ڪتاب جو نالو: سج الائي ڪٿي ڪِري پيو
مصنف: وِمي سَدارنگاڻي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 13 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 623 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 299 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ومي سدارنگاڻي جي نظمن جو ڪتاب سج الائي ڪٿي ڪري پيو اوهان اڳيان پيش آهي.
ومي سدارنگاڻي هند ۽ سنڌ جي اها شاعره آهي، جنهن ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي ايترا ته پختا ۽ من کي ڇُهندڙ نظمَ سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا جو 1994 ۾ جڏهن هوءَ انڊيا جي سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي وفد سان سنڌ جي دؤري تي آئي ته لڳ ڀڳ سنڌ جي پوري ادبي دنيا هن جي نالي ۽ نظمن کان واقف هئي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • Sindhi Poetess Vimmi Sadarangani
  • تعارف
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • تون سُڪل گل آهين
  • سوداگر آهيون اسين
  • لکي تنهنجو نالو
  • ڪنڊا لڪي ويا آهن
  • مِينهن وَساڙو سانت آهي
  • لفظَ دوکو ڏين ٿا
  • کيسي ۾ اکيون ته سلامت رهنديون
  • مون کي ڇڏي ڏي
  • دِٻيل قدمن سان
  • لفظن کي گھمڻ ڦرڻ ڏي
  • اکين ۾ ترن ٿا بادلَ
  • اسان کي به گھرجي ٽُڪرُ آسمان
  • پيارَ سان کينچيل لِيڪَن کي
  • جاڳي چنڊ ، سمهي صبح
  • جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
  • پيار تو لاءِ ڀاڄي ماني
  • مون ريتيءَ ۾ گلَ چِٽيا
  • بادلن وانگر رنگ مٽائڻ واري ڇوڪري
  • پنهنجي فتح قبول ڪئي
  • رڳو نالو ئي بچيو آهي ـ ”گل“
  • پوکڻ کان ڊپ ٿو ٿئيم
  • منهنجا پيلا زرد پن
  • اهو ته ممڪن ناهي
  • ته تو ڪهڙو ڏوهه ڪيو !
  • پنهنجي ڪمري ۾
  • منهنجي چپن تي آلاڻ
  • پاڻ کي سائو سمجھڻ لڳو آهي
  • هتي توکي ڪير ڪونه ڏڪائيندو
  • ۽ منهنجو ساهه گھُٽجي ويو
  • پيار منهنجي ڪوتا مان نڪري ئي نٿو
  • ٽانڊو اُڏامي ويو
  • ساٿ نه ٿو وڻي تنهنجو
  • بادل منهنجا دوست آهن
  • منهنجو هٿُ واپس موٽي آيو
  • منهنجي اندر ۾ ڪنڊا اڀري ٿا اچن
  • گم ٿيل پيار کي
  • انهن کي بد زيب نه ڪر
  • ٻَٻر جي هڪ ٽاري
  • رستي تي ڊڪندڙ
  • ڪوتا ناهي هيءَ
  • سج به اَلائي ڪٿي ڪِري پيو

  • ڪتاب بابت

    ومي سدارنگاڻي هند ۽ سنڌ جي اها شاعره آهي ، جنهن ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي ايترا ته پختا ۽ من کي ڇُهندڙ نظمَ سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا جو 1994 ۾ جڏهن هوءَ انڊيا جي سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي وفد سان سنڌ جي دؤري تي آئي ته لڳ ڀڳ سنڌ جي پوري ادبي دنيا هن جي نالي ۽ نظمن کان واقف هئي. وميءَ جو ڪتاب مون کي سائين اياز گل جڏهن گفٽ ڪيو ته مان هن جا نظمَ پڙهي ڪافي انسپائر ٿيو هيس. وميءَ جا نظمَ دنيا جي ڪنهن به ادبي ميڙ ۾ هند ۽ سنڌ جي نمايان نظمن طور فخر سان پيش ڪري سگھجن ٿا. سنڌ ويب تي وميءَ جو ڪتاب آن لائين ڪندي بي انتها خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. ۽ اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته اسان اوهان کي سنڌيءَ جا تمام سٺا ڪتابَ اي بوڪس طور پيش ڪيون ۽ ان سلسسلي ۾ اسان جي جدوجهد سنڌي ڪتابن جي هن لسٽ مان ڪري سگھجي ٿي.

    سنڌويب ٽيم


    Sindhi Poetess Vimmi Sadarangani

    When Hitler will be fast asleep.
    Gandhi in deep trance,
    spinning his wheel.
    That’s when,
    We shall play hide and seek.
    ( Sindhi Poetess Vimmi Sadarangani)


    تعارف

    ومي سدارنگاڻي
    15 اگسٽ 1971
    اَجمير (راجستان)

    ايم اي
    (سنڌي،هندي ، ايڪانامڪس)

    1995 کان تولاڻي آرٽس ۽ سائنس ڪاليج ، آديپور (ڪڇ)
    ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار

    Contact:
    ‘Vibha’ 263, Ward 4-B
    Adipur (Kutch) 370 205
    Gujrat India
    Ph: 0091 2836 262268
    Email: vsadarangani@hotmail.com


    ارپنا

    مٺڙي ماءُ کي
    جنهن سنڌيءَ ۾ پهريون پيار ڏنو…
    ۽
    پياري پاپا کي
    جنهن پڙهڻ لاءِ چاههُ وڌايو….


    سنڌ سلامت پاران

    هند ۽ سنڌ جي مشهورشاعره ”ومي سدا رنگاڻي“ جي شاعريء تي مشتمل ڪتاب ”سج الائي ڪٿي ڪري پيو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو ۔

    هي ڪتاب ساس سٽي سکر پاران سندن ويب سائيٽ تي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ اپلوڊ ڪيو ويو آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ مانواري دوست حبيب ساجد پاران ڪئي وئي آهي، جنهن سنڌ ويب پاران سڀ کان اڳ ڊجيٽل ڪتابن جو سلسلو شروع ڪيو هو۔

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    تون سُڪل گل آهين

    تون سُڪل گل آهين
    جڏهن به وِهندو آهين
    ڀر ۾
    تنهنجو ڪونه ڪو پن ڇڻي پوندو آهي.
    منهنجي نوٽ بوڪ جي پنن ۾
    سڪل پنَ
    جمع ٿيندا پيا وڃن.
    ائين ڪرڻ ئي آهي
    منهنجي وَس.


    سوداگر آهيون اسين

    سؤداگر آهيون اسين
    هڪ کان سپنا خريد ڪرڻ لاءِ
    پئي جا سپنا
    وڪڻي ڇڏيون ٿا.


    لکي تنهنجو نالو

    روز
    اسان جي پيار جي گلاب جا پن
    هڪ هڪ ڪري کُلن ٿا.
    ڪنهن پن جي ڪناري تي
    لکي تنهنجو نالو
    دٻائي ڇڏينديس ڪتابَ ۾.

    وشواس اٿم
    ته چوڌاري ويڙهيل بدبوءَ کان گھٻرائجي
    جڏهن جڏهن
    ڪتاب جا پنا اٿلائيندس،
    تنهنجو نالو مون کي واسي
    نرمل ڪري ڇڏيندو.


    ڪنڊا لڪي ويا آهن

    وَلِ
    ٻَٻرَ تي ڇائنجي وئي آهي.
    ٻَٻرَ جا ڪنڊا
    لڪي ويا آهن.


    مِينهن وَساڙو سانت آهي

    مان پنهنجون
    وهندڙ اکيون کڻي
    سُڪل آسمان کي ڏسندو رهان ٿو،
    ڀُلَ
    منهنجي ئي هئي.
    گذريل برسات ۾
    مِينهن وساڙو کڻي
    پوري ڇڏيو هوم
    ماچيس جي دٻيءَ ۾
    گھر اندر ڀڳس
    ڪتابن جا شيلف اٿلايم
    پلنگ جي پاسي واري
    دراز کي ڌونڌاڙيم
    هڪ ڪنڊ ۾ لڪل
    ماچيس جي دٻي هٿ ڪيم
    دٻي کلي.
    مينهن وساڙو شانت آهي،
    شايد ننڊ پيو ڪري.
    ماچيس جي دٻيءَ کي لوڏيان ٿو
    دٻيءَ ۾ ڀريل واري
    مينهن وساڙي کي چنبڙيل آهي
    اڃام ڪَرُ ڇو نه ٿو موڙي؟


    لفظَ دوکو ڏين ٿا

    اِهي ته اسين آهيون
    جيڪي بُکَ هجڻ تي چئون ٿا
    ”بک ڪانهي“
    يا
    بک نه هجڻ تي فرمايون ٿا
    ”ڏاڍي بکَ آهي“
    لفظن کي ڪانٽي سان جھلي جھلي
    اٽڪايون ٿا چاهيل هنڌَ تي
    پوءِ چئون ٿا
    ”لفظَ دوکو ڏين ٿا“.


    کيسي ۾ اکيون ته سلامت رهنديون

    گھرجَ اٿم
    هڪ ننڍڙي کيسي جي
    ويهي رهان انَ ۾
    ٽنگون ٻانهون سوڙهيون ڪري
    جي کيسي ۾ ايتري جڳهه به نه هجي
    ته وجھي ڇڏيان
    ان ۾ پنهنجون اکيون
    ٻاهرين دنيا ۾ هٿ پير
    ڀلي سلامت نه هجن....
    کيسي ۾ اکيون ته سلامت رهنديون!
    خير،
    اکيون سلامت هونديون به
    ته ڇا ٿيندو؟

    اکيون ڏاڍيون بي چيون آهن.
    هر کيسو ڦاڙي ٿيون ڇڏين تيز ڇُرين سان،
    يا چيرن مان سري پري اُڇل ڏيئي
    نڪري ٿيون اچن.

    اهو سڀ ڏسن ٿيون
    جيڪي ڏسڻ سان
    انڌيون ٿي سگھن ٿيون.
    اُهو ڪي ٻڌن ٿيون
    جيڪو ٻڌڻ سان ٻوڙيون ٿي سگھن ٿيون.

    حيرت آهي
    اڃان انڌيون ڪانه ٿيون آهن
    ٻڌڻ جي طاقت به اٿن بچيل

    هاڻي هڪ وڏو ٿيلهو کپيم
    چمڙي جو
    جنهن جي اندر
    انهن کي سوگھو رکان.
    بس ڪڍي
    نڪرنديون رهن ٿيون
    هر کيسي مان......
    هر ٿيلهي مان.....


    مون کي ڇڏي ڏي

    تو چيو هو
    ”مون کي ڇڏي ڏي“
    ۽
    ..........
    ۽
    .........
    مون
    تنهنجو
    هٿ وڌيڪ مضبوطيءَ سان
    پڪڙي ورتو هيو.


    دِٻيل قدمن سان

    ٽرين ليٽ آهي
    گھر پري آهي
    فون ڌونڌاڙڻو آهي.

    گاڏيءَ مان لهي
    اسٽيشن ٻاهر
    ڏاڪا لهان ٿو

    ٻاهر آهي
    چانهه جو ننڍڙو گاڏو،
    ڪپڙي جي نالي تي ڪجهه
    پاتوته آهي چانهه واري.
    ٻاٽيءَ مان نڪرندڙ ٻاڦ به
    سندس سرير کي نٿي پهچائي سگھي
    گرمائش.
    پڪڙَ وارو هٿ ڪنبي رهيو آهي.
    مان ايئن ٿو هلان
    ڄڻ مون هن کي ڏٺو ئي ناهي.
    سندس اڳيان دٻيل قدمن سان لنگھي وڃان ٿو مان.
    هو رنگ برنگي ڪوپن ۾
    ڇاڻي پيو چانهه.
    سندس ڌيان مون طرف ناهي.

    مان پنهنجي شالَ
    سوگھي ويڙهي ڇڏيان ٿو.


    لفظن کي گھمڻ ڦرڻ ڏي

    لفظن کي سميٽ،
    کين گھمڻ ڦرڻ ڏي
    کليل هوا ۾
    انهن جو
    وات
    بند ڪندين
    ته
    هو
    اکين سان سڀ ڪجھ چئي ڏيندا.


    اکين ۾ ترن ٿا بادلَ

    سفيد اکيون
    سُڪل وات
    آسمان تي ٽنگيل ڀرون.
    پٺيءَ سان لڳل پيٽ
    چٻي ٿيل چيلهه
    مئل من.
    هاڻي
    اکين ۾ سپنن بدران
    ترن ٿا
    بادل....


    اسان کي به گھرجي ٽُڪرُ آسمان

    اسان کي به گھرجي
    ٽُڪر آسمان
    ٻه گرانٺون زمين
    چار مُٺيون ڪڻڪ
    بنا ٽونگن جي چادر....
    پر رهڻ ڏيو
    انهن مان ڪجھ به
    اسان کي
    نه ڏجو
    اسين جيئرا آهيون
    ڇو جو اسان وٽ
    انهن مان ڪجھ به ڪونهي.


    پيارَ سان کينچيل لِيڪَن کي

    مون پاڻيءَ تي ڪي ليڪا ڪڍيا
    اڱريون ڦري رهيون هيون
    اکيون بند ڪري
    آواز ٻڌڻ جو انتظار هئم
    ته اجھو پَرَ ڦڙڦڙائيندو
    گلابي سُرخاب ۽ مان
    اکين جي مرڪ
    چپن تي محسوس ڪندس.

    اکين جي مُرڪَ
    چپن تائين جو مفاصلو طئي ڪري
    ڪانه سگھي
    ان کان اول ئي
    وحشي ٽهڪ
    گرم ميڻ جيان
    ڪنن مان لگهندا
    ساڙي ويا سيني کي
    اڱريون بند اکين سان
    ڳولهينديون رهيون
    پيار سان کينچل
    لِيڪن کي.


    جاڳي چنڊ ، سمهي صبح

    اُڀ ڦهليل
    سوڙهو من.
    سانت ندي
    ڦٿڪي سانجھي
    جاڳي چنڊ
    سمهي صبح
    لڪ ڇپ رات
    چُپ چُپ اکيون.
    سَهميل چَپ
    سِبيل زبان
    ڪُرونڊڙي نظر
    موڙي ڪَرَ
    پَٿَر بڻي.


    جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي

    جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
    سپاهي پنهنجي ماءُ جا پيرَ ڇهندو آهي
    پنهنجي زالَ ڏانهن سِڪَ سان نهاريندو آهي
    پنهنجي ٻارَ جي پيشاني چمندو آهي...

    جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
    سپاهي موت جو سامان پاڻ سان کڻندو آهي
    بمَ ۽ مسائل پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌندو آهي.
    پاڻ کي سخت دل ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي

    جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
    سپاهي لڙائيءَ جي ميدان تي پهچندو آهي
    پنهنجي وطن کي بچائڻ لاءِ وڙهندو آهي....

    جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
    ڏينهن گذرندو آهي ، رات گذرندي آهي
    ڌرتي ڳاڙهي هوندي آهي
    آسمان ڳاڙهو هوندو آهي
    ۽ ڳاڙهي رنگ کان سواءِ ڪجھ ڪونه بچندو آهي...

    جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
    سپاهي اکيون ٻوٽي مشڪندو آهي
    هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ جيئندو آهي
    هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ جنگ ڪندو آهي
    هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ مرندو آهي
    ۽ آخر ۾ شانتيءَ جي دنيا ۾ هليو ويندو آهي....
    جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي.

    مان ئي آهيان توهان جي آخري اميد

    مون کان پڇو ته ڇا ٿيندي آهي دهشت؟
    مون کان پڇو ته ڇا ٿيندي آهي دهشت گردي؟
    مون کان پڇو ته ڪير ٿيندا آهن دهشت گرد؟

    مان ان پيءُ جو پٽ آهيان
    جنهن ساهه ڇڏيو
    انَ گوليءَ کي گلي لڳائي
    جيڪا ان لاءِ ته ڪونه ٺهي هئي
    هُو ته هڪ امن پسند شخص هو.

    مان ان ماءُ جو پٽ آهيان
    جنهن ڦٿڪي ڦٿڪي جان ڏني،
    کنگھي کنگھي اکيون ٻوٽيائين
    انهيءَ بنڪر ۾
    مان ان لاءِ دوا به نه آڻي سگھيس.

    مان ان ننڍڙي ڀيڻ جو ڀاءُ آهيان
    جيڪا پئي آهي زمين تي آسمان هيٺ،
    ان جي مٿان پيل آهي دهشت جي چادر،
    ۽ هيٺيان وڇايل آهي بارودي سُرنگ،
    هو ڊپ کان بي خبر
    سندس معصوم اکين ۾ سمايل آهي
    ٻاراڻي شرارت
    هوءَ جاڳندڙ اکين سان خوابُ پيئي ڏسي
    ماءُ جي هنجَ جو، کيرَ جو، بسڪوٽ جو،
    چاڪليٽ جو، ڦوڪڻن جو...
    مان به ڏسان پيو خوابَ
    روٽيءَ جا، پاڻيءَ جا، روشنيءَ جا،
    سانت هوا جا، کليل دريءَ جا....
    مان لڪو ويٺو آهيان هن ڪوٺڙيءَ ۾
    گذريل چئن ڏينهن کان،
    پنهنجي ننڍڙي ڀيڻَ کي
    پنهنجين ٻانهن ۾ ڀري،
    ڪير ته مون کي ٻڌائي،
    سجَ جي روشني ڪهڙي هوندي آهي؟
    چنڊ جي چانڊوڪي ڪهڙي هوندي آهي؟
    جبلَ ڪيترا اوچا هوندا آهن؟
    گل ڪهڙن رنگن جا هوندا آهن؟
    ائين ڇو ٿو لڳي مون کي،
    ته مون ڪڏهن
    ڏٺو ئي ناهي سج،چنڊ، جبل، گل........

    توهين پڇو ٿا ڪير آهيان مان؟
    ڪهڙي ملڪَ جو رهواسي آهيان؟
    ته ٻڌو،
    مان ٻارُ آهيان هندستان جو،
    مان ٻارُ اهيان پاڪستان جو،
    مان ٻارُ آهيان آمريڪا جو،
    مان ٻآرُ آهيان افغانستان جو،
    مان ٻارُ آهيان بوسينيا جو،
    مان ٻارُ آهيان پيليسٽائين جو،
    مان ٻارُ آهيان سڄي دنيا جو،
    سڄي دنيا منهنجي آهي.
    ڪير ته مون کي ٻڌائي ته
    آخر اها ڪهڙي شانتي آهي
    جنهن کي آڻڻ لاءِ
    ضرورت آهي لڙائيءَ جي !
    رَتُ جي،بندوقَ جي،
    ها، سچ آهي ته ان سڀ سان
    شانتي ايندي هڪ ڏينهن
    ۽ اها هوندي آخري شانتي.

    بس،
    باقي هڪَ ئي ڳالهه چوڻي آهي اوهان کي،
    ”مون کي مرڻ نه ڏجو!“
    ”مان ئي آهيان اوهان جي آخري اُميد......“


    پيار تو لاءِ ڀاڄي ماني

    بس نه !
    پيار اِتي ئي
    پورو ٿيو تنهنجو،
    پيار تولاءِ ڀاڄي ماني،
    مون لاءِ هوا ، پاڻي،
    ڀاڄي مانيءِ کان سواءِ
    تون ته جيئرو رهندين
    هوا ـ پاڻيءَ بنان
    مان ته مري ئي وينديس.


    مون ريتيءَ ۾ گلَ چِٽيا

    مون ريتيءَ ۾ گلَ چِٽيا
    پيارَ سان
    هٿ ڦيرايم
    ٽڙي پيا.

    مون هوا ۾ پکيءَ جو عڪس ڪڍيو
    پيارَ سان
    نهاريم
    اڏامي ويو.


    بادلن وانگر رنگ مٽائڻ واري ڇوڪري

    بادلن وانگر رنگ مٽائڻ واري
    ڇوڪري
    پنهنجي ٺونٺ منهنجي ٻانهن سان
    ڇُهائي لنگهي وڃي ٿي
    سندس ڪنَ
    منهنجي پُٺيءَ تي چنبڙي پيا آهن
    مان سندس ڪَنَ ڇڪي
    پنهنجي اڳيان آڻيان ٿو.
    سندس ڪنن کان منهنجي اکين
    تائين جو سفر
    بنان ڪنهن آواز جي پورو ٿي وڃي ٿو.


    پنهنجي فتح قبول ڪئي

    تون جڏهن
    دنيا جي سامهون
    ڪجھ ڪري ڪونه ڏيکاري سگھئين
    ته
    تو مون کي جھڪائي
    پنهنجي فتح قبول ڪئي.


    رڳو نالو ئي بچيو آهي ـ ”گل“

    تو گل کي ڇُهيو
    ته هن تو کي پنهنجي پنن سان گڏ
    پنهنجا رنگ به ڏيئي ڇڏيا
    پنهنجي خوشبوءِ ڀري ڇڏيائين تو ۾ ،
    تو گل ڦٽو ڪري ڇڏيو.
    هاڻي
    گل وٽ نه رنگ آهي
    نه خوشبوءِ
    رڳو نالو بچيو آهي ـ ”گل“.


    پوکڻ کان ڊپ ٿو ٿئيم

    تنهنجا ڏنل ٻج
    پوکڻ کان ڊپ ٿو ٿئيم
    ڏسڻ ۾ ننڍڙا
    معصوم ، پورڙا اهي ٻِج
    اندر ۾ لڪائي ويٺا آهن
    وڏو طوفان
    هڪ ڪرانتي
    هڪ شانتي .....
    ڦُٽڻ کان پوءِ
    الائي ڪهڙو ڦل ڏيندا ...
    ڏسڻ جي سگھ ناهه مون ۾ .
    ان ڪري ٻج سوگھا پيا هجن
    اهو ئي بهتر آهي ...


    منهنجا پيلا زرد پن

    پيارا جِهرڪَ !
    تون ڀلي منهنجيءَ هنج ۾ اچي ويهه ،
    منهنجي ڪنهن ٽاريءَ تي مٿو رکي بي خوف
    ليٽي پئه ،
    برسات کان بچڻ لاءِ پنهنجي کنڀ سهيڙي
    سمهي پئه .
    شڪاريءَ کان بچڻ لاءِ منهنجي ڇاتيءَ ۾ منهن
    لڪائي ڇڏ
    زندگيءَ کي ڪا شڪل ڏيڻ لاءِ
    منهنجي آغوش ۾ گھر ٺاهه .

    پر منهنجو هڪڙو عرض مڃ
    پيارا جھرڪَ !
    منهنجي پيلن پنن کي نه ڇِن.
    هنن سان مون کي آهي
    اوترو ئي پيار
    جيترو لڳاءُ توکي آهي
    پنهنجي سهڻن کنڀن سان .

    مڃان ٿو
    ته منهنجا پيلا زرد پن
    ڪرڻا ته آهن ئي زمين تي .
    پر تون زوريءَ نه ڇن ، پيارا جھرڪَ !
    منهنجي پيلا ـ پن.


    اهو ته ممڪن ناهي

    منهنجي ٻاهرين دنيا
    بس اوتري
    جيتري نطر اچي ٿي
    منهنجي کليل دريءَ مان
    منهنجي
    اندرين دنيا ڏسڻ لاءِ
    تو کي گھرڻو پوندو
    منهنجي اندر ۾
    مان ڄاڻان ٿي
    ته اهو تو لاءِ ممڪن ناهي.


    ته تو ڪهڙو ڏوهه ڪيو !

    تو
    گلاب
    توڙي ورتو
    ۽ ان جو نالو
    موتيو رکي ڇڏيو
    هاڻ مون کان ٿو پڇين
    ته تو ڪهڙو ڏوهه ڪيو !


    پنهنجي ڪمري ۾

    ڇوڪري
    گھر جي سڀ ڀاتين کي خوش ڪندي ڪندي
    ٿڪجي پوي ٿي ....
    ٿڪل قدمن سان
    هوءَ گھڙي ٿي پنهنجي ڪمري ۾

    سندس اکين جي اداسي
    ڀت تي ٽنگيل
    پوسٽر واري
    ڇوڪريءَ جي
    مرڪندڙ اکين ۾ گھڙي وڃي ٿي.


    منهنجي چپن تي آلاڻ

    بادل !
    منهنجي ويجھو نه اَچُ
    تو کي ڇُهڻ کان سواءِ
    رهي نه سگھند س.

    تنهنجي ۽ پنهنجي
    وچَ جو
    آسمان هٽائي
    چُمندس تو کي
    ۽ منهنجي چپن تي
    آلاڻ کان سواءِ
    ٻيو ڪجھ ڪونه بچندو.


    پاڻ کي سائو سمجھڻ لڳو آهي

    سُڪل وڻَ مٿان
    وَلَ
    ڏيرو ڄمايو آهي
    ۽
    سُڪل وَڻُ
    پاڻ کي سائو سمجھڻ لڳو آهي !


    هتي توکي ڪير ڪونه ڏڪائيندو

    ماڻهن وچ ۾
    ننڍڙو پيلو پوپٽ
    ڦاسي پيو آهي .
    هن جي مٿي تان
    هُنَ جي مٿي تي.
    هن جي ڪلهي تان
    هُن جي ڪلهي تي .
    چڪر پيو ڏئي بس
    هر ڪو هٿَ سان
    کيس پري ٿو ڀڄائي ڇڏي

    پوپٽ
    منهنجي وارن تي اچي ويٺو آهي
    مان کيس آٿت ڏيڻ چاهيان ٿي
    ته تون گھٻراءِ نه
    هتي تو کي ڪير ڪونه ڏڪائيندو

    ان کي سهلائڻ لاءِ وڌيل هٿ
    واپس موٽي اچي ٿو
    صرف ٽيڏي اک سان
    مان کيس نهاريان ٿي
    هو اڏامي ٿو وڃي.


    ۽ منهنجو ساهه گھُٽجي ويو

    مون ته تو کان ڪجھ ڪونه پُڇيو
    بس
    ڪرونڊڙي ٿي ويس
    تنهنجي ڀاڪرَ ۾
    تنهنجو سوڙهو ٿيندڙ ڀاڪر
    مون تنهنجو پيار سمجھيو
    خبر ئي ڪانه پيم
    ۽ منهنجو ساهه گھُٽجي ويو.


    پيار منهنجي ڪوتا مان نڪري ئي نٿو

    منهن ڦيرائڻ جا سڀ جتن اجايا ويا
    پيار منهنجي زندگيءَ مان
    ته نڪري ويو آهي
    پر مئو
    ڪيڏي به ڪوشش ڪريان
    منهنجي ڪوتا مان نڪري ئي نٿو .....


    ٽانڊو اُڏامي ويو

    همٿ ڪري
    هٿ وڌايم
    ۽ جھپي ورتم هوا ۾ ترندڙ
    گل ڳاڙهي کي
    ڪٿي اڏامي نه وڃي
    گم نه ٿي وڃي هوا ۾
    اهو سوچي ان کي مُٺ ۾ لڪائي ورتم
    ڳاڙهو گل
    بدلجي ويو ٽانڊي ۾

    تِريءَ ۾ پوسر ٿي
    ته مٺ کولي ڇڏيم
    ٽانڊو اڏامي ويو.

    ڳاڙهي گل جو آهي
    يا
    ڳاڙهي ٽانڊي جو؟
    تِريءَ تي هيءُ نيشان.


    ساٿ نه ٿو وڻي تنهنجو

    تو کي ڪٿي نه ڳولهيم
    ڳولهيندي رهيس
    روئندي رهيس
    ڳولهيندي رهيس
    تپندي رهيس
    ڳولهيندي رهيس
    منهنجي بي چيني ڏسي
    الائي ڪٿان
    تون ٻاهر نڪري آئين
    پر هاڻي
    ساٿ نه ٿو وڻي تنهنجو
    نسن ۾ سمائجي وئي آهي
    لڪ ڇپ راند.


    بادل منهنجا دوست آهن

    بادل منهنجا دوست آهن
    ضرورت پويم جڏهن
    مڙي ايندا آهن منهنجي آس پاس
    اڪيلي ٿيان ته ويڙهي ويندا آهن
    منهنجي اڪيلائپ جي هر ڪنڊَ کي،
    ٺوٺ ٿيڻ لڳندي آهيان
    ته پاڻ کي خالي ڪري ويندا آهن
    مون مٿان
    آلي هجان ته مون کي ڇُهي
    ڪجھ آلاڻ وٺي ويندا آهن
    ڪنهن کي آلو ڪرڻ لاءِ.


    منهنجو هٿُ واپس موٽي آيو

    وئڪيشن جا گھڻا ئي ڏينهن
    ٻاهر
    گذارڻ کان پوءِ
    موٽيس پنهنجي گھر
    ياد آيم پنهنجا ڪتابَ
    تڪڙا قدم
    ۽ سامهون ڪتابن جو شيلف
    بي ترتيب ڪتاب
    شڪل تي اڻ وڻندڙ اظهار جاڳيو
    پڪ ئي آهي اها ڪوئن جي شرارت ...
    ڪتاب جو پهريون ٿهو جھڪيل هو
    ٽئين ٿهي مٿان
    وچين ٿهي تي پيا هئا
    ڪک پن ، ڪي اڳڙيون
    صفائيءَ لاءِ هٿ وڌايم
    ڪنن تي ڪنهن جي ننڍڙي چيخ پيئي
    اوهه ڪاري جھرڪيءَ جو ٻچو !
    منهنجو هٿ واپس موٽي آيو...

    ٻچو ته وڏو به ٿيو..
    اُڏامي به ويو...
    پر
    هٿ اڃان به اڳتي وڃڻ کان ناڪاري ٿو ...
    ڪتابن جي وچ ۾
    اڃان به محفوظ آهن
    ڪک پن ۽ اڳڙيون.


    منهنجي اندر ۾ ڪنڊا اڀري ٿا اچن

    هوٽيل ۾
    جِن وانگر بوتل ۾ قيد مان
    ٽي ويءَ تي اسڪرينون بدلجي رهيو آهن
    منهنجو من ٻيٺو آهي اُتي ئي
    يا وري چوان ته بيهي ئي نه ٿو.
    سليپر پائي
    سوڙهي ڏاڪڻ تان لهي ٻاهر نڪران ٿي

    ڏاڪڻ جي ٻنهي طرف
    جوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرين جو ميڙ آهي
    منهنجي اک وري ٿي
    هڪ ڇوڪريءَ تي
    بدن جا نقش ڏيکاريندڙ پاڻيءَ جهڙا ڪپڙا
    چهري تي چڙهيل هڪ تهه
    هڪ هٿ چيلهه تي
    ۽ وارن کي سنواريندڙ ٻيو هٿ
    منهنجي ڏسندي ئي ڏسندي
    رستي تان لنگھندڙ
    هڪ مرد جو هٿ جھلي هوءَ هلندي ٿي ٿئي
    منهنجي اندر ۾ ڪنڊا اُڀري ٿا اچن
    مان بدحواس ڏاڪڻ تي چڙهي وڃان ٿي.


    گم ٿيل پيار کي

    اسان کي شڪر گذار هئڻ گھرجي
    آئيس ڪريم جي ڪمپنين جو
    جيڪي
    ”ساجن سجني“
    ”لٽل هارٽس“
    ”سويٽ هارٽ“
    نالن ذريعي
    اسان مان گم ٿيل
    پيار کي
    وري ڳولهڻ جي ڪوشش پيون ڪن.


    انهن کي بد زيب نه ڪر

    توکي
    ته ڪڍي ڦٽو ڪيم اٿم
    پنهنجي زندگيءَ مان،
    هاڻي
    منهنجي خوابن ۾ اچي
    انهن کي بد زيب نه ڪر.


    ٻَٻر جي هڪ ٽاري

    لهرائيندڙ ڪپڙا
    ڪڏهن ڪڏهن ڪلهن جو
    ڇُهڻ
    اکين ۾ ڏي وٺ
    ڪاليج جي ڪنڊ.

    گولائيءَ ۾ پيل ٽي بينچون
    منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪوئي
    اڪيلائيءَ جو احساس
    ڪنهنجي ساٿ جي ضرورت

    بينچ جي پٺيان
    اُڀري آيل
    ٻَٻُر جي هڪ ٽاري
    وڌي آئي آهي مون طرف

    مون آهستي سان
    ٽاريءَ کي کڻي
    پنهنجيءَ هنج ۾ رکي ڇڏيو.


    رستي تي ڊڪندڙ

    رستي تي ڊڪندڙ
    نوريئڙي کي ڏسي
    گاڏيءَ کي بريڪ هڻان ٿي
    تڏهن آٿت ملي ٿو ته
    منهنجي اندر ڪوئي جيئرو آهي

    پنهنجي قيمتي ڪتابن جي وچ ۾
    جھرڪيءَ کي آرام سان
    ڪک پن سجائڻ ڏيان ٿي
    تڏهن من مڃي ٿو ته
    منهنجي اندرڪوئي ساهه کڻي رهيو آهي.

    ڪتي جي ٻچي جي ”ڪون ڪون“ ٻڌي
    سڀ ڪم اڌ ۾ ڇڏي
    در تائين ڊڪندي وڃان ٿي
    تڏهن پڪ ٿئي ٿي ته
    ”مان“ جيئري آهيان

    دريءَ تي ويٺل ڪبوتر
    مون ڏانهن نهاري
    هڪ دم اُڏامي وڃي
    ۽ رڙ نڪري وڃي منهنجي
    تڏهن ٿڌو ساهه چوندو آهي ته
    اندر ڪوئي جيئرو آهي.


    ڪوتا ناهي هيءَ

    ڪوتا ناهي هيءَ
    ٻاهر جيڪي اچي ٿي
    اُهو ڪوتا ناهي
    ٻاهر اچن ٿا
    صرف لفظ
    ڪوتا اندر رهجي وڃي ٿي ڪٿي.


    سج به اَلائي ڪٿي ڪِري پيو

    ڪلهه رات
    ڪوتائن جو قافلو
    لنگھيو منهنجي ڀرسان

    ڪنهن
    منهنجي چنڊ جي چادر ڇِڪي ورتي
    ڪوئي سڏڻ آيو هو مون کي
    پر تارن ته دروازو ئي بند ڪري ڇڏيو
    رئي تي ٽاڪيل سڀ ستارا
    پٽي مون موٽائي ڏنا آسمان کي.

    منهنجن وارن ۾ اٽڪيل
    سجُ الائي ڪِٿي ڪِري پيو.






    Composed by:
    Habib Sajid
    Computer Branch, Railways HQ Office,
    Sukkur, Sindh, Pakistan
    +92 300 3131860
    +92 333 7121209
    Sindhweb12@yahoo.com

    www.sindhweb.com
    http://groups.yahoo.com/group/sukkurians/


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515359
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ