ڪتاب جو نالو: ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف
مصنف: امان الله شيخ
ڇپائيندڙ: مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري آرگنائزيشن، دهلي
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 12 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1840 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 514 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف“ جو سهيڙيندڙ محترم امان الله شيخ آهي. هي ڪتاب آگسٽ 2015ع ۾ مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن، نئين دهلي انڊيا پاران پيڪاڪ پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو آهي.
هي ڪتاب ڊسمبر 2014ع ۾ هند ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران : وينا شرنگي
  • مـهـاڳ :  امان الله شيخ
  • شاهه عبداللطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس-دهلي (هڪ جائزو) : گورڌن شرما گهايل
  • ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف : ڊاڪٽر سليمان شيخ
  • سنڌي سماج ۽ لطيف سائين : ڊاڪٽر سليمان شيخ
  • بلها شاه ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ شاعري جو تجزيو : ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
  • شاهه لطيف ۽ سندس همعصر صوفي شاعر : پروفيسر اعجاز احمد قريشي
  • شاهه جي شاعري ۽ فلاسافي : وينا شرنگي
  • شاهه لطيف جي ڪيل تاريخي ماڳن جي سير ۽ سفر جي روشني ۾ سندس ڪلام ۾ آيل لوڪ ڪهاڻين جو جائزو : ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو
  • شاهه جي شاعريءَ تي ڀڳت ڪبير داس جو اثر : نذير ناز
  • شاهه عبدالطيف جي شاعري تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر : امين لاکو
  • ڀڳتي تحريڪ جا شاهه تي اثر : غلام نبي مورائي
  • شاهه لطيف ۽ سندس هم اثر سرائيڪي، پنجابي ۽ ٻيا صوفي شاعر : پروفيسر ڪشمير سومرو
  • صوفي شاعرن جي تخليقي ٻولي شاهه جا تخليقي ٻول : وينا شرنگي
  • ”ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا“ : پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
  • ”پئي جهانءِ جَهروڪَ ۾“ : بينش ماها قائم وريا ماڻي
  • شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر : امان الله شيخ
  • شاهه صاحب جون سورميون ۽ عورت جي اهميت : جنت علي جان
  • منهنجو جِيءُ جلايو، اندر آ ديسين (تقرير ) : مدد علي سنڌي
  • مشاعري ۾ پڙهيل شاعري

  • دل جا ديرا وسَن : نذير ”ناز“
  • دل ڌرتي تي : نذير ناز
  • وسن شل ڳوٺ ۽ واهڻ : نذير ناز
  • لهه سنڌڙيءَ جي ڪا سار، ڀٽائي! : نذير ناز
  • سنڌ امان منهنجي جان ۽ مان: مهڪ علي
  • تنهنجا اوسيئڙا نِگاهون : پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
  • تو کان پيار جي گُهرَ ڪئي هُئي : پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
  • Shah Abdul Latif in Quest of Truth and Emancipation : Javed Shaikh
  • Sindh Jo Lateef: The Sufi Mystic : Sanya Sadiq

  • ڪتاب بابت

    اداري جا حق ۽ واسطا محفوظ.

    ڪتاب جو نالو: ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف
    سهيڙيندڙ: امان الله شيخ
    ٻانهن ٻيلي: پروفيسر اعجاز احمد قريشي
    ڇاپو پهريون: آگسٽ 2015ع
    تعداد: 1000 ڪاپيون
    ڪمپوزر: سيد آفاق شاهه ۽ محمد اقبال ابڙو
    ٽائيٽل/لي آئوٽ: ظفر آفتاب
    قيمت: 200 روپيا
    ڇپيندڙ: پيڪاڪ پرنٽرس، ڪراچي سنڌ، پاڪستان
    ڇپائيندڙ: مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن، نئين دهلي انڊيا

    Book Name: Aikvheen Sadi ain Shah Latif
    (Shah Latif & 21st Century)
    Compiled by: Aman ullah Shaikh
    Edition First : August 2015
    Quantity: 1000 Copies
    Composed by: Syed Aafaque & M. Iqbal Abro
    Title/ layout: Zafar Aftab
    Price: Rs. 200/=
    Printed by: Peacock Printers, Karachi Sindh, Pakistan
    Published by: Marui Social, Cultural and Literary Women’s Organization, New Delhi, India

    DISTRIBUTOR IN PAKISTAN
    Peacock Printers & Publishers
    Flat # 404 Rafique Center, Abdullah Haroon Road
    Near Zainab Market, Saddar Karachi, Sindh Pakistan
    Cell:0300-2152634, Phone 021-35682020


    سنڌ سلامت پاران

     سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (290) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب ”ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف“ جو سهيڙيندڙ محترم امان الله شيخ آهي. هي ڪتاب آگسٽ 2015ع ۾ مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن، نئين دهلي انڊيا پاران پيڪاڪ پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو آهي.
    هي ڪتاب ڊسمبر 2014ع ۾ هند ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

    اسان ٿورائتا آهيونسائين امان الله شيخ ۽ سانئڻ وينا شرنگيءَ جا جن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
     

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
     books.sindhsalamat.com


    اداري پاران : وينا شرنگي

    مارئي تنظيم طرفان ڀٽائي گھوٽ شاه لطيف تي ڇهين بين الاقوامي ڪانفرنس جيڪا دهليءَ ۾ 16، 17 ۽ 18 ڊسمبر تي 2014ع تي Y.M.C.A انٽرنئشنل ڪانفرنس هال ۾ ٿي، تنهن ۾ سنڌ هند جي دانشورن، شاعرن، فنڪارن ۽ علم سان چاهُه رکندڙن شرڪت ڪئي. اُن ڪانفرنس دوران جيڪي مقالا پڙهيا ويا تن تي آڌارت هيءُ ” ايڪويهين صدي ۽ شاه لطيف“ عنوان تحت ادبي طعنو اوهان اڳيان پيش ڪندي بي حد خوشي محسوس ٿي رهي آهي. مارئي تنظيم جو هيءُ چوٿون ڪتاب اوهان آڏو پيش ڪري رهيا آهيون. سال 2000ع ۾ سنڌي ڀينرن جو آزادي جي هلچل ۾ ڪانٽريبيوشن تي آڌارت ڪتاب ”پاڻ سڃاڻج سُپرين“ پبلش ڪيو ويو جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ جي دور جي آزاديءَ جي هلچل جي تاريخ شامل آهي. ان ۾ سيتا سامتاڻي، سدوري اگناڻيءَ لڪشمي سڌوا، ڪرشنا ڀمڀاڻيءَ ۽ ٻين آزادي جي هلچل ۾ حصو وٺندڙن طرفان اُن دور جو اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪيل آهي. آزادي جي هلچل هندو مسلمانن جي گڏيل هلچل هئي. جنهن ۾ ٻن سنڌ جي نارين گلزار بيگم ۽ مهر بانو جو اُنهن ذڪر ڪيو، اُن بعد 1987ع -1989ع -1991ع ۽ 2000ع تي منعقد ٿيل چئن عالمي سيمينارن تي آڌارت ڪتاب ”ڪيچان آيو قافلو“ 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو ۽ ٽئين پبلڪيشن سنڌ جي سُڄاڻ شخصيت مانواري سڄڻ خادم علي شاه جو سنڌيءَ ۾ ”شهيد بختاور“ عنوان تحت ڪتاب 2011ع ۾ هنديءَ ۾ شايع ڪيو ويو. مارئي تنظيم جي سلور جبلي پروگرام جي موقعي تي منعقد ڪيل پنجين عالمي ڪانفرنس ۾ اهو ڪتاب سوغات طور مليو، جنهن ۾ ديدي نرملا ديش پانڊي شرڪت ڪري همٿ افضائي ڪئي.
    هند ۾ سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جو ڪلچر نه آهي اهڙين حالتن ۾ مارئي طرفان انهن ڪانفرنسن تي آڌارت ڪتاب پبلش ڪرڻ مشڪل مرحلو آهي. نه وري ادبي سيمينارن جي ايتري همٿ افضائي ڪئي وڃي، ٻولي بچائڻ وارا نارا ته کوڙ پر سر جون سٽون ڏيڻ وارا محدود اهڙين حالتن ۾ ساٿ ۽ سهڪار ڏيڻ وارن جون محدودگيون سمجهي سگهجن ٿيون.
    ٻڏندڙ ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿُ وجهن
    پسو لڄ لطيف چئي ڪيڏي ڪي ڪکن
    توڙي ڪنڌيءَ ڪن نه ته ساڻُ وڃن سير ۾ (شاه)
    هن کان اڳ شاه جي سيمنيارن تي آڌارت ڪتاب، ”ڪيچان آيو قافلو“ جي ڇپائي دوران ڪاميڊ سوڀو ڳيانچنداڻي دهلي آيل هئا، مکي خوشي آهي ته هنن رهائش ۽ ميزبانيءَ لاءِ منهنجي گهر جي چونڊ ڪئي، مارئي طرفان ڪتاب ڇپجي رهيو هو جنهن تي نظرثاني ڪندي اُنهن ٻه اکر لکيا. هتي مان سندن اظهاريل جذبن کي پيش ڪرڻ چايئنديس.
    پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ جيڪي شاه لطيف تي ڪتاب چپيا ويا آهن. تنهن ۾ منهنجي سوچ مطابق جي ايم. سيد جو ”پيغام لطيف“. هڪ تاريخي ڪتاب انڪري به آهي. جو هن شاه کي اهڙي نموني پيش ڪيو آهي جو اُن ڪتاب جي مطالعي بعد سنڌ جي منظر نامي ۾ شاه لطيف جا بيت ۽ سوچ کي بلڪل سياسي هٿيار طور ڪتب آندو ويو، شاه لطيف سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ ڍال ۽ تلوار ٻئي آهي. سنڌ ۾ ڪو به جلسو شاه لطيف جي شعر سان ئي شروع ٿيندو آهي، جتي وڏا وڏا سياسي ۽ سماجي سوچيندڙ ڀارتي سنڌي سنڌيءَ کي وسارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، اُتي وينا جي جگر کي شاباس هجي جو هيءُ ڪتاب ”ڪيچان آيو قافلو“ پيش ڪري سنڌين کي پنهنجي پاڙن ۽ پسمنظر ڏانهن رفر (ڌيان) ڇڪايو آهي. سنڌي ڄاڻيندڙ ۽ قوم جا گھڻگھرا جنهن ماءُ جي هنن ٿڃ پيتي آهي اُهو ڪڏهن وساري نٿا سگهن. مارئي تنظيم لاءِ شُڀ ڪامنائون.

    سوڀو گيانچنداڻي
    16جولائي 2005ع

    2014ع شاه لطيف عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي هند سنڌ شايع ٿيل نون ڪتابن جي جناب غلام نبي مورائي ۽ ڊاڪٽر محمد سُليمان شيخ پنهنجي مُبارڪ هٿن سان رونمائي ڪئي. ان ڪانفرنس دوران پڙهيل مقالن کي ”ايڪويهن صدي ۽ شاه لطيف“. عنوان تحت ڪتابُ پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي. اُميد آهي ته سڀني جا پورهئيا ثاب پوندا. مان واري سڄڻ امان الله شيخ نه صرف عالماڻو مُهاڳ لکيو آهي پر مقالن کي ايڊٽ ڪرڻ کان وٺي ڪمپوزشن ۽ ٻين ڪمن کي بخوبي سرانجام ڏنو. جنهن پورهئي جا لفظن ۾ ٿورا بيان نه ٿا ڪري سگهجن.
    پورهيو سندو پورهتن جو والي ڪيم وڃائي (سچل)
    اُن بعد اگر لبن تي جي ڪنهن جو نالو اچي ٿو ته سُي آهن مانوارا پروفيسر اعجاز قريشي سندس وڏا قرب نه صرف ڪانفرنس دوران ساٿ ۽ سهڪار ڏنو پر هن ڪتاب ڇپڻ ۾ پروف جانچڻ وارن مرحلن کان وٺي ٻانهه ٻيلي ٿي بيٺا. ڊاڪٽر سُليمان شيخ صاحب وفد جي اڳواڻ طور ڪو آرڊينيٽ ڪندا رهيا. نه صرف هن سيمينار لاءِ پر ان کان اڳ وارن سڀني ڪانفرنسن ۾ سندن ساٿ ۽ سهڪار ۽ رهنمائي حاصل ٿي. ڊاڪٽر سُليمان شيخ صاحب نه صرف مارئي ڪٽمب جا پر اسان جي گھر جا ڀاتي آهن، سندن شريڪي حيات جون نيڪ تمنائون ۽ قرب هميشه مون سان رهيا آهن. جنهن ٻي شخصيت جو ذڪر ڪرڻ لازمي ڀانئيان ٿي سي آهن مانوارا غلام نبي مورائي صاحب جن نه صرف مصروفيتن مان قيمتي وقت سيڙائي شرڪت ڪئي. پر سڄي پروگرام جو مهراڻ ٽي. وي طرفان نه صرف ڪوريج ڪرايو پر لطيف ڪانفرنس جو گھر گھر پيغام پهچائڻ ۾ ان اداريءَ جو ۽ مانواري سڄڻ غلام نبي مورائي جي ڪري ڀرپور سهڪار مليو.
    مارئي تنظيم طرفان هند سنڌ جي سڄڻن جي ٿورائتي آهيان جن وک اڳتي وڌائي ساٿ ۽ سهڪار ڏنو. هند ۽ سنڌ جي ڀائرن ۽ ڀينرن وقت ڪڍي ۽ تڪليف وٺي ڊسمبر 2014ع واري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ هند جي ڊاڪٽر ايم. ڪي. جيٽلي، پروفيسر ڊاڪٽر ونود آسوداڻي، ڀڳوان اٽلاڻي، ارجن چاولا، گورڌن شرما گھايل، لڇمڻ دوبي مختلف اجلاسن جي صدارتن جا فرائض انجام ڏنا. ليکڪائن، شاعرن ۽ شاعرائن ڪويتائون پيش ڪيون ۽ پنهنجا ويچار پيش ڪيا. موسيقيءَ جي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ فنڪارن شاه سچل ۽ ٻين صوفي شاعرن جا ڪلام پيش ڪري پنهنجي فن جو سُهڻو مظاهرو ڪيو.
    پهرين عالمي لطيف سيمينار ۾ 1987ع ۾ شروع ۾ جن همٿ افضائي ڪئي تن ۾ دادا اُتم، دادي سندري، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، تيرٿ بسنت نارائڻ شيام، ڪشن کٽواڻي، دادا آنند هنگوراڻي، دادا تيرٿ سنڀاڻي، سنڌ جون ڪئي شخصيتون ٻانهه ٻيلي ٿي بيٺيون آپا شمس عباسي، شمشيرالحيدري، جيجي زرينه بلوچ، فتاح ملڪ، تاجل بي وس ۽ هند سنڌ جون ٻيوڻ ڪيتريون شخصيتون شامل آهن جن وڏا قرب ڪيا ڪن ڪن جي نالن، جو ذڪر ڪيان. مارئي طرفان ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم جي ڪٽمب طرفان پنج گولڊ ميڊل مارئي جي پئليٽفارم تان ڏنا ويا جنهن ۾ پهريون گولڊ ميڊل دادا اي. جي اُتم کي عطا ڪيو ويو ۽ اُن بعد ڀاسڪر شرما طرفان پنهنجي پيءُ ماءُ سيتا ديوي ۽ بسنت لال شرما جي ياد ۾ ٻه گولڊ ميڊل مارئي جي پئليٽفارم تان ڏنا ويا. پهريون شاه لطيف گولڊ ميڊل شاه جي پارکو ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ کي عطا ڪيو ويو.
    لڇمڻ ڪومل کي ڪين وسارينداسين جيڪو پهرين ڪانفرنس کان وٺي ساڻ رهيو پر 2014ع ڊسمبر واري شاه لطيف ڪانفرنس ۾ وقت هن سان وفا نه ڪئي ۽ پنهنجي يارن دوستن سان روح رهاڻ ۽ ڪچهرين کان محروم رهجي ويو. دعوتن ڏيڻ ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. محفل جو مور هو اُنهن ڏات ڌڻين طرفان سندس وڇوڙي تي دُک جو اظهار ڪندي تاريخ 24 ڊسمبر تي هوٽل سارٿڪ پئلس ۾ هند سنڌ جي ليکڪن گڏجي ڪري عقيدت پيش ڪئي ۽ لڇمڻ ڪومل جي ادب ۾ ڪيل خذمتن ۽ سندس زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي ۽ سندن شريڪي حيات گوپي موٽواڻي ۽ ڪٽمب سان ان دک ۾ شريڪ ٿيندي ڪومل کي خراجي عقيدت پيش ڪئي پروفيسر اعجاز قريشي، امان الله شيخ، پروفيسر سُريش واڌواڻي، جاويد شيخ ۽ هند جي ٻين سڄڻن هوٽل سارٿڪ پئلس ۾ ٿيل ان گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي. پروفيسر اعجاز قريشي ۽ مان (وينا شرنگي) سندس ڪٽمب سان اعزار پرسي ڪندي ڪومل جي انتم سنسڪار ۾ شرڪت ڪري خراجي عقيدت پيش ڪئي.
    2014ع جي عالمي ڪانفرنس دوران 16 ڊسمبر تي هڪ دردناڪ واقعي جي خبر آئي جنهن هر باشعور انسان کي ڌوڏي ڇڏيو پشاور ۾ اسڪولي ٻارن مٿان دهشتگردن طرفان حملو ڪري دهشت گردن معصوم گلن جھڙن ٻارڙن جي زندگي چيڀاٽي ڇڏي ۽ وحشين ٻارڙن جي عزيزن کي تا عمر جو درد ڏيئي ڇڏيو. جو درد هر باشعور انسان جو درد آهي. انهن جي ياد ۾ ٻن منٽن لاءِ خاموشي اختيار ڪري شرنڌانجلي ڏني وئي ۽ سندن آتما جي شانتيءَ لاءِ دعا گھري وئي.
    سارڪ ملڪن جي ڪانفرنس ٿيڻ واري آهي. جنهن جو مقصد سارڪ ملڪن وچ ۾ ميل ميلاپ ڀائيچارو علم ادب ڪلچر جي ڏئي وٺ ۽ عام وچ ۾ ميل مُلاقات وارو مقصد آهي، خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته مارئي اهو سلسلو ان کان اڳ 1987ع ۾ پهرين لطيف ڪانفرنس ڪري مُبارڪ قدم کنئيو. آخر ۾ شالني ساگر، پروميلا شرما ۽ راجيندر کي ڪين وسارينديس جن آنڌي مانجھيءَ سڏ ۾ سڏَ ڏنو. ”شاه لطيف ۽ ايڪويهين صدي“ ڪتاب ڪراچي سنڌ جي پيڪاڪ پبليڪيشن طرفان ڪمپوز ڪيو ويو آهي ۽ هند جي اسئڪين پبليشر طرفان وقت سر تيار ڪري هند سنڌ جي ادب نوازن اڳيان پيش ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، جن جي وڏي مهرباني،

    موڪلاڻي ناهي ساٿ سلامت!

    وينا شرنگي
    16 ڊسمبر 2015ع نئين دهلي


    مـهـاڳ :  امان الله شيخ

    گذريل سال 17،16،15 ڊسمبر 2014 ڌاري دهليءَ ۾ “شاهه لطيف عالمي ڪانفرنس” ۾ شرڪت جو موقعو مليو ۽ انهي، ڪانفرنس ۾ اماڻيل ۽ پڙهيل مقالا، نه رڳو شاهه جي شاعراڻي فڪر ۽ ساڃاهه جو ڀنڊار هئا پر تصوف جي ڪنهن حد تائين روايتي اپٽار ڪندي به،هڪ نئين اتساهڪ فڪر جا آئينيدار هئا. انهن مقالن کي جيڪڏهن ڌيرج سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ذهني اٿل پٿل پيدا ڪرڻ ۾ متن جو معيار، ۽ ڳر عالمي معيار جو پلئي پوندو. ايئن، ڄڻڪه پڙهندڙ پاڻ کي “جز” کان “ڪل” ڏانهن سچ جي اڻ-کٽ سفر ۽ اڻ پوري داستان جو حصو محسوس ڪندو. سچ جي ڳولا جو هي اننت ۽ اکٽ سفر جيڪو اوستائين جاري رهڻو آهي جيستائين نوع بني آدم ۽ سنسار جو چرخو هلندو رهندو. هونئن به نوع بني آدم ۽ سنسار جي هستيءَ ۽ نيستيءَ بابت هي “جيستائين” ۽ “تيستائين” جو مشروط ۽ اضافتي (Relativety) تصور سادي اصول جي آڌار تي اختيار ڪيل آهي. ائين انهيءَ پيچيدگي پٺيان اصل راز، يا اسرار جيڪو تجسس جو ڀنڊار آهي ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟ سو آهي ڇا، تنهن جي هينئر تائين ڪا ڪَلَ ڪانهي. هي اسراريت جو علم، يا مخفي علم (occult science) ئي تصوف/صوفيت جو مرڪزي نقطو آهي.؟
    تصوف ۽ شاهه لطيف جي سري سان سلهاڙيل مضمونن جي مالها ۾ پوئجندڙ مواد (content) جي موتين ۾ لڪل سونهن ۽ سوڀيا آهي تصوف ۽ ويدانيت جي وادين ۾ علم ۽ عرفان جي ڳولا سان گڏوگڏ اهو هڪ وقتائتو سوال سامهون وڄ جيان وراڪا ڏئي ٿو ته عرفان جي ڳولا ۾ من لڀائيندڙ سفر جو سٻنڌ، ايڪويهين صدي ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ سان ڪيئن ۽ ڪهڙو ٿو جُڙي جنهن مان ڪو لاڀ ملي سگهي؟
    اصل ۾ “تصوف” ۽ “ويدانيت” بابت مڪاني سطح کان وٺي عالمي سطح تائين عقيدتمنديءَ جي نوعيت سبب هڪ مونجهارو پيدا ڪيل آهي ته اهي ٻئي عنصر فڪر ۽ سوچ جي دائري کان ٻاهر محض ڪيفيت ۽ سڀاءِ جو نالو آهن. ان جو مثال آهي ته ابوالحسن فشنجي ڏهين صديءَ جو هڪ صوفي عالم ٿي گذريو آهي جنهن جو پڻ تصوف بابت مبهم رايو آهي، “تصوف هڪ اهڙو لفظ آهي جيڪو نانءَ هوندي به حقيقت ناهي ۽ ڪنهن زماني ۾ حقيقت هوندي به بي نام هو.”
    ائين، تصوف ۽ ويدانيت بابت چئجي ته، “اُهي فڪر کان وڌيڪ انساني سڀاءُ ۽ اندر جي اڌمن تي عڪس چٽيندڙ سٽاءُ آهي جنهن کي ڪنول سان ڀيٽي ڏسجي ته، گل پاڻيءَ کان ٻاهر ۽ پاڙ پاڻيءَ اندر حياتي گذارڻ جو انداز ۽ دنياوي مَامرن سان واسطو رکندي به دنياداريءَ جي دلدل کان دور ماورايت ۾ رهڻ.“ شاه لطيف انهيءَ ڪيفيت کي هيئن بيان ڪري ٿو:
    مونکي مون پرينءَ، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ايئن چَوَنِ، متان! پاند پسائين.
    هيءَ ڪنول سان ڀيٽ ڏنل ڪيفيت ڪنهن حد تائين “خودي” ۽ “بيخودي” جو امتزاج يا ميلاپ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ۽ ميلاپ به “مونجهارن جو مونجهارو” آهي جنهن کي سُلجهائڻ واسطي وسيع تر ڏاهپ گهربل آهي. يعني ته، تصوف هڪ دانشوراڻو موضوع آهي جنهن کي هر دور جي عالمن ۽ شاعرن پنهنجي تخيل جي زينت پئي بڻايو آهي، پر علامتي، ۽ تجريدي ٻوليءَ ۾، ڇاڪاڻ ته، تصوف بابت خيال آرائي به شاعراڻي نوعيت جي ۽ شاعراڻي ٻولي ابهام سان ڀرپور هوندي آهي تنهن ڪري صوفياڻين ترڪيبن ۽ اصطلاحن جي معنائن ۽ شرحن جو مختلف ۽ متضاد هجڻ امڪاني امر آهي.

    تصوف جو سياسي ۽ سماجي پس منظر:
    تصوف کي صوفي عالم گهڻي ڀاڱي سوالن جوابن وسيلي شاعراڻي انداز، اشارن، رمزن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي پنهنجن جذبن جي اپٽار ڪندا اچن پيا جنهن جي تز ۽ ٺهڪندڙ معنى ڏيڻ ۾ اڄ به هٻڪ محسوس ٿئي ٿي.
    ائين تصوف، صوفياڻين روايتن/اسرارن/ تجربن جو اهڙو اظهار آهي جنهن جو تقابلي جائزو وٺنداسين ته اڪيچار مذهبن جي روح ۾ سانڀيل جو وچولو دڳ چئي سگهبو.
    ائين اسان تصوف جي معنى ۽ مفهوم بابت گهڻ پاسائين اپٽار کي اوليت ۾ شامل ڪيون ٿا.
    تصوف بنيادي طور عربي جي ٽن لفظن جو ڌاتو/اشتقاق چيو وڃي ٿو. صاSA) )، وا (WA) ۽ فا (FA) جنهن جي عربي ۾ لفظ صفا بيهي ٿي. ان جي معنى آهي اهي جيڪي چونڊيل هجن ٿا.
    “تصوف” جي اصليت “صف” لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى صف بندي ڪرڻ. اها صف بندي جي معنى اوائلي دور جي مسلمانن کان ليکي وڃي ٿي يعني عبادت لاءِ قطار بندي ڪرڻ.
    تصوف جو بڻ بڻياد “صفا” مان نڪري ٿو. جنهن جي معنى رهڻ ڪَهڻ جو ننڍڙو ورانڊو.
    تصوف جو گهاڙيٽو صُفَ سان ٺهڪي ٿو جنهن معنى بيهي ٿي “اهي ماڻهو جيڪي باطني/ لدني علم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.” اهي آڳاٽي زماني جا درويش پشم جي پوشاڪ پائيندا هئا.
    ان جي برعڪس تصوف جي مٿي ڄاڻايل معنى ۽ مفهوم جي ابتڙ عملي ۽ منطقي لحاظ کان جنهن ماڻهو ان کي فلسفي ۽ فڪر جو هڪ سلسلو ڄاڻايو ان جو نالو البيروني (1043-973) (1) آهي. البيروني پنهنجي علم ۽ پورهئي سان ثابت ڪيو ته تصوف لفظ اوچتو ۽ پاڻمرادو نمودار ڪونه ٿيو آهي. ۽ نه وَري اها لفظن جي راند هجي ٿي. هن ڄاڻايو ته صوفي لفظ جو ڳانڍاپو، يوناني لفظ سوفوس(Shophos)سان آهي جنهن جي معنى آهي ڏاهپ ۽ عقلمندي.
    تصوف کي اسلام جي آفاقي پيغام ۽ سيڪيولر سوچ/ فڪر سان سٽائتو ڪرڻ جو جنهن ڏاهي ۽ داناء ڪم ڪيو ان جو نالو شيخ الاڪبر محي الدين ابن عربي ( 1) (1240-1165) آهي جنهن جو اڄ به تصوف جي دنيا ۾ مٿانهون ۽ اعلى مقام آهي. ابن عربي پنهنجي لکڻين ۾ هڪ “جُز” تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ته علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو مفيد رستو پاڻ کي پردي جي پويان لڪائڻ آهي جيڪو ڪنهن به دليل ۽ سبب جي ڪسوٽي تي پرک ڪرڻ کان پرانهون هجي ٿو. پر ساڳي وقت ڪنهن حد تائين اظهار ڪري ٿو ته “دليل” وري به ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو اهم ذريعو سمجهڻ گهرجي جنهن سان نيڪيءَ بدي جي قوتن ۾ تفريق ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ۽ محض خيالي ۽ پورالي علمي ڪيفيت ۽ ڄاڻ کي ايڏو اهم به ليکڻ نه گهرجي.
    ائين ابن عربي جي عالمانه ۽ فڪري لکڻين جو جيڪڏهن ڪنهن مفڪر ۽ عالم جي لکڻين تي اثر نظر اچي ٿو. ته سو ابن خلدون (1332-1406) آهي. ابن خلدون سماجي سائنس جو اهو ڏاهو ۽ داناءُ ماڻهو ڄاتو وڃي ٿو ڇوته ابن خلدون ٻه طرفي سماج تي اثر انداز ٿئي ٿو هڪ پاسي “قدر” ۽ سٽاءُ ته ٻي پاسي ان جي سياسي ۽ سماجي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ مذهبن يا فڪر جو واسطو ڪلچر ۽ مروج حالتن سان سلهاڙيل آهي.
    ائين مجموعي طور ڏهين صدي جو حسين بن منصور (922-858) ابن عربي ۽ مولانا جلال الدين رومي جداگانه سوچ ۽ فڪر جي باوجود به صوفي فڪر جي هڪ ئي سٿ جا نمائندا آهن. (1) مطلب ته تصوف يا صوفي فڪر ۾ مولانا جلال الدين رومي ۽ ابن عربي جي پورهئي ۽ جدوجهد کي لازوال ۽ بنيادي حيثيت حاصل ٿي وئي. اهي ٽئي هستيون پنهنجي صوفي فڪر ۽ اتهاس جي حوالي سان اپکنڊ کان وٺي سڄي مشرقي علمن مٿان. ڇانيل نظر اچن ٿيون انهيءَ زماني ۾ اپکنڊ ۾ تصوف جي قادري مسلڪ جي نسبت سان داتا گنج بخش (1088-1072) جو نانءُ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو
    جڏهن مشرق ۾ علم، اڀياس ۽ ڄاڻ جون قنديلون اجهامڻ لڳيون ۽ يورپ اونداهي دورمان نڪري نئين جاڳرتا (Renaissance) جي ڏانهن وک وڌائڻ شروع ڪئي ته علم، کوجنا ۽ ڏاهپ جو به مشرق کان مغرب ڏانهن روانگي جو سفر شروع ٿي ويو. مولانا روميءَ ابن عرب ۽ حسين بن منصور کي مغرب جي عالمن ۽ کاهوڙين سڄي دنيا سان نئين سِر روشناس ڪرايو. ائين “تصوف” بابت جديد کوجنا ۽ اڀياس جي ابتدا يورپ مان ٿي. انهن عالمن ۽ ودوانن “تصوف” کي مستشرق (ORIENTALISM) جو هڪ حصو ڄاڻايو.
    تصوف متعلق ڪيترن ئي جڳ مشهور عالمن برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ علمي پورهيو ڪيو انهن مان سرِ فهرست نالو جرمن اسڪالر ، ٻولين ۽ مشرقي علومن جو ماهر فريڊرڪ ميڪس مولر (1900_1823) جو آهي جنهن “مشرق جا مقدس شاستر ( The Sacred Books of the East) نالي پنجاهه جلدن جي ضخامت تي ٻڌل ڪتاب پنهنجي نگراني ۾ ترجمو ڪرايو هو. هن جو شمار “دي ويسٽرن اڪيڊمڪ فيلڊ آف انڊين اسٽڊيز اينڊ دي ڪمپئريٽِوِ رليجن” جي بانيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سَرو ليم جونس (1794) ۽ سرجان مالڪم (1883ع ) ۽ ٻيا پڻ ذڪر لائق آهن. انهن عالمن جي کوجنا ۽ اڀياس جي وسيلي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي هندوستان ۾ بيٺڪيت لاءِ مواد ملندو رهيو.
    سياسي سماجي نقطه نگاه کان، يورپ جي عالمن جو ايشيائي ۽ آفريڪي مذهبن ۾ دلچسپيءَ جو مک ڪارڻ، جيئن ڪارل . اِي. ارنيسٽ به ڄاڻائي ٿو ته عالمي سطح تي علمي ۽ فڪري پورهيي سان ڌاڪو ڄمائڻ ۽ پنهنجي قبضه گيري (بيٺڪيت /Colonization) جو جواز مهيا ڪرڻ هو. ائين لوئي ماسينون (1962-1883) جنهن کي تصوف جي کوجنا ۽ اڀياس ۾ هڪ کاهوڙيءَ جو درجو حاصل آهي ان جي لکڻين کي محض ماضيءَ جو داستان ڄاڻائي رد نه ڪرڻ گهرجي پر هن کي اسلام ۽ فرينچ سياست، سماج ۽ ڪلچرل قبضا گيري جي وچ ۾ هڪ ڳانڍايو سمجهڻ گهرجي. جاويد غامدي به قدامت پرستانه صوفي سوچ کي رد ڪيو آهي ۽ ڄاڻائي ٿو ته آڳاٽي دور کان وٺي، رومانويت پرستي، اوپرائپ، ۽ پُراسراريت جي تجربن “تصوف لاءِ يورپ جي مستشرقين عالمن جو ڪيل پورهيو والار/بيٺڪيت (Colonization) لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو.
    پر ائين ڪونهي ته يورپ جي دنيا ۾ قبضا گيري خلاف ڪا به مزاحمت ڪانه ٿي پر يورپ جي استعماريت/والار خلاف مزاحمت جا سلسلا به نظر اچن ٿا. جن جو مختصر وچور هيٺين ريت آهي.
    الجزائر ۾ امير عبدالقادر جي سربراهي ۾ فرينچ فوج/ حڪمرانن خلاف عملي ويڙهاند جو هڪ نرالو مثال آهي لڳاتار ورهين جا ورهيه مزاحمت جو عمل جاري رهيو جيستائين کين گرفتار ڪري 1847ع ۾ شام ڏانهن جلاوطن نه ڪيو ويو. شام (دمشق) ۾ امير عبدالقادر جيلاني تصوف جي فڪر ۽ فهم تي شاهڪار ڪتاب لکيا. انهن ڪتابن ۾ ابن عربي جو اثر صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    ڪازڪستان ۾ شيخ شمائل جو روسي زار شاهي خلاف ويڙهاند ڪري هڪ آزاد رياست جو قيام عمل ۾ آندو جنهن جو خاتمو 1859ع ۾ آيو.
    سوڊان ۾ مهدي سوڊاني جو انگريزن خلاف هٿياربند جدوجهد جو آغاز، جنهن جو خاتمو 1859ع ۾ ٿيو.
    سنڌ ۾ سترهين صديءَ جي اڳياڙي ۾ شاهه عنايت شهيد (1718-1655) مغل سامراج جي خلاف جهوڪ ۾ مزاحمي تحريڪ جو آغاز جنهن جو انت به دردناڪ نموني ٿيو.
    ڪلهوڙن جي ميان وال تحريڪ جنهن اڳتي هلي گوريلا جنگ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ آخرڪار مغلن کين سنڌ لاءِ حڪمراني جي سند عطا ڪئي.
    ويهين صديءَ ۾ پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشدي (1943-1910) پاران انگريزن خلاف مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ٿلهي ليکي ڏٺو وڃي ته امير عبدالقادر کان وٺي پير پاڳاري تائين حر تحريڪ (ماسواءِ ميان وال تحريڪ) جون ٻيون هڙئي تحريڪون پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي ڪونه سگهيون. ان جو اهم ۽ مکيه سبب ان دور جي سماج ۾ ردو بدل آڻڻ لاءِ ڪا به رٿابندي نه هئڻ يا وَري محدوديت جي دائري ۾ رهڻ هو.
    ائين ويهين صدي ۾ تصوف جي هئڻ ۽ نه هئڻ جي صدين کان هلندڙ سوچ ۽ فڪر کي جنهن ماڻهو ويهين صديءُ پوئين چوٿائي کي هڪ منفرد نوعيت سان پنهنجي شاهڪار لکڻي مستشرق (Orientalism) 1978ع ۾ آڻي پراڻن مفروضن کي رد ڪيو ۽ هڪ بحث جو آغاز ڪيو سو ائڊورڊ سعد (2003) آهي. پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته مستشرقيت جي حوالي سان سامراجي قوتون ڪيئن قومن ۽ آدرشن جي لتاڙ ڪن ٿا ۽ ان جا سياست ۽ سماج ۾ ڪهڙا اثر پون ٿا. اهڙي ريت ويهين صدي ۾ جنهن ڏاهي انسان مستشرقيت جي نالي ۾ ڪيل والار جا پتا پڌرا ڪيا سو مائيڪل فوڪالت (جون 1984) آهي. هن پنهنجن ٻن اهم لکڻين (The Archeology of Knowledge and Punish to Identity of Orientalism) ۾ مستشرقيت جي آڙ ۾ قبضا گيري جي نشاندهي ڪئي آهي.
    اُپکنڊ ۾ تصوف جي آمد سان هڪ نئون دور ۽ زمانو شروع ٿيو جڏهن داتا گنج بخش هجويري (1088-1072) “ڪشف المحجوب” جي نالي سان تصوف تي جامع ڪتاب لکيو. ائين سنڌو ماٿري ۾ تصوف جا مرڪز ڀٽ شاهه، درازا، ملتان ۽ اجوڌيا/پاڪ پتڻ اهم ۽ اثرائتا شمار ڪري سگهجن ٿا. ان سان گڏ و گڏ تصوف پنهنجي فڪري سٽاءَ ۽ پيشبنديءَ سان ٻن حصن ۾ چٽو ٿي سامهون آيو: هڪ، وحدت الوجودي فڪر جيڪو مختلف مذهبن ۽ عقيدن پويان هڪ ئي جز يا ڪل کي ڏسڻ پرکڻ ۽ پرجھڻ جو پرچارڪ هئڻ ۽ اندر کي اجارڻ ۽ ڪنهن حد تائين خلوت نشيني يا گوشي نشيني جو قائل هو. ان وحدة الوجودي فڪر جو روشن خيال نمائندو ميان مير سنڌي (1531-1653) هو. هوڏانهن ٻئي پاسي مذهبن جي نالي ۾ تفريق پيدا ڪرڻ ۽ هڪ مذهب کي ٻئي مذهب جي مٿان بالادست سوچ کي وحدت الشهودي سڏيو ويو. ان فڪر جو اهم نمائندو مجدد الف ثاني(1624-1564) چيو وڃي ٿو. هن عالم پنهنجي فڪر ۽ عمل سان مذهب جي جارحانه حڪمت عملي کي وڌيڪ ڌيان لائق سمجھيو. انت ته اڳتي هلي وحدة الوجودي دارا شڪوه (1615-1695ع) ۽ وحدة الشهودي اورنگزيب (1707-1618) جي وچ ۾ سياسي اقتدار لاءِ خون ريز ويڙهاند ٿي جنهن ۾ دارا شڪوه کي قتل ڪيو ويو. ائين اورنگزيب پنهنجي سياسي سوچ ۽ سٽاءَ وسيلي مذهبي فڪر جي جارحانه لاڙن سان اپکنڊ ۾ مغل شهنشاهيت جي زوال جو پهريون پيڙهه پٿر رکيو.
    ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ هندوستان ۾ تصوف کي هڪ نئين طرز سان ڏيٺ ڪرائي سو صوفي عنايت الله خان (1927-1882) آهي جيڪو عالم ۽ ماهر موسيقار به هو. ان کان سواءِ سيد حسن ناصر، ڊاڪٽر جاويد بخش جا نالا سامهون اچن ٿا. اڃا به هڪ اهم نانءُ گرو بابا محي الدين جو اچي ٿو. جنهن تصوف ۽ ويدانيت جي نسبت ۽ ميلاپ ۾ هڪ نواڻ سان نروار ڪري بيهاريو. سنڌ مان ان سلسلي جا نالا دادا ڄيٺمل پرسرام (1948)، دادا ٽي-ايل واسواڻي، جي- ايم سيد ۽ سام جئسنگهاڻي چئي سگهجن ٿا. دادا ڄيٺمل ته سوشلزم ۽ صوفي فڪر کي هڪ سڪي جا ٻه پاسا سمجهندو هو.

    سرد جنگ جو خاتمو ۽ تصوف:
    سرد جنگ جي خاتمي دنيا ۾ هڪ ڀونچال آڻي ڇڏيو. خاص ڪري اهي انقلابي ۽ کاهوڙي جيڪي سماج واد Socialism)) کي هڪ سائنسي فلسفو ۽ فڪر سمجهڻ جي برعڪس ان کي سڌانت/عقيدو/مَت (Dogma) سمجهي تقليد پرستيءَ يا اکيون ٻوٽي پيروي ڪرڻ جا طرفدار هئا انهن جڏهن سويت يونين جو زوال ٿيندي ڏٺو ته سندن وايون ولڙيون ۽ سوچ ۽ عقل جا دروازا بند ٿي ويا. انهن جي اڪثريت مڙهيون، مندر، اوتارا ۽ آستانه وڃي وسايا. ائين انهن انقلابين ۽ کاهوڙين ۾ ٽي لاڙا پيدا ٿيا. هڪ مذهب پرستيءَ ۽ ٻيو گيڙو رتا ڪپڙا ۽ ڳاناپائي سماجي صوفي بڻجڻ جو لاڙو. ۽ ٽيون لاڙو غير سرڪاري تنظيمن ۾ ردو بدل جي نالي ۾ سڻڀا عهدا ماڻي اڻسڌي طرح سرمايه دارانه عالمي حڪمت عملي جو ڀاڱو بڻجڻ. ائين ڏسندي وائسندي سياسي ۽ سماجي ردوبدل جي عمل ۾ ماٺار اچي وئي.
    ان کان پوءِ دنيا جي وايو منڊل ۾ نئون سنيهو ڏنو ويو ۽ ائين ڄاڻائڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي. ته عالمي سماح تي جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان ۾ تصوف نئين سر والار ڪري/ جاءِ ڀري رهيو آهي. ان حوالي سان 1997-01-22 جي ڊان ۾ Laurie Goodstein جو مضمون بعنوان(Sufism gaining a foot hold in the USA) ڇپيو. ان مضمون ۾ ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته مختلف مذهبي برادريون صوفيانه نقطه نگاه کان پرچار ڪرڻ ۾ محو آهن. ڇو ته دنيا ۾ روحاني خال ۽ بي آرامي پيدا ٿي آهي. ان کي ٿڌوٿانهرو ڪرڻ ۾ چڱو موچارو واڌارو ٿي رهيو آهي. انهي لکڻي ۾ هڪ هنڌ تصوف جي ساراهه ڪندي هڪ پرچارڪ چئي ٿو: تصوف گهڻي ڀاڱي لبرل/ آزاد خيالي کي واڌارو ڏئي ٿو.... ان ڪري سدائين قدامت پرست مذهبي مهندارن ۽ صوفين ۾ ويڙهاند جو سلسلو هلندو اچي پيو. ڇو ته صوفي پاڻ کي ڪنهن بند جاءِ ۾ واڙڻ لاءِ تيار نه هجن ٿا. مون کي مذهب جي ڄاڻ مسجد ۾ ڪانه حاصل ٿي آهي. مذهب منهنجو تجربو آهي. مان پاڻ کي وڌيڪ آزاد ڀانيان ٿو.”

    ڀڳتي تحريڪ جو سياسي ۽ سماجي پس منظر:
    ڀڳتي جو وستار/اپٽار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر راڌا ڪرشن جي هڪ ضخيم ڪتاب “هندوستاني فلسفو” (Indian Philosophy) مان هڪ اهم حوالو ڏيڻ مناسب لڳي ٿو. هو لکي ٿو ته: مشرق ۾ خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ڳانڍاپو محسوس ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ مغرب ۾ انسان جو نمائندو پروميٿوس انسان کي خدا جي قهر کان بچائڻ لاءِ سامهون اچي بيهي ٿو. جڏهن ته هرڪيولس ڪُلهن تي. دنيا کي کنيو بيٺل آهي ۽ مسيح انسان جو پُٽ آهي. مغرب ۾ انسان ڌيان جو مرڪز هجي ٿو.
    ان جي ابتڙ مغرب ۾ انسان ۽ خدا جي وچ ۾ اختلاف موجود آهن. هوڏانهن مشرق ۾ انسان خدا جو شاهڪار ۽ روحاني تجربو هندوستان جي ڪلاسيڪل تواريخ جو هڪ حصو ۽ خدا جو وجود زندگيءَ جي علامت آهي.”
    هندوستاني فلسفو ۽ فڪر ٻن اهم عنصرن جو ميلاپ آهي يعني علم ڄاڻ ۽ قياس آرائي جو اتساهه پيدا ڪرڻ. ان نسبت سان قياس آرائي جو وڏي ۾ وڏو خزانو ويدن کي ئي مڃيو وڃي ٿو انهن ويدن جي آڌار تي هندوستاني فلسفو جو ڄاڻ ۽ علم جو ذريعو چيو وڃي ٿو. اڳتي هلي ويدن بابت وڌيڪ نواڻ ۽ وقت جي حالتن سان ٺهڪندڙ جيڪي به لکڻيون سامهون آيون انهن کي اپانشدس (Upanishads) جو نانءُ ڏنو ويو. اهي اپانشدس ئي هندوستاني تصوف جون سڀ کان آڳاٽيون تصنيفون آهن جنهن ۾ هندوستاني ويدانيت جا آسان اصول بيان ڪيل آهن. پروفيسر روائس (Royce) پنهنجي جڳ مشهور لکڻي “ڪائنات ۽ فرد” ۾ اعتراف ڪري ٿو “هندوستاني صوفيانه عقيدن جو پورو داستان اپانشدن ۾ قلمبند آهي. هندوستاني فڪر ۽ فلسفي جا ماهر ان نڪتي تي به سهمت آهن ته اپانشدن جي تصنيف جو زمانو اٺين صدي قبل مسيح هجي ٿو اپانشد جي لفظي معنى آهي ته ڪنهن اڳيان با ادب ويهڻ، برهمه گيان (حقيقت جو معرفت ۽ حاصل ڪري جهالت جو خاتمو ڪرڻ، اپانشدن جو خلاصو ڊاڪٽر راڌا ڪرشن هيٺين ريت ڏنو آهي.
    برهم گيان (خدا جي معرفت) جنهن سان فلسفي ۽ مذهب جو ڳانڍاپو آهي.
    هن سنسار ۾برهم (خدا واجب الوجود)، اعلى ۽ ايڪم اَدوتيم (وحده لاشريڪ) آهي
    معرفت گيان ۽ عرفان الهامي ٿي سگهي ٿو.
    برهم گيان سان دلي سڪون ۽ ابدي راحت حاصل ٿئي ٿي.
    مختصر طور ته هي سنسار انهيءَ اڪيلي ۽ گياني ذات جو پرتو/مظهر آهي. ان کان سواءِ ڪا به وٿ حقيقي معنى ۾ وجود ڪونه رکي ٿي. ائين هُو اڪيلو، برهما ۽ واجب الوجود آهي. يعني وحدة الوجود.
    هندوستاني فڪر ۽ فلسفي جا اوائلي دور ۾ ڏاها ۽ ودوان جيڪي بنيادي ڳاڻيٽي ۾ اچن ٿا. انهن ۾ ورڌمان مهاوير (527-599) ۽ سڌارٿ مهاتماٻڌ (483-563) آهن. مهاوير ۽ مهاتما ٻڌ هڪ ئي زماني جا همعصر آهن. انهن ٻنهي جي فلسفي ۽ سوچ جو واسطو عدم تشدد جي اصولن سان لاڳاپيل آهي مهاوير 12 ورهين جي ڄمار ۾ نرواڻ ورتو. هن جي چوڻ مطابق ڪرمن جي چڪرن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ سان ئي من کي شانتي ملي ٿي. مهاتما ٻُڌ به نرواڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ گنگا جي ميدانن ۾ جوڳين ۽ ساڌن جي سنگت ۾ تپسيا (پاڻ پلڻ) جا چلا پچايا. اڳتي هلي چوڻ لڳو “مان پنهنجي مَن ۾ سانپيل مستي، اڊمبر ۽ وڌائي جهڙن دشمنن مٿان حاوي پئجي چڪو آهيان. مان نرواڻ ۽ ڪرمَا کي حاصل ڪري ورتو آهي.” انهي سلسلي جو ٻيو هڪ نانءُ بدرايانا (لڳ ڀڳ ٽي صديون ق.م) ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهي ودوان پنهنجي علم ۽ فڪر ۾ “برهم سترا” جو اصطلاح استعمال ڪيو. مختصر ته برهما سان ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو سڦلائتو ۽ ڇوٽڪاري جو دڳ هجي ٿو. جيتوڻيڪ ٻُڌمت ۾ “سترا” جي معنى ڄاڻائي وئي ته ٻُڌ سان ويجهڙائي ڪيئن حاصل ٿي سگهندي. ائين “عدم تشدد” “اندر کي اجارڻ” ۽ “هيڪڙائي” جا ٽي اهم عنصر هندوستاني فلسفي ۾ وحدانيت جي نقطه نگاهه کان سفر طئه ڪندا اهڙي نهج تي پهتا جو انهن کي نئين سر سينگارڻ ۽ سنوارڻ جي گُهرج محسوس ٿي. انهي نواڻ جو نمائندو شنڪر آچاريه (820-788) آهي. هِن ڏاهپ ۾ علم جي ڀنڊار کي مهاتما ٻڌ کان پوءِ وحدانيت جي سلسلي جي اهم ڪڙي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ائين به چوڻ ۾ ڪو به هرج ڪونهي ته شنڪر آچاريه جو هندوستاني فلسفي ۽ فڪر ۾ اهوئي مقام آهي. جيڪو صوفي فڪر ۾ ابن العربي جو آهي.”
    شنڪر جو فلسفو يا فڪر “ادويت ويدانيت سڏيو وڃي ٿو. ويدانيت جي اها تعبير جنهن ۾ دوئي يا ٻيائي کي رد ڪرڻ. ادويت جو معنى هجي ٿي ته جنهن جو، ڪو به مٽ ثاني نه هجڻ يعني لاثاني. شنڪر مطابق ته برهما (خدا) جي حقيقت آهي.
    شنڪر جي فڪر کان مغرب جا جيڪي به ڏاها ۽ مفڪر فيض ياب ٿيا انهن ۾ اسپونزا (1672-1632) لائبنز (1716-1446) فختي (1814-1762) هيگل (1831-1770)، شمار ڪري سگهجن ٿا. انهن مان فختي ۽ شنڪر ۾ ايڏي ته ويجهڙائي آهي جو کيس مغرب جو شنڪر آچاريه پڻ چيو وڃي ٿو. ويهين صديءَ ۾ انهيءَ فڪر جو هڪ نمائندو ڊاڪٽر راڌا ڪرشن (1975-1888) ۽ ان کان سواءِ اربندو گهوش (1950-1872)، سواسي وويڪانند (1920-1863)، مهاتما گانڌي (1948-1869) چئي سگهجن ٿا، حاصل مطلب ته ان ۾ ڪو به وَهم ۽ گمان ڪونهي ته ڏکڻ ايشيا جي سٽاءِ ۾ ڀڳتي تحريڪ يا جديد وحدانيت جو اثر رسوخ رد ڪري نه ٿو سگهجي. ائين تصوف ۽ ويدانيت/ ڀڳتي تحريڪ جو ميلاپ برصغير ۾ هڪ سدا بهار ٻوٽو آهي. انت ته شنڪر آچاريه، ابن العربي، مولانا رومي، گرونانڪ، (1539-1469) ميان مير، شاهه لطيف، سچل سر مست، (1739-1829) سامي، (1850-1743) ساڌوٽي، ايل واسواڻي، (1966-1879) دادا ڄيٺمل پرسرام ۽ جي- ايم سيد (1995) تصوف ۽ ويدانيت جي سلسلي جا روشن مينار آهن.
    هاڻي اسان جي آڏو اهم سوال آهي ته ايڪويهين صديءَ ۾ تصوف/ ڀڳتي تحريڪ جو ڪهڙو ڪارج بڻجي ٿو. سياست ۽ سماج مٿان ڪهڙا اثر پون ٿا. ڇو ته هن ڪتاب ۾ سهيڙيل لکڻين جو عنوان پڻ آهي “شاهه لطيف ۽ ايڪوهين صدي.”
    انهن مٿين سوال جو جواب يا وراڻي کي نشانبر ۽ نروار ڪري بيهارڻ کان اڳ ۾ ضروري بڻجي ٿو ته تصوف جي فڪر ۽ فهم جي ڏِس ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا جي وايو منڊل تي مٿاڇري نظر اڇلايون.
    تصوف جي نالي ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ درگاهن ۽ اوتارن جو ڪلچر ڇانيل آهي. انهن تي قابض سجاده نشين تصوف يا غير فرقيوارانه سوچ جو پرچار ڪرڻ جي ابتڙ عام ماڻهن جي اپت مان ڏن، نذراني ۽ پيري مريدي وسيلي گذر سفر ڪري رهيا آهن. اهي درگاهي ڪلچر جا سربراهه ڪنهن به روحاني ۽ فڪري سوچ کان گهڻي ڀاڱي وانجهيل سماج جي ردوبدل ۾ رنڊڪ بڻجي بيٺل ۽ سياست کي به يرغمال بڻائڻ ۾ حصيدار ۽ وقت جي حاڪمن جا مطيع ۽ فرمانبردار آهن.
    اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهن کي تصوف جي صحت مندڪارج ڏانهن وٺي وڃڻ جي برعڪس کين هنبو ڇيون هڻڻ، نچڻ، ٽپڻ ۽ڪُڏڻ جي بي سود رسمن ۽ ريتن جي سنگهرن ۾ سوگهو ڪيو ويو آهي.
    اڄ تصوف جي نالي ۾ درگاهه ڪلچر جي ڇانوري ۾، ميلا ملاکڙا، عقيدت مندي جي سوچ سان سلهاڙيل ذهني پستگي، مايوسي ۽ نراسائي جا انبار بڻيل آهن..
    ۽ جيتريقدر تصوف بابت لکڻين ۽ اڀياس جو تعلق آهي ته انهن ۾ ڪا به نواڻ جدت جي جوت جلائڻ جي بدران وَرجاءِ، رومانيت پرستي ۽ ذهني لذت پرستيءَ والار ڪري بيٺل آهي.
    تصوف کي محض اخلاقي قدرن جو ڀنڊار چوڻ سان جيڪڏهن ان جي سياسي ۽ اقتصادي ڪردار بابت ڪابه چٽي نشاندهي نه هجي ته پوءِ اهڙي وٿ وکر کي نه مئلن ۽ نه وري جيئرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
    صوفي شاعر جيڪي ديو مالائي ۽ ڏند ڪٿائي خيال آرائي سان سلهاڙيل آهي سي جديد دور جي گُهرجن ۽ تقاضائن کان ڪوهين ڏور آهي
    اسان جي آڏو هن وقت اهم ۽ وقتائتو سوال آهي ته صوفي/ويدانتي فڪر يا قدر سماج جي اقتصادي سٽاءُ تي ڪيترو اثر پذير ٿين ٿا. يا وري انساني حيات تي ڪهڙا نقش چٽين ٿا. ڇاڪاڻ ته هو ڪو به آدرش يا نظريو سماج جي فردن تي اثر انداز ڪونه ٿئي ٿو ته پوءِ ان جي ڪارج آڏو هڪ سواليه نشاني ... اچي ٿو.
    هي مونکي سوڌيل ۽ اڻ سوڌيل مواد لڳي ٿو. ان جي باري ۾ لطيفيات جا مَاهر ۽ ڏاها ايڪويهين صديءَ جي نئين سنڌ جي اڏاوت ۾ رهنمائي ڪري سگهن.
    ان لازمي آهي ته تصوف جي موجوده بيهڪ ۽ سٽاءُ ۾ تحقيق، کوجنا ۽ اڀياس وسيلي نواڻ ڏانهن وٺي وڃجي ڇو ته تصوف اڄ جي ايڪويهين صديءَ ۾ ڪنهن نواڻ ڏانهن وٺي وڃي ٿو يا وَري ذهني، فڪري ۽ شعوري اڏام کي قيد ڪرڻ جو وسيلو بڻجي ٿو.
    ڪتاب ۾ شامل لکڻين تي ترتيب وار ٽيڪا ٽپڻي کان وڌيڪ مناسب سمجهان ٿو ته پڙهندڙ پاڻ پڙهي، هئين سان هنڍائي تورتڪ ڪن ته اها نئين سوچ ئي اسان کي تصوف بابت نوان معيار ۽ ماپا منتخب ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
    هن شامل کڻين ۾ تصوف جي آڳاٽي دور کان ايڪويهن صديءَ تائين احاطو ڪيل آهي. انهن لکڻين ۾ مختلف پهلوئن کان هر هڪ ليکڪ جو پگهر ۽ پورهو نمايان ۽ منفرد نظر اچي پيو پر تصوف اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ سياست ۽ سماج تي ڪيئن اثر انداز ٿئي ٿو ته پوءِ تصوف جو هڪ صحت مند ڪارج بڻجي سگهي ٿو. ٻ حالت ۾ تصوف پنهنجي قدامت پرستانه بيهڪ سان مورڳو رنڊڪ بڻجي سگهي ٿو.
    وَر ۾ ڪونه وَرُ ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو
    نهاريندس نِڪڻي، بوتن ڪارڻ بَرُ
    آڌو ٽڪر ٽَرُ مِتان روهه رَتيون ٿيين!!
    (شاهه لطيف سر حسيني)
    آخر ۾ ته هِن ڪتاب ۾ لکڻين کي سهيڙي يڪجا ڪرڻ شايد ممڪن نه ٿئي ها جيستائين انهن شخصيتن جو ذڪر نه احسان فراموشي ٿيندي . مان ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته هِن پورهئي جو اصل ثمر منهنجي ڀيڻ وينا شرنگي ڏانهن وڃي ٿو جنهن صبر، تحمل ۽ بردباري سان “هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ” جي ذميواري نڀائي، ان کان سواءِ بردارم اعجاز قريشي ڊاڪٽر سليمان شيخ، نصير سومرو جي سهڪار ۽ صلاح ثباب جي ساراهه نه ڪرڻ پڻ بي واجبي ۾ شمار ٿيندو. ۽ ها-پيڪاڪ پرنٽرس جي ٻن ڀائرن ظفر آفتاب ۽ قمر آفتاب جو ساٿ ۽ سهڪار به ساراهه لائق چوڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

    طالب علم

    امان الله شيخ
    16 ڊسمبر 2015
    ڪراچي سنڌ

    _____
    (1) البيروني، نه رڳو مشرق ۾ پر دنيا جي تواريخ ۾ هڪ روشن/باب آهي. هن جو پورو نالو ابو ريحان محمد بن احمد البيروني الخوارزمي هو. پر مختصر طور کيس ابوريحان البيروني چيو وڃي ٿو.
    البيروني علم ۽ ڏاهپ جي دنيا ۾ ذهنن کي وسعت بخشيندڙ عالم ۽ مورخ آهي هو هڪ ئي وقت فلسفي، طبيعات، مابعدالطبيعات، ،ڪيميا، مذهبيات، تهذيب، آرٽ، لسانيات، شاعري، حڪمت، علم روشني، رياضي، نجوميت، دست شناسي ۽ عام جعفر جهڙن اڪيچار علمن تي اچرج ۾ وجھندڙ حد تائين دسترس رکندڙ ۽ انهن ۾ واڌارو ڪندڙ به آهي. هو هڪ پڪو پختو مسلمان هئڻ جي باوجود، تنگ نظري ۽ ڪٽرپڻي جي ويجهو نه آيو. هُو گرجا گهر کان وٺي مندر تائين ويو ۽ پرايو. هُن توريت زيور، انجيل ۽، گيتا ۽ قرآن حڪيم تائين سڀني مذهبي ڪتابن جو ڳوڙهائيءَ سان مطالعو ڪيو. البيروني قديم يوناني فلسفي جو مطالعو ڪيو ۽ پوءِ هندوستاني فلسفي جي ڄاڻ حاصل ڪئي. هُن ۾ عالمگيري گڏيل شعور اچڻ سان مذهبي، جاگرافيائي، نسلي ۽ لساني تعصب الوپ ٿي ويو. ان ڪري البيروني يوناني فلسفي، تصوف ۽ ڀڳتي فڪرن هڪ ٽمورتي سمجهي ٿو. هن يونان جي قديم فلسفي، هندوستان جي ويدن پراڻن جو به مطالعو ڪيو. هندوستان جي تهذيب، ثقافت کي ويجهڙائي سان مطالعو ڪيو. ان ڪري اڳتي هلي هڪ جامع ڪتاب “الهند” لکيو.
    البيروني متعلق جن ماڻهن وڌيڪ کوجنا ۽ اڀياس ڪيو انهن مان هڪ اثرائتو. نانءُ ايڊيرٽ ميڪس (Adelbert Merx) جو به ڳڻپ ۾ اچي ٿو. هن جي خيال موجب ته “صوف” جي معنى ۽ پس منظر “پشم جي پوشاڪ پهريندڙ” بنهه سمجهه کان بالاتر آهي. ڇو ته، عربيءَ ۾ “پشم” جنهن نموني ڪنهن فرد سان منسوب ڪيل آهي ته ان جي معنى بيهندي “پشم جو ٺهيل” يا “پشم جو واپار”_ ان جي برعڪس اهو يوناني لفظ سوفوس (Shophos) مان اخذ سمجهڻ گھرجي جنهن جي معنيٰ آهي ڏاهو. ان ڪري، يوناني لفظ فلاسافر (Philosopher) اڳتي هلي عربيءَ ۾ “فيلسوف” ٿي پيو. ڪجھه اڳڀرو ته، تصوف جي بڻ بڻياد ۾ نو افلاطوني (Neo Platonic) روايتون به شامل آهن جن جو واسطو يوناني فلسفي سان جڙي ٿو.

    (1) ابن عربي، 1165 ۾ اسپين جي هڪ ننڍڙي شهر مُرسيه ۾ ڄائو. هن جو والد ۽ چاچو صوفي منش ماڻهو ۽ چڱو موچارو ناماچار رکندڙ هئا. هي گهراڻو مسلڪ جي لحاظ کان امام مالڪ جي سوچ ۽ فڪر سان سلهاڙيل هو. پر ابن عربي مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن کان تعليم حاصل ڪئي هن علم شريعت سان گڏوگڏ اسپين جي صوفين سان به واسطا وڙا رکيا. ائين کيس اسپين جي علمي ۽ فڪري دائرن ۾ شهرت حاصل ٿي. ابن عربي جي ڄمار محض ارڙهن وَرهيه هئي ته ان زماني ۾ مشهور عالم ۽ فيلسوف ابن رشد (1198-1126) سان ملڻ قرطبه ويو جيڪو ان زماني قرطبه جو قاضي/ جج هو. بهرحال 1102ع ڌاري ابن عربي، اسپين کي الوداع چئي مصر، مڪي، بغداد ڏانهن روانو ٿيو. ان جو اهرڪارڻ جو ان دور ۾ اسپين جا قدامت پرست مسلمان، صوفي تحريڪن معتزله فيلسوفن ۽ عالمن کي ناپسند ڪرڻ لڳا هئا. ابن عربي مختلف ملڪن جو سئر سفر ڪندو ۽ پنهنجي صوفي فڪر جو ڦهلاءُ ڪندو دمشق ۾ پهتو ۽ دائمي طور وَ سرام ڪري ويٺو سندس جداگانه صوفي فڪر جي ڪري عام عالم ۽ سرڪاري ڪارندا پڻ خلاف ٿي پيا. انهن ۾ امام ابن تيميه (1328-1263 ) ۽ تفتازاني سرفهرست عالم آهن جيڪي ابن عربي جا ڪٽر مخالف هئا. دمشق ۾ ابن عربي جي درس ۾ صدر الدين قونوي به شامل ٿيندڙن ۾ هڪ هو جيڪو اڳتي هلي مولانا جلال الدين رومي جو خاص دوست ۽ ساٿي ٿيو.

    (1) شاهه لطيف لاءِ چيو وڃي ٿو ته هُن سان قرآن شريف سان گڏوگڏ مثنوي مولانا رومي پڻ هوندا هئا.


    شاهه عبداللطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس-دهلي (هڪ جائزو) : گورڌن شرما گهايل

    تازو ‘مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن’ پاران واءِ. ايم. سي. اي (YMCA) آڊيٽوريم دهليءَ ۾ ڊسمبر مهيني جي 17،16 ۽ 18 تاريخ 2014 تي هڪ شاندار سماروهه “شاهه عبداللطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس” جي عنوان سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.
    افتتاحي مهورتي اجلاس ۾ مکيه مهمانن ۾ لوڪ سڀا ميمبر ڊاڪٽر ستيه پال سنگهه، جپان، ٿائلينڊ ۽ لبيا جي اڳواڻي سفير شري ارجن ايسراڻي، پدمشري شانتي هيرانند ۽ سرتين سنسٿا جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ڪملا گدواڻي ۽ ڪنوينر جنرل سيڪريٽري وينا شرنگيءَ سرسوتيءَ اڳيان جوت جڳائي ڦول مالا چاڙهي ڪانفرنس جي شروعات ڪئي. هن موقعي تي گائڪا شانتي هيرانند جي مڌرگيت کان پوءِ جناب ارجن ايسراڻيءَ ٻه اکر ڳالهائيندي پشاور پاڪستان ۾ ٿيل ٻارن جي هتيا تي دلي صدمي جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ لاءِ شڀ ڪامنائون ڏيندي هن صاحب چيو ته اَمن ۽ انسانيت جي صدقي ٻنهي ملڪن جي مُدبرن، عالمن ۽ اديبن کي گنڀيرتا سان سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر ستيه پال سنگهه عالماڻي تقرير ۾ ماروي سنسٿا جي ڪاريه ڪارن ڀيڻ وينا شرنگي ۽ ٻين واسطيدارن کي مبارڪون ڏنيون. هن صاحب ديش ۾ استري سُرڪشا تي وستار سان ويچار ظاهر ڪيا ۽ خاطري ڏني ته اِن ڪم لاءِ موجوده سرڪار کان جيڪي به ٿي سگهندو ضرور ڪيو ويندو.
    ماروي سنسٿا جي بانيڪارن ۽ هند واسي هفتيوار جي سمڀادڪ شوڀا لالچنداڻيءَ شال، شريڦل ۽ موميٽو سان منچ تي ويٺل سڀني مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو.
    هن موقعي تي سنڌ مان آيل سڄڻ صحافي ۽ اديب جناب اَمين لاکو خاص وينا لاءِ آندل سوکڙي يڪتارو کيس پيش ڪيو.
    مهورتي اجلاس کانپوءِ شروع ٿي ويو گيت، سنگيت ۽ نرتيه جو سهڻو سنگم. گائڪا نيتو مٽائيءَ سدا حيات نارائڻ شيام ۽ سچل سرمست جا ڪلام ٻڌايا. دهليءَ جي ئي ٻي گائڪا لجا ڀاٽيا ساميءَ جا سلوڪ ٻڌايا ۽ شاهه لطيف جو ڪلام “منهنجي راڻل کي ڪا ٻاجهه پوي” ٻڌائي متاثر ڪيو. لکنئوءَ کان آيل گائڪا ڊاڪٽر سرو جني ڪمار ڀڳت ڪنور رام لاءِ “سنڌڙيءَ جا سنت سونهارا” پيش ڪيو. لکنئوءَ جي ٻي گائڪا پدما گدواڻيءَ نارائڻ شيام جو غزل، “جنهن کي سيني ۾ دل ملي هوندي” ۽ شاهه جو ڪلام “اکيان وڃي رانجهن لئه لڙيان....” ڳائي ماحول سنگيتميه بڻائي ڇڏيو، دهليءَ جي مقبول گائڪا آما لال، ضيا صاحب جو گيت “دل تنهنجي منهنجي هڪ آ، ڏاڍي اسان ٻنهي ۾ سِڪَ آ...” کان پوءِ جڳ پرسڌ گائڪ پنڪج جيسواڻيءَ سچل سر مست جا ڪلام “ننگڙا نماڻي دا....” ۽ “آءٌ جوئي آهيان سوئي آهيان”، کان پوءِ رانجهن جو ڪلام “الائي جي ڇا ۾ راضي آ...”پيش ڪري محفل ۾ چار چنڊ لڳايا.
    هن محفل جي خاص سونهن هئي، سنڌ کان آيل ڪماري بنش قائم جا ٻه نرتيه. سنڌي لباس ۽ لفظن سان سينگاريل ٻئي اسم هال ۾ ويٺلن کي مارويءَ جي مُلڪ سنڌ مان ڄڻ ته گهمائي آيا. ممبئيءَ مان آيل سمپادڪا شوڀا ۽ سندس ڀيڻ سنڌو لالچنداڻيءَ خوش ٿي هڪ هزار روپيه ڪماري بنش کي انعام ڏنا ۽ سڄي ڪاروائي سهڻي نموني شاليني ساگر هلائي.
    ٻئين ڏينهن جي شروعات هال جي ٻئين ماڙي تي ڪانفرنس هال ۾ ٿي سڀ کان پهرين هال ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌ ۽ هند جي عالمن اديبن پنهنجو پنهنجو پريچيه ڏنو. سنڌ کان آيل مکيه سڄڻ هئا- ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، جاويد احمد شيخ، جناب منظور ڀٽو، جناب غلام نبي مورائي، پروفيسر مهر النساء لاڙڪ، ڪماري بنش قائمک محترمه ڊاڪٽر نظير ناز، ڪماري مهڪ علي، ڪماري نسيم جلباڻي، ڪماري جنت جان، جناب اَمين لاکو، شري ڊاڪٽر سريش واڌواڻي، جناب اَمان الله شيخ ۽ جناب امان راشد ۽ ٻيا. هن ڪانفرنس ۾ ڀارت مان شرڪت ڪندڙ هئا ڊاڪٽر ونود آسوداڻي، شري لڇمڻ ڪيسواڻي، شري ٻلو چوئٿاڻي، شري کيمن مولاڻي، شري ناري لڇواڻي، شريمتي اومي ميراجا، ديوي ناگراڻي، اندرا شبنم، لڇمڻ درياناڻي ڌبي، گورڌن شرما ‘گهايل’، ڀڳوان اٽلاڻي، هري همٿاڻي، ارجن چاولا ماکيجاواڻي، ڀارتي ڪيو لراماڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر روي پيڪچنداڻي، ڊاڪٽر آشا سارسوت، موهن همٿاڻي، شريڪانت ڀاٽيا، شاليني ساگر، وينا شرنگي ۽ سندن ڀاءُ سنڌ مان آيل راجيندر شرنگي ۽ ٻيا ڪيترائي. هن انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي رونمائي ٿي جن ۾ مکيه هئا.

    اديون عبداللطيف چئي- پروفيسر نظير ناز
    ڏاها هِنَ ڏيهه جا- پروفيسر اعجاز قريشي
    ڏور به اوڏا سپرين- پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
    پونا ايڪسپريس- موهن مدهوش
    سنڌ بچايو- براعظم بچايو- سنڌيڪار: امان الله شيخ
    ٻه فڪري ڪتاب - امان الله شيخ
    شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر- يوسف شاهين
    حوصلو- شالني ساگر
    شهيد هيمون ڪالاڻي- لڇمڻ ڪيسواڻي
    هسٽري آف سنڌ- لڇمڻ ڪيسواڻي
    نسيم کرل ۽ سندس فن- ڪشمير سومرو
    وکريل خواب، اَڌوري ڪهاڻي- ڊاڪٽر سليمان شيخ
    اُساٽ- هري همٿاڻي
    سفرنامو سنڌ جو- وينا شرنگي
    (هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو Silent path عنوان سان ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ ڪيو آهي)
    ٺاڪر جون ڪهاڻيون- سنڌو ٺاڪر
    پندرهن سنڌي ڪهاڻيون- ديوي ناگراڻي
    وينا شرنگيءَ جي سنڌي ڪوتائن جو ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ ڪيل ترجمو،

    هن محفل ۾ ماروي سنٿا جي بانيڪارن سنڌ مان آيل عالمن اديبن جو شال ۽ گلن جي هار سان آڌرڀاءُ هند جي عالم اديبن کان ڪرايو ويو ۽ ڀارتيه ساهتيڪارن جو آڌر ڀاء ساڳئي نموني سنڌ مان آيل عالمن اديبن ڪيو. مانجهاندي کان پهرين ڪانفرنس جو پهريون مقالو پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو پڙهيو. صدارت ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي. هن مقالي ۾ پروفيسر صاحبه شاهه صاحب جي شخصي حياتي، ان وقت جي ساماجڪ ريتين رسمن جو وچور وار احوال ڏنو مقالو داد جو مستحق هئو.
    مانجهاندي کان پوءِ سدا حيات نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز کي ارپڻ ڪيل مشاعري ۾ هند سنڌ جي ڪيترن ئي صاحب- سخن شرڪت ڪئي. مشاعري جي صدارت لڇمڻ درياناڻي ڌبي ڪئي ۽ شري گورڌن “شرما” گهايل قابل داد شاعراڻي انداز ۾ ڪاروائي هلائي. غزل گيت، نظم، ترائيل، وائي ۽ نئين ڪوتا جي روپ ۾ دل جي گهراين مان پلٽ پلٽان ڪندڙ خاص سُخنور هئا.
    پروفيسر مهر النساءِ لاڙڪ
    شام ائين تنهنجي آڱر تي مرڪي ٿي!
    ڄڻ ڪاناري، ڪارونجهر تي مرڪي ٿي.
    بنش قائم
    هئي هُن پار کان جيڪا اُها هِن پار پاتيسين،
    کڻي جي ديد دل واري ته ساڳي سارپا تيسين.
    پروفيسر ڊاڪٽر نظير ناز
    سڄڻ سامهون هُجن، پو مان غزل ڇو نه چوان.
    جناب اَمين لاکو
    روز لاڙي ڇڏي ٿي چانڊوڪي،
    تنهنجي پاڙي ڇڏي ٿي چانڊوڪي.
    پرفيسر ممتاز ڀٽو – نظم آنسون
    اردو شاعر جناب شميم عباس
    بانٽ لين آ ڪائنات.
    بڙي سرد رات ٿي.
    صدر صاحب جي خواهش کي مان ڏيندي هن مشاعري جي شروعات سندس متفرق شعرن سان ڪئي ويئي.
    لڇمڻ دُبي
    جي هجي ميرو وڳو، بدليون کڻي،
    پر اُداسيءَ کي ڪٿي لاهي اچون؟
    ناري لڇواڻي
    ڇرڪ ڀرائي ڇير سڄڻ جي.
    وينا شرنگي- ‘وفا’ (نئين ڪوتا)
    شالني ساگر- ‘رزرويشن’ ۽ ‘سرحد جي هُنَ پار ڀاءُ جي لئه پيغام’
    اِندرا شبنم- ٻڌڻ چاهي هر ڪو بهارن جو ڳالهيون.
    لڇمڻ ڪيسواڻي- هڪ غزل
    کيمن مؤلاڻي- ڳالهه ۾ ڪجهه نه هو، پر وڳي ڪيتري.
    بلو چوئٿاڻي- مذاحيه مِني ڪوتائون.
    موهن همٿاڻي- نيون ڪوتائون.
    ديوي ناگراڻي- ٻه غزل
    ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
    تو کي منهنجو، مونکي تنهنجو ٿيڻ کپي،
    تنها تنها جيون نه سڄوئي رُئڻ کپي.
    هن صاحب سخن هڪ طويل غزل پيش ڪيو، جنهن لاءِ ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب کين چيو، “اوهان ميدان ماري ويا.”
    پروفيسر ارجن چاولا
    تو جي چاهين ها ته حالات بدلجي ٿي سگهيا.
    گوورڌن شرما ’گهايل‘
    ڏاڍ جو ڏر اَڃان ڏريو ناهي،
    اک جو ڦڙڪڻ اڃان ڦريو ناهي.
    ڪونهي محتاج مُند جو گهايل.
    دِل خزان ۾ به ٿي ٽڙي، پو ڇا؟
    آخر ۾ هڪ دفعو وري صدر صاحب ڪجهه شعر ٻڌائيندي، ٽي ڪلاڪ سانده هلندڙ هن مشاعري ۾ ويٺل حاضرين کي ڌنيواد ڏني ۽ محفل پوري ٿي.
    ٽئين ڏينهن تاريخ ارڙهين ڊسمبر هن ڪانفرنس جي پهرئين اجلاس ۾ ٽي مقالا پيش ڪيا ويا. صدارت پروفيسر اعجاز قريشيءَ ڪئي.
    پهريون مقالو پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ پيش ڪيو جنهن جو عنوان هئو. “ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا”. محترما پنهنجي مقالي ۾ شاهه لطيف جي حياتيءَ زمان مَڪان جون حدون لنگهي وڃڻ ۽ فطرت جو مشاهدو ماڻڻ جو سٺو ذڪر ڪيو. هن ٻڌايو ته شاهه صاحب 21 سالن جي عمر ۾ صوفين جي سنگت ڪئي. 30 سال ڀٽڪندو رهيو. تيرٿ آستانن تي ويو. شاهه صاحب سڀ باسڻ متيءَ جائي واپرايا. تاريخي جاين مان مُشاهدو حاصل ڪيائين. حسد، نفرت، ٻيائي نظر نه آيس هِنگلاج ديويءَ جا مُجاور مسلمان آهن. نفس کي پاسيرو رکي روح کي راحت پهچايائين، چيائين دَر نه مِٽجي دوست جو.
    ٻيو مقالو محترمه وينا شرنگيءَ جو هو، جنهن جو عنوان؛ “صوفي شاعري ۽ شاهه جي تخليقي ٻولي” هئي. مقالا نويس ٻڌايو ته شاهه صاحب ۾ احساس عام هوندي به خاص نظر اچن ٿا. سهڻي لباس سبب لفظ رواجي نه پر خاص درجو ماڻن ٿا. شاهه جو رسالو بطور ڌرمي گرنٿ مڃيو وڃي ٿو. سداحيات شيخ اياز صاحب پڻ شاهه جي بهترين بيتن جي سٽن کي ڪتابن جو عنوان بڻايو آهي. سڄو رسالو تخليقي تصويرن ۽ تصورن سان پُر آهي. ٺيٺ سنڌي اُچارن ٻه، ڏ ڳ ڄ جو به پريوگ ڪيل آهي، وينا ڪجهه مثال به ڏنا آهن جئين ته
    واجهائي وطن کي آءٌ جي هِتِ مُياس.
    پکا ۽ پنوهار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
    تون ڇپر تون ڇانو....
    ٻڏندڙ ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجهن.
    پڙاڏو سو ئي سَڏَ...
    شاهه لطيف عالم فاضل هئو. ٻوليءَ جو معمار ۽ محافظ پڻ هئو.
    هن اجلاس جو ٽيون مقالو سائين امان الله شيخ صاحب جو هو. جنهن جو عنوان هو “شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر حال ۽ آئندو” اَول اوِل ته هن صاحب ٻڌايو ته جڏهن سياسي سرگرمين ۾ سرگرم هوس تڏهن مهراج گوپي ڪرشن ۽ ڀاءُ راجيو ڪمار شرنگيءَ شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي گهر ۾ پناه ڏني هئم. اڄ هت ڀينرن وينا ۽ شالنيءَ جي سڏ تي آيو آهيان، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ پيڪن ۾ آيو آهيان. مقالي ۾ هن صاحب ٻڌايو ته ماضيءَ مان آجو ٿيڻ گهرجي شاهه صاحب پير فقير ۽ اولياء ڪونه هو. هو هڪ صوفي دانشور هو. شاهه کي نئين حوالي سان سمجهڻ گهرجي هو وحدت ۽ وحدانيت جو پيروڪار هو. سدا حيات ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر سروپلي، راڌا ڪرشنن ساڌوتي، ايل واسواڻي، ڄيٺمل پرسرام شاهه جي فلسفي کي سمجهيو ۽ سمجهايو آهي. سو اهڙي ريت وويڪانند جا ويچار به اڄ جي دؤر ۾ شاهه جي فلسفي جو تسلسل آهن جنهن ويدن جي نئين تشريح ڪئي آهي. سائين محمد ابراهيم جويو به لطيفي مڪتبهء فڪر جو هڪ مڻيادار موتي آهي.
    ٽئين ڏينهن جي ٻي اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب ڪئي. هن اجلاس ۾ پنج پيپر پڙهيا ويا ۽ ٽِن ڄڻن مختصر ڳالهايو.
    هن اجلاس جو پهريون مقالو جناب اَمين لاکو جو هو جنهن جو عنوان هو “شاهه عبدالطيف جي شاعري تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر” مقالي ۾ هن صاحب چيو ته شاعر ۽ اديب سماج کان الڳ نه ٿي سگهندا آهن. شاهه سائينءَ کي روحاني نجات جو شاعر ۽ رهبر طور عالمن پيش ڪيو آهي، پر شاهه سائين سياسي ۽ سماجي تحريڪن سان جُڙيل ۽ وطن پرست ۽ ڏاهو شاعر هو. هن جهوڪ واري شاهه عنايت جو پڻ بيان ڪيو آهي. ڀڳتي تحريڪ جي شروعات ڏکڻ ڀارت ۾ ٿي. اُتر ڀارت ۾ سنت نامديو هن تحريڪ کي لوڪ پريه بڻايو. شاهه صاحب جي دؤر ۾ ناٿ پنٿي تحريڪ جو اثر نمايان آهي. صدين کان هلندڙ پراڻين رسمن ۾ پورب جي روايتن کي پشچم جي روايتن کان وڌيڪ مڃيو ويو آهي. شاهه جي قلمي نسخن ۾ ڪيترائي ڀڄن پڻ مِلن ٿا.
    هن اجلاس جو ٻيو پيپر جناب غلام نبي مورائي صاحب پيش ڪيو. عنوان هو “ڀڳتي تحريڪ جا شاهه تي اثر.” هن مقالي ۾ ٻڌايو ويو ته رنگ، ذات فرقن کي ختم ڪرڻ ئي هن تحريڪ جو مقصد هو. ڀڳتي گيتن جي پيار جا پڙلاوَ سڀني کي متاثر ڪن ٿا. هن تحريڪ پنڊتن جي هڪ هٽيءَ کان مَڪت ڪرائي ڇڏيو. هن صاحب ڪبير داس، سامي ۽ شاهه صاحب جي شاعريءَ مان ڪيترائي مثال پڻ ڏنا. جيئن:

    خلق خالق ۾ خالق ۾ خلق (ساري)
    سهسين سجن اُڀرئي، چوراسي چنڊن،
    با الله ري پرين سڀ اونداهي ڀائنيان.
    (شاهه)
    اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان.
    پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مَرَنِ.
    نائين نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو.

    هن اجلاس جو ٽيون پيپر محترمه نظير ناز جو هو. عنوان هوس “شاهه جي شاعريءَ تي سنت ڪبير جو اثر.” مانواري ليکڪا ٻڌايو ته سڀ مذهب هڪ جهڙا نظر اچن ٿا. ڀڳتي تحريڪ ڀڳتي پريم ۽ هيڪڙائيءَ تي مدار رکي ٿي. سڀني ذاتين ۽ فرقن جو مقصد هڪ آهي. مُلان، پنڊت ۽ پادري ساڳي ڳالهه چون ٿا. هِنَ تحريڪ جا ٻه روپ آهن (1) ٻاهريون روپ، مطلب ته جيڪو ڏسجي ٿو ۽ (2) اندريون روپ، جيڪو اهم ۽ ضروري آهي.ڪبير داس پنهنجي دؤر جو ترقي پسند ويچار رکندڙ شخصيت هئو. مذهب جي رکوالن ۾ نفرت جو ڦهلاءُ ڏسي اهڙين روايتن جي خلاف هو. شاهه صاحب م تصوف جو رنگ ڀريل هو ته ڪبير ۾ انسان جو درد لڪيل هو. ڪبير جو وشواس هو ته لِذت ۽ موهه کان پاسيرو رهي عَمَل نيڪ رکڻ گهرجن.
    ڪبير صاحب جا مثال ڏنائين.
    مَين ٿا تب هري نهين، مئن هون تب هري نانهه.
    جهيني ري جهيني ري جهيني چدريا.
    شاهه صاحب جا به ٻه مثال پيش ڪيائين.
    سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري...
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وِهڻ جي.
    چوٿون مقالو هو ذهين ليکڪا ڪماري بنش قائم جو هو، جنهن جو عنوان هو “جهونا ڳڙهه جُهِري، پئي جهانءِ جَهروڪَ ۾” هِنَ نياڻيءَ پنهنجي پيپر ۾ ٻڌايو ته شاهه صاحب سچو سيلاني هئو. فني ۽ فقري لحاظ کان شاهه سائينءَ جو رچنائون اهميت رکن ٿيون. شاهه صاحب تصوف جا روپ تمثيلي نموني ۾ ڏيکاريا آهن. شاهه جي سڄي شاعري روحاني عظمت سان ڀري پيئي آهي. تواريخي جڳهين جوشاهه جي رسالي ۾ سُٺو ذڪر ملي ٿو. شاهه سائينءَ جي خلقيل ڪردارن ۾ سورمن ۽ خاص ڪري سورمين جو علامتي نظريو قابل داد آهي.
    پنجون مقالو نئين دهليءَ جي دؤلترام ڪاليج ۾ اردوءَ جي پروفيسر محترمه سانيا جو انگريزيءَ ۾ لکيل هو. عنوان هوس. “Shah Lateef Bhitai a Sufi Saint” هِنَ ڀيڻ پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته سنڌي ٻوليءَ جي متاز شاعر شاهه جي شاعريءَ کي Golden form of Sindhi Poetry مڃيو ويو آهي. سداحيات شيخ اياز صاحب پڻ شاهه صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ۽ پويون اهڙو شاعر تسليم ڪيو آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪئي آهي اياز صاحب شاهه جي رسالي جو اردو زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن محترما ٻڌايو ته سڀ کان پهرين سنه 1854ع ۾ دنيا اڳيان شاهه صاحب کي آندو ويو. خدا کي شاهه مَن جو محبوب مڃيو، جيڪو سندس نس نس ۾ سمايل هو. راڳين، يڪتاري معرفت اِهو راز عوام اڳيان آندو. هن صاحبه شاهه جي ڪلام مان ڪجهه مثال سنڌي اردو ۽ هندي زبان ۾ پيش ڪيا.
    هن اجلاس ۾ سنڌ جي ٻن نياڻين ڪماري مهڪ علي ۽ ڪماري جنت جان جيڪي واگها بارڊر تان سفر ڪري ڪانفرنس ۾ آيون هيون، هنن زباني ٻڌايو ته شاهه سائين سڀني سورمين جو سهڻو چتر چٽيو آهي. ڪشت ڪشالا ڪٽجي ويندا هڪ هڪ ٿي. پرڀو وفا چيو آهي. نٿو لڳي ته اسين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آيل آهيون. هن قوم ۽ مُلڪ پنهنجين عظيم شخصيتن کي سڃاتو آهي. شاهه سچل ۽ سامي سماج جا عظيم اُستاد ۽ رهنما آهن. فنڪار ۽ مفڪر آهن جيئي لطيف جيئي سچل ۽ جيئي سامي. بڙودي مان آيل رٽائرڊ پرنسيپال ڀارتي ڪيولراماڻيءَ سنڌ جي ماروي وينا شرنگي کي هن شاندار ڪامياب ڪانفرنس لاءِ ڪيل اٿڪ محنت لاءِ دلي مبارڪون ڏنيون ۽ ننڍي ٽهيءَ جي ڳالهائيندڙن کي پڻ داد ڏنو.
    ٽئين ڏينهن جي پوئين اِجلاس جي صدارت شري ڀڳوان اٽلاڻيءَ ڪئي. هن اجلاس جو پهرين پيپر ڊاڪٽر جاويد شيخ صاحب جو هو، جنهن جو عنوان هو “Shah Lateef poet of truth Sufism” پنهنجي مقالي ۾ هن صاحب ٻڌايو ته شاعري عالمي ڀاشا آهي، الڳ الڳ عالمن اِن بابت پنهنجا رايا ڏنا آهن. انگريزي شاعرن ورڊس ورٿ، ڪيٽس وغيره جا مثال ڏيندي شاهه جي حوالن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته شاهه جي رسالي ۾ 30 سُرن ۾ ڪيترائي سنديش ملن ٿا، جيڪي زندگيءَ ۾ ڪارگر ۽ ڪارائتا آهن.
    سَچ جي وصف ٻڌائندي ڪيٽس چيو آهي. Truth is beauty and beauty is truth شاهه سائين کي لاکيڻي لطيف، ڀٽائي گهوٽ، ڀٽ جو شاهه وغيره نالن سان مَانُ ڪريون ٿا. سڄي دنيا لاءِ خوشي ۽ خوشحالي جو پيغام شاهه ڏنو آهي. ڪجهه مثال ڏنا اٿس.

    اکيون اُهي ڌار جنهن سان پَسين پرين کي.
    پڙاڏو سو ئي سَڏُ، ٻڌڻ ۾ ٻه هئا.
    پريان سندي پارجي مڙيئي مٺائي
    اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار.
    هن اجلاس جو اڳلو مقالو پروفيسر اعجاز قريشيءَ صاحب جو هو، جنهن جو عنوان هئو. “شاهه لطيف جا همعصر صوفي شاعر”. وقت جي تنگيءَ سبب هِنَ صاحب پنهنجو مقالو مختصر پيش ڪيو. هِنَ ٻڌايو ته شاهه صاحب جي همعصر صوفي شاعرن ۾ قابل ذڪر نالا آهن. روحل فقير، شاهه عنايت صوفي شهيد، مير جان الله شاهه رضوي، جنهنجو تذڪر لطفي ۾ ذڪر آهي، مخدوم عبدالرحيم، مدن ڀڳت، ميون شاهه عنايت رضوي ميون عيسى، تمر فقير، بُلي شاهه جنهن جو پنجابي ٻوليءَ ۾ ڪلام مقبول آهي. پشاور جو شاعر رحمان بابا، ڄام درڪ بلوچي شاعر وغيره وغيره.
    هِن اجلاس جو آخرين مقالو “ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف” موضوع تي ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب جو هئو. وقت جي پابندي سببب مقالو پيش نه ٿي سگهيو.
    هن اجلاس جي صدر شري ڀڳوان اپلاڻيءَ پڙهيل مقالن تي ٻه اکر ڳالهائيندي چيو شاهه انسانيت جو شاعر هو. شاهه به انهن پر مپرائن جي اثر سان اڀريو. اسين پنهنجا ويچار زباني سطح تي ورهايون ٿا، ونڊيون ٿا. شاهه کي ڪنهن به هڪ مَتَ سان جوڙي نٿو سگهجي.
    جڳ مشهور ڀاشا وگياني، مفڪر عالم ۽ اديب ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ٻڌايو ته شاهه لطيف تي وڌ ۾ وڌ ڪم ٿيو آهي. هند سنڌ مان شاهه تي ويهارو کن عالمن پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ڪڇ گجرات جي ٻني علائقي ۾ جو ٿرپارڪرضلع جي پاسي ۾ آهي، اُتي لوڪ ساهيته ۾ شاهه جا بيت مقبول آهن. رام سنگهه راٺوڙ جي ميوزم ۾ شاهه جي رسالي جا به قلمي نسخا مليا آهن. ٻني جي ٻن مسجدن ۾ شاهه جي رسالي جا قلمي نسخا رکيل آهن. هن صاحب چيو ته شاهه صاحب تي اڃان به کوجنا جي گهڻي ضرورت آهي.
    ڪانفرنس جي آخر ۾ ڪماري وينا شرنگيءَ پوني کان آيل شري گورڌن شرما گهايل کي دعوت ڏني ته سڄي ڪانفرنس جو جائزو پيش ڪري.
    شري گورڌن گهايل ٻڌايو ته شاهه لطيف تي سنڌي اردو هندي انگريزي ايراني ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪُل 902 (نو سؤ ٻه) ڪتاب ڇپيل آهن، جا سچ پچ وڏي اهميت واري ڳالهه آهي. مُنڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ڪانفرنس ۾ ٿيل سڀني ڳالهين جو مختصر پر ڪارائتو جائزو هن پيش ڪيو، جو هِتِ شامل آهي.
    هن ڪانفرنس لاءِ سنڌ کان آيل وفد جي صدر ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب، مارويءَ جي مُلڪ ملير مان خاص آندل شال ڪماري وينا شرنگيءَ کي پيش ڪئي. هن صاحب پاڻ سان سنڌ مان آندل سنڌي سوکڙي اَجرڪ سان ڪيترن ئي هندستاني عالمن اديبن جو ستڪار ڪيو، جن ۾ مکيه هئا شري گورڌن شرما گهايل، ڊاڪٽر مرليدر جيٽلي، شري لڇمڻداس ڪيسواڻي، ديوي ناگراڻي، شالني ساگر، کيمن مولاڻي ۽ ٻيا.
    آخر ۾ سڀني عالمن اديبن ڪماري وينا شرنگي، شالني ساگر ۽ ماروي تنظيم جي ٻين بانيڪارن کي هن شاندار ۽ ڪامياب ڪانفرنس لاءِ لکين واڌايون ڏنيون. سمورن وفدن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو تمام سٺو بندوبست ڪرول باغ جي هوٽل سارٿڪ ۾ ٿيل هو. رهائشي جاءِ کان ڪانفرنس هال تائين اچڻ وڃڻ لاءِ گاڏين جو خاطر خواه بندوبست پڻ موجود هو. ائين سڀئي شرڪت ڪندڙ سُٺيون ۽ سهڻيون يادگيريون ساڻ کڻي پنهنجي پنهنجي ماڳ روانا ٿيا.

    گورڌن شرما ’گهايل‘


    ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف : ڊاڪٽر سليمان شيخ

    لکين سال پراڻي هيءَ ڌرتي پنهنجي دامن ۾ هزارين تهذيبن ۽ جُڳن کي سموهي اٽل بيٺي آهي. انسان لکين سالن کان هن ڌرتيءَ کي رونق بخشي آهي ۽ مٿس پنهنجي خوشبوءِ جا چٽ چٽيا آهن، پر ان سان گڏ لکين اهڙا واقعا به هن ڏکويل ماءُ ڏٺا آهن، جن کيس جهوري ڇڏيو آهي.
    آدجڳاد کان هلندڙ ڪشمڪش مان انسان سوڀارو ٿي اڀريو آهي، جيڪڏهن انسان سوڀ نه پائي ها ته اڄ هيءَ مانڊاڻ نظر نه اچي ها. اهو ايندڙ لمحو انسان کي ڪنهن نئين کوجنا سان متعارف ڪرائي پيو. دنيا ۾ رهندڙ اربين انسان هاڻي سماجي نظامن وسيلي ويجها ٿيندا پيا وڃن جيتوڻيڪ علم، و گيان ۽ پئسي جي ريل پيل ماڻهن ۾ خود پسندي، گروهي متڀيد ۽ وگياني برتريءَ جي ڇڪتاڻ وڌائي آهي. دنيا جو چرخو هڪ طرف جنهن کي سڀيتا (تهذيب) سڏي ٿو، ٻيو طرف ان کي سستي ۽ جهالت سان تعبير ٿو ڪري (پر سڄي تضادي تصور ۾ هيڪڙائي آهي) انسان جي اها خواهش ته انسانيت جي احساس کي عام ڪرڻ سان ماڻهوءَ کي امن ۽ آزادي وارو سرشتو ارپي سگهجي ٿو، سگهاري وٿ آهي. سنڌ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ان فڪر جو وڏو مبلغ آهي جو هن سڄي ڪائنات ۾ هيڪڙائي جو قائل آهي.
    ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    انسان ذات لکين عقيدن ۽ مذهبن ۾ يقين رکي ٿي پر هڪ ڳالهه جنهن تي سڀ متفق آهن اها آهي خلقڻهار جي موجودگي. ان جي هيڪڙائي ۽ ان جي قوت، جنهن جا نالا مختلف ٿي سگهن ٿا پر ان جي همه گير حڪمت ۽ هن جهان جي نظام کي هلائڻ جي اختيار کان انڪاري قوتون به انڪار ڪري نه سگهيون آهن.
    شاهه سائين ان خلقڻهار، خالق مطلق جهانن جي مالڪ جي وصفن ۽ اختيار جو اپٽار تمام گهرائيءَ سان ڪيو آهي. انسانن جي وچ ۾ فرق ۽ تعصب، جهيڙو ۽ جنگ سڀ ڪجهه ان تصور وسيلي حل ڪري سگهجن ٿا. هيءُ جهان سڀني رونقن، مذهبن، ٻولين ۽ رنگن سان الله سائينءَ جوڙيو آهي ۽ سندس تخليق مسلسل آهي، ان ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي سندس هر تخليق سونهن ۽ سوڀيا جو پيڪر آهي، پوءِ انسانن وچ ۾ هي متڀيد ۽ جهيڙو بي مقصد آهي، جيڪڏهن الله جي تصور کي چڱيءَ ريت پروڙجي ۽ ان جي قوت تخليق تي ايمان رکجي ته پوءِ انسان کي ڪهڙو حق آهي ته هو ٻئي انسان تي تعزيرون ڪڍي، ڇو ته هي سڀ فرق هن جهان جي گلشن ۾ خوبصورتيءَ جو ڪارڻ آهي، (جيئن باغ ۾ يڪ رنگ گل پرڪشش نه لڳندا آهن تهڙي ريت هن جهان ۾ هيءَ وکريل ۽ جدا جدا قسمن جا انسان، ٻوليون، مذهب ۽ تهذيبون سڀ سائينءَ جا رنگ آهن، هن ڪائنات جي دلڪشيءَ جو سبب آهن. لطيف جي پيغام کي چڱي ريت پڙهڻ ۽ ان جي اپٽار ڪرڻ سان ايڪويهين صديءَ جي سماج ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ هڪ منطقي سهپ جو سماج جوڙي سگهجي ٿو، جنهن ۾ انسان امن ۽ محبت سان رهي سگهي ٿو.
    ايڪويهين صديء عيسوي سن جي حوالي سان مشهور تاريخي اهڃاڻ آهي هن صديءَ ۾ انسان پنهنجي علم ۽ گيان جي چوٽيءَ تي پهتو آهي ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ان علم ۾ اضافو اچي ڇاڪاڻ جو علم جي تحقيق جاجديد بنياد رکيا ويا آهن ۽ ڏاهپ جو سفر اڳتي وڌي پيو.
    سڌريل دنيا جي سامهون جيڪي نئين سماج جوڙڻ جا ماپا موجود آهن اهي هن ريت آهن.
    (1) ايماندار-سماج: پنهنجو پاڻ سان سچو ٿيڻ، سماج ۾ سچائيءَ جو نظام قائم ڪرڻ آهي. هيءُ عمل تمام ڏکيو ۽ بنيادي عمل آهي. هن وسيلي سماج جي نابرابري ۽ ناچاڪائيءَ جو علاج ٿي سگهي ٿو. ڀٽائي چواڻي:
    پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سُور هئا.
    حقيقتن جو منطقي ڇيد انسان کي پاڻ ۾ اعتماد ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿو. اهوئي اڄ جي دور جو پيغام آهي ۽ انسان اعتماد ۽ سچائي سان اڳتي وڌي سگهي ٿو.
    (2) باعمل زندگي: حياتيءَ ۾ هر هڪ چڱائيءَ جا درس ڏيندڙ آهي پر چڱي راهه يا رستي واري زندگي گذارڻ سان ئي هڪ مهذب سماج جوڙي سگهجي ٿو، محض ڳالهين ڪرڻ سان سڌارو ممڪن ڪونهي.
    ٻيڙياتا ٻيئي، تو نه ڦٻنديون ڳالهيون،
    سڄيون راتيون سمهي، ڀر سکاڻ ڏيئي،
    صباح سڀيئي، پار پڇندءِ خبرون.
    ان کانسواءِ اسان جا هي ڀرم به اسان کي ڪاميابي نٿا ڏيئي سگهن ته “اسان عظيم تهذيب جا وارث آهيون.” ڀٽائيءَ چواڻي:
    ڏات نه آهي ذات، جو وهي سو لهي.
    ان لاءِ مسلسل جدوجهد ۽ محبت ئي قومن کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي. لطيف جهدِ مسلسل جي تلقين ڪري ٿو. ڪئين مثال عام طور تي ورجايا وڃن ٿا.
    ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
    سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
    ***
    دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجهه وکر جا،
    وير چڙهندي ويسرا ويهه مَ ويڳاڻا،
    هي ننڊ مَ ڄاڻان ڪڏهين هڻندئي ڪُن ۾.
    ***
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي
    متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو.
    (3) اخلاق ۽ عزت نفس: هي ماپو به مهذب دنيا جي منطقي راڄ جي سڃاڻپ طور مڃيو وڃي ٿو، مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي چواڻي:
    )To treat people decently and with fairness and guide them according to the content of their Character and not the color of their skin.(
    (ماڻهن سان چڱائيءَ سان ورتاءُ ڪرڻ ۽ هنن کي سندن چمڙيءَ جي رنگ وسيلي نه پر سندن اخلاق وسيلي پرکڻ ئي هڪ عزت ڀرئي سماج جي نشاني آهي) لطيف هن سماج جوڙڻ لاءِ ڪئين اخلاقي سبق ڏنا آهن.
    آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
    ڪونه کائي ڪڏهين سندو ماڻهن ماس،
    دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس،
    ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هڪڙو
    ***
    هو چون ئي تون مَ چؤ واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پاند ۾ پائي، ڪيني وارو ڪينڪي.
    (4) ڌيرج ۽ نمرتا: سماج ۾ سهپ، نمرتا ۽ ڌيرج اهي ماپا آهن، جن سان انسان سکي جيون گهاري سگهي ٿو، اڄ جي دؤر ۾ راڄن ۾ ڪٺورتا، ڪينو، دولاب ۽ هوڏ اهڙيون بيماريون آهن، جن انسان کي اوڙاهه ۾ اڇلي وڌو آهي.
    نئين دور جي سماج اڏڻ لاءِ اسان کي سهپ، نمرتا ۽ ڌيرج جون وٿون آزمائڻيون آهن، نئين دنيا ۾ اهڙا سماج به آهن، جن وٽ فوج به ڪانهي، هنن جو ڪنهن سان به جهيڙو جهٽو ڪونهي، اهي سماج آدرشي سماج بنجيو پون، لطيف سائين ان سلسلي ۾ به انسان جي رهنمائي ڪري ٿو.
    “ڇنن توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري ان سين”
    ***
    هلو هلون ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن،
    ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
    (5) وطن پرستي: اڄ جي دنيا ۾ وطن پرستي ۽ قومي سڃاڻپ جي وري ڳالهه ٿيڻ لڳي آهي، جيتوڻيڪ ان بنياد تي هيڻن تي هٿيار هلائڻ ۽ ڏاڍ وسيلي قبضو ڄمائڻ کي منطقي طور ته دنيا رد ٿي ڪري پر ڏاڍ ۽ ڏمر جو نظام جاري آهي. ان بنياد تي هيڻن قومن کي حيلي بهاني هيسائڻ جو عمل پڻ رائج آهي. اها نيتي دنيا ۾ امن ۽ منطقي سهپ واري سماج جي اڏاوت جي نفي ٿي ڪري. لطيف سائين جي شاعري ۽ پيغام جو هڪ پهلو وطن سان محبت آهي. بلڪه لطيف کي اسان سنڌي ماڻهو وطنيت، وطن پرستي ۽ مٽيءَ سان محبت جي اهڃاڻ طور سيني سان سانڍيو ويٺا آهيون، لطيف جي شاعريءَ ۾ مارئي وطنيت جو اهڃاڻ آهي.
    اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،
    پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.
    ***
    الا ائين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾،
    جسو زنجيرن ۾ راتو ڏيهان روءِ،
    پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.
    (6) اميد ۽ اعتماد: نئين سماج کي جوڙڻ لاءِ اميد جي آس ناهي لاهڻي، پنهنجو پاڻ ۾ اعتماد انسان کي اَڳاهون ڪري سگهي ٿو. نااميدي انسان کي نابود ڪري ٿي ڇڏي، پر ساڳئي وقت لطيف سائين تڪبر کان روڪي ٿو. تڪبر ۽ غرور انسان مان ساڃاهه ڪڍيو ڇڏي اهي عادتون منفي عادتون جيڪي ماڻهوءَ ۾ لوڀ، لالچ ۽ نفرت جا جذبا جاڳائين ٿيون.
    نابوديءَ نيئي عبد کي اعلى ڪيو.
    (7) لطيف انهن انساني جبلتن جي مخالفت ٿو ڪري ۽ اسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ، اعتماد سان اڳتي وڌڻ، لالچ ۽ لوڀ کانسواءِ پنهنجي سماج جي اڳواڻي ڪرڻ جا ڪئين درس ڏئي ٿو جن کي اڄ جي دور ۾ رهمنا اصولن طور زندگيءَ ۾ رائج ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف سائين چواڻي:
    نااميدي نجهرو، عدم اوتارون،
    رضا راڄ سندون مور نه مڱن ڪي ٻيو
    ***
    کڻيو تڪبر تڪيا، جيڪي ٿا هلن،
    موڙها سي نه لهن، ملي راهه لطيف چئي.
    ***
    هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، اي مانجهيئين مرڪ،
    وجهن ڪونه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.
    (8) ايڪويهين صديءَ ۾ علم ۽ وگيان جي ترقي سان گڏ انسان اڪيلائپ جو شڪار آهي. انسان پاڻ کي هڪ ويران ٻيٽ جو باسي بڻائي هرهڪ تي هلان ڪرڻ جو حامي بڻجي پيو آهي. جي اها ريت قائم رهي ته پوءِ هيءَ صدي هن دنيا جي آخري صدي هوندي. لطيف جي راهه انسان لاءِ هڪ نئين اميد جي لاٽ ٻاري ٿي. اچو ته لطيف کي پڙهون.
    هتان کڻي هت، جن رکيو سي رسيون،
    ساجن سونهن سرت، وکان ئي ويجهو ٿيو.
     


    سنڌي سماج ۽ لطيف سائين : ڊاڪٽر سليمان شيخ

    انساني حياتيءَ جي/ لکها سالن واري سفر جي نتيجي ۾ اڄ جو سماج وجود ۾ آيو آهي. سنڌو ندي جي ڪنارن تي دنيا جي قديم تهذيب جا آثار هڪ سگهاري سماج جي نشاندهي ڪن ٿا. هنن ئي آثارن جي آڌار تي نئين دنيا سماجي ترقيءَ جا ماڻ ۽ ماپا جوڙيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دور سنڌي سماج لاءِ هڪ وڏي للڪار وارو سياسي افراتفري جو دور هو. هن سکئي ستابي، پرامن ۽ پرسڪون ڌرتيءَ تي ڌارين فوجن جي گهوڙن جون هڻڪارون ٻڌڻ ۾ آيون. مختلف طبق جي يقيني ۽ لاتعلقي واري صورتحال ۾ اچي ويا. قومون جڏهن غلام بنبيون آهن ته انهن ۾ ڪيتريون ئي وچندڙ بيماريون منهن ڪڍنديون آهن. هنن ۾ خود غرضي، لالچ؛ مڻيي جو موهه، حاڪم جي سرخروئي جو شوق ۽ درٻاري رويا جنم وٺندا آهن. ان سبب سماج جا بنياد اکڙي پوندا هن ۽ نفسا نفسيءَ جو عالم رونما ٿيندو آهي. ان وقت هڪ رهبر جي ضرورت پوندي آهي. لطيف پنهنجي دور ۾ سماجي رهبر جي حيثيت ۾ اڀريو ۽ سڏ ڏنائين.
    ڇاکي وڃين ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو؟
    وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.
    غلام نفسيات مان ڇوٽڪاري جو پهريون قدم، جڙتو ۽ هٿرادو حاڪمن جي دٻاءَ مان ٻاهر اچي صرف الله جي حاڪميت مڃڻ آهي. اهو احساس ۽ پڪو يقين انسان کي ڏاڍ خلاف وڏي همت ٿو بخشي:
    ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
    اسان جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.
    سماج جي اوسر لاءِ ٻيو قدم پاڻ ۾ ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي آهي، ان لاءِ جيترو به اڳتي وڌي سگهجي وڌجي:
    ڇنن، توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري ان سين.
    ان کان پوءِ پنهنجي آدرش ۾ پڪو يقين رکڻ جو عمل آهي.
    الست بربڪم، جڏهن جت پڇيوم،
    قالو بلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    انهيءَ ويل ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
    هنن ٽن بنيادي قدمن کان پوءِ، ڏکارن ماڻهن کي پنهنجي ڏکڻ ۽ پيڙا ونڊڻ کي مجتمع ڪري ان کي طاقت بنائي اڳتي وڌڻو آهي:
    ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نا ٿئي.
    ان کان پوءِ وقت اچي ٿو معاملن جي ڇيد جو:
    پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
    نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ويا.
    اسان کي پنهنجي مسئلن جو پاڻ جائزو وٺي حل ڳولڻ کپي:
    سگهڻ سُڌ نه سور جي، ته گهايل ڪيئن گهارين.
    هاڻي ان ڏک، سور ۽ مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ رڙيون ڪرڻ، ڪوڪون ڪرڻ ۽ منهن مٿو پٽڻ سان به ڀلا ڪي مسئلا حل ٿيا آهن؟
    آيل آئون نه وسهان، هنجون جي هارين،
    آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،
    سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي رؤن، نه چؤن ڪي
    پر هن صورتحال کي بدلائڻ لاءِ لطيف جي راهه چٽي بيٺي آهي:
    جي ڀانئين پرينءَ مڙان، ته سک چورا نڪي ڌات،
    جاڳڻ جشن جن کي، سک نه ساري رات.
    ۽ ان کان پوءِ:
    تَنَ ۾ ترازَ توهه جي، گهڻو لَهُه گهوري،
    ادب ۽ اخلاص جا، سڙهه ٻڌج سوري.
    ان منزل طرف وڌڻ ڏکيو ۽ صبر آزما آهي:
    سکن واري سڌ، متان ڪا مون سان ڪرين
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
    ۽ پوءِ منزل آسان بنجي ٿي:
    پاڻهي ملندو هوت، پر تون به ٿج ڪجهه اڳڀري،
    متان چوي خان بلوچ، ته ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.
    لطيف سائينءَ سماج جي آدرشي نوجوان جو خاڪو بيحد خوبصورت انداز ۾ چٽيو آهي:
    وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا،
    لوٺيون سهن لوڪ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻ،
    اصل آسارين جا، ستي ويڙا سيڻ،
    جيڏيون جي مان وِسهو ننڊِ مَ هيريون نيڻ،
    راتڙيون جاڳن جي، سي آئون ڪندڙ سيڻ،
    آڌيءَ رات اٿي ڪري، جَهل تون ننڊان نيڻ.
    اڄ لطيف جي سنڌ ڏاڍي ڏکاري، زخميل، اجهاميل ۽ اٻاڻڪي آهي. سنڌ جو نوجوان بي يقينيءَ ۽ بي اطمينانيءَ جو شڪار آهي. هر ڪو شريف ماڻهو پنهنجا ڪن لڪائڻ ۾ لڳو پيو آهي. هرڪو ٻاهران ويهي زخمن تي لوڻ پيو ٻرڪي. سنڌ جي مٽيءَ جو ذرو ذرو پڪاري پيو:
    ڪُٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
    هنن حالتن ۾ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت رکندڙ ماڻهن کي، سنڌي سماج جي گهڻگهرن کي، هن صورتحال تي غور ڪرڻ کپي:
    جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾
    ڪو آڳانجهو نينهن، ٻانڀڻ ٻاروچن سين.
    نينهن نڀائڻ جو وقت هيءُ آهي، اڄ جڏهن سڄي سنڌ تپي ٽامو ٿي ويئي آهي، تڏهن هر طبقي جي ماڻهوءَ کي ۽ هر مرتبي جي ماڻهوءَ کي پنهنجي مسند ڇڏي هيٺ اچي سوچڻو پوندو.
     


    بلها شاه ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ شاعري جو تجزيو : ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ولادت (1689ع)کان نو سال اڳ 1680ع ۾ پنجاب جو عظيم صوفي شاعر بلها شاهه صوبي پنجاب جي ڳوٺ پنڊوڪ, تحصيل قصور ضلعي لاهور ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو سيد محمد درويش هو، اهو دور مغلن جي اوج جو زمانو هو. بلها شاهه جي جاءِ پيدائش جي باري ۾ به اختلاف آهن، ڊاڪٽر محمد فقير “ڪليات بلها شاهه” جي ديباچي ۾ “نافع السالڪين” جي قلمي نسخي جي حوالي سان لکي ٿو ته بلهي شاهه جو والد سخي محمد درويش سنڌ صوبي جي هڪ ڳوٺ اوچ گيلانيان ۾ رهندو هو، هيءُ ڳوٺ گيلاني سيدن آباد ڪيو هو، شاهه محمد ذات جو گيلاني سيد هو ۽ بلها شاهه هن ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ سندس پيءُ هن جو نالو عبدالله شاهه رکيو. جيڪو اڳتي هلي بلهي شاهه جي نالي سان مشهور ٿي ويو، بلها شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪنهن ڪنهن جڳهه تي پنهنجو اصلي نالو عبدالله به استعمال ڪيو آهي. سندس مشهور ڪافي گنڊهان جو آخري شعر هن ريت آهي.
    ہن انا اللہ آخ تم کرو نگاہیں
    پیاری سبح ہوگیا عبداللہ ناہیں.
    جڏهن بلهي شاهه ڇهن سالن جو هو ته سندس پيءُ ڪن مجبورين جي ڪري ساهيوال جي هڪ ڳوٺ ملڪ وال ۾ وڃي رهيو.
    هڪ ٻي روايت مطابق پنڊوڪ جي ماڻهن سخي شاه محمد درويش کي مسجد جي امامت جي پيشڪش ڪئي جيڪا هن قبول ڪئي. پوءِ اتي امامت سان گڏوگڏ پاڻ ٻارن کي به پڙهائيندو هو بلهي شاهه ڪجهه وقت پنهنجي پيءُ وٽ پڙهيو ۽ ان سان گڏوگڏ هُو مال به چاريندو هو.
    هڪ ٻي روايت مطابق بلها شاهه پنهنجي ابتدائي تعليم خواجه غلام مرتضيٰ قصوري ۽ مخدوم محي الدين قصوري کان حاصل ڪئي، بلهي شاهه جي ڪافين مان خبر پوي ٿي ته پاڻ ناظره قرآن شريف پڙهيوهئائين ۽ شيغ سعيدي رحه جو فارسي ۾ لکيل ڪلاسيڪل ڪتاب “گلستان بوستان” به پڙهيو هئائين.
    بلهي شاهه جي ڪافين ۾ سادگي آهي ۽ هو وضاحت سان خيالن جو اظهار ڪري ٿو. سندس تعلق قادريه مڪتبه فڪر سان هو .سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ پنجاب ۾ انسان دوستي ۽ آزاد خيالي جو پرچار ڪيوويو ۽ گڏوگڏ انتهاپسندي، مذهبي تنگ نظري ۽ روحاني آمريت جي خلاف بغاوت ڪئي وئي. بلهي شاهه گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو هو. سندس ذهني نشو نما ۾ قادريه کان علاوه شطاريا فڪر۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. بلهي شاهه جي باغيانا فڪر جو سبب بنيادي طرح شطاريه فڪر سان تعلق رکي ٿو. شطارين جو امام شيخ با يزيد بسطامي هو.
    سنڌ جي سدا حيات عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ته عظيم الشان شاهڪار يعني “شاهه جو رسالو” ڇڏيو آهي جيڪو سنڌ واسين توڙي سنڌي ٻوليءَ جو دستاويز ۽ تهذيبي ورثو آهي. سندس ڪلام آرسيءَ مثل آهي، جنهن ۾هرهڪ کي پنهنجي اندر جو عڪس نظر اچي ٿو. لطيف سائين جو ڪلام آفاقي نوعيت جو آهي ۽ ڀٽائي گھوٽ لوڪ داستانن کي تمثيلي انداز ۾ حق جي پيغام کي سچائي جي ڦهلاءِ لاءِ استعمال ڪيو آهي. شاهه جي ڪلام جي اها خوبي آهي ته سندس آفاقي ڪلام، ڀٽڪيل انسانيت جي هميشه رهنمائي پئي ڪئي آهي.
    شاهه عبداللطيف جيڪڏهن چاهي ها ته وقت جي حاڪمن جي ساراهه ۾ گيت ڳائي درٻاري شاعر بڻجي مال ۽ دولت سان مالا مال ٿي سگھيو ٿي. پر پاڻ ائين نه ڪيائين ۽ ان جي مقابلي ۾ عوام جو شاعر بنجڻ وڌيڪ پسند ڪيائين. اڄ لطيف سائين سنڌ جو آواز آهي ۽ سندس ڪلام عام توڙي خاص، امير ۽ غريب، شاعر توڙي اديب، دانشور ۽ مفڪر لاءِ روشني جو مينار آهي.
    1707ع ۾ اورنگزيب عالمگير جي وفات بعد ننڍي کنڊ ۾ فتنو ۽ فساد شروع ٿي ويو ۽ مغلن جي سلطنت جي زوال جو آغاز ٿي ويو. انهيءَ زوال جا اثرات ٻين علائقن جي مقابلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ محسوس ڪيا ويا. سکن جي ظلم پنجاب ۾ انتها ڪري ڇڏي. جنهن جو نفسياتي اثر بلهي شاهه تي به ٿيو.
    بهلي شاهه جي صوفياڻي زندگيءَ جا ٽي دور رهيا آهن، پهريون دور اهو هو جنهن ۾ هو مرشد جي تلاش ۾ سرگردان هو ۽ تصوف جي مختلف مڪاتب فڪر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، سندس ٻيو دور فنافي المرشد هئڻ جو زمانو آهي، ان وقت سندس خيال هو ته مرشد “وسيله نجات” آهي ۽ سندس صورت ۾ الله تعاليٰ جو جلوو نظر اچي ٿو، سندس ٽيون دور اهو هو جڏهن سندس جذبي ۾ پختگي آئي ۽ هو عشق مجازي مان حقيقي ۾ داخل ٿئي ٿو، ان بعد هو رسمي مذهب ۽ سطحي عقائد کان آزاد نظر اچي ٿو، هن دور ۾ بلهي شاهه جي شاعري نقطه عروج تي وڃي پهچي ٿي.
    بلهي شاهه مجازي ۽ حقيقي عشق جو هڪ عظيم شاعر سڏيو وڃي ٿو، پاڻ وجد ۽ سماع جي ڪيفيت ۾ اهڙي ڪلام جو خالق آهي، جنهن کي ڪو به راڳي ڏاڍي سولائي سان پنهنجي سرن ۾ ڳائي سگهي ٿو.
    پنجاب جي دانشورن جو چوڻ آهي ته بلها شاهه پنجابي ڪافيءَ جو نمائندو شاعر آهي، بلها شاهه جي ڪافين ۾ الله تعاليٰ جي وڏائي ۽ وحدانيت کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي.
    بلها شاهه مجازي عشق کان حقيقي عشق جي منزل جي باري ۾ چوي ٿو ته:
    جی چرنا عشق مجازی لاگے
    سوئی سیوے نابن دهاگے
    عشق مجازی داتا ہے
    جس پچھے مست ہو جاتا ہے
    ترجمو: جيستائين عشق مجازي جو مشاهدو نه ڪيو وڃي، تيستائين عشقِ حقيقي ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهجي، جهڙي ريت سئي ڌاڳي کانسواءِ نٿي سبي سگهي، اهڙيءَ طرح عشق مجازي به هڪ اهڙو دوست آهي، جنهن جي طفيل عشق حقيقي ۾ لطف ۽ سرورنه ٿوملي.
    چيو وڃي ٿو ته بلهي شاهه تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاهور هليو ويو هن باري ۾ ٻه روايتون ملن ٿيون. هڪ روايت مطابق هو حق جو متلاشي هو ۽ مرشد جي تلاش ۾ لاهور پهتو هو. ٻئي روايت مطابق هو گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ لاهور ويو هو. لاهور ۾ رهڻ دوران مختلف صوفين جي محفلن ۾ ويندو رهيو ۽ اتي شاهه عنايت جي باري ۾ کيس معلوم ٿيو ته هو هڪ صاحب علم شخص آهي شاهه عنايت ذات جو آرائين هو ۽ سندس خانداني ڌنڌو باغ باني هو. بلهي شاهه اتي وڃي شاهه عنايت سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ درخواست ڪيائين ته کيس هو پنهنجو مريد بڻائي.
    هڪ ٻي راويت موجب شاهه عنايت ان زماني ۾ لاهور ۾ شاليمار باغ جو “هيڊ مالهي” هو. گرمين جي موسم هئي، بلهي شاهه جڏهن ان باغ ۾ پهتو چوڪيدار ڏانهن نظر ڍوڙايائين پر اُهوکيس ڪٿي به نظر نه آيو. سندس دل ته چاهيو باغ مان انب پٽي کائي، پر چوري جي ڊپ کان بچڻ لاءِ پاڻ انبن کي ڏسندي “الله غني” چيائين، جيئن ئي هن اهي لفظ چيا هڪ انب سندس هٿ تي اچي ڪريو. اهڙي طرح هن اهي لفظ دهرايا ۽ ڪافي انب گڏ ڪري ورتائين. اهي انب ڪپڙي ۾ ٻڌي ڪنهن مناسب جڳهه تي ويهي کائڻ جو ارادو ڪيائين. انهيءَ دوران هيڊ مالهي اچي ويو. ۽ هن کيس چيو ته تو انب چورايا آهن، بلهي شاهه کيس معمولي ماڻهوسمجهي طنز ڪندي چيو ته مون انب نه ٽوڙيا آهن پر خود ئي منهنجي جهولي ۾ اچي ڪريا آهن. بلهي شاهه ان ئي مهل وري “الله غني” چيو ته انب پاڻ ئي سندس هٿن ۾ اچي ڪريو. بلهي شاهه جي انهيءَ ڪرامت تي شاهه عنايت ذرو به حيرانگي جو اظهار نه ڪيو پر مسڪرائيندي چيائين ته: “تون ته انهن پاڪ لفطن کي به چڱيءَ طرح دهرائي نه ٿو سگهين. تو ته انهن لفظن جي برڪت کي ئي گهٽائي ڇڏيو آهي.” ان بعد شاهه عنايت “الله غني” چيو ۽ باغ جا سڀ انب اچي هيٺ زمين تي ڪريا. ٻيهر “الله غني” چيائين ته سڀ انب خُود به خُود وڻن ۾ لڳي ويا.
    بلهي شاهه جنهن کي اَڻ پَڙهه ۽ نيچ ذات جو پئي سمجهيواهو ته ڪو پهتل شخص ۽ صاحبِ ڪرامت نڪتو. ان بعد پاڻ وڃي سندن پيرن تي ڪريو ۽ مُريد بنجڻ جي درخواست ڪيائين جيڪا قبول ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح بلهي شاهه جو پنهنجي مرشد سان پهريون تعلق قائم ٿيو.
    شيخ محمد عنايت الله جيڪو عام طور تي شاه عنايت قادري جي نالي سان مشهور ٿيوقصور ۾ ڄائو هو ۽ ذات جو آرائين هو. هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته هو شاليمار گارڊن لاهور جو هيڊ مالهي هو.
    سندس ڄمڻ جي تاريخ ۽ سال نا معلوم آهي ، وظائف ڪلان، ۾ سندس وفات جي تاريخ 1147 هه مطابق 1735 ع ڏني وئي آهي.
    اهو دور مغل بادشاه محمد شاه جو هو. باغي احوال هند جي مصنف سندس وفات جي تاريخ 1171 هه لکي آهي جيڪا درست نه پئي لڳي. ڇاڪاڻ ته بلهي شاه جي تاريغ وفات به 1171 هجري آهي. چيو وڃي ٿو ته شاه عنايت رح جي وفات کان پوءِ بلهي شاه سندس درگاه سنڀالي. اهو عرصو هجري سال مطابق چوويهه سال ٿئي ٿو. شاه عنايت پنهنجي دور جو وڏو عالم هو ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف هو. چيو وڃي ٿو ته پاڻ قرآن شريف جو تفسير لکيو هئائين جيڪو هن وقت موجود نه آهي. درگاهه جي خليفي شيخ سراج الدين وٽ هن وقت به فارسي ۾ سندس لکيل ڪتابن جا جيڪي قلمي مسودا موجود آهن. اهي مسودا هيٺ ڏجن ٿا:
    1. صلاح الحمل 2. لطائف غائبيه 3. ارشاد الطالبين 4. محمد غوث گوا لياري جي لکيل ڪتاب “جواهر خمسه” جي تشريح ۽ تفسير ۾چيو وڃي ٿو ته عنايت شاه ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا هئا جيڪي سندس لائبريري ۾ موجود هئا پر مها راجا نصيحت سنگهه جي وفات کانپوءِ فسادات جي دوران لائبريري کي باهه لڳائي وئي جنهن ڪري ڪيترائي ڪتاب سڙي ويا. جن ۾ شاه عنايت جا لکيل مختلف قلمي نسخا به هئا.
    بلهي شاهه کي سندس ڀيڻن ۽ ڀاڄاين ڏاڍو سمجهايو ته تون سادات آهين، ڪيئن وڃي ٿو هڪ آرائين جو مريد ٿين تون ته پاڻ مرشد آهين پر بلهي شاهه تي مرشد جو ايترو ته گهرو اثر ٿي چڪو هو جو هن ڪنهن جي به ڪا ڳالهه نه مڃي. پاڻ چوي ٿو ته:
    بلھے نوں سمجھاوں آئیاں، بهینا تے بهر جھائیاں،
    آل نبی اولاد علی دی بلهیا توں کیھ لیکا لائیاں۔
    ترجمو: بلهي کي ڀيڻون ۽ ڀاڄائيون سمجهائڻ آئيون ته تون سيد، وڏي ذات وارو، نبي صلي الله عليه وسلم ۽ علي ڪرم الله وجهه جو اولاد، پاڻ مرشد آهين، سو مريديءَ ۾ ڪيئن ٿو اچين.
    پر بلهي شاهه ڪنهن جي پرواه نه ڪئي. مرشد جي اثر ڪري مائٽن جي رکيل نالي عبدالله شاهه (بلهي شاهه جو ٻانگ جو نالو) کي ختم ڪري شاهه عنايت جي رکيل نالي بلهي شاهه کي قبول ڪيائين. پوءِ سڄي زندگي پاڻ کي بلهي شاهه سڏايائين.
    بلها شاهه کي پنهنجي مرشد سان بيحد عشق هو سندس باري ۾ لکي ٿو ته:
    پایا ہے، کچھ پایا ہے
    میرے ست گر اکھ لکھایا ہے
    ترجمو: مون حاصل ڪري ورتو آهي، ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي. منهنجي سچي رهبر
    مونکي نا معلوم کي معلوم ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي .
    وري اڳتي چوي ٿو ته:
    بنا مرشدوں کامل بلهیا
    تیری ایویں گئی عبادت کیتی
    ترجمو: مرشد ڪامل جي رهنمائي کان سواءِ (اي بلها) تنهنجي عبادت ڪنهن به ڪم جي ڪانهي. حقيقت ۾ محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.
    بلها شاهه پنهنجي ڪافين ۾ هن طرح سان اظهار ڪري ٿو :
    شریعت میری مائی ہے
    طریقت میری دائی ہے
    اکوں حق حقیقت آئی ہے
    تے معرفتوں کجھ پایا ہے
    ٹک بوجھ کون لک آیا ہے
    ترجمو: شريعت منهنجي ماءُ آهي. طريقت منهنجي دائي آهي، جڏهن کان خدا جي حقيقت سمجهه ۾ آئي آهي. تڏهن کان معرفت جي ذريعي عرفان مان ڪجهه حاصل ڪيو آهي، ٿورو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪر ته ڪير مون ۾ لڪي آيو آهي.
    بلھا شاه چوي ٿو ته سڀ مٽ مائٽ خود غرض آهن ۽ هو مطلب جا يار آهن. هو هڪ ڪافي ۾ چوي ٿو ته:
    ایہہ ماں "بابا" "بیٹا" بیٹی
    پچھ ویکھاں کیوں روون گے
    ایہہ رناں "کنجاں" پتر" دهیاں
    ورتے نوں آن کھلوون گے
    ایہہ جولٹن تو کیوں ناہی
    مر کے آپ لٹاویں گا
    حجاب کریں درویشی کولوں
    کب لگ حکم چلاویں گا
    ترجمو: اسان پڇون ماءَ، پيءَ، پُٽ ۽ ڌيءَ کان ته هو ڇو روئندا .هي زالون، پٽ ۽ نياڻيون پنهنجي ورهاست جي دعويٰ ڪنديون. جيڪڏهن هيءُ ڦر مار ڪن ٿيون ته پوءِ تون ڇو نه ٿو ڦرجين. تون ڦرجي ويندي جڏنهن تون مرندي، تون فقيرن کان لڪي ڪيستائين حڪم هلائيندو رهندي. بلھا شاه جي ذهن ۾ هن دنيا ئي زندگي۾ خوشيون عارضي آهن ۽ حقيقيي گھر قبر آهي جتي روح قيامت تائين رهندي. بلھا شاه چوي ٿو ته:
    اتھے گوال واساوسن نوں
    رہن نوں اُتھے ڈیرہ ہے
    ترجمو: هن دنيا ۾ انسان چراگاهه جي ڌنار وانگر آهي ۽ سندس مستقل رهڻ جي جڳهه قبر آهي. بلها شاه کي پنجابي زبان جو وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو، جيڪا شهرت بلها شاهه کي پنجاب ۾ملي سا ڪنهن ٻئي شاعر کي نصيب نه ٿي سگهي آهي.
    اوائلي دؤر ۾ بلها شاه اسلام جي شريعتي اصولن تي قائم هو ۽ ان باري ۾ پنهنجي ڪلام ۾ تلقين ڪندي چوي ٿو ته:
    بلها شوہ بن کوئی نہیں
    ایتھے اوتھے دوہیں سرائیں
    سنبھل سنبھل قدم ٹکائیں
    فیر آون دوجی وار نہیں
    اُٹھ جاگ گھراڑے مارنہیں
    ترجمو: اي بلها! محبوب کانسواءِ ڪجهه نه آهي، هِتي ۽ هُتي ٻنهي جهانن ۾ سنڀالي سنڀالي قدم رکجانءِ ڇو ته هن دنيا ۾ ٻيهر اچڻو ڪونهي. اٿ سجاڳ ٿي کونگهرا نه هڻ.
    بلها شاهه هڪ باشعور مسلمان جيان موت ۽ قبر جي عذاب جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
    ایک روز اس جہان سے چلے جانا ہے
    اور قبر میں لیٹ جانا ہے
    تیرے جسم کو کیڑوں نے کھانا ہے
    اس بات کو یاد رکھ اور ہرگز نہ بھول
    ترجمو: هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏي هليو وڃڻو آهي ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻو آهي، تنهنجي جسم کي ڪيڙا ماڪوڙا کائي ويندا. ان ڳالهه کي ياد رک ۽ هرگز نه وسار. وري ٻي ڪافيءَ ۾ چوي ٿو ته :
    توں ایس جہانوں جائیں گا
    پھیر قدم نہ ایتھے پائیں گا
    ایہه جوبن روپ ونجائیں گا
    تیں رہنا وچ سنسار نہیں
    اُٹھ جاگ گھراڑے مارنہیں
    ترجمو: جڏهن تون جهان مان لاڏاڻو ڪري ويندين پوءِ ٻيهر هيڏانهن نه موٽندي، هيءَ جوڀن ۽ جواني وساري ڇڏيندين، توکي هن دنيا ۾ نه رهڻو آهي. اٿ سجاڳ ٿي، کونگهرا نه هڻ.
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ بلها شاهه جي ڪلام ۽ فڪر ۾ هڪ جهڙائي جو موازنو. ڀٽائي گھوٽ چوي ٿو ته:
    جڏهن ڪن فيڪن چئي نيو آرياڻي
    ارواح انگ اڳهين لکيو منهنجو ميثاءَ
    فڪر ۾ هڪ جهڙائي جو موازنو.
    دراصل سسئي جي ذريعي شاهه لطيف چوي ٿو ته، جڏهين ڌڻي تعالي ڪائنات کي قائم ٿيڻ لاءِ چيو "قائم ٿي" ۽ ائين ٿي ويو. منهنجو هيئنڙو به ائين ئي تو سان جڙيل آهي. سسئي چوي ٿي ته منهنجو انگ ته قسمت ۾ اڳي کان ئي تو سان لڳل آهي.
    بلهاشاهه جو به شاهه لطيف وانگر بيان جو اهڙو ئي انداز آهي.
    بلها شاهه به ساڳئي خيال جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته :
    “کن فیکون اگے دیاں لگیاں
    نیو نہہ نہ لگایا چوری دا”
    ترجمو: جڏهن ڌڻي تعالي ڪائنات کي قائم ٿيڻ لاءِ حڪم ڏنو قائم ٿي ۽ ائين ٿي پيو “ انهي کان به اڳي پنهنجو نيهن جڙيل هو” هي نيهن چوري سان ناهي جڙيو.
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح تنبيهه ڪندي چوي ٿو ته :
    غافل! غفلت ڇوڙ تون ڪئين اڻاسي اوجھرين؟
    چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
    نيڻ ننڊ اکوڙ جم ورن ۾ واڪا ڪري
    (ڪوهياري)
    بلهي شاهه به ساڳيو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته :
    اُٹھ جاگ گھراڑے مار نہیں،
    ایھ سوں تیرے درکار نہیں
    تیرا ساہ نیڑے آیا
    کجھ چولی واج رنگایا اے
    کیوں اپنا آپ ونجایا اے
    اے غافل تینون سار نہیں
    ترجمو: سجاڳ ٿي ائين کونگھرا نه هڻ، اها ننڊ توکي ڀائين نٿي پوي.تنهنجو ساهه (محبوب) تنهنجي ويجهو آهي، پر پوءِ به تون ائين ئي ويٺل آهين، تون پنهنجو پاڻ کي وڃائي نه، اها غفلت توکي ڪم نه ايندي تنهنڪري اٿ سجاڳ ٿي.
    شاهه لطيف چوي ٿو ته :
    دهشت دم درياهه ۾ جت ڪڙڪوڪن ڪري
    توڏي تاڪن وچ ۾ مٿان وير وري
    آءُ ساهڙ منهنجا سپرين پرتان پير ڀري
    هاري هٿ ڌري اونهي مان اڪارين
    ساڳئي طرح بلها شاهه به چوي ٿو ته:
    میں شوہ دریا واں پئیاں
    ٹھاٹھاں لہراں دے منھ گئیاں
    پڑ کے گُهمن گھیر بھوئیاں
    ترجمو: آءُ (سهڻي) وچ درياهه ۾ پئي آهيان. ڇولين جو تيزي سان منهن منجهه ٽڪرائي ۽ ڪُن گھيري ۾ وٺي ڦيراٽيون ڏئي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي ڪاري اونداهي رات ۾ مينهن به وسڪارا لائيو بيٺو آهي.
    شاهه لطيف محبوب جي جدائي ۾ پريشان ٿي چوي ٿو ته:
    آيل! ڍولئي ساڻ اچي ته جھيڙيان
    لائي ڏينهن گھڻا مون سي ڪي ٿورڙا
    بلهي شاهه به محبوب جي جدائي برداشت نه ڪندي پنهنجي پاڻ سان پئسي کان بيزاري جو اظهار ڪندي ساڻس جھيڙو ڪري پئسي کي ڏوهي قرارڏ چوي ٿوته:
    کوڑی دمڑی پلے نہ کائی
    پارو ہنجن نوں میں سدهرائی
    نال ملاحاں دے نہیں آشنائی
    جھیڑاں کراں دل لیاں.
    ترجمو: پئسي پائي جي ڪا گھرج ناهي فقط سڄڻ سان قربائتيون گھڙيون گھارڻ خاطر ساڻس شڪايت ڪري جھيڙو ڪنديس.
    جيئن ته لطيف سائين چوي ٿو ته:
    وڃيئي وسري شال جو تو سودو سکيو،
    اڃان آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبهين
    (سامونڊي)
    بلها شاهه پنهنجي ڪلام ۾ به محبوب جي جدائي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
    تُسی آؤ ملو میری پیاری
    میرے ٹرنے دی ہوئی تیاری
    ترجمو: مون سان منهنجي پياري جلدي اچي ملي وٺ. منهنجي هلڻ جي وري تياري آهي.
    شاهه لطيف الله تعاليٰ تي ڪامل يقين جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته:
    اکر پڙهه الف جو ورق سڀ وسار
    اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا
    بلها شاهه به اهڙي طرح چوي ٿو ته:
    اک الف دانکتہ نیارا اے
    اک الف پڑهو چُھٹکارا اے
    ترجمو: هڪ الف جو اکر ئي سڀني کان نرالو آهي، هڪ الف پڙهه ۽ آجپو حاصل ڪر.
    شاهه ڀٽائي وري ٻئي بيت ۾چوي ٿو ته:
    پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾
    پاڻان ڏوهه چڙهن جيئن ورق ورائين ويترا
    ساڳي طرح بلها شاهه به اهڙي خيال جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته:
    کیوں پڑهائیں گڈ کتاباں دی
    سرچاناں ایں پنڈ عذاباں دی
    هن ہوئیائیں شکل جلاداں دی
    اگے مشکل پینڈا بھارا اے
    ترجمو: ڇو ٿو ڪتابن جون ٻوريون پڙهين ۽ پنهنجو دماغ ڏوهن سان ڀرين. پوءِ شڪل وڃئي ٿي بڻجي جلادن جهڙي. ان کان اڳيان اڃا به اڙانگو سفراٿئي!
    شاهه ڀٽائي وري فلسفانه انداز ۾ چوي ٿو ته:
    احد احمد پاڻ ۾ وچان م فرق
    آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾
    بلها شاهه ساڳئي فڪر کي وري هن طرح بيان ڪري ٿو:
    احمد احد وچ فرق نہ بُلهيا
    رتی کو بهيت مروڑی دا
    ترجمو:احمد (رسول صلي الله عليه وسلم) ۽ احد (الله تعاليٰ) جي وچ ۾ ڪو تفاوت نه آهي.
    سڄي ڳالهه ميم جي راز ۾ منڌل آهي.
    بلھا شاه مرشد سان عقيدت جو اظھار ڪندي چوي ٿو ته:
    بلهے شاہ دیسُنو حکايت
    هادی پکڑيان ہوگ ہدايت
    ميرا مرشد شاه عنايت
    اوہ لنگھاے پار
    ترجمو: بلھا شاه جي حڪايت ٻڌو، ھن پنھنجي مرشد جي ھدايت واري رسي کي جھلي ڇڏيو آھي جيڪو کيس منزل تي پھچائيندو. شاهه لطيف چوي ٿو ته :
    سو ھئُ سو ھُو، سو اجل، سو الله،
    سو پرين، سو پساھه، سو ويري ، سو واھرو.
    ساڳيو مفهوم بلها شاهه وري ھن طرح بيان ڪري ٿو :
    کہوں بیر پڑا، کہوں بیلی ہے
    کہوں مجنوں ہے، کہوں لیلیٰ ہے
    کہوں آپ گرو، کہوں چیلا ہے
    ترجمو: ڪٿي ويري ٿيو آھي ته ڪٿي سڄڻ بڻيو آھي. ڪٿي مجنون آھي. ته ڪٿي ليله آھي. ڪٿي پاڻ مرشد آھي ته ڪٿي وري پاڻ ئي مريد آھي.
    بلهي شاه جي وفات 1758ع ۾ ٿي. اٽڪل سوا سوءَ سالن تائين بلھي شاه جون ڪافيون ڪتابي صورت ۾ نه ڇپجي سگھيون. سندس ڪافيون يا ته قوال ڳائيندا ھئا يا مزار تي رھندڙ درويش جن کي بلهي شاه جون ڪافيون ياد ھيون. اھي ڳائيندا ھئا يا وري مختلف علائقن ۾ گھمندڙ ڦرندڙ ڳائيڻا ڳائيندا ھئا. پھريون دفعو 1882 ع ۾ َملڪ ھيرا ھڪ ڪتاب ڇپايو جنھنجو عنوان هو “ڪافيان حضرت بلھي شاھه.” ھن ڪتاب ۾ بلھي شاهه جون 47 ڪافيون شامل ڪيون ويون ھيون ۽ انھن سان گڏ اوائلي دور جي شاعر شاه حسين جو ڪلام به شامل ھو. چئن سالن کان پوءِ 1886ع ۾ منشي ديوان چند بلهي شاهه جي ڪافين جو هڪ مجموعو گجران والا مان شايع ڪرايو. 1889ع ۾ انور علي روهتڪي جو ڪتاب “ قانونِ عشق” ڇپيو جنھن ۾ بلھي شاه جون 116 ڪافيون شامل ڪيل ھيون. وري 1896ع ۾ پريم چند قصوري 130 ڪافيون ڪتابي صورت ۾ ڇاپيون. 1932ع ۾ وري ھڪ صنعتڪار سندن ڪافين جو مجموعو شايع ڪرايو.
    1933ع ۾ھڪ خاتون ڊاڪٽر لجونتي رامان ڪرشنا کي پنجاپي صوفي شاعرِ “Punjabi Sofi Poets” تي پي-ايڇ -ڊي جي ڊگري ڏني وئيي.هن ٿيسس ۾ بلهي شاهه جي حالات زندگي ۽ ڪافين تي هڪ باب ۾ تفصيلي احوال ملي ٿو. ھڪ اھم ڪتاب 1960ع ۾ پنجابي ادبي اڪيڊمي لاھور مان ڊاڪٽر فقير محمد جو ڇپيو جنھن ۾ بلھي شاه جون 156 ڪافيون شامل آھن.
    ھي ھڪ اھم تحقيقي مقالو آھي جنھن ۾ بلھي شاهه جو احوال ملي ٿو.
    1976ع ۾ ڊاڪٽر نذير احمد جو ھڪ ڪتاب “ڪلام بلھي شاه” پيڪيج لميٽيڊ لاھور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ھن ڪتاب ۾ بلھي شاه جي باري ۾ تفصيلي معلومات ملي ٿي.
    بلھي شاه پنهنجي زندگيءِ جو گھڻو عرصو قصور ۾ گذاريو، چيو وڃي ٿو ته هن شادي نه ڪئي، سندس قبر تي لڳل پٿر مطابق هن جي وفات 1171هه (1758 ع) لکيل آهي.


    شاهه لطيف ۽ سندس همعصر صوفي شاعر : پروفيسر اعجاز احمد قريشي

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع ۾ ڏکڻ ايشيا جي ان خطي (سنڌ) ۾ جنم ورتو جيڪو پنهنجي تاريخ جي هر دؤر ۾ تهذيب، ثقافت ۽ علمي ادبي پسمنظر سبب ٻين خطن کان منفرد ۽ نرالو پئي رهيو آهي. شاهه صاحب جو خاندان تصوف، عرفان؛ علم ۽ عمل جي حوالي سنڌ جو هڪ ناميارو خاندان هو. ان کان سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شخصيت، سيرت، ڪلام، فڪر ۽ فلسفي بابت هينئر تائين جيڪا به تحقيق ۽ کوجنا ٿي آهي ان جي روشنيءَ ۾پڻ هينئر اهو سوال بلڪل بي معنى بنجي چڪو آهي ته شاهه لطيف ڪنهن مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪئي يا نه؟ شاهه صاحب پنهنجي والد سڳوري شاهه حبيب جي تعليم ۽ تربيت وسيلي علم ۽ معرفت جا ڏاڪا طئي ڪيا ۽ بعد ۾ سير سفر وسيلي فرد کان سماج ۽ تهذيب کان مذهب، دين، ڌرم ۽ مابعد الطبيعات تائين سڀ فلسفا ۽ فڪر پروڙيا ۽ پرکيا. شاهه صاحب پنهنجي ان طويل تپسيا ۽ ذهني ولوڙ کي شاعريءَ جي هڪ اهڙي من موهيندڙ اسلوب ۽ انداز ۾ پيش ڪيو، جيڪو بي اختيار ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي دل جي تاليف ۽ روح جي غذا بڻجي پوي ٿو.
    شاهه لطيف جي شعري خزاني ۾ جيڪي علمي ۽ فڪري نڪتا سمايل آهن اهي انهيءَ انداز ۽ اسلوب ۾ ٻين شاعرن وٽ اڻلڀ آهن، جنهن ڪري ايڇ ٽي سورلي کيس دنيا جو عظيم شاعر ۽ شاعرن جو سرتاج قرار ڏنو.
    شاهه لطيف جي عظمت جو هڪ وڏو سبب اهو به هو ته سندس شاعريءَ جو رچاءُ ۽ لاڳاپو ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن سان هو، جنهن ڪري هو سنڌ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي قوم کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو. ايتري قدر جو ڌرتي تان اٿندڙ ڌوڙ ۽ دز کي به عطر ۽ عنبير برابر سمجهيو آهي:
    سندي جا ساڻيهه، کهه کٿوري ڀانيان
    اهڙيءَ ريت شاهه لطيف پنهنجي ديس جي ماڻهن ۽ ماروئڙن سان محبت کي هر حال ۾ پنهنجي لاءِ مٿانهون سمجهيو:
    جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.
    شاهه لطيف جو دور ۽ سنڌ: شاهه لطيف تاريخ جي ان دور ۾ پيدا ٿيو ۽ زندگي گذاري (1752- 1689ع) جڏهن:
    (1) سنڌ جا وڏا شهر ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ وڏا علمي مرڪز هئا، جتي شاعرن، اديبن ۽ عالمن جون رس رهاڻيون ٿينديون هيون، خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. پرڏيهي عالمن جهڙوڪ رومي ۽ حافظ کان وٺي ڪبير، ميران ۽ تلسيداس تائين ۽ ڏيهي عالمن جهڙوڪ قاضي قادن کان وٺي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري تائين جي شاعريءَ جا قلمي ڪتاب نه رڳو پڙهيا ويندا هئا پر انهن ۾ موجود حڪمت ،ڏاهپ ۽ دانائي جي نڪتن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا.
    (2) سنڌ، حڪمرانن جي غلط داخلي پاليسين ۽ حڪمت عملين باوجود مغلن ۽ ٻين پرڏيهي حاڪمن جي دست اندازين کان محفوظ رهڻ ۽ خودمختيار حاڪميت جو خواب ساڀيان بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي هئي.
    شاهه لطيف نه رڳو پنهنجي لافاني ڪلام ۾ ماضيءَ جي ان سموري علمي، ادبي ۽ فلسفيانه ورثي کي اوتيو پر ساڳئي وقت تڏهوڪي سنڌ جي سياسي، سماجي حالتن جي عڪاسيءَ سان گڏ حال ۽ مستقبل جي علمي توڙي عملي ماحول تي پنهنجا نقش ۽ اثر ڇڏيا.
    شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جن بنيادي نقطن کي نروار ڪيو آهي اهي ٿلهي ليکي هيٺيئن ريت آهن:
    1_ تصوف ۾ شاهه صاحب ويدانت ۽ وحدت الوجود جي پرچار ذريعي مذهبي تفريق ۽ ويڇي جو خاتمو آندو.
    2_ سنڌي ٻولي، ثقافت، هنر ۽ پورهئي کي اجاگر ڪري سنڌ جي قومي تشخص کي سگهارو بڻايو.
    3_ شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن جي اپٽار وسيلي انساني زندگيءَ جي گوناگون پاسن سان گڏ سماجي، سياسي ۽ فڪري نقطن کي نروار ڪري هڪ نرالو علمي مثال قائم ڪيو.
    شاهه صاحب پنهنجن انهن خيالن جي ڏي وٺ تڏهوڪي سنڌ جي وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ: ميون شاهه عنايت رضوي، مخدوم محمد زمان لنواري وارو، مخدوم محمدي کهڙن وارو، ميان صاحب ڏنو فاروقي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، سيد محمد بقا لڪياري ۽ ٻين سان ملاقاتن ذريعي ڪئي. اهي علمي ملاقاتون پڻ تاريخ جو حصو آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب جو دؤر پڻ شاعرن، عالمن ۽ مفڪرن سان ڀرپور هو. هيٺ ان دؤر جي ڪجهه اهم هم عصر صوفي شاعرن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽ تعارف ذڪر ڪجي ٿو.

    خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو:
    سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان جي ولادت 21 رمضان 1125هه/1713ع تي ٿي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ ٺٽي ويو، جتي مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، خواجه محمد ابوالمساڪين جو مريد ٿيو، جلد ئي طريقت جون منزلون طيءِ ڪيائين. ڪجھه وقت کان پوءِ سندس مرشد کيس خانقاهه تي ويهاري، حرمين شريفين راهي ٿيو. محمد زمان ڪجھ وقت ٺٽي ۾ رهي، لڏي وڃي لنواريءَ ۾ ويٺو. اتي وڃي رهڻ کان پوءِ سال 1149هه/1736ع ۾ سندس والد وفات ڪئي. جيئن ته پراڻي لنواري ڦٽي رهي هئي، تنهن ڪري 1150هه/1737ع ۾ نئون شهر ٻڌائي اتي وڃي رهيو ۽ ان جو نالو به لنواري رکيائين. خدا جي ڪيتري ئي مخلوق کي فيض ڏيئي، 1188هه/1774ع ۾ وفات ڪيائين.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس همعصر هو، پر عمر ۾ کانئس وڏو هو. ڀٽائي صاحب پاڻ ڪهي لنواريءَ ساڻس ملاقات لاءِ ويو هو ۽ مريد ٿيڻ جو ارادو به ڏيکاريو هئائين پر جيئن ته نقشبندي طريقي ۾ راڳ جي منع آهي، تنهنڪري سندس مريد ٿي نه سگهيو. باقي لنواري واري کان ايتري قدر متاثر هو، جو سندس لاءِ هي بيت چيو اٿس:
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
    خواجه صاحب جا 84 سنڌي بيت مليا آهن، جن جي عربيءَ ۾ شرح سندس مريد شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڪئي آهي. گرهوڙي صاحب جي ان شرح جو علامه دائود پوٽي صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، “ابيات سنڌي” جي نالي سان ڇپايو.
    بيتن جو مضمون تصوف تي ٻڌل آهي جن ۾ خواجه صاحب فرمائي ٿو:
    جنين ڏٺو پاڻ، تنين ڏٺو سپرين،
    غلط اِيءُ گمان، ته عارف پسي آرسي.

    عارف ۽ ‘عشاق’، پسڻ گهرن پرينءَ جو،
    جنت جا مشتاق، اڃا اوراهان ٿيا.

    روحل فقير:
    ميان روح الله عرف روحل فقير زنگيجو 1730ع ۾ ڄائو هو. سندس وڏا اصل پنجاب جي ڳوٺ “لونگره” جا ويٺل هئا، جتان روحل فقير پنهنجي عزيزن سان لڏي اچي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهيو. جوانيءَ ۾ ميان روح الله ڪجهه وقت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ملازمت ۾ به رهيو، جتي حاڪم طرفان ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ ڪري کيس ڪيترائي انعام ۽ اڪرام پڻ مليا.
    روحل فقير جي دل جو لاڙو ننڍپڻ کان ئي فقيريءَ ڏانهن هو، جنهن ڪري اڳتي هلي جهوڪ ميرانپور جي مشهور صوفي درويش، شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اتي هن 25 سال ڏاڍي خدمت ڪئي. راتين جون راتيون بندگي ڪندو هو. مرشد، روحل فقير جي عقيدت ڏسي مٿس عنايت ڪئي ۽ کيس فرمان ڪيو ته، “تون هاڻ ڀل وڃ، جتي به توکي پنهنجو پاڻ روڪ ٿئي، اتي تنهنجو ٺڪاڻو آهي.” فقير، مرشد جي حڪم موجب اتان روانو ٿي ويو ۽ هلندو هليو. آخر هڪ هنڌ سندس پهراڻ جو پلاند، ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو ۽ فقير لڏو لاهي اتي ويهي رهيو. آخر انهيءَ هنڌ ڳوٺ ٻڌجي ويو، جيڪو ڪنڊڙيءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. هي شهر روهڙي تعلقي ۾ آهي. ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. خيرپور جي واليءَ مير سهراب خان جي به ساڻس عقيدت ٿي وئي. جنهن ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان کيس زمينون نذراني طور ڏنيون، جيڪي ڪافي وقت سندس عزيزن جي قبضي ۾ رهيون.
    روحل فقير پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل، عربيءَ، فارسيءَ ۽ هنديءَ جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. جوڌپور ۽ جيسلمير ۾، پنڊتن سان روح رهاڻيون به ڪيائين، جتي سندس ڪلام اڄ سوڌو ڏاڍي چاهه سان ڳايو ويندو آهي. هنديءَ ۾ ته سندس ڪافي منظوم تصنيفون آهن جن مان (1) من پوٻوڌ (2) پريم گيان ۽ (3) انڀؤ ڪافي مشهور آهن ۽ تصوف جي وضاحت ڪن ٿيون. هو هڪ سچو صوفي درويش هو. سنڌيءَ ۽ سرائيڪيءَ ۾ به سندس ڪافي ڪلام آهي؛ جيڪو بيتن، ڪافين ۽ سِھَ حرفين تي مشتمل آهي.
    جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نه بک،
    وحدت منجهه وصال جي، سدا ماڻين سک،
    ڏور تنين کان ڏک، جي روحل رتا روح ۾.
     
    شاهه عنايت صوفي شهيد:
    صوفي شاهه عنايت، شاهه لطيف جو همعصر هو. سنڌ جو هي ناميارو صوفي، انسان دوست، انقلابي درويش، تعلقي ميرپور بٺوري جي نصريه ڳوٺ ۾ 1656ع ۾ ڄائو. شاهه عنايت جو وڏو ڏاڏو ملا صدو لانگاهه هو، جيڪو هڪ توڪلي درويش هو.
    شاهه عنايت جوانيءَ جي دور ۾ حق ۽ علم جي طلب ۾ پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ويو. سير سفر ڪندو حيدرآباد دکن (ڀارت) ۾ هڪ درويش شاهه عبدالمالڪ سان مليو. ظاهري علم شاهه غلام محمد کان حاصل ڪيائين. اُهو شاهه عنايت سان گڏ شاهه جھان آباد/ دهلي کان سنڌ موٽيو. شاهه غلام محمد جي عقيدت ۽ شاهه عنايت ڏانهن خلق جي رجوعات ٺٽي جا ظاهر پرست برداشت ڪري نه سگهيا ۽ نه ئي مقامي مُلا موراڻا، وڏيرا، گادي نشين ۽ حاڪم سهي سگهيا.
    همه اوست جي نعري سبب عالم به برخلاف ٿي پيا هئا. صوفين کان ڍل طلب ٿي، هنن چيو ته زمين بادشاهه جي طرفان مليل آهي، تنهنڪري ڍل نه ڏبي. اڳوڻي گورنر مير لطف عليءَ کان پوءِ نواب اعظم خان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ڍل کان صوفين پوءِ به جواب ڏنو. هوڏانهن حاڪم جي ڇاڙتن اهو مشهور ڪيو ته شاهه عنايت ۽ صوفي فقير پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ گهرن ٿا. هڪ سازش سٽي ويئي ۽ اُن ۾ ٺٽي جي نواب، مقامي ماڻهن مان ڪريمي درگاهه جو سجاده نشين سيد عبدالواسع، وڏيرو نور محمد پليجو ۽ حمل جت شامل ٿيا. سازش گهري سٽيل هئي. اُنڪري شاهي درٻار مان “باغين” جو بنياد پٽڻ جو حڪم اچي ويو. سازشين جو مڪومتو ۽ شاهه عنايت ۽ سندس مريدن جانثارن تي خوني حملو شروع ٿيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد سان مقامي ڇاڙتن صوفين تي لشڪر چاڙهي موڪليو. هن حملي ۾ شاهه عنايت جا ڪافي مريد شهيد ٿيا. شاهه عنايت جي مريد مير جان الله شاهه رضويءَ مقابلي جي اجازت گهري، پر صوفي شاهه عنايت کيس اجازت نه ڏني. گهيرو اٽڪل ڇهه مهينا هليو. ٺاهه جون ڪوششون ٿيون، شاهه عنايت کي قرآن وچ ۾ وجھي، گورنر نواب اعظم خان جي درٻار ۾ گهرايو ويو. اها به هڪ سازش هئي. ڳالهين مان جڏهن کڙتيل نه نڪتو ته گورنر نواب اعظم خان، شاهه عنايت کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. نواب ۽ شاهه عنايت جي وچ ۾ ٿيل گفتگو ۾ شاهه عنايت هر سوال جو جواب فارسي شعر ۾ ڏنو آهي. جڏهن هي ارڏو ۽ اڏول انسان پنهنجي اصول تان نه هٽيو ته جلاد کي اشارو ڪيو ويو.
    شاهه عنايت شعر پڙهيو:
    رها نيدي مرا از شر هستي،
    جزاک الله في الدارين خيرا.
    سر ڌڙ کان ڌار ٿيو. شاهه عنايت جي جانَ جان آفرين جي حوالي ٿي ويئي. صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو واقعو 1130هه/1718ع ۾ ٿيو. اُن وقت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عمر 28 سال هئي. چيو وڃي ٿو ته شاهه صاحب شاهه عنايت شهيد جي شهادت جو ٻڌي هيٺيان شعر چيا:

    اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين جوڙ،
    ساري سنياسين کي، کامي ٿيس کوڙ،
    من جنهين سان موڙ، سي لاهوتي لڏي ويا.
    جهڄان پسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جو،
    جن ٿي پهي پياريا، منجهان مٽن موڪ،
    لڏي وچان لوڪ، اٺي ويا اڪري.

    گهڙي گهڙو هٿ ڪري، پهون پهاري ٻنگ،
    سر در قدم يار شد چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ،
    رات جنجو رنگ، الا سي اڪارئين.

    مير جان الله شاهه رضوي:
    سيد مير جان الله شاهه رضوي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. مير علي شير قانع “تحفة الڪرام” ۾ لکي ٿو ته: “ مير جان الله شاهه رضوي مير حيدر شاهه جي اولاد مان هو.... تمام لائق ۽ حق جي واٽ جو طالب هو. شاهه عنايت الله صوفيءَ جي خدمت مان ارشاد جو رستو پرائي خاندان جو خليفو ٿي. معرفت جو جهنڊو کڻي پنهنجي اصلي شهر ڏانهن موٽي آيو. مير تخلص استعمال ڪندو هو. مير شعرن سان ڀريل هڪ ديوان جو مالڪ هو. پنهنجي طلب ۽ مرشد تائين پهچڻ ۾ سندس ڊڪ ڊوڙ متعلق هڪ مثنوي حقيقت سان ڀريل هڪ يادگار ڇڏي ويو آهي.”
    مير جان الله شاهه رضوي بابت پروفيسر لطف الله بدوي “تذڪره لطفي” ۾ ڄاڻايو آهي ته “مير جان الله شاهه پنهنجي دؤر جو وڏي ۾ وڏو عارف، شاهه عنايت الله صوفي جي شهادت وقت ميرانپور ۾ موجود هو. هن پنهنجي سچي مرشد جي بچاءَ خاطر ڪلهوڙن جي فوج سان وڙهڻ چاهيو مگر شاهه عنايت کيس هٿيار کڻڻ کان منع فرمائي. هن هولناڪ واقعي کان پوءِ مير صاحب روهڙيءَ اچي رهيو هو، جتي سندس فيض کان هر خاص و عام مستفيض ٿيو.” مير جان الله شاهه 6 ربيع الاول 1167هه/1754ع ۾ وفات ڪئي. مير جان الله شاهه جي شاعريءَ جو مجموعو “ديوان مير” فارسي ۾ آهي. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جي اپٽار ڪيل آهي.

    مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي:
    مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، شاهه عبداللطيف جو همعصر هو. هو تفسير، حديث ۽ فقهه جو عالم ۽ نقشبندي طريقي جو صوفي هو. سندس مائٽ مڱريي قبيلي جا وڏا زميندار هئا. مخدوم صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي پاڻ کي عبد، عبدالرحيم، مڱريو ته ڪٿي وري گرهوڙي سڏيو آهي.
    ڄاڻ وڃايو ٽاڻ، ڪيترن راهه گم ڪيو،
    ان در مٿي، “مڱريا” پاڻ مَ کڻج ساڻ،
    روڄاڻي راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو.
    مخدوم صاحب کي گرهوڙي انڪري ٿا سڏين، جو گرهوڙ جو رهاڪو هو. گرهوڙ تعلقي ساماري (اڪڙي) ۾ پٿوري جي اسٽيشن کان ڇهه ميل پري آهي، جتي هينئر سندس عاليشان قبو آهي. چيو وڃي ٿو ته مخدوم گرهوڙي پنهنجي همعصر عالمن کي ليکي ۾ ئي ڪين آڻيندو هو ۽ وقت جي پيرن، فقيرن ۽ ساداتن جي پرواهه نه ڪندو هو. لنواريءَ وارن بزرگن تي ٺٺوليون ڪندو هو.
    هڪڙي ڀيري ڪو درويش مخدوم گرهوڙيءَ سان مليو. جڏهن مخدوم صاحب کي معلوم ٿيو ته اهو درويش پنهنجي مرشد سلطان الاولياءَ محمد زمان لنواريءَ واري ڏانهن ٿو وڃي، تڏهن ٺٺولي ڪندي چيائين ته، “يار تون پنهنجي مُرشد کي منهنجي پاران سلام چئجان ۽ پڇجانس ته ‘معراج’ خاص طرح حضرت نبي ڪريمؐ جن لاءِ هو، يا ٻين لاءِ به آهي؟” درويش جڏهن لنواريءَ واري بزرگ جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن صحبت جي فيض ۽ محويت ۾ گرهوڙيءَ وارو پيغام وسري ويس. جڏهن اهو درويش موڪلائي پنهنجي وطن ڏانهن موٽيو، تڏهن لنواريءَ واري صاحب فرمايس ته “ابا، توکي هيڏانهن اچڻ وقت اسان ڏانهن ڪو نياپو مليو هو، سو ته تو اسان کي پهچايو ئي ڪونهي.” هاڻي انهيءَ نياپي ڏيندڙ گرهوڙيءَ کي چئجان ته بغداد جي خليفي لاءِ هڪ پل اڏائي وئي هئي، جيڪا اڄ ڏينهن سوڌو قائم آهي، جيئن ته اها خاص ان لاءِ جوڙائي وئي هئي، جڏهن به جيڪو چاهي، سو اڄ تائين ان مٿان لنگهي سگهي ٿو. ساڳيءَ ريت حضرت نبي ڪريمؐ جن پڻ معراج جي وسيلي هن جھان کان هُن جھان تائين هڪڙي پل ٺهرائي. اها پل ڊهڻ جي ئي ڪانه هئي، البته ان تان لنگهڻ جو حق ۽ شان حضرت پيغمبرؐ جن کي هو. پر سلطان پٺيان سندس لشڪر به لنگهي سگهي ٿو ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ته پاڻ سلطان جو فخر آهي.” اهو نياپو جڏهن مخدوم صاحب کي پهتو تڏهن اکين جا اولا لهي ويس ۽ گرهوڙ کان ڪهي لنواريءَ ۾ آيو ۽ محمد زمان لنواريءَ جو اچي مريد ٿيو ۽ پوءِ وڏي روحاني منزل تي وڃي پهتو. پوءِ سدائين چوندو هو ته، “مون کي فخر هوندو هو ته مون جھڙو عالم ملڪن ۾ ڪونه لڀندو، پر جڏهن حضرت جن جي روبرو ٿيس، تڏهن سڀ ڪجھ وسري ويو. سندن اڳيان پاڻ کي اهڙو هيچ سمجھندو هوس، جھڙو جاهل ڪنهن فاضل اڳيان.” گرهوڙي صاحب جي مزار گرهوڙ ۾ آهي. جتي سندس قبو، مير احمد خان شاهواڻيءَ ٺهرايو هو.
     
    مدن ڀڳت:
    مدن ڀڳت، شاهه لطيف جو محبتي ۽ دوست هو. سندس تعلق ڪوٽڙي مغل سان هو ۽ سندس گهڻو وقت لطيف سائينءَ سان گڏ گذرندو هو. مدن ڀڳت ويدانت جو وڏو ودوان هو ۽ سندس خاص خوبي اها هوندي هئي ته هو وڏو حاضر جواب هوندو هو. هن کي احترام ۽ عزت مان “مدن” جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. مدن، هڪ سٺو شاعر به هو ۽ ڪيترائي دفعا شاهه لطيف جي پڇيل سوالن جا جواب شعرن ۾ ڏيندو هو. سندس شاعريءَ ۾، دنيا جي فاني هجڻ ۽ آخرت بابت خيال شامل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ تصوف ۽ ويدانت جو به رنگ نظر اچي ٿو.
     
    ميون شاهه عنايت رضوي:
    ميون شاهه عنات الله رضوي ڪلهوڙن جي دور (1718ع-1782ع) ۾ سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اصل بکر يا روهڙيءَ جا ويٺل هئا. سندس وڏو ڏاڏو بکر مان لڏي، نصرپور ۾ آيو. شاهه عنات جي ولادت نصرپور ۾ سن 35-1030 هه / 26-1621ع جي وچ واري عرصي ۾ ٿي. وقت جي دستور موجب فارسي تعليم مدرسي مان حاصل ڪيائين. سندس روحاني استاد، “خير الدين شاهه ” سکر وارو هو، جيڪو سندس والد جو پڻ مرشد هو. شاهه عنات کي پيري مريدي ورثي ۾ ملي.
    شاهه عنات سنڌي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر هو. هي سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن جو مڪمل رسالو ملي ٿو. سندس ڪلام جو مڪمل متن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. سندس رسالي ۾ بيتن سان گڏ وايون پڻ شامل آهن. سندس شاعريءَ ۾ پرهيزگاري، موت، قبر ۽ نيڪ ڪمن جي تلقين ڪيل آهي. ان کان سواءِ تصوف، حسن ۽ عشق، هجر ۽ وصال جا مضمون پڻ سندس شاعريءَ ۾ شامل آهن.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن اڃا جوانيءَ ۾ پير پاتو هو ته “ميون شاهه عنات” پير مرد ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ هو شاهه صاحب کان عمر ۾ گهڻو وڏو هو، پر ٻنهي جي وچ ۾ محبت جو رشتو هو ۽ شاهه صاحب ساڻس ملڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا نصرپور پڻ ويو. شاهه صاحب تي شاهه عنات جي ڪلام جو وڏو اثر ٿيو، جيڪو شاهه صاحب جي شاعريءَ مان واضح انداز ۾ پرکي سگهجي ٿو:
    چنڊ تنهنجي بات، مون کي آهي من ۾،
    الله لڳ، عنات چئي، تون اڇو ۾ رات،
    تن جنهن جي تات، سي ڏسي تون ڏيکار مون.
    (شاهه عنايت - سر کنڀات)
    شاهه لطيف چوي ٿو:
    چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين،
    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.
    (شاهه لطيف – سر کنڀات)

    ميون عيسيٰ:
    ميون عيسيٰ، شاهه لطيف جو وڏو همعصر هو ۽ يارهين صدي هجريءَ جي آخر ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ ٿي گذريو آهي. اتر کان درياءَ رستي مرشد سان گڏ هيٺ لاڙ ڏانهن ٿي آيو. جڏهن ٻيڙي کاڻوٽ وٽ بيٺي، ته مرشد چيس ته تنهنجي رهائش اتي آهي. ان کان پوءِ اتي رهي پيو، پوءِ سندس مريد، جيڪي ذات جا کوکر هئا، کيس لڏائي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويا، جيڪو ملا ڪاتيار ۽ سيد پور ٽڪر واريءَ جي وچ تي آهي. ان کان سواءِ ڪلهوڙا به سندس مريد هئا. طريقت جي لحاظ کان قادري طريقي سان لاڳاپيل هو. سندس شاعريءَ کي ممتاز مرزا “ميين عيسى جا سنڌي بيت” جي نالي سان مرتب ڪيو. سندس ڪلام ۾ تصوف ۽ معرفت جو ذڪر ٿيل آهي. ان کان سواءِ هجر ۽ وصال جو ذڪر به دلگداز انداز ۾ بيان ٿيل آهي. جنهن مان هيءُ نموني طور پيش ڪجي ٿو:

    سڪ ساهيڙي جن جي، سي اڪثر اسهيون،
    ڪونجون قطارون ڪري، راتين روهه رميون،
    ان پر اڏاڻيون، جيئن ڪل نه پيئي پکڻين.

    تمر فقير:
    تمر فقير، شاهه لطيف جو همعصر ۽ شاهه جي خاص پيارن فقيرن مان هو. پاڻ راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. سندس اصل نالو حاجي علي هو، پر شاهه صاحب کيس تمر جو نالو ڏنو.
    هڪ سٺي راڳيءَ کان سواءِ، تمر فقير هڪ سٺو شاعر پڻ هو. سندس ڪلام ۾ بيت ۽ ڪجهه وايون پڻ مليون آهن جن ۾ وڏو فراق ۽ وڇوڙو آهي، جن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو چوڻ آهي ته اِهو جدائيءَ وارو عرصو سوز ۽ فراق وارو دور هو. سندس وائيءَ ۽ بيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    وائي:
    مئي مَ مارجا! ٻاروچا! ڀنڀور ۾،
    ڏکي ڏونگر وٽ سان، چُڪي چاڙهيجا،
    سائينءَ ڪارڻ سپرين، محبن ميڙيجا.

    بيت:
    منهنجو من منجهايو، جتن جي جمال،
    وڌو سور سرير ۾، ڪيچين جي ڪمال،
    هوت نه ڀائي حال، مٽ نه موٽيا معذور جا.
    تاريخي روايت موجب تمر فقير جي پيدائش جو سال 1120هه/1708ع ۽ وفات 1181هه/68-1767ع آهي.

    بلهي شاهه
    پنجابي ٻولي جو عظيم شاعر بلهي شاهه ولد سخي شاهه محمد درويش ڳوٺ اچ گيلانيان لڳ بهاولپور ۾ سن 1680ع ۾ پيدا ٿيو. تاريخ جي ڪجهه ڪتابن مطابق بلهي شاهه جي جنم ڀومي وارو اهو پرڳڻو تنهن دور ۾ سنڌ جي حدن ۾ شامل هو. مائٽن سندس نالو عبدالله شاهه رکيو پر بعد ۾ سندس مرشد شاهه عنايت قصوريءَ سندس نالو بدلائي بلهي شاهه رکيو، جيڪو پوءِ سندس مستقل نالو ٿي ويو. بلهي شاهه کي ابتدا ۾ ان دور جي رواج موجب مذهبي تعليم ملي. هن اچ شريف مان نڪري قصور ۾ وڃي تعليم پرائي، جتي شاهه عنايت قصوريءَ جو نالو ۽ نيڪي ٻڌائين جيڪا دل ۾ گهر ڪري ويس، ان ڪري سندس ديدار لاءِ هُو لاهور ويو. ساڻس ملڻ بعد کانئس بيحد متاثر ٿيو. جيتوڻيڪ شاهه عنايت ذات جو آرائين هو ۽ سيد نه هو، ان باوجود به بلهي شاهه کيس پنهنجو مرشد بڻايو، جيڪا ڳالهه سندس مائٽن کي ڏکي لڳي. مائٽن کيس ڳوٺ واپس موٽڻ لاءِ زور ڀريو، پر هُو مرشد وٽ رهي پيو ۽ مائٽن جي ناراضگي قبوليائين.
    بلهي جي ڪلام ۾ 156 ڪافين کانسواءِ ، اٺواره، باران، ماه، دوهيڙي، سي حرفي ۽ ڳنڍان جو صنفون شامل آهن. بلهي شاهه ۽ شاهه عبداللطيف جو زمانو ساڳيو هو جنهن ڪري سندن ڪلام ۾ گهڻن هنڌن تي فڪر ۽ خيال جي هڪجهڙائي ملي ٿي. ٻئي وحدة الوجود ۽ تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هئا ۽ عشق حقيقي ۽ عشق مجازي پڻ سندن شاعريءَ جو موضوع هو. سندن ڪلام ۾ انسان دوستيءَ ۽ رواداري جو درس ملي ٿو. مثال طور لطيف سائين الله جي هڪڙائيءَ ۾ فنا ٿيندي، فرمائي ٿو ته:
    سوهيءَ، سو هُو، سو اجل، سو الله،
    سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.
    (ڪلياڻ)
    ساڳيءَ ريت بلهي شاهه فرمائي ٿو ته:
    کہوں بير پڑا، کہوں بيلی ہے
    کہوں مجنوں ہے، کہوں ليلی ہے
    کہوں آپ گرو، کہوں چيلا ہے
    (ڪٿي ويري ٿيو آهي ته ڪٿي سڄڻ بڻيو آهي. ڪٿي مجنون آهي ته ڪٿي ليلا آهي، ڪٿي پاڻ مرشد آهي ته ڪٿي وري پاڻ مريد آهي.)
    اهڙي طرح بلهي شاهه پڻ شاهه لطيف وانگر عظيم لوڪ داستانن جي ڪردارن سهڻي ميهار ۽ سسئي پنهون کي پنهنجو موضوع سخن بڻائي پنجابي ٻوليءَ ۾ هميشه لاءِ پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو. سندس شاعري پنجابي قوم جي دل جي ڌڙڪن آهي، هُو ساڻس بيحد محبت ڪن ٿا. بلهي شاهه 1785ع ۾ وفات ڪئي.

    رحمان بابا:
    رحمان بابا جو پورو نالو عبدالرحمان ولد عبدالستار هو. هُو 1042ع هه مطابق 1653ع ۾ پشاور جي ويجهو هڪ ڳوٺ “بهادر ڪلي” ۾ پيدا ٿيو. هن قرآن، فقهه ۽ تصوف جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي عالم ملا محمد يوسف زئي کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ڪوهاٽ وڃي جذب ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين ۽ جوانيءَ ۾ ئي الله ۽ ان جي رسول جي عشق ۾ دنيا ۽ دنيا جي لذتن کي ترڪ ڪري گوشه نشيءَ ۽ فقيريءَ جي زندگي اختيار ڪيائين ۽ شاعري ڪرڻ لڳو. کيس پشتو ٻوليءَ جي وڏن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هُو صوفي مسلڪ جي چشتي طريقي جو بزرگ هو، جنهن ڪري موسيقيءَ سان خاص دلچسپي رکندو هو. سندس ڪلام ۾ تصوف کانسواءِ اخلاقيات، خدمت خلق، عشق حقيقي ۽ مجازي عشق جا موضوع پڻ ملن ٿا. شاهه عبداللطيف ۽ رحمان بابا جي شاعريءَ ۾ هڪجهڙائيءَ جا هتي ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
    خدمت خلق بابت شاهه لطيف چوي ٿو:
    خدمت ڪر خلق سين، پاندڳچيءَ ۾ پائي،
    هوءِ جي جهونا پسجن جهوپڙا،
    اديون عبداللطيف چئي، اتاهين ڪي آهي،
    هوءِ جي جهونا پسجن جهوپڙا

    رحمان بابا چوي ٿو:
    هفه زره چه عرش الله دي ڪرام کرم دي
    خود تران دي دجمله زرو نوخدمت کره،
    (جيترو ٿي سگهي ته الله سائين جي مخلوق جي خدمت ڪريو، ڪنهن جي دل نه ڏکايو، ڇاڪاڻ ته دل ئي خدا جو عرش آهي).
    شاهه سائين عشق جي هڪ ڦڙي جي سڪ کي به شهادت جو درجو ڏئي ٿو:
    ملهه مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت،
    اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.
    رحمان بابا چوي ٿو ته:.
    که اعلى مرتبه عزاري عاشقي ده،
    نور همه واره، ادنى دي ادنى مه شي،
    (جيڪڏهن توکي اعلى رتبي جي گهرج آهي ته اهو عاشقيءَ جو رتبو آهي، باقي سڀ هيٺيان رتبا آهن ۽ تون ڪو به هيٺانهون رتبو قبول نه ڪر)
    ٻين صوفي شاعرن ۽ اڪابرن وانگر رحمان بابا جي جذب ۽ مستيءَ جي زندگي ۽ صوفياڻي ڪلام تي سندس دور جي تنگ نظر ملن مولوين کيس پڻ ڪفر جي فتوائن سان نوازيو ۽ سندس ويجهن مائٽن پڻ کيس طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون. سندس زندگي زهر ڪري ڇڏي، جنهن ڪري هُو پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان لڏي هزار خواني ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، جتي 1118 هه ۾ وفات ڪيائين.

    ڄام درڪ
    بلوچي ٻوليءَ جو عظيم شاعر ڄام درڪ 1714ع ۾ قلات (بلوچستان) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو سردار ڪرم خان هو، جيڪو پنهنجي قبيلي “ڊومڪي” جو سردار هو. سرداري روايتن مطابق ڄام درڪ گهوڙي سواري، تلوار بازي، شڪار ۽ ٻيون رانديون به خوب ڄاڻندو هو، پر ان سان گڏ هُو هڪ شاعر پڻ هو. پاڻ اڳتي هلي جيتوڻيڪ خان قلات مير نصير خان جو درٻاري بڻيو، پر هن ڪڏهن به درٻاري شاعري نه ڪئي. هڪ عام روايت آهي ته ڄام درڪ جو هڪ عورت سان عشق ٿيو، جيڪا مير نصير خان جي خاندان سان تعلق رکندڙ هئي. مير نصير کي خبر پوڻ تي ڄام کي مختلف اذيتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. آخرڪار 1784ع ۾ کيس ان ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو. ڄام درڪ پنهنجي شاعريءَ ۾ فطرت جي منظرن کي انساني ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن ڪري بلوچي عوام ۾ هو تمام گهڻو مقبول آهي. ڄام درڪ ۽ لطيف سائين جو زمانو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي ۽ ممڪن آهي ته سندن ملاقات به ٿي هجي، ڇاڪاڻ ته شاهه سائين بلوچستان پڻ ويو هو. شاهه لطيف رح سُر سارنگ ۾ برسات جي منظرن کي هن ريت چٽيو آهي:
    بر وٺا تر وٺا، وٺيون ترايون
    پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون
    مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون
    ساري ڏُهن سامهيون، ٻولايون رانيون
    ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سُنهن پنهنجي.
    ڄام درڪ به سارنگ جو ذڪر ڪيو آهي، هو فرمائي ٿو ته:
    دوشي گرو خان، په حشر
    نوزو جڙان بسته متر
    گوڙتهه خراسان ءَ نغور
    شالڪوٽ و مستونگ ءِ گدر
    مينته امل ءِ سيم بر
    آن نازنين اين لب شکر
    (گذريل رات کنوڻين ۽ گوڙين وڏو ويل ڪيو، گهاٽن ڪڪرن مان تيز مينهن وسڻ لڳو، ڪڪر خراسان، شالڪوٽ ۽ مستونگ تي وسيا، جن لچڪدار بدن ۽ مٺڙن چپڙن واريءَ محبوبا کي پسائي ڇڏيو)
    سنڌ ۾ گهڻو ڪري مينهن اُتر کان ايندو آهي، جيڪو صفا ٻوڙ ٽوڙ لائي ڏيندو آهي. شاهه صاحب به ان جي تصديق ڪئي آهي، هو فرمائي ٿو ته :
    اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس،
    وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس،
    پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا.
    بلوچستان ۾ به گهڻو ڪري اتر کان مينهن ايندو آهي، جنهن بابت ڄام درڪ جا ويچار هن ريت آهن.
    زور کپتگان بدر وشمال
    مهنا وشار ءِ کهينتغال
    ملگور و زلف ءِ مينتغان
    جان ءِ گلابي پيرهن
    زربفت سمينان جان وتن
    شهيمت کهلي شعلوان
    من ليل و تاريکين شفان
    (اتر جي ڪڪرن پورو زور ڏيکاريو آهي، انهن هن ( محبوبه ) جي مٿي جو رئو کسڪائي ڇڏيو آهي. ڪاڪل زلفن کي پسائي ڇڏيو اٿن. هن جي زريءَ سان ڀريل وڳي ۽ تن بدن کي بارش پسائي ڇڏيو آهي. ڪارين ۽ اونداهين راتين ۾ هن جي جسم مان آڳ جا اُلا پيا نڪرن.)

    مددي ڪتاب
    ڪمال ڄامڙو، طارق عزيز شيخ: “شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر”، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. سال 1998ع
    شاهواڻي، غلام محمد: “شاهه جو رسالو”، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ. سال 2005ع
    فارغ بخاري، رضا همداڻي: “رحمان بابا” (اردو)، لوڪ ورثه، اسلام آباد. سال 1987ع
    ممتاز مرزا، “ميين عيسى جا سنڌي بيت”، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز. سال 1993ع
    پروفيسر محمد علي مانجهي، “صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر”، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ. سال 2010ع


    شاهه جي شاعري ۽ فلاسافي : وينا شرنگي

    پراڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين
    هئا اڳهم گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
    شاهه لطيف

    انسان پنهنجي او ائلي جيوت ڪهڙيءَ ريت جهنگن ۽ جبلن ۾ گذاري هوندي، پيٽ پالڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪشالا ڪڍيا هوندا، سندس جذبا ۽ اُمنگ اُن وقت ڪهڙا هوندا، سندس اندر جي سوچ ۽ لوچ ٻاهرين دنيا لاءِ نهار ڇا هوندي؟ ان جو موضوع سان واسطو نه آهي، اسين سڀ ڄاڻون ٿا انسان جي سوچ، سندس ٻاهرين دنيا جون سڀ تبديليون، سندس مسئلن ۽ مامرن جي شروعات اُتان ٿي آهي، جتان هن حياتيءَ جي سفر جو پهريون ڏينهن شروع ڪيو هو. سندس ڏک پيڙا جي پئدائش به ساڻس گڏوگڏ شروع ٿي. ان جو احساس بيشڪ اڳتي هلي ٿيو هجي. هونئن اُتان ئي سندس سماجي زندگيءَ جو مرحلو شروع ٿيو هوندو. جڏهن زندگيءَ جي ڀوڳنائن کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا هوندا. ڪيترن جُڳن کان پيغمبر اولياءَ ۽ فيلسوف ايندا رهيا آهن تن جي تعليم جو بنيادي مقصد اهو ئي رهيو آهي ته انسان جي ڏک ۽ پيڙا کي گهٽائجي. سندس من کي شانتي پهچائجي قاعدن قانونن منجهان جڙيل مَتَ، ۽ مذهب، انسان جي انهيءَ سوچ جي بنياد تي اُسريا ۽ نسريا آهن ۽ ڏاهن ان سچ کي پکيڙڻ جو ڪمُ ڪيو. مذهب کانپوءِ تصوف يا ويدانت بابت نيڪ انسانن ته دراصل مذهب کي ماڻڻ لاءِ سادو ۽ سولو بڻائڻ ۽ ان کي پرماريت وارن اثرن کان آجو ڪرڻ جو ڪمُ ڪيو. اسان جي صوفي بزرگن پيار ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي.
    صوفي شاعرن جي شاعري، فڪر ۽ فلاسافي تي نظر ڪنداسين، جنهن ۾ انسانيت، امن حق ۽ سچ جي صدا بلند ڪيل آهي. جا هر دور سان لاڳاپيل نظر ايندي. پوءِ چاهي ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف هجي، سچل سر مست ۽ يا وري ٻيا صوفي شاعر هجن، پيغام ساڳيو نظر ايندو. شاهه جي شاعريءَ ۾ اسان جي سماج جو عڪس ملندو، هر دور ۾ نئين ۽ دل کي ڇهندڙ، جنهن ۾ وقت ۽ حالتن سان مُڙس ماڻهو ٿي مُنهن ڏيڻ، ۽ وک وک تي رهنمائي ڪندڙ، عام انسانن جي ڏکن سورن، غمن خوشين، عشق محبت جي جذبن، عقيدن ۽ ڌڻي جي عبادت جا انيڪ رنگ پسڻ وٽان ملندا. ڪهڙي ڳالهه آهي جو انساني جذبن، خوابن جي ترجماني ڪندڙ اِهي احساس عام هوندي به خاص ۽ علحده نظر اچن ٿا اهو ئي ته لطيف سائين جي عظيم سوچ فلاسفافيءَ جو ڪمال آهي. شاه لطيف جي شاعري ۾ انهن ئي احساسن ۽ جذبن جو ذڪر ملندو. ڪائنات طرفان خلقيل حسين منظر- وڻ ٽڻ، گل ڦل، نديون نارا، ڍنڍون ڍورا ٽڪريون، پهاڙ، پکي پسون، يا ماڻهو، مرون، زرعي پيداوار هجي يا معدني، عام ۽ خاص پورهيت يا حڪمران ڌارين جون يلغارون، وطن واسين جي ريتن رسمن، پهراءُ تهذيب ۽ تمدن کي پيش ڪرڻ لاءِ بيتن ۾ پنهنجي ماروئڙن طرفان ڳالهيندڙ ٻوليءَ جو ته ئي سهارو ورتو آهي. تخليقي شعور ذريعي لفظن کي اهڙو ته لباس اوڙاهيو جو عام انسانن اڳيان اهي شيون هوندي به، اُهي انهن کي پسڻ جي باوجود پرکي ۽ ايترو ماڻي نه سگهيا.
    سمنڊ ۾ جڏهن برسات جون بوندون ٽپ ٽپ ڪري پون ٿيون تڏهن انهن بي شمار بوندن مان وري ڪن ٿورين بوندن کي سپ جي صدقي انمول موتي جو درجو نصيب ٿئي ٿو. ان طرح لطيف سائين جي بيتن جي ٻوليءَ جا لفظ عام رواجي نه پر اعلى ربتو ماڻين ٿا، عام ۽ خاص ماڻهن جي لبن تي رقص ڪن ٿا. انهن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه صرف لطيف جي فلاسافي ۽ تخليقي ٻوليءَ جي جلووي ۽ جمال جو ديدار ٿيندو. جيئن سنگتراش رواجي پٿر کي پنهنجي فني قابليت ذريعي ڇيڻي ۽ هٿوڙيءَ سان تراشي شاهڪار روپ بخشي ٿو، جيڪي صدين بعد به ڪاريگريءَ جو نادر نمونو ڳاٽ اونچو ڪيو نظر اچن ٿا. اجنتا الورا هجي يا کجرائو جون مورتيون يا ڪونارڪ جي سوريه مندر جون مورتيون. صدين کان ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺيون آهن. ساڳيءَ طرح شاهه جا بيت پنهنجي شاندار تخليقي ٻوليءَ ڪري ٽن سئو سالن جي عرصي بعد به مقناطيس وانگر پاڻ طرف ڇڪين ٿا. اڄ جي دور ۾ به ڄڻُ اسان جي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا. لطيف سائين پنهنجي بيتن لاءِ پاڻ فرمائين ٿا:
    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن (شاهه)
    شاهه جو اهو اظهار خود ثنائي نه بلڪ سچ جو پڙاڏو آهي. اڄ به هندو چاهي مُسلمانن وٽ شاهه جي رسالي کي ڌارمڪ گرنٿن سان گڏ رکڻ جو شرف به رهيو آهي. جنهن وقت عربي فارسي جو اثر ۽ دٻدٻو هو، تنهن وقت شاهه انهن ٻولين جي لفظن کي پنهنجي تخليقي عمل ۾ ڌوڪي ڪاهُڻ کان پري ڪري بيهاريو. انهن ٻولين جاڪي لفظ گهڙي پيا پر شاهه اُنهن مٿان پنهنجي مٽيءَ مان پيدا ٿيل ٻوليءَ کي ترجيح ڏيندي، اُن جو اهڙو استعمال ڪيو، جو ٽن صدين بعد به وقت جي لتاڙ ۽ ذَرَ ان کي نه ميرو ڪيو نه لٽيو. اهو ئي ڪمال آهي. جيستائين انسان ذات جو وجود آهي تيستائين ان عظيم شاعر جي تخليقي ٻوليءَ جو به جلوو ۽ جمال برقرار رهندو. سندس شاعري، دل کي ڇهندڙ، ۽ رنگن جي انڊلٺ عام ۽ خاص جو من موهيندي رهندي.
    ڏات ڌڻي ڄيٺمل پرسرام شاهه لاءِ فرمايو آهي ته- شاهه سنڌي ٻوليءَ جو ڇٽُ آهي.
    شاهه جي اظهاريل ٻوليءَ ۾ سڀئي خوبيون نظر اينديون- (1) سلاست- (روزمرهه استعمال ٿيندڙ لفظ) (2) فصاحت- (زبان سولائي سان جهٽي) (3) بلاغت-(علحدا مضمون، جي ساڳيا به هجن ته ان جو انداز انفرادي هجي.) (4) جدت- (وقت ۽ حال سان ٺهڪي)
    شاهه سائينءَ سنهي سئي کان وٺي ڪک کي به مان بخشيو آهي. چاهي سنڌ جا هنر هجن، تاريخي ڪردار، ٿر بر هجي يا سنڌي جي جاگرافي. انهن جو ذڪر ڪري ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو. سندس چيل بيتن جون سٽون مُحاورا به بڻجي ويا آهن. شعوري ۽ لاشعوري طور هرڪو پاڻ کي ان سان جڙيل محسوس ڪري ٿو. بيتن جي سٽن کي اُچاريندي ڪنهن کي به ڏکيائي نه ٿيندي، پوءِ ڳوٺاڻي گهريلو عورت هجي يا جستجو ڪندڙ انسان ياوري پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ. شاهه جو ڪلام جهڙو ٽي سؤ سال اڳ وقت مطابق هو تهڙو اڄ به وقت ۽ حال جي ڪسوٽيءَ تي ثابت قدم نظر ايندو. عشق هجي يا درد جي دانهه، خوشي هجي يا غم.
    ضروري نه آهي ته عام فاضل، تحقيق ڪندڙ يا پارکو هجي اُهو ئي شاهه جي فلاسافي، شاعري سمجهي ۽ ماڻي سگهندو. عام سنڌي ڳالهائيندڙ به ان کي پاڻ سان واڳيل ڪري سگهي ٿو. اهائي ته خوبي آهي. جيڪڏهن جدت جي ڳالهه ڪجي ته شاهه جا موضوع ته ڌرتي، انسان ذات، مُندن ۽ ڪائنات وغيرهه سان وابسته ڪيا. پر هر طبقي ۽ هر علائقي جي زبانن جي لفظن کي کڻي پنهنجي بيتن ۾ انهن جو سُهڻو استعمال ڪيو ۽ اهڙي ڍنگ سان پيش ڪيو جو اُهي ٻين کان الڳ ٿي پنهنجي انفرادي حيثيت قائم ڪري بيٺا آهن، پوءِ چاهي ٿر هجي يا برُ، وچولو يا وري سرو، لاڙ ۽ ڪاڇو سنڌ جي عوام کي ٻوليءَ ذريعي جوڙيو، جنهن ڪري هر ڪنهن سندس ٻولن کي اکين تي رکيو.
    ڀٽائي گهوٽ جي فلاسافي، فڪر ۽ تخليقي ٻوليءَ جي چڱيءَ طرح پروڙ تڏهن پوندي جڏهن اسين سندس تخليق ڪيل ڪن چونڊ بيتن تي نظر اڇلايون. ائين ته سڄو رسالو تخليقي ٻوليءَ جي پيالي سان پُر آهي. جنهن ۾ وحدت الوجود، حقيقي عشق جا منظر پسي سگهون ٿا. عام ڪردارن کي کڻي جن جو مختلف سُرن ۾ ذڪر ڪيو آهي، تن مان چند بيت پيش ڪرڻ چاهينديس جن مان لطيف سائين جي فن فڪر ۽ فلاسافيءَ جي بخوبي ڄاڻ پوندي- سُر سهڻي:
    ٻڏندڙ ٻُوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
    پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي ڪي ڪکن،
    توڻي ڪنڌيءَ ڪُن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
    (شاهه- سُر سهڻي)
    شاهه جي سورمي مارئيءَ جو ڪردار سادگي وفا ۽ حب الوطني جو مجسم آهي. پنهنجي لاثاني ٻوليءَ ۾ مٽي ماءَ جي گود ۾ سمائڻ واري خواهش جو ان ڪردار ذريعي شاهه شاندار چٽ چٽيو آهي.
    و اجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
    گور منهنجي سومرا! ڪِج پهنوارن پاس
    ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي، منجها ولڙين واس،
    مُيائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏئي.
    (شاهه)
    شاهه پنهنجي فن فڪر ۽ فلسفي سان ٻوليءَ کي به مالا مال ڪيو، شاهه جا ڪلام هجن يا وري لوڪ ڪهاڻيون هجن، عام ۽ خاص ۾ مقبول رهيا- هڪ هڪ سٽ ۾ مڪمل معنى نظر ايندي، ڪيترا پهاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ استعارا ڏنا. اڳي اسان جون وڏڙيون مائر ڀينر چاهي علم جي روشنيءَ کان محروم هيون پر شاهه جي شاعري نه صرف سندن سوچ جو راهون روشن ڪيون بلڪ زندگيءَ جي هيٺ مٿاهين کي بُردبار ٿي مُنهن ڏيڻ جي سگهه به حاصل ڪيائون. شاهه جا بيت سندن دل تي هميشه هميشه لاءِ اُڪر جي ويا. موقعي ۽ مهل سان ٺهڪندڙ بيت سندن لبن تي اچي ويندا هئا، شاهه جي شاعري ۽ مقبوليت جو راز ڏسجي ته عام جي زبان جي ترجماني ڪندڙ آهي. عورت کي سماج ۾ برابري جو درجو عطا ڪيو. پڙهيل چاهي اڻپڙهيل عورت پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ ان جو سهارو ورتو. شاهه کي پڙهڻ کان پهرين پنهنجي گهر ۾ امڙ جي واتان ڪيترا بيت ٻُڌا. يا وري دل جي ڳالهه اظهارڻ لاءِ سندن زبان تي ازخود سٽون اچي وينديون، يا وري ڪيترين عورتن جي واتان شاهه جي بيتن جون سٽون ٻُڌيون.
    الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏِسن،
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي،
    اچو ته سورن واريون ڪريون سور پچار،
    پنهنجي ماروئڙن ۽ اباڻن پکن سان محبت جو اظهار ڪندي.
    سنهيءَ سوئيءَ سبيو مون مارن سين ساههُ،
    پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.
    اي اي نه مارن ريت جي سيڻ مٽائين سون تي.
    ادي آئون اڻ ڄاڻ، جو سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
    ستر ڪر ستار آئون اُگهاڙي آهيان.
    ان طرح سندن جيون جو سڄو سار ڀٽ ڌڻيءَ جي هڪ سٽ ۾ پاتو. شاهه جي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو بيت چاهي پورو پڙهجي يا اُن جي هڪ سٽ- اُن مان مڪمل معنى اُجاگر ٿيندي-
    جيئن ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو،
    وڳرڪيو وطن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
    ڪيترن ڏات ڌڻين پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن جا عنوان شاهه جي ڪلامن مان ورتا آهن. انهن کان متاثر ٿي خود مقالو لکندڙ پنهنجي تخليقي پورهئي کي شاهه جي ڪلامن مان سٽون کڻي عنوانن کي سينگاريو آهي (1) پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (2) وايون وڻجارن جون (3) تون ڇپر تون ڇانوءَ (4) ڪيچان آيو قافلو وغيرهه شيخ اياز جي ڪتابن جي نالن تي نظر وجهنداسين (1) ڪپر ٿوڪنُ ڪري (2) رمندا بادل (3) وڄون وسڻ آيون. نارائڻ شيام- آڇيندي لڄ مران فتاح ملڪ به پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو عنوان- اسان آئونگ چاڙهيو- عنايت بلوچ ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين وغيرهه ۽ ٻين به ڪيترن جا ڪتاب نظر ايندا- ان طرح بي شمار مضمونن ۽ ڪالمن جا عنوان به ڏنا- اهي شاهه جي شاعري ۽ تخليقي ٻوليءَ کان ئي مُتاثر ٿي ڏنا آهن. سڄڻُ ۽ ساڻيهه پلئه پايو سچ، عاشق زهر پياڪ، وغيرهه
    شاهه لطيف جي فن فڪر شاعري ۽ فلاسافيءَ تي ڊاڪٽر گربخشاڻي جيڪو ڪمُ ڪيو آهي سو پڻ ساراهه جوڳو آهي، اُن بعد ڪيترن تحقيق ڪندڙن ان عالم جي تحقيقي ڪم کي سوُنهن بڻائي وک اڳتي وڌائي آهي ڊاڪٽر گربخشاڻي فرمائين ٿا شاهه سائين شريعت جو پابند هئڻ جي باوجود پنهنجي سوچ کي ڪن حدن ۾ قيد نه ڪيو. ڪنهن شخص شاهه کان سوال ڪيو- “شاهه سائين توهين سُني آهيو يا شعيا؟” ته وراڻي ڏنائون- “ابا ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.” اُن شخص چيو “ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين آهي-” شاهه جو اب ڏنو- “آئون آهيان به اهو ڪي ڪين.” شاهه جي هر سُر ۾ سُندرتا ۽ سونهن نظر ايندي پر سُر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي جنگ تي ٻڌل امامن جي شهادت واري سُر ۾ جيڪو چتر چٽيو آهي سو لڱن ۾ سيسراٽ وجهي ٿو ڇڏي. هيءُ سرُ منهنجي دل جي قريب آهي. بيت جون ڪي سٽون پيش ڪنديس:
    ڏاڙهيءَ رت رَتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ گُلَ جن
    يا: ڏاڙهيءَ رت رتياس، ڏند ته موتن ڳُتيا
    چوڏهي ماهه چنڊ جن، پڙَ پيشانياس
    الله نورُ السماوت، جلوو زميناس
    (داستان پنجون جي بيت 9 ۽ 10 ۾ شهادت جو ذڪر ڪندي فرمائين ٿا)
    جڏهن امام حسين کي تير وات ۾ لڳو ته سندس ڏند ڏاڙهونءَ جي گلن وانگر ڳاڙها ٿي پيا. امام حسين جي دستار جنگ جي ميدان ۾ چو ڏينهن جي چنڊ مثل پئي لڳو. اتي ئي اگر ٻيو ڪو شاعر هجي ها ته ان جي دردناڪ منظر چٽي ها پر رت سان ڀريل ڏندن کي ڏاڙهون جي ڪڻن سان ڀيٽڻ شاهه جي تخليقي ٻوليءَ جو ئي ڪمال آهي.
    شاهه جي شاعريءَ جي مڻيادار ٻوليءَ جي اها ئي خوبي آهي جو جيڪو لکي پڙهي نه ڄاڻندو هو سو به برزبان ڪلام پيو جهونگاريندو هو. ڪڏهن من ۾ اُمنگ ته ڪڏهن جوش ۽ غيرت پيدا ڪندڙ جذبا جهڙوڪ
    سوُره! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
    هُڻ ڀالا، وڙهُ ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار
    مٿاءَ تيغ ترار، مار ته متارو ٿيين
    يا
    سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهون
    يا
    ڪڪر منجهه ڪَپارَ، جهُڙَ نيڻي نه لهي
    شاهه عالم ۽ فاضل هو، قوم کي جاگرافي، تاريخ تمدن، ثقافت، سورمن، سورمين مذهبي رواداري جي تاريخ جو رڪارڊ پنهنجي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو. شاهه ٻوليءَ جو معمار به آهي ته محافظ به.

    ساٿ سلامت!


    شاهه لطيف جي ڪيل تاريخي ماڳن جي سير ۽ سفر جي روشني ۾ سندس ڪلام ۾ آيل لوڪ ڪهاڻين جو جائزو : ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

    ڪڏهن تان ٻاجهه پَئي، ساجن سُنجُ سلاُم،
    سڪ تنهنجي سپرين ڪيو، تن تمام،
    هٿين هاجَ وهُ ٿي نِيڻين ننڊ حرام،
    دوس نه سَهان دامُ، تون وندُر ٿو ويلا ڪَرين.

    تعارف
    دنيا جي هر عظيم شخصيت کي ان دؤر جي تاريخ جون معروضي قوتون جوڙينديون آهن. شاهه جو بابرڪت جنم 1689ع ۾ انهيءَ دؤر ۾ ٿيو جڏهن سنڌ تي دهليءَ جي گورنر جو حڪمران هو. هندستان جي مغل حڪمران اورنگزيب پنهنجي والد شاهجهان کي قيد ڪري وڏي ڀاءُ دارا شڪوه کي ماري 1658ع ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو. هو صوفين، ويدانتن، فنڪارن ۽ راڳيندڙن جو مخالف هو جيڪي ماڻهن ۾ سچ ۽ حق جي جوت جاڳائيندڙ هئا. شاهه جي ڄمڻ وقت، مغل سلطنت زوال پذير هئي. شاهه جي وقت ۾ سنڌ تي دهلي تخت طرفان نواب خانزاد خان گورنر هو. شاهه کان پهرين سنڌ تي سمن جي حڪمراني هئي ۽ 1520ع ۾ هڪ وڏي رتوڇاڻ کانپوءِ سنڌ ارغونن جي ظالماڻي تسلط هيٺ آئي. اهو دؤر ساندهه 200 ورهيه هليو. شاهه لطيف جي جنم کانپوءِ رڳو ڏهن ورهين ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي هڪ سپاهي سنڌ جي مٿئين حصي (اتر سنڌ) تي 1700ع ۾ سبيءَ کان سيوهڻ تائين، ملتان جي مغل گورنر کي شڪست ڏيئي پنهنجي حڪمراني شروع ڪئي، جنهن سنڌ ۾ آبپاشي سرشتو قائم ڪري سنڌ جي معيشت کي سگهارو ڪرڻ شروع ڪيو.
    سمن جي دؤر تائين سنڌ جو واپار وچ اوڀر ۽ آفريڪاکان يورپ تائين پکڙيل هئو، جيئن شاهه سُر سارنگ واري وڏي سرود ۾ بيان ڪيو آهي:
    موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،
    وڄون وسڻ آيون، چوڏس ۽ چوڌار.
    ڪي اٿي ويون استنبول ڏي، ڪن مڙيون مغرب پار،
    ڪي چمڪيون چين تي ڪي لهن سمرقند سار،
    ڪي رمي ويون روم تي ڪي ڪابل ڪي قنڌار،
    ڪي دهلي ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
    ڪنهين جَنبي جيسلمير، ڏنا بيڪانير بَڪار،
    ڪنهين ڀُڄُ ڀڄايو ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
    ڪن اچي عمر ڪوٽ تان وسايا ولهار،
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪري.*
    (سُر سارنگ، ص 200)
    سنڌ ۾ ارغونن کانپوءِ سنڌ مسلسل 200 سالن تائين ڌارين جي تسلط هيٺ رهي. سنڌ تي مغل دؤر جي گورنرن جي مقرريءَ سبب سنڌ ۽ هند جا لاڳاپا وڌيا ۽ هڪ ٻئي جي ڪلچر جو اثر پيو. هونئن به سنڌ جي رهواسين ۽ ننڍي کنڊ ۾ شاهه لطيف جي دؤر تائين شاعريءَ جي صنف اوچائي تائين پهچي چڪي هئي. سنسڪرت، اپڀرنش ۽ هندي جو ادب، پراڻن، ويدن، اپنشندن، مها ڀارت ۽ رامائڻ کانپوءِ ٿيندو، ڪرشن ڀڳتي ۽ رام ڀڳتيءَ کان اڳتي هلي “نرگن واد” تائين اچي پهتو هو. هندي ادب ۾ ٻڌمت جي “ناٿ پنٿي ” تحريڪ جو اثر پڻ سمائجي چڪو هو. ڪاليداس، تلسيداس، ميران ٻائي، هيم چندر، چندر بردائي، ملڪ محمد جائسي، عبدالرحيم خان خانان، ڪبير ڀڳت، دادو ديال ۽ ٻيا شاعر پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا.
    جنهن ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ڳاهن، گنانن ۽ ڏوهيڙن کان هلي بيت ۽ وائيءَ جو رواج اچي چڪو هو. خود شاهه لطيف جو خاندان بهترين ادبي روايتن جو مالڪ هو. شاهه ڪريم بُلڙيءَ وارو سندس ڏاڏو هو. مخدوم معين ٺٽوي، ميان صاحبڏنو فاروقي، خواجه محمد زمان لنواري، مدن ڀڳت جهڙو سنت سندس ساٿي هو.
    تاريخي نقطه نگاهه کان ننڍي کنڊ جو علم ادب ۽ ان جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. ويدن، مهاڀارت، رامائڻ وغيره هتان جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. سنسڪرت ۽ ان کانپوءِ پالي، اپڀرنش ۽ هندي ٻوليون سنڌي فڪر ۽ علم و ادب تي پنهنجو اثر ڇڏينديون رهيون آهن. ڊاڪٽر جميل جالبي مطابق برصغير ۾ خالص مقامي روايتون هندي هيئتن، وزنن، راڳن ۽ راڳڻين تي ٻڌل آهن، جنهن ۾ شاهه لطيف به شامل آهي.
    شاهه عبداللطيف جي رسالي کي پڙهندي اهو تاثر ضرور ملي ٿو ته هُو هن خطي جي تاريخ، جاگرافي، سماجي ۽ اقتصادي حالات کان واقف هو. هو انسانن سان محبت ڪندڙ هڪ اهڙو صوفي بزرگ هو، جنهن اڳيان خانداني متڀيد يا مذهبي ڪٽرپڻو ڪونه هو. هو هر هنر مند، هر ڪرِت ڪندڙ، هر محبت ڪندڙ جي انت تائين پهچي وجدان ۾ هليو ويندو هو. شاهه سائين اکين سان گهڻين جڳهين جو مشاهدو به ڪيو ۽ تصور به ڪيو. هو ان ۾ ايترو سمائجي ويندو هو جو هڪ لاثاني شاعريءَ کي جنم ڏيندو هو.
    هڪ روايت موجب شاهه محبت جي فراق ۾ بيخود ٿي هڪ دفعي ماٺ ميٺ ۾ مهيسي جوڳين ڏانهن هليو ويو.
    شاهه صاحب کي جبلن، ماٿرين ۽ کليل ميدانن ۾ گهمڻ جو گهڻو شوق هوندو هو، برسات جي موسم ۾ جڏهن وڻ ٽڻ ڌوپجي صاف ٿي ويندا هئا، تڏهن قدرت جو جمال ۽ جلال کيس ڪشش ڪري گهر مان ٻاهر ڪڍندا هئا، جو قدرت جي نرمل نظارن سندس قلب کي قوت ۽ روح کي راحت ٿي ڏني.
    شاهه صاحب سچو پچو سير ٽي ورهيه ساندهه جوڳين جي سنگ ۾ ڪيو ۽ هندن جا ڪيترا تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽيائين. پنهنجي ٽولي جي جوڳين ۽ فقيرن سان وڏين تيرٿن جي جاين تي وڃڻ ۽ کانئن جوڳ وديا پرائڻ معنى الله کان ميلاپ حاصل ڪرڻ وارو علم حاصل ڪرڻ جيڪو ٽن رستن سان ٿئي ٿو:
    ڌيان ۽ گيان
    خلق جي خدمت
    ڀڳتي يا محبت
    ڀٽ ڌڻيءَ جي انهيءَ مٿاهين مقام ۽ عظمت جو هڪ سبب سندن اهو اونهو مشاهدو آهي، جيڪو کين سير و سفر جي ذريعي حاصل ٿيو، جنهن ۾ پاڻ نه رڳو قديم دؤر جي بزرگن جي آستانن تي چلا ڪڍي روحاني سڪون حاصل ڪيائون، ۽ وقت جي بزرگن، عالمن ۽ فقيرن سان ملاقاتون ڪري قيمتي سبق پرايائون، بلڪ ملڪ جي مکيه جاگرافي، سندن تاريخي ماڳن، ثقافتي نشانين جو ڳوڙهو اڀياس ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيلن، تشبيهن، استعارن، ڪناين ۽ صنفن طور ڪم آڻي ماڻهن کي ڄاتل حقيقتن جي ذريعي حقيقي پيغام کان واقف ڪري ڇڏيائون.
    شاهه لطيف جيئن ته ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ سياست کان چڱي طرح واقف هو ۽ ناموافق حالات هن کي ڏُکائي ڇڏيندا هئا، پر سندس سفر دؤران ٿيل شاعريءَ ۾ شاهه جي ڏانءَ ۽ ڏات جي خبر پوي ٿي.
    لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي اوهريا،
    (ڪلياڻ، سامونڊي، بلوچ/ص 103)
    بند بارو، هَل نه هلي، باربين
    (بلوچ/120)
    مُنه مديني سامهون، جت محمد شاهه موچار،
    (سُر سريراڳ، بلوچ، 115)
    ڪي اوبين عربَ ۾، ڪي ڪابل منجهه ڪٽن.
    (سُر ڪاپائتي، بلوچ، 189)
    جيتوڻيڪ شاهه لطيف انهن ملڪن ڏانهن نه ويو هو، پر پنهنجي دماغ ۾ انهن جو تصور رکي شاعري ڪئي اٿس.
    تنوير عباسي ٽليارڊ جو ريفرنس ڏيئي لکي ٿو ته: “هر اهوفن جيڪو داستان گوئي ناهي، اهو اهڃاڻي آهي.” هن وٽ سورمن ۽ سورمين لاءِ تصور آهي. انهن تصورن کي سمجهائڻ لاءِ جيڪي آفاقي ۽ ازلي آهي، اهي ڄاڻ يا عرفان ڏين ٿا.
    سنڌ جوهي عظيم شاعر ننڍي کنڊ جي ڪيترين جاين تي پنهجي جوڳين ۽ فقيرن سان پيرين پنڌ هليو آهي. هو ڪشمير کان قنوج، مڪران کان سوراشٽر جيسلمير کان ٻاڙمير. ان سياحت ۾ يقيناً شاهه صاحب جو ڪو مقصد هوندو، اسين ان ڳالهه تي متفق آهيون ۽ يقين ڪريون ٿا ته شاهه صاحب جي سفر سان بر صغير جي نقشي تي ڪيترين جڳهين تي موجود هجڻ، جنهن مان عظيم سنڌ جو پتوپوي ٿو، اتي هن سر ڳايا آهي.
    پنهنجي شاعريءَ۾ هن پاڙيسري ملڪن ۽ ڏورانهن ملڪن جيئن استنبول ۽ سمرقند جو ذڪر ڪندي سُر سامونڊي ۾ جهازن جو سفر، انهن جي ٽيڪنڪ، سامونڊي بندرن جهڙوڪ: ملبار، سريلنڪا ۽ سامونڊي ٻيٽ جاواجو ذڪر ڪيو آهي.
    سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي ۾ سنڌ جي واپارين، وڻجارن ۽ بندرن ڀرسان رهندڙ هر طبقي جي ماڻهن جو ڪلچر، سماجي زندگي ۽ اقتصادي حالتن جو بيان ڪيو آهي، خاص ڪري ٺٽي ۽ ديبل بندر ۽ شاهه بندر جيڪو هڪ هاڪارو بندر هو جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي نالي پٺيان “شاهه بندر” سڏڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو.

    شاهه صاحب جو سفر
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سڀ کان پهرين ڀٽ شاهه کان حيدرآباد جنهن کي ان وقت ۾ نيرون ڪوٽ چوندا هئا، اُتي پهتو ۽ ان کان پوءِ گنجي ٽڪر آيو، اُتان جي رهندڙ جوڳين سان مليو، جن جي اَٺ ئي پهر هنگلاج ڏانهن نهار هئي. شاهه صاحب انهن جوڳين جي صحبت ۾ هنگلاج وڃڻ لاءِ تيار ٿيو.
    هلڻ جو هنگلاج ڏي آديسن اتوم،
    نيڻي پورب پال ڏي ويراڳين وڌام،
    هو جو تيرٿ تڪيو سامين سونهايوم.
    شاهه صاحب جي رسالي ۾ ڪينجهر ڍنڍ جو ذڪر قابل تعريف آهي. سمن جو گهراڻو، جنهن سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي، انهن جي هڪ حڪمران ڄام تماچي، نوريءَ نالي هڪ مُهاڻي، جيڪا سونهن ۽ سوڀيا ۾ مشهور هئي، تنهن سان هن شادي ڪئي، انهيءَ عاشقاڻي قصي بابت شاه سائين سُر ڪاموڏ ۽ سُر ڪارايل ۾ ڪيترائي بيت چيا آهن.
    هنج مڙيئي هنجَ، ميرو منجهن ناه ڪو،
    جتي رهن سنجههَ سو سرءُ ڪن سُرهو.
    شاهه صاحب ٺٽي پهچي ٿو، جنهن جو سمن جي دؤر ۾ گاديءَ جو هنڌ ساموئي هو. هونئن ته سهڻي ميهار جي قصي بابت مشهور آهي ته اهو پنجاب جو قصو آهي، پر گهڻن جو چوڻ آهي ته سهڻي ۽ ميهار جا لاش ننگر طرف ٺٽي ڏانهن ٿي گذريا آهن. شاهه صاحب پنهنجي خيالي قوت ذريعي سهڻيءَ جي ٻڏڻ جي ڳالهه اهڙيءَ طرح ڪئي اٿس، ڄڻ اهو واقعو سندس اڳيان پيو ٿئي.
    سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،
    وَهَ وڃايو پاڻ هڻي ڪنڌ ڪپن سين.
    ڀنڀور ڏانهن ويندي، جتي سسئي محمد کٽيءَ جي گهر نپي ۽ پنهونءَ سان عشق ۾ اڙجي شادي ڪيائين، پر پنهونءَ جا ڀائر پنهونءَ کي رات پيٽ ۾ کڻي ويا ۽ سسئي، پنهونءَ پٺيان پنڌ هلي آئي. شاهه صاحب جيترو سسئي لاءِ ڪلام چيو آهي، ايترو ٻئي ڪنهن لاءِ نه ڳايو آهي.
    جوڳيئڙا جهان ۾ هُيا منجهه حمام،
    آر امان آرَڳ ٿيا، اوڏا نه آرام،
    ڪيائون قيام، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
    شاهه صاحب اُتان ڪراچي آيو، جيڪو هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ هو. شاهه اُتي صرف مورڙي مهاڻي بابت بيت چيا آهن. شاهه صاحب حب نديءَ جو به احوال ڏنو آهي، جنهن جو رستو ڏکيو آهي. هتان هنگلاج اٺ ڪوهه پري آهي. پنڌ اڻانگو آهي، جتي جوڳي منزلون جهاڳيندا ويندا هئا. لفظ “منزل” لاءِ شاهه صاحب “پاڻو” لفظ استعمال ڪيو آهي، جنهن کي ڪراچيءَ جا ماڻهو عام اُچاريندا هئا. شاهه صاحب سسئيءَ جي واتان سُر آبري ۾ سسئيءَ کي صلاح ڏئي ٿو:
    پهرو ئي پاڻو، سڦرو ڪرين ساٿ کي.
    سونمياڻي ۽ هنگلاج جي وچ ۾ چئن ڪوهن جي فاصلي تي گرو چيلي جو رڻ يا صحرا آهي، جتي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو نٿو ملي. شاهه صاحب سسئيءَ جي واتان چوايو آهي:
    سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مونسين هلي،
    پاڻي ناهي پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رڃ،
    متان مري اڃ ڪا ڏيئي پاراتو پنهل کي.
    هتان کان پوءِ شاهه ڀٽائي سامهون هاڙهو ۽ هنگول اچن ٿا. هاڙهو جبل آهي ۽ هنگول هاڙي جبل جي پڇڙيءَ وٽ ندي آهي. اها ندي آهي، جنهن جي اٿل سبب سسئي اڳڀري نه ٿي سگهي آهي ۽ ٻيو رستو ڏئي (پٻوڻي ناڪي) کان ويئي هئي.
    هنگلاج جو ٿان هاڙهي جبل جي پاڙ وٽ هڪ غار آهي، جنهن ۾ 400 کان به وڌيڪ ماڻهو اچي وڃي سگهن ٿا. هنگلاج کي هندو ديوي، ماتا امبان (امان) جهڙن نالن سان سڏين ٿا، پر مسلمان هن کي عام طرح ناني سڏين ٿا. هتي شاهه صاحب ۽ جوڳين جي وچ ۾ اڻبڻت نظر اچي ٿي. جوڳين جدا رستو ورتو ۽ شاهه جدا. شاهه لسٻيلي کان ٿي ڪراچي موٽيو ۽ ڀٽ تي وڃي مائٽن سان مليو.

    شاهه صاحب جي لاهوت ڏانهن روانگي
    سنڌ ۾ لاهوت لامڪان جي هڪ تاريخي حيثيت آهي. هڪ دفعي شاهه صاحب لاهوت وڃڻ جي تياري ڪئي. شاهه لطيف تڪليفن ۽ جاکوڙن تي هريل هو. هي گهر ڇڏي ڪراچي پهتو ۽ لاهوت وڃڻ لاءِ منگهي پير جو رستو ورتائين. لاهوت پهچڻ لاءِ منگهو پير کان حب ندي ۽ ٿاڻو ويراب کان ٿيندو لاهوت پهتو. شاهه لطيف لاهوت ڏانهن ويندي جيڪي خوف خطرا۽ تڪليفون ٻڌايون هيون، سي کيس حقيقتاً سامهون آيون.
    چيٽا چور چنجن ۾، بر ۾ بلائون.
    سُر سريراڳ ۾شاهه صاحب صرافن، موتين ۽ وينجهارن جو ذڪر ڪيو آهي، سي شايد ٺٽي جي شهر ۾ ڏٺا اٿس. سنڌ جو هي عظيم سيلاني شاعر اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جا وڻجار پاڻ سان معلم يا رهبر کڻندا هئا.
    سودي ڪارڻ سنبهي ويهون وڻجارن،
    ويا چين بنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.
    اوريائين آڻين ميڙيو مُعلم خبرون،
    سا تان هڏ نه ڏين، جتي وَهُ ويڌ ڪري.
    شاهه صاحب جي سفر ۾ ڪڇ، ڀُڄ، دوارڪا، پوربندر، جهونا ڳڙهه ۽ گرنار شامل آهن. شاهه صاحب جڏهن جهونا ڳڙهه پهتو ته راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي قصي متعلق ڪيترا بيت چيا اٿس:
    جهونا ڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ.
    جاجَڪ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو.
    ڏيئي تنگن تاڻ ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.
    شاهه صاحب کنڀات جي رياست جيڪا گجرات جي الهندي طرف سابرمتي ۽ ماهي ندين جي وچ ۾ آهي، هن رياست جي ڏکڻ ۾ کنڀات جو شهر آهي، جنهن تي مختلف قومون وقت بوقت حملا ڪنديون رهيون، تنهن جو سبب اهو هو ته هاڪارو ۽ وسيل بندر هو، جنهن جو واپار ڏيهان ڏيهه مشهور هو.
    کڻي نيڻ خمار مان جان ڪيائون نار نظرُ،
    سورج شاخون جهڪيون ڪوماڻو قمر،
    تارا ڪَتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
    جهڪو ٿيو جوهرُ جانب جي جمال سين.
    شاهه صاحب ڏورانهن ملڪن جي سئر ۽ مشاهدي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. واپسيءَ ۾ هو ننگر پارڪر، پائر جي ٿر ۽ ملير آيو. ملير جو ڳوٺ ننگر پارڪر تعلقي ۾ ٻارهن ڪوهه ۽ گڍڙي اسٽيشن کان اٺٽيهه ڪوهن تي ڀالوا نالي، جنهن کي مارئيءَ جو ڳوٺ سمجهيو وڃي ٿي، جتي عمر مارئي جو قصو ٿي چڪو هو، شاهه سائين اُتي پهتو. مارئي متعلق شاهه کان اڳ ۾ ئي سنڌ جي شاعرن سُر مارئي تي گهڻو ئي لکيو آهي، پر شاهه صاحب جنهن نموني هن سُر ۾ بيت چيا اٿس، ڏکن ڏولاون جو ذڪر ڪيو اٿس، تمثيلون ۽ تشبيهون ڏنيون آهن، ان جو مثال نه ٿو ملي.
    سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،
    پَٽولا پنوهارن کي عمر آڇ مَ تون،
    وَرُ لوئيءَ جي لون ڏاڏاڻ ڏنيام جا.
    ان کانپوءِ هو گوري، ويڙهي جهپ، پراڻ جيڪو ڪڇ جو رڻ آهي، ان رڻ ۾ ڪنهن وقت سمنڊ ۽ درياءَ وهندا هئا، پر هاڻي صرف صحرا آهي، جنهن جو مشاهدو شاهه صاحب ڪيو. ڪڇ جي رڻ کان ٽن ڪوهن تي سومرن جو تختگاهه “وڳهه ڪوٽ” هو، جتي دودي سومري جي شهادت ٿي هئي. شاهه سائين ان جنگ متعلق سُر بلاول ۾ ڪجهه بيت ڏنا آهن:
    علاؤالدين آيو، تنهنجي هاٿين هاڪ هنئي،
    آرَڻ ٻڌي ابڙي ٿي رڻ رُڪَ رَئي.
    شاهه جيسلمير ڏانهن ويندي، عمر ڪوٽ پهتو. ان وقت مسافر ۽ سياح جيسلمير وڃڻ لاءِ امر ڪوٽ کان گڍڙي ۽ پوءِ جيسلمير ۽ جوڌپور ويندا هئا.
    ان وچ ۾ شاهه صاحب مومل راڻو، ليلان چنيسر جي قصي متعلق ڪيئي بيت چيا اٿس ۽ ڦٽل کنڊرات جو نظارو به پسيو آهي. نه صرف اهو، پر هت جيڪي به تاريخي قصا مشهور هئا، جن جا محل هينئر کنڊر هئا، اتي به شاهه صاحب پهتو آهي ۽ مختلف سُر چيا اٿس. شاهه صاحب امر ڪوٽ جي هر گهٽ گاهه جو سئر ڪري نظارا پسي جيسلمير جيڪو ٽن ٽڪرين جي وچ ۾ آهي، هن شهر جي رهواسين وڏيون تڪليفون ڏٺيون ۽ شاهه صاحب سنڌ مان جيلسمير پهچي ان جو حقيقي رنگ اکين سان پسيو. شاهه صاحب لڊاڻو ۽ ڪاڪ به ويو آهي، جيڪو جيسلمير کان پنجن ڪوهن جي فاصلي تي آهي. ڪاڪ جي ڪنڌي لڊاڻي واري ٽڪريءَ سان لڳي بيٺي آهي. شاهه صاحب ان سرزمين تي پهتو ۽ هن ڪاڪ جي ڪناري بدران “لڍوڻي ڪندئين” لفظ استعمال ڪيو آهي.
    ڪاڪ ڪڙهي وڻ ويا، ٻريا رنگ رتول.
    مومل جو ڏاگهه چڙهڻ ۽ راڻي جي سڙڻ جا نشان “راڻي جي ڀڙي” لڳ موجود آهن، جن کي مومل جو ڀڙو سڏيندا آهن. شاهه ساندهه ٽي سال جيڪو سفر هن پنهجن جوڳين سنياسين سان ڪيو، اهو امن جي تلاش ۽ امن جو پيغام ڏيندي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائيندو رهيو.
    سڪين ڪهه سلام کي، ڪرين ڪهه نه سلام،
    ٻيادر تن حرام، اي در جنين ديکيو.
    شاهه جي رسالي جي تدوين ۾ ننڍي کنڊ جو حصو:
    هونئن ته شاهه صاحب جي فقيرن ۽ جوڳين سندس رسالي جي مختلف طريقن سان تدوين ڪئي، پر ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي راڄ ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون شخص هو، جنهن 1866ع ۾ شاهه جي رسالي جو پهريون ايڊيشن شايع ڪيو. 1940ع ۾ ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي پهريون شخص هو، جنهن شاهه جي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو ۽ سندس ڪجهه سُرن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو.
    مير عبدالحسين پڻ گهڻو مواد لکيو. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ شاهه صاحب تي ۽ سندس رسالي تي تحقيق کانسواءِ سنڌ جي هندن جو به ان ۾ وڏو حصو آهي. ڏيارام گدومل جيڪو جج پڻ هو، ان شاهه جي نج شاعري مختلف ذريعن کان هٿ ڪري 1882ع ۾ ڪتابي صورت ۾ آندي. ليلارام سنگهه وطڻمل جج 1890ع ۾ شاهه صاحب جي شروعاتي زندگيءَ بابت هڪ وڏو مواد جمح ڪيو.
    تعليمدان تارا چند ۽ شوقيرام 1900ع ۾ شاهه جي شاعري سرڪاري سطح تي آندي.
    لالچند ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ٽي رسالا “شاهه نمبر” جي نالي ڪڍيا. ڄيٺمل پرسرام ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ شاهه صاحب تي تمام گهڻو لکيو ۽ هن جي شاعري ۽ شخصيت کي واضح ڪندي کيس سنڌ جو صوفي قرار ڏنو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي شاهه لطيف جي سئرن متعلق “لطيفي سئر” 1928ع ۾ لکي دنيا تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه جيڪو ٿر جو سفر ڪيو آهي، انهن علائقن جي رهواسين، جاگرافي، تاريخ، ثقافت ۽ لوڪ ورثي جو هڪ وڏو مواد موجود آهي. ٿر ضلعو سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري سرحدي حصي ۾ آهي، جنهن جي تاريخي، ثقافتي توڙي جاگرافي لحاظ کان نهايت اهميت آهي. هتي قديم دؤر ۾ وڏا وهڪرا جنهن ۾ لوڻي، سرسوتي ۽ جمنا جون شاخون نار، جهول ۽ گلهو جون شاخون، واهن دامن، هاڪڙو، ريڻي، ٻوڏاري، پوراڻ، پينگهارو، ڳونيرو، ميڻي، ڍاڳي ۽ ڍور وغيره اچن ٿا. سنڌ جي مشهور لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ داستانن جون مکيائون گهڻو ڪري سڀ هن ضلعي سان وابسته آهن، جن ۾ رپ، سارنگا، مارل، مارئي،سونل، هوٿل، سکر، مهر، ملهي، همون، ليلان، ليلا، ڀوري، ڪپوري ۽ نوران گهڻو مشهور آهن. شاهه ڀٽائي هن کي ڳايو، جيڪي اڃا تائين ڳائجن ٿا.
    نارائڻداس ڀمڀاڻي شاهه جي سورمين تي هڪ جامع ڪتاب لکيو آهي. پروفيسر ٽي ايل واسواڻي، ايم ايم گدواڻي شاهه صاحب جي شاعريءَ تي مختلف مقالا لکيا آهن.
    ڊاڪٽر ايم گبياڻي (Gubuyani) 1923ع کان شاهه جي شاعريءَ تي ٽي جلد لکيا ۽ شاهه صاحب جو بهترين طريقي سان تعارف (Muqadmah Latif) لکي پنهنجي محبت، ڄاڻ ۽ خلوص جو اظهار ڪيو آهي. انگريز دؤر حڪومت ۾ محمد صديق ميمڻ “سنڌي ادب جي تاريخ” نالي ڪتاب لکي ان ۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ کي نمايان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي پڻ شاهه تي هڪ قابل ڪمال ڪم ڪيو آهي.
    اهڙيءَ طرح علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري ۽ موجوده دؤر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نهايت ئي تفصيلي ڪم موجود آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کي مختلف سُرن ۾ ورهائي انهن جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويو آهي.
    شاهه صاحب جيڪو سنڌ ۽ دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جي دلين جي ڌڙڪن برابر آهي، هو هن کي نه صرف شاعر سمجهن ٿا، پر هن کي هڪ صوفي، بزرگ ۽ روحاني رهبر پڻ سمجهن ٿا. اها هن جي روحاني اهميت هن جي شاعريءَ ۾ سمايل آهي، جنهن ۾ هن چڀندڙ لفظن کي استعمال ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ اهڙا راڳ سمايل آهن، جن جي موسيقيءَ ذريعي ماڻهن جون دليون جهومن ٿيون، جنهن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن سان گڏ عام پڻ شامل آهن. هن جي شاعري عام ماڻهن کي ملڪ سان محبت ۽ آزاديءَ جو درس ڏنو. ارغونن کان وٺي نادر شاهه جي حملي تائين سنڌ ۾ ڏار پوندا رهيا. عظيم شاعر ڀٽ ڏڻيءَ جي روحاني انقلاب بعد سنڌ هر زنجير ٽوڙي آزاد ٿي. شاهه صاحب اها آزادي اکين سان ڏٺي.
    پڙاڏو سو ئي سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لَهين،
    هئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    مددي ڪتاب
    معمور يوسفاڻي، “لطيف جا ٿر تان ڀيرا”، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2001ع.
    پروفيسر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، “لطيفي سئر”، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، 1989ع.
    محمد ابراهيم جويو، “شاهه سچل سامي”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1990ع.
    تنوير عباسي، “شاهه لطيف جي شاعري”، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع.
    ڪينجهر جرنل جا مختلف شمارا، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
    ڪلياڻ آڏواڻي،”شاهه جو رسالو”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع.
    علامه غلام مصطفى قاسمي،”شاهه جو رسالو” (ڇاپو ٻيو)، مهراڻ اڪيڊمي، شڪاپور، 2004ع.


    شاهه جي شاعريءَ تي ڀڳت ڪبير داس جو اثر : نذير ناز

    دنيا جي تاريخ ۾ مختلف دؤرن ۾ آيل فلاسافي ۽ آئيڊيالوجيءَ جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو، ته ڪيترائي قدر سڀني مذهبن ۾ هڪ جهڙا نظر اچن ٿا، جيڪي مذهبن جي وحدتِ فڪر ڏانهن رهنمائي ڪن ٿا. اهڙي ريت تصوف جي تاريخ جو مطالعو اُهو واضح ڪري ٿو ته هي فڪر، جدا جدا دؤر ۾ هئڻ جي صورت سان پنهنجي جملي خاصيتن، رمزن، شناسائين جي باوجود هڪ تسلسل رکي ٿو، جنهن جي جامع صورت اسان کي ڀڳتي تحريڪ جي ويدانت ۽ تصوف ۾ ملي ٿي.
    ڀڳتي تحريڪ هندستان جي تاريخ جي دؤر 700ع کان 1600ع ۾ اُڀري، ڀڳتيءَ تحريڪ جو بنياد ٽن عنصرن تي رهيو. هڪ پريم، ٻيون ارپنا ٽيون هيڪڙائي. انهن ٽن عنصرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀڄن ذريعي ڳائي انهن جذبن جو پرچار ڪيو ويندو هو، ڀڳتي تحريڪ جا پيروڪار، هيڪڙائيءَ/وحدانيت کي مڃيندڙ هيا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا.
    ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته هيءَ هندستان ۾ نئين سجاڳيءَ جي لهر هئي. اها پهرين ته مذهبي سڌارن جي تحريڪ هئي. ڇاڪاڻ ته هندو مذهب مختلف طبقاتي اصولن تي ٻڌل هو جنهن ۾ سڀ کان اعلى طبقو برهمڻ جو هو، ان ڪري اعلى طبقي جا ماڻهو گهٽ ذات وارن سان غيرانساني سلوڪ ۽ پوري طرح ناانصافي ۽ اڻ برابريءَ وارو ورتاءُ رکندا هئا، ۽ هڪ طرح اهي اعلى طبقن ۽ ذاتين جا غلام بنجي رهجي ويا هئا. جڏهن ڀڳتيءَ تحريڪ جي ڀڳتن، مذهبن ۽ ذاتين ۾ برابريءَ جو پرچار ڪيو، تڏهن هيٺئين طبقي جا ماڻهو اڪثريت سان ڀڳتي تحريڪ ۾ شامل ٿيندا ويا. هن تحريڪ جو پهريون مول متو اُهو هو ته، سڄي مخلوق جو خلقڻهار هڪڙو آهي، ٻيو ته انهن سڀني ذاتين ۽ برادرين ۾ انسان، ذات، پات ۽ ڌرم جي فرق کان سواءِ خدا جي نظر ۾ هڪ آهن. تصوف بنيادي طرح سان مذهب جو حصو آهي.
    مذهب ڪهڙو به هجي، حقيقت ۾ جڏهن مذهب تي مفاد پرستن جو قبضو ٿي وڃي ٿو، ۽ خدا تائين پهچڻ تي مُلن برهمڻ ۽ پادرين وغيره جي اجاره داري ٿي وڃي ٿي، ته پوءِ وحدانيت للڪار بڻجي سامهون اچي ٿي. تصوف ڪنهن حد تائين بغاوت به آهي. ان ۾ هڪ سجاڳيءَ جو پيغام به سمايل هو، اها سجاڳيءَ انهن انسانن لاءِ هئي، جيڪي مذهبي ٺيڪيدارن جي اڳيان يرغمال هئا. ڇاڪاڻ ته دنيا جي تقريباً سڀني صوفين جو نظريو هو ته مذهب جا ٻه روپ ٿين ٿا، هڪڙو ٻاهريون ٻيو اندريون.
    ٻاهريون روپ اهو آهي، جيڪو عام فهم ۽ رسمي عبادتن ۽ رتبن وغيره تي ٻڌل آهي، ۽ ٻيو روپ اندريون وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي. يعني اندر جي صفائي سچائي. تصوف انسانن کي محبت، رواداري، ايثار، قرباني، همدردي ۽ ٻين بيشمار اعلى انساني قدرن جي پاسداري ڪرڻ سيکاري ٿو.
    اها آهي ڀڳتيءَ تحريڪ جي تعريف، ۽ ڀڳتيءَ تحريڪ جا اهم اڳواڻ هئا شنڪر آچاريا، رامانج، ماڌو آچاريا، رامانند، ڪبير داس ۽ گرونانڪ.
    هاڻي مان مختصر طور ڀڳت ڪبير داس جي باري ۾ عرض ڪنديس.
    ڀڳت ڪبير داس جي شاعريءَ منجهان اها ڳالهه واضح طور چِٽي آهي، ته هن پنهنجي دوهن ذريعي مذهبي ريتن ۽ رسمن تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڪيون آهن. ڀڳت ڪبير داس پنهنجي دؤر جي عقيدائي نظام جي ظاهري طريقه ڪار ۽ اڻ برابريءَ جي سلوڪ کي ناپسند ڪيو آهي. هو هڪ لحاظ کان پنهنجي دؤر جو ترقي پسند سوچ رکندڙ هو، جنهن ۾ هندو ٻائي ۽ مسلمان مُلي جي ڪابه گنجائش نه هئي. هتي هيءَ ڳالهه به ضروري آهي، ته ڀڳت ڪبير داس، روايت پسنديءَ جي بلڪل خلاف هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا مثال قائم ڪيا، جيڪي روايت پسنديءَ ۽ ڪٽر ڌرمي پوئواريءَ جي ٽوڙ لاءِ اهم ثابت ٿيا.
    اهڙيءَ طرح شاهه عبداللطيف جي دؤر ۾ سياسي ۽ مذهبي حالتون بد کان بدتر هيون. انهي دؤر ۾ مذهب جي رکوالن ۾ جنون ۽ ڪٽرپڻو ڀريل هو. سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ نفرت جا جذبا پيدا ڪرائي ڇڏيا هئا. سنڌ جي هندن کي زور زبردستيءَ ۽ ڏاڍ جي طريقي سان مسلمان بنائڻ جي تحريڪ هلائي.
    هندن جو زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پيو هو. اگر ڪنهن هندوءَ جي واتان “الله” لفظ نڪرندو هو ته، ان کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندا هئا. سنڌ جي هندن ۾ خوف، حراس پکڙجي ويو هو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهڻ لڳا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ همدرديءَ جو جذبو ختم ٿيڻ لڳو. هندن ۽ مسلمانن ۾ اڳ واري محبت، ٻڌي ۽ هيڪڙائي نه رهي.
    سنڌ ۾ ڏڦيڙ ۽ ٻيائيءَ جي فضا ڇائنجي وئي هئي، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ڌارين جا سنڌ تي حملا، ڦرلٽ، افراتفري سنڌ ۾ هئي. انهن حالتن شاهه سائينءَ جي دل ۾ جذبهءِ فڪر ڀري ڇڏيو هو. انهيءَ فڪري جذبي، جنهن ۾ تصوف جو رنگ سمايل هو، جيتوڻيڪ تصوف جي انهن باريڪ نقطن کي هن فلسفيانه انداز ۾ بيان نه ڪيو آهي، پر هن جي خيالن، ان جي مقامات، مشاهدن، روحاني ڪيفيت، قلبي واردات کي ڪردارن وسيلي ٻوليءَ جي نهايت سهڻي صورت گريءَ سان پنهنجي شعر ۾ بهتر کان بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. جيئن ڀڳت ڪبير داس جي شعرن ۾ انسانيت جو درد لڪل آهي. اُهو ئي درد شاهه سائين جي دل ۾ سمايل آهي.
    ڀڳت ڪبير داس چون ٿا:
    سنتو جا ڳت نيند نه ڪيجيئي،
    ڪال نا کائي ڪلپ نه ويا پئي،
    ديهه ذرا نه چهيجيئي.
    مطلب ايڏي ننڊ نه ڪر جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، ڀرپور انداز سان ڪرڻو آهي نه سمهڻو آهي، ۽ سؤفيصدي هر هڪ پل سجاڳيءَ سان جيئڻو آهي.
    شاهه سائين جي شعر ۾ به هڪ جهڙائي ۽ سجاڳيءَ جو پيغام آهي.
    شاهه سائين فرمائين ٿا:
    ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
    سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
    ٻيو وري هي درس ڏين ٿا:
    تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو.
    ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پيغام هڪڙو ئي آهي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهن تي بي حسي طاري هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ سنڌي سماج لڳ ڀڳ ٻه سئو سال غلاميءَ ۾ گذاريا هئا. انهيءَ دوران سنڌ ۾ آزاديءَ جون تحريڪون به هليون هُيون جن ۾ ڀڳت ميڪڻ بدين واري جي جوڳ تحريڪ، شاهه عنايت شهيد جي گيڙو فقيرن جي تحريڪ ۽ شهيد بلاول جي مريدن جي بلاولي تحريڪ ۽ انهن کان پوءِ ٻيون تحريڪون به هليون. انهن سڀني تحريڪن جا روح روان ۽ سرواڻ وقت جا وڏا عالم، درويش ۽ روحاني رهبر هئا. انهن سڀني تحريڪن جو مقصد هڪ هو، آزادي ۽ خوشحالي.
    ڀڳت ڪبير داس چون ٿا:
    مين ٿا، تب هري نهين، اب هري هي مين ناهين،
    پريم گلي اتني ساڪري، تامين دو نه سمائين.
    (ڪبير داس)
    ڀڳت ڪبيرداس جي خيال مطابق دل ۾ ٻي محبت نٿي سمائجي سگهي. پريم جي گلي هڪ آهي، ٻي رستي نٿو هلي سگهجي.
    -مڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو.
    -ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾.
    (لطيف)
    ٻنهي جو نظريو هڪ، ته جنهن پريت جو پيالو پيتو، تنهن جي دل ۾ فقط اُهو پريتم سمائجي سگهي ٿو، ٻي گنجائش هرگز ناهي، جيئن هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارون نٿيون اچي سگهن.
    ڀڳت ڪبير داس چون ٿا:
    جهيني جهيني ري بيني چدريا،

    سو چادر سُرمني اوڙهي، اوڙهه کي ميلي ڪيتي چدريا،
    داس ڪبير جتن سي اوڙهي، جئون ڪي تون دهر ديني چدريا!
    (ڪبير)
    هن دوهي جو مطلب:
    رشي، مُني، علامه، “نر” يعني عام ماڻهو ۽ مُني مطلب ساڌو ۽ تارڪ الدنيا. انهن مڙني ساڳي چادر اوڍي پر آخر ۾ ميري ڪري لاٿائون، ڇو جو هنن ۾ پنهنجي ظاهري دنياوي عملن جي نتيجي طور دنيا جي مزي جو موهه موجود هو، پر ڪبير اهڙي موهه ۽ لذت کان پري رهيو ۽ نتيجي طور چادر جهڙي پاتائين، تهڙي لاٿائين!
    ساڳيو خيال شاهه سائين هن ريت چوي ٿو:
    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
    سُک نه سُتا ڪڏهين، لاهي لانگوٽي،
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
    اهي ٻئي خيال هڪ جهڙا آهن. هڪ ئي پيغام آهي. هن دنيا ۾ انسان جهڙي طرح صاف سٿرو دنيا ۾ آيو آهي، پنهنجي پاڻ کي سمهجهي ته هُن جو جنم هن دنيا ۾ انهيءَ ڪري ٿيو آهي، پنهنجي عمل سان ڪردار سان اهڙو صاف سٿرو ٿي موٽي پنهنجي مالڪ ڏانهن وڃي. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اسان جا عمل نيڪ هوندا، پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ مطابق زندگي گذاري هوندي، انسانيت سان محبت ڪئي هوندي.
    هاڻي ڏاهن جو خيال آهي ته شاهه عبداللطيف تي ڀڳت ڪبير جو اثر آهي. هنن جو اُهو چوڻ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته هر صوفيءَ جو هر خيال، انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ صوفي قدرت جي ذري ذري خلقيل شيءِ تي غور فڪر ڪن ٿا.

    مددي ڪتاب:
    پروفيسر ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
    محمد ابراهيم جويو، شاهه-سچل- سامي، روشني پبليڪيشن ڪنڍيارو
    شاهه جو رسالو بمبئي وارو ڇاپو، ڪلياڻ بولچند آڏواڻي


    شاهه عبدالطيف جي شاعري تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر : امين لاکو

    شاعر يا اديب سماج کان الڳ ٿلڳ رهڻ وارا فرد نه هوندا آهن. ادب ۽ شاعري سماجن سان گڏ گڏ هلندا آهن. ان ڪري ڪنهن به خطي جي ادب ۽ شاعري کي ان سماج کان الڳ ڪري نه پر ان معاشري جي معروضي ۽ داخلي حالتن سان گڏي ڏسڻ سان ئي سماجن جي اندروني حالتن، تحريڪن ۽ اوسر جو پتو پوندو آهي. ان ڪري ئي برٽرينڊ رسل چيو هو ته “ڪنهن به دور جي حقيقي تاريخ ڏسڻ لاءِ ان دور جي شاعري کي ڏسڻ گهرجي.”
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي دنيا جو مؤرخ ۽ فيلسوف شاعر آهي، جنهن پنهنجي دور جي حالتن جو ڏاڍو گهرائيءَ سان مطالعو ۽ مشاهدو ماڻي انهن حالتن جا عڪس پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيا آهن. هن هوا ۾ تير اڇلائڻ بدران جن به واقعن تي قلم کنيو آهي، انهن جو گهرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو اٿس. پر اسان وٽ شاهه جي اڪثر پارکن سندس شاعري کي ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جي پس منظر ۾ ڏسڻ بدران روحاني نجات واري شاعر طور پيش پئي ڪيو آهي.
    جيئن ته شاهه صاحب جو زمانو 1689ع کان 1752ع تائين انتهائي طاقتور تحريڪن ۽ سياسي اٿل پٿل جو زمانو هو.. شاهه سائين انهن تحريڪن جو نه صرف اثر قبوليو پر انهن مان ڪجهه تحريڪن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لاڳاپيل پڻ رهيو.اهڙين تحريڪن ۾. سنڌ ۾ صدين کان جاري صوفي نظريو وحدة الوجود ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ويدانتي نظرئي تحت جاري ڀڳتي تحريڪ به شامل آهي. ان کان علاوه انهيءَ دور جي تازي سياسي ۽ سماجي حالتن پٽاندڙ ڪجهه نون نظرين ۽ تحريڪن به زور ورتو، جن ۾ شاه عنايت جي، “جو کيڙي سو کائي” واري فلسفي تحت اٿندڙ پورهيت تحريڪ، سياسي سماجي (سوشيو پوليٽيڪل) تحريڪ، ميانوال جنهن ۾ ڪجھه مذهبي عنصر به شامل هيو ۽ مذهبي تحريڪ وحدت الشهودي تحريڪ شامل آهن. شاهه صاحب مٿي ڳڻايل مڙني تحريڪن کان ڪنهن نه ڪنهن طور (مخالفت توڙي موافقت )متاثر ٿيل ڏسجي ٿو. ڇو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته شاهه سائينءَ جهڙو وطن پرست ۽ ڏاهو شاعر جنهن سماج ۾ ڄائو، پليو، نپيو ۽ وڏو ٿيو هو، اتان جي ماڻهن جي تحريڪن کان الڳ رهيو هجي.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته شاعر جنهن به دور ۾ پيدا ٿيندو آهي ته ان جي چوڌاري ڪو خاص ادبي، سماجي يا فڪري ماحول موجود هوندو آهي ۽ ان ماحول ۾ کائنس کان اڳ آيل اديبن، ڏاهن ۽ شاعرن جو حصو هوندو آهي ۽ عظيم ۽ ڪلاسيڪي شاعر اها حد ٽپي پنهنجو انفرادي اسلوب پيدا ڪري پنهنجي ڇاپ هڻي ڇڏيندا آهن.
    منهنجي هن مقالي جو موضوع آهي “شاهه عبدالطيف جي شاعري تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر” انهيءَ حوالي سان , ڀڳتي تحريڪ جا شاهه سائين جي شاعريءَ تي اثر جاچڻ کان اڳ موضوع کي چٽو ڪرڻ لاءِ شاهه سائين جي دور ۽ ان کان ڪجهه اڳ وارن واقعن، تحريڪن ۽ حادثن کي جاچڻ ضروري آهي ته جيئن اها ڄاڻ ملي سگهي ته هو ڪهڙي خاص ماحول ۾ رهيو.

    تاريخي واقعا:
    شاهه سائينءَ جي ڄمڻ کان گهڻو اڳ حسين بن منصور الحلاج کي قتل ڪرايو ويو، جنهن جي تعليم ۽ نظرئي جو به شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي تمام گهڻو اثر ٿو ڏسجي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته شاهه سائين منصور الحلاج کي خاص اهميت ڏني آهي. حسين بن منصور الحلاج جو قتل سياسي هو، مذهبي فتوائون محض بهانو هيون.
    1600ع ۾ مغلن ۽ ميان وال تحريڪ جي باني ڪلهوڙن ۾ جنگ دوران ميان آدم، دين محمد ۽ شاهل محمد ڪلهوڙو مارجي چڪا هئا. جڏهن ته 1708ع ۾ ٻيهر سبي ۽ ڍاڍر ۾ مغلن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ جنگ لڳي. شاهه سائين جي ولادت کان 11 سال اڳ ننڍي کنڊ ۾ هڪ ٻيو وڏو واقعو وحدت الوجودي فلسفي تي ايمان رکندڙ دارا شڪوهه جي شهادت جو آهي. دارا شڪوهه کي پنهنجي ڀاءُ اورنگزيب قتل ڪرايو۽ ان ئي وقت ۾ سرمد کي به شهيد ڪيو ويو.
    شاهه لطيف اڃا 11 سالن جو مس هو ته ان وقت اورنگزيب جي پٽ معزالدين هٿان سنڌ جو ڪلهوڙو حڪمران ميان دين محمد ساٿين سميت شهيد ڪيو ويو.
    جڏهن شاهه سائين ڦوهه جواني يعني 21-22 سالن جي عمر تي پهتو ته 1716ع ۾ شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو پيش آيو. اسلم آزاد پنهنجي ڪتاب “تصوف جو سياسي ڪردار” ۾ جرمن دانشور اين ميري شمل جي تحرير pearls from Indus مان حوالو ڏيندي لکيو آهي ته شاهه سائينءَ جون صوفي شاهه عنايت شهيد سان نه صرف ملاقاتون هيون پر هو انهن محفلن ۾ به شريڪ رهيو، جن ۾ هارين ۽ مزدورن کي روشن صبح جا پيغام ڏنا ويندا هئا ۽ شاهه سائين جهوڪ واري شاهه عنايت جي تحريڪ ۾ عملي طور حصو ورتو.

    تحريڪون
    پاڻ ٿلهي ليکي مٿي اهڙن واقعن جو ذڪر ڪري آياسين، جن نه صرف ان دور تي تاريخي اثر ڇڏيا پر انهن جي گونج اڄ تائين ٻُري رهي آهي. هاڻ ان دور جي تحريڪن جو به مختصر جائزو وٺندا هلون.

    ميانوال تحريڪ:
    مغل سلطنت خلاف سنڌ جي مقامي ڪلهوڙا قبيلي جي هيءَ تحريڪ شاهه سائين جي پيدائش کان اڳ شروع ٿي، جيڪا سندس موجودگيءَ ۾ ڪلهوڙن جي ٻيهر حڪمراني حاصل ڪرڻ تائين جاري رهي، سنڌ ۾ شاهه سائينءَ کي ڪلهوڙا دور جي شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. هن تحريڪ هلندي سنڌ ۾ ڪيترائي ڪونڌر ڪٺا ويا. مختلف هنڌن تي جنگيون هلنديون رهيون، جيڪي شاهه سائينءَ پنهنجي اکين سان ڏٺيون.

    جو کيڙي سو کائي:
    سن 1716ع ڌاري شاهه عنايت جهوڪ واري هن تحريڪ کي منظم ڪيو. هيءَ تحريڪ نج سياسي ۽ جاگيرداري نظام خلاف سنڌ ۾ سڀ کان وڏي تحريڪ هئي. سنڌ جي نامور مورخ پير حسام الدين راشدي شاهه عنايت کي سنڌ جو پهريون سوشلسٽ اڳواڻ چيو آهي. هيءَ تحريڪ شاهه سائينءَ جي ڦوهه جواني ۾ صوفي عنايت جي شهادت تي ختم ٿي۽ پاڻ اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري آيا آهيون ته شاهه سائين هن تحريڪ جو حصو به رهيو.

    وحدت الشهود:
    مغل بادشاهه جهانگير جي وقت ۾ هڪ مذهبي عالم شيخ احمد سرهندي عرف مجدد الف ثاني عرف امام رباني هندستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وحدت الوجودي فلسفي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي وحدت الشهود جو فلسفو دنيا جي آڏو رکيو(ناڪام ان لاءِ لکيو اٿم جو اڄ به سڄي دنيا ۾ وحدت الوجودي فلسفو نه صرف جيئن جو تيئن موجود آهي پر ان جي پوئلڳن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي)
    ڊاڪٽر تنوير عباسي وحدت الشهود فلسفي بابت لکي ٿو ته هندستان ۾ پرماري طبقن جي ضرورتن هيٺ همہ اوست جي فلسفي کي چيلينج ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو، ڇو ته صوفين جيڪا بي تعصبي ۽ مذهبي رواداري قائم ڪئي هئي. اها ان پرمار طبقي جي مفادن جي ابتڙ هئي.
    جهانگير جي پوٽي اورنگزيب جنهن کي عالمگير به سڏين ٿا. ان پنهنجي اقتدار جو بنياد ئي مجدد الف ثاني جي نظرين مطابق رکيو ۽ اچڻ سان ئي محبت جي پرچارڪ ۽ مذهبي رواداريءَ جي (Symbol) دارا شڪوه کي شهيد ڪيو. داراشڪوه جو قتل به سياسي قتل هو. ڇو ته هو اهڙي نظرئي يا فلسفي کي مڃڻ کان انڪاري هو، جنهن تحت مذهبي منافرت پکڙجي. ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته داراشڪوه ميان مير سنڌي جو شاگرد هو، جنهن گيتا ۽ اپنشند جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ۽ هن لکيو هو ته وحدانيت ۾ ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي. شاهه لطيف جي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ 1703ع ۾ جنم وٺندڙ شاهه وليءَ الله عرف عام محدث دهلويءَ وري هڪ اهڙي تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ محيءَ الدين ابن العربيءَ جي فلسفي وحدت الوجود ۽ امام رباني جي وحدت الشهود هڪ ٿي سگهن، پر اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي ڇو ته بقول ڊاڪٽرتنوير جي ته انهن مان هڪ نظريو پرمار ڪندڙ ۽ ٻيو ان جي ابتڙ جو هو، سو اهي هڪ نه ٿي سگهيا.

    ڀڳتي تحريڪ:
    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب ڀڳتي تحريڪ ٻه کان نائين صدي جي وچ ڌاري ڏکڻ ڀارت ۾ اڀري جتي تامل صوبي جي اڊواڙ ڀڳتن جو گروهه پيدا ٿيو ۽ انهن ڀڳتي رچنائون ڪري ڀڄن ۽ ڪيرتن ڪرڻ کي ئي ايشور جي حاصلات جو صحيح طريقو سمجهيو. تيرهين صديءَ ۾ اها تحريڪ سنت نام ديو ذريعي اتر ڀارت ۾ پکڙي. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا مطابق سنڌ ۾ ساڌن، ڀڳت، قاضي قاضن، شاهه عبدالطيف، سچل سرمست ۽ سامي ڀڳتي ڀاونا جي پکيڙ ڪئي.
    آغا سليم مهراڻ رسالي ۾ پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته شاهه سائين جي شاعري کي گهڻو ڪري اسلامي تصوف سان ڳنڍيو ويو آهي. پر جيڪڏهن گهرائيءَ سان غور ڪنداسين ته سندس شاعري ويدانتي فلسفي کي تمام گهڻو قبوليو آهي. سندس رسالي ۾ ٽي سُر کاهوڙي، رامڪلي ۽ پورب ويدانتي فلسفي مطابق آهن. جن ۾ هو جوڳين ۽ سنياسين جي سُنگ ۾ ان وقت جي حالتن جو ذڪر ڪري ٿو.
    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
    يا وري
    هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي نه ٻڌ،
    انڌو ٿي پسج، مشاهدو محبوب جو.
    اهڙو ساڳيو فلسفو ويدن ۾ به آهي ته انسان ۽ خدا هڪ آهن، سو جڏهن خدا کي پسجي ته انڌو ٿي پسجي. موتي لعل جوتواڻي پنهنجي انگريزي ڪتاب (Shah Abdul Latif) ۾ لکيو آهي ته شاهه سائين ڀڳتي تحريڪ ۾ حصو ورتو. هو لکي ٿو ته ڀڳتي ازم وانگر صوفي ازم پڻ ڪٽرپڻي، ملائيت ۽ پاپائيت جي غلبي جي خلاف احتجاج ۽ مخالفت ڪئي. ڀڳتي تحريڪ هڪ اهڙو متبادل اصطلاح آهي. جيڪو ڪيترن ئي قسم جي ڌرمي تجربن لاءِ استعمال هيٺ اچي ٿو. جيڪي ڪنهن هڪ شاعر يا ساڳئي دور جي مختلف شاعرن جي ڪلام ۾ ملن ٿا. اهڙي شاعري کي سَڳُڻ (Saguna) چئجي ٿو. جڏهن ته سيوا ۽ ويسناؤ وارو رستو ۽ شاعري نِرڳُڻ (Nirguna) آهي. يعني صفاتي خدا يا غير ذاتي خدا جي ڳولا آهي. هو لکي ٿو ته ڀڳتي جو مطلب ئي آهي ارپڻ، نوڙت ۽ رب کان مان لهڻ.
    موتي لعل جوتواڻي انسائيڪلو پيڊيا آف رليجن ۽ اٿڪس جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ڪجهه عالمن جي راءِ آهي ته صوفيت يا تصوف ۾ هندستاني فڪر ٻڌمت جي ذريعي سان پهتو. مٿين راءِ جي برعڪس هو لکي ٿو ته صوفي ۽ اپنشدي فڪر پنهنجي خاصيت ۾ ٻڌمت جي تعليم کان بلڪل مختلف آهن. ڇاڪاڻ ته هي ٻئي پنهنجي بنيادي صورت ۾ مابعدالطبعيات ۾ يقين رکن ٿا. جڏهن ته ٻڌمت حقيقت ۾ ذهني ڌيان جي اهڙي ٽيڪنڪ آهي، جنهن سان اخلاقيات جي قدرن کي وڌائي سگهجي ۽ اهائي ڳالهه مغالطي جو سبب بڻي. ان جي ابتڙ صوفي مت توڙي ويدڪ تعليم جو اساسي بنياد ئي آتما يا روح جي مستقل ڇوٽڪاري جي حاصلات لاءِ پتوڙ آهي.
    نائين نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.
    “پر منهنجو خيال آهي ته نه صرف سنڌ جو صوفي مت پر سنڌ اندر خود ڀڳتي تحريڪ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٻڌ مت جي تعليم کان به متاثر ضرور ٿي آهي. پر جيئن ته اهو اسانجي بحث جو موضوع نه آهي. ان ڪري پاڻ اڳتي وڌون ٿا.”
    ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب شاهه لطيف جي شاعري ۾ لکي ٿو ته شاهه لطيف جي دور تائين ننڍي کنڊ ۾ سنسڪرت ۽ ان کان پوءِ اپڀرنش ۽ هنديءَ جو ادب، ويدن، اپنشدن، مهاڀارت ۽ رامائڻ کان ٿيندو، ڪرشن ڀڳتي ۽ رام ڀڳتي کان اڳتي وڌي نرڳن واد تائين اچي پهتو. هندي ادب ۾ ٻڌمت جي ناٿ پنٿي تحريڪ جو اثر پڻ سمائجي ويو، ڪاليداس، تلسي داس، ميران ٻائي، هيم چندر، چندر بردائي، ڀڳت ڪبير، دادو ديال ۽ ٻيا شاعر پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. ۽ شاهه سائين انهن سمورين ادبي تحريڪن توڙي مقبول شاعرن کان نه فقط ڀليءَ ڀت واقف هو پر ننڍي کنڊ جي عظيم ۽ مقبول شاعرن کان متاثر پڻ ٿيو جنهن ۾ هو ڀڳت ڪبير داس جي شاعريءَ ۾ موجود ڀڳتي تعليم، فلسفي يا تصور کان گھڻو متاٿر ٿيل ٿو ڀانئجي.هو سندس شاعريءَ کان ايترو ته متاثر آهي جو ڪٿي ڪٿي ته ڪبير جي بيتن جا سڌا سنوان ترجما ڪيا اٿس، جيئن ڪبير چوي ٿو،
    “ نينن ۾ آ بيٺ موءِ، توهي وار ڪي ڍانپ لون .
    توهي ديک نه ڪوءِ، نان مين ديکون اور”
    شاهه صاحب وري فرمائي ٿو،
    اکين ۾ ٿي ويههُ، ته واري ڇپر ڍڪيان.
    توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون م پسان ڪي ٻيو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته شاهه سائين ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال، تلسي، رحمان ۽ ڪالو وغيره جي هندي دوهن جو قدر ڪندي پنهنجي شاعري ۾ دوهن کي دهرايو ۽ سندس رسالي ۾ سر “بيراڳ هندي” هيٺ دوهن جو اهم باب قلمبند ٿيل آهي.
    ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته ناٿ پنٿي تحريڪ جو باني گرو گورک ناٿ آهي ۽ شاهه لطيف سر رامڪلي ۾ سندس نالو پڻ ورتو آهي.
    شاهه لطيف جي رسالي ۾ سُر پورب به آهي ۽ بيتن ۾ بار بار پورب جو ذڪر آيل آهي. جيتوڻيڪ اسلام پڇم (اولهه) کان آيو ۽ صديون ٿي ويون ته به شاهه لطيف ناٿ پنٿي جوڳين ۽ هندي شاعري جي تحريڪن جيڪي پورب ۾ شروع ٿيون جي روايتن جي خيال کان پورب جو ذڪر ڪيو.
    ريٽا شاهاڻي جي ڪتاب جو مهاڳ لکندي سائين محمد ابراهيم جويي لکيو آهي ته ڀڳتي تحريڪ سورهين صديءَ ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به جوڳ جي شاعري جو اوج سورهين صديءَ تي پورو ڄاڻائي ٿو. پر منهنجي خيال ۾ اهو سلسلو شاهه سائينءَ کان پوءِ واري دور ۾ به هلندو رهيو آهي. موتي لعل جوتواڻي پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 143 ۽ 144 تي ڪي ايم سين جي ڪتاب هندو ازم جي صفحي نمبر 102 جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته
    The Sufism which was tampered with the thought of Vedanta and the emotion of Bhakti Found on embedment.
    يعني صوفي ازم/ تصوف ويدانتي فڪر ۽ ڀڳتي جي جذبي کان متاثر يا رليل مليل هو. تنهن هتي هڪ صورت حاصل ڪري ورتي هئي. جڏهن ته ڪي ايم سين ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:
    Just as in the medieval mysticism of other areas the Bhakti tradition was influenced by sufi thought, so here (in Sindh) the sufi tradition did not remain un influenced by bhakti thought.
    The 17th century gave the movement shah karim and shah Inayat. Shah Latif born in 1689A.D and this tradition has continued to the present day.
    )وچئين دور جي روحانيت جيئن ٻي دنيا ۾ هئي، بلڪل انهيءَ وانگر ڀڳتيءَ جون روايتون به صوفي فڪر کان متاثر ٿيون، سو هتي سنڌ ۾ به صوفي مت جون ريتون ۽ روايتون ڀڳتي تحريڪ کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيون.)
    مٿيان حوالا ان لاءِ ڏنا اٿم ته جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته نه صرف شاهه لطيف پر سنڌ جي سموري صوفي ازم تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر رهيو آهي. موتي لعل جوتواڻي لکي ٿو ته شاهه سائين هندن ۽ مسلمانن ۽ انهن جي مختلف فرقن ۽ ذاتين وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هڪ جهڙي پوشاڪ لاءِ آواز اٿاريو. ڀڳتي تحريڪ بادشاهن جي غلط روش ۽ بودباش جي خلاف هئي، انهن جي ٻوليءَ جي خلاف هئي ۽ شاهه سائين پڻ درٻاري زبان فارسي هجڻ باوجود عام لوڪ واري ٻولي استعمال ڪري عوامي سورمن ۽ لوڪ ڪهاڻين کي ترجيح ڏني. هن عام ماڻهن جي عبادت گاهن مٿان مڙهيل ڏن ۽ محصول کي ننديو.
    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا مطابق ڀڳتي تحريڪ جي پکڙجڻ جي پسمنظر ۾ مذهبي سياسي، سماجي ۽ معاشي ڪارڻ به هئا. ڇو ته راجائن ۽ اميرن ۾ عيش عشرت جو ماحول چوٽ چڙهي ويو هو. رعيت ڏانهن سندن لاپرواهي ۽ دٻدٻي واري رخ عوام جي دلين ۾ مايوسي پکيڙي.
    تنوير عباسي پڻ لکي ٿو ته آرين پاڻ سان اوچ نيچ ۽ ذات جا ويڇا آندا، برهمڻ ۽ شودر ان مذهب جي پيداوار آهن، ٻڌمت ڪجهه عرصي تائين اهي ويڇا ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ اسلام آيو، جنهن ۾ اهي ويڇا نه هئا، پر مقامي روايتن جي اثر هيٺ سيد ۽ امتي پيدا ٿيا. شاهه لطيف ان اونداهي جاگيرداري سماج جي رائج قدرن کي قبول نه ڪيو ۽ هن چئي ڏنو ته
    ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،
    آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،
    جو راءَ وٽ رات رهي، ته جُکي تان نه ٿئي.
    شاهه سائين جي گنج ۽ ٻين ڪيترن ئي قلمي نسخن ۾ ڪافي هندي ڪلام ۽ ڀڄن پڻ ملن ٿا.
    خود شاهه سائينءَ جي شاعري کي اڄ به ڀڳتين طور ڳايو وڃي ٿو. جنهن مان ثابت آهي ته شاهه سائينءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو خاصو اثر رهيو آهي. بنيادي طور تي ڀڳتي تحريڪ يا صوفي ازم اوچ نيچ، ذات پات، مذهبي منافرتن خلاف اهڙيون تحريڪون هيون، جن انسان ۽ انساني قدرن کي ويجهو رکي هڪٻئي سان جڙڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ اڄ به اسان جيڪڏهن ان پيغام تحت پنهنجي زندگيءَ جو رخ موڙيون ته اها نه صرف مٿين تحريڪن پر سڄي دنيا جي انسانن جي وڏي ڪاميابي هوندي.

    مددي ڪتاب
    شاهه لطيف جي شاعري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، جنوري 1995ع
    شاهه عنايت جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    تصوف جو سياسي ڪردار، اسلم آزاد
    سه ماهي مهراڻ، آغا سليم
    ڀٽ جو شاهه، ايڇ ٽي سورلي
    شاهه عبدالطيف، موتي لعل جوتواڻي
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    انسائيڪلوپيڊيا آف رليجن اينڊ اٿڪس


    ڀڳتي تحريڪ جا شاهه تي اثر : غلام نبي مورائي

    ڀڳتي تحريڪ بنيادي طرح تي هڪ اهڙي تحريڪ هئي، جا ذات پات جي ورڻ آشرم خلاف هڪ انقلاب جي صورت ۾ اُڀري، جنهن جو خاص فڪر هيو ته نجات يا مڪتي سڀ جو هڪجهڙو حق آهي ۽ سڀ ئي هن جنم مرڻ جي ڦيري مان ڇوٽڪارو پائي سگهن ٿا. هي فڪر اسلامي تصوف جي بلڪل ويجهو هيو. هي تحريڪ هندستان ۾ 7 صدي ۾ شروع ٿي، جا اتر طرف پکيڙ ڪندي تامل ناڊو ۽ ڪرناٽڪا مان ٿيندي مهاراشٽر پهتي. 15 صدي ۾ اها اچي بنگال ۽ اتر هندستان ۾ پهتي. هي سنتن جي ڀڳتي گيتن ذريعي عام ماڻهن جي دلين ۾ لٿي جيڪي ويچارا سنسڪرت سلوڪن ۽ برهمڻن جي اجائي غرور مان تنگ ٿي چڪا هئا. جتي مختلف ديوتائن ۽ ڀڳوانن جي اڪثريت هئي جن جا پوئلڳ پئي پاڻ ۾ وڙهيا ۽ اڪيچار رسمن، رواجن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيا، پر ڀڳتي شبدن ۾ دل جي شرڌا ۽ پيار جا پڙلاءُ سڀني کي هڪجهڙا موهن پيا. ايشور ڀڳتي جا گيت، موسيقي جي چاشني ۽ عام ٻوليءَ جي چشڪي ملڪ سڄي بنگال ۽ اتر هندستان کي مست ڪري ڇڏيو. ڪٿي جپ تپ، پوڄا جا ورت اُپواس ۽ ڪٺن ڪريائون ۽ ڪٿي سڀ هڪجهڙائي جا شبد “سڀ گوبند هئه” ڪبير جا سڏ ۽ سُڌ سمجهه جا هوڪا.
    “جل مين مين پياسي موهي سن ڪر آئي هانسي”
    ته تون خود خدا آهين، پر ڳولين ٿو ٻاهر تير ٿن تڪين تي.
    لطيف سائين چيو:
    “پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن”
    گرونانڪ چيو ته:
    “سڀ ڪجهه گهر ۾، ٻاهر ناهين”
    لطيف سائين چيو ته:
    “سوهي سوهُر سو اجل سو الله”
    ميران چيو ته:
    “نه مين جانون آرتي ٻنڌن، نا پوجا ڪي ريت،
    تير مين تو پريم ديواني، ميرا درد نا جاني ڪوئي.”
    “هر مندر ايهه سرير هئه” – (گرونانڪ)
    ٽمورتي جي تصور ۾ ڦاٿل انسان، جپ تپ، پاٺ پوڄا، هو ون يگيه ۽ تاتر ائن جون مشڪلاتون ۽ مامرن ۾ منجهيل مٿان اشٽ ديو، ڪٿي راما، ڪٿي ڪرشن، ڪٿي هنومان، ۽ اڪيچار ديوين جا تصور ۽ پوڄائون، ڀڳتي تحريڪ سڀني کي گڏي هڪ ۾ جمع ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته ڇوٽڪاري لاءِ انهن سڀن جو پوڄا پاٺ ڪرڻ ضروري ناهي، بس پيار ۽ عشق جي ضرورت آهي، پرڀو پائڻ لاءِ فقط پريم گهرجي، پنڊت ٿيڻ لاءِ:
    “پوٿي پڙهه جگ موئا پنڊت ڀيا نه ڪوءِ،
    ڍائي اڪشر پريم ڪي پڙهي سو پنڊت هوءِ”
    (ڀڳت ڪبير)
    گرو گوبند چيو:
    “ساچ ڪهون سُن ليهه سبي، جن پريم ڪيو تن هي پرڀ پايو.”
    سڀني ٻڌو ته جن پريم ڪيو، جو ايشُور مان ماڻهو جي وحدت کي پيار ڪري ٿو تنهن کي ئي پرڀو (پرڀ) ملي ٿو. ائين ڀڳتي تحريڪ سڀني ٻنڌڻن/بندشن مان آزاد ڪري سڀني کي مڪتي لاءِ حقدار قرار ڏنو، شرط آهي دل جي سچائي، صفائي، ايشور سان پريم ۽ خلق جي خدمت.
    جيئن بابا فريد گنج شڪر چيو:
    “فريدا خالق خلق ۾، خلق وسي رب مانهه”
    اسان جي سامي چيو:
    “خلق خالق ۾، خلق ۾ خالق.”
    ائين ڀڳتي ڪم سڻائو ڪري ڇڏيو، ويدن جي سلوڪن کي به سڻائو ڪري ٻڌايو ويوڇو ته تصوف وحدت الوجود فلسفي سان ٺهڪيل آهن.
    راجا واشڪليءَ رشي باهوءَ کي وينتي ڪئي ته آتما ڇا آهي ته رشي ماٺ ٿي ويو.
    لطيف سائين چيو:
    “جنين ڏٺي ست، تنين ڪڇيو ڪين ڪي.”
    گرونانڪ جي سٽ:
    “هر مندر ايهه سرير هئه.”
    اصل هري، مالڪ جو گهر ته هي جسم ئي آهي.
    لطيف سائين سمجهايو:
    “نائين نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”
    ڀڳتي تحريڪ چيو:
    “سڀ گهٽ رام بولي راما بولي رام نيا ڪو ٻولي ري”
    لطيف سائين جي ٻولي سولي، سُرلي ۽ وڌيڪ سمجهائيندڙ آهي، جيئن چيائون:
    “صوفي سير سڀن ۾ جيئن رڳن ۾ ساهه” يا “ ڏسڻ ڏسين جي همه کي حق چوين”
    دنيا ۾ ڪابه نئين شئي ڪانهي نه ڪا ايجاد ڪري سگهجي ٿي. هيءَ ڪائنات جي ڪمن مان اتساهه ميڙي ڪجهه نواڻ سان پيش ڪجي ٿي. ڀڳتي تحريڪ اسلام جي وحدانيت کان متاثر ٿي، امير خسرو جي شاعري موسيقي، معين الدين چشتي، بابا فريد گنج شڪر جي شعر جن کي گرونانڪ خود هٿ ڪري گرنٿ صاحب ۾ سهيڙيو ۽ گرنٿ صاحب ۾ ڏنل 15 ڀڳتين جون ٻاڻيون ان وحدت جا گيت آهن جي لطيف سائين جي بيتن ۾ ڳولي سگهجن ٿا. بلڪه وڌيڪ اثر ائتا، سڻاوا ۽ پُر اثر آهن. جيئن:
    “جي سوچندا اُگوي، سورج چڙهي هزار
    ايسي چانڻ هونديان، گُربن گهور انڌيار”
    شاهه سائين چيو:
    “سهيسن سجن اڀري چوراسي چنڊن،
    باالله ري پرين سڀ اونداهي ڀانئيان.”
    وري شعر آهي:
    “نينان انتر آئيو پلڪ ڍانپ توهي لون
    نه مين ديکون اؤر نه توهي ديکن دون”
    شاهه صاحب چيو:
    “اکين ۾ ٿي ويهه ته آءُ واري ڍڪيان،
    توکي ڏسي نه ڏيهه آءُ نه پسان ڪي ٻيو.”
    اهڙي طرح هڪ ٻئي کان متاثر ٿيڻ ۽ متاثر ڪرڻ صدين تي پکڙيل ادب جو ڏانءَ آهي. باقي تحريڪ ۽ تصوف جو محور ته هڪ ئي آهي، جو عشق عبادت ڏانهن مڙڻ، پاڻ کي رب طرف متوجهه ڪرڻ، اڪيلائي ۾ بندگي ڪرڻ، ماڻهن سان ڀلائي ڪرڻ ئي اصل واٽ آهي پرينءَ پسڻ جي. صوفي سڀ سماع ۾ جڙڻ جا مشتاق ۽ ڀڳتي ڪير تن ۽ ڀڄن ڳائڻ سان ان رنگ ۾ رنڱيا رهن ٿا. حرس هوس، لالچ ۽ ميڙڻ جي ڏچن کان آزاد ٿيڻ، پيار ڪرڻ ۽ بخشڻ جو ڪم ڪندڙ، دين ديال، ديناناٿ يا غريب پرور، بي پرواهه بادشاهه! نماڻا غريب پاڻ مارڻ ۽ خودي کائڻ وارا اعلى ظرف انسان جيڪي عشق جي ذريعي پاڻ وڃائي عدم جي جزي کي ناس ڪري حق سان هيڪڙائي ماڻن ٿا ته سندن ٻولي ئي ٻي آهي: چيائون
    “پاڻهي پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب
    پاڻهين خلقي خوب، پاڻهي طالب تن جو”
    (سُر ڪلياڻ)
    “آپي رسيا رس آپ، آپي راوڻهار”
    ڀڳتي جي ڀاو ۾ سڀ پاڻ ئي پاڻ آهي، وجود ته بس حق آهي، هڪ آهي.
    “آپي پٽي قلم آپ اوپر ليک به تون،
    ايڪو ڪهيئي نانڪ دوجا ڪاهي ڪون.”
    لا موجود الا الله جو ڪلمو ڪافي آهي. الاالله کي ايڪو يتيم يا ايڪ لؤنڪار چئي سڀ ٻيائي جا پڙدا دور ڪيا ويا، ڀرم لاٿا ويا، سڀ جي برابري ۽ هڪجهڙائي جا دليل ڏنا ويا.
    ڪبير چيو:
    “اول الله نور اپايا قدرت ڪي سب بندي
    ايڪ نور تي سڀ جڳ اُپجيا ڪوڻ ڀلي ڪون مندي.”
    پر شاهه سائين شاهڪار بي مثل ۽ لاجواب شاعر موسيقي جو ماهر ۽ تصوف جو شهنشاهه آهي، جنهن وٽ شاعري جي اعلى ترين نسل جا واهپا آهن، لفظن جي سائنس، عشق جي شراب جا مٽ ۽ عشقيه داستان جو الڳ ورتاءُ آهي. هي سنڌ سنڌين ۽ ساڻيهه جي اها سڃاڻ آهي جنهن جو ڪوثاني ڪونهي. مونکي چوڻ ڏيو ته جيئن هومر سواءِ يونان جي سڃاڻپ ناهي، ورجل ئي اٽليء جي اصل ساڃاهه آهي، فردوسي ايران جو غرور آهي، شيڪسپيئر سواءِ راڻي ايلزبيٿ بي معنى دؤر جي مالڪ، جو ان دور ادب ۾ چئون: Shakespeareanage، مائيڪل اينجلو جو سٽائين چيپل ڪڍو ته سڄي يورپ جو وچ وارو دور ٻُسو لڳندو ته ساڳي ريت سنڌ جي سڃاڻپ، ٻوليءَ جي حفاظت روايتن، تهذيبن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي ڪا معنى ناهي سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي. لطيف سنڌ آهي سنڌ لطيف آهي ۽ هر سنڌي هاڻي هو ڪٿي به رهي ڀٽائي جي بيت جو حوالو آهي. 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي جديد انداز سان شاهه تي ڪيل تحقيق اڄ به بي مثل آهي. 1947ع بعد هند ۾ رهندڙ اسانجي سنڌي ڀائرن شاهه کي نه وساريو. 1951ع ۾ ڪلياڻ آڏواڻي “شاهه” ڪتاب لکيو.
    1953ع ۾ اجمير مان شاهه جي ڪلام جو انتخاب شايع ٿيو. بمبئي مان ڄيٺمل مختلف عنوانن تي بيت گڏي “ڪامل جو ڪلام” ڪڍيو. 1958 ۾ ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو مرتب ڪيو. توهان وٽ ٺهيل سنڌالاجي ۽ ان جو ڪم ڪيل نه وسارڻ جو آهي نه وسرڻ جو آهي، جا جاکوڙ اڄ توهان جا محقق شاهه تي ڪن پيا، سا ڳاڻيٽي جوڳي آهي، پر ايڏي علم جو ڀنڊار پاڻ کي ڪينجهڙو ڪري لال ٿو ٿيئي.
    “پاڻ وڃايم پنهنجو، پئي پريان جي پاس،
    رتي علم نه راس ڌاران پسڻ پرين جي.”
    ائين جي خودي کي کائين ٿا هلو ته تڪيا پسون تن جا، مان ۽ طلب کي موٽ ڏئي هوت پاتائون، جو موتي خزانا ته مٽي پيا لڳن.
    “طلب جي تنوار متان ڪرين مڱڻا
    ڌڪي ڪندئي ڌار، موتي ڏئي مٺ ۾.”
    بندگي، ڀڳتي عشق ۽ سارڻ جا عجب رنگ فڪر ۽ ڦرهيون آهن.
    “تو جني جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي،
    فاذ ڪروني اذڪُر ڪُم اي پروڙج بات،
    هٿ ڪاتي ڳڙ وات، پڇڻ پر پرين جي.”
    هن بيت کي پيار سان پڙ هجو، قرآني آيت کي سولي سنڌي ۾ سموئي “تون مونکي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪيان” جو مطلب پهرين سٽ ۾ ڇا ڪمال ڪيو اٿس ۽ آخري سٽ ته سوچ لوچ جو پورو نصاب آهي، پيو پڙهه.
    “پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار
    ترهو تنين بار عشق جنين کي آڪرو”
    (سر سهڻي)
    “سڀت پچار پرينء جي سڀت هوت حضور
    ملڪ مڙيوئي منصور، ڪُهي ڪهندين ڪيترا”
    توهان سڀ خود شاهه جا پارکو آهيو، ڪهڙي ويهي شرح ڪيان، بس ماٺ ڪري مزو وٺو، هن عشق جي آڪاس جو.
    “ڀلا هوئا مسيري گهاگهر ڦوٽي،
    مين تان پڻيان ڀرڻ سي ڇوٽي”
    (ڪبير)
    “گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب،
    واڄٽ وڄي وجود ۾ رهيو روح رباب،
    ساهڙيءَ ثواب، آءُ گهڻو ئي گهوريان.”
    “چتان جي نه چُرن الا اَن مَ وسران.
    ڪانه گهرجي مون حياتي هوتن ري.”
    “ڪهڙي منجهه حساب هئڻ منهنجو هوت ري”
    آهي ڪنهن وٽ ههڙو ميٺاج، فڪر ۽ فلسفو، بس ان منڊ ۾ منڊيا وڃو ته ڏسو:
    “ڪانهي ٻي ورونهن ٿيو مڙيوئي مينڌرو،
    راڻو ئي راڻو راڻي ريء راڻي ڪو نانهه ٻيو”!
    ڪائنات خود برهم جو ڦهلاءُ آهي- Its projection not creation،
    شنڪر آچاريه وضاحت ڪندي لکيو ته آتما برهم جو جز ڪونهي جو برهم کي جزن ۾ ورهائي نٿو سگهجي. برهم هڪ آهي نه ٻه، نه ئي برهم جو هو بدليل روپ آهي ( اؤتار کي ايشور چوڻ غلط آهي ته بدليل روپ برهم نه ٿيندو) ڇو جو برهم تبديل کان آجو آهي. ها جيو آتما ۽ پرماتما ساڳي شئي آهي.
    هاڻي شاهه سائين کي ٻڌو ۽ غور ڪيو:
    “عاشق چئو مَ ان کي م- چئو معشوق،
    خالق چئو مَ خام تون م- چئو مخلوق،
    سلج تنهن سلوڪ جو ناقصئا مڱيو”
    (سرڪلياڻ)
    ڀڳتي عشق جي عوامي تحريڪ هئي ته تصوف به عشق جو عقيدو هو. ٻنهي جو چوڻ هو ته ڌڻي تائين رسڻ جو وسيلو مذهب جون ظاهري رسمون ۽ عبادتن کان وڌيڪ عشق آهي، انڪري شاه چيو:
    “روزا نمازون اِيءَ پُڻ چڱو ڪم،
    او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي”
    اهو ٻيو فهم عشق آهي. ساڳي ڳالهه ڀڳتي تحريڪ جي شاعر ڪبير پنهنجي انداز سان هيئن ڪئي.
    “پوٿي پڙهه جڳ مئا، پنڊت ڀيا نه ڪوئي،
    ڍائي اڪشر پريم ڪي پڙهي سو پنڊت هوءِ”
    ڀڳتن ۽ صوفي شاعرن عورت ۽ مرد جي محبت جي تمثيل ۾ ڌڻي سان عشق جو اظهار ڪيو.
    ٻنهي عورت بڻجي محبوب مرد سان محبت ڪئي ۽ پنهنجي پرينءَ جي هر عمل جي سرشاري ۽ هجر جي درد کي شاعري جو روپ ڏنو. هونئن صوفي شاعرن هندي زبان ۾ ڀڳتي واري شاعري ڪئي، جنهن جو وڏو مثال امير خسرو ۽ عبدالرحيم خان خانان آهن.
    خان خانان جو شعر آهي ته:
    “رحيمن ڌاگا پريم ڪا، مت توڙو جهٽڪاءِ
    ٽوٽي تو ڦر نا جُڙي، جڙي گانٺ پڙ جاءِ”
    خسرو جو شعر آهي:
    “خسرو، ايسي پريت ڪرو، جو نه هندوڪي جوءِ،
    پرائي پريت ڪي ڪارڻي، جل جل ڪوئلا هوءِ”
    هندي جي انهن صوفي شاعرن جو ڀڳتي شاعرن تي سڌو اثر پيو. ڪبير ته سڌو سنئون خسرو کان متاثر هو.
    حضرت بابا فريد شڪر گنج جو شعر آهي:
    “ڪانگا ڪرنگهه ڍنڍوليا، سگلا کايا ماس
    اي دو نيڻ نه ڇوليو، پريه ڏيکڻ ري آس”
    ميرا ٻائي اهو ساڳيو شعر هندي ۾ چيو:
    “ڪانگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس،
    يه دو نينان مت کائيو، پيا ملن ڪي آس”
    ڀڳتي ۽ صوفي شاعر جيئن ته عشق جا شاعر هئا ۽ سندن احساس جي ڪيفيت ساڳئي هئي. انڪري ٻنهي جا خيال ۽ احساس هڪٻئي سان مليا پئي.
    جيئن گرونانڪ جوشعر آهي ته: “هر مندر ايهه سرير هئه”
    يعني هري جو مندر هي جسم آهي. اها ساڳئي ڳالهه شاهه صاحب پنهنجي انداز سان ڪئي:
    “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”
    يا
    “پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو توکي لڳي”
    پر ڪن ڪن شعرن کان شاهه سائين ايترو ته متاثر ٿيو آهي جو انهن کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪري انهن کي نئين سر تخليق ڪيو آهي.
    جيئن گرونانڪ جو هي شعر:
    “جي سوچندا اُگوري، سورج چڙهي هزار،
    ايسي چائڻ هونديان، گُربن گهور انڌيار”
    اهڙو ئي شاهه جو شعر ته:
    سهيسن سجن اڀري چور اسي چنڊن،
    باالله ري پرين سڀ اونداهي ڀانئيان”
    ڪنهن ڀڳتي شاعر جو شعر آهي ته:
    “نينان انتر آئيو پلڪ ڍانپ تو هي لون
    نه مين ديکون اؤور نه تو هي ديکن دون”
    ان شعر کي شاهه سائين هيئن نئين سر تخليق ڪيو آهي:
    “اکين ۾ ٿي ويهه ته آءُ واري ڍڪيان،
    توکي ڏسي نه ڏيهه آءُ نه پسان ڪي ٻيو”
    ته انجي ڪهڙي تعريف ڪري ڪهڙي ڪجي، ڪهڙا ڳڻ چئي ڪهڙا چئجن، هو ڪَٿ کان ٻاهر اڪٿ آهي، بس سندس مهانتا ئي هڪ سِٽَ تي ختم ڪيان ٿو.
    “پريم تنهجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان”

    مهرباني.


    شاهه لطيف ۽ سندس هم اثر سرائيڪي، پنجابي ۽ ٻيا صوفي شاعر : پروفيسر ڪشمير سومرو

    هن ننڍي کنڊ ۾ صوفي مت جا بنياد ٻُڌمت ۾ ملن ٿا، جنهن ۾ خدا ۽ ڀڳوان جو ڪو واضح تصور موجود ناهي. ٻُڌ جي تصورن جي طاقت جو اندازو اِن مان لڳائي سگهجي ٿو، جو اُن مضبوط بنياد رکندڙ هندو ڌرم کي شڪست ڏني. ايم-اين راءِ چواڻي ته “هن ننڍي کنڊ جي بدقسمتي آهي، جو ٻڌمت کي هندو ڌرم وري شڪست ڏيئي ڇڏي”
    اسان جي عالمن ۽ محققن صوفي مت کي وچ اوڀر ۾ روشن خيال مسلمانن ۽ ڪٽر ملائن جي وچ ۾، هليل هلچل جو نتيجو قرار ڏنو آهي. اهو ڪافي حد تائين درست به آهي. مذهبي ڪٽر پڻي کان بغاوت جو نالو صوفي مت آهي. صوفين وحدت الوجود کي پنهنجي دين جو حصو ڄاڻايو، جڏهن ته ڪٽر مُلا وحدت الشهود کان ٻاهر نڪري نه سگهيا.
    ننڍي کنڊ ۾ صوفي مت جو ٻج، شهيد اعظم حسين ابن منصور الحلاج (922ع-858ع) جو پوکيل آهي. جيڪو 905ع ۾ گجرات کان سنڌو ندي وسيلي ملتان کان به اڳتي ويو هو. منصور جو نعرو “انالحق” اڄ به هند ۽ سنڌ ۾ گونجي رهيو آهي. صوفي مت جي تعليم سبب مذهبي عبادت گاهن ۽ درگاهن ۾ رقص ۽ سماع جو بنياد پيو.
    صوفي مت موجب، ڪائنات جي اندر ۽ ٻاهر جيڪو ڪجهه به آهي، هڪ ئي وجود جي جُزن تي مشتمل آهي. هر مظهر انهيءَ جو روپ ۽ پرتوو آهي. ان وجود کي سڃاڻڻ لاءِ وجدان جي ضرورت آهي. اهو وجدان حاصل ڪرڻ لاءِ نفس کي مارڻو پوندو آهي. نفس مارڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پوندا آهن. هڪڙا صوفي چون ٿا ته “شر” کان بچڻ لاءِ دنيا ترڪ ڪجي ۽ ٻيا چون ٿا ته “شر” کان بچڻ لاءِ “شر” جو مقابلو ڪجي. “شر” سان مقابلي لاءِ عمل جي ضرورت پوي ٿي. علم يا سمجهه جا ماخذ پنج حواس آهن، پر پنجئي حواس عقل ۽ دانش جا محتاج آهن. صوفي شاعرن وٽ انسان ۽ سندس تخليقڪار هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا رهيا آهن. سندن مطابق وحدت (فرد) ۽ ڪل (فطرت/قدرت/خدا) پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ اٽوٽ آهن.
    ننڍي کنڊ جا سڀ صوفي “ڪُل” يا قدرت يا فطرت يا خدا کي وحدت چئي ان سان عشق ڪن ٿا ۽ اهو عشق جو اظهار پنهنجو پاڻ سان عشق ڪرڻ جي برابر آهي.
    اهڙي طرح صوفي شاعر مذهبي ڪٽر پڻي جو مقابلو ڪن ٿا ۽ خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ وڇو ٽيون گهٽ ڪرڻ جي جدوجهد ڪن ٿا. هُو خالق کي سراپا سونهن ۽ سچ سمجهن ٿا ۽ ان کي ويجهي ٿيڻ لاءِ هو سونهن ۽ سچ سان پيار ڪرڻ ۽ مٿان جان گهورڻ کي به عبادت سمجهن ٿا.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752ع-1689ع) سنڌ جو اهو سر موڙ شاعر آهي، جنهن صوفي مت جي سوچ کي پنهنجي شاعري ۾ سموئي کيس آفاقي ۽ لازوال بڻائي ڇڏيو. شاهه سائين جي شاعري تي ايراني صوفي شاعرن رومي، عطار ۽ شيخ سعدي جي شاعري ۽ نظرين جو وڏو اثر رهيو آهي. شاهه سائين جي شاعري جو اثر ٻين صوفي شاعرن تي تمام واضح آهي، جن ۾ بلها شاهه (1757ع-1680ع)، وارث شاهه (1798ع-1722ع)، خواجه غلام فريد (1901ع-1845ع) ۽ سچل سرمست (1829ع-1739ع) شامل آهن.
    ڪجهه حوالن مان اهو پتو پوي ٿو ته سنڌ ۾ پهريون صوفي 9 صدي ۾ حاجي طراب هو. 13 صدي تائين صوفين جو هڪ ئي طريقو رائج هو. انهي کانپوءِ صوفين جون چار شاخون 1 سهروردي 2 نقشبندي 3 چشتي 4 قادري جو وجود پيو. گڏيل هندستان ۾ صوفين جو پهريون طريقو سهروردي وجود ۾ آيو. سهروردي طريقي جو اصل وطن بغداد (عراق) هو. سهروردي طريقي کي تغلقن جي حمايت به حاصل رهي.
    سنڌ ۾ صوفي شاعرن جي ڪم کي انگريز حڪمرانن گهڻو اڳتي وڌايو. (1843ع) ۾ سربارٽل فريئر سنڌي ٻولي کي تعليم جي ٻولي بڻايو. 12 لهجن کي ملائي هڪ لهجو تيار ڪرايو ۽ هن پنهنجي انگريز آفيسرن کي به سنڌي ٻولي سکڻ جو حڪم ڏنو. ٻيو لائق ذڪر جرمن عالم ترمپ صاحب هو، جنهن شاهه سائين جي شاعري کي روشناس ڪرايو ۽ شاهه صاحب جو رسالو ڇپرائي پڌرو ڪيو.
    صوفي حضرت محمد ﷺجي هن حديث تي عمل ڪندا آهن، جنهن ۾ فرمايل آهي ته، “جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن ڄڻ الله پاڪ کي سڃاتو.”
    قرآن پاڪ ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته “انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ مان انسان جو ڳجهه آهيان.”
    حضرت عيسى عه فرمايو، “ڏسو، خدا جي سوا طاقت انسان جي اندر ۾ آهي.”
    قرآن جي آيتن ۾ به “آئون يا “مان” جي صيغي جي بجاءِ اسان جو صيغو استعمال ٿيل آهي.
    ننڍي کنڊ جي صوفين جو پرچار ۽ عبادت انسان ذات جي چوڌاري گهمي ٿي. دين ڌرم سڀ انسان لاءِ آهي، انسان دين ڌرم لاءِ ناهن پيدا ڪيا ويا، انهيءَ ڪري سڀني صوفين انساني رواداري جو سبق ڏنو ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي ننديو آهي. صوفين انسان ۽ سندس خلقڻهار کي هڪ ٻئي ۾ ضم ڪري ڇڏيو. انسانن جي برابري لاءِ ڪنهن به ڏک، تڪليف جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي گهاڻن ۾ پيڙائي ڇڏيو.
    سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ هندي هن کنڊ جي صوفين جون ٻوليون رهيون آهن. انهن ٻولين جي آواز ۾ فطرت جو هڪ وجدان ۽ ميٺاج موجود آهي. پيار جو اظهار انهن ٻولين ۾ سڀ کان بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو. صوفين جي نظر ۾ بندو ۽ خالق هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. عاشق ۽ معشوق هڪ ئي وجود ۾ ساهه کڻن ٿا. شاهه سائين جن فرمائين ٿا:
    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀُل،
    هو هلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
    شاهه سائين فرمائي ٿو ته جيستائين دل ۾ دغا آهي، پوءِ ڀلي ظاهري شڪل صورت مسلمان واري هجي، ايمان وارو ٿي نٿو سگهجي، شاهه سائين فرمائين ٿا:
    ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائين،
    دغا تنهنجي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان،
    منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.
    (شاهه رح)
    شاهه سائين حق جي حقيقت هن طرح بيان ڪئي آهي:
    مُئي هاٿين سين مامرو، اچي پيو انڌن،
    مُناڙين هٿن سين، اکئين ڪين پسن،
    في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃا ڻين،
    سندي سردارن، بصارت بينا ڪري
    (شاهه رح)
    شاهه سائين حق کي هيئن به بيان ڪيو آهي:-

    ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
    هندو هڏ نه آهين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
    تلڪ تنهين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
    صوفي جو دشمن سندس اندر آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو:-
    صوفي لاڪوفي، ڪونه ڀانئين ڪير،
    منجهائي منجهه وڙهي، پڌر نه آهين پير،
    جنين ساڻ وير، هي تنين جو واهرو.
    (شاهه رح)
    پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب،
    پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو.
    (شاهه رح)
    عقل جي انڌن لاءِ فرمائين ٿا:-
    پاڻي مٿي جهو پڙا، مورک اُڃ مرن،
    ساهان اُوڏا سپرين، لوچي تان نه لهن،
    دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مُٺن جيئن.
    سڄڻ ۽ سوري، ٻئي اکر هڪڙي،
    وِهڻ وا ٽڙين تي، ڪارڻ ضروري،
    ٻنهي جي ڀوري، جي ڏني ري نه جُڙي.
    جن خيالن جو اظهار شاهه سائين جن ڍڪيل انداز ۾ ڪيو آهي سچل انهن کي کليل نموني بيان ڪيو آهي سچل سائين جن فرمائين ٿا:-
    مسجد ۾ تون آهين، ته مئخاني ۾ ڪير آهي؟
    بنايو گهر ڪعبي کي تو، ته بتخانن ۾ ڪير آهي؟
    لباس المومنين اوڙهي، قلوِب الڪافرين آيا،
    سڃاڻو ڪيئن “سچو” انسان ته انسان ۾ ڪير آهي.
    عام لوڪن ۾ شاهه لطيف ۽ بلهي شاهه ڪافين جي شاعرن طور سڃاتا وڃن ٿا. سندن زمانو به ساڳيو هو ۽ ٻئي مغلن جي ڏاڍ ۽ جبر جا شاهد رهيا ۽ انهن خلاف پنهنجي شاعري ذريعي جدوجهد ڪيائون. ٻنهي صوفين جو صوفين جي سلسلي قادريه سان تعلق هو. سندن دور ۾ صوفي دارا شڪوه شهيد ٿيو ۽ شيعه سُني وارو تضاد به انهن جي دؤر ۾ اڀري سامهون آيو.
    بلهي شاهه فرمائي ٿو ته:
    نه مين مومن نه مين ڪافر، نه سيد نه سيد،
    چوڏهين طبقين سرا، ساڊا ڪتي نه هوندا قيد،
    اڳتي وري هن ريت فرمايو اٿن:
    کتهي شيعه اي، کتهي سُني اي،
    کتهي جڻاداري، کتهي مُني اي،
    ميري سب سي، فارغ کُني اي،
    جو کها، سويار منيندا.
    بلهي شاهه سڀني تعصبن کان آجو هو. هن کي فقط پنهنجي مرشد جي هدايت موجب “حق ۽ سچ” چوڻو هو. پوءِ کڻي هندو هجي يا مسلمان ان لاءِ بلها شاهه آواز اٿاريندو هو. بلها شاهه مُلن جي طرفان ويڇا وجهڻ جي ڪري مٿن ڏاڍو ڪاوڙيل هو. هنجي نظر ۾ ملا ماڻهن کي منجهائي مارين ٿا. شاهه لطيف به پنهنجي شاعري ۾ مُلن کي تمام گهڻو ننديو آهي:
    مُليئن مُٺي ماءُ، جو پتو ڦٿو پيٽ ۾،
    سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾،
    ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿي،
    تنين کي تعليم جي، ڪڙهه اندر ڪاني،
    حرف حقاني، دور ڪيائون دل مان.
    بلها شاهه به پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت اظهار ڪري ٿو:
    سڄي ڄمار مسيت ۾ گذري، پر تنهنجي دل مان پليتي نه ويئي ۽ نه ڪڏهن سچي دل سان هڪ هيڪڙائي جي نماز پڙهيئي.
    عمر گوائي وچ مسيتي،
    اندر ڀريا نال پليتي،
    ڪدي توحيد نماز نه نيتي.
    (بلها شاهه)
    صوفي شاعرن ڪُل ۽ جُز کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. هنن جي اڳيان سڄڻ، مجنون، ليلا، دشمن، مرشد ۽ مريد سڀ هڪ ئي وجود جو نالو آهي.
    سُو هيءُ، سوهُو، سو اجل، سوالله،
    سو پرين، سوپساه، سو ويري، سو واهرو. “شاهه”
    ساڳيو مفهوم بلها شاهه وٽ هن ريت آهي:
    کهون بير پڙا، کهو بيلي هي،
    کهون مجنون هي، کهون ليلى هي،
    کهون آپ گرو، کهون چيلا هي.
    صوفي شاعر محبت ۾ مات ٿيڻ کي عشق چون ٿا ۽ ڪاتيءَ هيٺان ڪسجڻ ۽ باهه ۾ سڙڻ کي برابر سمجهن ٿا. شاهه سائين ڪاتيءَ کي پهرين پوڻ جو حال پُر شدت بيان ۾ عاشق کي ڏيکاريو آهي.
    پهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو،
    ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جيئن وڄاءِ،
    سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نيهن جو (شاه)
    بلها شاهه به ساڳين خيالن جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو آهي.
    جدون يحى ني پائي جهاتي،
    رمز عشق دي لائي ڪاتي،
    جلوه دتا اپنا ذاتي،
    تن خنجر کيتا لال،
    ايس نيو نيهه دي الڻي چال.
    صوفين جو خدا ۽ رسول هڪ ئي آهي ۽ دنيا وي علم انهن جو پرتوو آهي. جيئن بلها شاهه فرمائي ٿو:-
    علمون بس کري اويار،
    اکو الف تيرا درکار.
    شاهه لطيف ساڳي ڳالهه هن طرح ڪئي آهي:
    هارائج هنئين ۾، الف سندي اوڙ،
    ڪتابن جي ڪوڙ، منجهان ئي معلوم ٿئي.
    بلها شاهه الله پاڪ ۽ رسول ﷺ جن جي محبت جو عڪس بهترين طريقي سان بيان ڪيو آهي. فرمائين ٿا:
    احمد احد وچ فرق نه بلهيا،
    رتي کو بهيت مروڙي دا.
    موضوع ۽ خيال هڪڙو، بيان ڪرڻ جو انداز به ساڳيو ڄڻ ته سنڌي ۽ پنجابي ۾ ترجمو ٿيل هجن. شاهه سائين ساڳي ڳالهه بيان ڪئي آهي سُهڻي انداز ۾:-
    احد، احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
    آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾.
    (شاهه)
    مُلن طرفان مذهب جي ڀيانڪ شڪل پيش ڪرڻ تي صوفين کي ڏاڍي ڪوفت ٿيندي هئي. صوفين مُلن کي تمام گهڻو ننديو آهي. شاهه سائين ڪجهه هن ريت فرمائين ٿا:
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    پاڻان ڏوه چڙهن، جي ورق ورائين وترا.
    جِيئن جِيئن ورق ورائين، تِئن تِئن ڏٺو ڏوه،
    تنهن ڪهڻي ڪيو ڪوهه، جي رهڻي رهيو نه سپرين.
    بلها شاهه به مُلن مٿان ڪاوڙيل هو، کين تلقين ڪندي چون ٿا:
    کيون پڙهائين، گڊ کتابان دي،
    سر چانان اين، پنڊ عذابان دي،
    هُن هوئيا ئين، شڪل جلادان دي،
    اگي مشڪل پينڊا، بهارا اي.
    جتي صوفين شاعريءَ ذريعي زندگي جي سڀني پهلوئن کي چٽو ڪيو آهي، اُتي پنهنجي رهبر ۽ شهيد اعظم منصور حلاج کي به نه وساريو آهي. بلها شاهه فرمائين ٿا:
    شاهه منصور ڪهاوي،
    رمز اناالحق آپ سناوي،
    آپي آپ نون سولي چڙهاوي،
    تي ڪول کهلو ڪي هسدائي!
    بي حد رمزان رسدائي،
    ڊهولن ماهي.
    ٻئي طرف شاهه سائين پنهنجي رهبر کي ڪيئن سهڻي انداز ۾ ياد ڪيو آهي:
    جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
    سڀئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار،
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين.
    سنڌي ۽ پنجابي ٻولين جي ميلاپ مان نڪتي آهي سرائيڪي ٻولي، جنهن ۾ ٻنهي ٻولين جو رس ۽ چس موجود آهي. سرائيڪي ٻولي جو سرموڙ شاعر آهي خواجه غلام فريد (1901ع-1845ع) جنهن جي ڪافي هند ۽ سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول آهي. مٺڻ ڪوٽ جي هن صوفي شاعر تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سر مست جي ڪلام جو اثر ملي ٿو، هن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ ۽ سنڌي ثقافت جو ذڪر ڪيو آهي. محققن جو چوڻ آهي ته خواجه غلام فريد پنهنجي شاعري جو بنياد ئي سنڌي شاعري تي رکيو آهي. شاهه لطيف جي خيال وانگر خيال پڻ ملي ٿو. هن رب پاڪ جي ذات جو جلوو هرجاءِ، هر هنڌ ۽ هر جڳهه تي پسيو آهي. هن وٽ وجوديت اهم موضوع آهي. فرمائين ٿا:
    وحدت ذاتي سڀ دا،
    هي آغاز انجام،
    تکڙي تيغ لقي دي،
    غير ڪيتا قتلام.
    (خواجه فريد)
    خواجه فريد جڏهن هوش سنڀاليو هُيو. تڏهن کان سندس ذهن ۾ هيڪڙائي جو فلسفو ويهي رهيو. هن وٽ هيڪڙائي ڪجهه ان ريت آهي:
    هِڪ هَي، هڪ هَي هِڪ هَي،
    هِڪ دِي هر دم سِڪ هَي.
    پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ خواجه فريد به شاهه لطيف وانگر پنهنجي شاعري ۾ چوي ٿو:
    خود واجد خود موجود اور خود موجود،
    خود عالم خود معلوم اور خود علم،
    خود منور خود مُنوک اور خود نور،
    خود شاهد خود مشهود اور خود شهود.
    (فريد رح)
    ساڳيو خيال شاهه سائين اڳ ۾ بيان ڪري چُڪو آهي:
    پاڻهين جل جلالُهءُ، پاڻهين جان جمال،
    پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن ڪمال،
    پاڻهين پير مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال،
    سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.
    خواجه غلام فريد به شاهه لطيف ونگر سونهن ۽ محبت جو شاعر هو. خواجه فريد به عشق جي باهه جو سيڪ کاڌو آهي، ان سبب ڪري سندس ڪردار پرُ جوش آهن، فرمائين ٿا:
    تتي نينهن دي، پنڌ اڙانگي نين،
    ڏکي ڏونگر اوکي لانگهي نين،
    ڏنگڙي راهه اولڙي وَلڙي دي،
    ٻيا پنڌڙي روه جبلڙي دي،
    متان سمجهن مفت سهانگي نين.
    “فريد رح”
    شاهه لطيف خواجه فريد کان گهڻو اڳي سسئي جي ۽ اڻانگن واٽن جو ذڪر ڪيو آهي، فرمائين ٿا ته:-
    آڏو تراڇا، آهُڙا، ڏونگر کي ڏاڪا،
    ڪيم آه عجيب کي، سڪ منجهان ساڪا،
    پيئي هٿيڪي هوت کي، ڪُوڪ وڃي ڪَنِ ڪا،
    منهنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    (شاهه رح)
    فريد به شاهه سائين جيئن وحدت ۽ هيڪڙائي کي پنهنجي ڪلام جو موضوع بڻايو آهي، چوي ٿو:
    احد اوهي هي، احمد اوهي،
    ميم دي اولي، دلڙي موهي.
    وري چوي ٿو:
    احد تي احمد فرق نه ڪوئي،
    واحد ذات صفات نين.
    شاهه سائين ساڳئي ڳالهه هن طرح چئي آهي:
    احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
    آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾،
    صوفي شاعرن وٽ راڳ رهاڻ ۽ رقص وسماع جو وڏو درجو رهندو اچي پيو. ۽ انهي کي هو عبادت سمجهندا هئا. ان لاءِ ته انهن ڌڻي پاڪ کي هر جاءِ ۽ هر روپ ۾ پسيو آهي. هر صوفي انهي لحاظ کان هڪ خيال نظر ايندو. فريد فرمائي ٿو:
    هر صورت وچ يار داجلوه، ڪيا آسمان زمين،
    احدا هابڻ احمد آيا موهين چين بچين.
    “فريد رح”
    سڀني صوفين جو مقصد ساڳيو آهي. پر انهن جي ٻولي ۽ انداز الڳ رهيا آهن. شاهه سائين به ساڳي ڳالهه هن طرح چئي آهي:
    سڀ ڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالي ناهه،
    احد جي ارک ٿيا، سي ڪانئر ڪبا ڪانهه،
    محب منجهين من مانع، مون اڄا ڻندي اجهيو.
    (شاهه رح)
    صوفين ڪنهن به هڪ گروه يا فرقي جي پرچار ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي. هنن وحدت ۽ ڪثرت ۾ اهائي هيڪڙائي ڏٺي ۽ اُن کي ڳايو.
    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل ،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻي م ڀُل،
    هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
    (شاهه رح)
    غلام فريد به وحدت ۾ ڪثرت کي ڏٺو آهي. الله پاڪ جي تعريف پنهنجي ڪلام ۾ ڪئي آهي. فريد فرمائي ٿو:
    هر مظهر وچ آپ سماوي، اپڻا آپ ڪري ديدار،
    هر صورت وچ آوي يار، ڪرڪي ناز ادا لک بار.
    شاهه سائين وحدت ۾ ڪثرت واري خيال کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي فرمائين ٿا:
    ايڪ قصر، درلک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏ انهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    شاهه لطيف جي هن شعر جو غلام فريد تي ڪيترو اثر ٿيو آهي. ان جو اثر سندس هن شعر مان واضح طور تي نظر اچي ٿو. خواجه غلام فريد فرمائين ٿا:
    هر صورت وچ يارڪون، ڄاڻين غير نهين موجود،
    سڀ اعداد ڪونه سمجين، واحد ڪثرت هي مقصود.
    خواجه غلام فريد ۽ شاهه سائين جا اهڙا سوين شعر خيال ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڄڻ هڪ ٻئي جو ترجمو هجن. شاهه لطيف ڏيد سو سال اڳي اُهي خيال ڏئي ۽ چئي چُڪو آهي. حاصل مطلب ته تصوف جو فهم ۽ فڪر اڄ به ايڪوهين صَديءَ ۾ چوڏس چوڌاري متل مانڌاڻ ۾ نخلستان جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ ڏيندو رهندو.


    صوفي شاعرن جي تخليقي ٻولي شاهه جا تخليقي ٻول : وينا شرنگي

    مرڪزي ساهتيه اڪادمي سيمينار 22 مارچ 2014ع اجلاس پهريون

    سنڌ جي صوفي شاعرن جي تخليقي ٻولي تي نظر ڪنداسين ته انهن طرفان ڪتب آندل ٻولي ۾ عام انسانن جي ڏکن سورن، غمن خوشين، عشق محبت جي جذبن، عقيدن ۽ ڌڻي جي عبادت جا انيڪ رنگ پسڻ وٽان ملندا. ڪهڙي ڳالهه آهي جو انساني جذبن، خوابن جي ترجماني ڪندڙ اهي احساس عام هوندي به خاص ۽ علحده نظر اچن ٿا. شاهه لطيف به ته انهن ئي احساسن ۽ جذبن جو ئي ذڪر ڪيو آهي. ڪائنات طرفان خلقيل حسين منظر وڻ ٽڻ، گل ڦل، نديون نار، ڍنڍون، ٽڪريون، پهاڙ، پکي پسون، يا ماڻهو، مرون زرعي پيداوار هجي يا معدني، عام ۽ خاص پورهيت يا حڪمران، ڌارين جون يلغارون، وطن واسين جي ريتن رسمن، پهراءُ تهذيب ۽ تمدن کي پيش ڪرڻ لاءِ بيتن ۾ پنهنجي ماروئڙن طرفان ڳالهيندڙ ٻوليءَ جو ئي ته سهارو رتو آهي. تخليقي شعور ذريعي لفظن کي اهڙو ته لباس اوڙاهيو جو عام انسانن اڳيان اِهي شيون هوندي به، اُهي انهن کي پسڻ جي باوجود پرکي ۽ ايترو ماڻي نه سگهيا. سمنڊ ۾ جڏهن برسات جون بوندون ٽپ ٽپ ڪري پون ٿيون تڏهن انهن بيشمار بوندن مان وري ڪن ٿورين بوندن کي سپ جي صدقي انمول موتي جو درجو نصيب ٿئي ٿو. ائين لطيف سائين جي بيتن جي ٻوليءَ جا لفظ رواجي نه پر غير رواجي رتبو ماڻين ٿا، عام ۽ خاص ماڻهن جي لبن تي رقص ڪن ٿا. انهن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي تخليقي ٻوليءَ جي جلوي ۽ مال جو ديدار ٿيندو، جيئن سنگتراش رواجي پٿر کي پنهنجي فني قابليت ذريعي ڇيڻي ۽ هٿوڙيءَ سان تراشي شاهڪار روپ بخشي ٿو، جيڪي صدين بعد به ڪاريگريءَ جو نادر نمونو ڳاٽ اونچو ڪيو نظر اچن ٿا. اجنتا الورا هجي يا کجرائو جون مورتيون يا ڪونارڪ جي سوريه مندر جون مورتيون. صدين کان ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺيون آهن. ساڳيءَ طرح شاهه جا بيت پنهنجي شاندار تخليقي ٻوليءَ ڪري ٽن سئو سالن جي عرصي بعد به پاڻ طرف ڇڪين ٿا. اڄ جي دور ۾ به ڄڻُ اسان جي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا. لطيف سائين پنهنجي بيتن لاءِ پاڻ فرمائين ٿا:
    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن
    (شاهه)
    شاهه جو اهو اظهار خود ثنائي نه بلڪ سچ جو پڙاڏو آهي. اڄ به هندو چاهي مُسلمانن وٽ شاهه جي رسالي کي ڌارمڪ گرنٿن سان گڏ رکڻ جو شرف به رهيو آهي. جنهن وقت عربي فارسي جو اثر ۽ دٻدٻو هو تنهن وقت شاهه انهن ٻولين جي لفظن کي پنهنجي تخليقي عمل ۾ ڌوڪي ڪاهُڻ کان پري ڪري بهاريو. انهن ٻولين جاڪي لفظ گهڙي پيا پر شاهه اُنهن مٿان پنهنجي مٽيءَ مان پيدا ٿيل ٻوليءَ کي ترجيح ڏيندي، اُن جو اهڙو استعمال ڪيو، جو ٽن صدين بعد به وقت جي لتاڙ ۽ دَزَ ان کي نه ميرو ڪيو نه وري لٽيو. اهو ئي ڪمال آهي. جيستائين انسان ذات جو وجود آهي تيستائين ان عظيم شاعر جي تخليقي ٻوليءَ جو به جلوو ۽ جمال برقرار رهندو. سندس شاعري، دل کي ڇهندڙ، ۽ رنگن جي انڊلٺ عام ۽ خاص جو من موهيندي رهندي.
    ڏات ڌڻي ڄيٺمل پرسرام شاهه لاءِ فرمايو آهي ته- شاهه سنڌي ٻوليءَ جو ڇٽُ آهي.
    شاهه جي اظهاريل ٻوليءَ ۾ سڀئي خوبيون نظر اينديون- (1) سلاست- (روزمرهه استعمال ٿيندڙ لفظ) (2) فصاحت- (زبان سولائي سان جهٽي) (3) بلاغت- (وقت ۽ حال سان ٺهڪي) (4) جدت- (علحدا مضمون، جي ساڳيا به هجن ته ان جو انداز انفرادي هجي.)
    شاهه جي ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو جنهن جو ثبوت آهي ته عام ۽ خاص ۾ ڪلام مقبول رهيا. مڪمل شعر نه پڙهڻ چوڻ يا لکڻ جي باوجود ڀرپور اظهار ملندو ڪيترا پهاڪا چوڻيون محاورا ۽ استعارا ڏنا:
    الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک سهن
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي،
    اچو ته سورن واريون ڪريون سور پچار،
    اي نه مارن ريت جي سيڻ مٽائين سون تي
    سنهيءَ سُوئيءَ سبيو مون مارن سين ساههُ
    پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.
    ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
    وڳر ڪيو وطن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
    ستر ڪر ستار آئون اُگهاڙي آهيان
    جنين لاءِ مياس، سي ڪانڌي ئي نه ٿيا
    ادي آئون اڻ ڄاڻ، جو سڱ سڃانِ نه ڪيو
    مارئي جي ڪردار لاءِ هڪ هنڌ شيخ اياز فرمايو آهي- اگر لطيف مارئي، جو رسالي ۾ ذڪر نه ڪيو هجي ها ته اُها ٻين ڀڄايل عورتن جيان عام ڪردار بڻجي پوي ها. اهو ئي ته تخليقار جو ڪمال آهي. هيءُ سُر منهنجي دل جي قريب آهي ان ڪردار مان ئي پريڻا حاصل ڪري تنظيم جو نالو مارئي رکيو- جيڪو ڪردار سادگي وفا ۽ حب الوطني جو مجسم آهي. پنهنجي لاثاني ٻوليءَ ۾ مٽيءَ ماءَ جي گود ۾ سمائڻ واري خواهش جو ان ڪردار ذريعي شاهه شاندار چٽ چٽيو آهي.
    واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس
    گور منهنجي سومرا! ڪج پهنوارن پاس
    ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي منجها ولڙين واس
    مُيائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏئي
    (شاهه)
    لطيف جي ٻوليءَ جو ڪمال اهو آهي جو چاهي بيت جي پهرين سٽ هجي يا اڌ پر اُها اڻپوري نه لڳندي، ڪيترن ڏات ڌڻين پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن جا عنوان شاهه جي ڪلامن مان ورتا آهن. انهن کان متاثر ٿي خود مقالي لکندڙ پنهنجي تخليقي پورهئي کي شاهه جي ڪلامن مان سٽون کڻي عنوانن کي سينگاريو آهي (1) پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (سنڌ جو سفر نامو) (2) وايون وڻجارن جون (ولائت جو سفر نامو) (3) تون ڇپر تو ڇانوءَ مضمون (4) ڪيچان آيو قافلو وغيره شيخ اياز جي ڪتابن جي نالن تي نظر وجهنداسين (1) ڪپر ٿو ڪنُ ڪري (2) رمندا بادل (3) وڄون وسڻ آيون (4) ڇپر منجهه ڇڙيون وغيره. عنايت بلوچ به پنهنجي ولائت جي سفر نامي جو نالو- (1) پرديسي ڪهڙا پرين ۽ (2) پرين جي پرديس ۾ انکان علاوه شاعري جا ڪتاب (3) تندڪٽار ڪنڌ وغيره ڏنا آهن. فتاح ملڪ به پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو عنوان “اسان آئونگ چاڙهيو” ڏنو آ ۽ ٻين به ڪيترن جا ڪتاب نظر ايندا ان طرح بي شمار مضمونن ۽ ڪالمن جا عنوان به ڏنا آهن اهي شاهه جي تخليقي ٻوليءَ کان ئي متاثر ٿي لفظ گهڙيا آهن. سڄڻ ۽ ساڻيهه، پلئه پايو سچ، عاشق زهر پياڪ، آڇيندي لڄ مران وغيره
    شاهه لطيف جي تخليقي ٻوليءَ جو ئي ڪمال آهي جو سنهي سئي کان وٺي ڪک کي به مان بخشيو آهي. چاهي سنڌ جا هنر هجن، تاريخي ڪردار، ٿر بر هجي يا سنڌ جي جاگرافي، انهن جو ذڪر ڪري ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو. سندس چيل بيتن جون سٽون مُهاورا به بڻجي ويا آهن.شعوري ۽ لاشعوري طور هر ڪو پاڻ کي ان سان جڙيل محسوس ڪري ٿو جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت ورا عنصر ملندا. بيتن ۾ فصيح ڪلام انهن سٽن کي اُچاريندي ڪنهن کي به دقت نه ٿيندي، چاهي ڳوٺاڻي گهريلو عورت هجي يا جستجو ڪندڙ انسان يا وري پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ ماتر ڀوميءَ کي ياد ڪندڙ. اگر بلاغت جي لحاظ کان ڏسون ته شاهه جو ڪلام جهڙو ٽي سؤ سال اڳ وقت مطابق هو تهڙو اڄ به وقت ۽ حال جي ڪسوٽيءَ تي ثابت قدم نظر ايندو. عشق هجي يا درد جي دانهن، خوشي هجي يا غم، وري جي سلاست تي نظر ڪريون ته مٿين بيتن جو سٽون اُچارڻ ۾ پريشاني نه ايندي. ضروري نه آهي ته عالم فاضل تحقيق ڪندڙ يا پارکو هجي اُهوئي سمجهي سگهندو عام سنڌي ڳالهائيندڙ به ان کي پاڻ سان لاڳو ڪري سگهي ٿو. اهائي ته شاهه جي ٻوليءَ جي خوبي آهي. جيڪڏهن جدت جي ڳالهه ڪجي ته شاهه موضوع ته ڌرتي، انسان ذات، مُندن ۽ ڪائنات وغيرهه سان وابسته کنيا پر هر طبقي ۽ هر علائقي جي زبانن جي لفظن کي کڻي پنهنجي بيتن ۾ انهن جو سهڻو استعمال ڪيو ۽ اهڙي ڍنگ سان پيش ڪيو جو اُهي ٻين کان الڳ ٿي پنهنجي انفرادي حيثيت قائم ڪري بيٺا آهن، پوءِ چاهي ٿر هجي يا برُ، وچولو، سرو، لاڙ، ڪاڇو سنڌ جي عوام کي ٻولي ذريعي جوڙيو آهي، جنهن ڪري هر ڪنهن سندس ٻولن کي سر اکين تي رکيو آهي.
    ڀٽائي گهوٽ شاهه عبدالطيف جي تخليقي ٻولي جي چڱي طرح پروڙ تڏهن پوندي جڏهن اسين سندس تخليق ڪيل ڪن چونڊ بيتن تي نظر ثاني ڪيون. ائين ته سڄو رسالو تخليقي ٻوليءَ جي پيالي سان پُر آهي. جنهن ۾ وحدت الوجود، حقيقي عشق جا منظر پسي سگهون ٿا. عام ڪردارن کي کڻي جن جو مختلف سُرن ۾ ذڪر ڪيو آهي، اگر انهن مان ڪي نه شامل ڪنديس ته لڳندو مقالو اڌورو آهي. حالانڪ هيءَ جهان ئي مڪمل نه آهي ته اهڙي حالت ۾ مڪمل جي دعوا ڪرڻ به ٺيڪ نه ٿيندي. وقت جي محدودگيءَ کي ڏسندي ڪن سرن مان ڪي بيت پيش ڪري رهي آهيان. جن ۾ مڻيادار ٻولي ڇوليون ماريندي نظر ايندي- سُر سهڻي:
    ٻڏندڙ ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
    پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي ڪي ڪکن،
    توڻي ڪنڌيءَ ڪن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
    (شاهه- سُر سهڻي)
    چوڻي آهي: ڊوبتي ڪو تنڪي ڪا سهارا- تخليقي ٻولي جي سُونهن ته نظر ايندي پر سُر ڪيڏارو ڪربلا جي جنگ تي ٻڌل امامن جي شهادت واري سُر ۾ جيڪو چتر چٽيو آهي سو لڱن ۾ سيسراٽ وجهي ٿو ڇڏي هيءُ سرُ منهنجي دل جي قريب آهي. بيت جون ڪي سٽون پيش ڪنديس:
    ڪن دانشورن جو چوڻ آهي ته شاهه جي رسالي ۾ ٻارهان هزار لفظ استعمال ٿيل آهن ڊاڪٽر نواز علي شوق لکي ٿو صرف اُٺ لاءِ ويهه لفظ ڪتب آندا آهن اُٺ لاءِ بُختي لفظ جو به استعمال ڪيو آهي جيڪو عربي لفظ آهي جنهن جي معنى اُٺ آهي. ڳاڙهي رنگ جو هوندو آهي ان جي تصوير جمشيد جي تخت تي اڪريل آهي:
    بُختي بلوچن، ڌاڙي خاطر ڌاريا
    (شاهه)
    علي احمد عرس ويهه هزارن جو ذڪر ڪندي شاهه طرفان ٺيٺ سنڌي لفظن جي ور ور اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي ٻ، ڄ، ڏ و وغيرهه. مرزا قليچ طرفان لغت تيار ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو حالانڪ ڪيترن ٻين طرفان به ڪم ڪيل آهن، الڳ الڳ دستخن جو ذڪر ملندو. ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي رسالي هرپهلوءَ کي اُجاگر ڪيو آهي هر ٻوليءَ جو پنهنجو مزاج ۽ لهجو ٿيندو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي فرمائين ٿا. ٻولي ئي شاعريءَ جي صحت جو ماپو آهي. ان جو بهترين مثال شاهه جو رسالو آهي.
    مطلب ته مجموعي طور ڏٺو وڃي ته شاهه لطيف زمان ۽ مڪان جي حد بندين کان ٻاهر نه رڳو پنهنجي دور جو مفڪر ۽ شاعرآهي پر جڏهن اڄ دنيا ايڪويهين صدي ۾ سائنس ۽ ٽڪنالاجي جي مهابي آسمان جي بلندين کي به پار ڪري چڪي آهي تڏهن به ايڪويهين صديءَ ۾ شاهه جديد سنڌ جي اڏاوت ۾ مشعل جو ڪردار ادا ڪري ٿو.


    ”ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا“ : پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ

    شاهه سائين جي حياتي وارو دؤر، اضطراب ۽ شورش وارو دؤر هو. سمنڊ جي وهڪري وانگر هر شئي متاثر ٿي رهي هئي. زندگيءَ جا سمورا پهلو، ڪَر موڙي تاريخ جي نئين تحقيقاتي دؤر لاءِ تيار ٿي رهيا هئا اهڙي صورتحال ۾ عوام الناس جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ جڏهن شاعر پنهنجي شاعراڻي ڏات جو استعمال ڪري ٿو، تڏهن سندس پيغام زمان ۽ مڪان جون حدون ٽپي هر ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ جهڙو مفيد ۽ اثرائتو ثابت ٿئي ٿو. شاهه سائين ڪائنات کي تخيل جي رنگ ۾ چٽي پيش ڪيو آهي ۽ عين فطرت جي مطابق پنهنجي فڪر ۽ فهم، وجدان ۽ ذوق سليم سان ان جي تعليم ڏني ۽ ان مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي تلقين ڪئي. انساني تخليق ارتقا جي آخري تصوير آهي. انسان ڏسڻ ۾ گهڻو ئي نازڪ ۽ نفيس آهي پر عزم ۽ ارادي ۾ ايڏو ئي پربت وانگر مضبوط پڻ-
    لطيف سرڪار پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني فطرت جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪئي آهي. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري جو پيغام ڏنو اٿس. پنهنجو پاڻ سُڃاڻڻ سان گڏ فطرت جو مشاهدو ماڻڻ ۽ اُن تي غور و فڪر ڪرڻ جو چيو اٿس:
    گُل گُل پسي گودڙيا! گهڻا مَ ڀانئيج،
    سوئي سڃاڻج، هيء هُو آهي هيڪڙو.
    انساني زندگيءَ جو بنياد عمل تي آهي پوءِ اهو عمل مذهبي نقطئه نظر کان هجي يا معاشرتي نقطئه نظر کان هُجي. عمل بنا انسان ڪنهن ڪم جو ناهي. معاشرتي نقطئه کان پڻ انسان کي اِها روش اختيار ڪرڻي آهي جنهن ۾ انساني لاڳاپن جا قدر (Values) برقرار هجن ڇو ته اهي لاڳاپا تڪبر، ڪيني ۽ پاڻ ڀانئڻ سان برقرار رهي نه ٿا سگهن. زندگي آرام ۽ آسائش جو نالو نه آهي. جياپي جو انساني مفهوم اهو آهي ته پنهنجي ذات سان گڏ ٻين لاءِ جيئڻ گهرجي. پنهنجي ذات لاءِ جيئڻ حيواني جيوت جو اهڃاڻ آهي. انسان زندگي گذارڻ ۾ هڪ جوڳيءَ مثال آهي، اڄ آهي سڀاڻي نه هوندو. جوڳي ڪيتريون تڪليفون سهن ٿا، نه هُنن کي بک جي پرواهه آهي ۽ نه ئي اُڃ جي.
    “جوڳيئڙا جَهان ۾، هُئا منجهه حَمام،
    آرا مان اَرڳُ ٿيا، اوڏا نه آرام،
    ڪيائون قيام، آئون نه جيئندي اُن ري.”
    اهوئي سبب آهي جو شاهه سائين گهڻو عرصو سير ۽ سفر ۾ گذاريو. جَر، ٿَر، جبل ۽ ڏنگر ڏوريائين. شاهه سائين جڏهن21 سالن جو نوجوان هو تڏهن سامين جي صحبت ۾ سڄا سارا ٽي سال سفر ڪيائين. پاڻ 12 ڏينهن ۽ 12 راتيون جوڳين سان گڏ حيدرآباد جي ويجهو گنجي ٽڪر جي هنج ۾ ڪالي ديوي جي مڙهي ۾ گذاريائين، پوءِ جوڳين سان گڏجي مڪلي ويو، جنهن ڪري هن شروع ۾ تصوف جي اصولن کي ويدانت جي عينڪ سان ڏٺو هو. جوڳين سان گڏ، جُوءِ به جُوءِ ڀٽڪندو رهيو.
    جوڳي ويدانت جي اصولن مطابق تن کي تپسيا ۽ جسم کي فاقا ڪڍرائيندا آهن. شاهه سائين به ساڻن ويدانت جي واديءَ ۾ قدم رکيو. تپيسائون ڪري، جسم کي ڳاري پرڀوءَ کي پائڻ لاءِ جوڳي پاڻ جلائيندا رهيا ۽ شاهه سائين به ساڻن جوڳ پچائيندو آيو. انهن سان گڏ تير ٿن تي به ويو. هندو فقيرن سان سير ۽ سفر دوران انهن جي ريتن رسمن ۽ زندگي جي مقصد جو گهرو مطالعو ڪيائين، پراڻن ڪتابن ۽ سفر نامن کي پڙهڻ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، هندو جوڳي ۽ ٻيا فقير، قديم زماني کان، هند ۽ سنڌ جو سير سفر ڪندا رهيا ۽ جوڳ پچائيندا رهيا ۽ تيرٿ ڀيٽيندا رهيا.
    جوڳي ۽ سنياسي آدرشن موجب، هُو پاڻ سان هرشيءَ مٽي مان ٺهيل کڻندا آهن، جيئن مٽيءَ جا باسڻ (ٿانو) جهڙوڪ ڪُني، دانگي، پاٽ، تَس، جمني، ڇَل، دَکي، لوٽو، مٽيءَ جو سَرهاڻو (ويهاڻو) وغيره
    نَڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
    اَهڙا جن اُهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري
    لطيف سرڪار، پنهنجي سفر هنگلاج ۽ لاهوت ياترا ۾ جوڳين جي تحريڪ کي اکين سان ڏٺو هو ۽ اُنهن سان گڏجي ساڳئي مقصد لاءِ ڪم به ڪيو هئائين. شاهه سائين جي مشاهداتي قوت تمام تيز هئي. هن نهايت گهرائيءَ سان، هندو فقيرن جي هلت چلت، رهڻي ڪهڻي ۽ زندگيءَ جي مقصد جو نهايت گهرو اڀياس ڪيو جيئن ته شاعريءَ جو واسطو، جذبن سان گڏ سوچ سان به آهي جيڪڏهن سوچ منطقي هوندي ته اهڙي حالت ۾ لفظ اهڃاڻ جو رُوپ وٺندا. سائين، جيڪو 3 سال جوڳين سان گڏ سير سفر ۾ گذاريو، اُن ۾ ڪيترين ئي تاريخي جاين کي ڏٺائين، پَرکيائين ۽ انهن تاريخي جاين ۽ جوڳين جي زندگي مان گهڻو تجربو حاصل ڪيائين. هر جاءِ تي لکين انساني ڀلائي، پيار ۽ خوبصورتي جا منظر ڏٺائين۽ اهي منظر پنهنجي جذبن ۾ سمائي ڇڏيائين. ڪٿي به ڪو حسد، نفرت ۽ ٻيائي نظر نه آيس. شاهه سائين پهريون وڏو شاعر آهي جنهن پنهنجي مشاهدي ۽ صلاحيت سان شاعريءَ ۾ حقيقي ۽ چٽو رنگ ڀريو آهي.
    “جاگُر ڏني گودڙي، سامُون کي ٿي مَرڪ،
    چيلا! ماري چَرخ اوڍي ويهه ادب سين”
    شاهه سائين، جوڳين سان صحبت واري دؤر ۽ هنگلاج ۽ ديوي آستان جو ذڪر سُر رامڪليءَ، کاهوڙي ۽ سُر پرڀاتي ۾ خوب ڪَيو آهي.
    سُر رامڪليءَ ۾ جِن تاريخي ماڳن، مَڪانن يا اوتارن تير ٿن جو ذڪر ڪيو آهي انهن ۾ اسين ماتا هنگلاج ديوي آستان جي جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت کي ڏسنداسين.

    هنگلاج:
    لس ٻيلي ۾ 30،35 اُتر ۽ 31،65 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ، هنگلاج جبل تي سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار کن فوٽ مٿي ۽ هنگلور نديءَ جي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري هنڌ کان 15 کان 16 ڪلو ميٽر اڳتي هڪ سوڙهي ماٿري ۾ آهي. هنگلاج جي ڏکڻ ۾ مالڻ (Malan) جبل آهي هتان هالار جبل جي پڇڙيءَ ۾ مڪران جي سامونڊي ڪناري واري جابلو سلسلي جي شروعات ٿئي ٿي.*
    هنگلاج واري ماڳ کي، “اڪل پنٿ” به چون ٿا. هِتي هڪ ديوي جو مندر آهي، جنهن کي مسلمان ناني ۽ هندو ڪالي امبا، پار بتي ۽ درگا ماتا وغيره چون ٿا.
    “نانگا نانيءَ هَليا، هِنگلاجان هَلي،
    ديکي تَن دُوارڪا، مَهيسِين مَلهي ،
    آڳھ جن عَلي، آئون نه جِئندِي اُن ري”
    هندو ديو مالا واري ڊڪشنري مطابق هن کي مهاديوي (شِوِ جي زال) پاربتي (پربت جي ڌيءَ) مهاوت (هماليه جي ڌيءَ) ديوي چون ٿا. هيءَ شِوِ جي مؤنث سگهه آهي. هِن جا ٻه رُخ آهن هڪ جلالي ۽ ٻيو جمالي. سندس پهريون رُخ پوڄيو ويندو آهي، سندس جمالي رُخ اما آهي. ٻيا نالا اٿس گوري، هيماوَتي، جگن ماتا ۽ ڀواني ماتا، سندس هڪ شديد رُخ “درگا” به آهي.
    سنڌ جو ڏاهو ۽ محقق دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته سنڌي صوفي درويشن جوڳ جي عقيدي وارن انهن جوڳين، فقيرن ۽ ڀڳتيءَ جي انهن ڀڳتن جو قدر ڪيو، جيڪي ڌڻيءَ جي هيڪڙائي جي پرچار ۾ پورا هئا توحيد جي پرچار لاءِ مسلمان درويشن جوڳ ۽ ڀڳتيءَ جي عنوان کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ۽ رسمي ناٿ ۽ رسمي رام جي بجاءِ حقيقي ناٿ ۽ حقيقي رام يعني الله سان عقيدت ۽ محبت جو سبق ڏنو. انهي سبق کي مؤثر بنائڻ لاءِ شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ جوڳين جي جوڳ ۽ جاٽائن کي وڌيڪ روشني بخشي ته جيئن برهمڻ نظرئي يا ڪنهن دشمن منصوبي جي خلاف سنڌ جو سادو ماڻهو پنهنجي جدوجهد جوڳين وانگر اڪيلي سرانجام ڏئي سگهي.
    شاهه سائين جي فڪر جو ڪمال آهي جو، جوڳي فقيرن جي عادتن، بندگي، تپسيا، گڻن ۽ گيان کي، پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ته پُر اثر انداز ۾ بيان ڪيو اٿس جو، پڙهندڙن جي دل تي گهرو اثر ڪري ٿو. ڇو ته جوڳي اَڻ هوند وارا ٿيا ۽ خوديءَ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون. جوڳين وٽ سچي عشق جو سمورو خزانو آهي. هُو پنهنجي گُرو سان خالص محبت ڪن ٿا. لطيف سرڪار هنگلاج ۽ ماتاديويءَ جو سير ڪري اهوئي درس ڏنو ته انسان کي مالڪ حقيقي سان محبت ڪرڻ گهرجي ۽ دنياوي لوڀ لالچ کان پاسو ڪرڻ گُهرجي.

    “جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته وٺي وحدت ويهه
    اُونهو مُلڪ الله جو، ڪُنهن ڇُلي ڏٺو نه ڇيهه
    ماٺ مڙهيءَ جي پيهه، ته ويٺي ئي ويرناٿ ٿئين.

    ___
    * بدر ابڙو- “هنگلاج لاهوت” سنگم پبليڪشن ڪراچي 1991ع ص 26


    ”پئي جهانءِ جَهروڪَ ۾“ : بينش ماها قائم وريا ماڻي

    سنڌ جي سرزمين ڪيئي سُهڻا سُخنور ۽ شيرين زبان شاعر، اديب، دانشور ۽ سُورهيه پيدا ڪيا آهن، جن هن حيرت ڀري واديءَ ۾ هميشه محبت، امن ۽ آشتي جي جوت جڳائي، انساني دلين کي روشن ۽ مُنور پئي ڪيو آهي. سنڌ جي سرزمين، سچائي ۽ سُونهن ڀري آهي. اهڙي محبت واري ڌرتيءَ تي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو 1689ع ۾ جنم ٿيو. شاهه سائين سراپا محبت ۽ امن آهي. شاهه سائين جو رسالو هيرن جي کاڻ آهي. شاهه سائين جي شاعري تي هڪ نگاهه وجهنداسين ته خبر پوندي ته هِن وقت سنڌ توڙي ان کان ٻاهر سڄي دنيا ۾ علم ۽ ڄاڻ جي صاحبن، علم ادب جي پارکن ۽ نقادن، ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته لاکيڻو لطيف نه رڳو آفاقي شاعر آهي، پر سندس عظمت جي بلندين کي ڪير به ڇهي نه سگهيو آهي.
    شاهه سائين ۾ تخليقي سگهه بدرجه اُتم موجود هئي ۽ تخليق تڏهن اوسر حاصل ڪندي آهي، جڏهن اُن ۾ تحرڪ هجي. احساس، جذبو ۽ فڪر اهڙا ادراڪ آهن جن سائينءَ جي ڏات کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.
    شاهه سائين پيڙهيل طبقي کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو. سماج جي اوسر لاءِ اتساهيندڙ نظريا ڏنا. هُن سنڌ کان علاوه، هند جي ڪيترن ئي شهرن جو سير ۽ سفر ڪيو ۽ مشاهدو ماڻيو. پاڻ سيلاني محقق هو. سندس رسالي ۾ جن قصن ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪيل آهي، انهن هنڌن ماڳن جو، شاهه سائين خود سير ڪيو هو ۽ سندس انداز بيان سائنسي ۽ تحقيقاتي هو.
    سُر سورٺ جو سورمو راءِ ڏياچ سنڌ جي تاريخ جو هڪ وساريل ورق آهي، جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. راءِ ڏياچ جي قصي کي، پنهنجي فڪري روين مطابق مختلف طريقي سان بيان ڪيو آهي.
    سُر سورٺ، شاهه جي رسالي جي سڀني سُرن ۾ نهايت منفرد معنى خيز ۽ اهميت وارو سُر آهي هن تاريخي داستان جي ڪهاڻيءَ جا ٽاڻا ٽڪاڻا ۽ انهن سان منسوب روايتون ۽ ڳالهيون، هڪ اهڙو منظر پيش ڪن ٿيون، جيڪو جيءَ کي جهوريندڙ ۽ عبرت آموز هئڻ سان گڏ، “ڏياچ جي خود قرباني يعني سِرَ جي سخا جي عمل کي پيش ڪري ٿو. سنڌ جي سخين ڏاتارن ۾ راءِ ڏياچ جو نالو نهايت احترام ۽ عزت سان ورتو ويندو. ڪاٺياواڙ رياست ۾ سفر ڪندي جڏهن لاکيڻي لطيف “گِرنار” جي قلعي جو سير ڪيو تڏهن راءِ ڏياچ بابت مقامي معلومات حاصل ڪيائين ۽ چيائين ته:
    “ٿيو غلغلو گَرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو”
    هي قصو ڏهين صدي عيسوي جو آهي، جڏهن سنڌ ۾ عرب دؤر پنهنجي پڄاڻي کي پهچي رهيو هو، مقامي سومرا اُڀري رهيا هئا ۽ سنڌ جا سما، سنڌ مان وڌي ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجون جُدا جُدا رياستون قائم ڪري چڪا هئا. اُنهن ۾ “چاڏن سمن” (چؤڙن سمن) جي ڪاٺياواڙ ۾ راجائي قائم هئي.
    سمن جي گهراڻي سنڌ تي 1350ع کان 1520ع تائين حڪومت ڪئي، جيتوڻيڪ سنڌ تي 170 سال حڪومت ڪيائون پر سندن مکيه قبيلا آڳاٽي وقت سنڌ جي وچولي ايراضي ۾ رهندڙ هئا. اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح وقت موجوده شهيد بينظير آباد (نواب شاهه) ضلعي جي مشهور بستي “سمن ساوڙي” سمن جو مکيه مرڪز هئي. پوئين دؤر ۾ خاص ڪري “لاکاٽ” وارو ڀاڱو سندن طاقت جو مرڪز هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي، سمن قبيلن جي ڪاٺياواڙ ۾ حڪومت ڪرڻ بابت لکيو آهي ته، “875ع ڌاري راءِ چوڙا سمي ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ گاديءَ جو هنڌ، “ونٿلي” کي مقرر ڪيائين، سندس پويان پاڻ کي “چوڙاسما” سڏائڻ لڳا. راءِ “گرهرپو” هن گهراڻي جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي.
    جهوناڳڙهه جو مشهور قلعو به سندس ٺهرايل آهي، هي قلعو ونٿلي کان اٺ ميل پري گرنار جبل جي اولهه طرف آهي. جهوناڳڙهه جي ساري شهر کي عالم پناهه آيل آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. راءِ گرهرپو 982ع ۾ وفات ڪئي، کانئس پوءِ سندس پُٽ راءِ ڪوات گادي نشين ٿيو، جنهن 1003ع ۾ وفات ڪئي جنهن کانپوءِ سندس پُٽ راءِ دياس تخت تي ويٺو. “ڏياچ” دياس جي بگڙيل صورت آهي.
    راجا راءِ ڏياچ سورٺ جو سهاڳ هو. جهوناڳڙهه کان ڏهه ميل اوڀر، ڪاٺياواڙ رياست ۾، گرنار جي پويتر ٽڪري آهي، جنهن تي جين ڌرم جا زبون حال مندر موجود آهن. سنگ مرمرجهڙي پٿر (سماق Granite) جي جُڙيل هي مقدس ٽڪري، سطح سمنڊ کان ساڍا ٽي هزار فٽ بُلند آهي، تقريبن ٽن هزار فوٽن جي بلنديءَ تي 16 جين مندر ٺهيل آهن. گرنار ٽڪريءَ جي تري وٽ تاريخ اُڪريل آهي: مهاراجا اشوڪ جا 14 فرمان (اٽڪل 251ق.م)
    سترپ ردرادمن جا نقوش ( 151ع) ۽ گپتا مهاراجا سڪند گپتا جا احڪامات (455ع)، هن مقام جي مذهبي ۽ تاريخي اهميت جا شاهد آهن (چئمبرس،ج 6،ص 355) سنڌ ۾ سمن قبيلن آڳاٽو اسلام قبول ڪيو هو ۽ عربن سان گهڻو اُٿي ويٺي هُئن، جنهنڪري سخاوت سندن شعار بڻجي ويئي. سما خوشحال هوندا هئا. منگتا، مڱڻهار وٽانئن دل گهريادان وٺندا هئا. سوالي سندن در تان ڪڏهن به خالي نه موٽيو تنهن ڪري سندن سخا جي هنڌين ماڳين هاڪَ هُلي وئي. دل کولي سخا ڪيائون ۽ ڏان ڏنا. ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن کي ويتر ورسايائون. سمن مان ڏهه ڏاتار مشهور ٿيا:1 وڪيو ڏاتار 2 جاکرو جادماڻي 3 ڄام ڪرن 4 راءِ ڏياچ 5 راهو هوٿياڻي 6 ڄام اُنڙ 7 سپڙ چوٽاڻي 8 ڄام لاکو 9 ڄام اوٺو ککراڻي 10 هڻند ٿڌياڻي.
    ڀٽن، ڀانن، انهن ڏاتارن جي قصن کي خوب ڳايو. شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر پڻ انهن ڏاتارن جي سخاکي خوب ڳايو. ڇو ته هن قصي ۾ سخاوت جو طريقو عجيب آهي جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
    “چارڻ تنهنجي چنگ ۾، توحيد جي تار،
    وحدهٗ لاشريڪ لھٗ، تندن ايءُ تنوار،
    مون کي تنهن وار، فڪر هڻي فنا ڪيو.
    شاهه سائين دراصل سنڌ جي ماڻهن کي انهن لافاني ڪردارن تمثيلن ۽ علامتن ذريعي تصوف جا طريقا سمجهايا آهن. لطيف سائين تصوف جون ڳالهيون، تصوف جا نقطا ۽ فلسفو تمثيلي انداز ۾ سمجهايا آهن.
    سورٺ، ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي قصي ۽ ڪردارن وسيلي پنهنجي نيڪ ۽ صالح فڪر کي هڪ فرد کان پوري قوم ڏانهن ۽ پوءِ دنيا جي سمورين قومن ڏانهن کڻي وڃي ٿو. يعني اسان پنهنجو انفرادي ڪردار جڏهن اعلى نموني سان ادا ڪندا سين ته پوءِ عالم انسانيت لاءِ اعلى ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق بڻجي سگهنداسين مثال:
    ساري رات صاحب کي، ڳڙهه ڀَرِ ڳايائين،
    اُٺس ماڻِڪَ مينهن جئن، هٿ نه ڇُيائين،
    تي لائق لڌائين، جيئن هو ميراثي مڱڻو.
    حاصل مطلب جهوناڳڙهه علائقي جو هي لازوال داستان سخاوت، همت، حوصلي ۽ سورهيائي جو اهڙو مثال آهي جو اڄ به هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ان ڪردار تي فخر محسوس ڪري ٿو.
    هر عورت جي ڪهاڻي، انسانيت ۽ پيار سان ڀرپور ڪهاڻي آهي پر هتي سورٺ جو ڪردار هڪ اهڙي سنڌي عورت جو ڪردار آهي جيڪا راڄ ماتا (راءِ ڏياچ جي اصل ماءُ) کان هڪ قدم اڳتي وڌي ٻيجل جي ٻانهي بنجڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ڏياچ کي بچائي سگهي.
    سورٺ جي محبت انتهائي منزل تي پهتل آهي. هوءَ جڏهن پنهنجي وَر کي بچائي نه ٿي سگهي ته پوءِ پاڻ راءِ ڏياچ سان گڏجي سَتي بڻجي وڃي ٿي. ٻئي ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جا لازوال ۽ حيرت انگيز ڪردار آهن. هڪ پاسي راءِ ڏياچ سخاوت جي انتها ڪري ڇڏي ۽ ٻئي پاسي سورٺ پنهنجي سهاڳ ۽ پيار خاطر جيئري ستي بڻجي پاڻ ملهايو.
    راءِ ڏياچ جو سادگي ۽ سخاوت وارو ڪردار اهم آهي جنهن کي سخاوت ۽ واعدي نڀائڻ ۾ ڇوٽڪارو (Solution) نظر اچي ٿو. هن جي آڏو سِر، مُلڪ يا حڪومت ڪا حيثيت نه ٿا رکن. اهڙا انسان تاريخ جي هر دؤر ۾ ملن ٿا. راءِ ڏياچ بنا ڪنهن لالچ ۽ مفاد جي سِر ڏئي سَرهو ٿيو. سورٺ اهڙو اهڃاڻ آهي جيڪو جهڙن ڪردارن جي، حفاظت لاءِ ساڻن گڏ گڏ ڪم ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن هو ڪوشش جي باوجود چڱائي ۽ طاقت جي سرچشمي کي بچائي نه سگهندو آهي ته پوءِ پاڻ به اهڙي ماحول ۾ رهڻ بدران اُن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو آهي چاهي اُن لاءِ اُن کي ڪيتري قرباني ڏيڻي پوي. حالانڪ اهو چيو ويندو آهي ته عورت جي طبيعت ٻاجهاري ۽ نرم هوندي آهي. هُو رفيق القلب ٿئي ٿي. پر هِتي سورٺ پنهنجي وَر تي جان نڇاوَر ڪري محبت جو ڪنڌ مٿي ڪيو، اهڙي شان ۽ مان کي ڏسي، جهوناڳڙهه جون سڀ عورتون ڏکاريون ٿي پون ٿيون ۽ سورٺ جي محبت کي سلام پيش ڪن ٿيون ۽ بهادري تي داد ڏين ٿيون. سڄي جهوناڳڙهه جي ڏک واري ڪيفيت کي شاهه سائين، هِن بيت ۾ بيان ڪيو آهي.
    “محلين آيو منگڻو، ساز کڻي سُري،
    سِسي تنهن سلطان کان، اچي گهوٽ گُهري،
    هنڌين ماڳين هاءِ ٿي، ٻيجل دانهن ٻُري،
    جهونا ڳڙهه جُهري، پئي جَهانءَ جهروڪ ۾”

    نوٽ: جنهن زماني ۾ هي قصو وجود ۾ آيو اُن زماني ۾ جهوناڳڙهه سنڌ ۾ هو تنهن ڪري هي سنڌ جو داخلي داستان آهي.


    شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر : امان الله شيخ

    ڪوبه فلسفو، فڪر، آدرش ۽ اصول پاڻمرادو اوچتو نروار ٿي سامهو ن ڪونه ايندو آهي، پر انهن جي اوسر ۽ آبياري ۾ صدين جو سفر ۽ اڪيچار انسانن جو علمي ۽ عملي پورهيو شامل هجي ٿو. هونئن ڀڳتي تحريڪ ايتري ئي آڳاٽي/ قديم آهي، جيترو هي پنهنجو مهاڀارت. مطلب ته انساني سماج ۾ جيئن شعور ۽ ساڃاهه جا سَلا نسريا ته انهن جي سنگم جو هڪ اظهار ڀڳتي تحريڪ پڻ آهي.
    ائين جڏهن ڪوبه فڪر يا فلسفو ڪنهن جاءِ تي پهچي اڳتي وڌڻ جي سگهه وڃائي ويهندو آهي ته بيٺل پاڻي جي تلاءَ وانگر سُڪوت (Stagnant) ۾ ٿي وڃي ٿو. ان جي نتيجي ۾ اهو فلسفو يا فڪر مورڳو رسمن ۽ ريتن جي نالي ۾ ڏيک ويک ۽ نماءَ جو نمونو بڻجي ته اهڙي صورتحال جي خاتمي لاءِ رد عمل به اڻٽر بڻجي پوي ٿو. ڀڳتي تحريڪ به مذهبي قدامت پرستيءَ جي خلاف ردعمل يا جواب بڻجي سامهون آئي ۽ ڀڳتي تحريڪ پنهنجي اُڀار ۽ نواڻ سان مذهبي ريتن، رسمن ۽ پوڄا پاٺ کي پاسائتو ڪندي ڄاڻايو ته ڪوبه مذهب بالادست ۽ قابض نه هجي ٿو. ان جي برعڪس پُر امن بقائي باهمي (Peaceful Co-Existence) جي اصولن تي ڪاربند رهڻ ۾ ئي آجپو ۽ ڇوٽڪارو هجي ٿو. مطلب ته ڀڳتي تحريڪ هندو ڌرم ۾ آيل قدامت پرستي/ راسخ العقيده (Orthodoxy) جي آڏو للڪار بڻجي آئي. ائين هي وشال اپکنڊ علمي ۽ فڪري لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
    ڀڳتي تحريڪ جو مکيه علائقو تامل ناڊو کي ڄاڻايو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ ڏکڻ هندوستان ۾ شوِ-وشنو ۽ سندس اوتار جي ٽه مورتي کي فڪر ۽ فلسفي جو مرڪز ڄاڻايو ويو.
    ڀڳتي تحريڪ جي فلسفي ۽ فڪر جو بنياد هيڪڙائي يعني هڪ هستي کي ڄاڻايو ويو جنهن موجب سندس ڪوبه مَٽ ۽ ثاني ڪونهي، ان کي برهما (Barhama) جو نانءُ ڏنو ويو.
    جڏهن هندوستاني فڪر ۽ فلسفو محض عقيدت پرستي ۽ قدامت پرستيءَ جي گرداب/ڪُن ۾ ڦاسي پيو هو، ان ۾ جنهن منش نواڻ آڻي کيس متحرڪ ڪيو، ان عظيم فيلسوف جو نالو مهارشي شنڪر آچاريه (820ع-788ع) آهي. سندس فڪر ۽ فلسفي کي ادوتا ويدانت (Advita Vedant) چيو وڃي ٿو ۽ سندس تحريڪ کي ڀڳتي تحريڪ چيو وڃي ٿو.

    ڀڳتي تحريڪ جو تواريخي پس منظر
    هندستان جي فيلسوفيانه فڪر جي تواريخ ۾ جيڪا وٿ لکت جي شڪل ۾ پڌري ٿي سامهون آئي، ان ۾ ويدن (Vedas) کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ مهانتا حاصل آهي. ويدن کي قديم هندستان جي فڪري ادب جو اهم ۽ بنيادي سرمايو چئي سگهجي ٿو. هونئن جيتريقدر ويدن جي قديم/آڳاٽي هئڻ جو تعلق آهي ته عالمن ۽ محققن جي وچ ۾ اختلاف راءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هندوستان جي فلسفي کي سوڌڻ، سموهڻ ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ وارن مان ميڪس ملر (Max Muller) جو اهم پَد ليکجڻ ۾ اچي ٿو جنهن جي راءِ مطابق ويدن جي ڄمار 400 ق-م آهي. جڏهن ته بال گنگا ڌر تلڪ جي ڳڻ ڳوت مطابق 2400 ق-م ۽ ڊاڪٽر راڌا ڪرشن جي کوجنا مطابق 1200 ق-م ڄاڻايل آهي. انهن اختلافن جي باوجود به صاف ظاهر آهي ته ويد هِنَ ڌرتي جا سڀ کان آڳاٽا پُراڻ آهن. ان کان سواءِ ويدن بابت اها به چٽائي موجود آهي ته اُهي ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو پورهيو يا ثمر ڪونه آهن، پر مجموعي طور انهن رشين ۽ گيانن جي گيان ۽ ڌيان جو ثمر آهن، جن پنهنجي شعور ۽ ساڃاهه وسيلي علم ۽ عرفان حاصل ڪيو. هونئن به ويدن جي معنى ۽ مفهوم: علم، گيان، وديا (Knowledge) ڄاڻايو ويو آهي.
    صدين جي سفر کان پوءِ ويدن جي علم ۽ گيان جي ڀنڊارن جو ڪارج محض ريتون، رسمون شاستر وڌي (Rituals) وڃي رهيو. اڳتي هلي انهن ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ فيلسوفيانه ڪلپنائن/ خيالن کي سوڌڻ ۽ سموهڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان جي نئين شڪل اپنيشدس (Upanishads) جي نالي سان نروار ٿي. اپناشدس جي آمد جو مقصد هندوستاني فلسفي ۾ قدامت پرست سوچ ۽ فڪر کي رد ڪري آزادانه ۽ باعمل فيلسوفيانه نوعيت جو اپٽار ڪرڻ هو. اپناشدس جي اهميت جو ڪاٿو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُهي هندوستاني فلسفي جي ٻين ڌارائن/شاخن تي به اثر انداز ٿيا.

    اپنيشد (Upanishad) جي معنى ۽ مفهوم
    ميڪس مولرمطابق ته ان جو ڌاتو: “سيڊ” (Sad) يعني مشروط، گڏڻ، اسپگرگُ ۽ “ني” (Ni) يعنى ته ويهڻ. ان جي ٿلهي ليکي معنى بيهي ٿي ته گرؤ يا مرشد جي آڏو مودبانه/ ادب ۽ احترام سان ويهي پرائڻ. انجي برعڪس پال ڊيوئسن (Paul Deussen) جي کوجنا مطابق آچاريه شنڪر کان وڌيڪ اپنيشدس کي ڪوبه وڌيڪ اجاگر ڪري ڪونه سگهيو آهي، جنهن مطابق اپنيشدس جي مختصر ۽ جامع معنى آهي اندر ۾ سانڀيل ڳُجهه يا راز (Secret) . ميڪس مولر کان وٺي داس گپتا ۽ راڌ ڪرشن تائين سڀئي سهمت آهن ته ڊيوئسن کان وڌيڪ اپنيشد جي تز ۽ ٺهڪندڙ معنى ٻي ڪونه آهي، ڇو ته اپنيشد ابتدائي ايامڪاري ۾ سيني به سيني منتقليءَ جي عمل مان لانگهائو ٿيندا رهيا ۽ لکت جي صورت ۾ ڪونه آيا هئا. ڇو ته جن به مفڪرن اپنيشدن جي واڌ ويجهه ۾ هٿ ونڊايو انهن اندر جي شڪتي کي اجاڳر ڪري آئينو بڻائڻ تي وڌيڪ زور ڏنو هو.
    داس گپتا جو خيال آهي ته ادبي لحاظ کان اپنيشدس جي ترڪيب ۽ تفهيم ڪرڻ جي بدران ڏٺو وڃي ته اُهي پنهنجي سٽاء ۽ ڄاڻ ۾ ويدن کان جداگانه ۽ منفرد آهن، اپنيشدس اسان کي ڄاڻ جي راهه (Path of Knowledge/ Janan Morga ) ڏانهن رهنمائي ڪن ٿا، جڏهن ته ويد عمل جي راهه(Karma Morga/ Path of Action) ڏانهن سونهون ڪن ٿا.
    راڌا ڪرشن جي راءِ موجب ته اپنيشدس پنهنجي جوهر ۽ خيال ۾ حتمي طور ويدن جي اپٽار/تشريح جو ذريعو آهن.
    شنڪر آچاريه جي خيال مطابق 11۽ راڌا ڪرشن انهن کي 18 ڄاڻائي ٿو، جڏهن ته داس گپتا جي راءِ موجب اپنيشدس جو انگ 12 هو. هونئن اپنيشدس کي تواريخ ۾ وڏي پذيرائي دارا شڪوه (1615ع-1659ع) جي دور ۾ حاصل ٿي. هندوستان جي هِنَ روشن خيال، انسان دوست ۽ صوفي سڀاء رکندڙ اپنيشدس کي فارسي زبان ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏنو جن جو ڳاڻيٽو 50 بڻجي ٿو.
    ريند (Rende) جي چوڻ مطابق ته ويدن کان اپنيشدن جو رستو مختصر لفظن ۾ هيئن جداگانه هجي ٿو ته اهو پوڄا پاٺ ۽ ظاهري ريتن رسمن کان اڳڀرو فلسفي ۽ ڏاهپ جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جو وسيلو آهي. اپنيشدس اڪيچار ديوتائن آڏو آزي نيزاري ڪرڻ جي برعڪس وحدانيت (Monotheism) ڏانهن گهڻي ڀاڱي مائل ڪن ٿا. ڊيوڊ هيوم (David Hume :1711-1776) جي راءِ ۾ ته اپنيشدس جو فلسفو “برهما ازم” کي پنهنجي اپٽار جو مرڪزي نُقطو سمجهي ٿو.
    راڌ ڪرشنن چواڻي ته برهما جي معنى سچائي آهي جنهن جي وصف ۽ واکاڻ نس نس ۾ سمايل هجي ٿي. ان جو مطلب ته برهما جي معنى اهو مرڪزي اهڃاڻ يا شڪتي آهي، جيڪا دنيا جي جوهر ۽ سَت بابت ڄاڻ جو ڪارڻ هجي ٿي.
    جديد هندستان جو عمارت ساز ۽ پهريون وزير اعظم جواهر لال نهرو (وفات 1964ع) پڻ 1958ع ۾ گوهاٽي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو؛”اپنيشدس جو جوهر /روح/ ست ۽ مهاتما ٻڌ جي تعليم بنيادي طور سائنسي سوچ سان واسطو رکن ٿيون، جنهن ۾ کوجنا ۽ تحقيق جا عنصر اوهان جي ذهني سوچ کي ڪارائتو بڻائين ٿا ۽ اڃا به وڌيڪ ته اسين دليل ۽ تجربي جي آڌار تي اڳڀرائي ڪيئن ڪري سگهون ٿا.”
    هونئن هندوستاني فلسفي جي تواريخ ۽ ان ۾ مختلف شخصيتن جي پورهئي ۽ جدوجهد تي مٿاڇري نظر اڇلائڻ جي ضرورت هجي ٿي جن جي مُهابي ڀڳتي تحريڪ ۾اڳڀرائي ٿي. انهن شخصيتن جي فڪر ۽ سوچ جو پنڌ ترتيبوار مختصر طور هيٺين ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿو .

    ورڌمان مهاوير(540-568 ق-م) Vardhamana (Mahavir) )
    ورڌمان جنهن کي مهاوير به چيو وڃي ٿو، ان جي معنى آهي سورهيه يا سورمو جيڪو “جين مت”(Jain Doctrine) جو بانيڪار چيو وڃي ٿو. جين مت جو بنيادي اصول آهي ته بدي ۽ بڇڙائي جي قوتن کي زير ڪرڻ لاءِ تياڳ/ تارڪ الدنيا (Ascetism) بڻجڻ سان ئي مَن کي ڪامنا حاصل ٿئي ٿي. مهاوير 28 وَرهين جي ڄمار ۾ حق/روحانيت جي ڳولا ۾ گهر کي تياڳ ڏنو ۽ سڄا سارا ٻارنهن وَرهيه جهنگ جهاڳيندو رهيو. هو عملي طور تن تپسيا(Self-mortification) ۾ مستغرق/ محو رَهيو. انت ته کيس ابدي نجات (نرواڻ) حاصل ٿي.
    مهاوير جي فلسفي ۽ فڪر جو بڻ بڻياد اهنسا (Ahisa) ۽ ڪرما (Karma) آهن:
    اهنسا (Ahisa) : سڀئي ساهوارا هڪ جيترو ملهه ۽ قدر لَهن ٿا ۽ انهن ڏانهن پنهنجو رويو/لاڙو جارحانه يا اڳرائي وارو نه هئڻ گهرجي.
    ڪرما(Karma) : ڪائناتي قانون ۽ شڪتي، جنهن مطابق جيڪو پوکبو سوئي لڻبو. جين متي جا پوئلڳ هندوستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا پر انهن جا اهم ٿاڪ يا ٺڪاڻا گجرات ۽ راجسٿان ۾ آهن.
    (نوٽ: راجسٿان ۽ سنڌ جون سرحدون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون.)
    جيئن ته مهاوير ئي سڀ کان پهريائين ويدن جي آخري ۽ سچ هجڻ کان نابري ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ان انڪار جي اصول کي به جين مت جو اهم جز ڄاتو وڃي ٿو.

    سڌارٿ گوتم ٻڌ (483-563 ق-م )
    (Sidhartha Gutama The Bhudha)
    سڌارٿ گوتم به ڇوٽڪاري/نجات جي ڳولا ۾ گنگا جي ميدانن ۾ سير سفر ڪندو رهيو ته جيئن جوڳ حاصل ڪري سگهي. انت ته کيس هڪ ڏينهن نرواڻ حاصل ٿيو. امالڪ سندس وات سان نڪتو:
    “مان پنهنجن سڀني اوگڻن مٿان سَرسي حاصل ڪري ورتي، مون ساڃاهه وسيلي ننگ ناموس کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، مان سڀني شين کي تياڳ ڏئي ڇڏيو ۽ مون کي مُڪتي حاصل ٿي وئي. جيئن ئي مون خواهشن کي لتاڙيو... مون ۾ ٿڌائي ۽ ٿهرم واسو ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ نرواڻ ۽ ڪرما حاصل ٿيا اَٿم. ڇو ته هي سڄو سنسار سُروم-دُکوم-دُکوم آهي. معنى سڀ ڪجهه ڏک- ڏک آهي.”

    شنڪر آچاريه (820ع-788ع) (Sankar Acharya)
    شنڪر آچاريه جو شمار هندوستان جي فلسفي ۽ فڪر جي تاريخ ۾ علم ۽ ڏاهپ جي مهندارن ۾ ڪيو وڃي ٿو. شنڪر، مهاتما ٻڌ (483-563 ق-م) کان پوءِ فڪري سلسلي جي هڪ اهم ڪَڙي ليکيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هي ويدانتي باغ جو اهو سدا بهار ٻوٽو آهي جنهن جي خمير ۾ هندوستان جي اَساسي فلسفي جي آبياري ٿيل ۽ ان جي هُڳاء کي مختصر لفظن ۾ ادوتا (Adivita) چيو وڃي ٿو. ان مان مراد آهي ته دُوئي (Dualism)کي رد ڪري وحدانيت جو پرچار ڪرڻ. شنڪر ٿوري ڄمار ۾ ڏهن اپنيشدن، “برهم سوتر” ۽ “شريمڌ” ڀڳوت جون جيڪي به شرحون/تفسير لکيا، ان حوالي سان هلندي دنيا تائين کيس وحداني قدرن جي مفڪرطور ياد ڪيو وڃي ٿو. مطلب ته وحدانيت کي هندوستان ۾ نواڻ بخشڻ وارو شنڪر آچاريه ئي آهي. شنڪر جو فلسفو “ادوتا ويدانت” (Adivita Vedanat) چيو وڃي ٿو.
    شنڪر جي تعليم ۾ برهما (خدا) ئي حقيقت آهي. اهو ئي واجب الوجود آهي. ان کان سواءِ ڪوبه حقيقي معنى ۾ موجود ناهي. سندس فڪر کان اولهه جا ڏاها ۽ مفڪر پڻ فيضياب ٿيا. جن ۾ اسپنوزا (1632-1677) ، لائبرز، فختي (1762-1814) ، هيگل (1770-1830) ، شوپنهار (1788-1860) شمار ڪري سگهجن ٿا. انهن مان فختي ۽ شنڪر ۾ ايڏي ويجهڙائپ آهي جو کيس اولهه جو شنڪر آچاريه چيو وڃي ٿو.
    اسان کي ڄاڻ آهي ته ڀڳتي تحريڪ جي فڪر ۽ فلسفي جو بڻ بنياد ادوتا ويدانت آهي. پر ان جو شاهه جي شاعري تي ڪيئن اثر پيو ان لاءِ پاڻ کي مختصر نموني تصوف جو تواريخي پس منظر ۽ اپکنڊ تي پيل اثرن جو جائزو وٺڻ پڻ لازمي هجي ٿو.

    تصوف جو تواريخي پس منظر

    تصوف جي معنى ۽ مفهوم
    تصوف جي معنى عربي ٻوليءَ جي ٽن عنصرن جو ڌاتو ڄاڻايو وڃي ٿو. سَا (Sa) وا (Wa) ۽ فا (Fa) . ان جو عربي ۾ ڌاتو يا لفظ “صفوي” بيهي ٿو، جنهن جي لغوي معنى آهي ته اهي جيڪي چونڊيل هجن ٿا.ڪجهه عالمن جي راءِ آهي ته: “تصوف” جي اصليت “صف” سان واڳيل آهي جنهن جي معنى صف بندي يا قطار ۾ بيهڻ هجي ٿي. ان کان اڳڀرو ڪجهه عالم ان راءِ جا آهن ته ان جو بنيادي نُڪتو “صفا” مان نڪتل آهي جنهن جي معنى رهڻ جو ننڍو ورانڊو يا ڇاپرو. ڪجهه محقق ان خيال جا آهن ته “تصوف”جو مطلب يا معنى ته اهي ماڻهو جيڪي اندروني علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ هجن ٿا. البيرونيءَ جي اشتقاق مطابق تصوف لفظ جو ڳانڍاپو يوناني لفظ صوفوس (Sophos) سان يعني ڏاهپ سان هجي ٿو.
    اڄ جي دور ۾ تصوف بابت ٻن عالمن سَر وليم جونس (وفات 1794ع) ۽ سر جان مالڪم (وفات 1833ع) جي راين کي وڌيڪ وزندار سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي مستشرقيت (Orientalism) جا پارکو ۽ ڄاڻو هئا. انهن ٻنهي جي راءِ آهي ته صوفي پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ آزاد هئا. انهن جو مذهب سان نالي ماتر ڳانڍاپو هو. انهن ۾ آزادانه فڪر جي ايڏي ته اڏام هئي، جو اهي ڪرستانن، يوناني فلسفي ۽ ويدانت جي ڄاڻن سان بحث مباحثو ۽ ويجهڙائي ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا. هُو اسلام ۾ مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڻ کي پاسيرو ۽ پرانهون رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
    جديد دور جي اولهه جي فلاسافرن ۾ وحدة الوجود جو اصطلاح ڪتب آڻيندڙن ۾ اسپنوزا کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. اهڙيءَ ريت پهريون ماڻهو جنهن تصوف جو نالو علمي لحاظ کان ڪتب آندو، سو شام جو هڪ ڏاهو ابو هاشمي الصوفي (767ع) آهي.
    تصوف به ايترو ئي آڳاٽو آهي جيترو انساني سماج جو شعور ۽ ساڃاهه، پر تصوف جو هڪ نئون دور صحراءِ عرب ۾ اسلام جي آمد سان ليکي ۾ آندو وڃي ٿو. تصوف به ان وقت متحرڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن اسلام ۾ انتها پسندي، ڇڙواڳي، ظاهري نمائش، ڏيک ويک، رسمن ريتن ۾ واڌارو ايندو رهيو. اسلام ۾ تصوف جي اوسر ستين صدي جي شروعات ۾ محسوس ٿئي ٿي جڏهن حڪمرانن پنهنجي حاڪميت کي جائز ۽ حقيقي ڄاڻائڻ لاءِ مذهب جي نالي کي ڪتب آڻڻ جو وهنوار شروع ڪيو . انهن سڀني اصولن ۽ آدرشن کي لتاڙڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي جيڪي سندن مفادن ۽ حڪمراني جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيٺا. انهي عمل خلاف تواريخ ۾ ٻن لاڙن جنم ورتو:
    (الف) احياء پرستي (Revivalism) : انهي قدامت پرست تصور جي حوالي سان مختلف گروهن جي ذهن ۾ ويهجي ويو ته اسلام ۾ آيل بدعتن ۽ بڇڙاين کي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت محمدﷺجي نج ۽ حقيقي پيغام کي عملي طور سخت گيري وسيلي قائم ڪرڻ جي ٻيهر ضرورت آهي.
    (ب) تصوف (Tasuwaf) : هيءُ ان سوچ ۽ فڪر جو نالو آهي جنهن مطابق اسلام ۾ انتهاپسندي، ڇڙواڳي، ڪٽر پڻ ۽ احياء پرستي جي مخالفت ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪمرانن پاران مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ خلاف به محاذ آرائي ڪرڻ هو. تصوف ڪنهن به مرڪزيت هئڻ کان سواءِ مقامي طور منظم تحريڪن جي شڪل ۾ اُڀريو. تصوف جا فڪري ڏاڪا روحانيت (Spiritualism) ، آزادي/ڇوٽڪارو (Emancipation) ، ڄاڻ (Knowledge) ۽ پيار (Love) ٻُڌايا وڃن ٿا. صوفي تحريڪن جو پڙاڏو ساڳي ريت ٻين مذهبن جهڙوڪ؛ يهوديت ۾ ڪبالاازم، عيسائيت ۾ رهبانيت ۽ ٻڌ مت ۾ چٽي نموني نظر اچن ٿا. مطلب ته تصوف جو فڪر روحاني سجاڳي، آزادي، پيار ۽ ڄاڻ وسيلي پيروي ڪرڻ سان سلهاڙيل هجي ٿو.
    تصوف جي دنيا ۾ جنهن شخص پڌري پٽ سياسي، سماجي ڦرلٽ ۽ مذهبي آمريت خلاف عَلم بلند ڪيو، اهو حسين بن منصور (920ع) آهي. انهي بغاوت جي صلي ۾ حسين کي ٽياس تي ٽنگيو ويو ۽ سندس لاش کي ساڙي درياهه فرات جي حوالي ڪيو ويو. حسين بن منصور جي شهادت کان پوءِ تصوف جا طرفدار ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا: هڪ اهي جيڪي امام غزالي ۽ القشيري جي سربراهي ۾ وحدة الشهود ۽ قدامت پرستي جا طرفدار هئا، ٻيا اهي جيڪي حق ۽ هيڪڙائي جا طرفدار ٿيا ۽ وحدة الوجود جي فڪر جا پرچارڪ هئا. پوئين صوفي فڪر جي هڪ آرماڙ شخصيت شيخ بايزيد بسطامي (وفات 874ع) چيو وڃي ٿو. انهيءَ صوفيءَ تصوف ۾ وحدانيت پسندي جي نسبت سان ويدانت کي به جاءِ ڏني. مطلب ته تصوف ۽ ويدانت جي ٻن ٻوٽن جي هڪ ڪونڊي ۾ آبياري ڪئي. بايزيد، ويدانتي فڪر ۽ فلسفي جي ڄاڻ پنهنجي هڪ استاد بُوعلي سنڌي کان حاصل ڪئي. حسين منصور به بايزيد جو پيرو کڻندو سنڌ ۾ ملتان تائين آيو ۽ ويدانت جي ڏاهن ۽ عالمن کان ڄاڻ پرائي پوئتي موٽيو ۽ بصري ۾شوري جي کاڻين ۾ پورهيتن کي پڻ منظم ڪيو. منصور جي مجذوبي فڪر “اناالحق” ۾ ويدانت جا چٽا اثر پڻ نظر اچن ٿا.
    پر جنهن شخص تصوف کي نئين نهج ۽ نقشن سان نواڻ بخشي ان جو نالو شيخ محي الدين ابن عربي (1240-1165) آهي. هونئن ته تصوف جي فڪر ۾ ابن عربي جي لکڻي “فصوص الحڪم” (The Wisdom of the Prophets) کي اڄ به عالمي حيثيت حاصل آهي. پر هتي سندس رسالي “ترجمان الا شواق” مان ڪجهه سٽون ڏيڻ مناسب لڳي ٿو. “سنسار جي هر هڪ وٿ ۾ انهي حقيقت جو دليل موجود آهي. اها وٿ پاڻ رب پاڪ آهي.” هونئن هن صوفي سالڪ جي ذهني فڪر ۽ سوچ جو عڪس سندس ڪتاب “فتوحات مڪه” مان هيٺين بيت سان روشن ٿي سامهون اچي ٿو؛
    منهنجي دل ۾ هر هڪ صورت جو آشيانو آهي،
    هي هرڻن لاءِ هڪ چراگاهه آهي،
    عيسائي راهبن لاءِ خانقاهه،
    بت پرستن لاءِ مندر،
    ۽ حاجين لاءِ ڪعبو،
    ۽ لوح محفوظ، توريت ۽ قرآن آهي.
    مان محبت جي مذهب جو پوئلڳ آهيان،
    ۽ اوڏانهن وڃان پيو جيڏانهن اهو قافلو وٺي وڃي
    ڇو ته اهو ئي منهنجو دين ۽ ايمان آهي.
    اپکنڊ ۾ ابن عربي جو چوٻول تيرهين صديءَ جي اَوائل ۾ شروع ٿي چڪو هو. انهن ۾ اهم نانءُ شيخ صدر الدين عارف جو سامهون اچي ٿو. ان کان پوءِ ابن عربي جي فلسفي ۽ فڪر جو اهم شارح شيخ امان الله پاڻي پتي هو جنهن کي ابن عربي ثاني پڻ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته وحدة الشهود يا قدامت پرستيءَ جو سگهارو نمائندو مجدد الف ثاني کي چئي سگهجي ٿو، جيڪو پنهنجي سوچ ۾ سخت گير ۽ فرقيوارانه ورتاءُ رکندڙ هُو. انهيءَ جا اڳتي هلي خوفناڪ نتيجا نڪتا جو مغل سلطنت ڊهي وڃي پٽ پئي. مولانا عبيدالله سنڌي (1944-1872) وحدة الوجود متعلق خيال آرائي ڪندي چوي ٿو: “وحدة الوجود عملي طور قومن ۽ مذهبن جي وچ ۾ پُرامن بقائي باهمي جو وايو منڊل پيدا ڪري ٿو. ان جي ئي نتيجن ۾ اهڙن لاڙن کي نقصان پهچي ٿو ته محض هڪ ئي مذهب سچو آهي ۽ ٻيا ڪوڙ آهن.”

    ڀڳتي تحريڪ جو سنڌو ماٿريءَ تي اثر
    حاصل مطلب ته ويدانت ۽ وحدة الوجود هندوستان ۾ هندو مسلم ايڪتا کي وڌيڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. انهي دانشورانه ۽ عالمانه تحريڪ کي ڀڳتي تحريڪ جو وچولو دور (Medieval Period) چئي سگهجي ٿو. انهيءَ تحريڪ کي جنهن صوفي ۽ سنت اڳتي وڌائڻ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو سو ڀڳت ڪبير (1528-1425) آهي. ڇاڪاڻ ته ڀڳت ڪبير مروج سماجي ۽ روحاني جبر جي خلاف انساني ضمير جي بغاوت جي علامت بڻجي اُڀريو. انهي راهه جو هڪ ٻيو اهم اسم گرو نانڪ (1539-1459) جو اچي ٿو، جنهن جي معرفت ڀڳتي تحريڪ کي سنڌو ماٿري ۾ نئين سِر شناسائي حاصل ٿي. انهي سلسلي جو اهم نانء سيوهڻ ڄائو ميان مير سنڌي (1635-1550) به آهي. ڀڳتي تحريڪ جو سنڌ جي آسمان تي سهائي ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752-1689) پڻ چئي سگهجي ٿو.

    ڀڳتي تحريڪ جو شاهه جي شاعري تي اثر
    شاهه لطيف جو ڏکڻ ايشيا جي صوفي دانشورن ۾ هڪ جداگانه، منفرد ۽ اعلى پد ليکي سگهجي ٿو. شاهه جو رسالو گهڻ پاسائن موضوعن سان ٽمٽار آهي پر موضوع جي لحاظ کان پاڻ کي شاهه جي ڪلام ۾ ڀڳتي تحريڪ سان لاڳاپيل سُرن جو احاطو ڪرڻ تائين محدود رکون ٿا.
    اهڙي ريت ويدانت ۽ وحدة الوجوديت جي سنگم سان سنڌ ۽ ان جي آسمان تي سهائي ڪري بيهندڙ شاهه لطيف ڏکڻ ايشيا ۾ صوفي دانشورن جي سَٿ ۾ هڪ جداگانه، منفرد ۽ روشن خيال فڪر جو سگهارو نمائندو آهي. “شاهه جو رسالو” شاعري جي پد ۾ ڀڳتي تحريڪ جي ٻئي دور جو هڪ شاهڪار ۽ اهم دستاويز ليکي سگهجي ٿو. شاهه جي رسالي ۾ مجموعي طور سُرن جو ڳاڻيٽو (30) آهي. انهن مڙني سُرن ۾ ڀڳتي تحريڪ جو پاڇولو ۽ عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر ڀڳتي تحريڪ جي فڪر ۽ فلسفي جو واڌارو جڙاءُ سُر پورب ۽ رامڪلي ۾نظر اچي ٿو. انهن ٻنهي سُرن ۾ جوڳين، ويراڳين، لاهوتين، سامين، آديسين، کاهوڙين جو ذڪر ججهي انداز ۾ ملي ٿو. انهي ٻنهي سُرن مان اڃا به سَرس سُر رامڪلي ۾ ملي ٿو. انهيءَ سر ۾ حق جي ڳولا لاءِ کاهوڙين تارڪ الدنيا بڻجي تياڳ ورتو آهي، جنهن کي شنڪر آچاريه”برهما” ۽ تصوف جي جهان ۾ بايزيد بسطامي “سبحاني ما اعظم شاني”، جڏهن ته حسين بن منصور “اناالحق”، ابن عربي “الحق” ۽ شاهه لطيف جو هيٺيون بيت مڪمل احاطو ڪري ٿو:
    سپت پچار پرينءَ، سپت هوت حضور،
    ملڪ مڙيوئي منصور، ڪُهي ڪهندين ڪيترا؟
    انهي حق ۽ هيڪڙائي جي ڳولا لاءِ شاهه چوي ٿو ته سامي ٿيڻ لاءِ جيڪي وصفون ۽ خصلتون گهربل آهن، انهن مان اهم وصف آهي مان ۽ پاڻ کي تياڳ ڏيڻ:
    سامي چائين سُک طلبئين، هوندن جئن م هُو،
    توکي ويس وڃايو، ويس وڃايو تو،
    سامي آهي سو، جِهن پاڻ وڃائي پُوريو.
    جهان ۾ جوڳيئڙن/ماڻهن جا گهڻ پاساوان رخ آهن. پر انهن ۾ بنيادي طور ٻه قسم هجن ٿا، جيڪي وڌيڪ مانائتا ۽ معتبر آهن جن پاڻ کي ٻارڻ طور ڪتب آندو. انهن جي عاقلانه نموني شاهه ڇيد ڪندي چوي ٿو:
    جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري،
    ٻَري جَن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ري.
    جڏهن حق جي ڳولا ۾ ڪاپڙي لاهوت ۾ قدم پائين ٿا ته انهي ڪيفيت کي نروار ڪندي چوي ٿو ته انهن ڪاپڙين وٽ اهڙو اسرار ۽ يا قوتي آهي جنهن ۾ منهنجو ساهه سرير آهي:
    قدم ڪاپڙِين جا لڳا ۾ لاهوت؛
    جنين سين ياقوت، آئون نه جيئندي اُن ري.
    جڏهن جُهد ڪندڙ نانگا ۽ سامي پڻ وارو وڄائي وڌي ويا ته پنهنجي حال تي ارمان ۽ افسوس جي ڪٿا بيان ڪندي چوي ٿو:
    نانگا نانيءَ هليا، سامي سڀيئي،
    وِهَڪَ مون ويئي، آئون نه جيئندي اُن ري.
    شاهه ويدانت ۽ وحدانيت جي سنگم جي عڪس بندي ڪندي اظهار ڪري ٿو:
    نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هَلي،
    ديکي جَن دوارڪا، مهيسين مَلهي،
    آڳهه جن علي، آئون نه جيئندي ان ري.
    جتي ڀنيءَ ويل تائين باهه ڀڙڪي ٿي ۽ هن جِندُ ۾ سنياسين جي جڙ لڳي آهي:
    ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن باهيون بيراڳين جون،
    هلو ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مَچن،
    مــلاسنياسين، جــڙ لڳــي مـــون جـــان ۾.
    اهي جيڪي پنهنجي مَن ۾ خوديءَ کي کائِن ۽ ختم ڪن ٿا انهن جي ساراهه جون سرڪيون ڀريندي چوي ٿو؛
    ڪن ڪَٽ، ڪاپَٽ، ڪاپڙي، ڪَنَ جي ڪٽائين،
    لاهوتي لطيف چي، ماڳ نه مٽائين،
    هُو جي خودي کي کائن، هلو تَڪيا پسون تن جا.
    جوڳ پچائڻ لاءِ گرؤ جي پارَ ڏانهن هلڻ جي نصيحت ڪندي شاهه چوي ٿو:
    جي ڀائيين جوڳي ٿيان ته پَرِ گرؤ جي پار،
    هوائون هنگلاج ڏي ويندي سَڀ وِسار،
    نانگا ناٿ نِهار، سامي وڏي سڪ سان.
    پر ناٿ جي ڳولا بابت هن سَر ۾ شاهه ڪاپڙين کي ويساهه کان خالي روح ڄاڻائيندي تنبيھ واري نوع ۾ چوي ٿو ته ناٿ ته هِتي ئي آهي ۽ مَن ۾ وسرام ڪري ٿو:
    ناٿ جنهين نِنڌ، تت نه نهاريو جوڳين،
    ڪي ڪُو ساهيا ڪاپڙي پُريا پرانهين پنڌ،
    هو هنين هنڌ، ٿي هُنهين ويا هنگلاج ڏي.
    ڇو ته:
    ڪُوڙا سامي، ڪُوڙا سامين پنڌ
    ڇا اهو ڀڳتي تحريڪ جو پنڌ پڄاڻيءَ تي پهتو. منهنجي خيال ۾ ته اهو پنڌ پڄاڻي تي ڪونه پهتو آهي شاهه جي چواڻي
    قيام ملن سپرين، پڻ اوڏا ڀانئج

    ڀڳتي تحريڪ جو مستقبل
    اسان کي سمجهڻ گهرجي ته شاهه جي دور کان اڄ ايڪويهين صدي تائين مفاصلو يا وٿي ٽن سؤ ورهين تي محيط آهي. شاهه جي دور جو سنڌي سماج قبائلي قدرن، انتشار ۽ ڇڙواڳي سان سلهاڙيل هو. شاهه جو ڪلام جنهن کي اسان عالمي سطح جي شاعري چوڻ ۾ حق بجانب آهيون، اهو سمورو ڪلام سنڌ ۾ ڇڙو اڳي ۽ گهرولڙائي جي مانڌاڻ جي پيداوار آهي. پر قومن جي تواريخي پنڌ ۾ اهڙا شاعر به هجن ٿا جيڪي صدين جو پنڌ اورانگهي به سماج تي اثر انداز هجن ٿا. انهن مان شاهه پڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي شاهه لطيف جي صوفيانه واٽ کي پنهنجي تحقيق ۽ کوجنا مطابق “لطيفي مڪتبه فڪر” سڏي ٿو، جنهن کي پاڻ ويدانتي/وحدة الوجود پڻ چئي سگهون ٿا. ان کان پوءِ شاهه جي سلسلي جو ويهين صديءَ جي دائري ۾ وڏو شاعر شيخ اياز (1997ع) آهي.
    ڀڳتي تحريڪ ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ پنهنجي ٽئين دور/مرحلي ۾ پير پاتو، جڏهن سنڌ جي هڪ محسن ۽ مدبر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي شاهه لطيف جي ڪلام کي نئين سر مرتب ڪري ان جي هڪ جامع ۽ وزندار شرح لکي. هونئن ٿلهي ليکي ڀڳتي تحريڪ جي ٽئين دور جي سلسلي جي کيرڌارا (Milky way) سوامي وويڪانند (1920-1863)،آربندو گهوش (1950-1872)، سرو پالي راڌا ڪرشن (1975-1888) سان فاصلو طئي ڪندي اچي پئي. ان سان گڏوگڏ سنڌ مان تصوف ۽ ويدانت جا اهم سفير/ نمائندا ساڌو ٽي-ايل واسواڻي (1966-1879)، دادا ڄيٺ مل پرسرام (وفات:1948)، علامه آءِ آءِ قاضي (1969-1886) ۽ جي ايم سيد (1995-1904) انهي سَٿ ۾شامل آهن.
    اسين اڄ جڏهن ايڪويهين صديءَ ۾ ڀڳتي تحريڪ جي ڪارج بابت سوچ ويچار ڪريون ٿا ته سنڌ ڄائو ساڌو ٽي-ايل- واسواڻي اسان جي رهنمائي ڪندي ڀڳتي تحريڪ ۽ تصوف جو پيغام هيئن بيان ڪري ٿو:
    Be transformed! Be new men, by passing fire of devotion
    (ڪايا پلٽ/ تبديلي جو ذريعو بڻجو، نوان نڪور بڻجو تپسيا وسيلي)
    پر محمد ابراهيم جويو اڃا به اڳتي وڌي ڀڳتي تحريڪ جي اڄوڪي دؤر ۾ عمل جي راهه متعين ڪندي لکي ٿو: “هِن دور جي ڀڳتي اهائي آهي ته اسين هن برصغير جي جهان ۾ هڪ ٻئي جي سهڪار سان، آزاديءَ جي دائميت سان رهي سگهون ٿا، ۽ هن ئي اڄ جي جهان ۾، هند سنڌ ۾ پنهنجي گڏيل زندگيءَ جو مقصد ماڻي سگهون ٿا. “ (اڪٿ ڪهاڻي ڪبير، ريٽا شاهاڻي، ص-23)

    مددي ڪتابن ۽ مخزنن جو وچور:
    Indian Philosophy (The Vedas, Upanishads Early Bhudhasim) by: Saif-u-Rehman Lahore.
    Poetics and Politics of “Sufism & Bhakhati in South Asia, Edited by: Kavita Panjabi, Orient Black Swan Private Ltd. Himayat-nagar, Hyderabad Indai.2011
    Fifty Great Eastern Thinkers, by: Diane Collinson, Kathryn Plant and Robert Wilkinson, Routledge, Chennai, India.2004.
    Daily Dawn Karachi “In Search of Nehru’s Republic” by: Lata Jishnu, December, 2014.
    The life, Religion and Poetry of Shah Latif, by: Lilram Watanmal Lalwani, Indus Publications, Karachi. 1985.
    Sindh and it’s Sufis, by: J.P. Gulraj, Sang-e-meel Publications, Lahore. 1979
    Sufi Saints of East and West Sadhu T.L. Vaswani P-113
    “ميان مير سنڌي :سنڌو ماٿر جو منفرد دانشور”، امان الله شيخ، ٽماهي مهراڻ، 1-2/2007ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
    اڪٿ ڪهاڻي ‘ڪبير’، ريٽا شاهاڻي، ص-23، ڪويتا پبليڪيشنس، حيدرآباد، سنڌ، سال2008ع.
    لات جا لطيف جي، آغا سليم، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، سال 2008ع.
    صوفي لا ڪوفي (علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جون تقريرون ۽ تحريرون) مترجم/ سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، سال 2009ع.
    شاهه جو رسالو، مرتب : ڪلياڻ آڏواڻي.
    ہندی مسلم تہذیب، قاضی جاوید، وین گارڈ بُکس، لاہور، ص، 241-242، سال 1983۔


    شاهه صاحب جون سورميون ۽ عورت جي اهميت : جنت علي جان

    انساني ارتقا جي پهرين ابتدائي ڏاڪي تي جڏهن انسان اڃا اڻ سڌريل هو، تڏهن به هو مرد ۽ “عورت” جي ٻن جنسن ۾ ورهايل هو. سندس زندگي جي بنيادي ۽ پهرين تجربن ۾ اهو سنگ ۽ ساٿ بنيادي حيثيت رکي ٿو. انساني تهذيب جي پراڻي ۾ پراڻي دور کان وٺي هن وقت تائين، مر ۽ عورت هڪ ٻئي جا پل پل جا ساٿي رهيا آهن ۽ اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته انسان جي سفر جو آغاز مرد ۽ عورت جي سنگم سان ٿيو، انهيءَ سنگم سان هنن جو نسل پيدا ٿيو، وڌيو ويجهيو، علم، فن، صنعت، حرفت، تهذيب ۽ تمدن جي به ارتقا ٿي ۽ دنيا جا سڀ رشتا ناتا انهيءَ ساٿ ۽ سنگ جا سڌا يا اڻ سڌا نتيجا آهن.
    مختلف سماجي سٽائن ۾ ڌار ڌار حالتن ۾ هنن جو هڪ ٻئي سان ورتاءُ ۽ رويو مختلف رهيو آهي.
    اها به هڪ اٽل حقيقت آهي ته انسان پنهنجي انهن ٻن مختلف جنسن جي حيثيت ۾ مختلف سُڀائن ۾ مختلف حيثيت ماڻي آهي.
    عورت ماءُ جي روپ ۾ تمام گهڻيون خصوصيات رکي ٿي. تخليق جي عمل دوران پنهنجي وجود ۾ پلجندڙ جيو کي پنهنجو رت ۽ ست ڏيڻ، تخليق جي پيڙا، درد سهڻ، پنهنجي سهپ جي قوت ثابت ڪرڻ کانپوءِ دنيا ۾ آندل ننڍڙي وجود يعني نئين انسان کي ٿڃ جي شڪل ۾ امرت پيارڻ ۾ راحت محسوس ڪرڻ، راتين جو مٺي ننڊ ڦٽائي اوجاڳن کي عبادت سمجهڻ، ننڍڙي وجود کي نپائڻ، تاتڻ، سانڍڻ کانپوءِ هن دنيا ۾ منهن مٿي ڪري هلڻ جهڙو بنائڻ واري هستي ماءُ جي آهي. سندس قرباني، مامتا ۽ پيار جو اڻکٽ خزانو کٽڻ جو ناهي، سندس ان محبت واري محنت ۾ غرض يا لالچ ڪونهي.
    عورت هڪ زال جي حيثيت ۾ جيون ساٿي آهي، ڏک سک ۾ هڪ جيتري ڀاڱيوار آهي. پنهنجا سک ورهائيندي ۽ ڏک پاند ۾ لڪائيندي، عورت زال جي حيثيت ۾ مڙس جي زندگي ۾ سونهن ۽ سڪون جي بهار آڻي ٿي ۽ ان جي پل پل ۽ نواڻ ڀري ٿي.
    اها ساڳي عورت ڀيڻ جي روپ ۾ ايترو ته پيار ونڊيندي آهي ۽ ايڏيون ته قربانيون ڏيندي آهي جو دنيا ۾ هي رشتو ڄڻ ته ايثار ۽ قرباني، سک ۽ پيار جو اهڃاڻ بنجي ويو آهي. خدمت ۽ محبت هن جي خوبي آهي. هوءَ صبر ۽ تحمل جو نمونو، فراغ دل، سٻاجهي، سلڇڻي ماءُ ڄائي هر ڏکيءَ مهل حاضر هوندي آهي.
    ڌيءَ جي روپ ۾ عورت ايڏي تي پياري آهي جيتوڻيڪ اڄ تائين مختلف معاشري ۾ به سندس جنم تي رنج ٿيڻ باوجود، جڏهن هوءَ گهر جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائڻ لڳندي آهي ته ماءُ ۽ پيءُ جي اکين جو ٺار بنجي ويندي آهي. ٻئي سندس چهري جي مسڪان ڏسي دنيا جا سڀ غم ڀلجي ويندا آهن. جڏهن پيءَ جي ڳلي ۾ پنهنجي ٻانهن جو هار وجهندي آهي ته سندس سڄي ٿڪاوٽ لاهي ڇڏيندي آهي. سنڌي سماج ۾ کيس “امڙ” ۽ “نياڻي ست قرآن” چئي مان ڏنو ويندو آهي.
    شاعرن، اديبن ۽ دنيا جي سمورن فنڪارن عورت جي جنهن روپ کي ڳايو آهي سان آهي محبوبه، پيار جي علامت ۽ سونهن جي اهڃاڻ.
    چيو وڃي ٿو ته “عورت نصف انسانيت آهي” مرد انسانيت جي هڪ حصي جي ترجماني ڪري ٿو ته عورت ٻئي حصي جي. عورت کي نظرانداز ڪري انسان ذات جي ڀلائي لاءِ هر ڪوشش هر جدوجهد اڌوري ۽ اڻپوري رهندي. انسان جون ٻئي جنسون هڪ ٻئي جي ضرورت آهن. نه مرد عورت کانسواءِ پنهنجو وجود قائم رکي سگهي ٿو ۽ نه ئي عورت مرد کان بي نياز رهي سگهي ٿي. هڪ طرف سماجي ۽ معاشرتي زندگي ۾ عورت ۽ مرد جو ساٿ زندگي جي هر شعبي ۾ کپي ٿو ته ٻئي طرف جنسي تقاضا کين مجبور ٿي ڪري ته هو هڪ ٻئي جي دامن ۾ سک ۽ اطمينان ڳولين ۽ انسان جي ايندڙ نسلن جي تخليق ڪن. پر سندن سڀئي لڳ لاڳاپا، سندن اجتماعي زندگي ۾ ساٿ ۽ سهڪار توڙي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ٻنهي جا جنسياتي، نفسياتي، ۽ سماجي ۽ سياسي ناتا به صحيح هجن ۽ سندن سڀئي عمل فطري حدن ۾ هجن ۽ منجهن برابري ۽ توازن هجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سماج ۽ معاشري ۾ توازن ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن سماج ۾ اڌ آبادي کي برتر ۽ اڌ آبادي کي ڪمتر ڄاڻي انهن جي وچ ۾ ويڇو پيدا ڪيو ويو ته اهو سماج ترقي جي رفتار ۾ ٻين سماجن کان پٺتي رهجي ويندو. انساني سماج جي هر ترقيءَ ۾ سماج جي جسم جا سڀئي انگ هڪ جهڙا صحت مند هئڻ تمام ضروري آهن. پر افسوس ته هن ڌرتي جي مظلوم انسانن ۾ وڌيڪ انگ عورتن جو آهي کين لطيف “جنس” نازڪ هستي، يا “صنف نازڪ” چئي به وڌ ۾ وڌ ظلم سهڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي. دنيا جي هر قسم جي سماج، ڌرتيءَ تي ازل کان وٺي جتي به نظر ڊوڙائجي ٿي مختلف دورن ۾ عورت ڏاڍ جوشڪار رهي آهي پوءِ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ!
    اسان مختلف دورن ۾ ادب ۽ شاعريءَ مان مثال چونڊي عورت جي حيثيت کي بهتر نموني سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهيون. سنڌي ادب ۽ شاعري جي حوالي سان سنڌ جي اساسي شاعرن وٽ عورت جو ڪردار ڪهڙو رهيو آهي. جنهن جي هڪ ڪڙي سرزمين سنڌ جي ان عهد آفرين شخصيت، شاهه گهوٽ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي آهي، جنهن پنهنجي شاعري وسيلي هڪ نئين سرت هڪ نئين جوت جاڳائي، پنهنجي دور جي اخلاقي اعتمادي، سياسي معاشرتي ۽ اقتصادي حالتن کي آڏو رکي ڏند ڪٿائن کي تمثيل بڻائي نهايت سنهڙي ۽ مٺڙي ٻولي ۾ معرفت جا موتي، راز ۽ رمزون بيان ڪيون اٿس؛ جا هليت شرڪ، بدعت ڪوڙ ۽ ڪپت، ڪدورت ۽ نفرت ۽ ڪٽرپڻي ۾ ڦاٿل انسانن کي هدايت جي راهه ڏانهن راغب ڪرايو اٿس.
    شاهه سائين پنهنجي سورمين وسيلي عورت جون اهي خوبيون اجاڳر ڪيون آهن، جيڪي هن عورت ۾ ڏٺيون آهن جتي هن عورت جي وفاداري، سڪ، ڳولا، جدوجهد، مستقل مزاجي برداشت جي قوت ۽ خود اعتمادي جا جذبا بيان ڪيا اٿس، اتي عورت جي فطري ڪمزوري به ٻڌائي اٿس.
    شاهه سائين پنهنجي سورمين وسيلي عورت کي جيڪا عظمت ڏني آهي ان جو مثال ملڻ محال آهي. شاهه صاحب مطابق عورت هڪ ماڻيٺو درياهه آهي ته صبر و قرار ۽ اندر جو ٺار به آهي، ثابت قدم به آهي ته گڏوگڏ جدوجهد ڪندڙ به آهي، نياز ۽ نوڙت واري به آهي ته محبت ۽ ايثار واري به آهي، پورهيت به آهي ته راڻي به آهي شاهه صاحب پنهنجي سورمي سسئي جي روپ ۾ عورت کي ثابت قدم، مضبوط ارادي سان منزل ماڻڻ واري راهه ۾ رڪاوٽن جي باوجود جدوجهد ڪرڻ واري، ٻاهرين رڙ ۽ دل جي دانهن جو مقابلو ڪرڻ واري ڏيکاريو آهي.
    سُکن واري سَڌَ متان ڪا مونسين ڪري،
    انڌر جنين اَڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
    شاهه صاحب پنهنجي سورمي سهڻي جي روپ ۾ عورت کي اڏولتا ۽ استقلال واري، وفادار، اندروني توڙي ٻاهرين مشڪلاتن سان اٽل ارادي ۽ نهايت بهادر سان منهن مقابل ٿيڻ واري ۽ منزل مقصود تي رسڻ وارو ٻڌايو آهي.
    وَهَ تِک، واهُڙ تِکَ، جِت نينهنُ، تِکَ نرالي،
    جن کي عشق عَميق جو، خَلوت خيالي،
    وارئين سي، والي! هنئڙو جن هٿ ڪيو.
    شاهه صاحب پنهنجي سورمي نوري جي روپ ۾ عورت کي نياز ۽ نوڙت ڪرڻ واري، فطرتا سادي ۽ عجزو انڪسار ڪرڻ واري ڄاڻايو آهي.
    نوري جي نياز جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ،
    سَمو سِرُ سَڀن ۾، مي مُور ڇيو سوءِ،
    اچيو اُڀينَ پوءِ، حُجت ڀڳَي راڻين.
    ائين وري شاهه صاحب پنهنجي هڪ ٻي سورمي مومل ذريعي عورت کي قرباني ۽ صبر ۽ ايثار سان ڀرپور ٻڌايو آهي.
    شمع ٻاريندي شب، پره باکون ڪڍيون،
    موٽ، مران ٿي، مينڌرا، راڻا! ڪارڻ رَب.
    تنهنجي تاتِ طَلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.
    شاهه صاحب پنهنجي سورمي ليلا جي ذريعي عورت جي فطري ڪمزوري کي به اجاگر ڪيو آهي ته هو ڪيئن هار تي هر کجي چنيسر کي وڃائي ٿي ۽ پوءِ پڇتائي ٿي.
    هيس هندرون ۾، پيم ڪانه پروڙ،
    مئي سندي مامري، ڪوجهي وڌيس ڪوڙ.
    شاهه صاحب پنهنجي حب الوطني مارئي ذريعي عورت جي حب الوطني سان سرشار جذبي کي جهڙي طرح بيان ڪيو آهي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي ڇن ۽ ڇپر ساڻيهه ۽ سانگين سان بي پناهه محبت ڪندڙ ۽ ڌن و دولت کي ٺڪرائي پنهنجي اباڻي ڪکن کي ترجيح ڏيندڙ ٻڌايو آهي.
    واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساه،
    بت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاه،
    پر ڏيهياڻي پرين ري، ڌار مَ ڌريجاه،
    ٿڌي وسائجانءِ ٿرن جي، مٽي مُئيءَ مٿان ،
    جي پويون ٿئي پساهه، ته نجانءِ مڙهه ملير ڏي.
    ۽ اهڙي طرح شاهه صاحب پنهنجي سورمي سورٺ ذريعي عورت کي عالم انسانيت جي سِرن جي خيرخواهه ڄاڻايو آهي.
    گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
    سهسين سورٺ جهڙيون اڀيون اوسارين
    چوڻا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
    ناريون ناڏ ڪرين، راڄا رات رمگيو.
    انهن حقيقتن جي باوجود به اڄ به مان ۽ تقريباً دنيا جي هر عورت اهو سوال پڇڻ تي مجبور آهيو ته:
    هر سماج هر معاشري ۾ عورت پست حالت ۾ ڇو آهي؟ دنيا جي سڀني مادي وسيلن تي مرد جا صرف اختيار ڇو آهن؟ اڄ به عورت ظلم و جبر ۽ ڏاڍائي جوشڪار ڇو آهي؟
    هڪ جهڙا انسان تخليق هئڻ جي باوجود هڪ جنس جو ٻئي جنس سان اهو ورتاءُ ڇو آهي؟
    “Since women’s are half and sometimes more than half of mankind, they always have shared the world and work with men.”
    Then why still women’s are ignored??
    (ترجمو: جيتوڻيڪ عورتون انساني آبادي جو اڌ حصو يا ان کان به وڌيڪ انگ رکن ٿيون ۽ اهي مَرد سان ڪم ڪَار به ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلن ٿيون ته پوءِ عورتن کي نظرانداز ڇو ڪيو وڃي ٿو....؟)


    منهنجو جِيءُ جلايو، اندر آ ديسين (تقرير ) : مدد علي سنڌي

    (ڊسمبر 2014ع ۾، مارئي تنظيم طرفان، نئين دهلي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ٿي هئي. ان موقعي لاءِ هي تقرير لکي ويئي هئي. پر ويزا دير سان ملڻ سبب فاضل ليکڪ ڪانفرنس ۾ نه وڃي سگهيو. هتي تقرير پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.)

    مانواري ليکڪا، وينا شرنگي، ۽ هند سنڌ مان آيل شاهه لطيف جا پانڌيئڙا!
    آئون سڀ کان پهريائين، مارئي ويلفيئر آرگنائيزيشن کي واڌايون ٿو ڏيان دهلي جهڙي تاريخي شهر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت هيءَ عاليشان ڪانفرنس سڏائڻ هڪڙو ساراهه جوڳو ڪم آهي. شاهه صاحب بابت هند ۾ ڪانفرنس جو ٿيڻ هن ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هند ۾ رهندڙ سنڌين، پنهنجي هن عظيم شاعر ۽ فڪر ڏيندڙ انسان کي نه وساريو آهي. ۽ اها هڪ حقيقت به آهي ته اسين شاهه کي ڪڏهن به نٿا وساري سگهون.
    اصل ۾ سنڌي ٻولي، سنڌ، سنڌي ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي هڪ ٻئي لاءِ لازم آهن. صديون گذري وڃڻ بعد به سنڌ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. آئون سمجهان ٿو ته ائين ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. ڪي ڪي شخص ان ملڪ جي تاريخ ٿين ٿا. انهن کانسواءِ تاريخ اڻپوري هوندي آهي. اهي ماڻهو تاريخ جا پير هوندا آهن، جن کانسواءِ تاريخ جڏي ٿي پوندي آهي. شاهه ڀٽائي به سنڌ کي هڪ ڊگهي سڃاڻپ ڏيئي ويو آهي، هن کانسوءِ سنڌ جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري آهي. وقت جا ڀلي ڪيترا به دور لنگهي وڃن، پر شاهه ڀٽائي جي ڇاپ سنڌ تي ايندڙ صدين تائين قائم ۽ دائم رهڻي آهي.
    سنڌي ٻولي جي هڪ وڏي اديب گني سامتاڻي هڪ ڀيرو چيو هو:
    “سنڌ اونداهي هجي ها جيڪڏهن موهن جو دڙو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه هجن ها!”
    واقعي سنڌ جو اهي ٻئي سڃاڻپون، اعلى ۽ ڪڏهن به نه مٽجندڙ آهن. شاهه صاحب جو نالو وٺڻ سان سنڌي ٻولي، سنڌ جو فڪر، سنڌ جو شعور، سنڌ جي سياسي، سماجي، ۽ اقتصادي ماحول اسانجي آڏو ٿو اچي بيهي رهي ٿو. چوندا آهن ته هر وڏو شاعر پنهنجي دور جو شعور هوندو آهي. پر شاهه صاحب سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو آواز ۽ اهڃاڻ آهي. شاهه سائين نه رڳو هڪ شاعر هو پر هو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ بلند ٿيندڙ پهريون آواز هو. هن ڏکويل ماٿري عظيم ماضي، حال ۽ ايندڙ ڪيترين صدين جو حاذق حڪيم به هو.
    سنڌ جي تاريخ به ڏاڍي عجيب آهي، ان ۾ ڪيترا خال آهن، جن کي ڀرڻ ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ سنڌ جا ڪيترا گذري ويل دور ۽ انهن بابت اعتبار جوڳو مواد ڪتابن ۾ موجود ڪونهي. پر قدرت خدا جي، ته اسان وٽ ڀٽائي جو رسالو موجود آهي. اسانکي ان دور جي حالتن بابت شاهه صاحب جي شاعري مان خبر پوي ٿي. ان وقت جي حالتن جي عڪاسي اچيو اسانجي اکين آڏو بيهي ٿي. اڄ به سال 1689 ۽ 1752 واري وقت جو سياسي، سماجي ۽ معاشي پس منظر بابت شاهه جا بيت پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي، مثال طور ان دور جي رهڻي ڪهڻي، وڻج واپار، ريتن رسمن جو مڪمل وچور اسانکي شاهه جي رسالي مان هٿ اچي ٿو.
    سنڌ جي هڪ بزرگ عالم اي ڪي بروهي هڪ ڀيري چيو هو. “جيئن ته لطيف جي لات منهنجي ڪن ۾ ماءُ جي کير سان گڏ پيتي آهي. تنهن ڪري منهنجي رڳ رڳ مان اها لات ڪار فرما رهي ٿي: جيڪڏهن آئون اهو اعتقاد رکان ته مان ٻئي جوڻ ۾ وري دنيا ۾ ويندس ۽ يونانين وانگر ملائڪ مونکان پڇن ته ٻيو ڀيرو دنيا ۾ ڇا ٿيڻ ٿو گهرين ته آئون چوندس ته آئون وري به سنڌي ٿيڻ ٿو گهران!”
    اوهان پاڻ ڏٺو، هڪ مذهبي شخص اي ڪي بروهي جيڪو جنم جنم جي ڦيري ۾ ڪوئي ويساهه به نه رکندو هو، پر ڀٽائي جي عشق ۾ ٻڏي ڪيڏي وڏي ڳالهه ڪري ويو! اها ڳالهه واقعي شاهه جي شاعري جو ڪمال آهي
    سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو ڏاهو، عالم ۽ شاهه جو پارکو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هڪ هنڌ لکيو آهي:
    “شاهه جو ڪلام ماڻهن جي دلين ۽ حياتيءَ سان هڪ ٿي ويو آهي جيئن چنڊ جي ڪشش ڪري وير چڙهندي آهي ۽ آس پاس وارن وارياسن مڪانن کي مهراڻ جا موتي اڇلندي آهي، تيئن شاهه عبداللطيف جي شاعراڻي طبع به الهام جي اثر هيٺ موج ۾ اچي، هن دنيا جي ويراني تي ڇولو ماري، امل ماڻڪن جي اوت ڪئي آهي!”
    سنڌ جو عظيم مفڪر ۽ فلاسفر علامه آءِ آءِ قاضي چوندو هو ته “مون دنيا جي مشهور يورپي شاعرن کي پڙهيو آهي. پر هڪ ڳالهه شاهه ڀٽائي ۾ اهم آهي ته شاهه جي شاعري کي پڙهيو به وڃي ٿو، اها ساڳئي وقت ڳائي به وڃي ٿي، جيڪا ٻين وڏن شاعرن سان لاڳو نٿي ڪري سگهجي.”
    مشهور سنڌي سياستدان، دادا جيرامداس دولترام شاهه لطيف جي رسالي جي مهاڳ ۾ لکيو آهي:“شاهه عبداللطيف پنهنجي روحاني ڪلام کي سنڌي زبان جو ويس پهرايو. جا ٻولي سندس زماني ۾ ماڻهن جي چپن تي چالو هئي، سائي جهٽي پنهنجي بيتن لاءِ ڪتب آندائين. ننڍا مٺا، سڌا سوڌا، تُز اکر، جن مان معنى پاڻيهي ٻهڪي اهي ئي رسالي ۾ موتين جي مالها وانگر پُوتا اٿس، منهنجي ڄاڻ گهڻي نه آهي، پر جيڪا اٿم تنهن مان اهو رايو ٺاهيو اٿم ته هندستان ۽ پاڪستان جي برک شاعرن مان ڪي اهڙا آهن جن پنهنجي ٻولي کي ٻالڪ جي ڪچڙي وار جيان،ائين واريو هجي، جيئن شاهه صاحب واريو آهي، سندس ٻولي ۾ ٻل آهي. ان ڪري چئجي ته سنڌي ٻوليءَ کي ئي مُلايم ۽ ٻلوان بڻايو اٿس، تجنيس ۾ ته سندس مَٽُ ٻنهي ملڪن ۾ ڪوورلي ملندو. جيسين سنڌي ٻولي آهي ۽ سنڌي آهن، جيسين کين روحاني اڀياس آهي ۽ انساني جذبا آهن، جيسين سندن سامهون جيون جي او کي رڻ ڀونءَ آهي، جيسين شاهه جو رسالو آهي. هي رسالو اسان جي روحاني، اخلاقي، دنيوي، راڄنيتي ۽ سماج جي سڀني مسئلن لاءِ سکيا جو ساکر آهي ۽ رهندو.”
    شاهه جو پارکو پروفيسر ڪلياڻي آڏواڻي، پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾ ڪيڏي نه سٺي ڳالهه چئي آهي “شاهه صاحب جي زندگيءَ ۾ تواريخ جا اهم ورق وريا، پر رسالي ۾ انهن ڏانهن ڪو به اشارو نٿو اچي، ان وقت جي تقاضا جي لحاظ کان، شاهه صاحب وطن پرستي ۽ ٻيا اعلى خيال پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن. انهي کانسواءِ ديسي سيڻن لاءِ قرب ۽ پرديسي پرين کان بيزاري ڏيکاري اٿس .... هي جهان رڳو ساگر يا صحرا ناهي، پر ڪاڪ محل جهڙو هڪ عجيب ۽ دلفريب محل به آهي. ان ۾ گلاب جي گل جهڙن ويسن ۾ سون ورنيون سوڍيون آهن. منجهس سون ۽ رپي جي راند آهي ۽ چؤطرف باغ بهار بيٺاآهن. سڃاڻ پرک راڻي وانگر انجو طلسم پروڙي ٿاوٺن ۽ امير طالب مومل وانگر تو شڪون ۽ تڪيا ترڪ ڪيو ڇڏن .... شاهه جو رسالو اخلاقي موتين ۽ معنوي ماڻڪن سان مڙهيو پيو آهي انهن مان هڪ ئي هيرو جنهن کي هٿ لڳو، سو پُر ٿيو:
    جي ماسو جڙيئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين!
    دوستو!
    اچو ته شاهه جي سُر ديسي جي هيءَ وائي ته پڙهي ڏسون:
    هوت نه ڀانيم هيئن، آئون جاماري سڄڻ تنهنجي نينهن،
    ڇڏي تون ڪو ڇپر ويندين!
    لُڪون لڳن ڪوسيون، ڏاڍا تپن ڏينهن
    عِشق آريءَ ڄام جي، ڪَيس نماڻي نينهن،
    جهونگاريندي جهنگ ۾، ڏوٿين ڏٺڙي ڏينهن،
    اَن جا ڇڏي ڇپرين، ڪيچ رسندي ڪيئن؟
    ولهيءَ هِت وسائيا، سدا مُحبت مينهن،
    اديون عبداللطيف چئي، پُهچان سيڻن سيئن!
    يا وري سندس هي بيت سُر کنڀات مان پڙهندي مونکي شاهه صاحب جي مشاهدي تي ڏاڍو عجب لڳو:
    اونداهي اڌ رات ۾، پرينءَ پسايو پاڻ،
    سندس چنڊ، ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءُ ۾.
    خبر ناهي ته هن جي زندگيءَ جا ڪيترا ورهيه فقط سفر ۾ پنڌ ڪندي سنڌ ۽ انجي پسگردائي وارا علائقا ڏسندي لنگهي ويا هئا. من جو ڪوئي ويراڳ، ننڊون ڪوهين ڏور اڏائي ڇڏيندو آهي “سرتيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ،” جي ڳالهه شاهه ئي چئي سگهيو ٿي. ڇاڪاڻ ته ننڊ ۽ چنڊ ويري هوندا آهن. چانڊوڪي ڏسندي من تي هڪ عجيب ماٺ ڇائنجي ويندي آهي. بقول شيخ اياز جي چانڊوڪي اکڙين کي اوجاڳا ڏيندي آهي، الين چادر کڙ ڪائيندي آهي”پر زندگي ۾ فقط چوڏس چانڊوڪي نه هوندي آهي. ان ۾ اڻٽيهين اونداهي به هوندي آهي. شاهه صاحب جو هي بيت آهي:
    چوڏهين چنڊ نه اڀريو، اوڻٽيهه پسي نه عام،
    مٿن ناه ملام، جيڪي پڇين پُڇ سو
    رات جو آسمان تي چنڊ نه هجي پر تارا ضرور ٽمڪندا آهن پوءِ ڀل رات ڪيڏي نه اونداهي ڇو نه هجي ۽ اونداهي کڻي ڪيتري به انڌوڪارڇو نه پکيڙي:
    تارا تِر تِرو کڙيون، مٿن ڦلڙيون،
    کوهه سي راتڙيون، جي مون پرين پڄاڻا پيئيون!.
    اڄ کان اڌ صدي اڳ، سال 1955 ۾ سکر مان سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز پنهنجي پياري دوست محمد ابراهيم جويي کي هڪ خط ۾ لکي ٿو:
    “هاڻي سُر ڪلياڻ جي پنجين داستان جي آخري وائي اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن، ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊ اکرا آهن. وائي جي هيٺين سٽ روح جي رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي!
    سرتيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ”
    “اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي. منهنجي ساري روحاني ڪشمڪش جي آئينه دار آهي. گويا اهاسٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هيئيون جهولي رهيو آهي، ڪهڙي نه هن ۾ ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي ان ۾. ڪهڙو نه معنى ڀريو ميٺاج آ “ننڊ نه هيريو نيڻ...” منهنجو تصور اڏاڻو، صديون سميٽجي ويون ۽ مون انهي ازلي مست کي ڀيٽ تي ستارن جي ڇانو ۾ هيٺيان ڏٺو. مون ڏٺو ته لطيف پنهنجي لات ۾ سراپا هو. هن جي اکين اڳيان لفظ ڪتين وانگر جهر مر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هو انهن مان ستارا چونڊيندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري جهر جهنگ راتڙي جي گود ۾ آرامي هو. پسون پکي ستا پيا هئا، ليڪن ڀٽ ڌڻي جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽ راز ان جي مڌ ڀري هڳاءُ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبورو کڻي تار ڇيڙي لوه جي لڱن مان سراٽ اڀري ويا. تندون ڄڻ. رڳون رباب ٿينديون ويون. هن جي ساه ۾ ابدي نغما سميٽبا سمائبيا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو:
    وسارج م ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا،
    لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ،
    جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    اصل اَسارن جا، سُتي ويڙا سيڻ،
    جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    جيڏيون مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ،
    جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    راتيون جاڳن جي، سي ڪندڙي سيڻ.
    جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    آڌيءَ رات اٿي ڪري، جهل تون ننڊا نيڻ
    جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
    دوستو!
    ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته شاهه لطيف کان اڳ يا ان دور ۾ سنڌ ڪهڙي هئي؟ پوءِ شاهه صاحب کي پڙهندي ڏاڍو عجب ٿيندو آهي. سندس شاعري ۾ جيڪو مشاهدو آهي، اهو ماڻهوءَ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو. شاهه صاحب پنهنجي زندگي جي ڪيتري ڄمار سنڌ ۾ گهمندي ڦرندي سيلاني ٿي گهاري هئي. هن سنڌجي جهر جهنگن ۾ پيرين پنڌا هلي ڏٺو هو. هن سنڌ جون سانجهيون، سنڌ جون راتيون، سنڌ جون ڍنڍون ڍورا،وڻ ٽڻ، سنڌو درياء،ُ سامونڊي علائقا ۽ سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙا ۽ ڍونڍيون ۽ غوراب، ڪکاون گهرن، باغن، مڇين جي تلاون، واهن، نارن، کوهن، عام ماروئڙن ۾، هلندڙ ڪچهرين، لوڪ داستانن کي ڏاڍي غور سان ڏٺو ۽ ٻڌو هو. 1699ع ۾ جڏهن شاهه صاحب اڃان 10 ورهين جو هو. تڏهن هڪ انگريز اليگزينڊر هملٽن سنڌ آيو هو. ان وقت سنڌ ڪهڙي هئي اهو اسانکي سندس لکيل ڪتاب “نيو اڪائنٽ آف دي ابت انڊياز” ٻه ڀاڱا مان هٿ اچي ٿو. هن کي شهر جي هڪ گهر ۾ ترسايو ويو هو تڏهن ٺٽي جو نواب حفيظ الله هو. هملٽن لاهري بندر لاءِ لکي ٿو “لاهري بندر هڪ ڪاٺ ۽ مٽي جا جڙيل گهر هئا. شهر جي وچ هڪ پٿر جو قلعو هو، جڏهن ته شهر ۾ مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ چار سؤ مدرسا موجود آهن، جن ۾ شاگردن کي تعليم ڏني ويندي هئي. ٺٽو صوبي جو واپاري مرڪز ۽ وڏو آسودو شهر هو، جنهن ۾ اڍائي لک کن ماڻهو رهندا هئا.”
    يقيناً سنڌ لاءِ مغلن جو دور به ڏکيو دور هو. سترهين عيسوي صدي ۾ هڪ پورچوگيز سياح فري سبسٽن منريق يا مانسٽريٽ هندستان گهمندي سنڌ ۾ اچي پهتو هو. اها سندس سياحت هئي يا جاسوسي يا مذهبي پرچارڪ، پاڻ اهو بحث ڪونه ڪنداسين. پر اهڙن ماڻهن جي لکڻين مان ان دور بابت ڪجهه لاڀ پرائي سگهجي ٿو. سندس لکيل ڪتاب ٽري پولسن آف سيبسٽرين مانسرڪ (1643-1629) پورجوگيز ٻولي ۾ لکيل آهي. جنهن جو ترجمو انگريزي ۾ به ٿيو آهي، هو صاحب 1640 ۾ سنڌ آيو هو. ٺٽي شهر بابت هو لکي ٿو. “سکيا ۽ امير ماڻهو پنهنجي گهرن جي کڏن، ونگن وارين ڇتين کي ٽڪ جي ڪم ۽ خوبصورت چترڪاريءَ سان سينگاريندا هئا. گهرن جي اڱڻن تي قسم قسم جي رنگين گلن جا باغ، مڇيءَ جا تلاءُ هوندا هئا، جن جي چؤ طرف ڪيترن قسمن جون رنگين ڪاشي جون، سرون هنيون وينديون هيون، هٿراڌو چشما ۽ ڦوهارا هنيا ويندا هئا، جيڪي پاڻي کي هوا ۾ اڇلائيندا هئا. چهل قدمي لاءِ جايون ٺهيل هونديون هيون، جيڪي ڪاشي جي سرن سنگ مرمر سان جڙيل هونديون هيون!”
    اهو هو ان وقت جي سنڌين جي ذوق جو هڪ مثال پر سنڌ جي هن سيد زادي وٽ ڇاهو؟ اباڻي حويلي ڇڏي اچي ڀٽ جي سُڃ وسائي هئائين؟ اتي سندس فقيرن جا ڪکاوان جهوپڙا هئا. پيئڻ لاءِ کوهه هو. ڪچو گهر يعني حويلي هئي. کائيندو ۽ پهريندو سادو هو. بُت تي ڪاري ڌاڳي سان سبيل هڪ گيڙو رتي ڪفتي. هٿ ۾ جوڳين جي بيراڳڻ جهڙي لٺ مٿي تي ڪاري ڪپڙي جي ٽڪر سان ٺهيل ڪلاهه، هٿ ۾ ڪشتو، سمهڻ لاءِ هڪ صندل. ڪتابن رکڻ لاءِ هڪ پراڻي کٿا ئين گودڙي. پيرن ۾ سادي جتي، نه ته پنڌ هلندو پيرين اگهاڙو. اهو هو اسانجو شاهه جنهن جي نهار دور ڪيترين صدين تي پکڙيل هئي، جنهن جي ملڪ جا ماڻهو، صدين کان ڌارين حڪمرانن جوڏاڍسيني سهندا پئي آيا!
    دوستو!
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي بابت پهريون ڀيرو، پنهنجي فارسي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع ذڪر ڪيو. اهو ڪتاب هن سال 1768ع يا 1773ع ۾ لکي پورو ڪيو هو، يعني شاهه جي وفات کانپوءِ اٽڪل 18 يا ويهه سال پوءِ، قانع جو هي ڪتاب، اسانکي شاهه صاحب بابت ڪجهه معلومات فراهم ڪري ٿو.
    سنڌ 1843 جي 17 فيبروري تي انگريزن جي قبضي ۾ هلي ويئي ۽ برٽش راڄ شروع ٿيو، ان کان اڳ شاهه لطيف سنڌ جي جهر جهنگ ۾ ڳايو ۽ سڃاتو ويندو هو، ڪيترن ماڻهن جي گهرن ۾ شاهه ڀٽائي جا قلمي نسخا موجود هوندا هئا. سنڌ ۾ ڇپائي جو نظام 1844ع کان شروع ٿيو، سنڌ ۾ پهريون سرڪاري ڇاپخانو سن 1844ع ۾ سرچارلس نيپئر گورنر سنڌ برپا ڪيو. اتان ئي پهريون ڀيرو سرڪاري اخبار ڪراچي ايڊو رٽائيزر شروع ڪئي ويئي. ان کانپوءِ ٻيا ڪجهه خانگي پريسون سنڌ جي ڪن شهرن ۾ کليون-
    1843 ۾ ئي انگريز، سنڌ کي انتظامي طور تي 3 ضلعن هر هڪ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۾ ورهائي ڇڏيو. حيدرآباد، سنڌ جوپراڻو تاريخي ۽ ٽالپرن جي گادي وارو شهر هو. حيدرآباد جو پهريون ڪليڪٽر ڪيپٽن ڊيورٽي (1843 کان 1846 تائين) هو، ان جي دور ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن جارج اسٽئڪ مقرر ٿيو .ان مهل جارج اسٽيڪ جي ڄمار 22 ورهيه هئي. کيس لٽريچر ۽ تاريخ سان ڏاڍو شوق هوندو هو. هن سنڌ بابت ڪيترا ڪتاب انگريزن جا پڙهيا هئا. وٽس ايڊورڊ بيڪ هائوس ايسٽيوڪ جو ڪتاب Avocabulary of Sindhi Language(1843)، مسٽر وليم هينري واٽس لکيل سنڌي گرامر بابت رپورٽ، مسٽر هنري بونيلي جو ڪتاب Personal Narrative of a Tour Through the western states of Raj war in 1835, ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب به موجود هوندا هئا. حيدرآباد ۾ ايندي سندس اڀياس هيٺ سنڌي ٻولي ته رهي پر ماڻهن جي واتان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو ٻڌائين. پوءِ هو سنڌي ٻولي تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ شاهه جي ڪلام جي ڳولا ۾ به مشغول رهيو. کيس سنڌين جي تعليم ۽ سنڌي ٻولي جي اڀياس جو ذاتي شوق هو. هندستاني ٻولين جو به کيس اڀياس حاصل هو، ان ڪري تمام جلد سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ سکي ويو. پهريون ڀيرو هن عيسائين جي ڪتاب گوسپل آف سينٽ مٿيبور جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ان کانسواءِ سندس ڪتاب گرامر آف دي سنڌي لينگويج ۽ سنڌي انگريزي ڊڪشنري، سنڌي ڪتاب گرامر آف دي سنڌي ڏاڍا اهم آهن سنڌي گرامر وارو ڪتاب هُن 1847ع-1846ع ۾ لکيو. پر سال 1849 ۾ ساڳئي ڪتاب جي پڇاڙي ۾ هن پنج لوڪ ڪهاڻيون به ڏنيون. پنجين ڪهاڻي راءِ ڏياچ جي هئي اهي ڪهاڻيون هن ديوناگري رسم الخط ۾ لکي شامل ڪيون هيون. مسٽر جارج اسٽيڪ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو هڪ نسخو مرتب ڪرڻ هو، پر افسوس ته اها ڳالهه تمام گهٽ ڪتابن ۾ آئي آهي. ٿي سگهي ٿو اهو نسخو ڇپائي جي مرحلن ۾ نه اچڻ سبب معدوم ٿي ويو. اڄ ڪلهه اهو قلمي نسخو ايران ۾ موجود آهي. هن جو ڪتاب انگريزي سنڌي ڊڪشنري جا فقط 160 صفحا ڇپيا ته هو صاحب 1853 ۾ گذاري ويو. بعد ۾ اهو ڪتاب 1855 ۾ ديوناگري ۾ شايع ڪيو ويو.
    جيتوڻيڪ اهو جارج اسٽيڪ جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو، ڇپائي جي مرحلن تائين نه پهچي سگهيو، پر اسين اهو ڪريڊٽ جارج اسٽيڪ کي ضرور ڏيون ٿا، ته هو ئي پهريون انگريز هو جنهن شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو. اها ٻي ڳالهه آهي، شاهه جي رسالي کي پهريون ڀيرو ڇپائڻ جو اعزاز مسٽر ارنيسٽ ٽرمپ کي آهي. هو صاحب 12 سيپٽمبر1854 تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي پهتو. سندس مقصد سنڌي ٻولي گرامر ۽ ڊڪشنرين تي ريسرچ ڪرڻ هو. اهو ڪم کيس چرچ مشينري سوسائٽي حوالي ڪيو هو. سنڌ ۾ پهچندي ئي هن عالم ڪجهه ئي وقت ۾ سنڌي سکي ورتي. ان وقت سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر هو، جنهن کي 1851ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو هو. فريئر لڳاتار سنڌ ۾ نو ورهيه يعني 1859 تائين سنڌ جو هر دلعريز ڪمشنر رهيو. سندس ڌيءَ ميري ازبيلا کي ننڍڙي هوندي کان وٺي هندستان جي لوڪ ڪهاڻين ٻڌڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. فريئر ڌيءَ جي شوق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ کيس سنڌ جون ڪيتريون لوڪ ڪهاڻيون انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي ڏنيون هيون. فريئر کي خود به سنڌ جي ترقي، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، ۽ سنڌي ماڻهن سان بيحد محبت هوندي هئي. سندس ايامڪاري ۾ سيپٽمبر 1851 ۾ هن عربي سنڌي رسم الخط رائج ڪرڻ لاءِ بمبئي سرڪار کي خط لکيو بعد۾ 1853 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرسنڌ “سر بيروهر برٽ ايلس” جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي مقرر ٿي. ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، راءِ بهادر نارائڻ جڳناٿ، ديوان پرڀداس، آنندرام رامچنداڻي حيدرآبادي، ديوان اڌارام.“ٿانور داس مير چنداڻي.” حيدرآبادي، خان بهادر مرزا صادق علي بيگ، (مرزا مخلص بيگ جو پٽ) ميان محمد، نارمل اسڪول حيدرآباد جو ماستر، قاضي غلام علي ٺٽوي، ۽ ميان غلام حسين ٺٽوي ان ڪميٽي جا ميمبر هئا. ان ڪميٽي آخرڪار سنڌي لاءِ عربي رسم الخط منظور ڪئي. سنڌ جي تعليم جو سربراه تڏهن مسٽرايلس هو. ان کانسواءِ فريئر شاهه لطيف جي زندگي ۽ ڪلام بابت هڪ منشيءَ کان سنڌي ۾ هڪ ڪتاب لکرايو هو. جنهن جو اهو انگريزي ۾ ترجمو مسٽر ڊبليو سورڊي ڪيو. اهو ڪتاب لنڊن مان 1870 ۾ ڇپيو هو. ۽ وڏي ڳالهه ته فريئر، بمبئي جو گورنر ٿيڻ کانپوءِ به اتي وڃي سنڌ کي نه وساريو.
    دوستو!
    ڇا اسين مشهور جرمن اسڪالر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کي وساري سگهون ٿا؟ مڃون ٿا “هن کي شاهه لطيف جو رسالو ڇپائڻ لاءِ پئسا سنڌ جي اڳوڻي ڪمشنر ۽ بمبئي جي گورنر بارٽل فريئر ڏنا هئا. پر هن عالم سنڌي ٻولي سکي شاهه کي پڙهيائين ۽ پوءِ شاهه جو رسالو 26 سرن سان ترتيب ڏيئي وڃي جرمني جي شهر ليپزگ مان شايع ڪيو. اهو سال 1866ع يقينن سنڌ لاءِ مبارڪ سال هو، جو شاهه جو رسالو هڪ ڀيرو ٽائيپ مان ڇپجي سنڌ پهتو. شاهه صاحب جو رسالو جرمني مان ڇپرائڻ وقت ڊاڪٽر صاحب 10 مارچ 1866ع تي ورٽمبرگ شهر ۾ ويهي لکي ٿو، “سنڌ ۾ پنهنجي رهائش دوران مون ڪجهه ڏند ڪٿائون منظوم داستان ۽ ڳيچ گڏ ڪيا هئا، جيڪي مون مختلف جهونن شاعرن ۽ ڳائڻن کان لکرايا هئا. انهن جهونن ڳائڻن کي مختلف ميلن جي موقعي تي جهونگارڻ جي عادت هوندي هئي. مون انهن کي ان ڪري گڏ پئي ڪيم جيئن کين اصلوڪي سنڌي ادب ۾ ترتيب ۾ رکجي. پر پوءِ مون طئه ڪيو ته بجاءِ ننڍڙن داستانن کي گڏ ڪرڻ جي مون کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪم پيش ڪرڻ گهرجي، جيڪو شاهه جو رسالو سڏجي ٿو.”
    ۽ منهنجا دوستو!
    ڪو وقت ايندو، جو سنڌ ۾ جرمني جي هن مهان سپوت ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ياد ۾ ڪراچي ۾ ڪوئي مينار ضرور ٺاهيو ويندو. هاڻ ته سنڌ ۾ ٽرمپ وارو اهو اڻلڀ تاريخي رسالو ٻيهر ڇپيو ويو آهي. اهو ڏسي تعجب ٿو اچي، ته هن شخص جرمني جي شهر ليپزگ ۾ ويهي، ڪيئن سنڌي اکرن جي لوهي ٽائيپ تيار ڪرائي انجي ڪمپوزنگ ڪرائي هوندي. پروف ايڊٽنگ ڪئي هوندي، ۽ اهو هڪ تمام ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم هو. اڄ هو اسان ۾ موجود ڪونهي، پر سنڌ ۽ سنڌي کيس ڪڏهن به نه وساري سگهندا.
    رچرڊ برٽن به هڪ عجيب انسان هو. سنڌ ۾ هو 1843 ۾ سنڌ کي فتح ٿيڻ کانپوءِ سرچارلس نيپيئر جو ترجمان هو. کيس سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ تي عبور حاصل هو. هڪ فوجي ڪمانڊر هوندي به کيس عام ماڻهو جي زبان، سنڌي ڪلچر ۽ تاريخ سان ڏاڍو موهه هو، هن سڄي سنڌ گهمي ڏٺي هئي ۽ سنڌ جي جهرجهنگ ۾ کيس شاهه لطيف جي بيتن ۽ ڪلام جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هو. شروعات ۾ سنڌ ۾ چار سال رهيو ٻيهر 1848ع، ۽ پويون ڀيرو هو، 1878 ۾ سنڌ آيو هو. پنهنجي مشهور ڪتاب “سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ” ۾ رچرڊ برٽن شاه صاحب لاءِ لکي ٿو:
    “شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شعر جي سونهن حرف تجنيس معنى ترنم وارن، لفظن جي وڻندڙ ٻوليءَ جي اشارن سان طئي ڪري ٿو ۽ جاين ڪيترين تي انهن جي عبارتن جا به حوالا ڏيئي ٿو. هن جو سمورو ڪلام انهن خيالن ۽ مضمونن سان واسطو رکندڙ آهي، جن کان هن جا هم وطن اڳي واقف آهن، پر هن انهن کي هڪ عجيب احوال جي اظهار لاءِ استعمال ڪيو آهي. هن جي ڪلام جا ڪيترا حصا ڏيکارين ٿا ته هن کي مهذب گهرو زندگي لاءِ قدر آهي!”
    رچرڊ برٽن، خبر ناهي ڪهڙا صدين جا ڏک ڏٺا، هن سنڌ کي ڏسي اهو لکيو هو ته “سنڌ ڏکويل ماٿري آهي.” پنهنجي ڪتاب سنڌ آران هيپي ويلي ۾ (سال 1857 ڌاري) لکي ٿو: “اسان هن وقت اتر سنڌ جي حدن ۾ آهيون. مصر جهڙو زرخيز علائقو شروع ٿي چڪو آهي. مسٽربل، تو اندازو نٿو ڪرين سگهين ته هي اداس ماٿري، امير بڻجڻ جي ڪيتري اهليت رکندڙ آهي.”
    ۽ مونکي رچرڊ برٽن جا لکيل اهي لفظ به نٿا وسرن:”شاهه جا وطن واسي کين سنڌ جو حافظ سڏين ٿا. ۽ انهن مان ڪجهه پڙهيل اڻ پڙهيل جن سندس پرسوز ڪلام پڙهيو يا ٻڌو هجي هن جي شاعري پنهنجي سمجهندڙن لاءِ ڪنهن خوشي کان گهٽ ناهي. پڙهيل لکيل سندس شاعريءَ جي سونهن جي تعريف ڪن ٿا، ۽ تنبوري تي ان جي جهونگار جا مداح آهن. حد ته اها آهي ته اڻ پڙهيل به سندس شاعري جا ڪجهه حصا دل سان ياد ڪن ٿا. انهن جي معنى هٿ ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍن ٿا!”
    شاهه صاحب جي زندگي تي، پهريون ڀيروفارسي ٻولي ۾ ڪتاب لکندڙ هو، هز هائينس مير عبدالحسين سانگي!” ٽالپر گهراڻي جو چشم چراغ. سنڌ جي آخري حڪمران مير نصير خان ٽالپر جو پوٽو. هڪ انگريز عورت جو فرزند جيڪو سنڌ کان ڪوهين دور ڪلڪتي ۾ ڄائو هو. پر سنڌ ۾ اچي هو شاهه جي عشق ۾ رڱجي ويو. سندس لکيل ڪتاب “لطائف لطيفي،” شاهه جي زندگي بابت پهريون تحقيقي ڪتاب آهي، مير صاحب اهو ڪتاب سال 1888ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌو درياءُ جي ڪپ تي پنهنجي گهر ۾ ويهي لکيو هو. مير صاحب هڪ اهل علم دانشور هو. وٽس هزارين ڪتاب موجود هوندا هئا، پاڻ هڪ وڏو شاعر هو. ڪلڪتي ۾ قيد دوران مير عباس ٽالپر کي سندس انگريز زال مان ڄائو هو. سندس ڏاڏو سنڌ جو آخري حڪمران مير نصير خان ٽالپر هو. سال 1851ع ۾ سندس جنم ٿيو. سنڌ ۾ پنهنجي چاچي مير حسن علي خان ٽالپر سان گڏ حيدرآباد آيو. اتي جوان ٿيو ۽ شاهه ڀٽائي جو سچو عاشق ٿي پيو. وٽس شاهه جي رسالي جو هڪ قديم نسخو به موجود هوندو هو. کيس ڀٽ ڌڻي سان ايڏو عشق ٿي پيو. جو هن جي پهرين زال جڏهن گذاري ويئي، ته هن مائي صاحبه کي وڃي ڀٽ شاهه ۾ شاهه جي پيراندي ۾ دفن ڪيو. ۽ پاڻ به 1924 ۾ وفات ڪري ويو ته سندس وصيعت موجب کيس ڀٽائي جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. اڄ به ڀٽائي جا عاشق جڏهن ڀٽ شاهه ۾ درگاهه تي ويندا آهن ته مير عبدالحسين سانگي جي مزار تي به عقيدت جا به گل وڃي رکي ايندا آهن.
    انگريزي ٻوليءِ ۾ وري 1882 ۾ ديوان ڏيارا م گدومل، پنهنجو ڪتاب “سمٿنگ ابائوٽ سنڌ” لکيو. هن صاحب پنهنجي ان 50 صفحن جي ڪتاب ۾، شاهه بابت 15 يا 20 پيج لکيا آهن. ان ڪري جيڪڏهن اهو چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته پهريون سنڌي عالم، ڏيارام گدومل هو، جنهن شاهه بابت ڪجهه لکيو .
    ان کانپوءِ مرزا قليچ بيگ شاهه لطيف بابت انگريزي ۾ هڪ ڪتاب
    )Life of Shah Abdul Latif Bhitai and Brief Commententary on his Risalo with selections bearing on the mystic Philosophy of Sufis)
    لکيو. پر اهو ڪتاب ان وقت ڇپجي نه سگهيو. مرزا صاحب جو سنڌي ۾ لکيل ڪتاب “احوال شاهه عبداللطيف” لکيو. اهو ڪتاب منشي پوڪرداس ڇپيو هو.
    ان کانسواءِ حيدرآباد جي ديوان ليلارام وطڻمل لعلواڻي، پڻ شاهه صاحب جي زندگي بابت انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب Life Religion And Shah’s Poetry Greatest Poet of Sindh لکيو، جيڪو 14 مارچ 1889ع ۾ شايع ٿيو. هي انگريزي ۾ لکيل پهريون ڪتاب هو.
    اهڙي ريت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ٽرمپ واري ڇاپي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڇپائيندڙ هو، حاجي محمد سمون. هن بمبئي مان وڃي اهو رسالو ڇپرايو هو.
    اهڙيءَ طرح شاهه جو رسالو پهريون ڀيرو، سال 1990ع ۾ سنڌي ٽائيپ ۾، شايع ٿيو. اهو رسالو، تارا چند شوقيرام آڏواڻي مرتب ڪيو هو، جنهن کي سنڌ جي تعليم کاتي ڇپرايو هو. ساڳئي وقت مرزا قليچ بيگ جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو، منشي پو ڪرداس 1913 ۾ شايع ڪرايو.
    پر سنڌ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي. ڊاڪٽر صاحب پهريون عالم هو، جنهن شاهه جي رسالي کي مرتب ڪيو، سندس زندگيءَ جو احوال لکيو. سندس سورمين بابت تحقيق ڪئي. 1923ع جو سال سنڌ جي تاريخ جو اهم سال آهي، جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي جي مرتب ڪيل رسالي جو پهريون جلد سنڌ واسين آڏو آيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو عاليشان مقدمو ۽ سندس ڪيل ڪم جي مقابلي جي تحقيق اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ٻيو عالم ورلي ئي ڪري سگهيو آهي.
    سال 1919 ۾ برک صوفي،اديب، دانشور دادا ڄيٺمل پر سرام گلراجاڻي بغاوت جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو هو. پهريون حيدرآباد سنٽرل جيل پوءِ پونا جيل ۾ هڪ سال قيد هو. کيس چار سال سزا ٻڌائي ويئي هئي. جڏهن هڪ سال کانپوءِ آزاد ٿيو ته دادا جيرام داس دولترام کانئس پڇيو ته تون جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڏک سهندي، ڌڻيءَ اڳيان ڪهڙي پرارٿنا ڪندو هئين!” جواب ۾ چيائين، “آئون جيل ۾ شاهه لطيف کي پڙهندو هوس...
    دادا ڄيٺمل پرسرام به شاهه جو سچو عاشق هو. پاڻ 1916 ۾ حيدرآباد کان “هندو واسي” اخبار ڪڍندو هو. حيدرآباد شهر ان وقت به ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي قومي سياست جو مرڪز بڻجي رهيو هو. اهو دور سنڌ جي قومي سياست جو پهريون دور هو. محترم غلام محمد ڀرڳڙي، انهيءَ قومي سياست جو مهندار ۽ سرواڻ هو. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، جيرامداس دولترام، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، اچاريا ڪرپلاڻي، هر چندر ۽ وشنداس، ايم اي حافظ، عبدالرحمان بيريسٽر شيخ عبدالمجيدسنڌي، غلام علي ڇاڳلا، لالچندامرڏ نومل، سنڌ اس منگهارام وڪيل، اچي سندس چوگرد گڏ ٿيا هئا، ڪانگريس، ٿيا سافيڪل سوسائٽي سندن مرڪز هئا. 30 مارچ 1919 تي مهاتما گانڌي سموري هندستان ۾ هڙتال جي اپيل ڪئي هئي، ان ڏينهن تي به هڙتال ٿي، ته وري 6 اپريل 1919 تي به هڙتال ٿي. 30 مارچ 1919 تي نئين دهلي ۾ چاندني چوڪ تي انگريز سرڪار مظاهرو ڪندڙن تي زبردست فائرنگ ڪرائي. ڪيترائي ماڻهو مري ويا. ۽ زخمي ٿيا. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، پنهنجي اخبار “هندواسي” ۾ انهي واقعي جي خلاف ايڊيٽوريل لکيو. انهي ايڊيٽوريل جي شروعات شاهه لطيف جي هن بيت سان ٿيل هئي:
    اڳيان اڏين وٽ ، پوين سَر سنباها،
    ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ،
    مٿا مهاين جا، پيا نه ڏسين پَٽ،
    ڪلالڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي!،
    ايڊيٽوريل ۾ سنڌ برٽش سرڪار کي انهي بيت جي ڪري سخت ڪاوڙ لڳي. سنڌ جو ڪمشنر سرلار ينس جهڙو سخت ڪامورو هو. هَن بمبئي جي گورنر جي صلاح سان ڪئي. مئي 1919ع ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي جي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو. 16 مئي 1919 تي ڄيٺمل پرسرام کي حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو ڄيٺمل پرسرام جوڪيس حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ ٽي سورلي جي عدالت ۾ هلڻ شروع ٿيو، هن ڪيس ۾ ڄيٺمل پرسرام جو وڪيل سنداس منگهارام هو، ڪيس ۾ سخت اعتراض شاهه لطيف جي مٿئين بيت تي هو، هن بيت جي ذريعي ماڻهن کي بغاوت تي اڀارڻ جي صلاح ڏني ويئي آهي. هن ڪيس ۾ شاهدن طور مشهور اديب مرزا قليچ بيگ به پيش ٿيو هو. هن پنهنجي وس آهر شاهه جي هن بيت جي تشريح ڪري ٻڌائي هئي. بهرحال ايڇ ٽي سورلي جي عدالت ٻه مهينا ڪيس هلائڻ ۽ شاهه جي هن بيت جي تشريح ٻڌندي، پنهنجو فيصلو جيٺمل کي 4 سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي، بعد ۾ ڄيٺمل جي اها سزا 2 سال ڪئي ويئي ۽ ڄيٺمل جي هن ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ بمبئي جو مشهور پارسي وڪيل مسٽر بپتسما به آيو هو. ڄيٺمل کي ڪجهه وقت حيدرآباد جي جيل ۾ رکيو ويو، ۽ بعد ۾ هن کي پونا جيل موڪليو ويو. اتان هو جنوري 1920 ۾ آزاد ٿيو. هوڏانهن ايڇ ٽي سورلي ڄيٺمل کي شاهه جي هن بيت تي سزا ته ٻڌائي. پر سندس من ۾ هورا کورا پيدا ٿي ويئي ته ڇو نه آئون شاهه لطيف جي شاعري پڙهي ڏسان پوءِ هو سنڌي ٻولي سکيو. شاهه صاحب کي پڙهيائين ۽ انگريزي ۾ سال 1938 ع ۾ عاليشان ڪتاب شاهه عبداللطيف آف ڀٽ هز پوئٽري، لائيف، اينڊٽائمس، اي اسٽيڊي آف لٽريسي ايند اڪنامڪ ڪنڊيشن ان 18 سنچري سنڌ!” لکي ورتو.
    هي ڪتاب شاهه جي زندگي تي هڪ اعلى ڪتاب آهي. انهي ڪتاب جي پس منظر ۾ ايڇ ٽي سورلي جو اهو پڇتاءُ سمايل آهي، جو هن ڄيٺمل پرسرام کي هڪ بيت جي ڪري سزا ٻڌائي هئ.، ايڇ ٽي سورلي پهريون انگريز عالم آهي، جنهن ڀٽائي جي شاعري تي جديد سائنسي طور تحقيق ڪئي.
    مسٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي لکيل شاندار ڪتاب “شاهه عبدالطيف آف ڀٽ” ۾ هڪ ڏاهي طور جوهي قول ڪوٽ ڪيو آهي: “اوڀر جا ماڻهو بدلجن نٿا. هتي گهڻن ترقي يافته نسلن جي ڀيٽ ۾ هنن غريبن جو سادو سودو اتهاس سندن ڏکوئيندڙ ۽ رحم جوڳو ۽ هڪڙو سربستو احوال ڏي ٿو.”
    ڏاڍي معنى خيز ڳالهه آهي هن گفتي ۾ . سورلي اهو به لکيو آهي ته سنڌ تي جيڪا مصيبت نازل ٿيندي رهي آهي سا آهي سنڌوندي جي ڇڙو اڳ ٻوڏ پر ها اها ٻوڏا به سنڌو درياءُ ۾ رهي ڪونهي.
    دوستو!
    سچ پچ شاهه جي شعر ۾ ڪائي مٺڙي پيڙا موجود آهي، اها سدائين من کي آٿت پئي ڏيندي آهي. بلڪ شخصي طور تي جڏهن من تي ڪائي ملولائي ڇائنجندي آهي، آئون شاهه جو رسالو پڙهندو آهيان. هر ڀيري ڪانه ڪاشي پڙهڻ لاءِ آڏو اچي ويندي آهي. پوءِ آئون انهي ۾ گم ٿي ويندو آهيان. هڪ ڀيرو هي بيت پڙهي ان جي اونهائي ۾ کوئجي ويو هوس:
    جا نينهن ڳنندي نانءُ،
    سامون جئين پوندي مامري!
    سچ پچ ته شاهه جي هڪ هڪ بيت، هڪ هڪ وائي جو الائي ڪيڏو اونهو پس منظر آهي، ان تي تفصيل سان لکڻ جي سخت ضرورت آهي.
    سال 1999ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر جي آڳنڌ ۾ ويٺا هئاسين. رات جي مهل هئي. آرهڙ جي آسمان تي خبر ناهي ڪهڙين تاريخن جو مڌم چنڊ کڙيل هو. ان مان ڪراڙ ڍنڍ تان، ٿڌي هوا گهوگهٽ ڪندي اچي پئي اسانکي لڳي. سامهون ڪرسين تي سيد غوث علي شاهه، چيف منسٽر سنڌ، محترم محمد ابراهيم جويو، نياز همايوني، غلام رباني آگرو، امداد حسيني، نصير مرزا، نفيس احمد ناشاد ويٺا هئا. اسانجي آڏو شاهه جا راڳي شاهه کي ڳائي رهيا هئا. سندن هٿن ۾ طنبورا هئا. اوچتو هنن سريمن ڪلياڻ مان شاهه جي وائي ڳائڻ شروع ڪري ڏني هئي،
    سُپريان جي سونُهن جي ڳالهه ڪين وڃي،
    وڃي در دوستن جي، سُوري سر هجي،
    عاشقن انگ چڙهيا، ٻيو سڀ ڪو ڀڄي،
    پُڇج پوءِ پريتڻون، پهرئين سِرُ سڄي،
    عاقل تي اوڇون ٿيا، ڀورو ڪين ڀڃي!
    مون ان مهل آسمان ۾ ڏٺو هو. اداس چنڊ شاهه جي ڪراڙ ڍنڍتان سرگوشيون ڪري رهيو هو ۽ ڪراڙ جي لهر لهر، ستاري ستاري، درختن ۾ اهاوائي گونجي رهي هئي. اصل ۾ ڀٽ شاهه ۾ اتان جي وڻن ۾، ڪراڙڍنڍ جي لهر لهر، پرين جو پڙلاءَ موجود آهي. آئون ان مهل اتان اٿي ڀر ۾ وڃي ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو هوس. ڪراڙ ڍنڍ تي چنڊ جا پاڇاپئجي رهيا هئا. آسمان جو چنڊ ڪراڙ جي پاڻي ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو. پريان ٽالهي گدامڙي جي وڻن تي چنڊ جي چانڊوڪي ڇانيل هئي ۽ پوءِ ڪا مهل اتي بيٺو هوس. جڏهن موٽي آيو هوس ته گيسٽ هائوس جي آڳر ۾ سيد غوث علي شاهه جي فرمائش تي نياز همايوني پنهنجو مشهور گيت پڙهي رهيو هو:
    سنڌڙي منهنجي ماءُ او منهنجي جيجل توتان گهورٿيان،
    شال نه ٿيان غدار، سندء ڀل ڊاڪو ٿيان ياچور ٿيان.
    مون ان مهل سوچيو هو، شاهه لطيف جي هن عاشق نياز همايوني ۾ صدين جو ڪوئي اداس سنڌي ويٺل آهي. هزارين سال پراڻو سنڌي جنهن جو روح وتي ٿو ڀٽڪندو. شاهه لطيف ۾ به سنڌ جو هزارين ورهيه قديم اداس سنڌي جو روح ويٺل هو. شاهه به پنهنجي وقت کان حالتن کان، حڪمرانن کان، بغاوت ڪئي هئي. هو صاحب چوي ٿو:
    جان وڍيو تان ويهه، نه ته وٺيو وٽ ونءَ تون،
    هي تنين جو ڏيهه، ڪاتي جنين هٿ ۾!
    (شاهه)
    ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته شاهه ڀٽائي نه هجي ته پوءِ سنڌي ٻولي جو الائي ڪهڙو حال ٿئي ها! ڇاڪاڻ ته ٻولين جي واڌ ويجهه ۾ به انجو ادب ۽ ماڻهو اهم هوندو اآهن. شاهه صاحب سچ پچ، سنڌي ٻوليءَ کي چين جي عظيم ديوار جهڙي ڀت ٺاهي ڇڏي آهي.
    هونئن به دنيا جو هڪڙو مروج اصول آهي ته وقت جي بدلجڻ سان ان ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ جي لفظن ۾ تغيرات ٿيندا رهندا آهن. ڏهين صدي عيسوي ۾ فارسيءَ ٻولي جو اثر وچ ايشيا تي، خاص ڪري ننڍي کنڊ تي پيو. پر سنڌ تي ڀر پاسي جي حڪمرانن سبب تمام گهڻو اثر پيو. ان اثر سبب سنڌ جا حڪمران پنهنجي اباڻي ٻولي وساري ويهي رهيا. حڪمرانن جي زور جي ڪري امير، امرتي به فارسي ٻوليءَ ڇائنجي وئي. اوهين پاڻ ڏسو، سومرن، سمن، ارغونن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اڳين دور جو هڪ تاريخي ڪتاب اسانکي سنڌي ٻولي ۾ نٿو هٿ اچي. ڪڏهن حڪمرانن جي ڪري قومون پنهنجي اصلوڪين ٻولين کي به وساري ويهي رهنديون آهن. اسانجي آڏو لاطيني ٻولي جو مثال آهي. ڪنهن وقت ۾ اها ٻولي رومي بادشاهه جي اولهندي ڀاڱن ۾ عام هئي. پر جڏهن قديم تهذيب جا پير اکڙجي ويا ته اها ٻولي آهستي آهستي معدوم ٿيندي ويئي. اتي لاطيني ٻولي نٿي ڳالهائي وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اٽلين، اسپيني، فرنيچ، رومي، وغيره لاطيني ٻولي مان ڦٽي نڪتيون.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته دنيا جي ڪيترين ٻولين جو تعلق ايشيا ڪوچڪ سان هو. اهي اڄ موجود ڪونهن. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ادب نه سرجيو ويو. مثال طور بابلي ٻولي، هيٽي، ڪيريا، ليڊيا، ليشيا، فريجيا، ٻوليون سموريون فنا ٿي ويون. ويندي انهن جي ڪا به يادگار باقي ڪونهي. ڪيترين ٻولين ڳالهائيندڙ ن جون نسل به ختم ٿي ويو، ٻولين جا شجرا انهن جو اثاثو هوندو آهي.
    هن ڊگهي بحث جو مقصد اهو آهي ته جئين اسين سمجهي سگهون ته قومن ۽ ٻولين جي ترقي ۾ ادب جو وڏو تعلق هوندو آهي. سنڌ جي سلطنت مٿان به فارسي ٻولي جو غلبو اهڙي دور ۾ هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي آڏو اهو ماحول برپاهو جو حڪمران، امير ۽ ڪبير، فارسي جي اثر هيٺ هئا ڇا اسين ڀٽائي جي هن بيت کي وساري سگهنداسين:
    جي تون سکيو فارسي، گولو تو ءِ غلام،
    اُڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،
    جو ٻڌو ٻن ڳالهين، سو ڪٺين چائي جام؟
    اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.
    ۽ شاهه صاحب جو هي بيت به ته پڙهي ڏسو:
    پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
    آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪيان، هو فارسي پڇن،
    مون پڻ مِلا تن، سرتيون سور پرائيو!
    اڄ کان ٽي صديون اڳ جوزمانو اکين آڏو آڻيو ۽ پوءِ ويهي، غور سان اها ڳالهه ذهن ۾ آڻيو، ته هڪ شاعر هڪ ڏور ڏسندڙ باشعور شخص اهڙي ڏکئي ماحول ۾ ڇاٿو ڪري سگهي؟ هتي هن ڳالهه کان قطعي طور تي انڪار نٿا ڪري سگهون. ته هڪ باشعور، سجاڳ شخص، بادشاهت جي ڏاڍ آڏو لفظن جو احتجاج ئي ڪري سگهي ٿو. وقت جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو سندس مخالف هو ۽ ترجا جاگيردار کيس پنهنجي جوءِ ۾ اکين ڦاٿل ڪنڊي وانگر پيا محسوس ڪندا هئا. پوءِ به هن اهو چيو ته:
    تنهن سورهيه کي شاباس،
    جو مٿي پِڙ پرزا ٿئي!
    اهڙي ڏکئي، ۽ منجهائيندڙ وقت ۾ هن جو شعور اڳتي سوچي رهيو هو:
    ڳچيءَ ڳانا لوه جا، زيريون ۽ زنجير،
    پيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺين اندر ڪير،
    چاري چو گانن ۾، واهيت ڪن وزير،
    ڇن نه ڇڃي آهيان، اهڙي سٽ سرير،
    مارو ڄام ملير، پڇج ڪي پنو هار کي.
    هڪ ئي بيت ۾ هو پنهنجي ديس ۾ ٿيندڙ ڪلورن کي ظاهر ڪندي، ايوانن، قيد خانن، جاسوسن، هٿڪڙين ۽ ڏاڍ سهندڙ ماروئڙن جو ذڪر ڪري امر ٿو ٿي وڃي. خبر ناهي ته شاهه جهڙو عظيم سورمو، شاعر ۽ اهل علم اڄ کان ڪيتريون صديون اڳ، پنهنجي وطن جي حالتن کي ڏسي ڇا ڇا نه ڀوڳيو هوندو؟ ڪهڙي انت بحر جي سوچ سندس من ۾ سمايل هئي جو هو شهر ڇڏي ڀُڙڀانگ ۾ ڪراڙ ڍنڍ جو ڪپ وڃي وسايو.

    ڀائرو
    هڪ دفعو آئون سج لٿي ڀٽ شاهه پهتو هوس. اونده ٿي ويئي هئي. پريان ڀٽ شاهه جي ڪن گهرن مان دونهون نڪري رهيو هو. آئون شيخ اياز جي قبر وٽ وڃي بيٺو هوس. هوا تيز گهلي رهي هئي مٿي آڪاس تي ڪيترا ستارا ٽمڪي رهيا هئا. مون ان مهل سوچيوهو جڏهن هزارين ستارا، هن اونداهي آسمان تي ڏياٽين وانگر ٽمڪندا هئا، ته ڀٽ ۾ مچ دکايا ويندا هئا. ۽ مشعلون ٻاريون وينديون هيون. ڀٽائي جو روضو جڙڻ کانپوءِ هڪڙا فانوس درگاهه جي اندر ٻرندا هئا ته ٻيو فانوس خدا جي چنڊ جي شڪل ۾ آسمان ۾ چمڪندو هو.
    مون کي ان مهل ڏيارام گدومل ياد اچي ويو . هو صاحب پنهنجي ڪتاب “سمٿنگ اباؤٽ سنڌ “۾ درگاهه ڀٽائي جي ان زيارت جو ذڪر ڪري ٿو، هو سال 1882ع ۾ ڀٽ شاهه آيو هو. ڏيا رام لکي ٿو ڀٽ شاهه جي وڏي ۽ وسيع اڱڻ ۾ ماٺ ڇانيل هئي. جتي آئون به سؤ کن ماڻهن، زالن، ٻارن سان گڏ هوس. اوچتو الاهو، جي هونگار ماٺ جي طلسم کي ٽوڙي ڇڏيو. انهن ماڻهن جون نماڻيون ۽ پر امن نگاهون ساديون سوديون عادتون، سندن بااخلاق هلت چلت، سندن مضبوط اعتماد ۽ ذهني ورتاءُ انهن سڀني ڳالهين هن عظيم شاعر لاءِ منهنجي دل تي وڏو اثر ڪري ڇڏيو ۽ هن لاءِ عزت ۽ احترام پيدا ڪيو، جيڪو سندن روحاني رهبر هو، جنهن جي سدا سهائيندڙ لفظن ۽ جيئرن جاڳندن تصورن کين نيڻن مان نير وهائڻ لاءِ ڪوئي غيبي اثر وڌو هو!”
    دوستو!
    سچ پڇيو ته ڀٽائي جي نگريءَ ۾ هڪ طلسم آهي.
    هڪ ڀيرو پنهنجي محترم دوست سيد شاهه محمد شاهه سان گڏ ڀٽ شاهه آيو هوس، رات ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس ۾ ترسيا هئاسين. سياري جي مُند هئي. ٻاهر ولھه وسي رهي هئي. مون کي رات جو دير سان ڀٽائي جي مقبري تي وڃي راڳ ٻڌڻو هو. ڪا مهل ننڊ وڪوڙي وئي. اوچتو آڌي رات جو ننڊ مان جاڳ ٿي هئي. ڪمري جي درتي ڪوئي ٺڪ ٺڪ ڪري رهيو هو. اٿي در کوليو هوم در تي ڊرائيور بيٺو هو. مونکي هو درگاهه تي وٺي هلڻ لاءِ آيو هو . ڊرائيور مفلر ۽ ڪوٽ ۾ مٿان لوئي وجهي سيءَ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون منهن تي ٻه ٽي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ لاءِ نل کوليو. پاڻي به ڄڻ پارو ٿي ويو هو، مون مٿين دل سان هٿ آلو ڪري اکين تي رکيو هو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري اچي ڪار ۾ ويٺو هوس. ڪار درگاهه ڏانهن وڌي ته مون ڪار جي شيشي مان ٻاهر نهاريو هو. مٿي آڪاس جي مندر تي ستارا ڏيئن وانگر ٻري رهيا هئا. ۽ ڊسمبر جو مُنو چنڊ ڪنهن رولاڪ آتما جئين ٿي لڳو. اماس جي راتين ۾ هر شيءَ ڪيڏي نه ڀيانڪ ڀاسندي آهي. پر چانڊوڪي جو جواب ناهي. سامهون ماٺ ٻڏل، ڪراڙ ڍنڍ، به اداس چانڊوڪي ۾ جرڪي پئي. چنڊ جا ڪجهه ڪرڻا ڪراڙجي پاڻيءَ تي ٽانڊاڻن وانگر ٽمڪي رهيا هئا. ڪار تيزي سان ڪراڙوٽان لنگهندي چوڪ وٽان، چاڙهي چڙهي اچي مٿي بيٺي. آئون ڊائيور کان لوئي وٺي ڀٽائي جي درگاهه ۾ اندر داخل ٿيو هوس. اورئين آڳنڌ ۾ غازي عباس علمدار جي علم هيٺان قديم مچ ٻري رهيو هو. رات جي اٿاهه خاموشيءَ ۾ پريان ورانڊي ۾ شاهه جا فقير شاهه کي ڳائي رهيا هئا. آئون اڱڻ مان ٿيندي شاهه جي ورانڊي ۾ اچي فقيرن جي ڀر ۾ ويٺو هوس. ڪيترا ڳوٺاڻا مرد ۽ عورتون اجرڪون اوڍيو عقيدت مان شاهه سائين جو راڳ ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيا هئا. آسمان تي ڪتيون ڪرموڙي رهيو هيون، ۽ ستارن جي ڇانو ۾ سڄي ڪائنات جانيڻ ننڊاکرا ٿي رهيا هئا. ٻاهر ولهه وسي پنهنجو احساس ڏياري رهي هئي. پر فقير شاهه کي ڳائي رهيا هئا.ريڳڙيا رارميان، لوٺيس لانگوٽيو، منهنجو جِيءَ جلايو، اندر آديسين، هئه هئه منجهه هٿن وڃائي واٽ ٿيا
    مون سميت ڪيترا ماڻهو ڀٽائي جي لات ۾ محو ٿي رهيا هئا. مون ان مهل سوچيو هو، سوين ورهيه لنگهي ويا آهن. پر شاهه جي مقبري تي طنبوري جي تار ۽ فقيرن جي آلاپ سان، سندس ڪلام ائين ئي ڳاتو ٿو وڃي. دراصل ڀٽائي جي زندگي ۾ سنڌجا تاريخ جا خبر ناهي ته ڪيڏا ورق وريا پيا آهن. هو پنهنجي ديس جي تاريخ مان ڪيڏو نه چڱي، ريت واقف هو! سندس ٻئي دور ۾ 1740ع نادر شاهه سنڌ آيو هو. اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ هو ڦوه جوان هو. پنهنجي وطن تي ويرين جاوار ڏسي هو ڪنهن اونهي سوچ ۾ هليو ويندو هو. خبر ناهي ته ڪهڙي هنڌ ۽ ڪٿي هُن امالڪ اهو چئي ڏنو هو:
    حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
    لڳي ماٺ مروئن کي، ڏونگرپون ڏري،
    وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀري ڪين ڪي!
    آئون اڪثر ڀٽائي جي درگاه تي ڀيرو ضرور ڪندو آهيان. پهريون شاهه صاحب جي مرقد تي، پوءِ سندس والد حبيب شاهه، ۽ انکان پوءِ مير عبدالحسين سانگي ۽ ڊاڪٽر شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي جي قبرن تي وڃي بيهندو آهيان . هڪ ڀيرو شاهه جي مسيت ۾ ويندي مون کي ساڌوٽي ايل واسواڻي ياد اچي ويو هو. چون ٿا ته هڪ ڀيرو ساڌوٽي ايل واسواڻي صاحب، شاهه جي حاضري ڀرڻ آيو. درگاهه تان حاضري ڀري يڪدم مسيت ۾ وڃي، ديوارن کي هٿ لائي چيو هئائين ته هي ڀتيون به ته شاهه صاحب جي هٿن جون آهن، ڇونه انهن کي هئين سان لايان!”
    اها عقيدت، دادا ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، سيد ميران محمد شاهه، محترم جي-ايم سيد، مخدوم محمد زمان طالب المولى آغا تاج محمد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، کي به هوندي هئي. انهن ئي ماڻهن جي محنت سان ڀٽ شاهه ۾ شاهه جي ميلي تي مانڊاڻ مچايا ويا. ادبي ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون. تڏهن نه رستو هو. ڀٽ شاهه ۾ نه وري بجلي ۽ ڪي ٻيون سهولتون موجود هيون.
    آئون هڪ ڀيرو اپريل 2000ع ۾ ڪهاڻيڪار ۽ اديب غلام رباني سان گڏ صبح جو ڀٽ شاهه ويو هوس. اياز جي قبر تان ٿيندا وري ڀٽائي جو سلام ڪرڻ درگاهه ۾ داخل ٿيا هئاسين. صبح جو وقت هو، درگاهه جي اڱڻ ۾ ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي. مٿي اونهاري جي اس ۾ ڀٽائي جو مقبرو ۽ انجو سنهرو ڪلس چمڪي رهيو هو. آئون اڱڻ ۾ بيهي شاهه جي پوکيل کٻڙ کي ڏسي رهيو هوس. غلام رباني ان مهل مون کي چيو هو ته آئون شاهه جي مسيت ۾ ٻه نفل نماز جا پڙهي ٿو اچان! ته مون کيس چيو ته رباني صاحب هي وقت نماز جو ته ڪونهي! چيوهئائين ته يار آئون جنهن به خانقاهه ۾ ويندو آهيان اتي نفل نماز جا ضرور پڙهندو آهيان! ۽ پوءِ هو اندر مسيت ۾ هليو ويو هو. آئون اتان ڦرندو اچي تمر فقير جي اوطاق وٽ پهتو هوس. شاهه جو رسالو گنج شريف به ڪڏهن هن تي موجود هڪ ڊٺل ڪوٺڙي ۾ رکيل هوندو هو. پر چون ٿا ته فقير انکي ٻاهر ڪڍڻ نه ڏيندا هئا. مونکي تڏهن ياد آيو هو ته سنڌ جو عالم ڊاڪٽر دائود پوٽو سال 1951 جي فيبروري مهيني ۾ ۽ بعد ۾ اپريل 1952 ۾ گنج شريف جو اڀياس ڪرڻ لاءِ هتي اچي رهيو هو. اهڙو اڄ جهڙو آرهڙ جي لڪن جهڙا ڏينهن هئا. ٻاهر لڪون ۽ جهولاٿي لڳا. هوا واري پئي وسائي. ڊاڪٽر صاحب اوطاق جي اونداهي ڪوٺي ۾ پٽ تي ويهي ڪم ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو؛ 1951ع خميس جي ڏينهن صبح جو اٺين وڳي سوير تند هوا شروع ٿي هئي، هينئڙو ٻيڙيءَ جان پئي ٻڏو ۽ اُپڙيو. تڏهن هڪ طوطن جو شوخ شنگ ٽولو اچي کٻڙ جي وڻ تي ويٺو. هيڏانهن هوڏانهن پرواز ڪري پاڻ ۾ خوب پئي رانديون ڪيائون ۽ ٻوليون پئي ٻوليائون ۽ اهڙي وٺي ٽين ٽين مچايائون جو دل بي اختيار انهن ڏانهن ڇڪجي ويئي. اهو تماشو ڏسي دل کي ڏاڍي فرحت آئي، فقيرن کان معلوم ٿيو ته اهڙو طوطن جو ٽولو ڪڏهن ڀلجي ڪونه آيو هو، جيتوڻيڪ ڪڻڪ جون پوکون نزديڪ هيون. سمجهيم ته فرشتا يا ڇُٽل روح، طوطن جي شڪل ڌاري منهنجي دل ڌتارڻ آيا هئا ايتري قدر خوشي سان ڇاتي کلي جو بيان کان ٻاهر آهي!”
    دوستو:
    مونکي معاف ڪيو وڃي، جيڪڏهن آئون هتي شاهه جي پارکن کي وساري ڇڏيان. ڇا اسين ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، لالچند امر ڏنيمل، قاضي ابراهيم، قاضي فتح محمد، قاضي عبدالڪريم، حاجي محمد سمون، قاضي احمد، شيخ نور الدين، يوسف آدم، محمد ابراهيم بخشاپوري، ميان علي قاضي، عثمان علي انصاري، غلام محمد شهواڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام مصطفى قاسمي، محمد صديق ميمڻ، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ کي وساري سگهون ٿا. هرگز نه. اهي سنڌ جا مهان شخص هئا، شاهه جا عاشق هئا. يا وري اهي شروعاتي انسان جن شاهه جي وفات کان اٽڪل 45 سال پوءِ، شاهه جو ڪلام يعني گنج شريف ويهي مرتب ڪيو، اهو اڄ به ڀٽ شاهه ۾ صحيح ۽ سلامت رکيو آهي. اوهان کي تعجب لڳندو ته گنج شريف ۾ حافظ، فريد الدين عطار، ايراني شاعر محي الدين، هندستاني شاعر ڪبير ڀڳت، پنجاب جي شاهه حسين ۽ سنڌ جي ڪجهه آڳاٽن شاعرن جو ڪلام به موجود آهن.
    دوستو!
    دهلي شهر ۾ تاريخ هنڌ هنڌ تي ٽڙي پکڙي پئي آهي. اسين سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ذڪر پيا ڪريون، ته مونکي هن شهر جا ڪجهه شاعر امير خسرو، عبدالرحيم خانخانان، عبدالقادر درديل، ابراهيم ذوق، مرزا اسدالله غالب ٿا ياد اچي وڃن. اهي شاعر پنهنجي دور جا تمام وڏا شاعر هئا. امير خسرو ته پنهنجي مرشد حضرت نظام الدين اوليا جي مقبري آڏو آرامي آهي ۽ عبدالرحيم خانخانان، پنهنجي اجاڙ مقبري ۾ زماني جي بيقدري کي ڏسندو ٿو رهي، ۽ مرزا غالب، پنهنجي ننڍڙي مقبري ۾ ستل آهي. شاهه ڀٽائي جو مقابلو اسين هنن ٽنهي شاعرن سان نٿا ڪريون. پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو، ته اهي ٽيئي شاعر پنهنجي پنهنجي وقت جي حڪمرانن جا مصاحب سٺا ۽ شاهه صاحب، وقت جي حڪمرانن کان منڪر هو. پنهنجي سماج ۽ طبقي کان باغي هو. هو ڪڏهن به حاڪم جي حاضري ڀرڻ نه ويو. شاعر پنهنجي شاعري جي ڪري سدائين زنده رهندا آهن. امير خسرو، عبدالرحيم خانخانان ۽ غالب جي شاعري کي وقت ڪڏهن وساري نه سگهيو آهي. هتي مون امير خسرو جوذڪر ڪيو. اچوته هن عظيم شاعر جو هي گيت ته پڙهي ڏسو:
    يار من بيا بياد رتنم تاديم،
    به لبم رسيده جانم، تو بياک زنده هام،
    پس ازان ڪ من نه مانم، به چه ڪارخواهي آمد.
    (ترجمو: منهنجا پرين اچ اچ، منهنجي تن ۾ اچ، ڇاڪاڻ ته آئون تنهنجو آهيان، منهنجو ساهه چپن تي اچي ويو آهي، تون اچ ته “خسرو” ٿي پوان، جڏهن آئون نه هوندس ته پوءِ تنهنجي اچڻ جو ڪهڙو ڪم.)
    ۽ دهليءَ جي هن شهر ۾ سنڌ جو عظيم مفڪر حشو ڪيو لراماڻي به، ڀڳت سنگهه مارڪيٽ ۾ رهندو هو. هتي ئي سنڌي ٻولي کي ڀارت جي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ هلچل هلي هئي، هن ئي شهر ۾ سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر نارائڻ شيام به زندگيءَ گهاري هئي، هن ئي شهر دهليءَ ۾ ورهاڱي کانپوءِ سال 1956 جي آڪٽوبر مهيني ۾، پهريون ڀيرو حشو ڪيولراماڻي ۽ سندس ساٿين شاهه صاحب جو ڏينهن ملهايو هو. ان موقعي حشو ڪيولراماڻي شاهه عبداللطيف ۽ سنڌيت جي عنوان سان انگريزي ۾ هڪ شاندار تقرير ڪئي هئي. ۽ هن ئي شهر ۾ سنڌي ٻولي کي سنڌي تهذيب کي زنده رکڻ لاءِ سنڌو سماج هلچل شروع ٿي هئي. دهلي ۾ سنڌي ٻولي کي زندهه رکڻ لاءِ حشو ڪيولراماڻي، تيرٿ وسنت، نارائڻ شيام، شيام ڀاڳيا، لڇمڻ ڪومل، هريڪانت ۽ ٻيا دوست شامل هئا. اڄ اوهين شاهه کي ياد ڪري پراڻي روايت کي ياد پيا ڪريو. سنڌ جي عظيم سپوت ساڌوٽي .ايل واسوڻي هڪ ڀيرو لکيو هو: هاءِ سنڌڙي مان سهي نه سگهان تنهنجي جدائي-
    واقعي سنڌ جيڪا ڪڏهن مور به نه مرڻي آهي، اها ڪنهن کان ٿي وسري سگهي. سنڌ جو اهو نسل، جيڪو اڌ صدي کان به اڳ پنهنجو وطن ڇڏي اچي ڀارت پهتو، ان کان به سنڌ ڪڏهن به نه وسري. نه وري اوهانجي نسل، جنهن ڪڏهن به سنڌ نه ڏٺي آهي اهو به سنڌي ٻولي جي ڪري سنڌ سان ڳنڍيل رهندو . سنڌين جي وچ ۾ ڀلي وطن هڪجهڙو کڻي نه هجي، پر سنڌي ٻولي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن جي وچ ۾ هڪ پُل وانگر آهي، مڃيون ٿا ته نئون نسل سنڌي نٿو پڙهي سگهي، پر شاهه جي هڪ سٽ به کين بر زبان ياد اچي ويئي ته اهو ڳانڍاپو ٿي اڳتي وڌندو رهندو. هتي مرزا غالب جي فارسي غزل جي هڪ سٽ ٿي هتي ياد اچيم:
    يان همدم فرزانه داني ره ويرانه،
    شمع ڪدنه خواهد شداز، باد خموش آور،
    غالب پنهنجي هن شعر ۾ همدم فرزانه سان مخاطب آهي، جيڪو رهه ويران کان واقف آهي ۽ انکي هو اهڙي شمع ٻارڻ لاءِ چوي ٿو، جنهن کي هوا به نه وسائي سگهي!
    سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو!
    سنڌ ۽ هند جي سنڌين ۾ محبت جي شمع ٻري رهي آهي ان کي تيز هوا طوفان جي به ڪڏهن نه وسائي سگهندي . دهلي سنڌ کان ڪيڏو به دور ڇو نه هجي پر اوهان سنڌين جي وجود سبب اسانجي نينهن جا ڳانڍاپا سدائين قائم رهندا. خوش هجو شال، ڌڻي اسان سڀني تي پنهنجو ڪرم ڪندو رهندو. شاهه سائين جي سٽ وانگر:

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين!


    مشاعري ۾ پڙهيل شاعري

    دل جا ديرا وسَن : نذير ”ناز“

    دل جا ديرا جي وسن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان،
    ۽ سڄڻ سامهون هجن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    واجهه ٿي دلڙيءَ وڌا جن جي ڏسڻ ڪاڻ سدا،
    سي اڱڻ منهنجي اچن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    شمع بنجي مان جلان جي ٿئي پروانو هو،
    پيار جا وارا ورن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    اڄ سڄڻ وعدو وفائي جو کنيو آهي قسم،
    عهد جي سڀ ئي ڀرن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    دل ته دلدار جو درشن ٿي ڪرڻ چاهي مگر،
    پيار تي پهرا هجن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    دل جي مندر ۾ مون ٻاريو آ محبت جو چراغ،
    گل ڪرڻ پنهنجا اچن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    جستجو مون کي ته منزل جي وڃايو ٿي وڃي،
    ڪي به راهون نه ملن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    هڪ جهلڪ جنهن جي ڏسي مهڪيو وڃي دل جو جهان،
    روبرو سي ئي هجن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.

    حال دل اي ناز ڇو کولي ٻڌايان مان ڀلا،
    ماٺ مان سمجهي وٺن، پوءِ مان غزل ڇو نه چوان.


    دل ڌرتي تي : نذير ناز

    دل ڌرتي تي وسن ٿا ماڻهو،
    ڏاڍو من کي وڻن ٿا ماڻهو.

    ڪنهن کي ڪيئن پنهنجو ڄاڻون،
    پنهنجا ڪين ٿين ٿا ماڻهو.

    اجڙيل وستيون وري وسن پر،
    من ۾ ڪين وسن ٿا ماڻهو.

    ديس ڇڏي پرديس هليا ويا،
    ڪيڏا سخت ٿين ٿا ماڻهو.

    ڪنهن تي ڪو ويساهه نه آهي،
    روز رسن، پرچن ٿا ماڻهو.

    دل وارن ۽ مشتاقن کان،
    ڇا لاءِ دور رهن ٿا ماڻهو.

    دل گهريو محفل ۾ ملي جو،
    ان کان پاسو ڪن ٿا ماڻهو.

    سنسار سڄو ڪو سپنو آهي،
    آس تي پلجن ٿا ماڻهو.

    راهه وفا ۾ ناز جيان،
    ويهي واٽ تڪن ٿا ماڻهو.
    a


    وسن شل ڳوٺ ۽ واهڻ : نذير ناز

    وسن شل ڳوٺ ۽ واهڻ ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾،
    سدائين هؤن شل ساوڻ ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾.

    ٻنيون، ٻارا، وليون، باغات، گل ڦل سبز ۽ ساوا،
    ڳلي رشڪ چمن، وڻ، وڻ ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾.

    ڊکڻ، لوهار، موچي ۽ مهاڻا، ڪاسبي، ڪوريءَ،
    سڀئي ماڻهو ڍولڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾.

    هي سهڻيون رنگ رتيون رلهيون ۽ اجرڪ، خيس، گج گربيون،
    اباڻن جا اهي اوڇڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾ .

    اُهي ريتيون آهي رسمون اها محبت اها مروت،
    اُهي ساڳيا رسڻ، پرچڻ، ڀٽائيءَ تنهنجي وستيءَ ۾.

    نه آهي موج ۾ مهراڻ، ناهي سرڪ پاڻيءَ جي،
    ڇڏي بادل ڏنو برسڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾.

    نگر ۾ ناد تنهنجا ۽ گلين ۾ ڳالهيون تنهنجون،
    وڄي ڇيرين سندي ڇڻ ڇڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾.

    مرادون پڙ مٿي، پوريون ڪرين سانگين سنگهارن جو،
    ورهايون ڪي مٺايون مڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾.

    هي ناريون، “ناز” واريون، ٻارڙا ۽ پيرسن ڳڀرو،
    اچن تنهنجي اڱڻ، ڀٽائي تنهجي وستيءَ ۾.
    a


    لهه سنڌڙيءَ جي ڪا سار، ڀٽائي! : نذير ناز

    لهه سنڌڙيءَ جي ڪا سار، ڀٽائي!
    لهه سنڌڙيءَ جي ڪا سار، ڀٽائي،
    ڪر ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي.

    سنڌوءَ ۾ ڪو ناهي پاڻي،
    رک اڏامي پئي ٿي هاڻي،
    هرڪا اک آ لڙڪن هاڻي،
    ڌرتي کان هيٺ لهي ويو پاڻي،
    ڏيهه ۾ آهي ڏڪار ڀٽائي،
    ڪر ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي.

    سارا فصل سڪي ويا سائين،
    ڏاڍي ڀونءَ بکي آ سائين،
    سکي ستابي هئي جا سائين،
    اڄ سا ڏاڍي ڏکي آ سائين،
    ڪر ساڻيهه منجهه سڪار ڀٽائي،
    ڪر ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي.

    سالن کان نه بوند وٺي آ،
    کنوڻ کجي نه گوڙ گجي آ،
    ساري ڌرتي “ٿر” ٿي وئي آ،
    بادل شايد بس ڪئي آ،
    لهه سارنگ جيئن سنڀار ڀٽائي،
    ڪر ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي.
    لهه سنڌڙيءَ جي ڪا سار ڀٽائي،
    ڪر ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي.
    ۞


    سنڌ امان منهنجي جان ۽ مان: مهڪ علي

    جاڳ ڀٽائي جاڳ
    سنڌ جي وجود کي
    ويڙهي ويا آهن نانگ
    هيبت ناڪ هزار
    جاڳ ڀٽائي جاڳ
    ڪئين صديون پڄاڻان جيان
    ناري اڄ به آلاچار
    پنهنجي سڄڻن آڏو
    زوري زبردستي
    ڌار ڪيو ڌيئن کان
    نه آهي ڪو داد فرياد
    جاڳ ڀٽائي جاڳ
    اڄ جون ناريون
    نماڻيون آهن
    انهن ۾ اڄ به
    نوري جو نياز آ
    سهڻي واري همت،
    مارئي جي حب وطني،
    مومل وارو ماڻو،
    سسئيءَ وارو ڏهاڳ،
    ليلان جو پڇتاءُ،
    سورٺ جو ايثار،
    سمايل به ان ۾
    پوءِ ملي نٿو اظهار
    جاڳ ڀٽائي جاڳ
    ٻاٽ اونداهي ۾
    نڪي ٿا ڏيئا جرڪن
    نڪي ٿا پتنگ ٽمڪن
    نڪي رنگ رتا، وڳا جرڪن
    جاڳ ڀٽائي جاڳ
    ارغون ڪيو آ سنڌ تي وارو
    ناهي ڪودرد سمجهڻ وارو
    ڪڻا ڪرڻ چاهين ٿا امڙ سنڌ کي
    رنگيو پيا ڪن رت ڇاڻ جو
    ريٽي رت جا آهن آثار
    جاڳ ڀٽائي جاڳ
    جاڳو ڀاڳيا سنڌ جا
    ڪرڻي ناهي دير
    من ۾ اوتي مڻ ميٺاڄ جو
    ٿيندا جيجل امڙ سنڌ جا
    ڇپر ۽ ڇانوءَ
    حوصلو هيڻو ٿيندو نه ناري جو
    آجياپي جي باک ڦٽي آ
    اهي اُهڃاڻ اقرار
    ڌرتيءَ ماتا، مانائتي
    مهڪ علي جي جان
    جيئي سنڌ جيئي سنڌ
    سدائين جيئي سنڌ


    تنهنجا اوسيئڙا نِگاهون : پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ

    ۞

    تنهنجا اوسيئڙا نِگاهون،
    ڄڻ تي ڪي ڏيئڙا نِگاهون.

    قرب ۾ قيدي ڪري ويا،
    ڪالهه ڪيچئڙا نِگاهون.

    راهه ۾ ٻاري رکيا هن،
    مون سڀئي لِيئڙا نِگاهون.

    سار جا لمحا جو آيا،
    ۽ کڻي ويئڙا نِگاهون.

    دُور وَڻ جي ڇانوَ هيٺان،
    ڌُنڌلا جيئڙا نِگاهون.

    سڀ پيارا دُور ٿي ويا،
    ‘مهر’ جي هُيئڙا نِگاهون.


    تو کان پيار جي گُهرَ ڪئي هُئي : پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ

    تو کان پيار جي گُهرَ ڪئي هُئي،
    ٻانُهنِ هارَ جي گُهرَ ڪئي هُئي.

    ڪوئل ڪوڪي، ٻولي ڪَئِي جا،
    پَڪَ بهار جي گُهرَ ڪئي هُئي.

    تو بِن سوچيم ايئن پَدر تي،
    گيت سِتارَ جي گُهرَ ڪئي هُئي.

    ڪالهه مٿان جا ڪرڪندي آئي،
    ڪونجَ قطار جي گُهرَ ڪئي هُئي.

    روئي روئي ڪنهن ديواني،
    وِڇڙيل يارَ جي گُهرَ ڪئي هُئي.

    هر ڀيري مون ٺاهه ٿي چاهيو،
    تو تڪرار جي گُهرَ ڪئي هُئي.

    ۞


    Shah Abdul Latif in Quest of Truth and Emancipation : Javed Shaikh

    Shah Abdul Latif Bhittai (also referred to as Lakhino Latif, Latif Ghot, Bhittai Ghot, and Bhitt Jo Shah) was a Sindhi Sufi scholar, mystic, saint, poet, and musician. He is widely considered to be one of the greatest poets of the Sindhi language. He preached against exploitation, and religious orthodoxy. He was a nationalist with an international outlook. He did not only pray for plenty of prosperity in Sindh but wished the entire world to be prosperous.
    Shah Jo Risalo, written in very classic and concise Sindhi verses, is great storehouse of people of all religions without discrimination. Shah Abdul Latif has philosophical, mystical under layers of symbols taken from all spheres of life as well as from the classical Sufi tradition.
    The traditional compilations of Shah Jo Risalo include 30 Surs (chapters) and were compiled by renowned scholars. The word “Sur" means a mode of singing. In Indian classical music, its "Rags" and "Raginis" are sung at different times of day and night. In Risalo the Surs are named according to their subject matter. These Surs contain “Bayts” (couplets) which Shah latif sang in state of ecstasy. These Bayts in the Surs concerning the life-stories of his heroines, viz. Suhni, Sassui, Lila, Mumal, Marui, Nuri and Sorath, are not in chronological sequences, for the Sufi Poet in his state of "Wajd" or ecstasy, was concerned with the moments of denouncements in life-stories, which he used as allegories to express his mystical experiences.
    In quest of truth beyond all religions, Shah Abdul Latif travelled to many parts of Sindh and also went to the bordering lands such as Multan, Lasbela, Jaselmir and Bhuj. He travelled unilaterally in the company of “Jogies” and “Samies” and some time alone visiting towns and villages to understand true message of religion i.e oneness/unity. During these travels he had the opportunity of the company of well-known scholars, sages, mystics, and those exceptional men who had denounced the world for spiritual enlightenment. Some of those spiritual mentors and religious scholars he had met are mentioned here.
    Shah Inayat Sufi (the martyr)
    Mukhdoom Muhammad Moeen Thatvi
    Shah Inayatullah Rizvi
    Mukhdoom Muhammad
    Mukhdoom Muhammad Hashim Thatvi
    Syed Shahmir Shah
    Mukhdoom Sabir Vulhari
    Mukhdoom Muhammad Zaman Lowari
    Faqir Sahib Dino Farooqi (Daraza)
    Makhdoom Din Muhammad Sehwani
    Syed Muhammad Baqa Lakyari
    Makhdoom Abdul Rahim Grohri
    Madan Bhagat
    To sum up, Shah Abdul Latif’s poetry and his labourous work is an alternate source that helps understand the socio-political and economic conditions of Sindh during the first half of the eighteenth century. During this period, the people of Sindh suffered due to foreign subjugation and internal strife. The miseries suffered by the common people made them indifferent to the prevailing material conditions and they accepted the suffering as the Will of God. In such circumstances, Shah Abdul Latif raised his voice in support of the oppressed masses of Sindhi society. He not only tried to eliminate the sense of alienation among the masses but through his poetry, he also taught them the values of self-respect, equality of all human beings, political freedom and social justice. His deliberate choice of the Sindhi the language of indigenous people instead of the official Persian for expression was intended to eliminate the prevailing sense of inferiority among the diaspora and to create a sense of high intellectual attainment in them. This choice generated a sense of pride among the Sindhis, besides inculcating in them a sense of respect for their language and culture. The subject matter of Latif’s poetry is the common people of Sindh, such as herdsmen, peasants, camel breeders, weavers, fishermen, ironsmiths and seafarers. He also gave a great importance to women in his verses. He not only addressed women directly, but also gave them a central position in his thematic discourse.
    He was all praise for his heroines who emerged as the symbols of courage, determination, scarification and struggle. Sassui has been portrayed as the symbol of firm commitment, Marui emerged as the icon of patriotism. Latif’s poetry reveals that he opposed any political role for religion in Sindh polity, but he did accept religion as a personal matter of the people. He criticized the Hindus and Muslims who used religion for planting seeds of hatred among the people. Keeping in view the heterogeneous character of Sindhi society, he suggested the formation of a new society, which was based on equality among all human beings, without any discrimination based on religion, caste and creed. Translating the theory of pantheism into a political doctrine, he wished to see the Sindhi polity of his times as an emerging ‘unity from diversity’.
    His admiration for Shah Inayat reflected his ideas regarding socio-economic justice. Through his poetry, he encouraged the masses to fight against all kinds of exploitation and injustice. He appeared as a proponent of untiring struggle and sacrifice to achieve the goals of political stability, social justice and communal harmony.




    Few verses of Shah Abdul Latif:
    اکيون اهي ڌار، جنهن سان پسين پرين کي،
    ٻي ڏي ڪين نهار، سڄڻ ريسارو گهڻو.
    ( شاهه- سر آسا)

    پڙاڏو سوءِ سڏ، ور وائي جو جي لهين،
    هئا اڳيهي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
    (شاهه – سر ڪلياڻ)

    a
    پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي،
    ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
    a
    اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
    اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

    حرف تو پڑھ لے الف کا سائیں! دوجے ورق بسار،
    اپنے من کو اُجار، کیا کیا ورق پڑ‎‎ھے گا۔

    Read letter A, (Alif) forget all other pages
    Cleanse your heart, how long can you read pages after pages,


    Sindh Jo Lateef: The Sufi Mystic : Sanya Sadiq

    Along with Sachal Sarmast and Sami the great poet Shah Lateef of Bhit (1689-1752) forms the golden trinity of Sindhi poetry. Considered as the greatest poet and the beacon of Sindhi literature, he is most remembered for his heart rendering collection of poems “Risalo” or “Shah Jo Risalo”. Penned by the prime poet of Sindhi, Risalo formed the basis of Sindhi vocal cultures. He is undoubtedly the greatest and possibly the most venerated poet of Sindhi literature. His entry in English language precedes even the introduction of the grammar of Sindhi language in which he wrote. Sindhi was introduced to the West by a critical addition of his Risalo in 1566 by a German missionary Ernest Trumpp who took six more years to bring out the grammar of Sindhi language in 1872.
    Apart from translations in English, Hindi, French and Punjabi, Risalo’s Urdu translation has been rendered by the acclaimed poet Sheikh Ayaz, known as Pablo Neruda or Faiz Ahmed Faiz of Sindhi. His derailed, critical and painstakingly done translation of Risalo is considered the finest till date. Testifying the brilliance of both the poets and his work, Sheikh Ayaz calls Shah Lateef Bhitai as “the first and probably the last poet whose poetry was enriched with almost all possible qualities that Sindhi language has to offer.” He further goes on to proclaim “in fact I will agree that Sindhi language is still alive and probably will be because it holds the heartrending poetry of an exemplary poet like Shah Lateef Bhitai.”
    His magnum opus Risalo is a collection of poetry which is divided into different Surs or Styles. These 30 different Surs or kinds of poetry include Wai, Chopai, Doda (four hemistitches with rhymed pairs), dhola, Bayt (couplet or two hemistitches) etc. Rag and Raginis like Bilawal, Sorat, Sarang, Rag Kalyan, Yaman Kalyan, Kamod, Khambat, Siri Rag, Prabhati, Sohni etc. are also mentioned. The Surs including Mareuee, Sur Mumal Rano, Sur Khohiyari etc. Can be traced to Rags of folk music practiced in desserts of Sindh. Like most of the works of Sufi poets, these expressions were supposed to be sung. In fact, Shah Lateef integrated these three forms of expression: Sufi expression, rendered in poetry, which is set to music to be sung.
    Essentially a Sufi poet, he often included ballads and old Sindhi folk stories for his purpose. The age-old folk romances of Leela Chanesar, Umar Marvi, Sasi Punnu, Sohni Mahiwal, Mumal Rano etc. were also included. But in hands of Sufi Shah Lateef, these paradigms of worldly love became the symbols of union with The eternal beloved i.e. God. So we see Sohni’s search for her beloved as she swims every night to the bank to see Mahiwal or Sasi’s search across scaly mountains and arid dessert for her lover, which remain ultimately unattainable. The union possible only in death, either by drowning or by thirsts, respectively. Even when the soul yearns earnestly for the desirable beloved, God remains elusive. The Sufi strain in poetry is stressed also by the fact that Shah Lateef did not explain these ballads as complete stories in themselves. Rather, he utilized the expression of unbridled love and devotion to the beloved God for the purpose of displaying a Sufi’s dedication to God who can only be realized after one has given up one’s the world and its claims.
    Shah Lateef also shares with other Sufi poets the presence of common people in his poetry. Unlike the court poets whose poetry was graced by Odes and panegyrics to the ruling classes: Shah Lateef’s works are brimming with the people who comprise in Marx’s terms the base of the society as opposed to the super structure. The professionals like ironsmiths, weavers, fishermen, boatmen, merchants, gypsies, ploughmen etc. populate Shah Lateef’s poetry:

    Faqat ye machhiyaan hain unki daulat/ ghareeb-o-natavaa (n) hain ye machherey,
    Magar ye fakhr bhi kya kam hai unko/ ki ab hain hashiya-bardaar tere.
    Kaan mein phir hai dhaunkni ki sadaa/ barsar-eekaar hai wo aahanger.

    Not just these but the jogis, saint’s faqirs also find mention:

    Jabajaa phir rahein hain ye jogi/ unse qaayam hai jog ka dastoor,
    Ram hi ram unke lab par hai/ dil isi ek lagan se hai maamoor

    These social characters often give us the clue in the lively society of Shah Lateef’s times. Such couplets often give us a glimpse not only in the social order, but also the beauty of the country and the lives of common people, lending the poetry a quotidian aspect which is the hallmark of folk and sufi literature. These were not just the subject of his poetry, but the intended audience also. Not only by the jogis and the saints but Shah Lateef was influenced by all the four traditions of Sufism. Although he belonged to the Qadiriyah traditions of Sufism which forbods music: he was not confined to it alone. Music was woven in his life. Many famous and folk singers and musicians graced his Mehfil-e-Sama. So fond was of his music that he sang his poetry on Yaktaro (Ek Tara), a single stringed instrument (legacy continued by Sain Zahoor, famous Sindhi folk musician/singer and BBC Artist of the Year 2006).
    It is in times like these that the importance of Sufi poetry becomes the immediate need of the hour. Sample few lines by Shah Lateef Bhitai:

    Dekhh pyaaso ka haal bhi ya rab/ aaj barsa de jadaja pani,
    Door ho anaaj ki qillat/ aur har cheez ki ho arzaani.
    Ho wahi aan-baan kutoyoo ki/ unke maalik sadaa rahein khush haal,
    Nit nayii ho chehal pehal unki/ kaash ujdey kabhi na wo chaupal.
    Khush rahe unke saare chawpaaye/ aur sarsabz ho charaagaahein.

    He prayed in his poetry for rains for crops which also is called rehmat (divine grace), asked God to maintain the fecundity of the land, long lives of cattle, to protect boats from storms, prays for the safe journey of passengers, for prosperity of people. Such humanitarian concerns are unparalleled in today’s poetry.
    Surely we have come far far away from the times of poets like Shah Lateef. But this advancement, in time and otherwise, has shown us its own perils. It is in times like these that the importance, the need, the significance and the meaning of Shah Lateef’s poetry becomes foremost. The Humanism and brotherhood he preached needs to be practiced widely. In times of crisis, we should look back in the past to secure our secure our future. The treasure that Shah Lateef had given us in the form of Risalo needs not only to be re-read and relooked into but also to be cultivated.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 534
    ڪتابن جو مشاهدو: 553126
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ