ٻار ٿي پيلو نپنيو ھو. اڃان سمجھه جھڙو مس ٿيو ته ماءُ پيءَ وچ ۾ جھڳڙو شروع ٿيو جنھن آخر وڃي علحدگيءَ جي شڪل اختيار ڪئي. رئيس به ماءُ سان گڏ پيءَ جي ڇانو کان ٻاھر اچي ماماڻي ماحول ۾ آيو. سندس مامو خانه بدوش ۽ مرلي وڄائيندڙ جوڳي ھيو. جنھن وٽ رھندي رئيس نه فقط ڇڙواڳ ۽ ڇيڪ ٿي رلندو رھيو پر جوئا ۽ ھٿڙي ھئڻ جا ھنر به پرايائين. پئسو نه ھئڻ جي ڪري ڪجھه عرصي تائين محنت مزدوري ڪندو رھيو. جنھن مدت ۾ خاصا ڏک ڏاکڙا به ڏٺائين. کيس نه سمجھو ساٿي ملي سگھيا ۽ نه استاد، تعليم به اڌو گابري حاصل ڪيائين ۽ اھا به چئن درجن تائين. نتيجي ۾ سندس طبع جو ارڏو ۽ لاپرواھ ٿيڻ ڪا حيرت جي ڳالھه نه ھئي. جڏھن پيءُ سان پرچاءُ ڪري دولت جو ڌڻي ٿيو ۽ زر بيسيار ٿي ته پوءِ عشق ٺھه پھه ٿي ويو.
    زندگي موج مستي ۽ مزي ۾ گھاريائين جا سندس خيال ۾ صحيح زندگي ھئي. فڪر ۽ ڳڻتي لاءِ نه ھيس وقت نه واندڪائي ۽ نه سبب. ماضي توڙي مستقبل جي وھم گمان ۾ ته اھو پوي جنھن جي ”حال“ ۾ چاڙھو نه ھجي، رئيس وٽ ”حال“ ھيو ۽ اھو به وڏو خوشحال. اھڙو جو ھر ڏينھن ۽ ھر گھڙيءَ کي سالگره جي جشن جيان ملھائيندو رھيو. ننڊ لاءِ به چوندو ھيو ته وقت کي اجايو زيان ڪرڻو آھي پر مجبوري آھي جو اکيون ٻوٽجي ٿيون وڃن. حيدرآباد وڃڻو ھوندس ته موٽر ۾ باءِ روڊ وڃڻ بدران ٻيڙي سنبرائي ڦليلي جي وھڪري سان حيدرآباد اچي لنگر ھڻندو. چي موٽر ۾ ٻوٿ ٻڌي ٿو وڃڻو پوي ۽ ٻيڙيءَ ۾ ساز سرود ۽ سنگت ساڻ ٿي ھجي ۽ راسوڙا ڳائيندي سفر ٿو گذري. ڦليليءَ سان ھونئن به دلي لڳاءَ ھيس. پنھنجو گھر (ماءِ نيسٽ) يعني آکيرو به ڦليليءَ جي ھنج ۾ اڏيو ھوائين، جتي سندس اوطاق ھئي. جڏھن سندس واھيري جي ويل آئي ته پساه به ان آکيري ۾ ڏنائين جتي ھاڻ پاڻ به آرامي آھي.
    راڳ رنگ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھيو. خاص طور لوڪ راڳ! توڙي جو ڪلاسڪي موسيقيءَ جي به ڄاڻ ھئس. پاڻ ڳائيندو به ھيو. بي سرو نه ھيو پر آلاپ ٻاڙو ھيس. جي ڳائڻ تي پيٽ گذران ھجيس ھا بک مري ھا. سازن جي سرتار ۽ ناچ جو ڄاڻو ۽ ماھر ھيو. جڏھن بدن ڀاري ٿي ويس ته پوءِ ”ڊفلي“ کڻي فقط جھمر وارا ھٿ کڻندو ھيو. ڊفلي سدائين ساڻ ھوندي ھيس. محفل ڪنھن جي به ھجي راڳ ڪوئي به ڳائي، پر رئيس کي ريچڪ پيو ته ڪڏي ڪاھي پوندو ميدان ۾. پوءِ ڪنھن کي وڻي نه وڻي، پاڻ نچندو ۽ ڳائيندو رھندو. سندس اھڙي ھوڙيائيءَ تي اڪثر دوست خفيءَ به ٿيندا ھئا. پنھنجي ڪتاب ۾ اھڙو اشارو ڪندي ڄاڻائي ٿو ” منھنجي اھا پراڻي عادت آھي ته ھميشه ٻين جي رنگ ۾ ڀنگ بڻجي ٽپي پوندو ھيس . . . آءُ بي خوديءَ ۾ اچي نچندو ڳائيندو وڄائيندو رھندو آھيان. پوءِ ڪي محبت خاطر تعريف ڪندا آھن. مگر آءُ ان لاءِ قصور وار نه آھيان. ڇاڪاڻ ته ضدي جذباتي ۽ خود سرا ھئڻ ڪري ڪنھن جي به راءِ يا اختلاف راءِ جو ڪڏھن خيال نه ڪندو آھيان. پوءِ اھي سڄڻ ساٿي ڇو نه ھجن. ھاڻي طبع ايتري پخته ٿي چڪي آھي جنھن کي نه ٽوڙي ٿو سگھجي ۽ نه موڙي. وري الله جا احسان آھن جو لاڏ کڻڻ وارا به موجود آھن.“
    سونھن ڪنھن کي نه وڻندي ھوندي. پر رئيس لاءِ ھر حسن پوڄا پاٺ ۽ پرستش لائق ھيو. سھڻين صورتن تي اکيون سيڪڻ يا سوڀيا جي ساراه ۾ سرڪيون ڀرڻ سندس مجازي عشق ھيو. سندس راءِ مطابق جسماني ھَوس به ايتري جائز ۽ لازمي ھئي جيتري دولت جي چوس، سياست جو لڳاءُ يا ثقافت جي الفت. سڀ کان سلوڻي گفتگو ھوندي ھيس عشق محبت جي شعر شاعريءَ واري. نامور شاعرن جي صحبت ۽ سنگت ۾ گھڻو ڪجھه پرايو ھئائين. ھڪ وار شعر ۾ شروع ٿيو ته پوءِ ٻڪر وال جي وڏڦڙي مينھن جيان جيسين گوڏي ٻوڙ نه ڪري ته بس نه ڪندو. پر سندس ڪمال ھيو پنھنجي پچار ۾ جڏھن پري پرستانن جو ذڪر خير ڇيڙيندو ھو. پنھنجي ذاتي اعمال کي يادگيريءَ جي گمناميءَ کان گھلي ٻاھر اسٽيج تي آڻي کڙو ڪندو ھيو. جيئن ڪو ڊاڪو پنھنجي چوري يا ڌاري واري مال مڏي بنا ڀونگي وٺڻ جي مالڪن کي موٽائي ڏي ۽ توبھه تائب به نه ٿئي.
    پنھنجي جنم پتريءَ گڏ رئيس، پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ جي مشاھدا ڏٺا، جن شخصيتن سان لھه وچڙ ۾ آيو يا جن شھرن کان گذر ٿيس تن جو به پيرائتو ۽ سربستو احوال رڪارڊ ڪيو اٿائين. جا ھڪ وڏي تاريخي خدمت آھي. سندس ياداشت به ڏاڍي پختي ھئي. ويھه سال اڳ ماتليءَ ۾ جا موالين جي مجلس ڪوٺائي ھئاسين. ان ميلي تي جي پيگ پاڻيءَ جو ٻاٽليون، ڀنگ جا ڪونڊا، جمنيون، چرس جون سيلفيون يا نسوار جو دٻليون استعمال ٿيون ھيون تن جا انگ اکر به ڄاڻايا اٿائين. شخصيتن جا خاڪا چٽنيندي سندن طبع جا اتار چڙھاءَ، سياسي اٽڪلون ۽ مصلحتون به ايمانداريءَ سان بيان ڪيون اٿائين. پنھنجي لاک لاھيندي يا يارن جي ساک ڪندي، ڪن شاھي ٿڙن جا ڇوڏا لاھڻ ۾ ڪا ڪس ڪسر نه ڪئي اٿائين. جيئرن تي جرح ته مباح ھئي، البت مرحومن تي ميار مناسب نه ھئي. پر ھاڻ پاڻ به وڃي وٽن پھتو آھي. ٿي سگھي ٿو ته ڪنھن تي ڇوه ڇنڊڻ سندس نيت ئي نه ھجي. پر مدھوشيءَ ۾ پورس جي ھاٿيءَ جيان پنھنجن کي لتاڙي ويو ھجي. ڇاڪاڻ ته رئيس ذاتي طور تي ھڪ محبتي ماڻھو ھيو. منجھنس ڪيئي اوڻايون پوڻايون ھيون. پر ڪنھن جي ڄاڻي ٻجھي دل ڏکوئڻ ته ڇڏ پر ڪک کي به رنجائڻ جي عادت منجھنس مور نه ھئي.
    ڪجھه عرصو اڳ سائين حسام الدين شاه جي فوتيءَ جو ٻڌي، ناچاق ھوندي به پاڻ کڻائي اچي تڏي تي ڪراچي پھتو. سائينءَ سان سندس ڪيتري سڪ محبت ھئي اھو اظھار سندس اکين زار زار ۽ بار بار ٿي ڪيو. ٻيلي روئڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. خاص طور وڏي عمر ۾. جڏھن ڳوڙھن جي ڪوٽا ئي ٻڙي ٿي بچي. ننڍي ۽ وڏي راشدي صاحبن سان افسوس ۽ عذرخواھي ڪيائين. پوءِ مون کي پاسيرو ويٺل ڏسي سرڪندي اچي ويجھڙو ويٺو. سس پس ڪندي چيائين ته ادا ھي ڪھڙو قھر ٿيو. پير سائين کي جي مڪليءَ ۾ دفن به ٿيڻو ھيو ته ھڪ مولويءَ جي پيرانديءَ کان ڇو؟ پير سائين جي ملن مولوين سان ته پوت ڪانه ھئي. گھٽ ۾ گھٽ ڪجھه ڳالھيون ته اھڙيون ڪندو ھيو. مون کيس ٻڌايو ته شيخ السنڌ جي قبر به اتي ئي ھئي ان لاءِ وصيت ڪئي ھئائين. چي، عقيدي مطابق ماڻھن جا رخ رواج به عجيب ھوندا آھن. ڪن کي پنھنجي ايمان ۾ شڪ ھوندو آھي. ڪن کي سفارش يا بخشش جي لوڙ ھوندي آھي. پر سوال ھي آھي ته جن سان جئري ڀت برادري نه ھجي ته مئي پڄاڻان انھن جي پيرانديءَ تائين پھچڻ عجيب لڳي ٿو.
    فوت ٿيڻ کان اٽڪل ڏيڊ مھينو اڳ ساڻس ڪراچي ۾ ملاقات ٿي. پاڻ پير ڀري آفيس ۾ اچي مليو. آءُ ھميشه ساڻس نوڙي ملندو ھيس. منھنجي پيءُ جو نالي ڀائي ھيو. ڪجھه اسان ٻنھي جا افعال به ھڪ جھڙا رھيا ھئا. مون ھٿ ٻڌي رات جي مانيءَ لاءِ عرض ڪيو. کلي ويٺو. چيائين رات جي ماني ڄام انور علي وٽ آھي ۽ آءُ سندس پاران اوھان کي به دعوت ڏيڻ آيو آھيان. سومھڻي ڌاري رئيس سان ڪچھري ٿي. ست اٺ ڄڻا ٻيا به ڄاتل سڃاتل ۽ ادبي مذاق وارا دوست شامل ھئا. اڌ رات تائين پاڻ ۾ محبت ونڊيسون. رئيس اسان سڀني کان عمر ۾ سرس ھيو. پر الله ڄاڻي ته مڙني ۾ جوان سال ڳڀرو ٿي ڏٺو. نغاري جيان وڄندو رھيو. پوءِ ڪڏھن ڊرامن جا پارٽ ھئا ته ڪڏھن شعر وشاعري ھئي. ويٺي سوچيم ته جي 75 سالن ۾ رئيس جو اھو رونشو ھيو ته چاليھه سال اڳ ڇا ھوندو. سندس زندگي ھئي يا طوفان؟ اڌ رات پڄاڻان رخصتي ٿي. پر رئيس جي مرضي مور نه ھئي. چي رات اڃان بالغ مس ٿي آھي. اسان کي اھا ڪل ته ڪانه ھئي ته رئيس ۽ ڄام صاحب سان اسان سڀني جي اھا آخرين مجلس ۽ موڪلاڻي ھئي. انسان ڪھڙو نه بي خبر بندو آھي.
    رئيس مرحوم انيڪ خوبين جو صاحب ھيو. ھميشه پنھنجي حال ۾ مست الست رھيو. جو ڪجھه به ڪيائين ته ڇاتي ٺوڪي ۽ پڙھو ڏيئي پوءِ. پھريون سنڌي ھيو جنھن فلم لائين اختيار ڪئي. جا فلم تيار ڪيائين ته اھا به ”ايڪتا“ انساني اتحاد ۽ ميل ميلاپ خاطر. فلميءَ زندگي ۾ ناماچار ڪڍي وري اچي سنڌ جا وڻ وسايائين. پنھنجي ڦليلي واري آکيريءَ ۾ ويٺي راڳ ويراڳ جي رھاڻ ۾ روح ريجھائيندو رھيو. ثقافتي فنڪارن کان ويندي علم ادب جي صاحبن تان صحبتون رھيس. سياست جي شغل ۾، ۽ خاڪسار تحريڪ ۾ به بھرو ورتائين. سنڌ جي مشھور معروف ھستين سان دوستيءَ جو دم ھيس. سن جي سيد وٽ سندس سالگره تي ڳائڻا وٺي وڄي ڇيڄ وجھندو ھو. ھڪ دفعي اھڙي موقعي تي جڏھن رئيس ڳائڻن مٿا ڏھين رپين جا نوٽ ٿي گھوريا ته سيد پري کان ھڪل ڪري منع ڪئي ته رئيس اسان وٽ اھو رواج نه آھي. جواب ۾ چيائين ته ”قبلا اوھين ڀلي پنھنجي رواج تي قائم رھو. پر اسان پنھنجي ريت ۽ روايت تي رھنداسين.“ سدائين پنھنجي روايت تي اڏول بيٺو رھيو.


      ڊاڪٽر ڊرئگو

    ويجھڙائي ۾ سکر براج جو پنجاه ساله جشن ڏاڍي ڌام ڌوم سان ملھايو ويو جنھن ۾ ديس پرديس جي سيڻن ۽ سڄڻن دل وجان سان ڀرڀور بھرو ورتو. براج جي 1932ع ۾ شروعاتي اڏاوت کان پوءِ، ھلندڙ صدي ۾، شايد ھي پھريون ڀيرو ھيو جو ملڪي ماڻھن کي پنھنجي وسريل سنڌوءَ جي سرت ۽ سمڪ پيئي ۽ ساڃھه آئي. لک لائق انجنيئر ڏھر صاحب جا، جنھن سونھري جشن ملھائڻ لاءِ لاءِ سٽ سٽي، سڪ سان سانباھو ڪيو ۽ قرب جي ڪوٺ ڏيئي ميلو مچايو ۽ مھراڻ کي مھت ڏيئي سندس ڳڻ ڳائي اسان سڀني جو منھن مٿي ڪيو. ڪھڙو نه چڱو ٿئي جو اسين ساڳي ريت، پنھنجن انھن سڀني حال ڀائي حمائتين جو قدر ڪيون ۽ سندن ٿورا مڃيون، جن ماڻھن، سنڌوءَ جيان ھزارھا ميل جھاڳي ٻاھران اچي، نه فقط اسان سان ڀال ڀلايا ۽ وڙڪيا، پر جي اڃان سوڌو اسان جي ڏک سک ۾ برابر جا ساٿي آھن. خاص طور اھڙا آديسي جن اسان وٽ ۽ اسان جي اڱڻ اچي اسان جي زخمن ۽ ڦٽن جي ملم پٽي ڪئي ۽ اسان جي دکي دل جي دوا دارونءَ گڏ آڀل ۽ آٿٿ ڏيئي اسان جي مسيحائي ڪئي.
    اھڙن انسان دوست، خدا جي بندن ۾ ھڪ آھي ڊاڪٽر ڊرئگو، جو ڪافي زماني کان سنڌ جي عام ٿري ماڻھن جي سماجي ڀلائي ۽ صحت سنوار ۾ رڌل آھن. ايندڙ سال جڏھن ڊاڪٽر ڊرئگو پنھنجي پنجھتر سال عمر ۾ پير پائيندو ته لاڙ ۾، سندس لڳاتار انسان خدمت جا پنجاه سال پورا ٿيندا. مرڻ کان پوءِ ته اسين پنھنجي ھر مھربان مٿان سندس خدمتن بدلي جو تاج محل اڏيندا آھيون اھو ته ظاھر آھي. پوءِ ڇو نه، اھڙي موقعي تي، اسين پنھنجي ھن محسن مسيح جي جيئري، سندس ”سونھري جشن“ ملھائڻ جو فخر حاصل ڪريون ۽ اھڙي مانائتي ريت پنھنجي دلي شڪر گذاريءَ جي ھڪ روايت قائم ڪريون؟
    ڊاڪٽر ڊرئگو، گوئا (ڀارت) جي خوبصورت شھر ”انجيرا“ جو رھاڪو ۽ ڪئٿولڪ ڪرستان آھي. ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪرڻ کان پوءِ ”دين ڌرم“ جي تنگ تپن ۽ تعلقن کان ٻاھر رڙھي اچي عالمي انسانيت جي اٿاه حلقي ۾ داخل ٿيو. اڄ کان اڻونجاھ سال اڳ، 1933ع ۾ ڊاڪٽري پاس ڪري، ميرپورخاص ۾ پنھنجي مامي، ”سرجن راڊرڪس“ وٽ روزگار سانگي سان اچي سھڙيو. سندس مامو، 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئي کان الڳ صوبي ٿيڻ ڪري، پٺيان قرض ڇڏي، واپس لڏي پلاڻي وطن روانو ٿي ويو. ڊاڪٽر ڊرئگو، جنھن ان وچ ۾ اسپتال ۾ نوڪري شروع ڪئي ھئي. سو ھڪ الله ڪري ۽ ھن ساڻيھه کي وطن بڻائي ميرپورخاص ۾ ويھي رھيو. کيس ھڪ سٺي ۽ ھڏ ڏوکي ڊاڪٽر ھئڻ ڪري، ڪيترن ھنڌان سڻڀين نوڪرين جي آڇ ٿي، پر ڊاڪٽر کي پئسي جي لالچ ڪڏھن ڪڏھن به نه گھيتاري سگھي ۽ نه ڌتاري. ھو چند سڪن جي چمڪي تي انھن ماروئڙن کان الڳ ٿيڻ لاءِ ھرگز تيار نه ٿيو، جن کيس پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ھيون. شھري ماڻھن جي شناسائي ته ھونئن به ڪنھن مطلب ۽ مقصد خاطر ھوندي آھي، پر ٿر ۽ برجا واھڻائي، ڪولھي، ڀيل ۽ واگھري، جي سچي دل سان سندس شيدائي ھئا، تن کي ڊاڪٽر ڪئن ٿي ڇڏي سگھيو؟
    سندس اڻٿڪ ۽ لڳاتار ڪوششن جي نتيجي ۾ ھن وقت ميرپورخاص ۾ درجن جي لڳ ڀڳ اسپتالون قائم ٿيل آھن. انھن ادارن ۾ عام اسپتالن کان الڳ ٻيا ڪيترا صحت گھر شامل آھن جئن ته ٻارن لاءِ ”پوليو“ مرڪز، ڪوڙه لاءِ مرڪز، ”موٿاج“ ٻارن لاءِ تربيتي مرڪز، مائن ۽ ٻارن جي پرگھور لاءِ سينٽر، ۽ سلھه گھر. سماجي ۽ ثقافتي مرڪز انھن کان جدا آھن، جئن ته يتيم خانه، پاڙيسرين لاءِ صحت گھر، لوڪ ادب ۽ لئبرريون. چونڊ شھرين کي ”سماجي ڀلائي“ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ ”روٽري ڪلب“ قائم ٿيل آھي، جتي تجارت ۽ ٻين ڌنڌن وارا ماڻھو پاڻ ۾ گڏجي انسانيءَ بھبودگيءَ بابت سوچ ويچار ۽ عمل ڪن ٿا. روٽري ڪلب جون ڪافي شاخون ڦھليل آھن،تنھنجو گورنر پاڻ آھي جو ”عالمي سطح“ تي مقرر ڪيو ويندو آھي. ھن ڪلب سھاري، گلن ۽ ڦلن جي نمائش ۽ انساني سھائتا لاءِ چنده گڏ ڪرڻ ۽ غريب مسڪينن کي مدد ڪرڻ وارا ادارا قائم ڪرڻ سرفھرست آھن. جڏھن ڊاڪٽر ڊرئگو جي خدمتن جو پڙاڏو ٿرپارڪر ۽ سنڌ صوبي جي سرحدن کان پرڀرو ٻڌڻ ۾ آيو ته پاپائي روم کيس اٽليءِ ۾ گھرائي ”سر“ جو خطاب ڏنو. ”سر“ جو ھي خطاب انھن ٺڙڪو لقبن کان گھڻو مختلف ۽ مٿڀرو آھي جي اسان جي وڏيرن کي سندن چاپلوسي ۽ خوشامد ۽ پنھنجي ملڪ سان دغا دولاب بدلي ۾ عطا ڪيا ويندا ھئا. ڪجھه سال اڳ ڊاڪٽر ڊرئگو کي آمريڪا گھرائي، اتي جي سياسي جماعتن پاران سندس آڌرڀاءُ ۽ آجيان ڪئي ويئي ۽ سندس انسان دوستيءَ کي ھڪ مثالي خدمت سڏيو ويو.
    انساني دک درد ھلڪو ڪرڻ لاءِ دائمي ڪوٺا قائم ڪرڻ کان سواءِ ڊاڪٽر ڊرئگو جي وڏي ۾ وڏي خدمت آھي ”پاڻ جھڙا ھڏڏوکي ورڪر تيار ڪرڻ“ . ادارا ۽ جماعتون ته پلڪ پھر ۾ اڀري سگھن ٿيون. پر جيستائين انسانيت جو درد ۽ درد جي دور ڪرڻ واري صلاحيت رکندڙ ماڻھو موجود نه آھن ته پوءِ سموري ڪوشش ۽ سيڙپ بيسود ٿابت ٿئي ٿي . ھڪڙا اھڙا به انسان ھوندا آھن جي برپٽن ۾ باغ باغيچا ۽ محل ماڙيون اڏي جڏھن پاڻ لڏي ويندا آھن ته وري سندن تڏي اھائي سڃ ۽ ويراني وڪوڙي ويندي آھي جھڙي اڳ ھئي. سنڌ ۾ اھڙا ڪيئي ”دودو ڌور ۽ چنيسر ڇائي“ ٿي گذريا آھن. جن آئي رتوڇاڻ ٿي ۽ وئي خاڪ اڏاڻي. اھي ماڻھو ٿر واري برسات جي وسڪارن جيان آھن جي وسن ته ٿر نه ته بر ئي بر. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيئي حاذق حڪيم ھئا. جن وٽ نادر نسخه ھئا، ڪيترا استاد ڪاريگر ھئاجن جي فن جي ملڪان ملڪ ھاڪ ھئي. پر اھي سڀ سامان ساڻ ڪڇ ۾ کڻي وڃي قبر ۾ آرامي ٿيا پر فيض ڪنھن کي نه به ڏنائون. جنھن وٽ نانگ جي ڏنگ جو لاثاني علاج ھيو ۽ فقط دوا پھچڻ جي دير ھئي ته ان سائينءَ جي سنورائي پنھنجي پٽ کي به ان حڪمت عمليءَ کان نراس ڪري مري ويو. ڊاڪٽر ڊرئگو اسان جي اھڙين روايتن جي ابتڙ، ڪيئي ماڻھو پنھنجي ھمراھيءَ ۾ آڻي کين تربيت ڏيئي اھڙي لائين تي لڳايو آھي جو نه کين لالچ جي لھس لڳڻ جو ڪو انديشو آھي ۽ نه سندن اخلاقي پٽڙيءَ تان ٿڙڪڻ جو ڪو خطرو.
    ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته دنيا ۾ سڀ کان اتم پورھيو آھي کيتي. ڇاڪاڻ ته ھاري راتيان ڏينھن نانگ لتاڙي پوک پچائي انسانيت جي تباخ پيٽ جي پالنا ۽ سندس اوگھڙ کي ڍڪائي ٿو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي اسان اھڙي پورھيت کي انگ اگھاڙي ۽ بکئي پيٽ رکي پنھنجي آبائي ڦرمار واري روايت کي زنده رکندا ٿا رھون. پر خدمت خلق جي سطح تي سڀ کان اول ۽ افضل پيشو آھي ڊاڪٽر جو. ھي برابر آھي ته ڊاڪٽر ڪنھن کي نه زندگي بخشي سگھي ٿو ۽ نه عمر وڌائي ٿو ڏئي. پر انسان جي درد کي دفعي ضرور ڪري ٿو سگھي. جنھن ڏس ۾ ھڪ رواجي ڏند جي سور لاھڻ واري احسان جو عيوضو به ڪو انسان چڪائي نه ٿو سگھي. جڏھن وري اھو ڊاڪٽر پنھنجي لوڀ لالچ ۽ شخصي آسائش کي ترڪ ڪري ايمانداري سان ”انساني خدمت“ کي پنھنجو مول مقصد بڻائي ٿو ته پوءِ سندس درجو وڃيو ولين ۽ قطبن جي قطار ۾ بيھي. ھونئن ته زندگيءَ ۽ موت جي پورٽ فولئي ۾ الله ڪنھن کي به شريڪ ۽ شامل نه ٿو ڪري، سواءِ شفا جي. شفا پڻ الله جي ڏات آھي ۽ جو به ان ڏات کي ڏوڪڙن تي وڪرو ڪندو ته پوءِ نه اھو ان ڏات جي مالڪ ٿيڻ جي لائق آھي ۽ نه ڪڏھن ٿي رھندو. پر اھي ڊاڪٽر جي وڏيون رقمون اڳاڙڻ ۾ پنھنجا ھٿ ميرا نه ٿا ڪن ته سندن ھٿ ۾ ”ھٿ شفا“ سونپي وڃي ٿي ۽ ستين ڦڪين کي فرق ڪرڻ جو امر الاھي جاري ٿئي ٿو. اھا رعايت ھر ان ويڄ طبيب ۽ ڊاڪٽر لاءِ عام جام کليل آھي جو مريض جي نبض کي ڏسي ۽ چڪاسي ٿو ۽ نه سندس کيسي کي.
    ڊاڪٽر ڊرئگو جي اسپتالون، سماجي ۽ ثقافتي مرڪز قائم ڪيا، اھي نه راتو رات جادوءَ جي زور تي ٺھيا ۽ نه وري سندن تعمير ڪنھن الادين واري ڏيئي جي جنن طرفان ڪئي ويندي. ڪيتري ڏسڻن وائسڻن کي غلط فھميءَ به پيدا ٿي. خاص ڪري سرڪاري ڪامورن ته سندس رٿن ۾ روڙا اٽڪائڻ جي ڪافي ڪوشش به ڪئي. ھونئن به ھر ضلع خواه ڊويزن جو حاڪم ھر ان ڪارج جي مخالفت ڪندو آھي جنھن ۾ سندن بجاءِ ٻين جي نيڪ نامي ٿئي. اھڙا عملدار مينھن وساڙن ۽ موسمي تڏن جيان ايندا ۽ گمناميءَ ۾ غرق ٿيندا رھيا. ڊاڪٽر ڊرئگو ڪڏھن ڀلجي به ناموس ۽ ناماچار جي پٺ نه ورتي ۽ نه ڪڏھن پنھنجي پذيرائي لاءِ لاف ھنئي. ھن پنھنجو رت ست، جسم ۽ روح بيمارن جي صحت ۽ سنوار ۾ سيڙايو. ماڻھن کي اھا ڄاڻ نه ھئي ته کيس ائين ڪندي ڪيتري نه دلي راحت ۽ روحاني آسيس حاصل ٿي ھئي. مريضن وٽ ڊاڪٽر کي ڏيڻ لاءِ فقط ٻه چيزون ھيون؛ ھڪ پئسا ۽ ٻيو شڪرانو بجا آڻڻ. ڊاڪٽر ٻئي نمبر واري عيوضي کي اکيون ٻوٽي قبول ٿي ڪيو. گذريل ھفتي جڏھن شام ڌاريءَ آءُ سندس قدمن چمڻ لاءِ ميرپور پھتس ته حسب دستور ھو پنھنجي رفيقن گڏ بيمار ۽ لاچار ماڻھن جي دک ونڊڻ ۽ دوا درمل ڪرڻ ۾ مشغول ھيو ۽ رات جي ڏھين بجي تائين اسپتال ۾ رھيو. 75 سالن عمر جو ماڻھو، اڀي پير ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ لڳاتار مريضن جي چڪاس ۽ علاج ۾ بيٺو رھي اھا پڻ ھڪ عبادت آھي ۽ نه ڌندو. ڊاڪٽر ڊرئگو جي ھڪ ٻئي رفيق ڊاڪٽر گفتگو ڪندي ڄاڻايو ته ڪجھه ڏينھن اڳ اڌ رات ڌاري ھڪ مريض سندس گھر جو ڪڙو کڙڪايو. ٻاھر اچي ڊاڪٽر کيس ميار ڏني ته ڀائو دوا وٺڻ جو ڪو وقت ٿيندو آھي ۽ ھي مھل آرام جي آھي. مريض چيو ته ”سائين اوھان جو وات گلاب. پر اوھان ڇتن ڪتن کي ڪجھه سمجھائي ڇڏيو ته بيگاه وقت واٽھڙن کي نه ڏاڙھين ۽ نه چڪ پائن، ڇاڪاڻ جو ان وقت ڊاڪٽر آرام ۾ ھوندا آھن.“
    اسپتالون ۽ صحت مرڪز ته ھر شھر ۾ موجود آھن پر فرق آھي فقط مريض جي سنڀال، صحيح علاج ۽ ڊاڪٽر جي في جو. ننڍن شھرن ۾ اسپتالون آھن پر دوا ندارد. ڊاڪٽرن جي ڀائيچاري ۾ دوائن جا دڪان شھر ۾ کليل آھن. اھي اسپتالون سرڪار تي بدنما داغ آھن ۽ خزاني جي ڏيواله ھئڻ جو ثبوت. سول اسپتال ۾ غريب مريضن کي دوا بجاءِ پاڻي پڙھي پياريو ٿو وڃي. وڏيون اسپتالون آھن وڏن ماڻھن جي مرڻ جا ٺڪاڻه. جتي سندن ناڻي جي حصه رسيءَ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ٿو وڃي ۽ وارثن جون به داڪٽر جيان فوتي جي بئنڪ بيلينس ۾ اکيون کتل ھونديون آھن. اڳ مرڻ وقت مُلو اچي ”ياسين“ پڙھندو ھيو. ھاڻي ڊاڪٽر ”يا ڦٻان“ جو وظيفو ڪندا ٿا رھن. پنج ئي آڱريون برابر نه آھن پر ڳالھه آھي اڪثريت جي. ڊاڪٽر ڊرئگو کان پڇيم ته آخر اسان جي ديسي ڊاڪٽرن تي به ڪڏھن انسانيت جو پاڻي چڙھندو يا سندن سنوار لاءِ ڪو مھدي يا ھادي الڳ پيدا ٿيندو؟ ڊاڪٽر کلي چيو ته اسان جو ذھني صلاحيتون ھر وقت اسان کي پنھنجن بدنصيب ڀائرن، محنتي مزدورن ۽ غريبن جي مدد لاءِ للڪاري رھيون آھن. پر شرط ھي آھي ته اسان جو ضمير بيدار به آھي يا نه؟ ٻي حالت ۾ اندر جو آواز ٻڌي نه سگھنداسون. اسين پنھنجي زندگيءَ فقط پنھنجي ذھن ۽ ضمير مطابق سڦلي بسر ڪري ٿا سگھون. اوھين دعا ڪريو ته اسان جي ڊاڪٽرن جي اندر وارو ”سول سرجن“ شل سجاڳ ٿئي!
    ”مون کي ته پنھنجي چوگرد مفلسي ۽ مرض جي شڪار ٿيل ٿرين کي ڏسي ھڪ قسم جو دل ۾ ڏک ۽ سور اڀرندو آھي. مون کي جسماني ۽ روحاني صدمو پڻ رسندو آھي. آءُ سدائين سوچيندو آھيان ته مون کي جڳ جو مالڪ ايتري توفيق ۽ وصيعت بخشي ته آءُ انھن فاقه ڪش مرد ۽ عورتن جي سنوار ڪري سندن حياتين کي بھتر بڻايان. خاص طور بيڪس ۽ بيواه مائن ۽ ڀينرن کي ڏسي روزمره مون کي پنھنجو واعدو نئين سر سان دل تي تري ايندو آھي ته آءُ پنھنجي سموري حياتي پنھنجو دماغ، رت ۽ وت ٻئي ڪنھن رخ ۾ ضايع ڪرڻ بجاءِ، الله جي ڏتڙيل ۽ ڏکويل مخلوق جي ڏک ۽ ڏھاڳ ڏور ڪرڻ ۾ صرف ڪندس.“
    الله جي مھربانيءَ سان اسان جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڊاڪٽر ڊرئگو جھڙا رحمت جا فرشتا ٿورا يا گھڻا آھن ضرور. پوءِ آھن اٽي ۾ لوڻ جي برابر، جي ماٺ ميٺ ۾، سواءِ ڪنھن شھرت ۽ شور غل ڪرڻ جي، اسان جي ديس جي دکي ماڻھن لاءِ اھو ڪجھه ڪندا ٿا رھن جو نه ڪا فوج، نه ڪا سياسي پارٽي، نه ڪو ملڪ جو گورنر يا ڪو صدر ڪري سگھي ٿو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ سوڌو اسان جو ستايل ۽ ڏکويل ماڻھو پيو پساه کڻي ۽ جيئي. اھي الله جا نيڪ ٻانھا پنھنجن جاکوڙن ڪڍڻ ۽ ڏاکڙن سھڻ سان انسانيت جي زخمن ۽ دکن جو، دارون ۽ ملم پٽي ٿي انسان ۽ الله اوڏو اچي سندن خوشنودي حاصل ڪن ٿا.
    ڊاڪٽر ڊرئگو پنھنجي پنجاه سال زندگي مرض ۽ موت جي مقابلي ۾ وس ڪندي گذاري آھي. ان سان گڏ سماجي ڀلائيءَ جي دائري ۾ ڪم ڪرڻ جو ڳوڙھو تجربو به پرايو اٿس. خاص طور ٻھڙارين ۾ ڳوٺاڻن سان لھه وچڙ ۾ رکڻ جو. سندس آزمودي کان فائدو وٺڻ خاطر ساڻس سنڌ جي ڳوٺن جي سنوار ۽ سڌار جو ذڪر ڪندي ھي سوال ور ور ڪري پڇندو رھيس ته جيڪڏھن ڪي دلي درد رکندڙ ماڻھو ان ڏس ۾ ڪجھه ڪرڻ چاھين ته کين ڇا ڪرڻ جڳائي؟ ڊاڪٽر ڄاڻايو ته اسان جي مان شان ۽ عزت ڀري زندگي تڏھن سڏبي جڏھن اسين پنھنجن لکھا ڳوٺاڻن جي ”حياتي بھتر“ بڻائينداسين. ان ڪارڻ اسان کي بھڙارين ۾ سماجي ڀلائي وارو تحرڪ ھلائڻ بلڪل ضروري آھي. شروعات ۾ اسان کي ھر واھڻ ۽ ھر ڳوٺ خواه شھر ۾ سماجي ڀلائي جي تحريڪ لاءِ چئن يا پنجن ورڪرن جا جٿا ”سنگت“ جي بنياد تي قائم ڪرڻا پوندا. اھڙي سنگت جو پايو طبع يا ڌندي جي ھڪ جھڙائي تي نه پر ھن اصول تي رکڻو پوندو ته اسان کي گڏجي ڳوٺ يا شھر جي سڌار ۽ سنوار لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. ان سنگت لاءِ ھي شرط ضروري آھي ته ھڪ ٻئي سان حسد يا ضد بجاءِ ڀائپي ۽ ڀائيچاري وارو ورتاءُ ھلڻو آھي. مول مقصد ٿيندو عام ماڻھوءَ جي زندگي بھتر بڻائڻ لاءِ جنگ جوٽڻ، پوءِ ڪيتري به قرباني ڇو نه ڏيڻي پوي. اھڙا جٿا ھر ھنڌ ترتيب ڏيئي پھريون پنھنجي شخصي سنوار ڪرڻي پوندي جيئن ھر ورڪر پنھنجي اوڻاين ۽ ڪمزرين کي دور ڪري پاڻ کي ثقافت ۽ تھذيب جي اوچي منزل جي لائق ثابت ڪري. پوءِ ٻين جي ڀلائي لاءِ ھٿ پير ھڻڻ گھرجن.
    انھن جٿن لاءِ پھريون قدم ٿيندو صفائيءَ لاءِ ٻھڙاريءَ ۾ تحريڪ ھلائڻ. ننڍن ٻارن کان وٺي وڏن تائين کين ھي احساس ڏيارڻو آھي ته ”سنڌين جو بدترين دشمن آھي گندگي.“ مرض ڄمي وڌي ۽ رھي ٿو گند ۾ . عزت ۽ آزادي ٻيئي صفائيءَ جون سڳيون ڀينرون آھن. چڱي حڪومت اھا جا ماڻھن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ اونده تڙڻ لاءِ روشني پھچائي. ڳوٺاڻن جا اصلي دشمن آھن ئي غربت ۽ مرض. ڳوٺن جي گھرن ۽ گھٽين کي چتائي ته ڏسو. کين ھي ٻڌائڻو پوندو ته ھو گند کي ڏسڻ لاءِ اکيون ۽ بدبوءَ لاءِ نڪ کي استعمال ڪن. ھر گھٽي 24 ڪلاڪن ۾ھڪ دفعو ضرور صاف رکڻي پوندي. ھر ھڪ کي ھٿ ۾ ٻھارو کڻڻو آھي. مٽيءَ تي ڇڻڪار ڪرڻو پوندو. گند کي ساڙڻو پوندو. اھڙي طرح ڳوٺاڻن کي صفائي جو مذھب سيکارڻو آھي جنھن لاءِ رقم جي نه پر عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته صحت صفائي يا تعليم جا وسيلا سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ اھڙائي ڪمزور قدم آھن جئن ڪنھن ستل ھاٿيءَ کي مور جي کنڀن (مورڇل) سان جاڳائڻ. ڇاڪاڻ ته جي ماڻھو پنھنجي جياپي لاءِ پيٽ پوڄا کان پل واندا نه آھن انھن جو ترقي، تھذيب ۽ آزادي سان ڪھڙو واسطو؟ سماجي انصاف ۽ اقتصادي عروج ته حاصل ٿيندو رت ولوڙڻ سان ۽ نه ڏڌ جھڳڻ سان. صفائي، صحت ۽ تعليم آھي پھرين وک. پر ھزار ميل جي مسافري به ته پھرين قدم سان شروع ٿيندي آھي. گھٽ ۾ گھٽ اھو ڏاڪو ته طئه ڪريون!


      مرزا فضل حسين

    شھري ماڻھو وٽ پئسو ۽ عقل آھي، ۽ ڏيک ويک به آھي، پر الاجي ڇو مون کي سڀ سکڻا، ٻارڙا ۽ بي سرا لڳندا آھن. ٿي سگھي ٿو ته اھڙي سمجھه ۾ منھنجو قصور ھجي. منھنجي ننڍپڻ گذري ننڍڙن واھڻن ۾. جيئن ته کنڀڙا جتي آءُ ڄايس. ڳڙھي ڳاھيچه ۽ دودو ڳوٺ جتي نيپاڄ ٿيم، ۽ پير ڳوٺ جتي آءُ پڙھيس. واھڻن ۾ ھر وھنوار واسطو آھي سريلي ۽ رس ڀرئي آواز سان. چوپائي مال جي ٽلين ۽ گھنگھرن جي ڇم ڪار کان وٺي ڇڄ جي ڇيڄ تائين، وري ائٽ ائٽ جي رون رون کان ويندي امڙين جي لولين ۽ ڌنارن جي جھونگارن تائين اوھان کي راڳ رس جو وزن بحر ۽ سر ميسر ٿيندو. شايد اوھان سانگي سان، ڳوٺاڻين مائين کي اکري مھريءَ ۾ ساريون ڇڙيندي، جنڊ پيھندي يا کوه تان ٽي دلا، ٻه مٿي تي ٻيلھه ۽ ٽيون ڪڇ تي کڻي ايندي ڏٺو ھجي. صدقو ان لوڏ تان. ٻانھينءَ واري ھٿ جو ڇنڊڪو، نٿ واري نڪ ڪو موڙو ۽ جھانجھرن واري وک جو لھروئي ڪجھه اور آھي. آءُ گھوري ان گھمڻ تان. اھو مور وارو ٽلڻ بوري بزار ۾ ڪٿي. شھر ۾ عورتون ائين ٿيون گھمن ڄڻ کيسي ڪتريندڙن کان پاڻ ٿيون بچائن. شاھي بزار حيدرآباد ۾ ته عورت ائين ٿي ھلي ڀانئن ته ڪٻر لوڙھي ۾ پيئي ٿي ڦٿڪي. ڳوٺاڻن جو ڪانڀو ٻڌي حالي احوالي ٿيڻ ته ڏسو. گاڏي يا گاڏي ھڪلڻ وارن جو ڪن تي ھٿ رکي الوميان ٻڌو يا ڌنارن جو ڪلھن تي لٺ رکيئي ٻيئي ھٿ مٿس اٽڪائي گھمڻ ته ڏسو!
    الله اڪبر. اھي لستون اھي چسڪا اھو وٺي سگھندو جنھن ڍنڍ جي ماٺيڻي پاڻيءَ ۾ پکين کي ترندو ۽ تڙڳندو ڏٺو ھجي يا وري ڪونجن جي قطارن کي گونجندو ٻڌو ھجي.
    اصل ڳالھه آھي سُر تار جي. جي راڳ رس رڳ رڳ ۾ سمايل آھي ته پوءِ جسم ھالن جي ھندوري جيان پيو جھولندو ۽ جھومندو توڙي جو ماڻھو کٽ پيو واڻيندو، ۽ جي عورت، ته اٽو ڳوھيندي به ائين لڏندي ڏٺي ويندي ڄڻ لاڏو ٿي ڳائي. پر جي اندر ۾ ھونديون ئي اڳڙيون ته ٻاھر جھلڪ به ھوندي ڇڳل وھاڻي جي يا وري پراڻي رلھيءَ واري. شھرن ۾ آھي رڪشائن جو وڳوڙ ۽ موٽرن جي غرغراھٽ. جن جا اندر ملاوٽ ۽ پلاٽن واري ڳڻتين جي روڳ ۾ آھن اڏھيءَکاڌل. سندن شڪل ڏسندي ئي معلوم ٿيندو ته ڄڻ کنڊ جا جھاز ٻڏي ويا اٿن. اھڙي سر تار جي ڏيوالي واري ماحول ۾ ھڪ ڳوٺاڻي ذھن جو گذارو ٿئي ته ڪيئن؟ جيسين وڃي ھو ذوق وارن جي پناري پوي جي کيس سھارو ڏيڻ جي سخا ڪن. اھڙن جو دم غنيمت ھيو ورنه زندگي ته ھونئن به گذري وڃي ھا پوءِ ويڳاڻي اٻاڻڪي ۽ بي مزي ئي سھي. ان ڏس ۾ جن جوڳين منھنجي رھبري ۽ رھنمائي ڪئي انھن ۾ سرفھرست آھي مرزا فضل حسين صاحب!
    مرزا صاحب سان منھنجي ڏيٺ ويٺ اڄ کان ٽيھارو سال اڳ ٿي جڏھن مرزا صاحب کي سکر ٽاور لڳ بندوقن جو شاھي دڪان پاڪستان آرمنري ھيو جنھن ۾ ھٿيارن جي وڪري کان وڌيڪ ناياب ۽ اوچي قسم جي بندوقن ۽ رائيفلن جي مرمت جو ڪاروبار پڻ ھلندڙ ھيو. ھٿيارن جي ڪاريگري مرزا صاحب جو آبائي پيشو آھي ۽ جنھن سلسلي ۾ سندس وڏڙا پنج پيڙھيون اڳ، شايد ميرن جي زماني ۾، سيالڪوٽ کان لڏي اچي سکر ۾ آباد ٿيا ھئا. منھنجي نه فقط ساڻس نيازمندي آھي پر آءُ سندس انھن اڻ ڳڻت عاشقن ۾ ھڪ آھيان جي سندس درويشي، انسان خدمت ۽ فن جي ڪماليت جا قائل آھن. گھٽ ۾ گھٽ مون سندس پايه جو علم موسيقي ۽ علم ھئيت يعني علم نجوم جو ڄاڻو پنھنجي زندگي ۾ نه ڏٺو آھي. توڙي جو مون به اڌ صدي عمر کان وڌيڪ وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مٽي ڇاڻي آھي ۽ آءُ ڪو فقط چڙيا گھر ۽ ڀوتخانن جا چڪر ڪاٽيندو ته نه پئي رھيو آھيان.
    مرزا صاحب لاءِ موسيقي ۽ جوتش جو علم پرائڻ ھڪ عجيب اتفاق يا اڃان به حادثه ھيو. ڇاڪاڻ ته سندس خاندان جا مربي شريعت جا سخت پاپند ھئا ۽ سندن نقطه نگاه کان اھي ٻئي فن دين جي دائره کان ٻاھر نڪتل ھئا. اھو حادثو ھي ھيو جو مرزا صاحب کي جوانيءَ ۾ دل جي تڪليف پيدا ٿي جنھن جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن دوا سان گڏ کيس ھي ڏس پڻ ڏنو ته ھو پاڻ کي اھڙين مشغولين ۾ رنڀائي رکي جي کيس دل جي وھم ۾ مبتلا ٿيڻ کان دور رکن. ھي ھڪ نھايت دورانديشيءَ وارو مفيد مشورو ھيو ورنه دل جي بيمار جي آخر حالت وڃيو ھڪ سودائيءَ جي ٿئي، جو يا ته پنھنجي ڪرائيءَ تي ھٿ رکيو نبض جا ڌڪ ڳڻيندو رھي يا وري رت جو دٻاءُ چڪاسيندو وتي. اھڙي صلاح تي عمل ڪندي مرزا صاحب موسيقي ۽ ستارن جي سائنس ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
    ملاقات واري گھڙيءَ کان ويندي چار سال پوءِ، سکر کي الوداع چوڻ تائين اھو ڏينھن ڪو ڏاڍو چنڊو ھو، جو مون مرزا صاحب وٽ ٻه ٽي ڀيرا وارو ڦيرو نه ڪيو ھوندو. نه فقط واندڪائي جي وقت، پر سعيو ڪري فرصت ڪڍي وٽس وڃي فرحت وٺندو ھيس. مون کي سندس ويجھڙائيءَ ۾ اھو ڪجھه حاصل ٿيندو ھيو جو ٻين کي درياھ جي ڪنڌي يا پھاڙ جي چوٽي تي ويھڻ ۾ ٿيندو آھي. ڪن انسانن جو وجود پڻ مسجد نبويءَ جيان آھي جتي پناھ وٺڻ سان ھن جھان جي جملي جھنجھٽ ڪافور ٿي وڃن ٿا. ۽ جتي پناھگير پاڻ کي ھر بلا کان محفوظ سمجھي ٿو. ان تسڪين جو طالب آءُ اڪيلو ڪونه ھيس. مرزا صاحب وٽ ھر وقت ماڻھن جي اچ وڃ جاري ھئي، جن ۾ اڪثريت انھن جي ھئي جي مون جيان پريشانين کان عاجز اچي چڪا ھئا. مون ڪڏھن به ڪنھن به سائل يا سواليءَ کي مرزا صاحب وٽان خالي ھٿين ويندو نه ڏٺو. بقول منھنجي مرحوم دوست مظفر جي، مرزا صاحب يا ته سون ٺاھيندو ھيو يا وري مصلي ھيٺان غئبي آمريڪي ايڊ کڻندڙ ھيو.
    اھا پوري ۽ پڪي پروڙ ھيم ته موسيقيءَ جي ڄاڻ ۽ مھارت گڏ مرزا صاحب کي علم نجوم تي پڻ ڪافي دسترس ھئي. وٽس پري پري جا پانڌيئڙا اچي ڏس پتا وٺي واپس ورندا ھئا. ڇاڪاڻ جو منھنجو انھن ڳالھين ۾ ويساھ گھٽ ھوندو ھيو، ان ڪري اھڙي بحث ۾ ڪا دلچسپي نه وٺندو ھيس. ٻه چار دفعا ته اھڙيون اڳڪٿيون، ڪيائين جو آءُ ڏڪڻيءَ ۾ پئجي ويس. ڪجھه عرصي بعد انھن پيشنگوين کي پورو ٿيندو ڏسي آءُ وڌيڪ پريشان ٿيندو رھيس. منھنجو ته ايمان ھي ھيو ته ”غئب جي گدو چوي خبر خاوند کي.“ موت ۽ مقدر واري لکئي جي انساني علم ۽ عقل وسيلي ڄاڻ ھئڻ ۾ يقين ئي ڪونه ھيم. ھڪ ڏينھن مصر جي ڪرنل نجيب جي تصوير اخبار ۾ ڏسي مرزا صاحب چيو ته فقط ٻن ھفتن جو مھمان آھي ۽ وچان ئي ٻيو ڪو ڪرنل پارو ۾ ايندو. ڏُھين ڏينھن تي ريڊيو تي خبر آئي ته نجيب کي لاٿو ويو آھي. ساڳي ريت خان لياقت عليءَ بابت سندس اڳڪٿيءَ سچي ٿي. مون کي اڻتڻ ھميشه اھا رھي ته جيڪڏھن ڪنھن کي انھيءَ راز جي ٻاپوڙ پيئي ته مرزا صاحب جي بقايا زندگيءَ شاھدين ڏيڻ ۾ گذرندي. ھڪ ڀيري منھنجي ھميشره زھره بروھيءَ پنھنجي ھڪ ڪاليچي ڇوڪريءَ بنسبت مرزا صاحب کان پڇا ڪئي ۽ ان ڇوڪريءَ جو فوٽو به کيس ڏيکاريو. مرزا صاحب پھريون سوال ھي ڪيو ته ان ڇوڪريءَ کي منھن ۾ بدبوءِ ”پائرا“ جي بيماري ھئي يا نه جا ھڪ حقيقت ھئي.
    1953ع ۾ مون خانگي ملازمت ڇڏي قرض کڻي ھڪ ننڍري پريس ڪانفرنس کولي ھفتيوار اخبار جاري ڪئي ته ويتر زماني جي جنجل ۾ چوکنڀو جڪڙجي ويس. سرڪاري ڏنڊ ڀريندي منھنجو ڏيوالو نڪري ويو. ڪامورن جي ڪاوڙ ۽ پوليس وارن جون سازشون ان کان الڳ ھيون. مرزا صاحب منھنجي مونجھه ۽ گھٻراھٽ کي اڻسڌي طرح دفع ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي. چيائين ته ڀائو ھي آرين جو ملڪ آھي ۽ تون آھين اڻ آريه يعنى اناڙي. تون پرايا جھيڙا پنھنجي ڳچيءَ ۾ ڇو ٿو وچڙائين؟ ھي قدرت جو ڪارخانو ڪو تون ۽ مون ته نه ٺاھيو آھي. قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي. پرائي ڄڃ تي تون ڇيڄ ڇا لاءِ تون وجھين؟ وڇ ڪڏندي آھي ڪلي آھر. تون پاڻ اٽي تي چٽي. وتين ٿو سرڪڻ ڦاھيءَ ۾ ڪنڌ وجھندو. ڪجھه ڪن لاٽار ۽ ڪجھه اک ٻوٽ کان ڪم وٺ. پر آءُ به ھيس جوانيءَ جي جنون ۾. پنھنجي ھڏ ۽ ھٺ تي قائم رھيس. شايد مون ھي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته فقط جھنگ واري جانور کي ڪنڌ ۾ ڪلي ٿوروئي ھوندي آھي مون کي به ھئي.
    ماه مئي 1954ع جي آخر ڌاري مون کي خبر پيئي ته سنڌ سرڪار مون کي ۽ منھنجي اخبار ”منشور“ ٻنھي کي بند ڪرڻ جو قطعي فيصلو ڪيو ھيو ۽ فقط حڪم جي تعميل ٿيڻ جي دير ھئي. پاڻ ۾ وڌيڪ مقابلي جو ڀوتو نه ڀانئي، مون سکر ڇڏي ڀڄي وڃڻ جو سانباھو ڪري، الوادع ڪرڻ لاءِ مرزا صاحب وٽ وڃي حاضر ٿيس. حال احوال ٻڌندي کلندي چيائين ته ڀائو، فيصلو ته ائين ڪيو اٿئي، ڄڻ زندگيءَ کان جنڊو پاڙو لکائي ورتو اٿيئي. وڏو ڳھيلو آھين. چڱو ويھه ته اڄ تنھنجي جنم پتري ٿا جاچيون. اٿي دڪان جو دروازو بند ڪري، سامھون ويھي رھيو. ھي پھريون دفعو ھيو جو مون ڪڏھن ڪنھن جي اڳيان پنھنجي قسمت جي حال ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو ھيو.
    نه ھٿ ڏنائين. نه ڄم جي تاريخ پڇيائين. اکيون بند ڪري حسب دستور نھايت جھيڻي آواز ۾ ڳالھائيندو رھيو. ”تون ته تياري ڪئي آھي ڀاڄ لاءِ. پر قسمت جي ڪاغذ ۾ ڪجھه ٻيو درج ٿيل آھي. توکي سرڪاري نوڪري ۾ ڏسان ٿو. نوڪري به تنھنجي ڏانءَ واري ۽ جنھن ۾ تنھنجي تڪڙي ترقي به ٿيندي. اڻويھه سالن تائين اھو ساڳيو سلسلو ٿو ڏسان. پوءِ جي خبر نه آھي ڇاڪاڻ ته ان بعد دونھون ئي دونھو نظر اچي ٿو.“ اھو دونھون منھنجي نصيب جي چمنيءَ جو آھي، مون ٽھڪ ڏيندي چيو. مرزا صاحب وائڙو ٿي مون کي ڏسڻ لڳو. مون کيس چيو ته مرزا صاحب. ”آءُ آھيان فقط مئٽرڪ پاس ڪيل. منھنجي عمر ھن وقت آھي 34 سال. آءُ ٻه دفعا جيل جي سزا کاڌل آھيان ۽ ھڪ دفعو بغاوت جي سنگين ڏوھ ۾. ھاڻ تون ٿو ڏسين ته سرڪاريءَ نوڪري ۾ آھيان، اھو سڀ تنھنجي مون لاءِ خوش فھميءَ سبب آھي. باقي دونھين واري ڳالھه دل سان برابر لڳي ٿي.
    ان واقعي کان ڏھاڪو ڏينھن پوءِ يعني ترت ئي منھنجي قسمت ”لال ڦيڙي“ ڏيئي اوچتو پلٽو کاڌو جو خود ھڪ عجيب قصو آھي. پر ھن مضمون ۾ سربستي بيان ڪرڻ جي گنجائش خير ڪي آھي. قصو ڪوتاه ماه جون جي پھرين ھفتي ۾ مون کي خيرپور رياست ۾ نوڪري لاءِ آڇ ٿي ۽ ويھين جون ڌاري مون خيرپور ۾ اسسٽنٽ انفارميشن آفيسر جي چارج سنڀالي. 1955ع ۾ رياستن جي خاتمي کان پوءِ مغربي پاڪستان سرڪار جي ملازمت ۾ داخل ٿيس. چئن سالن ۾ ٻه چار ڏاڪا مٿي چڙھي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيس. پوءِ لاھور، ملتان، ڪوئيٽه ۽ ڪراچيءَ جا انفارميشن ڊاريڪٽر طور چڪر ڪاٽيندو رھيس. 1970ع ۾ ون يونٽ جي ڊھڻ تي صوبي سنڌ جي اطلاعات کاتي جو ناظم مقرر ٿي واپس وطن وريس. مرزا صاحب واري اڳڪٿي ته سچي ٿيندي رھي. پر ھاڻ اڻويھه سالن جي مدت ويجھي ايندي ان ”دونھين“ جي اڻتڻ اچي ورايو جو مرزا صاحب علم نجوم جي پڙدي تي ڏٺو ھيو.
    1982ع جي مارچ جي مھيني ۾ نوڪريءَ کان نيڪالي ملي. ٽيٽي ٽٻڻي کڻي لڏي لطيف آباد جي ھڪ ڊٺل گھر ۾ اچي پناه ورتم. نوڪرين لاءِ در در جا ڌڪا ٿاٻا کائيندي، ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪندي پيٽ پاليندو رھيس. ڪجھه عرصو حبيب بئنڪ ۾ ھزار رپئي تي نوڪري ڪيم. پر جڏھن کين خبر پئي ته وڏي درگاه جو ڌڪاريل آھي ته انھن به ڪڍي ڇڏيو. آخرڪار ڪارخانن ۾ نوڪري لاءِ رلندو رھيس. مجبوري ھئي، اٺ ڀاتي کائڻ وارا ۽ ڇھه ٻار جي سڀ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙھندڙ. مالي حالت پٽڙي ھئي. لک گھر ۾ ۽ ٻه لک اوڌر. پھرين ٽئڪسٽائيل مل ۾ ۽ پوءِ پنجاب جي شگر مل ۾ نوڪري مليم. اھا وري ھئي ”ليگل ايڊوائيزر“ جي، يعني قانوني صلاحڪار ۽ منھنجي تعليم ھئي ميٽرڪ! اھا به ڳيتون ڏئي پاس ڪئي ھيم. جڏھن صادق آباد ۾ روز صبح جو اٿي شگر مل جو چڪر ڏيندو ھيس ته مون کي مرزا صاحب وارو دونھون برابر سمجھه ۾ اچي ويو. ڇھه سال سانده ان دونھين سان گذران ڪرڻو پيو. الله منھنجي جي قدرت! اٺ سؤ روپين تي نوڪر ٿيو ھيس. ۽ جڏھن نوڪري ڇڏيم ته منھنجي پگھار ساڍا ست ھزار رپيا مھينو ھئي ۽ ھر سال چوڏنھن بونس علحده ملندا ھيم ۽ ستن خانگي ڪارخانن جو قانوني صلاحڪار ھيس!
    مرزا صاحب جي ٻين اڳڪٿين جو ھتي وچوڙ سان بيان ڪرڻ مناسب نه آھي ڇاڪاڻ ته انھن واقعن سان ٻين جي انسانن جي خانگي زندگي واسطو رکي ٿي. ان کان سواءِ علم نجوم يا علم موسيقيءَ جي ڄاڻ، مرزا صاحب جون تفريحي مشغوليون آھن نه ڌنڌو. منھنجي خيال مطابق مرزا صاحب جي قسمت تائين پھچ، علم نجوم جي بدولت نه آھي پر سندس روحانيت سبب. مرزا صاحب جي سموري زندگيءَ پاڪيزگي ۽ پرھيزگاري ۾ گذري آھي. نماز روزه ۽ تھجد گڏ ھو ۽ ان فھم ۾ به مالا مال آھي جنھن ذريعي نگاه کان ڪجھه اڳڀرو پسي ٿو سگھجي. خدمت خلق سندس عبادت جو ھڪ اھم حصو آھي. اڄ ڪلھه ضلع سکر ھلال احمر جو روح روان آھي ۽ ٻن اسپتالن جو ناظم ۽ نگران آھي. ھي سندس دعائن ۽ شخصيءَ دلچسپي جو نتيجو آھي جو اڄ سندس پنھنجي گھراڻه ۾ ستن کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون اٿس. جي سندس اجازت حاصل ٿي ته ٻي مضمون ۾ ڪجھه وڌيڪ احوال پيش ڪيو ويندو.
    ھو جي رنڱ رنڱين سي کٽي کنڀ کڻي ويا،
    اتاھون آڻين ماڻھو ميرا ڪپڙا!


      سردار علي گوھر خان مھر

    سنڌ ۾ سخي ۽ مانجھي مڙسن جو ڪال اھڙو ڪڏھن ڪونه ٿيو، جھڙو ڏيھه ۾ ڏڪر ھاڻ ٿو ڏسجي. جتي اڳ وک وک ۽ گراٺ گراٺ تي مھمير ۽ شھمير وسندا ھئا، اتي اڄ ڪوھن ۾ ڪو مائي جو لال اکين ئي نه ٿو پسجي، جنھن مڙس جي لئه ھجي ساک ۽ ناموس ھجي. آخر ايڏي آپدا ته ڪانه آئي آھي جو کوڙيءَ کي ئي گھمرو اچي. پر جي ”ويا مور مري ھنج نه رھيو ھيڪڙو“ تڏھن به سندن ڪي وارث حال حيات ھوندا؟ ڪنھن ته سندن جتيءَ ۾ پير پاتو ھوندو؟ سندن گھراڻه ۾ ڪو ته مھانڊو آخر ساماڻو ھوندو جو سڪون لاھي؟ پر ٿيو ڀلو، ڪاري وارا ڪک. ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته قدرت اھڙا لک پال ۽ لڄ پال اپائڻ کان ئي بس ڪري ڇڏي آھي. جي ائين نه ھجي ھا ته ايڏي نپٽ نافت ڪونه ٿئي ھا. ڪٿي نه ڪٿي ڪو ڪڻو داڻو ضرور نظر اچي ھا. ٻيلي اھا ”اڻھوند“ ته نه آھي پت ڪو ”پاراتو“ ٿو ڏسجي.
    اھڙا جکرا جُنگ جوان جي ڪڏھن ڪاڻيارا نه ٿيا، مون پنھنجي سانڀر ۾ سوين ڏٺا. سنڌ ۾ ته اڻڳڻٺ ھئا. پر پنھنجي ڳوٺائي ضلعي سکر ۾ پڻ اھڙيون ڪئي ھستيون ڏٺم جي پنھنجو مٽ پاڻ ھيون. جن جي جاءِ ڀرڻ وارو اڃان سوڌو ڪو ڄائوئي ڪونه آھي. ھئا به گھڻو ڪري سڀ وڏيرا. پر ”پوءِ ڍاوا“ نه، پر آدي بڻيادي، راڄ مھاڄڻ وارا. اڄڪلھه جي ٺڙڪو ۽ ”لم ٺپ“ تي گذران ڪندڙ يا پلاٽن ۽ پرمٽن ڪڍ ڊوڙندڙ يا بانبڙا ڏيندڙ وڏيرا نه ھئا. ھو راڄوڻا سردار ھئا. وڏيرپ سندن وڏڙن جو ورثو ھئي. جنھن کي ھنن امانت ڄاڻي ايمانداريءَ سان نباھيو. ھي برابر آھي ته انھن ۾ ڪي سردار بھادر ھئا، خانصاحب يا خانبھادر به ھئا، پر لقب ۽ خطابن جو سندن ”شخصيتن“ سان ڪو لڳ لاڳاپو ڪونه ھيو. ھي پنھنجي سر ھڪ قسم جا ”ادارا“ ھئا.
    روھڙي ڊويزن جي غيرآباد ۽ وارياسي تعلقه ميرپور ماٿيلي ۾، جتي منھنجي ننڍپڻ گذري، مون اھڙا ٻه عدد داڻا ڏٺا جن جھڙا بلا جا سياڻا، سورھيه ۽ سرويچ مون کي ڪٿي ڪونه سجھن. جي ھوا سردار بھادر قيصر خان بوزدار ۽ دادن خان لنڊ. ٻيئي سنڌي خواندا ۽ سرائيڪي ڳالھائيندڙ زميندار ھوا. سندن زمينداري به ڪا ايڏي وڏي ڪانه ھين. نه وري انھن ڏينھن ڪو اناج جو ايترو اگھه ھيو. پر وڏي دل گڙدي وارا انسان ھئا. سندن دسترخانو ۽ دوستيءَ جو دائرو ڪشادو ھيو. دوستي ۽ دشمني به واھ جو نڀائيندا ھئا. پنھنجي ننگ ناموس تي داغ اچڻ نه ڏيندا، ۽ پوءِ ڀلي لک لٽجي وڃن. ھٿ جا ڇوٽ ۽ سخي مرد ھئا. پوليس توڙي روينيو جو عملو ۽ عملدار، پگھار سرڪاري کڻندا ھئا پر نوڪري سندن ڏيندا ھئا. کين راشن پاڻي، گاھ پٺو، ڪاٺيون ۽ ڪڪڙيون گھر ويٺي پھچايون وينديون ھيون. پڙدي پوشي جو زمانو ھيو. ھر برائي کي برقعو پوءِ ڪتب آڻبو ھيو.
    ورھاڱي جي لڳ ڀڳ روھڙي ڊويزن ۾ ھڪ نئين ۽ انوکي شخصيت ساماڻي، جا تر جي مڙني راڄن کي ترت ”پنھنجو“ ڪري ويئي. اھو اڀرندر ستارو ھيو سردار علي گوھر خان مھر. جو منھنجي خيال ۾ نه فقط اپر سنڌ جي قومي سردارن جو نڪ ھيو پر ان ناياب ”نطام“ جو اعلى ۽ آخري نمونو ھيو. جھڙو نالو ھيس اھڙوئي گوھر ھيو. مون قربائتا ماڻھو گھڻا ڏٺا آھن. سنڌ آھي ئي ميٺاج واري ماڻھن جو ملڪ. پر نوڙت، نياز ۽ نھٺائيءَ ۾ سردار مھر جو مٽ مقابل مون ڪونه ڏٺو. ڪنور ڀڳت جيان ٻانھون ٻارھوئي ٻڌل. ڄڻ ھر ھڪ جو زر خريد ڪيل غلام ھيو. سڀ کي سيراندي ويھاري پاڻ پيراندي کان بيٺو رھندو. مرڪندڙ منھن، ٻھڪندڙ چھرو ۽ اٿاھ ڇاتي ڄڻ پوري دنيا کي ٻک ۾ پناھ ڏيڻي ھيس. رعبدار اوراپ. انھن حسين ماڻھن ۾ ھڪ ھيو جن جي ڏسڻ لاءِ ڳوٺاڻيون مائيون پيھر ۽ پلويڙن کان ليئا پائڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ رھنديون آھن.
    سردار علي گوھر جي سياست سنگت ھئي. دوستيءَ جو دم نباھڻ سندس زندگي ھئي. وڏي ڳالھه ته سندس دوستيءَ جو بنياد ڪنھن به شخصي مقصد ۽ مطلب تي رکيل ھرگز نه ھوندو ھيو. ان ڪري سندس سنگت جي حلقي ۾ وڏن ماڻھن گڏ ڪيترا مون جھڙا عام مسڪين ماڻھو پڻ داخل ھئا. روھڙي ڊويزن جا اڪثر وڏيرا وڙ سندس ڳچي ۾ ڳھنڊڻين جيان وچڙيل ھوندا ھئا جن کي گلن جا ھار سمجھي اکين تي رکندو ھيو.جڏھن سانگي سان ڪو دوست کائونس ڪاوڙجي ويندو ھيو ته سردار جو ساڻس پرچاءُ ڪرڻ ڏسڻ وٽان ھوندو ھيو. مارڪا ۽ مھانڊا ميڙ ڪري ڳچيءَ ۾ ڳارو وجھي ٻانھون ٻڌي اڳيان اچي بيھندو. ”ادا سائين بخش، خطا وار آھيان.“ اڀي پير بيٺو ھوندو. جيسين وڃي رُٺل يار ريجھي. شايد اھوئي سبب ھيو جو مرندي دم تائين مون کانئس ڪو دوست پاسيرو ٿيندي نه ڏٺو. روھڙي ڊويزن جون جملي قومون ۽ سندن سردار، جيئن ته گھوٽه، ڌاريجا، بلا، چاچڙ ۽ بوزدار سڀ سندس محبت جي ڏوريءَ ۾ عمر ڀر ٻڌل رھيا.
    پاڻ روھڙي ڊويزن جو وڏو زميندار ۽ مھرن جو سردار ھيو، جا قوم سنڏ جي ڏاکڻي سرحد تائين پکڙيل آھي. سندس زمينداريءَ جو وڏو حصو وارياسي ۾ ھئڻ ڪري غيرآباد ھوندو ھيو. تڏھن به ٿلھي ليکي يارنھن ھزار بيل گاڏيون ته فقط ڪڙٻ جون سندس حصي ۾ اينديون ھيون. ان ھوندي به پاڻ وٽ بئنڪ بئلينس بڙي ھوندو ھيس. اُٽلندو دائما ڪَنن تائين قرض ۾ ٻڏل ھوندو ھيو. ون يونٽ جي دور ۾ تر جا سمورا ننڍا وڏا زمينداڙ سندس خرچ ڀاڙن تي لاھور جا گشت ڪندا ھئا، کائڻ پيئڻ ۽ رھڻ ته الڳ، پر سندن ويس وڳا ۽ خريداريون پڻ سندس بلي ڪيون وينديون ھيون. لاھور ۾ ڪجھه سنڌي ميمبرن توڙي سنگتي وزيرن جي ڪوٺين جي کاڌ خوراڪي رسد پڻ سردار صاحب جي موديءَ ذمي ھوندي ھئي. الله نه ڀلائي. گھٽ ۾ گھٽ قاضي فضل الله جو مھمان خانو ۽ اٽالو ته ھلندو ئي سندس خرچ تي ھيو.
    مرحوم ايوب خان سان گھاٽي دوستي ھيس. ان زماني کان وٺي جڏھن ايوب خان اڃان نه پورو جرنيل ٿيو ھيو ۽ نه وري ڪا کيس ملڪ گيريءَ جي ھوس ئي پيدا ٿي ھئي. ھر سياري ايوب خان پنھنجي اٽالي سوڌو شڪار سانگي اچي وٽس مھمان ٿيندو ھيو. سردار ھونئن به مھمانوازيءَ جو ڪوڏيو ھوندو ھيو. شڪار جي موسم ۾ ته وٽس مھمانن جا ڪٽڪ اچي گڏ ٿيندا ھئا. جن لاءِ رڻ پٽ ۽ بيابانن ۾ طنبو طولان ۽ شاميانن جا شھر ٻڌجي ويندا ھئا. جنرل ايوب خان جي فيلڊ مارشل ۽ ملڪ جي صدر ٿئي به ٻنھي جي دوستيءَ تي ڪو فرق نه آيو. نه وري سردار مھر ڪو سندس دوستيءَ جو اجايو فائدو ورتو. اٽلندو ايوب خان جي زرعي سڌارن جي ضد ۾ پنھنجي اڌ کان گھڻي زمينداري گنوائي ويٺو. ھي ٻي ڳالھه آھي ته مرحوم ايوب به ساڻس سنگت جو ناتو واه جو ملھايو. جڏھن آخري وقت ۾ سردار مھر اوچتو بيمار ٿي پيو ته ايوب خان کيس کڻائي فوجي اسپتال ۾ پنھنجي خاص ڊاڪٽر جي علاج ھيٺ رکيو. ملڪ جي صدر ھوندي به ايوب خان روزانه ٻه چار ڪلاڪ وقت سيڙائي وٽس اچي ڪچھريون ڪندو رھيو. جڏھن سردار مھر اسپتال ۾ گذاري ويو ته سندس لاش فوجي جھاز ۾ روانو ڪري پاڻ به ڪڍ ٻئي جھاز ۾ اچي خان ڳڙه پھتو.
    سردار صاحب کي الله پاڪ سڀ ڪجھه ڏنو ھيو، پر کيس اولاد ڪانه ھئي. پٺ قائم نه ھئڻ جو ملال ھر وقت سندس سر تي سوار رھيو. اھو عجيب اتفاق ھيو يا منھنجو خالي خيال ۽ وھم، ته سندس دلي لڳاءُ به اڪثر اھڙن ماڻھن سان ھيو جي پاڻ به اولاد کان محروم ھئا. جيئن ته سندس پيارو دوست پائند خان پٺاڻ، آغا بدرالدين خان دراني ۽ قاضي فضل الله. ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ واري مايوسي جي زماني ۾ ھڪ ڏينھن شام ٽاڻي، قاضي فضل الله کيس چيو ته سردار صاحب، اسان جو سج به ته ڪڏھن اڀرندو؟ سردار علي گوھر ٽھڪ ڏيئي چيو ته قاضي صاحب نه اولاد توکي ۽ نه مون کي. مون کي ته اڃا به ڪا رن روڳڙي ته آھي. تون ته انھن بلائن جي آزار کان به آزاد. اڌ کان گھڻي عمر جھاڳي اچي اڳڀرا ٿيا آھيون. ڪجھه گذري آھي، ڪجھه گذري ويندي. تو اسان وئي سج اڀري ته ڇا ۽ جي لھي ته ڇا. .
    منھنجي سردار صاحب سان ڏيٺ ويٺ ته اٺيتاليھه واري زماني ۾ ٿي جڏھن آءُ آغا بدرالدين درانيءَ جو سياسي سفير ٿي وٽس وارد ٿيندو ھيس. پر مون کي ساڻس قربت تڏھن حاصل ٿي جڏھن آءُ روزانه انقلاب جو ايڊيٽر ٿي اچي سکر ۾ سھڙيس. ضلع لوڪل بورڊ جي صدارتي چونڊ جي موقعي تي، سردار علي گوھر خان مھر، مون تي ۽ رحيم بخش سومري، ٽنھي تي فوجداري ڏوھ جا ڪيس داخل ڪيا ويا. الزام ھي ھيو ته اسان ٽنھي گڏجي گھوٽڪيءَ جي مکيءَ کي سندس گھر کان ڀڄائي سکر ۾ ناحق بند رکيو ھو. ان سلسلي ۾ اسان تي ڌاڙو ناحق بند ۽ ھٿيار کسڻ جا جدا جدا قلم لاڳو ڪيا ويا. اھي سڀ ڏوھ درست ھوا پر ان واردات ۾ سردار علي گوھر مھر اسان سان شامل ڪونه ھيو. پر ھڪ ڀاري ڏوھ ۾ گڏ جوابدار ھئڻ ڪري به اسان کي پاڻ ۾ ويجھو اچڻ جو موقعو مليو جا ويجھڙائي مرندي گھڙيءَ تائين قائم رھي.
    ون يونٽ جي نوڪريءَ واري دور ۾ اسان ٻنھي جي لاھور ۾ وقت بوقت ملاقات ٿيندي رھي. ان زماني ۾ گھاٽي سنگت ھوندي به مون ھي ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي سردار صاحب ۽ مون وچ ۾ ”وڇوٽي“ ھئي. اھا ”وٿي“ شايد ھن ڪري ھئي جو عورتن جي حق ۾ ٻنھي جا رايا ۽ رستا الڳ ھئا. غلط يا برابر، عورتن جي آءُ عزت ۽ حرمت جي حق ۾ ھيس. مون لاءِ عورت ھميشه زندگيءَ جي پراسرار پرولي پئي رھي آھي جنھن جو ڪو سر ۽ پاھوئي ڪونه مليو اٿم. منھنجا به انھن حورن سان ڪيئي ٽڪر ضرور ٿيا جي لاھور جي سوڙھين گھٽين ۽ تنگ پاڙن جون زينيت ھيون. پر ھر ڀيري آءُ پنھنجي ضمير جي لعنت ۽ ملامت کان پريشان ٿيندو رھيس. مون ڏٺو ته جسم کي ڌوئي صاف ڪرڻ ته سولو ھيو پر ضمير جا داغ ۽ ڌٻا مٽائڻ اھنجا ھئا. منھنجي اھڙن بي سود واعظن يا ممڪن آھي ته ڪنھن ٻئي سبب، سردار صاحب مون کان ڪجھه عرصي لاءِ پاسيرو ٿي رھيو.
    1957ع واري مارشل لا ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻھن تي مڙھيل جدا جدا مصيبتن سنڌ جي سياست ۽ سياسي شخصيتن جي جڙ اکيڙي ڇڏي. زرعي سڌارن جو اصلي مقصد ھيو ته جيئن موروثي مالڪن جوحق ريٽي زمين جي مالڪي جي نئين سر ورڇ ڪئي وڃي. جنھن عمل جو زمين جي سڌاري، پوک يا اپت جي واڌاري سان ڪو واسطو ھيو ئي ڪونه . بنيادي جمھوريت جي جا سوغات آندي ويئي اھا ھر پاڙي اوڙي کي سياسي آکاڙي بڻائڻ جي ترتيب ثابت ٿي. ون يونٽ کان مراد ھئي ٻين جئرن جاڳندن صوبن کي زنده دفن ڪري ھڪ سڪيلڌي صوبي کي ورسائڻ. انھن اوطاقي سازشن سبب سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ بي پناه بي وسي، مونجھارو ۽ مايوسي ڦھلي. اھڙي ٻوسٽ ۽ ھٻس ۾ سنڌ جون ڪيئي املھه شخصيتون دل ھول جي ھاويءَ ۾ ھڄي ويون. سردار علي گوھر مھر به انھن ۾ ھڪ ھيو.
    سياست ۽ سنگت سنڌي وڏيرڪي زندگيءَ جون دلچسپ ۽ دل پسند مشغوليون ھيون. خاص طور ان ماڻھوءَ لاءِ جنھن کي نه ھئي آل نه اولاد. ورونھه جي وسيلن وئي پڄاڻان جياپي جي آس ۽ اميد کي لھس لڳڻ ھڪ لازمي امر ھيو. زندگي جي آخري ايام ۾ عشق جو سھارو ورتائين، خودڪشي ڪرڻ جو اثرائتو ۽ ڪامياب طريقو ھيو. وري غضب خداءِ جو. اھو به لاھور ۾! جتي جون ڄؤرون فقط ڌن دولت چوسڻ تي راضي رھن تڏھن به چڱو. پر ھو ته ڏانئڻ جيان ھنياءُ ڪڍي کائڻ تي به ھريل ھيون. مرحوم عزيزالله پيرزادو جو منھنجو ڳوٺائي ۽ سردار جو مخلص دوست ھيو. ھڪ ڏينھن مون وٽ ڪھي آيو ۽ اچي احوال اوريائين ته سردار صاحب ڪنھن فريب ۾ ڦاسي لڏي پلاڻيءَ وڃي مري ۾ ديرو دمايو آھي. سندس گھران به پيغام آيل آھي ته کيس ريھي ريبي بلا جي چنبن کان آجو ڪرائي اچون. جنھن ڪم لاءِ توکان وڌيڪ ڪو ٻيو دوست ڪارائتو ثابت نه ٿيندو.
    ٻيئي ڄڻا سنبري جھاز ۾ چڙھي وڃي پنڊي پھتاسين. ٽئڪسي ڀاڙي ڪري مريءَ وڃي سردار صاحب جا سلامي ٿياسين. سانجھيءَ ٽاڻي گھمڻ بھاني کيس ٻاھر وٺي اوٽائتا ٿي ٻنھي واري وٽيءَ تي مٿس خوب ڇوھ ڇنڊيا. کيس سندس حسب نسب ۽ حيثيث جي ياد تازي ڪرائي سون. ۽ ياري دوستيءَ جا واسطا وجھي اخلاق ۽ تھذيب جو ذڪر ڇيڙيوسين. سردار صاحب ماٺ ميٺ ۾ اسان جي بڪواس کي برداشت ڪندو رھيو. فقط ھڪ ڀيري منھنجي چھري کي چتائي ۽ گھوري ڏٺائين جڏھن مون ھڪ غير عورت لاءِ ”ڪسيرڪ ۽ ڪسبڻ“ جو گٿو لفظ اچاريو. جنھن عورت کي فقط مون ھڪ ڀيرو ڏٺو ھيو. جڏھن اسان جي اپٽار پوري ٿي ته پڇي پڪ ڪيائين ته اڃان ڪجھه وڌيڪ چوڻو ته نه ھيو. پوءِ وارو آيو سردار صاحب جو
    ”چي چڱا مڙس ڳالھه ٻڌو. مارشل لا آيو، اسان جي سياست ويئي جا اسان جي مشغولي ۽ وندر ھئي. لئنڊ رفارمنس آيا ته اسان جي زمينداري ختم ٿئي جنھن دولت جي دم سان اسان جي رھائي رسائي، دوستي ۽ دسترخانو قائم ھيا. آله اولاد، اوھان کي خبر آھي ته مون کي آھي ئي ڪانه، جنھن جي پالنا ۽ پرادخت لاءِ آءُ ويھي مٿا کٿا ڏيان. باقي وڃي رھي ھڪ رن. اھا به اوھان جي اندازي مطابق ھڪ ڪسيرو به ڪونه لھي. ان لاءِ به اوھان پٽڪا ٻڌي آيا آھيو ته کيس ڇڏيان! اڙي اوھان کي ڪو حياءُ ۽ شرم به آھي؟ ڪو خدا جو خوف يا ڏر، يا نه؟ اسان وٽ باقي بچيو ڇا آھي؟ جنھن جي ڌاڙي ھڻڻ لاءِ اوھين سنبري ھت آيا آھيو؟ . . . ھاڻي حڪم اوھان جو“ . . . اسان ٻنھي جا ڪنڌ شرم ۾ ھيٺ ھئا. جيڪر زمين ڦاٽي پوي ھا ته آءُ ته ھوند ٽپو ڏيئي ٻڏي مران ھا . . .
    اھو ڏينھن اھو شينھن مون وري ڪڏھين ڪنھن کان ڪجھه کسڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي.


    سنڌڙي جو راءِ ڏياچ ڀائي ڪنور

    راءِ ڏياچ گرنار جو ھاڪارو حاڪم ھيو. سندس سخا جي ساک ملڪان ملڪ مشھور ھئي. ڪنھن سمي، ٻيجل نالي ھڪ چارڻ پنھنجو سرندو سينگاري وٽس ڪھي آيو. چنگ چوري، تند تنواري ساز جي آواز ۽ پنھنجي آلاپ سان راءُ ريجھايائين. راجا راضي ٿي چيو ته مڱڻا ”گھُر جيڪي گھُرڻو اٿئي.“ سائل سئن ھنئين ته ”جا مٿي تو مڻيا تنھن سر سوالي آھيان.“ راجا وراڻيو ته بس! گھري گھري به مٿو گھريئي. چـڱا مڙس سکڻي ھڏ کان توکي ڇا ھڙ حاصل ٿيندو؟ چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته سر ڌڙ سوڌو ڏيان يا ڌڙ سواءِ؟ سائل سر جي سودي تي اٽل رھيو. ڏياچ ڪنڌ نوايو ۽ مرڪندي ھڪل ڪيائين ” ته وڍ سر ٿي سرھو.“ پوءِ بقول ڀٽائيءَ جي ”تند ڪٽارو ڪنڌ ٽيئي پرتا پاڻ ۾.“
    مون نه ٻيجل کي ٻڌو ۽ نه راءِ ڏياچ ڏٺو. پر مون ھڪ اھڙو لکن جو رانجھو ضرور ڏٺو ۽ ٻڌو جو سريلو به رس ڀريو ھو، سخي به اھڙو جو ڏيئي نه پچاري ۽ پڇاڙيءَ جو سر ڏيئي ان عيوض ابدي حيات ماڻيائين. اھڙو مائي جو لال ۽ سنڌڙيءَ جو راءِ ڏياچ ھيو ڀائي ڪنور ڀڳت.
    ڀائي ڪنور، ميرپورماٿيلي تعلقي جي ھڪ واھڻ ”جروار“ جو ڳوٺاڻو ۽ ھڪ مسڪين ۽ فقير منش ھٽ واڻيو ھو. سندس علمي لياقت ته پنجن سنڌي درجن ۽ ھٽڪي اکرن جي سڃاڻ تائين محدود ھئي. پر اندر جو سوجھرو الاھي ھيس، جنھن جو جرڪو سندس پيشانيءَ ۾ پيو بکندو ھيس. ڏيک ويک کان ڪوھين ڏور، ڪپڙي لٽي ۾ ساڌڙو، ڳالھه ٻولھه ۾ سٻاجھڙو نماڻو ۽ قربائتو. ٻڍا جوان ۽ ٻار ته ڇڏ پر اڌ اگھاڙي پينو فقير سان به ڳالھائيندو ته ٻيئي ھٿ ٻڌي! ڄڻ ھٿ جوڙي معافي وٺي رھيو ھو. مون کي ياد نه آھي ته ڪنور، سواءِ ٻانھون ٻڌڻ جي ڪنھن سان به مخاطب ٿيو. معلوم ائين ٿيندو ھيو ڄڻ سندس ٻنھي ڪراين ۾ آزي ۽ عاجزي جو ھٿڪريون پيل ھونديون ھيون.
    جي عاجزي سندس عادت ھئي ته راڳ سندس عبادت ھئي. ننڍڙي لاڪر ڳائڻ سان دلي لڳاءُ ھيس جو وڌندي وڻ ويڙھي ٿي، سندس رڳ رڳ کي وڪوڙي منجھنس سمائجي ويو. ڳائڻ ڏات آھي جنھن کي ڏاتر ڏئي، پوءِ ڪي ان کي پيٽ پوڄا جو وسيلو بڻائن، ڪي ان پاڪيزه سوغات کي جسماني خواھش ۽ نمائش سان گاڏڙ ڪري پنھنجي ڪاڪ ڪاري ڪن. ڀائي ڪنور ”آلاپ“ کي سچي سائين جي سوکڙي ڄاڻي کيس ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو. ڀڳت ۾ آئي پنھنجي آلاپ جي ابتدا ”سائين جي ساراه“ سان ڪندو ۽ ھميشه پوئين اسر کان شروع ٿي پره ڦٽيءَ تائين وڄندو ۽ نچندو رھندو ھيو. سر آساوري ۽ پرڀاتي سندس دلپسند سر ھوا. اسر ويل اٿي ”الک اورڻ“ جي لئه ۽ سواد جو پتو انھن کي بخوبي ھوندو جن ڀنڀرڪي جو اٿي پنھنجو رام ريجھايو ھوندو. مون جھڙن گڏھن کي ڪھڙي خبر اھڙي موج ۽ مزي جي، جن پنھنجي عمر ۾ سج کي اڀرنديئي ٻه چار دفعا مس ڏٺو ھوندو.
    ڀائي ڪنور جي ڀڳت ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جھڙي ھوندي ھئي. توڙي جو ان لاءِ اوجاڳو ۽ اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو ھيو. ڇاڪاڻ ته جڏھن ھئومئو ٽري، اڌ رات وھامي اسر ٿئي ته پوءِ ڪنور نڪري نروار ٿيندو. جسم تي جامون جلويدار پھريل، مٿي تي پڳڙي ۽ ڳچي ڳل بوڇڻ جو ڳارو ۽ پيرن ۾ گھنگھرو. ڇيم ڇيم ڪندي ايندڙ ڏسبو ته اھوئي ٻيئي ٻانھون ٻڌل، ڪنڌ ۽ ڪياڙي نوڙت ۽ نيازيءَ ۾ جھڪيل، ھر آئي وئي ۽ ھر ويٺل ۽ بيٺل کي نمسڪار ۽ پرنام ڪندي، ميڙ جي وچ ڌاري اچي پنھنجي جاءِ تي بيھندو. جوڙيل ھٿ ٽوڙي ھڪ ڪن تي ۽ ٻيو ھٿ ٻڌندڙن جي سڌ ۾ سڌو ڪندي چپ چوريندو ته پھرين ھڪل اھا ھوندي ته ”شل ڪا ٻاجھه پويئي.“
    پوءِ شروع ٿيندو ڪلام عارفاڻو يا فقيراڻو، ڪڏھن ڪبير يا فريد جو، ڪڏھن بيڪس ۽ بيدل. پر عام طور تي ”شاه ڀٽائي.“ ڪنڊڙيءَ جي فقيرن يا گھڻو ڪري ڀٽائي گھوٽ جو ڪلام ڳائيندي ڪنور جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي. آلاپ کي عروج ۽ اوج تي آڻي موج ۾ مست ھاٿيءَ جيان پيو نچندو جھومندو ۽ رڙندو. ”مون کي تن ماروئڙن جي، تن سانگيئڙن، تن ڏوٿيئڙن جي آءُ ڪانگا آءُ ڪانگا، آءُ ڪانگا ڪر ڳالھه مون کي تن پانڌيئڙن جي . . . “ اڀو اوساريندي سندس نماڻي نيڻن جون نير جاري ٿيندو. اکين جو آب ڇلڪيندي ريلا ڏيئي پيو وھندو ۽ نچندي وڏڦڙي جيان پيو ٽمندو. آلاپ جو اھو پتو نه پوندو ته گونج آھي يا گاج. ”ڪين وڻن، ڪين وڻن، . . . ڪيئن وڻن تنھنجا ماڙيون ۽ بنگلا . . . مصرع تي اچي سندس ڪنڌ ڌوڻ به لھر ۾ ايندي. ڪين وڻن . . .سون ڪڙيون ڪٺمال . . . مون کي تن ماروئڙن جي . . . “ پھريون پاڻ اڪيلو تي رنو ۽ رڙيو پوءِ ته ”ڪيئي وڏيرا روئيندي ڏٺم راڄ ۾ .“ ڪنور جو ڪمال اھو جو ھر جيءَ ۾ جادو لائي ڏيندو ۽ محسوس ائين پيو ٿيندو ته ھر ٻڌندڙ جو اندر مالڪ اڳيان پيو ٻاڪاري ته ڪڍ بندياڻي ھن بند کان، آءٌ ٻن ڏيان ھن خاڪي ڪوٽ ۽ سندس سونھري ڪنگرن کي.
    ورھاڱي کان اڳ ”ڀڳت“ ھندو سنڌي ثقافت جو اھم حصو ليکي ويندي ھئي. ھر ڳوٺ خواه شھرن ڻ عام ڏڻن، ورسين يا خوشيءَ جي موقعن تي ”ڀڳت“ جو انتظام ڪيو ويندو ھو. اڄ ڪلھه جي قوالن جيان ڀڳتن جون به ڪيئي ٽوليون ھونديون ھيون. ڀڳتين ۾ شھري ۽ ڳوٺاڻا ھر قسم جا ماڻھو شريڪ ٿيندا ھوا ۽ ماڻھن جي ميڙ جو دارومدار ڀڳتين جي ساک تي ھوندو ھيو. ڪنور جي ڀڳت ھڪ عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي ھئي. ماڻھن جي پيھه جو سبب ڪنور جو آلاپ علاوه سندس سخا ھئي. جو ڪجھه معاوضه ملندو ھيس، اھو ٿڏي تي غريبن ۽ فقيرن جي درميان ورھائي ڇڏيندو ھو ۽ کيس ڪافي ڪجھه پلئه پوندو ھيو. ھڙان ۽ وڙان ته ڏيندو ھيو پر جي حاجتمند ۽ محتاجن جي حاج پوري نه ٿيل نه ڏسندو ھيو ته ڀڳت دوران پنھنجي جهولي جھليندو ھو. پھرياڻ جو پاند ھٿن ۾ ڦھلائي ھوڪو ڏيندو ھو ته ”ڀائي ڏھ ھزاري جھولي آھي جو ڀريندو جس کٽندو ته سچو سائين سندس ڀلو ڪندو.“ مون کي ياد نه آھي ته ڪڏھن سندس جھولي خالي ويئي. جھولي واري رقم سفيد پوش محتاجن وچ ۾ ورھائي ويندي. ڪن کي نياڻيون اٿارڻيون ھونديون ھيون ۽ کين ڏاج ڏيوڻ جي پھچ نه ھئي، ڪن مٿان وري قرضن جا انبار چڙھيل ھوا. ڪي وري اھڙا ڦڏن ۾ ڦاٿل ھوا جن جو حل سواءِ ناڻي جي نه ھيو.
    ڪنور جي سخا ڪنھن خاص فرد يا طبقي تائين محدود نه ھئي. محتاجن ۾ اڪثريت مسلمانن جي ھوندي ھئي. ھندن ۾ پنڻ جو شوق ۽ شغل البت گھٽ ھوندو ھيو. خير خيرات ۾ ڪنور جي منھن کي ڪڏھن نه ڏٺو. جو آيو سو اگھيو. کيس فقط ھي احساس ھوندو ھيو ته ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي سندس ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سندس فرض ادائي ھئي.

    جڏھن ڪنور جي شاديءَ جي ٿٿ ٻڌي ويئي ته ٽن ڏينھن بعد ھڪ شائق، ڪنور کي سندس ڪنوار لاءِ چار جوڙا ڪپڙن جا ڀرت ڀريل ھڪ بوسڪيءَ جو ٿان ساڻ ڪري کيس نذراني طور ڏيئي ويو. ڀائي ڪنور ڪپڙن جي ڳنڍ وٺي گھر رکي ڇڏي. ساڳي ڏينھن شام ٽاڻي ھڪ مسڪين مائي اچي سندس گھر جو ڪڙو کڙڪايو. چي ابا نياڻيءَ جي شادي رچائي اٿم. سڀاڻي گھوٽيتا اچي گھر سڙندا. ماني ته آھي الله جي، پر گھوٽ ڪنوار لاءِ جوڙا پوتا ڪٿان آڻيا؟ آءُ بيواھي رن زال! ڪٿي در در وڃي ھٿ ٽنگيان؟ ڀائي ڪنور اندر وڃي ڳنڍ کڻي اچي ٻڍڙي مائيءَ جي حوالي ڪئي. چي امڙ اچي وٺ پنھنجي امانت. مون صبح کان ويٺي سانڍي. شڪر ٿيو مال اصلي مالڪن کي مليو. ڀائي ڪنور ڀلجي به ڪڏھن پاڻ تي سخاوت جو الزام مڙھجڻ نه ڏنو، ھميشه چوندو ھيو ته ڀائي مون وٽ آھي ڇاجو ڪنھن کي ڏيان؟ ڏيڻ وارو ٿو ڏيئي ۽ وچ ۾ آءُ اچي خوامخوه ڦاٿو آھيان. چٺي لکندڙ ھڪڙو چٺي وٺندڙ ٻيو پر سرنامون ھميشه ھوندو. ”معرفت منھنجي ۽ ڦري ملي فلاڻي کي“ ڏيئي نه پچارڻ جي ڏات جا ڪنور کي حاصل ھيئي ان لاءِ ڪيئي روئندا ڏٺم. جمشيد مھتا جي سوانح حيات پڙھندي جڏُھن سندس ھي دعا پڙھيم ته ”اي جڳ جا ڌڻي مون کي ويساري جي ايتري توفيق عطا ڪر جو جڏھن به تنھنجي نالي تي ڪجھه ڏيان ته اھڙو عمل ھڪدم ڀلجي وڃان ۽ اھو ڪڏھن ياد نه رھيم ته مون ڪجھه الله ڪارڻ ڏنو.“ ته مون کي ڪنور ياد اچي ويو. ڪيترو نه خوشنصيب انسان ھئو جو کيس اھڙي دعا گھرڻ جي لوڙ ئي نه ھئي.

    زندگي ۽ موت الله پاڪ جو خاص پورٽ فوليو آھي جنھن ۾ ڪنھن کي ڀائيوار نه بڻايو اٿس. ھا البت سندس دائره اختيار ٻيا به گھڻائي آھن. جھڙو شفا، انصاف ۽ سخا، جن جي نقش قدم تي انسان جيڪڏھن دز برابر به پيروي ڪري ٿو ته قدرت کيس نعمتن سان ايترو مالامال ڪري ٿي جو سندس ھيڻي ھٿ طفيل ھزارھا حاجتمندن جي مشڪل ڪشائي ٿئي ٿي. دراصل پوءِ اھو انسان قدرت جي ڪاروبار جو ھٿيو بڻجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ماڻھن جا جملي مسئلا ۽ معاملا انسانن ذريعي ئي ادا ٿين ٿا. قدرت جو اولين ۽ اڻٽر قانون ھي آھي ته حيلي رزق ۽ بھاني موت. ”الله ڏنو“ ضرور ٻڌندا ٿا اچون، پر ھي ڪڏھن به نه سڻيو ته ڪو ”الله ماريو“ به ڪنھنجو نالو آھي!
    جئن جئن وقت گذرندو رھيو ڀائي ڪنور جي وسيلي آلاپ جو پڙلاءُ، سندس سنت ۽ سخي ھئڻ جي ساک چوڏس چوڌار ھڪ کستوريءَ جي خوشبوءَ جيان ڦھلندي رھي. پري پري جا ماڻھو سفر جا جاکوڙا ڪڍي وٽس اچڻ لڳا. پوءِ ڪي سندس راڳ ٻڌڻ، ڪي آسيس ۽ آشيرواد وٺڻ ۽ ڪي فقط درشن پسڻ لاءِ. اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻھن خاص طور غريب ۽ مسڪين عوام جي ڏکئي وقت پرگھور ۽ پرادخت لاءِ ڪي به ادارا وجود ۾ نه آھن. ان باعث اسان جي ديس جا اڪثر ماڻھو ڪنھن سھاري اڀل ۽ آسري جي تلاش ۾ رھن ٿا. اسان وٽ ويچاري ماڻھو جي بيڪسي ۽ بيوسيءَ جو عالم ھي آھي جو جيئرا ماڻھو ”مئن“ وٽ فقط ھن لاءِ حاضري ڀرين ٿا ته جئن سندن روزمره جي ضرورتن جي پورت ٿئي ۽ سندن مشڪلاتون آسان ٿين. ڀائي ڪنور ته جيئرو جاڳندو ديوتا ھيو. سو ماڻھن ۾ سندس مڃتا ۽ مقبوليت ۽ عقيدت ان قدر عام ٿي چڪي جو واڻين آخر کيس ”اوتار“ ڪري پوڄڻ شروع ڪيو جو سلسلو اڳتي ھلي ڀائي ڪنور جي سر ڏيڻ جو ڪارڻ بڻيو.

    ماه جولاءِ 1939ع جي ھڪ ڏينھن نڀاڳي سکر جي اناج بازار ۾ ھڪ مسلم نوجوان جو ڪنھن ھندو دوڪاندار سان ”تون ڇا تون ڇا“ ڪندي تڪرار ٿي پيو. انھيءَ دور ۾ بدقسمتيءَ سان ھندو مسلم ڇڪتاڻ چوٽ تي چڙھيل ھئي، ساکرو ھندو تعصبي آگ ۽ فساد ڦھلائڻ جا ڪوڏيا ھوا. مسلمان نوجوان کي اڪيلو ۽ بي ھٿيار ڏسي چند بي خير ھندو دوڪاندارن نه فقط سندس بيعزتي ڪئي ، پر کيس مارڪٽ پڻ ڪئي.
    ڀرچونڊيءَ جي مريدن ۾ تاءَ اچڻ ھڪ لازمي امر ھيو ، پر سکر جي ڪليڪٽر مسٽر ڪوٺا والا جي بروقت جوڳا قدم کڻڻ ڪري ھندو مسلم فساد ٽري ويو. ھندو پنجائت طرفان معافي ورتي ويئي ۽ اھو اڻ وڻندڙ واقعو وقتي طور لئه مٽي ٿي ويو. پر ڀرچونڊيءَ جي ڪن شيدائين ۾ شورش بدستور قائم رھي ۽ انتقام وٺڻ جو بھترين طريقو ھي رٿيو ويو ته جملي ھندو جاتيءَ کي اھڙي ڀاري سزا ڏني وڃي جو عمر ڀر ياد رکن. ان فيصلي جو نزلو اچي ڪنور تي ڪريو ڇاڪاڻ ته ھو سنڌ جي ھندن جو مقبول عام، مھاتما ۽ مھاپرش ھيو. ھي ھيو ڪنور جو قصور! ڪنور جي ڪوش جو ڪارڻ!


      مولوي شير محمد قريشي مرحوم

    1933ع کان 1936ع تائين، ٽن سالن وارو عرصو مون لاءِ ڪمال در بدرائيءَ وارو زمانو ھيو. ڪجھه بابي مرحوم جي تڪڙين بدلين جي ڪري ۽ ڪجھه پنھنجي اڍانگي افعالن سبب منھنجي پڙھائي رولڙي ۾ پئجي ويئي . ابو امڙ آخر ان نتيجي تي پھتا ته مونکي وڌيڪ گٽ مٽ پڙھائڻ پاڻي ولوڙڻ برابر ھيو جنھن کان ڪو کڙ تيل نڪرڻو نه ھيو. ان ڪري فيصلو ھي ڪيو ويو ته مون کي ڪنھن ڪاريگر وٽ ھنر سکڻ لاءِ ڇڏيو وڃي. امڙ جو وري ھي خيال به ھيو ته دنيوي ھنر سان گڏ ڇوڪر کي ڪجھه ديني سمر به ساڻ ھجي ته چڱو. ٻئي مٺايون گڏ ۽ ساڳئي ڏينھن تي ورھايون ويون. مون کي صبح جو ميان احمد وٽ سونارڪو شام ٽاڻي ڪم سکڻ ۽ مولوي شير محمد وٽ ڪلام الله پڙھڻ لاءِ ويھاريو ويو.
    ميان احمد ڏھرڪيءَ جو ويٺل ھيو ۽ روزانه صبح جو پنھنجي پراڻي ڦٽ ڦٽيءَ تي چڙھي اوٻاڙھ پھچندو ھيو. آءُ سويري سندس دڪان کولي ڇنڊ ڦوڪ ڪري سونارڪا سنج سنواري ويھندو ھيم. جڏھن سندس ٻڌا گراھڪ جي اڳواٽ اچي دڪان جو در وٺندا ھوا تن کي به آٿٿ ڏيندو رھندو ھيس ته ”استاد“ اجھو ڄاڻ آيو ڪي آيو. منجھند ٽاڻي آءُ ڄام ڀنڀي جي بنگله لڳ واري قديمي مسجد ڏانھن وڃي مولوي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو ھيس. ٽپھريءَ تائين جھلي به ڇڪيندو ھيس ۽ پنھنجو سبق به پڪو ڪندو ھيس. وري جي جھلڙيءَ جو وارو ٻيو ڪو وٺرائيندو ھيو ته آءُ مولوي صاحب جي پيرن کي مروڙا ڏيڻ ۽ مڪڙيون ھڻڻ ۾ جنبي ويندو ھيس. سومھڻي ويل واپس گھر اچي ڀيڙو ٿيندو ھيس.
    بادشاھي الله جي آھي پر انھن ڏينھن اوٻاڙه ۾ راڄ ڄام ڀنڀي خان جو ھيو جو راجا ڏاھر جي والي وارث ھئڻ ڪري سرڪار کان اٺوڳ (مالي اپت جو اٺون حصو) وٺندڙ ھيو ۽ ڏھر قوم جي لٺ سردار پڻ ھيو. ڪامورن ڪڙن جي اچ وڃ وٽس جام ھئي. باقي غريب غربي جو وھڪرو مولوي صاحب جي رخ ۾ ھيو. مسجد ماڻھن سان ڇُلڪندي ھئي. ھڪڙيون بھيرون وينديون ھيون ته ٻيون سندن جڳھه والارينديون ھيون. سائين جي دوا، دم ۽ دعا سان گڏ ”ھٿ شفا“ جي ھاڪ ھئي. ھٿ ھميشه حاج ۾ ھوندا ھئس. بيمارن جي نبض شناسيءَ کان واندا ٿيندا ته وري بيڪسن ۽ بي سھارن جي دعا لاءِ اڀا ٿيندا. ڪي ته فقط اھا آس به کڻي پنڌ پوندا ھئا ته سائين جي ھٿين پٺي ٺپائي اچون.
    ھٿن تي پرتا ڏسندي مون ھميشه ائين پئي سمجھيو ته دل يا دماغ ته فقط نالي ماتر انساني اڏاوت جا تھه خانا آھن باقي سخا ۽ شفا جي مڻيا ته انساني ”ھٿن“ ۾ سمايل آھي. چون ٿا ته قسمت جي ليڪون به ھٿ ۾ لڪيل آھن پوءِ ھي خبر نه آھي ته انسان جي ھٿ وس به آھن يا نه. الله نه ڀلائي ته سڪندر اعظم دنيا جو پھريون ماڻھو ھيو جنھن ان ڏس ۾ ويچار ڪيو ھو. چوي ٿو ته ”سنڌي“ دنيا جي اڪيلي قوم آھي جا پنھنجي ”زبان“ جو ڪم ”ھٿن“ کان وٺندي آھي، پوءِ ڪڏھن ھٿ ”اڀا“ ڪري ڪڏھن ”سيني تي ڌري“ ۽ ڪڏھين وري ٻيئي ”ھٿ جوڙي“.
    ارسطوءَ جو چوڻ آھي ته ”خوبصورتيءَ“ پنھنجي سر ھڪ بھترين سفارش آھي. برابر ھوندي. پر ڪنھن کي پيرائتي ۽ سربستي سونھن عطا ٿيندي ته ڪنھن ڪانه ڏٺي. ھونئن به قدرت پنھنجي حسن جي خيرات قناعت سان ڪندي رھندي آھي ۽ ڪو ونواه جي ٻُڪي جيان ٻڪ ڀري ته ڪونه ورھائيندي آھي. ائين نظر وڍاڻيءَ خاطر ڪنھن جي تريءَ تي ڪو داڻو ڪڻو رکندي آھي. پوءِ ڪنھن کي ”اکيون رب رکيون“ ته ڪنھن کي ”ڏند دلبند“ اھڙو بختاور ڪو لکن ۾ ورلي جنھن کي ڀنڊارو ڀري ورسايو ھجيس. سائين به ھڪ اھڙو خوش نصيب ھيو جنھن کي ھڪوار ڏٺي ڇرڪ نڪري ويندو ھيو. امالڪ اکيون مھٽڻيون پونديون ھيون ته خواب ھيو يا ساڀيا. ھي ته سندس جلوو ھيو سٺ سال عمر ۾. جھلڙي ڇڪيندي مون به سائين جي سونھن تي اکيون ڏاڍيون سيڪيون. جڏھن پاسي ورائي آرامي ٿيندا ھوا ته منھنجون اکيون وسامڻ جا پھه پچائينديون ھيون. ڪنھن ٻڌايو ھيم ته الله وارن جي سڃاڻ ڪرڻي ھجي ته سندس پٺيءَ پوئتان ڪا آيت پڙھي وڃي ته ھڪدم کين ڄاڻ ٿيندي آھي. ڇاڪاڻ ته اھا الله جي ڪلام جي بي ادبي آھي. مون به ان نسخي کي آزمائيندي سائين کي سک سمھڻ نه ڏنو. ڪڏھن ته ڇرڪ ڀري ويھي رھندو ھو. مون کي ان زماني ۾ اھا خبر خير ڪانه ھئي ته سائين ساري رات جاڳي سبحان ساريندو آھي.
    عام ماڻھو پنھنجا ڏک سوڙ سھيڙي ۽ سھڪندي اچي وٽس دم پٽيندا ھوا. ڪي ته دل جا غبار ڪڍندي ڪڪر جيان ڦسي پوندا ھوا. سائين وٽ دم دلاسا ۽ دعا جي ڪا کوٽي ڪانه ھئي. ”الله خير ڪريسي“ جي ڌم متل ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪنھن سان ڪؤڙي منھن پيش نه آيو ۽ نه وري ڪڏھن سندس پيشانيءَ تي ڪو گھنج يا گھنڊ آيو. سواءِ ھڪ دفعي جي، جڏھن ھڪ ڏسڻو وائسڻو ماڻھو وٽس اچي ھڪ عجيب و غريب جو سوال ڪيو. احوال اوريندي چيائين ته سائين، منھنجي ھڪ پياري دوست تازو عشق ۾ شادي ڪئي آھي. پر بدقسمتي سان ھاڻي ٻنھي زال مڙس وچ ۾ رنجش پيدا ٿي آھي. ھاڻي عرض ھي آھي ته اوھين مون کي اھڙو تعويذ لکي ڏيو جيئن منھنجي دوست جي گھر واري مون سان ٺھي وڃي ته پوءِ آءُ کيس ويھي سمجھايان ته ڏاھي ٿيءُ ۽ مڙس سان ڇا لاءِ ٿي رُسين. مولوي صاحب جي منھن جو رنگ ٽامڻي ھڻي ويو. پر پاڻ تي ضبط ڪري ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪندي فقط ايترو فرمايائين ته ”ابا باقي دلالي ڪنھن کون آکندين؟ الله تسان ڪو ھدايت ڏيوي. مين ھڻ ڪي آکان.“
    اڪثر وٽس اٻوجھه ۽ سادا سودا ماڻھو ايندا ھئا. ھڪ ڀيري ھڪ ڌونڌو ذات جو ماڻھو پنھنجي بيمار ڀاءُ لاءِ دوا وٺڻ آيو جو ٻن ھفتن کان سخت بيماري ۾ مبتلا ھو. مولوي صاحب حال ٻڌي نسخو لکي کيس ڏنو ۽ کيس ترڪيب سان گڏ رک پڻ ڏسي. ڌونڌوءَ پڇيو ته ”سائين دوا ڪنھن ڪنون گھنان؟“ سائين سمجھايس ته بزار ۾ سانول ۽ طوطو مل ٻه پساري ھئا ۽ ڪنھن به ھڪ وٽ وڃي دوا وٺي. . چي ”پڇي ڪيوين ڪران“ سائين وري ٻڌايس ته پڙين کي پاڻيءَ ۾ پسائي ۽ ٽھڪائي جڏھن پاءَ پاڻي بچي ته ٻه ويلا ڪري بيمار کي پياري ڇڏ. ”پڇي ڪنھن ڪنون گھنان؟“ پڇي ڪيوين ڪران؟ اھي سوال وري وٽيءَ تي ڪلاڪ کن پڇندي ڌونڌوءَ سائين کي ٿڪائي ڇھه ڪري ڇڏيو. پر مولوي صاحب مرڪندي ھر وار حيلو وسيلو ٻڌائيندو رھيو. ھفتي ڏيڊ بعد ساڳيو ڌونڌو پاڻ سان پتاشا کڻي اچي مولوي صاحب جو منھن مٺو ڪرايائين ۽ مبارڪ به ڏنائين ته سائين بيمار بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. مولوي صاحب مرڪندي سندس سوال ورجائڻ شروع ڪيا . ”ڪنھن ڪنون ڳڌءِ؟“ پڇي ڪيوين ڪتوءِ؟ سائين تسان جھڙي چٺي ڏني ھا اونڪون پاڻي وچ ٽڪا ٽڪا ڪر ڀراءُ نون پلا ڏتم.“ معلوم اھو ٿيو ته ڌونڌوءَ مورڳو دوا ورتي ئي ڪانه ھئي ۽ فقط نسخي کي پاڻي ۾ ٽھڪائي مريض کي پياريندو رھيو. رب مٺي جي قدرت. بخار غائب ٿي ويو. رب جن سان جيڏو تن سان تيڏو.
    ھڪ ڏينھن ڏٺم ته ڪو ماڻھو مسجد جي دريءَ ٻاھران ليئا پائي وري ھليو ٿي ويو. پھر پلڪ کان وري ٻيھر اچي واجھائي واپس ٿيو. آخر ٻنھپرن جو سائين کي اڪيلو ڏسي اندر گھڙي آيو ۽ مون لاءِ به مرضي ھيس ته جيڪر ھليو وڃي ته بھتر. آءُ بي حيائي ڪيو جھليءَ کي زور سان ڇڪيندو رھيس. اچڻ شرط سائين جي قدمن تي ڪري زارو زار روئندي احوال وريائين ”سائين مون سان وڏي ويڌن آھي.“ جڏھن به آءُ ڪنھن مسلمان لاءِ ٻڌندو آھيان ته کيس ڀاڳ بخت وارو ڏنو؛ کيس مال ملڪيت ملي آھي، يا کيس سونھري ڀري سھاڳڻ پلئه پيئي آھي يا اولاد صالح اٿس، ته مون کي روحاني تڪليف شروع ٿيندي آھي. سمورو وقت جلندو پچندو ۽ کامندو رھندو آھيان. اھو ساڙ ۽ حسد فقط مسلمانن لاءِ آھي باقي ٻئي ڪنھن دين ڌرم واري کي بخت ڀڙائي ته مون کي ڪا ڪوفت نه ٿيندي آھي. مولوي صاحب سندس لاءِ دعا جا ھٿ کنيا ۽ کيس وظيفو به ڏسيو. وڃڻ وقت کيس ڳراٽڙي پائي پنھنجي سيني سان لڳايائين. کيس مبارڪ ڏيئي چيائين ته ھو مومن ھيو جو کيس پنھنجي ڪدورت جو احساس ھيو ۽ اھڙي احوال ڪرڻ جي جرئت به ھئي، ورنه ھن زماني جي گھڻن مسلمانن جي دلين جي روئداد ساڳي آھي.
    مولوي صاحب جو وڏو ڪرشمو ھي ھيو جو پوليس وارا جي عام طور بي پير ۽ بي مرشدا سمجھيا ويندا آھن سي سڀ سندس سڳي ڌاڳي ۾ ھوا. نه فقط اوٻاڙه، ڏھرڪي يا ميرپور ماٿيلي جي پوليس. پر سموري سکر ضلعي ۽ سنڌ جي اڪثر پوليس سندس مريد ھئي. ھي اھو زمانو ھيو جڏھن نه فقط پوليس ٿاڻن ۾ مسجدون تعمير ٿيڻ لڳيون پر نمازين سان ٽمٽار ڏٺيون وينديون ھيون. پوليس وارن تي ڪا آپدا آئي ته کين ڄاڻ ھوندي ھئي ته سندن داد فرياد ڪٿي ٿيندو.
    ھڪ ڀيڙي اوٻاڙه ٿاڻي جا پوليس وارا بابي مرحوم جي اڳواڻيءَ ۾ مولوي صاحب وٽ اچي عرض ڪيائون ته سندن ضلعي سکر وارو ڊي ايس پي صاحب ڪنھن انڪوائري جي سلسلي ۾ اوٻاڙه اچڻ وارو ھيو. اھو ڊي ايس پي (جنھن جو نالو پرتاب راءِ ھيو پر پوليس وارا حقارت کان کيس پيشاب راءِ سڏيندا ھئا) اھڙو ظالم عملدار ھيو جو جتي منزل انداز ٿيندو ھيو ته اڌ کان گھڻي ٿاڻي کي سسپينڊ ڪري ڇڏيندو ھيو. وفد پاران دعا جي التجا ڪئي ويئي ته جيئن اھو نڀاڳو اوٻاڙه نه اچي. مولوي صاحب پنھنجي دستوري ”الله خير ڪريسي“ چئي کين دلداري ڏيئي واپس ڪيو. ٽئين ڏينھن ساڳئي وفد وري اچي مولوي صاحب کي اطلاع ڏنو ته ھو ڪمبخت سکر کان ريل ۾ چڙھي چڪو ھيو. سانجھيءَ ٽاڻي وري ٻه پوليس وارا سھڪندي اچي سائين کي ٻڌايائون ته ڏھرڪيءَ کان ٽانگي ۾ چڙھي اوٻاڙه پھچڻ وارو ھيو. مولوي صاحب غضب ناڪ ٿيندي چيو ته ”الله ڪريسي نڀاڳا اٿي نه آسين.“ رات جو پتو پيو ته پرتاب راءِ جو ٽانگو ڏھرڪيءَ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي اونڌو ٿي پيو ھو ۽ سندس ٽنگ ٽن ھنڌان ٽڙڪي پيئي ھئي ۽ ھو پاڻ کڻائي واپس ريل ۾ سکر ويل ھيو. ٻئي ڏينھن تي سڀئي پوليس وارا سائينءَ جي حضور ۾ آيا. باغ بھار ھئڻ جي ڪري سڀني جا چھرا سرھا ھا پر ڪڇيو ڪنھن به ڪونه. فقط ھڪ فقيري نالي پوليس واري سائين کي عرض ڪيو ته ”سائين ھڻ ايجھي دعا ھووي جو ڪوئي فقير منش دال کاوڻ والا بندا ڊي ايس پي بڻ ڪي آوي“ سائين مرڪي پڇيو ته ”ابا ڪھڙي دال کاوڻ والا آوي، منڱان دي يا چڻان دي دال.“ فقيري چيو ته ”سائين چڻيان دي دال والا آوي.“ ڏيڊ ھفتي کان پوءِ ھڪ نئين ڊي ايس پي صاحب جو آرڊر ٿيو جنھن جو نالو ته چرنجي لال ھيو پر اوٻاڙه ۾ ” چڻن جي دال“ جي نالي سان مشھور ھيو. ھو ھڪ درويش صفت ھمدرد ۽ ھڏڏوکي عملدار ھيو جنھن جا ڳڻ اڄ ڏينھن سوڌو پيا ڳائجن.
    آخر اھو سمون به آيو جڏھن اوٻاڙه پوليس باجماعت مولوي صاحب جي بيعت ڪري رشوت حرام خوري ۽ ظلم کان توبه تائب ٿي ايمانداري ۽ عبادت ڏانھن رجوع ٿي. سال ڏيڊ جي عرصي اندر سندن زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب اچي ويو. بوسڪي ۽ ھرک جي پوشاڪ جي جاءِ کٿل خاڪي قميص، نيري پٽڪي ۽ ڇڳل بوٽن ورتي. سندن وڏا شاھي پيٽ، جي انھن ڏينھن معتبريءَ جي نشاني سمجھيا ويندا ھوا ۽ جن تي ڪمر پٽو مشڪل سان ڇڪي تاڻي ٻڌبو ھو، اھي سسي وڃين پٺين سان لڳا. سرڪاري گھوڙا جي اڳ وچ کنڌي جي داڻه تي مچي مچ ٿي پيا ھوا سي اھڙا ڏٻرا ٿي ويا جو سندن پاسريون آنڱر تي رکي ڳڻجي ٿي سگھيون. پوليس وارا جي اڳ پنھنجن شھپرن کي تاءُ ڏيئي ٻين جي ڏاڙھي پٽ ڪندا ھوا تن گبر قسم جي مڇن ۾ ڪئنچي وجھي سُنتي سونھاريون رکيون. ھاڻ سندن چھرن تي ظلم جي رعب ۽ دٻدٻي بجاءِ ماڻھپي واري رونق وري واپس آئي.
    روزانو ھڪ نه ٻيو پوليس وارو ڪڪڙيون ۽ ماکي جا شيشا ھٿن ۾ کڻي مسجد ۾ ھي پڇڻ لاءِ ايندو ھو ته قبلا ھي سوکڙيون مٿن زوريءَ مڙھيون ويون آھن ۽ اسين وٺون يا نه؟ مولوي صاحب مرڪندي فرمائيندو ھو ته ”ابا ڪڪڙي شڪڙي مالڪان ڪو ولا ڏي ڇوڙ، باقي ماکي تسان ڪو مباح ھي.“ جڏھن ڪڪڙيون پوليس ٿاڻن تان صحيح سلامت ۽ ثابت مالڪن کي واپس ملنديون ھيون ته ماڻھو ته ڇڏ پر خود ڪڪڙين کي به حيراني ٿيندي ھوندي. امن امان واپس وريو. چورن چوري ڇڏي. واڻين ۽ بزار جي دڪاندارن جو ڀاڳ کليو. استاد ميان احمد سونارو جو چوريءَ جي ڊپ کان سون چاندي اسان جي گھر امانت رکي ويندو ھو تنھن پنھنجي دڪان ۾ مال رکڻ شروع ڪيو. ماڻھن جا ڪڪڙ ۽ ڇيلا ڇيڪ گھمندا رھيا. اڄ اھو حال آھي جو ڪڪڙ جتي ٻانگ ٿو ڏئي ته ٺڪ ڪونه ڪو پوليس وارو بندوق ۽ وارنٽ سوڌو جاءِ واردات تي جاچ لاءِ پھچي وڃي ٿو، جيستائين ڪڪڙ خودڪشي ڪري سندس پيٽ ۾ آرو نه ڪري. ڪڪڙ ته ڇڏ پر ماڻھو ڪاريون، لاريون ۽ ريل کي به پٽڙيءَ تان لاھي گم ڪري ٿا ڇڏين. نه آھي ملڪ ۾ خدا جو خوف ۽ نه وري مولوي صاحب!


      استاد عطا محمد حامي مرحوم

    نيٺ استاد حامي به اسان کي ڇڏي ويو. وڃي اصلوڪي ماڳ جا وڻ وسايائين. ڏاڍي تڪڙ ۾ ٿي ڏٺو. ڀانئن ته آتو ويٺو ھيو. جيئن ڪو ٽيشن تي ٽپڙ رکي گاڏيءَ جي اوسيئڙي ۾ ھجي. ويو به اڪيلو ۽ اوچتو. واٽ ٽڪاڻي به ڪانه ڪيائين ، ته ڪا ھلندي جيڏيون؟ خير، جي وڃان وڃان ڪن سي رھي رھندا ڪيترو؟ھونئن به ھتي رکيو ڇا ھيو؟ صبح مانجھند ۽ سانجھي. وري سورن سورن ڀري جبل جيڏي رات! زندگي ته نه ھئي ڪو ٽمجھڻ ھئي. ٻارھوئي ڀنڊڻ. وري ڪو ھڪ اڌ سور ھجي تڏھن به چڱو. ھتي ته ڄڻ گداڙي ويائل ھئي. اڃا به شڪر، جو ھر روح پٺيان ڪونه ڪو روڳ لڳل ھيو. جنھن رڃ جي لقاءُ ڪڍ ھر ڪو چرين جيان ڊوڙندو رھيو. ڪو دنيا جو پوڄاڙي ھيو ڪو ڪنھن ديويءَ جو ديوانه ھيو. ڪو ڪرسي جو پروانه ھيو. ھر ھڪ پنھنجي روح جي ورونھه ٿي ڳولي يا ڪو راءَ ٿي ريجھايو. پوءِ ڪنھن ڦيڙيون پائي، مرليون وڄائي يا نرڙ نوائي!
    استاد حامي اھڙين مڙني مشغولين جي جنجھنٽ کان آجو ھيو. وتائي فقير جيان ھيو ڪنھن جي تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾. ھن جي ڪنھن جي آتڻ يا آکاري ۾ ڪا دلچسپي ڪانه ھئي. ھو ڪڏھن ڪڏھن پري کان بيھي جڳ جو تماشو ڏسندو ٿي رھيو. اھو به فقط رونشي خاطر. جيئن ڪو ٻھراڙيءَ جو ٻار ڊوڙندي ٻير تي چڙھي ملاکڙه جو مزه وٺندو رھي. پوءِ ڪير کٽي ته ڇا يا ڪير ھارائي ته ڇا؟ اڃان به ھارائڻ واري لاءِ ڪجھه ھڏ ڪُرڪندو ھيس. الله پاڪ کيس دل اھڙي نازڪ ڏني ھئي. جھڙي نرمل ۽ ڪومل مکڙي. ڪنھن جو ڏک سور سھي نه سگھندو ھيو. شاعريءَ کي به شايد ان ڪري نپايو ھوائين ته جيئن سندس دل کي ڪو ڳٿو ملي، جنھن وسيلي سندس غم جا غبار دور ٿي سگھن. عاشق مزاج به بي انت ھيو. سونھن سندس روح جي غذا ۽ جيءَ جو جياپو ھئي. آخري ڏينھن ھڪ سٽ ور ور ڪري ٿي ورجائين . ”محبت نه جن جي من ۾ تن جي مٽي اڻاسي.“
    مون ته استاد حامي کي ھردم کلندي ڏٺو. الله پاڪ کيس خلقيو ئي اھڙو خوش خلق ھيو. ننڊ ۾ توڙي سجاڳ. معلوم ائين ٿيندو ھيو ڄڻ کلي رھيوھو. اسپتال ۾ بيماري جي بستره تي سندس کل عجيب لڳندي ھئي. خاص طور جڏھن کلندڙ ڪئنسر جو مريض ھجي. وري مرض جي کيس ڄاڻ نه ھجي. آءُ ته کلندو ھيس کيس کلائڻ لاءِ. جڏھن پيٽ جي زخم مٿان ھٿ ڌري کلندي، وري سور جي ٽاٽ اڀرڻ ڪري ڪنجھندو ھيو، ته آءُ ڇرڪي ويندو ھيس. ڪڏھن ته ائين ڀائيندو ھيس ته ڄڻ موت مون تي کلي رھيو ھيو. موت ھيو يا ڪا ٻي ھستي؟ بنگال جو مشھور شاعر قاضي نذرالاسلام جڏھن ڪنھن ڪوڙه جي مريض کي کلندي ڏسندو ھيو ته چوندو ھيو ته ”قدرت پاڻ کلي رھي ھئي.“ استاد حامي کي کلندي ڏسي مون کي به اھڙو وھم گمان اڪثر ٿيندو رھيو.
    سموري زندگي ائين مرڪندي ۽ مشڪندي ۽ کلندي گذريس. ائين به نه ھيو ته ڪو ھميشه حورن جي ھنج ۾ ھيو. بلڪل نه. پليو نپنو ۽ پڙھيو ئي ڏکن ڏوجھرن ۾ ھيو. گذريل سال ته مٿس قيامت ٿي گذري. سندس ڪٽنب جا چار ڏيئا ھڪ ٻئي ڪڍ اجھامي گل ٿي ويا. انھن ته ھڪ سندس ڳڀرو پٽ ھيو جو ڪاليجي شاگرد ھيو. اوچتو مٿي ۾ سور پيس. چئن ڪلاڪن جي چٽ گھٽ ۾ نه تڳ ڏٺو نه مون ڏٺو. خيرپور جي خلق شاھد آھي ته استاد حامي ڳوڙھو اکين نه ڳاڙيو. چي ”جنھن مالڪ ڏنو ان سنڀالي واپس ورتو. منھنجو اڌ يا ٽھائي؟ آءُ واچوڙو ۽ ٽياڪڙ. ڪير جو ارھو ٿيان.“ ھن ڀيري البت آنو ٻٽو دلگير ٿي ڏٺو. پنھنجو غم ته خيرڪي ھيس. چيائين ته نبين جي وصال واري عمر اٿم. ٽيھٺ سال پورا ڪري چڪو آھيان. وڌيڪ ڌرتيءَ تي ڌرڻو ماري ويھڻ جي آس به ڪا نه اٿم. پر يار امڙ جيئري اٿم. ڪڙاري ٻڌندي ته مري ويندي. صدمي سھڻ جھڙي آھي ئي ڪانه. گھٽ ۾ گھٽ آءُ ڇو سندس دل ڏکوئڻ جو بھانو بڻجان؟ ائين چوندي سندس اکڙين، جي ڪامڻ ڪارڻ سايون ٿي چڪيون ھيون، ۾ ڳوڙھا تري آيا. پر اکيون ڇنڀيائين نه. متان ڳوڙھا ڇلڪي قطار ڪري، ھيٺ نه وھي ڇڙن.
    منھنجي استاد حاميءَ سان ڏيٺ ويٺ اڄ کان اٺاويھه سال اڳ خيرپور ميرس ۾ ٿي جتي مون نوڪري سانگيءَ وڃي ديرو دمايو ھيو. ان دور ۾ منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ سنگت ڳچ اھڙن انسانن سان ٿي، جن جي ياد ۽ ساٿ اڃان سوڌو پنھنجي زندگيءَ جو املھه سرمايو سمجھان ٿو. مرحوم اميد علي شاه، مرزا نورحسين، ھادي بخش لاڙڪ، قائم علي شاه، منظور حسين پنوھر، ۽ عطا محمد حامي. سموري ڪھول ۾ استاد ۽ آءُ ٻيئي عمر ۾ لڳ ڀڳ ھواسون. استاد 1919ع ۾ ۽ آءُ 1920ع جي پيدائش ھيس. پاڻ ۾ ويھا اڻويھا ھئن کان اڳڀرو اسان ٻنھي جي پاڻ ۾ ڪا خاص نسبت نه ھئي. اڃان به افعالن ۾ ھڪ ٻئي جي ابتڙ ھواسون. آءُ چلتو پرزو ۽ چيڙاڪ ھئڻ سان گڏ سڀني بڇڙاين جو بولٽن مارڪيٽ ھيس. برعڪس انجي ، استاد حامي سادو سودو، ماٺيڻو، حليم، بااخلاق ۽ ھڪ درويش صفت انسان ھيو. جھڙس محبتي ۽ مٺڙو ماڻھو مون مشڪل ڏٺو ھيو.
    اھا سندس مٺاس ھئي جنھن جي سبيل ھئڻ ڪري استاد ڪيئي مرض پرايا. ڪجھه سال اڳ کيس ذيابطيس وچڙي. پوءِ کيس سائي يا يرقان جو عارضو ٿيس. مھينو اڳ سندس نياڻيءَ پٺي تي ٿڌڙا ڪڍندي ۽ پِتُ ماريندي استاد جي ڪک وٽ ڪجھه ڳوڙھي ڏٺي. ٻئي ڏينھن استاد اسپتال وڃي آموسيل ھنڌ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ تپاس لاءِ جناح اسپتال ڪراچي ڏانھن روانو ڪيو. داخلا جي چوٿين ڏينھن تي سندس آپريشن ڪئي ويئي. ٻن ھفتن کان پوءِ وري ٻي آپريشن جي تياري ٿي. ٽئين ڏينھن صبح جو جو يار ويندا ڏيکاريندا. ٽن ھفتن ۾ ٽيھٺ جي ورھين جو اڀريل ۽ اسريل وٽ ڪاٽا
    اناالله وانا اليه راجعون!
    صاحب جي صاحبي عجب ڏٺي سون، ماکي ۽ مصريءَ جھڙي مٺي ماڻھوءَ کي ڪئنسر جي مرض ۾ نھوڙي نيڻ! الاھي اسرار ھيو يا آزمائش؟ چئي نٿو سگھجي. پر ھر حالت ۾ اھا قدرت جي ڏاڍ مڙسي ضرور چئبي. ڪئنسر ڪو انساني مرض ٿورو ئي ھيو. ھي ته ڪا ڪاسائڪي ڪار ھئي، اھا به مڏي ڪاتيءَ سان مارڻ ھيو. اھو به اھڙي ماڻھوءَ جي جنھن زندگيءَ ۾ شايد ڪک کي به نه رنجايو ھجي. اھڙي اپيپاه کي اھا بيماري بڇيندي قدرت کي ڪجھه ڪھڪاءُ تي اچڻ گھربو ھو. ان بيماري ۾ جنھن کان دشمن کي به الله شل پناه ۾ رکي، پنھنجن ڪجھه پيارن عزيزن ۽ دوستن کي بک ٿيندي ڏٺو ھيم، جي بيحد شريف ۽ نھايت نيڪ انسان ھئا. جيئن ته پنھنجي مرحوم ھميشره، منشي نور قادر علي ملنگ ۽ استاد حامي، ٽنھي جي بيماري واري مدت ساڻن گڏ گذاريم. آخرين گھڙين تائين. ڄڻ تربيت تي حاصل ڪيم. ھاڻ ته اھو ايمان ٿي چڪو اٿم ته ڪئنسر ڪجھه به آھي، پر سزا ھرگز نه آھي. ٿي سگھي ٿو فقط موت جو سڏ ھجي.آءُ به ايندڙ نومبر ۾ عمر جي ٽيھٺ ڏاڪي تي پير رکڻ وارو آھيان. جي الله پاڪ اھا عنايت مون تي به ڪئي ته اکين تي. پر مھابي پاڪ رسول جي.ان نوازش گڏ شل اھڙي سور سھڻ جي توفيق مون کي به ڏئي، جا استاد حامي کي بخشي ھوائين.
    ھڪ ڏينھن ڀٽ شاه وڃڻ ڪري استاد وٽ وڃي نه سگھيس. ٻي ڏينھن تي ڏوراپو ڏنائين ، ”ادا سائين ائين بيوفائي نه ڪر، آءُ ھتي علاج لاءِ ٿوروئي آيو آھيان، مان ته ظالم توسان ڪچھريون ڪرڻ آيو آھيان.“ لاڏاڻي کان پنج ڏينھن اڳ وري به تغاتو ڪيائين، ”ڀائو متان ڀيرو ڀڳو اٿيئي. باقي ڏھاڙا آھن چار.“ مون وائڙو ٿي پڇيو ته پوءِ؟ ”پوءِ ادل وينداسين اباڻي وطن.“ پر ڊاڪٽر توکي ڳوٺ وڃڻ جي اجازت ڏيندا؟ کلي چيائين ته ” دلبر ڏاڍو ظالم آھين . سمجھين به ٿو ڪھڙي ڳوٺ جي ويٺو ڳالھه ڪريان، پوءِ به پڇي پڪ ٿو ڪرين؟“
    ٻين يارن آئي آءُ ڳالھه کان لنوائي ويس. موقعو وٺي استاد سان ڳوٺ ھلڻ جي ڳالھه چوريم. چيائين ته ڀلي. پر ڊاڪٽر کان اجازت وٺڻي پوندي. اھو ذمو پاڻ تي کنيم. ڇاڪاڻ ته منھنجي خيال ۾ مرض دوا درمل جي سطح کان مٿي چڙھي چڪو ھيو . ٻيو استاد کي وڏي اڻ تڻ ھئي پنھنجي امڙ سان ملڻ جي جيئن ته ھوءَ ڪراچي اچڻ جھڙي نه ھئي. ٻئي ڏينھن شام کان وٺي رات تائين آءُ ڊاڪٽر جي ڳولا ۾ ھيس. پر ڪو پتو نه پئجي سگھيو. ٽئين ڏينھن تي نيرن مھل اسپتال پھتس. معلوم ٿيو ته استاد کي ٻي آپريشن لاءِ وٺي ويل ھوا. ڀائو منگيءَ حال احوال اوريو ته ڪالھه شام ڊاڪٽر سمورو وقت ھتي استاد وٽ، ٻي آپريشن جي اجازت وٺڻ لاءِ آيل ھيو. ان آپريشن کان پوءِ حالت تيزي سان بگڙندي رھي. تانجو ھي فانوس اجھامي ويو.
    حامي مرحوم ھڪ مخلص ۽ محنتي انسان ھيو. ٻاراڻي اسڪول جي ماستري سان زندگي جي شروعات ڪيائين. نوڪريءَ سان گڏ پڙھائي به جاري رکيائين. گريجوئيٽ ٿيڻ بعد ”ناز ھاءِ اسڪول“ ۾ ماستر ٿي خيرپور ۾ آيو. جڏھن يونيورسٽي قائم ٿي ته سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان مدت ۾ تحقيقي مضمون لکي علمي ڊاڪٽري جي ڊگري به حاصل ڪيائين. چاليھه سالن کان وڌيڪ عمر جو عرصو علم ۾ سيڙايائين. خيرپور ضلعي ۾ ورلي ڪو لکيل پڙھيل نوجوان ھوندو جو سندس شاگرد نه ٿي رھيو ھوندو. سندس سموري عمر علم جي ڏس ۾ ھڪ لڳاتار جدوجھد ۽ خلق خدمت ھئي. ساڳي ريت ادب جي ميدان ۾ نثر توري نظم ۾ سندس نالو سنڌ جي چوٽي واري اديبن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿيندو ھيو. سندس سنگت جو دائرو به سموري سنڌ جي آراضي تائين پکڙيل ھيو. ھر ھڪ سان ياري دوستي ملھائي پاڻ موکيائين. پنھنجي گھراڻه،ڳوٺ ۽ پسگردائي جي رھاڪن لاءِ حامي صاحب ھر هاج ۽ ھر مشڪل ۾ خواجه خضر جي حيثيث رکندڙ ھيو. سنڌي ٻوليءَ جو سچو خادم، عاشق ۽ سنڌ جو صحيح معنى ۾ سپوت ھيو. سندس زندگيءَ سڦلي گذري ۽ پوءِ اڳڀرو رواني ٿي. زندگي ڪا الله جي ڏنل سوکڙي ته نه ھئي. پر موت کان ورتل ھڪ قرض ھيو. جو ھڪ نه ھڪ ڏينھن ضرور واپس ٿيڻو ھيو. اھا اوڌر واپس ٿي. ليکو ئي ختم.
    استاد حاميءَ سان روزانه ٻه ٽي ڪلاڪ کن روح رھاڻ ٿيندي رھي. ان گفتگو ۾ موت جو ذڪر ڪڏھن به زير بحث نه آيو. توڙي جو موت اسان ٻنھي جي سوچ ۽ خيال تي پوري شدت ۽ دھشت سان ڇانيل ھيو. اھو به الله پاڪ جو اسان مٿان وڏو احسان آھي جو موت کي انساني اکين اڳيان غائب رکيو اٿس. پر جي موت ظاھر ظھور گھٽين ۽ بزارين يا اسپتالن ۾ گھمندي ڦرندي ڏٺو وڃي، ته شايد گھڻن جو خون خشڪ ٿي وڃي ۽ چرين جي آدمشماريءَ ۾ چڱو واڌارو ٿي پوي. اسان کي اھا ڀليءَ ڀت ڄاڻ آھي ته موت اسان جي پُٺ وٺندو ۽ پير کڻندو ٿو رھي ۽ اسين سندس عقابي نظر کان ڪڏھن به لڪي ڇپي نه ٿا سگھون. عجب ھي آھي ته جو جيئن اسين قبر جي ويجھو ايندا ٿا رھون اوترو موت اسان جي خيالن ۾ پرڀرو ٿيندو ٿو رھي.تحقيق اھو معجزو فقط الله پاڪ ئي سَر ڪري سگھي ٿو.
    اھا به خاطري آھي ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن اسان کي ضرور مرڻو آھي. دراصل زندگيءَ جي اصل حقيقت ئي موت آھي. باقي ته آھن ٻڌل ڳالھيون يا گشتا پتا ۽ اھي ڌُڪا به اسين اڪثر غلط ٿا ھڻون. جيئن ڪي ٻار گھاٽي جنگل ۾ بنان خوف خطري جي گھمندا ڦرندا رھن. تيئن اسين به زندگيءَ جي اوڙاه ۾ ھٿوراڙيون ڏيندا رڙھندا ٿا رھون. اسان کي ته اھا ڄاڻ ئي نه آھي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آھي؟ ڪھڙا مامرا درپيش ايندا؟ حضرت موت سان ميلو ملاقات ڪڏھن ٿيندي؟ شڪر آھي جو ان بي خبريءَ ۽ اٻ ڄاڻائي ۾ اوچتو اجل اچيو سھيڙي. اسين پوءِ خواب جي دنيا ۾ داخل ٿي ڪنھن خيال جي اڏام۾ مست ٿا رھون. ٿي سگھي ٿو ته مرڻ کان پوءِ اسان کي اھا سڌ ئي نه رھي ته ڪو اسين مري چڪا آھيون!


      پائند خان پٺاڻ

    اتر سنڌ ۾ پائند نالي سان ٻه ھستيون مشھور آھن. ھڪ سيد پائند شاه بخاري ڳڙھي ياسين ۾، ۽ ٻيو پائند خان پراڻه سکر ۾. پائند شاه اصلي بلخ بخارا جو رھاڪو ھيو جتان تاتارين جي شورش واري زماني ۾ لڏي پلاڻي سنڌ ڏانھن آيو ۽ ڳڙھي ياسين ۾ اچي گھر ڪري ويٺو. چون ٿا ته سيد پائند روحانيت جو صاحب ۽ وقت جو ولي ھيو ۽ پنھنجي ھٿن جو پورھيو ڪري گذر سفر ڪندڙ ھيو. جا روائت سندس پويان اڄ ڏينھن سوڌو قائم رکندا ٿا اچن. پائند خان پٺاڻ ڪابل ڪنڌار جي سدو زئي حڪمرانن جي آخرين ڪڙي آھي جي ابدالي سلطنت جا شڪارپور ۾ گورنر ٿي رھيا ھوا. پاڻ ھڪ مسڪين ۽ ملنگ ماڻھو آھي پر کيس اھو ھنر ضرور حاصل آھي ته سکڻن ھٿن تي سفيد پوشيءَ جي زندگي ڪيئن گھارجي. وٽس جيڪڏھن پنھنجي ڪا ڇڏيل موڙي آھي ته اھا ٽھڪڙن جي. جا ڌن ڌولت نه چور چورائي ۽ نه باه ساڙي سگھي. ان روڪڙي سرمايه ۾ پائند خان جھڙو ٻيو آغا خان مون کي ڪونه سجھي.
    پائند خان جو اباڻو ڳوٺ گوسڙجي آھي جو سکر ۽ شڪارپور جي وچ ڌاري آھي. ٽيھارو سال اڳ درياءَ جي ليٽ ۾ گھر لڙھي وڃڻ ڪري لڏي اچي پراڻو سکر ۾ واسو ڪيائين. چوندو آھي ته ليٽ به ٻين آسماني آفتن جيان فقط اھا چڪاس ڪرڻ لاءِ ايندي آھي ته متان ڪو غريب غربو ڀل چوڪ ۾ سکيو ستابو نه ٿيو ھجي. جي ھائو، ته پوءِ ان رخ ۾ وھڪ آڻي سندس اگر تگر ٻوڙي پوءِ مزي سان واپس ماڳ ورندي آھي. پراڻه سکر ۾ ۾ به پنھنجو ڪو گھر گھاٽ ته خير ڪي اٿس. پر سندس پار پتو ڳولڻ سولو آھي. جتي به چار ماڻھو ٽھڪ ڏيندي ڏسو، پڪ ڄاڻو ته اتي پائند خان ضرور موجود آھي. نه ته اڄڪلھه جي مايوسي ۽ مھانگائي واري دور ۾ ڪنھن جي مجال جو مرڪي به سگھي. ٽھڪ ڏيڻ وارو ته اڃان ڪوئي ڄائوئي نه آھي، سواءِ سڃي پائند خان جي. ٻھراڙي جي ڳوٺاڻن ۾ ته اڃان ڪو ٺڙو ٺڪاءُ ٻڌجي به پيو. پر شھرن تي ڪو الله جو ڏمر آھي. ماڻھو ائين ٿا منھن سڄائي ۽ ڀيلو ڪري گھمن ڄڻ سندن ھڙئي ڦرجي ويئي اٿن. بقول پائند جي ته ”ادا دل چوندي اٿم ته پاڻ تي گاسليٽ ھاري باه ڏيئي ڪوٺا ٽپندي شھرن کي آگ ڏيئي ائين رک ڪريان، جيئن ھنومان پنھنجي پڇ کي ڪپھه ويڙھي چوچڙي ڏيئي رانوڻ جي سري لنڪا ساڙي ھئي.
    ھونئن ته پائند آدي بنيادي زميندار پڻ آھي ۽ ساڍا پنج ايڪڙ زمين جو اڪيلو مالڪ آھي. اباڻي ورثه ۾ ته يارھن ايڪڙ املاڪ حصي ۾ آئي ھيس. پر ٻوڏ آئي ته اڌ کان گھڻي زمين ريتيءَ ھيٺ اچي لٽجي ويس. چوي ٿو ته قدرت کي شايد مون واري ايڏي اٿاه زمينداريءَ کان خطرو لاحق ھيو ته مبادا آءُ ان ميراث تي بانور ڪري ڦونڊ ۾ ڀرجي فرعون يا شداد جيان خدائي لاءِ دعوا نه ڪريان. انڪري اڳواٽ ئي اڌ زمين وارياسي ڪري ڇڏيائين. جيئن عام ماڻھو عبرت حاصل ڪن. پروڪي سال بصر پوکيائين. فصل ڏاڍو ڀلو ٿيس پر اگھه ڪري پيو. چار ٽرڪون بصر جون ڀري ڪوئيٽا وڪڻڻ ويو ڇاڪاڻ ته اتي بصرن جي بھا چنڱيري ھئي. جيسين قافلو ڪاھي ڪوئيٽا پھچي ته اتي به اگھه سکر کان به ھيٺ لھي ويو. ايترو ڪجھه مليس جو ٽرڪن وارن کي ڀاڙو ڏيئي جند آزاد ڪيائين. پاڻ واچ وڪڻي ريل جو ڪرايو ڪري ”لوٽ ڪي ٻڌو گھر کو پھچي“ ٻج ۽ ڀاڻ ته اڳيئي اوڌر تي ورتو ھوائين. باقي قرض کڻي ڍل ڀرائين.
    ڪجھه عرصو اڳ ڀاڻس چيس ته پائند، پنج سؤ روپيا مون وٽ آھن. باقي ڏوڪڙ تون ڏئي ته بابي ڏاڏي جون بُٺيون مرمت ڪرايون. پائند وراڻيو ته ھاڻي ھيئن ڪر،جو اھي پاڻ وارا پنج سؤ روپيا به مون کي ڏي ته ٽريڪٽر ڀاڙي ڪري پوءِ سڀني وڏن جون قبرون ڊھرائي پٽ ڪريان. چي مار پوين قنڌار کان ھليا ھئا ھتي ڳوٺ ٻڌڻ! کين گوسرجيءَ سواءِ ٻيو ڪو ھنڌ ئي نه سجھيو. ھڪ ته درياه آمھون سامھون. جا ليٽ اچي ته اول مھمان اسان وٽ. ٻيو ٻارھوئي دوزخ جي گرمي. يارنھن مھينا سانده تنور جي ڄر ۾ پيا سڙون. اسان جي وڏن کان ته ٺٺي جا مھاڻا سياڻا ھئا. اتي وڃي جڳھيون اڏيائون جتي گھٽ ۾ گھٽ کائڻ لاءِ ھوا ته ھئي. اھا به ٿڌيڙي.
    سڄي عمر ڇڙو ڇانڊو رھيو. ٿي سگھي ٿو ننڍپڻ ۾ ڪا شادي ٿي ھجيس ۽ پوءِ گھر واري گذاري ويئي ھجيس. مون ڪڏھن سندس خانگي زندگيءَ ۾ نه جھاتي پاتي ۽ نه سندس شخصي معاملن جي جھڙتي ئي ورتي، نه وري پاڻ ڪو اھڙو قصو ڇيڙيائين. توڙي جو چاليھارو سالن کان گھاٽي دوستي آھي. البت ايترو سو ھڪ ڏينھن ٻڌايائين ته شادي لاءِ ارادو ھيم پر اڄ سڀان ڪندي اڌ عمر گذري ويئي. پوءِ پنھنجي عمر ايترو چڙھي ويئي جو ڪاسائين ڪوس لاءِ وٺڻ کان به انڪار ڪيو. انڪري ”جوءِ واري جنجال“ جي پچڙئي ڦٽي ڪيم. نوڪريون به ڪيئي ڪيائين. گھڻو ڪري سينيئما جي مئينيجري. چوي ٿو ته فلم عوام لاءِ وڏي نعمت آھي. عام ماڻھن جا اڻپورا خواب ”کيل“ ۾ اچي پورا ٿا ٿين. خاص طور عورتن جي روڄ ۽ ٻارن جي سرچائڻ جو فلم بھترين وسيلو آھي. ڪجھه عرصو سردار علي گوھر خان جو اسسٽنٽ مئنيجر ٿي رھيو. سردار مرحوم مٿس ساه ڏيندو ھيو ۽ ادا ڀائو کانسواءِ سڏيندو نه ھيس. جڏھن مرحوم گذاري ويو ته پائند خان خالي ھٿ لوڏيندو موٽي ماڳ آيو. جي چاھي ھا ته گھڻو ڪجھه ٺاھي سگھي ھا. ڇو ته سڄي مال جو عام مختيار ھو. پر بقول پائند جي ته ” جا مايا مالڪ جي نه ٿي ته اھا وري نوڪر وٽ ڪھڙو ٽڪاءُ ڪندي؟“ ٻي مھاڀاري لڙائيءَ واري زمانه ۾ ملٽري ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ويو. پڇيائيونس ته تيز ڊوڙ ڀري سگھندين؟ چيائين نه. ٻيڙي پيئندڙ آھيان. سڏ پنڌ ڪرڻ تي به سھڪو وٺندو اٿم. پر ڪڍ ”باه“ ٻريل ھجي ته پوءِ گھوڙا ڪڍ لائي ڇڏ!
    پائند خان چڱو خاصو پڙھيل ڳڙھيل آھي. يتيمي جي مڪتب ۾ تعليم پرايائين ۽ غربت جي ڪاليج ۾ علم جي تحصيل حاصل ڪيائين. جتي زندگيءَ جي يونيورسٽيءَ جا وڏا امتحان ڏيڻا ٿا پون. پر غربت سان ڪو عشق ڪونه اٿس. سندس خيال موجب مفلسي ھڪ مرض آھي. جنھن عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ھر آدمي ۽ ھر قوم جو منزل مقصود ھئڻ گھرجي. پر اڄڪلھه واري چوري ڌاڙي ۽ ڪپت واري ”پلصراط“ ڏاڍو ڏکيو ۽ اوکو پيچرو آھي. باقي وار کان سنھي ۽ ترار کان تکي ڪا پل ٿوروئي ٿيندي آھي. جي قيامت ۾ ڪا اھڙي بليڊ جھيڙي ٻنڌ آھي ته فقط اھو ئي پار ڪري ٿو سگھي جنھن ٺاھي آھي. باقي اسان جي ته ڪا ڀيڻي ڪانھي. گنگھار ته ڇڏ، پر اسان جا علماءِ دين جي سئين سڌي رستي تي به لٺ جي سھاري ھلندي ٿاٻڙجن ٿا، سي ڪيئن اھل پل پار ڪندا؟ يا وري زڪوات جي پئسن کان ڪو ھيلي ڪاپٽر ھٿ ڪري اڏامي پار پھچن ته اھا ٻي ڳالھه آھي.
    سدائين اڇي اجري پوشاڪ تن تي اوڙھيل. جسم جو سنئون سڌو ۽ سڄين لڱين. شڪل جو سھڻو. اھڙو جو پاڻ کي پاڻ خلقي ھا ته به ان کان وڌيڪ موچارو نه ٺاھي سگھي ھا. راڳ جو راڻو. طلبه جي وڄت جو ماھر. ھٿ جو سڌو ۽ ساڄو. بندوق جي نشانه ۾ سندس مٽ مشڪل. مرحوم ايوب خان هي شڪار ۾ جڏھن پائند نه پھتو ته پوءِ يا شڪار ملتوي يا ڊپٽي ڪمشنر جي بدلي. پر پائند جي فن جو ڪمال آھي سندس مذاق ۾. جتي ويٺو ته ڄڻ ناٽڪ شروع. پوءِ ٻڌندڙن جا ڪکين تي ھٿ، ڪي ته ليٿڙين ۾ به ھوندا. ھر اکر موتي جو داڻو. ھر جملو لاجواب. پر مرداڻو مذاق. نقل ڪرڻ به ڏکيو ۽ بيان ڪرڻ اڃا به اوکو. سندن سوچ ۽ فڪر جو اندازو ئي انوکو ۽ اھو به اڻ کٽ. اسان اٺ ڪتابن جا پڙھيا آھن پر پھر پلڪ ڳالھائڻ کان پوءِ اسان جو اندر ”خالي“ ڄڻ ٻڪ ۾ پاڻي ڀريل ھيو جو وٿين کان وھي ويو. پر پائند خان، ھل ھلندن جا ماڳ. پاڇي جيان ھڻ ھڻ ته وڍجي ئي نه!
    ڪوٽائي پٺاڻن جي ھڪ شادي جي موقعي تي سلامت علي ۽ نزاڪت علي مشھور گوويا راڳ لاءِ آيل ھوا، جن جي تڙ پاڻي لاءِ پائند نوڪرن کي پارت ٿي ڪئي. اوطاق ۾ ھڪ وڏو زميندار ويٺل ھيو جنھن ٽوڪ ڪندي پائند کي چيو ته ” ميراسين جي تڙ پاڻي جو وڏو اونو اٿيئي .“ پائند وراڻيو ته ”ھائو سائين، ھي ميراسي آھن ان ڪري ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا تڙ ڪندا آھن. ڪو سنڏ جا وڏيرا ته نه آھن جو ٻارھين مھيني نم جو ڏندڻ به يا نصيب! “ وري مزو اھو جو ان وڏيري جا نه فقط اڌ منو انچ ڏند ٻاھر نڪتل ھوا. پر سندن اڌ حصي تي ھئڊو تھه پڻ چڙھيل ھو. مون ڏانھن رجوع ٿي پائند پڇيو ته ”ادا ڪو اھڙو يورپي ملڪ آھي جتي مکين جو ايڪسپورٽ ڪري فارين ايڪسچينچ ڪمائجي“ ڇو ته اسان جي وڏيرن جي ڏندن کي مک لڳي خودڪشي ڪري مري پوندي آھي. فقط ھڪ وڏيري کان ئي ڏھ گاڏا مکين جا روز گڏ ڪري سگھجن ٿا.“
    ھڪ دفعي ڪوٽ سلطان ۾ سنڌ جي وزير آغا غلام نبي خان جي مان ۾ دعوت ڪئي ويئي جنھن ۾ پائند ۽ آءُ ٻئي شريڪ ھئاسون. پائند جنھن کي ماٺ ڪري ويھڻ اصل ڪونه اچي تنھن ٻئي ڪنھن موضوع نه ھئڻ ڪري وزير صاحب جي گنجي ٽڪڻ تي ويھي تبصرو ڪيو ته سال اڌ کان پوءِ سندس ٽپر تي ڪو ٻلو به چڙھي نه سگھندو ۽ پير کسڪي ويندس توڙي جو ٻلو بجلي جي کنڀي تي به لس چڙھي ويندو آھي. وزير صاحب اھو ڀڻڪو ٻڌي ورتو ۽ جواب ڏنائين ته پائند اڃان ايترو گنجو نه ٿيو آھيان. پائند چيو ته قبلا مون ته ادب کان گھٽائي ڳالھه ٿي ڪئي. نه ته اوھانجي ٽڪڻ تان ته ڪرڙي به ترڪي ڪري پوندي ، جا ڇت تي به ابتي گھمندي آھي. کيس ٺھه پھه جواب ڏيئي مون سان ڀڻ ڀڻ ڪندي وري پنھنجي ڪامينٽري جاري رکيائين. چي ادا منھنجو اھڙو مڻيا وارو مٿو ھجي ته آءُ جيڪر مٿي کي ”روھي“ ۽ ”سراڻ“ جيان استعمال ڪري ماڻھن جون مڏيون ڇڙيون چاقون ۽ پاڪيون تکيون ڪريان ھا. آءُ فقط بزار ۾ مٿو اگھاڙو ڪري ويھان ۽ جو گراھڪ اچي ته پاڻي جي لپ مٿي تي ھڻي پنھنجو اوزار گھڪا ڪندي تکو ڪري وڃي. ٽڪو في ٽپڙ وٺان، تڏھن به جيڪر سؤ ڏيڊ ڏوڪڙ روز ڪمايان!
    دين ڌرم سان پائند جي ڪا پوت ڪانه آھي. چوي ٿو ته ھي جھان آھي ئي جھنم. ماڻھن کي اجائي غلط فھمي آھي ته قيامت اڃان پوءِ اچڻي آھي. جا دراصل ڪڏھوڪو لاڪر اچي ۽ گذري چڪي آھي. اسين سڀ سزاياب ٿي پنھنجا ڪيتا لوڙي رھيا آھيون . پيڙھي به پيڙھي ۽ نسل درنسل. ھر جنم جي پيڙا ۾ چيچلائي پيڙجي مرون ٿا ۽ وري نئون جنم وٺي اچون ٿا ھاويءِ ۾ ھڄڻ لاءِ. نئين سر. دوزخ کي ٻيو وري سڱ ٿوروئي ٿيندا آھن؟ اسين ٻڍا ڇا ٻار، تندرست ۽ بيمار، غريب توڙي شاھوڪار سڀئي آزار ۾ آھيون. اھو دوکو آھي ته اسان ۾ ڪي عيش يا آزار ۾ آھن. فقط ھڪٻئي جي ساڙ کان ائين ٿا چئون. اھا خبر اٿئون ته ڪو مزي ۾ نه آھي. ھر ھڪ سان ڪونه ڪو روڳ لڳل آھي. دوزخ جو طلسم آھي ئي اھو. مسلسل خوف. ننڊ ۽ سپنو. اڃ ۽ رڃ وچ ۾ ڊوڙندي ڄڙه ئي نڪري ويئي آھي. مسيح مھدي ۽ امامن جي اوسيئڙي ۾ ۽ اوتارن جي راه تڪيندي ماڻھن جون اکيون سايون ٿي ويون آھن. ڪي اوٺڪ بيٺڪ ڪندي، ڪي سجدن ۾ نرڙ رڳڙيندي ڪي روڄ راڙو ڪندي انسانن جا لاه نڪري ويا آھن. وري قھر خدا جو. جو آھيون ته سڀ سوريءَ سزاوار. پر تڏھن به پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ڪا ھمدردي ڪانه. اٽلندو پيا ھڪ ٻئي جي زندگي زھر ڪريون. جيئن جيل ۾ ھڪ قيدي ٻين مٿان مقادم ٿي ڏنڊو ڦيڙائي يا جيئن ھڪ جانور ٻئي کي چيريندو ڦاريندو رھي!
    ماڻھن جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ پرک لاءِ ڪسوٽي به پائند خان پنھنجي الڳ ٺاھي ٿي ڏسجي. چوي ٿو ته جي ڏوه گناه وارا اڏا آھن اتي نه آھن ڏوھاري ۽ نه ڏوه. اڄ ڪلھه جي دلالي بجا جيءَ ڍنگ ئي بدلجي ويا آھن. جتي ”خلق خدمت“ جي ھاڪ ھجي ته ماڻھن جي لاک ئي اتي ٿي لاٿي وڃي. جي اصلي ۽ نج ڳنڍي ڪپ ۽ راڄ جا رھزن ڏسڻا ھجن ته پوءِ اھي بگھڙ تاڙيو جي رڍن جي لباس ۾ ماڻھن جو ماس رھڙي رھيا آھن. جن کي جسم تي جبا جامان ۽ چوغا چڙھيل ڏسو ته الله کان امان گھرو. جي اوھان وٽ پنج سؤ روپيا ڪونھن ته نه اوھان جي آپريشن ٿئي. نه انصاف ٿئي ۽ نه ڪو فرياد وٺئي. انصاف جو نشان آھي ھٽ واڻئي واري تارازي. ٻيو پڙ آھي فقط نوٽ وجھڻ لاءِ. الاجي آخرت ۾ عمل ڪھڙي تارازيءَ ۾ تُرندا؟ وري جڏھن ڪنھن شاگرد کان سوال ٿو پڇجي ته پڙھي پوءِ ڇا ٿيندين؟ جواب ٿو ملي ته غريبن جي خدمت، خدمت قوم ۽ ملت جي، پر اسان ته ھر وڪيل، انجنئير، ڊاڪٽر ۽ عملدار کي مُڏي يا ابتي ڪاتي سان تڪبير وجھندي ٿا ڏسون. پوءِ يا ته وڏي ھوندي نيت ۾ فتور ٿو اچي. يا وري جنھن کي ھو خدمت ٿا چون اھا شايد حجامت آھي.
    پائند خان عجب جھڙو انسان آھي. سندس شخصيت کي ھڪ اڌ جھلڪ ۾ اجاگر ڪرڻ اوکو آھي. ھو نه فقط غم ٽار آھي پر پنھنجي وقت جو ”وتايو“ آھي. کل چرچي ۾ اھو آکيندو آھي جنھن جي ٻاڦ ٻاھر اگر نڪري ته جيڪر ٻڌندڙ به ڦاھي چڙھن. دکي انسانن لاءِ سندس دم غنيمت آھي. ساڻس گڏ ويٺي زندگيءَ جي زخمن جي ملم پٽي ٿئي ٿي. سندس سنگ ۾ جي بنان غم جون گھڙيون گذاريون اٿم انھن جو عيوضو عمر ڀر ادا ڪري نه سگھندس. زندگي گھارڻ جا جي ڳر ۽ ڳٿا کائونس پرايا اٿم ان استاديءَلاءِ جان جيئندس سندس شڪر گذار رھندس. ڇاڪاڻ ته منھنجي ساڻس ملاقات ان وقت ٿي جڏھن آءُ اھا اميد لاھي ويٺو ھيس ته ھن زماني جي ماڻھن کان ڪجھه سبق حاصل به ڪري سگھجي ٿو.
    اھا سوچ پائند سيکاري ته ڪتابن جا ورق ورائڻ ڇڏي ماڻھن کي پڙھڻ شروع ڪريان. ڏٺم واقعي ئي ھر ماڻھو نه فقط ڪائنات جو عجيب ڪرشمو ھيو پر پنھنجي سر ھر ھڪ الڳ ”جھان“ ھيو. مون لاءِ اھا نئين ڳالھه ھئي ۽ آئون نئين سر انسان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ سکيس. جي پائندا پارا دوست وقت سر دستگيري نه ڪن ھا ته آءُ ھوند پنھنجو پاڻ کي رڻ ۾ ائين رولي ماريان ھا جيئن درياه ۾ ڪچي گھڙي سھڻي ٻوڙي ھئي. ھاڻ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ڪچ ڪوڏي ھئڻ جي ڄاڻ ته اٿم. مون لاءِ پنھنجي اھا سڃاڻ به ڪافي آھي. جنھن ساڃھه لاءِ سلام لالا پائند کي.


      خان صاحب خان محمد خان

    گار ڪا دعا يا بددعا ناھي پر انسان جي ڌڪار يا ڪاوڙ جو اظھار آھي، پوءِ غلط اظھار ئي سھي. گار جي اثر جو دارومدار ان ماڻھوءَ جي ردعمل تي آھي جنھن کي گار ڏني وڃي ٿي، پر جي ٻڌندڙ ٻوڙو آھي ته پوءِ گار وارو ڇٽو. ڏسڻو ھي به ضروري آھي ته گار ڏيندڙ ڪير آھي. جي پيءُ پنھنجي پٽ کي گار ٿو ڏيئي ته پوءِ گار جي حيثيث ھڪ ھدايت ۾ بدلجي وڃي ٿي. ڪي ماڻھو پاڻ ۾ بيحد گستاخ ھئڻ ڪري ھڪ ٻئي کي گھٽ وڌ ڳالھائن، ليڪن اھڙي حالت ۾ گار حجائتي ھئڻ جي علامت آھي. پر جي گار ڪنھن کي ھنڌائتي لڳي ته پوءِ ممڻ مچي پوندو ۽ ٿي سگھي ٿو نوبت مرڻ مارائڻ تائين اچي بيھي. اھڙي نتيجي آھر گھڻا ڊڄڻا ۽ ڊرپوڪ ماڻھو سر بچاءَ خاطر روبرو گار ڏيڻ بجاءِ پر پٺ گار ڏيڻ کي وڌيڪ پسند ڪن. ڪي وري ٿڌي رت ۽ ٿلھي کل وارا ڀريا مٽ، جي گار ٻڌي ڪن لاٽار ڪيو لنوايو ڇڏين. فقير ھلندو رھي ۽ ڪتو ڀلي ڀؤنڪندو رھي.
    گار جي جواب ۾ عام ماڻھن جو ردعمل پنھنجو پنھنجو آھي. ڪنھن کي وانڱڻ وائي ڪنھن کي بصر بادي. ڪنھن کي شينھن جو پٽ سڏيو ته پيو ٽڙندو ۽ ڦونڊجي بود ۾ اچي ويندو. پر جي ساڳي ماڻھو کي ”گڏه جو پٽ“ چئو ته گرم ٿي محشر مچائي ڇڏيندو. حالانڪ ڳالھه مڙوئي ساڳي آھي. شينھن خواه گڏه ٻيئي جانور آھن ۽ اڃان به شير جھنگلي جناور ۽ گڏه پالتو ۽ محنت ڪش جانور آھي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ماڻھو گار سلسلي ۾ پنھنجي تصور کان متاثر زياده ٿا ٿين. امڙ چوڻ تي ھر عورت پيئي ٺرندي پر ”ابي جي جوءِ“ سڏي ڏسوس ته پوءِ پادر لاھي پٺيان پوندي. توڙي جو سڳي ۽ اصلي امڙ چئبو ئي ”ابي جي جوءِ“ کي آھي. فقط سمجھه جو فرق ۽ ڦير آھي. ڪنھن ايمان واري اڻپڙھيل کي عربي ۾ گاريون ڏيوس ته مرحبا ڪندي ڳڙاٽريون پائيندو.
    دراصل گار ڏيڻ ھڪ وڏو ھنر آھي ۽ ان فن جا ماھر مون گھڻا ڏٺا. مري ويندا پر ڪچي ڦڪي، ٻاڙي يا اگھاڙي گار مور نه ڏيندا. گار ڏيندا ته سرائتي ۽ سريلي ، جنھن ۾ ٻڌندڙ کي پيو سرور ايندو. اسان جي ڳوٺ جو مرحوم خان محمد خان پنھنجي وقت جو سٺو گاريل ھيو. ھواءِ ڀرڪل ٿڙيل ھيس ۽ شايد ان ڪري شاعر به چڱو چوکو ھيو. وري سون تي سھاڳو جو ڳائڻو به ڀلو ھيو. ھارمونيم تي سو گاريون نه ڏيندو ھيو پر گارين ڏيڻ مھل ڪن تي ھٿ رکندو ھيو ڄڻ ڏوھيڙو ٿو ڏئي. مھل موسوم ۽ ماڻھو ڏسي گار ڪڍندو ھيو. بدقسمتيءَ سان پاڙي وارا بدذوق ھيس، جن پاڻ ۾ ٻڌي ڪري کيس مار ڪڍي. ان حادثه بعد گھڻو ڪري پنھنجي اوطاق جا دروازا بند ڪري ويٺو رياض ڪندو ھيو. ماڻھو سڀ ”بي سرا“. کائن اھو به سٺو نه ٿيو ۽ ڇوڪرن کان بڇ ڪرايائونس جن کيس چنڱيڙي ڦيه ڪڍي. ان بعد خان محمد خان مايوس ٿي فقط سمھڻ وقت سوڙ پائي پوءِ گاريون ڏيندو ھيو، انڪري سندس ورونھه صرف سياري جي موسم تائين محدود رھجي ويئي.
    سائين جئندل شاه ”ڌنڌو“ جو ليٽ کان پوءِ لڏي ڳڙھيءَ اچي ويٺو. چنڱيرڙي گار ڏيندو ھيو. ”ڌنڌو“ سندس تڪيه ڪلام ھوندو ھيو. کيڪر ڪندي يا حال احوال ڏيندي ھر جملي بعد ”ڌنڌو“ ضرور چوندو. ”توھان کي الله آندو،“ اھو ڌنڌو. رب ملايو، اھو ڌنڌو. ٻيو مڙيئي خير، اھو ڌنڌو. انھيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي ”ڌنڌو شاه“ ھئا. صوم صلوات جو پاپند ھو. ھڪ ھٿ ۾ ھاسو ۽ ٻئي ۾ ھزار داڻن جي ھيرا ڦيريءَ وچ ۾ ڪو موقعو يا موضوع ملي ويس ته پنھنجي وندر به وظيفي سان گڏ جاري رکندو ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ته سندس ذڪر ۽ گارين جي وندر پاڻ ۾ ايتري قدر وچڙي ۽ ڳنڍجي پوندي ھئي جو ماڻھن کي صلواتون ۽ الله سان گارين جو وھنوار شروع ٿي ويندو ھيس. پر پوءِ اھا ڀاڳ بخت جي ڳالھه آھي ۽ ڪنھن جي نصيب سان ريس ٿوروئي آھي.
    اھڙا نيڪ ٻانھا الله جا اسان جي ملڪ ۾ ڪيئي ٿي گذريا آھن جي نھايت معزز ھئڻ گڏ وڏن عھدن تي پڻ ممتاز پئي رھيا آھن پر سندن گار جي تنوار ۾ ڪو تفاوت نه آيو. مرحوم غلام محمد جو بيمار قوم جوبيمار گورنر جنرل ھيو. سو پنھنجي زماني جو عظيم گاريل ھيو. البت جڏھن کيس اڌ رنگي جو عارضو ٿيو ته پوءِ سندس زبان ٿڙڪندي ۽ ٿابڙبي ھئي ۽ سندس چچريل گاريون ترجمو ڪري ملاقاتين کي ٻڌايون وينديون ھيون. خود مرحوم سڪندر مرزا جڏھن ھڪ دفعي سندس گفتگو سمجھي نه ٿي سگھيو ۽ ھر دفعي ”حضور ني کيا فرمايا“ ٿي چيائين، ته ملٽري سيڪريٽري سندس رھنمائي ڪندي ۽ گارين جو تفسير ڪري کيس ٻڌايو ته ”صاحب فرما رھي ھين که آپ بڙي حرامزادي ھين.“ سنڌ جي اڳوڻي گورنر مرحوم دين محمد کي البت ماھرن جي ڳاڻاٽي ۾ شمار نه ٿو ڪري سگھجي ڇاڪاڻ ته ھو غليظ قسم جو گاريل ھيو ۽ سندس گارگند ٻڌندڙ کي اڪثر الٽي اچي ويندي ھئي. مون ھڪ سنڌي ڪليڪٽر کي گورنر جي ميٽنگ ۾ نڪھير وھائيندي ڏٺو جا گورنر جي گار واري نتيجي ۾ جار ٿي ھئي. آخر سڀ ڪليڪٽر ھڪ جھڙا ٿوروئي آھن. ڪي نڪ وارا به آھن!
    اسان جي سنڌي ٻولي دنيا جي ٻين قديمي ٻولين جيان نھايت ڳر واري ۽ وزندار ٻولي آھي جا نجي نموني فقط ٻھراڙيءَ ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. باقي شھرن ۾ ٻوليءَ جي اڌ کان گھڻن اکرن ۽ اصطلاحن کي گاريون سمجھي خارج ڪيو ٿو وڃي يا وري اگھاڙن الفاظن کي برقعو پارائي پوءِ استعمال ڪيو ٿو وڃي. زبان تي اھڙي سخت ضابطي رکڻ سبب ڳالھائيندڙ جي رت جو داٻ وڌي وڃي بلڊ پريشر جي بيماريءَ جي صورت اختيار ڪري ٿو. آخر ڪيستائين انسان ٻوٿ ٻڌي ويھي ۽ دل جي غبار ۽ بخار کي ٻاھر نه ڪڍي؟ ان ڪري اڪثر شھري ماڻھو اھڙي مرض ۾ مبتلا نظر اچن ٿا جن جو علاج گاريون ڪڍڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه آھي. اسان جي ڳوٺ جو شمون خان ، حيڪم جي اھڙي نسخي ڏسڻ تي، ڏينھن ۾ ٻه چار دفعا گاريون ڏيندو ھيو پر پوءِ پشيمان ٿي انھن ماڻھن کي گارين جو حساب ڪري في گار اٺين آني سان عيوضو ڏيندو ھو. انھي ڪري سندس ڪچھري ۾ اڪثر اھڙا ماڻھو اچي ويھندا ھوا جن کي پئسن جي ضرورت پوندي ھئي. اسان جو مائٽ عارب ٻروچ جنھن کي ڏند نه ھئڻ ڪري ”ٽغو“ چوندا ھئا، ان جو جڏھن به آفيم کٽندو ھو ته مرحوم خان صاحب جي ڪچھريءَ ۾ اچي ويھي سندس ڳالھه کي خوامخواه رد ڪد ڏيندو ھو. ۽ ظاھر آھي ته گاريون گھري وٺندو ھيو ۽ اٿڻ مھل حساب ڪري پنج ست روپيا ڪمائي گھر موٽندو ھيو. آخر ۾ خان صاحب قصي کي سمجھي ويو ۽ پئسن بچائڻ خاطر گاريون گھٽائي ڇڏيائين ۽ فقط زبان جي ذائقي بدلائڻ خاطر رپئي ڏيڊ جيتريون گاريون مس ڏيندو ھو.
    اسان جو پاڙي جو سائين صوفن شاه نانگو ھڪ مست سيد سڳورو ھيو ۽ ڏاڍي ذوم ۾ گار کي اڇليندو ھيو ۽ جنھن کي لڳندي ھئي ته کرڙيون پيون ھڻندو ڄڻ ته سروٽو لڳس. گارين ڏيڻ جو سليقو ضرور ھيس پر سندس زبان ۾ اھو سواد ۽ رس ڪونه ھوندو ھيو جو ھڪ سادات جي ڇٻ ۾ ھئڻ گھرجي. ڪورين جي پاڙي جي اوستي پنڃيل وري گارين ڏيڻ جو نرالو طريقو ايجاد ڪيو ھو. ھو بزار ۾ بيھي ماڻھن کي چپن ۾ ڀڻڪندي گاريون ڏيندو ھيو. سندس اھڙي عادت کان ھر ڪو آگاه ھوندو ھيو پر سندس گاريون بي آواز ھئڻ ڪري اثرائتيون ثابت نه ٿينديون ھيون.
    سنڌ ۾ سھڻي ۽ سوادي گار فقط ڪوٽ سلطان جا خان ڏيئي ڄاڻن. ڪچي ڦڪي يا اگھاڙي گار ڪڏھن به نه ڪڍندا. ٻاھران ڪو ٻڌندو ته ائين سمجھندو ڄڻ اندر اوطاق ۾ ڪا بيت بازي ٿي رھي آھي يا ڪو سگھڙ ڏٺ جي ڳجھارت ويٺو ڳولي. ٻڌندڙ جي دل ھميشه ائين پئي چوندي ته سندن ست سريون جاري رھن ته چڱو. سندن گاريون اسان جي سنڌي زبان جو بي بھا سرمايو آھي ۽ سراپا علم و ادب پڻ آھي.


      مولانا دين محمد وفائي

    ڏھاڪو ڏينھن اڳ براج جي جشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ سکر پھتس. سانجھيءَ ٽاڻي دل ۾ آيم ته ڇو نه خيرپور وڃي پنھنجي مٺڙي دوست ڏاڏا شاه جي بُٺڙيءَ تان ڀيرو ڪري اچان. ڪنھن جي وئي ڪا ياري ختم ٿورو ئي ٿي ٿئي. ڀائو ڏَھر کي سوال ڪري گاڏڙي وٺي پٺين سيٽ تي سوار ٿي خيرپور روانو ٿيس. واٽ تي ڊرائيور، شايد پنجل نالو ھيس، ٽيپ کولي پنھنجو شُغل شروع ڪيو. راڳ جو شونقين آھيان. پر لڏي ويل جي ياد سر تي سوار ھئي. غمگينيءَ سان ماٺ جو وڌيل لاڳاپو آھي بجاءِ جلال چانڊيه جي. ڊرائيور سياڻو ھيو. آئيني مان ٻوٿ بڇڙو ڏسي تاڙي ويو. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين ته ”سائين اوھان کي وَسَوءَ وڻي ٿي يا دٻوئي گُل ڪريون؟ وَسَوءَ جو مٺڙو ۽ ٺيٺ سنڌي اکر ٻڌي مون کي مزو اچي ويو. کلي چيومانس ته گاڏي ھڪ پاسي بيھار. ھيٺ لھي ڀاڪر پائي کيس سؤ روپين جو نوٽ انعام ڏنم. ”ھاڻ ڀلي ھل پر سگھو ھل“ غريب وائڙو ٿي ويو. سمجھو ھوندائين ته ڪو گبر انجنيئر آھي ۽ شايد تازو سيڪڙو مليو اٿس. ھن کي ڪھڙي خبر ته مون وٽ اھا اڪيلي مَڏي ھئي، جا گھر واريءَ اڌ ڪلاڪ قناعت تي ليڪچر ڏيڻ کان پوءِ، سکر جي خرچ لاءِ کيسي ۾ وڌي ھئي. وڌيڪ ساڻس نه ڳالھايم. ڄاتم ته سھڻا ٻول ٻولڻ وارو ڍولڻ ھيو. سڃي وھواه ۽ سکڻي دعا ھئي پٽ برابر. مون وٽ ته ھاڻ سواءِ لٽا لاھي ڏيڻ جي باقي ڪجھه به نه ھيو. ھونئن به منھنجي موج لاءِ سندس ھڪ اکر وارو ”ڊوز“ ڪافي ھيو. انسان جي خوشي ڪھڙي نه سستي آھي. پوءِ اھا ڏيندي به ماڻھو الاجي ڇو ڪيٻائيندا آھن!
    ٻئي ڏينھن پئسن نه ھوندي ۽ ٻيڻين لاءِ ٻاٿون ضرور کاڌم پر ذھني وَسَوءَ واه جو رھي. گھڻن ڏينھن کان پوءِ اھڙي ملوڪ سان ميلو ٿيو ھو جنھن جي ھڪ اکر، دل ۽ من جي دامن کي تر ۽ پُر ڪري ڇڏيو ھيو. ماڻھو ته اڃان سوڌو انھن تنڃين لاءِ روئندا آھن جي گھَٽا ڏيندا ھوا. گھٽا ته وڃي کڏ ۾ پون. اسان لاءِ ته اصلي نافت آھي انھن اڪابرن جي؛ جن جي مک مون ھر وقت گلن ۽ گوھرن جون لڙھيون ڇڻنديون ھيون ۽ سندن اکر اکر جي واس سان چوڏس چوڌار ھٻڪار ٿي ويندي ھئي.
    اھڙو ھڪ اھل دل، اھل قلم ۽ سخن جو صاحب ھيو مولانا دين محمد وفائي مرحوم. جو نه فقط مون جھڙن ڀٽڪندڙن لاءِ ڇپر ڇانو ھيو پر سڄي سنڌ لاءِ علم ادب ۽ عرفان جي وَسَوءَ ھيو. ھونئن به ڪنھن ڪنھن انسان جي ھڏڏوکي ۽ ڀرجھلو ھئڻ ڪري ماڻھن ۾ ايترو آسرو ۽ ڀروسو اڀرندو آھي جو سندن وجود گھر، گھراڻه ۽ راڄ لاءِ ”دلجاءِ“ ھوندي آھي ، ته الله حياتي ڏيئس. مڙس ماڻھو ويٺو آھي. اسان کي ڪھڙو فڪر. ھي اھي ئي انسان آھن جن وئي ديرا، مڪان ۽ اوطاقون ائين امالڪ سڃيون ٿي وينديون آھن جيئن اسڪول ۽ عدالتون، موڪلن ۾ ٻسيون ۽ بيچسيون لڳنديون آھن. اڄ کان پورا ٽيھه سال اڳ اڄوڪي ڏينھن تي سنڌ جي علم وعرفان جو ھي روشن منارو اوچتو گل ٿي ويو. ڪوھيارو ته وڃي خير سان ڪيچ رسيو ۽ اسين ھن ڀنڀور ۾ سسئيءَ جيان اڃا ويٺا ٿا اکيون مھٽيون ته ھان ھي ڇا ٿي ويو!
    سنڌ مدرسي ۾ شاگرديءَ واري زماني کان وٺي نوڪري ڪرڻ تائين سالن جا سال آءُ مولانا صاحب جي ويجھڙائيءَ ۾ اڃان به ھڪ گھر ڀاتيءَ جي حيثيث ۾ سندس قدمن ۾ رھيس. پر مولوي صاحب ھميشه ھڪ سوال جي نشاني بڻيو رھيو. سدائين اھو سوچيندو رھيس ته کيس ڪيڏي نه ڄاڻ آھي؟ ايڏو سارو اٿاه علم ھڪ ھڏائين کوپريءَ ۾ ماپيو ڪيئن ٿي؟ مونکي ته ڇڪي جو کوڙو به پورو ياد نه ٿي پيو. ظاھر آھي ته مون جھڙي وات ڳاڙھي الھڙ لاءِ مولوي صاحب جي شخصيت کي پرکڻ ۽ پروڙڻ يا تاثر وٺڻ ان وقت اھڙو ئي محال ھيو جھڙو ھڪ منڊي ماڪوڙي لاءِ اڀ ڪڇڻ. سمجھه ۽ ساڃھه ته رب جنھن کي ڏئي. ڪو درسي ڪتابن جي پڙھڻ سان ٿورو ئي ملي ٿي. وري جي علم واري وڻ جي ڇانو ھيٺ ويٺي ڪو ڦل ملي ھا ته شايد آءُ به گھڻو ڪجھه رنڱجي وڃان ھا. ڪم بختيءَ جو ڪمال ته ڏسو! پارس جي پاسي ۾ رھندي به ڪورو ٺڪر رھجي ويس. ڀاڳ بخت ته پنھنجي جاءِ پر الله نه ڏنو عقل ۽ نه موت. ٻنھي جي انتظار ۾ اوٻاسيون ڏيندي اچي ٻاھٺ سال گذريا آھن.
    مولانا صاحب جي زندگي ۽ سندس مقصد حيات انھن ٿورڙن اکرن ۾ تجلا ڏيو پيو جرڪي جي ھوند اھي اھڃاڻ سندس شناختي ڪارڊ تي درج ٿيل ھجن. ”اسم مولوي دين محمد خلف خليفو گل محمد، ويٺل نبي آباد مديرالوحيد ۽ توحيد“. ٿي سگھي ٿو اھو محض عجيب اتفاق ھجي يا حادثه، جو سندس سڃاڻپ جا جملي ڏس پته ”الله ۽ سندس رسول“ جي محور چوگرد ورد ڪندا ٿي رھيا. پر ھن حقيقت ۾ تر ڀر به گنجائش نه آھي ته سندس پوري زندگي ”دين محمد“ جي تبليغ ، تدريس ۽ توحيد جي ڀرڀور تحريڪ ھئي. رب ٿو ڄاڻي ته مرحوم مغفور صحيح معنى ۾ ھڪ عاشق رسول ھيو ۽ توحيد جي شمع جو پروانو، جنھن دين جي گود ۾ جنم ورتو ۽ دين جي دائره ۾ ئي دفن ٿيو.
    عالم دين ھئڻ سان گڏ مولانا صاحب ھڪ نامور اديب ۽ نامڪٺيو صحافي پڻ ھيو. تواريخ ۽ تصوف جي ميدان ۾ سندس تحقيقي ڪاوشون قابل قدر آھن. اٽڪل اڌ درجن کن اخبارن جي اڳواڻي ۽ مالڪي به ڪيائين. ٻه درجن کن ديني ۽ ادبي ڪتاب پڻ لکيائين جن ۾ ڪجھه ته سنڌي ادب جا شھپاره آھن. سندس سنڌي سھڻي سليس ۽ اوپرن اکرن کان پاڪ صاف ھئي. اردو، فارسي ۽ عربي زبانن تي عبور ۽ دسترس ھوندي به ڌارين ٻولين جي اکرن استعمال ڪرڻ کان وس آھر لاڙو ڪندو رھيو. سنڌي ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي ملاوٽ کي ”جنن جي ٻولي “ سڏيندو ھيو. فقط اھڙا اڌارا اکر ڪتب آڻيندو ھيو جي ان وقت عام رواج ۾ ھوا.
    مولوي صاحب جي فن جو ڪمال ھيو”لَس لکڻ“. اسان ماڻھو ساھيون ڪري ڳيتيون ڏئي لکون. گرنھن گرنھن تي ويٺا واھگرو ڪريون. پر مولوي صاحب ھڪ ڀيرو قلم کي ”آءُ“ ڪيئي ، ته پوءِ ھل ھلندن جا ماڳ، وڃي ٿيا خير. يا ڪاغذ جا پلندا کٽن يا وري مضمون جو انت اچي. وٽس ”ڄاڻ“ جي کاڻ ۽ اکرن جون ھمياڻيون ھيون جي لکت جي وھڪري ۾ خرزينن جي منھن جيان پاڻمرادو پئٽجي پونديون ھيون. اکر ائين لڏندا لمندا پاڻھرتو روان ٿيندا ھئا ڄڻ درياه جي لڙه ۾ ڪک پن ٿا ترندا اچن. قلمي پورھئي ڪرڻ ۾ نه سندس مقصد ھيو شھرت حاصل ڪرڻ ۽ نه مراد ھئي پئسو ڪمائڻ. پر ھڪ عزت ڀري آس ته کيس جا علمي ڄاڻ ھئي ان جو ڦھلاءُ ڪرڻ ۽ پنھنجي ديسي ڀائرن جي ذھني رڻ پٽن کي علم سان سيراب ڪرڻ. جيسين ڌن دولت جو سوال ھيو ته سندس دل ۽ دماغ جيان، سندس کيسي ۽ گھر ۾ به فقط الله جو سکڻو نالو ھيو. مون اھڙا انسان ضرور ڏٺا جن جي سموري عمر غربت ۾ گذري ھئي پر ھنن پنھنجي مسڪينيءَ کي مجبوري ڀانيو. پر مولوي صاحب کي سندس سڃائيءَ خلاف ڪا شڪايت به نه ھئي. ڏسجي ائين پيو ته ھن غربت کي سوچي سمجھي پنھنجو نصيب بڻايو ھو. مبادا کيس ڪڏھن شرمائڻو نه پوي انڪري پنھنجي دل ۽ دماغ ٻنھي کي، غربت سان عشق ڪرڻ سيکاريو ھوائين. ايتريقدر جو ھي سندس ايمان ٿي چڪو ھيو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي، عياشي، تسڪين ۽ آٿٿ ھيو ئي ”پئسي جو نه ھئڻ“ ۽ نه وري پئسي لاءِ ڪو آسرو ھئڻ. سادو کائڻ ۽ سادو ھنڊائڻ ۽ سادو رھڻ باقي ترھو ھيس توڪل برالله.
    مولانا صاحب جي شڪل شبيه رعب تاب واري ۽ شاھاڻي ھئي. ڪڻڪ رنگو موڪرو مبارڪ منھن. خنڪي ۽ خمار واريون اکڙيون. اڻواقف ڀائيندو ته چڪڙي جو پياڪ ھيو. توبه نعوذباالله. ميندڙيءَ رتڙي ڀنڀي ڏاڙھي. چھري تي نوراني رونق ۽ نرڙ تي محراب. اڏاوت ته نه ھئي ڄڻ موتي مسجد ھئي، ھونئن به ”الله جو گھر“ ته ”انسان“ آھي جنھن جي دل ۾ پاڻ اچيو پيو ڦيڙا پائي ، باقي ھتي يا ته آھن ميمڻ مسجديون يا اھي جي رٽائرڊ پوليس عملدارن ٺھرايون آھن. شايد پنھنجي ضمير جي ٻوجھه ھلڪي ڪرڻ لاءِ! سندس اکين ۾ عجيب ڪشش ھئي، ڄڻ سندس ماڻڪين پٺيان ڪنھن غئبي طاقت ليئا پائي تي واجھايو. مجال ويئي آ جو ساڻس ڪو اک ۾ اک ملائي تڪي سگھي؟ آواز ڳورو ۽ اختياريءَ وارو. جو جملو چيائون ته حرف آخر ۽ پٿر تي ليڪو. منجھنس طبعي لاغرضي ھئي جا ھر قلندر ۽ توڪليءَ جو مرڪ آھي. زمين جي ڪنھن سير يا سوا سير تي فلڪ ئي ڪانه. باقي آذان جي الله اڪبر ٻڌائين ته پوءِڄڻ ڪوه ندا جو سڏ ٿيو. ھميشه باوضو، مصلي تي بيٺا ڄڻ پنڊ پھڻ. ڪنڌ ھيٺ. ھٿ پيٽ بجاءِ سيني تي. نماز پوري ٿي ته ڄڻ ته چنڊ، گرھڻ کان آجو ٿيو. سجده سندس لاءِ معراج ھيو. پُٽن کان ويندي مون تائين نماز لاءِ ھر ويلي پڇا ٿيندي. آءُ اڪثر ڪپڙن خراب ھئڻ بھاني لنوائڻ جي ڪوشش ڪندو ھيس. ”بدبخت توکي ڪنھن ٻڌايو آھي ڪپڙا خراب ٿئي نماز کان نٽائجي.“ احمق اٿ لاه لٽا، چادر ٻڌ پر پڙھ نماز.“ سندس نماز سان انس نه پر عشق ھيو.. مون کي يقين آھي ته کيس سئون سڌو گھمندي به عار ٿيندو ھيو. وس پڄيس ته وک وک تي سجده ۾ وڃي وري اڀو ٿي جيڪر ٻيھر سجده ۾ وڃي ڳاٽ کي نيچو نوائي. مون کي اھو به ڊپ آھي ته خدانخواسته جيڪڏھن قيامت کان پوءِ الله پاڪ نماز جا فرض گھٽايا مورڳو معاف ڪري ڇڏيا ته پھريون شخص مولوي صاحب ھوندو جو اھو الاھي امر اورانگھي پنج دفعا ڏينھن ۾ نماز ضرور پڙھندو. پوءِ ڄاڻي واڻي نه ته ڀل۾ ئي سھي!
    مولوي صاحب جو وڏو فرزند مظفر وفائي مون کان ھڪ سال مٿي ۽ وچون شفيع وفائي مون سان سنڌ مدرسي ۾ گڏ پڙھندڙ ھئا. سندن سنگت جنھن اڳتي ھلي ڀائپيءَ جو روپ ورتو، مون کان پنھنجو گھر وساري ڇڏيو. وئڪيشن ۾ اڪثر آءٌ ساڻن گڏ سکر وڃي ڏينھن جا ڏينھن سندن گھر ۾ وڃي رھندو ھيس. جتي سندن مرحومه امڙ پنھنجي ٽنھي شھزادن پٽن ھوندي به مون ڪوجھي کي ڪڏھن به ھي وسھڻ نه ڏنو ته آءُ ڪو ”پرايو پٽ“ھيس. ”ست ڌارين کي پنھنجو ڪري جيءُ ۾ جايون ڏيڻ لاءِ دل کپي ۽ کيس سندس خالق ان ساکرو درياه جيتري دل بخشي ھئي جنھن جي ”واري تڙ“ تي سندس جھوپڙي اڏيل ھئي.
    مولوي صاحب ۽ سندس شريڪ حيات کي گڏ ڏسڻ سان محسوس ٿيندو ائين ٿيندو ھيو ڄڻ ٻيئي ساڳيئي سپيءَ جا ٻه پڙ ھوا. البت قرب ميٺاج ۽ سخا ۾ امڙ صاحبه سڀني گھر ڀاتين کان ڪيئي ڪاسا سرس ھئي. مولوي صاحب جي بارگير ۽ ڳنڀير سطح سان اسان جي ڇوڪراڻي ۽ ڇڇوري طبع جو راس اچڻ به اڻائو ھيو. ان ڪري اسين اڪثر سندس موجودگيءَ ۾ ڀاڙو تترن جيان ڪنڊ پاسي لڪندا ڇپندا رھندا ھواسون. خاص طور مظفر ۽ آءُ ته ٻيئي خاصا ٽڻڪ به ھواسون. ھن جي ھر دم آل ڪانءِ جيان واڇ ٽڙيل ۽ منھنجا جنرل ضياءَالحق جيان ڏند سدائين ٻاھر نڪتل. سڄو ڏينھن کلڻ ۽ ٽھڪڙن ۾ گذرندو ھيو. نٿو ڀانيان ته اسان ٻنھي زندگيءَ ۾ ڪو وڌيڪ کليو ھوندو. سواءِ پارسين جي پيغمبر زردشت جي. پر ھن سدوري ته پينگھي ۾ ئي ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا ھئا.
    1941ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري سنڌ مدرسه کان ٽپڙ کڻي وڃي پنھنجي مائٽن ڀيڙو ٿيم. ھڪ ھفتو ھڪ وٽ ۽ ٽي ڏينھن ٻئي وٽ ٽڪاڻو ڪيم. ڏٺم ته سندن جايون وڏيون، ڏيل ڏونگر وانگر، پر سندس دليون ڏاڍيون سوڙھيون ھيون. آخر پنھنجي ”ڪائنات“ (جا انھن ڏينھن ۾ ھڪ ٽٽل ٽين جي پيتڙيءَ تائين پکڙيل ھئي) ڪلھي تي کڻي اچي مولوي صاحب جي ڏيري تي گاڏي حاطي ۾ سھڙيس، جتي نه فقط منھنجو آڌرڀاءُ ٿيو. پر سيني سان به لاتو ويس. صفحي، ڏيڊ ڪمري جيتري مس ھئي، جنھن جو وڏو ڪمرو مولوي صاحب جي بيڊروم ڊرائنگ روم ۽ اسٽڊي روم طور ڪتب ايندو ھيو ۽ باقي اڌ ڪمري ۾ اسين سراسري ست ڄڻا رھندڙ ھواسون. ھي جڳھه رھائش لاءِ گھٽ پر پبلڪ لائبريري، خالقڏنو ھال ۽ درالامان طور وڌيڪ استعمال ٿيندي ھئي. مون جيان ڪيترن ئي گھر جي تڙيل، ڌرم جي ڌڪاريل ۽ مصيبت جي ماريلن جي ھتي اچ وڃ عام جام ھئي. مولوي صاحب جو عظيم ڪرشمو اھو ھيو جو وٽائس ڪوئي سکڻي ھٿ واپس نه ورندو ھيو. ڪنھن کي دعا ۽ وظيفو، ڪنھن کي سھڻي صلاح، ڪنھن کي سفارشي چٺي ته ڪن لاءِ پاڻ پنھنجي سر لڪڻ کڻي پنڌ پوندا ھئا. جن جي مراد پوري ٿيندي ۽ ڪارج سڌ ٿيندا ته انھن کي ھدايت ٿيندي ته نماز پڙھو، علم پرايو، ڪتاب لکو۽ غريب شاگردن کي پڙھايو. اھا ھوندي ھئي مولوي صاحب جي ”في“ جنھن جو تغاتو ضرور ڪندا ھئا.
    مولوي صاحب سان فقط گڏ رھڻ پنھنجي ليکي ھڪ قسم جي تعليم ۽ تربيت ھئي. ھن کان اڳ مون کيس دوربيني سان ٿي ڏٺو. ھاڻ صبح شام کيس اکين آڏو ھڪ کليل ڪتاب جيان ٿي پڙھندو رھيس. ڏٺم ته لکڻ ۾ اورچ ۽ اڻ ٿڪ ھيو. پر جي مطالع ۾ مصروف ته پوءِ دنيا جي شورغل کان بيخبر. گفتگوءَ ۾ نھايت سنجيدو پر جي مرحوم ناقص يا مرحوم دين محمد عليگ آيو ته پوءِ ڀوڳ چرچي جو چھچٽو. پر مختصر ۽ حد اندر. مون ڪڏھن به کيس ٽھڪ ڏيندي نه ڏٺو. مرڪندو ضرور ھيو پر اھو به منھن تي ھٿ جو ڍڪ ڏيئي پوءِ. خوش طبعي سندس طبع جو ھڪ ظاھري پوش ھيو، جنھن جي اندر ھڪ زخمي ۽ ڦٽيل دل سانڍيل ھئي جا اندر جي اوٻر کان سندس اکڙيون رت روئنديون ھيون. آءُ ڀلي ڀت ڄاڻندو ھيس ته ڪھڙي ڪارڻ. مولوي صاحب کي اھو ڪاپاري گھاءَ پنھنجي مٺڙي نياڻيءَ جي جواني واري جدائيءَ رسايو ھو. مولوي صاحب جي پنھنجي اولاد سان والھانه محبت ھئي پر مرحومه ”زيب النساءَ“ سندس ساه جو حصو ھئي. جڏھن ڏيئو اجھامي ويو ته باقي خالي بت رھيو جو دستوري حرڪت ۾ ھيو. پر ٻاھرين خاني ڪنھن کي لکا پوڻ نه ڏنائين. ھو پنھنجي پريشاني کي پڌرو ڪرڻ ۾ عار سمجھندو ھيو. ھو ته آيو ھيو فقط ٻين جا سور سانڍڻ ۽ کين ونڊڻ ۽ ورڇڻ، باقي پنھنجا ڏک ڏاکڙا ته ھئا ”رب جي رضا“ يا سندس آزمائش!
    منھنجي خيال ۾ مولانا وفائي پنھنجي وقت جو قطب تارو ٿي رھيو. ھن پنھنجي تقريرن ۽ تبليغ وسيلي، پنھنجي پوري وت ۽ سگھه آھر، سنڌ جي ماڻھن جي رھبري ۽ رھنمائي ڪئي. پوءِ ھي ٻي ڳالھه آھي ته ان ”سجاڳي“ ۽ ”سوجھري“ جو ڪاٿو ڪرڻ اوکو آھي جو سندس اڻڳڻت ڪوششن ۽ پاڻ پتوڙڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو. مولانا جي وس ھئا ”واڪا“ جي ھن واه جا ڪيا. پر اھي واڪا ۽ رڙيون شاه ڀٽائيءَ کان ويندي مولانا وفائيءَ تائين ايتريون ٿيون آھن جو اسين فقط گونگا ۽ ٻوڙا ھجون ھا ته تڏھن به ڪپاٽ کلي پون ھا. پر ڏسجي ائين پيو ته سنڌي ماڻھو ھن ڌوڙ واري زمين جي مخلوق بنھه آھن ئي ڪونه. ٿي سگھي ٿو اسين شايد ٻئي ڪنھن سياره کان ڇڄي يا کسڪي ھيٺ ڪريا ھجون.
    اڻويھه ورھين جي ڄمار کان وٺي (خلافت ھلچل) آخرين ھڏڪيءَ تائين پورا ٽيھه سال لڳاتار ھي اڻ ٿڪ سپاھي پنھنجي ديس جي چاڪريءَ ۾ رنڀيل ھو. جو وڙ کائونس ٿي سگھيو اھو لڪ ڇپ ۾ نه، پر دھل جي پڙھي تي ڪيائين. حق سچ جو ڪلمون چوندي ڪنھن کان ڪَوَ ڪونه کاڌائين. ان ڏس ۾ جيل جا ڌڙڪا ۽ سزائون به سٺائين. نه وري ڪو لالچ جي دام ۾ آڻي کيس ريھي ريبي سگھيو. پنھنجي دين ايمان سان سچو رھيو ۽ سنگت ساٿ ۽ اوڙي پاڙي سان به نباھي ويو. آل اولاد سان ڳنَ ڏيئي کين علم جي زيور سان سينگاري ۽ پنھنجن پيرن تي بيھاري ويو. ڪنھن جو ڪاڻيارو نه ٿيو نه وري ڪنھن ڪي مٿس ڪا ميار رھي. وڏي ڳالھه ته جاکوڙا ڪڍندي ۽ رزق حلال تي گذر ڪندي پنھنجي زندگيءَ کي دائمي سونھن ڏنائين جو اڄ ڏينھن سوڌو سندس نانءُ لاھوتين ۾ پيو لکجي.
    وري جڏھن سندس زندگيءَ جي شام اڃان اوڏو نه آئي ھئي ۽ واھيري جي ويل به ڪجھه پر ڀرو ھئي. ته الاجي ڇو، دل ۾ آيس ته اڏري وڃان پرين جي پار ڏي، پنھنجي يار ڏي. ڀڙڪو کائي اڏاڻو. پار ويندا ڏيکاريندا! جڏھن سقراط کي زھر جو پيالو پيئڻ لاءِ آڻي ڏنائون ۽ ھن چپن تي آندو. ته سندس شاگرد ۽ دوست ”ڪريٽو“ سوال پڇيو ته ”استاد تنھنجي وئي پڄاڻان اسان توھان لاءِ ڇا ڪريون؟“ سُقراط مرڪي چيو ته ”ڪريٽو، اول مون کي ھي ته ٻڌاءِ، اوھان مون کي پھچي سگھندا؟“.


      منشي ملنگ فقير

    منشي فقير قلندر شھباز جو ملنگ ھيو. اڄ کان اڌ صدي اڳ دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا ڇڏي اچي سيوھڻ سھڙيو ۽ درگاه جي غلامي اختيار ڪيائين. پنھنجي سموري عمر جواني ۽ پڇاڙي درگاه جي مجاوري ۽ مرشد جي خدمت ۾ ختم ڪري ڇڏيائين. فقيريءَ جي ڪٺن راه ۾ ڪشٽ ۽ ڪشالا ڪڍندي، تن کي تسيا ڏيندي پنھنجو رت ست سڀ سڪائي ڇڏيائين. باقي وڃي بچيو ھوس پنھنجو خاڪي جسم ھڏائون پنڃرو ڄڻ اڏوھي کاڌل کوکو. آخر اھو پيھر به ٽپي پار ڪيائين. گذريل اڱاري ڏينھن پره ڦٽي پرڀات ڌاري چولو مٽائي راه رباني وٺي رمندو رھيو. آيو به اڪيلو ھيو، رھيو به عمر ساري اڪيلو ۽ ويو به اڪيلو. بقول ڀٽائيءَ جي ”ھيڪلائي ھيل پوريندس پنھون ڏانھن.“
    سندس اصلي نالو ڇا ھيو؟ ڪا خبر نه آھي، نه پاڻ ڪنھن کي نالو ڏسيائين ۽ نه وري ڪنھن کائونس اھڙي پڇا ئي ڪئي. عام طور تي کيس منشي ملنگ سڏيو ويندو ھيو. حالانڪه درگاه جي قديمي روايت مطابق، سندس مرشد طرفان رکيل نالو فقير ”نور قادر علي “ ھيو. پاڻ پني عاقل جو ويٺل ھيو. تيرنھن سال جي الھڙ عمر ۾ ڪنھن ڳالھه يا ڪنھن واقعي ڪارڻ ھن دنيا ۽ دنيا وارن کان دل کٽي ٿيس. بيزار ٿي پنھنجو گھر گھاٽ ڇڏي جھنگ منھن ڪيائين. ڪجھه ڏينھن پڄاڻان سيوھڻ اچي درگاگ ڀيڙو ٿيو.
    ھن آسڻ تي سندس دل ۽ من کي اھو قرار حاصل ٿيس جنھن جي کيس تلاش ھئي. قلندري فقيرن جي حلقي ۾ داخل ٿي، ھڪ الله ڪري ويھي رھيو ۽ مرندي دم تائين درگاه جو در نه ڇڏيائين.
    سيوھڻ ۾ قلندر جي درگاه کان سڏ پنڌ اور تي قلندري فقيرن جو ھڪ قديمي آستانو آھي جنھن کي عام طور ”ڪافي“ يا اڃان به ”پٺاڻن جي ڪافي“ سڏيو ويندو آھي. ھن ھنڌ قلندري طريقي جي ”جلالي“ فقيرن جو مرڪز آھي، جتي قلندر جي ملنگن جي روحاني تعليم۽ ترغيب جو سلسلو گذريل ست سؤ سالن کان جاري آھي. ھن قديمي اداري جي مدار لمھام کي ”مرشد“ چيو ويندو آھي ۽ مريدن کي ملنگ. موجوده وقت ملنگن جو تعداد اڍائي سئو کان مٿي آھن جن جو ڪجھه حصو عبدالله شاه غازي ۽ اھڙين ٻين مختلف درگاھن تي مجاورانه خدمت چاڪريءَ لاءِ مقرر ٿيل آھن. ھن وقت تائين سلسلي وار نو عدد مرشد تي گذريا آھن جن جا مقبرا ڪافيءِ اندر موجود آھن. آخرين گادي نشين مرشد ”نادر علي شاه“ ھيو جو نوانوي سال عمر ۾ 1973ع ڌاري وصال ڪري ويو. موجوده گادي نشين مرشد ”حاجي محمد عارف علي شاه“ آھي جو ھڪ نوجوان اعلي تعليم يافته ھئڻ سان گڏ ايم بي بي ايس سند يافته ڊاڪٽر پڻ آھي. مرشد نادر علي شاه جي وصال کان ٽي ڏينھن اڳ کيس سيوھڻ اچڻ جو اوچتو حڪم مليو جتي وصيعت مطابق کيس گاديءَ جي واڳ حوالي ڪري سندس تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. اوقاف جي وجود کان اڳ ھر گادي نشين جي ھي روزمره جي فرض ادائي ھوندي ھئي ته ھو ھر صبح جو پنھنجي فقيرن جي ٽوله سان اچي درگاه جي ٻھاري ڏئي.
    قلندر جي ڪافيءَ اندر اتر طرف ”سخي سرور“ جو آستانو آھي جو پڻ سوين سالن کان قائم دائم آھي. ھن آسڻ تي ”سخي سرور سلطان“ چاليھه ڏينھن چلو بچايو ھيو ۽ بارگاه الاھي ۾ دائمي لنگر سوال ڪيو ھئائين جو قبول پيو ۽ ھتي لنگر سدائين جاري رھي ٿو. ھند خواه سنڌ ۾ ”ڪافي“ ھڪ واحد آستان آھي جتي عام مخلوق، غريب غربي عام و خاص ۽ آئي وئي کي ماني کارائي وڃي ٿي. ميلي دوري ته ھزارن ماڻھن کي پرعام رواجي ڏينھن تي پڻ سون کي ٻه وقت ٻوڙ ماني ۽ ٻه وقت چانھه پياري وڃي ٿي. سياري اونھاري لنگر جو سلسلو چالو رھي ٿو. سيوھڻ جي مالڪ مار گرميءَ ۾ روزانه ويھه ٽيھه مڻ اٽو ڳوھي مانيون کارائڻ اھڙو ڪٺن ڪم آھي جو قلندر جا مست ملنگ ئي سرانجام ڏيئي سگھن ٿا ۽ باقي ٻئي ڪنھن جي مجال نه آھي. ھڪ دفعي ڪنھن گھڻگھري مرشد بادشاه کي صلاح ڏني ته سائين ڪڻڪ مھانگي ٿيڻ واري آھي ۽ پنجاه رپئي مڻ به مشڪل ملندي انڪري اڳواٽ وٺي رکو. مرشد کلي کيس چيو لنگر الله جي نالي ۾ پيو ٿو ھلي ۽ رزق ذمون به سندس آھي. جي ڪڻڪ جو في داڻو به پنجاه روپيا جي قيمت تي مليو تڏھن به انشاءَالله لنگر قيامت تائين جاري رھندو.
    منشي ملنگ فقير ڪافيءَ ۽ لنگر جي ٻاھرين انتظام تي مقرر ٿيل ھو ۽ ان سلسلي ۾ اڪثر تر سندس ڪراچيءَ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو ھيو. منھنجي ساڻس واقفيت ته ورھين کان ھئي پر گذريل چئن پنجن سالن کان ان قربت ۾ خاصو اضافو ٿيو ھو. ڇٺي ڇماھيءَ ملاقات پيئي ٿيندي ھئي. ماٺيڻي مزاج ھئڻ سبب ڪلاڪ اڌ ۾ مشڪل سان ڪو جملو اڌ ڳالھائيندو ھيو. ورنه ٿيو ڀلو. ڪڏھن ڪڏھن منھنجي اڏي ابتي سوال ڪرڻ تي سندس اکين ۾ ھڪ عجيب قسم جي چمڪ پيدا ٿيندي ھئي جنھن جي غلبي سبب منھنجي لڱن ۾ ڏڪڻي ۽ اندر ۾ سپاٽو اڀرندو ھيو. ھڪدم ڳالھه بدلائي ٻيو ڪو قصو شروع ڪندو ھيم تڏھن وڃي فقير سانت ۾ اچي پنھنجو دستوري مرڪڻ جاري رکندو ھيو. ٽي سال اڳ احوال ڏنائين ته امتحان ۾ ٽيھه مارڪون حاصل ڪيون ھئائين ۽ چيائين ته اڃان پنڌ پري آھن.
    ٽي سال اڳ منشي ملنگ فقير کي سرطان جي بيماري سبب سندس ڄنگھه ۾ ڳڙ پيدا ٿيو جنھن نھايت خوفناڪ صورت اختيار ڪئي. ڊاڪٽر رايو ڏنو ته سندس ڄنگھه گوڏي وٽان ڪاٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو علاج نه ھيو. منشيءَ اھڙي آپريشن ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. ڪنھن ڏس ڏنس ته نانگ جو ڏنگ ھڻاءَ ته فائدو ٿيندو. کلي ويٺو. چيائين ته ”خدا ۽ قلندر“ جا ڪم ڏسين ٿو؟ ھاڻ مون نانگي کي نانگن حوالي ٿو ڪري. ”خداءِ قلندر“ سندس تڪيه ڪلام ھيو ۽ سندس ھر جملو خداءِ قلندر سان شروع ٿيندو. آخر ھڪ ڏينھن ڪافيءَ ۾ ويٺي پاڻ خنجر کڻي ڪئنسر جو ڳڙ ڪپي ڇڏيائين. الله منھنجي قدرت مھيني اندر نؤبنو ٿي پيو. ڏيڊ مھينو اڳ مون وٽ آفيس ۾ آيو ۽ ڏاڍو خوش خورم ۽ باغ بھار ٿي لڳو. چيائين ته امتحان پورو ٿيو ۽ پنجونجاه مارڪون مليون آھن جي منھنجي لحاظ کان ھڪ معراج آھي. مون ڳڙاٽڙي پائي کيس مبارڪون ڏنيون. ڪوپو ۽ قدآور جوان ھيو ۽ آئون سندس سيني تائين مس پھچندو ھيس. پر سندس شڪل شبيھه ننڍڙن ٻارن جيان معصوم ھئي. سندس مرڪڻ اھڙو مٺڙو ۽ من موھيندڙ ھيو جو آءُ پھرن جا پھر ويٺو کيس گھوريندو رھندو ھيس.
    عبدالله شاه غازي جي تربت ۽ درگاه، منشي ملنگ جي ھٿن جي ٺاھيل ھئي، ھتي 1923ع کان 1930 ع تائين، مرشد نادر علي شاه جي حڪم ماتحت، درگاه جي تعمير لاءِ پٿر ڍوئيندو ۽ اوساري ڪندو رھيو. ان زماني ۾ موجوده ڏاڪڻ ٺھيل ڪانه ھئي ۽ مٿي اوچائي واري چڙھائي نھايت اوکي ۽ اڻانگي ھوندي ھئي. منشي ملنگ جي پٺيءَ تي وڏا پتر رسيءَ سان ٻڌا ويندا ھئا جي ھو يڪساھيءَ مٿي پھچائيندو ھيو، کيس اڪثر قلندر جو ”پاڏو“ سڏيو ويندو ھيو. صبح جو سويل ”لي“ مارڪيٽ کان ٻڪرين لاءِ گاه ۽ لنگر لاءِ سبزيون ۽ ترڪاري کڻي پيرين پنڌ غازي عبدالله شاه جي درگاه تي رسندو ھيو. نيرن کان ٽپھريءَ تائين پٿر ڍوئيندو ھيو. درگاه جون جملي جايون ۽ ھيٺان وارا رھائش ڪواٽر سڀ سندن ھٿن جا ٺھيل آھن. ساڳيءَ ريت ڪافيءَ جي اڪثر عمارتن ٺاھڻ ۾ پڻ سندس پورھيو شامل ھيو.
    منشي ملنگ جي واقفيت کان اڳ مون کي قلندر جي ملنگن لاءِ جو تصور ذھن ۾ ھيو اھو ھي ھيو ته ھو ڏنڊا مشٽنڊا ۽ بيڪار قسم جا ماڻھو ھئا جن چرس جي دگاڙن ھڻڻ، ڳانا ۽ گودڙيون پائي ۽ چمٽا کڻي نچڻ ۾ پنھنجي عمر ٿي گنوائي ۽ سندن شراشريعت ۽ عبادت الاھيءَ سان ڪو تعلق نه ھيو. ڪافيءَ ۾ اڪثر اوقات مھمان ٿيندي جڏھن پنھنجي اکين سان مشاھدو ماڻيم ته منھنجيون وايون بتال ٿي ويون، ۽ ڪپاٽ کلي پيم. ڏٺم ته نشيدار شين جو واھپو ھيو ۽ نه ڪا بدعت عمل ۾ ٿي آئي. پنج وقت نماز ۽ ساري رات ذڪرالاھيءَ سواءِ ملنگن جنھن محنت ۽ مشقت سان ڪافيءَ جو مڪمل انتظام ۽ لنگر جو بندوبست ٿي سنڀاليو اھو عام رواجي انسانن جي وس کان ٻاھر ھيو. مون کي ته اھو گمان به غالب ٿيندو رھيو ته اھي ملنگ واقعي ئي انسان آھن يا غئبات. ھي ٿورڙن ماڻھن کي علم آھي ته انھن ملنگن ۾ ڪيترا اعلى تعليم يافته ۽ وڏن گھراڻن جا فرد آھن. ھي پنھنجي رضا خوشيءَ سان تارڪ الدنيا ٿيا آھن. منشي ملنگ کان علاوه منھنجي جنھن ملنگ سان دوستي آھي اھو سائنس جو گريجوئيٽ پڻ آھي.
    قلندر جو ملنگ ٿيڻ اھڙو ئي آھي جھڙو پلصراط کان پار لنگھڻ. دنيا سان قطع تعلقات ته پنھنجي جاءِ پر پنھنجو وجود وڃائڻ، پائڻ لاءِ گودڙي، سمھڻ لاءِ فرش ۽ کائڻ لاءِ ھڪ وقت، اھو به اوبر جي ماني. ۽ ڏينھن جو پورھيو ۽ رات جا اوجاڳا ان کان علحده. اسان جي وت ۽ وس کان ھي ڳالھه ٻاھر آھي. منھنجي نقطه نظر خودڪشي جا ٻيا به بھتر طريقا موجود آھن بجاءِ ان جو ملنگ ٿي پاڻ تي ظلم جبر ۽ ستم ڪجي. منشي ملنگ گھڻا دفعا روحاني موج لاءِ سوال پڇندو رھيس پر ھر دفعي مرڪندو رھيو ۽ چوندو ھيو ته گھيڙ ۾ گھڙي ڏس. موت لاءِ به جواب ساڳيو ڏنائين ته”مري ڏس“. مڃڻ مراد آھي. منھنجي لاءِ مرڻ آسان آھي، پر منشي ملنگ ٿي ھڪ پھر به جيئڻ نه فقط ڏکيو آھي پر ناممڪن پڻ. منشي ملنگ جي مرڻ بعد جڏھن کيس گودڙيءَ۾ سينگاري سندس منھن ڏٺو ٿي ويو ته منھنجي ٻئي ملنگ دوست سندس نزديڪ اچي چيو ته ”منشي جي، ملنگ تو ڪبھي مرتي ھي نھين، آپ تو مرگئي؟“ منشي ملنگ جو ٻوٽيل اکيون ھڪ وار کليون ۽ منھن تي مرڪ نمودار ٿي.سواليءَ کي جواب مليو ۽ منشي ملنگ واپس پنھنجي ماڳ رسيو. منھنجي خيال ۾ ڪنھن امتحان ڏيڻ لاءِ ھت آيو ھيو اھو اڪري پار ٿيو!


      آخوند الله بچايو وڪيل

    ٻيو سڀ لوڪ لباس ڪو ھڪدل ھوندو ھيڪڙو.(شاه)

    آخوند الله بچايو 1919ع ڌاري مٽيارين ۾ ڄائو، جنھن تاريخي شھر ۾ سندس وڏڙا پيڙھين کان مدرسن ۽ مڪتبن ۾ علم پڙھائيندي آخوند سڏجڻ ۾ ٿي آيا. اڃان پنجن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد ماجد آخوند غلام علي گذاري ويو. ھن معصوم جي پالنا ۽ پڙھائي جي فرض ادائي سندس امڙ ۽ ماٽيجي مامي محمد صديق سنڀالي. ھئڻ ته ائين گھربو ھيو ته مرحوم ڀاءُ جي اولاد جو ذمون چاچو نباھي ھا. پر ھن پنھنجي مرحوم ڀاءُ جي املاڪ کي سندس اولاد کان وڌيڪ قيمتي ڄاڻي منجھنس ھٿ ڳنڍيا. نتيجي ۾ آخوند الله بچائي کي پنھنجي امڙ سوڌو ”ھوندي سوندي“ اڻھوند جي گھاڻي کان گذرڻو پيو. شايد قدرت کي به ائين منظور ھيو، ڇاڪاڻ ته اھڙين ڪٺن ۽ ڪٺور آزمائشن کان نڪري پار اڪرڻ کان پوءِ ئي ماڻھون جون اکيون کلن ٿيون ته ھن دنيا وارن جا لڳ لاڳاپا توڙي رت جا رشتا ڪيترا نه ڦلھڙا آھن.
    چار درجا سنڌي پڙھڻ کان پوءِ آخوند کي انگريزي پڙھڻ لاءِ پھريون حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي اچڻو پيو. بي اي پاس ڪري وڪالت جي امتحان لاءِ تياري ڪيائين. پنھنجي پڙھائي ۽ رھائش جي خرچ جي پورت لاءِ سنڌ مدرسه ۾ ماستريءَ جي ملازمت به اختيار ڪيائين. ان زماني ۾ ماستريءَ وارو پيشو مان شان ۽ عزت وارو ليکيو ويندو ھو۽ استاد جي عزت پيءُ جي پدويءَ سمان ڄاتي ويندي ھئي. ان دور ۾ پاس ٿيڻ جو دارومدار محنت ۽ اوجاڳن تي ھيو ۽ نه سفارش يا رسائي تي جيئن اڄڪلھه جو فيشن آھي. شايد ھن ڪري جو به يونيورسٽي سمنڊ پار بمبئيءَ ۾ ھئي ۽ اسان وارن ”قومي ۽ ڪنتري ڪاليج“ اڃان جنم ڪونه ورتوھيو.
    1940ع ۾ ايل ايل بي امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين،جو پنھنجي جاءِ ھڪ وڏي حوصله جھڙو قدم ھيو. ڇاڪاڻ ته حيدرآباد جو شھر ان دور ۾ برک ۽ کڙپيل وڪيلن جو ڳڙه سمجھيو ويندو ھيو، جتي ھڪ ڳوٺاڻي نوجوان ۽ سيکڙاٽ وڪيل لاءِ پير ڄمائڻ ھڪ وڏو چئلينج پڻ ھيو. آخوند وڪالت جي پرئيڪٽس گڏ سماجي ڀلائي ۽ شھري بھبودگيءَ ۾ پڻ بھرو وٺڻ لڳو . خاص طور تعليم جي ميدان ۾، جو سندس اباڻو ورثو ھيو. ھن ڏس ۾ سندس جاکوڙ ۽ جدوجھد آخري ايام تائين جاري رھئي. 1943ع ڌاري سندس شادي خانه آبادي ٿي ۽ سنڌ جي عالم ۽ اديب علامه دائود پوٽه جي وڏي نياڻي سندس زندگي جي رفيق حيات بڻي.
    پنھنجي اڻٿڪ محنت ۽ ذاتي ديانتداريءَ سبب ٿوري عرصي اندر ئي آخوند وڪالت ۾پنھنجو نالو روشن ڪيو ۽ سندس شمار سنڌ جي مشھور قانوندانن جي قطار ۾ ٿيڻ لڳو. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ڪمائي ءَ جي لحاظ کان سندس مالي حيثيث مڇي ماني تائين محدود رھي. ان جو وڏو سبب غريب ۽ مسڪين ماڻھن جا ڪيس ھوا جن بدولت کيس دعائون مڻن جي حساب سان ملنديو رھيون، پر کيسي جي حالت اھا ئي ڏٻري رھي. ان زماني ۾ آخوند حيدرآباد جي انھن ٿورن وڪيلن ۾ ھڪ ھيو جن جي ڪيسن جي آمدنيءَ جو دارومدار دلالن بجاءِ توڪل تي ھيو. پنھنجي وقت جي مشھور ڪيسن ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي مفت وڪالت ڪري عدل انصاف جو نعرو بلند ڪيائين. ھڪ ڀيري رياست جي ھڪ ڪيس ۾ ھڪ طرف ٽيھارو کن ڳوٺاڻا جوابدار ھئا ۽ مخالفت ۾ رياست خيرپور جي حڪومت جو دٻاءُ، انصاف کي لئه مٽه ڪرڻ لاءِ پوري طاقت سان استعمال ٿي رھيو ھيو. ھزھائنس پاران انگلينڊ جو باريسٽر مسٽد ڊنگل فوٽ وڪيل ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. پر نه انصاف ھيسجي ويو ۽ نه آخوند ھرکجي سگھيو توڻي جو کيس لالچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويا. آخر عدالت جو فيصلو آخوند جي حق ۾ٿيو ۽ بيگناه ڳوٺاڻن جي خلاصي ٿي.
    1966ع ۾ آخوند کي مغربي پاڪستان وزارت ۾ کنيو ويو ۽ کيس قانوندان جو قلم سونپيو ويو. سندس وزير ٿيڻ پنھنجي جاءِ ھڪ معجزو ھيو ڇاڪاڻ ته سندس نه ڪنھن سياسي پارٽي سان واسطو ھيو ۽ نه وري کيس ڪنھن سياسي جماعت جي پٺڀرائي حاصل ھئي. کائونس اڳ قانون جو وزير حيدرآباد سنڌ جو نامور وڪيل غلام نبي ميمڻ ھيو جو قانوني ماھر ھئڻ علاوه سياسي شطرنج ۾ پڻ بلا جو کيڏاري ھيو. وزارت جي واڳ سنڀالڻ شرط جو پھريون ڪم کيس سپرد ڪيو ويو اھو ھيو سابق وزير قانون خلاف الزامن جي تحقيق. سرڪاري سوچ ڪا غلط ته نه ھئي، ڇاڪاڻ ته ھر سبڪدوش ٿيندڙ وزير خلاف سنگين الزامن جي انڪوائري ڪرائڻ، اسان جي ملڪ جي جھوني سياسي روايت ھئي. پر آخوند ٻي مٽي جو ٺھيل ماڻھو ھيو. ھن گورنر وٽ وڃي پنھنجي صفائي پيش ڪئي ته آءٌ عمر ساري عدالتن ۾ انصاف جي بالادستيءَ لاءِ وڪيل ٿي رھيو آھيان. جي وزير قانون جي فرض ادائي ھي آھي ته پبلڪ پراسيڪوٽر يا جلاد ٿي ڪم ڪرڻ ته پوءِ ٻيو ڪو ھمراه ڳوليو.
    سندس وزارت جي دور ۾ ڪھڙا قانوني سڌارا آيا يا ڪيتريقدر قانوني جي حڪمراني قائم ٿي، چوڻ ڏکيو آھي. ڇاڪاڻ ته ھاڻوڪي حڪومتن ۾ گڏيل جوابداري ھئڻ ڪري ڪنھن به ھڪ وزير جي صلاحيت ڪا معنى نه ٿي رکي. ان زماني کي فوت ٿئي ڪيئي صديون گذريون جڏھن وزير باتدبير ھوا ۽ سندن ڏاھپ تي سلطنت جي سلامي ۽ خوشحالي جو دارومدار ھوندو ھيو. اڄوڪي جمھوري وزارتن مڇي مياڻيءَ جي ڏک ٿي ڏني جن ۾ وزير ائين ٿي چونڊيا ويا جيئن پوليس ڪوڙن ڪيسن لاءِ مشير مقرر ڪندي آھي. بھرحال جي آخوند جي دور وزارت ۾ شينھن ٻڪري گڏ چرندا نه ڏٺا ويا، تڏھن به ڪنھن بيگناه شھريءَ کي قانوني شڪنجي ۾ اڙايو نه ويو، جو اڳوڻي وزارت جو محبوب شغل ھيو.
    آخوند صاحب سا ن منھنجي ملاقات اوچتو ۽ عجيب ماحول ۾ ٿي، جڏھن آءُ پنھنجي آپي کان ٻاھر ھيس. قصو ھن طرح جو ھيو جو حيدرآباد جي ڊاريڪٽر انفارميشن جي حيثيث ۾ آءُ دوره عمرڪوٽ اسھيل ھيس۽ پٺيان گھر ۾ چوري ٿي، اھا به گھر ڀاتين جي سجاڳي ۾. رڙين تي پاڙي وارا ڪامورا ته نه جاڳيا ۽ جي جاڳيا ته مدد لاءِ نه آيا. پر جي اڌ درجن پوليس وارا ڪالوني جي پھره لاءِ مقرر ھيا اھي به نه پھتا. وري جڏھن ٿاڻي تي فرياد لکرائڻ لاءِ فون ڪئي ته ٿاڻيدار چيو ته روبرو رپورٽ داخل ڪرائي وڃي نه ته ڪو تدارڪ نه ڪيو ويندو. مون کي عمرڪوٽ فون تي اطلاع ڏنو ويو ۽ آءُ ڳاٽي ڀڳي رفتار تي جيپ ڀڄائيندو اچي گھر ڀيڙو ٿيم. ڏٺم ته ٽي پوليس عملدار منھنجي ڊرائنگ روم ۾ آرام سان ويھي شرپت پي رھيا ھئا جو شيشو چور ڇڏي باقي گھر ٻھاري ويا ھئا. مون اچڻ شرط پوليس وارن کي ھڪالي گھر کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ کين شرپت پيئڻ کان نراه ڪيو. ۽ فرياد داخل ڪرائڻ کان به نابري واري.
    ٻئي ڏينھن تي سرڪٽ ھائوس ۾ ”لاائنڊ آرڊر“ جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيس، جنھن جي صدارت آخوند صاحب ڪري رھيو ھو. ھيءَ منھنجي آخوند صاحب سان پھرين ملاقات ھئي ڇاڪاڻ ته کيس وزير ٿئي اڃا ھفتو مس ٿيو ھو. ڪانفرنس ۾ سکر ۽ حيدرآباد ڊويزن جا ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ پوليس جا اعلي عملدار شريڪ ھئا. ڪاروائي ھلندي جڏھن چوري چڪاريءَ جو ذڪر آيو ته آخوند صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو ته اخبار ۾ چوريءَ جي خبر پڙھي اٿم پر تو فرياد ڇا جي لاءِ نه داخل ڪرائي آھي؟ آءُ اڳيئي نڪ تائين ڀريو ويٺو ھيس سو ھاڻي موقعو ملندي ئي ڦاٽ کاڌم. چيم ته ھائو سائين، چوري برابر ٿي آھي، پر ڪرائي آھي انھن پوليس عملدارن جي اوھان سان گڏ ويٺا آھن. جڏھن سرڪار پاڻ چور پالي ۽ چورين ۾ ڀانڱي ڀائيوار ٿيئي ته ڪنھن وٽ وڃي دانھن ڪيان؟ وري گذريل ڇھن مھينن ۾ جي چوريون ٿيون آھن ۽ جن فرياد داخل ٿيا آھن ته انھن ۾ ڪا ھڪ چوري به موٽائي ويئي ھجي ته آءُ به ڪا اميد رکان. جي چوريون واپس ٿيون آھن ته مالڪن کي نه مليون آھن باقي وچ کنڌي ۾ ونڊ ورھاست ضرور ٿي آھي. ائين چئي مون چورين جا انگ اکر، پاٿايدارن ۽ دلالن جي لسٽ وارا ڪاغذ سڀ وزير صاحب جي اڳيان ميز تي رکيا.
    پوءِ ڪانفرنس ته ڪافور ٿي ويئي. پوليس عملدارن جي نظر زمين تي کتل ھئي، پر ڪرسين تان اٿڻ جي ھمت ڪنھن کي ڪانه ٿي. ڪمشنر جنھن کي پوليس جي ڪارنامن اڳيئي ڄاڻ ھئي، تنھن ڪنڌ ڌوڻي منھنجي ھر ڳالھه کي ٽيڪو ڏيندو رھيو. آخوند صاحب اٿي بيھي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ”جيڪڏھن ايندڙ ٻن ھفتن جي مدت اندر چوراڪاري کي ٻنجو نه ڏنو ويو ته ھو پوليس کاتي جي ڪاروائي رپورٽ ۽ استعفا گڏ گورنر کي پيش ڪندو.“ ائين چئي آخوند صاحب مون کي ڀاڪر پائي پاڻ سان گڏ ٻاھر وٺي آيو.
    پنھنجي گھر اچي آخوند صاحب مون سان اڌ ڪلاڪ تائين ڪچھري ڪئي. ڳالھيون ڪندي مونکي ٿڌي سيني ويھي سمجھاڻي ڏنائين ته اسان واري سماجي نظام ۾ ڪجھه اھڙي غلط ۽ اڍنگي ترتيب ڏنل ھئي جو ھر موڙ تي ڊاڪو ۽ رھزن قابض ھئا، جن پاڻ ۾ چوپاريون ٺاھي باجماعت ھاڃان ٿي ھنيا. انھن ۾ ڪي نقاب پوش ھيا جن پاڪدامنيءَ جا برقعا ۽ چوغا اوڙھي اندر ئي اندر ڳجھا کاٽ ٿي ھنيا. ڪن وري ظاھر ظھور انصاف ۽ قانون جي رکوالي جي آڙ ۾ ڌاڙا ٿي ھنيا. ھر ھنڌ ان قسم جو ٻٽو سرشتو عمل ۾ ھيو. ھاٿي جا ڏند ڏسڻ لاءِ ھڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا ھئا. سمورو قانوني ۽ عدالتي نظام ھڪ ڪوريئڙي جي ڄار مثل ھيو جنھن ۾ ننڍڙا جيت ۽ جيتامڙا ته ڦاسي ٿي پيا، باقي وڏا پکي عقاب ڳجھون ۽ باز ڄار کي ٽوڙي آرپار نڪري ٿي ويا. ھر حرفتي چالاڪ ۽ زماني ساز سرخرو ھيو ۽ ھر لائق ۽ شريف ماڻھو پنھنجي پڳڙيءَ کي بچائڻ ۾ پريشان ھيو. اھڙي صورتحال ۾ ھڪ غريب ۽ مسڪين لاءِ ھن سواءِ ڪو چارو ئي ڪونه ھيو ته ھو صبر ۽ سانت ۾ سور سختيون سھندو رھي ۽ ڪنڊ ڪڙڇ۾ پاسيرو ٿي زندگي بسر ڪري.“
    ان واقعي بعد مون کي آخوند صاحب جي ويجھڙائي ۾ اچڻ لاءِ ڪيئي موقعا نصيب ٿيا. ھڪ دفعي ساڻس گڏ سفر ڪندي سندس بريف ڪيس ۾ وڪيلن وارو چوغو پيل ڏسي پڇا ڪيم ته ”قبلا! ھي برقعو اڃان ساڻ کڻي پيا گھمو؟ خير ته آھي! “ چيائين ته ”اھا صلاح تنھنجي وڏي ڀاءٌ وزير ٿيڻ واري ڏينھن ڏني ھئي ته اھا علامت ساڻ رکندين ته توکي وڪيل ھئڻ جو ھميشه احساس رھندو ۽ وزارت جو نشو مغز تي حاوي نه ٿيندو.“ مون آخوند صاحب کي اھو ڪونه ٻڌايو ته ھر صلاح ڏيندڙ، جو مشوره ھو ٻين کي ڏيندو آھي ته پاڻ ان تي عمل ڪرڻ اڪثر ڀلجي ويندو آھي!
    آخوند صاحب سان لھه وچڙ ۾ ايندي مون کي ھي ڏسي حيراني ٿيندي ھئي ته کيس پنھنجي وزير ھئڻ جو احساس به الاجي آھي يانه. ڇو ته مال جو موه، نشي جي لوري ۽ پئسي جي چوس ته پنھنجي جاءِ، پر جا ڪرسيءَ جي ڪشش ۽ ھوس انسان کي ھوش کان بيھوش ٿي ڪري، ان کان آءُ بخوبي آگاه ھيس. مون کي ياد نه آھي ته چوٿائي صدي جي سرڪاري سروس ۾مون ڪنھن حاڪم يا وزير کي ڪرسي جي ڪئنسر کان آجو ڏٺو. جو ھڪ ڀيرو پاور ۾ آيو ته ان کي ٻيھر سئين ڪنھن نه ڏٺو! پر آخوند ان نشي کان واندو ھيو. توڻي جو چڱو چوکو وڪيل ھيو، عزت مان وارو شھري ھيو. سندس سوين سلامي ھئا، پر حرام جو مون ھن شخص جي چھره تي ڪا فخر جي جھلڪ يا فلڪ ڏٺي.
    آخوند انھن سچار ۽ ايماندار ماڻھن مان ھڪ ھيو جي ويڪائو مال نه ھئا. وڪالت يا وزارت ٻيئي سندس لاءِ امانتون ھيون. ھن پنھنجي لاءِ شرافت، ماڻھپي ۽ اخلاق جو الڳ رستو ڳولي ڪڍيو ھيو، توڻي جو سندس روزمره جو وھنوار ۽ واسطو چالاڪ ۽ حريف وڪيلن ۽ قانوني ڳنڍي ڇوڙن سان ھو. اڄوڪي حرفتي، بي اصول ۽ ڪٺور دنيا ۾ آخوند ھڪ اٻوجھه انسان جيان اوپرو ماڻھو لڳندو ھيو. کيس زمانه جي پرک ۽ پروڙ به ھئي، سندس تجربي جو دامن وسيع به ھو. پر ھي يار پنھنجي واٽ وراو ھيو. قدرت کيس سٻاجھڙي ۽ ٻاجھاڙي طبع جو مالڪ بڻايوھيو. لحاظ ۽ مروت سندس فطرت ھئي. چوڪيدارن، ڊرائيورن ۽ پٽيوالن سان به اھڙي نوڙت ۽ نھٺائيءَ سان پيش ايندو ھيو ڄڻ سپريم ڪورٽ جي ججن سان گفتگو ڪري رھيو ھيو. ٿڌو ۽ مٺو ڳالھائڻ ۾ مون سندس مٽ نه ڏٺو. خود عدالتن ۾ سندس مرڪ ۽ مٺاس لاءِ ھي مشھور ھوندو ھيو ته جج صاحبان آخوند کي اھو ڪجھه عطا ڪرڻ لاءِ آتا ڏٺا ويندا ھئا جا رعايت ھو ٻئي ڪنھن وڪيل کي آڇ ڪرڻ لاءِ ھرگز تيار نه ھوندا ھئا.
    کيس پنھنجي ھر محسن لاءِ ساڃھه ھئي. جنھن به مٿس تر جيترو به احسان ڪيو ھيو ته اھو ڳڻ آخوند آخري دم تائين ڳائيندو رھيو. ماءُ ته سندس ڪعبو قبلو ھئي جنھن جو بيحد احترام ۽ ادب ڪندو ھيو، پر پنھنجي ماٽيجي مامي اڳيان پڻ ڪنڌ جھڪائي ادب سان پيش ايندو ھيو. ھڪ ڀيري پنھنجي وڏي فرزند کي مامي سان تکو مٺو ٿيندو ڏسي کيس سخت تنبيھه ڪيائين. چيائين ته ”ابا ان مامي جي ٽڪرن تي آءُ پلجي وڏو ٿيو آھيان. سندس ھٿن جا کارايل گرانھن آءُ اڃان سوڌو پيو ساريان ۽ سنبران. اوھان کي اھڙي جرئت ڪيئن ٿي جو اوھان ساڻس پيا سينو ساھيو. مون تي ان مامي جا اھڙا احسان آھن جو جيڪر سندس پير روز ڌوئي پيان ته به سندن حق ادا نه ڪري سگھان.“
    جڏھن سندس وڃڻ جي گھڙي اچي سھڙي ته اوچتو سنبت ڪيائين. پنھنجي فرزند کي چيائين ”ابا اڄ اباڻي ڳوٺ ھلڻو آھي.“ جيپ تي سوار ٿي مٽيارين وارو دڳ ورتائين. اڌ واٽ تي دم ڏنائين. جڳ لاءِ ته جيپ جو حادثو ھيو، پر قدرت کي پنھنجي ڪاروائي ڪرڻي ھئي. واٽ ويندي ويو جيئن ڪو وھائو تازو. ھت جنين جي لوڙ ھُت پڻ آھي تن جي!


    سائين قاسم شاه

    مون ڀاڳوند ۽ بختاور گھڻي ئي ڏٺا پر بدبخت ڪو قسمت سان ھڪ اڌ. بلڪه پھر لاءِ ڪمبختي ته ھر ھڪ وٽ وارو ڦيرو ڪندي رھندي آھي، پر پاڪ چنڊو اھو جنھن وٽ نڀاڳ ٻارھوئي ديرو دمايو ويٺل ھجي. ان ڏس ۾ منھنجو ڳوٺائي ايوب ڪنڀر پنھنجي نالي سان ھيو. جو منھن پوندو ھيس ان جي روٽي رد ٿيندي ھئي پر پنھنجو پاڻ لاءِ به پاراتو ھيو. پورھيو به پاپ وارو ھيس. مٺي مالڪ به مٽيءَ کي مان ڏيئي منجھائنس ماڻھو جوڙيو. ڪي وري ان ۾ اَن اپائي ڌوڙ کان ڌن بنائن. پر ايوب ته مائي مٽيءَ سان به جٺيون ڪندو ھيو . کيس ڏنڊن سان ڪٽي، لتن سان رڳڙي ڳوھي ٿانو ٿپا ٺاھي وجھندو ھيس باھ جي کوري ۾. پر مائي مٽيءَ به ھئي چيڪي ۽ چيڙھالي. وٽس پچڻ کان پڙ ڪڍي بيھندي ھئي. اڃا ايوب آوي تيار ڪري وسئن ڏيڻ ايندو ته اچي وسڪارو شروع ٿيندو. وسندو ته ڳڙو نه ته به وڏ ڦڙو. سڄي ڪئي ڪمائي چوپٽ. ٿانو ڀڄي ڀري جھڙي گپ ٿي پوندا. وري ايوب جي قسمت! ساڳي ماني ساڳ سان. اھو ئي کٿو ۽ کريو. آخر نوبت اھا به آئي جو ھڪ واري ٿانو ٿپا ٺاھي جيئن آوي راس ڪري باھ ڏيڻ تي ھيو ته مٿان گاج ٻڌڻ ۾ آئي. نيٺ ايوب آويءَ تي چڙھي، منھن مٿي ڪري ٻاڪاريندي ٻڌو ويو ته “مالڪ منھنجا مونکي ايوب صابر سمجھيو اٿئي ڇا؟ آءُ ته ايوب ڪنڀر آھيان. ائين ته نه آھي جو نالي بدل ۾ مفت ٿو ماريان وڃان.“
    خيرپور رياست ۾ مون مائي باليءَ کي ڏٺو جا پنھنجي وقت جي حسين ۽ حسن جي بزار جي راڻي ھئي. رياست جو والي مٿس موھت ھيو. خيرپور جو خزانو مٿس گھوري ڇڏيائين ۽ رياست جي عملدارن کي پگھار ۾ ماھيانو ڪڙٻ جون گاڏيون ملنديون رھيون. تخت بالي ڪڍ تاراج ٿيندو رھيو. بالي بخت کي لتون ھڻي ٿوڪاريندي رھي. عاشق جو قدر قيمت نه ڪيائين اٽلندو کيس وک وک تي ايذاءُ ڏنائين. واٽ ويندي موٽر کان لاھي ڇڏيندي ھيس ۽ ھو شاھاڻو شونقين تتل واريءَ تي پلٿي ماري ويٺو ھوندو ھيو. تڏھن بالي انڌ جي گھوڙي تان لٿي جڏھن نازڻ اڳين جھان اسھي چڪو. مون باليءَ کي پيريءَ م ڏٺو جڏھن نيڻن کان نير وھائيندي کيس اڌ صدي گذري چڪي ھئي. ھن حسين کنڊھر جي چھري تي منھن جي ٻنھي پاسي کوھ جي نسير جيان جھريون پئجي چڪيون ھيون جن وسيلي اکين جو آب ريلا ڏيئي وھندڙ ھيو. برف کي پگھرندي ته مون اڳ به ڏٺو ھيو پر پڇتاءُ جو نپوڙجي پاڻي ٿيڻ مون لاءِ نئون نظارو ھو.
    پر اڃان به زور نڀاڳو اھو ڏينھن جنھن گھر ۾ گنگا وھندي ھجي ۽ پوءِ اڃان به ھو اڃ مرندو رھي. اھڙو نپٽ ندرو آءُ ھيس. خود منھنجي گھر ۾ خطاب خانو ھيو پر مون الله جو ڪلام پڙھيو اڌ عمر گنوائڻ بعد. اھو به اڌ گابرو ۽ بي دليو. منھنجي امڙ پنھنجي سڄي زندگي ته تھجد گذار ٿي گذاري پر سندس موت به مصلي تي سجدي ۾ ٿيو ۽ مون کي آڏا ابتا ٽڪر ھڻندي اڄ به تپ پيو چڙھي. وقت جي ڪامل انسان سائين قاسم شاه جو آءُ نه فقط پاڙيسري ھيس. پر ساڻس بيحد حجائتو ھوندي به نه سندس شناس ڪري سگھيس ۽ نه کائونس ڪجھه پرايم. اسڪول ۾ استاد مليم ته دڳ نه پڇيم. راه ۾ رھبر مليا ته کين پانڌيئڙو سمجھيم. مست ملنگ به ٽڪريا. لپاٽون به لڳيون پر ڪپاٽ نه کليم. ائين انڌي جو انڌو رھجي ويس، وري ڀاڳ به اھڙا سڪندري! جو سنگت ساٿ به رھيو اھڙن نپٽ نابينن سان، جي ھٿوراڙيون ڏيندي پڄاڻان مون کان پڇندا رھيا ته ”ڪٿي پھتا آھيون“! الاجي اھي ڪھڙا انڌا ھئا جن ملتان ڳولي لڌو ھيو؟
    ننڍڙي ھوندي جڏھن به گھر ۾ رسندو ھيس ته ڪاوڙجي ڪوٺي اندران در ڏيئي لڪي ويھندو ھيس. امڙ پرچائڻ لاءِ سڏ ڪري چوندي ھئي، ته ”احمدڙا اچ ماني کاءٌ“ ته نھڪر ڪري چوندو ھيس ته ”نه کائيندس“ پر ساڳي وقت بک به لڳندي ھيم ۽ دل ۾ ائين چوندو ھيم ته ھڪ وار امڙ ٻيھر سڏ ڪري ته پوءِ وڃي ماني کائيندس. وري جڏھن امڙ ٻيھر سڏ ڪندي ھئي ته امالڪ انڪار ڪري، وري سوچيندو ھيس ته جيڪر ٽيھر ايلاز ڪري ته پوءِ وڃي ٿو کاوان. پوءِ ”وڃي ڌوڙ پاءِ.“ چئي آخر امڙ به وڃي ٿانيڪي ٿيندي ھئي. ساري رات بک ڪاٽي، آءُ جک ماري صبح جو اٿي پاروٿن چانورن کائڻ لاءِ ديڳڙا کڙڪائيندو ھيس. ڪڏھن ته نڀاڳي کرڙ به ھٿ نه ايندي ھئي! اھو ئي منھنجو نصيب ۽ اھا ئي منھنجي قسمت پئي رھي آھي ۽ صحيح ويل ۽ وقت ڪڏھن به ھٿ نه آيو اٿم.
    ساعت ۽ سمي جو وقت سر قدر نه ڪندي سڄي عمر گھاٽي ۾ رھيس. ھر مھل ھر موقعي ۽ ھر ماڻھوءَ جي گذري وڃڻ بعد پڇتاءُ جا ھٿ ملڻ منھنجي قسمت بنجي چڪي. زندگي جي پره به ائين ڦٽي، اڀريم ۽ اسريم به ان اچار. ھاڻ جڏھن زندگي جي سانجھي اچي اوڏو ٿي ته ليکو لاھڻ لاءِ کنڌو کتايم. ڏٺم ته ڪاري وارا ڪک. پوءِ کٽئي واڻئي جيان وھيون سنڀاليندي ٻانھون کنجي پيرن تي زور ڏنم. گھڻو ئي ڀڳس پر خاصي دير ٿي چڪي ھئي. سائين ساڻيھه اسھي چڪو ھيو. بانولي باليءَ جيان آءُ بدبخت به بٺي تي بيھي اوساريندو رھيس. ھاڻ ته ھر لڏي ويل لاءِ واويلا ۽ گھل گھوڙا ڪندي ۽ سينو ڪٽيندي سُنيءَ کون شيعو بڻجي چڪو آھيان ۽ اھو به اھڙو ڪٽر جو ھر ويلي ٻين سان گڏ پاڻ تي به ملامت ڪندو رھي.
    ڪھڙي ڪريان ڳالھڙي ان سھڻي ۽ سچي سيد جي جنھن جو نوراني ٻھڪندڙ مکرو اڄ به منھنجي عينڪي اکين اڳيان چوڏھينءَ جي چانڊاڻ جيان پيو جرڪي. مٺڙي ماٺيڙي مورتيءَ تي سھڻي سفيد سونھاري. تن تي گھرو ڌوتل سادا ڪپڙا، گوڏي تي سٿڻ، پيوند لڳل پھرياڻ ۽ مٿي تي اڇي پڳ. سيد کي سونھن به ڍءُ تي ھجي. ڏسجي ائين ٿو ته مسڪيني ۽ غربت گڏ خوبصورتي به سيدن جو ورثه آھي. الاجي کيس ڳاڙھين اکين وارو سيد ڇو چوندا ھئا. ھي برابر آھي ته سندس اکين ۾ اھڙا الماس ھئا جو ڪنھن کي ڏانھنس گھوري ڏسڻ جي جرئت ئي ڪانه ٿيندي ھئي. اھڙي ڪوشش بيسود پڻ ھئي، ڇاڪاڻ ته سائين سدائين ڪنڌ ھيٺ جھڪائي ھلڻ جو عادي ھيو. عورتن کي سامھون ايندي ڏٺائين پوءِ ته منھن مبارڪ سيني ۾ ائين ڇپجي ويندس ڄڻ ته چند ڪڪرن ۾ ٿو لڪي. باقي ٻارن کي ڏسندي ئي چند نڪري نروار ٿيندو. پنھنجي اولاد ڪانه ھيس. پر تڏھن به پراون ٻارن کي پيار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. اھي به وري اسانجي گھٽي جا ٻار! شڪل جا ڪوجھا بي ڊولا وري اکين ۾ چپيون ۽ نڪ ۾ ججائون. مٽيءَ ۾ ليٿڙيل جھڙا لڌڙا. اھڙن گدلن غليظ ٻارن کي پيار ڪرڻ ۽ مٺيون ڏيڻ لاءِ ڪا امڙ ھجي، يا وري سائين قاسم شاه.
    اسان جي پاڙي جا مڙو ئي سيد محنت مزدوري ڪري گذر سفر ڪندڙ ھئا. سواءِ ٻن جي. ھڪ سائين جعفر شاه سڳورو جنھن ست حج ڪيا ھئا ۽ محمود غزنويءَ جيان سترنھن ڪاھون ڪرڻ جو ارادو ھيس پر زندگي وفا نه ڪيس. ٻيو سائين سيف الدين شاه جو کلن جو وڏو واپاري ۽ زميندار ھوندي به سخت پيچ ھيو ۽ سدائين ”ڪين“ جو ڪنو چاڙھيو ويٺو ھوندو ھيو. وري قدرت جي ڪنجوسن سان پاسخاطري به اھڙي جو بيمار به ڏينھن اڌ کن مس ٿيندو ھو. سائين قاسم شاه وٽس 15 روپين تي منشي ھوندو ھيو. جا پگھار ٽيھن سال ۾ وڌندي ٻاويھه رپين تي پھتي. پر سائين قاسم شاه نه ڪڏھن ٻڙڪ ٻاھر ٻاڦي ۽ نه ڪڏھن پنھنجي غربت جو ڍنڍورو ڪري سندس پت وائکي ڪيائين. مزو اھو جو مفلسيءَ جي اھڙي حال ۾ به سندس ساک پت ايتري ھئي جو اڌ شھر جون امانتون سندس ڪچي گھر ۾ رکيل ھونديون ھيون. ڳڙھي جي چورن کي به الله ايتري ساڃھه ضرور ڏني ھئي جو سيد جي ڪکن جو اوڏو به ڪڏھن نه آيا. سواءِ سيف الدين شاه جي اناج گدام واري چوريءَ تي، پر اتي جيڪر ڌاڙو به لڳي ھا ته ھوند سڄو شھر مٺائي ورھائي ھا.
    سائين سڃو به اھڙو ھيو جھڙو اڪن تي پارو. ڪچين سرن جو ڪکائون گھر جنھن جوھڪ پاسو وھڪيل ۽ ڇت ڇڳل جو برسات ۾ بي بي سانئڻ پاٽڙا ۽ پاٽيون پاڻي لاءَ رکندي ٿڪبي ھئي. گھر ۾ ٻه پراڻيون واڻيل کٽون، ھڪ کٿل موڙو ۽ ٽه ڄنگھي ڪاٺ جي ڪرسي جنھن جي کٽل ڄنگھه ھيٺان سرون رکيل ھيون. باقي فرنيچر تڏا تڏيون ۽ ٺيڪراٺي سامان. دلن تي به ڍڪڻي ڪانه. ھڪ تي ڪاٺوڙو ڍڪ رکيل ۽ ٻئي تي سروٽو. ڪوٺي اندر بنا ڪڙي ڪنڍي جي، ڪاٺ جون ٻه پيتيون جن ۾ ٻين جون امانتون رکيل. ھي سائين جي مڏي ۽ املاڪ جنھن لاءِ شڪرانا بجا آڻيندي نه فقط سائين جي نراڙ پر پيرن جي مرن ۽ ڀيڏين تي اٺ جي گوڏن جيان ڇوڏا چڙھي چڪا ھئا. سائين جي نماز ته ڏسڻ وٽان ھئي. سيدنا علي بن حسين لاءِ چيو ويندو آھي ته وضو ڪرڻ مھل سندن رنگ ھئڊو پيلو ٿي ويندو ھو. پڇيائونس ته ڪھڙي ڪارڻ! چيائين ته ڏسو نه ٿا ته ڪنھن جي حضور ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تياري ڪريان ٿو. اھڙو الله جي ڏاڍ مڙسي جو ڏر مونکي، سائين کي نماز پڙھندي ڏسڻ ۾ ايندو ھيو. وري جڏھن کانئس ملان دينوءَ مولا جي مھر بابت پڇيو ته مرڪي چيائين ته ”ملان شڪر ڪر جو ماڻھن کي مالڪ جي رحمت جو صحيح اندازو نه آھي، جي ھجين ته ھوند اھي آڏا ابتا سجدا ڪرڻ به ڇڏي ڏين.“
    سائين پنھنجي واٽ وارو ھيو پر سندس واٽ ويندي گھڻن جو ڀلو ٿيندو ھيو.خاص ڪري ڪتن ۽ ٻلين ۽ جانورن لاءِ عيد ٿيندي ھئي. انساني شفقت ۽ سخا جو مزو ئي تڏھن آھي جڏھن ھر ساه واري لاءِ عام ٿئي. ھي ته سائين جي ھر صبح جو دستور ھيو ته ماني جي سڪن ڳڀن سان کيسا ڀري مارڪيٽ ويندي رولو ڪتن کي کارائي خالي ڪري ۽ واپسي ۾ ڇلي ڇيڇڙن جي ڀري ٻلين ۾ ورھائي. پر عام ماڻھن جو جانور تي جو روزمره ظلم ۽ جبر جاري ھوندو ھيو تنھن ۾ سائينءَ جي آھٽ ٻڌندي ئي فرق پئجي ويندو ھو. ڳئون مينھن ھڪليندي ڳنوار ۽ ميھار ته سائين کي ڏٺي لڪڻ ۽ لٺيون اڇلي امالڪ ”ھل امڙ،“ ”ھل ڀٽاري“ ڪندي ٻڌا ويندا ھوا، پر جعفر دايو جو گڏھن کي ”ابا پٽ“ ڪري ڪاھيندو ڏٺو ويو. پاڙي جي ڇوڪرن ته ڇڙڪ ۽ ڪوڙڪيون اڏي پکي ڦاسائڻ ۽ ڪڪڙ ڦڙڪائڻ کان مورڳو توبھه ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته ٻي حالت ۾ ته سائين نه ساڻن ڳالھائيندو ۽ نه مٿي تي ھٿ گھمائيندو ۽ کين ڄاڻ ھئي ته ڪھڙي ڪارڻ. منھنجي پڦي بي بي گراناز جا ٻارن کي قرآن پاڪ پڙھائيندي ھئي ۽ گذران لاءِ سوڙيون سبندي ھئي ۽ بيڊ جي لڪڻ کي ٻنھي جي پٺن تي آزادي سان استعمال ڪندي ھئي ، سا به ڏيڊ پھر ڏينھن تائين فقط سوڙين تي سٽڪا ڪڍندي ھئي جيستائين سائين گھٽيءَ کان گذري چڪي، مبادا ٻارن جي رڙين جو پڙلاءُ سائين جي ڪنين نه پوي.
    آچر ڏينھن جيڪڏھن جھنگ کان ڪاٺيون ڪرڻ نه ويندو ھيس ته پوءِ سائين وٽ سراءِ ۾ وڃي ويھندو ھيس ۽ سندس ڏُھاڪو کن پاليل ٻلين سان راند ڪندو ھيس جا خاص مون سان رعايت ٿيل ھئي. پر ٻلين جي پڇ کي ڇڪون ڏيڻ يا سندن ڪنن ۾ ٽوپيل سلڪي گلن کي سٽون ڏيڻ جي اجازت مون کي به نه ھئي. سائين اناج جي ڳوڻين يا کلن جو ويٺو حساب ڪتاب ڪندو ھيو ۽ منھنجي بڪ شڪ کي به برداشت ڪندو رھندو ھيو. آءُ کيس اھي آکاڻيون ٻڌائيندو رھندو ھيس جي ڪتابن ۾ پڙھايون وينديون ھيون. اھو آکاڻين جو سلسلو سالن تائين ھليو پر کيس فقط ھڪ آکاڻي وڻي جا ھئي ھرڻي واري ڪھاڻي. ھر دفعي وئڪيشن تي ڳوٺ اچڻ شرط سائين جي پيرين پوندو ھيس ته پھرين پڇا ڪندو ھيو ھرڻي جي. ”ابا ھرڻي جي اڃ جو ڇا ٿيو؟“ ”سائين اڃان پيئي ڊوڙي.“ تعليم پوري ڪري رائل انڊين نيويءَ ۾ ڀرتي ٿي بمبئي ھليو ويس. ڇھه سال ملڪان ملڪ رلندو رھيس. بغاوت ۾ سزا کائي جيل ويس. ننڍي جيل مون ٻاھر اچي دنيا جي وڏي جيل ۾ ڌرم جا ڌڪا کائيندو رھيس. سانگي سان ڳوٺ به ايندو ويندو رھيس. پر سائينءَ کان ھرڻي نه وسري. آخري ڀيري وارا اکر اڃان سوڌو منھنجي دل تي نقش ٿيل آھن. چي ابا ھرڻ جي اڃ ۽ رڻ جي رڃ ڪٿي پھتي ؟ آءُ الھڙ ۽ الو، سائين جي سوال جي رمز ۽ راز پروڙي نه سگھيس ۽ خاموش رھيس.
    ھڪ ڏينھن الاجي ڇو، ويٺي ويٺي سائين ياد پيم. ھرڻ ته ھونئن به سائينءَ جي ياد جو حصو ٿي چڪو ھيو. آکاڻي ۽ آکاڻي جو ارٿ آئيني جيان اکين آڏو اڀو ٿي بيٺم. ھڪدم موٽر کڻي ڌوڪيم ۽ ڌو ڳوٺ اچي ٺڪاءُ ڪيم. ھاءِ ڪمبختي! سائين وڃي چڪو ھيو. آءُ سندس پيراندي کان بيھي ان ڪنڌي لاءِ سوچيندو رھيس جتي ٿڪل ھرڻ جيان آءُ به پھچي چڪو ھيس.


      پير ۽ مير مرحوم (پير حسام الدين راشدي ۽ مير رسول بخش ٽالپر)

    ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته پڪ اندر ۾ ڪنھن ڏائڻ ارواح جو واسو اٿم. ماڻھن سان گڏ ويٺي جيءُ مزي ۾ ھرگز نه ھوندم. ڪنھن جي ڏک ڏولائي جو ٻڌم ته پوءِ من ۾ لڇ پڇ ۽ آنڌ مانڌ پيئي ٿيندم. وري اڄ ڪلھه جو به چپ چوري ٿو ته ان جي ڪڍ ڪونه ڪو داستان ته آھي ئي آھي. وري ڪري به ڪجھه نه سگھان. رڳو ساڙ کان پيو سدائين پاڻ کي چڪ پايان. مون کان ڪنھنجي غربت نه ڏٺي ٿئي، ۽ نه ڪنھن جي بيماري سٺي ٿي. نه وري ڪنھن ڏاڍي جي ھيڻن تي يا حيوانن تي ٿيندڙ سختي سھي سگھان. مخلوق ته آھي برابر سڀ مالڪ جي. جيئرا توڙي مئا سڀ آھن سندس حوالي. پر آءُ اکين ھوندي ۽ انڌير ڏسندي پوءِ به سڀ کي ھڪ اک ڪري ڪيئن ڏسان؟ ان کان نپٽ انڌو ھجان ته چڱو. البت مئن جي ڳالھه ٻي آھي. ڪنھن قبرستان ڏانھن ويندي دل پيئي ٽڙندي ۽ باغ بھار ٿيندي. ڄڻ ڪو وڇڙيل ويڙھيچين وٽ ٿي ويس. مقام ۾ پير پاتم ته پوءِ سڀ غم ڳڻتيون غائب. ڀانئن ته اباڻي گھر عيد ملڻ آيو ھوس. ڪڏھن ته وري اھڙي اڪير پيئي اڀرندي، جو دل ڀرجي ايندي. ھر بٺيءَ کي ڀاڪر پيو پائيندس. جئن ڪنھن جي تڏي، پاڙي واريون پلئه اوڍي ۽ منھن ڏيندي پار ڪڍنديون آھن. ٻين سان ساڳي ويڌن آھي الاجي نه. مون سان ته نسورو ناحق آھي، ڪنھن سان ڳالھه به ڪرڻ جھڙي نه. ڪو ٻڌندو ته ڇاچوندو. مئن سان الفت ۽ جئرن کان بيزاري. ماڻھو آھي يا ڳورپٽ!
    ڪالھه رات به ويھي اکين تي ڏنم. مڪليءَ واري مقام پھچڻ جي شوق ۾ نيڻن ننڊ نه آئي. پھچڻو ته ھيو ڪچڙي منجھند ڌاريءَ. پر پوءِ حشام ماڻھن جا اچي مڙندا. مون کي اڪيلو مقام ڀيٽڻ جو موقعو ڪٿان ملندو؟ ڇو نه اڳواٽ وڃي مڪلي ماڻيان؟ اھو سوچي، آڌي رات اٿي،گاڏي ڪاھي ٺٺه روانه ٿيس. پوئيس اسر جو اچي مڪليءَ ڀيرو ٿيس. موٽر پاسي ڀر بيھاري ڪاھي پيس مقام اندر. ھتي ڪا جھل پل ٿوروئي ھئي. سڀ رسمون رواج ھوا جيئرن سان لاڳو. ھتي ته آزادي ھئي ڇڙواڳ. قبرن جي ھڪ جھڳٽي اندر وڃي تربت کي ٽيڪ ڏئي ويھي رھيس. واه جو مزو اچي ويم. سوا لک ولين وچ ۾. آءُ ھڪ عاجز اٻوجھو. ھڪ رات ڀر جو اوجاڳو. ٻي پنڌ جي ٿڪاوٽ. وري مٿان ڀنڀرڪي جي ٿڌڙي ھير. ھوا وارين لھرن جي وري موج مستي آھي ئي انوکي. ڄڻ ڪنھن کنڀ کڻي ڪياڙي تي ڪتڪتايون ڪيون .
    ننڊ جا گھيرٽ به ڏاڍا ٿي آيا. ننڊ نڀاڳي ته آھي اڳيئي اٻھري. ھونءَ به مرڻ کان پوءِ سمھڻ لاءِ سوين صديون. ماڻھو نويڪلو ٿي لت ڏيئي سمھي پوي. پر ننڊ چنڊي چوندي ته اھو عرصو به حياتيءَ کون ڪاٽ ڪيان ته چڱو. منھنجي دل ته ھئي اداس ۽ اٻاڻڪي. روئڻ لاءِ اُڌمان ٿي آيا. ويجھڙائي ۾ ڪي حادثا ٿي چڪا ھئا. جن دل کي ڌڌڪو رسايو ھو. ڪي مٺڙا ماڻھو ھي وٿاڻ ڇڏي وڻڪارا ويا ھئا. اھي به ھڪ ٻئي ڪڍ. ڪنھن لاچاري کين لڏايو ھو. اوڏانھن جتان ڪوئي موٽيو ئي ڪونه ھيو. ويا به ھئا ھيڪلا، اکڇنڀ ۾ ۽ اھو به اوچتو. موت ھونئن به نه ڏسي مھل نه موقعو. پر ھن ڀيري الاجي ڇو؟ ڊائري ۽ ڪئلينڊر ڏسي وارو ڪيو ھئائين، ھڪ ته پھرين اپريل جو مارو وڌائين. ٻئي کي پھرين مئي تي لامارو ڏنائين. پھرين جون تي الاجي ڪنھن کي کنڀي کڻندو؟ يا الائي ڪٿي لابارو وجھندو؟ خدا خير ڪري! موت جا شل ڪن ٻوڙا ٿين.
    انسان ته آھي ھن ڌرتيءَ تي ”گاه“ مثل. سُڪو به پٽجي ۽ سائو به ڪپجي. موت ته آھي فقط ڏاٽو. اھا مرضي مالھي جي ته گاه ڪچو پٽي يا پڪو. پوکي به پاڻ لڻي پاڻ. پر ھن ڀيري چونڊ سٺي ڪيائين. ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي. اسان وٽ اڳيئي اڻاٽ ۽ اڻھوند. اسين پاڻ سڃيا ۽ ڀينگيا. پڙ ۾ ٻوٽو ٻارڻ وارا ھئا گھڻا؟ ڏيڊ اڍائي ۽ ساڍا ٽي. انھن ۾ به ٻه مھانڊا ٻن مھينن ۾ چٽ. اھڙي چٽ گھٽ شل ڪنھن دشمن سان به نه ٿئي. اسان جو ته ارڪو ترڪو ئي ٻھارجي ويو. نه ملڪ ۾ جنگ لڳي نه زلزلو آيو. کلندي کائيندي ٻه مڙس ھڙپ. ھُئا به ٻيئي ٺاھوڪا جنگ جوان. کاکاڙ ٻوٿار وارا. سھڻا شڪيل ۽ مڻيا وارا. لاکيڻا، لڄ پال، ھڪ علم ادب جي کاڻ ۽ قلم جو ڌڻي. ٻيو مجلس جو مور ۽ خلق خدمت جو ڪوڏيو. اڃان به ٽھليو. ٻئي سنڌ جي قديمي خاندانن جا روشن چراغ. پنھنجي سنگت ساٿ ۽ ساڻيھه ٿي سر ڏيڻ وارا، نيت، پت ۽ ساک وارا. سندن ويل وڃڻ جي ته نه ھئي. پر شايد ھن ڪري ھليا ويا جو. ”ھت جني جي لوڙ ھُت پڻ آھي تن جي.“
    سندن ساک جو ايترو اندازو ڪنھن کي به ڪونه ھئو، جيترو سندن وئي پڄاڻان پتو پيو. اديب ۽ سياستدان پيا اچن وڃن. اھي ٻيئي جنسون ھونئن به اسان وٽ اڻتوريون اگھايون وينديون آھن. پوءِ توڙي جو ڪو ڪسو ھجي يا ڪانڊو. پر ھي ته ٻيئي ھئا تاڃي پيٽيءَ پٽ. تڏھن ته ھاءِ دوس متل ھئي. جيڏي ڪونه ڏٺي سون ڪڏھين. مٽن مائٽن ڀائرن ڀائيٽين ۽ سنگت ساٿ جو ماتم ته سمجھه ۾ آيو ٿي. ڪجھه رت جي ڇڪ ڪجھه وڇوڙي جو داغ. پر عجب اھو جو ھجوم ۾ ھر ”اک“ آلي ھئي. آخر ڪو جھٻو ته ھر جيءَ کي آيل ھيو. جو ساري راڄ ۾ روڄ ھيون. ھونئن ته اسان جا اديب ڇڙ وڇڙ گابا. سڀني وچ ۾ ويڇا، وٿيون ۽ وريون. پر ھن صدمي ۾ سڀ ھئا برابر جا ڀاڱي ڀائيوار. اوري توڙي پري جا، ديسي ۽ پرديسي، اچي ڪلھي ڪانڌي ٿياس. ڪي سيراندي کان ڪي پيرانديءَ، ڪلھا تن ڏناس. واه سيد تنھنجي سواري. سکھي ري ڏولي مين ھو جا سوار. اھا سيد جي رھائي ھئي يا الله جي مٿس رحمت ھئي. علماءُ، عالم، اديب ۽ شاعر. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته جيئن ويندي وقت به سڀني کي پاڻ ۾ پرچاءُ ۽ پريت جو پيغام ڏيندو ويو.
    اڃان مھينو مس گذريو ته ٻيو تڙڪاٽ ٿيو. ھن ڀيري به واڍي واه جو وڻ ليٽايو ھيو. اوچو ڳر وارو ۽ ڦلدار، جنھن جي گھاٽي ڇانو گھڻن لاءِ ڇپر ھئي. بيواھن ۽ بي وسيلن لاءِ وڏي وسئن ھئي. ڪو غلغلو ٿيو گرنار ۾ سنڌ جو شير شھيد ٿيو. پوءِ خلق ۾ ريھٽ مچي ويو. پنھنجي پراون جي پيھه ٿيندي رھي. ڪي ڀائپي برادريءَ جو پير ڏيڻ لاءِ آيا ھئا. ڪي دوستي جو دم نباھڻ خاطر. ملڪ جو صدر وزارت سميت اچي سھڙيو. اھا سندس رڄ شرافت ھئي، ماڻھن جو ڳاھٺ ٿيندو رھيو. ڪنھنجي جذبه ۽ جوش جو ڏيکاءُ حڪمت عملي به ٿي سگھي ٿي. پر ڪنھن جي وئي پڄاڻان ھنجون ھارڻ؟ ھرگز نه. مون ته سپر ھاءِ وي جي اڌ واٽ تي ويٺل ڄامڙي کي به روئندو ڏٺو. ”اڙي وزير لاءِ ٿو ڳوڙھا ڳاڙين؟“ ”نه سائين نه، مون لاءِ ته سڀ آھن مسافر ۽ واٽھڙو. پنڌ جا پانڌيئڙا. ھڪڙن کي ايندڙ ڏسان ٻين کي ويندڙ. آءُ ته آھيان وچ واٽ تي ويٺل سڀ جو سلامي. پو ڪي ترس کائي ڪجھه وٽائي وڃن. ڪي ڀاڳوند مون سان پٽ تي ويھي روح رھاڻ ڪن. مير صاحب ته مون سان ڪچھريون ڪندو ھيو، سائين ھو وزير ته نه ھيو، مون جيان قلندر جو فقير ھيو.“
    قبرون وچ ۾ لٽيندي، سچل جون ٻه سٽون ياد آيم. ”مين ڀي اڪ خيال ھان اور لڀ سان نال خيال دي.“ خيال جي اڏام به عجيب آھي. ٻنھي جا نقش آڏو اچي اڀريا. اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. اچرج ۾ اچي ويس. ستن سالن ۾ ھي پھريون دفعو ھيو جو اکيون آليون ٿيون ھيم. مون ته سمجھيو ھيو ته اھي نئن ۽ ناليون ھميشه لاءِ خشڪ ٿي چڪيون ھيون. پر نه ٻيلي. اڄ اکين کي ڪو مرم پيو ھو. ڪي حياءُ جا ڳاڙھا پاڇي بچل ھئا. شايد اويل سويل ڪنھن ڪم اچڻ لاءِ. شڪرانو ڪيم ته اڄ پلڪن جي پياس ته ٻجھي. ٿڌڪار ٿيندي اکين ۾ آرس آيو. اجھاپي جي آس اڀري. ائين اک لڳي وئي. ڪنھن سرٻاٽ تي سجاڳي ٿي. سامھون واري قبر پٺيان ڪو اکين جو معصوم جوڙو مون کي چتائي ڏسي رھيو ھو. آءُ اک ٽيٽ ڪري ڏسندو رھيس. ڇانھر ڪري ڇپ ھنيم. ڄڻ ڪنھن اگھور ننڊ ۾ ھيم.
    ڏٺم ته ھڪ معصوم ٻارڙو ھيو. جو پير پير ۾ کڻندي اڳتي سرندي ٿي آيو. ويجھو اچي منھنجي ٻانھن ۾ ٻڌل گھڙيءَ کي گھوري ڏسندو رھيو. ائين اوچتو منھنجي اڌ کليل اک تي نظر پئجي ويس. گھٻرائجي کسڪڻ جي تياري ٿي ڪيائين. مون مرڪي کيس پيار سان چيو ته ”ڊڄ نه. فقط آءُ آھيان. ڀڄ نه – بيھه بيھه ته توکي اھا سوني دٻلي کولي ڏيکاريان جنھن سان تنھنجي دلچسپي آھي ان ۾ گھنٽي به وڄندي آھي.“ ٻار بيھي رھيو، نھايت سنھي ۽ سٻاجھڙي آواز ۾ چيائين، ”مون کي سمجھه ۾ نٿي اچي، مون کي ته ڪنھن ٻار جي بوءِ آئي، تڏھن ته ھتي آيس،پر تون ته وڏو ڪو ماڻھو ٿو لڳين. مان توکي اڳ به قبرستانن ۾ ڏٺو آھي. شايد تو ۾ ڪي ٻاراڻيون ڳالھيون آھن. نه ته ماڻھو اسان ڄامڙن کي ڏسي نه سگھندا آھن. آءُ ٻار نه آھيان، پر ڄامڙو آھيان جن کي اوھان جن ڀوت سمجھي ڊڄندا آھيو. منھنجي عمر ڇھه سؤ سال آھي. ھيءَ مڪلي پڻ منھنجي سانڀر ۾ ڪيئي دفعا آباد ۽ برباد ٿي. ڪجھه عرصو اڳ ھتي مھا ڪاليءَ جو مندر ھو. انساني ٻليدان جو مرڪز ھيو. پر تون اھو ته ٻڌاءِ تنھنجي سوني دٻلي ۾ ڇا آھي؟ ان ۾ ضرور ڪو جانور يا جيت بند ٿيل آھي. مون کي سندس دل جي ڌڙڪڻ ٻڌڻ ۾ آئي.“
    ”جو آواز تو کي ٻڌڻ ۾ آيو اھا وقت جي ڌڙڪڻ ھئي.“ ”وقت ڇا آھي؟ اھا نه مونکي خبر آھي ۽ نه وري ڪو ٻيو توکي ٻڌائي سگھندو، ته وقت ڇا آھي؟ چون ٿا ته ٽن شين جو ٺھيل آھي. حال، ماضي ۽ مستقبل. وقت سدائين پيو ھلي. نه اٿس ننڊ نه آرام. سدائين ڪن ۾ ساڳيو اکر پيو اچاري.“ ”توکي خبر آھي ته وقت ڇا ٿو ٻولي؟“ ”افسوس . . . ھائو. ھر پل ۽ ھر گھڙي ياد پيو ڏياري ته تنھنجي وھي وھندي ٿي وڃي. ڄاڻ تون جھور پوڙھو ٿي مرندين.“ پر ڄامڙا وڃڻ کان اڳ اھو ته ٻڌاءِ. توکي موت جو ڊپ ٿيندو آھي؟“ خوف! موت کان؟ پر اھو موت آھي ڪھڙي بلا؟ ”موت آھي اھا گھڙي جڏھن تنھنجي دل جي ڌڪ ڌڪ بند ٿي ويندي. تنھنجي جسم جي مشين بيڪار ٿي بيھي ويندي. تنھنجا خيال ۽ خواب ختم ٿي ويندا. تنھنجي جياپي جي جوت، ڏيئي يا موم بتيءَ جي لاٽ جيان آخرين ھڏڪي ڏيئي ۽ سڏڪو ڀري گل ٿي ويندين.“
    ڄامڙو کليو ۽ چيائين ته” اھا سموري بڪواس تنھنجي دماغ ۾ ڪنھن ڀري آھي. ان سوني دٻلي کي ڪن نه ڏئي. حال ماضي مستقبل، اھي سڀ ٺڳي جا ٺاه آھن. ڏسين ڪونه ٿو ته سڀ ساڳي ڳالھه آھي. جو رستو پٺتي ڇڏي آيو آھين اھو آھي ماضي. جتي ويٺل آھين اھو آھي حال. اڳين وڪڙ کان پوءَ جو موڙ ايندو اھو آھي مستقبل. پڪ ڄاڻ ته دٻليءَ وارو توسان چرچا ڪري پيو توکي ڊيڄاڙي. ان دٻليءَ کي درياه داخل ڪر ته اھو شيطاني روح به غرق ٿئي، جو منجھنس واڙيل آھي. خبردار جو ڪڏھن ان جي چوڻ تي ڀروسو ڪيو اٿئي. جھٽ کن تون سمھي پئو. جڏھن توکي جاڳ ٿيندي ته نئون سج اڀرندو.تون پوءِ صاف ڏسي سگھندين. پر ھتي اڄ ڇا لاءِ آيو ھئين؟“
    مون ساڻس احوال اوريو. کيس ٻڌايم ته اسان جي ديس جا ٻه املھه ماڻڪ لاڏاڻو ڪري ويل ھئا، جن ۾ ھڪ ھتي دفن ٿيل ھيو، اڄ سندس چاليھو ھو. ٻيا ماڻھو به اچي ھتي مڙندا. آءُ انھن گڏ فاتحه پڙھڻ ۽ ڪلمي جو ثواب بخشڻ آيو آھيان. ”اھي ماڻھو اوھان جو ڪجھه کڻي ويا آھن؟ يا ڪو اھڙو ڏوه گناه ڪري ويا آھن جو نوبت بخشڻ ۽ بخشائڻ تي اچي پھتي آھي؟“ ڄامڙي پڇيو. ”ھرگز نه.“ مون رڙ ڪري چيو. ”بلڪل نه. ويندي به سندن ٻيئي ھٿين خالي ھئا. نه وري ڪو ھنن ڪو قصور ڪيو. ھو ته ٻيئي معصوم ۽ مسڪين ماڻھو ھئا، ھنن لاءِ ڪنھن جي دل ڏکوئڻ به ناممڪن ھئي، ھڪ نفيس ۽ نازڪ دل اديب ھيو ۽ ٻيو فقير تن قلندر. توڙي جو ڄائي ڄم کان مير ۽ امير ھيو.“ ”پوءِ تون کين ڇا ڏيڻ يا بخشڻ آيو آھين؟ تو وٽ آھي ڇا؟ تو وٽ تگ ڇڳل گل به ڀيٽا لاءِ ڪونه آھن. ڇا پنھنجي مايوسي ۽ نراسائي مٿن مڙھڻ آيو آھين؟“
    آءُ لاجواب ٿي ماٺ ۾ رھيس. وري جھٽ رکي ڪوڙ ڳالھايم ته آءُ سندن دعا ۽ آسيس وٺڻ آيو ھيس. ”سندن جئري به ڪڏھن تون وٽن وئين؟“ ”نه. منھنجي ساڻن ڏيٺ ويٺ ضرور ھئي. پر ياري جي حجت ڪانه ھئي. البت ٻنھي جي وڏن مربي ڀائرن سان منھنجي نيازمندي ۽ گستاخي ھئي. پر سانگي سان جڏھن به ساڻن ملاقات ٿيندي ھئي ته آءُ کين جھڪي ادب ۽ اخلاق سان ملندو ھيم.“ ڄامڙو حيراني سان مونکي ڏسندو رھيو. ڄڻڪ آءُ چريو ھئس. ڪجھه پرڀرو ٿي پٺڀرو پوئتي ڀرڪندو رھيو. وري ڄڻ ڪجھه اوچتو ياد پيس. پيٽ کي ھٿن سان جھلي زور سان ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ”موت! ايڏو ڪوڙ! حضرت سليمان جو قسم. اوھان، لنگور ۽ باندر اسان ڄامڙن جي ڀيٽ ۾ ڪيترا نه احمق آھيو.“ کلڻ بند ڪري ڳنڀير ٿي چوڻ لڳو. توھان واري دنيا ۾ آھي مانڌاڻ متل. اوھان وٽ نه آھي صلح نه سانت. وتو ٿا مک جيان سدائين مُنھن پٽيندا. او ڍڳا ڪن کولي ٻُڌ. جنھن کي اوھين چئو موت. اھو ته آھي ھڪ پردو. رڳو چولو مٽائڻو. ھڪ پلڪ اک ٻوٽي وري اک پٽڻي آھي. جئن رات کان ڏينھن ۽ اونده کان سوجھرو ٿيندو آھي. جن ٻنھي ڄڻن جي تو ڳالھه ڪئي آھي ته ھو ھميشه ٻار ٿي رھندا. تو جيان ڀڀ ڪراڙا نه ٿيندا. ھو گلن جيان سدا بھار ۽ ٽڙندا رھندا. تون وڃي پنھنجو فڪر ڪر، اوھين سڀ آھيو انڌا ۽ ٻوڙا. اوھان کين ڏسي نه سگھندا. جي کين پسڻو آھي اٿو ته پنھنجي دل کي کير پياڪ ٻار جيان معصوم رکو، چڱو. ھاڻي خدا حاظ. مون کي گھڻو پري پھچڻو آھي. تون به اک پٽ. ڪانو سج مٿي چڙھي چڪو آھي. خواب لھندڙ. خدا حافظ.
    اک کليم ته واقعي سج ڳپل مٿي چڙھي چڪو ھيو. تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي ريسٽ ھائوس ڏانھن وک وڌايم. جتي مخلوق اڳيئي گڏ ٿيل ھئي. سڀ سرگس جي صورت ۾ روانو ٿياسون. ھڪ وزير صاحب جلوس جي اڳواڻي ڪئي. مخدوم محمد ھاشم ٺٺويءَ جي مقام ۾ پھڇي سڀني دم پٽيو. مزار تي گلن جون چادرون چاڙھيون ويون. ڪن فوٽو ڪڍرايا. ڪن چادرون چاڙھيندي پنھنجو نالو ڳڻايو. جيئن وھانوَ ۾ عورتون جوڙا پوتا جتائينديون آھن. قاسمي صاحب مغفرت لاءِ دعا جا ھٿ کنيا. آءُ ھجوم کان ڇڄي مقام جي ڪنڊ ۾ وڃي پرڀرو بيٺم. پنھنجي ليکي مرڪندو ۽ مشڪندو رھيس. پنھنجي ڪلھي تي ڪجھه محسوس ڪري ڪنڌ ورايم. ڏٺم ته سھڻي سائين ۽ سفيد لباس ۾ پنھنجي دستوري مرڪ سان مشڪي رھيو ھو، منھن جي ڪن جي پاپڙيءَ کان جھلي چيائين ته”ڏاڍو لچو آھين. تون ڪڏھن به نه سڌرندين. تون آھين لنگھو. متان ھاڻي وتين ھوڪا ڏيندو ته تو مون کي ڏٺو. ماڻھو آھن ئي پنڃري جا پوڄاري. توڙي جو پکي وڃي اڏامي. ھي تو جيان مٿي ٿوروئي ڏسندا. ھي وتندا ڌرتي تي ڳوليندا. ڄڻ ڪا شئي وڃائي اٿئون.“
    خواب ھيو يا ساڀيان؟ اھا خبر خدا کي. پر ٻنھي ۾ فرق ڪھڙو؟.


      شانتي امان

    قدرت جڏھن به ڪنھن انسان کي جڳ جھان ۾ ”سرخرو“ ڪرڻ لاءِ چونڊيندي آھي ته ساڻس ڀلايون ڀال به دل وجان سان ڪندي آھي. سڀ کان اول مٿس اھا نوازش ٿيندي آھي ته کيس ڀڙڀانگ ويرانيءَ جي ڪنھن گمنام گھراڻي ۾ جنم ڏنو وڃي. پوءِ وري ستت ئي ان ابھم کي سندس اجھي آسري، پيءُ ماءُ جي ڇپر ۽ ڇانو کان نراس ڪندي آھي. تنھن کان پوءِ ٻار جي باقي تربيت شروع ٿيندي ”غربت جي مڪتب ۾ .“ جئن ڀلي ھو ڏک ڏوجھرن، بک بيماري ۽ سردي گرمي سھڻ واري سائنس جو علم پرائي، مر ڀڙ ٿئي. اھو قدرت جو اڻٽر اصول آھي ته ھوءَ برائي کي ڀلائي جو ڪچو مال ڪري ڪتب آڻيندي آھي. اھڙي ڦڏي ۽ ڏجي واري سکيا ڏيڻ ۾ سندس نيت صاف ۽ شفاف ھوندي آھي. توڙي جو سندس شروعاتي پير ڏنگا، اڻانگا ۽ اڍنگا ھوندا آھن. پر آخر ڪنھن موڙ تي اچي پوءِ قدرت، ڦڙتي کائي، دائي مائيءَ جيان پنھنجا رت ٻُڏا خوني ھٿ ڌوئي پوئي، سندس جھولي”سڦلي ۽ سجائي“ زندگي سان سائي ڪندي آھي. تھان پوءِ اھا مثال زندگي، سموري انسان ذات لاءِ ھڪ سنئين سڌي ۽ سوجھري واري وٽ ٿي پوندي آھي. جنھن لاٽ جي ڏس ۾ ھر پانڌيئڙو پنھنجي گينواري زندگي سنواري ۽ توڙ رسائي کيس ڪارگر ۽ سڪارتو ڪري سگھي ٿي.
    شانتي امڙ جي ھن دنيا ۾ داخلا به ھوبھو ائين ٿي. راجپوتانا جي جھالا واڙ واھڻ جي ھڪ مسڪين راجپوت گھراڻه ۾ جنم ورتائين. يارنھن مھينن جي ھئي ته پيءُ لاڏاڻو ڪري ويس. پوڻن پنجن سالن جي مس ٿي ته ماءُ به موڪلائي ويئي. نانيءَ پنھنجي ڏڪندڙ ھٿن ۾ ڏوھٽيءَ کي سنڀاليو ۽ پاليو. پر اھا پوڙھي به ڌي جي مئي ويٺي ھئي حياتيءَ کان رُٺي. مٿان پرلوڪ کان آيس نياپو ته اٿي کڙي ٿي. پرڏيھي پيڪن ۾ وڃي دم پٽيائين. اھڙي نموني شانتي ھڪ پيتلي گھاگھر جيان ھڪ بازوءَ کان ترڪي ٻئي ڀاڪر ۾ ۽ ٻي ھنج کان کسڪي ٽئين منجھه رسندي رھي. پر ھاڻ ته نه اھي ھٿ رھيا ۽ نه ڪا ھنج. سنسار جا سڀ سھارا اسي چڪا ھئا. ايشور جي عجيب مايا ھئي. عجيب ته شانتي پاڻ به ھئي. جنھن وٽ ٿي ويئي ۽ جنھن ھنڌ ٿي ويئي اتي ”اوم شانتي“ ڇانئجي ويئي.
    نانيءَ ويئي شانتيءَ لاءِ جھالاواڙ ۾ باقي ڪو مٽ مائٽ پاڇي نه بچيو جو سندس پرگھور لھي يا پالنا ڪري. آخر سندس ماسيءَ کي ننگ پيو جا احمد آباد (گجرات) ۾ رھندڙ ھئي. تنھن کيس وٺي آڻي پاڻ وٽ گڏ رھايو. ان وقت شناختيءَ ڪارڊ جي عمر بمشڪل ست اٺ سال ھئي. انھن ڏينھن اھا عمر محنت مزدوريءَ لاءِ مناسب سمجھي ويندي ھئي. آخر شانتيءَ ھڪ مزدور لوڪ گھر جي يتيم ڇوڪري ھئي. ڪو وارثن واري سڪيلڌي ٿوروئي ھئي جو ويھي پينگھه لڏي يا گڏي گڏن سان کيڏي! سندس مامي پاڻ به ھڪ مزدور عورت ھئي. ۽ پنھنجي ”ڏھاري“ ڪمائڻ گڏ مزدورن واري ساٿ جو سرگرم ورڪر پڻ ھئي. ھن شانتيءَ کي گھر ۾ اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه سمجھيو. ان ڪري کيس صبح جو اسڪول تعليم لاءِ، ۽ شام جو ڪپڙي اڻڻ واري ڪارخانه ۾، ٻين پورھيت ڇوڪرين گڏ، ڪم ۾ رنڀائي ڇڏيائين. جڏھن شانتي عمر جي يارنھين سال ۾ پير رکيو ته سندس تعليم پنجن درجن تي پھچي وئي. ھاڻ ھوءَ ان لائق اچي ٿي ھئي ته ڪارخاني ۾ اڻڻ جو اڪيلي سر ٺيڪو کڻي، ھڪ پخته مزدور جيترو اجورو ڪمائي سگھي. ٺيڪي جي پورت ۾ کيس 12 ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪرڻو ٿي پيو. انڪري وڌيڪ پڙھائي مشڪل ھئي. آخر محنت جي مزدوري به ته تڏھن اوج تي ھئي. چوڏھن آنا ڏھاڙي! اھو برڪت وارو ڀلارو دور ھيو، اڪيلي سر لاءِ 14 آنا گنج ھئا. اڃان به عياشي ھئي.
    ھاڻ امان شانتي پنھنجي ڏندين ڏاند ٿي چڪي ھئي. ھوءَ ھڪ ھنرمند ڪاريگر ھئي. پنھنجي حصي جي ڪم نپٽائڻ کان پوءِ ٻين مزدور عورتن جو ھٿ پڻ ونڊائيندي ھئي. اھڙي آچار ٻين گھڻن ڪمزور ۽ بيمار پورھتين لاءِ اڀل ثابت ٿيندي رھي.
    مزدوريءَ کيس ھڪ عجيب شڪتي بخشي ھئي. جنھن جوھر کي ھن ٻين بدنصيب ڀينرن جي سھائتا ۾ سيڙائڻ بھتر ٿي سمجھيو. آخر به ته ھڪ تجربيڪار ماسيءَ جي سکيا ھيٺ ھئي. سندس ماسي ھاڻ ٻيڙي ورڪر يونين جي نائب صدر ھئي. شانتيءَ کي پورھيت عورتن جي سار سنڀال ۽ سندن تحريڪ ۾ ڀرڀور بھرو وٺڻ لاءِ ھمٿائڻ جو سھرو سندس سر تي ھيو. شانتي پاڻ به پنھنجو وسان گھٽايو نه ٿي. پر اٽلندو پنھنجي وت کان وڌيڪ ٿي ادم ڪيو. ڏينھن جو مزدوري، رات جو گھرو رڌو پڪو ۽ ڀانڊا باسڻ ماڃڻ. موڪلن وارا ڏينھن عورتن جي آتڻ ۾، ڀينرن جي ڀلائي لاءِ اڻ تڻ، ۽ رٿن کي عملي جامون پھرائڻ وارا پروگرام.
    1939ع کان 1943ع وارو چار ساله عرصو پاڻ ساڳي سانيتڪي طريقي ۽ دستوري مشغوليءَ ۾ گذاريائين، سواءِ ٽن خاص واقعن جي. جن بدولت ماسي ڀاڻيجي ٻنھي جي ماٺيڻي زندگين کي نت نئين ور وڪڙن سان روبرو ٿيڻو پيو. اھي ٽيئي موڙ ھڪ ٻئي پٺيان، ھر ھڪ في سال سوا جي وڇوٽيءَ تي آيا. معلوم ائين پئي ٿيو ڄڻ قدرت ٻنھي جي قسمت جو ٽپڻو پٽي، لايا سجايا ڪري، سندن جوڙا ميڙا ٿي رچايا. ھونئن به انسان کي، خالي پيلي، اجائي ۽ سڃي سوچ آھي نه ته جيڪر انسان ، نه ڪنھن جي ڪڏھن ڪاڻ ڪڍي ھا ۽ نه ڪنھن جو ڳيجھو ٿئي ھا، مورڳو ڪوشش ڪري ڄمي به ھا ته بنان ماءُ پيءُ جي. پاڻھرتو ۽ ”اپڻي مدد آپ“ اصول تي. خير. 1941ع ڌاري ٻنھي گڏجي اسلام قبوليو. نئين ترتيب ۾ ماسي ”مائي امينه“ بڻجي ويئي ۽ امان شانتي کي مائي ”زيب النساءَ“ سڏيو ويو. سندن حالتن پٽاندر اھو ھڪ لازمي فيصلو ھيو جنھن ۾ ڪنھن لاچاري يا لالچ کي ڪو دخل نه ھيو. ٻنھي جي رھائش آستوڙيه پاڙي ۾ ھئي، جنھن جي آبادي مسلمانن جي ھئي. اڻڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ساٿي گھڻو ڪري ھئا ”سنڌي واڙي“ جا ڪوري، جي سڀ مسلمان ھئا. پورھيت تحريڪ ۾ پڻ گھڻائي مسلمان روڪرن جي ھئي. ان کان سواءِ نه ڇڙو احمد آباد شھر پر سموري گجرات صوبي ۾، صدين کان وٺي مذھب جو تعصب ڪو نالي ماتر پئي رھيو آھي. مسلم حڪومتن وئي ھندو حڪومتن به ساڳي رواداري قائم رکي. سومناٿ پٽن ۾ جڏھن ھڪ مسلمان واپاريءَ ”منجيٺي“ مسجد ٺاھڻ لاءِ فقط اجازت گھري ته ھندو رياست طرفان اھا سرڪاري خرچ تي ٺھرائي ڏني وئي.
    1942ع جي آخر ڌاري مائي امينه جي شادي ٿي گذري،جنھن ”جوئا جي داءَ“ ۾ گھوٽ ڪنوار ٻئي نفعي ۾ رھيا. توڙي جو ”عشق“ يا پنھنجي ”پسند“ جي شادي ھرگز نه ھئي. مزدورن جي زندگي ۾ ”عشق ۽ پسند“ جون عياشون ڪٿي؟ ڪنھن نکمڻيءَ پوڙھيءَ جون دوربين اکيون تاڙ ۾ ھيون. پيچ ته ھونئن به پوڻو ھيو. باقي بھانو گھربو ھيو جو پوڙھيءَ پيدا ڪيو. کڻي چئجي ته قدرت کي ٻه دليون ملائڻيون ھيون. آخر قدرت به ته قديمي جڳ جي ڪراڙي آھي ۽ ڪم به اڪثر اھڙين امڙين وارا اٿس. پر پوءِ الاجي ڇو، ڪڏھن ڪڏھن ماٽيلي ماءُ واري اماڙي کڻي ڪڍ پوندي آھي. خير ٻئي ڌريون اڌيڙ عمر جي ڏاڪي تي پير رکي چڪيون ھيون . ڄڻ ٻنھي ھڪٻئي جي ڳولا ۾ عمر گنوائي ھئي. شادي سادي نموني ٿي گذري. آخر غريب جي شادي ھئي. پورھتين جي فرقي ۾، زر زيور ۽ ڏاج ڏيوڻ جي ڪو سوال ئي ڪونه ھيو. گھوٽ کي خالي رسمي ”ھان“ ۽ ڪنوار رکي حياءُ واري ”ھون“ ڪرڻي ھئي. امينه ڪا وڏ گھراڻي ”وني“ ته نه ھئي جو ٽڪساد ٿين. جيئن اڄڪلھه اسان وٽ پيا تماشا ٿين.
    اڳ ۾ ته پڇن خانداني شجره. متان گھٽ ذات سان پلئو وچڙي وڃي. ڀائي ذات ته آھي الله جي. باقي ته آھيو سڀ مائي مٽي جي اولاد. پوءِ وٺن جائداد جو جائزو. تھان پوءِ لڳن ڏاج جي ڏي وٺ لاءِ تاڙيون. آخر ۾ اچي صدقي جي ٻڪرن گھوٽ ۽ ڪنوار جو وارو. قصو ٺھي نه ٺھي، وٽ رينگيٽ کي. خير ڳالھه ھئي مائي امينه جي شينھن ڪلھي چڙھڻ جي. آءُ پنھنجا پٽڻا پٽڻ ۾ لڳي ويس. ڪنھن ماڻھوءَ کان پڇيو ويو ته چنڊ جي ڪھڙي تاريخ آھي؟ چيائين چنڊ جي ته خبر نه آھي. پر دال جي تيرنھن تاريخ آھي! جنھن کي جھڙي جھوري لڳل ھجي!
    آستوڙيه محلي ۾ مائي امينه جي گھر آمھون سامھون ھڪ ٽيلرنگ شاپ ھئي، جنھن جو مالڪ جھونو سياسي جوڳي ھئڻ گڏ پاڙي جو پريو مڙس پڻ ھيو. پنھنجي مربي پٽ جي شادي خانه آبادي لاءِ ڪافي فڪرمند ھيو. پر کيس سياست کان ئي فرصت ڪانه ھئي. شاديءَ جو خفو ڪير ڪري؟ ھُن، مھل ۽ موقعو ڏسي مائي امينه سان پنھنجي پُٽ لاءِ شانتيءَ جي ٻانھن گھُري. مائي امينه کيس ھن شرط تي دلجاءِ ڏني ته ”داعي مدعي“ لاءِ ھڪٻئي کي ڏسڻ لازمي ھيو. ڇاڪاڻ ته شانتي ھاڻ جواڻ جماڻ ھئي ۽ پنھنجي وات وڪيل ھئي. مزدورن لاءِ پردي جو ٻنڌن ته ھيوئي ڪونه. پر گھوٽ موقعي تي موجود ئي نه ھيو. ھو ڪراچي ۾ ھڪ برک سياسي اڳواڻ جي حيثيث جو مالڪ ھيو. انڪري ھي ضروري سمجھيو ويو ته کيس ڪنھن بھاني احمد آباد گھراڻي معاملو طئه ڪيو وڃي. جنھن موقعي لاءِ گھڻو عرصو ترسڻو نه پيو. 1943ع جي مارچ مھيني ۾ ڪارخانه جي مزدورن پنھنجي ساليانه جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس خاص دعوت ڏيئي گھرايو ويو. اھو خوش قسمت انسان ھيو، سيد جمال الدين بخاري. جو سنڌ ۾ “ڪامريڊ بخاري“ جي نالي سان مشھور آھي. ڪانفرنس ۾ شامل ٿي ڪامريڊ بخاريءَ ھڪ نھايت دونھين دار تقرير ڪئي. ماڻھن تاڙين جي ڦھڪن سان سندس خيالن جي آجيان ڪئي. ڪڙاڪيدار نعرا بلند ٿيا. پوءِ جڏھن خاموشي ٿي ته شانتي ھميشه لاءِ سندس پناري پئجي ويئي.
    ڪامريڊ بخاري، انھن ڏينھن ھڪ ”ٻرندڙ جبل“ ھيو. سندس مُک کون سدائين ڪانڊا ٽانڊا ۽ آڳ جا آلا نڪرندا ھيا. ان وقت جي 43 عمر ۾ ئي درجن سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ڪاٽي چڪو ھيو. اھڙي جلالي جوان جي جياپي لاءِ شانتي نه فقط سندس دل وٽان ھئي. پر سندس دائمي دکي دل لاءِ ”ياقوتي“ جيان ھڪ ٽڪ علاج پڻ ھئي. 1943ع جي مئي مھيني ۾ شانتي پنھنجي وَرَ جي ھمراھيءَ ۾ لڏي پلاڻي اچي ڪراچيءَ ڀيڙي ٿي. ڪامريڊ بخاري سرخ پارٽيءَ جو روح روان اڳواڻ ھيو. سندس گھر دفتر ھڪ ۽ ساڳيو ھيو. جو بندر روڊ تي لائيٽ ھائوس سئينما لڳ ھيو. پر گھر جو فقط نالو ھيو. آئي وئي لاءِ اوطاق به ھئي، ورڪرن جي سکيا جو مرڪز ۽ پارٽي ڪاروبار جي آفيس پڻ. شانتي جي آئي ھن ساري اداري کي سگھري گھر جو وَنسو ملي ويئي. سڀ ورڪر جي اڳيان فقط ڇڙوڇڙ گابا ھئي اھي ھاڻ گھر ڀاتي ٿي ويا. ملباري ھوٽل جي سگنل سالني بدلي ھاڻ گھرو ٻوڙ ماني ملڻ لڳي. بخاري صاحب جو اڳ جمعي جمعي تي ڪپڙا بدلائيندو ھيو ھاڻ روزمره اڇا ڌوتل ۽ استري ڪيل جبا پائڻ لڳو. ھي پھريون دفعو ھيو جو پارٽي آفيس ۾ پورھيت عورتون اچڻ وڃڻ لڳيون. گھرو پورھيت عورتن جي الڳ ۽ ”آيا“ ماين جي جدا يونين ترتيب ڏني ويئي. سندن اڳواڻ شانتي ھئي . شانتي جي دستوري محنت مزدوري ۾ ڪا ڪمي نه آئي. اٽلندو سندس ذميوارين ۾ واڌارو ٿيو. اڳ کيس محنت جو اجورو ته ملندو ھيو. ھاڻ ته سڄي اٽالي کي ڦوڪٽ ۾ پالڻو ٿي پيو. بخاري جھڙي اڻ گھڙئي ڪاٺ ۽ اڦر وھڙي کي ”وھو“ ڪڍڻ ان کان الڳ معاملو ھيو. جي ٻه گھڙيون ڏينھن ۾ کيس وافر مليون، اھي وري يونين سازيءَ ۾ خرچ ٿي ٿيون. اڳ خالي پيٽ جي پوڄارڻ ھئي ۽ ھاڻ ته سڄي ٽٻر جي ڄڻ زرخريد ٻانھي ھئي. زندگي ساڳي ئي بار ڍوئيندڙ ڍور واري ھئي پر پاڃاري بدلبي رھي. پوءِ ڪڏھن گاڏيءَ ۾ ته ڪڏھن گھاڻي ۾.
    منھنجي امان شانتيءَ سان ڏيٺ ويٺ اول اڄ کان 36 سال اڳ ٿي. جڏھن آءُ تازو جيل کان ڇوٽڪاڙو حاصل ڪري ڪامريڊ بخاريءَ جي ڪٽنب ۾ شامل ٿيو ھيس، جتي منھنجي انھن علمبردارن نوجوانن سان پڻ شناسائي ٿي، جي صحيح معني ۾ انسانيت جا علمبردار ھئا ۽ جن پنھنجي پوري زندگي ھاري ۽ مزدورن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي. روزانه، سونپيل ڪم جي پوئواري بعد، دفتر ۾ اچي، ڪامريڊ شانتيءَ اڳيان ماني کائڻ لاءِ پلٿي ماري ويھندا ھئاسون. پوءِ امڙ شانتي جي ھٿن جا تازا پڪل ڦلڪا اسان جي چھٻر پيٽن ۾ ڌڙا ڌڙ پوندا رھندا ھئا. منھنجي لاءِ ھي پھريون ڀيرو ھو جو ھڪ اھڙي خاتون سان واسطو پيو ھو جنھن جي جسم تي نه ھيو ڪو ڳھه گھڻو ۽ نه ڪو ھار سينگار جو ميڪ اپ. سادگي ئي سھي پر ڪو ٻانھن ۾ ڪنگڻ يا ٺوٺ ۾ چوڙو، ڪا چيچ ۾ منڊي يا ڇلو، يا ڪو ڪن ۾ والو؟ ڇڙو الله جو نالو مٺو. بدن تي جوڙي ڪپڙي جي. سفيد ساڙھي ۽ پيرن ۾ چاکري. اڄ ڏينھن تائين مون کيس سدائين اھڙي سادي صورتحال ۾ پئي ڏٺو آھي. جھڙو ان زماني ۾ پھرين ڏينھن ڏٺو ھيم. ھاڻ فقط فرق ھي آھي ته سندس مٿي جي وارن ۾ اڇاڻ وڌيڪ ٿي ڏسجي. ٿي سگھي ٿو ته اھو سندس سفيد ساڙھيءَ جي رنگ جو تاثير ھجي جنھن جو ھڪ پلؤ ورائي مٿو ڍڪيندي آھي.
    1946ع جي آخر ڌاري ڪامريڊ بخاريءَ کي گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويو. جا ڪا وڏي يا خاص ڳالھه نه ھئي. ڪامريڊ لاءِ جيل وڃڻ اھڙي رواجي رسم ھئي جھڙي ڪنھن سھاڳڻ لاءِ ستاواڙي تي پيڪي گھر پھچڻ. پر سندس اڳ ۽ ھاڻ جي جيل ياترا ۾ خاصو فرق ڦير ھيو. اڳ ڇڙي ڇانڊ ھئڻ ڪري جيل ۾ وڃڻ ھڪ وئڪيشن ھئي. ھاڻ ٻي ڳالھه ھئي. پٺيان شانتيءَ ڇڏي آيو ھيو، اھا به ٻن معصوم ٻارن سوڌي. وري وٽن گذاري لاءِ راشن پاڻي ھڪ ھفتي جيترو مس ھيو. پارٽي ورڪرن ۾ گھڻا اڳيئي باندي ٿي چڪا ھئا. باقي جي رھيل ھئا اھي پاڪ سڃا ۽ الھڙ نوجوان جي پاڻ اٽي تي چٽي ھئا. شانتي پورھيو ڪري پيٽ پالڻ جھڙي به نه ھئي. ھڪ ٻار ٿڻن تي ۽ ٻيو بانڀڙن ۾. چار پنج مھينا تي لٻي ٿٻي تي ۽ ٻين جا ٿانو ماڃيندي گذر سفر ٿيندو رھيو. پر آخر ڪيستائين؟ ھي برابر آھي ته ڪن ھمدرد ۽ ھڏڏوکي ماڻھن ڪامريڊ بخاريءَ لاءِ جھولي ڦھلائي چندا ڪٺا ڪيا. پر اھا رقم ھنن پنھنجن ضرورتن جي پورت لاءِ جمع ڪئي ھئي. پوءِ ڪي پنن الله جي نالي ۾. ھنن جاوا ڪيا ڪامريڊ جي نالي ۾. آخر اھو ڪيئن ثابت ڪيون ته اسين بنيادي طور چور ۽ ڳنڍي ڇوڙ قوم آھيون. شانتي ٻن باھين وچ ۾ ڦاٿل ھئي. ھڪ ٻارن ۽ پنھنجو قوت گذران ڪرڻ ۽ ٻيو ڪامريڊ کي جيل کان ڇڏائڻ لاءِ جدوجھد. پوءِ شانتي ٻئي ٻار، گھڙو ڀريندڙ عورتن جيان، ھڪ ھنج تي ٻيو ڪلھي تي، کڻي سرڪاري آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيا. ڪڏھن وڏي وزير پير الاھي بخش وٽ ڪڏھن چيف سيڪريٽري اين اي فاروقي ۽ ڪڏھن سيڪريٽري داخلا ھاشم رضا وٽ. سندس درخواست به عجيب ھئي. “مونکي ٻارڙن سوڌو جيل ۾ ڪامريڊ سان گڏ رکيو وڃي. يا وري سرڪار خرچ ڀري ڏي.“ ٻيئي ڳالھيون ڳوريون. سرڪار کي ڪھڙي خبر ته ڏوھاري به ٻچڙيوال ٿيندا آھن ۽ سندن ٻارن کي به جيئڻ جو حق حاصل ھيو.
    سڄا سارا اڍائي سال شانتي انھن ڌڪن ٿاٻن ۽ در در جي رولڙن ۾ رھي پر کيس ڪنھن لاءِ به شڪايت ڪانه ھئي. ڏک سک ته ھونئن به زندگي جو ڏاج ھيا. ڪو انسان غم کان واندو ئي ڪونه ھيو. پر ھتي ته بادشاه گڙديءَ جو دور ھيو. پوري ملڪ ۾ مانڌاڻ متل ھيو. ڪروڙھا ماڻھن جي لڏپلاڻ جاري ھئي. ھر طرف ڦرلٽ، رتوڇاڻ ۽ انساني ڪوس عمل ۾ ھيو. شانتيءَ جي مشڪل ته ھئي فقط رواجي گذران جي. ڪجھه ڏينھن بعد پارٽيءَ تي بندش وڌي ويئي. دفتر سيل مھر ڪيو ويو. ڪامريڊ بخاريءَ کي ملڪ دربدر ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو. قاضي فضل الله جي ڊوڙ ڊڪ ۽ سندس ضمانت تي ڪامريڊ کي جيل کان آزاد ڪيو ويو. پر سندس ڪراچي جي حدن ۾ داخلا تي بندش وڌي ويئي. چوڻي آھي ته ھجيئي ناڻو ته گھمجي لاڙڪاڻو. پر شانتي پھرين عورت ھئي جا مڙس ۽ ٻار ساڻ ڪري بنان ناڻي اچ لاڙڪاڻي وارد ٿي.
    قاضي فصل الله نه فقط سندن گھر ۽ گذران لاءِ بلو ڀيڻي ڪيو پر جيسين کين مٿي ڇُپائڻ لاءِ ڪو اجھو ميسر ٿئي ان وقت تائين کيس پاڻ وٽ ۽ پنھنجي گھر ۾ مھمان ڪري رھايو. ڪجھه عرصو ساھي پٽڻ کان پوءِ ڪامريڊ ھڪ ننڍڙي پريس کولي ھڪ ھفتيوار اخبار ”انصاف“ جاري ڪئي. ڪامريڊ ”انصاف“ اھڙي وقت ۾ جاري ڪيو جڏھن عدل واري تارازيءَ جا ”ٻئي پڙ“ ڇڄي غائب ٿي چڪا ھئا ۽ ملڪ فقط ”ڳنيءَ “ تي ٿي ھليو.
    اڄ شانتي اٺ اٺينگر نينگرن ۽ ھڪ نياڻي جي مُرڪندڙ ماءُ آھي. سڀ پنھنجي پيرن تي بيٺل آھن. اڌ عدد حڪيم ۽ ڊاڪٽر آھن يا ڊاڪٽريءَ جي پنڌ ۾ آھن. باقي نوڪرين ۾ رڌل آھن. ٻه نوجوان ۽ ھڪ نياڻي اعلي تعليم پرائڻ ۾ مشغول آھن. لک لائق سندس جو ھفتو کن اڳ، پاڻ پير ڀري گھر ۾ امڙ آئي. ھٿ ٻڌي التجا ڪيم ته ”ھاڻ ته ڪجھه آرام ڪر.“ کلي ويٺي. چي ٻڌو ڪونه اٿئي ته ”ڌيءُ جي ماءُ گھر جي راڻي ۽ پٽن جي ماءُ نوڪرياڻي.“ ھاڻ ويٺي پوٽن پوٽين جي نوڪري ڏيان. چيومانس ته ڪجھه ڏينھن ترسي پئو ڪجھه ته ٿڪاوٽ دور ٿئي. اکيون ڀرجي آيس. چي ڪامريڊ کي اڪيلو ڇڏي آئي آھيان. ائين نه ٿئي جو ڪامريڊ به ڪاوڙجي رسي وڃي ۽ مون اڀاڳيءَ کي اڪيلو ڇڏي وڃي. پوءِ آءُ ڪيئن جيئندس. مونکي تڏھن سمجھه آئي ته راجپوت عورتون پنھنجي ور وئي ڪڄاڙي لاءِ ستيون ٿينديون ھيون!
    اڳ انسانيت جي پرک ۽ پروڙ لاءِڪجھه ڪسوٽيون ھونديون ھيون. جي اڄڪلھه اڻلڀ آھن. ھاڻي آھن ماڻھوءَ جي ماپ ۽ تور لاءِ فوٽ ڪٿيون ۽ تارازيون. اھي به اڻپوريون ۽ ڪاڻ واريون. ان ڪري کري ۽ کوٽي جي خبر نه چار. ھر ڪو ڏسي ٿو ظاھري ڏيک ويک کي، ٻاھرين ويس وڳن ۽ ٺٺ ٺانگر کي. يعني کوپن تھن ۽ توتڙن کي. ڌن دولت محل ماڙيون رتبا ۽ مرتبا آھن اچڻا وڃڻا ۽ ڦرڻا گھرڻا. اڄ مون وٽ سڀاڻي تو وٽ سلامي. اصل ڳالھه آھي زندگيءَ جي. ڪئن گذري؟ ڪنھن جي ڪم به آئي يا پاڻ تائين ھئي پوري. اجائي وئرٿ ويئي يا سجائي ٿي. اھو مشاھدو ماڻڻو اٿو ته پوءِ ھلو ته ھلون امان شانتي وٽ. جي سندس ماٺيڻي اکين ۾ ليئو پائي سگھو ته اڃان به چڱو. اھي ئي نماڻا نيڻ آھن. جن پاڻ کي ۽ پنھنجي فرض ادائيءَ کي سڃاتو. سڀ ڪجھه صبر سان سھي ھر نينھن جو ناتو نباھيو. نباه ڪري پاڻ کي موکيو. پر واه جو پاڻ ملھايو. امڙ توتي سلام سؤ بار سلام.


      بي بي دادا بَچل

    سونھاري سنڌ جي تواريخي شھر شڪارپور کان اٺ ميل مفاصلي تي اولھه رخ ۾، ياسين خان پٺاڻ جو ٻڌايل ھڪ ڳوٺ آھي جو ڳڙھي ياسين نالي مشھور آھي. اڄ کان سؤ سال اڳ به ھي ھڪ برک ۽ وسندڙ ميونسپل شھر ھو. پر گذريل ٽيھارو سالن کان اسرڻ بجاءِ اجڙڻ طرف وڌيڪ لاڙو رکيو اٿس. ڪن جو ھي چوڻ آھي ته واڻين ۽ وڻجارن وئي ويراني ويڙھي ويس. ٻين جو وري ھي خيال آھي ته سم جي سيڪ تباھي آندي اٿس. ٿي سگھي ٿو نظر لڳي ھجيس. ان ڦٽل شھر جي اتر اولھه ڏس ۾ جتي ميونسپل جي حد اچيو ختم ٿئي ٿي، اتي پڇاڙي واري گھٽيءَ جي ڇيڙي تي، منھنجو اباڻو گھر اڏيل آھي. گھٽيءَ جي اوڀر ۾ سيدن جا ڏُھاڪو کن ڪچا پڪا گھرڙا ٺھيل آھن ۽ اولھه ۾ اسين ”ڪُت خلق“ جو راڄ رھندڙ آھي جنھن ۾ سٻايا، حجم، پٺاڻ ۽ بروھين جا قبيلا اچي وڃن ٿا. سڀ گھراڻا سوين سالن کان اتي آباد آھن ۽ پيڙھن کان ھڪٻئي کي ڄاڻن سڃاڻن. پاڻ ۾ رک رکاوت ۽ ميل ميلاپ جو عالم ھي آھي جو ھڪ ٻئي کان الڳ گھرن ۾ رھندي به معلوم ائين پيو ٿيندو ته ڄڻ سڀئي پاڻ ۾ آڪھه جا ڀاتي آھن.
    سيدن جي پاڙي ۾ رھندي اسين ڄٽ ڄاموٽ ڪو سيڪجي سيد سو ڪونه ٿيا آھيون پرسندن سدوري ڇانو ۾ سک ضرورو سوين ورتا اٿئون. ھڪ ته اسان جي گھٽي ۾ ڪوبه ماڻھو اٺ يا گھوڙي تي سوار ٿي ڪونه گذرندو آھي ته مبادا ساداتن جي گھرن ۾ نظر پوي ۽ سندن بي پردگي ٿئي. آڪڙجي ۽ سينو تاڻي گھمڻ ته ڇڏ پر گليءَ ۾ ھر گذرندڙ حياءُ ۾ ائين ڪنڌ جھڪائي ويندڙ ڏسبو جو ڀانئن ته چاٻيون وڃايون اٿائين يا گم ٿيل پئسا ڳوليندو ٿو رھي. نه وري ڪنھن ماڻھوءَ کي گھٽيءَ ۾ وڏي واڪي گارگند يا ٻوڪڙ ڪري ڳالھائيندي ٻڌو ويندو. اھڙي ادب اخلاق جي سختيءَ سان پاپندي جو ڪارڻ سيدن جي حضور شرميءَ کان به گھڻين ڀانڱي وڌيڪ ھڪ ٻي ھستيءَ جو وجود ھيو جنھن کي ”بي بي دادا“ يا اڃان به ”بي بي امان“ سڏيو ويندو ھو. بي بي امان اسان جي پاڙي جي بي تاج راڻي ھئي ۽ نه فقط اسان جي زبان پر اسان جي دلين تي به راڄ ڪندڙ ھئي. ٻڍا ڇا جوان، مرد خواه عورتون، سڀئي کيس ان ادب ۽ عزت جي نگاه سان ڏسندا ھوا جو مان مرتبو اسان وٽ فقط مائرن لاءِ مخصوص ٿيل آھي.
    بي بي امان پٺاڻي ھئي ۽ دراني خاندان جو واحد فرد ھئي جا اسان جي پاڙي ۾ آباد ھئي. سندن اصلي نالو بي بي بچل ھيو. سندس ور اسان جي سانڀر کان گھڻو اڳ راه رباني وٺي چڪو ھيو. مون جڏھن ھوش سنڀاليو ته ستر سال کان گھڻو اڳڀرو گذري چڪي ھئي. عجب اھو جو پيرسنيءَ جو ڪوبه آثار سندس حسين اوراپن تي اثرانداز نه ٿيو ھيو. سنھڙي، قدآور، بيحد سھڻي بلڪل ان نوراني حسن جي مالڪڻ ھئي جو نيڪ ۽ پرھيزگار عورتن جي پيشاني تي سونھري صورتخطيءَ جيان جرڪندو ۽ تجلا ڏيندو ويندو آھي. سندس آواز سٻاجھڙو ۽ الله جي نالي جيان مٺڙو ھيو. جڏھن به مونکي ”چھڙا“ چئي سڏيندي ھئي ته آءُ ڄاڻي ٻجھي فقط ھن لاءِ ڪن لاٽار ڪندو ھيس ته جيئن ٻه ٽي دفعا ٻيھر به ان نالي سان نوازيو وڃان. پر جڏھن بي بي امان وڌيڪ ڪاوڙجي ”چھڙه جا پٽ“ ڪري پڪاريندي ھئي ته منھنجي منھن جو پنو لھي ويندو ھيو ۽ پيءُ سان به رشڪ ۽ ريس ٿيندي ھيم. ڄڻ ته منھنجو موروثي حق کيس ھروڀرو ڪنھن ٻئي جي حوالي ڪيو ٿو وڃي.
    پنھنجي گھر ۾ اسين پاڻ ۾ اٺ ڀائر ھئاسون. سڀئي ڀائر خير سان مون کان ھر لحاظ ۾ بھتر ھوا. ڪو عمر ۾ وڏو ھيو. ڪو عقل ۾ گھڻو ته ڪو افعالن ۾ چڱو ھيس. سونھن ۾ ته سڀ مون کان سرس ھوا. آءُ مڙوئي وصفن ۾ مار کاڌل ھوس. ان ڪري گھر يا گھراڻي ۾ عزت خير ڪي ھيم. پر گھر کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ منھنجو شان ڪجھه ٻيو ھيو. پاڙي جون پيرسن عورتون ته مون تان صدقي وينديون ھيون. ڪنھن جي ٻڪري ڌڻ ۾ ڇڏي ايندو ھيم. ڪنھن لاءِ چونري کڻي ڏڌ پني ايندو ھيس ڪنھن لاءِ ناس ته ڪنھن لاءِ تيل ميٽ وٺي سندن کوٽ پوري ڪندو ھيس. بي بي امان جي خيرات واري ماني سيدن جي گھر ڏيڻ ۽ ھر سانجھيءَ جو سندس ڏيئو مسيت ۾ ٻاري اچڻ ته منھنجي روزمره جو نيم ھيو. مون کي موٽ ۾ دعائون ملنديون ھيون ته ”اڍڙو ٻڍڙو ٿيان.“ (جن دعائن جا ھاڻ ويٺو ڪيتا لوڙيان، ان وقت مون کي خبر نه ھئي ته وڏي عمر دعا نه بلڪه عذاب آھي) باقي ٻڍڙين جي ڀاڪرن ۽ چمين جو جيترو ذڪر ٿورو ڪجي ته بھتر. ناني شير ماءُ جي نسوار واري چمي، ماسي خانل حجامڻ جي چيڪي مٽي واري چمي۽ غوثل ماءُ جي خطرناڪ چمي، جنھن جا ٻه اڳيان ڏند ٻاھر نڪتل ھوندا ھئا ۽ سندس چميءَ کان مون کي ڏڍ نڪرندي ھئي. پر مون لي ڦٻيون به اھي مٺڙيون جي مون کي انھن امڙين ننڍي لاءِ ڏنيون. انھن وئي ھاڻ ته انھن ناس، ميٽ ۽ ھئڊن ڏندن وارين چمين لاءِ به منھنجا ڳل ڳٽا اٻاڻڪا ٿي اوٻاسيون ڏيندا ٿا رھن. پر ڪٿان آڻيان اھا معصوم عمر جڏھن ھر عورت سٽ ڏيئي کنڀراٽيءَ کان جھلي زوري چمي ڏيندي ھئي ۽ وري کٿل سندس سيني سان لائي دعائون به ڪندي ھئي. خاص طور ماسي ڌياڻي جي ڇڄ جيڏي ڇاتي جنھن جي ٿڻن جي ٻيڪڙ ۾ منھنجو ساه ٻوساٽبو ھو. رب بخشيش ھوءَ چمي به ائين ڏيندي ھئي، ڄڻ بوتل ۾ ڦاٿل ٻوچ کي چڪ وجھي ٻاھر ٿي ڪڍي.
    بي بي امان ااسان جي ٻچڙيوال پاڙي جي ڪوٽوال ۽ لڄ پال ھئي. جيستائين جيئري ھئي ته ڪنھن گھر ۾ جھيڙي جھٽي جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. اڃان ڪٿي ڳالھه کون ڳالھوڙو مس ٿيندو ته بروقت اچي نازل ٿيندي. سندس آئي متل ۽ تتل جھيڙو به ٺري يخ ٿي ويندو ۽ سناٽو ڇانئجي ويندو. الاجي کيس ڪيئن کڙڪ پوندي ھئي. ڄڻ ته ڪي الله والا ھدي ۾ ھيس. ڪنھن گھر ۾ ويٺل وياءُ ڏٺائين ته ننڊ سندس ڦٽندي. ڌونڪ لائي ڇڏيندي، ته بابا نياڻي اٿاريو. ڌيءَ ڌڻ آھي. وڌي وڻ ٿي آھي. اڃان دير ڪندا ته پوءِ کيس ڪاسائي به نه وٺندو. مائٽن لاءِ باه ٻاري ڏيندي جيسن نياڻي وڃي ڪنھن شينھن ڪلھي چڙھي. ڪنھن جو ٻار اڃان ٽن چئن سالن جو مس ٿيندو ته بي بي امان ڪاڪي نورل حجم کي پاٽ ۽ پاڪيءَ سوڌو وٺي اچي ڌماچو ڪري وجھندي ته ٻار کي طھرايو. شل نه ڪو بيمار ٿئي پوءِ بي بي امان جا وار ڦيرا شروع ٿيندا. ڪڏھن پاڻي پڙھي پيئي کيس پياريندي. ڪڏھن صلوات جا شوڪارا کيس پچڪارين جيان پئي منھن ۾ ھڻندي. بي بي امان کان سواءِ نه ڪا ڪنوار لائون لھي، نه ڪو ڳاڙھو گھوٽ ٿئي ۽ نه وري ڪنھن جو مڙه مقام وڃي. سڀ جي ھمدرد ۽ ھڏڏوکي.
    بي بي امان بلا جي سياڻي ھئي. ڪنھن عورت کي چيڪو ميٽ يا کٽاڻ گھڻي کائيندي ڏٺائين ته سمجھي ويندي ته ھاڻ مائي پيرين ڀري آھي. وري ڳورھاريءَ جي وک کڻڻ کان سڃاڻي ويندي ته پٽ ڄڻيندي يا ڌيءَ. اڪثر سندس ڌُڪو صحيح ثابت ٿيندو ھيو. ٻارڙن جي بيمارين جو ته وٽس ھڪ ٽڪ علاج ھوندو ھيو. وڏف، ڪارا مرچ، ڦودني جون ٽڪيون، پنير ٽڦلا ۽ڇمڪڻي وٽس ھردم موجود ھوندا ھوا. فقط ڳالھه ڪرڻ جي دير ھوندي ھئي. ڪجھه بيمارين جا وٽس ھدا پڻ ھوندا ھئا. خاص طرح ڳيرڙن ۽ گٻھي جو ڀڄڻ ۽ ڪليون کڻڻ وغيره. صبح سويل ۽ شام ٽاڻي ڪيئن ماڻھو سندس گھر جي ڏيوديءَ اڳيان اچي جمع ٿيندا ھوا. پوءِ چادري لاھي اوڪڙو ويھي پنھنجا ڇانڱا ھٿ (سندس ھر ھٿ ۾ ڇھه آنڱريون ھيون) بيمار جي نڙيءَ تي ڦيرائي کائونس ٽي ڀيرا پڇندي ته ”ڳيرڙا ڀنڃاءِ.“ ھا دادا بي بي ڀنڃ. ساڳي ڪار ڪندي ھئي ڪلين سان. اشھد آنڱر کي رک ۽ لوڻ سان ڀري ڪاڪڙي تي زور ڏيندي . سندس جھاڙ ڦيڻو ۽ شوڪارا. سڀ في سبيل الله. اٽلندو ڦودنو لوڻ ۽ رک سندس. الله پاڪ کيس عجيب دل ڏني ھئي. ماڻھن جا ٻچڙا ٻار ته ڇڏ پر سندس گھر ۾ جھرڪين لاءِ پاڻي جا پاٽڙا ٽنگيل ۽ ڪوٺي يا اڱڻ ۾ ڪبوترن لاءِ جوئر يا ٻاجھري جام ھاريل ھوندي. مون ھندن جو ھزارين ماتائون ٻڌيون پر صحيح معنى ۾ ”ماتا“ مون بي بي امان کي ڏٺو جا ھر مريض لاءِ دوا ۽ شفا ۽ ھر دل لاءِ دعا ھئي. جي آءُ ھندو ھجان ته مون کي يقين آھي ته ٽڪاڻي وڃي ”ڪالي ماتا“ اڳيان مٿو ٽيڪڻ بجاءِ بي بي امان جي گھر وڃي ”گوري ماتا“ جي پوڄا ڪريان ھا.
    ھڪ دفعي بي بي امان جي ننڍي پٽ گل خان جي ھشڪر تي مون پاڙي جي معزز پر اڌ مغزي پٺاڻ، آچر خان کي تماڪ ۾ ڳاڙھا مرچ ملائي حقو ٺاھي ڏنو، جنھن وزم ھئڻ تي کنگھندي نه فقط سندس گگ سنگھه اچي گڏ ٿي پر سندس تارا لليٽي چڌن جيان ٻاھر ڦوٽارجي آيا. سامت ۾ اچڻ تي سازش کي سمجھي ويو ۽ ڪھاڙي کڻي ڪڍ پيو. پر پير زور ھوا جو بي بي امان جي گھر لڪي جان ڇڏايم. بي بي امان کي سڄي ڳالھه سڻايم، جنھن مون کي ته ڪجھه به نه چيو پر پنھنجي پٽ کي چنبا وھائي ڪڍيائين. بابي مرحوم کي جڏھن ان قصي جي خبر پئي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ته بي بي امان مون کي پنھنجو پٽ ڄڻيو پٽ نه ٿي سمجھيو. بابا جي شڪايت بي بي امان کي ٻڌايم، جنھن ڪپڙن سٽڻ واري سوٽي کڻي منھنجي پٺي تي ڀڳيءَ. ائين ڪٽيائين جيئن اٺ ڪٽجي پتڻ تي. بابا مرحوم جڏھن منھنجي ڦٽيل ۽ رتو رت پٺي ڏٺي تڏھن وڃي سندس ميار ختم ٿئي. بابو مرحوم بي بي امان جي انصاف تي ايترو خوش ٿيو جو منھنجي بيمار ٿيڻ جي ٻئي ڏينھن بي بي امان جو ڏيئو پاڻ کڻي مسجد ويندو رھيو، جيسين مون ٺيڪ ٿي پنھنجو فرض ادائي واپس سنڀالي. انھين ڏينھين اسان جي مسيت جا تڏا نکون، مٽ دلا ۽ ڏيئا ٻارڻ پاڙيوارن ذمي ھوندا ھوا ۽ ملو فقط پنھنجي گھران ٻانگ کڻي اچي مسجد ۾ ڏيندو رھيو.
    ھي برابر آھي ته پاڙيوارا بي بي امان جو ادب انھيءَ ڪري به ڪندا ھوا جو ھوءَ نيڪ نيت ۽ نيڪ بخت ھئڻ گڏ عمر جي وڏڙي ۽ وڏ گھراڻي خاتون ھئي. پر ان کان سواءِ اصلي سبب ھي ھيو ته سڀئي يا سندس ھٿن ۾ يا سندس اکين اڳيان ننڍا ٿي وڏا ٿيا ھوا ۽ ھوءَ ھر ھڪ جي جنم پتريءَ کان واقف ھئي ۽ سندس يادگيري نھايت تيز ھئي. سڀ کائونس ڪن ھڻندا ھئا ته مبادا ڪڏھن ڪاوڙجي سندن ڪرتوت ٻين اڳيان پڌرا نه ڪري. ھڪ دفعي مامي مولڻ آفيميءَ مون کي گھٽيءَ ۾ بيٺي شرمايو ته ھيڏو سارو ڏگھه ٿيو آھين ۽ اڃان پيو سٿڻ ۾ مٽين. ۽ جنھن واقعي سبب گھر ۾ صبح مردان جو مار پڻ کاڌي ھيم. مامي مولڻ جي ملامت چالو ھئي ته بي بي اچي لانگھائو ٿي. مامي مولڻ کي وري کڻي ٿي کٽي جو ساڳي شڪايت بي بي امان سان ڪيائين. بي بي امان جو مون تي ڪک سھڻ نه ڏيندي ھئي سو اچي مامي مولڻ تي بگڙي. چي ”مولڻ ھي ته ٻار آھي، پر تون ته پٽن جو پيءُ ھوندي به سٿڻ ۾ مٽيو ھو جو تنھنجي ڀٽاري جوءِ تو واري سٿڻ جي سرگس ڪڍي سڄي پاڙي ۾ تنھنجي خواري ڪئي ھئي.“ مامو مولڻ پڇ پائي تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي وٺي ڀڳو. ان ڏينھن شام جو مامو مولڻ مون کي بزار ساڻ ڪري سنڱر لائي ۽ کنڊ ڀڳڙا وٺي ڏنا ۽ ڏاڍي پيار سان پارت ڪيائين ته بي بي امان واري ڳالھه ٻئي ڪنھن سان نه ڪيان. مامو مولڻ درويش صفت انسان ھيو ۽ مون سان محبتڙي ھوندي ھيس. جيستائين جيئرو رھيو مون سندس ڳالھه کي راز ۾ رکيو ۽ ھن وقت پڻ سندس نالو بدلائي پيو قصو ڪريان آخر واعدو واعدو آھي.
    ساڳي تعدي ڪيائين حاجي جعفر شاه سائينءَ سان جنھن انھن ڏينھين ٽي حج مس ڪيا ھئا۽ سندس سونھاري دن تائين پکڙيل ھوندي ھئي. سونھاري سيد منھنجي ڪن مھٽ ٿي ڪئي ڇاڪاڻ ته ھڪ ڏينھن اڳ مون ڀنگياڻيءَ کي اوچتو ڀاڪر پاتو ھيو ۽ ھن مائي جي خواري وارو کارو مٿان ڪريو ھيم. اڃان سيد سڳوري جا ٻيئي ھٿ منھنجي ڪنن مروٽڻ ۾ مشغول ئي ھوا ته بي بي امان غيب کان خواجه خضر جيان اچي حاضر ٿي. حاجيءَ کان منھنجا ڪن ڇڏائي اچي کيس کڙين تي کنيائين؛ ”چي ٻڪر شاه (بي بي امان کيس جعفر شاه بدران ٻڪر شاه سڏيندي ھئي) ھن چھڙي کي ته چٽي نڪتي ھئي ۽ مون کيس چرچي ۾ چيو ھو ته ڀنگياڻيءَ کي ڀاڪر پائه ته چٽي ڇڏي ويندءِ. ھي ته آھي ئي چھڙو پوءِ چھڙياڻيءَ کي چنبڙيو ته ڪھڙي اربع خطا ٿي. ”پر توکي ڪھڙو ڪوڙه نڪتو ھيو جو جڏھن ليٽ واري سال تون صفوران ڀنگياڻي سان ڀاڪرين پيو ھئين.“ حاجي گھڻا ئي کيس ڳجھا اشارا ڪيا ۽ سندس ڳالھه وچ ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڙي جا ٻار بيٺا آھن، پر بي بي امان ھڪ دفعو ڪاوڙ ۾ سو اچي پوءِ جھڙي مڇريل شيرڻي. مجال آ جو ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍي. حاجي صاحب توبه توبه ڪندو تڪڙي تسبيح ڦيريندو تڪڙو تڪڙو کسڪي ويو. بي بي امان منھنجا ڳوڙھا پنھنجي چادريءَ سان اگھندي پنھنجي گھر وٺي آئي. واٽ تي سڏڪا ڀريندي بي بي امان کان پڇيم ته ”بي بي امان صفوران ڪير ھئي؟“ چي ڇپ ڪر چھڙا، نه ته وري ٿي سڏ ڪيان ٻڪر شاه کي ته اچي تنھنجا ڪن پٽي.“
    اسان وارو پاڙو اڄ به اھڙوئي وسندر آھي جھڙو اڳ ھيو. پر بي بي امان وئي سڄو پاڙو ٻسو ۽ اداس پيو ڏسجي. بدقسمتي ھي آھي ته جو انسان ھتان لاڏاڻو ڪري ٿو ته اھو ادارو ئي بند ٿي وڃي ٿو سندس دز برابر به ڪو جاءِ ڀرڻ وارو ڪونه ٿو ملي. ڪيئي ڪراڙيون عورتون ان ساڳي گھٽيءَ ۾ ڦيرا ڪندي ڏسجن ٿيون پر ھو ڪنھن مرض جو علاج نه آھن. اٽلندو گلا جا گھانگھا، ڄڻ ٽپالي گھر ۾ گھڙيو. سوسڙين جيان پيون پرايا پنھنجا گھر ساڙينديون رھنديون. ھر گھر ۾ ننڍين نيٽين جا ڌڻ ۽ ٻارن جا ولر وڌندا ٿا رھن پر نه شاديون ٿين ۽ نه طوھر. بيمارين جون بھيرون، پر پڇڻ وارو ڪير به ڪونھي. ھر ڪو پنھنجي ۾ پورو. سڀ رئيس، ته پوءِ گڏھ ڪير ھڪلي۽ درد وندن جي دانھن ڪير ٻڌي؟ ھي ھر عورت جي اختيار ۾ ته نه آھي ته بي بي امان بڻجي. بي بي امان ڪو ھر پاڙي يا ھر پيڙھيءَ ۾ ٿورو ئي پيدا ٿيندي آھي. ٻڌو اٿم ته الله آدمين جو ڦرندڙ گھرندڙ روپ ڌاري منجھائن ليئا پائيندو رھندو آھي ته ڏسان ته کيس ڪير سڃاڻي ٿو يا نه. مون کي اھو فخر حاصل آھي جو مون بي بي امان کي ڏٺو ۽ کيس بخوبي سڃاتو ھيم. ڪالھه ھڪ دوست ويٺي ٻڌايو ته الله پاڪ جي رحمان رحيم ۽ خالق ھئڻ ۽ سندس تخليق جو تصور ”امڙ“ کان ورتو ويو آھي. کيس اھڙو گمان غالب ھيو پر خاطري ھرگز نه ھئي. ظاھر آھي کيس پڪ ڪيئن ٿيندي. ھن بي بي امان کي ٿورو ئي ڏٺو ھيو.


      نانو ڪؤڙو

    نانو ڪؤڙو ذات جو جت ويٺل ڳوٺ دودو، منھنجو مائٽ ھيو ۽ سنڌ جي انھن سٻاجھڙن ۾ ھڪ ھيو جو سج لٿي کان پوءِ واٽ ويندڙ راھگيرن جا لٽا به لاھي وٺندا آھن. رب بخشيش ٺاھوڪو ڪاٽڪو ھيو. حالانڪه اھڙو به نامي گرامي ڌاڙيل نه ھيو جو پوليس سدائين ڪڍ ھجيس. نھايت سياڻو ۽ سبيتو چور ھيو ۽ ”ھيڪل چوري کير ڪٽوري“ جي اصول پٽاندڙ اڪيلي سر شڪار ڪرڻ جو عادي ھيو. سڀ کان وڏي خوبيءَ ھيس جو پنھنجي تر ۾ چوري اصل نه ڪندو ھيو ۽ ھميشه درياه ٽپي ھن پار وڃي مال ماري موٽندو ھيو. ھر قسم جي چوريءَ جو ھنر حاصل ھيس، پر چوپائي مال تي ھٿ زياده ھريل ھيس جا حڪمت عملي سڀني جتن کي ڄائي ڄم کان ورثي ۾ مليل ٿي ڏسجي.
    ھونئن ته پنھنجي سڀني عزيزن قريبن تي ساه ڏيندو رھيو پر مون سان وري سندس دل جو پرچو ٻين کان مڙُئي رتي سرس ھوندو ھيس. شايد ھن ڪري ڀي، جو آءُ پنھنجي گھراڻي ۾ اڪيلو ڀاتي ھيس جو ڳڙھيءَ جو شھر ڇڏي اسڪول جون موڪلون دودي ڳوٺ وڃي پنھنجي ناناڻي آڪھه ۾ گذاريندو ھيم. مرحوم کي مون ۾ آسرو ۽ اميدون ھيون ته آءُ سندس نقش قدم تي ھلي سندس ۽ پنھنجو نالو روشن ڪندس. ان لاءِ ھميشه اھا ھدايت ڪندو ھيو ته سندس جيئري کائونس ڌنڌي جا ھنر ۽ ڳر حاصل ڪيان. گھڻائي جتن ڪيائين پر پوءِ به مون ۾ ٿوم نه ڏسي ڏاڍو مايوس ٿي ويندو ھيو. چوندو ھيو ته ابا چوري بھادري آھي ۽ سخت محنت وارو پورھيو آھي ۽ ڪا مشڪري ته نه آھي. راتو رات ميلن جا ميل مفاصله ھڻي پرايو مال ڪاھي درياه ٽپي واپس وٿاڻ تي پھچڻ، ڪا اڪ جي ماکي لاھڻي ته نه آھي. ان کان علاوه حلال مال جي چوري ھئي ۽ ڪا رشوت واري نوڪري يا حرام جو ڌندو ڪرڻو ته نه ھيو.
    مون کي اڃان افسوس آھي جو آءُ ناني ڪوڙل جي اميدن مطابق نسري نه سگھيس. ڇاڪاڻ ته مون ۾ ڪجھه بنيادي ڪمزوريون ھيون. ھڪ ھيءَ ته آءُ ننڍپڻ کان ڊڄڻو ھيس ۽ ٻيو ھيءُ ته ان زماني ۾ ٿڏي تي ۽ فورن ڪوڙ ڳالھائي نه سگھندو ھيس. جنھن خاصيت جو ھر چور ۾ ھئڻ بلڪل ضروري آھي. نانو ڪوڙو ان ڏس ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھيو. ڪي ماڻھو ڪنھن مقصد خاطر يا ڪنھن لاچاري ڪري ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ مجبور ٿين، پر نانو ڪوڙو سواءِ ڪنھن سبب جي يا مطلب جي ان اصول تي عمل ڪندو رھيو. پاڻي پي ايندو ته چوندو ته ٿاڌل پيتي اٿم. بصر سان ماني کائي آيو ته ڏند پيو کوٽيندو ته ڪڪڙ پوري ڀُڳل نه ھئي. پنج ماڻھو گڏ ويٺي ڏٺائين ته چوندو ته پنجاه ماڻھن جو ڪٽڪ ٿي ويو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ھي واحد ماڻھو ڏٺو جنھن کي سچ ڳالھائيندي نه فقط ھٻڪ ٿيندي ھئي پر اڪثر اوقات گڙدي جي سور اڀرڻ جي پڻ شڪايت ڪندو ھيو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته مضبوط جسم ۽ شڪل ھئڻ ڪري ڪوڙ کيس سونھندو ھيو ۽ اڪثر کيس ڦٻي به ويندو ھو.
    ڳڙھيءَ ۾ جڏھن ڇٺي ڇماھي اسان وٽ ڦيرو ڪندو ھيو ته مامي شاھن کان نه فقط گھٻرائيندو ھيو پر کائونس لنوائيندو پڻ ھيو. ڇاڪاڻ ته مامو پوليس ۾ عملدار ھيو ۽ ڪوڙل جي پرڪارن کان چڱي ريت واقف ھيو ۽ الله جنت ۾ جايون ڏئيس پاڻ به ٺاھوڪو ڪوڙ ھڻندو ھيو. ھڪ دفعي اوطاق ۾ اسان ڇوڪرن سان ڪچھري ڪندي ناني ڪوڙي پنھنجي دستوري دھمان ٿي ھنيا ته ڪئن نه ھن گذريل اڱاري رات پنج ڀليون مينھون چورائي درياه پار ڪيو ھو حالانڪ ڏھاڪو کن ھٿياربند ڀاڳيا سندس ڪڍ پيا ھئا جن ۾ ٻن کي ڊاھي وڌو ھئائين. ايتري ۾ مامو مرحوم سندس قصو ٻڌي اندر آيو ته چيائينس ته ”ڪوڙل اھو ته تون ڪوڙ ڦھڪايو.“ نانو ڪوڙو کلي ويٺو. چي جمعدار توکي خبر پيئي؟ ٻئي دفعي پاڻ ساڳئي نموني اسان تي رعب رکڻ لاءِ واڳوءَ سان ويڙه ڪرڻ جو ڪارنامون بيان ٿي ڪيائين ته ڪيئن نه سنڌو درياه ۾ ترندي واڳوءَ سندس پير ۾ وات وڌو ۽ ڪوڙي ٻنھي ھٿن سان لٺين جا وسڪارا لائي ڏنا. اڃان ڳالھه وچ درياه ۾ ھئي ته مامو شاھن به اچي وارد ٿيو ۽ پوءِ واڳونءَ جي شھادت وارو قصو اڌ ۾ رھجي ويو.
    واڻين جي ڏاڍي واکاڻ ڪندو ھيو. چوندو ھيو ته ”ابا چوري ڪرڻ جي موج ھئي واڻين جي وقت ۾. ھڪ ئي کاٽ ۾ ٻارنھن مھينن جو مال پاڻي نڪري ايندو ھو. مسلمانن جي چوري ڪرڻ ڌوڙ پائڻي آھي. ھڪ ته بپٽ سڃا ۽ ڏيوالا ۽ ٻيو وري گھر ۾ رکن ڏھ قرآن. ھاڻي ڪير ڪري چوري ڪري پنھنجا ٻيئي جھان وڃائي. واڻيا ڪچي پنڊي ۽ دل جا دياوان. ھڪ دفعي چوري ڪري ھڙ ٻڌي ڀت ٽپيم ته ھڪ وائڻئي ڊوڙي اچي منھنجي بازوءَ ۾ ٻئي ھٿ وڌا. مون رڙ ڪئي ته خبردار ڀائي اتي ڦرڙي اٿيئي. واڻئي امالڪ ٻئي ھٿ ڪڍي ورتا. ۽ آءُ مال سووڌو اچي پنھنجي ماڳ پھتس. “ ٻئي دفعي ”کمڻ ڳوٺ جي سڙڪ تي ھڪ واڻيو گڏھ تي ڪپڙي جي ڳوڻ کڻي ٿي آيو ته کائونس ڳوڻ ڦري جڏھن اڳڀرو ٿيس ته واڻئي رڙ ڪئي ته ڀائي ڳوڻ ڏاڍي ڳوري اٿئي، ھاڻ وٺ ھي گڏھ به ڪاھي وڃ.“ مون کي ايترو شرم آيو جو مال کيس موٽائي ڏنم ۽ اٽلندو ساڻس گڏجي وڃي کيس کمڻ پھچايم ته متان ٻيو ڪو چور نه رستي ۾ بٽئي ڪريس.
    سڄي عمر ڇڙو ڇانڊو رھيو. شادي کان ونئون ويندو ھيو. چوندو ھيو ته ابا شادي وڏو خفو آھي ۽ ماني کائڻ لاءِ ڄڻ ھوٽل خريد ڪرڻو آھي. ائين به نه ھيو ته ڪو عورت ذات کان ڇرڪندو ھيو. بلڪل نه. برعڪس ان جي وڏو شوقين مزاج مڙس ھو. ھڪ ھٿ سدائين مڇون وٽڻ ۾ مصروف ھوندو ھيس. سيٽي به سھڻي وڄائيندو ھو. شيرل باڊه واري جون جملي ڪافيون برزبان ياد ھيس. ھٿن جي سڀني انڱرين ۾ سواءِ آنڱوٺن جي، منڊيون پيل ھونديون ھيس جن لاءِ چوڻ ھوندو ھيس ته کيس سوغات طور مليل ھيون. ڳڙھيءَ کان ڳوٺ واپس ويندي خاصي خريداري ڪندو ھيو جئن ته ڳاڙھا ساورا رومال، ريشمي اڳٺ، مساڳ، رنگين موتين جا ھار ۽ گلابي رنگ جا لغڙائي پنا، جي انھن ڏينھن ۾ ڳوٺاڻيون عورتون سرخيءَ بجاءِ چپن تي ملينديون ھيون ۽ ريوڙيون. خير ريوڙيون ته پاڻ به ٽڙڪائيندو ھيو پر باقي شيون ظاھر آھي ته ڪھڙي ڪتب آڻيندو ھوندو. پاڻ ته ھيو ئي پيڙھيءَ تي ھڪڙو داڻو. آخر اھي سوکڙيون پاکڙيون ھيون ڪنھن لاءِ؟ ٻه ٽي دفعا مون کي گھه وٺي ڏيارڻ لاءِ ڏيٿن جي ڳوٺ وٺي ھليو جتي اسان ٻنھي جي ڏاڍي آجيان ٿي ۽ ھر دفعي نيرن مکڻ ۽ بسرين سان ڪرائي وئي. جڏھن انھن عورتن لاءِ مون کائونس آڏي پڇا ڪئي ته ڪن لاٽار ڪري لنوائي ويو. زور ڀرڻ تي ٻڌايائين ته اھي سندس سرتيون ھيون. ھيءَ پوءِ خبر پئي ته سَرتيون عورتن جون ٿينديون آھن ۽ مرد جي ساٿڻ سريت ٿيندي آھي.
    اوطاقي مڙس ھيو. سندس اڱڻ وارو مچ سدائين دکندڙ ھيو. حقو پاڻي ۽ سکو سوائي آئي وئي لاءِ ھر دم حاضر ڪيو ويندو ھو. روز ٻه ٽي پرديسي وٽس مھمان به ضرور ھوندا ھئا. ظاھر آھي ته وٽس ڪانڍجي ايندڙ ڪير ھئا. ھڪ دفعي آئون کيس اھو ڪجھه ٻڌائڻ جي غلطي ڪري ويٺس جو مامي شاھن سندس باري ۾ پرپٺ چيو ھيو ته ”ڪوڙي وٽ روپوش ۽ ڏوھارين جي ٽرئفڪ جاري رھندي ھئي.“ نانو ڪوڙو جوش ۾ اچي پاڻ جھلي نه سگھيو ۽ اچي مامي تي پلٽيو. ”چي جمعدار وري ڪھڙو چڱو مڙس آھي. ھو به مون جيان چور آھي ۽ ٻنھي وچ ۾ فرق فقط ورديءَ جو آھي. مون اڃان به پنھنجي ڪرتي کي رات جي انڌيري ۾ لڪايو ٿي. پر جمعدار ته ڏينھن ڏٺي جو به ھاڃان ٿي ھنيا. ھڪ چوريءَ جي چاج ڪندي ڏھ ٻيون چوريون ٿي ڪيائين۽ ھڪ ڦر يا ڌاڙي جي پوئواري ڪندي ڏھ ٻيون ڦريون ۽ ڌاڙا ٿي ھنيائين. پر ڇڙو جمعدار جو، سڄي دنيا جو ڪاروبار ئي چوري ڌاڙي ۽ ڦر تي ھليو. مڙسي جا انگ ۽ دوستي جو دم به انھن ۾ ئي ملندءُ. باقي اشراف ۽ چڱا مڙس نه اوڙي چڱا ۽ نه پاڙي چڱا. نه ڪنھن کي ڪجھه ڏين نه ڪنھن کان ڪجھه وٺن. الاجي ڪھڙي مرض جي ھو دوا ھئا. ھو ته فقط اھي ٽجوڙيون ھئا جن جا در ۽ دروازا ٻين سڀني لاءِ ٻيڪڙيل ھئا. پنھنجي ڀائرن کي ڏس. سڀ وڏا ماڻھو. ڪي وڪيل ڪي وزير ڪي ڏاڪدار. سڀ کجيءَ جا وڻ، جيئن وڌندا وڃن تيئن پنھنجي ڇانو ۽ ڦل مٿي کڻندا ٻين جي پھچ کان پرڀرو ڪندا ٿا رھن. اٿن ڪو ڪنھن غريب مسڪين مٽ مائٽ جو اونو. آخر به ڏيئي کي تري ھيٺ اونده ٿيندي آھي.“ ناني ڪوڙي جي اھا تاريخي تقرير اڄ به منھنجي ڪنن ۾ واڄٽ ڪندي ٿي رھي. ڪير ٿو چوي ته نانو ڪوڙو ڪوڙ ڳالھائيندو ھيو.
    پڇاڙيءَ جي پھر ۾، الاجي ڇو، پنھنجيون پراڻيون ريتون ۽ روائتون ھڪ ھڪ ڪري ترڪ ڪندو رھيو. شايد درياه جي ھن ڀر ھلڻ جا سانباھا ٿي ڪيائين. ھيءَ موت جي ھڪ عجيب سازش آھي جو آخر ۾ انسان کي قسطن ۾ مارڻ شروع ڪندو آھي. جسم جي ھر انگ ۽ حواس کي بيڪار بڻائڻ گڏ انسان جا رشتا ۽ ناتا ڪاٽا ڪندو رھندو آھي. حقو ڇڏي ناس شروع ڪيائين ۽ آخر اھا به ڇڏي ڏنائين. چوريءَ کان توبھه نه ڪيائين پر بس ڪري ڇڏيائين. اڌ رات جو اٿي پرايا ڍڳا ڪاھڻ لاءِ جگر ۽ جوت کپي جا ڪوڙي ۾ ھاڻ خير ڪي ھئي. ڪوڙ کان به ڪنارو ڪري سچ بجاءِ خاموشي اختيار ڪيائين. باقي اکين جي عادتن سان آخري دم تائين توڙ نباھيائين. ”ديدار بازي الله راضي.“ وارو نعرو مون کائونس ٻڌو. مرڻ کان ڪجھه ڏينھن اڳ کيس بيل گاڏيءَ ۾ سوار ڪري ڏاڪدار کي ڏيکارڻ لاءِ ڳڙھيءَ وٺي ٿي ويس ته مونگر واه جي ڪپ تي نھال شاه جي اوتاري وٽ گاڏي روڪڻ لاءِ چيائين. سمجھي ويس ته ڇا لاءِ. سامھون ڏيٿن جي ڳوٺ جون مايون مٿن تي گھڙا ڌريو پاڻي ڀرڻ ٿي آيون. مدي جي بخار ھوندي به وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. ھڪ مائي کيس ڏٺو، جنھن ٻين کي ڏاھ ڏني. پوءِ ولر جو ولر دلا ڇڏي اچي سندس چوگرد بيٺو. ساڻن خوب ڪچھري ڪيائين. ڏٺم ته سير کن خون وڌي ويس. جڏھن سڀ موڪلائي موٽيون ته اھا ڪا ڪاڻي اک ھئي، جا آلي نه ھئي. ناني ڪوڙي چيو ته ھاڻ علاج ٿي چڪو، ھاڻي گاڏي واپس دودي ڳوٺ وراءِ. واٽ تي مرڪندي چيائين ته ”نوران“ کي ڏٺئي؟ ھائو، اھا جا بسريون کارائيندي ھئي. سوڍيءَ کي سڃاتئي؟ توسان گڏ بازار ۾ ڏٺي ھيم. ڀلا ھوءَ وڏي اکين واري ”جوائي“؟ ”ابا وقت مليئي ته انھن وٽ ڦيرو ضرور ڪجانءِ. منھنجي خاطر. منھنجي روح کي فرحتڙي ايندي. پر جينه، ته دنيا ۾ ٻيون ڪيئي سوڍيون ۽ جوايون پيون جيئن.“ جھٽ رکي وري چيائين ته ”ابا منھنجي قبر تي“ ”ڪنوار ٻوٽي“ ضرور پوکجانءِ. پيشتر ان جي جو آءُ کانئس ڪارڻ پڇان، پاڻ ئي چيائين ته ”ابا، مٿن کان ڪا ته ڪنواري بيٺي رھي.“


      پيراڻو ڀنڀرو

    حشر ويل حساب ۾ پڇاڻو ٿيندو. اھو عدل انصاف ته ٿيو پنھنجي ماڳ، ھن جھان ۾ ئي پنھنجي ڪئي جو ڦل، ڀلائيءَ بدلي ڀلائي ۽ برائيءَ جو نتيجو برو اوس ملي ٿو. ڪڏھن ڪونه ڏٺو يا ٻڌوسين ته ڪنھن پوکي جنس جَون جي ۽ لڻيائين ڪڻڪ. قدرت جي ليکا ئي پنھنجا آھن. نه فقط ھر عمل جو ردعمل سندس مقدار تائين محدود رھي ٿو پر اڪثر تر سزا يا جزا گڏيل وياج سوڌي پلئه پوي ٿي. وري جنھن سخاوت يا سختيءَ سان اجورو يا بدلو وصول ٿئي ٿو، ان جو ڪاٿو ڪرڻ ئي مشڪل آھي. سود خور به ليکو لاھڻ وقت آني ٻٽي جي رعايت ضرور ڪري ٿو. ھڪ يھودي به حساب ڪتاب ۾ پئسو يا ٽڪو معاف ڪري ڇڏيندو آھي. پر قدرت ھرگز نه.
    ننڍپڻ ۾ جڏھن پڙھيو ھئم ته ھڪ معصوم ٻار جي ھٿ کان رانديڪو کسڻ تي به سموري ڪائنات ۾ زلزلو مچي وڃي ٿو ته بي اختيار کل اچي ويئي ھئم. ڪپاٽ تڏھن کليم جڏھن اڳتي ھلي ڏٺم ته انسان تي ظلم ڪرڻ يا ڪنھن جي دل ڏکوئڻ ته درڪنار پر ڪنھن گگدام جانور، پکي پَکڻ يا ڪنھن جيت جڻئي کي ڄاڻي ٻجھي، يا طيش ۾ اچي ايذاءُ ڏيڻ يا مروان موت ملوڪان شڪار تي به قدرت قھار ٿئي ٿي. اھو ايمان اٿم. انسان کي ڪنھن جان وٺڻ جو حق فقط پنھنجي يا ٻين انسانن جي خود بچاءُ لاءِ آھي ۽ بس – اھا خبر خالق اڪبر کي ته سندس آڏو ڪنھن جي زندگي وڌيڪ عزيز ۽ قيمتي آھي، ھڪ ڏيڏر جي يا ڪنھن وڏيري جي. ان ڏس ۾ ڪيئي مشاھدا اکين آڏو اٿم.
    خيرپور رياست جي نوڪري واري زماني ۾ قصن ڪھاڻين لکڻ جو شونق ھوندو ھيم. ڇاڪاڻ ته صحافت کان تازو وڇڙيو ھيم. آکاڻين ۽ افسانن جي خاڪن جي تلاش ۾ انساني ڏکن سورن جي مرڪزن، اسپتالن ۽ جيلن جا چڪر ڪاٽيندو رھيس. ھڪ دفعي خبر پيم ته خيرپور جيل ۾ ھڪ اھڙو ڏوھاري ڦاسيءَ لاءِ آيل ھيو جنھن ٻه قتل اڳ ۾ ئي ڪيا ھئا ليڪن ٻئي دفعا فرار ٿي ويل ھو. ھاڻ وري ٽئين خون جي الزام ۾ سزاياب ٿي آيل ھيو. دستوري اجازت حاصل ڪري ھڪدم وڃي ساڻس ملاقات ٿيم . سلام دعا بعد کائونس پڇيم ته ”يار ٻن انسانن جي خون ۾ شايد تنھنجي دل نه ڍاپي جو وري ٽئين کي به قتلام ڪيئي؟“ قيدي کلي ويٺو. چي ”ڏسان ويٺو ته تون ڪا اھڙي ھستي نه آھين جو منھنجي سزا معاف ڪرائي سگھين ۽ نه وري آئون ڪو الله جو دادلو آھيان جو منھنجي بچاءُ لاءِ قدرت ڌرتي کي ڌوڏي جيل جون ديوارون ڊاھي ڇڏي. منھنجا پير اڳيئي قبر ۾ لڙڪيل آھن ۽ اڄ نه سڀان پنھنجي خلقيندڙ اڳيان بيھڻو اٿم. انھي آچار مون کي ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ ڪو به سبب آھي ئي ڪونه. سچ پڇين ته انھن ٽنھي خونن جي الزام ۾ آءُ اھڙوئي ڏوھاري آھيان جھڙو تون.“ منھنجو وات ڦاٽي ويو ۽ تارا ڦوٽاري بي يقينيءَ جي نگاه سان کيس گھوري ڏسڻ لڳس. قيديءَ وري دھرايو ته”خدا شاھد آھي ته آءُ بلڪل بيگناه آھيان.“ مون وراڻيو ته اھو ناممڪن آھي ته بي سبب ۽ بي ڏوھ ڪو ڦاھي چڙھي. قدرت ڪڏھن به پاڻ تي ڪو ڏوھ نه ڏيندي آھي. آخر ڪا ڳالھه ضرور ٿي آھي جنھن تي ڏمر ٿيو ھجي. ”ھائو“ قيدي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، ”خطا ضرور ٿي آھي ليڪن خطا به اھڙي خسيس جو ٻڌائيندي شرم پيو ٿئي. جي ڳالھه ٻڌندين ته خود توکي به يقين نه ايندو. ليڪن اھا وادات منھنجي اکين آڏو ھر دم پيئي ڦري. حالانڪه ان حادثي کي پورا ست سال گذري چڪا آھن.“
    آءُ ۽ منھنجو دوست جيلر ٻئي قيديءَ جي شيخن اڳيان پلٿي ماري ھڪ چتاٿي ”جيءُ“ ڪري ويھي رھياسون، قيديءَ پنھنجو قصو شروع ڪيو ،”نالو پيراڻو ذات ڀنڀرو ويٺل ڪيٽي کھڙا، درياھي ڪچي جو مالوند ڀاڳيو آھيان. الله جي ڏني ۽ مڇي مانيءَ گڏ پنھنجي تر ۾ خاصي ساک پت اٿم. مون کي راڄ سڃاڻن. خير سان مونکي گھوڙين پالڻ جو شوق ھيو. خاص طور پنھنجي سواريءَ لاءِ ھڪ ڪارنري ڪميت ٻھاڻ ھيم، جنھن جو نه فقط نالو ”بجلي“ ھيو پر سندس رفتار به کنوڻ جھڙي ھئي. منھنجو ساڻس ازحد پيار ھيو ۽ ڏينھن ۾ اڪثر ٻه چار دفعا سندس داڻي پاڻيءَ ۽ ٽھل ٽڪور جو خيال رکندو ھيس. ھڪ ڏينھن حسب دستور گھوڙيءَ کي ھٿ گھمائڻ ۽ ٻچڪر ڏيڻ لاءِ طبيلي ۾ ويس. ڏٺم ته ٻه چار ڪڪڙيون سندس آھر ۾ کوٽھڙا ڪري داڻه ۽ ڪتر کي ڦھلائي رھيون ھيون. ڪڪڙيون ھڪلي وري اچي اوطاق ۾ آرامي ٿيس. پھر کن پوءِ وري گھوڙي جو واءُ واسو لھڻ ويس ته ڪڪڙيون پنھنجي ساڳئي ڪرت ۾ مشغول ڏٺم. ڪاوڙ ۾ اچي مون ڪڪڙين تي ڪاه ڪئي. ھٿن سان لامارو ڏيندي ھڪ ڪڪڙ منھنجي جھپڙ ۾ اچي ويئي. ٻئي ھٿ سان سندس ٻي ٽنگ جھلي وٺي جو سٽ ڏنم ته ڪڪڙ چيڙجي ٻه ڦاڪون ٿي پئي. جئري ڪڪڙ ٻه اڌ ڪري پري ڦٽي ڪيم. پر ساڳئي وقت منھنجي دل ايترو ڌڙڪڻ شروع ڪيو جو جھٽ کن ته سيني کي رت ۾ رنڱيل ھٿ ڏيئي ھيٺ ويھي رھيس. آخر پاڻ کي دلداريون ڏنم ته ڪجھه به نه آھي. کڙو تڙو ٿي اوطاق ۾ اچي ليٽي پيم. پر ڪڪڙ جي چيرڻ وارو ڪارنامون اکين اڳيان ناچ ڪندو رھيو. ھنڌ ۾ ليٽندي ۽ پاسا ورائيندي رات وھامي صبح ٿيو. ڀنڀرڪي مھل اک لڳي ويئي. جڏھن اک کلي ته پوليس منھنجي مٿن کان بيٺل ھئي ۽ وڏيرو خانو ککراڻيءَ جي خون ۾ مون کي گرفتار ڪرڻ آئي ھئي، وڏيري کي سانجھي ٽاڻي پنھنجي زمين کان واپس ورندي ڪنھن ڪھاڙيون ھڻي ماريو ھو. ھي برابر آھي ته خانو ککراڻي منھنجو جاني دشمن ھيو ۽ جي مون کي وجھه ملي ھا ته آءُ کيس قتل ڪرڻ ۾ ۾ ڪا ڪوتاھي نه ڪريان ھا. مون کي اھڙو موقعو ئي ڪڏھن ڪونه مليو. مون گھڻيئي پوليس کي پڪاريو ته آءُ ڪالھه ساڳئي وقت پنھنجي طبيلي ۾ موجود ھيس ۽ منھنجي ھٿن ۽ قميص تي جو رت لڳل ھيو، اھو رت ڪڪڙ جو ھيو جنھن کي ٻه اڌ ڪيو ھيم. پر ڪنھن شنوائي نه ڪئي.
    ڪيس ھيٺين ڪورٽ کان ڪمٽ ٿي سيشن ۾ آيو. منھنجي عزيزن قريبن ڪيس جا ڪافي پوئواري ڪئي. پر شاھد اوگاه اکين ڏٺا آندا ويا. دشمني اڳيئي سرڪاري رڪارڊ تي داخل ھئي. مونکي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ويئي ۽ رحم واري اپيل جي فيصلي تائين مون کي خيرپور جيل ۾ باندي رکيو ويو. ھڪ ڄاڻو سڃاڻو قيديءَ مون کي لوھ ڪٽڻ واري سنھڙي ڪارائيءَ جو ٽڪڙو پھچائي ڏنو. روزانو رات جو سنتريءَ جي اک وٺي ڪوٺڙيءَ جي وچين ٻن شيخن کي گھڪا ڏيندو رھيس. ھفتي ٻن جي لڳاتار ڪوشش ڪامياب ٿي ۽ شيخن جو ڪافي ڪم لاھي چڪو ھيس. آخر ھڪ انڌيري رات جي سھاري ڪپيل شيخن کي ٻيڻائي ٻاھر نڪري جيل جي ديوار ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿيس. انھن ڏينھن ۾ خيرپور جيل جو ڀتيون ننڍيون ھيون ۽ رياستي جيل جا سپاھي به ايڏا اورچ ھئا جو رات ته ڇڏ پر ڏينھن جو به ننڊون ڪندا رھندا ھئا. ٻاھر اچي شڪرانو ادا ڪيم، آخر به ته آئون بيگناه ھيم ۽ الله منھنجي مدد ڪئي.
    ڪجھه ڏينھن جي جھنگ جھر جھاڳڻ بعد درياه ٽپي مدئجي واري ٻيلي ۾ وارد ٿيس جو ان زماني ۾ گھڻن مون جھڙن گناھگارن جو پناه گاه ھو. ڏاڙھي مڇون ڇيڪ ڇڏي ۽ نالو مٽائي سومر ڳوٺ جي پرئي مڙس حاجي موريو ابڙو وٽ سندس مينھون چارڻ لاءِ ملازم بيٺس. حاجي موريو مينھن جو وڏو واپاري ھيو. ٻيلي ۾ مينھون چاريندي ۽ کير مکڻ کائيندي مون کي سال ڏيڊ گذري ويو. حاجي موريو مون تي مھربان ھيو. کيس پنھنجي اولاد ڪانه ھئي حالانڪه ٻه شاديون ڪيون ھوائين. مون کي پنھنجي اولاد جيان ڀائيندو ھيو ۽ ننڍي وڏي ڏينھن تي پاڻ وٽ گھر ۾ ڪانڍ ڏيئي مھمان ڪري رھائيندو ھو.
    آخر ھڪ ڏينھن وري اھڙو آيو جو حاجي جي اوطاق ۾ جتي آءُ ترسيل ھيس، صبح جو اک پٽيم ته پنج ڇھه ماڻھو ڪھاڙين ۽ لوڙھين سان منھنجي مٿن کان بيٺل ھوا. مون کي سوگھو ٻڌي وڃي ٿاڻي تي پيش ڪيائون. ان رات حاجي مورئي کي ڪو ماڻھو ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي ويل ھو. مون تي الزام ڌريو ويو ته آءُ حاجي مورئي جي ننڍي گھر سان بدپيشه ھيم ۽ ساڻس سازش ۾ شريڪ ٿي پنھنجي محسن مالڪ کي قتل ڪيو ھيم. ته جئن سندس مال متاع ۽ گھر تي به قبضو ڪريان. حالانڪه حاجي موريو منھنجي پيءُ ۽ سندس اھليه منھنجي ماءُ سمان ھئي، ڇاڪاڻ ته مون نه فقط سندن نمڪ کاڌو ھو پر ھنن مون کي پناه ڏني ھئي ۽ مون کي پنھنجي پٽ جيان پاليو ھو. بھرحال حاجي مورئي جي ڀائرن جو ڀلو ٿي پيو. ھڪ ئي ڌڪ سان سندن ٻه شڪار ٿي پيا. آءُ گرفتار ٿي پيس ۽ حاجي جي پوئين گھر واريءَ کي به سوير اڪلائي سموري ملڪيت مال جا نويڪلا مالڪ ٿي ويٺا. ڪيس ھليو ۽ نتيجو ظاھر ھو. حاجيءَ جي پھرين گھر واريءَ کي اکين ڏٺو شاھد ڪري صلاح ۾ ملايو ويو. شڪارپور جي سيشن ڪورٽ ۾ فتوا ڏني ويئي. وري اھا ئي ڦاسي. لنگھو ڀڄي کاھيءَ کان اھائي کاھي! ارڙھن مھينا جيل جا ڏاکڙا الڳ رونگ ۾. آءُ سمجھي نه ٿي سگھيس ته يا الاھي ماجرا ڇا آھي؟ ليڪن ڪڪڙ بدستور منھنجي اکين آڏو حاضر ناظر بيٺي ھئي!
    فتوا ٻڌي سيشن ڪورٽ کي سلام ڪري پوليس پارٽي مون کي سکر جيل پھچائڻ لاءِ اسٽيشن طرف پيادل سفر شروع ڪيو. اسان جو قافلو ريلوي لائين پار ڪرڻ جي ارادي سان ترسي پيو ڇاڪاڻ ته سامھون مال گاڏي اچي رھي ھئي. ريل جي ويجھو ايندي مون پنھنجي زندگيءَ جو سودو ھڪ سيڪنڊ ۾ سوچيو. ڦاسي ته ھونئن به ملڻي ھئي، ڇو نه ھن ھنڌ داءُ کيڏان؟ جڏھن انجڻ ويھارو قدم مفاصله تي پھچي چڪي ھئي ته مون ڀڙڪو کائي انجڻ اڳيان لائين ٽپڻ لاءِ رومڙ ڪئي. اوچتي سٽ سبب بيخبر پوليس واري ھٿان رسو چڏائجي ويو. مان پھرين ڇلانگ ۾ ئي لائين پار مشڪل ڪئي ھوندي ته انجڻ به شوڪاٽ ڪندي منھنجي پاسي کان گولي جيان گذري. پوءِ ته پيرن تي زور ڏنم. مال گاڏي خاصي ڊگھي ھئي. پوليس پارٽي پرين ڀر بي بس بيٺل ھئي. اڳيان جوئر جي ”مڙس تار“ پوک پار ڪرڻي ھئي. پوءِ جھنگ ئي جھنگ ۽ پوءِ آزادي ھئي. ھٿن ۾ ھٿڪڙيون ۽ چيلھه ۾ رسو ھيو پر ڇوٽڪاري جي آس اميد منھنجي پيرن ۾ بجليءَ جا طاقت آڻي ڇڏي ھئي. اونده اچي چڪي ھئي، پٺيان ڪوئي به ڪڍ ڪونه ھيو. رات پئجي ويئي ھئي، پر منھنجي سوچ ۽ ڊوڙ جي رفتار ۾ ڪمي ڪانه آئي. مون کي خبر ھئي ته ڀاڄ ڪھڙي رخ ۾ اٿم، ۽ اڳتي ھلي ڇا ڪرڻو اٿم. اڌ رات ڌاري مدائجيءَ جي ڪاٺ مڏيءَ واري دوست چوڪيدار وٽ پھتس جنھن مترڪو ۽ ڇيڻيون کڻي سرڪاري ڪنگڻ کان منھنجون ٻانھون آزاد ڪيون. سندس اجرڪ ۽ پھرياڻ پھري پنھنجي پتڻ واري پراڻي ساٿيءَ وٽ پناه ورتم. ٽي چار ڏينھن ٿڪاوٽ دور ڪرڻ ۾ لڳا. تازه دم ٿي وري اڳڀرو الله توھار ڪيم. آخر آءُ به ته بيڏوھي ھيس.
    اڳين ٻن خونن جي واقعن وچ ۾ چئن سالن جي وڇوٽي ھئي. ليڪن ٽئين خون جي الزام مون کي وڌيڪ وقت ترسڻو نه پيو. آخر قدرت کي بھانه تلاش ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ جڏھن انسان پاڻمرادو سموري عمر پنھنجي حياتيءَ جي حيلي وسيلي ۽ موت جي بھانه ڳولڻ ۾ پاڻ سرگردان رھي ٿو. جڏھن ڇھن سالن جي ڊگھي عرصي بعد آءُ پنھنجي ڳوٺ پھچي گھر پھتس ته مون لاءِ ٽئين خون جو بھانو اڳواٽ ئي انتظار ڪري رھيو ھو. حالي احوالي ٿيندي معلوم ٿيو ته منھنجي سڪيلڌو پٽ ککراڻين کان بدلي وٺڻ خاطر، سندن نوجوان اڳواڻ جانو ککراڻيءَ کي خون ڪري روپوش ٿي ويل ھو. جانو انھي خانوءَ جو پٽ ھو جنھن جي خون ۾ مون کي پھرين ڦاسي ڏني ويئي ھئي ۽ پيءُ جي مرڻ بعد پاڻ پڳ ٻڌي قوم جو پڳدار ٿيو ھو. خون جي واردات کي پورا ڇھه ڏينھن گذريا ھئا. حساب ڪيم ته منھنجي ڀاڄ ۽ وڏيري جانو جي خون جو ڏينھن ۽ وقت عين ساڳيو ھو. سمجھي ويس ته قدرت جي مرضي ڪھڙي ھئي؟ قدرت مون سان ٻلي ۽ ڪوئي واري راند کيڏي شايد پنھنجي دل وندرائي رھي ھئي. ڪڏھن چنبي جي گرفت ۾ چو کنڀو جڪڙي وري آزاد ڇڏي ٿي ڏنائين. جڏھن پاڻ کي ڇڙواڳ ڀانئي بچاءَ لاءِ ڀاڄ ڪيم ته وري امالڪ مٿان ڪڙڪي پختو ٿي پڪڙيائين. پنھنجي نوجوان پٽ جي زندگيءَ بچائڻ جو ھڪ ئي طريقو ھو. گھر وارن گھڻي ڪوشش ڪئي پر آءٌ پنھنجي ھوڏ تي قائم رھيس. تر جي پوليس ٿاڻي تي پھچي پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ آڇ ڪيم ۽ اقرار ڪيم ته اڳين ٻن خونن ۽ تازه ٽئين ککراڻيءَ جي قتل جو فقط آءُ اڪيلو جوابدار ھيس. پوليس صوبيدار لاءِ عيد ٿي ويئي. ڇاڪاڻ ته منھنجي گرفتاري لاءِ پنج ھزار روپيا روڪ انعام آڇيل ھو. علاوه ان جي، ٽئين قتل جو اقراري قاتل پڻ هيس جنھن جوابدار کي ھٿ ڪرڻ لاءِ مٿس پوليس ڪمانيءَ جي زوربار آندل ھو. مون کي صوبيدار ڀاڪر پائي مليو ۽ پاڻ سان گڏ ماني کارايائين. ان گڏ شاباش پڻ ڪيائين ته آءُ بھادر ھيس جو خون جا جملي ڏوھ قبولي پنھنجي آخرت آجي ڪيم. ساڳئي ڏينھن مون کي خيرپور ٿاڻي تي آڻي قانوني ڪاروائي مڪمل ڪئي ويئي. منھنجي پٽ خلاف چارج ختم ڪئي ويئي ۽ مون کي اڳين ۽ پوئين خون جي جرم ۾ نئين سر رجوع ڪيو ويو. عدالت کي ثابتين ۽ شاھدين جي گھڻي کوجنا نه ڪرڻي پيئي ڇاڪاڻ ته آءُ قبولدار ھيس. گذريل مھيني فتوا ڏني ويئي ھئي ۽ اڄ ٻڌو اٿم ته رحم جي اپيل به رد ٿي آيل آھي. اڄ سڀاڻي سر ڏيئي سرھو ٿيندس.
    ھي برابر آھي ته ھن ڀيري ڦاسي چڙھڻ لاءِ مون پاڻھرتو اڳرائي ڪئي. ليڪن ان وقت، جڏھن مون کي ھي سورنھن آنا خاطري ٿي چڪي ھئي ته منھنجي زندگي جو فيصلو ان ڏينھن تي ٿي چڪو ھو جڏھن ھڪ معصوم ڪڪڙ جو بيرحميءَ سان انت آندو ھئم. اھو فيصلو اڻٽر ھو، جئن وقت ثابت ڪري چڪو آھي. آءُ اڻڄاڻ ۽ الھڙ ھيس جو پاڻ کي بيگناه سمجھي ڀاڄ جي واٽ وٺندو رھيس. آءُ ان غلط فھمي ۾ مبتلا رھيس ته آءُ اشرف المخلوقات، ۽ ڪٿي ھڪ ڪسيري جي ٽرڙي ڪڪڙ! مون کي اھا سڌ ٻڌ به نه رھي ته ٻنھي جو خالق مالڪ ساڳيو آھي. ھاڻ ستن سالن جي رولڙي ۽ خواري بعد سمجھه آئي اٿم. مون ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته ان وقت تائين قدرت جي اکٻوٽ جاري رھندي ، جيستائين پنھنجي اندر ۾ حقيقي ڏوھ جو اقرار نه ڪيو اٿم. جيترا دفعا فرار ٿيندس اوترا خون جا الزام منھنجي گردن مٿان مڙھيا ويندا. ھاڻ جڏھن قدرت جي قصي کي سمجھي رب جي رضا اکين تي رکيو اٿم ته منھنجو جيءَ جان ۽ جسو سڀ قرار ۾ آھن. يقين ڪندين ته ڪالھه رات ھڪ عجيب خواب ڏٺم. ڏسان ٿو ته طبيلي ۾ بيٺو آھيان ۽ گھوڙي جي آھر ۾ ساڳي ڪڪڙ جا ھن اڳ زخميل ۽ سندس ٻه اڌ ڦٿڪندا ڏسندو رھيس، سا سڄين لڱن سان کوٽھڙن ۾ مشغول ھئي ۽ آءُ کيس ھڪلڻ يا مارڻ بجاءِ نھايت پيار سان ڏسي رھيو ھوس. سمجھان پيو ته مون کي معافي ملي چڪي آھي. ٻيو مڙوئي خير . . . .“


      حاجي فقير حُر

    قبرن ۽ قبرستانن سان خاصي دلچسپي اٿم. عمر جو ڳچ حصو اھڙن آستانن جا چڪر ڪاٽيندي گذاريو اٿم. جڏھن به ڪا جھٽ گھڙي ھن وٺ پڪڙ جي زندگيءَ کان فرصت حاصل ٿيندي اٿم ته ڪنھن نه ڪنھن ويجھڙي مقام ۾ وارد ٿي پناه وٺندو آھيان. پلڪه پھر آجھاپو ڪري، ماڻھپي ۾ اچي، وري واپس گوڙ گھمسان طرف رخ رکندو آھيان. ائين به نه آھي ته ڪو دنيا وارن مون کي ڪو ڏک يا ڏجھا ڏنا آھن، يا اھل مماتيءَ وارن سان انس اٿم يا ڪو موت سان اڪير اٿم. ھرگز نه، بلڪه موت جي ته نالي کان به دل گھٻرائيندي اٿم. پر ھي ٻي ڳالھه آھي ته ٻڪري جي ماءُ ڪيستائين خير گھرندي رھندي.
    1982ع ۾ سرڪاري نوڪري کان نيڪاليءَ بعد جڏھن حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪيم ته منھنجو واندو وقت ڪچي قلعي لڳ واري ”اميدن ڀريو مقام“ ۾ گذرندو رھيو. مقامي مماتيءَ وارن ماڻھن جي ڄاڻ سڃاڻ ٿيندي، مون کي ھي گمان گذريو ته ”اميدن ڀريو مقام“ عام قبرستانن کان بلڪل ھڪ نرالي نوعيت جو ھو ۽ ھن مقام ۾ اڪثر تر اھڙا انسان مدفن ٿيل آھن جن جو موت غير فطري طور، ڪنھن اوچتي حادثي، ھارٽ فيل، قتل يا ڦاسيءَ باعث ٿيو ھجي. اھڙي انومان مدنظر مون ھر قسم جي آرامي انسان جي زندگي ۽ موت بنسبت حال احوال قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن ڏس ۾ ڀائو اسماعيل قبرستاني، جو ھن مقام جو پنجاه سالن کان پانڌيئڙو آھي. تنھن منھنجي ڪافي رھنمائي ڪئي.
    حاجي فقير سان منھنجي پس غائبانه شناسائي پڻ ڀائو قبرستانيءَ ذريعي ٿي. سندس ڪچي قبر مقام جي دورازه کان ويھارو گز مفاصلي تي آھي. توڙي جو منھنجا ڪافي دوست يار ھن مقام جي مختلف جڳھين تي آرامي آھن تڏھن به منھنجي بيٺڪ اڪثر تر سندس ويجھڙائي ۾ ٿيندي آھي.
    حاجي فقير ”حر“ اڌ صدي اڳ، حرن جو ناليوارو مھندار ھيو. شھدادپور لڳ، خيبر مھل واري ھولناڪ ريلوائي حادثه جي سازش ۾ کيس گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو. سندس گرفتاري بعد مٿس ٻه درجن ٻه ٻيا به ڪيس داخل ڪيا ويا، خاص طور اھڙا ڏوھ جن جا حقي ڏوھاري عدم پيدا ھو. ساڻس انڊين پينل ڪوڊ جا ڳر وارا ۽ وزندار جملي قلم لاڳو ڪيا ويا، جن ۾ ڌاڙا ڦريون ۽ خون سرفھرست ھوا. ڪيسن جي نيڪال لاءِ ھڪ اسپيشل ڪورٽ وجود ۾ آندي ويئي. اھڙي صورتحال مدنظر فتوى جو به اسپيشل ھئڻ ھڪ لازمي امر ھيو.
    حاجي فقير کي پنھنجي صفائي پيش ڪرڻ ۽ بچاءُ لاءِ سرڪار طرفان چار عدد وڪيل مقرر ڪري ڏنا ويا. سندن وڪالت فصيح ۽ بليغ ھئي ۽ ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته سندن مول مقصد حاجي جي بچاءُ بجاءِ کيس ڦاسيءَ جي اوڏ تي آڻڻو ھيو. اسپيشل ڪورٽ، برک سرڪاري وڪيل ۽ حاجيءَ جا چار اڌارا سرڪاري وڪيل! ٻين لفظن ۾ ڪو اھڙو ڳٿو نه ڇڏيو ويو جنھن ۾ حاجيءَ کي ڪنھن به قانوني رعايت ميسر ٿيڻ جو ڪو امڪان ھجي. اسپيشل عدالت ڏينھن رات ھڪ ڪري پنھنجي قانوني ڪاروائي پوري ڪئي. انگريزي دور حڪومت ۾ ھي اولين مثال ھيو جو عدالتي مشين بجلي جي رفتار تي ھلي رھي ھئي. ورنه انگريزن جي قانون جو بنياد ئي ”دير مدار“ تي رکيل آھي، ڇاڪاڻ ته ڪوڙ لاءِ حافظو ھئڻ ضروري آھي، ۽ حافظي جي مدت محدود آھي. وقت گذرڻ سان گڏ ڪوڙ وسريو وڃي ۽ باقي سچ بيٺو ٿو نچي.
    اسپيشل عدالت پنھنجو فيصلو ڏنو. فتوا توقع مطابق ھئي. پنج ڦاسيون ۽ ۽ ڏھ سال سخت پورھئي جي سزا. حالانڪه فاضل ۽ عادل جج کي خبر ھئي ته حاجي فقير اڪيلو ۽ ھڪ عدد انسان ھو جنھن لاءِ پنج ڦاسيون ته درڪنار پر اڌ ڦاسي به ڪافي ھئي. انساني تاريخ ۾ ھڪ انسان لاءِ ھيءَ ھڪ انوکي ۽ عجيب سزا ھئي، خاص طور پنج ڦاسين بعد ڏھ سال جيل جي سزا!
    اسپيشل عدالت جڏھن به ھر ڪيس جي سلسلي ۾ پنھنجي فتوى صادر ٿي ڪئي ته حاجيءَ کي سندس وڪيلن طرفان فيصلي جو سنڌي ترجمو نھايت شد مد سان ٻڌايو ۽ سمجھايو ويو. حاجيءَ جو ردعمل نھايت سادو ۽ مختصر قسم جو ھو. ھر دفعي ڪنڌ ڌوڻيندي سزا کي تسليم ڪندي فقط ھڪ ئي ساڳيو لفظ ٿي اچاريائين ”جيءُ بسم الله“. جڏھن سندس پنجين ڦاسيءَ جو اعلان ڪيو ويو ته تعجب جو اظھار ڪندي چيائين ته جڏھن آءُ پھرين وار ۾ ئي پار وڃي پھچندس ته باقي چار دفعا ڪنھن کي لڙڪايو ويندو؟ ڦاسي ڪا پينگھه لڏڻ ته نه آھي جو مرده لاش کي به مزو وٺرايو ويندو.
    جڏھن اسپيشل عدالت پنھنجو آخرين فيصلو ”ڏھ سال سخت پورھئي سان سزا“ سڻايو ته حاجيءَ کان بي اختيار ٽھڪ نڪري ويو. کلندي سوال ڪيائين ته ” سائين سزا اکين تي پر ڪاٽيندو ڪير؟ آءُ يا منھنجو لاش.“ ڪورٽ جي برخواست ٿيڻ بعد جج صاحب سان ٻه منٽ خانگي ملاقات لاءِ درخواست ڪيائين جا منظور ڪئي ويئي. ھن شرط تي ته حاجي جج جي چئمبر ۾ پيرين اگھاڙي پيش ٿيندو. انھن ڏينھن اھڙا ڪيئي واقعا رونما ٿي چڪا ھوا، جو ڪورٽن ۾ ڏوھارين جج جي فتوا سان پنھنجي اختلاف راءِ جو اظھار پادرن اڇلڻ سان ڪيو ھو.
    جج صاحب اڳيان روبرو پيش ٿي حاجيءَ عرض ڪيو ته پنجن ڦاسين مون ھڪ ڦاسي سندس انت آڻڻ لاءِ ڪافي ھئي. گذارش ڪيائين ته بقايا چار ڦاسيون سندس بچاءَ جي وڪيلن کي في وڪيل في ڦاسي حساب سان ڏنيون وڃن جن ايمانداريءَ سان بچاءَ ڪرڻ بجاءِ کيس ڦاسيءَ جي ڦندي ۾ چوکنڀو ڦاسايو ھو، حالانڪه حق انصاف روءِ ھو ڦاھي کان ڪوھين ڏور ھو.
    فاضل جج حاجيءَ کي فقط ھي ٻڌايو ته سندس ڦاسيءَ جي سزا مدنظر وڌيڪ ڏھ سال سخت پورھئي واري سزا معاف ڪئي ويئي آھي. اھڙي اعلان حاجيءَ کي ڪھڙو آٿٿ ڏنو ھوندو چئي نه ٿو سگھجي.
    ڦاسيءَ کان ھڪ ڏينھن اڳ حاجيءَ کي خبر پئي ته سندس ٻڍڙو پيءُ اچي چڪو ھو ۽ جيل جي ٻاھران ترسيل ھو. کيس اھو ٻڌايو ويو ته سندس پيءُ جيل اختياريءَ وارن کي ھڪ عريضي پڻ پيش ڪئي ھئي ته سندس پٽ جو لاش ڦاسيءَ بعد سندس حوالي ڪيو وڃي. حاجيءَ وڏي جيلر صاحب کي لکت ۾ عرضداشت ڪئي ته کيس ڦاسيءَ کان اڳ سندس پوڙھئي پيءَ سان ملاقات جو موقعو ڏنو وڃي ۽ جيڪڏھن ڳالھائڻ تي بندش ھجي ته کيس پري کان اکين ڏيکاريو وڃي. حاجيءَ جي ھي درخواست به تڏي تي رد ڪئي ويئي.
    ڦاسيءَ واري صبح جو جڏھن کيس ڪال ڪوٺڙي کان ڦاسي گھاٽ طرف نيو ويو ته کائن پڇيائين ته سندس پيءُ ڪٿي ھو. وارڏر کيس ٻڌايو ته سندس پيءُ جيل جي اولھه واري ديوار کي ٽيڪ ڏيئي ليٽيل ھيو. حاجيءَ وارڏر ۽ جيل پوليس وارن کي الله جو واسطو ڏيئي عرض ڪيو ته کيس فقط ان ديوار جي رخ ۾ ٻه منٽ وٺي ھلن جنھن ٻاھران سندس پيءُ ترسيل ھو. سندس عرض اگھايو ويو ۽ کيس ديوار نزديڪ آندو ويو. پٿر جي ديوار کي سلام ڪري سندس اڳيان گوڏا کوڙي مخاطب ٿيو ۽ چيائين؛
    ”آئون تنھنجو بيحڊ شڪر گذار آھيان جو تو منھنجي ٻڍڙي ۽ اڀاڳي پيءُ کي سھارو ڏنو آھي جنھن جا ٽي پٽ اڳيئي ھڪ ھڪ ٿي ڦاسي گھاٽ چاڙھيا ويا آھن. ھن وقت آءُ سندس اڪيلو ۽ باقي بچيل پٽ آھيان. سندس ھن دنيا ۾ ڪو به ٻيو آٿٿ ڏيندڙ نه آھي. منھنجي پير مرد ۽ پيرسن پيءُ کي پنھنجي پاڇي ۽ پشت ۾ پناھ ڏيڻ لاءِ تنھنجا لک لک احسان.“
    چند منٽن بعد کيس ٽڪٽڪي ڏانھن وٺي وڃي آخرين مسافري لاءِ سنبرايو ويو.حاجيءَ اکين تي دستوري ڪاري ٽوپي پائڻ کان انڪار ڪيو. نه سندس پير وچڙيا ۽ نه سندس جسم ۾ ڏڪڻي نمودار ٿي. نه وري نڙگھٽ آلي ڪرڻ لاءِ پاڻي پيتائين. برعڪس ان جي ڦاسيءَ جي ڦندي ڏانھن ائين ٻرانگھون ڀريندي اڳڀرو ٿيو ڄڻ گلن جي ھار کي ڳچيءَ ڳل لائڻ لاءِ پيشقدمي ڪري رھيو ھو. ويجھو وڃي پنھنجي فرقه جو نعرو بلند ڪيائين، ”ڀيڄ پاڳارا“ ۽ ڦاسيءَ جو ڦندو پنھنجي ڳچي ۾ وڌائين، ”جي بسم الله“ ھڪ ڇٻي آئي. اک ڇنڀ ۾ ھو اتي پھچي چڪو جتي پھچڻ لاءِ ماڻھو اڪثر پھرن جا پھر سڪرات سھندا آھن.
    ڪجھه ڪلاڪن بعد حاجيءَ جي لاش کي سندس پيءَ حوالي ڪيو ويو. سندس پيءَ جو پنھنجي جملي پٽن جي تقدير اڳ ۾ ئي تسليم ڪري چڪو ھيو، تنھن ڪو ڳوڙھو اکين کان نه ڳاڙيو. نه دانھن نه ڪوڪ نه پِٽَ نه پاراتو. ٿي سگھي ٿو سندس ڳوڙھن جي ڪوٽا اڳواٽ ئي خشڪ ۽ ختم ٿي چڪي ھئي ۽ جنس خاطر ڪا بوند باقي بچي ھجي. ھن فقط لاش جي نراڙ تي پنھنجا عمر رسيده چپ رکيا. ڄڻ نراڙ تي تقدير جي لکئي کي آمنا صدقنا ڪندي پنھنجي رب جي رضا تي راضي رھڻ جي تصديقي مھر ٿي ھنيائين. لاش کي پنھنجي جھولي ۾ جھلي پنھنجي ڇاتيءَ سان بغل گير ڪيائين. ھو ان حالت ۾ ڪجھه دير تائين رھيو. جڏھن ڪنھن پيءُ کي پٽ کان يا ھئن چئجي جئري کي مئي کان جدا ڪرڻ جو ادم ڪيو ته اھا بيسود ڪوشش ھئي. سندس دم نڪري چڪو ھيو. ماڻھن کي اھا غلط فھمي دور ٿي ويئي ته ھو پٽ جي لاش کڻي وڃڻ جو وارد ٿيو ھو. ھو ته پٽ سان سفر جو ساٿ ڏيڻ آيو ھو ۽ سندس ڪڍ ھليو ويو. اھا خبر نه آھي ته ٻيئي گڏ دفنايا ويا يا جدا جدا. پر ڪھڙو ٿو فرق پوي ته ھيءَ ڪچي قبر پيءُ جي آھي يا پٽ جي؟ مئي بعد ته اھا به مشڪوڪ ڳالھه آھي ته حاجي ۽ سندس پيءُ ڄاوا ھئا به يا نه.


      بابو جعفر ڀائي

    انساني زندگيءَ جي اوج ۽ عروج لاءِ محنت توڪل ۽ بخت علاوه ھڪ ٻي انوکي طاقت کي پڻ دخل آھي جنھن کي ”دعا“ چيو وڃي ٿو. اولياءَالله جا چون ٿا ته ”دعا“ تقدير سان ڀاڪرين پوي ٿي ۽ اڪثر تر تقدير جي لکئي تي غالب ٿي پنھنجي مدعا ماڻي ٿي. خاص طور ماءُ جي دعا.
    مون پنھنجي سانڀر ۾جن ماڻھن کي صحيح معنى ۾ سکيو ستابو مان مرتبي ۽ اوچي پدويءَ تي ڏٺو ته انھن ۾ اڪثريت اھڙن جي ھئي جن جو سڪندري بخت سندن مائن جي دعائن بدولت ھيو. ڪي ته اھڙا به خوش نصيب انسان آھن جن کي سندن والده پنھنجي ٿنڃ به ھميشه باوضو ٿي پوءِ ڏني ھئي. انھن کان اڃان به وڌيڪ اھڙا نيڪ بخت انسان ڏٺم جن ماءُ جي خدمت کي عبادت سمجھي پنھنجي زندگي سنواري. ضلع سکر جو ھڪ ھندو ڪليڪٽر اھڙو به ڏٺم جو سجاڳيءَ ۾ ماءُ جو خيال رکڻ ته پنھنجي جاءِ، پر رات جو ماءُ جي پيرن کي زور ڏيندي پوءِ سندس پيرانديءَ پيل کٽ تي اھڙي طرح آرامي ٿيندو ھيوجو جيسين تائين امڙ جا پير سندس اکين ۽ منھن تي نه لڳندا ھوا ته کيس ننڊ نه ايندي ھئي. الله نه ڀُلائي ته ھو ميرچنداڻي جي نالي سان مشھور ھيو!
    جنگشاھيءَ جي ريل گاڏيءَ واري ھولناڪ حادثه۾ ھڪ تباه ٿيل دٻي جي 239 مسافرن ۾ واحد زنده بچيل انسان کي جڏھن چيو ويو ته ”سندس پير مرشد زور ھوا جو بچي ويو ھو“ ، ته کلي ڏنائين ۽ چيائين ته ”منھنجو پير مرشد ته منھنجي ماءُ آھي جا اٿندي ويھندي الله کي آزيون ڪندي رھندي آھي ته منھنجو موسڙو پرتو اٿيئي، سن 1935ع واري ڪوئيٽه جي زلزلي کان پوءِ زنده درگور ٿيل ماڻھن جي لاش ڪڍڻ لاءِ کوٽائي ڪندي چوڏھن ڏينھن بعد ھڪ اھڙي مرده ماءُ جو لاش ڏٺو ويو جنھن جو اڌ جسم سڙي ڀسم ٿي ويل ھيو ۽ ٻئي طرف کان سندس زنده معصوم ٻار ٿنڃ ڌائي رھيو ھو. انساني تاريخ اھڙن ”ماءُ ۽ پٽ“ جي معجزن سان ڀرڀور آھي.“

    برعڪس ان جي دنيا اندر اھڙا به ڪي اڀاڳا انسان آھن جي ماءُ جي جس کٽڻ يا دعائون حاصل ڪرڻ بجاءِ سندن بددعائن يا پاراتن جو شڪار ٿين ٿا. اھڙن بدنصيبن جو ڳاڻاٽو اٽي ۾ لوڻ جي برابر به مشڪل آھي. ڇاڪاڻ ته ماءُ پنھنجي اولاد کي ٻين جي بدنظرن کان بچائيندي رھندي آھي اھا کين ڪھڙي دل سان پٽيندي يا پاراتو ڏيندي؟ ان سلسلي ۾ جعفر ڀائي جو واقعو اسان جي اکين اڳيان آھي جو انتھائي عبرتناڪ آھي. ٿي سگھي ٿو اسين ان حقيقت کان سبق پرايون.
    بابو جعفر ڀائي حيدرآباد سينٽر جيل جي انھن چئن خطرناڪ ڏوھارين ۾ ھڪ ھيو جي 1951ع واري صرافه بزار جي ٽن لکن واري ڌاڙي ۾ ٻن ماڻھن کي قتل ڪرڻ جي ڏوھ ۾ رجوع ڪيا ويا ھئا. ان کان علاوه مٿن ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور ”بدر عالم“ کي خون ڪرڻ ۽ سندس ٽئڪسي کي ڌاڙي لاءِ استعمال ڪرڻ جو الزام به مڙھيو ويو. خون ۽ ڌاڙي جا ٻيا جوابدار پھلوان شاه، علي اڪبر ۽ اڪبر ڌوٻي ھوا. ٻين جوابدارن ۽ بابو جعفر ڀائي ۾ فرق فقط ھي ھيو، ته جعفر بيگناه ھيو ۽ سندس ڪيس واري خون يا ڌاڙي جي ڪاروائي ۾ ڪو ھٿ نه ھيو. سندس قصور فقط اھو ھيو جو ڌاڙي ۽ قتل جي واردات واري ڏينھن، رات جو حيدرآباد اچي سلطان ھوٽل ۾ پھلوان شاه سان ملاقات لاءِ ويو، جو کيس نوڪري ڏيارڻ جي دلاسي کيس پاڻ سان گڏ ڪوئيٽه وٺي ويو جتي سڀني جي گرفتاري عمل ۾ آئي. ھن ڪيس جي جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري سنڌ جي مشھور ۽ معروف پوليس عملدارن مسٽر چاچا غلام مرتضى ۽ مرحوم محمد حسين طرفان عمل ۾ آئي ھئي.
    بابو جعفر اصل بمبئيءَ جو باشنده ھيو ۽ سندس تعلق ھڪ غريب ليڪن نھايت معزز بوھري خاندان سان ھيو. پيءَ جي سايه کان محروم ٿي وڃن ڪري سندس تعليم ته مڪمل ٿي پر سندس ترغيب ۾ ڪسر رھجي ويئي. ڇڙواڳ ۽ ڇيڪ رھڻ ڪري لچ لوفرن جي سنگت ۾ اچي ”جوئا“ جي عادت پرايائين. جو ڪجھه گھر ۾ سندس پيءُ جي پونجي ھئي اھا دف ڪري ڇڏيائين. نقدي ناس ڪري پنھنجي ٻڍڙي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ جي زيور زڙي تي به ھٿ صاف ڪيائين. سندن پرداخت ڪرڻ بجاءِ کين فاقه ڪڍڻ جي نوبت تي آڻي رسايائين. جڏُھن پاڙي اوڙي ۽ ٻين مٽن مائٽن مٿس لعنت ملامت ڪئي ته بمبئي ڇڏي اچي ڪراچيءَ جا وڻ وسايائين. ڪراچي ۾ بابو جعفر ”واٽر بري ڪمپائونڊ“ ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي جتي ترقي ڪندي اسسٽنٽ مئنيجر جي عھدي تي سرفراز ٿيو.ليڪن سندس جوئا جي عادت ۽ عياشي بدستور جاري رھي. جو ڪجھه ڪمائيندو رھيو اھو ته نوسر بازن جي حوالي ٿيندو رھيو پر اٽلندو ڪمپني جي خزانچي کان ھڪ به ٻئي بھاني اوڌر وٺندو رھيو. آخر ھڪ ڏينھن ڪمپنيءَ جو ڊئريڪٽر اوچتو اچي سھڙيو ۽ جاچ پرتال ڪندي ڏٺائين ته نقدي جو ڳچ حصو غائب ھيو. فرياد داخل ڪري خزانچي کي گھوٻين جي الزام ۾ گرفتار ڪرايائين. جعفر ڀائي عدالت ۾ حاضر ٿي اعتراف ڪيو ته اھي گم ٿيل رقمون خزانچيءَ خرد برد نه ڪيون ھيون، پر ھن پاڻ اوڌر بھاني وٺي جوئا ۾ ھارايون ھيون. خزانچيءَ جا بند خلاص ٿيا ۽ جعفر ڀائي کي ٻه سال سخت پورھئي سان سزا ڏيئي کيس ڪراچي جيل اماڻيو ويو. ان سزا دوران سندس واقفيت پھلوان شاه سان ٿي جو جعفر ڀائيءَ جي سزا پوري ٿيڻ کان مھينو اڳ پنھنجي مدت پوري ڪري آزاد ٿي ويل ھو. جيل ڇڏڻ وقت پھلوان شاه جعفر ڀائي کي پنھنجي حيدرآباد واري ائڊريس ڏني، ۽ ساڻس واعدو ڪيو ته سندس نوڪريءَ جو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو.
    1951ع کان 1954ع تائين ڪيس جي ڪاروائي جاري رھي. چارئي سال جعفر ڀائي پنھنجي ٻين ساٿين سان گڏ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيدي رھيو. سينٽرل جيل جي قيدين، سپاھين۽ جيلرن جي جعفر ڀائي سان پوري پوري ھمدردي ھئي ڇاڪاڻ ته خود سندس ساٿين جي مطابق ھي ويچارو بلڪل بيگناه ھيو. ازانسواءِ جيل ھڪ واحد جڳھه آھي جتي ڏوھارين جي حقيقت سچ جيان صاف ظاھر ھوندي آھي. آخر ڪو ڪورٽ ٿوروئي آھي جتي ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ ڪو فائدو حاصل ٿي سگھي. سندس بيڏوھي ھئڻ علاوه بابو جعفر جي جيل اندر مشھوري ٻي سبب ھئي. اھو ھي ته ماءُ جي عزت ڪرڻ، خدمت ڪرڻ ۽ کيس ڏک نه ڏيڻ لاءِ نصيحت ڪندو رھندو ھيو ۽ ان موضوع کان سواءِ ٻي ڪنھن به ڳالھه ۾ دلچسپي نه وٺندو ھو. سندس سموري گفتگو ٽن جملن تائين محدود ھوندي ھئي. ”اري تيري مان جنده ھي نا، اس کي کدمت، اور اسکي عجت کرنا، اس کو دک کبھي نھين دکھانا“ آخرين جملي بعد سندس اکين ۾ آب جاري رھندو ھيو ۽ سندس نڙي گھگھي ٿي ويندي ھئي. سڏڪا ڀريندي ڄڻ ته ڪنھن کي غائبانه مخاطب ٿيندو ھيو، ”ماري امان مجھي معاف جرور کرنا.“
    ڦاسي واري ڏينھن کان ھڪ ڏينھن اڳ پنھنجي دل جو راز سليائين ته کيس پنھنجي ڦاسي چڙھڻ جي خاطري گذريل اٺن سالن کان ھئي ۽ دراصل ھو ان سزا جو نه فقط حقدار ھيو پر ان لاءِ انتظار ڪندو ٿي رھيو. سندس آخري احوال ڪجھه ھن طرح ھيو.
    ”آءُ جوا جي علت ۾ گھر جو ارڪو ترڪو لٽائي چڪو ھيس. منھنجي ماءُ لک جتن ڪيا، ۽ پنھنجي وس آھر نه گھٽايو ته منھنجي ان عادت جو خاتمون ٿئي. پر آءُ انڌ جي گھوڙي تي سوار ھيس ۽ مون ماءُ جي منٿن ميڙين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. آخر ۾ منھنجي ماءُ کي ڪنھن ڏس ڏنو ته پٽ کي سڌاري راه تي آڻڻ جو ارادو رکي امام جعفر جو نياز ڪري. منھنجي ماءُ ان ڏينھن بعد پنھنجي ھٿن جو سيبو ۽ ٻيو پورھيو ڪري ”نياز“ ڪرڻ لاءِ ڀنڊاري ۾ پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. ھڪ ڏينھن مون کي جوئا جي شدت ان حد تائين مجبور ڪيو جو لڪ چوريءَ ڀنڊارو ڀڃي امڙ جي ٻن مھينن جي نياز واڙي موڙي کڻي وڃي داءُ لڳايم. نتيجو ظاھر ٿيو. ارادو ھيم ته ھمياڻي کٽي ٻيڻي رقم ڪري وڃي امڙ جي جھولي ۾ وجھندس. دنيا اميد تي قائم ھجي يا نه پر جوئا ضرور اميد تي قائم آھي. ٻئي ڏينھن تي امڙ کي نياز ڪرڻو ھيو. پاڙي اوڙي ۾ پڌرائي ڪري چڪي ھئي. جڏھن ڀنڊاري ڏانھن پھتي ته اتي فقط ڀڳل ڀتر ٺڪر پيل ھئا. رڙ ڪري روڄ شروع ڪيائين. ھرھڪ کي امامن جا واسطا ڏيئي پئسن جو پڇائين مون ڪوڙ ڳالھايو ۽ ھر ڪوڙي جي فطرت جيان قسم کڻڻ شروع ڪيا. امڙ پنھنجو رئو مٿي تان لاھي ھٿ ۾ کڻي جھولي جھلي پڪاريو ته ”امام جعفر جي تون سچو آھين ته ڀنڊاري ڀيلڻ واري کي سوليءَ چاڙھ.“ ان ڏينھن کان وٺي آءٌ جڏھن به اکيون بند ڪندو آھيان ته سولي آڏو ڏسندو آھيان.“
    18 فيبروري 1954ع صبح جو بابو جعفر ڀائي ۽ سندس ساٿين کي ڦاسي ڏني ويئي. بابو جعفر پنھنجي دستوري انٽرويوڦاسر سان به ڪيو. ”اري تيري مان جنده ھي نا، اس ڪي عجت ڪرنا، اس ڪو ڪبھي دک نه دينا.“
    بابو جعفر ماءُ جو ڏوھاري ضرور ھيو پر جن ڏوھن جي الزام ۾ ڦاسي چڙھي رھيو ھو انھن کان معصوم ھيو. سندس معصوميت جو ان کان وڌيڪ ڪھڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو جو سندس ڦاسي چڙھڻ وقت کان وٺي بوندا باندي شروع ٿي جا سندس لاش فنائڻ تائين جاري رھي. سندس موت لاءِ پھلوان شاه چوندو ھيو ته ”ڀائي جعفر بيگناه ھي اور اسڪي موت پر آسمان ڀي روئيگا“ آسمان ضرور رنو. مونکي يقين آھي ته بابوءَ کي سندس ماءُ ۽ خلقيندڙ ٻنھي معاف ڪيو ھوندو. ورنه رحمت جي بارش ڪا بي سبب ته نه ٿيندي آھي. بابوءَ جي آخرين وصيعت ھي ھئي ته جيڪڏھن بوھري سندس لاش کي پنھنجي مقام ۾ دفن ڪرڻ کان انڪار ڪن ته پوءِ کيس ”اميدن ڀريو“ مقام ۾ دفن ڪيو وڃي.
    ھي حقيقت آھي ته مئا واعظ نه ڪندا آھن. پر ھڪ واري اوھين سندس قبر وٽ ٻه چار منٽ آجھاپو ڪندا ته اوھان جي اندر ۾ جعفر ڀائيءَ وارا ٻه چار جملا ضرور اڀرندا ، ”اري تيري مان تو جنده ھي نا؟ ان ڪي خدمت ڪرنا، ان ڪو ڪبھي دک نه دينا، ھان جرور خيال ڪرنا.“


      ديوان ڏيارام شاھاڻي

    زماني جي ھر دور ۽ سماج ۾ اسان کي ڪي اھڙا به انسان ڏسڻ ۾ اچن ٿا جن عيش آرام ۽ آسائش واري زندگي ڇڏي، پنھنجي رضا خوشيءَ سان ڪشٽ ۽ ڪشالن واري ڪٺن واٽ ورتي ۽ آخر دم تائين ان راه تي ثابت قدم رھيا. پوءِ نه ڄاڻ ته کين وقت جي سماجي نظام کان بيزاري ٿي، يا دين ڌرم جي دائرن کان سندن ويساه کڄي ويو يا وري ھن دنيا ۾ دک جو درد جو راڄ ڏسي، سکي ستابي زندگي گھارڻ کي گناه سمجھائون. اھڙو ساڌو بکشو ۽ صوفي منشن جي تياڳ ۽ تپسيا جو سلسلو ڪن ايامن کان ھلندو ٿو اچي. جي سامي ۽ سنياسيءَ جو روپ ڌاري اڪيلائي ۽ ايڪانت جي تلاش ۾ بنواس وٺن. ڪي وري ونسؤ ۾ رھندي به تن تي ڪلھي ڦاٽو ڪنجرو ۽ مٿو اگھاڙو ڪيو اھا پيا تند تنوارين ته ”منھنجو ڪڄاڙو ڀنڀر ھن ڀنڀور ۾.“
    اھڙوئي ويراڳي ھيو سنڌ جو ھڪ سخي مرد ۽ ساڌو. ديوان ڏيارام شاھاڻي، جنھن اميريءَ ۾ فقيري ڪمائي ۽ پنھنجي شاھوڪار شاھيءَ کي انھن جي سھائتا ۾ سيڙائيو جن کي سھڪار ۽ سھاري جي لوڙ ھئي. سندس جنم 1857ع ڌاري ٿيو، جنھن سڀاڳي سال ھندو ۽ مسلمان سپاھين پاڻ ۾ گڏجي انگريزي راڄ خلاف بغاوت جو ڀيڙ ٻاريو، جنھن تاريخي واقعي کي انگريزن ”ڏيھي سپاه جو بلوو“ ۽ اسان جي آزاديءَ جي جنگ سڏيو. ڏيارام جو پيءُ منشي گدومل پنھنجي وقت جو نام ڪٺيو گياني داني ۽ پراپڪاري شخص ھيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڏيارام جي جنم جي ڏاھ کيس اڏيره لعل وٽان ڏنل ھئي جنھن درگاه جو گدومل ننڍپڻ کان پانڌيئڙو ھيو. ھونئن به اڏيره لعل ھندو مسلم ايڪتا جو اوتار آھي جنھن جي آسڻ تي مزار مبارڪ گڏ اگنيءَ جي جوت به روز روشن رھي ٿي.
    ڏيارام جا ابا ڏاڏا اصل کتري ڪل جا ٺاڪر ھوا ۽ پوءِ نوڪري پيشو اختيار ڪرڻ ڪري عامل سڏيا ويا، پھريون ڪلھوڙن وٽ ۽ پوءِ ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڍلون اوڳاريندڙ عملدار ۽ مالي سرشته جا ماھر مقرر ٿيل ھئا. ڏيارام جو منشي ميگھراج چانڊڪا جي ھاڪاري حاڪم شاه بھارو وٽ مير منشي ھيو. جنھن رتبي ماڻڻ ڪارڻ سندن گھراڻو شاھاڻي سڏجڻ لڳو. ڏيارام جو پيءُ منشي گدومل حيدرآبادي ميرن جي آخرين چوباري وٽ مير منشي ھيو. ميرن جي سج غروب ٿيڻ کان پوءِ پاڻ به ميراڻو لباس لاھي فقير گيڙو ويس ڌاري ڌرمائو ۽ خيراتي ڪمن ۾ باقي عمر بسر ڪيائين. ڏيارام جي شروعاتي تعليم فارسي پڙھڻ سان ٿي جنھن غرض لاءِ کيس آخوند نور محمد جي خطاب خانه ۾ داخل ڪيو ويو جو مڪتب ديوان گدومل جي جاءِ ۾ کوليو ويو ھو. ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سنڌ ۾ ڪي به سنڌي اسڪول ڪونه ھئا. ڇاڪاڻ ته مغلن، ڪلھوڙن توڻي ميرن جي دور حڪومت ۾ سرڪاري زبان فارسي ھئي. ڏھن سالن جي ڄمار ۾ ڏيارام گلستان پندنامو ۽ بوستان پڙھي پڄايا جي ڪتاب فارسيءَ جي تحصيل لاءِ لازمي ڄاتا ويندا ھئا. 1868ع ڌاري ڏيارام کي انگريزي اسڪول ۾ ويھاريو ويو ۽ 1874ع ۾ بمئي وڃي مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڇاڪاڻ ته مئٽرڪ جي امتحان لاءِ سنڌ ۾ ڪو انتظام ڪونه ھيو. بمبئيءَ ۾ ڏيارام ايلفنسٽن ڪاليج ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪري وطن وريو ته ڇاڪاڻ ته امتحان ھلندي کيس پنھنجي پتا جي بيماري ۽ ترت پوءِ موت جي خبر ملي ھئي. سنڌ ۾ اچڻ بعد ڪجھه وقت لاءِ زمينداري ڪاروبار سنڀاليندو رھيو ۽ واندڪائيءَ ۾ قانون جي امتحان لاءِ تياري ڪندو رھيو.
    1979ع ڌاري ڏيارام صدر ڪوٽ جي جج صاحب وٽ سٺ رپيا پگھار تي سرڪاري ڪلارڪ مقرر ٿيو. ان زماني ۾ انگريزي حڪومت جو بول بالا ھيو ۽ سندسن نوڪري ڪرڻ ھڪ وڏي مان مرتبي ۽ عزت ڀري ڳالھه سمجھي ويندي ھئي. سال کن سروس کان پوءِ کيس ترقي ڏيئي ڪورٽ جو سرشتيدار مقرر ڪيو ويو. ان عرصي ۾ ڏيارام وڪالت جو امتحان پڻ پاس ڪيو. ڀاڻس ميٺارام وڪيل جو خيال ھيو ته کائونس نوڪري ڇڏائي پاڻ سان گڏ وڪالت ۾ رنڀائي. پر ان مدت ۾ ڏيارام کي سول سروس لاءِ آڇ ٿي. ڏيارام انھن چئن خوش قسمت اميدوارن ۾ ھڪ ھيو جن کي بمبئي جي گورنر لارڊ ”ري“ چونڊيو ھو. ڏيارام کي سول سروس ۾ کڄڻ ڪري سرشتيدار جي عھدي تان ترقي ڏيئي ھڪدم سمال ڪاز ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو جنھن جي پدويءَ تي ھن کان اڳ فقط باريسٽرن کي ٿاڦيو ويندو ھو.
    1881ع ۾ ڏيارام ٽي مھينا سرڪاري موڪل وٺي سنڌ جي سئر تي نڪتو ۽ سموري صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي ڏٺائين. ترت ئي پوءِ انگريزي ۾ سنڌ بنسبت ھڪ ڪتاب لکيائين جنھن ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي، قلندر شھباز ۽ اڏيره لعل جي زندگيءَ جو احوال قلمبند ڪيائين. شاه پٽائي متعلق ھي پھريون ڪتاب ھيو. انھن ڏينھينن سنڌ جي دانشورن پنھنجي ھڪ سنگت جو پايو وڌو جنھن کي ”سنڌ سڀا“ سڏيو ويو ۽ جنھن جو روح روان ڏيارام ھيو. سنڌ سڀا پاران ھڪ انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائمس“ جاري ڪئي ويئي جنھن جو ايڊيٽر ساڌو ھيرانند ھيو. پر ليک لکڻ جو ذمون ڏيارام حوالي ھيو. تعليم کاتي وارن پڻ ”سنڌ سڌار“ نالي سنڌي اخبار شروع ڪئي جا ھو ھلائي نه سگھيا ۽ ان اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکڻ جو ذمون کيس سونپيو ويو ھيو.
    سگھوئي پوءِ ڏيارام سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. ڪاليجي سکيا عام ڪرڻ لاءِ ھڪ ڪتاب لکيائين جنھن ۾ انھن اعتراضن کي رد ڪد ڏنائين ته ڪو ڪاليج پڙھڻ سان، نوجوان، سرڪار يا مذھب سان بغاوت ڪرڻ جي سکيا پرائن ٿا. پنھنجي ڀاءُ ميٺارام تي زور ڀريائين ته عاملن کان ڪاليج لاءِ ھڪ لک روپيا چندو وٺي ڏئي. سندس جاکوڙ جي نتيجي ۾ 1886ع ڌاري ٺٽئي ڪمپائونڊ ڪراچيءَ ۾ سنڌ آرٽس ڪاليج کوليو ويو جو بعد ۾ دولت رام ڄيٺمل جي 25 ھزار رپيه چنده ڏيڻ ڪري سندس نالي پٺيان ڊي جي سنڌ ڪاليج سڏيو ويو.
    15 مئي 1885ع کان 1886ع تائين ڏيارام کي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جو عھدو ڏيئي کيس سنڌ جي جاگيردانن ۽ پٽدارن جي رڪارڊ ٺاھڻ جو ڪم سونپيو ويو. ڏيارام ڏينھن رات محنت ڪري مغلن کان ميرن واري دور تائين ڍلن جي سرشتي جو اڀياس ڪري ھڪ وڏو ڪتاب لکي تيار ڪيو جو جاگيردارن جي تاريخ ”ظ ع س ک ح ظ ذ س ڻ“ نالي سان مشھور آھي. ٿوري عرصي بعد ڏيارام کي ترقي ڏيئي شڪارپور سيشن عدالت جو جج مقرر ڪيو ويو. شڪارپور ۾ ٻه دفعا سندس بدلي ٿي ۽ جملي ست سال جج رھيو۽ ڪيئي مشھور مقدما فيصل ڪيائين. ھڪ سيٺ ميولداس وارو مقدمو جنھن ھڪ اٻلا سان ھٿو پائي ڪئي ھئي ۽ ڪيس کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ لک لٽايا ھئائين. پر ديوان رھڙي رکيس ۽ کيس ست سال ٽيپ ڏيئي ڇڏيائين. ٻيو عجيب و غريب ڪيس ھيو حضوري فقير وارو، جنھن ھڪ ماڻھوءَ جو خون ڪري بچاءُ ۾ ھي بيان ڏنو ھيو ته کيس خون ڪراڻ لاءِ خواب ۾ بشارت ھئي. ديوان کيس جنم ٽيپ ڏني.
    1887ع کان 1900ع تائين تيرنھن سال ڏيارام پنھنجي سرڪاري نوڪري سان گڏ سماجي ڀلائي وارن ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو. 1880ع ڌاري حيدرآباد ۾ ”يونين ائڪيڊمي“ اسڪول جو پايو وڌائين. عورتن مٿان سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز کڙو ڪيائين ۽ جنھن ڏس ۾ ھڪ ڪتاب ”عورتن خلاف ست گناه“ جي عنوان سان لکيائين. عورتن جي عملي سھائتا لاءِ ”پنگتي سڌار منڊلي“ قائم ڪيائين جنھن جو مول متو ھيو ته ننڍپڻ جي شادي ۽ ڏيتي ليتيءَ تي بندش ۽ عورتن جي تعليم لازمي ۽ عام ڪئي وڃي.
    1896ع ۾ عام مسڪين ماڻھن ۾ پئسي جي بچت واري شعور آڻڻ لاءِ ھڪ بئنڪ کوليائين جنھن جو نالو ”غريبڙي بئنڪ“ رکيائين. شادي ۽ موت جي واقعن واري خرچ جي پورت لاءِ پراويڊنٽ ۽ موت فنڊ قائم ڪيائين. 1897ع ڌاري جڏھن حيدرآباد ۾ پليگ جي موذي مرض منھن ڪڍيو ته ٽي مھينا سرڪاري موڪل وٺي اچي پليگ اسپتال کوليائين. اسپتال ۾ چار ڊاڪٽر ۽ سورنھن نرسون ڪم ڪندڙ ھيون جن جي پگھار ڏيارام ڏيندو رھيو. روزانو پنج ڪلاڪ اسپتال ۾ ۽ باقي وقت بيماري خلاف اپاءُ وٺڻ ۾ صرف ڪندو رھيو. جڏھن ٿر ۾ ڏڪر پيو ته پنھنجي سر وڃي سستي اناج جو دڪان کوليائين ۽ نوان کوھ کوٽڻ لاءِ سھائتا ڏنائين.
    1904ع کان 1911ع تائين ڏيارام خانديش ۽ سورت ۾ احمد آباد جي عدالتن جو جج ٿي رھيو. ان مدت ۾ جتي به رھيو اتي سماجي ڀلائي لاءِ ادارا ۽ سوسائٽيون قائم ڪيائين. 1908ع ۾ ”سيوا سدن“ نالي سان عورتن جي سماجي سڌار لاءِ اداري جو پايو وڌائين. ھن اداري ۾ اسڪول، اسپتال، عبادت گاه، لئبرري ۽ ھنري گھر سڀ ھڪ ئي ھنڌ ميسر ٿي ڪيا ويا ۽ جنھن ۾ سکيا لاءِ ڪنھن به ذات پات يا دين ڌرم جو فرق نه رکيو ويو. ھن تحريڪ جون شاخون پونا احمد آباد ۽ سورت ۾ کوليون ويون ۽ مرڪزي آفيس بمبئيءَ ۾ رکي ويئي جتي پاڻ به فرصت جي وقت ڪم ڪندو رھيو. ”سيوا سدن“ کان الڳ ڍوليا ۽ احمد آباد ۾ ڪيئي ڪنيا آشرم، پاٺ شالا، شيوا منڊليون ۽ ھنري شالا قائم ڪيائين. سنڌ ۾ بنياد وڌل ادارن کي پڪي پايه تي رسائڻ لاءِ ماه اپريل جي 13 تاريخ ٻنھپرن جو ”ميٺارام ڌرمائو ٽرسٽ“ جو پڌرنامون رجسٽر ڪرايائين جنھن جو مھاڳ ٽرسٽ جي دستاويز ۾ ھن طرح درج ٿيل آھي؛
    ”آءُ غلامن جو غلام، ڏيارام گدومل، عمر 53 ورھيه کتري، رھندڙ حيدرآباد سنڌ، پنھنجي زندگي ۽ زندگيءَ جو ڪمايل موڙي ۽ ورثي ۾ آيل پونجي کي، ”امانت“ ڄاڻي، ۽ پنھنجي حياتيءَ تي ڪو ڀروسو نه سمجھي، پنھنجي سموري ملڪيت کي خيراتي ٽرسٽ (وقف) پڌرو ڪيان ٿو.“ ٽرسٽ جو نالو به پنھنجي بجاءِ سرڳواسي ڀاءٌ ديوان ميٺا رام جي نالي ڪيائين. ڪروڙھا رپين جي ملڪيت ۾ فقط ٻه ڳالھيون ٽرسٽ جي دائره کان ٻاھر رھيون. ھڪ سندس گھرو جاءِ جنھن ۾ سندس گھر ڀاتي رھندڙ ھوا ۽ ٻيو پنھنجي ماھياني پينشن. ٽرسٽ جي مقصدن ۾ ڄاڻايو اٿس ته ”علم عام ٿئي، دکي انسانيت جي ملم پٽي، خلق خدمت جي ادارن ۽ اوتارن جي سنڀال ٿئي. علمي قحط ۽ سھائتا ڏس ۾ امداد جو ھٿ ڊگھيڙو وڃي. غريبن کي پڻ جابجاءِ پورھيو رسايو وڃي. محتاجن جي سار لڌي وڃي. شيوڌاري سوسائٽين جي دل کولي مدد ڪئي وڃي.“
    1911ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان رٽائر ٿيندي ئي ڏيارام پنھنجي ڀرڀور وھڪريءَ واري زندگيءَ ۾ اوچتو ڦيرو آڻي ھڪ عجيب رنڱ ۾ رنڱجي ويو جنھن جو رخ رواج جو ھن دنيا جي وھنوار سان ڪو واسطو نه ھيو. ھن پڇاڙيءَ واري پھر ۾ ذاتي ساک ۽ ننگ ناموس جي قيمت تي ڏيارام ڪجھه عظيم قربانيون پڻ ڏنيون جن جي لاءِ آس ھيس ته اھي ڳالھيون راز ۾ رکيون وڃن. شايد اھوئي سبب ھيو جو پنھنجي پالڻھار کي ھميشه ”پڙدي پوش“ چئي پڪاريندو ھيو.
    ديوان ڏيارام ستر سال جي سڦلي زندگيءَ ۾ 7 ڊسمبر 1947ع جي ٻن پھرن ڌاري پران تاڳيا. حياتيءَ جا آخري چوڏنھن سال اڪيلائي ۾ گھاريائين. ماڻھن سان ملاقات ۽ ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيائين. مھاتما گانڌي، مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ سرلا ديوي جڏھن ساڻس ملاقات لاءِ سندس گھر آيا ته کين لکت ۾ جواب ڏنائين ته ماٺ ۾ رھڻ جو وچن ڪيو اٿم جي آگيا ھجي ته ختم ڪريان. مرڻ کان اڳ ۾ ھڪ دوست کي خط لکيائين ته ”اندر ۾ ڏاڍو آنند ۽ آرام اٿم. پالڻھار جو نالو وٺڻ ۾ مشغول آھيان. ننڊ ۾ سندس نالو چپن تي آھي.“
    پنھنجي پٽ ديوان ڪيولرام شاھاڻي جنھن سان دلي لڳاءُ ھيس ۽ ساڻس خط و ڪتابت ڪندو رھندو ھيو تنھن کي لکيائين ته ”منھنجي ڳڻتي نه ڪريو، آءُ سچي سائينءَ جي ھٿن ۾ آھيان ۽ ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي سلامتي ٿي سگھندي؟“
    ديوان ڏيارام ھر رنگ ۾ پاڻ موکيو. اڍائي سون کان مٿي علمي ۽ سماجي ۽ خيراتي ادارا اڏايائين. پنھنجي پونجي ۽ وڏن جو ورثو خيراتي ٽرسٽ ۾ ڏيئي چڏيائين. سندس قائم ڪيل ڪاليج اسڪول ھاسٽلون اسپتالون ڌرم شالائون ۽ آشرم ھند ۽ سنڌ ۾ اڃان سوڌو پيا ھلندا ٿا اچن. ستر کن کان مٿي سنڌي فارسي انگريزي ۽ عربي ڪتاب لکيائين. ٽيھارو جلدن ۾ سندس ھٿ جي لکيل روزاني ڊائري موجود آھي. درجن کن ٻوليون لکي پڙھي ۽ ڳالھائي سگھندو ھيو، جن ۾ عربي فارسي سنسڪرت انگريزي فرينچ کان سواءِ گرمگي گجراتي آرمنين ۽ ھيبرو زبانون به شامل ھيون. 1932ع ۾ شاعري به شروع ڪيائين. سنڌيءَ ۾ سندس تخلص ”نماڻو“ ۽ انگريزي ۾ ”زيرو“ يعني ”ٻڙي“ ھوندو ھيو. سندس پراپڪاري ادارا ۽ پيڙھي قائم آھن. سندس پٽ ديوان ڪيولرام ڇھاسي سال ڄمار ۾ به ھوندي اسان کان گھڻو اڳرو آھي ۽ سندس جھڙو حافظو مون ڪنھن کي ڪونه ڏٺو. سندس پوٽا ديوان پريم ۽ نارائڻ شاھاڻي پنھنجي ڏاڏاڻي ٽرسٽ سان گڏ پنھنجون الڳ ڪيئي ڪمپنيون ڪاميابيءَ سان ھلائي رھيا آھن، پريم شاھاڻي سنڌ جو ڄاتل سڃاتل دانشور، اديب، صحافي، زراعت جو ماھر ۽ سماج سڌارڪ ۽ اسان جي ديس جو ذھين ترين دماغ آھي. ديوان ڏيارام جو نالو ۽ پيڙھي ۽ خير زنده آھي. جنھن جو خير ھلندو رھي اھو ڪڏھن به مئو نه سڻبو. سندس ٻيو ننڍو پوٽو ديوان نارائڻ شاھاڻي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آھي ۽ ڪيترن سماجي نمائندن ۾ برک ميمبر آھي. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته ڏيارام جي جتيءَ جو سندس اولاد پير نه وجھي سگھي آھي ۽ نه وري منجھن اھڙي اميد ئي رکي ٿي سگھجي.


    مامو حاجي ٻڪرار

    مامو حاجي منھنجو سڳو مامو ٿوروئي ھيو. توڙي جو مونکي پنھنجي ٻن مامن، شمن ۽ شاھن کان به وڌيڪ ڀائيندو ھيو. نه وري ڪو ان ڪري ”حاجي“ ھيو جو ڪو حج ڪيو ھوائين. حاجي ته سندس نالو ھيو. اسان جي ويجھي ۾ ويجھو پاريسڙي ھيو. سندس گھر ۽ اسان جي اڱڻ واري ديوار ساڳي ھئي. البت سندس ڌڻ واري واڙ اسان جي گھرن جي پٺ ۾ ھئي. واڙ جي چوڌاري ڍينگھرن جو مڙس تار پيھر ڏنل ھو. پيھر جي اولھه واري ڪنڊ ۾ ھڪ ڊگھو ڀنڃر اڀو کتل ھيو. پنڃر جي چوٽيءَ تي ھڪ ابتي ڪينگري لڙڪيل ھئي. لوٽي مٿان اڇو رنگ چڙھيل ھيو. اھو بندوبست بگھڙن کي ڊيڄاڙڻ لاءِ سٽيل ھيو، جو دستور قديمي زمانه کان ھلندو ٿو اچي.
    ڌڻ ۾ سوا سؤ کن ٻڪريون ھيون جن ۾ ويھارو کن مامي حاجيءَ جون پنھنجون ھيون . جن لاءِ چيو ٿو وڃي ته ھڪ ٻڪري کان وڌي ويھه ٿيون ھيون. باقي ٻڪريون پاڙي ۽ شھر وارن جون ھيون. جھنگ چري اچڻ کان پوءِ سانجھي ٽاڻي پنھنجن گھرن ڏانھن ڏڀجڻ وينديون ھيون. صبح سويل اسڪولي ٻار جيان واپس ڌڻ ۾ اچي شامل ٿينديون ھيون. ڪتابن جي ٿيلھن بجاءِ سندن ٿڻن تي ڳوٿريون چڙھيل ھونديون. شايد ھن لاءِ ته جئن سندن ڇيلڙا سڄو کير جڳڙي نه وڃن. ڄڻ قدرت ٻڪرين کي کير سندن مالڪن جي ڏھڻ ۽ ڳڙڪائڻ لاءِ ڏنو ھيو ۽ نه پنھنجن ڦڙن جي واپرائڻ لاءِ!
    مامو حاجي جھور ڪراڙو ھوندي به بدن ۾ ڀريل ۽ کڙو تڙو ھيو. باقي پريا کريا آھن. مٿو مڇونءَ ۽ ڏاڙھيءَ گڏ سندس اکين جون ڀروون ۽ پنبڻيون به سفيد ٿي چڪيون ھيون. سڀني ڏندن جي ڀڄي ڀري وڃڻ جي ڪري سندس ڏاٺن بنان مھارون، کلڻ مھل، ھڪ کير پياڪ ٻار جي منھن واري ڏيک ڏينديون ھيون. البت مامي ڌياڻيءَ سان وقت ڏاڍا ھاڃان ھنيا ھوا. عمر جي ٻوجھه سندس ڪمر ڪٻي ۽ چٻي ڪري ڇڏي ھئي. سندس موڪري منھن تي ايترا ته اڪيچار ور وڪڙ ۽ گھنج پيل ھوا ڄڻ ته عمر جي ھر سال ور ور ڪري سندس صورتخطيءَ تي ھَرَ ھلايا ھئا. مٿو مينديءَ رتو جھڙو تاھريءَ جو پاٽڙو، منھن تي مڇن جي گھاٽي سانول، جنھن مٿان لڙڪندڙ سوني نٿ ڪجھه عجيب لڳندي ھئي. سندس شاديءَ کي اڌ صديءَ کن جيترو عرصو گذري چڪو ھو. اولاد نه ھئڻ ڪري ڏھاڪو سال اڳ مامي حاجيءَ کي پنھنجي ھٿن سان پرڻائي آئي ھئي. مومل جا مامي حاجيءَ جي مٿي ۾ لڳي ھئي، ان جي ڪل به ڪافي ڪجھه ٿڙيل ٿي ڏٺي. سڄي پاڙي ۾ مامي ملڪان ”ملڪيءَ چري“ جي نالي سان مشھور ھئي. ٻوڙ جو لوڻ چکيندي اڌ کان گھڻيون ٻوٽيون ڳڙڪائي اڪثر اڌ ڪنو خالي ڪري ڇڏيندي ھئي. شڪل صورت به خاص نه ھيس. ماڻھن جھڙو ماڻھو ھئي. سندس ڳٽن، ڀروون ۽ کاڏيءَ تي ڏينڀوڙيون ڏنل ھيس. کاڏيءَ واري اڪيلي ڏينڀوڙي ائين لڳندي ھئي ڄڻ ”ب“ ھيٺان ھڪ ٽٻڪو ڏنل ھيو.
    مامي حاجيءَ ۽ مامي ڌياڻيءَ جي پاڻ ۾ ڏاڍي ڳوڙھي پريت ھئي. لانڍيءَ جي مھاڙيءَ ۾ ويٺي مونکي ھڪ ڳيرن جو جوڙو ڏسڻ ۾ ايندو ھيو. ٻئي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون روح رھاڻ ڪندي ائين وسھندو ھيس ڄڻ ته ”گھگھو گھو“ ٿا ويٺا ٻولين. ڪڏھن ڪڏھن مونکي به سڏي وچ ۾ وھاريندا ھئا. ٻنھي جي گفتگو ھڪ طرفي ھئي يعني مامي ڌياڻي ڳالھائيندي ھئي ۽ مامو حاجي يا ته ڪنڌ ڌوڻيندو ھيو يا ھان ھون ڪندو رھندو ھيو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته ڳالھه ٻولھه گلا ۽ غيبت کان خالي ھوندي ھئي. ماما توکي مامي ڌياڻي ڪيئن ملي؟ ”ڀاڻيجا درياه ۾ ڪنڍي وجھي شڪار جي تاڙ ۾ ويھي رھيس. پوءَ ڌياڻي ڦاسي پيئي. پيار جي ڏوريءَ سان ڊوھي پاڻي کان ٻاھر ڪڍي آڻي گھر ويھاريومانس. ھاڻ ويٺي ٿي ڪم ڪٽي ته مون سان ڇو ڦاٿي.“ ”خير گھر. مان ڇو ڪرم ڪٽيان؟“ پوءِ ماما جو مھاڏو شروع ٿيندو. مون سان مامي ڌياڻي جو بي پناه پيار ھوندو ھيو. مون کي پنھنجي اٿاه سيني سان لائي تڏو ساه کڻي ڪنھن ٽٻي ۾ پئجي ويندي ھئي. توڙي جو آءُ اٺ ڏھه سال جو ڏگھه ٿي چڪو ھيس. مون کي به مامي ڏاڍي وڻندي ھئي. گھر ۾ جا شئي ايندي ھئي ته منھنجي لاءِ حصو ضرور ٽاري رکندي ھئي. پوءِ ڪڏھن کڙ، ڪڏُھن کارڪون ۽ ڪڏھن کنڊ ڀڳڙا. ائين سمجھندو ھيس ته ماميءَ کي الله پاڪ منھنجي لاءِ گھڙي ٺاھي تيار ڪيو ھيو. منھنجو قصور فقط ايترو ھيو جو آءُ مارڪيٽ ۾ دير سان پھتو ھيس. تيستائين مامو حاجي جھپڙ ڏيئي ماميءَ کي اڳواٽ پنھنجي چنبن ۾ کنڀي کڻي ويو.
    مامو حاجي ڪو ڪورو ڄٽ ڪونه ھيو. چڱو چوکو پڙھيل ڳڙھيل ھيو. پرئي مڙس منشي الھداد جي چوڻ مطابق، عربي فارسي پڙھڻ لاءِ کيس مدرسي ۾ ويھاريو ويو ھو. پر ”گلستان يا زليخا“ جي پڙھڻ کان پوءِ سندس ذھن جو ڦڙڪو ڦري ويو. پڙھن ڇڏي جھنگ منھن ڪيائين. ڪيترا سال پنھنجي پاڻيءَ ۾ نه رھيو. جڏھن ڪجھه ھوش ۾ آيو ۽ ماٺو ٿيو ته پوءِ پنھنجي گھر ڏانھن وريو. مائٽن وٺ وٺان ڪري کيس شاديءَ ۾ چوکنڀو جڪڙي ڇڏيو. اسان وٽ نوجوان جي ھر بيماري جو علاج شادي سمجھيو ويندو آھي. حاجيءَ جي حق ۾ ته اھو ڏس صحيح به ثابت ٿيو. شادي کان پوءِ سندس عقل ٺڪاڻي به آيو. پنھنجي رضا خوشي سان پاڻھرتو ڪار ڪرت ڪرڻ لاءِ ارادو ظاھر ڪيائين. پر ضد ھن ڳالھه تي ڪيائين ته ”ڪورڪو ڪم ڪندو يا وري ٻڪريون چاريندو.“ باقي سڀ ڪم کوٽو. ھاڻ ٻروچ ماڻھو ڪوري ڪيئن ٿئي؟ باقي ٻڪريون چارڻ ته اسان جي اباڻي اڍ ھئي.
    ھڪ ڏينھن کائونس پڇي ويٺس. ماما ٻڌو اٿم ته تون پڙھيل آھين پوءِ ٻڪريون ڇو ٿو چارين؟ ڀاڻيجا پڙھڻ ۾ دڳ مليو ته ”ٻڪريون چار.“ پوءِ ڪم لٿو ڊکڻ وسريو. پڙھڻ ڇڏي اچي چارڻ ٿيس. ماما چون ٿا ته تون چريو ھئين؟ ھائو، ابا تون به جڏھن علم پڙھي ٻڪريون چاريندي ته تو کي به ماڻھو چريا چوندا. جي چريو نه به ٿئين ته به ماڻھوضرور ”لوي لوي ڪندءِ.“ اصلي چريا ڪير آھن؟ اھا خبر تڏھن پوندي جڏھن ڌڻ ڪاھي جھنگ وڃڻ شروع ڪندين. 1972ع ۾ جڏھن ازغيبي نوڪريءَ کان لوڌجي نڪتس ته گذران لاءِ ٻڪريون چارڻ جو پڪو ارادو ڪيم. ان غرض سان حيدرآباد اچي گدوءَ ۾ درياه ڪناري واڙ لاءِ جڳھه به تاڙيم. منھنجي گھر ڀاتين ۾ بغاوت ڦھلجي ويئي. مونکي چتاءُ ڏنو ويو ته سموري عمر تنھنجيون اراڏايون سٺيون ويون آھن. ھر شئي جي حد ٿيندي آھي. مون گھڻو ئي سمجھايو ته ٻڪريون چارڻ دنيا جو بھترين ڌنڌو ھيو. ننڍي لاڪر مون مامي حاجيءَ کان اھڙي تربيت پڻ حاصل ڪئي ھئي. ٻارن ته ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. پر گھر واريءَ کي پريشاني ورايو. کيس پڪ ٿي ته اوچتو نوڪري وڃڻ ڪري منھنجو اسڪرو ڍلو ٿي ويل ھيو. ٻه ٽي ڀيرا سھڻي صلاح پڻ ڏنائين ته ڇو نه ڊاڪٽر قاضيءَ کي پاڻ ڏيکاريان. قاضي صاحب گدو جو ڊاڪٽر ھيو. ڏٺم ته ھاڻ وڌيڪ ضد ڪندس ته ضرور مون کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪندا جا ڪا اچرج جھڙي ڳالھه ھئي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اسان جيان درجن ٻيا به اھڙا خاندان وسندڙ آھن جن جي چريو ٿيڻ تي ڪنھن کي عجب نه ٿيندو آھي. جيئن پاٽ جا قاضي، سکر جا منشي، مٽيارين جا انصاري ۽ ٺٺي جا عقيلي وغيره.
    جڏھن به مامي حاجيءَ سان گڏ ٻڪريون ڪاھي جنگ وڃڻ جو موقعو نصيب ٿيندو ھيو ته مون لاءِ ڄڻ عيد ٿيندي ھئي. بابي مرحوم جي ميرپور بدلي ٿيڻ ڪري جڏھن سواءِ منھنجي سڀ گھر جا ڀاتي ساڻس گڏ اسھيل ھوا، ته مون لاءِ اھڙيون عيدون ھڪ و ٻئي ڏينھن ٿينديون رھيون. صبح سويري مامو، آءُ ۽ مانگر ٽيئي ساٿي سنڀري پنھنجي چوپائي فوج ساڻ الله توھار ڪندا ھئاسون. ”پار پيو پير“ پھچي ٻڪريون پنھنجي نيرن ڪرڻ ۾ محو ٿي وينديون ھيون ۽ اسين مامي ڌياڻيءَ جا ڏنل ستون ٺاھي پنھڻجي پيٽ پوڄا شروع ڪندا ھئاسون. پاڻ کان وڌيڪ خوش ته مانگر کي ڏسندو ھيس جو مامي جو ٽاڪرو ڪتو ھيو. حق تي چوندا آھن ته ٻار ۽ ڪتو لڏ ۾ خوش. جڏھن مامو حاجي نڙ تي پنھنجي ڀاري ڦوڪ ڏيندو ھيو ۽ آءُ کاڏي کي ھٿ سان جھلي ٻاگھي ھڻڻ ”بگلايب“ شروع ڪندو ھيس ته مانگر پنھنجو لنڊو بوجرو پڇ وڃڻيءَ جيان ائين لھرائيندو ھيو ڄڻ سموري سنگيت جو بئنڊ ماستر ئي پاڻ ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ڏاس جو ڦورو اڻندي مامو حاجي عجيب و غريب ڳالھيون ٻاراڻو چھرو ھڪدم گنڀير ٿي ويندو ھيو. معلوم ائين ٿيندو ھيو ڄڻ ڪنھن غئبي طاقت سان گفتگو ڪري رھيو ھو. ٿي سگھي ٿو پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندو ھجي. يا وري اڳوڻي چريائيءَ جو لڙھو ايندو ھجيس. ”ماما ڪنھن سان ويٺو احوال اورين؟“ ”ڀاڻيجا ڳالھه ئي نه پُڇ. حياتي آھي چوپڙ راند. کيڏڻ واري جي ته خبر آھي ئي ڪانه. ماڻھو ته آھي مھرو يا ڳوٽ. ڪو ويٺو ٿو نچائي. اسان خوامخواه پيا سيٽجون. چري ڀوندي ۾ ئي خوش.“
    مامي حاجيءَ جون اھي اڌ اکري ڳالھيون بروقت ته مون کي به سمجھه ۾ اصل ڪين آيون. پر سمنڊ جيان سمجھه جون به لھرون ۽ ويريون پيون سدائين اڀرن ۽ لھن. ڪڏھن ته پاڻھرتو سڀ پراڻيون پروليون پاھي سوڌيون دل تي تريو اچن. ڪيئي سال پوءِ جڏھن گذريل مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ڀرتي ٿي برما واري لڙائي جي ميدان ۾ پھتس. ڏٺم ته عجيب ماجرا ھئي. جن کي اسان دشمن سڏي توبون ھڻي تباه ٿي ڪيو. انھن سان نه اسان جي ڪا واقفيت ھئي ۽ نه ڪا شخصي يا خانداني دشمني. مورڳو اسان جا ڏٺل ئي ڪونه ھيا. ڪنھن سان ويڙه لاءِ اڳلي جو ڪو ڏوھ گناه ته ھئڻ گھرجي. ڪو به قصور ڪونه، ڇاڪاڻ ته انگريز سرڪار اسان کي سٺ رپيا درماھو ھڏي ڏئي بڇ ٿي ڪئي، ان ڪري اسان ھنن جي خون جا پياسي ۽ ھنن وري اسان جي قتلام لاءِ ڪمر ٿي ٻڌي. معلوم ائين پئي ٿيو ته ڄڻ ڪنھن چوپڙ کيڏندي ڳوٽون پئي ماريون. سموري انساني رتوڇاڻ بي معني بي مقصد ۽ بيسود ھئي. پر اسان ، ماڻھو مارڻ تي لاقون ۽ لٻاڙون ٿي ھنيون! جنگ جا پنج ئي سال مون کان مامو حاجي نه وسريو. ساڳيو حال ھيو حياتيءَ جي جملي ڪارنامن جو. ھڪ ڏينھن ويٺي ريچڪ پيم. حياتيءَ ۾ جي واقعا ٿي گذريا ھئا سي سڀ ويھي وچور وار لکيم. پوءِ ويھي ليکو ڪيم ته انھن وارداتن ۾ منھنجي دلي ارادن کي ڪيترو دخل ھيو؟ سواءِ ڪنھن ھڪ اڌ جي، باقي سڀ فيصلا يا ته ڪنھن حادثه جو نتيجو ھئا يا ڪنھن غئبي طاقت طرفان ٿيل ھئا! پاڻ ته خالي پئي تماشو ٿي ڏٺم، منھنجو ته نه ھيو سٽ نه ڪپه. آءُ ته ھيس اھو ٻانڀڻ جو واٽ ويندي ڦاٿو ھيو. حياتي ته نه ھئي پر ھڪ گورگ ڌنڌو ھيو!
    جھنگ ۾ پير پائڻ سان مامو ھي وصيعت ضرور ڪندو ھيو ته ”ڀاڻيجا جي مون کي ڍرڪندو ڏسين ته مڙه کي ڪنھن کڏ کوٻي ۾ گھلي وجھي پوءِ لوڙه لٽي ڇڏجانءِ. پوءِ وڃي پنھنجي ماميءَ کي سڌ ڪجانءِته مامو وڃي ماڳ پھتو. ماما پر جي مان به نه ھجان ته پوءِ؟ پوءِ اھو ڪم آھي مانگر جو. ويٺو پاڻ ڳن ڏيندو، ڌڻ به ڌياڻيءَ کي وڃي ثابت پھچائيندو. ماما پوءِ مامي ڌياڻي جو ڇا ٿيندو؟ ڀاڻيجا ڌياڻيءَ کي آھي تڏا ويڙه تائين اتي ترسڻو. ڏٺو ڪونه اٿيئي، سڄو ڏينھن ويٺي پنھنجي ڀڳل ڀت کي ٽيڪان ڏئي.ماما، ڪھڙي ڀڳل ڀت؟ ابا پاڻ ڌياڻي. ڏٺو ڪونه اٿيئي سڄي اڏاوت آئٽيل اٿس تڏھن به سدائين مرمت ۾ مشغول.
    پڙھيل ڳڙھيل ھوندي ته مامو پڙھڻ جي حق ۾ نه ھوندو ھيو. چوندو ھيو ته ڀاڻيجا علم پرائڻ آھي ماني کائڻ آچار. ايترو کاءُ جو ھضم ڪري سگھين. ڀلا ”الله جو ڪلام؟“ اھو به ايترو پڙھ جو ھنڊائي سگھين. نه ته سڀاڻي حساب ڏيڻو پوندءَ ته خبر ھوندي تو عمل ڇو نه ڪيو؟ باقي پورھيو جيترو وڻيئي اوترو ڪر. پر پورھئي سان گڏ عاجزي ضرور ڪج.“ مامو مسلمانيءَ کي دين يا مذھب بجاءِ ”عاجزي“ يا مسڪيني سڏيندو ھيو. بنان عاجزيءَ پورھيو ھيو جيئن گڏھ لاءِ بار ڍوئڻ. ”مالڪ کي بنده جي خالي عاجزي پسند ھئي ڇو ته مالڪ وٽ سڀ ڪجھه ھيو پر عاجزي نه ھئي. جي تنھنجي تر جيتري مسڪيني به اگھي ويئي ته پوءِ پئون ٻارھن.“ ماما ڀلا شيطان کان ٽارو ڪيئن ڪجي؟ ”ڀاڻيجا، تون ڪھڙي خفي ۾ پيو آھين؟ شيطان غريب ته آھي الله جو دربان. جيئن اسان جو ”مانگر“ جو ڪنھن اوپري کي واڙ ويجھوئي نه ڇڏي. ابا الله آھي ڏاڍو مڙس. ڪنھن جي مجال جو سندس حڪم اورانگھي. پر سمجھه کڻي ته اڄ ڪلھه پاڻ ۾ ٺھيل آھن. پر پاڻ ۾ پرچندا ته تو ۽ مون کان پڇندا ڇا؟ اسان ڇو ويٺا پنھنجي پرچھه وڃايون؟“
    چوٿون سنڌي پاس ڪري، ڳڙھي ڇڏي، وڃي ميرپور ماٿيله وسايم جتي سڀ گھر ڀاتي اڳيئي سھڙيل ھئا. مھيني ٻن کان پوءِ مامو حاجي گذاري ويو. سندس لاڏاڻو ڪوئيٽه واري زلزله کان سال کن پوءِ ٿي گذريو. ٻڌم ته ننڊ ۾ ننڊ اچي ويس. مامي ڌياڻي به سگھوئي پوءِ وڃي پنھنجي ڌڻي سان پرتي. چوندا آھن ته ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.“ ٻڪريون وڃي ڪنھن ٻئي ٻڪرار حواله ٿيون. باقي رھي ”ملڪي چري“ ان سان ويھارو کن سال ھن جڳ ۾ جٽاءُ ڪيو. پرائي گھرن جا پورھيا ڪندي آخر اھا به ٿڪجي پيئي. ان کي به اونت ته سمجھه آئي ۽ وڃي ساڻيھه ۾ سکي ٿي. اڄ اسان جي پاڙي ۾ نه مامو حاجي نه سندس ڌڻ ۽ ڌياڻي. نه وري ڪي آھن سندس گھر يا واڙ جا نشان. ڄڻ ته ھڪ ڪھاڻي ھئي جا ختم ٿي ويئي. البت مون سان مامو ياري برابر نباھيندو ٿو اچي. بھشت جون ٻڪريون اڪيليون ڇڏي ڪڏھن ڪڏھن پيو ليئو پائي. کيس نه غم نه ڳڻتي ۽ نه ڌڻ جو اونو. جنت ۾ ڪي بگھڙ ٿوروئي آھن!


    خسرو خان چرڪس

    ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي ننڍن خواه وڏن شھرن جي عام رستن، چونڪ يا ڳلي ڪوچن ۾، عام ماڻھن ۽ مسافرن کان علاوه، چوپائي مال ۽ بارگير جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٺاھوڪو انتظام ٿيل ھوندو ھيو. مون کي ڪو اھڙو کوھ يا کوھي نه سُجھي، جنھن تي جانورن لاءِ ڪي ھوديون يا حوض ٺھيل ھجن. جانورن جي ٽھل ٽڪور ۽ مفت دوا درمل لاءِ خيراتي ادارا ۽ گئوشالائن علاوه ٻيون ڪيتريون ئي پراپڪاري تنظيمون ۽ سوسائيٽيون وجود ۾ ھيون. خود ڪراچي شھر جي ميئر جمشيد مھتا لاءِ مشھور آھي ته رستي ويندي جي سندس نگاه ڪنھن ننڌڻڪي، چُٽي واري گھوڙي يا گڏه تي پئجي ويندي ھئي ته ان وقت تائين آرام نه ايندو ھيس جيسن زخمي جانور جي جوڳي علاج لاءِ بندوبست نه ڪري.
    انھيءَ دور جا اسان جا ديسي دوست پنھنجي پيٽ پوڄا گڏ الله جي بي زبان ۽ گونگي مخلوق جي جياپي جو پڻ گھڻو خيال رکندا ھئا. ھي سندن روزمره جي زندگيءَ جو ڪجھه نيم ھيو. جيئن ڪوٺن جي بادگير تي چڙھي ڪانون کي پاروٿي روٽيءَ جا ڳڀا کارائڻ، ڪبوترن، ڳيرن ۽ جھرڪين لاءِ ٻاجھري، جوئر ۽ پاڻي جا پاٽڙا ڀري وڻن ۾ ٽنگڻ. درياه يا واھ ڪناري جي مڇين ۽ کڳن لاءِ ڳوھيل اٽي جون ڳوڻيون اڇلڻ. ماڪوڙين ۽ ڪولين جي ٻرن لڳ مٺائي ۽ مستي جون پڙيون رکڻ وغيره.
    ليڪن اھڙي انساني سخا ۽ خدا ترسيءَ جا ڪم ڪندڙ اڪثر تر ھندو، پارسي، ٻوڌي يا جين ڌرم جا پوئلڳ ھوندا ھوا. باقي اسان جي مسلمانن تي ان ڏس ۾شايد ڪا به اخلاقي، انساني يا ديني ذميواري عائد نه آھي.ڇاڪاڻ ته اسين خدا جي خاص معشوق قوم آھيون ۽ اسان کي ٻڌو ليسن مليل ھيو ته اسين نه فقط پنھنجي رزق جي وسيلن گھوڙن، گڏھن ۽ ڏاندن تي لاٺي چارج ڪريون پر تترن، ٻٽيرن، ڪڪڙن ۽ ڪتن جون ويڙھيون ڪرايون يا گليل، گز ڪمان، ڄار ۽ ڪوڙڪين ذريعي پکي ۽ جانور ڦاسايون ۽ ڦٿڪايون. بلڪه پنھنجي وندر ۽ شوق شڪار لاءِ بڙڇين ۽ بندوقن سان گگدامن جو قتل عام به ڪريون.
    اسان جي واغظ ڪندڙ مذھبي ٺيڪدارن عام ماڻھن کي قبر جي عذابن، قيامت جي سختين ۽ دوزخ جي دڙڪن ڏيڻ سان ته سندن سمورو خون خشڪ ڪري ڇڏيو آھي. پر کين ھي ٻڌائڻ ھميشه وسري پئي ويو آھي ته الله جي رحمت ۽ بخشش جو سمورو دارومدار انسان جي پنھنجي اعمال ۽ ھلت چلت تي آھي. ته ھو پاڻ ٻين ساھ وارن تي ڪيترو رحم ڪري ٿو، يا ٻين جون خطائون درگذر ڪري ٿو يا ٻي زندگيءَ جو احترام ڪيترو ٿو رکي. جو انسان پنھنجي حياتي ۾ ڪنھن کي به ٽڪو نه ٿو بخشي ۽ الله کان پنھنجي تمام زندگيءَ جي گناھن لاءِ بخشش جي اميد ٿو رکي، ظاھر آھي ته سندس بخشش ڇا ٿيندي؟
    اسين مسلمان اڪثر ھن عظيم غلط فھمي جو شڪار آھيون ته جانورن ۽ ساھ وارن تي ترس کائڻ ۽ کين نه ڏکوئڻ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جا ڌرمي اصول آھن. حالانڪه ازروءِ اسلام، جيتري قدر جانورن تي ڪھل کائڻ ۽ ساڻن رحمدليءَ جو سلوڪ ڪرڻ لاءِ ھدايت ڪيل آھي اوترو شايد ئي ڪنھن مذھب ۾ ھجي. جانور ته درڪنار پر فتح مڪه وقت رحمت العالمين جن اعلان ڪيو ته ”مڪه معظمه رحمان الرحيم جي رحمت جو مرڪز آھي. ھن ھنڌ پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ، وڻن کي وڍڻ ۽ ساوڪ کي ڪپڻ حرام ۽ گناه آھي.“ جڏھن حضرت عباس حضور جن جو ڌيان ھڪ گاه ”انضر“ ڏانھن ڇڪايو جو مڪه ۾ باه ٻارڻ لاءِ ڪتب ايندو ھيو. ته فرمايائون ته ”خشڪ ۽ سڪل ٻوٽي کي فقط ھٿ سان اکيڙيو وڃي.“ ان مان ظاھر آھي ته جو مذھب سبز وڻ ۽ سائي گاه لاءِ ايترو احترام رکي ٿو اھو ساھ وارن جي خون خرابي ۽ رتوڇاڻ کي ڪيئن روا رکندو؟ دوران حج ۾ ته حاجين کي مٿي کنھڻ لاءِ به منع ٿيل آھي ته مبادا ڪا جونءِ يا ليک جي ھتيا ٿئي.
    بي زبان ۽۽ گگدام جانورن جي پرگھور لھڻ، سندن پرادخت ڪرڻ ۽ ساڻن رحمدلي واري ورتاءُ ڪرڻ سبب لکين ماڻھن تي قدرت جون بيشمار نوازشون عطا ٿيون آھن اھڙن مثالن سان انساني تاريخ ڀرڀور آھي. احسان جو بدلو احسان ضرور آھي. پر جڏھن احسان جو بدلو قدرت طرفان ادا ڪيو وڃي ته پوءِ انعام ۽ اڪرام جو ڪو حساب ئي ڪونه ٿو رھي. سبڪتگين کي فقط ھرڻيءَ جي وڇڙيل ٻچڙيءَ جي واپسي تي پنھنجي ملڪ جو تخت عطا ڪيو ويو. بني اسرائيل جي ھڪ فحاش عورت کي فقط ھن سبب بخش الاھي نصيب ٿي جو ھن ھڪ پياسي ڪتي کي کوھ کان پاڻي ڇڪي سندس اڃ اجھائي ھئي. ھن سلسلي ۾ سنڌ جي تواريخ جو ھڪ واقعو قابل ذڪر آھي، جو نھايت عبرتناڪ آھي.
    1967ع ڌاري مغربي پاڪستان جي ڊائريڪٽر ”پريس ۽ پبليڪشن“ جي حيثيث ۾ لاھور مقيم ٿيس. ھڪ ڏينھن گورنر صاحب طرفان سرڪاري سڏ ٿيو ته سنڌ جي تواريخ ۾ خسرو خان چرڪس متعلق جو حال احوال موجود آھي سو ھٿ ڪري لاٽ صاحب جي خدمت حاضر ٿيان. وائڙو ٿي ويس ته آخر ماجرا ڇا آھي. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته آمريڪا جي ھڪ پبلشنگ ڪمپنيءَ طرفان گورنر صاحب کي ھڪ خط موصول ٿيل ھو، جنھن ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر خسرو خان متعلق ھڪ واقعي جي تصديق لاءِ عرضداشت ڪيل ھئي. جو ھڪ ڪتاب ”يقين ڪريو يا نه“ ۽( ک ع ظ ق ع ک س ذ ل ذ س ڻ ذ ) ۾ درج ٿيل ھيو. ان ڪتاب ۾ دنيا جا عجيب و غريب واقعا ذڪر ڪيل ھوا ۽ سنڌ متعلق جو واقعو بيان ڪيل ھو، اھو ھن طرح آھي
    ”ھڪ دفعي سنڌ جو گورنر خسرو خان چرڪس عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ شام ٽاڻي پنھنجي ڪوٺي جي ڏاڪڻ چڙھي رھيو ھو ته پاريسڙي گھر ڏانھن سندس نظر پئجي ويئي جتي ھڪ عورت غسل ڪري رھي ھئي. ھڪ غير محرم عورت جي اوگھڙ ڏسڻ، خسرو خان جھڙي متقي ۽ پرھيزگار انسان لاءِ، جو محض ھن مقصد لاءِ سدائين ڪنڌ ھيٺ ڪري گھمندو ھيو ته ڪنھن عورت جي شڪل تي اک نه پوي، ھڪ عجيب مسئلو ھو. ھڪدم ھيٺ اچي پنھنجي اکين ۾ آڱريون وجھي پاڻ کي انڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. آخر گھر ڀاتين جي دانھن ڪوڪ ڪرڻ تي پاڻ تي ضبط ڪري علماءِ دين کي گھرائي کانئن شرعي فتوى وٺڻ جي لاءِ فيصلو ڪيائين. علمائن کائونس سوال پڇيا، ھڪ ھي ته ھن ڄاڻي ٻجھي پاڙي واري گھر ڏانھن نظر ڪئي ھئي يا نه؟ ٻيو ھي ته نظر يا ڏسڻ جي مدت ڪيتري ھئي؟ خسرو خان وراڻيو ته کيس اھا به خبر ڪانه ھئي ته سندس گھر لڳ ٻيو ڪو گھر به ھيو، يا نه. ۽ سندس نظر فقط اک ڇنڀ جي عرصي تائين محدود رھي ھئي. ھڪ سيڪنڊ واري اک جي گناه عيوض علمائن پنھنجو ھي شرعي فيصلو صادر ڪيو ته خسرو خان ٽي سؤ سٺ نيڪي جا ڪم سرانجام ڏئي. ان بعد خسرو خان 360 عوامي ڀلائي ۽ بھبودگيءَ جا ڪم ڪيا جھڙوڪ کوھ کوٽائڻ، رستا، پليون، مسافر خانه ۽ مسجدون ٺھرائڻ وغيرھ، جن ۾ گھڻيون عمارتون اڄ ڏينھن سوڌو قائم آھن جيئن ٺٺي واري دبگيري مسجد.
    ھن واقعي بيان ڪرڻ جو، مضمون جي اصلي موضوع سان ڪو واسطو نه آھي. حالانڪه ھڪ سنڌ جي حاڪم ھئڻ جي حيثيث ۾ خسرو خان جو ڪردار اسان سنڌين لاءِ باعث جو فخر آھي. خاص طور تڏھن جڏھن اسين سنڌ جي حاڪمن جي اڪثريت سدائين اھڙن سائين جي سنوارين جي ڏسون ٿا جن جا افعال اعمال ڏسي ٻڌي ۽ پڙھي شرم کان گردن جُھڪي ٿي. جيئن ته راءِ جندرٿ، راءِ ڏاھر يا وري دلوراءِ وغيرھ.
    خسرو خان چرڪس سان عجيب و غريب واقعو منسوب ڪيو وڃي ٿو ۽ جنھن جو ذڪر سنڌ جي تواريخ ۾ موجود آھي ۽ سنڌي تاريخ نويسن طرفان بيان ڪيو ويو آھي اھو ھن طرح آھي؛
    ”خسرو خان جي وصال ڪرڻ بعد ٺٺي جي ھڪ بزرگ جنھن سندس زيارت ڪرڻ لاءِ وظيفو ڪيو ھيو تنھن کي خواب ۾ خسرو خان جو ديدار ٿيو. خسرو خان کي نھايت نوراني شڪل شبيھه ۾ خوش خورم ڏسي برزگ کائونس سوال ڪيوته اوھان تي قدرت جون بيشمار نوازشون ڪھڙي سبب عطا ٿيون آھن؟ خسرو خان وراڻيو ته ”مون جي به دنيا ۾ نيڪيءَ جا ڪم ڪيا انھن جو ڪو عيوضو مونکي ڪونه مليو. ڇاڪاڻ ته ماڻھن ۾ نيڪنامي ٿيڻ ڪري منھنجي سڀني چڱن ڪمن کي منسوخ ڪيو ويو. جنھن ڪارڻ مون تي قدرت مھربان ٿي آھي. اھو ھڪ معمولي واقعو آھي جنھن جو يقين ڪرڻ جھڙوئي نه آھي. ھڪ ڏينھن مون خط لکندي ڏٺو. ته ھڪ مک منھنجي قلم جي مس چھڻ لاءِ اچي ڪلڪ جي نوڪ تي ويٺي، مون قلم لکڻ بجاءِ ھٿ کي روڪيو. جيئن ڀل مک پنھنجي اڃ اجھائي وٺي. مک جي اڏامي وڃڻ بعد آءُ خط لکڻ ۾ مصروف ٿي ويس. ھڪ مردار مک سان اکڇنڀ جي ڀلائي جي ڪرڻ عيوض مون تي قدرت نه فقط گناھن جي بخشش ڪئي آھي پر بي حساب ۽ اڻ ڳڻيا احسان پڻ ڪيا آھن.“
    ٿي سگھي ٿو سنڌي تاريخ نويسن جي خسرو خان سان انتھائي عقيدت ھئڻ ڪري، سندن اھڙي بيان کي خوش فھمي سمجھيو وڃي. ليڪن جيسن منھنجي عقل ۽ سمجھه جو تعلق آھي ته آءُ ان واقعي کي سورنھن آنا سچي حقيقت سمجھان ٿو. ھي ايمان اٿم ته رحمان کي پنھنجي رحمت لاءِ فقط بھانو گھرجي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته اسين اھڙي خسيس بھاني ڏيڻ کان به گوٿنات ڪندا ٿا رھون.


    جي ايم سيد

    اوھان ڪڏھن ڪنھن سنڌيءَ جي اندر ۾ ليئو پاتو آھي؟ جي نه، ته الله لڳ جھاتي پائي ڪجھه چتائي ته ڏسو. پوءِ سانگي سان ئي سھي. ھڪ وار سنڌيءَ جي روح جو رني ڪوٽ ته پسيو. اھڙي ڀر ڀانگ ھنڌ تي ڏھڪائيندڙ ڏونگرن، ور وڪڙن پيچرن ۽ انڌيري غارن تي نگاه ته ڌريو. ڄاڻو ٿا ته پوءِ اھڙي سنسان ۽ ويران روح جي ڪيفيت ۽ ڪشش ڪھڙي ھوندي؟ ظاھر آھي ته نااميدي ۽ نراسائي واري. پوءِ اھڙن مايوس ۽ اداس اھڃاڻن ھوندي، سنڌيءَ کي جياپي جي ڪھڙي خوشي ھوندي؟ جي اندر جو روپ اھڙو اٻاڻڪو آھي ته ٻاھر جو ٻھروپ ڪھڙو ٿيندو؟ جڏھن ھانڊيءَ ۾ ئي ڪاريءَ وارا ڪک آھن ته پاٽ ۾ ڇا پوندو؟ اھڙي اڻ ھوند ڪارڻ ته ھر سنڌي پاڻ کي گھلي ٿي ھليو. جيئن بيل گاڏيءَ کي ڏاندن ٿي ڇڪيو. ھن ھر ڪم ڪار کي ائين اڌ گابرو ۽ بي دليو ڇڪي تاڻي پورو ٿي ڪيائين. ڀانئن ته بيگر، وانگار يا قرض ۾ ٿي وھيو. جيئن ڏٻو ڏاند گھاڻي ۾.
    صدين جي غلاميءَ واري ڳٽ سندس ڳچي جي ڳاٽھڙين کي ٽڙڪائي وڌو ھيو. ائين به نه ھيو ته ھو ڪو ڳڻن ڪا خالي ھو. بلڪل نه. منجھنس شرافت، مھمان نوازيءَ، حياءُ ۽ چڱ مڙسي جا سڀ انگ موجود ھوا. پر ھو اوچي ڳاٽ ھلڻ کان لاچار ھيو. ھن پلڪ پھر گوڏو کوڙي وھڻ لاءِ ڪامبو ٿي ٻڌو. ھن جي سوچ سُبتي ھئي يا ابتي، پر سڌي رخ ۾ ھرگز نه ھئي. ھو ھر قانون جو جاني دشمن ھيو. دل جو دل ۾ ھن قانون کي پاڻ تي رڪاوٽ تي سمجھيو. ھن واھڻ ۽ وانڍ ۾ ان سبب رھڻ پسند ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڳوٺن ۾ گورنمينٽ ڪانه ھئي يا گھٽ ھئي. ھن حڪومت جي ھر قدم کي رستي روڪ ٿي ڀانيو. ان ڪري ھن ھر پيھر ٽپي پار ڪرڻ ٿي چاھيو. ان ڪارڻ ھو سفارش ۽ چٺي وٺڻ جو ڪوڏيو ھيو. پراوا ته ٺھيو پر ھن پنھنجن کي به نه سٺو. ٿي سگھي ٿو ته ھو دين مذھب کي به انساني سڀاءُ تي بندش ڄاڻندو ھجي. وڏي ڳالھه ته ھن گھڻو ٿي ڳالھايو. اھو به وڏي واڪي ۽ ٻوڪڙ ڪري. سندس سموري گفتگو شڪايت ھئي. ڄڻ وٽس ڪو ٻيو پيغام ۽ نينھن نياپو ھيوئي ڪونه! الله اڪبر.
    اھڙي ھيڻي حال، روئندي رڙنديءَ سنڌيءَ کي صديون گذري ويون. ڪي انڌا اونڌا ويڄ وچ ۾ آيا ضرور. پر سندن ڦڪين فرق نه ڪيو. آخر الله جي ذات کي رحم آيو. ھڪ اھڙو انسان آيو. جنھن جھاتي پائي دل جي ڌڙڪڻ ڏسي کين ڏس ڏنائين. چيائين ته اوھان جي گھر جي ماني پھريون پنھنجن ڀاتين لاءِ. باقي سڀ قربان جڳ تان. اول سڪر سڻائي سنڌ ۾ ٿئي. پوءِ عالم ڀلي آباد ٿئي. سخاوت جيان، قوميت گھر کان شروع ٿيڻ گھرجي. دوا کان پوءِ دعا گڏ آٿٿ پڻ ڏنائين. ”ته ماندي نه ٿي مارئي تنھنجو الله ڀي آھي، سون ورھين جا ڏکڙا ھڪ لحظي ۾ لاھي“ ڀٽائي گھوٽ جي دعا قبول پئي. سڪر سڻائي ٿيو ۽ صدين جو ساڻو مس مس سامت ۾ آيو. وري جڏھن سيد اک ٻوٽي ته سنڌي انڌي ۽ جنڊ جيان اھوئي آڪيڙن وچ ۾. اڃا سوڌو اتي ئي آھن جتي سيد ڇڏيون. پر ھاڻ سھارو برابر ساڻ آھي. جڏھن به ڪنھن ٻيڪڙ ۾ اچي ستا سور ٿا جاڳن ته الوميان ڪري لطيف کي ٿا ڳايون ۽ ٻاڏايون، ته ڪجھه مڙوئي غم غلط ٿيو وڃي. وري نئين سنئين ٿي ”سسئي ۽ سور پيا پٽيون پاڻ ۾.“
    ڀلاري ڀٽائي وئي، وري ورھين جا ورھيه اھڙو وريام ڪونه آيو، جو اچي اسان اڀاڳن جي اڀل ٿئي. دلاسو دلداري ڏئي ۽ ڪا دستگيري ڪري. اسان به وسؤن ڪين گھٽايو. گھڻا ٻانڌا ٻڌاسون. پير فقير ڀيٽياسون، سڳا ڌاڳا ڪياسون، پر ڪو ٻانھن ٻيلي نه ٿيو. لاٺڙيا گاٺڙيا گھڻيئي آيا. پر ڪنھن ٻوٽو نه ٻاريو. مون ته پنھنجي سانڀر ۾ سڀ سڌڙيا ڏٺا. سواءِ ھڪ جي. جنھن کي ساڻيھه جي ساڃھه به ھئي ۽ سڪ به سبيل ھئي. آھي به سيد. جي ايم سيد. جنھن کي جڳ چوي جئيم سيد. ڏسجي ائين پيو ته سنڌ ازل کان سيدن پناري پيل آھي. ھندڪار ۾ به سنڌ برھمڻ ۽ ٻانڀڻ حوالي ھئي. جي ان زماني جا ”شاھ“ ھوا. اسان لاءِ ته ڪيئن کاڌو ۽ ڪينئرو سيد به اکين تي. يار جو پار جو آھي. اڳين جھان جو توشو ته ھونئن به آھي سچي سيد سان ٻوليل. پر جي ھتي به سيد ساڻي ٿئي ته اسان کي ڪھڙو ڀئو ڀولو. جنھن جي چيچ سيد ھٿ ۾ تنھن کي لھر نه لوڏو انشاءَالله.
    سائين پنھنجي ساڻيھه سان اھي پرت جا پيچ وڌا جي سسئي جا ڪيچ سان ھوا. سيد سنڌ جي سرزمين کي پنھنجي سجده گاه بڻايو. جڏھن ڪنھن اوپري يا اوڦٽو ماڻھوءَ ان عبادتگاه ۾ پير ٿي پاتو ته سندس اکين رت ٿي ڇڏيو. ظاھر آھي ته ڪوبه پوڄاري پنھنجي مندر ۾ ڪنھن غير جي قدم کي ڪيئن برداشت ڪندو. سائين ته ھن مڙھيءَ جو مھنت ھيو. اھوئي سبب ھيو جو اڄ ڪلھه وارو لڏي پلاڻي آيل آدم ته پنھنجي جاءِ، پر صديون اڳ جي ڌاريا سيد جو اڱڻ اورانگھي آيا ھوا، تن کي به لٽيرو ۽ ڦورو سڏي، دل جي خار ماري، پنھنجو اندر ٿي ٺاريائين. ان ڏس ۾ سن جو سائين ڪنھن به بني بشر کي بخشڻ يا سندن اڳين اڳراين کي درگذر ڪرڻ لاءِ ھرگز تيار نه آھي.
    سيد جي ملڪ ۽ ماڻھن سان جا محبت ھئي اھا ان کان دمڙي به گھٽ نه آھي جا مارئيءَ کي ملير ۽ ماروئڙن سان ھئي. جي وس پڄيس ته جيڪر سنڌ جي مٽيءَ کي خاڪ شفا ۽ سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻيءَ کي ”آب زم زم“ اڃان به آب حيات جي درجي تي رسائي. اھڙي فيصلي کي عملي جامون پھرائڻ لاءِ کيس ڪنھن ملان قاضيءَ جي فتوا جي لوڙ ئي نه آھي. ھو سواءِ پنھنجي ضمير جي ڪنھن ٻئي کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آھي. ھن ڳالھه جي ساک سندس دشمن به ڏيندا ته سندس اندر آئيني جيان اوجل ۽ شفاف آھي. ھاڻ ته سندس جيءُ جسم ۽ جان سنڌ سان ايتري حد تائين وحدت الوجود ٿي ويل آھي. جو اڄ جيڪر ”جي، ايم سيد“ کي ”جيئيم سنڌ“ وڃي ته وڌيڪ صحيح ٿيندو.
    ڪي چون ٿا ته سيد اھو ڪجھه نه آھي جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مون کي ته ھڪ سنڌي سليمي ۽ مومن ماڻھو ٿو ڏسجي. پر شايد ڪنھن تيڏي کي ٽرنگو يا انڊلٺ جيان سترنگو ٿو پسڻ ۾ اچي. ڪھڙي خبر سندن اھو انومان صحيح ھجي. انھن ستن انڌن جيان جي ھاٿي ڏسڻ لاءِ ھندستان ويل ھوا. پوءِ ڪنھن پڇ کي ھٿ لائي چيو ته نوڙي آھي، ته ڪنھن سونڍ کي ڇھي چيو ته نانگ. جيترا منھن اوتريون ڳالھيون. سيد جو اصلي روپ ۽ رخ ھڪ ئي آھي جا سنڌ جي صحيح تواريخ آھي. جنھن کي سنڌين ساه سان سوگھو پئي سانڍيو آھي. ٻيو آھي سرخ رخ. جو سرڪاري دفتر داخل آھي. جو فدوين جي اونڌي سوچ جي نپور آھي. جنھن کي سرڪاري زبان ۾ چون ھسٽري شيٽ. ٽيون رخ اٿس شطرنج وارو شه رخ. جنھن کي پسي ھئبت کان پاڙيسرين جو پگھر ٽمندو رھي ٿو. پر پاڻ جوئي آھي سوئي آھي. سيد ڀلجي به نه ڪڏھن پاڻ کي پڏايو آھي ۽ نه ڪڏھن پاڻ کي سير يا سوا سير سڏايو آھي.
    پاڪستان کان اڳ واري سيد جي سياست ته ھئي ٻاراڻي کيڏ. جھڙي ”ھاسيل ڦوسيل“ واري کينھونءَ راند. سمورو وقت ڊاه ڊاه پيئي پوندي ھيس. بيلچو ۽ ٽيڪم سدائين ڪلھي تي تيار، جا وزرات ٺھي ڄڻ غزنوي سومناٿ ڏٺو. راتو رات ڊاھي پٽ ڪندس جيئن سندس نالي ڀائي خئبر واري ڪوٽ جو حشر ڪيو ھو. اھو سندس زمانو ھو اراڏائيءَ وارو. نه ڏسندو ھو پنھنجو يا پرايو. ڪرٽ کڻي ڪڍ ڪاھي پوندو ھيو. پنھنجي ته ڪا وزرات ٺاھيائين ڪانه. آخر ته سيد ھو. اھو به تخت ۽ تخته وارو. ڪو اوڏ ٿوروئي ھو جو ويٺو ڀڳل ڀتيون سنواري!
    انھن ڏينھن ۾ سائينءَ سياسي ليٽ ڪبوتر کيڏندي خاصيتون گولاٽيون ڏنيون، جي اڳتي ھلي سنڌ کي مھانگيون پڻ ھيون. سياست جي شروعات ڪانگريس سان ڪيائين. پوءِ ھندو مسلمان سک عيسائي سڀ ڀائي ڀائي، ڪير نه رھيو غير بابا. وري الاجي ڪھڙو ريچڪ پيس. ٺڪاءُ ڏيئي مسلم ليگ ۾ آيو. پوءِ ته سيد جو مذھبي تعصب ملن کان به ليڪو لنگھي ويو. ھندو مسلم نفاق جو ٻج برابر مھاسڀائن ڇٽيو. پر سلو سائو خير سان سائينءَ ڪيو. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ھندن جي ھنبوشيءَ ته تڏھن چوٽ چڙھيل ھئي. پوءِ سنڌ جي سنڱابندي لاءِ اسيمبلي ۾ آڇ ڪئي ويئي. جڏھن پاڪستان جي ڄڃ لائون لھڻ لاءِ ڪراچيءَ اچي پھتي. گھڙو ڀڳو منڌ مئي ۽ وسيلا ويا. ڪراچي سنڌ کان ڇڳي. مرحوم کھرو جيل ۾ واڙيو ويو. تڏھن سيد کي اچي لڇ پڇ ٿي ته مار! ھي ڇا ٿي ويو. پر پوءِ پڇتائڻ اجايو ھيو. سندس ھٿ جي وڍي ھئي يا لکئي جون ڳالھيون؟ اھا خبر الله کي.
    سائينءَ کي الله پنھنجي گنج کان سڀ ڪجھه ڏنو. سچائي، ايمانداري ۽ درياه دلي. پر جڏھن عقل ۽ عشق ٿي ورھايو ويو ته شرط ھيءُ ھيو ته سائين کي جو وڻي سو کڻي. پر ڪو به ھڪ وکر. ڇا لاءِ ته ڀنڀوران ٻه ٿوڪ ڪنھن نه نيا پاڻ سين. سائين سنڌ جي سڪ کڻي چمي اکين تي رکي. عشق عقل جو جھيڙو ته ازل کان ھلندو اچي. پوءِ عقل سائين جو دشمن ٿي بيٺو ۽ اڄ ڏينھن سوڌو ساڻس ساٿ نه ڏنائين. وري سائين سنڀريو ته اجھو انقلاب ٿو آڻيان. اڙي سائين منھنجا لولو ويچارو ڪئي ھلندو حج تي. ڪانوَ ڪي مري ته نه ويا آھن. تو وٽ آھي فقط عشق. اھو به نپٽ انڌو، نه جيجل موڙي، نه رت ڏيڻ وارا مجنونءَ. پوءِ قصو ڪيئن ھلندو؟ انقلاب ڪو وچڙندڙ بيماري ته نه ھئي جو توکي ٿيڻ سان سڀني کي وڪوڙي ويندي. جن دنيا ۾ انقلاب آندا آھن ۽ پاپڙ ڀيليا آھن تن جي تواريخ ته پڙھو. سائين ھڏ گڏ ڀنڃائي وجھندين. ڪو پاڻي پيارڻ وارو به ڪونه ملندو. ھتي اوھان وٽ آھي ڇا؟ اوھان پاڻ، ھڪ اڌ خليفو باقي ڇوڪرا! سائين ڪجھه صبر ڪر. ھر گل جي ٽڙڻ لاءِ مند موسم ٿيندي آھي. انقلاب تڏھن ٽاڏيون ڪندو ايندو جڏھن ”برڻ باڪاس“ ھاري ۽ ڪمي ڪاسبي بوتلن کان ٻاھر نڪرندا.
    اسان جي وڏي ۾ وڏي وڏ ھي آھي جو نه تواريخ ٿا پڙھون ۽ نه وري اوڙي پاڙي کان پرڀرو ڏسون وائسون ٿا. ته ٻاھر ڇا پيو وھي واپري. اسين پاڇن پٺيان ڦڙندا ٿا رھون. وري اسان وارا اڪابر اسان کان وڌيڪ اکين سڄا. ڪو ٿو چوي ته انڌي واري لٺ ڦيرايون ته پاڻھي مومل ملي ويندي. اھي آھن وات جا چسڪا. ھڪ ته ويٺا آھيون چٽ پڌر تي. نه ڀڄڻ جي ڀيڻي نه مٿو لڪائڻ لاءِ اجھو. گوريلا ٿي وڻن تي ويھي رھون؟ يا وري پنھنجو گھر ساڙي حقا ويھي ڇڪيون؟ ڪي وري انھيءَ تاڪ ۾ ويٺا آھن ته ڪٿان نه ڪٿان آرياڻي ايندو پوءِ اچي اسان کي سيج تي ويھاريندو. اھا ڳڻ ته ھر سدا سھاڳڻ کي ھوندي آھي. ٻُچيءَ کي قبر تائين آسرو. ڪي وري گرھوڙي واري اڳڪٿيءَ جي انتظار ۾ ويٺا آھن. ته ”نيرا گھوڙا ڏٻر اتر کان ايندا. تينھان پوءِ ٿيندا طبل تاجاڻين جا.“ فرض ڪريو ته ائين به ٿئي. ته ڪو نيري گھوڙي سوار ٿي اسان کي ٻيلھه وھارڻ جي لاءِ به کڻي اچي. پر ان لاءِ ڪھڙي گارنٽي آھي ته ھو اسان جي ڳچيءَ کان ھاڻوڪي پاڃاري ڪڍي ٻي ڪا سرڪڻ ڦاھي نه وجھندو؟
    ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته اڄ جا ساڻيھه ۾ سجاڳي آھي. جا ديس جي ماڻھن ۾ مامتا اڀري آھي. ان جو سمورو سھرو سيد جي سر تي آھي. جڏھن سنڌ کي ون يونٽ جو ٽوڙھو وجھي، کيس چوکنڀو جڪڙي مورڳو سندس مڙھ ٿي روليو ويو، تڏھن پنھنجن پراون ”انا الله“ پڙھي اسان کي. عذر خواھي ڏني ھئي. پر سيد اڪيلو انسان ھيو جنھن الله ۾ نه لاٿي آس نه اميد. ڦٽيل شير جيان ”آدم بونءِ“ڪندو رھيو. مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون اڳ الاجي ڪنھن چيو ھو. پر مون پھريون دفعو سائينءَ جي مک کان ٻڌو. آخر جڏھن اھو ڳٽ ڳچيءَ کان نڪتو تڏھن وڃي مس سيد سامت آيو.
    سنڌ ۾ قوميت جو تصور آڻڻ پنھنجي سر ھڪ ٽڪر ٽاڪڻو ھيو جو اڪيلي سر سيد سِرَ ڪيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ھئا ئي سڀ قبيلا آباد. جي پيڙھين کان پاڻ ۾ ھئا چانڊيه مگسي. يا وري ھيون ذاتيون. ڪي سيد ڪي پٺاڻ ڪي ٻروچ. سڀ رئيس. ھاڻ قوميت جي کچڻي پچي ته ڪيئن؟ پر ڪچي يا ڦڪي سيد اھا پچائي ڏيکاري. اھو سيد جو وڏو معجزو آھي. پوءِ ڪير مڃي يا نه مڃي. ڳالھه حق جي ڪبي.
    سيد سونھاري سنڌوءَ ڪناري، سن جي وَنَسَوَ ۾، 1904ع ڌاري جنم ورتو. سندس زندگيءَ جي بسم الله ھڪ معتبر ۽ وڏ گھراڻي ۾ ٿي. ننڍپڻ توڙي جواني خاصي خوشحاليءَ ۾ گذريس. حسب نسب ۽ شڪل شبيه ته کيس آبائي ورثي ۾ حاصل ٿي. اھڙي سرمايه کي علم ۽ اخلاق جي زيور سان پاڻ سينگاريائين. وري ڀاڳ بخت به ساڻس سدائين ساٿ ٿي ڏنو، ان خوش بختيءَ سندس ڪجھه عادتن کي ڦٽائي ڇڏيو. سيد جو ستارو اڪثر ان بلنديءَ تي قائم دائم رھيو. پر جيئن چوڻي آھي ته ”ڀڳي سان ئي ڀير جيسين رتو راس ٿئي.“ تنھن سليقي ۽ سکيا کان ئي نراس رھجي ويو. جڏھن سانگي سان ڪنھن سياسي کيڏ جو نتيجو سندس مرضي جي ابتڙ ٿي نڪتو ته سيد ھوش بجاءِ جوش ۾ ٿي آيو. ڇاڪاڻ ته سندس دل دماغ ۽ وجود ڪنھن به غلطي يا ھار مڃڻ جا عادي ھئا ئي ڪونه. ان ڪري سيد پنھنجي اٽل اراده تي اڏول بيٺو رھيو. ان ڪري نه ته ڪو سيد سدائين ۽ ھروڀرو سچ تي رھيو. پر فقط ھن لاءِ ته ضد سائين جي سوچ ۽ سمجھه ۾ سمائجي سندس فطرت ٿي چڪو ھو.
    جيئيم جي ھوڏ سنڌ کي ڏاڍي ڏکي پئي جو ھڪ لازمي امر ھيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ سيد ٻئي الڳ وستو نه پر ساڳي وٿ ھوا. جيئن حضرت سليمان جي زماني ۾ ديون ۽ پرين جو ساھ پکين ۾ سمايل ھوندو ھو. تيئن سنڌ جي قسمت به سيد جي نصيب ۾ شامل ھئي. جڏھن به سيد کي لوڏو ٿي آيو ته سڄي سنڌ ٿرٿلي ۾ ٿي آئي. جنھن دم کان وٺي سيد تي سور سختيون مڙھيون ويون ته ويرم کان اڄ سوڌو سنڌ جو سَنڌ سَنڌ نسوري ناحق ۽ آزار ۾ پئي رھيو آھي. سيد کي باندي ۽ نظربند ٿئي ٻاويھه سال گذريا آھن. اھا ساڳي مدت اسلام جي تواريخ ۾ فقط ھڪ امام قيد ۾ ڪاٽي. اھو ھيو امام علي نقي. کيس امام عسڪري به چوندا ھوا. ڇا لاءِ ته ٻاويھه سال ملٽري ۾ قيد ڪاٽيو ھوائين.
    سنڌ جي حاڪم ھمير سومره جڏھن ڏٺو ته راڻو مھريءَ چڙھي، ھر رات ڪاڪ ٿي پھتو مومل ماڻڻ. ته ڏاچيءَ کي گوڏن ۾ ميخون ھڻائي وڌائينس ڍڪ ۾. اسان ته ٻڌو ھيو عورتن لاءِ، ته کين عقل ٿيندو آھي کڙين ۾. پر حاڪمن کي ته شايد عقل کڙين بجاءِ چاکڙين ۾ دپازٽ ٿيل ھو. ھمير کي اھا خبر ئي نه ھئي ته ڏاچيءَ جا ھاڻ توڏا به ساماڻا ھوا. جي ڏاچيءَ ڏھ ٿي ھنيا ته توڏن تيرنھن! پوءِ ڏاجي کي ڍڪ ۾ وجھڻ ۾ فائدو؟ سائينءَ ڪو اڪيلو ٿوروئي ھو. ھاڻ ته ملڪ ئي منصور ھيو. پوءِ ڪھي ڪھندا ڪيترا؟ ان کان سواءِ سياسي مونجھاري کي جيل جي دڙڪن سان نبيرڻ ھڪ نئين انوکي ڳالھه ھئي جا افسوسناڪ ۽ شرمناڪ ھئي. جنھن حقيقت سان عقل ۽ سمجھه کان وڌيڪ ڏاڍي جي لٺ جو واسطو ھيو.
    جيئيم سيد، جيل ۾ يا نظربندي واري وقت ۾، ويٺي کان ورتڻ ڀلي ڄاڻي، قلم ھٿ ۾ کنيو. آخر ھڪ پڙھيل ڳڙھيل انسان باندي ٿيڻ بعد ڪتاب نه لکندو، ته اڳٺ ٿوروئي ويھي اڻندو. ھيل سوڌو درجن ٻه ڪتاب رھريا اٿائين. پر ڪھاڻي اڃان ختم نه ٿي آھي. ڪتاب لکڻ سائينءَ لاءِ سندس نظربندي جيان ھڪ مجبوري آھي. منھنجو ھي ايمان آھي ته سائين سنڌ جو سچو عاشق آھي ۽ بس. عشق جو نه عقل سان ڪو وھنوار آھي ۽ نه عشق شرا سان شامل آھي. سيد جي ذات، عشق ۽ بزرگي، عزت ۽ حرمت جي قابل آھن. ان ڪري سائين جي لکڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بي ادبي ۽ گستاخي ٿيندي. اسان جا سنڌي ڳوٺاڻا سادا سودا ۽ کير پياڪ ٻارن جيان معصوم آھن. ھنن لاءِ دين ايمان ھڪ تسڪين يا آٿٿ آھن. جيئن ٻار لاءِ رانديڪو يا انڌي لاءِ لٺ. پوءِ ٻارن کان کيڏاڻا ۽ انڌن کان لٺيون ڦرڻ ڌارو نه آھي ته ٻيو ڇا آھي؟ جي اوھان کانئن اھي سھارا ڦر ڪرڻ ضروري سمجھو ٿا ته گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ڏسو ته وٽن باقي بچي ڇا ٿو؟ پر سيد، اھو ته ٻڌاءِ. پاڻ ۾ ويٺا آھيون. پاڻ نمازون به برابر پڙھين ۽ عمرا به ڪرين. باقي ٻين کي ويٺو ڪھڙا ڏس ٿو ڏين؟
    سيد جي صبر کي ھر حڪومت پئي آزمايو آھي. پورا ٻاويھه سال اھا آزمائش جاري رھي آھي. جي اڃان به ڪو کيس آزمائڻ ٿو چاھي ته ھو گوءِ ۽ ھو ميدان. اسان وٽ پھاڪو آھي ته ”آزمائي کي آزمائي ڌوڙ منھن ۾ پائي.“ سيد خير سان اڃان نوجوان آھي. اٺھتر سال عمر اڃان مس ٿي اٿس. پر جي کيس سو سال ٻيا به قيد ۾ رکندا ته منجھنس ڪو فرق ڦير نه ايندو. جيئيم سيد پاڻ ته اندر ٻاھر آھي ھڪجھڙو، پر ”سيد“ جي اکر اکر کي به الٽو ڪندا تڏھن به وڃي ”ديس“ ٿيندو. پوءِ پھاڙ سان مٿو ھڻڻ ۾ فائدو؟
    ھاڻ ته زندگي جي سانجھي اچي سھڙي آھي. اچو ته سڀ گڏجي سائين کي سلام ڪريون. پنھنجي شڪرگذاري جو ثبوت ڏيون. متان سيد ڪو ڏوراپو نه ڏئي يا ائين سمجھي ته جن لاءِ سور سٺم سي نه ساٿي ٿيا نه سيڻ. ان سان گڏ دعا لاءِ به ھٿ کڻون. قبلي رو ٿي. اوڀر ڏانھن نه. متان ڪو سمجھي ته اسان چڙھندي سج جي پوڄا ٿي ڪئي. الله جي سرڪار ته آھي ڏاڍي. اسانجي اتي ھلندي پڄندي ۽ پھچ به گھٽ آھي. ان ڪري دعا گھرون ”مھابي رسول پاڪ“ جي، ته سائين کي صحت ڏئي ۽ وڏي عمر ڏئي ته جيئيم سدا رھي. آمين.


    سخي ڄام صادق

    ”سخا“ ڀائرن لاءِ پيار محبت يا ڀائپيءَ واري پريت نباھڻ جو نالو آھي. ھي غلط آھي جيئن عام طور سمجھيو ويندو آھي ته ڪنھن محتاج کي چار پئسا ڏيڻ يا مھمان کي ماني کارائڻ ڪو سخا آھي. ”دان پنڃ ۽ خيرات.“ سخاوت جا اھڃاڻ ضرور آھن پر سخانه آھن. سخي ته اھو به ماڻھو ٿي سگھي ٿو جنھن وٽ ڪنھن کي ڏيڻ لاءِ ڪجھه ھجي ئي ڪونه. سخا، انساني روح واري اڪير ۽ الفت آھي جنھن ميل ميلاپ ۾ کيس سموري انسان ذات ھڪ ڪٽنب جي ڏک ڏئي ٿي. ھونئن به سخا نه فقط ھر قسم جي بندش يا پاپندي، ذاتي مطلب ۽ مقصد کان آجي آھي، پر سندس ڪنھن بني بشر جي ڪنھن رنگ روپ، ذات پات ۽ دين ڌرم سان لڳ لاڳاپو آھي ئي ڪونه. سخا جو مول مقصد آھي ماڻھوءَ جي اھنج ايذاءُ ۽ محتاجي کي دفع ڪرڻ ۽ انساني خوشيءَ ۾ اضافه ڪرڻ. خدا جي جھان ۾ سخي سھسين، پرمون پنھنجي سانڀر ۾ ھڪڙو ڏٺو. اھو به ننڍپڻ ۾. ڀائي ڀڳت ڪنور. جنھن وٽ پنھنجي روڪڙ ته ٽڪو به ڪانه ھئي، البت ناڻو سندس ڪڍ گھمندو رھندو ھو. جڏھن سندس ھٿ ايندو ھيو ته انکي ونڊي ورھائي وري سکڻين ھٿين واپس ورندو ھيو. جي سائل وڏي رقم لاءِ وات وڌس ته پوءِ ڀڳت ھلندي جھولي جھليندو ۽ پني به سندس پورت ڪندو. وڏي ڳالھه ته دان جو ڌن انھن ھٿان ئي ڏياريندو ھيو جئن ڏيندڙ به ڏيڻ جي خوشي ۾ شامل ٿئي، جا وٺندڙ کي وٺڻ ۾حاصل ٿيندي ھئي. باقي پاڻکي مليل موڙي ورھائيندي ھي ھوڪو ڏيندو ھيو ته ”ڀائي ڀڳوان ڏياريا آھن اوھان لاءِ، وٺو پنھنجي پونجي ته آءُ واچ وارو پرائي امانت کان آجو ٿيان.“ سندس وجود سراپا سخا ڏٺم. وٽس راڳ جي وسيلي دولت جام ھئي. اھا سنگيت جي سخا ڪندي به خوشي ۾ نچندو رھندو. ھي پھريون واڻيوڏٺم جنھن وٽ نه ليکو ھيو نه وچوڙ واري واڻڪي وھي ۽ نه جنھن جي انگرکي کي ڪو کيسو ئي ھيو. واھ واڻيا تنھنجو وڻج واپار! جنت جا سوداگر ”ڏھ دنيا ستر آخرت“ واري ليکي ۾ ئي محو رھيا. مھتو پڇاڙيءَ ۾ پنھنجو خالي مٿو به ڪٽائي بوڇڻ ڇنڊي رمندو رھيو. لھڻي وارا ويٺا رھيا، ساعٿ وارو گوءِ کٽي ھليو ويو. سبحان الله!
    ڪنور کان پوءِ ڪيئي سال ڪنھن سخيءَ جي ڏسڻ لاءِ دل سڪندي ۽ سُرڪندي رھي. نه سوالي ھيم ۽ نه سئن ھڻڻ جو ارادو ھيم. البت ٻڌو ھيم ته جي الله جو اولڙو پسڻو اٿيئي ته ڪنھن سخيءَ اوڏڙو ٿي ڏس. ڇو ته سخا ۾ الله جون اڪثر وصفون سمايل ھيون. سڌڙيا سخي ته سوين ھئا ته ڪي ھٿ جا ڇوٽ. ڪي ڇورن جو ڇپر ھئا ۽ ڪي بيڪسن جا ڀرجھلو. ڪي وري مانيءَ جا ملھه ھئا ته ڪن فقط مئن جي نيت خيرات تي ڪئي. سخا سان ماپن ۽ ڪسوٽين جو واسطو ڪھڙو؟ انڌي منڊي جي مدد لاءِ ھر ھڪ ٿي ھٿ ڊگھيريو پر ڏنڊي مشٽنڊي تي مون ڪنھن کي ڪھل کائيندي نه ڏٺو. لچ ۽ اشراف ۾ اخلاقي سنڌو ته برابر ھيو. پر جيئڻ جو حق ته ھر ھڪ کي ھڪجھڙو حاصل ھيو. سخاوت لاءِ ڪنھن جو ھروڀرو لولو لنگڙو ھئڻ ڪو شرط ٿورو ئي ھيو؟ اکيون ٻوٽي سخا ڪندي مون ڪنور کان پوءِ ڪنھن کي ڏٺو ته اھو ھيو، ھڪ سنڌ جو وڏيرو. ڄام صادق علي. ھيو به عيبدار ۽ گنگھار. تو ۽ مون جھڙو. پر تفاوت رڳو اھو ته اسين طالبو ۽ گھرجائو ۽ ھو سخي. جو زمين آسمان جي وڇوٽيءَ کان به وڏو فرق ھيو.
    الله واري سخا ته آھي بي مثال ۽ لازوال. اڻ کٽ ۽ بي انت. ھو اڪيلو انداتا آھي جو بنان پڇڻ جي ڏئي ۽ جي کائونس نه گھر ته ڏمرجي. وري مزو اھو جو ڏمرجي تڏھن به ڏئي. ان ڪري ماڻھن جي پرچاءُ کان ته الله جي ڏمر ڀلي. ڪنور ته ويچارو ھيو منڱتو فقير. سندس سخا ھئي جھولي جھلي پنڻ ۽ جو ڪجھه وٽس ھيو سو سر سوڌو ڏيڻ تائين. پر ڄام جي سخا به سڀ اصولي ليڪا لنگھيل ھئي. نه فقط اھو ڪجھه قربان ڪندو جو پاڻ وٽ ھيس پر جنھن جي گريبان تي ھٿ ڦٻيس ته اھي به کيسا خالي ڪري ٻين جي گھرج پوري ڪندو. پنھنجي زمين ته ھيس ٻارھوئي گروي. پنجن سالن جو فصل اڳواٽ وڪاڻل. پڇاڙيءَ بئنڪن جا کنڌا کڻي به ٻين جي کوٽ ڀريندو. پر ڪنھن کي نراس ڪري نه موٽائيندو. جڏھن وزير ٿئي وس وارو ٿيو ته پوءِ آئي وئي لاءِ ونَسوَ ٿيندي رھي. ھر غريب غربي کان ويندي چورن ڦورن ۽ وڏيرن تائين سڀ لاءِ ديڳ چڙھيل ھئي. پلاٽن جي بارش ٿيندي رھي. جنھن چيو قرض لاھڻو ھيو ته ان کي چار سؤ گز. جنھن کي نياڻي اٿارڻي ھئي ته ھڪ ھزار وال. جنھن فرياد ڪئي ته رن زال آھيان ته پوءِ ٻه ھزار گز زمين الاٽ. پنھنجي ان دور ۾ حالت اھا ھيس جو مون ڪيئي ڀيرا مارڪي کي انھي اوسيئڙيءَ ۾ ڏٺو ته ڪو يار اچي ته چار پئسا اڌارا وٺي رات جي ماني ٻاھران گھرائي کائي!
    ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته ڄام جي عام جام ۽ انڌاڌند سخا ۾ ڪيئي لوڀي ۽ لالچي به لکاپتي ٿئي ويا. ڪن ڪالونيون وڪڻي ڪروڙ ڪمايا، پرڪي اھڙا به ھزارين مسڪين ھئا جي اڻاٺ ۽ اڻھوند کان آجا ٿيا. سنڌ جي شھرن ۾ جايون راتو رات ائين اڀرڻ ۽ اسرڻ لڳيون ڄڻ شاھجھاني اڏاوت وارو دور وري واپس آيل ھيو. وقت جي حاڪم شڪايت ڪيس ته ”ڄام سرڪاري زمين ڀُڳڙن مٺ تي پيو ورھائين؟“ چي ڇا جي سرڪاري زمين؟ زمين الله جي ! اصل الاٽ ٿيل آھي آدم ۽ سندس اولاد لاءِ، ھر انسان کي ڌرتيءَ تي مٿو لڪائڻ لاءِ اجھو ته گھرجي. سرڪار جو وس پڄي ته جيڪر سج چنڊ جي روشنيءَ تي به ڍل وجھي اوڳڙ ڪري. مون نه پنھنجي لاءِ ڪو گھر ٺاھيو ۽ نه ڪو پنھنجن جا ٿو ڀڀ ڀريان. شھر وڌندا ۽ وسندا ۽ ماڻھو آباد ٿيندا.“ ۽ ٿيو به ائين. صوبي جا سڀئي شھر سندس دور ۾ وڌيا. ڪراچيءَ کي ته چار چنڊ لڳي ويا. ھئي ته اصلي مھاڻن ڄائي. نپائي واڻين، سامائي پارسين ۽ انگريزن جي اوٽ ۾. واڻين وئي ڏتڙجي مھاجرن پناري پيئي، پوءِ به سرڪار نه سنواري. اھا ته لڏي وڃي اسلام آباد سکي ٿي. ڀلو ٿئي سمگلرن جو جن کيس ڏاج ڏيوڻ ڏيئي سندس مٿي تي ھٿ رکيو. پر کيس سچي سونھن بخشي سخي ڄام صادق عليءَ! جنھن صدقي ھاڻ گھونگھٽ کولي پيئي مور جيان ٽلي. ھي برابر آھي ته ڄام ڪو پنھنجي ھڙان سخا نه ڪئي. پر ماڻھو ته پرائي خرچ تي وڌيڪ بخيل ٿيندا آھن. ھاڻ ته ڪو ڪنھن کي نوازي؟ ڪنھن جا ھٿ ڪنھن ڪپيا ته نه آھن. ڏئي ته برابر ڏاتار ٿو. پر الاجي ڇو، ڀيلو منھن ھوندو آھي ڀنڊاريءَ جو!
    سخا سنڌ جي ڄامن جو مرڪ آھي، پر صادق علي کي سخا ورثي ۾ آئي. ڄام مٺا خان سندس چاچو، تنھنجي سخا سنڌ جي لوڪ ادب ۾ حاتم واري حيثيث رکندڙ آھي. سنڌ جي واحد وڏو وزير ھيو جو خرزينون ناڻي جون گھوڙي تي ڌري گھر کان ٻاھر نڪرندو ھيو. ڪڏھن ته ائين به ٿيو جو گھوڙي سنجن سوڌي سائل کي ڏيئي پاڻ پيرين پنڌ وٿاڻ تي پھچندو ھيو. چون ٿا ته ڪو سوالي وٽائنس خالي نه ويو. کيس ڄاڻ سڃاڻ ھوندي ھئي ته ڪيترا سکر ماڻھو لاچاريءَ جو بھانو بڻائي وٽس اچي ھٿ ٽنگيندا ھئا، پر مٺي ڄام ڪڏھن منھن ڪوڙو نه ڪيو ۽ نه ڪنھن کي سکڻين ھٿين واپس موٽايائين. ڄام مٺا خان کان پوءِ وري ڄام ڪانڀو خان، ڄام صادق عليءَ جو پيءُ، پنھنجي وقت جو ناميارو ۽ نواب سخي ھيو، سندس خير خيرات وارو طريقو ئي نرالو ھيو. ماڻھو کانئس خيرات وٺڻ اھري يقين سان ويندا ھئا ڄڻ پنھنجي اوڌر اوڳاڙڻ ٿا وڃن. سندس پٽ کي به اھوئي چوڻ ھيو ته ”جي آس رکين ته الله توکان حساب نه وٺي ته تون پاڻ به ڪنھن سان ليکو نه ڪر، جي ڪنھن کي ڏين ته وڏي دل ڪري ڏي نه ته بس ڀلي. ياد رک ڏنو ٻنو آھي. ڏيڻ کان پوءِ ڏنو وسار. نه ته ڏنو ڪنو ٿيندءِ.“ جيسين جيئرو ھيو صادق عليءَ تي اڳا ڊيوٽي رکيل ھئي ته جي ماڻھو ڳوٺ ۾ اوطاق تي اچن ته انھن جي گھوڙن جون واڳون وٺي سندن آدرڀاءُ ڪري، مھمانن جا ھٿ ڌوئاري، ۽ وڃڻ وقت ساڻن گڏجي ٻاھر وڃي خدا حافظ ڪري. ھڪ دفعو پڇيومانس ته آجيان ڪرڻ يا الوداع ڪرڻ لاءِ پيرين اگھاڙي ڇا لاءِ ٿو وڃين؟ چي ”ڪانڀو خان جو پٽ آھيان. بابي مرحوم کي به ماڻھن جي آءُ ڀڳت ڪرڻ لاءِ جتي ھٿ نه ايندي ھئي.“
    ڀاڳ به عجيب چيز آھي. جنھن کي لڳي ته اڏي ڇڏي، پر شل نه ڦٽي. پوءِ اڳيون نور به چٽ. وري جي موٽ ٿو کائي ته اھو به چوٽ تي چڙھي پوءِ. چوٽيءَ تي به ٽڪاءُ اصل ڪونه اچيس. ڇو ته وقت وانگر بخت کي به ھڪ جاءِ تي بيھڪ آھي ئي ڪانه. ھڪ مشھور انگريز ليکڪ آسڪر وائلڊ، جنھن کي به ڀاڳ سندرو ٻڌي مٿي عرش تي چاڙھي گھمائي وري آڻي فرش تي ڦھڪايو ھيو، تنھن جو چوڻ آھي ته ” جڏھن ڏسو ته توھان جون مڙوئي دعائون اگھايون ويون آھن ته پڪ ڄاڻو ته اوھان جي سزا پڻ شروع ٿي چڪي آھي.“ ڄام جي به من جون سڀ مرادون اچي پوريون ٿيون ھيون. ڄام ته ڄمندي ئي ڄام ھيو. مال متاع جي ڪمي ڪانه ھيس. دل گھري ديوي ۽ آل اولاد به عطا ٿيل ھيس. سنگت ساٿ ۾ به سرخرو ھيو. وڏيري مون وزير بڻجي ھاڻ سرڪار به سڏيو ٿي ويو. سونھري موقعو ڏسي قسمت ڪلٽي کائڻ لاءِ ڪر موڙيا!
    پھرين ئي لوڏي ڄام کي جھوري وڌو. سندس جاني ۽ جگري دوست علي بخش جوڻيجو خون ٿي ويو. قتل جو ڪارڻ ته تلاش ڪرڻ آھي ئي بي سود ۽ بي معنى. ڪنھن به ماڻھو جي مارائڻ لاءِ به ڪو دليل ٿيندو آھي ڇا؟ موت جو معاملو ته آھي تقدير جي ذمي، جو خفوءَ ھو اڳي پوءِ يا واري وٽيءَ تي ھر حالت ۾ پاڻھرتو نباھيندي رھندي آھي. ڀارت جي بلبل، لتا منگيشڪر کان ڪنھن سوال پڇيو ته تو اڃان شاديءَ جو فيصلو نه ڪيو آھي سو ڇو؟ ته کلي ڏنائين. چي، ”مورک! جيون ، سنجوڳ داڻو پاڻي ۽ موت جا فيصلا آڪاش تي ٿيندا آھن ۽ وري بجا آوري ٿيندي آھي ڌرتي تي.“ پنھنجي پياري دوست جي قتل عام ڄام جون وايون بند ڪري ڇڏيون. ھوش عقل وڃائي پنھنجي پاڻي ۾ نه رھيو. کيس اھا سمڪ نه رھي ته ھو ڇا ڪري رھيو ھيو ۽ ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. لاھي پاھي انڌ جي گھوڙي تي چڙھي بيٺو ۽ گھاٽي وارن ڪمن ۾ ڪاھي پيو. جو پڇتاءَ جان جيئندو سندس پچر نه ڇڏيندو.
    ڏاھن جو چوڻ آھي ته ھيءَ دنيا ھڪ دائمي ناٽڪ آھي جنھن ۾ اسين سڀ ائڪٽر آھيون ۽ ويس ڌاري پنھنجو پارٽ پيا ادا ڪريون. ھي جھان کيل تماشو برابر ھوندو، پر انسان جي ائڪٽر ھئڻ ۽ کيل ۾ سندس ڀرڀور بھرو وٺڻ بنسبت البت مونکي شڪ آھي. مونکي پنھنجو تجربو ھي ٿو سيکاري ته ھي سنسار ھڪ پتلين وارو تماشو آھي جنھن ۾ انسان بي جان پتلين سمان آھن.پتلين جي حرڪت وارا سڳا ڌاڳا وري ڪنھن ڌرتيءَ جي بازيگر وٽ نه پر آسماني ڪاريگر ھٿ وس آھن، جو پيو جڳ جو چرخو ھلائي. حقيقت جي حال واري پوري خبرچار نه ھوندي اسين ائين پيا سمجھون، ته مالڪ پاڻ پتلين کي نچائي، پيو پنھنجي دل وندرائي. اسين ”ڄڄ پرائي احمق نچي.“ وانگر پنھنجي وڄت ۽ جھمر تي خواه مخواه ڪڏھن خوش ڪڏھن خفي پيا ٿيون. اھا سوچ به نه اٿئون ته جو ڪجھه ڪري رھيا آھيون ان ۾ اسانجيءَ مرضي کي ڪو وزن يا دخل به آھي يا نه. پوءِ ڪڏھن خوشي ۾ کڳيون ٿا ھڻون ته اسان ڪھڙي نه کيپ کٽي. ڪڏھن وري ويٺا ته ھٿ ھڻون، ته اوھو! خطا ٿي ويئي، ڪھڙو نه ڪڌو ڪم ڪيوسين. انساني عمل، قسمت جو ليکو يا لوه محفوظ ساڳي شيءِ آھن يا الڳ؟ اھا خبر الله کي. پر آخرين نتيجن ۾ انسان ھن فيصلي تي پھچي ٿو ته ”آخر ائين ٿيڻو ھيو!“ منھنجي خيال ۾ ھڪ ماڻھوءَ کي ٻي ماڻھوءَ جي زندگي يا موت تي اختيار آھي ئي ڪونه. ڄام صاحب به تقدير جو ھٿيو ته بڻجي سگھيو ٿي پر خود ڪنھن جي تقدير ھئڻ؟ ھرگز نه.
    چوندا آھن ته بدبختي اڪيلي سر ڪڏھن نه ڪنھن وٽ آئي. جي ايندي ته سڄي ٽٻر ساڻ اچي سھڙندي. اڃان پنھنجي محبوب ۽ مربي دوست جو لرزو ۽ لحظو سھسائي مس ساھي پٽي ھئائين ته سندس امڙ لاڏاڻي لاءِ سانباھا ڪيا. ڄام دعا ۽ دوا وارن حيلن وسيلن ۾ وسان نه گھٽايو. پر الاھي امر اڻ ٽر ٿي ڏٺو. نه فقط ماءُ سان والھانه محبت ھيس، پر ھي ايمان ۽ عقيدو ھيس ته سندس ڀاڳ بخت سڀ ماءُ جي سر تائين سلامت ھيو. پاڻ فخر سان چوندو ھيو ته ”امڙ جي دعائن جي مٿان چوکنڊي اڏيل اٿم جنھن ڍال تي ھر آنڌي ۽ ڳڙي کان پناه ٿي ڏني.“جڏھن امڙ پاسو کوڙيو ته ڄام بيحال ٿي ڍرڪي پيو. روڃ راڙي گڏ نشي جو سھارو ورتائين ته من جي مونجھه شايد ميسارجي وڃي. شايد اھا ڄاڻ نه ھيس ته نشي واپرائڻ سان غم گھٽ نه پر اڃان وڌيڪ ٿيندو آھي. اڳتي ھلي اڌرنگي جي لپيٽ ۾ به آيو. پر ڪو ڏنو ٻنو ٿيس. مس مس ڪري پيڙا کان پار ٿي اٿي کڙو ٿيو.
    دلي دوست جو قتل ۽ امڙ جو لاڏاڻو، اھي اھڙا سخت صدما ھوا جن سبب سڄين لنڱين سالم رھڻ جيڪڏھن ناممڪن نه تڏھن به مشڪل ضرور ھيو. ڄام ويڳاڻو ۽ اٻاڻڪو ٿي پيو. ڀانڀي ويو ته سندس قسمت جو رخ ڀاڳ جي ابتڙ ھيو. ھونئن به اوج ۽ عروج واري ڏاڪڻ ڏاڍي ترڪڻي ايندي آھي، سڻڀي جو آھي. ڪو مھمير سنڌ جو گھڻي دير تائين پير ڄمائي بيھي سگھي. ڄام پاڻ به ھاڻ پيرن بجاءِ پٻن تي بيٺو ھيو. ٻن ڌوڏن ئي کيس لوڙي ڇڏيو ھيو. ويتر ان حڪومت جي به جڙ اکڙندي ڏٺائين جنھن جو پاڻ به چوٿون پائو ھيو. کيس ڀليءَ ڀت پروڙ ھئي ته ھر حڪومت جو ٻاھريون تھه فولاد جو ھوندو آھي. پر اندرين اڏاوت عاج جي. جنھن ڪري سندس جٽاءُ بي ڀروسي ٿيندو آھي. ٿوري لوڏي اچڻ تي ائين پرزا پرزا ٿي پوندي آھي، ڄڻ چينيءَ جي ٿانون وارو ڊيش ھٿ کان کسڪي ھيٺ ڪريو. ڄاڻي ويو ته ڪاري ڏاند جا مالڪ اجھو آيا ڪي آيا. جنھن سان روح جو پرچو ھيس اھو الوداع ڪري چڪو ھيو. امڙ وئي دعا جا در ھئا اڳي ئي ٻيڪڙيل. ھاڻ سندس لاءِ ھتي ڪھڙي اڀل ھئي؟ ڇو نه ڪي ٻيا وڻ وسائجن. اھو سوچي اڏامڻ لاءِ پر سھڙيائين. ڪو ڀڳو ٿوروئي ٿي ويو. چنڱ چنڱيرا کيس ھوائي اڏي تي خدا حافظ ڪرڻ آيا. ھتي سندس زندگيءَ جو ھڪ باب پورو ۽ ٻيو موڙ شروع ٿيو.
    منھنجي ڄام صاحب سان پھرين ملاقات اڄ کان ٽيويھه سال اڳ لاھور ۾ ٿي. جڏھن پاڻ فقط وڏيرڪو ٻار ھيو ۽ اڃان مڇن جي سانول مس نسري ھئس. مونکي منجھنس ڪا خاص لياقت ڏسڻ ۾ ڪونه آئي ھئي، سواءِ ان جي ته ڪوڙ سھڻو ۽ ايمانداري سان ٿي ڳالھايائين. ڏھاڪو سال پوءِ کيس بلڪل نرالي رنگ ۾ ڏٺم. بت ۾ سگھارو. موڪري منھن تي چاپئين ڏاڙھي. رحمدل اکيون ۽ سلوڻي زبان، پر بي لغام. دماغ به بلا جو ھيس. پر سوچ جو انداز جڳ کان الٽو. چٻي چٿي ڳالھائڻ بجاءِ ڦاٽوڙي دھل جيان ٿي وڳو ۽ ھر ھڪ کي منھن تي ڦھڪائي ٿي ڏنائين. ذھن ۽ ظرف به تيز تر پر واچوڙي جيان نه منزل نه مقصد. گنڀير گھٽ ۽ تتي تاءِ نتيجي تي پھچڻ لاءِ آتو ٿي ڏٺو. مونکي ته ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ سندس وجود ۾ ھڪ کان وڌيڪ شخصيتون سمايل ھيون جي ھڪ ٻئي جي ضد ۾ ۽ تڪراري ٿي ڏٺيون. ڪنھن زماني ۾ حيدرآباد جي بازار حسن ۾ ٻه ڳائڻيون مشھور ھيون جي پاڻ ۾ سڳيون ڀينر پڻ ھيون. ٻنھي جو ناچ گانو، قد ڪاٺ ۽ ناز نخرو سندن نالن جيان ھڪٻئي جو ابتڙ ھيو. ھڪ ھئي نوابي ۽ ٻي گولي. ڄام صاحب جي مزاج ۾ ٻيئي رخ تارازيءَ جي پُڙن جيان ساڳئي وقت پسبا ھئا. ھو لاپرواھي ۽ سخا ۾ نوابن جو نواب ھيو. نوڙت نياز ۽ نھٺائيءَ ۾ گولن جو گولو!
    شروعاتي دور ۾ ھر وڏيري جي معراج جيان کيس سرڪاري عملدارن جي ٽھل ٽڪور ۾ مشغول ڏٺم. پر پوءِ ھي ڄاڻي حيران ٿي ويس ته انھن جي پرگھور ٿي لڌائين جي سروس کان موقوف ٿيل ھئا يا جن جي نوڪري خطره ۾ ھئي. عجب اھو جو سالن جا سال ڪيترن ڪامورن کي سندس ”روٽي ڪپڙي ۽ مڪان“ جي سھاري تڳندو ڏٺم. جڏھن 1982ع ڌاري سرڪاري نوڪرن ۾ ٽاڪوڙو وڌو ويو ته ڄام اڪيلو انسان ھيو جو پارٽي جو ذميوار رڪن ھوندي به لڪي ڇپي انھن جي ھڙان ۽ وڙان مدد ڪندو رھيو جو راتو رات روزگار کان نره ڪيا ويا ھئا. ٻه ٽي درجن ماڻھن کي ته آءُ شخصي طور سڃاڻان جن کي پلاٽ ڏيڻ سان گڏ ٻي پٽ سٽ ڪري سندن مالي مشڪل ڪشائي ڪيائين. جيتوڻيڪ انھي زمانه ۾ منھنجي ساڻس فقط رسمي ڏيٺ ويٺ ھئي تڏھن به عيد رات جي انڌيري ۾، پاڻ پنھنجي گھر واريءَ سوڌو منھنجي گھر اچي ھمدردي ڪيائين. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ھڪ آفيسر ھٿ، جو اڄڪلھه وڏي عھدي تي سرفراز آھي، مونکي دڪانن ۽ جاين جي الاٽمينٽ موڪلي ڏنائين جن جي پڳڙي ان وقت جي اگھه تي ساڍا ٽي لک رپيا ھئي. منھنجي مجبوري ھئي جو مون در آيل لڪشمي موٽائي ڇڏي. پر ڄام جي احسان جو ٺپو منھنجي پٺي تي برابر لڳي چڪو. ھي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ھيو جو ماءُ پيءُ ۽ استاد کان پوءِ ڪنھن مون تي اھڙو ٿورو ڪيو ھو. الله پاڪ کيس بھرا ڏئي. جي منھنجو اڇو ۽ ڏڪندڙ مٿو ڪڏھن به سندس پيرن جي پڻي ٿي ڪتب اچي ته آءُ جيڪر پاڻ کي ڀاڳ وارو ڀانيان!
    جتي لڏي وڃي آڏاڻو اڏايو اٿس. اتي به ٻڌو اٿم ته اوطاق کوليو ويٺو آھي. ٻارھوئي لنگر پيو ھليس. لنڊن جھڙي مھانگي ملڪ ۾ جتي قيمتون پيون آسمان سان ڳالھيون ڪن، جتي چانھه پيارڻ تتو سيڻ سڄڻ پاڻ ۾ ڀت برادري ڀنڃيو ڇڏين. اتي ست ڌارين کي سڏي ست رڇيون کارائڻ ڪو چرچو ته نه آھي. اھو ڏينھن ڪو چنڊو ھوندو جو وٽس پنج ست مھمان ٽڪيل نه آھن. ماني ٻوڙ ته الله ٿو ڏئي پر پرديسن ۾ ڄامن واري مھمان نوازي بدستور جاري رکڻ تمام وڏي ڳالھه آ. وري پن سن جا پائونڊ کنيو ھڪ ھڪ اڳيان آڇ ڪري ته ادا پرائي ملڪ ۾ آيا آھيو اوھان کي ضرورت ھوندي. ھاڻي وٺو ھيءُ، صبح سوايو ڏيانو. سندس ڪلھا گٺل آھن. ويٺو ٿو ڳن ڏئي. اھا خبر اٿم ته نه ھتان ڪا ڪاري پاڻي کڻي ويو ھيو ۽ نه وري اتي ڪو ڪارخانا ٿا ھلنس. اتي نوڪري ضرور ٿو ڪري پر ايتري پگھار دنيا جي ڪنھن کاتي ۾ آھي ئي ڪونه جو ڄام جي خرچ ۽ خيرات جي پورت ٿئي. پوءِ الاجي سون ٿو ٺاھي. ڌاڙا ھڻي ھمياڻيون ٿو ھٿ ڪري. يا وري تڏي ھيٺان ٿو روزو رکي. اھا خبر خدا کي.
    ڄام صادق ذاتي طور ھڪ سدا بھار ۽ شاھاڻي شخصيت جو مالڪ آھي. گھٽ ۾ گھٽ مونکي سندس جھڙو ھٿ جو سخي درياه دل ۽ سرويچ ساٿي سنڌ ۾ ٻيو ڪونه سجھي. خاص ڪري ماڻھپي جي ھن ڏيواله واري دور ۾؛ جڏھن ويا مور مري ۽ ھنج نه رھيو ھيڪڙو. ساڻس پلڪه پھر ڪچھري ڪرڻ آھي، ھڪ غمٽار وندر ۽ ورونھه. مھمان نوازيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ. دل جا دروازا ھميشه ھر ھڪ لاءِ کليل. طبع جا ڪجھه رخ انوکا ۽ عجيب. ھڪ ته پئسي کي ھٿ نه لائيندو ۽ نه جان ساڻ رکندو. ناڻو سدائين نوڪرن حوالي. ٻيو شڪار به عمر ڀر نه ڪيائين، نه وري وڏيرن جيان عملدارن يا حاڪمن کي ڀلجي به شڪار ڪرايائين. ٽيون دھماني ۽ ڪوڙو ھوندي به مون جھڙس ڪو صاف گو ۽ ڦاٽوڙو دھل ڪونه ڏٺو. ھڪ عجيب ۽ انوکي شخيصت. ھي اوھان جي وس ۾ نه آھي ته کيس پسندڪريو يا ناپسند، پر کيس نظرانداز ڪرڻ؟ ناممڪن. جي کيس ڄاڻن سڃاڻن انھن لاءِ کوٽو يا کرو ڳالھه ساڳي. پر جي سندس ساک جو صحيح ڪاٿو ڪرڻو آھي ته پوءِ اھا پڇا غريبن، مسڪينن، ۽ محتاجن کان ڪريو ته بھتر.
    ڄام کي پرديس وئي پنج سال ٿيا آھن. ٻڌو اٿم ته وطن لاءِ اٻاڻڪو آھي. اداس ڪيئن نه ھوندو. آخر به ته ڪونج قطارن کان وڇڙي آھي. ھونئن به ملڪ جي ميري مٽيءَ جو ڪڪرالي ريت ۽ بجريءَ سان ڪھڙو واسطو؟ ڪجھه ڏينھن ٿيا ته سندس اوچتو ٽيليفون جوسڏ اچي سھڙيو. پڇيومانس ته منھنجي لائق ڪا ڪار خدمت؟ دل ڀرجي آيس. سندس آواز امالڪ گھگھو ٿي ويو. چيائين ته ھائو. ”ڄام ڳوٺ وڃ. منھنجي اباڻي مقام پھچي منھنجي امڙ جي بٺيءَپيرانديءَ بيھي فاتح پڙھ. امڙ سان منھنجو احوال به اور ۽ دعا لاءِ به ٻاڏاءِ.“


      سڪندر ثاني

    خون خرابي جو دستور سڀ کان اول حضرت آدم جي پھريٽي پٽ ھابيل قائم ڪيو. ھن پنھنجي ڀاءُ قابيل جو خون وھائي انساني خونريزيءَ جي الله توھار ڪئي. پوءِ رتوڇاڻ جي خوني ريت شروع ٿي. ھيءَ روائت اڄ ڏينھن سوڌو برابر ھلندي اچي. ڏسجي ائين پيو ته ڄڻ قتل غارت به انسان جو ھڪ ثقافتي ورثو ۽ ورونھه آھي. جنھن وسيلي ھو وقت بوقت پنھنجي دل وندرائيندو رھي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن عام رواجي چارڻ به ڪڏھن ڪو سريلو ساز وڄائڻ سکيو آھي، ته پھرين فرصت ۾ سرندو ساڻ ڪري سر سوالي ٿي، وڃي ڪنھن نه ڪنھن ڏياچ جو ڪنڌ ضرور ڪپيو اٿائين، عزرائيل ته اچي ٿو لڪ ڇپ ۽ سانگي سان. جي وار به ڪندو ته بيماريءَ بھاني، يا ڪنھن حادثي جي اوٽ ۾. پر حضرت انسان کي ته ھٿ ۾ ڪٽاري ۽ ڪلھي تي دونالي دمبوق آھي ئي آھي. ڪوس ڪرڻ کان اڳ ڪنھن به قاتل، ڪڏھن ھي نه سوچيو ته جنھن کي ھو ماري رھيو ھو، اھو ته ھونئن به اوس ھڪ نه ھڪ ڏينھن مرڻو ھيو. پر پاڻ کي به ته آخر ھي جھان ڇڏڻو ھيس!
    ڏٺو وڃي ته حضرت انسان جي ھر دور جي تواريخ، رت ۾ رنڱيل ھڪ خواني داستان آھي. تواريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ باب آھي ”انسانن جو ناحق خون“. يا جنھن فعل کي تسڪين خاطر ”شھادت“ سڏيو وڃي ٿو. ھونئن ته انساني قتل ڪنھن نه ڪنھن قانون، رواج يا مصلحت جي آڙ ۾ ڪيو ٿو وڃي. جيئن ڪو ٻڪرو قربانيءَ جي نالي ۾ ڪٺو وڃي. پر بي گناه خون ھڪ اھڙو انساني عمل آھي جنھن لاءِ ڪو عقلي اخلاقي يا مذھبي دليل آھي ئي ڪونه، سواءِ ھن سبب جي، تي بني آدم اھو ساڳيو ئي ٻه پيرو حيوان آھي، جھڙو خالق کيس ازل کان خلقيو ھيو. ھن ٻه پيري جانور، انسان ھئڻ جي دعوى ته ضرور ٿي ڪئي، پر منجھنس انسانيت دز برابر به ڪانه ھئي.
    قديم زماني کان وٺي ھيل تائين جن انسانن کي بي ڏوھ ۽ بي قصور موت جي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙھيو ويو آھي انھن جو شمار ڳاڻاٽي کان ٻاھر آھي. پر انسان جي سموري تواريخ ۾ جي به خوني واقعا قلمبند ٿيل آھن، تن سڀني ۾، ان معصوم جي قسمت کان وڌيڪ افسوسناڪ مثال ملڻ مشڪل آھي، جنھن ٻار جي عمر تيرنھن ورھيه ھئي ۽ جنھن ٻار جي جوان ٿيڻ لاءِ سموري دنيا جا ماڻھو منتظر ھئا. ھن نينگر ۾ روءِ زمين جي ماڻھن جو اميدون ھيون. ھن جي سار سنڀال ۽ پرگھور لھڻ لاءِ پيءُ ھيو ئي ڪونه. ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ تڏھن ئي فوت ٿي چڪو ھيو جڏھن ھي معصوم اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ ھو. اڃان ٻنڌڻن ۾ ھيو ته سندس رولڙي جي زندگي شروع ٿي. ھڪ جنگي ڪئمپ کان پوءِ ٻي ڇانوڻي جي رخ ۾، ھڪ علائقي کان ٻئي پرڳڻي ڏانھن، لڳاتار ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ گھلبو رھيو. عالمگير حڪومتن جون عقابي اکيون ھن معصوم جي تاڙ ۾ رھيون. ھر ھاڪارو حاڪم کيس حاصل ڪرڻ ۽ سندس ورثه جي ڦٻائڻ لاءِ جدوجھد ۾ رھيو. سموري مشرقي دنيا جي تخت جو حقي والي وارث ھوندي به ھي پھريون نطربند ۽ پوءِ قيد ۾ باندي ٿي رھيو. جڏھن ھن ابھم جي انت آڻڻ لاءِ ترار اڀي ٿي ته اھا به خبر خير ڪي ھيس ته کيس ڪٺو ڇا لاءِ ٿي ويو. اھواڀاڳو ٻار ھيو دنيا جي عظيم فاتح ۽ روءِ زمين جي والي، سڪندر اعظم جو پٽ ۽ وليعھد ”سڪندر ثاني“.
    سڪندر اعظم سن 323 قبل مسيح، مان جون جي آخري ڏينھن سانجھيءَ ٽاڻي، بابل شھر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرڻ وقت سندس عمر ٻٽيھه سال اٺ مھينا ھئي. ويھن سالن جي عمر ۾ تخت ماڻيو ھئائين. حڪومت ڪئي ٻارھن سال اٺ مھينا ٿيا ھيس. ڦوه جواني جو موت. اھو به اوچتو. مضبوط دليون به ٿرٿلي ۾ اچي ويون. جوش ۽ جولان واري اٿاه زندگي، جنھن جي اجھامڻ لاءِ ڪي آثار ھئا ھي ڪين. ڪنھن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته اھڙي ھستيءَ جي حياتي به ڪا بي ڀروسي ٿي سگھي ٿي. آخر ڪو رواجي ماڻھو ته نه ھيو. جھڙس عظيم فاتح دنيا اڄ ڏينھن تائين پيدا نه ڪري سگھي آھي. ھڪ غيرمعمولي انسان ۽ جنگي جوڌو. ۽ روءِ زمين جو حاڪم! سندس مئي اھڙي مايوسي ڦھلي ڄڻ سموري دنيا ڇوري ڇني ٿي چڪي ھئي. جڏھن آخري ھڏڪي ڏئي جسم بي جان ٿيو ته سندس ڀاتي ۽ ساٿي موت جي ھئبت ۾ اچي کيس ڇڏي ھليا ويا. سڪندر جو لاش اڪيلو سرد ٿيندو رھيو. سندس عزيزن ۽ رفيقن کي ھي سمجھه ۾ نه ٿي آيو ته ھاڻ ڪيو ڇا وڃي؟ شاھي ڪئمپ جي اڱڻ ۾ البت ڪي ماڻھو ھيڏانھن ھوڏانھن تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي ڏٺا ويا. ڪي ته فقط ھراس ۾ ڊوڙندا ٿي رھيا. شايد ان سوچ ۽ پريشانيءَ ۾ ته سڀاڻي الاجي ڇا ٿيڻو ھو؟ ڪي ھيڪڙ ٻيڪڙ روڄ راڙي جا به آلاب ٻڌڻ ۾ آيا. ماتم سڪندر لاءِ نه ھيو. جي سندس لاءِ ھجي ھا ته ھوند سندس لاش چوگرد چوٻولو ھجي ھا. پر ھتي ته ھر ڪو پنھنجا پٽڻا پٽي رھيو ھيو ته ھاڻ سندس پنھنجو حشر ڪھڙو ٿيڻو ھو!
    سڪندر اعظم جي موت ايشيائي ماڻھن کي سخت صدمو رسايو. ڇاڪاڻ ته سڪندر اعظم سندن مھربان ۽ محسن حاڪم ھيو. يوناني توڙي مقدوني سپاھين جي ظلم خلاف ڍال ھو. خود مقدوني سپاھين کي پڻ اھو احساس ضرور ٿيو، ته کين دنيا جي ٻين قومن تي جا فوقيت حاصل ھئي، ان جو بنياد اکڙي چڪو ھيو. وڏي ڏکوئيندڙ ڳالھه ھيءَ ھئي ته سڪندري تخت جو ڪو والي وارث ھيوئي ڪونه. البته سڪندر جي گھر واري ملڪه رخسانه اميد سان ھئي. ان ڪري باقي مٽن مائٽن ۽ تخت جي دعويدارن لاءِ ھن سواءِ ٻيو ڪو چارو ھيو ئي ڪونه، ته ھو رخسانه جي ويم تائين انتظار ڪن. سڪندر اعظم جا جي ويجھا عزيز قريب ھئا، انھن ۾ ھڪ ھيو فلپ آريدس. جو سڪندر جو ماٽيلو ڀاءُ ھئڻ گڏ ھڪ ڪمزور ۽ بزدل انسان پڻ ھيو. سڪندر اعظم جي اڌ مغزي ماءُ اولمپيا ۽ سڳي ڀيڻ ڪلوپيٽراجا ايپيرس جي راڻي ھئي. سندس ٽي زالون ھيون. ھڪ ”برسني“ جنھن کان کيس پٽ ”ھيراڪلس“ جي اولاد ھئي، پر جيئن ته برسنيءَ سان سندس رسمي شادي ٿيل نه ھئي ، ان ڪري غيرقانوني ليکي ٿي وئي. ٻي زال رخسانه ھئي، جا اميد سان ھئي. ٽين ”ستي تارا“ جا ايران جي مرحوم شھنشاه دارا جي ڌيءُ ھئي، جا سڪندر اعظم جي موت کان ٿورو عرصو اڳ سندس نڪاح ۾ آئي ھئي.
    سڪندر اعظم جو لاش اڃا ڪفن کان ٻاھر ئي ھيو ته محلاتي سازشون شروع ٿي ويون. گھوڙي سوار فوج جي ڪپتان ”پرديڪاس“ جو رايو ھيو ته ھڪ اميرن جي مجلس قائم ڪئي وڃي جا ان وقت تائين ملڪي انتظام سنڀالي جيسين سڪندر اعظم جي وارث جو مسئلو فيصل ٿئي. پياده فوج جي مھندار ”مالمگير“ وري ”فلپ آريدس“ کي شاھي جاءِ نشين ٿاڦڻ لاءِ پنھنجو فيصلو ڏنو جو سڪندر اعظم جو ماٽيلو ڀاءُ ھيو. آخر نوبت لڙائيءَ تي اچي رسي. ڪافي رتوڇاڻ بعد ٻنھي ڌرين پاڻ ۾ ھن شرط تي ٺاھ ڪيو ته فلپ آريدس، قائم مقام بادشاه ٿي رھي جيسين تخت جو والي وارث پيدا ٿئي ۽ بلوغت کي پھچي. پرديڪاس کي سموري فوج جو مھندار مقرر ڪيو ويو ۽ شاھي خاندان جي حفاظت ۽ نگھباني پڻ کيس سونپي ويئي. سڪندر اعظم جي باقي فوجي مھندارن کي دور دراز علائقن جي حڪومت سنڀالڻ لاءِ ٻاھر اماڻيو ويو ۽ کين مڪمل فوجي طاقت جو اختيار حوالي ڪيو ويو. مقصد ھي ھيو ته جيئن اھي بااثر ۽ طاقتور فوجي مھندار مرڪز کان پري ۽ پاسيرو رھن.
    ”مقدونيا“ ائنٽي پيٽر جي حصي ۾ آڻي. ھي اڪيلو جرنيل ھيو جنھن آخر وقت تائين شاھي خاندان سان وفا ڪئي. ان حد تائين جو پنھنجي پٽ ”ڪسندر“ کي به ان سبب تخت جي حق کان لا دعوى ڪري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ جو ھو سڪندر اعظم جي خاندان جو جاني دشمن ھيو. سئليوڪس کي پرديڪاس پاڻ وٽ نائب ڪري رکيو ۽ پوءِ کيس بابل جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. ڪرٽيورس ۽ لونيٽس ٻنھي کي ڄاڻي ٻجھي اھڙين جنگين جوٽڻ لاءِ روانو ڪيو ويو جنھن لاءِ خاطري ھئي ته ھو ماريا ويندا. ۽ ٿيو به ائين. کين راه کان شايد ان لاءِ ھٽايو ويو ته ڇاڪاڻ ته ماڻھن ۾ سندن وڏي ساک پت ھئي. ليسيماڪس کي ٿريسا ڏانھن اماڻيو ويو جتي ھو پنھنجي بقايا عمر خانه بدوش قبيلن سان جنگيون جوٽيندو رھيو. ائنٽي گونس کي يومينس جي مدد لاءِ ”ڦاپل گونيه“ روانو ڪيو ويو. ٽوليميءَ کي مصر جي حڪومت ملي جا ھن پاڻ گھري ورتي. سواءِ ھڪ اڌ عملدار جي، جن شاھي خاندان سان وفا ڪئي، باقي جملي مھندارن پنھنجون آزاد رياستون قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انھن ۾ ڪن ته سڪندر اعظم جي سموري سلطنت کي ڦٻائڻ لاءِ به وسان ڪين گھٽايو.
    رخسانه، باختر جي ھڪ قبائلي سردار ”اختيار تيز“ جي ڌيءَ ھئي. سندس خوبصورتي جي ملڪان ملڪ ھاڪ ھئي. ”سٿين“ قبيلن سان جنگ جوٽڻ واري زمانيءَ ۾ سڪندر اعظم رخسانه جي سنڱ لاءِ گھر ڪئي. اھو خاطري سان چئي نه ٿو سگھجي ته شادي لاءِ آڇ ۾ رخسانه جي سونھن سوڀيا کي وڌيڪ دخل ھيو يا سڪندر اعظم جي سياسي حڪمت عمليءَ کي. ڪن تواريخن ۾ ھي به ڄاڻيل آھي ته رخسانه، سڪندر اعظم کي ھڪ پھاڙي قلعي جي فتح جي موقعي تي مال غنيمت طور ھٿ آئي ھئي. خير. 325 قبل مسيح ڌاري سڪندر اعظم جي رخسانه سان باختر جي شھر ۾ شادي ٿي گذري، ۽ پورن ٻن سالن بعد سڪندر اعظم جو جڏھن موت ٿيو ته رخسانه کي اميد واري ھئي. پنجن مھينن مدت پڄاڻان رخسانه جي گود سائي ٿي، شھزاده جو نالو سندس پيءَ جي نالي پٺيان ”سڪندر ثاني“ رکيو ويو. رخسانه ۽ سڪندر اعظم جي ماءُ اولمپيا ٻنھي کي ٻار جي پالنا ۽ پرادخت جي ذميواري سونپي ويئي. سڪندر ثاني جو نالو، قائم مقام حاڪم آريدس جي نالي سان گڏ شاھي سڪه تي پڻ آندو ويو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته شھزادو پاڻ ھڪ ”کوٽي سڪه“ جيان ڌرم جا ڌڪا کائيندو ۽ دوبدو رھيو.
    سڪندر اعظم جي ماءٌ مھاراڻي ”اولمپيا“ شاھي تخت جي حقي وارث سڪندر ثانيءَ جي حفاظت لاءِ گھڻو ئي پتوڙيو، پر قسمت گھڻي وقت لاءِ سندس ساٿ نه ڏنو. جڏھن ٿوڙي عرصي لاءِ مقدونيا جي حڪومت سندس ھٿ ۾آئي ته شاھي فرمان جاري ڪري، قائم مقام گادي نشين فلپ آريدس ۽ سڪندر جي ٻه سؤ ساٿين کي ٻارين ٻچين قتل ڪرائي ڇڏيائين. سن 316 ۾ ڪسندر مقدونيا تي قبضو ڪري، ۽ پوءِ اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پاس ڪرائي ”اولمپيا“ کي موت جي سزا ڏياري. سڪندر اعظم جي سڳي ڀيڻ راڻي ”ڪلوپيٽرا“ کي جنگي مھندار ”ائنٽي گونس“ ان موقعي تي مارائي ڇڏيو جڏُھن ھو ”ٽولميءَ“ سان شادي رچائڻ خاطر مصر وڃڻ جا سانباھا ڪري رھي ھئي. سڪندر اعظم جي ٻئي پٽ ”ھيراڪس“ کي سترنھن سال جي عمر ۾ ڪسندر جي چرچ تي ھڪ صوبائي گورنر ”پولي سپرڪان“ قتل ڪرائي ڇڏيو. سڪندر اعظم جي ٽين زال ”ستي تارا“ جا ايران جي اڳوڻي شاھ دارا جي ڌيءُ ھئي تنھن کي راڻي رخسانه سازش سٽي ڳجھه ڳوھ ۾ اڪلائي ڇڏيو.
    سن 311 ڌاري، گھرو لڙائي ۾ بھرو وٺندڙ سڀئي ڌريون پاڻ ۾ ٺاھ لاءِ رضامند ٿيون. فيصلو ھي ٿيو ته مقدونيا جي حڪومت ڪسندر وٽ بطور امانت جي رھي جيستائين سڪندر ثاني تخت ماڻڻ جي عمر کي رسي. ان مقصد لاءِ راڻي رخسانه ۽ سڪندر ثاني، جي اڳيئي ڪسندر جي قيد ۾ باندي ھئا، تن جي سار سنڀال به ڪسندر کي سونپي ويئي. جو فيصلو نھايت عجيب ھو. ڇاڪاڻ ته ڪسندر شاھي خاندان جو جاني دشمن ھيو ۽ سڪندر جي ماءُ، ڀيڻ ۽ ھڪ پٽ کي اڳيئي مارائي چڪو ھيو. ”ڪسندر“ راڻي رخسانه ۽ سڪندر ثاني کي ” ائفمي پولس“ جي قلعي ۾ سخت پھري ھيٺ قيد ۾ رکيو. جڏھن ڏٺائين ته ماڻھن ۾ سڪندر ثاني لاءِ ھمدرديءَ ۾ روزبروز اضافو ٿي رھيو ھو ۽ اھو چوٻولو چوڏس چوڌار ڦھلندو رھيو ته کيس آخري فيصلي تي پھچڻ ۾ ڪاگھڻي دير نه لڳي. سن 309 ۾ ڪسندر، راڻي رخسانه ۽ سندس تيرنھن ورھيه تاجدار کي ائفمي پولس جي گورنر گلاڪيس ھٿان قتل ڪرائي ڇڏيو. اھڙي طرح سڪندر اعظم جي تخت جي والي وارث ۽ سندس سموري خاندان جو آخرين ڏيئو به اجھامي ويو.
    سڪندر اعظم جي مئي پڄاڻان سندس ماءُ، ڀاءُ، ڀينر، زالون ۽ اولاد کي ڪھائي شاھي گھراڻه کي ٻھارڻ، تخت کي تارج ڪرڻ ۽ خانداني نسل کي نابود ڪرڻ ھي سڀ عام رواجي ڳالھيون آھن. جي روائتون اڄ ڏينھن سوڌو ھلنديون ٿيون اچن. افسوس فقط ھن ڳالھه جو آھي ته سموري خوني ڊرامه ۾ جن بھرو ورتو سي سڀ سڪندر اعظم جي ننڍپڻ جا ساٿي، پياله ڀائي ۽ پڳ مٽو دوست، ۽ سندس ھٿن جا پاليل ۽ نپايل ملٽري مھندار ھئا. وڌيڪ ارمان شايد ھن لاءِ به ٿئي، ته سڪندر اعظم ڪو تاتارين جيان ظالم خونخوار يا وحشي حاڪم نه ھيو. پر ھڪ مھربان، بھادر ۽ مدبر. جنھن سڀ کان اول، روءِ زمين جي ”ھڪ مرڪزي حڪومت“ جو تصور پيش ڪيو. جنھن اصول تي عمل کان سواءِ ھن ڌرتيءَ تي امن امان ٿيڻ ئي ناممڪن آھي. ان کانسواءِ سڪندر اعظم اڪيلو ملٽري مھندار ھيو جنھن ھر ھڪ تباه ٿيل شھر جي بدلي ڏھوڻا نوان شھر اڏايا ھئا، شايد تواريخ ۾ پھريون حاڪم ھيو جنھن انساني وھنوار يا ملڪي ڪاروبار ۾ دنيا جي سڀني ماڻھن کي ھڪ اک ڪري ڏٺو ۽ ڪڏھن به ڀلجي قوم، مذھب يا علائقي جي فرق ڦير کي ڪا ھوا يا ھٿي نه ڏني.
    سڪندر ثاني اسان لاءِ خالص ھڪ نالو آھي جنھن جي ڪھاڻي نصيب ۽ قسمت جي لحاظ کان عجيب آھي ۽ المناڪ پڻ. جن به انسانن ھيل تائين سور سختيون سھي شھادت جو پيالو پيتو آھي انھن سڀني ۾ سندس نالو سرفھرست نه آھي ته به سڀ کان آڳاٽو ضرور آھي. اسان واري ھاڻوڪي زماني ۾ سڪندر اعظم جھڙي افسوسناڪ ۽ عبرتناڪ ڪھاڻي آھي، طائوسي تخت ۽ تاج جي. ھي قصو ڪالھوڪي ڪھاڻي آھي جا ھنريت آھي ته
    ايران جي شھنشاھ آريه مھر پنھنجي راڻي ملڪه سوريا کي طلاق ڏيئي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو. ھن ڪارڻ ته ھوءَ طائوسيءَ تخت لاءِ والي وارث ميسر ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ھئي. ڄڻ اھو ھر عورت جي ھٿ وس ھيو ته جڏھن وڻيس ته ٻار ڄڻي! اھو به نر ٻار!
    شاھ پوءِ ھڪ ٻئي وڏي گھراڻي حسين عورت ”فرح ديبا“ (شھربانو) سان شادي رچائي. ساڳئي سبب. ڇاڪاڻ جو کيس ”جاءِ نشين“ جي لوڙ ھئي، جيئن شاھي سلسلو جاري رھي. شھربانو جو پير سدورو ۽ پاڻ بختاور ثابت ٿئي! ولي عھد ڄڻي شاھ جي جھوليءَ ۾ وڌائين. شاھي شادمانا شروع ٿيا. جڏھن تخت جمشيد جي جاءِ نشين جو جشن ملھايو ٿي ويو ته بخت ڀٽارو ٽھڪ ڏيئي کلي رھيو ھو!
    وارث اڄ ننڍو سڀان وڏو، جيسين جوان جماڻ ٿي تخت ماڻي. الله جي قدرت. تيسين تخت جو تختو نڪري ويو. جو عجيب ھيو. اڳ تخت ھيو پر لاوارث. ھاڻ وارث موجود ھيو پر تخت غائب! پر ڇڙو تخت اونڌو ٿورو ئي ٿيو ھو. بخت جا به ته بخيا اڊڙي چڪا ھئا.
    آخر ايران جي سرزمين ايتري ته اچي سوڙھي ۽ تنگ ٿي، جو شھنشاھ کي دفن ٿيڻ لاءِ ٻه گز زمين به نصيب نه ٿئي. ”جڏھن ايران جي رضا شاھ پھلوي قديم ايران جي مجوسي شھنشاھيت جو ڏھ ھزار ساله جشن ملھائي رھيو ھو، ته قدرت واري اسلامي دور، جنھن بدولت ساسانين جي سلطنت پرزا پرزا ٿي خاڪ ۾ ملي ويئي ھئي، تنھن دور کي وارو ڏيڻ لاءِ ڪنھن مجاھد مڙس کي جنم ڏيئي رھي ھئي. ايران جي شھر ”قم“ جو ھڪ رھاڪو ملان خميني، جنھن خالص اسلامي عمل لاءِ آواز بلند ڪيو، تنھن کي سزا طور ملڪ نيڪالي ڏني ويئي. ھي الله جو نيڪ بنده، فرانس ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گھاريندي به اسلامي تحريڪ جي بدستور تبليغ ڪندو رھيو. آخرڪار ايران جي انقلاب جو باني بڻجي اسريو ۽ اڀريو. جڏھن وطن ورڻ جو سعيو ڪيائين ته رضا شاھ پھلوي تخت تاج ۽ گادي ڇڏي پنھنجي تخت جي والي وارث، راڻي شھربانو، شاھي عملو ۽ اٽالي سوڌو، ھوائي جھاز وسيلي ڏکڻ آمريڪا ڏانھن فرار ٿي ويو.
    قدرت منھنجي مالڪ جي! انسان جي سوچ ئي الٽ پلٽ ٿي ويئي. جو جلاوطن ھيو، تنھن اچي قديم سلطنت جي واڳ سنڀالي. جو تاجدار تخت نشين ھيو، سو آمريڪا ۾ پناه وٺڻ لاءِ دربدر ٿيندو رھيو! قدرت جو قھر وري اھڙو جو ھڪ ته ڪو حڪمران، کيس پاڻوٽ پناه ڏيڻ لاءِ تيار نه ھيو ۽ ٻيو وري، ڪئنسر جي موذي مرض اچي منجھنس واسو ڪيو. پوءِ ته ٻانھو ۽ ڌڻي! ناڻي جا دڳ کڻي ھر ھڪ کي آڇ ڪندو رھيو. پر ڪا ڇوٽڪاري جي راھ ھٿ نه آئي. ٻاھر يا اندر، سڀئي واٽون بند ٿي چڪيون ھيون . آخر ڪيھون ۽ ڪوڪون ڪندي شاھ پساھ پورا ڪيا. رضا شاھ ته رضا ڪري ويو، جا رب جي رضا! پر سندس جنازه کي ڪا زمين پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي، گھڻي رولڙي پڄاڻان تابوت کي مصر جي ھڪ قديمي مقام ۾ دفن ڪيو ويو. قدرت جي اھا به شايد اھڙي مرضي ھئي. مصر جي سرزمين ھونئن به ايامن کان فرعونن کي پنھنجي آغوش ۾ آرامي پئي ڪندي رھي آھي!


    وتايو فقير

    قديم سنڌ جي سنڌي ٻولي ڪھڙي قسم جي ھئي؟ ڪو پتو نه آھي، توڙي جو تحقيق جاري آھي. پر ھي ڄاڻ اٿئون ته ڀٽائيءَ جي زماني کان اڳ واري سنڌي ھئي”دٻي ۾ ٺڪريون.“ بيحد ٻاڙي، الف اگھاڙي ۽ بي سري. البت ”شاھ“ آئي صحت به سڌريس ۽ رنگ به مٽايائين. سھڻي لطيف جي رنڱ رنڱي وڌس. سونھن به اڀريس، سريلي به ٿي ۽ سينگار به سکي، پوءِ اجرڪ اوڙھي اڇي اجري ٿي اڳڀرو ھلي. واٽ ويندي وتائي سان واقفيت ٿيس جنھن کيس مرڪڻ جي مام سيکاري. سوني تي سھاڳو. لاکيڻي ۽ لطيف اڳيئي ٿي چڪي ھئي وري مليس لطيفو. پوءِ ته رچي راس ٿي پارس ٿي پيئي. جن جي منھن پيئي ۽ جن سان پنارو پيل ھئس تن کي به اڏي ڇڏيائين. ھو به ھاڻ، ماڙھوءَ، کون ماڻھو ۽ ڄٽن مون ڄاموٽ ٿي پيا. اھڙي ڪمال جي ڪرشمي ۽ ڪايا پلٽ جو سھرو ھيو ڀٽائي گھوٽ جي سر تي ۽ ٻيو وتايو. انھن ٻنھي ٻانھن ٻيلين جي آڌر ۽ سھاري سنڌڙي اڄ ڏينھن سوڌو پيئي تڳي.
    وري به سندڙي جي انھن سٻاجھڙن کي سلام جن کي مارو ڄام جو مرم پيو ۽ ڀٽائي جو ڀرم رکيائون ۽ سندس ڀلايون ڀال نه ڀلايون. سندس ٽڙيل پکڙيل ڪلام کي سھيڙي سينگاري قلمبند ڪري محفوظ ڪيائون. وقت بوقت ۽ سال بسال سندس ورسيون ملھائي. سندس ڳڻ ڳائيندا رھيا، ۽ اھو شغل اڄ سوڌو جاري ھلندو اچي. البت وتايو ويچارو! ويڳاڻن جيان ۽ پنھنجي ليکي، واتي ويڻي ھلندو رھيو. وري به شڪر آھي جو وتايو ياد ته آھي، ورنه ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ اسان جي ھڪ پراڻي روايت آھي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته وتايو صدين کان سنڌ کي وندرائيندو ۽ کلائيندو پئي رھيو آھي. پوءِ ٿي سگھي ٿو ته کيس وسارڻ ۽ سندس ياد کي من کان ميسارڻ، اسان سنڌين جي وس کان ٻاھر ھجي.
    ھاڻ جيئن ته وتايو ”وقت“ جي ڪسوٽي تي پوري طرح پرکجي چڪو آھي ۽ سندس چھرا چٽڪلا ۽ ٽوٽڪا، سنڌي علم و ادب ۽ عام سنڌي زبان جا ”اٽوٽ انگ“ ثابت ٿي چڪا آھن، تنھن حالت ۾ اسانکي جڳائي ته سندس ٻولن تي کلي ”ڪن لاٽار“ ڪرڻ بجاءِ، غور و فڪر ڪريون ۽ گنڀيرتا سان سندس پيغام جو جائزو وٺون. جيڪڏھن اسين وتائي جون ورسيون ملھائي نٿا سگھون، سندس نينھن نياپي کي سھيڙي شايع ڪرڻ کان لاچار آھيون ته گھٽ ۾ گھٽ سندس معنى خيز ”مقصد حيات“ کي سمجھڻ ۽ ھيئين سان ھنڊائڻ لاءِ ڪو ادم ته ڪريون؟ ڏسڻو ھي آھي ته آخر وتايو ھيو ڪھڙي بلا؟ ڪو وائڙو سائڙو موڳو مٽر ھيو يا ڪو ملان لٽر ھيو جو سدا وڦلندو ٿي رھيو. ٿي سگھي ٿو ته ڪو لڏ ۾ لڪل اڏيره لعل ھجي؟ يا واقعي ئي ڪو خواجه خضر ھيو جنھن وتائي جو ويس ڌاري اسان عقل جي انڌن جي روحاني رھنمائي ٿي ڪئي؟
    وتايو ڪير ھو ڪنھن جو ڄايو ھو؟ ڪٿي نپنو، ڪٿي دفن ٿيو ۽ ڪڏھن؟ اھي غير ضروري سوال آھن. اھي پتا پار اھو پڇي جنھن جو وتائي جي وڏن تي قرض رھيل ھجي يا جنھن کي سندس گھر الاٽ ڪرائڻو ھجي. ھو الله جو بندو ۽ آدم جي عام رواجي اولاد ۾ ھڪ ھيو. سنڌ ۾ ڄائو نپنو ۽ سنڌ ۾ مئو. اھا ئي آھي وتائي جي رام ڪھاڻي ۽ اھائي آھي ھر عام سنڌيءَ جي سوانح حيات. البت وڏيرن جي ڳالھه ٻي آھي ۽ سندن ھستي به اور آھي. مون ته جڏھن به وڏي واڪي ”الله“ کي ياد ڪيو آھي ته ڪونه ڪو وڏيرو ضرور ڪنائيندو آھي ته کيس ته سڏيو نه ٿو وڃي. خير. وتائي بسنت جي جو ڪجھه ھيل تائين ٻڌندا ٿا اچون سو ھن طرح آھي ته ”نصرپور جي لڳ ھڪ ڳوٺ جو واھڻائي واڻيو ھيو. ننڍپڻ لاڪر پنھنجي سوچ سمجھه سادي ھيس. اڪثر پنھنجي دل من ٽٽوليندي ۽ دليل ڊوڙائيندي ڪنھن موڙ تي ھندو ڌرم ڇڏي دين ڏانھن لاڙو رکيائين. پھريون پاڻ پوءِ سندن سڄو گھراڻو شيخ ٿيو. ٻڌڻ ۾ ائين به ٿو اچي اڳتي ھلي، جيئن ڪنھن ٻانڀڻ جي ٻيڪڙ ۾ نه آيو ھو، تيئن ملان جي وڪڙ کان به گوھي ڪري نڪري ويو. وتايو سنڌ جي واحد ماڻھو ھيو جنھن پنھنجي ۽ پنھنجي خالق وچ ۾ ڪنھن ٽئين ٽياڪڙ کي ٽنگ وچڙائڻ مور نه ڏني. عجب اھو جو اھڙي بغاوت باوجود سندن چپيٽ کان بچي ويو ورنه سولي چڙھڻ يا سنگسار ٿيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ھئائين.“
    ڪن جو ھي به چوڻ آھي ته وتايو پنھنجي وقت جو سياڻو ماڻھو ھيو. بلڪه ڪي ته ائين به چون ٿا ته سنڌ، سياڻي ۾ سياڻو ماڻھو ھڪ اپايو، اھو ھيو وتايو. ڏاھا ڏيھه ۾ گھڻا پر سياڻو لکن ۾ ھيڪڙو. ڏاھي جي ڏاھپ جو دارومدار آھي ڏاھ تي يعني ٻڌ سڌ يا خبر چار تي، جنھن سبب ڏاھو اڪثر ٻه ٽنگو ڦاسندو ڏٺو ويندو آھي. پر سياڻو ماڻھو انکي چون جنھن کي اندر جو سوجھرو ھجي ۽ سڄاڻ ھجي. ان ڏس ۾ وتايو ڄمندي ڄام ھيو. ڪن ماڻھن جو اھو به خيال آھي ته پنھنجن کي چڱي ريت پرکيو ھئائين ۽ کيس پوري ڄاڻ ھئي ته ڄٽن سان ڪيئن نباھ ڪجي. ڏٺائين ته عجيب قوم سان واسطو پيو ھئس. ھو سائي کي سھن ڪونه ۽ بکئي کي ڏين ڪونه. وقت تي گڏه کي بابو چون ۽ جتي پڄڻ ناھي جاءِ اتي ”ڀاڄوڪڙ“ کي وريام سڏين! جئرن سان جٺيون ڪن ۽ مئن لاءِ مجاور ٿي ويھن. کائن پنھنجي گھران پر پرچار سدائين پرائي ڪن. اھڙي آچار ”لتر سان چڪر پڄي“ سوچي سمجھي، سر بچاءَ ۾، چريو ٿي عمر گذاريائين. ائين به ھروڀرو صحيح نه ھو جيئن چيو ٿي ويو ته ڪا ڪل ٿڙي ھيس. يا متيون ڏيندي لوڪ کي، چريو پاڻ ٿيو ھو. بلڪل نه. اھڙو اياڻو وتايو ھرگز نه ھيو. البت چريائي جي اوٽ ۾ ٻين کي متيون ڏيندو رھيو، جيئن لوڪ لکا نه پوي. ڇاڪاڻ ته ھي اھو زمانو ھيو جڏھن ”ماڻڪن موٽ“ شروع ٿي ھئي ۽ پلئه پايو سچ آڇيندي ھر ھڪ کي لڄ ٿي آئي. ان ڪارڻ ساڻن سنئين سڌي ڳالھه ڪرڻ به پنھنجي کل لھرائڻي ھئي. انڪري اڪثر ڳجھارتن ۾ ڳالھائيندو ھو. صديون گذارڻ بعد اڄ ٿو پتو پوي ته مار ڇا چئي ويو! چاچي به چيائين ۽ چھنڊڙي به پائي ويو. غضب جو سياڻو ھيو.
    اھا ڪل ڪانه ٿي پوي ته وتائي جي زندگيءَ ۾ جو انقلاب آيو اھو سندس عمر جي ڪھڙي موڙ تي ۽ ڪھڙي ڪارڻ؟ ھي ته سمجھه ۾ اچي ٿو ته ڪو ماڻھو پنھنجو گھر گھاٽ ۽ ڪاروبار ڇڏي جھنگ منھن ڪري وڃي ڪا ويراني وسائي؟ پوءِ نه ھوندو بانس ۽ نه وڄندي بانسري. پر ھن دنيا ۾ رھندي، ھڪ جوڳي ۽ ويراڳيءَ جي زندگي بسر ڪرڻ ۽ لاطمع ٿي رھڻ ھڪ اھڙي انسان لاءِ ڪٺن ڪم آھي، جنھن کي اکيون به ھجن ۽ سندس ھوش حواس به سلامت ھجن. آخر انسان گوشت پوست ڪو لوٿڙو آھي ۽ ڪو لوه جو ٺھيل پتلو ناھي؟ خاص طور جڏھن انسان سان وري شيطان سلامت به سدائين ساڻ ٻيلھه چڙھيو کيس ھرکائيندو رھي.
    ان کان سواءِ واڻيو ٿي ڪري مايا جي موه کان ٽارو ڪرڻ ۽ ڌن دولت جي دام ۾ نه ڦاسڻ، پنھنجي سر ھڪ ڪمال ڪاميابي آھي. پاڻوٽ ڪجھه نه ھئڻ ھڪ مجبوري به ٿي سگھي ٿي، پر ڪجھه حاصل ڪرڻ جي مورڳو خواھش ئي نه رکڻ فقيريءَ جي معراج آھي. اسان ۾ ھر ھڪ کي ھي ڄاڻ آھي ته دنيا جي جملي جھڳڙن جي جڙ آھي ئي ”زر، زن ۽ زمين.“ پر تنھن ھوندي به اسان جي پوري عمر انھن ٽنھي لڪشمي ديوين جو پيڇو ڪندي ٿي گذري. اک ڀڃن يا نه. اشارو ڏين يا نه. اسين ھر وقت وتون ٿا، انھن اپڇرائن جي پٺ وٺندا. ڪوئي ليکي نه ليکي اسين به آھيون يار جي ليکي لنڊي ڪتي وانگي. وتائي کي ھي خبر ھئي ته حضرت آدم جي بنيادي خطا ۽ سندس اولاد يعني انسانن جي جسماني خواھش وچ ۾ ڳوڙھو رستو ھيو، يا ائين کڻي چئجي ته ساڳي ڳالھه ھئي. ان ڪارڻ زر زمين کان ته اڳيئي فارغ ھيو پر ڪنھن مومل ماڻڻ جي به پچر ڇڏي ڏنائين. ھن دنيا جي طلمسي ڄار جا ھي سڀ رسا ۽ ٽوڙھا ڇنڻ بعد وتايو پنھنجي زندگيءَ جي مول مقصد ڏانھن پلٽيو، جو ھيو، ”انسانيت جي روحاني ترقي“ ، ان مقصد جي ڦھلاءُ لاءِ پنھنجي زندگي جو ”قول ۽ عمل“ نموني طور عوام آڏو پيش ڪيائين.ھن ڪڏھن به ولي، غوث يا قطب ھئڻ جي ھام نه ھنئين ۽ ڪڏھن ڀلجي به درويشيءَ جي دعوا نه ڪئي. ھن پنھنجي لاءِ مشڪره جو پارٽ منتخب ڪيو. چھچٽا به ڏسندو رھيو ۽ تماشو به وجھندو رھيو. سندس ٻول ٻڌي ماڻھو ڪکين تي ھٿ رکي کلندا رھيا. اڄ تائين اسان جو اھڙو عمل روان دوان آھي.
    وتائي جي عام ماڻھن لاءِ شڪايت فقط ھي ھئي ته کين ”ساڃھه ۽ سڃاڻ“ جي رمز ھٿ نه ٿي آھي. ھو سواءِ شناختي ڪارڊ جي ڪنھن کي سڃاڻي ئي نه ٿي سگھيا. سمجھڻ ته وڏي ڳالھه آھي.ھڪ دفعي بک کان بي حال ٿي رستي ويندي وتايو بيھوش ٿي ھيٺ ڪري پيو. ماڻھو رونشي ڪوڏيا اچي سندس چوگرد مڙيا. ڏٺائون وتايو ته پرلوڪ پڌاريو. مسلمانن چيو ته واڻيو ھيو ان ڪري سندس ڪريا ڪرم ڪري مساڻ نيئي کيس ساڙيو وڃي. واڻين نابري ورائي. چي واڻيو ٿي ضرور ڄائو ھيو پر جيئن چوڻي آھي ته ”واڻڪو وياءَ جيئن وڌي تيئن کري.“ پوءِ سندس افعال مسلمانن جھڙا ٿيا ھئا، انھيءَ ڪري کيس مقام ۾ دفن ڪيو وڃي. ماڻھن جي چوٻولي تي وتائي اک پٽي. سجاڳ ٿي بوڇڻ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو. چيائين ته ”ھاڻي مرڻ ۾ ڪھڙو فائدو جڏھن ماڻھن ۾ سڃاڻپ ئي ختم ٿي ويئي آھي.“
    سوال آھي ته جڏھن وتائي کي تعليم ۽ ترغيب به ڪانه حاصل ھئي ۽ اڻ پڙھيل اناڙي رھيو. ۽ وري سندس اٿڻي ويھڻي ۽ عام ماحول به دھقانين وارو ھيو. ته پوءِ سياڻو ڪيئن ٿيو؟ دراصل سياڻپ ڪنھن کيڏ کيڏڻ، حرفت ۽ ھنر سکڻ يا ڪتاب پڙھڻ سان ھٿ نه ايندي آھي. پر مالڪ جي فضل ۽ ڪرم سان سان عطا ڪئي ويندي آھي. فقط عقل ۽ علم جي زور تي ڪا راھ ملي ھا ته پوءِ عزاريل سڀ کان اڳرو ۽ اڳڀرو ھجي ھا. مون ته ھر عقل جي اڪابر کي اونده ۾ ھٿوراڙيون ڏيندي ڏٺو آھي. ھر انسان جا ھٿ ڏاڏي آدم واري گناه ۾ رنڱيل آھن جو سندس ورثو آھي. ان ڪري جيستائين سچو سائين ساڃھه نه ٿو ڏئي ته پوءِ اکين ھوندي به انڌو. انسان اھڙي ساڃھه لاءِ ٻاڏائي ضرور سگھي ٿو پر ڏيڻ وس سائين جي آھي ڏئي نه ڏئي.
    وتائي جي ڌرم ۽ دين گھڻن ماڻھن کي منجھائي وڌو ھيو، ھڪ دفعي سندس ڀاءُ ڀورومل وتائي کي وينتي ڪيو ته ”ڀائي، تون ته مسلمان ٿي پاڻ موکيو، ھاڻ مون کي به مسلمان ڪراءِ ته سرڳ ۾ ٻئي گڏ ته ھجون.“ وتائي رڙ ڪري چيس ته ”ڀائي اھڙي غلطي نه ڪج. مور نه مسلمان ٿج. ورنه سڄي ڄمار ھٿ ھڻندين. ڪلمو پڙھي مسلمان ٿيڻ ته آھي سولو ڪم. پر پوءِ جي روزن، نمازن، زڪواتن۽ تھجدن جا سلسلا شروع ٿين ٿا. تن جي پيروي ڪندي نه فقط ڄڙه نڪري ويندءِ، پر ڏيواله ٿي ويندين. ڪڏھن ڀلجي به اھڙو جوکي جو ڪم نه ڪج. ھان البت مرڻ مھل مون کي ڪن ۾ ڪلمون پڙھي ٻڌائج ته آءُ آخرت ۾ شاھدي ڏيندس ته ڀاءُ مورومل مرڻ مھل مسلمان ٿي مئو ھيو. بھشت به حاصل ٿيندءِ ۽ خفي کان به بچي ويندين. ڪم جو ڪم مزي جو مزو.“ آخرين گھڙيءَ ۾ ڪلمون پڙھن جي راز کان اھي الله جا بندا بخوبي آگاه آھن ۽ جن کي ھي ڄاڻ آھي ته زندگيءَ جي ھن ڀر ۾، سندس ٻئي ڪناري ڪھڙو وڻج وکر ٿو ھلي ۽ ڪيئن ٿو وھي واپري. ھونئن به سموري زندگيءَ جي عبادت به ان لاءِ ڪئي ويندي آھي ته جيئن آخري گھڙي جي آزمائش کان پار اڪرجي. پڇاڙي جي پھر ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ ماڻھو پنھنجي سڄي ڄمار وظيفن ۽ قلبي ذڪر ۾ صرف ڪندا آھن ته جيئن آخرين ھڏڪيءَ مھل ڪلمون روان ھجي. ورنه سڄي عمر جي ڪمائي ھڪ لحظي ۾ رائيگان ٻيو سبب ھي ڏنائين ته ”مسلمان“ ٿي رھن انتھائي اوکو ۽ ڏکيو ڪم آھي ۽ وڏي ھمٿ ۽ حوصلو گھرجي. باقي نالي ۾ نھال ٿي رھڻ جو مقصد آھي ته پوءِ اھا ٻي ڳالھه آھي.
    اسان جي ملن مولوي منڪر نڪير، قبر جي سوڙه، قيامت جي گرمي، آخرت جي عذاب، ۽ دوزخ جي دڙڪن ڏيڻ سان اسان جو پگھر ۽ خون خشڪ ڪرڻ ۾ پنھنجي فرض ادائي پوري ڪئي آھي، پر ھي ڪڏھن به سمجھائڻ جي تڪليف گوارا نه ٿا ڪن ، ته آخر ھڪ غريب ۽ مسڪين انسان، جنھن ”نوريئڙي جي مھماني آھي فقط ٻه پير“ تنھن کي عذاب ڏيڻ جا ايڏا ٽڪساد ڇا لاءِ گھڙيا ويا آھن؟ وري دوزخ ۽ منجھنس سزائڻ ۽ ڦاسي گھاٽن جو وچوڙ اھڙي ٿي ٻڌائي وڃي ڄڻ آسمان جي نوانوي ڏھائي پوڻا ڏھ حصن تائين جھنم ڦھليل آھي ۽ باقي اڍائي سؤ کن وال پلاٽ تي جنت جو ڪواٽر اڏيل آھي. جو به ظاھر آھي، ته ٺيڪيدارن لاءِ رزورڊ ٿيل آھي. جي وتايو وقت سر نه اچي ھا ۽ اسان کي آٿٿ نه ڏئي ھا ته ھوند اسان سڀني جا ھنياؤ ھئبت ۾ ڦاٽي پون ھا.
    ھڪ ڏينھن وتائي ماءُ کي چيو ته امڙ بک لڳي اٿم. جيڪر ماني کارائين ته ڏاڍو چڱو. ماڻس چيس ته ابا ڙي پاڙي ۾ وڃي ٽانڊو کڻي اچ ته باھ ٻاري ماني پچائي ڏيان. وتايو اوڙو پاڙو گھمي واپس خالي ھٿين گھر موٽيو. ماڻس پڇيس ته ابا ٽانڊو مليو؟ جواب ڏنائين ته امڙ نه. دوزخ ۾ ويس ته اتي ملائڪ مون تي کلڻ لڳا ته ھتي باه ڪٿي؟ الله پاڪ ڪو بٺيءَ وارو يا نانوائي ته نه ھيو جو باھ جا کورا يا تنور ٻاري ويھي پنھنجي مخلوق کي پچائي ھاف فراءِ ڪري. ھتي ته ھر ڪو ماڻھو پنھنجي آڳ جي ڪوٽا پاڻ سان کنيو ايندو آھي، جا باھ ھو لوڀ لالچ، حسد بغض ۽ نفرت وغيره پنھنجي اندر ۾ جمع ڪندو ٿو رھي. پوءِ مرڻ پڄاڻان ھتي اچي ھر انسان پنھنجي باھ جي پونجيءَ ۾ پاڻ ٻرندو ۽ پڄرندو ٿو رھي.
    رستي ھلندي ھڪ ھنڌ بيھي وتائي گھل گھوڙا شروع ڪئي. سندس رڙين تي ماڻھو اچي مڙيا. پڇيائونس فقير خير ته آھي جو دانھون پيو ڪرين؟ وتائي پير مٿي ڪري ڏيکاريو جنھن ۾ ھڪ سنھڙو ڪنڊو ڇپيل ھو. ڪنھنءَ ماڻھو چھنڊي وجھي چپٽيءَ سان ڪنڊو ڪڍي ٻاھر اڇليو. ماڻھو مٿس ھيٺ ڦيٺ شروع ڪئي ته درويش ڪجھه پاڻ کي ھٿ ڪر، ھن ذرڙي ڪنڊي لڳڻ تي ايترو آسمان اچي مٿي کنيو اٿئي. وتائي چيو ته توھان ماڻھن کي آسمان واري جي عادتن جي ڪھڙي خبر! جي اڄ آءُ ان ڪنڊي لڳڻ تي رڙيون نه ڪريان ھا ته سڀاڻي ھو ھڪ اھڙو ڀالو ڀڃي ڇڏي ھا جو نڙگھٽ کان ٻسٽ پار ھجي ھا. چيو ڪونه اٿائين ته ”آءُ انسان کي سندس وت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيندو آھيان.“ صبر اختيار ڪري پنھنجي برادشت جي طاقت وڏي ھئڻ جي ڪيئن نمائش ڪريان؟ ۽ پاڻ تي وڌيڪ مصيبت نازل ڪرڻ لاءِ قدرت کي دعوت ڏيان؟
    اسان وٽ عام طور، ڪنھن ماڻھوءَ جي لحاظ قدر ۽ سڃاڻپ جي فوٽڪٿي آھي سندس رتبو، مال املاڪ ۽ ظاھري ڏيک ويک. وتائي وٽ ھيو ڇا جوکيس ڪو ڪنھن مان مرتبي يا آدرڀاءُ لائق سمجھي؟ اسين سڃي ماڻھوءَ کي سلھه جو مريض سمجھي کائونس ٽارو ڪندا آھيون ته مبادا سندس سڃائي اسان کي به وچڙي وڃي. سو جڏھن وتايو ڪنھن عام دعوت ۾ وڃي شريڪ ٿيو جتي خلق ويٺي خيرات کاڌي، ته سندس ڦاٽل ڪپڙا ڏسي کيس لوڌي ٻاھر ڪڍيو ويو. گھر وڃي ڀاءُ جا ڌوتل ڪپڙا پائي وري اچي ساڳي دعوت ۾ شريڪ ٿيو. سمجھيائون ته ڪو معزز ماڻھو وارد ٿيو آھي. سلمچي کڻي سندس ھٿ ڌوئاڙي ٻوڙ پلاءُ اچي آڏو رکيائونس. بجاءِ نوش جان ڪرڻ جي، وتايو ٻوڙ پلاءٌ ۽ چانور جا چمچا ڀري قميص ۽ سٿڻ مٿان ھاريندو رھيو ۽ ڪپڙن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”مھماني اوھان جي آھي. کائو ۽ خوب کائو.“ مون کي ته لتون ھڻي ٻاھر اماڻيو ھئائون.
    سڄي عمر ”توڪل“ تي گذران ڪيائين. ڏٺائين ته پکي پکڻ کان ويندي جانورن تائين ڪنھن به سڀاڻي، لاءِ سمر جمع نه ٿي ڪيو. انسان ھڪڙو ئي جانور ھيو جنھن مالڪ جي رزاقيءَ تي ڀروسو گھٽ ڪيو. حالانڪه ھن ھام وڏي ٿي ھنئين. وتايو ته رات جو پاڻي جوگھڙو به ھاري پوءِ سمھندو ھيو، ته صبح جو سائين، جڏھن انھن کي اڳ ۾ ٿو ڏئي، جن کي ڏاند نه ھيو ۽ نه ٻج، ته پوءِ آءُ ڇا لاءِ ويٺو وسوسا ڪيان؟ جو ڪجھه ملندو ھيس اھو به ٻين حوالي ڪري ڇڏيندو ھيو. ھڪ دفعي ڪنھن ماڻھو روڪ پيسه ڏنس جو وٺي ڦاٿو. ڪڏھن پھرياڻ جي پلو ۾ ٿي ٻڌائين ڪڏھن ور ۾ ٿي وڌائين. آخر ڪڪ تي رستي جي ھڪ سڪي وڻ جي پاڙ ۾ پوري ڇڏيائين، ڪنھن ماڻھو کيس ڏسي ورتو، وتائي اڃان پٺ مس ڏني ته ھن پاھوڙا کڻي اچي کوٽائي شروع ڪئي. پھرين ئي لپي ۾ رپيو مليس. سمجھيائين ته خزانو ته اڃا ھيٺ ھوندو، پوءِ ته وڻ پاڙون پٽي ساھ پٽيائين. وتايو شام ٽاڻي اچي ڏسي ته وڻ جڙ کان اکڙيو پيو ھو. ٽھڪ ڏيئي پاڻ کي مخاطب ٿي چيائين ته ”ڏٺيءِ، جي روپيه ڪجھه وقت اڃان به پاڻ وٽ رکين ھا ته ان وڻ جيان اونڌو ٿيل ھجين ھا.“
    وتائي جي لطيفن جو ڳچ حصو موت متعلق آھي. ڏسجي ائين پيو ته وتائي جي ملڪ الموت سان گھاٽي ياراڻي ھئي ۽ شايد اھڙي اڪير سبب کيس ور ور ڪري ياد پئي ڪيو اٿس. پر عام ماڻھو موت کان ڇا لاءِ ٿي ڇرڪيا؟ اھو کيس سمجھه ۾ نه ٿي آيو. موت ته پنھنجي جاءِ، پر ڪنھن کي فقط چرچي ۾ ڪراڙو يا ٻڍو ٿي سڏيو ويو ته اھو به کين سخت ناگوار ٿي گذريو. حالانڪه ”موت“ ھڪ حقيقت ھئي جنھن لاءِ سورنھن آنا ۽ سو في صد خاطري ھئي ۽ باقي دنيا جو باقي ڪاروبار ته صرف ٻڌ سڌ تي يا گشتي پتي ٿي ھليو. موت ئي ماڻھو لاءِ اڻٽر حادثو ھيو ۽ فقط ان ماڻھو وٽ نه ٿي آيو جو اڃا ڄائو ئي نه ھيو. جي ماڻھن موت جي کيڪر نٿي ڪئي يا در آئي سندس آڌرڀاءُ نه ڪيو، ته نه سھي، پر مٿس غم رنج ۽ غصو ڇا لاءِ ٿي ڪيو ويو؟ ”موت“ ته زندگيءَ جو ڏاج ھيو ۽ ڪارگار ته نه ھئي. جو ڪنھن جي ڪاوڙ لاءِ سبب بڻجي. وتائي، پاڻ ته موت کي ڇوٽڪارو سمجھي سندس اوسيئڙو ٿي ڪڍيو. موت ته ”چولو“ مٽائڻو ھيو ۽ وتائي جي چولي ۾ ته اڳيئي چتيون لڳل ھيون.
    ھڪ ڀيري وتائي ڳوٺ جي ڊکڻ وٽ وڃي سوال ڪيوته امڙ جي کٽولي ڀڄي پيئي آھي جيڪر ھلي ٺاھي ڏين ته مھرباني ٿيندي. واڍي روڪڙ جواب ڏنو ”وتايا اڄ واندو نه آھيان، واندو ٿيان ته ھلي جوڙي ڏيندس.“ ھو ھر دفعي اھڙي ڪن لاٽار ڪري وتائي کي لنوائيندو رھيو. ھڪ ڏينھن وتائي ڏٺو ته ڪو جنازو کنيو ٿي ويا. پڇڻ تي پتو پيس ته ساڳيو ڊکڻ گذاري ويو ھيو جو سدائين مشغول رھندو ھيو. وتائي ڊوڙي جنازي جو اڳ وٺي ڪلھي ڪانڌين کي ميت جي آخري ديدار ڪرائڻ لاءِ درخواست ڪئي. جنازي کي ھيٺ لاھي جڏھن کيس منھن ڏيکاريو ٿي ويو ته ميت کي ھڪل ڪيائين ته ”ادا واڍا، اڄ ته پڪ واندو ھوندين. نويڪلو کٽ تي آرامي آھين. ھاڻ ته ھلي کٽولي ٺاھي ۽ پنھنجو واعدو پاڙ.“
    سومر سٻايو وتائي جو پاريسڙي ھيو. نھايت نيڪ نمازي ھيو پر کيس ھميشه اھا شڪايت ھوندي ھئي ته ملان سومھڻي جي نماز پڙھائڻ ۾ ڏاڍي ڊيگھه ٿو ڪري. وتائي کي جڏھن خبر پيئي ته سومر سٻايو اڄ صبح جو گذاري ويو ته ٿڌو ساھ کڻي چيائين ته ”چڱو ٿيو جو مري ويو. گھٽ ۾ گھٽ سومھڻي واري نماز جي سورن کان ته ڇٽي پيو.“
    ڪنھن ماڻھو ڪھل آڻي وتائي کي جتي وٺي ڏني جا ٻئي ڏينھن تي ڪو شاھينگ چورائي ويس. وتايو وڃي مقام جي لنگھه تي ويھي رھيو ”چي؛ چور جو اڳ ٿو وٺي ھتي ويھانس. اڄ نه سڀان ضرور ھتي اچڻواٿس.“ حالانڪه کيس خبر ھئي ته مقام ڏانھن پاڻھرتو ڪوئي پنڌ ڪري نه ايندو آھي پر ٻيا ماڻھوءَ کيس کٽ تي چوکنڀو سلھاڙي کڻي ايندا آھن. ان کان علاوه مردي کي غسل ڏيڻ بھاني سندس تلاشي وٺي، سندس لٽا ڪپڙا لاھي، کيس ھٿين پيرين خالي آڻي ڌڌڙ داخل ڪندا آھن. پوءِ جتيءَ جي واپسي لاءِ آسرو ۽ انتظار بيڪار ھو. پر شايد وتائي ماڻھن کي موت جي يادگيري تازي ٿي ڪرائي ته اڳي پوءِ ھي جھان فاني ھٿين خالي ڇڏڻو آھي ۽ پوءِ مال متاع جي ھيراڦيري ۽ چوري اجائي ھئي.
    موت کان ماڻھن جو ڇرڪڻ ڪنھن حد تائين واجبي پڻ ھيو. ڇاڪاڻ ھڪ ته موت ھر انسان جو پڳيءَ جيان پيرو کنيو ٿي ڪڍ گھميو. ٻيو وري انڌي ھاٿي جيان نه ٿي ڏٺائين مند يا موسم ۽ ازغئبي اچي ٿي ڪنڌ ٿي ڪڙڪيو. پر الله پاڪ، جو خالق ۽ رازق ھيو ۽ رحمان الرحيم ھيو، تنھن کان ماڻھو ڇا لاءِ ٿي ڊنا. ھو ڪو اجگڙ اڙدھا يا مانگر مڇ ته نه ھيو جو ڪنھن کي ھڙپ ڪري ڳڙڪائي. ھو ته پڙدي پوش ڍڪھڻار ھيو ۽ صاحب رب ستار ۽ غفار ھيو ۽ انسان جو اڪيلو اجھو ۽ آسرو ھيو. پوءِ اھڙي محسن مالڪ کان خوف زده ٿيڻ جو ڪارڻ؟ ھي برابر آھي ته سندس نوانوي نالن ۾ ھيڪڙ ٻيڪڙ صفتون اھڙيون به ھيون جن ۾ قھر ۽ جبر بکيو ٿي، ليڪن الله جي اھا ڏاڍ مڙسي فقط ڏاڍن کي ڏارڻ ۽ اوچي ڳاٽن کي نوائڻ خاطر ھئي. عدو موچي عثمان حجم ۽ سومر نانوائيءَ جو اھڙين نادري وصفن سان ڪھڙو واسطو؟ وتائي، عدو موچين عثمان حجمن ۽ سومر نانوائن کي اھڙي الله سان ڏيٺ ويٺ ڪرائڻ جو ادم ٿي ڪيو جو فقط غريبن جو رب ھيو ۽ آسمان تي نه پر زمين تي حاضر ناظر ھيو. ھو پاڻ به وتائيءَ جي راءِ مطابق، غريبن جيان غريب ھيو، معصوم ھيو ۽ اڻڄاڻ ھيو. اڻڄاڻ به اھڙو جو کيس گڏه ۽ گانءَ وچ ۾ فرق جي خبر به خير ڪا ھئي.
    وتائي کي ڪنھن سخي مرد ھڪ ڪراڙي ڳئون خيرات طور ڏني. وتائي ڳئون ماتا جي ٽھل ٽڪور ته گھڻي ئي ڪئي. پر ڪمن ڪنڀر جي گڏھ روازنه رات جو اچي گاھ پٺو کائي وٿاڻ ٻھاري ھلي ويندي ھئي. آخر ڪڪ ٿي وتائي ھڪ ڏينھن ھٿ کڻي الله کي عرض ڪيو ته مالڪ، ڪنن واريءَ کي مار ته سنڱن واريءَ جي جان ڇٽي. صبح جو ڏٺائين ته سندس ڳئون مئل پيئي ھئي. پنھنجي اکين تي اعتبار نه ڪندي ھڪ انڌي کي گھر وٺي کيس چيائين ته ھي جانور ته سڃاڻي ڏي. نابين ھٿوراڙيون ڏيئي فتوا ڏني ھئي ته ھي جانور ڳئون ھئي. وتائي کلي چيو ته”الله کي اھا خبرڪانھي، دعا ضرور اگھايائين. پر ڪنن واري ۽ سنڱن واري وچ ۾ تفاوت جي ڄاڻ کيس به ڪانه پيئي.“
    وتائي جو واسطو ان اٻوجھه ۽ مسڪين عوام سان ھيو جي فصيح ۽ بليغ ۽ عالمانه فلسفن کي سمجھڻ کان لاچار ھئا. کين پنھنجي سوچ ۽ سمجھه آھر ھڪ سادي سودي ۽ سليس نسخي جي لوڙ ھئي. قبر ۽ قيامت جي عذاب ۽ دوزخ جي دڙڪن کان ڊنا ضرور ٿي، ليڪن ھي سمجھي نه سگھيا ته سندن قصور ڪھڙو ھيو؟ ھو ڪو نمرود، شداد ۽ فرعون ٿوروئي ھئا. ھو ته اڳيئي غريب، مسڪين ۽ اڪن تي پارو ھئا، جن زندگيءَ ۾ ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني مشڪل کاڌي ھئي ۽ ڍئو جي اوڳرائي ڏئي به کين سال گذري چڪا ھئا. ھنن ھڏ ھڻندي ۽ رات ڏينھنءَ تتيءَ ٿڌيءَ ھلندي نانگ وڇون ٿي لتاڙيا. ھيءَ دنيا وري سندن لاءِ ڪھڙو بھشت ھئي؟ پوءِ اھڙن اپيپاھن کي ڊيڄاڙي سندن ساه ڇا لاءِ ٿي سڪايو ويو؟ جيڪڏھن کين ھڙان نه ٿي ڏنو ويو ته ساڻن ڪو وڙ ته ڪيو وڃي. کيسي جو ته سخي ته نه ٿي سگھيو، پر زبان جي سخا ۾ ڪا ڪنجوسي نه ڪيائين. اھڙي پيار ۽ پريم جو پرچار ڪيائين جو خوف کان بلڪل خالي ھيو. اھو به اھڙي مٺڙي نموني ڄڻ ٻار ٿي پرچايائين يا رٺل ٿي سرچايائين. چي قبر کان ڪھڙو ڊپ؟ ھوءَ ته مائي مٽي ھئي. انسان کي پناه ٿي ڏنائين ۽ سندس لڄ ۽ آبرو ٿي رکيائين. ڄمڻ کان اڳ ماءٌ جو پيٽ ۽ مرڻ بعد امڙ مٽيءَ جو پيٽارو. دوزخ ته پاڻ وڃي روبرو ڏسي آيو ھيو. ھتي ڪا آڳ نه ھئي. اوھان فقط ھن دنيا ۾ باه لاءِ سامان جمع نه ڪيو. پاڻ تي ڪو ”الزام“ نه کڻو، ۽ قدرت کي سزا لاءِ ڪو بھانو نه ڏيو.
    ڪنھن ماڻھو وتائي تي وار ڪرڻ لاءِ مٿس لٺ اولاري، وتائي وائري ٿي پڇيو ته ايڏي ڪاوڙ ڪھڙي قصور ڪارڻ؟ لٺباز وراڻيو ته ”تون پاڻ چوندو آھين ته ھڻي ھڻائي پاڻ الله ٿو، پوءِ مون کي به اھڙو حڪم ڪيو ھوندائين.“ وتائي ٽھڪ ڏيئي چيو ته ”الله کي واڻيو مارڻو ھوندو ته ھر حال ۾ ماريندو، پر مورک تون پاڻ تي ”الزام“ ڇا لاءِ ٿو کڻين.“
    ھڪ ڀيري وتائي جي گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪا شئي به پچي. ماڻس چيس ابا مون کي ته ڪو اٽو به اڌارو نه ٿو ڏئي تون ڪو بلو ڀيڻي ڪر. وتائي چيو امڙ فڪر نه ڪر ، رزق جو ٺيڪو پاڻ کنيو اٿس. وڃي ٿو ان ٺيڪيدار کي ڳچيءَ کان وٺان. خالي ۽ ڦاٿل ڳوڻ کڻي ھڪ ٻٻر جي وڻ تي چڙھي منھن مٿي ڪري ھڪل ڪيائين ته ”مون جيان جيڪڏھن تنھنجا به خزانا خالي ٿي ويا آھن ته پنھنجي ڏيواله ھئڻ جو اعلان ڪر، ته آءُ ڪو ٻئي جو در تاڙيان، ورنه ان جي ڳوڻ ڀري ڏي جو امڙ ٿي انتظار ڪري.“ اڃان وڻ تي بيٺي الله سان حالي احوالي ٿي ٿيو ته ڪنھن ڪھل آڻي ٻاچڪو اٽي جو ڀري ھيٺ اچي رکيس. وتايو اٽو مٿي تي کڻي امڙ وٽ آيو ۽ چيائين ته ”اڄ ڪلھه پيھائي ٿو ڏئي ۽ اڃان ٻه چار منٽ ترسان ھا ته ماني پچائي به ڏئي ھا.“
    وتايو انھن سيلاني درويشن ۾ ھڪ ھيو جي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انسانيت کي آٿٿ ۽ ڏڍ ڏيڻ لاءِ وقت بوقت پئي ايندا رھيا آھن. جيئن يونان جو ڊايو جنيس، ترڪيءَ جو ملان نصيرالدين ۽ ايران جو شيخ چلي. اھو سلسلو صدين کان ھلندو اچي. دنيا جي ھر دور ۾ ڪو نه ڪو درويش اھو ورثو سنڀاليندو ۽ جاري رکندو رھي ٿو. پير ڳوٺ وارو آندو فقير ۽ خيرپور جو فولاد فقير به ساڳئي زنجير جون ڪڙيون ٿيون ڏسجن. ھر قسم جي درويشن واري انت ۽ بحر جي ڪا ڪل نه آھي. ھو ھر دم پنھنجي حال ۽ قال ۾ مست الست رھن ٿا. ھو نه بنده خدا ٿا ڏسجن، ڇاڪاڻ ته ھو مذھب جي احڪامن جي ڪا پيروي نه ٿا ڪن، نه بنده زمانه، جيئن جو زماني جي ھر تعلق ۽ تقاضا کان بلڪل آجا ۽ آزاد آھن. شرعي اعتبار کان ھي درويش دين ۽ دنيا ٻنھي دائرن کان ٻاھر آھن.
    مستن ۽ مجذوبن جيان اھڙن فقيرن جي ڪڍ لڳڻ يا سندن نقش قدم تي ھلڻ ھڪ سراسر ناداني ٿيندي. ڇاڪاڻ ته جڏھن ھو ڪنھن تي راضي ٿي دعا ڪندا ته وڌ ۾ وڌ کيس پاڻ جھڙو مست ملنگ بڻائي ڇڏيندا. جو صورتحال ھڪ ذميوار انسان لاءِ ھرگز قابل قبول نه ٿيندو. ھو غيرذميوار بي جوابدار ۽ بي لغام ”الله لوڪ“ آھن. کين نه گھر نه گھاٽ، نه رن نه روڳڙي ۽ نه مٽ نه مائٽ. آئٽا نپٽا. آئي ته کاڌي نه ته الله واھي. آخر اھي ماڻھو ٽھڪ نه ڏيندا ته ٻيو ڪير کلندو؟ ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته سندن معني خيز ”مرڪڻ ۽ مشڪڻ“ ھر زماني جي دلگير ۽ ڊنل آدم ذات لاءِ ھڪ دلداري ۽ دلاسو ۽ درس ثابت ٿئي ٿو. اڃا به جيڪڏھن ائين چئجي ته وتايو ۽ سندن طريقي وارا فقير ڪنھن به انساني درد جي ڪا دوا نه آھن، البت ھڪ قسم جي روحاني ”ائسپرو“ جيان عارضي طور انسان جي درد سري ۽ ٿڪاوٽ دور ڪري کيس آٿٿ ڏيئي تازي دم ڪن ٿا ۽ بس.



    محمد ابراھيم جويو

    ھڪ انگريز سيلاني خاتون، مائي اسٽيلا ھولٽ، جا موھن جو دڙو ڏسڻ لاءِ سنڌ ۾ آئي ھئي، تنھن ڳالھيون ڪندي سوال ڪيو ته اوھان وٽ ”پنھنجن سان پريت“ جي ڪسوٽي يا تصور ڪھڙو ھيو؟ سوال جي جواب ۾ مون کيس گوتم ٻڌ جي ھڪ پوئلڳ جي ڪھاڻي ٻڌائي. ته ھڪ بکشوءَ کي جڏھن ٻوڌين جي بھشت ”نروانا“ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چيو ويو، ته ھي چئي انڪار ڪيائين ته ”جيسين سڀئي بکشو بھشت ۾ نه پھتا آھن ته مون اڪيلي لاءِ جنت ماڻڻ ڪھڙي ڪم جي“ مائي ھولٽ اچرج ۾ اچي ٻيھر سوال پڇيو ته ڀلا اوھان وٽ ڪو اھڙو سنڌي موجود آھي جنھن کي ٻئي سنڌي لاءِ ايتري سڪ ھجي جا ٻوڌي بکشوءَ واري ماڻ جي لڳ ڀڳ ھجي؟ آءُ سوچ ۾ پئجي ويس. ڇاڪاڻ ته سنڌين کي پنھنجي ٻولي ۽ وطن جي حب ته بي حساب ھئي. پر ھڪ ٻئي سان سڪ؟ اھو چوڻ مشڪل ھيو. لاجواب ٿي ماٺ ويس. اھا ڳالھه پنجويھه سال کن اڳ جي آھي. پر جي اڄ ڪو مون کان ساڳيو سوال پڇي ته شايد کيس تڏي تي ئي ھڪ بجاءِ ٽن سنڌين جا نالا ڏيان، جي منھنجي خيال ۾ اھڙائي سنڌي ٿي سگھن ٿا. جويو صاحب انھن ٽن مان ھڪ آھي.
    محمد ابراھيم جويو سنڌ جي انھن اڻ ڳڻت انسانن ۾ھڪ آھي، جن کي اسين استاد جي عظيم ناتي سان سڏيندا آھيون. کائن علم پرائي پوءِ کين ادب احترام سان وساري ڇڏيندا آھيون. ڇو ته ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ نه فقط اسان جي پر دنيا جي پراڻي ورائت آھي. پر جويو صاحب اڪيلو استاد آھي جنھن پاڻ وسارڻ جو ڪنھن کي موقعو ئي نه ڏنو. اٽڪل اڌ صديءَ کان، سنڌ جي ھر نئين پيڙھيءَ سان، ”سکيا جو ساٿ“ سانده نباھيندو ٿو اچي. اٻرا سٻرا، ڪچ ڪنواٺ جي به سندس پناري پيا، سي لاڏو به مھري بڻائي راس ڪيا اٿائين. علمي سکيا کي پيٽ گذران جو پيشو ڄاڻڻ بجاءَ آدرش ۽ عبادت ڄاتائين. جڏھن ادب جي آتڻ ۾ پير پاتائين ته پنھنجون قلمي ڪوششون به سمجاجي سنوار ۾ سيڙايائين. اڄ ڪلھه جا ٿوري گھڻي ادبي، سماجي ۽ سياسي سجاڳي ڏسي ٿي، تنھن جو سھرو به گھڻين ڀانڱين سندس سر آھي.
    ائين به ڪو ھروڀرو صحيح نه آھي ته سنڌ ۾ ڪو استادن جي اڻ ھوند ھئي. جنھن کوٽ جي پورت جويو صاحب ڪئي ھجي. ھرگز نه. استاد اسان وٽ ڀلئون ڀل. اسان وٽ اھڙا استاد به ڪيئي ھوا جن سموري عمر علمي کيتيءَ جي سرسيتي ۾ گذاري ھئي. پر گھڻائي اھڙن جي ھئي جن جي درس مدرسن تائين اچي ڇيھه ٿي ڪيو. يا وري ڪي اھڙا به ھئا جن علم عقل کي پاڻ وٽ جمع ڪري محفوظ ڪيو ھو. جئن ڪي ڌن دولت ميڙي ڪوٺي ڪڍي وياج وٽيءَ جو وھنوار ڪن. ان لحاظ کان جويو صاحب ھڪ الڳ مڪتب فڪر جو استاد ھيو. علمي سکيا جي ڦھلاءُ گڏ علم جي طالبن کي علمي ترغيب جو سبق پڻ پڙھائيندو رھيو. ڳليءَ ڳليءَ وڃي ڪڙو کڙڪائي ۽ سڏ ڪري راه جي ڏاه ڏيندو رھيو. سنڌ ۾ اھڙو ڪو ليکڪ شاعر يا فنڪار شايد ئي ھجي جنھن سان دلي جاني سھڪار نه ڪيو ھجيس. وري اھڙي اڻٿڪ ۽ سر توڙ جاکوڙ به بنان عيوضي ۽ بنا اجوري!
    1938ع ڌاري سنڌ مدرسه اسلام ڪراچي ۾ گريجوئيٽ ماسترن جي ھڪ نئين کيپ وارد ٿي. جي ۾ اي ڪي بروھي صاحب، غلام الله ميمڻ، شيخ ساز علي، امداد علي شاھ بخاري ۽ جويو صاحب شامل ھوا. مڙني ۾ ھڪ ڳالھه ھڪ جھڙي ھئي. اھا ھي ھئي ته سڀيئي غريب سنڌي گھراڻن جا چشم و چراغ ھوا ۽ اڪثر ڳوٺاڻا ھئا. پر ھر غريب جي وڏي ڪمزوري ھميشه اھا ڄاڻائي وڃي ٿي ته کيس ڌن دولت جي سوچ ۽ لوچ شاھوڪار کان به وڌ رھي ٿي. سواءِ جويو صاحب جي ٻين سڀني ماستريءَ جي مرتبي کي مٿي چڙھڻ لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو. ذاتي ترقيءَ جي تاڪ ۾ رھيا. ترت داڻو ڪڻو ٿي ٽڙي پکڙي ويا. بروھي صاحب وڪيل ٿي وڃي وزارت کي رسيو. غلام الله صاحب کي گھاڻو وڻيو جتي اڃان سوڌو وھندڙ آھي. بخاري صاحب وڃي مختيارڪار ٿيو ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. شيخ ساز علي ملٽري ۾ ڀرتي ٿي ميجر ٿيو. جويو اتي ئي رھيو ۽ ڪنھن ٻئي رخ ۾ وک نه وڌائين. جي ھو به چاھي ھا ته دولت ديوي ۽ مرتبي جي مومل ماڻي سگھي ھا. پر ھن ماستريءَ جي مفلسيءَ کي پنھنجو نصيب ڄاڻي استاد ٿي رھيو ۽ اڄ به اھوئي آھي.
    چيو وڃي ٿو علم وڏي دولت آھي. بلڪل درست. پر منجھنس ھڪ وڏي اوڻائي آھي. جو ان دولت سان نه پيٽ ڀرجي سگھجي ۽ نه جسم ڍڪي ٿو سگھجي. نه وري علم سان زندگيءَ جي ٻي ڪا ضرورت ئي پوري ڪري سگھجي ٿي. ڇا لاءِ ته پيٽ پالنا جو واسطو پئسي سان آھي ۽ نه جاميٽري يا جاگرافيءَ سان. ۽ پئسو ڪمائڻ ھڪ ھنر آھي، کيڏ آھي يا ھٿ جي صفائي. پر علم نه آھي. خاص طور پئسي کي ٻيڻ يا ٽيڻ ڪرڻ ھڪ الڳ فن آھي. جو جادو جويو صاحب کي اصل ھٿ نه آيو ۽ شايد ان ڏس ۾ واجھه ئي ورلي وڌائين. سالن جا سال سعيد منزل لڳ ھڪ سوڙھي فليٽ ۾ اھل عيال سميت مسواڙي رھيو. اھو به ڪراچيءَ جھڙي جواگر شھر ۾. جتي ماڻھو پنھنجي قسمت اک ڇنڀ ۾ ھڪ ئي داءُ لڳائڻ سان بدلائي ڇڏيندا آھن.قسمت بدلائڻ ته پنھنجي جاءِ. پر ھي درويش پنھنجي لباس جي خاڪي پتلون به بدلائي نه سگھيو؛ جا چئن سالن تائين، سياري اونھاري مون ساڳي ڏٺي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ان زماني ۾ انگريزي ماستر جي پگھار سوا سؤ روپيا ھئي. جا اڄ رواجي بوٽ جي بھا به نه آھي. ته به تڏھن اھا وڏي مايا ليکي ويندي ھئي. انھن ڏينھن ۾ مون واري سٿڻ جا پاچا به آزاد نظم جيان وائکا، بي سرا ۽ کٿل ھوندا ھئا. شايد ان ڪري ٻين جي پٽڙي حالت منھنجي دلي آٿٿ جو ڪارڻ ٿيندي ھئي!
    ڪراچي جا اٺيئي سال جويو ٻار پڙھائڻ گڏ پنھنجي ذھني سرسيتي۽ ان اٻوجھه لوڪ لاءِ سوچيندو رھيو جن سان سندس ازلي انگ اڙيل ھيو. يا وري بقول سندس، جي مظلوم محروم ۽ مجبور ھوا. اھڙي سوچ ويچار لاءِ سمنڊ جو ڪنارو ھڪ وڏي اڀل ھيو. ڇوته ڪراچي شھر نه فقط گھمسان جي مڇي مياڻي آھي. پر پيدائش به ته مائي مھاڻيءَ جي آھي. سنڌ جي سرزمين سنڌو درياه جي ڏنل سوکڙي ئي سھي، پر حاصل ڪيل ته سمنڊ کان آھي جنھن کيس جيءُ ۾ جاءِ ڏيئي، پاڻ پرڀرو ٿي ڪيو. ھونءَ به سنڌ جي صورتحال جو صحيح تصور به سمنڊ کان ئي ٿي مليو. جنھن جي مٿاڇري تي ماٺائي ھئي ۽ اندر ۾ اوڌم متل. ھر وڏي مڇيءَ ننڍيءَ کي ھڙپ ٿي ڪيو. ننڍڙيون مڇيون سر بچاءُ خاطر سمنڊ جي ڪنارن يعني ٻھڙاريءَ ۾ ٿي رھيون. ڪناري لڳ وڏين مڇين اچڻ ئي پنھنجي ھتڪ ٿي سمجھي. جتي مانگر مڇن ۽ واڳن جو راڄ ھجي ته بلائن جو به مقابلو ته ڪرڻو ھيو. پوءِ پاڻي ۾ ھجن يا زمين تي. پر ھو ته مسڪين ماستر ھيو. ڇا ٿي ڪري سگھيو؟ پر جڏھن ھڪ منڊڙو مورڙو مانگر مڇ کي ماري ٿي سگھيو؟ ته ڇو نه ھڪ ماستر!
    گھٽ ۾ گھٽ ھو انھن گونگن گگدامن جي زبان ٿي سگھيو ٿي جي واقعن جي ڳاھٽ ۾ ڳاھجي پنھنجي آواز جي قوت وڃائي ويٺا ھوا. ان ڏس ۾ قلم کڻي جويو صاحب مضمون، چوپڙيون ۽ ڪتابڙا لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس لکڻيون ڪي عشق محبت جا داستان يا من گھڙت ڪھاڻيون نه ھيون. پر اھڙيون ٻاڻيون ضرور ھيون جن ماڻھن جي دلين ۾ آس ۽ اميد جا امڪان پيدا ٿي ڪيا. جي ستايل ھونئن خوف ۽ مايوسيءَ سبب گھٽيل ۽ دٻيل ھوا، جا وقت جي ضرورت به ھئي ۽ خلق خدمت به. سندس سوچ جي نپوڙ ھئي سماجي حق انصاف جي بحالي. يا پورھيت لوڪ راڄ. ”جويو“ صاحب ھي ڏسڻ ٿي چاھيو ته ھاري پنھنجي پوکيل سموري ڪڻڪ پاڻ کائڻ جي خوشي حاصل ڪن. ھر انگ اگھاڙي ۽ بکئي پيٽ کي نه فقط ڪپڙو لٽو ۽ ان اٽو ملي، پر کين ملڪي حڪومت ۾ حق ۽ حصو ھئڻ جو فخر به حاصل ٿئي. ھو به ان اوسيئڙي ۾ رھن ته سندن ٻار وڏا ٿي سکيا پرائي پنھنجي ملڪ جا جنرل ۽ فيلڊ مارشل ٿين. جي مسڪين ھاڻ چپراسي ۽ چوڪيدار به ٿي نه ٿي سگھيا. ذاتي طور جويو ڪنھن منطق يا مت جو مخالف نه ھيو سواءِ ”شاھيءَ“جي. پوءِ اھا آپيشاھي ھجي، نوڪر شاھي يا وڏيرا شاھي. ڇاڪاڻ ته اھي مڙوئي شاھيون ان انڌي طاقت جا جدا جدا روپ ھئا، جنھن طاقت کي ”ضمير“ ھيوئي ڪونه.
    سنڌ جي ڌرتيءَ تي پورھتين جا حق واسطا قائم ڪرڻ لاءِ ادب ۽ ثقافت جو سھارو وٺڻ ھڪ جائز ۽ لازمي وسيلو ھيو. ھڪ پٺتي پيل اٻوجھه عوام ۾ سياسي شعور ۽ سجاڳي آڻڻ لاءِ ٻيو رستو ئي ڪھڙو ھيو؟ ھي برابر آھي ته سنڌ جي ديسي ماڻھن ۾ ھزار عيب ۽ اوڻايون ھيون. پر انھن اوڻائين ھوندي به، سندن جي سنڌ تي حق ھوا، انھن ۾ ڪا ڪمي نه ٿي آئي؟ ورثو ھميشه وارثن جو ھوندو آھي. پوءِ اھي لولا ھجن يا لنگڙا. ڪو فرق ته نه ٿو پوي. زندگيءَ جي ذونق زنده رکڻ لاءِ کين نت نئين صبح جو سينھو ڏيڻ ضروري ھيو. نه ته جنھن قسم جي ٻاڙي ۽ ٻُسي زندگي سنڌي گذاري رھيو ھيو، ته سندس آخري اميد جي گل ٿيڻ جو به گمان غالب ھيو. ڇاڪاڻ ته انساني ذھن به زرعي زمين مثل آھي. منجھنس ھر ھلائي سانھر نه گھمايو ويو ته زمين ڦاٽي پوندي. جي پاڻ نه وڌو ويو ته سندس ڀَل ختم ٿي ويندو.
    پنھنجي زندگي ۽ سندس مقصد جي سمجھاڻي ڏيندي چوي ٿو ته ”اسين سنڌ وارا جنھن ڌرتيءَ تي ۽ جنھن سماج ۾ رھون ٿا ته ان ڌرتي ۽ سماج آڏو ھڪڙو مقصد ظاھر ٿئي ٿو. جيڪو وقت جو سڏ آھي، اھو ھي ته مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ رنڊڪون ۽ رڪاوٽون راھ ۾ اچن ٿيون انھن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، ۽ جي سازگار يا مددگاري چيزون آھن انھن کي پنھنجي سامھون چٽيءَ طرح ڏسي سگھون. منھنجي اھڙي دلي مراد جو پس منظر ۽ منطق اھو آھي ته آءُ ھڪ ھاريءَ جو پٽ آھيان. سنڌ جي ٻھراڙي جو ڳوٺاڻو آھيان. . . ۽ پورھيت آھيان. غربت، بيماري، جھالت، لاچاري ۽ ظلم. انھن جون جيئريون جاڳنديون صورتون ڏٺيون آھن. قائم ٿيل نظام جي ڪنھن به ھڪ انگ کي اسان ڪڏھن ڪنھن مظلوم جو پاسو کڻندو نه ڏٺو آھي. وڏيراشاھي سنڌ جي ڳچيءَ کان جھليو ۽ گھٽيو بيٺي آھي ۽ ان کي ساھ کڻڻ ئي نه ٿي ڏئي. جنھن مظلوم محروم ۽ مجبور عام خلق سان منھنجي ڄمڻ ۽ مرڻ جو واسطو رھيو آھي ھي ازلي انگ آھي. جيڪو ھر غيرت مند، خوددار ۽ باعزت ماڻھوءَ کي نباھڻو پوندو. ڪنھن کي ڪيئن ۽ ڪنھن کي ڪيئن!
    ان ازلي انگ جي ناتي نباھيندي جويو صاحب پنھنجي عمر جي سڄي پونجي سيڙائي آھي. سندس جاکوڙ جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو آھي. ڇاڪاڻ ته سندس سرسيتيءَ جي سيڙپ نئين فصل ۾ نه پر نئين نسل ۾ آھي. جنھن پوک جي پچي تيار ٿيڻ لاءِ پيڙھيون گھرجن. اسان جو نوجوان نه فقط الھڙ آھي پر تڪڙ ۾ پڻ آھي. اھڙي اٻھر جو ھن تريءَ تي بھشت تي طلبيو. جنھن معجزيءَ لاءِ جادوءَ جي ڏيئي جي لوڙ ھئي ۽ نه جويي جي. يا وري ڪو امام ھادي يا امام مھدي اچي سرواڻ ٿئي. جن جو ھاڻ اوسيئڙو ڪڍڻ اجايو ھيو. سندن جاءِ سنڌ ۾ ”استاد“ ورتي ھئي. ڪنھن سيکڙاٽن کي سکيا ٿي ڏني. ڪنھن لوڪ ادب جو وڃايل ورثو ٿي سھيڙيو. ڪنھن ڪانفرنسون ڪوٺائي جاڙيجا ٿي جاڳايا. ته ڪنھن پورھتين لاءِ پاڻ تي پتوڙيو. سڀئي ”استاد ھوا“ ۽ سڀني جي جدوجھد ساڳي ھئي. ته اسان جا اٻوجھا غربت جي ڌٻڻ ۽ پاپنديءَ جي پنجوڙن کان آجا ٿي سھڻي ۽ شانائتي نموني جياپي جون گھڙيون بسر ڪرڻ لائق ٿين. جنھن ڏس ۾ کين سھاري ڏيڻ جي سخت ضرورت ھئي.
    جويو صاحب جو ننڍپڻ گورن جي صاحبيءَ ۾ گذريو. ڦوه جوانيءَ ۾ انگريزن جي عروج جو سج غروب ٿيندي ڏٺائين. ڪانگريس جا آکاڙا ۽ مسلم ليگ جا ملاکڙا سندس اکين آڏو ٿي گذريا. جنھن گھرو چٽاڀيٽيءَ وڃي ورھاست جي وڍ ڪٽ تي دنگ ڪيو. ورھاڱي وقت ۽ تھان پوءِ جو ڪجھه سنڌ ۾ وھيو واپريو، ان جي اثر کان به متاثر ٿيندو رھيو. ڇٺي ڇماھيءَ پنھنجي دل جو غبار به لکڻين وسيلي ھلڪو ڪندو رھيو. نتيجي م جي عام طور عتاب سياسي سمجھه رکندڙن تي نازل ٿيندا آھن، انھن ۾ ڪجھه ڇنڊا مٿس به پوندا رھيا. جا ڪا وڏي ڳالھه ته نه ھئي. ڇاڪاڻ ته مھڻن سھڻ جا عادي سنڌي صدين کان آھن. ھاڻ کين ”ڏاھر جي اولاد“ سڏي سرخرو ٿي ٿيا. ڀانئن ته محمد بن قاسم اصل کوکرا پار کان اچي سنڌ فتح ڪئي ھئي! مزو اھو جو مٿن الزام ”اسلام“ جي نالي ۾ مڙھيا ئي ويا. جو عجيب پڻ ھيو. ڄڻ ته ڏھٽيءَ، نانيءَ کي ويم ڪرڻ ٿي سيکاريو.
    ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھيم ته انساني زندگي ھڪ قسم جو ”کل ڀوڳ“ يعني (ڪاميڊي) آھي. جيڪڏھن کيس پري کان ڏسجي ته. پر ھڪ غمخناڪ حادثو (ٽرئجڊي) جي کيس ويجھو ٿي پسجي. سنڌ جو به ھر حڪومت لحاظ کان ساڳيو حشر پئي رھيو آھي. کيس ھميشه پھاڙي اوچائيءَ تان پئي جانچيو ويو آھي. ۽ اوڏڙو اچي سندس گھايل ۽ ڦٽيل وجود کي ڏسڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪئي ويئي آھي. نه ته اھڙي تعصب، ڌڪار يا نفرت جي ته ڪا ڳالھه ئي نه ھئي. ھن حقيقت جي ڄاڻ ھر ھڪ کي ھئڻ گھربي ھئي ته تاريخ جي روشنيءَ ۾ سڀني ”نظرين“ جو ھڪجھڙو تصور رکڻ يا ھڪجھڙي مڃتا ھئڻ ناممڪن پڻ ھئي. ڇاڪاڻ ته روائت زباني ھجي يا لکت ۾، پر ھر تاريخ جي ڪسوٽي ”يقين“ تي منحصر ھئي. جي ھي صحيح آھي ته پوءِ ڪنھن تي يقين ڪريون؟ ظاھر آھي ته پنھنجن ماڻھن تي. اڳ ۾ انھن تي جن جا اسين ڄايا ۽ نپايل آھيون. پوءِ ڪھڙي سبب اسين پنھنجن ابن ڏاڏن کي ڪافر ۽ غدار سڏيون باقي ٻين کي غازي ۽ حق جو علمبردار؟
    سنڌي فطرتي طور تي شڪرگذار ۽ ٻانھن ٻڌي دعاگو قوم آھن. ھو ته انھن جا ڳڻ به ڳائيندا رھيا آھن جن ساڻن جنگيون ڪيون ۽ مٿن حڪومت ڪئي. خاص طور انھن جا، جن آئي اسلام جي روشني آئي يا جن سندن ٻاجھاريءَ ٻولي کي سنواريو ۽ ورسايو. پر ھو ان حقيقت کان ڪيئن انڪاري ٿين ته ھو ھن ديس جي مٽي نه آھن؟ آخر سڀئي سنڌي ڪو عرب کان پارسل ٿي ھت نه پھتا ھئا. پنھنجي اصليت وسارڻ ڪو ھروڀرو اسلام ته نه آھي. جي ڪي ماڻھو اسلام قبول ڪري شيخ عبدالمجيد ٿو سڏائي ته ھو پنھنجي پيءُ ليلارام ھئڻ کان به انڪار ڪري ڇا؟ جي ائين آھي ته پوءِ ھر سنڌي مسلمان ڪھڙي نسبت اختيار ڪري؟ حضرت عيسى واري؟
    جويو صاحب جو الله سان عشق آھي الاجي نه؟ جنھن سنڌ ۾ سدائين سڪر سڻائي پئي ڪئي آھي. پر اھا شاھدي جويو جا دشمن به ڏيندا ته سندس سنڌ جي ماڻھن سان بيحد عشق آھي جن پنھنجي محسنن کي ڪڏھن به نه وساريو آھي. اھڙي اٿاه عشق جي وڏي ضرورت پڻ ھئي، ڇاڪاڻ ته سندن پريشانين ۾ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ اضافو ٿي رھيو ھيو. ڇو ته ھاڻ کين پنھنجي صفحي ھستيءَ تان مٽجي وڃن جو خطرو درپيش ھيو. ھو ٻن باھين وچ ۾ گھيريل ھوا. پنھنجن جي بي رخي ۽ پراون جي بي رحمي. جياپي لاءِ جدوجھد جاري ھئي، جو قدرت جو بنيادي اصول ھيو. جنھن قدرت ٻوٽن جانورن ۽ ماڻھن کي بچاءُ ۽ بقاءَ لاءِ طاقت ٿي بخشي. سنڌ ڪو قدرتي قانون جي دائري کان ٻاھر ته نه ھئي؟


      شاھ جي سنڌي موسيقي

    شاھ لطيف ڀٽائي سنڌ جو عظيم ۽ زندھ صوفي شاعر آھي. سندس روحاني جوھر رسالي جي ھر بيت ۽ وائيءَ ۾ پيو جھرڪي. جنھن ٻاجھون ھو لکن ڪروڙن دلين تي ڇانيل رھي ٿو. جھڙس مثال پاڪستان توڙي ھندستان ۾ ملڻ مشڪل آھي. ارمان فقط ھي آھي جو ھن روحاني رھبر جي ھڪ ٻي حيثيث جا پڻ پنھنجي جاءِ ”عظيم“ آھي، تنھن کي درگذر ڪري ڪيو ويو آھي. دراصل شاھ جو مقام بطور ھڪ صوفي ۽ شاعر جي، ماڻھن جي دل ۽ دماغ تي ايترو غالب رھيو آھي جو سندس ”موسيقار“ ھئڻ جو مرتبو صحيح معنى ۾ اجاگر ٿي نه سگھيو. توڻي جو ھو ان رتبي جو صحيح حقدار آھي. شاھ پنھنجي سنگيت واري فن جي لحاظ کان موسيقي جي افق تي اھا جاءِ والاري ٿو، جتي تانسين، امير خسرو ۽ سلطان حسين شرقي چمڪندرن ستارن جيان نظر اچن ٿا. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته اسان جي ملڪ جي دانشورن ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻن کي ايترو دئو نه پيو، ته ھو شاھ جي لات واري لاٽ جي سوجھري ۽ شعاع کي ڏسي سندن فن جي ڪمال کي به پرکي سگھن ۽ ان عظيم ورثي کي سنڀالي ۽ محفوظ ڪري رکن.
    راڳ شاھ جو جياپو ھو. ۽ ساھ به سماع ۾ ڏنائين. چوندو ھيو ته منھنجي دل ۾ الاھي محبت جو ٻوٽو آھي جو راڳ سان سائو رھي ٿو ۽ راڳ سواءِ سڪيو وڃي. ڏينھن جا ڏينھن سماع ۽ سرود ۾ گذاريندا ھيس. آلاپ سان اکين ۾ آب جاري ھوندو ھيس. تنبورو چوري ڳائڻ ۾ ڇٽڪندو ھيو. پوءِ وجد ۽ ڪيف ۾ بيت ۽ وايون بي اختيار سندس مک کان روان ٿينديون ھيون. ھي حقيقي ۽ معرفت جا موتي ائين موسيقيءَ معرفت آيا، جن اچي رنگ لاتو ۽ واھ جو رنگ رچايو.
    جيئن ”شاھ“ پنھنجي بيتن ۽ واين جي مضمون ۾ اھڙي روحاني رمز رچائي جو دل من لائي پڙھندڙ ڄڻ زمان ۽ مڪان جي قيد کان آجو ٿي لاھوت لامڪان تي رسي ٿو. ساڳي ريت ”شاھ“ پنھنجي دور جي لوڪ سنگيت کي سنواري اھڙي ھڪ لطيف ”لئه“ بخشي جنھن جي لذت ۽ لست اکرن ۾ بيان ڪرڻ اوکي آھي. ان لطيفي لات جو مزو انھن کان پڇيو جن رات وھاڻي کان وٺي باک ڦٽيءَ تائين اھا موج ماڻي ھوندي. يا وري اھڙي ڪيفيت اھي سمجھائي سگھن جي سنگيت جا صراف ھجن. باقي رڍن اڳيان رباب ته وڄائيندي ورھيه ٿيا.
    ھتي ھي ڄاڻڻ ضروري ٿيندو ته سنڌي سنگيت ھندي ڪلاسيڪي موسيقي جي شاخ نه آھي پر ھندستاني موسيقي جو اصل ۽ نج سرمايو آھي، جا موسيقي ڏاکڻي ھند ۾ اڀري ۽ سترھين صديءَ جي اوائل ۾ عروج تي پھتي. ٿي سگھي ٿو ڪي ماڻھو ان ڳالھه سان شامل راءِ نه ٿين. پر ان دعوا لاءِ نيٺ تواريخي حقيقتون پيش ڪري ٿيون سگھجن، جنھن بحث لاءِ ھن مضمون ۾ ڪا گنجائش خير ڪي آھي. في الوقت اسان کي فقط ھي ثابت ڪرڻو آھي ته شاھ لطيف سر سنگيت ۾ ھڪ نئين ريت ۽ روايت جو باني پڻ ھيو.
    جھڙي طريقي امير خسرو ھندستانيءَ موسيقي کي ايراني ۽ عربي موسيقيءَ واري کھنبي جي چَٽ ڏيئي نئين سر ”ڌن ۽ راڳن“ کي ترتيب ڏني ۽ اھڙي حڪمت عمليءَ سان ھڪ خشڪ موسيقي کي عوامي موسيقي ۾ تبديل ڪيو. ساڳئي ريت شاھ لطيف پڻ موسيقيءَ جي دنيا ۾ ھڪ نئين تصور کي جنم ڏنو، جنھن رخ ۾ شاھ جو ڪو ثاني نظر نه ٿو اچي. شاھ موسيقيءَ ۾ اھو انقلاب آندو جو لينن روس ۾ ۽ مائوزي تنگ چين ۾ آندو. پر ھو خوش قسمت ھوا جو سندن ڪڍ قوم ھئي. شاھ جي قسمت ۾ مون پارا ٺڪر ٺوٻر لکيل ھوا. ڀٽائيءَ جي موسيقيءَ کي محلاتن کان ٻاھر آڻي ھڪ اھڙو روحاني وسيلو بڻائڻو ھو جنھن ذريعي ھڪ عام ماڻھوءَ کي پنھنجي ذات جي ڄاڻ ۽ پنھنجي خالق حقيقيءَ جي ھستيءَ جي سڃاڻ حاصل ٿي سگھي.
    شاھ لطيف واري زماني ۾ ھندستاني موسيقي پنھنجي شباب تي ھئي. توڻي جو مغل سلطنت جو سورج غروب ٿي رھيو ھيو. دھليءَ ۾ محمد شاھ ثاني جو دور ھيو. درٻاري ڳائڻا ۽ درٻاري راڳڻيون زورن تي ھيون. پر ھندي موسيقي اڻانگي ۽ پيچده ”ٺاٺ ۽ تال“ سبب عوام ۾ مقبول نه ھئي. خاص طور سنڌ ۾ ، ھندستاني موسيقي جو ايترو چرچو نه ھيو. ٿي سگھي ٿو ھندستان جيان اھا شاھاڻي عياشي فقط حڪمرانن تائين محدود رھي ھجي. جيئن ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ ھند جا ٻه مشھور ڳائڻا ”اٽل ۽ چئنچل“ آيل ھوا، جن کي ڀٽ تي شاھ ڏانھن اماڻيو ويوھيو. ھي برابر آھي ته شاھ کان اڳ ۽ شاھ واري وقتن ۾ سنڌ اندر لوڪ راڳ ۽ راڳڻيون رواج ۾ ھيون ۽ ضرور ھونديون، پر انھن بنسبت ڪا پوري خبر چار موجود نه آھي ۽ نه ئي ڪا اھڙي جاچ پرتال ڪئي وڃي ٿي، البت ھي ھڪ تاريخي حقيقت آھي ته سھڻي لطيف ڪلاسيڪيءَ موسيقيءَ کي عوامي سنگيت جي سرچشمه سان ھڪ نئون لاڙو ڏنو جو عام ماڻھن ۾ بيحد مقبول ٿيو ۽ اڄ به آھي.
    شاھ لطيف سنگيت جي ھڪ نئين مڪتب جو بنياد رکيو جنھن ۾ اڄ به شاھ جو ڪلام ڳايو وڃي ٿو. پوءِ ھي ٻي ڳالھه آھي ته ان سنگيت جو دائرو ڪجھه فقيرن جي اوتارن ۽ شاھ جي درگاھ تائين محدود رھجي ويو آھي. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام جي جدا جدا حصن کي انھن خاص راڳن ۽ راڳڻين سان نسبت ڏني جن سرن جي آلاپ ۾ اھي بيت ۽ وايون ڳائڻيون ھيون. جيڪڏھن شاھ جي ڪلام ۽ ڪلام جي راڳ واري ترتيب کي فني لحاظ کان ڏٺو وڃي ته آنڱريون ڏندين ڏيڻيون پون. ڪلام جي مضمون ۽ راڳ جي تاثر وارو جوڙجڪ ۽ چونڊ مڪمل طور ۽ سائنسي طريقي رٿيل ھئي. ڪمال ھي جو اکرن آلاپ ۽ شاھ جي پيغام ۾ تفاوت ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي، جيڪڏھن شاھ واري ڪلام، کي ڳائيندڙ شاھ جي ڏسيل دڳ ۽ منزل کي سامھون رکن ته.
    پنھنجي ڪلام کي موسيقيءَ جي نئين رخ ۾ ڳائڻ لاءِ سڀ کان اول، شاھ ھڪ ساز ايجاد ڪيو. ھي خاطريءَ سان چئي نٿو سگھجي ته ان ساز جو نالو ”تنبور يا طنبور“ شاھ ئي رکيو. ڇاڪاڻ ته ھي ساز پھريون مصر ۾ ايجاد ٿيو ھيو ۽ پوءِ وچ اوڀر ۽ ايران کان ٿيندو سنڌ ۾ پھتو. پر اھو ساز ان زماني ۾ الڳ شڪل جو ھيو ۽ ان ۾ فقط چار تارون ھيون. جنھن سبب کيس ھند يا سنڌ ۾ ”چوتارو“ سڏيو ويندو ھيو. شاھ پنھنجي تنبور کي پنجن تارن سان سينگاري تيار ڪيو جنھنجي تارن جي ترتيب ھن طور ھئي. پھرين ٻاھرين تار کي ”مده سپتڪ“ جي ”پنجم“ تي رکيائين. جنھن کي سنگيت ۾ ”زبان“ چيو ويندو آھي. ھيءَ تار ساز جو روح آھي جنھن وسيلي ”ڌن“ کي ادا ڪيو ويندو آھي. باقي چار تارون پڻ ان سان الڳ جڙيل آھن. ھنن تارن ۾ پھرين تار مندر سپتڪ جي ”سا“ ، ٻي ۽ ٽين تار ”مده سپتڪ“ جي ”سا“ ۽ چوٿين تار جا ”زبان ساڻ“ ھوندي آھي اھا ”تار سپتڪ“ جي ”سا“ تي رکي ويئي آھي.
    ھن تنبور ۾ ”پنجم“ بنيادي سر آھي. ياد رھي ته اھو انوکو طريقو فقط شاھ جي تنبور ڏٺو وڃي ٿو. ان ”پنجم“ جو ٽنھي مقامن (مده مندر ۽ سپتڪ) جي ”سا“ سان ميل ميلاپ ۾ جو مجموعي تاثر پيدا ٿئي ٿو، اھو ھڪ خاص ڪيفيت رکندڙ آھي. جنھن اثر ھيٺ عارفاڻي ڪلام جو پيغام ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي نقش ٿي وڃي ٿو. ھن تنبور جو ٻيو رخ ھي آھي جو ھي ساز تار مڪان (تال) جو به ڪم ڏئي ٿو يعني ڍولڪ گھڙي ۽ دف جي وڄت جو. آلاپ سان سر ۽ ڪلام جي ”ڌن“ پيدا ٿئي ٿي. جڏھن وائيءَ جو وارو آئي تنبور تي جا ”ضرب“ ھنئي ويندي آھي اھا ”تال“ جو ڪم ڏيندي آھي. ڏسجي ائين پيو ته شاھ جو اصلي مقصد ھيو عارفاڻي ”ويراڳ“ کي ڪلاسيڪي ”تار مڪان“ جي پيچده نظام ۽ ڌما چوڪريءَ کان پاڪ صاف رکڻ. تنبور ھڪ طرف ته الاپ جي سنگيت ٿو پيدا ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ ھڪ سڌي سادي ”تار مڪان“ جي وڄت جو به ڪرتب ٿو ڪري.
    الاپ سان تنبور جي سنگيت ھن لاءِ ضروري آھي ته ھي ساز ڳائيندڙ کي پنھنجي قائم ڪيل سر کان پاسيرو ٿيڻ يا پٺتي ھٽڻ کان روڪي ٿو ۽ کيس ساڳي راه تي ھلڻ تي مجبور ٿو ڪري. ھن تنبوري جي وڄائڻ سان ٻيو مقصد ھي ٿو پورو ٿئي ته ڪنھن طبله، گھڙو يا دف وڄائڻ جي ضرورت نه ٿي رھي. ٽيون فائدو ھي آھي ته پنجن تارن جي ميلاپ ۾ جو لھرو پيدا ٿئي ٿو ان جي سھاري پيغام جو مطلب صاف نروار ٿيو پوي. شاھ صاحب ”تارمڪان“ جا فقط ٻه بنيادي رخ اختيار ڪيا. جنھن کي ھڪ ”دو تالي“ چون ٿا ۽ ٻي ڏيڊ تال. انھن وڄتن جي سنگيت ۾ سڀ ”ڌن“ ڳايون وينديون آھن. شاھ جي راڳ جو ھي ھڪ نئون انداز ھيو ته ھر ”ڌن“ پنھنجي خاص لئه ۾ رچي راس ٿئي ۽ آلاپ کي ڪنھن الڳ ضرب جي ضرورت پيش نه اچي. ھي ھيو فقيراڻو ۽ عارفاڻو ويراڳ!
    شاھ جي رسالي ۾ جي راڳ ۽ راڳڻيون ڄاڻايل آھن ۽ جن سرن جي سري سان بيت ۽ وايون ترتيب ڏنل آھن اھي ٽيھارو کن آھن. جيئن ته يمن، حسيني، ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سھڻي، سارنگ، ڪيڏارو، ديسي، برووھندي، سورٺ، برووسنڌي، رامڪلي، بلاول، آسا، ڌناسري، پوربي، ڪاموڏ ۽ بسنت. ٻئي حصي ۾ سامونڊي، آبري، معذوري، ڪوھياري، راڻو، کاھوڙي، رپ، ليلان، ڏھر، ڪاپائتي، پرڀاتي، گھاتو، شيه ڪيڏارو، مارئي، ڍول مارو، ھير ۽ ڪارايل. انھن سرن ۾ سر آبري، سر بيراگ ھندي، ھير رانجھو، سر برووسنڌي، سر رامڪلي، سر مارئي، سر ڍول مارئي، ڌناسري ۽ سر بسنت بھار ڪن دانشورن جو رايو آھي ته اھي سر ڪن ٻيئن سگھڙن جا بعد ۾ بيان ڪيل آھن ۽ شاھ جو ڪلام نه آھن.
    شاھ لطيف ڪلياڻ، بلاول ۽ کنڀات (کماچ) کي سندن اصلي ڪلاسيڪي ترتيب تي برقرار رکيو پر باقي چوڏھن راڳڻين کي خاص انداز ڏنو. شاھ واري ڪلام ۾ جا ھڪ عجيب رمز رکيل آھي اھا ھيءَ ته راڳ ۽ راڳڻين جو بنياد ته ڪلاسيڪي آھي پر آلاپ جي ادائگي بلڪل نرالي رنگ ڍنگ جي رکي ويئي آھي. ممڪن آھي ته اھي راڳ ۽ راڳڻيون عارفاڻه ڪلام جي حقيقت سمجھائڻ خاطر ڪلاسيڪيءَ موسيقي جي وڙ وڪڙن ۽ بندشن کان آزاد ڪري عوامي رنگ ۾ رنڱيون ويون ھجن!
    ٻئي حصي جي سترنھن راڳ ۽ راڳڻين جو سھرو شاھ لطيف جي سر آھي. ھي سڀئي نج سنڌي سر آھن جن جو ھندستاني ڪلاسيڪي موسيقي سان ڪو لڳ لاڳاپو يا مٽي مائٽي ڪانه آھي. وڌ ۾ وڌ ھي چئي سگھجي ٿو ته اھي سر انھن راڳڻين جو عڪس آھن جي ان زماني ۾ سنڌ اندر رواج ۾ ھيون. پر ساڳئي وقت ھي به ثابتيءَ ۽ خاطري سان دعوا ڪري ٿي سگھي ته انھن سرن جا حوالا ۽ ترتيب سواءِ شاھ جي رسالي جي ٻئي ڪنھن به ڪتاب يا نسخي ۾ نه ڏنل آھن، جنھن آڌار تي ھي پتو پئجي سگھي تي اھي سر اڳ ۾ استعمال ۾ ھوا. ته ڇا انھيءَ شڪل ۾ ئي ھوا جو روپ کين شاھ ڏنو آھي؟ ھي ھڪ اھڙو ڏکيو سوال آھي جنھن جي تحقيق واسطو رکندڙ قومي يا خانگي ادارا ئي ڪري سگھن ٿا.
    شاھ جي ترتيب ڏنل،نئين اندازي واري سنگيت، جا نج عوامي رنگ جي آھي. تنھن سنڌ جي موسيقي جا ڪايا پلٽي ڇڏي. ھي برابر صحيح آھي، ته سنڌ ۾ ڪلاسيڪي راڳ جيئن ته ڪلياڻ سارنگ ڪيڏارو آسا بلاول ۽ بسنت اڄ به ڳايا وڃن ٿا. پر جي سر عوام ۾ وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا اھي آھن ڪوھياري، راڻو، پرڀاتي، سورٺ، مورو ۽ ڏھر جي خالص سنڌي سر آھن ۽ سندن ھندستاني راڳڻين سان ڪو واسطو نه آھي. ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته ڪوھياڙي ۽ پھاڙي، سورٺ ۽ ديس، راڻو ۽ درگا، راڳڻين جا سر پاڻ ۾ ملندڙ جلھندڙ نظر اچن ٿا. پر جيڪڏھن فن جا ڄاڻو ۽ تنوار ھڪ ٻئي کان بلڪه الڳ ٿلڳ آھن. خاص طور راڻو ۽ ۽ مورو ته ھندي سنگيت جي ڇھه راڳ ۽ ڇٽيھه راڳڻين جي دائري کان عليحده آھن.
    شاھ جي موسيقي ۾ جنھن نمونه سرن جو ميل حاصل ٿئي ٿو، ھندي موسيقي ان انداز کان خالي آھي. حيرت ھن ڳالھه جي آھي ته راڳ ۾ سرن جو ميل سڀ کان پھريون ڀٽائي آندو جو ھن ريت رچايو وڃي ٿو. شاھ جو ڪلام ھميشه پنجن يا ڇھن ڄڻن جي ٽوليءَ طرفان پيش ڪيو ويندو آھي، جنھن ۾ ھڪ بنيادي ڳائيندڙ ھوندو آھي ۽ باقي ٻيا ڳائڻا پيروي ڪندا آھن. جيئن بيتن پوري ٿئي وائيءَ جو وارو ٿيندو آھي ۽ لئه چوٽ تي پھچندي آھي ته اڌ جيترا ڳائڻا ”ناز سپتڪ“ جو سر آلاپيندا آھن ۽ باقي ٻيا ”مندر آستان“ جو. ان طرح ھيٺين ۽ مٿين سرن جي ميلاپ سان نغمه سرائيءَ جو اثر پيدا ٿيندو آھي، ان جو مثال ھندستان توڙي پاڪستان اندر ڪنھن به موسيقي جي مدرسي ۾ ملڻ مشڪل آھي.
    افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته شاھ جو اھڙو عظيم ثقافتي ورثو، جو اصل پاڪستاني موسيقي آھي، ان کي نه ته ريڪارڊ ڪيو ويو آھي ۽ نه آلاپن جي نوٽيشن لاءِ ئي ڪو انتظام ڪيو ويو آھي. انھن راڳ ۽ راڳڻين جي اصل شڪل ۽ ترتيب ڪھڙي ھئي ۽ انھن جي اھميت شاھ جي ڪلام واري روشني ۾ ڇا آھي؟ ان جو گھري ۽ فني نظر سان اڃان ڪو جائزو نه ورتو ويو آھي، ٿي سگھي ٿو ته انھن سرن ۾ گھڻن جي اصلوڪي يا صحيح صورت ھاڻ فوت ٿي چڪي ھجي.


      آغا بدرالدين احمد دوراني

    وياسي وينجھار

    اڄ جيڪڏھن سنڌ جي انھن سڀني سڃن شھرن درميان چٽاڀيٽي ڪرائي ويندي جي زماني جي گردش ۾ اچي ڏتڙجي ڀينگ ٿي ويا آھن، ته موھن جي دڙي جي مقابلي ۾ ڪو واحد ۽ زوردار ڪئڊيڊيٽ وڃي باقي رھندو، اھو ڳڙھي ياسين جو شھر ھوندو. وري جي اليڪشن به فيئر ٿئي ۽ لاڙڪاڻه وارا دٻڙ دونس نه ڪن، ته پوءِ انشاءالله ڳڙھي موھن جي جي دڙي کي ڪوھين ماري ويندي. حالانڪه موھن جي دڙي کي اجڙئي پنج ھزار سال ٿي چڪا آھن ۽ ڳڙھيءَ جي بربادي ڪالھوڪو قصو آھي.
    ڪو زمانو ھيو ڳڙھي بلي بلي ھئي ۽ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. سندس ھنداڻا، گھاڻان۽ واڻيا ملڪان ملڪ مشھور ھئا. پر پوءِ وقت جا وارا نيارا آھن. 1931ع ۾ براج آئي ته ھنداڻا ويا. 1941ع ۾ سم سيڪ ۽ ڪلر منھن ڪڍيو ته سرنھن ڄانڀي جي جاءِ وڃي چڻي مٽر ورتي. ويچارا گھاڻائي پاڻ تيل ٿي ويا. 1947ع ۾ پاڪستان ٿيو، ته واڻين ۾ اچي ٽاٻڙڪو پيو. ڪو ڪڻو داڻو وڃي رھيو نه ته ويڙھن جا ويڙھا اباڻا ڪک ڇڏي ھندستان لڏي ويا. تڏھن به ڳڙھي جي اوج ۽ موج ۾ ڪو فرق ڦير ڪي آيو. شايد ھن ڪري جو سندس والي وارث زنده ھيو. جڏھن اھو به ھليو ويو، ته پوءِ ڳڙھي حال کان بيحال ٿي ڍرڪي پئي. سچ چوندا آھن ته ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.“
    اھو مرد مجاھد آغا بدرالدين احمد دوراني جو اڄ کان پورا ڏھ سال اڄوڪي ڏينھن تي راه رباني وٺي رمندو رھيو. ”انا الله وانا اليه وراجعون“. بختاور پاڻ ته ويو پر ڏسجي ائين ٿو ڄڻ ڳڙھي ياسين جو ڀاڳ بخت به سندس ڪڍ ھليو ويو. ھي برابر آھي ته جوڳيءَ وئي جوءِ خالي ۽ مھنت وئي مڙھي ضرور سڃي ٿيندي آھي. پر ھڪ مڙھيءَ ۽ ڳڙھيءَ جي سڃي ٿيڻ درميان وڏو فرق آھي. سج ھر ھنڌ لھندو آھي پر سج لٿي به سنجھا جا ڏيئا ضرور پيا ٽمڪندا آھن . جيستائين وري ڪو صبح جو سائين ڪني ڪڍي. پر آغا وئي اھڙي اونده ٿي آھي، ڄڻ ڳڙھيءَ ۾ ڪنھن سج اڀرڻ کان ئي قسم کڻي ڇڏيو آھي.
    ڪجھه ڏينھن ٿيا، سانگي سان، ڳڙھيءَ وڃن ٿيو. عادت انوسار ٽپڙ گھر رکي آغا جي آشياني ڏانھن پنڌ پيس. در بند ڏسي وائڙو ٿي ويس. سالن کان اھو لنگھه پئي لتاڙيم. پر مونکي ته انھن دروازن جو تصور ذھن ۾ ئي نه ھو، جي اڄ اکين پسيم. تعجب اھو، جو در بند ڏٺم. پھرين ته سڏ ڪيم، پوءِ سمڪ آيم ته ڪڙو کڙڪايم. پلڪه پھر جي اوسيئڙي بعد ڪنھن جي اچڻ جي آھٽ ٻڌم. ڪو سڌ سماءُ ئي لھڻ آيو ھيو. شايد چوڪيدار ھوندو! ڏٺم ته ڪنھن در جي ٻيڪڙ ۾ اک اٽڪائي منھنجو جائزو ٿي ورتو. ٿي سگھي ٿو ته آءُ عبدالرحمان ڌاڙيل ھجان ۽ پنھنجي پيشي جي حاجت ضروريءَ لاءِ ھت آيو ھجان؟
    واءُ سواءُ وٺي ھاتقي رڙ ڪري پڇيائين ته ”ڪنھن سان ملندين؟“ آءُ ھڪ ٻڪو ٿي ويس. سوال پنھنجي جاءِ تي صحيح ھو، ليڪن مون وٽ ڪو جواب ڪونه ھو. مونکي ڪنھن سان ملڻو ھو؟ جنھن سان ملڻ ايندو ھيم اھو ته ھتي خير ڪي ھو. پوءِ آءُ ڪنھن سان ملڻ لاءِ ڪھي آيو ھيس؟ پشيمان ٿي پٺين پير واپس وريس. تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي قبرستان ڏانھن وک وڌايم.
    سندس پيرانديءَ کان وڃي بيٺم. جڏھن بيھي ٿڪس ته پلٿي ماري ويھي رھيس. محسوس ائين ٿيو ڄڻ آغا اوجاڳي باعث گھري ننڊ ۾ ھيو ۽ آءُ سندس سجاڳيءَ جي اوسيئڙي ۾ ھيس. سندس اڄوڪي ننڊ ڪجھه انوکي ٿي لڳي. آغا ۽ خاموشي! کوڙو ئي نٿي لڳو. جي سندس جاڳڻ گجگوڙ ھو ته ننڊ به گھٽ گونج واري نه ھيس. ھو ته ھر حال ۾ زندگيءَ جي ڀرڀور وھڪري سان ڇلڪندو رھندو ھيو.
    آغا جو خير صلح وارو ڳالھائڻ به نغارن جي نوبت ۽ ڌمال جي غوغاءُ کان رتي ڀر به گھٽ نه ھوندو ھيو. ھو محترم مير علي احمد ٽالپر ۽ محمود علي قصوريءَ جيان پاڪستان جي انھن ٽن ھستين ۾ ھڪ ھو، جن سموري عمر ھوريان ڳالھائڻ جي ڪڏھن ڪوشش ئي ڪانه ڪئي ھئي. کين خبر ھئي ته سندن اھڙي ڪوشش بيسود ثابت ٿيندي.
    وري سندس کلڻ جي اسٽائيل ۽ انداز ئي پنھنجي نوعيت جو ھو، جو ھڪ رعد جي راڙ کان گھڻو مختلف نه ھو. مونکي ڪيترن ئي ماڻھن قسم کڻي ٻڌايو ھيو ته جن سندن پھرين بار ٽھڪ ٻڌا ھا، ته آغا جا ڪڙاڪيدار ۽ فلڪ شگاف ٽھڪڙا سالن تائين سانده سندن ڪنن ۾ گونجندا ٿي رھيا.
    مون اھڙو رلڻو ملڻو مڙس پنھنجي اڌ صديءَ جي عمر ۾ ورلي ڏٺو. مذاق سندس جولانيءَ طبع جو ھڪ بادواڻ ھو. زنده دلي سندس لاءِ به بسر خود زندگيءَ ھئي. ھو زندگي ۽ موت جي منجھيل مسئلن ۾ ڪڏھن به متلا نه رھيو. ھن لاءِ ھي وسھڻ ڪافي ھيو ته زندگي ھڪ خوش فھمي ھئي ۽ موت ھڪ غلط فھمي! ھو بخوبي ڄاڻندو ھو ته ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين زندگي جي تمام مدت ھڪ مسلسل روئڻ جي پرئڪٽس ھئي. پوءِ ڪنھن مھانگائي لاءِ ٿي ماتم ڪيو ته ڪنھن وقت جي بي وفائي يا قسمت جي ناسازيءَ تي ڳوڙھا ٿي ڳاڙھيا. يا ڪنھن جي ڪا مومل مري وئي ھئي يا وري ڪنھن جو راڻو رسي ويو ھو!
    مطلب ته انسان ڪنھن نه ڪنھن بھاني مک جيان مٿو پٽيندو ٿي رھيو. جڏھن سڄي زندگي جي حيثيث ۽ مدت ھڪ سئنيما جي انٽرويل کان وڌيڪ نه ھئي، ته پوءِ ڇو نه انسان اھا گھڙي کلي گذاري. شايد اھو ئي سبب ھيو جو آغا مرحوم کي ڇٺي ڇمھاھي ڪاوڙ ۾ ضرور ڏٺو، پر مايوس يا غمگين؟ ھرگز نه!
    آغا مرحوم جي گفتار، تقرير يا تحرير ۾ سندس فطري خوش طبعي ۽ خوش مزاجيءَ کي وڏو دخل ھيو. ھو ھر رواجي ڳالھه جو توڙ وڃي ان موڙ تي ادا ڪندو ھو جو ٻڌندڙ بي اختيار ٿي کلڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو ھيو. سندس تقرير فصيح ۽ بليخ ھئڻ کان علاوه سلوڻي ۽ نمڪين ھوندي ھئي. البت اسيمبليءَ ۾ بحيثيث ھڪ ذميوار نمائنده جي، خواه اسپيڪر جي، سندس انداز بيان گنڀير ۽ رعب دار ھوندو ھو. ليڪن زياده وقت سانيتڪو رھڻ ڪري مون اڪثر ڏٺو ته سندس طبع تي خاصو بار ٿي پوندو ھو.
    پاڪستان ٿيڻ کان ڪجھه وقت اڳ جڏھن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس درميان پاڻيپت جون سياسي لڙايون جاري ھيون، اھڙي سمي، ھڪ موقعي تي عام جلسي ۾ تقرير ڪندي آغا محسوس ڪيو، ته پبلڪ ۾ دستوري جوش و خروش بجاءِ خاموشي طاري ھئي. ھڪدم کيس احساس ٿيو ته ٻڌندڙ آھن ٺيڙھيءَ جا وڏيرا ۽ ڳوٺاڻا ڪمي ڪاسبي، جنجي سمجھه کان، سندس ليگ جي پاليسيءَ متعلق تقرير، ڪجھه مٿڀرو ھئي. يڪدم پلٽو کائي سندن ٻوليءَ ۾ اظھار بيان شروع ڪيائين.
    ”ڀائرو! ھاڻ مسلم ليگ اھڙو پروگرام رٿيو آھي، جو اسان جلد ڪٽر ڪانگريسين ۽ مھاسڀائين کي ٽوٽا چٻائينداسون، کين پاڻي ڏيئي مارينداسون ۽ کين ”واٽون ٻاون“ ڏينداسون“. . . . . . .مسلمان ڀائرو ”واٽو ٻاون“ ٻڌندا ويا ۽ مسلم ليگ زنده باد ۽ نعره تڪبير بلند ٿيندو رھيو . . . . . . .
    آغا مرحوم جي ان تقرير جو تصور ايندي ئي آءُ بي اختيار کلڻ لڳس. قبرستان اندر کلڻ مونکي ڪجھه عجيب ٿي محسوس ٿيو. آءُ خيالات جي ٽرئفڪ ۾ مصروف رھيس. ڏٺم ائين ٿي، ڄڻ ته آءُ ڪا فلم ڏسي رھيو ھيس. آغا مرحوم جي ڀرڀور زندگيءَ جا چھچٽا منھن جي اکين اڳيان پردي تي يڪي بعد ديگر نقش ٿيندا ۽ ڦرندا ٿي رھيا.
    سندس اوائلي عمر جو دور ذرا ارڏائيءَ جو ھو. علي ڳڙھ ۾ پڙھائي پوري ڪرڻ بعد جڏھن ڳڙھيءَ ۾ وارد ٿيو ته سندس شوق ۽ شغل ھڪ عام وڏيرڪي ٻار کان ڪو گھڻو مختلف نه ھو. سندس آڏا ابتا پير ڏسي، ڪن چغل خورن وڃي سندس والد مرحوم جا ڪن ڀريا. مرحوم شمس الدين خان نھايت بردبار ۽ جھانديده انسان ھو. ھن ٻئي ڏينھن تي عريضي نويس کي گھرائي سموري جائداد ۽ زمين آغا بدرالدين جي نالي لکائي دستاويز سندس حوالي ڪري ڇڏيائين. ڪنھن پڇس ته قبلا! توھان ھي ڪھڙو قھر ڪري ڇڏيو؟ اوھان جو نور چشم ته سمورو ارڪو ترڪو ترت تين وال ڪري ڇڏيندو. چيائين ته ”جو ڪجھه مون وٽ آھي، اھو ته اڳي پوءِ ان جي ھٿ اچڻو آھي. ھاڻي جي منھنجي مڏي منھنجي مئي پڄاڻان لئه مٽي ڪري، تنھن کان بھتر آھي ته اھا لٽ ڦر ھو منھنجي جيئري ڪري. گھٽ ۾ گھٽ آءُ پنھنجي پٽ جا پرڪار پنھنجي جيئري ته ڏسي سگھان!“
    ليڪن زمانو شاھد آھي ته، آغا نه فقط پنھنجا پير سنڀاليا ۽ پنھنجو اباڻو ورثو سنڀاليو، پر پنھنجي ڳوٺ تعلقي ضلع ۽ صوبي سنڌ جي اھڙي بي لوث خدمت ڪئي جا سنڌ جي جديد تاريخ ۾ ھڪ سونھري باب جي حيثيث رکندڙ آھي.
    پنھنجي شھر جي ماڻھن کي منظم ڪرڻ لاءِ سماجي انجمنون وجود ۾ آندائين. ھر انجمن پنھنجي حلقي جي ماڻھن جي شادين غمين جو انتظام ۽ جھيڙن جھڳڙن جي نبيري ڪرڻ وغيره سڀني دردن جون دارون ھئي. ھر انجمن کي پنھنجو دفتر، اسٽاف، ديڳيون ۽ تنبو طولان حوالي ھئا. سڀني انجمن مٿان وري ھڪ مرڪزي انجمن قائم ڪيائين.
    صوبي سنڌ ۾ آغا اولين انسان ھيو، جنھن سکر ضلع لوڪل بورڊ جي صدر جي حيثيث ۾، ھر ھاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين مفت تعليم رائج ڪئي. ضلع جي ھر تعلقه ھيڊڪواٽر ۾ لوڪل بورڊ طرفان ھاءِ اسڪول جون نيون عمارتون تعمير ڪرايائين. ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيون ۽ زمينداري بئنڪ جون شاخون قائم ڪيائين.
    سکر ۾ لا ڪاليج سندس اڪيلي سر ڪوشش جو نتيجو آھي. ضلعي ۽ صوبي سنڌ جي نوجوانن جون ڪانفرنسون ڪري منجھن سياسي بيداري ۽ سياسي شعور بيدار ڪيائين. غرض ته سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر خواه اسپيڪر يا وري ضلع لوڪل بورڊ سکر جي صدر جي حيثيث ۾، ھن عظيم انسان سنڌين جي علمي ۽ معاشي برتري ۽ ترقي لاءِ پنھنجي ھڙان ۽ وڙان ھميشه پاڻ پتوڙيو.
    مسلم ليگ سان سندس دلي لڳاءُ ھيو. ان کي سنڌ اندر عوامي تحريڪ بڻائڻ ۾ آغا مرحوم جو وڏو ھٿ ھو. سندس سياست جي ابتدا ۽ انتھا مسلم ليگ سان وابسته ھئي. زماني گھڻا ويس بدلايا. سنڌوءَ پنھنجا ڪيئي پيٽ ڦيڙايا، پر آغا آخري وقت تائين ليگ جي گھٽ گھير کان ٻاھر نه نڪتو. عمر جي آخري مرحلي ۾ صدارتي چونڊن ۾ مرحوم ايوب خان جي کلي مخالفت ڪيائين ۽ محترم فاطمه جناح جي حمايت ۾ جھنڊو کڻي بيھي رھيو. کيس ھر کائڻ لاءِ ڪافي لالچون ڏنيون ويون، پر انھن چمڪن تي به آغا پنھنجي اصول ترڪ ڪرڻ جي رغبت نه ڏيکاري.
    سرڪاري دشمني کيس ڪافي مھانگي پئي. کيس گرفتاري جي ڌمڪي ڏني ويئي، پر ھي يار پنھنجي فيصلي کان تر جيترو به پاسي ڀر نه ھٽيو. ليڪن جڏھن سندس ڪن دلي دوستن سياسي قلابازي کائي ”ليٽ ڪبوتر“ شروع ڪئي ته پوءِ دلگير ٿي پيو. شايد سندس ذھن پنھنجي دوستن کان وفا جي بدلي دغا قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو.
    اليڪشن جو نتيجو سندن خواھشن جي خلاف ويو، پر آغا جو نتيجي سان ڪھڙو واسطو؟ ھو ته ھڪ کيڏاڙي ھو۽ سندس مقصد ۽ مطلب ھيو راند ڪرڻ. ھار ۽ جيت ھر راند جا ٻه لازمي رخ آھن. انھن سان آغا جي ڪھڙي نسبت؟
    منجھنس خاميون ھيون. ھڪ ٻه نه بلڪه بي حساب ۽ بيشمار. آءُ ڪڏھن ٿو چوان ته ملائڪ ھيو. پر جي ملائڪ ھجي ھا ته منھنجو ساڻس ڪھڙو واسطو؟ پر انھن خامين جو سندس اخلاق ۽ ڪردار سان ڪو دور جو به رشتو نه ھو.
    نه فقط مرحوم آغا بدرالدين، پر سندس سمورو دوراني خاندان زماني قديم کان اجتماعي دور اھا قديمي روايت بدستو برقرار رکندو آيو اھي ته ھر قسم جي بداخلاقيءَ کان پرھيز ڪئي وڃي. اھا ڪسر ھاڻ اچي سندن پويان پوري ڪن ته اھا الله کي خبر. پر اڄ سوڌو ته الله پاڪ کين امان ۾ رکيو آھي.
    آغا مرحوم جون اھي اوڻايون سياسي ڏي وٺ تائين محدود ھيون. جڏھن ڪو داءَ ڪري ويندو ھيس ته ڌڪ پچائي پوءِ گڏيل وياج سميت سمورو حساب ڪتاب چڪتو ڪري ڇڏيندو ھو.
    ھڪ ڀيري ڳڙھيءَ جي خالصن مٿس نالي وار ڦر ڪرائڻ جي ڪوڙي فرياد داخل ڪرائي. ته سندن ھٿياربند پھري ھيٺ، واري ڪوٽ جي ٽڪاڻي کان گرو گرنٿ صندليءَ سوڌو، کڻائي ڇڏيائين. جڏھن پوري پنچائت گيسيون ڪري معافي ورتي تڏھن وڃي پوٿي واپس ٿي ۽ واه گرو جي فتح ٿئي.
    ھڪ اليڪشن جي موقعه تي ڪَرنَ ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن تي ھڪ ڪٽر فرقه پرست ھندو عملدار پرزائيدنگ آفيسر مقرر ٿي آھيو، جنھن علي الاعلان آغا جي مخالفت لاءِ ڪمرڪشي. آغا مرحوم راتو رات سندس رسوئي معرفت کيس کير ۾ جمال گھوٽي جو جلاب ڏياري ڇڏيو. اليڪشن ڏينھن صبح جو مھاشيه پولنگ اسٽيشن تي براجمان ٿي پائخاني ۾ ويو. جھٽ گھڙي رکي ٻاھر آيو. وري ترت باٿ روم ڏانھن ويو ۽ پوءِ وري ٻاھر نه نڪتو. اتان ئي کيس کٽ تي کڻائي شڪارپور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ان پولنگ تي آغا نوانوي سيڪڙو ووٽ کنيا!
    ھڪ ٻي اليڪشن ۾ گھوٽڪيءَ جي پولنگ اسٽيشن تي مخالف اميدوار جو نمائندو ھڪ رٽائرڊ پوليس علمدار ھيو. جنھن ھر منٽ منٽ ۾ ووٽرن تي اعتراض واري ڪونه ڪو ڦڏو شروع ٿي ڪيو. سندس مقصد ھي ھيوته وقت اھڙي نمون گنوائي ڇڏجي جيئن آغا جا ووٽ داخل ٿي نه سگھن. آغا مرحوم، جو اليڪشن جي واءُ سواءُ لھڻ لاءِ گشت تي ھو، اتي اچي وارد ٿيو. تنھن اھا روئداد ڏسي، ان پوليس پينشنر جي عينڪ ميز تان کڻائي ڇڏي، جا ھن گھڙي گھڙي تي پاتي، وري اعتراض وارڻ وقت لاھي ٽيبل تي رکي ڇڏي. ھاڻ جوويچارو چشمي بنان ڏھن قدمن تي ھاٿي ڏسڻ کان به محروم ھو، سو ووٽرن جي لسٽ ڪيئن ڏسي! لاچار ٿي ھو پنھنجو ڳاڙھو رومال ۽ ناس جي دٻلي کڻي واپس گھر وڃڻ لاءِ آتو بيٺو رھيو. آخر ڪنھن کي سندس حال تي رحم آيو جو کيس ھٿ کان وٺي گھر ڇڏي آيس.
    ڳڙھيءَ جي ميونسپل واري اليڪشن ۾ جڏھن شھر جي ھندو ۽ خالصه ليڊرن ڪنھن فيصلي ته سمجھوتو ڪرڻ کان بائڪاٽ ڪيو، ته شھر جي ڪمي ڪاري ۽ ڀنگين کي ميونسپل ميمبر چونڊائي ڇڏيائين. صدارت لاءِ وري ھڪ ٽانگي واري اميدوار بيھاري ڪامياب ڪرايائين. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته اھو ميونسپل جو دور نھايت شاندار ثابت ٿيو. ان ميونسپل جي صدر جو نالو ”سڪندر“ ھو. پوءِ ٿي سگھيو ٿي ته مٿس سندس نالي جي برڪت ھجي!
    عمر جي آخري حصي ۾ آغا کي پنھنجي چند دوستن جي روش خلاف شڪوه شڪايت ڪندي ٻڌوويو. ٿي سگھي ٿو، ته سندس دوستن جي اراڏين ۾ اضافو ٿيو ھجي، يا وري عمر جي تقاضا باعث آغا مرحوم جي قوت برداشت ۾ ڪمي آئي ھجي. يا وري ھي به ممڪن آھي ته نئين زماني جي نرالي چال ۽ نئون رنگ ڍنگ سندس ڏانو تي نه چڙھيو ھجي! مارشل لا آئي، ھو ذرا دلشڪستو ٿي پيو. سياست سندس وندر ھئي ۽ اھا ورونھه ھاڻ نه رھي. راند رس ۾ ڇڏڻ مناسب سمجھي، سياست کان عملي طور رٽائر ڪيائين.
    انفرادي طور آغا مرحوم ھڪ غير معمولي شخصيت جومالڪ ھو. سندس صبر، سمجھه ۽ قوت برداشت عام انساني صلاحيتن کان گھڻو بلند ھئي. عموماَ کيس ”ڀريو مٽ“ چوندا ھئا. ھٿ جو سخي ھو ۽ سندس دسترخوان نھايت وسيع ۽ ڪشاده ھو. مھمانن جون ھڪڙيون بھيرون اينديون ھيون ۽ ٻيون اسھنديون ھيون. جي سندس سنگتي ساٿي ھئا انھن کي ڀلي ڀت ڄاڻ ھوندي ھئي ته ڪافي سفيد پوش گھراڻن کي پئسي پنجڙ جي امداد جو ھٿ ڊگھيڙيندو ھو. جن سان جيءَ ريڌل ھوندو ھيس تن سان ليکو ئي نه ڪندو ھو. مھل جو مڙس ماڻھو ھو. ڪڏھن ڪنھن سان ويل نه وڃايائين. جتي به کيس ”آءُ“ ڪئي ويندي ھئي اتي دل وجان سان ”جيءُ“ چئي ڪڏ ڪري مچ ۾ ڪاھي پوندو ھو. پنھنجي ڳوٺ خواه تعلقي جي ماڻھن ۾ ساه ھوندو ھيس ۽ مٿن آيل ڪا به آپدا سھي نه سگھندو ھو. ھر مصيبت جي مقابلي وقت پنھنجي سر جو سانگو ڪرڻ سندس لاءِ مھڻي برابر ھيو. پاڙي ۾ ھڪ ڀيري باه لڳي ته مون کيس پنھنجي اکين سان ٻه ٻه گھڙا ھٿن ۾ کڻي آڙاه ۾ ڌوڪيندو ڏٺو.
    خبر پيس ته امروٽ شريف ۾ سندس دوست ھدايت الله دل زميندار جي گھر کي ڌاڙيل گھيرو ڪري ويٺا آھن ته اتي پھچي مشين گن کڻي ڪوٽ مٿان نشانو وٺي ويھي رھيو. تيستائين اتان نه ھٽيو، جيستائين سکر جي پوليس اتي پھچي ڌاڙيلن کي ختم ڪيو.
    جي ٻوڏ اچڻ جا ھواڻان ٿيا، ته پوءِ سندس ننڊ آرام ۽ کاڌو پيتو زھر ٿي ويندو، ويٺو انجنيئرن سان مھاڏا ڏيندو ۽ ڇيڙون گڏ ڪندو. بندن تي سندس ڦير پيا پوندا. جي ڪٿي کنڊ پيو يا ڪنھن بند تي پاڻيءَ جو زور پيو ته آغا وڃي آکاڙو وجھندو. ديڳيون پيون چڙھنديون، ٻڪريون پيون ڪسنديون ۽ آغا مٽيءَ تي پلٿي ماري رھندو. ڪم ڪندڙن کي سندس ”گھوري گھوري ۽ شابي شابي“ پئي پوندس. ان وقت تائين سک نه سمھندو جيستائين ٻوڏ کي ڪنھن ٻئي موڙ نه پھچائي.
    علم و ادب سان عشق ھوندو ھيس. پاڻ پارکو ۽ قدردان ھئڻ سان گڏ ھميشه اھا ڪوشش ھوندي ھيس ته سندس اڪثر وقت عملي رھاڻ ۾ گذري. سندس علمي دوستيءَ جو دائره حسام الدين راشديءَ کان ويندي جوش مليحه آباديءَ تائين وسيع ھوندو ھيس. پنھنجي زماني ۾ آغا اولين سنڌي زميندار ھو جنھن لکين روپيا خرچ ڪري ڳڙھيءَ ۾ اعلى پيماني جي لائبريري ”آشيانه ادب“ قائم ڪئي، جنھن نادر خزانه جي پرگھور اڄ ڪلھه اڏوھيءَ حوالي آھي. 1937ع ڌاري ڳڙھيءَ کان ھڪ ھفت روزه اخبار ”پيغام صلح“ جاري ڪيائين. بعد ۾ سکر کان روزانه اخبار ”انقلاب“ جو پايو وڌائين جا اڄ ڏينھن سوڌو باقاعدي نڪرندي رھي ٿي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ھاڻ منجھنس اھا چس ۽ سواد نه رھيو آھي. اخباري دنيا سان ناتو نباھڻ لاءِ آغا مرحوم پنھنجي قلمي ڪاوش جو سلسلو به جاري رکيو. سندس ڪجھه مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ٿيا. سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ڪجھه نادر نسخا سندس ھٿ آيا، جن جي اصلاح ڪرڻ بعد اھي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپايا ويا. حج کان واپسيءَ بعد پنھنجون سفرنامون ”مسافر حجاز“ ۾ شايع ڪرايائين.
    سندس دوستي جو دائره انتھائي وسيع ھو. ھو سنگت رکي به ڄاڻندو ھو ۽ نباھي به سگھندو ھو.دوستن جي انتخاب ۾ ھو ڪنھن به خاص سطح يا درجي جو قائل نه ھو. سندس رفقين ۾ ڪافي انداز انھن ماڻھن جو ھو، جي غريب مسڪين ۽ لاوارث ھوندا ھئا. جنجي وقت بوقت مشڪل ڪشائي ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندو ھو. جن ماڻھن سان دوستي جو دم ڀريندو ھو ته ساٿ نباھڻ لاءِ سندن ڪاڻ ڪڍڻ، ڪَس کائڻ ۽ سندن سڀ انگل سھڻ ۾ به خوشي محسوس ڪندو ھو. وري جن لاءِ جاکوڙ ڪڍيائين انھن به پنھنجي وسعت آھر ساڻس واه جو نباھيو.
    مون آغا مرحوم جا ڪي اھڙا به غريب پر جان نثار دوست ڏٺا آھن جي جي سندس صحيح معنى ۾ عاشق ھئا. حالانڪه مرحوم جي لاڏاڻي کي ڏھ سال گذري چڪا آھن پر اڄ به انھن اڳيان آغا جو نالو کڻندا ته سندن اکين کان بي اختيار ڳوڙھا ڳڙي پوندا. جي يقين نه اچيو ته ڳڙھي ياسين ۾ وڃي اھو مشاھدو ماڻيو. جي ٻيو ڪو نه مليو ته علي نواز ڀٽي جي پڇا ڪيو. سندس اھي دوست جي ”وڏا ماڻھو“ ھئا يا آھن تن لاءِ آءُ ڪا گارنٽي نٿو ڏيئي سگھان، ڇاڪاڻ ته انھن جي دوستي ۽ برادري قادر جي ڪمن جيان بغير مقصد ۽ مطلب جي ھرگز نه ٿيندي آھي. ليڪن وڌيڪ الله کي خبر! ڇاڪاڻ ته دلين جو مالڪ اھو ئي آھي. ٿي سگھي ٿو آءُ غلطيءَ تي ھجان.


    سائين مھندي شاھ جھنڊه وارو

    جي ماڻھو ھي چوندا آھن ته؛ ”اھي تُنڃائي مري ويا جي گھٽا ڏيندا ھئا تنجي شايد سائين مھدي شاھ جھنڊه واري سان ڏيٺ ويٺ ئي نه ٿي آھي. سائين ”تنڃن“ جيان نه فقط گھٽا ڏيندڙ آھي پر گھٽن گڏ رسا ۽ گاه پٺو پڻ. ليڪن شرط ھي آھي ته اول سائين جي دعوت قبول ڪيو، ساڻس ماني کائو ۽ پوءِ جو ڪجھه موجود آھي اھو ”حال پريان نال“ ونڊيو ۽ ورھايو ويندو.
    جيڪڏھن مھندي شاه جي ماني کائيندا ته اوھان جو مٿس احسان ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سائين پنھنجو سٺيڪو ساله زندگيءَ ۾ اڪيلو ماني شايد مشڪل کاڌي ھجي. ازانسواءِ ساڻس ماني کائڻ بسر خود ھڪ قسم جي مڪمل علمي ترغيب پڻ آھي. گره گره تي دل جي حضور سان مھمان اڳيان ھر بره جي آڇ ڪندي، خواه پاڻي پياريندي، باغ بھار ٿيڻ، مھمانن جي آئي سندس چھري تي ٻھڪ اچڻ، مھمانوازيءَ جا آداب آھن، جنجي بجا آڻڻ لاءِ جيب جي ڪشادگيءَ، خواه دل جي سخا جو ھئڻ اشد ضروري آھي.
    ائين به نه آھي ته ڪو سائين تمندار يا تونگر آھي. ھي پڻ غلط آھي ته سندس زمينداريءِ تان سج ئي نه ٿو لھي يا وري سندس ڀٽاريون اڻ ڏڌيون ڇڙيون وڃن ٿيون. ھرگز نه. مھدي شاھ جي تمام ملڪيت ۽ ميراث ماني تائين محدود آھي. ليڪن الله پاڪ جا کيس دل ڏني آھي تنھنجون حدون سمنڊ جي ڪنڌين کان زياده وسيع آھن. ھونئن به ھي ھڪ حقيقت آھي ته ھٿ جي ڪشادگيءَ جو دل جي وسعت تي دارومدار آھي ۽ نه بئنڪ بيلنس يا دولت تي.
    موجوده نفسانفسيءَ جي زماني ۾، جڏھن ماڻھو ڪوٺن تي چڙھيو دوربينون کڻي واجھائيندا ٿا رھن ته ڪو نامراد مھمان ته سندن طرف نه ٿو اچي. وري قسمت سانگي ڪو بدقسمت وٽن اچي به ٿو سھڙي ته پوءِ چڻ ڪالرا يا وبا گھر ۾ گھري، ۽ جيستائين کيس تڙي جان آزاد نه ٿا ڪرائين ته آرام نه ٿو اچين. خاص طور ان ملڪ ۾ جتي ڪجھه انداز اھڙن ماڻھن جو به ھجي جن سموري عمر پنھنجي گھر ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو ھجي ۽ نه وري ڪڏھن ڀلجي پنھنجي ھڙ جي ماني کاڌي ھجين. يا وري سندن ھاضمي جي اھڙن ڏٻري حالت ھجي جو ڍءُ ئي تڏھن ٿيندو ھجين. جڏھن ٻوٽيون ۽ چانور سندن نڪ کان ٻاھر نڪري اچن. ان ماحول ۾ آئي وئي کي آجيان ڪري، جيءُ ۾ جايون ڏيئي، ھٿ ڌوئارڻ ۽ بسم الله ڪري کين کيڪر ڪرڻ کان پيشتر ماني کارائڻ ۽ کين پاڻ وٽ مھمان رھائيندي پاڻ کي ڀاڳ ۽ بخت وارو سمجھڻ، اھي اھڙيون خوبيون آھن، جي فقط ھڪ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ئي ٿي سگھن ٿيون.
    ان ڪسوٽي لحاظ کان سائين مھدي شاھ صحيح معني ۾ سنڌي آھي. ڇاڪاڻ ته ھڪ سنڌي لاءِ فقط سنڌ ۾ جنم وٺڻ، سنڌ ۾ رھائش اختيار ڪرڻ يا سنڌي ٻولي ڳالھائڻ ڪي ڪافي لياقتون نه آھن. سنڌ ۽ سنڌين سان ڪن ايامن کان ڪي خصوصيتون جھڙوڪ شرمي، مھمان نوازيءَ ۽ سادگي وغيره منسوب ٿيل آھن ۽ ھڪ سچي سنڌي لاءِ انھن تمام خوبين جو ھئڻ ھڪ لازمي امر آھي. سائين مھدي شاھ پنھنجي مٺڙي ملڪ جي اھڙين قديمي روايتن کي زنده رکندي، سنڌ ۽ سنڌين جي جا لڄ رکي آھي سا ھر سنڌي لاءِ باعث فخر آھي.
    ماني جا ملھه ٻيا به گھڻا. سنڌ ڪا سڃي نه آھي. ھڪ گھرين ته لک ڏيانءِ. پنجئي آڱريون برابر نه آھن. پر سر سر ڪلا ۽ تجليءَ ۾ فرق ضرور آھي. ڪي اڳين جھان جي توشي ٺاھڻ لاءِ پيرن فقيرن کي کاڌو کارائڻ ۽ کارائي پوءِ دعا جا ھٿ کڻائن ته کين بھشت جي ڪا الاٽمينٽ ٿئي. ڪي وري اڳين جھان لاءِ نه ترسندي، ديڳيون دمي، مٿن تي کڻي، ھن جھان جي مشڪل ڪشا ڪامورن جا وڃي ڀڀ ڀرين. ڪجھه ڀائو ته اھڙا به آھن جو جيستائين ڪو ٽيڙ يا ٻڙو نه چڙھين، تيستائين سوئو ھڻين، جو ڪو رت جو ڦڙو نڪرين. ڪي اھڙا سوداگر قسم جا سخي پڻ آھن، جي پنھنجي پيءُ جي نيت ڪنھن پيٽ چٽئي ملان کي کرڙ کارائيندي ائين پيا ٽڳڙندا ڄڻ حاتم جي قبر کي لت ھنئي اٿائون. ليڪن آءُ صدقو انھي ڀنڀي ڏاڙھيءَ تان، جي ھر آئي وئي کي پڇ پاڻي پياريندي نه ذات پڇن نه پار پڇن نه ٿڌو ڪن، نه ٿورو ڪن ۽ نه وري ڪو اڳين جھان يا ھن جھان جو سودو ڪن. بلڪه جو ڪجھه وٽن آھي اھو آڇيندي ھي چون ته ؛ ”اي شڪر الحمد جو مٿو گھريوءَ مڱڻا.“
    مھدي شاھ جو دستر خوان جملي مقصدن ۽ مطلبن کان مٿي آھي. سائين عمر جي ان موسم ۾ آھي جنھن کي ھاڻ نه ڪرسيءَ جي ڪشش آھي ۽ نه اليڪشن جي آس. نه وري کيس ڪو پلاٽ الاٽ ڪرائڻ جي جھوري لڳل آھي ۽ نه وري ڪو پائيپ موڪرو ڪرائڻو آھي. ھو پارسا پيرن ۽ گبرن وڏيرن ۽ ناٿ ڪامورن جو دعاڳو ضرور آھي، ليڪن سندن ڪاڻيارو نه آھي. ڇاڪاڻ ته سندس نقطه نظر ”دنبو دنب وڌائيندو ته پٺ پنھنجي ڍڪيندو.“ ڪو ڪنھن جي قيامت ڪونه ڇڏائيندو. ھر ڪا ٻڪري پنھنجي ڦاھي چڙھندي. سائين جي فلاسافي آھي. ته ”ماني مولا جي آھي . داڻي داڻي تي مھر لڳل آھي. ھر ڪو پنھنجو نصيب ٿو کائي. رزاق جي ڏنل روزيءَ تي سندس ڪا ھڪ ھٽي نه آھي. پر ٻين جو به حق آھي ۽ پوءِ ھي ممڪن آھي ته ٻين جي صدقي شايد مونکي به ٽڪر ملندر ھجي.“ بابا جو ڪجھه مون وٽ آھي اھو به اتي ئي رھندو. ”رکيو“ نالو پٽ جو به نه رکان. سڪندر به ٻئي ھٿ ڪفن کان ٻاھر لڙڪائي رمندو رھيو. آھي سڀ اکين جو ڍئو. ڌوڙ جو مسئلو ڌوڙ. اھو ڪونه ٻڌو اٿئي ته تنھنجي اوڙي پاڙي يا ڳوٺ ۾ ڪو انسان بکيو رھجي ٿو وڃي ته توھان تي ماني کائڻ حرام ٿيو پوي.“
    سندس مھمان نوازي فقط ماني کارائڻ تائين محدود نه آھي. تحفن جي به وٽس ڪا ڪمي ڪانه آھي. ھر سنڌي سوکڙي پوءِ لاڙي اجرڪ وڻيئي، نصرپوري کيس کپني، ھالن جي ھندوري تي دل سرڪئي. جي، نه ته من رلھيءَِ تي ھرکين، پر جي روڪڙ جي ضرورت اٿئي، ته تڏھن به پنج پنجاه ۽ پنج سو ڏيڻ ۾ سائين ملول مور نه ٿيندو، مطلب ته ھٿين خالي نه ويندين. مون پنھنجي اڌ ڪلاڪ جي ملاقات دوران ڏٺو ته ڪن کي بادامين جي شربت جا شيشا وڻيا، ته ڪن جوئر جو اٽو ڳنڍ ٻڌي کنيو. ته ڪن جي فرمائش وري پليءَ جي ساڳ تائين محدود ھئي. سائين جي سخا جا ھيراڪ سوکڙين لاءِ ائين ڌرڻو ماري ويٺا ھوندا آھن ڄڻ ته سول ڪورٽ کان ضبطي ڪڍرائي آيا آھن.
    سائين جي توشه خاني ۾ ھر قسم جو ڪچومر حاضر ھوندو آھي. جوئر ۽ ٻاجھر جي اٽي کان گوگڙن جي ڪچورين تائين، مبادا ڪنھن کي بصر باديءَ ڪنھن کي واڱڻ وائي لڳندا آھن. مھمانن لاءِ ڀاڄين کان علاوه چٽڻيون ۽ مريه آچار علحده. جي ماني کائڻ لاءِ ٽائيم خير ڪي آھي ۽ ريل ڇٽڻ واري اٿس ته ماني ٽفن باڪس ۾ مھمان کي اسٽيشن تي پھچائي ويندي ۽ ٽفن باڪس سندس سامان ۾ رکيو ويندو. مھدي شاھ پاڪستان ۾ شايد واحد مھمان نواز آھي، جنھن جي گھر ۾ بيڪ وقت چاليھارو کن ٽفن باڪس باادب با ملاخطه رکيل ھوندا آھن ۽ ايترو انداز درماه نئين سر خريد ڪيو ويندو آھي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته سائين جي مھمانن ۾ ڪنھن به خدا جي بنده اڄ ڏينھن سوڌو ٽفن باڪس واپس نه ڪيو آھي. ٿي سگھي ٿو ته سائين کي رنج ڪرڻ نه گھرندا ھجن.
    بورچيخاني جو بار اڌ درجن کن ٻانھين تي آھي جي الالفجر سان اٿي چلھا ٻاري بصر ڪپڻ ۽ اٽو ڳوھڻ ويھنديون آھن ۽ اڌ اڌ رات ٽاڻي واري ڦيري سان ڊيوٽي ڏينديون رھنديون آھن. گرمي ھجي، سردي ھجي. تپندڙ ڏينھن يا برسات جي رات! سائين وٽ لنگر کليل ۽ ماني تيار ملندي. ”ھتي اويلو مھمان پٽائي پاڻ“ وارو ڪو ليکو ئي نه آھي. جنھن وقت وڻيئي اچ. نه تعارف جو ضرور نه تڪلف جي محتاجي. ھڪ مھمان سائين کي ڇينيندي چيو ته ”قبلا! توکي اھي ٻانھيون ڏينھن قيامت جي وٺ ڪرائينديون، ڇاڪاڻ ته باھي اڳيان بيھندي ۽ 24 ڪلاڪ مانيون ٻوڙ پچائيندي سندن ھٿ به سڙي پيا آھن.“ شاھ صاحب مرڪندي وراڻيس ته ”ابا نيڪي ڪندي ھٿ سڀني جا سڙندا آھن۽ ھنن جا به سڙيا ته پيا سڙن. جاڙي به جڳ سئين.“
    بورچيخاني جو ملاظو ڪندي، اچرج جي ڳالھه ھي آھي ته ھتي سئي گيس جا ڏھ چلھا ٺھيل آھن ۽ ڏھئي برابر ٻرندا رھندا آھن. ڪراچيءَ جي شاھي ھوٽل ميٽروپول، ۾ به اٺ ۽ ٻي نمبر ۾ برک ھوٽل فاروق ۾ ست چلھا آھن. ھڪ طرف کان ديڳڙن جي رجمينٽ لائين لڳل، ته چمچن، ڪپگيرن ۽ ٽڦڻين جو لشڪر ٻي طرف. ڪنا دانگيون توا ٿوٻيون چلھين تي سوار. برنين ڪولن ۽ پيالن پليٽن جو ته ڪاٿو ئي ڪونه آھي. شابس آھي ڳوٺاڻين ماين کي، جي لنگر جو چرخو چلائينديون ٿيون رھن. مارئي به بنديخاني ۾ ويٺي ورلاپ ٿي ڪيا ۽ ڪو ويٺي ڏيڊ مڻ اٽو ته نه ٿي ڳوھيائين. سسئي ڏينھن پھڙ ٽڪر ٽاڪيو ۽ فقط پير پٿون ٿيس ته رڙيون ويٺي ڪيائين ته ”او مونسان جبل ٿو جاڙون ڪري.“ ليڪن آفرين صد آفرين انھن مائين کي جو سارو ڏينھن ڍور جيان وھندي مھدي شاھ جي مانين ۽ ٻوڙن سان ڳن ڏينديون رھن ٿيون!
    سائين جون مشغوليون روزه نماز علاوه مھمانن جي خوش آمديد ۽ ٻار پرچائڻ آھي. پنھنجي اولاد کان بي نياز آھي، پر پنھنجي عزيزن خويشن ۽ نوڪرن چاڪرن جو چڱو ٽٻر ساڻ ھوندو اٿس. ٻارن جا ولر واريون ويٺا ھوندس، ويٺو کين ريجھائيندو يا ساڻن رانديون ڪندو. جيستائين نماز جو وقت ٿئي يا وري ڪو بختاور مھمان اچي سھڙي. اڇو ململ جو سنڌي چولو، گليءَ ڌوتل جھولدار سٿڻ، سڌي سادي سفيد مختصر ٽوپي، مٿي تي ۽ سنڌي جتي پيرن ۾. موڪري ڪشادي ڪرسي تي ٽيليفون پاسي ۾ ڪيو ويٺو رھندو ته مبادا ڪنھن دوست جو ماني موڪلڻ لاءِ نياپو اچي. ويھارو ٽيھارو گھر ته اھڙا به آھن جتي سائين جي گھران يا روزانه ڪچو سيڌو ويندو آھي يا پڪل ماني. ٻاھرين مھمانن کان علاوه ھڪ ٻه ٽولا مقامي مھمانن جا اھڙا به سائين وٽ ايندڙ آھن جي سندس ماني کائي پوءِ سندس ٽيليفون تي لاھور، پنڊي پشاور ارجنٽ ٽرنڪ ڪال ڪري ڏھ ڏھ منٽ مجلسون ڪري ھليا ويندا آھن. سائين جو ٽيليفون جو بل درماھو منھنجي ماھياني پگھار کان ٻيڻو ٽيڻو ايندڙ آھي ۽ آءُ به ڪو پٽيوالو نه آھيان.
    ماني کارائڻ گڏ سائين پنھنجي ماني ٻارھوئي پرھيز جي، پر چڱي کائيندو آھي. ھي سندس خوش قسمتي آھي جو اڃان سوڌو کيس ڪنھن جي نظر نه لڳي آھي. سائين ويٺو مشڪندو ۽ مرڪندو، اگر ڪراڙو ٿيڻ واقعي ھڪ آرٽ آھي ته شاھ صاحب ھڪ بھترين آرٽسٽ آھي. اسان جا ٻيا وڏڙا سٺ ٻاھٺ اچڻ بعد، اھڙا تيڪ ۽ تيسي باز ٿيو پون جو ساڻن ڳالھائڻ ته درڪنار پر اسلام عليڪم چوڻ تي به گارين کان بچڻ ھڪ مشڪل معاملو آھي. سائين سان مذاق ڪيو، چٿرون ڪيو ۽ ھنج ۾ ويھوس ته به ويٺو ٽھڪ ڏيندو.
    ٻڌو اٿم ته سائين ڪتا به پاليندو آھي. ٿي سگھي ٿو. ھي ھڪ لازمي چيز آھي. جنھن انسان جو ھر انسان سان ايترو انس ھجي ته ھي ڪيئن ممڪن آھي ته ھو انسان جي بھترين جاندار دوست کي نظر انداز ڪري سگھي ٿو. ٿي سگھي ٿو مھدي شاھ ۾ اھڙيون ٻيون به ڪي خاميون ھجن. ضرور ھونديون. آخر ته ھو انسان آھي. ھر انسان خطا جوگھر آھي ۽ خطا کان خالي فقط الله جي ذات آھي ۽ سائين ذات جو سيد آھي. ليڪن قسم مونکي سچي سيد جو، ته مونکي منجھنس ڪا ڪوتاھي نظر نه آئي. شايد اھي پسي سگھن جن جي اکين تي الٽا چشما پيل ھجن. جيستائين سندس نج سون جي دل، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بي پايان والھانه محبت ۽ ھر مھمان جي دل جي خلوص سان خدمت جو تعلق آھي ته سائين تاڃي پيٽي پَٽُ آھي. مونکي ته سائين، سچي ڳائي گھه ۽ سچي خالص ماھي کير مثل ھڪ نج ۽ سچو سنڌي نظر آيو.


      غلام رسول ملڪ : درياھي گھوڙو

    اوھان ضرور اھڙا ماڻھو ڏٺا ھوندا جي اڪثر اوقات پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندا رھندا آھن. ڪي وري پالتو جانورن سان، پھرن جا پھر ائين پيا گفتگو ڪندا رھندا، ڄڻ ته ورھين جا وڇڙيا مليا آھن. مانو خانو بگيءَ وارو، مون پنھنجي اکين ڏٺو ته پنھنجي گھوڙي سان، مالش ڪندي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھريون ڪندو رھندو ھيو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته مامو رب بخش آفيم ذرڙو واپرائيندو ھيو. پر مون ته اھڙا به الله جا بندا ڏٺا ۽ ٻڌا جي درياه سان ڳالھائيندا آھن ۽ وري جواب لاءِ ائين ڪن ڏيئي ٻڌندا آھن، ڄڻ کين سندن سوال جو جواب ملي رھيو آھي. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن ۾ اڄ ڪلھه ڪو جيئرو جاڳندو نه ھجي ھا ته شايد پڙھندڙ ائين وسھن ھا ته لکندڙ کنڊ ٿو کائي. شڪر آھي جو اھڙن انسانن ۾ ھڪ عدد داڻو ڪڻو اڃان سوڌو حال حيات آھي، حالانڪه ھو جھور ڪراڙو ٿي چڪو آھي ۽ سندس ھٿ پير ۽ ڪنڌ مسلسل ڏڪندا رھن ٿا. پر سندس درياه سان دوستي ۽ برادري اڃان سوڌو قائم آھي. ٻنھي جا دوستانه ۽ برادرانه تعلقات اڄ ڏينھن تائين اھي ئي آھن، جي اڄ کان سٺ سال اڳ ھئا.
    نالو غلام رسول ذات جو ملڪ، ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڪشمور جي ھڪ ننڍڙي وانڍ جو رھاڪو آھي،جا بستي درياه جي ڪچي ۾ آباد آھي. درياه جي وانڍ سان ايتري ويجھڙائي آھي، جو اڪثر چيو ويندو آھي ته درياه جو پاڻي وانڍ وارن جي چائنٺ چمندو ٿو رھي. شڪر الحمدالله جو اھو معاملو چَمَ چَٽَ تائين محدود آھي، ورنه جيڪڏھن درياه ڀاڪر پائڻ لاءِ اڳڀرو ٿئي ته پوءِ خدانخواسته وانڍ جي وجود لاءِ ئي خطره پيدا ٿي پوي. غلام رسول جو درياه سان رشتو ۽ ناتو، ٻال جتيءَ جي زماني کان شروع ٿيو. جڏھن سندس مٺڙي امڙ درياه ڪناري ڪپڙا ڌوئيندي ھئي ۽ پاڻ ڪنڌيءُ تي لڌڙي جيان پيو منجھنس تڙڳندو رھندو ھيو. ڪجھه وڏڙو ٿيو، ته وانڍ جي ٻين ھم عمر ڇوڪرن سان گڏ سندس راندو روند ۽ ورونھه پڻ درياه جي اوسي پاسي وارن سرن ۽ ڪانھن جي ٻوڙن سان ٿيندي رھندي ھئي. جڏھن اڪيلو يا دلگير ٿيندو ھو ته پھرن جا پھر ڪنڌيءَ ڪناري ويھي، درياه جي وھڪري کي گھوري ڏسندو رھندو ھيو. پاڻيءَ سان سندس والھانه محبت ھئي ۽ ھو درياه جي موج مستي کي ڏسي ائين پيو خوش کان ٽڙندو رھندو ھيو، جيئن ڪا پھريائت ماءُ پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ٽپاٺينگ ڏيندو ڏسي ٺرندي آھي ۽ سندس ھر انگ جي حرڪت تان وار وار صدقي ويندي آھي. ھيءَ خبر غلام رسول کي به ڪانه ھئي ته درياه سان سندس ڳوڙھي نسبت ڪھڙي سبب ھئي؟ آخر ھو ڪو فيلسوف ٿوروئي ھو، جو ويٺو قدرت ۽ قسمت جا ڦورا لھي. ھو سادو سودو مسلمان ماڻھو ھو ۽کيس ڪھڙي خبر ته درياه جي وھڪري، وقت ۽ زندگيءَ جي گذر درميان چوليءَ دامن جو ابدي رشتو ھيو ۽ ٿلھي ليکي ٽيئي ھڪ ھوا.
    آخرڪار غلام رسول اڄ ننڍو سڀان وڏو تان جو اچي جواڻ جماڻ ٿيو. وقت گذرندو رھيو ۽ درياه بنسبت جي کيس ڊپ ڊاءُ ڏنا ويا ھئا ۽ جي وچ وارن غلط فھميون پيدا ڪيون ھيون، سي ختم ٿينديون رھيون. آخر پيار جو اھڙو مرحلو به آيو، جو غلام رسول جو اڪثر واندو وقت درياه جي قربت ۾ گذرڻ لڳو. ھي اھو زمانو ھيو جو غلام رسول پنھنجي اندر جا راز درياه سان وڏي واڪي سلڻ لڳو. ٿورڙي ئي عرصي اندر درياه به پنھنجي دستوري حضوري شرمي ڇڏي. ساڻس سور سلڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ھاڻ ٻنھي درميان حجاب ختم ٿي چڪو ھيو ۽ غلام رسول جيئن گونگي جي ٻولي گونگي جي ماءُ سمجھندي آھي، تيئن درياه جي ھر رمز ۽ راز کي پروڙڻ لڳو.
    ھونئن به ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته سنڌ ۽ سڌين جو سنڌو درياه سان رت جو رشتو آھي ۽ ھئڻ به گھرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو جدامجد ۽ معمار آھي ئي سنڌو. سنڌوءَ ڪروڙھا ٽن لَٽَ جا دور دراز مفاصلن کان آڻي، ھن ملڪ کي بڻايو ۽ ھر سال ڌڪا ڏيئي سمنڊ کي اڳڀرو ڀڄايو. نه فقط سموري سنڌ جي تعمير ڪيائين پر سنڌ وارن جي گذر سفر جو ذمون به پاڻ تي کنيائين. آمريڪن ايڊ ته آئي ڪالھه، ھيتريون صديون سنڌ کي ڪنھن ٿي پاليو؟ شايد اھو ئي سبب ھيو جو سنڌين جو اوائلي ۽ اولين ڌرم ھيو ”پاڻي جي پوڄا“ ۽ پوڄارين کي ”درياه پنٿي“ سڏيو ويندو ھيو.
    اڄ ڏينھن سوڌو ”درياه پنٿين“ جا آثار موجود آھن، لال بکر، زنده پير ۽ ساڌ ٻيلو ان دور جا امر يادگار آھن. ھاڻ به اڳوڻي زماني جيان سنڌوءَ کي ”درياه شاھ“ يا خواجه خضر جا لقب القاب ڏنا ويندا آھن. انھن پاڻيءَ جي پوڄارين وارن مندرن ۽ مڙھين جو سينگار ڪو بت يا مجسمو نه ھوندو ھيو. خالي ڏيورو پر پاڻيءَ وچ ۾. ليس ٻيلي ۾ اڃا سوڌو اھڙا ڏيورا موجود آھن جن ۾ ديوار تي فقط ھڪ بزرگ انسان جي تصوير چٽيل آھي جو مڇيءَ تي سوار آھي.
    خود منھنجي سانڀر ۾، مون کي ياد آھي ته ڪيترن ماڻھن جا نالا درياه خان ۽ دريانومل تائين محدود ھوندا ھئا، اسان جي ڳوٺ ۾ فقط ھڪڙي ماڻھو جو نالو سمندر خان ھيو. اھو به ھن ڪري جو سندس پيءُ جي پنھنجي پاريسڙي دريا خان سان دشمني ھئي ۽ ان کي نيچو نوائڻ لاءِ پنھنجي پٽ تي سمنڊ جو نالو رکيو ھئائين. اھي زمانا ته پنھنجي جاءِ، پر اڄ ڪوبه سنڌي مھيني ماسي جڏھن ڪنھن خوشي جو اظھار ڪندو آھي ته اھو به ”وھواه“ چوڻ سان يعني وه واه.
    پر وقت جا وارا نيارا آھن. ڪا شيءِ ھڪ برج تي نه رھي ٿي. وقت سدائين پيو سانڊي جيان رنگ روپ مٽائي. زماني جي ڦيرين گھيرين سبب اھي درياه پنٿي ڪجھه مري کپي ويا ۽ بقايا ڪجھه وري لڏي ويا. درياه ۾ اٽي جا ڏيئا ٺاھي تيل ۽ وٽ وجھي کين روشن ڪري پاڻي ۾ تاريندا ھئا. شورا تڙين تي درياه خواه سندس واه ۽ واھين تي ميلا لڳندا ھئا. رات جو سنڌو درياه جي آسمان سان چٽاڀيٽي ٿيندي ھئي ته ستارن جون لاٽون مٿي گھڻيون يا ڏيئن جون لاٽون ھيٺ گھڻيون. نه فقط پاڻي جي خالي پوڄا ٿيندي ھئي، پر درياه جي مخلوق جي پڻ خاصي خاطر تواضع ڪئي ويندي ھئي، کڳن ۽ گندڻن کي اٽو ڳوھي ڳوڙھيون ٺاھي کين روزانه راشن سپلاءِ ڪيو ويندو ھيو. واڳن ۽ سيسرن کي ٻڪرا ڪھي کارايا ويندا ھئا. دعوتن جي ڌوم ھن حد تائين ھوندي ھئي، جو پلو سمنڊ کان ھلي درياه داخل ٿي سڌو زنده پير تائين سکر ۾ سلام لاءِ وارد ٿيندو ھيو. بابي مرحوم ٻڌايو ھيم ته سندس ڏينھن ۾ سنڌ جا رھاڪو درياه جي ليٽ کي به دھلن دمامن ۽ شرنائين سان آجيان ڪري اڳڀرو سوريندا ھئا. توڻي جو درياه پنٿي لڏي ويا پر اتان به ھاڻي سندن غوغاءُ ھي ٿو ٻڌڻ ۾ اچي ته
    گنگا جمنا امرت امرت
    پر ٿنڃ ته پنھنجي سنڌو آھي
    (شيام)
    اڄ قصو اور آھي. درياه آھي، پر دريانو مل لڏي ھليو ويو جو درياه جو پوڄاري ھيو، باقي رھيو درياه خان. اھو پاڻ خان، ھاڻ ان جي درياه سان دوستي ڪيئن ٿي؟ ان ڪري جڏھن تنڃائي ھليا ويا ته ھاڻ گھٽا ڪير ڏئي؟ اسان کان درياه دلي ئي ختم ٿي ويئي. کڳا ته درڪنار پر ڪو پاڙي وارن کي ئي ٽڪر ڳڀو ڪونه ٿو ڏئي، حالانڪه اسان جي سھڻي سائين جي حديث آھي ته جيڪڏھن اوھان جي پاڙي اوڙي ۾ ڪو بکايل موجود آھي ته اوھان تي ماني حرام ٿي وڃي ٿي. خير، مقصد ھي ھيو چوڻ، ته رفته رفته درياه ۽ سنڌين درميان شڪر رنجي پيدا ٿي. ٿي سگھي ٿو ڪن چغلخورن ابتيون سبتيون ڳالھيون ڪري ڌرين درميان غلط فھمي پيدا ڪئي ھجي. يا وري درياه کي برغلايو ويو ھجي. ڪن جو ھي چوڻ آھي ته ”سھڻيءَ“ جي پاراتي وڃي ھڻي ھنڌ ڪيو ۽ درياه کي جي ڌمڪيون ڏنيو ھئائين ته ”درياه توئي دانھن ڏيندس قيام جي.“ ان بعد ٻنھي جا تعلقات اھي نه رھيا جي اصل کان ھئا. ھاڻ ته سنڌين به درياه سان بائڪاٽ ڪري ڇڏي آھي ۽ سندن درياه سان واسطو فقط محرم جي تابوتن ٺارڻ تائين محدود آھي.
    پر غلام رسول تي سنڌو ۽ سنڌين جي گھرو لڙاين جو ڪو اثر ڪونه پيو. ھو درياه سان ”تومن شدم ۽ تومن شديءَ“ واري اصول تي ھميشه کير کنڊ رھيو. جوانيءَ ۾ جڏھن غلام رسول کي ھيءَ ضرورت پيش آئي ته پنھنجي گذر سفر لاءِ ڪونه ڪو زريعه معاش تلاش ڪري، ته ھن درياه کان دور رھڻ جو وڇوڙو برداشت ڪرڻ کان ھي بھتر ڄاتو ته اھڙو ڪاروبار ڪيو وڃي جو پريت به رھجي اچي ۽ پيٽ گذران لاءِ پورھيو به ٿيندو رھي. ان آچار آبپاشي جي کاتي ۾ بطور بيلدار جي وڃي ڀرتي ٿيو ۽ کيس مقامي طور درياه جي ڪنڌي ڪنڌي ڪنارن وارن بندن جي سار سنڀال تي مقرر ڪيوويو.
    ملازمت دوران جڏھن غلام رسول کاتي جي عملدارن سان لھه وچڙ ۾آيو ته تڏھن کيس خبر پئي ته اھي سڀ انجير حقيقت ۾ درياه جي خلاف ھئا ۽ سندن درياه ۾ ڪا خاصي دلچسپي يا ساڻس ھمدردي ڪانه ھئي. ھميشه درياه کي خطرناڪ ۽ خوفناڪ اڙدھا جيان ٿي تصور ڪيو ۽ سدائين کيس نيچو نوائڻ لاءِ سازشون ٿي ڪيائون. ڪن درياه کي بندن جي قيد ۾ چوکنڀو جڪڙي بي بس بڻائڻ ٿي گھريو، ته ڪن وري سندس پاسا چيري سندس سيني ۾ پٿر سيمينٽ ۽ لوھي سيخون ھڻي کيس لولو لنگڙو ڪرڻ ٿي چاھيو. غلام رسول ھر موقعي تي وجھه وٺي انھن درياه جي بدخواھ ۽ بي خبر عملدارن کي درياه سان دوستي رکڻ ۽ کيس پيار ذريعي گھتيارڻ لاءِ مشورا ڏيندو رھيو. پھريون ته کيس ٻڌو اڻٻڌو ڪيو ويو، ليڪن بعد ۾ جڏھن سندس صلاح مصلحت موزون ۽ مناسب سمجھي ويئي ۽ سندس ڪيل اڳڪٿيون سو فيصد صحيح ثابت نڪتيون ته پوءِ سندس راءِ کي وزن ڏيڻ لڳا. ھو حيران پريشان ھئا ۽ ھي سمجھڻ کان قاصر ھئا ته ھي ڄٽ ماڻھو درياه جي راز ۽ رمزن کي ڪيئن ٿو سمجھي؟ کين اھا ٻاٻوڙ ئي نه ھئي ته غلام رسول روزانه درياه سان مجلسون ڪندو ھيو ۽ درياه کيس پنھنجي اوڻاين ۽ پوڻاين ۽ پروگرام کان آگاه ڪندو رھيو. غلام رسول اھي خبرون چارون انجنيرن اڳيان عيان ڪندو رھيو جي اڳواٽ جوڳا قدم کڻي بندوبست رکندا ھئا، جنھن ڪري درياه مجبور ٿي پوندو ھيو ۽ سندن مرضيءَ مطابق سندن رٿيل راه تي ھلڻ شروع ڪندو ھيو. حالانڪه درياه اھڙو مٿ جو موڙھو ڪونه ھيو، جوکيس خبر نه پوي. کيس اھا کڙڪ اڳيئي پئجي چڪي ھئي ته سندس راز ڪير ٿو افشان ڪري. پر ياري جي لڄ رکڻ خاطر ڪڏھن به ساڻس ڦورو نه ڦوليائين ۽ نه وري ڪڏھن ڀلجي به غلام رسول کي ڪا ميار يا مھڻو ڏنائين. آخر يارن سان ڪھڙا ليکا ھئا.
    مرحوم محمد موسى سنڌ جو ناميارو چيف انجنير غلام رسول کي نه فقط سڃاڻندو ھو، پر سندس اھليت ۽ کيس درياھي علم ھئڻ واري صلاحيت کان بخوبي آگاه ھيو. مرحوم، غلام رسول جي خدمتن جو قدر ڪندي کيس اضافو ڏيئي کيس بيلدار کان اوورسيئر مقرر ڪيو.
    غلام رسول گھڻو ئي دانھون ڪوڪون ڪيون ته سائين آءُ اڻ پڙھيل ۽ ڪورو ڄٽ آھيان، پر محمد موسى مرحوم کي خاطري ھئي ته ھو گھڻن پڙھيل ڃٽ انجنيرن کان وڌيڪ قابل ۽ڪارآمد ثابت ٿيو ھيو.
    غلام رسول کي اوورسيئر مقرر ڪري، مٿس ھي ڪم رکيو ويو ته ھر سال ھو درياه ۾ ھلندو رھي ۽ درياه جي رخ رواج، سندس طبع جي ھر موڙ ۽ موڊ جو جائزو وٺندو رھي. ۽ اھڙي سالياني رپورٽ کيس ڏيندو رھي. ان ڪم جي سلسلي ۾ کيس ھڪ نويڪلي ٻيڙي ڏني ويئي جا سواريءَ علاوه سندس جاءِ رھائش پڻ ڪئي. ھر سال غلام رسول ٻيڙي ذريعي درياه جي اڀارو رخ ھلندو رھيو. صبح شام، تتي ٿڌيءَ، سيارو اونھارو غلام رسول درياه داخل ھوندو ھيو. اڄ اچ شريف، سڀان مٺڻ ڪوٽ ۽ پرين پنجنند، اھي سندس واھيرا ۽ ٿاڪ ھوندا ھئا. پوراڏھ مھينا غلام رسول درياه جا گھٽ گھير ۽ سندس وھڪري جا لاڙھا چاڙھا پيو نظر مان ڪڍندو ھيو ۽ نديءَ جي رخ جا، نقشي واري ڪاغذ تي، ڏنگا ڦڏا ليڪا پيو ڪڍندو ھيو. يارھين مھيني واپسي موٽي ڪشمور ورندو ھو ۽ عملدارن کي پنھنجي ورتل جائزي کان آگاه ڪندو ھيو. ان رپورٽ ۾ غلام رسول ھي خبر پڻ ڏيندو ھيو ته ايندڙ سال درياه جو وھڪرو ڪھڙي رخ ۾ زور وٺندو، ڪھڙي ڪناري ڏانھن لَٽ اڇليندو، ڪھڙي پاسي کان پائندڙ ڪندو ۽ ڪٿي ڪٿي سندس کاڌ جون علامتون ظاھر ٿينديون. اھڙي حال احوال آڌار کاتي جا عملدار عملي طور قدم کڻندا ھئا. انديشو ڏيکاريل جڳھن تي بند مضبوط ڪيا ويندا ھئا ته ڪٿي وري بندن پٺيان منگليون پيا ٺاھيندا. وھڪري جي زور ڀڃڻ لاءِ ۽ ڪنارن جي کاڌ روڪڻ لاءِ پٿر جا ٽڪنڊا ٺل ٺاھي اڳواٽ اھڙو انتظام رکندا ھئا جو درياه جي زور زبردستيءَ جو ڪو اثر نمودار نه ٿيندو ھيو. اھڙن انيڪ اپاون وٺڻ ڪري درياه جي غصي، غضب ۽ ليٽ پيٽ جو مناسب ۽ جوڳو علاج ترت عمل ۾ اچي سگھندو ھيو ۽ سنڌوندي خير صلاحين ۽ ساڻ چئن تڪبيرن جي، صلح سانت سان ڪيٽي بندر پنھنجي ساھري گھر وڃي رسندي ھئي. نديءَ جي اھڙي چڱي چالت باعث ھر سال سنڌ جي انجنيرن کي شاباش ملندي ھئي ۽ سندن انجنيري فن جي ملڪان ملڪ ھاڪ ھوندي ھئي. اھا غلط فھمي اڄ ڏينھن سوڌو ھلندي اچي ته اسان جي سنڌ جا انجنير نھايت قابل ھوشيار آھن ۽ کين درياه جي رڳ رڳ ۽ رڳن جي بلڊپريشر ۽ ٽيمپريچر جو پورو علم آھي . حالانڪه ڪاميابي جو سھرو غلام رسول جي سر تي ھيو. 1942ع جو واحد سال ھيو جو ڪنھن غلط فھميءَ باعث غلام رسول جي اندازي ۽ اڳ ڪٿين کي ڪا اھميت نه ڏني ويئي ۽ سندس رپورٽ کي نظرانداز ڪيو ويو. ان جو نتيجو ھي نڪتوجو، نديءَ جون تباھيون ۽ برباديون ٻوڏ ۽ پائيندڙ ذريعي سنڌ ۾ آيون، ان جو پتو انھن کي ھوندو جي درياه جي لپيٽ ۾ آيا ھوندا.
    1972ع ۾ غلام رسول کي رٽائر ڪرايو ويو ان ڪري 73 واري ٻوڏالبت سنڌ وارن کي مھانگي پئي. جيڪڏھن فقط ساڻس صلاح مصلحت جو سلسلو جاري رکيو وڃي ھا تا ھم به شايد ڪافي وقت سر بچاءُ ٿي سگھي ھا. مصيبت ھي آھي جو ھاٿي جيئري لھي لک ۽ مئي سندس بھا ٻه لک! انجنيرن لاءِ جي درياه چڙھي تڏھن به نعمت، وري جو ٻوڏ ڪري ته پوءِ نلي چاندي. ھر ٻوڏ وقت ٻه ٻوڏون عمل۾ اينديون آھن. ھڪ پاڻي جي جنھن ۾ ماڻھن لاءِ آزار ٿئي ۽ تباھي اچي ۽ ٻي رپين ۽ نوٽن جي ٻوڏ، جا انجنيرن جي ائڊريس پڇائيندي سندن گھرن ۾ رسندي رھي ٿي. غلام رسول کي گھر ويھاري ۽ سندس ڪو جانشين مقرر نه ڪري ھڪ اھڙي قسم جو خال پئدا ڪيو ويو آھي جو ھاڻ اسان کي درياه جي ارادن جي اڳواٽ خبر چار پوڻ ناممڪن آھي. ھن چوڻ ۾ھي شڪايت جومطلب نه ڪڍيو وڃي ته ڪو غلام رسول کي پڳ ٻڌائي وڃي يا سندس خدمتن جو قدر ڪري کيس انعام اڪرام ڏنو وڃي. ھرگز نه. نيڪي ڪندي ھٿ ھر ھڪ جا سڙندا آھن ۽ غلام رسول ڪو مٿان ته نه لٿو آھي جو سندس قدر قيمت ڪئي وڃي. ٿي سگھي ٿو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي انجنيرن جورڪارڊ خراب ٿي پوي.
    مقصد ھي آھي ته اھڙي قسم جي ماڻھن جي تلاش ڪئي وڃي يا ترغيب ڏيئي اھڙا انسان تيار ڪيا وڃن، جي درياه جي وضع قطع ۽ طبع کان واقف ٿين ۽ اھڙو پروگرام اڳواٽ رٿين جيئن سنڌ جا باشندا پنھنجي ئي محسن جي مستيءَ جو شڪار نه بڻجن. جيئن گذريل سال ٿيو. درياه جو ڪجھه ڪيو آھي ان لاءَ کيس ڪو مھڻو يا ميار ڏيئي نه ٿي سگھجي. انجنيرن کي ھي وڏي غلط فھمي آھي ته ھنن چوطرف بند ٻڌي درياه کي جڪڙي قابو ڪري ڇڏيو آھي، شايد ھن ڪري جو ھنن درياه جون نه اھي ڳاڙھيون اکيون ڏٺيون آھن ۽ نه وري درياه جي تواريخ يا سندس شجري کان ئي وافق آھن.
    غلام رسول جو طريقو عجيب وغريب آھي. ھو چوندو آھي ته ”سنڌو“ دنيا جي جملي درياھن کان مختلف مزاج درياه آھي. ھو نه فقط درياه جي جاگرافي ۽ تواريخ کان بخوبي آگاه آھي، پر کيس سندس ھر نخري ۽ نازڪ مزاجي جي نبض سڃاڻندو آھي. سندس دعوى آھي ته سنڌو پيار سان ضابطي ۾ اچي سگھي ٿو ۽ زبردستيءَ سان ھرگز نه. کيس گھتياري سندس دل وٺي مٿس براجون ٺاھيون. سندس پاسن ۾ شگاف ڏيئي واه وھايو ۽ سندس پيٽ کي پٿر ٻڌي سندس وھڪري کي موڙيو. پر پيار، عقل ۽ ادب سان. پر ھڪ واري توھان تڪڙ ڪري پنھنجي ھلندي ھلائي ۽ خدانخواسته ھڪوار درياه بگڙيو ته پوءِ ٻانھو ۽ ڌڻي. . .
    اڳ جڏھن درياه رسندو ھيو ۽ پنھنجو پيٽ ڦيرائيندو ھيو ته سنڌ جو اھو سمورو پاسو ھڪدم سڃ ۽ برپٽ بيابان ٿي ويندو ھيو ۽ ان رخ جي تھذيب ئي ختم ٿي ويندي ھئي. اھوئي سبب آھي جو ھيل سوڌو سنڌوءَ پنھنجا ايترا پيٽ ڦيرايا آھن جو اڄ سوڌو اسان ايترا ڪپڙا به تبديل نه ڪيا آھن. سندس ڪاوڙجڻ ۽ رسڻ ڪري جا تباھي ۽ بربادي عمل ۾ آئي آھي، ان لاءِ سنڌ جي تاريخ جي ورق گرداني ڪيو ته اوھان کي خبر پوندي ته گھڻين ويھين سؤ ٿيندو آھي. جي اڄ سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا اجڙيل ڦٽل، کنڊھر ۽ ڦٽل شھرن جا آثار موجود آھن ته اھي پڻ سھڻي سنڌو جون موسمي مھربانيون آھن. بھتر ٿيندو ته پنھنجي بچاءُ خاطر ۽ سنڌ کي تباھي کان پاسي رکڻ لاءِ غلام رسول ميدان عمل ۾ آندا وڃن. سندن قدر ڪيو وڃي ۽ جڏھن سندس وقت پورو ٿئي ۽ سندس جاءِ نشين مقرر ڪيا وڃن ته جيئن درياه ۽ درياھي رھاڪن جو دوستانه رشتو درياھي گھوڙن ذريعي زنده ۽ پائنده رھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566201
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ