ڪتاب جو نالو: نيٺ گونگي ڳالهايو
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: عبرت بڪ ڪلب
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1994
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 16 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 3184 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 927 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27
  • 28
  • 29
  • 30
  • 31
  • 32
  • 33
  • 34
  • 35
  • 36
  • 37
  • 38
  • 39
  • 40
  • 41
  • 42
  • 43
  • 44
  • 45
  • 46
  • 47
  • 48
  • 49
  • 50
  • 51
  • 52

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (293) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جو لکيل آهي.
    امر جليل سنڌ جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون ۽ ڊراما گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا آهن، نه صرف اهو پر سندس ڪالم جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون به لازوال آهن. امر جليل صرف هڪ ئي ناول لکيو آهي "نيٺ گونگي ڳالهايو“، جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.

    ڪتاب مان ورتل ڪجهه سٽون:
    ايئن ڇو آهي، جو اسان جي زندگي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بيمقصد گذري ويندي آهي !.
    چوندا آهن ته قانون جي نگاهن ۾ انسان بيگناهه آهي، جيستائين هو گنهگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آهي. اسين گنهگار آهيون، جيستائين پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪريون.

    ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جي السٽريشن پياري دوست آصف رضا نظاماڻي جي ڪاوشن جو ثمر آهي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    1

    چانھه ٺاھيندي، مون گلاب گونگي کي چيو، ” تون مون وانگر آڙيڪاپ نه آھين، بلڪه معصوم آھين، جنھن ڪم ۾ مان ناڪام ٿي چڪو آھيان، سو ڪم تون ڪري نه سگھندين. تون به مون وانگر پيو ڪم ڪر.“
    جمعي جو ڏينھن ۽ صبح جو وقت ھو. گلاب گونگو آمليٽ لاءِ بصر ڪپي رھيو ھو، ۽ اکين مان ھنجون ھاري رھيو ھو. قميص جي ٻانھن سان اکيون اگھي ھن مون ڏانھن ڏٺو.
    چانھه جي ڪوپ ۾ کير وجھندي چيم،” تون ڪنھن به صورت ۾ محمد اسلام قاضي محله روھڙي شريف کي ڳولي نه سگھندين. اسلام آباد ڏاڍو نامراد شھر آھي. اسلام کي کائي ويو آھي.“
    گلاب گونگي کي منھنجي ڳالھه نه وڻي. ھن ڪنڌ کي سٽ ڏني ۽ بصر ڪپڻ لڳو.
    چانھن جي سپ ڀريم، چيم ” اسلام آباد ۾ گم ٿيل اسلام کي ڳولڻ لاءِ مون سالن جا سال، مھينن جا مھينا، ڏينھن جا ڏينھن وڃائي ڇڏيا آھن. مان کيس ڳولي نه سگھيو آھيان. تون کيس ڪئين ڳولي سگھندين؟ “
    گلاب گونگي ڇري رکي ڇڏي، قميص جي ٻانھن سان اکيون اگھي، ھن پينسل کڻي ڪاغذ تي لکيو ”تو کي اسلام آباد جون ڏائڻيون ورائي ويون آھن. تون اسلام کي ڳولي نه سگھندين. اسلام کي مان ڳوليندس.“
    ڪاغذ پڙھي ڪاوڙ وچان چيم ”جنھن ڏينھن تون اھو ڪارنامو سر انجام ڏيندين، تنھن ڏينھن مان خودڪشي ڪندس.“
    گلاب گونگو ٽھڪ ڏيئي کلي پيو.
    چيم، ”ڇو؟ تون ڇا ٿو سمجھين، مان خودڪشي ڪري نه سگھندس؟“
    گلاب گونگي ھڪدم ڪاغذ تي لکيو،”خودڪشي جيئرا ڪندا آھن، ورھيه ٿيا آھن جو تون مري ويو آھين.“
    ڪاغذ مروڙي سروڙي باھ ۾ اڇلايم، چانھن جو ڪوپ کڻي ٻاھر ويندي چيم، ”تون اسلام کي ڳولڻ ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندين. اسلام آباد ڏاڍو نامراد شھر آھي. تون به اسلام وانگر ھن شھر جو کاڄ ٿي ويندين.“
    بورچيخاني مان نڪري، ورانڊي ۾ وڃي ويٺس. اخبارون ٽڙيون پکڙيون پيون ھيون. جمعي ڏينھن چار پنج اخبارون اسانجي فليٽ تي اينديون آھن. مان صبح سوير ننڊ مان اٿي نه سگھندو آھيان. ھميشه سج اڀرڻ کان پوءِ ننڊ مان اٿندو آھيان. گلاب گونگو، منھنجو دوست، منھنجو ساٿي ڏاڍو نيڪ بخت آھي. صبح سوير ننڊ مان اٿندو آھي. اٿڻ شرط منھن تي پاڻي جا ڇنڊا ھڻي، جاگر پائي، ڊوڙندر ڪراچي ڪمپنيءَ کان ٻاھر ھليو ويندو آھي.
    بدنما فليٽن جي طويل سلسلي کي اسلام آباد وارن ڪراچي ڪمپنيءَ جو نالو ڏيئي ڇڏيو آھي. چون ٿا پنھنجي نوعيت جو واھيات فليٽ ٺاھڻ لاءِ ٺيڪو ڪراچي جي ھڪ ڪمپنيءَ کي ڏنو ھئائون. ٺيڪيدار، پنھنجي ٺيڪي جا پيسا ڇڏائي ۽ پٺيان نھايت بدنما، بدصورت ۽ ڀوائتن فليٽن جو شيطاني سلسلو ڇڏي الوپ ٿي ويو ھو. ڪراچي ڪمپنيءَ وارو ٺيڪيدار پاڻ ته گم ٿي ويو، پر فليٽن تي پنھنجي ڪمپنيءَ جي ڇاپ ڇڏي ويو. اھو ڏينھن. اڄ تائين انھن فليٽن کي سڏين ڪراچي ڪمپني ! ڪراچي ڪمپنيءَ جي فليٽن ۾ سنڌ مان آيل گلاب گونگي ۽ مون جھڙا مولائي وڏي تعداد ۾ رھندا آھن. ھجين حياتي، سدائين ھڪٻئي کان رُٺل رھندا آھن !
    گلاب گونگو ھونءَ ته ھفتي جا ڇھه ڏينھن فليٽ ۾ ئي ڏنڊ بيٺڪون ھڻندو آھي ۽ قسمين قسمين ڪسرتون ڪندو آھي. پر، خاص ڪري جمعي ڏينھن گلاب گونگو اسر ويل اٿي ڊوڙندو، ڪراچي ڪمپنيءَ جي فليٽن کي پوئتي ڇڏي، پشاور موڙ ڏانھن ھليو ويندو آھي. پشاور موڙ کان اوپن يونيورسٽيءَ وارو رستو وٺي، قبرستان کان ٿيندو، جھرن جھنگن مان شارٽ ڪٽ ھڻندو، فليٽ تي موٽي ايندو آھي. اچڻ شرط اخبارن جو بنڊل کولي ويھي رھندو آھي. اخبارن مان فقط ايڊيٽوريل پڙھندو آھي. سمورين اخبارن جا ايڊيٽوريل پڙھي گلاب گونگو بورچيخاني ۾ وڃي بيھندو آھي ۽ نيرن ٺاھڻ ۾ لڳي ويندو آھي. اھا ھن لاءِ ھر جمعي جي ڪرت آھي. ھونءَ نه ته، ھفتي جا ڇھه ئي ڏينھن اسين پنھنجي آفيس ۾ وڃي نيرن ڪندا آھيون.
    سج چڙھئي کان پوءِ مان ننڊ مان اٿندو آھيان. ٿڙندو ٿاٻڙندو غسلخاني ۾ وڃي، نلڪي ھيٺان مٿو ڏيئي پاڻي کولي ڇڏيندو آھيان.مٿي تي پاڻي پوڻ سان ڪجھه، ھوش ۾ ايندو آھيان. غسلخاني مان نڪري ٿاٻا کائيندو، بورچيخاني ۾ وڃي پنھنجي لاءِ چانھن ٺاھيندو آھيان. گلاب گونگو نيراني چانھه نه پئيندو آھي. ھو نيراني پاڻيءَ جو ٿڌو گلاس پيئندو آھي. اھي نيڪ بندي جون نشانيون آھن. جنت ۾ کيس چانھه ملڻ جو امڪان ڪونھي. نيراني چانھه پيئڻ واري منھنجي عادت تي ھڪ دفعي پني تي لکيو ھئائين، تون ڪارو انگريز آھين ۽ فرشتن جي غلطيءَ سبب سنڌ ۾ ڄائو آھين.
    ذري گھٽ ھر جمعي تي گلاب گونگو آمليٽ ٺاھيندو آھي. آمليٽ ٺاھڻ ۾ ھو پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سموري سنگت جو مڪروھ فيصلو آھي ته آمليٽ ٺاھڻ ۾ گلاب گونگو فخر پاڪستان آھي، بلڪه فخر ايشيا آھي. ھو جڏھن آمليٽ ٺاھي ايندو آھي. تڏھن جھٽ ھڻي اخبار مون کان ڦري وٺندو آھي. سندس ان حرڪت جو مطلب ھوندو آھي نيرن تيار آھي.
    چانھه جون سرڪيون ڀريندي مان سڀ کان اڳ اشتھار پڙھندو آھيان. ھر طرح جا اشتھار، ڪن جا گھريلو سامان، فليٽ، بنگلا ۽ پلاٽ وڪڻڻ جا اشتھار، شادي ۽ سڱابنديءَ جا اشتھار، مٿي تي وران وڌائڻ جا اشتھار. ان کان پوءِ ڌاڙا، اغوا، خونن جو خبرون پڙھندو آھيان. سياسي خبرون ڀُل وچان به نه پڙھندو آھيان. سياسي خبرون پڙھي مون کي ڪراھت ايندي آھي اھو سمورو ڏينھن اوڪارا ڪندي گذرندو آھي.
    ھيءَ جنھن جمعي جي ڳالھه آھي، تنھن ڏينھن صبح جو چانھه پيئڻ کان پوءِ مون اخبارن مان اشتھار ويٺي پڙھيا، اشتھار پڙھندي مون کي گلاب گونگي جو خيال آيو. اسلام آباد ۾ ھو اسلام کي ڪيئن ڳوليندو ! اھڙو شھر، جيڪو سيڪٽرن ۾ ورھايل ھجي، جنھن ۾ ھڪ سيڪٽر جا رھواسي ٻئي سيڪٽر جي رھواسين کي ڪمتر سمجھن، پاڻ کي برتر ! اھڙي نڀاڳي شھر ۾ گلاب گونگو اسلام کي ڪئين تلاش ڪري سگھندو ! مان بريءَ طرح ناڪام ٿي چڪو آھيان. ڪو به حيلو بھانو ڪارگر ثابت نه ٿيو آھي. ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿي آھي. اسلام آباد ۾ اسلام، اسان جو سنگتي ۽ پاڙيسري، اھڙي نموني گم ٿي ويو آھي ، جئين سچ !
    گلاب جھٽ ھڻي اخبار منھنجي ھٿن مان ڦري ورتي. ان جو مطلب ھو ته نيرن تيار ھئي. تڏي تي آمليٽ، ڊبل روٽيءَ جو سيڪيل سلائيسون، ڀُڳل سيون، چانھه جي ڪيٽلي ۽ ڪوپ رکيا ھئا. اسين ٻئي ھڪٻئي جي سامھون پلٿي ھڻي ويھي رھياسين. آمليٽ جو ٽڪر کائيندي گلاب کي چيم، ” تون جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندين، سا ڏاڍي سکي رھندين “
    گلاب مرڪڻ لڳو.
    مون گلاب کي چيو ”تون محمد اسلام کي ڳولڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ. مون کي پڪ آھي ته اسلام اسان کي اسلام آباد ۾ نه ملندو.“
    پينسل کڻي پني تي لکيائين ؛ ٻيو ڇا ڪريان؟
    آمليٽ تي سيون رکي کائيندي، چيم ”تون ڪو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکار ڪنھن ايئر ھوسٽس سان عشق ڪري ڏيکار پنھنجي علائقي جو گونگو ڪائونسلر ٿي ڏيکار – گونگو سينيٽر، يا وري اسيمبليءَ جو گونگو ميمبر ٿي ڏيکار. “
    گلاب گونگو مُرڪڻ لڳو.
    چيم، ' تون ھئين ڪر گلاب ” تون چونڊن ۾ اول بيھڻ جو ۽ پوءِ ويھڻ جو اعلان ڪر ۽ وري بيھڻ جو اعلان ڪر ۽ آخر ۾ سمھي پوڻ جو. “
    گلاب پينسل کڻي پني تي لکيو، ”تون پنھنجي بڪواس بند ڪر، تون جڏھن به بڪواس ڪندو آھين، آمليٽ جو خانو خراب ڪري ڇڏيندو آھين. “
    خبر اٿئي ! مون گلاب کي چيو، ”ھندستان جي تاريخ ۾ ھڪ گونگو پھلوان ٿي گذريو آھي، ھن گاما پھلوان کي شڪست ڏني ھئي. “
    گلاب گونگو ڊبل روٽيءَ جي سلائس سان آمليٽ کائيندو رھيو ۽ رکي رکي مون ڏانھن ڏسندو رھيو ۽ مرڪندو رھيو. ھن جي مُرڪ ڏاڍي پراسرار ھئي.
    مون کيس ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”تون ڳالھاءِ گلاب، ڳالھاءِ ! سچ نه، ته کڻي ڪوڙ ئي ڳالھاءِ ! اسان جي ملڪ ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ وارن جي ڏاڍي عزت ۽ ساک ھوندي آھي، تون ڳالھاءِ گلاب – ڳالھاءِ !“
    گلاب پاسي ۾ رکيل پينسل کڻي، ڪاغذ تي لکيو، تون ماٺڙي ڪري آمليٽ کاءُ ٻوڙا ! پر ڌيرج سان.
    ”ٺيڪ آھي، ٺيڪ آھي، تنھنجي چوڻ مطابق مان ٻوڙو آھيان. ڪجھه ڪجھه خفي ٿيندي چيم، ان جو مطلب ته تون محمد اسلام آف قاضي محله روھڙي شريف کي ڳولڻ کان سواءِ اسلام آباد ۾ ٻيو ڪو ڪم نه ڪندين ! “
    پني تي لکيائين، ھا مان ٻيو ڪو ڪم نه ڪندس.
    ”اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ ھونءَ ئي امڪان کان ٻاھر آھي. ' کيس سمجھائڻ واري نوع ۾ چيم، پر، جيڪڏھن خاموش رھندين، ڳالھائيندين نه، ته پوءِ قيامت تائين اسلام کي ڳولي نه سگھندين.“
    گلاب گونگي منھنجي ڳالھه کي اھميت نه ڏيندي ڪاغذ تي لکيو، ”آمليٽ ختم، پيسا ھضم، ٿانو کڻي، بورچيخاني ۾ وڃي ڌوءُ !“
    مون کي ڪاوڙ لڳي، خالي پليٽون ۽ ڪوپ کڻي ڌوئڻ لاءِ بورچيخاني ڏانھن ھليو ويس.


    2

    آفيس ۾ ڪا منجھند منھنجي لاءِ سڀاڳي ھوندي آھي. ان ڏينھن صاحب جي ڪٿي ڪا لنچ يا ورڪنگ لنچ ھوندي آھي. اوھين لنچ ته سمجھو ٿا نه ! منجھد مھل جيڪا ماني کائيندا آھن، سا لنچ ھوندي آھي. ۽ منجھند مھل ڪم ڪار ھلندي صاحب جيڪا ماني کائيندا آھن، سا ورڪنگ لنچ ھوندي آھي. منجھند مھل اسين جيڪي ڪجھه کائيندا آھيون – مثال طور پاروٿن چانورن سان دال، يا پڪوڙا، يا تريل پٽاٽا، سا اسان لاءِ منجھند جي ماني ھوندي آھي. منھنجي چوڻ جو مقصد آھي ته منجھند مھل حاڪم لنچ ڪندا آھن، ۽ محڪوم منجھند جي ماني کائيندا آھن.
    جنھن ڏينھن صاحب لنچ لاءِ روانو ٿي ويندو آھي، تنھن ڏينھن عملي جي ھر ھڪ فرد ۾ نماز جو جذبو جاڳي پوندو آھي. ان ڏينھن عملي جا ماڻھو آفيس جي ورانڊي ۾ بيھي ظھر جي نماز نه پڙھندا آھن. ان ڏينھن ھو ٻه چار ميل پري، ڪنھن مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاءِ ھليا ويندا آھن، جتان ھو وري ٻئي ڏينھن صبح جو آفيس ايندا آھن. اھڙو ڏينھن منھنجي لاءِ ڏاڍو سڀاڳو ڏينھن ٿي پوندو آھي.
    الائي تيل، يا گئس ڳولڻ لاءِ چين يا جپان، يا ان قسم جي ڪنھن ملڪ کان ماھرن جي ٽيم آيل ھئي، سندن مان ۾ ان محڪمي طرفان منجھند جي ماني، بلڪه لنچ ڏني ويئي ھئي. ھنن اسان جي محڪمي واري صاحب کي به سڏايو ھو. اسلام آباد ۾ ان قسم جا کاتا روز پيا کائين ! آسٽريليا، آمريڪا، ڪينيڊا، جرمني، انگلينڊ وغيره کان ماھرن جي ڪا نه ڪا ٽيم اسلام آباد ۾ روزانو ايندي آھي. تيل، گيس، قيمتي پٿرن، معدنيات، زراعت، ايٽمي توانائيءَ تي ڳالھه ٻولھه ھلندي آھي. ڳالھه ٻولھه دوران منجھند مھل لنچ به ھلندي آھي، جنھن ۾ ھڪ محڪمي جا صاحب ٻين محڪمن جي صاحبن کي دعوت ضرور ڏيندا آھن. اھو ذري گھٽ روز جو معمول آھي. اسان وارو صاحب ڏاڍو حرفتي آھي. ھو فقط ھاليڊي ان، پرل ڪانٽينينٽل ۽ اسلام آباد ھوٽل ۾ ڏنل لنچ جي دعوت تي ويندو آھي. دل جو مريض آھي، تنھنڪري فقط تريل مڇي ۽ روسٽ چڪن تي طبع آزمائي ڪندو آھي. پنھنجي صحت جو ڏاڍو خيال رکندو آھي. لنچ کائڻ کان پوءِ صاحب آفيس بدران گھر ھليو ويندو آھي، ۽ ڍوَ تي منجھند جي ننڊ ڪندو آھي. ان لاءِ ھن ڊاڪٽرن کان سرٽيفڪيٽ وٺي ڇڏيو آھي. ٻه چار دفعا آمريڪا ۽ انگلينڊ مان دل، دماغ، گُڙدن، ڦڦڙن ۽ جگر جي چڪاس سرڪاري خرچ تي ڪرائي آيو آھي.
    تيل. گيس، قيمتي پٿر، وغيره ڳولڻ وارن غير ملڪي ماھرن جي مان ۾ ڏنل لنچ تي صاحب اڌ ڪلاڪ کن اڳ روانو ٿي ويو ھو. صاحب جي وڃڻ کان پوءِ، خدا جي ڪنھن به نيڪ بندي، ورانڊي ۾ تڏا فراسيون نه وڇايون، خدا جا سمورا نيڪ بندا ننڍڙن ننڍڙن ٽولن ۾، منجھند جي، يعني ظھر جي نماز لاءِ ٽي چار ميل پري، ڪنھن عالمگيري، غزالي، حنفي، مالڪي، حنبلي مسجد ڏانھن روانا ٿي ويا، ڏسندي ئي ڏسندي آفيس خالي ٿي وئي. آفيس ۾ رڳو مان ۽ ڪجھه ٽيليفونون، سي به ويچاريون بي يارو مدد گار رھجي ويون. بي يارو مددگار ٽيليفونون ڏسي منھنجي وات مان گگ لڙي پوندي آھي، رسيور کڻي ويھي رھندو آھيان، ويٺو نمبر ڦيرائيندو آھيان. سمورن شھرن ۾ واقفڪارن کان موسم جو حال احوال، ۽ دال چانورن جا اگهه پڇي، آخر ۾ ڏائڻ سان ڳالهائيندو هوس. ڏائڻ کي متان سچي پچي ڏائڻ سمجهو. نالو اٿس، شالي.
    سموري ملڪ مان موسم جو حال ۽ دال چانورن جا اگهه معلوم ڪرڻ کانپوءِ مون سنگتين ساٿين جي خيريت پڇڻ لاءِ حيدر آباد جو نمبر ڊائل ڪيو.
    پڇيومان : ڪي يار دوست ڇڏيائون، يا سڀني کي کچڻي ڪري ڇڏيائون؟
    جواب مليو : اڌر خير لگا پڙا هي، شينهن اور بڪري ايڪ هي گهاٽ سي پاڻي پينا پڙتا هي، يڪجهتي ڪا دلخراش مظاهرا هونا پڙا هي. تم اسلام آباد ۾ ڪيا ڪرنا پڙا هي؟
    وراڻيم : هم اسلام آباد ۾ توي سي اپنا منهن ڪالا ڪرتا پڙا هي، اور لوڪ گيت گانا پڙا هي. جبل تي طوطو، خط نه تنهنجو پهتو.
    رسيور رکندي، الائي ڇو منهنجو هٿ ڪنبي ويو. اڌ رنگ !
    نه، اڌ رنگ انهن کي ٿيندو آهي، جن کي ڪو رنگ هوندو آهي. مان بي رنگ آهيان. ته پوءِ ، منهنجو هٿ ڇو ڪنبي ويو !
    عين ان وقت چارڻ چريو ڊوڙندو آيو. دلبر ماڻهو هو. رات جاڳي گذاريندو هو، ۽ ڏينهن جو خواب ڏسندو هو. چارڻ ان ڳالهه تي ڏاڍو خوش هو ته، موهن جي دڙي ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ موريون ڍڪيل هونديون هيون.
    مون چارڻ ڏانھن ڏٺو، پگھر ۾ شم ! سھڪي رھيو ھو
    سھڪندي چيائين، ' گلاب گونگي کي آبپاره وٽان گرفتار ڪري وٺي ويا آھن.'
    ڇو؟ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    رات پاٺي تي مارڪر سان وڏن اکرن ۾ لکيو ھئائين ته ”اسلام تون ڪٿي آھين؟ ڳوٺ ۾ سڀئي تنھنجي لاءِ فڪرمند آھن !“
    ” ھا لکيو ھئائين “
    ” آبپاره وٽ پاٺو مٿي ڪري بيھي رھيو، ماڻھو اچي مڙيا “
    ”ھنگامو ٿي پيو ڇا؟ “
    ” نه.“
    ” ته پوءِ گرفتار ڇو ڪيائونس؟ “
    چارڻ پنھنجي مخصوص لھجي ۽ انداز ۾ سمورو احوال ڏنو ؛ اسلام لاءِ سنڌيءَ ۾ لکيل نعري وارو پاٺو، ڪوڪن سان بانس جي لڪڙي تي ٺوڪي، گلاب گونگو صبح جو ڏھين لڳي آبپاره وٽ اچي بيٺو. ڪجھه ماڻھن کي سنڌيءَ ۾ لکيل نعرو سمجھه ۾ نه آيو. ھجوم گڏ ٿي ويو. ڊيوٽي تي موجود سپاھين جو ڏانھنس ڌيان ڇڪجي ويو. ھنن کي سنڌيءَ ۾ لکيل عبارت سمجھه ۾ نه آئي. گلاب سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيائون، گلاب چپ. عبارت ۾ فقط ھڪ لفظ سمجھه ۾ آين، اسلام ! بيٺي پير فيصلو ڪيائون ته پڪ تخربيڪار آھي، ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ھليو آيو آھي. گلاب گونگي کي مُڪون ۽ ٿڏا ھڻندا آبپاره ٿاڻي ڏانھن وٺي ويا.
    سوچيم، مدد لاءِ ڪھڙي دوست کي فون ڪجي، سڀ کان اڳ مُراد ٺاٺاري جو خيال آيو، وڏي رھائيءَ وارو آھي. ايف آئي اي ۾ ڪافي اثر رسوخ اٿس. کارڪن ۽ ماکيءَ جي شيشن سان اڌ اسلام آباد کي مُٺ ۾ ڪري ورتو اٿائين. سندس نمبر ڊائل ڪيم،
    رسيور مان آواز آيو، ” ھلو، مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ.“
    باڊي بلڊرن جھڙو متارو آھي. آواز به متارو اٿس، جھڙو ڦاٽل دھل ! چيم، ” ڇا پيو ڪرين “
    ” اڙي جاني! جاني تون آھين ڇا “
    ” ھا، مان آھيان. ٻڌاءِ ته ھن وقت ڇا پيو ڪرين.“
    ” فائيلن جو ويٺو ٻيڙو ٻوڙيان.“
    ” تنھنجي مدد گھرجي – ھڪدم “
    ” وري ڪنھنجي اسڪوٽر جو چالان ٿيو آھي ڇا؟ “
    ” گلاب گونگي کي گرفتار ڪري وٺي ويا آھن.“
    ”ڇو ! ڇا ڪيائين ! “
    ” ڪيائين ته ڪجھه به نه. اسلام لاءِ بينر کڻي آبپاره وٽ بيٺو ھو. تخربيڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪري ويا اٿس.،
    مراد ٺاٺارو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
    ڪجھه دير کان پوءِ چيو مانس، ” لائين تي آھين، يا ڪٽجي ويو آھين؟ “
    ” ھاڻي ھيئن ٿا ڪريون، جاني ! کنگھار ڪندي چيائين ” مان پوليس عملدارن سان ڳالھان ٿو. تون پنھنجي نمبر تي آھين نه؟ “
    چيم، ” ھا، پر دير نه ڪجانءِ، سَچ ڪرائڻ جي چڪر ۾ ماري نه وجھنس. “
    ” تون فڪر نه ڪر جاني ! چيائين، اڌ ڪلاڪ اندر موٽائي فون ٿو ڪريانءِ. “
    مون رسيور رکي ڇڏيو.
    چارڻ چريو ڏاڍو فڪرمند ھو. چيائين، ” مُراد ٺاٺارو وڏو چڪرباز آھي. تون ٻئي ڪنھن سان ڳالھاءِ. “
    نه يار. چيم، ” ياد اٿئي دُرل مانجھيءَ کي ڪوارٽر وٺي ڏيڻ ۾ ڪيڏي مدد ڪئي ھئائين. “
    ” اُھا ٻئي ڳالھه ھئي. “ چارڻ چيو، ھي پوليس جو معاملو آھي.
    ڇا جو پوليس جو معاملو آھي ! خفي ٿيندي چيم، ” گلاب ڪا چوري ڪئي آھي، ڪو ڌاڙو ھنيو آھي ! “
    تون ڇا تون سمجھين ! چارڻ چيو، ” ھي جو پوليس ماڻھن کي روزانو ھِتان ھُتان گرفتار ڪندي آھي سي سڀئي چور، ڌاڙيل ۽ قاتل ھوندا آھن ! “
    ” تون سوشل ڪرٽڪ،سماجي نقاد آھين، تو کي فقط عيب نظر ايندا آھن. “
    چارڻ کي سمجھائيندي چيم، ”اصل ۾ ويچارو مُراد ٺاٺارو ايڏو چڪر باز ناھي، جيڏو تون کيس سمجھين ٿو. “
    چارڻ ڏند ڪرٽيندي چيو، ”جيڪي ماڻھو وار ڪارا ڪري، ٿري پيس پائي ۽ وات ۾ چروٽ يا پائيپ وجھي پرسنلٽي ٺاھي ھلندا آھن، سي بنيادي طرح جُڙتو ۽ بنڊل ھوندا آھن. “
    ھاڻي ھئين ٿا ڪريون. چيم، ” بحث ۾ مٿو خراب ڪرڻ بدران چانھه ٿا ٺاھيون.“
    مان اٿي چانھه ٺاھڻ لڳس.
    چارڻ چيو، ”جيستائين مراد ٺاٺارو فون تي ڪو بنڊل ھڻندو، تون چانھه ٺاھيندين، تيستائين پوليس وارا گلاب گونگي کي اڌ مُئو ڪري ڇڏيندا. “
    مون دل ۾ محسوس ڪيو ته چارڻ چرئي سچ پئي چيو. پر، سنگت ۾ مراد ٺاٺارو سڀني کان وڌيڪ رھائيءَ وارو ھو. پبلڪ رليشنگ خاطر ھو اسلام آبادين کي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ٽن سنڌ جي ماکي چٽائي چڪو ھو. مون کي پڪ ھئي ته گلاب گونگي کي پوليس جي چنبي مان ڇڏائڻ ۾ مراد ٺاٺاري کان وڌيڪ با اثر دوست ٻيو ڪو به نه ھو.
    چانھه ٺاھي، ماٺ ڪري ويھي رھياسين. رکي رکي سرڪيون ڀريندا رھياسين. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ فون جي گھنٽي وڳي. مراد ٺاٺاري چيو، ”معاملو سنگين آھي جاني ! پوليس آفيسرن کي پڪ آھي ته گلاب گونگو تخربيڪار آھي. ھندستان جي سيڪريٽ سروس جو ميمبر آھي. “
    ” بڪواس آھي. “ مون کان رڙ نڪتي، چيم ، مان ٿو وڃان ايس. ايڇ. او جي ٻچي سان ڳالھايان.
    نه جاني، نه ! مراد ٺاٺاري ھڪدم چيو، اھڙي غلطي نه ڪجانءِ ! پوليس گلاب گونگي جي ساٿين کي تلاش ڪري رھي آھي.
    ” يعني؟ “
    گلاب گونگو تو وٽ رھيل آھي. مراد ٺاٺاري چيو، ”پوليس تو کي تلاش ڪري رھي آھي. “
    ” پوليس مون کي تلاش ڪري رھي آھي ! “
    ” ھا جاني ! پوليس تو کي تلاش ڪري رھي آھي“ مراد ٺاٺاري چيو، ”منھنجي مَڃ، ڪجھه عرصي لاءِ روپوش ٿي وڃ. “
    مون رسيور رکي ڇڏيو ۽ چارڻ چرئي ڏانھن ڏٺو.


    3

    ڪلاڪ ٻن جي ڀڄ ڊڪ کان پوءِ پڪ ٿي ويئي ته گلاب گونگو آبپاره ٿاڻي ۾ بند ھو. پوليس کي پڪ ھئي ته گلاب دھشت گرد ھو ۽ ھن جو تعلق سنڌ جي ھڪ دھشتگرد گروھ سان ھو.
    چارڻ چيو، ”ايس ايڇ او سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ گلاب ۽ سندس دھشت گرد گروھ جي باري ۾ صحافين کي تفصيل ٻڌائيندو. “
    اسلام آباد جي ڪجھه صحافين سان چارڻ جي دوستي آھي. ھو مون کي آفيس ۾ ڇڏي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب ھليو ويو.
    آفيس جي خالي ڪمرن ۾ مون کي پنھنجي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏھن به دل جي ڌڙڪڻ جو آواز نه ٻُڌو ھو. ٽي چار ٽيليفون بي يارو مدد گار منھنجي سامھون پيا ھئا. ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪنھن سان ڳالھايان، ۽ ڇا ڳالھايان ! مراد ٺاٺاري واضع نموني ٻڌائي ڇڏيو ھو ته پوليس گلاب گونگي جي دھشت گرد ساٿين جي ڳولا ۾ سرگردان ھئي. گلاب جي دھشت گرد ساٿين ۾ سڀ کان اول منھنجو نالو ھو. پڪ ڪرڻ خاطر ٻيھر مراد ٺاٺاري کي فون ڪيم، رسيور مان آواز آيو، ”مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ. “
    ڪجھه ڪجھه وچڙيل آواز ۾ پڇيم، ”مراد پڪ اٿئي پوليس مون کي ڳولي رھي آھي “
    ”جاني، مارائيندين ڇا ! مراد ٺاٺاري ڪنبندڙ لھجي ۾ چيو، پوليس ھر ان شخص کي ڳولي رھي آھي، جنھنجو گلاب گونگي سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو رھيو آھي.“
    مراد ٺاٺاري رسيور رکي ڇڏيو.
    مون کي مراد ٺاٺاري جي رويي تي تعجب نه ٿيو. ھن ڏاڍي محنت ڪئي ھئي. اسلام آباد جھڙي نامراد شھر ۾ پير ڄمائڻ لاءِ ھن وسان ڪين گھٽايو ھو. سنڌ ۾ بيروزگاريءَ کان مجبور ٿي، ڪلارڪي ڪرڻ لاءِ اسلام آباد آيو ھو. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي، ويو ڏاڪن پٺيان ڏاڪا چڙھندو. شڪارپور جي مٺائي ۽ آچار، روھڙي ۽ خيرپور جو کارڪون، ۽ ماکين جا شيشا کارائي ھن ڪامورن جي مت ماري وڌي. ھر ڪو پيو مٿي تي ويھاريس. ويو چوٽ چڙھندو. سنڌ بابت خبرون ھٿ ڪرڻ وارا مراد ٺاٺاري کي سنڌ تي اٿارٽي سمجھڻ لڳا. سنڌ بابت ڪنھن به قسم جي سياسي، سماجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ واري ڪاروائيءَ کان اڳ، اختياريءَ وارا ڏاڍي رازداريءَ ۾ ساڻس صلاح مشورا ڪرڻ لڳا.اهڙي روش سبب مراد پاڻ به شروعات ۾ وائڙو ٿي ويو. روزانو، ڪا نه ڪا ڪهاڻي اچي ٻڌائيندو هو. سنڌ ۾ جٿن موڪلڻ جي تياري ٿي رهي آهي ! سنڌ ۾ تعليمي ادارن جو انتظام ڪمشنرن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ! سنڌ ۾ جاسوسيءَ جو ڄار وڇايو ويندو ! رينجرن کي چوڪ چوڪ تي بيهاريو ويندو !
    اسين مٿس کِلون، ٺٺوليون ڪريون. چرچا ۽ ٺمريون هڻي کيس چريو ڪري ڇڏيون. کيس لَٻاڙين جي سردار جو لقب ڏئي ڇڏيوسين. هڪ دفعي، چندو ڪري ٽرافي ورتي سين، ٽرافيءَ تي لکايوسين ؛ لٻاڙين جي عالمي چيمپين، مراد ٺاٺاري لاءِ،
    پر اهو غير يقيني، ۽ مبهم قسم جو دور هو. جلد گذري ويو. جڏهن ٺاٺاري جون ٻڌايل ڳالهيون سچ ثابت ٿيڻ لڳيون، تڏهن اسين ماٺ ۾ پئجي وياسين. ڪجهه دوستن مراد ٺاٺاري کي اڪابر، ۽ اڳ ڪٿين ۾ گرهوڙيءَ جو هم رڪاب مڃيو. ڪجهه دوستن کيس سياسي مدبر سمجهيو ۽ ڪجهه دوست ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيا. منجهائن ڪي اهڙا دوست به هئا، جيڪي مراد ٺاٺاري کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. هڪ ٻن ڄڻن بنا هٻڪ جي چئي ڇڏيو ته مراد ٺاٺارو ايجنسين جو پگهاردار ايجنٽ آهي.
    اڳتي هلي ٻيو ڪجهه خاص ته نه ٿيو، مراد ٺاٺارو محتاط ٿي پيو. هن سنڌ جي سياست بابت ڳالهائڻ، خاص طرح سان پيشن گويون ۽ اڳ ڪٿيون ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو. آهستي آهستي سموري سنگت سان ملڻ جُلڻ به گهٽائي ڇڏيائين. هن ملڻ جلڻ وارن جو نئون طبقو پيدا ڪري ورتو. ٻارهن تيرهن سالن ۾ ايڪويهين گريڊ کي وڃي ڌڪ هنيائين. پر، وڏي ساڃاهه وارو مڙس هو. پُراڻن يارن دوستن کي وساريو نه هئائين. جڏهن به ڪم ڪار خاطر ملبو هئس ته ڀاڪر پائي ملندو هو. ڪم ڪار ڪرائي ڏيڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندو هو. نوڪريون چاڪريون ڏيارڻ، پروموشن ڪرائڻ، ڪوارٽر ۽ جايون الاٽ ڪرائي ڏيڻ، ٻارن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا جو ڪو ڪم کڻي وڃوس، مراد ٺاٺارو ڪيٻائيندو نه هو. سندس واتان هڪ ئي جملو ٻڌبو هو، ”جاني، حڪم ڪر.“
    مان سمجهان ٿو، گلاب گونگي واري معاملي ۾ هو شايد بيوس هو. يا، ائين به هو، جو معاملو في الحال مبهم هو، ۽ پوليس طرفان وٺ پڪڙ جو ڪم هلي رهيو هو. مراد ٺاٺارو هڪ طرف هٽي ويو.
    مون وري سندس نمبر ڊائل ڪيو، آواز آيو، ”مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ “
    رسيور رکجان نه مراد، چيم ”تو کي پڪ آھي نه، ته گلاب گونگو دھشت گرد نه آھي؟“
    ”منھنجي پڪ سان ڇا ٿيندو، جاني !“ مراد چيو، ”پوليس کي پڪ آھي ته گلاب گونگو دھشت گرد آھي. ھنن کي ان باري ۾ ڪي ثبوت به ھٿ آيا آھن. گھٽ ۾ گھٽ تون روپوش ٿي وڃ، جاني ! فليٽ تي نه وڃجانءِ.“
    مراد ٺاٺاري رسيور رکي ڇڏيو .
    جيڪي ڪجھه ٿيو ھو ۽ جيڪي ڪجھه ٿي رھيو ھو، سو سڀ ڏاڍو عجيب ۽ توقع کان ٻاھر ھو. گلاب گونگو ڪھڙي حوالي سان دھشتگرد ٿي پيو ھو ! ھن قاضي محمد اسلام کي ڳولڻ لاءِ اسلام آباد ۾ پير پاتو ھو ! ھو اسلام لاءِ آبپاره وٽ بينر کڻي بيٺو ھو ! گلاب گونگو دھشتگرد ڪيئن ٿي پيو ! گلاب گونگو منھنجو ننڍپڻ جو دوست، سنگتي ۽ ساٿي ھو. مون کي ياد نه ٿو پوي ته ھن زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڦٽاڪو به ٻاريو ھجي، يا ڪنھن جھرڪيءَ کي ماريو ھجي ته پوءِ پوليس وٽ ثبوت ڪھڙا آھن ! ۽ ثبوت ڪٿان آيا !
    مون کي ساھ ۾ سوڙھ محسوس ٿيڻ لڳي. مون اٿي، دريءَ کان ٻاھر ڏٺو. سج لھي ويو ھو. رستن تي بتيون ٻري رھيون ھيون. تڏھن مون کي احساس ٿيو ته ڪمري ۾ اوندھ ھئي مون بتي ٻاري ھئي.
    تڏھن، ڪراڙو چوڪيدار، حاجي يوسف، ڪمري ۾ آيو. پوٺوھاريءَ ۾ پڇيائين، اڄ گھر نه ويندين ڇا؟
    مون ذري گھٽ ڇرڪي ھن ڏانھن ڏٺو. ھن بلب ٻاري ڇڏيو. مون واچ ۾ وقت ڏٺو. شام جا ڇھه ٿيا ھئا. اسلام آباد ۾ سياري جي مند ۾، سج ساڍي چئين لڳي لھي ويندو آھي، ۽ ڇھين لڳي تائين آسمان تان اوندھ جو غلاف لھي ايندو آھي. اوندھ انڌوڪار ۾ گدڙن جي اونائڻ جو آواز ايندو آھي. ڏاڍو عجيب شھر آھي. سياري جي راتين ۾ خاص طرح سان گدڙ، بگھڙ، جھنگلي ٻلا، ۽ سوئر عام جام رستن تي نڪري ايندا آھن.
    حاجي يوسف، چوڪيدار، مون ڏانھن ڏسي رھيو ھو، ھُن پڇيو، ”طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟ “ چيم، ھا طبيعت ٺيڪ آھي، ھڪ دوست جو انتظار ڪري رھيو آھيان.“
    ” ٺيڪ آھي، ٺيڪ آھي“ ھن پڇيو، چانھه پيئندين؟
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    چانھه جو ڪوپ کڻي حاجي يوسف موٽي آيو .
    پڇيائين، ”ڪجھه کائيندين؟“ مون وٽ موريون ڀريل پراٺو آھي.
    چيم ” نه، مھرباني فقط چانھه پيئندس.“
    حاجي يوسف ھليو ويو. مان ڪرسي تي ويھي رھيس ۽ سپ سپ ڪري چانھه پيئڻ لڳس. مون پاڻ کي اڻٿانئيڪو محسوس ڪيو.
    چانھه پيئندي، روپوش ٿيڻ جي امڪان تي سو چيم،
    سوچيم، ڪنھن دوست جي گھر لڪي ويھندس، پناھ وٺندس ! ٻن چئن دوستن جا نالا دل تي تري آيا. ڀنڀرو ھالائي، مورڙو ڪربلائي، برپٽ صحرائي ! سوچيم برپٽ صحرائي ٺيڪ آھي. ڇڙو ڇانڊ آھي ۽ مٿان وري شاعر قسم جو ماڻھو آھي. روپوشيءَ دوران سندس ڪلام ويٺو ٻڌندس.
    پر، مون ڪيو ڇا آھي؟ گلاب گونگي ڇا ڪيو آھي؟
    ان وقت چارڻ چريو، ھميشه وانگر توائي، سھڪندو آيو. چيائين، ”ٻه خبرون آھن. ھڪ ته تنھنجي فليٽ تان پوليس کي دھشتگردي بابت ڪي ثبوت ھٿ آيا آھن. “
    منھنجي فليٽ تان ! مون کان ڇرڪ نڪري ويو .
    پڇيم، ڇا لڌو اٿن؟
    الائي، وراڻيائين، ”سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ صحافين ۽ ٽيليويزن جي نمائندن آڏو پيش ڪندا.“
    پڇيم، ٻي خبر ڪھڙي آھي؟
    جواب ڏيڻ کان اڳ چارڻ مون ڏانھن ٽڪ ٻڌي ڏسندو رھيو .
    پڇيم، ٻي خبر ڪھڙي آھي؟
    وراڻيائين، ” تفتيش دوران گلاب گونگي سنڌ ۾ دھشتگرديءَ بابت اھم انڪشاف ڪيا آھن.“
    مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڏھين ريڪٽر اسڪيل تي زلزلو آيو، مارگله ٽڪرين جو سلسلو ڊھي ويو ۽ سمورو اسلام آباد کنڊرن ۾ بدلجڻ لڳو.


    4

    حالتون اوچتو ۽ تيزي سان بدلجي ويون، جيڪي ڪجھه ٿي رھيو ھو، اھو سڀن جي وھم ۽ گمان ۾ نه ھو. مون بدحواسي جي عالم ۾ به نه سوچيو ھو، ته ھڪ ڏينھن اھڙو به ايندو، جو مون کي، ڪجھه نه ڪرڻ جي باوجود روپوش ٿيڻو پوندو.
    چارڻ چريو مون سان متفق نه ٿيو. منھنجي روپوش ٿيڻ لاءِ کيس برپٽ صحرائي جي گھر ۾ لڪڻ واري تجويز پسند نه آئي. چيائين، ”برپٽ صحرائي مولائي مڙس آھي، اٺن ٻارن جو پيءُ آھي، سندس ٻار اڌ ڪلاڪ ۾ سموري اوڙي پاڙي کي خبر ڪري ڇڏيندا ته تون وٽن روپوش ٿيل آھين. تو کي مارائيندا، پر پنھنجي پيءُ کي به مارائيندا. “
    مون کي چارڻ جي ڳالھه سمجھه ۾ آئي، اسان وارو سنگتي، برپٽ صحرائي لال ڪواٽرن واري علائقي جي ھڪ ڪواٽر ۾ رھندو آھي. ڪواٽر ۾ ٻه ڪمرا اٿس، ٻن ڪمرن واري ڪواٽر ۾ برپٽ صحرائي پنھنجي ھڪ عدد زال، اٺن ٻارن، پوڙھي ماءُ، ھڪ چرسي مامي ۽ ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن سان رھندو آھي. ھن به روزگار خاطر اسلام آباد ڏانھن ھجرت ڪئي ھئي. ھتي ڏسنديئي ڏسندي مڙس اسلام آبادي ٿي ويو آھي.پڇوس، برپٽ،سنڌ ھلندين؟ جواب ڏيندو، بابلا، سنڌ وڃي ڇا ڪبو ! برسٽ لڳو ته اٺئي ٻار يتيم ! اسان ته ھاڻي اسلام آبادي ٿي پيا آھيون.
    سوچيم، برپٽ صحرائيءَ کي برسٽ لڳي نه لڳي. پر جيڪڏھن پوليس مون کي سندس گھر مان گرفتار ڪيو، ته پوءِ برپٽ، برپٽ جي زال، اٺئي ٻار، پوڙھي ماءُ، چرسي مامو، ٻه ڀائر ۽ ٽي ڀينرون ڪاٺ ۾ ھوندا. جُٺ ڪندن جو سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا، ڌاڙن، خونن جا اڌ کان وڌيڪ الزام پنھنجي سر کڻندا ! سندس پنجن سالن جو پٽ ڀنڀرو به بم سان ريل گاڏي اُڏائڻ جو الزام قبول ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو !
    چارڻ کي چيم،”پوءِ ڇا ڪجي؟ “
    چارڻ سوچ ۾ پئجي ويو. ھو جڏھن به سوچيندو آھي، تڏھن ڄڻ پنڊ پھڻ ٿي ويندو آھي. اصل گم سم !
    مون کيس ٻانھن کان وٺي ڌونڌاريو. ھن ڇرڪي مون ڏانھن ڏٺو. پڇيم، ”ڇا پيو سوچين.“
    ”سوچيان پيو ته تو کي ڪٿي لڪائجي“ ھو ٻيھر سوچ ۾ گم ٿي ويو .
    سج لٿي ڪجھه ڪلاڪ گذري ويا ھئا. پوڙھو چوڪيدار حاجي يوسف ٻه چار دفعا تشويش وچان ليئا پائي ھليو ويو ھو. آفيس ۾ اھڙي نموني ويھڻ مون مناسب نه سمجھيو. مون چارڻ کي چيو، ”گھٽ ۾ گھٽ، في الحال ايترو ته ڪري سگھئون ٿا، جو ھتان ٻاھر ھلئون؟“
    ” ھا، ٺيڪ آھي.“ چارڻ اٿي بيٺو. جو خيال آيس. چيائين، ترس.
    ھو دريءَ ڏانھن وڌي ويو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي موٽي آيو. چيائين، ”ٻاھر اوندھ آھي – ڀنگ ۾ ٿا ڪاھي پئون.“
    اسين آفيس مان نڪري آياسين. ٻاھرين در وٽ حاجي يوسف مليو. پڇيائين، خير ته آھي نه؟
    ” ھا، ھا مڙيئي خير آھي“ مون کان اڳ چارڻ جواب ڏنو.
    الائي ڇو؟ پوڙھي حاجي يوسف ڪنڌ کنھندي چيو،” مون کي الائي ڇو، پريشان پيا لڳو. “
    ” ڳالھه اصل ۾ پريشاني جھڙي آھي ۽ پريشانيءَ جھڙي نه به آھي“ چارڻ معاملي کي سنڀاليندي چيو،”ڳالھه ھن ريت آھي ته ڪي بدبخت ڌاڙيل پنھنجي جوڳيءَ جي سھري کي اغوا ڪري ويا آھن. “
    پر ! حاجي يوسف وائڙو ٿي ويو. چيائين، ” پر، جوڳي ته ڪنوارو آھي ! “
    ”برابر،برابر. “ چارڻ ھڪدم چيو،”جوڳي برابر ڪنوارو آھي. پر، ھو بدنصيب ڪنواري جي نصيب ۾ ھڪ عدد چوھڙ جمالي جھڙو سھرو ضرور لکيل ھوندو آھي. “
    مون چارڻ کي ٺونٺ ھنئين.
    ”چڱو چاچا !“ چارڻ حاجي يوسف کي چيو، جوڳي ڏاڍو اداس ۽ دلگير ٿي پيو آھي. مان کيس بالٽي گوشت ٿو وڃي کارايان. انشاءَ الله تعالي ٺيڪ ٿي ويندو.
    حاجي يوسف منھنجي پٺي ٺپيندي چيو. ”مڙس ٿي جوڳي، اھڙو وقت مڙسن تي ايندو آھي“
    ٻڌين ٿو؟ چارڻ چيو،”حاجي يوسف ڇا پيو چوي اھڙو وقت مڙسن تي ايندو آھي ! ڪيئن حاجي؟“
    ” برابر، برابر، “ حاجي يوسف چيو، ” دل نه لاھ تو کي تنھنجو سھرو ملي ويندو “
    چارڻ مون کي ٻانھن کان ڇڪيندو ٻاھر وٺي ويو.
    ٻاھر ذري گھٽ گگھه اوندھ ھئي. رستي جي ٻئي طرف ڊگھن وڻن جي قطار ھئي. وڻن جي پريان ڀنگ جا گھاٽا ٻوٽا ھئا. اسين ڊوڙندا، رستو پار ڪري ڀنگ جي ٻوٽن ۾ وڃي پياسين. سياري جي مند ۾ سوئر، بگھڙ، ۽ گدڙ اسلام آباد جي جھرن جھنگن ۾ عام جام ٿي پوندا آھن.
    چارڻ کي چيم، ”متان جھنگلي جانور جي ور چڙھي وڃئون ! “
    ”جانور ڀل ته کڻي ڪيترو به جھنگلي ھجن، پر نه ڪيل گناھن جو اعتراف ڪرائي نه سگھندا آھن“، چارڻ چيو، ” اھو نيڪ ڪم فقط پوليس وارا سرانجام ڏيندا آھن.“
    سيءَ ماشا گم ڪري ڇڏيا ھئا. اسان ٻنھي بلو ايريا مان ڊوڙڻ شروع ڪيو. ايف – سڪس لنگھي جي سڪس ۾ پھتاسين. سيءَ سبب لکا نه پئي. ٻه ٽي ڪلوميٽر ڪڍي آياسين. مون کي سمجھه ۾ نه آيو ته مان ڇا جي ڪري ڊوڙي رھيو ھوس، ۽ ڪيڏانھن وڃي رھيو ھوس !
    ھڪ ھنڌ، سڙڪ جي ڀرسان، ھڪ ٻاڪڙي وٽ وڃي بيٺاسين. مان اوٽ ۾ ٿي بيٺس. چارڻ ٻاڪڙي واري کان چانھه جا ٻه ڪوپ وٺي آيو. خاموشي سان سپ سپ ڪري چانھه پي ڇڏيسين. چارڻ ڪوپ ۽ پيسا ٻاڪڙي واري کي ڏيئي موٽي آيو.
    چارڻ کان پڇيم، ”اھڙي نموني ڊوڙڻ بيمقصد نٿو لڳي؟ “
    ”سيءِ ۾ بيھي سُڪڻ بدران، ڊوڙڻ بھتر آھي.“ چارڻ چيو، ”شايد ڪو حل نڪري اچي. “
    ”حل نڪرڻ کان اڳ منھنجو ساھ نڪري ويندو “
    چيم، ”منھنجو کاٻو گوڏو زخمي آھي، مان وڌيڪ ڊوڙي نه سگھندس.“
    چارڻ سوچ ۾ پنڊ پھڻ ٿي ويو. ڪافي دير کانپوءِ ڪنڌ لوڏيائين. اھا سندس موٽي اچڻ جي نشاني آھي، سوچ جي دنيا مان.
    ”آزمائش جي گھڙي آھي جوڳي“ چارڻ مون ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”سمجھين ٿو ته مراد ٺاٺارو تو کي پاڻ وٽ پناھ ڏيندو ! “
    الائي ڇو مراد ٺاٺاري جو خيال آيو ھيس ! چيم، ”چارڻ، مراد ٺاٺاري وڏي جفاڪشيءَ ۽ محنت سان، ۽ اسلام آباد جي ڪرتائن ڌرتائن کي ھڪ ٽن ماکي، ٻه ٽن سچو گيھه، ۽ انبار کارڪن جا کارائي ھن نامراد شھر ۾ پنھنجي لاءِ مرتبو ۽ حيثيث حاصل ڪئي آھي. تون ڇو اچي مسڪين جي ڪڍ پيو آھين ! “
    ”تون مرندي مرندي به پاسخاطري کان نه مڙندين.“ چارڻ چيو،”ڊوڙڻ شروع ڪر، شايد ڪا راھ نڪري پوي. “
    منھنجيءَ ٻانھن ۾ ھٿ وڌائين. وجود ۾ ولوڙ محسوس ٿي. اڻ تڻ وڌڻ لڳي. چارڻ جو ھٿ پري ڪندي چيم، ”مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي. گلاب گونگي به ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي، ته پوءِ مان ڇو ۽ ڪنھن کان روپوش ٿيڻ لاءِ سرگردان آھيان ! “
    ”تون ڇا ٿو سمجھين. “ چارڻ ڪاوڙ وچان چيو ، ”ڏوھ ثابت ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم آھي ! ھڪ دفعو پوليس کي ور چڙھي وئين نه، ته لياقت علي خان وارو خون به تو تي مڙھي ڇڏيندا. “
    ”مون کي خبر آھي، مون کي اھا خبر آھي ته، چاھين ته ابراھيم لنڪن ۽ ڪينڊيءَ جي خون جي الزام ۾ ٻڌي آمريڪا روانو ڪري ڇڏين ! “، چيم ، ” اھو سڀ ڪجھه ھن ڀڄ ڀڄان کان بھتر آھي. “
    چارڻ چريو اوچتو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. چيائين، ”سبزي منڊي ۾ ڀاڄين جو ھڪ لالو واپاري منھنجو پڪو سنگتي آھي. ھو منھنجي ڳالھه نه ٽاريندو. تو کي پڪ پناھ ڏيندو. “
    ٿوري دير لاءِ دل مَن ھنيم ۽ سوچيم، ٻيو ته گھٽ ۾ گھٽ اڄوڪي رات لالي وٽ گذارجي. سڀاڻي جي ڳالھه سڀاڻي سان. ڏينھن شينھن آھي مھل کي منھن ڏبو.
    اوندھ ۾ اسين سبزي منڊيءَ ڏانھن روانا ٿي وياسين.


    5

    سبزي منڊي تائين پھچندي رات جي پھرين پھر جو ڳپل حصو گذري ويو. سبزي منڊي جي آئي – اليون سيڪٽر ۾ آھي. سبزي منڊي جي اوڀر پاسي راولپنڊي آھي، ۽ اولھه طرف مارگله ٽڪرين تائين پکڙيل جھر جھنگ ۽ غير آباد علائقو.
    چارڻ مون کي ھڪ اڌ ٺھيل جاءِ وٽ ترسڻ لاءِ چيو، ۽ پاڻ ڀاڄين جي لالي واپاريءَ جي ڳولا ۾ ھليو ويو. واٽ تي مون کي ٻڌايو ھئائين ته لالي جو نالو دلبر خان ھو، ۽ پاراچنار جو رھاڪو ھو. افغانستان ۾ خانه جنگي شروع ٿيڻ کان پوءِ ذري گھٽ روزانو سندس ڳوٺ تي راڪيٽن ۽ بمن جو وسڪارو ٿيندو ھو. ڪجھه عرصي تائين ھن ۽ ڳوٺ جي ٻين نوجوانن افغانستان جي خانه جنگيءَ ۾ خود حصو ورتو. روزانو سرحد ٽپي روسي ۽ افغانستان جي سرڪاري فوجين تي حملو ڪري موٽي ايندا ھئا. پر پوءِ اڳتي ھلي، جنگ جي شدت جڏھن وڌي ويئي ۽ پاراچنار جي ڳوٺن جا ماڻھو بمن ۽ راڪيٽن جي وسڪارن ۾ مرڻ لڳا، تڏھن دلبر خان جي مائٽن مٽن ڳوٺ جي ٻين قبيلن سان ڪوچ ڪيو، ۽ سرحد، ۽ پنجاب جي مٿانھين حصن ۾ ورھائجي ويا. دلبر خان کي اسلام آباد ڏاڍو وڻيو. سندس مائٽ مٽ پشاور ۾ سُڪي ميوي، ٽامي ۽ پتل جي ٿانون جا دڪان کولي ويھي رھيا، دلبر خان ڀاڄين جو واپار شروع ڪيو. کيس ٽويوٽا پڪ اپ ھئي، ۽ ھو اڌ رات جو اٽڪ وٽان ڀاڄيون ڀري روانو ٿيندو ھو، ۽ اسر ويل اسلام آباد جي سبزي منڊيءَ ۾ اچي ٺڪاءُ ڪندو ھو.
    بدحواسيءَ وچان، مون چارڻ کان اھو نه پڇيو ته دلبر خان سان سندس دوستي ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي ھئي. جيستائين مون کي ياد پئي آيو، ھن ڪڏھن به دلبر خان جو ذڪر نه ڪيو ھو. سنگت ساٿ ۾ ڳالھين ٻولھين دوران حوالي طور به سندس واتان دلبر خان جو نالو نه نڪتو ھو. اڌ ٺھيل جاءِ جي اوٽ ۾، سيءَ وچان ڪنبندي، مون کي وھم ورائي ويا. مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته مراد ٺاٺاري کي دعائون ڏيان، يا بددعائون ڏيان، جنھن کي مون روپوش ٿيڻ جو مشورو ڏنو ھو ! روپوش نه ٿيڻ جي صورت ۾، سپاھي مون کي به گلاب گونگي سان گڏ لاڪ اپ ۾ وڃي ھڻن ھا، ٻن چئن ڏينھن جي گُڏ کان پوءِ رمانڊ وٺي دل تي ڪُٽ ڪڍن ھا، ۽ آخر ۾ دھشت گرديءَ جو الزام مڙھي جيل روانو ڪرائي ڇڏين ھا ! سوچيم، مراد ٺاٺاري جو مشورو نيڪ ھو. تڏھن اوچتو مون کي گلاب گونگي جو خيال آيو. تفتيش جي نالي ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون تعديون ڪيون ھوندائونس ! ڪھڙي ڪھڙي نموني ماريو ھوندائونس ! ڪھڙا ڪھڙا عذاب ڏنا ھوندائونس ! مون کي پڪ ته ڪونھي، پر مان سمجھان ٿو، سموري ايشيا کنڊ ۾، تفتيش جي نالي ۾، سڀ کان ڀوائتا ۽ روح فنا ڪندڙ عذاب اسان وٽ ڏنا ويندا آھن. جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته پوءِ سپاھين کان وٺي اعلا عملدارن تائين پوليس وارن جون شڪليون ايتريقدر مڪروھ ۽ ڀوائتيون نه ھجن ھا.
    مون کي گلاب گونگي تي ڏاڍو رحم آيو. سوچيم، اڄوڪي ھڪ رات ۾ سندس بڻ ڪڍي ڇڏيندا. ھو سندن واھيات سوالن جا ڪھڙا ۽ ڪيئن جواب ڏيندو ! ھو جيئن جيئن خاموش رھندو، جيتريقدر خاموش رھندو، اوتريقدر مٿس تشدد ٿيندو ! پوليس وارن کي ڪيئن خبر پوندي ته گلا ب اصل ۾ گونگو آھي، کين ڪيئن خبر پوندي ! کين ڪير ٻڌائيندو ته وات ۾ زبان ھئڻ جي باوجود گلاب گونگي ڪڏھن به نه ڳالھايو آھي.
    ھو گلاب کي ماري ڇڏيندا !
    مان ڦٿڪي پيس. مون کي روھڙيءَ ۾ پنھنجي مٽن مائٽن تي سخت ڪاوڙ آئي. قاضي محمد اسلام کي ڳولڻ لاءِ ھنن گلاب کي اسلام آباد ڇو موڪليو ھو ! ڇا مان ڪافي نه ھوس ! مون کي به ھنن اسلام کي ڳولڻ لاءِ اسلام آباد روانو ڪيو ھو. گلاب مون کان تعليم ۾ سرس آھي. پر، ھو مسڪين مون وانگر آڙيڪاپ نه آھي. ھو چلتو پُرزور نه آھي. بازيگر قسم جي شعبده باز، تقريرون ڪرڻ وارن جي صديءَ ۾ گلاب گونگي جو وجود بي معنا آھي. ھن صديءَ ۾ خاموشي تدبر جي نشاني نه آھي. ھيءَ صدي بڪواس، ۽ بڪواس ڪرڻ وارن جي صدي آھي. ھن صديءَ ۾ خاموش رھڻ وارا سوريءَ جي سينگار ٿي ويندا آھن.
    گلاب گونگو سوريءَ جو سينگار ٿي ويندو ! منھنجي مائٽن، گلاب گونگي کي امڪان کان ٻاھر مھم تي روانو ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي ! گلاب کي ڪيئن بچائجي؟
    ڪيئن بچائجي؟
    سوچيم، مان، ڪٿان نه ڪٿان فون ڪري پوليس وارن کي ٻڌائيندس ته گلاب اصل ۾ گونگو آھي. ھن پنھنجي خاموشي سان لفظن جي حرفت کي بي معنيٰ ڪري ڇڏيو آھي. ھو دھشت گرد نه آھي. ھو مون آواره گرد جو دوست آھي ! ھو آواره گرد آھي، دھشت گرد نه آھي.
    مون ھيڏانھن ھوڏانھن فون لاءِ واجھايو،
    ھر طرف گگھه اونده ۽ خاموشي ۾ گدڙن جي اونائڻ ۽ ڪتن جي ڀونڪڻ جي آواز کان سواءِ ڪجھه نه ھو. سرد ھوائن کي سڙيل ڳريل ڀاڄين جي بدبوءِ برداشت کان ٻاھر ڪري ڇڏيو. مون نڪ ۽ وات تي ھٿ رکي ڇڏيو. نڪ ٺري برف ٿي پيو ھو.
    ايتري ۾ اڌ ٺھيل جاءِ جي کاٻي پاسي واري گھٽيءَ مان ھڪ پڪ اپ ظاھر ٿي. گگھه اونده ۾ پڪ اپ جي تيز روشني اکين ۾ چڀڻ لڳي. پڪ اپ منھنجي سامھون اچي بيٺي. پڪ اپ جا ٻئي در ساڳئي وقت کليا. ھڪ طرف کان چارڻ ۽ ٻئي طرف کان ھڪ قدآور، جانٺو جوان ٻاھر نڪري آيو. جانٺي جوان پڪ اپ جي نه انجڻ بند ڪئي، ۽ نه ئي بتيون وسايون. ھيڊ لائيٽ جي روشنين ۾ ڀت تي سندس پاڇو، ڪنھن راوڻ جي پاڇي جھڙو نظر آيو .
    چارڻ ۽ جانٺو جوان منھنجي ويجھو اچي بيٺا. چارڻ مون کي چيو،”ھي دلبر خا ن آھي.“
    دلبر خان ھٿ اڳتي ڪيو. مون ھٿ ھن سان ملايو. ائين لڳو، منھنجو ھٿ، رُڪ جي ٺھيل ڪنھن ھٿ ۾ وڃي پيو.
    ”۽ دلبر خان، ھيءُ اسان جو پڳ مٽ يار، دوست، ۽ سڄڻ ساٿي آھي.“ دلبر خان سان منھنجي واقفيت ڪرائيندي چارڻ چيو،” نالو اٿس، جوڳي.“
    جيستائين منھنجو تعارف پورو نه ٿيو، دلبر خان منھنجو ھٿ نه ڇڏيو. تعارف پورو ٿيو، ته ھن منھنجو ھٿ ڇڏي ڏنو.
    چارڻ چيو، ”دلبر خان ڀاڄيون کڻڻ لاءِ اٽڪ پيو وڃي. دڪان جي پٺيان سندس حجرو آھي تو کي اُتي رھڻ لاءِ چيو اٿائين.“
    دلبر خان سنڌيءَ ۾ اسان جي ڳالھه سمجھي سگھيو ھو يا نه، پر مفھوم سمجھي ورتو ھو.
    چيائين، ”دلبر خان جي حجري طرف اچڻ ته قياس کان ٻاھر جي ڳالھه آھي – حجري طرف اک کڻي ڏسڻ به مجال آھي. تون چارڻ جو دوست آھين، اسان جو به دوست آھين. وڃ، منھنجي حجري ۾ وڃي چلم ڇڪ، مان صبح جو ڇھين تائين ڀاڄيون کڻي موٽي ايندس.“
    دلبر خان ھٿ اڳتي ڪيو. مون ساڻس ھٿ ملايو. ھن چارن کي چيو، ”پنھنجي دوست کي حجري تي ڇڏي اچ.“
    اٺن – ڏھن وکن تي دلبر خان جو حجرو ھو. دڪان لنگھي، حجري ۾ داخل ٿياسين. حجري ۾ ھڪ طرف چار پنج کٽون پيون ھيون ۽ ٻئي طرف فرشي نظام ھو. ميري گلم تي ڀت سان گول ويھاڻا رکيا ھئا. اسين اندر گھڙياسين ته دلبر خان جو ھڪ ڪارندو اڳتي وڌي آيو، روايتي آڌرڀاءُ ڪيائين.
    ”ھن جو نالو ڪشمير خان آھي.“ چارڻ چيو ” ھيءُ دلبر خان جو خاص ماڻھو آھي.“
    مون چارڻ کان ڪجھه تعجب وچان پڇيو،” اڙي بدبخت، لالن ۾ ڪيئن اچي ڦاٿو آھين؟“
    ”اتفاق جي ڳالھه آھي.“ چارڻ چيو، ”سکر کان ايندي ڪوئيٽا ايڪسپريس ۾ دلبر خان سان ملاقات ٿي ھئي. ماڻھو ڀلو لڳو دوستي ٿي وئي.“
    کانئس پڇيم، ”پر تو اڳ ته ڪنھن سان به دلبر خان جو ڪو ذڪر نه ڪيو ھو؟ “
    ”موقعو ئي نه مليو، جو ڪنھن سان ڳالھه ڪريان ! “ ڳالھه لنوائي ويو. چيائين، ”تون بنا ڪنھن خوف جي ھتي آرام ڪر. سمورو حال احوال وٺي، سڀاڻي شام جو مان توسان ملڻ ايندس.“
    چارڻ مون سان ڀاڪر پائي مليو. اسان ٻنھي ڪنھن لڪل درد وچان ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو. چارڻ ٻاھرئين در ڏانھن وڌي ويو. در وٽ ترسي، ڪنڌ ورائي ھن مون ڏانھن ڏٺو. چيم، ”چارڻ، پوليس وارن جي پريس ڪانفرنس ۾ ضرور وڃجانءِ. “
    چارڻ ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ٻاھر نڪري ويو.


    6

    چارڻ ھليو ويو.
    حجري ۾ مان ۽ ڪشمير خان اڪيلا رھجي وياسين.
    ” بيٺو ڇو آھين؟ “ ڪشمير خان چيو، ”رات جا ٻه پھر آرام ڪري وٺ.“
    مان ھڪ کٽ تي ويڙھيل ھنڌ کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيس. ڪشمير خان سامھون ڀت وٽ گول ويھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي گلم تي ويھي رھيو. پاسي کان رکيل چلم ڇڪي ورتائين، چلم سان لڙڪندڙ چمڙي جي ٿيلھي مان تماڪ ڪڍي، تريءَ تي رکي خوب مھٽيائين. چلم ڀري، تيلي ٻاري، نڙ مان سوٽا ھڻي، منٽ ۾ سمورو حجرو دونھين سان ڀري ڇڏيائين. ڪجھه دير تائين سوٽا ھڻڻ کان پوءِ ھو چلم کڻي مون وٽ آيو.
    ھٿ سان اشارو ڪندي چيم، ” نه، مھرباني. “
    سگريٽ؟ ھڪدم کيسي مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي ورتائين.
    انڪار ڪندي چيم، ”مان سگريٽ به نه ڇڪيندو آھيان.“
    ٽھڪ ڏيئي کليو. چلم کڻي موٽي ويو. گول ويھاڻي تي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. خوب دل تي بڙڪا ڪڍندي، ۽ سوٽا ھڻندي، دونھان ڪڍيائين. ڪجھه دير کان پوءِ پڇيائين، ”صوفي آھين؟ “
    چيم، ”گنھگار آھيان.“
    وري کلي پيو. ڪاري رنگ جي مرداڻي شال ڪلھن تان لاھي پاسي کان رکيائين. اندران، ھٿيارن سان ھو ذري گھٽ جھنجھيل ھو. گولين جا پٽا ڪلھن ۽ سيني تي ويڙھيل – ٻه روالور چيلھه سان ٻڌل، ۽ ھڪ خودڪار بندوق، جيڪا يا ته ڪلاشنڪوف جو جديد نمونو ھو، يا اسرائيلن طرفان ٺاھيل اوزي ھئي. مون اڳ زندگيءَ ۾ ھڪ ماڻھوءَ کي ايتريقدر ھٿيارن سان جنجھيل نه ڏٺو ھو.
    پڇيائين، ”ڪنھن کي قتل ڪيو اٿئي؟ “
    مون کان ذري گھٽ ڇرڪ نڪري ويو.
    مون کي وائڙو وائڙو ڏسي، وري کليو. چيائين ؛ ”دلبر خان جي حجري تي اچڻ کان پوءِ سمجھه ته ڄڻ ماءُ جي پيٽ ۾ محفوظ آھين. “
    پر ! مون ھٻڪندي پڇيو، ” تو کي ڪنھن ٻڌايو ته مون خون ڪيو آھي؟ “
    چلم مان ڀڙڪا ڪڍندي پڇيائين، ”ته پوءِ دلبر خان جي حجري ۾ اچي پناھ ڇو ورتي اٿئي؟ “
    ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو، ته چيم، ”ھتي اچڻ ۽ لڪڻ لاءِ خون ڪرڻ ضروري آھي ڇا؟ “
    ڪو جواب نه ڏنائين. سوچيندو رھيو. چلم ڇڪيندو رھيو. ڪجھه دير کانپوءِ پڇيائين، ”پوليس تنھنجي تلاش ۾ ڇو آھي؟ “
    ‏ ”الائي مون کي خبر ڪونھي.“ چيم، ”ھنن منھنجي دوست کي گرفتار ڪيو آھي. “
    ڏاڍيءَ دلچسپي سان پڇيائين، ”ٽيون ڏينھن مري روڊ تي ھڪ سوناري جي دڪان ۾ ڌاڙو لڳو ھو. اُھو ڪارنامو تنھنجي دوست جو ته ناھي؟ “
    تڏھن محسوس ڪيم ته حالتن جو شڪار ٿي مان قطعي غلط ھنڌ تي پھچي ويو ھوس، مون کي چارڻ بدران پاڻ تي ڪاوڙ آئي. سموري سنگت کي خبر آھي ته چارڻ چريو سودائي آھي. رات جو جاڳندو آھي، سوچيندو آھي، ۽ ڏينھن جو جاڳندي خواب ڏسندو آھي. ھو ھڪ تمام وڏي سماجي ۽ اقتصادي انقلاب جي پيش خيمي جو منتظر آھي. اڪثر ائين ٿيو آھي جو سادگيءَ وچان چارڻ پاڻ کي، ۽ پاڻ سان گڏ سموري سنگت کي مصيبت ۾ مبتلا ڪيو آھي. پاڻ ڀوڳيندو آھي. پاڻ سان گڏ ٻين کي ڀوڳائيندو آھي.
    ڪشمير خان چلم ھڪ طرف ڪندي چيو، ”تنھنجي دوست ڪنھن کي قتل ڪيو آھي؟ “
    ٿڌو ساھ کڻي، دل ئي دل ۾ اول پاڻ کي ۽ پوءِ چارڻ کي پاراتا ڏيندي چيم ”گلاب گونگي جھڙا ماڻھو پاڻ کان سواءِ ڪنھن کي به قتل ڪري نه سگھندا آھن. “
    ” تنھنجي دوست جو نالو گلاب آھي؟ “
    ”ھا “ گونگو آھي.
    ”ھا “ چيم، ”ھو ڳالھائي نه سگھندو آھي. “
    ڪياڙي کنھندي پڇيائين، ”ڇا ڪيو اٿائين. “
    ڪجھه ڪجھه ڪاوڙ وچان چيم، ”اھو ئي افسوس آھي، جو ڪجھه نه ڪيو اٿائين. “
    ڪشمير خان کليو، چيائين، ”يار ڪجھه ته ڪيو ھوندائين ! پوليس واندي ناھي، جو کيس چلم ڇڪيندي پڪڙي ويئي آھي ! “
    ھن سان ڳالھائڻ، ڄڻ ڀت سان مٿو ھڻڻ ھو. مان ماٺ ڪري ويھي رھيس. ڪشمير خان گولين جا پٽا لاھي پاسي کان رکيا. روالور ۾ اوزي يا ڪلاشنڪوف جي نسل جي رائيفل ويھاڻي تي رکي، بالم ٿي ليٽي پيو. ڇت ڏانھن ڏسندو رھيو.
    مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته چارڻ چريي دلبر خان، ڪشمير خان جھڙن ماڻھن سان واسطو ڇو، ۽ ڪيئن رکيو ھو ! ڪٿي ائين ته نه ھو، جو چارڻ چريو خوابن جي تعاقب ۾ رڻ کان وڃي نڪتو ھو ! ڪٿي ائين ته نه ھو، جو مائوزيتنگ جي قول مطابق چارڻ انقلاب بندوق جي ناليءَ ۾ ڏسي ورتو ھو ! ڪٿي ائين ته نه ھو، ھن ڳيري جي روپ ۾ خونخوار عقاب ڏسي ورتو ھو !
    ڪشمير خان کنگهڪار ڪري مون ڏانھن ڏٺو. ھو الائي ڇو مون کي نه وڻڻ لڳو. سمجھان ٿو، مان به ھن کي نه وڻيو ھوس. اسين جنھن کي پسند نه ڪندا آھيون، يقين ڄاڻو، ھو به اسان کي پسند نه ڪندو آھي. ڪشمير خان روالور کڻي ورتو. روالور جي نالي شال جي ڪنڊ سان چمڪائيندي، پڇيائين، ”تنھنجي گونگي دوست وٽ ڪھڙا ڪھڙا ھٿيار آھن؟ “
    غور سان ڪشمير خان ڏانھن ڏٺم. چيم، ”گلاب وٽ ٻه خوفناڪ ھٿيار آھن. “
    ڪشمير خان ڇرڪ ڀري ويھي رھيو. پڇيائين، ڪھڙا؟
    چيم، ”گلاب وٽ کوپريءَ جو ميڄالو، ۽ ھٿ ۾ قلم آھي. اھي ٻئي ھٿيار، دنيا جا سڀ کان خطرناڪ ھٿيار آھن. “
    ڪشمير خان ٽھڪ ڏيئي کلي پيو. سمورو حجرو لڏي ويو. ھن کيسي مان بال پين ڪڍي، مون کي ڏيکاريندي چيو، ”تون ھن کي ھٿيار ٿو سمجھين ! ۽ سو به خطرناڪ ھٿيار ! بيوقوف. “
    ھن ٻنھي مٺين ۾ جھلي، بال پين کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيو. ان دوران ھو پاڳلن وانگر ٽھڪ ڏيئي کلندو رھيو. ڀڳل بال پين جا ٽڪر نفرت وچان کٽن ھيٺان اُڇلائي ھو خاموش ٿي ويو. اوچتو ڦيرو کائي روالور ۽ آٽوميٽڪ رائيفل کڻي ورتائين، ٻئي ھٿيار مون ڏانھن سڌا ڪندي چيائين، ”ھي ٻه ھٿيار دنيا جا خطرناڪ ھٿيار آھن. اسان وٽ مشين گن، سب مشين گن ۽ راڪيٽ لانچر به آھن، ۽ تون چوين ٿو ته ھڪ ٽڪي جو قلم دنيا جو خطرناڪ ھٿيار آھي ! “ ھو ھڪدم اُٿي بيھي رھيو. ٻه چار وکون کڻي ھو منھنجي مٿان اچي بيٺو.
    ”توھين ٻه چار درجا پڙھيل ماڻھو، اسان کي احمق سمجھندا آھيو؟ “ ھن رائيفل جو رخ منھنجي لوندڙيءَ ڏانھن ڪندي چيو، ”ھڪ برسٽ سان سمورو ميڄالو، کوپڙيءَ سميت پرزا پرزا ٿي ويندو آھي ! “
    وحشت وچان پٺتي کسڪندو ڀت سان وڃي لڳس. ھو وري ٽھڪ ڏيئي کلي پيو.
    چيائين، ”گھٻراءِ نه، تون اسان جو مھمان آھين. تنھنجي عزت اسانجي عزت آھي.“
    ھو موٽي وڃي گلم تي ويٺو.
    مون ھڪ لحظي ۾ فيصلو ڪري ورتو مان ھن حجري ۾ ھرگز نه رھندس. ھتان ھليو ويندس.
    مان اٿي بيٺس. ڪشمير خان ڏانھن ڏسندي چيم، ”مان وڃان ٿو. “
    ڄڻ وائڙو ٿي ويو. پڇيائين، ”ڪيڏانھن؟ “
    ”ڪا خبر ڪانھي ته ڪيڏانھن “ چيم، ”بس، مان وڃان ٿو. “
    ڪشمير خان اٿي بيٺو. ھٿ ۾ آٽوميٽڪ رائيفل ھئس. چيائين، ڏاڍي عجيب انداز ۽ لھجي ۾، ”برادر ! اھو ته ممڪن ڪونھي.“
    ” ڇو ممڪن ڪونھي؟“ مون ڪجھه سخت لھجي ۾ چيو، ”مان قيدي آھيان ! “
    ”نه برادر ! نه، ھرگز نه.“ ڪشمير خان منھنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين، تون دلبر خان جو مھمان آھين. جيستائين دلبر خان موٽي اچي، تيستائين تنھنجي حفاظت ڪرڻ منھنجو فرض آھي.“
    ” مون کي ڪنھن به قسم جي حفاظت جي ضرورت نه آھي.“ چيم، پري ٿيءُ ! مان ھليو ويندس. “
    ” اھو تنھنجي اختيار ۾ ناھي، برادر “
    ” ته پوءِ ڪنھنجي اختيار ۾ آھي.“
    ” منھنجي. “
    ”مان تنھنجو قيدي آھيان؟ “
    ”تون دلبر خان جو مھمان ۽ امانت آھين. “
    ”مان نه ڪنھن جو مھمان آھيان ۽ نه ڪنھن جي امانت آھيان.“ چيم، ”مان ڪنھن صورت ۾ به ھتي رھڻ لاءِ تيا ر نه آھيان. “
    ڪشمير خان منھنجي سيني تي ھٿ رکي، مون کي پوئتي ڌڪڻ شروع ڪيو. پٺيرو ھٽندو مان سڌو وڃي کٽ جي پاڳيءَ سان لڳس. کٽ تي ذري گھٽ ڪري پيس.
    ”ھي ڪھڙي بدتميزي آھي؟ “ پاڻ کي سنڀاليندي چيم، ”پنھنجو ھٿ پري ڪر.“
    برادر، برادر تون تڪڙ نه ڪر. ”ڪشمير خان چيو، ”رات جا ٻه ٿيا آھن. ٻن ٽن ڪلاڪن جي ڳالھه آھي. صبح جو پنجين لڳي تائين دلبر خان موٽي ايندو. ان کان پوءِ تون ڄاڻين ۽ دلبر خان. في الحال تون ھتان وڃڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
    مون محسوس ڪيو، ڪشمير خان ڪنھن به قيمت تي مون کي ٻاھر وڃڻ نه ڏيندو. بيوسيءَ وچان مان کٽ تي ليٽي پيس.


    7

    بيوسيءَ وچان مون کي ننڊ کڻي ويئي. اک کلي ته جھونجھڪڙي جي مھل ھئي. مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. سامھون گلم تي دلبر خان ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو ھو. چلم جو نڙ وات ۾ ھوس، مون کي ڏسي مرڪيو.
    ”ڪيئن جوان ! “ بڙڪا ڪڍندي پڇيائين، ”ننڊ ته آرام سان ڪيئي نه؟ “
    مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ھو ڪٿي آھي ؟ “
    ”ڪير، ڪشمير خان؟ “
    ”ھا، ڪشمير خان ڪٿي آھي؟ “
    ”ڇو خير ته آھي نه؟ “
    ”مون رات ھتان وڃڻ پئي چاھيو. “
    ”پوءِ؟ “
    ”ڪشمير خان مون کي وڃڻ نه ڏنو. “
    ” ھن ٺيڪ ڪيو.“ دلبر خان چيو، ”ڪشمير خان منھنجو خاص ماڻھو آھي. ڀروسي جو ماڻھو آھي. ھو جيڪڏھن تو کي وڃڻ ڏئي ھا ته مان کيس گوليءَ سان اُڏائي ڇڏيان ھا . “
    ڪجھه ڪجھه حيرت وچان، ”ان جو مطلب آھي ته ھن جيڪي ڪجھه ڪيو، سو تنھنجي اجازت، بلڪه حڪم مطابق ڪيو !“
    ”جيئن سمجھين.“ دلبر خان چلم ڇڪندي چيو، ”تنھنجو خيال ته چڱيءَ طرح رکيائين نه ! “
    ”ڌوڙ جو خيال رکيائين. “ مون ڪروڌ وچان چيو، ”مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي، ته چارڻ لڪائڻ لاءِ مون کي ھتي ڇو وٺي آيو ! “
    دلبر خان ڏاڍي تڪبر سان چيو، ”ظاھر آھي، اسلام آباد ۾ منھنجي حجري کان وڌيڪ محفوظ ھنڌ تو کي ٻيو ڪونه ملندو.
    ”اول ته مون کي لڪڻ جي ضرورت نه ھئي. ۽ نه ئي آھي.“ چيم، ”اجايو مراد ٺاٺاري ۽ چارڻ جي چڪر ۾ لڪڻ جي حامي ڀري ويٺس.“
    دلبر خان چلم ڀري ڪري ڀت سان ٺھي ويٺو. شال پري ٿيس، سندس جسم تي ھٿيار ۽ گولين جا پٽا ڏٺم.
    دلبر خان پڇيو،” تنھنجو دوست پوليس جي حراست ۾ ناھي؟ “
    چيم، ”آھي، پر ھن ڪجھه نه نه ڪيو آھي.“
    ھڪدم چيائين، اھي پوءِ جون ڳالھيون آھن، مون کي ٻڌاءِ، پوليس تنھنجي ڳولا ۾ ناھي؟
    ”آھي، بلڪل آھي.“ احتجاج ڪندي چيم ”پر مون ڪجھه به نه ڪيو آھي.“
    دلبر خان چيو، ”چارڻ مون کي ٻڌايو پئي پوليس کي تنھنجي خلاف خاص ثبوت ھٿ آيا آھن.“
    ساڳئي لھجي ۾ چيم، ”ڪھڙا ثبوت ھٿ آيا آھن. بم ٺاھڻ جا، ملڪ جو تختو اونڌو ڪرڻ جا، ڌاڙا ھڻڻ جا، ڇا جا ثبوت مليا اٿن؟ “
    ”ان جو مطلب آھي ته، پاڪستان ۾ تون پوليس جي طاقت ۽ اختيارن کان بيخبر آھين !“ دلبر خان چيو، ”ھڪ پوليس واري جي لکيل ايف.آئي.آر تي ملڪ جو وزيراعظم، ذوالفقار علي ڀٽو ڦاھي چڙھي ويو ھو... ڪيئن !“
    ”مان ذوالفقار علي ڀٽو نه آھيان.“ بيزار ٿيندي چيم، ”مان ھڪ عام رواجي انسان آھيان. پوليس مون سان اھڙو برتاءُ ڇو ڪندي؟“
    دلبر خان اٿي بيٺو، منھنجو بحث، ڄڻ نه پئي وڻيس. ٻه وکون کڻي، وڌي آيو. چيائين، ”پوليس جي لاڪپن ۽ جيلن ۾ بند سڀئي ماڻھو ذوالفقار علي ڀٽو نه ھوندا آھن، تون وانگر عام رواجي انسان ھوندا آھن .”ھو ڪارگردگيءَ وارن فائيلن جو کاڄ ٿي ويندا آھن.“
    مون چيو، ”اھي تنھنجا پنھنجا خيال آھن. في الحال مون کي ٻه ڪم ڪرڻا آھن.“
    پڇيائين ڪھڙا؟
    چيم، ”ھڪ ته، سڀ کان اڳ مون کي پوليس سان فون تي ڳالھائڻو آھي.“
    ڪجھه ڇرڪيو. پڇيائين، ”ڇا جي باري ۾؟ “
    چيم، ”اول مون کي ٻڌاءِ ته ھتان فون ڪرڻ جو ڪو بندوبست آھي؟ “
    ”فون جو بندوبست آھي.“ دلبر خان چيو، ”پر سڀ کان اڳ ٻڌاءِ ته پوليس کي ڇا جي باري ۾ فون ڪندين.“
    ”اھو ٻڌائڻ ضروري آھي؟ “ پڇيم،
    ”ھا، تمام ضروري آھي.“ دلبر خان رُکو ٿي بيٺو. پنھنجن ھٿيارن پنوھارن سميت، ھو مون کي ڀاڄين جو واپاري نه پر ڪو جرائم پيشه شخص لڳو. وٽس جديد اسلحو ڏسي اھو خيال به آيم، ته ھو ھٿيارن جو اسمگلر ھو.
    بيوسي انسان کي بي نياز ڪري ڇڏيندي آھي. ڪشمير خان وٽ رائيفل ۽ روالور ڏسي مان ڪنبي ويو ھوس. دلبر خان کي ھٿيارن سان جنجھيل ڏٺم، ته تعجب نه ٿيو. مون کي ائين لڳو ڪشمير خان جي ورتاءَ کان پوءِ مان ذھني طرح اھڙي امڪان لاءِ ڄڻ تيار ھوس. منھنجي چپن تي مُرڪ تري آئي.
    دلبر خان کان پڇيم، ”پوليس کان ڊڄين ٿو؟ “
    ناگوار لڳس، پر ضبط ڪري ويو. چيائين، ”پوليس ڪنھن جي سڄڻ نه ٿيندي آھي. اکيون ڦيريندي، ۽ تختو ڪڍندي دير نه ڪندي آھي.“
    پڇيم، ”ته پوءِ تنھنجو حجرو محفوظ ڪيئن آھي؟“
    ”جيئن مختلف ڪاروبارن ۾ ٿيندو آھي، تيئن پوليس جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڌڙا ٿيندا آھن. ھڪ ڌڙي سان منھنجي ياري آھي. ٻئي ڌڙي وارا وجھه وٺي ويٺا آھن ته ڪيئن ۽ ڪڏھن مون کي ڪوڙڪي ۾ آڻي ، پھرين ڌڙي کان ڇڏائي پاڻ سان شامل ڪن.“
    مان ڪجھه ڪجھه تعجب وچان سندس ڳالھه ٻڌندو رھيس.
    چيائين، ”اسان جي زندگيءَ ۾ ائين ٿيندو رھندو آھي پر مان ان کي ڪا ايڏي اھميت نه ڏيندو آھيان. “
    سڀ ڪجھه واضع ٿي پيو. ٿڌو ساھ کنيم ۽ چيم، ”ان جو مطلب آھي ته تون ڀاڄين جو واپاري نه آھين.“
    ”مان ڀاڄين جو واپاري آھيان.“ ھن پنھنجي ڳالھه تي زور ڏيندي چيو،” اٽڪ کان گوبين، گجرن ۽ گوگڙن سان پڪ اپ ڀرائي آيو آھيان.“
    ھڪ لمحي لاءِ خاموش رھي، پڇيم، ”ته پوءِ پوليس سان راھ رسم وارو چڪر ڪھڙو آھي؟ “
    ”اھو تنھنجو معاملو ناھي، تون ان ۾ نه پئه !“
    دلبر خان بيزار ٿيندي پڇيو، ”تون پوليس سان ڇا ڳالھائيندي؟ “
    ”تو وٽان پوليس سان ڳالھائڻ بيڪار آھي.“ چيم، ”اجايو ساھ نڪري ويندءِ! “
    ”مسٽر، مسٽر !“ دلبر خان باھ ٿي ويو. چيائين، ”مون کي چارڻ جو لحاظ آھي، ورنه، خدا ٿو ڄاڻي، خدا ٿو ڄاڻي.... “
    ھن جملو پورو نه ڪيو، ۽ ھٿن جون تريون مھٽيندي حجري ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو، ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندو رھيو، ”خدا ٿو ڄاڻي... خدا ٿو ڄاڻي.“
    رنگ جو ھونئن ئي اڇو ھو. ويتر جو ڪاوڙ لڳس ته ڳاڙھو ٿي ويو. مون کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ڳالھه ٺاھيندي چيم، ”دلبر خان، مون ته چرچو پئي ڪيو. تو جھڙي جانٺي جوان کي ڀلا پوليس جي ڪھڙي پرواھ !“
    خاموشيءَ سان منھنجي ڳالھه ٻڌائين. حجري جا اٺ ڏھ چڪر ھڻي ھو گلم تي ويھي رھيو. گھڙي کن رکي ڄڻ سان پاڻ سان ڳالھايائين، ”ٺٺولي ته مان پنھنجي پيءَ جي به برداشت نه ڪندو آهيان. لعنت آ منھنجي زندگيءَ تي.“
    ٽيليفون جو خيال مون پنھنجي دل مان ڪڍي ڇڏيو. اُٿي بيٺس. دلبر خان کي اجايو ڪاوڙائي وڌو ھيم. پشيمان پئي ٿيم. سندس ويجھو وڃي بيٺس. کيس آھستي سڏ ڪيم، ”دلبر خان.“
    ڪجھه دير کان پوءِ ھن ڪنڌ مٿي ڪيو.
    چيم، ”لڳي ٿو تنھنجي دل ڏکائي اٿم.“
    ھوا ۾ ھٿ لوڏيائين، ڪڇيائين ڪجھه به نه.
    چيم، ”يار معاف ڪجانءِ.“
    وري ھوا ۾ ھٿ لوڏيائين، ڄڻ چوندو ھجي، ھاڻي ڇڏ ان ڳالھه کي !
    چيم، ” تو ھڪ رات لاءِ پنھنجي حجري ۾ مون کي پناھ ڏني. مان تنھنجو ٿورائتو آھيان.“
    وري به ساڳي انداز ۾ ھٿ لوڏيائين.
    ڏانھنس ھٿ وڌائيندي چيم، ”مان وڃان ٿو.“
    ”ڪيڏانھن ٿو وڃين.“ اصل اُڀو ٿي ويو. اکيون ٽانڊا ٿي پيس. کٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”ماٺڙي ڪري وڃي ويھي رھ.“
    ”ويھي رھان.“ تعجب وچان چيم
    ”ھا، ھا، وڃي ويھي رھ“ چيائين، ”جيستائين چارڻ نه ايندو، مان تو کي ھتان وڃڻ نه ڏيندس.“
    ”مون کي گلاب گونگي لاءِ ضمانت جو بندوبست ڪرڻو آھي، دلبر خان.“ چيم، ”چارڻ الائي ڪڏھن ايندو، مان وڃان ٿو.“
    ”مٿو نه کاءُ !“ ھن ذري گھٽ رڙ ڪئي. چيائين، ”جيستائين چارڻ نه ايندو، مان تو کي ھتان وڃڻ نه ڏيندس، سمجھيءِ؟“
    ان وقت ڪشمير خان ھڪ ڇوڪري کان چئنڪن ۾ قھوو پراٺا ۽ تريل بيدا کڻائي آيو. ھن نيرن گلم تي رکائي ڇڏي.
    ڪشمير خان ماحول ۾ تلخي محسوس ڪري ورتي، دلبر خان کان پڇيائين، ”خير ته آھي نه؟ “
    دلبر خان رکي لھجي ۾ وراڻيو، ”ھا، خير آھي.“
    ڪشمير خان گلم تي ويھي رھيو.
    مان بيٺو رھيس.
    دلبر خان چينڪ مان پياليءَ ۾ قھوو پيئندي، ھڪ کن لاءِ مون ڏانھن ڏٺو. پوءِ سخت لھجي ۾ چيائين، ”بيٺو ڇو آھين؟ ويھي رھ، نيرن ڪر !“
    مان بيٺو رھيس.
    دلبر خان پيالي چپن تائين آڻي، روڪي ڇڏي. چيائين ”اڙي بابا! نيرن ڪر، اسان پنھنجي حجري ۾ ڪنھن کي بک مرڻ نه ڏيندا آھيون.“
    ڪشمير خان اٿي بيٺو، مون کي ٻانھن کان وٺندي ۽ ڏاڍي پيار سان، ڀڻڪن ۾ چيائين، ”يار ! دلبر خان جي ڳالھه نه ٽار. ھيءَ وڏو چريو مڙس آھي خودڪشي ڪندي ويرم نه ڪندو يا تو کي ماري وجھندو.“
    ڇت ڏانھن ڏسي، ٿڌو ساھ کنيم ۽ دلبر خان جي ڀرسان ويھي رھيس.


    8

    ڪٿي پڙھيو ھيم، ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي، جو ورھيه اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آھن، ۽ ساعتون صدين ۾ بدلجي وينديون آھن. چارڻ چريي جو انتظار ڪندي ائين محسوس ٿيو، دلبر خان جو حجرو لاھور قلعي جو قيدخانو ھو، جنھن ۾ مان ورھين کان چارڻ جو انتظار ڪري رھيو ھوس، ۽ سمجھي رھيو ھوس ته چارڻ ڪڏھن به نه ايندو، ۽ مان دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي حجري مان نڪري نه سگھندس. تماڪ جي دونھين ۾ زرد ۽ ميرانجھڙيون ٿيل ڀتين جي وچ ۾ منھنجو ساھ سڪي ويندو. سوچيم، مان مري ويندس گلاب گونگي لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھندس !
    ھنن لاڪپ ۾ گلاب کي ڏاڍو ماريو ھوندو، مون کي رکي رکي خيال پئي آيو. پوليس ۽ تفتيش ڪندڙ ادارن پاران انسانن تي لڱ ڪانڊاريندڙ عذابن ۽ تشدد جا جيڪي احوال ٻڌا ھيم، اکين آڏو ترڻ لڳا.
    گلاب کي اگھاڙو ڪيو ھوندائون !
    کيس فرش تي انڌو ليٽائي، لوڻ واري پاڻيءَ ۾ پسيل بيد جي لڪڻ سان ماريو ھوندائون !
    چمڙي جي ڦٽڪن سان ڪُٽيو ھوندائون !
    کيس اونڌو ليٽائي، ڪنڌ ۽ ڪلھن تائين پاڻي ۾ ٻوڙي گوتا کارايا ھوندائون !
    آڱرين جي وچ ۾ ڪاٺيون وجھي سندس ھٿ مروڙيا ھوندائون !
    سندس ننھن پڪڙ سان پڪڙي، ماس کان ڌار ڪري ڇڏيا ھوندائون !
    کيس مختلف غُضون تي سگريٽن سان ڏنڀ ڏنا ھوندائون !
    ۽ ھر عذاب کان پوءِ ساڳيو سوال ورجايو ھوندائون ! ڳالھاءِ، ڳالھاءِ، ڳالھاءِ !
    گلاب ڪيئن ڳالھائيندو ! گلاب ڪيئن ڳالھائيندو ! ھو عذاب سھندي سھندي مري ويندو، پر ڳالھائي نه سگھندو. پوليس کي ڪير ٻڌائيندو ته گلاب گونگو آھي. ڪير ٻڌائيندو.
    مون کي پنھنجي وجود ۾ ڀڃ ڊاھ محسوس ٿي. مان ڇرڪ ڀري ويھي رھيس. حجري جو در بند ھو، مون اٿي، وڃي در کڙڪايو.
    در ڪشمير خان کوليو.
    چيم، ”چارڻ الائي ڪڏھن ايندو، ۽ الائي ڪڏھن منھنجي جند ھتان آزاد ٿيندي. مون کي خدا جي واسطي ھڪ ٽيليفون ڪرڻ ڏيو.“
    ڪشمير خان ٿوري دير سوچيندو رھيو. پوءِ چيائين ”ترس“
    ڀاڄين جي دڪان ٻاھران ويٺل دلبر خان ڏانھن ھليو ويو. ٻنھي ڄڻن پاڻ ۾ ڪجھه ڳالھايو. ڪشمير خان موٽي آيو. چيائين، ”تو کي ھتان پوليس کي فون ڪرڻ نه ڏينداسين.“
    چيم، ”مان پوليس سان نه ڳالھائيندس.پنھنجي ھڪ دوست سان ڳالھائيندس، ۽ پوءِ کيس اھو به نه ٻڌائيندس، ته ڪٿان ڳالھائي رھيو آھيان.“
    ڪشمير خان وري سوچ ۾ پئجي ويو. گھڙي کن کان پوءِ چيائين، ”ترس“
    وري دلبر خان ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳالھائيندا رھيا، ۽ مون ڏانھن ڏسندا رھيا. ڪشمير خان ان دوران ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو رھيو. ڪافي دير تائين پاڻ ۾ ڳالھائڻ کانپوءِ ڪشمير خان ڀاڄين جي دڪان ڏانھن ھليو ويو. ڀاڄين جو دڪان آڏو اوٽ ۾ ھو ڪشمير خان مون کي نظر نه آيو. ٿوري دير کانپوءِ تار بنا ٽيليفون کڻي آيو. تمام جديد قسم جي ٽيليفون ھئي. ٽيليفون مون کي نه ڏنائين، چيائين، ”نمبر ٻڌاءِ.“
    مون کيس مراد ٺاٺاري جو نمبر ڏنو.
    پڇيائين، ”ڪير آھي.“
    چيم ، ”منھنجو دوست آھي.“
    ڪشمير خان ڊائل ڪيو. رسيور ڪن تي رکي ٻڌندو رھيو. پوءِ رسيور مون ڏانھن وڌائيندي چيائين، ”اچي وٺ ڳالھاءِ.“
    رسيور ڪن تي رکيم ته ٺاٺاري جو آواز آيو، ”مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ.“
    ”مراد، مان جوڳي،“ مون کي پنھنجو آواز ڪنبندي محسوس ٿيو.
    منھنجو آواز ٻڌي، مراد ڄڻ ڊڄي ويو. چيائين، ”جاني، مارائيندين ڇا ! “
    ”مراد، ڪجھه ڪر.“ ٻاڏائيندي چيم، ”ھو گلاب کي تفتيش ۾ ماري وجھندا، ڪجھه ڪر، مراد.“
    منھنجي آواز ۽ لھجي ۾ الائي ڇا ھو، جو مراد ڄڻ سوچ ۾ پئجي ويو. ڪافي دير تائين خاموش رھيو. ڪشمير خان مون ڏانھن ڏسندو رھيو.
    ڪجھه دير کانپوءِ مراد پڇيو، ”تون محفوظ آھين نه.“
    ”ھا، مان محفوظ آھيان، بلڪه سمجھه ته ضرورت کان وڌيڪ محفوظ آھيان.“
    ڪشمير خان ڏانھن ڏٺم. چيم، ”منھنجو فڪر نه ڪر گلاب لاءِ ڪجھه ڪر.“
    مراد خاموش رھيو.
    ڪشمير خان مون ڏانھن ڏسندو رھيو.
    ”حالتون اسان جي حق ۾ ناھن، جوڳي“ مراد ٺاٺاري چيو، ”کين پڪ آھي ته گلاب سنڌي دھشتگردن جي گروھ جو ميمبر آھي ۽ سندس ٻيا ساٿي دستي ۽ ٽائيم بمن سميت اسلام آباد ۾ پکڙجي ويا آھن. في الحال پاڻ کي ڀرڀرو رکجي. ان ۾ سڀني جي سلامتي آھي.“
    تڪليف وچان چيم، ”تيستائين گلاب کي ماري وجھندا.“
    ”گلاب کي مولا جي حوالي سمجھه.“ مراد چيو، ”پڪ ڪونھي ته ڪنھن ڪنھن جي فون ٽيپ ٿي رھي آھي، مانيٽر ٿي رھي آھي.“
    مراد ٺاٺاري رسيور رکي ڇڏيو.
    مون فون ڪشمير خان کي موٽائي ڏني.
    ڪشمير خان پڇيو، ”قھوو پيئندين.“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي، مان حجري ۾ وڃي ليٽي پيس. منھنجي خواب خيال ۾ به نه ھو ته انسان جو حالتون ايتريقدر ۽ ايترو جلدي بدلجي وينديون آھن ! مون واچ ۾ وقت ڏٺو. صبح جا يارھن ٿيا ھئا. چارڻ چريو ڪيڏانھن غائب ٿي ويو !
    ڪٿي چارڻ کي به پڪڙي ته نه ويا آھن ! مان ڇرڪ ڀري ويھي رھيس.
    ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ڇوڪرو قھوي جون چينڪون ۽ پياليون کڻي حجري ۾ داخل ٿيو. ھن جي ڪڍ، ڪشمير خان، دلبر خان ۽ ھڪ پوليس جو صوبيدار حجري ۾ داخل ٿيا. مون کي دلبر جي نيت تي شڪ ٿيو. شڪ ته اصل ۾ مون کي ان وقت کان ھو، جڏھن کان ھنن مونکي حجري مان نڪرڻ جي منع ڪئي ھئي.
    صوبيدار ۽ دلبر خان مون ڏانھن ھليا آيا، منھنجي سامھون اچي بيٺا. صوبيدار خرانٽ قسم جو، کُھرو، مڪروھ، ۽ شڪل مان بي مروت پئي نظر آيو. پنجاھ کن سالن جو ھو. وار ڀنور وانگر ڪارا ڪيا ھئائين. مڇ به خضاب سان ڪاري ڪئي ھئائين، پيٽ بيحد وڏو ۽ ٽنگون ۽ ٻانھون سنھڙيون ھيس.
    ”جان محمد اسان جو دوست آھي.“ دلبر خان مون کي اک ھڻندي چيو، ”سنڌ ۾ پنھنجيون زمينون اٿس، وڏو زميندار آھي.“
    صوبيدار مون ڏانھن ھٿ وڌايو. ڪجھه اچرج وچان مون صوبيدار سان ھٿ ملايو، ۽ اک ٽيٽ ڪري دلبر ڏانھن ڏسي ورتم. دلبر خان ٻيھر اک ھڻي ورتي ڄڻ چوندو ھجي، پٽ ھوشياري ڏيکار !
    صوبيدار پڇيو، ”سنڌ ۾ زمينون ڪٿي اٿو؟“
    مان ذري گھٽ وائڙو ٿي ويو ھوس ! منھنجو نالو جان محمد ڪيئن ٿي پيو ھو ! ۽ مون ڪنگلي وٽ زمينون ڪٿان آيون !
    پاڻ سنڀالي ورتم، چيم، ”ٽنڊي الھيار ۾ منھنجون زمينون آھن.“
    ”ٽنڊي الھيار ۾ ! “ صوبيدار جي دلچسپي وڌي وئي. چيائين ”منھنجي سُھري جون به ٽنڊي الھيار ۾ زمينون ھيون، پر ڌاڙيلن جي ڊپ کان وڪڻي ھيڏانھن ھليو آيو آھي.“
    ڳالھه تي ڳنڍ ٻڌندي چيم، ”ھا، ٽنڊوالھيار اڄ ڪلھه ڌاڙيلن جي اک ۾ آھي.“
    پڇيائين، ”توھان جو زمينون ٽنڊي الھيار ۾ ڪھڙي ھنڌ آھن؟ “
    مون دلبر خان ڏانھن ڏٺو. دلبر خان اک ھنئين. ڄڻ چوندو ھجي، پٽ ڳالھائيندو رھ !
    پڇيم، ”ٽنڊي الھيار ۾ عبدالعزيز بچاڻيءِ جو نالو ٻڌو اٿئي؟
    چيائين، ”ھا، ٻڌو اٿم.“
    چيم، ”سمجھه ته عبدالعزيز بچاڻيءَ جي زمينن سان لڳو لڳ منھنجيون زمينون آھن.“
    ڏاڍي دلچسپي سان پڇيائين، ”عبدالعزيز بچاڻيءَ جو فصل ساڙي ويا ھئا نه “
    چيم، ” ھا، ڪو ٿيٻو ڌاڙيل ھو.“
    پڇيائين، ”تنھنجين زمينن تي نه آيا آھن، ڇا؟“
    ”عزيز بچاڻي آھي انگريزن جو منقعد. قانون ھٿ ۾ نه کڻندو آھي“ چيم، ”مون قانون ھٿ ۾ کنيو آھي. زمين تي اصل پڪا مورچا ٺاھرائي ڇڏيا اٿم. ھاڻي کڻي ٿيٻو اچي، يا چانڊيو اچي، يا ماڇي يا جروار اچي، يا شيدي اچي ! بچي ويو ته ڄڻ نئون ڄائو ! “
    صوبيدار چيو، ”يار، اھڙي مڙسي ته مون واري رٽائرڊ ميجر سُھري به نه ڏيکاري ھئي. “
    ”ھن وٽ موٽي وڃڻ لاءِ ٻي ڌرتي ۽ ٻيو اجھو ھو.“ منھنجي وجود مان جواب ڦاٽ کاڌو. چيم، ”اسين پنھنجي ڌرتي ڇڏي ڪيڏانھن وينداسين. اسان جو جيئڻ مرڻ ان ڌرتيءَ تي آھي.“
    دلبر خان وچ ۾ چيو، ”ڌاڙيلن کي منھن ڏيڻ لاءِ جان محمد ڪجھه راڪيٽ لانچر ۽ ڪلاشنڪوف وٺڻ آيو آھي. صادق آباد تائين حفاظت سان کيس پڄائڻ تنھنجي ذمي آھي اڳتي اسان جو بندوبست ٿيل آھي.“
    صوبيدار کِلي، منھنجي پٺيءَ تي ھٿ ھنيو. پيالي مان سپ سپ ڪري قھوو پيئندو رھيو، ۽ رکي رکي مون ڏانھن ڏسندي رھيو.
    قھوو پورو ڪري صوبيدار اٿي بيٺو. مون سان گرمجوشيءَ مان ھٿ ملايائين. چيائين، ”سامان سميت صادق آباد تائين تو کي پھچائڻ اسان جي ذمي آھي. خدا حافظ ! “
    حجري جي در ڏانھن وڌي ويو. دلبر خان وري اک ھنئين. ڄڻ چوندو ھجي، واھ جو ڊرامو ڪيو اٿئي !
    حجري جي در وٽ صوبيدار بيھي رھيو. منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺائين. پڇيائين، ”ڪالھه گلاب نالي جنھن دھشتگرد کي پڪڙيو اٿائون، ان کي سڃاڻين؟ “
    سموري جسم جي رت ڄڻ گندرف ۾ بدلجي وئي انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”نه.“
    صوبيدار، دلبر خان ۽ ڪشمير خان سميت، حجري کان ٻاھر ھليو ويو.


    9

    دلبر خان، ڪشمير خان ۽ صوبيدار جي وڃڻ کانپوءِ حجري ۾ مان اڪيلو رھجي ويس.گھڙي کن اڳ ڪيل ڊرامي تي مون کي کل آئي. منھنجي خواب ۽ خيال ۾ به نه ھو ته مان ايڏي مھارت سان ۽ سو به اوچتو، اداڪاري ڪري سگھان ٿو ! ۽ سا به، ڪنھن عام ماڻھو آڏو نه، پوليس جي تجربيڪار صوبيدار آڏو ! مون کي پنھنجي لڪيل صلاحيتن جي اوچتي انڪشاف تي وري کل آئي. مان ۽ اداڪاري!
    سمجھان ٿو، مان ٽھڪ ڏيئي کلي پيو ھوس. کلي کلي کٽ تي ويھي رھيو ھوس.
    مان جان محمد آھيان !
    مون وٽ ٽنڊي الھيار ۾ زمينون آھن!
    ڌاڙيلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مون زمينن تي پڪا مورچا ٺاھرائي ڇڏيا آھن !
    ڌاڙيلن کي ٺاھوڪو جواب ڏيڻ خاطر، مان راڪيٽ لانچر، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا ھٿيار وٺڻ لاءِ اسلام آباد آيو آھيان!
    مون کي ڏاڍي کل آئي. سوچيم، اسلام آباد اچڻ کانپوءِ وڏو پلستر ٿي پيو آھيان. ڪيڏي نه نيڪ مقصد خاطر مائٽن ۽ دوستن مون کي اسلام آباد موڪليو ھو ! چيو ھئائون، قاضي محمد اسلام آف قاضي محله روھڙي شريف کي ڳولي، ھٿ ڪري ھڪدم موٽي اچجانءِ. اسلام وانگر اسلام آباد ۾ گم نه ٿي وڃجانءِ. مون مائٽن ۽ دوستن کي روھڙيءَ ۾ پڪ ڏني ھئي، ته مان قاضي محمد اسلام کي جلد کان جلد ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ۽ جلد کان جلد روھڙي شريف موٽندس، ۽ سڀني آڏو سرخرو ٿيندس.
    مان اسلام آباد آيو ته نيڪ مقصد سان ھوس! اچڻ شرط اسلام کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ھيم، چوواٽن تي، گھٽين ۾، بازارن ۾، پارڪن ۾، آفيسن ۾، بسن ۾، مون کيس ھر ھنڌ تلاش ڪيو، پر قاضي محمد اسلام مون کي ڪٿي به نظر نه آيو. ناڪامي ءَ جو احساس منھنجي وجود ۾ گھر ڪري ويھي رھيو. اصولي طرح، ٿيڻ ته ائين گھرجي ھا، جو مان روھڙي موٽي وڃان ھا، ۽ مائٽن ۽ دوستن کي سموري صورتحال کان آگاھ ڪريان ھا. قاضي محله روھڙي شريف جي سڀ کان جھوني ۽ ڪراڙي عورت، مائي بچان کي وڃي ٻڌايان ھا ته، مائي اسلام آباد اصل ۾ شھر نه آھي، اسلام آباد ازدھو آھي، وڏي بلا آھي، مختلف سيڪٽرن جو جھنگ آھي، جنھن ۾ ماڻھو ورھائجي ويا آھن. ورھائجي، پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا آھن ! تنھنجو پٽ ڪڏھن نه موٽندو !
    پر، مون ائين نه ڪيو. مون کي اسلام آباد ۾ مزو اچي ويو. نامراد شھر ۾ مرادون ماڻڻ لاءِ مان کيپ کوڙي ويھي رھيس. پنھنجي دوست کي ڳولڻ جو خيال دل مان ڪڍي، دل ٻين ڌنڌن ۾ اٽڪائي ڇڏيم. مضبوط مرڪز ۽ ڪمزور صوبن لاءِ رکيل نوڪرين مان ھڪ چڱيرڙي نوڪري ھٿ ڪر ي ورتم، ويتر جو ڏائڻ سان ملاقات ٿي، ته چاريئي طبق روشن ٿي پيا !
    ڏائڻ سان ملاقات به ڏاڍي عجيب نموني ۽ اوچتو ٿي ھئي. اسلام آباد ۾ اھي منھنجا ابتدائي ڏينھن ھئا. رات ڏينھن اسلام جي ڳولا! ھڪڙي ڏينھن ٿڪجي ۽ ڪجھه ڪجھه مايوس ٿي سپر مارڪيٽ ۾ ھڪ ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي فٽ پاٿ تي ويھي رھيس. کيسي مان ڀڳڙا ڪڍي کائڻ لڳس. انھن ڏينھن ۾ مون کي اڃان نوڪري نه ملي ھئي، ۽ مان مائٽن ۽ دوستن جي طرفان موڪليل چندي تي گذارو ڪري رھيو ھوس. ڀڳڙا کائيندي، اوچتو منھنجي نگاھ، پريان، رستي جي ٻئي پاسي بيٺل ھڪ قيمتي ڪار تي ڄمي وئي. ڪار بيوٽي پارلر جي ٻاھران بيٺي ھئي، ڪار ۾ ويٺل ماڻھو مون کي سڃاتل سڃاتل لڳو. ٿري پيس سوٽ، اعلي قسم جي فريم واري اکين تي عينڪ، ۽ وات ۾ جھليل پائيپ، منھن تي فرينچ ڪٽ ڏاڙھي، ڄڻ ڪو مئل انگريز ديسي ماڻھو جو روپ ڌاري موٽي آيو ھو! ڪير آھي؟ مون سوچيو.
    مٺ ۾ جھليل ڀڳڙا کيسي ۾ وجھي ڇڏيم. اٿي بيٺس، غور سان ھن ڏانھن ڏسڻ لڳس. ڪير آھي؟ مان ھن کي ڇو ٿو سڃاڻان، بلڪه ھو مون کي ايتريقدر سڃاتل ڇو ٿو لڳي؟
    ھن جو ۽ منھنجو پاڻ ۾ ڪھڙو تعلق آھي؟ ايتري ۾ ھڪ نھايت سھڻي، آپا ميڪ اپ ۾ سھڻي لڳندڙ عورت بيوٽي پارلر مان ٻاھر آئي. ڪار ۾ ويٺل شخص ٻاھر نڪري، ٻئي طرف کان ڪار جو در کوليو ۽ اھا سھڻي عورت دلفريب انداز سان ڪار ۾ ويھي رھي، سڃاتل شخص ڦيرو کائي، پنھنجي سيٽ ڏانھن ھليو آيو. تڏھن، اوچتو مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اڙي قاضي محمد اسلام آف روھڙي شريف ! مون جُوهه وجھي، ماڻھن کي ڌڪي، پري ڪندي، ذري گھٽ ڊڪ پاتي. ٽريفڪ کان بچندي روڊ پار ڪري ويس. ٻئي ٻانھون مٿي ڪندي رڙ ڪيم. ”اسلام“
    آواز کان اڳ ڪار زوڪاٽ ڪري رواني ٿي ويئي. مان وائڙو ٿي بيھي رھيس.
    گھڙي کن ۾ ڪجھه سوچي، بيوٽي پارلر ڏانھن تيزيءَ سان وڌي ويس.
    چوڪيدار مون کي روڪيو، ”اي مسٽر“
    مان بيھي رھيس.
    ڪيڏانھن پيو وڃين؟ ھن منھنجو جائزو وٺندي پڇيو. ڪپڙي لٽي ۽ وڌيل ڏاڙھيءَ سبب، بظاھر منھنجي حالت اھڙي نه ھئي، جنھن مان ڪو سمجھي سگھي ته منھنجي ڪا سنگتياڻي يا زال بيوٽي پارلر مان پنھنجي حسن کي چار چنڊ لڳائڻ جو سوچي به سگھي ٿي !
    مون چوڪيدار کي چيو، ”اجھو ھينئر، ھتي بيٺل ڪار تيزي سان ھلي ويئي آھي، ان ۾ ڪير ھو؟“
    ”ھتي تيزي سان موٽرون اينديون آھن ۽ تيزيءَ سان ھليون وينديون آھن.
    ”چوڪيدار چيو، ”اسان موٽرن جي چوڪيداري ڪندا آھيون، ماڻھن جي نه “
    چيم، ”مان سمجھان ٿو، بلڪه مون کي پڪ آھي ته جنھن شخص موٽر ھلائي پئي سو منھنجو ڳوٺائي ھو، ننڍپڻ جو دوست ھو، روھڙائي ھو.“
    چوڪيدار ڪجھه حيرت مان پڇيو، پوءِ !
    چيم، ”ھو ڪافي عرصي کان گم ٿي ويو آھي. روھڙيءَ مان، نوڪري سانگي اسلام آباد آيو ھو، ۽ پوءِ گم ٿي ويو.“
    ”يار ڏاڍو ڪو وائڙو آھين ! “ چوڪيدار چيو، ”ھينئر ته چيئه پئي ته تو ھن کي موٽر ھلائيندي ڏٺو ھو؟“
    ”ھا، ڏٺو ھو.“ چيم، ”پڪ ڪرڻ پئي چاھيم ته واقعي منھنجو روھڙائي دوست ھو ۽ ڪٿي رھندو آھي.“
    ايتري ۾ بيوٽي پارلر جو در کليو، ھڪ ٻارنھن تيرھن سالن جي ڇوڪري ٻاھر آئي، اسان وٽ اچي مون کي چيائين، ”تو کي ميڊم سڏايو آھي.“
    ”مون کي ! “ تعجب وچان پڇيم.
    ”ھا، تو کي “ ڇوڪريءَ چيو، ”توکان سواءِ ھتي ٻيو به ڪو آھي ڇا.“
    چيم، ”ھيءَ چوڪيدار جو آھي.“
    چيائين، ”ميڊم تو کي سڏايو آھي.“
    ميڊم جو لفظ ٻڌي مون کي پاڪستان جي سدا بھار ڪڏھن پوڙھي نه ٿيندڙ نورجھان ياد ايندي آھي، جنھن کي يارن مستقل ميڊم ڪر ي ڇڏيو آھي. سوچيم، بيوٽي پارلر ۾ ميڊم نورجھان ويٺي يا بيٺي ھوندي، مون کي ڏسڻ شرط ڪن تي ھڪ ھٿ رکي ، ۽ ٺونٺ اڳتي ڪري ۽ اکيون ٽمڪائي ڳائيندي، ”اي وطن ڪي سجيلي جوان، ميري نغمي تمھاري لئي ھين.“ ٻڌڻ شرط مان گولي کائي مرڻ لاءِ تيار ٿيندس !
    مان ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان، تاريخ ۾ اڄ تائين جن به وطن لاءِ جان قربان ڪئي آھي، تن به ميڊم نورجھان جو نغمو ٻڌو ھو، يا، وطن لاءِ مفت ۾ مارجي ويا ھئا ! ٻين ٻڌو ھجي، يا نه ٻڌو ھجي، ميڊم نورجھان مون کي سامھون بيھار ي جيڪڏھن ڳايو، اي وطن کي سجيلي جوان، ميري نغمي تمھاري ليي ھين، ته خد ا ٿو ڄاڻي، مان گولي کائيندي ويرم نه ڪندس. جنگ ھجي، نه ھجي، مان ڪنھن طرح گوليءَ جو بندوبست ڪري وٺندس، ۽ سيني تي گولي کائي مري ويندس !
    در کولي مان بيوٽي پارلر ۾ لنگھي ويس. خوشبو جي ھٻڪار روح ۾ لھي ويئي.
    رسيپشن جي سامھون، ٻئي ڪمري ۾ آئيننن آڏو ڪجھه عورتون پاڻ کي سھڻو ڪرائي رھيون ھيون. مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. مون کي ميڊم نورجھان نظر نه آئي.
    ”ته تون ھيلپر ٿيڻ آيو آھين.“ پويان آواز آيو. منھن ڦيرائي ڏٺم. ھڪ ڏاڍي سھڻي عورت ڪجھه ڪجھه بي نياز، چيلھه تي ھڪ ھٿ رکي بيٺي ھئي.
    ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو. پڇيم، ڇا جو ھيلپر؟
    کلي پيئي. ڏاڍي دلفريب لڳي. چيائين، ”ڪٽنگ وغيره کان پوءِ ورا ميڙڻ ۽ صفائي ڪرڻ واري کي اسين ھيلپر چوندا آھيون.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. دل چيو، سامھون رکيل گلدان کڻي مٿي ۾ ھڻانس. موسٽ ايجوڪيٽيڊ مين آف قاضي محله روھڙي شريف کان وار کڻائيندي، ۽ ٻوھاري پوچو ڪرائيندي ! ذليل ڪنھن جاءِ جي ! سنڌ يونيورسٽي جي ڊگرين جو اھو قدر !
    ڪجھه کھري لھجي ۾ چيم ”مان نوڪري ڪرڻ نه آيو آھيان.“
    مون کي وارن کان پيرن تائين ڏسندي پڇيائين، ”ڪنھن يتيم خاني لاءِ، يا اڌ ٺھيل مسيت لاءَ چندو وٺڻ آيو آھين؟“
    ”وڏي ڪا بيعقل عورت آھين.“ ڪاوڙ لڳم. پڇيم، ”ميڊم نورجھان ڪٿي آھي؟“
    ”ميڊم نورجھان “ ڏاڍي حيران ٿي. چيائين ”تو کي ڪنھن ٻڌايو ته ميڊم نورجھان ھتي آيل آھي.“
    چيم، ”تنھنجي پارلر جي ڪنھن ڇوڪريءَ چيو ته ميڊم مون کي اندر سڏايو آھي.“
    ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. پڇيائين، ”سنڌ مان ته نه آيو آھين ! “
    اسين سئو سال ڇو نه کڻي لکنو يا دھليءَ ۾ رھي اچون، اصل اُھڙي جا اھڙا ! قلم وارو ق نڙي مان اچاري نه سگھينداسين. تڏي تي پڪڙجي پونداسين.
    ”ھا ميڊم، مان به مامرو سمجھي ويو آھيان.“ چيم، برابر مان سنڌ مان آيو آھيان.“
    اھا ھئي ڏائڻ سان منھنجي پھرين ملاقات، جيڪا پوءِ ڏسنديئي ڏسندي وڻ ويڙھيءَ وانگر بي نام رشتي ۾ بدلجي ويئي.
    ڪشميرخان ۽ دلبر خان جي موجودگيءَ ۾ صوبيدار آڏو اداڪاري ڪرڻ کانپوءِ اڪيلائي ۾ مون کي پاڻ تي ڏاڍي کل آئي. سوچيم، اھڙي نموني، اڪيلائي ۾ پنھنجي ساءِ ڪنھن کلندي ڏسي ورتو، ته چريو سمجھندا ! پر کل اھڙي، جو بند نه ٿئي. اندران ٽھڪ ڦاٽ کائي ٻاھر پئي نڪتا.مان اداڪار آھيان ! مان اداڪار آھيان ! پاسراٽيون سور ڪرڻ لڳيون. تڏھن، اوچتو ئي اوچتو کل جو چشمو ختم ٿي ويو. ماٺ ۽ ماٺ کان پوءِ پريشاني ورائي ويئي.
    منھنجي معرفت سنڌ ۾ ھٿيار اسمگل ڪرائيندا !!
    مون کي ائين لڳو، ڄڻ وڏي ٺڪاءَ سان منھنجي حجري جي ڇت اڏامي وئي.


    10

    پڪ ٿي ويم ته جديد قسم جا ھٿيار سنڌ ۾ سمگل ڪرائڻ لاءِ مون کي استعمال ڪيو ويندو. بلڪه، استعمال ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو ھو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ٻئي جي ڪلھي تي بندوق رکي نه ھلائي آھي، ۽ نه ئي ڪنھن کي پنھنجي ڪلھي تي بندوق رکي ھلائڻ جي اجازت ڏني اٿم. سوچيم، چارڻ چرئي جو انتظار اجايو آھي. ھُن بدبخت مون کي مصيبت ۾ وڌو آھي. مان ھتان ھليو ويندس، ھڪدم ھليو ويندس !
    بوٽ جون ڪھيون ٻڌندي، جيڪي به پاراتا دل تي تري آيا، سي چارڻ کي ڏيئي ڇڏيم. اٿي بيٺس. فيصلو ڪيم ته حجري جو در کولي ٻاھر نڪري ويندس. پوءِ، کٽن ڀاڳ !
    ان کان اڳ جو مان حجري جو در کولي ٻاھر نڪري وڃان، حجري جو در کليو، ۽ ڪشمير خان ۽ دلبر خان اندر آيا.
    ”جان محمد“، دلبر خان چيو، ”اڄ شام جو.... “
    ”ترس.“ مون سندس جملو پورو ٿيڻ نه ڏنو. چيم، ”منھنجو نالو جوڳي آھي.“
    ”نه.“ ھن ڏاڍي تحمل سان وراڻيو، ”تنھنجو نالو جان محمد آھي.“
    ”منھنجو نالو جوڳي آھي.“ مون ڪجھه سخت لھجي ۾ چيو، ”منھنجو نالو جوڳي آھي... جوڳي جوڳي.“
    ”نه جوان، نه.“ دلبر خان چيو، ”تنھنجو نالو جان محمد آھي. بلڪه، تنھنجو نالو وڏيرو جان محمد آھي. تون ٽنڊي الھيار جو زميندار آھين.“
    ”مان زميندار وغيره نه آھيان، بابا!“ بيزار ٿيندي چيم، ”انگ اکر گڏ ڪندڙ محڪمي ۾ ھڪ معمولي ملازم آھيان.“
    ”تون ٽنڊي الھيار جو زميندار آھين، جان محمد“ دلبر خان چيو، ”تو کي ڌاڙيلن تنگ ڪيو آھي. ڌاڙيلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تون ھتان جديد قسم جا ھٿيار خريد ڪرڻ آيو آھين.“
    ”يار، ھي ڪھڙي قسم جي مشڪري آھي !.“ مون کي ڪاوڙ لڳي. چيم، ”توھان مونکي اڻپڙھيل، جاھل سمجھيو آھي، جو اھڙي بيھودي نموني مونکي استعمال ڪندا ! نه دلبر خان، نه. مان چارڻ چريو نه آھيان. مان تنھنجي چڪر ۾ نه ايندس.“
    ”ڇا جو چڪر جوان؟ “ دلبر خان ڌيرج سان چيو، ”تو پاڻ صوبيدار کي ٻڌايو آھي ته تنھنجو نالو جان محمد آھي.“
    ”نه، نه. مون نه “ ھڪدم چيم، ”تو مون کي جان محمد جي نالي سان مخاطب ڪيو ھو.“
    ”۽ تو جواب ڏنو ھو. ڪيئن ! “ دلبر خان چيو، ”۽ ان کانپوءِ تو پاڻ صوبيدار کي ٻڌايو ھو ته تون زميندار آھين.“
    ”نه بابا، نه.“ چيم، ”تون صوبيدار کي ٻڌايو ھو ته مان زميندار آھيان.“
    ”ٺھيو. ائين ئي سھي.“ دلبر خان چيو، ”تو کي زميندار مون ظاھر ڪيو ھو، پر ٽنڊي الھيار ۾ زمينن جو ذڪر تو پاڻ صوبيدار سان ڪيو ھو. ڌاڙيلن جو ذڪر به تو پاڻ ڪيو ھو، مون نه ڪيو ھو.“
    دلبر خان جو جرح ٻڌي مان چپ ٿي ويس. دلبر خان چيو، ”اڄ شام تنھنجو سامان ٽرڪ ۾ لوڊ ٿي ويندو.“
    پڇيم، ”ڪھڙي قسم جو سامان؟ “
    دلبر خان مرڪي ڪشمير خان ڏانھن ڏٺو. ڪشمير خان حجري جي پرئين پاسي ھليو ويو. اوندھ ھئي. کٽن تي ھڪ ٻئي مٿان ويڙھيل بسترا پيا ھئا. ڪشمير خان ھيٺ جھڪي، ھڪ کٽ جي ھيٺان ڪاٺ جي پيتي ڇڪي ڪڍي ورتي. ڍڪ کولي، ھن پيتيءَ مان ھڪ رائيفل ڪڍي ورتي، جنھن تي دوربين لڳل ھئي.
    منھنجو ساھ وڃي پيرن ۾ پيو.
    ”نه دلبر خان، نه، ھرگز نه“ مون احتجاج ڪندي چيو، ڪجھه به ٿي پوي مان اھو ڪم نه ڪندس.“
    ”ھيءَ تنھنجو سامان آھي، جان محمد“ دلبر خان چيو، ”تو بُڪ ڪرايو آھي.“
    ”ھيءُ منھنجو سامان نه آھي، ۽ نه ئي مون بُڪ ڪرايو آھي“ چيم، ”تون مون کي بليڪ ميل ڪري رھيو آھين، دلبر خان.“
    ”جوان، خيال ڪر، خيال ڪر !“ دلبر خان کي باھ وٺي ويئي. دلبر خان چيو، ”ھڪ دھشتگرد کي پناھ ڏيئي مون کي ثواب ڪمائڻو ناھي.“
    ”مان دھشتگرد ناھيان، دلبر خان.“ مون کي ڪاوڙ لڳي. چيم، ”مان دھشتگرد ناھيان.“
    ”ته پوءِ، اڌ رات ڌاري اچي منھنجي حجري ۾ پناھ ڇو اچي ورتي ھيئه؟“ دلبر خان مڪروھ مرڪ سان چيو، ”ھن حجري ۾ فرشتا اچي نه لڪندا آھن.“
    ”مون پاڻ کي ڪڏھن به فرشتن جي صف ۾ ناھي بيھاريو آھي. مان گنھگار آھيان.“ کھري لھجي ۾ چيم، ”پر مان ڪنھن به صورت ۾ دھشتگرد نه آھيان.“
    ساڳيءَ مڪروھ مرڪ سان پڇيائين، ”۽ تو وارو دوست، گلاب؟“
    ”مان تو کي ٻڌائي چڪو آھيان ته گلاب دھشتگرد نه آھي.“ چيم، ”ھو نھايت سٻاجھو انسان آھي. مائٽن جي چوڻ تي اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد ھليو آيو آھي، ۽ پنھنجي غلطيءَ جي سزا ڀوڳي رھيو آھي.“
    ”۽ اھو اسلام ڪير آھي؟“ چلم دکائيندي پڇيائين.
    ”اسلام جو سڄو نالو قاضي محمد اسلام آھي. روھڙي شريف جي قاضي محله جو رھاڪو آھي، منھنجو ۽ گلاب جو دوست آھي.“
    پڇيائين، ”اڄڪلھه ڪٿي آھي؟“
    چيم، ”اھو ئي ته مامرو آھي، دلبر خان ! اول اسلام کي ڳولڻ لاءِ مائٽن مون کي اسلام آباد روانو ڪيو. ھاڻي گلاب کي موڪليو اٿائون. اسلام ويچارو، لڳي ٿو، اسلام آباد جي سيڪٽرن ۾ گم ٿي ويو آھي.“
    ”ائين گم ٿي وڃڻ سٺي علامت نه آھي .“ دلبر خان جي منھن تي مڪروھ مرڪ موٽي آئي.
    ”مطلب ! “
    ”مطلب ته ....“
    ”چئه، چئه.“
    ”گم رھي، گھربل معلومات ھٿ ڪري تخربيڪاري ڪري سگھي ٿو، ڪنھن به وقت.“
    ”دلبر خان !“ مان اٿي وڃي سندس سر تي بيٺس. چيم، ”تخربيڪاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو خيال کوپريءِ ۾ اٿيئي، يا نه !؟ “
    دلبر خان چلم مان دونھان ڪڍندي چيو، ”اسين ھڪٻئي کي ڪوھن تائين سڃاڻي وٺندا آھيون.“
    مان بيزار ٿي پيس. ھو مون کي عقل کان وانجھيل ۽ احمق محسوس ٿيو. ھر طاقتور انسان وانگر ضدي ۽ ھوڏي ھو.
    کيس سمجھائڻ خاطر چيم، ”منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ ، دلبر خان ! مان دھشتگرد آھيان، يا نه آھيان. ان معاملي تي بحث ڪرڻ اجايو آھي. تنھنجي سُئي ھڪ ھنڌ اٽڪي پيئي آھي. مان تنھنجا ھٿيار کڻي سنڌ نه ويندس.“
    کلي پيو. چيائين، ”ھي تنھنجا ھٿيار آھن، جوان ! “
    مون به ساڳئي لھجي ۾ وراڻيو، ”ھي منھنجا ھٿيار نه آھن.“
    ”ھي ھٿيار تنھنجا آھن، جان محمد ! “
    ”وري جان محمد ! اڙي بابا، مان جوڳي آھيان، جان محمد نه آھيان.“
    ”تون جان محمد آھين، ۽ ھي ھٿيار تنھنجا آھن.“ دلبر خان چيو، ”ان ڳالھه جو اعتراف تون صوبيدار صاحب آڏو ڪري چڪو آھين.“
    چيم، ”اعتراف جي باوجود مان ھٿيار سمگل نه ڪندس.“
    چيائين، ”سمگل ڪرڻ لاءِ ڪير ٿو چوي، جوان تون پنھنجو مال پاڻ سان کڻي وڃي رھيو آھين.“
    ”نه، قطعي نه.“ چيم، ”مان ڪنھن به قسم جو ڪو به سامان کڻڻ لاءِ تيار نه آھيان.“
    ”تون ته ڏاڍو ڏکيو ماڻھو آھين، جوان ! “ دلبر خان چيو، ”اجايو پنھنجو نقصان ڪرائي وجھندين.“
    مون کيس جواب نه ڏنو. خاموش رھيس. ھن ڪشمير خان کي ٻانھن کان وٺي پرتي وڃي بيھاريو. ٻئي ڄڻا سُرٻاٽن ۾ ڳالھائيندا رھيا. دلبر خان ھڪ کٽ تي ويھي رھيو. ڪشمير خان مون ڏانھن ھليو آيو
    ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ”اسان تنھنجي ڳالھه سمجھي ويا آھيون.“
    بيزار ٿيندي چيم، ”ڪھڙي ڳالھه.“
    ڪشمير خان کيسي مان نوٽن جون ٻه چار ٿھيون ڪڍي مون کي ڏيندي چيو، ”تنھنجي معاوضي جو ايڊوانس. باقي معاوضو تو کي سنڌ ۾ سامان جي ڊليوريءَ تي ملندو. “
    ”دماغ ته ٺيڪ اٿئه نه ! “ نوٽ کيس موٽائيندي چيم، ”توھين مون کي ڪيريئر ٿا سمجھو !.“
    ڪشمير خان منھن ورائي دلبر خان ڏانھن ڏٺو.
    دلبر خان چيو، ”ايترو معاوضو اسان اڄ تائين ڪنھن کي نه ڏنو آھي، جوان ! “
    ”نه مون کي معاوضي جي ضرورت آھي، ۽ نه ئي تنھنجي حفاظت جي.“ سر جو سانگو لاھيندي مان ٻنھي جي منھن ۾ وڃي پيس. پڇيم، ”مون کي ٻڌايو توھان چارڻ کي ڪھڙي ڪھڙي نموني استعمال ڪيو آھي؟“
    ”چارڻ اسان جو دوست آھي.“ دلبر خان چيو، ”اسان دوستن کي استمال نه ڪندا آھيون.“
    ”۽ دوست جي دوست کي استعمال ڪندا آھيو ! “ ڪاوڙ وچان چيم، ”مان وڃان ٿو دلبر خان.“
    مون جھٽ ھڻي گلم تان دلبر خان جي ڪلاشنڪوف کڻي ورتي. زندگيءَ ۾ پھريون دفعو مون رائيفل ھٿ ۾ کنئين ھئي. ڪشمير خان ھٿ سان ڌڪو ڏيئي دلبر خان کي پري ڪري ڇڏيو رڙ ڪندي چيائين، ”اناڙي آھي، متان برسٽ ھلائي وجھي.“
    ”پنھنجي جاءِ تي بيٺا رھو، ٻئي ڄڻا. اصل نه چُرجو.“
    مون پوئين پير در ڏانھن وڌندي چيو، ”مان وڃان ٿو.“
    دلبر خان جنوني قسم جو ماڻھو ھو. اڳتي ھليو آيو.
    رڙ ڪيم، ”خبردار، اڳتي نه اچجانءِ ! “
    دلبر خان چيو، ”ٻه ڳالھيون غور سان ٻڌي ڇڏ.“
    ” ٻڌاءِ “ پر چيم، ”پنھنجي جاءِ تان اصل نه چُرجانءِ ! “
    ”صوبيدار کي پڪ ھئي ته دھشتگرد گلاب جو تون ساٿي آھين. اسان ڳالھه ٺاھي تنھنجي جان بچائي آھي.“ دلبر چيو، ”تون جيڪڏھن گرفتار ٿي پئين، ته پوليس ۾ اسين پنھنجي ساک وڃائي ويھنداسين. تنھنڪري....“
    ھن جملو پورو نه ڪيو، پڇيم، ”تنھنڪري ڇا؟ “
    چيائين، ”اسان تو کي جيئرو نه ڇڏينداسين. تو کي ھر حال ۾ مارينداسين. اسين شاھدن کي جيئدان نه ڏيندا آھيون.“
    ”تڙي نه ڏي دلبر خان“ چيم، ”ٻي ڳالھه ٻڌاءِ.“
    دلبر خان چيو، ”چارڻ ٿوريءَ دير ۾ پھچي ويندو. تنھنجي ۽ اسان جي وچ ۾ معاملو جيستائين ڪنھن انجام تي پھچي، چارڻ کي اسين يرغمال طور پاڻ وٽ قيد ڪنداسين “
    ”تون وڏو ڪمينو آھين، دلبر خان.“ رڙ ڪندي چيم، ”دل چوي ٿي تو کي اُڦٽ ماري وجھان.“
    ڪشمير خان اڳتي اچي، دلبر خان کي ٻانھن کان جھلي پري ڪري ڇڏيو.
    مان پٺيرو ھٽندو حجري جي در وٽ پھتس. ڀت سان لڙڪندڙ قديم دور جو تالو کڻي ٻاھر نڪري بيٺس. ھڪدم در بند ڪري. ڪڙي ۾ تالو وجھي، چاٻي ڦيرائي ڇڏيم.
    حُجري جي ٻاھران، ڀاڄيءَ جي دڪان وٽ بيٺل ماڻھن حيرت وچان مون ڏانھن ڏٺو. منھنجي ھٿ ۾ ڪلاشنڪوف ڏسي ھر ڪو پنھنجي جاءِ تي پنڊ پھڻ ٿي ويو.
    مان ماڻھن ڏانھن ڏسي آھستي آھستي، حجري جي پاسي کان وھندڙ برساتي نالي ڏانھن وڌڻ لڳس. تڏھن اوچتو، حجري جي روشندانن مان اول ڪلاشنڪوف جا برسٽ ٻڌم، ۽ پوءِ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جا ٻوڪ ؛ وڃڻ نه ڏجوس... ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.
    تڏھن محسوس ڪيم ته حجري جي ٻاھران بيٺل ماڻھو ڀاڄيون وٺڻ وارا گراھڪ نه ھئا. ھو دلبر ۽ ڪشمير خان جا ڇاڙتا ھئا. ھو ھٿيار کڻي منھنجي ڪڍ ڪاھي پيا. ٻي ڪا واٽ نه ڏسي، مان برساتي نالي ۾ لھي ويس ۽ نالي جي پاسن کان بيٺل گھاٽن وڻن ۽ جھنگلي ٻوٽن ۾ لڪندو، سيڪٽر آئي – ٽين ڏانھن وڌڻ لڳس.


    11

    سيارو ھجي يا اونھارو، اسلام آباد جا برساتي نالا مينھن جي مند ۾ بي قابو ۽ بد مزاج نديءَ وانگر اُٿل کائي ايندا آھن. ٽاڪرو زمين جي ورن وڪڙن ۾ پٿرن ۽ جبلن سان مٿو ھڻي اھڙو آواز پيدا ڪندا آھن، جھڙو آبشار ! ترائين کي ڇڏي، لھوارين ۾ برساتي نالا اونھا نه ٿيندا آھن. نالي ۾ پيل پٿر چٽا نظر ايندا آھن. اھڙن ھنڌن تي پاڻي گوڏي جيترو مس ٿيندو، پر، پاڻيءَ جي وھڪري جي رفتار ڏسي دل جھلي نه سگھبي آھي.
    دلبر خان جي حجري مان فرار ٿيڻ کان پوءِ سندس پگھادارن جي لوڌ منھنجي ڪڍ لڳي پيئي ھئي. ڏينھن کي ڀل شينھن سڏجي ! پر، رات ماءُ جي ھنج وانگر پناھ ڏيندي آھي. مون زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ڏينھن کي ۽ ڏينھن جي روشنيءَ کي پنھنجو دشمن محسوس ڪيو. مون کي ائين لڳو، برساتي نالي جي ڪنارن سان بيٺل وڻ ٽڻ ڄڻ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جا ايجنٽ ھئا، ۽ موتمار ھٿيار کڻي منھنجو پيڇو ڪري رھيا ھئا.
    وھم ۽ گمان جي برعڪس، دلبر خان جا گماشتا سچ پچ منھنجي ڪڍ ڪاھي پيا ھئا. پٿرن ۽ ٽڪرن تان ٿڙندي ٿاٻڙندي مان اڌ منو ڪلاڪ کن ساھي پٽڻ کان سواءِ ڊوڙندو رھيس. نيٺ سھڪي پيس. ائين لڳو، وک کنيم ته ڦھڪو ڪري پاڻيءَ ۾ وڃي پوندس. سڄي رات جبلن تي برسات پيئي ھئي. برسات جي پاڻيءَ سان گڏ جبلن جي چوٽيءَ تان برف به رجي بيٺي ھئي. پاڻي جو زور ايڏو، جو بيٺل بند ڀڃي ڇڏي !
    ساھ مٺ ۾ ڪري مان ھڪ قديم بڙ جي ٿڙ پٺيان ويھي رھيس. سخت سيءَ جي باوجود منھنجي مٿي ۽ ڪنڌ تي پگھر اچي ويو ھو. سيني ۾ ساھ ائين پئي ھليو، ڄڻ ڌونڻي – پاڻيءَ جي گوڙ ۾ مون کي پنھجنجي ساھ مان سيٽيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، دل بدمست گھوڙي جي ٽاپن وانگر پئي ھلي.
    مون اکيون بند ڪري مٿو بڙ جي ٿڙ سان لڳائي ڇڏيو. آھستي آھستي سڀ ڪجھه جائيتو ٿيڻ لڳو. مٿي ۾ ڪنڌ تي آيل پگھر سڪڻ لڳو. ڌونڻيءَ وانگر ھلندڙ ساھ سانيتڪو ٿيڻ لڳو. دل گھوڙي جي سنبن مان نڪري آئي. تڏُھن، ڪا شيءَ منھنجي مُٺ ۾ برف وانگر ٺرڻ لڳي، ڇرڪ ڀري ڏٺم، دلبر خان جي حُجري مان کنيل ڪلاشنڪوف جو لوھ ٺري يخ ٿي ويو ھو.
    مون کي ڪلاشنڪوف کان وحشت ٿيڻ لڳي. سوچيم جھڙي نموني تيزيءَ سان منھنجون حالتون بدلي ٿي رھيون آھن، مون کي جيڪڏھن ڪلاشنڪوف سميت پڪڙي ورتائون، ته منٽن ۾ مون کي سنڌ جو ڪو بدنام دھشتگرد ثابت ڪري، ملڪي ۽ غير ملڪي اخبار نويسن آڏو پيش ڪندا، ۽ ڦاھيءَ جي ڦندي تائين پھچائي ڇڏيندا !
    ڪلاشنڪوف مان ھٿ ڪڍي ڇڏيم، عين ان وقت مون کي پنجن ڇھن ماڻھن جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو. ھو گھاٽن وڻن ۽ ٻوٽن پٺيان ھلندا پئي آيا. سندن ڳالھائڻ چٽو نه ھو.مون محسوس ڪيو، ھو منھنجي رخ ۾ وڌندا پئي آيا.
    بڙ جي ٿڙ وٽان ڪنڌ ڪڍي ڏٺم. ھو مون کي اھي ماڻھو محسوس ٿيا، جيڪي دلبر خان جي حجري ٻاھران بيٺا ھئا. ھنن جي ھٿن ۾ مختلف قسم جا ھٿيار ھئا، ڪلاشنڪوف، رائيفلون، روالور ۽ پستول !
    مون ڪنڌ ورائي پَٽ تي پيل ڪلاشنڪوف ڏانھن ڏٺو. ھيٺ جھڪي آھستگيءَ سان ڪلاشنڪوف کڻي ورتم. مون کي وحشت محسوس نه ٿي. ڪنبندڙ لڱن مان سياٽو دور ٿي ويو. مان ساھ روڪي بيھي رھيس. دلبر خان جا ڇاڙتا بڙ جي ٻئي پاسي کان اڳتي نڪري ويا.
    مان منجھي پيس. پوئتي موٽڻ محال ھو. اڳتي وڌڻ موت جي منھن ۾ وڃڻ برابر ھو ! ھو چاريئي، پنجيئي ڄڻا شڪل شبيھه مان قاتل پئي لڳا. دلبر خان ۽ ڪشمير خان ثابت ڪري ڏيکاريو ھو ته ڪلاشنڪوف آڏو قلم جي ڪا به حيثيث نه آھي. اُھو ڏاھو الائي ڪير ھو، جنھن چيو ھو ته قلم ھر حال ۾ تلوار کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو آھي ! اُن ڏاھي عمر ۾ تلوار نه ڏٺي ھوندي ۽ جيڪڏھن ڏٺي ھوندي، ته ڪنھن ميوزيم ۾ ڏٺي ھوندي. ڪنھن قاتل جي ھٿ ۾ تلوار يا بندوق ڏسي اُھو ڏاھو ھرگز نه چوي ھا ته قلم تلوار کان طاقتور ٿيندو آھي ! ڪلاشنڪوف تي منھنجي گرفت مظبوط ٿي ويئي. جيتوڻيڪ مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن غليل به نه ھلائي آھي. سوچيم، جيڪڏھن منھن مقابل ٿيا، ته برسٽ ھڻي پنجن ئي کي ڍير ڪري ڇڏيندس ! ۽ پوءِ؟ انديشا اٿلي پيا.
    سوچيم، ڪلاشنڪوف ھلڻ جا آواز ٻڌي اسلام آباد پوليس جا جانٺا جوان برساتي نالي کي ورائي ويندا. گھيرو تنگ ڪندا ۽ نيٺ مون کي اچي سوگھو ڪندا ! منھنجي ھٿ ۾ ڪلاشنڪوف ڏسي، مون کي ثبوت سميت دھشتگرد سمجھي ظاھر ڪندا ! انصاف ثبوت جي گھوڙين تي بيٺل ھوندو آھي. گھوڙيون ڪڍي وٺوس، ڦھڪو ڪري، ڪري پوندو. ثبوت جون گھوڙيون ڏيئي ڇڏيوس، پوءِ ملزم کڻي ماءُ پيٽان ڄاول ٻار وانگر بيگناھ ڇو نه ھجي، انصاف نھايت ايمانداريءَ سان کيس ٽنگي ڇڏيندو !
    مون کي گلاب گونگي کي دھشتگرد ثابت ڪرن لاءِ ھن ڪلاشنڪوف کان وڌيڪ پوليس کي ٻيو ڪھڙو ثبوت گھرجي ! مون غور سان ڪلاشنڪوف ڏانھن ڏٺو. اڳيان جھنگ ڏٺم، جنھن ۾ دلبر خان جا گماشتا ڪاھي پيا ھئا. برساتي نالي جي آبشار جھڙي وھڪري ڏانھن ڏٺم. سوچيم ھيءَ برساتي نالو لنگھي جيڪڏھن ٻئي پار پھتس گھڻي ڀاڱي بچي ويندس. برساتي نالي جي ٻئي پاسي سيڪٽر ڏھون آھي. سيڪٽر ڏھين ۾ وک وک تي جايون ٺھي رھيون آھن. سوچيم ٺھندڙ جاين جي اوٽ ۾ مان اڳتي نڪري ويندس، ۽ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي ڇاڙتن کان بچي ويندس.
    ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان بڙ جي ٿڙ پٺيان نڪري، برساتي نالي جي ڪپ تي وڃي بيٺس. پاڻيءَ ۾ پير وڌم ته ڇرڪ نڪري ويو. پاڻي اھڙو يخ، جھڙي برف، جتان نالو پار ڪرڻ پئي چاھيم، اتي پاڻي چيلھه جيترو مس ھو، پر برف جھڙو، ۽ تيزيءَ سان وراڪو کائي پئي وھيو – وراڪي وٽ ست اٺ فٽ کن اوچي ٽڪري ھئي. ٽڪريءَ جي اوٽ مان نڪري برساتي نالو پار ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيم. بوٽ لاھي ھٿ ۾ کنيم. ٻئي ھٿ ۾ ڪلاشنڪوف. دل پڪي ڪري برف جھڙي يخ پاڻيءَ ۾ لھي پيس. اول پاڻي مُري جيترو ھو. اڳتي وڌيس ته پاڻي گوڏي جيترو ھو، وچ ۾ وھڪري ۾ پھتس ته پاڻي ڪٿي چيلھه جيترو ۽ ڪٿي سيني جيترو ھو. سوچيم، جيڪڏھن ٻن ٽن منٽن ۾ پاڻيءَ مان نڪري پار نه پھتس ته ڄمي، پاڻيءَ جي وھڪري ۾ وھي ويندس.
    سموري سگھه سان وڄ وانگر وھندڙ ۽ گوڙ ڪندڙ پاڻيءَ مان نڪري نالي جي ٻئي پاسي پھتس. سيءَ جي باوجود سھڪي پيس. ٻوٽن ۾ لڪي ويھي رھيس. سڪل پنن سان پير سڪائي بوٽ پائي ڇڏيم. واچ ۾ وقت ڏٺم، ٻه پئي ٿيا. سياري ۾ سج ساڍي چئين لڳي ڌاري لھي ويندو آھي. سوچيم، ان کان اڳ جو برساتي نالي جي ڀَر ۾، ۽ جھر جھنگ ۾ سج لھي وڃي، مان ھتان نڪري وڃان، ۽ سيڪٽر ڏھين جي وسندين ۾ وڃي پھچان.
    مون پويون دفعو غور سان ڪلاشنڪوف ڏانھن ڏٺو، ۽ پوءِ ڦيرو کائي، ٻانھن اُڀي ڪري، ڪلاشنڪوف کي ورائي برساتي نالي ڏانھن اڇلايم. ڪلاشنڪوف ھوا ۾ قلابازيون کائيندي، اول ست اٺ فٽ اوچي ٽڪري کي لڳي، ۽ پوءِ پٿرن، ٽڪرن سان لڳندي، وڏي آواز سان، پاڻيءَ ۾ وڃي پيئي.
    اوچتو، دلبر ۽ ڪشمير جا ڇاڙتا جھنگ مان نڪري آيا. ٻئي پاسي کان مون تي نظر پين ته ھٿيار سڌا ڪري گولين جو وسڪارو شروع ڪري ڇڏيائون. مان ھڪدم ڌرتيءَ تي ليٽي پيس. ان ڊپ کان ته ھو پيڇو ڪندا، برساتي نالو پار ڪري مون ڏانھن ھليا نه اچن، مان تڪڙو تڪڙُ ريڙھيون پائيندو گھاٽن، وڻن ۾ وڃي پھتس. ان وچ ۾ پنجيئي ڄڻا گوليون ھلائيندا رھيا.
    گھاٽن وڻن ۾ پھچي ساھ ۾ ساھ پيو ۽ سانت ۾ آيس. مان آھستي آھستي سيءَ ۾ ڪنبندو سيڪٽر ڏھين ڏانھن وڌڻ لڳس. سوچيم سج چڙھڻ کان اڳ جھنگ مان نڪري ڪنھن لالي جي ٻاڪڙا ھوٽل ۾ چُلھه تائين نه پھتس، ته مري ويندس.
    وڻن ٽڻن مان وچڙندو، ڪنبندو ٿاٻا کائيندو، مان برساتي نالي جي جھنگ مان ٻاھر نڪري آيس. سڏ پنڌ تي مزدورن جي ھوٽل ھئي، جنھن ۾ باھ جو مچ پئي ٻريو. ذري گھٽ ڊوڙندو، مان مچ جي ڀرسان وڃي ويھي رھيس. ٻئي ھٿ اڳتي ڪري ڄڻ ٽانڊن ۾ ڏيئي ڇڏيم. باھ کي ايترو ويجھو ٿي ويس، ڀانءِ اُلن کي ڀاڪر ۾ پئي ڀريم.


    12

    ڀڄندي، ڊڪندي، دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي ڇاڙتن کان لڪندي مان ٿڪي پيو ھوس. سيءَ کان ڪنبندي ٻاڪڙا ھوٽل ۾ مَچ آڏو اچي بيٺس ته ائين لڳو، ڄڻ مان ھڪ جنم کان ٻئي جنم تائين ڊوڙندو رھيو آھيان، لڪندو رھيو آھيان، موت منھنجو پيڇو ڪري رھيو آھي، ۽ زندگي لمحن جي ڪشڪول مان ڪري رھي آھي، حياتي ھارايل جنگ جي ميدان ۾ ختم ٿي رھي آھي !
    مون کي اھڙي نموني مچ آڏو ويٺل ڏسي، ٻاڪڙا ھوٽل ۾ موجود مزور ڏاڍو حيران ٿيا. ڪجھه مزورن مون کي مجذوب سمجھيو، ۽ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳا. ھڪڙي مزور چيو، ' مچ آڏو ائين ويٺو رھيو ته ڪجھه دير کانپوءِ ڪباب ٿي ويندو.'
    مان مچ آڏو ھٿ سيڪي، تريون مھٽيندو رھيس. سيءَ جو سيڙاٽ منھنجي وجود مان دور ٿيڻ لڳو.
    ٻئي مزور پنھنجي ساٿي مزور کان پڇيو، ' ڪير آھي اڳ ته ھن کي ھتي نه ڏٺو اٿئون؟ '
    جواب مليس، ' شايد پرديسي آھي. '
    مون ڪنڌ ورائي ان مزور ڏانھن ڏٺو، جنھن مون کي پرديسي سڏيو ھو. دل چاھيو ته چوانس، ھا مان پرديسي آھيان. ھڪ اھڙو پرديسي، جنھن کي پنھنجي ديس متعلق ڪا خبر نه آھي. منھنجو ديس ڪٿي آھي ! منھنجو وطن ڪٿي آھي؟ ھيءَ منھنجو وطن آھي، ته پوءِ شايد مان پنھنجي وطن ۾ جلاوطن آھيان. ھيءَ منھنجو وطن ڪھڙي قسم جو وطن آھي، جنھن ۾ سياسي، سماجي، ۽ اعلي رتبن تي قابض ڪوريئڙن پنھنجا اڻ ڏٺا ڄار مھارت سان پکيڙي ڇڏيا آھن. مان ڪوريئڙن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آھيان. مان پنھنجي جيئدان لاءِ ڦٿڪي رھيو آھيان. اسلام آباد جو ھيءُ ھيڏو سارو شھر منھنجي لاءِ قبرستان ڇو ٿي پيو آھي؟
    مون اسلام آباد ۾ بنگالين جي ڇڏيل ملڪيتن ۽ پلاٽن تي قبضو ڪرڻ جو ارادو نه ڪيو آھي. مون کنڊ جي ڪارخانن جي پرمٽ وٺي ھڪ ڪروڙ رپين ۾ وڪڻڻ جو سٽل نه سٽيو آھي. مون پنھنجي لاءِ پرڏيھي ناڻي جي مٽاسٽا واري اسڪيم پٺيان سمگلگ جو پروگرام نه ٺاھيو آھي. مان مولائي ملنگ مڙس آھيان. مون ڏائڻ سان محبت ڪئي آھي. مون کي ڏائڻ جي فعلن سان ڪو واسطو نه آھي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته مان اسلام آباد ۾ پنھنجي مرضي سان نه آيو آھيان. روھڙي شريف ۾ منھنجي مائٽن مون کي اسلام جي ڳولا لاءِ اسلام آباد موڪليو ھو. اھو درست آھي ته اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ واري مھم ۾ مان ناڪام ٿيو آھيان. پر، مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي. مون اسلام آباد ۾ فقط اسلام کي تلاش ڪيو آھي، ۽ ڏانئڻ سان عشق ڪيو آھي.
    مچ جي سيڪ تي پسيل ڪپڙا سڪڻ لڳا. مان وک کن مچ کان پري ٿي ويٺس. سڄي ڏينھن جي بُک اُڃ تي ھوس. کيسي ۾ ڪجھه پيسا ھئا. مون ٻاڪڙي واري کي دودھ پتي لاءِ چيو، ٻاڪڙي واري پڇيو، ” ڪلچو کائيندين؟“
    مون ڪجھه تعجب وچان ھن ڏانھن ڏٺو. ھُن شايد منھنجي حالت مان اندازو لڳائي ورتو ھو ته مان بک اڃ تي ھوس، ۽ شايد بيمار به ھوس. ٻاڪڙي وارو دوڌ پتيءِ سان گڏ ڪوپ ۽ ڪلچو کڻي آيو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي چيائين، ”” ميز ڇڪي وٺ.“
    منھنجي پاسي کان، ڪجھه ڀرڀرو ڪاٺ جي تختيءَ کي سڪل وڻ مان پٽيل چار ٽنڊيون ٽاريون ڪوڪن سان ٺوڪيل ھيون. اھا شيءِ ميز ھئي. مون ھٿ وڌائي ميز ڇڪي ورتي. دود پتي سان ڀريل ڪوپ ۽ ڪلچو ھن ميز تي رکي ڇڏيو.
    پڇيائي، ” ٻاھران آيو آھين؟“
    دود پتيءِ جي سپ ڀريم. چيم، الائي
    کلي پيو. چيائين، ” منھنجو مطلب آھي، اسلام آباد جو رھاڪو آھين، يا ڪٿان ٻاھران آيو آھين.“
    ڪلچي جو ٽڪر وات ۾ وجھي دود پتيءِ جي سرڪي ڀريم. چيم، ” اسلام آباد جو رھاڪو آھيان.“
    ” ڇا ڪندو آھين؟“، ھن پڇيو، ۽ موڙو سوري منھنجي ڀرسان ويھي رھيو. اھڙي نموني ھن جو ڀرسان ويھڻ مون کي نه وڻيو. ڪجھه کھري لھجي ۾ کيس چيم، ” تون سي آءِ ڊيءَ وارن جو ايجنٽ آھين ڇا؟ “
    ” نه، نه يار ناراض نه ٿي.“ ھن ڦڪو ٿيندي چيو، ” ان لعنت کان خدا شل مون کي پنھنجي امان ۾رکين.“
    ڪلچو کائيندي پڇيم، ” ته پوءِ سي آءِ ڊيءَ وارن جھڙو سوال ڇو ٿو پڇين؟ مان ڪير آھيان، ڪٿان آيو آھيان، ڇو آيو آھيان، ان ۾ تنھنجو ڇا؟ پڪ ڄاڻ ته تو کي ڪلچي ۽ دود پتيءَ لاءِ ڏيڻ جيترا پيسا منھنجي کيسي ۾ آھن، اچي وٺ.“
    مون کيسي ۾ ھٿ وجھي ڏھين رپئي جو آلو نوٽ ڪڍي ٻاڪڙا ھوٽل واري جي ھٿ تي رکيو. ھو منھنجي اھڙي رويي لاءِ قطعي تيار نه ھو. اٿي، ھڪدم پري ھليو ويو. ڏھين رپئي مان دود ۽ ڪلچي جا پيسا ڪٽي، باقي بچت مون کي آڻي ڏنائين. ڳڻڻ کانسواءِ مون پيسا کيسي ۾ وجھي ڇڏيا.
    ھن چيو، ” سامھون، کاٻي طرف، جيڪي بنگلا ٺھي رھيا آھن انھن جو ٺيڪيدار منھنجو دوست آھي. ھن کي اڪثر اھڙن مزورن جي ضرورت رھندي آھي. جيڪي گھر گھاٽ ڇڏي نوڪريءَ جي تلاش ۾ اسلام آباد ھليا ايندا آھن.“
    ” ڇو اھڙا مزور ٻيڻو ڪم ڪندا آھن ڇا؟ “ پڇيم.
    وراڻيائين، ” اھڙا مزور ٺيڪدار حاجي مسڪين جي ٽيم جا ميمبر ٿي پوندا آھن، ۽ ھڪ ئي وقت مختلف بنگلن تي ڪن ڪندا آھن. تون حاجي مسڪين لاءِ ڪم ڪندين؟ “
    پڇيم، ” تون ڪڏھن ٽيليفون ڪئي آھي؟“
    وراڻيائين، ”ھا.“
    چيم، ” تون رانگ نمبر تي ڳالھائي رھيو آھين.“ منھنجو لھجو ھن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪافي ھو.
    تڏھن، مونکي اوچتو چارڻ چرئي جو خيال آيو. سوچيم، جيڪڏھن ھو دلبر خان جي وڙ چڙھي ويو، ته پوءِ مون کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ دلبر خان چارڻ کي پاڻ وٽ يرغمال ڪري ڇڏيندو.
    مان ڇرڪ ڀري اٿي بيٺس. ٻاڪڙي واري کان پڇيم، ” ھتي ڪا ٽيليفون آھي؟“
    ” ھا.“ چيائين، ” سامھون ٽانڪيءَ جي پرئين پاسي، عباس مارڪيٽ آھي، اتان تو کي فون ملي ويندي.“
    مان عباس مارڪيٽ ڏانھن روانو ٿي ويس.
    عباس مارڪيٽ ۾، اٺن،ڏھن دڪانن جي درميان پبلڪ ڪال آفيس ھئي. سج لھي ويو ھو. سيءُ ماحول ۾ ڪاھي پيو ھو. مون مراد ٺاٺاري جي گھر جو نمبر ملايو. ڪجھه دير تائين فون جي گھنٽي وڄندي رھي. ڪافي دير کانپوءِ ڪنھن رسيور کنيو، ۽ چيو، ” ھلو، ھلو.“
    مون ھڪدم آواز سڃاڻي ورتو. مراد ٺاٺاري جو جڳ مشھور نوڪر نورل ڳالھائي رھيو ھو.
    کيس چيم، ” نورل، مان جوڳي پيو ڳالھايان، ٺاٺارو آھي؟ “
    ” ھا، سائين آھي، ڇو نه آھي.“ نورل چيو، ” مان اجھو ٿو سڏي اچانس. “
    مون کي ھولڊ ڪرائي نورل ھليو ويو. ڪافي دير کانپوءِ رسيور مان روئڻ ھارڪو آواز آيو، ” سائين، مراد صاحب ڪيڏانھن ھليو ويو آھي.“
    ” اڙي ! ھينئر جو چيو ھيئه ته ويٺو آھي ! “
    ” سائين، ڪارو منھن ڪيو ھيم.“
    ” ڪيڏانھن وڃڻ جو بھانو ڪيو اٿائين؟“
    مون کي خبر ڪونھي. مون کي فقط ايتري خبر آھي صاحب گھر تي ڪونھي.“
    ” گھر تي ڪونھي، يا گھر ۾ ڪونھي؟“
    ” اسان حڪم جا بندا، جيئن حڪم ملندو، تيئن طوطي وانگر ڳالھائينداسين.“
    ” ٺيڪ آھي، نورل.“
    ” سائين، ان ۾ منھنجو ڏوھ ڪونھي.“
    ” مون کي خبر آھي.“
    رسيور رکي مان سوچ ۾ پئجي ويس. چارڻ کي روڪڻ لازمي ٿي پيو ھو. ٻيو ڪو چاڙھو نه ڏسي، پاڻ چارڻ ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيم. سيڪٽر ڏھين ۾ اڃا اسٽريٽ لائيٽون نه لڳيون آھن. ھوءَ به گھاٽن وڻن سبب اسٽريٽ لائيٽون اوندھ ۾ ڪو خاص ٻوٽو نه ٻارينديون آھن. پشاور موڙ ڏانھن ويندڙ ويگن ۾ سوار ٿيس.
    ويھڻ خاطر ويگن ۾ ويھي ته رھيس، پر ھر شخص مون کي سادن ڪپڙن ۾ پوليس جو سپاھي يا گماشتو پئي لڳو. سيڪٽر ڏھين کان پشاور موڙ تائين پندرھن منٽن جو سفر اينگھجي ڄڻ ڪلاڪن ۾ بدلجي ويو. ان وچ ۾ ھڪ گھڙي اھڙي به آئي، جڏھن محسوس ڪيم ته منھنجو سفر ڪڏھن ختم نه ٿيندو، پشاور موڙ تائين پھچڻ کان اڳ مان پڪڙجي پوندس.
    ڪنڊيڪٽر مون کي ٻانھن کان جھلي ڌونڌاڙيو. چيائين، ” سمھي پيو آھين ڇا ! “
    مون ڇرڪ ڀري ڏانھنس ڏٺو.
    ٻيھر چيائين، ” پشاور موڙ اچي ويو آھي.“
    ڪنڊيڪٽر ڏانھن ڏسندي مان ويگن مان لھي، ھڪدم ھارڊويئر دڪانن جي مارڪيٽ ڏانھن روانو ٿي ويس. بتين کان بچندي، پاڇن مان ھلندي، مان پشاور موڙ جا رستا لتاڙي، ڪراچي ڪمپنيءَ جي فليٽن جي رخ ۾ وڃي پيس. چارڻ چريو اسان واري ساڳي بلاڪ ۾ گرائونڊ فلور تي چئن پنجن ساٿين سان رھندو آھي.
    مان لڪندو ، ڇپندو، ڊي بلاڪ جي سامھون وڃي بيٺس. وڻن جي اوٽ وٺندي مان چارڻ جي فليٽ ڏانھن وڌڻ لڳس. پوئين پاسي کان سندس رڌڻيءَ جي دريءَ وٽ وڃي بيٺس. دودو بورچيخانيءَ ۾ بيٺو ھو، ۽ چانور پچائي رھيو ھو. مون کيس آھستي سڏ ڪيو، ” دودا.“
    منھنجو آواز ٻڌي دودي کان ڇرڪ نڪري ويو. مون کي دريءَ وٽ بيٺل ڏسي کيس ڪنبڻي وٺي ويئي.
    کانئس پڇيم، ”چارڻ ڪٿي آھي؟“
    ” ھليو وڃ، ھليو وڃ ! “ دودي بورچيخاني جي بتي وسائي ڇڏي. چيائين، ” ڪالھه کان پوليس چار دفعا تنھنجي ڳولا ۾ ڇاپا ھڻي چڪي آھي. ھينئر به سادن ڪپڙن ۾ سپاھي ھيڏانھن ھوڏانھن بيٺا آھن. ڀڄي وڃ.“
    کانئس وري پڇيم، ” چارڻ ڪٿي آھي؟ “
    چيائين، ” چارڻ منجھند مھل تو سان ملڻ لاءِ روانو ٿي ويو ھو. اڃا تائين نه موٽيو آھي.“
    ڄڻ اوچتو سڄي شھر جو بتيون وسامي ويون،
    دل ۾ چيم، ” ھينئر چارڻ وري ڪڏھن نه موٽندو.“
    مان اوندھ جي سمنڊ ۾ ڪاھي پيس.


    13

    اوندھ مون اڳ به ڏٺي ھئي. اوندھ ۾ مو اڳ به سفر ڪيو ھو. پر، مون کي قطعي احساس نه ھو ته اوندھ جتي پناھ وانگر اسان کي اوکي وقت ۾ ڀاڪر ۾ ڀريندي آھي. اُتي مايوسين، پريشانين ۽ ذلتن جي لوڏ اسان جي ڪڍ ڇڏي ڏيندي آھي. اوندھ ۾ چارڻ جي گھر وٽان پٺئين پير ڀاڄ کائيندي، مون محسوس ڪيو ھي دنيا تمام تنگ، ننڍڙي ۽ محدود آھي. خونخوار بگھڙ منھنجي ڪڍ لڳل آھن. اوندھ ۾ ھزارين چمرا ۽ چٻرا منھنجي مٿان لامارا ڏيئي رھيا آھن. رڙين ۽ چيٽن جا آواز ھر آواز کائي ويا آھن. مان ڊوڙي رھيو آھيان. موت منھنجو تعاقب ڪري رھيو آھي. دلبر خان جي حجري مان فرار ٿيندي، مون ان ڏينھن شينھن کي ننديو ھو. کيس پاراتو ڏنو ھو. رات جي ھنج ۾ روپوش ٿيڻ ائين ھو، ڄڻ ڏائڻ جي ٻانھن ۾ پناھ وٺڻ. سگھه منھنجو ساٿ ڇڏڻ لڳي. ڀڄندي، ڊڪندي سوچيم، فرار جي راھن ۾ ڊوڙندي دوڙندي، ٿڪجي، نستو ٿي مان ڪري پوندس. موت ڳجھه وانگر پنھنجا چنبا منھنجي سيني ۾ کپائي، پنھنجي ترار جھڙي تيز چھنب سان منھنجي دل ڪڍي ھليو ويندو. مان رڙين ۽ چيٽن جي وچ ۾ خونخوار بگھڙن جو کاڄ ٿي ويندس !
    جي – نائين سيڪٽر جي مرڪز ۾ لوڊشيڊنگ ھئي. مان دڪانن،ھوٽلن ۽ ٻاڪڙن جي موم بتين واري ميرانجھڙي روشنيءَ کان بچندو، بند ٿيل بينڪ وٽ پھتس.
    چوڪيدار رڙ ڪئي. خبردار !
    مان بيھي رھيس.
    ھو پنھنجي قديم دونالي بندوق کڻي مون ڏانھن وڌندو آيو. ڪجھه پريان ٽارچ ٻاري روشني منھنجي منھن تي ھنيائين. مون کي سڃاتائين ته عجيب لھجي ۾ ڳالھايائين ؛
    ” اڙي لالا جوڳي ! تون، تون آھين؟“
    مون لالي چوڪيدار کي چيو ” لالا، گولي نه ھلائجانءِ ! “
    ” اورتي آءُ، اورتي آءُ ! “ لالي چوڪيدار چيو ، ” ڏاڪڻ جي ھيٺان منھنجي کٽ تي وڃي ويھي رھ.“
    بينڪ ڏانھن ويندڙ ڏاڪڻ جي ھيٺان لالي جي کٽ تي مان وڃي ويھي رھيس. اوندھ ۾ نظر نه پئي آيو. محسوس ڪيم ته کٽ جي ڀرسان پاڻيءَ جي گھگھي رکي ھئي. مون جست جي گلاس ۾ پاڻي وجھي، سيءَ جي باوجود، ھڪ ڳيت سان ڳڙڪائي ويس. سيني ۾ ڄڻ خوف جي سر لھي ويئي. ٽيوب ويل جي موٽر وانگر ھلندڙ دل ھڪ لمحي لاءِ بيھي رھي. اکين آڏو ترورا آيا. مان لالي جي کٽ تي ليٽي پيس.
    لالو ھليو آيو. جھيڻي آواز م پڇيائين، “ لالا جوڳي ! ڪھڙي چڪر ۾ پئجي ويو آھين؟ پوليس تنھنجي ۽ گلاب جي چڪر ۾ ڇو پئجي وئي آھي؟ ڇا ڪيو اٿو؟ “
    ان کان اڳ جو سامت ۾ اچان ۽ لالي کي ڪو جواب ڏيان، لالي پڇيو، ” فليٽ تي ڪان رَن روڳڙي آندي ھُيو ڇا؟“
    مان اُٿي ويھي رھيس.
    پڇيائين، ” ڪنھن کان قرض وٺي کائي ويا آھيو، ڇا؟ “
    دل ڄڻ خاموش جي اوڙاھ ۾ لھي ويئي ھئي.
    لالو چوڪيدار پوءِ، پنھنجي سوالن جا پاڻ ئي جواب ڏيڻ لڳو، ” ته جوڳي لالا! نه، اھو ممڪن ئي نه آھي. مون کي ته ڪو سياسي چڪر ٿو لڳي. مون کي ڇا، بيدن ڊبل روٽين واري احمد جو به اھو ئي خيال آھي ته ڪو سياسي چڪر آھي. ڪيئن ! “
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” نه “
    ” ڇا ! “ ڏاڍو حيران ٿيو. پڇيائين، ” ته ڇا، رَن روڳڙي واري ڳالھه سچي آھي؟ “
    چيم ” نه، لالا نه.“
    وائڙو ٿي ويو. چيائين، ” رن روڳڙي جو چڪر به ناھي، سياسي چڪر به ناھي ته ڇا قرض جو چڪر آھي.“
    چيم، ” نه “
    مٿو کنھندي پڇيائين، ” ته پوءِ معاملو ڇا ھي؟ “
    ” الائي ڇاھي، لالا“ چيم، ” ھن وقت مون کي گلاب گونگي جو فڪر آھي.“
    ” فڪر جھڙي ڳالھه به آھي.“ لالي چيو، ” ويچاري کي ڏاڍو ماريو اٿائون.“
    ٻئي ھٿ سندس ٻانھن ۾ وجھي ڇڏيم. پڇيم، ” تو کي ڪنھن ٻڌايو؟“
    ” چارڻ آيو ھو “ لالي چيو، ” چارڻ کي صحافين ٻڌايو ھو.“
    ڏک وچان پڇيم، ” ڏاڍو ماريو اٿائونس؟ “
    ” ھا “ لالي وراڻيو، ” چيائين پئي ته ھڪ اک سوڄ سبب ڪاري ٿي ويئي ھيس، ۽ مٿي ۽ ٻانھن تي پٽيون ٻڌل ھئس. “
    مون کٽ تي مڪ ھڻندي چيو، ” صحافين مان ڪنھن پوليس کان نه پڇيو ته گلاب زخمي ڇو ھو.“
    چوڪيدار ڏاڍي ٺٺولي وچان کليو، چيائين، ” لالا جوڳي تون به ڪو درويش آھين. مون اڻ پڙھيل ڄٽ کي به خبر آھي ته پوليس ملزم کي ماري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ثابت ڪندي آھي ! گلاب ته اڃا جيئرو آھي.“
    چيم، ” ھا لالا، صحافين کي ٻڌايو ھوندائون ته گرفتاري کان بچڻ لاءِ پوليس سان ويڙھ ۾ زخمي ٿي پيو آھي؟“
    ” مون چارڻ کان ڏاڍو پڇيو “ چوڪيدار چيو، ” پر ھن ڪجھه نه ٻڌايو. آخر اصلي معاملو ڪھڙو آھي؟ “
    چيم، ” معاملو غلط فھمي جو آھي. ان کان اڳ جو ڳالھه وڌي وڻ ٿي پوي، اسان کي ھڪ وڪيل ڪرڻو آھي.“
    ” پوليس تنھنجي ڪڍ لڳل آھي.“ چوڪيدار چيو، ” تون وڪيل تائين ڪيئن پھچندين؟“
    ” ھا، اھائي ڳالھه آھي.“ پنھنجي ساءِ چيم، ” اھائي ته ڳالھه آھي، جنھن منجھائي وڌو آھي.“
    ڪجھه دير تائين لالي نه ڳالھايو.
    مون ڳالھايو، کانئس پڇيم، ” لالا، پوليس منھنجي ڳولا ۾ آھي، پاڻ وٽ ويھاريندين ڊپ نه ٿو ٿيئي؟“
    ” ڊپ ڇا جو جوڳي لالا، چوڪيدار چيو، ” آزاد قبائل ھتان پري ته ناھي ! مون سان کٽ پٽ ڪيائون ته سندن ٽڪي جھڙي دونالي بندوق اڇلائي ھتان ھليو ويندس.“
    ان وقت مون کي پنھنجو سنگتي، پنھنجو ساٿي مراد ٺاٺارو ڏاڍو ياد آيو. سوچيم، ٺاٺارو جيڪر لالي جو جملو ٻڌي وٺي، ھڪ دفعي لاءِ ! فقط ھڪ دفعي لاءِ !
    ” ڳالھه ٻڌ، جوڳي لالا “ چوڪيدار چيو، ” تون سنڌ ڇو نه ٿو ھليو وڃين؟ “
    ٿڌو ساھ کنيم، ۽ کانئس پڇيم، ” رڻ ۾ گم ٿي ويل راھن بابت ڪجھه ٻڌو اٿي؟“
    وراڻيائين، ” مان جبلن جو رھاڪو آھيان، رڻ جي باري ۾ ڇا ڄاڻان ! “
    ڳالھايم ته چوڪيدار سان پئي، پر مخاطب ڄڻ پاڻ سان ھوس. چيم، ” رڻ ۾ راھون گم ٿي وينديون آھن. مسافر اڃ وگھي رڃ پٺيان ڊوڙندي اجل جي وڙ چڙھي ويندو آھي. مان رڻ ۾ ڊوڙي رھيو آھيان. تون ڇا ٿو سمجھين، سنڌ آزاد قبائل آھي؟
    چوڪيدار تعجب وچان مون ڏانھن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، اوندھ ۾ منھنجي چھري تي تري آيل تڪليف جون ريکائون ھو ڏسي نه سگھيو..
    چيم، ” اول ھتان بچي نڪري وڃڻ مون کي محال ٿو نظر اچي، ۽ جيڪڏھن بچي نڪري ويس. سنڌ ۾ پير پائڻ شرط پڪڙجي پوندس.“
    ” پر، تو ڪيو ڇا آھي ! “ لالي پڇيو، ” ڪنھنکي قتل ڪيو اٿئين؟“ يا گلاب ڪنھن کي گولي ھڻي ڪڍي آھي؟ معاملو ڇا آھي؟“
    ” ھڪ وڪيل جي ضرورت آھي، لالا “ چيم، ” گرفتاري کان اڳ ضمانت جي ضرورت آھي.“
    لالو ڪجھه دير تائين سوچيندو رھيو، پوءِ چيائين، ” ڪنھن وڪيل کي سڃاڻين؟“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”نه “. ڏاڙھي کنھندي پڇيائين، ” ڪو اھڙو دوست جيڪو وڪيل جو واقفڪار ھجي؟“
    دل ۾ سوچيم، ڊگريون ڌوڙ جون گڏ ڪيون اٿم، اسان کان ته اڌ اکري چوڪيدار ڀڙ آھي !
    مختلف دوستن ۽ واقفڪارن جي باري ۾ سوچيم. ڦري گھري مراد ٺاٺاري جو نالو ذھن تي تري پئي آيو. ھر دفعي کيس رد ڪري پئي ڇڏيم. سوچيم، ڪجھه به ٿي پوي، مراد ٺاٺاري کان ڪنھن به قسم جي مدد نه وٺندس. ۽ برپٽ صحرائي؟ برپٽ صحرائي ويچارو بيوس قسم جو دوست آھي. سنگت ۾ سر ڏيئي ڇڏيندو، پر ڪا مدد ڪري نه سگھندو. معصوم قسم جو ماڻھو آھي – پوءِ؟
    تڏھن مون کي اوچتو ڏائڻ جو خيال آيو.
    ” ڪمال آھي !“ لالي چيو، ” تنھنجو ڪو به اھڙو دوست ڪونھي ! جنھنجي واقفيت وڪيل سان ھجي !“
    ” آھي، ڇو نه آھي.“ چيم، ” پر موجوده حالتن ۾ ھن تائين پھچڻ ناممڪن آھي.“
    ” واھ “ لالي چيو، ” ھن جو ٽيليفون نمبر ياد اٿئي؟“ پھريون دفعو سڪل چپن تي مرڪ تري آئي، چيم، ” سندس ٽيليفون نمبر منھنجي دل تي لکيل آھي.“
    ” ھليو اچ “ لالي ور مان چاٻيون ڪڍنڍي چيو، ” بينڪ مان ھلي فون ڪرينس.“
    مون اجرچ وچان لالي ڏانھن ڏٺو. اھڙو مڙس ماڻھو مون زندگي ۾ ورلي ڏٺو ھو. ” لالي چيو سوچين ڇا پيو، ھليو اچ.“
    مان لالي سان گڏ بينڪ جي بند دروازي سامھون وڃي بيٺس.


    14

    بينڪ جي ورانڊي ۾ لڳل ٽيوب لائيٽ جي روشني کان بچڻ لاءِ مان ھڪ ٺلھه جي اوٽ ۾ بيٺس. چوڪيدار بينڪ جي ٻاھرين در جو تالو کوليو. اندر ھليو ويو. بتي نه ٻاريائين. مونکي سڏ ڪيائين، ” جوڳي لالا، ھليو آءُ ! “
    تکي وک کڻي مان بينڪ ۾ داخل ٿيس. لالي چوڪيدار چيو، ” مان ٻاھر ٿو وڃي بيھان، تون مينيجر جي ڪمري مان دوست کي فون ڪر.“
    چوڪيدار ٻاھر ويندي ويندي بيھي رھيو. منھن ورائيندي چيائين، ” مان ٻاھران در کي تالو ھڻي ٿو ڇڏيان.“ منھنجو ساھ وڃي پيرن ۾ پيو. سوچيم، لالو دوکو ته نه پيو ڪري !
    لالي چيو، ” ڳالھائي وٺين ته اندران ھي در کڙڪائجانءِ. ٺيڪ آھي نه؟“
    چيم، ” ھا ٺيڪ آھي.“
    لالو ٻاھر ھليو ويو. در کي تالو ھڻي ڇڏيائين.
    مان اتي ئي بيٺو رھيس. سوچيندو رھيس ته ھو منھنجي لاءِ ايترو ڪجھه ڇو ڪري رھيو آھي . ڪھڙي لالچ اٿس مون ۾ ! مون کي پڪڙڻ يا مارڻ واري لاءِ اڃا ته ڪا به رقم نه رکي اٿائون ! ھو ائين ڇو ڪري رھيو آھي؟ ھو ڇا ٿو چاھي؟ ايتري ۾ مون ٻيھر تالو کلڻ جو آواز ٻڌو. تالو کولي لالو اندر آيو. مون کي اتي جو اتي ڏسي حيران ٿيو. چيائين، ” لالا جوڳي، تون اڃان اتيئي بيٺو آھين.“
    ” جي ! ھا، ھا. اتيئي بيٺو آھيان. ” ڳالھائڻ لاءِ لفظ نه پئي مليا.“
    چيائين، ” شايد سوچي رھيو آھين ته بتيون ٻاريان، يا نه ٻاريان. ڪيئن؟ “
    ھڪدم وراڻيم، ” برابر، برابر.“
    ” اچي، وٺ “ ھن پنھنجي ٽارچ مون ڏانھن وڌائيندي چيو، ” رات جي وقت بتي ٻارڻ ٺيڪ ناھي، تون ٽارچ ٻاري ڪجانءِ. ٺيڪ آھي؟“
    ٽارچ وٺندي چيم، ” ھا، ٺيڪ آھي.“
    چيائين، ” سامھون وارو ڪمرو مينيجر جو آھي.“
    چوڪيدار ٻاھر ھليو ويو.
    ٻاھران در کي تالو ھڻي ڇڏيائين.
    مان اوندھ ۾خبرداري سان ھلندو، مينيجر جي ڪمري ۾ لنگھي ويس، پر ان کان اڳ جو ٽارچ ٻاري ڏائڻ جو نمبر ملايان، مون بينڪ جي ٻاھران ورانڊي ۾ ڪيترن ئي ماڻھن جو آواز ٻڌو. مان صوفي پويان ويھي رھيس. صوفي جي ڀرسان دري ھئي. دڙي آڏو پردو لٽڪي رھيو ھو . ڪن ڏيڻ سان مان سندن گفتگو چٽي طرح ٻڌي سگھيس ٿي.
    ھو پاڻ ۾ ٽي چار ڄڻا ھئا، ۽ لالي چوڪيدار سان ڳالھائي رھيا ھئا. سندن سوال جواب مان اندازو لڳايم ته سادن ڪپڙن ۾ پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا ڪارندا ھئا.
    منجھائن ھڪ ڄڻي چوڪيدار کان پڇيو، ” تون ڪنھن کي ھتان لنگھندي ته نه ڏٺو؟ “
    ” ھا.“ چوڪيدار وراڻيو ” ڏٺم “
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو؟
    پڇيوئانس، ” ڪيڏانھن ويو؟“
    وراڻيائين، ” اٽڪل پنج ڇھه ماڻھو ھتان لنگھيا آھن. ڪجھه ته اڳتي ھليا ويا، ۽ ٻه ٽي وڃي عباسي ھوٽل ۾ ويٺا، ۽ شايد ٻه کن پراپرٽي ڊيلر جي آفيس ۾ ھليا ويا.“
    ” اوھو، تون ته وڏو ڪو بيوقوف آھين. “ ھڪڙي ڪارندي چيو ، ” ڪراچي ڪمپني ۾ ھڪ سنڌي رھندو آھي.“
    ” ھڪ نه.“ چوڪيدار وراڻيو، ” ھڪ کان وڌيڪ سنڌي رھندا آھن.“
    ” اول ڳالھه ٻڌ، ۽ پوءِ ڳالھاءِ.“ ھڪڙي ڪارندي چيو، ”اجايو وچ ۾ ڳالھاءِ.“
    لالي کي جوجڪي اچي ويئي. چئين، ” مون کي دڙڪا ڇو ٿا ڏيو؟ “
    ” اسين پوليس جا ماڻھو آھيون.“ چيائون، ” اسان کي ٺيڪ ٺيڪ جواب ڏيئي.“
    ” ٺيڪ ٺيڪ سوال ڪريو، ۽ ٺيڪ ٺيڪ جواب وٺو.“ لالي چيو، ” اجايو رعب نه رکو.“
    لالي جي جرائت تي مان ڏاڍو حيران ٿيس. ھڪڙي ڪارندي ٻئي کي ڀڳل ٽٽل انگريزي ۾ چيو، ” احمق آھي، سختي سان نه ڳالھايوس.“
    ” ٺيڪ آھي.“ ٻئي ڪارندي چيو، ” اسان جي ڳالھه غور سان ٻڌ.“
    ” ٻڌايو “ لالي بيزاري وچان چيو.
    ” ڪراچي ڪمپني ۾ ھڪ سنڌي رھندو آھي، نالو اٿس جوڳي.“ ھڪ ڪارندي چوڪيدار کان پڇيو، ” تون جوڳي کي سڃاڻين.؟“
    ” ھا، مان جوڳي کي سڃاڻان.“ چوڪيدار پختي آواز ۽ لھجي ۾ وراڻيو.
    چيائون، ” اسان کي جوڳي جي تلاش آھي.“
    چوڪيدار جواب نه ڏنو.
    ھڪ ڪارندي چيو، ” ڪجھه ماڻھن کان پتو پيو آھي ته جوڳي ھن طرف آيو آھي.“
    چوڪيدار وراڻيو، ” في الحال ته نه آيو آھي.“
    کانئس پڇيائون، ” پڪ اٿئي ته جوڳي ھن طرف نه آيو آھي.“
    ” مون ته کيس ھن طرف ايندي نه ڏٺو آھي.“
    چوڪيدار پڇيو، ” پر، ھو ھيڏانھن ايندو ڇو؟“
    ھنن مان ھڪ وراڻيو، ” اسان ھن جون فرار جو سڀ راھون بند ڪري ڇڏيون آھن.“
    ٻئي ڪارندي چيو، ” اسان کي پڪ آھي ته جوڳي ھن سيڪٽر ۾، بلڪه ھن سيڪٽر جي ھن حصي ۾ ڪٿي موجود آھي.“
    کن لاءِ مون کي جسم ۾ ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. چوڪيدار کانئن پڇيو، ” جوڳي ڇا ڪيو آھي؟“
    ” ھو سنڌ جو بدنام دھشتگرد آھي.“ ھڪ ڪارندي چيو، ” اسان سندس ھڪ ساٿي گلاب کي ته پڪڙي ورتو آھي، ھينئر اسان کي جوڳي جي تلاش آھي.“
    ” ڪمال آھي ! “ چوڪيدار اچرج وچان چيو، ” اسان جوڳيءَ ۽ گلاب کي آوارھ گرد سمجھندا آھيون، پر توھين چئون ٿا ته ھو دھشگرد آھن !“
    ” اسان کي پڪا ثبوت مليا آھن.“ ھنن مان ھڪ ڄڻي چيو، ” بنگالين وانگر اھي سنڌي به ملڪ سان سچا نه آھن.“
    مون کي ڊپ ورائي ويو. سوچيم، لالي چوڪيدار جي حب الوطنيءَ کي جيڪڏھن جوش آيو، ته مون کي پڪڙائڻ ۾ دير نه ڪندو. ٿي سگھي ٿو، اھا قديم دور جي دونالي بندوق ھلائي منھنجو ڍينگو ڍير نه ڪري ڇڏي !
    لالي کي مون اڪثر، بينڪ ٻاھران اخبارون پڙھندي ڏٺو ھو. بينڪ بند ٿيڻ کانپوءِ، شام ويلي، بينڪ جي ٻاھرين در کي تالو ھڻي، ھو بالم بڻجي ويھي رھندو ھو، ۽ ويٺو اخبارون پڙھندو ھو. جڏھن اخبار نه پڙھندو ھو، تڏھن ڪن تي ھٿ رکي ڪو پشتو گيت ڳائيندو ھو، ۽ وطن کي واجھائيندو ھو. انيڪ سنڌي اسلام آباد ۾ آباد آھن. پر، مون اڄ ڏينھن تائين ڪنھن سنڌيءَ کي ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي، نه ٻڌو آھي، ” واجھائيندي وطن کي آئون جي ھت مياس !“
    ” تو کي پڪ آھي ته جوڳي ھتان نه لنگھيو آھي؟“
    ھڪ ڪارندي چوڪيدار کان پڇيو، ” يقين سان ٻڌاءِ ته تو کيس گذريل اڌ ڪلاڪ ۾ نه ڏٺو آھي.“
    لالي جي جواب کان اڳ مون دل کي سيني جي قفس ۾ ڦٿڪندي محسوس ڪيم.
    لالي وراڻيو، ” ٽيون ڏينھن آيو ھو، بينڪ مان پيسا ڪڍائڻ. ان کانپوءِ مون کيس نه ڏٺو آھي.“
    ٿڌو ساھ کڻي مان صوفي پويان فرش تي ليٽي پيس. ڄڻ ڪا آفت ھئي، جيڪا ٽري ويئي. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڏاڍو ٿڪجي پيو ھوس.
    ان کانپوءِ ڪافي دير ڪارندا ورانڊي ۾ بيٺا رھيا ، ۽ پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا رھيا. ڄڻ کين لالي جي ڳالھه جو يقين نه پئي آيو.
    مون لالي جو آواز ٻڌو. چيائين، ” توھان کي جي يقين نه ٿو اچي ته مان بينڪ ٿو کوليان. ھلي ڏسو، جوڳي کي مون لڪايو آھي، يا نه.“
    ” ايڏو جوش نه ڏيکار لالا ! “ ھڪ ڪارندي سخت لھجي ۾ چيو، ” اسين جيڪي ڪجھه ڪري رھيا آھيون، سو اسان جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل آھي.“
    ڪارندا اڳتي وڌي ويا.
    ورانڊي ۾ ماٺ ٿي ويئي.
    ڪجھه دير کانپوءِ چوڪيدار تالو کولي اندر آيو. بتي نه ٻاريائين. اوندھ ۾ بيٺو رھيو. پوءِ آھستي سڏ ڪندي چيائين، ” لالا جوڳي، منٽ ڪري وٺ مون کي شڪ آھي، پوليس وارا ٻيھر موٽي ايندا.“
    مان صوفي پويان نڪري لالي جي سامھون بيٺس. کيس ٻنھي ڏورن کان جھليندي چيم، ” مان تنھنجو احسان سڄي زندگي وساري نه سگھندس.“
    ” انھن ڳالھين کي ڇڏ.“ لالي چيو، ” وڪيل لاءِ پنھنجي دوست کي فون ڪري وٺ.“
    لالو ٻاھر نڪري ويو. ٻاھران در کي تالو ھڻي ڇڏيائين. مون ٽارچ ٻاري ڏائڻ جو فون نمبر ڊائل ڪيو.


    15

    ڏائڻ جو نمبر ملائيندي، مون کي پنھنجوھٿ ڪنبندي محسوس ٿيو. ڪوشش جي باوجود مان نمبر ملائي نه سگھيس.
    ڇا سوچيندي منھنجي باري ۾؟ جن جيڏو سوال نانگ وانگر ڪنڊڙي ھڻي منھنجي سامھون بيھي رھيو. ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو. گھڙي کن لاءِ خيال آيو ڏائڻ سان ڳالھائڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيان. اوندھ ۾ ٻاھر نڪري وڃان. بي مقصد، بي منزل ھلندو رھان ۽ مارگله ٽڪرين جي ٻي پار، ٽيڪسلا جي کنڊرن ۾ گم ٿي وڃان. ٻڌمت جي عبادتگاھن ۾ ڀشڪن وانگر ڀٽڪندو رھان ۽ گوتم جي گيان لاءِ واجھائيندو رھان.
    منھنجي ڳالھه جو يقين ڪندي؟ مون کي غلط نه سمجھندي؟ انيڪ انومان ورائي ويا.
    ھڪ دفعي مون ڏائڻ کي چيو ھو وڏي محبت يڪ طرفي ٿيندي آھي. اھڙي محبت لاءِ موٽ ۾ ڪجھه به نه گھريو آھي. فقط ايترو سوچي دل کي ريجھائي وٺبو آھي ته ڪو ته آھي، جنھن کي عشق ۾ امڪان جي حدن کان نڪري اسان چاھيو آھي !
    ڏاڍو کلي ھئي منھنجي چري چاھت جو اظھار ٻڌي. چيو ھئائين، ٻيلي سچ ٻڌائجانءِ ! ڪٿي سچو ٻچو ڌاڙيل ٻاڙيل ته ناھين، ۽ ھتي مون سان عشق جو ناٽڪ رچائي رھيو آھين !
    تڏھن وراڻيو ھيم، ڌاڙيل ھجان ھا ته توکي جيڪر کنڀي کڻي وڃان ھا، ۽ ڀُنگ گھرڻ بدران تنھنجي مائٽن کي تنھنجو سر لاھي موڪلي ڇڏيان ھا ! اڙي چري ! اسين سنڌي صوفين ۽ ولين جا وارث، ۽ عشق جا پيغمبر آھيون.
    وائڙي ٿي پيئي ھئي. اڳيان پيل اخبارن ڏانھن اشارو ڪندي پڇيو ھئائين، ۽ ھي ھيتريون ساريون اخبارون، جو ڌاڙن، خونن ۽ اغوائن جي خبرن سان ڀريل آھن، سو سڀ ڇا ھي؟
    وراڻيو ھيم، اھو سڀ سمجھڻ تنھنجي وس جي ڳالھه ناھي. درويشن جي قوم لاءِ صوفي شاھ عنايت جي ڏينھن واريون حالتون پيدا ٿي پيون آھن.
    ھن صوفي شاڳ عنايت جو نالو نه ٻڌو ھو. مون کي تعجب نه ٿيو. پاڪستان ۾ ھڪ صوبي جي ماڻھن کي ٻي صوبي جي تاريخ کان بلڪل بي خبر ڏٺو آھي. مشرقي پاڪستان چوويھن سالن تائين پاڪستان جو حصو ھيو، پر اڄ تائين موجوده پاڪستان جو ڪو به چڱو چوکو پڙھيل ڪڙھيل ماڻھو مشرقي پاڪستان جي ٽن اديبن، ٽن شاعرن، ٽن صحافين، ٽن موسيقارن ۽ ٽن شھيدن جا نالا ٻڌائي نه سگھندو. موجوده پاڪستان جي ڪنھن به ڪاليج يا ڪنھن به يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو ڪو پروفيسر، مشرقي پاڪستان جي تاريخ تييقين سان ورلي ڪو ڏھ منٽ ڳالھائي سگھندو ! ڏائڻ ته ويچاري معصوم ھئي. مٿان، پنھنجي بي پناھ حسن جي ماريل ھئي. عقل بدران پنھنجي سونھن سوڀيا کان ڪم وٺندي ھئي. پر تاريخ جي ڇنڊڇاڻ حُسن سان نه، عقل سان ٿيندي آھي. سنڌ ۾ دھليءَ جي مغل سلطنت ۽ سندن گورنرن خلاف نفرت ۽ جاڳرتا کي ھو ڪيئن سمجھي سگھندي ! سنڌ ۾ مغل حڪومت جي ڇاڙتن ۽ گماشتن جي سياسي ويساگھاتين جو ھوءَ ڪيئن ڇيد ڪري سگھندي! ھو بلڙي جي سيدن، ۽ ھر دور ۾ ويڪائو وڏيرن جي مغل حاڪمن سان ساز باز کي ڪيئن سلي سگھندي ! ھوءَ ڪيئن اندازو لڳائي سگھندي ته تاريخ ۾ ڪھڙين حالتن کان مجبور ٿي درويش ۽ مولائي، يڪتارو ۽کڙتال رکي تير ۽ تلوار کڻي وٺندا آھن !
    ڪافي دير جي ماٺ کانپوءِ ھن پڇيو ھو. ڇا پيو سوچين؟
    وراڻيو ھيم، تاريخ جي حوالي کان سواءِ صوفي شاھ عنايت جي شھادت کي سمجھن ممڪن نه آھي.
    ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي ھئي. مون کي سندس اھڙي نموني کلڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو ھو.
    چيو ھئائين، خبر اٿئي ڪنھن ڪنھن وقت مان ڇا محسوس ڪندي آھيان؟
    پڇيو ھيم، ڇا محسوس ڪندي آھين؟
    جواب ڏنو ھئائين، ڪنھن ڪنھن وقت تنھنجيون ڳالھيون ٻڌي لڳندو آھي، تون ڄڻ مون کي جاھل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھين !
    مون کي ڪاوڙ لڳي ھئي، چيو ھيم، وڏي ڪا بيوقوف عورت آھين !
    کلندي چيو ھئائين، اڙي بابا ! تون ناراض ڇو ٿو ٿئين. ٺھيو، مان کڻي مڃان ٿي تون ڌاڙيل نه آھين.
    رکي لھجي ۾ چيو ھيم، مون تي ايڏو وڏو احسان نه ڪر، مان ڌاڙيل آھيان، آھيان.
    ماضيءَ جو پڙلاءَ ٻڌي سوچيم، موجوده حالتن ۾ منھنجي ڳالھه تي ھو يقين ڪندي؟ يقين ڪندي ته پوليس جو ٺاھيل ڪيس ڪوڙو ۽ بھتان ھٿرادو آھي ! ھو اخبارن خبرن جي ماريل آھي. منھنجي ڳالھه تي يقين نه ڪندي. مون کي پناھ ڏيڻ يا منھنجي مدد کان انڪار ڪري ڇڏيندي !
    سندس انڪار ۾ مون کي ھڪ خواب جي شڪست نظر پئي آھي – ھڪ اھڙو خواب، جنھن جي تعبر کان مان بي خبر ھوس. ان ھڪ خواب کي ڀاڪر ۾ ڀري مون صدين جا سفر طي ڪيا ھئا. موٽڻ منھنجي لاءِ محال ھو. مون کي خبر ھئي ته مان بند دروازي ٻاھران بيٺو ھوس. در کُڙڪائڻ کانپوءِ انتظار جي اُس ۾ ويھي رھيو ھوس. انتظار جي اُس ۾ لھسنجندي، اُڃ وگھي منھنجو روح رڃ پٺيان ڊوڙندي رڻ ۾ رلي ويو ھو. اھو سڀ ڪجھه مون کي قبول ھو، مون قبول ڪيو ھو. پڇتاءُ کي مون پوئتي ڇڏي ڏنو ھو.
    مون تالو کلڻ جو آواز ٻڌو. لالو چوڪيدار اندر آيو. پڇيائين، ” لالا جوڳي، ڳالھه ورتيئه؟“
    ڪجھه ڪجھه پشيمان ٿيندي چيم، ” نه لالا “
    ” منٽ ڪري وٽ لالا جوڳي “ چوڪيدار چيم، ” پوليس وارن کي شڪ پئجي ويو آھي، ھو ضرور موٽي ايندا. مان کين سڃاڻان.“
    مون کي لالي جي قرب ڌونڌاڙي ڇڏيو.چيم، ” لالا، رات جو ڳپل حصو گذري ويو آھي. ھن وقت ڪنھن کي فون ڪرڻ مناسب نٿو لڳي، ۽ ھونءَ به، مان تو کي ڪنھن مصيبت ۾ وجھڻ نٿو چاھيان.“
    ” منھنجو فڪر نه ڪر.“ لالي چيو، ” تون ڪھڙي قسم جي دوست کي فون ڪرڻ جو سوچي رھيو آھين، جيڪو پريشانيءَ ۾ تنھنجي مدد ڪرڻ بدران دير سان فون سبب تو کان خفي ٿيندو؟“
    ” دوست ته دل گھريو آھي.“ چيم، ” ھن وقت رات جا يارھن ٻارھن ٿي رھيا آھن. کيس ننڊ مان جاڳائڻ ٺيڪ نٿو لڳي.“
    ناگوار لڳس. چيائين، ” معمولي دعا سلام جي ڪري، مون سر تري تي رکي بينڪ جو دروازو تو کي کولي ڏنو آھي. تنھنجو دوست فون ٻڌي جيڪڏھن تو کان خفي ٿئي ٿو، ته يقين ڪر ھو تنھنجو دوست ھرگز نه آھي.“
    مان ھن ڏانھن ڏسڻ جي ڪوشس ڪندو رھيس. سندس چھري تي تري آيل سندس ڪاوڙ مان ڏسي نه سگھيس. پر، سندس لھجي مان سمجھي ورتم ته مون کان ناراض ٿي پيو ھو.
    لالي چيو، ” مون کي مفت ۾ مرڻ جو شوق نه آھي. تون جيڪڏھن فون ڪرڻ نٿو چاھين ته پوءِ مھرباني ڪري، بچ بچاءُ ڪندي ھتان ھليو وڃ.“
    مان منجھي پيس.
    چيائين، ” ۽ اڃا به جيڪڏھن فون ڪرڻ چاھين ٿو، ته پوءِ، بنا سوچڻ جي، بنا ڪنھن ھٻڪ جي ھڪدم فون ڪر. مان ڏھن منٽن کانپوءِ وري دروازو کوليندس. ان کانپوءِ تون ھتان ھليو وڃجانءِ.
    لالو ٻاھر ھليو ويو. ٻاھران در کي تالو ھڻي ڇڏيائين. مون ڪجھه سوچڻ کانسواءِ، ٽارچ ٻاري، دل پڪي ڪري ڏائڻ جو نمبر ڊائل ڪيو.
    ڪافي دير تائين فون جي گھنٽي وڄندي رھي. سوچيم، شايد ڪيڏانھن ويل آھي. گھر تي نه آھي. ان کان اڳ جو رسيور رکي ڇڏيان، مون جنت جو آواز ٻڌو. جنت ڏائڻ جي خاص نوڪرياڻي ھئي، ۽ ڏينھن رات وٽس رھندي ھئي. مون جنت کي چيو، ” جنت، مان جوڳي پيو ڳالھايان، شالي آھي.“
    ھڪدم چيائين، ” ھا آھي.“
    پڇيم، ” سمھي ته نه پئي آھي؟“
    وراڻيائين، ” ڪجھه ماڻھن کي ماني تي گھرايو اٿائين.“
    چيم، ” منھنجو وڃي ٻڌائيس.“
    چيائين، ”اصل ۾ ٻن ڏينھن کان شالي بيبي توھان جو انتظار ڪري رھي آھي. ڪٿي آھيو توھين ٻن ڏينھن کان؟
    چيم، ” تون مھرباني ڪري شالي کي سڏي اچ.مون وٽ وقت تمام گھٽ آھي.“
    چيائين، ” اجھو ٿي سڏي اچانس.“
    گھڙي کن کانپوءِ مون شاليءَ جو آواز ٻڌو، ” جوڳي، ھي مان ڇا پئي ٻڌان ! تو دھشتگردي ڪڏھن کان شروع ڪئي آھي !“
    چيم، ” شالي مشڪري ڇڏ ! پوليس منھنجي ڪڍ لڳل آھي. ڪنھن وڪيل کان مون کي گرفتاري کان اڳ جي ضمانت ڪرائي ڏي.“
    پڇيائين، ” ڪٿان پيو ڳالھايائين؟“
    مون کيس بينڪ جو ڏس ڏنو
    چيائين، ” بينڪ جي ڀرسان ھڪ پيٽرول پمپ آھي، مان پيٽرول ڀرائي ٻاھر نڪرندس. تون پيٽرول پمپ جي سامھون اڌ ٺھيل جاءِ ۾ وڃي ويھه.“
    مون کي پنھنجي ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو. تڏھن، شالي جو ٻيھر آواز ٻڌم، ” مان ڏھن منٽن ۾ ٿي پھچان.“
    مون رسيور رکي ڇڏيو.


    16

    مون رسيور رکي ڇڏيو
    اوندھ ۾ ڪرسين ۽ ٽيبلن کان بچندو، مان بينڪ جي بند در وٽ پھتس. در کي ڪن ڏنم. ٻاھران ڪنھن جي ڳالھائڻ جو آواز نه پئي آيو. لالو چوڪيدار بينڪ جي در ٻاھران ورانڊي ۾ بيٺو ھو. ۽ ڪن تي ھٿ رکي وڏي آواز ۾ ڪو پشتو گيت ڳائي رھيو ھو.
    مون در تي ھٿ ھنيو.
    لالي جو ڳائڻ بند ٿي ويو. ھڪدم خاموشي ڇانئجي وئي. گھري کن رکي لالي ھڪدم گيت ڳائڻ شروع ڪيو، اڳ کان به وڏي آواز ۾، ڳائڻ جو آواز چٽو ۽ وڏو ٿيندو ويو. لمحي لمحي آواز مون کي ويجھو ايندو ويو، تان جو، لالو بنھي در وٽ بيھي ڳائڻ لڳو.
    ” ويا قربان “ جي صدا سان گڏ مون دروازي جي تالي کلڻ جو آواز ٻڌو.
    لالو ڳائيندو رھيو، ڳائڻ دوران ھن ھڪ طاق کي ايتري وٿي ڪري ڇڏي، جنھن مان ڪنھن به مشڪل کان سواءِ مان ٻاھر نڪري آيس. لالي ھڪدم در بند ڪري، تالو ھڻي ڇڏيو.
    ” مان تنھنجو احسان سڄي ڄمار نه وساريندس.“ مون سندس ڪلھي تي ھٿ رکي سڙٻاٽن ۾ چيو.
    لالو زور زور سان ڳائيندو رھيو. ھن ھٿ مٿي ڪري پنھنجي ڪلھي تان سختيءَ سان منھنجو ھٿ ھٽائي ڇڏيو. ساڳي انداز ۾ ھٿ سان اھڙي نموني اشارو ڪيائين، ڄڻ چوندو ھجي، ھاڻي ٽر نڀاڳا !
    مان کانئس وک ڪن پري ٿي بيٺس.
    لالي زوز سان آلاپ ھڻندي، ھڪ دفعو ٻيھر ھٿ سان اشارو ڪيو.
    پٺيرو ھٽندي مان احسان مند نگاھن سان ڏانھنس ڏسندو رھيس. ورانڊي جي آخري ٺلھه وٽ پھچي مان بيھي رھيس. لالو مون ڏانھن ڏسندو رھيو، ۽ پوءِ ھو اوچتو ڦيڙو کائي، مون ڏانھن پٺي ڪري بيھي رھيو. مون سندس آلاپ ۾ ھلڪي ڪنبڻي محسوس ڪئي.
    مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. پاسي کان بيٺل وڻن ھيٺان گھگھه اوندھ ھئي. مان گھگھه اوندھ ۾ لھي پيس. خبرداريءَ سان بنا آواز ڪرڻ جي، وک وک کڻندو سڙڪ جي پاسي وٽ وڃي پھتس. ٻئي طرف اڌ ٺھيل عمارت ھئي.
    مون کي تعجب ٿيو. محڪمي طرفان اسان جي پگھار ان بينڪ ۾ ايندي ھئي. پيسا ڪڍائڻ لاءِ اڪثر بينڪ ۾ اچڻ ٿيندو ھو. تڏھن، مون ڪڏھن به ڌيان سان نه ڏٺو ھو ته بينڪ جي پسگردائي ۾ ڇا ھو ! ھونءَ به اسلام آباد ۾ ايڏي تيزي سان جايون ۽ عمارتون ٺھي رھيون آھن، ڄڻ سموري ملڪ جا رازا، واڍا ۽ مزور ھتي اچي گڏ ٿيا آھن. دولت جو ڄڻ ڪو سيلاب ھو، ڪٿي بند ھو، ۽ ڏسنديئي ڏسنديئي بند ڀڃي اسلام آباد ۾ ڪاھي پيو ھو. پاڪستان جي ڪنھن به شھر ۾ زمين پنجاھ ھزار روپيا وال جي حساب سان نه وڪامندي آھي، پر اسلام آباد ۾ وڪامندي آھي. جيڪي پلاٽ ماڻھن کي ٽن ھزارن ۾ الاٽ ٿيا ھئا، سي ٽيھن لکن جا ٿي ويا ھئا. اھو سڀ ڪجھه اسان جي اکين آڏو ٿيو آھي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي – ذوالفقار علي ڀٽي جو دور ھو. ھن آچر بدران جمعي ڏينھن ھفتيوار موڪل ڪرائي ھئي. جوا ۽ شراب تي پاپندي وجھرائي ھئائين. گتا برابر بند ٿي ويا ھئا، پر پوءِ گھر گھر پيئڻ پيئارڻ ڪو ڪاروبار کلي پيو ھو. آئين ۾ ھن اسلام کي ممڪلتي مذھب قرار ڏنو ھو. نوانوي سيڪڙو مسلمانن جي ملڪ ۾ اسلام نافذ ڪرڻ وارو ذوالفقار علي ڀٽي جو فصيلو، اسان کي ڏاڍو عجيب لڳو ھو. ائين پئي لڳو، ھن ڄڻ مسلمانن کي ٻيھر مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ! اتفاق جي ڳالھه آھي، انھن ئي ڏينھن ۾، جڏھن اقتدار جي ايوانن ۾ اسلام، سوشلزم، ۽ اسلامي سوشلزم تي خونخوار بحث مبحاثا ھلي رھيا ھئا ، اسان جو دوست قاضي محله روھڙي شريف ٽپڙ ٻڌي اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو ھو، ۽ اسلام آباد ۾ گم ٿي ويو ھو. دوستن ۽ مائٽن اسلام جي ڳولا ۾ مون کي اسلام آباد روانو ڪيو ھو. اسلام آباد ۾ مون کي اسلام نه مليو. پر، مون اسلام آباد ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو زوال اکين سان ڏٺو. زوال وقت ذوالفقار علي ڀٽي جي ھٿ ۾ اسلام جو جھنڊو ھو، ۽ جن سندس زوال آندو تن جي ھٿن ۾ به اسلام جو جھنڊو ھو.
    ذوالفقار علي ڀٽي جي اسھڻ کانپوءِ، اوچتو ڄڻ ٽجوڙين جا طاق کلي پيا ھئا. خدا جا نيڪ بندا نوٽن سان ڳوڻيون ڀري اسلام آباد ھليا آيا ھئا، ۽ مظبوط مرڪز کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. مولي جي مرضي ! جنھن کي وڻيس دولت ڏي. جنھن کي وڻيس، نه ڏي. مون کي اڄ تائين اھا ڳالھه سمجھه نه آئي آھي ته الله سائين پرائمري ماستر کي دولت سان ڇو نه نوازيندو آھي، ۽ تپيدار کي دولتمند ڇو ڪندو آھي ! دوستن جو منھنجي باري ۾ رايو بلڪل درست آھي، ته ڪيپراٽيءَ وٽان منھنجي سمجھه جو خانو خالي آھي، تنھنڪري مونکي گھڻو ڪجھه سمجھه۾ نه ايندو آھي، ۽ مان لاٽريءَ تي زندگي گذاريندو آھيان. اوسي پاسي، ھيڏانھن ھوڏانھن نه نھاريندو آھيان.
    مون کي قطعي خبر نه ھئي ته بينڪ جي سامھون، رستي جي ٻئي پاسي، ڪا جاءِ ٺھي رھي ھئي ! ڏائڻ جو بيوٽي پارلر ايف سيون سيڪٽر ۾ھو. پر، لڳو پئي، ڄڻ سمورو اسلام آباد سندس نظر ۾ ھو ! مون غور سان اڌ ٺھيل عمارت ڏانھن ڏٺو. عمارت ۾ مون کي ڪنھن به قسم جا زندگي جا آثار نظر نه آيا. نه ماڻھو، ۽ نه ئي مرون ! لڳو پئي، ھلندي ڄڻ ڪم بند ٿي ويو ھو. رستي تان ٽريفڪ ڍري ٿي ويئي ھئي. پريان، پيٽرول پمپ جي روشنين ۾ وڻن جا پاڇا رستي جي وچ تي پئجي رھيا ھئا. اتان رستو ڪاريءَ سرنگ وانگر نظر پئي آيو. وک وک کڻندو، مان سڙڪ جي پاسي کان وڻن جي پاڇي ۾ وڃي بيٺس. پري پري تائين ٽريفڪ جو نالو نشان نه ھو. ماڻھن جي چُر پُر به محسوس نه ٿي.
    اک ڇنڀ ۾ سڙڪ اڪري، مان اڌ ٺھيل عمارت ۾ وڃي بيٺس.
    اوچتو، منھنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. سوچيم، ٿي سگھي ٿو، پوليس جا سپاھي عمارت ۾ لڪيا ويٺا ھجن، ۽ بينڪ وٽان ٿيندڙ چر پر تي چوڪسي ڪندا ھجن ! منھنجو ساھ وڃي پيرن ۾ پيو.
    دم روڪي، مون عمارت ۾ جو آواز ٻڌڻ، ۽ اوندھ ۾ ڪنھن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. نه آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ نه ئي ڪو ڏسڻ ۾ آيو. نرڙ تي تري آيل پگھر مون قميص جي ٻانھن سان اگھي ڇڏيو. مون سيني ۾ ساھ کي جائيتو ٿيندي محسوس ڪيو. ھڪ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي مان پيٽرول پمپ ڏانھن وڌڻ لڳس.
    انتظار ڪندي مون کي ڏائڻ جو جملو، ۽ سندس جملي جو لھجو ياد آيو، ” اڙي جوڳي، تون ڪڏھن کان دھشتگرد ٿي پيو آھين !
    ڪيڏي نه پھنجائب ھئي سندس لھجي ۽ آواز ۾ ! مون خانه بدوش ۾ ڇا ڏسي ورتو ھئائين، جو سر تري تي رکي مون کي وٺڻ پئي آئي ! مون ھميشه ھڪ طرفي محبت ۾ يقين رکيو آھي.اھڙي محبت سدائين ساٿ ڏيندي آھي. ڪڏھن دوکو نه ڏيندي آھي. ڪڏھن فريب نه ڏيندي آھي. اھڙي محبت موٽ ۾ ڪجھه نه گھرندي آھي.
    مون کي وسوسا ورائي ويا.
    بيوٽي پارلر ۾ ڏائڻ کان ھار سينگار ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد جي چونڊ ڪامورن ۽ سفيرن ۽ سياستدان جون گھر واريون ۽ گھر ڀاتياڻيون اينديون آھن. ان حوالي سان سندس اٿڻ ويھڻ وڏي اثر رسوخ وارن ماڻھن سان آھي. شروعات ۾ مون کي ھوءَ سول ۽ ملٽري انٽيليجنس جي ايجنٽ محسوس ٿيندي ھئي. خاص ڪري ھوءَ جڏھن ڏاڍي غور سان ۽ تجسس سان سنڌ جي ساسي حالتن تي ڳالھائيندي ۽ بحث ڪندي ھئي. تڏھن مون کي شڪ ۾ وجھي ڇڏيندي ھئي. ھوءَ کوٽي کوٽي سنڌ بابت سوال ڪندي ھئي، سنڌي شاگردن جون ڪيتريون تنظيمون آھن؟ ڪھڙيون شاگرد تنظيمون ھڪٻئي جي خلاف آھن؟ ڪھڙين شاگرد تنظيمن جو سياسي پارٽين سان واسطو آھي؟ سنڌ ۾ ڏيڊ سِرَ واريون ايتريون سياسي پارٽيون ڇو آھن؟ سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ فقط نوجوان ڇو آھن؟، ۽ اھي ئي نوجوان جڏھن نوڪرين چاڪرين ۽ ڪمن ڪارين سان لڳندا آھن، ته کانئس ڦري ڇو ويندا آھن؟ ٽولن ۾ فقط پيشه ور ڌاڙيل آھن، يا ناراض ٿيل نوجوان ۽ بيروزگار ڊاڪٽر، انجنيئر، ۽ آرٽس گريجوئيٽ به آھن؟
    مان سندن اھڙن سوالن جا جواب نه ڏيندو ھوس. کيس ٽاري ڇڏيندو ھوس. اھڙن سوالن جي ڀرمار سبب ھڪ دفعي چيو ھومانس، ٻيلي سچ ٻڌائجان ءِ شالي ! تون ڪنھن انٽيليجنس جي ايجنٽ ته نه آھين !
    ڏاڍو کلي ھئي. ٽھڪ ڏيندي چيو ھئائين، توھين سنڌي ڏاڍا شڪي ٿيندا آھيو.
    ھڪدم وراڻيو ھيم، شڪي ھجئون ھا، ته انيڪ سازشن جي انيڪ ڄارن ۾ نه ڦاسئون ھا ! پر، اھو ته ٻڌاءِ، مون کان سواءِ ٻين ڪيترن سنڌين کي سڃاڻين؟
    وڏو ٽھڪ ڏنو ھئائين، ۽ چيو ھئائين، مون وٽ لسٽ آھي. ڏسندين؟
    پڇيو ھيم، ان لسٽ ۾ منھنجو نالو به شامل آھي ڇا؟
    عجيب قسم جي مرڪ سندس چپن تي تري آئي ھئي. چيو ھئائين، منھنجيءَ لسٽ ۾ فقط ووٽ وٺڻ وارن جا نالا آھن، ووٽ ڏيڻ وارن جا نه.
    چيو ھيم، ان جو مطلب آھي ته مان تنھنجي لسٽ مان خارج آھيان.
    وراڻيو ھئائين، مون وٽ ھڪ ٻي لسٽ به آھي، ان ۾ تنھنجو نالو آھي ( جملو روڪيو ھئائين، ۽ وري چيو ھئائين ) ان لسٽ ۾ فقط تنھنجو نالو آھي. فقط تنھنجو نالو.
    مان وک وک کڻي وڃي سندس سامھون بيٺو ھوس.
    چيو ھيم، شالي مون زندگي ۾ ڏائڻ ڏٺي ته ناھي، پر ٻڌو اٿم ته ڏاڍي سھڻي ٿيندي آھي، ۽ سيني مان دل ڪڍي وٺندي آھي. تون منھنجي زندگي جي پھرين ۽ آخري ڏائڻ آھين.
    ڏائڻ دوکو ته نه ڏيندي ! ڪيئن چيائين ته مون ڪڏھن کان دھشتگردي شروع ڪئي آھي ! منھنجي روئداد جي باري ۾ خبر ڪيئن پيس؟
    مون پيٽرول پمپ وٽ ڏائڻ جي موٽر بيھندي ڏٺي. پيٽرول پمپ جي تيز روشنين ۾ ڏٺم، ڏائڻ پاڻ گاڏي ھلائي رھي ھئي. سندس پاسي کان ھڪ شخص ويٺو ھو، ۽ ھڪ پوئين سيٽ تي.


    17

    شالي سان گڏ ٻه اوپرا ماڻھو ڏسي مون کي پنھنجي اکين تي اعتبار نه آيو. مون کي خبر آھي، ھن جو اٿڻ ويھڻ اسلام آباد جي جي ذري گھٽ سڀني اھم ۽ بااثر ماڻھن سان ھو. پر مون ھڪ لمحي لاءِ به نه سوچيو ھو ته ھوءَ اھڙي نموني مون کي دوکو ڏيندي. مون ڪڏھن به نه سوچيو ھو ته زندگيءَ ما ڪا گھڙي اھڙي به ايندي، جڏھن مان يقين جا ونجھه سندس حوالي ڪندس، ۽ ھوءَ موٽ ۾ مون کي ڪناري بدران ڪُن ڏانھن ڌڪي ڇڏيندي.
    مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. سوچيم ھن ائين ڇو ڪيو. منھنجي مدد نه ڪرڻ پئي چاھيائين، ته سڌو سنئون انڪار ڪري ڇڏي ھا. مون سان ڳالھائڻ کان نابري واري ڇڏي ھا. ھن ائين ڇو ڪيو !
    تڏھن مون کي ڪنھن ڏاھي جو قول ياد آيو، دوست کي ڪڏھن به آزمائش ۾ نه وجھجي، ڪھڙي خبر ھو مجبورين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھجي، ۽ آزمائش ۾ پورو لھي نه سگھي ! مراد ٺاٺارو اسان جو دلبر دوست ھو. پر، اسلام آباد ۾ پير ڄمائڻ ۽ ڪامورن جي برادريءَ ۾ وڏو مرتبو ماڻڻ جي جستجو ھن لاءِ مجبورين جو زنجير ٿي پئي ھئي. ان ھوندي به ٺاٺارو کرو ماڻھو ھو. ڪنھن دوست جي مدد ڪرڻ چاھيندو ھو، ته دل کولي مدد ڪندو. مدد ڪرڻ نه چاھيندو ھو، ته لنوائيندو نه ھو. سڌو سنئون ٺپ جواب ڏيئي چڏيندو ھو. آسري ۾ نه رکندو ھو. ان وقت مون کي روايتي ۽ سطحي جملو ياد آيو. اي عورت تنھنجو نالو بيوفائي آھي !
    ڏائڻ مون سان بيوفائي ڪئي آھي ! مون پيٽرول پمپ ڏانھن ڏٺو. ھوءَ موٽر ۾ پيٽرول ڀرائي رھي ھئي. ۽ دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي پيٽرول پمپ جي ميٽر بدران اڌ ٺھيل جاءِ ڏانھن ڏسي رھي ھئي، جتي ھن مون کي لڪي بيھڻ لاءِ چيو ھو. مون کي پڪ ٿي ويئي ته ساڻس گڏ ٻه ماڻھو سادن ڪپڙن ۾ پوليس يا قانون نافذ ڪرڻ واري ڪنھن اداري جي جا ڪارڪن ھئا، ۽ ڏائڻ جي مدد سان مون کي گرفتار ڪرڻ آيا ھئا.
    رَت بدران ڪروڌ منھنجي رڳن ۾ ڊوڙن لڳو. ڏند ڀيڪوڙجي ويا. پنھنجي سا چيم، تڏھن ته بدبخت جي ٻه دفعا شادي ناڪام ٿي آھي ! اھڙي عورت کي آزاد کان آزاد خيال مرد به برداشت نه ڪري سگھندو !
    ھوءَ گھڻو اڳ ملتان جي گرلز ڪاليج ۾ ليڪچرار ھئي. تڏھن اتي ڪنھن فنڪشن ۾ سندس ملاقات ملتان جي ڊپٽي ڪمشنر سان ٿي ھئي. ڊپٽي ڪمشنر کي وڻي ويئي. سال ڏيڊ جي ملاقاتن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر کيس شادي جي آڇ ڪئي، ۽ سندن شادي ٿي ويئي ھئي. مون کي اصل ڳالھه جي خبر نه آھي. پر ايتري خبر آھي ته شادي کان پوءِ ٻنھي جي وچ ۾ کٽ پٽ ٿي پيئي. ھڪ ٻه دفعا ڊپٽي ڪمشنر کيس مارڪٽ به ڪئي ھئي. نرڙ تي کاٻي طرف چنڊ جھڙو نشان اصل ۾ اڇلايل شيشي جي گلاس جو ڌڪ ھو،، جيڪو مڙسنھس کيس ھنيو ھو. ان کانپوءِ سندس شادي وڌيڪ جٽاءُ نه ڪيو. ھوءَ طلاق وٺي ڪراچيءَ ھلي ويئي. اتي نوڪريءَ لاءِ ڏاڍا ھٿ پير ھنيائين، پر ڪنھن به اسڪول يا ڪاليج ۾ کيس پڙھائڻ جي نوڪري نه ملي. انھن ئي ڏينھن ۾ ھو جڏھن نوڪري لاءِ ڌڪا کائيندي ھئي، ڪنھن سندس تعارف پي آئي اي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ڪرايو. مينيجنگ ڊائريڪٽر پھرين ڌڪ ۾ کانئس متاثر ٿيو ۽ کيس پي آئي اي ۾ ايئر ھوسٽس ڪري کنيائين.
    ھوسٽس جي حيثيث ۾ ڏائڻ ذري گھٽ سموري دنيا ڏسي ڇڏي. سونھن سوڀيا ۾ سرس، وري مٿان جو پي آئي اي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مھربان ٿي پيس، ته ويئي چوٽ چڙھندي. ھڪ دفعي يورپ کان موٽندر فلائيٽ سنڌ جي ھڪ طاقتور وڏيري کي وڻي ويئي . پھرين شادي جو تجربو ھوس. تنھنڪري وڏيري کي ڇوٽ نه ڇڏيائين. ٻي ڪا واٽ نه ڏسي. وڏيري ساڻس شادي ڪيئي ۽ ھڪ وڏو بنگلو وٺي کيس آڻي اسلام آباد ۾ رھايو. وڏيري سان سندس شادي ٻه ٽي سال کن ھلي. پوءِ الاءِ ڇا ٿيو. وڏيري کيس طلاق ڏيئي ڇڏي ۽ حق مھر ۾ لکايل بنگلو کيس ڏيئي ڇڏيو. بنگلو مسواڙ ٿي ڏيئي ھوءَ ملڪ کان ٻاھر ھلي ويئي. ٻاھران بيوٽيشن جي اعلي تعليم حاصل ڪري آئي. موٽي اچي بنگلو خالي ڪرائي بنگلي ۾ بيوٽي پارلر جو ڪاروبار شروع ڪيائين، ۽ ڏسنديئي ڏسنديئي اسلام آباد جي فيشن ايبل گھراڻن ۽ ڪامورڪن گھراڻن تي ڇانئجي ويئي. اسلام جي تلاش ۾ ڀٽڪندي مان جڏھن کيس مليس ته ھو ڪاروباري لحاظ کان ڏاڍي خوشحال ھئي.
    انھن ئي ڏينھن ۾ جڏھن زندگيءَ جي خالي ڪينواس تي ڪجھه رنگ ھڪ منھم خيال کي صورت بخشي رھيا ھئا، مراد ٺاٺاري ھڪ دفعي چيو ھو، اڙي جوڳي ھر ڪا واٽ منزل ڏانھن وٺي نه ويندي آھي، ڪجھه راھون رڻ جي رخ ۾ ھونديون آھن، ۽ رولي ڇڏينديون آھن.
    مان ٺاٺاري جي ڳالھه جي تھه تائين پھچي ويو ھوس، پر جواب ڏيڻ مناسب نه سمجھيو ھوم. ڪجھه ماڻھو زندگيءَ ۾ سدائين سفر ۾ رھندا آھن. منزل ھنن لاءِ بي معني ھوندي آھي. مان اھڙن ماڻھن مان ھڪ آھيان. مان اھو ٻار آھيان، جنھن آئيني ۾ چنڊ جو عڪس ڏٺو ھو، ۽ خوش ٿيو ھو. منھنجو ان ڳالھه سان تعلق نه ھو ته شڪيله صديقي ڪير ھئي، ھن جو اٿڻ ويھڻ ڪنھن سان ھو. منھنجو تعلق فقط ھڪ ڳالھه سان ھو ته، تصور جي بتڪدي ۾ جنھن بت کي ھڪ جنم کان ٻئي جنم تائين چاھيو ھيم، تنھن کي اکين آڏو ڏٺو ھيم.
    ٺاٺاري چيو ھو، مرڻ مھڻو نه آھي. اسين سڀ مرنداسين. پر، رڻ ۾ رڃ پٺيان ڊوڙندي مرڻ ڏاڍو دردناڪ عمل آھي. تون پاڇولي پٺيان ڊوڙي رھيو آھين. ڪڏھن سوچيو اٿئي ته تون اسلام آباد ۾ ڇو آيو آھين ! تون اسلام کي ڳولڻ لاءِ آيو آھين جوڳي !
    تڏھن مون ٺاٺاري کي جواب ڏنو ھو ! چيو ھيم، مان مائٽن ۽ دوستن کي مايوس نه ڪندس. مان پنھنجي مھم جاري رکندس ۽ قاضي محمد اسلام کي ڳولي ھٿ ڪندس.
    ٺاٺارو ڏاڍو کليو ھو. چيو ھئائين، يا ته صفا سادو آھين جوڳي، يا بيوقوف آھين.
    سموري سنگت جو خيال مراد ٺاٺاري کان مختلف نه ھو. سندن بحث ھڪ نقطي تي اچي بيھي رھندو ھو. ھو چوندا ھئا. جوڳيءَ ۾ اھڙي ڪھڙي خوبي آھي، جنھن اسلام آباد جي سڀ کان سوشل عورت کي موھي وڌو آھي؟
    ان سوال جو جواب مون وٽ به نه ھو. مون ورجائي ورجائي ساڳيو سوال پاڻ کان پڇيو ھو. مون کي ڪو جواب نه مليو ھو. ھڪ دفعي سنڌ مان اسان سڀني جو سنگتي بخش علي باغي ڪنھن ڪم سانگي اسلام آباد آيو ھو. اسان وٽ اچي رھيو ھو. سنڌ جي سياست تي وڏي دسترس اٿس. منھنجي باري ۾ پتو پيو ھيس. ته چيو ھئائين، جوڳي وڏو ڊاڙي ۽ يخي باز آھي. ڄاڙي ھڻڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي. مائي کيس سنڌي سياستدانن، ڪامورن ۽ شاگردن جي حلقن ۾ داخل ڪندي ۽ سنڌ بابت معلومات حاصل ڪندي.
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو ھو. سامت ۾ آيو ھوس ته ڏاڍي کل آئي ھئي.
    بخش علي باغي چيو ھو ؛ اجايو ڏند نه شيڪ. تو کي ڪھڙي خبر ته سياست ڇاھي! اڙي ڀوڪ، اھا ڏائڻ تو کي استعمال ڪندي – تو کي سنڌ خلاس استعمال ڪندي.
    بخش علي باغي کي ڏوري تي ھٿ ھڻندي چيو ھيم، ھر ڪو نانگ زھريلو نه ٿيندو آھي، باغي !
    بخش علي باغي چيو ھو، فلمي ڊائلاگ نه ڳالھاءِ، جوڳي! ھڪ نه ھڪ ڏينھن تون پڇتائيندين.
    بخش علي باغي ھليو ويو ھو. تڏھن مون نه پڇتايو ھو. مون وٽ پڇتائڻ لاءِ ڪو سبب به نه ھو. ھوءَ سنڌ جي سياست ۾ عام شھريءَ جيتري دلچسپي رکندي ھئي، جيڪي اخبارن ۾ ڇرڪائيندڙ خبرون پڙھي فڪرمند ٿي پوندا آھن. ھوءَ اڪثر اخباري خبرن جي حوالي سان سنڌ بابت مون سان ڳالھائيندي ھئي، پر مون ڪڏھن به کيس انٽيليجنس وارن ادارن لاءِ ڪم ڪندي محسوس نه ڪيو ھو. مون کي خبر ھئي، ۽ خبر آھي ته انيڪ سھڻيون عورتون انٽيليجنس وارن ادارن لاءِ ڪم ڪنديون آھن. خاص ڪري ڪامورن، ۽ سياستدانن جا ڳجھه لھڻ لاءِ. پر، ھوءَ انھن عورتن منجھان نه ھئي. مون کي الائي ڇو ان ڳالھه جو يقين ھو. مون کي يقين ھو ته ھوءَ ڪڏھن به مون کي دوکو نه ڏيندي !
    پر، پيٽرول پمپ وٽ سندس ڪار ۾ ٻه اوپرا شخص ڏسي، منھنجي اعتبار جو غوراب غرق ٿي ويو. اڌ ٺھيل جاءِ ڄڻ زلزلي ۾ ڌُڏڻ لڳي. سوچيم، مان به وڏو ڪو ڀورڙو آھيان. منھنجي تلاش ۾ پوليس جتي منھنجي دوستن جي گھر ڇاپا ھنيا آھن، اتي ھنن شڪيله صديقي، عرف شالي، عرف ڏائڻ کي پڇاڳاڇا کان ڇڏيو ھوندو !
    ھن مون کي پڪڙائڻ لاءِ ضرور پوليس سان حامي ڀري آھي! مون سوچيو، تڏھن ته پاڻ سان سادن ڪپڙن ۾ ٻه پوليس عملدار وٺي آئي آھي ! سچي ھجي ھا ته جيڪر اڪيلي نه اچي ھا !
    مون پيٽرول پمپ ڏانھن ڏٺو. ھن ڪار ۾ پيٽرول ڀرائي ورتو ھو. ڪيشيئر کي پيسا ڏيئي، ھوءَ ڪار ڪاھي پيٽرول پمپ کان ٻاھر نڪري آئي.
    تمام خبرداريءَ سان ھن رستو پار ڪيو، جيتوڻيڪ ٽريفڪ جو نالو نشان نه ھو، ھن اھڙي نموني وراڪي تان گاڏي ڦيڙائي ڄڻ ٻئي طرفان ھزارين گاڏيون زرڪاٽ ڪندي پئي گذريون. سندس ڪار ھلائڻ مان ائين پئي لڳو، ڄڻ وڏي سوچ ۾ گم ھئي.
    ھن اڌ ٺھيل جاءِ ٻاھران ڪار آڻي بيھاري ڇڏي.


    18

    ڏائڻ ڪار آڻي اڌ ٺھيل بنگلي جي ٻاھران بيھاري ڇڏي، ڪجھه دير تائين ڪو به ڪار مان ٻاھر نه آيو. پنج منٽ کن انتظار ڪرڻ کانپوءِ گاڏي ھلائي ھو ھليا ويا. مون کي تعجب ٿيو.
    ھو ڪار مان ٻاھر ڇو نه آيا؟ مون سوچيو. سوال جي جواب ۾ ڪا معقول سمجھاڻي سمجھه ۾ نه آئي. ان وقت مان نھايت سوڙھي ڪمري ۾ بيٺو ھوس. پکيڙ ۾ اھو ڪمرو گھٽ ۽ باٿ روم يا ڪچن يعني رڌڻو وڌيڪ پئي لڳو محسوس ٿيو. اڌ ٺھيل بنگلي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي آباد بنگلن جون قطارون ھيون. اڳيان رستو، ۽ رستي جي ٻئي پاسي بينڪ، ۽ بنيڪ جي ڀرسان پيٽرول پمپ، پوئين طرف کاھيون، ۽ کاھين ۾ گھاٽو جھنگ ھو. اسلام آباد آھي جديد شھر ، پر سيڪٽرن جي وچ ۾ ڇڏيل جھنگ ۾ ذري گھٽ سمورا ديسي جانور موجود ھوندا آھن. سوئر، گدڙ، بگھڙ ، سيھڙ، سھا، جھنگلي ٻلا ۽ نانگ بلائون.
    رات جو جھنگ ۾ ڪاھي پوڻ تي دل جھلي نه سگھيم.
    وري ان خيال به پيرن ۾ سنگھر وجھي ڇڏيا، ته وڃان، ته ڪيڏانھن وڃان، ڪنھن وٽ وڃان ! چارڻ چريو ڪشمير خان وارن جي حجري ۾ قيد ھو. پر جيڪڏھن ھو کڻي فليٽ تي موجود ھجي ھا، ته به مان وٽس وڃي نه سگھان ھا. منھنجي تلاش ۾، بقول دودي جي، پوليس ٻه ٽي دفعا سندس فليٽ تي ڇاپا ھڻي چڪي ھئي. اھڙي صورت ۾ چارڻ وٽ وڃڻ، ۽ وٽس وڃي رھڻ مناسب نه ٿئي ھا. مراد ٺاٺارو اسلام آباد جي خوشحال سنڌين مان ھڪ ھو. مراد جيتوڻيڪ اسان جو سنگتي ھو، پر ڏاڍي خبرداري سان ھلندو ھو. اسان جھڙن توائي ۽ ڦٽيچر قسم جي سنڌين کان لنوائيندو ھو. باقي رھيو برپٽ صحرائي، اسان جو باغي شاعر، ستن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو پيءُ ! سوچيم، اڄ تائين باغي شاعريءَ جي ڪري مڙس مصيبت ۾ نه ڦاٿو آھي. مون کي جيڪڏھن رھايائين ضرور مارجي ويندو. نيٺ ڇا ڪجي؟ ڪنھن جو دڙ کڙڪائجي ! ڄڻ سوچ جا در بند ٿي ويا ھئا. پنھنجي باري ۾ بچاءَ بابت سوچڻ کان ڇوٽڪارو مليو ته مون کي گلاب گونگو ياد آيو. کيس پوليس جي لاڪپ ۾ ٻه ڏينھن گذري ويا ھئا. رکي رلي خيال پئي آيو ته ڏاڍو ماريو ھوندائونس. بيد جي لڪڻ ۽ چمڙي جي ڦٿڪن سان ماري ماري کل لاھي ڇڏي ھوندائونس. کيس ٽنگي، اونڌو لٽڪائي، ۽ ڪڏھن برف تي ليٽائي وحشتناڪ جسماني عذاب ڏنائون ھوندائون ! فرينچن طرفان الجيريا جي حريت پسندن تي ڪيل تشدد جا داستان اکين آڏو اڀري آيا. بنگالين تي ٿيل تشدد جي تاريخ پاسا ورائڻ لڳي. گلاب گونگو نه بچندو – ھٿ ٺوڪي مدي خارج تفتيش جي نالي ۾ پوليس وارا گلاب کي ماري وجھندا. گلاب جي ازلي خاموشي کين سمجھه ۾ نه ايندي. گلاب جي ماٺ کي ھو گلاب جي نٺرتا سمجھندا، ۽ ڳالھائڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ کيس ڏاڍو ماريندا !
    منھنجو وجود وڍجي ويو، اندر اڍ ٿي پيو.
    ائين برابر ھو ته منھنجي مڪمل ناڪاميءَ کان پوءِ روھڙي مان منھنجن مائٽن اسلام جي ڳولا ۾ گلاب گونگي کي اسلام آباد روانو ڪيو ھو. پر، گلاب کي ھنن منھنجي حوالي ڪيو ھو، منھنجي حفاظت ۾ ڏنو ھو. منھنجي قاضي چاچي رب ڏني. جنھن کي خلق چاچي ربن سڏيندي ھئي، ھڪ دفعي پنھنجي خط ۾ لکيو ھو، تنھنجي ناڪاميءَ تي قاضي محله روھڙي شريف ۾ سڀني مائٽن مٽن، ۽ يارن دوستن کي ڏاڍو ڏک ٿيو آھي. اسان تو کي سر چارلس نپيئر وانگر ڪا سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اسلام آباد روانو نه ڪيو ھو، ۽ نه ئي ڪرسٽوفر ڪولمبس وانگر اسلام آباد ۾ آمريڪا کي ڳولڻ لاءِ روانو ڪيو ھو. اسان توکي قاضي محمد اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد روانو ڪيوھو. پر، افسوس جو اسلام جي ڳولا ۾ تون مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪو آھين، ۽ اڄڪلھه اسلام آباد ۾ گم ٿي ويو آھين. تنھنڪري، قاضي محله روھڙي شريف جي اسان بزرگن محلي جي مرد مجاھد، پر نھايت ئي سادي نوجوان گلاب گونگي کي اسلام جي تلاش ۾ اسلام آباد ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اسلام جي ڳولا دوران گلاب تو وٽ رھندو، ۽ تنھنجي حفاظت ۾ رھندو.
    مون کي چاچا رب ڏني، عرف چاچا ربن جو خط ياد آيو. خط جو ھڪ جملو جملو، ۽ ھڪ ھڪ جملي جو ھڪ ھڪ لفظ ياد آيو.
    مائٽن گلاب گونگي کي منھنجي حوالي ڪيو ھو. پوليس ھٿان جيڪڏھن گلاب مارجي ويو، ته پوءِ مائٽن کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندس ! ڇا چوندا، ۽ ڇا سوچيندا منھنجا مائٽ ! اسلام کي ڳولڻ واري جستجوءَ ۾ ۾ پاڻ ته ناڪام ٿيو آھيان، مٿان گلاب گونگي کي پوليس چنبي مان ڪيئن ڇڏائجي. چوندا آھن، جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، پر پوليس مرندي دم تائين نه ڇڏي ! سوچيم، پوليس سولائي سان گلاب گونگي کي نه ڇڏيندي. کانئس ھندستان جو ايجنٽ ھئڻ جو مڃارائي دم پٽيندي !
    ماڻھن سان، خاص طرح سان اثر رسوخ وارن ماڻھن سان راھ رسم ۽ اٿڻ ويھڻ ۾ مان پيدائشي چنڊو آھيان. مون کي پاڙي جو ڪائونسلر به نه سڃاڻي. ڪير منھنجي مدد ڪندو؟ گلاب کي پوليس جي لاڪپ مان ڪڍائڻ ۾، ڪير مدد ڪندو؟ سڀ کان وڏو ۽ واحد آسرو ڏائڻ جو ھو. وڏي رھائيءَ واري عورت ھئي. مان سمجھان ٿو، ڏائڻ ڏانھن مائل ٿيڻ جا مون وٽ ٻه سبب ھئا. ھڪ ته ھو بي انتھا سھڻي ھئي، ۽ ٻيو ته اسلام آباد جي ذري گھٽ سڀني وڏن ماڻھن سان سندس دوستي ھئي. مان جيستائين ھن سان مليو نه ھوس، مون کي پنھنجي بي يارو مددگار ھئڻ جو احساس نه ٿيو ھو. ھن سان ملي مون کي محسوس ٿيو ته اجنبي شھر اسلام آباد ۾ فقط ھوءَ منھنجي آسرو ھئي. ھوءَ ئي منھنجو اجھو ھئي. مون کي خبر به نه ھوندي ھئي، ھوءَ منھنجي ڌوٻي، ۽ سيڌي سامان واري کي بل جا پيسا ڏيئي ڇڏيندي ھئي. منھنجي اعتراض تي ھڪ دفعي چيو ھئائين،” اڙي جوڳي، تون ڇا تون سمجھين ! مان تو تي عاشق ٿي پيئي آھيان، جو تنھنجا بل ڀريندي ٿي وتان، ھان! اصل ۾ مان تو کي قرض ۾ مبتلا پئي ڪريان. وياج نه ڇڏينديمانءِ. “
    ان ڏينھن اڍ ٺھيل بنگلي ۾ دوستن جي ڳالھه ڏاڍي ياد آئي. مون کي ورائي ورائي چيائون ھئائون ته ” جوڳي ان ڏائڻ کان ڀڄي جند ڇڏاءِ. اھڙي ھنڌ مارينداءِ، جو پاڻي به نه گھرندين !
    مون کي پاڻ تي سخت ڪاوڙ آئي. سوچيم، اسان سنڌي ھڪ ته عاشق جلدي ٿي پوندا آھيون. ادي کي ڪَن نه جَن، اسان ادن کي عشق انڌو ڪيو ! ڪھڙي اميد ۽ آس تي کيس فون ڪئي ھيم ! منھنجي مدد ڪندي، ھڪ سٺو وڪيل ڪري ڏيندي ! ڪيئن نه ٺھه پھه، ڏھن منٽن ۾ اچڻ لاءِ واعدو ڪيو ھئائين. ڄڻ منھنجي فون جي انتظار ۾ ويٺي ھئي. منھنجي خواب خيال ۾ به نه ھو ته ھوءَ ڪا ايڏي چالاڪ ۽ چست ھوندي !
    عين ان وقت ڏائڻ موٽي آئي. وري گاڏي آڻي اڌ ٺھيل بنگلي جي سامھون بيھاريائين. پاڻ، ٻنھي اوپرن ماڻھن سان گڏ گاڏي مان ٻاھر آئي. گاڏي لاڪ ڪري ڇڏيائين. ھو ٽيئي اڌ ٺھيل بنگلي ڏانھن وڌڻ لڳا. پٿرن، سرن ۽ سريئن تان ھلندا، ھو ٽيئي اوريئن پاسي واري وڏي ڪمري ۾ اچي بيٺا.
    ڏائڻ آھستي سڏ ڪيو، ” جوڳي “
    مان ساھ روڪي بيھي رھيس.
    ھن ٻيھر سڏ ڪيو، ” جوڳي“
    جواب جو انتظار ڪيائين.
    ھڪڙي اجنبي کانئس پڇيو، ” ميڊم ! توھان کي يقين آھي ته ھن توھان جي ڳالھه سمجھي ھئي؟“
    ” ڳالھه سمجھڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.“ ڏائڻ چيو، مون کيس واضع نموني ھن اڌ ٺھيل بنگلي ۾ لڪي بيھڻ لاءِ چيو ھو.“
    ٻئي اجنبي چيو، ” ممڪن آھي ، ھو اڃا بينڪ ۾ ئي موجود ھجي.“
    ” مون کيس ڏھن منٽن ۾ پھچڻ لاءِ چيو ھو.“ ڏائڻ چيو، ” مان سمجھان ٿي، اسان کي پندرھن ويھه منٽ ٿي ويا آھن.“
    ان کانپوءِ ٻنھي اجنيبن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو. ھنن مان ھڪ ڄڻي ڏائڻ کي چيو، ” ميڊم توھين گاڏي ۾ ويھو، اسين سڄي بنگلي جو چڪر ھڻي موٽي اچون ٿا.“
    ڏائڻ ٻاھر بيٺل گاڏي ڏانھن ھلي ويئي. مان بورچيخاني مان ڏانھس ڏسندو رھيس. اوندھ ۾ ھو پاڇيءَ وانگر گم ٿي ويئي.
    ٻنھي اجنبين مان ھڪ ڄڻيءَ کيسي مان لائيٽر ڪڍي ٻاريو. ٻئي سڏ ڪيو،” مسٽر جوڳي.“
    چند گھڙيون جواب جو انتظار ڪيائون. پوءِ ھنن ان ڪمري ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو، جنھن جي باٿ روم ۾ مان بيٺو ھوس. مون اوندھ ۾ پوئتي ھٽڻ شروع ڪيو. اوندھ ۾ ڪجھه نظر نه پئي آيو. ان ڊپ کان ته ڪٿي ڪو کڙڪو،ڪو آواز نه ٿئي، مون ٻئي ھٿ روشن دانن ۾ وجھي ڇڏيا. پاڻ کي ڇڪي مٿي ڪيم.
    بورچيخاني جي مٿان ٻه ڇتي ھئي. مان ساھ روڪي ٻه ڇَتيِ تي ليٽي پيس.
    ھو ٻئي بورچيخاني ۾ اچي بيٺا.
    ھڪ ڄڻي چيو، ” ميڊم کي غلط فھمي ٿي آھي.“
    ٻئي ڄڻي چيو، ” ڪمال ٿو ڪرين ! ٻين کي غلط فھميءَ ۾ وجھڻ واري کي غلط فھميءَ ڪيئن ٿيندي.“
    ان کان پوءِ ھو پاڻ ۾ ڳالھائڻ بيھي رھيا.
    ” مون کي پڪ آھي ته، ھو اڃا تائين بينڪ ۾ آھي.“
    ”مان سمجھان ٿو، ھو پڪڙجي پيو آھي.“
    ” تون ھينئن ڪر، مٿيئن فلور جو چڪر ھڻي اچ. مان ھيٺين پاسي کان ڏسي ٿو وٺان.“
    ٻنھي ڄڻن مان ھڪڙو مٿيئن فلور ٿي ھليو ويو. ٻيو بورچيخاني جي دري ٽپي، ٻئي پاسي وڃي ورانڊي ۾ بيٺو. لائيٽر ٻاري ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين. لائيٽر وسائي ڇڏيائين.
    ٻئي اوپرا ماڻھو اڌ ٺھيل بنگلي ۾ پندرھن منٽ کن رلندا رھيا. اوندھ ۾ ٿاٻا کائيندا رھيا. ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا اڌ ٺھيل بنگلي مان نڪري ويا.
    ڪجھه دير کانپوءِ مون گاڏي جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز ٻڌو. گاڏي زورڪاٽ ڪندي رواني ٿي ويئي.


    19

    مون واضع نموني ڪار جي رواني ٿيڻ جو آواز ٻڌو ۽ پوءِ ڪافي دير تائين ماحول بيچين ڪندڙ خاموشي ۾ ٻڏي ويو. ساھ روڪي ڪنھن کڙڪي، ڪنھن آواز جو انتظار ڪرڻ لڳس. گذريل ٻن ٽن ڏينھن ۾ اھڙن اھڙن تجربن مان گذريو ھوس، جو يقين جي ڪعبي جا سمورا بت ڀڄي پيا ھئا. انساني سطح تي رشتن جا سلسلا اھڙي نموني ٽٽندي ڏٺا ھئم، جو رشتن جي تقدس تان ايمان کڄي ويو ھو. رکي رکي خيال پئي آيو ته، ڏائڻ جھڙي نموني مون سان دوکو ڪيو آھي، بعيد ناھي مون کي فريب ڏيڻ لاءِ پاڻ ڪار ھلائي ھلي ويئي ھجي، ۽ پٺيان پنھنجي گماشتن کي ڇڏي ويئي ھجي ! مون کي محسوس پئي ٿيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا ٻئي ڪارندا اڌ ٺھيل بنگلي ۾ موجود ھئا. مون کي لڳو پئي ھنن کي پڪ ھئي ته مان اڌ ٺھيل عمارت ۾ موجود ھيس. سوچيم، ٻنھي گماشتن کي منھنجي پھري تي ڇڏي، ڏائڻ قانون نافذ ڪرڻ وارن جي وڏي نفري وٺڻ لاءِ ھلي ويئي آھي. ھوءَ وڏو لشڪر وٺي موٽي ايندين، اڌ ٺھيل عمارت کي گھيري ۾ وٺندي ! مون کي پڪڙائي، قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي نظرن ۾ سرخرو ٿيندي. وردي پوشن جي موجودگيءَ ۾، ڏاڍائي ڊرامائي انداز ۾ چوندي، جوڳي مون کي پڪ ھئي ته تون سنڌ جي بدنام دھشتگردن مان ھڪ آھين. تون تخربيڪاريءَ جي وڏي ڪنھن مھم تي اسلام آباد آيو آھين. پنھنجي دوست اسلام کي اسلام آباد ۾ ڳولڻ واري ڳالھه محض ھڪ بھانو آھي.
    سردي جي باوجود مون کي پگھر جا ڦڙا ڪويلين وانگر ڪنڌ تي ھلندي محسوس ٿيا.
    نه نه، ھو ائين نه ڪندي، شعوري سطح تي بحث ڇري پيو.
    ھو ائين ڪندي، ڪندي
    نه نه. ھو ائين نه ڪندي. مون کي ڦاھي جي ڦندي تائين وٺي ويندي ! اھو ممڪن ئي نه آھي.
    اڙي بيوقوف، سموري تاريخ اھڙن واقعن سان ڀريل آھي.
    ٺيڪ آھي ، مان مڃان ٿو، ھن واضع نموني ڪڏھن به پنھنجي محبت جو اظھار نه ڪيو آھي. پر، مون کي يقين آھي، ھن مون سان محبت ڪئي آھي.
    تڏھن اوچتو بحث بند ٿي ويو. تصور ۾ مون پاڻ کي وردي پوشن جي نرغي ۾ ڏٺو. ڏائڻ به وردي ۾ ھئي ! مون ڏانھن آڱر سان اشاروڪندي چيائين، وڏو ڪو احمق آھين جوڳي ! تون ڇا تون سمجھين، مون تو سان محبت ڪئي آھي ! آئيني ۾ پنھنجي شڪل ڏٺي اٿئي ! معاشري ۾ منھنجي مقام ۽ پنھنجي مقام جو فرق محسوس ڪيو اٿئي ! اڙي بيوقوف، مون تو سان محبت جو ڍونگ رچايو ھو، تنھنجو انت لھڻ لاءِ مون تو سان محبت جو ناٽڪ رچايو ھو ! تون ڇا ٿو سمجھين، مان تنھنجي عشق ۾ مبتلا ٿي پيئي ھيس ! تو سان عشق جي راند رچائي، مون پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي. اھو سڀ ڪجھه منھنجي ڊيوٽي ۾ شامل ھو. تون دھشتگرد آھين ! تون ملڪ ۽ ملت جو دشمن آھين. تو نظريه پاڪستان کي دل سان قبول نه ڪيو آھي !
    مون سيني ۾ ٻوسٽ محسوس ڪئي. لڳو پئي سيني ۾ لھي ويل ساھ موٽي نه ايندو. اندر رھجي ويندو. مان ٻوساٽجي مري ويندس. ان وقت مون کي پنھنجو بنگالي دوست انيس چوڌري ڏاڍو ياد آيو. ايڪويھه، ٻاويھه سال اڳ، اڃا مشرقي پاڪستان، مشرقي پاڪستان ھيو، بنگله ديش نه ٿيو ھو، تڏھن ھڪڙي رات منھنجي دوست انيس چوڌري کي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا بيحد ذھين ڪارندا گرفتار ڪري وٺي ويا ھئا. اسان ٻنھي ساڳئي سال ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي ھئي، ۽ اطلاعات واري محڪمي ۾ وڃي نوڪري ڪئي ھئي. انيس چوڌري اسان سڀني کان وڌيڪ ذھين ھو، ۽ ملڪ جي سياست تي تھه ۾ لھي ڳالھائي سگھندو ھو، اھو ئي سندس وڏي ۾ وڏو ڏوھ ھو. ھو اڪثر چوندو ھو، توھين مغربي پاڪستان وارا اسان بنگالين جي باري ۾ ان کان وڌيڪ ڇا ٿا ڄاڻو، ته اسين بنگالي ملڪ ۽ ملت جا دشمن آھيون، ۽ اسان نظريه پاڪستان کي دل سان قبوليو نه ڪيو آھي ! اسين ھندستان جا ايجنٽ آھيون ! ان کانسواءِ اسان جي باري ۾ توھان مغربي پاڪستان وارن کي ڪھڙي معلومات آھي؟ توھان کي خبر آھي ته اسان جا سياسي مسئلا ڪھڙا آھن؟ توھان کي خبر آھي ته اسان جا اقتصادي مسئلا ڪھڙا آھن؟ اسان جا معاشي مسئلا ڪھڙا آھن؟ بنگالي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي باري ۾ توھان جي ڄاڻ ڪيتري آھي؟ ڌرتيءَ سان اسان جي رشتي جي باري ۾ توھان کي ڪيتري خبر آھي؟ توھين وڏا جاھل ۽ بيخبر آھيو. توھان کي پنھنجي جھالت جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
    ۽ جلد ئي پاڪستانين جي جھالت جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پيئي ھئي، ۽ ملڪ ٽٽي پيو ھو ! انيس چوڌري جي پيشنگوئي صحيح ثابت ٿي ھئي.
    پر مان انيس چوڌري وانگر ذھين نه آھيان. ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالتن جي باري ۾ منھنجي ڄاڻ ناقص آھي. مون کي فقط ايتري خبر آھي ته رھجي ويل پاڪستان جي مغربي پاڪستانين کي ڪا خبر ڪونھي ته سنڌ جا سياسي مسئلا ڪھڙا آھن؟ سنڌ جا اقتصادي ۽ معاشي مسئلا ڪھڙا آھن؟ سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت جي باري ۾ سندن ڄاڻ ڪيتري آھي؟ ڌرتيءَ سان سنڌين جي رشتي جي باري ۾ سندن معلومات ڪيتري آھي؟
    مان ھڪ عام رواجي مولائي ۽ غير سياسي ماڻھو آھيان. منھنجو ملڪ جي سياست سان ڪو واسطو ڪونھي. مان مائٽن جي چوڻ تي اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد آيو ھوس، ۽ اجايو، مفت ۾، مصيبت ۾ پئجي ويو ھوس.
    اڌ ٺھيل عمارت گھيري ۾ ورتل ڪنھن شڪسته قلعي وانگر محسوس پئي ٿي. ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪھڙي واٽ وٺان ! ھر ڪا راھ جھر جھنگ ۽ رڻ پٽ ڏانھن وٺي پيئي ويئي. بک، اڃ ۽ مايوسي ورائي ويئي. سنڌ ۾ جيڪڏھن ان قسم جون حالتون منھنجي لاءِ پيدا ٿي پون ھا، ته جيڪر ڪنھن ٻيلي جو رخ ڪريان ھا ، ۽ ڪنھن ڪاري ماڇيءَ، ڪنھن اڇي ماڇيءَ يا جندي شيخ ڌاڙيل جي ٽولي ۾ وڃي شامل ٿيان ھا، ۽ پوءِ کٽن ڀاڳ ! پر مظبوط مرڪز جي گاديءَ واري ھنڌ مان ڀڄي ڪيئن نڪرجي ! ۽ ڀڄڻ کان اڳ گلاب گونگي کي پوليس جي چنبي مان ڪيئن ڇڏائجي ! ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو.
    خبرداري سان بورچي خاني مان نڪري وڏي ڪمري ۾ وڃي بيٺس. ٺلھه جي اوٽ ورتم. سوچيم، ان کان اڳ جو قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي پلٽڻ اڌ ٺھيل عمارت ۾ ڪاھي پوي، مان ڀڄي وڃان. رستي واري رخ ۾ نڪرڻ خطري کان خالي نه ھو. ڏائڻ ان طرف کان پنھنجي ڪار آڻي بيھاري ھئي. اھو به ممڪن ھو ته ھوءَ ٻنھي گماشتن کي اتيئي، اوسي پاسي لڪائي، پھري تي بيھاري ھلي ويئي ھجي. ٻئي پاسي آباد بنگلن جون قطارون ھيون، ۽ پوئين طرف گھاٽو جھنگ ھو. مصيبت ۾ مرن، سوئرن ۽ بگھڙن کي منھن ڏيئي سگھجي ٿو، پر ماڻھن کي نه. مصيبت ۽ تڪليف ۾ ماڻھو اھو ئي ڪردار ادا ڪندا آھن، جيڪو ھنن منصور حلاج جي شھادت ڀيري بغداد جي چوڪ باب الطلق ۾ ادا ڪيو ھو. سرڪاري گماشتن ھٿان چيريل، چچريل ۽ چٿيل منصور کي ھنن سنگسار ڪري ڇڏيو ھو.
    عين ان وقت جڏھن پڌر لتاڙي پوئين پاسي جھنگ ۾ ڪاھي پوڻ لاءِ دل پڪي پيئي ڪيم، مون ڏائڻ جي ڪار کي رستي جي ٻئي پاسي بينڪ وٽ بيھندي ڏٺو. بينڪ ٻاھران ورانڊي ۾ ٻرندڙ بلبن جي روشني جھڪي ھئي. ڏائڻ ڪار مان نڪري بينڪ جي چوڪيدار سان ڪجھه ڳالھايو. لالو چوڪيدار ڪڏھن ٻانھون ھيٺ ڪري، ۽ ڪڏھن ٻانھون مٿي ڪري ساڻس بحث ڪندو رھيو. ائين پئي لڳو، لالي تمام سختي سان ڪنھن ڳالھه مڃڻ کان انڪار پئي ڪيو، ۽ ڏائڻ کيس مڃائڻ تان ھٿ نه پئي کنيو. ڪجھه دير کانپوءِ ٻئي اوپرا ماڻھو ڪار مان ٻاھر نڪتا ۽ ڏائڻ کي سمجھائڻ لڳا. ڏائڻ آڱر سان چوڪيدار ڏانھن اشارا ڪرڻ لڳي، ڄڻ چوندي ھجيس، مان تو کي ڏسي رھنديس.
    ٻنھي اجنبين جي سمجھائڻ ڪرڻ تي ڏائڻ موٽي وڃي ڪار ۾ ويٺي. گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ کان اڳ ھن وري دريءَ مان ٻانھن ڪڍي ھٿ سان لالي ڏانھن اشارو ڪيو. اشاري ۾ ساڳيو دڙڪي وارو انداز ھوس. مان تو کي ڏسي رھنديس.
    بينڪ وٽان ڪار ڦيرائي ھوءَ اڌ ٺھيل عمارت وٽ اچي بيٺي.
    مون اوندھ ۾ ورتل آسمان ڏانھن ڏٺو، ۽ عمارت جي پوئيان گھاٽي جھنگ ۾ ڪاھي پيس.


    20

    اسلام آباد جو جھنگ، رات جو پھر ۽ سيارو ! جيئري رھن تان ارواح کڄي ويو. اوندھ انڌوڪار ۾ واٽون ويھه ٿي پيون. ھر واٽ اونداھي سرنگ جھڙي. سُرنگ جي پوئين پاسي روشني جو ڪو به تِرورو نه ھو. جيڏانھن منھن، تيڏانھن وڌندو پئي ويس. پنھنجي پَرَ ۾ سمجھيم پئي ته سيڪٽر جي سڪس جي رخ ۾ وڌيس پئي. رکي رکي فقط برپٽ صحرائيءَ جو خيال آيو پئي. سوچيم، مڙس آھي ته عيال ورارو، پر مھل جو مڙس آھي. در بند نه ڪندو. دوستي جو ڀرم ۽ پرديس ۾ ڳوٺائي جي لڄ رکندو. ڪنڌ نه ڪڍائيندو. مون کي پاڻ وٽ پناھ ڏيندو.
    جھنگ جھاڳيندي،سخت سيءَ جي باوجود ذھن ھڪ رٿ تيار پئي ڪئي، ۽ وک کن کانپوءِ رد ڪري پئي ڇڏي.
    گرفتاري کان اڳ پنھنجي لاءِ ۽ گلاب گونگي جي ضمانت جو خيال مون دل مان ڪڍي ڇڏيو. ضمانت جي امڪان تي سوچڻ اجايو ھو. حالتون جھڙي نموني بي رحميءَ سان پاسو ورائي بيٺيون ھيون، تنھن ۾ ڪنھن کان ضمانت جي اميد رکڻ پاڻ سان فريب برابر ھو. سڄي ساري اسلام آباد ۾ ھڪ مراد ٺاٺارو ھو، ۽ ٻي ڏائڻ ھئي، جن کان ضمانت جي آس ھئي. مراد ٺاٺاري ۾ مون کي اميد گھٽ ھئي. ھن جي نگاھ افق تي ۽ قدم ترقيءَ جي ڏاڪي تي ھو. ان ۾ ھن ويچاري جي ڏوھ نه ھو. کلڻو، چرچائي، ٺوڙھو، مگر ٺاھوڪو. سنڌ مان ڪوچ ڪري جڏھن اسلام آباد آيو ھو ته فقط ڇوٽي موٽي نوڪري ڪرڻ نه آيو ھو. سنگتين ساٿين کي خبر ھئي ته مراد ٺاٺارو اسلام آباد فتح ڪرڻ آيو ھو. ۽ پوءِ ڏسنديئي ڏسندي، ھن ڪمال ذھانت سان اقتدار جي ايوانن ۾ پنھنجي ساک جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا. نوڪريءَ م کنيو ھئائونس ذوالفقارعلي ڀٽي جي دور ۾، پر وڌيڪ سرخرو ٿيو جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري ڏھاڪي ۾. جنرل ضياءَ جي انيڪ صلاحڪارن مان ڪن کي پنھنجو مامو، ڪن کي چاچو، ڪن کي ڀاءُ ۽ ڪن کي ڀاڻيجو ڪري ڇڏيو ھئائين. جنھن ڏينھن جنرل ضياءَ جو جھاز بھاولپور ۾ ڪري تباھ ٿيو ھو، تنھن ڏينھن ٽيليويزن تي خبرون پڙھڻ واري اظھر لوڌيءَ کان وڌيڪ مراد ٺاٺاري کي روئيندي ۽ ھنجون ھاريندي ڏٺو ويو ھو. ڪجھه ماڻھن جو خيال ھو ته ٺاٺارو جنرل ضياءَ جي پٽن اعجازالحق ۽ انوارالحق کان وڌيڪ رنو ھو. سندس ذھانت جي انتھا ھئي، جو گھر جي جنھن ڪمري ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير رکي ھئائين، تنھن ڪمري ۾ جنرل ضياءَ جا صلاحڪار کانئس سنڌ جي باري ۾ معلومات ھٿ ڪرڻ ايندا ھئا. اصل ۾ جنرل ضياءَ جا صلاحڪار کيس سنڌ جي اڻٿانئيڪي صورتحال تي سونھون سمجھندا ھئا. سنڌ ۾ سنڌي خوش ته مظبوط مرڪز ۾ اسان جو دانشور خيما کوڙي ويٺو آھي، ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪري رھيو آھي. مرڪز ۾ مقبول، سنڌ ۾ سرخرو ! اھڙو آھي اسان جو يار مراد ٺاٺارو.
    بينيظر ڀٽو اقتدار ۾ آئي، ته اسان وارو يار ٺاٺارو سندس باڊي گارڊن ۾ وڃي شامل ٿيو. ان دور ۾ پرائيم منسٽر ھائوس ٻاھران ڪمانڊوز کان سواءِ مراد ٺاٺارو به پاپنديءَ سان نظر ايندو ھو. انھن ڏينھن ۾ جن سڄڻن سياسي مشورن سان بينظير کي متاثر ڪيو ھو، مراد انھن ۾ سرفھرست ھو !
    اوندھ، سيءَ ۽ جھنگ ۾ جيئدان لاءِ ڊوڙندي ڊوڙندي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون کي مراد ٺاٺاري تي ڪاوڙ آئي. مون اول دل ۾ کيس گاريون ڏنيون ۽ پوءِ وڏي واڪ سھڪندي، کيس ڪچيون پڪيون گاريون ڏنيدي مان ڊوڙندو رھيس.
    تون پيدائشي چمچو آھين ٺاٺارا.
    تون ڪم ظرف ۽ ڪمينو آھين.
    تنھنجي ڄمار ھر دور ۾، ھر حڪومت جي اسيمبلي ميمبرن جي چاڪري ڪندي گذري ويندي.
    اسيمبلي ميمبرن ۽ مرڪزي سيڪريٽرين کي سنڌڙي انبن جا کوکا، چيڪو، ڪينو، ماکيءَ جا شيشا، ڪڪڙ ۽ قوت باھ جا ڪيپسول پڄائيندي پڄائيندي تون خارش زدھ ٿي ويندين.
    تون خارش زدھ ڪتي وانگر ھڪڙي ڏينھن ايم اين اي ھاسٽل ٻاھران پيو ھوندين ۽ سپاھين جي ڏنڊن ۽ ٺوڪرن ۽ پٿرن جو بک ٿي ويندين !
    الائين ڪيتري دير تائين مان قسمين قسمين گاريون ٺاٺاري کي ڏيندو رھيس. ڪافي دير کانپوءِ مون کي لڳو، ڄڻ گارين جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو. اصل ۾ ائين نه ھو. لاڳيتو گاريون ڪڍڻ، ۽ رڙيون ڪرڻ جي ڪري مان اندروني خالي ٿي ويس. سڄو غبار، ڪاوڙ، غلاظت، ڪرفتي منھنجي وجود مان نڪري ويئي. مون کي پنھنجي سوچ ۽ رويي تي افسوس ٿيڻ لڳو. ڪجھه به ٿي پوي، ٺاٺارو اسان جو سنگتي ھو. ترقي ڪرڻ جو جنون سندس ذاتي فعل ھو. اسان کي يار جي ياري سان واسطو ھو.، يار جي فعلن سان نه ! مان سمجھان ٿو . ان وقت مون کي آرٿ ڪئيسلر جو قول ياد آيو ته آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪمزور انسان ھوش حواس وڃائي ويھندو آھي، ۽ وڏي واڪ بڪ بڪ ڪري راز ظاھر ڪري وجھندو آھي !
    بک ۽ پريشاني سبب، ھڪ ڪمزور انسان وانگر مان توائي ٿي پيو ھوس. سگھه ساٿ ڇڏڻ لڳي. مون محسوس ڪيو ته آزمائش جي گھڙيءَ ۾ مان پنھنجو ھوش ھٿان وڃائي رھيو ھوس. ڊوڙڻ جي رفتار ڍري ٿيڻ لڳي. ٿوري دير اڳ ٺاٺاري کي ڏنل گارين جو مون کي ڏاڍو ڏک محسوس ٿيو. ڏک جي چھنڊري دل ۾ پيئي. سَنڌ سَنڌ مان سيسڙاٽ نڪري ويو. مان ھڪ ھنڌ بيھي رھيس.
    نظر ڦيرائي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم. ڪجھه نظر نه آيو. اوندھ ايتري قدر گگھه ھئي، جو ھڪ ٻن ڦٽن کان اڳتي ڪوشش جي باوجود ڪجھه نظر نه پئي آيو. مان ھٿ ڪڇن ۾ ڏيئي ويھي رھيس.
    ايڏو ڪروڌ منھنجي اندر ۾ ڪٿان آيو؟ مون سوچيو، مان ڀڃي ڀري رھيو آھيان؟ ختم ٿي رھيو آھيان؟ دوستن کي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪرڻ واري فلسفي تي عمل ڪرڻ جي باوجود ھيءُ مون ڇا ڪيو! ڇو مراد ٺاٺاري کي گاريون ڏنم ۽ کيس بدشد ڳالھايم ! ڇو؟
    تڏھن محسوس ڪيم، ته اصل ۾ مون کي ڏائڻ جو ڏک ھو. مٿس ڏاڍو مان ھو مون کي ! سوچيو ھيم، جڏھن به زندگيءَ ۾ آزمائش جي گھڙي ايندي، ھوءَ منھنجي قريب ھوندي، مون کي ھيڪلو نه ڇڏيندي. حالتن ھٿان ميزان ۾ ڌڪ کائي ويٺس ته ھوءَ مون کي غلط نه سمجھندي !
    مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻاھرين اوندھ کان وڌيڪ مون کي پنھنجي وجود جي اوندھ گھري محسوس ٿي. ٻاھرين جھنگ کان وڌيڪ مون کي سوچن جو جھنگ وڌيڪ گھاٽو محسوس ٿيو . رکي رکي ھڪ سوال بڙڇيءَ وانگر گھائل ڪندو رھيو. مون سان ڳالھائي ته ھا ! مون کي ڳالھائڻ جو موقعو ته ڏئي ھا ! پوليس وارن جي جڙتو رپورٽن تي يقين ڪري ويٺي ! ماضيءَ جي ڪنھن حوالي کي معتبر نه سمجھائين ! ائين ڇو ڪيائين، ائين ڇو ڪيائين؟
    مون ته کيس گلاب گونگي جي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو ھو. ان جو مطلب آھي، ھن منھنجي ڳالھه تي يقين نه ڪيو آھي ! سوال سنگسار ڪندا رھيا – ته پوءِ ھن ان ڳالھه تي به يقين نه ڪيو ھوندو ته گلاب، گونگو آھي – ڳالھائڻ کان معذور آھي ! ھن گلاب سان اذيتن دوران ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندي ! ھن کانئس منھنجي باري ۾ پڇيو ھوندو. جوڳي ڪير آھي؟ ڪھڙيءَ سياسي پارٽيءَ جو دھشتگرد آھي؟ اسلام آباد ڪھڙي مقصد سان آيو آھي؟ آبپارو اڏائڻ آھيو آھي، يا زراعتي بينڪ جي عمارت؟ اقتدار جي ايوانن ۾ ڪنھن کي قتل ڪرڻ آيو آھي؟ ڪنھن کي؟
    گلاب کي ماري ڇڏيندا !
    آتش فشان جو رجيل پگھريل، ٽھڪندڙ لاوو منھنجي مغز مان لھي، رڳ رڳ ۽ سَنڌ سَنڌ ۾ ڊوڙن لڳو.
    مان گلاب کي اھڙي نموني مرڻ نه ڏيندس ! مون کي پنھنجي وجود ۾ پڙلاءُ ايندو رھيو. مان گلاب کي مرڻ نه ڏيندس ۽ جيڪڏھن گلاب کي ماري ڇڏيائون ته پوءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن جي ان ٽيم جي ھڪ ھڪ ميمبر کي چونڊي چونڊي ماري ڇڏيندس، جنھن تفتيش جي دوران پڇاڳاڇا جي نالي گلاب کي عذاب ڏنا ھوندا ! مان دھشت گرد نه آھيان. پر مان کين دھشگرد ٿي ڏيکاريندس.
    مان سڀ کان اڳ ڏائڻ کي ماريندس ! اسين ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي وجود ۾ عدالت لڳائيندا آھيون، ۽ ان عدالت جي ڪٽھڙن ۾ ڪڏھن پاڻ بيھي رھندا آھيون، ۽ ڪڏھن انصاف جي مسند تي ويھي رھندا آھيون. مون ڪٽھڙي ۾ بيٺل ڏائڻ کي پنھنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، مان تو کي جيئرو نه ڇڏيندس. گلاب جي خون جي ڏوھ ۾ مان تو کي قتل ڪري ڇڏيندس.


    21

    مون کي خبر نه پيئي ته جابر جھڙي رات ڪيئن ۽ ڪڏھن وھامي ويئي. سموري رات مون ڪروڌ ۽ نفرت ۾ پڄرندي گذاري ڇڏي ھئي. چپ ڏندن سان چچڙيل، مٺيون ڀڪوڙيل، اکيون اُلاءُ ! ڦونڊاريل ناسن مان ساھ ائين پئي آيو ۽ ويو، مان ڄڻ ھيبتناڪ جھنگلي سان گڏ ھوس، ۽ زندگيءَ ۽ موت جي مقابلي ۾ نڪري پيو ھوس. ڌرتي مون کي پنھنجي پيرن ھيٺان ڪنبندي محسوس ٿي. اندر مان ھڪ ئي آواز جو پڙلاءُ ۾ ٻڌڻ پئي آيو، مان ڏائڻ کي جيئرو نه ڇڏيندس، کيس قتل ڪندس. ھوءَ گلاب گونگي جي قاتل آھي. مان کيس سزا ڏيندس. کيس ماري ڇڏيندس.
    منھنجي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھو ته مان زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڏائڻ کان ايتريقدر نفرت ڪري سگھندس ! جنھن کي مون گذريل ڪنھن جنم جي حوالي سان سڃاتو ھو، تنھن کي ايڏي شدت سان ڌڪاري ڇڏيندس ! بُک، اُڃ، ڪمزوري ۽ تڪليف جي باوجود مان ظلم جھڙي رات ۽ واسينگن جھڙي جھنگ ۾ ڀٽڪندو رھيس، ۽ وڻن سان وچڙندو رھيس. پر پنھنجي اندر جو انت لھڻ جي ڪوشش ڪندو رھيس. ڏائڻ لاءِ منھنجي نفرت جو بنياد گلاب جي ھلاڪت تي بيٺل آھي، يا مون سان ڪيل فريب تي؟ مان پاڻ کان پڇندو رھيس، پڇندو رھيس.
    پاڻ کان پڇيل سوال ھميشه جواب کان محروم رھجي ويندا آھن ۽ پوءِ، جڏھن ڪنھن سوال جو جواب نه ملندو آھي، تڏھن وجود سوالن جي انبار ھيٺان دفن ٿي ويندو آھي، ۽ زندگي خود جواب کان محروم ھڪ سوال وانگر محسوس ٿيندي آھي. ھڪ ھماليه جيڏو سوال سِرَ تي کڻي مان سيڪٽر جي سڪس ڏانھن وڌندو رھيس.
    ڪجھه ياد ڪونھي درد جي رات ڪيئن گذري ويئي. پرھ ڦٽي ٿي ته مان لال ڪواٽرن جي ويجھو پھچي چڪو ھوس. سوچيم، ڪيپيٽل ڊوليپمينٽ اٿارٽيءَ وارن اسان جھڙن جي سولائي ۽ سھولت لاءِ ڪيڏو نه ڪرم ڪيوآھي ! سيڪٽرن جي وچ ۾ اھڙا اھڙا گھاٽا جھنگ ڇڏيا اٿائون، جھڙو سنڌ جا ٻيلا ! لڪي ويھي رھو ته زندگي مِرن سان ڪچھري ڪندي گذري وڃي !
    کير وارا موٽر سائيڪلن سان کير جا دٻا ٻڌي سڙڪن تي نڪري آيا ھئا. ڪُل وڻن جون مٿاھيون ٽاريون، جھونجھڪڙي ۾ روشن ٿي پيون ھيون. مان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي، تيز ڊوڙندو، جھنگ مان نڪري لال ڪواٽرن جي پٺيان وڃي پھتس. برپٽ صحرائيءَ جو ڪواٽر پوئين قطار جي آخري حصي ۾ ھو. ڪواٽرن جي ڀتين سان لڳندو ۽ گسندو مان برپٽ صحرائيءَ جي ڪواٽر پٺيان وڄي بيٺس. پٺيئن پاسي اڱڻ کان ھڪ در ھو. مون در کڙڪايو. ڪجھه دير تائين در کلڻ جو انتظار ڪرڻ کانپوءِ ٻيھر در کڙڪايم.
    در کليو، در مان برپٽ صحرائيءَ جي ھڪ پٽ ليئو پاتو. مون تي نظر پيس ته وائڙوٿي ويو. سڃاڻڻ لاءِ ٻه چار دفعا اکيون ٽمڪائي، مون ڏانھن ڏٺائين ۽ پوءِ در ڦھڪائي ڀڄي ويو.
    ڪافي دير تائين ڪنھن ٻيھر در نه کوليو. مون در کڙڪايو.
    در کليو. کليل در مان برپٽ صحرائيءِ جي زال ليئو پاتو. پريشاني سندس چھري تي پوسٽر وانگر چنبڙيل ھئي. مون کي ھٿ ٻڌندي سُڙٻاٽن ۾ چيائين، ” ادا جوڳي، خدا جي واسطي ھليو وڃ، اسان ڏاڍا پريشان آھيون.“
    ڪمزوري سبب مان در جي ڀرسان ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيس. لڳم پئي، ساھ نڪري ويندو.
    چيم، ” مون کي پاڻي جا ٻه ڍڪ ڏي ڀاڄائي.“
    ڀاڄائي چيو، ” تون ھليو وڃ ادا جوڳي، خدا جي واسطي ھليو وڃ “
    ساڻي ساڻي ساھ سان چيم، ” مان ٽن ڏينھن کان بکايل آھيان. مون کي ٻه ڍڪ پاڻي ۽ ماني جو گرھ ڏئي.“
    ھوءَ منجھي پيئي ڄڻ ڪنھن فيصلي تي پھچڻ پيئي چاھيائين . ڪجھه دير تائين ٻُڏَ تَرَ ۾ بيٺي رھي.
    ڄڻ ڪو فيصلو ڪري ورتائين. در بند ڪري ھلي ويئي.
    ٻه چار کير وارا پنھنجيون موٽر سائيڪلون تيزيءَ سان ڊوڙائيندا لنگھي ويا. ڏينھن ڦٽڻ لڳو، سيءَ ۾ سُڪل ۽ ٿڙڪندڙ ڏينھن !
    ڪجھه دير کانپوءِ در کليو. ڀاڄائيءَ ڊڄندي ڊڄندي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو کليل در جي وٿي مان ھٿ وڌائي، مون کي پاڻي جو گلاس ڏنائين. ھڪ ڳيت ۾ مان سڄو پاڻي پي ويس. گلاس ڀاڄائي کي موٽائي ڏنم، ڀاڄائي ھڪڙي ننڍڙي ھڙ تڙ تڪڙ ۾ مون کي ڏيندي چيو، ” ھن ۾ مانيون ۽ تريل پٽاٽا آھن. ھاڻي تون ھليو وڃ ادا.“
    پڇيم، ” برپٽ ڪٿي آھي؟“
    ساھ سڏڪن سان وچڙي پيس.
    مان ڊڄي ويس. پڇيم، ” خير ته آھي ڀاڄائي.“
    چيائين، ” نبن جي پيءُ کي پوليس وارا وٺي ويا آھن.“
    ”ڇو؟“ مون تعجب وچان پڇيو، ” برپٽ ته ڏاڍو معصوم قسم جو ماڻھو آھي، ھن کي ڇو وٺي ويا آھن.“
    رئي جي ڪنڊ سان اکيون اُگھندي چيائين، ” تنھنجي ۽ گلاب جي باري ۾ پڇا ڪرڻ لاءِ وٺي ويا اٿس.“
    پڇيم، ” ڪڏھن؟“
    وراڻيائين، ” ٻه ڏينھن ٿيا آھن.“
    مون محسوس ڪيو، مان ڪوڙھي آھيان. منھنجو وجود ڪوڙھ جي زخمن سان روڳي ٿيل آھي. مون کي ھتان وڃڻ گھرجي ! وستين کي خيرباد ڪري ويرانين ڏانھن رخ ڪجي ! ماڻھن جي مون سان نفرت اجائي نه آھي.
    مان اٿي بيٺس.
    ڀاڄائيءَ روئيندي چيو، ” پوليس وارا اسان جي ٻنھي وڏن پٽن ۽ منھنجيءَ سس کي به وٺي ويا آھن.“
    مان ڪنبي ويس. پنھنجي ساءِ چيم، ”برپٽ جي والدھ کي به وٺي ويا آھن؟.“
    ڀاڄائي روئيندي چيو، ” ڪالھه شام جو مان کيس ملڻ ويئي ھيس.“
    مون ڪجھه نه چيو.
    ھوءَ اوڇنگار ڏيئي روئي پيئي، ” ڏاڍو ماريو اٿائونس، ٻه ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿائونس.“
    دل چاھيو جھنگ ۾ ڪاھي پوان. ماڻھن بدران مِرن سان وڃي زندگي بسر ڪريان ! سوئر، بگھڙ، ۽ نانگ ھر حال ۾ انسان کان بھتر آھن. بھتر ان ڪري آھن جو ھو سازشون ڪري نه سگھندا آھن.
    بنا ڪجھه چوڻ جي مون پٺيئن پير ھٽڻ شروع ڪيو.
    ” ادا جوڳي “ ڀاڄائي سڏ ڪيو ۽ وٿيءَ مان ھٿ ٻاھر ڪڍيو. چيائين، وٺ ! کليل ھٿ ڏانھنس وڌايم. ڀاڄائيءَ سوء روپين جو نوٽ منھنجي ھٿ تي رکي ڇڏيو، ۽ پوءِ ھڪدم در بند ڪري ھلي ويئي.


    22

    مان پٺڀرو ھٽندو ويس، برپٽ صحرائي جو ڪواٽر مون کان پري ٿيندو ويو.
    مون کي خبر ھئي ته مجرم ۽ جرائم پيشه شخص مجبور ماڻھن کي ھيومن شيلڊ يعني انساني ڍال طور استعمال ڪندا آھن. ھو پنھنجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ڪارندن جي وچ ۾ مجبور ماڻھن کي بيھاري ڇڏيندا آھن. مون کي اھا خبر ھئي ته سنڌ ۾، ان جي برعڪس، ڏوھارين کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن طرفان ڏوھارين جي پورھن مٽن مائٽن ۽ جوان زالن ۽ ڌيئرن ۽ ڀينرن کي حراست ۾ ورتو ويندو آھي، ۽ ان ڪاروائي کي جائز سمجھيو ويندو آھي. محمد عالم کوسو، ڌاڙيل عالمو کوسو ٿيڻ کان اڳي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙھندو ھو. ھاريءَ جو پٽ ھو، وڏيري سان معمولي ڳالھه جي اڻبت سبب وڏيري جي چوڻ تي پوليس محمد عالم کوسي جي ٻن جوان ڀينرن کي لاڪپ ۾ رکيو ھو، ۽ کين پورھي پيءُ آڏو بيعزت ڪيو ھو. ان ڳالھه جي خبر حيدرآباد ۾ جڏھن محمد عالم کي پيئي ھئي، تڏھن ھن ڳوٺ جو رخ ڪيو ھو، ۽ وڏيري کي ماري سندس لاش ڪتن جي حوالي ڪيو ھو. ان کانپوءِ ڏھن سالن تائين سنڌ ۾ عالمو کوسي جي دھشت جو راڄ ھو. ھن کي ان پوليس آفيسر جي ڳولا ھئي، جنھن سندس ڀينرن کي لاڪپ ۾ بيعزت ڪرايو ھو. نيٺ ھڪڙي ڏينھن بند ڀرسان جيپ ۾ ويندي انسپيڪٽر، عالمو کوسي کي ور چڙھي ويو. عالموءَ کيس الف اگھاڙو ڪري ٻيڙي جي سڙھ سان ابتو لٽڪائي ڇڏيو ھو. کيس ٻيڙي ڪاھي وچ درياءَ ۾ ڪاھي ويو. ڇھن ڪلاڪن سان سندس جسم کي خنجر سان چيريندو رھيو. ڪجھه عرصي کانپوءِ عالمو کوسو پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو ھو.
    برپٽ صحرائيءَ جي ڪواٽر کان پٺيرو پري ٿيندي مون سوچيو، ڪٿي ائين ته ناھي، مضبوط مرڪز جي راڄڌانيءَ ۾ موجوده دور جي عالمو کوسي لاءِ ماحول سازگار ٿي رھيو آھي ! برپٽ صحرائيءَ جي ٻن پٽن ۽ پوڙھي ماءُ کي پوليس وارا پڪڙي وٺي ويا آھن ! بعيد ناھي ته ڪجھه عرصي کان پوءِ ملڪ واسين کي ڌاڙيل برپٽ صحرائيءَ جو نالو ٻڌڻ ۾ اچي ! مون اڪثر محسوس ڪيو آھي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن وٽ ڌاڙيل ۽ ڏوھاري پيدا ڪرڻ جون فيڪٽريون آھن. ھڪ دفعي لاءِ پوليس جي وڙ چڙھي وڃڻ کانپوءِ ماڻھو يا ته ڌاڙيل يا ته ڏوھاري ٿي پوندوآ ھي، يا وري ملڪ جو باغي ۽ غدار !
    ڏينھن، شينھن ! چڙھندو آيو. لال ڪواٽرن جي ڀرسان ڪامورن لاءِ بنگلن جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيائون ھو. ٽولن ۾ مزدور ڪم لاءِ نڪري آيا ھئا. ڪي رازا، مستري، ڊکڻ ۽ واڍا وڃي ڪم سان لڳا ۽ ڪي وڃي جھوپڙين ۾ ٺاھيل ھوٽل ۾ وڃي ويٺا. ڪن نيرن ڪئي ۽ ڪن چانھه جون سرڪيون ڀريون. ان دوران ھو پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا رھيا ۽ خوش ٿيندا رھيا.
    مان ماٺڙي ڪري ٻاڪڙا ھوٽل جي ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويھي رھيس. ھڙ کولي تختي تي رکيم ۽ گرھ ۾ تريل بٽاٽا وجھي کائڻ لڳس. ٻاڪڙي وارو ڇوڪرو ميري ۽ گدلي ڪوپ ساسر ۾ چانھه کڻي آيو. پاسي کان ڊالڊا جي چٻي دٻي ڀرسان جست جو غليظ گلاس رکيو ھو. ٻه چار گرھ پيٽ ۾ لٿا ته دماغ جا چاريئي طبق روشن ٿي پيا. اھو شخص وڏو ڏاھو ھو، جنھن چيو ھو، اَنَ ھو، ايمان ھو ! يا، بک ڀڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري !
    مون کي ياد ناھي مون اڳ ڪڏھن زندگيءَ ۾ ايتري لذيذ نيرن ڪئي ھئي. پيٽ ڀرڻ کانپوءِ مون گذريل ٽن چئين ڏينھن جو جائزو نئين سر ورتو.
    سوچيم، ٻه ڳالھيون اھم آھن. ھڪ، گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت، ۽ ٻيو گذريل ٽن چئن ڏينھن ۾ پوليس ڪھڙي قسم جون خبرون اخبار، ريڊيو ۽ ٽيلويزن کي جاري ڪيون آھن.
    ڏائڻ ھٿان دغا کائڻ کانپوءِ ضمانت وارو ڪم ذري گھٽ ناممڪن ٿي پيو ھو. باقي رھي پوليس جي خبرن واري ڳالھه ته ان لاءِ گذريل ٽن چئن ڏينھن جون اخبارون پڙھڻ ضروري سمجھيم.
    لال ڪواٽرن کان آبپاره پري ناھي. وڻن جي قطار جو وڃي پاسو ورتم. ماڻھن کان لڪندو، بچندو مان آبپاره وٽ پھتس. ٽي چار اخبار فروش سائيڪلن تي اخبار رکي بيٺا ھئا. ماحول جو جائزو وٺڻ لاءِ مان اخبارن وارن کي پٺي ڏيئي،باٽا جي دڪان ٻاھران بوٽن جي شوڪيس ڏانھن منھن ڪري بيھي رھيس. باٽا جو دڪان نه کليو ھو. اندر اوندھ ھئي، شوڪيسن جي شيشن ۾ منھنجي پس منظر وارو سمورو نظارو چٽي عڪس ۾ نه پئي آيو.
    ڀاڄي ڀتيءَ، گوشت مڇيءَ ۽ سيڌو سامان وٺڻ وارا ايندي ويندي اخبارن وارن وٽ بيھي پئي رھيا، ۽ اخبارن جون سرخيون پڙھي اڳتي وڌي پئي ويا. ڪي ته اخبارن کي بنھه چنبڙي پئي پيا. اھڙا شخص گھڻو ڪري ڪراڙا بورچي ۽ ڪامورن جا اردلي پئي لڳا، جن کي گھر ۾ آيل اخبار کي ھٿ لڳائڻ جي اجازت نه ھوندي آھي. ان دوران ڪا ڪا گھڙي اھڙي به آئي پئي، جڏھن اخبار فروش اڪيلا پئي رھجي ويا. گھڙي کن لاءِ خيال آيو ته وک کڻي ٻه ٽي اخبارون خريد ڪريان، پر ائين ڪندي عجيب ڊپ محسوس پئي ٿيو. ان وقت مون محسوس ڪيو ته لڪڻ لاءِ نه فقط جھر جھنگ، پر ماڻھن جو جھنگ به مناسب ھوندو آھي. اڪيلو انسان نمايان ٿي پوندو آھي، نظرن ۾ ايندو آھي. ماڻھن جي جھنگ ۾ انسان پنھنجي انفرادي شناخت، سڃاڻپ وڃائي ويھندو آھي. ھجوم ۾ شامل ھو اجتماعيت جو حصو ٿي پوندو آھي، ڪنھن کي نظر نه ايندو آھي. مون سوچيو اخبار فروشن وٽ جڏھن مُفت ۾ اخبارون پڙھڻ وارن جي پيھه وڌي ويندي، مان ڦيرو کائي، ھڪدم پيھه ۾ وڃي شامل ٿيندس ۽ اخبارون وٺي کسڪي ويندس.
    ڪجھه دير کانپوءِ اخبار فروشن وٽ پيھه وڌي ويئي. موقعو مناسب لڳو. وک کڻي پيھه ۾ وڃي بيٺس. ٻه انگريزي ۽ ھڪ اردو اخبار وٺي، مان ڪجھه دير اتيئي پيھه ۾ بيٺو رھيس، ۽ اخبارن جون سرخيون پڙھندو رھيس. ڪالاباغ ڊيم ٺھندو، ڪالاباغ ڊيم نه ٺھندو. سنڌ ۾ ڊاڪن جا قھري ڪارناما، فيصل آباد ۾ بينڪ کي لٽيو ويو. ٻه عورتون اغوا، شريعت بل منظور، شريعت بل نامنظور، سنڌ ۾ ھندستان جي را ايجنسي جا ايجنٽ !
    تڏھن ھڪ خبر سان نگاھ پوڻ سان منھنجي جسم ۾ ڊوڙندڙ رت جو دورو بيھي رھيو. گھڙي کن لاءِ دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. سنڌي دھشتگردن جي بدنام سرغني جي تلاش جاري، سندس ساٿي گرفتار. گلاب جو تفتيشي آفيسرن آڏو حلفيه بيان، اڄ گلاب کي پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. ڇرڪائيندڙ انڪشافن جي توقع.
    مان آھستي آھستي پٺيرو ھٽندي، پيھه مان نڪري ويس.
    وسيع دنيا اوچتو ئي اوچتو، ٻن چئن ڏينھن اندر منھنجي لاءِ ايتريقدر تنگ ٿي ويئي ھئي، جو مٿي لڪائڻ جيتري جاءِ به مون کي ميسر نه ھئي. سوچيم، اسلام آباد ۾ رھڻ خطري کان خالي نه آھي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته رھجي ته ڪنھن وٽ رھجي ! پاڻي ڪڍڻ لاءِ جنھن کوھ ۾ ڏول وڌوسين، سو کوھ سُڪل نڪتو. اھڙي صورتحال ۾ فقط ھڪ واٽ سمجھه ۾ پئي آئي. گلاب گونگي کي نصيب ۽ حالتن جي حوالي ڪري اسلام آباد مان فورن ڀڄي وڃان.
    پر، گلاب گونگي ۽ مون ڪيو ڇا آھي؟ ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي؟ اسين بيوقوف قسم جا غير سياسي ماڻھو آھيون. دغا ۽ فريبن جي دنيا ۾ عشق جا عَلمَ کڻي گھمندا آھيون، ۽ عشق جي صليبن تي دم ڏيئي ڇڏيندا آھيون. ھا، اسان جو ھڪ ڏوھ قابل سزا آھي. ان ڏوھ جو ڇيھه مقتل ۾ آھي. اسان جي سوچ، اسان جو ڏوھ آھي. حاڪميت حق جي آھي، باقي سڀ فنا آھي. اھا سوچ اسان جو ذاتي فعل آھي. ان سوچ کي اسان اڃا تائين عام نه ڪيو آھي. سوچ جي سزا سرمدن، عنايتن ۽ منصورن جھڙن درويشن کي ملندي آھي. مان گنھگار آھيان، ان جي لائق نه آھيان، جو حق جي راھ ۾ سر صدقو ڏيئي ڇڏيان ! اسان جي نصيب ۾ معافي ناما لکيل آھن. اسان جي حياتي نه ڪيل ڏوھن ۽ گناھن بابت پنھنجي ثابتي ڪندي گذري ويندي آھي.
    مون کي سمجھه ۾ به پئي آيو ته سرڪار سڳوريءَ جي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ڪيئم وڃي سمجھايان ته اسان جو توھان جي اسلام سان ڪو واسطو ڪونھي. گلاب گونگو آبپاره وٽ قاضي محمد اسلام آف روھڙي شريف لاءِ بينر کڻي بيٺو ھو، ٻئي ڪنھن سياسي مقصد لاءِ نه بيٺو ھو. جيئن پنجابي زبان ۾، اشرف کي اڇو، پرويز کي پيجو ۽ رشيد کي شيدا سڏيندا آھن، تيئن اسين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌڻي بخش کي ڌنو، ۽ نبي بخش کي نبن ۽ پير محمد کي پيرل سڏيندا آھيون. گلاب گونگو جنھن اسلام لاءِ آبپاره وٽ بينر کڻي بيٺو ھو، سو بينر اصل ۾ قاضي محمد اسلام آف روھڙي شريف لاءِ ھو. ان جو تعلق سياست سان نه ھو. پر، اھي ڳالھيون ڪنھن سان ڪجن، ۽ ڪنھن کي وڃي ٻڌائجن ! ھر سياسي حڪيم وٽ ڦودني جي ڦڪي آھي. سنڌي ڌاڙيل آھن، غدار آھن، ۽ ھندستان جا ايجنٽ آھن !
    عافيت ان ۾ نظر پئي آيئي ته ڪوشش ڪري اسلام آباد مان نڪري وڃان. پر ڪيئن؟ منھنجي کيسي ۾ نوي پنجانويھه کن روپيا ھئا. انھن پيسن مان ملتان تائين پھچڻ به محال ھو. روھڙيءَ تائين ڪيئن پھچندس؟ بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪريان؟
    تڏھن، اوچتو خيال آيو ته مان اڄ شام ڪيئن به ڪري اب پريس ڪانفرنس ۾ ويندس، جنھن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا آفيسر گلاب گونگي کي صحافين آڏو پيش ڪندا ، ۽ جنھن ۾ پوليس وارن کي ڇرڪائيندڙ انڪشافن جي توقع ھئي.
    مون اسلام آباد مان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو.


    23

    اخبارن جون سرخيون پڙھڻ کانپوءِ سوچيم، ياسمين گارڊن ڏانھن ھليو وڃان، ۽ ڪنھن نويڪلي ڪنڊ ۾ ويھي تفصيل سان خبرون پڙھان. ياسمين گارڊن ۽ شڪر پڙيان جي وچ تي، اسٽيل جي چند تاري ڀرسان بيرڪن جھڙي ھڪ واڻوڳ عمارت لاوارث پيئي آھي. ان عمارت ۾ صادقين انسان جي ارتقا، جفاڪشيءَ، محنت، محبت ۽ تشدد، آخر ۾ صنعتي انقلاب جي حوالي سندس عظمت جي تصوير ڪشي ڪندي، ھڪ سو ويھه فٽ ڊگھو ميورل تيار ڪيو ويو ھو. ان کانپوءِ اھا عمارت خالي پيئي آھي. در درين جا شيشا ڀڳل، ڀتين ۾ ڏار، ڇتين مان لڙڪندر ڄارا، چمڙن جا ٻِرَ، ڪبوتر، ڪوئا، ڏيک اھڙو ڀوائتو، ڄڻ غيبات جو واس ھجيس. ھونءَ ته لڪي ويھڻ لاءِ، ان کان بھتر ٻي ڪا جاءِ اسلام آباد ۾ نه آيو آھي. پر، دھشتگردن جي تلاش ۾ پوليس سڀ کان اڳ ان قسم جي جاين تي ڇاپو ھڻندي آھي. صادقين جو ورڪشاپ ۾ لڪي ويھڻ جو خيال مون دل مان ڪڍي ڇڏيو.
    اڪيلائپ ۽ انفراديت ۾ مون کي تحفظ نظر نه آيو. اجتماعيت ۾ مون کي عافيت نظر آئي. نظر ڦيرائي ڏٺم. ايڪڙ ٻيڪڙ سپاھي نظر آيو. اسلام آباد ۾ سياري جو صبح ماڻھو جي بيخ ڪڍي ڇڏيندو آھي. سپاھين سگريٽ جا سوٽا ھڻي پنھنجي وجود ۾ گرمائش داخل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ڪي سج جي تڙڪي ۾، ھٿ بغلن ۾ وجھي بيٺا ھئا، ۽ آھستي آھستي ڪنبي رھيا ھئا.
    گوشت ۽ ڀاڄين جي دڪان تي پيھه وڌي ويئي. گوشت ۽ ڀاڄين جي دڪانن وٽان خبرداريءَ سان لنگھندي، مان آبپاره جي چوسول وٽ پھتس. چوسول جي پرئين پاسي گورنمينٽ ٽرانسپوٽ جو اڏو آھي، جتان مري، ايبٽ آباد، مظفر آباد، لاھور، فيصل آباد وغيره لاءِ بسون روانيون ٿينديون آھن، ۽ موٽي اچي دنگ ڪنديون آھن. اڏي جي ٻاھران راولپنڊيءَ لاءِ بسن، ويگنن ۽ سوزڪين جو ڏاڍو مصروف اڏو آھي. مان گورنمينٽ ٽرانسپوٽ جي پوئين حصي ۾ چانھه واري ڪيبن وٽ وڃي بيٺس. کانئس چانھه جو ڪوپ وٺي ڪيبن جي ڀرسان ھڪ بينچ تي ويھي رھيس، جنھن تي ٽي چار ڄڻا اڳواٽ ويٺا ھئا.
    چانھه جون ٻه سرڪيون ڀري، اردو اخبار کولي گوڏي تي رکيم. اخبار ۾ دھشتگردن جي خبر وڏي شَد مَد سان شايع ڪئي ھئائون. تفصيل پڙھڻ شروع ڪيم ته منھنجي لونءِ ڪانڊارجي ويئي. مون کي دھشتگردن جو سرغنو ظاھر ڪيو ھئائون. لکيو ھئائون ته تفتيشي ادارن جي رپورٽ موجب سرغني جو اصل نالو تارا چند آھي، ۽ سيوھڻ جي ويجھو راڌڻ شھر جو رھواسي آھي، پر پاڻ کي جوڳيءَ جي نالي سان سڏائيندو آھي ۽ پاڻ کي روھڙيءَ جو رھواسي ظاھر ڪندو آھي.
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪوپ کي ڇُلڪو آيو. ڪجھه چانھه وڃي پَٽ تي پيئي. پاسي کان ويٺل ماڻھن ڪنڌ ورائي مون ڏانھن ڏٺو. مون سنڀالي ورتو، ۽ خوامخواھ مُرڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ٻه چار چانھه جون سُرڪيون ڀري ٻيھر خبر پڙھيم. لکيو ھئائون ته سرغني ۽ سندس ساٿي گلاب جي فليٽ تي ڇاپي دوران پوليس کي ڪافي اھڙو مواد ھٿ چڙھيو آھي، جنھن مان ملزمن جي دھشتگرد ھئڻ جا واصع ثبوت ملن ٿا. جھڙوڪ دھشتگرديءَ ۾ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشھور ڪتاب ” دي ٽيررسٽ “.
    ٽيررسٽ ! دھشتگردي جو ڪتاب آھي ! کِلَ بدران اول مون کي صحافتي جھالت تي افسوس ٿيو ۽ پوءِ ڪاوڙ آئي. اڳتي پڙھيم ته منھنجا ڪن ڳاڙھا ٿي ويا. لکيل ھو ته ٽيررسٽ ڪتاب ۾ دھشتگرديءَ بابت دنيا جي خوفناڪ ۽ خطرناڪ دھشتگردن جا احوال ڏنل آھن ۽ دھشتگرديءَ ۾ جديد طريقن جي تفصيل سان سمجھاڻي ڏنل آھي. تارا چند عرف جوڳي، ۽ سندس ساٿي گلاب چند پنھنجي فليٽ تي مخصوص ماڻھن کي دھشتگردي جي تربيت ڏيندا ھئا، ۽ کين ٽيررسٽ ڪتاب پڙھي ٻڌائيندا ھئا.
    اوچتو، مون ھڪ لمحي لاءِ مون کي خودڪشي جو خيال آيو. سمورو معاشرو بڪواس، ڪوڙو، رزيل ۽ فريبي محسوس ٿيو. ليمبرڪ جي تاريخي ڪتاب ٽيررسٽ کي دھشتگرديءَ جو ڪتاب ثابت ڪري تفتيشي ادارن ايندر نسلن جو انصاف تان ارواح کڻائي ڇڏيو ھو. ليمبرڪ جو ڪتاب ٽيررسٽ انگريزن خلاف حرن جي بيمثال جدوجھد جو ڪتاب آھي. ھڪ تاريخي دستاويز آھي. اھڙي ڪتاب کي دھشتگرديءَ جو ڪتاب ظاھر ڪري تفتيشي ادارن پنھنجي بدنيتيءَ جو ثبوت ڏنو ھو.
    اھڙي ڪم ظرف معاشري ۾ زندھ رھڻ زندگيءَ جي توھين آھي. ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بھتر آھي. مون کي ھيءَ ماحول، ھن ماحول جو انصاف قبول نه آھي. انصاف جي نالي ۾ بي انصافين خلاف احتجاج طور مان خودڪشي ڪندس. مان آپگھات ڪندس ! منھنجي وجود ۾ احتجاجي آواز اڀرندا رھيا.
    منھنجيون نگاھون اخبار تي کُتل ھيون، ۽ خيال منتشر ! ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان !
    اسلام آباد جي ڪوفي ۾ ڪنھن تي اعتبار ڪريان، ڪنھن کي دانھن ڏيان ! مان ۽ گلاب ئي ملڪ ۾ شناخت، پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا آھيون ! گلاب علي اوچتو ئي اوچتو گلاب چند ۽ مان جوڳيءَ مان تارا چند ٿي پيو آھيان ! اوچتو خيال آيو، برپٽ صحرائيءَ کي ڪھڙو نالو ڏنو ھوندائون؟
    پوليس آڏو پيش پوڻ ۾ مون کي مسئلي جو حل نظر نه آيو. سوچيم، نئين جمھوري دور ۾ سنڌ جا انيڪ نوجوان اسلام آباد ۾ وزير اچي ٿيا آھن، ڇو نه ھنن سان ملجي ! نوجوان آھن، جذبن سان ڀرڀور آھن. منھنجي ڳالھه ٻڌندا، منھنجي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ! علي نواز شاھ، پرويز علي شاھ، مھر علي شاھ، قائم علي شاھ، مولي علي شاھ، ۽ ان قسم جا انيڪ نوجوان شاھ منھنجا واقفڪار آھن. ڳڙھي ياسين، سلطان ڪوٽ ۽ شڪارپور وارو آغاطارق به واقف ھو. سوچيم، ڇو نه وڃي انھن نوجوانن جو در کڙڪايان ! واڳ ڌڻي آھي. اسان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ويرم نه ڪندا. اخباري خبرن مان خبر پيئي ته اسيمبليءَ جو اجلاس ھليو پئي. ان جو مطلب ھو ته بينظير ڀٽو جي حڪومت جا نوجوان وزير ۽ اسيمبليءَ جا ميمبر مضبوط مرڪز ۾ موجود ھئا. پر، ھنن وٽ پھچي ڪيئن؟ ڪيئن وڃي سندن در وٺجي؟
    تڏھن، الائي ڪيئن مونکي روھڙي ۾ پنھنجي مائٽن جو خيال آيو. اخبارون منھنجي ۽ گلاب گونگي جي خبرن سان ڀريل آھن. منھنجن ۽ گلاب جي مائٽن اھي خبر ضرور پڙھيون ھونديون. اسان جا مائٽ ڇا سوچيندا ھوندا، اسان جي باري ۾؟ اسان جي بيگناھيءَ تي يقين ڪندا، يا الزامن جي تصديق ڪندا؟
    ” دھشتگردن بابت ڇا ٿي لکي اخبار؟“ منھنجي ڀرسان ويٺل بينچ تي ھڪ شخص پڇيو.
    مون ڇرڪ ڀري ھن ڏانھن ڏٺو. فيصل آباد،ملتان، سيالڪوٽ، چنيوٽ، فتح جنگ اھڙا علائقا آھن، جتي روزانو ڌاڙا لڳندا آھن، خون ٿيندا آھن، اغوا جون وارداتون ٿيندا آھن. پر انھن خبرن بابت اخبارن ۾ نه سرخيون شايع ٿينديون آھن ۽ نه ئي اھڙين خبرن کي اھميت ڏيئي اخبارن جي پھرئين صفحن تي شايع ڪيو ويندو آھي. ” اسلام آباد ۾ سنڌ جا دھشتگرد“ اخبارن جي مستقل سرخي ۽ وڏي خبر ھئي. سنڌ جو ذڪر ائين ڪيو ھئائون، ڄڻ ھند ! دھشتگرد ڄڻ سنڌ جا نه، بلڪه ھند جا ھئا ۽ ملڪ جي سالميت، يڪجھتيءَ ۽ ڀائيچاري کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو ھئائون.
    ” دھشتگردن جي سرغني کي پڪڙيو اٿائون، يا اڃا روپوش آھي.“ پاسي کان ويٺل ٻئي شخص ٻيھر پڇيو.
    مون اردو اخبار ڏانھنس وڌائي. ھن اخبار موٽائيندي چيو، ” مان پڙھيل نه آھيان “
    کانئنس اخبار وٺندي چيم، ” دھشتگردن جي سرغني کي اڃا نه پڪڙيو اٿائون.“
    ” ٻيو ڇا ٿي لکي اخبار؟“ ھن پڇيو.
    چيم، ” چنيوٽ جي ھڪ ڳوٺ ۾ زميندارن عورتن کي اُگھارو ڪري جلوس ڪڍيو آھي.“
    ” نه،نه“ ھن ھڪدم چيو، ” اخبار دھشتگردن جي باري ۾ ڇا لکيو آھي؟“
    ” لکيو اٿائون ته دھشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو ” اجنبيءَ ڏانھن ڏسندي چيم، ” ۽ لکيو اٿائون ته دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي وقت سر خاڪ ۾ ملايو ويو آھي.“
    ” آمين “ ھن منھن تي ھٿ ڦيرايو ۽ اٿندي مون سان ھٿ ملايو. چيائين،” الله ھن ملڪ جي حفاظت ڪندو.منھنجي بس اچي ويئي آھي. رب راکا “
    ” رب راکا “ مون ساڻس ھٿ ملايو. ھو ڊوڙ پائي وڃي بس ۾ ويٺو.
    تڏھن، اوچتو لاھور مان آيل بس مان مون مجيد کي لھندي ڏٺو، مجيد اسان جي قاضي محله روھڙي شريف جو نھايت نيڪدل نوجوان آھي. واپڊا ۾ نوڪري ڪندو آھي، ۽ پنھنجو گھڻو وقت تبليغي جماعت سان نيڪ ڪمن ۾ گذاريندو آھي. اسان سڀني کي نيڪ راھن تي ھلڻ جي تلقين ڪندو آھي. کيس بس مان لھندي ڏسي مون کي ڪجھه گھڙين لاءِ تعجب ٿيو، پر پوءِ مون سمورو مامرو سمجھه ۾ اچي ويو.
    ھو ھڙ سبڀاليندو، منھنجي ڀرسان اچي لنگھيو. ساري رات سفر سبب گھوماٽين ۾ پئي لڳو. وائڙو، وائڙو، ٿاٻا پئي کاڌائين. مان ڏانھنس ڏسندو رھيس. ھن ٻاڪڙي واري کان چانھه جو ڪوپ ورتو ۽ منھنجي پاسي ۾ اچي ويٺو. سڪون ڀريندو رھيو، ۽ چانھه جو ڪوپ خالي ڪندو رھيو. ڪوپ خالي ڪرڻ کانپوءِ ڄڻ سامت ۾ اچي ويو.
    مون ڏانھن ڏسڻ کانسواءِ اخبار ۾ ھٿ وجھندي چيائين، ” ڀائي صاحب، ھم وڙي ٿورڙي دير کي واسطي يه اخبار لي سکتا ھون.“
    مون کيس اخبار ڏيئي ڇڏيئي.
    ” مھرباني “ ھن اخبار وٺندي ھن مون ڏانھن ڏٺو ۽ پنڊ پھڻ ٿي ويو.


    24

    مجيد جي شايد خواب خيال ۾ به نه ھو ته سندس اھڙي اوچتي ۽ غير متوقع نموني مون سان ملاقات ٿيندي. کيس بس مان لھندي ڏسي مون کي الائي ڇو يقين ٿي ويو ھو ته مون سان ملڻ لاءِ اسلام آباد آيو ھو.
    مون کي پنھنجي ڀرسان ويٺل ڏسي مجيد پنڊ پھڻ ٿي ويو ھو، ھو ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسندو رھيو. ڄڻ پنھنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيس. مون کي لڳو. ڪجھه دير جي خاموشي کان پوءِ ھن جي وات مان رڙ نڪري ويندي.
    ان کان اڳ جو حيرت وچان سندس وات مان رڙ نڪري وڃي، مون انگريزي اخبار تي اکيون کپائيندي سڙٻاٽن ۾ چيو،” مجيد، مون ڏانھن نه ڏس. اخبار ۾ اکيون اٽڪائي ڇڏ ۽ منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ.
    ھن ائين ئي ڪيو. اکيون اخبار ۾ کپائي ڇڏيائين. پر، ان کان اڳ جو مان ڳالھايان، ھن ڳالھايو. چيائين، ” مان تنھنجي لاءِ ۽ گلاب گونگي لاءِ مائٽن جو نياپو کڻي آيو آھيان.“
    اخبار ۾ ڏسندي چيم، ” چَئه “
    چيائين، ” ماما مجن، ماما پيرل، ماما ميرل، ماما خشن ۽ چاچا واحد بخش، چاچا قادر بخش چاچا مولي بخش ۽ چاچا علي بخش، ۽ سائين آچر شاھ معصوميءَ چيو آھي ته اسان گلاب گونگي ۽ تو کي قاضي محمد اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد موڪليو ھو. پر، اسلام کي ڳولڻ بدران توھين ٻئي اسلاميه جمھوريه پاڪستان جي راڄڌانيءَ ۾ تخربيڪاريءَ کي لڳي ويا آھيو ! افسوس، صد افسوس.“
    مون محسوس ڪيو ته قومي اخبارن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو ھو. اسان جا مائٽ اسان کان بدظن ٿي پيا ھئا.
    مون اخبار جي صفحن ۾ ڏسندي چيو، ” اھو درست آھي ته گلاب گونگو ۽ مان اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿيا آھيون. پر، اھو سراسر غلط آھي ته اسان تخربيڪاريءَ يا دھشت گرديءَ ۾ ملوث آھيون. “
    مجيد اخبار جا صفحا اٿلائيندي سڙٻاٽن ۾ چيو، ” اخبار لکيو آھي ته پوليس کي تنھنجي فليٽ تان تخربيڪاريءَ بابت واضع ثبوت ھٿ آيا آھن.“
    ” ڪھڙا ثبوت ھٿ آيا آھن “ سمجھان ٿو، ڪاوڙ سبب مون ڪجھه وڏي آواز ۾ ڳالھايو ھو.
    ” آھستي ڳالھاءِ “ مجيد چيو، ” مون کي به مارائيندين ڇا؟“
    ھڪدم آواز جھڪو ڪري ڇڏيم. سڙٻاٽن ۾ چيم، ” خبر اٿئي، پوليس کي ڇا مليو آھي، ڇا لڌو آھي منھنجي فليٽ تان ! ھي ڏس، اخبار جي پھرين صفحي تي ڪالم ٽئين کان ڇھين نمبر تائين سرخي پڙھ – منھنجي فليٽ تان ليمبرڪ جو ڪتاب ٽيررسٽ اٿن ۽ خدا بخش ابڙي جا ڊيزائن ڪيل ڪارڊ ! ٻيو ڇا مليو اٿن ! ڪلاشن ڪوف، گرنينڊ، ٽائيم بم، راڪيٽ لانچر، ڇا مليو اٿن !
    مجيد آھستي سان چيو، ” ڪجھه ڄڻن جو ڌيان اسان ڏانھن ڇڪجي ويو آھي.“
    چيم، ” تون ٻاڪڙي واري کي ڪوپ موٽائي، پيسا ڏيئي سڌو آبپاره مارڪيٽ ۾ ھليو وڃ.“
    پڇيائين، ” تون؟“
    وراڻيم، ” مان لال مسجد وٽان ڦري، سي ڊي اي اسپتال سولنگيءَ وٽ ٿو وڃان. سمجھان ٿو مونکي بخار ٿي پيو آھي. نڙيءَ ۾ سخت سور آھي.“
    پڇيائين، ” ڪٿي ملندين؟“
    چيم، ” ڊاڪٽر سولنگي وٽ، ھاڻي تون اٿي وڃ.“
    مجيد اخبار ويڙھي مون کي ڏني. چيائين، ” ڀائي، آپڪا بڙا بڙا مھرباني.“
    ٻاڪڙي واري کي چانھه جو ڪوپ موٽائي ڏنائين. کيسي مان پيسا ڪڍي دخل تي رکيائين. ريزگاري موٽائي وٺڻ بدران برنيءَ مان ٻه بسڪوٽ کائيندو، مجيد آبپاره مارڪيٽ ڏانھن ھليو ويو.
    مان ڪجھه دير تائين ويٺو رھيس. اخبار پڙھندو رھيس. خالي ٿيل جاءِ تي ٻه مسافر اچي ويٺا. ويھڻ شرط پنجابي گاڏر اردوءَ ۾ اخبار گھريائون. مون اردو اخبار کين ڏيئي ڇڏي. ھو ٻئي اخبار پڙھندا رھيا، ۽ وڏي واڪ تبصرا ڪندا رھيا.
    ھڪڙ ي ڄڻي چيو، ” ڪشمير جي معاملي تان ماڻھن جي توجھه ھٽائڻ لاءِ دھشتگردي ءَ جو شوشو ڇڏيو اٿائون.“
    ٻئي ڄڻي ھڪڙي خبر پڙھندي، خبر اڌ ۾ ڇڏي بيان ڏيندي چيو، ” بينيظر ڀٽو جي حڪومت شريعت جي معاملي ۾ سچي ناھي.“
    پھرين شخص ڦيرو کائي مون کان سوال پڇيو، ” ڀائو، تنھنجو ڪھڙو خيال آھي؟ بينيظر جي حڪومت شريعت بل جي باري ۾ سنجيدھ ناھي، يا ماڻھن کي چڪر ڏيئي رھي آھي؟ “
    پنھنجين پريشانين جي ڄار ۾ ڦٿڪندي چيم، ” مون ان باري ۾ سوچيو نه آھي.“
    ” ڪمال آھي ! “ ھن چيو، ” شريعت بل جي منظوري لاءِ مخالف ڌرين حڪومت کي سڱن تي کنيو آھي، ۽ تون چوين ٿو ته ان جي باري ۾ سوچيو نه آھي.“
    آھستي وراڻيم، ” مون ان باري ۾ نه سوچيو آھي.“
    پڇيائون، ” مسلمان آھين؟“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    ” تون ڪھڙي قسم جو مسلمان آھين ! “ ھڪ ڄڻي چيو، ” سموري ملڪ ۾ ٻه موضوع زير بحث آھن، شريعت بل، ۽ دھشتگردي ! شريعت بل جي باري ۾ ته تو نه سوچيو آھي. دھشتگرديءَ جي باري ۾ تنھنجو خيال ڇا آھي؟ “
    مون ٻنھي ڏانھن غور سان ڏٺو. نوجوان ھئا. برجستا، سگھارا، ۽ اڻ گھڙيل. چيم، ” ملڪ ۾ زباني دھشتگرديوڌي ويئي آھي.“
    ” زباني دھشتگرديءَ ! وائڙا ٿي ويا. پڇيائون، ” اھاڪھڙي قسم جي دھشتگرديءَ آھي؟“
    ” دھشتگردي جو سڀ کان وڏو ھاڃيڪار طريقو.“ مون نوجوانن کان پڇيو، ” توھين ڇا ڪندا آھيو؟“
    وراڻيائون، ” اسين شاگرد آھيون، ۽ اسين شاگردن جي تنظيم فدايان شريعت و اسلامي جمھوريه پاڪستان جا ڪارڪن آھيون.“
    باقي اخبارون به کين ڏيندي، ۽ کانئن موڪلائيندي چيم، ” توھان ٻنھي سان ملي مون کي تقويت ملي آھي ته منھنجي سوچ غلط نه آھي. پاڪستان ۾ زباني دھشتگردي وڌي ويئي آھي.“
    ٻنھي جي نرڙ تي گھنڊ پئجي ويو. ڀروون ڳٽجي وين. مٺيون ڀڪوڙيل. اکين ۾ شور ! ان کان اڳ جو جوشيلا نوجوان مون کي مسلمان مان ٻيھر مسلمان ڪرڻ لاءِ لتن ۽ ٺونشن سان اڌ مئو ڪري ڇڏين، مون اتان کسڪي وڃڻ ۾ پنھنجي عافيت سمجھي.
    دخل واري کي چانھه جا پيسا ڏيئي مان لال مسجد ڏانھن روانو ٿي ويس. نيول ھيڊ ڪواٽر ۽ اسلام آباد ھوٽل وٽان ٿيندو، مان سي ڊي اسپتال جي ٻاھران وڃي بيٺس. مريض، جن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي اڪثريت ھئي، اسپتال ۾ داخل ٿي رھيا ھئا. سي ڊي اي اسپتال جا ڪافي ڊاڪٽر منھنجا سڃاتل ھئا. سوچيم، اخبارن منھنجي لاءِ خواريءَ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آھي. ڊاڪٽر ڏسي وٺندا ته ڇا سوچيندا ! سولنگي پنھنجو آھي. ھو مونکي چڱي طرح سڃاڻي. کيس خبر آھي ته مان زندگيءَ ۾ فقط خواب ڏسندو آھيان. خوابن جي تعمير منھنجي نصيب ۾ نه آھي ! بس، اک بچائي مان ڊاڪٽر سولنگي سان وڃي ملندس. جيڪڏھن بخار ۽ نڙيءَ جي سور جي دوا نه ورتم ته ڪجھه دير کان پوءِ بيھوش ٿي ڪري پوندس !
    مريضن ۾ شامل ٿي، ايمرجنسي وارڊ جي پوئين پاسي، مان ڊاڪٽر سولنگيءَ جي ڪمري ٻاھران وڃي بيٺس. دريءَ مان ليئو پائي ڏٺم. سولنگيءَ وٽ مجيد ويٺو ھو. مون دري جي شيشي جو کڙڪو ڪيو. مجيد ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ مون ڏانھن ڏٺو.
    سولنگي ڇال ماري دري وٽ اچي بيٺو. لوھي سيخن مان ھٿ ڪڍي، مٺ منھنجي ويڻيءَ ۾ وجھي ڇڏيائين.
    پڇيائين، ” کنگھه به اٿئي؟“
    چيم، ” نڙيءَ ۾ سخت سور آھي.“
    چيائين، ” سامھون امام واڙي ۾ ھڪ شيعه عالمه جي چاليھي جي مجلس ھلي رھي آھي. توھان ٻئي وڃي اتي ويھو. مان تنھنجي لاءِ دوا کڻي اچان ٿو.“
    مجيد توائي ٿي ويو. ان کان اڳ جو اعتراض ڪري، ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” مجيد وڃ دير نه ڪر. جوڳيءَ کي جيڪڏھن ھتي ڪنھن ڏسي ورتو، ته وڏي ڳڙ بڙ ٿي پوندي.“
    مجيد ٻاھر آيو
    ايمرجنسي وارڊ جي پوئين پاسي کان ڀت ٽپي اسين پاسي واري گھٽيءَ ۾ امام واڙي جي سامھون وڃي بيٺاسين. اندر مجلس ھلي رھي ھئي. ھال ماڻھن سان سٿيو پيو ھو.
    مجيد چيو، ” ڪجھه به ٿي پوي، مان امام واڙي ۾ نه ويھندس.“
    مجيد تبليغي جماعت جو ميمبر ھو. مون کي سندس انڪار تي تعجب نه ٿيو. ھن چيو، ” مان اسڪول جي ٻاھران ڇولن واري جي گاڏي وٽ وڃي بيھان ٿو. تون ڀلي اندر وڃ.“
    مان امام واڙي ۾ ھلندر مجلس ۾ شامل ماڻھن جي وچ ۾ وڃي ويھي رھيس.


    25

    اسڪول جي ٻاھران ڇولن واري جي گاڏي ڀرسان مجيد بيھي رھيو. مان امام واڙي ۾ داخل ٿي، ھلندر مجلس جي ماڻھن ۾ ويھي رھيس. ڪنھن به منھنجي اچڻ تي ڌيان نه ڏنو. ماڻھو ذاڪر جي دردناڪ لھجي کان متاثر ٿي روئي رھيا ھئا. مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. سوچيم، ممڪن آھي ڪنھن گماشتي مون کي ڏسي ورتو ھجي، ۽ ڪجھه ئي دير ۾ نفري وٺي امام واڙي تي ڇاپو ھڻي ! اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٻه در ھئا. ھڪ در بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ھال ۾ چئني طرف دريون ھيون. سيءَ سبب دريون به بند ڪري ڇڏيون ھئائون.
    مان سرندو، چرندو ھڪ نويڪلي دري وٽ وڃي ويٺس. خبرداريءَ سان دريءَ جا بلٽ لاھي ڇڏيم. سوچيم، جيڪڏھن گماشتن ۽ سندن ڇاڙتن ڇاپو ھنيو، ته دري کولي ڀڄي ويندس. جيستائين گماشتا اچن، يا ڊاڪٽر سولنگي اچي، مان منھن مونن ۾ ڏيئي ويھي رھيس ۽ مجلس ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
    خيال منتشر ھئا. انديشا سوچ تي حاوي ھئا. وھم ورائي ويا ھئا. مون کي رکي رکي مجيد جو خيال پئي آيو. ھو ڇا ڪرڻ آيو آھي ! ڇا ھو به مون وانگر ۽ گلاب گونگي وانگر اسلام آباد ۾ گم ٿي ويل اسلام کي ڳولڻ آيو آھي؟ جيڪڏھن منھنجي يا گلاب گونگي جي ڪا مدد ڪرڻ آيو آھي ته پاڻ سان غير واجبي الزامن جي فھرست ڇو کڻي آيو آھي !
    اسلام آباد ۾ مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا ڪيترائي ڇوٽا موٽا ۽ گڙنگ ڪامورا کليو کلايو تبليغي جماعت جا ميمبر آھن. ھڪ نظر ۾ سڃاڻي سگھبا آھن. ڏاڙھي سيني کان ھيٺ، ذري گھٽ دُن تائين، مٿي تي اڇي ٽوپي، اکين ۾ پاءَ کن سُرمو، ۽ نڪ ھيٺان ڪن جو مُڇون صاف! اڪثر سُٿڻ قميص ۾ نظر ايندا آھن. سٿڻ جا پاچا ھميشه مُرن کان مٿي ! ڳالھائڻ جا ڌيما، پر آفيس جي ڪم ڪار ۽ ميٽنگن کھرا ۽ سخت ! ھڪ ٻئي لاءِ غار جا يار وارو محاورو استعمال ڪندا آھن. اسلام آباد ۾گذريل سال ساليانو اجتماع ڪيو ھئائون. ويھارو ھزار کن جماعت جا ميمبر اچي گڏ ٿيا ھئا. مجيد به ان اجتماع ۾ آيو ھو. اجتماع جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مجيد اسلام آباد ۾ رھي پيو ھو، ۽ گڙنگ ڪامورن سان تبليغي جماعت جي نالي عليڪ سليڪ ڪري ويو ھو. اي کان وٺي سيڪريٽريٽ جي زيڊ بلاڪ تائين ڪنھن به کاتي جي ڪنھن به ميمبر کي نه ڇڏيو ھئائين.
    مجلس ٻڌندي خيال آيو ته مجيد جي معرفت ڪنھن اثر رسوخ واري ڪاموري کي ھٿ ڪبو، ۽ کيس سموري حقيقت کان آگاھ ڪبو. تبليغي جماعت جا ميمبر ھڪٻئي تي اکيون بند ڪري اعتبار ڪندا آھن. ھڪ عدد سٺو وڪيل ڪري ڏنائون ته سندن وڏا وڙ ! ڪيس ۾ ڪجھه ڪونھي، پھرين شنوائيءَ ۾ معاملو ختم ٿي ويندو!
    پر، مجيد کي ڪيئن يقين ڏيارجي ته گلاب گونگو ۽ مان تخربيڪار يا دھشتگرد نه آھيون. اسان تي لڳايل الزام 1971 کان اڳ مشرقي پاڪستان جي بنگالين تي الزامن کان مختلف نه آھي ! اھي ڳالھيون مجيد کي ڪھڙي نموني ذھن نشين ڪرائجن !
    ذاڪر قصي جي سڀ کان وڌيڪ دردناڪ ۽ المناڪ واقعي جي بيان تي اچي پھتو ھو. مجلس ۾ ويٺل ماڻھو اوڇنگارون ڏيئي، ۽ ھنجون ھاري روئي رھيا ھئا. ان وقت مون ڊاڪٽر سولنگيءَ بدران ڊاڪٽر امان الله خان کي مجلس واري ھال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. مون تي نظر پيس. وجھه وٺي منھنجي ڀرسان اچي ويٺو.
    ڊاڪٽر امان الله اصل ۾ افغانستان جو ھو. پر، خيبر ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي شھريت وٺي ڇڏي ھئائين. بيحد ذھين ھو. ھميشه مصروف ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ نظر ايندو ھو. جنگ جي شروعاتي دور کان وٺي ھو ڇاپامار دستن سان گڏجي روسي فوجن تي اوچتا حملا ڪندو ھو. سندس دھشت جي ھاڪ پشاور کان ڪابل تائين، ۽ ڪابل کان ماسڪو تائين ھلي ويئي ھئي. ھن روس جي ٻن ناراض اديبن، بورس پيسٽرناڪ ۽ سولزستن جي تحريرن مان ڏاڍو فيض پرايو ھو. ھڪ دفعي بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ھئائين، اسين انسان جي فڪري، ذھني ۽ اظھار جي آزاديءَ لاءِ جنگ لڙي رھيا آھيون. اسان جي مذھب ۽ عقيدي کي ڪميونزم کان ڪو خطرو نه ھو.
    ورھين تائين امان الله خان سان منھنجي ملاقات ڊاڪٽر سولنگي وٽ ٿي ھئي. ڪجھه عرصي کانپوءِ مون محسوس ڪيو ھو ته امان الله بظاھر افغان جنگ کان لاتعلق ٿي ويو ھو، پر ھو اندرين خاني، خفيه نموني ڪنھن مھم تي ڪم ڪري رھيو ھو. ھن واضع ڪري ڇڏيو ھو ته روس خلاف جنگ جي عيوض ھو افغانستان تي مُلن جو قبضو ڪرڻ نه ڏيندو ! ان سلسلي ۾ ھو ڇا ڪري رھيو ھو، مون کي تڏھن ڪا خبر نه ھئي.
    ڊاڪٽر امان الله خان کي مون ڪڏھن به نوڪري وڃڻ ۽ وڃائڻ جي ڊپ ۾ گرفتار نه ڏٺو ھو. چوندو ھو، مان آھيان ھاري جو پٽ. نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون ته وڃي ھر ھلائيندس.
    ھڪ دفعي صحت واري وزير کي لاجواب ۽ وائڙو ڪري ڇڏيو ھئائين. ڪنھن ميٽنگ ۾ وزير صاحب نوجوان ڊاڪٽرن تي ڇوھ ويٺي ڇنڊيا ته نوجوان ڊاڪٽر ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ، ۽ ڳوٺاڻن جو علاج ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. ڊاڪٽر امان الله خان اٿي بيھي رھيو ھو. وزير صاحب کي چيو ھئائين، پاڪستان جي ڪنھن به ڳوٺ ۾ مون کي ليبارٽري ۽ دوائون مھيا ڪري ڏيو. مان ھينئر جو ھينئر ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آھيان. پر، دوائن ۽ ليبارٽريءَ کانسواءِ ڊاڪٽر ڇومنتر سان مريضن کي صحتياب ڪندو ڇا !
    وزير صاحب پنھنجي تقرير اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو ھو. اسان سڀني جي نگاھن ۾ داڪٽر امان الله خان جو مان ۽ مرتبو وڌي ويو ھو. اھڙو ھو ڊاڪٽر امان الله خان !
    ڊاڪٽر امان منھنجي پاسي کان اچي ويٺو. دوائن جو پڙو ۽ ھڪ چٽي مون کي ڏنائين. چٽي کولي ڏٺم. لکيل ھو، لال ڪواٽرن جي ڪرڪيٽ گرائونڊ وٽ منھنجي ڪار بيٺي آھي. تون وڃي ڪار ۾ ويھه ۽ منھنجو انتظار ڪر.
    ھن مون کي ڪار جي چاٻي ڏني ۽ اک سان کسڪي وڃڻ جو اشارو ڏنو. مان دوائن جو پڙو ۽ چاٻي کڻي، آھستي آھستي کسڪندو مجلس مان نڪري ويس.
    امام واڙي مان ٻاھر نڪري ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺم مجيد مون کي نظر نه آيو. مون کي تعجب ٿيو. اسڪول جي ٻاھران بيھڻ ۽ مجيد بابت ڪنھن کان پڇا ڪرڻ مناسب نه سمجھيم. لال ڪواٽرن ڏانھن وڌي ويس. ڪرڪيٽ گرائونڊ وٽ ڊاڪٽر امان جي ڪار بيٺي ھئي. ھڪ وڻ جي اوٽ ۾ مان ترسي پيس. ڪار ۾ ويھي امان جو انتظار ڪرڻ مون کي ٺيڪ نه لڳو.
    پنجن منٽن کانپوءِ ڊاڪٽر امان کي ذري گھٽ ڊوڙندي، ايندي ڏٺم. ھو سڌو وڃي ڪار وٽ بيٺو. ڪار جي ھينڊل ۾ ھٿ وجھي در کولڻ جي ڪوشش ڪيائين. در نه کليس. ڪار خالي ڏسي وائڙو ٿي ويو. تڏھن، مان وڻ جي اوٽ مان نڪري، رستو پار ڪري ڊاڪٽر امان جي سامھون وڃي بيٺس. ھٿ وڌائي کيس چاٻي ڏنم.
    ھن ھڪدم ڪار جو در کولي ڇڏيو. ٻئي پاسي جو در کولي مون کي ويھڻ لاءِ چيائين. مان سندس کاٻي پاسي کان ويھي رھيس. ھن چاٻي ڦيرائي موٽر جي انجڻ کي حرڪت ۾ آندو ۽ پوءِ تيزيءَ سان اتان روانو ٿي ويو.
    ” مون کي تنھنجي ڳالھه وڻي “ ھن ڪار ھلائيندي چيو،
    پڇيم، ”ڪھڙي؟“
    چيائين، ” اڪيلي سر ڪار ۾نه ويھڻ واري “
    ايف ڏھين جي رخ ۾ ھو ڪار ڊوڙائڻ لڳو. مون کانئس مجيد بابت پڇيو. وراڻيائين، ” مجيد پنھنجي ڊاڪٽر سولنگيءَ وٽ آھي.“
    ڪجھه دير کانپوءِ، ڄڻ منھنجي ھورا کورا دور ڪرڻ لاءِ ڳالھايائين، چيائين، ” تو کي ڪجھه گماشتن اسپتال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ھو. جڏھن کان تو وارو معاملو متو آھي، ڊاڪٽر سولنگيءَ گماشتن جي اک ۾ آھي “
    مان خاموش ويٺو رھيس.
    ڊاڪٽر امان چيو، ” ايف – ٽين ۾ ھڪ پرائيوٽ اسپتال آھي. منھنجي ماروٽ جي آھي. مان اسپتال ۾ تو کي پنھنجو مريض ڪري داخل ڪرائيندس.
    منھنجو تاثر ڏسڻ لاءِ ھن ڪنڌ ورائي مون ڏانھن ڏٺو. مون پاڻ کي حالتن جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. خاموش ويٺو رھيس.
    ڊاڪٽر امان چيو، ” جيستائين تنھنجي لاءِ ڪنھن وڪيل جو بندوبست ڪريون، تيستائين تو کي پوليس کان بچائڻ ضروري آھي. اسان جي پرائيويٽ اسپتال نھايت محفوظ جاءِ آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ايف – ٽين جي آخري حصي ۾ ھڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ اندر وڃي ڪار پورچ وٽ بيھاري ڇڏي.


    26

    ڊاڪٽر امان الله جي ڪڍ مان ايف – ٽين جي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ٿيس. ھن مون کي رسيپشن وٽ ترسڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ اسپتال جي انچارچ ڊاڪٽر درانيءَ جي ڪمري ۾ لنگھي ويو.
    اسپتال صاف، ۽ روشن ھئي. سيءَ سبب ھيٽر ٻريا پئي. رسيپشن تي ھڪ پڪي عمر واري نرس بيٺي ھئي. پنجاھ جي لڳ ڀڳ ھئي، پر مشڪل سان ٽيھن پنجٽين سالن جي پئي لڳي. سھڻي ھئي. ساڻس گڏ ٻه ننڍي عمر واريون نرسون بيٺيون ھيون، ۽ مختلف ڪمرن ۾ داخل مريضن جا چارٽ ڏسي، ۽ ترتيب وار ٺاھي رھيون ھيون. اسپتال جيئن ته ھڪ وڏي بنگلي ۾ کولي ھئائون، تنھنڪري اسپتال جو ماحول ڪجھه ڪجھه گھريلو پئي لڳو. مون ھڪ ٻه دفعا وڏي عمر واري نرس ڏانھن ڏٺو. ھُن جي منھن تي مُرڪ تري آئي.
    انچارچ ڊاڪٽر جو ڪمرو سامھون ھو. ڊاڪٽر امان الله ٻاھر نڪري آيو. مون کي پريان ئي ھٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانھن سڏ ڪيائين. مان ڊاڪٽر امان جي سامھون وڃي بيٺس. ڊاڪٽر امان چيو ، ” ڊاڪٽر درانيءَ منھنجو مامو آھي. مون تنھنجي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو آھي. اچ ته تنھنجي ساڻس ملاقات ڪرائي ڇڏيان.“
    ڊاڪٽر امان سان گڏ مان ڊاڪٽر درانيءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڊاڪٽر دراني قداور ۽ پُرڪشش شخص ھو. اٿي اچي مون سان ھٿ ملايائين. ڊاڪٽر امان الله پشتو ۾ کيس ڪجھه ٻڌايو. ھن کلي اچي ٻيھر مون سان ھٿ ملايو. منھنجو ھٿ لوڏيندي چيائين، ” فڪر نه ڪر. تون اسان جو مريض آھين تو کي ٽيومر آھي، ۽ ڪجھه عرصي کانپوءِ تنھنجي آپريشن ڪنداسين.“
    مون تعجب وچان ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله خان ڏانھن ڏٺو. ھن جي منھن تي مرڪ ھئي. چيائين، ” تون منھنجو مريض آھين. تنھنجو نالو قلندر آھي – قلندر بخش.“
    ڊاڪٽر درانيءَ منھنجي پُٺي ٺپندي چيو، ” تون ڊاڪٽر امان سان وڃي رسيپشن تي پنھنجو نالو وغيره لکاءِ.“
    مون ٻيھر ڊاڪٽر دراني سان ھٿ ملايو. ھن منھنجو ھٿ ٻنھي ھٿن ۾ جھليندي چيو، ” مون کي انقلابي وڻندا آھن.“
    مان وائڙو ٿي ويس. ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو. امان چيو، ” اچ،رسيپشن تي تنھنجي رجسٽريشن ڪرائي ڇڏيان.“
    ڊاڪٽر دراني ڪمري جي در تائين ھليو آيو.
    ڪمري مان نڪري ڊاڪٽر امان الله ۽ مان رسيپشن تي وڃي بيٺاسين. ڊاڪٽر امان پشتو ۾ سينيئر نرس سان ڳالھايو. ھوءَ ھڪ رجسٽر کڻي آھي. ڊاڪٽر امان خان پنھنجي ھٿ اکرن ۾ منھنجي باري ۾ تفصيل لکيا. تفصيل ڏسي وائڙو ٿي ويس. منھنجو نالو قلندر بخش ھو، مون کي برين ٽيومر ھو، ۽ ايندڙ ھفتي بائپسيءَ جي رزلٽ کانپوءِ منھنجو آپريشن ڪندا. مريضن جي انفراديءَ چارٽ تي لکيائين، ته منھنجو بخار نارمل ھو، پر بلڊ پريشر 100 ۽ 160 ھو. مون کي اسپيشل وارڊ جي ڪمري نمبر 8 ۾ رکيائون.
    ڊاڪٽر امان الله خان چاٻيون کڻي مون کي ڪمري تائين ڇڏڻ آيو. ڪمرو ڪشادو، روشن ۽ صاف ھو. اسپتال جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ ھو، تنھنڪري نويڪلو ھو. پردو ھٽائي ڏٺم، سامھون مارگله جا جبل نظر آيا.
    ڊاڪٽر امان چيو، مان شام جو تنھنجي لاءِ ڪپڙن جا ھڪ ٻه وڳا ۽ شيو جو سامان کڻي ايندس. وساري ڇڏ ته تنھنجي ڪنھن کي تلاش آھي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    ڊاڪٽر امان کان پڇيم، ” ڊاڪٽر دراني کي ڇا ٻڌايو اٿئي.“
    وراڻيائين، ” ڇا جي باري ۾؟“
    چيم، ” منھنجي باري ۾.“
    ” ڪجھه خاص نه.“ وراڻيائين، ” ته تون ھڪ پڙھيل ڪڙھيل نوجوان آھين ۽ پوليس تنھنجي ڪڍ لڳل آھي.“
    پڇيم، ” انقلابي وارو قصو ڪيئن آھي؟“ کلي پيو.” مامي جو خيال آھي ته تون انقلابي آھين.“
    ڪجھه سوچي ھڪدم چيائين، ” مامو پاڻ وڏو انقلابي آھي، انقلابين جي عزت ڪندو آھي.“
    مون کي پاڻ کان شرم آيو.
    ڊاڪٽر امان الله چيو، ” منھنجي ڳالھه ٻڌ ۽ غور سان ٻڌ. تنھنجو نالو قلندر بخش آھي. تون بيمار آھين. تو کي ٽيومر آھي.، مان ڊاڪٽر امان الله خان تنھنجو علاج ڪري رھيو آھيان. ٺيڪ آھي؟ “
    چيم، ” ٺيڪ آھي.“
    مون سان ھٿ ملائيندي چيائين ، ” شام جو ملنداسين، تون ھينئر بالم بڻجي آرام ڪر.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ھليو ويو.
    منھنجا ڪپڙا ايتريقدر ميرا ۽ گدلا ھئا، جو اڇي اُجري پلنگ تي ليٽندي ڊپ محسوس ٿيو. پنجن ڇھن ڏينھن جي ڀڄ ڀڄان ۽ پنجن ڇھن راتين جي اوجاڳي سبب ڏاڍو ٿڪجي پيو ھوس. نه چاھيندي به مان پلنگ تي ليٽي پيس. پلنگ ايترقدر آرام ڏيندڙ ۽ نرم ۽ گرم ھو، جو ليٽڻ شرط گھيرٽن ۾وڃي پيس.
    ان وقت سيئنير سسٽر ھڪ ننڍي عمر واري نرس کان چانھه جي ٽري کڻائي آئي.
    مان ھڪدم اٿي ويھي رھيس.
    پاسي کان پيل ميز تي چانھه جي ٽري رکي ننڍي نرس ھلي ويئي. سينئر سسٽر منھنجي لاءِ چانھه ٺاھن لڳي. پڇيائين،” کنڊ نه پيئندو آھين نه؟“
    ھڪدم وراڻيم، ” ھا، پيئندو آھيان.“
    پڇيائين، ”ھڪ چمچو يا ٻه.“
    چيم، ” ٻه “
    چانھه جو ڪوپ تيار ڪري مون کي ڏنائين. پنجن ڇھن ڏينھن ۽ راتين جي ڀڄ ڀڄان ۽ تڪليفن منھنجي حالت بظاھر ابتر ڪري ڇڏي ھئي. سينئر سسٽر چيو، ” فڪر نه ڪر، ڊاڪٽر امان الله خان نوجوان ضرور آھي، پر ٽيومرز جي علاج ۾ وڏو ماھر آھي. تون ته ھلي ڦرين پيو، ھتان، اسٽريچر تي آيل مريض نوبنا ٿي روانا ٿيا آھن.“
    سوچيم، ڊاڪٽر دراني کان سواءِ اصل حقيقت کان ڪو به واقف نه آھي !
    مون مرڪي سينئر نرس ڏانھن ڏٺو.
    سينئر نرس چيو، ” قلندر، منھنجو نالو زيتون آھي – سسٽر زيتون.“
    سندس نالو مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. زيتون ! ھوءَ جيتريقدر سھڻي ھئي، ۽ باوقار ھئي، سندس نالو به ايتريقدر سھڻو ھجي ھا ! جيئن، بينا، سسٽر بينا، سسٽر ڪيٿرين، سسٽر حنا، سسٽر ماريا وغيره ! مون کي پنھنجي سطحي ۽ عاميانه سوچ تي کل آئي.
    ” ڇو؟“ پڇيائين، ” کلين ڇو ٿو؟“
    ” بس، ائين ئي.“ چيم، ” ڪا خاص ڳالھه ڪانھي “
    ” ھڪ ٻيو شخص ھو، جنھن کي منھنجونالو ٻڌي کل آئي ھئي.“ سسٽر زيتون ھڪدم، گھڙي کن لاءِ اداس ٿي، وري ٻھڪي پيئي. چيائين، ” ھو مون کي زيتون بدران زيتي سڏيندو ھو.“
    ” بس، ته پوءِ ٺيڪ آھي.“ چيم، ” مان به تو کي زيتون بدران زيتي سڏيندس – سسٽر زيتي. ڪيئن ! “
    ” نه نه “ ھوءَ اٿي بيھي رھي. عمر جون ريکائون سندس چھري تي ظاھر ٿي پيون.
    تعجب وچان پڇيم، ” ڇو؟ ڪو خاص سبب آھي؟“
    ” نه “ چيائين،” ڪو خاص سبب ڪونھي.“
    مون ڏانھن ڏسڻ کانسواءِ اکين ۾ اُڀري آيل اُداسائي لڪائيندي، ھوءَ ڪمري مان ھلي ويئي.
    مان تعجب وچان کيس نه روڪي سگھيس ۽ نه ڪجھه سوچي سگھيس، ۽ نه پڇي سگھيس.
    ڪجھه دير کانپوءِ ھڪ نرس چانھه جي ٽري کڻڻ آئي.
    ” سسٽر “ مون ڳالھايو، پڇيم، ” ھتي ھڪ مريض آيو ھو نه، جيڪو سسٽر زيتون کي زيتي سڏيندو ھو.“
    نرس اچرج وچان مون ڏانھن ڏٺو.
    پڇيم، ” ڪير ھو، ھو؟“
    نرس وراڻيو، ” سترھن ارڙھن سال جو ڇوڪرو ھو. کيس برين ٽيومر ھو سسٽر زيتون کيس پنھنجو پٽ ڪيو ھو.“
    پڇيم، ” سسٽر زيتون کي پنھنجي ڪا اولاد ڪونُھي.“
    چيائين، ” سسٽر زيتون شادي نه ڪئي آھي.“
    ھوءَ چانھه جي ٽري کڻي وڃڻ لڳي. مون کيس سڏ ڪيو. ھوءَ بيھي رھي. پلنگ تان اٿي وڃي سندس سامھون بيٺم. کانئس پڇيم، ” سسٽر زيتون جو پٽ ٺيڪ ٿيو؟“ نرس غور سان مون ڏانھن ڏٺو. اھڙي نموني ڏٺائين. ڄڻ منھنجي سوال جو جواب ڏيڻ نه پئي چاھيائين.
    پڇيم، ” ڇا ٿيو ھو سسٽر؟“
    مون ڏانھن پٺي ڪري بيھي رھي. پوءِ وراڻيائين، ” ھو آپريشن جي دوران، آپريشن ٿيٽر ۾ مري ويو ھو.“
    سسٽر ھلي ويئي.
    ڪمرو دردناڪ خاموشيءَ ۾ ٻڏي ويو.


    27

    ننڍي نرس ماحول کي اداس ڪري ھلي ويئي. ٿوري دير لاءِ مون کي سڀ جڙتو ۽ ڊرامائي محسوس ٿيو. پر، اداسائي جو احساس وڌندو رھيو. دل ڄڻ ڪا وساريل وستي ھئي،جنھن تي غم جي ڌنڌ لھي آئي ھئي، اوچتو جُڙي پوڻ، ۽ جُڙي پوڻ کانپوءِ ٽُٽي پوڻ وارن رشتن تي مون کي ڏاڍو تعجب لڳندو آھي. اھڙا رشتا مون کي ڏاڍو پُراسرار لڳندا آھن. سسٽر زيتون ڇو اتفاق سان اسپتال ۾ آيل ۽ داخل ڪيل ڇوڪري لاءِ پنھنجي وجود ۾ ممتا جي ھلچل محسوس ڪئي ! اھو ڇوڪرو ٻي ڪنھن اسپتال ۾ داخل ٿي سگھيو ٿي ! محض اتفاق جي ڳالھه ھئي جو ھُن کي ايف ٽين جي پرائيويٽ اسپتال ۾ آندو ويو ھو، ۽ مري وڃڻ کان اڳ ھن سسٽر زيتون جي اندر ۾ يادن جون اڱڻ آباد ڪري ڇڏيو ھو. تصور ڏاڍو ظالم ۽ ھوشربا ٿيندو آھي. انسان کي وسوسن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آھي.
    سوچن جي ڪوھيڙي ۾ ڪا واٽ نظر نه آئي. ٿڪل ھوس، ننڊ کڻي ويئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ شعور سان منھنجو واسطو ختم ٿي ويو. مان آسمان جي وسعتن ۾ اڏامندو رھيس. موٽ تڏھن کاڌم جڏھن ڪنھن ٻانھن کان جھلي مون کي ڌونڌاڙيو. مون اک کولي ڏٺو، ڊاڪٽر امان الله خان ھو. منھن تي مُرڪ ھئس. چيائين،” تو ته ويچارين نرسن کي ڊيڄاري ڇڏيو آھي.“
    ” مون؟“ تعجب وچان پڇيم، ” ڪيئن؟“
    چيائين، ” گذريل چئن ڪلاڪن کان ھڪ پاسي ننڊ ڪئي اٿئي. منجھند جي ماني ءَ تي سسٽر تو کي ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر تو ڪو ريسپانس نه ڏنو.“
    چيم، ” مان ڏاڍو ٿڪل ھوس.“
    چيائين، ” مون کي خبر آھي.“
    پڇيائين، ” ماني کائيندين؟“
    پڇيم، ” وقت ڇاھي؟“
    وراڻيائين، ” ٽي ٿيا آھن.“
    چيم، ” بک ڪونھي، چانھه پيئندس، ماني رات جو کائيندس.“
    ” ٺيڪ آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مون تنھنجي لاءِ ڪجھه وڳا آندا آھن، ۽ شيو جو سامان آندو اٿم.“
    چيم، ” مان تنھنجا ٿورا وساري نه سگھندس.“
    ھو کليو، چيائين،” اسان تي وقت آيو ته مونکي سنڌ ۾ پناھ ڏيندين نه؟“
    مان ھڪ وڳو کڻي باٿ روم ۾ ھليو ويس. گرم پاڻي کولي اڌ ڪلاڪ کن وھنتس. ٻاھر آيس ميز تي چانھه جي ٽري رکي ھئي. ڊاڪٽر امان چانھه ٺاھيندي پڇيو، ” ڪو ڪم ڪار ھجيئي، يا ڪنھن شي شڪل جي ضرورت ھجيئي ته بنا حجاب جي ٻڌائجانءِ.“
    چيم، ” اڄ شام جو ڇھين لڳي گلاب گونگي کي پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪندا، ۽ کانئس وڏي ڪنھن ڏوھ جو اعتراف ڪرائيندا.“
    ” مون کي خبر آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مون اڄوڪي اخبارن ۾ پڙھيو آھي.“
    ” ڊاڪٽر امان ! “ مون ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏسندي ڳالھايو. چيم، ” اھو ممڪن ناھي ته اسان جو پنھنجو ڪو ماڻھو پريس ڪانفرنس ۾ موجود ھجي ! گلاب جو ڳالھائڻ امڪان کان ٻاھر آھي. ھو پيدائشي گونگو آھي..“
    ” ان جو بندوبست ٿي ويو آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ڊاڪٽر سولنگي ۽ مجيد پريس ڪانفرنس ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا.“
    ” ڪوشش ڪندا ! “ مون تعجب وچاب پڇيو.
    ” سمجھه ته ذري گھٽ بندوبست ٿي ويو آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مون ڊاڪٽر سولنگيءَ ۽ مجيد لاءِ صحافين وارا ڪارڊ ٺھرائي ورتا آھن.“
    ” تون ڪمال جو ماڻھو آھين، ڊاڪٽر امان.“ مون اٿي وڃي احترام منجھان کيس ڀاڪر ۾ ڀريو.
    ” نه نه “ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” تو کي جيستائين عزت سان سنڌ روانو نه ڪنداسين، گلاب گونگي سميت، تيستائين سمجھنداسين ته توھان لاءِ ڪجھه نه ڪيوسين ! “
    ڊاڪٽر امان الله خان کي ٻنھي ٻانھن کان جھلي ڪجھه دير تائين ڏسندو رھيس. اوچتو، درد جي ڇُپڪي وانگر مون کي مُراد ٺاٺاري جو خيال آيو. ڪيئن ملڻ ته پري رھيو، ڳالھائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو ھئائين ! سندس ھڪ جملو ڀڳل شيشي جي ذري وانگر دل ۾ ڇپڻ لڳو، ” جاني مارائيندين ڇا ! “
    انسان ويچارو تمام ڪمزور ۽ نٻل آھي. ترقيءَ جي بلندين تي پھچڻ کانپوءِ سھڪي پوندو آھي. نگاھ جھڪي ٿي پوندي اٿس. سڀ کان اڳي کيس اھي نظر نه ايندا آھن، جن جي سامھون ھن ترقيءَ جون منزلون طي ڪيل ھونديون آھن !
    ” ڇا پيو سوچين؟“ ڊاڪٽر امان الله خان جي آواز تي مان ڇرڪي پيس. موٽي وڃي پلنگ تي ويھي رھيس.
    ڊاڪٽر سولنگيءَ سان منھنجي ڪا گھاٽي دوستي نه ھئي. ھمدرد قسم جو نوجوان ھو. سنڌ مان آيل ڪو اجنبي يا اوپرو وٽس لنگھي ويندو ھو ته سندس علاج، ۽ دوا دارون ۾ دير نه ڪندو ھو. اسان وانگر ڇڙو ڇانگ ھو. جڏھن به ڪا شام واندي ملندي ھيس ته اسان وٽ ھليو ايندو ھو، يا اسان کي پنھنجي فليٽ تي گھرائي وٺندو ھو. کيس ڊاڪٽر ڪالوني ءَ ۾ فليٽ مليل ھو. مان جڏھن به ويس، ڊاڪٽر امان الله خان کي وٽس ويٺل ڏٺو ھيم. ڊاڪٽر امان الله خان جي باري ۾ مون لڳائي ڇڏيو ھو ته سياسي طور تي ھو پختونن جي ڏتڙيل طبقي لاءِ جدوجھد ڪري رھيو ھو. ملڪ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا ھئا، جن ۾ اھو انھن پختون نوجوانن جو دفاع ڪندو ھو،جن کي پختون سردارن صدين کان ڍال طور استعمال ڪيو آھي، ۽ تعليم کان محروم رکي کين ڏوھن ۾ ملوث ڪيو آھي. چرس، گانجي ۽ ھيروئن جي سمگلنگ دوران ڪوڙڪن ۾ ڦاسي پيل ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ڪلينرن جي آتم ڪٿا ۾ کيس بک، بيروزگاريءَ جو ڀيانڪ راڪاس، ۽ راڪاس جا مالڪ پختون سردار ۽ خان نظر ايندا ھئا.
    مون ھڪ دفعي کيس ڏاڍي احتجاجيءَ ڪيفيت ۾ ڏٺو ھو. مٺيون ڀڪوڙيل، منھن جون مشڪون ڇڪيل، آواز ۾ طيش ! ڊاڪٽر سولنگيءَ سان پئي ڳالھايائين. چيائين پئي، ” ھيروئن ۽ ھشيش جا ڪارخانا ھلائيندڙ ڪنھن پختون سردار کي اڄ تائين گرفتار ٿيندي ٻڌو اٿئي؟ اتفاق سا جيڪڏھن ڪو سردار قانون جي ور چڙھي ويندو آھي، ته کيس ڪڏھن سزا ڀوڳيندي ٻڌو اٿئي؟ ڦاسندا ۽ ڦاھين جي ڦندي تائين پھچندا فقط ڊرائيور ۽ ڪلينر آھن. سردار حُجرن ۾ جرڳا ھلائيندا آھن، ۽ چونڊن ۾ بيھندا آھن.“
    ” اڙي بابا، تون ڪھڙن پورن ۾ پئجي ويو آھين ! “ ڊاڪٽر امان الله خان مون کي ڏوري کان جھلي ڌونڌاڙيو. چيائين، ” يار، سڀ خبر آھي. سڀ ٺيڪ آھي، تون فڪرمند ڇو آھين؟ ڪا پريشاني اٿئي؟ “
    مون ڏانھنس ڏٺو. ايڏي حب ۽ ھمدرديءَ اندر اڌ ڪري ڇڏيو ھو. چيم، ” امان الله، مون کان ۽ گلاب گونگي کان سواءِ ٻه منھنجا سٺا سنگتي به اجايو مصيبت ۾ پئجي ويا آھن.“
    تعجب وچان پڇيائين،” ڪير آھن؟“
    چيم، ” تون کين نه سڃاڻين.“
    پڇيائين، ” ڪٿي آھن؟“
    ” ھڪڙي جو نالو چارڻ آھي.“ چيم، ” ھو ٻن پٺاڻن وٽ سوگھو آھي.“
    نرڙ تي گھُنڊ پئجي ويس. سمجھيم، منھنجي ڳالھه ناگورا لڳي اٿس. پر نه منھنجو انديشو غلط نڪتو. پڇيائين، ” ڪير آھن اھي پٺاڻ؟“
    چيم، ھڪري جو نالو دلبر خان آھي ٻئي جو نالو ڪشمير خان آھي. بظاھر ڀاڄين جو ڪاروبار ڪندا آھن، پر اندرين خاني سمگلنگ ڪندا آھن.“
    ھڪدم چيائين، ” فڪر نه ڪر، ٻئي دوست جي باري ۾ ٻڌاءِ.“
    چيم، ” ٻيو دوست ويچارو ٻچڙيوال آھي. نالو اٿس برپٽ صحرائيءَ. سنڌيءَ ۾ انقلابي شاعري ڪندو آھي. ھن کي ۽ سندس پورھي ماءُ، ۽ جوان پٽ کي پوليس وارا ٻڌي ويا آھن.“
    ڊاڪٽر امان الله خان جي نرڙ تي گھرو گھنڊ پئجي ويو. پڇيائين، ” تون پريس ڪانفرنس ڪندين ! “
    تعجب وچان پڇيم، ” موجوده حالتن ۾ ائين ڪرڻ ممڪن آھي ۽ ٻيو ته ڇا جي باري ۾پريس ڪانفرنس؟“
    چيائين، ” برپٽ صحرائي، سندس والدھ ۽ پٽ جي باري ۾ پريس کي ٻڌائڻ لاءِ.“
    چيم، ” پر، مان ڪيئن سڀني جا سامھون اچي سگھندس ! “
    ھڪدم وراڻيائين، ” تنھنجي سامھون اچڻ جي قطعي ضرورت ناھي.“
    پڇيم، ” ته پوءِ پريس ڪانفرنس ڪيئن ٿيندي؟“
    وراڻيائين، ” تون ان ڳالھه کي ڇڏي ڏي ته پريس ڪانفرنس ڪيئ ٿيندي. تون فقط ايترو ٻڌاءِ ته تون پريس ڪانفرنس لاءِ تيار آھين؟“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس،
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” قانون نافذ ڪرڻ وارن جي غير قانوني حرڪتن ۽ ڏوھن کي ثابت ڪرڻ ۽ منظر عام تي آڻڻ ضروري آھي.“
    سوچيم، گلاب گونگو، چارڻ ۽ برپٽ صحرائي منھنجي ڪري مصيبتن ۾ وڃي پيا آھن. ھڪ منھنجي ڪري سموري سنگت پوليس جي اک ۾ اچي ويئي آھي، سڀني لاءِ تڪليف جو ڪارڻ مان آھيان.
    ڊاڪٽر امان الله خان ڏانھن ڏسندي چيم، “ داڪٽر امان، مان پريس ڪانفرنس لاءِ تيار آھيان.“


    28

    پريس ڪانفرنس لاءِ مون کان حامي ڀرائي، ڊاڪٽر امان الله خان ھليو ويو. وڃڻ مھل به سندس نرڙ تي سوچ ۽ تڪيلف وارو گھُنڊ ھو. اکيون چنجھيون، نڪ جون ناسون ڦونڊاريل، چپ ڀيڪوڙيل. ڄڻ مقابلي لاءِ ميدان ۾ لھڻ لاءِ آتو ھجي ! چارڻ ۽ گلاب گونگي جي اذيتن کيس ايتريقدر نه ڌونڌاڙيو ھو، جيتري قدر برپٽ صحرائي ۽ سندس والدھ جي الميي. مون جيئن ئي کيس ٻڌايو ھو ته ته برپٽ جي پوڙھي والدھ کي پوليس وارا ٿاڻي تي وٺي ويا آھن. سندس چھري جو رنگ ٽامڻي ھڻي ويو، ۽ سندس سمورو جسم وٽجي سٽجي لوھ ٿي ويو. ڄڻ برداشت نه ڪري سگھيو. مون سمجھيو ھو، فقط اسين ماءُ کي عبادت جي حد تائين چاھيندا آھيون. پر، ڊاڪٽر امان الله جھڙا شخص به آھن، جيڪي ٻئي ڪنھن شخص جي والدھ جي بيحرمتيءَ جو فقط ذڪر ٻڌي مرڻ مارڻ واري ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويندا آھن. ڊاڪٽر امان الله خان جي وڃڻ کانپوءِ مون سوچيو جيڪڏھن زندگيءَ ۾ اھڙو المناڪ وقت ڊاڪٽر امان الله خان تي اچي ھا ته ھو سڌو سنئون ٿاڻي تي حملو ڪرڻ کان نه ڪيٻائي ھا. ٻن چئن کي ماري، پاڻ به مري وڃي ھا !
    ڊاڪٽر امان الله خان کي اوچتو پريس ڪانفرنس جو خيال ڪيئن آيو؟ کيس وڪيل ڪري ھاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن ڪرڻ جو خيال ڇو به آيو؟ ان باري ۾ مون گھڻو سوچيو، پر ڪنھن به حتمي نتيجي تي پھچي نه سگھيس. مون سوچيو، ورھين جا ورھيه اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، درسگاھن ۽ ڪتبخانن ۾ گذارڻ جي باوجود انسان جي وجود ۾ قديم، جنگجو، وحشي ۽ مرڻ لاءِ تيار رھڻ وارو انسان جيئرو رھندو آھي.مون محسوس ڪيو ته پريس ڪانفرنس اصل ۾ اسلام آباد جي پوليس تي ڊاڪٽر امان الله خان جو پھريون وار آھي !
    پريس ڪانفرنس لاءِ مون حامي ته ڀري ڇڏي ھئي، پر مون کي سمجھه ۾ به پئي آيو ته مان پريس ڪانفرنس ۾ صحافين آڏو ڪيئن ايندس ! پوليس مون کي گرفتار ڪندي ويرم نه ڪندي ! ڊاڪٽر امان ڪھڙي قسم جي پريس ڪانفرنس بابت سوچيو آھي؟ صحافين کي دعوت ڏيئي اسپتال وٺي ايندو؟ ائين ڪرڻ سا پاڻ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اک ۾ اچي ويندو. سندس اسپتال سياسي پناھگاھ تصور ڪئي ويندي ۽ پوءِ شايد ڊاڪٽر دراني ۽ ڊاڪٽر امان الله ڪنھن به سياسي شخص کي پنھنجي اسپتال ۾ پناھ ڏيئي نه سگھن ! سوچيم، پريس ڪانفرنس لاءِ شايد مون کي ڪنھن ڏورانھين، ۽ مخفي مقام تي وٺي ويندا، ۽ اتي پنھنجي اعتماد جا ڪجھه صحافي وٺي ايندا !
    جڏھن ڪنھن به نتيجي تي پھچي نه سگھيس، تڏھن ذھن تي دٻاءُ ۽ دل تي مونجھه محسوس ڪرڻ لڳس. مٿي ۾ لوندڙين وٽ سور محسوس ڪيم. خيال مٽائڻ خاطر ڪمري جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ھلندو رھيس ، لونڌڙين وٽ مٿي ۾ سور وڌندو رھيو. ڪجھه دير کانپوءِ محسوس ڪيم ته لونڌڙين وٽان سور سبب مٿو ڦاٽي پوندو.
    ڪمري مان نڪري سڌو رسيپشن ۽ نرسن جي ڪمري وٽ وڃي بيٺس. مون کي رسيپشن وٽ ڏسي سسٽر زيتون کي ڄڻ تعجب ٿيو. ھڪدم مون ڏانھن ھلي آئي. پڇيائين، ” ڇو خير ته آھي نه؟“
    چيم، ” سسٽر، مون کي مٿي ۾ سخت سور آھي. لڳيم ٿو، لوندڙين وٽان مٿو ڦاٽي پوندو.“
    ” اڙي ! “ ھن مون کي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو.
    چيائين، ” مٿي ۾ سور اٿئي، ۽ تون ھيڏانھن ھليو آيو آھين ! اڙي چريا، تنھنجي ڪمري ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسن کي سڏڻ لاءِ ٽي سئچ لڳل آھن.“
    ھوءَ مون کي ٻانھن کان جھلي،،موٽائي ڪمري ۾ وٺي آئي. مون کي ھڪدم ليٽي پوڻ لاءِ چيائين. مان ليٽي پيس.
    چيم، ” مون کي ٻي ڪا تڪليف نه آھي. تون مون کي ٻه ايسپرو جون گوريون آڻي ڏي.“
    چيائين، ” اتفاق جي ڳالھه آھي، ھن وقت اسپتال ۾ ھڪ به ڊاڪٽر ڪونھي.“
    ” ڊاڪٽر کي ڇڏ.“ چيم، ” منھنجو مٿو ٿو ڦاٽي. تون مھرباني ڪري مون کي ايسپرو يا پيراسيٽامول جون ٻه گوريون آڻي ڏي. مان ٺيڪ ٿي ويندس.“
    ” اھو عام سور ناھي قلندر، جو ايسپرو يا پيراسيٽامول سان لھي وڃي.“ سسٽر زيتون چيو، ” تو کي مٿي ۾ ٽيومر آھي ۽ ٽيومر جو مريض ڪنھن ڪنھن وقت مٿي ۾ سخت سور محسوس ڪندو آھي.“
    ٻنھي ھٿن ۾ مٿو جھلي مان ويھي رھيس. سسٽر زيتون کي ڪيئن ٻڌايان ھا ته منھنجي مٿي ۾ ڪنھن به قسم جو، ڪو به ٽيومر نه آھي. ھيءُ سڀ ڪجھه ڊرامو آھي ! پر مون کي مناسب نه لڳو ته ڊاڪٽر امان الله ۽ ڊاڪٽر درانيءَ جي اعتبار کي ڇيھو رسايان. جڏھن، ھنن سسٽر زيتون کي ڪجھه نه ٻڌايو ھو، تڏھن مون کي ڪھڙو حق پئي پھتو، جو مان زيتون کي پنھنجي باري ۾ ڪجھه ٻڌايان !
    مون کي ايسپرو يا پيراسيٽامول جي ٻن گورين جي سخت ضرورت ھئي. مون کي ھڪ ترڪيب سمجھه ۾ آئي. مون سسٽر زيتون کي چيو، ” توھان جي اسپتال ۾ اچڻ کان اڳ مون کي ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جي نيورالاجي وارڊ ۾ داخل ڪيو ھئائون. اتي مون کي جڏھن به مٿي ۾ سور محسوس ٿيندو ھو، ڊاڪٽر ۽ نرسون مون کي ايسپرو، پيراسيٽامول يا پونسٽان جون ٻه گوريون ڏيندا ھئا. “
    ” تو کي مٿي جي سور لاءِ ايسپرو ڏيندا ھئا ! “
    سسٽر زيتون تعجب وچان پڇيو، ” ۽ اھو ڄاڻندي به، تو کي مٿي ۾ ٽيومر آھي.“
    ” ھا، اھو ڄاڻندي به ته منھنجي مٿي ۾ ٽيومر آھي “ چيم، ” ھو مون کي ايسپرو ڏيندا ھئا.“ سسٽر زيتون وائڙي ٿي ويئي. ڪجھه سمجھه ۾ نه آيس. ماٺ ۾ بيٺي رھي. ڪجھه دير کانپوءِ چيائين، ” مان ڊاڪٽر امان الله خان سان فون تي مشورو ٿي ڪري اچان.“
    سسٽر زيتون ھلي ويئي.
    مان پلنگ تي ليٽي پيس. آرام نه آيو. باٿ روم ۾ وڃي، نلڪي ھيٺان مٿو ڏيئي پاڻي کولي ڇڏيم. پاڻي ٿڌو ھو. سڄي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو. ٽوال سان وار اگھي مان موٽي وڃي پلنگ تي ليٽي پيس.
    سسٽر زيتون موٽي آئي. چيائين، ” ڊاڪٽر امان الله خان چيو آھي ته توکي ايسپرو جون ٻه گوريون کارائي ڇڏيان.“
    منھنجي منھن تي مُرڪ تري آئي.
    ايسپرو جون ٻه گوريون منھنجي ھٿ تي رکيائين ۽ پوءِ پاڻي جو گلاس ڏيندي چيائين، ” عجيب ڳالھه آھي.“
    ايسپرو جون گوريون زبان تي رکي پاڻيءَ جا ٻه چار ڍُڪ ڀري گلاس سسٽر زيتون کي موٽائي ڏنم. پڇيم، ” ڇا عجيب آھي.“
    چيائين، ” اڄ ڏينھن تائين سخت کان سخت سور جي باوجود ڊاڪٽر امان الله خان ٽيومر جي ڪنھن مريض کي سور گھٽ ڪرڻ لاي ايسپرو يا پيراسيٽامول يا ان قسم جي ڪا به دوا نه ڏيندو آھي.“
    ان موضوع تي سسٽر زيتون سان وڌيڪ ڳالھائڻ مناسب نه سمجھيم. موضوع مٽائڻ خاطر پڇيم، ” چانھه جو ھڪ ڪوپ ملي سگھندو؟“
    ڪمري مان ٻاھر ويندي چيائين، ” موڪليان ٿي.“
    ٿوري دير کانپوءِ ھڪ نرس وارڊ بواءِ کان چانھه جي ٽري کڻائي آئي. مون کي چانھه جو ڪوپ ٺاھي ڏنائين ۽ خاموشيءَ سان ٽري کڻائي ھلي ويئي.
    چانھه جو ڪوپ کڻي مان ڪرسيءَ تي ويھي رھيس. سِپَ سِپَ ڪري چانھه پيئڻ لڳس. مون ٻيھر پريس ڪانفرنس جي باري ۾ سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو.
    ان وقت الائي ڪيئن، ۽ ڇو مونکي ڏائڻ جو خيال آيو. ھڪ دفعي چيو ھئائين، ” جوڳي، ڏُک سُک جو ساٿي ٿيڻ لاءِ ضروري ناھي ته شادي ڪري ويھي رھجي. ھونئن به شادي سُک گھٽ، ڏک وڌيڪ ڏيندي آھي.“
    جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ھئائين . اداس ٿي پيئي ھئي. ٻن ناڪام شادين جو الميو اکين ۾ تري آيو ھيس. چيو ھئائين، ” سخت کان سخت آزمائش ۾ به تون مون کي پاڻ کان پري نه ڏسندين.“
    ڪوڙي ! دغاباز! فريبي! سوچيم، کيس فون تي گاريون ڏيندس. سندس بيعزتي ڪندس. اھڙيون ست سُريون ٻڌائيندومانس، جو جيستائين جيئري رھندي، مون کي ياد ڪندي.
    چانھه جو ڪوپ ميز تي رکي مان ڪمري مان نڪري آيس. رسيپشن تي سسٽر زيتون کي چيم، ” مون کي ھڪ ضروري فون ڪرڻي آھي.“
    ” اڙي ! “ سسٽر زيتون چيو، ” تون وري ڪمري مان نڪري آيو آھين ! “
    چيم، ” مون کي ھڪ ضروري فون ڪرڻي آھي.“
    سسٽر زيتون چيو، ” فون رسيور تنھنجي ڪمري ۾ آھي. آپريٽر کان لائين وٺي تون ڊائريڪٽ به ڳالھائي سگھين ٿو.اسان جي اسپتال مان فون تي ڳالھائڻ جي ڪا به بندش نه آھي.“
    مان ڪمري ۾ موٽي ويس. آپريٽر کي ڏائڻ جو نمبر ڏيڻ بدران کائنس ڊائريڪٽ لائن ورتم.
    ڏائڻ جو نمبر ڊائل ڪرڻ کان اڳ دل ھڪ گھڙيءَ لاءِ ڪنبي ويئي.
    دل پڪي ڪري ڏائڻ جو نمبر ڊائل ڪيم.


    29

    گذريل ڇھن ستن ڏينھن ۾ جيڪي ٿي گذريو ھو، ۽ جھڙي نموني چاھتن، محبتن ۽ يقين جي رشتن کي ڇيھو رسيو، تنھن کانپوءِ شاليءَ کي فون ڪندي دل جي ڦٿڪي پوڻ ڏاڍو عجيب محسوس ٿيو.
    ڊائل ڪندي آڱرين جو ڪنبي پوڻ بيمعني نه لڳو. ھُن ته مون سان دوکو ڪيو ھو ! ھن تي مون کي فريب ڏنو ھو ! مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ ڏاڍو رنگين ناٽڪ رچايو ھئائين ! وڏي دغاباز آھي – مڪار. مون کي اڍ ٺھيل عمارت ۾ سوگھو ڪري ڪيئن نه ٻن گماشتن کي وٺي آئي ھئي ! اھو سڀ ڪجھه خواب نه ھو. مون سڀ ڪجھه پنھنجين اکين سان ڏٺو ھو. ان فريب کان اڳ جيڪي ڪجھه ھو، سو سڀ خواب ھو، ته پوءِ، دل جو ڦٿڪي پوڻ، ۽ ڊائل ڪندي آڱرين جو ڪنبي پوڻ ڇا ھي ! ڪٿي ائين ته ناھي، عڪس سلامت آھي ۽ فقط اميدن جو آئينو ٽٽي پيو آھي !
    مان ھٿ روڪي بيھي رھيس. فون جو ڊائل نه ڦيرايم. سوچيم م شاليءَ کي گاريون ڏيئي سگھندس؟ جنھن سان بي نام رشتو جوڙيو اٿم، تنھن کي گھٽ وڌ ڳالھائي سگھندس؟ جنھن جي موجودگيءَ ۾ ڪائنات پھريون دفعو ڀيرويءَ جي سُرن سان ڀريل محسوس ٿي ھئي، تنھن کي سنڌيءَ واريون سَتَ سُريون ٻڌائي سگھندس؟
    سڀني سوالن جو جواب مون کي نفيءَ ۾ مليو. تخليقڪار طرفان اسان کي ورثي ۾ ڌڪ کائي دعا ڏيڻ واري وصف ملي آھي. اسين وار سھندا آھيون، وار ڪندا نه آھيون. مُرڪي فريب کائيندا آھيون، فريب نه ڏيندا آھيون. جنھن کي ھڪ دفعي چاھيوسين، تنھن کان جنم جنم جي جدائي ته برداشت ڪري سگھنداسين، پر سندس دل آزاري نه ڪنداسين !
    سوچ جي متضاد قوتن جي وچم مان ولوڙجي ويس. ٿڪجي پيس. موٽي وڃي پلنگ تي ليٽي پيس.ٻئي ٻانھون ڪنڌ ھيٺان ڏيئي ڇت ڏانھن ڏسڻ لڳس. مان ڇا ٿو چاھيان؟ مان شاليءَ جي محبت کي ياد رکي، شاليءَ کي وساري ڇڏيان؟ مان وساري ڇو نه ٿو ڇڏيان ته بڙ جي ڀرسان چبوتري تي، ھڪ دفعي، جڏھن کيس بخار ھو، سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ جھليندي مون چيو ھو، شالي ! اسين سنڌ ملڪ جا ماڻھو ھڪ دفعو، جنھن جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺندا آھيون، تنھن سان قيامت تائين توڙ نڀائيندا آھيون.
    جواب ۾ ڪجھه نه چيو ھئائين، فقط پڇيو ھئائين، ” توھين سنڌي به پنھنجي زالين کي ماريندا آھيو؟ “
    چيو ھيم،” اھوئي ته اسان ۾ ۽ ٻين ۾ فرق آھي، شالي! “
    ان رات مون کي ٻُڌل ڳالھه جي تصديق ٿي ويئي ھئي ته شاليءَ جو ڊپٽي ڪمشنر مڙس شالي کي بيدرديءَ سان ماريندو ھو !
    جيڪي مرد پنھنجي زال کي ماريندا آھن، سي مون کي خنزير لڳندا آھن. دل چاھيندي آھي، اھڙن مردن کي رسن سان قابو ڪري، جيپ جي بمپر سان ٻڌي ان وقت تائين رستن تي گھيلندو رھان، جيستائين ماس سندس لڱن کان ڌار نه ٿي وڃي ! سندن اکين جي جوت ۾ تيزاب وجھي کين انڌو ڪري ڇڏيان ! سندن بي رحم ھٿ باھ ۾ تتل مُترڪن سان چٿي چُور ڪري ڇڏيان !
    ان وقت، جڏھن مان ٻئي ٻانھون مٿي ھيٺان ڏيئي پلنگ تي ليٽي پيو ھوس ۽ ڇت ڏانھن نھاري رھيو ھوس، مون کي ڏاڍو عجيب خيال آيو ھو. مون سوچيو، ڪٿي ائين ته ناھي، ڊپٽي ڪمشنر سان منھنجي بيپناھ نفرت، شاليءَ لاءِ منھنجي محبت جو بنيادي سبب ٿي پئي آھي؟ ڪٿي ائين ته ناھي شاليءَ سان ھڪ شخص جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو مان محبت جي نالي ۾ ٻليدان ڏيئي رھيو آھيان؟
    مان ڇرڪ ڀري اٿھي ويھي رھيس.
    ان وقت سسٽر زيتون ڪمري ۾ داخل ٿي، منھنجو چھرو ڏسي وچ ڪمري ۾ بيھي رھي. سمجھان ٿو مختلف سوچن جي ولوڙ ۾ منھنجو چھرو ليڪن ۽ گھنجن سان ڀرجي ويو ھو.
    ھڪدم اڳتي وڌي آئي. منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي پڇيائين، ” مٿي جو سور ڪيئن اٿئي؟ “
    ” ھون !“ مون تعجب وچان سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو.
    پڇيائين، ” مٿي جو سور ڪيئن اٿئي؟“
    چيم،” شايد ٺيڪ آھي.“
    چيائين، ” اھو شايد ڇاھي؟“
    چيم، ” لھي ويو آھي.“
    چيائين، ” پر تنھنجو چھرو ايتريقدر ڇڪيل ڇو آھي؟“
    پڇيم،” منھنجو چھرو ڇڪيل آھي.“
    ” ھا“ چيائين، ” ائين پيو لڳي، ڄڻ وڏي تڪليف ۾ آھين.“
    مون اٿي، وڃي آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏٺو. منھنجيون ڀروون ڳتيل، ۽ نرڙ تي گھُنڊ ھو.
    ٿرماس مان گلاس ۾ پاڻي ڀري، ھڪ ڳيت سان پي ويس. ڪرسيءَ تي ويھي رھيس.
    سسٽر زيتون چيو، ” مان سمجھان ٿي، تنھنجي طبيعت ٺيڪ نه آھي.“
    سسٽر زيتون بلڊ پريشر ڏسڻ لاءِ اوزار منھنجي ٻانھن سان ويڙھي ڇڏيو.
    پاڻي جو گلاس پيئڻ ۽ ڳالھائڻ سبب مان سوچ جي ولوڙ مان نڪري آيس. چھرو ٿانيئڪو ٿيڻ لڳو.
    سسٽر زيتون پڇيو، ” ڇا پئه سوچيه؟“
    ” ڪجھه خاص نه “ چيم، ” ائين ئي، اجايو سجايو ويٺي سوچيم.“
    بلڊ پريشر واري اوزار ۾ پمپ ڪري ھوا ڀريائين، اسٽيٿسڪوپ ڪنن سان لڳائي ھڪ ٻه دفعا ھوا جو پريشر گھٽ ڪري، ٻيھر ڀري، وري بلڊ پريشر ڏٺائين.
    پڇيم،” ڪيترو آھي؟ “
    چيائين، ھاءِ سائيڊ تي آھي. سو ۽ ھڪ سو چاليھه.“
    اوزار منھنجي ٻانھن مان جدا ڪندي پنھنجي ساءِ چيائين، ” ايسپرو کائڻ سان بلڊ پريشر ھيٺ ٿيندو آھي. مان سمجھان ٿي ڪلاڪ کن ۾ ڪجھه لھي ايندو.“
    ٿرماميٽر وات ۾ وجھي، واچ ۾ وقت ڏٺائين. ڪجھه دير کانپوءِ ٿرماميٽر ڪڍي، حرارت جو درجو ڏٺائين چيائين، ” نارمل آھي.“
    سامان کڻي ٻاھرين در ڏانھن ھلي ويئي. ڪجھه سوچي در وٽ بيھي رھي.
    پڇيائين، ” ڪنھن کي فون ڪرڻ پئي چاھيهءِ، ڪيهءِ؟“
    چيم، ”نه“
    پڇيائين، ” آپريٽر لائين ڏني اٿئي؟“
    چيم، ” ھا “
    ھوءَ ھلي ويئي.
    مون دريءَ مان ٻاھر ڏٺو. مارگله ٽڪرين جي پويان، ٻڌمت جي شھر ٽڪسيلا وٽ سج لھي ويو ھو. آسمان لينڊ اسڪيپ پينٽر جي ڪينواس وانگر ڇڪيل نظر آيو. جنھن تي ڳاڙھو رنگ سرمئي تي حاوي ھو.
    مان دريءَ وٽان ھٽي، فون وٽ وڃي بيٺس. ڪجھه دير تائين فون ڏانھن ڏسندو رھيس. دل ۽ دماغ جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندو رھيس. موٽي وڃڻ واري ڪا واٽ نظر نه آئي. مون شاليءَ جو نمبر ڊائل ڪيو.
    ٻن ٽن گھنٽين کان پوءِ شالي جو آواز آيو. مخصوص لھجي ۾ چيائين، ” شالي اسپيڪنگ “
    دل ڄڻ ڌڪ کاڌل ابابيل ھجي! ڦٿڪي پيئي.
    ھن ٻيھر چيو، شالي اسپيڪنگ
    مان ساھ روڪي بيھي رھيس.
    ڪجھه دير تائين خاموش رھڻ کانپوءِ شالي جو آواز آيو. ” جوڳي! مون کي خبر آھي ته تون آھين “
    مان خاموش رھيس.
    شاليءَ چيو، خدا جي واسطي فون بند نه ڪجانءِ، جوڳي ! مون سان ڳالھاءِ... مون سان ڳالھاءِ. جوڳي، جوڳي.“
    مان ماٺ.
    شالي جو آواز آيو چيائين، ” مان ڏاڍي پريشان آھيان. تون ڪيئن آھين. ڪٿي آھين؟ مون سان ڳالھاءِ، جوڳي، خدا جي واسطي ڳالھاءِ.“
    ائين لڳو، ڄڻ روئي پوندي.
    چيم، ” شالي، تون چئين ته ڏسي ھا، مان پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيان ھا... .پر، تو مون کي دوکي سان گرفتار ڪرائڻ جي رٿ نه رٿين ھا.“
    ھڪدم چيائين، ” چريو ٿي پيو آھين ڇا ! مان تو کي گرفتار ڪرائينديس !
    ” ٻُڌل ڳالھه ۾ شڪ جي گنجائش ھوندي آھي.“ چيم، ” مون ته اکين سان سڀ ڪجھه ڏٺو ھو.“
    ” ڇا ڏٺو ھيئهءِ؟ جوڳي “ شالي ڏک واري لھجي ۾ چيو، ” ڇا ڏٺو ھيئه؟“
    ” ان ڳالھه کي ڇڏي ڏي ته ڇا ڏٺو ھيم.“ چيم، ” تون فقط اشارو ڪرين ھا، مان بنا ڪجھه ڪڇڻ جي پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيان ھا. مون کي دوکو نه ڏئين ھا. مون سان دغا نه ڪرين ھا. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آھي.“
    ” ڪھڙيون چرين واريون ڳالھيون پيو ڪرين ! تڪليف واري لھجي ۾ چيائين، ” مان تو کي دوکو ڏيندس ! تو سان دغا ڪندس ! جوڳي مان؟ جوڳي مان؟ اھو ممڪن آھي؟ “
    چيم، ” زندگيءَ ۾ گھڻو ڪجھه ممڪن ٿي پوندو آھي، شالي! اڌ ٺھيل جاءِ ۾ تو سان گڏ آيل ٻه اوپرا ماڻھو سادن ڪپڙن ۾ پوليس اھلڪار نه ھئا ته ڪير ھئا؟“
    ” اوھ جوڳي ! اوھ جوڳي ! “ شالي چيو، ” ھو ٻئي وڪيل ھئا. مون تنھنجي لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ آندا ھئا.“
    مان پنڊ پھڻ ٿي ويس. ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو ته جواب ۾ ڇا چوان، ڇا نه چوان. مون کي پنھنجي لوندڙين تي پگھر وھندي محسوس ٿيو.
    مون رسيور رکي، فون بند ڪري ڇڏي.


    30

    بند ڪرڻ خاطر فون بند ڪري ڇڏيم، شالي سان ڳالھائڻ جو سلسو منقطع ڪري ڇڏيم، پر وجود ۾ ھڪ فرد جو سيمينار ھلندو رھيو. ھڪ بيحد وڏي ھال ۾، جنھن کي نه ڀتيون ھيون، ۽ نه ڇت، ھڪ شخص خود ئي سوال پڇي رھيو ھو، ۽ خود ئي جواب ڏيئي رھيو ھو. خود ئي خود پنھنجو ڇيد ڪري رھيو ھو، ۽ خود ئي پاڻ کي صحيح ۽ ڪڏھن غلط ثابت ڪري رھيو ھو. بحث جي شروعات به پاڻ پيئي ڪيائين، ۽ بحث جي پڄاڻي به پاڻ.
    ٺيڪ آھي، حالتون منھنجي حق ۾ نه آھن. پر ڇا، اسين سڀئي بدترين حالتن ۾ ھڪٻئي تان يقين ۽ ويساھ کڻي ڇڏيندا آھيون ! يا فقط اھي، جن جا ويساھ جر جي ڦوٽي وانگر ھوندا آھن، سي شڪ جو شڪار ٿي پوندا آھن !
    سوالن جي جھنگ ۾ مان ڀٽڪڻ لڳس.
    مون ڇو محسوس ڪيو ته اڌ ٺھيل عمارت ۾ شاليءَ سان گڏ آيل ٻه اوپرا ماڻھو پوليس جا گماشتا ھئا؟ اڳ ڪڏھن شاليءَ مون کي اھڙي نموني دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي؟ نه، ڪڏھن به نه. ھن خود زندگيءَ ۾ ايترا دوکا کاڌا ھئا، جو لازمي طرح ھن کان ھر شخص دوکو کائڻ جي گمان ۾ غرق رھندو ھو. منھنجي لاشعور ۾ به سندس ٻن شادين جو حوالو گردش ڪري رھيو ھو. ٻنھي شادين ۾ ھن دوکو کاڌو ھو ۽ پوءِ، ٽئين درجي وارين فلمن جو ھڪ مڪالمو ذھن ۾ پڙاڏو ڪري رھيو ھو ته عورت جڏھن انتقام تي لھندي آھي، تڏھن بي رحم کان بي رحم ۽ جابر کان جابر شخص کي پوئتي ڇڏي ڏيندي آھي ۽ ڪنھن ڏاھي به ته چيو ھو، شايد شيڪسپيئر چيو ھو، ته اي عورت تنھنجو ٻيو نالو بيوفائي آھي.
    مان شاليءَ کان، بلڪه پاڻ کان دوکو کائي ويٺو آھيان ! مان پنھنجي شڪ جو ئي شڪار ٿيو آھيان.
    بيچينيءَ وجود کي ولوڙڻ لڳي. سرديءَ جي باوجود مون دري کولي ڇڏي. تير جھڙي تيز ھوا ڪمري ۾ ڪاھي پيئي. در درين جا پردا ابليس جي رقص وانگر نچڻ لڳا.
    ” ڇو خير ته آھي؟“ ڊاڪٽر امان الله خان جو آواز ٻڌم. منھن ورائي ڏٺم. ڊاڪٽر امان الله جي چھري تي ايڏي گمڀيرتا مون اڳ نه ڏٺي ھئي. برپٽ صحرائيءَ جي والدھ جي بيحرمتيءَ واري ڳالھه کان پوءِ مون سندس چھري تي جيڪو جلال ڏٺو ھو، سو شايد ڪربلا جي آخري شام وانگر گمڀيرتا ۾ بدلجي ويو ھو !
    ان کان اڳ جو مان ڪجھه چوان، ڊاڪٽر سولنگي ۽ مجيد روھڙائي ڪمري ۾ داخل ٿيا. ھو ٻئي پڻ غير معمولي نما سنجيدھ ھئا.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” اسين پريس ڪانفرنس ۾ ويا ھئاسين.“
    مون يڪدم پڇيو، ” گلاب گونگي پوليس آڏو ڳالھايو آھي، ڇا؟“
    مون کي پنھنجي احمقاڻي سوال تي پشيماني محسوس ٿي.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” جوڳي، تو کي حيرت ٿيندي ھن پوليس جي تفتيشي ٽيم آڏو ڳالھايو آھي.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اڳ ڪمري ۾ تير وانگي ڪاھي آيل سرد ھوا ۾ مون کي ڪنبڻي محسوس نه ٿي ھئي. ڊاڪٽر امان الله خان جي ڳالھه ٻڌي مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. جيڪا ڳالھه امڪان کان ٻاھر ھئي، سا ممڪن ڪيئن ٿي پيئي! گلاب پيدائشي گونگو ھو. ھن جو ڳالھائڻ ناممڪن ھو – ته پوءِ، ھن ڪيئن ڳالھايو !
    مون ڊاڪٽر امان الله کي چيو، ” اھو ناممڪن آھي. گلاب نه ڳالھايو آھي. گلاب بدران پوليس ڳالھايو آھي.“
    ” بھرحال، جيئن به آھي، پوليس جي چَوَڻ مطابق ھن تفتيشي ٽيم آڏو ڳالھايو آھي، ۽ ڇرڪائيندڙ حقيقتن تان پردو کنيو آھي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ھن پنھنجي اعترافي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو آھي ته تون، يعني جوڳي، اسلام آباد ۾ سنڌ مان آيل تخريبڪارن جو سرغنو آھين ۽ جيڪي ڪجھه ٿي رھيو آھي، سو تنھنجي نظرداريءَ ۽ ھدايتن مطابق ٿي رھيو آھي.“
    مان پلنگ تي ليٽي پيس. ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته اھڙي احمقاڻي بيان تي ڪھڙو تبصرو ڪريان ! ڇا چوان، ۽ ڇا نه چوان !
    مجيد چيو، ” تو ڏاڍو غلط ڪم ڪيو آھي.“
    مون کي باھ وٺي ويئي. اٿي ويھي رھيس. چيم، ” ڪھڙو غلط ڪم ڪيو اٿم؟بم سان مارگله ٽڪريون اڏائي ڇڏيون اٿم ! بازارين ۾ ماڻھن جو قتل عام ڪيو اٿم ! ڇا ڪيو اٿم ! ڇا ڪيو اٿم !
    مجيد چيو، ” اڙي بابا، محمد اسلام لاءِ چوڪ تي بينر کڻي بيھڻ لاءِ گلاب کي ڪنھن چيو ھو؟“
    ” مون نه چيو ھو، مون نه چيو ھو.“ مون آواز جھڪو ڪندي چيو، ” مان به ته اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ آيو ھوس. مون کيس ڳوليو. ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليو، پر اسلام مون کي نه مليو. مون اسلام کي ڳولڻ جو ارادو دل مان ڪڍي ڇڏيو. توھان روھڙيءَ وارن مون کي بيوقوف سمجھي گلاب گونگي کي اسلام جي تلاش ۾ اسلام آباد ڏياري موڪليو. واھ جو فيصلو ڪيو ھُيو.“
    مجيد چيو، ” پر، اسان کي اھا خبر نه ھئي ته تون گلاب کي بينر ڏيئي چونڪ تي بيھاري ڇڏيندين.“
    ھڪدم چيم، ” اھو غلط آھي. بھتان آھي. گلاب گونگو پاڻ، پنھنجي ساءِ، پنھنجي مرضيءَ سان اسلام لاءِ بينر کڻي آبپاره چوڪ تي وڃي بيٺو ھو.“
    ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” اسان ھڪ وڪيل سان ملي آيا آھيون. ھو سڀاڻي گلاب گونگي جي ضمانت لاءِ درخواست ڏيئي ڇڏيندو.“
    مون منھن ورائي ڊاڪٽر امان الله خان ڏانھن ڏٺو.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” تنھنجي ضمانت لاءِ درخواست في الحال نه ڏينداسين. درخواست ڏيڻ شرط تو کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.“
    ڪجھه دير جي ماٺ کانپوءِ ڊاڪٽر امان ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ کان پڇيم، ” گلاب کي ماريو ته نه ھئائون.“
    ھنن، ٻنھي، ھڪٻئي ڏانھن ڏٺو.
    مجيد چيو، ” ڏاڍو ماريو اٿائونس. ساڄي اک بند ھئس، ۽ ساڄي پاسي منھن سڄيل ھوس. ھٿ ۽ ٻانھن تي به پٽي ٻڌل ھئس. منڊڪائي ھليو پئي.“
    اندر اڌ ٿي پيو. پڇيم، ” صحافين مان ڪنھن نه پڇيو ته گلاب زخمي ڇو ھو؟ “
    مجيد وراڻيو، ” ڪجھه صحافين پھريون سوال گلاب جي زخمي ھئڻ بابت ڪيو ھو.“
    پڇيم، ” ڪھڙو جواب مليو ھين؟“
    چيائين، “پوليس ٻڌايو ته گرفتاري مھل، ۽ تفتيش دوران گلاب مزاحمت ڪئي ھئي. مزاحمت دوران ھن تفتيشي آفيسرن تي حملو به ڪيو ھو، ۽ نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو ھو.“
    مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پڇيم، ” ھن تو کي ڏٺو ھو؟“
    مجيد چيو، ” مان سمجھان ٿو، ھو ھوش ۾ نه ھو.“
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” منھنجو ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ جو خيال آھي ته مجيد ڪيئن به ڪري، پھرين بس، يا پھرين ملندڙ ٽرين. ھوائي جھاز ۾ ھتان ھليو وڃي.“
    مجيد چيو، ” پر مان مائٽن کي وڃي ڇا ٻڌايندس ! ھنن مونکي مفصل احوال آڻڻ لاءِ موڪليو آھي.“
    مجيد مون کي احمق محسوس ٿيو.
    ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” ڀاءُ مجيد، پوليس اڄڪلھه ھر ان شخص جي ڳولا ۾ آھي، جنھن جو اڻسڌو، يا سڌو رابطو جوڳيءَ سان آھي. اسان کي ڊپ آھي ته تون ڪٿي پڪڙجي نه پوين. تون لھجي مان پڪو سنڌي ٿو لڳين.“
    مجيد پنھنجو سوال ورجايو. چيائين، ” مان مائٽن کي ڇا، ٻڌائيندس.“
    ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” ھنن جيڪي ڪجھه اخبارن ۾ پڙھيو آھي، سو سڀ غلط آھي. ائين ئي غلط آھي، جيئن گلاب جو ڳالھائڻ.“
    مجيد منجھي پيو.
    مون مجيد کي چيو، ” ٻئي ڊاڪٽر ٺيڪ پيا چَوَن. شڪ ۾ جيڪڏھن تو کي پڪڙي ورتائون ته سمجھه گلاب کان گھٽ جٺ نه ڪندءِ.“
    مجيد ٻنھي ڊاڪٽرن ڏانھن ڏٺو.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي پوليس ناڪه بندي ڪري ڇڏي آھي. مجيد کي مون فتح جنگ جي رستي ڪوھاٽ موڪلڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. اتان ھو پشاور رستي پي آئي اي ذريعي ڪراچي ھليو ويندو.“
    مجيد جو ڄڻ ساھ سُڪي ويو. ھن مون ڏانھن ڏٺو.
    چيم، ” ھينئر تنھنجي ۽ منھنجي وس ۾ ڪجھه به ڪونھي. اسان جي باري ۾ جيڪو فيصلو دوست ڪندا، درست ڪندا.“
    مجيد چيو، ” پر، مون وٽ پي ائي اي جي ٽڪيٽ لاءِ پئسا نه آھن.“
    ڊاڪٽر سولنگيءَ چيو، ” ڀائو، تون فڪر نه ڪر. اسان سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان مجيد سان ڳالھائيندي چيو، ايف اليون وٽ بجريءَ جي ٽرڪ انتظار ۾ بيٺي آھي. دير نه ڪر.“
    مجيد وائڙو ٿي ويو.
    ڊاڪٽر سولنگي چيو، ” ڀائو مجيد، سوچن جو وقت گذري ويو آھي. دير نه ڪر. ھَلُ.“
    مجيد منھنجي سامھون اچي بيٺو. اسان ٻنھي، ھڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. مجيد جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. جدا ٿي، مون ڏانھن ڏسڻ کانسواءِ ھو ڪمري جي ٻاھرين در وٽ وڃي بيٺو. ڊاڪٽر امان الله خان در وٽان منھن ورائي چيو، ” چارڻ جي ھتي رھڻ ٺيڪ نه ھو. دلبر خان ۽ ڪشمير خان کان وٺي، مون کيس پشاور موڪلي ڇڏيو آھي. جيستائين معاملو صاف ٿي، ھو اتي رھندو.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ۽ ڊاڪٽر سولنگيءَ مجيد کي وٺي ڪمري مان ٻاھر نڪري ويا.


    31

    پاڪستان جي جيلن ۾ بيشمار اھڙا ماڻھو قيد به آھن، جن کي نه ڪڏھن الزامن کان آگاھ ڪيو ويو آھي، ۽ نه شنوائي لاءِ ڪڏھن ڪنھن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ان قسم جا انيڪ قيدي بنا ڪنھن داد فرياد جي جيلن جي خوفناڪ ماحول ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا آھن، ۽ مري رھيا آھن. سرد ڪمري جي اڪيلائيءَ ۾ مون شدت سان محسوس ڪيو ته مان انھن، ۽ اھڙن ئي قيدين مان ھڪ آھيان. منھنجي ضمانت نه ٿيندي، شنوائيءَ لاءِ ڪنھن عدالت ۾ منھنجي پيشي ٿيندي. وڪيل منھنجي حق ۾، ۽ منھنجي خلاف زوردار جرح نه ڪندا. مان به ڪنھن گمنام قيديءَ وانگر مري ويندس. فرق فقط ايترو آھي جو ھو جيل ۾ مري ويندا آھن، ۽ مان ڪنھن پناھ گاھ ۾ مري ويندس.
    مون آپريٽر کان لائين ورتي. ڊائل ڪري شاليءَ جو نمبر ملايم. رسيور شاليءَ پاڻ کنيو ۽ چيو، ” ھيلو “
    چيم، ” شالي“
    ھڪدم چيائين، ” جوڳيءَ ! جوڳي تون ڪٿي آھين.“
    چيم، ” جتي به آھيان، محفوظ آھيان.“
    ” مون کي نه ٻڌائيندين؟“
    ” ضروري نه ٿو سمجھان.“
    ” مون کان ڪاوڙيل آھين؟“
    ” نه، پاڻ کان ڪاوڙيل آھيان.“ چيم ” ماڻھو جڏھن ٻين تي ڪاوڙ ڪري نه سگھندو آھي، تڏھن ئي پاڻ تي ڪاوڙ ڪندو آھيان.“
    ” تون مون تي ته ڪاوڙ ڪري سگھين ٿو !“
    چيائين، ” اسان ھڪٻئي کي اھڙو حق نه ڏنو آھي، ڇا؟”
    جواب ۾ چوڻ لاءِ ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو.گھڙي کن خاموش رھيم، پوءِ چيم، ” شالي، تون سنڌ جي ڪجھه ايم اين ايز کي سڃاڻين نه؟“
    وراڻيائين، ” چڱيءَ طرح، بلڪه چڱيءَ چڱيءَ طرح.“
    چيم، ” مناسب سمجھين ته منجھائن ڪنھن ھڪ سان منھنجي باري ۾ ڳالھائي ڏس.“
    اچرج وچان پڇيائين، ” تنھنجي باري ۾؟“
    چيم، ” ھا منھنجي باري ۾. جيڪي ڪجھه ٿي رھيو آھي، مون سان، تنھن جي باري ۾.“
    ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي.
    پڇيم، ” ڇا پيئي سوچين؟“
    چيائين، ” مان نٿي سمجھان سنڌ جي ڪنھن ايم اين اي ۾ ايترو دم خم آھي، جو خفيه ايجنسين جي معاملي ۾ دخل اندازي ڪري سگھي.“
    اچرج وچان پڇيم، ” خفيه ايجنسيون ! خفيه ايجنسيون منھنجي ڪڍ لڳل آھن ! “
    ” نه نه، مون کي ته ڪا خبر ڪونھي.“ آواز وچڙي پيس.چيائين، ” ممڪن آھي، ائين ھجي، ۽ ممڪن آھي، ائين نه به ھجي.“
    چيم، ” پر، ڪنھن ايم اين اي سان ڳالھائڻ ۾ ڪو ڀولو ته ڪونھي.“
    چيائين، ” مان کين چڱي طرح سڃاڻان. وسري ويو اٿئي ته بيروزگار نوجوانن کي ڪيئن گوھيون ڏيندا آھن. “
    چيم، ” اسين کين نوڪري لاءِ منٿ نه ڪنداسين.“
    وراڻيائين، “ مان تنھنجي چوڻ تي ھڪ ٻه ايم اين ايز سان ملنديس. مان نٿي سمجھان ته ڪو کڙ تيل نڪرندو.“
    چيم، ” ڪوشش ڪري ڏسڻ ۾ ته ڪا خرابي ڪانھي نه.“
    ” ڪا خرابي ته ڪانھي، ظاھري طرح.“ سوچيندي رھي، ۽ ترسي ترسي ڳالھائيندي رھي. چيائين، ” منھنجي صلاح جي باري ۾ ڇا سوچيو اٿئي؟“
    پڇيم، ” ڪھڙي صلاح؟“
    چيائين، ” گرفتاري کان اڳ ضمانت واري.“
    مان منجھي پيس. ڊاڪٽر امان الله خان واري ڳالھه ذھن تي تري آئي. ضمانت لاءِ تو کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، ۽ اھو مناسب نه آھي.“
    ” ڇا پيو سوچين؟“ شاليءَ پڇيو.
    ” سوچيان پيو.... “ جملو پورو ڪري نه سگھيس.
    ” اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪا به اھڙي ديوار نه آھي، جيڪا اندر جو حال اورڻ کان اسان کي روڪي سگھي.“شاليءَ چيو، ” تون شڪ جو شڪار ٿيو آھين، مان نه “
    ” نه نه، ائين ناھي.“ھڪدم چيم، ” مان ڪجھه دير لاءِ شڪ جو شڪار ٿيو ھوس، ڪجھه دير لاءِ.“
    ” جوڳي “ شالي چيو، ” تنھنجو نالو ته جوڳي آھي، پر تو کي محبت ۾ مرڻ جي معني سمجھه ۾ نه آئي آھي.“
    اھڙي نموني اڳ، ھن ڪڏھن به سنجيدگيءَ سان نه ڳالھايو ھو. اڪثر اندر جو حال اوريو ھئائين، پر اڇاتري نموني. تڏھن سموري سنگت چوندي ھئي، جوڳي، اھا عورت ڏائڻ اٿئي. سيني مان دل ڪڍي کائي ڇڏيندي آھي.
    اھا ڳالھه ڪنھن حد تائين ھئي به درست. اسلام آباد جي اڌ سيڪريٽرين، جوائنٽ سيڪريٽرين، ڪرنلن ۽ جرنلن جي سيني مان دل ڪڍي کائي ويئي ھئي. ھر ڪو سندس دوستي جو دم پيو ڀري ! ھڪ دفعي ٺٺولي ڪندي چيو ھئائين، مون ٻڌو آھي سنڌي ڏاڍا عاشق مزاج ٿيندا آھن ! ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي ھئي. مان سندس سامھون وڃي بيٺو ھوس. سندس اکين ۾ ڏسندي چيو ھيم، اسين عشق جا پيغمبر آھيون. منھنجي ڳالھه ٻڌي سندس اکين مان ڊپ ليئو پائي ورتو.
    چوڻ خاطر، گھڻو اڳ مون چئي ڇڏيو ھو، ته اسين عشق جا پيغمبر آھيون، پر مون جملي جي مفھوم تي غور نه ڪيو. ان ڏينھن فون تي ڳالھائيندي شاليءِ سان مون اڳ ڳالھايل جملي جو واضع پراڏو ٻڌو.
    ” اسين عشق جا پيغمبر آھيون، شالي “ چيم، ” محبت ۾ مرڻ اسان جي روايت آھي، اسان جي ريت آھي.“
    ھڪدم چيائين، “ محبت ۾ مرڻ وارا شڪ نه ڪندا آھن.“
    مون کي لاجواب ڪر ڇڏيائين.
    چيائين، ” مون ڏانھن ھليو آءٌ – يا، مون کي پتو ڏي. مان تو وٽ ھلي ايندس. تنھنجو ڪم آھي وڪالت نامي تي صحيح ڪرڻ. باقي ڪم مون تي ڇڏي ڏي.“
    مان منجھي پيس. چيم، ” ضمانت لاءِ منھنجو عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري ناھي ڇا؟“
    شاليءَ چيو، ” مون اسلام آباد جا ٻه وڏا وڪيل انگيج ڪيا آھن. عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانسواءِ ھو تنھنجي ضمانت ڪرائي ڇڏيندا.“
    مون کي اڻ تڻ ۾ وجھي ڇڏيائين. مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته شاليءَ جي ڳالھه تي اعتبار ڪريان ، يا ڊاڪٽر امان الله جي ڳالھه تي.
    شاليءَ چيو، ” مون ڏانھن ھليو اچ، يا ڏس ڏي مان تو وٽ ھلي اچان.“
    گھڙي کن لاءِ سوچيم ۽ چيم، ” مون کي سوچڻ جي مھلت ڏيئي.“
    ڄڻ ڏک ٿيس. چيائين، ” جي مناسب سمجھين.“
    مون رسيور نه رکيو.
    پڇيائين، ” تون آھين ته ٺيڪ، نه؟“
    وراڻيم، ” ٺيڪ آھيان.“
    ورائي پڇيائين، ” ڪنھن تڪليف ۾ ته نه آھين.“
    چيم، ”نه“
    پڇيائين، ” مون کي ٻيھر فون ته ڪندين نه؟“
    چيم،” ھا “
    نه ھن رسيور رکيو، ۽ نه ئي مون.
    چيم، ” شالي، رسيور ڇو نٿي رکين؟“
    پڇيائين، ” تون رسيور ڇو نه ٿو رکين؟“
    وراڻيم، ” مان تو کي ٻيھر فون ڪندس، شالي “ ۽ رسيور رکي ڇڏيم.
    ضمانت کانسواءِ ائين پئي لڳو ڄڻ مان اڻ ڳڻيو قيدي ھوس. منھنجي ڪا به شنوائي نه ٿيڻي ھئي. منھنجو ڪو به مقدمو نه ھلڻو ھو. منھنجي حق ۾ ڪا به جرح نه ٿيڻي ھئي.
    ڊاڪٽر امان الله خان جي اسپتال مان ڀڄي وڃڻ بابت سوچيم. ظاھري طرح ممڪن پي محسوس ٿيو. اسپتال تي پھرو بيھاريل نه ھو. رات جي وڳڙي ۾ سولائي سان نڪري وڃڻ ممڪن پئي لڳو. پر، ھتان نڪري وڃڻ کانپوءِ ڪيڏانھن ويندس؟ ڪنھن جو در وڃي کڙڪائيندس؟ مان سوالن جي بند گھٽيءَ ۾ گھٻرائجي بيھي رھيس. مون کي ائين لڳو، مان زخمي ھرڻ ھوس، ۽ سوين خونخوار بگھڙ منھنجو پيڇو ڪري رھيا ھئا.


    32

    سوچيندي سوچيندي ذھن برپٽ بيابان ٿي ويو، جنھن ۾ اڏامندڙ واريءَ، رڃ، اڃ ۽ ويرانيءَ کان سواءِ ڪجھه نه ھو. فرار جي ڪا راھ نظر نه پئي آئي. مسئلي جو حل نظر سمجھه ۾ نه پئي آيو. پاڻ تي رحم کائڻ، ۽ ماڻھن ۾ پنھنجي لاءِ ھمدرديءَ جي جذبي جاڳائڻ کان مون کي نفرت آھي. مون کي پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي. پلنگ تي ليٽي پيس. ٿڌي ھوا ڪمري ۾ ڪاھيندي آئي. پاڻ ۾ ايتري سگھه نه سمجھيم، جو پلنگ تان اٿي دريون بند ڪري ڇڏيان. پيرانديءَ کان رکيل ڪنبل کڻي پنھنجي مٿان وجھي ڇڏيم. ڪمري جي اوندھ ۽ ٻاھران ايندڙ روشنيءَ ۾ درين جا لڏندڙ پردا مون کي بدروح محسوس ٿيڻ لڳا، جيڪي ابليس جي رقص ۾ محو ھئا. مون کي اھڙا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا، جن جو ڪو مفھوم، معني نه ھئي. دڦن، نغارن، اٺن، گھوڙن، حمله آورن ۽ زخمين جي مليل جليل آوازن جو طوفان ھو، جيڪو لمحي لمحي ويو پئي وڌنڌو. مون محسوس ڪيو ته بگھڙن جي نرغي ۾ مان اڪيلو نه ھوس، مون کانسواءِ گلاب گونگو،برپٽ صحرائي، سندس پوڙھي والدھ، ۽ ٻه پٽ به خونخوار بگھڙن جي نرغي ۾ ھئا ! ڀونڪندا م نڙگھٽن مان خوفناڪ آواز ڪڍندا، الرون ڪندا خونخوار بگھڙ اسان بيوسن تي حملو ڪندا پئي آيا، سندن اکيون ٽانڊن وانگر ٻرندڙ، زبانون لڙڪندڙ ۽ چنھنبائي ڊگھا ڏند رت ھاڻا ھئا. مون کي محسوس ٿيو،ٿوريءَ دير ۾ بگھڙ اسان کي چيري ڦاري ڇڏيندا، اسان جو ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيندا ! مون ھوا ۾ ائين ھٿ ھنيا، ڄڻ حمله آور بگھڙن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش پئي ڪيم. ان دوران سمجھان ٿو، منھنجي وات مان ڪي آواز به نڪتا ھئا، ڄڻ بگھڙن کان بچڻ واري جدوجھد ۾،، بگھڙن سان خالي ھٿين جنگ پئي جوٽيم. وڏي يڌ پئي ھلي. مٽيءَ سان گڏجي اسان جو ماس وڍجي وڍجي اڏامي رھيو ھو. جنگ ايڏي گھمسان جي، جو نه ڪجھه ڏسڻ ۾ پئي آيو، ۽ نه ڪجھه ٻڌڻ ۾ پئي آيو. دز ۽ اڏامندڙ مٽي ۾ ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ مان مفاصلو ختم ٿي ويو ھو. مون آسمان ڏانھن ٻانھون اڀيون ڪندي وڏي واڪ چيو، ھن جنگ جو شاھد رھجانءِ، گواھ رھجان ءِ –
    ھڻڻ، ھڪلڻ،، ٻيلي سارڻ، مانجھيان اي مَرَڪ،
    وجھن تا نه فرق، رُڪ وھنديءَ راند ۾.
    تڏھن ڪجھه ماڻھن مون کي کُنڀي ورتو. ٻانھن، ڪلھن ۽ ڪنڌ کان جھلي مون کي خوب ڌونڌاڙيائون – وڏن آوازن ۾ سڏ ڪيائون، جوڳي، جوڳي، جوڳي !
    اوچتو، جنگ بند ٿي ويئي. دڦن، نغارن، اٺن، گھوڙن، بگھڙن، تلوارن ۽ بندوقن جا آواز، حمله آورن ۽ زخمين جا ڪوڪڙاٽ بند ٿي ويا. ماٺ جا مَڻ مٿان لھي آيا. تڏھن به مون چپن ۾ جھونگاريو پئي ” ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان اي مَرَڪ – رُڪ وھنديءَ راند ۾، وجھن تان نه فرق.“
    ” جوڳي، جوڳي، جوڳي! “ آواز آيو.
    مون اطراف جو جائزو ورتو.
    سينئر نرس، سسٽر زيتون، ٻه ٽي ٻيون نرسون، ۽ ھڪ ٻه وارڊ بواءِ بيٺا ھئا.
    ” تون ٺيڪ ته آھين نه، جوڳي؟ “ سسٽر زيتون پڇيو.
    ” مان ! “ مون تجسس، ۽ تعجب وچان پڇيو، ” ھتي ڪجھه ٿيو ھو؟“
    سسٽر زيتون چيو، ” تو وڏي واڪ، رڙيون ڪندي سنڌي ۾ ڪجھه چيو ھو.“
    ورجايم، ” مون سنڌي ۾ ڪجھه چيو ھو ! “
    سسٽر زيتون وراڻيو، ” ھا، زور زور سان ڪجھه چيو ھيئه، ۽ ٽنگون ٻانھون ائين پئي ھلائيه، ڄڻ ڪنھن سان وڙھئين پئي !“
    ٿڌو ساھ کنيم. مامري جي مام تائين پھچندي. چيم، ” ھا سسٽر وڙھيم پئي ! “
    تعجب وچان پڇيائين، ” ڪنھن سان؟“
    چيم، ” بگھڙن سان.“
    حيرت وٺي ويس. چيائين، ” بگھڙن سان ! “
    وراڻيم، ” ھا، بگھڙن سان، جن جون زبانون لڙڪندڙ ۽ اکيون ٽانڊن جھڙيون، ۽ ڏند رت ھاڻا ھئا.“
    نرسن ۽ وارڊ بوائن عجيب نظرن سان ھڪٻئي ڏانھن ڏٺو. سندس تجسس مون کي سمجھه ۾ اچڻ لڳو.
    چيم، ” خواب پئي ڏٺم، بلڪه نائٽ ميئر. تون ته خواب ڏسندي آھين نه، سسٽر زيتون؟“
    ” ھا، ڏسندي آھيان.“ سسٽر زيتون وراڻيو، ” پر، اھڙي خوفناڪ نموني جا نه، جنھن جو ذڪر تو ھينئر ڪيو آھي.“
    سسٽر زيتون ٻين نرسن ۽ وراڊ بوائز کي وڃڻ لاءِ چيو. ھو ھليا ويا.
    سسٽر زيتون چيو، ” خبر اٿئي، تو ڇا پئي ڪيو؟“
    چيم، ” ھا وڙھيم پئي بگھڙن سان.“
    سسٽر زيتون چيو، ” تو ڇڙيون پئي ھيون، ۽ رڙيون پئي ڪيون – ڄڻ دورو پيو ھجئي ! “
    چيم، ” مون اڳ به خواب ۾ بگھڙ ڏٺا آھن، پر اھڙي نموني جا خوفناڪ ۽ خونخوار نه، جھڙا اڄ ڏٺا ھئم. لڳو پئي مون سان گڏ گلاب گونگي، برپٽ صحرائي، سندس والدھ ۽ ٻن پٽن کي به چيري ڦاڙي ڇڏيندا.“
    سسٽر زيتون ڪجھه ڪجھه حيرت وچان پڇيو، ” اھي سڀئي ڪير آھن، ڪھڙو واسطو آھي، ھنن جو تو سان؟“
    تڏھن، مون کي غلطيءَ جو احساس ٿيو. اسپتال ۾ مان ڊاڪٽر امان الله جو مريض ھوس. مون کي مٿي ۾ ٽيومر ھو. منھنجو آپريشن ٿيڻو ھو. اسلام آباد ۾ منھنجو ڪو به مٽ مائٽ ڪونھي. ڳالھه لنوائيندي چيم، ” منھنجا مائٽ آھن، روھڙيءَ ۾ رھندا آھن.“
    پڇيائين، ” تو کي ڏاڍا عزيز آھن؟“
    ”ھا “. چيم، ” مون کي ڏاڍا عزيز آھن، تڏھن ته خواب ۾ ايندا رھندا آھن، ۽ خواب ۾ مون سان گڏ ڀوڳيندا آھن.“
    سسٽر زيتون سوچ ۾ پئجي ويئي. پڇيائين، ” تون ان قسم جا خواب ڏسي پريشان ته نه ٿيندو آھين؟“
    الائي ڪيئن چپن تي مُرڪ اچي ويئي، چيم ” تون ڇا ٿي سمجھين، ان قسم جا خواب ڏسي ڪو خوش ٿي سگھندو آھي ! “
    ” نه نه، منھنجو مطلب اھو نه ھو.“ سسٽر زيتون به ذري گھٽ کلي پيئي.
    سسٽر زيتون ڏانھن ڏسندي چيم، ” مون ٻڌو آھي، سسٽر جن کي مٿي ۾ ٽيومر ھوندو آھي، سي اڪثر ان قسم جا خواب ڏسندا آھن؟ “
    اکين ۾ وحشت تري آيس. چيائين ” نه نه. ضروري ناھي. ھا، ڪن مريضن کي ان قسم جا خواب ايندا آھن – سڀني کي نه.“
    سسٽر زيتون کي پڪ ھئي ته منھنجي مٿي ۾ ٽيومر ھو، ۽ ايندڙ ھفتي منھنجو آپريشن ٿيڻو ھو.
    چيم، ” سسٽر، مون کي لڳي ٿو، اسان جو معاشرو خونخوار بگھڙن جو معاشرو آھي.خونخوار بگھڙ اسان سڀني کي چيري ڦاڙي ڇڏيندا، ۽ معاشري ۾ مستحڪم ٿي ويندا.“
    منھنجي ڳالھه سسٽر زيتون ڏاڍي تعجب سان ٻڌي. پوءِ ڄڻ ٻيھر ٻڌڻ لاءِ ڳالھايائين. چيائين، ” اسان جو معاشرو بگھڙن جو معاشرو آھي ! “
    ” ھا سسٽر.“ چيم، ” اسين سڀئي سيھڙ آھيون، زخمي ھرڻ آھيون. خونخوار بگھڙ اسان جي تعاقب ۾ آھن.“
    سسٽر زيتون جي اکين مان خون ظاھر ٿيڻ لڳو.
    ” ھي مون ڇا ٻڌو آھي، جوڳي؟ “ ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري ۾ داخل ٿيو. چيائين، ” جاڳندي خواب پئي ڏٺو، يا ننڊ ۾ ھئين؟ “
    چيم، ” ڪجھه ماڻھو جاڳندي خواب ڏسندا آھن، مان انھن مان ھڪ آھيان.“”
    پڇيائين، ” ٻيو ڪو پرابلم ته ناھي نه؟“
    ” ڇا جو؟“ پڇيم، ” ڇا جو پرابلم؟“
    ڊاڪٽر امان الله خان جواب ڏيڻ کان اڳ سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو.
    سسٽر زيتون ڪمري مان ھلي ويئي.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مجيد کي مون ڪوھاٽ روانو ڪرائي ڇڏيو آھي. ان قسم جا ماڻھو تنھنجو نقصان ڪندا.“
    مون ڪجھه نه چيو.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” گلاب جي ضمانت لاءِ مون ھڪ سٺو وڪيل ڪيو آھي. سڀاڻي سندس ڪاغذ جج آڏو پيش ٿيندا.“
    مان خاموش رھيس.
    ڳالھائڻ کان اڳ ڊاڪٽر امان الله جو چھرو سرخ ٿي ويو. چيائين، ” برپٽ ۽ سندس والدھ جي باري ۾، ۽ ٻنھي جي حوالي سان سڀاڻي تون پريس ڪانفرنس ڪندين.“


    33

    ڪل ڪائنات ۾ سڀ کان عظيم رشتو ماءُ جو آھي. پر، مرد شخصي بنيادن تي جنگ فقط محبوبا لاءِ جوٽي آھي. ٽراءِ جي ھيلن، مصر جي قلو پطرا ۽ ھندستان جي دور پتيءَ لاءِ مرد يادگار جنگيون لڙيون آھن. پر، مون کي ياد نه پئي آيو ته تاريخ جي ڪھڙي دور ۾، ۽ ڪڏھن مرد ڪائنات ۾ سڀ کان مقدس رشتي، ماءُ لاءِ ڪا يادگار جنگ جوٽي ھجي ! سسٽر زيتون مون کي ننڊ لاءِ گوريون کارائي ويئي ھئي. پر، ڊاڪٽر امان الله خان جي اکين ۾ ماءُ لاءِ جنگ جو ميدان ڏسي گوريون بي اثر ٿي پيون ھيون ۽ ماءُ به ڪنھن ٻئي شخص جي !
    سموري رات پاسا ورائيندو رھيس، ۽ سوچيندو رھيس. رکي رکي پاڻ کان سوال پڇندو رھيس. ڊاڪٽر امان الله خان معاشري جي بينپناھ ناانصافين خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ واٽ ڳولي رھيو آھي، يا سچ پچ برپٽ صحرائيءَ جي مظلوم ماءٌ لاءِ ڦٿڪي پيو آھي؟ مون وٽ ڪو جواب نه ھو. مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو. برپٽ صحرائي جي ماءُ لاءِ ڊاڪٽر امان الله خان ايترو جنوني ڇو ٿي پيو ھو ! ماءُ جي حوالي سا ڪا طويل ڪھاڻي سندس لاشعور ۾ ٻرندڙ جبل جي لاوي وانگر پڄري ۽ کامي رھي ھئي ! مون کي ڪجھه سمجھه ۾ به پئي آيو. مون کي اھو سمجھه ۾ نه پئي آيو ته روپوشيءَ واري ڪيفيت ۾ ڊاڪٽر امان الله خان ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني منھنجي پريس ڪانفرنس ڪرائيندو ! صحافين کي اسپتال وٺي ايندو، يا مون کي ڪنھن مخفي مقام تي پريس ڪانفرنس لاءِ وٺي ويندو !
    اڻتڻ ۽ وسوسن ۾ الائي ڪڏھن مون کي ننڊ کڻي ويئي. گورين جو اثر ھو، يا سموري رات اڻ سَليل سوالن جي جوابن لاءِ ڦٿڪندو رھيو ھوس، جو صبح جو اک کلي ته مٿو ڳرو ھو. اکين ۾ چڀڪو پئي محسوس ڪيم. واچ ۾ وقت ڏٺم. صبح جا اٺ ٿيا ھئا. بيل وڄايم. ڪجھه گھڙين کانپوءِ ھڪ نرس ھلي آئي.
    کانئس پڇيم، ” سسٽر زيتون ڪٿي آھي؟“
    وراڻيائين، ” منجھند جو ھڪ وڳي ايندي.“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس. پڇيم، ” ھتي اسپتال ۾ ڪو ھال وغيره آھي ڇا؟“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي وراڻيائين، ” نه.“
    پنھنجي ساءِ ڳالھايم، چپن ۾ ڀڻڪيم، ته پوءِ پريس ڪانفرنس ڪٿي ڪندا؟
    نرس پڇيو، ” پريس کي ڇا ڪندا؟“
    ” ھون ! “ مون ھڪدم نرس ڏانھن ڏٺو. ڳالھه بدلائيندي چيم، ” اخبارن جي باري ۾ پئي سوچيم، ملي سگھنديون؟“
    وراڻيائين، ” ڇو نه، چانھه سان گڏ موڪليان ٿي.“
    نرس ھلي ويئي. غسلخاني ۾ وھنجي سھنجي ٻاھر آيس. ميز تي ٻه اخبارون ۽ چانھه جي ٽري رکي ھئي. چانھه جو ڪوپ ٺاھي، اخبارون کڻي ڪرسيءَ تي ويھي رھيس.
    اردو اخبار جي پھرين صفحي تي چئن ڪالمن جي سرخي سان اسان جي باري ۾ خبر ھئي، منھنجي ۽ گلاب جي باري ۾. اسين تخريبي ڪارواين ۽ دھشتگرديءَ جو پلان ٺاھي پاڪستان ۾ داخل ٿيا ھئاسين. گلاب چند، جو بيان ضمني سٽ ۾ لکيل ھو، صحافين آڏو گلاب چند جو ڳالھائڻ کان انڪار. سندس اعترافي بيان پڙھي ٻڌايو ويو.
    معاشري ۽ ماحول کان سخت ڪراھت منھنجي وجود ۾ رت وانگر ڊوڙڻ ۽ سوچ وانگر کامڻ لڳي. مون محسوس ڪيو، ھيءَ دنيا ڪوڙ، مڪر ۽ فريب جي سڱ تي بيٺل آھي. ھتي، اسان مولائين، ۽ بيوقوفن لاءِ زندھ رھڻ جي ڪا به گنجائش نه آھي. ھيءَ دنيا انھن لاءِ نه آھي جن دولاب بدران دل جي ڳالھه مڃي آھي. جن بھارن کان منھن موڙي خزانن سان لون لڳايو آھي ! نه ڪڏھن ووٽ ڏنوسين، ۽ نه ڪڏھن ووٽ وٺڻ جي تمنا ڪئيسين – نه ڪڏھن قانون ٺاھيوسين، ۽ نه ڪڏھن قانون ڊاھيوسين. ھتان جو قانون اسان لاءِ نه آھي. اسين ھتان جي قانون لاءِ نه آھيون. بقول اسان جي انقلابي دوست چارڻ چريي جي، ھتان جا جيل خانا ۽ ڦاھي گھاٽ اسان لاءِ آھن ، ۽ اسين جيل خانن ۽ ڦاھي گھاٽن لاءِ آھيون.
    اخبارن ۾ آيل گلاب گونگي ۽ پوليس جي پريس ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال وحشتناڪ ھو . ھڪ صحافيءَ جي سوال جي جواب ۾ ته گلاب زخمي ڇو ھو، ذميدار پوليس آفيسر وراڻيو ھو.
    تفتيش ۽ آڏي پڇا دوران گلاب اوچتو وحشي ٿي پيو. ھن اعلي آفيسرن ۽ ماتحتن تي حملو ڪري ٻن سپاھين کي زخمي ڪري وڌو، جن کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آھي ! نتيجي ۾ پاڻ زخمي ٿي پيو !
    ۽ صحافين سڀ ڪجھه قبول ڪيو ھو !
    زندگيءَ ۾ سياست سان منھنجو نه ڪڏھن سڌو ۽ نه ڪڏھن اڻ سڌو واسطو رھيو آھي. پر، اخبارون پڙھي، لفظ جي حرمت تان منھنجو ايمان کڄي ويو. مون زندگيءَ ۾ پھريون دفعو سوچيو ته مان ھيءُ ملڪ ڇڏي ھليو وڃان ۽ ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ وڃي سياسي پناھ وٺان. جڏھن صحافت جي سچائي حڪومت وقت جو اکيون بند ڪري ساٿ ڏيندي آھي، تڏھن وڻ ڇانو ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آھن، ۽ درياھن جي مٺيءَ پاڻي ۾ سمنڊ ڪاھي پوندو آھي، ۽ مٺيءَپاڻي کي کارو ڪري ڇڏيندو آھي.
    ڇا جي پريس ڪانفرنس !
    مان اٿي ويھي رھيس. مون کي ڪا ضرورت نه آھي. سڀ ڪجھه بيڪار ۽ بڪواس آھي. مان پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندس ! ائين ڇو آھي، جو اسان جي زندگيءَ پنھنجي بيگناھي ثابت ڪرڻ جي جدوجھد ۾ بيمقصد گذري ويندي آھي ! چوندا آھن، قانون جي نگاھن ۾ انسان بيگناھ آھي، جيستائين ھو گنھگار ثابت ٿئي. پر، ساڳيو قانون اسان لاءِ ابتڙ آھي. اسين گنھگار آھيون، جيستائين بيگناھ ثابت نه ڪريون.
    پريشان ذھن سان فيصلو ڪري ڇڏيم، ته مان پريس ڪانفرنس ۾ نه ويھندس. حڪومت جي ڍنڍورجي صحافين سان نه ڳالھائيندس.
    چانھه ٺري ويئي ھئي. مون پنھنجي لاءِ چانھه جو ڪوپ ٺاھيو. اخبارون پلنگ تي اڇلائي ڇڏيم، ڪرسيءَ تي ويھي رھيس. سِپَ سِپَ ڪري چانھه پيئڻ لڳس، ۽ پنھنجي آئيندي بابت سوچڻ لڳس.
    مون شالي جي سچائي تي شڪ نه ڪيو، پر سندس صلاح مون کي صحيح محسوس نه ٿي. ضمانت لاءِ پيش ٿيڻ کانپوءِ پڪ نه ھئي ته جج، ملڪ سان غداري جي الزام ھيٺ تلاش ٿيندڙ مفرور ملزم کي ڇڏي ڏيندو، يا ھڪدم پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيندو ! ڊاڪٽر امان الله خان جو فيصلو مون کي درست لڳو، پر ڪيستائين؟ مان ڪيستائين نه ڪيل ڏوھن جا الزام سِرَ تي کڻي مفرورن واري زندگي گذاريندس؟ ڪيستائين؟ مون وٽ ڪو جواب نه ھو. فقط غير يقيني ھئي.
    گذريل ڇھن ستن ڏينھن دوران رونما ٿيندڙ حالتن جو جائزو ورتم. لڳم ته تاريخ، تمام گھٽ عرصي اندر پاڻ کي دھرائي رھي ھئي، ورجائي رھي ھئي. بنگالين وانگر سنڌي ھئڻ، ۽ سنڌي سڏائن ڏوھ ٿي پيو آھي. ملڪ سان غداري، دشمن سان سازباز ۽ دھشتگردي اسان جي نصيب ۾ آئيني ترميم وانگر شامل آھي. ڇھه ست ڏينھن اڳ منھنجي خواب ۽ خيال ۾ به نه ھو ته ڪڏھن ڪو اھڙو وقت به ايندو جو مان سياسي بنيادن تي حالتن جو ڇيد ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندس. منھنجي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھو ته ھڪ ڏينھن مان تاريخ جي ھڪ دور جو تاريخ جي ٻئي دور سان موزانو ڪندس – ڀيٽ ڪندس. مان عام رواجي، مولائي قسم جو ھڪ مڙس سموري سانحي کي معاشرتي ناھمواريءَ جي زاويي کان ڏسندس ! ذھن جي غفائن ۾ سوالن جا چمڙا ۽ چٻرا ويھي رھيا ھئا. آخر ھن ڌٻڻ مان ڪيئن نڪربو؟
    ان وقت ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري ۾ داخل ٿيو. ھٿ ۾ بريف ڪيس ھوس. بريف ڪيس ميز تي رکي، منھنجي سامھون اچي بيٺو.
    ” ڇو؟“ پڇيائين، ” ڏاڍو فڪرمند ٿو لڳين؟“
    چيم، ” سوچيو اٿم، پريس ڪانفرنس نه ڪندس. کٽن برپٽ صحرائي جا ڀاڳ ! “
    ” ڇو، ڇا ٿيو؟“ ڊاڪٽر ذري گھٽ وائڙو ٿي ويو.
    پلنگ تان اخبارون کڻي کيس ڏيکاريندي چيم، ” ڏس، ڏس ته ڇا لکيل آھي.“
    اخبارون مون کان وٺي موٽائي پلنگ تي رکيائين، چيائين ” مون پڙھيون آھن.“
    خبر اٿئي اسان جي ملڪ جو وڏو مسئلو ڪھڙو آھي؟
    ڪجھه نه چيم، خاموش رھيم.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” عام تاثر آھي ته اسان جي ملڪ ۾ يا ته فرشتا آباد آھن، يا شيطان. پريس ڪانفرنس ۾ اھو ثابت ڪرڻو آھي ته ھن ملڪ ۾ انسان آباد آھن. ۽ ھڪ انسان ڪجھه ڪجھه فرشتو ۽ ڪجھه ڪجھه شيطان ٿيندو آھي.


    34

    ان کان اڳ جو مان ڊاڪٽر امان الله خان کان پڇان ته پريس ڪانفرنس لاءِ صحافي اسپتال ۾ ايندا، يا مون کي صحافين جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ اسپتال کان ٻاھر وڄڻو پوندو، ڊاڪٽر امان الله خان مون کان پڇيو، ” ڪيئن جوڳي، پريس ڪانفرنس لاءِ تيار آھين نه؟ “
    مان مونجھارن ۾ ھوس. جواب نه ڏيئي سگھيس.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” تنھنجي پريس ڪانفرنس تي گلاب لاءِ ضمانت جو دارو مدار آھي. تو کي وضاحت سان، ھڪ ھڪ نقطي کي سمجھائي سمجھائي جواب ڏيڻو پوندو.“
    مون کي ائين پئي لڳو، ڊاڪٽر امان ڄڻ ته قديم دور جو ھيڪلو ويڙھاڪ ھو، ۽ ڏاڍ ڏمر خلاف جنگ جوٽڻ لاءِ آتو ھو. بنا ڪنھن طمع ۽ غرض جي ھو اسان جي مدد ڪري رھيو ھو. حالتن جي ابتري ڏسي، جتي مراد ٺاٺاري جھڙن دوستن اسان کان منھن موڙي ڇڏيو ھو، ھڪ اجنبي شخص، ڊاڪٽر امان الله خان اسان جي جنگ وڙھڻ لاءِ تيار بيٺو ھو.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” سڀاڻي تنھنجي پريس ڪانفرنس جي ڪاروائي اخبارن ۾ شايع ٿيندي. ساڳئي ڏينھن اسان جا وڪيل گلاب گونگي لاءِ عدالت ۾ ضمانت جا ڪاغذ داخل ڪرائيندا.“
    پڇيم، ” ۽ برپٽ صحرائيءَ؟“
    ڊاڪٽر چيو، ” منھنجو خيال آھي، صبح وارين اخبارن ۾ پريس ڪانفرنس جي ڪاروائي شايع ٿيندي، ۽ منجھند کان اڳ پوليس وارا برپٽ ۽ سندس والدھ کي ڇڏي ڏيندا، پر ان کان اڳ اسان کي ڪجھه ڪرڻو آھي. “
    ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺم.
    چيائين، ” ھڪ طرف گلاب لاءِ ضمانت جا ڪاغذ داخل ڪيا ويندا، ۽ ساڳئي وقت، ٻئي طرف برپٽ، ۽ سندس والدھ کي غير قانوني نموني ٿاڻي تي گھرائي قيد ڪرڻ واري عمل تي پوليس خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو. سموري ڪاروائي مڪمل آھي.“
    مان بنيادي طرح ھَڪ گيدي ۽ ڊڄڻو شخص آھيان. جھيڙن جھٽن کان پري ڀڄندو رھيو آھيان. ڊاڪٽر امان الله خان جي ڳالھه ٻڌي مون کي پنھنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. مون کي لڳو پئي، حالتن جن راھن تي مون کي ڌڪي ڇڏيو ھو، انھن راھن تان موٽي اچڻ منھنجي لاءِ محال ھو. آئيندو اڻ چٽو، ۽ مبھم نظر پئي آيو. زندگيءَ ھڪ اونداھي سُرنگ ڏانھن وڌندي محسوس پئي ٿي، جنھن جي ٻئي پاسي روشنيءَ جو ترورو نه ھو.
    ڊاڪٽر امان الله خان بيل وڄائي سسٽر زيتون کي گھرايو.
    سسٽر زيتون کي چيائين، ” مريض کي بائپسي لاءِ تيار ڪري آپريشن ٿيٽر ۾ پھچايو.“
    مون وائڙو ٿي اول ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو.
    ڊاڪٽر امان چيو، ” بائپسي لاءِ مون کي ڪنھن به نرس جي مدد جي ضرورت نه آھي.“
    ھاڪار ۾ سسٽر زيتون ڪنڌ لوڏيو.
    ڊاڪٽر امان الله خان پنھنجو بريف ڪيس کني ھليو ويو، ھڪ کن ۾ بيٺي پير موٽي آيو. ڪمري ۾ اندر نه آيو. در وٽان ڳالھايائين، چيائين، ” فڪرمند ٿيڻ جھڙي ڪا ڳالھه نه آھي.“
    ڊاڪٽر امان ھليو ويو.
    سسٽر زيتون تعجب وچان پڇيو، ” بائپسيءَ ۾ ھونءَ ته ڊاڪٽر کي ھڪ ٻن نرسن جي مدد جي خاص ضرورت محسوس ٿيندي آھي، پر ھيءُ پھريون دفعو آھي، جو ڊاڪٽر امان اڪيلي سر بائپسي ڪري رھيو آھي.“
    مُنھن تي ڪوڙي مُرڪ آڻي مون سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو.
    سسٽر زيتون چيو، ” پنھنجي ڪنھن دوست يا مٽ مائٽ کي گھرائڻ چاھين ٿو؟ “
    چيم، ” نه. ھن شھر ۾ منھنجا دوست ۽ مٽ مائٽ توھين آھيو.“
    ان کانپوءِ، جيئن ڪنھن مريض کي ننڍڙي آپريشن لاءِ تيار ڪبو آھي، سسٽر زيتون مون کي تيار ڪيو.
    چيائين، ” آپريشن ٿيٽر جو جائزو وٺ، مان موٽي ٿي اچان. تون پلنگ تي ليٽي پئه.“
    سسٽر زيتون ھلي ويئي.
    اڪيلائي ۾ سوچ ۽ وسوسن جا در کلي پوندا آھن. مون محسوس ڪيو ته نظر نه ايندڙ ڪو سرجن منھنجي وجود جو آپريشن ڪري رھيو آھي. ان ڏينھن کان آپريشن ڪري رھيو آھي، جنھن ڏينھن کا گلاب گونگي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ۽ پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ منھنجي ۽ منجھن دوستن جي گھرن تي ڇاپا ھڻي رھي آھي. مون کي لڳو پئي ته آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مان اھو نه رھندس، جيڪي ھوس. ڊڄڻو، گيدي ۽ ڪانئر ! نظر نه ايندڙ سرجن جي آپريشن ٿيٽر مان ٻاھر اچڻ کانپوءِ مان مختلف شخص ھوندس. اھو وقت ضرور ايندو، جڏھن موت منھنجي لاءِ پنھنجي اھميت وڃائي ويھندو.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ سسٽر زيتون موٽي آئي. چيائين ” ڊاڪٽر امان الله خان تنھنجو انتظار ڪري رھيو آھي.“
    مان اٿي بيٺس. سوچيم، مان ڪھڙي نه عجيب آپريشن لاءِ آپريشن ٿيٽر ڏانھن وڃي رھيو آھيان، جتي ڇُرين، چاقن قينچين ۽ اوزان بدران لفظن سان منھنجو آپريشن ڪيو ويندو. اھڙي آپريشن جو مون کان اڳ شايد ڪنھن تصور به نه ڪيو ھوندو !
    ڪمري مان نڪري مان ورانڊي ۾ وڃي بيٺس. ورانڊو اصل ۾ ڪجھه دير لاءِ ويھي انتظار ڪرڻ وارو ڪمرو ھو، جنھن کي ويٽنگ روم چوندا آھن. چئني طرف صوفا سيٽ رکيا ھئا. وچ ۾ افغاني غاليچا، ۽ غاليچن تي سينٽر ٽيبلون. اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وقت مون ويٽنگ روم جو جائزو نه ورتو ھو. تڏھن، مان ذاتي پريشانين ۾ ايتريقدر وڪوڙيل ھوس، جو ڊاڪٽر امان الله جي ڪڍ اندر ھليو آيو ھوس.
    سسٽر زيتون پڇيو، ” ڇا پيو ڏسين؟“
    چيم، ” اسپتال ۾ اچڻ وقت مون ھي ڪمرو نه ڏٺو ھو.“
    سسٽر زيتون چيو، ” ھر ڪو اچڻ وارو ھن ڪمري ۾ ڪجھه دير لاءِ بيھي رھندو آھي.“
    مون غور ڪيو ته ڪمري ۾ مون کي ڪا به جديد شي نظر نه آئي. سڀ ڪجھه، فرنيچر، در درين تي پڙدا، بتيون، غاليچا، سڀ ڪجھه قديم ھو. فنڪاريءَ جو نادر نمونو ھو. ڀتين تي اعلي قسم جا پينٽ ڪيل پورٽريٽ ۽ تصويرون لڳل ھيون. تصويرن جا فريم اھڙا سُھڻا، جو اڄوڪي دور ۾ تصور به نٿو ڪري سگھجي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنھن ميوزيم ۾ بيٺو ھوس.
    ”اصل ۾ ھيءِ جاءِ، ڊاڪٽر دراني جو گھر آھي، رھائش گاھ آھي.“ سسٽر زيتون چيو، ” پوءِ، الائي ڪھڙو خيال آيس، جو سپر مارڪيٽ واري اسپتال بند ڪري، ھتي، پنھنجي گھر ۾ اچي اسپتال کولي اٿائين. ھتي آئي به پنج ڇھه سال ٿي ويا اٿس.“
    سسٽر زيتون ۽ مان سٽنگ يا ويٽنگ روم مان نڪري وياسين. آپريشن ٿيٽر ھيٺين منزل تي، گرائونڊ فلور تي ھو. ڏاڪڻ لھندي سسٽر زيتون چيو، ” آپريشن ٿيٽر اصل ۾ ھن گھر جو ڊائينينگ روم ھو، جتي سموري گھر جا ڀاتي مقرر وقتن تي گڏجي ماني کائيندا ھئا.“
    ڏاڪڻ لھندي منھنجو سمورو ڌيان سسٽر زيتون ڏانھن ھو. آخري ڏاڪي وٽ، مٿي ويندي، ڪو شخص منھنجي پاسي کان بيھي رھيو. مون کي لڳو، ھو ڄڻ تمام غور سان مون کي ڏسي رھيو ھو.
    ” جوڳي! “ مون ڀڻڪو ٻڌو.
    مون ڪنڌ ورائي ڏٺو. مراد ٺاٺارو بيٺو ھو.
    لفظ جوڳيءَ تي سسٽر کي تعجب ٿيو. مان ھن لاءِ قلندر ھوس.
    ” جوڳي تون اسپتال ۾ ڪيئن ! “ مراد ٺاٺاري تعجب وچان پڇيو، ” خير ته آھي نه، تون ٺيڪ ته آھين نه؟“
    مراد ٺاٺاري جي ھمدردي مون کي سمجھه ۾ نه آئي. ھن مونسان فون تي ڳالھائڻ گوارا نه ڪيو ھو. مان سمجھان ٿو، اسپتال ۾ ڏسي، بي ساخته ھن جي وات مان ڪجھه جملا نڪري پيا ھئا، ورنه عام حالتن ۾ ھو ھرگز مونسان نه ڳالھائي ھا. ان کان اڳ جو مان ڪجھه چوان، سسٽر زيتون چيو، ” توھان کي غلط فھمي ٿي آھي. ھن جو نالو قلندر آھي.“
    ” قلندر ! “ مراد ٺاٺارو وائڙو ٿي ويو. ھو وک کن مون کان پري ٿي بيٺو. سسٽر زيتون جي ڳالھه تي يقين نه آيس.
    پڇيائين، ” تو کي يقين آھي ته ھيءُ جوڳي نه آھي؟“
    سسٽر زيتون وراڻيو، ” ھن جو نالو قلندر آھي، ھن کي برين ٽيومر آھي. ڪجھه دير کانپوءِ ھن جي بائپسي ٿيڻي آھي.،
    مراد ٺاٺارو وائڙو ٿي ويو. مون کان پڇيائين، ” ائين ڪيئن ممڪن آھي، جو تون جوڳي نه آھين ! مون کي پڪ آھي ته تون جوڳي آھين.“
    ” نه جاني “ وراڻيم، ” تو کي غلط فھمي ٿي آھي. مان جوڳي نه آھيان. مان قلندر آھيان. مون کي برين ٽيومر آھي.“
    سسٽر زيتون ۽ مان آپريشن ٿيٽر ڏانھن وڌي وياسين.


    35

    مون اڳ آپريشن ٿيٽر زندگيءَ ۾ ڪڏھن به نه ڏ ٺو ھو. ڊاڪٽر امان الله خان آپريشن ٿيٽر جي ٻاھران، در وٽ بيٺو ھو. مون کي ڏسي منھن تي مُرڪ تري آيس. مُرڪ لاءِ مونکي ڪو خاص سبب سمجھه ۾ نه آيو. مون کي مريضن واري لباس ۾ ڏسي شايد کيس منظر مضحڪه خيز محسوس ٿيو ھو. کيس ويجھو پھتاسين ته ھن سسٽر زيتون سان ڳالھايو. چيائين، ” ٿينڪ يو سسٽر.مون کي ٻن ڪلاڪن تائين ڪم ڪرڻو آھي. جيستائين مان مريض کي وٺي آپريشن ٿيٽر ٻاھر نه اچان، مون کي ڊسٽرب نه ڪيو وڃي.“
    ” ٺيڪ آھي.“ سسٽر زيتون چيو ” مان پاڻ خيال رکنديس ته توھان کي بائپسيءَ دوران ڊسٽرب نه ڪيو وڃي.“
    ان مھل سسٽر زيتون مون کي ڏاڍي ٻاجھاري محسوس ٿي. منھنجي سامھون اچي بيٺي. چيائين، ” ڪو فڪر نه ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    آواز اوچتو ڳورو ٿي پيس. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي ڊاڪٽر امان الله خان سان ڳالھايائين. چيائين،” خبر اٿئي، ھيڏانھن ايندي ڇا ٿيو. ڏاڪڻ وٽ ھڪ اوپرو شخص اسان کي مليو. قلندر کي ڏسي منجھي پيو. ھن کي پنھنجو ڪو دوست سمجھائين. جوڳي!“
    ڊاڪٽر امان الله خان ٿورو ڇرڪيو. ھن مون ڏانھن ڏٺو.
    مون سسٽر زيتون کي چيو، ” ممڪن آھي منھنجي شڪل سندس دوست جوڳيءَ سان ھوبھو ملندي ھجي ! ڪھڙي خبر ! ائين ٿيندو آھي ته زندگيءَ ۾، جو اوچتو ڪنھن کي ڪٿي ڏسندا آھيون، کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. الائي ڇو ائين ٿيندو آھي !“
    ” ائين ٿيندو آھي. ان موضوع تي گذريل صدي ۾ ڏاڍو بحث ھليو ھو.“ ڊاڪٽر امان الله خان مون کي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ” قلندر، اچ“
    مان ڊاڪٽر امان الله خان جي ڪڍ آپريشن ٿيٽر ۾ داخل ٿيس. آپريشن ٿيٽر اصل ۾ ھڪ وڏو ھال ھو، جيئن سسٽر زيتون ٻڌايو ھو ته ڊائنينگ ھال ھو، يعني ماني کائڻ لاءِ ڪمرو ھو. ڏاڍو ڪشادو ھو، ۽ مختلف قسم جي سائنسي اوزان سان ڀريل ھو. ڪمري جي وچ ۾ ست اٺ اسپاٽ لائيٽ جي قسم جون بتيون ھڪ دائري ۾ ڇت سان لٽڪي رھيون ھيون. مون ٽيليويزن پروگرامن ۾ ان قسم جون بتيون ۽ آپريشن ٿيٽر ڏٺو ھو. مون کي ڪجھه تعجب ٿيو، جو دائري ۾ ٻرندڙ بتين ھيٺان آپريشن لاءِ ٽيبل بدران عام رواجي ٽيبل رکيل ھئي. ٽيبل تي ٻه ڪيسٽ ريڪارڊر ۽ ڪجھه ڪيسٽون رکيون ھيون.
    مون اڃا آپريشن ٿيٽر جو جائزو پئي ورتو، جو ڊاڪٽر امان الله خان پڇيو، ” ھو ڪير ھو؟“
    ” ڪير، ڪير ھو؟“ مون ورائي پڇيو.
    ” جنھن تو کي سڃاتو ھو؟“ ڊاڪٽر امان پڇيو.
    وراڻيم، ” خنيث قسم جو شخص ھو. دم دوستي جو ڀريندو آھي، پر اول نمبر جو ڀاڙيو آھي. نالو اٿس مراد ٺاٺارو.“
    پڇيائين، ” کيس خبر آھي ته پوليس تنھنجي ڳولا ۾ آھي؟“
    ” کيس خبر آھي ته پوليس جوڳيءَ جي تلاش ۾ آھي.“ چيم، ” مون ئي سسٽز زيتون کيس يقين ڏياريو آھي ته مان جوڳي نه آھيان. منھنجو نالو قلندر آھي.“
    ” بھرحال، ٺيڪ نه ٿيو.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” شڪ ڇيت وانگر ٿيندو آھي. دل ۾ ڇپندو رھندو آھي.“
    ” مراد ٺاٺارو وڏو آريڪاپ آھي.“ چيم، ” ٽوھ ضرور رکندو. ھونءَ به، جنھن سان اٿڻ ويھڻ ھجي، ڇھن ستن ڏينھن اندر تنھن کي سڃاڻڻ ۾ دوکو کائڻ امڪان کان ٻاھر آھي.“
    پڇيائين، ” ايجنٽ ته ناھي؟“
    چيم، ” مان نه ٿو ڀانيان ته مراد ٺاٺارو ايجنٽ آھي. مراد ٺاٺاري جي اک ٻاويھين گريڊ تي آھي. اسان جھڙن مولائين کان ڪَني ڪٽائيندو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” مان سمجھان ٿو، پڪ ڪرڻ لاءِ موٽي ايندو. تو کي ھن کان پري رھڻو آھي. ٺيڪ آھي؟“
    چيم، ” ٺيڪ آھي.“
    چيائين، ” پريس ڪانفرنس کانپوءِ مان ڪياڙيءَ وٽان وار ڪوڙي تنھنجي بينڊيج ڪري ڇڏينديس.“
    اچرج ٿيو. پڇيم، ” پر، ڇو؟“
    چيائين، ” جيڪڏھن تو وارو دوست ٺاٺارو، موٽي اچي ۽ اوچتو تنھنجي منھن چڙھي وڃي ته بينڊيچ ڏسي کيس پڪ ٿئي ته تون ٻيو ڪو شخص آھين، ۽ تو کي برين ٽيومر آھي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه، سسٽر زيتون کي به يقين ڏيارڻو آھي ته تنھنجي بائپسي ٿي آھي.“
    الائي ڇو اھو سڀ ڪجھه مون کي ڊرامائي ۽ اضافي محسوس ٿيو. ھڪ صحتمند شخص کي مٿي ۾ ڪينسر جو مرض ڏيئي، نرسن کان ڪيستائين لڪائي ۽ مخفي رکي سگھجي ٿو ! مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” تون ھن ڪرسي تي ويھي رھ.“
    دائري ۾ لڳل بتين ھيٺان رکيل ميز جي سامھون مان ڪرسيء تي ويھي رھيس. رکي رکي خيال پئي آيو ته صحافي ڪٿي آھن ! پاسي واري ڪمري ۾ويٺا آھن ! اوچتو نڪري ايندا ! مون کي مختلف سوالن سان ورائي ويندا !
    ڊاڪٽر امان چيو، ” ھيءَ اليڪٽرانڪ پريس ڪانفرنس آھي. سسٽم سمجھي ڇڏ.“
    مان ڊاڪٽر امانالله ڏانھن ڏسڻ لڳس.
    داڪٽر امان الله خان ميز تي رکيل ٻن ڪيسٽ رڪارڊن ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ” ھيءَ ڪيسٽ رڪارڊر اي آھي، ۽ ھيءُ بي آھي.“
    ڪيسٽ رڪارڊر بي کڻي منھنجي آڏو رکيائين. ڪيسٽ ريڪارڊر جي ڪنڊينسر مائيڪرو فون جو رخ مون ڏانھن ڪندي چيائين، ” سمورن سوالن جا مُفصل جواب تو کي ھن ڪيسٽ رڪارڊر ۾ رڪارڊ ڪرائڻا آھن ۽ جواب رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ھي ڪيسٽ آھن.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ڇھه ڪيسٽ، جن تي وڏن اکرن ۾ اي لکيل ھو، منھنجي سامھون رکيا. ھڪ ھڪ ڪيسٽ ست منٽن جي دورانيه جو ھو. مون ڊاڪٽر امان کان پڇيو، ” داڪٽر، انٽرويو ڇھه ڪلاڪ ھلندو ڇا؟“
    ” ضروري ناھي.“ڊاڪٽر امان بيو ڪيسٽ ريڪارڊر منھنجي سامھون رکندي چيو، ” ھي ڪيسٽ رڪارڊر اي آھي. ھن ۾ ھڪ ڪيسٽ، رڪارڊ ٿيل، لڳل آھي. ڪيسٽ تي روالپنڊي ۽ اسلام آباد جي نامور صحافين جا سوال رڪارڊ ٿيل آھن. تو کي ھڪ ھڪ سوال غور سان ٻڌڻو آھي، ۽ پوءِ تفصيل سان ھڪ ھڪ سوال جو جواب رڪارڊ ڪرائڻو آھي – بي ڪيسٽ رڪارڊر تي. سوالن واري ڪيسٽ جو دورانيو ست منٽ آھي. جوابن جي دورانيه جو دارومدار تو تي آھي.”
    تڏھن مون کي پريس ڪانفرنس مان صحافين جي غير موجودگي سمجھه ۾ آئي.
    ” ڪيئن ! “ ڊاڪٽر امان پڇيو، ” پريس ڪانفرنس لاءِ تيار آھين نه؟“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” ھا، مان تيار آھيان.“
    ڊاڪٽر امان الله خان آپريشن ٿيٽر جي پرئين پاسي ھليو ويو. اول اندر اچڻ لاءِ در کي تالو ھنيائين. پوءِ انٽر ڪام جو رسيور کڻي ڪو نمبر ڊائل ڪيائين. گھڙي کن کانپوءِ ڳالھايائين. چيائين، ” سسٽر، ڪجھه به ٿي پوي، ڪم ۾ مون کي ھرگز ڊسٽرب نه ڪيو وڃي.“
    ھن انٽر ڪام جو رسيور رکي ڇڏيو. ڪمري جون اضافي بتيون وسائي ڇڏيائين. دائري وارين بتين جي روشنيءَ ۾ ھو منھنجي سامھون ميز جي ٻئي پاسي کان اچي ويٺو. ڪيسٽ رڪارڊر اي پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتائين.
    ماحول مون کي پر اسرار محسوس ٿيڻ لڳو.
    ڊاڪٽر امان الله چيو، ” پنھنجو رڪارڊر لوڊ ڪر.“
    ڇھن مان ھڪ ڪيسٽ کڻي، ڪنبندڙ ھٿن سان مون پنھنجي سامھون رکيل ڪيسٽ رڪارڊر ۾ وجھي ڇڏي.
    ڊاڪٽر امان پنھنجي سامھون رکيل ڪيسٽ رڪارڊر جو پلي وارو سئچ ھيٺ ڪري ڇڏيو.
    ڪيسٽ رڪارڊر مان آواز آيو، ” پنھنجي نوعيت جي نرالي پريس ڪانفرنس ۾ اسين، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا صحافيءَ مفرور ملزم جوڳيءَ کي خوش آمديد چئون ٿا.“


    36

    ڪيسٽ رڪارڊر تي ڪنھن اجنبي صحافي يا شخص جو آواز ٻڌي مان وائڙو ٿي ويس. مون ھٿ وڌائي ڪيسٽ رڪارڊر بيھاري ڇڏيو.
    ” اھو ڇا پيو ڪرين؟“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” صحافين جي صدر تو کي ويلڪم ڪيو آھي، تنھنجي آجيان ڪئي آھي. ھن اڃا تو کان ڪو سوال نه پڇيو آھي. سوال ٻڌڻ کانپوءِ جواب لاءِ ھيءُ ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪبو، ۽ تو وارو ڪيسٽ رڪارڊر ھلائبو.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ڪيسٽ کي ريوائينڊ ڪيو ۽ ٻيھر آن ڪرڻ کان اڳ چيو، ” آجيان کانپوءِ صحافين جي صدر جو سوال ٻڌ ۽ پنھنجي رڪارڊر ۾ ان جو جواب ڏي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ڪيسٽ رڪارڊر آن ڪري ڇڏيو. آواز آيو، ” ” پنھنجي نوعيت جي نرالي پريس ڪانفرنس ۾ اسين، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا صحافيءَ مفرور ملزم جوڳيءَ کي خوش آمديد چئون ٿا.“
    مون ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو.
    ڪيسٽ ھلندو رھيو. ڪيسٽ رڪارڊر مان تاڙين جو آواز آيو، ائين، ڄڻ مان صحافين آڏو پريس ڪلب ۾ ويٺو ھوس. ھو مون کي ڏسي رھيا ھئا ۽ مان کين ڏسي رھيو ھوس.
    تاڙين جو آواز ختم ٿيو، صحافين جي صدر پريس ڪانفرنس ۾ سوالن جو آغاز ڪندي پڇيو، ” جوڳي،تنھنجي ڏوھ جي نوعيت ڪھڙي آھي، تون ڪو دھشتگرد آھين، ٻاھرين ڪنھن ملڪ جو ايجنٽ آھين، يا فقط سياسي ڪارڪن آھين، ۽ احتجاج بلند ڪري رھيو آھين؟“
    ڊاڪٽر امان الله خان ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪري ڇڏيو. چيائين، ” ھاڻي پنھنجو ڪيسٽ رڪارڊر آن ڪر، ۽ سوال جو سوچي سمجھي جواب ڏي.“
    چيم، ڪجھه خفي ٿيندي، ” يار، مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي ۽ نه ئي مان ڪو دھشتگرد آھيان.“
    ” ترس “ ڊاڪٽر امان مون کي ڳالھائڻ کان روڪيو.
    چيائين، ” اھو ئي جواب تون پنھنجي ڪيسٽ رڪارڊر ۾ رڪارڊ ڪر.“
    داڪٽر امان ڪيسٽ رڪارڊر آن پلي ڪري ڇڏيو.
    مون کي اشارو ڪيائين، ڄڻ چوندو ھجي، ڳالھاءِ !
    مون ڳالھايو. چيم، ” مان نه مفرور ڏوھاري آھيان ۽ نه ئي دھشتگرد آھيان. مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي. مان سياسي ڪارڪن به نه آھيان. سرڪاري ملازم آھيان.“
    مون ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو. ھن ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ مون ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪري ڇڏيو.
    ” سٺو “ چيائين، ” ھڪ ھڪ سوال جي جواب کانپوءِ ايتري دير ترسين، ته پوءِ انٽرويو ۾ ڪي ھفتا لڳي ويندا. تون سمورو معاملو سمجھي ويو آھين. سوال ٻڌنڌو وڃ، ۽ پنھنجو جواب رڪارڊ ڪرائيندو وڃ.“
    ڊاڪٽر امان ڪيسٽ رڪارڊر آن ڪري ڇڏيو. آواز آيو، ” جوڳي، اسلام آباد اچڻ لاءِ تو وٽ ڪھڙو سبب ھو؟“
    سوال وارو ڪيسٽ رڪارڊر ڊاڪٽر امان بند ڪري ڇڏيو. مون جوابن وارو ڪيسٽ رڪارڊر آن ڪري ڇڏيو. چيم، ” اسان جو، روھڙيءَ ۾ ھڪ مائٽ ھو، ۽ دوست به ھو. اسلام... قاضي محمد اسلام آف قاضي محله روھڙي شريف. ايم اي، ايم ايس اي، ايم ڪام، ۽ ان قسم جون انيڪ ڊگريون وٺڻ کانپوءِ به نوڪري وٺي نه سگھيو ھو. اسلام ٽپڙ ٻڌي اسلام آباد روانو ٿيو، نوڪري جي تلاش ۾. نوڪري درڪنار، اسلام اھڙو ويو، جو اسلام آباد ۾ گم ٿي ويو. نه خط نه پٽ، نه نياپو، نه سينھو. مون کي روھڙي ۾ وڏو آڙيڪاپ سمجھندا آھن. کجين تي چڙھي ويندو ھوس، ۽ ڏوڪا پٽي کائيندو ھوس. نيٺ، صلاح مشورن کان پوءِ مائٽن اسلام آباد ۾ اسلام جي ڳولا لاءِ مون کي روانو ڪيو. بس، تڏھن کان مان اسلام آباد ۾ آھيان.“
    ڊاڪٽر امان الله خان مونکي مُٺ بند ڪري آنڱوٺو ڏيکاريو. اڄ ڪلھه جي شھري رواج موجب آڱوٺو ڏيکارڻ جو مطلب آھي، واھ ڪمال ڪري ڇڏيو اٿئي !
    مختلف صحافي ھئا، مختلف آوازن ۾ سوال رڪارڊ ڪيل ھئا.
    اڳين سوال ۾ھڪ صحافيءَ سوال پڇيو، ” تنھنجو ساٿي دھشتگرد، ۽ پوليس چواڻي تخربيڪار گلاب چند ڪير آھي. ھن تخريبي پروگرامن جو تفتيش دوارن اعتراف ڪيو آھي.“
    ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. سوال پڇندڙ سامھون ھجي ھا، ته مٿو ڀڃي ڇڏيانس ھا. مون ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو. ھن ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. ڄڻ چوندو ھجي، مٿو ڀڃي ڇڏينس.
    مون جواب رڪارد ڪرائيندي چيو، ” گلاب جو نالو گلاب چند نه آھي. گلاب جو پورو نالو گلاب احمد قريشي آھي. روھڙي جا قاضي ۽ قريشي پاڻ ۾ مائٽ آھن. مان يقين سان چئي سگھان ٿو ته گلاب تفتيش دوران ڪنھن به قسم جو بيان نه ڏنو آھي. گلاب پيدائشي گونگو آھي. گلاب کان وڌيڪ سٻاجھرو شخص مون زندگيءَ ۾ اڄ تائين ناھي ڏٺو.“
    داڪٽر امان مون کي آکوٺو ڏيکاريو.
    ڪانفرنس، يا انٽرويو ھلندو رھيو. ان قسم جي پريس ڪانفرنس کي انٽرويو سڏڻ وڌيڪ بھتر آھي.
    ڪيسٽ رڪارڊر مان اڳيون سوال ٻڌم، ” گلاب ڪھڙي ارادي سان اسلام آباد آيو ھو؟“
    جواب رڪارڊ ڪرائيندي چيم، ” مان آھيان ته وڏو آڙيڪاپ قسم جو ماڻھو، پر اسلام آباد ۾ اسلام کي ڳولڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي پيو ھوس. مون روھڙيءَ ۾ سمورن مائٽن ۽ دوستن کي مايوس ڪري ڇڏيو ھو. ناڪام ٿي، ڪھڙو منھن کڻي ڳوٺ وڃان ھا، سو انگن اکرن واري محڪمي ۾ سنڌ رورل جي ڪوٽا تي ھڪ نوڪري ھٿ ڪري ويھي رھيس. مون کان مايوس ٿي وڃڻ کانپوءِ مائٽن اسلام جي ڳولا ۾ گلاب کي اسلام آباد روانو ڪيو. گلاب پيدائشي گونگو آھي، پر بي انتھا ذھين آھي. پر، اسلام آباد ۾ ذھانت ڪم نه آيس. پاڻ کي مارايائين، اسان جي سموري سنگت کي ماري وڌائين.“
    ڊاڪٽر امان مون کي آڱوٺو ڏيکاريو.
    ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪندي چيم، ” ڊاڪٽر مان شھري ضرور آھيان، پر خدا جي واسطي مون کي آڱوٺو نه ڏيکار.“
    ” ساري “ ڊاڪٽر کلي پيو. چيائين، ” آزاد قبائل ۾ ھڪ دفعي آڱوٺو ڏيکارڻ جي ڳالھه تان ھڪ سردار مون کي ذري گھٽ قتل ڪري ڇڏيو ھو.“
    مون سوالن وارو ڪيسٽ رڪارڊر ھلائي ڇڏيو. سوال پڇندو ويو، ” تون ۽ گلاب لڳ ڀڳ ڪھڙي دور ۾ اسلام آباد آيا ھئا؟“
    مون سوچيندي جواب ڏنو، ” مون کي سن ته چڱي طرح ياد ناھي، پر سمجھان ٿو دور اھو ئي ھو، جڏھن جنرل ضياءُ اسلام جي خدمت لاءِ بنا مقابلي پاڻ کي وڌيڪ پنجن سالن لاءِ صدر چونڊرايو ھو.“
    اڳيون سوال ٻڌم. پڇيل ھو، ” گلاب چند آڏي پڇا دوران اعتراف ڪيو آھي ته توھان اسلام آباد جي ريلوي اسٽيشن کي بم سان اڏائڻ جو پروگرام ٺاھيو ھو. اِھو الزام ڪيتريقدر صحيح آھي؟“
    جواب رڪارڊ ڪرائيندي چيم، ” اھو الزام ايتريقدر صحيح آھي جيترو اسلام آباد جي ريلوي اسٽيشن. ايڇ نوَ ۽ آئي نوَ جي وچ ۾ فيڪٽرين لاءِ جتي سامان لھندو آھي، تنھن جو نالو مارگله اسٽيشن آھي، جتي ورلي بني بشر نظر ايندو آھي. سمورو مال ٽرڪن ذريعي ايندو آھي. مان توھان کي ٻڌائي چڪو آھيان ته آڏي پڇا دوران گلاب جي اعتراف واري ڳالھه سراسر بڪواس آھي. گلاب پيدائشي گونگو آھي.“
    ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪندي ، ڊاڪٽر کي چيم، ” ھي ته ساڳيا ساڳيا سوال پڇي رھيا آھن. چريا آھن ڇا؟“
    ” ھيءَ اليڪٽرانڪ ڪانفرنس آھي.“ ڊاڪٽر امان وراڻيو، ” ھن ڪانفرنس ۾ سوال وچان سوال ڪڍڻ ناممڪن آھي. تون جواب رڪارڊ ڪرائيندو وڃ. جيڪڏھن ڪجھه سوالن جا جواب ملندڙ جُلندڙ ھجن، تڏُھن به رڪارڊ ڪرائي ڇڏ.“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    اڳئين سوال ۾ پڇيائون، ” توھان ٻنھي جا ٻيا ڪھڙا ڪھڙا ساٿي اسلام آباد نه آيا آھن.“
    سوال ٻڌي باھ وٺي ويئي. جواب ڏيندي چيم، ” گلاب گونگو ۽ مان دھشتگرد ۽ تخربيڪار وغيره نه آھيون. اسين سياسي ماڻھو به نه آھيون. اسان جي ملڪ ۾ سياست پيٽ ڀرين جو کيل آھي. گلاب گونگو ۽ مان مولائي آھيون. سياست اسان جي وس جو ڪم نه آھي. ھا، باقي پليس مينٽ بيورو معرفت ڪجھه سنڌي اسلام آباد آيا آھن، پر ھو دھشتگرد نه آھن. سنڌين جي باري ۾ اھو الزام لڳو آھي.“
    ٻيو سوال ٻڌم، ” برپٽ صحرائيءَ ڪير آھي؟“
    ” منھنجو دوست آھي، سنگتي ۽ ساٿي آھي.“ جواب رڪارڊ ڪرائيندي چيم، ” ھو ايترو ئي ڏوھاري آھي جيترو مان ۽ گلاب گونگو. ست اٺ ٻار اٿس. پنجن سالن جي بيروزگاريءَ کانپوءِ کيس وڏي جاکوڙ کان پوءِ، سا به پليس مينٽ بيورو معرفت نوڪري ملي آھي. چريو ٿيو آھي ڇا جو ٻارن لاءِ ماني بدران گوليون خريد ڪندو ! في الحال، برپٽ صحرائي جي ڳالھه ڇڏيو. برپٽ جي پوڙھي ماءُ ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي، يا ڪري سگھي ٿي، جو اسلام آباد جي پوليس کيس ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو آھي. مان جڏھن به برپٽ جي ماءُ کي ڏسندو آھيان، مون کي بي بي مريم ياد ايندي آھي.“
    اوچتو آپريشن ٿيٽر اوندھ ۾ غرق ٿي ويو. ھڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ڄڻ سڀ ڪجھه ختم ٿي ويو.
    ” گھٻرائجانءِ نه “ ڊاڪٽر امان چيو، ” ھتي اڪثر بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويندو آھي. مون وٽ بيٽري سيل آھي، ايمرجنسي لائيٽ به ھتي ڪٿي رکي آھي. بدبختن شايد ڪنيڪشن ڪڍي ڇڏيو آھي. اسين انٽرويو جو سلسلو جاري رکنداسين.“
    ڊاڪٽر امان الله خان اوندھ ۾ ايمرجنسي لائٽ ڳولڻ لڳو. مان اوندھ ۾ ماٺ ويٺو رھيس.


    37

    آپريشن ٿيٽر جي گھگھه اوندھ ۾ ڊاڪٽر امان الله خان جھڙي نموني ھليو پئي، محسوس ڪيو ڄڻ چيتي وانگر کيس سڀ ڪجھه نظر پئي آيو. انٽرويو لاءِ آپريشن ٿيٽر ۾ داخل ٿيندي مون ڏٺو ھو ته سموري ٿيٽر ۾ مختلف نوعيت جا سائنسي، ۽ جراحيءَ جا اوزار، اسٽول، ڊرپ ۽ رت جو بوتلون، ٽنگڻ لاءِ اسٽينڊ، اينيسٿيا ۽ آڪسيجن ڏيڻ واريون مشينون، آپريشن دوران دل جي ۽ نبض جي رفتار ڏسڻ لاءِ مانيٽر ۽ ان قسم جا انيڪ سامان رکيا ھئا. اوندھ ۾ ھلندي ڊاڪٽر امان الله ھڪ دفعو به ڪنھن سامان سان نه وچڙيو. ڪٿي ڪنھن ڪنڊ ۾ رکيل ايمرجنسي لائيٽ تائين پھچي بتي ٻاري ڇڏيائين. ننڍڙي ايمرجنسي لائيٽ جي ٻن ٽيوب لائيٽن ۾ آپريشن ٿيٽر روشن ٿي پيو.
    ڊاڪٽر امان الله خان ايمرجنسي لائيٽ آڻي ٽيبل تي رکي. ٻنھي ڪيسٽ رڪارڊرن ۾ بيٽري سيل وجھڻ لڳو. مون ڊاڪٽر کان پڇيو، ” تو کي ان قسم جي انٽرويو جو خيال ڪيئن آيو؟“
    چيائين، ” فلوريڊا يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندي، مون ھڪ فلم ڏٺي ھئي، ڪيمپس جي ملٽي پرپز ھال ۾، ۽ فلم جو نالو ھو انڊر گرائونڊ. اٽليءَ جي ڪنھن ڊائريڪٽر ٺاھي ھئي، ان فلم ۾ ڇھن اصلي گوريلن جو انٽرويو وڏي مھارت سان ڏيکاريو ھئائون. اصل ۾ اھا فلم گوريلن جي بيان سان ٺھڪندڙ واقعن تي مبني ھئي.
    الائي ڇو مون کي کل اچي ويئي.
    پڇيائين، ” کلي ڇو ٿو؟“
    چيم، ” يار، تون به مون کي سچو پچو گوريلو ته نٿو سمجھين ! “
    ” تنھنجا افعال ته گوريلن جھڙا ناھن “ ڊاڪٽر چيو، ” پر، ممڪن آھي ته حالتون تو کي گوريلو ڪري وجھن.“
    پڇيومانس، ” اٽلي جي ڊائريڪٽر تو جھڙيون حرڪتون ڪري اصلي گوريلن جي انٽرويو تي ھڪ فلم ٺاھي وڌي، اھو ته ٻڌاءِ فلم رليز ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جو ڪھڙو حشر ڪيو؟ “
    ” انٽيلجينس وارن ڊائريڪٽر کان گوريلن جو ڏس پتو وٺڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر کين ڪجھه ھڙ حاصل نه ٿيو “ ڊاڪٽر امان چيو، ” ھن آمريڪي انٽيليجنس جي سربراھ کي ٻڌايو ته فلم لاءِ انٽرويو وٺڻ کان اڳ ھن گوريلن سان عھد ڪيو ھو ته ھو ڪنھن صورت ۾ سندن ٺڪاڻن جو ڏس پتو ڪنھن کي نه ڏيندو.“
    مون کي تعجب ٿيو. پڇيم، ” ۽ آمريڪي انٽيليجنس جي سربراھ انھي مفروضي کي قبولي ورتو.“
    ” نه فقط قبول ڪري ورتو، پر کانئس ان باري ۾ ڪڏھن پڇاڳاڇا نه ٿي.“ ڊاڪٽر امان وراڻيو.
    ” اسان وٽ قصو ان جي ابتڙ آھي.“
    ڊاڪٽر امان کي چيم، ”تو کي تر جيترو به ڊپ نٿو ٿئي.“
    پڇيائين، ” ڪنھن کان؟“
    چيم، ” انٽيليجنس وارن کان.“
    ھڪدم ڳنڀير ٿي ويو. تمام سخت ۽ سرد لھجي ۾ اھڙي نموني ڳالھايائين، ڄڻ انٽيليجنس ايجنسيز جي ڪنھن شخص سان ڳالھائيندو ھجي. چيائين، ” جوڳي ھڪ بيمار جي حيثيث ۾ مون کي مليو ھو. ھڪ ڊاڪٽر جي ناتي مون سندس علاج ڪيو. اھو منھنجو فرض ھو. مريض کي گرفتار ڪرائڻ منھنجو فرض نه آھي، بلڪه منھنجي پيش جي خلاف آھي. ھن انٽرويو ڏنو ۽ ھليو ويو.“
    چيم، ” ڊاڪٽر، ھڪ دفعي جيڪڏھن انٽيليجنس وارن کي ور چڙھي وئين، ته اصل ڇڏيندءِ ڪو نه.“
    سوالن وارو ڪيسٽ رڪارڊر پاڻ ڏانھن ۽ جوابن وارو مون ڏانھن ڪندي چيائين، ” يار جوڳي، اسين ان قسم جي ڳالھين کي وڌيڪ اھميت نه ڏيندا آھيون. “
    پڇيم، “ مون کي سوال ٻڌڻو آھي، يا جواب رڪارڊ ڪرائڻو آھي.“
    وراڻيائين، ” تو جواب ڏيئي ڇڏيو آھي. ھينئر اڳيون سوال ٻڌنداسين.“
    ڊاڪٽر امان الله سوالن واري ڪيسٽ رڪارڊر جو سئچ آن / پلي تي ڪري چڏيو.
    اڳيون سوال چارڻ جي باري ۾ ھو. پڇيائون، ” چارڻ سان تنھنجو ڪھڙو تعلق آھي؟“
    جواب رڪارڊ ڪرائيندي چيم، ” چارڻ منھنجو دوست آھي.“
    پڇيائون، ” ھن ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي، جو پوليس کان روپوش آھي؟“
    جواب ۾ چيم، ” چارڻ جا ٻه ڏوھ آھن. ھڪ ته ھو منھنجو سنگتي آھي. ۽ ٻيو، ته ھن به اھوئي ڏوھ ڪيو آھي، جيڪو مون ڪيو آھي. يعني، اسان ٻنھي ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله ھڪ گھڙيءَ لاءِ ھٿ مٿي ڪري مون کي آڱوٺو ڏيکاريو ۽ پوءِ ھڪدم ھٿ ھيٺ ڪري اثبات ۾ ڪنڌ لوڏيو. ڄڻ چوندو ھجي، بلڪل ٺيڪ.
    اڳيون سوال ٻڌي منھنجو لنءِ ڪانڊارجي ويئي. پڇيائون، يا کڻي ايئن چئجي پڇيو ھئائون ” پوليس کي پڪ آھي ته چارڻ ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ شامل آھي. کيس ھڪ دفعي صادق آباد مان اھڙي ٽرڪ مان لھندي ڏٺو ويو ھو، جنھن تي اڳتي ھلي جڏھن گھوٽڪيءَ وٽ ڇاپو لڳو ھو ته ان مان درھ آدم خيل جا ٺاھيل ھٿيار ھٿ آيا ھئا. ان باري ۾ تو کي ڇا چوڻو آھي؟“
    مون ھٿ وڌائي ٻئي ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪري ڇڏيا. ڪجھه ڪجھه ڪاوڙ وچان چيم، ” ھيءَ ڪھڙي بڪواس آھي. مان صحافين جي سوالن جا جواب ڏيئي رھيو آھيان، يا پوليس وارن جا.“
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” اڄ ڪلھه نوجوان صحافين کي انويسٽيگيٽو رپورٽنگ جو جنون ورائي ويو آھي. تو کي ڪو نه ڪو مناسب جواب ڏيڻو پوندو.“
    چيم، ” اھڙي بيھودي سوال جو جواب ان کان سواءِ ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو ته اھا تھمت سراسر بڪواس ۽ بھتان آھي.“
    ڊاڪٽر امان سمجھائڻ واري نوع ۾ چيو ” تمام چالاڪ قسم جو سوال پڇيو اٿائون. جواب سوچي سمجھي ڏبو.“
    ” ڏبو!“ مون تعجب وچان ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو.
    ان وقت مون کي دلبر خان ۽ ڪشمير خان جو ھٿيارن سان ڀريل حجرو ياد آيو. حُجري تائين مون کي چارڻ پھچايو ھو. ھونءَ به چارڻ شوقيه قسم جو انقلابي ھو. اڪثر چوندو ھو انقلاب بندوق جي ناليءَ مان نڪرندو آھي.“
    ھڪ دفعي ڪنھن دوست چرچي مان چيو ھوس، يار چارڻ بندوق جي ناليءَ مان ته گولي نڪرندي آھي.
    مڙس ڪاوڙجي پيو ھو، ۽ پوءِ ھن سموري سنگت کي ھوچي منجھه ۽ مائوزيتنگ جي باري ۾ لاڳيتو ٻه ڪلاڪ ليڪچر ڏنو ھو.
    ڊاڪٽر امان جي بدليل رويي، ۽ سوال جي نوعيت مون کي سوچ ۾ وجھي ڇڏيو. مون سوچيو، اليڪٽرانڪ پريس ڪانفرنس، ڊاڪٽر امان الله جي اسپتال، چارڻ جي ڪشمير خان ۽ دلبر خان جي قيد مان رھائي، انھن سڀني ڳالھين جو پاڻ ۾ ڪو نه ڪو گھرو تعلق آھي. ڪو نه ڪو واسطو آھي ! مان جيڪڏھن سازش جو شڪار نه ٿيو آھيان. ته گھٽ ۾ گھٽ اھڙي دائري ۾ پھچي چڪو آھيان، جتان نڪرڻ جيڪڏھن ناممڪن نه آھي، ته مشڪل، بلڪه بيحد مشڪل آھي. مون ڪجھه بيوسيءَ وچان ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو. ڊاڪٽر چيو، ” منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ جوڳي. ھن انٽرويو ذريعي اسان کي اھوئي ثابت ڪرڻو آھي ته سڀ ڪجھه بھتان، غلط بياني ۽ پوليس جي سازش آھي.“
    ھڪدم چيم، ” پر ڊاڪٽر، ھٿيارن واري ڳالھه ته غلط ناھي. بلڪل صحيح آھي. مون پنھنجي اکين سان دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي حجري ۾ سمگلنگ لاءِ ھٿيار ڏٺا ھئا.“
    ” پر ھن وقت اسان لاءِ تو کي، ۽ توسان گڏ چارڻ کي بچائڻ اھم آھي.“ ڊاڪٽر امان الله چيو، ” تو کي جواب ۾ اھوئي چوڻ گھرجي ته چارڻ تي لڳايل الزام بي بنياد آھي ھو ان قسم جي ڪنھن به ڪم ۾ شامل نه ٿيو آھي.“
    پڇيم، ” منھنجي بيان جو پوليس جي بيان تي ڪو قانوني اثر پوندو؟“
    ڊاڪٽر چيو، ” اسان جيڪڏھن ايترو ثابت ڪري وڌوسين ته گلاب گونگو پيدائشي گونگو آھي، ۽ بيان واري دعوي پوليس جي ڪوڙي آھي، ۽ ٻيو ته پوليس جي لاڪپ ۾ برپٽ جي اسي سالن جي پوڙھي ماءُ قيد آھي، ته سمجھه پوليس جي دعوي کي، ھر قسم جي دعوي، ۽ بيان کي غلط ۽ بدنيتيءَ ته بيٺل ثابت ڪري سگھنداسين.“
    مان ٻُڏَتَر ۾ ھوس، جو ڊاڪٽر امان الله خان جواب وارو ڪيسٽ رڪارڊر آن/ پلي ڪري ڇڏيو ۽ جواب لاءِ مون کي اشارو ڪيو.


    38

    ڊاڪٽر امان الله خان ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسندو رھيو. منھنجي جواب لاءِ ھو اتاولو ٿي رھيو ھو. مناسب جواب جي ساخت منھنجي ذھن ۾ نه پئي آئي. ڪافي دير تائين مان خاموش رھيس. جواب جي باري ۾ سوچيندو رھيس. ڪيسٽ رڪارڊر ماٺ ۾ ھلندو رھيو.
    ڊاڪٽر امان الله مون کي ھٿ سان اھڙي نموني اشارو ڪيو، ڄڻ چوندو ھجي ڳالھاءِ، ڪو مناسب جواب رڪارڊ ڪراءِ.
    مون ھٿ وڌائي جواب وارو ڪيسٽ رڪارڊر بند ڪري ڇڏيو.
    ” ڇو، ڇا ٿيو؟“ ڊاڪٽر امان الله خان پڇيو، ڪيسٽ رڪارڊر بند ڇو ڪري ڇڏيئه؟“
    ” داڪٽر منھنجي ڳالھه ٻڌ، ۽ غور سان ٻڌ.“
    مان الائي ڇو ڪنبڻ لڳس. چيم، ” مان حالتن ھٿان مجبور ٿي پيو آھيان، پر ايترو به نه جو رات کي ڏينھن، ۽ ڏينھن کي رات چوان. مون پنھنجي اکين سان ڪشمير خان ۽ دلبر خان جي حجري مان ھٿيار ڏٺا آھن. ھو ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ ڦاٿل آھن.“
    ڊاڪٽر امان الله پنھنجي ڪرسي تان اٿي منھنجي پاسي کان اچي بيٺو. منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ” ڳالھه ھلي رھي آھي تنھنجي دوست چارڻ جي، بلڪه سوال چارڻ جي باري ۾ پڇيو ويو آھي، ڪشمير خان ۽ دلبر خان جي باري ۾ نه.“
    مون ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو. چيم، ” مون کي يقين آھي ته ڪشمير خان ۽ دلبر خان غريب چارڻ کي ھٿيارن سمگل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان وک کن پري ٿي بيٺو. پڇيائين، ” تون جواب ۾ اقرار ڪرڻ ٿو چاھين ته چارڻ ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ شامل آھي؟“
    ڊاڪٽر جي سوال جو مون وٽ ڪو جواب نه ھو.
    ڊاڪٽر موٽي وڃي پنھنجي ڪرسي تي ويٺو. مجبورين جو دائرو تنگ ٿيڻ لڳو. مون ساھ ۾ ٻوسٽ محسوس ڪئي. سوچيم، اسان بچاءَ جي جنگ لڙي رھيا آھيون، يا ٻئي ڪنھن جي جنگ ۾ شامل ٿي ويا آھيون! مون کي لڳو، مان ڌٻڻ ۾ ڪاھي پيو ھوس، ۽ منھنجي ھر وک مون کي قابو ڪندي پئي ويئي.
    پوءِ اوچتو مون کي سياڻن جو قول ياد آيو. اُکري ۾ مٿو ڏيڻ کان پوءِ مُھريءَ جو ڪھڙو ڊپ!
    مون ڪيسٽ رڪارڊر آن/ پلي ڪري ڇڏيو.
    جواب ڏيڻ کان اڳ وڏو ساھ کنيم، ۽ چيم،” اھو قطعي غلط ۽ بي بنياد آھي ته منھنجو سنگتي چارڻ ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ شامل آھي. صادق آباد ۾ ھٿيارن سان ڀريل ٽرڪ مان چارڻ کي لھندي ڏسڻ واري پوليس جي ايتريقدر دعوي سچ آھي، جيتري قدر گلاب گونگي جي دعوي ۽ اعترافي بيان واري ڳالھه سچ آھي. جيئن گلاب گونگي جو ڳالھائڻ امڪان کان ٻاھر آھي، تيئن چارڻ جو صادق آباد ۾ نظر اچڻ امڪان کان ٻاھر آھي.“
    مون جوابن وارو ڪيسٽ رڪارڊر اسٽاپ / بند ڪري ڇڏيو.
    ڊاڪٽر امان الله خان ڦيڙو کائي مون وٽ آيو، ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين، ” جوڳي، واھ جو جواب ڏنو اٿئي. واھ! ڪمال ڪري ڇڏيو اٿئي.“
    رکي لھجي ۾ وراڻيم، ” مان پنھنجي جواب جو انجام محسوس ڪري سگھان ٿو.“
    ” سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. تون گھٻراءِ نه“ ڊاڪٽر امان الله چيو، ” تو کي حفاظت سان سنڌ پھچائڻ اسان جي ذميداري آھي.“
    چيم، ” سنڌ آزاد قبائل نه آھي ڊاڪٽر ! ڏوھ ڪري لڪڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.“
    وراڻيائين، ” تو ڪو به ڏوھ نه ڪيو آھي. تون خوامخواھ پاڻ کي قصور وار محسوس ڪري رھيو آھين.“
    ۽ پوءِ، ھڪ ڪلاڪ تائين ذري گھٽ ساڳي نوعيت جي سوالن جو سلسلو ھلندو رھيو. تون ڪير آھين؟ گلاب ڪير آھي؟ برپٽ ڪير آھي؟ چارڻ ڪير آھي؟ توھين ااسلام آباد ۾ ڪھڙي نيت سان داخل ٿيا آھيو؟ جواب ۾ مان ھڪ ئي جملو ڳالھائيندو رھيس. مان ان سوال جو جواب ڏيئي چڪو آھيان.
    ھڪ ڪيسٽ ختم ٿي ويئي. ڊاڪٽر امان الله ٻئي ڪيسٽ لوڊ ڪئي. سوالن وارو ڪيسٽ رڪارڊر ھلائي ڇڏيائين. سياسي نوعيت جو سوال پڇيو ھئائون.
    ” تون سمجھين ٿو ته بينظير پنھنجي مدي جا چار پنج سال حڪومت ھلائي سگھندي.“
    جوابن وارو ڪيسٽ رڪارڊر آن ڪرڻ کان اڳ مون ڊاڪٽر امان الله خان کي چيو، ” ” يار، ھي ته مون کي سياست ۾ ڇڪي رھيا آھن.“
    ڊاڪٽر امان الله خان جوابن واري ڪيسٽ رڪارڊر ۾ نئين ڪيسٽ وجھندي چيو، ” ڪو گول مول جواب ڏيئي ڇڏ.“
    قدرت منھنجي لاءِ سياسي سمجھه جو خانو خالي رکيو آھي. سياست مون کي سمجھه ۾ نه ايندي آھي. آئين ڪيئن ٺھندو آھي ۽ ڇو ٺھندو آھي ! آئين ڪير ٺاھيندا آھن، ۽ آئين کي ڪير تبديل ڪندا آھن ! چونڊون ڇو ٿينديون آھن ! چونڊن جو اٽي، دال ۽ چانورن جي قيمت تي ڪھڙو اثر پوندوآھي ! مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ايندو آھي. اسان پنھنجي پاڙي مان جنھن نمائيندي کي چونڊن ۾ ووٽ ڏنو ھو، سو وڏو رھزن ۽ ڪميني قسم جو شخص ھو. پر دولتمند ھو، تنھنڪري معزز سمجھيو ويندو ھو. سياست جا راز مون کي سمجھه ۾ نه ايندا آھن.
    جوابن واري ڪيسٽ رڪارڊر ۾ نئين ڪيسٽ وجھي، ڊاڪٽر امان الله رڪارڊر ھلائي ڇڏيو.
    جواب رڪارڊ ڪرائيندي چيم، ” اسان جي معاشري ۾ عورت کي گھر جو وڏو يا سربراھ قبول نه ڪيو ويندو آھي. ستن ڀينرن کان پوءِ ڄاول ڀاءُ کي اڳتي ھلي گھر جو وڏو يا سربراھ سمجھيو ويندو آھي، وڏيءَ ڌيءَ کي گھر جو وڏو نه ڪبو آھي. تنھنڪري بينظير کي ملڪ جو سربراھ نه قبوليو ويندو.“
    اڳيون سوال ڪاوڙ ڏياريندڙ ھو. پڇيو ھئائون، ” سنڌ ۾ تنھنجا ساٿي ڪير آھن؟“
    سخت لھجي ۾ جواب ڏيندي چيم، ” مون، گلاب، برپٽ ۽ چارڻ ڪو به ڏوھ نه ڪيو آھي. ٻڌو پيا، اسان ڪوبه ڏوھ نه ڪيو آھي. اسين، خاص ڪري مان ۽ مون کان پوءِ گلاب، اسين اسلام جي ڳولا ۾ اسلام آباد آيا ھئاسين. بيروزگار ھئاسين، گلاب اڃا به بيروزگار آھي. کيس گونگن ۽ ٻوڙن جي ھڪ اسڪول ۾ ملازمت جو پڪو آسرو ھو، پر اسلام جي چڪر ۾ اھو آسرو به نڪري ويس. اسين روزگار جي ڪري اسلام آباد ۾ آھيون، ۽ بس.“
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” نه جوڳي. نه، ڪاوڙ نه. ڌيرج سان جواب ڏي.“
    چيم، ” سوال به ته رت ٽھڪائڻ جھڙا پڇيا اٿائون.“
    چيائين، ” ضروري ناھي ته ھر سوال جو تفصيل سان جواب ڏجي. گلاب گونگي ۽ چارڻ جي باري ۾ تو تفصيل سان جواب ڏيئي ڇڏيا آھن. باقي سوالن جا جواب مختصر نمونيءَ رڪارڊ ڪرائيءَ.“
    مون کيس جواب نه ڏنو.
    ھن سوالن وارو ڪيسٽ رڪارڊر ھلائي ڇڏيو.
    پڇيو ھئائون،” سنڌ ۾ عليحدگيءَ واري تحريڪ ڪير ھلائي رھيو آھي.“
    جواب ۾ چيم، ” گھٽ ۾ گھٽ مان نه پيو ھلايان.“
    ڊاڪٽر امان الله خان جي منھن تي مرڪ اچي ويئي.
    اڳين سوال کان اڳ بجلي موٽي آئي. آپريشن ٿيٽر جون بتيون ٻري پيون. ڊاڪٽر امان الله ميز تان ايمرجنسي لائيٽ کڻي آپريشن ٿيٽر جي پرئين ڪنڊ ۾ رکي آيو. ھو اڃا مون وٽ موٽي مس آيو، جو انٽرڪام جو بزر وڄي پيو. ھن موٽي وڃي بزر جو رسيور کنيو. الائي ڇا ٻڌائين چَپَ ڀيڪوڙجي ويس، ۽ اکيون چنجھيون ۽ رسيور تي مُٺ مضبوط ٿي پيس. ڪجھه کھري ۽ سخت لھجي ۾ جواب ڏنائين، ” مان ڊاڪٽر آھيان، مون کي خبر آھي ته ايمرجنسيءَ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گھرجي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان رسيور انٽرڪام تي رکي موٽي آيو. نرڙ تي پگھر جون ٻه چار نوندو چمڪي رھيون ھيون.
    ” ڇو، ڇا ٿيو ڊاڪٽر.“ کانئس پڇيم.
    ” سسٽر زيتون ھئي.“ ڊاڪٽر وراڻيو، ” کيس اڻتڻ ھئي ته بجلي وڃڻ کانپوءِ آپريشن ٿيٽر جو جنريٽر نه ھليو ھو، ته پوءِ ايمرجنسيءَ لائيٽ جي جھڪي روشنيءَ ۾ مون تنھنجي بائپسيءَ ڪيئن ڪئي ھئي!“
    ” سندس اڻتڻ بيجاءِ نه آھي.“ چيم، ” ھڪ دفعي آپريشن کان پوءِ برين ٽيومر جي ھڪ نوجوان مريض کي ھتي مرندي ڏٺو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان مون ڏانھن غور سان ڏٺو. ڪجھه سوچيندي آپريشن ٿيٽر جي ھڪ پاسي ھليو ويو، ۽ اوزان سان ڀريل ھڪ ٽرالي ڇڪي آيو. ٽرالي منھنجي پاسي کان آڻي بيھاريائين. پاڻ ايپرن پاتائين. منھنجو ڪنڌ ۽ ڪلھا وڏيءَ اڇي چادر سان ڍڪي ڇڏيائين. مون کي تعجب ٿيو. پڇيم، ” ڇا پيو ڪرين؟“
    وراڻيائين، ” بائپسي.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    چيائين، ” گھٻراءِ نه. فقط انچ کن ٽڪو ڏيندس.“
    ” نه يار، نه“ چادر پري ڪندي چيم، ” مان ٽڪو نه ڏياريندس.“
    ڊاڪٽر امان الله ٻيھر چادر منھنجي ڪنڌ ۽ ڪلھن تي وجھندي چيو،” تون جوڳي ناھين، تنھنجو نالو قلندر آھي. تو کي برين ٽيومر آھي. تو کي بائپسي لاءِ آپريشن ٿيٽر ۾ آندو ويو آھي. ڳالھه سمجھه ۾ آئيهءِ.“
    مون بيوسي وچان ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو. ڊاڪٽر امان الله خان منھنجي ساڄي لوندڙي ۽ ڪياڙي وٽان پاڪيءَ سان وار ڪوڙي ڇڏيا. ھڪ تمام ٿڌي دوا جو وارن کان اچي چمڙي تي مک ڏنائين. ۽ پوءِ، ڪو نشتر کڻي ڪن ۽ ڪياڙي جي وچ تي ٽُڪو ڏنائين. مون کي قطعي به ڪا تڪليف نه ٿي. رَت اگھي، ھن ٽڪي واري جاءِ تي مرھم وغيره لڳائي منھنجي مٿي تي پٽي ٻڌي ڇڏي.


    39

    ڊاڪٽر امان الله خان ٻئي ڪيسٽ رڪارڊر ۽ ڪيسٽ ميز تان کڻي ورتا. مون کي ڪجھه ڪجھه تعجب محسوس ٿيو.
    کانئس پڇيم، ” ڇو، انٽرويو ختم ٿي ويو ڇا؟“
    وراڻيائين، ” مان نٿو چاھيان ته زيتون کي ڪنھن قسم جو ڪو شڪ محسوس ٿئي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ڪيسٽ رڪارڊر ۽ ڪيسٽ آپريشن ٿيٽر ۾ ھڪ طرف رکيل الماڙي ۾ رکي موٽي آيو. چيائين، ” واقعي، بجلي وڃڻ کان پوءِ اسان جي آپريشن ٿيٽر جو جنريٽر نه ھليو ھو. ڳالھه تشويش جھڙي آھي. نامناسب روشنيءَ ۾ آپريشن جو تصور به نٿو ڪري سگھجي.“
    مان تعجب وچان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” جيئن ٿيندو آھي، بائپسيءَ يا ننڍي وڏي آپريشن کان پوءِ، توکي مان سور گھٽ ڪندڙ ۽ ننڊ آڻيندڙ سئي ھڻندس.“
    ڊاڪٽر امان مون کي سئي ھڻي ڇڏي. سرنج ڪچري واري دٻي ۾ اڇلائيندي چيائين، ” ان کان اڳ جو جھوٽا کائڻ لڳين، ھل ته تو کي تنھنجي ڪمري تائين ڇڏي اچان.“
    مان اٿي بيٺس. گھڙي کن لاءِ آپريشن ٿيٽر جو فرش مون کي پنھنجي پيرن ھيٺان ڌڏندي محسوس ٿيو.
    ڊاڪٽر امان پڇيو، ” ھلي سگھندين نه؟ يا، اسٽريجر گھرايان؟“
    وک کڻندي چيم، ” سمجھان ٿو ڪمري تائين پھچي ويندس.“
    ڊاڪٽر امان مون کي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو. اسين آپريشن ٿيٽر مان نڪري آياسين.
    ٻه چار وکون کڻڻ کان پوءِ منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو. لوندڙيءَ وٽ سور محسوس ٿيو. ڏاڪڻ چڙھندي منھنجا قدم ڪنبي ويا. ھڪ ھنڌ بيھي رھيس.
    ڊاڪٽر امان منھنجي منھن ۾ ڏسندي پڇيو، ” ٺيڪ ته آھين نه؟“
    چيم، ” ٺيڪ آھيان.“
    الائي ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني ڪمري تائين پھتس. ھڪدم پلنگ تي ليٽي پيس. ڊاڪٽر امان الله بزر ڏيئي سسٽر زيتون کي گھرايو. ھوءَ ذري گھٽ ڊوڙندي آئي. پيار وچان منھنجن وارن کي جائيتو ڪندي پڇيائين، ” ڪيئن آھين؟“
    منھنجي بدران ڊاڪٽر امان الله جواب ڏنو. چيائين، ” ھي ٺيڪ آھي. ڪجھه دير ۾ کيس ننڊ کڻي ويندي. صبح تائين، جيستائين پاڻ نه جاڳي، کيس جاڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.“
    سسٽر زيتون ڊاڪٽر امان الله کان پڇيو، ” ٺيڪ ته ٿي ويندو نه؟“
    ڊاڪٽر وراڻيو، ” مان سمجھان ٿو ته سندس ٽيومر مليگينٽ نه آھي. جلد ٺيڪ ٿي ويندو.“
    سسٽر زيتون ڪجھه دير تائين مون ڏانھن ڏسندي رھي. پوءِ، ڪنڌ جھڪائي ٻاھرين در ڏانھن وڌي ويئي. در وٽ بيھي رھي. ڄڻ ڪجھه ياد آيس. موٽي آئي. ڊاڪٽر امان الله کي چيائين، ” توھين جڏھن آپريشن ٿيٽر ۾ ھئا. تڏھن ھڪ عورت آئي ھئي، قلندر سان ملڻ.“
    ڊاڪٽر ھڪدم ڦيڙو کائي سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو. پڇيائين، ” تو ڇا چيس؟“
    وراڻيائين، ” چيومانس ته قلندر جي بائپسي ٿي رھي آھي. آپريشن ٿيٽر ۾ آھي.ا يندڙ چوويھه ڪلاڪن ۾ ڪنھن سان به ملي نه سگھندو.“
    ڊاڪٽر پڇيو، ” پنھنجو نالو ٻڌائين، ڪو ڏس پتو ڏنائين؟“
    سسٽر زيتون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ” نه“
    ڊاڪٽر امان الله خان ڪجھه سوچيندي پنھنجي ساءِ چيو، ” ڪير ھوندي، ڪير ٿي سگھي ٿي!“
    غنودگيءَ مان موٽ کائيندي چچريل لھجي ۾ چيم، ” مان سمجھان ٿو ڏائڻ ھوندي... ڏائڻ!“
    سسٽر زيتون جي چپن تي مرڪ تري آئي. چيائين،” ھاڻي کان تصور ۾ ڏانئڻيون ٿيون اچنس.“
    ڊاڪٽر امان الله جي نرڙ تي گھنڊ پئجي ويو. ھن نرم لھجي ۾ سسٽر زيتون کي چيو، ” سسٽر، منھنجي اجازت کان سواءِ ڪو به ملاقاتي قلندر سان ملي نه سگھندو. ڪو به نه. تون ڀل وڃي آرام ڪر.“
    سسٽر زيتون ھلي ويئي.
    ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري جو در بند ڪري موٽي آيو. مون کي ٻنھي ڪلھن کان جھلي، ڌونڌاڙيندي چيائين، ” سمجھانءِ نه،، جوڳي، سمجاءِ نه.“
    سندس ھٿ پري ڪندي چيم، ” مون کي ننڊ پئي اچي، مون کي سمھڻ ڏي.“
    ڊاڪٽر پڇيو، ” ڏائڻ ڪير آھي؟“
    چيم، ” شالي، مان شاليءَ کي ڏائڻ سڏيندو آھيان. مون ھت تي اعتبار نه ڪيو ھو. مون کيس شڪ جي نگاھ سان ڏٺو ھو.“
    ” ڏس جوڳي، سمجھاءِ نه “ ڊاڪٽر امان الله مون کي ڌونڌاڙيندي پڇيو، ” شالي ڪير آھي؟“
    غنودگيءَ ۾ چيم، ” اسلام آباد جي سڀ کان سھڻي عورت آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله پڇيو، ” ڇا ڪندي آھي؟“
    وچڙيل لھجي ۾ وراڻيم، ” بيوٽي پارلر ھلائيندي آھي. پر منھنجن دوستن جو خيال آھي ته ھوءَ خفيه ايجنسين جي ايجنٽ آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله مون کي ڪلھن کان جھلي ذري گھٽ کڻي ورتو. پڇيائين، ” شڪيله جي ڳالھه پيو ڪرين ڇا؟“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” ھا، شڪيله. ٻه دفعا پنھنجي پسند سان شادي ڪيائين، ۽ ٻئي دفعا ناڪام ٿيس.“
    ڊاڪٽر امان الله پڇيو، ” تو وٽ شڪيله جو نمبر آھي؟“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم،۽ گھيرٽ ۾ ھليو ويس.
    ڊاڪٽر امان الله خان جڳ مان پاڻي کڻي منھنجي منھن تي ڇنڊا ھڻندي چيو، ” سمجھانءِ نه جوڳي. وڏي ڳڙ بڙ ٿي پوندي، جيڪڏھن سمھي پوندين.“
    ڊاڪٽر امان الله ٽيليفون جو رسيور کڻي رسيپشن جو نمبر ڊائل ڪيو، ۽ کانئن سڌي لائن گھري.
    مون کي اٿاري ويھاري چيائين، ” مراد ٺاٺاري تو کي سڃاڻي ورتو آھي. ھن ئي شڪيله سان تنھنجي باري ۾ ذڪر ڪيو آھي. ورنه، ڪنھن کي به خبر ڪونھي ته تون ھتي آھين.“
    چيم، ” ڊاڪٽر سولنگيءَ کي ته خبر آھي نه، مان ھتي آھيان.“
    وراڻيائين، ” ڊاڪٽر سولنگيءَ کي خبر آھي، پر ھو ڪنھن کي به نه ٻڌائيندو ته تون ھتي آھين. اھو ڪم تنھنجي دوست مراد ٺاٺاري جو آھي. وڏو ڪو ڪمينو شخص آھي.“
    چيم، ” ان ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش ناھي، ھاڻي مون کي سمھڻ ڏي.“
    ڊاڪٽر امان الله چيو، ” نه جوڳي، نه. سمھڻ جي ڳالھه نه ڪر. تون فون تي شڪيله سان ڳالھاءِ. کيس پڪ ڏيار ته تون بلڪل ٺيڪ آھين، ۽ ڪنھن مخفي ھنڌ تان ساڻس ڳالھائي رھيو آھين.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ٽيليفون منھنجي پلنگ تي رکي ڇڏي.
    مون شاليءَ جو نمبر ڊائل ڪيو. ھڪ گھنٽيءَ کان پوءِ شالي پاڻ فون رسيو ڪيو. چيائين، ” ھيلو“
    چيم، ” شالي، مان آھيان جوڳي.“
    ھڪدم چيائين، ” جوڳي، ڪيئن آھين. تون ڪيئن آھين!“
    ” مان بلڪل ٺيڪ آھيان.“ اوٻاسي ڏيندي چيم، ” بس مون کي ننڊ پئي اچي. مان سمھي پوندس. بس، ھيئنر ئي سمھي پوندس، ھونءَ مان ٺيڪ آھيان. بلڪل ٺيڪ آھيان.“
    شالي چيو، ” مراد ٺاٺاري تو کي يا ھوبھو تو جھڙي شخص کي دراني ڪلينڪ ۾ ڏٺو ھو. سندس بائپسي ٿيڻي ھئي. مريض جو نالو قلندر پئي کنيائون. مان به ھن شخص کي ڏسڻ لاءِ دراني ڪلينڪ آئي ھيس. قلندر نالي شخص آپريشن ٿيٽر ۾ ھو، ۽ سندس بائپسي ھلي رھي ھئي.“
    چيم، ” ھينئر مون کي ننڊ پئي اچي. مان سمھڻ چاھيان ٿو. مون کي سمھڻ ڏيو. منھنجي بائپسي نه ٿي آھي.“
    شالي بيچين ٿي چيو، ” تون مون کي ٺيڪ نه ٿو لڳين، جوڳي. تون ڪٿي آھين، جوڳي. ڪٿان پيو ڳالھائين؟“
    منھنجي ھٿ مان رسيور ڪري پيو، ۽ مون کي ھڪدم ننڊ اچي ويئي.


    40

    صبح جو عجيب ۽ انوکي ذھني ڪيفيت ۾ اک کلي. مون کي لڳو، ڄڻ ڪنھن ڏورانھين سفر تان موٽيو ھوس. ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زندگيءَ جو ھڪ حصو ڪنھن گمنام دنيا ۾ گذاري آيو ھوس. مون کي يقين نه پئي آيو ته مان جيئرو ھوس. لڳم پئي، مان مري ويو ھوس، ۽ مري وڃڻ کانپوءِ ٻيھر جيئرو ٿي پيو ھوس. سڀ ڪجھه اوپرو ۽ اجنبي پئي لڳو.
    واچ ۾ وقت ڏٺم. صبح جا يارھن ٿيا ھئا. ڪنڌ ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺم. ڪمرو ساڳيو نه ھو، جنھن ۾، مان ڪالھه رات سُتو ھوس. مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. تڏھن، محسوس ڪيم ته انيڪ تارون منھنجي سيني ۽ ٻانھن سان چنبريل ھيون. لوندڙي وٽ سور جي سٽ محسوس ڪيم. ويھي نه سگھيم، پلنگ تي ليٽي پيس. اھو سڀ ڪجھه سيڪنڊن ۾ ٿيو. سسٽر زيتون ڊوڙندي آئي. سندس ڪڍ ھڪ جونئر نرس به ڪمري ۾ ھلي آئي.
    مون سسٽر زيتون کان پڇيو، ” ھيءَ ڪھڙو ڪمرو آھي، ۽ مون کي ايتريون تارون ڇو چنبرايل آھن؟“
    سسٽر زيتون چيو، ” تون انٽينسو ( انتھائي نگھداشت) يونٽ جي ڪمري ۾ آھين. ھي تارون ٻن مانيٽرن سان لڳل آھن. تنھنجي دل جو ڌڙڪڻ، رفتار، بلڊ پريشر وغيره ڏسڻ لاءِ ھنن مانيٽرن جو ڪنيڪشن ٻاھر اسان جي مانيٽرن سان مليل آھي. تون ھنيئر اٿي ويٺو ھئين ڇا؟“
    جواب ڏيڻ بدران کانئس تعجب وچان پڇيم، ” پر،مون کي انٽينسو يونٽ ۾ ڇو آندو اٿو؟“
    وراڻيائين، ” ڊاڪٽر امان الله خان پاڻ تو کي انٽينسو يونٽ ۾ شفٽ ڪرائي ويو ھو.“
    تعجب وچان چيم، ” ڪمال آھي ! مون کي ڪا به خبر نه پيئي.“
    چيائين، ” تون ٽرينڪو لائيزرن جي اثر ھيٺ ھئين. تو کي ڪيئن خبر پوي ھا! “
    پڇيم، ” پر مون کي انٽينسو يونٽ ۾ ڇو شفٽ ڪيائين ! مون کي ته ڪا تڪليف ڪونھي.“
    اطمينان واري مرڪ چپن تي تري آيس. چيائين، ” برين ٽيومر لاءِ بائپسي ڪا معمولي ڳالھه ناھي.“
    تڏھن اوچتو مون کي ڪالھه رات واري ڊرامي جو خيال آيو. ڊاڪٽر امان الله مون کي ساڄي لوندڙي وٽ ٽُڪو ڏنو ھو. مون لوندڙي کي آڱرين سان ڇھيو. مون کي مٿي تي پٽي ٻڌل ھئي. پر، پٽي به اھڙي نموني ٻڌي ويئي ھئي، ڄڻ پٽي بدران پٽڪو ٻڌو ويو ھو. نرڙ، اڌ مٿو ۽ ڪياڙي پٽين سان ڍڪجي ويا ھئا. پٽين کي ھڪ وڙاڪو لوندڙيءَ کان کاڏي تائين ڏيئي ڇڏيو ھئائون.
    مون کي بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. مون سسٽر زيتون کي چيو، ” مون کي تارن کان آزاد ڪر، مان اٿڻ چاھيان ٿو.“
    سسٽر زيتون وراڻيو، ” تارن سميت تو اٿي، ۽ ٽيڪ لڳائي ويھي سگھين ٿو.“
    تارن ۾ مُٺ وجھندي چيم، ” نه نه، مان اٿڻ چاھيان ٿو. مان پنھنجي شڪل ڏسڻ چاھيان ٿو. مون کي آزاد ڪريو.“
    سسٽر زيتون گھٻرائجي ويئي. منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيائين، ” متان اھڙي ڪا غلطي ڪئي اٿئي ! جيستائين ڊاڪٽر امان الله نه ايندو، تو کي مانيٽرن سان منسلڪ رکبو. ان ۾ تنھنجو ڀلو آھي، ان ۾ اسان جو ڀلو آھي.“
    مون بيوسي مان تارن مان ھٿ ڪڍندي چيو، ” سڀ ڪجھه غلط ٿي رھيو آھي. سڀ ڪجھه غلط ٿي ويو آھي.“
    زيتون مون کي پٺي ھيٺان ويھاڻو ڏيئي ويھاريندي چيو، ” سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي رھيو آھي. ۽ سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويو آھي. تنھنجو ٽيومر ملينگٽ نه آھي.“
    دل چاھيو ته چوانس، تون ڌوڙ جي نرس آھين. سا به سينئر نرس ! تنھنجي آڏو، تنھنجي اکين آڏو بدترين ڊرامو ھلي رھيو آھي، ۽ تون بيخبر آھين!
    مون سسٽر زيتون کان پڇيو، ” ڊاڪٽر امان الله ڪڏھن ايندو؟“
    وراڻيائين، ” يارھين ۽ ٻارھين جي وچ ڌاري ايندو.“
    چيم، ” سسٽر مون کي آزادي گھرجي، مون کي آزاد ڪر.“
    منھنجو ھڪ ھٿ پنھنجي ٻنھي ھٿن ۾ کڻندي چيائين، ” قلندر، تون آزاد آھين... ھي تارون، ۽ مانيٽر، ۽ انٽينسو ڪيئر جو محفوظ ڪمرو، سڀ ڪجھه عارضي آھي. تون آزاد آھين.“
    پڇتاءَ وچان ڪنڌلوڏيندي چيم، ” ھيءَ ڪھڙي قسم جي آزادي آھي، جو پنھنجي مرضيءَ سان مان نه اٿي سگھان ٿو، ۽ نه ويھي سگھان ٿو ! نه ھيءَ ڪمرو، ۽ نه ھيءَ اسپتال ڇڏي سگھان ٿو. ھيءَ ڪھڙي قسم جي آزادي آھي !“
    سسٽر زيتون مون کي سمجھائڻ واري نوع ۾ چيو، ” اسپتال ۾ اچبو پنھنجي مرضي سان آھي، پر وڃبو ڊاڪٽر جي مرضيءَ سان آھي.“
    ” نه سسٽر، نه“ بيچين ٿيندي پڇيم، ” مان انھن مريضن مان نه آھيان. مان ھتان ھليو ويندس. مان ھليو ويندس، وڌيڪ نه ترسندس.“
    پيار وچان منھنجي ٻنھي ڪلھن تي ھٿ رکندي چيائين، ” ڪمال آھي ! تون ھڪ ٻن ڏينھن ۾ اسان کان ايتريقدر بيزار ٿي پيو آھين.“
    ” نه نه. توھان کان نه. خاص ڪري توکان ته ڪڏھن به نه.“ سندس منھن ۾ ڏسندي چيم، ” عام رواجي حالتن ۾، وس ۾ ھجي، ته تو وٽ مريض ٿي ھميشه لاءِ رھي پئجي.“
    چپن تي مرڪ تري آيس. پڇيائين، ” مريض ٿي ڇو ! تون ھونءَ به مون وٽ رھي سگھين ٿو.“
    پڇيم، ” ڪھڙي حيثيث ۾؟“
    چيائين، ” منھنجي پٽ جي حيثيث ۾.“
    مون کي ذري گھٽ کل اچي ويئي. چيم، ” ماڻھو مڃيندا.“
    ڪاوڙ لڳس. چيائين، ” ماڻھن جو منھنجي ذاتي زندگيءَ سان ڪھڙو واسطو.“
    ڪاوڙ لاءِ مون کي سبب سمجھه ۾ نه آيو. چيم، ” ماڻھن جو ڪھڙو ڏوھ ! اسان جي عمر ۾ ايترو گھٽ فرق آھي، جو سمجھين ٿي ڪو به اسان کي ماءُ پٽ جي حيثيث ۾ قبول ڪندو ! “
    لاپرواھي وچان ڪلھن کي جھٽڪو ڏنائين. ڄڻ چوندي ھجي. مون کي پرواھ ناھي. مان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
    ھوءَ ڪرسي تي ويھي رھي. مون ڏانھن ڏسڻ کان سواءِ چيائين، ” ھڪ رشتي جي پائيدار تڪميل کان پوءِ، زندگيءَ ۾ ان رشتي جي خلا محسوس نه ٿيندي آھي. دنيا جو ڪو به مرد منھنجي زندگي ۾ شناس جي جاءِ والاري نه سگھندو. ڇو جو شناس اھا جاءِ خالي نه ڪئي آھي.“
    ھو خاموش ٿي ويئي. سوچ ۾ گم ٿي ويئي. مان ڏانھس ڏسندو رھيس.
    ڪجھه دير کان پوءِ ٿڌو ساھ کڻي مون ڏانھن ڏٺائين. چيائين، ” مان جڏھن به پُٽ جو تصور ڪندي آھيان، ته ھو مون کي ڪجھه ڪجھه جنوني، ڪجھه چيڙاڪ، ڪجھه ڪجھه کلڻو، ڪجھه ڪجھه مايوس، ڪجھه ڪجھه سودائي ۽ ڪجھه ڪجھه بيچين نظر ايندو آھي. ھوبھو موتيءَ وانگر، ۽ تو وانگر.“
    ان کان اڳ جو سندس ڳالھه تان ٽھڪ ڏيئي کلي پوان، سسٽر زيتون چيو، ” پر، تون موتيءَ وانگر نه ڪجان. مون کي سسٽر زيتي نه سڏجانءِ، ۽ بنا ٻڌائڻ جي ھليو به نه وڃجانءِ.“
    موتي سترھن ارڙھن سوالن جو نوجوان ھو، ۽ ڊاڪٽر دراني جي اسپتال ۾ ٽيومر جي آپريشن دوران آپريشن ٿيٽر ۾ مري ويو ھو.
    ” تون ته ائين نه ڪندين نه؟“ سسٽر زيتون منھنجي ڀرسان ويھي رھي. منھنجا ٻئي ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ جھليندي چيائين، ” نه نه. تون ائين نه ڪجانءِ. مان ڏسان ٿي، مان ڏسي سگھان ٿي، تون وڏي عمر ماڻيندين. تمام وڏي تارن جيڏي!“
    مان خاموشي ۽ اچرج وچان ڏانھنس ڏسندو رھيس. ھوءَ مون کي نرس بدران فلسفي محسوس ٿيڻ لڳي. ڪنھن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو، اھو منھنجو پھريون تجربو ھو. نرسن جي باري ۾ مون انيڪ ابتيون سُبتيون ڳالھيون ٻڌيون ھيون. پر، ڪنھن نرس کي ويجھڙائي کان مون پھريون دفعو ڏٺو ھو.
    اوچتو ڄڻ ڪجھه ياد آيس. ھڪدم منھن ورائي مون ڏانھن ڏسندي چيائين، ” اڙي ھا. مون کان ٻڌائڻ وسري ويو. اڄ صبح جو نائين لڳي وري اھا عورت آئي ھئي ، جيڪا ڪالھه شام تنھنجي بائپسي مھل آئي ھئي.“
    ” ھوءَ آئي ھئي! “ مون تعجب وچان پڇيو، ” پوءِ؟“
    ” تو سان ملڻ جو ضد پئي ڪيائين.“ سسٽر زيتون چيو، ” ” ضد ٻڌي بيھي رھي ھئي.“
    پڇيم، ” ڇا تي؟“
    وراڻيائين، ” تو سان ملڻ تي.“
    دل کي جھوٻو آيو. سوچيم، اسلام آباد جي ڪوفي ۾ ڪو ته آھي جنھن منھنجي باري ۾ سوچيو آھي منھنجي باري ۾ فڪرمند آھي!
    ائين ئي سسٽر زيتون کان پڇيم ” ڪيئن ھئي؟“
    وراڻيائين، ” زندگيءَ جا لاڙھا چاڙھا ڏٺل پئي عورت لڳي. گھري ۽ بُردبار. ھن تو کي ڪافي دير تائين آبزويشن وندر جي شيشي مان بيھي ڏٺو ھو.“
    پڇيم، ” ڪجھه چيائين؟“
    وراڻيائين، ” ڪافي دير تائين تو کي ڏسڻ کان پوءِ پڇيو ھئائين، توھان کي پڪ آھي ته ھن مريض جو نالو قلندر آھي. ٻيو ڪو ته نالو نه آھي؟
    مون کي ٻوسٽ ٿيڻ لڳي. شناخت سان گڏ مان پنھنجو نالو به وڃائي ويٺو ھوس.
    مون سٽ ڏيئي سيني سان چنبڙايل مانيٽر جو تارون پٽي جدا ڪري ڇڏيون.
    سسٽر زيتون ڊپ وچان مون کان وک کن پري ٿي ويئي.
    مان اٿي بيھي رھيس.
    ان وقت ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري ۾ داخل ٿيو مون وڏي واڪ پڇيو، ” منھنجو نالو ڇا آھي؟“
    ڊاڪٽر ھڪدم ماحول کي پرکي ورتو. ڌيرج سان وراڻيائين، ” تنھنجو نالو قلندر آھي. تون برين ٽيومر جو مريض آھين. ڪالھه تنھنجي بائپسي ٿي آھي.“
    مان وک کڻي ھن جي سامھون بيٺس.
    ڊاڪٽر امان الله خان ڪنڌ سان اشارو ڪندي سسٽر زيتون کي چيو، ” تون ھلي وڃ، سسٽر.“
    سسٽر زيتون ڪمري مان ھلي ويئي.
    ڊاڪٽر امان الله خان تازين اخبارن مان ھڪ اخبار جو پھريون ورق ورائيندي چيو، ” ھيءَ ڏس. جوڳي، جي پريس ڪانفرنس شايع ٿي آھي.“
    خبر جي سرخي ڏاڍي معني خيز ھئي. گلاب ۽ مان دھشتگرد نه آھيون. اسين اسلام کي ڳولڻ لاءِ اسلام آباد آيا آھيون. جوڳيءَ جي صحافين سان ڳالھه ٻولھه.


    41

    اخبارون ھنج ۾ رکي ڊاڪٽر امان الله خان مون کي پلنگ تي ويھاري ڇڏيو. مانيٽر واريون تارون منھنجي جسم سان چنبڙائيندي چيو، ” تنھنجو انٽينسو ڪيئر ۾ رھن ڏاڍو ضروري آھي.“
    بيزاريءَ وچان پڇيم ، ” ڇو ضروري آھي؟“
    جواب ڏيڻ بجاءِ پڇيائين، ” شڪيله کي ڪڏھن کان سڃاڻين؟“
    سندس سوال مون کي نه وڻيو.. چيم، ” مان پنھنجي شخصي زندگيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي مداخلت پسند نه ڪندو آھيان.“
    ڊاڪٽر ڏاڍي تڌي لھجي ۾ چيو، ” ڪالھه رات تو شڪيله جي باري ۾ ڪجھه ڳالھايو ھو. بلڪه گھڻو ڪجھه ڳالھايو ھو.“
    مون اچرج وچان ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو، ۽ چيو، ” مون شڪيله جي باري ۾ ڳالھايو ھو!“
    ڊاڪٽر چيو، ” ھاتو ڳالھايو ھو. تون کيس ڏائڻ سڏيندو آھين، نه؟“
    مون ڇرڪي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو. تڏھن مون کي ياد آيو ته مون ٽرينڪولائيز جي اثر ھيٺ، غنودگيءَ ۾ شڪيله جي باري ۾ ڳالھايو ھو. مون کي ياد نه پئي آيو ته مون ڇا ڳالھايو ھو. بس، فقط ايترو ياد پئي آيو ته مون ڳالھايو ھو.
    ڊاڪٽر پڇيو، ” شڪيله کي ڪڏھن کان سڃاڻين؟“
    پڇيم، ” اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ڇا؟“
    وراڻيائين، ” ھا، ضروري آھي. بلڪه بيحد ضروري آھي.“
    پڇيم، ” ڇو ضروري آھي؟“
    ڊاڪٽر ڪجھه ڪجھح خفي ٿي پيو. چيائين،” ٺھيو ڇڏ، ان ڳالھه کي. ٻڌاءِ شڪيله جي باري ۾ ڇا ٿو ڄاڻين؟“
    چيم، ” مان دوستيءَ ۾ جاسوسي جو قائل نه آھيان.“
    چيائين، ” ان جو مطلب آھي ته تون شڪيله جي باري ۾ ڪجھه نٿو ڄاڻين.“
    چيم، ” جيترو ڄاڻان ٿو، اھو منھنجي لاءِ ڪافي آھي.“
    گھڙي کن سوچڻ کان پوءِ چيائين ” دل ۾ نه ڪرين ته ھڪ ڳالھه پڇاءِ؟“
    چيم، ” موجوده حالتن ۾ ڪنھن ڳالھه تان دل ۾ ڪرڻ، يا نه ڪرڻ بي معني ٿي پيو آھي. ڇا ٿو پڇڻ چاھين ڊاڪٽر !“
    ڊاڪٽر پڇيو، ” شڪيله کي چاھيندو آھين؟“
    چيم، ” چاھڻ نه چاھڻ جي وچ واري مرحلي ۾ انسان بي يقينيءَ جي صليب تي لٽڪي پوندو آھي. مان بي يقيني جي صليب تي لٽڪيل آھيان.“
    ڊاڪٽر غور سان مون ڏانھن ڏٺو.
    چيم، ” سمجھان ٿو، کيس چاھڻ منھنجي وس ۾ نه آھي.“
    تارون منھنجي جسم سان چنبڙائي، ڊاڪٽر ٻئي ٽيئي مانيٽر ھلائي ڇڏيا. ڦري اچي منھنجي پاسي کان بيٺو. چيائين، ” شڪيله خفيه محڪمن جي پگھاردار ايجنٽ آھي.“
    لاپرواھيءَ وچان چيم، ” منھنجن ڪجھه دوستن کي به ساڳيو شڪ آھي.“
    ڊاڪٽر ھڪدم چيو، ” ھيءَ ڪا شڪ جي نه، پڪ جي ڳالھه آھي.“
    مون ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله خان جي منھن ۾ ڏٺو.
    چيائين، ” يقين ڪر جوڳي، ھوءَ خفيه ايجنسين جي باقاعدھ ايجنٽ آھي. بيوٽي پارلر وغيره سندس ڪَوَرَ آھي.“
    مان سمجھان ٿو، ڊاڪٽر امان الله خان جي واتان ايتريقدر يقين سان شڪيله جي باري ۾ ڳالھه ٻڌي، مانيٽرن منھنجي دل جي مختلف ڪيفيت ڏيکاري ھوندي. مان اخبارن جا صفحا اٿلائڻ لڳس. ذري گھٽ سموريون اخبارون منھنجي انٽرويو سان ڀريل ھيون. ھڪ اخبار ڏاڍي معني خيز سرخي لڳائي ھئي. لکيل ھو،
    جوڳي يا تارا چند
    ڏوھي يا بي ڏوھي !
    پوليس جي کل لاھڻ لاءِ ڪجھه اخبارن وڏن اکرن ۾ لکيو ھو. گلاب پيدائشي گونگو آھي. گلاب سان منسوب اعتراف جڙتو آھي.
    ڪجھه اخبارن برپٽ صحرائي جي باري ۾ لکيو ھو، برپٽ صحرائي ۽ سندس والدھ پوليس جي حبس بيجا ۾.
    ۽ ھڪ اخبار چارڻ جي باري ۾ لکيو ھو، چارڻ ھٿيارن جي سمگلنگ ۾ شامل نه آھي. جوڳي عرف تارا چند جو بيان.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو ، ” اڄ صبح جو به شڪيله تو کي ڏسڻ ۽ توسان ملڻ آئي ھئي، پر سسٽر زيتون کيس انٽينسو ڪيئر يونٽ ۾ اچڻ نه ڏنو. کيس پڪ ٿي ويئي آھي ته تون قلندر نه، بلڪه جوڳي آھين
    ڊاڪٽر امان الله خان ٽيليفون کڻي آيو. ٽيليفون پلنگ تي رکندي چيائين، ” شڪيله جي يقين کي شڪ ۾ بدلائڻ ضروري ٿي پيو آھي.“
    مون ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.
    ڊاڪٽر چيو، ” تون شڪيله سان فون تي ڳالھاءِ“
    پڇيم، ” فائدو؟“
    وراڻيائين، ” ھو تو کي انٽينسو يونٽ ۾ ڏسي ويئي آھي. انٽينسو يونٽ ۾ بيھوش پيل ھڪ مريض ڳالھائي نه سگھندو آھي. تنھنجو ڳالھائڻ شڪ ۾ وجھي ڇڏيندو ته اڄ صبح ھن جنھن شخص کي بيھوشيءَ جي حالت ۾ ڏٺو ھو، سو تون نه آھين.“
    ھٻڪندي ھٻڪندي رسيور کنيم. رسيور ڏانھن ڏسندو رھيم. رسيور رکي ڇڏيم.
    ڊاڪٽر امان الله چيو، ” پوليس وارا، ۽ خفيه ايجنسين جا ملازم ڪنھن جا به سڄڻ ۽ ساٿي نه ٿي سگھندا آھن. ھوءَ پھرين ڌڪ ۾ تو کي گرفتار ڪرائڻ ۾ وير نه ڪندي.“
    ڊاڪٽر امان الله فون تان رسيور کڻي، مون کي ڏيندي چيو، ” مان نه ٿو چاھيان ھوءَ تنھنجي تلاش ۾ ھن اسپتال ۾ ايندي رھي.“
    مون نه چاھيندي به فون جو نمبر ڊائل ڪيو. پھرين گھنٽيءَ تي شڪيله رسيور کڻي ورتو، ۽ چيو، ” جوڳي، ڪيئن آھين؟“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيم، ” تو کي ڪيئن خبر پئي ته ھي فون منھنجي آھي؟“
    وراڻيائين، ” صبح کان انتظار پئي ڪيم تنھنجي فون جو.“
    اچرج وچان پڇيم، ” تو کي پڪ ھئي ته مان فون ڪندس.“
    ” ھا “ وراڻيائين، ” مون کي پڪ ھئي ته تون فون ڪندين.“
    پڇيم، ” ڇو پڪ ھئي؟“
    وراڻيائين، ” مون کي پڪ ڏيارڻ لاءِ ڪالھه رات غنودگيءَ ۾ جنھن شخص مون سان ڳالھايو ھو، سو تون آھين.“
    وائڙو ٿي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺم. ڊاڪٽر امان مون کي ھٿ سان اھڙي نموني اشارو ڪيو، ڄڻ چوندو ھجي، ڳالھائيندو رھ.
    چيم، ” ھا شاليءَ ڪالھه رات مون تو سان ڳالھايو ھو – مون کي ياد آھي.“
    ھڪدم چيائين، ” ۽ خبر اٿئي ته تون مون سان ڇو ڳالھايو ھو؟“
    اچرج وچان چيم، ” ڇو ڳالھايو ھيم ! دل چاھيو ھو، ۽بس “
    ” نه جوڳي نه“ شالي چيو، ” تون مون کي پڪ ڏيارڻ لاءِ فون تي مون سان ڳالھايو ھو ته آپريشن ٿيٽر ۾ تون نه، بلڪه تنھنجو ھم شڪل ۽ ھم آواز نالي قلندر ڪو شخص بائپسي ڪرائي رھيو آھي.“
    مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڳالھايان، ۽ ڇا نه ڳالھايان ! ھوءَ جھڙي نموني جرح ڪري رھي ھئي، ۽ جنھن يقين سان ڳالھين جا سلسلا جوڙي رھي ھئي، تنھن مان مون کي پڪ ٿي ويئي ته ھوءَ خفيه ايجنسين جي ايجنٽ ھئي.
    ” جوڳي.“ رسيور مان شاليءَ جو آواز آيو. چيائين، ” منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ. افغانستان واري جنگ بند نه ٿي آھي. اندرين خاني بدترين قسم جي جنگ ھلي رھي آھي. ان جنگ جو فائدو کڻندي ڪي ايجنسيون پنجاب ۽ سنڌ ۾ ھٿيارن جي سمگلنگ ڪري رھيون آھن. تون پاڻ کي بچاءِ – اھڙي ڪنھن به ٽولي کان پري رھڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪو ھٿيارن جي سمگلنگ، يا افغانستان جي جنگ ۾ سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح شامل آھي.“
    مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زھريلا وڇون منھنجي لوندڙين تي ھلڻ لڳا. نرڙ ته منھنجو پٽين سان ڍڪيل ھو، نڪ ۽ اکين ھيٺان پگھر جا ڦڙا نڪري وھڻ لڳا. مون ڪجھه نه چيو، فقط ڪنڌ ورائي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.
    شاليءَ چيو، ” مون کي خبر آھي جوڳي، تون جتان ڳالھائي رھيو آھيان.“
    بيڪار قسم جو بھانو ٺاھيندي چيم، ” مان پي سي او تان پيو ڳالھايان“
    شالي چيو، ” تون ڊاڪٽر دراني ءَ جي اسپتال مان پيو ڳالھائين.“
    حيرت وچان پڇيم، ” تو کي ڪيئن خبر پيئي.“
    ” ان ڳالھه کي ڇڏي ڏي ته مون کي ڪيئن خبر پئي.“ شاليءَ چيو، ” ھن مھل تون جن ماڻھن وٽ لڪيل آھين، تن جو ھٿيارن جي سمگلنگ سان سڌو واسطو ناھي، پر اھو ٽولو افغان لبريشنز لائنز جو سرگرم حصو آھي. ھنن وٽ افغان لبريشنز لائنز جا ڪمانڊوز اچي رھندا آھن، ۽ جيڪڏھن زخمي ھوندا آھن، ته علاج ڪرائيندا آھن.“
    ڊاڪٽر امان الله خان رسيور جي مائوٿ پيس تي ھٿ رکندي چيو، ” ڪھڙي قسم جي بڪواس پئي ڪري“
    مون سندس ھٿ رسيور جي مائوٿ پيس تان ھٽائي ڇڏيو.
    مون مائوٿ پيس تي ھٿ رکندي، ڊاڪٽر امان الله کي چيو، ” کيس منھنجي ويجھو ڪنھن جي موجودگيءَ جو شڪ ٿي پيو آھي.“
    ڊاڪٽر امان سڙٻاٽن ۾ چيو، ” ٻڌائيس ته نرس آھي.“
    ان کان اڳ جو مان ڳالھايان، شاليءَ ڳالھايو چيائين، ” حڪومت بين الاقوامي دٻاءُ ۽ اندروني حالتن سبب افغانستان جي جنگ ۾ افغانين جو ساٿ ڏيئي رھي آھي. پر حڪومت ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جي دھشتگردن جي افغانين سان سازباز برداشت نه ڪندي.“
    ” اڙي ! “ مون کان ذري گھٽ رڙ نڪري ويئي. چيم، ” شالي، تون به مون کي دھشتگرد سمجھين ٿي !“
    “ منھنجي سمجھڻ يا نه سمجھڻ سان ڪو به فرق نه پوندو “ شالي چيو، ” اجايا انٽرويو ڏيئي معاملي کي تون منجھائي رھيو آھين.“
    ” مون ثابت ڪرڻ پئي چاھيو ته پوليس جو بيان ڪوڙو آھي. چيم، ” گلاب پيدائشي گونگو آھين.“
    شالي چيو، ” پوليس ڪٿي چيو آھي ته گلاب ڳالھايو آھي. ھنن چيو آھي ته گلاب پوليس آڏو اعتراف ڪيو آھي ۽ اعتراف تحريري به ٿيندو آھي.“
    منھنجي دل ڪنبي ويئي.
    ڊاڪٽر امان الله سڙٻاٽن ۾ چيو، ” فون بند ڪري ڇڏ.“
    شالي چيو، ” جيڪو شخص تنھننجي مٿان بيٺو آھي، سو تو کي ڳالھائڻ کان روڪي رھيو آھي. منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ – اڄ رات ھڪ لڳي مان اسپتال جي ڏاکڻي طرف گاڏي آڻي بيھاريندس. تون ڀت ٽپي ٻاھر ھليو اچجانءِ. ھنن وٽ تنھنجو رھڻ اجايو تو کي بين الاقوامي سياست ۾ ڦاسائي وجھندو.“
    فقط ھڪ لفظ ڳالھايم. چيم، ”ٺيڪ آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله مائوٿ پيس تي ھٿ رکي سڙٻاٽن ۾ چيو، ” وڏي مڪار عورت آھي. ھن جي ڪنھن ڳالھه تي يقين نه ڪجانءِ، جوڳي!“
    مائوٿ پيس تان ھٿ ھٽائيندي ڊاڪٽر کي چيم، ” مون کي ڳالھائڻ ڏي ڊاڪٽر.“
    ڊاڪٽر ھٿ ھٽائي ڇڏيو. مون کان وک کن پري ٿي بيٺو.
    چيم، ” شالي! منھنجي ڳالھه تي ٻڌين ٿي نه. جيئن تو چيو آھي، تيئن ئي ٿيندو.“
    شاليءَ چيو، ” خبردار رھجانءِ. جيڪڏھن شڪ پين ته تون اڄ رات ڀڄي ويندين ته توکي ماريندي ويرم نه ڪندا.“
    چيم، ” تون فڪر نه ڪر.“
    ٻڌل آواز ۾ چيائين، ” تو کي ڏک ته ضرور ٿيندو – پر ڇا ڪجي. ھنن ڪالھه چارڻ کي مارائي ڇڏيو آھي.“
    ” ھان!“ منھنجي اندر ۾ آھ اڀري آئي.
    شاليءَ چيو، ” سندس لاش اٽڪ پل جي ھيٺان لڌو آھي. کيس مٿي ۾ چار گوليون لڳل آھن.“
    مون رسيور رکي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.


    42

    ڪجھه دير لاءِ مون کي ٻڌل ڳالھه تي يقين نه آيو. چارڻ چريي کي ماري وڌو اٿائون ! مان الائي ڪيتري دير تائين ڦاٽل اکين سان ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏسندو رھيس.
    منھنجي اھڙي ڏسڻ ڊاڪٽر امان الله کي بيچين ڪري وڌو. ھو پنھنجي بيچينيءَ لڪائڻ لاءِ منھنجي پاسي کان ويھي رھيو. ڌيرج واري لھجي ۾ چيائين، ” شڪيلا خفيه ايجنسين جي ايجنٽ آھي. سندس ڳالھه تي يقين نه ڪجانءِ.“
    ڊاڪٽر امان الله خان جي منھن ۾ ڏسندي پڇيم، ” ۽ توھين ڪير آھيو؟“
    داڪٽر امان اٿي بيھي رھيو. اھڙي نموني ڳالھايائين، ڄڻ سندس بيچيني ختم ٿي ويئي ھئي. چيائين، ” اسان جو تعلق افغان لبريشن لائنز سان آھي.“
    مون پنھنجي جسم تان مانيٽرن جو تارون پٽي لاھي ڇڏيون. ڊاڪٽر امان الله ڪنھن قسم جي مداخلت نه ڪئي. ھوءَ خاموشي سان مون ڏانھن ڏسندو رھيو. مان اٿي بيھي رھيس.
    ڊاڪٽر امان نرم لھجي ۾ چيو، ” جوڳي ساڳي غلطي نه ڪجانءِ، جيڪا چارڻ ڪئي ھئي.“
    ڪاوڙ مان چيم، ” چارڻ مسڪين کي اول توھان پنھنجي ڄار ۾ ڦاسايو، ۽ دوکو ڏيئي کيس ماري وڌو. مٿس غلطي جو الزام نه مڙھيو.“
    ” چارڻ غلطي ڪئي ھئي. ھن غلطي ڪئي ھئي.“
    ڊاڪٽر امان پنھنجي ڳالھه تي زور ڏيندي چيو، ” مون کيس ڪوھاٽ جي رستي پشاور موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ھو. پر، واٽ تي ھو ٽرڪ مان لھي، پيشاب جو بھانو ڪري ڀڄي ويو، ۽ نيٺ مارجي ويو.“
    ” اجايا من گھڙت قصا نه ٻڌاءِ، ڊاڪٽر.“ ڪاوڙ وچان چيم، ” صاف ڳالھه ٻڌاءِ ته چارڻ جي پڪڙجي پوڻ کان پوءِ توھان کي ھٿيارن جي سمگلنگ جو ڦاٽ ڦاٽي پوڻ جو ڊپ ھو، تنھنڪري توھان چارڻ کي ماري ڇڏيو.“
    ” ھا، اھو درست آھي ته چارڻ جيڪڏھن گرفتار ٿي پوي ھا، ته خفيه ايجنسين ۾ عذاب ڏيئي کانئس ھٿيارن واري ڳالھه ڪڍائي وٺن ھا. ان جو اسان کي ڊپ ھو.“ ڊاڪٽر امان الله چيو، ” پر، اھو غلط آھي ته چارڻ کي اسان مارايو آھي.“
    ” ته پوءِ چارڻ کي ڪنھن ماريو آھي؟“تلخ لھجي ۾ پڇيم، ” توھان کان سواءِ چارڻ جي باري ۾ ڪنھن کي خبر ھئي؟“
    ” خفيه ايجنسين کي خبر ھئي.“ ڊاڪٽر امان چيو، ” ھنن صادق آباد وٽ کيس ھٿيارن جي ٽرڪ مان لھندي ڏٺو ھو.“
    مون کي آپريشن ٿيٽر ۾ ڪيسٽن ذريعي انٽرويو دوران ھڪ صحافي جو سوال ياد آيو، جنھن پوليس جي حوالي سان چارڻ کي صادق آباد وٽ ھٿيارن جي ڀريل ٽرڪ مان لھندي ڏسڻ جو ذڪر ڪيو ھو. مون سندس سوال جي سختيءَ سان ترديد ڪئي.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” چارڻ کي خفيه ايجنسين جي ڪمانڊوز ماريو آھي.“
    ڊاڪٽر امان جو دليل مون کي بي معني محسوس ٿيو. پڇيم، ” ھن کيس مارڻ بدران گرفتار ڇو نه ڪيو؟“
    ” تون نھايت سادو، ۽ عام رواجي ماڻھو آھين، جوڳي! “ ڊاڪٽر امان وراڻيو، ” بين الاقوامي سياست، ۽ سياسي سازشن کان بي خبر آھين.“
    ” ھو نھه ! “ نفرت وچان پڇيم، ” مسڪين چارڻ کي مارڻ پٺيان ڪھڙي بين الاقوامي سياست يا سازش ھئي ! “
    ھٿ پويان ڪري ڊاڪٽر امان الله خان ڪمري ۾ ٽي چار چڪر ھڻي ڀت ڏانھن منھن ڪري بيھي رھيو. ھن ڪجھه دير تائين خاموش رھڻ کان پوءِ پنھنجي ساءِ چيو، ” جڏھن باھ لڳندي آھي، تڏھن سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويندا آھن.“
    مون ڪاوڙ وچان چَپَ ڀيڪوڙي ڇڏيا. سندس خود ڪلامي جو ڪو به جواب نه ڏنم.
    ھن چيو، ” جنگ به انسانن جي جھنگ ۾ باھ لڳل آھي، جنھن ۾، جيڪي جنگ ۾ شامل ھوندا آھن، انھن سان گڏ اھي به اجل جو شڪار ٿي ويندا آھن، جيڪي جنگ ۾ شامل نه ھوندا آھن.“
    ھن منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو، مان خاموش رھيس.
    ڊاڪٽر امان چيو، ” دلبر خان ۽ ڪشمير خان به ڪي افغان لبريشن لائنز نه ھئا، پشارو جا عام رواجي ڀاڄي فروش ھئا. ھنن اسان لاءِ ڪم ڪيو، ھنن اسان جي مدد ڪئي. ۽ خبر اٿئي.... ھن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ڪاوڙ بدران مون تعجب وچان ڊاڪٽر امان ڏانھن ڏٺو.
    ڊاڪٽر امان چيو، ” جنھن ڏينھن چارڻ جو لاش اٽڪ پل وٽ لڌو ھو، تنھن رات دلبر خان ۽ ڪشمير خان کي سندس حجري ۾ قتل ڪيو ويو ھو.“
    مون کان ذري گھٽ ڇرڪ نڪري ويو.
    ڊاڪٽر امان چيو، ” مختلف خفيه ايجنسين مان ھڪ اھڙي ايجنسي آھي، جنھن وٽ تمام خوفناڪ ڪمانڊوز آھن، ۽ ھو اھي ڪاروايون ڪري رھيا آھن.“
    مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڇا چوان !
    ڊاڪٽر امان الله چيو، ” اسپتال مان ٻاھر نڪرڻ شرط تون به ڪنھن ڪمانڊو جي گولين جو بک ٿي ويندين.“
    منجھي پيس. سوچن ۾ وڪوڙجي ويس. مون ڊاڪٽر امان الله خان کان پڇيو ” جيڪڏھن ائين آھي، ته پوءِ خفيه ايجنسين جا ڪمانڊوز تو کي ۽ ڊاڪٽر درانيءَ کي به ماري ڇو نه ڇڏين؟“
    ” اھو سندن ڊيوٽي ۾ شامل نه آھي.“ ڊاڪٽر امان وراڻيو، ” اسان جي حفاظت سندن ڊيوٽي ۾ شامل آھي.“
    مان ڳالھه جي تھه تائين نه پھچي سگھيم. چيم، ” مان واقعي عام رواجي سوچ رکڻ وارو، عام رواجي شخص آھيان. سياست جي رمزن کان اڻ واقف آھيان.“
    ” نه نه، منھنجو مطلب اھو نه ھو، جيڪو تو ڪڍيو آھي.“ ڊاڪٽر ھڪدم چيو، ” منھنجي چوڻ جو مطلب ھو ته بين الاقوامي سطح تي تمام منجھائيندڙ ۽ سازشن واري سياست ھلي رھي آھي، ۽ تون جيئن ته ان سموري معاملي کان جدا آھين، تنھنڪري سمجھي نه سگھندين. تنھنجي دل ڏکائڻ منھنجو مقصد نه ھو.“
    مان پلنگ تي ويھي رھيس. مون کي لوندڙي وٽ سور محسوس ٿيڻ لڳو.
    ڊاڪٽر امان ڪرسي ڇڪي اچي پلنگ جي پاسي کان ويٺو. چيائين، ” مان سمجھان ٿو ته شڪيله تي اسان جي باري ۾ تو کي ٻڌائي ڇڏيو آھي.“
    ” ھن توھان جي باري ۾ مون کي ڪجھه نه ٻڌايو آھي.“ ھڪدم چيم، ” ۽ ڊاڪٽر، مان شڪيله جي باري ۾ ڪنھن به بحث لاءِ تيار نه آھيان.“
    ڊاڪٽر امان ٺونٺيون ڪرسي جي ٻانھن تي رکي، ٻنھي ھٿن ۾ مٿو جھلي ويھي رھيو. عجيب قسم جي خاموشي ڪمري کي ڳڙڪائي ويئي.
    ڪافي دير کان پوءِ ھن ڪنڌ کڻي مون ڏانھن ڏٺو. چيائين، ” مون تنھنجي لاءِ سٺا وڪيل ڪيا آھن. تون خير خوبيءَ سان، جملي الزامن کان آزاد ٿي پنھنجي وطن، سنڌ ورندين. مان نٿو چاھيان ته تون اسان جي باري م ڪو غلط تاثر کڻي وڃين.“
    ڏک وچان چيم، ” يار، توھان جي ڪري منھنجو مولائي دوست مارجي ويو آھي. مون کي ڏاڍي تڪليف پھتي آھي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله چيو، ” دل ۾ ته نه ڪندين، جيڪڏھن چارڻ جي باري ۾ ڪجھه چوان؟“
    چيم، ” ڪو گٿو لفظ نه ڳالھائجاءِ، ڊاڪٽر.“
    ڊاڪٽر چيو، ” ھو اسان سان سنڌ لاءِ ھٿياربند جدوجھد جو ڳالھيون ڪندو ھو. بنا ڪنھن تنظيم ڍانچي جي، ھوائي ۽ رومانٽڪ ڳالھيون. ھو اڄ نه، ته سڀاڻي اھڙي نموني مري وڃي ھا.“
    چيم، ” گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ڌرتي تي مريءَ ھا. ھيءُ ڪھڙي قسم جو موت آھي، جيڪو ھڪ مولائي رومانٽڪ کي نصيب ٿيو آھي، اٽڪ پل جي ھيٺان سندس لاش لڌو آھي. واھ ڊاڪٽر، واھ! “
    خاموشيءَ سان اجگر ٻيھر سموري ماحول کي اڳري ويو. مون کي ڊاڪٽر امان جي ساھ ھلڻ ۽ پنھنجيءَ دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
    ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪي پھر گذري ويا. مون ڊاڪٽر امان الله خان کي چيو، ” ڊاڪٽر، ممڪن ھجي ته چارڻ جو لاش سنڌ ۾ سندس مائٽن ڏانھن موڪلڻ جو ڪو بلو ڪريو.“
    ڊاڪٽر ڪرسي تان اٿي، پلنگ تي منھنجي ڀرسان ويھي رھيو. چيائين، ” متان سمجھين ته مان تنھنجي ڏک کي سمجھي نٿو سگھان. پر، چارڻ جي باري ۾ ڪجھه ڪرڻ نه ممڪن آھي.“
    مون بيوسيءَ وچان فون کڻي ورتي. شڪيله جو نمبر ڊائل ڪندي، مون کي تعجب ٿيو ته ڊاڪٽر امان الله ڪنھن به قسم جو اعتراض نه ڪيو، ۽ نه ئي ھن ڪا پڇاڳاڇا ڪئي. ڄڻ کيس خبر ھجي ته مون ڪنھن سان ڳالھائڻ پئي چاھيو.
    شڪيله پھرين گھنٽيءَ تي رسيور کڻي ورتو. ان کان اڳ جو ھوءَ ڳالھائي، مون اٻھرائي ۾ چيو، ” شالي اھو ممڪن ناھي ته چارڻ جو لاش سنڌ ۾ سندس مائٽن ڏانھن موڪلي ڪري سگھجي؟“
    ” نه جوڳي، اھو ممڪن ناھي.“ شالي وراڻيو، ” تون پنھنجو خيال رکجانءِ، رات جي ھڪ ٿيڻ ۾ اڃان ارڙھن ڪلاڪ باقي آھن. ارڙھن ڪلاڪن ۾ گھڻو ڪجھه ٿي سگھندو آھي. سمجھه ته تون ٻرندڙ جبل جي ڀڪ تي ويٺو آھين.“ رسيور رکي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.


    43

    مون کي پنھنجي بي حسيءَ تي تعجب ٿيو. ايتري مختصر عرصيءَ ۾ حالتن ھٿان مان ايتريقدر بدلجي ويو ھوس ! عام رواجي حالتن ۾ چارڻ جي اوچتي مرڻ جي خبر ٻڌان ھا ته جيڪر ھنجون ھاري روئي پوان ھا. زندگي ڏيڻ ۽ زندگي وٺڻ واري سان بحث ۾ وچڙي پوان ھا ! چارڻ جي مرڻ جو صدمو سولائيءِ سان برداشت ڪري نه سگھان ھا.
    چارڻ جي مرڻ جي خبر ٻڌي مون کي ٿورڙي ڏک، ٿورڙي صدمي ۽ ٿورڙي تعجب کان سواءِ ڪجھه نه ٿيو. سُڪن گڏ ساون سڙڻ جي واري رمز کان ڄڻ اڳواٽ واقف ھوس. ٿڌو ساھ کڻي ليٽي پيس. واچ ۾ وقت ڏٺم. منجھند جو ھڪ ٿيو ھو. پورن ٻارھن ڪلاڪن کان پوءِ شالي اڌ رات ڌاري اسپتال ٻاھران گاڏي کڻي ايندي، ۽ مان اڌ رات کان پوءِ آزاد ٿي ويندس! اڌ رات کان پوءِ منھنجي ڀڄڻ ۽ ڊڪڻ، لڪڻ ۽ ڇپڻ جو سلسلو ختم ٿي ويندو ! نه ڪيل گناھن ۽ ڏوھن جي صفائيءَ ۾ ڪجھه چوڻ جي نوبت نه ايندي. آزمائشن جي رات ختم ٿي ويندي.
    مون اڳ ڪڏھن به نصيب، ۽ نصيب جي ڪاتب جي باري ۾ نه سوچيو ھو. ان ڏينھن مون کي نصيب ۽ نصيب جي ڪاتب جو خيال آيو. سوچيم، الائي ڇا لکيو اٿائين نصيب ۾ ! ڪٿي ائين ته ناھي، دوکو کائي رھيو آھيان! چوندا آھن، جيڪا رات قبر ۾ گذارڻي ھوندي آھي، سا رات کٽ تي نه گذرندي آھي. ائين ته ناھي، ڏائڻ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي رھيو آھيان! ھوءَ جيڪڏھن خفيه ايجنسين جي ايجنٽ آھي، ته پوءِ ھڪ ملزم تي ايتري مھربان ڇو آھي ! عشق جو عنصر بي معني آھي. ھڪ عورت جنھن ٻه ناڪام ازواجي زندگيون گذاريو آھن، سا مون جھڙي ڦٽيچر تي عاسق ٿي پوي، امڪان کان ٻاھر آھي ! ٻيو ڪو سبب آھي ! مان مونجھارن جي ماڳ کان وڃي نڪتس. ضرور ٻيو ڪو سبب آھي !
    دل جي ڪنھن ڪنڊ مان اميدن ليئو پائي ورتو. سوچيم، ممڪن آھي، ڊاڪٽر امان الله جي خبر انومان تي بيٺل ھجي، خيال آراين ۽ قياس آراين تي ٻڌل ھجي ! شالي ھڪ سھڻي عورت کان اڳتي ڪجھه به نه ھجي! ايجنسين سان سندس تعلق واري خبر سراسر غلط ھجي ! شل ائين ئي ھجي، شل ائين ئي ھجي ! دل جو دعائون جيڪڏھن اھڙي نموني عرش تي اگھامن ھا، ته پوءِ جيڪر جدائيءَ جو لفظ جنم نه وٺي ھا. مون جھڙا اڀاڳي نصيب جي ٿالھه مان وصل بدران وڇوڙي جو دونو کڻي دنيا ۾ ايندا آھن. ملڻ ھنن لاءِ مھڻو ھوندو آھي.
    مون کي سچ پچ محسوس ٿيو ته مان ٻرندڙ جبل جي ڀِڪَ تي بيٺو ھوس. ھڪ طرف افغان مجاھدن جي ڇاپا مار جنگ ھئي، ۽ ٻئي طرف خفيه ايجنسين ۽ پوليس جي وٺ پڪڙ ھئي. ان وقت مون کي ھڪ ھيڪلي شخص جي بيوسيءَ جو احساس ٿيو، جيڪو فرار جي راھن ۾ رستي بدران رھزنن جي وڙ چڙھي ويندو آھي. اڳ ان قسم جا ڄار قطعي جڙتو، ۽ من گھڙت لڳندا ھئا. ان قسم جو ڳالھيون ٽئين درجي واري فلمن جو مواد لڳنديون ھيون. پر، جڏھن پاڻ مصيبتن جي منھن ۾ وڃي پيو ھوس، تڏھن محسوس ڪيم ته من گھڙت قصن ۽ آتم ڪٿا ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪيتروگھٽ فرق ھوندو آھي، بلڪه آتم ڪٿا تي من گھڙت قصي جو، ۽ من گھڙت قصي تي آٿم ڪٿا جو احساس ٿيندو آھي! ھڪ ڏوھ ڪرڻ کان پوءِ ھيءَ وسيع دنيا اک ڇنپ ۾ محدود ٿي پوندي آھي. سج سوا نيزي تي لھي ايندو آھي. لڪڻ لاءِ جھنگ کان سواءِ ڪجھه به محفوظ نه لڳندو آھي ۽ جھنگ زندگي کي تيزي سان پوئتي کڻي ويندو آھي. اھڙي زندگيءَ جنھن جي مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ بدران پٺتي لکيل ھو، مون کي قبول نه ھئي.
    مان اڇل کائي ويھي رھيم، ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي پلنگ تي ھنيم، ۽ پنھنجي ساءِ چيم، مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي. مون، ۽ گلاب گونگي ڪو به ڏوھ نه ڪيو آھي !
    سوچن جي سُرنگ ۾ خيال آيو ته ٻن قسمن جا ماڻھو پنھنجي مرضي سان جلاوطن ٿيندا آھن. ھڪڙا اھي جيڪي سياسي يا سماجي ڏوھ ڪري وجھندا آھن، ۽ ٻيا اھي جن تي سياسي يا سماجي الزام مڙھيا ويندا آھن. ٻنھي قسم جا ماڻھو ملڪ ڇڏي ھليا ويندا آھن. ملڪ ھنن لاءِ پرديس ٿي پوندو آھي. ڄاتل سڃاتل شھر اوچتو ئي اوچتو ھنن لاءِ ويران، ۽ اوپري اڻ ڄاڻ مقام جي علامت ٿي پوندا آھن. ھو ھليا ويندا آھن. مان به ھيءَ ملڪ ڇڏي ھليو ويندس. ھتان ھليو ويندس. نه رھندس. ھن ملڪ ۾ نه رھندس. ظالماڻو تفتيشي نظام مان برداشت ڪري نه سگھندس ۽ ھونءَ به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا بدصورت، ڀوائتا ۽ راڪاسن جھڙا بيرحم ڪارندا، مون کي جيئرو نه ڇڏيندا. ھڪ دفعي، جھرن جھنگن مان زندگيءَ لاءِ ڊوڙندي، ڀڄندي ۽ لڪندي سوچيو ھيم ته مان زخمي ھرڻ آھيان، ۽ ھزارين خونخوار ڪُتا ۽ بگھڙ منھنجي ڪڍ لڳل آھن. ھو منھنجي رت جا پياسا آھن. ھو مون کي جيئرو نه ڇڏيندا. مون کي چيڙ ي ڦاڙي چٽ ڪري ڇڏيندا ! خونخوار ڪتا ۽ بگھڙ مون کي ويجھو پوندا پئي ويا.
    عجيب قسم جي سانت منھنجي سيني ۾ لھڻ لڳي. سوچيم، پنھنجي پر ۾ فيصلو ڪري ڇڏيم، اڄ رات، ڪا اٽڪل ھلائي، ڊاڪٽر امان الله خان ۽ سندس ڪمانڊوز کي، ۽ شالي کي گوھي ڏيئي ھليو ويندس. سرحد پار ڪري ايران ۾ وڃي سياسي پناھ وٺندس يا، ھندستان ھليو ويندس. ھونءَ به انيڪ الزامن مان ھڪ سنگين الزام مون تي ۽ گلاب گونگي تي اھو ھنيو اٿائون ته اسين ھندستان جا ايجنٽ آھيون. منھنجو نالو تارا چند آھي. بس، ته پوءِ ٺيڪ آھي. تارا چند ھندستان ھليو ويندو. سياسي پناھ وڃي وٺندو !
    ان وقت مون کي گلاب گونگي جو خيال آيو. کيس مصيبتن جي منھن ۾ ڇڏي ھيڪلو ھليو ويندس! ضمير جي ملامت مون کي جيئرو رھڻ ڏيندي ! پر، پوءِ خيال آيو ته اليڪٽرانڪ پريس ڪانفرنس ھڻي وڃي ھنڌ ڪندي. گلاب گونگي جي حلفيه بيان واري ڳالھه جڙتو ۽ من گھڙت ثابت ٿيندي. پوليس کيس چپ چپات ۾ ڇڏي ڏيندي. ھن کي ڪجھه نه ٿيندو. پيدائشي گونگو ھڻڻ واري حقيقت سندس بيگناھيءَ جو سبب ٿي پوندي ! ۽ ھونءَ به، ھن ڪيس ۾ مان اصل وڏو ملزم آھيان. گلاب گونگو منھنجو ساٿي آھي. ھو بچي ويندو. ھن کي ڪو خطرو نه آھي. برپٽ صحرائي ۽ سندس ماءُ کي به ڇڏي ڏيندا. بس، مون کي نه ڇڏيندا. مان وڏو ۽ اصلي ملزم آھيان. ملڪ ڊوھي آھيان، غدار آھيان، باغي آھيان، دشمن آھيان. دشمن جو ايجنٽ آھيان. مان ھتان ھليو ويندس.
    ” خير ته آھي!“
    مون کان ذري گھٽ ڇرڪ نڪري ويو. ڊاڪٽر امان الله خان منھنجي ڀرسان بيٺو ھو. مون کي خبر نه پئي ھئي ته ھو ڪڏھن ڪمري ۾ داخل ٿيو ھو. ھو منجھند جي ماني کڻائي آيو ھو.
    ” ڇا پيو سوچين؟“
    ” ھون!“ سوچن جي سُرنگ مان ٻاھر ايندي، مون ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو.
    ” نه، نه نه.“ نرڙ تي ھٿ رکندي چيم، ” نه، مان پريشان نه آھيان.“
    ” خبر اٿئي، مان گھٽ ۾ گھٽ ڏھن منٽن کان تنھنجي پاسي کان بيٺو آھيان.“
    ” ڏھن منٽن کان !“
    ” ھا. گھٽ ۾ گھٽ ڏھن منٽن کان.“
    ” ڪما ل آھي!“ مون کي قطعي ڪا خبر نه پيئي.“
    ” گھري سوچ ۾ ائين ئي ٿيندو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله ھٿ سان اشارو ڪندي ڪندي، وارڊ بواءِ کي وڃڻ لاءِ چيو.
    وارڊ بواءِ ھليو ويو.
    مانيءَ جي ٽرالي اڳيان ڇڪيندي، ڊاڪٽر امان الله پڇيو، ” ڇا پيو سوچين؟“
    کيس ٽارڻ لاءِ چيم، ” ڪجھه خاص نه“
    منجھند جي مانيءَ ۾ ھو اوٻاريل ڀاڄيون ۽ سوپ کڻائي آيو ھو. اوٻاريل ڀاڄين تي ڪارا مرچ وجھندي چيائين، ” ٻه خبرون آھن. ھڪ سٺي، ۽ ھڪ خراب.“
    مون سوپ جو چمچو پياليءَ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ڊاڪٽر امان الله چيو، ” سٺي خبر اھا آھي ته تنھنجي انٽرويو ۽ صحافين جي سخت نوٽ سبب پوليس تنھنجي دوست برپٽ صحرائيءَ کي ڇڏي ڏنو آھي.“
    مون وڏو ۽ ٿڌو ساھ کنيو.
    ان کان پوءِ ڪافي دير تائين ڊاڪٽر امان الله نه ڳالھايو. اسين خاموشي سان اوٻاريل ڀاڄيون کائيندا رھياسين. گذريل عرصي ۾ مان ايتريقدر ابتر حالتن مان گذريو ھوس، جو بُري خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ نه منھنجي دل جي ڌڙڪڻ ۾ اضافو ٿيو ۽ نه ئي منھنجي زبان خشڪ ٿي. مان ڪنڌ جھڪائي سوپ پيئندو رھيس ۽ اوٻاريل بد ذائقي واريون ڀاڄيون کائيندو رھيس.
    ماني کائي رھياسين. ڊاڪٽر امان الله ٽرالي پري ڪري ڀت سان بيھاري ڇڏي. منھنجي ڀرسان ڪرسي سوري ويھي رھيو. مان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” رات ڪيبينيٽ ميٽنگ ۾ ڪافي اھم فيصلا ڪيا اٿائون.“
    مون ڪنھن به قسم جي دلچسپي نه ڏيکاري. پاڪستان ۾ ھڪڙيون ڪيبينيٽون فيصلا ڪنديون آھن، ۽ ڪجھه عرصي کان پوءِ، ٻئي ڪنھن وزيراعظم جي ڪيبيبٽ انھن فيصلن کي رد ڪري ڇڏيندي آھي، ۽ پنھنجا فيصلا صادر ڪندي آھي.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ڪيبنٽ ھڪ اھو فيصلو به ڪيو آھي ته دھشتگرديءَ جي الزام ۾ گرفتار ٿيل ملزمن کي ڪنھن به صورت ۾ ضمانت نه ڏني ويندي.“
    منھنجي دل ڪجھه دير لاءِ ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. ڊاڪٽر امان الله خان ۽ مان الائي ڪيتري دير تائين ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسندا رھياسين.
    ڄڻ پاڻ سان ڳالھائيندي چيم، ” ان جو مطلب آھي ته گلاب گونگي کي ضمانت تي نه ڇڏيندا.“
    ڊاڪٽر امان الله خان جي چھري مان ڏک ظاھر ٿي پيو. ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين، ” ھا جوڳي گلاب کي ضمانت تي آزاد نه ڪندا.“


    44

    زندگي ۾ ڪا اھڙي گھڙي اھڙي به ايندي آھي، جڏھن انسان فيصلن جي چوواٽن تي ششدر ٿي بيھي رھندو آھي، ۽ ڪو به فيصلو ڪري نه سگھندو آھي. مان ڪنڌ جھڪائي ويھي رھيس. ڪنھن به فيصلي تي پھچي نه سگھيس. رات جي وڳڙي ۾ اسپتال جي ڀت ٽپيءَ شالي سان گڏ ڪنھن اڻ ڏٺي منزل ڏانھن نڪري وڃان ! پاڻ کي ڊاڪٽر امان الله خان ۽ افغانستان جي آزادي لاءِ وڙھندر ڪمانڊوز يا گوريلن جي حوالي ڪري ڇڏيان ! يا، شالي ۽ امان کي گوھي ڏيئي ھليو وڃان، ۽ سرحد ٽپي ايران يا ھندستان ۾ سياسي پناھ وٺان ! گلاب گونگي کي مصيبتن جي منھن ۾ ڇڏي ھليو وڃان ! مان ڪنھن به فيصلي تي پھچي نه سگھيس. بي يقيني ھر فيصلي تي حاوي نظر آئي. مون کي ڪجھه دير لاءِ ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مان ڪنھن قديم اونداھي مقبري ۾ ڦاسي پيو ھوس. در درين جي تلاش ۾ روشنيءَ جي ھڪ ڪرڻي لاءِ واجھائي رھيو ھوس. اوندھ ۾ ٿاڦوڙا ھڻندي ڀتين سان وڃي پئي لڳس. انڌوڪار ۾ مقبري جي گنبذ مان سوين ھزارين چمڙا خوفناڪ آواز ڪڍي، منھنجي مٿان لامارا ڏيڻ لڳا. مون وڏي واڪ رڙ ڪئي، پناھ، پناھ، پناھ! ۽ پنھنجي ئي رڙ جي گونجندڙ آوازن ۾ ڪنبي ويس.
    مون ڪنڌ کڻي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. ڊاڪٽر امان الله خان منھنجي سامھون ويٺو ھو. ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسي رھيو ھو. سوچ ۾ غرق ھو. مون کي پاڻ ڏانھن متوجه ڏسي چيائين، ” اھڙن اٻھرن فيصلن جي بينظير کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.“
    چيم، ” بينظير کي ڪڏھن ۽ ڪھڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ان جي مون کي خبر ناھي. في الحال کيس لھر نه ڪو لوڏو آھي. سندس ڪيبينيٽ جي فيصلي گلاب گونگي کي ماري وڌو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله غور سان مون ڏانھن ڏسندي چيو، ” تون ڇا ٿو سمجھين ! تون ڇا ٿو سمجھين، ضياءَ جا ڇاڙتا ۽ ملان بينظير کي آرام سان ويھڻ ڏيندا ! اوچتو ھڪڙي ڏينھن سندس سندس حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ جي خبر ٻڌنڌين.“
    مون کي ڪجھه ڪجھه تعجب ٿيو. چيم، ” جنرل ضياءَ بظاھر ته افغان جنگ ۾ افغانين جو وڏو حامي ۽ مددگار ھو، لڳيم ٿو، تو کي ضياءَ جي حڪمت عملي سان اختلاف آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو، چيائين ” اسين روسي ڪميونسٽن جي تسلط خلاف جنگ لڙي رھيا آھيون، ان جو مطلب اھو ناھي ته اسين افغانستان کي آزاد ڪرائي، دقيانوسي ملن جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. ضياءَ درپردھ دقيانوسي ملن جو حامي ھو. افغان جنگ سندس ڳچي ۾ پئجي ويئي ھئي”
    واقعي، بين الاقوامي سياست منھنجي سمجھه کان ٻاھر ھئي. ڪير ڪنھن جي لاءِ، ۽ ڇا جي لاءِ وڙھي رھيو ھو، مون کي سمجھه ۾ به پئي آيو. روس ۽ آمريڪا جو افغانستان ۾ ڪھڙو مطلب ھو، سندن جنگ جو ڪھڙو مقصد ھو! ڪٿي ائين ته نه ھو، ٻئي سپر پاور پنھنجا ايٽمي ۽ جديد ھٿيار آزمائڻ لاءِ ڪنھن ڏورانھين ملڪ ۽ ماڻھن جي ڳولا ۾ ھئا، ۽ اھو ملڪ کين افغانستان جي نالي ۾ ھٿ چڙھي ويو ھو ! جيئن سائنسدان پنھنجي نئين ايجاد ڪوئن، سيھڙن ۽ ڀولڙن تي آزمائيندا آھن، تيئن سپر پاور پنھنجا جديد ھٿيار ٽين دنيا جي ملڪن ۽ ماڻھن تي آزمائيندا آھن!
    ” منھنجي ڳالھه ياد رکجانءِ جوڳي.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” بينظير جي زوال کان پوءِ ايندڙ حڪومت سندس ئي فيصلن کي مٿس آزمائيندي. دھشتگرديءَ جي نالي ۾ جيڪو گرفتار به ٿيندو، تنھن کي ضمانت نه ملندي. بينظير جي ڪيبينٽ ايندڙ وقت سياستدانن ۽ انصاف جي بالادستيءَ لاءِ وڙھندڙن لاءِ ڏکيو ڪري ڇڏيو آھي.“
    مون مايوسيءَ وچان چيو، ” مون کي لڳي ٿو، بينظير ڪيبينيٽ گلاب گونگي جي خلاف بل پاس ڪيو آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” گلاب جيڪڏھن ڪنھن به قسم جي تحريري بيان تي صحيح نه ڪئي آھي، ته سمجھه ته اڄوڪين اخبارن ۾ شايع ٿيل پريس ڪانفرنس ھڻي وڃي ھنڌ ڪندي.“
    بيوسيءَ وچان چيم، ” پر اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته گلاب تحريري بيان تي صحيح ڪئي آھي، يا نه؟“
    ڪجھه سوچيندي وراڻيائين، ” خبر پئجي ويندين. اھو، ايڏو وڏو ڪم ڪونھي.“
    ڊاڪٽر امان اٿي بيھي رھيو.
    پڇيومانس، ” ڪيڏانھن پيو وڃين؟“
    وراڻيائين، ” خبر چار رکڻ.“
    پڇيم، ” ڇا جي خبر چار؟“
    وراڻيائين، ” گلاب ڪنھن ڪاغذ تي صحيح ته نه ڪئي آھي، ۽ ٻيو ته پوليس ۽ سرڪاري محڪمن تنھنجي پريس ڪانفرنس جو ڪھڙو اثر ورتو آھي.“
    ھو ڪمري مان ٻاھر وڃڻ تي ھو، جو پڇيو مانس، ” جيڪڏھن اھو ظاھر ٿي پوي ته اليڪٽرانڪ انٽرويو تنھنجي اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۾ ڪيو ويو ھو، ته سمجھين ٿو ان جو نتيجو ڪھڙو نڪرندو.“
    وراڻيائين، ” نتيجي کان اڳواٽ آگاھ آھيان، پاڪستان مان نيڪالي.“
    پڇيم، ” تون ان نتيجي لاءِ تيار آھين؟“
    گھڙي کن سوچڻ کان پوءِ جواب ڏنائين، ” مون ان امڪان جي باري ۾ نه سوچيو آھي. تون به نه سوچ. اجايو پريشان ٿيندين. ھونءَ به جنگ ۾، سا به گوريلا جنگ، تنھن ۾ نتيجي جي باري ۾ ڪڏھن به سوچيو ناھي. فقط عمل ڪبو آھي.“
    ڏانھنس غور سان ڏسندي پڇيم، ” تون ائين ڇو ڪري رھيو آھين؟“
    ڪجھه اچرج وچان ورائي پڇيائين، ” ڇا ڪري رھيو آھيان؟“
    چيم، ” توھان کي جنرل ضياءَ جي حمايت حاصل ھئي. ھينئر بينظير ڀٽو جي حڪومت جي توھان کي حمايت حاصل آھي، پوءِ به ائين ڇو ڪري رھيو آھين؟“
    کلي وراڻيائين، ” اصل ۾ اسان کي آمريڪا جي حمايت حاصل آھي.“
    چيم، ” ڪيئن به کڻي ھجي، توھان کي حڪومت جي مدد ۽ حمايت حاصل آھي. پوءِ، تون ائين ڇو ڪري رھيو آھين؟“
    وري به کلي پيو. پڇيائين، ” ڇا ڪري رھيو آھيان؟“
    پڇيم، ” دل ۾ ته نه ڪندين؟“
    وراڻيائين، ” دل مان وسوسا ڪڍي ڇڏ. جيڪي وڻيي پڇ.“
    چيم، ” ھٿيارن جي سمگلنگ.“
    ٿورڙو ڇرڪيو. وراڻيائين، ” مجبوري سبب ڪري رھيا آھيون.“
    پڇيم، ” ڪھڙي مجبوري؟“
    ڊاڪٽر امان الله خان تفصيل سان جواب ڏنو، ڄڻ مون کي پنھنجي حڪمت عمليءَ جو ھڪ ھڪ نقطو سمجھائي رھيو ھو. ” جنگ سبب افغانستان ۾ بک ۽ بيمارين منھن ڪڍيو ھو. يورپ ۽ آمريڪا مان افغان مجاھدن کي وڙھڻ لاءِ جديد ھٿيار ملي رھيا ھئا، روڪڙ ڏوڪڙ ۽ کاڌو خوراڪ نه ۽ جيڪڏھن کاڌو خوراڪ ڪٿان آيو پئي ته اھو دٻن ۾ بند ھو، ۽ افغانين کي قبول نه ھو. تنھنڪري اضافي ھٿيار وڪڻي، ھو ھٿ آيل پيسي مان افغاني ٻارن لاءِ خوراڪ ۽ دوائون خريد ڪري افغانستان پھچائيندا ھئا.“
    سندس تفصيل ٻڌڻ کان پوءِ چيم، ” ائين ڪرڻ سان سنڌ مان طاقت جو توازن ختم ٿي ويندو. جنھن وٽ ھٿيارن جو ذخيرو ھوندو، سو بي ھٿيارن تي دٻڙ ڌونس سان راڄ ڪندو.“
    ” اسان کي ان جو احساس آھي.“
    ڊاڪٽر وراڻيو، ” اھو ئي سبب آھي جو اسان سنڌين کي پنھنجي ڪم ۾ شامل ڪيو آھي.“
    جواب ڏنائين، ” اسان بيشمار ھٿيار وڪڻيا آھن. ڌاڙيلن کي ڇڏي، سنڌين ورلي ڪي اسان کان ھٿيار ورتا آھن. توھين سنڌي مارجي ويندو. نعرن سان نه پيٽ ڀربو آھي، ۽ نه ئي تاريخ جو نئون باب لکبو آھي.“
    ھن چيو ، ” چارڻ پنھنجي طرفان ڪوشش ڪئي ھئي، پر نتيجي ۾ فقط ڏھ ٻارھن ڪلاشنڪوف ڪڍي سگھيو ھو.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم، ” چارڻ سچ پچ ھٿيارن جي سمگلنگ ڪندو ھو؟“
    ” ھا جوڳي “ ڊاڪٽر امان الله خان وراڻيو، ” پر، ھو سٺو سيلز مين نه ھو، يا توھين سنڌي شايد سچ پچ ھٿيارن ۾ دلچسپي نه ٿا رکو !“
    ھڪدم چيم، ” گھٽ ۾ گھٽ مون کي ته ھٿيارن ۾ دلچسپي ناھي، ڪا به، ڪنھن به قسم جي دلچسپي ناھي.“
    ٻاھر وڃڻ کان اڳ چيائين، ” اڳتي ھلي، توھان شايد عزت جي زندگي گذاري نه سگھو.“


    45

    انٽينسو ڪيئر يونٽ جو ڪمرو مون کي جيل ۾ تنھائي واري قيد جو سيل محسوس ٿيڻ لڳو. گھُٽ، ٻوسٽ ۽ اڪيلائي ۾ منھنجو ساھ منجھڻ لڳو. سخت سيءَ جي باوجود منھنجي ڪنڌ ۽ نرڙ تي پگھر تري آيو. مون نرسن کي سڏڻ واري گھنٽيءَ جي بٽڻ تي زور ڏنو. بيٺي پير سسٽر زيتون ھلي آئي.
    منھنجي منھن ۾ ڏسندي پڇيائين، ” ڇو، ٺيڪ ته آھين نه، تنھنجي چھري تي پگھر ڇو آھي. ڇا پيو محسوس ڪرين؟“
    چيم، ” ڏاڍي گھُٽ ۽ ٻوسٽ آھي. مون کي ساھ کڻڻ ۾ تڪليف پئي ٿئي.“
    پوئين پير موٽندي چيائين، ” مان ڊاڪٽرن کي وٺي ٿي اچان.“
    ھڪدم کيس روڪيندي چيم، ” ترس سسٽر “ ھوءَ بيھي رھي.
    ڏانھن چيم، ” منھنجي ويجھو آءُ ! “
    ھوءَ منھنجي ويجھو ھلي آئي. ڪجھه پريشاني ۽ ڪجھه حيرت وچان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي.
    چيم، ” مون کي ڊاڪٽر جي ضرورت ناھي.“
    چيائين، ” پر تون مون کي ٺيڪ نٿو لڳين.“
    چيم، ” ھا مان ٺيڪ نه آھيان. پر، منھنجي ٺيڪ نه ھئڻ جو ڪنھن به ڊاڪٽر سان واسطو ناھي.“
    حيرت وچان فقط ايترو چيائين، ” پر، مان سمجھان ٿي ھن وقت تو کي ڪنھن ڊاڪٽر جي سخت ضرورت آھي.“
    چيم، ” نه سسٽر نه.“
    ھوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسڻ لڳي.
    مان سندس سامھون وڃي بيٺس. چيم، ” مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته تو کي اصل حقيقت کان آگاھ ڪريان، يا نه ڪريان !“
    پڇيائين، ” ڪا اھڙي ڳالھه به آھي ڇا، جنھن کان مان آگاھ نه آھيان؟“
    ورائي پڇيو مانس، ” تون ڇا ٿي سمجھين؟ منھنجي باري ۾، ھتي سڀ ڪجھه نارمل آھي. ان ۾ شڪ جي ڪا به گنجائش نه آھي؟“
    اکين ۾ تعجب جو تاثر تري آيس.
    چيائين، ” گذريل ٻن ٽن ڏينھن جي واقعن مون کي شڪ ۾ وجھي ڇڏيو آھي.“
    پڇيم، ” ڪيئن؟“
    وراڻيائين، ” بائپسي لاءِ ويندي، ڏاڪڻ ۾ ڪنھن شخص جو تو کي جوڳي سڏڻ، ۽ پوءِ ھڪ عورت جو توسان ملڻ تي اسرار ۽ آبزويشن ونڊو مان تو ڏانھن عورت جو ڏسي مون کان پڪ ڪرڻ ته تنھنجو نالو سچ پچ جوڳي ناھي ! اھو سڀ ڪجھه ڇاھي؟“
    ” سسٽر زيتون، منھنجو نالو جوڳي آھي.“ چيم، ” مان قلندر نه آھيان.“
    ھوءَ حيرت وچان وک کن مون کان پري ٿي بيٺي.
    چيم، ” ۽ سسٽر، مان ڪينسر جو مريض به نه آھيان. مون کي برين ٽيومر ناھي.“
    منھنجي مٿي تي ويڙھيل پٽي ڏانھن اشارو ڪندي پڇيائين، ” ۽ ھي پٽيءَ؟“
    چيم، ” سڀ ڊرامو آھي.“
    پنھنجي ساءِ چيائين، ” سڀ ڪجھه ڊرامو آھي.“
    چيم، ” الائي ڪير ڪنھن کي دوکو ڏيئي رھيو آھي ! “
    سندس نگاھون منھنجي چھري تي کپي ويون. ھن نه ڳالھايو. مون ڳالھايو، چيم ” سسٽر، مان سمجھان ٿو، يا کڻي ائين چوان ته مون کي غلط فھمي آھي، ته تنھنجو يقين اھڙن رشتن ۾ آھي، جن کي ڪو به نالو ڏيئي نه سگھبو آھي.“
    وراڻيائين، ” ھا اھڙن رشتن ۾ منھنجو يقين آھي.“
    چيم، ” مون کي خوشفھمي، يا غلط فھمي آھي ته اسان ٻنھي جي وچ اھڙو رشتو آھي.“
    اوچتو اداس ٿي پيئي. چيائين، ” اسان ٻنھي جي وچ ۾اھڙو رشتو آھي. ھڪ بي نام رشتو.“
    چيم، ” سسٽر، گذريل ٻن ٽن ھفتن کان اخبارن ۾ سنڌ جي جنھن دھشتگرد تارا چند عرف جوڳيءَ جو جيڪو تذڪرو ھلي رھيو آھي، سو مان آھيان.“
    وڌيڪ تعجب نه ٿيس. چيائين، ” مون کي شڪ ھو.“
    چيم، ” مان ھن ڌُٻڻ مان نڪرڻ چاھيان ٿو. مان سياستدان نه آھيان. منھنجو دھشتگردي ۽ افغان جنگ ۽ سنڌ جي سياست سان ڪو واسطو ناھي. مان ھڪ عام رواجي انسان آھيان. اجايو بين الاقوامي سياست جو شڪار ٿي پيو آھيان.“
    ڪجھه چوڻ چاھيائين، پر چئي نه سگھي. ٻڌتر واري ڪيفيت ۾ گم ٿي ويئي . ڪمري جي بند درن ۽ درين ڏانھن ڏسندي رھي. گھڙيءَ کن لاءِ مون کي پنھنجي غلطي جو احساس ٿيو. پنھنجي باري ۾ اصل حقيقت کان سسٽر زيتون کي واقف ڪرڻ مناسب ھو، يا مون کان چُڪ ٿي ويئي آھي!
    سسٽر زيتون عجيب ۽ اوپري لھجي ۾ ڳالھايو.
    چيائين، ” ته منھنجو انومان صحيح نڪتو. تون قلندر نه آھين. تون جوڳي آھين.“
    ” ھا سسٽر. مان جوڳي آھيان.“ چيم، ” ۽ منھنجي دوست جو نالو گلاب احمد آھي. ھو گلاب چند نه آھي. ھو پيدائشي گونگو آھي. اسين اجائي مصيبت ۾ ڦاسجي ويا آھيون.“
    سسٽر زيتون چيو، ” تون تخربيڪار آھين، يا ناھين، ان باري ۾ مون کي ڪا خبر نه آھي. پر، پوليس ۽ خفيه ايجنسين کي پڪ آھي ته تون ۽ گلاب ھندستان جي خفيه ايجنسي را جا ايجنٽ آھيون ۽ تخربيڪاريءَ جي مقصد سان اسلام آباد ۾داخل ٿيا آھيو. اخبارون توھان ٻنھي جي باري ۾ خبرن ۽ پوليس جي بيانن سان ڀريون پيون آھن.“
    چيم، ” مون کي خبر آھي. ڀڄ ڀڄان دوران مان ڪا نه ڪا اخبار پڙھندو رھيو آھيان.“
    سسٽر چيو، ” نرسن واري ڪمري ۾ توھان ٻنھي، منھنجو مطلب آھي گلاب چند ۽ تارا چند جي باري ۾ ڏاڍو بحث ڇڙي پوندو آھي.“
    مون کي تعجب ٿيو، نرسن جو ڪنھن سياسي يا نيم سياسي موضوع تي بحث مون کي عجيب لڳو.
    سسٽر زيتون منھنجي اڻ تڻ جو احساس لڳائي ورتو. چيائين، ” افغان جنگ سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو رکندڙ ماڻھو نالا بدلائي ھتي، ھن اسپتال ۾ ايندا آھن، رھندا آھن، ۽ پنھنجو مشن پورو ڪري ھليا ويندا آھن. ٻن ٽن نرسن کي تنھنجي باري ۾ شڪ ٿي پيو ھو، ته تون به مريض نه آھين، بلڪه مريض جي شڪل ۾ روپوش مجاھد آھين.“
    مون کي مجاھد جي لفظ تي کل آئي. اھڙي گنڀيڙ گھڙي ۾ کلڻ مون کي ڏاڍو عجيب لڳو.
    سسٽر چيو، ” پر، مون الائي ڇو محسوس ڪيو ته تون سچ پچ بيمار آھين. تو کي ٽيومر آھي. تون مون کي زيتي سڏيندين ۽ ھڪ ڏينھن مري ويندين..“
    چيم، ” مان ٽيومر کان سواءِ به مري ويندس. حالتون منھنجي لاءِ سازگار نه آھن، وقت منھنجي لاءِ ٽيومر ٿي پيو آھي. مان مري ويندس. ان جي مون کي پڪ آھي.“
    سسٽر زيتون غور سان مون ڏانھن ڏٺو. ڄڻ منھنجي اندر ۾ ليئو پائي ورتائين.
    پڇيائين، ” ڇا ٿو چاھين؟“
    ھڪدم چيم، ” سسٽر، اڄ رات مان ھتان ڀڄي ويندس.“
    اداس ٿي پيئي چيائين، ” خبر اٿئي، خفيه ايجنسيءَ جا ڪمانڊوز اسپتال جي چئني پاسي پکڙيل آھن!“
    چيم، ” مون کي ڪجھه ڪجھه اندازو آھي.“
    چيائين، ” ھو تو کي ماريندي ويرم نه ڪندا !“
    چيم، ” تعجب آھي !توھان کي ڪجھه چون نه ٿا.“
    وراڻيائين، ”اسان جي پشت تي آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ آھن. ڪنھن کي مجال آھي جو اسان سان ھٿ اٽڪائي!“
    ان قسم جو جواب ڊاڪٽر امان الله به ڏنو ھو.
    چيم، ” بھرحال مان مرڻ لاءِ تيار آھيان. اڄ رات مان ھتان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪندس.“
    ھوءَ مون ڏانھن ڏسندي رھي.
    کانئس پڇيم، ” منھنجي مدد ڪندين؟“
    پڇيائين، ” ڪيڏانھن ويندين؟“
    چيم، ” ڪا خبر ڪونھي. شايد ايران، يا ھندستان ھليو وڃان – باڊر ٽپي.“
    پڇيائين، ” ڊاڪٽر امان الله تي اعتبار نه اٿئي ڇا؟“
    وراڻيم، ” اعتبار آھي به، نه به آھي.“
    پڇيائين، ” مطلب؟“
    چيم، ” تون ڇا ٿي سمجھين! دھشتگردي جو الزام کڻي سنڌ ۾ پير پاتم ته مون کي جيئرو ڇڏيندا !“
    ھن ڪو جواب نه ڏنو.
    چيم، ” سسٽر، خفيه ايجنسين جي ٽارچر سھڻ جي سگھه مون ۾ نه آھي، لڳيم ٿو، ھن ملڪ مان منھنجي لاءِ داڻو پاڻو ختم ٿي ويو آھي.“
    پڇيائين، ” داڪٽر امان الله تي اعتبار نه ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪھڙو سبب اٿئي؟“
    چيم، ” مون کي شڪ آھي، بلڪه پڪ آھي ته ھو ھٿيارن سان ڀريل ٽرڪ ڏيئي روانو ڪندو. ھن کي جنگ کان متاثر ٿيل افغاني ٻارن لاءِ کاڌو خوراڪ خريد ڪرڻ لاءِ پيسن جي سخت ضرورت آھي.“
    ڪافي دير تائين ھو خاموش رھي. پوءِ پڇيائين، ” بارڊر تائين پھچي سگھندين؟“
    چيم، ” ڪوشش ڪري ڏسندس، کٽن ڀاڳ.“
    ھوءَ وري خاموش ٿي ويئي. ڪمري ۾ اولھه طرف کلندڙ دريءَ وٽ وڃي بيٺي. پردو ھٽائي ٻاھر ڏٺائين. موٽي آئي. ڪجھه ڪجھه پريشان پئي لڳي. چيائين، ” اولھه طرف، اسپتال جي پوئان برساتي نالو آھي. پر، مون کي خبر ناھي ته ان طرف ڪمانڊوز پھري تي ھوندا، يا نه ھوندا.“
    ” ڪوشش ڪري ڏسڻ ۾ ته ڪو ڀولو ناھي نه !“
    سسٽر زيتون ڏانھن ڏسندي چيم، ” حياتي ھوندي، جي بچي ويس ته تو کي سدائين ياد رکندس، تو کي دعائون ڏيندس. ۽ جيڪڏھن گولين جو بک ٿي ويس ته.... “ مون جملو پورو نه ڪيو.
    ٿڌو ساھ کنيائين. چيائين، ” ياد رکي ڇا ڪندين!“
    چيم، ” تون ۽ مان ھڪ گمنام ۽ بي نام رشتي جي علامت آھيون. تون ان رشتي جي تصديق آھين.“
    ڀريل آواز ۾ چيائين، ” پھرين ڏينھن کان الائي ڇو، مان تنھنجي لاءِ پريشان ٿي پئي ھيس. مون کي خبر ھئي ته بائپسي ۽ آپريشن کان پوءِ تون بچي نه سگھندين.... ۽ ھينئر، ۽ ھينئر، نه تنھنجي بائپسي ٿي آھي، نه آپريشن ٿيو آھي، پر تڏھن به تون، مون کي لڳي ٿو، مون کي لڳي ٿو، بچي نه سگھندين!“
    منھن ٻئي طرف ڪري اکيون اگھي ڇڏيائين. مون ڏانھن پٺي ڪري بيھي رھي. گھٽيل آواز ۾ چيائين،”، مان اڄ رات انٽينسو ڪيئر وارڊ جو دروازو ٻاھران بند نه ڪنديس.“
    ۽ ھو تڪڙا قدم کڻندي، ذري گھٽ ڊوڙندي ڪمري مان ٻاھر نڪري ويئي.


    46

    سسٽر زيتون رات جي ماني کڻائي آئي ھئي. ماني ميز تي رکي وارڊ بواءِ ھليو ويو. مون سسٽر زيتون ڏانھن ڏٺو. سندس اکيون ڪُنڊن وٽان ڳاڙھيون ھيون. لڳم، شايد روئڻ چاھيو اٿائين، پر روئي نه سگھي آھي ! ڳالھائڻ لاءِ، چوڻ لاءِ مون وٽ ڪجھه به نه ھو. ذھن اھڙو خالي، ڄڻ ريگستان ٿي پيو ھو. ريگستان اونھاري جي مند ۾ رڃ پٺيان رلائي کورن جھڙيءَ واري ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھي. پر، سياري جي مند جو ريگستان ڏاڍو وسيع، ويڪرو، خالي، خلائن جھڙو ۽ موت جي پاڇي وانگر سرد ۽ بيدرد محسوس ٿيندو آھي. مون کي لڳو، محسوس ٿيو، ته مان سياري جي مند واري ريگستان ۾ موت جي پاڇي ھيٺان بيٺو ھوس. مون وٽ ڳالھائڻ لاءِ ڪجھه به نه ھو. مان وک وک موت ڏانھن وڌي رھيو ھوس.
    ” ماني نه کائيندين؟“ سسٽر زيتون پڇيو.
    ” مون کي بک ناھي.“
    چيائين، ” سڄي رات الائي ڪيئن، ڪٿي گذاريندين، ٻه گرھ کائي ڇڏ.“
    سندس لھجي ۾ مون کي ماءُ جي ممتا محسوس ٿي. زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اسان کي ڪا اھڙي به ھستي ملندي آھي، جنھن جي وجود ۾ ھڪ کان وڌيڪ علامتون محسوس ٿينديون آھن. ڪجھه ڏينھن ۽ ڪجھه راتين دوران سسٽر زيتون سان ڳالھائيندي، کيس ڏسندي مون کي سندس شخصيت ۾ بي انتھا محبت ڪندڙ ماءُ، ڀاءُ لاءِ ڦتڪندڙ ڀيڻ، ۽ اوچتو ملي اک ڇنڀ ۾ وڇڙي وڃڻ واري محبت محسوس ٿي ھئي. ڄڻ ھوءَ منھنجي لاءِ اوپري يا اجنبي نه ھئي. منھنجي ھئي. مون سان سندس ڪو رشتو ھو، اھڙو رشتو، جنھن جو ڪو نالو، جنھن جي ڪا سڃاڻپ نه ھئي. احساسن جو رشتو !
    سندس دل رکڻ لاءِ مون ٻه چار گرھ کائي ورتا.
    چيائين، ” سوپ پي ڇڏ. ٻاھر سخت سيءَ آھي.“
    ھوءَ ٽھڪندڙ سوپ کڻائي آئي ھئي. مان سپ سپ ڪري سوپ پيئڻ لڳس.
    ” اسان جو ڪي ڪي تمنائون فقط دعائن جي حد تائين محدود رھنديون آھن.“
    سسٽر زيتون چيو، ” منھنجي دعا آھي، تون تمام وڏي عمر ماڻين، ۽ زندگيءَ ۾ ٻيھر مون سان تڏھن ملين، جڏھن منھنجي وڃڻ جو وقت ويجھو ھجي.“
    سوپ جي سپ منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيئي مُڃَ جو ڪنڊو ٿي پيئي.
    ڏاڍي اداس مرڪ سان چيائين، ” زندگي ۾ ڪو انسان اھڙو ملندو آھي، جنھن سان حياتي گذارڻ جو خواب معراج محسوس ٿيندو آھي. ۽، ڪڏھن ڪو اھڙو شخص به ملندو آھي، جنھن جي ھٿن ۾ مرڻ ڏکن کان نجات جو سبب لڳندو آھي.“
    منھنجو ساھ سيني ۾ بند ٿي ويو. ڪائنات جي ماٺ مان انيڪ آوازن جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيو. حياتي وِھُ وٽو آھي. حياتي وِھُ وٽو آھي. آواز ايڏا واضع ۽ اوچا، جو انٽينسو ڪيئر جو ڪمرو ۽ ڪمري جي درن درين جا شيشا وڄڻ لڳا. حياتي وِھُ وٽو آھي، حياتي وھ وٽو آھي !
    ان مھل اوچتو، در کليو ۽ ڊاڪٽر امان الله خان اندر ھليو آيو. ڄڻ ڪا اڻ تڻ ھئس. ڳالھائڻ لاءِ وات کوليائين، پر مون کي گم سم ڏسي چپ ٿي ويو. سسٽر زيتون ڪمري مان ھلي ويئي.
    ڊاڪٽر امان الله خان پڇيو، ” ڪو خاص سبب آھي؟“
    ڪنڌ کڻي ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺم. انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” نه، ڪو خاص سبب ڪونھي، ۽ ھونءَ به جيڪي ڪجھه مون سان وھي واپري رھيو آھي، سو گھٽ آھي ڇا !“
    ” يار جوڳي ! تون مايوس ٿيندي ويرم نه ٿو ڪرين.“ ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ٽين دنيا جي سياست ۾ حالتون ڏسندي ڏسندي بدلجي وينديون آھن.“
    بيزاري وچان چيم، ” مون کي توھان جي ۽ ٽين دنيا جي سياست سا ڪا به دلچسپي نه آھي.“
    ھڪدم وراڻيائين، ” تنھنجي دلچسپي ۽ عدم دلچسپي جو سياسي ڦيڙ گھيڙ تي ڪو اثر نه پوندو.“
    چيم، ” مون کي خبر آھي.“
    ھڪدم چيائين، ” تنھنجو انٽرويو حڪومت ۽ مخالف ڌرين جي وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ جو سبب ٿي پيو آھي.“
    مون تعجب وچان ڊاڪٽر امان الله ڏانھن ڏٺو.
    چيائين، اڄ اسيمبليءَ جي ڪيفيٽريا ۾ ھڪٻئي تي الزام ھنيا اٿائون، سڀاڻي، سڀاڻي نه ته پرھين اسيمبليءَ جي ايوان ۾ تنھنجو انٽرويو وڏي بحث جو سبب ٿي پوندو.“
    مون تڏھن به نه ڳالھايو.
    ڊاڪٽر امان الله خان چيو، ” ڪيفيٽيريا ۾ ويٺل صحافين کي لکڻ لاءِ وڏو مواد ملي ويو آھي. تون رڳو چپ ڪري ويٺو تماشو ڏسجانءِ.“
    ماني واري ٽري کڻي مان ڪمري جي ھڪ ڪنڊ ۾ سائيڊ بورڊ تي رکي آيس.
    پڇيائين، ” ماني ڇو نه کاڌي اٿئي؟“
    وراڻيم، ” بک ناھي.“
    چيائين، ” مان تنھنجي ڪيفيت سمجھي سگھان ٿو. ٻن ٽن ڏينھن جي اندر تنھنجي سنڌ وڃڻ جو بندوبست ٿي ويندو.“
    ڪجھه طنز وچان پڇيم، ” ھٿيارن سان ڀريل ٽرڪ سان؟“
    ڦڪي کل کلندي ھڪدم سنجيدھ ٿي ويو. گنڀير لھجي ۾ چيائين، ” تون گھوٽڪيءَ وٽ ٽرڪ مان لھي وڃجانءِ.“
    اندر ۾ جَڪَ کائيندي پڇيم، ” روھڙي وٽ ڇو نه؟“
    ” ان ڪري جو... ھن جملو پورو نه ڪيو. غور سان مون ڏانھن ڏٺو. ” ان ڪري جو روھڙيءَ وٽان ٽرڪ سان ٻه ڌريون ملنديون. مان ان سموري معاملي کان تو کي جدا رکڻ چاھيان ٿو.“
    مون کي اڻ تڻ ٿي پيئي. پڇيم، ” ڪھڙيون ٻه ڌريون.“
    غور سان مون ڏانھن ڏٺائين.
    پڇيم، ” راز جي ڳالھه آھي ته مان نه پڇندس.“
    ” ھا، ھونءَ ته راز آھي، پر تو کان ڪھڙو راز.“
    چيائين، ” خيرپور وٽان ڌاڙيلن جي لاءِ ھڪ ڌر ھٿيار کڻي ويندي، ۽ سکر وٽان ٻي ڌر حيدرآباد ۽ ڪراچي جي شھري علائقن لاءِ ھٿيار کڻندي.“
    تعجب وچان پڇيم، ” کلم کلا، ڏٺي وائٺي !“
    ڪوڙي کل کلندي چيائين، ” ھا، ڏٺي واٺئي، ان ڪري جو پڇاڳاڇا ڪرڻ وارن جون اکيون پيٽ ۾ ھونديون آھن، سندن پيٽ جڏھن ڀريل ھوندو آھي، تڏھن سندن اکيون بند ھونديون آھن.“
    مون کي سندس ڳالھه سمجھه ۾ اچي ويئي. شھري ڌاڙيلن ۽ ٻھراڙيءَ جي ڌاڙيلن جي پشت تمام مظبوط آھي. کين لھر نه ڪو لوڏو آھي.
    مون ڊاڪٽر امان الله کان پڇيو، ” اسيمبليءَ جي ڪيفيٽيريا ۾ ڇا تي بحث ڇڙي پيو ھو؟“
    وراڻيائين، ” مخالف ڌر بينظير جي حڪومت تي، بلڪه خود بينظير تي الزام مڙھيو آھي ته ھوءَ سنڌ جي دھشتگردن جي پشت پناھي ڪري رھي آھي، جنھن م سندس مڙس آصف زرداري شامل آھي، ۽ اسلام آباد ۾ دھشتگردن جي موجودگيءَ ان ڳالھه جو ثبوت آھي.“
    مون کي چڙ وٺي ويئي. چيم، ” ڊاڪٽر، مان دھشتگرد نه آھيان، گلاب دھشتگرد نه آھي. تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو.“
    ” مان ڄاڻان ٿو، چڱي طرح ڄاڻان ٿو.“ ڊاڪٽر امان الله چيو، ” پر، سموري معاملي جو مخالف ڌر پورو پورو فائدو کڻي رھي آھي.“
    چيم، ” ان جو مطلب ته انٽرويو بيڪار ثابت ٿيو آھي.“
    ” نه،نه.“ ھن ھڪدم چيو، ” انٽرويو بيٺل پاڻيءَ ۾ اڇلايل ڇپ ثابت ٿيو آھي. وڏي ھلچل متل آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله خان ڏاڍو ذھين ھو. مون کي سندس نيت تي ڪڏھن ڪڏھن شڪ ٿي پوندو آھي. مون ڏٺو آھي ته وڌيڪ ذھين ماڻھو پاڻ کان گھٽ ذھين ماڻھو کي ڏاڍي بيدردي سان استعمال ڪندو آھي. ھن چارڻ کي استعمال ڪيو، ۽ سندس موت جو ڪارڻ ٿيو. ھينئر ھو مون کي استعمال ڪري رھيو ھو. پر، ھڪ ڳالھه واضع ھئي. ھن ھڪ پاسي منھنجي مدد ڪرڻ پئي چاھي، ۽ ٻئي پاسي منھنجي ابتر حالتن کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي سعي پئي ڪئي. ھو مون کي پوليس ۽ خفيه ايجنسين جي حوالي ڪري سرخرو ٿي پئي سگھيو، پر ھن ائين نه ڪيو.
    چيائين، ” مون کي سڀاڻي جي اخبارن جو انتظار آھي.“
    مون کي محسوس پئي ٿيو ته ھو مخالف ڌرين ۽ حڪومت درميان تنازعه جو، ڇڪتاڻ جو خواھشمند ھو. اھڙيون حالتون ھن لاءِ موزون ھيون، ھن لاءِ فائديمند ھيون.
    وڃڻ لاءِ، اٿي بيٺو، چيائين، ” اسين پٺاڻ پنھنجي مھمان لاءِ جان ڏيندا آھيون. تون ڪو فڪر نه ڪر. تنھنجو وار ونگو نه ٿيندو. تون آرام ڪر. ھڪ ٻن ڏينھن ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    ھو منھنجي پٺيان در ڏانھن وڌي ويو. در وٽ بيھي، منھن ورائيندي چيائين، ” پر، ھڪڙي ڳالھه جو خيال رکجانءِ، جوڳي ! ڪنھن به صورت ۾ شڪيله جي چڪر ۾ نه اچجانءِ. ھوءَ بنا ڪنھن شڪ شبھي جي خفيه ايجنسين جي پگھاردار ايجنٽ آھي.“
    ڊاڪٽر امان الله ھليو ويو.
    مان مٿي ھيٺان ٻانھون ڏيئي ليٽي پيس. اکيون ڇت ۾ اٽڪائي ڇڏيم. ڏسنديئي ڏسندي ڇت مان ڄارا لٽڪڻ لڳا. ڄارن مان ھٿ جيڏا ڪوڙيئرا ھيٺ لھڻ لڳا. سندن اکيون ٻاھر نڪتل ھيون، جن مان ڳاڙھي پيلي روشني پئي نڪتي ! ڪوريئڙن جو تعداد وڌندو پئي ويو. ھو ھيٺ لھڻ لڳا، منھنجي مٿان ! ڪمري جي بلبن جي روشني جھڪي ٿي ويئي. اوندوھ وڌنڌي ويئي، اوندھ ۾ ڪوريئڙن جون خوفناڪ اکيون وڌيڪ چمڪڻ لڳيون. ھڪ ڪوريئڙو، جنھن جو جسم ڪمي ءَ کان وڏو ھو. ڄارن مان ڇڏائجي، اچي منھنجي سيني تي ڪريو. منھنجي وات مان خوفناڪ وڏي رڙ نڪري ويئي. مان ڇرڪ ڀري اٿي ويھي رھيس.
    سامھون سسٽر زيتون بيٺي ھئي.
    سيني ۾ دل ڪُرڙيءَ وانگي ڦٿڪي رھي ھئي. مون وچڙندڙ لفظن ۾ سسٽر زيتون کان پڇيو، ” مون کي ٻڌاءِ سسٽر ! مان جيڪي ڪجھه ڪري رھيو آھيان، ٺيڪ ڪري رھيو آھيان، يا غلط ڪري رھيو آھيان؟“
    ٿڌو ساھ کنيائين. چيائين، ” مون کي ڪا خبر ڪونھي ته تون صحيح ڪري رھيو آھين، يا غلط ڪري رھيو آھين؟“
    ھوءَ منھنجي ويجھو ھلي آئي. شال منھنجي پاسي کان رکندي چيائين، ” ٻاھر ڏاڍو سيءُ آھي. ھيءَ شال ويڙھي ڇڏجانءِ.“
    مون سندس ٻاجھاري منھن ۾ ڏٺو.
    ھڪ لفافو منھنجي کيسي ۾ وجھندي چيائين، ” ھن ۾ ڪجھه پيسا آھن.“
    مون وٽ ڳالھائڻ لاءِ مناسب لفظ نه ھئا.
    سسٽر زيتون ھڪ پُڙو منھنجي ڀرسان رکي ڇڏيو. ڏانھنس ڏٺم. چيائين، ” ھن ۾ آمليٽ جا سئنڊوچز آھن. مون تنھنجي لاءِ ٺاھيا آھن. کڻي وڃجانءِ.“
    ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ جنھن ڪيفيت ۾ مون کيس ڏٺو ھو، ان ڪيفيت ۾ نه ھئي.
    ڳالھائڻ لاءِ، سندس ٿورا مڃڻ لاءِ مس وات کوليم، جو ھن چيو، ” نه، ڪجھه نه چئجانءِ.“
    مان چپ ٿي ويس.
    چيائين، ” مون کي خبر آھي، اسين ٻيھر ھڪٻئي سان ملي نه سگھنداسين، ۽ نه ئي ھڪٻئي کي ڏسي سگھنداسين.“
    مان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
    واچ ۾ وقت ڏسي ڳالھايائين. چيائين، ” اڄ رات مان انٽينسو ڪيئر وارڊ جو ٻاھريون در بند نه ڪنديس.“
    مان پلنگ ڇڏي اٿي بيھي رھيس. مون کي محسوس ٿيو، ھوءَ پنھنجي وجود ۾ بي انتھا ضبط جي ڪري ڪنبي رھي ھئي. اسين ڪجھه دير تائين ھڪٻئي ڏانھن ڏسندا رھياسين.
    پوءِ، مون ھيٺ جھڪي سندن پيرن تي عقيدت وچان ھٿ رکيا.
    ھوءَ ھڪدم وک کن پري ٿي بيٺي ۽ پوءِ منھن ورائي، تڪڙن قدمن سان ڪمري مان ھلي ويئي.


    47

    اسلام آباد جو راتيون قبرستان جي راتين وانگر خاموش ۽ اونداھيون ھونديون آھن، ۽ سياري جون راتيون باقي ٽن موسمن جي راتين کان وڌيڪ ھيڪليون، موت جيان ماٺ، ۽ ڀوائتيون ٿينديون آھن. رکي رکي ماٺ واري ماحول کي گدڙن جي اوناڙ چيري ڇڏيندي آھي. شھر جي وچ وچ ۾ ڇڏيل گھاٽي جھنگ مان، جنھن کي گرين ايريا سڏيندا آھن، اوچتو ڦڙڦوٽ ۽ جانورن جي ٽھڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، ۽ وري ھڪدم خاموشي ڇانئجي ويندي آھي. اھڙي ڪيفيت ۾ ڪو ننڍڙو جانور ڪنھن وڏي جانور جو شڪار ٿي پوندو آھي.
    مون دريءَ جو پردو ھٽائي ٻاھر ڏٺو. ٻاھر اوندھ ھئي، گگھه اوندھ، خاموشي ھئي، قبرستان جھڙي خاموشي. سيءَ جو اندازو ان مان لڳايم، جو دريءَ جو شيشو منھنجي ساھ سان ڪڪرائون ٿي پئي پيو. مون واچ ۾ وقت ڏٺو. رات جو ھڪ ٿي رھيو ھو. مون شال ۽ سينڊوچز جو پڙو کڻي ورتو. انٽينسو ڪيئر جي ڪمري تي آخري نگاھ وڌم. ان وقت مون کي سسٽر زيتون ڏاڍي ياد آئي. ھوءَ سامھون ھجي ھا ته ڀاڪر ۾ ڀري، ڳڙاٺري پائي، سندس مقدس ھٿ چمي ھليو وڃان ھا ! پر، ھوءَ، منھنجي سامھون نه ھئي. ڪمري جي ھڪ ھڪ شيءَ مان سندس موجودگيءَ ۽ ھئڻ جي ھٻڪار پئي آئي.
    مون کي خبر ڪونھي ته مڪمل مجبوريءَ جي حالت ۾ ٻيو ڪو بيوس انسان ڪيئن محسوس ڪندو آھي. مون پنھنجي وجود ۾ ٺاپر محسوس ڪئي. منھنجي ذھن ۾ ڪنھن اڻ ڏٺي خوف جو واسو نه ھو، بلڪه، منھنجي ذھن ۾ ڪجھه به نه ھو. منھنجو ذھن خالي ھو – ائين خالي ھو جيئن کوکي وانگر خالي ھڏائين کوپري ! ٻاھرين در وٽ وڃي بيٺس. منھن ورائي ڪمري ڏانھن ڏٺم. سسٽر زيتون جي آخري جملي جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيو. ” اسين ٻيھر ھڪٻئي سان ملي نه سگھنداسين، ۽ نه ئي ھڪٻئي کي ڏسي سگھنداسين.“
    مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. سسٽر زيتون منھنجي وجود ۾ ان نوجوان جو عڪس ڏسي ورتو ھو، جنھن کي دماغ ۾ ٽيومر ھو، ۽ جنھن آپريشن ٿيٽر ۾ دم ڏيئي ڇڏيو ھو. دنيا ۾ ماءُ جي محبت کان مٿاھين ڪا محبت نه آھي. اڌ ۾ رھجي وڃي ته ممتا ڪائنات ۾ آسمانن ۽ زمينن جي وچ ۾ ڀٽڪندي رھندي آھي. سسٽر زيتون جي رھجي ويل ممتا جو مرڪز اھو ٽيومر وارو نوجوان ٿي پيو ھو، جنھن جو لاش ھن ايمبولنس ۾ اسپتال کان ٻاھر ويندي ڏٺو ھو. ان نوجوان کي وساري نه سگھندي ھئي. ھن جڏھن به مون ڏانھن ڏٺو ھو، مون کي سندس نگاھن ۾ ڀٽڪندڙ ممتا نظر آئي ھئي.
    انٽينسو ڪيئر يونٽ جي ٻاھرين در کي آھستگيءَ سان کوليم، ھڪ بتيءَ کان سواءِ ورانڊي جون سموريون بتيون وساميل ھيون. اڳ ائين نه ٿيندو ھو. سڄي رات سموريون بتيون ٻرنديون ھيون. بنا بيھڻ ۽ ترسڻ جي مان ورانڊي مان لنگھي ويس. پٻن تي ھلندي ڏاڪڻ لھي ويس. ڏاڪڻ جي ڀرسان عمارت مان ٻاھر نڪري وڃڻ وارو وڏو دروازو ھو. دروازو کليل ھو. دروازي مان نڪري، وک کڻي سفيدي جي وڻن جي ھيٺان وڃي بيٺس. سيءُ ايڏو ھو، ڄڻ ماحول ۽ ھوا بدران برف ھلي رھي ھئي. مون شال کولي ڪنڌ ۽ ڪلھن تي ويڙھي ڇڏي. ڏاکڻي طرف چار فٽ کن اوچي ڀت ھئي ۽ ڀت آڏو ھيج جو لوڙھو ھو. وڻن ھيٺان وک وک کڻندو، ڏاکڻي ڀت وٽ وڃي بيٺس. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺم. انٽينسو ڪيئر يونٽ ۾ مون واري ڪمري جو پڙدو ٿورڙو ھٽيل ھو. الائي ڇو مون کي پڪ ھئي ته ھوءَ سسٽر زيتون ھئي. مون ٻانھن مٿي ڪري ھٿ لوڏيو. پڙدو ھڪدم ڇڪجي ويو.
    ھيج کي ھٿن سان پري ڪري، ڀت ٽپي – مان ڊاڪٽر درانيءَ ۽ ڊاڪٽر امان الله خان جي اسپتال مان نڪري ويس. اتي ئي ڀت وٽ ڪرونڊڙو ٿي ويھي رھيس. مون کي محسوس ٿيو کاھيءَ جي ٻئي پاسي ڪو آھستي آھستي پنڌ ڪري رھيو ھو. مون ساھ روڪي ڇڏيو. کاھيءَ جي پريئن پاسي مون کي شاليءَ جي موٽر نظر نه پئي آئي. اوندھ ڪوھيڙي وانگر ٿي پيئي ھئي. ٻن چئن وکن کان اڳتي ڪجھه نظر نه پئي آيو. پريان، ايف ٽين ٽو سيڪٽر جي سڙڪن تي ٻرندڙ بلب ڏيئن وانگر پي ڏٺا. قدمن جو آواز بند ٿي ويو. لائيٽر ٻاري ڪنھن سگريٽ دُکايو. ٻن چئن سيڪنڊن لاءِ لائيٽر ٻري وري وسامي ويو. مان سندس چھرو چڱي طرح ڏسي نه سگھيس. ھن ٻه چار وڏا ڪش ھڻي ورتا. ھر ڪش سان سگريٽ جو ڦلو وڌيڪ روشن ٿي ڍرو ٿي پئي ويو. ھُن وري ھلڻ شروع ڪيو.
    ڪير آھي؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس. مون کي لڳو، ھو پاڻ ۾ ھڪ کان وڌيڪ ھئا. پڪ خفيه ايجنسين جا ماڻھو ھئا. اسپتال تي نظر رکي بيٺا ھئا ! اوجھڙي ڪيمپ ۾ بمن ۽ بارود جي ڦاٽڻ کان پوءِ خفيه ايجنسين سڌو سنئون افغانين سان ھٿ اٽڪائڻ ڇڏي ڏنو ھو. ھونءَ به افغانستان واري جنگ ۾ ٽنگ اٽڪائي، پاڪستان پنھنجي لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ڪري وڌا ھئا. ڊاڪٽر درانيءَ جي اسپتال ۽ دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي حجرن ۾ داخل ٿي ڪاروائي ڪرڻ بدران ھنن افغانين لاءِ ڪم ڪندڙ ايجنٽن کي مارڻ مناسب سمجھيو ھو. شايد اھو ئي سبب ھو جو ھنن مسڪين چارڻ کي به اٽڪ پل وٽ ماري وڌو ھو. ڀت وٽ ڪرونڊڙو ٿي ويٺي ويٺي مون کي پڪ ٿي ويئي ته خفيه ايجنسين جا ڪمانڊوز مون کي ماريندي ويرم نه ڪندا ۽ اھو، به خيال آيم ته پاري جھڙي رات ۾ ھو شايد منھنجا منتظر ھئا. پر، کين ڪجھه خبر پيئي ته مان ان رات، ھڪ وڳي ڌاري اسپتال مان فرار ٿي ويو ھوس !
    ابتر حالتون انسان کان گھڻو ڪجھه کسي وٺنديون آھن. مان ماڻھن مان يقين وڃائي ويٺو ھوس. سسٽر زيتون ۽ شاليءَ کان سواءِ ٽئين ڪنھن به شخص کي منھنجي فرار جي خبر نه ھئي. جيتوڻيڪ امڪان کان ٻاھر پئي محسوس ٿيو، پر مون کي ٻنھي تي شڪ ٿي پيو. ٻنھي مان ڪنھن ھڪ مون کي مارائڻ لاءِ ڄار وڇايو آھي. ايڏي دليريءَ سان مون کي اسپتال مان ڀڄي وڃڻ جو موقعو ٺاھي ڏيڻ چرچو نه ھو ! ان ويساھ گھاتي ۽ دوکي ۾ سسٽر زيتون جو ھٿ آھي ! ضرور ھٿ آھي !مون کي پھريون دفعو پنھنجي احمقپاڻيءَ تي افسوس ٿيو. اسپتال مان فرار ٿيڻ ۾ مون کي ڪنھن جي مدد لاءِ واجھائڻ نه گھرجي ھا ! پنھنجي ساءِ پروگرام ٺاھيان ھا، ڀل ٻه چار ڏينھن لڳي وڃن ھا، ۽ پوءِ ڀڄي وڃان ھا ! مان وڏي غلطي ڪري ويٺو ھوس. سسٽر زيتون جي آخري جملي جو مطلب مختلف مفھوم سان سمجھڻ ۾ اچڻ لڳو، ” اسين ٻيھر ٻئي ھڪٻئي سان ملي نه سگھنداسين، ۽ نه ئي ھڪ ٻئي کي ڏسي سگھنداسين.
    مطلب ۽ مفھوم سمجھه ۾ اچڻ لڳو. مان مارجي ويندس ! منھنجي مري وڃڻ کان پوءِ، ظاھر آھي، اسين ھڪٻئي کي ڏسي نه سگھنداسين ۽ نه ئي ھڪٻئي سان ملي سگھنداسين !
    مون کي اوچتو شالي جو خيال آيو. ھوءَ جيڪڏھن خفيه ايجنسين جي پگھاردار آھي، ته پوءِ منھنجي لاءِ سندس مدد سراسر دوکو آھي ! ھوءَ پڪ خفيه ايجنسين جا ايجنٽ وٺي آئي آھي ! خفيه ايجنسين جي ڪمانڊوز اسپتال کي گھيري ۾ ورتو آھي ! آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي ناراضگيءَ جي ڊپ کان ھنن افغانين جي اسپتال تي ڇاپو ھڻڻ کان پاسو ڪيو آھي ! ھنن شالي جي مدد سان مون کي مارڻ يا ھٿ ڪرڻ جو سٽل سٽيو آھي ! جھنگ ۾ ھلڻ جا جيڪي آواز ٻڌي رھيو ھوس، سي آواز سرڪاري ايجنسين جي خونخوار ڪمانڊوز جا ھئا ! ھو يا ته مون کي ماري وجھندا، يا مون کي گرفتار ڪري ھٿيارن جي سمگلنگ ۽ دھشتگرديءَ جو اعتراف ڪرائيندا ! افغانين خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ثبوت ھٿ ڪندا !
    ٻه ناڪام شاديون، ۽ اسلام آباد جي چونڊ ۽ نامور ماڻھن سان مراسم ۽ دوستي رکڻ واري عورت لاءِ منھنجي حيثيث اونداھي ڪنڊ ۾ رکيل ڪيڪٽس جي ڪونڊي کان وڌيڪ نه ھئي. وساريل، ۽ نظر انداز ڪيل ! انٽينسو يونٽ جي ڪمري ۾ ڪيل فيصلي تي مون ڳنڍ ڏيئي ڇڏي. مان سرحد ٽپي يا ته ھندستان ھليو ويندس، يا ايران ھليو ويندس ! ايران ھليو ويندس ! ھا، ايران ھليو ويندس !
    مون ڪرونڊڙو ٿي آھستي آھستي ھلڻ، بلڪه چرڻ شروع ڪيو. جھنگ ۾ ھلڻ وارن اجنبي ڪمانڊوز جي آوازن کان مان پري ٿيندو ويس. گوڏن ۽ ھٿن تي رڙھندو، کاھيءَ مان نڪري مان ٻئي پاسي سيڪٽر يارھين ڏانھن ويندڙ رستي تي وڃي پھتس. پيرن تي مس بيٺو ھوس، جو مون شالي جو آواز ٻڌو، ” جوڳي!“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مان وري ويھي رھيس. شالي گھاٽن وڻن مان ٻاھر نڪري آئي. مون کي حيرت پئي ٿي ته ايڏي گگھه اوندھ ۾ ھن مون کي ڪيئن ڏٺو ۽ ڪيئن سڃاتو ھو ! ھوءَ ته مون ڏانھن ھلي آئي. مون کي ٻانھن مان ھٿ وجھندي چيائين، ” جوڳي ! جلدي ڪر. سامھون، وڻن جي ٻئي پاسي منھنجي گاڏي بيٺي آھي. ھل، جلدي ڪر.“
    مون سڙٻاٽن ۾ چيو، ” مان نه ھلندس.“
    ” چريو ٿيو آھين ڇا ! “ حيرت وچان پڇيائين.
    “ جھنگ ۾ ٻارھن کن افغاني ڪمانڊوز پھري تي آھن.“
    ” شالي مان نه ھلنديس.“ چيم، ” تنھنجا مون تي انيڪ احسان آھن. مون دھشتگرد کي پناھ ڏيئي پنھنجي لاءِ مصيبت کڙي نه ڪر. تون وڃ، مون کي ڇڏي ڏي.“
    ” نه جوڳي نه.“ سڙٻاٽن ۾ ڳالھائيندي چيائين، ” تنھنجي لاءِ سموريون واٽون، سمورا رستا بند آھن. ڪيڏانھن ويندين؟“
    ” مان ھندستان ھليو ويندس.“ چيم، ” مان ايران ھليو ويندس. بھرحال، ھن ملڪ ۾ نه رھندس.“
    ” سمجھين ٿو ته سرحدن تائين پھچي سگھندين ! “ شالي ڀڻڪن ۾ چيو، ” انٽرويو ڏيئي جيڪا غلطي ڪئي اٿئي، تنھن تنھنجي ڀڄڻ جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن.۾
    دل ۾آيو ته چوانس ! انٽرويو ڏيئي نه، مون تو سان ڀڄڻ جو پروگرام ٺاھي پنھنجي ڀڄڻ جا سمورا رستا بند ڪري، موت کي دعوت ڏني آھي. پر، مون ڪجھه نه چيو، پڇيو مانس، ” مون کي گگھه اوندھ ۾ ڪيئن سڃاتيئه؟“
    وراڻيائين، ” مون وٽ نائيٽ ويزن لينسز واري دوربين آھي.“
    ” اوھ ! “ مون کي حيرت ٿي. شاليءَ وٽ اھڙي دوربين ڪٿا آئي ! رات جو ڏسي سگھڻ لاءِ نائيٽ ويزن لينسز واريون دوربنيون، ۽ ڪيميرائون بي انتھا مھانگيون ۽ ناياب ٿينديون آھن. عام ماڻھو جي پھچ کان ٻاھر ھونديون آھن.
    دوربين سان اسپتال ڏانھن ڏسندي چيائين، ” ٻه ڪمانڊوز ھن طرف اچي رھيا آھن. ھل جوڳي، دير نه ڪر.“
    کيس ٻانھن ۾ھٿ وجھي، پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتم. سڙٻاٽن ۾ چيم، “ موت مون کان سڏ پنڌ تي آھي. مان ھڪ اعتراف ڪرڻ چاھيان ٿو.“
    ” ھتان ھل.“ چيائين، ” گاڏي ۾ ھلي ڳالھائينداسين.“
    ” نه“ چيم، ” مان ھتي، ۽ ھن وقت ڳالھائيندس.“
    ” چريون نه ٿي جوڳي.“ شاليءَ چيو، ھنن کي جيڪڏھن کڙڪ پئجي ويئي ته ڪلاشنڪوف مان برسٽ ھلائيندي ويرم نه ڪندا !“
    ” منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ شالي ! “ سندس ڳالھه کي اھميت نه ڏيندي چيم، ” توسان، اڄ تائين تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ حاصل ڪري ڇڏي ڏيڻ لاءِ محبت ڪئي ويئي آھي. مون توسان، تو کي وڃائڻ لاءِ محبت ڪئي آھي.“
    گھڙي کن لاءِ منجھي پئي.چيائين، ” اڙي بابا، اھي ڳالھيون گھر ھلي به ته ڪري سگھين ٿو.“
    چيم، ” منھنجو ڪو به گھر ڪونھي.“
    چيائين، ” ھڪ گھر تنھنجو آھي. بلڪه، ھڪ گھر اھڙو آھي، جتي ڪنھن کي تنھنجو انتظار آھي.“
    ٻانھن ۾ ھٿ وجھي، سٽ ڏيئي مون کي اٿاريندي چيائين، ” تو کي ھنن ڪمانڊوز جي باري ۾ تر جيترو به اندازو ناھي. ھي اھي ئي آھن، جن تنھنجي دوست چارڻ کي ماري وڌو ھو.“
    گگھه اوندھ ۽ موت جھڙي خاموشي ۾ سڪل پنن ۽ پٿرن آواز پيدا ڪري وڌو. آواز سان گڏ ڪلاشنڪوف مان لاڳيتو ٻه ٽي برسٽ ھلي پيا.
    شالي ۽ مان ھڪدم ليٽي پياسين، شالي سڙٻاٽن ۾ چيو، “ رستي جي ٻئي پاسي تائين اصل مٿي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ.“
    ٺونٺين ۽ پيٽ تي رڙھندا، اسين رستي جي ٻئي پاسي ھليا وياسين. ان دوران ٻه چار برسٽ ھليا. وڻن ۾ لڳا، پکي اڏاڻا، گدڙن ۾ ڀاڄ پيئي، جھنگ ۾ ھل ٿي پيو، ھل به ايڏو جو وائڙو ڪري ڇڏي!
    شاليءَ چيو، ” پھرئين وراڪي وٽ، وڻن جي ڀرسان منھنجي گاڏي بيٺي آھي، ڊوڙڻو پوندو.“
    چيم، ” تون ڀڄي وڃ. مان سيڪٽر يارھون ٽپي،گولڙا شريف ھليو ويندس.“
    مون کي ڳراٺڙي پائي چنبڙي پيئي. چيائين، ” مون سان ڇو نه ٿو ھلين ! مون سان ڇو نه ٿو ھلين ! ھا، مون کي خبر آھي ته مون سان ڇو نه ٿو ھلين، ڊاڪٽر دراني ۽ ڊاڪٽر امان الله منھنجي باري ۾ توکي سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو آھي سڀ ڪجھه”“
    ھوءَ مون کان پري ٿي ويئي.
    اوندھ ۾ مان سندس چھرو ڏسي نه سگھيس. ڀريل آواز ۾ چيائين، ” پر، ھڪڙي ڳالھه ياد رکجانءِ، جوڳي! مان مرندي مري ويندس، پر تو کي دوکو نه ڏيندس.“
    اوچتو ٻيھر برسٽ ھليو. اسين اڇل کائي ليٽي پياسين. ان کان پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن وڻن ۾ گوليون لڳنديون رھيون ۽ افغان ڪمانڊوز جي ڊوڙڻ جا آواز ايندا رھيا. اوچتو، مون ڄڻ محسوس ڪيو ته شالي ڄڻ درد وچان ڦٿڪي رھي ھئي. مون کيس ٻانھن ۾ ڀري ورتو. کيس سڙٻاٽن ۾ سڏ ڪيم، ” شالي، شالي ! “ گولين ھلڻ جو آواز بند ٿي ويو.
    شالي ٻڏندڙ آواز ۾ چيو، ” مون کي ٽنگ ۾ گولي لڳي آھي.“
    ھٿ لائي ڏٺم. کيس کاٻي ٽنگ ۾ گولي لڳي ھئي. منھنجا ٻئي ھٿ رت ھاڻا ٿي پيا.


    48

    ڳالھه اوندھ ۾ نظر ڪجھه ڪون پئي آيو، پر جھنگ ۾ افغان ڪمانڊوز جي ڀڄڻ جا آواز وڌنڌا پئي ويا. مون کي ائين پئي لڳو، ھو ڄڻ اسان جي رخ ۾ وڌندا پئي آيا.
    شاليءَ درد وچان ڦٿڪندي، جھيڻي آواز ۾ چيو، ” منھنجي پرس مان گاڏي جو چاٻيون ڪڍي وٺ، ۽ ھتان ھڪدم ھليو وڃ.“
    ” تو کي ڇڏي، ھن حال ۾، مان ھتان ھليو وڃان، ڀڄي وڃان ! “ سڙٻاٽن ۾ چيم، ” نه شالي، نه. اھو ممڪن ئي نه آھي.“
    ” ھو تو کي ماري وجھندا.“ شاليءَ چيو، ” جنھن جنھن شخص وٽ افغان جھنگ جا ھٿيار پاڪستان ۾ وڪرو ٿيڻ جو راز ۽ ثبوت آھي، تنھن کي سندن ڪمانڊوز جيئرو نه ڇڏيندا آھن تو ھتان ھڪدم ھليو وڃ.“
    ” ۽ تو کي ڇڏي ڏيندا؟“
    ” ھا، مون کي ڇڏي ڏيندا.“
    ” ڇو ڇڏي ڏيندا؟“
    ” تون ان ڳالھه کي اتي ئي ڇڏي ڏي، ۽ ھتان ھليو وڃ.“
    ” تون وڏي غلطفھميءَ ۾ آھين شالي.“ ڳچي مان مفلر لاھي سندس ٽنگ تي ويڙھيندي چيم، ” ھو تو کي ھتان کڻي ويندا، ۽ ڪنھن ڏورانھين ھنڌ تو کي ماري تنھنجو لاش اڇلائي ڇڏيندا. اسپتال ٻاھران پوليس لاِءِ تنھنجو لاش ڇڏي پنھنجي لاءِ مصيبت کڙي نه ڪندا.“
    ھن جواب نه ڏنو. ٻڏندي پئي ويئي، ساڻي ٿيندي پئي ويئي. مون کيس اٿاري ويھاريو. کانئس پڇيم، ” گاڏي تائين ھلي سگھندين؟“
    جھيڻي آواز ۾ چيائين، ” تو اڳ مون سان ھلڻ کان انڪار ڪيو ھو. تون پنھنجي پروگرام مطابق ھليو وڃ.“
    ” ان ڳالھه ۾ ۽ گھڙي کن ۾ بدلجي ويل حالتن ۾ فرق آھي.“ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي پڇيم، ” گاڏي تائين ھلي سگھندين؟“
    ڪنڌ لوڏيندي ڀڻڪن ۾ چيائين، ” ھا، ھلي سگھنديس.“
    مان اٿي بيٺس. کيس ٻنھي ڪلھن کان جھلي اٿاري بيھاريم. سندس ھڪ ٻانھن پنھنجي ڪنڌ ۾ وجھي ڇڏيم. پنھنجي ٻانھن ورائي کيس پاڻ سان سوگھو ڪيم. مون سان گڏجي ٻه چار وکون کنيائين. لڳم ته ٽنگن مان ڄڻ ست نڪري ويس. وک وچڙي پيس. سمورو بار مون تي ڇڏي ڏنائين. مون کيس ٻانھن ۾ کڻي ورتو. تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون کڻندو، مان گاڏي ڏانھن وڌڻ لڳس. اوندھ ۾ وڻن ٽڻن سان ٽڪڙائيندي، ٿاٻا کائيندي ۽ سھڪندي مون محسوس ڪيو، ته مان گاڏي تائين پھچي نه سگھندس، ۽ افغان ڪمانڊوز اسان کي گولين سان پَرڻ ڪري ڇڏيندا.
    آخري سگھه ساري مان جھنگ جي پھرئين وراڪي مان ٻاھر نڪري ويس. سامھون شاليءَ جي اھائي گاڏي بيٺي ھئي، جنھن گاڏي ۾ ھوءَ مون کي اڌ ٺھيل عمارت مان وٺڻ آئي ھئي. اوندھ ۾ اھڙي چٽي نموني نظر ايندڙ ڪار ڏسي مون کي احساس ٿيو ته اسان جي مٿان سرچ لائيٽون وڌيون ويون ھيون. گاڏيءَ وٽ پھچي، ھڪ کن لاءِ مون ڪنڌ ورائي اسپتال ڏانھن ڏٺو. اسپتال جو بتيون ٻري پيون ھيون ۽ اسپتال جي ڇت تي لڳل چئن سرچ لائيٽن جو رخ جھنگ ڏانھن ھو.
    شاليءَ کي گاڏي جي سھاري بيھاري سندس پرس مان چاٻيون ڪڍي ورتم. پويون در کولي، کيس ڀاڪر ۾ ڀري پوئين سيٽ تي ليٽائي ڇڏيم. سندس ٽنگ تي ويڙھيل مفلر رت ۾ ڀڄي پيو ھو. لاڪ ڪري در بند ڪري ڇڏيم. اڳئين سيٽ تي ويھي گاڏي اسٽارٽ ڪيم. گيئر وجھي تيزي سان گاڏي اڳتي ڪڍي ويس. ان وقت ٻه چار برسٽ ھلي پيا. ڪجھه گوليون موٽر جي پوئين شيشي مان پار ٿي ويون. ونڊ اسڪرين جو شيشو ٽڙڪي پيو. مون ھيڊ لائيٽون ٻاري گاڏي جي رفتار وڌائي ڇڏي. ان کان پوءِ،جيستائين اسين سيڪٽر ڏھين ۾ ھئاسين، تيستائين برسٽن جا آواز ٻڌنڌا رھياسين. سيڪٽر ڏھين مان نڪري، سيڪٽر يارھين جي اڌ ٺھيل سڙڪ تي پھتاسين. سڙڪ ٺاھڻ لاءِ سڙڪ تي ننڍا وڏا پٿر وڇائي ڇڏيا ھئائون. مون گاڏي جي رفتار ڍري ڪندي، شالي کان پڇيو، ” ڪيئن آھين؟“
    ٻڏل آواز ۾ چيائين، ” ٺيڪ آھيان.“
    ھن چوڻ خاطر چئي ڇڏيو ھو ته ٺيڪ آھيان، پر ھو ٺيڪ نه ھئي. رت وھڻ سبب ھوءَ ساڻي ٿيندي پئي ويئي. گاڏي ھلائيندي، مون شال لاھي، ھٿ پوئتي ڪري اندازي سان شال شالي تي وجھي ڇڏي.
    جھيڻو آواز ٻڌم، ” ٿينڪ يو.“
    ڀڳل شيشن سبب گاڏي يخ ٿي ويئي ھئي.
    شاليءَ چيو، ” گاڏي ۾ ھيٽر آھي، ھلائي ڇڏ.“
    مون بتي ٻاري، ھيٽر جو ناب تلاش ڪري، ھيٽر ھلائي ڇڏيو. برفخاني جھڙي گاڏي مان ٿڌ گھٽ ٿيڻ لڳي. سوچيم، شاليءَ کي ڪيڏانھن وٺي وڃان ، گھر يا اسپتال ! مان مفرور ملزم شاليءَ کي اسپتال ڪيئن وٺي ويندس ! مان منجھي پيس. ان دوران گاڏي ھلائيندي، مان سيڪٽر نائين ۾ پھچي ويو ھوس. اوچتو مون کي ڊاڪٽر سولنگيءَ جو خيال آيو. سوچيم، شالي کي ڊاڪٽر سولنگيءَ ڏانھن وٺي ويندس.
    ڊاڪٽر سولنگيءَ سيڪٽر ڏھين ۾ ٺاھيل سرڪاري ملازمن لاءِ ھاسٽل، چميريءَ ۾ رھندو ھو. گاڏي جي اسپيڊ ميٽر ڀرسان لڳل ڊجيٽل گھڙيال ۾ وقت ڏٺم، رات جا اڍائي ٿيا ھئا. اوچتو، رستي جي وچ ۾ مون ٻن چئن سپاھين کي ڏٺو، کين ھٿن ۾ بندوقون ھيون. ھڪ سپاھي جي ھٿ ۾ ٽارچ ھئي. ھو پري کان مون کي بيھڻ لاءِ اشارا ڏيئي رھيو ھو. اسلام آباد ۾ اھو عام رواج آھي. چپي چپي تي سپاھي بيٺا ھوندا آھن. جنھن گاڏي ۽ موٽر سائيڪل وراي تي شڪ پوندو اٿن، تنھن کي بيھاريندا آھن. سندس گاڏي جي تلاشي وٺندا آھن، گاڏي جا ڪاغذ پٽ ڏسندا آھن.
    مون اشاري جي باوجود گاڏي بيھارڻ مناسب نه سمجھيو. گاڏي جي رفتار تيز ڪري مون بتيون وسائي ڇڏيون. پوليس وارا ڊپ وچان رستي تان ھٽي ويا. مان اک ڇنڀ ۾ وٽانئن لنگھي ويس.
    سيڪٽر اٺين ج تائين مون بتيون نه ٻاريون. چميري لاج کان ٿورڙو اورتي مون گاڏي جون بتيون ٻاري ڇڏيون . گاڏي آڻي در وٽ بيھاري ڇڏيم. لوھي در کي تالو لڳل ھو. در جي ڀرسان چوڪيدار جي ڪيبن ۾ بتي ٻري رھي ھئي.
    ” گھر اچي ويو ڇا؟“ شالي جھيڻي آواز ۾ پڇيو.
    وراڻيم، ” اسين ڊاڪٽر سولنگي جي ھاسٽل تي آيا آھيون.“
    ” اھو ڇا ڪيو اٿئي ! “ ڪمزوري جي باوجود چيائين، ” مون کي فورن گھر وٺي ھل.“
    ” تو کي ھڪدم علاج جي ضرورت آھي.“ چيم، ” اسپتال بدران مون تو کي ھتي آڻڻ ٺيڪ سمجھيو آھي.“
    ” غلط آھي، قطعي غلط آھي.“ چيائين، ” جوڳي، مون کي گھر وٺي ھل.“
    ” ضد نه ڪر شالي!“
    ” تون به ضد نه ڪر، جوڳي.“
    ” مون کي تنھنجي زندگي کان عزيز ٻيو ڪجھه به ڪونھي.“
    ” ۽ مون کي تنھنجي روپوشي کان وڌيڪ ٻي ڪنھن ڳالھه جو فڪر نه آھي.“
    کيس سمجھائڻ واري نوع ۾ چيم، ” مون کي ڪجھه نه ٿيندو.“
    وراڻيائين، ” مون کي ڪجھه نه ٿيندو.“
    گاڏي جي بتين جي روشني تي چوڪيدا ر پنھنجي ڪيبن مان ٻاھر نڪري آيو. گاڏي جي ونڊ اسڪرين ۾ سوراخ ۽ ڏار ڏسي، ھو اچرج ۾ پئجي ويو. ھن در جو تالو نه کوليو. مان گاڏي مان ٻاھر نڪري آيس. در وٽ چوڪيدار جي سامھون وڃي بيٺس. چوڪيدار جون دھشت وچان وايون بتال ٿي ويون. ھو ٻه ٽي قدم پوئتي ھٽي ويو. مون ڏانھن ڏسندو رھيو. پوءِ، ھڪدم ڊوڙ پائي ڪيبن ۾ داخل ٿيو. تڏھن، گيٽ ۽ موٽر جي روشنين ۾ ڌٺم ته منھنجا ڪپڙا رت ھاڻا ھئا. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون کي خود پنھنجي حالت ۽ حليي کان وحشت ٿيڻ لڳي. ان وچ ۾ مون چوڪيدار کي فون تي ڪنھن سان، ھلو ھلو ڪندي ٻڌو.
    مان موٽي وڃي موٽر ۾ ويٺس. گاڏي اسٽارٽ ڪري اتان ھڪدم نڪري ويس.
    ” ڇو، ڇا ٿيو؟“ شاليءَ پڇيو.
    چيم، ” تنھنجي صلاح ٺيڪ آھي، تنھنجي گھر ٿا ھلون.“
    چيائين، ” شڪر آھي منھنجي ڪا صلاح ته مڃي اٿي.“
    واٽ تي کانئس پڇيم، ” ڪو ڊاڪٽر، جنھن تي مڪمل اعتبار ھجيئي، ان وٽ ھلون؟“
    چيائين ” گھر ھل، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    ڏھن منٽن ۾ اسين شاليءَ جي بيوٽي پارلر ٻاھران وڃي بيٺاسين. مٿئين حصي ۾ پاڻ رھندي ھئي، ۽ ھيٺيئن حصي ۾ ڪاروبار ھلائيندي ھئي. موٽر مان لھي مون ٻاھرين در جو بيل وڄايو. گھنٽيءَ جو آواز ٻڌي چوڪيدار اوور ڪوٽ جو ڪالر کڙو ڪندي ٻاھر آيو. شاليءَ جي گاڏي ھڪدم سڃاتائين، در جو تالو کوليندي بيھي رھيو. گاڏي جي ڀڳل ونڊ اسڪرين ڏسي ھو وائڙو ٿي ويو. اوچتو مون تي نظر پيس. منھنجا رت ھاڻا ڪپڙا ڏسي ساھ سڪي ويس. ھونءَ ته ھو مون کي سڃاڻيندو ھو، بلڪه چڱي طرح سڃاڻيندو ھو.
    ھن ڪنبندڙ آواز ۾ چيو ،” جوڳي صاحب !“
    ” لالا، جلدي ڪر، در کول. چيم، ” ميڊم جي طبيعت ٺيڪ ناھي. جلدي ڪر. دير نه ڪر.“
    چوڪيدار در کولي ڇڏيو.
    گاڏي ڪاھي وڃي پورچ ۾ بيھاريم. گاڏيءَ جو پھريون در کولي شاليءَ کي ٻانھن ۾ کڻي اندر ھليو ويس.
    چوڪيدار منھنجي ڪڍ اندر ھليو ويو. رت ڏسي پڇيائين، ” ميڊم کي ڇا ٿيو، جوڳي صاحب؟“
    ” ڪا خاص ڳالھه ناھي.“ چيم، ” تون وڃ. ميڊم کي ٽنگ تي ڌڪ لڳو آھي.“
    چوڪيدار مشڪوڪ نموني اسان کي ڏسندو ٻاھر ھليو ويو. اسان جي آوازن تي شاليءَ جي خاص ملازمه جنت اکيون مھٽيندي اندر ھلي آئي. منھنجن ۽ شاليءَ جي رت ھاڻن ڪپڙن تي نگاھ پيس ته وات مان رڙ نڪري ويس. سڌو وڃي شالي جي ڀرسان فرش تي ويھي رھي، ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    شاليءَ اکيون کولي ڏانھنس ڏٺو. نٻل آواز ۾ چيائين، ” مون کي پاڻي جو گلاس آني ڏي.“
    جنت ھڪدم اکيون اگھي ڊوڙندي ويئي، ۽ پاڻي جو گلاس ڀري آئي. مون شاليءَ کي سھارو ڏيئي اٿاري ويھاريو. ھوءَ يڪ ساھي اڌ گلاس پاڻيءَ جو پي ويئي. گلاس موٽائيندي، جنت کي چيائين، ” مون کي ٽيليفون آڻي ڏي.“
    جنت گلاس کڻي ھلي ويئي. گھڙي کن ۾ ڪارڊ ليس ٽيليفون کڻي موٽي آئي. نمبر ڊائل ڪرڻ کان اڳ ھن جنت کي وڃڻ لاءِ چيو. جنت ھلي ويئي. ٻه يا ٽي انگ ڦيرائڻ کان پوءِ ھن ھٿ روڪي ڇڏيو. مون ڏانھن ڏٺائين. مان سندس پاسي کان ويھي رھيس. مون ڏانھن نماڻين اکين سان ڏٺائين. مون کي مٿس ڏاڍو رحم آيو. گاڏي ۾ جيڪا شال مٿانئس وڌي ھيم، سندس ڪلھن تي ويڙھيل ھئي. چپن تي ڏاڍي پر اسرار مرڪ تري آيس. چيائين، ” ھيءَ شال مرداني ته ناھي ! ڪنھن ڏني اٿئي؟“
    چيم، ” اسپتال ۾ ھڪ نرس ھئي، سسٽر زيتون.“
    پڇيائين، ” ڀڄڻ ۾ تو کي مدد ڏني ھئائين؟“
    وراڻيم، ” ھا، سر تريءَ تي رکي منھنجي مدد ڪئي ھئائين. اسپتال مان نڪرڻ مھل اھا شال، ڪجھه پيسا ۽ سينڊوچ ٺاھي ڏنا ھئائين.“
    ٿورڙي کل آيس. ڪنڌ مٿي ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيائين. چيائين، ” مان به ڪيڏي نه ذليل آھيان. مون کي پڪ ھئي ته اسپتال مان فرار ٿيڻ ۾ ڪا نه ڪا نرس تنھنجي مدد ضرور ڪندي.“
    مون کي حيرت ٿي. پڇيم، ” تو کي پڪ ھئي، پر ڇو؟“
    اکيون کولي مون ڏانھن ڏٺائين. چيائين، ” تنھنجي اکين ۾ عام مرد جي حوس بدران پناھ جي تلاش آھي. گم ٿيل ٻار جي پناھ جي تلاش ! ظالم کان ظالم عورت به تو کي دوکو ڏيئي نه سگھندي.“
    سخت سيءَ جي باوجود مون کي ڪنڌ ۽ نرڙ تي پگھر محسوس ٿيو. مان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳس.
    چيائين، ” منھنجو ھڪڙو ڪم ڪندين؟“
    وراڻيم، ” مان تنھنجا سو ڪم ڪندس. پر، سڀ کان اڳ مون کي اھو ٻڌاءِ ته گھر ۾ تنھنجي زخم جو علاج ڪيئن ٿيندو؟“
    چيائين، ” مان داڪٽر جبار خان کي فون ڪري گھرايان ٿي.“
    چيم، ” ته پوءِ ڳالھين ۾ وقت ڇو ٿي وڃائين ! فون ڪرينس.“
    ڊاڪٽر جبارخان جي پورھي کک زال شاليءَ جي بيوٽي پارلر جي ٻڌي ليکي گراھڪ ھئي. مون ٻنھي کي اڪثر شالي وٽ ڏٺو ھو. شاليءَ جي جڏھن به طبيعت خراب ٿيندي ھئي، ھوءَ ڊاڪٽر جبار خان کان علاج ڪرائيندي ھئي. ھو گھٽ ۾ گھٽ ويھن پنجويھن سفارتخانن جو ڪنسلٽنٽ ھو. شاليءَ ڊاڪٽر جبار جو نمبر ڊائل ڪيو. موٽ نه پئي مليس. ھن رکي رکي نمبر پئي ملايو. ساڻي ٿي پيئي.
    مون کانئس فون وٺي ڊاڪٽر جبار خان جو نمبر ڊائل ڪيو. رسيور ڪن تي رکي ٻڌندو رھيس. ٻئي طرف گھنٽي وڄندي رھي. ڪافي دير کان پوءِ ڊاڪٽر جبار خان رسيور کڻي ورتو، ۽ سندس ڳورو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ” ھيلو“
    مون ڪارڊ ليس فون شاليءَ کي ڏيئي ڇڏي. شاليءَ رسيور ڪن تي رکندي ڳالھايو. ” ڊاڪٽر جبار خان، مان شالي پئي ڳالھايان... ھا، خير آھي... اھڙي ڪا تشويش جھڙي ڳالھه ته ڪونھي، بس ٽنگ تي مُري وٽ ڌڪ لڳو آھي، ۽ رت لينڊيون ڪري وھي رھيو آھي.... مھرباني، مھرباني.“
    فون مون کي ڏيندي چيائين، ” مفلر کولي ڇڏ جوڳي ۽ رئي سان پنيءَ وٽ ڳنڍ ڏيئي ڇڏ.“
    مون مفلر کولي ڇڏيو. ڳچي مان رئو لاھي، مون کي ڏنائين. مون رئو ويڙھي سيڙھي کيس پنيءَ تي زور ڏيندي چيائين، ” ھاڻي صوفن جون ٻه ٽي گاديون کڻي منھنجي ٽنگ ھيٺان رکي ڇڏ.“
    مون صوفن تان ٽي چار گاديون کڻي سندس ٽنگ ھيٺان رکيون. چيائين، ” ڊاڪٽر جبار خان پندرھن ويھن منٽن ۾ پھچي ويندو. تون ڪمري ۾ ھليو وڃ. وھنجي ڪپڙا بدلائي ڇڏجانءِ. وارڊ روب ۾ مون تنھنجي لاءِ ڪجھه وڳا وٺي رکيا آھن.“
    مان ڪافي دير تائين کانئس ڏسندو رھيس.
    پڇيائين، ” ڇا پيو ڏسين؟“
    جواب نه ڏنم. سندس منھن ٻنھي ھٿن ۾ جھلي کيس اکين تي پيار ڪيم. ھن ھٿ مٿي ڪري منھنجن منجھيل وارن کي سلجھايو. آھستي چيائين، ” وڃ جوڳي.“
    مان اٿي بيٺس. گھڙي کن لاءِ ڏانھنس ڏسندو رھيس ۽ پوءِ، رت ھاڻو مفلر کڻي مان سندس بيڊروم ڏانھن ھليو ويس.


    49

    بيڊ روم جي در ٻاھران ڪجھه سئچ لڳل ھئا. در جي طاق مان ھينڊل ۾ ھٿ وجھي کوليم. ڪمري ۾ اوندھ ھئي. ھڪ ٻه سئچ آن ڪري ڏٺم. اندرئين پاسي در وٽ بتي ٻري پيئي. ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان کاٻي پاسي باٿ روم ھو، وڏو ۽ ڪشادو، ۽ کاٻي پاسي وارڊ روب ھئا. وارڊ روب جي پاسي کان ڪمري جي روشنين لاءِ سئچ ھئا. مون ھڪ ٻه سئچ آن ڪيا. ڪمرو روشن ٿي پيو. ايتريقدر نفيس ڪمرو، مون عمر ۾ نه ڏٺو ھو. ڏاکڻي طرف وڏو پلنگ، پاسي کان سائيڊ ٽيبلون، پيرانديءَ وٽ وڪٽورين طرز جون ٻه ڪرسيون، ڪرسين جي پاسي کان دريسنگ، جنھن تي اعلي قسم جي ڪاسميٽنگ جو سامان رکيل ھو. نرم غاليچي تي ھلندو مان ڊريسنگ ٽيبل جي سامھون وڃي بيٺس. گذريل پندرنھن ڏينھن ۾ پھريون دفعو پنھنجو حليو ڏسي مان ڊڄي ويس. منھنجا ڪپڙا ميرا گدلا ۽ رت ھاڻا ھئا. وار وکريل ھئا. ڏاڙھي وڌيل، اکيون اندر پيھل ! مون کي پاڻ کان وحشت ٿيڻ لڳي.
    مان آئيني وٽان ھٽي ويس. وارڊ روب کولي ڏٺم. سمورا وارڊ روب شالي جي مختلف لباسن سان ڀريل ھو. ھڪ طرف ڪجھه پيڪٽ پيا ھئا. پيڪٽن تي مردانن ڪپڙن جا ليبل لڳل ھئا. مون ھڪ پيڪٽ کڻي ورتو. موٽي وڃي ڪمري ۾ پيڪٽ کولي ڏٺم. سلوار قميص ھئي، ني، ھڪ نامور ڪمپني جي ٺاھيل. سلوار ۾ اڳٺ پيل ھو. مون کي تعجب ٿيو.
    کيس ايتريقدر پڪ ھئي منھنجي اچڻ جي ! مون سوچيو، ۽ جوڙي جي قميص کڻي جاچڻ لڳس. مون زندگي ۾ ايتريقدر قيمتي جوڙو وٺي پائڻ جو ڪڏھن خواب به نه ڏٺو ھو.
    ڪمرو مٿي ماڙ تي ھو. برف وانگر ٿڌو ھو. مون ھيٽر ٻاري ڇڏيو. باٿ روم ۾ پير پائي ھڪدم ٻاھر نڪري بيٺس. ايڏي صفائي وارو، ۽ اجرو باٿ روم ڏسي مون کي خيال آيو ته ڪٿي منھنجي وجود جي گندگي بي داغ باٿ روم ۾ ڪو داغ نه ڇڏي ڏي ! مون کي پنھنجي احمقاڻي سوچ تي ڪاوڙ آئي. باٿ روم ۾ داخل ٿي ٽب ۾ گرم جو نلڪو کولي ڇڏيم. ٿورڙيءَ دير ۾ ٽب ٻاڦ نڪرندڙ، ۽ وڻندڙ گرم پاڻي ۾ ليٽي پيس. تڏھن مون کي احساس ٿيو ته پنڌرھن ويھن ڏينھن جي ڀڄ ڊُڪ ۽ لڪ ڇپ ۾ مان پھريون دفعو وھنجي رھيو ھوس، ۽ ٻيو ته مان بيحد ٿڪي پيو ھوس. منھنجو سَنڌ سَنڌ ڏکي رھيو ھو. گرم پاڻي ٿڪل عضون لاءِ ٽاڪوڙ محسوس ٿيو. مون کي لڳو، مان اتي ئي پاڻي ۾ سمھي پوندس. منھنجا ڇپر ڳورا ٿيڻ لڳا. الائي ڪيئن سجاڳ رھندي ڪافي دير تائين مان وھنجندو رھيس.
    ناٿ روم مان وھنجي سھنجي، ۽ ڪپڙا مٽائي ٻاھر آيس. آئيني آڏو بيھي ڦڻي ڏنم. تڏھن، مون ڊرائنگ روم مان ڪنھن جي ڳالھائڻ جو آواز ٻڌو. ڪَن ڏيڻ کي مان ڪڌو ڪم سمجھندو آھيان. پر، حالتن مون کي ڪُڌي ڪم تي مجبور ڪري وڌو ھو. منھنجو يقين رشتن تان کڄي ويو ھو. مان بيڊ روم جي در وٽ وڃي بيٺس ۽ ھيٺان ايندڙ آواز ڪَن ڏيئي ٻڌڻ لڳس. ڊاڪٽر جبار خان شاليءَ سان ڳالھائي رھيو ھو، ” زخم اونھو آھي. آپريشن کان سواءِ رت بند نه ٿيندي.“
    ٻيو آواز ڊاڪٽر جبار خان جي زال جو ھو. ھن چيو، ” ڊڄين ٿي، يا ٻيو ڪو سبب آھي.“
    شاليءَ تمام جھيڻي آواز ۾ ڳالھايو. سندس جواب منھنجي سمجھه ۾ نه آيو.
    ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” ھڪ ڊاڪٽر جي حيثيث ۾ مان جيڪي بھتر سمجھنديس، ڪندس. مان تو کي پنھنجي اسپتال کڻائي ھلان ٿو، ۽ اتي ئي تنھنجو آپريشن ڪندس.“
    شالي الائي ڇا چيو، جنھن جي جواب ۾ ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” صبح ٿيڻ کان اڳ تنھنجو موٽي اچڻ لازمي آھي ڇا؟“
    شاليءَ ڪو جواب ڏنو، پر منھنجي سمجھه ۾ نه آيو. ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” تنھنجو رت ضايع ٿي ويو آھي. تو کي مڪمل آرام ۽ نگھداشت جي ضرورت آھي. مان ھڪ ٻه ڏينھن تو کي پاڻ وٽ رکنديس.“
    وري به شاليءَ ڪجھه چيو، جنھن جي جواب ۾ ڊاڪٽر جبار خان چيو، ” ٺيڪ آھي، ٺيڪ آھُي. تون موٽي اچي پنھنجي گھر ۾ آرام ڪجانءِ. منھنجو وقت نه وڃاءِ – رت جو روڪڻ لازمي آھي.“
    ان کان پوءِ چوڪيدار ۽ ڊاڪٽر جبار ۽ جنت، ۽ داڪٽر جي زال جي ڳالھائڻ جا آواز ٻڌم. اندازو لڳايم ته ھو شالي کي ٻاھر کڻي پئي ويا. ٿورڙي دير کان پوءِ مون موٽر اسٽارٽ ٿيڻ جو، ۽ موٽر جي رواني ٿيڻ جو آواز ٻڌو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ مڪمل خاموشي ڇانئجي ويئي.
    اڻ تڻ ورائي ويئي. مان ڪمبل پائي شاليءَ جي ھنڌ بدران ھيٺ غاليچي تي ليٽي پيس. ڪجھه دير کان پوءِ بيڊروم جو در کڙڪايو. مون اٿي وڃي در کوليو. جنت بيٺي ھئي. روئڻ سبب اکيون ڳاڙھيون ھيس. رئو درست ڪندي چيائين، ” ميڊم چيو آھي، توھين بي فڪر ٿي آرام ڪريو. پاڻ صبح تائين موٽي ايندي.“
    پڇيم، ” ڪيئن ھئي؟“
    وراڻيائين، ” ڏاڍي تڪليف ۾ ھئي.“
    منھنجي ھانو ۾ ھٿ پيو.
    جنت پڇيو، ” ميڊم کي ڌڪ ڪيئن لڳو؟“
    مان منجھي پيس. مون وٽ جواب نه ھو. کيس ٽارڻ خاطر چيم، ” مان ڏاڍو ٿڪل آھيان. پاڻ صبح جو ڳالھائينداسين.“
    مان در وٽان ھٽي ويس.
    جنت مون کي سڏ ڪيو، ” جوڳي صاحب !“
    مون منھن ورائي ڏانھنس ڏٺو.
    چيائين، ” ميڊم چئي ويئي آھي ته ته صبح جو اوھين ٽيرس تي نه نڪرجو، ۽ نه ئي بيڊروم جي بالڪونيءَ ۾ نڪري بيھجو. ٺيڪ آھي نه!“
    ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” ھا، ٺيڪ آھي.“
    جنت ھلي ويئي. مون در بند ڪري ڇڏيو. موٽي وڃي شاليءَ جي پلنگ ڀرسان ڪار پيٽ تي ليٽي پيس. ايتري دير ۾ ھيٽر سبب ڪمري مان يخ جھڙي سردي گھٽ ٿي ويئي ھئي. ڪنڌ ھيٺان ٻانھون ڏيئي مان ڇت سان لڙڪندڙ شينيڊليئر ڏانھن ڏسڻ لڳس. درن ۽ درين تي ٽنگيل پردا تمام سھڻا ۽ زيبائتا ھئا. ايبسڪريٽ ۾ ست ئي رنگ پکيڙيل ھئا، ۽ وچ وچ ۾ ستن رنڱن جي گڏيل آميزش جو ڀرڀور نموني اظھار ٿيل ھو. رنگن ۾ منھنجو ذھن ڊنواڊول ٿيڻ لڳو. مون محسوس ڪيو پڙدن پٺيان پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا خونخوار ڪارندا بيٺا آھن. ھو رنگن ۾ سوراخ ڪري مون ڏانھن ڏسي رھيا آھن! ڪجھه وقت به ھو خودڪار ھٿيار تاڻي پڙدن پٺيان نڪري ايندا، ۽ مون تي حملي آور ٿيندا!
    مان ڇرڪ ڀري اٿي ويھي رھيس. ھڪ ھڪ پڙدي پٺيان جھاتي پائي ڏٺم. پنھنجي وھم ۽ سنسن تي پشيمان ٿيس. موٽي وڃي پلنگ ڀرسان ڪارپيٽ تي ليٽي پيس. گرم پاڻي سان وھنجڻ ۽ صاف سٿرن ڪپڙن بب لڳم پئي ته ذھن ۽ جسم تان ڄڻ وڏو ڪو ٻوجھه ھو، جيڪو لھي ويو. اکين ۾ ننڊ جو سرور محسوس ٿيڻ لڳو. اڌ بند ۽ اڌ کليل اکين سان مون کي گلاب جو تشدد سبب ڇيپاٽيل ۽ چٿيل چھرو ۽ جسم نظر آيو. وارن کان پيرن تائين رتوڇاڻ ھو. بار بار پنھنجا رت ھاڻا ھٿ چپن تائين کڻي پئي ويو، ڄڻ چوندو ھجي، مان گونگو آھيان – مان گونگو آھيان. قدرت مون کي آواز کان محروم ۽ مفلوج ڪري ڇڏيو آھي. مان گونگو آھيان. توھين يقين ڪريو، مان گونگو آھيان، ھو ٻاڏائيندو رھيو، ۽ ٽين دنيا جي جاھل تفتيشي عملدارن جي تشدد جو شڪار ٿيندو رھيو. تصور ۾ مون کيس ڪڏھن ڇت سان ابتو لٽڪندي ڏٺو، کيس ڏنڊا ٻيڙين سميت ڀت سان ٻڌل ڏٺو، در تي ليٽيل ۽ چئن خوفناڪ تفتيشي آفسرن کي سندس جسم کي بوٽن سميت لتاڙيندي ڏٺو ! مون سندس سر ڪنڌ تائين پاڻيءَ جي بالٽي ۾ ٻڏل ٻڏل ڏٺو! راڪاس جھڙن سپاھين کي جنبورن سان سندس ھٿن پيرن جا ننھن پٽيندي ڏٺو ! کيس سگريٽن جا ڏنڀ ڏيڻ کان پوءِ پاڻي جو وڏو پائيپ کڻي آيا. پائيپ سندس وات ۾ وجھي، پاڻي جو پريشر کولي ڇڏيائون. ھڪ خوفناڪ رڙ ماحول ۾ محلول ٿي ويئي ۽ گلاب جي ڪنن ۽ نڪ مان رت ھاڻو پاڻي ڦوھاري وانگر ٻاھر نڪري آيو.
    مان اٿي ويھي رھيس. منھنجي دل سيني جي قفس ۾ ڪنبڻ لڳي. لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مون کي پنھنجو ساھ جو سھڪو واضع نموني ٻڌڻ ۾ آيو. سائيڊ ٽيبل تي گلاس ۽ ٿرماس رکيو ھو. ٿرماس مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيتم. ڄڻ سامت ۾ آيم. پلنگ کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيس. انيڪ راتين جو اوجاڳو ھو. ويٺي ويٺي جھوٽو آيو. مان ڪروندڙو ٿي ليٽي پيس، ۾ منھنجي اک لڳي ويئي ۽ پوءِ الائي ڪيتري دير تائين ننڊ ڪيم.
    اک کلي آوازن تي، اڻ چٽا مگر آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. مان ڪمري جي در وٽ وڃي بيٺس. جنت سان ڪجھه مرد ڳالھائي رھيا ھئا. سندن لھجي ۽ آواز مان سمجھيم ته پوليس جا ماڻھو ھئا. جنت چئي رھي ھئي، ” ان کان وڌيڪ مون کي ڪا خبر ڪانھي ته ڪالھه رات ميڊم جي گاڏيءَ تي ڪجھه دھشتگردن حملو ڪيو ھو، ۽ ھوءَ زخمي حالت ۾ ھتي پھتي ھئي.“
    ڪنھن کھري آواز ۾ پڇيس، ” اڪيلي ھئي، يا گڏ ٻيو ڪو به ھوس.“
    جنت به رکي نموني جواب ڏنس. چيائين، ” ھوءَ اڪيلي ھئي، ۽ زخمي حالت ۾ پاڻ گاڏي ھلائي ھتي پھتي ھئي.“
    ٻيو آواز ٻڌم، ” ته پوءِ ھُن سيڪٽر جي نائين وٽ اسان جي اشاري تي گاڏي ڇو نه بيھاري؟“
    ” ڏاڍا ڪي عجيب انسان آھيو.“ جنت چيو، ” سندس زخم مان بليڊنگ وھي ھئي. ھڪ ھڪ منٽ ھن جي لاءِ اھم ھو. توھان جي اشاري تي بيھي ھا ته جيئري گھر نه پھچي ھا !“
    ان وچ ۾ ٻن ٽن لانگ بوٽن وارن ماڻھن جو اندر داخل ٿيڻ جو آواز ٻڌم.
    ھڪ ڄڻي چيو، ”سر، گاڏي جي باڊيءَ ۾ سورھن گولين لڳڻ جا نشان آھن.“
    کھري آواز واري چيو، ” ميڊم، اڃا تائين ايف. آئي.آر ڇو نه ڪٽائي آھي؟“
    جنت کي ڪاوڙ لڳي، جيڪا سندس لھجي مان ظاھر ھئي.سندس آواز ٻڌم. چيائين پئي، ” ميڊم ھن وقت ڊاڪٽر جبار خان جي اسپتال ۾ آھي، سندس آپريشن ٿي رھيو آھي، جيڪڏھن اول ايف.آئي.آر ڪٽائڻ ٿاڻي تي وڃي ھا، ته پوءِ آپريشن لاءِ جيئري رھي نه سگھي ھا.“
    احمقاڻي نموني ۾ کھري لھجي واري آفيسر چيو، ” ميڊم آپريشن کان پوءِ ڪڏھن موٽندي؟“
    ” ڳالھه ته ائين پيا ڪريو، ڄڻ ميڊم آپريشن ٿيٽر ۾ نه آھي، بلڪ پڪنڪ تي ويل آھي ! “ جنت چيو ، ” اسين سڀئي دعاڳو آھيون ته ميڊم جو آپريشن ڪامياب ٿئي، ۽ توھان کي ايف.آئي.آر جو فڪر آھي!“
    ٺيڪ آھي. ٺيڪ آھي“ کھري لھجي واري چيو، ” اسين وري اينداسين.“
    ” ترسو“ جنت واضع نموني کين روڪيو ۽ ڳالھايو. چيائين، ” ميڊم ايس پيءَ کان ھيٺ ڪنھن آفيسر سان ڳالھائڻ پسند نه ڪندي آھي. ھوءَ گھر ھجي ھا ته توھين ھڪ سيڪنڊ لاءِ ھتي بيھي نه سگھو ھا.“
    ھو ھليا ويا.
    مون وقت ڏٺو. صبح جا ڏھ ٿيا ھئا. شاليءَ کي آپريشن کان پوءِ وٺي نه آيا ھئا. ڊاڪٽر جبار خان کيس چار پنج ڪلاڪ کن اڳ وٺي ويو ھو. مون کي اڻ تڻ ٿيڻ لڳي، باٿ روم ۾ وڃي ھٿ منھن ڌوتو. ٽوال سان منھن اگھندي، مون کي جنت جو جملو ياد آيو. ميڊم ايس پيءَ کان ھيٺ ڪنھن به آفيسر سان ڳالھائڻ پسند نه ڪندي آھي!
    ڪير آھي ھوءَ ! پراڻو سوال، ۽ تجسس جاڳي پيو. سوچيم، دوستن جڳن ڳالھيون بنھه غلط نه ھيون. ھن جو ڪو نه ڪو تعلق پوليس ۽ خفيه ايجنسين سان ضرور آھي ! گذريل پنڌرھن ويھن ڏينھن جي روح فنا ڪندڙ تجربن کان پوءِ مون ونجھه اڇلائي ٻيڙي وچ سير ۾ ڇڏي ڏني ھئي. مخالف ڌرين دھشت گرديءَ ۽ دھشتگردن جي پشت پناھي جي الزامن کي بليڪ ميلينگ وانگر استعمال ڪري، بينظير جي حڪومت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھيون. راشي، بدمعاش، بداخلاق، ۽ نالائق وڌي ويجھي رھيا ھئا، ۽ دھشتگرديءَ جي الزام ۾ پوليس ۽ خفيه ايجنسيون چونڊي چونڊي ماڻھن کي نشانو بنائي رھيون ھيون. اصل دھشتگرد ته کين ھٿ نه پئي آيا. کين ھٿ آيا پئي مون جھڙا موالي. اسان جھڙن جي بليڪ ميلينگ جي ڊپ کان نه داد ھئو، ۽ نه ئي فرياد ھو.
    بيڊ روم جي در تي کڙڪو ٿيو. مو اٿي در کوليو، جنت نيرن جي ٽري کڻي آئي ھئي. ھن ٽري آرام ڪرسي آڏو ميز تي رکي. چيم، ” مان تنھنجو احسان وساري نه سگھندس، جنت !“
    کلي پيئي. چيائين، ” نيرن کڻي اچڻ ۾ ڪھڙو احسان آھي!“
    چيم، ” مان نيرن جي ڳالھه نه ٿو ڪريان.“
    پڇيائين، ” ته پوءِ؟“
    چيم، ”ورجائڻ مناسب نه ٿو سمجھان. بھرحال مان تنھنجو شڪر گذار آھيان.“
    ” الائي ڇا ٿو چوڻ چاھين ! “ ڪوپ ۾ چانھه وجھندي چيائين، ” ۽ سچ پڇڻ چاھين ته مان سمجھن به نه ٿي چاھيان.“
    چانھه جي سپ ڀريم. لڳم، ورھين کان پوءِ گھر ۾ ٺاھيل چانھه پيتي ھيم. سپ سپ ڀريندي اڌ ڪوپ خالي ڪري ڇڏيم.
    ” نيرن نه ڪندين ڇا؟“ جنت چيو.
    ” ڪندم، چانھه پيئڻ کان پوءِ.“ چانھه پيئندي کانئس پڇيم، ” شاليءَ جي خبر.“
    وراڻيائين، ” کيس رت ڏيئي رھيا آھن.“
    منھنجي ھٿ ۾ چانھه جو ڪوپ ڌڏي ويو. پڇيم، ” ۽ آپريشن؟“
    ” ڪري ڇڏيو اٿائونس.“ وراڻيائين.
    پڇيم، ” ڪڏھن کڻي ايندس؟“
    چيائين، ” شام ڌاري.“
    واچ ۾ وقت ڏٺم. يارھن پئي ٿيا. شام مون کي تمام پري محسوس ٿي. ڪوھيڙن ۽ ڌنڌ ۾ ويڙھيل، ۽ شايد ڪڏھن نه ايندڙ شام.


    50

    جنت مون وٽ اٺ ڏھ اخبارون ۽ چانھه جو ٿرماس ڇڏي ويئي ھئي. مون اخبارون پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، نه پڙھي سگھيس. سموريون اخبارون بدامنيءَ، خونن ۽ ڌاڙن جي خبرن سان ڀريل ھيون. بدامني، خونن ۽ ڌاڙن لاءِ مخالف ڌريون حڪومت کي ڏوھ ڏيئي رھيون ھيون، ۽ حڪومت مخالف ڌرين کي ڏڦيڙ لاءِ ذميوار چئي رھي ھئي. وچٿري قسم جا سياستدان سموري ڳڙٻڙ ۾ غير ملڪي دشمنن جو مخفي ھٿ ڏسي رھيا ھئا. سموريون اخبارون ان قسم جي واھيات خبرن سان ڀريل ھيون. باقي ھڪ رويو واضع ھو. ھڪ عورت جي حڪومت، پوڙھن سياستدانن ۽ ملن مولوين کي ھرگز قبول نه ھئي. ۽ حڪومت، مخالف ڌرين جي بليڪ ميل ۾ اچي، ۽ ملن مولوين کي راِضي ڪرڻ لاءِ عقل چرخ ڪرڻ جھڙا ڪم ڪرڻ تي لھي آئي ھئي. لکين بيروزگارن سان روزگار جو واعدو ڪيو ويو ۽ بار بار ڪيو ويو ۽ واعدو پاڙڻ لاءِ قاعدن قانونن جا سمورا ليڪا لتاڙيا ويا. ضياءَ جي بدترين مارشل لا ۾ يارھن سال ملڪ اقتصادي ۽ سياسي طرح چيٿاڙجي ويو ھو، پر بينطير جي حڪومت سڀني سان تريءَ تي بھشت جو واعدو ڪري ويٺي. چوويھه ھزار شاگردن کي وڌيڪ تعليم لاءِ آڇ سان گڏ ستاويھه ڪروڙ رپين جي اسڪالرشپ جي پڪ ڏني ويئي. دھشتگرديءَ جي خلاف اپائن ۾ بداخلاق پوليس کي وڌيڪ اختيار ڏيئي، ماڻھن جو جيئڻ حرام ڪري چڏيائون. پوليس طرفان شڪار ڪيل دھشتگردن ۾ مان ۽ گلاب گونگو شامل ھئاسين!
    لڳم، اخبارن کان جند نه ڇڏايم ته چرئو ٿي پوندم. وارن ۾ ھٿ وجھي،واڪا ڪري، مٿو ڀت سان ھڻي ڦاڙي ڇڏيندس. اخبارون ڪمري جي ھڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيم. ٿرماس مان چانھه پيتي، مڱ کڻي آرام ڪرسيءَ تي ويھي رھيس.
    چانھه پيئندي ھڪ سوال بار بار ذھن ۾ گردش ڪندو رھيو. شالي منھنجي لاءِ ڇا سوچيو آھي! کيس جيڪڏھن گولي نه لڳي ھا، ته ھن وقت تائين ھوءَ مون کي ڪھڙي ماڳ تي پھچائي ڇڏي ھا !
    منھنجي مڱ ۾ اڃا چانھه باقي ھئي، جو در جو کڙڪو ڪري جنت اندر ھلي آئي، ڪجھه ڪجھه پريشان پئي ڏٺي. ان کان اڳ جو مان کانئس ڪجھه پڇان، جنت چيو ، ” ميڊم جو فون آيو ھو.“
    پڇيم، ” ٺيڪ ته آھي نه؟“
    چيائين، ” ميڊم چيو آھي ته توھين گاڏي گيراج ۾ بند ڪري ڇڏيو. مون کي ڊرائيونگ نٿي اچي.“
    مون کي تعجب ٿيو. پڇيم، ” خيريت ته آھي نه؟“
    وراڻيائين، ” ميڊم چيو آھي ته گيراج ۾ بيھاري گاڏي کي اندران چڱي طرح ڌوئي ڇڏجي.“
    جنت کان چاٻي ورتي، پورچ مان گاڏي ڪاھي مون گيراج ۾ بيھاري ڇڏي. گيراج ۾ نلڪي سان پلاسٽڪ جو پائيپ ٻڌل ھو.“
    جنت چيو، ” گاڏي مان پاڻ ئي ڌوئي ڇڏيندس.“
    گاڏي جو اڳيون ۽ پويون سيٽون رت سان رڱيل ھيون. جنت سيٽن تان ڪور لاھي ورتا. ڏٺم ته ڪَورن تان رت ٽمي سيٽن تي پکيڙجي، ۽ سڪي ويو ھو.
    جنت چيو، ” توھين ڀلي پنھنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪريو. ڪجھه دير کانپوءِ مستري ايندو ۽ مرمت لاءِ گاڏي کڻي ويندو”
    پڇيم، ” مستريءَ کي ڪنھن فون ڪيو آھي؟“
    وراڻيائين، ” ميڊم.“
    پڇيم، ” اعتبار جوڳو ماڻھو آھي؟“
    چيائين، ” ميڊم کي جنھن ماڻھو تي اعتبار نه ايندو آھي، تنھن ماڻھوءَ کي مفاصلي تي رکندي آھي.“
    مان ڪمري ۾ موٽي آيس. مڱ ۾ ڇڏيل چانھه ٺري ويئي ھئي. واش بيسن ۾ ٺريل چانھه ھاري، مڱ ۾ ٿرماس مان گرم چانھه پيتم. ٻه چار سرڪيون ڀري وقت ڏٺم. منجھند جا ٻه ٿيا ھئا. شام مون کي سچ پچ تمام پري محسوس ٿيڻ لڳي. سوچيم، ڪجھه غير معمولي حالتوج اٿل پٿل ۾ آھن، پاسا ورائي رھيون آھن. شام ڌاري شالي جي اچڻ کان اڳ ڪجھه ٿي پوندو ! ايندڙ وقت مونکي مبھم، ۽ پريشان ڪندڙ محسوس ٿيو. گرم گرم چانھه جا تڪڙا تڪڙا ڍڪ ڀري ورتم. اکيون بند ڪري ڇڏيم. وچ سير ۾ ونجھه اڇلائي چڏڻ کانپوءِ مون کي پنھنجي پريشانيءَ جو سبب سمجھه ۾ نه پئي آيو. ڪٿي ائين ته نه ھو، مان اصل ۾ شالي لاءِ پريشان ھئس.
    در کڙڪائي جنت اندر آئي ھلي آئي. اڳ ڪا ڪجھه وڌيڪ پريشان ھئي. پڇيائين، ” تنھنجا رت ھاڻا ڪپڙا ڪٿي آھن؟“
    چيم، ” باٿ روم ۾ پيا آھن.“
    ھوءَ ھڪدم باٿ روم ۾ ھلي ويئي. اندران پلاسٽڪ جي بيگ ۾ رت ھاڻا ڪپڙا وجھي آئي. کانئس پڇيم، ” مون کان ڪجھه لڪائين ته نه ٿي؟ تنھنجي ميڊم ڪيئن آھي.“
    چيائين، ” ميڊم ٺيڪ آھي، پنجين لڳي تائين ڊاڪٽر جبار خان کيس ڇڏي ويندو.“
    پڇيم، “ رت ھاڻا ڪپڙا ڪيڏانھن کڻي پئي وڃين؟“
    وراڻيائين، ” ميڊم جي فون آئي ھئي. چيو اٿائين ته گاسليٽ وجھي ڪپڙا ساڙي ڇڏيان.“
    ھوءَ تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون کڻندي در ڏانھن وڌي ويئي. مون کيس سڏ ڪيو. ھوءَ بيھي رھي، ۽ پوءِ مون ڏانھن ھلي آئي.
    چيم، ” اڄ صبح جو شايد پوليس آئي ھئي.“
    ٿورڙو تعجب ٿيس . چيائين، ” ھا، آئي ھئي.“
    چيم، ” تو پوليس کي ٻڌايو پئي ته ميڊم سان گڏ ڪو به نه آيو ھو، ۽ ميڊم خود موٽر ھلائي آئي ھئي.“
    ” ھا چيو ھوم“ تجسس وچان پڇيائين، ” توھان سموري گفتگو ٻڌي پئي ڇا؟“
    ” ھا ٻڌم پئي، تو تمام وڏي واڪ پئي ڳالھايو.“ چيم، ” پر جنت، چوڪيدار مون کي گاڏي ھلائي آڻيندي، ۽ ميڊم کي موٽر مان کڻي اندر گھر ۾ داخل ٿيندي ڏٺو آھي.“
    ” چوڪيدار ميڊم جو خاص ماڻھو آھي. ڏھن سالن جو ھو، جو ميڊم کيس بلستان مان وٺي آئي ھئي.“ جنت چيو، ” چوڪيدار جي باري ۾ ڪو فڪر نه ڪر.“
    ھوءَ ٻيھڙ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي، ڪمري جو در بند ڪري ھلي ويئي.
    گذريل ڏھن پنڌرھن ڏينھن دوران بند ڪمري ۽ ڪوٺين ۾ لڪندي مان بيزار ٿي پيو ھوس. دل چاھيو درين تان پڙدا ھٽائي ڇڏيا. ٻاھر جو منظر ڏسان. سياري جي مند جا اداس پاڇا ڏسان. اسلام آباد جو سيارو ڏاڍو اداس، ۽ دل کي ملول ڪري ڇڏيندو آھي. ھونءَ دل تي پريشانين جو ٻوجھه ڪو گھٽ نه ھو، جو مون اداس اس جي لاءِ پئي واجھايو ! سوچيم، بالڪونيءَ يا ٽيرس جو در کولي، ٻاھر کليل ھوا ۾ وڃي بيھي رھان ! يخ، برف جھڙي ھوا کي سيني ۾ لاھي ڇڏيان ! ٻانھون کولي وڏي واڪ احتجاج ڪريان، ۽ چوان، ته مان دھشتگرد نه آھيان، مان دھشتگرد نه آھيان مان آوارھ گرد آھيان. مان دھشگرد نه آھيان!
    پر، مون ائين نه ڪيو. شاليءَ جو خيال ڀت وانگر ارادن آڏو بيھي رھيو. بيوسي زنجير ٿي پيئي. محسوس پئي ڪيم ته پاڻ سان پنھنجي گھر آڻي شاليءَ بظاھر مون سان ته ڀلائي ڪئي ھئي، پر پنھنجي لاءِ مصيبت کڙي ڪري وڌي ھئي.
    آرام ڪرسيءَ تي ويھي رھيس. ٽڙيل پکڙيل اخبارن ڏانھن ڏٺم. درن ۽ درين تي لڙڪندڙ پڙدن ڏانھن ڏٺم. پڙدن جي رنگن ۾ گم ٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪيم. ناڪام رھيم. تڏھن، سائيڊ بورڊ تي رکيل ٽيليفون تي منھنجيون نگاھون اٽڪي پيون. دل چاھيو ته ڪنھن سان ڳالھايان! ٻيو نه، ته غلط نمبر ڊائل ڪري ڪنھن سان بڪواس ڪريان ! ابتو سبتو ڳالھايان! واھيات، بيمقصد ۽ بي معني ڳالھيون ڪريان! ڪوڙي کِل کلڻ جي ڪوشش ڪريان ! لڳم پئي ته ورھين کان مان کلي نه سگھيو آھيان. منھنجي چپن کام مُرڪ وسري ويئي آھي.
    مان سائيڊ بورڊ ڏانھن وڌي ويس. سائيڊ بورڊ تائين پھچندي، مون کي خيال آيو، مان ڪٿي سُڌ ٻڌ ته نه وڃائي رھيو آھيان ! آھستي آھستي پاڳل ته نه ٿي رھيو آھيان ! چريو ته نه ٿي پيو آھيان!
    ڪيتريءَ دير تائين مان ٽيليفون ڏانھن ڏسندو رھيس. دل ڌڙڪڻ بدران سيني ۾ ڦٿڪندي رھي. ساڄي ھٿ جي ڀيڪوڙيل مٺ مان پھرين آڱر سڌي ڪري، جيڪي نمبر ذھن تي تري آيو، ڦيرائي ڇڏيم. ٻئي طرف گھنٽي وڄڻ جو آواز آيو. ڪنھن رسيور کنيو، ۽ نھايت ڳوري آواز ۾ ڳالھايو، ” ھيلو“
    چيم، ” يار، نڙيءَ ۾ تڪليف اٿئي، يا ڏوڪا کائي ٿڌو پاڻي پي ڇڏيو اٿئي، جو آواز ڀڳل ريڊيو جھڙو ٿي پيو اٿئي؟“
    وڏو ٽھڪ ڏيئي کلي پيو. چيائين، ” اڙي ابراھيم گنجا، ھانگ ڪانگ کان ڪڏھن آيو آھين؟“
    چيم، ” اڙي ڀڳل ريڊيا، منھنجو آواز ابراھيم گنجي جھڙو آھي ڇا؟“
    ٽھڪ ڏيندي چيائين،” دنيا ۾ فقط ابراھيم گنجي جو آواز ٻڪر جھڙو آھي، ڪيئن گنجا !“
    وري ٽھڪ ڏنائين، پڇيائين، ” سچ ٻڌاءِ گنجا، ھانگ ڪانگ مان ايڊز جي بيماري ته نه کڻي آيو آھين؟“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪوشش جي باوجود مان سندس ٽھڪ سان پنھنجو ٽھڪ پڄائي نه سگھيس. مان اندران خالي ٿي ويو ھوس. مون سندس ٽھڪ ٻڌو. مون کي ائين لڳو، ھو ڄڻ منھنجي پاسي کان بيٺو ھو، ۽ مون تان کلي رھيو ھو!“
    کلندي کلندي ھن چيو، ” بولتي بند ڇو ٿئي ويئي اٿئي گنجا ! ڳالھائين ڇو نه ٿو؟“
    مون رسيور رکي ڇڏيو. بيوسيءَ جو احساس وڌندو ويو. مان بڪواس ڪرڻ جي قابل به نه رھيو ھوس! پر، مان ڳالھائڻ چاھيان ٿو، ڪجھه چوڻ چاھيان ٿو، ڪجھه ٻڌڻ چاھيان ٿو! اندر ۾ آنڌ مانڌ وڌندي ويئي.
    ڀيڪوڙيل مٺ مان پھرين آڱر ٻاھر ڪڍي، مون مراد ٺاٺاري جو نمبر ڊائل ڪيو. گھنٽي وڄي پيئي. ٻئي طرف کان آواز آيو، ” مراد ٺاٺارو اسپيڪنگ.“
    چيم، ” مراد رسيور نه رکجانءِ، خدا جي واسطي نه رکجانءِ – مون سان ڳالھاءِ، ڳالھاءِ مراد !“
    مراد ٺاٺاري چيو، ” جاني جاني ! مون مسڪين کي مارائي وجھندين، اڃا ڪالھه ته مون کي پروموشن ملي آھي. وڏي جاکوڙ کان پوءِ.“
    کيس ايلاز ڪندي چيم، ” نه مراد، نه. ٽيليفون بند نه ڪجانءِ. – مون سان ڪجھه ڳالھاءِ. منھنجو وجود خاموشين ۾ غرق ٿي ويو آھي. مون سان ڪجھه ڳالھاءِ مراد !“
    مراد ٺاٺاري فون بند ڪري ڇڏي.
    مان شاليءَ جي پلنگ ڀرسان ڪارپيٽ تي ليٽي پيس. ساڳئي لمحي دڙ کڙڪائي جنت اندر ھلي آئي. منھنجي لاءِ منجھند جي ماني کڻي آئي ھئي. ٽري ميز تي رکيائين. پڇيائين، ” ته طبيعت ته ٺيڪ اٿو نه؟“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ” بس، ٺيڪ آھيان.“
    پڇيائين، ” ننڍڙو ٽيليويزن ڏيئي وڃائو؟“
    چيم، ” نه“
    ويندي ويندي جنت چيو، ” پنجين لڳي تائين ميڊم جن گھر موٽي اينديون.“
    ھوءَ ڪمري مان ھلي ويئي. مون واچ ۾ وقت ڏٺو. ٽي ٿي رھيا ھئا. اکيون بند ڪري مون ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حيلا ھلائيندي، پاسا ورائيندي، الائي ڪھڙي وقت مون کي ننڊ کڻي ويئي. اک کلي در کڙڪائڻ جي آواز تي. اٿي ويٺس. جنت اندر ھلي آئي. منھن تي سنجيدھ مرڪ ھئس. چيائين، ” توھان کي ميڊم سڏي رھي آھي.“
    تعجب وچان پڇيم، ” ميڊم اچي ويئي آھي ڇا؟ پنج ٿي ويا آھن، ڇا؟“
    چيائين، ” ست ٿي رھيا آھن.“
    عجيب لڳم، ” ست ٿي رھيا آھن.“
    اٿندي چيم، ” تو مون کي اڳ ڇو نه جاڳايو.“
    چيائين، ” ميڊم منع ڪئي ھئي.“
    پڇيم، ” ڪٿي آھي.“
    وراڻيائين، ” گيسٽ روم ۾.“
    جنت کان اڳ مان ھيٺ لھي ويس. گيسٽ روم منھنجو ڏٺل ھو. پڙدو ھٽائي اندر داخل ٿيم. شالي پلنگ تي ليٽيل ھئي. پني، مُري ۽ پير تي پٽي ٻڌل ھئس. پير ٻن ويھاڻن تي رکيو ھوس. ڪمزور ۽ نٻل پئي لڳي. مون کي ڏٺائين ته منھن تي مُرڪ تري آيس.
    مان ڀرسان وڃي بيٺس. ايڏي اٿاھ پيار مون اڳ سندس اکين ۾ نه ڏٺو ھو.
    پڇيائين، ” ڪيئن آھين؟“
    چيم، ” تو کي پريشان ڪيو اٿم.“
    ھڪدم چيائين، ” نه،نه، ڪڏھن به نه.“
    چيم، ” تنھنجي انڪار ڪرڻ سان ڇا ٿيندو ! ڏسان پيو ته تو کي پريشان ڪيو اٿم. منھنجي ڪري موت جي منھن تائين وڃي پھتي آھين.“
    ” موٽي به ته آئي آھيان، موت جي منھن مان.“ منھن تي مُرڪ تري آيس. چيائين، ” ويھي رھ.“
    ھيڏانھن ھوڏانھن ڪرسيءَ لاءِ ڏٺم. چيائين، ” ھتي، منھنجي ڀرسان ويھي رھ.“
    مان پلنگ تي سندس ڀرسان ويھي رھيس. جنت چانھن جا ٻه مڱ کڻي آئي. ھڪ مڱ شاليءَ ۽ ٻيو مون کڻي ورتو. ڪجھه دير تائين اسين ٻئي خاموش ويٺا رھياسين. سپ سپ ڪري چانھن پيئندا رھياسين، ۽ رکي رکي ھڪٻئي ڏانھن ڏسندا رھياسين.
    شاليءَ چيو، جوڳي، تون سڀ ڪجھه سمجھين پيو نه حالتون اسان جي حق ۾ نه آھن.“
    ڪجھه نه چيم. ڏانھنس ڏسندو رھيس. شالي چيو، مون روالپنڊي ۽ اسلام آباد جا ٻه سٺا وڪيل تنھنجي ۽ گلاب گونگي لاءِ انگيج ڪيا آھن. تمام سٺاوڪيل آھن، ۽ ايمنيسٽي انٽرنيشنل ۽ ھيومن رائٽس لاءِ به ڪم ڪندا آھن.“
    مان ڏانھنس ڏسندو رھيس.
    پڇيائين، ” مون تي اعتبار اٿئي نه؟“
    چيم، “ تنھنجي ھٿان مرڻ مھڻو نه ٿو ڀانيان.“
    مُرڪ منھن تي تري آيس. چيائين، ” نه شاعري، ۽ نه رومانس. زھر کي زھر سمجھي پيئڻ ۾ پنھنجو مزو آھي.“
    مان خاموش رھيس.
    شاليءَ چيو، ” سڀاڻي رات جو ٻئي وڪيل تو سان ملڻ ايندا.


    51

    وڪيلن سان ملڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ مون کي بظاھر ڪو به عار نه ھو. عدالتن ۾ مقدمو وڙھڻ لاءِ وڪيلن سان ملڻ لازمي ھو. پر، مون کي انھن ٻن وڪيلن سان ملڻ واري ڳالھه پسند نه آئي، جن اڌ ٺھيل عمارت ۾ منھنجي تلاش دوران شاليءَ جي باري ۾ گٿا لفظ ڳالھايا ھئا. مان منجھي پيس. شاليءَ کي سڌو سنئون انڪار ڪري نه سگھيس. ھن منھنجي لاءِ ايترو ڪجھه ڪيو ھو، جو سندس ڪنھن تجويز کي رد ڪري ڇڏڻ ڏکيو محسوس پئي ٿيو. مٿس ايندڙ آفتن جو پوريءَ ريت ته مون کي اندازو نه ھو، پر پوليس جو اچڻ ۽ جنت کان پڇا ڪرڻ ايندڙ مصيبتن جو مھاڳ محسوس ٿيو ھو.
    ” ڇا پيو سوچين؟“ شاليءَ پڇيو، ” وڪيلن واري ڳالھه ٻڌي تون خاموش ڇو ٿي ويو آھين؟“
    پڇيم، ” وڪيلن سان ملڻ ضروري آھي ڇا؟“
    ھڪدم چيائين، ” ڪمال آھي ! اسين ڪيبنيٽ جي فيصلي کي اعلي عدالتن ۾ چئيلينج ڪري رھيا آھيون، ۽ تون پڇين ٿو ته وڪيلن سان ملڻ ضروري آھي !“
    چيم، ” منھنجي چوڻ جو مطلب ھو، ته وڪيلن کي جيڪڏھن تحريري بيان يا سموري معلومات ڏيئي ڇڏجي بھتر نه آھي؟“
    ” ان جي باوجود، مان سمجھان ٿي ھو تو کان ڪجھه وڌيڪ پڇڻ چاھيندا.“
    شاليءَ چيو، ” عام رواجي الزام ھجي ھا ته تحريري بيان سان ڪم ڪڍي وٺجي ھا، دھشتگرديءَ ۽ تخربيڪاريءَ جھڙن الزامن جو جواب اڇاتري نموني ٺاھي نٿو سگھجي.“
    مان وري به دل جي ڳالھه زبان تي آني نه سگھيس. کيس ڪيئن ٻڌايان ھا ته سندس سموري ڳالھه منھنجي سمجھه ۾ آئي پئي، پر مان بيھودن وڪيلن سان ملڻ لاءِ ذھني طرح تيار نه ھوس، جن سندس باري ۾ بد شد ڳالھايو ھو. مون کي پنھنجي سوچ تي تعجب ٿيو. حالتن جي بيرحميءَ جي باوجود شالي منھنجي زندگيءَ ۾ محور وانگر موجود ھئي.
    ” ڏس نه جوڳي ! شالي چيو، ” معاملو، ۽ ڪيس، بلڪه الزام جي نوعيت سنگين آھي. تو تي تخربيڪاريءَ جو الزام آھي. ۽ اتفاق سان سنڌ ۾ تخربيڪاري ۽ دھشتگردي اوج تي آھي.“
    ” پر، ان سان منھنجو ڪھڙو تعلق آھي ! مون احتجاج ڪندي چيو، ” نه مان دھشتگرد آھيان، ۽ نه سنڌ ۾ ٿيندڙ حادثن ۽ معاملن سان منھنجو ڪو تعلق آھي.“
    ” اھوئي ته اسان کي ثابت ڪرڻو آھي.“ شالي چيو، ” خبر اٿئي ته واقعاتي ثبوت ڪھڙي نموني تنھنجي خلاف ھليا ويا آھن.“
    مون غور سان ڏانھنس ڏٺو.
    چيائين، ” گذريل مھيني تون ھڪ ھفتي جي موڪل تي ويو ھئين نه !“
    چيم، ” ھا، منھنجي ماروٽ ڪريم بخش ڪنگلي جي شادي ھئي.“
    چيائين، ” ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ حيدرآباد ۾ موٽرن مان ماڻھن تي گوليون ھلايون ويون ھيون، ۽ سکر جي ايئرپورٽ وٽ بم جو وڏو ڌماڪو ٿيو ھو.“
    ھڪدم چيم، ” اھو محض اتفاق آھي.“
    چيائين، ” اسان کي اھو ثابت ڪرڻو آھي ته اھو سڀ ڪجھه محض اتفاق آھي.“
    مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته کيس ڪيئن دل جي ڳالھه ٻڌايان، مون کي احساس ھو ته سندس آپريشن کي مشڪل سان اٺ نو ڪلال گذريا ھئا. ھوءَ ڪمزور ھئي، نٻل ۽ نستي ھئي. کيس آرام جي سخت ضرورت ھئي.
    کيس ٽارڻ ۽ سندس ڌيان مٽائڻ خاطر چيم، ” شالي، وڪيلن سان ملاقات ھڪ ٻن ڏينھن لاءِ ملتوي به ته ڪري سگھجي ٿي ! ھن وقت تو کي آرام جي سخت ضرورت آھي.“
    ” نه جوڳي نه“ شالي چيو، ” وقت ھٿن مان نڪرندو پيو وڃي. ھن وقت اسان وٽ پختو ثبوت آھي ته تنھنجو سنڌ ۾ ٿيندڙ تخربيڪارين سان ڪو به واسطو ڪونھي.“
    ” ثبوت !“ تعجب وچان پڇيم، ” ڪھڙو ثبوت؟“
    چيائين، ” تو ٻه چار ڏينھن دلبر خان ۽ ڪشمير خان جي حجري ۾ گذاريا ھئا نه؟ “
    وراڻيم، ” ھا، گذاريا ھيم.“
    چيائين، ” ۽ تو پنھنجي اکين سان ڀاڄين جي ڊھ ھيٺان ھٿيار سنڌ ڏانھن سمگل ٿيندي ڏٺا ھئا.“
    تعجب وچان چيم، ” ھا، ڏٺا ھيم.“
    چيائين، ” ۽ ڊاڪٽر دراني جي اسپتال ۾ به تو کي اھڙا ثبوت مليا ھوندا ته افغان جنگ لاءِ آمريڪا ۽ يورپ مان آيل ھٿيارن جي کيپ مان ھڪ وڏو تعداد ھٿيارن جو ملڪ جي مختلف حصن، خاص ڪري سنڌ ڏانھن سمگل ٿي رھيو آھي؟“
    ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    چيائين، ” اسان کي اھو ثابت ڪرڻو آھي ته جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران افغان جنگ لاءِ آيل ھٿيارن جي امداد مان وڏي تعداد ۾ ھٿيار ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ وراھيا ويا ھئا، ۽ سنڌ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھئي، جنھن جا نتيجا ھينئر واضع نموني سامھون اچي رھيا آھن.“
    ” ڏس شالي، ۽ منھنجي ڳالھه غور سان ٻڌ.“ چيم، ” مون کي تنھنجي زندگيءَ عزيز آھي. سنڌ ۾ ھٿيار ضياءَ وراھيا ھئا. يا ايوب خان، ان سان مون کي تر جيتري به دلچسپي نه آھي. تون آرام ڪر. مان وڃان ٿو.“
    مان اٿي بيٺس. ” ترس جوڳي، ائين نه وڃ.“ مون کي روڪيو.
    مان بيھي رھيس. مون کي پاڻ ڏانھن سڏ ڪيائين. چھري تي عجيب قسم جي گنڀيرتا ھئس. مون کي ويھڻ لاءِ چيائين. مان سندس ڀرسان ويھي رھيس. منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ جھليندي چيائين، ” جوڳي، مون کي ڪا خبر ڪانھي ته ڇا ٿي رھيو آھي، ۽ ڇا ٿيڻ وارو آھي. مان تو کي سياست جي قربانگاھ ۾ ٻليدان ٿيڻ نه ڏينديس.“
    چيم، ” ڪجھه به ته نه ٿي رھيو آھي، شالي! تون اجايو پريشان ٿي رھين آھين. تون آرام ڪر. پاڻ صبح جو ڳالھائينداسين.“
    ” نه، جوڳي نه.“ ھڪدم چيائين، ” صبح ۽ سڀاڻي جون ڳالھيون نه ڪر. ضد نه ڪر.“
    دل کي جھوٻو آيو. شاليءَ جي تشويش مان اندازو لڳايم ته جيڪي ڪجھه ٿي رھيوھو، يا جيڪي ڪجھه ٿيڻ جو انديشو شاليءَ کي محسوس ٿي رھيو ھو، سو سندس وس کان ٻاھر ھو. الائي ڇو محسوس ڪيم ته اسان ٻنھي لاءِ ھڪٻئي کان ھميشه جدا ٿي وڃڻ جو وقت ڄڻ ويجھو اچي رھيو ھو.
    ” شالي! “ مان ڦٿڪي پيس. چيم، ” مون کان جدا نه ٿجانءَ شالي. مان سمجھان ٿو، مان سمجھي سگھان ٿو، اسان لاءِ آزمائشن جو وقت ويجھو اچي پھتو آھي. مان سوريءَ تي ساھ ڏيئي ڇڏيندس، پر جيئري تو کان جدا ٿي نه سگھندس. مان تو کان جدا ٿي نه سگھندس.“
    ” سڀ ڪجھه ڄاڻيندي به؟“
    ” اھو ڄاڻيندي به ته مان ٻه دفعا شادي ڪيل آھيان؟“
    ” ھا، اھي ڳالھيون منھنجي لاءِ بي معني آھن.“
    ” اھي ڳالھيون بي معني ناھن، جوڳي، بي معني ناھن.“
    ” تون منھنجي لاءِ اھم آھين. ان ھڪ حقيقت کان اڳتي سموريون حقيقتون بي معني آھن. بي مطلب آھن.“
    چپن تي مُرڪ تري آيس. ٻئي ٻانھون مٿي ڪري مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتائين. نرڙ تان واري پري ڪري ڇڏيائين. مون کي ٻنھي اکين تي پيار ڪيائين. سندس اھو انداز مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. عورت بنيادي طرح ماءُ آھي. ھوءَ ھر مرد ۾ ھڪ ٻار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي آھي.
    چيم، ” ھاڻي اھو نه چئجان ته ڪتابن جو ٿيلھو کڻي اسڪول ھليو وڃان.“
    کيس کل نه آئي. چيائين، ” ۽ اھا به خبر اٿئي ته مان خفيه ايجنسين لاءِ ڪم ڪندين آھيان؟“
    چيم، ” ھا، مون کي خبر آھي.“
    ٿڌو ساھ کنيائين. ڪافي دير تائين ڪجھه نه چيائين. اک ڇنبڻ بنا مون ڏانھن ڏسندي رھي.
    پڇيم، ” ڇا پيئي ڏسيئن؟“
    بظاھر جواب مون کي ڏنائين، پر ڄاڻ پنھنجي پاڻ سان ڳالھايائين. ” اڳ ڇو نه مليا ھئاسين ڪيڏي نه دير سان مليا آھيون !“
    چيم، ” ڇا اھو ڪافي ناھي ته پاڻ مليا آھيون.“
    چيائين، “ ڌڪ ۽ ڌڪا زندگيءَ کان سونھن کسي وٺندا آھن. توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجھه به ڪونھي.“ اکيون آليون ٿي پيس.
    ” اڙي ! چري ! “ چيم، ” بي خبريءَ ۾ مون کي ايترو ڪجھه ڏيئي ڇڏيو اٿئي جو مون ڪنگال جي جھوليءَ ۾ جاءِ نه بچي آھي. سڀ ڪجھه ته مون کي ڏيئي ڇڏيو اٿئي!“
    شال جي پَلو سان اکيون اگھُي ڇڏيائين. چيائين،” مون کي پاڻي ڏي.“
    سائيڊ بورڊ تي رکيل ٿرماس مان پاڻي جو گلاس ڀري کيس ڏنم. اڌ گلاس سُپ سُپ ڪري پي ويئي. سوچيندي رھي. وري ساڳي موضوع تي موٽي آئي. چيائين، ” تنھنجو وڪيلن سان ملڻ تمام ضروري آھي.“
    دل پڪي ڪندي چيم، ” جيڪڏھن ساڳيا آھن، اڌ ٺھيل عمارت ۾ تو سان گڏجي آيا ھئا، ته پوءِ ھنن سان نه ملنديس.“
    پڇيائين، ” ڇو؟“
    چيم، ” تنھنجي باري ۾ گٿا لفظ ڳالھايا ھئائون.“
    ” مون کي خبر آھي. في کان وڌيڪ ھنن مون ۾ دلچسپي ڏيکاري ھئي.“ شاليءَ چيو، ” پر ھي ٻئي ٻيا وڪيل آھن. تمام ذھين آھن، ۽ انساني حقن واري تنظيم لاءِ پاڪستان ۾ ڪم ڪندا آھن.“
    مان ڏانھنس ڏسندو رھيس، ۽ ڳالھه ٻڌندو رھيس.
    شاليءَ چيو، ” تنھنجي سنڌ صوبي جي بدامنيءَ، بينظير جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آھي. جنرل اسلم بيگ جي طرفان مارشل لا جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي.“
    ھن جو اھڙي طرح سياست تي ڳالھائڻ مون کي ڏاڍو عجيب پئي لڳو.
    چيائين، ” مارشل لا جي نالي ۾ ھن ملڪ ۾ وڏا ڪيس ٿيڻا آھن. جن تي به دھشتگرديءَ ۽ تخربيڪاري جي مھر لڳل ھوندي، تن کي گولين سان اڏائڻ ۾ ھڪ منٽ به دير نه ڪندا. ماڻھن جي دلين ۾ دھشت ويھارڻ لاءِ کين ان کان بھتر موقعو ڪڏھن به نه ملندو.“
    پڇيم، ” تون ڇا ٿي چاھين؟“
    چيائين، ” ان کان اڳ جو بينظير جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿئي، ۽ مارشل لا لڳي. تنھنجو مقدمو اعلي عدالت ۾ داخل ٿيڻ گھرجي.“
    چيم، ” پر، ڪيبينيٽ دھشتگردن ۽ تخربيڪارن کي ضمانت نه ڏيڻ جو قانون پاس ڪري ڇڏيو آھي.“
    ” تون دھشتگرد نه آھين.“ شاليءَ چيو، ” وڪيل تو کي گرفتاري لاءِ عدالت آڏو پيش ڪندا.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    چيائين، ” ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ڪونھي. ملڪ جي سرحدن تائين فرار لاءِ پھچي نه سگھندين. ملڪ ۾ ھوندين ته افغان گوريلا تو کي ماريندي ويرم نه ڪندا. ٻئي طرف پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا تنھنجي رت جا پياسا آھن. بھتر واٽ اھائي آھي ته تو کي گرفتاريءَ لاءِ عدالت آڏو پيش ڪجي.“
    گرفتاري جو لفظ ٻڌي، منھنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. دل ڦٿڪڻ لڳي.
    شاليءَ چيو، ” وڪيلن کي تو کي بيگناھ ثابت ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي. اسين روھڙي مان شاھد گھرائينداسين ته تون تارا چند نه آھين، ۽ گلاب، گلاب چند نه آھي. ڪجھه وقت ضرور لڳندو، پر تون افغان گوريلن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪمانڊرن جي گولين جو بک ٿيڻ کان بچي ويندين.“
    مون کي شاليءَ عجيب مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ھو. مون گرفتاري لاءِ ھڪ منٽ به نه سوچيو ھو.
    شاليءَ چيو، ” اسين عدالت کان تنھنجي حفاظت جي خاطري جي ضمانت وٺنداسين.“
    ان وقت مون ھڪ ٻن وڏين گاڏين جي اچڻ ۽ بيھڻ جو آواز ٻڌو. گيسٽ روم جي ھڪ دري پورچ ڏانھن ھئي. پورچ جا آواز واضع نموني گيسٽ روم ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيا.“
    شاليءَ چيو ، ” پڙدو نه ھٽائجانءَ. احتياط سان وٿي ڪري ڏس ته ڪير آيو آھي.“
    مون پڙدي کي وٿي ڪري ٻاھر ڏٺو. خاڪي وردين ۾ ملبوس ڪجھه فوجي جوان ٻن جيپن مان لھي رھيا ھئا. دريءَ وٽان ھٽندي چيم، ” فوجي آھن.“
    شالي گنڀير ٿي ويئي. جنت در کڙڪائي ڪمري ۾ ھلي آئي. شاليءَ سان مخاطب ٿيندي چيائين، ” ميڊم، ميجر پرويز سليم آيو آھي.“
    شاليءَ اطمينان سان چيو، ” کيس ٿوري دير لاءِ ڊرائنگ روم ۾ ويھار.“
    جنت ھڪدم ھلي ويئي.
    شاليءَ چيو، ” تون فڪر نه ڪر. منھنجي خيريت پڇڻ آيو ھوندو. تون منھنجي بيڊ روم ۾ ھليو وڃ.“
    مان در ڏانھن وڌي ويس. شاليءَ مون کي آھستي سڏ ڪيو. مان بيھي رھيس.
    منھن ورائي ڏانھنس ڏٺم. وک کڻي سندس ڀرسان وڃي بيٺس.
    شاليءَ چيو، ” اھو درست آھي ته مان خفيه ايجنسين لاءِ ڪم ڪندي آھيان. پر، اھو امڪان کان ٻاھر آھي جو ڪڏھن تو کي دوکو ڏيان.“
    مون ڪجھه نه چيو.
    ھن پنھنجو ھٿ اڳتي ڪيو. مون کيس پنھنجو ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. چيائين، ” مون کان ڪڏھن به بدگمان نه ٿيجان ءِ. جوڳي.“
    سندس ھٿ تي پيار ڪيم. ۽ چيم، ” چاھتن جي راھ ۾ يقين لاءِ تصديق جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آھي.“
    مان گسيٽ روم مان نڪري شاليءَ جي بيڊروم ڏانھن ھليو ويس.


    52

    مان شاليءَ جي بيڊروم ۾موٽي آيس. پاڻ سان بيچين ڪندڙ اڻ تڻ کڻي آيس. سڄي عمر مون ڪَنَ ڏيڻ ۽ جھاتيون پائڻ ۽ تاڙ رکڻ کان نفرت ڪئي آھي. پر، شالي جي ڪمري ۾ ھڪ ڀت کان ٻيءَ ڀت تائين چڪر ڪاٽيندي مون پاڻ کي مجبور ۽ لاچار محسوس ڪيو. مان پاڻ ڪن ڏيئي ميجر پرويز سليم ۽ شالي جي گفتگو ٻڌڻ کان روڪي نه سگھيس. پاڻ تي ڪاوڙ به آيم. پاڻ کي گھٽ وڌ به ڳالھايم. دل ۾ پاڻ کي گاريون به ڏنم، پر پاڻ کي ميجر پرويز سليم ۽ شاليءَ جي گفتگو نه ٻڌڻ تي آمادھ نه ڪري سگھيس. ھڪ بيھود جواز، سبب، ڱڻ ٿي پيو، ۽ ھر اَو ڱڻ تي حاوي ٿي پيو. وجود جي ڇڪتاڻ ھڪ ڌر ٻي ڌر کي قائل ڪرڻ لاءِ بحث ڪندي رھي. ھڪ عذر تي بحث بند ٿي ويو، مان ھن وقت بدترين حالتن جو شڪار آھيان، اھڙيءِ صورتحال ۾ شاليءَ ۽ ميجر پرويز سليم جي گفتگو ٻڌڻ ۾ ڪو عيب، ڪا خرابي نه آھي ! اھو ضروري آھي.
    مون کي پڪ ھئي ته ميجر ملڻ لاءِ گيسٽ روم ۾ ايندو ۽ شاليءَ سان ڳالھائيندو. شاليءَ جو ڊرائينگ روم تائين وڃڻ امڪان کان ٻاھر ھو. مان خبرداريءَ سان شاليءَ جي بيڊروم مان نڪري، ڪاريڊار لنگھي پوئين پاسي واري ٽيرس تي پھتس. ٽيرس جي پرئين ڪنڊ وٽان ھڪ لوھي گول ڏاڪڻ سڌو گيسٽ روم جي پويان وڃي لاھيندي ھئي. مان گول ڏاڪڻ لھي ويس. گيسٽ روم کي پوئين پاسي دري ھئي. دريءَ جي ڀرسان باٿ روم جو روشندان ھو. روشندان کليل ھو. سيءَ جي باوجود گيسٽ روم جي ھيٽر سبب شاليءَ کي ھڪدم مٿي ۾ سور ٿي پوندو ھو. تنھنڪريءَ ھو اڪثر بيڊروم جي، يا جتي ويھندي ھئي، تنھن ڪمري جي دريءَ جو ھڪ طاق کولائي ڇڏيندي ھئي.
    مان ڪروندڙو ٿي دريءَ وٽ ويھي رھيس.
    مون ميجر جو آواز ٻڌو. ھن چيو، ” ڪجھه ڳالھيون ھڪٻئي جي ڪڍ ۽ لاڳيتو ٿيون آھن، تنھنڪري سموريون ايجنسيون ھڪدم چوڪس ٿي پيون آھن.“
    شاليءَ کيس ڪو جواب نه ڏنو.
    ميجر چيو، ” تارا چند عرف جوڳي، يا جوڳي عرف تارا چند جو افغان مجاھدين جي اسپتال مان فرار ٿيڻ، ۽ ساڳيءَ رات تنھنجي ڪار تي خوني حملو محض اتفاق نه آھن.“
    مون شالي جو آواز ٻڌو. ھن سخت لھجي ۾ چيو، ” تنھنجو خيال آھي ته افغان مجاھدين جي اسپتال مان جوڳي جي فرار ۾ منھنجو ھٿ آھي؟“
    ” معاف ڪجان شڪيله.“ ميجر به ساڳئي نوع ۾ ڳالھايو. چيائين، ” افغان مجاھدين غداريءَ جو الزام ۾ پنھنجي سيئنر نرس کي مٿي ۾ گوليون ھڻي ماري وڌو آھي. اسان جي ايجنسي جو خيال آھي، بلڪه يقين آھي ته تارا چند جي فرار ۾ سينئر نرس جو سنئون سڌو ھٿ ھو، تنھنڪري افغا ن مجاھدين کيس ماري وڌو.“
    مون کي ائين لڳو، ڄڻ خوفناڪ زلزلو آيو، سڀ ڪجھه ڊھي پٽ ٿي ويو. ڪجھه باقي نه بچيو. ڌرتيءَ جو سينو مسلسل ڪنبندو رھيو. ڊھي ويل شھر مان دز ۽ مٽي اڏامندي رھي ھڪ گمنام رشتي جي حوالي سان مٽي مون کي زيتون جي ياد ڏياريندي رھي. سسٽر زيتون جي مرڻ جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مان سمجھان ٿو، سسٽر زيتون کي پڪ ھئي ته منھنجي فرار ٿيڻ کان پوءِ افغان مجاھدين کيس جيئرو نه ڇڏيندا.
    مون منھن مونن ۾ وجھي ڇڏيو، سسٽر زيتون جي آخري جملي جو پڙلاءُ ايندو رھيو، منھنجي وجود ۾ ڌونڌاڙيندو رھيو، مون کي خبر آھي، اسين ٻيھر ھڪٻئي سان نه ملي سگھنداسين، ۽ نه ئي ھڪٻئي کي ڏسي سگھنداسين.
    ميجر جو آواز ٻين آوازن تي حاوي ٿي ويو. ھن چيو، ” جيڪڏھن سينئر نرس کي غداري جي الزام ۾ مجاھد نه مارين ھا، ته گھٽ ۾ گھٽ منھنجو شڪ تو ۾ پختو ٿي وڃي ھا.“
    شالي چيو، ” تون چرچا پيو ڪرين، يا سنجيدھ آھين.“
    ” مان سنجيدھ آھيان.“ ميجر چيو.
    ” جيڪڏھن تون سنجيدھ آھين ته پوءِ ان موضوع تي وڌيڪ مان تو سان ڪجھه نه ڳالھائيندس.“ شالي چيو، ” تون پنھنجو ۽ منھنجو وقت وڃائي رھيو آھين. ھونءَ به ڊاڪٽر مون کي مڪمل آرام جي ھدايت ڪئي آھي.“
    ميجر ڪجھه دير جي خاموشي کان پوءِ چيو، ” ٻن ٽن سالن کان اسين غور سان تنھنجي دلچسپي تارا چند ۾ ڏسي رھيا ھئاسين. پر تڏھن اسان تارا چند کي فقط جوڳي سمجھيو ھو، بيڪار، اڻ گھڙيل، ھڪ غير سنجيدھ شخص.“
    شاليءَ کيس ڪو جواب نه ڏنو.
    ميجر پڇيو، ” ڇا تو کي سچ پچ خبر نه ھئي ته جوڳي دشمن جو ايجنٽ تارا چند آھي ! “
    ” جيستائين مون کي خبر آھي، جوڳي دشمن جو ايجنٽ نه آھيان.“ شاليءَ سخت لھجي ۾ ذري گھٽ رڙ ڪندي چيو ” ۽ مون کي پڪ آھي ته ھن جو نالو جوڳي آھي. ھن جو نالو تارا چند نه آھي.“
    دل چاھيو، دري جي طاق وچان رڙ ڪري شالي کي چوان، پاڻ کي مصيبتن جي منھن ۾ نه وجھه شالي – مقتل ڏانھن ويندڙ منھنجي راھ کي روشن نه ڪر – چئه ته مان تارا چند آھيان، دشمن جو ايجنٽ آھيان – را جو تربيت يافته آھيان !
    ” عجيب اتفاق آھي ته ڪالھه تارا چند افغان مجاھدين جي اسپتال مان فرار ٿيو ھو، ۽ ساڳيءَ رات تنھنجي ڪار تي خونيءَ حملو ٿيو ھو.“ ميجر ٺٺوليءَ واري لھجي ۾ چيو، ” ڪيئن ! آھي نه حيران ڪندڙ اتفاق جي ڳالھه !“
    شالي ڪاوڙ واري لھجي ۾ چيو، ” ميجر پرويز سليم، تون منھنجي طبيعت بابت پڇا ڪرڻ آيو آھين، يا آڏي پڇا ڪرڻ آيو آھين !“
    مون کي ميجر سليم تي ڪاوڙ آئي. دل چاھيو ته ڪمري ۾ ڪاھي پوان – کيس جيئرو نه ڇڏيان. سندس مٿو ڀتين سان ھڻي پاش پاش ڪري ڇڏيان. سندس عضوو عضوو چٿي ڇڏيان ! ڏٺائين پئي ته شالي ھيڻي ھئي، ڪمزور ھئي، ڳالھائيندي ڳالھائيندي ساڻي ٿي پئي ھئي، تنھن ھوندي به ھو ڪنھن بيھودي، اڻپڙھيل ۽ ظالم تفتيشي پوليس آفيسر وانگر کيس آڏي پڇا جي ڄار ۾ ڦاسائيندو پئي ويو.
    ميجر تمام بي رحم انداز اختيار ڪندي چيو، ” ھيڏانھن اچڻ کان اڳ مان ماڊرن موٽر ز جي ورڪشاپ ويو ھوس.“
    خاموشي جو لمحو آيو. ٻنھي مان ڪنھن نه ڳالھايو. گيراج ۾ موٽر بيھارڻ کان پوءِ مون کي رکي رکي خيال آيو ھو ته مان پاڻ پائيپ کڻي موٽر اندران ٻاھران ڌوئي، رت جي داغن کان صاف ڪري ڇڏيان. پر، جنت مون کي روڪي ڇڏيو ھو. ميجر جو جملو ٻڌڻ کان پوءِ مون پاڻ کي ملامت ڪئي، ۽ دل ئي دل ۾ جنت کي گھٽ وڌ ڳالھايو.
    مون ميجر جو آواز ٻڌو. ميجر چيو، ” سُڪُي وڃڻ کان پوءِ رت جو داغ مشڪل سان صاف ٿيندو آھي. منھنجي پھچڻ کان اڳ مسترين گاڏيءَ جو پوش لاھي، سيٽون ڪڍي ڇڏيون ھيون. اسان ورڪشاپ جي فورمين اصغر کي گرفتار ڪيو آھي.“
    ” توھان اصغر کي گرفتار ڪيو آھي ! “ شالي رڙ ڪندي چيو، ” تنھنجو دماغ خراب ته ناھي ! ڇا جي ڪري ھن ويچاري کي گرفتار ڪيو اٿو؟ ڪھڙي ڏوھ ۾ کيس پڪڙيو اٿو؟“
    ” ھن سيٽن تان پوش ۽ سيٽن جي مٿان ريگزين لاھي ساڙي ڇڏيا ھئا.“ ميجر برف جھڙي سڙد لھجي ۾ جواب ڏنو.
    ” ريگزين ۽ پوش ساڙي ڇڏڻ ڏوھ آھي؟“ شالي سخت لھجي ۾ چيو.
    ” ھا، ڏوھ آھي. موجوده صورتحال ۾.“ ميجر چيو، ” تو تي خوني حملو ٿيو ھو. اصولي طرح ثابتيءَ ۽ شاھدي لاءِ ڪار جيئن جو تيئن موجود ھئڻ گھرجي ھا.“
    “ مون کي نه ته حملي لاءِ رپورٽ داخل ڪرائڻي آھي، ۽ نه ئي مون کي ڪنھن تي شڪ آھي.“ شالي چيو، ” مان اخبارن کان پري رھڻ پسند ڪندي آھيان.“
    ” بظاھر تنھنجي ڳالھه درست آھي.“ ميجر چيو، ” پر، ڇا ڪجي جو واقعا ھڪٻئي جي ڪڍ رونما ٿيا آھن. تارا چند جو افغان اسپتال مان فرار ٿيڻ، سينئير نرس جو موت، ۽ تنھنجي گاڏي تي حملو.“
    مان سمجھان ٿو، شالي منجھي پئي ھئي. ميجر کي ھڪدم جواب ڏيئي نه سگھي ھئي.
    ميجر چيو، ” شڪيله، يقين ڪر عام حالتن ۾ تنھنجي گاڏي تي حملو ٿئي ھا، ته اسين، گھٽ ۾ گھٽ مان، سرڪاري سطح تي تفتيش ۾ دلچسپي نه وٺان ھا، پر شخصي طرح کوج لڳائي مان حملي آورن کي پنھنجي ساءِ ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيان ھا.“
    ميجر پرويز سليم جي بدليل لھجي مون کي اجرچ ۾ وجھي ڇڏيو. مون محسوس ڪيو ته اسلام آباد ۾ شاليءَ جي بيشمار چاھڻ وارن مان ميجر ھڪ ھو. ڪوشش جي باوجود ھو، لڳم پئي، سخت گير تفتيشي آفيسر واري ڪردار مان ٻاھر نڪري آيو ھو.
    ” تون ڇا ٿي سمجھين، شڪيله! مان توکي ھن معاملي ۾ ملوث ٿيڻ ڏيندس! نه، نه ھرگز نه.“ ميجر چيو، ” تاراچند ملڪ جو دشمن آھي. مان ھن کي ڳولي لھندس، پر تو کي سموري معاملي کان پري رکندس.“
    بيچين ڪندڙ خاموشي ڇانئجي ويئي.
    ” يقين ڪر ميجر، جوڳي دشمن جو ايجنٽ ناھي.“ شاليءَ چيو، ” ۽ نه ئي ھن جو نالو تاراچند آھي.“
    ” ايجنسيءَ لاءِ مخبري ڪرڻ، يا ايجنٽ ٿي ڪم ڪرڻ ۾ ۽ باقاعدھ ڀرتي ٿي ڪم ڪرڻ ۾ فرق آھي.“ ميجر چيو، ” مان تربيت ورتل آھيان. مان يقين سان چئي سگھان ٿو ته تارا چند پاڻ کي جوڳيءَ جي روپ ۾ ظاھر ڪيو آھي. ھودھشتگرد آھي، دشمن جو ايجنٽ آھي.“
    خاموشيءَ جي ڊگھي لمحي مان سيءَ ۾ ڪنبندو رھيس.
    ” ۽ مان اھو به ڄاڻان ٿو ھن تنھنجي دل ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪري ورتي آھي.“ ميجر ھڪ عام رواجي رقيب واري سطح تي لھي آيو. چيائين، ” پر، يقين ڪر شڪيله، ھو دشمن جو ايجنٽ آھي. پوليس کي تفتيش دوران واضع ثبوت ھٿ آيا آھن. مان تنھنجي ڪيفيت سمجھي سگھان ٿو، محسوس ڪري سگھان ٿو، پر، شڪيله ملڪ کان مٿي ھڪ شخص ته ٿي نه ٿو سگھي ! ۽ سو به دشمن جو ايجنٽ، تخربيڪار، ۽ دھشتگرد!“
    شاليءَ چيو، ” پوليس وٽ ڪھڙو ثبوت آھي، ته جوڳي دشمن جو ايجنٽ ۽ دھشتگرد آھي؟“
    ڪجھه گھڙيون خاموش رھڻ کانپوءِ ميجر ڳالھايو. چيائين، ” تارا چند عرف جوڳيءَ خلاف سڀ کان وڏي گواھي ۽ ثابتي گلاب جو تحريري، ۽... .“
    ميجر پنھنجو جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    شاليءَ پڇيو، ” ۽، ڇا؟“
    ميجر چيو، ” پوليس ڪجھه معتبر شاھدن جي موجودگي ۾ گلاب چند عرف گلاب احمد جو بيان ٽيب تي رڪارڊ ڪيو آھي.“
    ” بڪواس ! سراسر بڪواس “ شاليءَ ڪاوڙ وچان چيو، ” گلاب پيدائشي گونگو آھي.“
    ” پوليس جو به اھوئي خيال ھو.“ ميجر چيو، ” ڏاڍو سخت جان ۽ تربيت يافته نڪتو. وڏيءَ جاکوڙ ۽ حيلن کان پوءِ ڳالھايائين – نيٺ ڳالھايائين.“
    ” ناممڪن آھي، اھو ممڪن ناھي ميجر پرويز سليم “ شالي باھي ٿي ويئي. سندس لھجي ۽ آواز مان اندازو لڳايم ته ھوءَ ذري گھٽ وڙھڻ لاءِ تيار ٿي پيئي ھئي. چيائين، ” جيئن سج اولھه کان نه اڀرندو آھي، تيئن گلاب گونگي جو ڳالھائڻ امڪان کان ٻاھر آھي. پوليس ۽ تون، ميجر ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاھيو؟ مان عدالت ۾ گلاب جي ڳالھائڻ کي چيلينج ڪندس. جيستائين گلاب عدالت ۾، ججن آڏو نه ڳالھائيندو، تيستائين پوليس طرفان تيار ڪيل ڪيسٽ کي قانوني حيثيث نه ملي سگھندي.“
    ميجر ٿڌي ۽ بي رحم لھجي ۾ چيو، ” تربيت ورتل دشمن جا ايجنٽ فقط ھڪ دفعو ڳالھائيندا آھن. گلاب چند ھڪ دفعو ڳالھايو، ھينئر ھو ڳالھائي نه سگھندو.“
    شاليءَ رڙ ڪندي پڇيو، ” ڇو نه ڳالھائي سگھندو؟ گلاب جيڪڏھن تفتيش دوران پوليس آڏو ڳالھايو آھي، ۽ سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو آھي، ته پوءِ کيس عدالت ۾ ججن آڏو ڳالھائڻو پوندو. گلاب کي ڳالھائڻو پوندو.“
    ميجر چيو، ” يقين ڪر شڪيله، منھنجي ڳالھه تي يقين ڪر. گلاب چند عدالت ۾ نه ڳالھائيندو. عدالت ۾ فقط رڪارڊ ڪيل ڪيسٽ پيش ڪئي ويندي، بس ڪيسٽ.“
    ” فقط ڪيسٽ ڇو؟“ شاليءَ چيو، ” گلاب جيڪڏھن سچ پچ ڳالھايو آھي، ته پوءِ کيس عدالت ۾ به، وڪيلن ۽ ججن جي آڏو ڳالھائڻو پوندو.“
    ميجر چيو، ” نه ڳالھائيندو.“
    شاليءَ پڇيو، ” آخر ڇو نه ڳالھائيندو؟ ۽ جيڪڏھن عدالت ۾ ججن آڏو نه ڳالھائيندو، ته پوءِ سندس ڪيسٽ تي ڪير يقين ڪندو !“
    ” شڪيله “ ميجر چيو، ” بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ گلاب خودڪشي ڪري ڇڏي.“
    جواب ۾ شالي الائي ڇا چيو، مون کي ٻڌڻ ۾ نه آيو. پر مون ڪائنات ۾ فنا جي صور گونجندي ٻڌي، وڻ پاڙون پٽجي ويا، درياھ اٿلي پيا، جبل ڪپھه جي گولن وانگر طوفان ۾ اڏامڻ لڳا، سج سوا نيزي تي لھي آيو، سمورا سمنڊ ٽھڪڻ لڳا.
    قيامت ايندي، الائي ڪڏھن ايندي، پر منھنجي لاءِ قيامت آئي ، ۽ محشر جي مھل کي منھنجي لاءِ عذاب وانگر ڇڏي ھلي ويئي. منھنجو وجود ڪروڌ ۾ بدلجي ويو. ٻرندڙ جبلن مان ڦاٽ کائي نڪرڻ واري لاوي جو ٻيو نالو جيڪڏھن نفرت ۽ انتقام آھي، ته پوءِ، گلاب جي دردناڪ موت جي خبر ٻڌي منھنجي وجود مان، وجود جي ھڪ ھڪ پور مان نفرت ۽ انتقام جو لاوو ڦاٽ کائي نڪري آيو. سوچ ۽ سمجھه جو ھڪ ھڪ عنصر سڙي ڀسم ٿي رھيوھو. شاھ لطيف ڪھڙي فھم ۽ مطلب سان ٿھو نگاريو ھو، ” ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءَ مرڪ “، پر مون نفرت ۽ انتقام جي ڀنڀٽ ۾ ڀسم ٿيندي جھونگاريو، ” ھڻڻ ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرڪ.“
    نه ھوش باقي رھيو، ۽ نه حواس تي قابو. کامندي، سڙندي ۽ پڄرندي، عذاب ۾ چيچلائيندي، مان وڄ وانگر پوليس اسٽيشن ڏانھن وڌنڌو ويس، ۽ درد وانگر وڏي واڪ ورجائيندو ويس، ” ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ،مانجھيان ايءُ مرڪ – ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرڪ. سموري ماحول ۽ سموري ڪائنات مان آواز ايندو رھيو، ھڻڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرڪ. آوازن جي ٻرندڙ جھنگ مان نڪري الائي ڪيئن ۽ ڪيتري دير ۾ مان ٿاڻي تي پھتس. ھوش نه ھئڻ جي باوجود مان ھوش ۾ آيس.
    ٿاڻي ۾، بدحواسي ۽ نفرت وچان داخل ٿيندي، مون ٻن چئن سپاھين کي ڦٽي وڌو ھو. پوءِ جڏھن ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ پھتس ته سپاھين جي لوڌ منھنجي ڪڍ ڪمري ۾ ڪاھي آئي. ڪروڌ وچان مون انسپيڪٽر کي سيني تي لت وھائي ڪڍي. ھو بولاٽيون کائي ڪرسي تان ڪري پيو. ھڪدم کيس ٻانھن ۾ کڻي، ڦيرائي ڀت سان ھنيم. ڪرڻ شرط ھن روالور ڪڍي ورتو. ھڪ گولي مون کي سٿر ۾، ۽ ٻي پيٽ ۾ لڳي. مان مٿان وڃي ڪريومانس. ڏند ڪرٽيندي چيم، ” تون گلاب جو قاتل آھين – تون گونگي گگدام جو قاتل آھين. مان تو کي جيئرو نه ڇڏيندس، ڪتا، ڪمينا مان تو کي جيئرو نه ڇڏيندس.“
    انسپيڪٽر ٽين گولي ھلائي ڇڏي. مون کي ائين محسوس ٿيو ! منھنجي سيني ۾ ڄڻ باھ جو ٻرندر جبل ڦاٽي پيو. ٽين گولي مون کي سيني ۾ لڳي ھئي. سمورو ماحول دونھين وانگر ڌڏندي منھنجي اکين کان اوجھل ٿي ويو. مان پراسرار خلائن ۾ اڏامندو ويس. ھوائن جي سمنڊ ۾ اڻ ڏٺي منزل ڏانھن ترندو ويس – ٻڏندو ويس. تان جو مون کي ڪجھه ياد نه رھيو. سڀ ڪجھه مسمار ٿي ويو، ميسارجي ويو. وقت، ماحول، ۽ ماحول جي بي رحمي، سڀ ڪجھه بي مطلب ٿي پيو. بقا بي معني ٿي پيئي، ۽ فنا کي معني ملي ويئي.
    مون کي ڪجھه ياد ڪونھي ته آخري سفر تائين ڪيئن ۽ ڪڏھن مان موٽي آيو ھوس بي بقا دنيا ۾ ٻيھر موجودگيءَ جو احساس تڏھن ٿيو ھو، جڏھن ھوش اچڻ کان پوءِ مون پاڻ کي پٽين ۾ ويڙھيل، راولپنڊيءَ جي ڊسٽرڪٽ ھاسپيٽل ۾ ڏٺو ھو. منھنجي مٿان ھٿياربند سپاھين جو پھرو ھو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343859
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ