ڪتاب جو نالو: قومي تحريڪ جا شهيد
مصنف: علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 15 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 770 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 392 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ٻه اکر : ناز سنائي
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • مُهاڳ : تاج جويو
  • مُون سين هلي سا....!! : علي نواز آريسر
  • سنڌ جو سُقراط : شهيد بشير خان قريشي
  • سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو! : شهيد سرائي قربان کهاوڙ
  • ڌرتيءَ جو شهيد : شهيد سميع ا لله ڪلهوڙو
  • سميع الله جو ٽارچر سيل مان پنهنجي ونيءَ ڏانهن لکيل خط
  • اسان جو خون خوشبوءَ ٿي ايندو : شهيد مظفر ڀٽو
  • آزاديءَ جو عاشق : شهيد قيوم منگي
  • ون يونٽ جو پهريون شهيد : بِلو پنهور
  • قومي تحريڪ جو جَرڪندڙ ستارو : شهيد سڪندر سومرو
  • مون ڌرتيءَ تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا! : شهيد ذوالفقار ڪولاچي
  • کيرٿر جي پُٺيان ڪائي چِنگهاڙ آ : شهيد رُوپلو چولياڻي
  • اڳيان اَڏِين وٽ، پَوين سِر سَنباهِيا! : شهيد نور ا لله تُنيو
  • ڇِني گُل گُلاب جا ڪيئي ڌارون ڌار! : شهيد عبدالمالڪ خُشڪ
  • ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا : شهيد انور عباسي
  • اِهو چَنگ چارڻ اُمانت اٿئي ! : شهيد امان ا لله وسطڙو
  • آزاديءَ جي گيت جهڙو ڳڀرو : شهيد ذڪريا ميمڻ
  • وٺي هر هر جنم وربو! : شهيد احسان ميمڻ
  • آزاديءَ جو متوالو : شهيد رضا محمد بنگلاڻي
  • بهار آندا پُٽن جا لاشا : شهيد ڪمال راهمون
  • هُو پاڻ ڪِريو،پر قومي جَهنڊو جُھڪڻ نه ڏنائين! : شهيد غلام رسول (مستانو سنڌي)
  • ايڪويهين صديءَ جو باغي شاعر : شهيد زخمي چانڊيو
  • لاڙ جي مٽيءَ جو خَمير : شهيد حڪيم نوتيار
  • محبت جي راهه جو رابيل : شهيد خان محمد بنگلاڻي
  • مٽيءَ جو مشتاق : شهيد مشتاق خاصخيلي
  • ڌرتي توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي : شهيد اسد عباسي
  • روز پيا ٿا ڪُونڌر ڪُسجن : شهيد دلبر ميراڻي
  • آءُ زندان جي جهروڪي مان نهار ؛ شهيد منير شاهاڻي
  • اَلا مان اُڏري ويندوسانءِ! : شهيد افضل پنهور
  • مذهب مُنهنجو ماڻهپو : شهيد برڪت چانڊيو عرف پريم ديوان
  • واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي! : شهيد غلام قادر جروار
  • شهيد هميشه زنده هوندا آهن : شهيد عبدا لله سمون
  • پلاند پُراڻا ناهن ٿيندا : شهيد ماجد ميمڻ
  • بهادُر گڏيا بهادرين : شهيد ممتاز ڀٽو
  • لاڙ پَٽ جو لاڏلو : شهيد حنيف زئور
  • يوسف جکراڻيءَ جو حساب ڏيو؟ : شهيد يوسف جکراڻي
  • ببليوگرافي

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
    سنڌي ساهت گهر، ڪتاب نمبر- 269


    ڪتاب جو نالو: قومي تحريڪ جا شهيد
    ليکڪ: علي نواز آريسر
    موضوع: خاڪا
    ڇاپو: پهريون 2014ع
    ڪمپوزنگ: پرويز نياز
    ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
    قيمت: 300


    ٻه اکر : ناز سنائي

    سنڌ جي قومي تحريڪ جو قافلو پيو اڳتي وڌي، رستي ۾ سوين قسمن جون رنڊڪون ۽ مشڪلاتون کين اڳيان پئي آيون آهن. هزارين قومي ڪارڪن آهن، جيڪي ڌرتي ماءُ جي سينڌ سجائڻ لاءِ سرگرم رهندي، راهن ۾ ماريا ويا آهن ۽ شهيدن جو اهو سلسلو ته هاڻي اڻکُٽ ٿيندو پيو وڃي.
    مُون سوچيو ته اسان جي ان قومي جدوجهد ۾ جن ماڻهن سِرن جا نذرانا ڏنا آهن، پنهنجا سِر گهوريا آهن، انهن جي زندگي ۽ شهادت جو هڪ طرح جو رڪارڊ ته هُجي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي مون سوشل ميڊيا ذريعي هڪڙو ميسيج هلايو ته ’سنڌ جي قومي تحريڪ جي شهيدن بابت معلومات ڪٺي ڪئي وڃي، جيئن اڳتي هلي مورخن کي ڪم ۾ ڏکيائي نه ٿئي. ان ميسيج جي جواب ۾ ڪي رابطا ۽ ڳالهيون پئي هليون ته نوجوان نواز آريسر مون کي اِهو چئي حامي ڀري ته هُو اها ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهي ۽ هُن تمام مختصر وقت ۾ هيءُ ڪتاب تيار ڪري ڏنو، جيڪو ابتدائي ڪم ته آهي، پر تاريخ جو حصو آهي.

    ناز سنائي
    3946518-0300
    حيدرآباد، سنڌ
    14 ڊسمبر2014ع


    انتساب

    قومي تحريڪ جي
    شهيدن جي مائُرن جي نالي
    جن پنهنجي ڪُک مان
    اهڙن ڪونڌر پُٽن کي جنم ڏنو.

    مائون سي مُرڪن، جِنين جُنگ نپائيا،
    ٻين ويچارين، ڄڻيندي ڄمار ويئي.
    (شاهه لطيف)


    - علي نواز آريسر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (292) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

    تاج جويو لکي ٿو :
    ”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“

    هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت سٿ جي سرگرم رڪن علي نواز آريسر جا جنهن ڪمپوز ٿيل ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مُهاڳ : تاج جويو

    سنڌ دُنيا جي تاريخ جو ڳاڙهو ٽُٻڪو آهي

    ڪنهن دور ۾ سنڌ جي قومي دانشور، عبدالواحد آريسر، سانگهڙ ضلعي کي ’سنڌ جي تاريخ جو ڳاڙهو ٽُٻڪو‘ سڏيو هو. هُن اها ڳالهه سانگهڙ ضلعي اندر سوين حُرن جي شهادتن ۽ انگريز سامراج جي ٿنڀن؛ ليوڪس، تروٽ ۽ ٻين کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جي حوالي سان ڪئي هُئي. پر آءُ جڏهن سڄيءَ سنڌ تي نظر وجهان ٿو ته مون کي سنڌ جو هر خطو، بلڪ سڄي سنڌ، دنيا جي تاريخ ۾ ڳاڙهو ٽُٻڪو نظر اچي ٿي. سنڌ جي صدين جي تاريخ موهن جي دڙي يا اُن کان به اڳ آمري ۽ مهر ڳڙهه کان وٺي ڍولا ويرا تائين رت جي درياهن ۾ وهنتل محسوس ٿئي ٿي. پوءِ به هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ، ماڻهوءَ ۽ تهذيب ۾ الائي ڪهڙي سگهه موجود آهي، جو هيءَ ڌرتي، اُن جو ڪلچر ۽ اُن جا ماڻهو، پُنر جنم وٺي وري ساڳي سگهه ۽ سوڀيا سان، هن دُنيا جي گولي تي اُڀري اچن ٿا. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مقتولن جي لاشن جي اڃا ’سائنسي کوج‘ نه ٿي آهي.اڃا ڪاهوءَ ۽ چانهونءَ جي دڙن ۾ دٻجي ويل انسانن جي کوپڙين ۽ عُضون جي ڊي. اين. اي ٽيسٽ نه ٿي آهي. اڃا سنڌ جي الائي ڪيترن دڙن، ڀِڙن، ماڳن، مڪانن ۽ وسندين واهڻن جي تاريخ تي دنيا جي نظر نه پئي آهي. سنڌ جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ ۽ هن ڌرتيءَ جي اوڙ اوڙَ ۾ شهيدن جو لال لهُو سمايل آهي. هن ڌرتيءَ جي واريءَ جي ڪڻن ۽ ڌُوڙ جي داڻن ۽ ڪَڻ ڪَڻ ۾ ڪيئي ڪهاڻيون موجود آهن. حُب الوطنيءَ جون، بهادريءَ جون، سامُن تي سِر ڏيڻ جون، لوئيءَ ۽ لڄ جي بچاءَ جون سوين آکاڻيون موجود آهن. هن ديس جي دُولهن ۽ دودن هر دور ۾ سِرن جا نذرانا ڏئي، مِٽيءَ ماءُ جو ڳاٽ اُوچو ڪيو آهي ۽ پُڻ پنهنجو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سج جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جيان قائم رکيو آهي.
    سنڌ صدين کان شاهوڪار وطن رهي آهي. سنڌوءَ جي سدا حيات پاڻيءَ هن سرزمين جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ کي آباد ۽ سيراب ڪيو آهي. سنڌو درياهه اسان جي حيات جو ضامن آهي. سنڌوءَ جي ٻنهيءَ ڪنارن تي آباد انسانن پنهنجي وطن کي سرسبز ۽ شاداب رکڻ لاءِ، هر هاڪاري ۽ حملي آور سان مُهاڏو اٽڪايو آهي ۽ مات کائي به جيت حاصل ڪئي آهي: تڏهن ئي شايد سنڌ جي سدا حيات اديب موهن ڪلپنا چيو هو: ’جو مارڻ سان نٿو مري، سو سنڌي آهي‘
    اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو. هُو شينهن بدن بشير خان قُريشي: هُو موتيي ۽ رابيل کان اُجري من وارو شخص قيوم منگي: هُو ڪارونجهر جي رُوپلي ڪولهيءَ واري جُرئت جو سُمبل سڪندر سُومرو: هُو معصوم مُکڙيءَ جي مُرڪ جهڙو نوجوان نور الله تُنيو: هُو پِرهه جي پاندن ۾ ساهه کڻندڙ نوجوان رُوپلو چولياڻي. هُو ٽوڙيءَ جا سرموڙ شهيد- عبدالمالڪ خُشڪ، ذڪريا ميمڻ، امان الله وسطڙو ۽ انور عباسي. هُو حليم باغيءَ جي شاعريءَ جهڙي حسين جوڙي: رضا محمد بنگلاڻي ۽ ڪمال راهمون، هُو سنڌ جو منگل پانڊي سميع الله ڪلهوڙو، يا سندس نقشِ قدم تي هلندڙ مظفر ڀُٽو يا هُو منهنجو سينٽرل جيل جو ساٿي، مُٺ تي سگريٽ پيئندڙ ۽ وردي پوش سُفاڪن هٿان شهيد ٿيندڙ ’مستانو سنڌي‘ يا منهنجي ساهه جو سڳو سرائي قربان کهاوڙ ۽ ٻيا سڀ آسمانِ سنڌ جا ننڍا وڏا ستارا ۽ سيد جي قافلي جا ڳڀرو نوجوان، جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهي. اسان جي محبتن ۽ سجدي گاهه جو مرڪز آهن. سچ پچ منهنجي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هنن شهيدن جي سيرت نگاري ۽ صُورتگري ڪندي، پنهنجي رُوح جو سمورو تقدس پنهنجي تحرير جي سِٽ سِٽ ۾ سمائي هيءَ خاڪا تخليق ڪيا آهن.
    لِکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر سِٽ سِٽ ۾ ساهه وجهڻ هر ليکڪ جو ڪم ناهي. مون کي پڪ آهي ته جيڪو به شخص، هن ڪتاب ۾ شامل هڪ هڪ شهيد جو خاڪو پڙهندو، اُهو مون سان شامل راءِ ٿيندو ته هيءَ ڪتاب لکڻ واري پنهنجي من جون سموريون سچايون ۽ سُهڻايون، سِٽن جي سينڌ ۾ اوتي ڇڏيون آهن ۽ دُنيا کي واضح ڏيکاريو آهي ته:
    سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،
    وڙهندي مُڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمايا.

    ها، مون پنهنجي اُن يارَ کي ته ياد ئي نه ڪيو آهي، جيڪو خوبصورت ٽوپي، چاپئين ڏاڙهي ۽ وٽيل شهپرن سان جڏهن اسٽيج تي اچي ’قومي گيت‘ پڙهندو هو ته محسوس ٿيندو هو ته هي راجا ڏاهر، دودي سومري ۽ رُوپلي ڪولهيءَ جو ڪو ٻيو رُوپ آهي. ماڻهو چون ٿا ته هُو قبائلي دُشمنيءَ جو شڪار ٿي ويو- ڪير ٿو چئي؟ هُن ته پنهنجي قاتل سَرو چانڊيي کي به، (جڏهن هُو جيل اندر زخمي حالت ۾ قيد هو) تڏهن هن پنهنجو ريٽو رَت کيس ڏنو هو ته من هُو بچي، من هُن ۾ ساڃاهه اچي، من هُو انسان ٿئي ته جيئن هُو پنهنجي قبائلي جهيڙن ۾ ضايع ٿيندڙ سگهه، سنڌ جي آزاديءَ واري سپني جي ساڀيان لاءِ ڪتب آڻي. هُو ڄام خان، جنهن کي اصلي نالي بدران هرڪو ’زخمي‘ واري رُوپ ۾ ئي سُڃاڻندو هو، هُو سيد جو اوتروئي فِڪري ۽ سچو پوئلڳ هو، جيترا هي سمورا شهيد آهن.
    هُن اُنهيءَ علائقي ۾ عورتن جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو، جتي هر نياڻيءَ جي مٿان ’ڪارو ڪاريءَ‘ جي تلوار لٽڪيل هئي. هُن پنهنجي نياڻيءَ کي پالي، تاتي جوان ڪيو ۽ هن پنهنجي قائم ڪيل اسڪول ۾ ماسترياڻي بڻايو ۽ راڪيٽ لانچر جي پهري ۾ هلندڙ قبائلين جي نياڻين، جڏهن ’الف انب‘ بدران ’الف انقلاب‘ پڙهيو ۽ ’سين سانُ‘ پڙهڻ بدران ’سين سنڌ‘ پڙهڻ شروع ڪيو ته قبائلي سماج جي ٺيڪيدارن سَرو چانڊيي هٿان کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. پر ياد رهي ته ’زخمي چانڊيي‘ جي هيءَ عِلمي لاٽ، اپر سنڌ جي قبائلي جاهليت وارن رواجن کي ضرور دفن ڪندي ۽ اُن خطي ۾ عِلم جو عَلم بُلند ٿيندو ۽ سنڌ جي سُڀاڻي واري آجپي جي حقيقي منزل اَوس ويجهڙي ٿيندي.

    تاج جويو
    حيدرآباد
    30 نومبر 2013ع


    مُون سين هلي سا....!! : علي نواز آريسر

    قومي تحريڪ اُن وڻ وانگر آهي، جنهن جو هڪ ٽار وڍڻ سان اُن مان سوين گؤنچ ڦُٽي پوندا آهن، تيئن هڪ ڪارڪن جي شهادت سوين ڪارڪنن جو جنم آهي. قومي تحريڪ جي هن وڻ جا ڪيترا ئي ڏار بيدرديءَ سان ڪپيا ويا آهن، پر پوءِ به هن وڻ مان روز، ڪيترائي گؤنچ ڦُٽندا رهن ٿا ۽ ڪيترائي ڪارڪن جنم وٺندا رهن ٿا. سندن من ۾ خوف بجاءِ آزاديءَ وارو خواب ڇوليون هڻندو، هِمت ۽ حوصلي سان، کين اڳتي وڌائيندو رهي ٿو. جڏهن سائين جي. ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو هو ته: محترمه بينظير ڀٽو تجزيو ڪندي چيو هو ته اڄ سنڌوديش جو باب بند ٿي ويو، پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي ۽ سنڌوديش جو باب ته بند نه ٿيو، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو باب ضرور بند ٿيو آهي، (جيڪا پيپلز پارٽي ڀُٽن جي ملڪيت هُئي، اها پيپلز پارٽيءَ هن وقت ڪن ٻين ماڻهن جي هٿ ۾ آهي).بلڪه جڏهن بينظير صاحبه پاڻ شهيد ٿي هُئي ته: سندس مزار تي به ’پاڪستان نه کپي‘ جا نعرا گُونجيا هُئا. سيد جو ’آزاد سنڌوديش‘ وارو اهو قافلو منزل طرف ڏينهون ڏينهن، تيز وکون کڻندو وڌندو رهي ٿو. قومي تحريڪ ۾ ڪيترائي نوجوان آيا ۽ پنهنجو پاڻ ملهائي ويا. کين خبر به هُئي ته: جنهن رستي تي هُو نڪري چُڪا آهن، اُن رستي جي وِک وِک تي واسينگ آهن، ۽ کين ڏنگڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. پوءِ به هيءَ نوجوان بجاءِ پوئتي موٽڻ جي، اڳتي وڌندا رهيا، يا اڃا به اڳڀرا ٿيندا وڃن. اهو عشق جو ڪمال آهي، جيڪو کين اُتساهيندو رهي ٿو. چاچي حفيظ قريشي، سائين جي. ايم سيد جي تدفين وقت چيو هو ته: هي رياست اڄ خوش ٿي هوندي ته ’آزاد سنڌوديش‘ واري جدوجهد هاڻي هميشه لئه ختم ٿي وئي، پر کين اها ڀُل آهي ته ’هي ڇوڪرا‘ سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيندا. واقعي هنن ڪُونڌر پُٽن رياست جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. سيد جي اُن نظرياتي قافلي جي ڪارڪنن جي حوصلي، هِمت، عُزم ۽ بهادريءَ جوش ۽ جذبي رياست جي کوکلين ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ! هن رياست هن وقت تائين ڪيترن ئي ڪُونڌرن جا ڪنڌ ڪپيا آهن، ڪيترائي گهر اُجاڙيا آهن، ڪيترين ئي ونين جا سُهاڳ اُجڙيا، ڪيترا ٻار يتيم ٿيا، ڪيتريون ڀينرون، ڀائرن جي هٿن تي ميندي لڳائڻ جي خواهش دفن ڪري ويٺيون، ڪيتريون مائرون پنهنجي پُٽن جي منهن تي موڙ ٻڌڻ جي حسرت پوري ڪري نه سگهيون، پر پوءِ به سنڌ جون عورتون، پنهنجي وَرن، ڀائرن ۽ پُٽن جي عظيم شهادتن تي ماتم ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي ڪُک ۾ پلجندڙ ٻچن کي، پنهنجي وڏڙن جي قربانين جا داستان ٻڌائيندي، کين پنهنجي ڀُونءِ جي جنگ وڙهڻ لاءِ اُتساهينديون رهن ٿيون. جڏهن به ڌرتيءَ جي دنگ جي تحفظ جي ڳالهه اچي ٿي ته، سنڌ جون اهي ئي عورتون، پنهنجي وِير سُورمن کي کِلندي موڪل ڏينديون آهن ۽ چونديون آهن ته: ’صدقو ٿيو سنڌ تان‘
    قومي تحريڪ هڪڙو خوبصورت ۽ ڪُشادو باغ آهي، جنهن ۾ قِسمين قِسمين ميوا ۽ گُل آهن. اُنهن ميون جو ذائقو وٺندي، گُلن جي خوشبوءَ جو واس وٺندي، جڏهن هي ڪُونڌر پُٽ پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو سَڏ ورنائڻ لاءِ ميدان تي لهن ٿا ته؛ سچ پچ هنن جي عشق اڳيان، هر اُوچي ديوار، ڪاغذ جي بڻجيو ٿي وڃي.
    مون کي گُذريل ڪافي عرصي کان اها کوٽ محسوس ٿي رهي هُئي ته قومي تحريڪ جي شھيدن تي مڪمل دستاويز هُجڻ گهرجي، ڇو ته ڪيترائي اهڙا شھيد آهن، جيڪي وقت جي گُمنام گهٽين ۾ الائي ڪٿي وڃائجي ويا آهن، ڪيترن جي شھادت جي تاريخ به اسان وٽ محفوظ نه آهي. اهو سوچي مون هن ڪتاب ’قومي تحريڪ جا شھيد‘ ۾ هٿ وڌو ۽ هڪ ننڍڙي ڪوشش سان ڪُجهه شھيدن تي مڪمل (bio data) تعارف سان، هيءُ ڪتاب قومي ڪارڪنن تائين پهچائي رهيو آهيان، آئون سمجهان ٿو ته هي ڪتاب قومي تحريڪ جي اسٽڊي سرڪل لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. توڙي جو اڃا به ڪيترائي قومي تحريڪ جا شهيد آهن، جن تي آئون لکي ناهيان سگهيو. انهن جا پروفائيل اڻپورا آهن، جيئن ئي سندن (bio data) مڪمل ٿي ته هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به قومي تحريڪ جي اِسٽڊي سرڪل جو حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس.
    هي ڪتاب نه رُڳو شهيدن جي تاريخ آهي، بلڪ هي ڪتاب ڪيترين ئي ڳالهين تان پردو کڻي ٿو ۽ ڪيتريون ئي راهون هموار ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل نوجوانن جو قتل رياست ضرور ڪيو آهي، پر اُن ۾ ڪيترن ئي ديسي دلالن جو هٿ به رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُجهه اهڙا به شھيد شامل آهن، جيڪي قبائلي ذهينيت رکندڙ ماڻهن هٿان شھيد ٿيا آهن، جن جي شھادت ۾ سِڌي اڻسِڌي طرح رياستي قُوتون مُلوث آهن، يا ڪي وڏيرا ۽ جاگيردار به شامل راءِ ٿي سگهن ٿا. اهڙن ماڻهن تان پردو کڻڻ به ضروري هو ته جيئن ڪارڪن اهڙين قُوتن کان باخبر رهن. اُن کان عِلاوهه سنڌ جو ماڻهوءَ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي نمائندهه جماعت سمجهي ٿو، اُنهن ماڻهن جي اڳيان آءُ اهو واضح ڪندو هلان ته: گهڻن نوجوانن جي شھادت، پيپلز پارٽيءَ جي دورِ حڪومت ۾ ٿي آهي. شھيد سرائي قربان کهاوڙ، شھيد روپلو چولياڻي، شھيد نور الله تنيو، شھيد ذوالفقار ڪولاچي، شھيد ممتاز ڀُٽو، شھيد سڪندر سومرو، شھيد بشير خان قريشي، شھيد اعجاز سولنگي، شھيد افضل پنهور، شهيد برڪت چانڊيو عرف پريم ديوان، شھيد سجاد مرکنڊ، شھيد عامر کهاوڙ، شھيد اسد عباسي، شھيد ماجد ميمڻ، شھيد ضامن شاهه، شھيد رضا خاصخيلي، شھيد مشتاق خاصخيلي، شھيد ذوالفقار ملاح شھيد بابر سنديلو، شھيد دين محمد دل، شھيد عبدالغفور نوحاڻي وغيره.جن مان ڪي هن ڪتاب ۾ شامل نه آهن، جيڪي ٻئي ڀاڱي ۾ ضرور شامل هوندا. نه صرف ايترو پر قومي تحريڪ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي جيلون ۽ ٽارچر به پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ وڌ کان وڌ ڀوڳڻا پيا. نه رُڳو قومي ڪارڪن، پر قومي شاعرن ۽ اديبن کي به جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪيو ويو ۽ سنڌي ڪتابن تي پابنديون به پيپلز پارٽيءَ جي مهربانين سان پيون ۽ سائين جي. ايم سيد کي ٻاهر علاج جي اجازت به پيپلز پارٽي نه ڏني هُئي. ضيائي آمريت ٽوڙيءَ ڦاٽڪ وارو سانحو ڪرايو هو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي کاتي ۾ هيترن شهيدن جو خون آهي. هاڻي سنڌي ماڻهو ئي پيپلز پارٽي ۽ ضيائي آمريت ۾ فرق واضح ڪن.
    آءُ اُميد ٿو ڪريان ته هي ڪتاب ’قومي تحريڪ جا شهيد‘ سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو هڻندڙ سڀني ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ هڪ سُٺي وک ثابت ٿيندو ۽ قومي ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻبو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ شامل سمورا شھيد قومي تحريڪ جا آهن، ڪو به شھيد ڌُڙي ۾ ورهايل نه آهي ۽ هر شھيد جي وارثيءَ جي دعويٰ به سڀ ڪن ٿا: هڪ رهبر، هڪ جهنڊو، هڪ نعرو، هڪ مقصد ۽ شھيدن جا به سڀيئي وارث! پوءِ الڳ ورهايل ڇو؟ ڇا جيئن هي شھيد هن ڪتاب ۾ مڙي مُٺ ٿيا آهن، تيئن اسان جا ليڊر به مڙي مُٺ نٿا ٿي سگهن؟
    هن ڪتاب آڻڻ ۾ منهنجو اڪيلي جو ڪردار ناهي، بلڪ ڪيترن ئي دوستن جو ساٿ شامل آهي، جيڪڏهن اهي دوست مون سان ٻانهن ٻيلي ٿي نه بيهن ها ته هي ڪتاب آڻڻ ڏکيو ضرور ٿئي ها، آءُ ٿورائتو آهيان هنن دوستن امداد الله کوسي، رضا آڪاش خاناڻي، بشير آريسر، سليم جروار، سرمد ميراڻي، احمد نواز ابڙي، ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي، وقاص چانڊيي، فضل منگي، اسحاق ساند، پيرل هُليي، آفتاب راڄڙ، وسيم گبول، وحيد حيدر زئور، هيمون ڪالاڻي ۽ ساجد چانڊيي جو، جن مون سان هر طرح جو سهڪار ڪيو. اُن کان علاوه محترم حفيظ قريشيءَ جون به محبتون هن ڪم ۾ شامل رهيون، جنهن ڪيترن ئي شهيدن جون تصويرون مون کي ڏنيون. آءُ ٿورائتو آهيان سائين تاج جويي جو، جنهن پنهنجي مصروف زندگيءَ مان وقت ڪڍي، هن ڪتاب جو شاندار مُهاڳ لکيو ۽ آريسر صاحب جي ته آئون احسانن جو هميشه احسانمند رهيو آهيان، جو پاڻ بيماريءَ واري حالت ۾ هوندي به خوشيءَ سان هن ڪتاب جي لاءِ ٻه اکر لکي ڏنائون. اهڙيءَ طرح غلام رسول منڱريي ۽ احسان لغاريءَ جا به قُرب، جن هن ڪتاب کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر طرح جون تجويزون ڏنيون ۽ مواد جي سلسلي ۾ به ٻانهن ٻيلي رهيا. اهڙيءَ طرح آءُ محترم ناز سنائيءَ جو به شڪر گُذار آهيان، جنهن تمام مختصر عرصي ۾ هيءَ ڪتاب ڇپائي شهيدن جي هن تاريخ کي محفوظ ڪيو.
    هن ڪتاب کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي اهڙا قومي ڪردار آهن، جن پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي، پير پِٿون ڪيا، جن مان ڪي ته راهه رباني وٺي ويا آهن، ڪي اڃا تائين قومي قافلي سان سلهاڙيل آهن، ته ڪي وري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي هوندي به، پنهنجي اکين ۾ آزاديءَ جا سپنا سجائي، جيئڻ جي جُستجو ڪري رهيا آهن.آخر ۾ آئون هن ڪتاب جي پڙهندڙن مان اها اُميد ٿو ڪريان ته هُو پنهنجي راءِ کان نه رُڳو آگاهه ڪندا، پر مون کي اڃا وڌيڪ تجويزون به ڏيندا ته جيئن سندن رهنمائيءَ سان اڳتي اڃا به بهتر ڪم ڪري سگهجي.

    اوهان جي محبتن جو طالب
    علي نواز آريسر
    2242883-0346


    سنڌ جو سُقراط : شهيد بشير خان قريشي

    لاڙڪاڻي رتيديري جو الهڙ ڇوڪرو، جنهن کي سُقراط وانگر پيالو ڪرايو ويو، اُن سان سنڌ جا نوجوان ايئن محبت ڪندا هئا، جيئن چڪور چنڊ سان ڪندو آهي. هُن جي هڪ حڪم تي نوجوان ڪڪوريل ٻانهن جا هار ۽ رسيلن چپن جون چُميون به ڇڏي، هن جي اڳيان اچي بيهندا هئا. هُو پڻ انهن ڇوڪرن سان اهڙو پيار ڪندو هو، جو جڏهن هُو انهن ڇوڪرن جي هٿ ترين تي چُميون ڏيندو هو ته اُهي ڇوڪرا اُنهن رسيلين چُمين جو لُطف وساري ويهندا هئا. جيڪي هُو پٺيان ڇڏي آيا هئا. اُهو رتيديري جو الهڙ ڇوڪرو، جيڪو اڳتي هلي سڄي سنڌ جي دلين ۾ ڌڙڪڻ لڳو ته وقت جي ڀاڙي رياست هُن کي راهه تان هٽائڻ لاءِ، دوکي سان پيالو ڪرايو. اُهو ڳڀرو جيڪو ڪيترين ئي مائرن جي اکين ۾ خواب وانگر رهندو هو، جنهن کي ڏسندي اُميد جو ڏيئو روشن ٿيندي نظر ايندو هو، اُهو ڳڀرو نوجوان، جنهن کي سنڌ جا عمر رسيده ماڻهو اَبُوجهاد ڪري ڪوٺيندا هئا ته هُن سان محبوبه کان وڌ محبت ڪندڙ نوجوان پيار مان وڏو چوندا هئا. اُن نوجوان کي پوري دنيا بشير قريشيءَ جي نانءُ سان سُڃاڻي ٿي.
    بشير قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي، رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن ميٽرڪ تائين تعليم، پنهنجي اباڻي شهر رتيديري مان حاصل ڪئي ۽ انٽر شڪارپور ڪاليج مان ڪرڻ بعد 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. هي جڏهن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو ته سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هُو اڳتي هلي سنڌ جي حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿي جيل جي دال روٽي کائيندو ۽ پوري سنڌ جي ماڻهن جو محبوب بڻجي ويندو، پر زرعي يونيورسٽيءَ جي ماحول کيس عشق جي اُن مينار تي آڻي بيهاريو، جتان موٽڻ مِهڻو هوندو آهي. زرعي يونيورسٽي اُن وقت آزاد سنڌو ديش جو مورچو هوندي هئي، ۽ اُن دور ۾ ’ويٽنام ويٽنام، ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام‘ نعرو تمام گھڻو مقبول هوندو هو. اهڙي ماحول ۾ بشير قريشيءَ جي ذهني آبياري ٿي هُئي. هن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. بشير خان قريشي نهايت ئي بهادر ۽ بي ڊپو انسان هوندو هو، جنهنڪري هي جلد ئي شاگردن ۾ مقبول ٿي ويو. کيس 1980ع ۾ جساف زرعي يونيورسٽيءَ جو ضلعي صدر چونڊيو ويو ۽ ٻن سالن کانپوءِ فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو. 1986ع ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. 1990ع ۾ ٻيو ڀيرو اڪثريت سان چونڊجي آيو. هن جساف جي سياست دوران شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جاکوڙيو ۽ انتظاميا سان مُهاڏو اٽڪايو، جنهنڪري کيس ٻه ڀيرا ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، پهريون ڀيرو داخلا جي پهرئين سال 1976ع ۾ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ۽ 1981ع ۾ سندس ريسٽيڪيشن بحال ٿي، پر وري ساڳئي سال ٻيو ڀيرو ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پر هي پوءِ به پنهنجي مقصد ڏانهن گامزن رهيو ۽ اڳي کان به اڳرو ٿي، جدوجهد ڪيائين ۽ جڏهن سائين جي. ايم سيد سان ويجھڙائي ٿيس ته سائين جي پيار بشير قريشيءَ کي حقيقي عشق ۾ مبتلا ڪيو ۽ هي الهڙ نوجوان مان ميچوئر سياست ڪرڻ لڳو. بشير قريشيءَ کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 1978ع ۾ پهريون ڀيرو ٽنڊي ڄام مان گرفتار ڪري، جيل موڪليو ويو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي تائين جيل ۾ رهيو. اُ ن بعد سندس گرفتارين جو نه کُٽندڙ سلسلو شروع ٿيو.
    ٽوڙي ڦاٽڪ وارو واقعو (17 آڪٽوبر 1984ع) سندس زندگيءَ ۾ فيصلي ڪُن ثابت ٿيو. بشير قريشي جيئن جيل مان نڪتو ته متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو ۽ ضيائي مارشل لا خلاف متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين. هن پنجابين طرفان قائم ڪيل تنظيم اين. اين. ايس. او جي خلاف ڀرپور جدوجهد هلائي، (پنجابين هي تنظيم جساف کي ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي) جنهنڪري ٻيو ڀيرو 15 جنوري 1985ع تي شيخ ڀرڪيي مان گرفتار ڪري مختلف جيلن ۽ ٿاڻن ۾ رکي مختلف اذيتون ڏنيون ويون ۽ ڪيترو عرصو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند وارڊ ڪيو ويو. اُن ئي بند وارڊ دوران فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، کيس هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ڏني وئي. ان دوران مٿس تمام گھڻو تشدد ڪيو ويو، آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون هڻي کيس پيرن ۾ بجليءَ جا شاڪ پڻ هنيا ويا. بشير خان جيل جي سموري عرصي ۾ نهايت ئي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. آگسٽ 1986ع ۾ سنڌي مهاجر جهيڙن ۾ 18 مهينا سزا ڏئي کيس لانڍي جيل موڪليو ويو. جتان 1990ع ۾ آزاد ٿي ٻيهر سرگرمين ۾ حصو ورتائين ۽ گل محمد جکراڻيءَ سان گڏجي جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وجهي ڪم ڪرڻ لڳو. سندس سرگرمين تي سرڪار جي گهري نظر هوندي هئي، جنهنڪري 2 جنوري 1994ع تي ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. بشير قريشي اڃا جيل ۾ هو ته 25 اپريل 1995ع تي سائين جي.ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو، ان وقت جيئي سنڌ ٽن الڳ گروپن ۾ ورهايل هئي، پر سڀئي سائين جي. ايم سيد جي فيصلن جا مڃيندڙ هئا. بشير خان قريشي جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ، عبدالواحد آريسر جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ ۽ شفيع محمد برفت جيئي سنڌ انقلابي پارٽيءَ جو اڳواڻ هو. اُن وقت سڄي سنڌ جو اهو موقف هو ته جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ انقلابي پارٽيءَ کي گڏائي هڪ پارٽي ٺاهجي، بشير خان به جيل مان خط لکي انضمام جي حمايت ڪئي ۽ سڀني دوستن کي گڏيل پارٽيءَ لاءِ رضامند ڪيائين. پوءِ سائين جي.ايم سيد جي چاليهي تي انضمام ٿيو ۽ ٽنهي پارٽين کي گڏائي جيئي سنڌ قومي محاذ ٺاهيو ويو. عبدالواحد آريسر ڪنوينر ۽ بشير خان ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ٿيو، بعد ۾ 1996ع ۾ جسقم جو عبدالواحد آريسر کي چيئرمئن ۽ بشير خان کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. بشير خان 1998ع ۾ پهريون ڀيرو جسقم جو چيئرمئن ٿيو، ان بعد لڳاتار جسقم جو چيئرمئن رهيو. 17 جنوري 1999ع تي سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه تان واپسيءَ تي گرفتار ڪري 11 مهينا جيل ۾ رکيو ويو، ان کانپوءِ 2000ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڌرڻي دوران سيد زين شاهه سميت گرفتار ٿيو ۽ اڍائي مهينا جيل ۾ رکيو ويو. آخري ڀيرو 15 سيپٽمبر 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ رينجرز کيس گرفتار ڪيو ۽ سندس لائسنس وارا هٿيار ضبط ڪيا. جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ ورهاڻي ته هڪڙي حصي جو چيئرمئن عبدالواحد آريسر ۽ ٻئي حصي جو چيئرمئن بشير خان ٿيو، جنهن عهدي تي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين برقرار رهيو.
    بشير خان جڏهن کان جسقم جو چيئرمئن بڻيو هو ته هُن سياست جو رُخ عوام ڏانهن موڙيو هو، ۽ ماڻهن کي شعوري طور سجاڳ ڪرڻ لاءِ هن هر شهر ۾ ننڍا ننڍا جلسا ڪوٺايا، ڪڏهن پاڻيءَ جي مسئلي تي، ڪڏهن بدامني، ته ڪڏهن ڪنهن سماجي بُرائيءَ جي خلاف. هُو هر روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ هوندو هو. اهڙي ريت هي ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهيندو ويو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ نوجوانن جا جٿا تيار ڪندو ويو. هن ايترا نوجوان تيار ڪيا هئا، جو جڏهن ڪمون شهيد وٽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هنيو ويو هو، جنهن ۾ بينظير صاحبه به شريڪ ٿي هئي. اُن ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سياسي مشينري استعمال ڪندي ٽينڪون گهرايون ويون، جڏهن ٽينڪون ڌرڻي واري هنڌ پهتيون ته ڪارڪن رستن تي ليٽي پيا ۽ نعرا هڻندي چوڻ لڳا ته ڪو به ڊيم ٺهيو ته اهو اسان جي لاشن تي ٺهندو. اُن بعد اهي ڀاڙيءَ جا دلال خاموش ٿي ويهي رهيا ۽ اُهو ڌرڻو پنهنجي وقت تائين برقرار رهيو. ان ڌرڻي ۾ بشير خان کي تقرير لاءِ نه گهرايو ويو، جنهن تي ڪارڪنن زوردار نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته بشير خان کي تقرير جو موقعو ڏنو وڃي، اها بشير خان جي سياسي پرچار هُئي، جنهن ڪارڪنن ۾ ايترو جوش پيدا ڪيو هو. جڏهن بينظير صاحبه اهو ٻڌو ته نثار کهڙي جي تقرير اڌ ۾ روڪرائي بشير خان کي تقرير جو موقعو ڏنو ويو. تقرير ۾ بشير خان چيو ته بينظير صاحبه! اقتدار توهان جي مصلحت هجي يا منزل، اسين اوهان جي راهه ۾ ڪنهن به ريت رنڊڪ نه بڻجنداسين. اوهان کي اوهانجون مصلحتون ۽ منزلون مبارڪ هجن، پر جڏهن به اوهان سنڌ جي نالي تي سڏ ڏنو، اسين اوهان کي لبيڪ چونداسين.
    بشير خان حڪمت عمليءَ جو وڏو ماهر هو، هن جي ڪارڪنن ۾ توڙي ڪارڪنن کان ٻاهر ٻين ماڻهن ۾ ساڳي حڪمت عملي هوندي هئي. بشير خان عمل پيرا ۽ جاکوڙيندڙ انسان هو. ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال، اين. ايف. سي اوارڊ، ڌارين جي آبادڪاري، معاشي وسيلن جي ڦرلٽ، قومي ڪارڪنن جي گمشدگي، ذوالفقار آباد رٿا ۽ ٻين قومي مسئلن تي ڪامياب ڌرڻا هڻائي، قومي تحريڪ ۾ ڌرڻن جي هڪ نئين روايت قائم ڪئي. هن ڪراچي، موري، خيرپور، ٻٻرلوءِ سڪرنڊ، سکر، ڪمون شهيد تي، سنڌ پنجاب جي تنگ تي ڪيترائي ڀيرا ڪامياب ڌرڻا هڻائي، پنجاب جي رسد بند ڪئي. اهڙيءَ طرح بشير خان جيئن سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ ساهه جي تند جيان ڌڙڪڻ لڳو هو، تيئن وقت جي رياست جي هانءُ ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيان ٽنبڻ لڳو هو. رياست ڪيترائي ڀيرا کيس راهه تان هٽائڻ لاءِ مٿس حملا ڪرايا، پهريون ڀيرو 10 جون 2005ع تي ٻٻرلوءِ واري ڌرڻي دوران رستي ۾ ڪوٽڏيجي وٽان قلعي تان سندس قافلي تي گولين جي بوڇاڙ ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس گاڏي مڪمل طور پروڻ ٿي وئي، ۽ هڪ ڪارڪن عبدالحق ميراڻيءَ کي فورسز شهيد ڪيو. ٻيو حملو 2007ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه جي جلسي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪارڪنن همت ڪري حملي آورن کي پڪڙيو، جيڪي پڻ رياست جا ماڻهو هئا. ٽيون حملو 1999ع ۾ جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي پهري ۾ پنجابي دهشتگردن ڪيو، جنهن ۾ بهادر قومي اڳواڻ قيوم منگي شهيد ٿي ويو. چوٿون حملو 2009ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جو صدر مشتاق خاصخيلي شهيد ٿيو، ان دوران هڪ حملي آور به مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. جن جي کيسي مان مليل ڪارڊن مان پتو پيو ته هو آءِ. ايس. آءِ جا ماڻهو هئا، مارجي ويل آن ڊيوٽي ملازم هو. اهڙيءَ طرح سندس ڪراچيءَ واري گهر تي به ڪيترا ئي ڀيرا فائرنگ ڪئي وئي.
    بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ ۾ شاندار پيغامِ سنڌ مارچ ڪرايا، جن ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ٿي هئي ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ آزاديءَ جا نعرا ڇا گونجيا هئا، ايوانن ۾ ويٺل ڪارندا پنهنجون ڪُرسيون ڇڏي ڀڄي ويا هئا. بشير خان 2007ع ۾ شهيد هيمون ڪالاڻيءَ واري جاءِ سکر کان مورڙي جي مزار ڪراچيءَ تائين 700 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ’پيغام سنڌ مارچ‘ وسيلي سنڌي ماڻهن تائين آزاديءَ جو پيغام پهچايو ۽ جتان جتان سندس قافلو گُذرندو ويو، لکين ماڻهو آجيان لاءِ گُلن جا هار ۽ اکين ۾ محبت جا لُڙڪ سجائي بيٺل هُئا. اهڙن لُڙڪن، مُرڪن ۽ گُلن جي آجيان وارو قافلو، جڏهن ڪراچي پهتو هو ته ڪراچيءَ جي سرزمين نمي کين سجدو ڪيو هو. بشير خان پنهنجي زندگيءَ جو آخري مارچ 23 مارچ 2012ع تي ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ ڪرايو هو، اُن ۾ ماڻهن جو تعداد ڳڻپ کان مٿي هو. بي. بي. سي جي رپورٽ موجب 25 لک کان مٿي ماڻهو هئا. بشير خان آخري مارچ ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته؛
    عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دار و رسن کي سينگارڻ گُهران ٿو.
    ۽ هن واقعي ايئن ڪري ڏيکاريو. اهو ئي مارچ بشير خان جي شهادت جو سبب بڻيو. بشير خان هر مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پهريان 2 مهينا سڄيءَ سنڌ ۾ ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندو هو. بشير خان سنڌ جو واحد سياسي قيدي هو، جنهن لاءِ قيدي دعائون گُهرندا هئا ته سدائين جيل ۾ هُجي، ڇو ته بشير خان جيترو عرصو جيل ۾ رهيو ته هن اُتي قيدين جي مسئلن لاءِ بُک هڙتالون ڪيون ۽ قيدين جا مسئلا حل ڪرايا، قيدين تان آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊاٻيڙيون، بشير خان ختم ڪرايون. بشير خان قيدين لاءِ ڇپر ڇانءُ هوندو هو. جيل انتظاميا به ڪنهن قيديءَ کي بشير خان جي موجودگيءَ ۾ تنگ نه ڪندي هئي. جنهنڪري قيدي چاهيندا هئا ته بشير خان هميشه سندن ڀرجهلو ٿي رهي.
    بشير خان جو شروعاتي دور مزاحمتي رهيو آهي ۽ پاڻ قومي تحريڪ ۾ ويڙهاڪ طور مڃيو ويندو هو ۽ هن ڪيترائي قومي پلاند پڻ ڪيا. 80ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ پنجابي آبادڪاري سنڌي ماڻهن خلاف رِڻ ٻاري ڏنو هو، ميرپورخاص ايس. ايل ڪاليج پنجابي شاگردن جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي چڪو هو ۽ قومي ڪارڪنن کي ماريو پئي ويو، 1986ع ۾ جساف جي ڪارڪنن رضا محمد بنگلاڻي ۽ عبدالقدوس ابڙينگ کي جڏهن شهيد ڪيو ويو هو ته ان جي مُک جوابدار مير زمان کي پلاند ۾ بشير خان ماريو هو. ساڳي ريت 1988ع ۾ ايجنسين جي چُرچ تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو قتلام ٿي رهيو هو، جنهن جي سرپرستي حيدرآباد جو ميئر آفتاب شيخ ڪري رهيو هو، ان ميئر کي به پنهنجي ڪيفر ڪردار تائين بشير خان پهچايو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جتي به پنجابين جي اڪثريت سنڌين سان مهاڏو اٽڪايو، يا سنڌي شاگردن کي تنگ ڪيو پئي ته اُنهن کي خاموش ڪرڻ ۾ بشير خان ئي سڀنيءَ کان اڳڀرو رهيو.
    بشير خان قريشي پنهنجي سڄي زندگي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪندي گُذاري، هن سڄي سنڌ جي رستن کي پنهنجي پيرن جي پِڻين هيٺيان لتاڙيو، جهر جهنگ جهاڳي آزاد سنڌو ديش جو پيغام پهچايائين ۽ ستل ماڻهن کي جاڳايائين. اهڙيءَ طرح بشير خان سنڌ ۾ ٿيندڙ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو، 300 کان وڌيڪ ميڙ منٿ قافلا وٺي، ماڻهن کي سرچاءُ لاءِ راضي ڪيو ۽ 100 کان مٿي وڏن جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس هر عمل سنڌ جي مفاد وٽان هوندو هو ۽ سندس جدوجهد جو طريقو هر طرح سان عوامي هوندو هو. جيتوڻيڪ بشير خان قريشي ڪو گهڻن ڪتابن جو مُطالعو نه ڪيو هو، پر سنڌ جي عشق هُن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. هُو 24 ڪلاڪن ۾ مشڪل سان ڪي ٻه پل ننڊ ڪندو هو، نه ته سدائين سفر ۾. هُو بلڪل سائين جي. ايم سيد جي هن قول تي عمل پيرا رهيو. سائين لکيو آهي ته: سنڌ کي درپيش مسئلن کي جيئن مون ڏٺو آهي، ايئن اوهان محسوس به ڪيو ته هوند سُک جي ننڊ سُمهي نه سگھو. بشير خان جيڪو قومي ڪارڪنن کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو، سو جي ڪنهن ڪارڪن جي گرفتاريءَ جو ٻُڌندو هو ته رات جا رستا لتاڙي به اُن شهر ۾ پهچندو هو. هُو هڪ ئي وقت ڪراچيءَ ۾ به هوندو هو، ته لاڙڪاڻي ۽ عمرڪوٽ مان به اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپبا هئا. بشيرخان جي اهڙي جدوجهد تي ڪيترن ئي ادارن پاران عالمِ انسانيت ۽ امنِ سفير جا اورڊ پڻ ڏناويا. سندس جوشيلين تقريرن جو پهريون مجموعو ’جاڳيا جُنگ جوان‘ 1989ع ۾ منصور قادر جوڻيجي ڇپائي کيس مڃتا ڏني.
    اهڙيءَ طرح هن سرڪش ۽ اڏول انسان جي زندگيءَ جي سفر جي پُڄاڻي، 7 اپريل 2012ع تي پيالي سان ڪرائي وئي. پاڻ سڪرنڊ ۾ هڪ قومي ڪارڪن وٽ ترسيل هو، جتي ڪيترائي ماڻهو ساڻس ملڻ آيا هُئا. اُتي ئي رات جو اڍائي وڳي کيس تڪليف ٿي ۽ ٿوري وقت ۾ ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. سنڌ جي باشعور ۽ ساڃاهوندن جو موقف آهي ته کيس (silow poison) ڏيئي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي هلي سندس ڪيس کي جهڙي ريت لئه مٽي ڪيو ويو، سندس جُزن واري رپورٽ، گهرو وزير جي بدلي ۽ جُزن واري برنيءَ جي ٽُٽڻ مان واضح ٿي ويو آهي ته رياست ڪراچيءَ واري ’سنڌ گُهري ٿي آزادي‘ واري مارچ کانپوءِ کانئس گهڻو خوفزدهه هُئي ۽ هُنن سڌي ريت راهه تان هٽائي، سنڌ ۾ بغاوت کي ڀڙڪائڻ نٿي چاهيو، جنهنڪري کيس (silow poison) ڏئي شهيد ڪيو ويو. بشير خان جي شهادت جي خبر ڇا نشر ٿي هئي، ماڻهن جي ته ساهه جي تند ڪُجهه گهڙين لاءِ رُڪجي وئي هئي. ان رات جو ئي سڄي سنڌ مان لکين ماڻهن جا قافلا رتيديري جي سفر ڏانهن راهي ٿيا هئا ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻ جي آخري جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا. بشير خان جيڪو زندگيءَ ۾ ته لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جو تجربو رکندو هو، پر هن ته آخري ديدار وقت به لکين ماڻهو گڏ ڪري ڏيکاريا. سندس وڇوڙي تي سنڌ جي ڪيترن ئي قلمڪارن ڀرپور لکيو ۽ رياست جي انهيءَ دوکي سان ڪرايل پيالي واري پلان کي وائکو ڪيو. ڪيترين ئي اخبارن کليل ايڊيٽوريل لکيا ۽ سندس ياد ۾ 20 کن ڪتاب ڇپايا ويا ۽ ڪيترائي ڏينهن سنڌ جي هر گهر ۾ تڏو وڇايل هو. هر ڪنهن ايئن پئي سمجهيو، ڄڻ سندن گهر ۾ ڪو شهيد ٿيو هجي. نوجوان شاعر سعيد ميمڻ کيس ڪيڏي نه شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

    ڪڏهن موت کان نه دلڙي ڊني آ،
    اسان سنڌ توکي حياتي ڏني آ.
    اڙي دوستو! هي ڌرتي سنڀاليو،
    اسان جي حياتي دَڳ ۾ پُني آ.


    سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو! : شهيد سرائي قربان کهاوڙ

    رات جي تاريڪيءَ جا ليڪا لتاڙي، قومي تحريڪ جي قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ، سنڌ جي هن بهادر ۽ کاهوڙي ڪردار، سرائي قربان کهاوڙ 1970ع ڌاري شـهـدادڪوٽ جي هڪ خـوشـحــال گھـراڻـي ۾، سـرائـي شمس الدين کهاوڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليـم مـقـامـي طـور حاصل ڪري، بي. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين.
    سرائي قربان اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس والد جي وفات ٿي ۽ سندن زمينن تي اُتان جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو، پر جڏهن هي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو ته هن انهن بااثرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجون زمينون واپس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سرائي قربان کهاوڙ، جنهن جي ٻاروتڻ واري زندگيءَ ۾ ئي خودداري واسو ڪري وئي هئي ۽ هن ٻاروتڻ ۾ ئي حقن کي غصب ٿيندي ڏٺو هو. هي اڃا معصوم ئي هو جو هن جي مٿان پيءُ جو سايو کسجي ويو هو ۽ هن جي ذهن تي اهو نهايت ئي ڀاري صدمو هو، مٿان وري جڏهن سندس زمين جاگيردارن جي قبضي ۾ وئي ته سندس ذهن ۾ هڪ بغاوت جي لهر ڊوڙي وئي، جنهن کيس وقت کان اڳي باشعور بڻائي ڇڏيو ۽ هن طئه ڪيو ته پنهنجا حق وڙهي وٺبا. سندس پهرين جنگ پنهنجي زمين جي لاءِ هئي، پر پوءِ وقت جي اهڙي ته لهر اُٿي، جنهن کيس سڄي سنڌ جو رکوالو بڻائي ڇڏيو.
    سرائي قربان کهاوڙ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. چِڻنگ سنگت ۽ لطيف سنگت ۾ سرگرم رهڻ بعد ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، تنظيم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو. شاگرديءَ واري دور ۾ سرائي قربان شاگردن جي مسئلن تي عملي جدوجهد ڪئي، اهوئي سبب هو جو هُو جڏهن جساف کانپوءِ مرڪز ۾ شامل ٿيو، تڏهن به شاگرد سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا ۽ هي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. جساف ۾ رهندي پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن به رهيو. سرائي قربان کهاوڙ پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ڪيترائي شاگردن جا مسئلا حل ڪرايا، جن ۾ شاگردن کي اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ، شاگردن جون فيون معاف ڪرائڻ، غريب شاگردن کي هاسٽل جا رُوم وٺي ڏيڻ، ايتريقدر جو هُو ڪيترن ئي شاگردن کي پنهنجي کيسي مان خرچ ڏيندو هو، جيئن اُهي پڙهي سگهن. هو انتهائي پيار ڪندڙ انسان هوندو هو، ڪارڪنن جي پرگهور لهڻ ته ڪو سرائي قربان کان سِکي. مون سينيئر ڪارڪنن جي واتان ٻڌو آهي ته سائين جي. ايم سيد ڪارڪنن کي ايترو ته ڀائيندو هو جو، جيڪڏهن ڪو ڪارڪن ٻڌجي ويندو هو ته پاڻ فوري طور اُن جي آزاديءَ لاءِ وڪيلن سان ڳالهائيندو هو، ضمانتون ڪرائيندو هو ۽ جڏهن اُهي ڪارڪن آزاد ٿي موٽندا هئا ته سائين جي. ايم سيد اُنهن ڪارڪنن جي پُٺيءَ تي پوليس جي هنيل لٺين جي زخمن تي چُميون ڏيندو هو؛ اُن وقت سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون هيون. منهنجي اِها بدقسمتي آهي، جو مون سائين جو اهڙو پيار ڪون ڏٺو، پر سائين جي. ايم سيد جي قافلي جي هن سپاهيءَ جو اهڙو سڀاءَ، اهڙو پيار، مون نه صرف ڏٺو، پر اُن پيار جي مڌ جا پيالا مون پاڻ پيتا به آهن.
    سرائي واقعي ڪارڪنن سان بي پناهه محبت ڪندو هو، مون کي ياد ٿو اچي؛ هڪڙي ڀيري سرائي ڪُجهه هٿيار ڪنهن شاگرد جي جڳهه تي ڇڏي ويو هو. اتفاق سان اُن رات پرويز مشرف مارشل لا نافذ ڪئي هئي، سنڌ جي سڀني قومپرستن جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪري، ڪيترن ئي قومپرست اڳواڻن کي کنڀي وئي هئي، سرائي صاحب جي گهر تي به پوليس چڙهائي ڪري، سندس ڀاڻيجي کي کڻي وئي هُئي، ۽ پوري حيدرآباد جي هر روڊ تي پوليس موبائلون بيٺيون هيون، سرائي اهڙي صورتحال ۾ به پوليس جون سموريون رُڪاوٽون ٽوڙي، اُن جگهه تي پهتو هو ۽ اُتان اُهي هٿيار کنيا هئائين. اُن دوست ڪافي سمجهايو ته سرائي صاحب چئني پاسي پوليس جو گهيرو آهي، توهان هي خطرو پاڻ سان نه کڻو، ته چيائين بابا آءُ ٻڌجي ويس ته خير آهي، توهان جو بچڻ ضروري آهي، ڇو ته توهان شاگرد آهيو ۽ جي توهان تي ڪو ڪيس لڳو ته توهان جو سڄو مستقبل تباهه ٿي ويندو ۽ منهنجو ضمير مون کي اها اجازت نٿو ڏئي ته آءُ پنهنجي کل بچائڻ خاطر ڪنهن معصوم شاگرد کي مارايان. اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي اڄ به قومي ڪارڪنن جي هانءُ تي هُري اچن ٿيون، ته سندن اکيون آليون ٿي ٿيون وڃن. سرائي قربان ڪارڪنن لاءِ هڪ ماءُ وانگر هوندو هو، ڪڏهن به ڪو ڪارڪن ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو هو ته هي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، اُن جي سار لهندو هو. نه صرف ايترو، پر هُو قومي ڪارڪنن جي پونئيرن جي به سار لهندو هو ۽ جي ڪنهن ڪارڪن جي گهر ۾ ڪو مسئلو ٿيندو هو ته هي ان کي به پنهنجي گهر جو مسئلو سمجهي، حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پاڻ پيار ڪرڻ ڄاڻندو هو ته پيار وٺڻ به ڄاڻندو هو، هي رشتا ٺاهيندڙ هوندو هو، هن پيار جي اهڙي رشتي ۾ ايترا ته قومي ڪارڪن پيدا ڪيا، جو اُن جو ڪاٿو لڳائڻ به مشڪل ٿيو پوي. پاڻ سياسي اختلاف هوندي به ذاتي واسطا نڀائڻ ڄاڻندو هو.
    سرائي قربان ذاتي زندگيءَ ۾ انتهائي خوددار انسان هو، جڏهن سندس نياڻي پِرهه ميڊيڪل جي ٽيسٽ پئي ڏني ته سرائي صاحب کي چيو هئائين؛ بابا منهنجي ميڊيڪل ۾ سليڪشن لاءِ ڪنهن کي چئو ته هن خوددار انسان وراڻيو؛ بابا جيڪڏهن تون ٽيسٽ پاس ڪري سليڪٽ ٿيندين، ته توکي ضرور پڙهائيندس. باقي آئون ميرٽ جي لتاڙ ڪري، هرگز اهو ڪُڌو ڪم نه ڪندس. سرائي قربان چاهي ها ته هُو ايترا پئسا به خرچ ڪري، پنهنجي ڌيءَ جي داخلا ڪرائي پئي سگهيو، پر هُن چاهيو ٿئي ته منهنجو اولاد پنهنجي محنت سان ڪنهن منزل تي پهچي ۽ ڪنهن غريب جو حق غصب نه ٿئي.
    سرائي قربان نه صرف سياسي ماڻهو هو، پر اُن سان گڏ پاڻ هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت سان به سُڃاتو وڃي ٿو، هن پنهنجي شهر شهدادڪوٽ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايا، شهدادڪوٽ ۾ شهري اتحاد قائم ڪرايو، جنهن جو پاڻ عهديدار رهيو ۽ شهدادڪوٽ ۾ مزدورن جي اتحاد ۾ به سندس هٿ رهيو. شهر ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، جن ۾ بيمارن جي لاءِ ڪئمپون قائم ڪرائڻ، ضرورتمند ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ، شهر ۾ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ، ڪيترين ئي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ، ڪيترن ئي شاگردن کي ڪپڙا ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ غريب شاگردن لاءِ ماهوار وظيفو ڏيڻ شامل آهن.
    سرائي قربان جڏهن شاگرديءَ واري سياست ڇڏي، مرڪزي سياست ۾ پير پاتو ته سندس سياست جو رنگ ئي نرالو ٿي ويو. پاڻ جيئي سنڌ قومي محاذ جو پهرين ڊپٽي سيڪريٽري، ان بعد ٻه ڀيرا سينيئر وائيس چيئرمئن جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا جسقم جي الڪيشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. جڏهن عبدالواحد آريسر ۽ بشير خان قريشيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته جسقم جي باڊي ٽوڙي، آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي هُئي، شفيع ڪرناڻيءَ کي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ۽ سرائيءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ان بعد جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ ورهاڻي ته، پاڻ جسقم ۾ عبدالواحد آريسر سان بيٺو ۽ ٻه سال سينيئر وائيس چيئرمئن جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. ان دوران هن ڪيترائي ڪامياب پروگرام ڪرايا، جن ۾ لاڙڪاڻي کان سن تائين تاريخي ’آزادي مارچ‘ ڪرايائين، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي هُئي، پاڻ ان قافلي سان پيرين پنڌ هلندو رهيو ۽ اياز جي لفظن ۾ ڪارڪنن کي حوصلو به ڏيندو رهيو.
    ڏُونگر ڪُجهه ته ڏَري پِيو آهي پانڌيو!
    اِجهو رات ٺري، پير نه ساهيو پانهنجا!
    سرائي قربان ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهدادڪوٽ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، قومي ڪارڪنن جي گُمشدگيءَ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف بک هڙتالون ڪرايون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 300 ڪلاڪن واري بُک هڙتال تي پاڻ ٻين ڪارڪنن سان گڏجي ويٺو. ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال ۽ ٻين سنڌ دُشمن رٿائُن خلاف، سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاجن، مظاهرن وسيلي ڊگهي جدوجهد هلايائين. ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزادي ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ جسقم جو وفد وٺي اسلام آباد ويو، جتي اقوام متحده ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کي يادداشت نامو پيش ڪيائين. سرائي قربان کهاوڙ 2009ع ۾ جسقم کي الوداع چئي، جيئي سنڌ متحدهه محاذ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ’جسمم‘ جو سينيئر وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح مغوي ٻارڙن صدام شيخ ۽ ڪپيل ديو جي آزاديءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن 1987ع ۾ شادي ڪئي، کيس پنجن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي. سندس وڏي نياڻي ميڊيڪل ۾ پڙهي رهي آهي ۽ سندس ٻئي پُٽ به پيءُ وانگر نهايت ئي بهادر آهن.
    سرائي قربان شهادت کان پهرين انهن سڀني دوستن وٽ هلي ويو، جن سان سندس رنجشون هيون. سرائي، سياسي طرح پنهنجي پراڻن ساٿين کان الڳ ٿي ويو هو، پر هُن سڀني دوستن سان سماجي واسطا برقرار رکيا.سرائي، بشير خان ۽ عبدالواحد آريسر کان سياسي طرح جدا ٿي ويو هو، پر هُو ٻنهيءَ سان بي پناهه محبت ڪندو هو. هُو آزاديءَ جي اهڙي ته پنڌ تي نڪري چُڪو هو، جنهن جي نتيجي جي کيس خبر به هئي، پر پوءِ به هُو بيپرواهه هو. هُو پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو پياڪ رهيو، پر جڏهن هن عملي جدوجهد شروع ڪئي، ته هُن پيئڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ مڪمل انقلابي واري زندگي گُذارڻ شروع ڪئي هُئائين. سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهجي دوستن روپلي چولياڻي ۽ نور الله تنئي سان تنظيمي دوري تي سانگهڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو ته سانگهڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ، کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪئميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس سمورو جسم سڙي رک ٿي ويو هو. شايد اياز اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته؛
    آ مهڪ هوا ۾ مينديءَ جي،
    سي گھوٽ اچن ٿا گھايل ٿي.
    جي لال لهوءَ ۾ ليٿڙجي،
    اڄ رَت جي ريت نڀائن ٿا!
    هيءَ اهڙو ته وحشياڻو واقعو هو، جو اڄ جي خليفو نبي بخش قاسم زنده هُجي ها ته ’باکوڙي جي باک‘ جو ڪيڏارو لکي ها. سندس مڙهه سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان شهدادڪوٽ آندو ويو، جتي ٻئي ڏينهن هزارين ماڻهن، آلين اکين ۽ اڻڀن وارن سان کيس وصيت موجب، شهدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ سندس امڙ جي قدمن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سرائي کي جيتري سنڌ سان محبت هُئي، اوترو ئي پنهنجي امڙ سان پيار ڪندو هو. سرائي قربان جهڙا ماڻهو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. سرائي قربان جي شهادت قومي تحريڪ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. هن قهري واقعي تي سڄي سنڌ جي قلمڪارن دل کولي لکيو، سنڌ جي باوقار اخبارن نه صرف ڀرپور ايڊيٽوريل لکيا، بلڪه ڪيترين ئي اخبارن شهادت واري ٻئي ڏينهن تي، پنهنجا ايڊيٽوريل بليڪ شايع ڪيا. اهو هڪ قسم جو احتجاج هو. سرائي جي چاليهي جي موقعي تي هڪ قومي ڪارڪن سندن ياد ۾” تنهنجو رت ڪهاڻي ٿيندو“ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو، جيڪو پنهنجي دور جو هڪ تاريخي دستاويز آهي.
    رت ريٽو ڏيئي راوت، سنڌ کي سوغات ۾،
    باک جون راسُون ويا راسي، رات ڪاريءَ رات ۾.
    سر سَهائي سنڌ ڪارڻ، ٿيا سونهن لئـ سُونهان،
    ڪين ڪُسندي ڪِسڪيا، ڏيئي ڪنڌ پنهنجا ڪات ۾.


    ڌرتيءَ جو شهيد : شهيد سميع ا لله ڪلهوڙو

    سنڌ جي مُردم خيز سرزمين، ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي رت سان سنڌ جي تاريخ لکي آهي. اهڙن ماڻهن ۾ ميهڙ ڄائو سميع الله ڪلهوڙو به هڪ آهي، جيڪو جديد دور جو پهريون شعوري شهيد آهي. نهايت ئي پڙهيل لکيل ۽ ماٺيڻو نوجوان، گهٽ ڳالهائو، نهايت ئي خوبصورت، هر وقت چپن تي خوبصورت مُرڪ سجائي هلندڙ ۽ هر پل پنهنجي وشال اکين ۾ آزاد سنڌو ديش جو خواب سجائي جيئندڙ سميع الله 5 جنوري 1966ع تي عبدالواحد ڪلهوڙي جي گهر ۾ اک کولي. پورهيت پيءُ جو هي پُٽ اڳتي هلي ايڏو نالو ڪمائيندو، اها خبر ته ميهڙ جي مٽيءَ کي به نه هئي، جنهن ۾ هُو بانبڙا پائي وڏو ٿيو هو. سميع الله هڪ غريب ۽ پورهيت پيءُ جو پُٽ هو، جنهنڪري سندس ٻاروتڻ ۾ ڪو به لاڏڪوڏ نه ٿيو هو. سميع الله شروعاتي تعليم کان مئٽرڪ تائين ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.
    سميع الله جڏهن کان شعور جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو ته هن ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو، پر هي جڏهن ميهڙ کان موڪلائي، اَپسرائن جي شهر ڄامشوري پهتو هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ آزاد سنڌو ديش واري تحريڪ ۾ بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي ڪاهي پيو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اُن وقت جوانيءَ جي ڀرپور جوڀن ۾ قدم رکيا هئائين ۽ سندس جوڀن ڪيترائي نينهن جا نياپا پڻ ڏنا هئا. ڪيترين ئي آسروند اکڙين پيار جا پيغام پڄايا هئا، پر هي ڌرتيءَ جي عشق ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو هو، جو اُنهن آسروند اکڙين ۾ پچندڙ پيار جي پُورن ڏانهن ڪڏهن اک کڻي به نه ڏٺائين. هُن نه صرف نفس تي ضابطو آندو هو، پر سندس اندر ۾ ڌرتيءَ جو عشق آکيرو اڏي ويهي رهيو هو. اُن بعد جڏهن سندس مُلاقاتون سن جي سائينءَ سان ٿيون ته هن سن جي اُنهي ڪُراڙي شينهن جي اکين ۾ الائي ته ڪهڙو پيغام پڙهي ورتو هو، جو هُو عشق جي اهڙي ته معراج تي وڃي پهتو هو. جتي سواءِ سنڌ ۽ سيد جي هُن کي ٻيو ڪُجهه به نظر نه ايندو هو.
    سميع الله جو شاگرد سياست وارو دور ايڏو ته شاندار هيو، جو سندس دامن تي ڪو به داغ نه هو، هن ويلا بُکون ته ڪاٽيون، پر هن ڪڏهن ڪنهن جو کيسو نه ڪاٽيو ۽ نه ڪڏهن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. هن ڪڏهن ميس تي مفت ۾ ماني نه کاڌي، هن ڪڏهن ڪنهن ڌوٻيءَ کان مفت ۾ ڪپڙا نه ڌُئاريا، هُن ڪڏهن به ڪاپيءَ تي نه ڀاڙيو، پنهنجي محنت ۽ سچائيءَ سان پنهنجي منزل ماڻي هئائين. هُن هڪ مڪمل قومي ڪارڪن واري زندگي جيئڻ جا سمورا هُنر سکي ورتا هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ جا اُستاد اڄ به سندس ڪردار کي ساراهن ٿا. سميع الله جڏهن تعليم مڪمل ڪئي، ته سندس قابليت تي بنا ڪنهن سفارش جي 1987ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ ۾ ٽيڪنيشن طور نوڪري ملي.
    سميع الله سياست جي شروعات 1980ع کان ’چڻنگ سنگت‘ ۽ ’لطيف سنگت‘ کان ڪئي. ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي خلاف احتجاج دوران کيس گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورٽ مارشل سان گڏ، کيس خاندان سميت ضلعي بدر پڻ ڪيو ويو. هيءُ بنيادي طور تي جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ضلعي عهدن تي ڀرپور نموني سان پنهنجون ذميواريون نڀايائين. اهڙيءَ طرح هيءُ سنڌي پورهيت سنگت ڄامشورو ۽ ميهڙ ۾، مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. سائين جي. ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ انقلابي پارٽيءَ جو اختتام ٿيو ۽ ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو بنياد پيو ته هيءُ پهريان، دادو ضلعي جو آرگنائيزر، پوءِ سيڪريٽري ۽ جسقم ضلعي دادوءَ جو صدر رهيو. ان بعد 25 نومبر 2000ع تي شفيع محمد بُرفت، اصغر شاهه، مظفر ڀُٽي ۽ سميع الله گڏجي، جيئي سنڌ متحده محاذ جو بنياد وڌو. شفيع محمد برفت کي چيئرمئن ۽ سميع الله کي جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. سميع الله ڪلهوڙي جيئي سنڌ ۾ مختلف عهدن تي رهندي تمام گهڻو ڪم ڪيو. هي ڪميٽيد ورڪر هوندو هو، ۽ نوڪريءَ کان فارغ وقت تنظيم کي ڏيندو هو، هي نه صرف سياسي حوالي سان ڪميٽيڊ رهيو، بلڪ زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ نيڪ نيت ۽ عمل پيرا هوندو هو.
    سميع الله سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪيترائي ڀرپور مضمون لکيا. سندس مطالعو توڙي مشاهدو وسيع هوندو هو، سندس مضمون تحقيقي هوندا هُئا. هن سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا. جن ۾ هن سنڌ جي مختصر تاريخ به لکي، جنهن ۾ هنن موضوعن تي هن ڀرپور روشني وڌي. ”هن سرزمين سنڌ تي سنڌ نالو ڪيئن پيو. ’سرزمين سنڌ جو ڌرتيءَ تي جنم،‘ سنڌ جي طبعي جاگرافي ۽ قديم سنڌ جا اصل رهاڪو‘ دراوڙ ڪير هئا‘ دراوڙن جي برپا ڪيل تهذيب ۽ تمدن جو مختصر احوال‘ آريا ڪير هئا‘ آرين جو مذهب‘ سنڌ ملڪ ۾ آرين جي آمد‘ دراوڙن جون آرين سان چڪريون‘ دراوڙن جي ٻولي، ڪلچر ۽ مذهب جو آرين تي اثر‘ وغيره. آئون سمجهان ٿو، جنهن سچائيءَ ۽ مضبوط دليلن سان سميع الله سنڌ جي تاريخ تي روشني وڌي آهي، اهڙي وڏن ناليوارن محققن به نه وڌي هوندي. اهڙيءَ طرح سميع الله سائين جي.ايم سيد تي به ’رهبر‘ جي عنوان سان تفصيلي مضمون لکيائين. ’سنڌ، تصوف ۽ سيد‘ جي عنوان سان سيد جي صوفي اُزم واري نڪتي جي پرچار ڪيائين. ان کان علاوه سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آهن.
    سميع الله ڪيترن ئي ڌرڻن، مظاهرن، جلسن، جلوسن جي اڳواڻي ڪئي، ۽ سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي سڀني کان اڳڀرو ٿي جدوجهد ڪندو رهيو. هو هڪ ئي وقت قومي ڪارڪن سان گڏ، بهترين محقق، نقاد، مقرر ۽ سياسي تجزئي نگار به هو. سميع الله ڪلهوڙي 25 نومبر 1995ع تي شهدادڪوٽ مان شادي ڪئي، مٿس فِڪري طور سائين جي. ايم سيد کانپوءِ عبدالواحد آريسر جي شخصيت جو گهرو اثر هو. جڏهن سندس شادي پئي ٿي ته هن جو اصرار هو ته سندس نڪاح عبدالواحد آريسر پڙهائي. ان بعد جڏهن کيس پهريون پٽ ڄائو ته هن ان جو نالو به عبدالواحد رکيو. آريسر به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، آريسر صاحب سميع الله جي شهادت تي لکيل مضمون ۾ کيس آزاديءَ جو منگل پانڊي ڪوٺيو آهي. (منگل پانڊي هندستان جي جنگِ آزاديءَ جي 1857ع واري تحريڪ جو اُهو سپاهي هو، جنهن انگريز فوجين تي پهرين گولي هلائي هُئي) پر پوءِ جلد ئي هن ۾ وڏي تبديلي آئي، جو هي عدم تشدد واري راهه کان پاسيرو ٿي ويو ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ ڀرپور عملي جدوجهد ڪرڻ لڳو.
    سميع الله ڪلهوڙي کي 30 نومبر 2004ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ شعبي مان، ڊيوٽيءَ دوران ڊي. پي. او جانچ حيدرآباد فريد جان سرهندي، ٽي. پي. او ذوالفقار آرائين، سڪندر ڀٽي، نياز پنهور ۽ ٻين اهلڪارن گرفتار ڪيو ۽ کيس اڍائي مهينن تائين حساس ادارن جي مختلف هنڌن تي پُڇاڳاڇا هيٺ رکڻ سان گڏ، پوليس کيس هٽڙي، ٽنڊو محمدخان، ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار، مٽياري، هالا ۽ شاه ڪريم جي ٿاڻن تي بنا ڪنهن ڪيس ۽ ڏوهه جي حراست هيٺ رکيو، مٿس سخت تشدد ۽ ٽارچر ڪيو ويو، سندس جسم ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪيا ويا، چڏا چير سان گڏ سياري جي سرد رات جو موبائل جي ڇت تي ٻڌي گاڏيءَ کي تيز ڊوڙايو ويندو هو، جنهن سان سندس نڪ ۽ وات ذريعي هوا اندر داخل ٿيندي هئي، جنهنڪري سندس ڦڦڙن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. سميع الله تي تشدد جو اهڙو ڪو به عمل نه هو، جيڪو استعمال نه ڪيو ويو هجي، هر طرح جي تشدد کان پوءِ به جڏهن سميع الله کي سنڌ جي عشق تان دستبردار نه ڪري سگهيا ته هن جي سامهون پئسن جون بيڳون ڀري رکيائون، جيڪي لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ تائين هئا. کيس هر طرح جون لالچون ڏنيون ويون ته هو شفيع برفت ۽ اصغر شاهه کي ٻڌرائي ڏئي، پر سميع الله جيڪو ڌرتيءَ جي عشق ۾ مدهوش هو، سو ڪيئن ٿو ڪنهن مڻيي تي موهجي سگهي. تڏهن مايوس ٿي، رياست جي دلالن کيس انڪائونٽر ڪرڻ جي رِٿ رِٿي، تڏهن سميع الله پنهنجي معصوم ساٿي فياض جانوريءَ جي مايوسيءَ واري ڪيفيت ڏسي، اُتان ڀڄڻ جي ترڪيب سوچي، جيتوڻيڪ سندس سڄو جسم زخمن سان چُور هو، پر پوءِ به هن همت ڪري، اهڙيءَ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ 13 فيبروري 2005ع تي فياض جانوريءَ سميت وجهه وٺي، هالا ٿاڻي جي ڪوارٽر مان فرار ٿيو، پر سخت تشدد ڪري هو سخت بيمار ٿي پيو هو ۽ ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ زير علاج هو، جتي 5 مارچ 2005ع تي هو شهيد ٿي ويو. کيس 6 مارچ 2005ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سامهون ڄام شوري ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد مِٺو بليديءَ جي ڀرسان قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، آزاد سنڌو ديش جي قومي تراني جي وِرد سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    سميع الله! آزاد ٿيڻ کان پوءِ ساڃاهه کي ڏنل آخري انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن هُو مون تي تشدد ڪندا هئا ته سنڌ محبوبه وانگر منهنجي سامهون اچي ويندي هئي ته منهنجي چپن تي مُرڪ تري ايندي هئي، جنهن تي هو تيش ۾ اچي چوندا هئا، هي ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي، جو هيتري تشدد جي باوجود مُسڪرائي رهيو آهي. هي ٽُٽي ڇو نٿو؟ سميع الله جنهن سنڌ سان عشق ڪيو هو، اُن جو ٽُٽڻ ته واقعي ڏکيو هو، پر هنن ڀاڙيءَ جي دلالن کي ڪهڙي خبر ته ڌرتيءَ جو عشق ڇا ٿيندو آهي. اُن انٽرويو ۾ سميع الله اهو به چيو ته جڏهن منهنجي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ته هو مون کي ٽنڊي الهيار ۾ ڊاڪٽر ڀوري وٽ وٺي ويا، جڏهن ڊاڪٽر منهنجي حالت ڏٺي ته چيائين، هي ڪير آهي؟ هن کي هن مرڻينگ حالت ۾ وٺي آيا آهيو؟ جنهن تي هُنن جواب ڏنو ته هي خطرناڪ قسم جو دهشتگرد آهي. اُن وقت مون وراڻيو ته ڊاڪٽر صاحب آئون ڏوهاري ناهيان، جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ جو سينيئر وائيس چيئرمئن آهيان. اهو ٻُڌي ڊاڪٽر هُنن کي ڇنڊ پٽندي چيو ته هن کي اوهان ماري ڇڏيو آهي. هن کي علاج جي سخت ضرورت آهي. اُن وقت ڊاڪٽر جي اکين مان لُڙڪ وهي آيا هُئا. اُن بعد هُنن فوري طور مون کي اُتان کنيو ۽ موٽ تي مون کي گاريون ڏيندي چيائون ته تو ڊاڪٽر کي اهو ڇو ٻڌايو ته آئون جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان. سميع الله جي مٿئين بيان مان واضح ٿئي ٿو ته هُو جيئي سنڌ جي نالي کان ڪيترو خوفزده آهن.
    سميع الله ڪلهوڙي پنهنجي ونيءَ کي پوليس تحويل ۾ هئڻ دوران سگريٽن جي پاڪيٽ واري پني تي خط لکيو هو، جنهن ۾ هن لکيو ته پوليس ۽ ايجنسين جي تشدد سبب مان هاڻي جسماني طور ختم ٿي ويو آهيان ۽ بچي نه سگهندس، مون کان شفيع برفت ۽ اصغر شاهه جي پڇاڳاڇا ڪئي وڃي ٿي، ڌماڪن بابت پڇيو وڃي ٿو. اسان ته عدم تشدد جا حامي آهيون. لڳي ٿو ته مون کي تشدد يا مقابلي ۾ ماريو ويندو. تون حوصلو نه هارجانءِ، سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ منهنجو سر وڃي ٿو ته اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو تحفو گُهرجي. توهان ۽ اسان جي خاندان لاءِ منهنجي قرباني مثالي ۽ ڳاٽ اوچو رکڻ واري ثابت ٿيندي. هالار، زويا ۽ مايين جو خيال رکجانءِ.
    سميع الله جي خاندان کي واقعي مٿس فخر آهي، هُو نه صرف بهادر هو، پر هُو سنڌ جي عشق ۾ پچي راس ٿيل هو، هُو هڪ نظرياتي ڪارڪن هو، جڏهن هُن وٽ آءِ. ايس.آءِ جو نمائندو پنجاب جو قومپرست ٿي آيو هو بحث ڪرڻ، ته سميع الله جي عشق سامهون هن جو علم مات کائي ويو هو. سميع الله جهڙن ڪارڪنن تي نه رڳو اُن جي پونئيرن کي، پر پوري سنڌ کي فخر رهندو ۽ ايندڙ ڪيترائي نسل اُن تي فخر ڪندا ته اسان جا وڏا ڪيڏا نه مهذب هئا، جو ڌرتيءَ جي عشق ۾ جان جي بازي لڳائيندي ويرم ئي نه ڪيائون.
    سندس شخصيت تي مختلف اديبن ۽ شاعرن جي لکيل ڪالمن جو مجموعو ’ڌرتيءَ جو شهيد‘ ناليواري شاعر ۽ صحافي آزاد انور ڪانڌڙي سهيڙي شايع ڪرايو آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ شاهڪار ڪتاب آهي.


    سميع الله جو ٽارچر سيل مان پنهنجي ونيءَ ڏانهن لکيل خط

    ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي،
    سوين حياتيءَ جا ڏکڙا، هڪ لحظي منجهه لاهي،
    اهڙو الله آهي، جو ماڳ پهچائيندئي مارئي.
    (شاهه)
    منهنجي پياري فجو (فرزانه)
    جيئي سنڌوديش
    اُميد ته ٻچن سميت خوش هونديينءَ.
    منهنجو خيال نه ڪجو، مون کي صرف اوهان جي پريشاني تنگ ڪندي آهي. آئون توهان کان معافي ٿو وٺان، جو مون اوهان کان وڌيڪ سنڌ وطن کي پيار ڏنو آهي. ان لاءِ توهان وٽ هوندي به وطن جي آزاديءَ جي تڙپ هئي ۽ اڄ هت به ساڳي تڙپ اٿم، پر اوهان به هڪ پل لاءِ نه وسريا آهيو. جڏهن رات يا ڏينهن جو اوهان جي ياد ايندي آهي ته طبيعت ۾ ڏاڍي بيقراري پيدا ٿيندي آهي، جو رات جو ننڊ ختم ٿي ويندي آهي. ڏينهن ۾ بي چيني هوندي اٿم، پر توکي ۽ اسان جي اولاد کي اهو فخر ضرور هئڻ گُهرجي ته هن تشدد ۽ بيماريءَ ۾ به مسلسل سنڌ سان عشق نڀايو اٿم. مونکي پاڻ تي خود حيرت آهي، پنج ڏينهن پنج راتيون تشدد ڪيئن برداشت ڪيم! آئون سڄي تشدد جي وقت هوش ۾ رهيس ۽ ذرو به نه لڏيس، خبر ناهي اها استقامت مون ۾ ڪٿان آئي. آئون سنڌ وطن جو حقيقي عاشق ٿي پيس، جو تِر جيترو به نه لُڏيس. اڪثر ڪري هڪ ڪمري ۾ بند رهڻو پوي ٿو، هاڻ مون کي اهو آسرو ته ڏين ٿا ته توکي ڇڏينداسين، پر ڪڏهن؟ ڪا خبر ناهي!
    گڙدن ۾ تڪليف پيدا ٿي اٿم، جلد ملنداسون، فڪر نه ڪندا. مون کي آءِ. ايس.آءِ طرفان جوڙيل ٽيم کنيو آهي، جيڪي ڳجهين جاين تي رکن ٿا.ان جو سربراه پير فريد آهي ۽ آپريشنل ٽيم جو سربراه ذوالفقار ڦليلي تي انويسٽيگيشن انچارج آهي.
    هالار، زويا ۽ مايين جو احوال ڏيندا، ٻيو ته هالار کي اسڪول کان نه گُسرائجو، پڙهائيءَ جو ڌيان رکجوس، ٻاهر اڪيلو نه ڇڏجوس، متان مون وانگر نه کنڀجي وڃي، اهڙيون ڌمڪيون ملن ٿيون. وڌيڪ پارت اٿو. پوليس ۽ ايجنسين جي اهلڪارن جي تشدد سبب مان هاڻي جسماني طور ختم ٿي ويو آهيان ۽ بچي نه سگهندس. اسان ته عدم تشدد جا حامي آهيون، لڳي ٿو ته مون کي تشدد يا مقابلي ۾ ماريو ويندو، تون حوصلو نه هارجانءِ.
    سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ منهنجو سِر وڃي ٿو ته مونکي اُن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گُهرجي. توهان لاءِ منهنجي قرباني مثالي ۽ ڳاٽ اوچو رکڻ واري ثابت ٿيندي. هالار، زويا ۽ مايين جو خيال رکجانءِ، مون کي موٽي اچڻ جو ڪو به آسرو ناهي، پر تون نااُميد نه ٿي، جيڪڏهن مان مارجي وڃان ٿو ته منهنجو رت سنڌ جي آزاديءَ جو سنگ بنياد رکندو ۽ تون اُن سنڌ ۾ ٻهڪندڙ نظر اينديينءَ. تشدد ۾ منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن، نظر به ختم ٿيندي ٿي وڃي، سُمهڻ نٿو ڏنو وڃي، ٽهڪيل پاڻي، پئٽرول ۽ چُن پياريو پيو وڃي.خط جو جواب چٺي آڻيندڙ کي ڏيندا جيڪو ڪنهن نموني سان پهچرائيندو.

    صرف تنهنجو
    سميع الله


    اسان جو خون خوشبوءَ ٿي ايندو : شهيد مظفر ڀٽو

    جيڪو ملڪ غلام هوندو آهي، اُن ملڪ جي قوم غلام هوندي آهي، اُن جي ٻولي، اُن جو ڪلچر، اُن جي تهذيب، اُن جي سُڃاڻپ گمنام هوندي آهي، ته اُن ملڪ جي ڌرتي باغي پُٽن کي جنم ڏيندي آهي، جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ لوليءَ جي سلامتيءَ جي جنگ وڙهندي، پنهنجي امڙ جي ٿڃ ملهائيندا آهن. جن تي صدين تائين ڌرتي فخر ڪندي آهي، تاريخ جي ورقن ۾ اُهي باغي پُٽ امر ليکيا ويندا آهن. سنڌي قوم به اهڙي غلاميءَ جي ڌُٻڻ ۾ صدين کان گهيريل آهي، ۽ نه ڄاڻ ڪيتري عرصي کان ڪيترن ئي نوجوانن پنهنجي امڙ جي سينڌ جو سنڌور بچائڻ لاءِ پنهنجي رت جو تِلڪ لڳايو آهي. اهڙن نوجوانن ۾ سيوهڻ ڄائو مظفر ڀُٽو به هڪ آهي، جنهن تي ڌرتيءَ سان گڏ پوري قوم کي فخر آهي. سنڌ مُلڪ تاريخ جي ورقن ۾ ڪنهن دور ۾ آزاد، خوشحال، سرسبز ۽ شاداب هوندو هو، اُهو ملڪ هن وقت غلام آهي، اُن جي خوشحاليءَ کي ڪو نانگ سراپي ويو آهي، اُن مُلڪ جي خوشحاليءَ کي موٽائڻ لاءِ مظفر ڀُٽي جهڙن جوڌن جنگ جوٽي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندي شهيد ٿيا.
    هن ڌرتيءَ جي لوئي ۽ لڄ جو مُحافظ مظفر ڀٽو 1970ع ڌاري سيوهڻ شهر ۾ ڄائو. پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪرڻ بعد پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادوءَ مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان متحرڪ ذهن رکندڙ، قومي درد سان آشنا نوجوان هو. سنڌي ٻولي، قومي ٻولي تحريڪ، بنگال سانحي ۽ ايم.آر.ڊي جي تحريڪ هن جي ذهن ۾ سنڌ پرستيءَ جو رُوح ڦوڪڻ جو ڪم ڪيو. 1985ع ۾ سائين جي.ايم سيد جي قومپرستيءَ واري فڪر کان متاثر ٿي باقاعدي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو ميمبر ٿيو، پر اُن کان اڳي مقامي سطح تي ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ سياسي سُجاڳي آڻڻ لاءِ متحرڪ ٿي ڪم ڪيائين. ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جي ٺهڻ بعد ان جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۽ جيئي سنڌ پورهيت سنگت جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو. مظفر هڪ نظرياتي ڪارڪن هو، جنهن ڪري هن سنڌ جي آزاديءَ جي پرچار ڪندي سنڌ جي نئين نسل جي ذهن ۾ آزاديءَ جي جوت جاڳائي.سندس شعوري پرچار سبب ڪيترائي نوجوان قومي قافلي ۾ ڪُڏي ڪاهي پيا ۽ اهڙا ته ڌرتيءَ جي عشق ۾ رچي ريٽا ٿيا، جو پوئتي موٽڻ مهڻو سمجهڻ لڳا، بلڪ شاهه لطيف جي هن سِٽ تي عمل پيرا رهندي اڳڀرا ٿيندا ويا.
    اڳيان اَڏين وٽ، پوين سِر سَنباهيا!
    اهڙن اڏول ۽ سرڪش نوجوانن جي رهنمائي ڪندي، مظفر عشق جي اهڙي راهه تي نڪري چڪو هو، جتان کيس صرف ۽ صرف آزاد سنڌ نظر اچڻ لڳي هُئي ۽ پاڻ اُن آزاد سنڌ جي سپنن جي ساڀيان لاءِ ڏينهن رات جُستجو ڪندو رهيو. مظفر ڀُٽو جتي سنڌ جي ساڃاهه جي دلين جي ڌڙڪن بڻجندو ويو، اُتي هو وقت جي نام نهاد رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. مظفر ڀُٽو تنظيم سازيءَ جو تمام وڏو ماهر هو، جنهن ڪري هن تنظيم ڪاريءَ ۾ ڪيترائي اُصول ۽ ضابطا قائم ڪيا، جيڪي ڪارڪنن کان ويندي قيادت تائين سڀني کي نهايت ئي گهڻا پسند آيا. مظفر ڀُٽي جڏهن ڏٺو ته هاڻي هن رياست جي اڳيان پُرامن جدوجهد پنهنجي حيثيت ۽ معنيٰ وڃائي ويٺي آهي ته هن شفيع محمد برفت، سميع الله ڪلهوڙي ۽ اصغر شاهه سان گڏجي جيئي سنڌ متحده محاذ ٺاهي، جنهن جو پاڻ پهريان سيڪريٽري جنرل ۽ پوءِ وائيس چيئرمئن ٿيو، ۽ مرڪزي ۽ سينٽرل ڪميٽين جو ميمبر به رهيو.
    مظفر ڀُٽي جيئن ته انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، جنهن ڊگريءَ جي بدولت 1990ع ۾ لاکڙا پاور هائوس ۾ سب انجنيئر مقرر ٿيو ۽ آخر تائين اتي ملازم رهيو. جيئن ته مظفر ڀُٽو هڪ پڙهيو لکيو ۽ باشعور نوجوان هو، جنهن ڪري هن نوڪريءَ جا فرائض به نيڪ نيتيءَ سان سرانجام ڏنا. هن نوڪريءَ دوران نه صرف پنهنجي گهر کي ٽائم ڏنو، پر هن پنهنجو گهڻو وقت تنظيم لاءِ وقف ڪيو ۽ هن ڪيترا ئي عملي ڪم سر انجام ڏنا. پاڻ ’جيئي سنڌ متحده محاذ‘ جو رُوح روان هو، جنهن ڪري رياست مٿس گهڻي ڏمريل هئي ۽ سندس پويان هٿ ڌوئي پئجي وئي هُئي، پر هن ڪڏهن به اُن جي پرواهه نه ڪئي، پنهنجي سياسي پرچار جاري رکيو آيو. اُن دوران 5 آڪٽوبر 2005ع تي ڪراچيءَ جي طارق روڊ واري علائقي مان جيئي سنڌ پورهيت سنگت اڳواڻ شوڪت سانڀل جي فليٽ تان ڳُجهن ادارن هٿان کنڀجي ويو، مٿس سخت تشدد ڪيو ويو، کيس آزاديءَ جي جدوجهد تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جو ٽارچر ڪيو ويو ۽ سندس اولاد کي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون، پر مظفر تي اهڙين ڌمڪين جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ پنهنجي موقف تي ثابت قدميءَ سان بيٺو رهيو. مظفر جي ڳُجهن ادارن هٿان ايئن کنڀجڻ تي سڄي سنڌ ڀرپور رد عمل جو مظاهرو ڪيو، پوري قومي تحريڪ احتجاج، مظاهرا ڪيا. نيٺ قومپرستن جي شديد ردِعمل جي نتيجي ۾ 23 مهينن بعد ڪورٽ ۾ کيس پيش ڪيو ويو ۽ مٿس ڪو به ڪيس نه بيهڻ ڪري، باعزت بري ڪيو ويو. مظفر اُن گرفتاريءَ دوران پنهنجي ونيءَ صائمه کي ٽارچر سيل مان هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ هُن پنهنجي ونيءَ کي حوصلو ڏنو هو ۽ لکيو هُئائين ته هي رياست جيڪڏهن مون کي ماري وجهي ته منهنجي پُٽ آڪاش کي آزاد سنڌوديش جو سبق پڙهائجانءِ. مظفر جو هي خط قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ پيغام آهي ته آزاديءَ جي راهه تي هلندي، ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڇو نه اچن، پر همت نه هارڻ گُهرجي. مظفر ڀُٽو پنهنجي وني صائمه ۽ پنهنجي ٻچڙن سان بيپناهه پيار ڪندو هو، پر ڌرتيءَ جو عشق هُن لاءِ مٿانهون هو.
    ها! مگر ڇـا ڪجي، تنهنجي ڪاڪل جي قيدي ٿيڻ کان اڳي،
    قيد خانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرِين! جيڪا وئــــي ڇڪي.
    دل ته مــاڻڻ گهـريون تـُنهنجون سـڀ دلبريون،
    ها مگر! ڇا ڪجي، دار جي درد کي پنهنجي لذت هئي جيڪا وئي ڇِڪي.
    مظفر ڀُٽو سخت ٽارچر ٿيڻ ڪري بيمار ٿي پيو هو ۽ ڪافي عرصو تڪليف ۾ مبتلا رهيو، پر هُو بلڪل مايوس نه ٿيو هو ۽ جلد ئي ٻيهر قومي تحريڪ ۾ متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو. هن سنڌ جي هر واهڻ وستي، هر ڳوٺ، شهر ۾ وڃي آزاد سنڌوديش جي پرچار ڪئي، ڪيترائي قومي ليڪچر پروگرام ڪيا ۽ ڪيترا ئي ڪامياب جلسا ڪرايائين. مظفر ڀُٽي جي عملي جدوجهد کان خوفزدهه ٿي ڳُجهن ادارن ٻيهر 2011ع ۾ مٽيارين مان کنڀي گم ڪيو. مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو، ۽ مظفر کي جُهڪائڻ لاءِ سندس ڀاءُ ممتاز ڀُٽي کي به پويان گهر ۾ بم ڌماڪو ڪري شهيد ڪيو ويو، پر پوءِ به هي اڏول ۽ سرڪش مانجهي مُڙس نه جُهڪيو ته کيس 15 مهينن جي گمشدگيءَ بعد شهيد ڪيو ويو. هٽڙي باءِ پاس وٽان 21 مئي 2012ع تي سندس تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. مظفر ڀُٽي کي ايڏو ته بيدرديءَ سان ماريو ويو هو، جو سندس سيني کي چيري ٻه اڌ ڪيو ويو هو ۽ هيٺين حصي کي به ڌار ڪيو ويوهو. سياسي ڪارڪن هئڻ ناتي سندس المناڪ موت تي سنڌ جي قومپرست جماعتن شديد ردِعمل ظاهر ڪيو ۽ سموري سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ، شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. سندس مڙهه کي سيوهڻ آڻڻ بعد، قومي جهنڊي جو ڪفن ڏيئي سن ۾ سائين جي.ايم سيد جي پيرانديءَ کان، سياسي ساٿي روپلي چولياڻيءَ جي ڀر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مظفر جي وني صائمه ڀُٽو به سياست ۾ متحرڪ آهي ۽ نهايت ئي بهادر خاتون آهي. سندس شهادت کان اڳ ۾ گمشدگيءَ جو ڪيس عالمي تنظيمن وٽ پيش ڪيو ويو ۽ جُنيوا ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آيو.


    آزاديءَ جو عاشق : شهيد قيوم منگي

    قيوم منگي پهرين آڪٽوبر 1954ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي محلي، قلعي قافلي ۾ گُلشير منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪيائين، مئٽرڪ نيو ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور مان، انٽر سي. اينڊ. ايس ڪاليج شڪارپور مان ۽ گريجوئيشن به ساڳئي ڪاليج مان ڪيائين. هن کي ننڍپڻ کان ئي سنڌ جو عشق هو ۽ شڪارپور ۾ هيءُ پهريون ماڻهو هو، جنهن سائين جي. ايم سيد جي فڪر جي پوئلڳي ڪندي ’جساف‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جساف ضلعي شڪارپور جو صدر ۽ ڊويزنل آرگنائيزر رهيو. هيءُ نهايت ئي پڙهيل ۽ نظرياتي هئڻ سان گڏ ڪميٽيڊ ورڪر به هوندو هو. هن شڪارپور ۾ باقاعدي قومي ماحول جوڙيو هو ۽ ڪيترائي قومي ڪارڪن پيدا ڪيا هُئا. جيتوڻيڪ اُن وقت قومي تحريڪ ۾ مختلف گُروپ هوندا هُئا، پر سڀيئي سائين جي. ايم سيد جي فيصلن جا مڃيندڙ هوندا هُئا، اهڙي ريت شڪارپور ۾ به مختلف تنظيمي حلقن ۾ ورهايل قومي ڪارڪن قيوم منگيءَ جي عزت ڪندا هُئا ۽ قيوم منگيءَ جي ڪچي اوطاق، قومي ڪارڪنن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي.
    قيوم منگي سائين جي. ايم سيد کي تمام گهڻو ويجهو رهيو، سائين کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو ۽ قيوم سائين جي. ايم سيد جي اعتبار وارن ماڻهن مان هوندو هو، سائين مٿس تمام گهڻو اعتماد ڪندو هو ۽ ڪيتريون ئي خاص ذميواريون مٿس سائين پاڻ رکيون هُيون. قيوم منگي جساف ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪيتروئي ڪم ڪيو، بعد ۾ ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شموليت ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي ڪميٽين جو ميمبر رهيو، آئيني ڪميٽيءَ جو ميمبر رهڻ سان گڏ مرڪزي وائيس چيئرمئن جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. پاڻ چڻنگ سنگت ۾ رهي ڪيترو عرصو ڪم ڪيائين. قيوم ايڏو ته معصوم ۽ ماٺيڻو انسان هوندو هو، جو کانئس ڪير به اختلاف نه رکندو هو ۽ هرڪو کيس وڌ کان وڌ مانُ ڏيڻ چاهيندو هو. جڏهن به قومي ڪارڪنن ۾ پاڻ ۾ اختلاف وغيره ٿيندا هئا ته سائين جي. ايم سيد پنهنجي طرفان قيوم کي ان جي نبيري لاءِ ڪميٽيءَ ۾ کڻندو هو. اهڙيءَ طرح قيوم ڪيترن ئي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪرايا. هيءَ اُصولن جو نهايت ئي پڪو ۽ سندس ارادا مضبوط هوندا هُئا. ڪارونجهر جيڏي دل رکندڙ هي انسان بهادر ۽ بي ڊپو هوندو هو. هن پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو، پهريون ڀيرو 1979ع ڌاري ايل. ايل. بي جي پهرئين سال جي آخري پرچي دوران گرفتار ٿيو ۽ جيل موڪليو ويو، سکر جهنڊي واري ڪيس ۾ هيءُ سائين جي. ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿيو ۽ وڏو عرصو جيل ۾ رهيو ۽ سائين جي. ايم سيد سان ويجهو رهڻ جو موقعو مليو. اهڙيءَ طرح قيوم منگيءَ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪاٽيائين، پر جيل جون چوديواريون سندس ارادن کي مات نه ڏئي سگهيون، سندس آزاد سنڌوديش ۾ ايمان ڏينهون ڏينهن پُختو ٿيندو ويو. هيءُ جيترو نفيس انسان هوندو هو، اوترو ئي ارادن جو مضبوط پڻ هوندو هو، هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه هو، هيءُ ليڊرن واريون هنبوڇيون نه هڻندو هو، جي ڪنهن سان اختلاف رکندو هو ته سڌا رکندو هو، ۽ ميٽنگن ۾ پنهنجي راءِ رکڻ جو عادي هوندو هو. سندس ڪنهن سان به ذاتي اختلاف نه رهيا، هن ڪنهن سان اختلاف رکيا ته به سنڌ ڪاز خاطر رکيا. قيوم منگيءَ کي آزاديءَ ۾ پُختو ويساهه هو. هيءُ جڏهن بيمار ٿي پيو هو، تڏهن به پارٽي ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيندو هو، اڪثر ته دوائون به ساڻس گڏ هونديون هُيون. هن پنهنجي صحت کان سنڌ جي سورن کي وڌيڪ اهم سمجهيو. اهڙيءَ طرح هن جيئي سنڌ قومي محاذ جي قيام ۾ ڀرپور عملي مظاهرو ڪيو ۽ پاڻ جسقم ۾ به پهريون وائيس چيئرمئن رهيو. هن کي سنڌ جي اهڙي ته لوري لڳل هوندي هُئي، جهڙي ننڍڙي ٻار کي ماءُ جي لوري هوندي آهي، هن جي زبان تي هر وقت سنڌ جو وِرد هوندو هو. هُو جيڪو آزاديءَ جو عاشق هو ۽ هن سنڌ سان چڪور وارو چاهه رکيو هو. سنڌ سان گڏ قيوم جو سائين جي. ايم سيد سان اهڙو عشق هو، جو جڏهن سائين جي. ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو ته هن معصوم ٻارن وانگر ڍڍڪارون ڪري رُنو هو، هن ايترو رُنو هو جو سندس دل جو غُبار لُڙڪن جي آبشارن وسيلي نڪتو هو.
    قيوم منگي سياست سان گڏ سماجي ورڪر به رهيو، هن شڪارپور ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جنهن ڪري شهر جا ماڻهو کيس تمام گهڻو ڀائيندا ۽ مانُ ڏيندا هُئا. 1987ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ شهرين جي اصرار تي قيوم منگي حصو ورتو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مقبول شيخ جي سامهون چونڊن ۾ بيٺو، جنهن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو، هن اُن دور ۾ مقامي سطح تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به زندهه آهي ۽ مقامي سطح تي اڄ به کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. شهيد قيوم منگيءَ جو سڀاءُ نهايت ئي وڻندڙ هوندو هو، ننڍي توڙي وڏي سان ’باباسائين‘ چئي مُخاطب ٿيندو هو. جيتوڻيڪ! هُو لفظن جو بازيگر نه هو ۽ نه ئي هن لفظن جي جادوگريءَ سان ڪن دلين کي مُهيو هو، پر سندس وڻندڙ سڀاءُ ۽ بي لوث محبت ڪيترن ئي نوجوانن کي قومي تحريڪ ۾ شامل ڪيو هو.
    قيوم منگي 4 جون 1998ع تي شهيد بشير خان قريشيءَ سان گڏ، جناح اسپتال جي ڪينٽين تي ويٺو هو ته مٿن پوليس ۽ رينجرس جي پهري هيٺ دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ پاڻ بشير خان کي بچائيندي، مزاحمت ڪئي ۽ سخت زخمي ٿي پيو. بشير خان کي به ڪافي ڌڪ لڳا هُئا، پر قيوم جي حالت تمام گهڻي خراب هُئي. اُن ئي وقت بشير خان ۽ قيوم منگيءَ کي جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، بشير خان ته جلد صحتياب ٿي ويو، پر قيوم جي طبيعت ويتر بگڙندي وئي ۽ نتيجي طور زندگيءَ ۽ موت جي جنگ وڙهندي 22 جون 1998ع تي شهادت ماڻي امر ٿيو. سندس مڙهه قومي ڪارڪنن جي قافلي سان شڪارپور آندو ويو، جتي هزارين قومي ڪارڪنن کان علاوهه شهرين سندس آخري ديدار ڪيو. ان بعد کيس قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    ون يونٽ جو پهريون شهيد : بِلو پنهور

    سنڌ تي 1955ع ۾ ون يونٽ جهڙو ڪارو قانون لاڳو ڪري، سنڌ جي صدين کان آزاد حيثيت کي ختم ڪيو ويو ته سنڌ جي باشعو ۽ ساڃاهوند ماڻهن ۾ هڪ تاءَ پئجي ويو، ڇو ته ڌرتيءَ جو تشخص ختم ڪيو ويو هو، سڄي سنڌ باهه جي ڄِڀين جيان ڀڙڪي اُٿي هُئي، پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي هُئي. اُن موقعي تي بُلڙي شاهه ڪريم جي تاريخ به پاڻ کي ورجايو ۽ سنڌ جي خلاف اهڙي سازش جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ پرچار شروع ڪئي، ماڻهن جي سُجاڳيءَ لاءِ شروع ٿيل ان جدوجهد ۾ بِلو پنهور نالي هڪ نوجوان سنڌ جي راهه ۾ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي، شهادت جو جام نوش ڪيو.
    شهيد بِلو پنهور 1940ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تاريخي شهر بُلڙي شاهه ڪريم ۾، هڪ غريب خاندان ۾ محمد عثمان پنهور جي گهر ۾ جنم ورتو. بِلو پنهور انهي ئي ڳوٺ ۾ بانبڙا پائي وڏو ٿيو هو. غربت سبب علم جي سوغات کان محروم رهجي ويو.بِلو پنهور جيئن ئي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪيا، ته پنهنجي گهر جي چُلهه ٻارڻ خاطر هوٽل تي بيراگيريءَ جي نوڪري شروع ڪيائين.
    جيئن ته اُن دور ۾ بُلڙي شاهه ڪريم پنجابي آباديءَ جو مرڪز هوندي هُئي ۽ پنجابي جنرلن ۽ ڪنرلن جون بُلڙي ۽ آسپاس زمينون هونديون هُيون، جنرل موسيٰ ۽ جنرل برقيءَ جو هتان جي ماڻهن تي وڏو ڏهڪاءُ هوندو هو ۽ انهن جا ڇاڙتا هتان جي مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو ستائيندا به رهندا هُئا. بُلڙي شاهه ڪريم مُني پنجاب لڳندو هو. ون يونٽ جي ڪري سنڌي ماڻهن جي هونئن به حيثيت دٻيل هُئي، پر ڪُجهه باشعور ماڻهو ون يونٽ جي اهڙي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ لاءِ ڪوشان به هُئا. اهڙيءَ طرح بُلڙيءَ جي ڪُجهه باشعور نوجوانن، هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جي شاگردن، وقت جي آمر جنرل ايوب خان خلاف 21 فيبروري 1969ع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي، پير بخش جماري، عارف ميمڻ، رسول بخش بنديجو ڪري رهيا هُئا، ان سيمينار جي دعوت جيئي سنڌ جي قومي ڪارڪنن؛ قاسم پٿر، ابراهيم مُنشي، ڄام ساقي، مسعود قريشي، چاچي حفيظ قريشي، اقبال ترين ۽ ٻين کي ڏني وئي هُئي، پر حالتون سازگار نه هُئڻ ڪري قومي دوست شرڪت نه ڪري سگهيا. باقي هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جا سمورا شاگرد، بُلڙيءَ جا شهري اُن پروگرام ۾ ڀرپور نموني شريڪ ٿيا هُئا. هن پروگرام ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ جنرل ايوب جي خلاف جذباتي انداز ۾ تقريرون ٿيون هيون ۽ ون يونٽ جي خلاف ڀرپور نفرت جو اظهار ڪيو ويو هو. پروگرام شام جو چئين بجي، جيئن پُڄاڻيءَ تي پهتو ۽ شاگرد ۽شهري واپس وڃڻ لڳا هئا ته پنجابي بنگالي ڊاڪٽر جي پُٽ صداقت هڪ شاگرد عارف کان پُڇيو ته اوهان ايوب خان جي خلاف ڇو آهيو ۽ جيئي سنڌ ڇو ٿا چئو؟ تنهن تي جواب ۾ عارف وراڻيو ته ايوب هڪ آمر آهي ۽ سنڌ جي تشخص کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ اسان جو وطن آهي، جنهنڪري اسان جيئي سنڌ چئون ٿا. تنهن تي اُن پنجابي صداقت، عارف کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي، جنهن جي جواب ۾ ٻيا شاگرد به مڇرجي پيا ۽ اُن پنجابيءَ کي سوگهو ڪري ورتائون. تيستائين پنجابي بنگالي ڊاڪٽر جي مُحافظن، ( جيڪي تعداد ۾ ڪُل 18 ڄڻا هُئا) اُنهن شاگردن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، هڪ ڇيرو پير بخش جماريءَ کي لڳو، جيڪو زخمي ٿي ڪِري پيو. بِلو پنهور ڀرسان ئي هوٽل تي ڪم ڪندو هو، جڏهن هُن پنهنجي ئي ڌرتي ڌڻين کي ڌارين جي هٿان بي موت مرندي ڏٺو ته هُو مينهن واچ ڪندو اچي اُتي پهتو. هن مانجهي مُڙس هِمت ڪري، هڪ ٻن گارڊن کي دسي ڪيرائي وڌو ۽ هڪ گارڊ کان بندوق به ڦُري ورتي، ته ٻئي گارڊ بندوق جا سڌا فائر بِلوءَ جي مٿان ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ بِلو ٿڏي تي شهيد ٿي ويو ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ تان قربان ٿي ويو. هيءَ بُلڙيءَ جي تاريخ جو پهريون واقعو هو، جنهن ڪري ماڻهن ۾ دانهون، ڪُوڪُون پئجي ويون ۽ سڄي شهر ۾ خوف وارو ماحول طاري ٿي ويو.
    اُن رات جو اٺين بجي، بي. بي. سي تان خبرون نشر ٿيون ۽ هن واقعي کي پوري دُنيا تائين پهچڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳو هو، اُن ئي رات ڊي. سي عثمان علي عيساڻي ڪُجهه فوجين سان گڏ جاءِ واردات تي پهتو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري حيدرآباد پهچايائين. ڊي. سي عيساڻي بُلڙي واسين کي يقين ڏياريو ته اوهان سان انصاف ٿيندو. عيساڻي صاحب فرض شناس آفيسر هو، جنهن ستن ڄڻن کي 7_7 سال ٽيپ سزا ڏياري. پر جيئن ته پنهور غريب ماڻهو هُئا ۽ سندن ڪا خاص پُٺڀرائي ڪون هئي، جنهن ڪري اُنهن غريبن کي هيسائي، جُهڪائي لکائي ورتائون ته اسان پاڻ ۾ ٺهي ويا آهيون ۽ بِلوءَ کي گولي اتفاقي لڳي هُئي. نتيجي طور ٽن سالن بعد قاتل آزاد ٿي ويا ۽ بِلو جو خون به ٻين خونن وانگر لُڙهي ويو.
    شهيد بِلوءَ جي آخري آرام گاهه درگاهه شاهه ڪريم جي در وٽ اُتر پاسي واقعي آهي، سندس نالي کورواهه ويندڙ روڊ ۽ چوڪ منسوب ٿيل آهن.


    قومي تحريڪ جو جَرڪندڙ ستارو : شهيد سڪندر سومرو

    ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چاهيندي به لکي يا ڳالهائي ناهي سگهندو. لفظ به هوندا آهن، ماحول به هوندو آهي، موقعي جي مناسبت به هوندي آهي، پر پوءِ به ماڻهوءَ جو من ويڳاڻو ۽ منتشر هوندو آهي. منهنجي به طبعيت ڪُجهه اهڙي آهي، جو پاڻ کان مٿانھين شخصيت تي نه لکي سگهندو آهيان ۽ نه ڳالهائي سگهندو آهيان. اڄ به منهنجي ڪيفيت ڪجهه اهڙي آهي، جنهن ماڻهوءَ تي آئون لکڻ ويٺو آهيان، ان جي شخصيت ايڏي ته قداور آهي، جو منهنجو قلم ان سان انصاف ڪري سگهي الاءِ نه؟ هيءُ ماڻهو اسان جو يار سڪندر سومرو آهي. جنهن کي سڄي سنڌ پورهيت سنگت جي اڳواڻ طور سُڃاڻي. هُو نه صرف سنڌي ’پورهيت سنگت‘ جو عهديدار هو، پر پاڻ به پورهيت هو. جنهن جي سڄي زندگي پورهيا ڪندي ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گُذري.

    سڪندر سومري 2 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حاجي خان سومري، تعلقي ميري خان، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو. اسڪول کي خيرآباد چئي، والد سان گڏ دڪان تي سندس هٿ ونڊائيندو هو. ان بعد مزدوريءَ جي سلسلي ۾ ايران ويو، جتي ڪُجهه وقت پورهيو ڪيائين، پر کيس سنڌ جي اهڙي ته سِڪ ستايو جو، جلد ئي موٽي آيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري ۾ ڪينٽين کوليائين. اُن وقت شاگرد سياست عُروج تي هئي، ڪينٽين تي روزگار دوران، قوم پرست شاگردن سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيائين. نوجوانن جو جذبو ڏسي سندس دل ۾ ڌرتيءَ جو درد جاڳيو ۽ هيءَ به نوجوانن سان سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. پوءِ جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي تنظيم سنڌي پورهيت سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي پورهيتن جي مسئلن لاءِ جاکوڙڻ لڳو. مختلف صنعتي ادارن، ڪارخانن، شگر ملن، فيڪٽرين ۽ ٻين هنڌن تي جيڪي به مزدورن جا مسئلا ٿي رهيا هئا، انهن جي حل لاءِ ’پورهيت سنگت‘ تحرڪ وٺي رهي هئي. کيس شمسي توانائيءَ واري کاتي ۾ سرڪاري نوڪري به ملي، تڏهن به پورهيتن لاءِ هلندڙ جدوجهد کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنائين. سرمائيدارن سان ٽڪراءَ سبب ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو، اذيتون برداشت ڪيائين، پر ڪڏهن به نه جُهڪيو ۽ نه ڪا مصلحت ڪيائين.

    جڏهن جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو ته ان جي ذيلي تنظيم ’جيئي سنڌ پورهيت سنگت‘ جو کيس مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو. ڪُجهه وقت بعد پورهيت سنگت کي ڇڏي، جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ ان جو مرڪزي عهديدار ٿيو. سڪندر هڪ ئي وقت پورهيو به ڪندو هو ته سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. سياست ۾ سرگرم هئڻ سبب مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا. کيس ’جسمم‘ جي مرڪزي اڳواڻ اصغر شاهه سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد مان سندس گرفتاري ظاهر ڪري، کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. هي جيل ۾ هو ته سندس ڪيس هلڻ شروع ٿيو ۽ عدالت کيس با عزت بري ڪري ڇڏيو. هو جيئن ئي جيل جي مُک دروازي مان ٻاهر نڪتو ته اهلڪارن هٿان ٻيهر کنڀجي ويو ۽ ڏهن مهينن تائين تحويل ۾ رهيو. مٿس تمام گهڻو تشدد ٿيو، ڏهه مهينا ٽارچر سيل ۾ رکڻ کانپوءِ ڪڍڻ ٿاڻي تي نواز خان زئور سان گڏ ظاهر ڪيو ويو. هن تي ايترو ته تشدد ڪيو ويو هو، جو سندس پيارو دوست نواز خان زئور پهرين نهار ۾ سُڃاڻي نه سگهيو هو. پهريان کيس ضلعي جي سول عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان بعد کيس ٻه سال سزا ڏئي سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جيل ۾ هو ته مٿس هڪ ڪيس هليو، جنهن مان باعزت بري ٿيو، ٻن سالن تائين جيل ڪاٽي 31 ڊسمبر 2005ع تي آزاد ٿيو. ٽارچر ٿيڻ ڪري جسماني طور ڪـمـزور ٿي ويو هو ۽ کيس ڪيتريون بيماريون ٿي پيون هُيون، کيس راجپوتانه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان ۽ سندس ساٿين کي رياست بيدرديءَ سان شهيد ڪيو هو، جڏهن سڪندر جي ڪنن تي اها درد ڀري خبر پهتي ته هن جو جيءُ جُهري پيو هو، سڪندر کي سرائي ۽ رُوپلي جي شهادت تمام وڏو صدمو پهچايو هو، جنهن ڪري هيءُ تمام گهڻو بيمار ٿي ويو ۽ 23 اپريل 2011ع تي راجپوتانه اسپتال جي I . C . U وارڊ ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو ۽ وڃي پنهنجي شهيد ساٿين سان مليو.

    زندگي! بهرحال زندگي آهي، ان کي ماڻهو جھڙي نموني وڻي گذاري. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي بي مقصد زندگي گذاريندا آهن، پر هيءُ اسان جو يار، جنهن جي زندگيءَ ۾ ته مقصد ئي مقصد هئا، هن جي لاءِ موت بي مقصد هو ۽ موت جهڙي شيءِ کي هن ڪڏهن ڪا اهميت نه ڏني. هيءُ چوندو هو ته موت اچڻو آهي، ۽ ضرور ايندو: پوءِ ان کان ڀڄبو ڪيترو! ان جي مُرڪي آجيان ڪبي، ۽ زندگي جدوجهد جو نالو آهي، جنهن ۾ محبت جا ڪيترائي سنگيت سُر ڇڙندا آهن، جيڪي عشق جي آلاپ ۾ ايترو ته مَحو ڪري ٿا ڇڏين، جو جسماني لذتون ئي وسري ٿيون وڃن ۽ ماڻهوءَ روحاني ۽ حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿيو وڃي. واقعي سڪندر پنهنجي سموري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. جدوجهد به اهڙي، جنهن ۾ عشق ئي عشق هجي. هن جي سامهون جڏهن ٽارچر سيل ۽ سچ پترا به آيا ته هن اُن جي چُميءَ جي چاشنيءَ سان آجيان ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي گود کي پنهنجي ماءُ جي گود سمجهيو ۽ جيل جي لوهي سلاخن، هٿ ڪڙين ۽ ڏنڊا ٻيڙين کي پنهنجي محبوبه جي ٻانهن جو هار سمجهي قبول ڪيو. هن کي جڏهن اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي وحشي درندا بيدرديءَ سان کنيو پئي ويا، ان وقت به هن انهي ڪاريءَ چادر جي پويان پنهنجي وشال اکين ۾ ڌرتيءَ جو تصور ڪيو هو، جيڪا هن کي محبوبه کان وڌيڪ خوبصورت لڳي هئي ۽ هيءُ مرڪي پيو هو. هن جي اها مرڪ انهن وحشي درندن کان ڪٿي ٿي برداشت ٿئي، جيڪي سنڌي ماڻهن جي مُرڪن تي صدين کان سنگينون تاڻي بيٺا آهن. پوءِ به هيءُ ارڏو انسان پنهنجي چپن تي اها لازوال مُرڪ برقرار ٿو رکي. رياست جو ٽارچر سيل: جتي نه قلم جي سهوليت هجي ۽ نه ڪاغذ جي، اُتي ههڙو ماڻهو پنهنجي دردن ۽ عشق جي اظهار لاءِ نئون رُوپ اختيار ٿو ڪري. انهيءَ نئين رُوپ ۾ هي وڏي آواز سان ڀٽائي ۽ اياز جي شاعريءَ کي رِڌم سان ڳائڻ شروع ٿو ڪري، ته انهيءَ ٽارچر سيل جي ديوارن جا ڪنگرا لُڏڻ ٿا لڳن، ۽ هُو ڀاڙيءَ جا دلال هن جي مٿان آڪڙجي ٿا پون ۽ هن کي بندوق جي ڪُنداقن سان اڌ مئو ڪري ٿا ڇڏين. وحشياڻي تشدد سبب هي بيهوش ٿي ٿو وڃي؛ پوءِ به هن جي چَپن تي اها سدا بهار ۽ لازوال مُرڪ برقرار ٿي رهي. هن جي اها مُرڪ ئي هئي، جيڪا هنن کي ڪمزور ڪندي هئي. مون کي ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايو هو ته سائين جي.ايم.سيد جي چپن تي آخري وقت به اها مُرڪ قائم هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ رياستي دلالن 33 سال کيس اذيتون ڏنيون هيون.

    سڪندر سومرو جڏهن انهن جي چنبي مان آزاد ٿي موٽي ٿو، ته هن جي ذهن جي اسڪرين تي اهي سمورا دوست تري ٿا اچن. جن سان هن احتجاجن، مظاهرن کان ويندي مچ ڪچهريون ۽ طويل سفر ڪيا هئا: ۽ هيءُ هر اُن دوست وٽ وڃي ٿو. ملاقات ڪري ٿو، دل کولي ڪچهريون ڪري ٿو. هن جي ڪچهرين جو محور وري به سنڌ هجي ٿي، توڙي جو هيءُ معاشي طرح بدتر زندگي گذاري ٿو، نوڪري ختم ٿي ٿي وڃي، ٻارن جي پڙهائي بند ٿي ٿي وڃي، پوءِ به هن کي نه گهر جو اونو، نه ٻارن جي ڳڻتي. هن کي ڳڻتي آهي ته صرف سنڌ جي، هن سنڌ کي آزاد ۽ خوشحال ڏسڻ پئي چاهيو. هيءُ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻه، ٽي ڀيرا مون وٽ آيو هو، هيءُ جسماني طور ته صفا ڪمزور ٿي ويو هو، ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون هئس، پر هن جو سنڌ سان عشق نه ڪمزور ٿيو هو ۽ نه پوڙهو. هن جي آواز جي اها سگهه ته دٻجي وئي هئي، پر هن جي آواز ۾ درد جي جَهلڪ اڃا به برقرار هئي. هن جي ٽهڪن جي گُونج ته ختم ٿي وئي هئي، پر هن جي ٽهڪن جو رِڌم اڃا به ساڳيو هيو. سڪندر سڀني دوستن وٽ ويو، ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪيائين، پر بيحسيءَ جي انتها اها آهي، جو هن فقير منش ماڻهوءَ کي آخري وقت ۾ ڪافي دوست ڇڏي ويا هئا؛ پوءِ به هيءُ ڪڏهن ڪنهن کي ميار نه ڏيندو هو. هن جيترو عرصو به سياست ڪئي، سچائي ۽ عشق جي جذبي سان ڪئي. ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي، جيڪو هن جي سنڌ دوستيءَ جو انڪاري هجي، يا هن کان سنڌ دوستيءَ جو ثبوت گهري. هن جي زندگيءَ جو اهم مقصد سنڌ، سيد، سنڌي قوم ۽ انهن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ جاکوڙڻ هو؛ ۽ هيءُ انهي ئي سچائي ۽ عشق سان سڀني سان نڀاءُ ڪري ويو ۽ پويان ڇڏي ويو، ته صرف اهو عظيم مقصد، عظيم خواب ۽ انهيءَ عظيم مقصد جا نه کٽندڙ پوئلڳ. سڪندر سومري جو موت فطري نه هو، بلڪه هن جو موت وحشياڻي تشدد سبب ٿيو هو: ۽ هن اُهو تشدد سنڌ ماءُ جي آزاديءَ خاطر سٺو هو، جنهن ڪري سڪندر به سنڌي قوم جي نظر ۾ شهيد آهي ۽ شهيد ڪڏهن به مرندا نه آهن، شهيد زندهه هوندا آهن. سڪندر جو فطري وڇوڙو ته ضرور ٿيو آهي، پر هُو سنڌ جي سيني ۾ هميشه ڌڙڪندو رهندو.


    مون ڌرتيءَ تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا! : شهيد ذوالفقار ڪولاچي

    سج سڄو ڏينهن ڌرتيءَ کي روشن رکي، شام جو لهڻ لڳو ته آخري حسرت ڀري نگاهه ڌرتيءَ تي وجهندي پُڇيائين، آهي ڪو اهڙو جيڪو منهنجي لهي وڃڻ کان پوءِ هن ڌرتيءَ کي روشن رکي سگهي؟ اُن وقت هڪ ڪکائين جُهوپڙيءَ مان مٽيءَ جو ڏيئو ڀڙڪو ڏيئي ٻريو ۽ چيائين ته آئون ڪوشش ڪندس. (رابندر ناٿ ٽئگور)
    سنڌ جي قومي تحريڪ به اُن مٽيءَ جي ڏيئي وانگر آهي، جنهن کي هن ڌرتيءَ جي ڪُونڌر پُٽن پنهنجي رت جو تيل ڏئي روشن رکيو آهي ۽ وسامڻ ناهي ڏنو. اهڙن ڪُونڌر پُٽن ۾ شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ جو نالو به فخر سان لکرائي سگهجي ٿو. ذوالفقار ڪولاچي موهن جي دڙي جي مٽِيءَ جو خمير هو، جنهن موهن جي دڙي جي تاريخي ۽ تهذيبي حيثيت بحال رکڻ لاءِ پنهنجي جان جو دان ڏنو. ذوالفقار ڪولاچي هڪ پورهيت پيءُ جو پُٽ هو، جنهن ڪري نه سندس پرورش شاهاڻي نموني ٿي هئي ۽ نه ئي سندس تعليم ڪنهن برائيٽ فيوچر جهڙن ادارن مان ورتل هُئي، پر هن موهن جي دڙي جي مٽيءَ کان گهڻو ڪُجهه سِکيو هو. سنڌ جي تهذيب موهن جي دڙي جي وِٿن کان هن گهڻو ڪُجهه پِرايو هو. هن شهر, هن ٻالڪ جي ذهن تي ڪيترائي اثر ڇڏيا هئا، جيڪي جوانيءَ سان گڏ سندس اندر ۾ شعوري سگهه ڌاري چُڪا هئا. هُو ننڍپڻ ۾ اڪثر موهن جي دڙي بابت سوچيندو هو ۽ اُن دڙي مان مليل شاهوڪار تهذيب جاعڪس ڏسي ۽ موجودهه دور جي حالتن جي ڀيٽ ڪندي هُو جوان ٿيو هو، پر هن جي جوان ٿيڻ سان ذهن ۾ متل مانڌاڻ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو هو، پر هو ڪُجهه به سمجهي نه سگهيو هو ته آخر هن خوشحال ڌرتيءَ جا ماڻهو ايترا ڏکيا ڇو آهن. پر پوءِ هي جڏهن هاءِ اسڪول جي تعليم پوري ڪري ڪاليج ۾ پهتو هو ته هن کي سائين جي.ايم سيد جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا هئا، جن مان کيس سمورن سوالن جا جواب مليا هُئا، جن کيس مڪمل باغي بڻائي ڇڏيو هو. هي باغي صرف ۽ صرف پنهنجي ڌرتيءَ جي سُک لاءِ بڻيو هو.
    ذوالفقار ڪولاچي، پهرين جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ڀرسان، سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾، الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سيهڙ اسٽيشن جي پرائمري اسڪول مان پرائي، جنهن بعد سيهڙ وليج جي مڊل اسڪول ۾ اٺين درجي تائين پڙهيو. ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهائيءَ جي سهوليت نه هئڻ ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. هن انٽر جو امتحان به ڏوڪري سائنس ڪاليج مان پاس ڪيو، ان بعد ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن ڪيائين. ذوالفقار ڪولاچي تعليم مڪمل ڪري روزگار سانگي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي مختلف مزدوريون ڪيائين، ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن ٺيڪيداري به ڪئي. ليبر فورمين به ٿيو ۽ مزدورن جي نگراني ڪرڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ هن مزدورن جي حقن لاءِ ڀرپور جاکوڙيو، هن مزدورن ۾ تمام گهڻو اُتساهه پيدا ڪيو ۽ گڏو گڏ هن قومي فرض به بخوبي نڀايا ته گهر جي وڏي جي حيثيت سان هن گهرو ذميداريون به خوب نڀايون. ذوالفقار ڪُل وقتي ڪارڪن ته هُيو ئي، پر جڏهن تنظيم ’جسقم‘ مٿس ڪراچيءَ ۾ ميمبرشپ جون ذميواريون رکيون ته هن ڏينهن رات محنت ڪري، ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ وڌ کان وڌ ميمبرشپ ڪئي. مون کي نواز چانڊيي ٻڌايو ته ذوالفقار کي سنڌ جو اهڙو ته عشق لڳل هو، جو سندس ته ننڊون حرام هونديون هيون، پر اسان کي به سُمهڻ نه ڏيندو هو، ماني به وقت تي مشڪل سان کائيندو هو. اهڙيءَ طرح هن سياسي، سماجي ۽ خانداني ذميداريون به پنهنجو فرض سمجهي نڀايون.
    ذوالفقار پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ’جيئي سنڌ لطيف سنگت‘ کان ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) سان لاڳاپجي ويو. هن شاگرد سياست دوران پنهنجي هڪ جدا حيثيت ٺاهي، هن شاگردن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيو ۽ انتظاميا پاران شاگردن جي فنڊس ۾ لڳندڙ گهوٻين خلاف آواز اُٿاريو، هن ڪاليج ۾ شاگردن لاءِ الڳ لئبريري قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ڪمپيوٽر ليب ۽ ٻين جائز سهوليتن لاءِ انتظاميا کي مجبور ڪيو، جنهنڪري مقامي سطح تي هر ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. ذوالفقار گريجوئيشن مڪمل ڪري شاگرد سياست (جساف) مان نڪري مڌر پارٽيءَ (جسقم) ۾ شامل ٿيو. جتي جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر هئڻ سان گڏ، مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪيائين. ذوالفقار ڪولاچي ڪُل وقتي ڪارڪن هو ۽ سائين جي. ايم سيد جو فڪري پيروڪار هو. هن جسقم ۾ رهندي ڪيترائي ڪامياب جلسا ڪوٺايا ۽ ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال خلاف ٿيندڙ ڪيترن ئي احتجاجن، مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي. جڏهن ’جسقم‘ ٻن ڌڙن ۾ ورهاڻي ته ذوالفقار ڪولاچي جسقم آريسر سان شامل رهيو. جتي پهريان ڪلچرل سيڪريٽري ۽ پوءِ پريس سيڪريٽري طور ذميداريون نڀايائين. هي جيئن جيئن سياست ۾ سرگرم ٿيندو ويو، تيئن ڳُجهن ادارن جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. ڳُجهن ادارن جا اهلڪار ڪيتري وقت کان سندس پيڇو ڪري رهيا هئا. نيٺ 31 ڊسمبر 2005ع تي ذوالفقار ڪولاچي ۽ نواز خان زئور نوجوان شاعر امتياز دانش جي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ٻولهاڙي اسٽيشن تان قانون نافذ ڪندڙ ادارن کين گرفتار ڪيو. مٿس سخت تشدد ڪيو ويو ۽ سياسي سرگرمين تان هٿ کڻڻ لاءِ زور وڌو ويو. سندن گرفتاريءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن مهينن کان پوءِ گهاري ويجهو ڳوٺ سلطان آباد وٽ کيس ڇڏيو ويو، پر نواز خان زئور وٽن باندي رهيو.
    ذوالفقار جيئن آزاد ٿي ٻاهر آيو ته هن نواز خان زئور جي گرفتاريءَ خلاف ڀرپور آواز اٿاريو، هن جون سرگرميون بجاءِ گهٽجڻ جي وڌنديون ويون. جڏهن ڪن نام نهاد پنجابين ڪراچيءَ جي گُلشن حديد واري علائقي ۾ قومي جهنڊي جي بي حرمتي ڪري لاٿو هو ته ذوالفقار، سرائي قربان، روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ڪارڪنن جي قافلي جي صورت ۾ ساڳئي هنڌ تي قومي جهنڊو جُهولائڻ لاءِ پهتا ته پنجابين جي سرپرستي ڪندڙ پوليس اهلڪارن، مٿن لاٺي چارج ڪئي، جنهن ۾ روپلي چولياڻيءَ کي مٿي ۾ ڌڪ به لڳو، ان دوران هي نهايت ئي بهادريءَ سان وڙهيو ۽ پوليس کيس گرفتار ڪيو. مٿس بي تحاشا تشدد ڪيو ويو ۽ 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو، جتان ضمانت تي آزاد ٿيو. ان کان پوءِ به هو ڪيترا ڀيرا گرفتار ٿيو. اهڙيءَ طرح قومي سياست کي ڪراچيءَ ۾ متحرڪ ڪرڻ ۾ ذوالفقار ڪولاچي تمام گهڻي محنت ڪئي.
    جڏهن سرائي قربان کهاوڙ جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۾ شموليت ڪئي ته ذوالفقار ڪولاچي به سندس ساٿي بڻيو ۽ ’جسمم‘ جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جسمم ۾ شموليت کانپوءِ ذوالفقار اڃا وڌيڪ متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو، ان دوران به قانون نافذ ڪندڙ ادارا سندس پٺيان رهيا: ڪيترا ئي ڀيرا مٿس حملو ڪيو ويو، پر قسمت سندس ساٿ ڏيندي رهي. آخر 5 مارچ 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺل هو ته مٿس دستي بم سان حملو ڪري، کيس شهيد ڪيو ويو، ساڻس گڏ گهر ۾ موجود ٻه ڀائر صدرالدين ۽ اسماعيل عرف ڏاڏو ڪولاچي به شديد زخمي ٿيا. هن موقعي تي پوليس رياست جي ونگار وهندي، ذوالفقار جي ٻن زخمي ڀائرن کي گرفتار ڪري مٿس دهشتگرديءَ جو الزام مڙهي جيل موڪلي ڇڏيو، جيڪي اڃا تائين جيل ۾ آهن. سرائي قربان کهاوڙ سندس مڙهه ڪراچيءَ کان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن کڻائي ويو، جتي هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    کيرٿر جي پُٺيان ڪائي چِنگهاڙ آ : شهيد رُوپلو چولياڻي

    رُوپلي جو ٻيو جنم، هُيو ’چولياڻي‘
    اڃا سنڌياڻي، ڪئين ڄڻيندي رُوپلا!
    (آسي زميني)

    شيخ اياز جي شاعريءَ جهڙي ڳڀرو رُوپلي چولياڻيءَ جو جنم وارهه جي چولياڻين جي، انهيءَ خاندان ۾ ٿيو هو، جيڪو ماضيءَ کان وٺي، ڪيترين شورشن سان منهن ڏيندو آيو هو ۽ ڌرتيءَ جي دنگ جي حفاظت لاءِ سندس وڏا ويڙهه ۾ وڙهندي شهيد ٿيا هئا. انهيءَ خاندان جي چشم چراغ عبدالجبار چولياڻي، جڏهن باشعور سنڌ ۾ اک کولي ته هُن سڀ کان پهرين پنهنجو نالو مٽائي رُوپلو رکيو، جنهن لاءِ سنڌ جو نامور ڪالم نگار اعجاز منگي لکي ٿو ته: سنڌ لاءِ سَتي ٿي سڙيل رُوپلو چولياڻي، جنهن جي نالي تي غور ڪيو وڃي ته ماڻهو حيران ٿي ويندو! ڪيڏانهن ٻروچ ذات جو ’چولياڻي‘ همراھ ۽ ڪيڏانهن غير مسلم ذات جو اهو ڪردار، جيڪو برهمڻ به نه هو، ويش به نه! پر غير مسلم ذاتين ۾ سڀ کان ڪمتر ذات ’ڪولهي‘ جاتيءَ جي فرد ’رُوپلي‘ جو نالو پاڻ تي رکڻ لاءِ پنهنجن مائٽن جي نالي تان دستبردار ٿيڻ وارو عمل تمام وڏو انقلابي عمل آهي. اهو نوجوان جيڪو پاڻ کي سنڌ جي محبت ۾’رُوپلو چولياڻي‘ ڪوٺرائيندو هو، تنهن ڄڻ ته هڪ زندگيءَ ۾ ٻيو جنم ورتو هو.
    رُوپلو چولياڻي واقعي ’روپلي ڪولهيءَ‘ جو ٻيو جنم هو. شهيد رُوپلي جي اها پهرين بغاوت هئي، جو هُن پنهنجو نالو مٽائي سنڌ جي سُورمي سان منسوب ڪيو، رُوپلو نه صرف پنهنجي مائٽاڻي نالي تان دستبردار ٿيو هو، پر هن ان وقت ڪارونجهر تي وڃي رُوپلي ڪولهيءَ جي شهادت واري هنڌ تي قومي جهنڊو جهولائي وچن ڪيو هو ته رُوپلا هي سر به سنڌ لاءِ قربان ٿيندو ۽ اڳتي هلي پاڻ به سنڌ جي سورمن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي اَمر ٿيو.
    روپلو چولياڻي، ڳوٺ شمون خان چولياڻيءَ (تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ) ۾، عبدالستار چولياڻيءَ جي گهر ۾، 23 سيپٽمبر 1975ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول گل ٻرڙي مان حاصل ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه مان مئٽرڪ ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان سوشل ورڪ ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. اسڪول جي زماني کان ’لطيف سنگت‘ جي پليٽفارم تان شاگرد سياست جي شروعات ڪيائين ۽ اڳتي هلي ان جو مرڪزي اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، (جساف) سنڌ يونيورسٽيءَ جو آرگنائيزر، جنرل سيڪريٽري، صدر ۽ بعد ۾ مرڪزي نائب صدر ٿيو ۽ 9-2008ع دوران مرڪزي صدر رهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جي جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. هن جو واسطو ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ (آريسر) سان هو ۽ آخري ڏهاڙن ۾، 2010ع کان جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ هن تنظيم جو پهريان مرڪزي ماليات سيڪريٽري ۽ شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ جي شهادت کانپوءِ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري به رهيو. رُوپلو ڪيترو وقت جيل ۾ به رهيو. هو جوشيلو ورڪر ۽ ’فڪر جي. ايم. سيد‘ جو سچو پرچارڪ هو.
    هن جي خاندان ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هڪ بهادر شخص ٿي گذريو آهي، جنهن مدد خان پٺاڻ سان وڙهندي، شهادت ماڻي هُئي. روپلي جي ڏاڏي شمون خان ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ جيل به ڀوڳيو هُئائين. رُوپلو جڏهن اڃا ٻالڪپڻ جا ڏاڪا چڙهي رهيو هو ته هن پنهنجي وڏڙن جي همت ۽ بهادريءَ جا سبق پڙهڻ شروع ڪيا هئا، جيڪي سندس ذهن تي نقش بڻجي چِٽجي ويا هئا.
    اهڙيءَ طرح هي جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهچي ٿو ته هن جي اندر ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ بغاوت ڀڙڪو ڏئي اٿي ٿي ۽ رُوپلو سنڌ جو حقيقي آواز بڻجي اُڀري ٿو. 1996ع ۾ جڏهن اُن وقت جو وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه سنڌ يونيورسٽي اچي ٿو ته هي اُن جي اڳيان شاگردن جا مسئلا رکي ٿو، اُن وقت وڏي وزير جي حفاظت لاءِ گڏ آيل ايس.پي قومي تحريڪ کي گار ڏئي ٿو، جنهن تي رُوپلو اُن ايس. پي کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو. نتيجي طور کيس پوليس جا ڪارندا بندوق جي ڪُنداقن سان مرڻينگ ڪري، گرفتار ڪن ٿا ۽ 9 مهينا سزا ڏئي کيس ناراجيل حيدرآباد موڪليو وڃي ٿو. جتي سندس ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن سان بحث مباحثا ٿين ٿا ۽ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو. رُوپلو سائين جي. ايم سيد جا ڪتاب پڙهي اڃا وڌيڪ پُختو ۽ بردبار ٿي وڃي ٿو. روپلو جڏهن 9 مهينن جي سزا ڪاٽي ٻاهر اچي ٿو ته اڃا وڌيڪ سرگرميءَ سان سياست ڪرڻ لڳي ٿو . نتيجي طور کيس شاديءَ جي سترهين ڏينهن ٻيهر گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ 14 مهينا سزا ڏئي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو وڃي ٿو، جتي کيس هر طرح جون اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، مٿس بي تحاشا تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ دوستيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ زور وڌو ٿو وڃي، پر هي مانجهي مُڙس، هُنن جي اڳيان جُهڪڻ بجاءِ وڏي آواز سان للڪار ٿو ڪري ته توهان ڪانئر آهيو، گيدي آهيو، بزدل آهيو، ڀاڙيءَ جا غلام آهيو. توهان هن سرڪش نوجوان جو ڪنڌ ڪپي ته سگهو ٿا، پر جُهڪائي نٿا سگھو. هي سِر صرف ۽ صرف سنڌ لاءِ جُهڪندو.اهڙيءَ طرح هي جڏهن به جيل جي سلاخن کان ٻاهر اچي ٿو ته هر ڀيري هن جو عشق پُختو نظر اچي ٿو ۽ هي اڳي کان به اڳرو ٿي سامهون اچي ٿو. رُوپلو سنڌ جي عشق ۾ اهڙو ته رَچي ريٽو ٿيو هو، جو هن کي سنڌ کانسواءِ ٻيو ڪُجهه به نظر نه ايندو هو.
    رُوپلي ڪڏهن به پنهنجي برادريءَ جي جهيڙن ۾ حصو نه ورتو غير تڪراري رهيو. اهو ئي سبب هو جو چولياڻين جي دشمن مخالفن ڪڏهن به رُوپلي جو رستو نه روڪيو ۽ ڪڏهن به رُوپلي جي مٿان ڪيس وغيره داخل نه ڪرايو. هڪ ڀيري سندس چاچي مُنير چولياڻي چيو، روپلا تون سنڌ ڀلي آزاد ڪراءِ، پهرين اسان جي هنن قبيلائي جهيڙن مان جان ڇڏاءِ، ته روپلي ٺهه پهه وراڻيو هو: منير خان! اهي قبيلائي جهيڙا تون سنڀال، منهنجو ته سِر سنڌ تان صدقو ٿيندو. آءُ سنڌ جي جنگ وڙهندس، سنڌ جي دشمن سان جهيڙيندي شهيد ٿيندس، پنهنجي سنڌي ماڻهن سان وڙهڻ روپلي جو وڙ ڪونهي. اُن مان رُوپلي جي سنڌ سان سچائيءَ جي پرک ڪري سگهجي ٿي. رُوپلو هڪ جوشيلو مقرر به هو، هي جڏهن به پنهنجي جذباتي انداز سان حسن مجتبيٰ جي هن نظم سان تقرير شروع ڪندو هو ته پنڊال کي پنڊپهڻ بڻائي ڇڏيندو هو.
    کير ٿر جي پُٺيان ڪائي چِنگهاڙ آ
    جي ٻڌو ٿا پيا
    پوءِ ماٺار ڇو؟
    ڪن لاٽار ڇو؟
    اڄ ته منڇر مٿان
    موت ماريءَ سندا
    ڏينهن ٿورڙا بچيا
    هن جي پنجوڙ ۾
    شينهن ٿورڙا بچيا
    اڄ ته واڪا ڪريو
    ڪي ڌماڪا ڪريو
    هر زندان جي
    اُوچي ديوار کي
    هٿ گرنيڊ سان
    يار ڊاهي ڇڏيو
    ملڪ باهي ڇڏيو
    ديس جي دانهن تي
    ڄڻ کنيل ٻانهن تي
    رت جي راند سان
    پاند پنهنجو پُسي
    ڪا نه گولي گُسي
    ڪا نه گولي گُسي
    روپلي چولياڻي جيترو وقت به سياست ڪئي، اُصولن واري سياست ڪئي. هي جڏهن شاگرد سياست ۾ سرگرم هو ته هن شاگردن جي مسئلن لاءِ جاکوڙيو ۽ انتظاميا سان ٽڪراءَ ۾ آيو، جنهن جي بدلي ۾ کيس هڪ سال لاٰءِ يونيورسٽي انتظاميا ريسٽيڪيٽ به ڪيو. شاگرد سياست کانپوءِ جڏهن مرڪزي سياست ڪرڻ لاءِ جسقم ۾ شامل ٿيو، تڏهن به هن مادر وطن سنڌ جي سياست ڪئي. هن ڪٿي به پنهنجي دامن تي داغ لڳڻ نه ڏنو. رُوپلو عبدالواحد آريسر کي تمام گهڻو ويجهو رهيو ته بشير خان به کيس ڀائيندو هو. رُوپلو جيڪو عبدالواحد آريسر کي ’ابو‘ ۽ آريسر جي گهرواريءَ کي ’امڙ‘ ڪوٺيندو هو، اهو جڏهن عملي سياست جي ميدان ۾ لٿو ته هو سياسي طور آريسر کان به الڳ ٿي ويو، پر هن جا آريسر ۽ سندس گهر وارن سان تعلقات اهي ئي پُٽ وارا رهيا. روپلو رشتا ٺاهڻ به ڄاڻندو هو ته اُن جو نڀاءُ ڪرڻ به ڄاڻندو هو.
    رُوپلي جو سائين جي. ايم سيد سان رُوحاني عشق هو، هو جڏهن شهادت کان پهرين گهران موڪلائي نڪتو هو ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ عامر کي گُهرائي وصيت ڪئي هُئي ته: بابي کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ قبرستان سان پيار آهي، مان بيشڪ سنڌ لاءِ شهيد ٿيندس. ڏس! متان بابو ضد ڪري ته رُوپلي کي ڏاڏي شمون خان جي ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ رکو، مون کي سائين جي. ايم سيد سان حقيقي عشق آهي، مون کي سن ۾ سائين جي. ايم سيد جي پيراندي کان دفنائجو. ڇو ته مان سن جي اُمانت آهيان، منهنجي دوستن جو خيال رکجو ۽ هر حال ۾ ساڻن نڀائجو.
    رُوپلو چولياڻي 21 اپريل 2011ع تي پنهنجي دوستن سرائي قربان کهاوڙ، نورالله تنيي ۽ هڪ ساٿي نادر بُگٽيءَ سان تنظيمي دوري جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هو ته سانگهڙ_کپري روڊ تي باکوڙي موريءَ وٽ رياستي دهشتگردن مٿس حملو ڪري، پهريان گولين جا برسٽ هڻي شهيد ڪيو، بعد ۾ ڪيميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جا هي ڪونڌر پُٽ سرائي قربان ۽ رُوپلو هڪ ساٿي سميت شهيد ٿي ويا ۽ نورالله تنيو شديد زخمي ٿي پيو. مقامي ماڻهن موجب ته گاڏيءَ مان ڪيتري دير تائين آزاد سنڌوديش جا نعرا گُونجي رهيا هئا. نورالله تنيي موجب اُهي نعرا شهيد رُوپلو شهادت کان پهرين هڻي رهيو هو. اهڙي ريت رُوپلي سيد ۽ سنڌ سان ڪيل قول پورو ڪيو ۽ شهيد ٿي سرهو ٿيو. سندس آخري مڙهه سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان پهريان اباڻي گهر ۾ آندو ويو، ان بعد هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان سن ۾ آڻي، قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، قومي تراني جي گُونج ۾ سائين جي. ايم سيد جي قدمن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ اهو قبرستان قومي ڪارڪنن جي قبرستان جي نالي سان منسوب ٿي چُڪو آهي ۽ باکوڙي موريءَ وٽ شهيدن جو يادگار جوڙايو ويو آهي، جتي هر سال هزارين ڪارڪنن جو قافلو مٿس گُلن جي ورکا ڪرڻ ويندو آهي. رُوپلي ۽ سرائيءَ جي هن شهادت سنڌ جي سُتل شعور کي جهنجهوڙي جاڳايو. ڪيترائي ڏينهن سنڌي ماڻهن پنهنجا ڪاروبار بند رکي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سنڌ جي ساڃاهوند قلمڪارن ڀرپور ڪالم لکيا، ڪيترن ئي شاعرن جي دلين مان شاعري درد جي دانهن بڻجي نڪتي، ڪيترين اخبارن ايڊيٽوريل لکيا ۽ مٿس هڪ قومي ڪارڪن هڪ ڪتاب ”تنهنجو رت ڪهاڻي ٿيندو“ مرتب ڪري ڇپايو، جيڪو ان وقت جي باشعور ماڻهن جو تڪڙو ردِعمل هو.


    اڳيان اَڏِين وٽ، پَوين سِر سَنباهِيا! : شهيد نور ا لله تُنيو

    نُورالله تنيو، جنهن جي وات مان اڃا ماءُ جي ٿڃ سُڪي ئي نه هُئي ته اُن کان وڌيڪ امڙ ڌرتيءَ جي ٿڃ ملهائڻ لاءِ نڪري پيو. سنڌ جون مائرون پنهنجي ٻچن کي لولي ڏيڻ مهل اهو نه آهن چونديون ته منهنجو پُٽ وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندو، انجنيئر ٿيندو، بلڪه اهو سبق پڙهائينديون آهن ته منهنجو پُٽ وڏو ٿي هوشو ٿيندو، هيمون ٿيندو، دريا خان ٿيندو. ننڍپڻ ۾ ٻارن کي پڙهايل پنهنجي امڙين جو اهو سبق هميشه انهن ٻارڙن جي ذهن تي نقش ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن اهي ٻار وڏا ٿيندا آهن ته انهيءَ لوليءَ جو سڏ ورنائڻ خاطر ميدان ۾ لهي پوندا آهن. نُورالله تنيو به اهڙن نوجوانن مان هڪ هو، جيڪو پنهنجي امڙ جو سڏ وَرنائيندي شهادت جهڙي عظيم رُتبي کي پُهتو.
    نُورالله تنيو عُمر جي لحاظ کان شهيد هيمون ڪالاڻي ۽ ڀڳت سنگهه جو تسلسل آهي، جن کي شهيدن جي ٽِمورتي به چئي سگهجي ٿو. ڇو ته ٽنهيءَ ۾ هڪجهڙائي اها هئي ته ٽيئي پنهنجي پنهنجي وطن جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندي شهيد ٿيا هئا ۽ ٽيئي ڀرپور جوانيءَ ۾ شهيد ٿيا هئا. وڏي ڳالهه اها آهي ته ٽيئي وڏي بهادريءَ سان وڙهيا هئا ۽ للڪار ڪري وڙهيا هُئا.
    هوشو هڪ هُيو، هر هڪ هوشو آهه اڄ،
    مٽيءَ مَانُ لڌو، سائي ٿي ڪُک سنڌ جي.
    (تنوير عباسي)
    سنڌ جي هن بهادر ڪارڪن نُورالله تنيي 1985ع ڌاري شهدادڪوٽ ۾ استاد نيڪ محمد تنيي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل هو، جنهن ڪري هُن پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي هُئي، پر کيس اها خبر نه هُئي ته نورالله کي سنڌ جي عشق اهڙو ته سبق پڙهايو آهي، جو هي ظاهري عِلم جي حاصلات کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هن شروعاتي تعليم شهداد ڪوٽ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪري بي. ايس. سي جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو. نُورالله جو قومي سياست ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ٿيو، ڇو ته سندس چاچو الطاف تنيو فڪر جي.ايم سيد سان لاڳاپيل هو، وٽس قومي ڪارڪنن جي اچ وڃ هوندي هُئي ۽ انهن جي ڪچهرين مان هن سيد ۽ سنڌ کي ويجهي کان ڏٺو، پرکيو ۽ محسوس ڪيو هو. انهن ڪچهرين سندس ذهن تي اڻمٽ نشان ڇڏيا هُئا، اهڙيءَ طرح کيس گهرو ماحول قومي تحريڪ ڏانهن مائل ڪيو . اُن بعد جڏهن سرائي قربان سان ويجهڙائي ٿيس ته سرائي جي دوستي هن کي مُڪمل نظرياتي بڻائي ڇڏيو ۽ ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ۾ شموليت ڪري ڪم ڪرڻ لڳو، بعد ۾ جڏهن سرائي قربان ’جيئي سنڌ متحدهه محاذ‘ ۾ شموليت ڪئي ته هيءُ به ساڻس ’جسمم‘ ۾ شامل ٿيو ۽ سرائي جي شهادت کانپوءِ کيس ’جسمم‘ جو سينيئر وائيس چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. نُورالله نهايت ئي محنتي ورڪر هو ۽ گهڻو وقت قومي ڪمن ۾ صرف ڪندو هو . هن جو گهڻو وقت سرائي قربان ۽ رُوپلي سان گڏ گُذرندو هو.
    نورالله 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان، رُوپلي چولياڻيءَ سان گڏ سنڌ جي تنظيمي دوري تي وڃي رهيو هو ته سانگهڙ_کپري روڊ باکوڙي موريءَ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان شديد زخمي ٿيو. ان دوران سندس ساٿي شهيد ٿي ويا، پر نُور الله بچي ويو هو، اُن وقت هن نهايت ئي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو هو ۽ وڏي آواز سان آزاد سنڌوديش جا نعرا هڻڻ شروع ڪياهُئائين، سندس نعرن جي گُونج ٻڌي مقامي ماڻهو وٽس ڊوڙي آيا، جن کي هن ٻڌايو ته اسان جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهيون ۽ تنظيمي دوري تي وڃي رهيا هئاسين ته رياستي دهشتگردن اسان مٿان حملو ڪري اُنڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجا دوست شهيد ٿي ويا آهن. جڏهن مقامي ماڻهن اهو ٻڌو ته هُو جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهن ته اُنهن فوري طور تي کيس اسپتال پهچائڻ چاهيو، پر هن اُنهن کي چيو ته توهان مان ڪنهن وٽ موبائل هُجي ته هنن نمبرن تي اطلاع ڪريو، واضح ڪندو هلان ته نورالله جو اُن وقت سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو ۽ سندس چيلهه کان هيٺيون حصو مڪمل سڙي ختم ٿي چڪو هو، پر هن جو حوصلو سلامت هو ۽ هن اهڙي حالت ۾ انهن دوستن جا نمبر ٻڌايا ۽ پاڻ انهن دوستن سان ڳالهائي آگاهه ڪيو ته اسان جي مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملو ڪيو آهي، سرائي قربان ۽ روپلو شهيد ٿي ويا آهن، منهنجو اڌ جسم گولين سان پروڻ ٿيل آهي ۽ اڌ جسم سڙي چُڪو آهي ته سندس دوستن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اهڙي حالت ۾ سندس حوصلا سلامت ڪيئن پيو ڳالهائي، تيستائين مقامي صحافين ٽي. وي چينلن تي بريڪنگ نيوز نشر ڪئي ته سڄي سنڌ باه جي ڄِڀين ۾ ڀڙڪي اُٿي ۽ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جا قافلا باکوڙي موريءَ تي پُهچڻ شروع ٿي ويا.
    اُن بعد مقامي ماڻهن هن کي سانگهڙ اسپتال پهچايو. جڏهن مٿس حملو ڪندڙن کي اها خبر پئي ته هڪ ماڻهو بچي ويو آهي ته انهن جو هڪ ماڻهو جُوس ۾ زهر ملائي وٽس کڻي آيو. پر اُتي بيٺل ماڻهن هُنن جي انهيءَ فرعوني حرڪت کي سمجهندي، اُهو جُوس جو گلاس هاري هُنن جي سازش کي ناڪام بڻايو، پر اهو ماڻهو ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نُورالله کي سانگهڙ جي اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر سول اسپتال وارن اهو چئي ڪراچي منتقل ڪيو ته اسان وٽ ڪو به ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر موجود نه آهي ۽ نوجوان جو سڄو جسم سڙي چُڪو آهي، جنهن جي سرجري ٿيندي ۽ اسان وٽ سرجري جي سهوليت موجود نه آهي.(شايد هتي به قانون نافذ ڪندڙ ادارا پنهنجو اثر استعمال ڪري چُڪا هئا) اُن بعد کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي سندس جسم مان گوليون ڪڍيون ويون ۽ سندس جسم جي سرجري پڻ ڪئي وئي، جنهن ڪري سندس طبيعت ۾ ڪافي بهتري اچي چُڪي هُئي.
    نورالله سانگهڙ کان ڪراچيءَ تائين نهايت ئي بُردباريءَ جو مظاهرو ڪيو هو ۽ هن سنڌي، اردو توڙي انگريزي ميڊيا جي اڳيان کُلي ڳالهايو هو ۽ مٿس حملي آورن کي بينقاب ڪيو هو. سندس اهڙي بهادري ۽ جُرئت کان هُو بلڪل خوفزده ٿي ويا هُئا، جنهن ڪري هُنن اسپتال ۾ مارڻ جو پِلان سوچيو ۽ کيس 30 اپريل 2011ع تي اسپتال ۾ شهيد ڪيو ويو. جتان سندس مائٽن ۽ قومي ڪارڪنن جي قافلي جي صورت ۾ شهدادڪوٽ آندو ويو، جتي قومي جهنڊي جو ڪفن ڏيئي، قومي تراني جي گُونج ۾ وصيت موجب، پنهنجي شهيد ساٿي سرائي قربان کهاوڙ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    نُورالله تُنيو نهايت ئي بهادر هو، هن باکوڙي موريءَ واري سانحي وقت جنهن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو، اُن سچ ته سنڌي ماڻهن ۾ نه صرف حوصلو پيدا ڪيو آهي، پر سامراج جي لاءِ اهڙي ته للڪار آهي، جيڪا صدين کان سنڌ جي جوڌن: دولهه دريا خان کان ويندي، هوشو شيدي تائين. هيمون ڪالاڻيءَ کان ويندي، سميع الله ڪلهوڙي تائين. ڪيترن ئي ڪُونڌر پُٽن جي آواز ۾ گُونجندي رهي آهي. مقامي ماڻهو ٻڌائن ٿا ته اسان سانگهڙ جي سَرزمين کي انگريز دور کان وٺي رَت جي راند ۾ وهنجندي ڏٺو آهي، ڪيترن ئي ڪُونڌر پُٽن کي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندي شهيد ٿيندي ڏٺو آهي. ها اسان راجا ڏاهر ۽ دُولهه دريا خان جهڙن سُورمن جا داستان به پڙهيا آهن، پر اسان هن نوجوان جي بهادريءَ کي سلام ٿا پيش ڪريون. جنهن جو سڄو جسم سڙيل هُجي، پوءِ به للڪاريندو رهي ته ٺاهينداسين ٺاهينداسين، ’سنڌو ديش‘ ٺاهينداسين.آءُ جڏهن پنهنجي مڪمل حواسن سان هن پسمنظر تي سوچيان ٿو ته: مونکي يقين اچي ٿو وڃي ته سيد جو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو ۽ آزاد سنڌوديش جو جهنڊو اقوام متحده ۾ ضرور جُهولندو.
    پُڇيو جي رب محشر ۾ ته ڪهڙو بِهشت ٿو گُهرجي،
    ته چوندس اي مٺا محبوب! محبوب مونکي سنڌ ٿي گُهرجي.
    (سرويچ)


    ڇِني گُل گُلاب جا ڪيئي ڌارون ڌار! : شهيد عبدالمالڪ خُشڪ

    عبدالمالڪ خُشڪ 20 جون 1964ع تي تعلقي گهوڙا ٻاري، ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ درويش ۾ محمد عيسيٰ خُشڪ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم هڪ سياسي گهر ۾ ٿيو. سندس وڏا ڀائر عارف خشڪ ۽ عمر خشڪ، ’ايوبي مارشل لا‘ ۽ ’ون يونٽ‘ خلاف سياسي طرح سرگرم رهيا هئا. جنهنڪري سياست کيس ورثي ۾ ملي هُئي ۽ هن سياست جي شروعات ٻاروتڻ کان ڪئي هُئي. هو تعليمي ميدان ۾ پنهنجي عمر جي دوستن ۾ سڀ کان اڳڀرو هو. هن پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر تائين ٺٽي مان تعليم حاصل ڪئي. پنجين ڪلاس جو ’ذهانت وارو امتحان‘ پوري ضلعي ۾ پهرين نمبرن ۾ پاس ڪيو هُئائين، جنهنڪري پڙهيل لکيل، باشعور ماڻهو کيس تمام گهڻو ڀائيندا هُئا، هن پنهنجي ذهانت وسيلي ننڍپڻ کان محبتون ميڙڻ شروع ڪيون هُيون. جيئن ته هن ننڍپڻ ۾ پنهنجي گهر ۾ سياسي ماحول ڏٺو هو ۽ قومي ڪارڪنن جي ڪچهرين ۾ ويهڻ جو کيس موقعو مليو هو، جنهن مان هن گھڻو ڪُجهه پرايو هو ۽ انهن ڪچهرين مان هن کي خبر پئي هُئي ته سنڌ کي پنجابي غلام رکيو ويٺا آهن. اهڙين ڳالهين جو هن جي ڪچڙي ذهن تي ڪافي اثر ٿيو هو. اهڙيءَ طرح چوٿين درجي ۾ پڙهندي پهريون دفعو 4 مارچ (شاگرد جدوجهد جو ڏينهن) جي هڪ ننڍڙي جلسي جي قيادت ڪيائين ۽ تقرير ڪيائين، ان مان سندس سياسي سجاڳيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي. اُن ئي دور ۾ جڏهن ’شيرين سومرو‘ وارو مشهور واقعو ٿيو، جنهن ۾ هڪ فوجي ميجر هڪ نياڻيءَ جي عزت سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته ٺٽي مان ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي هن ننڍڙي جوڌي هڪ جلوس ڪڍيو هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي هُئي. هن جي ننڍڙي عمر ۾ اهڙي جدوجهد کان خوفزدهه ٿي وقت جي سرڪار بس جي اغوا ڪيس ۾ ريسٽيڪيٽ ڪرائي، کيس جيل موڪليو. اُن وقت مالڪ خشڪ جي عمر 14 سال هئي ۽ هو هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد هو.
    مالڪ جڏهن نوجوانيءَ ۾ پير پاتو ته سندس ٻه ڀائر ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ۽ عارف خشڪ جيل ۾ هئا. عارف خشڪ کي ملٽري ڪورٽ پاران هڪ سال جيل ۽ 5 ڦٽڪا سزا ملي هئي. جڏهن ته ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ٽي سال جيل ۾ رهيو. کيس به 20 ڦٽڪن جي سزا ملي هئي.
    مالڪ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ٺٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڪاليج جي ٻن سالن جي مختصر تعليمي عرصي دوران هن جون سياسي سرگرميون عُروج تي رهيون، جنهن ڪري کيس ٻه دفعا جيل اُماڻيو ويو. هي نظرياتي طور ’عدم تشدد‘ جو پيروڪار هو ۽ ’سائين جي. ايم سيد‘ جو فڪري پوئلڳ هو.
    ڪاليج کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڄامشوري ۾ داخلا ورتائين، جتي نئين عزم سان سياسي جدوجهد شروع ڪيائين. هي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي نظرياتي ۽ بهترين قومي شعور رکندڙ اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هن يونيورسٽيءَ ۾ اُن وقت ڪافي سرگرم ٿي سياست ڪئي ۽ سائين جي. ايم سيد جي آزاديءَ واري نظريي جي شاگردن ۾ تمام گهڻي پرچار ڪئي. هي ڪُل وقتي ڪارڪن هوندو هو ۽ نهايت ئي محنتي ۽ ڪميٽيڊ پڻ رهيو، کيس قيادت به ڀائيندي هُئي.
    مالڪ خشڪ انجنيئرنگ جي ٻئي سال جو شاگرد هو. 17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ’جشن لطيف‘ تقريب رکيل هُئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جون بسون ڀرجي، شرڪت لاءِ وڃي رهيا هُئا ته ضيائي آمريت جي ڪارندن، مانجهند کان اوريان ’ٽوڙيءَ ڦاٽڪ‘ تي شاگردن جي بسن تي اُنڌاڌُنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ چئن ساٿين سان گڏ عبدالمالڪ خشڪ به شهيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترو ئي وقت زخمي شاگردن تي تشدد پڻ ڪيو ويو. انهن بسن مان جساف جي مرڪزي قيادت ۾ گل محمد جکراڻيءَ سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. هي واقعو سائين جي. ايم سيد کي ذهني اَذيت ڏيڻ ۽ قومي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪرايو ويو هو . شهيد مالڪ جي آخري آرامگاهه پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ واقعي آهي. سنڌ جي قومي ۽ مذاحمتي شاعر حليم باغيءَ جي اندر مان هي سِٽون رُوح جي رڙ بڻجي ڦُٽيون.
    هن لال لهُوءَ سان او لالڻ، ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا،
    ٽوڙيءَ وارن جي دم سان، ڪي وارا نيارا بڻجي ويا.


    ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا : شهيد انور عباسي

    ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي جي شهيد انور علي عباسي 12 آگسٽ 1962ع تي ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ ڳوٺ ’پکي‘ ۾ علي محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پرائي، هي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهن هوندو هو ۽ پوري اسڪول جي شاگردن ۾ سڀني کان چالاڪ پڻ هو. سندس ذهانت ۽ محنت ڏسي استادن ٽن سالن ۾ کيس پنجن سالن جو ڪورس ڪرايو. هن انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ مان حاصل ڪئي. سنڌي ماڻهن جي حقن جو استحصال ڏسي انور عباسي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي شاگرد سياست ۾ داخل ٿي، ’جساف‘ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن مئٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي، جنهن دوران هن باقاعدي عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ انقلابي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هو هميشه سنڌي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندو هو ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي پرچار ڪرڻ لڳو. انور عباسي 1977ع ڌاري ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو، جنهن دوران هن تحريڪ کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ مقامي سطح تي وڌ کان وڌ ميمبر شپ ڪيائين، هن سياست سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو ورتو. سندس دوستن موجب ته شهيد انور جي اها سوچ هوندي هُئي ته اسان کي پهريان سماج ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهڻي پوندي تڏهن ئي اسان ماڻهن کي آزاديءَ واري راهه تي هلڻ لاءِ آمادهه ڪري سگهنداسين.
    انور عباسي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سياست جي سرگرمين سندس حوصلا بُلند ڪيا ۽ سندس آزاديءَ واري خواب جي ساڀيان نظر اچڻ لڳي. انور يونيورسٽيءَ جي تنظيمي سرگرمين ۾ پابنديءَ سان حصو وٺڻ لڳو. هيءُ نهايت ئي سنجيدهه ورڪر هوندو هو ۽ ’سائين جي. ايم سيد‘ جي آزاديءَ واري نظريي جو پوئلڳ هو. هن ڪڏهن به تنظيمي حڪم تحت مالي ۽ جاني قرباني ڏيڻ کان ڪين ڪيٻايو.
    انور عباسي هڪ سماجي ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ڪارڪن سان گڏ سٺو اديب به هو، هن جو مطالعو وسيع هوندو هو، هن اُن وقت سنڌ جي مسئلن تي ڪيترائي مضمون پڻ لکيا، پر سنڌي ميڊيا ايتري آزاد نه هئڻ ڪري سندس لکڻيون گهٽ شايع ٿيون. پر هيءُ پنهنجو موقف تقريرن ذريعي ماڻهن تائين پهچائيندو هو. وٽس ’تقرير‘ جو سُٺو ڏانءُ هُئس. سندس تقريرون ٻڌندڙن تي ڪافي اثر انداز ٿينديون هُيون.
    انور عباسي بي. ڪام آنرس جو آخري پرچو ڏئي 17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي پاران منعقد ڪيل ’جشن لطيف‘ تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ وڃي رهيو هو ته ’ٽوڙيءَ ڦاٽڪ‘ وٽ وردي پوش سرڪاري اهلڪارن بس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ انور عباسيءَ سميت چار شاگرد ۽ هڪ بس ڊرائيور مٺو بُليدي شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، پر ضيائي آمريت جي وحشي ڪارندن اُنهن زخمين تي به بي تحاشا تشدد ڪري بيحال ڪرڻ بعد، گرفتار ڪري جيل اُماڻي ڇڏيو. سندس آخري آرامگاهه اڄ به واپڊا ڪالوني ۾ واقع آهي، جتي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون روزانو اچي حاضري ڀرين ٿيون. هن قهري ڪارروائي سنڌ ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي، هن دور ۾ ڪيترن ئي شاعرن انقلابي شاعري ڪئي ۽ ڪيتريون ئي قومي ڪهاڻيون لکيون ويون، جن ۾ هن وحشياڻي عمل جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي وئي. سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز اهڙن ڳڀروئن لاءِ چيو آهي ته
    ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا تون ئي منهنجو خواب،
    تون ئي آهين جواب صدين جي سوال جو.


    اِهو چَنگ چارڻ اُمانت اٿئي ! : شهيد امان ا لله وسطڙو

    ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي جي شهيد امان الله وسطڙي 20 مئي 1960ع تي، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي شهيد بينظير آباد) جي هڪ ڳوٺ ’مچرن‘ ۾ حزب الله وسطڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ٻالڪپڻ ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ کينچلون ڪندي گُذريو. سندس والد سرڪاري عملدار هو، جنهن ڪري ننڍڙي امان الله مختلف شهرن ۾ رهندي، تعليم حاصل ڪئي ۽ کوڙ سارا مُشاهدا ڪيا. هن پرائمري تعليم موري مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پروفيشن لائيزڊ هاءِ اسڪول سنجهوري مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ مان حاصل ڪئي، جنهن بعد سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي جيالاجيءَ ۾ داخلا ورتائين.
    کيس ننڍپڻ کان سياست سان دلي لڳاءُ هو. شهدادڪوٽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران ’جساف‘ ۾ شموليت ڪري، پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. پهريائين جساف جو ميمبر ٿيو، پوءِ سياسي سرگرمين کي ڏسندي کيس آرگنائيزر چونڊيو ويو. هيءُ ’سائين جي. ايم. سيد‘ جو فڪري ۽ روحاني پوئلڳ هو. هي جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو، اُن وقت سنڌ يونيورسٽي قومي سياست جو مرڪز هوندي هُئي ۽ شاگرد سياست عُروج تي هُئي. امان الله سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ يونٽ ۾ شموليت اختيار ڪري باقائدي عملي سياست ۾ حصو ورتو. هيءُ هڪ نظرياتي ورڪر هوندو هو، جنهن ڪري شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ کيس يونيورسٽي يونٽ جو نائب صدر چونڊيو ويو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست دوران ڪيترائي شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪرايا. پوري يونيورسٽيءَ جا شاگرد کيس تمام گهڻو ڀائيندا هُئا ۽ سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هُئا.
    امان الله وسطڙو سائين جي. ايم سيد جي عدم تشدد واري نظريي جو حامي هو ۽ مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو قائل هو، امان الله وسطڙي جي سياسي سرگرمين سبب کيس ڪيترائي دفعا خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به مليون، پر هن حوصلن کي هارڻ نه ڏنو. سائين جي. ايم. سيد جي ڏسيل راهه تي هميشه اٽل رهيو ۽ کيس سنڌ جي آزاديءَ ۾ پُختو ويساهه هو.
    امان الله وسطڙو 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي پاران منعقد ڪيل ’جشن لطيف‘ ۾ وڃي رهيو هو ته ضيائي آمريت جي وحشي درندن، سرڪاري ڪارندن ’ٽوڙيءَ ڦاٽڪ‘ وٽ ٻنهيءَ بسن کي روڪي اُنڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪري ڏني، ته پهرين گولي بس جي ڊرائيور مٺو بُليديءَ کي لڳي، اُن وقت امان الله همت ڪري بس جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي بس کي تيز رفتار ڊوڙائي شاگردن کي بچائڻ چاهيو، پر چئني پاسي لڪي ويٺل وحشي درندن مٿس فائرنگ جا ڌُوڙيا لائي ڏنا، هڪ گولي امان الله جو سينو پار ڪري وئي. اُن وقت هن پنهنجي چپن ۾ اياز جون هيءُ سِٽون ورجايون.
    اهو چنگ چارڻ اُمانت اٿئي،
    متان سِر سوا ٻيون ڪرين ڪي صدائون!
    هن قهري سانحي ۾ امان الله وسطڙي سميت چار معصوم شاگرد/قومي ڪارڪن شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿيا. هي اهڙي ته قهري ڪارروائي هُئي، جو زخمي ٿيل شاگرد تڙپي رهيا هُئا ۽ اهلڪار مٿس وحشياڻو تشدد ڪري رهيا هُئا. ان بعد سڀني قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. امان الله وسطڙي سان گڏ ان بس ۾ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، حفيظ قريشي ۽ ٻيا جساف جا عهديدار هئا، جن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو، جيڪي ٽوڙيءَ ڦاٽڪ جا اَسير سڏجن ٿا. ٽوڙيءَ ڦاٽڪ واري هن قهري واقعي پوري سنڌ جي باشعور ماڻهن کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ سائين جي. ايم سيد جو ته جيءُ جُهري پيو هو. ڪڏهن ڪڏهن رياست قيادت کي جُهڪائڻ لاءِ اهڙا قهري واقعا ڪرائي، سندن معصوم ٻچن جو ڪوس ڪرائيندي آهي، پر سائين جي. ايم سيد کي سنڌ جي آزاديءَ ۾ اهڙو ويساهه هو، جهڙو صبح جي سج اُڀرڻ ۾ هر انسان کي ويساهه هوندو آهي ۽ سائين هڪ بُردبار انسان هو. جيتوڻيڪ سندس ٻچن جي اهڙي ڪوس تي هُو وقتي طرح ٽُٽي ته ويندو هو، پر هُو وري به پنهنجي پاڻ کي سنڀاليندي چوندو هو ته سنڌ جي آزاديءَ جي بدلي ۾ منهنجي پوري گهر کي، جيڪڏهن ڪُٺو وڃي ته به آئون سنڌ جي آزاديءَ جي سامهون اهو سودو سستو ڀائيندس.


    آزاديءَ جي گيت جهڙو ڳڀرو : شهيد ذڪريا ميمڻ

    ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي جي شهيد ذڪريا ميمڻ 7 فيبروري 1962ع تي سنڌ جي راڄڌاني ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم دڙي مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپور بٺوري مان، انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج سجاول مان پاس ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي.
    ذڪريا ميمڻ ڪاليج واري دور ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ تمام گهڻو سرگرم رهيو. هي نهايت ئي پڙهيل ۽ باشعور نوجوان هو، سندس مطالعو تمام وسيع هو. هن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي پليٽ فارم تان شاگردن جي مسئلن لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ جڏهن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ته ’سائين جي. ايم سيد‘ جي نظريي جي پرچار ڪرڻ لڳو. هي نهايت ئي سنجيده ۽ نظرياتي ورڪر هو. نظرياتي سوچ هئڻ ڪري ڪيترن ئي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. کيس سرگرم سياسي ورڪر هئڻ ڪري فرسٽ ايئر انجنيئرنگ دوران 26 نومبر 1981ع تي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پوءِ به هن پنهنجي سياسي سرگرمين ۾ ماٺار نه آندي ۽ اڳي کان اڳرو ٿي سياست ڪرڻ لڳو. ذڪريا، جيئن ته جاکوڙي ڪارڪن هو، جنهن ڪري ڳُجهن ادارن جي نظرن ۾ گهڻو آيل هو. نتيجي طور 3 جنوري 1982ع تي کيس ’اشتهاري ملزم‘ قرار ڏنو ويو ۽ 3 جون 1982ع تي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ذڪريا نهايت ئي بُردبار نوجوان هو، جيتوڻيڪ جيل وڃڻ وقت سندس عمر 20 سال هُئي، پر هِن ننڍڙيءَ عمر ۾ به سنڌ جي دامن تي داغ لڳڻ نه ڏنو، مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو، پر هيءُ نه ٽُٽو نه وڪيو ۽ نه جُهڪيو، هي پنهنجي مقصد تي اٽل ۽ اڏول رهيو. ذڪريا سنڌ جي عشق ۾ رَچي ريٽو ٿيل هو، کيس تشدد ۽ ٽارچر جُهڪائي نه سگهيا هُئا. ساڻس جيل ۾ گڏ رهندڙ سياسي دوستن موجب ته هُو ڏاڍو بُردبار ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ هر وقت جيل ۾ کِلندو ۽ کِلائيندو رهندو هو، مذاح سندس طبيعت ۾ شامل هو. هُو کلڻو ملڻو ۽ چلولو هوندو هو، ۽ جيل جي ڪنهن به دوست کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح ذڪريا چئن مهينن تائين جيل ۾ قومي قيدين لاءِ وِندر وِرونهه بڻيل رهيو، جتان 7 آڪٽوبر 1982ع تي آزاد ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ به سندس سياسي سرگرميون ساڳيون رهيون ۽ هُو وڌ کان وڌ تنظيم کي ٽائم ڏيڻ لڳو. کيس نه صرف پوري قيادت ڀائيندي هُئي، پر سائين جي. ايم سيد به کيس تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ سائين جي. ايم سيد جو ڪارڪنن لاءِ اهڙو پيار ڏسي، هُو ’سنڌ‘ سان گڏ ’سيد‘ جو به عاشق ٿي پيو هو. هُن دنياوي سموريون لذتون وساري ڇڏيون هُيون ۽ هُو سيد کي ’نياز همايونيءَ‘ جي هنن سِٽن سان ڀيٽيندو هو.
    سنڌ جي عشق کي ڪُفر چوڻ جو هوڏانهن پيو اعلان ٿئي،
    هيڏانهن تُنهنجي عشق کي ڏسندي تازو پيو ايمان ٿئي.
    ذڪريا ٽن سالن تائين يونيورسٽيءَ پاران ريسٽيڪيٽ رهيو، سندس ريسٽيڪيشن 1984ع جي آگسٽ ۾ ختم ٿي.
    ذڪريا 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پاران مُنعقد ڪيل ’جشن لطيف‘ لاڙڪاڻي ۾ بسن ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ’ٽوڙيءَ ڦاٽڪ‘ وٽ فوجين جي اُنڌاڌُنڌ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ ذڪريا سميت پنج نوجوان شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا. ان بعد انهن زخمين کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. اهڙيءَ طرح ذڪريا جي مڙهه کي سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي ۾ ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    وٺي هر هر جنم وربو! : شهيد احسان ميمڻ

    شڪارپور سنڌ جو اُهو تاريخي شهر آهي، جتان شيخ اياز جي شاعريءَ جا سَلا ڦٽي نڪتا ۽ سڄي سنڌ کي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيائون، شڪارپور نه رُڳو شيخ اياز جي شاعريءَ کي جنم ڏنو، پر شڪارپور جي سرزمين سنڌي ادب جون جڙون مضبوط ڪيون ۽ قومي تحريڪ جي اڙٻنگ نوجوانن جي ذهني آبياري به ڪئي آهي. شڪارپور نه رُڳو اُن ڪري مُقدس آهي، ته اُتان شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جا سَلا ڦٽي نڪتا، پر شڪارپور ان ڪري به عزت لائق آهي، جو اُتان جي سَرزمين اسان کي شهيد قيوم منگي ۽ شهيد احسان ميمڻ جهڙا ڳڀرو پيدا ڪري ڏنا، جن سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ وکون کڻندي پنهنجي سينن تي گولين جا برسٽ ته سٺا، پر ڌارين جي غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ڦٽو ڪيو.
    شهيد احسان احمد ميمڻ 1960ع ڌاري ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ قادر بخش ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ هيڊ ماستر هو. هن شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪئي، مئٽرڪ 1975ع ۾ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين مان، انٽر 1977ع ۾ سي. اينڊ . ايس ڪاليج شڪارپور مان، بي. ايس. سي 1981ع ۾ ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ايم. ايس. سي ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. احسان ميمڻ ننڍپڻ کان ئي ڪافي ذهن هوندو هو ۽ پڙهڻ ۾ سندس تمام گهڻي دلچسپي هُئس. سندس خاندان به خوشحال هُئڻ ڪري، هن جي پڙهائيءَ ۾ ڪا به رُڪاوٽ نه آئي. هن پڙهائيءَ دوران ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي نه ورتي ۽ پنهنجو پورو ڌيان پڙهائيءَ طرف ڏنو. احسان ميمڻ جڏهن شڪارپور ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو ته قومي تحريڪ ۽ فڪر جي. ايم سيد سان لاڳاپجي ويو.
    احسان ميمڻ سياست جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هيءَ پهريان جساف جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيف آرگنائيزر ٿيو. احسان ميمڻ جو شاگرديءَ وارو دور تمام شاندار رهيو ۽ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سياست ڪندي ۽ سائين جي. ايم سيد جي نظريي جي پرچار ڪندي، قومي تحريڪ ۾ مثبت لاڙا آندا. هن جو مطالعو تمام وسيع هوندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بلاڪس هاسٽل تي سنڌ جي مذاحمتي شاعر حليم باغيءَ جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليو ۽ حليم باغيءَ جي شاعري مٿس گهرو اثر ڇڏيو. احسان ميمڻ ڪو نالي ماتر ڪارڪن نه هو، پر هن ته خوشحال سنڌ جي تاريخ جا باب پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هُئا. هيءُ نظرياتي ۽ عملي ڪارڪن هو، هيءُ سنڌ جي آزاديءَ جو واحد حل سائين جي. ايم سيد جي نظريي ۾ ئي سمجهندو هو ۽ سائين جي. ايم سيد جي اکين ۾ هن آزاديءَ جي عشق جا مَچ ٻرندي ڏٺا هُئا. احسان ميمڻ کي جيترو سنڌ جو عشق هو، اوترو ئي هُو سائين جي. ايم سيد سان پيار ڪندو هو ۽ سائين جي. ايم سيد به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. احسان نهايت ئي خوبصورت ۽ بااخلاق هوندو هو. هيءَ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو هو ته انب جي ٻُور جهڙو جوڀن کڻي آيو هو ۽ سندس رتول ڳلن مان رَت ٽِمندي محسوس ٿيندو هو، جنهن ڪري هيءُ هڪ ئي وقت ڪيترين ئي دلين ۾ ڌڙڪڻ لڳو هو؛ ساڻس ڪيترين ئي ڇوڪرين پيار جا پيچ اڙائڻ چاهيا هئا، پر هن ڪڏهن به اهڙي مجازي عشق طرف ڌيان نه ڏنو، ڇو ته هن جي چپن حقيقي عشق جي مڌ جا پيالا پنهنجي اندر ۾ اوتيا هُئا. هن آزاديءَ جي چمڪ جيڪا سيد جي اکين ۾ ڏٺي هُئي ۽ خوابن ۾ هن جيڪو آزاد سنڌوديش جو تصور ڪيو هو، تنهن جي آڌار تي هُو سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ تي تنظيمي دوستن سان طويل بحث ڪندو هو ۽ بقول انهن دوستن جي ته جڏهن هُو سنڌ تي ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته هُو ڪنهن انقلابي ناول جو ڪردار لڳندو هو ۽ سندس اکين ۾ اهڙي ته ڏِيا اچي ويندي هُئي، جو اُن جي تجليءَ جو تاءَ برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو هو، کيس سنڌ جي آزاديءَ ۾ پُختو ويساهه هو.
    مونکي ماما جمن دربدر ٻڌايو ته آئون هڪ ڀيري حليم سان ملڻ هاسٽل تي ويس، اُتي منهنجي ملاقات شهيد احسان سان ٿي، سندس وڻندڙ سڀاءُ ۽ نظرياتي سوچ مونکي تمام گهڻو مُتاثر ڪيو. اُن بعد جلد ئي هن سگهاري سوچ ۽ سگهاري آواز کي رياست جي ڪارندن هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو ته جمن جي اندر مان هي سِٽون درد جي دانهن بڻجي نڪتيون، جنهن جي گُونج سڄي سڄي سنڌ ۾ اڃا تائين گُونجي رهي آهي.
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چِٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.
    قومي تحريڪ جي هن بهادر ۽ نظرياتي ڪارڪن کي 26 مئي 1983ع تي پاڪستاني فوجين ’هوشو هاسٽل‘ تي چڙهائيءَ ڪري گولين جا برسٽ هڻي شهيد ڪيو. سندس شهادت سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو ۽ سائين جي. ايم سيد جي ڪنن جڏهن اها خبر ٻُڌي ته کيس تمام وڏو دِلي صدمو پهتو. شهيد احسان ميمڻ جي مڙهه کي جساف مرڪز جا عهديدار ڳوٺ کڻائي ويا ۽ کيس اباڻي قبرستان، ڳڙهي ياسين ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن تي سائين جي. ايم سيد آلين اکين سان سندس وارثن وٽ پهچي ڏُک ۾ شريڪ ٿيو. شهيد احسان ميمڻ سوڳوارن ۾ پوري سنڌ سان گڏ، پوڙهو پيءُ، امڙ، پنج ڀاءُ ۽ چار ڀينرون ڇڏيا.


    آزاديءَ جو متوالو : شهيد رضا محمد بنگلاڻي

    رضا محمد پهرين آگسٽ 1965ع تي ڳوٺ مهراب خان بنگلاڻي، تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ بهادر خان بنگلاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول مهراب خان بنگلاڻيءَ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، مڊل تائين گورنمينٽ اسڪول صوفي فقير ۾ پڙهيو. 1981ع ۾ ڪمپريهنسو هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ داخلا ورتائين. 1982ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، 1983ع ۾ ايس. ايل ڪاليج ميرپورخاص ۾ داخلا ورتائين. (هي ڪاليج اُن وقت شاه لطيف جي نالي سان منسوب هو) انٽر جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري 1985ع ۾ بي. اي. سي ۾ داخلا ورتائين.
    شهيد رضا محمد مئٽرڪ ۾ پڙهائيءَ دوران سياست جي شروعات ڪئي، شروع ۾ ’جيئي سنڌ لطيف سنگت‘ جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ لطيف سنگت جو عهديدار ٿي ڪم ڪيائين. پاڻ نهايت ئي جاکوڙي ڪارڪن هوندو هو، سندس مطالعو تمام وسيع هوندو هو. ان وقت جيئي سنڌ لطيف سنگت جو تمام بهترين ڪم هو، جنهن ۾ نوجوانن لاءِ باقاعدي اسٽڊي سرڪل هلندا هئا، ماهوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ جساف جا مرڪزي عهديدار ليڪچر وغيرهه ڏيڻ ايندا هئا. رضا محمد مرڪزي اڳواڻن جي وسيع نظر ۽ سائين جي. ايم سيد جي نظريي کي سمجهندي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پابنديءَ سان هڪ جاکوڙي ورڪر طور ذميواريون نڀائڻ لڳو. رضا سائين جي. ايم سيد جو فڪري پوئلڳ هوندو هو، ساڻس جيترو عرصو زندگيءَ جو ساٿ رهيو هن نظرياتي ورڪر طور سياسي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو.
    رضا ايس. ايل ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران هاسٽل تي رهندو هو. ايس. ايل ڪاليج اُن وقت پنجابين جي تنظيم اين، ايس. ايس. او جو ڳڙهه بڻيل هو، جنهن ڪري سنڌي شاگردن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو ويندو هو. رضا! جساف جو عهديدار هئڻ ناتي پنجابي شاگردن سان ڪيترائي ڀيرا مُهاڏو اٽڪايو ۽ سنڌي شاگردن جو تحفظ ڪيو.رضا جي اهڙي هِمت پنجابي شاگردن کي پنهنجو دُشمن بڻائي ڇڏيو هو. هُنن ڪيترائي ڀيرا کيس ڌمڪيون به ڏنيون، پر هن بهادر انسان ڪڏهن به اُنهن ڌمڪين جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي مقصد تي گامزن رهيو. ساڻس ساٿ ۾ يعقوب مڱريو، جميل لاشاري، محمد ايوب بليدي ۽ ٻيا ڪيترائي قومي ڪارڪن هوندا هُئا. اهڙيءَ طرح جساف جي هنن نوجوانن ڌارين جي لاءِ ڪاليج ۽ هاسٽل نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري رضا ۽ سندس دوست پنجابي شاگردن جي اک جو ڪنڊو بڻجي پيا هُئا ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ ٽرانسپورٽر مير زمان چوڌري کين ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون.
    رضا محمد ۽ سندس ساٿين تي، 3 مئي 1986ع تي شاهه لطيف هاسٽل تي حملو ٿيو ۽ حملي دوران رضا هڪ دهشتگرد کي سوگهو ڪري ورتو هو، پر اتفاق سان سندس پسٽل جي چيمبر ۾ گولي ڦاسي وئي، جنهن ڪري هُنن گوليون هڻي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    شهيد رضا جو پلاند سنڌ جي بهادر اڳواڻ بشير خان قريشي مُک جوابدار مير زمان چوڌريءَ کي پنهنجي انجام تي پهچائي ورتو. شهيد رضا تي سنڌ جي قومي ۽ مذاحمتي شاعر حليم باغي هيٺيون ڀرپور نظم لکي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
    مُون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو، هن جُوءِ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو،
    مُون ڏسندي توکي پرکيو هو، تون ڀٽڪيل رُوح بلاول جو.
    هِت بان جي ڪپري آيو هُئين، بيڏوهه ننڌڻڪو گهايو وئين،
    او آزادين جا متوالا، او چانڊوڪين جا رکوالا.
    او مُنهنجا ڀاءُ، او مُنهنجا رضا!


    بهار آندا پُٽن جا لاشا : شهيد ڪمال راهمون

    سنڌ جي خوبصورت خطي ٿر، ڪيترن ئي املهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم ۽ عمل وسيلي ڌرتيءَ جو نانءُ روشن ڪيو آهي. هن خطي نه رُڳو خوبصورت شاعريءَ کي جنم ڏنو آهي، پر هن خطي اهڙن ته روشن خيال ۽ باضمير ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ پنهنجي مٽيءَ کي مهانتا بخشي آهي. اهو ٿر جي مٽيءَ جو ڪمال آهي، جو شاهه لطيف کان ويندي شيخ اياز تائين، ڪيترن ئي شاعرن ڳايو آهي. ٿر؛ مورن جي ٽهوڪن کان ويندي، هٿ جي هُنر تائين خوبصورتيءَ جو مُجسمو آهي. اهڙي خوبصورت خطي مان هڪڙو ٻارڙو ڪمال نالي جنم وٺي ٿو، ننڍپڻ ۾ واريءَ جا گهرڙا ٺاهيندي، سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هُو اڳتي هلي، حُسن جي هندوري جهڙي شهر ڄامشوري مان پنهنجي عملي زندگي شروع ڪندو ۽ ٿوري عرصي ۾ کوڙ ساريون محبتون ماڻي، پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ تان قربان ٿي، هميشه لئه پنهنجي ماترڀوميءَ جي گود ۾ ابدي آرامي ٿيندو.
    ڊاڪٽر ڪمال راهمي، 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدالواحد راهمي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپيل هو. سندس والد استاد هُئڻ ناتي، هن جي تعليم توڙي تربيت ۾ وسان ڪون گهٽايو. هن ابتدائي سنڌي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪئي. ثانوي تعليم مڊل اسڪول صالح ڀنڀري، تعلقي ساماري ۾ پڙهيو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپورخاص، ۽ انٽر شاهه لطيف ڊگري ڪاليج ميرپورخاص مان پاس ڪيائين. بعد ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. هيءَ جڏهن آزاد فضائن جي شهر ڄامشوري پهتو هو ته؛ هن کي ٿر جي حالتن تي ڏاڍو رحم آيو هو ۽ اُتان جي معصوم نوجوانن جي پڙهائيءَ جو کيس تمام گهڻو احساس جاڳيو، ڇو ته ٿر اُن وقت سنڌ جي پوئتي پيل خطي طور شمار ٿيندو هو ۽ اُن وقت ٿر ۾ نه اسڪول جي سهوليت هوندي هُئي، ۽ نه ئي پڙهائيءَ لاءِ ڪي خاص لئبريريون قائم ٿيل هونديون هُيون. البته اُن دور ۾ جيڪي به اُستاد هوندا هُئا، سي پنهنجي پيشي سان اولاد وانگر پيار ڪندا هئا ۽ نيڪ نيتيءَ سان تعليم ڏيندا هُئا. ڪمال راهمون ٿر جي اهڙي ماحول مان تعليم پرائي، اڳتي نڪتو هو ۽ ٿر جو هيءُ واحد نوجوان هو، جيڪو يونيورسٽيءَ تائين پهتو هو. هيءُ ننڍپڻ کان مُتحرڪ ذهن رکندڙ نوجوان هو، هن کي ٿر جي غربت ماريل ماڻهن جو وڏو اونو هوندو هو ۽ هن جي ذهن ۾ هر پل اهو خيال هوندو هو ته مون وانگر ٻيا نوجوان ڇو نٿا پڙهي سگهن! اهڙي سوچ رکندي هن غريب شاگردن جي بهتر تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون، ۽ سماج سڌار سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آڻي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙڻ لڳو. ٿر مان وڏيرڪي سياست جي خاتمي لاءِ، ماڻهن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪري، هيٺئين درجي جا اميدوار موروثي سياستدانن جي مقابلي ۾ بيهاريائين. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ٽوڙيءَ ڦاٽڪ واري سانحي، کيس قومي قافلي ۾ آڻي بيهاريو، ۽ ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. هيءُ آزاديءَ ۾ پُختو ويساهه رکندڙ نوجوان هو، ۽ هر معاملي ۾ مُتحرڪ سياست ڪندو رهيو. هيءُ نظرياتي ڪارڪن هوندو هو ۽ جيئي سنڌ جو ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندو هو. ڪمال سياست سان گڏ پنهنجي پڙهائيءَ کي به پورو ٽائم ڏيندو هو. هن يونيورسٽيءَ جو ماحول پُرامن رکڻ لاءِ ڪيترائي احتجاج ڪرايا.1982ع کان يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪندڙ تنظيمن سان به ڳالهيون ڪري، کين سنڌ دوستيءَ جو سڏ ڏنائين. ڪمال 16 مارچ 1986ع تي شاگرد ساٿين سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي بهتريءَ لاءِ پرچار ڪري رهيو هو ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ تي پنجابي اسٽوڊنٽس جي شاگردن حملو ڪيو، ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي بچائيندي، ڪمال راهمي شهادت ماڻي. سندس مڙهه ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي قومي ۽ مذاحمتي شاعر حليم باغي ڀرپور نظم لکي ڀيٽا ڏني آهي.
    اسان جي نگري سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اُداس پاڇا،
    گُلن جي موسم ڪليون نه آنديون بهار آندا پُٽن جا لاشا.


    هُو پاڻ ڪِريو،پر قومي جَهنڊو جُھڪڻ نه ڏنائين! : شهيد غلام رسول (مستانو سنڌي)

    تاريخ ۾ اُهي قومون زندهه رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهندي قربان ٿينديون آهن. تاريخ ان ڳالهه جي به گواهه آهي ته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن، اُنهن جو بنياد نوجوانن جي رت سان رکيو ويو آهي. پوءِ اُنهيءَ آزاديءَ جو سهرو ڀلي ڀڳت سنگهه جي بجاءِ مهاتما گانڌي ۽ جواهر لال نهروءَ جي سِر تي ڇو نه آيو هُجي، پر اُنهيءَ جا بنيادي محرڪ ڀڳت سنگهه ۽ چندر شيکر آزاد ئي آهن. ساڳي صورتحال سنڌ جي به آهي، سنڌ جي آزاديءَ جو سهرو ڪنهنجي مٿي تي ٿو اچي، اهو وقت تي ٿا ڇڏيون، پر اُن جو بنياد وري به نوجوانن پنهنجي رَت سان رکيو آهي ۽ اهو يقين به آهي ته اهو ريٽو رت ضرور رنگ لائيندو ۽ آزاديءَ جو گيت گُونجندو. پوءِ اُن گيت جي گُونج ۾ شاهه عنايت شھيد، سُورهيه بادشاهه ۽ سائين جي. ايم سيد کان ويندي، ٽوڙيءَ ڦاٽڪ جي شھيدن تائين؛ شھيد سميع الله کان ويندي، شهيد افضل تائين؛ ڀلي شامل نه هُجن، پر اُنهن جو رُوح آزاد سنڌ جي گيتن تي ضرور جُهمريون هڻندو. آزاديءَ جي سُر ۽ سنگيت جي اهڙي محفل ۾ مستانو سنڌي به پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هڪ هٿ ۾ ڳاڙهو جهنڊو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪُهاڙي کڻي اچي، جُهمر هڻندو ۽ سائين جي. ايم سيد سان مُخاطب ٿي چوندو، ابا! مون تي ڪا ذميواري رکو؟ ته سائين جي. ايم سيد کيس ڀاڪر پائي، نرڙ تي چُمي ڏيئي چوندو: مستانا تون هاڻي آرام ڪر، تو تمام گھڻو سفر ڪيو آهي، ٿڪجي پيو هوندين! تڏهن مستانو لُڙڪ اکين مان لاڙيندي چوندو ابا! سنڌ جي هن آزاديءَ واري سفر ۾ هلندي آئون هڪ پل لاءِ به ٿڪو نه آهيان، مونکي ته سنڌ امڙ پنهنجي گود ۾ ٿپڪيون ڏئي، اهڙي ته ننڊ ڪرائيندي رهي آهي، جهڙي ننڊ آئون ننڍپڻ ۾ امان جي هنج ۾ مٿو رکي سُمهڻ مهل ڪندو هُئس ۽ پوءِ مستانو مرشد لطيف جو هي شعر پڙهي جُهمريون هڻڻ شروع ڪندو ته سڄي سنڌ ساڻس گڏجي جُهمريون پائيندي آزاديءَ جا گيت ڳائيندي نظر ايندي.
    هي سِر هڪڙو آڇيندي پُنهل کي لَڄ مَران،
    هجن سِر گهڻا ته واري واري وڍيان.
    غلام رسول عرف مستانو سنڌي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڄامشوري ضلعي جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ قُبي ۾ ڄائو. هن جو والد لونگ خان برهماڻي برطانيا جي دور حڪومت ۾ فوج ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو، پر حُر مارشل لا واري دور ۾ 1913ع ۾ مٿس حُرن جي ساٿاري هئڻ جو الزام هڻي، کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو. مستانو اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس امڙ وفات ڪري وئي، ان بعد هي قُبي مان لڏي، نيو سعيدآباد ۾ اچي ويٺا. هي جڏهن ويهن سالن جو ٿيو ته کيس ٺٽي ضلعي جي هڪ زميندار 1980ع ڌاري تڪراري زمين جي قبضي تي ويهاريو ۽ پوءِ کيس پوليس هٿان گرفتار ڪرائي، مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل اماڻي ڇڏيو. کيس اڍائي سال سزا آئي، پر هي جيل هن لاءِ اصلاح گهر بڻجي ويو، ڇو ته هي وانجهيل هئڻ ڪري هميشه ڏچا پرائيندو رهندو هو، پر هي جڏهن جيل ۾ ويو ته اتي سندس قومي ڪارڪنن سان ڪچهريون ٿيون، جن کيس ڌرتيءَ ۽ پنهنجي حقن بابت سمجهايو ته هن جي اندر ۾ سُتل قومي درد رکندڙ انسان جاڳي پيو، ۽ جيل ۾ قومي انقلابي ڪلام پيو ڳائيندو هو، ۽ قومپرست نظرئي جي پرچار پڻ ڪندو رهندو هو.
    مستانو سنڌي بلڪل اڻ پڙهيل هو، ان جي باوجود هي شاعري سُٺي ڪندو هو. اڍائي سالن جي جيل ڪاٽي هي آزاد ٿيو ته حيدرآباد ۾ ئي مزدوري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران حيدرآباد ۾ قومي بنياد تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ هن روپوشي اختيار ڪئي، پر پوليس سندس پيرسن پيءُ کي گرفتار ڪيو، جنهن ڪري پاڻ گرفتاري پيش ڪيائين ۽ پيءُ کي آزاد ڪرايائين. گرفتاريءَ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورٽ پنج سال سزا ٻڌائي، سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو، بعد ۾ کيس نارا جيل منتقل ڪيو ويو. جيل ۾ تاج جويي، ڊاڪٽر دودي مهيري، ستار موريي ۽ ٻين جي صحبت ۾ رهي، مستانو سنڌ جي عشق ۾ رَچي ريٽو ٿيو ۽ هي نج انقلابي شاعري ڪرڻ لڳو. شاعريءَ ۾ سندس اصلاح تاج جويو ڪندو هو، سندس شاعريءَ تي تاج جويي جو اثر گهڻو آهي، ان کان سواءِ مستانو بنا سازيندن جي ٿالهه تي ڳائيندو به هو، هي جڏهن ٿالهه وڄائي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته هي بلوچستان جي اُن مست ڪردار ’مست توڪلي‘ جيان صفا مست ٿي ويندو هو، جنهن ڪري دوست کيس ’مستانو‘ سڏڻ لڳا ۽ پوءِ هي سندس دوستن توڙي قومي لڏي ۾ مستاني سنڌي طور سڃاپجڻ لڳو.
    مستانو سنڌي 1986ع ۾ جيل مان آزاد ٿيو ۽ پنهنجي خاندان کي نيو سعيدآباد مان واپس پنهنجي اباڻي ڳوٺ قُبي ۾ لڏائي آيو. جيئن ته قُبي ۽ سن ۾ ٿورو مفاصلو هو، جنهن ڪري مستانو روزانو سائين جي. ايم. سيد سان ڪچهريون ڪندو هو. سائين جي. ايم سيد جي ڪچهرين مٿس اهڙو ته اثر وڌو، جو هو سيد ۽ سنڌ سواءِ ٻي ٻولي ڪين ڄاڻندو هو. سائين کي قومي گيت ٿالهه وڄائي ٻڌائيندو هو ته سيد کيس چميون ڏيندو هو، جنهن تي خوش ٿي چوندو هو، اهڙو اعزاز ڪنهن کي ملندو! هڪ ڀيري مستاني سنڌي سائين جي. ايم سيد کي چيو ته ابا! مون تي ڪا ذميواري رکو، ته سائين جي. ايم. سيد سندس اکين ۾ آزاديءَ جي تڙپ کي پرکيندي چيو: مستانا وڃي سڄي سنڌ ۾ قومي گيت ڳائي، آزاد سنڌوديش جي پرچار ڪر. پوءِ ته مستانو پوري سنڌ ۾ ڪاهي پيو، هر ڳوٺ ۾ وڃي سنڌ جو پيغام پهچايائين. هي ته انهن ڳو‎ٺن ۾ به ويو، جتي جيئي سنڌ جي نعري ٻُڌڻ لاءِ به ماڻهو تيار نه هوندا هئا، پر مستاني سنڌي جي قومي گيتن ۽ سندس وڻندڙ سڀاءُ انهن ڳوٺن مان نوجوانن جا انبوهه جدوجهد لاءِ تيار ڪيا.
    مستاني سان اسڪولي ڇوڪرا اهڙي ته محبت ڪرڻ لڳا هُئا، جو جڏهن 9 ڊسمبر 1987ع تي سائين جي. ايم سيد اتر سنڌ جي دوري دوران گرفتار ٿيو هو، اها خبر جيئن ئي مستاني جي ڪنن تائين پهتي ته هي سراپا احتجاج بڻجي ويو ۽ 14 ڊسمبر تي سن پهتو ۽ آزاديءَ جا گيت ڳائيندي، نعرا هڻندي اعلان ڪيائين ته جيڪو سيد جي آزاديءَ لاءِ رت ڏئي، اهو مون سان گڏ هلي؟ اُن وقت سن جي اسڪولي ٻارن جو وفد، اسڪول مان موڪل وٺڻ بجاءِ مستاني سان گڏجي انڊس هاءِ وي بند ڪري بيهي رهيا، جڏهن ماڻهن مستاني سان گڏ ٻارڙن جو اهڙو انبوهه ڏٺو ته لاتعداد ماڻهو انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ لاءِ پهتا، ۽ حيدرآباد کان سيوهڻ-لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. مستانو هڪڙي هٿ ۾ ڪُهاڙي ۽ ٻئي هٿ ۾ جهنڊو کڻي نعرا هڻي رهيو هو. ايتري ۾ لاڙڪاڻي کان ايندڙ ٽرالر ۾ ڪيترائي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ويٺل هئا، جيڪي ٽرالر مان لهندي ئي مظاهرين جي وچ ۾ پوزيشن سنڀالي بيهي رهيا ۽ مستاني کي چيائون ته: ڪُهاڙي اسان جي حوالي ڪر، مستاني انڪار ڪيو ته هڪ اهلڪار مٿس هلان ڪئي، جنهن تي مستاني به ڪُهاڙي ورائي، پوءِ ته انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ مستانو شديد زخمي ٿي پيو، پر هن جي جُرئت اها هئي ته هو پاڻ ڪريو، پر جهنڊو ۽ ڪُهاڙي ڪرڻ نه ڏنائين. اهڙيءَ طرح زخمن جا تاب نه سهندي مستاني 14 ڊسمبر 1987ع تي شهادت ماڻي، سنڌي ماڻهن ۾ اُتساهه پيدا ڪيو. کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ قومي دوستن سندس قومي شاعريءَ جو مجموعو ”آزادي اعلان اسان جو“ سنڌي ٻالڪ سٿ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو، سندس قومي شاعري قومي ڪارڪنن ۾ هڪ جذبو پيدا ڪيو.


    ايڪويهين صديءَ جو باغي شاعر : شهيد زخمي چانڊيو

    سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي، پهرين مئي 1961ع تي ڊکڻ، ضلعي شڪارپور ۾ مولا بخش چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو ڄام خان هو، پر سڄي سنڌ کيس زخمي طور سُڃاڻندي هُئي. پاڻ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هوندو هو، زخمي هڪ ئي وقت اعليٰ پايي جو شاعر، استاد، قومي ڪارڪن، سماج سڌارڪ سان گڏ جوشيلو مقرر به هو. وٽس لفظن جو خزانو هوندو هو، هيءُ جڏهن به ڪنهن اسٽيج تي اچي ڳالهائيندو هو ته لفظ سندس زبان جا غلام بڻيل هوندا هُئا، سندس سحر انگيز تقرير جي جادو ڪيترين ئي دلين کي ڌڙڪائي وڌو هو. پاڻ پرائمريءَ کان اٺين ڪلاس تائين گورنمينٽ مڊل اسڪول علي خان ۾ پڙهيو، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڊکڻ مان ڪيائين. هائير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور مان انٽر ڪرڻ بعد ڊسمبر 1979ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ان دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۾ ڪـري ورتـائيـن.
    زخمي 1984ع کان شـاعـري شروع ڪئي. شاعريءَ ۾ نامور شاعرن نـثـار بـزمي ۽ سـرڪـش سـنـڌيءَ کان اصـلاح ورتـائيـن. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ به آهي، پر مجموعي طرح سندس شاعري ڌرتيءَ جي پيار سان سرشار ۽ مزاحمتي آهي. 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ جو بنياد وڌائين. سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو ضلعي رابطا سيڪريٽري به رهيو. ان کان سواءِ سچوا سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري، آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ، استادن جي تنظيم گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جو پريس سيڪريٽري ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو نهايت سرگرم ڪارڪن رهيو. 1996ع کان لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. زخميءَ کي مزاحمتي شاعري ڪرڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل به اماڻيو ويو، پر هو پنهنجي مزاحمتي رنگ کان باز نه آيو ۽ سڄي سنڌ جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪري، پنهنجي سُر ۽ مزاحمتي رنگ سبب داد حاصل ڪندو رهيو. سندس شاعريءَ عوامي رنگ جي هجڻ سبب ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ سندس شاعريءَ کي سرمد سنڌيءَ سميت سنڌ جي ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي.
    زخمي چانڊيو فڪري طور سائين جي. ايم سيد جو پوئلڳ هو ۽ سندس شاعري توڙي لکڻين ۾ قومي پرچار گهڻي نظر اچي ٿي. هيءُ شروع کان وٺي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو، پر ڪڏهن به عهدي وغيرهه جي لالچ نه ڪيائين، عام ڪارڪن طور جهر جهنگ جهاڳيندو ۽ آزاد سنڌوديش جو پيغام پهچائيندو رهيو. سندس شاعري قومي محفلن جو حصو بڻجي وئي هُئي، سندس قلم جي بيباڪيءَ کان رياست گهڻو خوفزدهه هُئي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻو تنگ ڪيو ويو. پاڻ شروع کان وٺي آخر تائين آدرشي انسان رهيو. پيشي جي لحاظ کان هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو. هو سرگرميءَ سان جدوجهد جو نه رڳو قائل هو، پر ان تي عمل پيرا به رهيو. ڪافي وقت تائين تعليم کاتي ۾ سُپروائيزر طور ذميواريون نڀايائين، پر ارڏي ۽ صاف گو هئڻ سبب کاتي جي اعليٰ عملدارن جا ساڻس اختلاف رهيا، جنهن ڪري کيس ڏوراهن علائقن جي اسڪولن ۾ کيس بدلي ڪيو ويندو هو، پر هيءُ محبتي انسان جتي به ويندو هو، محبتون ماڻيندو ۽ قومي پرچار ڪندو رهندو هو. هن اعليٰ عملدارن جي اهڙي رويي تي سيڪريٽري تعليم مهتاب اڪبر راشديءَ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس به داخل ڪيو ۽ ٽن مهينن جي دربدريءَ بعد شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. هن پنهنجي ڳوٺ جي نياڻين کي پڙهايو ۽ جواب پور جهڙي قبائلي ذهنيت واري ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرائي، هڪ نياڻيءَ کي اُستاد مقرر ڪرايو، پر قبائلي ذهنيت رکندڙ سندس عزيزن ان جي مخالفت ڪئي. زخمي چانڊيو جيئن ته هڪ خوددار انسان هو ۽ ڪنهن جي به آڻ نه مڃيندو هو. جڏهن رياست ڏٺو ته هيءُ ارڏو انسان ڪنهن به صُورت ۾ جهُڪڻ لاءِ تيار ناهي، ته هُنن ديسي دلالن هٿان کيس راهه تان هٽائڻ جي رِٿ رِٿي ۽ قبائلي ذهينيت رکندڙن هٿان کيس 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو اسڪول ڏانهن ويندي، هٿياربندن هٿان شهيد ڪرايو. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان جواب پور ۾ واقعي آهي.
    زخمي چانديي کي عملي جدوجهد جي مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان بهترين رابطا سيڪريٽري طور ’سدا حيات فهيم فاروق عباسي‘ اوارڊ، سچوا مرڪز طرفان ’بهترين سماجي اڳواڻ‘ استاد بخاري ادبي فورم، لاڙڪاڻي پاران ’استاد بخاري اوارڊ‘ سميت کيس ٻيا به ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مڃتا طور مليا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ماهوار رسالي ’ادب‘ جو خاص نمبر زخميءَ جي نالي سان مڃتاطور شايع ڪيو ويو.
    زخميءَ جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: (1) شهر شهر زخمي (سال: 2001ع) ۽ (2) ڏاڍو ساريندين (سال: 2004ع) شايع ٿيل آهن. زخمي چانڊيو شاعر سان گڏ سٺو ڪهاڻيڪار به هو، سندس ڪهاڻيون به قومي ۽ سماجي مسئلن تي لکيل آهن. سندس پونئيرن وٽ ڪتاب جيترو شاعريءَ جو مواد موجود آهي ۽ آئون يقين سان چوان ٿو ته جڏهن به سندس شاعري ڇپي ته هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ڪارڪنن جي ضمير کي جهنجهوڙي جاڳائيندي.آئون سندس ئي سِٽن سان کيس ڀيٽا ڏيان ٿو.
    هن سِر ۾ جيسين ساهه اٿم، آزاديءَ ۾ ويساهه اٿم،
    هڪ وارث سنڌ جو سيد آ، ٻيو وارث ڀِٽ جو شاهه اٿم.


    لاڙ جي مٽيءَ جو خَمير : شهيد حڪيم نوتيار

    شهيد حڪيم نوتيار ضلعي بدين جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ جُمعي خان نوتيار جي گهر ۾ جنم ورتو. مقامي طرح تعليم حاصل ڪندي، مئٽرڪ تائين پهتو. ننڍپڻ کان ئي سنڌ جي عشق ۾ مبتلا ٿيو. هن جو جنم جنهن ضلعي ۾ ٿيو هو، اُهو قدرتي نعمتن سان مالامال پئي رهيو آهي، پر هن اهڙي خوشحال ضلعي ۾ پنهنجي مارو ماڻهن کي بُکن ۾ پاهه ٿيندي ڏٺو ۽ انگ اُگهاڙن ٻارن کي ڪتاب، پين سان گڏ ڪپڙي لاءِ واجهائيندي ڏٺو. هونئن مجموعي طور سڄي سنڌ جي صورتحال ئي ڪُجهه اهڙي آهي، پر هن ضلعي ۾ پنجابي آبادي اڪثريت ۾ هُئڻ ڪري، ڌرتي ڌڻي ڪُجهه وڌيڪ عذاب هيٺ رهيا آهن. هيءُ ننڍپڻ کان ئي نهايت حساس هوندو هو، جڏهن سائيبيريا جي آيل مهمان پکين کي پنهنجي اکين سان شڪار ٿيندي ڏسندو هو ته سندس اکيون آليون ٿي وينديون هُيون ۽ هيءُ پنهنجي ڌرتيءَ تي اهڙو ڪيس ڏسندي سوچندو هو ته منهنجي ڌرتيءَ جا ماڻهو ته مهماننواز آهن، پوءِ هيءُ مهمان ٿي آيل پکين جو ڪوس ڇو ٿو ٿئي. اهڙي ماحول ۾ پچندي پڄرندي هيءُ وڏو ٿيو هو ته سندس اندر ۾ ٻاروتڻ کان پلجندڙ بغاوت ڀڙڪو ڏئي اُٿي هُئي ۽ هن پڪو پهه ڪيو هو ته پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌارين جون لوڌون تڙي ڪڍڻ کان پوءِ ئي هُو سُک جو ساهه کڻندو.
    اسان وساري سُک پنهنجا!
    ڏُک ساريا جيجل سنڌڙيءَ جا.
    حڪيم نوتيار سياست جي شروعات ’جيئي سنڌ محاذ‘ کان ڪئي، هن ڪيترو ئي عرصو ضلعي ۾ ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ان دوران سندس پنجابين سان چڪريون به رهيون، مٿس ڪُوڙا ڪيس به داخل ٿيا، پر هي مانجهي مُڙس پوءِ به پنهنجي مقصد ڏانهن گامزن رهيو، ۽ آزاد سنڌو ديش جي پرچار ڪندي، گڏو گڏ مقامي سطح تي ماڻهن جي دلين ۾ ڌارين جي لاءِ نفرت جي باهه ڀڙڪائيندو رهيو. هيءُ تمام گهڻو جذباتي قسم جو نوجوان هو، هن سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف ڀرپور آواز اُٿاريو. اهڙيءَ طرح هن جي عملي جدوجهد کان خوفزده ٿي قتل جي ڪُوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن گرفتاري ڏيڻ بجاءِ رُوپوشي اختيار ڪئي، روپوشيءَ دوران هيءُ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو ۽ قومي جدوجهد سان سلهاڙيل رهيو.
    اُن بعد1985ع ڌاري هيءُ ڪراچي شفٽ ٿيو، جتي رهي هن ڪيترو ئي ڪم ڪيو. 1995ع ۾ جڏهن ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺهيو ته هيءُ ڪراچيءَ ۾ ’جسقم‘ جو ميمبر ٿيو ۽ مختلف ضلعي عهدن تي رهي، سرگرم ڪارڪن طور ذميواريون نڀايائين. ملير ضلعي اوڀر جو ڊويزنل آرگنائيزر، نائب صدر ۽ صدر رهيو. شهيد حڪيم نوتيار هڪ محنتي ڪارڪن هوندو هو، ڪراچيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ هي سڄي سنڌ جي ماڻهن جو ڀرجهلو رهيو. هن ڪراچيءَ ۾ آباد اردو ۽ سنڌي آباديءَ کي گڏائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملير، کوکراپار سميت ڪراچيءَ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ڪڇي برادري ۽ ٻين برادرين کي قومي تحريڪ ۾ ضم ڪيو. هيءُ اتي آباد سنڌي ماڻهن جو تمام گهڻو تحفظ ڪندو هو ۽ ٻهراڙين کان آيل ماڻهن جي هر طرح پرگهور لهندو هو. ڪنهن به ضلعي جو ڪو ڪارڪن ڪراچيءَ ۾ تاج ڪامپليڪس تي لهي، کيس فون ڪندو هو ته هيءُ فوري طور اُتي پهچي ويندو هو ۽ ان ماڻهوءَ کي کڻي، اُن جو جيڪو به ڪم هوندو هو، ڪرائي، ماني وغيره کارائي، پوءِ واپس اُن کي بس اسٽاپ تي ڇڏندو هو. اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون هن ۾ هونديون هُيون. ڪراچي ملير ۾ جتي پاڻ رهندو هو، اتي هن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ مقام جوڙيو هو، ۽ اُتان جا ماڻهو کيس مسيحا سمجهندا هُئا ۽ حڪيم جي هوندي ڪير به کين تنگ ڪرڻ جي همت نه ڪندو هو، ۽ نه ڪنهن جي ڪاروبار کي ڪير نقصان پهچائڻ جي جُرئت ڪندو هو. جڏهن به پارٽي جسقم ڪنهن هڙتال وغيرهه جو سڏ ڏيندي هُئي ته پوري ملير ضلعي جا ماڻهو يڪجهتي طور، پنهنجا ڪاروبار بند رکي سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هُئا. ٻي ڪنهن به پارٽيءَ جي هڙتال وغيرهه ۾ ضلعو ملير بند نه ٿيندو هو. ايتريقدر جو ايم. ڪيو. ايم جي هڙتال ۾ به مڪمل شهر کُليل هوندو هو. حڪيم نوتيار جهڙي ريت ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو، اهڙي ريت هُو رياست جي اکين ۾ ٻير جي ڪنڊي جيان چُڀڻ لڳو هو. حڪيم نوتيار جو سياسي سفر جاري هو ته اوچتو هُو 7 جون 2008ع تي گُم ٿي ويو ۽ هُو ٽن ڏينهن تائين لاپتا هو، سندس ڀاءُ ملير ٿاڻي تي سندس گُمشدگيءَ جي ايف. آءِ. آر به داخل ڪرائي هُئي. 10 جون 2008ع تي گُلستان جوهر جي پهلوان ڳوٺ لڳ فليٽ نمبر 307 مان سندس لاش مليو، سندس سڄي جسم تي تشدد ٿيل هو، مُنهن تي تيزاب هاريل ۽ مٿي ۾ گولي لڳل هُئي. سندس مڙهه بچل خاصخيلي ڳوٺ جي لعل شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    حڪيم نوتيار جو وحشياڻو قتل نج رياستي قتل آهي، قومي تحريڪ کي ڌچڪو رسائڻ لاءِ اڻڏٺل قوتن کيس شهيد ڪيو. ههڙي ڪُونڌر مڙس جي شهادت واري هن صدمي نه رُڳو ملير جي اُنهن ماڻهن کي دلي صدمو پهچايو هو، جن جو هُو محبوب هوندو هو، پر پوري سنڌ جي ماڻهن جو جيءُ جهوري ڇڏيو هو. شهيد حڪيم نوتيار سوڳوارن ۾ ٻه ڀائر جاويد نوتيار ۽ شاهد نوتيار، ٻه گهر واريون، ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ بلاول ڇڏيا. سندس اولاد اڃا ننڍڙو ئي هو ته پيءُ جو سايو کسجي ويو.
    دونوں جہاں اپنی محبت میں ہار کے،
    وہ جا رہا ہے کوئی شبِ غم گذار کے۔


    محبت جي راهه جو رابيل : شهيد خان محمد بنگلاڻي

    سماج جي اندر جاڳرتا پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙ، انساني اڻبرابريءَ خلاف جنگ جوٽيندڙ ۽ جهالت جي انڌيري ۾ شعور جو ڏيئو ٻاري روشنيءَ جا ڪِرڻا پکيڙيندڙ، فرسودهه ۽ غليظ رسمن جي خلاف جهيڙيندڙ خان محمد بنگلاڻي انهن ئي فرسودهه رسمن جي ور چڙهي ويو.
    خان محمد بنگلاڻي، پهرين مئي 1963ع تي ڳوٺ محراب خان بنگلاڻي، تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين، مئٽرڪ 1979ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان، انٽر 1982ع ۾ ساڳئي اسڪول مان، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاخ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان 1986ع ۾ ڪيائين. پي. ٽي. سي 1987ع، سي. ٽي 1988ع ۽ بي. ايڊ 1993ع ۾ ڪيائين.
    خان محمد بنگلاڻي نهايت ئي پڙهيل ۽ باشعور نوجوان هو، ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهن هوندو هو، هن جيئن انٽر جو امتحان پاس ڪيو ته جلد ئي کيس ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو ۽ پيغمبري پيشي سان لاڳاپجي، هن پنهنجي سماج جي ماڻهن ۾ شعوري جاڳرتا شروع ڪئي. خان محمد پنهنجي علائقي ۾ بهترين استاد طور مڃيل هو، هن قوم جي مستقبل ٻارن کي دل و جھان سان پڙهائڻ شروع ڪيو، سندس ڪيترائي شاگرد اڄ سُٺن عهدن تي فائز آهن. خان محمد نھايت ئي مُتحرڪ ذهن رکندڙ هو ۽ هن پنهنجي علائقي ۾ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. هيءُ 80ع واري ڏهاڪي کان قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ’جسم‘ جي مختلف عهدن تي رهندي، هن آزاد سنڌو ديش جي تمام گهڻي پرچار ڪئي. گهر گهر وڃي آزاديءَ جو پيغام پهچايائين. هن ڪيترن ئي جلسن جلوسن جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪيترائي ليڪچر پروگرام سيمينار مُنعقد ڪرايا. هن وڏيرڪي ۽ پير پرست سماج سان جهيڙيندي ضلعي عمرڪوٽ ۾ سماجي ۽ قومي مسئلن تي ڪامياب ڌرڻا هڻائي، مُطالبا منظور ڪرايا ۽ جڏهن عمرڪوٽ جي ضلعي واري حيثيت ختم ڪري ميرپورخاص سان ڳنڍيو ويو هو، ته هن ضلعي جي بحاليءَ لاءِ ٻين شهرين سان گڏجي عملي جدوجهد ڪئي. هن ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ دوران ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ اسڪولن ۾ ’جشن لطيف‘ منعقد ڪرايا ۽ شاهه سائين جو امن انسايت جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو. اُن بعد جڏهن ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو بُنياد پيو ته پاڻ جسقم جي مُختلف عهدن تي رهندي ڪم ڪندو رهيو، هيءُ فڪر جي. ايم سيد جو نظرياتي ڪارڪن هو ۽ سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه ۽ ورسيءَ جي موقعن تي، ضلعي مان ڪارڪنن جا جٿا سن وٺي ويندو هو ۽ ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جو ڀاڙو خرچ به پاڻ ڀريندو هو. خان محمد جڏهن به سن کان موٽندو هو ته ڪتابن جون ڀريون وٺي ايندو هو، سندس گهر ۾ شاندار لئبريري قائم ٿيل هُئي ۽ سندس مُطالعو تمام وسيع هوندو هو. هن کي تاريخ تي تمام گهڻي ڄاڻ هُئي ۽ شاهه لطيف به تمام گهڻو ياد هُوندو هُئس.
    خان محمد گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، هُو هڪ ئي وقت قومي ڪارڪن، ڀلوڙ اُستاد، سماج سُڌارڪ ۽ انساني حقن جو علمبردار هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي عرصي ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، هن مختلف ڳوٺن ۾ گرلس اسڪول کولرائي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيو، جنهن ڪري هن وقت جي وڏيرن ۽ جاگيرداري سوچ رکندڙ ماڻهن سان مُهاڏو اٽڪايو. خان محمد ايڇ. آر. سي. پي جو ميمبر ٿي، انساني حقن جو پيغام پهچائيندو رهيو. جيتوڻيڪ! هن اهڙي ماحول ۾ جنم ورتو هو، جتي ڇوڪرين جي تعليم کي تمام گهڻو غلط سمجهيو ويندو هو، بلڪه ڇوڪرن جي تعليم جو رُجحان به نه هُئڻ جي برابر هو، اهڙي ماحول ۾ رهندي، هيءُ ڇوڪرين لاءِ ڪيترائي اسڪول قائم ڪرائڻ ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ڪيتريون ئي ڇوڪريون گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪري اُستاد ٿيون.
    خان محمد 1987ع ۾ جڏهن پي. ٽي. سي ڪرڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج ميرپورخاص آيو ته هن اُتي هڪ ڀرپور قومي ماحول جوڙي ورتو ۽ سڀني دوستن کي آمادهه ڪيائين ته هتي ’جشن لطيف‘ ملهائينداسين ۽ هنن پرنسيپل سان به ڳالهايو؛ جنهن اهڙي اجازت به ڏني، پر پروگرام جي ڏينهن تقريب شروع ٿيڻ کان ڪُجهه وقت پهرين هنن کي پروگرام ڪرڻ کان روڪيو ويو، توڙي جو مهمان وغيره به اچي چُڪا هُئا. هنن جڏهن گهڻو زور ڀريو ته اسان هتي ڪو سياسي پروگرام نه پيا ڪريون، جشن لطيف پيا ملهايون، جيڪو نه صرف سنڌي قوم جو بلڪه انسانيت جو علمبردار شاعر آهي. هنن کي پروگرام ته نه ڪرڻ ڏنو ويو، پر هنن دوستن کي ٽي. سي ڏئي مختلف ضلعن ۾ موڪليو ويو، ڪن کي سانگهڙ، ڪن کي ڪنڌڪوٽ ۽ خان محمد کي خيرپور ميرس موڪليو ويو. خان محمد جنهن لاءِ سڄي سنڌ پرين جو پاڇو هُئي، سو جڏهن خيرپور پهتو ته اُتان جي ڪاليج جي پرنسيپل سان ڳالهائي خيرپور ڪاليج ۾ ’جشن لطيف‘ ڀرپور نموني ملهايائين. اهڙيءَ طرح خان محمد عزم جو قائل ۽ عمل جو پابند انسان هوندو هو. هيءُ ڪنهن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو نه هو، کيس سياسي سماجي سرگرمين ڪري ڪيترائي ڀيرا موت جون ڌمڪيون به ملنديون رهيون، ڪيترائي ڀيرا جيل جي هوا به کائي آيو، پر هن ڪٿي به اُصولن جو سودو نه ڪيو ۽ سنڌ جي عشق تان دستبردار نه ٿيو.
    خان محمد جيئن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، تيئن هُو سرتيءَ جي عشق کان به بچي نه سگهيو هو، هن هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ڪيو هو ۽ اُن جي حاصلات لاءِ هُو ڪيترا ئي ڀيرا سندس مائٽن وٽ هلي ويو هو ۽ ڪيترن ئي چڱن ماڻهن بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر هرچند راءِ، علي حسن چانڊيي، صوفي فتح علي ڊاڪٽر علي نواز شاهاڻي ۽ ٻين کي ميڙ ڪري به وٺي ويو هو، پر ڇوڪريءَ جي مائٽن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. اُن بعد هن انهيءَ ڇوڪريءَ سان نڪاح ڪيو هو، ڇو ته هُن وٽ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو هو. مُرشد لطيف اهڙن سرڪش انسانن لاءِ ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
    هڪ جُوءَ، ٻي جوَءِ، ڇڏين ڪيئن جوان،
    اهڙا ئي انسان، جي ننگن تان نثار ٿيا.
    اهڙيءَ طرح جڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي نڪاح جي خبر پئي ته هُنن 27 نومبر 2000ع تي ڏينهن ڏٺي جو صوفي شهر ۾ دُڪان تي ويٺل مٿان حملو ڪري کيس شهيد ڪيو، سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    مٽيءَ جو مشتاق : شهيد مشتاق خاصخيلي

    جوانيءَ جو موت ڏاڍو تڙپائيندڙ هوندو آهي، پر جوانيءَ ۾ ڪنهن عظيم مقصد لاءِ شهادت خوشنصيبي هوندي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جي هن قافلي ۾ ڪيترن ئي سورهيه پُٽن جامِ شهادت نوش ڪيو آهي. هن قافلي جا ڪيترائي ڪُونڌر ڪُٺا ويا آهن، پر هي قافلو آهي، جيڪو کُٽي نٿو، ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو. سنڌ جي سرموڙ شاعر اُستاد بخاري ڪيڏو نه خوب چيو آهي.
    ڇو ڪٿي رُڪجون رفيقو!
    ارتقا رُڪجي نٿي،
    زندگيءَ جي آرزوءَ ۾ جُستجو ٿڪجي نٿي،
    ساٿيو سندرا ٻڌي هلندا هلو وڌندا هلو،
    پاڻ ڇو بيهي رهون؟
    دُنيا جڏهن بيهي نٿي.
    دُنيا سان ڪُلهو ملائي هلڻ جا وچن ورجائيندڙ هن قافلي جا نوجوان، جيڪي پوئتي موٽڻ کي مهڻو سمجھندڙ اڃا به اڳڀرا ڪاهيندا وتن پيا. جيتوڻيڪ هن قافلي جي اڳواڻيءَ ڪندڙ ڪيترن ئي ڪونڌرن کي ابدي ننڊ سُمهاريو ويو آهي، پوءِ به هي قافلو ”هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو“ هلندو رهي ٿو. جي هڪڙو سُمهي ٿو ته ٻيو وڌي اچي اُن جي اڳواڻي ڪري ٿو. مون ڪٿي پڙهيو آهي ته برصغير جي تحريڪ آزاديءَ دوران جڏهن مهاتما گانڌي وديشي شين جي واپرائڻ کان منع ڪئي هئي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان لوڻ ڪڍي ماڻهن کي چيو هُئائين ته هي توهان جي مٽيءَ جي ميراث آهي، توهان ڇو پيا انگريزن جي ڪارخانن مان تيار ڪيل لوڻ وٺو؟ تڏهن فرنگي سرڪار مهاتما گانڌيءَ کي گرفتار ڪيو هو، مهاتما گانڌي گرفتار ڇا ٿيو هو، پورو برصغير جاڳي پيو هو، جيل جي ٻاهران ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي ويا هُئا، گوري سرڪار جا سپاهي ماڻهن کي ماري ماري ٿڪجي پيا، هڪ ماڻهو ڪرندو هو ته ٻيو وڌي اچي اُن صف ۾ بيهندو هو. اهڙيءَ طرح هي تحريڪ لوڻ مُٺ تحريڪ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ گوري سرڪار کي مجبور ٿي گانڌيءَ کي آزاد ڪرڻو پيو. سنڌ جي قومي تحريڪ به ايئن آهي، جو هڪڙو ڪري ٿو ته ٻيو وڌي اُن قافلي جي اڳواڻيءَ ڪري ٿو. سائين جي. ايم سيد جي شروع ڪيل قومي قافلي جو هڪ سپاهي ٺٽي ڄائو مشتاق خاصخيلي به شهادت جي اُن درجي تي پهچي پنهنجي امڙ سنڌ لاءِ ساهه ڏئي سَرهو ٿيو.
    مشتاق خاصخيلي 17 جنوري 1979ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري ضلعي ٺٽي جي هڪ ننڍڙي شهر گهاري ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد موسيٰ خاصخيلي آهي، جيڪو هڪ پورهيت هو. پورهيت پيءُ جو پورهيت پُٽ ايڏي وڏي درجي تي پهچندو، اهو ڪنهن ٿي ڄاتو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گهاري ۾ ورتي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گهاري مان 1998ع ۾ پاس ڪري، ڊگري ڪاليج مڪليءَ مان 2005ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. هن ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران جيئي سنڌ لطيف سنگت ۾ شموليت ڪئي ۽ ساڳئي دور ۾ گهاري شهر ۾ ’ينگ ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ نالي هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين. هن شروع ۾ گهر جي چُلهه ٻارڻ لاءِ مختلف مزدوريون ڪيون، پوءِ درزڪو ڪم سکيو ۽ ’مهراڻ ٽيلرز‘ جي نالي سان درزڪو دڪان کوليائين ۽ ’سنڌ درزي ايسوسيئيشن‘ جو بنياد وجهي پاڻ اُن جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. مشتاق خاصخيليءَ کي سياست ورثي ۾ ملي، سندس مامو ڊاڪٽر نظام الدين خاصخيلي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ (جساف) جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ سياسي سرگرمين ڪري ڪيترو عرصو جيل به ڀوڳيو هئائين. مشتاق خاصخيلي شروعات ۾ ته جيئي سنڌ ۾ همدرد طور شامل ٿيو هو ۽ پنهنجي روزگار سان گڏ جيئي سنڌ جي جلسن ۾ همدرد طور حصو وٺندو هو، پر پوءِ آزاديءَ جي نعرن، آزاديءَ جي ڳاڙهي جهنڊي جي تجسس هن کي قومي تحريڪ ڏانهن ڇڪ ڪئي ۽ پاڻ پنهنجا ڌنڌا داڙيون ڇڏي 27 جولاءِ 1999 ع تي ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هي ڪُل وقتي ڪارڪن هو ۽ نظرياتي ورڪر طور اُڀريو. هن پهريان جسقم گهارو يونٽ جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر، پوءِ گهاري يونٽ جو فنانس سيڪريٽري، گهاري يونٽ جو صدر، تعلقي ميرپور ساڪري جو ڊپٽي آرگنائيزر، آرگنائيزر ۽ پوءِ چيف آرگنائيزر طور ذميواريون سرانجام ڏنيون. اُن کانپوءِ کيس جسقم ضلعي ٺٽي جو فنانس سيڪريٽري ۽ صدر چونڊيو ويو.
    شھيد مشتاق خاصخيلي پنهنجي زندگيءَ جي مختصر عرصي ۾ کوڙ سارا قومي ڪم ڪيا، جن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڪيترائي ڀيرا مظاهرا ڪرائڻ، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن خلاف احتجاج ڪرائڻ، قومي ڪارڪنن جي گمشدگيءَ خلاف احتجاج، مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪرائڻ، ٺٽي ضلعي ۾ بدامنيءَ جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ کان علاوه جسقم پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ 2 اپريل کان 11 اپريل 2006ع تائين، جسقم چيئرمئن بشير خان ۽ ٻين 25 دوستن سان گڏ ڏهن ڏينهن جي بُک هڙتال ۾ حصو ورتائين. بلوچستان، ڪوئٽيا ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزاديءَ لاءِ جسقم پاران قائم ڪيل بُک هڙتالي ڪئمپ ۾ حصو ورتائين. جسقم پاران سکر کان ڪراچيءَ تائين پيغام سنڌ مارچ جو 10 اپريل 2007ع تي گهاري شهر ۾ هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان استقبال ڪيائين، بعد ۾ پاڻ ڪراچي تائين ان قافلي سان گڏ رهيو. اهڙيءَ طرح هن اڻٿڪ ۽ محنتي ڪارڪن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪيترا عملي ڪم ڪيا، سنڌ جي ڳالھه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل به ڀوڳيائين، پر هي وِرچي ويهڻ وارن مان نه هو، جيترو عرصو زندگي وفا ڪئي، هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي مٽي هاڻن ماڻهن سان وفا ڪندي گذاري ۽ آخر ۾ سنڌ جي ابوجهاد بشيرخان قريشيءَ کي بچائيندي 24 جولاءِ 2009ع تي شھيد ٿيو.
    واقعي جو پسمنظر؛ 24جولاءِ 2009ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ پاران، سهراب ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن هٿان شھيد ٿيندڙ ذوالفقار ملاح جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سهراب ڳوٺ وٽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جسقم چيئرمئن بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قافلو گلشن حديد کان نڪتو هو، مشتاق خاصخيلي بشير خان سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويٺل هو ته ڪُجهه پنڌ اڳتي هلڻ کانپوءِ سرڪاري دهشتگردن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ مشتاق خاصخيلي، بشير خان کي بچائيندي اڳيان ٿيو ته گولي سندس ڄنگهه ۾ لڳي، هي فوري طور گاڏيءَ مان لٿو ۽ پنهنجي پسٽل سان گوليون هلائيندڙن مٿان فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حملي آور موقعي تي مري ويو، ان بعد بشير خان جي گارڊن ۽ ٻين ڪارڪنن به فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻيو حملي آور زخمي ٿي ڪري پيو، جنهن کي پڪڙيو ويو ۽ مشتاق گهڻو رت وهڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو. کيس طبي امداد لاءِ فوري طور بتول اسپتال پهچايو ويو، اُتان جواب ملڻ کانپوءِ کيس جناح اسپتال پهچايو ويو، پر مشتاق اڳ ۾ ئي پساهه پورا ڪري چڪو هو. پڪڙيل حملي آور جي تلاشي وٺڻ سان انهن جي کيسي مان ملندڙ شناختي ڪارڊ موجب انهن جي سُڃاڻپ هن ريت ٿي، مري ويل جو نالو زاهد مصطفيٰ ۽ زخمي ٿيندڙ ذوالفقار علي شاهه. زخمي جي بيان موجب ته هُو ڳُجهن ادارن جا ماڻهو آهن.
    شھيد مشتاق خاصخيليءَ کي ڪراچي جي جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان سندس اباڻي ڳوٺ گهاري آندو ويو، جتي ڪيترن ئي شهرين سندس آخري ديدار ڪيو، ان بعد کيس مٿي تي موڙ ٻڌرائي، سهرا/لاڏا ڳائي، قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد مشتاق خاصخيليءَ تي ڊاڪٽر حيدر لاشاري هڪ ڪتاب ”مٽيءَ جو مشتاق“ نالي سان مرتب ڪري ڇپرايو آهي.


    ڌرتي توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي : شهيد اسد عباسي

    جڏهن به آرڪيٽيڪچر جي اُداس شامن ۾ منهنجون يادون گهيري اچن، تڏهن سنڌ جي مٽي کڻي سُنگهي ڇڏجو، اُنهي ۾ مان توهان سان مخاطب ٿيندس. هيءُ آواز شهيد اسد عباسيءَ جي روح جو آواز آهي، جيڪو هن وقت به اُداس شامن ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو طواف ڪري رهيو آهي. اسد عباسي روشنين جي شهر ڪراچيءَ جي رهاڪو، اسٽيل مل مان رٽائرڊ انجنيئر عبدالرحمٰن عباسيءَ جو پُٽ هو. سندس وڏا اصل ۾ ميهڙ جا رهاڪو هئا، بعد ۾ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺا. هيءُ جڏهن روشنين جو شهر ڇڏي، پٿرن جي شهر ڄام شوري پهتو هو، تڏهن هن کي اڻ ڳڻيون محبتون مليون هيون. هن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيٽيڪچر ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي هئي، جتي هن کي بشير، آريسر ۽ ماجد حيدريءَ جھڙا بهادر ۽ پُرخلوص دوست مليا هئا. هيءُ جسقم جي شاگرد ونگ (جساف) جو ميمبر ٿيو ۽ شاگردن جي مسئلن تي انتظاميا سان ٽڪراءَ ۾ آيو. هن يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بسن جو مطالبو ڪيو، جيڪي تمام ٿوريون هونديون هيون. شاگرد انهن ۾ سٿجي ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڇوڪريون بس ۾ فرش تي ويهي، يونيورسٽي پهچنديون هيون. هن ميس تي مانيءَ جي مهانگي ٿيڻ تي آواز اُٿاريو، هاسٽلن جي صفائي ۽ هفتن جا هفتا پاڻي نه هجڻ- هن انهن مسئلن خلاف شاگردن ۾ تحريڪ هلائي. وي.سي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ پوءِ نيٺ انتظاميا هن سرڪش نوجوان جي اڳيان گوڏا کوڙيا ۽ شاگردن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا. هاڻي هيءُ شاگردن جي لاءِ مسيحا ٿيندو ويو ۽ انتظاميا جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن گڏجي هن کي جساف مهراڻ يونيورسٽيءَ جو صدر مقرر ڪيو ۽ هن آخري گهڙين تائين انهن جو ويساهه بحال رکيو. هيءُ يونيورسٽيءَ جي سڀني شاگردن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو، خاص طور ڇوڪرين جو. مهراڻ جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون هن تي ديوانيون هونديون هيون، پر هيءُ سڀني کي پنهنجون ڀيڻيون سمجهندو هو. هڪڙي ڇوڪري هوندي هئي، جيڪا هن کي تمام گهڻو ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. انهيءَ سان هيءُ ڪجهه گهڙين لاءِ ميسيج چيٽ ڪري وٺندو هو، پر انهي سان ڪڏهن به پيار وغيره جو اظهار ڪونه ڪيائين. جنهن کي ڌرتيءَ جي عشق، مڌ جا پيالا پياري مست ڪري ڇڏيو هجي، اُهو ڪنهن هڪ فرد سان عشق ڪري پنهنجي پاڻ کي محدود ڪيئن ٿي ڪري سگهيو.
    اسد عباسي هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا مون وٽ ايندو هو، ۽ اسان طويل ڪچهريون ڪندا هئاسين؛ ۽ حيدرآباد جي روڊن تي پنڌ ڪندا هئاسين. مون هن کي ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو هميشه مُسڪرائيندو رهندو هو. کائڻ پيئڻ جو انتهائي شوقين هوندو هو، جيڪا شيءِ نظر ايندي هئس وٺندي دير نه ڪندو هو.
    اسد عباسي نهايت ئي محنتي ۽ سچو ورڪر هو. شھادت کان ڪُجهه ڏينهن پهرين مون وٽ آيو ۽ چيائين ته، آئون قومي تحريڪ جي شهيدن جي تاريخ گڏ پيو ڪريان. انهن تي نه صرف خوبصورت ڪتاب آڻيندس، پر سنڌالاجي ۽ سينٽرل لائبريريءَ ۾ ڪارنر قائم ڪرڻ لاءِ انتظاميا سان ڳالهايو به اٿم، پر افسوس! هن جن شھيدن جي تاريخ سهيڙڻ پئي چاهي، اهو خود انهن شھيدن جي لسٽ جي هڪ فريم جي تصوير بڻجي رهجي ويو.
    اسد عباسيءَ جي محنتن سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ماحول اڃا وڌيڪ سُٺو ٿيندو ويو. ڪوبه جهيڙو جهڳڙو نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪڏهن ڪا اسٽرائيڪ (هڙتال). اها ڳالهه انتظاميا کي سُٺي نه لڳندي هئي، ڇو ته هنن جي پاڙيسري يونيورسٽيءَ (سنڌ يونيورسٽي) ۾ هر روز بائيڪاٽ هوندو هو. مهيني ۾ چار ڏينهن به ڪلاس ڪونه هلندا هئا؛ ان جي ڀيٽ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ماحول نرم هو. ڪنهن به تنظيم جي مداخلت کي جساف وارا اڳتي وڌڻ ڪونه ڏيندا هئا. انتظاميا مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پريشر گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ناڪامي نصيب ٿي؛ ۽ پوءِ هنن سنڌ يونيورسٽيءَ مان (سپاف جي) سرڪاري غنڊن کي گهرايو، جيڪي گهرو وزير جي سَرپرستيءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ کي تباهيءَ ڪناري پهچائي چڪا هئا. اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو مائٽ، احسن ڪنڌر شامل ٿيو، ۽ ڪجهه جَٽ پنجابي به شامل ٿيا. هاڻي هنن جي پريشر گروپ جي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ مداخلت شروع ٿي چڪي هئي. جساف جي ڪارڪنن ان مداخلت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُنن سان گورنمنٽ جي طاقت گڏ هئي، پوليس جي گاڏين ۾ چڙهي اچي هيءُ ٽولو يونيورسٽيءَ ۾ بدمعاشي ڪندو هو. ائين جهيڙي جي شروعات ٿي چڪي هئي. جساف جا نوجوان فولادي ديوار بڻجي، هنن جي سامهون بيهي رهيا، هنن کي پنهنجي زندگين کان وڌيڪ يونيورسٽيءَ جو ماحول عزيز هو؛ ۽ نيٺ 08 آگسٽ 2008ع تي انهي جهيڙي جي پُڄاڻي ٿي. مهراڻ يونيورسٽيءَ مان هڪڙي گولي ڇٽي، جيڪا بشير آريسر ۽ ماجد حيدريءَ سان گڏ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري وئي؛ اها گولي اسد عباسيءَ جي تعاقب ۾ هئي. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي گيٽ وٽان هڪ چيخ پڙاڏو بڻجي اُڀري، جيڪا ان ڇوڪريءَ جي هئي، جنهن سان هو ميسيج چيٽ ڪندو هو. هو پُٺ ڏيئي ڪونه ڀڳو هو، هن کي گولي نرڙ ۾ لڳي هئي، هن جو رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو هو. دوستن فوري طور هن کي طِبي امداد لاءِ L.M.U پهچايو، جتان ڊاڪٽرن فوري طور کيس ڪراچيءَ ريفر ڪيو؛ پر افسوس جو ڪراچي پهچڻ کان پهرين هن سرڪش نوجوان ڌرتيءَ تي آخري نظر وجهي هيءَ سٽ پنهنجي چپن ۾ ورجائي:
    ”ڌرتي! توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي...!“
    هن جي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي. اسد عباسي شهيد ٿي ويو. مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سناٽو ڇانئجي ويو. هر اک آلي هئي، سارا نيڻ اداس هئا. پکين جا پَر ڪٽجي ويا هئا. ڌرتي ماتا سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. سائين جي.ايم.سيد جو روح تڙپي اُٿيو هو ۽ جڏهن شهيد اسد عباسيءَ جي تدفين ڪري، هن جا دوست واپس موٽيا هئا، تڏهن هنن سڌو رُخ ڄامشوري ٿاڻي جو ڪيو. شهيد اسد جي قتل جي ايف.آءِ.آر ڪٽرائڻ لاءِ. ڄامشوري جي ڊي.پي.او اهو چئي ايف.آءِ.آر ڪٽڻ کان انڪار ڪيو، ته گهرو وزير جي منع ٿيل آهي ته اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ تي ڪنهن به قسم جي ڪابه ايف.آءِ.آر نه ڪاٽي وڃي، پوءِ چاهي هو ڪيترائي قتل ڇو نه ڪري وجهن! اهو ٻُڌي شهيد اَسد جي دوستن جو رت ٽهڪڻ لڳو هو. هنن پڪو پهه ڪيو ته هاڻي هي خود قاتلن کي پڪڙي کين ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائيندا، ۽ هنن ڳولا شروع ڪئي. هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ جڏهن هنن P.D جي مائٽ احسن ڪَنڌر کي يونيورسٽيءَ ۾ گهمندي ڏٺو، تڏهن هنن فوري طور ان کي پڪڙي ورتو، جيڪو اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ سان گڏ مُک جوابدار آهي. وري ڊي.پي.او جي مداخلت تي، هنن احسن ڪنڌر کي ڊي.پي.او جي حوالي ڪيو. ڊي.پي.او ڄامشورو ٻه ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ کان پوءِ قاتل کي فوري طور آزاد ڪري ڇڏيو؛ ۽ جساف جي عهديدارن تي ڪيس داخل ڪيو. انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل منصف جي اکين تي پٽي ٻڌي وئي، جمهوري دؤر ۾ جمهوريت جو قتل سَرعام ٿيو، ڪنهن جي اک ئي نه ٻُڏي! ڇو؟ هن وقت تائين هڪ به قاتل نه گرفتار ٿيو آهي، ۽ نه ئي ريسٽيڪيٽ؛ شهيد اسد عباسيءَ جي قتل جي ايف.آءِ.آر ڪنهن جي عدالت ۾ داخل ڪرائجي؟ جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ هڙتالون، مظاهرا، تعليمي ادارن جو بائيڪاٽ به سوموٽو نوٽيس وٺندڙ چيف جسٽس جو ڌيان نٿا ڇڪرائي سگهن، ته پوءِ ڇا شهيد اسد عباسيءَ جو فائيل پڻ ٻين ڪيترن ئي قتلن وانگر، هميشه هميشه جي لاءِ بند ٿي ويندو...!؟


    روز پيا ٿا ڪُونڌر ڪُسجن : شهيد دلبر ميراڻي

    دلبر علي ميراڻي 1976 ع ڌاري ڪنڌڪوٽ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ وزير علي ميراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم نيو مرزاپور اسڪول ڪنڌڪوٽ مان 1985ع ۾ پنج درجا پاس ڪيائين، مڊل گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين، غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو، ڇو ته سندس والد هڪ پورهيت هو ۽ مڇيءَ مارڻ جو ڌنڌو ڪندو هو. دلبر جيئن ته اٺين تائين تعليم حاصل ڪئي هُئي، جنهن دوران قومي ڪارڪنن جي ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليو هو، قومي ڪارڪنن جي سنڌپرستيءَ وارين ڪچهرين مٿس اهڙو ته اثر ڪيو، جو هُو 1988ع ڌاري ’جساف‘ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ هي ڪو گهڻو پڙهيل نه هو، پر هن جڏهن سائين جي. ايم سيد جا ڪتاب پڙهيا هُئا ته هن جي اندر ۾ ويٺل باغي انسان جاڳي پيو هو. ڇو ته هن صدين کان پنهنجي وڏڙن کي غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندي ڏٺو هو. توڙي جو سندس والد جو خيال هو ته هُو سياست نه ڪري پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي سنڀالي ۽ پنهنجي پيءُ سان ڪم ۾ هٿ ونڊائي، پر هنکي ته عشق جي نانگ ڪکي وڌو هو، جنهن جو زهر سندس جسم جي رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويو هو ۽ اهڙي زهر کان بچڻ مشڪل هو، شاهه سائين اهڙن عاشقن لاءِ ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
    عشق ته آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.
    قومي تحريڪ جي هن قافلي جا ڪيترائي سپاهي عشق جي نانگ هٿان ڪکيل هُئا/آهن ۽ اهڙي قافلي ۾ دلبر به شامل ٿيو هو ته آزاديءَ جي لال ڪُنوار سان اهڙي ته لنئون لڳي جو پوئتي موٽڻ سندس وس ۾ ڪٿي هو. دنگن ۽ ننگن تان نثار ٿيڻ وارو لطيف جو سبق دلبر نه صرف پڙهيو هو، پر اُن کي هينئين سان هنڍايو به هُئائين. دلبر ميراڻي جساف جي سياست دوران تمام گهڻو سرگرم رهيو، هي نه رڳو شاگردن جي مسئلن تي سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ لڳو پر هي ته پنهنجي علائقي جي سماجي مسئلن ۾ به اڳڀرو ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، جنهنڪري وقت جي ڪُوڙي رياست ۽ ان جي ونگاري وڏيرن هن کي تمام گهڻو ستايو، خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به مليون ته ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل جي چوديواريءَ ۾ قيد به ٿيو، پر هيءُ نه جُهڪيو نه وِڪيو پنهنجي اڏول مقصد تي اٽل رهيو. ڪيترائي ڀيرا سرڪار جي ڇاڙتن کيس خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر هيءُ ڪنهن به لالچ جي چمڪ دمڪ کان باز رهيو، توڙي جو هن جي مادي زندگي ڪا خوشحالي واري نه هُئي پر هن سچ کي هٿان نه ڇڏيو. سندس اهڙي جوش ۽ جذبي کي ڏسندي 1996ع ۾ کيس جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقي ڪنڌڪوٽ جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو (ان وقت تعلقي ڪنڌڪوٽ جو صدر ڏاڏو جکراڻي هو) جيڪو پڻ بهادر ۽ نظرياتي ڪارڪن آهي.
    دلبر ميراڻي اُن بعد ڪنڌڪوٽ ڇڏي ڪراچي هليو آيو، جتي چمڙا چورنگيءَ تي ڪئبن لڳائي مزدوري ڪرڻ لڳو ۽ ڪراچيءَ ۾ به جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙجي سياست ڪرڻ لڳو ۽ مختلف عهدن تي رهي ذميواريون نڀايائين ۽ شهادت وقت به هو ملير ضلعي اوڀر جو ماليات سيڪريٽري هو. دلبر نهايت ئي محنتي ڪارڪن هو، جنهن ڪري بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر ٻئي کيس ڏاڍو ڀائيندا هُئا. هن ڪراچيءَ ۾ رهندي جسقم جي مُختلف عهدن، يونٽ صدر، تعلقي صدر ۽ ضلعي صدر جي عهدن تي رهي ڪم ڪيو. ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين چڪرا ڳوٺ، جُمع ڳوٺ، بلاول ڪالوني، شرافي ڳوٺ، ابراهيم حيدري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ هن قومي بيداريءَ جو سڏ ڏنو ۽ اُتي هي غريب ۽ پورهيت طبقي جو ڀرجهلو به هوندو هو، جنهن ڪري هن ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي جيئي سنڌ پورهيت سنگت ۾ ميمبرشپ ڪرائي ۽ پاڻ هر ممڪن سندن سڏ ۾ سڏ ڏيندو هو.
    دلبر ميراڻي ڪراچيءَ جي بهادر اڳواڻ شھيد حڪيم نوتيار جو پلاند به ڪيو هو. دلبر ميراڻيءَ کي قومي سياست ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 18 مارچ 2008ع تي، چڪرا ڳوٺ کان ويندي روڊ تي پُٺيان وار ڪري شهيد ڪيو ويو. سندس چار ڀائر اڃا تائين قومي تحريڪ سان سلهاڙيل آهن.
    روز پيا ٿا ڪُونڌر ڪُسجن!
    ڏيندو ڪير حساب!!!!!!!!!؟


    آءُ زندان جي جهروڪي مان نهار ؛ شهيد منير شاهاڻي

    منير احمد شاهاڻي 1969ع ڌاري، ڳوٺ جوهرپور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد قاسم شاهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين. اُن بعد والد صاحب اولاد جي تعليم خاطر، لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندن ڳوٺ جوهرپور لاڙڪاڻي کان پنجن ڪلو ميٽرن جي مُفاصلي تي آهي. مُنير ميٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي، اُن دوران فڪرِ جي. ايم سيد سان سلهاڙجي، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شموليت ڪيائين ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو.
    مُنير شاهاڻي لساني فسادن دوران ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، سندس هٿن، پيرن جا نُنهن ڇڪي لاٿا ويا ۽ زور ڀريو ويو ته تون قبول ڪر ته لساني جهيڙن ۾ تون ۽ تنهنجي تنظيم مُلوث آهي، پر هن اڏول انسان سندن هڪ به نه مڃي ته مٿس هر طرح جو تشدد ڪرڻ سان گڏ، هڪ ظالم پوليس آفيسر کي گُهرايو ويو ته هن تي ايترو تشدد ڪر، جو هيءُ قبول ڪري. اُن پوليس آفيسر به مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو، پر هيءُ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو، اُن تشدد سبب سندس هٿن، پيرن ۽ ٻئي جسم مان گند وهڻ شروع ٿي چُڪو هو، تڏهن اُن ئي سنڌي پوليس آفيسر کيس اسپتال داخل ڪرايو ۽ کانئس معافي وٺندي چيائين، مون کي معاف ڪجان، مون توتي بي گُناهه تشدد ڪيو. تنهن تي مُنير شاهاڻي وراڻيو: مون کي انهيءَ ٽارچر ۽ تشدد جي پرواهه ناهي، پر ڏُک ان ڳالهه جو آهي ته تو هڪ سنڌي، ٿي ڪري مون تي ايڏي بيرحميءَ سان تشدد ڪيو. اُن بعد مٿس ڪُوڙا ڪيس داخل ڪري، سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو، بعد ۾ ظالم پوليس آفيسر امجد شاهه کيس لاڙڪاڻي جيل تي وٺي آيو، جتي پڻ هن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هن کي مختلف جيلن سينٽرل جيل ڪراچي، خيرپور جيل ۽ بعد ۾ سکر سينٽرل جيل حوالي ڪيو ويو، جتان هو آزاد ٿيو.
    آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي جساف ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، جتي هن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان تنظيمي ذميواريون نڀايون. اُن وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊي. ايس. پي بشير ميمڻ هو، جنهن کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مُنير جي مامي تي زور وڌو ويو ته مُنير کي پيش ڪر. (جيڪو اُتي اي. ايس. آءِ هو) مُنير شاهاڻي سندس مامي جي چوڻ تي اُن وقت جي ايس. ايس. پي ذوالفقار وٽ پيش ٿيو ۽ ايس. ايس. پي کي چيائين ته آئون جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان، جنهن ڪري مون کي روز جو پوليس تنگ ڪندي رهي ٿي ۽ منهنجي گهر وارن کي به پريشان ڪندي رهي ٿي. آءُ بي گُناهه آهيان، مون تي ڪو ڪيس داخل ناهي. تنهن تي ايس. ايس. پي سڀني ايس. ايڇ اوز کي طلب ڪيو ۽ کانئس پُڇا ڪئي، ڪو به ڪيس داخل نه هُئڻ ڪري کيس ڇڏيو ويو. ڪُجه عرصي بعد جڏهن ذوالفقار شاهه بدلي ٿي ويو ته ڊي. ايس. پي بشير ميمڻ ٻيهر کيس پيش ٿيڻ لاءِ زور ڀريو ۽ مُنير ٻيهر نئين ايس. ايس. پي وٽ پيش ٿيو، جنهن بنا ڪنهن تفتيش جي کيس گرفتار ڪيو ۽ هر طرح جو ٽارچر ڪرڻ سان گڏ رينجرس حوالي به ڪيو ويو. بعد ۾ ڪُوڙو ڪيس داخل ڪري، کيس چالان ڪيو ويو ۽ اي. ٽي. سي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، 29 مارچ 1992ع تي کيس 25 سال سزا ڏئي سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي هن تي سخت تشدد ڪيو ويو، ميجر کوسي جهڙي قهري سپرينٽينڊنٽ به هن تي تشدد ڪيو، پر هي پنهنجي مقصد تي قائم رهيو، هيءَ جيل، هڪ آدرش خاطر ويو هو ۽ آدرشن کي ڪڏهن به ڪير جُهڪائي ناهي سگهيو. ڀلا پهاڙن کي ڪير جُهڪائي سگهيو آهي؟ هن جيل ۾ رهندي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ سکر جيل ۾ قيدين سان ٿيندڙ بد سُلوڪيءَ تان پردو کنيو، اُن بعد هن سياسي قيدين لاءِ الڳ وارڊ قائم ڪرڻ جو مُطالبو ڪيو ۽ اُن ۾ ڪامياب به ٿيو. منير شاهاڻي قيدين جي مسئلن جي حل لاءِ جيل اندر احتجاج ڪيا، بُک هڙتالون ڪيون ۽ قيدين جا مُطالبا مڃرايا. هن جيل ۾ سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ جو رواج وڌو ۽ جڏهن سائين لاڏاڻو ڪري ويو ته بعد ۾ هن سائين جون ورسيون به ملهايون. اهڙيءَ طرح هن جي عملي جدوجهد جيل ۾ به ساڳي رهي. مُنير شاهاڻي جنوري 2001ع ۾ آزاد ٿيو. هن جيل ۾ 2 ڪتاب لکيا، هڪ جيل ڊائري، جيڪا اڃا تائين ڇپجي نه سگهي آهي ۽ ٻيو سندس ڪالمن جو مجموعو، جيڪو 2001ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ’آءُ زندان جي جهروڪي مان نهار‘ جي نالي سان ڇپيو، جنهن جو مهاڳ عبدالواحد آريسر لکيو ۽ تاثر شهيد بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ خاڪي جويي جا لکيل آهن. مُنير هن ڪتاب ۾ جيل جي صُورتحال کان علاوهه سائين جي. ايم سيد تي ڀرپور مضمون لکيا آهن، جن مان سندس سيد سان فڪري وابستگيءَ جي پروڙ ٿئي ٿي.
    هن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ جلد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ٽول پلازه وٽان رينجرس هٿان گرفتار ٿيو، کيس مختلف سي. آءِ. اي سينٽرن تي رکي ڪتاب بابت پُڇا ڳاڇا ڪرڻ سان گڏ کيس چالان ڪري سينٽرل جيل ڪراچي موڪليو ويو. سندس پونئيرن ڪورٽ ۾ پِٽيشن داخل ڪئي، جنهن ڪري جيل مان رِهائي ٿي، پر هي جيئن جيل جي گيٽ مان ٻاهر نڪتو ته کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف ٿاڻن تي رکي تشدد ڪيو ويو. سندس خاندان ٻيهر ڪورٽ جو در کڙڪايو، جنهن بعد ڪورٽ جي حُڪم تي کيس آزاد ڪيو ويو. جيل مان ڇُٽڻ کان پوءِ هن ٻيهر سياست ۾ بهرو ورتو ۽ 2002ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. سندس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تنظيمي سرگرميون عُروج تي رهيون. هن شهيد عزيز ڦُل جي قتل خلاف ڀرپور احتجاج، مُظاهرا ڪرايا ۽ هڪ پورهيت قربان جت جي پوليس هٿان قتل ٿيڻ تي به تحريڪ هلائي.
    مئي 2003ع ۾ کيس دل جو اٽيڪ پيو، کيس لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پڻ پوليس جو مٿس پهرو رهيو، بعد ۾ 22 مئي 2003ع تي نيشنل هاسپيٽل ڪراچيءَ مان سندس اينجيوگرافي ڪرائي وئي. هن 26 سيپٽمبر 2004ع تي سندس مامي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي، جنهن جو هن نالو ’مُسڪان‘ رکيو. مُنير شاهاڻي پنهنجي گهر وارن کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ڳُجها ادارا سندس پُٺيان آهن، ڪنهن به وقت کيس ماري ڇڏيندا. اهڙيءَ طرح آڪٽوبر 2004ع ۾ هي اوچتو غائب ٿي ويو، سندس پونئيرن تمام گهڻي ڳولا ڪئي، بعد ۾ 11 آڪٽوبر2004ع تي ٽي. پي. او ٺاروشاهه سندس خاندان کي اطلاع ڪيو ته مُنير شاهاڻيءَ جو لاش کڻي وڃو. جنهن کان پوءِ قومي ڪارڪن ۽ سندس پونئيرن پوليس کان لاش وصول ڪيو ۽ 12 آڪٽوبر 2004ع تي کيس اباڻي قبرستان درگاه سيد احمد شاه بخاريءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    مُنير شاهاڻي قومي ڪارڪن سان گڏ بهترين ڪالم نويس، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو. سندس هڪ ناول ’غم ۽ خوشي‘ اڻڇپيل صورت ۾ پونئيرن وٽ موجود آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي ڊائريون اڻ ڇپيل آهن


    اَلا مان اُڏري ويندوسانءِ! : شهيد افضل پنهور

    جسماني عشق کي ڇڏي، ڌرتيءَ جي عشق ۾ اچو! جتي بيوفائي ۽ رُسوائي جو تصور ئي ڪونهي، توهان جو عشق سچو هوندو ته توهان امر ٿي ويندا! ( سائين جي. ايم سيد)

    افضل پنهور 11 مارچ 1990ع تي ڳوٺ خالد پنهور ۾ منور پنهور جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان، انٽر آرمي ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيائين. افضل جيئن ته نهايت ئي محنتي ۽ پڙهڻ ۾ ڀڙ هوندو هو، جنهن ڪري والدين کيس اڳتي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو.افضل 2008ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بائيو ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا وٺي پڙهڻ لڳو.20 سالن جي ڀرپور جوڀن ۾ جڏهن هي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو هو ته کيس ڄامشوري جي سرزمين ڀليڪار ڪئي هُئي ۽ ڪيترين ئي اپسرائن پنهنجي اکين جي پنبڻين ۾ سمائڻ جي دعوت ڏني هُئي.
    اکين ۾ ٿي ويهه ته واري پنبڻ ڍڪيان!
    توکي ڏسي نه ڏيهه آئون نه پسان ڪو ٻيو.
    (شاهه لطيف)
    افضل ڪنهن جي نيڻن جو اسير ته نه بڻيو، پر هُو ڪيترن ئي نيڻن جي نِهار بڻيل رهيو. هن کي عاشقن جي سرزمين ڄامشوري جي پُرفضا ماحول ۾ هلندڙ آزاديءَ واري جدوجهد اهڙي ته ڇڪ ڪئي، جو هُو پنهنجي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ وڃي سيد ۽ سنڌ جو ساڻي ٿيو.
    افضل پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ’جسمم‘ جي شاگرد ونگ (جساف) کان ڪئي، هُو 2008ع ۾ جساف جو ميمبر ٿيو ۽ ساڳئي سال جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. هُو نهايت ئي ماٺيڻو ۽ معصوم لڳندو هو، جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد ساڻس محبت ڪرڻ لڳا هئا ۽ هي هر ڪنهن کي پنهنجي محبت جي سڳي ۾ سوريندو، سنڌ امڙ جا سبق پڙهائيندو ويو. افضل جڏهن کان فڪرِ جي. ايم سيد سان سلهاڙيو هو، هن وڌکان وڌ مطالعو ڪيو هو، هن کوڙ سارا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا، نه صرف پاڻ پڙهندو هو، پر هُو تنظيمي دوستن کي به پڙهڻ لاءِ اُتساهيندو هو. هن نه رڳو سائين جي. ايم سيد کي پڙهيو هو، پر هن ته دنيا جي ڪيترن ئي انقلابين کي به پڙهيو هو. جيتوڻيڪ! افضل اڃا ٻاروتڻ جون سيڙهيون اُڪري جوانيءَ ۾ مس قدم رکيا هئا، پر هن جو مطالعو پنهنجي عمر کان وڌيڪ هو، هي مڪمل نظرياتي ورڪر هو ۽ هن جساف کي به هڪ نظرياتي تنظيم طور هلائڻ شروع ڪيو هو. هن شاگرد سياست ۾ نواڻ آڻڻ شروع ڪئي هئي، هن پنهنجي پارٽيءَ جي موقف تي عمل ڪندي، ڪلاسن جي بائيڪاٽ واري عمل کي ختم ڪيو. شاگردن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻندي، شاگردن جي موجودگيءَ ۾ انتظاميا سان ڳالهيون ڪيون، هن مڪمل طور تي اسٽڊي سرڪل هلائڻ شروع ڪيو ۽ هفتيوار بحث مباحثا به ٿيندا هئا، جنهن ڪري شاگردن ۾ هڪ قسم جي پڙهائيءَ ڏانهن به دلچسپي پيدا ٿي هئي ته پنهنجي حقن کي به سمجهڻ شروع ڪيو هُئائون.
    افضل جي اهڙي سنجيدهه سياست کان رياست خوفزده ٿي وئي هئي، ۽ ڳُجهن ادارن هن جي مٿان ڪڙي نظر رکي ۽ سندس گرفتاريءَ لاءِ ڪيترائي ڀيرا هاسٽل تي ڇاپو به هنيو ويو، پر افضل نه ملي سگهيو. اتفاق سان هڪ ڀيري 26 جون 2011ع تي قاسم چوڪ تان کنڀي گُم ڪيو ويو، مٿس سخت وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، هن کي جيئي سنڌ جي سياست تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جو ٽارچر ڪيو ويو، پر هي جيڪو سن جي سنڌوءَ جو پاڻي پي ويٺو هو، سو تشدد ۽ ٽارچر تي ڪيئن ٿي عشق قربان ڪري سگهيو. افضل تي ايترو ته تشدد ڪيو ويو هو، جو هُو جسماني طرح ٽُٽي چڪو هو، پر هن جو عشق ۽ ايمان سلامت هو، جنهن کي ڪو به ٽارچر نه ٽوڙي سگهيو، جڏهن هُنن ڏٺو ته هي مڪمل طور ختم ٿي چُڪو آهي ته، مرڻينگ حالت ۾ 13 جون 2012ع تي نئين ڪوٽ ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو، جتان هو ڪنهن طرح پنهنجي گهر پهتو. افضل جي حالت نهايت ئي خراب هئي، واقعي هُو جسماني طرح ڪافي ڪمزور ٿي چُڪو هو، کيس ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون هئس. هُن ٻڌايو ته کيس جيڪو پاڻي پياريو ويندو هو، اُن ۾ الاءِ ته ڪهڙو ڪيميڪل ملايل هوندو هو، جيڪو اندر ئي اندر ۾ جسماني عضون کي ختم ڪندو ويندو هو ۽ تمام گهڻي گرمائش ۽ جلن ٿيندي هئي. هن کي اهڙي ڪيميڪل پيارڻ ڪري ٽي. بي ٿي چُڪي هُئي، ۽ پيشاب مان رت اچڻ لڳو هو، مليريا ۽ سائي به ٿي چڪي هئي. گُڙدن تي به ڪافي اثر هو. اهڙي ريت افضل ڪافي وقت زير علاج رهيو، پر هن کي پوءِ به پنهنجي سنڌ جي اُڻ تُڻ رهندي آئي ۽ هي جيئن صحتياب ٿيو ته هن ٻيهر سياست شروع ڪئي. هن ٻيهر سرگرميون شروع ڪيون، جيئي سنڌ متحدهه محاذ پاران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کيس تمام وڏو آجياڻو ڏنو ويو. افضل اُن آجياڻي ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، اُن ۾ هن پنهنجي عشق جي مشاهدي تي جيڪو سنڌ متعلق ڳالهايو هو، ان ته چڱن ڀلن پڙهيلن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون.
    افضل کي آزاديءَ کان پوءِ پارٽيءَ طرفان اڃا وڌيڪ ذميواريون سونپيون ويون هيون ۽ کيس ’جساف‘ جو مرڪزي وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو هو. هن مرڪزي عهدي تي رهندي به خوب ذميواريون نڀايون، هُو نهايت ئي محنتي ڪارڪن هوندو هو، هن وٽ عمل ئي سڀ ڪُجهه هو.
    افضل 26 جون 2013ع تي شادي ڪئي، سندس شاديءَ واري تقريب ۾ سمورا سياسي ساٿي شريڪ ٿيا هُئا ۽ هن اُها پوري رات دوستن سان ڪچهري ڪندي گُذاري هُئي. دوستن کيس چيو به هو ته اڄ رات تون گهر وڃ ۽ پنهنجي زندگيءَ جي همسفر کي ٽائم ڏئي ته هُن کلي چيو هو، اهڙيون ڪيتريون راتيون ٻيون به اينديون، پر دوستن سان ڪچهريءَ جو موقعو وري ملي الاءِ نه. سندس انهن جملن تي شايد ڪنهن غور نه ڪيو هُجي، پر هُو سمجهي چُڪو هو ته رياست کيس گهڻو وقت جيئڻ نه ڏيندي. افضل شاديءَ مان نهايت ئي مطمئن هوندو هو، هو هڪ پيار ڪندڙ انسان هو، هُن جهڙي ريت پنهنجي پارٽيءَ ۾ محبتون ماڻيون هيون، اهڙي ريت هُن پنهنجي گهر وارن جون به محبتون حاصل ڪيون هُيون. افضل پنهنجي امڙ سان بيپناهه محبت ڪندو هو ۽ امڙ به پنهنجي اولاد ۾ ساڻس وڌ کان وڌ پيار ڪندي هئي.
    افضل جڏهن رياست جي چنبي مان آزاد ٿيو هو ته هن سڀ کان پهرين پنهنجي امڙ جي قدمن کي ڇُهيو هو، اُن بعد هو سڌو سن جي سائين جي مزار تي ويو هو ۽ سائين جي مزار تي بيهي وچن ڪيو هئائين ته هي سِر ڪنهن جي به اڳيان ناهي جُهڪيو، هي سِر صرف سنڌ لاءِ جُهڪندو ۽ سنڌ لاءِ قربان ٿيندو. سائين آئون جان سان گڏ ايمان ۽ عشق به سلامت کڻي آيو آهيان.
    افضل جڏهن سياست ۾ باقاعدي سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته رياست هن کي هميشه لئه خاموش ڪرڻ جو پلان سوچيو ۽ 15 آگسٽ 2013ع تي کيس سنڌ يونيورسٽيءَ مان کنڀي گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو ۽ سنڌ جي هن قومي ڪارڪن کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ لاءِ ساڳئي وقت ڪوٽڙيءَ ۾ ٽرين مٿان فائرنگ ڪرائي مقابلو ڄاڻايو ويو، پر جنهن جاءِ تان جهنگ مان افضل جو لاش مليو هو، اُتي ڪنهن به قسم جي مذاحمت وغيره جا نشان نٿا ملن ۽ مقامي ماڻهن جو موقف آهي ته هتي صرف هڪ گوليءَ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، وڌيڪ ڪنهن به فائرنگ جي ڪا به شاهدي نه ملي سگهي آهي. هن کي پلان تحت شھيد ڪيو ويو هو ۽ پوليس جا جيڪي ميڊيا تي بيان جاري ٿيا، اهي پڻ مُتضاد آهن، پوليس ڪوٽڙيءَ ۾ ٽرين تي حملي جي جاءِ واردات تان رائفل ڏيکاري آهي ۽ افضل وٽان پسٽل ڏيکاريو آهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن افضل ئي ٽرين تي حملو ڪيو هو ته افضل وٽان پسٽل ڪيئن برآمد ٿيو ۽ ٽرين تي حملي جي رائفل ڪيئن ڏيکاري وئي آهي. هن سڄي ڊرامي جو ڊراپ سين ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ ٿيو. جديد قومي شاعريءَ جي باني شاعر شيخ اياز اهڙن ئي ڳڀروئن لاءِ چيو آهي ته
    سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،
    وڙهندي مُڙس مهان، مٽي منجهه سمائيا.
    اهڙي ريت افضل بهار جي وڻندڙ گُلن جيان ٽڙندي هن ڌرتيءَ تي قدم رکيا هئا ۽ وسڪاري جي مُند ۾ هن ڌرتيءَ کي الوداع ڪيو.
    شهيد افضل جو مڙهه سوين آلين اکين سان ڳوٺ آندو ويو، جتان هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان آزاد سنڌوديش جي تراني جي گُونج ۾ سنڌ جي سياسي ڪعبي سن آندو ويو، جتي کيس آزاديءَ جي جهنڊي جو ڪفن ڏئي پنهنجي شهيد ساٿي مظفر ڀُٽي جي پيراندي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد افضل سڄي سنڌ سان گڏ هزارين قومي ڪارڪن، بهادر امڙ، گهر واري، 6 ڀائر ۽ 4 ڀينرون سوڳوار ڇڏيون.
    شهيد افضل دُنيا جو واحد خوشنصيب آهي، جنهن کي پنهنجي امڙ لحد ۾ لاٿو هو، افضل جي امڙ جو جيتوڻيڪ جيءُ جُهريل هو، پر پوءِ به هُن پنهنجي پُٽ جي عظيم قربانيءَ تي ڪنهن کي به روئڻ نه ڏنو هو ۽ شهيد کي آخري ڀيرو چُمي ڏيندي چيو هُئائين ته مان پاڻ بهادر آهيان، تڏهن ته ههڙي بهادر پُٽ کي جنم ڏنو اٿم. واقعي شھيد افضل جي امڙ نهايت ئي بهادر آهي، جو پنهنجي ڳڀرو پُٽ کي لحد ۾ لاهڻ وقت به اک مان ڳوڙهو نه ڳاڙيو هُئائين. سندس اها بهادري قومي ڪارڪنن جي مائرن لاءِ هڪ سبق آهي ته ڌرتيءَ جي عشق ۾ قربان ٿيندڙ پُٽن جون مائرون ماتم نه ڪنديون آهن.


    مذهب مُنهنجو ماڻهپو : شهيد برڪت چانڊيو عرف پريم ديوان

    قومي تحريڪ جو هيءُ جرڪندڙ ستارو، جنهن مذهبن، فرقن کان انسانيت کي اُتم سمجهيو ۽ سڄيءَ زندگي انسانيت جي علمبردار سائين جي. ايم سيد جي نقشِ قدم تي هلندي گُذاري.
    برڪت چانڊيي 16 آڪٽوبر 1972ع تي، ڳوٺ غازي خان مرکنڊ، تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي جي خوشحال گهراڻي ۾ احمد خان چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪرڻ بعد، مئٽرڪ هاءِ اسڪول وارهه مان پاس ڪيائين. ڪن مجبورين سبب وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. هن جو ننڍپڻ کان قومپرستيءَ ڏانهن لاڙو رهيو. هن فڪرِ جي. ايم سيد کان مُتاثر ٿي، ’جيئي سنڌ محاذ‘ کان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. ضلعي جي مختلف عهدن تي رهندي ڪم ڪيائين. بعد ۾ ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو به ميمبر رهيو. برڪت عرف پريم ديوان پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ توڙي سياسي حوالي سان ڪميٽيڊ رهيو. هيءَ سائين جي. ايم سيد جو نظرياتي ورڪر هوندو هو ۽ سائين جي. ايم سيد کان پوءِ بشير خان جي عوامي سياست کان تمام گهڻو مُتاثر رهيو. اڳتي هلي ’جيئي سنڌ مُتحده محاذ‘ جي پاليسين سان اتفاق ڪندي اُن ۾ شموليت ڪيائين ۽ ’جسمم‘ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو.
    برڪت چانڊيو سنڌ جي صوفي عزم واري نظريي جو شروع کان قائل هو ۽ شيخ اياز جي هن شعر تي عمل پيرا هوندو هو.
    مذهب مُنهنجو ماڻهپو،
    دين ڌرم سڀ ڌُوڙ.
    هيءَ سچل جي رُوحاني پوئلڳي ڪندي، مذهب کان باغي رهيو ۽ سچل وانگر ئي چوندو هو.
    مذهبن مُلڪن ۾ ماڻهو مُنجهايا.
    هيءَ شروع ۾ برڪت گُل سڏائيندوهو ۽ سندس اسٽيمپ به برڪت گُل جي نالي سان ٺهيل آهي. پر پوءِ جڏهن هن سنڌ ۾ هندن سان زيادتي ٿيندي ڏٺي، ته ميان مِٺو جهڙن جي اسلام کان فراريت حاصل ڪندي، پريم ديوان سڏائڻ لڳو. هيءَ چوندو هو ته هتي محمد صلي الله وصلم وارو اسلام ڪٿي آهي؟ رسول ڪريم جو اسلام ته امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڏيندو هو، جيڪو رحمت جا ڪڪر وسائيندو هو. هنن مُلن وارو ته الائي ڪهڙو اسلام آهي؟ هن جو مُطالعو تمام وسيع هو، سندس گهر ۾ به شاندار لئبريري قائم ٿيل آهي.
    برڪت چانڊيي پنهنجي سياسي زندگيءَ جو گهڻو ٽائم ڪراچيءَ ۾ رهندي گُذاريو، جتي هن هندو ماڻهن سان تمام گهڻي ويجهڙائي ڪئي ۽ پورهيت طبقي جو رُوح روان هوندو هو. هن ڪراچيءَ ۾ تنظيمي طور تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي احتجاجي مظاهرا ڪرايا ۽ جلسن جُلوسن جي اڳواڻي ڪئي. سياسي سرگرمين ڪري رياست ڪيتري وقت کان سندس پُٺيان هُئي. هيءَ عسي کان ڪُجهه ڏينهن پهرين ڳُجهن ادارن هٿان کنڀجي ويو ۽ 16 آڪٽوبر2013ع تي عيد جي ٻئي ڏينهن، ڪراچيءَ جي هڪ علائقي ۾ کيس شهيد ڪري اُڇلايو ويو. تنظيمي دوستن سندس مڙهه ڳوٺ پهچايو، اُن بعد سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي ۾ سن آڻي، پنهنجي شهيد ساٿين رُوپلي چولياڻي، مُظفر ڀُٽي ۽ افضل پنهور جي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي! : شهيد غلام قادر جروار

    ڪُجهه انسان وطن لاءِ اھڙي نموني سِر جو نذرانو ڏيندا آھن، جو سندن موت معراج کان مٿي ٿي ويندو آھي. اُھي ڌرتيءَ جا لال يونيفارم نه پائيندا آھن. ھر مھيني پگهار نه وٺندا آھن. سندن ياد ۾ سيمنٽ جا سُھڻا يادگار کڙا نه ڪيا ويندا آھن، ھُو جڏھن ڌرتيءَ ماءُ جو سڏ ٿيندو اٿن، تڏھن سِر جو صدقو ڏيئي حبُ الوطنيءَ جي تاريخ پنھنجي رَت سان لکي ڇڏيندا آھن. (امر جليل)

    سنڌوديش جي آزاديءَ جو خواب پنهنجي اکين ۾ سانڍي هلندڙ نوجوان قومي غلاميءَ کان ڇوٽڪاري جي جنگ وڙهندڙ عاشق، ڪي سڌڙيا عاشق نه آهن، پر اُهي ته سنڌ ماتا سان پيار جي وچن کي ورجائڻ لاءِ پنهنجون خوبصورت جوانيون جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گُذاري ڇڏيندا آهن، يا وري پنهنجي وطن جي مٽيءَ جو مانُ رکڻ لاءِ شهادت جهڙي عظيم رُتبي کي پُهچي اَمر ٿي ويندا آهن. سنڌ جي اهڙن عاشقن جي فهرست تمام ڊگهي آهي ۽ اهڙن عاشقن مان هڪ نانءُ غلام قادر جروار به آهي. جنهن پنهنجي اندر ۾ سانڍيل وطن جي حُب خاطر ۽ پنهنجي سنڌ وطن جي آزاديءَ خاطر هلندي، ڪڏهن ڪٿي به ڪنهن پگهار يا پرمٽ جي ڳالهه نه ڪئي. هُو پيرين پنڌ وِکون کڻندو، وطن جا ويڙها واسيندو، ڌرتيءَ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ جهر جهنگ جهاڳيندو، وڃي اُن منزل تي پهتو، جتي پُهچڻ لاءِ ڪيترن ئي مذهبي ماڻهن سڄي زندگي مٿا ٽيڪيندي گُذاري ڇڏي.
    غلام قادر جروار 1971ع ڌاري ڳوٺ محمد هاشم جروار (جاني وليج) تعلقي ماتلي، ضلعي بدين جي هڪ سياسي گهراڻي ۾ استاد غلام رسول جروار جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول امن آباد مان پاس ڪيائين. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ڪيو. جيئن ته سندس خاندان اڳ ۾ ئي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هو، جنهن ڪري هن کي ڄڻ سياست ورثي ۾ ملي هُئي. هن هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران آزاد سنڌوديش لاءِ هلندڙ قومي تحريڪ جي ذيلي تنظيم ’لطيف سنگت‘ ۾ شموليت ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ لطيف سنگت سنڌ جي سرگرم ڪارڪنن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڳوٺ اُن وقت قومي تحريڪ جو مرڪز هوندو هو، جتي مرڪزي قيادت ايندي رهندي هُئي ۽ اُتي ٿيندڙ قومي ڪچهرين هن کي هڪ آدرشي ڪارڪن بڻائي ڇڏيو هو. کيس قومي قيادت به تمام گهڻو ڀائيندي هُئي. اهڙيءَ طرح 1987ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هن لطيف سنگت کان ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شموليت ڪئي، ’جسم‘ اُن وقت نظرياتي طور تمام گهڻي مضبوط هُئي.
    غلام قادر جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي علائقي ۾ فڪرِ سيد جي وسيع نظريي جي پرچار ڪرڻ لڳو. هيءُ نظرياتي سان گڏ عمل پيرا، سچو ۽ محنتي ورڪر هوندو هو، سندس سرگرميون جيئن جيئن وڌنديون ويون، تيئن هن جي پويان رياست پنهنجي ڇاڙتن کي بڇي ڇڏيو هو، پر هي بيپرواهه ٿي پيو پنهنجو قومي فرض نڀائيندو هو. 1980ع وارو ڏهاڪو قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ نهايت ئي ڀاري هو، هن دور ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪيا ويا هُئا، ڪيترن کي بيگناهه ماريو پئي ويو، ٽوڙيءَ ڦاٽڪ وارو قهري سانحو به هن ڏهاڪي ۾ ٿيو هو، ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي ديسي دلالن هٿان راهه تان هٽايو ويو هو. غلام قادر جروار به اهڙي سازش جو شڪار ٿيو هو.
    شهيد غلام قادر کي 1989ع ۾ پنهنجي والد صاحب جي ڪوٽا تي پرائمري استاد طور نوڪري ملي ۽ هن استاد هُئڻ جا فرض به نيڪ نيتيءَ سان نڀايا. هيءُ اسڪول ۾ ٻارن کي ڪورس پڙهائڻ سان گڏ قومي حقن بابت به ٻڌائيندو هو ته سنڌ جي خوشحاليءَ جا منظر به شاگردن جي ذهن ۾ محفوظ ڪندو ويو. سندس اهڙي پرچار تي سنڌوديش جي دشمن رياست تمام گهڻي ڏمريل هُئي. ڇو ته سنڌ ۾ اُن وقت شعوري پرچار تمام گهڻي هوندي هُئي. رياست، قومي هلچل جي سگهاري آواز کان ڊڄندي، هلاڪو خان جي اولاد پٺاڻن هٿان کيس راهه تان هٽائڻ جي رِٿ رِٿي.
    غلام قادر 18 جنوري 1990 ع تي اسڪول ۾ ڊيوٽي ڏئي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته رياست جي ڇاڙتن پٺاڻن ڊگهڙي شهر ۾ مٿس حملو ڪري ڏنو ۽ نهايت ئي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو. جڏهن سندس مڙهه گهر کڄي آيو هو ته پوري ڳوٺ ۾ روڄ راڙو برپا ٿي ويو هو، پر سندس بهادر ڏاڏي نبي بخش جروار ڪنهن کي به روئڻ نه ڏنو ۽ سڀنيءَ کي اهو چئي چُپ ڪرايائين ته هي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندي شهيد ٿيو آهي، هن ته اسان جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي، مون کي پنهنجي هن اولاد تي فخر آهي.
    جي مان مري وڃان، ته تون ايڏو نه روئجان!
    لاڙي ٻه چار لُڙڪ، روئي هار پوئجان!
    (اياز)
    جيتوڻيڪ ڏاڏي نبي بخش جو پنهنجي جوان پوٽي جي ايئن وڇڙڻ تي جيءُ جُهريل هو، پر حوصلو هٿان نه ڇڏيو هئائين ۽ دِل ئي دِل ۾ وچن ڪري چُڪو هو ته پنهنجي شهيد پوٽي جو پلاند ضرور ڪندس. اُن وقت قاتل ته جيل جي پناهه ۾ هليا ويا هُئا، پر هيءُ سرڪش ۽ اڏول انسان ان ڏينهن جو انتظار ڪندو رهيو، ۽ جڏهن قاتل جيل مان ضمانت تي آزاد ٿي ڊگهڙي شهر ۾ گُهمڻ لڳا ته هن للڪار ڪري پنهنجي شهيد پوٽي جو پلاند ڪري، ڌارين جي ڪنن جا پردا ئي کولي ڇڏيا ته ڌرتي ڌڻين سان ڦٽائڻ آسان نه آهي. واضح ڪندو هلان ته اُن دور ۾ ضلعو بدين پنجابين ۽ پٺاڻن جو ڳڙهه بڻيل هو ۽ سندن قائم ڪيل تنظيم اين. ايس. ايس. او تمام گهڻي مُتحرڪ هُئي ۽ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي ڳولي ماريو پئي ويو، ساڳئي شهر ۾ هڪ ٻئي قومي ڪارڪن عبدالقدوس ابڙينگ کي به شهيد ڪيو ويو هو.
    شهيد غلام قادر کي سائين جي. ايم سيد سان بيپناه محبت هُئي، جو جڏهن کيس شهيد ڪيو ويو هو، ان وقت به سندس جيب مان ٻين ڪاغذن سان گڏ سائين جي. ايم سيد جي ڦوٽوءَ وارو ڪئلينڊر نڪتو هو.


    شهيد هميشه زنده هوندا آهن : شهيد عبدا لله سمون

    تاريخ جا ورق ورائجن ٿا ته پتو پئي ٿو: سَما، سنڌ جا حڪمران ٿي رهيا آهن ۽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، سنڌ جو ناليوارو حاڪم ٿي گُذريو آهي، جيڪو عدل انصاف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن لاءِ مشهور آهي ته هُو روز پنهنجي گهوڙن جي طنبيلي ۾ وڃي، پنهنجي گهوڙن جي پُٺيءَ تي هٿ گُهمائي چوندو هو: خدا اهڙو ڏينهن نه آڻي، جنهن ڏينهن تي آئون اوهان جي پُٺيءَ تي چڙهي، ڪنهن بيگُناهه جو رت وهايان. اُن کان علاوهه سنڌ جو ناميارو عالم مخدوم بلاول به سمون هو، جنهن کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ زندهه گهاڻي ۾ پيڙايو ويو هو. هونئن به سما گهراڻو، سماٽ ۾ وڏو گهراڻو آهي. جهڙي ريت مخدوم بلاول ۽ ڄام نندي سنڌ جي تاريخ تي اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن. اهڙي ريت سما خاندان جي هڪ چشم چراغ جو نالو عبدالله سمون به آهي، جيڪو سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ شهادت جهڙي عظيم رُتبي کي پهتو.
    شهيد عبدالله سمون، 15 آگسٽ 1960ع تي ڳوٺ پير سخي عثمان شاهه، لڳ نئون دمبالو، تعلقي ماتليءَ ۾ منٺار احمد سمي جي گهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم سجاول شهر مان ۽ ميٽرڪ جو امتحان ماتلي ڪاليج مان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري، حيدرآباد مان پاس ڪيائين. جتان سنڌ جو عشق لڳو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت ڪري، آزاد سنڌوديش جي سياست ڪرڻ لڳو. هن کي جهڙي ريت سنڌ سان محبت هئي، اهڙي ريت تعليم سان به وڏو چاهه هئس. هن شروعاتي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو مطالعو ڪيو هو ۽ سراج ميمڻ جي ناول ’پڙاڏو سو ئي سڏ‘ مٿس تمام گهڻو اثر ڇڏيو هو ۽ سراج سندس پسنديدهه ليکڪ بڻجي ويو هو. هن کي ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ پڙهڻ کان پوءِ سنڌ جي عشق جي اهڙي ته لوري لڳي، جو هن باقي سڀ ڪُجهه وساري ڇڏيو هو. هي نهايت ئي پڙهيل ڳڙهيل، نظرياتي ۽ ڪميٽيڊ ورڪر هو، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ مقام جوڙيو هُئائين.عبدالله سمون نهايت ئي پُرخلوص ۽ سنجيده ورڪر هو. هن پنهنجي سينيئر دوستن سان گڏجي سنڌ ۾ ڳوٺاڻيون ڪچهريون ڪري، فڪرِ جي. ايم سيد کي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وٽس تقرير جو سُٺو ڏانءُ هو، جنهن ڪري ماڻهن ۾ جلدي رلي ملي ويندو هو. ڪچهري جو ڪوڏيو، محفل جو مور ۽ وڏو مهماننواز هئڻ سان گڏوگڏ ڪپڙو لٽو سادو ۽ سُٺو پهرڻ جو شوقين هوندو هو، هي سائين جي. ايم سيد جي صفائي سُٿرائي واري نُڪتي تي مڪمل عمل ڪندو هو. شهيد عبدالله پنهنجي سڄي زندگي قومي ۽ سماجي ڪمن ۾ صرف ڪئي. هن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ وڃي آزاد سنڌو ديش جي پرچار ڪئي.
    عبدالله سمون سنڌ ۽ سيد سان گڏ پنهنجي گهر جو به وڏو خيال رکندو هو، هن پنهنجي سڀني ڀائرن کي سٺي تعليم ڏياري ۽ سندن بهتر تربيت پڻ ڪئي. هي ماءُ پيءُ جو به تمام گهڻو خيال رکندو هو. گهر ۾ سندس رويو نهايت ئي پيار وارو هوندو هو، جنهن ڪري پوري گهر جا ڀاتي کيس تمام گهڻو ڀائيندا هُئا. هن 1978ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پُٽ جو اولاد ٿيس، پُٽ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو، باقي سندس نياڻي آهي، جيڪا شهيد جي آخري نشاني آهي. عبدالله سمون تنظيمي سرگرمين ۾ گُهمندو رهندو هو. اُن وقت موبائل فون جي سهوليت نه هُئي، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن رابطو ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح اپريل 1987ع ۾ جڏهن گهران نڪتو ته هفتي تائين نه موٽيو. سندس گهر وارن ڳولا شروع ڪئي، آخر 17 اپريل 1984ع تي پوليس، ڪراچيءَ ٿاڻي تان فون ڪري وارثن کي اطلاع ڏنو ته، عبدالله سمون مارجي ويو آهي، سندس لاش کڻي وڃو. جڏهن وارث ڪراچي پُهتا ته هُنن چيو؛ اسان لاش زمين حوالي ڪري ڇڏيو آهي. وارثن کي خالي هٿ موٽايو ويو، کين لاش ته نه ڏنو ويو، پر اهو به نه ٻُڌايو ويو ته دفن ڪٿي ڪيو آهي. اڃا تائين سندس وارث، سندس راهون ڳولي رهيا آهن. عبدالله سمون ڪو ڌاڙيل نه هو، هن جو ڏوهه ڪهڙو هو، مائٽن کي مُنهن به ڏسڻ نصيب نه ٿيو. هن جو وڏو ڏوهه اهو هو ته هن سنڌ سان عشق ڪيو هو، ۽ اسان ماضيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته صدين کان سنڌ جي ماڻهن کي، ’ڌرتيءَ سان عشق‘ جي ڏوهه ۾ ڪُٺو پيو وڃي.
    سندس پونئير هن وقت ماتلي شهر ڀرسان پنهنجي والد صاحب جي نالي سان ٻڌل ڳوٺ منٺار احمد سمي ۾ رهائش پذير آهن.


    پلاند پُراڻا ناهن ٿيندا : شهيد ماجد ميمڻ

    لاڙ جي مٽي نه رُڳو محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ ابراهيم مُنشي جهڙن شاعرن کي جنم ڏنو آهي، پر هن مٽيءَ مان اهڙن ته ڪُونڌر پُٽن جنم ورتو آهي، جن سنڌ ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ لاءِ جاکوڙيندي پنهنجو ٻاروتڻ ڌرتيءَ کي دان ڪيو آهي. اهڙن ڪونڌر پُٽن ۾ ماجد ميمڻ به هڪ آهي. شھيد ماجد ميمڻ جيڪو هاڻي شھيدن جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي، هن جو ٻاروتڻ ته لاڙ جي مٽيءَ سان کينچلون ڪندي گذريو، پر جڏهن هن جوڀن جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪيا ته لاڙ جي سرزمين هن کي مهاراجا ڏاهر جي قول تي عمل ڪرڻ تي هُرکايو ۽ هن کلندي کلندي شھادت جو امرت رس پنهنجي اندر ۾ اوتي، هميشه جي لاءِ ننڊ جي خمار ۾ مدهوش ٿي ليٽي پيو. شھيد ماجد ميمڻ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو لاڏلو هو، جنهن کي سڄي گهر جا ڀاتي محبوب وانگر پيار ڪندا هئا، سو اڪيلو پنهنجي پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق سمجهڻ لڳو هو. هن جي عمر ڇا هئي؟ هي ته اڃا ٻاروتڻ مان نڪتو ئي مس هو. هن جي عمر ته خوب مستيون ڪرڻ جي هئي، هن جي چپن اڃا خوبصورت چُمين جو مڌ پنهنجي اندر ۾ اوتيو ئي ڪٿي هو، هن جي مٿي جا وار ڪنهن جي آڱرين جو ڇُهاءُ محسوس ڪرڻ لاءِ تڙپندا هئا، هن جا ڏاڙهونءَ رتا ڳل ڪنهن جي ٿڦڪين لاءِ واجهائيندا رهيا، پر وقت جي نام نهاد رياست، سندس حسرتن گلو مروڙي وقت کان اڳي خاموش ڪري ڇڏيو. هن کي ايترو جلدي راهه تان ڇو هٽايو ويو؟ اهو سوال مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهن ۾ گهر اڏي ويٺل آهي، پر اڇي ڪاري جا مالڪ چون ٿا؛ هن جو ڏوهه اهو هو ته هن عشق ڪيو هو ۽ هن سرزمين تي عشق ڪرڻ ڪبيرو گُناهه آهي ۽ هن اهڙو گُناهه ڪيو هو، جيڪو معافي لائق نه هو.
    ماجد ميمڻ 20 اپريل 1992ع تي گولاڙچيءَ جي ميمڻ پاڙي ۾ عبدالمجيد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم، پرائمري اسڪول خميسو ڪڇي، وارڊ نمبر (4) مان ورتائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گولاڙچيءَ مان ۽ انٽر سائنس آرمي ڪاليج گولاڙچيءَ مان پاس ڪيائين. هن کي پڙهڻ جو تمام گھڻو شوق هو، پر وقت جي نام نهاد رياست جي پالتو ڇاڙتن کيس علم جي سوغات کان هميشه لاءِ محروم ڪري ڇڏيو. شهيد ماجد ميمڻ ٻاروتڻ مان جيئن شعور جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو ته هن جيئي سنڌ متحده محاذ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، هي نهايت ئي محنتي ۽ سنجيده ورڪر هو ۽ نظرياتي پڻ. هن فڪر جي. ايم سيد کي چڱي نموني نه صرف پڙهيو هو، پر اُنکي هينئين سان هنڍايو به هئائين.
    ماجد ميمڻ معاشي طور تي ڪو ڪنگال نه هو، سندس والد جو سٺو ڪاروبار هو، پر هي نهايت ئي خوددار هئڻ ڪري، پڙهائي۽ تنظيمي سرگرمين سان گڏ ڪومل چانهه جي ڪمپنيءَ ۾ سيلزمين طور روزگار پڻ ڪندو هو. هي چاهي ها ته پنهنجي والد صاحب جي ملڪيت ۾ هٿ ونڊائي سڄي زندگي سُڪون سان گُذاري ها، پر هن کي جوانيءَ جي جوش ۽ سنڌ جي عشق ايئن ڪرڻ نه ڏنو.
    گولاڙچيءَ ۾ پنجابي آبادي تمام گهڻي آهي، جڏهن جيئي سنڌ جي تنظيمن اُتي سرگرميون شروع ڪيون ته پنجابين گڏجي هڪ تنظيم (لاوا) نالي سان ٺاهي، جنهن جو صدر اسلم آرائين آهي. هنن جو مقصد هو ته گولاڙچيءَ ۾ ڪنهن به سنڌيءَ کي اڳتي وڌڻ نه ڏبو، اهڙيءَ طرح هي ڏينهون ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪا ڦشري ضرور ڪندا هئا.
    ماجد ۽ قومي تحريڪ جا ٻيا ساٿي 26 ڊسمبر 2010ع تي گولاڙچي شهر ۾ قومي جهنڊو جُهولائڻ جي رسم پوري ڪري رهيا هُئا ته ڪُجهه ايجنسين جي ڇاڙتن اچي مُداخلت ڪئي ته هتي قومي جهنڊو لڳائڻ نه ڏينداسين، تنهن تي شهيد وراڻيو ته هي ڌرتي اسان جي، هي شهر اسان جا، توهان آيل اسان کي ڪيئن ٿا قومي جهنڊو هڻڻ کان روڪي سگهو؟ تنهن تي نام نهاد پنجابين جي هڪ ڇاڙتي آصف رضا ڪارڪنن مٿان فائر ڪيا، جنهن ۾ ماجد ميمڻ ٿڏي تي شھيد ٿي ويو. اُن وقت قاتل ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پوءِ اها ڳالهه هُلائي وئي ته هن پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو پئي، روڪڻ تان جهيڙو ٿي پيو، پر حقيقت ايئن نه هُئي. شھيد جي قومي وارثن پيپلز پارٽي وانگر اهو نعرو نه هنيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، پر هنن ته شھيد جي قبر جي مٽيءَ جو قسم کڻي وچن ڪيو ته اسان پلاند ڪندا سين؛ ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن پنهنجي شھيد ساٿيءَ جو پلاند شھيد جي قبر جي مٽي سُڪڻ کان اڳ ۾ ڪري ڏيکاريو.
    شھيد ماجد ميمڻ سوڳوارن ۾ لاڙ جي سرزمين سان گڏ پوڙهو پيءُ ۽ ماءُ، 7 ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ ڇڏيا.


    بهادُر گڏيا بهادرين : شهيد ممتاز ڀٽو

    زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو گهاءُ هڪ نسل کي ته رت وري ٻئي نسل جي دل مان وهي نڪرندو آهي. (امر جليل)

    سنڌ جي ڪُک ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون گوليون هنيون ويون آهن، جن جو گهاءُ اُن وقت جي نسل کي رسيو آهي، پر اُن زخم مان وهندڙ رت اڃا تائين نسل در نسل جي دلين مان وهندو اچي. موجودهه دور ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جا گهر اُجاڙيا ويا آهن، ڪيترين ئي ونين کي ڏهاڳ جا ڏنڀ ڏنا ويا آهن، ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪيون ويون آهن، ڪيترين ئي ڀينرن جي اکين جا خواب وقت جي بازار ۾ نيلام ڪيا ويا آهن، ڪيترن ئي پيئرن کان سندس عمر جي آخري لٺ کسي وئي آهي، پر هن بهادر قوم جون، مائرون، ڀينرون، توڙي ونيون پنهنجي ڪونڌرن جي ايئن بي وقتائتي وڇڙڻ تي پڇتاءُ ڪرڻ بدران، پنهنجي هٿن سان لحد ۾ لاهيندي، ڪو به اک مان ڳوڙهو ڳڙڻ ڪون ٿيون ڏين. جنهن قوم جون مائرون ايتريون بهادر هجن، انهن مائرن جي ڪُک مان جنم وٺندڙ واقعي مظفر ۽ ممتاز جهڙا جوڌا ٿي سگهن ٿا.
    ممتاز ڀُٽي سيوهڻ جي هڪ عظيم انسان راهب ڀُٽي جي گهر ۾ جنم ورتو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گهر جي چُلهه ٻارڻ خاطر پاور هائوس ۾ ڦوٽو اسٽيٽ مشين جو دڪان لڳايائين، جتي هُو ٻچن جو پيٽ گذران ڪرڻ لڳو. شھيد ممتاز ڀُٽو، ’جيئي سنڌ متحده محاذ‘ جي بهادر مرڪزي اڳواڻ شھيد مظفر ڀُٽي جو ننڍو ڀاءُ هو، هُو جيتوڻيڪ ڪو سياست ۾ سرگرم نه هو، پر جڏهن مُظفر ڀُٽي کي پهريون ڀيرو رياست کنڀي گُم ڪيو هو ته هن سياست ۾ پير پاتو هو ۽ مُظفر جي آزاديءَ لاءِ احتجاج، مظاهرا ڪرايا هُئائين ۽ بعد ۾ ’جسمم‘ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. اهڙيءَ طرح هي سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ لڳو ۽ جڏهن مظفر کي ٻيو ڀيرو ڳُجهن ادارن کنڀي گُم ڪيو ۽ مظفر تي هر طرح جو تشدد ڪرڻ جي باوجود هُو نه ٽٽو ته مظفر جي هن ڀاءُ کي پنهنجي گهر ۾ 2 جولاءِ 2009ع تي بم هڻي شھيد ڪيو ويو.


    لاڙ پَٽ جو لاڏلو : شهيد حنيف زئور

    عشق ڪري پوءِ ڊڄڻ ۽ پڇتائڻ، وري اهو عشق ڇڏي ٻيو عشق ڪرڻ بزدل، ڀاڙيي، بيڪار ۽ ڊڄڻي ماڻهوءَ جو ڪم آهي. مون به عشق ڪيو آهي، جنهن جو سر عام هر هنڌ، هر ڪچهري، هر جڳھه وڏي واڪي ان جو اظهار ڪرڻ سان دِل کي سڪون ۽ من کي جيڪا راحت ۽ سُرور ملندو آهي ۽ جيڪا خوشي ملندي آهي، سا مونکي دنيا جي هر خوشي ۽ هر سُڪون کان وڌيڪ عجيب ۽ ڏاڍي وڻندڙ ۽ حقيقي خوشي محسوس ٿيندي آهي، پر افسوس جو منهنجو عشق قيد ۽ غلام آهي. منهنجي محبوبه جنهن سان آئون حد کان وڌيڪ عشق ڪندو آهيان ۽ انهيءَ جي به مون کي پڪ آهي ته آئون انهيءَ جي ڀاڪرن ۾ به ضرور ويندس. پر جڏهن پنهنجي محبوبه تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر ۽ اُن کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسان ٿو ته دِل ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي ۽ هٿ هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪن ٿا. پر منهنجي محبوبه جو محبوب عاشق سائين جي. ايم سيد ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ هٿيار وسيلي نه پر حق ۽ سچ ۽ علم جي ڏاهپ وسيلي آزاد ڪرائڻ لاءِ چئي ويو آهي. ان ڪري آئون دعا ٿو گُهران ته منهنجي محبوبه جا ڪروڙين عاشق ٿي وڃن ته جيئن آوازن، نعرن ۽ آزاديءَ جي اعلانن جا سمنڊ ڀرجي وڃن ۽ جڏهن سمنڊ تار ٿي پلٽي پوي ته ظالمن ۽ جابرن جا ساهه غوطن ۾ منجھڻ لڳن ۽ غلاميءَ جا زنجير لڙهي انهن ڳچين ۾ پئجي وڃن ته جيئن غوطن ۽ زنجيرن سان پاڻيءَ اندر ڦاهين تي لٽڪايو وڃي ته جيئن وري ڪو ٻيو ظالم پيدا ٿيڻ جي همت ۽ جُرئت ئي نه ڌاري سگھي ۽ ايئن ئي منهنجي محبوبه جنهن سان آئون حد کان وڌيڪ پيار ۽ محبت ڪندو آهيان، غلاميءَ جي زنجيرن مان پنهنجا پاند آجا ڪرائي هڪ آزاد مُلڪ سنڌوديش طور دُنيا جي نقشي تي سُندرتا سان نروار ٿي وڃي.
    ٻيو عشق جيڪو ڇوڪرن يا ڇوڪرين واري جي ڪوشش ڪرڻ باوجود پنهنجي اندر ۾ اُن لاءِ جڳهه ٺاهي نه سگھيو آهيان، ڇو ته مون هڪ عشق ڪيو آهي، هڪ محبت ڪئي آهي، جيڪو منهنجي شهه رڳ ۽ جان کان به پياري محبوبه سنڌ ڌرتيءَ سان آهي.
    مٿيون ڊائريءَ جو ورق شھيد حنيف جي ڊائريءَ تان ورتل آهي، جنهن مان شھيد حنيف جي سنڌ سان عشق، تڙپ، سچائي ۽ ثابت قدميءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لاڙ پَٽ جو هي لاڏلو سائبيريا جي پکين وانگر مهمان ٿي آيو هو ۽ ٿوري وقت ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو واس وٺي، سُڳداسي چانورن جي خوشبوءَ پنهنجي ذهن ۾ سمائي هميشه هميشه جي لاءِ هليو ويو. هُن جو وڃڻ فطري هُجي ها ته سندس پوڙهو پيءُ خدا جي رضامنديءَ سمجهي لُڙڪن جو زهر پي خاموش ٿي ويهي رهي ها، پر هن کي وقت جي نام نهاد رياست جي پالتو ڇاڙتن ديسي دلالن سامراجي سازش سان هٽايو هو، جيڪو ڏُک سائين عبدالواحد زئور جي ذهن ۾ ڪرڀ بڻجي رهجي ويو آهي. پوءِ به سندس والد، ڀائر توڙي ڀينرن کي مٿس فخر آهي ته هُو سنڌ جي عشق جي ڏوهه ۾ ڪُٺو ويو آهي. حنيف زئور قومي تحريڪ جو هڪ جانباز ۽ اڙٻنگ سپاهي هو، جنهن جي عملي ڪردار کان وقت جي يزيدي رياست خوفزدهه هئي، جنهنڪري کيس دوکي سان شھيد ڪرايو ويو.
    حنيف زئور 27 آڪٽوبر 1984ع تي بٺوري جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد سائين عبدالواحد زئور پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپيل هو ۽ حنيف جو جنم ٽن ڀينرن کان پوءِ ٿيو هو، جيڪي ٽيئي ڀينرون ننڍپڻ ۾ ئي گُذاري ويون هيون. هي سڪيلڌو اولاد هُئڻ ڪري لاڏلو به گهڻو هو، جنهن ڪري هي لاڏ ڪوڏ ۾ پليو نپنو ۽ وڏو ٿيو هو. سندس والد اُستاد هُئڻ جي ناتي جهڙي ريت پرورش ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي هُئي، اهڙي ريت تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا ڪمي نه رهڻ ڏني هئائين. حنيف ٻاروتڻ جا پنج سال پورا ڪري ڇهين سال ۾ قدم رکيا ته سندس والد صاحب (جيڪو اُن وقت ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائيندو هو) ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪري پاڻ پڙهائڻ لڳو، جتان پنج درجا پاس ڪري هاءِ اسڪول بٺوري ۾ پڙهڻ لاءِ وهاريو ويو، بٺوري هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، انٽر هائير سيڪنڊري اسڪول بٺوري مان پاس ڪيائين.
    حنيف زئور تعليم مڪمل ڪري مختلف خانگي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. هن روزگار جي شروعات ميزبان چانهه جي ڪمپني کان ڪئي، پر اُتي سندس دل نه لڳي ۽ سندس اندر ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي قرض چُڪائڻ جي ولوڙ هر وقت هوندي هئي، جنهن ڪري ڪُجهه عرصي لاءِ ڪراچي هليو ويو، جتي سچ اخبار ۾ صحافت ڪيائين، پر صحافت ۾ هن جڏهن سچ جو گلو مروڙجندي ڏٺو ته موٽي ڳوٺ آيو، ڪُجهه عرصو سُئي گئس ۾ ڪچي مُلازم طور ڪم ڪيائين. ان دوران هي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شموليت ڪري تنظيمي ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري کيس اُن عارضي مُلازمت مان ڪڍيو ويو. اُن بعد شھيد حنيف ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ هي سياسي توڙي سماجي مسئلن ۾ حصو وٺڻ لڳو، هن پاڻيءَ جي مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرايا، قومي ڪارڪنن جي گمشدگيءَ خلاف بٺوري ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ڪامياب مظاهرا ڪرايائين. مقامي سطح تي مختلف ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جا مسئلا هجن يا آزادي مارچ هجي، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال خلاف تحريڪ هلائڻي هجي، يا ذوالفقارآباد خلاف احتجاج هُجي، هي هر مورچي تي سڀني کان اڳڀرو رهيو، شھيد حنيف جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ضلعي جي مختلف عهدن تي رهي نهايت ئي سنجيده ورڪر طور ذميواريون نڀايون. هي هڪ پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي ورڪر هو. جڏهن بشير خان رُوپوش هو ته هن پنهنجي گهر ۾ کيس پناهه ڏني هُئي.
    حنيف زئور ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت ئي خوددار رهيو، هن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ پل به اجايو نه وڃايو، هن جڏهن ڏٺو ته سندس والد صاحب رٽائرڊ ٿي چڪو آهي ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل بينڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي، جتي هن ڪانٽريڪٽ تي چئن سالن تائين ڪم ڪيو ۽ پڪو نه ڪرڻ سبب هن ٻين ملازمن کي اُتساهي ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو، اڃا ڪيس هلندڙ ئي هو ته رياست جي ڇاڙتن کيس 22 نومبر2011ع تي رات جي اوندهه ۾ شھيد ڪري ڇڏيو. هن جي خودداري اهڙي هئي جو هن 27 سالن جي عمر تائين شادي نه ڪئي، جڏهن کيس شاديءَ لاءِ گهروارا زور ڀرندا هئا ته چوندو هو: بس باقي ٿورا ڏينهن انتظار ڪريو، نوڪريءَ ۾ پڪو ٿي وڃان پوءِ شادي ڪندس.حنيف والدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا اڌورا خوب ڇڏي سنڌ ماءُ جو خواب پورو ڪري هميشه لاءِ کانئن وڇڙي ويو. هن جي زندگي رهي ته به ڪيتري، هُو 27 آڪٽوبر تي آيو ۽ 22 نومبر تي هليو ويو. يعني ڪُل 25 ڏينهن ۽ اُنهن 25 ڏينهن ۾ هو کوڙ سارا ڪم ڪري، اڻڳڻيون محبتون ماڻي، پنهنجي ماءُ جي گود ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. شهيد حنيف زئور جي زندگيءَ تي سندس دوستن، عزيزن ۽ پيار ڪندڙن جي تاثراتن تي مشتمل ڪتاب ’گُل ڇِنو گرنار جو‘ جي نالي سان سندس ننڍي ڀاءُ عبداللطيف زئور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ مٿس لکيل تاثراتن مان پتو پئي ٿو ته ساڻس ڪيترا ماڻهو بيپناهه محبت ڪندا هُئا.


    يوسف جکراڻيءَ جو حساب ڏيو؟ : شهيد يوسف جکراڻي

    قومپرست اڳواڻ محمد يوسف ولد مير احمد خان جکراڻي 14 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ گلشير خان جکراڻي، تعلقي ڪشمور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان، ۽ انٽر حيدراباد ۾ پڙهيو. اُن بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين.
    هن 1973ع کان ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ کان سياست جو آغاز ڪيو ۽ 1973ع ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊيو ويو.
    يوسف جکراڻي، عُمر جي لحاظ کان ڪُجهه جذباتي قسم جو هوندو هو، جڏهن 73 جي آئين خلاف ’جيئي سنڌ‘ تحرڪ ۾ آئي ته هن به ٻين ڪارڪنن سان گڏ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جڏهن 73 جي آئين ٺاهيندڙ حفيظ پيرزادي کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقريب رکي، ته ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ هن ان جلسي کي درهم برهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. واضح ڪندو هلان ته جساف اڳواڻ اسماعيل وساڻ اُن جلسي ۾ حفيظ پيرزادي کي چماٽ به هنئي هُئي. يوسف کي ٻين ساٿين سان گڏ يونيورسٽي ريسٽيڪيٽ ڪيو ۽ جيل ڀيڙو ڪيو ويو. هڪ سال جيل ڪاٽڻ بعد هُو ٻاهر آيو ۽ سندس ريسٽيڪيشن بحال ٿي ۽ ايم. اي (سوشل ورڪ) جي ڊگري حاصل ڪيائين، يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ شموليت ڪئي. يوسف جکراڻي 1983ع ۾ ’ايم. آر. ڊي‘ جي تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو. اهڙيءَ طرح هن ڪالاباغ ڊيم خلاف به تحريڪ هلائي ۽ مير هزار خان بجاراڻي ۽ محمد شاهه امروٽيءَ سان گڏ گرفتار ٿيو، کيس 22 مهينا سزا ڏئي جيل موڪليو ويو، سزا ڪاٽي هي ٻاهر نڪتو ته بين الاقوامي انساني حقن واري ڪميشن ڪينيڊا برانچ پاران کيس ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح هيءُ گهڻو وقت فڪرِ جي. ايم سيد سان لاڳاپيل رهيو.
    يوسف جکراڻي 1983ع ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي، ايس. اين. اي جي پليٽ فارم تان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان اليڪشن وڙهيو، سامهون پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان مير هزار خان بجاراڻي چونڊن ۾ کٽي ويو. ٻيو ڀيرو 1991ع وارين چونڊن ۾ حصو ورتائين، بعد ۾ دستبردار ٿيو. يوسف جکراڻي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو ۽ هن جي راڄوڻي طرف وڌيڪ ڪوشش هوندي هُئي. هن جي سوچ وسيع هوندي هُئي، ۽ هن قومي سوچ کي قبيلائي تڪرارن جي ور چاڙهڻ نٿي چاهيو.
    اهڙيءَ طرح يوسف جکراڻيءَ کي پنهنجي ٻن سياسي ساٿين دودي خان نوحاڻي ۽ ديدار کوسي سميت، پنهنجي گهر جي ڀرسان اسٽيشن وٽان وفاقي ايجنسين کنڀي گُم ڪيو ۽ 22 جون 1992ع تي کيس بيدرديءَ سان گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو. مقامي ماڻهن جو موقف آهي ته کيس ڪنڌڪوٽ شهر ۾ سرعام گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو، پر فقير محمد لاشاري پنهنجي ايڊيٽوريل يوسف جکراڻيءَ جو حساب ڏيو؟ ۾ لکيو آهي ته سندس لاش پني عاقل ڇانوڻيءَ مان مليو. سنڌ جي هن بهادر انسان جو ايئن بيدرديءَ سان شھيد ٿيڻ هڪ وڏو سانحو هو، جنهن تي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي، تاجل بيوس ڪيڏارو لکيو ۽ امداد حسيني هن شعر سان ڀيٽا ڏني.

    هي جو يوسف آ جکراڻي،
    هوشو آ، ڪالاڻي آ.


    ببليوگرافي

    • ڪانڌڙو، آزاد انور، ’ڌرتيءَ جو شهيد‘ شهيد سميع الله تي لکيل:2005ع
    • سرويچ، ’تُنهنجو رَت ڪهاڻي ٿيندو‘ شهيد سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي تي لکيل: سنڌو ديش پبليڪيشن حيدرآباد،2011ع
    • لاشااري، ڊاڪٽر حيدر ، ’مِٽيءَ جو مُشتاق‘ شهيد مُشتاق خاصخيليءَ تي لکيل: جي. ايم سيد اسٽڊيز بورڊ، ڪراچي 2009ع
    • جوکيو، اخلاق حسين، ’وڏو‘ شھيد بشير خان تي لکيل، سنڌيا پبليڪيشن، محرابپور، سنڌ:2012ع
    • زئور، عبداللطيف، گُل ڇِنو گرنار جو‘ شهيد حنيف زئور تي لکيل، آزادي اشاعت گهر، ميرپور بٺورو:2012ع
    • روزاني ڪاوش حيدرآباد، آگسٽ 2006ع
    • روزاني عوامي آواز ڪراچي، آگسٽ 2006ع
    • روزاني سوڀ حيدرآباد 2007ع
    • روزاني عوامي آواز ڪراچي، 2007ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471396
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ