ڪتاب جو نالو: اقرار به، انڪار به
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 17 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1441 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 383 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اقرار به، انڪار به“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. يوسف سنڌي لکي ٿو:

”هي لکيل بي ترتيب ساروڻا، ڪجهه احساس ۽ زندگيءَ جي اُٿلايل صفحن جا ڪي ورق آهن. ڪي ورق ڪتاب مان ئي ڦاٽي ويا آهن، ڪي پُسي وڃڻ سبب هاڻ پڙهڻ ۾ ئي نٿا اچن ۽ باقي جيڪي بچيا آهن، سي حاضر آهن.
آئون سڄي عمر مايوسين، مونجهارن ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهيو آهيان. انهن مان نڪرڻ لاءِ مون ڪتابن جو سهارو ۽ انهن ۾ اچي پناهه ورتي. ۽ سچ ته انهن ڪتابن مونکي سهاري سان گڏ پناهه به ڏني ۽ منهنجي اَشانت آتما کي شانت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ هاڻ انهن سڀني کي هن ڪتاب جي ورقن ۾ لاهي پاڻ کي هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ا رپنا
  • زندگيءَ جي حقيقت
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14. ماڻهو منهنجي ڳوٺ جا
  • 15. هن دل جي تنهائي، تون ڇا ڄاڻين!؟
  • 16. منهنجي پسند جا ڪتاب

  • ڪتاب بابت

    سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر _ 121

    ڪتاب جو نالو : اقرار به، انڪار به (ڀاڱو پهريون)
    موضوع : يادگيريون
    ليکڪ : يوسف سنڌي
    ڇاپو (پهريون) : 2016ع
    ٽائٽل / لي آئوٽ : مور ساگر / جهانزيب علي جوڻيجو
    ڪمپوزنگ : موهن مدهوش (انٽيل ڪمپوزرس)
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر گاڏي کاتو
    حيدرچوڪ حيدرآباد (12) 03332634650
    ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر- دڙو فون: 3640468-0301
    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ا رپنا

    ارپيم
    پنهنجي مرحومه ناني
    ڌنيٰ
    کي.


    زندگيءَ جي حقيقت

    زندگيءَ جي حقيقت ته رڳو ڪجهه سٽن ۾ ئي بيان
    ٿي سگهي ٿي،
    ته پوءِ
    ڪتابن جا هيترا ڍڳ ڇو؟

    ته جيئن اسين
    انهن سٽن کي سمجهڻ جي قابل ٿي سگهون.

    ــ پائيلو ڪوهيلو
    (الڪيمسٽ)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (294) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اقرار به، انڪار به“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. يوسف سنڌي لکي ٿو:

    ”هي لکيل بي ترتيب ساروڻا، ڪجهه احساس ۽ زندگيءَ جي اُٿلايل صفحن جا ڪي ورق آهن. ڪي ورق ڪتاب مان ئي ڦاٽي ويا آهن، ڪي پُسي وڃڻ سبب هاڻ پڙهڻ ۾ ئي نٿا اچن ۽ باقي جيڪي بچيا آهن، سي حاضر آهن.
    آئون سڄي عمر مايوسين، مونجهارن ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهيو آهيان. انهن مان نڪرڻ لاءِ مون ڪتابن جو سهارو ۽ انهن ۾ اچي پناهه ورتي. ۽ سچ ته انهن ڪتابن مونکي سهاري سان گڏ پناهه به ڏني ۽ منهنجي اَشانت آتما کي شانت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ هاڻ انهن سڀني کي هن ڪتاب جي ورقن ۾ لاهي پاڻ کي هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“

    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    مہل کہ عمر بہ بیہودہ بگذرد حافظ،
    بکوش و حاصل عمر عزیز را دریاب۔
    (حافظ)

    [اي حافظ! ڪوشش متان ڇڏينءَ، ته جيئن تنهنجي عمر اجائي نه گذري، اُن ڳالهه جي ڪوشش ڪندو رهه ته جيئن پنهنجي پياري زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪري وٺين.]

    مون هي يادگيريون ڇو لکيون آهن؟ لکيون ڪٿي اٿم، هيءَ ته لکجي ويون آهن، مختلف نوٽ بوڪن ۾، ڊائرين ۾، ۽ اخباري ڪالمن ۾...
    ۽ اهو سڀ ڪجهه گذريل ويهن پنجويهن سالن کان لکندو پيو اچان، جڏهن جوان نه پر نوجوان هئس. رت گرم، جذبا جوان، اک ڪڪڙي، ۽ زبان قئنچي وانگر هلندڙ- اها پرهه ڦٽيءَ هئي. صبح هو. منجهند کانپوءِ هاڻ زندگيءَ جو سفر شام ڏانهن لڙڻ شروع ٿيو آهي. معنيٰ انت ڏانهن سفر.
    آئون گذريل ڪيترن ئي سالن کان عجيب و غريب ڪيفيت ۾ مبتلا رهيو آهيان. نراسائي ۽ ڏک منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويهي رهيا آهن. پر مون ظاهري طور انهن جي ڪڏهن به لکا ناهي ڏني. ان نراسائيءَ ۽ ڏک جي پويان اهي طويل بي وفايون، دوکا ۽ اپمان آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ پلئه پيا اٿم. ان ڪري گهڻين شين تان ايمان به کڄي ويو اٿم. گهڻو ڪجهه وڃائجي ويو اٿم، انهن جي ڳولها جي جستجوءَ ۾ ڪي نوان لقاءَ به پسجن ٿا. پر اهو سڀ ڪجهه نٿو لڀجي، جنهن لاءِ روح بي چين، اکيون آتيون، ذهن بي قرار آهي. شايد وڃائجي وڃڻ ۽ وري نه لڀجڻ به هن دنيا جو فلسفو آهي. ۽ ان فلسفي تحت هڪ ڏينهن آئون به سدائين جي لاءِ گم ٿي ويندس، نه لڀجڻ لاءِ.
    هي لکيل بي ترتيب ساروڻا، ڪجهه احساس ۽ زندگيءَ جي اُٿلايل صفحن جا ڪي ورق آهن. ڪي ورق ڪتاب مان ئي ڦاٽي ويا آهن، ڪي پُسي وڃڻ سبب هاڻ پڙهڻ ۾ ئي نٿا اچن ۽ باقي جيڪي بچيا آهن، سي حاضر آهن.
    آئون سڄي عمر مايوسين، مونجهارن ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهيو آهيان. انهن مان نڪرڻ لاءِ مون ڪتابن جو سهارو ۽ انهن ۾ اچي پناهه ورتي. ۽ سچ ته انهن ڪتابن مونکي سهاري سان گڏ پناهه به ڏني ۽ منهنجي اَشانت آتما کي شانت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ هاڻ انهن سڀني کي هن ڪتاب جي ورقن ۾ لاهي پاڻ کي هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
    سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو ’گدائي‘،
    گذري ويو، بهرحال گذاري ڇڏيو سين.

    يوسف سنڌي


    1

    لکين سج لهي ويا
    کيڙيندي کارو... آيل سامونڊين جي!
    (تاجل بيوس)

    زندگي، جنهن تيزيءَ سان گذري پيئي، اُن تي عجب وٺيو وڃي. ڪئين بهارون آيون، اونهارا آيا، خزان جا پَن ڇڻيا، سيارا آيا ۽ پارا پيا.... ڄڻ ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه هئي.
    هاڻ جڏهن زندگيءَ جي شام ۾ سفر جاري آهي ته پنهنجي ڪهاڻي لکڻ ٿو شروع ڪريان. پوين سالن ۾ جيڪي ڪجهه ڪَتيو اٿم، سو ترتيب وار نه ئي سهي، بي ترتيب ئي ٻُڌائڻ شروع ٿو ڪريان. جو پوين سالن ۾ جيڪي به بهارون آيون، طوفان آيا، خزائون آيون، تن تي نهار وجهان ٿو ته:
    سسئي سورن ساڻ، سنڀوڙي سيد چئي.
    سچي ڳالهه اها آهي ته گذريل زندگيءَ ۾ ڪو ايڏو وڏو ڪارنامو يا ڪم سرانجام نه ڏنو اٿم، جو فخر سان ويهي ٻُڌايان. منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڇا آهي؟ اُن ۾ ڪهڙي نرالي ڳالهه آهي، جو لکڻ ويٺو آهيان. اهو سوال هينئر منهنجي ذهن ۾ پڻ آهي، جنهن جو جواب مونکي به نٿو سُجهي. جي سُجهيم ته اوهان کي ضرور ٻُڌائيندس.
    جيڪو ’اڄ‘ آهي، سو ’اڄ‘ آهي، جيڪو ڪالهه هو، اُهو گذري ويو. سڀاڻي ڇا ٿيندو، اُن جي ڪنهن کي به ڪَل ڪونهي. ان اصول تي هلندي، جيئن به آهي، جيڪو به آهي، سو حاضر آهي. بس اهو ٻول توهان سان، ضرور ٿو ڪريان ته، جيڪو ڪجهه ڏٺو اٿم، ٻُڌو اٿم، پرايو اٿم، سو جيئن جو تيئن بنا ڪنهن ڍڪ ڇپ جي، بنا ڪنهن رک رکانءُ جي بيان ڪندس. چوندا آهن ته سچ جي سهاري دنيا ۽ آخرت ۾ سڻائي ٿئي ٿي، سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ، پر مون جيڪي ڪجهه ڏٺو آهي، اهو ان جي اُبتڙ- هتي جيڪو گامون سچار ٿئي ٿو، سو ويل ۾ آهي. مٿس موچڙن جو سٽڪو آهي، باقي ڪوڙو، سو جيترو وڏو ڪوڙو، اوڏو وڏو مهان انسان، هر قسم جي دنياوي ٺٺ ٺانگر، جاه جلال، عيش عشرت سڀ سندس لاءِ وقف، باقي آخرت جي ڪنهن کي پرواهه آهي، جو ويٺو سچ ڳالهائي هن جهان ۾ لوڙي.
    منهنجي زندگي ڄڻ هن بيت جي تفسير آهي:
    سيوا ڪر سَمونڊَ جِي، جِتِ جَرُ وهي ٿو جالَ،
    سَئين وَهَن سيِرَ ۾، ماڻڪ، موتِي، لالَ،
    جي ماسو جُڙيئي مالَ، ته پوُڄارا! پُرِ ٿِئين.
    اهو ’ماسو‘ جي ملي پوي ته ’ٻيڙا پار‘ ٿي وڃن. باقي ’تولو‘ ۽ ’ڇٽانگ‘ گهٽ ۾ گهٽ، منهنجي ته سَڌ ئي ٿي سگهي ٿي.
    بابا، امان ۽ منهنجون ڀينرون منهنجي جنم تي ڏاڍيون سُرهيون ٿيون هيون. جو بابا ۽ امان کي مون کان اڳ ڪو پُٽ جو اولاد نه هو ۽ منهنجي ڀينرن کي ڪو ڀاءُ نه هو. مون کان اڳ منهنجون ٽي ڀينرون عزيزان، مريم ۽ غلام فاطمھ ۽ منهنجي پويان منهنجي ننڍي ڀيڻ ياسمين ڄائي. منهنجي ڀيڻ مريم ڦوهه جوانيءَ ۾ ٽيهن سالن جي عمر ۾، ڇتي ڪُتي جي کائڻ سبب 1984ع ۾ ۽ منهنجي ڀيڻ ياسمين به اٺاويهين سالن جي عمر ۾ معمولي بيماريءَ کان پوءِ گذاري ويون. منهنجي انهن ٻنهي ڀيڻن جي وفات جو صدمو امان ڪيئن سَٺو هوندو، اهو هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. امان باقي عمر پل ۾ تولو ۽ پل ۾ ماسو رهي. امان 22 نومبر 2009ع تي وفات ڪئي. امان جي وفات تي جڏهن کيس دفنائي گهر موٽياسين ۽ سندس ڪمرو خالي ڏٺم ته کن پل ۾ منهنجو سڄو وجود کوکلو ۽ اجايو بنجي ويو.
    بابا، پهرين ڍڳا گاڏو هلائيندو هو. سندس هڪ ”بَگو“ ڍڳو، گهڻو مشهور ۽ هلڻ جو صفا ’مِٿو‘ هوندو هو، تنهنڪري بابا جي بيل گاڏي اڪثر ٻين گاڏرن کان گهڻو پوئتي رهجي ويندي هئي. بابا کي گهڻن ئي اهو ڍڳو وڪڻي، ٻيو ڀلو ڍڳو وٺڻ جي صلاح ڏني، پر هن نه مڃي. چوندو هو ته ’روزي آهي منهنجي ربّ تي، جيڪا نصيب ۾ هوندي، سا ملندي، باقي هن بي زبان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو وڪڻان. الائجي ڪنهن جي پناري پوي. هي ٻئي ڍڳا منهنجا پُٽ آهن، بگو وڏو پُٽ اٿم ۽ ٻيئي مونکي ايترا مٺا آهن جيترو ’جوسب‘ مٺو اٿم.‘
    بابا جي مال سان اها محبت سڄي ڄمار جاري رهي. ڍڳا گاڏي وڪيائين ته پوءِ مال جو اهو ’ڪورانڀو‘ مينهن ۽ ڍڳين تي ٿيس. صبح جو سوير اُٿي مينهن ۽ ڍڳي کوليندو هو ۽ نوين، ڏهين بجي تائين کين وڙڪائي، ڪک پن چاري، ڌڻ جي حوالي ڪري پوءِ واپس ورندو هو. اڳتي هلي جڏهن صفا اکين کان ويهي رهيو ته اسان مٿا مونا هڻي، کيس باقي بچيل ٻه مينهون وڪڻڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ جڏهن به کير کيئڻ ويهندو هو ته ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو هو، ”ير! قسمت مون سان ڪئي آهي... نه ته منهنجا ٻچا ڌاريون کير ڪيئن پيئن!“
    بابا صبح جو سوير ٻين گاڏرن سان ويندو هو، ڪڏهن سانجهي ته ڪڏهن سومهڻي ورندو هو. موٽڻ مهل ڪانه ڪا شئي سندس ”ٽوال“ ۾ ٻڌل هوندي هئي. جي، جاڳيل هوندا هئاسين ته آئون ۽ ادي گُلي (غلام فاطمه) ڊوڙي وڃي کانئس اها وٺندا هئاسين ۽ اُتي ئي کولي کيئڻ شروع ڪندا هئاسين ۽ ان شئي جا چاٻا ئي ٻه ڪندا هئاسين. اهو سلسلو تيستائين هليو، جيستائين هو ڍڳا گاڏي هلائيندو هو.
    امڙ جي ڪُک مان منهنجو جنم صبح جو ٻارهين ڌاري ٿيو. اهو پهرين آڪٽوبر جو ڏينهن ۽ عيسوي سال 1964ع هو. سال کان به گهٽ عرصو پوءِ 1965ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪا مونکي ته صفا ياد ڪونهي. باقي امان ٻُڌائيندي آهي ته ’بليڪ آئوٽ‘ جي ڪري بتي صفا نه ٻاريندا هئاسين ۽ اوندهه جي ڪري آئون صفا سُمهي نه سگهندو هوس ۽ امان سَڄيون سَڄيون راتيون ويهي اڇو صبح ڪندي هئي مون سان گڏ!
    اسڪولي رڪارڊ ۾ منهنجي جنم 2 جنوري 1967ع لکيل آهي. ڀلا، اُن معمولي تبديليءَ سان ٿئي به ڇا ٿو؟ انهن ٽن سالن جي فرق سان دنيا ۾ ته کڻي ننڍو ليکبس، پر موت جو ملائڪ عين اُن مهل اچي وَٺ ڪندو، جيڪو اصل هوندو. هُن جي اڳيان عمر گهٽائڻ جا ڪي به سرٽيفڪيٽ ڪم ڪين ايندا.
    منهنجي جنم ڏينهن پهرين آڪٽوبر تي ڪي به شادما ڪين ٿيندا آهن. جيئن فريڊرڪ نٽشيءَ جي جنم ڏينهن پندرهين آڪٽوبر تي ٿيندا هئا، جو ساڳئي ڏينهن 15 آڪٽوبر تي پرشيا جي بادشاهه ’فريڊرڪ وليم چوٿين‘ جو جنم ڏهاڙو هو ۽ بادشاهه سان پنهنجي وفاداريءَ جو مظاهرو ڪندي پيءُ پٽ جو نالو به ’فريڊرڪ‘ رکيو.
    نٽشي ته پنهنجي والد کي دعائون پيو ڪندو هو، جڏهن هو ننڍو هو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو، جو ڏسندو هو ته سندس جنم ڏينهن تي ملڪ ۾ شادمانا پيا ٿين. فريڊرڪ نٽشي وڏو ٿي، وڏو عالم ۽ فلاسافر ٿيو.
    پهرين آڪٽوبر، سنڌين لاءِ سدائين قيامت برپا ڪئي آهي. 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر سنڌ جي تاريخ ۾ ڪارا ڏينهن آهن، جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ 1988ع ۾ بيگناهه ماڻهن کي قاتلن ۽ دهشتگردن پنهنجي گولين جو نشانو بنايو ۽ کين شهيد ڪيو.
    ساڳئي نموني پهرين آڪٽوبر 2012ع تي سنڌين جي ووٽن سان چونڊجي آيل پيپلز پارٽيءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مفاهمتي پاليسيءَ تحت پنجن منٽن اندر، بنا بحث مباحثي جي، بلدياتي نظام جو بل منظور ڪري، ’هڪ سنڌ ۾ ٻه نظام‘ لاڳو ڪري، سنڌ سان عظيم غداري ڪئي. ان ڏينهن آئون صبح جو سوير اُٿي نسيم نگر چوڪ تي ’قومي عوامي تحريڪ‘ جي هلندڙ بک هڙتال تي وڃي ويٺس. ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ ’سنڌ بچايو ڪميٽيءَ‘ پاران شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال هئي. سنڌين پاڻ ملهايو ۽ هڙتال جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي، ان نظام کي رد ڪري ڇڏيو، پر حڪمران طبقي روايتي غداريءَ جو ثبوت ڏنو.
    ان ڏينهن منهنجي اندر مان اُلا پي نڪتا. ٻين بجي تائين بُک هڙتال تي ويٺو رهيس. ڪئمپ تي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو به موجود هو. آئون سندس ڀر ۾ ويٺو هوس، جو اياز مُڙي مون کان هڪ سوال ڪيو، ”سنڌي ماڻهو ميڊيا جي هيڏي وٺ وٺان جي باوجود به پنهنجي مسئلن کان لاتعلق ڇو ٿو رهي. سالن کان پاڻ سڀ لکندا آيا آهيون، جدوجهد ڪندا آيا آهيون، پر سنڌي ماڻهو اتي جو اُتي.“
    اياز لطيف جي ان سوال جو مونکي ڪوبه فوري جواب نه سُجهيو ۽ آئون ڏانهنس ڏسي مُرڪي ماٺڪو ويٺو رهيس ۽ سڄو وقت ان سوال تي سوچيندو رهيس. ڪيترائي جواب ذهن ۾ ايندا رهيا، پر ڪنهن به جواب مان مطمئن ٿي نه سگهيس.
    پر شام جو مون کي ان سوال جو عملي جواب ملي ويو.
    بک هڙتال تان اُٿي آئون گهر آيو هوس ۽ مخلتف چينلس تي اسيمبلي اجلاس ۾ غدار ايم. پي. ايز جا ٻُوٿ ڏسندو ۽ کين بُجا ڏيندو رهيس. انهن مان گهڻائي انهن ميرن، پيرن ۽ وڏيرن اسيمبلي ميمبرن جي پُٽن ۽ پوٽن جي هئي، جن ’ون يونٽ‘ جي حق ۾ ووٽ ڪري، ’سنڌ‘ جي وجود کي مغربي پاڪستان ۾ ضم ڪري ڇڏيو هو. اهڙن غدارن لاءِ منهنجي شاعر دوست ’رحمت سومري‘ ڪيڏو نه صحيح چيو آهي.
    غدار اُهي ئي هن،
    بس چهرا بدليل هَن، ڪردار اُهي ئي هَن.
    *
    هر شئي ٻي بچائي ٿن
    سڀ پاڻ سلامت هن، بس سنڌ کپائي ٿن.
    پوءِ اکيون ٻوٽي ليٽي پيس. شام جو منهنجي دوست مور ساگر جي فون آئي. پُڇيائين ’ڪٿي آهين؟‘ ٻُڌايومانس ته ’گهر آهيان.‘ ”جلدي گهران نڪر... باءِ پاس تي پهچ... آئون به اچان پيو... ٽي وي چينل تي نيوز هلي رهي آهي ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سنڌي ماڻهن کي گهرن مان ٻاهر نڪري روڊ ۽ رستا بلاڪ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پاڻ به قاسم آباد ۾ گهر گهر وڃي ماڻهن کي گهران نڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهي....“
    ”لبيڪ... اي سنڌ لبيڪ... اجهو ٿو اچان...“ ائين چئي هڪدم منهن تي ٻه ڇنڊا پاڻيءَ جا هنيم ۽ پنهنجي پُٽ وشال سان سندس موٽر سائيڪل تي سوار ٿي، مين گيٽ واڌو واهه تي پهتس. ڏٺم ته ڊاڪٽر قادر مگسي ڏيڍ ٻن سئو ماڻهن سان روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺو هو. کانئس ٿورو ئي پريان آڪاش ملاح پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ ويٺو هو. ڪجهه فنڪشنل ليگ ۽ شهيد ڀٽو جا نوجوان به جهنڊن سان بيٺا هئا. سنڌ سان ڪربلا ٿي ويئي هئي... پر ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ آڪاش ملاح ڌار ڌار ويٺا هئا.... دل ٻُڏڻ لڳيم... مون سمجهيو ته سنڌ اُٿلي پيئي هوندي. اياز لطيف پليجو ۽ سندس ڪارڪن به موجود هوندا. پر هو نه هئا ۽ مون کي سندس سوال جو جواب ملي ويو.
    ڪجهه ڇوڪرا وڏا وڏا پٿر ڌڪي روڊ بلاڪ ڪري رهيا هئا. آئون، مور ساگر ۽ سليم جمالي به ساڻن شامل ٿي وياسين... جيئن روڊ بلاڪ ڪري سگهجي. ٻيو اسين ڇا ٿي ڪري سگهياسين. سنڌ ته ٻه اڌ ڪري پيپلن، ايم. ڪيو. ايم کي ڏيئي ڇڏي هئي.
    اُن مهل اُتي هڪ هزار ماڻهو به گڏ نه هئا. مونکي روئڻ اچڻ لڳو... ’ياخدا، سنڌي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي... سنڌ جو سودو پيو ٿئي... ۽ هو گهرن ۾ آرامي آهن.‘
    يا خدا!
    هن سنڌي قوم تي به سجاڳيءَ جي آيت نازل ڪرڻ فرمائي
    ته جيئن هيءَ غلاميءَ جي غفلت کان پري ڀڄي
    آزاديءَ جي اذان جي پابند بڻجي
    جنگ جا خطبا پڙهي
    شهادت جي صفن ۾ سرخرو ٿي
    آزادي جي نماز پڙن.
    (اياز امر شيخ)
    مٿينءَ ئي ڌرڻي جو حوالو ڏيئي پوءِ پي. پي جي هڪ ٽرڙي وزير اياز سومري بيان ڏنو ته، ”قومپرستن ته گهر گهر وڃي ماڻهن کي رستن تي نڪرڻ جي لاءِ منٿ ڪئي، پر ماڻهو سندن سڏ تي ٻاهر نه نڪتا. سنڌي ماڻهو قومپرستن سان نه پر اسان پي پي وارن سان گڏ آهن.“
    *
    آئون ڪڏهن به پنهنجو جنم ڏينهن نه ملهائيندو آهيان. هر سال منهنجو جنم ڏينهن به عام ڏينهن جيان گذري ويندو آهي ۽ آئون پنهنجي روزاني ڪرت ۾ رڌل رهندو آهيان.
    بابا منهنجو نالو محمد يوسف رکيو. يوسف سندس وڏي ڀاءُ جو نالو هو، جيڪو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو. ان ناتي سان آئون سڄي عمر بابا جو ’ادا‘ به هئس ۽ بابا مونکي ’ادا‘ چئي سڏيندو هو. بابا کي ٻه ڀائر هئا. عارب ۽ يوسف، جيڪي ننڍي لاڪئون ئي گذاري ويا هئا.
    چاچا شمس الدين وري منهنجو نالو رکيو ’عزيز الله‘. جيتوڻيڪ اهو نالو منهنجي سُڃاڻپ بڻجي نه سگهيو، پر اُنهيءَ نالي جو پاڇو سدائين مون تي رهيو. آئون الله تعاليٰ کي سدائين ان نالي جيان عزيز رهيو آهيان. هُن سدائين منهنجي لاءِ مشڪلون آسان ڪيون.
    آئون ان ڳالهه سان سهمت نه آهيان ته ڪو پروردگار کان ڊڄڻ کپي. ڀلا اُن هستي کان ڪيئن ٿو ڊڄي سگهجي، جيڪا خقلڻهار به هجي ته پالڻهار به. جيڪا اُپائي به ٿي ته نپائي به ٿي. جيڪا سمجهه، ساڃاهه ۽ سگهه ڏي ٿي. منهنجو ايمان آهي ته الله تعاليٰ کان ڊڄڻ بدران محبت ڪجي ۽ محبت رڳو ان شئي سان ڪبي آهي، جيڪو محبوب هجي، جنهن سان پيار هجي ۽ محبوب ئي ته ’ساجد‘ هوندو آهي، سو، واحد الله ئي ته محبوب ۽ معبود آهي، ساجد يا سجدي جي لائق آهي. هائو، البت ان شئي کان ڊڄڻ گهرجي ته ڪا اهڙي حرڪت نه ڪجي، جنهن سان محبوب ناراض ٿي وڃي. هن دنيا ۾ ئي ڏسو، ڪو پيارو رُسي وڃي ٿو ته سڄو سُک ۽ آرام ڦٽيو وڃي. سو جي اصلي محبوب يا دوست ناراض ٿي وڃي، پوءِ ته جيئڻ ئي جنجال ٿي پوندو.
    خدا سان پنهنجي واسطي- رشتي بابت ’اجيت ڪور‘ جي آتم ڪهاڻي ’خانه بدوش‘ جا هيٺيان لفظ ڄڻ منهنجي اندر جي ترجماني پيا ڪن.
    ’.... ڪيتري وقت کان منهنجو خدا سان رشتو بلڪل ائين خاموشيءَ سان آهي، جيئن زال کي مڙس سان گڏ رهندي سال گذري ويندا آهن ته فقط خاموشي ئي سندن ساٿي بڻجي ويندي آهي. جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو اڻوڻندڙ واقعو ٿيندو آهي ته ڏانهنس ڏسي ٿورائتيون نظرون جهڪائي ڇڏبيون آهن.... ۽ جيئن عام طور تي ٿيندو رهندو آهي. ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٿي ته ناراض به ٿي ويندي آهيان ۽ چوندي آهيان ”وڃ! توسان نٿي ڳالهايان.... توکي ته منهنجو تر جيترو به خيال ڪونهي....“ (ص. 16-15)
    منهنجو پيءُ جو نالو محمد هاشم آهي. ڏاڏي جو نالو ”علو“ يا علي محمد. پڙ ڏاڏي جو نالو عارب.... تنهن کان پوءِ جو پتو پالڻهار کي. وڌيڪ حسب نسب جي ڳولا ڦولا ڀلا ڪهڙي ڪم جي، نه اڳ ڪو اسان جي گهراڻي مان ڪو وڏو ماڻهو پيدا ٿيو آهي، نه هينئر. باقي ايندڙ وقت جي خبر خلقڻهار کي.... ۽ ٻيو ته حسب نسب لکڻ جي ڀلا گهرج به ڪهڙي آهي، جو لکنؤ يا يو.پي، سي.پي جو ڪو ڀاڄوڪڙ ٿوروئي آهيان، جو ڪوڙي حسب نسب جي آڌار تي، هتي نواب ابن نواب بنجي ڪليمن جي آڌارتي جاگيرن جو مالڪ بنجان.
    امان کي ڪوبه ڀاءُ ڪونه هو. جيئن مونکي ڪو ڀاءُ ڪونهي. تنهنڪري امان مون مان ڀاءُ جو سڪون به لاهيندي هئي. منهنجي نانا اسماعيل کي ٽي ڌيئرون صفوران، زينب ۽ بچل ڄايون، کيس پُٽ جو اولاد ڪونه ٿيو. انهن ٽنهي ڀيڻن مان وڏي صفوران منهنجي ماءُ هئي. ٻيو نمبر جيجي زينب هئي، جنهن جي شادي چاچا عبدالغفور الستيءَ سان ٿي، ٽيون نمبر جيجي بچل جي شادي چاچا شمس الدين سان ٿي.
    منهنجو جنم بابا، امان، ڀيڻن ۽ ماسين لاءِ دنيا جي هر خوشيءَ کان وڏي خوشي هئي. جڏهن آئون ڪڻڪي پٽ پيس يعني منهنجو جنم ٿيو ته منهنجون ڀيڻون مريم ۽ غلام فاطمھ، ميانجي نور محمد جي مدرسي ۾ قرآن شريف پڙهڻ ويون هيون. منهنجي ڄمڻ جو ٻُڌي اتي بيٺل ڪنهن ڇوڪريءَ وڃي کين ٻُڌايو ته ’لَٽيون! اوهان جو ڀاءُ ڄائو آهي.‘ اهو ٻُڌي هو، اُٿي گهر ڀڳيون. ان مهل ’ناني جيني دائي‘ مونکي وهنجاري رهي هئي، تنهن جهٽ هڻي ادي گلان جي مٿي تي پيل پوتي لاهي، مونکي اُن ۾ ويڙهي، کيس هنج ۾ ڏنو. بس ٻيئي ڀيڻون مونکي چهٽي ويون.
    منهنجي وڏي ڀيڻ عزيزان، منهنجي جنم وقت، مڪليءَ تي چاچا شمس الدين وارن سان رهيل هئي. تنهن جو منهنجي ڄمڻ جو ٻُڌو، سو اُتي ئي نچڻ ٽپڻ لڳي، ٽن ڏينهن کان پوءِ هوءَ چاچا ۽ جيجيءَ سان گڏجي ڳوٺ آئي ۽ ائين ٽن ڏينهن کان پوءِ چاچا شمس جا آندل ڪپڙا پهرائي منهنجي ڇٺي ڪئي ويئي. ان ڇٺيءَ جي موقعي تي منهنجي نانيءَ مونکي ويهه روپيا خرچيءَ جا ڏنا. جن مان اسحاق واڍي کان، جنهن جو دوڪان اسان جي گهر جي ڀَر ۾ هو، ڪاٺ جو هڪ پينگهو ٺهرايو ويو، جنهن ۾ آئون ته لُڏي وڏو ٿيس، پر منهنجون ڌيئرون پارس ۽ امرتا ۽ منهنجو وڏو پُٽ شهزاد به لُڏيا.
    نانا اسماعيل سرون وجهڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ بٺن تي سرون وجهندڙ ڪاريگرن ۾ سندس ٻيو ڪو مٽ ئي نه هو. سندس وفات کي اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. هن ورهاڱي کان اڳ وفات ڪئي هئي. نانا جي وفات مهل امان جي عمر ڏهه سال هئي ۽ ناني پنجٽيهن سالن جي هئي. ڪيترن ئي مٽن مائٽن کيس ٻيو ور ڪرڻ جي لاءِ چيو، پر هن ائين نه ڪيو ۽ سڄي عمر ويهي گذاري ڇڏيائين. ناني جڏهن به نانا اسماعيل جو ذڪر ڪندي هئي، ته سندس اکيون ڀرجي اينديون هيون:
    سڪ تُنهنجي سپرين، اندر ٿي اجهاڳ،
    منهنجين ڀريا ماڳ، پلٽيا پارون ڪري.
    نانيءَ جي مون سان وڏي اُنسيت رهي. اها لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، نانيءَ جي تڙ ڀيڙ، محنت ۽ محبت نه هجي ها ته آئون پڙهڻ بدران پيو گابا چاريان ها يا مزدوريون ڪريان ها. هوءَ مونکي پرچائي ماترائي اسڪول نيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن نه ويندو هوس ته ڌڙڪو داٻ به ڪندي هئي.
    نانيءَ جون 2011ع جي پهرين هفتي ۾ وفات ڪئي، وفات مهل سندس عمر سئو سالن کان به وڏي هئي. پنهنجي ڊگهي ڄمار ۾ ڏک ڏٺائين ته خوشيون به. سندس زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي ٻن ڌيئرن امان ۽ جيجي زينب جي وفات جو صدمو سَٺائين. ٻئي پاسي ڌيئرن جي ڌيئن ۽ پٽن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد به ڏٺائين. نانيءَ کي هڪ ڀاءُ نانا عثمان هو، جيڪو پڻ گهڻو عرصو اڳ گذاري ويو. نانا عثمان کي پنج پٽ ۽ ٻه ڌيئر هيون. پر ڀائيٽن مان سواءِ سيٺ جمن ميمڻ جي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن خبرچار وٺندو هوس، باقي ٻين ڀائيٽن ته ڪڏهن مُڙي به نه ڏٺس ته ڪو اسان جي پڦي به آهي يا نه؟ سندس هڪ ڀائيٽو شير محمد پنهنجي ٽئڪسي هلائيندو هو. هڪ ڀيري ناني سخت بيمار ٿي پيئي. کيس اسپتال وٺي وڃڻو هو، سو آئون ٽئڪسي اسٽينڊ تان سندس ٽئڪسي وٺي آيس، جنهن کي پاڻ ئي ڊرائيو پي ڪيائين. جڏهن نانيءَ کي ڊاڪٽر کي ڏيکاري واپس گهر موٽياسين ته مون سمجهيو ته هو ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو نه وٺندو. پر هن ڇڪي ڀاڙو وٺي ڇڏيو، جڏهن مون کيس چيو، ”ماما ڪجهه ته رعايت ڪر. پڦي اٿئي.!“ ته جواب ۾ چيائين، ”پڦي ته پاڻ اسان کي ڏي... جام پئسا هوندس.“
    نانيءَ کي سڄي عمر چاچا شمس الدين سڳيءَ ماءُ جيان سنڀاليو. هوءَ رهندي اسان سان دڙي ۾ هئي. آخري ڏينهن ۾ منهنجي ڀيڻ غلام فاطمھ وٽ غلام الله ۾ وڃي رهي. کٽ تي پيئي هوندي هئي. ادي گلان ڏاڍي خدمت ڪيس. ناني، چاچا شمس کي هر وقت دعائون ڪندي رهندي هئي. ناني جي جنازي ۾ گهڻا مٽ مائٽ نه آيا. نانيءَ کي دفنائڻ کانپوءِ جڏهن تڏي تي ويٺا هئاسين ته منهنجي ماسات محمد الدين ميمڻ عجب مان چيو، ”ناني چوندي هئي ته ’ابا آئون مرنديس ته ڪير به ڪونه ايندو.... اڄ واقعي ائين ٿيو.“ آئون ساڻس سهمت ٿيس. ناني پنهنجو وارو وڄائي ويئي. هاڻ وڃي يادگيرين ۾ رهندي، سو به ڪنهن ڪنهن وٽ.
    ڏاڏا علو ۽ ڏاڏي بصران ته مون ڇا، منهنجي وڏي ڀيڻ عزيزان به نه ڏٺا. هو ٻيئي بابا جي پرڻجڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويا. ڏاڏا علو واڍڪو ڪم ڪندو هو، ان سان گڏ ’ور -ڪُن‘ تي اربابن جون زمينون به هاريپ تي ڪندو هو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ بابا جو گهڻو وقت مال چارڻ ۾ گذريو ۽ جڏهن، ورهاڱي کان سال ڏيڍ پوءِ، بابا جن، چورن جي آزار کان لڏي اچي دڙي ويٺا ته بابا ڍڳا گاڏي هلائڻ لڳو. تنهن کان پوءِ ريڙهي لڳايائين. رازن سان گڏجي مزدوري ڪيائين. ڌنئري جي پڙي لڳايائين چڻا وڪيائين.... ڇا ڇا نه ڪيو بابا پيٽ گذر لاءِ.
    جڏهن آئون ڄايس ته وهنجاري سهنجاري، ناني جينيءَ دائيءَ، ادبي گُلان کي سندس پوتيءَ ۾ ويڙهي کيس هنج ۾ ڏنو ۽ کيس چيائين، ”ڀاڳن واري! تنهنجي مٿان ڀاءُ ڄائو آهي.... تون ڀاڳ واري آهين.... دعا گُهر الله کان گُهر....“ منهنجي ڀيڻ مونکي هنج ۾ کڻي دعا گهري ۽ باس باسي ته، ”الله سائين! اسان جو ڀاءُ جلدي وڏو ٿئي.... اسان کي ڏنڊو کڻي ڊوڙائي، اسان کي مار ڪڍي، اسين رڙيون ڪري ڀَڄي وڃي لِڪون، پوءِ اسين مِٺو ڀت رڌي ڪُني ڪنديوسين.“
    گهڻا سال پوءِ مون ڊوڙڻ شروع ڪيو، مون ٻاتي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي ۽ هڪ ڏينهن ڏنڊو کڻي ادي مريم ۽ ادي گلان کي ڊوڙايم ۽ هو ڀڄنديون وڃي اسان جي گهر جي سامهون ”ناني اُمليءَ“ جي گهر ۾ لڪيون ته ٻنهي ڀيڻن، پنهنجي خرچيءَ مان جيڪي پئسا ميڙيا هئا، تن مان مِٺو ڀت رڌي، خدا ڪارڻ ڪُني ڪيائون.
    اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو مونکي امان ٻڌايو: اسان جي گهر ۾ هڪ طوطو پاليل هوندو هو. ناني اُملي، جيڪا اسان جي مائٽياڻي ته نه هئي، پر اسان جي سڄي پاڙي جي وڏي هئڻ ناتي، سڀني جي ناني هوندي هئي. مون تي ته آخري ڏينهن تائين مهربان رهي، تنهن منهنجي ڄمڻ تي باس باسي ته جڏهن ’جو سب‘ ’بابا بابا‘ ڪندو ته هوءَ طوطي کي پڃري مان ڪڍي اُڏائيندي. اهو طوطو امان شوق ڪري پاليو هو ۽ سڄي گهر جي وندر هوندو هو ۽ سڄو ڏينهن پيو ٻوليندو هو. جڏهن مون ’بابا بابا‘ چوڻ شروع ڪيو ته ناني اُمليءَ اهو طوطو پنهنجي باسيل باس موجب اُڏائي ڇڏيو.
    منهنجا وڏا غلام الله طرفان جا ويٺل هئا. اڄ به غلام الله ۾ اسان جا مائٽ موجود آهن.... خبر ڪونهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري لَڏي اچي دڙي جي ڀرسان ”ور-ڪُن“ تي ويٺا. اُتان پوءِ سڀ دڙي اچي ويٺا.

    دڙي کي گيهه جو گهڙو چيو ويندو آهي. سبب جي ته خبر ڪونهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ گيهه جام ٿيندو هجي. اڪثر چيو ويندو هو.
    دڙو گيهه جو گهڙو، جنهن ۾ گج نه ڪو پڙو.
    ٿي سگهي ٿو ته ان چوڻيءَ جي پويان ڪو وڏو پسمنظر هجي، پر مونکي ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي. البت هڪ ڳالهه جيڪا ذهن ۾ اچي ٿي سا اها ته دڙي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي ”رٽا“. جت سومرا برادريءَ جي گهڻائي رهي ٿي، سومرا برادريءَ جا ڪي همراهه نقلي گيهه ٺاهڻ جا وڏا ماهر ڪاريگر آهن، هو داڻيدار، ڊالڊا ۽ سچو مکڻ گڏي اهڙو ته نقلي گيهه تيار ڪندا آهن، جو اصل بس. هاڻ ته هو اهو گيهه مڻن جي حساب سان ڪراچي کڻي وڃي وڪڻندا آهن. پر اڳ روڊ رستا ۽ سواريون سوليون ڪونه هيون، تنهنڪري دڙو گيهه جي چڱي موچاري مارڪيٽ هو.
    دڙي/ دڙو جي ڀرسان هڪ لوڪ داستان به لاڳاپيل آهي. الڪي شودي ۽ ساران جکريءَ جي عشق جي ڪهاڻي. روايت ڪئي وڃي ته: ساران جکري الڪي شودي جي عشق ۾ مست مگن ٿي ’ميران‘ وانگر پنهنجي گرڌر (الڪي) بابت ڪافيون ڪُڇندي ويندي هئي. الڪي لاءِ مشهور آهي ته هو وڏو پهلوان ۽ نامي گرامي جو مڙس هو. هڪ ڀيري هو پنهنجي دوست صديق سان گڏجي رايل مينهن جو ڌڻ تار درياهه مان ٻي ڪنڌيءَ تان مينهن جو ڌڻ ڪاهي پي آيو، جو درياهه جي وچ سير ۾ واڳن اچي مينهن کي ورايو، همراهه ساڻن اٽڪي پيو. واڳن ۽ الڪي جي ان ويڙهه ۾ الڪي اهڙا ته بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جو مينهون ته اچي پار پهتيون، پر الڪي پنهنجا پساهه پورا ڪيا ۽ واڳن جو کاڄ ٿي ويو. سندس ان مڙسيءَ تي ڪيترن ئي سگهڙ شاعرن شعر به چيا آهن، جن مان ڪجهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سهيڙيل لوڪ ادب جي ڪنهن جلد ۾ موجود آهن.
    الڪي تي 1902ع ۾ واڳون ڳهي ويو. ان وقت ساراهه ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي ۽ سندس سونهن جي هاڪ هنڌين ماڳهين مشهور هئي، الڪي جي موت کانپوءِ هوءَ گهر ڪري نه ويٺي، جهر جهنگ، ڳوٺ راج رلندي، الڪي جي وڇوڙي تي آلاپ ڪڍندي ۽ مورا ڳائيندي رهندي هئي. هن الڪي جي ياد ۾ ڪيترا مورا ۽ لوليون چيون، جيڪي آس پاس گهڻيون مشهور ٿيون. ساران سٺ واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي. ساران دڙي جي ڀرسان ڳوٺ ”ابڙال“ ۾ رهندي هئي.
    ساران جو الڪي جي وڇوڙي تي چيل هڪ ورلاپ/مورو هن ريت آهي.
    اَلڪا مور مان جا، - ٻيلي...........
    لکي مور مان جا، - ٻيلي............
    گُليل جي تڙ تان، ٻيلي، گُليل جي تڙ تان،
    لاکيڻان به لُڙهيا- ٻيلي...........
    ويري ٿو به وڙهي- ٻيلي...........
    چور ته هاڻ ڪونهي،
    ويريءَ وات وڌو، ٻيلي، ويريءَ وات وڌو.
    سيڻاهه واءُ ڇڏيو، ٻيلي، ڇاتيءَ ساهه ڇڏيو!

    الڪا مور مان جا، لکي مور مان جا!
    ڌاڙي جو ته مال، ٻيلي، بلائتو ته ڪجان:
    يارهن ته مينهون، ٻيلي، ٻارهين پاڻ ساران:
    بلاتيون ته ڪجان، ٻيلي، بلاتيون ته ڪجان!
    ڪونهي ڏوهه منهنجو، ٻيلي، لکيو وٺي لوڙيان،
    سڄڻ کي ته چئجان، ٻيلي، سلام به چئجان!
    بولا خان ٿاڻو، ٻيلي، موڪل ڪوبه ماڻهو.
    توري پيسا ڏجان، ٻيلي، اَلڪو هاڻ بچي!

    ساري سلام چئجان، ٻيلي، ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي.
    ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي، ٻيلي، لکيو ويٺي لوڙيان.
    اَلڪا مور مان جا، لکي مور مان جا،
    لکيو ويٺي لوڙيان!
    دڙو ڪيئن آباد ٿيو؟ ان جي باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. هتي جا ڪجهه ’وڏ گهراڻا‘ اها هامَ هڻن ٿا ته دڙي جا پهريان رهاڪو هنن جا وڏڙا هئا. اهو سچ يا ڪوڙ.... هوئي ڄاڻن. دڙي جي ڀرسان پيڃاري واهه وهي ٿو، جيڪو ڄامشوري مان سنڌو درياهه مان نڪري ٿو ۽ پيڃاري واهه مان وري محمودا واهه نڪري ٿو. ائين دڙو ٻن واهن جي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيل آهي. دڙي لاءِ هڪ بزرگ جي دعائيه بيت به مشهور آهي.
    دڙو دل ۾ دور ڪندو، محمودا موچارو،
    ٿيندو سوڀارو، حڪم ساڻ الله جي.
    دڙي بابت اسان جي هڪ شاعر ’رجب علي ميمڻ‘ جي شعر جو هيٺيون بند، دڙي جو سڄو نقشو اسان جي اڳيان چٽو ٿو ڪري ڇڏي. رجب علي ميمڻ اهو شعر چاليهارو سال کن اڳ چيو هو. پر اڄ به صورتحال ۾ رتي برابر به فرق نه آهي.
    اڃان ڪونه بدليو پراڻو سرشتو
    سرشتو آ جاگيرداري دڙي ۾.
    دڙي لاءِ ابراهيم منشيءَ جو به هڪ شعر چيل آهي، جيڪو مون کي هڪ دوست ٻُڌايو هو:
    ’دڙي‘ جي خاطر، دڙي تي بيهي، ’دڙينءَ‘ ويٺو ته ڌڙ ڌڙ ڌڙ
    سڄڻ ويو سون ته سِرڪي، سڙين ويٺو ته سڙ سڙ سڙ.
    دڙي ۽ هتان جي ڪاروهنوار جي باري ۾ منهنجي هڪ بزرگ ساٿي مرحوم حاجي محمد موسيٰ مشڪور سومري جو جوڙيل هيٺيون نظم واهه جي عڪاسي ڪري ٿو. جيتوڻيڪ پاڻ اهو شعر 1960ع ۾ جوڙيو، هئائين پر اڄ به ساڳي ڪار آهي دڙي ۾:

    سڌارن جي درڪار آهي دڙي ۾
    ڪو غمخوار هموار آهي دڙي ۾

    وٺن ڀُنگ ڀاڳين ڪنان چور ظاهر
    نڪا داد دانهن، نڪا ٻاڦ ٻاهر
    اهڙو روز آزار آهي دڙي ۾.

    پڪا کوهه پراڻا بنا ڍڪ بنايل
    جسم جيوڙن جا سوين منجهه سمايل
    عجيب هي اسرار آهي دڙي ۾.
    شمعدان هوندي به آهي اونداهي
    گندين نالين جي نه آهي صفائي
    مکين جو آزار آهي دڙي ۾.

    پيڃاري جي پاسي پيارن جون ڳالهيون
    ڪندا قرب وارا ميارن جون ڳالهيون
    اهڙو شوق اظهار آهي دڙي ۾.

    ڪچا روڊ رستا وسي دوڙ دائم
    بسين ڀيڙ بيحد نه ٽاڻون نه ٽائيم
    بسون چار بيڪار آهن دڙي ۾..

    خبر چار ’مشڪور‘ توکي ٻُڌائي
    سڌارن جي خاطر ڪريو ڪجهه سچائي
    ڪو ميمبر ڪو مهندار آهي دڙي ۾.
    دڙو، بي حد سهڻو ڳوٺ نما شهر آهي. هن شهر جي هڪ پاسي، شهر جي وڏي بازار سان گڏ پيڃاري واهه وهي ۽ ٻي پاسي ڏيڍ فرلانگ کن اڳتي وري ان مان ”محمودا واهه“ نڪري ٿو، جيڪو منهنجي گهر کان ڏيڍ ٻن منٽن جي فاصلي تي آهي، جنهن ۾ مون تڙڳندي پنهنجو ننڍپڻ گذاريو. مٿينءَ شعر ’جوڙڻ‘ کان ڪافي سال پوءِ، اسان جي سنگت جي چوياري ۽ دڙي جي فطري سونهن ۽ سندرتا ڏسي حاجي موسيٰ مشڪور هڪ ٻيو خوبصورت ’نظم‘ لکيو. جنهن جو عنوان آهي ”دڙي ۾.“
    دعوت مٿي هلي آ، هڪوار هن دڙي ۾
    ڏس باغ ۽ باغيچا، گلزار هن دڙي ۾
    ماڻهو هتي موچارا، سهڻا سُخن پيارا
    قابل ۽ قرب وارا، خوشحال خلق دارا
    نت روز ڪن ٿا، سهڻا سينگار هن دڙي ۾.

    پارڪ اندر پيارا قربنئون ڪري ڪچهري
    شب روز جي رونق، آبهوا موچاري
    ڀرسان وهي پيڃاري، وڻڪار هن دڙي ۾.

    اسڪول جي عمارت، تعليم جو ادارو
    خوبين ۾ خوبصورت هي خوشنما نظارو
    استاد باادب سڀ هوشيار هن دڙي ۾.

    مخدوم، شيرازي، هت پير ڦل بُخاري
    بزرگ ولي خدا جا، آهن هتي چوڌاري
    ڪامل سنڌي، هر وار هن دڙي ۾.

    شوقين هت ادب جا، يوسف ، ارم ۽ تبسم
    هاشم، مست، ملهار، ساٿي، افضل ۽ مير هردم
    مشڪور خاص خادم، اظهار هن دڙي ۾.
    دڙي جي حوالي سان موتي پرڪاش، پنهنجي احساسن کي هيئن چٽيو آهي:
    اڄ ويٺي ويٺي هينئن ڇو من واسجي ويو آهي،
    ڇا ڀونءَ دڙي جيءَ تي اڄ مينهن وٺو هوندو!؟
    پر، هتي آئون دڙي جي تاريخ يا جاگرافي لکڻ نه ويٺو آهيان، جو ويهي اهي قصا ڪُٽيان! آئون ته لکڻ ويٺو آهيان پنهنجي آتم ڪهاڻي جيڪا ڪنهن به لحاظ کان اُتم ڪهاڻي نه آهي.
    دڙي ۾، جنهن گهر ۾ آئون جنميس ۽ رهيس، ان جا اصل مالڪ ته ورهاڱي ۾ پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي وڃي پرديس کان نڪتا. ان گهر جي مالڪ جو نالو ’پمنداس‘ هو. گهر جي اڏاوت، سونهن ۽ سوڀيان مان لڳندو هو ته ڪاڪو پمنداس مالدار ماڻهو هو. جڏهن بابا جن اچي ان گهر ۾ رهيا ته ان گهر جو نقشو هن ريت هو. هڪ وڏو صفحو ۽ ان جي سامهون هڪ وڏي ڪوٺي ۽ ان جي اندر وري ٻه ٻيون ڪوٺيون هُيون. ڇت جي داسن ۽ پٽين تي جيڪو ڪاٺ جي اُڪر جو ڪم ٿيل هو، اهو، وقت گذرڻ سان گڏ سڙي ويو. اسان ان جي جاءِ تي لسا داسا هڻايا ۽ مَنگهه بند ڪرايا. وقت گذرڻ سان گڏ اهي داسا به سٽ سهي نه سگهيا ۽ جاءِ پراڻي ٿيڻ سان گڏ خطرناڪ به ٿيندي ويئي. هڪ ڀيري منهنجي وڏي ماسات ڊاڪٽر نورجهان اسان جي گهر آئي ۽ جڳهه جي حالت ڏسي چيائين، ”ڪيئن ٿا هن گهر ۾ رهو. هي گهر ته ڪنهن به مهل اوهان سڀني جي اجتماعي قبر بنجي سگهي ٿو.“
    مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ چُپ رهيو هوس.
    پوءِ جڏهن 1999ع ۾ جمن سوهي سان گڏجي مصالحن جو ڪاروبار شروع ڪيم ته ان مان ٿيندڙ منافعي مان اها قبر نما جڳهه ڊهرائي نئين آر. سي. سي جڳهه ٺهرايم. هاڻ ان گهر ۾ وڏڙن جي نشاني فقط اهو نم جو جهونو وڻ وڃي بچيو آهي، جيڪو به هاڻ ڏينهون ڏينهن ٺوڙهو ٿيندو پيو وڃي.
    اِها هئي، منهنجي جنم وارتا، جيڪا رڳو وارتا ئي آهي. جيڪا ڪوبه ڏس ۽ پتو نٿي ڏي ڪنهن منزل جو. منهنجي اڳيان ته يادن جو اجهاڳ سمنڊ آهي، جيڪو من اندر ۾ سمنڊ جي ويرن جيان ڇوليون هڻي، ڇوهه ۾ قلم جي وسيلي، پنن تي لهڻ لاءِ آتوآهي. اها ته هڪ ننڍڙي ڇولي هئي، جنهن جي اوهان کي جهلڪ پسايم، سا به اڌو گابري....
    *


    2

    جڏهن هوش سنڀاليم ته پاڻ کي امڙ جي هنج ۾ ڏٺم. سندس پيٽ تي چڙهندي، گوهيون ڏيندي، گيلاٽيون کائيندي، ٿڃ جا گوها پيئندي وڏو ٿيس. آئون هر وقت امان سان پاڇي وانگر گڏ هوندو هئس. امان سان ئي کٽ تي گڏ سمهندو هوس. پوءِ جڏهن منهنجي ڀيڻ ياسمين ڄائي ته آئون ادي مريم سان گڏ سمهڻ لڳس. ٿورو وڏو ٿيس ۽ هلڻ لڳس ته سڄو ڏينهن پيو ناني ڌنيٰ جي مَنجهي گهليندو هوس. جڏهن ته هوءَ ويٺي چلم پيئندي هئي. مَنجهي گهلڻ جي ڪري، اسان جي گهر جو مٽيءَ سان راڳيل پٽ اُکڙي پوندو هو. جيڪو پوءِ امان مٽيءَ سان راڳيندي هئي يا وري پاڻيءَ سان ڀريل هنڊي يا ٿالهه ۾ ويهي، پاڻي پيو ڇاڇوليندو هوس، جنهن سان پٽ پُسي گپَ ٿي ويندو هو.
    امان جو پيرن فقيرن، بزرگن، اوليائن، جنن ۽ ڀوتن تي وڏو اعتقاد هوندو هو ۽ ڌاڳن، ٽوڻن ۽ ڦيڻن تي به. مٿي جي سور کان وٺي ٽي. بي جو علاج امان جي نظر ۾ ڪنهن ’بيبي سڳوريءَ‘ جي لکيل تعويذن، وٽيل داڳن ۽ پڙهيل پاڻيءَ ۾ هوندو هو. اهوئي سبب هو، جو ننڍي هوندي منهنجي ڪنڌ ۽ ٻانهن ۾ ڪيترائي تعويذ ۽ ڌاڳا وغيره ماڻهن جي بدنظر کان بچڻ لاءِ ٻڌل هوندا هئا. ڪي تعويذ ته منهنجي سري کان رکيل ويهاڻي ۽ مٿان اوڍڻ واري سَوڙ ۾ به پيل هوندا هئا.
    امان طبيعت جي ڏاڍي تيز ۽ وڏي سڏ ڳالهائيندي هئي. اڪثر ننڍي ننڍي ڳالهه تان چِڙي پوندي هئي. امان جي ڀيٽ ۾ بابا پنهنجي سڀاءَ ۾ ماٺيڻو ۽ ٿڌو هوندو. ممڪن آهي ته کيس ڪاوڙ يا چڙ ايندي هجي، پر هو انهيءَ تي ڪنٽرول ڪري ويندو هو. مون بابا کي فقط هڪ ڀيرو ڪاوڙجندي ڏٺو. اهو به تڏهن، جڏهن مون کيس ڪنهن ڳالهه تان ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ هن بيزار ٿي ڪاوڙ ۾ اچي مونکي ٻه چار لپاٽون وهائي ڪڍيون، بابا فقط اهو هڪ ڀيرو ئي مونکي مار ڪڍي هئي. مون بابا کي ڪڏهن به وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندي نه ڏٺو. ڪيڏي به کل جهڙي ڳالهه هجي، هو رڳو مُرڪندو پيو هو، نه وري ڪنهن اهڙي تهڙي ڳالهه تي کيس ٻوٿ سُڄائي ويٺل ڏٺم.
    بابا صبح ساجهر ڍڳا گاڏي ڪاهي گهران نڪري ويندو ۽ شام جو يا سومهڻيءَ جو واپس ورندو هو. جنهن ڪري هن جو اسان جي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان نه هوندو هو. هونئن به ٻهراڙي ۾ مائٽن جو ٻارن جي پالنا، لکڻ، پڙهڻ يا مٿن نظر رکڻ تي ڌيان نٿو رهي. ٿوري گهڻي ڪوشش هوندي اٿن ته ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ سکي وٺن يا اهو ڪرڻ لڳن. اسڪول به امان جي شوق جي ڪري ويس، نه ته مون کي پڙهڻ جو صفا شوق نه هو. ناني ۽ امان زور زبردستي ڪري اسڪول موڪلينديون هيون، نه ته مونکي اسڪول جي نالي وٺڻ سان ئي بخار اچي ويندو هو.
    پهرين ادي مريم ۽ ادي گلان سان گڏجي، آپا مڪان بانوءَ وٽ ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هوس. آپا مڪان بانو مونکي ڏاڍي سُٺي لڳندي هئي. هوءَ تيز رنگن وارا ڀڀڪيدار ڪپڙا پائيندي هئي. هوءَ مونکي ڏاڍو ڀانئيندي هئي، ۽ آئون به اڪثر سندس پاسي ۾ وڃي ويهندو هوس. اهڙي طرح منهنجي پهرين اُستاد آپا مڪان بانو درس هئي. جنهن مون کي الف. بي جي پٽي پڙهائي. ان وقت ڪاٺ جون پٽيون هونديون هيون، جن تي ميٽ هڻي، سُڪائي، مٿن مس ۽ قلم سان لکيو ويندو هو. آئون زيرون، زبرون ۽ پيشون آپا مڪان بانوءَ وٽ ئي پڙهيس.
    ٿورو وڏو ٿيس ته پوءِ پاڻ ئي اسڪول وڃڻ لڳس.... مون سان گڏ پاڙي جو هڪ ٻيو ڇوڪرو، جنهن جو نالو پڻ ’يوسف‘ ئي هو ۽ سندس گهر وارا کيس ’بابو‘ سڏيندا هئا، سو به هلندو هو. هُن جو گهر اسان جي گهر کان ٻه ٽي وال پري هو. بابو ماڇي روزانو گهران ڪتاب کڻي ايندو هو ۽ پوءِ اسين ٻيئي گڏجي اسڪول ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن اسڪول ويندي وچان گُهت به هڻي ويندو هوس، پر اها ڳالهه لڪي نه سگهندي هئي ته اڄ آئون اسڪول نه ويو آهيان، جو بابو ماڇي گهر اچي ٻُڌائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون بابوءَ کي پنهنجي خرچي ٻن آنن مان هڪ آنو ڏيئي، کيس دروازي جي ٻاهران ئي روانو ڪري ڇڏيندو هوس ۽ گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن موڪل جو بهانو ڪري ويهي رهندو هوس ۽ اسڪول کان گُسائيندو هوس.
    اسڪول مان اچي ڪتاب ۽ سليٽ گهر رکي، ماني کائي، بابو ماڇيءَ جي گهر سندس ڀيڻ ڦاطولي سان گُڏين راند کيڏڻ جي لاءِ ويندو هئس. اُتي ٻيون به ڪجهه ڇوڪريون هونديون هيون، جيڪي ڦاطوءَ جون ساهيڙيون هونديون هُيون ۽ وٽس گُڏين راند کيڏڻ اينديون هُيون. اسين شام تائين گُڏين راند ڪُڏندا رهندا هئاسين. ڇوڪريون ڪڏهن ڪڏهن گُڏين جون پاڻ ۾ شاديون به ڪرائينديون هيون. ڦاطوءَ جي گُڏي جي شادي ٿيندي هئي ته هوءَ ان جي خوشيءَ ۾ مِٺو ڀت رڌيندي هئي، جيڪو اسين ڄاڃي کائيندا هئاسين. امان مونکي ڪپڙي جي اڳڙين مان هڪ ڏاڍي سُٺي گُڏي ٺاهي ڏني هئي، جنهن تي موتي ۽ ٽِڪون به ٽانيڪل هونديون هُيون ۽ مُڪيش جو ڀرت ڀريل هوندو هو. ڦاطوءَ جي وڏي ڀيڻ به هوندي هئي، جنهن جو نالو ’ڪزو‘ هو، هوءَ به اسان کي ڏاڍو ڀانئيندي هئي ۽ اسان سان گُڏو گُڏي راند ۾ شريڪ ٿيندي هئي، يا وري سڄو سڄو ڏينهن پيئي ريڊيو ٻُڌندي هئي. هوءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويئي. سندس وفات تي آئون ڏاڍو رُنو هئس. هوءَ منهنجي ڀيڻن مريم ۽ غلام فاطمھ جي ساهيڙي به هوندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن وري پاڙي ۾ ناني اُملي جي پوٽين حقو ۽ حضوران سان گڏ به راند کيڏندو هوس، يا وري هو اسان جي گهر اچي مون سان ڪُڏنديون هيون. ناني اُملي، امان کي ڌيءَ ڪري سڏيندي هئي ۽ مون کي تمام گهڻو ڀانئيندي هئي. هڪ ڀيري امان مڇيءَ جو ٻوڙ رڌيو هو، سو هن حضوران کي پليٽ ڀري ڏني ته وڃي ناني اُمليءَ کي ڏيئي اچ. هوءَ ٻوڙ جي ٿالهي کڻي ٻاهر نڪتي. ٿوري دير کانپوءِ آئون به سندس پويان ويس. ٻاهر وڃي ڏٺم ته هوءَ ڀت جي پاسي ۾ در وٽ بيٺي ٻوڙ آڱر سان چٽي رهي هئي. مونکي ڏٺائين ته سڄي هَڄي ويئي ۽ چيائين ”ڪنهن کي ٻُڌائج نه.“ پوءِ آئون به ساڻس شامل ٿي ويس. اسان ٻنهي اتي بيٺي بيٺي ٻوڙ چٽي ڇڏيو ۽ حضوران پليٽ محمودا واهه مان ڌوئي صاف ڪري واپس اچي امان کي ڏني.
    انهن ڇوڪرين سان گڏ رانديون کيڏڻ يا عورتن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ مهل منهنجي ذهن جي ڪنهن به ڪُنڊ پاسي ۾ ڪوبه جنسي جذبو نه اُڀرندو هو. ٻين لفظن ۾ منهنجي ذهن ۾ جنس نه هوندي هئي. هو ته منهنجون دوست هيون. عورتن سان ڳالهائڻ مهل ڪڏهن به گهٽ وڌائي جو احساس نه ٿيندو هئم.
    ڪجهه وقت اڳ مون اردو جي نامياري شاعر ’اختر الايمان‘ جي آتم ڪهاڻي ’اس آباد خرابي مين‘ پڙهي، جنهن ۾ هن عورتن جي حوالي سان ان قسم جي ڳالهه لکي آهي. هو لکي ٿو ته ”عورتن سان ڳالهائڻ مهل منهنجي ذهن ۾ جنس نه ايندي هئي. بس هڪ ذهني آسودگي جو احساس ٿيندو آهي، منهنجو سدائين اهو خيال رهيو آهي ته عورت زندگيءَ ۾ توازن پيدا ڪندي آهي.“
    ڏٺو وڃي ته عورتن سان دوستي، مردن سان دوستيءَ کان وڌيڪ پائيدار ۽ نج هوندي آهي. دوستيءَ جي حوالي سان عورتن جي ذهن ۾ ڪڏهن به مفاد نه هوندو آهي. مرد جي ڀيٽ ۾ عورتن جي دوستي وڌيڪ نباهه ڪندي آهي. منهنجي دل ۾ عورتن لاءِ سدائين عزت، خلوص ۽ احترام ئي رهيو آهي.
    امان سڄو ڏينهن بابا لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندي رهندي هئي ۽ پنهنجي سورن ۽ غربت جو روئڻو پئي رُئندي هئي. ان ۾ هوءَ ڪنهن حد تائين درست به هئي. امان جون ٻيئي ننڍيون ڀيڻون سُکين گهرن ۾ پرڻجي ويون. جيجي زينب جي شادي چاچا عبدالغفور الستي سان ٿي. جيڪو پهرين سرويئر هو ۽ پوءِ ٺيڪيداري ڪيائين. ملير ڊائجسٽ رسالو ڪڍيائين. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڊي. پي. آر ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوءِ آزاد ٿيو ته پير علي محمد راشدي سان وڃي ملاقات ڪيائين، جنهن کيس نيشنل سينٽر آف پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل ڪري رکيو. اڳتي هلي ’الست‘ نالي اين جي او به هلايائين. سندس تفصيل سان احوال اڳيان هلي لکندس. ٻي ڀيڻ جيجي بچل، چاچا شمس الدين سان پرڻي، جيڪو اريگيشن کاتي مان چيف انجنيئر ٿي رٽائرڊ ٿيو. چاچا عبدالغفور ۽ چاچا شمس، بابا جا ماسات آهن، چاچا شمس الدين جو اسان تي وڏو هٿ رهيو، هُن جو اهو هٿ اسان تي نه هجي ها ته اسان جون اکيون به ڪانگ ڪڍي وڃن ها، خدا کيس انهيءَ جو اجر ڏيندو. اسين ته بس رڳو سندس لاءِ دعا جا هٿ ئي کڻي سگهون ٿا.
    بابا صفا اڻ پڙهيل هو. وٽس پنهنجي يا اباڻي ملڪيت يا ٻني ٻارو نه هو. هو هاري هو، دڙي ۾ اچي رهڻ کان اڳ بابا به ٻين مائٽن سان گڏ ’ور-ڪن‘ تي ارباب حاجي ولي محمد ميمڻ جي ٻنيءَ ۾ هارپو ڪندو هو. منهنجون ٻيئي جيجيون قرآن شريف سان گڏ ٻه ٽي سنڌيءَ جا به پڙهيل هيون. پر امان هڪ اکر به نه پڙهي هئي. اهوئي سبب جو هڪ پاسي ننڍيون ٻيئي ڀينر سُکين گهرن ۾ هجن، ٻئي پاسي وڏي ڀيڻ صفا غريب هجي. اهو فرق احساس ڪمتري، چِڙ ۽ ڪاوڙ ته ضرور پيدا ڪندو. امان ۾ به اهي شيون دائمي اچي ويون.
    امان چوندي هئي ته جوانيءَ ۾ پڻهين ايترو ته بي مروت هوندو هو، جو مينهون ڏُهي، کير جي چونئري کڻي اچي ويهندو هو ۽ کير سان ڀت کائي ڍؤ ڪري، مُڇن کي هڻي اُٿندو هو. پوءِ باقي بچيل کير اسين ٻيا گهر وارا کائيندا هئاسين. پر بابا ڪڏهن به امان جي شڪايت نه ڪئي. امان سدائين بابا سان پئي وڙهندي ۽ بي رُخيءَ سان هلندي هئي. مون کين ڪڏهن به گڏ ويٺل نه ڏٺو، نه ئي ڪنهن مسئلي تي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ڏٺو. بس ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ته بابا هر حال ۾ راضي رهڻ سکي ويو هو ۽ هن هڪ ڊگهي عرصي کان چُپ جو روزو رکي ڇڏيو هو.
    شايد اها بابا جي خاموشي ئي هئي، جو آئون لاشعوري طور تي بابا کان لاتعلق يا پري پري رهندو هوس. مون ڪڏهن به وڃي بابا کان خرچي نه گهري. بابا ڪڏهن به سِڪڻن وانگر مون سان ظاهري محبت جو اظهار نه ڪيو. مونکي ياد ڪونهي ته هن مونکي ڪڏهن ڀاڪر پاتو هجي يا مِٺي ڏني هجي. هن جي مون سان محبت به خاموش محبت هئي. اها تڏهن محسوس ٿيندي هئي، جڏهن بخار يا مٿي ۾ سُور پوندو هئم، تڏهن مونکي هن جي اکين ۾ فڪرمندي نظر ايندي هئي.
    ننڍي هوندي آئون ضدي به ڏاڍو هوندو هوس. منهنجي ضد سبب سڀ گهر ڀاتي پريشان ٿي ويندا هئا. آئون ماني سُٺن ۽ صاف ٿانون ۾ کائڻ چاهيندو هو،س، ٻوڙ گيهه ۾ رڌيل ۽ مانيءَ به گيهه سان مَکيل هئڻ جي فرمائش ڪندو هوس. جي اها نه هوندي هئي، يا ٿانوَ منهنجي پسند جا نه هوندا هئا ته مانيءَ کي ٿانون سميت اهڙي ته اُڇل ڏيندو هوس جو وڃي پري ڪرندا هئا ۽ امان وري ڌڙيندي وڃي ماني ڇنڊي چُمي اکين تي رکندي چوندي هئي، ”ڇورا! ان اشهد کي ائين اڇلبو آهي ڇا-؟“ ڪڏهن ڪڏهن وري منهنجي اهڙي حرڪت تي ٻه چار چنبا به هڻي ڪڍندي هئي. پوءِ ته اصل گهر ۾ رڻ ٻاري ڏيندو هئس. هڪ ڀيري ڪنهن ڳالهه تان مڇرجي بابا جي ڪاٺين ڦوڙڻ واري ڪهاڙي کڻي امان تي اُلريو هوس. امان ڊوڙي وڃي اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ۽ در بند ڪري، دريءَ مان بيهي مونکي سمجهائڻ لڳي ۽ مون ڪاوڙ ۾ اچي گهڙا منجيءَ تي رکيل پاڻيءَ سان ڀريل مَٽ ۽ دِلا ڀڃي ڇڏيا.
    ان ضد جو هڪ سبب منهنجو سڪيلڌو هئڻ هو ۽ منهنجي وات مان نڪتل هر فرمائش، وس آهر بابا ۽ امان پوري ڪندا هئا ۽ ٻيو ته جيڪو منهنجو سٺن ٿانون ۾ کائڻ يا گيهه واري ٻوڙ رڌڻ جو ضد هوندو هو، اهو به منهنجي ان محرومي جو اظهار هو، جيڪا چاچا شمس الدين جي گهر لطيف آباد وڃي مون تي حاوي ٿي ويندي هئي. چاچا شمس الدين جو لطيف آباد ۾ پبلڪ اسڪول جي سامهون ڏاڍو سٺو بنگلو هوندو هو. اُتي هر شئي جو پنهنجو هڪ معيار هوندو هو. اتان واپس دڙي اچڻ کانپوءِ منهنجي اها محرومي اجائي ضد ۾ ظاهر ٿيندي هئي. هونئن به آئون سڄي زندگي احساس محروميءَ جو شڪار، هَڄيل ۽ هيسيل رهيو آهيان.
    بابا پنهنجي سڀاءُ ۾ بنهه سادو ۽ هر ڪنهن تي اعتبار ڪندڙ هو. اهو ئي سبب آهي، جو هن ڪيترائي دوکا کاڌا.... ايوب خان يا ذوالفقار علي ڀٽي جي زرعي سڌارن دوران بابا کي به ٽيهارو کن ايڪڙ زمين ملي.... جيڪا هڪ ڀيري ارباب ولي محمد ميمڻ، بابا کي سجاول وٺي وڃي مختيارڪار جي سامهون ڪاڳرن تي صحيح وٺي پنهنجي پُٽ جي نالي ڪرائي ورتي ۽ بابا کي خوش ڪرڻ لاءِ کيس ٻيڙي ماچيس لاءِ پنجاهه جو نوٽ کيسي ۾ وڌائين. اها بابا جي سادگي ئي هئي، جو هن آڱوٺو هڻڻ مهل ارباب کان اهو به نه پڇيو ته آخر هن ڪاڳر تي هو کانئس ڇاجي لاءِ پيو آڱوٺو هڻائي ۽ هونئن ته هو پنهنجي هارين کي هڪ روپيو به رڙائي رڙائي ڏيندو هو، سو سڄا سارا پنجاهه رپيا پيو ڏي (ان زماني ۾ پنجاهه روپين جو تصور به وڏي ڳالهه هئي.) تنهن کانسواءِ ٻارهن ايڪڙ ٻي زمين به بابا جي نالي نڪتي، جيڪا به سدائين ڦڏي جو شڪار.... مون جڏهن اها وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان تي ويٺل همراهن چيو ته 1970ع ۾ ارباب ولي محمد ميمڻ ان زمين جي وڪري لاءِ اسان کي هزار روپيا سوٿي ورتي هئي.
    بابا وانگر آئون به سادو ۽ جلد ٻين تي اعتبار ڪرڻ وارو آهيان، جنهن سبب ڪافي دوکا کاڌم ۽ نقصان پرايم. ننڍي هوندي ته منهنجي سادي جي حد هوندي هئي. شيون مونکي ڏاڍي دير سان سمجهه ۾ اينديون هيون. هڪ ڀيري بابا سان گڏ عيد جي لاءِ چپل وٺڻ لاءِ بازار ويس. هڪ دوڪان تي مون کي چپل پسند آئي. امان مونکي چپل وٺڻ جي لاءِ ٻه روپيا ڏنا هئا، جيڪي منهنجي کيسي ۾ پيل هئا. چپل پسند ڪرڻ تي دوڪاندار مون کي اها ٿيلهيءَ ۾ وجهي ڏني. بابا چپل جو اگهه پڇيو:
    ”پوڻا ٻه روپيا.“ دڪاندار وراڻيو.
    ”ٻه روپيا وٺو.... ٻه روپيا.“ مون تڪڙ ۾ چيو.
    اهو ٻُڌي دڪاندار ۽ بابا ٻيئي کِلي پيا. پوءِ هنن مونکي ٻڌايو ته پوڻا ٻه روپيا معنيٰ هڪ روپيو ٻارهن آنا. منهنجي سمجهه موجب پوڻا ٻه روپيا- ٻه روپيا چار آنا ٿي ٿيا.

    بابا روايتي قسم جو ڳوٺاڻو ماڻهو هو. کيس قدرن جو ڏاڍو خيال هوندو هو. هڪ ڀيري جڏهن آئون تيرهن يا چوڏهن سالن جو هئس ته ساڻس گڏ ڪنهن ڳوٺ ويس ۽ اسين جڏهن گهرن جي ويجهو ٿياسين ته بابا مونکي پنهنجي کيسي مان رومال ڪڍي ڏنو ۽ چيائين، ”مٿي تي ٻڌ. اگهاڙي مٿي سان هلڻ صحيح ڪونهي“. مون مٿي تي رومال ٻڌو. بابا کي اڳ ۾ ئي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل هو. جيتوڻيڪ آئون صفا ٻار هوس، پر بابا کي منهنجو گهرن جي اڳيان مٿي اگهاڙو هلڻ مناسب نه لڳو. ٻهراڙين ۾ ”مٿي اگهاڙو“ هئڻ ”عيب“ سمجهيو ويندو هو ۽ اڪثر لوفرن لاءِ ”مٿي اگهاڙا ڇورا“ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو هو. يا جيئن هاڻ لوفرن لاءِ ”وات ڳاڙها ڇورا.“
    ائين اسانجي سنڌ جا ڪيترائي قدر ۽ ريتون رسمون آهن، جيڪي ڏاڍيون سٺيون آهن. جهڙوڪ: وڏن جي اڳيان وڏي سڏ يا هروڀرو اجايو نه ڳالهائڻ، انهن جي سامهون ويهڻ جي بدران ادب ۾ بيٺو رهڻ يا وري ڪٿي ويٺل هجي ۽ هو ڪا ڳالهه پُڇي ته اُٿي بيهي جواب ڏيڻ، وڏو گڏ هلندو هجي ته ساڻس گڏ گڏ هلڻ جي بدران ڪجهه وکون پوئتي ٿي هلڻ. اهڙي تربيت ۾ مائٽن سان گڏ استادن جو به وڏو ڪردار رهي ٿو. منهنجا استاد سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ سائين ڪريم بخش مڱڻهار اسانکي ان قسم جي ادب جي سختيءَ سان هدايت ڪندا هئا. خود مون سان به اها حالت هوندي هئي. وڏو ٿيڻ، پرڻجڻ ۽ ٻارن ٻچن وارو ٿيڻ کانپوءِ به چاچا شمس الدين ۽ پنهنجي ڀيڻويي حاجي محمد جمن ميمڻ جي اڳيان باادب ۽ ڪڪڙ ٿيو ويٺو هوندو هوس. جي ڪجهه پُڇندا هئا ته ٿورن لفظن ۾ جواب ڏبو هو، نه ته ماٺ ۾ ويٺل رهبو هو.
    پوين سالن ۾ بابا جي نظر صفا ڪمزور ٿي ويئي هئي ۽ سڄو ڏينهن کٽ تي يا ته ليٽيو پيو هوندو هو يا ويٺو هوندو هو. ٻين پوڙهن وانگر ڪرڪر بدران ماٺ ۾ هوندو هو ۽ الائجي ڇا پيو سوچيندو هو ۽ اسين هوندا هئاسين، سو پنهنجيءَ ۾ مست ۽ مگن، ڪڏهن ڪڏهن سڏ ڪندو هو ته وٽس ٻه چار منٽ وڃي ويهندو هوس، نه ته پنهنجي وٺ وٺان ۾. هاڻ جڏهن زندگي جي شام جا پاڇا وڌڻ شروع ٿيا آهن، اولاد به وڏو ٿي ويو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهن جا رويا يا بي ڌياني ڏسي عجيب احساس ٿئي ٿو ۽ بابا ڏانهن پنهنجي بي ڌياني ياد اچي ٿي ۽ سندس خاموشي ۽ اڪيلائي جو احساس ڏنگڻ ٿو لڳي.
    احساس جي حوالي سان مونکي نيپولين بوناپارٽ بابت پڙهيل هڪ واقعو ياد ٿو اچي. روس تي حملي جي دوران هڪ هنڌ اتفاق سان نيپولين پنهنجن ماڻهن کان وڇڙي ويو ۽ دشمن فوج جي هڪ دستي کيس سڃاڻي ورتو ۽ سندس پويان لڳو. نيپولين پنهنجي جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو ۽ هڪ گهٽي ۾ هڪ ڪپهه وڪڻندڙ جي دوڪان ۾ گهڙي ويو ۽ کيس منٿ ڪندي چيائين ”مونکي بچائي.“ ڪپهه وڪڻندڙ کيس جلدي سامهون پيل ڪپهه جي ڍڳ ۾ لڪي وڃڻ جي لاءِ چيو ۽ پوءِ هن نيپولين جي هٿان ٻيو به ڪپهه وجهي ڇڏيو. هو اڃان ان ڪم مان مس واندو ٿيو، تيسين دشمن سپاهي به اچي پهتا ۽ دڪان ۾ گهڙي آيا ۽ رڙيون ڪري نيپولين جو پُڇڻ لڳا. ڪپهه فروش جي لاعلمي جي اظهار تي هنن دوڪان کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو۽ تلوارن سان ڪپهه تي به وار ڪرڻ ۽ انهن جا منهن اندر ٽنبڻ لڳا. هو نيپولين کي ڳولهي نه سگهيا. نيٺ هو مايوس ٿي موٽي ويا.
    ٿوري دير کانپوءِ جڏهن ماٺ ماٺوڙو ٿي ويو ته نيپولين سُرندو ڪپهه مان ٻاهر نڪتو ته کيس ڪا رهڙ به نه آئي هئي. عين انهيءَ گهڙيءَ نيپولين جا ذاتي محافظ کيس ڳولهيندي اُتي اچي پهتا ۽ دڪان ۾ گهڙيا. ڪپهه وڪڻندڙ کي جڏهن اندازو ٿيو ته هن ڪنهن وڏي شخصيت کي پناهه ڏني آهي ته هو نيپولين ڏانهن مُڙيو ۽ شرميلي لهجي ۾ پڇيائينس، ”آئون هيڏي عظيم شخص کان اهو سوال پُڇڻ تي معذرت گهرندس. پر هن ڪپهه جي ڍڳ هيٺان جڏهن اوهانکي احساس ٿي چڪو هو ته ايندڙ گهڙي يقيني طور تي اوهانجي زندگي جي آخري گهڙي به ٿي سگهي ٿي ته اوهان کي ڇا محسوس ٿيو؟“
    نيپولين جيڪو هاڻ شان سان بيٺو هو، تنهن کي ڪپهه وڪڻندڙ جي اُن سوال تي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ چيائين، ”توکي مون کان يعني بادشاهه نيپولين کان اهو سوال پُڇڻ جي همت ڪيئن ٿي؟“ پوءِ هن محافظن کي مخاطب ٿي چيو. ”هن گستاخ شخص کي ٻاهر وٺي وڃي اکين تي پٽي ٻڌوس ۽ کيس شوٽ ڪري ڇڏيو. آئون پاڻ گولي هلائڻ جو حڪم ڏيندس.“
    اهو ٻُڌي محافظن کڻي مسڪين کي جهليو ۽ گهليندا ٻاهر وٺي ويس، پوءِ هڪ ڀت سان بيهاري اکين تي پٽي ٻڌائونس.
    ڪپهه فروش کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پي آيو. البت هن جي ڪنن ۾ محافظن جي بندوقن جي کڙ کڙ ۽ انهن جا آواز اچڻ لڳا، جيڪي هوريان هوريان رائفلون تيار ڪري رهيا هئا. ان سان گڏ کيس سرد هوا جا جهونڪا ۽ ڪپڙن جي سرسراهٽ به ٻُڌڻ ۾ پي آئي. هوا هن جي ڪپڙن سان ٽڪرائجي رهي هئي ۽ هن جون ڳلون ٿڌيون ٿيڻ شروع ٿيون. هن جون ٽنگون ڪنبڻ لڳيون ۽ هو انهن تي قابو پائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. ان مهل سندس ڪنن ۾ نيپولين جو آواز پيو، جنهن گلو صاف ڪندي چيو، ”هوشيار... نشانو وٺو.“
    ان گهڙيءَ اهو ڄاڻندي ته ٿوري دير کانپوءِ سندس احساس ۽ جذبا هميشه لاءِ ختم ٿيڻ واران آهن، ڪپهه فروش جي اندر ۾ هڪ احساس جنم وٺڻ لڳو، جيڪو بيان ڪرڻ کان هو لاچار هو. ان مهل هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ شروع ٿي ويا.
    ٿوري دير کانپوءِ کيس پيرن جو کڙڪو ٻُڌڻ ۾ آيو، جيڪو ڏانهنس وڌي رهيو هو. جڏهن اهو آواز سندس بلڪل ويجهو پهتو ته ڪنهن هٿ وڌائي سٽ ڏيئي سندس اکين تان پٽي لاهي ورتي. اوچتو روشني ٿيڻ سان ڪپهه وڪڻندڙ جون اکيون کيريون ٿي ويون ۽ هن نيپولين کي ڏٺو، جيڪو سندس اکين ۾ اکيون وجهيو سندس سامهون بيٺو هو. سندن نظرون مليون ته نيپولين نرم لهجي ۾ چيس، ”هاڻ توکي خبر پئجي ويئي؟“
    بابا 13-مئي 1991ع تي ايل ايم سي ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. پهريون کيس هڏڪي ٿي، جيڪا وڌندي ويئي، دڙي ۾ ڊاڪٽرن کي ڏيکاريوسين، ڦڪين فرق نه ڪيو ته ايل ايم سي ڄامشوري اچي داخل ڪرايوسين. مهينو سوا داخل رهيو. پويان ٻه هفتا هوش ۽ حواس به ختم ٿي ويس، آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽس ويٺو هوندو هوس، پر هو اڪيلاين جي اونهي غفا ۾ هليو ويو هو.
    ننڍي هوندي هڪ ڀيرو بابا سان گڏجي دڙي مان ميرپوربٺوري ’مهر شاهه‘ جي ميڙي تي ويو هوس، دڙي مان استاد وڪيي ڊرائيور جي ڀاڙي جي جيپ ۾ چڙهي بٺوري وياسين، هن اسان کان اٺ آنا ڀاڙو ورتو، جيڪو ٻي ڏينهن صبح جو سوير اچي گهر سڏ ڪري اهو چئي واپس ڪري ويو ته، ”ان مهل چاچا هاشم کان تڪڙ ۾ ڀاڙو وٺي ته لاٿم، پر چاچا هاشم کان مونکي ڀاڙو وٺڻ نٿو جُڳائي.“ استاد وڪيو اسانجي پاڙي ۾ رهندو هو، ۽ ڪنهن زماني ۾ چاچا شمس الدين جو ڊرائيور به رهيو هو. ان وقت اڃا ماڻهن جي اکين ۾ شرم ۽ حيا هو. پاڙي اوڙي، ڳوٺ راڄ ۽ مٽن مائٽن جو خيال رکبو هو. پاڙي جا سڀ وڏا ننڍن جا چاچا هوندا هئا ۽ زائفائون اديون، مائرون ۽ ڀيڻون. اُستاد وڪيي جي گهر واري ادي زرينه مونکي ڀاءُ بنايو هو ۽ سندس امڙ ۽ ماسي ڏاڍا سٺا ڳيا ڪڇنديون هيون ۽ سڄو ڏينهن پيون اسانجي گهر اينديون هيون، هو امان جون ساهيڙيون هيون. هو سڀ مونکي ”جوپ“ چونديون هيون.
    انهن ڏينهن مهر شاهه جو ميڙو آسپاس جي ماڻهن جي لاءِ هڪ وڏي ڏڻ جي حيثيت رکندو هو ۽ گهمڻ ڦرڻ جا موقعا فراهم ڪندو هو. ميلي جي لاءِ ٻار باقاعده خرچيءَ مان پئسا ميڙيندا هئا. نوان ڪپڙا سبرائبا هئا ۽ پوءِ ميلو لڳندو هو ته ٺهي جڙي، نوان ڪپڙا پائي تيل ڦليل ڪري گهمڻ وڃبو هو ۽ وسنئون ميلي جو ڪو ائٽم نه گسائبو هو. چؤڏول، موت جو کوهه، اڌ ڌڙ وارو انسان، ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، ۽ رات جو وري ٿئيٽر ڏسي. آخر ۾ ڦُلا ۽ مٺائي گهر وارن لاءِ سوکڙي طور وٺي واپس وربو هو.
    مهر شاهه جي ان ميلي ۾ گهمندي بابا چانهه پيئڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ وڃي ويٺو، ان مهل هوٽل جي وچ ۾ صندل تي ڪي راڳي سچل سرمست جو ڪلام ڳائي رهيا هئا، ”انت بحر دي خبر نه ڪائي، رنگ هي رنگ بنايا.... الله آدمي بن آيا...“ ان وقت مونکي خبر نه هئي ته اهو ڪلام ڪنهن جو لکيل آهي، پر سالن تائين اهي ٻول منهنجي ڪنن ۾ ٻُرندا رهيا. ان وقت منهنجي عمر تيرهن يا چوڏهن سال هئي. جيتوڻيڪ مونکي ان وقت انهن لفظن جي پسمنظر جي خبر نه هئي، پر هاڻ جڏهن سوچجي ٿو ۽ اسٽيفن هاڪنگ جي تحقيق پڙهجي ٿي ته دنگ رهجيو وڃي. هاڪنگ وڏي تحقيق کانپوءِ ڪائنات جي ڇيڙي بابت ڄڻ ٻانهون اُڀيون ڪري بيهي رهيو آهي. اسٽيفن هاڪنگ اڄوڪي دور جو انسان آهي، جيڪو نيٽ، انٽرنيٽ، الائجي ڪهڙن ڪهڙن سائنسي اوزارن جو زمانو آهي. ڪتابن ۽ تحقيق جا ڍڳ لڳا پيا آهن. مطلب ته ڪائنات ۽ ان جي وشالتا جي باري ۾ معلومات موجود آهي، پر ڏيڍ پوڻا ٻه سؤ سال اڳ جڏهن سچل سرمست وجد ۾ اچي چيو، ”انت بحر جي خبر نه ڪائي.. رنگ هي رنگ بنايا...“ تڏهن ڪابه اهڙي سهوليت موجود ڪانه هئي، اها فقط سندس تخيل جي اُڏام هئي. سچل سرمست جي اها سٽ ’اسٽيفن هاڪنگ‘ جي ڪتاب ”ڪائنات جي ڳولا“ جو ڄڻ تت آهي. اسانجي صوفي بزرگن جي تخيل جي اُڏام ڪيتري نه وڏي هئي.
    هونئن به سائنس چوي ٿي ته ڪائنات جي وشالتا جو تصور ممڪن ئي نه آهي، پر اهو سوچڻ به ڏکيو آهي. جيڪڏهن اسين ڌرتي کان شروع ٿي پري هٽندا وينداسين ته اسانکي خبر پوندي ته ائين ڇو آهي. ڌرتي، شمسي نظام جو هڪ ننڍو حصو آهي، ائين سمجهجي ته هڪ ٽٻڪو، نظام شمسيءَ ۾ سج، ان جي چوڌاري گهمندڙ گرهه، ننڍا گرهه ۽ شهاب ثاقب آهن. اسانجو هي سڄو شمسي نظام هڪ ٻي ۽ اڃا به وڏي شمسي نظام جو حصو آهي، جنهن کي ”ڪهڪشان“ چئجي ٿو، هڪ ڪهڪشان ڪروڙين تارن سان گڏجي جُڙي ٿي. ان ۾ ڪجهه تارا ته سج جيترا يا ان کان به وڏا آهن ۽ پنهنجا پنهنجا شمسي نظام اٿن. ڪهڪشان ۾ نظر ايندڙ سڀ تارا سج آهن ۽ هو ايترا ته پري آهن، جو فاصلا ميلن جي بدران نوري سالن ۾ ماپيا وڃن ٿا. روشني هڪ سال ۾ اٽڪل 60 کرب ميلن جو سفر ٿي ڪري. زمين کي سڀ کان ويجهو چمڪندڙ تارو ”الفا نستوري“ آهي ۽ اهو به ڌرتي کان 250 کرب ميل پري.
    سائنسدانن کي يقين آهي ته اسانجي ڪهڪشان جي ويڪر 60x1,00,000 کرب ميل آهي ۽ اسانجي ”ڪهڪشان“ هڪ ٻي ۽ اڃا به وڏي نظام جو هڪ حصو يا ٽٻڪو آهي. اسانجي ڪهڪشان کان پري ٻيون به لکين ”ڪهڪشائون“ آهن ۽ شايد اهي سڀ ”ڪهڪشائون“ ڪنهن ٻي نظام جو حصو آهن.
    مٿين ڳالهه جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته اسانجي صوفي شاعر بلها شاهه ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي. هونئن به اسانجا محقق ان ڳالهه تي سهمت آهن ته اسانجي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ سڄو ڪائنات جو فلسفو سمائي ڇڏيو آهي.
    مهر شاهه کانسواءِ بٺوري تعلقي ۾ ”صوفي شاهه عنايت شهيد“ جي عرس جي موقعي تي به ميلو لڳندو آهي. پر ان جو رنگ ٻي قسم جو آهي. تنهن کان سواءِ اڳ بلڙي شاهه ڪريم جو ميلو به وڏي پئماني تي لڳندو هو، هڪ ڀيري بابا سان گڏجي بلڙي شاهه ڪريم جي ميلي تي به ويو هوس.

    امان بُت جي پوري پُني، رنگ جي ڳوري، جانٺي ۽ مضبوط هڏ ڪاٺ واري عورت هئي. هوءَ اڪثر سادي ڇيٽ جو چولو پهريندي هئي. جنهن تي هٿ جو ڀرت ڀريل هوندو هو. چولي جي ڀري مُڪيش، ذري يا سوٽي ڪشميري سان ڀريل هوندي هئي. ڀريءَ ۾ ناس جي دٻلي ۽ اسان جي خرچي لاءِ آنو ٽڪو پيو هوندو هو. جيڪو هوءَ مونکي انگل ڪرڻ تي ڀريءَ ۾ هٿ وجهي ڪڍي ڏيندي هئي ته وڃي شئي شغل وٺان. آئون ان آني ۽ ٻياني جي ڳڙداڻي يا کنڊ ڀڳڙا وٺي پيو کائيندو ۽ ڪُڏندو هوس.
    امان سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪار ۾ رُڌل هوندي هئي، صبح جو اَلل وهاڻيءَ اُٿي راتوڪا ٿانوَ ٿپا ڌوئي، ٻهارو سهارو هڻي، سانجهاڻ ڪندي هئي ۽ چانورن جي اٽي جا ٿلها لولا ٿڦي اسان کي ڏڌ يا چانهه سان کيئڻ جي لاءِ ڏيندي هئي ۽ پوءِ پاڻ وڃي مينهن ۽ ڍڳيءَ جا ڇيڻا ميڙيندي هئي. آئون ماني کائي سليٽ ۽ ڪتاب کڻي اسڪول روانو ٿيندو هوس. هوءَ ڇيڻا ميڙي، پوءِ گهر جو ٻيو ڪم ڪار ڪندي يا سيبو ۽ ٽوپو ڪندي هئي. سيبو ٽوپو ڪندي، امان ڪڏهن ڪڏهن نهايت مٺڙي ۽ سُريلي آواز ۾ سهرا يا ڳيا به پئي ڪڇندي هئي، جيڪي مونکي ڏاڍا وڻندا هئا ۽ ماٺ ڪري ويهي ٻُڌندو هوس. مونکي ائين ٻُڌندو ڏسي چوندي هئي، ”تنهنجي شاديءَ جا ڳيا پئي ڪُڇان.“
    ساريال واري منڌ ۾ صبح جو سوير امان ۽ ناني اُٿنديون هيون ۽ جنڊ پيهنديون هُيون. اهو جنڊ ٺڪر جو هوندو هو ۽ ڪلر جي ڊيٻي تي هلائينديون هيون. هاڻي ته اهي جند ۽ ڊيٻا صفا اڻ لڀ ٿي ويا آهن. ساريون ڏري، سُپ سان ڇنڊي، چانور هڪ پاسي ۽ تُهه ٻئي پاسي ڪنديون هيون. امان ۽ ناني هڪ روپيو يا ڏيڍ روپيو مڻ ساريون ڏرينديون هيون. ڊيٻي جو ڪلر اڪثر ڪري ناني ٻين ماين سان گڏ، پريان منڇرين جي پوٺي تان کرپيءَ سان کرچي کڻي اينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن آئون به نانيءَ سان گڏجي ويندو هوس. اُتان ڊيٻي لاءِ ڪلر کانسواءِ ”اُئي“ به کڻنديون هيون، جنهن ۾ ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڌوئيندو هيون. اُئي ڪلر جون مٿيون تهه هئي، جيڪا لوڻياڻي هوندي هئي.
    ناني ڌنيٰ به امان سان ملندڙ جلندڙ ڪپڙا پائيندي هئي، پر فرق رڳو اهو هو ته هوءَ سوسي ڪپڙي جي ست ڀري سلوار پائيندي هئي، جڏهن ته امان عام ۽ سادي ڪپڙي جي سلوار پائيندي هئي. امان سڄي گهر جي سريال هئي. بابا ته صبح جو الل وهاڻيءَ ڍڳا جوٽي گاڏي ڪاهي هليو ويندو هو. منجهند جو اڪثر ڏڌ جو وٽو يا دال جو پيڙو هوندو هو ۽ رات جو پاڻيءَ ۾ رڌل رُکو ڀت ۽ کير جو اڌ کن وٽو هر ڪنهن جي حصي ۾ ايندو هو. اهو کير اسان جي مينهن ۽ نانيءَ جي ڳئونءَ جو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن بابا يا وري ناني ٻنيءَ مان مريڙو، للر ۽ ناڙو پٽي ايندا هئا، پوءِ اهي ڇلي ٺاهي، اُن ۾ ڏڌ جو وٽو وجهي، ٿوم جو داڳ ڏيئي امان پٽڙو ساڳ رڌيندي هئي. ٿوم ۽ تيل جي داڳ ۾ اهو للر، مريڙو يا ناڙي جو ساڳ اهڙو ته مزيدار ٿيندو هو، جو ٺونٺين تائين پيا چٽيندا هئاسين، اهو ٻنپهرن جو رڌل ساڳ پوءِ رات جو به کائيندا هئاسين.
    گوشت ۽ مڇي ته ڪڏهن ڪڏهن سنبرندا هئاسين. اهو يا ته عيد براد رڌبو هو يا وري جڏهن بابا کي ڪا چڱڙي مزدوري لڳندي هئي ته پوءِ اهو ڳنڌڻ ڳنهبو هو. ان وت گوشت جو پاءُ ٻارهين آني (75 پئسا) ملندو هو. بابا ته پئسا ڏيئي صبح جو سوير ئي هليو ويندو هو ۽ پوءِ گوشت وٺڻ جي لاءِ آئون يا منهنجي وڏي ڀيڻ گلان بازار وڃي، سومار ڪاسائيءَ جي پڙيءَ تان وٺي ايندا هئاسين. ان وقت دڙي ۾ گوشت جي اها هڪ ئي پڙي هوندي هئي.
    بابا پورهيت ماڻهو هو، مون کيس ڪم کان ڪڏهن به ڪنجهندي يا ڪُرڪندي نه ڏٺو. ڪپڙي لٽي جي معاملي ۾ به صفا سادو، سلوار قميص يا گوڏ پائيندو هو. کاڌي پيتي جي معاملي ۾ به جيڪو رکو سُکو هوندو هو، سو بسـم الله چئي کائي ويندو هو. بابا ڪڏهن به نشو پتو نه ڪيو. البت جڏهن مون هوش سنڀاليو ته پن جي ٻيڙي کيس پيئندي ڏٺي هئم، جيڪا به اڳتي هلي ڇڏي ڏنائين. هو مونکي چوندو هو ته ”بابا ڪڏهن به ٻيڙي نه پيئج!“ اها بابا جي نصيحت آهي يا دعا جو مون ۾ اها بُڇڙي عادت ڪڏهن به نه پئي.
    ناني ڌنيٰ به صفا اڻ پڙهيل هئي، هوءَ ٻين ماين جيان قرآن شريف به نه پڙهي هئي. نانا اسماعيل جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو هو. کيس ٽي ڌيئرون هيون، پُٽ جو اولاد نه هئس، جنهن جو کيس سڄي زندگي ڏُک رهيو. جڏهن به ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙبي هئي ته چوندي هئي، ”نانگي نپٽي آهيان.... هجيم ها ڪو پُٽ پَئي ته هيئن ڪيئن پئي ڌيئرن جي درن تي ڌڪا کان ها.“
    جڏهن چاچا شمس الدين ۽ جيجي بچل پهريون ڀيرو حج تي ويا ته نانيءَ کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا. حج تي وڃڻ کان اڳ نانيءَ ڪڏهن به نماز نه پڙهي هئي، باقي رمضان جا روزا سڀ رکندي هئي. حج جو فارم ڀريس ته پوءِ سڄو ڏينهن ويٺي نماز سکندي هئي ۽ قرآن شريف جون آيتون ياد ڪندي هئي، جيڪي وڏي عمر جي ڪري کيس وسري وينديون هيون. حج تان موٽڻ کانپوءِ، ڪنهن خاص مجبوريءَ جي، نانيءَ نماز نه ڇڏي. باقي آخري عمر ۾ ته پيئي ئي کٽ تي هوندي هئي.
    ناني حج تان موٽي ته منهنجي لاءِ کوڙ ساريون شيون ۽ رانديڪا وٺي آئي، جن ۾ فوٽن واري دوربيني، ڇٽي، ڪپڙن جو وڳو ۽ ٻيون الاهي ساريون شيون هيون. ڇٽي ته ڪو ٻي ڏينهن ئي گهران چورائي ويو. باقي فلم واري دوربيني، جنهن ۾ حج جا ڪافي نظارا هئا، ڪافي ڏينهن تائين امان جن پاڙي اوڙي ۽ ايندڙ ويندڙ ماين کي ڏيکاري پيون ثواب کٽنديون هيون.
    مٿي لکي آيو آهيان ته امان گهر جي سريال هئي. شادين، مرادين، ڀتن، پوتن، موتي غميءَ ۾ هوءَ زناني حصي ۾ ڇانيل هوندي هئي. ساڻس گڏ اسان جي هڪ ٻي مائٽياڻي ناني حليمان، جنهن کي سڀ ’جيجي حلو‘ چوندا هئا، به جوڙيوال هوندي هئس. ٻيئي ڄڻيون ڪم ڪار ۽ ڪاڄ جي سارسنڀال رکڻ ۾ ڀڙ هونديون هيون. هو نه رڳو سڄي ڪاڄ کي سنڀالينديون هيون، پر ڪنهن هوشيار ڪمانڊر جيان ڪم ڪندڙ ۽ ايندڙ ويندڙ ماين تي به نظر رکنديون هيون. جنهن ڪاڄ ۾ امان ۽ ناني حليمان هونديون هيون، ان ۾ ڪا بدنظمي ٿئي، ڪا چوري چڪاري ٿئي، ڪو هڪ داڻو به ذيان ٿئي، سوال ئي پيدا نٿي ٿيو! اسان جا اڪثر مٽ مائٽ پري پري کان اچي پنهنجين ٿيندڙ شادين مُرادين جي سلسلي ۾ ڪم ڪار واسطي امان کي وٺڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ ايندا هئا. هو اڪثر چوندا هئا: ”.... جنهن ڪاڄ ۾ ماسي صفوري ۽ ناني حليمان هجن، اُن جي ڌڻين کي بي کٽڪو ٿي ويهڻ گهرجي ته ڪو ڪاڄ جي گلا ٿيندي....“
    *
    ناني ڌنيٰ جو منهنجي زندگي ۽ تربيت ۾ ڪافي حصو ۽ عمل دخل رهيو آهي. مونکي اسڪول ۾ ويهارڻ واري ناني هئي، هن جون تمام گهڻيون محبتون مون سان رهيون آهن. آئون سوچيندو آهيان ته منهنجي ناني ۽ مئڪسم گورڪي جي نانيءَ جي ڪردارن ۾ ڪيتري نه هڪجهڙائي آهي.
    ناني چوندي هئي ته پڻهين ڪلهو ڪو ٻار هو، مون کيس هنج ۾ کڻي نپائي وڏو ڪيو. ڏاڏا علو ۽ ڏاڏي بصران ته بابا جي ننڍي هوندي ئي گذاري ويا هئا. بابا ڇورڙو ۽ يتيم هو، سندس ٻيا مٽ مائٽ الائجي ڪيڏانهن ٽڙي پکڙي ويا هئا. بابا، نانيءَ کي سدائين ”ادي“ چئي سڏيندو هو. هو ناني جو گهڻو احترام ڪندو هو.
    مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته اسين ڏاڍا غريب هوندا هئاسين، بابا ڪيترائي ڌنڌا ڪيا ۽ مزدوريون ڪيون. امان به گهر ۾ پيئي هلڪا ڦلڪا ڪم ڪاريون ڪندي هئي، جن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. اڳتي هلي جڏهن جسم مان سگهه موڪلائي ويس ته هن جنڊ پيهڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ سيمنٽ جي خالي ڳوٿرين مان ٿيلهيون ٺاهڻ لڳي. اهي اسين سڀ گهر ڀاتي گڏجي ٺاهيندا هئاسين. شروع ۾ ته اهي ٿيليهون آڏيون ڦڏيون ۽ بي ڍوليون ٺهنديون هيون، پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ اسان جو هٿ هري ويو ۽ اهي صحيح ۽ سڌيون ٺهڻ لڳيون. جيڪي پوءِ آئون يا ڪو ٻيو گهر ڀاتي، بابا، ناني يا ادي گلان ريزڪي دوڪان وارن کي ڏيڍ يا ٻين روپي ڪلو جي حساب سان وڪڻي ايندو هو.
    *
    آئون ٿورو وڏو ٿيس ته پهرين قرآن شريف پڙهڻ جي لاءِ ميانجي نور محمد جي مدرسي ۾ ويندو هوس، پوءِ وري سامهون واري مخدوم مسجد ۾ سائين حافظ محمد الرحيم ميمڻ جن وٽ پڙهڻ ويندو هوس. حافظ صاحب رنگ جو ڳورو، قد جو ڊگهو ۽ تمام ٿور ڳالهائو هوندو هو. جواب ڏاڍا مختصر هان يا هون ۾ ڏيندو هو. انتهائي نيڪ ۽ ٻاجهارو انسان هو. جنهن وري مونکي هڪ ٻئي مُلئين جي حوالي ڪيو، جنهن مونکي پهرين ته ٿورو قرآن پڙهايو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن چوڻ لڳو، ”تو سٺو ڇوڪرو آهين.... ياد حافظ ٿي اڳتي هلي هن مسجد جو پيش امامي ڪج.“ پوءِ مونکي هو ياد حافظ بڻائڻ لاءِ پڙهيل سورتون ياد ڪرائڻ لڳو. سندس شوق ڏيارڻ تي مونکي به قرآن جو ياد حافظ ٿيڻ جو شوق ته ٿيو، پر مونکي قرآن ياد نه ٿيندو هو ۽ اڪثر ياد ڪيل سورتون وسري وينديون هيون، جنهن تي اهو مولوي مونکي لڪڻ سان ڪُٽيندو هو. اُن مار جي ڊپ کان ياد ته ٺهيو، پر ناظرا قرآن شريف به پڙهي نه سگهيس ۽ کٿاب مان ڀڄي ويس. اهو مولوي مسجد جي پيش اماميءَ سان گڏ کٿاب ۾ ٻار به پڙهائيندو هو.
    انهن ڏينهن مون تي مذهب جو سخت جنون طاري رهيو.... مسجد ۾ نمازون پڙهڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن تبليغ جماعت سان گڏجي تبليغ به ڪندو هوس. مون جڏهن ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا ته اسلامي تاريخ ۽ جنگين جا ڪتاب وڏي شوق سان پڙهندو هوس ۽ اڪثر ڪري مختلف ملڪن ۾ مسلمانن تي ٿيل ظلمن جا داستان پڙهي روئي پوندو هوس. مونکي اسلام جو ’جهاد‘ فلسفو بي حد ڪشش ڪندو هو، ان وقت آئون سوچيندو هوس ته وڏو ٿي هڪ وڏو لشڪر تيار ڪندس ۽ ڪافرن سان جهاد ڪري سڄي دنيا تي اسلامي جهنڊو ڦڙڪائيندس ۽ مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندس.
    انهن پڙهيل ڪتابن مان گهڻا تڻا هاءِ اسڪول دڙي جي لئبرري مان وٺي پڙهيا، اسڪول جي لئبرري جو انچارج سائين غلام حسين بلاولي هو، جيڪو هر هفتي اسان کي هڪ ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيندو هو. انهن ئي ڏينهن هڪ ٻه نسيم حجازيءَ جا ناول به پڙهيم. جن به مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. اسڪول لئبرري مان جيڪي مون ڪتاب وٺي پڙهيا، انهن ۾ ’اندلس جي تاريخ“ وڏي شوق سان پڙهيم. اتي عربن پاران علم، ادب، آرٽ ۽ عمارت سازي کي ترقي وٺرائڻ جون ڳالهيون مونکي بيحد وڻنديون هيون. الحمرا، مسجد قرطبه وغيره جي تباهي ۽ ويرانيءَ جا داستان منهنجي روح ۾ وڍ وجهندا هئا. مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ آئون اندلس مان ڌڪي ڪڍيل ڪنهن ’مور‘ جو ڀٽڪيل روح هجان.
    *
    ننڍي هوندي مونکي مختلف ڳالهين کان ڏاڍو ڊپ لڳندو هو ۽ مون تي انهن ڳالهين جو گهڻو اثر پڻ ٿيندو هو، جنهن ڪري بيمار به ٿي پوندو هوس. هڪ ڀيري مون انب جا ڪوئلا پوکيا ۽ اهي ڦُٽي آيا. آئون سڄو ڏينهن پيو انهن کي پاڻي ڏيندو ۽ سارسنڀال ڪندو هوس. هڪ ڀيري پاڙي جي هڪ مائيءَ مونکي انب جي انهن وڻن کي پاڻي ڏيندي ڏسي چيو:
    ”ڇوڪرا، وڻ نه پوک اهي حياتي کائي ويندا آهن.“
    ”ڪيئن ماسي؟“ مون پڇيو.
    ”وڏن کان ٻُڌو اٿم ته جيڪو ماڻهو وڻ پوکيندو آهي، اهو جلد مري ويندو آهي.“
    ”جلد ڪو مرندو آهي ماسي؟“ منهنجو تجسس وڌيو.
    ”ابا، وڻن کي وڏي ٿيڻ جي لاءِ حياتي گهرجي ۽ هو ماڻهوءَ جي اڌ وهي کائي ويندا آهن. مثال طور، جي ڪنهن جي عمر چار سال هوندي ته ٻه سال وڻ کائيندو ۽ ماڻهو باقي ٻه سال جيئندو.“
    انهيءَ پوڙهي ماسيءَ جي اها ڳالهه منهنجي ڪچڙي ذهن ۾ ويهي رهي، ۽ آئون سڄي شام سوچيندو رهيس ته پوءِ منهنجا پوکيل انبن جا وڻ منهنجي حياتي به کائي ويندا، ۽ آئون به ننڍي عمر ۾ ئي مري ويندس.“
    اها سوچ مون تي ايتري ته حاوي ٿي وئي، جو مونکي تيز بخار اچي ويو ۽ ٻه ڏينهن آئون تيز بخار ۾ دڳندو رهيس. منهنجي ذهن ۾ رڳو اهائي ڳالهه هئي ته انبن جا وڻ منهنجي حياتي کائي ويندا ۽ آئون مري ويندس. ٻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن بخار لٿم ته وڃي انبن جا وڻ ڏٺم. پر اهي اُتان ڪير پٽي ويو هو ۽ ان ڊپ سبب مون وري ڪڏهن به وڻ نه پوکيو.
    ٻئي ڀيري ادي گلان سان گُڏين راند ڪندي مون ڪافور جي هڪ ڳاڙهي گُڏي، منهنجي اڳيان ويندڙ ماڪوڙي کي اڇلائي هنئي ۽ ويندڙ ماڪوڙو ٻه اڌ ٿي تڙپڻ لڳو. اهو ڏسي ادي گلان وٺي زور سان رڙيون ڪيون.
    ”ائي گهوڙن هيس.... ماڪوڙو مري ويو.... هاڻ تو تي گناهه ٿيندو.“
    ادي گلان جي انهن رڙين تي آئون صفا ڊڄي ويس ۽ هَڄي پريان ٿي بيهي رهيس.
    ”هاڻي ڇا ٿيندو ادي!“ مون هوريان هوريان پڇيو.
    ”ماڪوڙو مري ويو ۽ هاڻ ڪاري قيام ۾ تون به ائين ئي مرندين. ادا ادا!“ ادي گلان وراڻيو.
    ”ڪيئن ادي....؟“ مون وڌيڪ ڊڄندي چيو.
    ”قيامت جي ڏينهن الله سائين اها ساڳئي گُڏي ماڪوڙي کي ڏيندو ۽ هو توکي ائين ئي هڻندو.“
    ادي گلان جي اها ڳالهه ٻُڌي آئون صفا ڊڄي ويس ۽ وٺي رانڀاڙ شروع ڪيم. تيسين امان ڊوڙي اچي کنيم ۽ ماترائي، پرچائي ۽ سمجهائي مونکي ماٺ ڪرايو. رات جو جڏهن سُمهڻ لاءِ بستري تي ليٽيس ته ڪيتري ئي دير تائين پنهنجي منهن دل ئي دل ۾ الله سائين سان پنهنجي بچاءَ ۾ دليل بازي ڪندو رهيس. ”الله سائين! مون ڄاڻي واڻي ٿورو ئي ڪا گُڏي هنئي.... مون ته آهستي هنئي هئي....“
    پوءِ الائجي ڪيڏي مهل ننڊ کڻي ويم.

    اسان جي گهر جي پاسي ۾ جيڪا ڦٽل مشين هئي، ان ۾ هڪ ٻير جو وڻ بيٺل هوندو هو، جنهن لاءِ ناني چوندي هئي ته اها ٻير ’ڳري‘ آهي، ان ٻير ۾ واسو ڪيل جنن ئي اُن مشين جي گوڙ کي ناپسند ڪري ڦٽائي ڇڏيو. ڪافي سال پوءِ اهو مشين وارو پلاٽ چاچا شمس الدين خريد ڪري، ان تي پنهنجو وڏو گهر ٺهرايو، جڏهن چاچا جو اهو بنگلو اڏجي رهيو هو ته آئون به بابا سان گڏجي، رازن سان گڏ موڪل واري ڏينهن تي مزدوري ڪندو هوس. بابا کي سڄي ڏهاڙي جا ڇهه روپيا ۽ مون کي ٽي روپيا ملندا هئا. سڄو ڏينهن اُس ۽ گرميءَ ۾ تغاريون ڍوئي شام جو ڪم ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن منشي منهنجي هٿ ۾ مزدوريءَ جا ٽي روپيا ڏيندو هو ته ان مهل منهنجا احساس عجيب هوندا هئا، ۽ پاڻ کي دنيا جو امير ترين شخص سمجهندو هوس. مون کي ڇوڪرو هئڻ سبب اڌ مزدوري ملندي هئي. انهن ٽن روپين مان اَٺ آنا آئون کڻندو هوس ۽ باقي اڍائي روپيا امان کي رکڻ جي لاءِ ڏيندو هوس. ائين مون ان مزدوريءَ مان هڪ سئو روپيا ميڙي گڏ ڪيا.
    بنگلو جڏهن درن ۽ درين جي مرحلي تي پهتو ته واڍن جو هڪ ٽولو اچي انهن جي درن ۽ درين جو ڪم ڪرڻ لڳو. هو پاسي ۾ ٺهيل هڪ وڏي ڪوٺيءَ ۾ رهڻ لڳا. آئون روزانو شام جو ٻين ٻارن سان گڏ انهن جو اڇلايل ڪاٺ جو ٻورو ۽ ننڍيون ڪاٺيون ميڙڻ ويندو هوس، جيڪي اسين چلهه ۾ وجهي ٻاريندا هئاسين. انهن واڍن مان هڪ واڍي کي استاد استاد پيا سڏيندا هئا. جنهن لاءِ ٻيا واڍا چوندا هئا ته مرزائي آهي، پر ان وقت مونکي اها خبر نه هئي ته مرزائي ڪير آهي. مرزائين کي پاڻ عام طور تي ’قادياني‘ چوندا آهيون. اهو استاد واڍو عجيب و غريب، ڳالهيون پيو ڪندو هو. فلمن جون، اداڪارن جون، اداڪارائن جون، هو چوندو هو ته فلاڻي اداڪارا منهنجي سنگتياڻي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هو مونکي ڪاٺ جا رانديڪا به ٺاهي ڏيندو هو. شام جو هو شربت ٺاهيندو هو، جيڪو پاڻ به پيئندو هو ۽ اُتي ويٺل ٻارن کي به پياريندو هو. آئون ساڻس گهڻو هري مري ويو هوس.
    هڪ ڏينهن هن معمول موجب شربت نه ٺاهيو ۽ چيو ته اڄ ٻي ڪا شئي ٿا گهرايون. پوءِ الائجي ڪهڙي اندرين اُڻ تڻ سبب هڪدم ڪوٺيءَ جي اندر وڃڻ ٿي لڳو، ته دم ٻاهر نڪرڻ ٿي لڳو، پوءِ پڇيائين:
    ”ڀلا ڇا گهرائجي!“
    ”استاد جيڪا اوهان جي مرضي.“ مون وراڻيو.
    هو وري ماٺ ٿي ويو. کن ترسي پڇيائين، ”ڀلا تنهنجي گهر وارن کي ڪهڙي شئي وڻندي آهي.“
    سندس انهن لفظن ڄڻ منهنجي دل تي ڌڪ هڻي ڪڍيو. دل ۾ آيم ته چوانس ته ’تنهنجو منهنجي گهر وارن سان ڇا وڃي....‘ پر چئي نه سگهيس ۽ مِڻ مِڻ ڪرڻ لڳس.

    امان منهنجي ننڍپڻ جي عادتن، ضدن ۽ شوقن بابت تڏهن ويهي تفصيل سان ٻُڌائيندي هئي، جڏهن منهنجا پُٽ شهزاد ۽ وشال به اهڙيون حرڪت ڪندا آهن.
    ”ابا پُٽ ڪنهن جا آهيو....؟“ امان کين چوندي هئي. ”جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.... پڻهين به سڄو ڏينهن ٻلي ڪڇ تي کڻيو پيو هلندو هو ۽ اوهين به.... “ جڏهن شهزاد ۽ وشال ٻلي جي ڪَن يا پُڇ مان جهلي ڇڪيندا هئا ته امان چوندي هئي.
    ”ننڍي هوندي تون به ٻلين سان اهڙو ئي پَڇ ڪندو هئين.... گهر ۾ تنهنجي شوق سبب ٻه ٽي ٻليون ته هر وقت موجود هونديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ننڍڙي ٻليءَ کي رات جو ڪتو کڻي ويو.... پوءِ تون ايترو ته رُنو هئين جو توکي بخار اچي ويو هو. نيٺ پاڙي مان ناني اُملي جي گهران اڌ رات جو ٻي ٻلي کڻي اچي توکي ڏنيسين.... تڏهن تو ماٺ ڪئي.“
    مونکي ياد ٿو اچي ته هڪ ڀيري هڪ پوشي (ٻلي جو ٻچڙو) مري ويو، جنهن تي آئون ايترو ته رنو هوس، جو ڄڻ منهنجو ڪو ويجهو عزيز قريب گذاري ويو هجي. پوءِ مون ان پوشيءَ کي گهر جي پويان گڏ کوٽي اُن ۾ پوري ڇڏيو.
    ٻين شوقن سان گڏ مونکي بدڪن سانڍڻ جو به وڏو شوق هو، اسان جي هڪ ڪڪڙ آري تي ويٺي ته امان ان جي هيٺان بدڪ جا ٻه بيدا به رکيا، جن مان هڪ بيدو ڪنو ٿي ويو ۽ ٻيو ڦٽو، جنهن مان هڪ ننڍو نهايت سهڻو، ريشمي وارن وارو بدڪ جو ٻچو نڪتو. آئون کيس سڄو ڏينهن پيو پاڻيءَ جي گينڍيءَ ۾ تاريندو هوس. ٻچو وڏو ٿيو ته بيحد سهڻو نر بدڪ ثابت ٿيو. هڪ ڏينهن مون اهو پنهنجي سئوٽ عبدالڪريم جي چوڻ تي هڪ سيد ڇوڪري کي ٻن يا ٽن روپين ۾ وڪڻي ڇڏيو. پر پوءِ آئون اها سڄي رات سمهي نه سگهيس. ٻئي ڏينهن بدڪ واپس وٺڻ لاءِ ان سيد ڇوڪري کي ڳولهيندو رهيس، نيٺ ڳولهيندي ڳولهيندي هو شام جو مونکي مليو. مون کيس بدڪ واپس ڏيڻ لاءِ چيو. هن ٻُڌايو ته پاڻ اها فلاڻي کي وڪرو ڪري ڏنو اٿائين. آئون اهو وٺڻ جي لاءِ سندس ڏسيل گهر ويس، جتي خبر پيم ته هنن اهو ٻنپهرن جو ڪُهي کائي ڇڏيو. اهو ٻُڌي صفا روئڻهارڪو ٿي ويس. پر هاڻ ڇا ٿي ڪري سگهيس. ڪافي ڏينهن تائين مونکي منهنجي بدڪ جو ائين ڪسجي کاڄي وڃڻ جو ڏُک بيٺو رهيو.
    اسان جي هڪ مائٽياڻي هوندي هئي ماسي سارو، وٽس بدڪن جي هڪ جوڙي هوندي هئي. ماسي سارو مونکي ۽ عبدالڪريم کي بدڪن بابت ڏاڍيون دلچسپ ۽ حيرت جهڙيون ڳالهيون ٻُڌائيندي هئي ۽ اسين سندس گَشن ۾ صفا ٻُڏي ويندا هئاسين. هڪ ڀيري ته بدڪ خريد ڪرڻ جي شوق ۾ اڪيلو ئي اڪيلو وڃي بٺوري کان نڪتس. اَٺن ڏهن سالن جي عمر ۾ ائين بٺوري وڃڻ وڏو مسئلو هو، پر شوق جو ته ڪو ملهه ئي ڪونهي.


    3

    اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ نم جو هڪ وڏو وڻ بيٺل هو. هاڻ ته اهو ڇڻي صفا ٺوڙهو ٿي ويو آهي، پر اُن وقت ايترو ته گهاٽو هوندو هو جو اُن جي ٽارين ۾ ڏهه مڙس چڙهي لڪي ويهن ته ڪر سماءَ ئي نه پوي. نماشام مهل امان مونکي ان نم جي ويجهو وڃڻ نه ڏيندي هئي. چوندي هئي ته نم ۾ ’مخدوم جا فقير‘ ويٺل آهن. مخدوم اسان جي گهر کان فرلانگ ڏيڍ پرڀرو دفن ٿيل آهي. ان سان گڏ مسجد به آهي، جنهن کي ’مخدوم مسجد‘ سڏيو ويندو آهي. مخدوم جي باري ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته هو ٿر واري پاسي جو الله لوڪ ماڻهو هو، ٽٻي هڻي اچي هتي نڪتو ۽ پوءِ سندس خواب ۾ ڏنل اشاري تي حاجي محمود ميمڻ سندس قبر به ٺاهي ته مسجد به اڏرائي.
    مخدوم جنهن هنڌ دفن ٿيل آهي، ان پاڙي کي ’نئون ڳوٺ‘ سڏيو وڃي ٿو. ’نئون ڳوٺ‘ سڏڻ جي ڪهاڻي اها آهي ته، ڪجهه گهراڻا هت لڏي اچي ويٺا. جيڪي پاڻ کي ارباب سڏائيندا هئا. انهن جو وڏو حاجي ناٿو حڪيم هو ۽ ٻيو ارباب حاجي محمد صالح ميمڻ هو، جيڪو پوليس ۾ صوبيدار هو. حاجي صالح ميمڻ، چاچا عبدالغفور الستي ۽ چاچا شمس الدين جو پيءُ هو. ارباب حاجي خميسو ميمڻ به انهن ئي پَٽن تي رهندو هو. جيڪو ورهاڱي کان اڳ ڪجهه وقت بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر به رهيو. ان وقت اها وڏي ڳالهه هئي. ارباب حاجي خميسي 1929ع ۾ وفات ڪئي. سندس مختصر ۽ جامع ذڪر سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ ڪيو آهي.
    ان ’نئون ڳوٺ‘ جي آبادي اربابن تي ٻڌل آهي. ٿوريون گهڻيون ٻيون ذاتيون به رهن ٿيون. ڪنهن زماني ۾ ’نئين ڳوٺ‘ جي حيثيت دڙي جي ’ڊفينس سوسائٽي‘ جهڙي هئي. ان نئين ڳوٺ ۽ ان وڏي پاڙي ۾ منهنجي يادن جا انيڪ سلسلا موجود آهن. ان وقت سڄي پاڙي ۾ فقط ٻه دروازا هوندا هئا. هڪڙو وڏو دروازو هو جنهن کي ”دالا“ چئبو هو، جيڪو کريءَ وٽ، احمد شاهه جي مسجد جي سامهون هو. احمد شاهه جي مسجد ۽ دالا جي وچ ۾ هڪ قبرستان به آهي جنهن ۾ ان پاڙي ۾ فوت ٿيندڙن کي دفنايو وڃي ٿو. ٻيو دروازو مخدوم مسجد جي سامهون حاجي خانصاحب محمد يوسف ميمڻ جي گهر مان هوندو هو. هاڻ ته ڪئين دروازا نڪري پيا آهن. ان سڄي پاڙي ۾ ڪيترائي گهر هئا ۽ هر گهر جو ٻئي گهر مان در هو ۽ ائين اهو سڄو پاڙو ڪوٽ نما هو.
    ان سڄي پاڙي ۾ اسين سڄو سڄو ڏينهن ڊوٻ ڊوٻ ڪندا، رانديون ڪندا پيا وتندا هئاسين. آئون، اڪرم، خليل، وزير شيدي، پاڙي جي هڪ گهر مان ٻئي گهر ۾ چور پوليس راند ڪندي گهڙي ويندا هئاسين. اڪرم جي گهر ۽ ٻئي گهر جي وچ ۾ هڪ ننڍري دري هوندي هئي، جتان ڊوڙندي ڊوڙندي ٽپ ڏيڻ ۾ بيحد مزو ايندو هو. راند ڪندي بُک لڳندي هئي ته اڪرم جي ماءُ، پڦي خطو ۽ خليل جي ماءُ ماسي آسي اسان کي ماني به کارائينديون هيون. اتي ئي گهر جي وڏي دالا وٽ ڪني پاڻيءَ جي هڪ هودي هوندي هئي، جنهن ۾ سڄي پاڙي جو گند اچي گڏ ٿيندو هو، جنهن ۾ اسين ڪانين کي ٻيڙيون ڪري هلائيندا هئاسين. هڪ ڏينهن اسين اهي ڪانين واريون ٻيڙيون هوديءَ ۾ وجهي هلائي رهيا هئاسين ته خليل پنهنجي هٿ ۾ جهليل ڪانيءَ سان منهنجي ڪاني (ٻيڙي) کي ٻوڙڻ لڳو. مون کيس منع ڪئي، پر هن نه مڃي ته مون ڪاوڙ ۾ اچي کيس کڻي هوديءَ ۾ ڌڪو ڏنو. هن ٻه ٽي گهگهٽيون کاڌيون ۽ سڄو ڪنَ ۾ ٿڦجي ويو، تيسين ڪنهن کيس ٻانهن مان جهلي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، هن جا رانڀاڙ شروع ٿي ويا ۽ آئون مار جي ڊپ کان گهر ڀڄي ويس.
    آئون، اڪرم ۽ خليل پاڻ ۾ دوست هوندا هئاسين. شروع ۾ گڏجي ’صفر شيديءَ‘ جي ڳوٺ واري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئاسين. پوءِ الائجي ڪيئن ٽيئي ڌار ڌار پڙهڻ لڳاسين. اڪرم ۽ خليل جا مائٽ پڙهيل ۽ سرنديءَ وارا هئا. خليل جو پيءُ چاچا ابراهيم، چاچا عبدالغفور الستي ۽ چاچا شمس الدين جو وڏو ڀاءُ هو. اڪرم جو پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو. سندس ماءُ پڦي خطو چاچا ابراهيم، چاچا الستي ۽ چاچا شمس جي اڪيلي ڀيڻ هئي. اڳتي هلي اڪرم ۽ خليل سٺي تعليم لاءِ حيدرآباد هليا ويا ۽ مون کان اڳ پڙهي ويا ۽ آئون کانئن ڳوٺ ۾ ٻه درجا هيٺ پڙهندو هوس. اسين روز صبح جو گهران اسڪول وڃڻ جي لاءِ نڪرندا هئاسين ۽ اڪثر گُهت هڻي، پيڃاريءَ جي پل جي هيٺان وڃي راند ڪُڏندا هئاسين. صفر شيدي جو اهو اسڪول پيڃاري پراڙ انسپيڪشن بنگلي جي پويان هو، هڪ ڏينهن اسين موريءَ جي ڪَر ۾ ڪُڏي رهيا هئاسين، جو اوچتو ڏٺوسين ته اڪرم جو وڏو ڀاءُ حاجي اشرف اسان جي مٿان اچي بيٺو هو. خليل ته گُهت هڻي ڀڄي ويو، مون ڀڄڻ جي ڪيئي پر هڪ زوردار ٿڦ اچي منهنجي ڳل تي لڳي ۽ گيلاٽيون کائي وڃي پريان ڪريس ۽ پوءِ ڦٿڙائيندو رَئي ٿي ويس. پر اڪرم کي جهلي وڌائين ۽ کيس ڏاڍي مار ڪڍي اسڪول ڇڏي آيو. شهيد ذڪريا ميمڻ به اسان سان گڏ ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندو هو، پر هو اسان وانگر ڀاڄوڪڙ نه هو.
    ڳالهه پي ڪيم اسان جي اڱڻ ۾ بيٺل نم جي! امان چوندي هئي ته اُن نم ۾ فقير آهن. ڪڏهن ڪڏهن ناني به اهڙي ڳالهه ڪندي هئي. هوءَ چوندي هئي ته هن اڪثر نم مان باهه جا اُلا ٻرندي ڏٺا آهن، جيڪي اُتان اُڏيو وڃيو مخدوم مسجد ۾ ڪِرندا آهن. تنهنڪري هوءَ اسان کي نم کي هٿ لاهڻ کان جهليندي هئي. کيس اڪثر وڻن ۾ جنن جو واسو نظر ايندو هو. تنهن کانسواءِ هو پاسي واري ڦٽل مشين ۾ بيٺل ٻير جي وڻ کان به پاسو ڪرڻ لاءِ چوندي هئي. اُن ٻير جا ٻير وڏا پر ڏاڍا ڪسارا هوندا هئا. هوءَ اسان کي منع ڪندي چوندي هئي ته، ”ڪانه مهل ڪنهن جهڙي.... ڪجهه ٿي پوي ته پوءِ!؟“ پر اسين اسڪول مان موٽڻ مهل ان ٻير جي هيٺان ڇڻيل ٻير اچي کڻندا هئاسين ۽ ٻير تي کڙن جو وارو وار لاهي ڏيندا ۽ ٻير ڇاڻيندا هئاسين، جڏهن ٻير کي کڙا لڳندا هئا ته امان يا ناني گهر مان هڪلون ڪنديون هيون ۽ اسين ڀڄي ويندا هئاسين.
    گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل نم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ادي مريم يا غلام فاطمھ لوڏ به ٻُڌنديون هيون. هو اها لوڏ تڏهن ٻُڌنديون هيون جڏهن حيدرآباد مان ادي رضوانه، ادي نجمه ۽ ادي صابران جن اينديون هيون ۽ اسين سڄو سڄو ڏينهن پيا ان لوڏ ۾ لُڏندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن وري هيئن ٿيندو هو ته اوچتو ئي اوچتو پاڙي ۾ ڪا مائي رڙيون ڪري غش ٿي ڪِري پوندي هئي ۽ مايون مٿس مِڙي اچي گڏ ٿينديون هُيون ۽ چوڻ لڳنديون هيون، ”امان! مون ته منع ڪئي هئي مانس ته ڪاڙهي تتي جو نم نه پٽ، پر مائي صفا ڪانه مُڙي.... هاڻ لڳت لڳي ويس.“
    آئون جڏهن گهر کان اڪيلو ٻاهر نڪري دوڪان تي وڃڻ جهڙو ٿيس ته مونکي گهر جو سامان سڙو وٺي اچڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ هر هر پيو امان کي چوندو هوس ته، ”امان شامان (سامان) وٺي اچان.“ امان منهنجن ٻاتن ٻولن تي هرکجي، هيج مان کڻي ڀاڪر پائي مونکي چُميون ڏيندي هئي. هڪ ڀيري امان مونکي آنو ڏنو ته لوڻ وٺي اچ. آئون آنو وٺي گهران نڪتس ۽ لوڻ بدران آني جا کنڊ ڀڳڙا وٺي کائي ٻاهر کيڏندو رهيس ۽ امان گهر لوڻ جو انتظار ڪندي رهي.
    ڪجهه وقت لاءِ آئون ميانجي نور محمد جي مدرسي ۾ به قرآن شريف پڙهڻ ويس، جيڪو اسان جي گهر جي بلڪل ويجهو هو. اهو مدرسو پوءِ اسان جي پاڙيسري عثمان سومري ۽ سندن ڀائرن تحويل ۾ وٺي پنهنجي اوطاق ڪري ڇڏي، پوءِ ان ۾ گهر ڪري رهڻ لڳا. مدرسي مان نڪرڻ کانپوءِ اڪثر ڪري اسان ڇوڪرا پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تان اَٽڪي پوندا هئاسين. اڪثر ڪري اڪرم ۽ خليل گڏجي مونکي ماريندا هئا. اوڏي مهل ته هڪٻئي کي خوب گاريون ڏيندا هئاسين، پر ٻئي ڏينهن وري اهڙي جا اهڙا ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.
    اسان جي ان ساٿ ۾ تجمل حسين به شامل هو. سادو سودو ۽ ماٺيڻو، تجمل، ارباب ولي محمد ميمڻ جو پُٽ هو. اڪرم ۽ خليل جو سئوٽ. ارباب ولي محمد، چاچا چاچا عبدالغفور الستي ۽ چاچا شمس الدين جو وڏو ڀاءُ هو، جيڪو ارباب حاجي صالح جي پهرين زال مان هو ۽ چاچا الستي ۽ چاچا شمس ٻي زال مان. ڪنهن وقت ارباب حاجي ولي محمد ميمڻ جي وڏي ڀل ڀائي هئي. اوطاق هارين نارين، ڪمين ڪاسبين سان ڀريل، مقامي سياست ۽ ٻڌي ڇوڙي ۾ اڳڀرو. وقت جو ڦرڪو ڦريو ته سندس اوطاق ويران، سياست، ٻڌي ڇوڙي ۽ سوشل لائيف ختم ٿي وئي. پاڻ هڪ وڏي ڪاٺ جي آرام ڪرسي تي آهليو پيو هوندو هو، جيڪا ڪرسي هاڻ ڪنهن عجائب گهر ۾ رکڻ جهڙي آهي. سندس اوطاق به عجيب نموني جي ٺهيل هئي، هڪ ڪوٺي جي اندر ٻي ڪوٺي، مون جڏهن ڏٺو ته سندس ڀل ڀائي ختم ٿي چڪي هئي، اڳ جو سندس حڪم کانسواءِ ماڻهو به نه چُرندو هو، پر هاڻ ٻار پيا آسپاس گوڙ ڪندا هئا ۽ هي کين گوڙ نه ڪرڻ لاءِ پيو هڪلون ڪندو هو، پر ٻارن جي ڪنن تي جونءَ به نه سُرندي هئي.
    تجمل حسين اڳتي هلي ذهني توازن بگڙڻ سبب گهر ۾ ويهي رهيو، ڀائرن وغيره ڌيان نه ڏنس، علاج ٿئيس ها ته شايد ٺيڪ به ٿي وڃي ها. هو به اسان گڏ مخدوم مسجد ۾ نماز ۽ قرآن پڙهندو هو ۽ تبليغ جماعت وارن جي ذڪر ۾ ويهندو هو. مخدوم مسجد وهابي مسلڪ وارن جي هئي، تنهنڪري اُتي اڪثر تبليغي جماعتون اينديون رهنديون هيون. ذڪر ۾ ته اسين ڪڏهن ڪڏهن ٻَري سور سان ويهندا هئاسين، ويهندا ڇا ڦاسي پوندا هئاسين. نماز ختم ٿيندي ئي هڪ همراهه اُٿي بيهندو ۽ بيان شروع ڪندو هو ۽ اسان کي ڀڄڻ جو موقعو نه ملندو هو. البت تجمل نهايت خشوع ۽ خضوع سان بيان به ٻُڌندو هو ته ساڻن گڏ تي گشت به ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري جماعت وارن سان آسپاس جي مسجدن ۾ هڪ ٻه راتيون تبليغ ڪرڻ ۽ ”چلو“ ڪڍڻ به ويندو هو.
    هڪ ڀيري ”مخدوم مسجد“ ۾ هڪ تبليغي جماعت آئي، جنهن ۾ گهڻائي پٺاڻن جي هئي. جماعت ٻه ٽي ڏينهن مسجد ۾ رهي. اسان تي زور ڀرين ته ساڻن بٺوري ٽي ڏينهن ”چلو“ ڪڍڻ هلون، هر بيان کان پوءِ انهن مان هڪ همراهه بندي کڻي بيهندو هو ۽ چوندو هو ته ”ارادو ڪريو. ارادي سان به ثواب ٿو ملي.“ ائين ارادي طور اسان به نالا لکايا، پوءِ جنهن ڏينهن جماعت بٺوري وڃڻي هئي، ان ڏينهن آئون ته گُهت هڻي ويس، پر تجمل ساڻن گڏ هليو ويو، جت هو رات جماعت وارن سان رهيو. ٻي ڏينهن ڏٺوسين ته هو واپس دڙي اچي پهتو، سندس منهن لٿل ۽ ڏاڍو پريشان نظر آيو. ”تجو! ڏي خبر پريشان ڇو آهين. خير ته آهي، تون ته ٽن ڏينهن لاءِ ”چلو“ ڪڍڻ ويو هئين.“
    پوءِ هن جيڪي ڪجهه ٻُڌايو، سو اُن وقت منهنجي لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن صدمي کان گهٽ نه هو. هن ٻڌايو ته ”اهو جيڪو وڏي ڏاڙهي، اڇي پٽڪي سان نوراني چهري وارو پٺاڻ مولوي هو نه. ان رات مونکي پاڻ سان گڏ سُمهڻ لاءِ چيو ۽ اڌ رات گذرڻ کانپوءِ هن مونکي ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ چيائين ته مون سان بُڇڙو ڪم ڪر. جڏهن مون انڪار ڪيو ته پهرين دڙڪو داٻ ڏنائين ۽ پوءِ منٿون ۽ لالچون ڏيڻ لڳو. پر مونکي مسجد ۾ اهڙو ته اچي ڊپ لڳو، جو صفا هَڄي ويس ۽ روئڻهارڪو ٿي ويس ته ساڻس ڪنو ڪم ڪيئن ڪريان. هن مونکي لالچ به ڏني ۽ هڪ ڳوٿري کولي مونکي ڏيکاريائين، جنهن ۾ ڪيتريون ئي واچون پيل هيون. الائجي ڪهڙي ڪهڙي قسم جون.... پوءِ وري مونکي لالچ ڏنائين ته هن مان ڪابه تون کڻ.... پر جڏهن مون انڪار ڪيو ته هن ڏٺو ته متان آئون اها ڳالهه سڀاڻي ڪنهن سان ڪري نه وجهان ته پوءِ مون کان معافيون وٺڻ لڳو. مونکي ته سڄي رات ننڊ ئي نه آئي. صبح جو اهو لالو پٺاڻ ٻاهر نڪتو ته وري مون نه ڏٺو. مون اها ڳالهه صبح جو جماعت جي امير کي ٻُڌائي، هُن به مونکي چُپ رهڻ جي لاءِ چيو. پوءِ آئون هيڏانهن هليو آيس.“
    ٿوري دير کانپوءِ اها ڳالهه پکڙجي ويئي. ڪجهه همراهه بٺوري ويا ته جيئن اُن همراهه جي خبر چار وٺي سگهن. هنن واپس اچي ٻڌايو ته جماعت مسجد ڇڏي ٻي ڪنهن هنڌ رواني ٿي چڪي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن بابا سان گڏ ڀاءُ سومار جي دڪان تي به ويندو هوس. ڀاءُ سومار دڙي جو سٺو واپاري هوندو هو. بابا ٻين گاڏرن سان گڏجي ساريون صديق ٺيڪري يا سومار چڪوڙي جي سارين جي ڪارخانن تي پهچائيندو هو. ڀاءُ سومار مونکي تمام گهڻو ڀانئيندو هو ۽ مونکي کوڙ ساريون شيون ڏيندو هو، جن ۾ ريوڙيون، پتاشا، کنڊ ڀڳڙا، کٽمٺيون ۽ ڀوهي مڱ شامل هئا، جيڪي آئون جهول ڀري گهر کڻي ايندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن رات جو بابا سان گڏجي ڀاءُ سومار جي دوڪان تي ويندو هوس. بابا کانئس پنهنجي ڪم جي مزدوري وٺندو هو ۽ هو پاڻ ۾ ڪچهري به ڪندا هئا، ان ڪچهريءَ ۾ ٻه ٽي ٻيا همراهه به شامل هوندا هئا. پوءِ آئون اُتان تيسين اُٿڻ جي نه ڪندو هوس، جيستائين منهنجي من پسند ٻوٿ واري بس نه ايندي هئي، ان وقت منهنجي عمر ڏهه يارهن سال هئي ۽ مونکي اهي سڀ ڳالهيون اهڙيءَ ته چٽيءَ طرح ياد آهن، ڄڻ ڪلهه جون هجن. ڀاءُ سومار جي بابا سان رويو دوستاڻو هوندو هو. هن جي گهر وارا اسان جي گهر ۽ امان هنن جي گهر ويندي رهندي هئي. ڀاءُ سومار تمام وڏي ڄمار ماڻي، پڇاڙيءَ ۽ صفا ٽُٽي پيو هو. گهر جي ٻاهران ٻارن جون شيون رکيو پيو وڪڻندو هو. 2004ع ۾ مون جڏهن هلال پاڪستان جو ادبي صفحو ’ڏات‘ سنڀاليو ته مون ڀاءُ سومار کان سندس ساروڻين تي ٻڌل هڪ انٽرويو وٺي ’ٽن صدين جو اکين ڏٺو شاهد‘ جي عنوان سان ڇپيو. ڀاءُ سومار 2006ع ۾ وفات ڪئي.

    هر ٻي يا ٽي مهيني چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي اسين دڙي جي ويجهو ’بخاري اولياءَ‘ تي سلام ڀرڻ ويندا هئاسين. ماين جي هڪ يڪي ٽولي هوندي هئي، جنهن جي اڳواڻي ماسي ڦاپي ڪندي هئي، جنهن کي هر مهيني جي چنڊ جي چوڏهين تاريخ جي رات فقير ايندو هو. مايون ان فقير يا جن جو نالو ’حاجي فقير‘ وٺنديون هيون. پهرين پهرين ماسي ڦاپي آرسون موڙڻ ۽ وڏيون وڏيون اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪندي هئي. پوءِ رڙ ڪري پَٽ تي ڪِري پوندي هئي ۽ ڇڙيون هڻڻ ۽ ڪيڪون ڪرڻ شروع ڪندي هئي. ان وچ ۾ مايون لوبان/ واس دکائي وٺنديون هيون ۽ اهو هن جي اڳيان رکيو ويندو هو. ان وچ ۾ امان کير جو گلاس کڻي، حاجي فقير کي پرچائڻ ۽ ماترائڻ شروع ڪندي هئي.
    ”حاجي فقير ڏاهو ٿي.... تنهنجي فقيرياڻي آهي.... کيس گهڻو هلاک نه ڪر.... هاڻ اُٿ کير پي ۽ موج ڪر....“
    ٻن چئن منٽن کان پوءِ هوءَ اُٿي ويهي رهندي هئي ۽ ”هون هون.... هون“ ڪندي، ڪنڌ ڌوڻڻ شروع ڪندي هئي ۽ هڪ ئي تڪَ سان کير جو گلاس پي ويندي هئي. پوءِ واس وٺڻ شروع ڪندي هئي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هوءَ ”موج“ ۾ اچي ويٺل ماين سان ڳالهائڻ شروع ڪندي هئي. آواز ساڳيو ئي زنانو هوندو هوس، پر لهجو مرداڻو هوندو هوس. مايون جيڪي چوڏهين هئڻ سبب حاجي فقير جي اچڻ جو ٻُڌي اڳ ۾ ئي مڙي اچي گڏ ٿيون هونديون هيون، سي واري واري سان پنهنجي مطلب جي ڳالهه پُڇنديون هيون. ڪا داڳو وٽائيندي هئي ته ڪا ڦيڻ مکائيندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن جون دل جون مرادون پوريون ٿيون هونديون هيون ته اها فقير لاءِ مٺائي کڻي ايندي هئي. ڪلاڪ سوا جي موج ۽ ماين جي سوالن جوابن کان پوءِ آهستي آهستي فقير وڃڻ جون تياريون ڪندو هو ۽ آرسون موڙيندي ماسي ڦاپي اُتي ئي ليٽي پوندي هئي ۽ مايون هن جي مٿان رلهي يا سوڙ وجهي ڇڏينديون هيون. ان سڄي عمل جي دوران اسان ٻار هَڄيا ويٺا هوندا هئاسين ۽ اسان جي دلين تي دهشت ڇانيل هوندي هئي.
    مايون چونديون هيون ته ڦاپيءَ کي اهو فقير بخاريءَ جي درگاهه تان لڳو آهي، ننڍي هوندي ڦاپي درگاهه جي ڀر ۾ بيٺل مينديءَ جي وڻ مان مينديءَ جو ٽار ڀڳو هو. بخاري جي درگاهه ۾ مينديءَ جا تمام گهڻا وڻ بيٺل هوندا هئا ۽ هاڻ هوءَ هر ٻي يا ٽي مهيني بخاري جي سلامي ڀرڻ نه ويندي هئي ته هوءَ بيمار ٿي پوندي هئي. اُتي بخاريءَ تي اسان جون موجون ٿي وينديون هيون. مٺي ڀت جا ديڳڙا ۽ کير جون چؤنئريون ڀريون رکيون هونديون هيون. مجاور ويٺو هوندو هو. مريدياڻين جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي هئي. اسين بخاريءَ جي درگاهه جو سلام ڀري گرم گرم مٺو ڀت ديڳڙن مان وَڌي ٺڪر جي پاٽوڙن ۾ وجهي مٿان کير اوتي پٽڙو ڪري کائيندا هئاسين. واپس ورڻ مهل اڃا به موجون ٿي وينديون هيون، جن ٻنين مان لنگهي واپس دڙي ايندا هئاسين، انهن ۾ بيٺل ڇانهين ۽ گدرن تي هٿ صاف ڪندا هئاسين. انبن جي وڻن ۾ بيٺل انبڙيون ڇاڻيندا هئاسين يا وري ڄار مان مڪَ ۽ پيرون پٽيندا هئاسين. انهيءَ سڄي عمل ۾ آئون ۽ عبدالڪريم سڀني ٻارن جا غير مشروط اڳواڻ هوندا هئاسين. اُن ڏينهن، انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اسان کي خوشي ان ڳالهه جي ٿيندي هئي ته اسان کي اسڪول وڃڻو نه پوندو هو.
    اهڙا فقير يا جن ٻين ماين کي به هوندا هئا. انهن جو هڪ زبردست نظارو دڙي- ٻَنون روڊ تي ڳوٺ ’بچل گگو‘ ۾ مُلن جي وڏي حويلي يا گهر ۾ ’مخدوم نوح سرور رح‘ جي ڏهاڙي واري رات نظر ايندو هو. ان ڏهاڙي کي ”جهلو“ چوندا آهن، منهنجي خيال ۾ اهو لفظ ”جلوه“ جي بگڙيل شڪل آهي، جنهن جي معنيٰ ٿي ’نظارو يا ديدار‘، ان رات ڪيتريون ئي مايون نماشام ٿيڻ کان پوءِ ان وقت وڏي گهر يا حويلي جي مختلف ڪمرن ۽ ڪنڊن ۾ وڃي واس وٺنديون هيون ۽ پوءِ انهن ۾ فقير (جن) اچي واسو ڪندا هئا. اها رات عجيب رات هوندي هئي. چوڌاري واس ۽ لوبان جي خوشبوءِ پکڙيل هوندي هئي. لالٽينن ۽ منٽر وارن گولن جي روشنين ۾ ماين جا وار کليا پيا هوندا هئا، اکيون ڦاٽل هونديون هين، ڪي کلنديون ۽ وڏا وڏا ٽهڪ پيون ڏينديون هيون ته ڪي پٽ تي دڙا هڻي رڙيون ۽ هَڪلون پيون ڪنديون هيون، ڪي روئنديون ته ڪي پچڪنديون پيون هيون، ته ڪي وري ڳائينديون پيون هيون. اها رات انتهائي دهشت ناڪ رات هوندي هئي. ڪمزور دل وارين ماين جو ته ساهه مُٺ ۾ هوندو هو. سڀني آيل ماين جا عقيدت ۽ احترام ۾ پير اُگهاڙا ۽ مٿا سختيءَ سان ڍڪيل هوندا هئا. اها سڄي رات ائين ئي اکين ۾ وهامي ويندي هئي. ماحول ۾ عجيب رنگ هوندو هو. مايون جيڪي پري پري کان ڪهي آيون هونديون هيون، سي انهن فقيرن کان من جون مرادون پيون گهرنديون هيون ۽ کين نذرانو به ڏينديون هيون. انهن سڀني فقيرن مان ٻن ماين جا فقير زبردست، ڀروسي جوڳا ۽ سندن وات مان نڪتل لفظ منڊيءَ تي ٽِڪ سمجهيا ويندا هئا. انهن مان هڪ ناني حليمان، جنهن جو مٿي به ذڪر ڪري آيو آهيان ۽ ٻي ناني بوليءَ جو فقير. ناني حليمان جو فقير انتهائي ڪاوڙيل، چيڙاڪ ۽ آدم بيزار هوندو ۽ ناني بولي جو فقير وري انتهائي صابر ۽ ٿڌو. ان جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ناني حليمان، ان سڄي گهر جي سريال هوندي هئي. جنهن ۾ اهو ”جهلو“ ٿيندو هو ۽ سندس هر مائيءَ تي حڪم هلندو هو، ان جي ڀيٽ ۾ ناني بولي ويچاري بي حد غريب پليجي ذات جي هوندي هئي ۽ اڪثر سيلانين جيان ڪڏهن پنهنجي ڳوٺ ته ڪڏهن گگن يا دڙي ۾ پنهنجي عقيدتمندن وٽ رهندي ۽ زندگيءَ جو گاڏو پئي گهليندي هئي. طبقاتي فرق جنن جي جهان ۾ به پنهنجو ڪم ڏيکاري ٿو!
    ’جهلي‘ جو اهو ڏهاڙو سئو ٻن سالن کان مٿي ٿيو آهي، جو ات هلندو پيو اچي. اڳ اهو نانا حاجي ملئون مرحوم سنڀاليندو هو ۽ پوءِ سندس پُٽن ماستر ادا الهڏني ميمڻ، ادا نور محمد عرف حاجي گامن ميمڻ ۽ ادا واحد ميمڻ سنڀاليندا پيا اچن. اسين پاڻ ۾ ويجها مائٽ ٿيون. ٽيئي ڀائر وڏي ڪڙم ۽ عيال وارا هئڻ سان گڏ سٺي اُٿي ويٺي وارا ۽ مهمان نواز آهن. مونکي ياد آهي ته جڏهن 1991ع ۾ بابا ايل. ايم. سي اسپتال ڄامشوري ۾ داخل هو ته ادا حاجي گامن پنهنجا سڀ ڪم ڪار ڇڏي اچي بابا جي خدمت چاڪريءَ لاءِ سڄو هفتو اسپتال ۾ رهيو هو، سندس اهو ڳُڻ مون کان ڪڏهن به وسري نه سگهندو.


    4

    ننڍپڻ، ڪيڏو نه خوبصورت هو، سڄو ڏينهن نه فڪر نه فاقو، نه ٻن ۾ نه ٽن ۾. مَست الست، سڄو ڏينهن ڊوٻ ڊوٻ.... شرارتون، جهيڙا جهٽا.... وٺ وٺان.... هڻ هڻان.... نه گرميءَ جو اُلڪو نه سرديءَ جي سار، ڪيڏو نه خوبصورت هو ننڍپڻ. سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان ۽ راند روند کانپوءِ شام جو امان زوري ٻانهن مان جلهي، ٻه مٺيون ڏيئي، ”ائي منهنجو پٽ صفا دُنهه ٿي ويو آهي!“ چئي، هٿ منهن ڌئاري، ڪپڙا لٽا بدلائي، کير جي وٽي ڀري، ماني جو چوٿ کڻي ڏيندي هئي کائڻ لاءِ.
    ڪاش اهو ننڍپڻ، اهو بي فڪريءَ وارو زمانو ڪنهن طرح ٻيهر موٽي ملي ته ڪيڏا نه ڪر منڊل مچي پون. ننڍپڻ جون شرارتون ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل عملن تي سوچي، ڪن ڳالهين تي کِل ته ڪن تي وري افسوس ٿو ٿئي. ننڍپڻ جي دوستن کي ياد ڪندي، سچ پچ ته دل باغ ۽ بهار ٿيو وڃي. منهن تي مُرڪ اچي ٿي وڃي ۽ من جي ڪائنات ڄڻ انڊلٺي رنگن سان منور ٿي ٿي وڃي.
    منهنجي ننڍپڻ جو وڏو حصو اسان جي گهر کان فرلانگ سوا پرتي وهندڙ ’محمودا واهه‘ ۾ تڙڳندي گذريو. ننڍي هوندي، جڏهن اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيس ته پهرين ادي گلان جن سان گڏجي آپا مڪان بانوءَ وٽ ڪجهه وقت پڙهڻ ويندو هوس. پوءِ مونکي ادي گلان سائين شفيع محمد ميمڻ وٽ پڙهڻ جي لاءِ ’حاجي ناٿي سومري‘ جي ڳوٺ واري اسڪول ۾ ڇڏڻ ويندي هئي. اهو اسڪول ’محمودا واهه‘ جي ٻي ڀر منڇرين جي گهرن کان ٿورو پرتي سومرن ۽ گوجرن ميگهواڙن جي گهر جي بلڪل سامهون محمودا واهه جي ڪنڌيءَ تي هو. اهو اسڪول هڪ ڪمري تي ٻڌل ۽ ان جي عمارت ڪچي ۽ گنڀَ جي ٺهيل هوندي هئي، مٿان وري مٽيءَ جو راڳو ڏنل هوندو هوس. اُتي مون سان گڏ جيڪي ٻيا پڙهندا هئا، انهن ۾ عبدالڪريم ميمڻ ۽ اسلم ڪاٺوڙو به شامل هئا. عبدالڪريم ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڦڙت، هوشيار ۽ شرارتن ۾ سڀني کان اڳرو هوندو هو. اسين ٽيئي هڪ ئي بئنچ تي ويهندا هئاسين ۽ رسيس مهل اسڪول جي ڀرسان واريءَ جي ڍٻن تي ويهي واريءَ جا گهروندڙا اڏيندا هئاسين، جيڪي اڪثر ڪري عبدالڪريم کان نه ٺهندا هئا ۽ پوءِ هو لت هڻي اسان جا ڦٽائي ڀڄي ويندو هو.
    اُن ’محمودا واهه‘ مان صبح جو سوير ادي گلان مونکي ڪڇ تي کڻي، پاڻيءَ مان اُڪري، ٻئي پار اسڪول وٺي ويندي هئي. پاڻي سندس ڇاتين تائين مس ايندو هو.
    ”ادي گلان محمودا واهه ڪڏهن سُڪندو؟“ هڪ ڏينهن مون کانئس پڇيو.
    ”بيهي ته محمودا کان پُڇان....! هن مونکي ڪپ تي بيهاري سليٽ ۽ ڪتاب منهنجن گوڏن تي رکندي چيو. پوءِ هوءَ ڊوڙندي محمودا واهه ۾ گهڙي ويئي ۽ ٽٻي هڻي ٻاهر نڪري آئي.
    ”محمودا واهه چوي ٿو....“ هن ٻاهر نڪرندي چيو، ”جڏهن تنهنجو ڀاءُ اسڪول پاڻ اڪيلو ئي اڪيلو ويندو ته هو سُڪي ويندو.“
    پوءِ اها سڄي شام ۽ رات آئون سوچيندو رهيو هئس ته هاڻ روز اسڪول ويندس ته جيئن محمودا واهه سُڪي وڃي.
    منهنجي زندگيءَ جي شروعاتي ويهن ٻاويهن سالن جي وڏي ۾ وڏي عياشي ’محمودا واهه‘ ۾ وهنجڻ جي رهي هئي. اسڪول مان موٽڻ کانپوءِ اڪثر شام جو ادي گلان پنهنجي ساهيڙين سان گڏ ’محمودا واهه‘ ۾ وهنجڻ ويندي هئي. آئون به ساڻن گڏ هوندو هوس. هو ڪَنجهي جي وٽي ۾ ’ميٽ‘ پُسائي وارن ۾ وجهڻ لاءِ کڻي هلندي هئي ۽ ان سان مٿو ڌوئيندي هئي. اڳ نه شيمپو هئا، نه سُرها صابڻ. عورتون گهڻو ڪري ميٽ يا کار سان مٿو ڌوئي مٿي جا وار صاف ڪري سُڪائي چوٽي ٻڌي ڇڏينديون هُيون.
    هڪ ڏينهن شايد موڪل هئي، هوءَ ڏينهن جو منجهند کان ڪجهه اڳ ’پنهنجي ساهيڙين‘ سان گڏ ميٽ جو وٽو کڻي وهنجڻ نڪتي، آئون به ساڻس گڏ هوس.محمودا واهه پهچي اڌ ڪلاڪ کن ته هوءَ پنهنجي ساهيڙين سان گڏ اُتي ئي وهنجندي رهي ۽ آئون ڪپر تي ئي پاڻيءَ ۾ ويٺو هوس. ڪنهن ڪنهن مهل هوءَ مون کي اندر وڏي پاڻيءَ ۾ کڻي ٿي ويئي، نه ته آئون اُتي ئي ويٺو کين وهنجندو ڏسي رهيو هوس.
    ٿوري دير کان پوءِ هو سڀ ڊوڙنديون وڃي محمودا واهه جي موريءَ کان نڪتيون، جيڪا اڌ فرلانگ کن اڳيان هئي. اتي اڪثر تارون ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وهنجندا، ٽپا ڏيندا نظر ايندا هئا. کين ان طرف ويندو ڏسي آئون به سندن پويان ڊوڙڻ لڳس. هو ته ڊوڙنديون پاڻيءَ ۾ گهڙي ويون، آئون منٽ ٻه اُتي ڪپَ تي بيٺو هنن کي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ ميٽ جو وٽو ڪپ تي رکي پاڻيءَ ۾ گهڙي پيس. اتي پاڻي وڏو هو، ترڪڻ سان گڏ پاڻيءَ ۾ تکَ به هئي. تنهنڪري منهنجا پير لڳي نه سگهيا ۽ ترڪي پيس ۽ وڃي محمودا جو تر ورتم ۽ وري ٻاهر نڪري آيس. منهنجو هوش ڇڏائجي ويو. رڙيون ڪرڻ چاهيم، پر ڪري نه سگهيس ۽ پاڻي جو تکَ سان وهڻ لڳس. تيسين ڪنهن مونکي وارن مان جلهي ڇڪي کڻي ٻاهر ڪڍيو، اُن وچ ۾ پاڻيءَ ۾ ٻه ٽي گهگٽيون به کائي ويس، نڪ ۽ پيٽ ۾ پاڻي هليو ويو هو. ان کان وڌيڪ ڪجهه به ياد نه اٿم. هوش ۾ آيس ته امان جي هنج ۾ هئس!
    هي اهوئي هنڌ هو، جتي ڪيترا سال اڳ، ورهاڱي کان اڳ، سنڌ هند جو ناميارو ليکڪ ۽ منهنجو ڳوٺائي ’موتي پرڪاش‘ به ٻُڏو هو، جنهن کي ڌاڃوري شڪاري ٻُڏڻ کان بچايو هو. موتي پرڪاش پنهنجي ٻُڏڻ جو اهو قصو پنهنجي هڪ مضمون ”موت جي منهن مان“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.

    دڙي ۾، صبح جو سوير اُٿي، اسڪول وڃڻ کان اڳ، ڪڏهن بابا سان ته ڪڏهن اڪيلو اسان جي ٻن مينهن کي ڌڻ ۾ پهرائڻ لاءِ نوح دراڙ جي ڌڻ ۾ ڇڏڻ ويندو هوس. کيس هر ماهه ٽي يا چار روپيا دراڙ پئي ۽ هڪ روپيو ٻيلي کاتي وارن جي لاءِ ”پنچري“ جو ڏيڻو پوندو هو. نوح دراڙ ساڍي ستين ۽ اٺين جي وچ ڌاري اچي ويندو هو، تيسين آئون محمودا جي موريءَ وٽ يا ميران شاهه جي درگاهه لڳ قبرستان جي ٻاهران بيٺو مينهون چاريندو هوس، جيئن نوح دراڙ کي هٿيڪيون ڪري ڏجن.
    صبح جي پهر ۾ اُتي بيٺل سريل جي وڻن جي ٻور جو هڳاءُ، محمودا جي موريءَ مان وهندڙ پاڻيءَ جو آواز، ٽالهي جي وڻن جي پنن جي کڙکڙ ۽ ڪنهن ڪنهن مهل مڇيءَ جو ڇپڪو، اُتي بيٺل انبن جي وڻن مان انبن جي ٻور جي ڀيني ڀيني خوشبوءِ، مٿي ويٺل طوطن جي ٽيئون ٽيئون، نوريئڙن جي ڪُٽ ڪُٽ يا ڪنهن ڪبوتر يا ڳيري جي ڳٽرڳون. سامهون پيڃاري جي ٻي پار مهاڻن جون مايون چيلهه تي مٽ يا دلا رکيو پاڻي ڀرڻ اينديون هيون ۽ هو مُنهن به اُتي اچي پيڃاري جي پاڻيءَ مان ٻڪَ ڀري ڌوئينديون هيون. سندن چيلهن جا موڙا ۽ مٿي تي رکيل مٽن يا دلن مان ڇلڪندڙ پاڻي سبب سندن آلا ٿي ويل بُتن تي چهٽي ويل ڪپڙا ۽ انهن ڪپڙن مان صاف نظر ايندڙ ڇاتين جي اُڀار سبب ماحول ۾ عجيب هيجان برپا ٿي ويندو هو.
    گهڻا سال پوءِ مون جڏهن موتي پرڪاش جي لکيل وائي پڙهي ته مونکي انهن نظارن جو شدت سان احساس ٿيو، جيڪي موتي پرڪاش کانپوءِ منهنجي نظر مان گذريا ۽ ڄڻ منهنجي اکين ۾ پيهي منهنجي يادن جو اڻمٽ حصو بنجي ويا:

    پيڃاريءَ پراڙ
    منهنجو روح رلندو رهيو.

    ڪاهي ويو پي ڪپ تان
    پنهنجو ڌڻ ڌنار
    منهنجو روح رلندو رهيو.

    ڇولين جا ڇوهه هوا
    ڇيرن جي ڇمڪار
    منهنجو روح رلندو رهيو.

    ٻائي ’سيتارام‘ جي
    گار مٿان هئي گار
    منهنجو روح رلندو رهيو.

    ليڙن ۾ لڪ ڇپ رهن
    ميربحر جا ٻار
    منهنجو روح رلندو رهيو.

    انهيءَ پيڃاري جو منهنجي ننڍپڻ سان ڳوڙهو تعلق رهيو آهي. ڇهين ۽ ستين ڪلاس دوران، اسڪول مان ڀڄي سڌو پيڃاري جو ڪپ ڏيئي، ميران شاهه شيرازي جي درگاهه ٽپي، پيڃاري جي موريءَ تي وڃي ويهندو هوس. مون سان گڏ اسلم فاضلاڻي ۽ مشتاق سومرو به هوندا هئا، اُتي ايستائين ويٺا هوندا هئاسين، جيستائين اسڪول مان موڪل نه ٿيندي هئي. پوءِ ڪتاب کڻي محمودا مان هٿ منهن ڌوئي هر ڪو پنهنجي گهر روانو ٿيندو هو.
    آئون پنجين ڪلاس تائين پڙهيس ته ان ۾ منهنجن ٻن استادن سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ سائين ڪريم بخش پياسي مڱڻهار جي محنتن ۽ ڌيان جي ڪري، نه ته آئون ٻين ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ پڙهڻ ۾ صفا موڳو ۽ ڏڏ هوندو هوس. پهرين ته گُسائيندو هوس، پر پوءِ پهرين ڪلاس کان وٺي ٻي ڪلاس تائين سائين شفيع محمد جي ڌيان سبب منهنجو ڌيان اسڪول ڏانهن ٿيو ۽ مون پابنديءَ سان اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. ٽي ڪلاس کان وٺي پنجين ڪلاس تائين سائين ڪريم بخش جي ڪري مونکي اسڪول ويندي خوشي ٿيندي هئي. نه ته اڳ ۾ اها پيڃاري ۽ ان جي ڀرپاسي واريون وارياسيون ڀٽون اسان جي پناهه گاهه هونديون هيون. منهنجو دوست ۽ مائٽ عبدالڪريم، سڀني شرارتن جو مُک هوندو هو. پڙهڻ ۾ هو به صفا چٽ هوندو هو، باقي شرارتن ۽ کينچل ۾ اصل نمبر ون. انهن واريءَ جي ڀٽن تي بيٺل ڄار جي وڻن جي هيٺان ڪَٻرن جا وڏا وڏا ڏر هوندا هئا. ڪٻر اهڙو پکي آهي، جيڪو وڏا وڏا سوراخ ڪري، پوءِ ان ۾ آکيرو ٺاهي رهندو آهي. اسين انهن ڏرن جي مُنهن تي مانجهي جي ڄار يا سرڪڻيون هڻي، پاڻ پريان ٻين ڀٽن جي پويان لڪي ويهي انهن ۾ ڪٻرن جي ڦاسڻ جو انتظار ڪندا هئاسين، جڏهن ڪا ڪٻر انهن ۾ ڦاسندي هئي ته پوءِ اسان جي موج ٿي ويندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن پيڃاري جو ڪپ ڏيئي يا وچان ٻيلي مان لنگهي، بئريج تائين وڃي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، بئريج جي ٻي ڪناري تي لهي ’شاهه نثر اولياءَ‘ جو سلام ڀرڻ ويندا هئاسين. بابا وانڌو هوندو ته بيل گاڏيءَ تي امان ۽ اوڙي پاڙي جون مايون کڻي، شاهه نثر جي ميلي تي هلندو هو، جي نه ته اڪثر مايون پنڌ ئي پنڌ وينديون هيون.
    شاهه نثر جي درگاهه جي چوڌاري وڏو قبرستان آهي. ان قبرستان ۽ شاهه نثر بابت ڪئين ڳالهيون اڏند ڪٽائون مشهور آهن، بلڪل ائين، جيئن سنڌ جي هر ننڍي وڏي درگاهه سان ڪي نه ڪي معجزاتي ڳالهيون لاڳاپيل آهن. شاهه نثر جي باري ۾ اها ڪٿا مشهور آهي ته هڪ ڀيري اُتان ڪا ڄڃ اچي لنگهي، شاهه نثر جي درگاهه ڏسي، گهوٽ جي ماءُ باس باسي ته واپس ورندي منهنجي ننهن جو ڳاڙهو کُنهبو پڙ طور درگاهه تي نذرانو ڪري چاڙهينديس. پوءِ جڏهن اها ڄڃ ڳائي وڄائي، نچي پَنبي، خير سُک سان اچي درگاهه جي ڀر مان لنگهي ته ڪنهن ڄاڃياڻيءَ، گهوٽ جي ماءُ کي سندس باس ياد ڏياري. پر مائي ٽال مٽول ڪندي چيو، ”اَئي امڙ! هينئر ڪيئن ڪنوار جي مٿي تان کهنبو لاهيان.... پوءِ اچي ڏيئي وينديس!“
    پوءِ، اها ڄڃ ٿورو اڳيان وڌي ته زمين ڌُٻي ۽ ڦاٽي پيئي ۽ سڄي ڄڃ اُن ۾ غرق ٿي ويئي. ڪي ٻيا وري هيئن به چوندا آهن ته سڄي ڄڃ پنڊ پهڻ ٿي ويئي. جنهن لاءِ امان چوندي هئي ته اهي پنڊ پهڻ ٿيل پٿر اُتي اڃا به پيا آهن. ڪافي سال اڳ اُتي هڪ وڏو قبرستان هو، جنهن جي قبرن تي قديم طرز جي چٽسالي ٿيل هوندي هئي. شايد اهو ڪافي اڳ جو قبرستان هو يا ٻيو ڪجهه، پتو ڪونهي، هاڻ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي.
    شاهه نثر جي باري ۾ مشهور آهي ته هو جيئرو ولي آهي ۽ ڪاوڙ ۾ ٽٻي هڻي ويو. چون ٿا ته هو الله لوڪ انسان هو، مدرسي ۾ ٻار پڙهائيندو هو. سندس مائٽن سندس شادي رٿي، پر هن شادي ڪرڻ نه ٿي چاهي. شادي واري ڏينهن هو مدرسي ۾ ٻار پڙهائي رهيو هو ته مايون ڳائينديون وڄائينديون مينڌي کڻي اچڻ لڳيون. ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻُڌي، سڀ کُٿابي کٿاب ڇڏي، ٻاهر وڃي تماشو ڏسڻ لڳا. باقي هڪ کٿابي وٽس ويٺو رهيو، تنهن کي پاڻ موڪل ڏيئي ڇڏيائين ۽ پاڻ گندي پيرن کان هڻي سنئون ڊگهو ٿي ليٽي پيو ۽ ٽٻي هڻي ويو. پوءِ ٽٻي هڻڻ واري جاءِ تي سندس عقيدت مندن مزار اڏائي ۽ هر سال مينڌيءَ واري رات سندس ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. جنهن ۾ مينڌيءَ جي رسم خاص اسم هوندو آهي. اها ڪٿا به مشهور آهي ته پهرين هو پنهنجي چيچ قبر مان ٻاهر ڪڍندو هو ۽ مايون اها مينڌيءَ جي رسم ادا ڪندي سندس چيچ تي مينڌي هڻنديون هيون. پر پوءِ ميرائيءَ سان ايندڙ ماين جي ڪري، هُن درويش اها چيچ ٻاهر ڪڍڻ بند ڪري ڇڏي.
    شاهه نثر جي درگاهه جي آسپاس وڏو جهنگ هو. هاڻ ته ڪجهه به نه بچيو آهي، رات جو اُتي وڏا منڊل مچندا هئا، جڏهن اهو ڏهاڙو ايندو هو ته ننڍا دوڪان ۽ ڪئبنون به لڳنديون هيون. واپار وڙو به ٿيندو هو ته پريمي به پنهنجو انجام پاڙڻ ۽ هڪٻئي سان گڏجڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ ڪاري رات اهو سڀ ڪجهه پنهنجي پيٽ ۾ سمائي ڇڏيندي هئي. منهنجو هڪ مائٽ مذاق ۾ چوندو هو ته ’رات پوڻ کانپوءِ شاهه نثر جي هر ڄار لڏڻ لڳندي آهي.‘

    پرائمري پڙهڻ دوران آئون ۽ منهنجو سئوٽ عبدالڪريم گڏ گڏ هوندا هئاسين. عبدالڪريم جي گهر جي پٺين پاسي ’ڄار‘ جا ڪيترائي وڻ هڪٻئي سان گڏ بيٺا هوندا هئا ۽ سندن گهر جو هڪ دروازو اُتان به هو، جتان نڪري پيڃاري ۽ اُن مان نڪرندڙ محمودا واهه جي پل تي وڃي بيهندا هئاسين ۽ محمودا واهه جي ريگيوليٽرن مان گڙڪاٽ ڪري وهندڙ پاڻيءَ کي ڏسندا هئاسين. انهن ڏينهن پاڻي تار پيو وهندو هيو ۽ اسان کي مڇي مارڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. اسڪول کانپوءِ وارو سڄو وقت ڏور ۽ ڪلوڙو کڻي سخت ڪاڙهي ۾ پيڃاري ۽ محمودا واهه جي ڪپرن تي پيا مڇي ماريندا هئاسين، پر ڪڏهن به ڪا سُريلي مڇي نه ڦاسندي هئي. باقي منڊا، لوڙهون، کڳا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪڇئان به ڦاسندا هئا. اسان جي اها مشغولي شام تائين جاري رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن محمودا واهه جي مڇيءَ جو ٺيڪيدار ”هئنڊل مهاڻو“ اسان کي جلهي، ڏور ۽ ڪلوڙو کسي وٺندو هو يا وري پري کان ئي هڪل ڪري مَڻ مَڻ جي هڪڙي گار ڏيندو هو، ”هلا ته اوهانجي...“ ۽ اسين اُٿي ڀڄي ويندا هئاسين ۽ پويان سندس گار جي رَئي پئي پوندي هئي.
    هڪ ڏينهن جڏهن اسڪول مان موڪل هئي، ته آئون، عبدالڪريم ۽ سندس ننڍو ڀاءُ شڪور ٽيئي ڄڻا ڏور ۽ ڪلوڙا کڻي، پيڃاري جي پُل جي ڪَر مان ڇپانگا ڪڍي، ڪلوڙن ۾ وجهي، ڏور پاڻيءَ ۾ اڇلي ڪپ تي ويهي رهياسين. ڪيڏي مهل ڏور ڇڪ ٿي کاڌي ته اسين ٽيئي هڪٻئي جون ڏورون ڇڏي ڊوڙي ٿي آياسين. ٿوري دير کانپوءِ اوچتو منهنجي ڏور ۾ ڇڪَ ٿي، مون سٽ ڏني ۽ ڇڪڻ لڳس. ”عبدالڪريم....“ مون خوشيءَ مان رڙ ڪئي. پوءِ ته عبدالڪريم ۽ شڪور ڊوڙي آيا ۽ وٺ وٺان لائي ڏنيسين. منٽ اندر ٽنگ جيڏو ڄرڪو اسان جي هٿن ۾ هو. اهو ڏسي اسين ٽيئي خوشيءَ ۾ ڄڻ چريا ٿي پياسين ۽ بس پوءِ اُتي هڪ منٽ به وڌيڪ نه بيٺاسين ۽ ”ڄرڪو....ڄرڪو“ ڪري، بازار جي وچ ۾ مان وٺي ڀڳاسين. اهو به خيال نه ڪيوسين ته ائين اسان جون ڏورون مُنجهي پونديون. سڄي بازار مان، خوشيءَ مان رڙيون ڪندا ڊوڙندا ٺڪ اچي عبدالڪريم جي گهر ڪيوسين. ڄرڪي جي خوشيءَ ۾ اوڙو پاڙو ميڙي کڻي گڏ ڪيوسين. ڪلاڪ اڌ ته ان ڄرڪي جي نمائش ڪندا، خوش ٿيندا رهياسين. پوءِ اهو ڄرڪو ٽن روپين ۾ پاڙي جي هڪ ’سومري‘ مائيءَ کي وڪڻي ڏنوسين ۽ روپيو روپيو کڻي، بازار ۾ وڃي روٽين ۽ پڪوڙن کي ٻَرو ڏنوسين.
    اسين ٻيئي، آئون ۽ عبدالڪريم روٽي ۽ پڪوڙن جا ڏاڍا شوقين هوندا هئاسين. بازار جي وچ ۾ اسان جي هم ڪلاسي محمد عمر جي پيءُ چاچا صديق جي پڪوڙن جي پڙي هوندي هئي. اسان جي رولاڪيءَ ۾ هڪ اها ڳالهه به شامل هوندي هئي ته شام جو آني ٻياني جا چاچا صديق جي پڙيءَ تان پڪوڙا وٺي کائون. شام جو عمر به پڙيءَ تي بيهندو هو. هو اسان کي پڪوڙا مڙيئي ڪجهه ججها وجهي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پئسا نه هوندا هئا ته عمر اسان کي اوڌر تي پڪوڙا به ڏيندو هو، جيڪا اوڌر هو ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ اسان کان وٺندو هو.
    عبدالڪريم جي گهر جي پٺينءَ پاسي ميين (عباسين) جون ڀڳل جايون هونديون هيون. انهن جي سامهون هڪ اوطاق هوندي هئي، جيڪا اسان جي ڪلاس فيلو نياز عباسيءَ جي چاچي جي هئي. اها اوطاق اڃا به آهي. ان اوطاق جي اڳيان پيڃاري جي ڪپ تي انبن جا ٻه وڻ بيٺل هئا، جيڪي پوءِ اريگيشن وارن وڍي ڇڏيا. پيڃاري ۾ پاڻي چڙهندو هو ته اهو انهن وڻن جي پاڙن کي پيو پُسائيندو هو. ان اوطاق ۽ انبن جي وڻن جي رکوالي هڪ گونگو ڪندو هو، جيڪو هٿ ۾ گليل جلهي هر ايندڙ ۽ ويندڙ کي پيو جانچيندو هو ته ڪٿي انب ته نه ٿو پٽي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري يا همراهه ڪو ڇڻيل انب جهڪي مس ٿي کنيو، ته ان کان اڳ گونگي جي گليل جي گولي زوزاٽ ڪندي ايندي هئي.
    اسين ان گونگي کي ڏاڍو تپائيندا هئاسين. اڪثر ڪري کيس پٿر هڻي وٺي ڀڄندا هئاسين. عبدالڪريم محمودا جي موريءَ ڏانهن ڀڄندو هو ۽ گونگو کيس ڀونڊو ڏيئي ’اين....اين....اين“ ڪري گليل تاڻيندو هو، تيسين هيڏانهن آئون ۽ شڪور ٻي گهٽيءَ مان لوءَ ڏيئي ٺڪا ڪندا هئاسين انبن کي پٿر ۽ جيسين گونگي جو اسان ڏانهن ڌيان وڃي، تيسين اسين ٻه چار انبڙيون ڇاڻي رَئي ٿي ويندا هئاسين، جيڪي پوءِ اسين عبدالڪريم جي گهر وڃي وڍي لوڻ مرچ هڻي موج سان کائيندا هئاسين ۽ گونگو پويان ”اين....اين...“ ڪندو، گاريون ڏيندو رهندو هو. هڪ ٻه ڀيرا ته گونگي جي گليل جي گوليءَ جو نشانو به بنياسين. هو ڌڪ جو اهڙو ته ريٿو هوندو هو، جو سندن نشانو اتفاق سان ئي گُسندو هو.ميين جي انهي ڀڳل گهر ۾ هڪ پراڻي لوهه جي چادر پيل هوندي هئي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ ڇت جي مٿان رکيل هوندي هئي. اسين جڏهن به پئسن ۾ کُٽندا هئاسين ته ان ان لوهي چادر کي عبدالڪريم جي پيءَ جي مُترڪي سان ڀڃي، لوهه جا ٽڪرا وڪڻي وڃي پنهنجي مند پسند شئي روٽي ۽ پڪوڙا کائيندا هئاسين. اها چادر مهيني ٻن اندر اسان جي روٽي ۽ پڪوڙن جو کاڄ بنجي اتان اهڙي گم ٿي ويئي، ڄڻ اتي ڪڏهن هئي ئي ڪانه. هڪ ڏينهن جڏهن جاءِ جو مالڪ آيو ۽ لوهي چادر جو ڪَنو به نه ڏٺائين ته گهڻو ئي گوڙ ڪيائين ۽ اسان جي هڪ سئوٽ عرس کي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن مختلف ننڍين وڏين شين تي هٿ صاف ڪندو هو ۽ نالي ۾ گهڻو بدنام هو، دڙڪو داٻ ڪيائين، پر وريس سَريس ڪجهه به ڪونه. گهڻي ڳولا ڦولا ۽ وٺ پڪڙ کانپوءِ به ڪا خبر نه پيس. ويچاري کي ڪهڙي خبر ته اها اسان جي روٽي ۽ پڪوڙن جي بلي ٿي ويئي.
    جڏهن اها لوهي چادر ڀڃي ڀورا ڪري وڪڻي چٽ ڪئيسين ته اسان کي اچي ڪُتڙيون چڙهيون ته هاڻ ڇا ڪجي؟ ڪهڙي شئي کي ڦيرو ڏجي....نيٺ سوچي سوچي هڪ ٽل ڪڍيسين. ناس جا خالي ڏٻا جيڪو في دٻو ٻي آني وڪبو هو، اهي وٺي انهن ۾ روڊ ٺاهڻ لاءِ پيل پٿرن مان ڳرا ۽ صاف پٿرا چونڊي، وجهي ڪُٽي سٽي، ٻيڻا ڪري، پوءِ وڃي وڪياسين. هر دٻو، جنهن جو اصل وزن اڌ ڪلو کان به گهٽ هو، سو ٻين ٻين ڪلو وڪيو. هڪ ٻه ڀيرا ته اسين وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، پر نيٺ دڪاندار کي شڪ پيو ته ڏٻن ۾ ايترو وزن ڪٿان آيو ۽ هي همراهه ڏٻا ٻيڻا ڪري ڇو ٿا آڻين. هڪ ڏينهن اسين پنهنجي ڪارروائي ڪري ڏٻا کڻي وٽس پهتاسين ته هو به ڪو اڳ ۾ تيار ويٺو هو. اسان کي ايندو ڏسي مُرڪڻ ۽ واڇون ٽيڙڻ لڳو. کيس ڏٻا ڏناسين. هن تور ڪئي ۽ پوءِ اسان کي ڏٻا ۽ مترڪو ڏيندي چيائين، ”ڇوڪرا! هي سڌا ڪري ڏيو.... تيسين آئون هي ڪم لاهي وٺان....پوءِ اوهان کي پئسا ڏيان ٿو.“ اهو ٻُڌي اسان کي صفا تپ چڙهي ويو. اسان ’هائو‘ چئي، ٿورو پريان وڃي، گهڙي کن ويهي ڏٻا ۽ مترڪو اُتي ئي ڇڏي اُٿي ٿا ڀڄون. پويان دوڪاندار جي گارين جو ڌوڙيو هو. ”هَلا اوهان جي هِتان گهڙي.... هُتان گهڙي“. پوءِ ته اسان اها گهٽي ئي ڇڏي ڏني.


    5

    مائٽن جو اڪيلو پُٽ هئڻ جي ناتي مونکي سڪيلڌو چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ شهزادو ته نه آهيان، پر امان ۽ بابا پنهنجي وس پُڄنديءَ گهٽايو ڪونه! ان وقت جڏهن منهنجي وهي اڃا ڏهن ٻارهن سال هئي تڏهن منهنجي ذهن ۾ جيڪي خيال ايندا هئا، سي اهي ته آئون ڪنهن شاهوڪار گهر ۾ پيدا ڇو نه ٿيس، جنهن گهر ۾ ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ گيهه وارو ڳاڙهو ٻوڙ ته رڌجي ها، اونگهي يا بنا گيهه واري ٻوڙ نه رڌجي ها. بابا جي مزدوري ايتري مس هوندي هئي، جو جيئن تيئن گهر جو گاڏو گهلبو هو، سو گيهه واري ڳاڙهي ٻوڙ رڌڻ جي عياشي ڪرڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي. پر منهنجو ضد هوندو هو ته ماني کائيندس ته ڳاڙهي ٻوڙ سان. ان ضد تان امان ڪڏهن ڪڏهن چڱي موچاري پڃَ به ڪڍندي هئي، پر منهنجو ضد قائم هوندو هو.
    جيستائين مونکي ياد ٿو اچي ته بابا سڄي ڄمار ۾ مونکي رڳو هڪ ڀيرو مار ڪڍي. آئون رات جو ٻين گهر ڀاتين جيان رُکو ڀت نه کائيندو هوس، جيڪو ٺلهي پاڻيءَ ۾ وجهي رڌبو هو. جي ڀلا ڪڏهن کائيندو به هئس ته گيهه سان ڏنل داڳ وارو، جنهن کي خشڪو ڀت چئبو آهي. صبح، ٻنپهرن ۽ رات، ٽيئي وقت ماني کائيندو هوس. ان جو بنيادي سبب اهو هو ته اڪرم ۽ خليل سان دوستي هئڻ سبب کانئن ٻڌندو هوس ته هو ٽيئي ويلا ماني کائيندا آهن، لازمي آهي صحبت جو اثر ٿئي ٿو ۽ مون جهڙي ٻار تي وڌيڪ ٿئي ٿو. ان قسم جي صورتحال احساس ڪمتري به پيدا ڪري ٿي. مونکي ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي ڪابه هٻڪ ڪونهي ته احساس ڪمتري منهنجي نس نس ۾ گهر ڪري ويئي هئي.... ۽ اها ڊگهي عرصي تائين مون تي حاوي رهي ۽ اڃا به ڪڏهن ڪڏهن اها مون تي حاوي ٿي ويندي آهي.
    هڪ ڀيري رات جو اٽو نه هئڻ سبب، امان ماني نه پچائي ۽ منهنجي لاءِ ڀَت رکيائين. منهنجي عادت هوندي هئي ته شام جو کٿاب مان پڙهي سڌو اچي کارو کولي ماني کائيندو هوس. ان شام جو، مانيءَ بدران ڀت ڏٺم ته اصل پارو چڙهي ويم ۽ ڀت جي پاٽ کڻي، ٻاهر اچي پَٽ تي هنيم. ڀت ته مٽيءَ ۾ مليو ويو، پر پاٽ به ڀور ڀور ٿي وئي. پوءِ وٺي روئڻ شروع ڪيم. امان گهڻيئي پرچايو، ماترايون ۽ سمجهايو ته، ”ابا! اٽو ڪونه هو....اڃا پڻهين به نه آيو آهي.... اڄ ڪلمو ڀري ڀت کاءُ، سڀاڻي ماني رکنديس.“ پر مون اصل نه ٻُڌي. ايتري ۾ بابا به اچي ويو.
    ”ڇا ٿيو....ڇاتي گوڙ آهي!؟“
    امان سڄي ماجرا کيس ٻُڌائي. پهرين ته بابا پيار مان سمجهايو ۽ پرچايو. پر آئون صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيس. بابا به ڪو ٿڪي ٽٽي صفا بيزار ٿي گهر آيو هو، سو نه ڪيائيم هم نه تم، بُجن مان جلهن ٻه چار زور سان چنبا هڻي ڪڍيائين. بابا جو ڌڪ هڻڻ ۽ منهنجو ٽپ ڏيئي سامهون پيل ڪاتي کڻڻ ’وٺو وٺو مونکي ماري ڇڏيو.‘ ائين چئي مون ڪاتي پنهنجي پيٽ ۾ هڻڻ جي لاءِ مٿي کنئي. ان مهل امان جهڙپ ڏيئي ڪاتي مون کان کسي، نه ته منهنجا آنڊا اوجهه ٻاهر هجن ها. پوءِ امان بابا سان ڌڙيندي، مونکي ڀاڪر پائي کڻي پاڻ سان ليٽايو ۽ ائين روئندي، سڏڪندي امان جي ڪڇ ۾ سمهي پيس.

    صبح جو سوير اُٿي، منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي لوٽو يا چونئري کڻي وڏيرن جي پاڙي، ماسي آسي کان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس. آئون ايترو ته سوير ويندو هوس، جو هوءَ اڃا قرآن پاڪ جو دور پيئي ڪندي هئي. سيارو هوندو هو ته امان اجرڪ يا شال جي ڳاٽي ٻڌندي هئي. ماسي آسيءَ جو آواز ايترو ته مِٺو هوندو هو ۽ هوءَ اهڙي ته سُر سان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي هئي، جو آئون بي اختيار چائنٺ تي ويهي ٻُڌڻ لڳندو هوس. هوءَ تلاوت ڪري، قرآن پاڪ ٺپي، اوڳيڇاڻيءَ ۾ ويڙهي رکي، پوءِ ويهي چانهه ڪاڙهيندي هئي. چانهه ڪاڙهي هڪ پيالو پاڻ پيئندي هئي ۽ ٻيو ڀري مونکي ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مون سان گڏ ادي مريم يا ادي گلان به هلنديون هيون ۽ چانهه جو پيالو اڌو اڌ ڪري پيئندا هئاسين.
    آئون صبح جو ايترو سوير اُٿي، جيڪو ڏڌ وٺڻ ويندو هوس، ان ۾ چانهه پيئڻ جي لالچ جو ئي دخل هوندو هو. ان وقت تائين اڃا اسان صبح جو چانهه نه ڪاڙهيندا هئاسين ۽ چانهه جو رواج اڃا رڳو وڏ گهراڻن ۾ هو. غريب غربو ته چانهه تڏهن ڪاڙهيندو هو، جڏهن کيس يا گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ کي تپ ٿيندو هو ۽ پوءِ بنا کير جي سليماني چانهه ڪاڙهي، ان ۾ ليمون نپوڙي کيس ڪاڙهو ڪري پياري ويندي هئي، جيئن تپ گهٽجيس. اسان جي گهر ۾ چانهه گهڻو دير سان ڪڙهڻ لڳي. امان صبح جو اَلل وهاڻيءَ اُٿي مانيون پچائيندي هئي. آئون ڏڌ وٺي ايندو هوس ته هر ڪو ان سان ماني کائيندو هو. اهائي اسان جي نيرن هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ماسي آسي ڏڌ سان گڏ مکڻ جي ڳٽي به ڏيندي هئي، جيڪا به آئون اڪيلو ئي گهر اچي ماني تي رکي، مٿان مُستي ڳاڙهي کنڊ وجهي کائيندو هوس. ان وقت دوڪانن تي ٻن قسمن جي کنڊ ملندي هئي. هڪڙي اها جيڪا هينئر پاڻ استعمال ڪندا آهيون ۽ ٻي ڳاڙهي کنڊ، جنهن کي مستي کنڊ چئبو هو، ان جو ذائقو ڳڙ جهڙو هوندو هو، اصل ۾ اها ڪچي کنڊ هوندي هئي ۽ ٿوري سستي به. چانهه ڪاڙهڻ منهنجي ضد جو نتيجو هو. نه ته چانهه اسان لاءِ ’وڏي‘ ڳالهه هئي. جڏهن گهر ۾ چانهه جو رواج پيو ته اسين نيرن چانهه سان ڪرڻ لڳاسين.
    ڪڏهن ڪڏهن ادي مريم ۽ ادي گلان به ڏڌ وٺڻ وينديون هيون، پر اهو اتفاق ئي هوندو هو، ته اها چانهه کين ملندي هئي. هو ٻيئي روزانو اها ڪوشش ڪنديون هيون ته ’وڏي پاڙي‘ ماسي آسي کان ڏڌ وٺڻ وڃن، پر امان کين نه ڇڏيندي هئي ۽ مونکي موڪليندي هئي، امان کي خبر هئي ته منهنجي اُن وڃڻ جي پويان چانهه جي لالچ آهي. امان کين ڇيڻا ٿڦڻ ۽ ٻي ڪم تي لڳائيندي هئي. ماسي آسي ڪڏهن ڪڏهن ڊبل روٽي به ڏيندي هئي يا وري راتوڪو بچيل ٻوڙ به ڏيندي هئي، جيڪي گهر کڻي ايندو هوس. انهن مان به وڏي حصي تي منهنجو ئي حق هوندو هو.
    امان جو اهو ڀانئڻ پنهنجي جاءِ تي، پر ڪن معاملن ۾ هوءَ ڏاڍي سخت به هوندي هئي. هڪ ڀيري گهر سان لڳ ڪا شادي ٿي رهي هئي، آئون کٿاب مان موٽيس ۽ رڌڻي ۾ گهڙي ويس ۽ ٿالهي کڻي سڌو شادي واري ڇني ۾ پهتس ۽ ڀت وٺي ڊوڙندو گهر آيس. امان جو مونکي ڀت جي پليٽ سان گڏ ائين ايندو ڏٺو، سو ڳالهه سمجهي ويئي ۽ بنا ڪجهه چوڻ آکڻ جي اهڙي ته ڀَر ڪري چماٽ هنيائين جو ڀت هڪڙي پاسي ۽ آئون ٻي پاسي، ”هاڻ پني ٿو کائين....بُکن پيو مرين ڇا؟“ امان چيو.
    اهو ڏينهن دنگ. امان جو اهو سبق سڄي عمر ياد رهيو. حالت اها وڃي بيٺي آهي جو اڄ ڏينهن سوڌي به ڪنهن شديد ضرورت هوندي به ڪنهن دوست کان وقتي اوڌر سوڌر وٺندي به پيو گهٻرائيندو آهيان ته الائجي ڇا سمجهي. نه فقط اهو، پر جن دوستن مون کان ڪا اوڌر سوڌر ورتي هوندي ته کانئن اها واپس گهرندي به پيو ڦڪو ٿيندو آهيان ته الائجي ڇا سمجهن. نتيجي ۾ ڪيترن ئي يارن دوستن مون کان هزارين روپيا اُڌارا ورتا هوندا، پر سخت گهرج هوندي به کانئن گهري نه سگهڻ ڪري پيو اندر ۾ وَٽ سٽ کائيندو آهيان.
    پاڙي جي هڪ ٻي ماسي ”والي سومريءَ“ کان وري ادي گلان ڏڌ وٺڻ ويندي هئي. هن جي گهر جو دروازو بلڪل اسان جي گهر جي سامهون هو. اهو گهر ته اڃا به آهي، پر ڀاتي ٻيا آهن. ماسي والي دير سان ڏڌ ولوڙيندي هئي. کيس هڪ يا ٻه نياڻيون هونديون، پٽ جو اولاد نه هوس، مونکي ڏاڍو ڀانئيندي هئي. آئون کيس پنهنجي سڳي ماسي ڪري سمجهندو هوس. جڏهن ماسي واليءَ وفات ڪئي، ته آئون سندس ڏک ۾ ڍڪون ڏيئي رنو هئس.
    منهنجي يادگيرين جي فلم هلي اچي ناني قيصر ميگهواڙ تي بيٺي آهي. ناني قيصر ميگهواڙ منهنجي هم ڪلاسي ۽ دوست وير جي مل جي ناني هئي. سندس پُٽ جکوءَ کي اسين سڀ ’ماما جکو‘ ڪري سڏيندا هئاسين. ماما جکو حيدرآباد رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن دڙي ايندو هو. ناني قيصر ميگهواڙ امان ۽ ناني ڌنيٰ جي ساهيڙي هوندي هئي ۽ هوءَ جڏهن وانڌيون هونديون هيون ته اسان جي گهر چلر راند رمنديون هيون ۽ پاڻ به ڊاڙون ڊشون هڻنديون هيون. انهي چلر راند ۾ ناني بچان مايڙ به حصو وٺندي هئي. کيس چلر راند کيڏڻ ته نه ايندي هئي، پر پوءِ به پيئي کيڏندي هئي ۽ لنڊ مٿان لنڊ پيو چڙهندو هوس. عجيب زمانو هو. هندو، مسلماني جو ته ڪو چڪر ئي نه هو. ناني قيصر ميگهواڙ به گڏ پيئي کائيندي هئي ته ناني ڌنيٰ ۽ ناني بچان مايڙ به. ناني بچان مايڙ آخري عمر ۾ نظرن کان ويهي رهي ۽ صفا ٻار ٿي پيئي هئي.
    ائين پاڙي جي هڪ ٻي ماسي رحيمان ۽ سندس ماءُ ناني سنگهار به مونکي گهڻيون ڀائينديون هيون. ماسي رحيمان جو ڀاءُ وسايو دل ناڪي منشي هوندو ۽ روزانو ڪجهه نه ڪجهه وٺي ايندو هو. جنهن مان هوءَ ٿوري شئي بچائي منهنجي لاءِ کڻي ايندي هئي. ماسي رحيمان روزي نماز جي پابند ۽ نيڪ عورت هئي. آئون اڃا ننڍو ٻار هئس، جو ماسي رحيمان ۽ ناني سنگهار دلڻ گذاري ويون. خدا کين پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏي. (آمين)
    ناني سنگهار ۽ ماسي رحيمان جي گهر جي پاسي ۾ هڪ ٻي مائي به رهندي هئي. جنهن کي اسين ’ناني جيني‘ سڏيندا هئاسين. ناني جينيءَ جو ادي مريم تي گهڻو عار هوندو هو. هوءَ مٽيءَ مان ڏاڍا سٺا رانديڪا ٺاهيندي هئي. سندس هڪ ڀاءُ رٽائرڊ فوجي هوندو هو. ٻي جنگ عظيم ۾ برٽش هندستان جي آرمي ۾ ڀرتي ٿي برما ۽ ملائيشيا جي محاذ تي وڙهيو هو. وٽس ڪجهه سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل به هئا، جيڪي هو جيءَ سان جانڪي رکندو هو. اهي کيس جنگ جي دوران مليا هئا. اسين کيس ڏاڏا وسايو چوندا هئاسين. ڏاڏا وسايو هرفن مولا هو. درزي هو ته بورچي به، پر جهوني ٿي وڃڻ سبب سندس هٿ ڏڪندو هو ۽ ڪڏهن قميص جو ڪالر وڏو ته ڪڏهن ٻانهن ننڍي سُبي ڇڏيندو هو. جنهن ڪري اڪثر گراهڪن سان جهيڙا پيا پوندا هئس ۽ جڏهن ڀت رڌيندو هو ته منجهس يا ته لوڻ هوندو ئي ڪونه هو، يا وري کارو جهڙو زهر ۽ کائڻ وارو ٻيئي هٿ مٿي تي ڏيو ويٺو هوندو هو. پوءِ ته کِلون هونديون هيون. ڏاڏا وسايو ڳالهين جو ڳهر ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هوندو هو. سندس ٽهڪ به کل جهڙا هوندا هئا. هو اسان کي ٻي جنگ عظيم جا قصا، خاص ڪري پنهنجي بهادريءَ جا قصا اهڙي ته انداز ۾ ٻڌائيندو هو، جو ڄڻ هو نه هجي ها ته انگريز، جپان کان جنگ هارائي وڃي ها. هو چوندو هو ته، ”ابا جرمن، انگريزن جو مامون هو....پر دنيا تان اچي ڇتا ٿيا ۽ وڙهي چٽ ٿيا.“
    ائين جي آئون ناني حوا شيدڻ جو ذڪر نه ڪريان ته ڳالهه پوري نه ٿيندي. ناني حوا به وڏيرن جي گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي. سندس ڌيئرون ادي نيامت، ادي ڦاپو ۽ ادي سُکي ۽ پُٽ ادا علي محمد، ڄڻ ته گهر جا ڀاتي هوندا هئا. ادي سُکيءَ ته مون کي پنهنجو ڀاءُ بنايو. اهو رشتو اڄ به اسان جي وچ ۾ قائم آهي. ادي نيامت ۽ ادي ڦاپو گذاري ويون آهن. ادي ڦاپوءَ جو هڪ پٽ اڪبر شيدي 30 سيپٽمبر 1988ع جي واقعي ۾ حيدرآباد شهيد ٿي ويو.


    6

    پرائمري پڙهڻ جي دوران مونکي ڏاڍا عظيم اُستاد مليا. جن مون جهڙي اڻ گهڙيل ڪاٺ کي ٺاهي جوڙي انسان بنايو. پهريون ۽ ٻيو ڪلاس آئون سائين شفيع محمد ميمڻ عرف سائين وڪيو ملئون وٽ پڙهيس ۽ ٽيون، چوٿون ۽ پنجون سائين ڪريم بخش مڱڻهار وٽ.
    سائين ڪريم بخش صفا قلندر ۽ مست ماڻهو هو. اسان کي پنهنجي اولاد جيان پڙهايائين. صبح جو ساڍي اٺين بجي اسڪول ايندا هئاسين، ڏيڍ يا ٻين بجي موڪل ملندي هئي. ڪلاڪ سوا مانيءَ جو ملندو هو، وري ٽين بجي کان ڇهين بجي تائين سائينءَ وٽ پڙهڻ ويندا هئاسين. امتحان وارن ڏينهن ۾ ڇهين بجي موڪل ملندي هئي ۽ ستين بجي وري واپس اسڪول اچبو هو ۽ نوين بجي رات تائين پڙهندا ۽ امتحان جي تياري ڪندا هئاسين. تڏهن اڃا بجلي ڪونه آئي هئي. سائين ميٽر وارو گولو کڻي ايندو هو، جنهن جي گاسليٽ لاءِ اسين شاگرد پنج پنج پئسا ڦوڙي ڪندا هئاسين. تڏهن گاسليٽ جي بوتل هڪ روپيو هئي ۽ هڪ روپئي جو گاسليٽ روز گولي ۾ ٻري ويندو هو. جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ڦوڙي نه به ڏيندو هو ته به خير هو، پر کيس گُسائڻ جي موڪل هرگز نه هوندي هئي.
    امتحان نه هوندا هئا، ته شام جو پنجين بجي کانپوءِ راند جو وارو هوندو هو. راند اڪثر ڪوڏي ڪوڏي يا ملهه ڪُڏندا هئاسين يا ڪڏهن ڪڏهن وري درين واري به. راند ۾ ٻه ٽيمون ٺهنديون هيون. ريفري سائين پاڻ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن سائين جو موڊ راند ڪرائڻ جو نه هوندو هو ته اسين ڇوڪرا پاڻ ۾ چور پوليس راند ڪندا هئاسين. ’اردو اسڪول‘ جو هڪ دروازو بازار طرف کُلندو هو، اسين اُتان نڪري سڄي بازار ۾ ڊوڙندا هئاسين. واهه واهه! ڇا ته شاندار ڏينهن هوندا هئا.
    امتحان وارن ڏينهن ۾ رات جو پڙهائي ختم ڪري، سائين اسان سڀني ڇوڪرن کي واري واري سان گهر ڇڏي ايندو هو. اسڪول بند ڪري سڀ ڇوڪرا سائين سان گڏ نڪرندا هئا. سائين اڳيان ۽ اسين سندس پٺيان. ائين هر ڇوڪري کي گهر ۾ گهيڙي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي پُٽ قاسم ۽ ڀائيٽي محمد خان سان گولو کڻي گهر روانو ٿيندو هو. جيڪي به وٽس پڙهندا هئا.
    ڪوڏي ڪوڏي هجي يا ملهه، ٻنهي راندين ۾ قميص لاهڻي پوندي هئي، ۽ آئون اهڙو ته شرميلو هوندو هوس جو قميص نه لاهيندو هوس، جنهن ڪري راند ۾ حصو وٺي نه سگهندو هو. باقي چور پوليس ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان هوندو هوس. سائين گهڻو ئي سمجهائيندو هو ته ”بابا راند آهي.... راند ۾ ڪپڙا ڦاٽي سگهن ٿا.... قميص لاهڻ ۾ ڪهڙي ڦڪائي.“ پر آئون صفا پڙ ڪڍي بيهي رهندو هوس ۽ ائين ڪڏهن ڪڏهن قميص سان ئي راند ۾ حصو وٺندو هوس.
    ’اردو اسڪول‘ جو اڱڻ تمام گهڻو وڏو هو. اسان مان ٻن ٻن ڇوڪرن جي هر روز ڊيوٽي هوندي هئي ته اهو ميدان ٻهارين، باقي ڪلاس روم ۾ ٻهاريءَ لاءِ ڌار ڇوڪرن جي ڊيوٽي هوندي هئي. جنهن ڏينهن اڱڻ ٻهارڻ جي ڊيوٽي هوندي هئي، اُن ڏينهن صبح جو سوير اچڻو پوندو هو. وڏا ٽارن جا ٻهارا کڻي سڄو ميدان انهن سان ٻهاريندا هئاسين. اصل ٻانهون شل ٿي وينديون هيون. ٻهاريءَ کان پوءِ سامهون پيڃاريءَ مان پاڻي ڀري، ان ٻهاريل ميدان تي ڇڻڪار ڪرڻي پوندي هئي.
    سائين ڪريم بخش راندين ۽ پڙهائيءَ کانسواءِ تقريري مقابلا، ڪورس مان سوال جواب ۽ گهمائڻ ڦيرائڻ جا پروگرام به ٺاهيندو هو. اهڙا پروگرام اڪثر هفتي، ٻي هفتي ٿيندا هئا. جن ۾ نمبر کڻندڙ ڇوڪرن کي جاميٽري باڪس، ڪاپيون ۽ پينون وغيره انعام ۾ ملنديون هيون، جيڪي اسان ڦوڙي ڪري وٺندا هئاسين. باقي پهريون نمبر ايندڙ کي سائين پنهنجي پاران، ٻي ڏينهن رسيس ۾ چڻن جي پليٽ کارائيندو هو، جيڪا ٻن آنن جي هوندي هئي.
    هڪ ڀيري پاڻ اسان کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ”ٻارڙن جي ٻاريءَ“ ۾ به وٺي ويو. پروگرام ۾ شرڪت ڪرائڻ لاءِ اسان کي ڪيترائي هفتا ريهرسل ڪرايائين. شعر ۽ لطيفا ياد ڪرايائين ۽ ريڊيو تي هلڻ جو ڊسيپلين سيکاريائين. ان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ، اسان سڀني ڇوڪرن ڏهه ڏهه روپيا ڦوڙي ڪئي هئي، هڪ ٻن غريب ڇوڪرن کي هو انهن پئسن مان وٺي هليو. پروگرام تي وڃڻ واري ڏينهن اسين صبح جو سوير سٺا ڪپڙا پائي، تيل ڦليل ڪري اچي بس اسٽينڊ تي پهتاسين. اسين پوڻين ڇهين بجي واري ايس. آر. ٽي. سي جي بس ۾ حيدرآباد روانا ٿياسين. اسان ڇوڪرن جو تعداد پندرهن کن هو، ان وقت ”ٻارن جي ٻاري“ پروگرام صبح جو ڏهين کان يارهين وڳي تائين آچر جي ڏينهن نشر ٿيندو هو. اسان سڀني شاگردن کي سائين ڪريم بخش ڪنهن کي شعر ته ڪنهن کي لطيفو ياد ڪرايو هو. نياز عباسيءَ کي مولود ياد ڪرايو هئائين.
    اسان کي ريڊيو پاڪستان جي هڪ اسٽوڊيو ۾ ويهاريو ويو ۽ ڏهين بجي پروگرام شروع ٿيو، جيڪو پنهنجي ترتيب سان هليو. ميزبان وغيره ڪير هئا، هاڻي ياد ڪونهن، باقي ان پروگرام ۾ شرڪت اسان ڇوڪرن لاءِ وڏي خوشي ۽ فخر جو باعث هو ۽ ڳچ وقت تائين ياد ڪري پيا خوش ٿيندا هئاسين. پروگرام ۾ اسان شامل ٿيندڙ ٻن ٽن ڇوڪرين کان بيت وغيره پڙهايا ويا. نياز عباسي وڏي سُر سان مولود ”سهڻا شان تنهنجو شاهي شرف ٿيو، ڳائي ڳائي ڳائي ٿڪان، پورو حرف نه ٿيو“ ڳاتو.
    پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ سائين اسان سڀني کي ٽاور مارڪيٽ گهمائڻ وٺي ويو ۽ اتان پوءِ راڻي باغ وٺي ويو. شام جو چئين بجي واري ساڳئي ايس. آر. ٽي. سي جي بس تي چڙهي واپس دڙي پهتاسين. مارڪيٽ ٽاور گهمائڻ دوران سائين اسان کي هڪ هوٽل ۾ ماني کارائي. اسان سان گڏ ويرجي مل به هو. هوٽل ۾ اسين ڪجهه اهڙي نموني ويٺا هئاسين جو ويرجي مل بلڪل منهنجي ۽ محمود عالم سومري جي سامهون ويٺل هو. ويرجي مل ۽ محمود عالم ڪلاس جي هوشيار شاگردن مان هئا. اتي ويرجيءَ، پهرين جنهن گلاس ۾ پاڻي پيتو ته اسين سڀ اُن گلاس ۾ پاڻي پيئڻ کان لنوائڻ لڳاسين ۽ هڪٻئي کي ٺونٺ هڻندا، اُن گلاس کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳاسين. اسان جي چُڻ ڀُڻ ٻڌي سائين جو ڌيان اسان ڏانهن ويو. جڏهن کيس ماجرا جي خبر پئي ته ڪُڇيائين پُڇيائين ڪجهه به ڪونه، باقي خاموشيءَ سان اُن گلاس ۾ پاڻي ڀري پي ويو ۽ پوءِ اسان کي چيائين، ”ويرجيءَ کي به خدا پيدا ڪيو آهي. هيءُ ميگهواڙ آهي ته ڇا ٿي پيو.... آهي ته پاڻ جهڙو انسان نه!؟“ مذهبي ڪٽرپڻي خلاف منهنجي ڪنن ۾ اهو پهريون سبق هو ۽ پوءِ جڏهن ماني آئي ته سائين ويرجي مل کي پاڻ سان ساڳئي پليٽ ۾ کارائي، اهو سائين ڪريم بخش پاران عملي صورت ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف اسان جي تربيت جو روپ هو.
    سائين ڪريم بخش جي عظمت ۽ وڏائي جي هڪ ٻي ڳالهه به مونکي هينئر ياد پئي اچي. ريڊيو پاڪستان جي پروگرام ”ٻارن جي ٻاري“ تان ٿي موٽياسين ته ٻي ڏينهن موڪل ڪئيسين ۽ ٽين ڏينهن جڏهن اسڪول وياسين ته سائين اسان کي هڪ اهڙي ڳالهه چئي، جنهن ڪري هينئر به تصور ۾ منهنجو ڪنڌ سندس اڳيان پيو جهڪي. پاڻ اسان کي چيائين، ”بابا، آئون، منهنجو پٽ قاسم ۽ ڀائيٽو محمد جيڪي اوهان سان گڏ حيدرآباد هليا هئا، اهي به اوهان جي پئسن تي هليا هئا. جو مون وٽ ايترا پئسا نه هئا. هاڻ چئو ته آئون پئسا اوهان کي ڀري ڏيان يا مونکي معاف ڪري ڇڏيو.“
    اسين ڪهڙو جواب ڏيون ها؟ سائين ڪريم بخش جي ايمانداري ۽ عظمت کي لک لک سلام.
    سائين ڪريم بخش پاڻ به مذهبي ماڻهو هو. روزي ۽ نماز جو پابند. پنهنجي گهر جي پاسي ۾ هڪ ننڍي مسجد جوڙائي هئائين، جنهن جو نالو ”قاسمي مسجد“ رکيائين ۽ ان جي سارسنڀال وغيره ڪندو هو. رٽائرمينٽ کانپوءِ پير غلام جيلاني نورائي شريف واري جو مريد ٿيو. اڳتي هلي سندس خاص خليفن ۾ ڳڻجڻ لڳو. پاڻ وفات به مڪلي تي ئي پير صاحب وٽ ڪيائين. مون ڪنهن جي واتان ٻُڌو ته جڏهن نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو ته رٽائرڊمينٽ جي پئسن مان پنهنجي مرشد کي سواريءَ لاءِ ڪار وٺي سوکڙي طور ڏنائين. سائين جڏهن مسجد جوڙائي رهيو هو ته اسين ڇوڪرا ’پير ڦل قبرستان وٽ واري جي دڙن‘ مان واري کڻي اچي رازن کي ڏيندا هئاسين. پاڻ مولودين سان گڏ مولود به ڪُڇندو هو. سندن مولودين جي پنهنجي ٻاري هوندي هئي. اڳتي هلي رمضان شريف ۾ پي. ٽي. وي تي مولودن واري پروگرام ۾ مولود به پڙهندو هو. سائين ڪريم بخش سٺو اداڪار هئڻ سان گڏ، تقرير جو به سٺو ڏانءُ هئس. پاڻ دڙي ۾ ٿيل ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪيائين. سندس چونڊ ڪلام ۽ سوانح مون پنهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ ۾ ڏنو آهي. سندس ٻيو ڪلام زيان ٿي ويو.
    سائين ڪريم بخش وٽ ڇوڪرن کي پڙهڻ سان دلچسپي پيدا ڪرڻ جا مختلف طريقا هوندا هئا، جن ۾ هڪ هيءَ به هوندو هو ته هو هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن سبجيڪٽ مان پيپر ڪرائيندو هو ۽ جيڪو پهريون نمبر ايندو هو، تنهن کي ڪلاس مانيٽر مقرر ڪندو هو ۽ ٻي نمبر ايندڙ کي نائب مانيٽر. هڪ ٻه ڀيرا آئون به ڪلاس مانيٽر ٿيس، نه ته اڪثر وير جي مل، محمود عالم سومرو، سامجي مل ۽ الهڏنو ميمڻ واري واري سان پهريون نمبر کڻندا ۽ ڪلاس مانيٽر مقرر ٿيندا هئا. باقي ٻيو نمبر اچي نائب مانيٽر ته ڪيترائي ڀيرا ٿيس.
    اسان جي ڪلاس ۾ ڪي ڇوڪرا اهڙا ته چٽ هوندا هئا، جو اڪثر پيپر خالي ڇڏي ڏيندا هئا. هڪ ڀيري سائين دڙڪو ڏنو ته ”اڄ جيڪو پيپر خالي ڇڏيندو، ان کي ويهه ڏنڊا هڻندس. اوهان کي جيڪو به ياد هجي، سو لکو.“
    پيپر ختم ٿيو. اسان کي موڪل ملي. ٻي ڏينهن اسڪول پهتاسين، جيئن نتيجا معلوم ڪري سگهون. سڀ کان پهرين سائينءَ حاجن ملاح کي سڏ ڪيو. سندس پيپر سڀني پيرن جي مٿان رکيو هو. حاجن ڪلاس جي صفا چٽ چوڪرن مان هو ۽ شام جو اڪثر گُسائيندو هو. صفا غريب هو، تنهنڪري مختلف گهرن جو پاڻي ڀريندو هو. سائينءَ کيس سڏ ڪيو ته اسين سڀ حيران ٿي وياسين. اسان سوچيو ته حاجن پهريون نمبر ڪيئن آيو، هو ته صفا چٽ آهي. اسين سڀ حيرت ۽ تجسس مان ڪڏهن سائينءَ کي ته ڪڏهن وري حاجن کي ڏسڻ لڳاسين. سائينءَ پيپر کڻي حاجن کي ڏنو ۽ چيو، ”جيڪو هن ۾ لکيو اٿئي، سو پڙهي ٻُڌاءِ.“
    حاجن پيپر ورتو ۽ اسان ڏانهن مُنهن ڪري پڙهڻ لڳو، ”اٺ آنا وَر پاڻيءَ جو.... اٺ آنا ور پاڻيءَ جو....“ هن سڄي ڪاپيءَ جي هر صفحي تي رڳو اهي ئي چار لفظ لکيا هئا. اسان حاجن جي واتان اهي لفظ ٻُڌي کلڻ لڳاسين. جڏهن حاجن سڀ صفحا پڙهي پورا ڪيا ته سائينءَ کانئس پڇيو، ”حاجن! آخر تو اهي لفظ ڇو لکيا آهن؟“
    ”سائين! اوهان چيو هو ته جيڪو به ڪاپي خالي ڇڏيندو، تنهن کي ويهه ڏنڊا هڻندس.... مون کي جيڪو ياد هو سو مون لکي ڇڏيو. ڪاپي ته خالي نه ڇڏيم.“ حاجن وراڻيو ۽ اسين سڀ ڇوڪرا، سائين ڪريم بخش سميت کلڻ لڳاسين ۽ ان کل ۾ حاجن به اسان سان شامل هو. افسوس جو حاجن هاڻ هن جهان ۾ نه رهيو آهي.

    اهي پنجين ڪلاس جا آخري ڏينهن هئا. ٻن مهينن کان پوءِ امتحان ٿيڻ وارا هئا، سائين ڪريم بخش اسان کي امتحان جي زور شور سان تيار ي ڪرائي رهيو هو. ٻئي پاسي ملڪ ۾ عام چونڊن جي تياري به زور شور سان جاري هئي. اهي چونڊون مارچ 1977ع ۾ ٿيون. اسان جي ڳوٺ دڙي ۾ تلوار ۽ نوَن تارن سان گڏ هڪ ٻي شئي به ڏسڻ ۾ ايندي هئي. جيڪو سارين جو سنگ هو. اهو سارين جو سنگ آزاد اميدوار اسماعيل سوهي جو چونڊ نشان هو، جيڪو صوبائي اسيمبليءَ جو اميدوار هو. سندس مقابلو پيپلز پارٽي جي اميدوار ارباب وزير ميمڻ سان هو، قومي اسيمبليءَ تي، قومي اتحاد جو اميدوار مولوي نور محمد سجاول وارو ۽ پي. پي پاران محمد يوسف چانڊيو اميدوار هئا. اهو ساڳيو محمد يوسف چانڊيو، جنهن 1970ع جي چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي سامهون چونڊ وڙهي هئي.
    اسماعيل سوهو اصل ۾ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جو اميدوار هو، جيڪو آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهي رهيو هو. جنهن لاءِ پي. پي وارا چوندا هئا ’اسماعيل سوهو- سنڌ جو ڪوئو‘. سائين ڪريم بخش، ذوالفقار علي ڀٽي جو صفا عاشق هو. سڄو ڪلاس ذوالفقار علي ڀٽي جي تصويرن سان سينگاريل هو. هڪ وڏي شاهوڙ تصوير سندس ميز جي شيشي هيٺان رکيل هئي. پاڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي شان ۾ ڪيترائي شعر جوڙيا هئائين. ان اليڪشن ۾ به پاڻ ڪجهه شعر لکيا هئائين:
    الله هي الله ڪندا هلو، ووٽ ڀٽي کي ڏيندا هلو
    جو آهي غريبن جو يار، جنهن بچايو پاڪستان
    الله هي الله....

    نوَ ستارا هڪڙي نوڙي، باري تن کان بچائي
    پاڪ اسانجي سرزمين تان نالو تن جو مٽائي
    الله هي الله....

    ڪربل ۾ ڏيئي ڪوڙي فتويٰ، جن شهيد حسين ڪرايو
    الله هي الله....

    اهو شعر پاڻ اردو گاني ”اللہ ہی اللہ کیا کرو، دکھ نہ کسی کو دیا کرو“ جي مقطع تي ٺاهيو هئائين ۽ ان ئي سُر ۽ اسٽائيل ۾ ڳائيندو هو.
    سندس هڪ ٻيو به شعر هو، جنهن جو هاڻ فقط هڪ بند ياد اٿم:
    اسان جي ته دل جو ڌڙڪن ڀٽو ذوالفقار آهي
    ڏيو ووٽ اُن کي جيڪو غريبن جو يار آهي.
    پوءِ، اهي ۽ ٻيا ڪيترائي شعر پاڻ، سائين روحل الامين قريشي ۽ حاجي ڀٽي سان گڏ هڪ کٽارا جيپ ۾ چڙهيو اسڪول کان وٺي ناڪي تائين ۽ ناڪي کان وٺي پيڃاري جي پُل تائين سُر ۾ ڳائيندا وتندا هئا ۽ اسين شاگرد جيپ جي پويان رونشي خاطر ميڙ ڪري، ”جيئي ڀٽو.... ڪم ڪار ڇُٽو“ جا نعرا هڻندا پيا ڊوڙندا هئاسين. ان شعر ۽ انهن جي ان طريقي کي ڏسي، جواب ۾ ’سيد اڪبر‘ هڪ شعر ٺاهي مٿانئن ٺٺول ڪئي هئي.
    ٻوڙ پلائون کائينداسين، توکي سڀ کُٽائينداسين
    جيري خاطر ڇيلي ٻڪري، ڪاتي سان ڪهائينداسين.

    پهرين پنهنجا روپ بگاڙي، اُن تي ڪيئي روغن چاڙهي
    دهلاري ٿي پاڙي پاڙي، تولئه ڦيريون پائينداسين.

    پنهنجو ساٿي ”منڊو“ ”ڪاڻون“، هر هڪ سهڻو جهڙو راڻو
    پوءِ اُن جو داڻون داڻون، مالها سائي پائينداسين.

    انڌو ٻوڙو پنهنجو ورڪر، پنهنجو هوڪو لُڙ ۽ لَڙ لَڙ
    ڇنل ڇڪڙو، ٿيندي کڙ کڙ، گهانچن منجهه گپائينداسين.

    ڪير چوي ٿو لائق ناهيون، آهيون آهيون بيشڪ آهيون
    پنهنجا گيت ترانا ٺاهيون، گڏجي سڏجي ڳائينداسين.
    ڪهڙا وعدا، ڪهڙيون ياريون، هونءَ هميشھ پنهنجون ساريون
    نئين سج پنهنجون ريتون نياريون، ڀنڊي پاڻ وسائينداسين
    ٺوڳي ٽولا ٺاهينداسين، توکي سڀ کٽائينداسين.
    اُنهن ئي ڏينهن هڪ ڏينهن، ڪلاس ۾ ويٺو هوس، جو سائين ڪريم بخش سڏي ٻاهر وٺي ويو ۽ مونکي سنڌي اسڪول (مئن) وڃي سائين روحل الامين قريشيءَ سان ملڻ لاءِ چيائين، ”کيس چئج ته شام واري ڪم لاءِ سائين ڪريم بخش موڪليو اٿم.“ ان وقت دڙي ۾ ٽي پرائمري اسڪول هئا. مئن پرائمري اسڪول، جنهن کي سڀ سنڌي اسڪول سڏيندا هئا. ٻي پرائمري اسڪول کي ”بنگلاديش اسڪول“ سڏيندا هئا ۽ ٽيون اردو اسڪول جيڪو، ’وائي وارو اسڪول‘ به سڏبو هو. اهو اسڪول اڳ ۾ هندن جو ٽڪاڻو هو ۽ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي هندو لڏي ويا ته پوءِ اُتي اردو ميڊيم اسڪول قائم ڪيو ويو، پر اڳتي هلي سنڌي ميڊيم اسڪول ٿي ويو. اَسي واري ڏاڪي ۾ اهو اسڪول واپس دڙي جي هندو برادريءَ جي حوالي ڪيو ويو ۽ اُتي ٻيهر مندر قائم ڪيو ويو
    آئون جڏهن سائين روحل قريشي وٽ پهتس ۽ کيس سائين ڪريم بخش جو نياپو ڏنم ته هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو، ”شام جو پارڪ ۾ نون تارن وارن جو جلسو آهي، اوهين سڀ ڇوڪرا ٻن ٻن جي ٽولين ۾ ٿورو ڇڊا ٿي ويهجو، اوهان کي جهنڊا ڏيان ٿو.... پوءِ جڏهن اسلم ”نعري ڀٽو“ جو نعرو هڻي ته اوهين سڀ زور سان ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا هڻجو.... سڀ ڇوڪرا پاڻ سان گڏ ٻه ٻه پٿر به ساڻ کڻجو.“ گهڙي کن ترسي چيائين، ”پر جيڪي سومرا ڇوڪرا آهن، ڪريم بخش کي چئج ته انهن سڀني کي موڪل ڏيئي ڇڏي.... هو سڀ جيئي سنڌ ۾ آهن.“
    آئون سائين روحل کان هدايتون وٺي ۽ جهنڊا کڻي، سڄي ڳالهه اچي سائين ڪريم بخش کي ٻُڌايم. اهو پهريون ڀيرو هو، جو مون ”جيئي سنڌ“ جو لفظ ٻُڌو.... باقي اسماعيل سوهي جي حوالي سان ٻُڌبو هو ته هو هاري پارٽيءَ جو اميدوار اهي. ان وقت ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ وارن کي عام طور تي هاري پارٽي به سڏيندا هئا.
    بهرحال، سائين ڪريم بخش، ڪلاس ۾ جيڪي سومرا ڇوڪرا هئا، تن کي موڪل ڏيئي ڇڏي ۽ اسان ٻين ڇوڪرن کي اڌ ڪلاڪ کن ويهاري وڌيڪ هدايتون ڏيئي موڪل ڏنائين ته جيئن اسين ٻنپهرن جي ماني کائي جلد پارڪ پهچون. آئون گهر وڃي تڙ تڪڙ ۾ ماني کائي، پوئين دروازي کان نڪري سڌو پارڪ ۾ جلسي گاهه ۾ پهتس، جتي اڳ ۾ ئي اسلم فاضلاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڇوڪرا ويٺا هئا. اسٽيج تي وڏو سائو جهنڊو لڳل هو، جنهن ۾ نَو ستارا هئا. اهي نوَ ستارا، ’پاڪستان قومي اتحاد‘ ۾ شامل نون پارٽين جي علامت هئا. جلسي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي دير هئي. اسٽيج تان ”نعري تڪبير- الله اڪبر“ جا نعرا لڳي رهيا هئا. اسان کي سائين روحل الامين قريشيءَ هدايتون ڏنيون هيون ته جڏهن اسٽيج تان نعرو لڳي ”ڪير جيئي“ ته اوهين زور سان جواب ڏجو ”ڀٽو جيئي“، پر جڏهن ”نعره تڪبير“ نعرو لڳي ته اوهان دل ۾ ”الله اڪبر“ چئجو.
    ڳچ دير کانپوءِ جلوس پهتو. جيڪو بسين، ٽرڪن، موٽر سائيڪلن وغيره تي مشتمل هو. سڄو پارڪ ماڻهن سان ڀرجي ويو. آسپاس ڇتين تي به ماڻهو بيٺا هئا. جلسي کي سنڀاليندڙ رضاڪارن جي هٿن ۾ وڏيون وڏيون لٺيون هيون، جيڪي ڏسي اسان جا ڪافي شاگرد اُٿي ڀڳا. باقي اسان مان ڪن ’جيئي ڀٽو‘ جا نعرا هنيا، پر اهي دٻجي ٿي ويا، اهو ڏسي اسين به هڪ هڪ ٿي جلسي گاهه مان نڪري آياسين. ٻاهر پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن جو هڪ وڏو ميڙ پيڃاري جي پُل وٽ دهلن شرناين سان انهيءَ ئي کٽارا جيپ سان گڏ نعرن ۽ گارين جي دَم لايو بيٺو هو. کين پوليس جي مدد به حاصل هئي. اهي جيالا جمهوريت جي نالي ۾ نَون تارن جو جلسو ته ڦٽائي نه سگهيا، باقي جڏهن جلسو ختم ٿيو ۽ جلوس جي صورت ۾ روانو ٿيو ته انهن جيالن جلوس تي اهڙي ته پٿر بازي ڪئي ۽ کين ايتريون ته گاريون ڏنيون، جو شايد سندن گارين ڏيڻ جي سڄي عمر جي ڪوٽا اُن ڏينهن ختم ٿي ويئي هوندي. جيالن جي ان پٿر بازيءَ سبب ڪافي قومي اتحادي زخمي ٿيا. مونکي اڄ به اهو ڏارهي وارو پوڙهو ياد آهي، جيڪو ٽرڪ ۾ بيٺو هو ۽ منهنجي سئوٽ عبدالڪريم جو اُڇليل چهنبر پٿر سندس نرڙ تي وڃي لڳو هو ۽ هو ٻيئي هٿ نرڙ تي رکي ويهي رهيو هو. اهو ڏسي اسين ٻيئي ڊڄي اُٿي گهٽين ۾ ڀڳاسين. ان مهل ٻيا ماڻهو به ڀڄڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته جهڳڙي وڌي وڃڻ سبب ماڻهن کي منتشر ڪرڻ جي لاءِ پوليس هوائي فائر ڪيا هئا.
    سال گذري ويا آهن.... پر اڄ به ان پوڙهي کي پٿر لڳڻ جو نظارو نٿو وسريم. جيتوڻيڪ اهو پٿر منهنجو نه هو، پر سوچيان ٿو ته منهنجا اُڇلايل پٿر به ڪنهن کي ته لڳا هوندا، جيڪي مون ڊزنن جي حساب سان جلوس تي وسايا هئا. هڪ ڏوهه جو احساس ٿئي ٿو، جيڪو ناسمجهي ۽ رونشي ۾ سرزد ٿيو.

    5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ الحق، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. مارشلا سبب سياسي سرگرميون ختم ٿي ويون. آئون به پنجين جو امتحان ڏيئي ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو هوس. هاءِ اسڪول جو ماحول پرائمري اسڪول کان گهڻو مختلف هو. ڇهين ڪلاس ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين احمد خان منڇري هو. پنهنجي وقت جو بهترين استاد، پر ڏاڍو سخت، سبق ڪچو ٿيو ته ميز تي رکيل رول اسان جي هٿن تي ائين وسندو هو، جيئن مارشل لڳڻ کانپوءِ ساڳين پوليس وارن ۽ فوجين جا عوام تي ڏنڊا وسندا هئا. ڪلهه اهي جيالا ساڳئي پوليس ۽ فوج جي نگرانيءَ ۾ مخالفن جا جلسا ڦٽائڻ، کين گاريون ڏيڻ جي ڪم ۾ اڳڀرا هوندا هئا ۽ اڄ اهي ئي پوليس وارا ۽ فوجي کين انهن ئي ڏنڊن سان ڪُٽيندا هئا.
    5 جنوري 1978ع تي پيپلز پارٽيءَ جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏينهن ’يوم جمهوريت‘ جي نالي ۾ ملهايو ويو. دڙي ۾ به پي. پي. پي جي ڪارڪنن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ۽ هاءِ اسڪول ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائڻ آيو. جلوس اسڪول ۾ گهڙيو ته اسان اُستادن جي اشاري تي کڻي ڪلاس رومن جا دروازا بند ڪيا. جلوس اسڪول جي گرائونڊ تي پهچي سخت نعريبازي ڪرڻ لڳو. اهڙن جلوسن ۾ اسين سدائين رونشي خاطر شامل هوندا هئاسين، سو دل اُڇلون ڏيڻ لڳي ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ. ٿوري دير کان پوءِ اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين احمد خان منڇري، جلوس جي اڳواڻ سان گڏ ڪلاس ۾ گهڙيو، جلوس جو اڳواڻ اسان کي مارشلا بابت ٻُڌائڻ ۽ ان جي خلاف مزاحمت ڪرڻ لاءِ جلوس ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ چوڻ لڳو. سندس پويان سائين احمد خان منڇري ڪنڌ سان نه نه ڪندو ۽ اسان تي اکيون ڪڍندو رهيو ته جلوس ۾ متان شامل ٿيو. جلوس جي اڳواڻ جي تقرير ٻُڌي عبدالڪريم ٽپ ڏيئي ڪتاب کڻي ٻاهر نڪتو، سندس پويان ٻيا ڇوڪرا به نڪتا، پر آئون چاهيندي به سائين احمد خان جي مارَ جي ڊپ کان ٻاهر نه نڪتس. پنج ٻيا ڇوڪرا به هئا، جيڪي ڪلاس ۾ ويٺا رهيا.... ڇوڪرا ٻاهر نڪتا ته آئون دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ لڳس. منهنجون نظرون سائين روحل الامين قريشي، حاجي ڀٽي ۽ سائين ڪريم بخش کي ڳولهڻ لڳيون، جيڪي اهڙن موقعن تي اڳيان اڳيان هوندا هئا.... پر اُن ڏينهن نظر نه آيا.
    جلوس ويو ته سائين احمد خان اسان ويٺلن جا نالا نوٽ ڪيا ۽ چيو، ’بابا اوهان جو سياست ۾ ڇا.... هي ڇوڪرا جيڪي جلوس ۾ ويا آهن، انهن تي پوليس فائرنگ ڪري ۽ انهن مان ڪو مري پوي يا فوج کين ٻڌي وڃي ته.... اوهين پڙهو.... اوهان جو ڪم پڙهڻ آهي....“ سائين ڪافي دير تائين ان قسم جون ڳالهيون ۽ نصيحتون ڪندو رهيو ۽ پوءِ ڪلاڪ کن ترسي اسان کي به موڪل ڏيئي ڇڏيائين. موڪل ملندي ئي سڌو گهر وڃي ٺڪ ڪيم. تيسين عبدالڪريم به اچي ويو ۽ اسين وڃي ’شيرواهه‘ کان نڪتاسين، جتي سرن جو بٺو هو. عبدالڪريم ۽ آئون اُتي چيڪي مٽيءَ جا رانديڪا ٺاهي رکندا هئاسين ۽ گهڻو ڪري روزانو شام جو اُتي ويندا هئاسين. اُن ڏينهن اُتان موٽندي، ٻنين مان لنگهندي اسان اٺ آنن وارو سڪو، جنهن کي آڌيو به چئبو هو، لڌوسين، بلڪل ان مهل منهنجو هڪ پاڙيسري ڇوڪرو بابو ماڇي، جنهن جو نالو ’يوسف‘ هوندو هو، اُتي ئي اسان سان اچي گڏيو ۽ اسين ان اَٺ آنن تان پاڻ ۾ وڙهي پياسين. بابوءَ جو چوڻ هو ته اٺ آنا پهرين هُن ڏٺا ۽ منهنجو ضد هو ته اهي پهرين مون ڊوڙي وڃي کنيا. ائين ”تون تون“ ڪندي ٻني مان وڏو کڙو کڻي جو هنيومانس ته هيڪڙي ريهه هيس ۽ آئون ۽ عبدالڪريم کيس اُتي روئندي ڇڏي ڀڄي وياسين.
    ٻئي ڏينهن، ڪلاس ۾ سائين احمد خان منڇريءَ ڪالهوڪي جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ ڇوڪرن جي پنهنجي رول سان سٺي مرمت ڪئي ۽ کين اڌ اڌ ڪلاڪ ڪڪڙ ڪري بيهاريو. ان ”يوم جمهوريت“ جي ڏينهن جلوس ڪڍڻ جي ڏوهه ۾ دڙي مان اٽڪل 23 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن کي ملٽري ڪورٽ هڪ هڪ سال ٽيپ جي سزا ڏني، جيڪي هو جمهوريت جي بحاليءَ واسطي ڪاٽي آيا. انهن جيالن ۾: محمد سومار ڪاسائي، مينهن وسايو مجيري، محمد خان ڪڇي، منٺار دايو، انور ميمڻ، ابراهيم ڪوٽائي، الهڏنو بلاولي، لالا شاهه، نواز شاهه، احمد سومرو ڪاسائي، عبدالڪريم قريشي، الهه بخش سولنگي، نورو سومرو ڌوٻي، صديق ڪنڀار، ناٿو شيدي ۽ سڪندر عباسي شامل هئا. انهن کي گرفتار ڪري مڪلي ته کڻي ويا، جتي مٿن سخت تشدد ڪيو ويو ۽ کين ڇهه ڪلاڪ ڪڪڙ ڪري بيهارڻ کانپوءِ رات جو ٻارهين بجي سرسري سماعت کانپوءِ سال سال ٽيپ جي سزا ڏيئي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو.
    انهن همراهن مان مينهن وسايو مجيري ماستر هو، ان ڏوهه ۾ سندس اها ماستري به ويئي هلي، جيڪا پوءِ 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي ته بحال ٿي ۽ ان بحاليءَ ۾ به پي. پي. پي جي مقامي يا مٿين قيادت جو ڪوبه هٿ نه هو. مينهن وسايو، قاسم پٿر جو ويجهو مائٽ هو ۽ قاسم پٿر ئي کيس ڪوششون ڪري اها بحال ڪرائي ڏني. باقي مينهن وسائي کي پي. پي ٺلهن ٺڪرن ۽ ڏهن سالن جي ڌڪن، بيروزگاري ۽ خواريءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو.


    7

    ننڍي هوندي، جڏهن اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي، تڏهن سانجهي ٿيندي ئي، کير ڀت يا ماني کائي، بستري تي ڊهي پئبو هو. سيارو هوندو ته گهر جي وڏي ڪمري ۾، جتي سڀني گهر ڀاتين جون کٽون کٽن سان لڳ پيل هونديون هيون ۽ اسين گهر جا سڀ ڀاتي، امان، ناني، بابا، منهنجون ٻيئي ڀينرون مريم ۽ ادي غلام فاطمھ انهن تي سمهندا هئاسين. منهنجي وڏي ڀيڻ عزيزان جي شادي ٿي چڪي هئي. آئون امان سان گڏ سمهندو هوس. امان مامتا سان ڀريل پيار ڀريون لوليون ڏيئي مونکي سُمهاريندي هئي ۽ ڪڏهن وري کير پيارڻ لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، بهانا ڪندي، لالچون ڏيندي هئي ته ڪڏهن وري آکاڻي ٻُڌائڻ شروع ڪندي هئي. هڪڙو هو بادشاهه....! اصل بادشاهه ته الله جي ذات آهي، پر هن ڪوڙي دنيا جو بادشاهه، جنهن کي ست ڌيئرون هيون.... پوءِ اها ڪهاڻي هلندي ننڊ جي گهيرٽن ۾ وٺجي، ننڊ جي جهان ۾ هليو ويندو هوس.
    گرمين جي مُند ۾ وري گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ جي هيٺان کٽون وجهندا هئاسين. منهنجي ننڊ جي آغوش ۾ وڃڻ کانپوءِ امان آکاڻي پوري ڪندي هئي، يا اڌ ۾ ڇڏي ڏيندي هئي. خبر ڪونهي.... ائين اڪثر ٻي يا ٽي ڏينهن منهنجون ڀينرون به امان کي آکاڻي ٻُڌائڻ جي فرمائش ڪنديون هيون ۽ امان ٻُڌائڻ شروع ڪندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن وري ڇهين يا ٻارهين مهيني، اسان جي گهر، چوهڙ جماليءَ مان هڪ جهونڙو ايندو هو. گهير واري وڏي سٿڻ پاتل، هٿ ۾ لٺ، چاپئين ڏاڙهي، مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل ۽ هٿ ۾ هر وقت ناس جي دٻلي.... امان کيس ”ماسڙ مامون“ چئي سڏيندي هئي. ماسڙ مامون پڦي پوڙهي جيجي آسيءَ جو ڀاءُ هو، پڦي پوڙهي سجاول ۾ رهندي هئي، سندس پُٽ ماما خميسو ان وقت ڀڳڙا ۽ قلفيون وڪڻندو هو. سندس گهر سجاول ۾ گهوٽاري جي ڪپ لڳ هوندو هو. سندن گهر جي بلڪل سامهون سائين محمد خان مجيدي وارا رهندا هئا. ان وقت ته مونکي اها خبر نه هوندي هئي، پر پوءِ جڏهن سائين مجيدي ۽ آپا مريم مجيدي وٽ وڃڻ ٿيو ته سڄو نقشو سامهون ڦري آيو. امان اڪثر سجاول به ويندي هئي ۽ ماما خميسي وارن وٽ رهندي هئي. ماما خميسي جو وڏو پُٽ حاجي عبدالڪريم منهنجو دوست هوندو هو. هاڻ حاجي عبدالڪريم سجاول جي وڏن ۽ سٺن واپارين ۾ ڳڻجي ٿو، پر اُن وقت ماما خميسي وارا ڏاڍا غريب هوندا هئا. قلفيون وڪڻندا هئا ۽ ڀُڳڙا ڀُڳيندا هئا.
    ’ماسڙ مامون‘ وڏو دلچسپ ماڻهو هو. کيس ڪيتريون ئي آکاڻيون ياد هونديون هيون. رات جو جڏهن ماني ٽڪي کائي، وانڌا ٿي کٽن ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ”ماسڙ مامون“ آکاڻي کڻندو هو.... آکاڻيءَ ۾ ايندڙ مختلف موڙن، ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون به هو اُن ئي لهجي ۾ بيان ڪندو هو.... ۽ وچ وچ ۾ ڏور ۽ بيت به ڏيندو ويندو هو. ماسڙ مامونءَ کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪو ڏانءُ هو ڇا....! ۽ اسين اهي آکاڻيون وڏي چاهه ۽ ڌيان سان ٻُڌندا هئاسين. آئون اڪثر آکاڻي هلندي سمهي پوندو هوس، ٻي رات وري ماسڙ مامون اتان ئي ڪهاڻي کڻندو هو، جت رات ڇڏي هوندي هئائين يا وري نئين آکاڻي.... جيترا ڏينهن ماسڙ مامون ٽِڪيل هوندو هو، روزانو رات جو اهو سلسلو هلندو رهندو هو.

    ننڍي هوندي، امان سان گڏ، حيدرآباد وڃبو هو، جت لطيف آباد ۾ چاچا شمس الدين رهندو هو. چاچا شمس الدين جي ننڍي ڌي ادي صابرا، جيڪا منهنجي هم عمر آهي، تنهن وٽ ٻاراڻين ڪهاڻين جا کوڙ سارا ڪتاب هوندا هئا، کيس ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سندس ڪتابَ، هڪ ڪمري ۾ ڪٻٽ ۾ رکيل هوندا هئا. ان ڪمري جو هڪ دروازو ٻاهرين پاسي لڳل باغيچي ۾ کلندو هو.
    اُتي ادي صابرا، مونکي ٻارن جا ننڍا ننڍا ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي. جيڪي اردوءَ ۾ هوندا هئا. جيڪي آئون ڏاڍي شوق سان پڙهندو هوس. مونکي آکاڻين ٻُڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. امان کي ڪيتريون ئي جنن، پرين، بادشاهن ۽ سوداگرن جون آکاڻيون ياد هونديون هيون. اسين ٻار يعني آئون ۽ منهنجا ماسات سيف الدين ۽ رياض احمد ۽ ماساتيون ادي رضوانه، ادي نجمه ۽ ادي صابرا روز رات جو پنهنجن پنهنجن بسترن ۾ ليٽي، امان کان آکاڻي ٻُڌائڻ جي فرمائش ڪندا هئاسين. اسين سڀ امان کي چوندا هئاسين ته هوءَ اسان کي گُرڙ پکيءَ واري آکاڻي ٻُڌائي. جڏهن امان آکاڻي شروع ڪندي هئي ته اسان کي اها اُڻ تڻ هوندي هئي ته ڏسو ته گُرڙ پکي ڪيئن ٿو ست ٽٻيون ڏيئي پنهنجا ٻچا کائي ۽ وعدي موجب شهزاديءَ کي پاتال مان ڪڍي، ڪيئن ٿو زمين تي آڻي. آکاڻي ختم ٿيڻ تائين مجال آهي، جو اسان مان ڪو اوٻاسي به ڏي. آکاڻي ختم ٿيندي هئي ته اسان هڪدم ”امان ٻي.... جيجي ٻي.“ چوڻ شروع ڪندا هئاسين. پر امان اهو چئي ماٺ ڪرائي ڇڏيندي هئي ته، ”اڄ جي ٻي آکاڻي لاءِ ضد ڪندا ته سڀاڻي ڪونه ٻُڌائينديس....“ البت جي صفا ضد ۽ گوڙ ڪندا هئاسين ته ٻي به ٻُڌائيندي هئي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سڀ ٻار اسڪول هليا ويندا هئا ته آئون ادي صابرا جي ڪتابن جي ڪٻٽ مان ڪونه ڪو ڪتاب کڻي دروازي جي ٻاهرينءَ پاسي ڏاڪڻين تي ويهي پڙهندو هوس. آئون گهڻو ڪري ڪتاب عنوان يا مواد کي پسند ڪرڻ بدران ڪنهن سٺي ڪوَر وارو ڪتاب کڻندو هوس ۽ جيستائين ٻار اسڪول مان ايندا هئا، تيستائين آئون سڄو وقت ڪتاب پڙهندو رهندو هوس.
    ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن راند ڪُڏندي ادي صابرا سان وڙهندا هئاسين ته هوءَ اسان کي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ نه ڏيندي هئي. پوءِ آئون، رياض ۽ سيف الدين لڪي لڪي، ڪمري ۾ گهڙي ڪتاب چوري ڪري پڙهندا هئاسين.
    مونکي ڪتاب پڙهڻ جي چُوس اُتان پيئي. سندس انهن ڪتابن سان گڏ ڪيترائي اردوءَ ۾ ٻارن جا رسالا ”جگنو“، ”نونهال“، ”تعليم و تربيت“ ”چاند“ به پيل هوندا هئا، جيڪي هوءَ هر مهيني باقاعدگيءَ سان خريد ڪندي هئي. ممڪن آهي ته ڪو سنڌيءَ ۾ ٻارن جو رسالو يا ڪتاب به هجي، پر منهنجي يادگيريءَ ۾ نقش ٿيل ڪونهي. ڳوٺ ايندو هوس ته کانئس ڪجهه ڪتاب اُڌارا وٺي ايندو هوس. ائين منهنجي ڪتابن سان سنگت پڪي ٿيندي ويئي.... ۽ مونکي ڪتابن پڙهڻ جي ايتري ته چوس هوندي هئي، جو اُتي رات جو سمهڻ مهل جيجي زوري بلب بند ڪري، مونکي سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي.... نه ته جيستائين بلب ٻريل هوندو هو، ڪتاب منهنجي اکين جي اڳيان ٽنگيل هوندو هو.
    ڪتابن پڙهڻ جي اُن چوس سبب منهنجي سڄي خرچي جيڪا ايتري گهڻي نه هوندي هئي، ڪتابن جي بِلي ٿي ويندي هئي ۽ ڪتابن وٺڻ جي لاءِ حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي يا وري لطيف آباد ۾ ستين نمبر ويندو هوس، جتي ”فاران بوڪ ڊيپو“ هوندو هو، چاچا وارن جو گهر پنجين نمبر ۾ هوندو ۽ جڏهن به ڪو ڪتاب خريد ڪري موٽندو هوس ته اهو گهر کڻي نه ويندو هوس، پر گهر جي پاسي ۾ بيٺل ديوين جي وڻن وٽ ڪنهن وڏي پٿر جي هيٺان يا ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ لڪائي، پوءِ گهر ۾ گهڙندو هوس. گهر ۾ کڻي وڃڻ سان ڌڙڪن ملڻ جو اُمڪان هوندو هو.
    دڙي ۾ وري خرچي ميڙي سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽينڊ تي هڪ مهاجر جو ”سخاوت بوڪ اسٽال“ هوندو هو. دوڪان تي ويٺل چاچو ڏاڍو سٺو ماڻهو هو. سندس نوجوان پُٽ به هوندا هئا، چاچو سخاوت ۽ سندس ڪٽنب اخباري هاڪر هوندا هئا. 1988ع جي لساني فسادن کانپوءِ، هو سڀ ڪراچي لڏي هليا ويا، يا وري ٺٽي ويندو هوس ته مرحوم عبدالله قريشي جو ”شمس بوڪ اسٽال“ وڃي ڦلهوريندو هوس.
    هڪ ڀيري، رات جو چاچا شمس الدين سان گڏجي، سڀئي سندس سرڪاري جيپ ۾ چڙهي لطيف آباد پوڻين ستين نمبر وياسين. اُتي چاچا پنهنجن ٻارن کي ڪورس جا ڪتاب وٺي ڏنا. اتان ادي صابرا ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب به ورتا. اُتي مون ۽ رياض گڏجي، پئسا اڌو اڌ ڪري هڪ ڪتاب ورتو، جنهن جو نالو هو ’نيمو ڪيمو‘. اُن ڪتاب ۾ ٻن ڪوئن نيمو ۽ ڪيموءَ جي ڪهاڻي هئي، جن مان هڪ ڪئو ’نيمو‘ لالچ ۾ اچي ’ڪئا مار‘ ۾ ڦاسي ٿو پوي ۽ ٻلي ان ڪئار مار جي مٿان لامارا پئي ڏيندي آهي، جيئن گهر جو مالڪ اچي ’ڪئا مار‘ ۾ ڦاٿل شڪار سندس حوالي ڪري ۽ ٻيو ڪئو ’ڪيمو‘، کيس ڇڏائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ٽلون ڪري ٿو ۽ پوءِ نيٺ اٽڪل سان کيس ڪئا مار مان ٻاهر ڪڍي ٿو.
    ڪڏهن ڪڏهن اسين امان کي آکاڻي ٻُڌائڻ لاءِ چوندا هئاسين، پر هوءَ ٿڪل هوندي هئي يا سندس دل نه چوندي هئي ته اسان کي هيٺيون گيت ٻُڌائي. پوءِ سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي.
    آکاڻي، گهگهر داڻي
    گهگهر ٺلهو،
    مڇي پلو
    مڇي ڏنم ڪانوَ کي
    ڪانوَ ڏنو کنڀ،
    کنڀ ڏنم مرزا کي،
    مرزا ڏنو گهوڙو
    چڙهي گهم
    چڙهي گهم.
    اهو ٻُڌائي امان ٿڌو شوڪارو ڀريندي هئي ۽ اسين امان جو موڊ نه ڏسي ماٺڙي ڪري سُمهي پوندا هئاسين.

    لطيف آباد واري پنهنجي بنگلي ٺهرائڻ کان اڳ، چاچا شمس الدين ٻي نمبر ۾ هڪ مسواڙي گهر ۾ رهندو هو. اهو گهر، سندس نئين گهر کان فرلانگ ڏيڍ پري پٺاڻن جي پاڙي ۾ هوندو هو. جتي پٺاڻن جي ڪپڙي جي بازار هوندي هئي. اها بازار تنبن يا عارضي ڇپرن ۾ قائم هئي، جتي هر قسم جو ڪپڙو ملندو هو. ان گهر جي دري کولبي هئي ته سامهون پٺاڻن جا ڪپڙي جا دوڪان نظر ايندا هئا، جتي سڄو ڏينهن ماڻهن، خاص ڪري ماين جي رش لڳي پيئي هوندي هئي. گهر جي اڳيان ٽرڪن ٺاهڻ وارن مسترين جا دوڪان هئا، جتي سڄو ڏينهن هٿوڙن ۽ مترڪن جي ٺڪ ٺڪ لڳي پئي هوندي هئي. ان گهر ۾ بابا هڪ ڀيرو مون کان گم ٿي ويو هو.
    اهو شايد 70-71ع جو زمانو هو. دڙي مان چاچا احمد جي ٽرڪ تي چڙهي، آئون بابا سان گڏ حيدرآباد ويو هئس. رات چاچا جي گهر ٽڪياسين، صبح جو پنهنجن ماساتن رياض ۽ سيف الدين سان راند کيڏڻ لڳيس. گهر کان ٿورو پريان ديوين جا وڻ هئا. لطيف آباد اڃا هاڻ وسي، وڌي ۽ ويجهي رهيو هو. انهن ديوين جي ڀر ۾ ٻـَڙن جون جڳهيون ٺهيل هيون، ٻڙن جا مرد سڄو ڏينهن هِتي هُتي مزدوري ڪندا هئا ۽ سندن مايون اوڙي پاڙي جي گهرن ۾ ٿانوَ ٻهاري ڪنديون هيون.
    بابا صبح جو ڪنهن ڪم سانگي نڪري ويو. آئون شام تائين ڪُڏندو رهيس. جڏهن شام لڙي ته بابا جي ياد اچڻ لڳي ۽ بابا جا پُڇا شروع ڪيم. سڀني اهوئي چيو ته ”بابهين شهر ويو آهي. اچڻ وارو هوندو.“ پر الائجي ڇو آئون مطمئن نه ٿيس. منهنجي ذهن ۾ ڊپ ويهي رهيو هو ته، ”بابا شهر ۾ وڃائجي نه وڃي.“ هڪ ڀيري ڀائو سومار جي دوڪان تي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪنهن همراهه چيو ته ”وڏي شهرن ۾ جيڪو گوشت وڪرو ٿيندو آهي، اهو ڍورن جو نه پر ماڻهن جو هوندو آهي. هوٽلن وارا وجهه وٺي، اوپرن ۽ نَون ماڻهن کي جلهي، ڪُهي، گوشت ڪري هلائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت جي ٻوڙ مان ماڻهن جون آڱريون به نڪري اينديون آهن.“ اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ ويٺل هئي ۽ بابا سان هڪ ٻه ڀيرو جڏهن حيدرآباد يا ڪراچي گڏجي ويو هوس ته ماني کائڻ مهل هوٽل ۾ ويٺو ڏڪندو هوس، ته متان ڪو هوٽل وارو اسان کي اجنبي ڏسي، ڪُهي، گوشت ۾ هلائي نه ڇڏي. ائين هوٽل ۾ گوشت جي ٻوڙ ته اصل نه کائيندو هوس.
    هاڻ رات ٿي ويئي هئي. بابا، جيڪو اڃا تائين نه آيو هو ته مونکي ڊپ ورائي ويو ته ڪٿي بابا کي ڪنهن هوٽل واري اوپرو سمجهي، ڪُهي، گوشت ڪري هلائي ته نه ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آئون ڳوٺ ڪيئن واپس ويندس. مونکي شئي ڪير وٺي ڏيندو. بابا جي ڍڳا گاڏيءَ جو ”بَگو“ ڍڳو ته روئي روئي مري ويندو. ادي گلان ۽ ادي مريم ته روئي روئي مانديون ٿي پونديون. بابا نه هوندو ته پوءِ ٻوڙ ڪير وٺي ايندو؟ آئون ته اڃا ننڍڙو آهيان، گهر جي سارسنڀال ڪير ڪندو؟ اهي ۽ اهڙا ڪئين خيال مونکي ورائي ويا، ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان پُڇڻ لڳيس ته ”اوهان ڪو بابا ڏٺو!“ ڪنهن مونکي چيو، ”بابهين مسيت ۾ نماز پيو پڙهي.“ منهنجي اڻ تڻ ڏسي ڪو مونکي چيڙائڻ لڳو ته ڪو دلداري ڏيڻ لڳو، آئون اچي روئڻ ۾ پيس.
    هوريان هوريان منهنجو روئڻ وڌندو ويو. نيٺ نانيءَ جيڪا به انهن ڏينهن اُتي ٽڪيل هئي. مونکي پرچائي، ماترائي، مانيءَ جا ٻه ٽي گراهه کارائي، سمهاري ڇڏيو. منهنجو خيال هو ته منهنجو بابا گُم ٿي ويو آهي.
    صبح جو جاڳ ٿيم ته بابا آئون بابا جي کٽ تي ستو پيو هوس ۽ بابا سامهون فجر جي نماز پڙهي رهيو هو. اهو ڏسي منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ ٽُپ ڏيئي ”بابا.... بابا“ ڪري وڃي کيس چهٽيس ۽ اچي روئڻ ۾ پيس. ۽ پوءِ کيس ايڏو ته تپايم جو هو شام جو پنهنجا سڀ ڪم ڪار ڇڏي، مونکي وٺي اچي دڙي کان نڪتو. مون پنهنجي پَر ۾ بابا جي وري وڃائجي وڃڻ جي ڊپ کان کيس جلد ڳوٺ پهچائڻ ٿي چاهيو.

    اُتي ويٺل ٻڙن جا ڪيترائي ٻار هوندا هئا، جن سان اسين سڄا سڄا ڏينهن پيا رانديون ڪندا هئاسين. هاڻ انهن ٻارن جا مونکي نالا وسري ويا آهن. انهن ٻڙين ۾ هڪ مائي بيبل به هئي. سندس گهر وارو ڪبوترن جو وڏو شوقين هو ۽ هوءَ چاچا جي گهر جو ڪم ڪار، ٿانوَ ٻهارو ڪندي هئي. جيجي، ناني، امان ۽ پڦي خطو ته سڄو سڄو ڏينهن پيون ساڻس رهاڻ ڪنديون هيون. هوءَ ڄڻ گهر جي ڀاتياڻي ٿي ويئي هئي. صبح جو سوير ايندي هئي، سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري، رات جو لوڪ سُتي، گهر جو بچيل سَچيل کاڌو ميڙي کڻي ويندي هئي.
    اهي ٻڙا جن کي خانه بدوش يا لاڏائو به چئبو آهي. سي هر پنجين ڇهين مهيني يا گهٽ وڌ عرصي ۾ پنهنجي عادت کان مجبور ٿي، پنهنجا ڀونگا ڊاهي، ڪنهن پاسي نڪري ويندا آهن. سندن ڪوبه مستقل ٺڪاڻو نه هوندو آهي، پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن، گڏهن تي سامان لڏي، ڪتا ۽ ڪڪڙيون پاڻ سان کڻي رنين آهيرين، جت دل چوندن ٽِڪي پوندا آهن.
    بيبل جي پنهنجي گهر واري سان نه لڳندي هئي ۽ کيس ڏاڍي مارڪُٽ ڪندو هو. هو جڏهن به کيس ماريندو هو ته هوءَ ڀڄندي گهر ايندي هئي ۽ رويو ويٺي مڙسهنس جي دانهن ڏيندي هئي. بيبل ٻُڌائيندي هئي ته هوءَ ٻڙن جي ٻي ڪڙم مان آهي ۽ سندس سهري کيس خريد ڪري، اچي پنهنجي پُٽ سان پرڻايو، ٻڙن ۾ ڇوڪرين جي وڪري جو رواج عام آهي.
    خبر ناهي ته ڪهڙي ڳالهه هئي، جو آئون بيبل کي پنهنجي سڳي ماسي سمجهندو هوس. آئون، سيف الدين ۽ رياض راند ڪندي ڪڏهن بيبل جي جُڳهي ۾ به هليا ويندا هئاسين. ڪڏهن وري گهر جي اڳيان ٺهندڙ ٽرڪن مان ڪنهن ٽرڪ جي باڊي ۾ چڙهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيا کيڏندا هئاسين.
    پوءِ جڏهن چاچا جو ڪٽنب اها مسواڙي جاءِ ڇڏي، فرلانگ سوا پرڀرو پنهنجي بنگلي ”سيف ولا“ ۾ منتقل ٿيو ته بيبل اُتي به ڪم ڪار واسطي ايندي هئي.
    اسين ٻار چاچا شمس الدين کان ڏاڍو ڊڄندا هئاسين. پاڻ اڄ جهڙو طبيعت جو نرم، مکڻ جهڙو ۽ شيرين زبان آهي، ان جي اُبتڙ ان وقت هو طبيعت جو بيحد سخت ۽ تيز هوندو هو. مجال آهي جو اسان مان ڪو سندس سامهون اچي منٽ اڌ به ويهي سگهي. گهر ۾ اها ڳالهه مشهور هوندي هئي ته، ”چاچا شمس جنهن کي ڌڙڪو ڏنو، تنهن جو مُٽ وهيو وڃي.“ اهڙو لقاءُ هڪ ڀيري مون به ڏٺو. پڦي خطوءَ جو پُٽ اڪرم ڪنهن ڳالهه تان ضد ڪري روئي رهيو هو ۽ اسين سڀ سندس چوڌاري مڙيو بيٺا هئاسين، جو اوچتو جيپ جو آواز ٻڌوسين، اسين ته آهستي آهستي کسڪي وياسين، پر اڪرم جيڪو روئڻ ۾ پورو هو، تنهن کي خبر ئي نه پئي، جي کيس چاچا جي اچڻ جي خبر پوي ها ته، هو سڀ روئڻ ڌوئڻ ڇڏي اُتان کسڪي وڃي ها، چاچا جو رعب ئي اهڙو هو. پر سندس ڀاڳ ۾ چاچا جو دڙڪو سهڻو ۽ مُٽ وهائڻو هو. چاچا گهر ۾ گهڙيو ته اڪرم کي روئندو ڏسي پڇيائين، ”ڇا آهي، ڇو پيو روئي؟“ پڦيءَ ڪو سبب ٻُڌايس. اهو ٻُڌي چاچا اڪرم ڏانهن منهن ڪري چيو، ”چُپ ڪر.... اُٿ مٿي، هڻئين نه چماٽ!“ دڙڪي سان اڪرم جو روئڻ ته بند ٿي ويو، پر گڏوگڏ فرش به پُسي ويو.
    اُتي ئي، هڪ ڏينهن هڪ ٻڙي چاچا جي گهر آئي ۽ ٻُڌايائين ته بيبل رات کان بيمار آهي، سو اڄ ڪم تي ڪونه ايندي، ان جي بدران آئون آئي آهيان. وڃڻ مهل جيجيءَ کيس ڪجهه پئسا ڏنا ته وڃي بيبل کي ڏي، جيئن دوا درمل وٺي، ائين ٻه ٽي ڏينهن اها ٻڙي ايندي رهي، پوءِ هڪ ڏينهن نه آئي. گهر وارن به ان ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏنو. ٻئي ڏينهن هوءَ وري آئي ۽ ٻُڌايائين ته ڪالهه بيبل گذاري ويئي.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ جيجي ننڍي ۽ جيجي وڏي، پڦي، ناني، امان، ادي سُکي شيدڻ، ماسي نيامت شيدڻ ۽ ٻيون ڪجهه زائفائون ۽ اسين ٻار بيبل جي گهر وياسين، جيجي وارن کي ڏسي ٻڙن ۽ ٻڙين اچي روئڻ شروع ڪيو، اصل ماٺ ئي نه ڪن. گهڻي گهڻي دير کانپوءِ ڪنهن پُڇيو ته اوهان بيبل کي ڪٿي دفنايو....؟ ته ٻڙا ۽ ٻڙيون پهرين ته حيران ٿي ويا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسندا سُس پُس ڪرڻ لڳا. اهو سوال سندن توقع جي ابتڙ هو ۽ پوءِ مختلف هنڌ ڏيکارڻ لڳا. ڪنهن چيو جُڳهي جي اندر ته ڪنهن چيو جُڳهيءَ جي ٻاهر. ڪنهن وري چيو ”او هُتي.“ بهرحال، ڪو خاطر جواب ڏيئي نه سگهيا. ائين سڀ حيران ۽ پريشان گهر موٽي آيون.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اها سُڻس پيئي ته سندس مڙس کيس وڪڻي ڇڏيو، پر اها ڳالهه لڪائڻ خاطر هنن پهرين بيبل جي بيماري ۽ پوءِ هن جي مري وڃڻ جو ڍونگ رچايو.

    چاچا نماز جو ڏاڍو پابند هو. گهر وارن ۽ ٻارن کي به نصيحت ڪندو هو ۽ سختيءَ سان نماز پڙهڻ جي تلقين ڪندو هو. سندس ڊپ کان هرڪو پيو نماز پڙهندو هو، پاڻ گهر هوندو ته نماز جي وقت تي اسان ٻارن کي به پاڻ سان گڏ نماز لاءِ وٺي ويندو هو. سندس بنگلي جي بلڪل سامهون ٻن چئن منٽن جي پنڌ تي مسجد هئي، جنهن جو نالو ’قادري مسجد‘ هو. ان مسجد جي بلڪل پويان واري گهٽيءَ ۾ ميدان جي سامهون ڪجهه ننڍين ميرانجهڙي ڀتين وارو گهر ڊاڪٽر نجم عباسي جو هوندو هو.
    اسين ڇوڪرا، اڪثر گهران نماز جو بهانو ڪري نڪرندا هئاسين. جي چاچا مسجد ۾ هوندو هو ته پوءِ اڌ گيدو وضو ڪري، مڙيئي ٻَري سور سان نماز پڙهندا هئاسين، پر جي چاچا مسجد ۾ نظر نه ايندو هو ته پوءِ سامهون وارو ميدان ٽپي سڌو ٻي نمبر جي بازار ۾! ۽ اُتي ڪلاڪ سوا رُلي پني، دير دير سان گهر موٽندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته اُتان سڌو پبلڪ اسڪول ڏانهن رومڙ ڪندا هئاسين ۽ اتان گُل پٽيندا، وڃي راڻي باغ کان نڪرندا هئاسين، جتي باندر ۽ ڀولڙا ڏسي، انهن جو آهلون ڪڍي کين تپائي، لوڏن تي لڏي پوءِ پيا موٽندا هئاسين.
    صبح جو جڏهن فجر جي نماز لاءِ چاچا اُٿاريندو هو ته صفا ٽيهڙ تپ چڙهي ويندو هو. پر چاچا نه ڇڏيندو هو ۽ اُٿاري نماز تي اچڻ جو چئي پاڻ نماز پڙهڻ مسجد هليو ويندو هو. اسين اُٿي ٻاهر در وٽ بلبن جي مٿان ويٺل چچيون پنهنجن چپلن سان ماري هڪٻئي کي هڻندا هئاسين.
    اُتي شام جو سيف الدين کي ٽيوشن پڙهائڻ جي لاءِ هڪ استاد ايندو هو، نالو هئس فيصل نديم. هو چوندو هو ته اداڪار نديم سندس دوست آهي. وٽس نديم جون ڪيتريون ئي تصويرون هونديون هيون، اسين به فلمن جا ڏاڍا شوقين هوندا هئاسين، تنهنڪري کانئس فلمن ۽ نديم جي ڳالهيون ڏاڍي شوق ۽ پوري ڌيان سان ٻُڌندا هئاسين. ان وقت آئون شايد ٽيون ڪلاس پڙهندو هوس. جڏهن هو سيف الدين ۽ رياض احمد کي ٽيوشن پڙهائيندو هو ته آئون به سُري وڃي ويهندو هوس. هو مونکي به پڙهائيندو هو ۽ اڪثر انگ اُبتا لکي ڏيکارڻ جي لاءِ چوندو هو. هڪ ڀيري پڇيائين، ”پهاڙا ياد اٿئي؟“ مونکي خبر نه هئي ته پهاڙا ڪهڙي بلا جو نالو آهي، پر سيف ۽ رياض جي اڳيان پاڻ کي گهٽ ۽ اڻڄاڻ به ثابت نٿي ڪرڻ چاهيم، سوچيم، ”هائو! مونکي پهاڙا ياد آهن.“ ”ڪيستائين ياد اٿئي؟“ هن پڇيو.
    ”سئو تائين...!“ وراڻيم.
    ”پوءِ ڀلا تون هيئن ڪر جو ٻئي جو پهاڙو ٻُڌائي. جواب ۾ مون چوڻ شروع ڪيو. ”ايڪ.... ايڪ.... ڪو.... ٻائي ڪو....ٽي اي ڪو....“
    ”نه بابا! مون توکي انگ ٻُڌائڻ لاءِ ٿورو ئي ڪو چيو هو. مون ته توکي پهاڙا ٻُڌائڻ لاءِ چيو هو.“
    ”سائين! اسان کي ته اسڪول ۾ اهي ئي ’پهاڙا‘ ڪري پڙهايو ويندو آهي.“ مون ڌُڪو هڻندي چيو.
    ”اڇا....“ هو حيران ٿي ويو.
    مونکي پوءِ خبر پيئي ته کوڙن کي اردوءَ ۾ ’پهاڙا‘ چئبو آهي.

    ننڍي هوندي مونکي فلمن جو به گهڻو شوق هوندو هو. وقت سان گڏ ٻيا به ڪافي شوق پيدا ٿيا. جن ۾ ڪبوتر سانڍڻ، بدڪون ۽ ڪڪڙيون پالڻ، ٻليون ڌارڻ، وغيره.... ڪتاب خريدڻ ۽ پڙهڻ جو به جنون جي حد تائين شوق رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ته ويچاري امان جا پئسا چورائي، اَٺ يا ڏهه روپيا، سڌو وڃي سجاول کان نڪرندو هوس ۽ ’سخاوت بوڪ ڊيپو‘ تان ڪتاب خريدي، واپس موٽي ايندو هوس ۽ امان ويچاري سمجهندي هئي ته اهي پئسا ’جن‘ کڻي ٿا وڃن، کيس خبر ئي ڪانه هئي ته گهر ۾ مون جهڙو ’جن‘ به موجود آهي.
    پنهنجي ان شوق دوران حيدرآباد جي سئنيمائن ۾ اَٺ يا ڏهه کن فلمون مس ڏٺم. باقي حيدرآباد جي سڀني سئنيمائن، ڪنهن ۾ ڪهڙي فلم لڳل آهي ۽ فلمي اداڪارن ۽ اداڪارائن جا نالا ياد هوندا هئم. امان جو مهيني ٻي حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو يا وري هفتي پندرهين ڏينهن چاچا شمس الدين ۽ جيجي دڙي ايندا هئا ته انهن سان گڏ سيف الدين ۽ رياض احمد به ايندا هئا ۽ هو مونکي ٻُڌائيندا هئا ته فردوس سئنيما ۾ ڪهڙي فلم لڳل آهي، وينس ۽ نيوميجسٽڪ ۾ ڪهڙيون فلمون لڳل آهن ۽ وڌيڪ مون تي اهو رعب به ويهاريندا هئا ته هنن فلاڻيون فلاڻيون فلمون ڏٺيون آهن. پوءِ آئون کانئن اها تقاضا ڪندو هوس ته مونکي انهن فلمن جون اسٽوريون ٻُڌايو.
    دڙي ۾ وري آئون مختلف دوڪانن تان پراڻيون اخبارون هٿ ڪري انهن مان فلمن جا اشتهار ڪٽي، گهر جي پويان ڀتين تي، ڪوڙ ٻچاڻيءَ جون سئنيمائون ٺاهي انهن ۾ هڻندو هوس ۽ باقاعدگيءَ سان حيدرآباد جي جنهن سئينما ۾ جيڪا فلم لڳل هوندي هئي، منهنجي ڀت واري سئنيما ۾ به اها فلم هڻندو هوس ۽ هر جمعي واري رات هڪ فلم لاهي، ٻي هڻندو هوس، جو منهنجي معلومات موجب فلمون جمعي واري رات لهنديون ۽ رليز ٿينديون هيون.
    امان سان گڏ جڏهن به حيدرآباد ايندو هوس ته بس جي درين مان يا رڪشا مان فلمن جا پوسٽر پيو جانچيندو هوس. ان وقت حيدرآباد ۾ ڊبل بسون به هلنديون هيون. اسين دڙي مان ايس. آر. ٽي. سي جي بس ۾ چڙهندا هئاسين، جيڪا حيدرآباد ۾ خواجه غريب نواز پل وٽ وڃي لاهيندي هئي. جتان پوءِ ڊبل بس ۾ يا رڪشا ۾ چڙهي لطيف آباد ويندا هئاسين. مونکي ڊبل بس ۾ ڏاڍو ڊپ ٿيندو هو ته متان اُٿلي نه پوي.
    ڳوٺ هوندو هوس ته سڄو سڄو هفتو خرچي ميڙي، جمعي جي ڏينهن ’جنگ‘ اخبار وٺندو هوس، جيڪا دڙي ۾ سائين عبدالرحيم ڪاٺوڙو وڪڻندو هو، جمع جي ڏينهن واري جنگ اخبار ۾ تمام گهڻا فلمي اشتهار ايندا هئا، جيڪي آئون وڏي شوق سان ڏسندو هوس ۽ اهي ڪَٽي پنهنجي گهر جي ڀت تي ٺاهيل سئنيمائن ۾ ڪَنڊن سان هڻندو هوس. ان وقت جمع واري اخبار جي قيمت اَٺ آنا هوندي هئي.
    اهي ڏينهن منهنجي شديد احساس ڪمتريءَ جا هوندا هئا. فلمن جو حد کان وڌيڪ شوق هوندي به مون وٽ فلمون ڏسڻ جو ڪو ذريعو نه هوندو هو. امان يا اديءَ جن سان حيدرآباد ويندو هوس ته اُتي ڪنهن کي فلم ڏسڻ جي لاءِ چئي نه سگهندو هوس ۽ جيترا ڏينهن به اُتي هوندو هوس ته پاڻ کي تصور ئي تصور ۾ سئنيما هال ۾ ويٺل ڏسندو هوس. اتفاق سان جيڪڏهن فلم ڏسڻ جو موقعو ملي ويندو هو ته عيد ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري نشاط سئنيما ۾ سنڌي فلم ”جيجل ماءُ“ لڳي هئي، جنهن ۾ چڪوري ۽ مشتاق چنگيزي هيرو ۽ هيروئن طور ڪاسٽ ٿيل هئا. اها فلم گهر وارن سان گڏ ڏسڻ ويو هوس، ٻيو ڀيرو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ فلم وينس سئنيما ۾ لڳي هئي. اها به گهر وارن سان گڏ وڃي ڏٺم، تنهن کان سواءِ ’نيو مئجسٽڪ‘ سئنيما ۾ اردو فلم ’پھول میرے گلشن کا‘ ڏسڻ به ياد اٿم. فلم ڏسڻ دوران جڏهن به ڪو ڏک جو سين ايندو هو ته مونکي ۽ رياض کي لڙڪ ڳڙهڻ شروع ٿي ويندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻيئي سڏڪڻ به شروع ڪندا هئاسين.
    فلمن نه ڏسڻ جي تشنگي هيئن پوري ڪندو هوس ته انهن فلمن جا ريڊيو پروگرام ٻُڌي يا فلمن جي اسٽورين جا ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا پڙهندو هوس، جيڪي في ڪتاب اَٺ آني ملندا هئا. هاڻ ته پاڪستاني فلمي صنعت ئي تباهه ٿي ويئي آهي. نه ئي وري اهڙا فلمي اسٽورين جا ڪتاب ٿا ڇپجن.
    هڪ ڀيري حيدرآباد ويس ته رياض احمد ۽ سيف الدين کي چيم ته يارو ڪا فلم ٻلم ڏيکاريو، گهر وارن کي به ڏاڍو ستايم ته ڪا فلم ڏيکاريو، پر ڪنهن به نه ٻُڌي. اها حالت ڏسي خيال ڪيم ته ’پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻ گهرجي.‘ پوءِ پنهنجي مڙسي هيئن ڪيم، جو منجهند جي ماني کائي ٻين بجي ڌاري نڪري پيس لطيف آباد نمبر ستين ڏانهن. منهنجي منزل اُتي جي ’چراغ محل‘ سئنيما هئي، جنهن ۾ ”پرنس“ فلم لڳل هئي. ان وقت لطيف آباد ۾ ستين نمبر ۾ چراغ محل، شاهين ۽ سنگيت سئنيمائون گڏ گڏ هونديون هيون. هاڻ اهي ختم ٿي ويون آهن، انهن جي جاءِ تي پلازا اڏجي ويا آهن.
    آئون ٽڪيٽ وٺي وڃي فلم ڏسڻ ويٺس ۽ ڏاڍي مزي سان ٽين وارو شو ڏسي، فلم جا ڊائلاگ هڻندو، خرامان خرامان هلندو گهر پهتس ته ڏٺم سامهون گهر جي گئلريءَ ۾ ماين ۽ ٻارن جي رش لڳي پيئي هئي. مونکي ايندو ڏسي سڀني اشارا ڪرڻ شروع ڪيا. گهر اندر پهتس ته امان ڊوڙي اچي ”ابا“ چئي ڳراٽڙي پاتي. ”ڪيڏانهن ويو هئين ابا! اسان ته توکي ڳولهي ڳولي ٿڪجي پيا هئاسين.“ امان چيو.
    ”آئون ته فلم ڏسڻ ويو هوس.“ مون بي پرواهيءَ مان وراڻيو.
    پوءِ خبر پيم ته گهر وارا مونکي وڃائي ويٺا هئا ۽ منهنجي گمشدگيءَ جو اعلان مسجد مان به ڏنو ويو هو. سڄو گهر منهنجي ڪري پريشان هو ۽ هيڏانهن آئون مزي سان فلم ڏسي رهيو هوس.

    هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران، جيڪي به ٻاراڻا ڪتاب ملندا هئا، اُهي پڙهندو هوس ۽ پوءِ گل ڦل جو ساليانو خريدار ٿيس. ڪجهه وقت کانپوءِ گل ڦل جون ڏهه کن ڪاپيون گهرائي وڪڻندو هوس، ائين مونکي پنهنجي ڪاپي مفت ۾ پوندي هئي ۽ ڪجهه پئسا به بچندا هئا. جڏهن مون اڪيلي وٽ ”گل ڦل“ ايندو هو ته پاڻ به پڙهندو هوس ۽ ڪيترن هم ڪلاسين کي به پڙهائيندو هوس. انهن ۾ سجاد ميمڻ، عبدالخالق ميمڻ، محمود عالم سومرو، نذير ميمڻ، نياز عباسي، ذوالفقار لاکائي، موٽو مل، نور احمد سومرو، الهڏنو ميمڻ، قادر بخش ميمڻ شامل هوندا هئا. اُن سان گڏ اسين سڀ ڇوڪرا ڪوشش ڪندا هئاسين ته اسين گل ڦل جي انعامي اسڪيم ۾ حصو وٺون. سو اسين ڪوپن ڀري موڪليندا هئاسين، پر نالا نه ايندا هئا، ان جو سبب اهو هو ته اسان جا جواب غلط هوندا هئا. پوءِ جڏهن سائين عبدالرحيم ڌماچ بدلي ٿي دڙي آيو ته هن اسان جي ڏاڍي همت افزائي ڪئي، هو حساب ڀڃي، ڪوپن ڀري، اسان جا نالا انهن ۾ لکي موڪليندو هو ۽ اسان جا نالا گل ڦل ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجڻ لڳا.

    منهنجي سڀني گهر ڀاتين ۾ آئون پهريون فرد هوس، جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي. اڳ ۾ منهنجون ٽي ڀينرون عزيزان، مريم ۽ غلام فاطمھ ٻه ٽي درجا سنڌي جا ۽ قرآن شريف پڙهي گهر ۾ ويهي رهيون هيون. اهڙي ماحول ۾ رهڻ جت ڪتابن يا علم و ادب جو پري جو به ڪو واسطو نه هجي. اُتي ادب سان دلچسپي، سا به جنون جي حد تائين، سچ ته ٻيو ڪو حيران نه به ٿئي، پر آئون ضرور حيران ٿيندو آهيان. مائٽن جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پُٽ هئس، هنن مونکي پڙهائڻ ٿي چاهيو، منهنجي نانيءَ جو مون سان حد کان وڌيڪ پيار هو. هن جا مونکي پيار مان ڀاڪر وجهي، پرچائي ماترائي، اسڪول نيئڻ جا جتن ياد ڪري، منهنجو ڪنڌ تعظيم ۾ جُهڪي ٿو وڃي. پر آئون نٺر، اسڪول وڃڻ جو نالو ئي نه ڳنهندو هوس. منهنجي مائٽن جو اهو شوق ڏسي ۽ وري منهنجا اهي حال ڏسي، منهنجو هڪ مائٽ محمد عرس ميمڻ، جيڪو پوءِ هاءِ اسڪول ۾ منهنجو اُستاد به رهيو، تنهن بابا کي چيو ته ”ڇوڪرو پڙهندو هُئين ڪونه.... هروڀرو پيا وقت وڃايوس.... کيس ڪنهن درزيءَ وٽ ويهاريو ته درزڪو ڪم سکي.“
    پر نانيءَ جي ڪوشش، امان جي اسڪول وڃڻ لاءِ مون تي وٺ پڪڙ ۽ سُٺن استادن جي ملڻ سبب ڌڪجي سِڪجي مڙيئي پڙهي پيس ۽ اڄ ويٺو انهن سڀني کي هٿ کڻي دعائون ڪريان. اسڪول جي معاملي ۾ امان صفا رعايت نه ڪندي هئي، جيتوڻيڪ پاڻ پڙهيل نه هوندي، پر سندس اها خواهش هوندي هئي ته سندس پُٽ پڙهي.
    ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن آئون نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ هوس ته هاءِ اسڪول سجاول ۾ ’نئين هجري سال‘ جي آمد جي موقعي تي ضلع ٺٽي جي هاءِ اسڪولن جي ليول تي تقريري، قرئت ۽ معلوماتي چٽاڀيٽي جو مقابلو ٿيو. هاءِ اسڪول دڙي پاران به ٽيم موڪلڻي هئي، تنهنڪري ڪجهه استادن جن ۾ سائين عرس ميمڻ به هو، مختلف ڪلاسن جي ڇوڪرن جي وچ ۾ معلوماتي چٽاڀيٽي ذريعي، هاءِ اسڪول سجاول موڪلڻ لاءِ ٽيم چونڊي ۽ انهيءَ چٽاڀيٽي ۾ سڄي دڙي جي هاءِ اسڪول جي ڇوڪرن ۾ مون پهريون نمبر کنيو ۽ مون سان گڏ هيٺين ڪلاس جو هڪ ٻيو ڇوڪرو صديق اڪبر ميمڻ به شامل ڪيائون. هاءِ اسڪول سجاول ۾ ٿيل ان معلوماتي چٽاڀيٽي جي مقابلي ۾ اسان جي ٽيم يعني مون سڄي ضلع ۾ ٻيو نمبر کنيو ۽ انعام طور مون کي سرٽيفڪيٽ سان گڏ ويهه روپيا به مليا. پهريون نمبر سجاول هاءِ اسڪول جي ڏهين ڪلاس جي ڇوڪري حافظ عبيدالله کنيو. حافظ عبيدالله ڏاڍو هوشيار هو ۽ جواب ائين ٿي ڏنائين ڄڻ اهي سڀ سندس سامهون لکجي پي آيا. پروگرام کي محترم عزيز جعفراڻي پي هلايو ۽ اسان کي اهو سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ٽائون ڪميٽي سجاول جي چيئرمين مولوي عبدالله ميمڻ جي هٿان ڏياريو ويو.
    ڳالهه پي ڪيم سائين عرس جي! سو اُن ساڳئي سائين عرس، دڙي هاءِ اسڪول مان، ٽيم چونڊي سجاول موڪلڻ لاءِ ڪرايل چٽاڀيٽيءَ ۾ مونکي نمبر کڻندي ڏسي، پوءِ منهنجي هڪ مائٽ کي چيو، ”آئون دل ئي دل ۾ کلي رهيو هوس ته هي به ٿو مقابلو ڪري....پر هي اهڙا ته فر فر جواب ڏيڻ لڳو. جو آئون حيران ٿي ويس....“
    ۽ اهو سڀ ڪتابن سان دوستي ۽ انهن کي پڙهڻ جي ڪري ٿيو.

    جيئن مٿي چيو اٿم ته مونکي پڙهڻ يا نصابي ڪتابن سان ڪا گهڻي دلچسپي نه هوندي هئي، جيتري ڪهاڻين ۽ ٻين غير نصابي ڪتابن پڙهڻ سان هوندي هئي، منهنجو شمار ان وقت ڪلاس جي ڏڏ ڇوڪرن ۾ ٿيندو هو ۽ سدائين ڏڏ ڇوڪرن سان پوين بئنچن تي ويهندو هوس. اُنهن ڏينهن هڪ ڏينهن اسان جي ڪلاس ۾ سائين الهڏنو ٻانهيپوٽو ڪلاس ۾ آيو، سندس پيرڊ هو، پر ان ڏينهن پڙهائڻ جو موڊ نه هئس، تنهنڪري ڪلاس کي ٻن حصن ۾ ورهائي، عام معلومات جا سوال پُڇڻ لڳو، ”ڇورا مري وياسين!“ پاسي ۾ ويٺل ڇوڪري ٺونٺ هڻندي مونکي چيو. ڇاڪاڻ ته سائينءَ چيو هو ته، جنهن به گروپ جو ڇوڪرو جواب نه ڏيندو، اُن کي جيڪڏهن ٻي گروپ جي ڇوڪري ساڳئي سوال جواب ڏنو ته، چماٽ هڻندو. پوءِ سائين الهڏني سوال شروع ڪيا. ”روس جي گاڌيءَ جو هنڌ ڪهڙو آهي؟“ ٻنهي گروپن مان ڪنهن به ڇوڪري آڱر مٿي نه کنئي. ڪلاس جا هوشيار ڇوڪرا، جن جو سڄو زور رٽڻ تي هوندو هو، سي مينهن ۾ ڀنل ڪڪڙن وانگر هڪٻئي ۾ لڪڻ لڳا. ”جنهن کي جواب اچي.... سو هٿ مٿي کڻي.“ سائين الهڏني چيو. اهو ٻُڌي مون ڊڄندي ڊڄندي هٿ مٿي کنيو. ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ”اڙي! هي سبق به مس ٿو پڪو ڪري.... سو ٿو ٻُڌائي.“ ڪنهن جو آواز ڪن تي پيم-
    سائين الهڏني ٻي گروپ جي چئن پنجن ڇوڪرن کان پُڇيو. پر هنن نه ٻُڌايو- ”ها! يوسف.... تون ٻُڌاءِ!“ سائينءَ مونکي چيو. ”ماسڪو“. مون اُٿي بيهي وراڻيو. ”شاباس.... هڻ چماٽ!“ اهو ٻُڌي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. بيٺل اهي ڇوڪرا هئا، جيڪي ڪلاس جا سڀني کان وڌيڪ هوشيار ڇوڪرا هئا ۽ اسپيلون ڪچيون ٿيڻ تي مون کي ڏاڍيون زور سان چماٽون هڻندا هئا، پر پاڻ ۾ جُٽ هوندا هئا ۽ جيڪڏهن هنن مان ڪنهن کان غلطي ٿيندي هئي ته هڪٻئي کي مڙيئي آڏيون اُبتيون چماٽون هڻي، فارملٽي پوري ڪندا هئا. منهنجي ته ڄڻ الله ٻُڌي! سو مون به ڀري اهڙيون ته چماٽون هنيو مان، جو ڪنن مان سيسراٽ نڪري وين. پوءِ، سوال ۽ جواب ٿيندا رهيا ۽ ان ڏينهن چماٽون هڻي هڻي منهنجو هٿ ئي ٿڪي پيو.
    آئون اڳ ۾ ئي نانا علي محمد نيامي جي ريزڪي دوڪان تي وڃي باقاعدگيءَ سان اخبار پڙهندو هوس. اسان ۾ اخبار پڙهڻ جو شوق سائين ڪريم بخش مڱڻهار پيدا ڪيو. وٽس روزاني ’هلال پاڪستان‘ اخبار ايندي هئي. جيڪا هو پاڻ ۽ ٻيا استاد پڙهندا هئا، پوءِ پاڻ شام جو اسان کي ڏيندو هو ته پڙهو ۽ اسين پڙهندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ وري اخبار جي ڪا اهم خبر اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ ان بابت تفصيل به ٻڌائيندو هو. اُن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه ٻين ڇوڪرن کي به جنرل ناليج ۽ غير نصابي ڪتابن جو شوق ٿيو ۽ پوءِ اهو شوق وڌندو ويو. منهنجي ۽ نور احمد سومري جي وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿيندي هئي. اُن کانسواءِ محمود عالم سومري، نظير ميمڻ، نياز عباسي، عبدالخالق ميمڻ، حاجي ڪڇي، سجاد ميمڻ، مشتاق فاضلاڻي ۽ موٽو مل ڪوهستاني پڻ چٽاڀيٽي ۾ حصو وٺندا هئا. اسان سڀني ڌار ڌار سوالن جوابن جا نوٽ بوڪ تيار ڪيا هئا. ان وقت مون جيڪي معلوماتي سوالن جوابن جا نوٽ بوڪ لکي تيار ڪيا هئا، اهي پوءِ ترتيب ڏيئي، ڪجهه واڌارا ڪري موضوع وار لکي، ”جيڪي منجهه جهان“ جي نالي سان 1989ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپايم. اڳتي هلي اُن ۾ وڌيڪ واڌارا ۽ سڌارا ڪيم ۽ 2003ع ۾ اهو ڪتاب وري ”ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪڏهن؟“ جي نالي سان ڇپيو، ان جو ٽيون ڇاپو 2006ع ۾ ڇپيو. ۽ هاڻ اهو ڪتاب ڇپجندو رهي ٿو.

    محمودا واهه اسان جهڙن لاءِ وهنجڻ ۽ ترڻ جي مفت تفريح مهيا ڪندو هو. گرمين جي مند ۾ اڪثر ڪري، محمودا جي ڪپر تي راند کيڏيندي، گرميءَ سبب پگهر مان شم ٿي، قميص لاهي، ويڙهي سيڙهي، ان مٿان سر رکي، ڌو اندر پاڻيءَ ۾! ڪلاڪ ڏيڍ وهنجي ٻاهر نڪري ڪپڙا سُڪائي وري راند ۾ جُنبي وڃبو هو.
    گرمين ۾ اهو اسان جو روز جو معمول هو. اڪثر ڪري آئون، محمود عالم سومرو، الطاف شاهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن محمود عالم جو ننڍو ڀاءُ مشتاق احمد به اسان سان وهنجندو هو. مشتاق اسان کان هڪ ڪلاس هيٺ پڙهندو هو. وقت گذرڻ سان گڏ آئون ۽ مشتاق احمد پاڻ ۾ ايترو ته ويجهو ٿي وياسين، جو محمود عالم وچ مان ئي نڪري ويو. مشتاق سان منهنجي اها دوستي اڄ به برقرار آهي. مشتاق اڳتي هلي انجنيئرنگ پڙهيو ۽ پوءِ نوڪريءَ جي سانگي مئرين انجنيئر ٿي ڄڻ سڄي دنيا گهميو. مشتاق طبيعت ۾ نهايت سادو آهي، منجهس نه وڏائي نه لئه بازي، نه شوبازي، اسان جو اهو وهنجڻ چئين بجي شروع ٿيندو ۽ ساڍي پنجين يا ڇهين بجي تائين هلندو هو.
    وهنجڻ دوران هڪٻئي کي ڊوڙائي ڊوڙائي دسيندا هئاسين، يا واريءَ جا گولا ٺاهي اهي هڪٻئي کي اڇلائي هڻندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن وري هڪٻئي کي اک هڻي، ٽٻي هڻي الطاف شاهه جي گوڏ لاهي وٺندا هئاسين، پوءِ ته همراهه جو رڙيون هونديون هيون ۽ هو پاڻيءَ ۾ ويٺو ڪڏهن اسان کي گاريون ڏيندو هو ته ڪڏهن وري منٿ ميڙ پيو ڪندو هو. نيٺ گهڻو تپائڻ کانپوءِ کيس گوڏ واپس ڪندا هئاسين ۽ هو اها ٻَڌي ڦوڪبو شوڪبو پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرندو هو ۽ پوءِ لٺ کڻي اسان جي پويان پوندو هو.
    محمودا واهه جي ٻي ڪپ تي واريءَ جا وڏا دڙا هوندا هئا، جيڪي محمودا جي کوٽائيءَ جي ڪري ٺهيا هئا. انهن دڙن تي ڄار جي بيٺل وڻن مان ڏنڌڻ پٽي هڻندا هئاسين ۽ ڪڏهن وري وڏا ڏنڊا ڀڃي، هڪٻئي کي ڊوڙائي ڊوڙائي هڻندا هئاسين ۽ وجهه ملڻ تي اهڙو ته هڻندا هئاسين جو پٺن تي ٻَن ٿي پوندا هئا.
    اسان جي گهرن جي سامهون ”مخدوم مسجد“ جي پويان ”بٺارن“ جون ٻنيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن شام جو اُتي وڃي، ٻنين ۾ بيٺل ٻير جي وڻن مان ٻير پٽيندا هئاسين يا ڪمند ڀڃي کائيندا هئاسين ۽ ٻنيءَ جو مالڪ ڏسندو هو ته پري کان هڪل ڪندو هو ۽ اسين گولي ٿي ويندا هئاسين.
    اهڙيءَ طرح محمودا واهه جي ڪپ تي، بٺارن جي ٻنين ۾، شير واهه تي گهمندو، رُلندو، شرارتون ڪندو وڏو ٿي ويس. پر اهي هنڌ، اڃا اهڙي جا اهڙا آهن، اهي هنڌ به بدلجڻ کپن، انهن ۾ به نواڻ اچڻ گهرجي.... پر الائجي ڪڏهن ايندي.... ايندي به ڪه الائجي نه....؟
    ان گهمڻ ۽ وهنجڻ جو مزو، خاص ڪري اُن ڏينهن وڌيڪ ايندو هو، جنهن ڏينهن امتحان ڏيئي، ڪتاب گهر ڇڏي، ٻنين مان گهمندا، ٻير ڇاڻيندا، ڪمند جون لٺيون ڀَڃندا، کائيندا، محمودا واهه ۾ وڃي تڙڳڻ لڳندا هئاسين. اُن مهل ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ سڄي سال جي بدن تي چهٽيل مَرُ سنڌو- جل ۾ وهنجي پيا لاهيون.

    لطيف آباد ۾ ”ملا جي“ جو گهر، قادري مسجد جي پويان وڏي ميدان جي بلڪل اڳينءَ ڇيڙي تي، ٻي نمبر بازار جي مهڙ وٽ هو. گهر ڇا هو ڪچن پڪين سِرن جي چوديواري ۽ انهن جي اندر رهائش لاءِ هڪ ڪمرو، گهر جي ٻاهران ٽاٽ جو پردو ۽ گهر جي اندر ڪبوترن لاءِ ٺهيل کڏڙيون ۽ ڀتين تي ڪبوترن جي ويهڻ لاءِ ٺهيل ڇٽيون هونديون هيون. اسين ڪبوترن جي لاءِ ”ملا جيءَ“ جي گهر جا چڪر ڪاٽيندا هئاسين.
    ان گرائونڊ جي بلڪل سامهون، ٻي پاسي روڊ سان لڳ سائين نجم عباسيءَ جو گهر ”بي -95 نديم هائوس“ هو. پر ان وقت اها خبر ڪانه هئي ته اهو گهر ڪو نجم عباسيءَ جو آهي. اسان لاءِ ته اهو گهر ”ڊاڪٽر جي زال“ آنٽي صبيحه جو هو، جيڪا جيجيءَ وارن جي سُٺي ساهيڙي هئي ۽ سندن هڪٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو.
    ”ملا جي“ پڪي عمر جو هو. ان گهر ۾ سندس زال ساڻس رهندي هئي، جيڪا به ملاجي جيان ڳالهين جي وڏي ڳهير هوندي هئي.
    سيف الدين کي ڪبوترن جو گهڻو شوق هوندو هو. جيڪو پوءِ مونکي به ٿيو. سيف الدين، بنگلي جي مٿينءَ حصي ۾ هڪ ڪمري ۾ ڪبوترن جي لاءِ ٻه کوکا هنيا هئا. ۽ ڪبوترن جون ڪجهه جوڙيون وٺي، اُن ۾ پوري ڇڏيون هئائين. سيف الدين طبيعت جو گهڻو ضدي هو ۽ ان وقت تائين چاچا جو اڪيلو پُٽ هو. محمد الدين پوءِ ڄائو. سيف الدين وات مان جيڪي وائي ڪڍندو هو، اها پوري ٿيندي هئي.
    آئون جڏهن به حيدرآباد ويندو هوس ته اسان جون خوب ڪچهريون ڄمنديون هيون، ڪبوتر ۽ ڪبوترن جون ڳالهيون، عجيب ۽ غريب حرڪتون، ڪيرم بورڊ، لوڊو ۽ ڪروڙ پتي رانديون، ڳالهه ڳالهه تان سيف الدين جو ڪاوڙجڻ ۽ مونکي ۽ رياض کي ڊوڙائڻ ۽ اسان جو ڊوڙي لطيف آباد پنجين نمبر يا ٻي نمبر يا وري پبلڪ اسڪول ڏانهن ڀڄڻ ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي ئي پاڻ ۾ ٺهي وڃڻ ۽ پوءِ خوب گهمي گهتي، شيون شڪليون وٺي کائي موج ڪري موٽي ايندا هئاسين.
    ”ملا جي“ آسپاس جي ڪبوتر بازن جي ڪبوترن جي ٽولين ۾ سڀ کان وڏي ٽوليءَ جو مالڪ هو. وٽس ڪبوترن جو ٽيهه پنجٽيهه جوڙيون هونديون هيون، جن کي هو صبح ۽ شام مهل کوکن مان ڪڍي، انهن جي نمائشي اُڏام ڪندو هو. ڪبوتر اهڙا ته سٺي نموني هيرايل ۽ سيکاريل هوندا هئس، جو آسمان ۾ اُڏار ڪندي، ڪيترو به پري يا مٿي ڇو نه هليا ويا هجن، پر هُن جي هڪ ئي سيٽيءَ سان اچي اڱڻ ۾ لهندا هئا. اڪثر ڪري، سندس ڪبوترن جي ٽولي، ٻين ٽولين سان اُڏامڻ جو مقابلو ڪندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻي ٽولي جو ڪو وائڙو ڪبوتر پنهنجي ٽولي کان ٽٽي، ڀُلجي، هن جي ٽوليءَ سان گڏ اڱڻ ۾ لهندو هو ته ”مُلاجي“ حرفت سان اُن کي جهلي، ان جا کنڀ ڪڍي، ڪنهن کوکي ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ اهو ڪبوتر سندس ئي ٽولي جو ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ”مُلا جيءَ“ جي ٽوليءَ مان به ڪو وائڙو ڪبوتر وائڙپ جو شڪار ٿي، ٻي ٽوليءَ ۾ هليو ويندو هو.
    اسين اڪثر شام جو ”ملا جي“ جي ڪبوترن جي اُڏار ڏسڻ ۽ پنهنجو شوق پورو ڪرڻ جي لاءِ وٽس ويندا هئاسين. پاڙي جا ٻيا به ڪيترائي ڇوڪرا ٻاڪرا اهو تماشو ڏسڻ جي لاءِ ايندا هئا. پوءِ جڏهن ڪبوتر آسمان ۾ اُڏار ڪندا هئا ته اسين انهن کي واپس گهرائڻ لاءِ ’آؤ... ؤ... ؤ... آؤ... ؤ... ؤ...‘ چئي آسمان کڻي مٿي تي رکندا هئاسين.
    هڪ ڀيري آئون ڪبوترن جي هڪ جوڙي ”ملا جيءَ“ کان پئسن تي وٺي دڙي کڻي آيو هوس ۽ مون وٽ ڪبوتر ويهارڻ جا کوکا نه هئا، تنهنڪري مون اها جوڙي اسان جي پاڙيسري سومار ماڇيءَ کي سندس ڪبوترن سان گڏ رکڻ جي لاءِ ڏني. جيڪو ڪبوترن جو وڏو شوقين هو. سندس ننڍو ڀاءُ يوسف، جنهن کي اسين ’بابو‘ سڏيندا هئاسين، مون سان گڏ پهريون ڪلاس پڙهيو هو. سومار وٽ به ڪافي ڪبوتر هئا. وٽس سڄو ڏينهن ڪبوترن جي شوقين ڇوڪرن جا انبار ويٺا هوندا هئا. هو هڪ ماهر ڪبوتر باز هو، پر ان سان گڏوگڏ وڏو ڇوڪري باز به. شايد ئي ڪو ڪبوترن جو شوقين ڇوڪرو کانئس بچي سگهيو هجي. مون گهڻا تڻا ڪبوتر کانئس ئي ورتا هئا. هڪ ڀيري ته مون وٽ ڪبوترن جو تعداد چاليهن کان به وڌي ويو هو. جيڪي گهر جي ورانڊي ۾ لڳل کوکن ۾ ويٺل هوندا هئا. ڪڏهن گهر جي اڱڻ ۾ ته ڪڏهن نم جي ٽارين تي، ته ڪڏهن کوکن ۾، عجيب منظر هوندو هو. انهن مان ڪافي جوڙين بيدا به لاٿا ۽ ٻچا به ڦوڙيا. پوءِ جڏهن منهنجو شوق ختم ٿيو ته مون انهن جي سارسنڀال لهڻ ڇڏي ڏني، اڳ ۾ انهن جي سخت چوڪسي ڪندو هوس، سارسنڀال نه لهڻ جي ڪري، انهن ۾ ڪجهه ٻلن جو کاڄ بڻجي ويا، ڪجهه ٻين ڪبوتر بازن جلهي ورتا ۽ باقي ٻيا آزاد پنڇي بنجي ڪيڏانهن هليا ويا.

    مٿي ڪٿي لکيو اٿم ته ننڍي هوندي، جيڪي ٻاراڻا شوق ڪبوترن، بدڪن ۽ ٻلين جا هئا، سي ته وقت گذارڻ سان گڏ هوريان هوريان ڇڏائجي ويا، پر مون ۾ جيڪو ڪتابن جو شوق پيدا ٿيو، اهو منهنجي رت ۾ شامل ٿي ويو ۽ اهو شوق عشق جي حد تائين اٿم. ان شوق يعني ڪتابن جي ساٿ سبب منهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سولائيءَ سان گذريو. هر پريشانيءَ ۾، هر مصيبت ۾، هر آزمائش ۾، جڏهن پنهنجا به ساٿ ڇڏي ٿي ويا.... پر ڪتابن منهنجو ساٿ ڏنو. ڪتابن سان ساٿ ۽ دوستي نه هلي ها ته آئون يا ته چريو ٿي پوان ها يا خودڪشي ڪري ڇڏيان ها.
    امان سان گڏ حيدرآباد ويندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن صبح جو گهران نڪرندو هوس ۽ ٻنپهرن تائين گاڏي کاتي ۾ بوڪ اسٽالن جا چڪر ڪاٽيندو هوس، پئسا هوندا هئا ته ڪو ننڍو ٻارن جو ڪتاب خريد ڪندو هوس، نه ته اڪثر ائين ڪتابن جي اسٽالن ۽ دڪانن ۾ جهاتيون پايون، ڪتابن کي اُٿلايو پٿلايو موٽي ايندو هوس، انهن ڏينهن ته مون ڪڏهن به ڪو ڪتاب چوري نه ڪيو، باقي اڳتي هلي، پوءِ ڪتابن کي چوري ڪرڻ جو اهو شغل سو ڪڏهن ڪڏهن ڪيم. ڪتابن کي چوري ته مون تمام گهڻن دوستن کي ڪندي ڏٺو، پر جنهن اعتماد ۽ ڀروسي سان مون علي اظهار کي ڪتاب چوري ڪندي ڏٺو، اُن تي دنگ رهجي ويندو هوس.
    هڪ ڀيري حيدرآباد جي ’بسنت هال‘ ۾ ڪتابي ميلو لڳل هجي. انهن ڏينهن آئون رابعه اسڪوائر حيدرآباد ۾ رهندو هوس ۽ شام جو اولڊ ڪئمپس ۾ بي. ايڊ ڪندو هوس. انهن ڏينهن طارق قريشي، علي اظهار ۽ منهنجو ٽڪنڊو مشهور هو. اسين ٽيئي رات جو نوين بجي ڌاري ڪتابي ميلي جو چڪر هڻڻ وياسين، سياري جي مُند هئڻ سبب علي اظهار کي جئڪٽ پاتل هو. ڪتاب ڏسندي علي اظهار هڪ هنڌ بيهي، مونکي ۽ طارق قريشيءَ کي سندس ٻنهي پاسن کان بيهڻ لاءِ چيائين. اسين بيٺاسين ته علي اظهار جئڪٽ جي زپ کولي ڪتاب کڻي ان ۾ وجهي جئڪٽ جي زپ بند ڪري ڇڏي. اسين ٻيئي گهٻرائجي وياسين ۽ سيءَ هوندي به پگهر جا ڦڙا اسان جي نرڙ تي اُڀري آيا. علي اظهار پوري اعتماد سان ڪتاب ڏسندو ڪائونٽر تي هليو ويو ۽ اُت ويٺل همراهه سان ٻه چار منٽ ڪچهري ڪري هال مان ٻاهر نڪري ويو ۽ ٿوري دير کانپوءِ اسين به ٻاهر نڪري آياسين. پوءِ ريڊيو پاڪستان وٽ پهچي وچ روڊ تي اسان ايڏا ته زوردار ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا جو سڄو ماحول ٻُرائجي ويو ۽ آسپاس ويندڙ ماڻهو اسان کي چريو سمجهڻ لڳا. انهن ٽهڪن دوران ئي مون علي اظهار کان ”چورن مٿان مور چئي“ اهو ڪتاب کسي ورتو.
    علي اظهار سان منهنجون ڏاڍيون خوبصورت يادون وابسته آهن. اسان جي پاڻ ۾ ويهه ٻاويهه سال دوستي هلي ۽ پوءِ ڊسمبر 2011ع ۾ هن اوچتو ئي اوچتو بنا ٻُڌائڻ جي مون سان سڀ لڳ لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا. چارج شيٽ به نه ڏنائين ته ڪهڙي ڏوهه ۾ هن ائين ڪيو. انهن ڏينهن مونکي فالج جو هڪ هلڪو ڌچڪو آيو هو ۽ آئون بستري داخل هئس ۽ علي اظهار جي مونکي سخت ضرورت هئي.... پر هن مُڙي به نه ڏٺو.... آئون علي اظهار کي ڪوبه ڏوهه نٿو ڏيان. يقينن منهنجي ئي ڪا ڪچائي هوندي، جنهن کيس ايڏي وڏي فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
    ائين طارق قريشي به مون کان دوستيءَ جو هٿ ڇڏائي ويو، پر کيس ڪو ڏوهه ڏيڻ بدران پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسندو آهيان ته مون کان ڪٿي ڀُل ٿي!
    موٽي ٿا اچون وري اصل قصي تي!
    گهر موٽندو هوس ته اڪثر خريد ڪيل ڪتاب يا ته منهنجي سُٿڻ جي ور ۾ لڳل هوندو هو يا وري هيٺين ڪمري ۾ پاڻي واري مشين وٽ رکيل ڪڻڪ جي ٻورين جي وچ ۾ لڪائي ڇڏيندو هوس. يا وري بنگلي جا ڏکڻ واري پاسي بيٺل ننڍي جهنگ ۾ ڪنهن سِر جي هيٺان يا ڪنهن وڻ ۾ لڪائي، هٿين خالي گهر ۾ گهڙندو هوس ۽ پوءِ موقعو ملندي ئي امان جي ڪپڙن واري ٿيلهيءَ ۾ لڪائي ڇڏيندو هوس. منهنجي ڪتابن وٺڻ ۽ پڙهڻ جي اها عادت گهر وارن کي صفا نه وڻندي هئي. مهل بي مهل مونکي ڪتاب پڙهندو ڏسي هرڪو پيو مونکي ٽوڪيندو هو. ”پڙهي پڙهي چريو نه ٿي پوين!“ انهن ٽوڪن ۽ جهڻڪن کان بچڻ لاءِ يا ته ڪتاب لڪي لڪي پڙهندو هوس يا وري لڪائي وٺندو ۽ رکندو هوس.
    حيدرآباد ۾ رهڻ دوران، هر ٽي چوٿين ڏينهن، ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ گهران گم ٿي ويندو هوس ته گهڻو ڪري مونکي ڳولهي، پوءِ اهو ئي جملو چوندا هئا ته ”ويو هوندو ڪتابن جي پويان!“ وچ وارا ڏينهن جيڪي آئون گهر ۾ هوندو هوس، انهن ڏينهن پئسا پيو ميڙيندو هوس. امان ۽ نانيءَ کان جيڪا خرچي ملندي هيم، سا کپائيندو نه هئس، ڇو ته مونکي گهڻو ڪري شيون سيف الدين ۽ رياض احمد کارائيندا هئا، اسان ٽيئي اهڙا ته پڪا دوست هونداسين، جو هنن ٻنهي ڪڏهن به مونکي اها ڳالهه منهن ۾ نه ڏني.... ٻيو ته هنن کي جام خرچي ملندي هئي ۽ مونکي صفا گهٽ.
    ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جو اهو جنون مونکي ان حد تائين هو، جو پئسا چوري ڪري به اهي وٺندو هوس. امان، گهر جي هڪ ڪُنڊ ۾ ڪاٺ جي پٽي رکي، ان جي مٿان مٽيءَ جو راڳو ڏيئي ڀنڊلاڙو ٺاهيندي هئي ۽ اُن ۾ هوءَ ٿورا ٿورا پئسا وجهندي ويندي هئي، جيڪي هوءَ گهر جي خرچ کان بچائيندي هئي. مون ڪيترائي ڀيرا هٿ وجهي يا ڪا ٻي اٽڪل سٽڪل ڪري انهيءَ ڀنڊلاڙيءَ مان پئسا ڪڍيا، پوءِ اهي پئسا ٻاهر ڪنهن وڏي سِر جي هيٺان يا ڀت جي ڪنهن سوراخ ۾ لڪائي ڇڏيندو هوس ۽ صبح جو سوير اُٿي، بس ۾ چڙهي، سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽاپ تي ’سخاوت علي خان اينڊ سنز‘ ڪتاب گهر هوندو هو، جيڪو پوءِ منهنجي دوست حسين عامر ورتو، حسين عامر جي وفات کانپوءِ سندس ڇوڪرا اهو هلائي نه سگهيا. حسين عامر اُن جو نالو رکيو هو ”ڀٽائي ڪتاب گهر.“
    ان ڪتاب گهر جو مالڪ ’چاچو سخاوت‘ اردو ڳالهائيندڙ هو، جيڪو 1988ع جي لساني فسادن کانپوءِ پنهنجي آڪهه سميت سجاول مان لڏي وڃي ڪراچيءَ جي لالو کيت ۾ ويٺو. ورهاڱي کانپوءِ سجاول ۾ ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ گهراڻا اچي ويٺا هئا، جن مان ڪجهه اڃا به موجود آهن. دڙي ۾ پڻ ڪافي گهر رهيل هئا، جيڪي به انهن فسادن کانپوءِ لڏي ويا. سخاوت علي خان ۽ سندس پُٽن جو سجاول مان ۽ دڙي مان مهاجرن جي لڏي وڃڻ يا کين لڏڻ تي مجبور ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته سخاوت علي خان جا ڇوڪرا مارشلا جو سڄو عرصو، مقامي سياسي ورڪرن جي سرگرمين جي فوج ۽ مقامي انتظاميا کي رپورٽ ڏيندا رهندا هئا ۽ اها ڳالهه لڪيل به نه هئي، دڙي ۾ به هڪ همراهه لياقت چوڌري اهوئي ڪم ڪندو هو. هن دڙي ۾ ”ضيا حمايت تحريڪ“ جيڪا پوءِ ’پاڪستان حمايت تحريڪ‘ ۾ تبديل ٿي، ان جو يونٽ کوليو، ساڻس گڏ ڪجهه مقامي سنڌي همراهه به شامل هئا. لياقت چوڌري جو ڌنڌو ئي هو جاسوسي ڪرڻ. پوءِ جڏهن لساني فساد شروع ٿيا ته انهن جو نزلو سخاوت علي خان جي پُٽن ۽ لياقت چوڌريءَ تي ته ڪريو، پر سُڪن سان گڏ آلا به لتاڙجي ويا. لياقت چوڌريءَ جي اندر ۾ ڪو وڏو شيطان ويٺل هو. دڙي مان ڀڄڻ کانپوءِ هو لانڍي ڪراچي وڃي ويٺو ۽ عطائي ڊاڪٽر بنجي ويو. اُتي به اهو ئي ڪم، کيس پوءِ ايم ڪيو ايم حقيقي وارن قتل ڪري ڇڏيو.
    گهڻا سال پوءِ لالو کيت ڪراچي ۾، حيدرآباد اچڻ جي لاءِ بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هوس، جو سخاوت علي خان جو هڪ پُٽ مليم، نالو شايد شبير هئس. هو اخبارون وڪڻي رهيو هو. اسين ٻيئي هڪٻئي سان ملياسين، حال احوال ورتوسين، پر منهنجي ڇهين حس مونکي ٻُڌائي رهي هئي ته هُن جي اندر ۾ منهنجي خلاف کوٽ آهي، هو مونکي پاڻ سان گڏ ڪيڏانهن وٺي وڃڻ جي لاءِ بهانا ڳولهڻ لڳو. منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ آئون کانئس تڙ تڪڙ ۾ موڪلائي بس ۾ چڙهي پيس.
    آئون سجاول ۾ اُن بوڪ اسٽال تي ڪلاڪ ٻه پيو ڪتاب اُٿلائيندو پٿلائيندو ۽ ڏسندو هوس، سخاوت ۾ به گهڻو ڀانئيندو هو ۽ پوءِ ٻه چار ٻاراڻا سنڌي ۽ اردو ڪتاب وٺي، بس ۾ چڙهي ٻين اڍائي بجي واپس دڙي پهچي ويندو هوس. اردو ڪتابن ۾ اڪثر ”سڪس ملين ڊالر مين“ ۽ ”دي بايونڪ وومين“ جي ڪارنامن تي ٻڌل ڪتاب هوندا هئا. اهي ٻيئي ٽي. وي جون مشهور سيريل هونديون هيون، جيڪي آئون، منهنجا ڪلاسي محمود عالم سومرو، عبدالمجيد ميمڻ، عبدالغني سومرو، ويرجي مل ۽ ٻيا گڏجي ڏسندا هئاسين. پهرين اسين اهي پروگرام ’بس اسٽينڊ‘ وٽ موسيٰ سومري جي هوٽل، جيڪا ”موسيٰ ڏاڙهه“ جي هوٽل مشهور هوندي هئي. ان ۾ وڃي ڏسندا هئاسين. ان وقت اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي ۽ موسيٰ ڏاڙهه اها ٽي. وي بيٽري تي هلائيندو هو. ان وقت ٽي. وي جي نشريات شام جو پنجين کان رات جو يارهين يا ٻارهين تائين هلندي هئي. موسيٰ ڏاڙهه پهريون شخص هو، جنهن دڙي ۾ بلئڪ اينڊ وائيٽ ٽي. وي آڻي هوٽل تي رکي، پوءِ ته ٻين هوٽلن وارا به ٽي ويون وٺي آيا. انهن ڏينهن آچر آچر تي صبح جو ڏهين بجي پي ٽي. وي تان پاڪستاني فلم به ڏيکاري ويندي هئي، جيڪا پڻ اسين شوق سان ڏسندا رهياسين. موسيٰ ڏاڙهه جي هوٽل کانسواءِ اسين ڪڏهن ڪڏهن مرحوم حاجي بچوءَ جي گهر به وڃي اهي پروگرام ڏسندا هئاسين، اُتي پڻ ٽي. وي هوندي هئي.
    جڏهن ”سڪس ملين ڊالر مين“ ۽ ”دي بايونڪ وومين“ جا پروگرام ايندا هئا ته هوٽلن تي تمام گهڻي رش ٿي ويندي هئي ۽ هوٽلن وارا چانهه جو ڪوپ اٺين آنين هلائڻ بدران ڏهين آني، يعني بلئڪ تي هلائيندا هئا، ۽ جيڪو هوٽل ۾ پروگرام دوران چانهه نه پيئندو هو، تنهن کي اُٿاري ڇڏيندا هئا. ائين هوٽلن وارا خوب ڪمائيندا هئا. مرحوم حاجي بچوءَ جي گهر جي اڱڻ ۾ رکيل ٽي. وي اڳيان پروگرام ڏسڻ جي لاءِ ايترا ته ٻار ۽ پاڙي جون مايون گڏ ٿي وينديون هيون جو ڪنهن ڪاڄ جو گمان ٿيندو هو.
    ٽي. وي جي حوالي سان، مرحوم حاجي بچوءَ جي گهر ۾ ٿيل هڪ مزيدار، واقعو مون کي اڃا تائين ياد آهي. پاڙي جي هڪ مائي ڪنهن ڪم سانگي گهر آئي. ان مهل ٽي. وي هلي رهي هئي ۽ ڪو ڊرامون پي هليو. پاڙي جي اها مائي ڊرامي ۾ مرد اداڪارن کي ڏسي رَئي سان منهن ڍڪي، ٽي. وي کي پُٺ ڏيئي ويهي رهي. اُتي ويٺلن ان جو سبب پُڇيس ته جواب ڏنائين، ”مئا باهه لڳا ڌاريا ماڻهو جوهه وجهيو پيا مون ڏانهن ڏسن ۽ مُرڪن... منهنجي گهر واري کي خبر پئي ته سَٽي سوڙهو ڪندم...“
    امان جا اهي پئسا آئون چورائي ويندو هوس. پر هوءَ سمجهندي هئي ته اهي پئسا ”جيڪي ڪزوءَ“ جا جن کڻيو وڃن. کيس ڪهڙي خبر ته جيجي ڪزوءَ جي نالي ۾ وڏو جن ته آئون آهيان، جيڪو جنن جي نالي ۾ سندس ميڙيل پئسا ڪڍي، ڪتاب وٺي پڙهيو پيو عيش ڪري.

    مونکي پرائمري ۾ سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ سائين ڪريم بخش مڱڻهار جي روپ ۾ ڏاڍا سٺا استاد مليا، جن پنهنجي توجه، محبت ۽ پاٻوهه سبب مون جهڙي نادان کي، پوءِ اسڪول وڃڻ ۽ پڙهڻ تي راضي ڪري ورتو. اهو ان ئي ڌيان جو نتيجو هو، جو آئون پڙهي پيس. سائين شفيع ڪتابن جو وڏو شوقين هو، وٽس ڪيترائي ديني ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب هوندا هئا، جن تي هو سٺي جلد بندي به ڪندو هو. مون پڻ کانئس جلد بندي سکي، پر ايتري سٺي نه ڪري سگهندو هوس، جيتري سائين شفيع ڪندو هو. ڇهين ڪلاس ۾ آياسين ته ڪجهه ڇوڪرن کي جلد بندي ڪري ڏيندو هوس، جيڪا مڙيئي آڏي ڦڏي هوندي هئي. هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ويٺو هوس ته مونکي پٽيوالو سڏ ڪرڻ آيو ته فرسٽ اسسٽنٽ سائين طفيل احمد ميمڻ پيو توکي سڏي، سائين طفيل جو اسڪول ۾ وڏو دٻدٻو هوندو هو، هر شاگرد کانئس لهرائيندو هو. سائين طفيل جو نالو ٻُڌي ئي منهنجو ساهه سُڪي ويو ۽ پوءِ آئون ڊڄندو ڊڄندو دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهندو اچي سندس آفيس وٽ پهتس. ”مي آءِ ڪم ان سر‘“ چئي اندر گهڙيس. سائين طفيل وڏي ڪروفر سان ڪرسيءَ تي ويٺو، ميز تي ڪجهه لکي رهيو هو. مونکي ڏسي ڪنڌ مٿي کنيائين ۽ چيائين، ”ٻُڌو اٿم ته جلد بندي ڏاڍي سٺي ڪندو آهين.“
    ”هائو سائين‘“ ڊڄندي وراڻيم.
    ”هي وٺ.... منهنجو سروس بوڪ اٿئي. سٺي نموني جلد بندي ڪري سڀاڻي کڻي اچ.“ هن پنهنجو سروس بوڪ مون ڏانهن وڌائيندي چيو. مون اهو کانئس ورتو ۽ واپس ڪلاس ۾ اچي ويٺس، پر هاڻ پريشان ته جلد بندي ڪيئن ڪريان، جو هڪ ته ايڏي وڏي سائيز واري ڪتاب جي جلدبندي مون اڳ ڪڏهن به نه ڪئي هئي. ٻيو ته جلد ٻڌڻ لاءِ دفتري، رنگين ۽ ناسي پنا وٺڻا پوندا هئا،جن تي به ڏهه يارهن آنا خرچ ايندو هو. مونکي ته خرچي ئي ملندي هئي چار آنا.... ان پريشانيءَ ۾ سڄو ڏينهن گذري ويو. نيٺ سائين شفيع جو خيال آيم ۽ سروس بوڪ کڻي سائين شفيع وٽ ويس ۽ کيس چيم ته ”سائين طفيل ڏنو آهي ته اڄ ئي جلد ٻَڌي ڏي.“
    ”ٺيڪ آهي سڀاڻي سوير کڻي وڃج‘“ سائين شفيع وراڻيو. ٻي ڏينهن سوير آئون سائين شفيع وٽ ويس، جنهن جلد ٻڌي رکيو هو ۽ اهو کڻي مون قطار (اسڪول جي اسيمبلي) کان اڳ اچي سائين طفيل کي ڏنو، هن مهرباني چئي رکي ڇڏيو ۽ آئون منهن ڀيلو ڪري ٻاهر نڪري آيس. ان وقت جلد بنديءَ جا ڏيڍ يا ٻه روپيا وٺندا هئا. مون سمجهيو ته سائين طفيل مونکي پئسا ڏيندو. جيڪي آئون اچي سائين شفيع کي ڏيندس پر سائين طفيل پُڇيو به ڪونه. پوءِ مون پنهنجي خرچيءَ مان پئسا ميڙي سائين شفيع کي ان جلد ٻڌڻ جا پئسا ڏنا.
    سائين شفيع ئي پهريون ڀيرو مونکي ”شاهه جو رسالو“ پڙهڻ جي لاءِ ڏنو، جيڪو ڪيترا ڏينهن آئون گهر ۾ پيو پڙهندو هوس.
    انهن ڏينهن مونکي سٺيون ڪاپيون ۽ انڊپينون گڏ ڪرڻ جو به شوق رهيو. اهڙو شوق ڪلاس جي ٻين ڇوڪرن محمود عالم سومري، الهڏني ميمڻ، سامجي مل ۽ قادر بخش ميمڻ کي به هو. ان وقت ٻي يا ٽي ڪلاس ۾ هئاسين، خرچي ئي آنو يا ٻه آنا ملندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن نوٽ بوڪ يا انڊپين لاءِ گهران پئسا ملندا هئا، نه ته نه! ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ ڪاپين ۽ پينن جي گهرج نه پوندي هئي، گهڻو ڪم سليٽ ۽ ڪڪر واري پين سان هلندو هو. انهن ڏينهن اسان جي گهر جي اڱڻ جي پاسي ۾ خالي پيل ننڍي ميدان ۾ اسان جي مائٽ ارباب حاجي ولي محمد ميمڻ جي ٻج جون پَليون هونديون هيون. ارباب حاجي ولي محمد، چاچا شمس الدين ۽ چاچا الستي جو ماتو ڀاءُ هو، انهن پلين ۾ ٻي سال جي پوکائيءَ لاءِ سارين جو ٻج رکيو ويندو هو. اهي ساريون گاڏر، جن ۾ بابا به شامل هوندو هو، اسان جي گهر جي اڱڻ تي اچي لاهيندا هئا. جتان، امان، ناني ۽ منهنجون ڀينرون ڏلهن ۾ وجهي پَليون ڀري، انهن جي متان ڪک رکي مٽيءَ جو راڳو ڪري ڇڏينديون هيون. کين انهيءَ جي چار آنا في خرار مزدوري ملندي هئي.
    سياري جي مند ۾ شام جو گهڻو ڪري شال جي ڳاٽي ٻڌي، ٿورڙي اونداهي ٿيڻ کانپوءِ پَلين جي پويان لڪي آهستي آهستي انهن مان ڪنهن هڪ ۾ ڏرڙ ڪري، ڳاٽيءَ جي جهول ۾ ساريون ڀري، پوئينءَ در مان نڪري وڃي سڌو صديق ڪاٺوڙي يا عمر ميانجيءَ جي دوڪان تي اهي ساريون وڪڻي، انهن جا پئسا کڻي سڌو بازار ويندو هوس ۽ ڪنهن جنرل اسٽور تان نوٽ بوڪ، انڊپين يا مس جي ڪُپڙي وٺندو هوس. اُن وقت مون وٽ کوڙ سارا نوٽ بوڪ، انڊپينون ۽ مس جون ڪاريون، بليو، سايون ۽ ڳاڙهي مس جون ڪُپڙيون هونديون هيون.
    هڪ ڀيري حيدرآباد مان موٽندي، ميرپور بٺوري ۾ بس ۾ ويٺو هوس ته چاچو پيرو اخبار وارو اخبارون کڻي آيو، چاچا پيرو بابا جي مائٽيءَ ۾ هو ۽ منهنجي دوست اسلم خيرپوريءَ جو چاچو هو. وٽس اخبارن سان گڏ ڪجهه ڪتاب به هئا. مون کيس ڏهين جو نوٽ ڏنو ۽ انهن مان هڪ ڪتاب گهريو، هن ڇهه روپيا ڪاٽي چار روپيا مونکي واپس ڪيا. حيدرآباد مان واپس ورندو هوس ته جيجي مونکي ڏهه يا ويهه روپيا خرچيءَ جا ڏيندي هئي، جن ۾ منهنجي ڀيڻن ادي مريم ۽ ادي گُلان جو به حصو هوندو هو، جيڪو به اڪثر آئون چٽي ويندو هوس ۽ کين نه ڏيندو هوس. چاچي پيروءَ مونکي هڪ ڪتاب ڏنو. اهو ڪتاب سائين جي ايم سيد جو ”جديد عالمي سياست“ (هڪ تعارف) هو. اهو 1976ع جو زمانو هو. ان وقت مونکي سائين جي ايم سيد جي باري ۾ ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪير هو. ان ڪتاب ۾ هٽلر، مسوليني، چرچل، مائوزي تنگ ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جو احوال ۽ تجزيو هو. مون گهر اچي هوريان هوريان ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڏاڍي سولي ۽ آسان زبان ۾ لکيل هو. ڪتاب مونکي ڏاڍو وڻيو. هونئن به مونکي جنگ، جنگي ڳالهيون ۽ انهن جا قصا ڪهاڻيون ڏاڍا وڻندا هئا. اهو ڪتاب مون ايترا ته ڀيرا پڙهيو جو مونکي ان جو ڳچ حصو ياد ٿي ويو هو. آئون پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان، ته مون جيڪي شروع شروع ۾ سنجيده ڪتاب پڙهيا، انهن ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ به هو. سائين جي ايم سيد ڪيڏو نه وڏو مفڪر ۽ عالم هو، سنڌ کي سدائين مٿس ناز رهندو.
    مٿين ڪتاب کانسواءِ انهن ڏينهن عبرت اخبار ۾ ايندڙ ڪتابن جا اشتهار پڙهي آئون ڏنل ايڊريس تي خط لکي وي. پي ذريعي ڪتاب گهرائيندو هوس. محمود يوسفاڻي جا ٻارن لاءِ لکيل ٻه ڪتاب ”حليمان پوپري“ ۽ ”لاڏلو“ مون وي. پي ذريعي گهرائي پڙهيا، تنهن کانسواءِ انهن ئي ڏينهن مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ٿڪل جذبن جو موت“ ۽ عبدالغني درس جي ڪهاڻين جو مجموعو ”منزل منزل دوکو دوکو“ به مون خط لکي وي.پي ذريعي گهرايا.

    آئون ننڍپڻ کان ئي خيالي دنيا ۾ رهندو ۽ پور پچائيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ان خيالي دنيا ۾ ايترو ته محو هوندو هوس، جو مونکي ڀرپاسي جي به ڪا سُڌ نه رهندي هئي. ان خيالي دنيا ۽ ويٺي ويٺي پور پچائڻ واري عادت عملي زندگيءَ ۾ مونکي ڏاڍو نقصان رسايو. انهن خيال قلعن اڏڻ جو هڪ سبب منهنجي گهر ۽ ڀرپاسي جي ماحول پڻ هو ۽ ٻيو ته اڪثر ننڍيون ننڍيون ڳالهيون، مون تي جلد حاوي ٿي وينديون هيون. هڪ ڀيري اسين ٻار راند ڪري رهيا هئاسين، جن ۾ منهنجي هڪ ماسات به هئي، راند ڪري، مون ڪنهن ڳالهه تان ساڻس مذاق شروع ڪيو، تيسين پريان ويٺل جيجيءَ منهن ۾ گهُنڊ وجهي، نهايت ڪساري لهجي ۾ دڙڪو ڏيندي چيو، ”جوسو! گهڻو فري نه ٿي.“
    ان وقت منهنجي وهي ڏهه ٻارهن سال هئي، پر جيجيءَ جي ڌڙڪي سبب آئون صفا هَڄي ويس ۽ اهو لهجو اڃا تائين منهنجي دماغ تي ڇانيل آهي. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن جيجيءَ سان ويٺي ويٺي، اهو جملو ذهن ۾ ايندو اٿم ته سڄو ڏڪي ويندو آهيان.
    آئون پنهنجي خيالي دنيا جي منصوبن جي ذري پرزي جا تفصيل ذهن ۾ اُڻندو هوس ۽ منزل تي ڪيئن پهچجي، اهو سڀ ترتيبوار ٺاهيندو هوس، شروع شروع ۾ اسلامي تاريخ جا ڪتاب پڙهڻ ۽ مسلمانن جي عروج کانپوءِ زوال جي قصن ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ، مسلمانن جي بدتر حالت تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو سوچيندو هوس. قبله اول يعني بيت المقدس جي آزاديءَ لاءِ رٿون رٿيندو هوس ۽ نماز پڙهي انهيءَ جي آزاديءَ لاءِ دعائون گهرندو هوس. گهوڙن، فوجن، تيرن، جنگين، لشڪر ۽ هٿيارن جو بندوبست ڪندو هوس ۽ ”جهاد“ جي جذبي سان سرشار ٿي ”ڪافرن“ کي نيست ۽ نابود ڪري سڄي دنيا تي ”اسلام“ جو بول بالا ڪرڻ جا خواب ڏسندو هوس. اهڙيءَ طرح اڳتي هلي سنڌ جي حوالي سان، لطيف سائين جي فلسفي ”سنڌ سڪار ۽ عالم سڀ آباد ڪرين“ کي عملي شڪل ۾ ڏسڻ جي لاءِ ۽ سنڌ سڄي دنيا جي انقلابن جي مددگار هجي. پاڻ آزاد ۽ خوشحال هجي، جا خواب مون تي حاوي رهيا آهن. هاڻ ته اهي منهنجي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن. جيتوڻيڪ منهنجي ”سنڌ“ جي قومي جدوجهد ۾ ايترو گهڻو ڪردار ته ڪونهي، پر پوءِ به ائين ڀائيندو آهيان ته انهن خوشحاليءَ جي خوابن ۽ انهيءَ عمل ۾ ڪجهه پگهر جا ڦڙا منهنجا ضرور وهيا آهن. مون پنهنجي طرفان جيڪي ڪتاب ڇپايا ۽ رسالا ڪڍيا، انهن جو مقصد به اهوئي رهيو آهي ته ماڻهو باشعور ٿين، سنڌ جي خوشحالي، آزادي ۽ غير طبقاتي نظام لاءِ جدوجهد ڪن. تنظيم سازي ڪن، مون پنهنجي تجربي مان سکيو آهي ته سنڌي ماڻهو تنظيم، تنظيم سازي ۽ ضابطن ۾ رهڻ جي اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهن، منزل اڃا ڪافي اڳتي آهي.

    24 جون 1984ع، منهنجي زندگيءَ جو دردناڪ ڏينهن. ان ڏينهن مون کي هڪ وڏو غم مليو. هي لفظ لکندي يادن جي وير ڪيڏي نه تيزيءَ سان وري آهي.... تنهنجي ياد جي وري آ وير.... ان ڏينهن منهنجي ڀيڻ مريم گذاري ويئي.
    ٻه اڍائي مهينا اڳ هڪ ڏينهن صبح جو مٺڙي ننڊ ۾ سُتو. ڪو خواب پي ڏٺم. مونکي ڪهڙي خبر ته منهنجي خواب دوران عزرائيل، ڇتي ڪتي جي روپ ۾ اچي، منهنجي ڀيڻ کي ڏاڙهي ويندو. اوچتو رڙين تي ڇرڪ ڀري اُٿيس. منهنجي نظر ڪتي تي پيئي، جيڪو رومڙ ڪري ادي مريم ڏانهن وڌي رهيو هو. هوءَ اڱڻ ۾ ٻهارو هڻي رهي هئي. هن ڀڄڻ بدران، سامهون ٿي ٻهارو ڪُتي جي منهن ۾ هنيو. پر ڪتي سڌو اچي سندس ٻانهن ۽ هٿ ۾ چڪ وڌو. تيسين امان ڪتو ڪتو ڪندي ڊوڙندي آئي. آئون به رڙين تي ٽپ ڏيئي اُٿيس. تيسين ڪتو پنهنجي ڪارروائي ڪري روانو ٿي ويو ۽ سامهون بيٺل اسان جي گابيءَ کي وڃي چڪ وڌائين، پوءِ اُن کي ڇڏي ٻاهر نڪري ويو. ان مهل صبح جا ساڍا اَٺ ٿيا هئا.
    مون ڊوڙي وڃي اديءَ کي پٽ تان اُٿاريو، ڪتي جي رومڙ جي ڪري هوءَ پٽ تي ڪِري پئي هئي. ”بابو! تون سُتو پيو هئين، ڪتي منهنجو ٻوٽ تي پٽيو.“ هن پٽ تان اُٿندي مونکي چيو.
    آئون ۽ امان کيس اُٿاري اندر ڪوٺيءَ ۾ وٺي وياسين. امان هڪدم ناس کنئي ۽ چڪَ واري جاءِ تي هڻڻ لڳي، جتان رت وهي رهيو هو. بابا جي نظر ڪمزور هُئي، سو به لٺ ٽيڪيندو اچي ويٺو ۽ اديءَ کي دلداري ڏيڻ لڳو. اديءَ جي اکين مان ڳوڙها سَريون ڪري پي ڳڙهيا.
    ايتري ۾ پاڙي اوڙي جون مايون به مڙي اچي گڏ ٿيون. خبر پيئي ته پاڙي جي ٻن ٻين ڇوڪرين کي به ساڳيو ڪتو ڏاڙهي ويو آهي. ڪنهن مائيءَ ڏس ڏنو ته ”در ملوڪ شاهه تي سائين جمن شاهه ڏانگي رهي ٿو، جنهن کان لُنڊي وٽائي ٻڌوس.“ امان ماين جي صلاح تي مونکي هڪدم جمن شاهه ڏانگيءَ کي ڳولهي وٺي اچڻ لاءِ چيو. جنهن کي نه چاهيندي به سندن دل رکڻ لاءِ آئون ڪلاڪ ٻن ۾ ڳولهي وٺي آيس. هن ڪجهه پڙهيو ۽ هڪ ڌاڳو وٽي اديءَ جي ٻانهن ۾ ٻڌائين ۽ گابيءَ لاءِ سَرن جي لُنڊي پڙهي ٻَڌائين. ان وچ ۾ آئون پاڙي ۾ ويٺل ’اَبو دل‘ کي بيل گاڏي جوٽائي وٺي آيس ۽ ان ۾ چڙهي اسين سرڪاري اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جون سُيون هڻائڻ وياسين. پئسا نه هئڻ سبب ڪار يا سوزوڪي ڀاڙي تي ڪرڻ جي بدران اَبو دل جي بيل گاڏي ڪرڻي پيئي. اسان سان گڏ پاڙي جون ٻه ڇوڪريون به هليون، جن کي به ڪتي کاڌو هو.
    اسين روزانو ڇتي ڪتي جون سُيون هڻائڻ جي لاءِ سرڪاري اسپتال ويندا هئاسين. ائين ڇتي ڪتي جون چوڏهن انجيڪشن لڳي دنگ ٿيون. ٻن مهينن کانپوءِ رمضان جو مهينو شروع ٿيو ته ادي مريم کي به هلڪو بخار شروع ٿي ويو ۽ اهو وڌندو ويو. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر مونکي ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ته ڇتي ڪتي جي سُين اثر نه ڪيو هجي ۽ اهو اُٿلي پيو هجي.
    ان وچ م ادي مريم جي ننڊ صفا ختم ٿي وئي ۽ بلڊپريشر وڌي ويس. ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ مايون عجيب ڊيڄاريندڙ ڳالهيون هن جي اڳيان ڪرڻ لڳيون.
    ”امان! حياتي هوندي ته ڇڏي ڪانه ويندينءَ.“ يا چونديون هيون ”ڇتي ڪتي جو کاڌل وسئون ڪونه بچندو آهي.“ پاڻ ماٺ ڪري ويٺي اهي ڳالهيون ٻُڌندي هئي.
    هڪ ڏينهن مونکي چيائين، ”بابو! ڇا آئون مري وينديس.“
    ”ڇو مرندينءَ ادي!.... معمولي بخار آهي.“
    ”پر مايون ته چون پيون ته ڇتي ڪتي جو کاڌل بچندو ڪونهي.“
    ”مايون ته سڀ ڄٽڻيون آهن.... توکي ته سُيون لڳيون آهن....!؟“
    ”هائو.“
    ”پوءِ بس.... ان جو علاج اهي چوڏهن سُيون آهن، جي توکي لڳيون آهن. هي ته بخار آهي. ڏينهن ٻن ۾ لهي ويندو. آئون کيس مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. پر هوءَ سڄو ڏينهن خاموش ويٺي الائي ڇا سوچيندي هئي. سندس اکين ۾ هڪ عجيب ڊپ هوندو هو. دوا هڪدم کائي ويندي هئي. سيڪاٽرين پائوڊر وَر وَر ڪري پيئي ڦٽن تي ڇٽيندي هئي. ڪو کيس پاڻي پڙهي ڏيندو هو يا ماني تي قرآن شريف جون آيتون لکي ڏيندو هو ته بخار سبب نه وڻڻ جي باوجود به زور ڪري پاڻي پي ۽ ماني کائي ويندي هئي. ڪيڏي نه جيئڻ جي تمنا هئي منجهس.
    زندگي به عجيب آهي، تڏهن ته چوان ٿو زندگي هڪ سراب آهي، هڪ خواب آهي، هڪ ڳجهارت آهي، زندگيءَ کان وڏو ڪوڙ ۽ فريب ٻيو ڪوبه ڪونهي.
    24 جون، اهو بدنصيب ڏينهن، صبح جو سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ شروع ٿي. ڊاڪٽر کي وٺي آيس، جنهن کيس پاڻي پيئڻ جي لاءِ چيو. خبر نه آهي ته هوءَ پاڻي پي سگهي يا نه، پر ڊاڪٽر سندس منهن تي چيو ”اوهان کيس حيدرآباد کڻائي وڃو.... مون وٽ هن جو علاج ڪونهي.“ ڊاڪٽر روانو ٿيو ته اجل به اچي ٺڪا ڪيو. ڏهن پندرهن منٽن کان پوءِ هوءَ رڙ ڪري کٽ تي ڪِري پيئي ۽ وڃي ڌڻيءَ کي پرتي.
    موت خدا جي هٿ ۾ ۾ آهي، ان تي بندي جو وس نٿو هلي، پر ڊاڪٽرن جو احتياط ۽ سندن ڳالهه ٻولهه جو انداز مريض جو اڌ مرض لاهيو ڇڏي، هتي به ائين ٿيو.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ، سرڪاري اسپتال جي هڪ پٽيوالي مون سان تعزيت دوران هڪ عجيب ڳالهه ڪئي، ”اوهان فلاڻي ڪمپائونڊر کي ته سُڃاڻو. هو ٻين ڇوڪرين کي، جيڪي اوهان سان گڏ سُئي هڻائڻ اينديون هيون تن کان روز ڏهه روپيا سُئي هڻڻ جا وٺندو هو، پر اوهان کيس پئسا نه ڏنا ۽ هن تنهنجي ڀيڻ کي ٻن سُين کان پوءِ ڇتي ڪتي جي سُين هڻڻ بدران طاقت جون سُيون هنيون.... اوهان چوندا هئا ته سرڪاري اسپتال آهي، پر هت ته مفت ۾ ٻرو به نه ملندو آهي.“


    8

    ڪي شهر اُتساهه جو سبب هوندا آهن ۽ انهن شهرن ۾ وڃي نه رڳو اُتساهه ملندو آهي، پر تحفظ جي احساسن سان گڏ سُڪون به ملندو آهي ۽ ماڻهو عجيب احساس ۾ وٺجي ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن، ڪن حالتن ۾ انهن ئي شهرن ۾ عدم تحفظ جو احساس پڻ ٿيندو آهي.
    حيدرآباد شهر به منهنجي لاءِ ائين ئي رهيو آهي، ننڍپڻ کان وٺي، مون ڪڏهن به هن شهر ۾ پاڻ کي عدم تحفظ جو شڪار يا اوپرو محسوس نه ڪيو آهي. اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ، جڏهن منهنجي ننڍپڻ جي دوستن سيف الدين ۽ رياض احمد سان گڏ، سڄو سڄو ڏينهن لطيف آباد جي ٻي نمبر جي بازار، راڻي باغ، ستين نمبر ۽ وري اُتي موجود ٽن سئنيمائن شاهين، سنگيت ۽ چراغ محل، اتي موجود فاران بوڪ ڊيپو، جتان مون ننڍي هوندي وڌ ۾ وڌ ٻاراڻين ڪهاڻين جا ڪتاب خريد ڪيا ۽ پڙهيا، اهي ننڍا ننڍا ڪتاب جن جي قيمت پنجاهه پئسا يا اَٺ آنا هوندي هئي، اسان جي دلچسپيءَ جو مرڪز هوندا هئا.
    حيدرآباد ۾ هوندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن چاچا شمس الدين رات جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجي سرڪاري گاڏيءَ ۾ ويهاري، لطيف آباد جي ستين نمبر وٺي ويندو هو. جتي هو پنهنجن ٻارن کي ڪورس جا ڪتاب وٺي ڏيندو هو ۽ پوءِ اسان سڀني کي ڪنهن هوٽل ۾ فالودو يا آئيسڪريم کارائيندو هو. اتي اڪثر آئون ۽ رياض گڏ هوندا هئاسين، اسين هڪٻئي کي گهڻو ويجهو هوندا هئاسين. سيف الدين سان به اهائي ويجهڙائپ هوندي هئي، پر هو سخت موڊي ۽ پنهنجيءَ وارو هوندو هو. رياض ۽ آئون رات جو دير تائين هڪ ئي رليءَ ۾ ويڙهجي پيا ڪچهريون ڪندا هئاسين. ڳالهيون هونديون هيون، جيڪي کٽنديون ئي نه هيون. اسان جي ڪچهريءَ جو موضوع اڪثر فلمون ئي هوندو هو. اسان اهو طئي ڪيو هو ته وڏا ٿي شاهد، نديم ۽ وحيد مراد ٿينداسين، جيڪي ان دور ۾ پاڪستاني فلمن جا مشهور هيرا هوندا هئا. مونکي اداڪار شاهد، سيف الدين کي نديم ۽ رياض کي وحيد مراد سٺا لڳندا هئا ۽ اسان اهي ئي ٿيڻ پي چاهيو.
    رياض سان منهنجي گهڻي ويجهڙائپ ۽ ذهني هم آهنگي هوندي هئي. اها نه رڳو حيدرآباد تائين، پر چاچا الستي (جيڪو ان وقت تائين اڃا الستي نه ٿيو هو ۽ عين غين سنڌي يا عبدالغفور ميمڻ هو) نوڪري سانگي اسلام آباد ويو ته اتان به منهنجي ۽ رياض جي وچ ۾ خط و ڪتاب هلندي هئي. اسان هڪ ٻئي کي تمام گهڻا خط لکيا، جن مان هڪ اڌ اڃا به مون وٽ محفوظ آهن. انهن ڏينهن مون ۾ ٿورو ٿورو قومي شعور پيدا ٿيڻ لڳو هو. آئون کيس سنڌيءَ ۾ خط لکندو هوس ۽ رياض مونکي اردوءَ ۾ خط لکندو هو. رياض سنڌي جي بدران اردو ميڊيم ۾ پڙهيو هو.
    انهن ڏينهن مون ٻين ڪتابن سان گڏ ”ملير ڊائجسٽ“ جا ڪجهه پرچا به پڙهيا هئا. ملير ڊائجسٽ چاچا عبدالغفور ميمڻ (عين غين سنڌي/ الستي) شايع ڪندو هو، جنهن ۾ قومپرستيءَ کي اُڀارڻ لاءِ ڪيترائي سلسلا جهڙوڪ: ’سونن نالن وارو دستاويز‘ ۽ ’سنڌي ٻوليءَ جو قسم نامون‘ هلندا هئا ۽ ان کانسواءِ هڪ ڪالم ’سنڌي ٻوليءَ کي للڪار‘ به ڇپجندو هو. چاچا عبدالغفور ملير ڊائجسٽ شايع ڪرڻ سان گڏ هلڪي ڦلڪي گذاري لائق ٺيڪيداري به ڪندو هو. رسالن جا ڪجهه چاچا جي حيدرآباد واري گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ پيل شيشن ڀڳل ڪٻٽ ۾ پيل هوندا هئا. ان وقت چاچا شمس الدين ۽ چاچا عبدالغفور الستي گڏ رهندا هئا. جڏهن سيف الدين ۽ رياض اسڪول ويندا هئا ته پوءِ آئون ڪٻٽ ڦلهوري اهي رسالا ۽ ٻيا ڪتاب ڪڍي ويٺو پڙهندو هوس. ملير ڊائجسٽ جي مٿين سلسلن، ڪهاڻين، مضمونن ۽ شعرن، جن ۾ قومپرستيءَ جو پرچار ڪيل هوندو هو، منهنجي ذهن تي تمام گهڻو اثر ڪيو. پوءِ جڏهن چاچا عبدالغفور الستيءَ کي ڊي. پي. آر تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿان وري ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جي مٿان پابندي مڙهي ڇڏي ته ملير ڊائجسٽ به پابنديءَ هيٺ آيو. ملير ڊائجسٽ تي پابندي پيئي ته هڪ لحاظ کان چاچا عبدالغفور وانڌو ٿي ويو ۽ وٽس ڪم ڪار ڪوبه نه هو ۽ انهن ئي ڏينهن هو ذوالفقار علي ڀٽي جو صلاحڪار پير علي محمد راشديءَ سان وڃي مليو، جنهن کيس پاڪستان نيشنل سينٽر جو ڊائريڪٽر جنرل ڪري، اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو. چاچا عبدالغفور الستي کي اسلام آباد ۾ نوڪري ملي ته هو ٻارن سميت اسلام آباد شفٽ ٿي ويو.
    آئون ۽ رياض هڪٻئي کي خطن ۾ الائجي ڇا ڇا لکندا هئاسين. دنيا جهان جون ڳالهيون ۽ حال احوال، هڪ ڀيري مون رياض کي خط لکيو ته، ’تون مونکي سنڌي ۾ خط لکندو وڃ، نه ته آئون توکي خط جو جواب نه ڏيندس‘. مون کيس اهو به لکيو ته مون کي ’اردو‘ کان نفرت آهي. پوءِ هو مونکي ڀڳل ٽٽل سنڌيءَ ۾ خط لکندو هو. پوءِ نيٺ هڪ ڀيري مونکي لکيائين ته، ”کيس به اردوءَ کان نفرت آهي، هاڻ هو سنڌي ٻوليءَ سان پيار ٿو ڪري.“ سندس اهو خط اڄ به مون وٽ محفوظ آهي.
    هاڻ سمجهي ويو آهيان ته ڪنهن به ٻوليءَ کان نفرت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ان ٻولي ڳالهائيندڙن جو ڪردار سامهون ايندو آهي. اردو ٻولي پاڪستان جي هڪ مخصوص انگ جي زبان آهي. پر حڪمران طبقي اُن کي پاڪستان جي قومن جي مٿان زوريءَ مڙهيو، جنهن جي نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ هنگاما ٿيا، ڪيترائي شاگرد شهيد ٿيا. ان ’بنگله ڀاشا آندولن‘ اڳتي هلي ’بنگلاديش‘ جي تحريڪ کي جنم ڏنو. سنڌ ۾ رهندڙ اردو ٻولي ڳالهائيندڙن ڪڏهن به سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي اختيار نه ڪيو، الٽو سندن رويو سدائين سنڌين جي خلاف رهيو. سنڌي ٻولي بل کانپوءِ رئيس امروهوي، جنگ اخبار ۽ اردو دان طبقي جي ڪردار تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي. حقيقت ۾ ان بل ۾ اردو ٻوليءَ کي ڪوبه نقصان نه هو، پر رئيس امروهوي، جيڪو پوءِ ’خوني کڳي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، تنهن جي چؤسٽي ’اردو کا جنازہ ہے ذرا دھوم سے نکلے‘ سنڌ ۾ لساني فسادن جي باهه ٻاري ڇڏي ۽ ڪيترائي سنڌي شهيد ڪيا ويا.
    انهن ڳالهين جو اثر سنڌي اديبن جي لکڻين تي رهيو ۽ اهڙيون لکڻيون ’ملير ڊائجسٽ‘ ۾ به ڇپجنديون هيون. جيڪي مون پڙهيون ۽ انهن جو مون تي اثر هو. ’ملير ڊائجسٽ‘ جو قومي سجاڳي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وڏو ڪردار رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته عبدالغفور الستي جي پسمنظر ۾ هليو وڃڻ سبب اسان جا اڪثر محقق سهڻي، روح رهاڻ، مارئي وغيره بابت ته پيا لکندا هئا پر ’ملير ڊائجسٽ‘ جو ذڪر گم هوندو آهي.
    جڏهن چاچا عبدالغفور الستي، اسلام آباد ۾ پنهنجي نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري واپس وريو ته هن ڪراچيءَ ۾ ’گلشن اقبال‘ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جيڪا جڳهه پڻ چاچا شمس الدين جي هئي. ڪنهن مونکي ٻُڌايو هو ته چاچا شمس الدين اهو پلاٽ بابا جي نالي خريد ڪيو هو. پوءِ ان تي جاءِ جوڙيائين. ان جاءِ تان به چاچا عبدالغفور الستيءَ جو ڊگهي عرصي تائين چاچا شمس الدين سان ڦڏو رهيو. اتي رهڻ دوران به منهنجي ۽ رياض جي پاڻ ۾ خط و ڪتاب ٿيندي رهندي هئي. آئون جڏهن گرمين جي وئڪيشن ۾ ڪراچي ويندو هوس ته رياض ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا ڪچهري ڪندا ۽ شطرنج راند کيڏندا هئاسين. مونکي شطرنج راند رياض سيکاري.
    ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن صبح جو سوير آئون ۽ رياض گهران نڪري، بس ۾ چڙهي سڌو ڪياماڙي هليا ويندا هئاسين. مونکي سمنڊ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ اُتي سمنڊ جي ڪناري ويٺا سمنڊ جي ايندڙ ۽ ويندڙ لهرن کي ڏسندا هئاسين ۽ انهن لهرن ۾ لڙهي آيل ڪوڏ ۽ سُپون ميڙيندا هئاسين، اسان وٽ گهر ۾ مختلف قسم جي سپين ۽ ڪوڏن جو ججهو ذخيرو گڏ ٿي ويو هو. اتان واپس ورندي صدر ايندا هئاسين. ائين مون ۽ رياض پيرين پنڌ ڪراچي جي خوب لتاڙي. ايم. اي. جناح روڊ تي اسان شيخ غلام علي اينڊ سنز جي دوڪان تي ويندا هئاسين ۽ اُتان ڪتاب وٺندا هئاسين. ان دور جي خريد ڪيل ڪتابن مان ڪيترائي ڪتاب اڃا تائين مون وٽ موجود آهن. شام جو وري، گهر جي سامهون واري گهٽيءَ ۾ پيل ڊنگهرن جي هيٺان ٽڪليون ڳولهيندا هئاسين. اسان وٽ ملڪي ۽ غير ملڪي ٽڪلين جو پڻ هڪ وڏو ذخيرو هوندو هو. هڪ ڀيري اُتان ئي مون هڪ سڪو لڌو، جيڪو گڏيل هندستان جي دور جو هو. سڪي جي مٿان راڻي وڪٽوريه جي تصوير اُڪريل هئي ۽ سن 1902ع لکيل هو. اهو سڪو پنجن پئسن جو هو، جيڪو ڪافي وقت مون وٽ سنڀاليل هو، پوءِ الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو.
    حيدرآباد ۾ جڏهن سيف ۽ رياض اسڪول مان موٽندا هئا ته پوءِ ماني کائي سُمهڻ جو بهانو ڪري، پوئين در مان نڪري ويندا هئاسين ۽ پوءِ اسان جي رولاڪي شروع ٿي ويندي هئي. سيف الدين کي ڪرڪيٽ ۽ ڪشتي راند ڏسڻ جو وڏو شوق هوندو هو. ٽي. وي تي ڪرڪيٽ يا ڪُشتي ايندي هئي ته سيف بلڪل ٽي. وي جي اڳيان هڪ ڏيڍ فوٽ جي فاصلي تي ڪرسي وجهي ويهندو هو ۽ هو راند ڏسڻ ۾ ايترو ته محو ٿي ويندو هو، جو هٿن سان ويٺو اشارا ڪندو هو. آئون ۽ رياض، ڪُشتي، ڪرڪيٽ ۽ ٽي. وي کان وڌيڪ سيف جي هٿن جا اشارا ڏسندا ۽ ان کي کِلندا هئاسين. اتفاق سان جيڪڏهن سيف اسان کي مٿس کِلندو ڏسندو هو ته پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي اسان کي ڪشتي واري اسٽائيل ۾ ٺونشا هڻندو هو ۽ اسين ٻيئي اُٿي ڀڄندا هئاسين.
    چاچا شمس ٽي يا چوٿين هفتي پنهنجي جيپ ۾ دڙي ايندو هو ته ساڻس گڏ سيف الدين ۽ رياض به ايندا هئا، پوءِ ته اسان ٽنهي جي ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي. هنن جي ايندي ئي اسان جو پهريون ڪم هوندو هو محمودا ۾ وهنجڻ. جتي اسان سان گڏ اڪرم، خليل ۽ وزير شيدي به شامل ٿي ويندا هئا. اڪرم بُت ۾ ڀريل هوندو هو ۽ هروڀرو به معتبر بنجڻ ۽ اسان تي رعب رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. کيس خليل (جنهن کي اسين ڪڏهن ڪڏهن ”ماڪوڙي پاءُ پڪو“ به چوندا هئاسين) ۽ سيف ڏاڍو تنگ ڪندا هئا ۽ هو انهن کي ڊوڙائيندو هو. باقي آئون ۽ رياض ڪپر تي پاڻيءَ ۾ اڌ ٻاهر ۽ اڌ اندر ويٺا پاڻ ۾ سُر ٻُر ڪندا هئاسين. ڪنهن ڪنهن مهل هو ٽيئي گڏجي اسان ٻنهي کي گهيلي اندر پاڻيءَ ۾ کڻي ويندا هئاسين ۽ پوءِ اسين کين ڊوڙائيندا هئاسين.
    چاچا شمس الدين اڪثر شام جو واپس حيدرآباد ورندو هو. رات جو اسان جي گهر ۾ ڇَڙيل ڳاڙهن چانورن جو ڀت رڌبو هو، جيڪو امان اسان ٽنهي کي ڌار ڌار ٿالهين ۾ وجهي، انهن جي مٿان مکڻ جو وڏو چڪو رکي ڏيندي هئي ۽ اسين اهو مکڻ ۽ ڀت کائيندا هئاسين. اهو مکڻ نانيءَ جي ڳئون جي کير جو هوندو هو. ناني جي ڳئون جا ڪيترائي دلچسپ قصا آهن. جڏهن چاچا عبدالغفور، نوڪريءَ جي سلسلي ۾ اسلام آباد رهندو هو ته جيجي زينب، امان کي لکيل خط ۾ هڪ ڏاڍو دلچسپ جملو لکيو هو، اهو خط مون امان کي پڙهي ٻُڌايو. جيجيءَ لکيو هو، ”اسان جي فليٽ جي پويان ايڏو ته گهڻو گاهه آهي، جو اتي امان جي ڳئون مهينا چري، تڏهن به گاهه نه کٽي.“
    حيدرآباد ۾ چاچا شمس الدين جي گهر کان فرلانگ کن پري پبلڪ اسڪول هو، جتي سيف الدين پڙهندو هو. شام جو اسين اُتي گهمڻ ويندا هئاسين. اسڪول جو باغيچو ۽ ان جي خوبصورتي ڏسي آئون حيران ٿي ويندو هوس ۽ اهو سوچي ڊڄندو به هوس ته متان اسڪول جو چوڪيدار مونکي ٻهراڙيءَ جو ٻار سمجهي، جلهي ويهاري نه ڇڏي. اهڙو ڊپ مونکي اڪثر سيف الدين منهنجا ڪپڙا ڏسي به ڏياريندو هو. کيس سٺا ۽ ٽيڊي ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ مونکي اهي ئي وڏن کيسن وارا ڄٽڪا ڪپڙا.
    سيف الدين ۽ رياض سان منهنجي اها دوستي سالن تائين هلي. پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ، سيف الدين اڳيان پڙهندو ويو. انجنيئر ٿيو، وقت گذرڻ سان گڏ، اسٽيٽس به بدلبو ويو، جذبا به ٿڌا ٿيندا ويا، اسٽيٽس بدليو ته دوست به بدلجي ويا. هاڻ ته بس ڪنهن شادي مُرادي يا ڪڏهن اتفاق سان ڪٿي گڏبا آهيون ته سيف الدين اڌ هٿ ڏيئي هليو ويندو آهي.
    کس پايمال آفت فرسودگی مباد
    دیروز ریگ باویہ آئیند خانہ بود
    ]خدا جي حضور ۾ دعا آهي ته ڪوبه انسان وقت جي هٿان پائمال نه ٿئي. ڏسو، ڪالهه رڻ جي واريءَ اسان جي آئيني خاني جي جڳهه سنڀالي ورتي.[
    سيف الدين جي حوالي سان اڳتي به ذڪر ايندو رهندو، پر هت ٻه ڳالهيون لکي ذڪر کي اڳتي ڌڪينداسين. اها 1990ع جي ڳالهه آهي. حيدرآباد ۾ لساني جهڳڙا زورن تي هئا. انهن ڏينهن آئون ’عبرت‘ ۾ ڪم ڪندو هوس، جنهن جي سب آفيس گلستان سجاد ۾ هئي. آئون آفيس مان نڪري دڙي وڃڻ جي لاءِ قاسم چوڪ وٽ بيٺس، جيئن اتان ڪا گاڏي، رڪشو ڪري يا لفٽ وٺي گدو چوڪ وڃان، پوءِ اتان ڪنهن نموني ٺٽي وڃان ۽ اتان دڙي. ماحول ۽ حالتون ايتريون ته خراب هيون، جو اُتي چوڪ تي بيٺل پوليس وارا به مونکي بار بار اُتان هليو وڃڻ جو چئي رهيا هئا. آئون ڪنهن سواريءَ جي انتظار ڪندو رهيس، ايتري ۾ مون پريان پٺاڻ ڪالوني وٽان سيف کي پنهنجي ڪار ۾ ڀاڀي ڪونجَ سان گڏ ايندي ڏٺو، کيس ڏسي منهنجي پيٽ ۾ ساهه پئجي ويو. هو به اهوئي روڊ وٺي وڃي رهيو هو، جيڏانهن منهنجي منزل هئي، مون اهوئي سمجهيو ته هو مونکي ڏسي ڪار ضرور روڪيندو ۽ هن مونکي ڏٺو ۽ سلام ڪيو، پوءِ ان ئي اسپيڊ سان اڳتي نڪري ويو. سندس ان بي رُخيءَ سبب مون تي جيڪا گذري، سان آئون ئي ٿو ڄاڻان.
    تازو، ڪنڌرا جي هڪ شاعر حسين جاگيراڻي، جيڪو سنگراش جي نالي سان شاعري ڪندو آهي. مونکي فون ڪئي ته تنهنجو ماسات سيف الدين ميمڻ، منهنجو بالا آفيسر آهي، کيس چئي منهنجي بدلي ڪرائي. آئون سندس ڳالهه ٻُڌي ٿورو پريشان ٿي ويس، جو مونکي پڪ نه هئي ته ڪو سيف الدين مونکي ريسپانس ڏيندو. بهرحال، کيس مايوس ڪرڻ مناسب نه سمجهيم ۽ هائو ڪيم. ۽ ڪٿان سيف جو موبائل نمبر هٿ ڪري، کيس فون ڪيم ۽ حسين جاگيراڻي سنگتراش بابت پارت ڪئيمانس. مونکي چيائين ته ٻن ڏينهن کان پوءِ مون وٽ موڪلينس. مون سنگتراش کي چيو، ٻن ڏينهن کان پوءِ هو ويو ته کيس ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيائين. سنگتراش مونکي ٻُڌايو، مون وري سيف کي فون ڪئي ۽ بار بار ڪئي پر هن اٽينڊ نه ڪئي.
    وقت گذرڻ سان گڏ گهڻو ڪجهه بدلجي ٿو وڃي.
    سيف الدين جي ڀيٽ ۾، رياض سان وري به ڪنهن نه ڪنهن نموني رابطو رهندو اچي، هو پنهنجي طبيعت ۾ مست ملنگ ماڻهو آهي. انجنيئرنگ جي ڊگري ورتائين، پر نوڪري نه ڪيائين ۽ نه وري اڄ ڏينهن تائين شادي ڪئي اٿس. پنهنجي مستيءَ ۾ مست ۽ خوش، چاچا الستيءَ کان پوءِ الست کي عملي طور رياض ئي سنڀاليندو اچي.

    هتي آئون چاچا شمس الدين ميمڻ بابت لکڻ ضروري ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته چاچا شمس جو نه رڳو منهنجي زندگي، پر اسان جي سڄي گهر ۽ آس پاس جي مٽن مائٽن تي به تمام گهڻو اثر رهيو آهي ۽ مون کان جيڪڏهن ڪير پُڇي ته تو پنهنجي سانڀر ۾ ڪو فرشتي صفت انسان ڏٺو؟ ته آئون بنا هٻڪ جي ’چاچا شمس الدين ميمڻ‘ جو نالو کڻان.
    جيئن اڳيان ذڪر ڪري آيو آهيان ته چاچا شمس الدين منهنجو سڳو چاچو نه پر بابا جو ماسات آهي. پر هن جو رويو بابا سان ڀاءُ جهڙو ئي رهيو ۽ هو بابا کي ”ادا هاشم“ چئي سڏيندو هو. پاڻ اريگيشن کاتي مان چيف انجنيئر ٿي رٽائرڊ ٿيو. انجنيئري کاتو پاڻ وٽ شهنشاهه کاتو آهي. رشوت ۽ ٻين ذريعن مان وڏو پئسو ٺاهيو وڃي ٿو، هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي چاچا شمس الدين مونکي ٻُڌايو ته، ”آئون جنهن کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ هئس، اُتي رشوت جو پئسو جام هو ۽ آئون به ان سسٽم جو حصو هئس، پر مون ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ رشوت کاڌي ۽ ڪوشش ڪئي ته ڪم ٺيڪ ٿين، جيئن عام ماڻهن جو نقصان گهٽ ٿئي.“
    مونکي ياد آهي، ننڍو هوس ته ڏسندو هوس ته پاڻ جڏهن به دڙي ايندو هو ته ڪيترائي ماڻهو، جيڪي ضرورتمند هوندا هئا، سندس اچڻ جو ٻُڌي اچي گڏ ٿيندا هئا (انهن ڏينهن پاڻ اڃا ايس. ڊي. او هئا) ۽ پنهنجا ڪم ڪاريون ۽ ضرورتون سندس اڳيان بيان ڪندا هئا ۽ هو سندن کُلي دل ۽ کليل هٿ سان مدد ڪندو هو. آئون اهو به ڏسندو هوس ته اسان جي گهر به ڪيتريون ئي مايون اينديون هُيون ۽ پُڇنديون هيون ته ”حاجي شمس الدين ڪڏهن ايندو؟“ انهن مان ڪي جيڪي صفا ضرورتمند هونديون هيون، ته اهي پنهنجون ضرورتون ۽ مجبوريون ناني ۽ امان جي اڳيان رکنديون هُيون ۽ هو وري سندن اهي گهُرجون جيجي بچل تائين پهچائينديون هيون ۽ جواب ۾ چاچا انهن کي مدد طور ڪجهه نه ڪجهه ڏياري موڪليندو هو.
    هونئن ته دڙي ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو ۽ آفيسر ٿيا. پر مون جيترا ماڻهو چاچا وٽ ايندي ڏٺا، اوترا ٻين وٽ نه. هونئن به ماڻهو انهن وٽ ئي ويندا آهن، جتي سندن عرض اگهائبو آهي.
    چاچا شمس پنهنجن سڀني ڀائرن، ڀيڻ ۽ اولاد جي مٿان به هٿ رکيو. چاچا شمس الدين کي چار ٻيا ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي. ڀائرن ۾ محمد ابراهيم وڪيل، عبدالغفور الستي، جيڪي کانئس وڏا هئا ۽ چاچا احمد (جنهن کي چاچا ابوني سڏيندا هئاسين) ۽ چاچا حسن کانئس ننڍا هئا. چاچا حسن مجذوب هو، نه ڪنهن جي ٻيءَ ۽ نه ٽيءَ ۾، ۽ خديجه، جنهن کي اسين سڀ پڦي خطو سڏيندا هئاسين، سڀني ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هئي.
    چاچا شمس الدين انهن سڀني جي ٻارن کي پڙهڻ ۾ مدد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي انجنيئر ٿيا ته ڪي ڊاڪٽر. چاچا الستي جنهن جو پنهنجي اولاد ڏانهن ڌيان نه هوندو هو، ان کي نه رڳو ڊگهو عرصو پاڻ سان گڏ رهايو، پر سندس هڪ ڌيءَ ڊاڪٽر نورجهان، ٻن پُٽن ادا ڊاڪٽر نياز احمد ۽ رياض احمد کي پڙهڻ ۾ به مدد ڪئي. ادا ڊاڪٽر نياز احمد ته رهندو ئي چاچا شمس وٽ هو ۽ چاچا کيس پنهنجي اولاد وانگر پاليو، کيس پڙهايو ۽ پنهنجي وڏي نياڻي ادي رضوانه کيس نڪاح ۾ ڏني. ادا نياز صفا مولائي مڙس هو، پيءُ جي توجهه نه هئڻ سبب اندران ئي اندران ڪيترين ئي محرومين جو شڪار هئڻ سبب سندس گهڻين شين ڏانهن ڌيان نه هو. ڊاڪٽر هوندي به، ڄمي ڊاڪٽري نه ڪيائين. سندس زندگيءَ ۾ به چاچا جو مٿس هٿ هوندو هو ۽ گذاري وڃڻ کانپوءِ ته هونئن ئي ادا نياز احمد جي ٽنهي ٻارن جي سارسنڀال ۽ پڙهائي ۽ شادي مُرادي چاچا شمس ئي پنهنجي ذمي کنئي.
    خود آئون، جيڪڏهن پويان مُڙي ڏسان ٿو ته چاچا شمس الدين جون اسان تي وڏيون مهربانيون رهيون. پاڻ امان کي چيو هئائين ته هو چاهي ٿو ته آئون پڙهي ڊاڪٽر ٿيان ۽ منهنجي پڙهائيءَ جو سڄو خرچ پاڻ ئي ڀريندو. پر آئون پنهنجي محرومين جي ڪري پڙهي نه سگهيس. منهنجي ننڍي ڀيڻ ياسمين کي به چاچا شمس الدين ئي پڙهايو، پوءِ جڏهن منهنجي نياڻين پارس ۽ امرتا مئٽرڪ پاس ڪئي ته چاچا شمس الدين جي زور ڀرڻ ۽ همٿائڻ تي کين زبيده ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏنم ۽ انهن جي پڙهائيءَ جو خرچ در ماهه چاچا ئي ڀريو، مون رڳو سندن خرچي ۽ ٻيو هلڪو ڦلڪو خرچ ڀريو.... پوءِ جڏهن منهنجي ٻنهي نياڻين جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿي ته انهن مان هڪ جو خرچ چاچا ئي ڀريو.
    ناني ڌنيٰ، جيڪا چاچا جي سَسُ هئي، پر چاچا شمس الدين کيس سڳي ماءُ جيان سنڀاليو. سندس بيماري سيماري ۽ کاڌي پيتي جو سڄو ذمون چاچا جي مٿان ئي هو، جيتوڻيڪ نانيءَ جو ڀائيٽو سيٺ جمن مرحوم، جيڪو منهنجي وڏي ڀيڻ ادي عزيزان جو گهر وارو هو ۽ دڙي جي وڏن سيٺين مان هو، پر ناني چاچا شمس وٽ ئي رهي ۽ کيس سدائين دعائون ڪندي هئي.
    امان کي به سڄي زندگيءَ جيجيءَ ڀانيو. کيس مهيني سر مهيني، مخصوص پئسا ڏيندي هئي ۽ بيماري سيماريءَ ۾ پڻ مدد ڪندي هئي.
    آئون پهريون ڀيرو ڪراچي تڏهن ويو هوس، جڏهن چاچا شمس الدين پهريون ڀيرو حج تي ويو هو. اهو شايد 73-1972ع جو سال هو. آئون به بابا سان گڏجي چاچا کي جهاز ۾ چاڙهڻ ويو هوس. ان وقت منهنجي عمر ڏهه يارهن سال هئي. اسين ڪيترائي مائٽ، جن ۾ خانصاحب محمد يوسف، سندس ڀاءُ سيٺ عبدالله عرف حاجي بلا، چاچا ڪريم بخش عرف چاچا ڪرو هن وقت مون کي ياد ٿا اچن. ڪراچي وڃڻ جي لاءِ اسين صبح جو سوير پنجين واري بس ۾ چڙهي ڪراچي روانا ٿياسين. اسان جي رهائش بمبئي هوٽل آءِ.آءِ چنڊريگر روڊ ۾ هئي، منهنجي خيال ۾ هوٽل ۾ سڀني مائٽن جي رهائش ۽ ماني ٽڪيءَ جو خرچ چاچا شمس الدين ئي ڀريو هو.
    ڪراچي پهچي منهنجو وات ئي ڦاٽي ويو، وڏا وڏا روڊ، انهن تي قطار ۾ هلندڙ گاڏيون، روڊن جي پاسن کان بنگلا ۽ انهن جي ٻاهران ننڍا باغيچا ۽ وڻڪاري، بجلي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه منهنجي لاءِ حيرت جو جهان هو. اسين تين هٽي اسٽاپ تي لٿاسين. ان وقت ڏينهن جو هڪ سوا ٿيو هو، پهرين اسان سڀني اُت هڪ هوٽل ۾ ماني کاڌي، پوءِ رڪشائن ۾ چڙهي بمبئي هوٽل پهتاسين، ان وقت ڪراچي جي جيڪا مون کي سڀ کان اهم ۽ چٽي يادگيري آهي، اها ٽرام جي آهي. ان وقت اڃا ڪراچي ۾ ٽرامون هلنديون هيون. مون جڏهن ٽرامن ۾ ماڻهن کي چڙهندي ۽ لهندي ڏٺو ته حيران ٿي ويو هوس. ڪراچي ۾ اهو ٽرام سسٽم 30 اپريل 1975ع تي ختم ڪيو ويو.
    ڪراچي ۾ ٽرام هلائڻ جي رٿ 1881ع ۾ ”ڪراچي ميونسپل“ جي هڪ انجنيئر ”جيمس اسٽريجن“ تيار ڪري لندن موڪلي، جيڪا 1883ع ۾ بمبئي حڪومت منظور ڪئي ۽ ٽرام وي ايڪٽ پاس ڪيو. سنڌ اُن وقت بمبئي پريذيڊنسيءَ جو حصو هئي. جنهن کانپوءِ ٽينڊر گهرايا ويا ۽ لندن جي هڪ فرم ”ايڊورڊ ميٿيو“ جو ٽينڊر منظور ٿيو ۽ 20 اپريل 1885ع تي سنڌ جي ڪمشنر ”هينري ارسڪن“ ڪراچي ۾ ٽرام وي نظام جو افتتاح ڪيو. ٽرام کي پهرين ڪوئلي جي انجڻ سان هلايو ويندو هو. پوءِ انجڻين جي گوڙ سبب شهرين جي احتجاج کي مدنظر رکي ٽرامن جون انجڻيون ختم ڪري ٽرامن کي گهوڙن سان ڇڪڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. اڳتي هلي 1909ع ۾ گهوڙن جي بدران پئٽرول انجڻيون لڳايون ويون. ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ محمد علي نالي هڪ شخص ٽرام وي سسٽم خريد ڪري هلائڻ شروع ڪيو. ان محمد علي جون بسون به ڪراچي ۾ هلنديون هيون.
    ٻيو ڀيرو جيڪو ڪراچي وڃڻ مون کي ياد آهي، اهو تڏهن جڏهن چاچا شمس الدين ٻيو ڀيرو حج تي ويو. هن ڀيري هو پاڻ سان گڏ جيجي بچل، ناني ڌنيٰ، سندس ماءُ ڏاڏي حڪيمان، ڀيڻ پڦي خطو، ڀيڻج حاجي اشرف يعني پڦي خطو جو پُٽ، ۽ حاجي بلا (سيٺ عبدالله) به وٺي ويو. تڏهن به کين حج تي روانو ڪرڻ جي لاءِ دڙي مان مائٽن (مردن توڙي عورتن) جو هڪ وڏو ڊنبلو هڪ ڏينهن اڳ دڙي مان سيٺ حاجي جمن جي بس ۾ چڙهي ڪراچي روانو ٿيو. سيٺ حاجي جمن چاچا جن جو سُوٽ يا ماسات هو. سندس ڪراچي روٽ تي بسون هلنديون هيون. ۽ دڙي ۾ هڪ وڏي رائس مل به هئي. سيٺ صاحب ڪراچي مان مهاجرن مان عشق جي شادي ڪئي هئي، ان وقت سندس وڏي ڀل ڀائي هئي. پوءِ ته وري اهڙو ٽُٽو جو... خدا شل ڪنهن جو زوال نه آڻي.
    اهي سڀ مائٽ ڪراچي ۾ سيٺ حاجي جمن جي جاءِ ۾ رهيا. جيڪو فليٽ ٽائپ هو. سيٺ صاحب جو اهو گهر چاڪيواڙي ۾ هو. ان گهر جي ڪٻٽن ۾ سيٺ صاحب جي هلندڙ بسين جون ٽڪيٽون رکيل هيون، ۽ اسان ٻارن انهن ٽڪيٽن جي جيڪا تباهي ڪئي، اها ڏسڻ وتان هئي ۽ اسان جي وڃڻ کانپوءِ حاجي جمن صاحب ضرور منهن مٿو پٽيو هوندو. ان وقت بسين جا ڪنڊيڪٽر ٿيلهو ڳچيءَ ۾ پائي، پسئنيجرن کان ڀاڙو وٺي کين ٽڪيٽون ڏيندا هئا ۽ ٽڪيٽ چيڪر وري اوچتو انهن ٽڪيٽن جي چيڪنگ ڪندا هئا.
    رات اُت رهي، صبح جو سوير ايئرپورٽ روانا ٿياسين، ان وقت ايئرپورٽ ڪراچي کان گهڻو ٻاهر هو ۽ اڃا ان جي آسپاس ڪا آبادي نه ٿي هئي. اسان جي لاءِ ايئرپورٽ به هڪ عجب جهڙي ڳالهه هئي ۽ جهاز پڻ. ان وقت ايئرپورٽ ايڏو وڏو نه هو. آئون ۽ رياض ڪيترن ئي ڏينهن تائين ايئرپورٽ ۽ جهازن بابت ٻاراڻي قسم جون ڳالهيون ڪندا رهياسين.
    *
    برطانيا جو اڳوڻو وزيراعظم سر ونسٽن چرچل بي حد ڏاهو انسان هو، سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ چوڻيون ماڻهوءَ جو دماغ ئي ڦيرايو ڇڏين. سندس اهڙي ئي هڪ هڪ چوڻي آهي ته، ”نڪا دائمي دوستي آهي ۽ نه وري دائمي دشمني، دائمي رڳو مفاد ئي آهن.“ چرچل جي ان چوڻيءَ کي مون پهريون ڀيرو حقيقي روپ ۾ تڏهن ڏٺو، جڏهن چاچا شمس الدين 2003ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي سجاول- ميرپور بٺورو (پي ايس 86) تان صوبائي اسيمبليءَ جي لاءِ اميدوار بيٺو. انهن چونڊن ۾ چاچا جو بيهڻ ۽ کيس پي. پي جي ٽڪيٽ ملڻ خود حيرت ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه هئي. چاچا شمس الدين جي اميدوار ٿيڻ کان اڳ ان تڪ تي جن اميدوارن جا نالا ٻُڌڻ ۾ پي آيا، سي سڀ کُٽل کاتا ۽ ڇٽل ڪارتوس هئا ۽ عوام ۾ پڻ انهن جي ڪا ساک نه هئي. انهن مان هڪ وڏيرو احمد ميمڻ به هو، جيڪو 1984ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور پراڻي ۽ گهاگهه وڏيري رئيس مامون خان ملڪاڻيءَ کي شڪست ڏيئي ايم. اين. اي چونڊيو هو. جڏهن چاچا شمس الدين کي پي. پي اميدوار انائونس ڪري، ٽڪيٽ جاري ڪئي ته وڏيرو احمد ميمڻ جيڪو ٽڪيٽ جي آسري ۾ هو، تنهن پي. پي ڇڏي شيرازي گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. مونکي ياد آهي ته جڏهن احمد ميمڻ ايم. اين. اي چونڊيو هو ته چاچا شمس الدين، سندس پنهنجي لطيف آباد واري بنگلي تي دعوت ڪئي هئي. اها دعوت مونکي ان ڪري به ياد آهي، جو اُن ۾ منهنجي پهريون ڀيرو ڊاڪٽر نجم عباسيءَ سان ملاقات ٿي هئي، انهن ڏينهن ئي چاچا شمس الدين جي وڏي پُٽ ۽ منهنجي ماسات سيف الدين جي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي نياڻي ڪونج سان رشتي جي ڳالهه پڪي ٿي هئي.
    ان حوالي سان ڏٺو وڃي ها ته پراڻن ناتن ۽ واسطن کي نظر ۾ رکندي وڏيرو احمد ميمڻ، چاچا شمس الدين جي مدد ڪري ها، پر مفاد هر واسطي ۽ لاڳاپي کان مٿي آهن. وڏيري احمد جي هاڻ پي. پي يا چاچا شمس الدين ۾ مفاد نه رهيا هئا. رڳو ايترو هجي ها ته به خير هو، پر چونڊن جي ڏينهن چاچا شمس الدين جڏهن ’نودو ٻارڻ‘ پولنگ اسٽيشن وزٽ ڪرڻ ويو ته وڏيري احمد ميمڻ جي پُٽن چاچا سان وڏي بدتميزي ڪئي ۽ کيس گارگند به ڪئي. وڏيري احمد ميمڻ جو هڪ پُٽ اقبال ميمڻ، 1984ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ اسان سان گڏ پڙهندو هو ۽ ڪاليج ۾ جڏهن غريب شاگردن کي زڪوات فنڊ مان اسڪالر شپ ڏني ويئي ته انهن غريب شاگردن ۾ وڏيري احمد جو پٽ اقبال ميمڻ به شامل هو.
    خير، وڏيرو احمد ميمڻ ۽ سندس پُٽ ته هئا ڌاريان، جن جون مفادن سبب نه رڳو اکيون ٻُوٽجي ويون، پر منجهن سڃاڻپ به نه رهي، پر چاچا سان پنهنجن به ته گهٽ نه ڪئي، پولنگ واري ڏينهن صبح جو جڏهن چاچا اسان جي گهرن جي سامهون واري پولنگ اسٽيشن تي پهتو، جنهن جو پرزائيڊنگ آفيسر چاچا شمس جي ويجهي دوست سيٺ حاجي بلا (عبدالله) جو پُٽ طارق محمود هو، تنهن کي جڏهن چاچا چيو ته ”پُٽ! الله کي حاضر ناظر ڄاڻي مون سان وعدو ڪر ته ڪنهن به اميدوار جي ڌر نه ٿيندين.“ ته همراهه چاچا شمس تي اصل وهلورجي اُلرجي آيو.
    انهن چونڊن ۾ چاچا جي پنهنجي وڏي ڪٽنب مان ڪنهن به مدد نه ڪئي، انهن ۾ چاچا جي سئوٽ ارباب غلام مصطفيٰ ميمڻ جي پٽ ارباب رميز الدين، سندس وڏو ڀائيٽو ارباب فيض محمد ميمڻ، سندس قريبي دوست حاجي خانصاحب يوسف ميمڻ جي پُٽن ۽ سندس ڀائيٽن به سندس بدران شيرازين جي مدد ڪئي. ٻيو ته ٺهيو، پر چاچا شمس الدين جو ڀائيٽو ۽ ناٺي عقيل احمد ميمڻ به شيرازين سان گڏ رهيو. تفو بر تو اي چرخ گردان تفو (اي گردش زمانه حيف اٿئي!) چاچا جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ته سڀ همراهه سندس اڳيان پويان پيا ڦرندا هئا ۽ جڏهن رٽائرڊ ٿيو ۽ چونڊن ۾ بيٺو ته سڀ ڀڄي ويا ۽ سندس توهين ڪرڻ کان به نه مُڙيا. چاچا شمس الدين کي ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو ڪيترو عرصو مٿن ڪاوڙيل رهيو ۽ پوءِ کين معاف ڪري ڇڏيائين. ۽ هاڻ تازو جڏهن 2013ع جي چونڊن ۾ ارباب رميز الدين ميمڻ کي پي پي پي ايم.اين.اي جي ٽڪيٽ ڏني ته چاچا وري به سڀ ڳالهيون وساري سندس مدد ڪئي.
    چاچا شمس الدين کي پي. پي. پي کان ٽڪيٽ ارباب وزير احمد ميمڻ ڏياري. ۽ ارباب وزير ميمڻ قومي اسيمبليءَ جو اميدوار هو، سندس چاچا سان اهو طئي ٿيو ته سندس چونڊ مهم جو سڄو خرچ به چاچا شمس ئي ڀريندو. چاچا شمس جو اندازو هو ته چونڊن ۾ پندرهن ويهه لک خرچ ايندو، پر انهن چونڊن ۾ چاچا جو خرچ چاليهن لکن کان به مٿي آيو. ارباب وزير ميمڻ اڪثر چونڊون هارائيندو رهندو آهي. سندس باري ۾ عام طورتي اهو مشهور آهي ته سندس چونڊن کٽڻ کان وڌيڪ چونڊ خرچ جي نالي ۾ مالي مدد وٺڻ تي زور هوندو آهي ۽ پوءِ اها مليل مالي مدد چونڊ مهم تي خرچڻ بدران پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو آهي. چونڊ مهم صحيح طريقي سان نه هلائڻ سبب ٻيو ته ٺهيو پر محترمھ بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ 2008ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ پڻ کٽي نه سگهيو. چاچا شمس الدين ماضيءَ ۾ پڻ ارباب وزير ميمڻ جي چونڊن ۾ بيهڻ تي سٺي مالي مدد ڪندو هو.
    چاچا شمس الدين جو چوڻ هو ته پاڻ انهن چونڊن ۾ ان ڪري بيٺو ته هن خذمت ڪرڻ جو جذبو رکيو ٿي، جيئن هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچي سنڌ جي پاڻي وغيره جي مسئلي تي ڀرپور آواز اُٿاري سگهي. مونکي خبر ڪونهي ته چاچا اُن خوشفهميءَ ۾ ڇو هو ته اسيمبليءَ ۾ پهچي هو سنڌ جي پاڻي وغيره بابت ڪو سٺو ڪردار ادا ڪري ٿي سگهيو، ڇو ته وفاقي سرڪار يعني اسٽيبلشمينٽ وٽ ته انهن اسيمبلين جي ڪا اهميت ئي ڪونهي. سنڌ، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان اسيمبليون ڪيترائي ڀيرا ڪالا باغ ڊيم جي رٿا کي ختم ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪري چڪيون آهن، پر وفاقي سرڪار اهو منصوبو ختم ڪرڻ بدران اڃا تائين اتفاق راءِ جو راڳ آلاپينديون، اهو منصوبو ختم نه پيون ڪن.
    چاچا کي انهن چونڊن ۾ ڪيترائي تجربا ٿيا، جيڪي سندس لاءِ حيرت جو سبب بڻيا. انهن مان هڪ تجربو ’عوامي تحريڪ‘ کان حمايت وٺڻ به هو. ان سلسلي ۾ پاڻ عوامي تحريڪ جي مرڪزي قائد محترم رسول بخش پليجي سان به مليو. پهرين ته هن مٿس چيف انجنئير هئڻ دوران سنڌ جي پاڻي وغيره جي حوالي سان مصلحت ڪرڻ وغيره جا الزام هڻي، حمايت کان انڪار ڪيو، پر پوءِ ڪجهه همراهه وچ ۾ پيا ۽ چاچا پاران پارٽي فنڊ ۾ ڏيڊ لک رپيا جمع ڪرائڻ تي حمايت جو اعلان ڪيو ويو.
    چاچا شمس الدين، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي سان به پنهنجي ملاقاتن جي حوالي سان ڪيتريون ئي يادگيريون ٻُڌائيندو آهي. سندس چواڻي ته 1967ع ۾ پاڻ جڏهن ايس. ڊي. او هو ۽ ٺٽي جي دولهه دريا خان پل تي ڊيوٽي هئس، جيڪا ان وقت تعمير ٿي رهي هئي، انهن ڏينهن ملڪ جو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان، چوهڙ جماليءَ ۾ رئيس محمد يوسف چانڊيي وٽ شڪار ڪرڻ آيو هو. ٻي ڏينهن کين اطلاع مليو ته ملڪ جو پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو ڪو خاص نياپو کڻي صدر صاحب سان ملڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي، کيس وٽس پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، اسين ٻيڙيون تيار ڪريو بيٺا هئاسين. ان وقت درياهه ٻيڙين ذريعي اُڪربو هو. ڏنل وقت کانپوءِ به ڪافي انتظار ڪرڻ جي باوجود به ڀٽو صاحب نه پهتوته آفيسر سڀ چوهڙ جمالي هليا ويا ۽ آئون به وڃڻ جي تيارين ۾ هوس جو ڀٽو صاحب به اچي پهتو. آفيسرن کي موجود نه ڏسي حيران ٿيو ۽ پوءِ ناراضگيءَ جو اظهار ڪيائين. مون کيس ٻُڌايو ته هو سڀ اوهان جو انتظار ڪري هليا ويا. وڌيڪ جيئن اوهان حڪم ڪريو. مونکي چيائين ته مونکي صدر صاحب کي اهم نياپو ڏيڻو آهي، سو تون مونکي چوهڙ جمالي پهچائي. اسين ٻيڙيءَ ۾ درياهه جي ٻي ڪنڌيءَ تي آياسين ۽ پوءِ مون جيپ ڊرائيور ڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي چوهڙ جماليءَ پهچايو ۽ ان سفر دوران ڀٽو صاحب سڄي واٽ مون سان ڪچهري ڪندو هليو. چوهڙ جمالي صدارتي ڪئمپ پهتاسين ته ڀٽو صاحب جيپ مان لهي سڌو صدر ايوب سان ملڻ هليو ويو ۽ مونکي بيهڻ جو چيائين ته متان کيس واپس وڃڻ جي لاءِ سندس گاڏيءَ جي گهرج پوي، ڪافي دير کانپوءِ ڀٽو واپس آيو ۽ کيس وڃڻ جي اجازت ڏنائين، ڇو ته صدر ايوب ڀٽي صاحب جي اچڻ ۽ اهم نياپو ملڻ کان پوءِ شڪار جو پروگرام اڌ ۾ ڇڏي واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀٽي صاحب به ساڻس گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پوءِ ايوب خان کان ڌار ٿيو ۽ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيائين ته چاچا شمس الدين جي ڀاءُ ارباب حاجي ولي محمد، چاچا جي چوڻ تي سندس پنهنجي دڙي واري بنگلي تي دعوت ڪئي، ڇو ته چاچا نوڪريءَ ۾ هئڻ سبب منظر تي اچي نٿي سگهيو. ان وقت چونڊون ٿي رهيون هيون. اُن دعوت دوران ڀٽي صاحب، چاچا کي چيو ته اوهان ڪو چڱو ماڻهو ڏيو ته ان کي هتان صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏيان. چاچا پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد ابراهيم وڪيل جو نالو ڏنو. ڀٽي صاحب جي دعوت کان پوءِ چاچا سڀني ڪٽنب جي ڀاتين جي گڏجاڻي ڪري سندس اڳيان ڀٽي صاحب جي مٿين آڇ رکي. بقول چاچا جي ته ”ارباب غلام دستگير ۽ ٻين سڀني چيو ته، اسانجا جمال خان لغاري سان پراڻا واسطا آهن. ڀٽي جو ساٿ ڏيڻ معنيٰ انهن سان ڦٽائڻ، سو اسين محمد ابراهيم جي حمايت نه ڪنداسين.“ خاندان وارا نه بيٺا ته اسان ڀٽي صاحب سان معذرت ڪئي ۽ ڀٽي صاحب صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ محمد خان سومري کي ڏني ۽ قومي اسيمبليءَ تي پاڻ بيٺو. سندس سامهون محمد يوسف، چانڊيو بيٺو. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي، محمد ابراهيم کي پنهنجو چيف اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪيو.“
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سياسي ميدان يا سياسي فيصلن ۾ ڪٽنب وارن ڪڏهن به چاچا جو ساٿ نه ڏنو. 1970ع ۾ به ائين ٿيو ته 2003ع ۾ به ائين. سياست ۾ هر ڪنهن جا پنهنجا مفاد آهن ۽ اڳ سياست ۾ موجود همراهه نه چاهيندو آهي ته ڪو ٻيو همراهه سياست ۾ اچي ۽ پنهنجا پير کوڙي.
    ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي سان چاچا شمس الدين پنهنجون ساروڻيون ساريندي چيو ته، ”جڏهن ڀٽو صاحب اقتدار ۾ آيو ته ان وقت آئون ميرپورخاص ۾ ايس. ڊي. او هوس. پاڻ ميرپورخاص جي دوري تي آيو ته اسين سندس رسائي ۾ هئاسين. پاڻ جلسي کي خطاب ڪري جڏهن اريگيشن ريسٽ هائوس پهتو ته مونکي اُتي بيٺل ڏسي پڇيائين، ”ميمڻ تون هتي....؟“ چيومانس، ”سر منهنجي هت اوهان جي خدمت ۾ ڊيوٽي آهي.“ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اندر هليو ويو. واپس وڃڻ کان اڳ هن مونکي اندر گهرايو، خبر چار ورتائين ۽ ڪم ڪار جو پُڇيائين، ”مون سندس مهرباني مڃي ته سر اوهان جي دعا کپي.“

    آئون پنهنجي سنگت ۽ اُٿي ويٺي جي ڪري چاچا شمس الدين وٽ ’ڪامريڊ‘ ليکبو هوس. نه رڳو چاچا وٽ، پر پنهنجي مرحوم ڀيڻويي سيٺ جمن وٽ به. هڪ ڀيري جڏهن منهنجي دوست موٽو مل ڪنول ڪوهستانيءَ منهنجي ڀيڻويي سيٺ جمن کي چيو ته، ”اوهان ته ٻه چار ڀيرا عمري تي ويا آهيو، ڪڏهن يوسف کي به موڪليو“ ته سيٺ جمن وراڻيو، ”يوسف ته ڪامريڊ ماڻهو آهي. عمرو ڪري ڇا ڪندو.“ هڪ ڀيري ته چاچا شمس الدين مونکي چيو، ”تنهنجي ته هاڻ دين تي هئڻ تي به شڪ اٿم.“ پاڻ مونکي سدائين نماز پڙهڻ جي لاءِ چوندو هو، چاچا جو واسطو تبليغي جماعت سان رهيو آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون نه ڪڏهن ڪنهن جي چوڻ تي نماز پڙهي ۽ نه ئي وري ڪنهن کي خوش ڪرڻ خاطر. مون جڏهن به نماز پڙهي ته پنهنجي مرضيءَ سان ۽ پنهنجي اندر جي اُڌمي تي.
    نماز زاهدان سجده سجود
    نماز عاشقان ترڪ وجود
    ]زاهدن جي نماز ته رڳو سجدن تائين محدود آهي ۽ الله جي عاشقن جي نماز ته اُن جي راهه ۾ پاڻ کي مٽائڻ جو نالو آهي.[
    مون پنهنجي ايران جي سفرنامي ”اڌ مهينو ايران ۾“ ۾ به اها ڳالهه بار بار ورجائي آهي ۽ هت به وري ان ڳالهه کي ورجايان ٿو ته، ”آئون ڪڏهن به ناستڪ يا الله جي وجود جو انڪاري نه رهيو آهيان. منهنجو دين، منهنجو ايمان شاهه لطيف وارو رهيو آهي. نبي ڪريمﷺ جي شخصيت منهنجي نظر ۾ عظيم انقلابي شخصيت رهي آهي، جنهن نه رڳو دور جاهليت ۾ ماڻهن جا ذهن بدلايا ۽ کين هڪ وڏي انقلاب لاءِ تيار ڪيو، پر اُن عظيم انقلاب جي اڳواڻي به ڪئي. پاڻ سڳورنﷺ جي سيرت تي ڪتابن جو مطالعو منهنجي پسند جو موضوع رهيو آهي. مون جڏهن ڊاڪٽر محمد حميد الله خان جو سيرت تي ڪتاب پڙهيو ته مونکي ڏاڍو وڻيو ۽ مون هڪدم ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو پوءِ سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران ”محمد رسول اللهﷺ “ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، مون جڏهن اهو ڪتاب چاچا شمس الدين کي ڏنو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ”هاڻ تون صحيح رستي تي آهين.“ انهن ڏينهن چاچا جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ هڪ لالچ به هئي، منهنجي خواهش هئي ته آئون عمرو ڪريان، اها خواهش منهنجي اندر ۾ شدت سان موجود هئي. پئسا ته مون وٽ نه هئا، تنهنڪري مون سوچيو ته ڪنهن نموني سان چاچا سان ان خواهش جو اظهار ڪريان، پر ڪڏهن به ڪري نه سگهيس. منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه به هئي ته چاچا شمس الدين پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين، ڀائرن ۽ ڀيڻن ۽ ڀاڄائين کي پنهنجي خرچ تي حج تي وٺي ويو هو. سو جڏهن مون چاچا کي اهو ڪتاب ڏنو ته پاڻ خوش ٿيندي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيائين، ”ايندڙ سال انشاءَ الله توکي عمرو ڪرائيندس.“ اهو ٻُڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيو هوس.
    پوءِ خبر ناهي ڇو چاچا کي اها ڳالهه وسري ويئي يا عمرو منهنجي نصيب ۾ نه هو. بهرحال نه پوءِ وري ڪڏهن چاچا ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ۽ نه وري مون کيس سندس ڳالهه ياد ڏياري. عمرو ته پوءِ مون 2013ع ۾ ڪيو. پر اهو ڪرائڻ ۾ منهنجي دوست سارنگ سهتي جو هٿ هو، نه ته شايد اها سعادت آئون ماڻي نه سگهان ها.ان عمري واري سفر جا تاثرات ۽ مشاهدا مون پنهنجي ڪتاب ”اي در جنين ديکيو“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيا آهن.
    -


    9

    گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي ۾ جڏهن نائون ڪلاس پاس ڪري ڏهين ۾ داخل ٿيوس ته اسان ڪجهه ڇوڪرن جو جوڙ ٺهي ويو، گڏجي پڙهڻ، اسڪول جو ڪم ڪرڻ، شرارتون ڪرڻ، مهيني ٻي مهيني ڪڏهن ٺٽي ته ڪڏهن ڪينجهر گڏجي وڃي گهمڻ ۾ سڀ گڏ هوندا هئاسين. ان دور جا ڪيترا بلئڪ اينڊ وائيٽ نڪتل فوٽو اڃا تائين مون وٽ موجود آهن. اڳتي هلي اسان جي ڪلاس ۾ الائجي ڪيئن ڇوڪرن ۾ گروپ بندي ٿي پئي ته اسين سڀ هڪ ئي گروپ ۾ هوندا هئاسين، جنهن کي ٻيو گروپ، جنهن لاءِ اهو مشهو هو ته هڪ ’استاد جي اشاري‘ تي هلندو، ’استاد مخالف گروپ‘ سڏيندو هو. اسان واري گروپ ۾ ڪلاس جي ڇهن ستن هوشيار شاگردن کي ڇڏي ڪري باقي سڀ ڇوڪرا شامل هوندا. اسين جيڪي ڇوڪرا هڪ ئي گروپ ۾ شامل هوندا هئاسين انهن ۾ محمود عالم سومرو، نذير ميمڻ، نياز عباسي، جمن ڪنڀار، عبدالغني کڏو، يار محمد شيدي، بچايو ميمڻ، حاجي ڪڇي، الطاف شاهه، آئون ۽ ڪجهه ٻيا ڇوڪرا هوندا هئا. محمود عالم سومرو هوندو ته ڏاڍو هوشيار هو، پر اسان سان گڏ ڏاڍو جذباتي به هوندو هو، رڳو ڪير کيس ڪنهن ڳالهه لاءِ اشارو ڪري. پوءِ ٻيو ته ٺهيو، پر لٺ ڌڪي ۾، سڀني کان اڳرو هوندو هو.
    اسان جي ڪلاس ٽيچر سائين غلام مصطفيٰ پليجي، ڇوڪرن ۾ اها ٿيل گروپ بازي ختم ڪرائڻ ۽ کين پاڻ ۾ ٺاهڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، پر ٻاراڻي وهي جي ناداني هئي، تنهنڪري سائين غلام مصطفيٰ پليجي جون ڪوششون ڪامياب نه ويون ۽ ڇوڪرا پاڻ ۾ نه ٺهيا. اڳتي هلي زندگيءَ جي تجربن گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو ۽ ڇوڪرن جون پاڻ ۾ اجايون سجايون رنجشون ختم ٿي ويون.
    اسان فيصلو ڪيو ته ٻي گروپ وارن تي سرسي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪو ڪتاب ڇپائجي. ها هڪ هاڪاري ڪوشش ڪئي، پر ڪو رهبري ڪرڻ وارو نه هو. اسان ان لاءِ صلاح مصلحت خاطر هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي. جنهن ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ هڪ پبليڪيشن قائم ڪرڻ جي لاءِ نالو ويچار هيٺ آيو. اتي اسان ڪيترائي نالا سوچيا، نيٺ ”هوشو پبليڪيشن“ تي سهمت ٿياسين ۽ اهوئي نالو رکيوسين.
    پبليڪيشن قائم ڪرڻ کان پوءِ مواد ۽ پئسا گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون شروع ڪيوسيون. پهرين پاڻ ۾ ڦوڙي ڪئيسين، جيڪا ٻه اڍائي سئو روپيا ٿي. انهن مان ته ڪم ٿيڻ ممڪن نه هو، تنهنڪري چندو ڪرڻ جو سوچيوسين ۽ جنهن وٽ به چندو وٺڻ ٿي وياسين ته اهو ٿي چيوسين ته، ”اسان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ ’هوشو پبليڪيشن‘ قائم ڪئي آهي، ان پاران هڪ ڪتاب ڇپائي رهيا آهيون.... تنهن لاءِ اوهان اسان جي مدد ڪريو.“
    چندي وٺڻ لاءِ وڃڻ کان اڳ، اسان اهو پي سمجهيو ته بس اسان جي چوڻ جي دير آهي. ماڻهو ٻولي ۽ ادب جي نالي ۾ اسان کي سئو پنجاهه روپيا ته ضرور ڏيندا. پر جڏهن ماڻهن رپيو رپيو، ٻه ٻه روپيا ڏيڻ شروع ڪيا ته ڏاڍو دل شڪستو ٿياسين ۽ سڀني دوستن همت هاري ڇڏي ۽ رڳو آئون ئي اڪيلو هوس، جنهن کي اهو ضد هو ته ”اعلان ڪيو اٿئون ته ڪتاب ڇپرائينداسين. سو هاڻ اهو ضرور ڇپبو.“ پوءِ مون تي اها ڌن سوار ٿي ويئي ته ڇا به ٿي پوي هٿ ناهن ڪڍڻا ۽ ڪتاب هر حالت ۾ ڇپائڻو آهي ۽ پوءِ سڄي زندگي اُن قسم جي ايندڙ هر للڪار کي منهن ڏيندو آهيان.
    ’هوشو پبليڪيشن‘ جي اشاعت دوران مون جيڪي تڪليفون سَٺيون، ماڻهن جا ميهڻا ۽ طعنا سَهڻا پيم، انهن جو ڪو شمار ئي ڪونهي. آخر ۾ باقي وڃي محمود عالم سومرو، نياز عباسي ۽ نذير ميمڻ بچيا، جن کي ٿوري گهڻي ادب سان دلچسپي هئي. نيٺ مون پنهنجي ڀيڻ غلام فاطمھ کان، جيڪا غلام الله ۾ پرڻيل آهي، پنج سئو روپيا اُڌارا وٺي اهو ڪتاب ”هوشوءَ سندي هامَ“ سردار پريس مان کنيو ۽ پوءِ اهي پئسا کيس ڪڏهن 25 روپيا ته ڪڏهن 30 روپيا ڪري قسطن ۾ ڏنم.
    شهر مان ڦوڙي ڪرڻ کانپوءِ به اسان وٽ ساڍا پنج سئو روپيا مس گڏ ٿي سگهيا. مونکي ڪتاب وغيره ڇپائڻ جو اڳ ۾ ڪوبه تجربو نه هو ۽ نه ئي وري ڪو سونهون هو، جيڪو اسان جي رهنمائي ڪري سگهي. البت سردار پريس جي خبر هيم ته ڪٿي آهي، جو هڪ ڀيري چاچا عبدالغفور الستيءَ سان گڏ اُتي ويو هوس. آئون پئسا ۽ مواد کڻي سردار پريس حيدرآباد پهتس. پريس جو مئنيجر عبدالڪريم چنا هو، جيڪو ڏاڍي سٺي نموني سان مليو ۽ ڪتاب جي ڇپائي ۽ ٽائيٽل وغيره جو خرچ ٺاهي ڏنائين. ’هوشو سندي هامَ‘ جو ٽائيٽل ان وقت سنڌ جي اُڀرندڙ آرٽسٽ ساجد قريشي کان ٺهرائي ڏنائين. ان ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ منهنجي عبدالڪريم چنا ڪافي رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ ڪجهه پئسا اوڌر به رکيائين. اڳتي هلي عبدالڪريم چنا جي سهڪار سان مون سردار پريس مان ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا. منهنجي پريس تي موجودگيءَ دوران سائين محمد ابراهيم جويو به اُت آيو، عبدالڪريم چنا منهنجي ساڻس واقفيت ڪرائي. جويي صاحب دڙي جو هئڻ سبب مون کان عين غين سنڌيءَ جو پڇيو، جڏهن ٻڌايومانس ته هو منهنجو چاچو ٿئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي ڪتاب ڇپائڻ تي شاباس ڏنائين. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ اسان جو ڪتاب ”هوشوءَ سندي هامَ“ ڇپجي تيار ٿيو.
    ان پبليڪيشن لاءِ مونکي عرفان مهدي پنهنجو هڪ غزل ”عشق ڪرڻ ڪو سولو ناهي، من ارپڻ ڪو سولو ناهي“ ڇپجڻ جي لاءِ موڪليو. عرفان مهدي ان زماني ۾ ’هالا‘ مان ’وک وڌايو پبليڪيشن‘ شايع ڪندو هو ۽ سندس هڪ طويل ڪهاڻي ”ههڙا هاڃا ٿين“ پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپي هئي، جيڪا مون وڏي دلچسپيءَ سان پڙهي هئي. آئون چاهيندي به اڳتي هلي عرفان مهدي سان ويجهو ٿي نه سگهيس. هو ڪجهه وقت کانپوءِ سياست ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ جيئي سنڌ ا – ف يا جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻن ۾ ڳڻجڻ لڳو ۽ جڏهن وري ٻيهر ادب ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ته الائجي ڪهڙو روڳ لڳس، جو جيئڻ جو فيصلو ترڪ ڪري پاڻ کي ”سنڌو درياهه“ جي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
    اهو ڪتاب، مستقبل ۾ منهنجي پبلشنگ واري ڪم جي شروعات هئي. مونکي اندازو ئي ڪونه هو اسان دوستن پاران ڪلاس جي ڪجهه ڇوڪرن مٿان ڪتاب ڇپائي سرسي حاصل ڪرڻ جو اهو جنون، مستقبل ۾ مون کان ڪيترائي ڪتاب ڇپرائيندو. منهنجي پبلشنگ جي ڪهاڻي به گهڻين دلچسپين، تڪليفن ۽ حيرانين سان ڀريل آهي. اها 1982ع جي ڳالهه آهي. مون ۾ ان وقت جيڪو جذبو هو، اڄ به اهوئي جذبو ۽ اهوئي جنون آهي ته وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇپرايان.
    ’هوشو سندي هامَ“ جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ، مونکي پسنديدگي جا ڪيترائي خط مليا. پر هڪ خط اهڙو به مليو، جيڪو مونکي نه رڳو ياد آهي پر مون وٽ محفوظ به آهي. اهو خط نعيم شيخ جو هو. ڪيڏي نه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته اهو ساڳيو نعيم شيخ، ڏهن ٻارهن سالن کان پوءِ ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جي حوالي سان منهنجو دوست ٿيو ۽ سنگت جو مرڪزي آڊيٽر به چونڊيو. نعيم شيخ جي ڪري، مونکي ڪافي دوست مليا، جن ۾ ايس. جي ڀاڳيا، بيخود بلوچ ۽ صفر ڪلهوڙو به شامل آهن. اسان جو پاڻ ۾ ڊگهي عرصي تائين ساٿ رهيو، جيڪو پوءِ منهنجي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ ٽٽي ويو، جنهن بابت اڳيان هلي لکبو. منهنجي دل ۾ اڄ به نعيم شيخ لاءِ وڏي عزت ۽ احترام جو جذبو موجود آهي. نعيم ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ آهي، هڪ ڀيري، سکر جي دوستن ساڻس شام ملهائي، جنهن جي صدارت مون کان ڪرايائون. مون اتي مٿس هڪ مضمون پڙهيو، جيڪو منهنجي ڪتاب ”اونداهيءَ ۾ سوجهرو“ ۾ ان ئي عنوان سان شامل آهي، نعيم شيخ اُن خط ۾ لکيو هو:

    - ساٿي يوسف سنڌي- جيئي لطيف- جيئي پورهيت.

    ”هوشوءَ سندي هامَ“ پڙهيم. اوهان جي ڪاوش جَسائتي آهي. اهڙي قسم جا ڪتاب اچڻ گهرجن. جيئن شاگردن کي نظرياتي ادب جو پاڻي ملي، جيئن هو وڏا ٿي، پختا وڻ ٿين، ذاتي لوڀَ کان آجا، ٻين کي ميوه ڏيڻ وارا-
    ڪجهه غلط ڳالهيون ڪتاب ۾ نظر آيون، اهي ان ڪري اوهان جي آڏو پيش ٿو ڪيان، ته جيئن ٻي پرچي ۾ اهڙيون غلطيون نه ٿين. اهي غلطيون فني آهن. پهريون ته نذير ناز ميمڻ جو غزل نه پر نظم آهي، ٻيو ته ان ۾ استعمال شيون پراڻيون آهن، نواڻ ناهي. ڪهاڻي ”قسمت ۽ سخاوت“ ۾ ڪردار چنچل داس کي هروڀرو مسلمان ڪري، سيڪيولر خيالن کي متاثر ڪيو ويو آهي. اوهان ”محبت پائي من ۾....“ ۾ لکيو آهي ته هي ڪتاب ٻاراڻو ترقي پسند آهي. ٻاراڻي ڪتاب جي لحاظ کان عرفان مهدي جو غزل مناسب ناهي. بهرحال، مواد سٺو آهي، ترتيب، چونڊ ۽ فني پختگي ڏانهن ڌيان ڏيندؤ ته وڌيڪ سهڻو ۽ ڪم وارو ڪتاب ٿيندو.

    نعيم شيخ
    پنو عاقل
    6- جنوري 1982ع


    هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ جي دوران، هر روز رسيس ۾ ”شهيد نجم الدين روڊ“ ڏيو بازار ويندا هئاسين.... ان روڊ تي پرائمري اسڪول کان ٿورو اورتي ’پوسٽ آفيس‘ هوندي هئي، جيڪا پوءِ ڪا مستقل عمارت نه هئڻ سبب مختلف هنڌن تي شفٽ ٿيندي رهي آهي. اتان لنگهندي پوسٽ آفيس ڏانهن نظر ڪندو هوس ته دريءَ جي ڀرسان مٿي تي ٽوال، اکين تي اُس جو ڪارو چشمو پاتل هڪ همراهه ويٺل نظر ايندو هو، کيس اڪثر هلڪي ململ جو پهراڻ پاتل هوندو هو ۽ سندس چمڙي صفا اڇي هوندي هئي. آئون جڏهن دريءَ جي ويجهو ٿيندو هوس ته آهستي آهستي هلڻ لڳندو هوس ۽ سندس اڇي چمڙيءَ کي ڏسي اسين شاگرد پاڻ ۾ مختلف قسم جا تبصرا ڪرڻ لڳندا هئاسين ۽ اسان مان گهڻا کيس ’جنڙو‘ سمجهندا هئا. ڇاڪاڻ ته مون امان کان اهو ٻُڌو هو ته ”جنڙن“ جي چمڙي اڇي هوندي آهي ۽ هو روپ مٽائي ماڻهن کي بيوقوف ڪندا آهن.
    ائين اهو اسان جو روز جو معمول هو. ڪڏهن ڪڏهن ته دريءَ جي ٻاهران لڳل ’ليٽر باڪس‘ کي ڪنهن شئي سان ڌڪ هڻي، وڄائي ڀڄي ويندا هئاسين.
    ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن منهنجي ماسات رياض سان منهنجو خطن لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته لفافو وٺڻ لاءِ ويندو هوس ۽ لفافو وٺڻ مهل دريءَ مان جهاتي پائي اندر ڏسندو هوس ته سدائين چار پنج همراهه اندر ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن جو ٽهڪن جو ٽاڙيو پيو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اندر شعر و شاعريءَ جون محفلون پيون هلنديون هيون. پين هٿ ۾، پر ڌيان شعر ۾، ڪنڌ جي ڌوڻ ۽ زبان تي واهه واهه. پوءِ آهستي آهستي دريءَ بدران اندر لنگهي وڃي لفافو وٺندو هوس. تن ڏينهن اسان جي هاءِ اسڪول پاران ’جشن لطيف‘ ملهايو ويو، جنهن جي صدارت ٽائون ڪميٽي دڙي جي چيئرمين مرحوم نجم الدين ڪئي. جيڪو تازو ئي ٽائون ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو هو، نجم الدين ميمڻ علم دوست ۽ ادب دوست ماڻهو هو. ماضيءَ ۾ هو نعپ ۽ هاري ڪميٽيءَ ۾ پڻ رهيو هو. جيل به ڪاٽيا هئائين. نجم الدين ميمڻ جلدئي هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو ۽ اسين، هاءِ اسڪول کان رسيس ۾ جيڪو ’شهيد نجم الدين روڊ‘ ڏيو پوسٽ آفيس وٽان ٿيندا بازار ڏي ويندا هئاسين، اهو روڊ سندس وفات کان پوءِ سندس نالي منسوب ڪيو ويو هو، اهو 1979ع جو زمانو هو.
    ان جشن لطيف ۾ تر جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. فنڪار پڻ آيل هئا، گڏوگڏ شاهه جا راڳيندڙ پڻ، جن جڏهن سوز ۽ گداز مان شاهه جي وائي ڳائي ”الوميان...“ ٿي چيو ته اسٽيج جي اڳيان وڇايل فراسين تي ويٺل اسان شاگردن ۾ ٽهڪڙو مچي ٿي ويو. ٻه ٽي ڀيرا ته اسان کي، اسان جي پي. ٽي ٽيچر سائين سومار شاهه ٽهڪ ڏيڻ کان جلهيو، پر جڏهن اسان جا اها ڪار بدستور جاري رهي ته سائين سومار شاهه ڪاوڙ ۾ اچي اسان تي ڏنڊن جو وسڪارو لاهي ڏنو ۽ پوءِ ته وري اهڙي چُپ ٿي ويئي جو.... موچڙن ۾ وڏي ڪرامت آهي. هونئن به سائين سومار شاهه وڏو جلالي قسم جو ماڻهو هوندو هو ۽ اسين شاگرد کانئس ڏاڍو ڊڄندا هئاسين.
    ان ’جشن لطيف‘ ۾ مختلف ڪلاسن جي ڪيترن ئي ڇوڪرن ’تقريري مقابلي‘ ۾ حصو ورتو ۽ انهن جيڪي تقريرون ڪيون، اهي ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ جي ’لطيف نمبر‘ تان نقل ڪيون ويون هيون، جيڪو مون سائين فضل احمد گگو کي ڏنو هو. ان وقت آئون ٻاراڻي ادب پڙهڻ سان گڏ، گل ڦل جو ساليانو خريدار پڻ هو. انهن تقريرن مان پوءِ ڪيتريون ئي تقريرون مضمونن جي صورت ۾ 1980ع ۾ هاءِ اسڪول دڙي پاران نڪرندڙ اسڪول مخزن ’لطيف مخزن‘ ۾ نقل ڪندڙن جي نالن سان ڇپيون ويون. ان جشن لطيف ۽ ’لطيف مخزن‘ جي اشاعت ۾ سائين ارباب عبدالستار ميمڻ جو وڏو هٿ هو. سائين عبدالستار ان وقت هاءِ اسڪول جو فرسٽ اسسٽنٽ هو. پاڻ پوءِ نوڪري ڇڏي وڃي وڪالت ڪيائين. سائين عبدالستار ميمڻ جو والد محترم ارباب غلام دستگير ميمڻ دڙي جي اهم ۽ معزز شخصيت هو ۽ يونين ڪائونسل دڙي جو چيئرمين به رهيو هو ۽ سائين عبدالستار سان ان ڪم ۾ ساٿاري هو ’عاجز ڪريم پوري‘.
    ان ’لطيف مخزن‘ ۾ هڪ شعر فوٽوءَ سان گڏ ڇپيو هو، ان جو ٿلهه هو:
    حَسينن سان سدائين متان گڏ گذاريو
    کڻي نيڻ تن ۾ نه مورئون نهاريو.
    ان شعر جي مٿان نالو لکيل هو ”حاجي خان تبسم- دڙو“ ادب سان دلچسپي هئڻ سبب اديبن سان ملڻ جو ڏاڍو اشتياق هوم ۽ اديب منهنجي لاءِ وڏي شئي هئا. اهو فوٽو ۽ نالو ڏسي حيران ٿي ويس ته هي ”بنگالي“ ڪير آهي ۽ گڏوگڏ دڙي جي رهواسي اُن شاعر سان ملڻ جو به شوق پيدا ٿيو. پوءِ جڏهن لفافو وٺندي وٺندي واقفيت ٿي ته خبر پيم ته اهوئي جنڙو/ بنگالي، حاجي خان تبسم آهي. اهو فوٽو سندس صحتيابيءَ وارن ڏينهن جو هو. هاڻ ته چمڙيءَ جي بيماريءَ سبب هو سڃاڻپ ۾ ئي نه پي آيو ته اهو فوٽو واقعي به ڪو حاجي خان تبسم جو آهي.
    پوءِ جڏهن ساڻس ويجهڙائپ وڌي ته رسيس جو ٽائيم ۽ موڪل جو ڏينهن پوسٽ آفيس ۾ گذرندو هئم، جيڪا هڪ مسواڙي جاءِ ۾ هئي. اُتي سندس ساٿين سان به ملاقات ٿي، جيڪي هئا: عاجز ڪريم پوري، اقبال احمد ساٿي سومرو، عبدالغني ميمڻ، ارم درس ۽ مير محمد سومرو. دوستن وري مذاق ۾ مٿن نالا به رکيا هئا، عاجز ڪريم پوريءَ کي ’ناچيز بغلپوري‘، ساٿي سومري کي ’هاٿي ڪوٻرو‘ ۽ ارم درس کي ’گرم فرش‘ چوندا هئا. عاجز ڪريم پوريءَ، ارباب عبدالستار سان ’لطيف مخزن‘ شايع ڪرڻ کانپوءِ ’ماڃر پليڪيشن‘ شروع ڪئي، جنهن جو سرپرست ارباب عبدالستار ميمڻ هو، جنهن پنهنجو نالو ’شهباز سنڌي‘ رکيو هو. پهرينءَ پرچي کان پوءِ ارباب عبدالستار ميمڻ ۽ عاجز ڪريم پوري پاڻ ۾ اَٽڪي پيا. نتيجي ۾ ارباب عبدالستار ميمڻ، عاجز ڪريم پوري ۽ سندس ساٿين تي مارشلا اختياريءَ واري وٽ درخواستون ڪيون، انهن درخواستن جي نتيجي ۾ عاجز ڪريم پوريءَ ته وڏو لوڙيو، ماستري نوڪري به وڃايائين، جيڪا ستن سالن جي جنگاڻ کانپوءِ سروس ٽربيونل بحال ڪئي. عاجز ڪريمپوريءَ ’ماڃر پبليڪيشن‘ پاران چار پرچا ”قوت جنين جون ڪرڙيون“ ”سنڌو“، ”لاڙ جو لال“ ۽ ”ماڃر مخزن“ شايع ڪيا. عاجز ڪريمپوري ته مارشلا اختيارين وٽ مارشلا مخالف سرگرمين جي الزام ۾ گهلبو رهيو، پر ان گهيل ۾ حاجي خان تبسيم به ڪافي شنوايون ڀوڳيون.
    حاجي خان وٽ پوسٽ آفيس ۾ چانهه جا دور پيا هلندا هئا. تبصرا پيا ٿيندا هئا، صلاحون ۽ مشورا پيا ٿيندا هئا، ائين دڙي جي ادبي تاريخ ۾ ٿورو گهڻو حصو پتي حاجي خان تبسم ۽ پوسٽ آفيس جو به آهي. پاڻ منهنجو ڪتابن سان شوق ڏسي منهنجي گهڻي همت افزائي ڪندو هو.
    ائين هوريان هوريان آئون به سندن چوياري ۽ ڪچهريءَ جو حصو بنجي ويس. اسان جون اهي ڪچهريون پوءِ ڪڏهن ڪڏهن شام جو مير محمد سومري جي اوطاق تي ۽ رات جو هر روز عبدالغني ميمڻ جي گهر جي ٻاهران ٿينديون هيون. جت اسين ڪرسيون وجهي ويهندا هئاسين. اهو اسان جو روز جو معمول بنجي ويو. ڪو اتفاق ئي هوندو هو، جو اسان مان ڪو دوست رات جو عبدالغني ميمڻ جي اوطاق تي نه ايندو هو. اسانجي اها ڪچهري رات جو دير تائين پئي هلندي هئي. ان وچ ۾ عبدالغني ميمڻ جي ٽيپ رڪارڊر تان گانا به پيا ٻُڌندا هئاسين ته ڪڏهن وري انهن گانن سان سُر به پيا ملهائيندا هئاسين. رات جو بي. بي. سي جو وقت ٿيندو هو ته بي. بي. سي ٻُڌبي هئي. 1983ع ۾ جڏهن ايم. آر. ڊي جنرل ضياءُ الحق جي خلاف تحريڪ هلائي ته بي. بي. سي جون خبرون ٻڌڻ لاءِ اوطاق تي تمام گهڻا دوست گڏ ٿي ويندا هئا.
    ڪچهري به واهه جي هلندي هئي. دنيا جهان جا قصا ڪُٽيندا هئاسين. ارم درس جيڪو شڪار جو شوق هوندو هو، اڪثر پنهنجي شڪار جا سچا ڪوڙا قصا، مرچ مصالحه وجهي ٻُڌائيندو هو. اسين وري سڄي قصي مان ڪو ڪمزور نقطو ڳولهي کيس چيڙائيندا هئاسين.
    عبدالغنيءَ جو چاچو وڪيو ٿورو وزم هڻندو هو ۽ پنهنجي سنگت ساٿ کي به وزم هڻائيندو هو، هو وري اسان کان ٿورو پريان هڪ دوڪان جي ڇڄهريءَ ۾ ويهندا هئا ۽ پنهنجي ڪرت ۾ لڳا پيا هوندا هئا.
    ان ڪچهريءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن شعر ۽ شاعري هلندي هئي، جنهن ۾ ارم درس اسان کان زور هوندو هو. هڪ ڏينهن دوستن ساڻس فرمائش ڪئي ته تون ڪو اهڙو شعر ٺاهي، جيڪو پنهنجي هن اوطاق وارين ڪچهرين کي سدائين لاءِ محفوظ ڪري ڇڏي ۽ يادگار رهي. فرمائش جي اصل دير هئي ارم درس کي ڄڻ ته موقعو ملي ويو. هو ٻه ٽي ڏينهن مٿو ماري ڪري هڪ ڊگهو شعر لکي کڻي آيو. واهه جو شعر جوڙيائين، جيڪو هو وري پنهنجي مخصوص انداز ۾ اهڙي ته سٺي نموني ٻُڌائيندو هو، جو اسين سڀ کِلي کِلي ٻيڻا ٿي پوندا هئاسين. اهو شعر هن ريت آهي:
    غني تنهنجي ته گفتاري، لڳي پلپل ٿي پياري،
    اچي اوطاق تنهنجيءَ تي، سلامي ٿي سنگت ساري.

    صبح ۽ شام لڳي تو وٽ، ڪچهري قرب واري ڪا،
    وڏي اُتساهه مان تن جي، ڪرينءَ پيو خوب کيڪاري.

    سڄو ڏينهن ٿو رهي اهڙو، اسان کي يار اوسيئڙو،
    ڪڏهن توسان اچي ڪريون، ڪچاري ڪا قرب واري.

    پُڇون توکان ڏيو ور ور، قصو ڪو ڍور ڍاٽي جو،
    ٻُڌائڻ سان رچي رنگ ٿو، مچي محفل ٿي موچاري.

    اچي ٿي روح کي راحت، مزو ڪو ميٺ محبت جو،
    ٻُڌائي ٿو جڏهن جاني، مٺي ٻولي ڪا ٻن واري.

    مرد مخلص مولائي لڏي وارو، وڪيو چاچا،
    توڪل جي ته تُرهي تي، هلي پيو يار هڪواري.

    تڪبر ته هن تڙيو آهي، وڏائي سان ته وڙهيو آهي،
    نياز نوڙت سان نوڙيو، حُسيني آهي حبداري.

    ڪريو سُس پُس پُڇن ويٺا، اڌڙ ٽوٽا پيئن ويٺا،
    دلاسا دل ڏين ويٺا، پُڇن ٿا هوءَ پاٿاري.

    ويٺا واٽون نهارين سي، وڪيي جا وقت سارين سي،
    گهڙيون ائين روز گهارين سي، اندر تن آ انتظاري.

    رکي رمزون ڳالهائي پيو، ڏيو ٻيٽون ٻولائي پيو،
    ڪرائي ماٺ مڙني کي ’تبسم‘ جي تتن تاري.

    ادا ’اقبال‘ اهڙو آ، نياڻي منهن جهڙو آهي،
    مثل ڄڻ ڍور وهڙو آ، حيا جو آهي حبداري.

    بلاشڪ شير ببر آ، بحثن ۾ سنڌي يوسف،
    سندس آ ڏاڍ ڏونگر جيئن، دشمن جي ته دل ڏاري.

    ارم، اقبال ۽ يوسف، ادا حاجي خان تبسم،
    آهن يار چوکا چار، غنيءَ جا گينواري.

    ’ارم‘ اڳلو اڳيئي، ڪوجهو، ڪمزور ۽ ڪمتر،
    ڏجا معافي مٺا مونکي، ڪيم ڪنهن دل آزاري.

    اها عبدالغنيءَ جي اوطاق هلندي رهي. ڪچهريون، ڀوڳ، ٺڪا، ڊاڙو ڊشون، قصا، شعر، ڪهاڻيون، چرچا، عجيب عجيب پروگرام پيا ٺهندا ۽ ڊهندا هئا. اهي رونقون ڄڻ ته اڃا ڪلهه جون آهن، پر وقت جي دز ايڏي ته چڙهي ويئي آهي، جو ڄڻ صديون گذري ويون آهن. هاڻ نه عبدالغني ميمڻ هن جهان ۾ نه رهيو آهي ۽ نه سندس اوطاق.
    هر شئي هلي ويندي،
    ٽپهري، سج، زندگي
    بدي، جنهن کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي، رهندي
    شفق جي ڀيڻ، منهنجي زندگي
    بس تون مون کان جدا نه ٿيڻ واري رهندينءَ-
    (البرٽو روجاز)
    هڪ ڏينهن ڪنهن دوست تجويز ڏني ته ڪو ڪتابي سلسلو ڪڍجي. اسان سڀئي ڪنهن نه ڪنهن نموني پيا رنڍا روڙيندا هئاسين. اقبال ساٿي سومرو، ارم درس ۽ حاجي خان تبسم شاعري ڪندا هئا. مير محمد سومرو ۽ عبدالغني ميمڻ به پيا ’واهه واهه‘ ڪندا هئا. ڪجهه لکڻ ۽ پڙهڻ جي چوس مونکي به هئي.
    گهڻن ڏينهن جي سوچ ۽ ويچار ۽ صلاحن کانپوءِ ’شيرازي پبليڪيشن‘ جو بنياد رکيو ويو. سيد ميران شاهه شيرازي دڙي جي ڀرسان ’پيڃاريءَ‘ جي ڪپ تي هڪ اولياءَ آهي، ارم درس ۽ تبسم سندس عقيدت مند هئا. سندن ئي زور ڀرڻ تي اهو نالو رکيوسين. ڪجهه وقت کانپوءِ اقبال ’ساٿي‘ سومرو ڪم مان هٿ ڪڍي ويو. عبدالغني ويچارو به اڌ جڏو ماڻهو، کيس ننڍي هوندي ڪا اهڙي بيماري لڳي هئي، جو پٺيءَ جو ڪنڊو اندر گهڙي ويو هوس ۽ لٺ سان آهستي آهستي هلي سگهندو هو. سو ڳالهين ۽ صلاحن کان وڌيڪ عملي ڪم ۾ حصو وٺڻ کان لاچار هو. مير محمد سومرو پنهنجي تپيداري ڪمن ۾ مصروف، باقي آئون، ارم درس ۽ حاجي خان تبسم ڪم کي چهٽا پيا هونداسين. پوسٽ آفيس ڄڻ ”شيرازي پبيليڪيشن“ جي آفيس هوندي هئي. حاجي خان تبسم اها نوين بجي کوليندو هو ۽ اسين يعني آئون، ارم درس ۽ غني ميمڻ ڏهين ساڍي ڏهين ڌاري پهچي ويندا هئاسين. مير محمد سومرو وانڌو هوندو هو ته اهو به ڪلاڪ ٻه اچي ويهندو هو ۽ پوءِ اسان جي ڪچهري اڍائي ٽين بجي تائين پيئي هلندي هئي. ان سڄي وقت دوران پروگرام ٺهندا ۽ ڊهندا پيا هئا، چانهه جا دور به پيا هلندا هئا.
    هاڻ سوچيان ٿو ته اسان جي ايڏي گوڙ هُل بکيڙي ۾ حاجي خان تبسم ڪم ڪيئن ڪندو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن برداشت ڪندو هو. مٿان وري اسان دوستن جون حُجتون! مير محمد، اسماعيل ’ارم‘ درس ۽ تبسم پاڻ ۾ گارين جي حدن تائين فري هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ارم درس، مير محمد جي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو هو، جن کي پوءِ حاجي خان تبسم وچ ۾ پئي ٺاهي ڇڏيندو هو. ٿيندو هيئن هو، جو مير محمد، حاجي خان تبسم کي اک هڻي، اسماعيل ارم درس سان کؤنس شروع ڪندو هو ۽ ارم درس ۾ سهپ ته صفا ڪانه هوندي هئي، سو ويندو هو ڦوڪبو ۽ شوڪبو!
    نيٺ هڻي ڌُڻي اسان پبليڪيشن جي لاءِ مواد گڏ ڪيو. ڪجهه پئسا پاڻ تي رکياسين ۽ ڪجهه سنگت ساٿ تي رکياسين. پر سچ اهو آهي ته پبليڪيشن جي ڇپائي ۽ پئسن گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ حاجي خان تبسم وسان نه گهٽايو. حاجي خان تبسم ۽ ارم درس جي چوڻ تي شهر جي هڪ همراهه محمد افضل ميمڻ کي جيڪو ’مٺل‘ سڏائيندو هو. پبليڪيشن لاءِ ڪجهه پئسن جي آسري تي سرپرست بنايو ويو. پر هن پئسن ڏيڻ کان جيڪا آنا ڪاني ڪئي ۽ نوايو ۽ ٻن چئن سون لاءِ حاجي خان تبسم ۽ ارم درس سان جيڪي جٺيون ڪيون، اهي ڏاڍيون ڏکوئيندڙ آهن. جواب ۾ ارم درس ته پرپُٺ کيس دل کولي گاريون ڏيندو هو، پر حاجي خان تبسم ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي. نه رڳو ان جي پر اسان مان به اڪثر دوست ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ساڻس زيادتيون ڪندا پيا هئاسين، پر هن درويش ڪڏهن سَکڻون منهن ۾ گهنڊ به نه وڌو ۽ سدائين مُرڪندو رهندو هو.
    نيٺ ’شيرازي پبليڪيشن‘ جو پهريون ڪتاب ”جي هانءَ نه هارين“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سڄو ڪم ۽ پريس جا رولڙا مون ڪيا ۽ ڪتاب وڪري لاءِ ڏنوسين نظام عباسيءَ کي، جيڪو ڪتاب وڪڻي سڀ پئسا کائي ويو ۽ اسان کي ڪوڙا چيڪ ڏيئي ٽرخائي ڇڏيائين. مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ نظام عباسيءَ جهڙو بڻيادو ٺڳ نه ڏٺو، هن جي اڳيان دهليءَ جا ٺڳ به ڦڪا ڦڪا ٿين.... سنڌ جا ڪيترائي اديب اڳتي هلي نظام عباسيءَ هٿان ٺڳجي ويا. ان وقت نظام عباسيءَ جي حيدرآباد ۾ ”رابيل“ جي نالي سان ايجنسي هوندي هئي. ان وچ ۾ مير محمد سومرو به واپس پنهنجي اباڻي شهر جيڪب آباد بدلي ڪرائي ويو. مير محمد ڏاڍو سٺو ماڻهو هو. بدلي ٿي وڃڻ کانپوءِ هڪ ٻه ڀيرا دڙي آيو. هاڻ ته سال ٿي ويا آهن، جو خبر ڪونهي ته ڪٿي آهي، ائين پوءِ آهستي آهستي اسان جي سنگت ٽڙي پکڙي ويئي.
    البت منهنجو ۽ حاجي خان تبسم جو آخر تائين ساٿ رهيو. واهه، ڇا ته جاني مڙس هو. هر ڪم ۾ مون سان گڏ، دڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت سرگرم ڪئيسين ته حاجي خان تبسم گڏ، سنڌي ادبي سنگت جي هر فنڪشن ۾ مون سان گڏ ۽ اڳرو، هر ڪم جي پيو نظرداري ڪندو. بيمار هئڻ جي باوجود به پنهنجي ڊيوٽي جو پابند ۽ خلق جي خذمت جي جذبي سان سرشار، ماڻهن کيس رنجايو هوندو، پر پاڻ ڪنهن کي به نه رنجايائين. کيس اداڪاري ۽ ڊرامن سان به شوق هو. هڪ ٻن ڊرامن ۾ هلڪو ڦلڪو پارٽ به ادا ڪيائين. حاجي خان تبسم 11 آگسٽ 1994ع تي وفات ڪئي.
    سندس زندگيءَ ۾ 1987ع ۾ منهنجو ڪتاب ”جيڪي منجهه جهان“ ڇپيو هو، جيڪو مون ٽن شخصن جي نالي ارپيو هو. بابا محمد هاشم ميمڻ، منهنجو دوست حاجي عباسي ۽ حاجي خان تبسم.... ان ارپنا ۾ مون لکيو هو.... ”پنهنجي دوست حاجي خان تبسم جي نالي.... جنهن جي حصي ۾ سدائين محروميون آيون. پر مون کيس ڪڏهن به مُرڪ بنا نه ڏٺو.“
    حاجي خان تبسم جو وڇوڙو منهنجي زندگيءَ جي ڪن وڏن حادثن مان هڪ آهي. حاجي خان تبسم جهڙا دوست شل سدائين هر ڪنهن کي نصيب ٿين:
    تنهنجي ريجهه رهاڻ، ڪنهن دم وسري ڪينڪي
    راتو ڏينهان روڄ جي، آهه توڏي تاڻو تاڻ
    اچين هوند ’حمل‘ چئي، هيڪر مون وٽ هاڻ
    تان ڳري لڳي توسان، روئي روئي رڄَ ڪريان.
    ان دوران ارم درس به اسان جي ياري مان ڪاوڙجي ويو ۽ اڄ سوڌي وري اسان جي پاڻ ۾ نه لڳي.
    حمل چئي جو ويهه ڪيم ويچار
    ته ”دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملهه ڇا مقدار؟“
    تان اندر مان ”عقل چيو، نُڪتو هي نروار،
    ”وڃي لڳي ته لک هزار، ٽٽي ته ٽڪوئي نه لهي.“

    پراني صحبتين ياد آرهي هين
    چراغون کا دهوان نه ديکا جائي
    دل ويران مين دوستون ڪي ياد
    جيسي جگنو هو داغ مين گل ڪي.
    ڪڏهن ڪڏهن مير محمد سومري کي ارم درس شعر ٺاهي ڏيندو هو، جيڪي هو سندس ئي اوطاق تي اسان يارن جي ادبي محفل ۾ ٻُڌائيندو هو، جنهن ۾ مٿين دوستن کانسواءِ ڪجهه ٻيا دوست مرحوم حاجي محمد موسيٰ مشڪور، مرحوم ثناگر حسيني، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، لکانو چانگ ۽ ٻيا به اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ شاعري پڙهندا هئا.
    *
    اُتي، اُن ئي پوسٽ آفيس ۾ هڪ ڏينهن معمول موجب ويس ته حاجي خان تبسم سان گڏ هڪ جهونڙو لٺ پاسي ۾ رکيو، ناس جي دٻلي هٿ ۾ کنيو ويٺو هو، کيس ڪاري واسڪوٽي پاتل هئي. آئون ساڻس هٿ ملائي بئنچ تي ويهي رهيس، تبسم منهنجي اُن جهونڙيءَ سان واقفيت ڪرائي.... حاجي محمد موسيٰ ’ مشڪور ‘، سومرو، دڙي جي ڀرسان ڳوٺ رٽا سومرو جو رهاڪو هو ۽ شاعري به ڪندو هو.
    پوءِ حاجي محمد موسيٰ ’ مشڪور ‘ به ’مير محمد سومري‘ جي اوطاق تي ٿيندڙ ادبي محفلن ۾ اچڻ لڳو. سندس شاعري روايتي پراڻي طرز جي هوندي هئي. منهنجو اڪثر مٿس زور هوندو هو ۽ ساڻس حجت به ڪندو هوس ته حالتن موجب انقلابي شاعري ڪريو.
    ”ڀلا، سکي پوءِ تون ئي انقلابي شاعري ڪر....“ پاڻ چوندو هو.
    ائين پوءِ مون کانئس بحر وزن، علم عروض، قافيو، رديف وغيره سکڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه شاعري به ڪرڻ لڳس، جيڪا کيس ڏيکاري اصلاح ڪرائيندو هوس. پر شاعري به ڪا سکي ڪري سگهجي ٿي ڇا؟ شاعري ته غالب جي لفظن ۾:
    غیب سے آتے ہیں مضامین خیال میں غالب۔
    حاجي موسيٰ مشڪور جي سکيا جي باوجود به آئون شاعر ٿي نه سگهيس، البت شعر جي گهاڙيتي بابت ٿوري گهڻي ڄاڻ منهنجي حصي ۾ آئي.
    اسانجو ساٿ هلندو رهيو، پاڻ دڙي ايندو هو ته حاجي خان وٽ پوسٽ آفيس ۾ ضرور ايندو هو، جتي آئون اڳ ۾ ئي ويٺل هوندو هوس. پوءِ واهه جي ڪچهري مچندي هئي. يا وري دڙي ۾ محمد هاشم سومري جي ريزڪي دوڪان تي شام جو ويهندو هو. هاشم سومرو به سندس صحبت ۾ شاعري ڪرڻ لڳو هو. محمد هاشم سومري جو پُٽ عباس سومرو، پوءِ منهنجو دوست ٿيو، هو سندس ادبي سنگت دڙي ۾ ڏاڍو سرگرم رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا سنگت دڙو جو سيڪريٽري به ٿيو.
    حاجي محمد موسيٰ وٽ ٻه چار ايڪڙ ٻنيءَ جا هئا، ان ۾ هن ڪمند پوکيو هو. ڪمند جي ڪٽائي جي سيزن شروع ٿي ته حاجي موسيٰ دڙي ۾ جهوڪ شگرمل جي سيڪٽر تي پيو چڪر ڪاٽيندو هو، ته من ڪو انڊنٺ ملي، پر سيڪٽر جو عملو، جيڪو سدائين وڏيرن ۽ ڪمند جي واپارين جي اڳيان پويان پيو ٿيندو هو، تنهن حاجي موسيٰ کي جهونڙو سمجهي کنگهيو به نه. اهو ڏسي حاجي موسيٰ مشڪور جي شاعراڻي رڳ ڦڙڪي پيئي ۽ هڪ وڏو نظم ٺاهي، سيڪٽر جي اڳيان پاڻ جهڙن بي واهه ننڍن آبادگارن کي سڏي، انهن جي اڳيان پڙهڻ لڳو:
    ڏاڍي جُٺ جهوڪ ۾ آهي، ڇڏيو پوکڻ ڪمند يارو،
    عزت جي دال روٽيءَ تي ڪريو پنهنجو گذر سارو-

    ڏين پيرا، سوين ڀيرا، انڊنٺ گهورا وڃن بس تي،
    ’کہاں جاتی ہو، واپس جا' چون دربان ٿا گس تي،
    آرڊر توفيق جو اڪثر، عمل ڪونهي ذرو يارو.

    ملاقاتي چون پلپل، انڊنٺ ملندو ڪڏهن سائين،
    ’انڊنٺ آهي وڏن جو هت‘، هليو وڃ تون غريب آهين،
    قرض وارا ويٺا در تي، ڪمند پوکي ٿيو ڪارو-

    انڊنٺ مليا، ڪمند ڪٽيا، لوڊون غائب، وزن گهٽيا،
    آڙا آبادگارن جا، پٺاڻن پٽ مٿي سٽيا،
    پنجاهه مڻ ڪٽ ڪيا ڪانٽي، بلن ۾ کوٽ کاسارو-

    اٽو ناهي، لٽو گهر ۾، نڪا اوڌر ملي هٽ تي،
    کٽون خالي، بنا نوڙيءَ، سَٽون ڏيئي سُمهن پٽ تي،
    سمورو ڏينهن سورن ۾، ڪمند هوندي به ويچارو-

    ڏسي حالت زماني جي، نظم ’مشڪور‘ هي لکيا،
    ڌڪا زردار جي در تي، کانئن هر روز ٿا بکيا،
    خدا يا ڪر ڪرم پنهنجو، وري مسڪين جو وارو،
    ڏاڍي جُٺ جهوڪ ۾ آهي.
    حاجي موسيٰ، پوءِ روز سيڪٽر جي اڳيان اچي، ماڻهن کي سڏي اهو شعر پڙهندو هو، نتيجي ۾ وڌيڪ خواريءَ کان بچڻ لاءِ پوءِ حاجي موسيٰ کي پريان ايندو ڏسي، هڪدم سندس لاءِ انڊنٺ ڀرڻ شروع ڪندا هئا.
    بهرحال، اهو شعر ننڍن آبادگارن جي زبان تي عام ٿي ويو. مٿان وري هفتيوار ’برسات‘ ڪراچيءَ ۾ ’جهوڪ جي ننڍن آبادگارن سان جٺ‘ جي عنوان سان لکيل منهنجي رپورٽ ۾ اهو نظم ڇپيو ته هر هنڌ چرچو مچي ويو.
    ڪڏهن ڪڏهن شام جو محمد هاشم سومري جي دوڪان تي ڪچهري ڪري، اُٿندا هئاسين ۽ پوءِ پنڌ ئي، سندس ڳوٺ رٽا جي اسٽاپ تائين هليو ويندو هوس. پاڻ هلڻ جو صفا ڍرو هو، ننڍي هوندي ڪنهن بيماريءَ سبب پُٺن ۾ ڪُٻ نڪري آيو هوس. سندس صحبت مان مون ڏاڍو پرايو، زماني جو ماڻهو هو، دنيا جا لاها ۽ چاڙها ڏٺا هئائين. سو اهي تجربا به پيو ٻُڌائيندو هو. سندس پيءُ جو نالو به يوسف هو ۽، وري هن پنهنجي پُٽ تي به پنهنجو پيءُ جو نالو ’يوسف‘ ئي رکيو. ائين پاڻ هڪ شعر لکيائين، جيڪو سندس پاران منهنجي لاءِ سڄي زندگي هڪ يادگار تحفو آهي. اهو شعر هن ريت آهي:
    سڏايان ٿو سنڌي يوسف، پئدائش سنڌ جي آهيان،
    رکن ٿا سنڌ سان محبت، انهن کي چاهه مان چاهيان.

    ڏني ٿي لاڏ مان لولي، پياري ماءُ پينگهي ۾،
    جنم مونکي مليو سنڌ ۾، خوشيءَ جا راڳ ٿو ڳايان.

    ڀٽائي گهوٽ جهڙو ڪو، نه ٿيندو سنڌ ۾ شاعر،
    جيڪي باغي ٿين سنڌ جا، انهن جي آبرو لاهيان.

    ثقافت سنڌ جي سهڻي، عزت مهمان جي اعليٰ،
    انهن جي آجيان خاطر، هميشھ ويٺو واجهايان.

    پدر يوسف، پسر يوسف، صحبت ’يوسف وڻي مُوسيٰ‘
    يوسف نالو پسند مونکي، پيارو سڀ ڪنان ڀانيان.
    نه رڳو حاجي موسيٰ، پر ڪيترن ئي دوستن جون ان حوالي سان مون تي وڏيون مهربانيون رهيون. منهنجي هڪ دوست محمد مارو خشڪ، جيڪو ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘ ۾ مون سان گڏ هو ۽ سٺو شاعر به آهي. تنهن پڻ مون تي هڪ چئوسٽو لکيو، جيڪو پوءِ مون پنهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ جي فليپر تي ڏنو.
    اهو چئوسٽو هن ريت آهي:
    لکڻ، سکڻ ۽ پڙهڻ جو قائل
    ماڻهو سو اڻ جهل، اهو آ
    ”يوسف سنڌي“ نالو جنهن جو
    ”دڙي جي ادبي دل“ اهو آ.
    اها ته محمد مارو خشڪ جي مهرباني هئي، پر مهرباني ته مون تي ”عاجز ڪريم پوريءَ“ به ڪئي. هن به پنهنجي شاعريءَ ۾ مون کي امر ڪري ڇڏيو:

    ڪري پيو ادب جي ڪو خذمت دڙي ۾،
    نه هاري ڪڏهن هن آ همت دڙي ۾،
    ڪڏهن ڏس! ڪتاب يا رسالو ڪڍي پيو،
    هجي شال ’يوسف‘ سلامت دڙي ۾.
    محترم سائين سرويچ سجاوليءَ سان سندس زندگيءَ جي پوين ٻن ٽن سالن ۾ منهنجي گهڻي ويجهڙائپ رهي. انهن ڏينهن آئون سندس ڳوٺ جي اسڪول ”ابراهيم تارڙو“ ۾ اُستاد هئس. هو منهنجي اچڻ جو ٻُڌي هليو ايندو هو ۽ پوءِ اسان جي واهه جي ڪچهري مچندي هئي. هڪ ڏينهن پاڻ مون کي هڪ پنو ڏنائين، کولي جو کڻي پڙهان ته سندس محبت ڏسي حيران ٿي ويس. کڻي سندس پيرن تي هٿ رکيم. ان ڪاڳر ۾ پاڻ منهنجي لاءِ هيٺيون نظم لکيائين، جيڪو سندس ڪتاب ”ٻيئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ ۾ پڻ شامل آهي:
    ماڻڪ موتي ميڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي،
    کيت ادب جا کيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    علم و ادب جي آبياريءَ لئه، سارا پنهنجا سُک ڦٽائي،
    جوتَن ڪارڻ جهيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    نظم نثر جي نرواريءَ لئه، نيڻن جو هو نور نچوئي،
    ٿير ٿلها سڀ ٿيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    ”اونداهيءَ جا عضوا ٽوڙي“، سنڌ سڄيءَ کي سوجهاڪا ڏيئي،
    واٽون واٽون ويڙهي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    تجليءَ جون تارون تاڻيو، تارن سان تڪرار ڪريو،
    چنڊ ۽ سج کي چيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    علم ادب جا سارا صفحا، تنهن جون ساکون ڏين،
    ٽانگر ٽاڙيون ٽيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    ڪتابن جا اُٺ قطاريو، قوم سڄيءَ کي قوت ڏيڻ لاءِ،
    اوکا گس اُکيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

    ”سرويچن“ جي سيم سڄيءَ ۾، ريٽا روپا رنگ ڀرڻ لئه،
    پنهنجو نينهن نکيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.
    (19- فيبروري 2004ع)

    اها ته هئي منهنجي واکاڻ ۾ شاعري، پر آئون جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل هوس ته اسان جي هڪ يار سعيد ميمڻ، منهنجي خلاف هڪ چئوسٽو لکي ايس.ايم.ايس ڪري دوستن کي موڪليو.
    ادبي سنگت اندر، جنهن ويڇا اچي وڌايا
    سانڍيندو سو ساس جي من ۾ مندي رهيو
    سنگت جي وڻ جون سايون شاخون ڪٽي ڇڏيائين
    ڪاٺير جيئن ڪندو ڪم يوسف سنڌي رهيو.
    جڏهن اهو ايس.ايم.ايس هليو ته منهنجي هڪڙي مهربان دوست، ان جي جواب ۾ هڪ چئو سٽو ٺاهي سعيد ميمڻ ۽ ٻين يارن کي موڪليو.
    سنگت سنڌ کي ٿو ڳالهائي
    ماڻهون ناهي مفيد
    هاڻ خبر پئي ڏاڍو لوسي
    ماڻهو آهي سعيد.
    سعيد ميمڻ اهو چئو سٽو لکڻ تي پوءِ مونکان معافي ورتي ۽ مون به کيس دل سا معاف ڪري ڇڏيو.
    ڳالهه شعر و شاعري ۽ پنهنجي واکاڻ تائين وڃي پهتي، نه ته ذڪر حاجي موسيٰ مشڪور جو هو. حاجي صاحب پوين ڏينهن ۾ ڪافي بيمار پڻ رهيو ۽ حاجي خان تبسم جي وفات کان ٺيڪ ٻه ڏينهن پوءِ 13- سيپٽمبر تي وفات ڪيائين. هاڻ رڳو سندس يادون آهن جيڪي ساريان ويٺو. سندس ئي چواڻي:
    زماني ۾ ڪڏهن منهنجا، نشاني هي اکر رهندا،
    لکيل هي داستان سارا، نظم ڪافي نثر هوندا.

    سائين غلام حسين رنگريز سان منهنجي ملاقات ۽ دوستي به ’شيرازي پبليڪيشن‘ جي لاءِ مواد وٺڻ جي لاءِ وٽس وڃڻ کانپوءِ ٿي. هڪ ڏينهن آئون بٺوري ۾ سائين پرويز سان سندس ڪپڙي جي دوڪان تي ويٺو ڪچهري ڪري رهيو هوس ۽کيس چيم ته، ”مونکي سائين رنگريز کان مواد وٺڻو آهي.“ اهو ٻُڌي پاڻ چيائين، ”سائين رنگريز ڄاڻ هتان لنگهيو.“ ٿوري دير کانپوءِ واقعي به سائين رنگريز اُتان اچي لنگهيو. سائين پرويز کيس سڏ ڪري منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو ۽ مون پاران کيس مواد جي گذارش ڪئي. سائين رنگريز مرڪي هائوڪار ڪئي ۽ مونکي پاڻ سان گڏ اوطاق تي وٺي آيو، جتي عبدالحئي پليجو به ويٺو هو. سائين رنگريز منهنجي ساڻس واقفيت ڪرائي. پوءِ ٻنهي سان ڏاڍي سُٺي ڪچهري ٿي ۽ ماني به گڏجي کاڌيسين. ان پبليڪيشن ۾ ڇپجڻ جي لاءِ سائين رنگريز، ممتاز حسين جو هڪ مضمون ”ادب ۽ سائنس“ ڏنو، جيڪو پاڻ ترجمو ڪيو هئائين. عبدالحئي پليجي پڻ منهنجي گذارش تي پنهنجي اڻ ڇپيل سفرنامي ”ڪنواريون ۽ ڪنول“ جو هڪ باب ڇپجڻ جي لاءِ ڏنو.
    اُن کانپوءِ سائين رنگريز سان اڪثر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون. سائين رنگريز جي شفقت، محبت ۽ مهربانين جي ڇا ڳالهه ڪجي. آئون ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي خوشي ٿو محسوس ڪريان ته ادبي کيتر ۾ سائين غلام حسين رنگريز ۽ سائين پرويز نه رڳو منهنجي وڏي همت افزائي ڪئي، پر رهبري به ڪئي. مون انهن ٻنهي مهربان دوستن جي شخصيت جي ڇانوَ ۾ گهڻو ڪجهه پرايو. مونکي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سائين رنگريز پي.ٽي.سي ڪرڻ دوران ايليمينٽري ڪاليج ميرپوربٺوري ۾ منهنجو هڪ سال اُستاد پڻ رهيو. سندن انهن محبتن ۽ مهربانين جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”اونداهي ۾ سوجهرو“ ۾ ٻنهي تي لکيل خاڪن ۾ ڪيو آهي.
    انهن ڏينهن ميرپور بٺوري ۾ سائين رنگريز جي اوطاق اسان جهڙن سيکڙاٽ نوجوانن جي تربيت گاهه هوندي هئي. اڪثر ادب ۽ قومي سياست سان دلچسپي رکندڙ سائين رنگريز جي اوطاق تي اچي کانئس ادب ۽ سياست جا درس وٺندا هئا ۽ سائين رنگريز سقراط جيان انهن نوجوانن جي ذهنن کي اُجاري اڇو ڪندو هو. سائين رنگريز جي انهيءَ عمل جو اسان جهڙن سيکڙاٽن کي وڏو فائدو ٿيو ۽ اسين ادب ۽ سياست جي ڪيترن ئي پهلوئن کان واقف ٿياسين، پر سائين رنگريز جو وڏو نقصان اهو ٿيو ته هو گهڻو لکي نه سگهيو. سندس ڄاڻ سان ڀريل ڳالهيون، ليڪچر ۽ بحث مباحثا لکيل لفظن جو روپ وٺي نه سگهيا. پوءِ جڏهن سائين رنگريز نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو ته اها اميد هئي ته پاڻ لکڻ جون اڳيون پويون سڀ ڪسرون ڪڍندو، پر اها توقع پوري ٿي نه سگهي. رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪجهه ننڍن ننڍن ڪاروبارن ڪرڻ کانپوءِ پاڻ وڪالت شروع ڪيائين ۽ ان سان گڏ سندس دوستن جو حلقو به ويو بدلجندو ويو ۽ گڏوگڏ سائين رنگريز جي روين ۾ پڻ ٿڌاڻ محسوس ٿيڻ شروع ٿي، جيڪا ڳالهه مون سميت ڪيترن ئي دوستن محسوس ڪئي. هڪ ٻه ڀيرا ته مونکي ڪافي صدمو رسيو ته ڇا واقعي هي اهو سائين رنگريز آهي، جنهن وٽ ويهندي سُڪون ئي نه لهنديون هيون ۽ هاڻ وٽس ويهندي ئي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس ٿيڻ ٿو لڳي. انهن ئي روين کي بنياد بنائي مون هڪ ڪهاڻي ”ويساهه جي شڪست“ لکي. جنهن کي پوءِ ڪجهه دوستن خوب ’ايڪسپلائيٽ‘ ڪيو. ۽ سائين رنگريز جي دل ۾ مون لاءِ وڌيڪ ڪٽر پيدا ڪيو. هڪ ڀيري ته مون کيس ڊگهو خط لکي سندس روين جي ٿڌاڻ جي شڪايت ڪئي ۽ سندس نئين حلقي جي هڪ همراهه جي رويي جي دانهن پڻ ڏني.
    سائين رنگريز پنهنجي نظريي، ذڪر ۽ ڳالهه سان وڏو ڪميٽيڊ هوندو هو. نتيجي ۾ ميرپوربٺوري جي هڪ وڏيري فقير عيسيٰ خواجي، مٿس وس وارن کي ملڪ دشمني ۽ حڪومت جي خلاف هئڻ جون رپورٽون ڪري کيس ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ کيس بٺوري مان خيرپور ۽ ڪراچي بدلي ڪرائي ڇڏيو ۽ سائين رنگريز ڪيترائي سال اها سزا ڪاٽيندو رهيو.
    مونکي ان ڏينهن سخت حيرت ٿي جڏهن مون ٻُڌو ته سائين رنگريز هاڻ ”مڌ“ جا مٽ پيئڻ شروع ڪيا آهن ۽ سندس حالت ارشاد ساگر جي غزل جي هن بند جيان هوندي آهي:
    رات سڄي ٿا مڌ ۾ تڙڳون،
    ڏينهن به موکيءَ مٽ ۾ آهيون.
    خود سائين رنگريز به پنهنجي ان حالت کي هنن سٽن ۾ اپٽاريو آهي:
    اڄ ته پيتم ايترو جو لڙکڙائڻ هان لڳو،
    شام ٿڙندي، رات ڪرندي، زندگي گذري ويئي.
    هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته اسانجو هڪ دوست رات جو شراب جي هڪ وڏي ۽ مهانگي بوتل کڻي اچي سائين رنگريز جي اوطاق تي لٿو ۽ شراب سان شغل شروع ٿيو. اُن شُغل ۾ نه نه ڪندي اسين به شامل ٿي وياسين. پر سائين رنگريز نه پيتو. دوست جڏهن زور ڀريس ته سائين رنگريز اهو عذر ڏيئي پيئڻ کان معذرت ڪئي، ”منهنجا ڇوڪرا به هلن پيا. آئون پيئندس ته انهن تي برو اثر پوندو.“
    مونکي ڪڏهن به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته سائين رنگريز ڪيئن مَڌ تي لهي پيو. ٿورو ٿڪو يا ڪڏهن ڪڏهن موڊ مٽائڻ لاءِ ته گهڻا ئي پيئن ٿا، پر ايترو گهڻو، جو سندن رات جي محفلن جا چرچا ميرپوربٺوري کان دڙي اچي اسانجي ڪنن تائين ٺڪا ڪن. سندن ئي ڪمپني جو هڪ دوست سارنگ شاهه، اسانکي انهن محفلن جي باري ۾ جيڪي مرچ مسالا وجهي اچي ٻڌائيندو هو، سي هي قلم لکڻ کان قاصر آهي.
    مونکي خبر ڪونهي ته سائين رنگريز جون اهي ڪهڙيون محروميون ۽ مايوسيون هيون، جيڪي کيس ان پاسي وٺي ويون. ها، البت اها ڳالهه ضرور سمجهه ۾ ايندي اٿم ته سائين رنگريز سان دوستن وڏيون جٺيون ڪيون. سندس محبت ۽ اعتماد جي پکيءَ کي اهڙو ته گهايو، جو سندس اندر مان دانهن نڪري هن شعر جو روپ اختيار ڪري ويئي:
    احساس زخمي آهن، ڦٿڪن لڇن پيا
    اي دوست! دوستيءَ ۾ دولاب ملياهن.
    ٻي هنڌ وري سائين رنگريز هيئن ٿو اظهاري:
    شهر دل جو ايترو ويران ٿيندو، سو نه ڄاتم،
    ڀروسن جو بي پناهه اپمان ٿيندو، سو نه ڄاتم.
    سائين رنگريز سان ڪيل دوستن جي دغائن مان هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي. 1994ع ۾ آئون بي.ايڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ هڪ مسواڙي فليٽ ۾ رهندو هوس. هڪ ڏينهن سائين رنگريز مون وٽ آيو ته ان مهل سارنگ شاهه به مون وٽ ويٺو هو. سارنگ شاهه کي مون وٽ ويٺل ڏسي سائين رنگريز جي ڪيفيت عجيب ٿي ويئي. آئون ڏاڍو حيران ٿيس، جو مون کيس اڳ ڪڏهن به اهڙي ڪيفيت ۾ نه ڏٺو هو. پر سائينءَ جي ڪيفيت مان سمجهيم ته دال ۾ مڙيئي ڪجهه ڪارو آهي. ٻي پاسي سارنگ شاهه تي نظر پيم ته هو به صفا دٻجي ويو. هونئن ته سارنگ شاهه ۽ سائين رنگريز قريبي دوست هئا، جن جو مٿي ذڪر به ڪيو اٿم. گهڙي کن ويهي سائين رنگريز اُٿيو ۽ آئون به سارنگ شاهه کي اُتي ئي ويهڻ جو چئي، سائين سان گڏ ٻاهر نڪري آيس ۽ هيٺ اچي هڪ هوٽل تي ويٺاسين. ويهڻ شرط سائين پڇيو، ”شاهه صاحب هت ڇو ويٺو آهي؟“ ان مهل تائين مونکي خبر نه هئي ته سارنگ شاهه، سائين رنگريز کي ڪيترو نه ڏکوئي چڪو آهي. مون وراڻيس ته، ”سارنگ شاهه مون وٽ ايندو رهندو آهي.“
    جواب ۾ سائين رنگريز رڳو ايترو چيو، ”هن شيطان کان بچج....!“
    پوءِ هوريان هوريان خبرون پيون ته دنگ رهجي ويس. پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين سارنگ شاهه ۽ سائين رنگريز جي وچ ۾ تعلقات منقطع رهيا. ٻه چار سال اڳ هڪ ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي ڏينهن جو سائين رنگريز سان ملڻ لاءِ سندس اوطاق تي ويس ته ڏٺم سارنگ شاهه ۽ ڪجهه ٻيا همراهه ويٺا هئا، پئگ پاڻي هليو پي. آئون سارنگ شاهه کي اتي ويٺل ڏسي حيرت جي جهان ۾ ٻُڏي ويس. اوڏي مهل ته ماٺڙي ڪري اُٿي آيس، پوءِ هڪ ڀيري سارنگ شاهه مليم ته ’خبرون چارون‘ پُڇيونمانس.
    ”وسڪي اسانکي ٻيهر ويجهو وٺي آئي....“ سارنگ شاهه شرارتي مُرڪ مرڪندي وراڻيو. وڌيڪ پوءِ ان موضوع تي ڪونه ڳالهايوسين.
    منهنجي دل ۾ سدائين سائين رنگريز لاءِ عزت، احترام ۽ پيار جو جذبو رهيو. مون ڪڏهن به سندس مون تي مهربانيون نه وساريون. اهوئي سبب آهي، جو مون انهن خوبصورت يادن کي سدائين تازو رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪتاب ”اڌ مهينو ايران ۾“ پنهنجن عظيم استادن کي ارپيو، انهن ۾ هڪ سائين غلام حسين رنگريز به آهي. مونکي ان ڳالهه جي به خوشي آهي ته سائين رنگريز جو پهريون ڪتاب ”سرمد ڇا ٿو سوچي؟“ مون ئي ڇپرايو.
    هاڻ سائين رنگريز ٿورو لکڻ ڏانهن ڌيان ڏنو آهي. روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ هفتيوار ڪالم به لکي ٿو، ته پنهنجي آتم ڪهاڻي ”خانه بدوش روح جي ڪٿا“ به لکڻ شروع ڪئي اٿائين، جيڪا ”عوامي آواز“ ۾ قسطوار ڇپجي رهي آهي. دعا اٿم ته سائين نه رڳو پنهنجي آتم ڪهاڻي مڪمل ڪري، پر گهڻو ڪجهه لکي اڳيون سڀ ڪَسرون ڪڍي.


    10

    سنڌي ادبي سنگت سان منهنجي واقفيت مٿين مشغلن کانپوءِ ٿي. ان وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي شعري محفلن ۾ محمد خان ’ملهار‘ سنڌي به ايندو هو، جنهن کي سڀ دوست ”سائين مامون“ سڏيندا هئا. پاڻ مونکي هڪ ٻه ڀيرا چيائين ته ”يوسف اچ ته گڏجي سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪريون.“ سنگت کي دڙي ۾ غير فعال ٿيندي ڪيترائي سال ٿي ويا هئا، نه ته ماضيءَ ۾ سنگت پاران ڪيترائي وڏا پروگرام پڻ ڪرايا ويا هئا.
    مون سائين مامونءَ سان ”ها“ ڪئي ته ’ڀلي گڏجي سنگت کي سرگرم ڪجي.‘ ائين هڪ ڏينهن هن هڪ پرائمري استاد غلام حسين بلاولي جي اوطاق تي ’سنگت‘ جي گڏجاڻي رکي. ان وقت غلام حسين بلاولي پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن تعلقي ميرپور بٺوري جو صدر هو. ”سائين مامونءَ“ اسان واري سنگت مان ٻن ٽن دوستن کي چيو. ان پهرين گڏجاڻيءَ ۾ اسين ڪُل چار يا پنج دوست شريڪ ٿياسين. ملهار سنڌي، اُن گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي هلائڻ جي لاءِ هڪ پراڻو رجسٽر کڻي آيو هو. گڏجاڻيءَ ۾ ملهار سنڌي، پنهنجي وائي ٻُڌائي. موٽو مل ’ڪنول‘ ڪوهستاني هڪ ننڍڙي ڪهاڻي پڙهي. مون ٻي ڀيري لکي اچڻ جو چئي تنقيد ۾ حصو ورتو ۽ آخر ۾ صدارتي شعر غلام حسين بلاوليءَ پنهنجي موٽر سائيڪل جو آئل تبديل ڪندي، ترنم ۾ ٻڌايو.... پر وري ترت ٻي گڏجاڻي ٿي نه سگهي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن سيد اڪبر سان اُٿڻ ويهڻ شروع ٿيو ته هڪ ڏينهن هن چيو، ”ڇو نه سنگت کي سرگرم ڪجي.؟“ نيٺ صلاح مشوري کانپوءِ غلام حسين بلاولي جي ئي اوطاق تي سنگت جي ٻي گڏجاڻي رکي ويئي. انهن ڏينهن سيد اڪبر دڙي ۾ غلام حسين بلاوليءَ وٽ گهڻو ايندو هو. ان گڏجاڻيءَ ۾ آئون، موٽو مل ’ڪنول‘ ڪوهستاني، غلام حسين بلاولي ۽ سيد اڪبر شريڪ هئاسين. ائين پوءِ غلام حسين بلاولي جي اوطاق تي ڪجهه گڏجاڻيون ٿيون، جنهن ۾ مٿين دوستن کانسواءِ ملهار سنڌي ۽ سندس هڪ ٻيو دوست حاجي عباسي به شريڪ ٿيو. اڳتي هلي پوءِ سنگت جي گڏجاڻيون حاجي عباسي جي اوطاق تي ٿيڻ لڳيون. جن ۾ سيد اڪبر پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو هو ۽ دوستن جي لکڻين تي ڏاڍو سٺو ڳالهائيندو هو ۽ سندن همت افزائي ڪندو هو.
    سيد اڪبر شاهه ڏاڍو سٺو شاعر، نثر نويس ۽ بهترين مقرر هو، ڳالهائيندو هو ته لفظ ڄڻ تسبيح جي داڻن جيان سندس وات مان پيا نڪرندا هئا. سندس ٻولي نج ۽ تشبيهون ڏاڍيون خوبصورت هونديون هيون. سيد اڪبر شاهه لاءِ دوست چوندا هئا ته هن لکڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ آئون دوستن جي اها ڳالهه ذهن ۾ رکي کيس هر ڀيري لکڻ لاءِ زور ڀريندو هو. سيد اڪبر جي شعر پڙهڻ جو انداز به ڏاڍو دل لڀائيندڙ هوندو هو. سندس لاءِ دوست اهو ٻُڌائيندا آهن ته اڪبر شاهه رسول بخش پليجي سان گڏجي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ کي ٺاهيندڙ بنيادي ماڻهن مان هو ۽ تحريڪ کي سڄي سنڌ ۾ پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هئائين. پوءِ اختلافن سبب ’عوامي تحريڪ‘ کان ڌار ٿي ويو هو. اڪبر شاهه ’پ - ٽ - الف‘ سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو هو.
    سنگت جي انهن گڏجاڻين ۾ ويهه ٻاويهه دوست شريڪ ٿيندا هئا. هر پندرهين ڏينهن ٿيندڙ انهن گڏجاڻين ۾ دوست پنهنجون ڪهاڻيون، مضمون، شعر وغيره پڙهندا هئا، جن تي دوست ڳالهائيندا هئا ۽ لکندڙ دوست انهيءَ تنقيد مان پرائي پنهنجي لکڻين کي وڌيڪ سنواريندا ۽ سُڌاريندا هئا. ملهار سنڌي، سنگت جي سيڪريٽريءَ جون ذميواريون ادا ڪندو هو. پر هو اڪثر گڏجاڻيءَ ۾ دير سان ايندو هو يا کيس ڳالهه وسري ويندي هئي. پيشي جي لحاظ کان ملهار سنڌي پرائمري استاد هو، پگهار پوري ساري، آڪهه به وڏي.... اڪثر ڏاڙهي وڌيل ۽ وار اڻڀا ۽ اُڀا هوندا هئس، جنهن سبب اسين کيس ڪافي ٽوڪيندا هئاسين. دوست ويٺا هوندا هئا ته ملهار سنڌي اچي ته گڏجاڻي شروع ڪجي.... پر ملهار گم.... ائين ڪڏهن ڪڏهن نٽهڻ اُس ۾ ڊاڪٽر نور احمد ميمڻ ۽ آئون، موٽر سائيڪل تي چڙهي کيس گهر ڳولهڻ ويندا هئاسين يا وري سندس ويهڻ جي ٿاڪن تي، ڪڏهن ڪڏهن هو اسان کي پنهنجن دوستن سان پتن راند ڪندي ملندو هو ۽ اسان کي ڏسي کلي چوندو هو، ”بس هيءَ راند پوري ڪري اُٿيس پي.“ سندس ان سستيءَ تي اسان مٿس ڪيترائي ڏنڊ وڌا ۽ ضابطا لاڳو ڪيا، پر ملهار سنڌيءَ تي انهن جو ڪوبه اثر نه ٿيندو هو. سنگت دڙي جي انهن گڏجاڻين ۾ سيد اڪبر، حاجي عباسي، ملهار سنڌي، غلام حسين بلاولي، محمد خان چوهاڻ، عبيدالله سميجو، نظير ميمڻ، منظور ڌماچ، موٽومل ڪنول ڪوهستاني، محمد صديق سومرو، يونس سومرو، ساٿي سومرو، محمد يوسف مست کڏو ۽ ٻيا دوست ايندا هئا.
    هڪ ڀيري عيد تي اسان ’حاجي عباسي‘ جي ئي جڳهه تي سنگت جي گڏجاڻي رکي. جنهن ۾ به ملهار سنڌي نه پهتو ۽ ڪاروائي اڪبر شاهه هلائي. ان گڏجاڻيءَ ۾ به ڪافي پراڻن ۽ نَون دوستن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ مٿين دوستن کانسواءِ عبدالغفور الستي، سيد عالم شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، علي محمد ڀٽو، حاجي خان تبسم، ارم درس، عبدالغني ڪنڀر، عبدالغني ميمڻ ۽ ڪجهه ٻين دوستن به شرڪت ڪئي. اُتي سڀني دوستن سنگت کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ علي محمد ڀٽي، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، ساٿي سومري ۽ مون تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي. پر ٻي گڏجاڻي ۾ ملهار سنڌي ٻيهر سيڪريٽري بنجي ڪاروائي هلائڻ لڳو ۽ اسان واري ڪميٽي به هڪ گڏجاڻي ڪري ماٺ ٿي ويئي.
    سنڌي ادبي سنگت جي هڪ اهڙي گڏجاڻيءَ ۾ مون ٻارن لاءِ ماخوذ ڪري لکيل ڪهاڻي ”شهيد جي ماءُ“ پڙهي، جنهن تي سيد اڪبر شاهه راءِ ڏيندي چيو، ”هيءَ اهڙي ته سُٺي ڪهاڻي آهي، جو جيستائين ڪٿ ڇپجي، تيستائين ليٿو يا فوٽو اسٽيٽ ڪري ورهائجي ۽ خاص ڪري سنڌي مائرن کي پڙهائجي.“
    ان وقت ملڪ تي مرد معلون مرد منافق جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا لاڳو هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪزي ليول تي پنهنجون سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون هيون ۽ مختلف قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين جي اها ڪوشش هئي ته سنگت سندن ذيلي فرنٽ ٿي رهي ۽ شاخن ۾ پڻ مٿين گروپن جا ڪارڪنن اُن قسم جي ڪوششن ۾ هوندا هئا. اسان واري ڪميٽي کي جيڪو تارپيڊو ڪيو ويو، ان جو بنيادي سبب به اهوئي هو. ان وقت آئون جيتوڻيڪ ايس. ايس. ٽي ڇڏي چڪو هوس، پر ملهار سنڌي ۽ حاجي عباسي جو مون تي اعتبار نه هو. هو ٻيئي ماضيءَ ۾ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جا ڪارڪن رهيا هئا. مونکي ادب سان وڌيڪ لڳاءَ هو ۽ ٻيو ته مون تي اعتبار نه ڪرڻ جي باوجود به حاجي عباس منهنجي گهڻي عزت ڪندو هو ۽ مون به هروڀرو ڪنهن ٽڪراءَ ۾ اچڻ جي بدران ڪميٽيءَ تان هٿ ئي کڻي ڇڏيو. جيتوڻيڪ محمد خان ملهار سنڌيءَ ۾ ڪافي صلاحيتون هيون، ۽ هو چاهي ها ته گهڻو ڪم ڪري پي سگهيو، پر ”سنگت“ دڙو ملهار سنڌيءَ جي سستي ۽ لاپرواهيءَ سبب ڪو وڏو ڪردار ادا نه ڪري سگهي.
    ڪجهه وقت کانپوءِ دوستن خيال ڏيکاريو ته شاخ جي نئين چونڊ ڪرائي وڃي. منهنجي خواهش هئي ته آئون شاخ جو سيڪريٽري ٿيان. اڪبر شاهه سميت ڪجهه ٻين دوستن جو به خيال هو ته آئون بهتر رهندس. ڇاڪاڻ ته ملهار سنڌي ٻارهن تيرهن سال سنگت دڙو جو سيڪريٽري رهيو آهي. هاڻ نئون رت اچڻ گهرجي. پر خبر تڏهن پيئي، جڏهن اوچتو ئي اوچتو ملهار سنڌي پنهنجي اميدوار هئڻ جو اعلان ڪيو. حاجي عباسي به سندس حمايت ڪئي. اهو ڏسي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ ڏُک به ٿيو. بهرحال آئون خاموش ٿي ويس ۽ اميدواريءَ تان هٿ کڻي ويس. سوچيم ته جڏهن بزرگ دوستن جو مون تي ڀروسو ڪونهي ته پوءِ بيهڻ اجايو آهي. ملهار سنڌي ۽ حاجي عباسي جي ان فيصلي تي نظير ميمڻ، ارشاد ميمڻ، اسلم فاضلاڻي ۽ عبدالغني ڪنڀر اعتراض ڪيو. عبدالغني ڪنڀر ته مذاق مذاق ۾ چيو، ”سائين محمد خان ملهار ۽ حاجي عباسيءَ جي پولٽ بيورو جو فيصلو اسان کي قبول نه آهي.“ پر مون سائين محمد خان ملهار جي لاءِ جاءِ خالي ڇڏڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو، ان تي قائم رهيس، جنهن تي مٿين دوستن کانسواءِ سيد اڪبر شاهه به مون سان پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. ملهار سنڌي تي ڪير به راضي نه هو، ڇو ته عوامي تحريڪ وارا دوست کيس پنهنجو مخالف سمجهندا هئا ۽ پسند نه ڪندا هئا. جيئي سنڌ محاذ وارن هر حال تي شاخ تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو. ان ڇڪتاڻ ۾ ملهار سنڌي، عوامي تحريڪ وارن سان جوڙ توڙ ڪري سيڪريٽري ٿي ويو. سنگت دڙي جون اهي چونڊون مرڪزي خزانچي محترم رسول بخش درس ۽ سيد اڪبر جي نگرانيءَ ۾ ٿيون. چونڊن جو جيئي سنڌ وارن دوستن بائيڪاٽ ڪيو. نتيجي ۾ سيڪريٽري ملهار سنڌي، جوائنٽ سيڪريٽري محمد يونس سومرو، خزانچي نظير ميمڻ چونڊيا، جڏهن ته آڊيٽر ڪير چونڊيو، اهو هاڻ يا نه اٿم. سنگت دڙو جون چونڊون ته ٿيون، پر انهيءَ آکاڙي سبب سنگت جون سرگرميون ختم ٿي ويون ۽ سنگت غير سرگرم ٿي وئي.
    ٻن سالن کان پوءِ جڏهن محترم غلام حسين رنگريز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ته هن شاخ کي سرگرم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي، پر پوءِ به ڪا سرگرمي نه ٿي. ڪافي عرصي کانپوءِ ڪجهه پراڻن ۽ نَون دوستن سان گڏجي مون شاخ کي سرگرم ڪيو ۽ سنگت دڙو جون چونڊون ڪرايون ۽ شاخ جو سيڪريٽري ٿيس ۽ شاخ کي ڪافي سرگرم ڪيوسين. انهن دوستن ۾ حاجي عباسي، حاجي خان تبسم، آصف علي قريشي عرف ”سارنگ“ سودائي، حاجي محمد موسيٰ مشڪور، عبدالڪريم سومرو، ذوالفقار ڪانڌرو، سجاد ميمڻ، ذوالفقار سومرو، ساگر ڪانڌڙو، عباس سومرو، وفا امير بخش سومرو، ثناگر حسيني، محمد يوسف مست کڏو، حبيب الله ميمڻ.... اڳتي هلي ان سفر ۾ رشيد آزاد، نور احمد سومرو، محمد يوسف ڀٽو، اصغر گگو، علي محمد سومرو، ڍولڻ جاني، ڊاڪٽر عبدالخالق ميمڻ ۽ ٻيا شامل ٿيا.
    منهنجي سيڪريٽري شپ دوران سنگت دڙو پاران ڪتابي سلسلي جا ٻه ڪتاب ”تون تون مان مان“ ۽ ”امن جي تلاش“ شايع ٿيا. ڪيترائي پروگرام ڪياسين. مون کان پوءِ سارنگ سودائي، سجاد ميمڻ، عبدالڪريم سومرو، عباس سومرو، رشيد آزاد، محمد يوسف ڀٽو ۽ ڍولڻ جاني سنگت دڙو جا سيڪريٽري ٿيا.
    نئين سر سرگرميءَ کان پوءِ سنگت دڙو پاران ڪيترائي پروگرام ڪرايا ويا، جن ۾ مذاڪرو ’ويهين صديءَ جون تقاضائون ۽ سنڌ‘، ڪهاڻي ويهڪ، طارق قريشيءَ سان شام، ڪتابن جون مهورتون وغيره. اهو سلسلو گهڻي عرصي تائين هلندو رهيو. جن ۾ مٿين دوستن سرگرمين سان حصو ورتو. سنگت دڙو جي پروگرامن ۾ مٿين دوستن مان حاجي خان عباسي، سدائين سنگت لاءِ پاڻ پتوڙيو. پراڻو قومي ڪارڪن آهي. سياست جي سلسلي ۾ گرفتار به ٿيو. پهرين سنڌي عوامي تحريڪ ۾ شامل رهيو. پوءِ پي. اين. پي ۾، پوءِ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾. فرنٽ جڏهن نواز ليگ ۾ شامل ٿي ته پاڻ شامل نه ٿيو. پر خلوص ماڻهو آهي، پر بي حد جذباتي، سنگت ساٿ سان پير ڀرڻ وارو. اسين پاڻ ۾ سٺا دوست رهيا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن وڙهي به پوندا آهيون، پر هڪٻئي کانسواءِ سرندي به نه آهي. مونکي ان ڳالهه تي به خوشي آهي ته ڪجهه سال اڳ اسان سنگت دڙو پاران ساڻس ننڍڙي شام به ملهائي. حاجي عباسي جي اوطاق کانپوءِ سنگت جون گڏجاڻيون هاءِ اسڪول ۾ ٿينديون هيون. آخر ۾ ڊاڪٽر خالق ميمڻ جي ڪلينڪ ۾ ڪندا هئاسين. ان جي ڇت تي ننڍا ننڍا پروگرام به ڪندا هئاسين. ڊاڪٽر خالق ميمڻ انهن جي سٺي نموني ميزباني ڪندو هو.
    محمد خان ملهار کانپوءِ، اقبال احمد ساٿي سومرو، سنگت جو سيڪريٽري ٿيو. پر هو به سنگت کي سرگرم رکي نه سگهيو. ٿوري وقت کان پوءِ ملهار سنڌي سان اڻبڻت جي ڪري غلام حسين بلاولي سنگت تان استعيفيٰ ڏيئي ويو. اڪبر شاهه به اچڻ گهٽتائي ڇڏيو. منظور ڌماچ به ”ٻنون“ ۾ وڃي سنگت جي شاخ کولي. منظور ڌماچ، اڪبر شاهه ۽ ملهار سنڌي جي دوستيءَ ۾ سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ ايندو هو ۽ هو پوءِ شاعري به ڪرڻ لڳو. ٻنون شاخ ڪافي وقت سرگرم رهي. ان جي سرگرميءَ ۾ ربڏنو راز ڌماچ، دائود اختر سومرو، جمن عباسي، شمشير جنگ پليجو، ظهور پليجو، هاشم پرواز فاروق ساحر پليجو ۽ بهادر ناز پليجو شامل رهيا. سنگت ٻنون پاران هڪ ڀيرو ابراهيم منشي سان ڏاڍي سٺي شام پڻ ملهائي ويئي.
    *
    انهن چونڊن کان اڳ، جڏهن کانپوءِ سنگت دڙو سرگرم ٿي هئي ته حيدرآباد ۾، مسلم ڪاليج جي مخدوم بلاول هاسٽل ۾ سنگت جون مرڪزي چونڊون ٿيون. اها 1986ع جي ڳالهه آهي. سنگت مرڪز پاران سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ٻه ڪائونسلر چونڊي موڪلڻ جو خط پهتو، جيڪو ملهار سنڌيءَ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهي ٻڌايو. هڪ ڪائونسلر ته سيڪريٽري هئڻ جي ناتي ملهار سنڌي پاڻ ئي هو. ٻي جي لاءِ هنَ سيد اڪبر جو نالو پيش ڪيو. جنهن سندن رٿ جي مهرباني مڃي ۽ پنهنجو نالو واپس وٺندي منهنجو نالو پيش ڪندي چيو، ”اسين گوڏن نڪتل ملهه آهيون.... تنهنڪري اسان کي ڇڏيو. سنگت کي نوجوان ۽ نئين رت ۽ ٽئلنٽ جي ضرورت آهي، تنهنڪري اوهان کين موقعا ڏيو ته اهي اڳيان اچن.“
    ان وقت مونکي سنگت جي مامرن جي ڪابه خبر نه هئي ۽ نه ئي مونکي ’سنڌ ڪائونسل‘ بابت خبر هئي ته اها ڇا آهي. اڪبر شاهه منهنجي حق ۾ دستبردار ٿي منهنجي لاءِ دوستن کي راضي ڪري، منهنجي ڏاڍي همت افزائي ڪئي ۽ اهو به فيصلو ڪرايو ته ٻنهي ڪائونسلرن کي اهو اختيار ڏنو وڃي ته هو اُتي جون حالتون ڏسي آزاداڻي نموني ووٽ ڏين. سنگت جي اُن ئي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ماحول منهنجي لاءِ سنگت جي ڪاروهنوار ۾ دلچسپي وٺڻ جو بنياد فراهم ڪيو.
    انهن چونڊن ۾ ’سنگت سنڌ‘ جي سيڪريٽري جنرل لاءِ ٽي اميدوار هئا. تاج جويو، عبدالرحمٰن نقاش ۽ مدد علي سنڌي. مدد علي سنڌي پوءِ هٿ کڻي ويو. باقي تاج ۽ نقاش ۾ مقابلو هو. عبدالرحمٰن نقاش کي ارباب کهاوڙ جي وطن دوست انقلابي پارٽيءَ جي حمايت حاصل هئي ۽ تاج جويي کي جيئي سنڌ محاذ جي. آئون ۽ ملهار سنڌي جڏهن صبح جو سوير ساڍي اٺين بجي ڌاري مسلم هاسٽل پهتاسين ته هاسٽل جي دروازي تي اسان کي عبدالواحد آريسر مليو، جيڪو اسان کي وٺي اندر هڪ روم ۾ ويو. جتي ڪو ٻيو دوست به موجود هو. پٽ تي بسترو وڇايل هو. انهن ڏينهن سرور سهتو هاسٽل جو انچارج هو. بستري تي ڪيتريون ئي اخبارون ٽڙيون پکڙيون پيون هيون ۽ حنيف رامي جو ڪتاب ”پنجاب ڪا مقدمه“ به پيو هو، جيڪو شايد عبدالواحد آريسر جي مطالعي هيٺ هو. اسين ٿوري دير عبدالواحد آريسر وٽ ويهي، اُٿي ٻاهر نڪري آياسين ۽ مارڪيٽ ۾ اچي هوٽل تي ناشتو ڪيوسين.
    انهن چونڊن ۾ تاج جويي کٽيو. اسين ناشتو ڪري موٽياسين ته تاج جويو ۽ ڪجهه ٻيا دوست موجود هئا. تاج اسان کي چيو، ”رسول بخش پليجي وارن دوستن سان ٺاهه ٿيو آهي، هو سيڪريٽري جنرل لاءِ منهنجي سپورٽ ڪندا ۽ پاڻ کي آڊيٽر لاءِ سندن اميدوار عابد چنا کي ووٽ ڪرڻو آهي.“ پر چونڊن جو نتيجو آيو ته تاج جويي جي بيهاريل اميدوار اسير ملاح کٽيو. جيڪو اُت موجود ئي ڪونه هو. اها تاج وارن جي رٿابندي ئي هئي ته متان مٿس اسير ملاح کي هٿ کڻائڻ لاءِ زور بار پوي ۽ تاج شايد اسان کي ان ڪري چيو جو کيس خبر هئي ته اسين جيئي سنڌ محاذ جا نه آهيون، لازمي آهي ته کيس محمد خان ملهار ۽ منهنجي باري ۾ وڌيڪ خبرون چارون به هونديون جيئن سندس ڀرم رهجي اچي.
    اسان جي پاڻ ۾ ڪيل فيصلي موجب اسان ٻنهي کي پنهنجا ووٽ تاج جويي کي ڏيڻا هئا، پر اجلاس دوران هڪ اهڙي ڳالهه ٿي، جنهن سبب ملهار سنڌيءَ پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏيو يا کيس فيصلو بدلائڻ جو بهانو ملي ويو. اصل ۾ اُن وقت اسان سنڌي ادبي سنگت جي مفاد کان وڌيڪ پنهنجي پارٽي مفاد ۾ ووٽ ڪيو. مونکي منهنجي پارٽيءَ ’عوامي تحريڪ‘ پاران اڳ ۾ ئي دڙي ۾ محمد بخش راهو هدايتون ڏيئي ويو هو، جنهن تحت عابد چنا جي حمايت عيوض تاج جويي کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ چيو ويو هو.
    ملهار سنڌي پنهنجو ووٽ نقاش کي ڏنو، مونکي به چيائين ۽ مون به ساڻس ها ڪئي ته نقاش کي ئي ووٽ ڪندس، پر جيئن ملهار سنڌي کي پنهنجي پارٽيءَ جي هدايتن تي لازمي عمل ڪرڻو هو، تيئن مونکي به پارٽي هدايتن جي خلاف ورزي ڪرڻي نه هئي. مون ساڻس ڪيل وعدي جي خلاف ورزي ڪندي، مليل هدايتن موجب تاج جويي کي ووٽ ڪيو.
    ملهار سنڌيءَ کي پنهنجو فيصلو بدلائڻ يا مون کان وعدو وٺڻ جو موقعو هن ڪري به مليو، جو اجلاس دوران تاج جويي ته پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي پر جڏهن نقاش ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تاج جويي نه رڳو کيس ڳالهائڻ کان روڪيو پر وڏو گوڙ به ڪرايو، جنهن سبب نقاش ڳالهائي نه سگهيو. جنهن تي ڪافي سنجيده دوستن کي رنج ٿيو ۽ کين تاج جو اهو عمل اڻ وڻندڙ لڳو.
    سنگت جو اهو پهريون اجلاس هو، جيڪو مون اٽينڊ ڪيو ۽ ان ۾ تاج جويو ٻيو ڀيرو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. جوائنٽ سيڪريٽري اياز گل، جيڪو پڻ اجلاس ۾ نه آيو هو، خزانچي رسول بخش درس ۽ آڊيٽر اسير ملاح چونڊيا هئا.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ’جيئي سنڌ محاذ‘ پاران دڙي ۾ ”شهيد دودي سومري“ جي ورسي ملهائي وئي ۽ تاج جويو ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيو ته اسان سنگت دڙو پاران ٻي ڏينهن تاج جويي کي آجياڻو ڏنو.
    ملهار سنڌي ڏاڍو سٺو ۽ پختو شاعر هو، پر هو ڪڏهن به شاعري يا ادب ڏانهن سنجيده نه رهيو. سنگت جي گڏجاڻي کان ٿورو اڳ پين پنو کڻي ويهندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجهه رهڙي وٺندو هو، هڪ ڀيري گڏجاڻي ۾ هڪ ڪهاڻي اهو چئي پڙهيائين ته هيءَ پهرين قسط آهي، ٻي قسط ايندڙ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهندس، جيڪا پوءِ ڪڏهن به پيش نه ڪيائين، ۽ اسين ان قسط پڙهڻ لاءِ کيس ڏاڍو تپائيندا هئاسين. محمد خان ملهار سنڌي جيڪو به لکيو. اهو ڪڏهن به سنڀالي نه رکيو، سڀ پنن تي وکريل رهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويو. سندس شاعري ۾ ڏاڍي ندرت هئي. سندس لکڻيون ڪجهه رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون. ڪجهه مون پنهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ ۾ فوٽو ۽ تعارف سميت ڇپيون.
    محمد خان ملهار سنڌي 5- جنوري 2011 تي وفات ڪئي. پوين ڪجهه سالن ۾ اسين هڪٻئي کان لاتعلق ۽ اڻ ڄاڻ رهياسين، سبب به ڪي خاص نه هئا. پاسي مان لنگهي ويندا هئاسين ته به نه سلام نه دعا. سندس وفات کان ٻه مهينا اڳ ٻڌم ته دل جو دورو پيو اٿس. دل سٽ ڏني ته وڃي پُڇي اچانس، پر ڪجهه سستي ۽ لاپرواهيءَ سبب وڃي نه سگهيس، جنهن جو پوءِ ڪافي ارمان به ٿيم.
    ملهار سنڌي جو هڪ خوبصورت نظم هن وقت منهنجي ذهن ۾ تري آيو آهي.
    آزادي ڪو انعام ته ڪونهي
    ڪوپرينءَ جو پيغام ته ڪونهي
    ڪنهن سهڻي هٿ جو جام ته ڪونهي
    وير وڏي ويڙهاند کانپوءِ
    ريٽي رت جي راند کانپوءِ
    هيءَ مومل راڻا ماڻيندا آهن
    آزادي آڻيندا آهن.
    ملهار سنڌيءَ جو هڪ ٻيو ننڍو نظم جنهن سان اختلاف جي گنجائش ته رکي سگهجي ٿي، پر اسان جي حالتن جي ڏاڍي سٺي عڪاسي ڪري ٿو.
    سنڌي ماڻهو
    موڳو ماڻهو
    جنهن جو ڪائي سوچ نه آهي
    جنهن جي ڪائي لوچ نه آهي
    گيت وڏيري ڳائي ويٺو
    پنهنجي من پرپائي ويٺو.


    11

    سنڌي ادبي سنگت دڙي جي گڏجاڻين ۾ شرڪت سبب منهنجي ڪافي تربيت ٿي ۽ ڪيترن ئي نَون دوستن سان ملاقاتون ٿيون ۽ ڪن سان ويجهڙائپ وڌي. انهن ۾ حاجي عباسي ۽ ملهار سنڌي به هئا. هو ٻيئي ڪنهن وقت ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ۾ هوندا هئا ۽ 1979ع ۾ پارٽيءَ ۾ ٿيل ٽوڙ ڦوڙ کانپوءِ شير خان لنڊ، اسماعيل سوهي ۽ سيد اڪبر شاهه سان گڏ ڇڏي ويا هئا ۽ ٻيئي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي هڪ اک به نه وڻندا هئا. سائين محمد يوسف ڪيڙانو ته کين جن لقبن سان نوازيندو هو، اهي ٻُڌي کل ايندي هئي، جواب ۾ هي به يوسف ڪيڙاني کي اهڙن ئي لقبن سان نوازيندا هئا.
    سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ حاجي عباسيءَ سان گهرائپ ٿي ته آئون ڪڏهن ڪڏهن سندس هول سيل جي دوڪان تي به وڃي ويهندو هوس، جيڪا ڳالهه ايس. ايس. ٽي جي دوستن کي نه وڻندي هئي ۽ وري جو اڪبر شاهه جي ويجهو ٿيڻ لڳس ته دوستن مون تي نظر رکڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي هنن مون سان ملڻ ۽ مونکي ايس. ايس. ٽي جي گڏجاڻين ۾ سڏائڻ بند ڪري ڇڏيو، منهنجو موقف هوندو هو ته حاجي عباسي ۽ ملهار سنڌي سان سماجي حوالي سان ملي سگهجي ٿو، هو عوامي تحريڪ ۾ ناهن ته خير آهي، پر مجموعي طور تي هو سنڌي قوم جي ڀلي لاءِ ئي سوچين ٿا ۽ جي هو تحريڪ جي پاليسين تي تنقيد ڪن ٿا ته ساڻن بحث ڪري کين پنهنجو موقف مڃائڻ گهرجي ۽ نظرياتي طور پختي ڪارڪن کي هروڀرو مخالف سوچ رکندڙ کان لهرائڻ نه گهرجي، پر انهن ڏينهن تنظيمي شاونزم جي اڳيان دليلن ۽ دلائلن جي ڪابه اهميت نه هئي.
    ان دوران هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن مونکي حيران ڪري ڇڏيو. عوامي تحريڪ جي هڪ مقامي دوست عبيدالله سميجي جي پُٽن جو ڪاڄ هجي. جنهن ۾ دعوت هئڻ سبب اسين وياسين. اسانکي اهو به چيو ويو هو ته اُتي تحريڪ جي مرڪزي قيادت ايندي ۽ گڏجاڻي ٿيندي. دڙي مان اسين ڪجهه دوست رفيق بلاولي، مرحوم شفقت شاهه ۽ ڪجهه ٻيا پنڌ ئي پنڌ عبيدالله سميجي جي ڳوٺ وياسين، جيڪو دڙي کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري آهي. اُتي پهتاسين، ڇني ۾ وياسين، سنگت ساٿ ملي، ڀت کائي وانڌا ٿياسين ته هڪ دوست اسان کي اُتان وٺي پاسي ۾ لڳل ٻي ننڍي ڇني ۾ وٺي آيو. جنهن ۾ سڄي تر جا عوامي تحريڪ، هاري تحريڪ، ايس. ايس. ٽي ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ۾ سيد عالم شاهه، عبدالقادر رانٽو، يوسف ڪيڙانو جن به موجود هئا. ٿوري دير کانپوءِ خبر پيئي ته ڪجهه شڪي ماڻهن جي اچڻ ڪري گڏجاڻي ملتوي ڪئي ويئي آهي. اسين پوءِ اتان اُٿي واپس دڙي هليا آياسين. ٻي ڏينهن ڪنهن دوست ٻڌايو ته انهن شڪي ماڻهن ۾ تون به هئين. جنهن نه رڳو مونکي حيران ڪيو، پر ڏک به رسايو.
    اهڙو هڪ ٻيو واقعو به ذهن ۾ اچي ٿو. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ کانپوءِ اوچتو ئي اوچتو ’عوامي تحريڪ‘ جا ڪارڪن روزگار طور سڄي سنڌ ۾ ناڪن تي ناڪي منشي ٿيڻ لڳا ۽ ڪيترائي اهڙا سٺا ڪارڪن به ناڪي منشي بنجي ويا، جيڪي تحريڪ ۾ آئيڊيل ڪردار هئا، ۽ هنن عوامي تحريڪ ۾ تن ۽ من سان حصو ورتو هو. باقي ڌن ته وٽن هوئي ڪونه. ان وقت اهي ڳالهيون هلڻ لڳيون ته انهن ناڪن جا ٺيڪا غلام قادر پليجي جا آهن، جيڪو محترم رسول بخش پليجي جو ننڍو ڀاءُ آهي. عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي ناڪي منشي ٿيڻ سان، انهن جو پبلڪ ۾ شڪايتون ٿيڻ لڳيون ته هو ماڻهن سان سُٺا رويا نٿا هلن ۽ انهن جون بي عزتيون ٿا ۽ انهن کان زوري ناڪو وصول ٿا ڪن. اهڙو هڪ واقعو مون به جهوڪ شريف جي ناڪي تي اکين سان ڏٺو، جتي آئون پنهنجن دوستن ابراهيم گل ۽ غلام حسين سولنگي سان ملڻ ويو هوس. ابراهيم گل هڪ ڪوڪڙيءَ سان اهڙو ته پَڇ ڇڏايو جو کڻي بس. جيتوڻيڪ ابراهيم گل عوامي تحريڪ ۾ نه هو، پر ڪوڪوڙي سان هن جيڪا ’جٺ ڪئي، تنهن تي ان موجب غلام حسين سولنگي ۽ ٻين تحريڪي ڪارڪنن کيس نه روڪيو. اهو واقعو منهنجي ذهن ۾ ويهي رهيو هو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چاچي رسول بخش عرف جيل ڏيٿي جي ڳوٺ ۾ هاري ڪانفرنس ٿي. ان ڪانفرنس ۾ مون به شرڪت ڪئي ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جي نمائندي جي حيثيت سان تقرير ڪئي ۽ جڏهن مون مٿينءَ واقعي جي پسمنظر ۾ ناڪي منشين جي اهڙين بدمعاشين تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته عبيدالله سميجي مونکي هڪ چٽ اچي ڏني، جنهن ۾ لکيل هو ”تقرير ڪر....تنقيد نه ڪر.“
    ان ڪانفرنس کانپوءِ ٻي ڏينهن دڙي ۾ مون تي مقامي دوست صفا چڙهي ويا ۽ ٻڌايائون ته ناڪي منشي طور ڀرتي ڪيل عوامي تحريڪ جا ڪارڪن پارٽي فيصلي تحت ناڪن تي وڃي بيٺا آهن.
    حقيقت ڇا به هجي؟ پر انهن ناڪن سبب ڪيترن ئي ڪامريڊن جا نه رڳو طبقا بدلجي ويا، پر سندن ڪردار به بدلجي ويا.
    ٻي پاسي، جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيم ته حاجي عباسي ۽ ملهار سنڌي جي ويجهو ٿيس، پر هو به مونکي عوامي تحريڪ جو ڇڏيل ماڻهو سمجهندا هئا. جيتوڻيڪ ساڻن واسطن سبب تحريڪ وارن مونکي پاڻ کان ڌار ڪيو هو ۽ مونکي شڪي نگاهن سان ڏسڻ شروع ڪيو هو. پر ان ۾ حاجي عباسي ۽ ملهار سنڌي جو به ڏوهه نه هو، ان وقت سياسي ماحول ئي ڪجهه ان قسم جو هو. هنن جيڪو مونکي سنگت جو سيڪريٽري ٿيڻ نه ڏنو، ان جو سبب به اهو ئي ٿو.
    ايس. ايس. ٽي وارن دوستن مونکي جيڪو پاڻ کان ڌار ڪيو، ان جو هڪ ٻيو سبب به هو. اهو منهنجي ۽ عوامي تحريڪ جي هڪ ٻي ڪارڪن محمد انور سومري جي وچ ۾ تڪرار به هو. اهو تڪرار هڪ دوست جي حوالي سان ٿيو، آئون ان جو نالو فقط ’محبوب علي‘ ئي لکندس. سبب اهو آهي ته محبوب علي هاڻ معززين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. محبوب علي مون کان سال ٻه ننڍو هو ۽ اسين هاءِ اسڪول دڙي ۾ پڙهندا هئاسين. آئون نائين ڪلاس ۾ هوس ته محبوب علي اٺين ڪلاس ۾. هو شڪل ۽ صورت جو سهڻو هوندو هو. ساڻس منهنجي دوستي اسڪول وارن انهن ڏينهن ۾ ٿي، هن جو گهر منهنجي گهر کان پنجن ڇهن منٽن جي فاصلي تي هو. هو پهرين مون کان ۽ منهنجي هم ڪلاسي محمود عالم سومري کان ڪتاب وٺي پڙهندو هو. ان وقت آئون پنج ئي وقت نماز پڙهندو هوس ۽ محبوب به نماز پڙهندو هو. اسڪول واري وقت کانپوءِ ساڳئي ”مخدوم مسجد“ ۾ نماز پڙهڻ جي ڪري گهڻو ملندا هئاسين ۽ پوءِ گهرا دوست ٿي وياسين. ۽ اڪثر گڏ گهمندا هئاسين، جنهن ڪري شهر جي هڪ ٻن عاشق مزاج ۽ ڇوڪرن جي شوقين همراهن اسانکي ”ڪبوترن جي جوڙي“ سڏڻ شروع ڪيو. محبوب علي پنهنجي شڪل ۽ صورت جي ڪري اسڪول جي ڪجهه استادن جو منظور نظر به هوندو هو.
    مون سان گڏ هئڻ جي ڪري، محبوب علي اڪثر، انور سومري جي اوطاق تي به هلندو هو. جت ايس. ايس. ٽي جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. انور نه رڳو عوامي تحريڪ جو سرگرم ميمبر هو، پر پئسي ڏوڪڙ ۾ به ٺيڪ ٺاڪ هو ۽ عمر ۾ مون کان پنج ست سال وڏو به هو. هو محبوب تي ڏاڍي فراخدلي سان خرچ ڪندو هو. ائين محبوب انور جي وڌيڪ ويجهو ٿيندو ويو. انور سومرو اڪثر گڏجاڻين ۾ مون تي زور ڀريندو هو ته محبوب علي کي ايس. ايس ۾ آڻ ۽ اها مون باضابطه ڊيوٽي به رکي ويئي.
    ائين محبوب، اڪثر انور سان گڏ گذارڻ لڳو. هوريان هوريان آئون ۽ محبوب ڇڊا ٿيڻ لڳاسين. محبوب ۽ انور جي ائين ويجهي ٿيڻ تي دوستن ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيڻ لڳي ۽ هيڏانهن محبوب وري پاڻ کي وڌيڪ ڳالهين کان بچائڻ لاءِ دوستن کي مختلف ڳالهيون ٻُڌائڻ لڳو، نتيجي ۾ اسان جي يونٽ ۾ ٽڪراءَ پيدا ٿي پيو، ان ٽڪراءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي. جنهن ۾ ڳالهيون ٻولهيون ٿيون، ته انور مونکي’تنهنجي پُٺ به ناهي ته مُٺ به ناهي‘ چئي ڌمڪايو ۽ دٻايو، پر افسوس جو دوستن انور جي ان رويي جو نوٽيس نه ورتو. ان گڏجاڻيءَ ۾ ولي عباسي، امتياز سمون، شفقت شاهه، رفيق بلاولي موجود هئا. رفيق بلاولي، اسان جي وچ ۾ ”مسٽر موڊي“ جي نالي سان مشهور هو. سندس آواز به ڏاڍو سٺو هو ۽ ڳائيندو به هو. سو هر ڀيري محبوب علي جي موجودگيءَ ۾ انور جي فرمائش تي هڪ ڪلام ٻُڌائيندو هو، جيڪو استاد قمر سومري جو ڳايل هو. ڪلام جا ٻول هئا:
    محبوب ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ
    هي قرب انهيءَ جو آ، اظهار محبت آ
    هنن سڀني، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڦري گهري، انور جو پاسو کنيو، انور جي پاسي کڻڻ جو سبب به ذاتي لڳ لاڳاپا هئا. ولي عباسي ۽ امتياز سمون، انور سومري جا ذاتي دوست به هئا. امتياز سمون ته انور جو ڪلاس فيلو به هو. رفيق بلاولي ۽ شفقت شاهه، انور جي اوطاق جي ڪري مجبور هئا ۽ هو غريب هئا، انور اوطاق تي کين چانهه پاڻي پياريندو هو ته ڪڏهن ماني به کارائيندو هو ۽ کين ڊپ هو ته هنن انور تي تنقيد ڪئي ته متان هو ناراض نه ٿي پوي.
    منهنجو اهو تجربو آهي ته جنهن به سياسي ڪارڪن وٽ اوطاق ۽ خرچڻ لاءِ چار پئسا آهن ته هو ٻين ڪارڪنن تي حاوي رهي ٿو. هو ڀلي ڪيڏا به جڏا ڪم ڪري، پر سندس تنظيمي دوست نه رڳو انهن کان ڪن ٽار ڪندا آهن، پر ان جي عيب ثواب تي پردو به رکن ٿا، ڇو ته اڪثر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو اُن وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي ۽ هو انهن جي خذمت چاڪري ڪندو آهي، نتيجي ۾ تنظيم ان جي ذات جي چوڌاري پئي گهمندي آهي.
    انور سومري سان اهو ٽڪراءَ پنهنجي جاءِ تي پر دڙي ۾ انور سومري جي ڪري تنظيم کي وڏو ڏڍ هو. ولي عباسي حيدرآباد ايل. ايم. سي ۾ پڙهندو هو. ٻين دوستن وٽ مون سميت ايتري پڄت نه هوندي هئي جو ٻاهران ايندڙ تنظيمي دوستن جي رهائش ۽ ماني ٽڪي جو بلو ڪري سگهون، جيڪو سڄو وزن بهرحال انور تي هوندو هو. هڪ ڀيري انور مونکي چيو ته، ’هيئن ٿا ڪريون ته ايس. ايس. ٽي جا جيڪي ٻاهران دوست ايندا آهن، تن جي ماني ٽڪي جو بندوبست آئون ڪندس ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جي دوستن جو تون ڪج‘. پوءِ سلسلو ائين هلڻ شروع ٿيو. هڪ ڀيري هيئن ٿيو، جو سڪندر پليجو دڙي آيو، جيڪو ان وقت ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘ ضلع ٺٽي جو صدر هو. سڪندر پليجو هينئر ڊاڪٽر آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو. ان مهل ٻنپهرن جو ٽائيم هو ۽ مون وٽ هڪ آنو به نه هو. گهر ۾ به سواءِ لسي مانيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه هو. ڏاڍو اچي پريشان ٿيس ته هاڻ ڇا ڪجي. نيٺ پنهنجي وڏي ڀيڻ عزيزان جي گهر ويس، اتفاق سان وٽن مزمان آيل هئا، تنهنڪري چڱو چوکو چاڙهيو هئائين. سو مڙيئي منهن پڪو ڪري کانئس ٻوڙ ۽ ماني وٺي اچي سڪندر کي کارايم.
    انور سومرو، عوامي تحريڪ ۾ گهڻو سرگرم رهيو. شايد 1990ع جي چونڊن ۾ عوامي تحريڪ پاران سجاول، بٺورو تڪ تي صوبائي اسيمبيليءَ لاءِ اميدوار به بيٺو هو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ حيدرآباد مان گرفتاري ڏنائين ۽ سال سزا ڪاٽي ٻاهر نڪتو. پوءِ الائجي ڪهڙن سببن جي ڪري ’عوامي تحريڪ‘ ڇڏي ‘شيرازي گروپ‘ ۾ ڀائرن سميت شامل ٿيو ۽ ائين پاڻ نه رڳو وڏيرڪي سياست جو ڳچ وقت حصو بنيو رهيو. پر پوءِ پنهنجي هالاري سومرا برادريءَ جو صدر به چونڊيو ۽ ’سردار انور سومرو‘ سڏجڻ لڳو ۽ ان دوران سندس سياست جو مرڪز قومي سياست بدران ’ذات پرستي‘ جي چوڌاري گهمڻ لڳي. پوءِ ڪن سببن جي ڪري ’شيرزاي گروپ‘ کان ناراض ٿي، غلام قادر پليجي جي نالي ۾ ڪلچر منسٽر سسئي پليجو جي دعوت به ڪيائين پر پي. پي. پي ۾ گهڻي لفٽ نه ملڻ ڪري ٻيهر عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ عوامي تحريڪ (هاڻي قومي عوامي تحريڪ) سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ مئي 2013ع جي چونڊن ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران صوبائي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار پڻ بيٺو.
    بهرحال، ائين آئون عوامي تحريڪ جي دوستن کان ڪٽجي ويس. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن تحريڪ جي جلسن ۾ ويندو رهندو هوس، پر رڳو هڪ ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙ جي حيثيت سان.

    سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ آئون، سجاڳ ٻار تحريڪ جو سفر طئي ڪري پوءِ شامل ٿيو هوس، پهرين سجاڳ ٻار تحريڪ دڙي يونٽ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ ضلعي تنظيمي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويس. دڙي ۾ اسان جي يونٽ ۾، جنهن جي بنياد وجهندڙن ۾ آئون، نياز عباسي، نذير ميمڻ، ارشاد ميمڻ ۽ مشتاق عباسي هئاسين، ان جي پهرين گڏجاڻي نياز عباسي جي چاچي جي ’محمودا واهه‘ واري اوطاق ۾ ٿي. ان ساڳئي اوطاق ۾ ڪنهن زماني ۾ گونگو رهندو هو، جنهن جو ذڪر آئون پويان ڪري آيو آهيان. اڳتي هلي سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جون گڏجاڻيون به اُت ئي ٿينديون هيون، اُهي گڏجاڻيون گهڻو ڪري جمع جي ڏينهن يا ڪنهن ڏينهن شام جون ٿينديون هيون. اوطاق جي اڱڻ ۾ نياز عباسي جي چاچي، غلام مصطفيٰ عباسيءَ ڏاڍا گُل ۽ ٻوٽا پوکيا هئا. انهن ۽ اُتي بيٺل سريل جي وڻ جي ٻور جو هڳاءُ، رات جي راڻي جي خوشبوءِ سان گڏجي هڪڙي قسم جو نشو طارق ڪري ڇڏيندي هئي. مٿان وري سامهون وهندڙ پيڃاري واهه ۽ ان مان نڪرندڙ محمودا واهه جي پاڻيءَ جو گوڙ، ڪنهن مڌر ساز کان گهٽ نه هوندو هو. اسين ان اوطاق جي ٿلهي تي ڪرسيون وجهي ويهندا ۽ سامهون وهندڙ پاڻيءَ کي ڏسندا رهندا هئاسين. ان اوطاق کي اسين ”ڪاڪ محل“ سڏيندا هئاسين.
    اسين سجاڳ ٻار ۾ نوان نوان هئاسين. نياز عباسي ۽ مشتاق عباسي ته پنهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر ولي عباسي جي ڪري هئا، جيڪو ان وقت ايل. ايم. سي ۾ پڙهندو هو ۽ ايس. ايس. ٽي جو سرگرم ميمبر هو، پر اسين يعني آئون، ارشاد ميمڻ ۽ نذير ميمڻ وغيره ڪنهن پروگرام وغيره کان متاثر ٿي نه پر نياز عباسيءَ سان دوستيءَ جي ڪري سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ شامل ٿيا هئاسين، ان وقت اسين نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين.
    اسان جي يونٽ کلڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي اسڪول ۾ هڪ ڇوڪرو آيو، نالو هئس گل سنڌي، جيڪو لطيف سنگت سان وابسته هو. لطيف سنگت، جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي تنظيم هئي گل سنڌي جو اصل نالو گل ثقلين شاهه هو، هو اصل ٺٽي جو هو. گل ڏاڍو هوشيار ۽ بااعتماد هو. اسين کانئس ڏاڍو متاثر ٿياسين. هن اسڪول ۾ لطيف سنگت جو يونٽ کولڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ۾ ڪاميابي به ٿيس. پر اسين ان ۾ شامل نه ٿياسين، گل سنڌي پوءِ اسان جو دوست ٿي ويو ۽ آئون وٽس ٺٽي به ويندو هوس. گل ڏاڍو سرگرم رهندو هو. هن سڄي سنڌ ۾ ’لطيف سنگت‘ لاءِ ڪم ڪيو.
    اسان جي يونٽ کلڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘ جا ٻه مرڪزي دوست غلام مصطفيٰ ٽالپر ۽ محمد صالح راهو اسان جي يونٽ جو دؤرو ڪرڻ جي لاءِ دڙي آيا. اسان ’ڪاڪ محل‘ تي گڏجاڻي رکي، مون دڙي يونٽ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪاروائي هلائي، جيڪا مون مڙيئي جيئن تيئن ڪري هلائي. ان وقت مونکي ڪاروائي هلائڻ نه ايندي هئي، پر مڙيئي ڪم ٽپائي ويس. هنن ٻنهي دوستن سان ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. ان وقت سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر غفار کوسو هو، غفار کوسو ڏاڍو ذهين هو. آئون کانئس ڏاڍو متاثر هوندو هوس. اڳتي هلي غفار کوسي سياست ڇڏي ڏني، ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سوشل ويلفيئر آفيسر ٿيو. هاڻ ڪنهن ڪنهن اخبارن ۽ پنهنجون يادون لکندو آهي. منهنجي دل ۾ غفار لاءِ وڏو احترام آهي. اڳتي هلي آئون ۽ غلام مصطفيٰ ٽالپر ڏاڍا سٺا دوست ٿي وياسين. اسان جو اڪثر ذاتي ۽ تنظيمن ڪمن ڪارن جي حوالي سان ملڻ جلڻ ٿيندو هو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي جي جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ شروع ٿي ته غلام مصطفيٰ ٽالپر ان ۾ گرفتاري ڏني ۽ سال کن سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رهيو. جيل ۾ هئڻ دوران، سندس لکيل وڏا وڏا خط مون وٽ اڃا تائين محفوظ آهن. جيل مان ٻاهر نڪتو ته گهاري ۾ اچي ناڪي منشي ٿيو، جتي به آئون ساڻس ملڻ جي لاءِ ويندو هوس، ڏاڍو سُٺيون ڪچهريون ٿينديون هيون. پوءِ هو وري بدين موٽي ويو، پوءِ هوريان هوريان اسان جا رابطا ختم ٿي ويا. شايد اسان جي آخري ملاقات 1990ع ۾ بدين ۾ ٿي.
    2009ع ۾ جڏهن آئون سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل هئس ته لوڪ ورثه اسلام آباد جي دعوت تي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اسلام آباد ويس. انهن ڏينهن شفيع فقير به اسلام آباد آيل هو، جنهن سان دوستن لوڪ ورثي جي آڊيٽوريم ۾ رهاڻ رکي. آئون به نياز نديم ۽ منور ميمڻ سان گڏجي ان محفل ۾ ويس. ميزبان دوستن ڏاڍي عزت ڏني. ان رهاڻ ۾ ئي غلام مصطفيٰ ٽالپر به اچي نڪتو. مونکي ساڻس سالن کانپوءِ ملي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ خواهش ٿيم ته ساڻس تفصيلي ڪچهري ڪجي. هلڪا ڦلڪا حال احوال ته ٿيا، پر مونکي منجهس ڪا گرمجوشي نظر نه آئي. پروگرام ختم ٿيو ته موڪلائي هليو ويو. ان کانپوءِ سال 2011ع جي ڊسمبر مهيني ۾ اسلام آباد وڃڻ ٿيو. ٽي ڏينهن کن اسلام آباد هوس. ٻي ڏينهن منهنجي دوست نصير ميمڻ رات جي ماني جلهي، جنهن ۾ منور ميمڻ، ناز سهتو، نياز نديم سان گڏ غلام مصطفيٰ ٽالپر به موجود هو، ملياسين. هلڪي ڦلڪي ڪچهري ٿي، مون ڀانيو ته غلام مصطفيٰ ٽالپر ماني نه ته چانهه پيئڻ جي ضرور دعوت ڏيندو، پر يار ڪو خاص سُر نه ڏيکاريو. ساڻس جيتري گهرائپ ۽ پنهنجائپ رهي هئي، اُن سبب ڏک ته رسيو، پر پوءِ ڏک کي دل ۾ دٻائي ڇڏيم. پاڻ ڪنهن اين. جي. او ۾ چڱي پوسٽ تي آهي. دعا اٿم ته شاد ۽ آباد رهي.
    احساس بدل جاتے ہیں، بس اور کچھ نہیں
    ورنہ محبت اور نفرت ایک ہی دل سے ہوتی ہے
    اهو وقت جيڪو مون سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ گذاريو، اهو منهنجي ذهني نشونما جو دور هو. ان عرصي دوران مونکي ڪيترائي سُٺا ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. سياسي شعور حاصل ٿيو. ڪيترائي نوان دوست ٿيا ۽ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون معلوم ٿيون. مئٽرڪ پاس ڪري جڏهن سجاول ڪاليج ۾ داخلا ورتم ته اسان مٿين دوستن ايس. ايس. ٽي جو يونٽ کوليو ۽ مونکي ايس. ايس. ٽي جو يونٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان وقت اڪثر عهديدار مٿان ٿاڦيا ويندا هئا، چونڊون وغيره نه ٿينديون هيون.
    انهن ڏينهن سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ڪينجهر ڪناري ٻارن جو ميلو منعقد ڪيو ويو. اهو شايد جون يا جولاءِ 1983ع هو. ڏاڍو سٺو ميلو ٿيو، جنهن ۾ تقريرون، پريڊون، بيت بازي جا مقابلا ۽ ٽيبلا ٿيا. اهو ميلو سڄي رات هليو. رات جو ان ۾ مرحوم فاضل راهو به اچي شريڪ ٿيو هو، جيڪو بلڪل پويان پيل ميزن تي ٻين دوستن سان گڏ چڙهيو ويٺو ڏاڍي دلچسپي، سان تقريرون ٻُڌندو ۽ ٽيبلا ڏسندو رهيو هو.
    اسين سجاڳ ٻار، ايس. ايس. ٽي ۽ عوامي تحريڪ جا دوست پاڻ ۾ گڏبا هئاسين ته ٻين ڳالهين سان گڏ اسان جو گهڻو وقت محترم رسول بخش پليجي جي علمي، ادبي ۽ سياسي ڪارنامن جي واکاڻ ۾ گذرندو هو. انهن ڏينهن پليجو صاحب اسان لاءِ هڪ ديو مالائي هستي هو ۽ اسان لاءِ هو ئي حقيقي معنيٰ ۾ رهبر، انقلابي، اصلي قومپرست ۽ ترقي پسند هو ۽ ٻيا سڀ ڪوڙا، لٻاڙي، جاهل، نقلي قومپرست ۽ ٽراٽسڪائي هئا. ان وقت اسان کي خبر نه هئي ته ٽراٽسڪي ڪير هو ۽ ٽراٽسڪائيت ڇا آهي؟ اسان جي نظر ۾ پليجي صاحب جي شخصيت ائين هئي، ڄڻ هو ڪو غلط ڪم ڪري ئي نٿو سگهي. ان وقت اسين پليجي صاحب جا ڪتاب ”صبح ٿيندو“، ”دراڙن جا ڌڪ“، ”هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي“، ”مائوزي تنگ“ وڏي شوق سان ۽ ٻين ڪتابن ۾ ”نئون ڳوٺ ۽ پراڻو ڳوٺ“، ”چمڪندڙ تارو“، ”هارين جي بغاوت“، ”جي ماريا نه موت“، ”قومي انقلابي جدوجهد ۾ ادب ۽ فن جي اهميت“ ڪورس طور پڙهندا هئاسين. ”نئون ڳوٺ ۽ پراڻو ڳوٺ“ ۽ ”چمڪندڙ تارو“ چيني انقلاب جون ڪهاڻيون هيون ۽ مونکي ڏاڍيون وڻندڙ هيون ۽ مون بار بار پڙهيون. اڳتي هلي مون ”نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ“ جو نئون ڇاپو به ڇپرايو ۽ مٿين ٻنهي ڪهاڻين ۽ ڪجهه ٻين ترجمو ٿيل ڪهاڻين کي سهيڙي ”چيني انقلاب جون ڪهاڻيون“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايم.
    انهن ڏينهن ٻيا به ڪيترائي سٺا ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ مليا، جن ۾ مئڪسم گورڪي جو ”امڙ“، بورس پوليوائي جو ”چراغ جلتا رها“، جنهن جو پوءِ سنڌيءَ ۾ سائين پرويز ڏاڍو سٺو ترجمو ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ جي نالي سان ڪيو. ”پهاڙون ڪي بيٽي“، جيڪو مون عبيدالله سميجي کان وٺي پڙهيو. ”قافله شهيدون ڪا“ وغيره شامل آهن. انهن ڏينهن، جلالاڻي ڳوٺ، لڳ آبادگار شگرملز ٽنڊو محمد خان ۾ هاري ڪميٽي“ جي ڪانفرنس ٿي، ان ڪانفرنس ۾ ”سنڌي هاري ڪميٽي جو نالو بدلائي ”سنڌي هاري تحريڪ“ رکيو ويو هو. ڏاڍي وڏي ڪانفرنس ٿي. ان ڪانفرنس ۾ مون لڳل ڪتابن جي اسٽال تان ڏاڏا عبدالقادر رانٽي کان پنجاهه روپيا اُڌارا وٺي ٻه ڪتاب خريد ڪيا هئا، هڪڙو يانگ مو جو ناول ”نوجوان ڪا گيت“ ۽ ٻيو چين جي آخري شهنشاهه ڦواي جي آتم ڪهاڻيءَ جا ٻه ڀاڱا ”شهنشاهه کان شهري تائين“، ٻيئي ڏاڍا منهنجي پسند جا ڪتاب آهن.
    ڳالهه پئي ڪئيسين پليجي صاحب جي تعريف جي. هاڻ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته انهن ڏينهن اسان جو جيترو وقت رسول بخش پليجي صاحب جي واکاڻ ۽ ڪارنامن بيان ڪرڻ ۾ گذرندو هو، اوترو وقت جي اسين الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا ۾ گذاريون ها ته اسين ضرور نيڪ ٻانهن ۾ شمار ڪيا وڃون ها. اها حقيقت آهي ته پليجو صاحب وڏو ذهين ۽ عالم ماڻهو آهي. سندس ذهانت ۽ جدوجهد کي سلام پر پليجو صاحب جيڏو وڏ ذهين اوڏو وڏو انا پرست. سندس انا عوامي تحريڪ جا کندا کڻي ڇڏيا.
    اسان کي ٻڌايو ويندو هو ته ”جيئي سنڌ“ جا ڪارڪن غنڊا ۽ دهشتگرد آهن. هنن کي ڪجهه به نه ايندو آهي، هو صفا جاهل آهن، ڪتابن سان ته سندن اصل پوين ئي ڪانه. کين ته سائين جي ايم سيد جو سڄو نالو ۽ سندس لکيل ڪتابن جا نالا به نه ايندا آهن وغيره. ائين چئي سگهجي ٿو ته انهن ڳالهين ۾ ڪنهن قدر وڌاءُ به هجي، پر اها حقيقت هئي ته ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جا ميمبر ٻين شاگرد تنظيمن جي ڪارڪنن سان وڏيون جٺيون ڪندا هئا.
    اهي ڳالهيون منهنجي ذهن ۾ ويهي رهيون هيون، ٻه چار ڪتاب پڙهيا هئم، تنهنڪري پاڻ کي وڏو ”ڦني خان“ سمجهندو هوس ۽ مٿي ۾ گهڻي مَڳي به هوندي هيم. انهن ڏينهن تازو ذڪريا ميمڻ جيل مان آزاد ٿي آيو هو. هو ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو سرگرم ڪارڪن ۽ انهن جي اڳواڻ دستي جو ماڻهو هو. سندن واسطو دڙي جي ارباب گهراڻي سان هو، ذڪريا جو گهراڻو سدائين اقتداري سياست جي چوڌاري گهمندو هو. ذڪريا کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنجابين سان جهيڙي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هئائون. هو سال کن جيل ۾ رهيو هو. ذڪريا ميمڻ جي جيل مان ڇُٽي اچڻ سان دڙي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن کي وڏي هٿي ملي. اڳ ۾ هتي ڪاڪو ايوب منڇري، عرس ڪنڀار ۽ محمد خان چوهاڻ وغيره جيئي سنڌ ۾ هئا، ويچارا مسڪين ماڻهو هئا، سو ايترو سرگرم نه هئا. ذڪريا جي اچڻ سان دڙي ۾ جيئي سنڌ ڏاڍي سگهاري ٿي ۽ هنن وڌي چڙهي سرگرميون شروع ڪيون.
    ذڪريا سان اڪثر منهنجو بحث مباحثو ٿيندو رهندو هو. ذڪريا ۽ آئون پاڻ ۾ ننڍي هوندي دوست به رهيا هئاسين ۽ وڏي پاڙي ۾ گڏجي رانديون به ڪيون هيون سين. بهرحال منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئا ته ’جيئي سنڌ‘ جا ڪارڪن صفا اڻ پڙهيل آهن، سو هڪ ڏينهن مون بحث دوران کانئس عجيب قسم جا سوال پُڇڻ شروع ڪيا.
    ”ذڪريا توکي سائين جي ايم سيد جو سڄو نالو اچي ٿو؟“
    ”هائو، ڇو نه- سيد غلام مرتضيٰ شاهه.“
    ”توکي سائين جي. ايم سيد جي ڪتابن جا نالا اچن ٿا؟“
    ”ها، فلاڻا.... فلاڻا....“ ذڪريا منهنجي سوال جي جواب ۾ ڪتابن جا نالا ٻُڌائڻ شروع ڪيا ۽ مُرڪڻ لڳو. اهو ڏسي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ته جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي به ڪجهه اچي ٿو. ذڪريا ميمڻ کي سُٺي معلومات هئي.
    اسانجو اڪثر موضوع جدوجهد جو طريقيڪار هوندو هو. هرڪو پنهنجي جاءِ تي سٺا ۽ مضبوط دليل ڏيندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ”ڊگهي، اڙانگي ۽ ورن وڪڙن واري جدوجهد“، جنهن اسان جي ڪيترن ئي يارن کي ورن وڪڙن مان گذاري ڪک پتيءَ مان لک پتي بنائي ڇڏيو، جي باري ۾ عجيب و غريب دليل هوندا هئا. جيڪي هاڻ سوچي کل ٿي اچي. مثال طور: اوهين به ماني کائڻ ٿا چاهيو ۽ اسين به. پر اوهين سڌو گراهه ڀڃي کائڻ ٿا چاهيو ۽ اسين ڪنڌ کان پويان ڦيري.“
    ”پوءِ ته ٻانهن ۾ سور پئجي ويندو ۽ گراهه به هٿ مان ڪِري پوندو.“ ذڪريا کلي وراڻيندو هو.

    ذڪريا ميمڻ، 17 آڪٽوبر 1984ع جي ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ شهيد ٿي، سنڌ جي قومي آزاديءَ جي هلچل ۾ امر ٿي ويو. سندس قرباني رائيگان ڪانه ويندي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو ضرور پنهنجي منزل ماڻيندا. اڳتي هلي مون ذڪريا ميمڻ جي شهادت جي حوالي سان يادگيرين تي ٻڌل هڪ ننڍڙو مضمون لکيو، جيڪو 12 آڪٽوبر 1992ع جي روزاني ”عبرت“ ۾ ڇپيو، جيڪو هت جيئن جو تيئن اُتاريان ٿو.
    ”مونکي ڪنهن جي ان چوڻيءَ سان سئو سيڪڙو اتفاق آهي ته ڪڏهن ڪڏهن جهوپڙين ۾ فرعون پيدا ٿي پوندو آهي يا فرعون جي محل ۾ موسيٰ پلجي وڏو ٿيندو آهي. اهڙا ڪئين مثال آهن، جو هڪ جاگيردار جي گهر ۾ ڪو اهڙو املهه هيرو پيدا ٿيو هوندو، جنهن اڳتي هلي جاگيرداريت ۽ وڏيرا شاهيءَ جي خلاف جدوجهد ڪئي هوندي، يا ڪو اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو هوندو، جيڪو سندن ئي طبقي وارن جي خلاف هوندو آهي. ’سدا حيات ذڪريا ميمڻ‘ جو ذڪر ان حوالي سان نه ڪندس، جو هو ڪنهن فرعون جي گهر ۾ ته نه جنميو، پر سندس آسپاس جو ماحول فرعونيت کان گهٽ نه هو. مارشلا جو ڏهڪاءَ ايترو ته هو، جو ماڻهن جي زبان مان ڪو هڪ لفظ به حاڪمن جي خلاف نه ٿي اُڪليو، چوڌاري گُنگ ٻوڙ لڳي پيئي هئي. ايم. آر. ڊي کانسواءِ، جيئي سنڌ جو جوڌا هوندا هئا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن منظر ٿي ايندا هئا. ذڪريا ميمڻ به اهڙن جوڌن مان هو، مونکي يقين ئي نٿو اچي ته ڪو هو ايترو جلد اسان کان وڇڙي ويو.
    مونکي ياد ٿو اچي ذڪريا سان گذاريل اهو ننڍپڻ، جڏهن اسين ٽي چار ڄڻا ٿيلها ڳچيءَ ۾ پايو اسڪول ويندا هئاسين. گهران ته اسڪول جو بهانو ڪري نڪرندا هئاسين، پر اسڪول بدران ڪنهن واريءَ جي ڊٻَ يا ڪنهن وڻ جي اوٽ ۾ ويهي اسڪول وارو وقت گذاريندا هئاسين. گسائڻ ته اسان جو مَرڪ هوندو هو ۽ اسڪول وڃڻ اسان جي شان جي خلاف. پيڃاريءَ پراڙ، انسپيڪشن بنگلي سان لڳ ’صفر شيدي اسڪول‘ ۾ پڙهندا هئاسين ۽ اڪثر پيڃاري جي پُل تي ويهي ايندڙن ويندڙن جون آهلون ڪڍندا هئاسين، مڇي ماريندا هئاسين يا مرحوم حاجي جمن جي رائيس مل ۾ سارين جي رکيل کوڙين ۾ سرن کي بسون ڪري هلائيندا هئاسين ۽ اهي هڪٻئي جي پويان هلائي، پوءِ ڪنهن ڳالهه تان اٽڪي هڪٻئي سان وڙهي پوندا هئاسين ۽ هڪٻئي کي لتون، مُڪون، ڌڪ ۽ چنبا هڻي راند اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويندا هئاسين. شام جو وري وڏي پاڙي (نئون ڳوٺ) جي دالا وٽ اٽي ڏڪر کيڏندا هئاسين، پاڙي مان بيگين جي گهرن مان هڪ آني يا ٻياني جو سانداڻو وٺي ڊبل روٽين سان کائيندا ۽ مرچ کائڻ جو شرط هڻندا هئاسين، جڏهن وات سڙندو هو ته ”سي سي....آ.... سي سي آ....“ ڪندا پڦيءَ خطوءَ جي گهر ويندا هئاسين ۽ رڌڻي مان مُستي کنڊ يا اڇي کنڊ کڻي ڦڪيندا هئاسين. اسڪول مان موٽڻ واري وقت کانپوءِ ڪتاب گهر ڇڏي ماني کائي ميانجي نور محمد يا سائين محمد الرحيم جي مخدوم مسجد واري کٿاب ۾ پڙهڻ ويندا هئاسين، اُتي به پڙهڻ جي بدران گهڻو زور مسخري، مذاق ۽ شرارتن تي هوندو هو. ميانجي هاشم جون سندس ڳوٿريءَ ۾ رکيل کٽمٺيون ۽ ريوڙيون چورائيندا هئاسين، جيڪي هو کٿاب ۾ پڙهڻ جي لاءِ ايندڙ ٻارن کي وڪڻندو هو. نماز مهل، سانجهي نماز پڙهڻ جي لاءِ اسين مسجد ۾ اچي گڏبا هئاسين ۽ پوءِ اسين سومهڻيءَ تائين رُلندا وتندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شرارت ڪندي جلهجي پوندا هئاسين ته ڍئو تي مار کائيندا هئاسين.
    اهي هئا ’سدا حيات ذڪريا ميمڻ‘ سان منهنجي ننڍپڻ جا گذريل ڏينهن. پوءِ ته اهي ڄڻ ڳالهيون ئي وسري ويون. ذڪريا کي مائٽن پڙهڻ جي لاءِ حيدرآباد موڪليو ۽ اسان جي ٽولي جا ٻيا ڇوڪرا اڪرم، خليل وغيره به حيدرآباد وڃي پڙهڻ لڳا ۽ آئون سائين شفيع محمد ميمڻ وٽ پڙهڻ لڳس. ڪافي سالن کانپوءِ شايد اهو عرصو ٻارهن تيرهن سالن تي ٻڌل آهي. آئون انٽرميڊيئٽ ڪاليج سجاول ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخل ٿيو هوس ۽ ذڪريا، انجنيئرنگ جي پهرين سال ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ هو. انهن ڏينهن آئون ايس. ايس. ٽي سجاول ڪاليج يونٽ جو سيڪريٽري هئس ۽ مونکي ذڪريا جي سرگرمين بابت ڪابه خبر نه هئي. هڪ ڏينهن ٻُڌم ته رات ذڪريا کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس آئي هئي، پوءِ ئي خبر پيم ته ذڪريا ”جيئن سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي سرگرم ڪارڪنن مان هو، پر هو دڙي ۾ گهرو ماحول ۽ حالتن سبب اڪثر خاموش رهندو هو ۽ سندس سياسي سرگرميون يونيورسٽيءَ تائين محدود هونديون هُيون. ڪجهه وقت ته ذڪريا روپوش رهيو ۽ پوءِ جڏهن سندس وڏي ڀاءُ کي سندس عيوضي ۾ جلهيو ويو ته ذڪريا گرفتاري ڏني. سال سوا جيل ۾ رهڻ کانپوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿيو ۽ کيس يونيورسٽيءَ مان پڻ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه وقت ته ذڪريا وانڌو ويٺو رهيو، پوءِ کيس مائٽن ٺٽي سيشن ڪورٽ ۾ ڪلارڪي وٺي ڏني، جيڪا هو ڪرڻ لڳو.
    ذڪريا جيل مان ضمانت تي ڇُٽي دڙي آيو ته دڙي ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪيائين. ايوب منڇري ۽ هڪ ٻن ٻين دوستن سان گڏجي ’جيئي سنڌ محاذ‘ کي سرگرم ڪيائين. آئون ايس. ايس. ٽي ئي ۾ هوندو هوس. ذڪريا جيل مان ڇٽي آيو ته منهنجو ساڻس ملاقات جو سلسلو شروع ٿي ويو. ننڍي هوندي جي دوست هئڻ جي ناتي سندس اهائي ڪوشش هوندي هئي ته آئون جساف ۾ شامل ٿيان. ائين اسان جا بحث ٿيندا هئا، جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندا هئا. نه هو مونکي قائل ڪري سگهيو ۽ نه ئي وري آئون کيس قائل ڪري سگهيس. بحثن ۾ سندس ڄاڻ تي حيرت ٿيندي هيم، حيرت ان ڪري نه ته ڪو ذڪريا کي سٺي ڄاڻ هئي، پر حيرت ان ڪري ٿيندي هيم ته جساف جو ڪارڪن ٿي ڪري اهو ايڏو تيز بحث ٿو ڪري ۽ اصل وٺ ئي نٿو ڏي. ممڪن آهي ته ذڪريا کي به منهنجي بحث ڪرڻ تي حيرت ٿيندي هئي. جو هو چوندو هو ته ”يوسف کي اصل گهمائي ٿو وٺان.“ پر اسين ٻيئي هڪٻئي کي گهمائي نه سگهياسين. نيٺ انهن بحثن اسان کي پاڻ ۾ ويڙهايو ۽ هڪ ڏينهن هٿين پئجي وياسين ۽ هڪٻئي کي ٿڦا ٿوڦي به ڪئيسين. اها ڳالهه ذڪريا جي شهادت کان مهينو سوا اڳ جي آهي. ذڪريا ٽوڙي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ شهيد ٿي ويو.“
    ذڪريا جي شهادت کان ٻه سال پوءِ، سندس دوستن خاص ڪري ذوالفقار ميمڻ جماڻيءَ، سندس ياد ۾ مختلف دوستن کان مضمون لکرائي ”شهيد ذڪريا ميمڻ“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو.
    ذڪريا جي شهادت کانپوءِ مون مٿس هڪ ڪهاڻي ”ٽڙي پوندا ٽارينءَ....“ لکي ۽ جڏهن 1986ع ۾ منهنجي ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو ڪتاب ”بُک، عشق ۽ آزادي“ ڇپيو ته مون ان جي ارپنا ”شهيد ذڪريا ميمڻ“ جي نالي ڪئي.

    مٿي آئون سدا حيات ذڪريا ميمڻ جي حوالي سان ڪامريڊ ايوب منڇريءَ جو ذڪر ڪري آيو آهيان. ايوب منڇريءَ 21 آگسٽ 1992ع تي دل جو دوري سبب وفات ڪئي. ايوب منڇري هڪ ڪميٽيڊ، باشعور ۽ محنتي ڪارڪن هو. هن دڙي ۽ آسپاس ’جيئي سنڌ محاذ‘ کي نه رڳو سرگرم ڪيو، پر ڪيترائي نوان ڪارڪن پڻ پيدا ڪيا.
    ننڍي کنڊ جي قومي ۽ انقلابي سياست ۾ ٻيڙي ٻاڌوگرن جو پنهنجو هڪ ڪردار رهيو آهي ۽ ايوب منڇري به انهيءَ ڪردار جو حصو هو. هو سياسي ميدان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري کان متاثر ٿي پي. پي. پي ۾ شامل ٿيو. ايوب منڇري ته هڪ ننڍو سياسي ورڪر هو، پر ذوالفقار علي ڀٽي جي ان نعري جي سحر ۾ وڏا وڏا نالا گرفتار ٿي پي. پي ۾ شامل ٿيا، پر ڀٽي مرحوم جو عمل ان جي ابتڙ رهيو. نالي واري پنجابي دانشور مرحوم شفقت تنوير مرزا چواڻي، ”ڀٽي صاحب، ايوب خان کي ڇڏي، وڏي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ تنهن کانسواءِ سندس نعرو به انقلابي هو. ليفٽ سان لاڳاپيل اڪثر همراهه ساڻس گڏجي ويا. اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ اهو سڀ ڊرامو ثابت ٿيو. هڪ اهڙو ڪامياب ڊرامو، جنهن جي سحر مان اڄ سوڌي ماڻهو نڪري نه سگهيا آهن.“ بهرحال ايوب منڇري جلد ئي ان سحر مان نڪري ويو ۽ سيد سائينءَ جي فڪر کان متاثر ٿي ”جيئي سنڌ محاذ“ ۾ شامل ٿيو.
    مارشلا هجي يا محمد خان جوڻيجي جي حڪومت يا بينظير ڀٽو جي سرڪار، مون کيس هر وقت سرگرم ڏٺو ۽ ڪڏهن به ڪنهن قومي جلسي مان نه گُسايائين. تعليم گهٽ هجڻ جي باوجود به ڪتابن سان چاهه هوندو هوس. تقرير به سُٺي ڪري ويندو هو. غريب ماڻهو هو، غربت جي اها حد هوندي هيس جو ڪپڙن سان گڏ ٽوال ۾ به ٽانڪا ۽ چتيون لڳل هونديون هيس. ٻيڙي ٻاڌوگر هئڻ سبب پَن جي ٻيڙي ڇڪيندو هو. البت پڇاڙي عمر ۾ ان عادت سان گڏ ٻيڙيون ٻڌڻ جو ڪم به ڇڏي ڏنائين.
    قومپرستي سندس نس نس ۾ سمايل هئي ۽ سرگرم هئڻ جي ڪري مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا ۽ گرفتار به ٿيو. انهن ڪيسن کي هو همٿ ۽ مڙسيءَ سان منهن ڏيندو رهيو. جڏهن جيئي سنڌ تحريڪ ۾ گروپ بازي ٿي ۽ ڪارڪنن جو هڪ حصو ڊاڪٽر قادر مگسي جي ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ته دڙي مان ايوب منڇري ۽ هڪ ٻه ٻيا همراهه ڇڏي باقي سڀ ڊاڪٽر قادر مگسي سان سلهاڙجي ويا، پر ايوب منڇري واحد شخص هو، جيڪو ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو ۽ جيئي سنڌ محاذ سان ئي رهيو ۽ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙن تي تنقيد ڪندو رهندو هو. نتيجي ۾ کيس انهن ئي دوستن، جن کي ڄڻ ته پاڻ آڱر مان جلهي سياست ڪرڻ سيکاري هئائين، مختلف طريقن سان تنگ ڪيو ۽ ڪيسن مان به ضمانتن تان هٿ کڻي ويا، جنهن سبب کيس ڪافي تڪليفون به آيس، پر هن تڪليفن کان ڊڄي سياسي وفاداري نه بدلائي.
    سنڌ جي سياست به عجيب رهي آهي، پاڻ وٽ ڪارڪنن کي نار جا ڍڳا سمجهيو ويندو آهي ۽ اسان جا اڳواڻ انهن جي ڪلهن تي چڙهي اڳتي وڌڻ کانپوءِ کين ڄڻ وساري ڇڏيندا آهن. مقامي طور تي ڪاڪي ايوب منڇري کي به ائين ئي نظر انداز ڪيو ويو. هو ’جيئي سنڌ محاذ‘ جي نيشنل ڪانگريس جو ميمبر به ٿيو.
    ايوب منڇري دڙي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي شروعاتي ٻن ٽن ماڻهن مان هو، جن ۾ هڪ مرحوم محمد خان چوهاڻ ۽ ٻيو عرس ڪنڀار هئا. شهيد زڪريا جي اچڻ سان هنن سرگرميون تيز ڪيون.... ان وقت آئون، جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته ايس. ايس. ٽي ۾ هئس ۽ اسان جا پاڻ ۾ ڪافي بحث ۽ مباحثا ٿيندا هئا. منهنجون ڪامريڊ ايوب منڇري سان کوڙ ساريون به ڪچهريون ٿيون. اسان جي سوچن ۾ واضح اختلافن جي باوجود به اسان جا هڪٻئي ڏانهن رويا دوستاڻا رهيا. سندس وفات کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ به منهنجي ساڻس ڪچهري ٿي هئي. اها ڪچهري سندس گدرن جي پڙيءَ وٽ بيٺي پير ٿي. پاڻ گذريل ٻن اڍائي سالن کان ٻيڙيون ٻڌڻ ڇڏي، دڙي جي سبزي مارڪيٽ جي سامهون گدرن، ڇانهين ۽ انبن وغيره جي ننڍي پڙي ڪڍي گذر سفر ڪندو هو. مون ساڻس ڪچهرين دوران کيس ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو.

    انهن ڏينهن دڙي ۾ اسان ايس. ايس. ٽي جي ڪارڪنن وٽ ”سنڌي هاري ڪميٽيءَ“ جيڪا پوءِ ”سنڌي هاري تحريڪ“ بڻي. ان جو هڪ سرگرم ڪارڪن محمد بخش راهو به ايندو هو. منجهس جوف، وڏائي، ٻيائي ۽ شوبازيءَ جو ڪو نالو نشان به نه هوندو هو.
    هو دڙي ۾ سڄو ڏينهن اسان سان گڏ هوندو هو. حال احوال ۽ ڪچهريون پيون هلنديون هيون. شام جو هو يا ته واپس ڳوٺ هليو ويندو هو، يا وري علي محمد سوڍي يا چاچي لونگ عرف ساٿي جبل جي ڳوٺ وڃي ٽڪندو هو. هو جيترو وقت به دڙي ۾ هوندو هو، پَن جي ٻيڙي ۽ چانهه تي گذران هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ڪو دوست ماني کارائيندو هوس ته ٺيڪ نه ته مڙيئي ٿيو خير. محمد بخش راهو عوامي تحريڪ/ هاري تحريڪ جو ڪُل وقتي ڪارڪن هوندو هو ۽ اڪثر ڪري تنظيمي ڪم ڪار سان ئي هوندو هو.
    آگسٽ 1983ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي خلاف تحريڪ هلي ته سنگت فيصلو ڪيو ته دڙي ۾ جلوس ڪڍجي. جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ گهڻن دوستن کي چيو ويو هو. اهي دوست جيڪي سڄو سڄو ڏينهن انقلاب، آزادي ۽ جمهوريت جي بحالي وغيره تي ڳالهائيندا هئا، سي ان ڏينهن ڳولهيا به نه ٿي لڀيا. ڪجهه وري اهڙا دوست به هئا جيڪي دڙي آيا ته سهي، پر هوٽلن ۾ ائين سِيٽيا ويٺا هئا، ڄڻ ڇاتيءَ سان ٿا جنرل ضيا کي دَسين. فيصلي موجب اسان کي هڪ هنڌ تي پهچڻو هو ۽ جڏهن جلوس جو ٽائيم ٿيو ته محمد بخش راهي ور مان هاري ڪميٽيءَ جو جهنڊو ڪڍي، هٿ ۾ کنيل ننڍي لٺ ۾ وڌو ۽ اُڀو ڪري زور سان نعرو هنيو ”مارشلا مرده باد- جمهوريت بحال ڪريو.“ ۽ ٻئي دوست آرو مل بينر ڪڍي اُڀو ڪيو ۽ اڳتي وڌڻ لڳا. جلوس ۾ محمد انور سومري، آرو مل، محمد بخش راهي ۽ چاچا جبل ڏيٿي جو هڪ پُٽ جنهن جو مونکان نالو وسري ويو آهي. ۽ مون کانسواءِ شهر جا ٻار شامل هئا. محمد بخش راهو ۽ انور سومرو اڳيان اڳيان هئا ۽ زور زور سان نعرا هڻندا پي ويا ۽ اسين پويان نعرا هڻندا پي وياسين. اسان کي ويجهو ايندي ڏسي عام ماڻهو اسان کي ڪو جن يا ڀوت سمجهي پريان هٽڻ ۽ ڀڄڻ لڳا. (حقيقت ۾ جنرل ضياءُ الحق جو ايڏو ته وڏو ڏهڪاءُ هو، جو ماڻهو ڊپ ۾ سُڪا ويٺا هئا) پر اهي پارٽي ڪارڪن به جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ جي همت ساري نه سگهيا. جي خاص سيڙجي جلوس ۾ شرڪت جي لاءِ آيا هئا. اڳتي هلي انهن دوستن اهو دليل ڏيئي پنهنجي پَت بچائي ته انور سومري جي اَتڙائپ جي ڪري جلوس وقت کان اڳ نڪتو، جنهن سبب هو شريڪ ٿي نه سگهيا.
    جلوس ختم ٿيو ته محمد بخش راهو ۽ چاچا جبل عرف لونگ ڏيٿو جو پٽ محمودا جي ڪپ ڏيئي وڃي چاچي لونگ جي ڳوٺان نڪتا. انور سومرو به ٻاهران ئي ٻاهران وڃي حيدرآباد کان نڪتو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اتان ’عوامي تحريڪ‘ جي پليٽ فارم تان گرفتاري ڏنائين. آرو مل کي ٻي ڏينهن ڪنهن جي جوڻيت تي پوليس گرفتار ڪيو ۽ ڏاڍو ماريائونس. نيٺ پئسا وٺي ڇڏيائونس. ۽ ٻي ڏينهن آئون به حيدرآباد کسڪي ويس.
    محمد بخش راهو سڄي ضلعي ۾ پارٽيءَ جي پيغام رسانيءَ سان گڏ، پارٽي جا ۽ ٻيا ڪتابڙا به وڪڻندو هو ۽ انهن جي ڪميشن مان ٻيڙي ماچس ڪندو هو. شادي به نه ڪئي هئائين. محمد بخش راهو سٺو ورڪر هئڻ سان گڏ سٺو مقرر ۽ ڪم ڪار جو پڻ مڙس ماڻهو هو. جڏهن مون ايس. ايس. ٽي ڇڏي ته پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ملڻ ٿيندو هو، پر سندن روين ۾ مون لاءِ سردي مهري هوندي هئي. جڏهن عوامي تحريڪ ٻن گروپن ۾ ورهائي ته محمد بخش راهو ”اسماعيل راهو گروپ“ سان رهيو.
    پڇاڙيءَ ۾ ميرپور بٺوري کان ٿورو پريان سندس ڳوٺ جي ڀرسان ويٺل زنئورن جي هڪ ڇوڪري سان دل لڳي ويس، جنهن کي پاڻ ئي ايس. ايس. ٽي ۾ آندو هئائين. پاڻ ان ڇوڪري سان گرمي سردي پاڇي وانگر گڏ هوندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڇوڪرو الائجي ڪهڙي ڳالهه تان ساڻس رسي ويو ته هو بنهه ويڳاڻو ۽ پريشان نظر ايندو هو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو. مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن گهڻي ڳولها ڦولها ڪيس، پر همراهه جو ڪو کُر پير نه مليو.
    هڪ ڏينهن واٽ ويندي ڪنهن همراهه هڪ هنڌ ڪتن کي ڪا کڏ کوٽيندي ڏٺو. هو ڪتن کي هڪلي کڏ وٽ ويو. اتي هن ڪو لاش ڏٺو. پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. پوليس پهتي، لاش ڪڍيو ويو ته محمد بخش راهي جي گمشدگيءَ جو معمو به حل ٿي ويو. اهو لاش محمد بخش راهي جو هو. کيس نهايت بي درديءَ سان ڪُهي، ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪري پوريو ويو هو. قاتل جلهيا ويا، وٺ پڪڙ ٿي، پر مائٽ غريب هئس، ائين يار جو خون لڙهي ويو. همراهه محبت ۾ مارجي ويو!

    مٿي لکي آيو آهيان ته اسان جون ڪچهريون اڪثر ڪري نياز عباسي جي چاچي جي اوطاق تي ٿينديون هيون. جنهن کي اسين ’ڪاڪ محل‘ چوندا هئاسين. نياز جو ڀاءُ ولي عباسي ايل. ايم. سي پڙهندو هو. ان وقت ايل. ايم. سي ۾ گهڻو سرگرم هو. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ حيدرآباد ۾ گرفتاري به ڏنائين. وٽس ڪتابن جو به سٺو ذخيرو هو. مون ڪرشنچندر جو ڪتاب ”سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري“ کانئس ئي وٺي پڙهيو. اُن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سراج ڪيو هو. اهو ڪتاب مونکي ايترو ته وڻيو هو، جو مون جڏهن پبلشنگ شروع ڪئي ته ان جو ٻيو ڇاپو ڇپرايم.
    آئون ايس. ايس. ٽي ۾ نئون هئڻ سان گڏ ڪافي جذباتي به هوندو هوس. منهنجو خيال هو ته اسان کي سياست سان گڏ سماجي ڪم به ڪرڻ گهرجن ۽ غريب دوستن جو به خيال رکڻ گهرجي. هڪ ڀيري مون گڏجاڻيءَ ۾ چيو ته ”اسان کي انهن دوستن جو به خيال رکڻ گهرجي، جيڪي غريب آهن ۽ مانيءَ جو هڪ ويلو به نٿا کائي سگهن.“
    اسان سان گڏ ايس. ايس. ٽي ۾ هڪ ٻيو دوست امتياز سمون به هو. هڪ ڀيري علي سوڍي جي ڳوٺ 4 اپريل تي ذوالفقار علي ڀٽي جي ورسي ملهائي ويئي، هڪ ننڍي لانڍي هئي، ان ۾ چاليهارو کن دوست گڏ ٿيا ۽ تقريرون ڪيون ويون. مارشلا جي دور ۾ ان قسم جو ننڍيون ننڍيون ڳجهيون گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾ پٽاٽن ۾ ڀت جي ديڳ لاٿي ويندي هئي ۽ آيل دوستن مان هر ڪو پنهنجي پڄت آهر ان ڀت جي گهور ۾ ٻه چار روپيا شيئر ڪندو هو. ائين ان ڀت جو ڪنهن تي به بار نه پوندو هو. اهو طريقو ڏاڍو سٺو هوندو هو. ڀٽي جي ان ورسيءَ ۾ امتياز سمي پڻ تقرير ڪئي، جيڪا اسان ٻنهي گڏجي لکي هئي.
    امتياز سمون ڪڏهن ڪڏهن ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي گڏجاڻين ۾ پڻ ايندو هو، کيس سٺو ادبي ذوق هوندو هو. هڪ ڀيرو کيس سنگت دڙو جو سيڪريٽري ٿيڻ جو به شوق ٿيو، پر اسان جن يارن حاجي عباسي ۽ ملهار سنڌي جي ’پولٽ بيورو‘ جي اٽڪلن سٽڪلن سبب ٿي نه سگهيو. اسين ٻيئي چاهيندي به هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ٿي نه سگهياسين. اهڙو اظهار هڪ ڀيري هن پاڻ به مون سان ڪيو. امتياز سمون هاڻ پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي.
    انهن ئي ڏينهن سائين محمد يوسف ڪيڙاني جي ڳوٺ ”گنج بحر“ ۾ محترم رسول بخش پليجي جي سندس پرپُٺ سالگرا ملهائي ويئي. سائين يوسف ڪيڙاني جي گهرن جي پويان سندس ٻني جي هڪ ٻاريءَ ۾ تڏا وڇائي، انهن مٿان رليون ۽ سوڙيون وڇايون ويون هيون ۽ اسين سڀ انهن مٿان ويٺاسين. ان سالگرا جي تقريب ۾ مون به تقرير ڪئي. اها منهنجي زندگيءَ جي پهرين تقرير هئي ۽ پنج ست جملا ڳالهائي ويهي رهيس. گهٻراهٽ سبب صفا پگهر ۾ شم ٿي ويو هوس. ان ئي تقريب ۾ مون پهريون ڀيرو نامياري ڪهاڻيڪار پرويز کي ڏٺو ۽ ساڻس مليس. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”سُڻي تنهنجو سڏ“ ۽ ترجمو ڪيل چيني ڪهاڻي ”نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ“ جي نالي سان ننڍڙي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپي هئي، جيڪي منهنجا پڙهيل هئا، اُتي سائين پرويز به رسول بخش پليجي تي هڪ ننڍو ليک پڙهيو هو. اڳتي هلي اسين ڏاڍا سٺا دوست ٿي وياسين. سچي ڳالهه اها آهي ته سائين پرويز جون محبتون، مهربانيون ۽ ڪچهريون وسارڻ جهڙيون نه آهن، مون مٿس هڪ ننڍڙو خاڪو لکيو هو، جيڪو منهنجي ڪتاب ”اونداهيءَ ۾ سوجهرو“ ۾ ڇپيل آهي.

    دڙي ۾ اسان جي ملڻ جي جاءِ ”مامون پليجي“ جي ننڍي ڪئبن هوندي هئي. جيڪا پيڃاري جي ڪپ تي ’اردو اسڪول‘ سان لڳ هوندي هئي. مامون پليجو غريب پر ڏاڍو قربائتو ماڻهو هو. اڀري سڀري گذر سفر جهڙي ڪئبن هوندي هيس. پر هٿ ۽ دل ٻنهي جو ڪشادو هو. ڪتاب به اڪثر پيو پڙهندو هو. شيخ اياز جو ڪتاب ”پتڻ ٿو پور ڪري“ هن اخبار ۾ اشتهار پڙهي وي. پي ذريعي گهرايو هو، جيڪو پوءِ مون کانئس ٻين ڪتابن جي مٽاسٽا ۾ ورتو. اهو ڪتاب اڄ به مون وٽ موجود آهي.
    اُتي ٻيا به ڪافي دوست ايندا هئا، جن سان پڻ ملڻ جلڻ ٿيندو هو. انهن مان هڪ چاچو رسول بخش عرف ساٿي جبل ڏيٿو پڻ هو. کيس چاچو لونگ به ڪري سڏيندا هئا. ساٿي جبل جي چهري تي سدائين مُرڪ هوندي هئي. مونکي ڏاڍو ڀانئيندو هو. پاڻ بهترين ورڪر ۽ کاهوڙي ماڻهو هو. دوست سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. آئون اڪثر سندس ڳوٺ ويندو رهندو هوس، جيڪو دڙي کان چار پنج ميل پري هو. اسان جي پاڻ ۾ ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿيندي هئي. هڪ ڀيري مون کيس صلاح ڏني ته ”اوهان پنهنجي آتم ڪهاڻي لکو“ پاڻ ٻه چار درجا پڙهيل به هو. پوءِ هڪ ڀيري ٻڌايائين ته پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي اٿس. جڏهن ملڪ جي چئن کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين جو پاڻ ۾ انضمام ٿيو ۽ ”عوامي نيشنل پارٽي“ وجود ۾ آئي ته ساٿي جبل عوامي تحريڪ جي ڪوٽا تي ”اي. اين. پي“ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر به چونڊيو ويو.
    ان وقت مارشلا هئڻ سبب رات جو ڳوٺن ۾ اسان جون ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن ۾ تقريرون ۽ ليڪچر ٿيندا هئا. حال احوال ڏبا ۽ وٺبا هئا ۽ ڪامريڊ ابو ملاح پنهنجي سُريلي آواز ۾ قومي ۽ انقلابي گيت ٻُڌائي ڪچهرين کي گرمائيندو هو. تنهن کانسواءِ ڪامريڊ جمع نوحاڻي جو به واهه جو آواز هوندو هو. ڪامريڊ ابو ملاح جڏهن سيد اڪبر جو نظم ”ڪيڏو آهي شور فضا ۾، ڏيهه اُڀا ڪيا ڏاٽا وو“ ڳائيندو هو ته وار وار اُڀو ٿي ويندو هو. تنهن کانسواءِ ابو ملاح اسماعيل اداسيءَ جو گيت ”موري، ميهڙ، دادوءَ ۾ ڍاٽيئڙا پُٽ ڍول ڪٺا“ ڳائيندو هو ته لڙڪ جلهبائي ڪونه هئا. اهو گيت ساٿي جمع نوحاڻي به ڏاڍو پرسوز نموني ٻُڌائيندو هو.
    ابو ملاح ٽنگ کان منڊو هو ۽ گهوڙيءَ تي هلندو هو. خبر ڪونه اٿم ته ڄائي ڄم کان منڊو هو يا ڪنهن وڏيري جي هٿان ٽنگ ڀڃايائين.
    1983ع ۾ ايم. آر. ڊي بحالي جمهوريت جي تحريڪ شروع ڪئي ته 14 آگسٽ تي ٺٽي ۾ ”مڇي مارڪيٽ“ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. ابو ملاح ان جلوس جي اڳواڻي ڪندڙن ۾ شامل هو ۽ سندس هٿ ۾ پارٽيءَ جو جهنڊو هو. جڏهن پوليس جلوس تي لٺ بازي ڪئي ته هو پنهنجي ٽنگ سبب اتان ڀڄي نه سگهيو، پوليس کيس ڏاڍو ماريو ۽ پوءِ گرفتار ڪري مارشلا اختيارين جي سامهون پيش ڪيو، جن کيس هڪ سال ٽيپ ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا ٻُڌائي، جيڪا هو مڙس ماڻهو ٿي ڪاٽي آيو. ابو ملاح، ساٿي جبل، علي محمد سوڍو، محمد بخش راهو هاڻ هن جهان ۾ ڪونه آهن، سندن جرئت ۽ جدوجهد تي کين سرخ سلام پيش ڪريان ٿو.

    گهڻا سال اڳ، امالا ديويءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ننڍو ناول ”ناري“ پڙهيو هوم. جنهن ۾ هڪ سرگرم سياسي ورڪر ”ناريءَ“ جي زندگيءَ جو احوال هو، اهو ڄڻ ته لکين عام سياسي ورڪرن جي زندگيءَ جو احوال آهي، ليکڪا ناول ۾ ڏيکاريو آهي ته ڪهڙيءَ ريت سياسي اڳواڻ اقتدار جي جنگ ۾، حڪمران ٽولن سان ويڙهه لاءِ ڪارڪنن کي استعمال ڪن ٿا ۽ ڪم لٿي کانپوءِ، کين ڪيئن نه نظر انداز ڪريو ڇڏين. پوءِ جڏهن ’ناري‘ دردناڪ انجام سان دوچار ٿئي ٿو ته سندس اڳواڻ مرڻ گهڙيءَ تائين کيس پُڇڻ به نٿا اچن. پر مرڻ کانپوءِ سندس لاش تي سياست ڪرڻ پهچيو وڃن.
    حميده گهانگهرو، پنهنجي آتم ڪهاڻي ”پيڙا جو سفر“ ۾ لکيو آهي ته، نذير عباسيءَ جي شهادت کانپوءِ، جڏهن شهيد نذير عباسيءَ جي امڙ بيمار ٿي ته هُن ڪيترن ئي سرنديءَ وارن پارٽي اڳواڻن جو ڌيان شهيد نذير عباسي جي امڙ جي بيماريءَ ڏانهن ڇڪايو، پر هنن مدد کان لنوايو ۽ ڪن لاٽار ڪئي.
    سنڌ ۽ سڄي پاڪستان ۾ اڄ به اسان کي اڪثر اهڙا بيان پڙهڻ جي لاءِ ملن ٿا، جن ۾ پارٽي اڳواڻن طرفان ڪارڪنن کي نظر انداز ڪرڻ جي شڪايت ڪيل هوندي آهي.
    جامي چانڊيي جي ادارت ۾ نڪرندڙ ٽه ماهي مخزن ”فريڊم“ ۾ هڪ ”سياسي ڪارڪنن جي حقن بابت اعلان نامو“ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ تمهيدکانسواءِ ويهن صفحن تي ”اعلان نامي“ ۾ سياسي ڪارڪنن جي مطالبا ڪيا ويا آهن. تمهيد ۾ چيو ويو آهي، ”پاڪستان جو اڪثر سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي ڪارڪنن ۽ سندن خاندان کي پويان ڌڪينديون رهيون آهن. خاص طور تي جڏهن اهو بيمار هجي ٿو، ڪم جو نٿو رهي يا فوت ٿي وڃي ٿو. اهڙي عالم ۾ پارٽي اڪثر ڪارڪنن جي يا سندن خاندانن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ سندس خاندان مشڪل ترين حالتن ۾ گهيرجيو وڃي، جتي کين اڪيلي سر ڀوڳڻو پوي ٿو.“
    خدا ڪري ته سياسي پارٽيون ۽ انهن جا ڳواڻ ڪارڪنن جي تڪليفن کي پنهنجون تڪليفون سمجهن ۽ انهن جي جذبن ۽ قربانين جو قدر ڪن ۽ ’فريڊم‘ جي پڌرنامي تي هر سياسي پارٽي ۽ انهن جا اڳواڻ ڌيان ڌرين ۽ اهو پڌرنامو، سياسي ڪارڪنن کي پنهنجين پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جي هٿان عزت، اهميت ۽ اهو وقار ڏيارين، جنهن جو هو حقدار آهن.
    مون مٿيان حوالا اُن ڪري ان ڪري ڏنا آهن جو 30 اپريل 2007ع تي فجر ڌاري سنڌ جي آدرشي سياست جو هڪ بي باڪ ۽ ويڙهو سپاهي علي محمد سوڍو، جنهن کي عام طور تي ”علي سائين“ ڪري سڏبو هو، ڊگهي عرصي تائين ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ، دڙي لڳ پنهنجي ڳوٺ ’والي شاهه‘ ۾ گمناميءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. علي محمد سوڍي جو واسطو ’عوامي تحريڪ‘ ۽ ان جي ذيلي تنظيم ’سنڌي هاري تحريڪ‘ سان هو. هو پنهنجي محنت، جدوجهد ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪندي نيٺ وڃي ’سنڌي هاري تحريڪ‘ جو مرڪزي صدر به ٿيو. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ”سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪريو“ تحريڪ کان ڪئي. ان کانسواءِ 1979ع ۾ صحافين جي جدوجهد ۽ 1983ع جي ايم. آر. ڊي جي جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو، گرفتاريون ڏنائين ۽ جيلن ۾ ويو. هن سنڌي هارين کي اڌ بٽئي ڏيارڻ جي جدوجهد ۾ به مقامي ليول تي ڀرپور حصو ورتو ۽ تحريڪ جي ٻين ساٿين سان گڏ، وڏيرن سان چوٽون کائي، نيٺ ”اڌ بٽئي“ جو حق ڏياري سرخرو ٿيو.
    علي محمد سوڍو، بنيادي طور تي هر هاري، غريب ۽ صفا اڻ پڙهيل، ٻين لفظن ۾ آڱوٺي ڇاپ هو. پر جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ آيس ته پوءِ نه ڪڏهن ڪا مصلحت اختيار ڪيائين ۽ نه ئي وري سياسي جدوجهد جهڪي ٿيڻ ۽ حالتون بدلجڻ تي مقامي ليول تي ڪن ٻين ڪامريڊن جيان وقتي فائدن حاصل ڪرڻ جي لاءِ توبه تائب ٿي، انهن ئي وڏيرن جو ماڻهو ٿيو. جيتوڻيڪ ڪجهه سال اڳ هڪ اڌ معاملي ۾ علي محمد سوڍو، ڪنهن حد تائين تڪراري به رهيو، پر مجموعي طور تي مُلهه ڪٿ ڪبي ته سندس ڪردار قوم دوست، وطن دوست ۽ عوام دوست رهيو. هو عوام جي بنهه هيٺين ۽ ستايل طبقي مان هو ۽ آخر تائين انهن جي خوشحالي ۽ آزاديءَ جا خواب ڏٺائين ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو.
    گهڻا سال اڳ علي سوڍي مونکي ٻڌايو ته، هو پهرين ذوالفقار علي ڀٽي کان متاثر ٿيو هو ۽ اُن ڏينهن سندس اندر ۾ سخت ڪاوڙ اُڀري آئي، جنهن ڏينهن، ايوبي آمريت جي آخري ڏينهن ۾ هن ريڊيو تان سانگهڙ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي خبر ٻڌي. ذوالفقار علي ڀٽي تي اُن حملي کيس سخت صدمو رسايو ۽ سندس چواڻي ته کيس پنهنجي ٻنيءَ ۾ جوڙو ڪاهڻ ئي وسري ويو ۽ هو ڄڻ هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو هو. مون پڇيس، ”ان جو سبب ڪهڙو هو؟“ جواب ڏنائين، ”ذوالفقار علي ڀٽي اسان جي دل جون ڳالهيون ٿي ڪيون. اهي ڳالهيون جيڪي اسين سنڌي هاري سالن کان سيني در سيني سانڍي ويٺا هئاسين. سي ذوالفقار علي ڀٽي اچي وڏي واڪي ڪيون ۽ اسان کي زبان ڏني.“
    ان کانپوءِ کيس سياست سان دلچسپي پيدا ٿي. سندس جوش ۽ جذبو ڏسي، مقامي طور تي هارين ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه دوست ساڻس لهه وچڙ ۾ آيا ۽ هي انهن جي ڳالهين ۽ عمل کان متاثر ٿي انهن سان سلهاڙجي ويو. اڳتي هلي شهيد محمد فاضل راهي، رسول بخش پليجي، سيد اڪبر شاهه، غفار قاضي، شير خان لنڊ، عالم شاهه، علي محمد ’پرويز‘ ۽ ٻين مقامي توڙي غير مقامي دوستن جي ساٿ ۽ تربيت هيٺ اهڙو ته رچي راس ٿيو، جو چوويهه ئي ڪلاڪ اُن ڌن ۽ جدوجهد ۾ رهيو ته ڪيئن پنهنجا حق حاصل ڪجن، ڪيئن مارو ماڻهو خوشحالي ماڻين ۽ ڪيئن ڌرتي ڌرڻي پنهنجي وطن جي ڇيڙي نبيريءَ جا وارث ٿين.
    اُن وقت ميرپور بٺورو تعلقو جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جو ويٽنام سڏبو هو. هتي ڪيتريون ئي تحريڪون هليون. وڏيرن ۽ ڪامورا شاهيءَ سان جهيڙا ٿيا. پوليس ۽ حاڪمن جون هلائون ٿيون. ڪارڪن جيلن ۾ ويا، پر غريب غربو گَلا کوليو، بي ڊپو ٿي هلڻ لڳو. ائين ٿي لڳو ڄاڻ انقلاب آيو ۽ زمينون وڏيرن کان ڦري هارين ۾ ورهائبيون، پنهنجي ڇيڙي نبيريءَ جا پاڻ مالڪ بنباسين. پوءِ انهيءَ جدوجهد کي.... سنڌ جي انهيءَ ويٽنام کي الائجي ڪهڙي نظر کائي ويئي. اندرين توڙي ٻاهرين دشمن جي سازشن نيٺ رنگ لاٿو ۽ سڀ ڪجهه خواب ٿي ويو. علي محمد سوڍو پوءِ به سرگرم رهيو. سنگت سان سلهاڙيل ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سندس ڪيل تقريرون ۽ ساڻس ٿيل بحثن جا پڙاڏا ڄڻ ڪلهه جي ته ڳالهه آهي.
    پوين ٻن ٽن سالن ۾ بيماريءَ سبب هو گهر ۾ ويهي رهيو ۽ گهر ڇا ويٺو، ڄڻ سڀني کان، دوستن يارن کان وسري ويو.... ۽ وسريل ماڻهو تڏهن ياد ايندو آهي، جڏهن هُن جو گهر مان جنازو نڪرندو آهي. علي سوڍي سان به ائين ئي ٿيو.
    مونکي خبر ڪونهي ته علي محمد سوڍي سان سندس دوستن بيماريءَ جي ڊگهي ويڙهاند ۾ ڪهڙا پير ڀريا ۽ کيس ڪيترو ساريو. پر منهنجي نظر ۾ علي محمد سوڍي جو وڇوڙو هڪ اهڙي کاهوڙي سچار ۽ همدرد ڪارڪن جو وڇوڙو آهي، جيڪو پنهنجي مقصد تي اٽل رهيو. ست رڇين ۽ سون تي سيڻ نه مٽايائين. سندس ڏنل قربانين جي عيوض، هڪ ڏينهن، اهي سڀ سُندر سپنا ساڀيان ماڻيندا، جيڪي هن ننڊ توڙي جاڳ ۾ ڏٺا ۽ جن لاءِ جدوجهد به ڪئي. ان ڏينهن علي محمد سوڍي جو نالو انهن سوين سپاهين سان گڏ کنيو ويندو، جن سنڌ لاءِ بي لوث قربانيون ڏنيون، منهنجو کيس سرخ سلام آهي!

    شير خان لنڊ سان منهنجي واقفيت ايم. آر. ڊي تحريڪ کانپوءِ ٿي هئي، جڏهن پاڻ اڍائي سال کي جيل ۾ رهڻ کانپوءِ آزاد ٿي آيو هو. نه ته اڳ ۾ مون سندس نالو ۽ هارين جي جدوجهد ۾ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جي ذيلي فرنٽ سنڌي ’هاري ڪميٽي‘ ۾ ادا ڪيل ڪردار ۽ جدوجهد جو ذڪر پنهنجن دوستن پرويز، ابراهيم گل، حاجي عباسي ۽ ملهار سنڌيءَ جي واتان ٻُڌو هو. هُنن جون شير خان لنڊ بابت ڪيل ڳالهيون ائين هونديون هيون، ڄڻ شير خان ڪو ڏند ڪٿائي ڪردار هجي.
    واقفيت کانپوءِ، ساڻس اڪثر ميرپور بٺوري ۾ سائين پرويز جي ڪپڙي جي دوڪان تي يا گسَ هلندي ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. مونکي پُڇ پُڇ جي گهڻي پٽَ هوندي هئي، جيئن دوستن کان وڌ ۾ وڌي سکي سگهان، جنهن ڪري آئون شير خان لُنڊ کان ۽ ٻين دوستن کان گهڻا سوال ڪندو هوس، جيڪا ڳالهه ڪن کي وڻندي هئي ته ڪن کي نه به وڻندي هئي. هڪ ڀيري آئون ۽ سائين پرويز سندس دعوت تي سندس ڳوٺ ’سعيدا واهه‘ به وياسين. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو هو. اُتي پاڻ اسان جي ڏاڍي خدمت ڪيائين. ٻنين مان ڇانهين ۽ گدرن جا ڍڳ پٽي اچي اسان جي اڳيان رکيائين. ڇانهيون، مکڻ سان مکيل اڦراٽا، لسي، ڪڪڙ جي ٻوڙ، مطلب ته خذمت چاڪريءَ ۾ وسان نه گهٽايائين. ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هو، تنهنڪري مهمان نوازيءَ ته سندس نس نس ۾ شامل هئي.
    شير خان لنڊ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جي ذيلي فرنٽ ”سنڌي هاري ڪميٽي“ جو پهريون صدر چونڊيو ويو. 9 جنوري 1977ع تي سندس ڳوٺ ”پيراڻي لنڊ“ (سعيدا واهه) ۾ سندس ميزباني هيٺ جيڪا هاري ڪانفرنس ٿي، تنهن ۾ هزارين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر فيروز احمد ڪئي هئي، ان ئي ڪانفرنس ۾ شير خان لُنڊ کي ’سنڌي هاري ڪاميٽيءَ‘ جو صدر چونڊيو ويو. ان هاري ڪانفرنس جو حوالو روسي ليکڪ وي-ايف اَگئيف پنهنجي ڪتاب ”سنڌ تاريخ جي آئيني ۾“ به ڏنو آهي، جنهن جو اردو ترجمو پاڪستان ۾ دانيال ڪراچي وارن ڇپرايو آهي.
    شير خان لُنڊ جو هڪ ڀاءُ ابوبڪر لُنڊ، دوستيءَ ۾ زمين جي جهيڙي ۾ قتل ٿي ويو، مون ڪڏهن به ابوبڪر لُنڊ نه ڏٺو هو، پر دوستن واتان سندس گهڻي واکاڻ ٻُڌي هيم. شير خان لنڊ پنهنجو سياسي سفر رسول بخش پليجي صاحب سان گڏ شروع ڪيو. پوءِ مرحوم غوث بخش بزنجي جي ”پاڪستان نيشنل پارٽيءَ“ ۾ شامل ٿيو، اتان پوءِ سنڌي، بلوچ ۽ پشتو فرنٽ، جيڪو پوءِ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ تبديل ٿيو ۾ شامل ٿيو.
    شير خان لُنڊ هڪ ٻه درجا پڙهيل هئڻ سبب پهرين گهڻو احساس ڪمتريءَ ۾ رهيو، پوءِ اها احساس ڪمتري احساس برتريءَ ۾ تبديل ٿي ويس، جنهن ڪري هن گهڻا دوست به وڃايا ته ڪي غلط سياسي فيصلا به ڪيا، انهن مان سندس هڪ غلط فيصلو ممتاز علي ڀٽي جي ٽن مهينن جي نگران حڪومت ۾ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ بيهڻ به هو.
    3 نومبر 1996ع ۾، ملڪ جي صدر فاروق احمد خان لغاري، پنهنجي ئي پارٽيءَ جي حڪومت برطرف ڪري، محترمھ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، سنڌ ۾ نگران وڏو وزير ممتاز علي ڀٽي کي مقرر ڪيو. جنهن شير خان لُنڊ کي ڪراچي گهرائي، کيس ڪا وزارت قبولڻ جي آڇ ڪئي، (اها ڳالهه مونکي سندس دوستن ٻُڌائي) جيڪا هن بيماريءَ سبب قبول نه ڪئي. جنهن کان پوءِ کيس ضلعي ٺٽي ۾ ’عوامي شڪايتي سيل‘ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ان ڪم ۾ منهنجو دوست حاجي عباسي، جيڪو ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ ضلعي ٺٽي جو نائب صدر هو، ساڻس ڳنڍجي ويو. هڪ ٺيڪيدار دوست غلام قادر پليجي کانئن ڪجهه سڻڀا ڪم وٺي کين ٽن مهينن جي لاءِ ڪار، پيٽرول سميت اُڌاري ڏني. پوءِ ته اصل واهه واهه ٿي وئي، خوشامدڙيا ۽ هر دور جا سلامي همراهه هنن کي به گهيرو ڪري ويا.
    پوءِ الائجي ڪنهن جي صلاح تي شير خان لُنڊ صوبائي اسيمبليءَ جي لاءِ سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان فارم ڀريو. وسيلن جي اڻ هوند، پنهنجي غلطين ۽ دوستن جي دغائن سبب چونڊن ۾ اسان جي شير خان لُنڊ کي ٽن هزارن کان وڌيڪ ووٽ ملي نه سگهيا. ان وقت عام تاثر اهو هو ته ’چونڊن‘ ۾ شير خان لُنڊ جي لاءِ فرشتا اچي ووٽ وجهندا. بهرحال فرشتن ته ووٽ نه وڌا، ووٽ ماڻهن ئي ڏنا ۽ هنن شير خان لُنڊ جهڙي مولائي ۽ ڪامريڊ مڙس بدران وڏيرن کي ئي ووٽ ڏنا، باقي منهنجي نظر ۾ اهڙي خراب نموني اليڪشن هارائڻ جو سبب صحيح ورڪ نه ڪرڻ، وسيلن جي گهٽتائي، غلط اندازا، خوشفهمي ۽ غلط رٿابندي ئي آهي. ماڻهو ته هر ڪنهن سان ’ها، ها‘ ڪندا ٿي وتيا.
    سياست به عجيب شئي آهي! اهڙا ڪجهه عجيب تجربا منهنجي هنن گناهگار اکين به ڏٺا. شير خان لُنڊ ۽ سندس ساٿين سدائين مقامي وڏيرن خلاف جدوجهدون ڪيون، جن ۾ رئيس جمال خان لغاري ۽ فقير عيسيٰ خواجه اهم آهن. جمال خان لغاريءَ وٽ ته فيلڊ مارشل ايوب خان صدر پاڪستان به شيل ۽ شڪار لاءِ هليو آيو هو. ان زماني ۾ جمال خان لغاريءَ جي ڀل ڀلائي هئي. انگريزن سندس پيءَ يا ڏاڏي کي خان بهادر جو لقب ۽ زمينون ڏنيون. 1970ع وارين چونڊن ۾ جمال خان لغاري ذوالفقار علي ڀٽي کي ڌمڪي ڏني هئي ته سندس ڳوٺ ڇريٽاڻي وٽان گذرڻ جي صورت ۾ سندس خير ڪونهي. انهن چوندن ذوالفقار ڀُٽي جو مقابلو محمد يوسف چانڊئي ڪيو هو.
    ۽ پوءِ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته جمال خان لغاري به ”جاڙا خان ڪتي کي جهلجان“ چئي ڌو وڃي پي. پي. پي ۾ شامل ٿيو. قصو کٽائجي ته جڏهن 1988ع ۾ چونڊون ٿيون ته مون عجيب رنگ ڏٺا. رئيس جمال خان لغاري مرحوم جو پٽ، مظفر خان عرف شاهي خان لغاري، جيڪو 1985ع وارين چونڊين ۾ ايم. پي. اي طور ڪامياب ويو هو ۽ سو آزاد اميدوار جي صورت ۾ ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جي لاءِ اميدوار بيٺو ۽ ’سنڌ قومي اتحاد‘ کي پنهنجي حمايت لاءِ درخواست ڏنائين. ان ساڳئي تڪ تان عوامي تحريڪ جو عالم شاهه به اميدوار بيٺو هو. اصولي ۽ اخلاقي طور تي سڀني قومپرستن کي عالم شاهه جي حمايت ڪرڻ گهرجي ها، پر ائين نه ٿيو. سنڌ قومي اتحاد، سيد عالم شاهه بدران، مظفر عرف شاهي خان لغاري جي حمايت جو اعلان ڪيو. جنهن لاءِ جواز اهو ڏنو ويو ته عالم شاهه، سنڌ قومي اتحاد کي حمايت لاءِ درخواست نه ڪئي هئي. بهرحال، شير خان لُنڊ، اعجاز خواجه، قاسم پٿر ۽ سندن ٻي سنگت مظفر خان عرف شاهي خان لغاريءَ جي مدد ۽ ورڪ ڪيو.
    ڪجهه سالن کانپوءِ 1997ع ۾ تاريخ پاڻ ورجايو. هڪ پاسي شير خان لُنڊ، سنڌ نيشنل فرنٽ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ لاءِ بيٺو هو ته ٻئي پاسي جمال خان لغاريءَ جو پٽ نواز علي خان لغاري بيٺل هو، پي. پي جي ٽڪيٽ اعجاز علي شاهه شيرازيءَ کي ڏنل هئي. ٿيڻ ته هيئن کپي ها ته سڀني کي گڏجي، شير خان لُنڊ جي مدد ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي ها، پر ’عوامي تحريڪ‘ جي دوستن، شير خان لُنڊ جي بدران، نواز علي لغاريءَ جي مدد ۽ حمايت ڪئي، شير خان اڪيلو ئي رهيو. ان سلسلي ۾ ٻنهي چونڊن ۾ ٻنهي ڌرين جون غلطيون ئي آهن، هنن جي اڳيان گڏيل مقصد جي بدران انائون اهم رهيون.
    1988ع جي چونڊن ۾ مون سيد عالم شاهه جي حمايت ۽ ورڪ ڪيو. جيتوڻيڪ ان وقت آئون ’عوامي تحريڪ‘ جي دوستن کي نه وڻندو هوس، پر پوءِ به مون پاڻ به عالم شاهه جي حمايت ڪئي ته پنهنجن دوستن کي به عالم شاهه کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪيو، ان وقت آئون سڄي دڙي ۾ اڪيلو ماڻهو هوس، جنهن پي. پي جي ورڪ ۾ ايندڙ شهر جي ڪيترن ئي معززين کي جن ۾ ارباب رميزالدين ميمڻ به شامل هو، جيڪو منهنجو اُستاد به رهيو هو، (هو پهرين هاءِ اسڪول ۾ استاد هو ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏني هئائين)، پي. پي. پي کي ووٽ ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو، جنهن تي اهي همراهه گهڻا ڪاوڙيا، پر منهنجو ضمير مطمئن رهيو، ان وقت پي. پي جو طوفان هو ۽ منهنجي ان جواب جو اڳتي ڪهڙو نتيجو نڪرڻو هو، اندازو لڳائي سگهجي ٿو، چونڊون ٿيون، جنهن ۾ پي. پي جي اميدوار کٽيو، چونڊن کانپوءِ عوامي تحريڪ ۽ عالم شاهه، انور سومري جي جاءِ تي، چونڊن ۾ جن سندن مدد ۽ حمايت ڪئي هئي، تن جي دعوت ڪئي، پر هنن مونکي دعوت نه ڏني. ٻين لفظن ۾ هنن ته پوءِ مونکي کنگهيو ئي ڪونه!
    1997ع جي چونڊن ۾ مون شير خان لُنڊ جي حمايت ۽ ورڪ ڪيو ۽ ان دوران مون شير خان کي گهڻو ويجهڙ کان ڏٺو. شير خان لُنڊ سادو سودو ماڻهو هو، پر خوشامدين جي گهيري ۾ اچي ويو، جنهن سبب ڪي سٺا ۽ ڳڻپ جوڳا ڪم ڪري نه سگهيو. البت هڪ ڪم اهڙو ڪيائين، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي، اها گهٽ آهي. هن اسان جي هڪ دوست غلام حسين بلاوليءَ جي ڀاءُ ادا ابراهيم بلاوليءَ جي نياڻي فريده بلاوليءَ کي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽي کان خصوصي طور تي آرڊر ڪرائي، ايل. ايم. سي ۾ داخلا ڏياري. منهنجي خيال ۾ ٺٽي ضلعي ۾ اها پهرين شيدي ڪميونٽي جي نياڻي هئي، (ٿي سگهي ٿو ته سڄي سنڌ ۾) جيڪا ڊاڪٽر ٿي.
    شير خان لُنڊ پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ سندس چواڻيءَ ته ڪڏهن مختصر ته ڪڏهن طويل عرصي لاءِ 22 يا 23 ڀيرا جيل ويو ۽ گرفتار ٿيو. اهي جيل ۽ گرفتاريون قومي ۽ هاري حقن جي جدوجهد جي سلسلي ۾ ٿيون، اهو عرصو پنجويهه سال کن ٿئي ٿو. شير خان جهڙا ٻيا به هزارين ڪردار آهن. جن سنڌ جي قومي حقن ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ پاڻ ملهايو، ڏينهن رات محنت ڪئي، بُکون ڪاٽيون، جيلن ۾ ويا، ڦٽڪا کاڌائون، ڪن ته زندگيءَ جي قرباني به ڏني. ڪيترن جون ته جوانيون ئي جيلن ۾ گذريون ويون، رڳو ان آس ۾ ته بقول ابراهيم منشي، ’ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون چڱو چيٽن ۾ ملنداسين.“ پوءِ به سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته سنڌي قوم ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مسئلن ۽ عذابن ۾ ڇو ڦاسندي پئي وڃي، صبح ته پري پري تائين نظر ئي نٿو اچي. سنڌي ماڻهو اڃا به وڏيرن جي پويان ڇو آهن؟ يا ته سنڌي قوم جي مجموعي نفسيات ئي اها جُڙي ويئي آهي ته وقت جيئن به گذري گذارجي يا وري اسان قومپرست، ترقي پسند ڪارڪنن ۾ ڪي اهڙيون کوٽون آهن، جن جو گهرائيءَ سان تجزيو ڪرڻ جي گهرج آهي.
    جڏهن شير خان لُنڊ، ممتاز علي ڀٽي سان گڏ ’بغاوت ڪيس‘ ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هو ته هن پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکڻ شروع ڪئي، جيڪا هو گهڻي لکي نه سگهيو، جيڪي صفحا لکيائين، اهي مون 1988ع ۾ ’سنڌ فورم‘ جي نالي سان شايع ڪيل ڪتابي سلسلي ۾ ”جيڪي سٺو منهنجي جيءَ“ جي نالي سان ڇپي ڇڏيا.
    جڏهن شير خان لُنڊ کي ٺٽي ضلعي ۾ ’عوامي شڪايتي سيل‘ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو ته سندس پهريون جهيڙو لئنڊ مختيارڪار سجاول سان ٿيو، جيڪو پوءِ معطل به ٿيو. اهو هن ڳالهه تان ته مختيارڪار جو موقف هو ته شير خان کانئس غير قانوني طور تي چئن ايڪڙن بدران چوويهه ايڪڙ زمين لکي ڏيڻ جو چئي رهيو هو. جڏهن ته شير خان لنڊ جو موقف هو ته مختيارڪار کانئس حقي واجبي ڪم لاءِ به رشوت گهري رهيو هو. شڪايتي سيل جي سربراهه جي حيثيت سان شير خان ڪجهه سٺا به ڪم ڪيا. جهڙوڪ: تعلقي ميرپور بٺوري ۾ چورين جو آزار گهڻي حد تائين گهٽجي ويو. ڪن ماڻهن کي بنا ڀُنگ جي چوريون به واپس مليون. بقول هڪ چور جي ته: شير خان اسان کي بي روزگار ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري اسين به سڄو ڏينهن سندس اوطاق جي اڳيان دُنهين دُکايو ويٺا آهيون ته جيئن هڪ ته ٽڪر ڀور ڇڏايون ۽ ٻيو سندس سامهون اُتي موجود هونداسين ته ٻَڌجڻ کان بچيا پيا هونداسين.
    جتي ڪجهه ٻيا سٺا ڪم ٿيا، اتي فرنٽ جي ڪارڪنن جي ٻيگهي متل هئي. هو آفيسرن کي ڌڙڪا ۽ دهمان ڏيئي کانئن ڦوڙيون ۽ چندا وٺڻ لڳا يا ته ڪي وري کانئن بدليون ڪرائڻ جي بهاني پئسا وٺيو، پوءِ پرچيءَ تي نالو لکي حاجي عباسيءَ کي ڏيندا هئا ته ”يار وارو ڪر، هي پنهنجو همراهه اٿئي، هن جي بدلي ته فلاڻي هنڌ ڪرائي ڏي.ٰ“ حاجي عباسي وري اهڙو اُستاد جو اها پرچي فائيل ۾ رکندو هو ته پوءِ وري ڪنهن کي به ڏسڻ نصيب نه ٿيندي هئي. حاجي عباسي، شير خان لُنڊ جي سيڪريٽري طور فرض ادا ڪرڻ شروع ڪيا هئا. (فرنٽ جي ڪارڪنن جو منهنجو اهو مشاهدو فقط بٺوري ۽ سجاول جي حد تائين هو).
    مٿيون ڳالهيون منهنجون اکين ڏٺيون آهن، جو آئون به حاجي عباسيءَ سان ڪڏهن ڪڏهن کيس ٺيڪيدار پاران مليل گاڏي ۾ چڙهي،گڏجي ويندو هوس ۽ اهڙا لقاءُ ڏسي پيو دل ئي دل ۾ کلندو هوس.
    ممتاز ڀٽو جڏهن وڏو وزير ٿيو ته اول ٺٽي ضلع جي ٻن ٺيڪيدارن غلام قادر پليجي ۽ حمزي خان پليجي، شير خان لُنڊ تي ڏورا وجهڻ شروع ڪيا. کيس اليڪشن ورڪ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل گاڏي ڏيئي، پوءِ کانئس خوب ڪم ورتائون. اها گاڏي پوءِ ممتاز ڀٽي جي نگران حڪومت ختم ٿيڻ شرط هڪ ڊرائيور موڪلي واپس گهرائي ورتائون، ۽ غلام قادر پليجي وري شير خان لُنڊ ۽ حاجي عباسي سان ملڻ به پسند نه ڪيو. ٻنهي ٺيڪيدارن کين ڪجهه پئسا به اليڪشن خرچ طور ڏنا، ائين ڪن آفيسرن، پئسن جي عيوض کانئن ڪم ورتا. مونکي ياد آهي ته هڪ ڀيري اسان شير خان لُنڊ سان گڏجي دڙي ۾ ورڪ ڪري رهيا هئاسين ته ٺيڪيدار غلام قادر پليجي جو هڪ همراهه عبدالعليم پليجو دڙي آيو ۽ شير خان لُنڊ کي پاسيرو وٺي وڃي ڪا ڳالهه چيائين، پوءِ شير خان ورڪ ختم ڪري ساڻس گڏجي روانو ٿي ويو. حقيقت ۾ شير خان لنڊ کي غلام قادر ۽ حمزي پليجي ٻنهي ٺيڪيدارن پنهنجن ٺيڪن بچائڻ لاءِ خوب استعمال ڪيو، نگران حڪومت ويئي ته وري ڏانهنس اک کڻي به نه ڏٺائون. جيتوڻيڪ شير خان ڪو چَريو ته نه هو، پر کيس ان دڳ تي وٺي وڃڻ جي ذميداري گهڻي حد تائين اسان جي يار حاجي عباسي تي پوي ٿي، جيڪو ان وقت شير خان لُنڊ جو سيڪريٽري ٿيو پيو هلندو هو ۽ حاجي عباسي کي وري سندس سئوٽ غلام نبي عباسي استعمال ڪري ويو، جيڪو ان وقت غلام قادر پليجي وٽ مئنيجر هو.
    شير خان لُنڊ، غلام قادر پليجي يا سندس مئنيجر غلام نبي عباسيءَ جي صلاح تي، ضلع ٺٽي جو ريتي ۽ بجري جو ٺيڪو جيڪو سالن کان شيرازين وٽ هو، اهو رد ڪرايو، ٺيڪيدار غلام قادر پليجي ساڻس وعدو ڪيو ته هو اهو ٺيڪو کڻي ته هو ساڻس ڀائيوار ٿيندو. شير خان لُنڊ، اريگيشن منسٽر نبي بخش ڀرڳڙيءَ کان فون ڪرائي، ٺٽي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي واسطيدار عملدار کي اهو ٺيڪو شير خان لُنڊ کي ڏيڻ جي لاءِ چيو، پر ٺيڪي جي واڪ کان ڪلاڪ ٻه اڳ ٺيڪيدار غلام قادر پليجي، شيرازين سان ٿيل ڪنهن اندروني ٺاهه تحت شير خان لُنڊ کي ڌڪ ڪڍيو ۽ ايڊوانس جمع ڪرائڻ واسطي ڏهه لک روپيا ڏيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو. نتيجي ۾ اهو ٺيڪو شيرازي ٻيهر ٻئي نالي ۾ کڻي ويا ۽ غلام قادر جي ان دغابازيءَ تي حاجي عباسي ڪيترو ئي عرصو مٿس ڏند ڪرٽيندو ۽ کين گاريون ڏيندو رهيو.
    ممتاز ڀٽي جي وڏي وزير هئڻ جي دوران سندس ۽ رسول بخش پليجي جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان مخالفانه بيان بازي ٿي ته پليجي جي هڪ بيان جي جواب ۾ ممتاز ڀٽي چيو ته، ”رسول بخش پليجو ايجنسين جو ماڻهو ۽ انهن جي پي رول تي آهي.“ ممتاز جي بيان تي مونکي ڏاڍي کل آئي هئي ته ممتاز ڀٽو پاڻ ته سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ويٺو آهي ۽ پليجي کي ويٺو طعنا ڏي ته ”هل ڙي پُڇ ڪري!“ سنڌ جي نالي ۾، سياستدان پاران ڪيڏيون نه مشڪريون ٿينديون رهنديون آهن. ۽ سنڌ کي ڌارين ته هونئن ته ڦريو لٽيو پر پنهنجن به گهٽ نه ڪئي.
    مجھے اپنوں نے لوٹا، غیروں میں کہاں دم تھا،
    میری کشتی وہاں ڈوبی، جہاں پانی کم تھا۔
    پليجي صاحب جي حوالي سان مونکي هڪ ٻي ڳالهه ياد اچي ٿي، جنهن جو هت ذڪر ڪرڻ به مناسب رهندو. 1988ع جي چونڊن کان اڳ ايم. آر. ڊي جي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته پي. پي. پي، ايم. آر. ڊي ۾ شامل پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن جي سامهون پنهنجا اميدوار نه بيهاريندي. ان فيصلي تحت پي. پي. پي ملڪ قاسم، خواجه خير الدين، شير باز مزاري، مير غوث بخش بزنجي ۽ ولي خان سميت ڪجهه اڳواڻن جي سامهون پنهنجا اميدوار نه بيهاريا، پر ٺٽي مان رسول بخش پليجو، جيڪو عوامي نيشنل پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هو، تنهن جي سامهون بابو غلام حسين ميمڻ کي ٽڪيٽ ڏيئي بيهاريو. ۽ محترمھ بينظير ڀٽو جڏهن ريل رستي چونڊ ورڪ لاءِ جنگشاهي مان لنگهي ته هن جنگشاهي اسٽيشن تي پليجي جي لڳل بئنرن ۽ پوسٽرن کي ڏسي چيو، ”میں اس شخص کو اسیمبلی میں دیکھنا نہیں چاہتی۔ آپ اس کو شکست فاش دو!“ ڄڻ پليجو ڪو جنرل ضياءُ الحق جو ساٿاري رهيو هجي. اسان جي مرحومه ڀيڻ کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ آيل ضياءُالحق جا ساٿاري ته قبول هئا، پر پليجو نه.
    ڳالهه ڪٿان کان ڪٿ وڃي پهتي، موٽون ٿا شير خان لُنڊ ڏانهن، جڏهن ممتاز ڀٽو، وزيراعليٰ جي حيثيت سان ميرپور بٺوري آيو پي ته انتظاميه شير خان لُنڊ کي سڏايو ۽ چيو ته اسين بٺوري ۾ لڳل ٻين پارٽين جا جهنڊا لاهي ٿا ڇڏيو. اوهين وڌ ۾ وڌ فرنٽ جا جهنڊا هڻو، پر شير خان، اُن قدم کڻڻ کان کين سختيءَ سان روڪيو ۽ چيو ته، ’اسين جمهوريت تي ويساهه ٿا رکون. تنهنڪري ٻي ڪنهن به پارٽيءَ جو جهنڊو لهڻ نه گهرجي.‘ مون کي شير خان جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ بٺوري مان ڪنهن به پارٽيءَ جو جهنڊو نه لٿو.
    اليڪشن ٿي ۽ نتيجا نڪتا ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شير خان لُنڊ هڪ ڏاڍو قدم قدم کنيو ته هنن انهن سڀني دوستن جي دعوت ڪئي ۽ سندن ٿورا مڃيا. جن چونڊن ۾ سندس مدد ڪئي هئي. پاڻ وٽ ته کٽڻ کانپوءِ به نٿا پُڇن، پر شير خان لُنڊ هارائڻ کانپوءِ به دوستن جي ساٿ کي نه وساريو.
    آخر ۾ شير خان لنڊ جي هڪ ٻي سُٺي قدم جو ذڪر ڪرڻ به مناسب ٿو سمجهان. ڪنهن سبب جي ڪري سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ ڪاوش اخبار ۾ جهيڙو ٿي پيو. ڪاوش ممتاز ڀٽي جي خلاف خبرون هلائڻ شروع ڪيون ۽ فرنٽ جي ڪارڪنن اخبار جي بائيڪاٽ سان گڏ، ان جا بنڊل هاڪرن کان ڦري ساڙڻ شروع ڪيا. پهرين ڏينهن ته بٺوري ۾ فرنٽ جي ڪارڪنن ڪاوش جا بنڊل هاڪرن کان ڦري ساڙي ڇڏيا، اها خبر جڏهن شير خان لُنڊ کي پيئي ته هو بٺوري پهتو ۽ ڪارڪنن کي سختيءَ سان روڪيائين ته اخبارون ڦري نه ساڙيو ۽ جن ڪارڪنن پهرين ڏينهن اخبارون ساڙيون انهن کي به چڱو دٻڙاٽ پٽيائين ته اوهان پنهنجو احتجاج پُرامن نموني، اخبار خريد نه ڪري رڪارڊ ڪرايو، نه ڪي تشدد ذريعي هاڪرن کان ڦري ساڙيو. اهو ڏينهن دنگ، وري فرنٽ جي ڪارڪنن بٺوري ۾ اخبارون نه ساڙيو، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ بنڊل ڦربا ۽ سڙندا رهيا.
    ممتاز علي ڀٽي جي حوالي سان هت هڪ ڳالهه لکڻ مناسب ٿو سمجهان، هڪ ڀيري ممتاز ڀٽي ٺٽي ضلعي جي دوري تي آيو، ساڻس گڏ گل محمد جکراڻي به هو، جيڪو تازو ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ ۾ شامل ٿيو هو. هو دڙي جي دوري تي به آيو ۽ فرنٽ دڙي جي دوستن جن ۾ حاجي عباسي ۽ ٻيا شامل هئا، تن ڪارنر گڏجاڻي رکي ۽ چانهه پارٽي پڻ. آئون به دعوتيل هوس، سو ان ۾ شرڪت ڪيم. اسين ڪجهه دوست ٻاهر بيٺا هئاسين، جيئن ممتاز ڀٽو اچي ته ساڻس هٿ ملائي کيس اندر وٺي وڃجي، پر ممتاز ڀٽو جيئن ئي گاڏيءَ مان لٿو ۽ اسان اڳتي وڌي کيس کيڪارڻ ۽ هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اسان ڏانهن ڌيان ڏيڻ ۽ اسان جي وڌيل هٿن سان هٿ ملائڻ بدران سڌو اندر هليو ويو ۽ اسان جا هٿ وڌيل ئي رهجي ويا، مونکي جيڪا ڦڪائي ٿي سا بيان ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. هڪ جاگيردار قومپرست پنهنجي استقبال لاءِ ايندڙن سان هٿ ملائڻ به پسند نه ڪيو.
    ممتاز ڀٽي کي پنهنجي جاگيردار هئڻ ۽ پنهنجي طبقي تي ڪيترو فخر آهي، ان جو هڪ مثال ’نفيسه هودٻائي‘ پنهنجي ڪتاب Aboard the Democracy Train ۾ لکيو آهي، نفيسه لکي ٿي ته، هوءَ جڏهن ممتاز علي ڀٽي کان انٽرويو وٺڻ ويئي ته هن پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ”ديدار شاهه، جيڪو سدائين پي. پي. پي جي دور ۾ سندس در جي ٻاهران ويٺو هوندو هو ۽ سندس ڪمدار ۽ پي. پي جو ورڪر هو، تنهن کي سندس سامهون بيهاريو ويو آهي.“
    ديدار حسين شاهه، چونڊن ۾ ممتاز علي ڀٽي کي شڪست ڏني هئي.

    1987ع ۾ جڏهن شير خان لُنڊ، ممتاز ڀٽي سان گڏ ’بغاوت ڪيس‘ ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد هو ته هڪ ڏينهن ڪنهن دوست هٿان مونکي سندس هڪ خط اچي مليو. خط جي اهميت کي نظر ۾ رکندي اهو هيٺ پيش ڪري رهيو آهيان:

    سينٽرل حيدرآباد (اسپيشل ورڊ)
    بنديءَ ٻيا قرار، اسين لوچون لُوهه ۾
    مٿان تن ترار، سدا سانڀيئڙن جي....!
    سَکَرِ سيئِي ڏِينَهن، جي موُن گهارِيا بَندَ ۾،
    وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينهَن،
    واجهاڻِيَس وِصالِ کي، ٿِيَسِ تَهِواروُن تِيئَن،
    نِيَرُ مُنهنجي نِينهَن، اُجاري اَڇو ڪَيو.
    (شاهه)

    جنم جنم کان ڏُتڙيل ساٿي،
    جيئي سنڌ جيئي پورهيت.
    جُدا ٿئي ڏينهن ٿيا هُيم.... سدائين سوچيم ٿي ته پين کي ڪاغذ جي سيني تي وهائجي، پر آخرڪار اڄ مصروفيتن کي منهن ڏيئي سنڀريم ته ساٿي ڏانهن پتر لکجي....! ادا مان هميشھ سرڪار طرفان مڙهيل اسپيشل ٽربيونل ۾ پنهنجي ساٿين محترم ممتاز ڀٽو، جناب عبدالحفيظ پيرزادو، نبي بخش خان ڀرڳڙي، آفتاب علي شاهه ڄاموٽ، سيد ثمر علي شاهه، اعجاز خواجه، پنهون خان تُرڪ، محمد عيسيٰ ملاح، ڊاڪٽر ممتاز عُقيلي، صفر خان لغاري، بلاول ڪيريو، حاجي عبدالرحمان لاکو ۽ محترم رضوان ڪيهر سان گڏ اچي پيش پوندو آهيان، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ٺٽو....! ادا سرڪار جي هٿ ۾ آهيون جڏهن چاهينِ اچيو واڙين ڪاري گاڏيءَ ۾ پوءِ هلُ پُنهل....!
    جڏهن به ڪاري گاڏيءَ ۾ ساٿين سان واڙبو آهيان ته ننڍين ننڍين ڄارين مان نالي ماتر آزاد سنڌي ماڻهن تي نظر پوندي ئي اُداس ۽ ملول ٿي ويندو آهيان....! ته الائجي ڇو ماڻهن جا مُنهن مُنجهيل، اکيون نماڻيون ۽ چهرا اُداس ۽ ڊنل آهن....شايد وڏي ڪا مصيبت آئي اٿن.... پر مجموعي طرح سنڌي قوم جي هڪ فرد ”نائون مل“ جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز سامراج سنڌي قوم جي حڪومت کسي ورتي، جيڪا ميرن جي اڳواڻن ۾ هلي پي.... اُن ڏينهن کانپوءِ جيئن ته اسان سنڌي قوم جو گڏيل پٿر ٿيو آهي، تيئن اسان سنڌي قوم جا ماڻهو اڃا اُن پٿر تي نُک وڇايو ويٺا آهيون ۽ سوچيون پيا ته ڄاڻ ڪو لاش آيو. پر ادا مون کي اِهو ٻڌاءِ اِهي لاش ڇو پيا اچن، آخر سنڌ ماتا لاءِ ايترا هاڃا ڇا لاءِ....؟ ڀائڙا، سنڌ ته تمام نرم دل ۽ نماڻي آهي، اُن تي فوجي ڇانوڻيون، هارين، مزدورن، شاگردن، وڪيلن، صحافين، اديبن ۽ دانشورن کي ڦٽڪا ۽ ڦاهيون....! اها ته قوم جي نسل ڪشي آهي. اسان کان ته پنهنجي ڌرتيءَ تي زمين کسي اسان لاءِ ڌرتي ماتا تي رهڻ، ڪمائڻ ۽ کائڻ جا سڀ وسيلا کسيا ويا آهن. اسان ته صدين کان جيڪو ڪارو پٽڪو ٻڌو آهي.... اڄ ته اُهو به پڻ دشمن نه ٿو سهي....! ۽ چاهي ٿو ته اسان مٿي اُگهاڙا ۽ بي واهي ٿي رهون، اڄ ڪوبه نه آهي، جيڪو سنڌي قوم کي تسلي ڏئي ۽ حال اوراڱي.... اسان جا ته اڃا تائين ڪپڙا ڪارا آهن. ڪنهن به اوڙي پاڙي مان برادريءَ جي ماڻهن ديڳ ڀت جي چاڙهي ’جهلو‘ نه ڪيو آهي ۽ اڄ به ساڳيو ڪارو پٽڪو ٻڌل آهي، ڪنهن راڄ واري ريتن رسمن مطابق سنڌي قوم کي جانشين ٿيڻ لاءِ اَڇو پٽڪو ٻڌائي هڪ به وَر نه ڏنو آهي. البت ٻه پٽڪا اسان کي ضرور مليا آهن. اُهي به تڏهن جڏهن اسان سنڌي قوم اُن جي ريتن رسمن ۽ ڌرتيءَ تان هٿ کڻي اُنهن ڪارن ڪپڙن سوڌو وڃي دانهن وري به پنجاب وٽ رکي سين، تڏهن کڻي پنج وال گُهرائي اسان کي اُبتا سُبتا ٻه وَر ڏنائون....! سو به اِن شرط تي ته توهان پنهنجي سمورين قومي ريتن رسمن، قومي حيثيت ۽ ڌرتيءَ تان هٿ کڻي اسان وٽ اَچو، اِنهن شرطن آهر به اسان جا ”ٻه همراهه“ رهي نه سگهيا ۽ وڃي ڪُلهو ڏنائونس، پر ايترو نه ڪيائون ته پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ قوم سان ڪا صلاح ڪجي ۽ مٺي ماٺ ۾ وڃي پٽڪا ٻڌائي آيا. چڱا مڙس ٿي، وتن ٿا سنڌي راڄ کي منٿون ۽ ميڙون ڪندا ته ٻيلي خدا ڪارڻ ڪارا ڪپڙا لاهيو ۽ اچو ته هلون، ۽ اڄ ته پنهنجا واهرو وريا آهن....! ٻيلي اسان جي اڇي ڏاڙهي ۽ ٻڌايل پٽڪي کي ڏسو.
    آخر وڃي اُن خواريءَ واريءَ پڳڙيءَ کي بچائڻ لاءِ ”مٺي“ شهر ۾ هڪ ميڙ ڪوٺايائون. سنڌي راڄ ڏکن جو مُئل ڊنل، چٿيل ۽ چيڀاٽيل پيرين پنڌُ ڪري وڃي ”مِٺي“ پهتو....! ”ٻڌون ته همراهه ڇا ٿا چون. جڏهن انائونسر صاحب چڱن مڙس کي اسٽيج تي ويهڻ جو سڏ ڪيو. همراهه اچي ويٺا ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳا ته هاريو، مزدورؤ، ڀينرون ۽ ڀائرو سنڌيو مهرباني ڪري ڪارا ڪپڙا لاهيو.... اوهان جا واهرو وريا آهن ۽ اُنهن اسان کي اوهان جو چڱو مڙس ڪري موڪليو آهي. هاڻ پنجابي اوهان کي ڪڏهن به ڏُک نه ڏيندا، اِهو اسان يقين سان ٿا چئون،....! تان جو ماڻهن هنن کي سُڃاڻي ورتو. اڙي.... هي ته ”ڄام ساقي.... جنهن کي پنجابين لاهور واري قلعي ۾ مار ڪڍي هُئي؟.... اڙي.... هي ته ”رسول بخش پليجو“ جنهن سنڌي عوام جي قاتل پنجابين کان پلاند وٺڻ لاءِ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ ٺاهي هُئي....؟ جنهن پليجي.... مهاجرن ۽ پنجابين جي خلاف ”صبح ٿيندو“ .... لکيو هُيو؟ اِهي ئي پَڳ ٻڌائي آيا آهن....؟ اسان کي خانبهادرن وانگر دلاسو ٿا ڏين.... ته هاڻ اوهان مڙس، پنجابين هٿان قتل نه ٿيندا ۽ نه ئي سنڌ جون زمينون ڦٻائيندا.... نه وري اوهان جون نوڪريون هضم ڪري پاڻ چڙهي ويهندا....! مار ڙي.... ڪهڙا نه چڱا ماڻهو کَرِي پيا آهن.... ائين ماڻهن سُسُ پُس ڪرڻ شروع ڪئي، پر سنڌي ماڻهو پنهنجي تڏي تي آيل کي ڪِنو ڪوجهو نه چوندا آهن ته تون ڪو هيئن آهين يا هونءَ....! جيڪا دل ۾ هوندن سا سهي ويندا آهن، پر جن جا ٻُچا ڪُٺا.... جن جي مائرن ۽ ڀينرن ڪارا ويس ڪيا ۽ اُنهن جا معصوم يتيم ٿيا.... اُن ميڙ ۾ چند يتيمن جيئي سنڌُ چيو ته ڪو ڏوهه ڪونه هُيو. پر همراهن سمجهيو ته اسان جي ”پڳڙي“ خطري ۾ آهي. هي ڇورا وات ڳاڙها اِهو نه ٿا سمجهن ته اسان ڇا ڇا واعدا ڪري هي پٽڪا ٻڌرايا هُئا. ايتري ۾ اُنهن همراهن مان هڪڙو چڱو مڙس ڪاوڙجي پيو ۽ ميڙ ڏانهن مخاطب ٿي چيائين ته ”جيئي سنڌ“ چوڻ. مڪر آهي، فريب آهي، دوکو ۽ دولاب آهي، اوهان ڇوڪرن جي چوڻ تي نه لڳجو. اُن ميڙ ۾ هڪ پوڙهو به بيٺو هُيو جنهن ڀُڻ ڀُڻ ڪندي چيو....!
    مٽي هيءَ ماڻڪ، آهي مٽي
    ڪندو ڪير ڪوڙهيو تنهن سان ڪِٽي.
    (اڪبر شاهه)
    اِهي ٻه لفظ هڪ پڳدار ٻُڌي ورتا. اکيون ڳاڙهيون ڪندي رڙ ڪري چيائين ته هي ڪراڙو چريو آهي ۽ هن شراب پيتو آهي ۽ آخر اُن غريب کي پڳدار جي پاسبانن ميڙ مان ڌڪي ٻاهر اُڇلايو.... ۽ وري جهوني ڀُڻ ڀُڻ شروع ڪئي....
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اُڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين کي هُوءِ، وطن جن وساريو.
    (شاهه)
    پڳڙي ٻڌائينس پنجابي ۽ چڱو مڙس ٿيو اچي سنڌ جو؟ چنيسر وانگر ٻه وَر ڏيئي اسان ڏانهن موڪليو اٿن. پنجابين پڳڙيءَ سان گڏ ٻه ٽي رائفلون به ڏنيون اٿس. اُنهن رائفلن کي هلائڻ جي سکيا به اچي ”ٿر بچايو ڪانفرنس“.... ۾ اچي ڪيائون. جنهن ۾ هڪ غريب سنڌي ٿري ”حسين هنڱورو“ هميشھ لاءِ اڌ ڌڙ وڃائي ويٺو ۽ سڄي حياتي پنهنجي ٻچن لاءِ گذر سفر کان محروم ٿي ويو.
    اَدل.... اسان ته ڌاڙيلن جي نالي ۾- ’ٿر بچايو ۽ پڳ بچايو‘ جي نالي ۾ باغي ۽ انتهاپسند جي نالي 1977ع کان 1987ع تائين 25 هزار سنڌي قتل ٿيا آهيون. اڃا ته فوجي مشقون به جاري آهن ۽ پنهنجا اَدا ۽ اَديون مرڪز کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پيا سٽين. اَدل.... مسلم ليگ به هينئر پنهنجي عروج تي آهي ۽ شهيد صبغت الله شاهه پاڳاري جي قبر جي خبر به نه اٿن، جو کڻي ڪو حُر مجاهد ٻه قُل پڙهي....
    ڳڙهي خدا بخش ۾ به روزاني زيارت پيئي ٿئي ۽ اُن قبر جي جانشينن اڃا تائين ڪارا ڪپڙا نه لاٿا آهن؟ ۽ ووٽ جي لالچ ڪارڻ سڄي سنڌي قوم کي وٺي پنجابين وٽ گروي رکي ٿي. نظير عباسي شهيد جي اَمڙ ۽ اُن جي گهر واريءَ کي به ڪارو ويس پيل آهي. پنجابين کي بچائڻ واري فوج ”ڄام ساقيءَ“ کي سنڌ مان ڪڍي لاهور جي شاهي قلعي ۾ وٺيو پي ويئي. اِها ڳالهه سندس گهر واريءَ ٻُڌي ته اُن ڏک ۾ وڃي کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندائين. هاڻ اِهو ”ڄام“ تي ڇڏيل آهي ته قبر جي پاسي ۾ ويهي ڪَن ڏيئي ٻُڌي ته اسان جي ڀاءُ ڄام ساقيءَ کي سندس زال ”مرڪز مضبوط ۽ پڳ ٻڌارڻ“ جي باري ۾ ڇا ٿي چئي....؟
    منهنجا ادا.... آءٌ ته جيل ۾ پيو آهيان، مونکي وڌيڪ خبر ڪونهي. ڪوڙين ڪَني پيو ٻُڌان ته ”فاضل راهو شهيد“ جي قبر تي قبو اَڏيو اٿن ۽ سندس ساڄي پاسي کان دروازو اٿس. روزانه پارٽي ڪارڪن جا جٿا زيارت ڪرڻ لاءِ پيا وڃن ۽ شهيد جي ساڄي ٻانهن قبر مان ٻاهر نڪتل آهي ۽ هٿ جون پنج ئي آڱريون ٽڙيل اٿس، هر زيارتيءَ کي ڀُڻ ڀُڻ ڪري ٿو چوي ته انڌا آهيو.... ڏسو نه ٿا ته مون کي ڪنهن مارايو آهي، منهنجي قاتلن جي مدد ڪير پيو ڪري ۽ وڃيو پٽڪا به اُنهن کان ٿا ٻڌرايو....؟ سنڌ جون زمينون ڪير کڻي ويا؟ نوڪريون ڪير پيو ڪري؟ منهنجي قبر هيٺان پيٽرول ڪير کڻيو ٿو وڃي؟ جيڪي منهنجا ۽ سڄي سنڌي قوم جا قاتل آهن، اُنهن جي چوڻ تي ’حسين هنڱوري‘ کي گولي به هنئي اٿوَ ۽ چئو پيا ته محترم پليجي تي قاتلاڻو حملو ٿيو آهي....؟ اُن حملي جي مذمت ۾ منهنجا اصلي قاتل جلوس ٿا ڪڍن ۽ جي. ايم. سيد جو پتلو ٿا ساڙين....؟ پوءِ اوهان اهو سنڌ بچايو.... اتحاد ڪيو، وارو ڪوڙو ڍونگ ڇو رچايو آهي؟ جي اوهان سان منهنجا اصلي قاتل سچا آهن ته اِها مذمت ڇو نه ٿا ڪن ته پنجابيو سنڌ ۽ زمينون نه کڻون. پرايون نوڪريون نه ڦٻايو. مضبوط مرڪز جي ران ران نه ڪيو. مظلوم قومن کي حق ڏيو.... ۽ چئني قومن کي (حق خوداراديت) جي بنياد تي هڪ جهڙا حق ڏيو....!
    آخر اوهانجا پڳ مٽ ۽ پڳ ٻڌائو يار اُنهن سمورن اصولن جي ڀڃڪڙي جي مذمت نه ٿا ڪن....؟ مذمت ڪن ٿا ته اوهان جي ڪوڙي حملي جي....؟ پوءِ به اوهان منهنجي ۽ سنڌي قوم جي قاتلن سان پلاند ڪيو؟ ”صُبح ٿيندو“ تي عمل ڪيو، سو مون ڏٺو....؟
    هونءَ به فاضل راهو شهيد فيصلن ڪرڻ جو امير هيو، پر اڄ قبر ۾ به سچ چوڻ کان نٿو مُڙي، پر ڪو ساٿي ساڻس پُڇي ٿو ته هتي همراهه ويٺل هئا سي ڪيڏانهن ويا.... ڇا نور احمد ڪورائي شهيد جي پٿر تي ويا آهن....؟
    اڃا به ٻه ٽي ڊويزن فوج دادوءَ ۾ اچي لٿي آهي، جيڪي اٺ ڏهه لاش روزانه اسان ڏانهن موڪلين ٿا.
    ته ادا اِهي هُئا احوال- ٻيا ڪل خير
    اسين خوش ويٺا آهيون اُميد ته اوهان ڏانهن به خير هوندو.
    اوهان جو ساڳيو
    شير خان لُنڊ
    سينٽرل جيل، حيدرآباد
    14 آگسٽ 1987ع
    *
    اڳيان آئون لکي آيو آهيان ته مون پنهنجي زندگيءَ جي پهرين سياسي تقرير سائين محمد يوسف ڪيڙاني جي ڳوٺ ”گنج بحر“ ۾ محترم رسول بخش پليجي جي ملهايل سالگرا جي تقريب ۾ ڪئي هئي. سائين محمد يوسف ڪيڙانو ٻه ڏينهن اڳ 31 جنوري 2013ع تي گذاري ويو. پاڻ گذريل ڪيترن ئي سالن کان بيمار ۽ گهر تائين محدود هو، منهنجي ساڻس آخري ملاقات لڳ ڀڳ اڍائي سال اڳ اضحيٰ واري عيد جي شام جو ٿي هئي. جڏهن آئون، سائين علي محمد پرويز ۽ منهنجو دوست رشيد آزاد خاص سيڙجي ساڻس ملڻ ويا هئاسين. ساڻس منهنجي ملڻ جو مقصد اهو هو ته آئون کانئس مرحوم قاسم پٿر بابت ڄاڻ حاصل ڪريان. انهن ڏينهن آئون قاسم پٿر بابت پنهنجي ڪتاب ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي“ کي نئين سر لکي رهيو هوس، اُن ملاقات ۾ سائين محمد يوسف جو ننڍو ڀاءُ گل حسن عرف عارب ڪيڙانو ۽ سندس فرزند محي الدين ڪيڙانو به موجود هئا. جڏهن سائين يوسف ڪيڙاني ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ عوامي تحريڪ ۾ پنهنجي ڪردار بابت ڳالهايو ۽ ڪي اختلافي ڳالهيون بيان ڪرڻ شروع ڪيائين ته گل حسن ڪيڙانو بار بار کيس اهو چئي روڪيندو رهيو ته، ”اڙي ادا.... اهي سڀ ڳالهيون يوسف سنڌي لکندو.“ آئون هڪ طرف گل حسن ڪيڙاني جي ڪاوڙيل انداز کي ڏسندو رهيس ۽ ٻي پاسي سائين يوسف ڪيڙاني جي مُرڪ ۽ بي باڪي. سچ اهو آهي ته گل حسن ڪيڙاني جا خدشا اجايا هئا. مونکي انهن اختلافي ڳالهين جي لکڻ جي ضرورت به ڪونهي.
    سائين محمد يوسف ڪيڙانو سنڌ جي قومي، انقلابي، جمهوري ۽ هاري جدوجهد جو هڪ يگانو ۽ بي باڪ ڪردار هو. هو ٺپ ٻهراڙي جو رهاڪو هو، پر هن نه رڳو پاڻ کي تبديل ڪيو، پر پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ڳوٺ ۾ پڻ تبديلي آندي. سندس گهراڻو ۽ ڳوٺ سنڌ جو باشعور گهراڻو ۽ ڳوٺ آهي. پاڻ سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ، کين سکيو ۽ خوشحال ڏسڻ جي لاءِ جدوجهد ڪيائين، جيل ڪاٽيائين، تڪليفون سَٺائين، وڏيرن جي انتقام جو نشانو بنيو، پنهنجو سک ۽ آرام وڃايائين، پر نه پنهنجي فڪر ۽ جدوجهد تان هٿ کنيائين ۽ نه ئي وري وقتي فائدن جي لاءِ، پنهنجي فڪر ۽ جدوجهد کي پٺيءَ ڀر اُڇلي، ڪنهن اقتداري وڏيري جو ماڻهو ٿيو. يوسف ڪيڙاني جنهن ڳالهه کي، جنهن فڪر کي، جنهن جدوجهد کي صحيح سمجهيو، ان تي اٽل رهيو.
    سائين محمد يوسف ڪيڙاني، دڙي جي ڀرسان گنج بحر ڳوٺ ۾ محمد ابراهيم ڪيڙاني جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ هاري هو ۽ پاڻ پنهنجي شوق تحت ئي پڙهيو ۽ ننڍي وهيءَ ۾ ارڙهن سالن جي عمر ۾ پرائمري اُستاد طور ڀرتي ٿيو. کيس سياسي شعور قاسم پٿر جي سنگت ۾ مليو ۽ پوءِ قاسم پٿر سان گڏ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري جي سٿ سان سلهاڙجي ويو. اڳتي هلي جڏهن ”سنڌي عوامي تحريڪ“ وجود ورتو، ته يوسف ڪيڙانو ان جي بنيادي ميمبرن مان هو ۽ جيستائين صحت ساٿ ڏنس، تحريڪ جي مختلف عهدن ۽ فرنٽن تي ذميداريون نباهيندو رهيو، پوين سالن ۾ پاڻ عملي طور تي سياست ۾ سرگرم نه رهيو هو ۽ عوامي تحريڪ سان پنهنجن اختلافن ۽ اعتراضن جو ذڪر ڪندو هو، اهڙن ئي اختلافي ذڪرن تي آخري ملاقات ۾ گل حسن ڪيڙاني کيس سختيءَ سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو ته، ”اهي ڳالهيون يوسف سنڌيءَ کي نه ٻُڌائي، هي لکندو.!“ گل حسن ڪيڙانو سندس ننڍو ڀاءُ ۽ عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن آهي.
    مون جڏهن هوش سنڀاليو، تڏهن مون محمد يوسف ڪيڙاني جي باري ۾ اهو ئي ٻُڌو ته هو ڦريل، ڪافر ۽ ڪميونسٽ آهي. ان وقت اڪثر هاري ورڪرن جي خلاف وڏيرا ۽ مُلان اهائي پروپينگنڊا ڪندا هئا ته اهي الله جي رضا ۽ حڪم جي ابتڙ ڳالهيون ٿا ڪن، وڏيرا شاهيءَ کي ختم ڪرڻ ۽ هارين جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪن، وڏيرا اهو هُلائيندا هئا ته، ”بابا اهو ته الله جي مرضي آهي ته ڪنهن کي ڇا ڏي، هي ڪافر ڪير ٿيندا آهن، الله تعاليٰ جي حڪم جي خلاف ڪم ڪرڻ وارا.“
    سائين محمد يوسف ڪيڙاني ڪيترن ئي جدوجهدن ۾ حصو ورتو. جڏهن ايم. آر. ڊي پاران جمهوريت بحال ڪرڻ جي تحريڪ شروع ٿي ۽ عوامي تحريڪ اُن ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو ته ان وقت محمد يوسف ڪيڙانو، عوامي تحريڪ ضلع ٺٽي جو صدر هو ۽ 14 آگسٽ 1983ع تي جڏهن ٺٽي شهر جي مڇي مارڪيٽ مان جنرل ضياءُ الحق جي آمريت جي خلاف جلوس ڪڍيو ويو ته ان جي اڳواڻي محمد يوسف ڪيڙاني، ابو ملاح ۽ ٻين ڪامريڊن ڪئي ۽ پوءِ پاڻ گرفتاري به ڏنائين. ان جلوس تي پوليس سخت لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪئي. گرفتاريءَ کان پوءِ کيس فوجي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ کيس سال سخت پورهئي سان ٽيپ ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا ڏيئي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. ايم. آر. ڊي جي ان بحالي جمهوريت جي تحريڪ ۾ رڳو محمد يوسف ڪيڙاني ئي گرفتاري نه ڏني، پر لڳ ڀڳ سندس سڄي گهر گرفتاري ڏني، جن ۾ سندس نياڻي اُم ڪلثوم، پُٽ محي الدين ڪيڙانو، ڀاءُ گل محمد ڪيڙانو، سئوٽ ناٿو ڪيڙانو، ڀائيٽن خميسي عرف ڀوري ڪيڙاني ۽ پوڙهي ڪيڙاني گرفتاري ڏني ۽ مختلف مُدن جو قيد به ڪاٽيو. محي الدين ڪيڙاني ته سڀني کان وڌيڪ عرصو يعني 22 مهينا جيل ڪاٽيو ۽ مختلف جيلن ۾ رهيو. سائين محمد يوسف ڪيڙاني ۽ سندس گهراڻي جي اها قرباني مثالي ۽ سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي آهي. پر مونکي تڏهن حيرت سان گڏ ڏُک به ٿيو، جڏهن پي. پي. پي جي پهرين دور حڪومت ۽ ٻي دورِ حڪومت ۾، جڏهن ٻيئي ڀيرا محترمھ بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي، ته محمد يوسف ڪيڙاني جي ڳوٺ لاءِ بجلي، روڊ ۽ اسڪول جي عمارت منظور ٿيڻ جي باوجود به سياسي اختلافن سبب پي. پي. پي مقامي قيادت رد ڪرائي ڇڏي. اهو ڏنو پي. پي. پي جي قيادت محمد يوسف ڪيڙاني کي جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ۽ قيد ڪاٽڻ جو ڦل! 1988ع کان وٺي 2010ع تائين ڪڏهن پي. پي جي مقامي قيادت ته ڪڏهن وري سدا بهار مقامي اقتداري وڏيرن جي انتقام سبب محمد يوسف ڪيڙاني جو ڳوٺ بجلي ۽ روڊ کان محروم رهيو، پوءِ جڏهن 2011ع ۾ پي. پي ايم. پي. اي حميرا علواڻي پنهنجي ڪوٽا مان ڳوٺ کي بجلي ڏني ته ڪيترو ئي عرصو ڳوٺ کي رڳو ان ڪري ٿنڀن ۽ تارن لڳڻ جي باوجود به روشني کان محروم رکيو ويو ته پي. پي جي مقامي قيادت راضي نه هئي.
    نیرنگی سیاست دورن تو دیکھئے
    منزل انھے ملی جو شریک سفر نہ تھے
    (محسن بھوپالی)

    اڄ 2 فيبروري 2013ع تي جڏهن هي سِٽون لکي رهيو آهيان ته اخبار ۾ هڪ خبر پڙهيم، ”ناروي جي پارليامينٽ ملاله يوسفزئي کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو.“ ملاله نياڻين جي تعليم واڌ لاءِ ڪم ڪري رهي هئي. طالبانن تنقيد سبب ملاله کي مٿي ۾ گولي هنئي هئي. خبر جو وڌيڪ مختصر تفصيل هن ريت آهي ته ”ناروي جي ليبر پارٽيءَ جي ميمبرن ملاله کي امن لاءِ نوبل انعام لاءِ نامزد ڪندي چيو آهي ته ملاله نياڻين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن سبب کيس 2013ع جو نوبل انعام ڏنو وڃي.“
    مٿين خبر پڙهي مونکي سائين محمد يوسف ڪيڙانو ياد آيو، هو هڪ باهمت ۽ مثالي انسان هو، جنهن ٺپ ٻهراڙي جي ماحول ۾ رهندي، پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري ۽ کين برابريءَ جي بنياد تي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو ۽ حق ڏنو. ان دور ۾ نياڻين کي پڙهائڻ، سو به انگريزي جي تعليم ڏيارڻ ”ڪچي گار“ برابر هو. ٻهراڙين ۾ اڪثر نياڻين کي قرآن پاڪ ئي پڙهايو ويندو هو. عشق مهانگو، ته ٻه ٽي درجا سنڌيءَ جا، سو به ايڪڙ ٻيڪڙ نياڻين جي ڀاڳ ۾ ايندا هئا. پر، يوسف ڪيڙاني وڏي همت ڪري پنهنجي نياڻين کي پڙهايو. هاسٽلن ۾ رهايو ۽ ايل. ايڇ. وي جو ڪورس ڪرائي، کين نوڪريون به وٺي ڏنيون. يوسف ڪيڙاني جو اهو قدم ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ وڏو انقلابي قدم هو، جنهن پراڻين ريتن رسمن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا. پوءِ انهن نياڻين پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي عورتن جي وڏي خذمت ڪئي. پهرين نياڻين کي پڙهائڻ ۽پوءِ نوڪريون وٺي ڏيڻ تي محمد يوسف ڪيڙاني کي ڪيتريون ئي گاريون، طعنا، ميهڻا سهڻ سان گڏ سماجي طور ڀت برادريءَ مان نيڪالي ۽ سماجي بائيڪاٽن کي منهن ڏيڻو پيو هوندو. ان جو هاڻ رڳو اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو. پر سندس کنيل ان انقلابي قدم اڳتي هلي علائقي جي سوين بلڪ هزارين نياڻين جي لاءِ تعليم پرائڻ ۽ نوڪريون ڪرڻ جا دروازا کوليا. ائين پاڻ سائين يوسف ڪيڙاني کي هڪ اهڙو سماج سڌارڪ به چئي سگهون ٿا، جنهن سماجي ۽ انقلابي تبديليءَ لاءِ ٻين جي اڳيان تقريرون ڪرڻ ۽ پاڻ وڻائڻ جي بدران، تبديليءَ جي شروعات پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ کان شروع ڪئي. ڇا ان انقلابي قدم کڻڻ تي يوسف ڪيڙانو ڪنهن اعزاز، انعام ۽ ميڊل جو حقدار ڪونه هو؟
    سائين محمد يوسف ڪيڙاني جي سنڌ جي قومي، انقلابي ۽ جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ ادا ڪيل ڪردار مثالي ۽ شاندار رهيو. پاڻ پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان هڪ بهتر سماج اڏڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي قسمت بدلائڻ واسطي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا. شروعاتي دور ۾ پاڻ استادن ۽ هارين جي حقن واسطي ڪجهه مضمون به لکيائين، جن ۾ لکندڙ جو نالو هن ”ڪنجوس ڪيڙانو“ ڏنو. يوسف ڪيڙانو هڪ بهادر، اڏول ۽ سچو ڪردار هو، جيڪو پنهنجو وارو وڄائي ويو. مونکي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته گذريل سال جڏهن منهنجو ڪتاب ”هوگو شاويز: شخصيت ۽ جدوجهد“ ڇپيو ته مون اهو سنڌ جي جن قومي ڪارڪنن کي ارپيو، انهن ۾ ”سائين محمد يوسف ڪيڙاني“ جو نالو پڻ شامل هو.


    12

    زندگي، اتفاق جو نالو آهي، جيڪڏهن اتفاق نه هجن ها ته هينئر منهنجي سڃاڻپ ڪا ٻي هجي ها. منهنجو چوڏهن پيڙهيون اڻ پڙهيل ۽ انهن جو علم ۽ ادب سان ڪوبه واسطو نه هو. اتي مون جهڙو ڄٽ ٻه اکر پڙهي وتي ڪاڳر ڪارا ڪندو.... ان کي ڇا چئجي؟
    منهنجي سڄي زندگي اتفاقن سان ڀري پيئي آهي. پڙهيس به ائين، ڪڙهيو ته نه اڃا ڪونه آهيان.... ڪتابن سان دوستي به اتفاق سان ٿي. ائين صحافت ۾ به اتفاق سان ئي آيس.
    اسڪول وارن ڏينهن ۾، ڪجهه دوست عبدالخالق ميمڻ، موٽومل، نياز عباسي، سجاد ميمڻ نذير ميمڻ ۽ ٻيا ’گل ڦل‘ رسالو وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين. ۽ نالو ڇپائڻ جي شوق ۾ رسالي ڏانهن خط به لکندا هئاسين ته انهن جي سلسلن ۾ به حصو وٺندا هئاسين. ساڳئي طرح ”هلال پاڪستان“ جي ٻارن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ به لکڻ شروع ڪيوسين. ان وقت ”گلن جهڙا ٻارڙا“ جو انچارج حسام سومرو هوندو هو. جيڪو منهنجيون ۽ موٽومل جون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون ڇپيندو هو ۽ اُن همت افزائي اسان ٻنهي ۾ لکڻ جو شوق وڌايو. نذير ميمڻ به لکندو هو، هو خاص ڪري ’مهراڻ‘ اخبار جي ٻارن جي صفحي ۾ گهڻو لکندو هو. اڳتي هلي نذير ته ادب کان ئي ڪٽجي ويو ۽ فقط نوڪري ڪرڻ لڳو. باقي موٽومل، مئٽرڪ پاس ڪري ٻنون شهر شفٽ ٿي ويو جتي هن ريزڪي دوڪان لڳايو ۽ اتي ’حسام سومري‘ جي صحبت ۾ اچي صحافت جوائن ڪيائين. کيس، حسام سومري هلال پاڪستان ’ٻنون‘ جو نمائندو مقرر ڪرايو، حسام سومرو اصل ٻني جو رهاڪو هو، پر حيدرآباد ۾ رهندو هو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين.
    حسام سومري، پوءِ مونکي به ”هلال پاڪستان“ دڙي جو نمائندو مقرر ڪرايو. ان وقت خبرن موڪلڻ جا جديد ذريعا نه هوندا هئا. خبر پوسٽ رستي موڪلبي هئي ۽ پوءِ جڏهن پهچي. اهم يا خاص خبر لاءِ فون ڪبي هئي، فون ٺٽي وڃي، ڪٻي هئي جتان فون ڊائريڪٽ هوندي هئي، باقي دڙي، بٺوري يا سجاول مان ڪال بوڪ ڪرائبي هئي ته سڄو ڏينهن انتظار ۾ مٿو ويو. جڏهن ’ڪال‘ ملي، يا نه به ملي. مون پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي ته ان قسم جي صحافت ۾ آئون سدائين مس فٽ رهيس، منهنجي لڄاري طبيعت هئي يا احساس ڪمتري.... جو ڪنهن کان خبر وٺي نه سگهندو هئس. انهن ڏينهن ڪنهن اخبار جو نمائندو وڏي ڳالهه هئي، آفيسر ۽ ٻيا عملدار انهن کان لهرائيندا هئا ۽ خبرن تي ائڪشن به ترت کڄندو هو ۽ آفيسر نمائندن کي خبرون هلائڻ کان روڪڻ لاءِ پئسا ڏوڪڙ به ڏيندا هئا. مونکي به حسام سومرو چوندو هو ته ”تون هڪ وڏي اخبار جو نمائندو آهين.... ٺلهو ڪٿان چڪر به هڻي اچين ته تنهنجا کيسا ڀرجي ويندا.“ پر سچ پچ ته مون ڪڏهن به ڪٿان چڪر نه هنيو. ذهن ۾ گهڻائي پَهه پچائيندو هئس، پر اهي پهه پچي پچي سڙي ويندا هئا.
    1984ع ۾ مون انٽر پاس ڪئي. چاچا عبدالغفور الستي جي صحبت ۽ دوستي منهنجي لاءِ ڇانوري واري حيثيت رکندي هئي. الستي نه هجي ها ته ’يوسف سنڌيءَ‘ جو نالو به نه هجي ها، ان وقت هو اڃا الستي نه ٿيو هو، اڃا ع. غ. سنڌي هو. مون پنهنجي پويان، جيڪو ’سنڌيءَ‘ جو پُڇ لڳايو آهي، ان جو سبب به ع. غ. سنڌيءَ کان متاثر ٿي ئي لڳائڻ هو. اسين اڪثر پاڻ ۾ ويٺا پور پچائيندا هئاسين.... ڪتاب ۽ ڪتابن جون ڳالهيون اسان جو موضوع هوندو هو. ائين ويٺي ويٺي هڪ ڀيري خيال ڪيوسين ته هڪ پريس لڳائڻ گهرجي. هڪ ته اُن سان منهنجي روزگار جو مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ ٻيو ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ سنڌي ڪتابن ڇپائڻ جو خيال گهر ڪري ويٺل هو، پاڻ اڳ ۾ ’ملير ڊائجسٽ‘ حيدرآباد مان ڪڍندو هو، جنهن تي پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت، سنڌي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏ پابندي هڻي ڇڏي. اُن وقت سنڌ جو وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو هو. عبدالغفور الستي، ملير ڊائجسٽ ۾ 1973ع جي آئين جي خلاف لکڻ تي جيل ياترا به ڪري آيو هو. عبدالغفور ميمڻ (الستي) کي 2 آگسٽ 1973ع تي ڊي. پي. آر تحت گرفتار ڪيو ويو هو. کيس 56 ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رکيو ويو. هن پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته، ”هي نئون پاڪستان ساڳيو پراڻو ون يونٽ آهي، پاڻ ان کان به وڌيڪ سخت ۽ خطرناڪ آهي، جنهن ۾ ننڍيون قومون استحصال ۾ مري وينديون.... تنهنڪري نئين آئين لاڳو ڪرڻ بدران بچيل پاڪستان ۾ ريفرينڊم ڪرايو ته ننڍيون قومون پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿيون يا نه!“ ان وقت جڏهن وڏا وڏا سياستدان ۽ قومپرست اڳواڻ 1973ع جي آئين کي متفق آئين بنائڻ جي ڪوشش ۾ هئا. تڏهن ’ملير ڊائجسٽ‘ ۾ عبدالغفور الستيءَ جو لکيل اهو ايڊيٽوريل مستقل جي پاڪستان ۾ ننڍين قومن خاص ڪري سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين جي اڳڪٿي هئي. ان وقت اڃا سائين جي. ايم سيد به ’سنڌو ديش‘ جو نعرو نه هنيو هو. پر الستي اڻ سڌيءَ طرح جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، اها سمجهڻ ۾ ڪا عربي فارسي ڪونهي. ملير ڊائجسٽ جا صفحا کولي سڀ ڪجهه پڙهي سگهجي ٿو.
    مونکي حيرت ٿي جڏهن ڪجهه وقت اڳ مون محترم عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ”روح جا ريلا‘ پڙهيم، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”عبدالغفور ميمڻ پئسا ڪمائڻ لاءِ شوقيا طور رسالو ڪڍيو هو.“ ملير ڊائجسٽ جا صفحا کولي ڏسجي ٿو ته ان ۾ عبدالواحد آريسر ’زندگي سنوايو‘ جي نالي سان قرآن ۽ حديثن مان چونڊ ٽڪرن جي تشريح ڪندي نظر ٿو اچي. (ملير ڊائجسٽ، 3 / جون 1972ع) ۽ اڃا هو ڪنهن مسجد ۾ پيش امام هو. عبدالواحد آريسر جي تاريخ نويسي ۽ جديد سنڌ جي قومپرستيءَ جي اُڀار جي اکين ڏٺي شاهدي، سندس عبدالغفور ميمڻ جي باري ۾ مٿيان جملا پڙهي چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿي. ان وقت عبدالغفور الستي، اڃا الستي نه ٿيو هو، هو ع. غ. سنڌيءَ جي نالي سان شاعري ۽ عبدالغفور ميمڻ جي نالي سان ملير ڊائجسٽ جو ايڊيٽر هو. خير، آريسر ڀلي ڇا به لکي (خبر ناهي ته هن ٻين جي باري ۾ ڪيتريون پنهنجي مرضيءَ جون ٺوڪيون آهن)، پر ملير ڊائجسٽ ۽ عبدالغفور الستي جو سنڌ جي جديد قومپرستيءَ جي اُڀار ۾ ڳڻڻ لائق ڪردار آهي. منهنجي خواهش آهي ته آئون پنهنجي هن محسن، مهربان، شفيق دوست ۽ روحاني پيءُ جي ادبي ۽ سماجي خذمتن تي هڪ ڌار ڪتاب لکان.
    اسان پريس لڳائڻ جي لاءِ ’ميرپور بٺوري‘ جي چونڊ ڪئي ۽ اهو به طئي ڪيوسين ته ان ۾ سڄي سيڙپ عبدالغفور الستيءَ جي هوندي ۽ اها هلائيندس آئون. پر پريس کولڻ کان اڳ مونکي ڪمپوزنگ سکڻ گهرجي، جيئن مونکي فوري طور تي ڪنهن جو محتاج ٿيڻو نه پوي. منهنجي سکڻ سان اهو به فائدو ٿيندو ته پوءِ ڇوڪرن ٻاڪرن کي به سکيا ڏيئي سگهجي. البت مشين مين عارضي طور رکبو.
    چاچا الستي جڏهن به دڙي ايندو هو يا آئون ڪراچي ويندو هئس ته اسين پنهنجي رٿَ تي سوچ ويچار پيا ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن چاچا مونکي ڪراچيءَ اچڻ جو نياپو موڪليو ۽ آئون فوري طور تي ڪراچي پهتس. انهن ڏينهن ڪراچيءَ مان هفتيوار ”برسات“ رسالو پوري آب ۽ تاب سان جهازي سائيز ۾ نڪرندو هو. يوسف شاهين ان جو مالڪ ۽ چيف ايڊيٽر ۽ دستگير ڀٽي ان جو ايڊيٽر هو. آئون به ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ پيو مواد موڪليندو هئس. ڪراچي پهچڻ سان الستي صاحب مونکي چيو ته ’هن فيصلو ڪيو آهي ته تون ڪراچي ۾ رهي ’ڪمپوزنگ‘ سک. هڪ ته هتي پنهنجو گهر به آهي، جنهن ڪري رهائش ۽ ماني ٽڪي جي سهولت رهندي. ٻيو ته پنهنجي وچ ۾ مستقل جي پروگرام بابت صلاح سولي پئي ٿيندي.‘ هن مونکي اهو به ٻڌايو ته، ”يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽي سندس دوست آهن. يوسف شاهين جي پريس به آهي، جنهن مان برسات به ڪمپوز ٿيندي آهي، اُتي تنهنجو ڪمپوزنگ سکڻ بهتر رهندو.“
    انهن ڏينهن چاچا الستي پنهنجي انگريزي ۾ ترجمو ڪيل شاهه جي رسالي ‘Celestials Sunrise from Sindh’ (سنڌ مان روحاني پرهه ڦٽي) جي فائينل ڪاپي ٺاهي رهيو هو. اهو رسالو پوءِ 16 آڪٽوبر 1986ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو. الستي صاحب ان جي جنهن نموني مهورت ڪرائڻ چاهي، اهو به هڪ دلچسپ داستان آهي، جيڪو ٻي ڀيري لکبو.
    ٻي ڏينهن هن ’برسات‘ جي آفيس فون ڪري دستگير ڀٽيءَ سان ڳالهايو. ۽ کيس چيو ته ”آئون ۽ يوسف سنڌي تو ڏانهن اچي رهيا آهيون.“ منهنجي لاءِ اهو بي حد خوشيءَ جو لمحو هو. هڪ ته يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ سان ملڻ جو اشتياق ۽ ٻيو ’برسات‘ جهڙي معياري رسالي جي آفيس ۾ وڃڻ ۽ اها ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو هو.
    ان وقت ’برسات‘ جي آفيس طارق روڊ تي پراڻن فليٽن مان هڪ ۾ هوندي هئي ۽ ٻه ڏاڪڻيون مٿي چڙهڻو پوندو هو. فليٽ اونداهو هوندو هو، پر برسات رسالي ان کي سدائين سهائو رکيو. بجلي هلي ويندي هئي ته ميڻ بتي يا ماچيس ٻاري ڪم ڪرڻو پوندو هو.
    آئون ۽ چاچا الستي اُتي پهتاسين. اسان جو اُتي ڊگهي پر بُت ۾ ڀريل همراهه آڌرڀاءُ ڪيو. کيس سلوار قميص پاتل هئي ۽ اکين تي ڪارو چشمو چڙهيل هئس. اهو دستگير ڀٽي هو. هو اسان سان نهايت گرم جوشيءَ سان مليو ۽ حال احوال وٺڻ لڳو. ان وچ ۾ آئون آفيس جو جائزو وٺڻ لڳس. چوڌاري رکيل رينڪن ۾ ڪتاب ئي ڪتاب هئا. واقعي اهو هڪ شاندار هنڌ هو ۽ ڪنهن رسالي جي شايان شان. الستي صاحب، منهنجي ساڻس واقفيت ڪرائي. جواب ۾ مُرڪندي دستگير ڀٽيءَ چيو، ”يوسف سنڌي سان پرپٺ واقفيت اٿم.... سندس مواد ۽ خط اڪثر ايندا رهندا آهن.“
    پوءِ الستيءَ کيس اسان جي اچڻ جي مقصد کان واقف ڪيو. هن هڪدم ’ها‘ ڪئي ۽ چيو، ”جڏهن وڻئي تڏهن هليو اچ.... تنهنجي اچڻ سان مونکي به ڪافي سهولت ٿي پوندي.“
    دستگير ڀٽيءَ کان موڪلائي گهر آياسين. جتان شام جو ڳوٺ آيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪپڙا لٽا ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي ڪراچيءَ هليو آيس ۽ ٻي ڏينهن کان ’برسات‘ جي آفيس وڃڻ شروع ڪيم. ان ڏينهن شام تائين آئون ’برسات‘ جي ايندڙ پرچي جا پروف ڏسندو، لفافن مان خط ۽ ٻيو مواد ڪڍندو ڌار ڌار فائيلن ۾ فائيل ڪندو رکندو ويس.
    اهو سڄو ڏينهن منهنجو ڪجهه حجابن ۽ ڪجهه تجسس ۾ گذريو، يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ جي موجودگيءَ سبب يا پنهنجي حجابي طبيعت سبب! بهرحال، شام ٿي ته دستگير ڀٽي منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي اچي ويٺو ۽ مختلف شيون ترتيب سان فائيلن ۾ رکيل ڏسي گهڻو خوش ٿيو ۽ هِتان هُتان جي حال احوالن ۽ خبرن چارن کانپوءِ مون کي چيائين، ”تون ڪمپوزنگ سکڻ جو خيال ڇڏي ڏي. ٻن چئن سالن کانپوءِ سنڌي ڪمپيوٽر عام ٿي ويندو ۽ هينئر جيڪي ڪمپازيٽر آهن، تن جي گهڻائي بيروزگار ٿي ويندي. باقي تون هِتي ئي آفيس ۾ ويهه. تنهنجي حيثيت منهنجي اسسٽنٽ جي هوندي، توکي ادب سان گهڻي دلچسپي آهي، آئون توکي ايترو ڪجهه سيکاري ڇڏيندس، جو توکي اڳتي هلي ڪنهن به شئي جي تڪليف نه ٿيندي. هونئن به ڪمپيوٽر عام ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ رسالا ۽ اخبارون نڪرنديون ۽ تو جهڙن دوستن جي انهن کي ضرورت پوندي وغيره.“
    ان وقت ڪمپيوٽر اڃا رڳو ٻُڌبو هو. سنڌي پروگرام جو ته تصور ئي هڪ خواب ٿي لڳو. سچ پچ ته ڪمپيوٽر صحافتي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. هڪ وڏو ڇال آيو. تمام گهڻا رسالا ۽ اخبارون نڪتيون. ڪتابن جي ڇپائي به جلدي ۽ تڪڙي ٿيڻ لڳي.
    دستگير ڀٽيءَ جي ان ليڪچر منهنجي فيلڊ ئي بدلائي ڇڏي ۽ منهنجو ڌيان، ڪمپوزنگ سکڻ جي بدران ’برسات‘ جي ايڊيٽنگ، پروفنگ ۽ ٻين معاملن ڏانهن ٿي ويو. دستگير ڀٽيءَ رسالي ۾ منهنجو نالو ’سب ايڊيٽر‘ طور هڻي ڇڏيو. ان وقت برسات جي پريس ٻه ٽي فرلانگ پريان طارق روڊ جي ٻي پاسي هڪ ننڍي دوڪان ۾ هئي. جتي عرس خاصخيلي ۽ غلام حسين سولنگي نالي ٻه ڪمپازيٽر پارٽ ٽائيم طور ڪم ڪندا هئا. باقي عرصو هو ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪم ڪندا هئا.
    مونکي ’برسات‘ سان ڄڻ عشق ٿي ويو. هونئن به مون ۾ هڪڙي عادت آهي ته جڏهن ڪا ذميداري کڻندو آهيان يا عائد ڪئي ويندي آهي ته اها دل ۽ جان سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هاڻ آئون صبح جو اٺين ساڍي اٺين ڌاري آفيس پهچي ويندو هئس. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڀَنگي به اچي ويندو هو ۽ آفيس جي صفائي ڪندو هو. يوسف شاهين يارهين ساڍي يارهين ڌاري ايندو هو. باقي دستگير ڀٽي، سو ڪڏهن ته مون کان به اڳ ويٺو هوندو هو يا وري ڪڏهن ايندو هو ته ڪڏهن نه به ايندو هو. انهن ڏينهن برسات جي پريس ۾ شيخ اياز جي هائيڪن جو ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ڇپجي رهيو هو. اهو ڪتاب ڏاڍي سهڻي نموني، سٺي پني ۽ پڪي بائينڊنگ سان ڇپيو هو. ائين کڻي چئجي ته يوسف شاهين ان وقت اهو ڪتاب شيخ اياز جي شايان شان ڇپيو هو. يوسف شاهين اڳ ۾ به شيخ اياز جي نثري ٽڪرن جو مجموعو ”پتڻ ٿو پور ڪري.“ سهڻي گيٽ اپ ۽ سٺي پني تي ڇپرايو هو. يوسف شاهين صحيح معنيٰ ۾ شيخ اياز جي ڏات جو مداح هو. وائيس چانسلريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ جڏهن شيخ اياز ادبي طور تي خاموش هو، ته به هن جي شاعري ”برسات“ ۾ ڇپجندي رهندي هئي ۽ شيخ اياز اها يوسف شاهين کي موڪليندو رهندو هو. هڪ ڀيري يوسف شاهين چيو ته، ”شيخ اياز برسات ۾ شاعري موڪلڻ ۾ ڪڏهن به هٻڪ محسوس نه ڪئي.... ۽ مونکي ماڻهو چوندا آهن ته تون ’برسات‘ ڪڍين ئي رڳو شيخ اياز جي شاعري ڇپڻ لاءِ ٿو.“
    ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جون فقط ٽي سئو ڪاپيون ڇپيون. اهو سنڌي ۾ هائيڪن جو پهريون مجموعو هو. يوسف شاهين پروفن وغيره جي سلسلي ۾ گهڻو محتاط هوندو هو. ڪتاب ڇپجي آيو ته يوسف شاهين ان جون پنجاهه ڪاپيون پنهنجي گاڏيءَ ۾ وجهي شيخ اياز جي گلشن اقبال واري گهر ڏيئي آيو. ان وقت شيخ اياز جو پُٽ گلشن اقبال ۾ هڪ مسواڙي بنگلي ۾ رهندو هو. يوسف شاهين جو گهر، ان گهر کان ٻه فرلانگ ته عبدالغفور الستيءَ جو گهر ٽي کن فرلانگ پرتي هو. جيستائين شيخ اياز جو پٽ اُتي رهيو ته، شيخ صاحب جڏهن به سکر کان ڪراچي ايندو هو ته اُتي ئي رهندو هو. مونکي الستي صاحب ٻڌايو ته شيخ اياز جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته شام جو هو ٻيئي گڏجي الستيءَ جي گهر جي اڳيان پارڪ ۾ واڪ ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن يوسف شاهين به واڪ ۾ ساڻن اچي گڏبو هو. الستيءَ ٻڌايو ته ان واڪ دوران شيخ اياز علم ۽ ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيندو هو ۽ هو ٻيئي ڪنهن سٺي شاگرد جيان کيس ٻُڌندا رهندا هئا. عبدالغفور الستي اهڙو ذڪر شيخ اياز تي لکيل پنهنجي هڪ ننڍي مضمون ۾ به ڪيو آهي.
    ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جون مارڪيٽ ۾ تمام گهٽ ڪاپيون آيون. باقي ڪاپيون يوسف شاهين، يارن دوستن کي تحفو ڪري ڏيئي ڇڏيون.
    اُتي منهنجي موجودگيءَ ۾ جيڪو ٻيو ڪتاب ڇپيو، اهو يوسف شاهين جي بيتن ۽ واين جو ٽيون مجموعو ”سنڌ تي ڪاهه هو“، جيڪو ’اندر ۾ اُهاءِ ٿيو‘ جو ٽيون ڀاڱو هو. انهن بيتن ۽ واين کي يوسف شاهين ”سُر ڄام ٻانڀڻو“ جو عنوان ڏنو. يوسف شاهين اڳ ۾ شاعر ڪونه هو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو ڏات مٿس بيتن ۽ واين جي صورت ۾ پلٽجي پيئي. هن جي بيتن ۽ واين جو ڊڪشن شاهه لطيف وارو آهي. اُن ڪتاب کان اڳ پاڻ پنهنجي بيتن ۽ واين جا ٻه مجموعا ”اندر ۾ اها ٿيو“ (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو) ڇپرائي چڪو هو، جيڪي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ گهڻو بحث جو موضوع بنيا هئا. سندس بيتن ۽ واين جو اهو ٽيون مجموعو ، فيروز شاهه تغلق جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سنڌين پاران ڪيل مزاحمت جي پسمنظر ۾ هو، بيتن ۽ واين کان اڳ ’فيروز شاهه تغلق جي سنڌ تي ڪاهه‘ جي عنوان سان تاريخي احوال ۽ پسمنظر به ڏنل هو.
    يوسف شاهين اڪثر پيو لکندو هو. سندس شاعريءَ جي پهروڪن ٻنهي مجموعن ”اندر ۾ اهاءَ ٿيو“ جو پنجابي ترجمو احمد سليم ڪيو هو، جيڪو اتي فائيلن ۾ پيو هو. جن جي مٿان مٽيءَ جا تهه ڄمي ويا هئا. مون انهن فائيلن کي ڇنڊي ڦوڪي، يوسف شاهين کي ڏيکاريو ته هو گهڻو خوش ٿيو، جو هو پنهنجي پر ۾ اهو مسودو وڃائي ويٺو هو. ان پنجابي ترجمي تي احمد سليم ڪن پنجابي ۽ اردو اديبن کان رايا به لکرايا هئا. احمد سليم شيخ اياز جي شاعري به پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪئي هئي، جيڪا سنڌالاجي پاران ’جو بیجل نے آکھیا‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي آهي. مونکي خبر ڪونهي ته يوسف شاهين جنهن شوق سان، پئسا خرچ ڪري، پنهنجي شاعريءَ جو پنجابي ترجمو ڪرايو، سو پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇو نه ڇپرايو.
    ’برسات‘ جي آفيس ۾ منهنجي هڪ ٻه ڀيرا ’احمد سليم‘ سان به ملاقات ٿي، جيڪو ان وقت ”اداراه امن و انصاف“، جيڪو ڪنهن عيسائي مشنري جو قائم ڪيل هو. پاران نڪرندڙ رسالي ”جفاڪش“ جو ايڊيٽر به هوندو هو. هو سدائين، يوسف شاهين پاران اهو ترجمو ڪتابي صورت ۾ نه ڇپرائڻ تي ڪاوڙيل هوندو هو. احمد سليم پنجابي ٻوليءَ جو مشهور دانشور آهي، جنهن اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، ترجمو ڪيا ۽ ايڊٽ ڪيا آهن.
    انهن ڏينهن دستگير ڀٽي ڪراچيءَ ۾ هڪ مسواڙي گهر ۾ رهندو هو. سندس ’برسات‘ سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي، پر جيئن ته رسالي جو مالڪ ۽ پبلشر يوسف شاهين هو ۽ هو پنهنجي موڊ ۽ مسئلن کي سامهون رکي پرچو ڪڍڻ جو عادي هو. جنهن ڪري پرچو ٽائيم تي نڪري نه سگهندو هو ۽ دستگير ڀٽي جي دَڙ پيئي پوندي هئي. انهن ڏينهن برسات ۾ سراج جو ناول ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ قسطوار شايع ٿيندو هو. سنڌيءَ ۾ سراج جي اها پهرين ٽرالاجي هئي، جيڪا پهرين ناولن جي صورت ۾ ڌار ڌار ۽ پوءِ هڪ ئي جلد ۾ ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي. تنهن کان سواءِ دستگير ڀٽي گارشيا مارڪيز جي هڪ ناول ’اوسيئڙو‘ جي نالي سان قسطوار ترجمو ڪندو هو. ان ناول جون شروعاتي ٽي يا چار قسطون ئي ڇپجي سگهيون.
    آئون صبح جو سوير آفيس پهچي ويندو هئس ۽ شام جو دير دير سان گهر موٽندو هئس. آفيس پهچي پهريون ڪم، دري مان هيٺ رڙ ڪري پٺاڻ جي هوٽل تان ”چينڪ چانهه“ گهرائڻ هوندو هو. پٺاڻ جي اُن هوٽل ۾ سڄو ڏينهن پشتو گانا زور زور سان وڄندا رهندا هئا. چانهه وغيره پي، هلڪو سلڪو ڪم لاهي پوءِ ڪونه ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو هئس. ان دريءَ جي بلڪل سامهون هڪ فليٽ جي دري هوندي هئي، جنهن مان ڪڏهن مونکي ڪو ٻير چٽي هڻندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻير مونکي، منهنجي بي خيالي ۾ ويٺي اچي لڳندو هو ۽ آئون ڇرڪ ڀريندو هئس ته اتان ڪنهن ناريءَ جا ٽهڪ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. منهنجي ڪهاڻي ”فلرٽ“ جو پس منظر اهي ٻير لڳڻ ۽ اهي ٽهڪ ئي آهن.
    جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته آفيس ۾ هڪ سٺي لئبرري به هوندي هئي ۽ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا سٺي جاءِ ٿي به نه پي سگهي ته ڪتابن جي وچ ۾ ويٺو هجان ۽ ڪتاب پڙهندو رهان. برسات جي لئبرري ۾ ئي مون کي شيخ اياز جي بندش پيل مشهور ڪتاب ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو. شيخ اياز جي انهن ٻنهي ڪتابن تي ايوبي آمريت جي دور ۾ بندش وڌي ويئي هئي. شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته وقت ايندو ته ماڻهو حڪومتي احڪامن کي رد ڪندي، گهر گهر اهي ڪتاب پڙهندا. اياز جي اها ڳڪٿي اياز جي جيئري ئي سچ ثابت ٿي. تازو جڏهن منهنجي دوست نواز خان زئور جي ڪتاب ”قيدي تخت لاهور جو“ تي حڪومت بندش وڌي ته نواز خان زئور، سنڌ جي ساڃهه وند ماڻهن ۽ دانشورن پاران، ان بندش جي خلاف آواز نه اُٿارڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي احتجاج ڪيو هو. مون نواز کي خط ۾ لکيو ته، تنهنجو ڪتاب ”قيدي تخت لاهور جو“، تو جنهن مقصد خاطر لکيو هو، اهو پورو ٿي چڪو آهي، رياست پاران ڪتاب تي بندش خود رياست جي اخلاقي شڪست ۽ تنهنجي موقف جي فتح آهي. هاڻ اهو ڪتاب قوم جي امانت آهي ۽ وقت ۽ حالتون سائين جي. ايم. سيد ۽ شيخ اياز جي بندش پيل ڪتابن جيان، پاڻئي بندش هٽائي ڇڏيندي ۽ تنهنجي ڪتاب به سائين جي. ايم سيد ۽ شيخ اياز جي ڪتابن جيان گهر گهر پڙهيو ويندو.
    انهن ڏينهن، نومبر 1984ع ۾ هنڌ ۽ سنڌ جو ناليوارو سنڌي اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش، جيڪو منهنجي ڳوٺائي پڻ آهي، سندس گهر واري ۽ سنڌي ٻولي جي انوکي ڪهاڻيڪارا ۽ ناول نويس، ڪلا پرڪاش ۽ سندن هڪ دوست موهن گيهاڻي، دبئي مان پنهنجي سنڌ گهمڻ جي لاءِ ڪراچي پهتا. ان وقت موتي پرڪاش دبئي جي ’انڊين هاءِ اسڪول‘ جو پرنسپال هو ۽ 25 سال اُتي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ رٽائر ڪري آديپور گجرات ۾ اچي رهيو آهي. جتي پڻ هن ٽي سال ’انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ جي بنا لوازمي جي خذمت ڪئي. دادا موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش، سنڌ عبدالغفور الستي جي دعوت تي آيا هئا. مونکي ياد آهي ته کين ڪارن جي هڪ ڊگهي جلوس ۾، ايئرپورٽ تان بشير احمد بلالي جي گهر آندو ويو هو. ڪارن جي اُن جلوس ۾ پروفيسر اياز قادري، ظفر حسن ۽ سندس گهر واري ۽ ٻيا کوڙ سارا سنڌي اديب ۽ سندس دوست شامل هئا. پهريان ٻه ڏينهن هو بلالي جي گهر رهيا ۽ پوءِ دوستن يارن سان ملڻ جي سهولت خاطر ’جبيس هوٽل‘ منتقل ٿي ويا. جتي ساڻن ملڻ جي لاءِ پري پري کان اديب دوست ايندا هئا. مونکي موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش ۽ موهن گيهاڻي سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. دستگير ڀٽيءَ کين ’برسات‘ جي آفيس اچڻ ۽ چانهه پيئڻ جي دعوت به ڏني هئي. پر هو مصروفيتن سبب اچي نه سگهيا. سندن مان ۾ ’سنڌي ادبي سنگت ڪراچي‘ پاران ’پريس ڪلب ڪراچي‘ ۾ آجياڻو رکيو ويو، جنهن ۾ ٻين ڪيترن ئي شاعرن اديبن سان گڏ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به اچي شريڪ ٿيو هو، جيڪو لاڙڪاڻي مان ڪهي خاص ساڻن ملڻ جي لاءِ آيو هو. ’برسات‘ جي لاءِ ان آجياڻي جي مون رپورٽنگ ڪئي، جيڪا برسات ۾ ڇپي. ان آجياڻي ۾ جيڪي تقريرون ٿيون، انهن ۾ عبدالرحمان نقاش مرحوم جي طنزيه نوع ۾ لکيل ننڍڙي تقرير، جنهن ۾ هن لالو کيت جو حوالو ڏيئي مهاجرن کي طنز جو نشانو بنايو هو. منهنجي ذهن ۾ اڃا به ويٺي آهي.
    موتي پرڪاش دڙي به آيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي سنڌ جي سفري يادگيرين ’سي سڀ سانڍيم ساهه سين‘ ۾ نهايت جذباتي انداز ۾ ڪيو آهي. موتي پرڪاش جو اهو ڪتاب نثر ۾ ڄڻ شاعري ڪيل آهي. اهو ڪتاب پهرين هندستان ۾ ڇپيو، جنهن کي ’ساهتيه اڪيڊمي‘ ايوارڊ به ڏنو ۽ هنديءَ ۾ به ترجمو ٿيو. سنڌ ۾ اهو مون سندس اجازت سان ڇپرايو. تنهن کانسواءِ ڪلا پرڪاش جي سنڌ جي سفري يادگيرين جو ڪتاب ”جي هينئڙي منجهه هرن“ به ڇپرايم.
    موتي پرڪاش ٻيو ڀيرو سنڌ ڪراچيءَ ۾ سگا پاران ڊسمبر 2004ع ۾ ٿيل ’امن ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ آيو. ساڻس گڏ سندس فرزند شريڪانت ’صدف‘ به هو، جيڪو سٺي شاعري ۽ پنهنجي ارڏي طبيعت سبب سنڌ جي اڪثر نوجوان ٽهي جي ڌيان جو مرڪز رهيو. 27 ڊسمبر تي موتي پرڪاش ۽ شريڪانت دڙي به آيا. جتي سندن زبردست استقبال ڪيو ويو. دڙي جي ناڪي واري اسٽاپ کان وٺي آجياڻي واري هنڌ تائين کين دهلن ۽ شرناين جي جلوس ۾ آندو ويو. اسان جيتوڻيڪ ٿورن دوستن کي چيو هو، پر هنن جي اچڻ جو ٻُڌي تمام گهڻا ماڻهو گڏ ٿي ويا. موتي پرڪاش ته بيماريءَ سبب گاڏيءَ ۾ ويٺو رهيو. پر شريڪانت گاڏيءَ مان لهي اسان سان پنڌ هلڻ لڳو ۽ سنڌي ادبي سنگت دڙي جا ڪارڪن سڄي واٽ سندن مٿان گلن جي ورکا ڪندا رهيا. کين مانجهاندو ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ڪرايو ۽ آجيان جي تقريب ’سنڌي ادبي سنگت دڙي‘ پاران منعقد ڪئي ويئي، جنهن جو سڄو خرچ منهنجي سئوٽ محمد الدين ميمڻ ڪيو. هن جي ئي گاڏيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ٺٽي مان آندو ويو ۽ واپس ٺٽي پهچايو ويو. جتان سندن ڪراچي نيئڻ جو بندوبست ٻي دوست پاران ڪيل هو.
    ان آجياڻي جي تقريب جي انائونسمينٽ سنگت دڙي جي سيڪريٽري رشيد آزاد نهايت سهڻي نموني ڪئي. جڏهن ته سنگت دڙي جي ڪيترن ئي دوستن کيس ڪتابن جا تحفه ڏنا ۽ ڪيترن ئي شهرين کيس اجرڪون اوڍايون. ڊاڪٽر موتي پرڪاش به رئندي سڏڪندي ڏاڍي سٺي تقرير ڪئي. ڊاڪٽر جي تقرير وقت ڪهڙي اک هئي، جيڪا ڳوڙهن کان خالي هئي!
    ان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ جيڪو پهريون شخص پهتو، اهو مرحوم ڊاڪٽر حسين بخش ميمڻ هو. جنهن جي سخت طبيعت ۽ اسلام پسنديءَ سبب ماڻهو کانئس ونءَ ويندا هئا. ڊاڪٽر حسين بخش، موتي پرڪاش سان گڏ پڙهيو هو. تڏهن ته مون پنهنجي آجيان واري تقرير ۾ چيو هو ته، ”ٻولي ۽ قوميت جو رشتو، سرحدن، نظرين ۽ مذهبن جي رشتي کان مٿي آهي.“ منهنجي ان ڳالهه جو عملي ثبوت ڊاڪٽر حسين بخش جي موجودگي به هئي.
    اسان شريڪانت کي سندن ڏاڏاڻو گهر به گهمايو، جنهن جي وچ ۾ بيهي شريڪانت چوڌاري وائڙن وانگر ڏسندو رهندو، پوءِ پڇيائين، ”هيڏو وڏو گهر دادا جن جو هو!“
    اسان اتي ڪافي فوٽو ڪڍيا. عباس سومرو تڙ تڪڙ ۾ ڪٿان فوٽو گرافر به وٺي آيو، جنهن شريڪانت جا ان گهر جي دروازي اڳيان فوٽو به ڪڍيو، جيڪو پوءِ مون کيس ممبئي ڏياري موڪليو.
    ان موقعي تي مون شريڪانت کي آڇ ڪئي ته دڙي جي دوري جي ياد ۾ آئون سندس چئني شعري مجموعن کي گڏجي ڇپائڻ ٿو چاهيان. هن خوشيءَ سان هاڪار ڪئي ۽ هندستان وڃي اهي ڪتاب هن مونکي موڪلي ڏنا، جيڪي، پوءِ سنڌ ۾ مون ۽ موهن مدهوش ”زندگي هڪ وار وري شروع ڪرڻي پوندي“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
    ’پريس ڪلب ڪراچي‘ ۾ مون پهريون ڀيرو، دستگير ڀٽيءَ سان گڏ فيض احمد فيض جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي. ان تعزيتي ميڙ ۾ تمام گهڻا صحافي، اديب، شاعر، جمهوريت پسند اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا هئا. اتي انهن جون ’جنرل ضياءُ الحق‘ ۽ مارشلا حڪومت جي خلاف سخت لهجي ۾ ڪيل تقريرون ٻڌي آئون ڪنبي ويو هئس ۽ مونکي اُن سڄي عرصي دوران پوليس جي آمد ۽ گرفتارين جو خدشو رهيو. آئون جنهن هنڌان (ڳوٺان) آيو هئس، اُتي اظهار جي آزاديءَ تي ايتري ته سخت پابندي مڙهيل هئي. ايترو ته ڊپ ۽ هراس ڇانيل هو، جو بي. بي. سي ٻڌڻ مهل به ڪو پوليس وارو رڳو پنهنجي خيال سان ئي اچي بيهندو هو ته ماڻهو جلدي ٽڙي پکڙي ويندا هئا. يا پنهنجي ڀرسان ڪنهن نئين يا اوپري ماڻهوءَ کي بيٺل ڏسي، کيس پوليس جو مخبر سمجهي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ شام جو ستين بجي کانپوءِ مارشلائي حڪمن تحت بازارون ۽ دوڪان بند ڪيا ويندا هئا. دوڪانن جا ٻاهريان بلب بند ڪرڻ جو حڪم هو. ملڪ تي مڪمل اونداهيءَ جو راڄ هو. ماڻهن کي سرعام ڦٿڪا هنيا ويندا هئا. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ جيڪا 1983ع ۾ هلي هئي، ان ۾ ڪيترائي سنڌي ماڻهو شهيد ڪيا ويا هئا. ڳوٺن جي مٿان هيليڪاپٽرن جي وسيلي گوليون وسايون ويون، ڪهڙو ظلم هو جيڪو ملعون جنرل ضيا، ملڪ جي ماڻهن، خاص ڪري سنڌين سان نه ڪيو هو. مون کي ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي مارشلا ياد ڪونهي، جو آئون انهن ٻنهي مارشلائن ۾ ٻار هئس، پر مون اڄ تائين جنرل ضيا جي دور جهڙي گُهٽ، وحشت ۽ دهشت ڪڏهن به نه ڏٺي آهي.
    مونکي پوءِ خبر پئي ته گهٽ ۾ گهٽ ’پريس ڪلب ڪراچي‘ جي حدن ۾ نڪو مارشلا جو قانون ٿو هلي ۽ نه ئي وري پوليس گهڙڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿي. ڪراچي پريس ڪلب جي حيثيت ”هائيڊ پارڪ“ واري هئي ۽ اهو هنڌ جمهوريت پسندن جي لاءِ هڪ بهترين اجهو ۽ محفوظ پناهگاهه هئي. ان وقت پريس ڪلب جو صدر عبدالحميد ڇاپرا هو.
    فيض احمد فيض سان حڪومتي رويي جي ڪري سڄي ملڪ جي روشن خيال ۽ جمهوريت پسند ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ هئي ۽ منهنجي لاءِ اهو پهريون موقعو هو ته مون ڪنهن اهڙي ميڙ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن مون ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. مون ان تعزيتي اجلاس جي ’برسات‘ جي لاءِ رپورٽنگ ڪئي ۽ گڏوگڏ ”لينن پيس پرائز وٺڻ مهل“ فيض احمد فيض جيڪا تقرير ڪئي هئي، اها سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ شايع ڪرايم.
    ڪراچيءَ ”پريس ڪلب“ جمهوريت پسندن ۽ جمهوري تحريڪ جو ڳڙهه هو. ان جو مظاهرو مون نامياري شاعر حبيب جالب جي ملهايل سالگره جي موقعي تي ڏٺو، جيڪا پڻ ’پريس ڪلب‘ ۾ ملهائي ويئي هئي. سالگرا جي ان تقريب ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ليڊر ۽ دانشور شريڪ ٿيا هئا. اسٽيج تي غلام مصطفيٰ جتوئي، سردار شير باز مزاري، غلام مصطفيٰ شاهه، مشير پيش امام، طارق عزيز، سبط حسن وغيره ويٺل هئا. حبيب جالب انهن جي وچ ۾ ويٺو هو. اتي مون پهريون ۽ آخري ڀيرو سبط حسن کي ڏٺو. سندس ڪتاب ’موسيٰ سي مارڪس تڪ‘، ’ماضي ڪي مزار‘، ’انقلاب ايران‘، ’نويد فڪر‘ وغيره منهنجا پڙهيل هئا ۽ انهن ڪتابن جو مون سميت ملڪ جي باشعور سياسي ڪارڪن ۽ اديبن جي فڪري تربيت ۾ وڏو حصو آهي. سبط حسن اُتي تمام مختصر ڳالهايو. ترت پوءِ هو ’هندستان‘ ۾ ٿيندڙ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو ۽ دل جو دورو پوڻ سبب اتي گذاريو ويو.
    حبيب جالب جي، سالگره جي اُن تقريب ۾ هڪ ڏاڍو دلچسپ واقعو ٿيو، جيڪو هت لکڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. طارق عزيز جيڪو ان وقت پي. ٽي. وي تان ’نيلام گهر‘ پروگرام ڪندو هو، تنهن کي جڏهن ’جالب‘ تي ڳالهائڻ جي لاءِ سڏيو ويو ۽ هو اسٽيج تي آيو ته سامعين وٺي گوڙ ڪيو ۽ نعرا هنيا ”غدار ہے.... غدار ہے.... نہیں سنیں گے.... نہیں سنیں گے“ چئي کڻي آسمان مٿي تي رکيو. نعرا ۽ هوڪريا جيڪي بند ئي نه پيا ٿيا. طارق عزيز جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ سردار شير باز مزاري ويٺا مُرڪندا رهيا. غلام مصطفيٰ شاهه ۽ حبيب جالب ڪوشش ڪئي ته ماڻهو کيس ٻُڌن، پر ماڻهن جي ڪاوڙ جي اڳيان سندن به وس نه هليو ۽ طارق عزيز هڪ لفظ ڳالهائڻ کانسواءِ ماٺ ڪري ويهي رهيو. طارق عزيز جمهوري تحريڪ کي پٺي ڏيئي ذاتي مفادن جي لاءِ جنرل ضياءُ الحق سان ملي ويو هو. سندس اُن عمل تي ماڻهن پنهنجو ردعمل جو اظهار ڪيو. اڳتي هلي طارق عزيز نواز ليگ پاران ايم. اين. اي به ٿيو ۽نواز شريف جي حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ تي حملي واري هجوم جي اڳواڻي ڪندڙن ۾ هو.
    ان واقعي جو ذڪر ’حبيب جالب‘ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”جالب بيتي“ ۾ ڪندي لکيو آهي:
    ”منهنجي سالگرا جي ان تقريب ۾ مشهور ڪمپيئر ۽ اداڪار طارق عزيز جو واقعو ٿيو هو. طارق عزيز جو ڀُٽي صاحب سان مون ئي تعارف ڪرايو هو، ضياءُ الحق آيوته هو ان سان ملي ويو. هن جي لاءِ اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي هئي ته ضياءُ الحق طارق عزيز کي ”مبلغ اسلام“ جو خطاب ڏنو هو، پر آئون کيس پسند ڪندو هئس، ڇو ته هو منهنجو ڪافي هائوس ۾ ويهندڙ پراڻو يار هو. شاعر به سٺو هو. هن جي اچڻ تي اسين خوش هئاسين ته مون فلمن جي لاءِ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، هو اُن تي ڳالهائيندو. جڏهن هن جي ڳالهائڻ جو وارو آيو ته ماڻهن چيو، ”اسين هن کي نه ٻڌنداسين.“ ماڻهو نعرا هڻڻ ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا. مون مائيڪ تي اچي هٿ ٻڌي چيو، ”هو هُتان کان هِت اچي ويو آهي، تنهن ڪري کيس قبوليو وڃي، هي اسان جي حق ۾ ڳالهائيندو، هن جي ٻُڌو!“ عبدالحميد ڇاپرا به ماڻهن کي روڪيو، پر ماڻهن اصل نه ٻڌي. مون غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪن ۾ چيو، ”هن کي بچايو!“ هن وراڻيو، ”آئون عوام جي عدالت ۾ مداخلت ڪري نٿو سگهان. هاڻ آئون ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان.“ ماڻهن طارق عزيز کي نه ٻڌو ۽ اسان کيس پوئينءَ ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيو.
    عوام جو حافظو ايترو ڪمزور نه هوندو آهي، جو هو ڪنهن عمل کي وساري ڇڏين. اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪومت ڊيڄاري، ڌمڪائي کين ماٺ ڪرائي ڇڏي يا پاڻ سان گڏ، عوام سان تسلسل سان رهندڙن کي عوام ڪڏهن به نٿو وساري. هو انهن جو احترام ڪن ٿا. باقي جيڪي کين دوکو ڏيئي کسڪي وڃن ٿا ته پوءِ هو انهن جو گهيراءُ ڪن ٿا. ماڻهن طارق عزيز کي ان ڪري بخش نه ڪيو، جو هو جنرل ضياءُالحق جي آمريت جي سخت خلاف هئا. تنهنڪري هو ضياءُالحق جي ڇاڙتن تي به گرم هئا. اها ڪاوڙ هن (طارق عزيز) تي نڪتي.“

    اُن سالگره ۾ حبيب جالب پنهنجي تازي شاعري به ٻُڌائي. ان ۾ هڪ نظم ’جنرل ضياءُ الحق‘ پاران ڪرايل ريفرنڊم بابت به هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي گذريو هو. حبيب جالب جو اهو نظم هن ريت آهي:

    شہر میں ہو عالم تھا
    جن تھا یا ریفرنڈم تھا
    قید تھے دیواروں میں لوگ
    باہر شور بہت کم تھا
    کچھ باريش چہرے تھے
    اور ایمان کا ماتم تھا
    مرحومین شریک ہوئے
    سچائی کا چہلم تھا
    دن انیس ڈسمبر کا
    بے معنیٰ بے ہنگم تھا
    یا وعدہ تھا حاکم کا
    یا اخباری کالم تھا۔
    آئون ان وقت سخت حيران ٿي ويس. جڏهن مون دڙي ۾ پنهنجي جهوني دوست ۽ شاعر حاجي محمد موسيٰ ’مشڪور‘ سومري جو لکيل ”ريفرنڊم“ تي نظم پڙهيو. حبيب جالب جي نظم ۽ محمد موسيٰ مشڪور جي نظم ۾ خيالن جي هڪجهڙائي مونکي ڏاڍو حيران ڪيو. حاجي محمد موسيٰ مشڪور هڪ ڳوٺاڻو ماڻهو هو، جنهن دلي جذبن کان مجبور ٿي اهو نظم سرجيو. مونکي يقين آهي ته هن حبيب جالب جو اهو نظم ته ڇا، پر هن جو نالو به نه ٻُڌو هو.
    حاجي محمد موسيٰ مشڪور جو اهو نظم هن ريت آهي:
    زوري ضيا ڪرايو، اقرار ريفرينڊم
    ليڪن عوام رايو، انڪار ريفرينڊم.

    بندوق گن مشينون، رائفل ۽ گرز گولي
    سَنجهيو ڪيائون سامهون، ڏسيو عوام ٽولي
    دهشت دٻاءَ سختي، سرڪار ريفرينڊم.

    تاريخ اوڻيهه ڊسمبر، واڄٽ وڄايو گهر گهر
    اسلام کي آهي خطرو، هوشيار ٿيو سراسر
    سُرندو وڄايو ويٺي، فنڪار ريفرينڊم.

    چوراسي ورهين ۾ چرچو، چوڌار ٿي ويو
    مشهور ساري دنيا، مهندار ٿي ويو
    ڪرسي بچاءَ خاطر، هٿيار ريفرينڊم.

    پولنگ مڙيئي خالي، افسر هو اُداسي
    ووٽر ته ڪونه آيا، کاڌائون پي اوٻاسي
    بيڪار ٿي ويو بس، بيمار ريفرينڊم.

    جيئرن ڪئي ڪرامت، پيتيون ڀري کڻي ويا
    مردا اُٿي قبر مان، ٺوڪي ٺپا هڻي ويا
    انصاف ويو اُڏامي، آزار ريفرينڊم.

    اسلام کي مٿي تي آيا کڻي وڏيرا
    وارث بنا وطن جا، خوني ٻيا لٽيرا
    اسلام جي بهاني، اظهار ريفرينڊم.

    ”هرگز نهين نه کرنا“، ها سان ها ملائج
    حاڪم سندي حڪم تي، ايمان پڻ وڃائج
    سرِ جي مٿي تي رکيل هئي، تلوار ريفرينڊم.

    ’مشڪور‘ ملڪ سارو، مجبور مارشلا ۾
    غاصب رهي ٿو بالڪل، مغرور مارشلا ۾
    ڦٽڪا، سزا، نظربند، للڪار ريفرينڊم.
    اُتي حبيب جالب پنهنجو ٻيو مشهور نظم ’بندے کو خدا کیا لکھنا‘ ٻڌايو هو. جيڪو ضياءُ الحق جي باري ۾ هو.
    ظلمت کو ضیاء، صر صر کو صبا بندے کو خدا کیا لکھنا
    پتھر کو گھر، دیوار کو دَر، کرگس کو ہما کیا لکھنا
    اک حشر بپا ہے گھر گھر میں، دم گھٹتا ہے گنبذ بے در میں
    اک شخص کے ہاتھوں میں، مدت سے رسوا ہے وطن دنیا بھر میں۔
    اهڙي نموني جالب پنهنجا ڪيترائي نظم ۽ غزل ترنم ۾ ٻڌائي نه رڳو محفل کي جهومايو، پر اُتي ويٺل ماڻهن ۾ جمهوري تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. هڪ ٻيو نظم به ڏاڍو شاندار هو، جنهن جو ٿلهه هو:
    جاگ میرے پنجاب کے پاکستان چلا۔
    ان نظم جو پس منظر، پنجاب جي ماڻهن پاران ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ حصو نه وٺڻ هو.
    19 ڊسمبر 1984ع واري ڏينهن جنرل ضياءُ الحق پاران ڪرايل ريفرنڊم جي موقعي تي آئون مني بس ۾ چڙهي ڪراچي جو وڏو حصو گهميو هئس. چوڌاري ڪڪڙو ڪو لڳي پئي هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن کي ڇڏي جتي يا ته جماعت اسلامي جا اسلامي جذبي سان سرشار جوڌا يا وري پوليس وارا هئا. باقي ماڻهو ڄڻ گهرن ۾ قيد ٿي ويا هئا. ريفرنڊم ۾ جماعت اسلامي جنرل ضياءَ جي حمايت ڪئي هئي. اُن وقت ڪراچي جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي جماعتن جي ڪنٽرول ۾ هئي. ايم. ڪيو. ايم جو نالو اڃا فقط ڀتين تي نظر ايندو هو، جنهن کي پوءِ سنڌ جي وڏي وزير غوث علي شاهه اچي جياريو. ۽ پوءِ جماعت ۽ ايم. ڪيو. ايم جو ٽڪر شروع ٿي ويو ۽ ايم. ڪيو. ايم وارن جماعت جي باري ۾ ڀتين تي لکڻ شروع ڪيو ’نام اسلامي- ڪام حرامي‘ خير گهٽ ’حرامي‘ ته ايم. ڪيو. ايم وارا به ڪونهن! پاڻ اُتر لهن.
    ان ريفرينڊم جي حوالي سان مونکي هڪ واقعو ياد ٿو اچي. جيڪو دڙي ۾ پيش آيو. جتي به ان ريفرنڊم ۾ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ دلال ۽ ٽائوٽ قسم جي ماڻهن جي، ٻيو ڪوبه ووٽ ڏيڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي نه ويو هو. ان وقت ٽائون ڪميٽي دڙي جي چيئرمين محمد صديق سومري، جنهن کي ماڻهو مذاق ۾ ’چيئرمين داشو‘ چوندا هئا. ان تي حڪومتي عملدارن پاران سئو سيڪڙو ’ها‘ ۾ رزلٽ جي ڊيوٽي رکيل هئي. ماڻهو ووٽ نه ڏيڻ آيا ته هو ٽائون ڪميٽيءَ جا سڀئي ملازم منشي مڙا، ڪلارڪ ڪڙا، ڀنگي ۽ پٽيوالا وٺي آيو. جيڪي جيئرن سان گڏ ’مرحومين‘ جا ووٽ به ڏيئي ويا. انهن ملازمن ۾ هڪ ڪلارڪ ميرپور بٺوري جو نوجوان عبدالرزاق سومرو به هو. جنهن هر ڀيري، ڪنهن ’جيئري‘ يا ’مرحوم‘ پاران ووٽ ڏيڻ تي ”نه“ تي ٺپو ٿي هنيو، جڏهن شام جو ڳڻپ ٿي ته چاليهه پنجاهه ’ووٽ‘ نه ۾ نڪتا. اهو ڏسي ’چيئرمين داشي‘ جا ته ماشا ئي ڦري ويا، پر پولنگ عملي جا به مُٽ چَڙهي ويا. مختيارڪار ’چيئرمين صديق داشي‘ جي ٺاهوڪي بي عزتي ڪئي ته ”تون ڪهڙا ماڻهو وٺي آيو آهين، جن مرڳي اسان جو ڪارو منهن پي ڪيو.“ پوءِ مخالفت ۾ پيل ’نه‘ وارا ووٽ ڦاڙي، انهن جي جاءِ تي نوان بئلٽ ڦاڙي ’ها‘ ۾ ٺپا هڻي وجهي، سئو سيڪڙو رزلٽ ٺاهي ويئي.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن ڳالهه ڦاٽي ته ’عبدالرزاق سومري‘ کي ٽائون ڪميٽيءَ جي نوڪري مان ڪڍيو ويو. عبدالرزاق سومرو هينئر مختيارڪار آهي ۽ ساڳئي اُن نظام جو حصو بنجي ويو آهي.
    ڪراچي پريس ڪلب جي حوالي سان هڪ ٻي ساروڻي به منهنجي ذهن ۾ تري آئي آهي. 1984ع ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ شاهه پاران ٽن ڏينهن جو سيمينار ”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“ جي عنوان سان ٿيو. جنهن جو افتتاحي اجلاس ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيو، جنهن جي خاص مهمان محترمه بينظير ڀٽو هئي. هن پنهنجي تقرير انگريزي ۽ ڀڳل سڳل سنڌي ۾ ڪئي، جيڪا هن پنن تي انگريزي الفابيٽ ۾ لکيل پڙهي. ان ڪانفرنس ۾ آئون بلڪل اڳينءَ سيٽ تي ويٺو هوس.
    ان موقعي تي ٻي نشست مشاعرو به ٿيو. جنهن جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. ان مشاعريءَ ۾ آسي زمينيءَ پنهنجو مشهور نظم ”اي خدا تون هيٺ لهي آ، پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ.“ پڙهيو ته سڀ جهومي اُٿيا. مخدوم صاحب کي اهو نظم ايترو ته وڻيو، جو هن پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍي آسي زميني کي مُٺ ۾ ڏنا ۽ آسي مُٺ بند ڪري هيٺ لهي آيو. ان وقت آسي جو حليو به عجيب غريب ۽ رحم جوڳو هو. مٿي تي ننڍڙي ٽوپي، ٻُچي ڏاڙهي، وات ۾ پان ۽ ڪپڙن جي مٿان مئل انگريزن جو ڪنهن لنڊا مان ورتل ميرو ڪوٽ پيل هئس. آسي زمينيءَ اهو حليو شايد اردوءَ جي شاعر ’ميراجي‘ کان متاثر ٿي اختيار ڪيو هو، جنهن کان پاڻ متاثر هو يا ائين ئي! پوءِ مون گهڻي عرصي تائين آسيءَ کي ان ئي حليي ۾ ڏٺو.
    اتي ڪراچيءَ ۾، ان ئي مشاعري ۾ منهنجي آسي سان پهرين ملاقات ٿي هئي. آسي کي مخدوم صاحب داد ۾ پئسا انعام طور ڏنا ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڌو اچي اُتي لڳل بوڪ اسٽالن تي بيٺو ۽ انهن پئسن مان ڪتابن جي ڀري کن خريد ڪيائين. مخدوم صاحب ٽي سؤ روپيا انعام طور آسي کي ڏنا هئا.

    ڪراچيءَ ۾ رهندي، ۽ برسات ۾ ڪم ڪندي، منهنجي ڪافي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ۽ ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪي اڪثر يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ سان ملڻ ايندا هئا. انهن ۾ دادا گرداس واڌواڻي به هوندو هو، جيڪو پريس ڪلب ڪراچيءَ ۾ رهندو هو. هن پنهنجي سڄي ڄمار انگريزي صحافت ۾ گذاري. پوين ڪجهه سالن ۾ روزاني هلال پاڪستان ۾ ”جيئن ڏٺو مون“ جي عنوان سان ڪالم لکيائين. جنهن ۾ هو زندگيءَ جي عام ڪاروهنوار سان گڏ، پنهنجون ساروڻيون به ساريندو هو. سندن اهڙن ڪالمن جا چار مجموعا ”جيڪي ڏٺو مون“، ”ڳالهه ٻولهه“، ’ساروڻيون‘ ۽ ’جڏهن آدم آيو‘ ڇپيل آهن. سندس آخري مجموعو ”جڏهن آدم آيو“ يوسف شاهين جي مالي مدد سان مون ”سچائي اشاعت گهر“ پاران ڇپرايو. دادا گرداس 1992ع ۾ ديهانت ڪيو. هو سڄي عمر اڪيلو رهيو، شادي نه ڪيائين، پنهنجو گهر به نه جوڙيائين. ورهاڱو ٿيو ته سندس سڀ مٽ مائٽ هندستان لڏي ويا، پر دادا ’پنهنجي سنڌ‘ نه ڇڏي، هو هتي ئي رهيو ۽ صحافت ڪندو رهيو. دادا ٻارن جي لاءِ ڊنمارڪ جي مشهور اديب جيڪ اينڊرسن جي ڪهاڻين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا، جيڪي ’شاهي بلبل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. سندس بزرگي ۽ صحافتي تجربي جي ڪري سڀ کيس احترام طور ”گرو“ چوندا هئا. يوسف شاهين کيس ڪافي عزت ڏيندو هو ۽ سندس مالي مدد به ڪندو هو.
    دادا گرداس واڌواڻي جي سڄي زندگي جو عڪس نصير مرزا جي لکيل هن نظم مان ملي ٿو:
    هو سڀ
    جيڪي هُنَ جا گهر ڀاتي هئا
    ايئرپورٽ ۽ سمونڊ جي ڪناري
    هوائي جهازن ۽ آگبوٽن ۾ چڙهي
    بَرن پٽن ۽ بيابانن مان ٿيندا
    دنيا جي نقشي ۾ گم ٿي چڪا آهن
    سندن اُجاڙ
    ڀڙڀانگ ۽ ڀانڀاڙ حويليءَ ۾
    بس رڳو
    ڪنهن وشال ٽيبل تي ٻرندڙ
    ڄاڻ ته اُجهامندڙ ڏيئو
    ۽ هڪڙو البم
    سنڌ ۾ هنن جي آخري نشاني آهي.
    سنڌي هندن سنڌ ڇو ڇڏي، سائين جي. ايم سيد ۽ ٻي سنڌي قيادت جي دورن ۽ کين اطمينان ڏيارڻ جي باوجود به هنن لڏپلاڻ ڪئي، ان جي سببن تي ڪافي لکيو ويو آهي. بظاهر ته ان جو سبب ورهاڱو ۽ ورهاڱي کانپوءِ غير محفوظ هئڻ جو ڊپ ئي آهي، پر ان جي پسمنظر ۾ اهو استحصال ۽ هندن جي واپاري ۽ سياسي طبقي جا رويا به آهن، جن جي ڪري نه رڳو عام هندو ۽ مسلمان طبقي کي نقصان ٿيو، پر کين به پنهنجي نظر ايندڙ غير محفوظ مستقل کانئن سنڌ ڇڏرائي.
    1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان وقت گهڻو ڪري سڀ زميندار ننڍا توڙي وڏا مسلمان هئا. سنڌي هندو واپاري هئا ۽ وياج جو ڌنڌو ڪندا هئا يا ٽالپرن جي درٻار ۾ نوڪري ڪندا هئا ۽ 1947ع ۾ جڏهن ورهاڱو ٿيو ته مقامي هارين ۽ زميندارن جي لکين ايڪڙ زمين هندن وٽ گروي هئي. ان جو سبب اهو هو ته هاري هجي يا زميندار، سڀئي پنهنجن اجاين سجاين خرچن جي ڪري هندو سيٺين جا قرضي ٿي ويا هئا ۽ هندو سيٺيا وياجي، وياج مٿان وياج چاڙهي، نيٺ انهن زمينن جا مالڪ بنجي ويندا هئا. پوءِ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته انهيءَ واپاري طبقي کي اچي ڊپَ ورايو ۽ هنن لڏپلاڻ ڪئي. ٻيو انهن لڏيو. جيڪي ’جن سنگهه‘ ۽ ٻين فرقيوار سياسي پارٽين جا همدرد هئا. هنن به ڊپ سبب پنهنجي ۽ پنهنجي گهراڻن جو مستقل غير محفوظ تصور ڪيو ۽ لڏپلاڻ ڪئي. ۽ باقي ٻين هوئي هوئي.... ۽ بنا ڪنهن سبب جي ڊپ سبب لڏيو. نه ته سندن پاڙيسري مسلمان جيڪي صدين کان ساڻن جَهنڊو جَهنڊي ۾ ڏيئي ويٺل هئا، تن کين ڪونه ستايو، الٽو سندن هر قسم جي مدد ڪئي. جنهن جا ڪئين مثال آهن. هونئن به سنڌ ۾ تمام ٿورن ماڻهن کانسواءِ باقي ٻين ۾ تعصب يا مذهبي ڪٽرپڻو ڪونهي. شاهه، سچل، سامي ۽ صوفين جي سنڌ جا رهواسي انهن ڳالهين مان ڄاڻن ئي ڪونه. حقيقت ۾ لڏپلاڻ ڪندڙن ۾ گهڻائي مٿينءَ ۽ وچولي ڪلاس جي هندن جي هئي. عام ۽ غريب غربو هندو ته ان وقت به سنڌ ۾ اطمينان ۽ امن سان رهيل هو ۽ هينئر به رهيو پيو آهي.
    بهرحال، لڏپلاڻ تاريخ جو وڏو الميو آهي. جنهن جا اثر اڃا تائين سنڌ ڀوڳي پيئي.
    دادا گرداس واڌواڻي به سنڌ نه ڇڏي ۽ آخر تائين ڏکيو، سُکيو پنهنجي ڌرتيءَ ئي رهيو ۽ سندس عزت ۽ احترام ڪنهن به دل ۾ نه گهٽي.
    ائين مون يوسف شاهين جو هڪ ٻيو روپ به ڏٺو. هو ڪيترن ئي دوستن ۽ اديبن جي خاموشيءَ سان مدد به ڪندو هو. هڪ ٻه ڀيرا هن پنهنجي دوست مرحوم زيب عاقلي جي چانڊڪا ۾ ڊاڪٽريءَ ۾ پڙهندڙ نياڻيءَ کي پئسا مني آرڊر ڪري موڪليا. ان ۾ موڪليندڙ جو نالو فقط هفتيوار ’برسات‘ لکندو هو. اهي ٻيئي ڀيرا آئون ئي، هن پاران وڃي مني آرڊر ڪري آيو هئس. هو علي بابا کي به گهڻو ڀانئيندو هو.
    ’برسات‘ ڇڏڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن آئون ۽ ڪامريد گل محمد خشڪ، يوسف شاهين سان ملڻ ويندا هئاسين ته هو هر ڀيري ’ڪجهه نه ڪجهه‘ پئسا، ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اسان کي ڏيئي ڇڏيندو هو. جڏهن ته اسين برسات جي لاءِ ڪوبه ڪم نه ڪندا هئاسين. اسان جو نالو برسات ۾ فقط ٺٽي ۽ بدين جي نمائندن طور لڳل هوندو هو.
    ان وقت ’برسات‘ رسالو پنهنجي عروج تي هو. ڇهه ست هزار ڪاپيون ڇپجنديون هيون ۽ هٿو هٿ کپي وينديون هيون. برسات کي ان عروج ڏيارڻ ۾ ’دستگير ڀٽي‘ جي ايڊيٽرشپ جو ڪمال هو. جنهن رسالي کي جمهوريت پسندن ۽ ترقي پسند قومپرستن جو ترجمان بنائي ڇڏيو. دستگير ڀٽي ڏاڍو تيز ماڻهو هو. پاڻ کي چوندو رسول بخش پليجي جو شاگرد هو، پر پي. پي سان گهڻي ويجهڙائپ هئس. بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي ته دستگير ڀٽي کي ’هلال پاڪستان‘ جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيائين. ٻي ڀيري بينظير ڀٽو جو اسپيچ رائيٽر به مقرر ٿيو.
    مرحوم ف. م. لاشاري به ايندو هو. منهنجي اتي ئي ساڻس شناسائي ٿي. جڏهن به ڪراچي ويندو هئس ۽ ’هلال پاڪستان‘ جي آفيس ويندو هئس ته فقير محمد لاشاري، شڪور نظاماڻي، حسام سومري ۽ ٻي سنگت سان ملبو هو. لاشاريءَ ’جاڳو‘ جاري ڪئي ته به وٽس وڃڻ ٿيندو هو، جڏهن عبرت ۾ ڪالم لکڻ تي مون تي مولوي حضرات ڪاوڙيا ته پاڻ جاڳو ۾ هڪ زبردست قسم جو ايڊيٽوريل ”رحمٰن، رحيم، انسان ۽ عبرت اخبار“ جي عنوان سان لکيائين.
    برسات ۾ يوسف شاهين سان ملڻ وارن ۾ هڪ علي اقبال، ٻيو منير چانڊيو به هوندا هئا. علي اقبال، يوسف شاهين جي ڪتاب World Confederation of the peoples انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو يوسف شاهين اردوءَ ۾ لکيو هو. يوسف شاهين ان ڪتاب لکڻ تي هزارين روپيا خرچ ڪيا ۽ سوين ڪتاب اٿلايا. يوسف شاهين هڪ زبردست قسم جو ذهين ۽ پنهنجي ڌن وارو ماڻهو آهي. سندس لکيل ڪتاب بلڪل نون موضوعن ۽ نون خيالن تي ٻڌل آهن. سنڌي ۾ يوناني ڏند ڪٿائن تي مشتمل ”يوناني ڏند ڪٿائون“ يوسف شاهين ئي لکيو. سندس ٻين اهم ڪتاب ۾ ”اناالحق“، ”فاتحن جي دنيا“، ”حق موجود“، موضوع ٿوري مواد جي لحاظ کان نهايت انوکا آهن. سندس ڪجهه ڪتاب آمريڪا ۽ انڊيا ۾ انگريزي ۾ به ڇپيا آهن.
    انهن جا نالا هن ريت آهن.

    • Rise an fall of Sanskrit
    • William the bastard
    • Rise and fall of Gods
    • Fall of Nature languages of the Americas

    ائين پاڻ يوسف شاهين کي عالمي سطح جو محقق ۽ ليکڪ چئون ته ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي.
    اڳتي هلي يوسف شاهين ’برسات‘ کي روزاني اخبار ۾ تبديل ڪيو ۽ ’شيخ اياز‘ کي ان جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو. ان دور ۾ برسات ۾ لکيل شيخ اياز جا ايڊيٽوريل به انوکي نوعيت جا ۽ عام صحافتي معيار کان هٽي ڪري هوندا هئا. جن تي سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ حمايت ۽ مخالفت ۾ بحث هلندو رهندو هو.
    روزاني ’برسات‘ جو اجراءَ هڪ زبردست صحافتي انقلاب هو. ان ۾ پهريون ڀيرو ڪارڪن توڙي ڪالمسٽن کي سٺيون پگهارون ۽ معاوضا ملڻ شروع ٿيا. عبدالواحد آريسر برسات ۾ لکيل پنهنجي اخباري ڪالمن جي ڪتاب ”روح جا ريلا“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”هن پهريون ڀيرو ڏهه هزار روپيا تڏهن گڏ ڏٺا، جڏهن برسات پاران کيس انهن ڪالمن جو معاوضو مليو.“
    وڏين صلاحيت هوندي به الائجي ڇو، يوسف شاهين روزاني ’برسات‘ جاري رکي نه سگهيو.
    علي اقبال هر ڀيري ڪونه ڪو ڪتاب اُڏائي ويندو هو ۽ يوسف شاهين کيس فقط ڏسندو ۽ مُرڪندو رهندو هو. منير چانڊيو به ائين هوندو هو. پنهنجي وڪالت واري ٿيلهي ۾ ڪونه ڪو ڪتاب وجهي گم ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن ’برسات‘ جو هڪ پراڻو پرچو، جيڪو رڪارڊ ڪاپي هو، آئون کولي پڙهي رهيو هئس ته هو مون کان ان مان ڪو مضمون فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ جي بهاني وٺي ويو. هڪ ٻه ڀيرا واپس ڪرڻ لاءِ چيومانس ۽ پوءِ هر ڀيري جڏهن هو ايندو هو، ته آئون کانس رسالي جي واپسيءَ جي تقاضا ڪندو هوس. منهنجي گهرڻ تي مرڳي اچڻ ئي ڇڏي ڏنائين. پوءِ جيستائين آئون هئس، مون وري کيس پنهنجي موجودگيءَ ۾ اُتي ايندي نه ڏٺو.
    ’برسات‘ جي پريس ۾ هڪ ’انڪل‘ به رهندو هو. نالو ته الائجي ڇا هئس، پر سڀ کيس ’انڪل‘ چوندا هئا. سٺ ورهه کن عمر هيس. ’اينگلو انڊين‘ هو. سندس پيءَ ڪو انگريز هو. جنهن ورهاڱي کان اڳ هتي ڪنهن ’ديسي‘ مائيءَ سان شادي ڪئي هئائين. ’انڪل‘ انگريزيءَ ۾ بيحد هوشيار هو. ٻارن کي ٽيوشنس پڙهائيندو هو ۽ چوندو هو، ”آئون ٽيوشن ان ڪري پيو پڙهايان، جيئن ٽڪيٽ جيترا پئسا گڏ ڪري سگهان.... جڏهن ٽڪيٽ جيترا پئسا گڏ ٿيا لنڊن هليو ويندس.“ هو پريس ۾ هڪ نهايت ڪني بستري تي سمهندو هو. منهنجي خيال ۾ سندس دماغي توازن به ٺيڪ نه هو.
    گلشن اقبال ۾ آئون ڪڏهن ڪڏهن، پاسي ۾ رهندڙ خالد ڀٽيءَ ڏانهن به هليو ويندو هئس. خالد ڀٽي، محترم رشيد ڀٽيءَ جو پُٽ هو. اسان جي پاڻ ۾ سٺي لڳندي هئي. اتي سندس فليٽ تي ڏاڍو سٺيون ڪچهريون ڪندا هئاسين. برسات ڇڏيم ته وري ساڻس ملاقات نه ٿي. هينئر هو شايد ’شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور‘ ۾ پروفيسر آهي.
    ڪراچيءَ ۾ طارق روڊ جي شام ڏاڍي خوبصورت ۽ وڻندڙ هوندي هئي. شام جو اُتي ڪافي رش هوندي هئي. سونهن ۽ سڳنڌ جو سمنڊ هوندو هو. عورتون اڪثر خريداري ڪرڻ نڪرنديون هيون ۽ ڪئين وانڌا جوان اُنهن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي چڪر ۾. ڪڏهن ڪڏهن اتي اڪيلو گهمندي سونهن ۽ سڳنڌ جي سنسار کي اکين ۾ اوتيندي دل خوش ٿي ويندي هئي. آفيس مان نڪرڻ کانپوءِ منهنجي ٻي مصروفيت ۽ دلچسپي ڪتابن جا دوڪان هوندا هئا. جن ۾ گهڙي ڪتاب اُٿلائڻ پٿلائڻ ۽ انهن جي سنگ گذارڻ جو نشو ئي پنهنجو هوندو هو.
    آئون اتي ڪل چار يا پنج مهينا رهيس. منهنجي موجودگيءَ ۾ ’برسات‘ جا فقط ٻه پرچا نڪتا. تنهن کان پوءِ يوسف شاهين برسات جي اشاعت عارضي طور بند ڪئي ۽ دستگير ڀٽي به هليو ويو ته مون اتي وانڌو ويهي مکيون مارڻ جي بدران، واپس ڳوٺ اچڻ ۾ بهتري سمجهي.
    ذاتي طور تي يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽي پنهنجي روين ۾ ڏاڍا سٺا ۽ مهربان ماڻهو هئا. يوسف شاهين جي زندگي ۽ ڪم ته هڪ سڄي ڪتاب جي تقاضا ڪري ٿو. هن جو واسطو نصرپور جي دائود پوٽن سان آهي ۽ شروع ۾ غريب ماڻهو هو، پنهنجي محنت ۽ جستجوءَ جي ڪري نه رڳو ساک وارو سرمائيڪار بنيو، پر پاڪستان جي ايوان بالا ”سينيٽ“ جو ٽيڪنوڪريٽ رڪن به بڻيو.
    برسات ڇڏڻ کانپوءِ آئون اڪثر دستگير ڀٽي سان سندس گول بلڊنگ واري گهر يا پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملڻ ويندو هئس. بينظير ڀٽو جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ هو جڏهن ”هلال پاڪستان“ جو چيف ايڊيٽر ٿيو ته هڪ ڏينهن آئون ساڻس ملڻ ويس. هو مونکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي ”هلال پاڪستان“ جوائن ڪرڻ جي آڇ ڪيائين ۽ چيائين ته ”کيس ۽ هلال کي تو جهڙي محنتي ماڻهوءَ جي گهرج آهي.“ مون ساڻس ”ها“ ڪئي، پر ڳوٺ اچي حالتن کي ڏسي هلال جوائن ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيم. جلدئي کيس چيف ايڊيٽريءَ تائين هٽائي شمشيرالحيدريءَ کي مقرر ڪيو ويو. دستگير ڀٽي شايد پوءِ به ٻه ڀيرا هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر مقرر ٿيو. ٻيو ڀيرو تڏهن جڏهن اخبار ڪارڪنن خريد ڪئي ۽ ٽيون ڀيرو ان وقت جنهن ٺٽي جي شيرازين اخبار خريد ڪئي، پر ٻيئي ڀيرا هو گهڻو وقت هلي نه سگهيو.


    13

    منهنجي ادبي ڪيريئر جو وڏو حصو اتفاقن تي مشتمل آهي. مون لکڻ ته ضرور شروع ڪيو، پر منهنجي ادبي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين ۾ منهنجي پاران ڪابه منصوبابندي شامل ڪونهي. عبرت گروپ کي جوائن ڪرڻ به هڪ اتفاق يا کڻي ائين چئجي ته اهو سڀ ڪجهه قسمت ۾ هو.
    ان وقت، عبرت گروپ جو رسالو هفتيوار ”سنڌو“ منهنجو دوست آر.بي. سارنگ سنڀاليندو هو ۽ مون ”سنڌوءَ“ ۾ ڪجهه مضمون لکيا، جيڪي آر.بي. سارنگ ڏاڍي سٺي نموني ڇپيا. ان کانپوءِ مون هڪ هفتيوار ڪالم ”اُبتيون سبتيون ڳالهيون“ اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو. ان وقت سنڌ ۾ قومپرست سياسي ماحول پنهنجي چوٽ تي هو. هر ڪو اڳواڻ سچو ۽ پڪو انقلابي ۽ سنڌ دوست هو. ٻيا سڀ ڪچا ۽ انقلاب دشمن، سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ته صفا سهپ نه هئي، تنهنڪري منهنجي ڪن ڪالمن ۾، بحث هيٺ ايندڙ هڪ ٻن نقطن تي ڪي ڪامريڊ ڦوڪيا شو ڪيا. هڪ ٻه ڪامريڊ ته مونکي سيکت ڏيڻ جي لاءِ دڙي به اچي پهتا. پر آئون سندن هٿ چڙهي نه سگهيس ۽ بچي ويس. منهنجي نه ملڻ تي اهي ڪامريڊ، پارٽيءَ ڪارڪنن کي مونکي ”سيکت“ ڏيڻ جون هدايتون ڏيئي پاڻ هليا ويا.
    ڪجهه وقت کانپوءِ، آر.بي. سارنگ مونکي ڳولهي اچي گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ لڌو ۽ مونکي ريهي ريڀي سڌو گلستان سجاد وٺي ويو ۽ غفور ڪريميءَ سان ملايائين. ان وقت عبرت جي سب آفيس گلستان سجاد جي هڪ بنگلي ۾ هئي. غفور ڪريمي مون سان سٺي نموني مليو ۽ سٺي ڪچهري ٿي، ڪچهريءَ دوران، عبرت گروپ جي رسالن ۽ انهن جي معيار جي ڳالهه نڪتي ۽ انهن کي بهتر بنائڻ لاءِ تجويزون ورتائين. اُن وقت منهنجي ذهن ۾ جيڪي تجويزون آيون، سي ڏنيومانس. پوءِ مونکي چيائين ته، ”جي اوهان به اسان سان گڏجي ڪم ڪريو ته کيس خوشي ٿيندي.“ ان وقت مون کانئس معذرت ورتي ۽ ڪجهه وقت سوچڻ جي لاءِ گهريو.
    جيتوڻيڪ آئون عبرت گروپ کي جوائن ڪرڻ ۾ سنجيدو نه هئس. وقت ڏيڻ کان لاچار هئس. پر ان وچ ۾ آر.بي.سارنگ لڳاتار منهنجي پويان لڳو رهيو ته ”عبرت“ جوائن ڪر ته گڏجي ڪم ڪريون. حقيقت ۾ مونکي ”عبرت گروپ“ ۾ وٺي وڃڻ وارو آر.بي.سارنگ ئي هو.
    انهن ڏينهن حيدرآباد لساني فسادن جي ور چڙهيل هو ۽ اڪثر فساد ۽ ڪرفيو روز جو معمول بنجي ويو هو ۽ حالتون ڏاڍيون خراب هيون. بي اعتباري ۽ جان جو خوف ايترو ته هوندو هو، جو اڪيلي سر ڪنهن گهٽي يا هنڌ تي وڃي ئي نه سگهبو هو. جي مجبوريءَ جي حالت ۾ وڃبو به هو ته ساهه مُٺ ۾ هوندو هو ۽ خير سان موٽي اچڻ تي خدا جا شڪرانا مڃبا هئا. حيدرآباد سنڌين لاءِ ڄڻ اوپرو ٿيندو پي ويو. انهن حالتن کان متاثر ٿي امداد حسينيءَ پنهنجو مشهور طويل نظم ”حيدرآباد“ لکيو:
    هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ،
    آهن هي ڪير لوڪ نقابن جي پوئتان
    قرآن ٿن هٿن ۾ ڪڇن ۾ ڇرا اٿن
    ڪوسي لهوءَ جي پياس چپن تي کڻيو گهمن
    ۽ رات ڏينهن ٻوٿ مٿان ٻُٽ هڻيون گهمن
    ٻولي به منهنجي ڪانه ٿا ڳالهاءِ هو سگهن
    لولي به منهنجي ڪانه ٿا ورناءِ هو سگهن
    ماڻو ڪري رُسان ته نه هو پرچاءِ ٿا سگهن
    ڄڀ تي ڄڀيون، اُماڙا اکين ۾ کڻيو رلن
    واڇن کي تازو گرم لهو ٿا هڻيو رلن
    مارين ٿا ڦرين ٿا ۽ ٽهڪ ڏين ٿا.
    انهن ڏينهن منهنجو پبلشنگ جو شوق عروج تي هو. شوق ان ڪري ٿو چوان ته جتان به ٻه روپيا هٿ چڙهندا هئا ته پنهنجو يا پرايو ڪتاب کڻي، حيدرآباد پُڄبو هو. ان وقت مون سان گڏ جيڪي دوست پبلشنگ ڪندا هئا، اهي هاڻ وڏن دڪانن ۽ لکن جا مالڪ ۽ ٽاپ جا پبلشر آهن. هنن پبلشنگ کي ڪاروباري حيثيت ڏني، جيڪا هنن جي صلاحيت هئي. مون ۾ شايد اها صلاحيت نه هئي، يا مونکي اهي طريقا نٿي آيا، جن مان آئون پبلشنگ کي ڪاروبار ۾ تبديل ڪري، ادبي خدمت ۽ پنهنجي شوق جي پورائيءَ سان گڏ، پنهنجي گذرسفر جا به وسيلا پيدا ڪري سگهان ها. مون محسوس ڪيو آهي ته نه منهنجو ذهن ڪاروباري آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڪاروبار ڪرڻ جون مون ۾ صلاحيتون آهن. مون هڪ ٻه ڀيرا ڀائيواريءَ ۾، ۽ پوءِ اڪيلي سر ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ويس. ڀائيواريءَ ۾ ته پئسن سان گڏ دوستيون به وڃايم ۽ پئسن جي ڪري، مون دوستن کي اکيون ڦيريندي ۽ ويساهه گهاتيون ڪندي ڏٺو ۽ انهن جو شڪار ٿيس. واقعي به پئسو هر رشتي ۽ هر جذبي تي حاوي آهي.
    ان وقت تائين آئون، ”سچائي اشاعت گهر“ پاران 23-24 ڪتاب ڇپرائي چڪو هئس ۽ اهو سلسلو جاري هو. پر آر.بي. سارنگ جي دوستاڻي لالچ ۽ ريڀڻ تي هرکي نيٺ مون هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ساڻس ڪيل واعدي موجب ”عبرت“ جوائن ڪرڻ جي لاءِ حيدرآباد روانو ٿيس. انهن ڏينهن به حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳل هو ۽ آئون ٺٽي کان ڦري، ڪوٽڙي لٿس ۽ پوءِ ڄامشوري ڦاٽڪ کان ٿيندو، سڌو اچي گلستان سجاد وٽ سوزوڪي مان لٿس.
    سنڌالاجي وٽان هڪ ڇوڪري به سوزوڪي ۾ چڙهي ۽ ڦاٽڪ تائين لڳاتار منهنجي نظرن جو مرڪز رهي. اتفاق سان، ڦاٽڪ کان به ان ئي سوزوڪي ۾ چڙهيس، جنهن ۾ هوءَ چڙهي هئي. هوءَ به گلستان سجاد وٽ لٿي ته آئون به لٿس. ٻئي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ هلڻ لڳاسين. پر هوءَ منهنجي نظرن جو مرڪز ئي رهي. اوچتو هوءَ عبرت جي آفيس جي در تي بيٺي ۽ ڪال بيل وڄايائين. کيس ”ڪال بيل“ وڄائيندي ڏسي آئون ڇرڪي بيهي رهيس ۽ پهريون ڀيرو اسانجون نظرون مليون.
    در کليو ته هوءَ به اندر ويئي ۽ آئون به اندر ويس. منهنجي ڪيفيت عجيب ٿي ويئي.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ مون باقاعده آفيس اچڻ شروع ڪيو. ”عبرت مئگزين“ جي چارج منهنجي حوالي ڪئي ويئي. آئون پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويس. هوءَ بلڪل منهنجي سامهون واري ميز تي ويٺي پروف چيڪ ڪندي هئي. هوءَ جيستائين اُتي هوندي هئي، منهنجو ڪنهن ڪم ۾ ڌيان ئي نه لڳندو هو. آفيس ۾ رکيل ڊگهي آفيس ٽيبل تي منهنجي ساڄي پاسي آر.بي. سارنگ ۽ کاٻي پاسي فدا حسين شاهه، ڏونگر ڏوٿي ۽ منصور کوکر ويهندا هئا. سامهون واري ٽيبل تي پهريون عرس عمراڻي، تنهن کانپوءِ هوءَ (بلڪل منهنجي سامهون) ۽ سندس پاسي ۾ هڪ ٻي پروف ريڊر ڇوڪري نسرين ويهندي هئي. ان ٽيبل جي ٻي ڇيڙي تي يعقوب جويو ويهندو هو.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن به محسوس ڪيو ته هوءَ لڳاتار منهنجي نظرن جو مرڪز آهي. ڪنهن ڪنهن مهل مونکي پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي مرڪي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندي هئي. هن جو چهرو عمر خيام جي ڪنهن رباعيءَ جيان ۽ اکيون ڪنهن جام ۾ پيل ٻن ياقوتن جهڙيون هونديون هيون. هن جي مُرڪ مئل دلين کي جيارڻ جي سگهه رکندي هئي.
    ائين اسين هڪٻئي جي نظرن جو پيڇو ڪندي، هڪٻئي جي چوري جهلجڻ تي مُرڪي پوندا هئاسين. ڪنهن ڪنهن مهل هوءَ آر.بي.سارنگ جي ڪنهن شرارت تان ٽهڪ ڏيندي هئي ته سڄي ڪائنات ڄڻ خوشبوئن ۽ انڊلٺي رنگن سان وهنجي ويندي هئي، ڄڻ پاڻي جا جهرڻا وهندا هجن. اندر ۾ ڄڻ صبح جي ٿڌڙي هير سان گڏ گلاب ۽ موتيا ٽڙڻ لڳندا هجن. هن جي موجودگي سبب ماحول تي عجيب ڪيف ۽ مستي ڇانيل هوندي هئي.
    اسين هڪٻئي ڏانهن رڳو مرڪي ڏسڻ کان وڌيڪ اڳتي وڌي نه سگهياسين. مون ۾ ايتري جرئت نه هئي، جو اظهار ڪري سگهان (۽ اظهار ڪرڻ جي جرئت اڄ تائين مون ۾ اچي نه سگهي آهي). مهيني سوا کان پوءِ يونيورسٽي بند ٿي ويئي ته هوءَ به نوڪري ڇڏي ڳوٺ هلي ويئي. هوءَ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندي هئي. هن جي وڃڻ سان ماحول تي ڇانيل ڪيف ۽ مستي ختم ٿي ويئي، ڄڻ هڪ خواب هو، جيڪو اک کلڻ سان ختم ٿي ويو.
    2004ع ۾ جڏهن آئون ”هلال پاڪستان“ جو ادبي صفحو ”ڏات“ سنڀاليندو هئس ته ان صفحي ۾ منهنجا ڪيترائي آزاد نظم هڪ ڇوڪريءَ کي مخاطب ٿي، منهنجي هڪ دوست جي نالي سان ڇپيا. انهن ڏينهن منهنجو اهو دوست هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ڪندو هو ۽کيس مرعوب ڪرڻ ۽ خوش ڪرڻ جي لاءِ ”ڏات“ صفحي ۾ پنهنجو نالو ۽ فوٽو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هلڻ جي حجت ڪندو هو ۽ مون اهي جيڪي به نظم ان دوست جي نالي سان ڇپيا، ان جي مخاطب منهنجي دوست جي محبوبا نه پر ”هوءَ“ هئي. انهن ڏينهن هُن جي ياد مون تي وڏ ڦڙي جيان وسندي هئي.
    تنهنجي ياد ۾ گم رهان ٿو،
    تنهنجي خاطر شعر لکان ٿو.
    آفيس ۾ ڊيسڪ تي ويٺي آر.بي. سارنگ هر وقت کل ۽ مذاق ڪندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اسان سڀ گڏجي يعقوب جويي کي ٽوڪون هڻندا هئاسين. هو به جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر اسانکي پُڄي نه سگهندو هو ته پوءِ يا ته رڳو پيو کلندو هو ۽ يا جي ڪنهن جي ”سُٺي ٽوڪ لڳي“ ويس ته بدلي ۾ ان همراهه کي ”امتياز خان فاران“ جا ڊگها ۽ بي تڪا اردو ۾ لکيل مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڏيندو هو. مضمون ڏيڻ مهل مرحوم چوندو هو، ”ڪريمي صاحب خاص تنهنجي لاءِ ڏنا آهن ته جلدي ترجمو ڪري ڏي.“
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙي بدمعاشي آر. بي. سارنگ به ڪندو هو. غفور ڪريمي کيس سڏي اهي مضمون ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڏيندو هو ۽ هو وري مونکي اچي مٿي ۾ هڻندو هو ته، ”ڪريمي صاحب تنهنجي لاءِ ڏنا آهن.“ پهرين ته آئون اهي ترجمو ڪري ڏيندو هئس، پر پوءِ خبر پيم ته آر.بي. سارنگ نمونو ڪري، پنهنجي حصي جو ڪم به مون کان وٺندو هو. جڏهن مون فاران جا اهي مضمون ترجمو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته آر.بي. سارنگ، غفور ڪريميءَ کي گهڻي ڪم جو عذر ڏيئي اها سزا پاڻ تان لهرائي ۽ غفور ڪريميءَ اهو ڪم يعقوب جويي جي حوالي ڪيو. جنهن جو ڪم سواءِ خير محمد کوکر جي لکيل ايڊيٽوريل جا پروف پڙهڻ جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو هو. پر ڏيک اهڙو ڏيندو هو، جو ڄڻ کيس مٿي کنهڻ جي واندڪائي به ڪونهي. هو اهي پروف ٻي ڪنهن کي به اهو چئي پڙهڻ جي لاءِ نه ڏيندو هو ته ”اوهين چُڪون ٿا ڪريو.“ پر اڪثر ڪري پاڻ به چڪون ڇڏي ويندو هو ۽ ٻي ڏينهن کوکر صاحب جي فون ٺڪا اچي ڪندي هئي ته، ”هيتريون چڪون! پروف ڪير ٿو ڏسي؟“ پوءِ غفور ڪريمي، يعقوب کي ڇنڊ پٽيندو هو ۽ يعقوب وري اها باهه منصور کوکر، عرس عمراڻي ۽ ڏونگر ڏوٿيءَ مان ڪڍندو هو. جيڪي سندس انڊر ۾ هوندا هئا.
    امتياز خان فاران، عبرت جي ڪراچي واري آفيس ۾ مقرر ٿيل هو ۽ هو وڏا وڏا مضمون لکي موڪليندو هو، جيڪي ملڪي صورتحال بابت هوندا هئا. مرحوم يعقوب جويو، آر.بي. سارنگ، فدا حسين شاهه ۽ مون تي ته حڪم هلائي نه سگهندو هو. باقي ٽيئي يار انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي سزا لوڙيندا هئا. هنن وري انهيءَ سزا کي ڪاٽڻ جو حل اهو ڪڍيو جو فاران جي مضمونن جو اهڙو ته ٻيڙو ٻوڙيندا هئا ۽ انهن جو آپريشن ڪندا هئا، جو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندا هئا ته فاران چوڻ ڇا ٿو چاهي. منهنجي خيال ۾ فاران انهن مضمونن کي سنڌي ۾ پڙهڻ کانپوءِ (جي هو پڙهندو هوندو) ضرور منهن مٿو پٽيندو هوندو.
    يعقوب جويو مرحوم ڏاڍو زنده دل ۽ مزيدار ماڻهو هوندو هو. غفور ڪريمي چوندو هو ”وڏڙن جي نشاني“ آهي. يعقوب جويو وري چوندو هوته مون تي قاضي عبدالمجيد عابد جو ڀروسو آهي ۽ هن مونکي هڪ خاص اسائنمينٽ تحت هتي گلستان سجاد ۾ مقرر ڪيو آهي. پر هن ڪنهن کي به نه ٻڌائي ته اها سائنمينٽ ڪهڙي هئي. بهرحال، ڪريمي ڳالهه ڳالهه تي ڇنڊ پٽيندو هئس. اسانجي وڃڻ کان ڪجهه عرصو پوءِ هڪ ڏينهن غفور ڪريميءَ ڪنهن ڳالهه تان رهڙ پٽيس ته جواب ۾ يعقوب جويي به اهڙيون ته ست سريون ٻڌايس، جو ڪريميءَ جا تاڪ لڳي ويا ۽ يعقوب جويو ”عبرت“ ڇڏي ويو. انسان ويچارو آخر ڪيترو ٿي برداشت ڪري سگهيو.
    مون ”عبرت مئگزين“ جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ، هوريان هوريان ان ۾ تبديليون آڻڻ شروع ڪيون. ٽيڪنيڪلي حوالي سان آر.بي. سارنگ جون ”صلاحون“ منهنجي وڏي مدد ڪنديون هيون. رسالي جو لي آئوٽ ٺاهڻ، فونٽن وغيره جو استعمال مون آر.بي. سارنگ کان سکيو. ان معاملي ۾ آر.بي سارنگ ڪير سڏائي؟
    ”عبرت مئگزين“ ۾ تبديلون اچڻ سان ڪجهه سنجيده ماڻهن ۽ ليکڪن جو ڌيان به ان ڏانهن ڇڪيو. معياري مواد ڇپجڻ شروع ٿيو ته مئگزين جا پڙهندڙ به وڌيا. پر هيڏي وڏي ريگيولر مئگزين کي سنڀالڻ هڪ ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي. مون پوري پوري ڪوشش ڪئي ته منهنجي ذمي جيڪو ڪم آهي، اهو خوش اسلوبي سان سٺي نموني نباهيان.
    انهن ڏينهن ”عبرت گروپ“ پاران شام جي اخبار ”سنڌو“ جاري ڪئي ويئي. ”سنڌو“ سنڌي ٻوليءَ ۾ شام واري پهرين اخبار هئي. جيڪا ڪجهه سالن کانپوءِ صبح واري ڪئي ويئي. پوءِ ته مختلف ادارن شام جون ٻيون اخبارون به جاري ڪيون. جيڪي اڳتي هلي سڀ بند ٿي ويون. سنڌوءَ ۾ منهنجو روزانو ڪالم ”نو پرابلم“ بنا نالي سان هلندو هو. اهو مون غفور ڪريميءَ جي خاص فرمائش تي لکڻ شروع ڪيو. اهو ڪالم اٺن يا ڏهن سٽن تي مشتمل هوندو هو ۽ ”سنڌو“ جي پوئينءَ صفحي تي بارڊر ۾ هلندو هو. ان ۾ طنز ۽ مزاح سان گڏ، ڪجهه سياسي، سماجي، ادبي ۽ ملڪي مسئلن تي ڪڏهن هلڪي ڦلڪي نموني سان ته ڪڏهن تيز ۽ جذباتي انداز ۾ خيالن جو اظهار ڪيو ويندو هو. جيئن شام واري اخبار جي گهرج هئي. مونکي ڪيترن ئي دوستن ٻڌايو ته هو اخبار وٺڻ شرط پهرين اهو ڪالم پڙهندا آهن. جنهن مان مونکي اندازو ٿيو ته اهو گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. منهنجو ان تي نالو نه هلندو هو. آئون سال سوا اهو ڪالم لکندو رهيس. بدقسمتيءَ سان مون وٽ انهن مان ڪو هڪ اڌ ڪالم مس محفوظ هوندو. جي اهي سڀ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن ته هڪ ضخيم ڪتاب ٺهي پوي ۽ گڏوگڏ ان دور جي سياسي، ادبي ۽ سماجي مسئلن بابت هڪ سٺي يادگيري بنجي پوي.
    پوءِ جڏهن ڪم وڌيو ته ”سنڌو“ جو ايڊيٽوريل لکڻ به منهنجي حوالي ٿيو، جنهن ڪري مجبور ٿي ”نو پرابلم“ بند ڪرڻو پيم. نو پرابلم کانسواءِ ”سنڌو“ جي اندرين صفحن ۾ هڪ ايڊونچر ٽائيپ سلسلي وار ناول ”مندر جو راز“ به ترجمو ڪري هلائڻو پوندو هو. جيڪو هڪ اردو ناول ”سونا گهاٽ ڪا پجاري“ جو ترجمو هو، اهو اٽڪل سؤ کن قسطن ۾ پورو ٿيو.
    سنڌيءَ ۾ انهيءَ قسم جي هلڪن ڦلڪن تفريحي ناولن جي گهڻي گهرج آهي. اهي نه رڳو عام ماڻهن ۾ پڙهڻ جي چوس وجهن ٿا، پر مستقل طور تي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو به پيدا ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. انهيءَ قسم جو هڪ ناول ”جنگباز“ هزار داستان ۾ هلندو هو، جنهن جو ليکڪ علي محمد جمالي هو. اهو طبعزاد ناول هو ۽ پڙهندڙن کي ڪافي پسند آيو. سنڌي ۾ ان قسم جا ناول لکجن ته نه رڳو عام هلڪا ڦلڪا موضوع، پر سنڌ جا ڪيترائي تاريخي ۽ لوڪ داستان، قصا ۽ ڪهاڻيون، مورڙو مانگر مڇ، دودو چنيسر، وغيره تي لکي سگهجن ٿا. جيئن سنڌيءَ ۾ سراج جا ناول، جيتوڻيڪ هلڪي ڦلڪي تاريخي پس منظر ۾ لکيل آهن. پر انهن پڙهندڙن کي پنهنجي تاريخ جي ڪن گوشن کان واقف ڪرڻ سان گڏ سٺي تفريح مهيا ڪئي ۽ ٺيڪ ٺاڪ مارڪيٽ به ڪيائون.
    سنڌو جي خبرن واري سيڪشن کي مدد علي سنڌي ۽ محمود يوسفاڻي سنڀاليندا هئا. هو صبح جو سوير ايندا هئا. مدد علي سنڌي، ان وقت ”سنڌ نيوز“ جو ايڊيٽر به هو. آفيس ۾ اهو تاثر هوندو هو، ته مدد علي سنڌي ۽ محمود يوسفاڻي ٻيئي سنڌو جا ايڊيٽر ٿيڻ جا اميدوار ۽ خواهشمند آهن. ڪجهه مهينن کانپوءِ مدد علي سنڌي پي پي پي جي گورنمينٽ ۾ ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر بنجي ڪراچي هليو ويو ۽ محمود يوسفاڻي اڪيلي سر ڪم هلائڻ لڳو.
    آئون، ٽن مهينن تائين لڳاتار دڙو ـ حيدرآباد آئوٽ بئڪ ڪندو رهيس. روزانو اچڻ جي ڪري آئون جسماني طور تي ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي ويس ۽ طبيعت خراب رهڻ لڳيم ۽ هفتيو کن گهت هڻي ويس. هفتي کانپوءِ جڏهن حيدرآباد ويس ته مون غفور ڪريمي کي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي. هو منهنجي ڪم مان مطمئن هو ۽ استعيفيٰ جو سبب پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته روزاني اچ وڃ مونکي ٿڪائي ۽ بيزار ڪري وڌو آهي. بنيادي سبب اهوئي آهي. اهو ٻُڌي هن منهنجي استعفيٰ ڦاڙي ڦِٽي ڪئي ۽ پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو، ”يوسف ڀاءَ! هيءَ سڄي آفيس پئي اٿئي. ڪنهن به ڪمري ۾ رهي پوندو وڃ ۽ ميس مان ماني کائيندو وڃ. ڀلي هڪ ڏينهن ڇڏي ٻي ڏينهن اچ پر توکي عبرت ڇڏڻي ناهي.“
    منهنجي ”عبرت“ جوائن ڪرڻ مهينو سوا پوءِ، نئين ٽهيءَ جي ڪجهه دانش ــ ورن جو هڪ گروپ ڪريميءَ سان ملڻ ۽ کيس عبرت مئگزين بابت مفت مشورا ڏيڻ لڳو. هيئن ڪريو، هونئن ڪريو... غفور ڪريميءَ سندن ڳالهين کان متاثر ٿي کين ”عبرت مئگزين“ جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي. انهيءَ گروپ ۾ اعجاز منگي، حسن درس، انعام شيخ، مسعود لوهار ۽ هڪ ميراڻي همراهه شامل هو. اهو گروپ پهتو ته عملي طرح ”عبرت مئگزين“ انهن جي حوالي ٿي ويو. غفور ڪريمي، هڪ سٺو پروفيشنل ماڻهو هو، پر طبيعت جو جذباتي، ڪنن جو ڪچو، بي حس ۽ ٻو-ٽڪي جو فائدو حاصل ڪرڻ تي ٻئي کي لت هڻڻ وارو ڪاٺياواڙي هو. هو اديب ڪونه هو، بس رڳو ڪاروباري ماڻهو هو ۽ منجهس ڪاروباري صلاحيتون تمام گهڻيون هيون. انهيءَ گروپ مان آخر ۾ وڃي مسعود لوهار بچيو. جنهن مئگزين کي سٺي نموني هلايو. مسعود باصلاحيت نوجوان هو، ان وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ جو شاگرد هو. مسعود سان منهنجي اڳ ۾ ئي سُٺي اٿي ويٺي هئي. اعجاز منگي ۽ انعام شيخ رسالي ۾ ڪالم لکندا هئا. پوءِ پروف ريڊنگ لاءِ هڪ ٻيو ڇوڪرو به رکين. مسعود لوهار جي محنت ۽ انهن يارن جي صلاحن مئگزين کي ڪافي اُڀاريو. هيڏانهن غفور ڪريميءَ ان گروپ جي همراهن جي فرمائشن جي وڌندڙ لسٽ کان بيزار ٿي، هڪ هڪ ڪري، ڪونه ڪو هيلو بهانو بنائي کين چلتو ڪرڻ شروع ڪيو، ائين هو سڀ مسعود لوهار کانسواءِ پنهنجي سهڻي صلاحن ۽ صلاحيتن سان گڏ واپس موٽايا ويا.
    مسعود لوهار، رسالي کي نهايت سهڻي نموني سان هلايو. مسعود جي صلاحيتن کيس اڳتي هلي سٺا موقعا فراهم ڪيا. هو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران انگلينڊ مان سکيا به وٺي آيو. اڳتي هلي آڪسفورڊ پريس ۽ ٻين ادارن کان ٿيندو ٻاهرين ڊونر ايجنسي UNDP ۾ وڏي عهدي تي وڃي لڳو. مسعود جڏهن يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ته هن ان دوران ”انقلاب پبليڪيشنس“ جي نالي سان هڪ پبليڪيشن به شايع ڪئي. جنهن جا ٻه يا ٽي پرچا شايع ٿيا. مسعود جون لکيل ٻه ڪهاڻيون ”دود ڦلا“ ۽ ”مانگر پاور ــ سپر پاور“ مونکي اڃا به ياد آهن.
    ان وقت مون جواهر لال نهروءَ جي آتم ڪهاڻي ترجمو ڪري ”عبرت مئگزين“ ۾ قسطوار هلائڻ شروع ڪئي. نِهروءَ جي اها آتم ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ۾ ترجمو ٿي چڪي هئي، پر مونکي خبر نه هئي ۽ ورهاڱي کانپوءِ وري نه ڇپي هئي. اٺهن ڏهن قسطن کانپوءِ جڏهن مون ڏٺو ته مسعود لوهار اها هلائڻ کان آناڪاني پيو ڪري ته مون وڌيڪ ترجمو ڪرڻ بند ڪري ڇڏي. هاڻ ته اهي ترجمو ٿيل قسطون به مون وٽ نه آهن.
    جيتوڻيڪ اسان سڀني کي ”عبرت مئگزين“ کي گڏجي هلائڻون هو. پر هو پنهنجي ڪندا هئا، جنهن ڪري آئون هوريان هوريان مئگزين جي ڪم کان ڌار ٿي فقط ”روزاني سنڌو“ جي ڪم تائين محدود ٿي ويس ۽ هر ٻي يا ٽي ڏينهن اچي پنهنجو ڪم ڪار لاهي هليو ويندو هئس.
    هڪ ڏينهن غفور ڪريميءَ مونکي گهرائي ”هزار داستان“ سنڀالڻ جي لاءِ چيو، جيڪو ان وقت پاڻمرادو پيو نڪرندو هو ۽ مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا مرتضيٰ سيال اچي، خطن کي ترتيب ڏيئي، ”پنهنجون پچارون“ لکي ڏيئي هليو ويندو هو. مون چارج سنڀالڻ سان ئي ذهن ۾ هڪ خاڪو ترتيب ڏنو ۽ ان کي روايتي ڊائجسٽ بدران، هڪ ادبي مخزن بنائڻ شروع ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ٻن پرچن کان پوءِ ”هزار داستان“ کي سٺي موٽ ملڻ شروع ٿي.
    شروعات مون اديبن جي انٽرويو سان ڪئي. اڳ جي ته خبر ڪونه اٿم، پر ان وقت عبرت جي رسالن ۾ اڪثر انٽرويو اردو ۽ انگريزي رسالن تان ترجمو ڪري هلايا ويندا هئا. عبرت مئگزين ۾ مون ”ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان“ جي سيڪريٽري جنرل امام علي نازش جو انٽرويو وٺي هلايو. امام علي نازش جو اهو انٽرويو سندس ڊگهي عرصي کان انڊر گرائونڊ رهڻ کانپوءِ پريس کي ڏنل پهريون انٽرويو هو. اهو انٽرويو ڄام ساقي جي گهر وڃي ورتوسين. مون سان گڏ آر.بي. سارنگ به هو. مونکي نازش جي طبيعت صفا متاثر نه ڪيو. هڪ ته هو طبيعت ۾ خشڪ مزاج لڳم. ان جو سبب اهو ٿي سگهيو ٿي ته نازش پبلڪ ۾ ايندو ئي نه هو ۽ سدائين انڊرگرائونڊ رهيو، جنهن ڪري هن جو مزاج ۽ طبيعت اهڙي بنجي ويئي هئي. ٻيو ته منهنجي ذهن ۾ سنڌ جي هڪ سياسي حلقي پاران ”نازشي سازشي نقوي ٽولي“ جو انتهائي خراب نموني پروپيگنڊه طور استعمال ڪيل جملو هو. مون نازش کان ان وقت جي صورتحال ۾ ٽراٽسڪي جي ڪنهن مضمون جو حوالو ڏيئي ڪو سوال پڇيو ته لڳم هن کي اها ڳالهه نه وڻي. ڄام ساقي اسانکي پنهنجي گهر جي مٿئين ڪمري ۾ نازش وٽ ڇڏي هيٺ هليو ويو. نازش ڪمري ۾ پٽ تي وڇايل چادر تي ويٺو هو ۽ ڀرپاسي ڪافي ڪاغذ ۽ اخبارون پيون هيون. اسان ڪلاڪ کن نازش کان سوال پڇيا. ان وقت نازش کي سندس ساٿي ڪامريڊ ”مولوي صاحب“ چوندا هئا. ڄام ساقي به اسانکي نازش وٽ ڇڏي وڃڻ مهل اهو چيائين ته، ”اوهين مولوي صاحب سان ڪچهري ڪريون، مونکي هيٺ ٿورو ڪم آهي.“
    ان ڪمري ۾ نازش پٽ تي وڇايل بستري تي ويٺو هو. منهنجي خيال ۾ ستر سال کن عمر ٿينديس. نازش سان ملاقات منهنجي لاءِ ڪنهن تجسس کان گهٽ نه هئي. جو مون سندس خلاف پروپيگنڊه ۽ تعريف ايتري ته ٻڌي هئي، خاص ڪري عوامي تحريڪ وارن پاران پروپيگنڊه ۽ ڪميونسٽ دوستن پاران ساراهون، جو هو منهنجي لاءِ ڏند ڪٿائي ڪردار بنجي ويو هو. بهرحال آئون امام علي نازش کان متاثر ٿي نه سگهيس. جيتوڻيڪ آئون ان ڳالهه جو به قائل آهيان ته پهرين ملاقات ۾ ڪا راءِ جوڙڻ ٺيڪ ڪونهي.
    ڪڏهن ڪڏهن انٽرويوز جي دوران دلچسپ واقعا ۽ ڳالهيون ٿينديون هيون هڪ ڀيري مونکي ۽ آر.بي سارنگ کي سپاف جي مرڪزي صدر غوث علي شاهه جو انٽرويو وٺڻ جي لاءِ موڪليو ويو، جيڪو اُن وقت حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ رهيل هو. اسان اتي پهتاسين. سپاف جا نوجوان ويٺا هئا. شاهه صاحب ان وقت اڃا ناشتو ڪري رهيو هو. اسين ڪلاڪ کن ويٺا رهياسين. پوءِ اسانکي ٻي روم ۾ نيو ويو، جت غوث علي شاهه ويٺو هو. خوش خير عافيت کان پوءِ اسان انٽرويو شروع ڪيو. تيسين اتي به سپاف جا شاگرد اچي ويهي رهيا ۽ غوث علي شاهه جي موجودگيءَ کي ڪا اهميت نه ڏيندي گوڙ ڪرڻ لڳا. جن کي پوءِ غوث علي شاهه دڙڪا ڏيئي ماٺ ڪرايو. انهن ڏينهن ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين لنڊن هليو ويو هو ۽ پي پي جي حڪومت کيس گرفتار ڪرڻ جي لاءِ لڳاتار بيان بازي ڪري رهي هئي. سو اسان به انهيءَ سلسلي ۾ هڪ سوال پُڇيو. جواب ۾ شاهه صاحب وراڻيو، ”اسان (حڪومت) جلد ميٽروپول پوليس سان رابطو ڪري کيس گرفتار ڪرائي پاڪستان آڻينداسين.“
    ”ميٽروپول پوليس!؟“ مون ڳالهه نه سمجهندي ورجايو.
    ”ها، ها! اسين برطانيا جي ميٽروپول پوليس هٿان کيس جلد گرفتار ڪرائي پاڪستان آڻينداسين.“
    اهو ٻڌي مونکي ڏاڍي کل آئي. پر روڪي ورتم. اصل ۾ شاهه صاحب کي ”انٽرپول پوليس“ چوڻ کپندو هو. پر اهو نالو شايد سندس ذهن ۾ ”ميٽروپول“ بنجي ويو. تنهنڪري هو بار بار ”ميٽروپول... ميٽروپول“ جو ورجاءُ ڪندو رهيو. اسان جڏهن ”عبرت مئگزين“ ۾ اهو انٽرويو ڇپيو ته، ”ميٽروپول“ لفظ درست ڪري ”انٽرپول“ ڇپيو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين، ”ميٽروپول پوليس“ چئي کلندا رهياسين.
    ”هزار داستان“ ۾ مون پهريون انٽرويو غلام حسين رنگريز جو وٺي ڇپيو. تنهن کانپوءِ عبدالجبار جوڻيجي جو ۽ پوءِ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو، جيڪو وٺڻ لاءِ آئون خاص لاڙڪاڻي ويس. اهو انٽرويو ”هزار داستان“ ۾ ٽن قسطن ۾ شايع ٿيو. اهو هڪ يادگار انٽرويو هو جيڪو پوءِ هندستان مان نڪرندڙ ”جهولي لال“ اخبار ۾ ”ساٿي سوڀي جون ساروڻيون“ جي سري سان ڇپيو.
    سوڀي صاحب جو آئون اڳ ۾ ئي مداح هئس. ساڻس ان پهرين ملاقات کانپوءِ منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو، سندس درشن ضرور ڪرڻ ويس. ڪامريڊ هڪ ڀيرو حيدرآباد آيو ته پاڻ قرب ڪري امداد قاضيءَ سان گڏجي عبرت جي گلستان سجاد واري آفيس به آيو، جتي مون کانئس آٽوگراف ورتو، جيڪو پوءِ مون پنهنجي ڪتاب ”ڀورو بگهڙ“ جي پويان ڏنو.
    مٿين انٽرويوئن کانسواءِ مون ٻيا به ڪيترائي انٽرويو ورتا ۽ شايع ڪيا. اڳتي هلي مونکي ’هزار داستان‘ جي لاءِ ڪافي سٺن ليکڪن جو سهڪار مليو. مون به انهن جي ڏاڍي عزت افزائي ڪئي ۽ کين احترام ۽ سندن حيثيت موجب ڇپيم. لاڙڪاڻي جي ڪن دوستن محمد علي پٺاڻ، واجد، منظور ڪوهيار، قاسم ڪيهر، رئوف عباسي ۽ ٻين مون سان ڀرپور سهڪار ڪيو. منٺار سولنگي سان منهنجي دوستيءَ جي شروعات به اتان ئي ٿي. آئون جڏهن پهريون ڀيرو نئين ديري ويس ته هن ٻي ڏينهن شام جو منهنجي مان ۾ ”سنڌي ادبي سنگت نئين ديري“ جي گڏجاڻي به رکي، جنهن ۾ مٿين دوستن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي دوست شريڪ ٿيا هئا. منٺار ۽ منهنجو اهو ساٿ سنڌي ادبي سنگت کي ادبي ۽ فڪري ڪردار ادا ڪرائڻ جي جدوجهد ۽ ڪوششن جو بنياد ثابت ٿيو.
    محمد علي پٺاڻ ته سُٺن سُٺن ليکڪن کان مواد وٺي مونکي هزار داستان جي لاءِ موڪليندو هو. انهن ۾ رزاق مهر، پروفيسر اياز قادري، ملڪ آگاڻي، انور ابڙو، ڪيهر شوڪت، سليم ڪورائي ۽ ٻيا کوڙ سٺا نالا شامل آهن. اهو به هڪ عجيب دور هو. ڪافي سالن کانپوءِ هڪ ڀيري لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪتاب گهر تي محمد علي پٺاڻ ملي ويم، جنهن هزار داستان جي ناتي کڻي سوگهو ڪيو. هو رزاق مهر کي به وٺي آيو. ڪافي سٺي ڪچهري ڪئيسين ۽ ماني به گڏ کاڌيسين. موڪلائڻ مهل رزاق مهر مونکي چيو، ”اڄ هزار داستان وارو پراڻو دور ياد اچي ويو.“ افسوس جو رزاق سان وري ملاقات ٿي نه سگهي ۽ هو موڪلائي هميشه جي لاءِ وڃي مٽي ماءُ جي هنج ۾ سُتو.
    اڳتي هلي ”هزار داستان“ جي ادبي حلقن، خاص ڪري نئين ٽهيءَ ۾ هڪ ڌار حيثيت ٺهي ويئي. هڪ ڀيري مرحوم واجد مونکي هڪ خط ۾ لکيو، ”آس اٿم ته ”سهڻي“ ۽ طارق اشرف جيان ”هزار داستان“ ۽ يوسف سنڌي به هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم رهندا.“ لاڙڪاڻي کانسواءِ ميرپور بٺوري جي دوستن به ڪافي سهڪار ڪيو ۽ رهنمائي ڪئي. خانوانڻ مان غلام نبي ناشاد، گلشن حديد ڪراچي مان غفور ميمڻ، عابد مظهر، راز شر، خيرپور مان سيد الطاف عاصي، پني عاقل مان نعيم شيخ، جوهيءَ مان محمد علي ماجد ۽ خليل عارف سومري ۽ ٻي سنگت ”هزار داستان“ جي سلسلي ۾ مون سان بنا لالچ جي هڪ مشن سمجهي ساٿ ڏنو. مٿيان سڀ دوست پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ به گڏ رهيا ۽ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪيائون.
    ملڪ آگاڻي سان منهنجي دوستي به ”هزار داستان“ جي ڪري ئي ٿي. ملڪ، سنڌي ادب جو وڏو ۽ ڪهاڻي جي حوالي سان منفرد نالو هو. سندس پهرينءَ ناول ”نيروليءَ جي ڪن“ سنڌ جي سياسي طبقن ۾ وڏو ٻڙدڪ مچايو. خاص ڪري عوامي تحريڪ وارن کيس خوب گاريون ڏنيون. ڪيهر شوڪت ان ناول کي سنڌي جو وڏو ناول قرار ڏنو آهي. سندس ٻيو ناول ”سج جا پاڇا“ جيڪو سندس شهادت کانپوءِ ڇپيو. سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام خلاف جدوجهد جو استعارو چئجي ته وڌاءُ ڪونهي. ان ناول کي اسين شولوخوف جي ناولن ”جڏهن ڌرتي جاڳي“ يا ”پهاڙون ڪي بيٽي“ يا ٻين روسي انقلابي ناولن سان ڀيٽي سگهون ٿا. پر مونکي ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي ته ملڪ آگاڻي جي شهادت به لڳ ڀڳ ائين ئي ٿي، جيئن ناول جي هيري ”پارس“ جي ٿي. پارس به وڏيرڪي ڪوڙڪي جو شڪار بڻيو ته ملڪ آگاڻي به!
    منهنجو ٻه ڀيرا مختصر عرصي لاءِ ملڪ جي ڳوٺ به وڃڻ ٿيو. جڏهن منٺار سولنگي نئين ديري ۾ مون سان شام ملهائي ته ان جي صدارت به ملڪ آگاڻي ئي ڪئي. ملڪ جو ڳوٺ ’آگاڻي‘ زيتونن جي باغن جي وچ ۾ آهي ۽ بلڪ درياهه جي ڪنڌي سان واهه جو خوبصورت هنڌ آهي.
    هڪ ڀيري ملڪ آگاڻي دڙي به آيو. رات ٽِڪيو، ڏاڍي سُٺي ڪچهري ڪئيسين. سندس ڪافي خط مون وٽ سندس دوستي ۽ محبت جو اثاثو آهن.
    هزار داستان ۾ مون هڪ مشن جيان ڪم ڪيو. مون ڪڏهن به ائين نه محسوس ڪيو ته ڪو آئون هڪ اخباري اداري جو ورڪر آهيان ۽ هو مونکي محدود پگهار ڏين ٿا. تنهنڪري آئون به ان حساب سان هلان! نه، مون ائين نه ڪيو. مون پنهنجون سڀ صلاحيتون ۽ توانائيون ”هزار داستان“ جي لاءِ وقف ڪيون. نتيجي ۾ مونکي پڙهندڙن ۽ لکندڙن پاران سٺي موٽ ملندي هئي. آڪٽوبر 1990ع کان، جنوري 1993ع تائين جا هزار داستان جا پرچا کڻي ڏسڻ سان، انهن جي معيار جي خبر پئجي ويندي. هڪ ڊائجسٽ هوندي به مون هزار داستان کي هڪ ڊائجسٽ جي تصور کان آجو ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي هڪ ڀيري سائين نجم عباسيءَ مونکي خط ۾ لکيو، ”توهان ڏاڍو چڱو ڪيو آهي، جو هزار داستان کي ’اردو ڊائجسٽن‘ واري تصور کان گهڻي قدر آجو ڪري ڇڏيو اٿوَ.“
    هتي هڪ ڳالهه لکندي مونکي بيحد خوشيءَ جو احساس پيو ٿئي ته سائين نجم عباسي فالج جي بيماري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي لکيل لڳ ڀڳ هر لکڻي مونکي موڪلي ۽ اهي مون هزار داستان سان گڏ ”عبرت مئگزين“، ”بختاور“ ۽ ”سنڌو“ ۾ ڇپايون. منهنجو ساڻس لڳاتار رابطو رهندو هو. اسانجي وچ ۾ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. نه رڳو اهو پر مون ڪافي مهينا ”عبرت“ وارن کان کيس سندس لکڻين جو معاوضو پنج سؤ روپيا ماهوار به وٺرائي ڏنو. منهنجي لڳاتار رابطي ۽ اسانجي وچ ۾ ٿيندڙ خط و ڪتابت کيس لکڻ جي لاءِ اُتساهيو. جنهن جو ذڪر پاڻ هڪ خط ۾ به ڪيائين، ”... مان توهانجو ڏاڍو ٿورائتو آهيان، جو منهنجا انٽرويو وٺڻ ۽ منهنجون لکڻيون شايع ڪرڻ ذريعي، توهان منهنجي همت افزائي پي ڪئي آهي ۽ دل پي وڌائي آهي. ان ڪري ئي اڌ رنگ جهڙي بيماري هوندي به چڱو چوکو لکندو رهيو آهيان ۽ سموريون لکڻيون توهانجي حوالي ڪندو پيو اچان.“
    سائين نجم عباسي جا لکيل مون ڏي خط پوءِ مون 1993ع ۾ ”جبل مٿي باهڙي“ جي نالي سان سندس خواهش ۽ اجازت سان ڇپرائي پڌرا ڪيا.
    منهنجي هر ممڪن اها ڪوشش هوندي هئي ته هزار داستان جي عام پرچن کان علاوه خاص نمبر به ڪڍجن. ان وقت سنڌي ڪهاڻي جو حوالي مان بحث ڇڙيل هو ته ”سنڌي ڪهاڻي جو معيار ڪهڙو آهي؟“، مون ان بحث کي هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اپريل 1992ع ۾ پهريون ڀيرو ڪهاڻي نمبر ترتيب ڏنو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ سٺ ڪهاڻيڪارن جون نڪور ڪهاڻيون شامل هيون. اهو نمبر پنهنجي جاءِ تي هڪ يادگار نمبر آهي، جنهن کي گهڻن دوستن واکاڻيو.
    ٻيو ڀيرو، جنوري 1993ع ۾ هزار داستان جي ڪهاڻي نمبر شايع ڪيم. جيڪو اڳينءَ نمبر کان وڌيڪ ڀرپور ۽ سگهارو هو. اهو هزار داستان جو آخري پرچو هو، جيڪو مون ايڊٽ ڪيو. ڇو ته 27 ڊسمبر 1992ع تي پنهنجي هڪ ڪالم ڇپجڻ جي ڪري عبرت گروپ، ڪجهه بنياد پرستن جي پريشر ۾ اچي مون کان هزار داستان جون ذميداريون واپس وٺي ورتيون.
    مٿين ٻن نمبرن کانسواءِ مارچ 1992ع ۾ ”هزار داستان“ پاران هڪ ٻيو خاص نمبر به ڪڍيو ويو. جيڪو ٽن سؤ صفحن تي ٻڌل هو. اهو پرچو مواد توڙي گيٽ اپ جي لحاظ کان منفرد پرچو هو.
    انهن ٽنهي خاص نمبرن ۽ ٻين عام پرچن جي اشاعت دوران غفور ڪريميءَ جو مون تي پورو ڀروسو رهيو. هن هزار داستان جي پاليسي وغيره بابت مونکي ڪڏهن به هدايتون وغيره نه ڏنيون. جڏهن ته ٻين رسالن بابت هو سدائين غير مطمئن رهندو هو ۽ انهن جون پاليسيون ۽ انهن جي ادارتي بورڊ ۾ تبديليون ڪندو رهندو هو.
    هزار داستان جي ايڏي پذيرائي جو هڪ سبب ان ۾ عام پڙهندڙ جي شموليت به هئي. ڪوبه رسالو، عام پڙهندڙ جي شموليت کانسواءِ ڪاميابي ماڻي نٿو سگهجي. تحقيقي جرنلن جي ڳالهه ٻي آهي. هزار داستان ۾ عام پڙهندڙن جي لاءِ ”جهڙو سوال تهڙو جواب“، ”سوال اسانجو جواب اوهانجو“، ”ڊائري جا ورق“، ۽ زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ سچن واقعن بابت سلسلو ”سچ سلجانءِ ڳالهڙي“ هلندا هئا.
    ”جهڙو سوال تهڙو جواب“ پهرين آر.بي. سارنگ سنڀاليندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن هڪ سوال موڪليو ته، ”شريف ۽ بدمعاش ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ آر.بي. سارنگ انهيءَ جو جواب ڏنو، ”جهڙو امداد حسيني ۽ نثار حسينيءَ ۾!“
    بس پوءِ ته طوفان کڙو ٿي ويو. امداد حسيني ۽ نثار حسينيءَ واري واري سان فون ڪئي ته ”اسانکي ٻڌايو ته اسان مان ڪير شريف ۽ ڪير بدمعاش آهي؟“ انهن ڏينهن امداد ۽ نثار سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جا ملازم هئا.
    اسين اچي ڦاٿاسين ۽ نيٺ ٻنهي کان معافي وٺي جند ڇڏائيسين. آر.بي. سارنگ، جيڪو سدائين ٻين کي ذهني ٽارچر ڏيندو ۽ چيڙائيندو رهندو هو، سو ڄڻ اسان مان ڦاسي ويو ۽ اسين ڪافي ڏينهن تائين کيس اهو چئي پيا چيڙائيندا هئاسين ته، ”ها ته سارنگ... شريف ڪير ۽ بدمعاش ڪير آهي؟“
    اُتي ڪم ڪندڙ سڀئي دوستن جي پاڻ ۾ سٺي انڊَر اسٽينڊنگ هوندي هئي ۽ اسان هڪٻئي تي عجيب عجيب نالا رکيا. ٻين تي ته اهي ٺهڪي نه سگهيا. البت عرس عمراڻي، ”يو.يو.سنڌي“ ۽ ڏونگر ڏوٿي ”ڊي.ڊي“ جي نالي سان مشهور ٿي ويا.
    آر.بي. سارنگ جي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ به ٻيائي نه هوندي هئي، جيڪو دل تي سو زبان تي هوندو هئس. هر وقت کلندو ۽ کلائيندو رهندو هو. آفيس جي قاعدن ۽ قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته ٻيا به انهن تي عمل ڪن. هو چوندو هو، ”صحافت منهنجو مستقبل ڪونهي ۽ منهنجو ڪوبه دوست ڪونهي. جيستائين آءُ ايم.اي ڪري نه وٺندس، تيستائين عبرت ۾ ڪم ڪرڻ منهنجي مجبوري آهي.“ ٿيو به ائين ايم.اي انگلش ۾ ڪرڻ کانپوءِ هو عبرت ڇڏي ويو. ڪجهه وقت هڪ رسالو ”بوند“ جي نالي سان شايع ڪيائين، پوءِ اسلام آباد ۾ نويد قمرالزمان شاهه جو اسسٽنٽ ٿيو. پ پ گورنمينٽ ختم ٿي ته واپس موٽي آيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيهر عبرت جوائن ڪيائين. پر گهڻو عرصو جٽاءُ ڪري نه سگهيو.
    عبرت ڇڏڻ کانپوءِ اسانجي ڪافي سالن تائين ملاقات نه ٿي. هڪ ٻه ڀيرا اسلام آباد مان فون تي ڳالهايائين. پوءِ مون جڏهن 2003ع ۾ هلال پاڪستان جو ادبي صفحو ”ڏات“ سنڀالڻ شروع ڪيو ته کيس ڪٿان خبر پئي. پاڻ فون ڪيائين. پوءِ آيو ۽ ملاقاتون ٿيون. هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي گهر به وٺي ويو. پنهنجي ٻي گهر واري ڀاڀي رضيه ۽ ننڍڙي پُٽ ريحان سان ملايائين. منهنجي خدمت ۾ وسان ڪونه گهٽايائين. سندس پهرين گهر واري ويم دوران گذاري ويئي هئي، ان وقت پاڻ ڪنهن اشتهاري ڪمپني ۾ هو ۽ پوءِ آغا خان جي ڪنهن پروجيڪٽ ۾ هليو ويو.
    انهن ملاقاتن مونکي عبرت وارو زمانو ياد ڏياري ڇڏيو۽ مون انهيءَ يادگيري کي ”ياد“ رکڻ جي لاءِ پنهنجي ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ جو ٻيو ايڊيشن آر.بي. سارنگ، ڀاڀي رضيه ۽ ننڍڙي ريحان کي ارپيو.
    آر.بي. سارنگ کي فيچر لکڻ جو سٺو ڏانوَ هو. هن ٻه ٽي فيچر لکيا، جن مان هڪ ٻَڙن تي هو. عنوان هئس ”ٻڙا، ٻڙيون ۽ زندگي“. اهو بيحد دلچسپي پيرايي ۾ لکيل هو. هن ٻَڙن تي فيچر لکڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ٻڙن سان دوستيون رکيون ۽ کانئن سندن اندريون حالتون معلوم ڪرڻ جي لاءِ، مٿن ڪافي پئسا به خرچ ڪيا. آر.بي. سارنگ جو اهو فيچر هفتيوار ”سنڌو“ ۾ ڇپيو. جنهن جو پاڻ ئي ايڊيٽر هو. اهو فيچر جيڪڏهن ڪنهن انگريزي رسالي يا اخبار ۾ ڇپجي ها ته نه رڳو سندس سٺي پذيرائي ٿئي ها، پر کيس ضرور سٺي فيچر رائٽر جو ايوارڊ ڏنو وڃي ها. پر سنڌي صحافت، آر.بي. سارنگ کي ڇا ٿي ڏيئي سگهي؟
    انهن ڏينهن منهنجي اتي ڪم ڪندڙ هڪ ٻي دوست منصور کوکر سان ڪافي ويجهڙائپ ٿي ۽ اسين اڪثر پاڻ ۾ ويٺا ڪچهري ڪندا هئاسين ۽ اسانکي جي آر.بي. سارنگ ائين ويٺل ڏيندو هو ته اسان ڏانهن معنيٰ خيز مذاقي انداز ۾ ڏسي چوندو هو، ”اڇا ته ايڊز پکيڙڻ جي سازش پئي ٺهي ڇا..؟“
    پوءِ اها ايڊز ڦهلائڻ واري مشڪري، هٿ وٺي هر ٻن اڪيلن ويٺلن سان ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪنهن کي به اندازو نه ٿيو ته سارنگ ڪيڏي نه استادگيريءَ سان واري وٽي سان سڀني کي ”ايڊز“ جي ٽوڪ جو نشانو بنائيندو ويو. منصور کوکر سان، منهنجي اها دوستي فقط عبرت تائين رهي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن گس پنڌ يا ڪنهن اخباري آفيس ۾ ڪجهه گهڙين جي لاءِ ملڻ ٿيندو هو ۽ بس!
    مون ”هزار داستان“ جا ڪُل 26 پرچا ايڊٽ ڪيا. جن ۾ مون هر ممڪن اها ڪوشش ڪئي ته نوجوان ۽ نوان لکندڙن جي همت افزائي ڪجي ۽ سٺو ادب پيش ڪجي. مون ڪڏهن به ننڍي يا وڏي ليکڪ جو فرق نه رکيو. البت اهو آهي ته سينيئر دوستن جو احترام پاڻ تي سدائين واجب سمجهيم. مون لاڙڪاڻي جي هڪ نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪار دوست قدير شيخ جو انٽرويو ڇپيو ته گهڻن مون کان پڇيو ”قدير شيخ جي ادبي حيثيت ڪهڙي آهي جو سندس انٽرويو ڇپيو اٿئي؟“ حيثيت جو جواب پنهنجي جاءِ تي، جو ان وقت تائين قدير شيخ گهڻو نه ڇپيو هو. سندس هڪ ٻه ڪهاڻيون هزار داستان ۾ به ڇپيون هيون، پر اهي ڪهاڻيون دل ۾ پيهي ويندڙ ۽ سٺي معيار جون هيون. سندس انٽرويو مون اُن ڪري ڇاپيو جو اهو مونکي بيحد وڻيو ۽ منجهس ڪافي نيون ڳالهيون ۽ معلومات هئي. هن جي انٽرويو خود منهنجي ڄاڻ ۾ به واڌارو ڪيو. منهنجو مقصد به اهوئي هو ته هزار داستان جي ذريعي پڙهندڙن تائين وڌ ۾ وڌ ڄاڻ پهچائجي.
    آئون جتي به رهيس، ”سنجها“ جو اجراء ڪيم، يا هلال پاڪستان جو ادبي صفحو ڏات سنڀاليم. يا عورتن جو صفحو سگهڙين سٿ (هلال پاڪستان جو ادبي صفحو مون سوا سال تائين پنهنجي ڌيءَ ’امرتا‘ جي نالي ۾ سنڀاليو) ان ئي پاليسي تي ڪاربند رهيو آهيان. سنگت پبليڪيشن جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ به مون اهائي پاليسي اختيار ڪئي. تنهن کانسواءِ مون هزار داستان ۾ ڪيتريون ئي لکڻيون فرضي نالن ”آزاد شاهين“ ۽ ”سرمست فقير“ ۽ هلال پاڪستان ۽ سنگت ۾ ”عمر حميد“ ۽ ”ابو شهزاد“ جي نالي سان لکيون ۽ ترجمو ڪيون.
    طارق قريشي سان منهنجي دوستي به هزار داستان وسيلي ٿي. طارق جي ڪري پوءِ علي اظهار سان دوستي ٿي. علي اظهار طارق قريشي جو دوست هو. طارق قريشيءَ جي هڪ ڪهاڻي ”کٻڙ اسپاٽ“ مون وٽ منصور کوکر کڻي آيو هو. ان کان اڳ، طارق قريشي پنهنجي هڪ ڪهاڻي مونکي پوسٽ رستي موڪلي هئي. طارق جي هڪ ڪهاڻي مرحوم طارق اشرف جي هٿن مان گذري ”سهڻي“ ۾ ڇپي هئي ۽ گهڻي پذيرائي ماڻي هئائين. انهي پذيرائي ۽ واکاڻ طارق کي وڏي مـَـڳيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو ۽ ان ڪهاڻي سان گڏ جيڪو خط لکيائين ته ان ۾ به... خير... مون کان طارق جي خط ۾ اختيار ڪيل مـَـڳي برداشت نه ٿي ۽ مون اها ڪهاڻي بنا پڙهڻ جي ڪاوڙ ۾ ”ڊسٽ بن“ ۾ ڦٽي ڪئي. آخر آئون به ته هڪ رسالي جو ايڊيٽر هئس!
    پوءِ جڏهن دوست ٿياسين ته مون طارق کي اها ڳالهه ٻڌائي... ۽ اسين ان ڳالهه کي ياد ڪري خوب کلندا هئاسين. پوءِ مون طارق جون هزار داستان ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇپيون ۽ سندس ٽي ڪتاب پڻ ”ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بلڊنگ“، ”پنجين موسم کانپوءِ“ ۽ ”ٽين اک“ به ڇپرايم ۽ سندس ڪهاڻين جو اردو ترجمو مصطفيٰ ارباب کان ڪرايم. سندس هڪ ڪهاڻي پنجابي جي رسالي ”مان بولي“ پنجابي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايم ۽ ٻه انگريزي ۾، جيڪي منهنجي هڪ دوست اصغر جتوئي ڪيون.
    آئون طارق سان پنهنجي دوستي ۽ لاڳاپن جي حوالي سان هتي گهڻو ذڪر نه ڪندس. اهو هڪ عجيب دور هو، جيڪو خوشين، غمن، ٽهڪن ۽ سڏڪن سان ڀريل آهي. آئون ان سڄي عرصي کي ڪوبه نانءُ نٿو ڏيئي سگهان. البت اهو ضرور آهي ته آئون طارق قريشي ۽ پنهنجي هڪ ٻي هڪ دوست جمن سوهي سان پنهنجي دوستي ۽ هنن لاءِ ڏنل قربانين ۽ آخر ۾ هنن جي روين ۽ مون سان ڪيل خوب جُٺين کي فقط ”انساني فطرت“ جي هڪ ڪڙي سمجهي وسارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
    مٿي لکي آيو آهيان ته آئون روزاني سنڌو جا ايڊيٽوريل ۽ نو پرابلم به لکندو هئس. پر منهنجو خبرن سان ڪو سڌو يا اڻ سڌو تعلق نه هو. ان وقت سارنگ شاهه، سنڌي ادبي سنگت ۾ تاج جويي کي تنگ ڪندو هو ۽ ڪنهن نه ڪنهن دوست جي وسيلي ”سنڌوءَ“ ۾ سندس خلاف ڪانه ڪا خبر هلائي ڇڏيندو هو. ٻي ڏينهن تاج جويي جو ڌمڪين سان ڀريل اُٺ جي آنڊي جيڏو خط اچي غفور ڪريميءَ کي پهچندو هو. جنهن ۾ هو منهنجي باري ۾ شڪايت ڪندو هو ته يوسف سنگت جي خلاف خبرون ٿو هلائي، تنهنڪري هن جي خلاف قدم کڻو. نه ته اسين هيئن ڪري ڇڏينداسين، هونئن ڪري ڇڏينداسين. اهي خبرون ”سنگت“ جي خلاف نه پر تاج جويي جي غلط پاليسين تي سارنگ شاهه جي بيان جي صورت ۾ هلنديون هيون ۽ تاج کان اهي برداشت نه ٿينديون هيون. سارنگ شاهه منهنجو دوست هوندو هو ۽ ڪجهه وقت اڳ اسان سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ تاج جويي جي بيهاريل اميدوار نياز پنهور سان مقابلو ڪري، تاج جويي جا خوب پگهر ڪڍيا هئا، نياز پنهور جي سامهون سارنگ شاهه خزانچي جي چونڊ وڙهي هئي. غفور ڪريمي اهي خط مونکي ڏيکاري پُڇندو هو، ”يوسف ڀا! تاج جويي جي توسان ڪهڙي دشمني آهي!؟“
    نثار کوکر، عبرت ۾ پهرين پروف ريڊر جي حيثيت سان لڳو. پوءِ کيس ”اوهانجو اڄوڪو ڏينهن ڪيئن گذرندو؟“ جو ڪالم حوالي ڪيو ويو، جنهن ۾ هو برجن جو ترجمو ڪري ڏيندو هو. پوءِ هزار داستان ۾ منهنجو اسسٽنٽ ٿيو. مون کانپوءِ کيس ۽ لياقت رضويءَ کي گڏيل طور تي هزار داستان جون ذميداريون حوالي ڪيون ويون. ايئن هو هوريان هوريان محنت ڪندو سٺو رپورٽر بنجي ويو. ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين کانپوءِ هاڻ بي بي سي تائين وڃي پهتو آهي. شروع شروع ۾ جڏهن عبرت ۾ آيو ته ڳالهائڻ ئي نه نڪرندو هوس، پر هاڻ نثار ڪيا بولتا پيو ڪري، ۽ ڪنهن تي فلڪ ئي نه آڻيندو آهي.
    لِي آيوڪوڪا (Lee Iacoca) آمريڪي واپاري دنيا ۾ هڪ افسانوي شخصيت (Legend) جي حيثيت ٿو رکي. هو 15 آڪٽوبر 1924ع تي آمريڪا ۾ ڄائو. هن واپاري ميدان ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي. جيڪا ساڍن ٽن سؤ صفحن تي مشتمل ۽ نيو يارڪ مان ڇپي، انهيءَ جو نالو آهي:
    Iacoca: An Auto Biography, 1984
    هن لکيو آهي ته ”مون پنهنجي زندگيءَ مان سکيو آهي ته ماڻهو هلندو رهي، هلندو رهي، ايتريقدر جو خراب حالتن ۾ به هلندو رهي ۽ مايوس نه ٿئي. ايستائين جو سندس دنيا به ڊهندي هجي. مون سخت محنت جي اهميت کي ڄاتو آهي. آخرڪار اوهانکي مفيد بنجڻ کپي.“ پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪرڻ کانپوءِ، آخر ۾ هو لکي ٿو ته ”ماڻهو مونکي چون ٿا ته تو زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ تون هن مقام تي ڪيئن پهتو آهين. آئون اهوئي جواب ڏيان ٿو ته، جيڪو منهنجي والدين مونکي ٻڌايو هو، پنهنجو پاڻ کي استعمال ڪريو.“
    مٿين دوستن مان جن به پاڻ کي استعمال ڪيو ۽ سخت محنت ڪئي، اهي سٺن هنڌن تي پهتا ۽ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪاميابي ماڻيائون.
    صحافت ته مون پوءِ به ڪئي، پر وري ان جذبي ۽ جنون سان نه، ۽ نه ئي وري صحافت ۾ ڪا گهڻي دل ئي لڳيم. نومبر 1993ع ۾ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ’عبرت‘ ۾ لڳس. پر مزو نه آيو ۽ ڏيڍ ٻن مهينن کانپوءِ ڇڏي آيس. عبرت ڇڏڻ کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ مونکي نصير سارنگ (نصير ميمڻ) ٻڌايو ته ”سرواڻ“ وارا ”وطن ڊائجسٽ“ شايع ڪري رهيا آهن، تون جي راضي هجين ته سچارويءَ سان ڳالهايان. مون ”ها“ ڪئي ۽ ٻي ڏينهن اسين ٻئي گڏجي وڃي غلام حسين سچارويءَ سان ملياسين. جيڪو ”سرواڻ“ اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هو. ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري، ”وطن ڊائجسٽ“ جي سلسلي ۾ مواد وغيره جي ڪمپوزنگ شروع ڪرايم. لڳ ڀڳ ٽي مهينا اتي ڪم ڪيم. پر سچارويءَ جو ”وطن ڊائجسٽ“ شايع ڪرڻ جو ڪوبه موڊ نه هو، ۽ ان جو هڪ پرچو به شايع ٿي نه سگهيو.
    سچاروي، حد درجي جو لالچي، ڪوڙو، مرچوٽ ۽ پهرين درجي جو ٺڳ ماڻهو هو. هن ڪڏهن به، ڪنهن به ملازم کي وقت سر پگهار نه ڏني. گهڻو ڪري يا ته پگهار وارن ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ کين ڪڍي ڇڏيندو هو ۽ سندن پگهار کائي ويندو هو يا وري جيڪي ”سرواڻ“ ڇڏي، ٻي ڪنهن هنڌ وڃي ڪم ڪندا هئا ته انهن کي رلائي رلائي پوءِ مس مس وڃي پگهار ڏيندو هو. البت نصير سارنگ مٿس الائجي ڪهڙا منتر پڙهيا هئا، جو ساڻس گهڻو سيٽ هوندو هو ۽ سندس ڪافي خيال به رکندو هو.
    انهن ڏينهن ڊاڪٽر قادر مگسي تازو جيل مان ڇُٽو هو ۽ اخباري آفيسن جا دورا ڪري رهيو هو. هڪ ڏينهن هن ”سرواڻ“ اخبار جي دوري جو پروگرام به ڏياري موڪليو. هو شام جو اچڻو هو. اسان سڀ آفيس ۾ موجود هئاسين. هو وڏي شان ۽ مان سان ڪارڪن ۽ باڊي گارڊن جي جهرمٽ ۾ اچي لٿو. اسان کيس آفيس جو دورو ڪرايو ۽ سچارويءَ جي آفيس ۾، ڪلاڪ اڌ ”سچارويءَ“ کانئس انٽرويو ورتو. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سچارويءَ جي عجيب و غريب ۽ بي تُڪن سوالن جا ڏاڍا ڊگها جواب ڏنا. جنهن ڪري ڏاڍو بور ٿياسين. اهڙو ئي هڪ انٽرويو ڪجهه ڏينهن اڳ نصير سارنگ، طارق قريشي ۽ آئون ”وطن ڊائجسٽ“ جي لاءِ کانئس وٺي آيا هئاسين. جنهن جا پڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ڏاڍا ڊگها جواب ڏنا. انهن ڏينهن ڊاڪٽر قادر مگسي دعويٰ ڪئي هئي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ ترقي پسند پارٽي حڪومت ٺاهيندي. ۽ سندس اها دعويٰ هر هنڌ بحث جو موضوع بنيل هئي. اتي به ان دعويٰ جو ذڪر نڪتو. ڊاڪٽر قادر مگسي جي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي، پر 1997ع جي عام چونڊن ۾ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪردگي ڏاڍي خراب رهي. البت قادر مگسي جي پنهنجي ڪارڪردگي واکاڻي سگهجي ٿي. هن قومي اسيمبلي جي تڪ اين 182 (ٺٽو-2) تان بابو غلام حسين جي سامهون چونڊ وڙهي ۽ لڳ ڀڳ چوڏهن هزار ووٽ کنيا. جيڪي تڪ جي سماجي ۽ جاگرافيائي صورتحال کي سامهون رکي ڏسجن ته سُٺا هئا. انهيءَ ساڳئي تڪ تان رسول بخش پليجو به ٻه ڀيرا چونڊ وڙهيو ۽ سخت محنت ۽ لکين روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود به ٻارهن هزارن کان وڌيڪ ووٽ کڻي نه سگهيو هو. پليجي صاحب هڪ ڀيري ٺٽي ۾ اليڪشني مهم دوران تقرير ڪندي ان تڪ جي ماڻهن جي حالت ۽ ووٽرن تائين پهچ جي ڏکيائي جو نقشو چٽيندي چيو هو، ”هن تڪ جي ٻهراڙي، خاص ڪري جابلو علائقن جون عورتون، مرد ته ٺهيو، پر پراين زالن کان به منهن لڪائينديون آهن.“ پليجي صاحب جي اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست، پر ٻهراڙي جا ماڻهو شهيد ڀٽي جا غير مشروط شيدائي، مٿانئن ڀٽي جي شهادت جو قرض لهي ته ٻين باشعور ماڻهن کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.
    منهنجي خيال ۾، سياست يا سماجي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ شخصيتن کي حالتن جو صحيح تجزيو ڪري، پوءِ ئي ڪا دعويٰ ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙيون دعوائون نه ڪجن، جيڪي پوريون ڪرڻ سندن وس ۾ نه هجن. ڇو ته جيڪڏهن هڪ ڀيري اها دعويٰ غلط ثابت ٿي ته پوءِ ماڻهو نه رڳو شڪ جي نگاهه سان ڏسندا، پر ڀروسو ڪرڻ به ڇڏي ڏيندا.
    قصو هليو پي سرواڻ جو. ان وقت ”سرواڻ“ اخبار پنج ڇهه سؤ ڪاپيون روزانو ڇپجندي هئي. سچارويءَ اٽڪل ڏهه ٻارنهن ريم پنن جا مشين وٽ رکي ڇڏيا ۽ ڪم ڪندڙ سڀني ورڪرن کي سختي سان اهو سمجهائي ڇڏيائين ته ڊاڪٽر قادر مگسي يا ٻيو ڪو اخبار جي سرڪيوليشن بابت سوال ڪري ته ٻارهن هزار ڪاپيون ٻڌائجو.
    غلام حسين سچاروي ”وطن ڊائجسٽ“ شايع ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هو. مون سڄو پرچو ڪمپوز ڪرائي تيار ڪري ڇڏيو. هو ٻه مهينا ته مونکي پگهار ڏيندو رهيو، ٽي مهيني هن باضابطه رسالو نه ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ مون سان معذرت ڪندي رهيل هڪ مهيني جو پگهار ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. ٻن ڏينهن کانپوءِ سندس واعدي واري ٽائيم تي کانئس پگهار وٺڻ ويس. هن مونکي شام جو اچڻ جي لاءِ چيو. ائين ٻه چار ڀيرا رلايائين. هڪ ڏينهن آئون به ٿُنبي ماري ويهي رهيس ۽ پڪو پهه ڪيم ته پگهار وٺي پوءِ ئي اُٿبو. ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺس ته هُن هيٺان گهران فون ڪري، مونکي ٻي ڏينهن اچڻ جو چيائين. پر مون بنا پگهار جي وڃڻ کان انڪار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ هن پنهنجي پٽ مشتاق سچارويءَ کي ٻه سؤ روپيا ڏيئي مون ڏانهن موڪليو، پر مون اهي نه ورتا ۽ سڀني پئسن جي گهر ڪيم، جنهن تي مشتاق مون سان تکو ڳالهايو ۽ اسين پاڻ ۾ اٽڪي پياسين. هن مونکي گار ڏني ته جواب ۾ آئون به صفا ’ماڃر جو مهاڻو‘ ٿي بيهي رهيس ۽ پيٽ ۾ جيڪي گاريون هيم، سي کيس ڏنم. ماڃر بابت چوڻي آهي ته، ”ماڃر جي ڍنڍن ۾ ايتريون مڇيون ڪونهن، جيتريون ماڃرائي مهاڻن جي پيٽ ۾ گاريون آهن.“ هن ٿوري ٽيڙي ڪئي ته منهنجي هٿان به صبر جو دامن ڇڏائي ويو ۽ مٿس اُلر ڪيم. هو اُٿي ڀڳو ۽ ڊوڙي وڃي گهر ۾ گهڙي ويو. ان هُل بکيڙي سبب سڀ ورڪر مڙي اچي گڏ ٿيا ۽ آئون ٻي ڏينهن پگهار نه ملڻ جي صورت ۾ آفيس جي اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري هيٺ لهي آيس. مون سان ان روش تي نصير سارنگ به اتي جو اتي استعيفيٰ ڏيئي گهر هليو ويو.
    ٻي ڏينهن سچارويءَ نصير سارنگ سان رابطو ڪيو ۽ نه رڳو کيس پرچايائين، پر سندس هٿان مونکي رهيل پگهار ڏياري موڪليائين. پگهار ملڻ کانپوءِ ”سرواڻ“ جا ٻيا ڪارڪن ۽ اخباري دوست مونکي مبارڪون ڏيڻ لڳا، جو مون مڙسي ڪري سچاروي کان پگهار ورتو، نه ته ٻين جون پگهارون هو رهڙي کائي ويندو هو. مونکي ان پگهار ملڻ ۾ نصير سارنگ جي استعيفيٰ به ڪم ڏيکاريو، جو سچاروي کي ڊپ اچي ٿيو ته متان ٻيا ڪارڪن به ڇڏي نه وڃن. البت سچاروي کي خواريءَ جي پرواهه نه هئي.
    منهنجي تجربي موجب سنڌي اخبارون بيگار ڪئمپون آهن. اخباري ڪارڪن جيڪي پنهنجي قلم جي ذريعي سماج جي ٻين طبقن جي حقن لاءِ پتوڙي ٿو، تنهن جا پنهنجا حق سدائين اخباري مالڪن جي جتيءَ جي نوڪ سان چٿبا پيا آهن ۽ اهي همراهه ٿورن پئسن ۾ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر پيا وهندا ۽ پنهنجو رت ست ڏيندا ۽ مالڪن جو بئنڪ بئلنس وڌائيندا آهن. اڪثر اخباري مالڪ ڄٽ ۽ پئسن جا پُٽ آهن. کين قلم جهلڻ ئي نه ايندو آهي. اخباري ڪارڪنن جي نوڪري پاڙ تي ٺڪري مثل هوندي آهي ۽ جي مالڪ ناراض ٿيو يا ڪو ٻيو سبب ٿيو ته پٽيوالي جي هٿان، در تان ئي گولي ڪري ڇڏيندو اٿن. مون اڪثر اخباري ڪارڪن، خاص ڪري سنڌي اخبارن جا صحافي شهرت ڪمائڻ جي باوجود به سگريٽ ۽ چانهه جي لاءِ پئسن جي ٻاٿن ۾ هوندا آهن. اخباري مالڪ کين ايترو ته قليل اجورو ڏيندا آهن، جو هو خرچن جي پورت نه ٿيڻ سبب ذهني مريض ۽ مسئلن جو شڪار بنجي ويندا آهن. اخباري مالڪن يا سندن پاران مقرر ڪيل ڪارندن وٽ ليکڪن جي ڪابه عزت نه هوندي آهي. شروع شروع ۾ گلستان سجاد ۾ غفور ڪريمي اڪثر ڪري ڪيترن ئي نالي وارن اديبن کي ”وقت ڪونهي... ٻي ڀيري اچجو“ چئي ٻاهران ئي ٽرخائي ڇڏيندو هو.
    هڪ ڀيري طارق عالم ابڙو اندر آيو. هو انهن ڏينهن ”عبرت مئگزين“ ۾ ”ادي عبدالرحمان جو ڪالم“ فرضي نالي سان لکندو هو. پاڻ غفور ڪريميءَ کي ڪالم ڏيئي، ڪجهه دير وٽس ويهي، اسان ڏانهن هليو آيو ۽ هڪ خالي پيل ڪرسيءَ تي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳو. هو جيتري دير اُتي ويٺو رهيو، غفور ڪريمي، هر ٻي چوٿين منٽ، انٽر ڪام تي يعقوب جويي کي دڙڪا ڏيئي چوندو رهيو ته، ”طارق عالم کي چئو ته هاڻ هو وڃي.“ يعقوب جويو، طارق عالم کي وڃڻ جو چئي نه سگهيو ۽ نتيجي ۾ ڪريميءَ جا دڙڪا کائيندو ۽ اندر ئي اندر وٽبو سٽبو رهيو. طارق عالم ويو ته مس مس وڃي يعقوب جويي جي جند ڇُٽي.
    ٽيون ڀيرو مون 1996ع ۾ عبرت گروپ جوائن ڪيو، جيڪو عرصو پنجن مهينن تي مشتمل هو، ضرورت ماڻهوءَ جي مجبوري آهي، تڏهن ئي ته در در جا ڌڪا ٿو کائي. هن ڀيري منهنجي حوالي ”عبرت بوڪ ڪلب“ جو ڪم حوالي ڪيو ويو. انهن پنجن مهينن دوران مون ٽي ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپرايا ۽ هڪ ڪتاب جو ترجمو ڪيم، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ڪمپوز به ٿي ويو، پر ڇپجي نه سگهيو، ڇو ته عبرت وارن بوڪ ڪلب سميت سڀيئي رسالا، عبرت مئگزين کانسواءِ، عارضي طور تي بند ڪري اسان سڀني کي جواب ڏيئي ڇڏيو. جنهن ڪتاب جو مون ترجمو ڪيو اهو مهم جوئي تي مشتمل هو. اهو ڪافي سال پوءِ الطاف ملڪاڻي ۽ مجيب ناريجي ’شيطان جي واپسي‘ جي نالي سان هزار داستان ۾ قسطوار ڇپيو.
    منهنجي اچڻ کان اڳ ”عبرت بوڪ ڪلب“ جو ڪم تاج جويي ۽ زيب سنڌيءَ جي حوالي هو ۽ مون جيڪي ٽي ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپرايا، انهن مان پهريون ”ويٽنام مان فرار“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن ۾ ڪل پندرهن ڪهاڻيون شامل هيون. انهن مان ٽي ڪهاڻيون نصير سارنگ جون ۽ باقي ٻارهن منهنجون ترجمو ڪيل هيون. ٻيو ڪتاب ”مرحوم نور عباسي“ جي ڪالمن جو مجموعو ”واٽ ويندي“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن ۾ نور عباسيءَ جا عبرت ۾ ڇپيل چونڊ ڪالم ۽ مزاحيه افسانن جو مجموعو ”چمڙي جا واپاري“ به شامل هو. غفور ڪريميءَ جو خيال هو ته انهيءَ ڪتاب جو مهاڳ قاضي عبدالمجيد عابد کان لکائجي. ان سلسلي ۾ آئون ٻه ڀيرا قاضي عابد سان مليس. پاڻ مهاڳ لکي ڏيڻ جي حامي ڀريائين. پر پوءِ ترت گذاري ويو. مونکي ڪتاب ڇپجڻ تي گهڻي خوشي ٿي ۽ مون نواب شاهه جي ڪن دوستن کي ڪتاب جي مهورت نواب شاهه ۾ ڪرائڻ جي لاءِ به چيو، پر ڳالهه اڳتي وڌي نه سگهي. ٽيون ڪتاب ”طبي مشورا“ هو، جيڪو حڪيم نذير احمد شيخ جي عبرت ۾ ڇپيل ڪالم ”طبي مشورا“ جي سهيڙ هئي.
    هن ڀيري پراڻي سنگت مان فقط يعقوب جويو وڃي بچيو هو جيڪو پوءِ جلد ڇڏي ويو. انهن ڏينهن علي اظهار به عبرت جوائن ڪئي هئي ۽ هزار داستان جي نئين سر اجراء کانپوءِ ان جو ايڊيٽر ٿيو هو. پر ٻن پرچن کانپوءِ کيس هٽائي زيب سنڌي کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.
    ٻين ڪَمين ۾ ”عزيز گوپانگ“ به هو، جيڪو بختاور جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل هو. سندس انگريزي ڪافي سٺي هئي. ذاتي طور تي سٺو ماڻهو هو ۽ البت هڪ ڀيري ڳالهين ئي ڳالهين ۾ مونکي حيران ڪري ڇڏيائين ته عورت جي معاملي ۾ هو پنهنجي قبائلي روايتن ته ’عورت مرد جي جاگير جي حيثيت ٿي رکي ۽ مرد جي جُتي جي نوڪ برابر آهي‘، کي صحيح ٿو سمجهي. سندس خيال هو ته، ”عورت فقط گهر ٻار سنڀالڻ ۽ مرد جي استعمال جي وٿ آهي“. سندس اهي ڳالهيون ٻڌي، مونکي گهڻي حيرت ٿي. دل ۾ آيم ته چوانس ته، ”پوءِ توکي عورتن جو رسالو بختاور سنڀالڻ جو ڪوبه حق ڪونهي.“
    غفور ڪريمي ٺيڪ ٺاڪ ڪاروباري ماڻهو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس قاضي اسد عابد سان اڻبڻت ٿي ته کانئس عبرت جي ايجنسي واپس وٺي کيس ڪڍي ڇڏيائين. غفور ڪريمي پوءِ لنڊن هليو ويو ۽ اُتي ئي گذاري ويو ۽ دفن ٿيو. غفور ڪريمي جي لنڊن ۾ سياسي پناهه وٺڻ جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هن ڇا ڪيو جو پاڪستان مان وڃڻ کان اڳ هِتان هُتان مواد کڻي ڪجهه ننڍا ننڍا ڪتاب پنهنجي نالي سان ڇپرايائين، جن جا نالا رکيائين ”بينظير ڀٽو ڪي بدمعاشيان“، ”نوازشريف ڪي بي ايمانيان“ وغيره. انهن ڪتابن جون ڏهه پندرهن ڪاپيون ئي ڇپرايائين. پوءِ انهن ڪتابن جي آڌار تي پاڪستان ۾ سياسي انتقام جو نشانو بنجڻ جو رفرنس ڏيئي انگلينڊ ۾ سياسي پناهه ورتائين.


    14. ماڻهو منهنجي ڳوٺ جا

    ڪو وقت هو، جڏهن اڃا ريتن رسمن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو هو، تڏهن اڪثر گهراڻن ۾ اهو رواج هوندو هو ته پُٽ جي اولاد جو مٿو، ڪنهن بزرگ يا پنهنجي مرشد جي درگاهه تي وڃي ڪوڙائيندا هئا. اها رسم بلڪل ائين هئي، جيئن عقيقي جي رسم. انهيءَ موقعي تي دهل ڌمام، گانا بجانا ۽ ٻيا ڪئين ڌمچر ۽ تاڙ ٽپا ٿيندا هئا ۽ مائٽ نچي پَنبي وڃي پنهنجي پٽ جي پهرين جَهنڊ لهرائيندا هئا. خود منهنجي جهنڊ به امان خاص چاچا کان جيپ وٺي وڃي حيدرآباد کان پرتي ”شيخ ڀرڪيي آچاريءَ“ بزرگ جي درگاهه تي لهرائي هئي، ممڪن آهي ته اها رسم اڃا به ڪٿي ڪٿي هجي.
    دڙي جي هڪ پاڙي ”نئين ڳوٺ“ ۾ اها رسم هوندي هئي ته پنهنجي ٻارن جي جهنڊ ”کورواهه“ روڊ تي هڪ بيبي سڳوري جنهن جو نالو ”ٻانهي ٻانهياري“ هوندو هو. اُتي وڃي لهرائيندا هئا، اُتان کان پوءِ هو سڀ جيڪي بسن، سوزوڪين يا ڪارن ۾ هوندا هئا، حضرت شاهه ڪريم بلڙي واري جي مزار تي ايندا هئا ۽ اُتي مانجهاندو ڪبو ۽ دعاءِ خير گهربي هئي. مانجهاندي ۾ فقط مڇي جو ڀت هوندو هو، جيڪو بلڙيءَ واري جي مزار تي فقير فقراءَ ۾ به ورهائبو هو ۽ اڳ ۾ رڌي کڻي اچبو هو.
    جَهنڊ لهرائڻ جو اهو سڄو ڏينهن، جيڪو دڙي کان ”ٻانهي ٻانهياري“ ۽ اتان کان پوءِ بلڙي ۽ پوءِ جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي درگاهه تائين ۽ پوءِ واپس دڙي جي سفر تي ٻڌل هوندو هو، اسان ٻارن جي لاءِ ڪنهن شاندار پڪنڪ کان گهٽ نه هوندو هو ۽ اتي ”ٻانهي ٻانهياري“ تي ٻارڙي جي جهنڊ لاهيندو هو صديق حجام سونارو. هو ٿورو ٿيلهرڙو، قد جو پورو پنو هوندو، اڪثر گوڏ ٻڌل هوندي هيس، پان وات ۾ هوندو هئس، جنهن جي پڪَ واڇن کان پئي ڳڙندي هيس، حجامڪو ڪم ته ڪندو هو، پر ايترو گهڻو نه، بس ائين سمجهو ته دڙي جي ”نئين ڳوٺ“ جي اربابن جو خانداني حجام هو. ڪنهن معزز ارباب کي سنوارت لهرائڻي يا وار ٺهرائڻا هوندا هئا ته به صديق حجام سڏبو هو، جي ٻارن جو مٿو ڪوڙائڻو پوندو هو ته به صديق کي اچڻ جو چئبو هو. هو به گندي وڇائي، مشين ڪڍي يا پاڪي کڻي همراهه جي ٺوڙهه ڪري انهيءَ مٿان پاڻي وجهي، پوءِ هلڪو ٺونگو هڻي، ”هل بابا ٻيو اچي“ چئي، پريان ٻارن جي قطار ۾ بيٺل ڪنهن نينگري کي سڏيندو هو. ائين ٻارن جي اجتماعي ٺوڙهه ٿيندي هئي. سچ پڇو ته هاڻ اهي ٻار وڏا ٿي پنهنجي گهر تڙ ۽ اولاد اوڪاد وارا ٿي ويا آهن. کين مرحوم صديق حجام الائجي ياد آهي به يا نه. پر انهن ڏينهن هو صديق کان ائين ڀڄندا هئا جيئن ڪانوَ ڀڄي ڪمان کان. صديق جي اچڻ جو ٻڌي ڇوراڙ ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويندو هو.
    ائين هڪ ڀيري، مرهيات صديق حجام کان بدلو به واهه جو ورتوسين، ٿيو هيئن جو، ڪنهن ٻارڙي جي ”ٻانهي ٻانهياري“ تي مٿي ڪوڙائڻ جي رسم هجي. صديق به پوتڙو ڇنڊي اُتي پهچي ويو. هن اڃا ٻه ڏهاڙا اڳ ”ڇوراڙ“ جي ٺوڙهه ڪئي هئي. سو اسان مان ڪنهن همراهه چانهه يا شربت ۾ دستن جون گوريون ملائي کيس پياري ڇڏيون. پوءِ ته سائين صديق ڪنهن کان جهليو نه جهلجي، اڃا هو جهنگ جي خيال کان وانڌو ٿيو اچيو بيهي ئي مس تيسين وري پيٽ ۾ گهمرو. اصل کلون هجن! جيئن تيئن ڪي ويچارو ڳوٺ پهتو.
    ائين مرهيات صديق حجام سان ڇوراڙ ڪئين مشڪريون ڪندي هئي ۽ هو ويچارو اهي پيو سَهندو هو.
    دڙي ۾ صديق حجام کي ٻيو جيڪو ڪم ڪندي ڏسبو هو، اهو هي ته مسجد جي چندي جي پيتي هٿ ۾ هوندي هيس ۽ هو چندو ڪندو هو. اهو چندو هو جوانيءَ کان وٺي پيريءَ تائين ڪندو رهيو. ان وقت دڙي ۾ ديوبندي مسلڪ جي مسجد فقط هڪ ئي هئي، جن کي عام طور تي ”وهابي“ چيو ويندو آهي. اها مسجد، ڄار واري مسيت جي نالي سان مشهور هئي. هاڻي انهيءَ جو نالو ”مدينه مسجد“ آهي پر جهونن شهرين جي واتان اڃا به ’ڄار واري مسيت‘ پيو ٻڌبو آهي. هاڻ ته اها مسجد ٻه ماڙ ۽ سهڻي نموني ٺهيل آهي. اڳ ۾ اتي ورهاڱي کان اڳ هڪ کروٿ هوندو هو، جتي مسافر مڙو اچي ٻه رڪعتون پڙهندو هو، انهن جي بلڪل ڀر ۾ حضرت مراد شاهه، جي تربت هئي. انهيءَ قبر جي مجاورُ مائي مانان، هوندي هئي، جيڪا جڏهن گذاري ويئي ته کيس کروٿ جي ڀرسان دفنايو ويو. سندس قبر هاڻ مسجد ۾ اچي ويئي آهي.
    انهيءَ وقت دڙي ۾ پنجن ڄڻن جي ٻاري مشهور هئي ۽ هو عام طور تي وهابي سڏبا هئا. اُهي هئا: عرس جاڙو، جنهن جي وڏي ڏاڙهي هوندي هئي. اڳتي هلي اخبارون به وڪيائين. ماستر محمد ابراهيم فاضلاڻي جنهن جو فرزند ڊاڪٽر غلام حسين ميمڻ هتي جي معزز شخصيت ۽ سٺو ڊاڪٽر آهي. حڪيم غلام نبي تلهاري جنهن جو پسارڪو دڪان، حڪمت طور به ڪم ڏيندو هو. صديق حجام، جنهن جو ذڪر هلي پيو ۽ ڊاڪٽر موسو ڀاءُ جيڪو ايڏو ته زندهه دل انسان هو جو دڙي مان جتان به لنگهندو هو ته ٽهڪن جا ٽاڙيا هوندا هئا. سندس وڏا هندستان جي رياست گوندل جي راجا ڀڳونت سنگهه جي رعيت هئا ۽ سندس والد ناٿو خان سومرو راجا ڀڳونت سنگهه جو ڪوچوان هو، پاڻ مونکي ٻڌايائين ته سندس والد راجا ڀڳونت سنگهه جو ڀروسي وارو ماڻهو هو. ان وقت جڏهن پاڻ مونکي اهي ڳالهيون ٻڌايائين ته اُن عمر ۾ به جڏهن ڊاڪٽر موسو ڀاءُ اسي ٽپي ويو هو. ڪمر جهڪي ٿي ويئي هيس ته به راجا ۽ رياست جو ذڪر ڪندي، ٻين لفظن ۾ پنهنجي جنم ڀومي جو ذڪر ڪندي نه رڳو جذباتي ٿي ويو پر آواز به بدلجيو ٿي ويو.
    ڊاڪٽر موسيٰ ڀاءُ جو ٺاهيل ڳاڙهو مڪسچر اڃا به مشهور آهي. اهڙو ته ڪڙو هوندو هو، جو خدا جي پناهه. ان وقت، پيٽ جي سور يا بخار جي لاءِ اهو اڪسير سمجهيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اهو اڃا به سندس فرزند ڊاڪٽر محمد رفيق سومري جي ڪلينڪ تي رکيو هوندو آهي. پر ان وقت انگريزي دوائون گهٽ هونديون هيون، تنهن ڪري هر ڪو غريب غربو شيشي هٿ ۾ کنيو اچيو موسيٰ ڀاءُ سان گڏ ٻه ٽهڪ ڏيو، وٺيو ويندو هو.
    دڙي ۾ وهابين ۽ اهلسنت جي چٽاڀيٽي وڌي وڃڻ جي ڪري 1955ع ڌاري انهيءَ کروٿ کي جنهن جي اڳيان هڪ وڏي ڄار بيٺي هوندي هئي، انهن يارن حاجي ڊاڪٽر حسين بخش جي رهنمائي ۾ ”مسجد“ ٺهرائڻ شروع ڪئي. هاڻ ته مسجد جي چئني طرفن دڪان ٺهي ويا آهن ۽ مسجد دڪانن جي وچ ۾ اچي ويئي آهي، پر انهيءَ وقت ڄار واري پاسي ’مانجهي شيدي‘ قلعي گر جي پڙي هوندي هئي، جتي هو سڄو ڏينهن ڌنوڻي دکايو ٿانوَ پيو قَلعي ڪندو هو.
    مسجد ٺهڻ شروع ٿي ته صديق حجام کنئي چندي جي پيتي ۽ پوءِ مسجد ٺهي راس ٿي، وڌي ويجهي، ابراهيم فاضلاڻي، حڪيم غلام نبي، عرس جاڙو (جيڪو پڻ ڪڏهن ڪڏهن پيتي کڻي چندو ڪندو هو.) هي جهان ڇڏي ويا، پر صديق حجام جو پيتيءَ سان پڇاڙيءَ تائين ساٿ رهيو، موسيٰ ڀاءُ مون کي ٻڌايو ته انهيءَ چندي مان مقرر ڏهاڙي صديق حجام کي به ڏيندا هئا. هاڻ ته دڙي ۾ ”نور ۽ بشر“ جو جهيڙو ڪونهي. ماڻهن کي ڳالهه ئي وسري ويئي آهي، هاڻ انهيءَ جي جاءِ تي سايون ۽ ڪاريون پٽڪيون اچي ويون آهن ۽ انهن جون ڳالهيون به عجيب ته ڊيل ڊول به عجيب. خير منهنجو موضوع اهو ڪونهي ۽ هاڻ ديوبندي مسلڪ جون ٻه ٽي ٻيون مسجدون به ٺهي ويون آهن. پوءِ اڳتي هلي اهو نور ۽ بشر جو جهيڙو وڌيو ته ”ديوبندين“ ٻين نمازن سان گڏ مدينه عرف ڄار واري مسجد ۾ عيد نمازون به ڌار پڙهڻ شروع ڪيون ۽ مون جهڙا ڪئين ٽوٽي، به انهيءَ مسجد ۾ رش نه هئڻ سبب عيد نماز پڙهڻ لڳا، جن جو ڪنهن به مسلڪ نور ۽ بشر جي جهيڙي سان واسطو نه هوندو هو، جڏهن اها مسجد ٺهي رهي هئي ته ”نور“ وارن ڪافي مخالفت ڪئي. بهرحال اها مسجد ٺهي ويئي. هاڻي ته انهي مسجد جي سنڀاليندڙن کي اها ڳالهه ياد به نه هوندي ته ڪو اها مسجد ٻين جي محنتن سان گڏ صديق حجام جي ڪيل ڪل وقتي چندي جي نتيجي ۾ ٺهي هئي. خدا شل صديق حجام تي ٻاجهه ڪري ۽ حورن جي حوالي هجي.

    دڙي جو ڌاڃورو شڪاري
    پاڻ وٽ سنڌ ۾، گهڻو ڪري ڳوٺن، شهرن، روڊن ۽ رستن يا ادارن جا نالا پنهنجي دور جي وڏن ماڻهن جي نالن پٺيان رکيا ويندا آهن. انهن مان اڪثر اهڙا نالا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڳوٺ، راڄ يا ڪڙم جا چڱا مڙس هوندا آهن. اهڙا بنهه ڪي ٿورا نالا آهن، جن جو علم و ادب، ۽ تعليم يا سماجي خدمتن ۾ اهم ڪردار رهيو هجي ۽ انهن جي پويان ڳوٺ، شهر يا ادارا سڏيا ويا هجن. سنڌ ۾ اڪثر ٽنڊا ميرن جي نالن پٺيان آهن، جيڪي ڪنهن دور ۾ سندن جاگيرون يا شڪار گاهون هيون، يا وري اُتر سنڌ ۾ ”ديرا“ جيئن رتوديرو، بگو ديرو وغيره يا پنجاب ۾ وري پنڊ يا چڪ، پوءِ انهن جو پنهنجي دور ۾ کڻي ڪوبه ڪردار نه رهيو هجي. اهڙا ٻيا به کوڙ مثال آهن، جيڪي هتي لکبا ته ڳالهه گوڙ کان چڙهي ويندي.
    اهڙن ماڻهن جي نالن سان روڊ رستا، شهر ۽ ادارا ڀلي سڏجن، جو انهن جي به هڪ تاريخي ۽ روايتي حيثيت آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته انهن جي باري ۾ يا ته ڳالهيون ڪتابن ۾ بند آهن يا آهن ئي ڪونه. ائين اڪثر ماڻهو فقط انهن جي نالن کان ئي واقف آهن. باقي انهن جي ڪمن ۽ ڪارنامن بابت ڪابه خبر نه اٿن.
    ٻيا وري اهڙا عوامي ڪردار آهن، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ ته ڪونه ٿو ملي، پر پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اهڙا ماڻهو ڪيترين ئي پُرين (نسلن) تائين پيا ڳائبا آهن ۽ ماڻهو انهن جو ذڪر ڏاڍي جوش، جذبي ۽ خوشدليءَ سان ڪري پيا مُرڪندا آهن.
    هاڻ دڙي ۽ ان جي آبادي وڌڻ وڃڻ جي ڪري، ڪافي مسجدن ۾ عيد جي نماز پڙهجي ٿي ۽ هر سال جماعت جي وڌي وڃڻ ۽ علماءِ ڪرام جي هڪٻئي جي پويان نماز نه پڙهڻ جي ڪري، هڪ ٻن وڌيڪ مسجدن ۾ عيد نماز پڙهائي ٿي وڃي. نه ته اڃا ويهارو کن سال اڳ دڙي ۾ فقط هڪ ئي عيدگاهه هوندي هئي، جيڪا پيڃاري پراڙ، بلڪل وهندڙ پاڻيءَ سان لڳ آهي.
    عيد جي ڏينهن صبح جو سوير ننڊ مان اُٿي وهنجي سهنجي تيار ٿي، ٻاهر رستي تي اچي بيهندا هئاسين. جيئن مولودي اچن ته انهن سان گڏجي هلي عيدگاهه ۾ عيد نماز پڙهجي. اهي مولودي، احمد شاهه جي مسجد مان نڪرندا هئا، جن جي اڳواڻي حڪيم شريف شاهه ڪندو هو، جنهن کي ننڍڙو ڪارو پٽڪو ٻڌل هوندو هو. پاڻ دڙي جي هڪ مشهور بزرگ ۽ حڪيم سيد احمد شاهه بخاري جو فرزند هو. سيد شريف شاهه اڳيان هوندو هو ۽ مولودي سندس پويان مولود پڙهندا هلندا هئا ۽ پاڙي جا سڀئي چڱا مٺا مولودين جي انهي جلوس سان گڏ هلندا هئا. پوءِ اهو جلوس جيستائين عيدگاهه نه پهچندو هو، تيستائين پيش امام نماز شروع نه ڪندو هو. انهن مولودين جي پهچڻ شرط نمازي اُٿي بيهندا هئا ۽ نماز جي لاءِ صفون ٻڌجڻ شروع ٿي وينديون هيون. هاڻ ته سال ٿي ويا آهن. دلين جي دوري، سياسي ۽ مسلڪي جدائين جي ڪري اها رسم ئي ختم ٿي ويئي آهي. هرڪو پنهنجي منهن ڪنهن جو اوسيئڙو ڪرڻ جي بدران، پنهنجي سهولت آهر وڃي عيد نماز پڙهندو آهي. اهو جلوس جڏهن پيڃاري جي پل تي پهچندو هو ته پري کان هڪڙو آواز ٻُڌڻ ۾ ايندو هو ”نمازيو! هوشيارو ٿيو، اُٿي صفون ٻڌو.... مولودين جو جلوس اچي پهتو آهي.... اُٿو خوش ٿيو.... رب جا شکرانا مڃو.... نماز پڙهو ۽ دعا گهرو ته سڀني کي هر سال عيدون نصيب ٿين.“ اهو آواز پل تي ويٺل ڌاڃوري شڪاريءَ جو هوندو هو.
    سنهڙو، سيپڪڙو، رنگ جو ڪارو، قد جو ڊگهو ڌاڃورو شڪاري، جيڪو دان مڱي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو، سو دڙي جو هڪ عجيب ڪردار آهي. هو گهر گهر دان نه پنندو هو، گهڻو هٻڇي به نه هو. بس هڪ ٻن گهرن مان ايترو مڱندو هو. جنهن مان سندس پيٽ جي بُک اجهامي مذهب ڪهڙو هئس، سو خبر ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري شڪاري ڪولهي، ڪاريا ۽ ڀيل، بظاهر ته هندو سڏبا آهن، پر حقيقت ۾ هو سڀ لامذهب ئي آهن. هنن کي مذهب يا انهن جي ريتن رسمن سان ڪابه دلچسپي ناهي. عيدن برادن تي مسلمانن سان گڏ پيا خوشيون ڪندا ته ڏياري وغيره تي پيا ڏيئا ٻاريندا. پر ڌاڃوري ۾ هڪ ڳالهه جيڪا مون ڏٺي سا هئي هر وقت سندس زبان تي الله جي ثنا ۽ ساراهه. هو هر وقت الله الله پيو ڪندو هو ۽ وري چئيڪار ۽ ڪمي به اهڙو جو دڙي جي ڪن گهرن جو ڪم ڪار هو مفت ۾ پيو ڪندو هو ۽ انهن جا ٻار ئي ڌاڃوري جي ڪلهن تي چڙهي وڏا ٿيا.
    جيئن مٿي لکيو اٿم ته عيد جي ڏينهن ”ڌاڃورو“ پيو نمازين کي سڏيندو هو. سندس سڏ ٻُڌي عيد نماز جي تياري شروع ٿي ويندي هئي. ڄڻ پالڻهار مٿس اها ڊيوٽي مقرر ڪري ڇڏي هئي. الله لوڪ ماڻهو هو، ڪنهن کي ڏکوئين ڪونه، نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾، اهڙا ماڻهو ئي الله جا پيارا هوندا آهن. ڌاڃورو به انهن مان هڪ هو.
    ڌاڃورو شڪاري سنڌي ادب ۾ به سدائين ياد رهندو. هو پنهنجي جوانيءَ ۾ اسان جي ڳوٺائي ۽ سنڌ هند جي مشهور اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش کي ٻُڏڻ کان بچائڻ جو وسيلو بڻيو. اهو قصو وري اوهين ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي واتان ٻُڌو، جيڪو هن پنهنجي ڪتاب ”پردي اڳيان پردي پٺيان“ ۾ هنن لفظن ۾ لکي آهي:
    ”پيڃاري واهه جي ڀرسان شڪارين جون ڪکائيون جهوپڙيون هيون، جن ۾ رهندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شام جو گهرن مان ماني ٽڪر پني گذر ڪندا هئا. عين انهيءَ وقت اتان ڌاڃورو شڪاري اچي لنگهيو. عمر اٽڪل 17-18 سال ڇوڪرن کان پُڇيائين ”اڙي ڳالهه ڪهڙي آهي؟“
    ڪنهن چيو، ”موتي اندر پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو آهي.“
    هن ساهسي جوان کي ياد آيو ته هو شام جو جيڪڏهن بکئي پيٽ کي ٻئي هنڌان روٽي ٽڪر نصيب نه ٿيندو هو ته اسان جي گهر اچي سئن هڻندو هو ۽ ٻڍي ڏاڏي عادت موجب کيس ٻه ٽي پٽون پاراتا ڏيئي ماني ۽ ٻوڙ ڏيندي هئي. هن هڪ ڀيرو پاڻيءَ ۾ نهاريو. ان وچ ۾ مان ٽيون غوطو کائي، پاڻيءَ ۾ گُم ٿيڻ وارو هوس ته ڌاڃوري وٺي اندر ٽپو ڏنو ۽ مون کي پڪڙيو. مون کي سهارو ڏئي ڪناري وٽ آيو ۽ کڻي ڪناري تي ڦٽو ڪيائين. اٽي ڏڪر اڃا به منهنجي هٿ ۾ هئا. ايتري ۾ خبر سڄي دڙي ۾ پکڙجي ويئي. ماڻهن جا ميڙاڪا اچي مڙيا. مان اڃا نيم بيهوشيءَ ۾ ڪناري تي پيو هئس ته منهنجي ڀيڻ رُئندي اچي پهتي. بس پوءِ ته اسان جي گهر شادمانا ٿي ويا.“
    موتي پرڪاش کي اها ڳالهه ياد رهي ۽ پاڻ جڏهن 1984ع ۾ سنڌ گهمڻ آيو ته دڙي ڌاڃوري کي پيرين پئي مليو ۽ پوءِ بٺوري ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ سئوٽ مگهن لال شرما جي هٿان هر مهيني کيس، جيستائين ڌاڃورو جيئرو هو، ڪجهه نه ڪجهه پئسا ڏياريندو رهندو هو، دڙي ۾ موتي پرڪاش ڌاڃوري شڪاريءَ سان پنهنجي ملاقات جو احوال پنهنجي ڪتاب ”سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:
    ”اوچتو پري کان هڪ ٻڍڙو ڊوڙندو، سهڪندو اچي پهتو. هن تي نظر پوندي ئي عبدالغفور چيو ”موتي هي ڏس ڌاڃورو!“ مون ڏٻري، هپاڻل چهري واري، کٿل چمپل ۽ پراڻي قميص ۽ گوڏ پهريل شخص کي ڏسي هن جا پير ڇهيا. ڪلا به سندس قدمن ۾ سر جهڪايو. اهو ئي ڌاڃورو، جيڪو جڏهن 17-18 سالن جو ڏٽو مٽو جوان هو. تڏهن مون کي محمودا واهه جي لهرن ۾ لڙهندو ڏسي، سر جو سانگو نه ڪري ٽپي پيو هو ۽ منهنجي جان بچائي سگهيو هو. اڄ هو منهنجي سامهون بيٺو هو ساٺيڪو کن سالن جي عمر جو بار کڻي جهڪيل ۽ ڪمزور جنهن جي ڪري چمڙيءَ مان رڳون اُڀڙڪي آيون هيون. ڌاڃورو چُپ چاپ بيٺو هو ۽ ڪلا روئڻ لڳي. اهو ڌاڃورو نه هجي ها ته ڪلا مون کي دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڳولهي نه سگهي ها.
    ڌاڃوري چيو، ”امان رو نه.... مون تنهنجي مڙس کي بچايو هو درياهه مان.... روءِ نه منهنجي امڙ.... رب جا رنگ ڏٺاسين.“
    پوءِ هو ماڻهن کي پاسيرو ڪري، اسان جي اڳيان اڳيان هلندو هليو. چيائين، ”امان توکي خبر آهي ته موتي ڳوٺ ۾ ڇو آيو آهي؟“ ۽ پوءِ پاڻ ئي جواب ڏنائين، ”مون سان گڏجڻ آيو آهي.“
    ڪلا جواب ڏنو، ”ها، بابا، مونکي ڄاڻ آهي.“ ڌاڃوري کي هن دنيا مان ويندي ويهارو کن سال ٿي ويا آهن. پر مون کي پڪ آهي ته هو پنهنجي عجز، نياز، نوڙت ۽ فقيري طبيعت جي ڪري دڙي واسين کي گهڻي عرصي تائين ياد رهندو.

    خواجه ناظم الدين ۽ بدو خفقاني
    تاريخ جي ڪتابن ۾ اڪثر ذڪر وڏن ماڻهن، انهن جي ڪمن، ڪارنامن، ڪاميابين، سخاوتن، سوکڙين، سوغاتن وغيره جو ڪيو ويندو آهي. يا وري انهن جي سورهيائين، فتحن ۽ اڏاوتن کي ياد ڪري انهن جا ڳُڻ ڳايا ويندا آهن. عام ماڻهن يا اهڙن ماڻهن جو ذڪر يا ته ڪيو ئي نه ويندو آهي، جن جو عام زندگيءَ ۾ ڪو نه ڪو اثر رهيو هوندو آهي يا انهن جون ڳالهيون زبان عام تي هونديون آهن. پر اتفاق سان ڪيو به ويندو آهي ته ٻن ٽن سٽن ۾، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ يا بنهه غير اهم نموني سان.
    دڙي ۽ ان سان سلهاڙيل يادگيرين جي حوالي سان ٻن چئن ماڻهن جو ذڪر دلچسپي کان خالي نه ٿيندو، جيتوڻيڪ اهي خاص الخاص ماڻهو ناهن، پر انهن جو ذڪر اڪثر محفلن ۾ پيو ٿيندو آهي. انهن جون ڳالهيون ڳائبيون آهن. انهن جي ڪن ڳالهين تي ٽهڪن جا ٽاڙيا هوندا آهن ته ڪن تي وري مُرڪي، سوچڻ تي دل چوندي آهي. دڙي ۽ ان جي يادگيرين جو ذڪر بدو خفقاني، ڌاڃوري شڪاري، خادم شيدي، بچايو گپ، حاجي جمعون کيدو، ارباب ايوب کانسواءِ دڙي جي ڀرسان ويٺل هڪ وڏيري علي محمد گگو جو ذڪر به دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. جيڪو تيستائين گهران ڪونه نڪرندو هو، جيستائين سندس پٽڪي جو ور سڌو ٿي نه بيهي. پوءِ ڀلي ٻاهر سندس ڪو خان ۽ خان جو پُٽ انتظار ڇو نه ڪندو هجي.
    بدو خفقاني هڪ مست ملنگ ماڻهو هو، کيس گذاريندي سال ٿي ويا آهن، پر سندس ڪي ڳالهيون اڃا تائين دڙي واسين کي ياد آهن. پيشي جي لحاظ کان هو پرائمري ماستر هو. جناح ڪيپ پائيندو هو ۽ ڪنهن نه ڪنهن سوچ ۾ يا بحث ۾ مگن هوندو هو. جنهن ڪري مٿس نالو ئي خفقاني پئجي ويو. هو وڏو صاف گو ماڻهو پنهنجي دور جو وتايو فقير، شيخ چلي، مُلان دوپيازو ۽ ملئون نصيرالدين هو. وتائي فقير ۽ ٻين کي ته ڪي قدر دان ملي ويا. جو انهن جون ڳالهيون ۽ ٽوٽڪا ڳولهي هٿ ڪري، لکي، ڇپائي کين قيامت تائين جياري ڇڏيو، پر اسان جي يار بدوءَ کي اهڙو ڪوبه قدردان نه مليو، جيڪو بدو خفقانيءَ جا لطيفا لکي ڇپائي هئا. بلڪل ائين جيئن سؤ سوا سؤ سال اڳ اسان جي علائقي جي هڪ عشقيه داستان ’الڪي شودي ۽ سارا جکريءَ‘ جا هاڻ نشان ئي گم ٿي ويا آهن، نه ته چون ٿا الڪو شودو ايترو ته دلير هوندو هو جو هڪئي وقت درياهه پار اُڪري مينهن چوري ڪري، ٻي ڪنڌ تي وهٽن سميت اچي سهڙندو هو. هڪ ڀيري هن جي واڳون سان تار دريا ۾ وڏي ويڙهه ٿي هئي، جيتوڻيڪ انهيءَ ويڙهه ۾ الڪي جي جان هلي ويئي، پر سندس انهي بهادريءَ تي آسپاس جي ڪيترن ئي سگهڙن ۽ شاعرن شعر پڻ چيا.
    چون ٿا ته هڪ ڀيري، ان وقت پاڪستان جو وزيراعظم خواجه ناظم الدين شڪار واسطي دڙي جي آسپاس ڪنهن وڏ وڏيري جي دعوت تي آيو هو ۽ سندس رهائش دڙي واري انسپيڪشن بنگلي تي هئي، الائجي ڪيئن بدو خفقاني کي خواجه ناظم الدين سان هٿ ملائڻ جو موقعو ملي ويو. پوءِ ته سائين بدو ڪير سڏائي؟ ڇا ڪيائين جو پنهنجو اهو هٿ کڻي ڪپڙي ۾ ويڙهيائين ۽ ڪيتري عرصي تائين اهو هٿ ڪنهن کي به نه ڏيندو هو ۽ چوندو وتندو هو ته ”باشاهن ۾ ستن ولين جي ڪرامت ۽ طاقت هوندي آهي ۽ مون وقت جي بادشاهه سان هٿ ملايو آهي، تنهنڪري هڪ وليءَ جي طاقت مون ۾ به هوندي.“
    ائين بدو خفقاني ڳچ عرصي تائين هٿ ٻڌي گهمندو رهيو!
    صاف گوئيءَ جي حوالي سان سندس هڪ ڳالهه گهڻي مشهور آهي. هڪ ڀيري ٻيڙي ٻاڌوگرن سان ڪو مسئلو ٿي پيو، شايد واپارين ٻيڙي جي پن جو اگهه چارهي ڇڏيو هو ۽ انهن ڏينهن ڪنهن اعليٰ عملدار اچي دڙي جي انسپيڪشن بنگلي تي منزل هنئي هئي. ٻيڙي ٻاڌوگرن پنهنجو مسئلو عملدار جي اڳيان رکڻ جي لاءِ هڪ وفد ٺاهيو، پر وفد جي اڳواڻي ڪير ڪري ۽ عملدار جي اڳيان مذڪوره مسئلو ڪير پيش ڪري؟ همراهه مُنجهي پيا، عملدار جي حشمت کانئن جلهي نه پي ٿي. هو ڪو فيصلو ڪري نه سگهيا. تيسين بدو به الائجي ڪٿان وڙڪندو سڙڪندو اچي اتي پهتو. هنن کان پڇيائين ته هو ڇا تي پاڻ ۾ اٽڪيا پيا آهن، هنن کيس ٻڌايو ته، ”مسئلو ’صاحب‘ جي اڳيان پيش ڪرڻو آهي، پر ڪو اڳواڻي ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪونهي.“
    ”اهو وري ڪهڙو مسئلو آهي آئون ٿو اڳواڻي ڪريان. مسئلو ٻڌايو؟“ بدو خفقاني سٿڻ جي ور مان جناح ڪيپ ڪڍي ٽنڊ تي رکندي چيو. هنن هڪدم کيس پنهنجو مسئلو ٻڌايو ته ٻيڙي جي پنن جو اگهه واپارين چاڙهي ڇڏيو آهي. تنهن بابت صاحب وٽ هلي دانهن ڏيڻي آهي. پوءِ وفد روانو ٿيو صاحب سان ملڻ جي لاءِ. واري اچڻ تي جڏهن وفد کي صاحب سان ملاقات جي لاءِ اندر گهرايو ويو ته بدو هڪدم ٺهي ٺهڪي، پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”سرڪار ماءِ باپ! منهنجو نالو بدو آهي، پرائمري ماستر آهيان! منهنجو ڪوبه مسئلو ڪونهي، هونئن جيڪو مسئلو کڻي آيا آهيون، انهيءَ مان مون کي نه ڪو نقصان آهي ۽ نه ئي وري ڪو ٽڪي جو فائدو! جو آئون ٻيڙي پيان ئي ڪونه. مهنگيون ٿين يا سستيون منهنجو ڇا.... مون کي ته ٻيڙي جي اصل ڌپ ئي ڪين وڻي. پر مسئلو هنن ٻيڙي ٻاڌوگرن جي پيٽ گذر جو آهي. اميد ته اوهان هنن جي ٻچن ۽ هنن جي گذر سفر جو سنگينيءَ تي همدردانه غور ڪري مسئلو نبيريندا ته هي اوهان جي آل ۽ اقبال جي لاءِ دعاگو رهندا. پر دعائن ۾ اوهان جي اقبال جي بلنديءَ لاءِ آئون به ڪونه گهٽائيندس.“
    اها هئي اسان جي بدو جي صاف گوئي.
    ان زماني ۾ اسڪولن جا سپر وائيزر جن کي عام طور تي ’بيٽ آفيسر‘ چئبو هو. بيٽ جي انسپيڪشن واسطي ايندا هئا. رات ماستر وٽ ضرور ٽڪندا هئا، جو سواريءَ جون ايتريون سهولتون نه هونديون هيون، جو هو موٽي وڃن. تنهنڪري هڪ ڏينهن هڪ اسڪول جي انسپيڪشن ڪري رات رهي ۽ ٻي ڏينهن وري ٻي اسڪول طرف روانا ٿيندا هئا. ائين هڪ ڀيري هڪ بيٽ آفيسر بدوءَ جي اسڪول جي وزٽ لاءِ اچي سهڙيو، اسڪولن جي ڪمن ڪارين کان واندا ٿي ويٺا ته بدو، صاحب جي لاءِ ماني کڻي آيو. ماني جڏهن سپروائيزر کائڻ ويٺو ته کيس ٻوڙ جو ذائقو بنهه عجيب ۽ غريب لڳو. گوشت، مڇي، دال، ڀينڊيون سڀ گڏ.
    ”اڙي بدو! هي وري ڇا رڌيو اٿئي؟“ سپر وائيزر کانئس پڇيو، ”سائين!“ بدوءَ چوڻ شروع ڪيو. ”مون سوچيو ته پيٽ ۾ ته هونئن ئي سڀ شيون وڃي گڏبيون، پوءِ اجائي تڪليف ڇو ڪجي، تنهنڪري گوشت، مڇي، دال ۽ ڀينڊيون سڀ کڻي گڏ رڌيم. ائين وقت جي به بچت ۽ اجائي کاساري کان بچي پئبو. ڪيئن صاحب ڪيم نه عقلمنديءَ وارو ڪم؟“
    اهو ٻڌي سپر وائيزر صاحب کي ايتري ته ڪاوڙ لڳي، جو کيس بيوقوف سمجهي سسپينڊ ڪري ڇڏيائين ۽ ائين بدو پنهنجي عقلمنديءَ جي ڪري ڪيترائي مهينا سسپينڊ لڳو ويٺو هو ۽ پوءِ الائجي ڪيترن منٿن ۽ ميڙين کان پوءِ بحال ٿيو.

    خادم شيدي: هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار
    شيدي ته ٻيا به گهڻئي، ڪم جا سچلا، چئيڪار، ڪمي، پورهيت، وفادار، پر سائين، اسان جي دڙي جو خادم شيدي ڪٿان اچي؟
    قد جو پورو پنو، نڪ بينو، شيدين جهڙو، سچو هڏ، وري چئيڪار به اهڙو، جو جيڪو ڪم چوينس، سو ڪري وڃي پار پوي. هلڻ جو مِٿو يعني پيرن کي گهيري هلڻ وارو. امان اديءَ کانسواءِ ڪنهن سان اصل ڳالهائي ئي نه. گهرن ۾ اچي وڃي. پر نه ڪير کانئس پردو ڪري ۽ نه وري ڪير اعتراض ڪري.
    ڀلا خادم شيدي تي به ڪو دڙي ۾ اعتراض ڪرڻ وارو هوندو ڇا؟ هو ته پُٽن جهڙو پُٽ، پر نياڻين اڳيان به صفا نياڻي، مٿان وري گهرن ۽ ڳوٺ راڄ ۾ عزت به اهڙي هيس، جهڙي گهر ڀاتي جي، خادم ڄڻ هر گهر جو فرد هجي. الله عزت ڏني هيس. عزت سان رهيو ۽ عزت سان ئي پساهه پورا ڪيائين.
    خادم شيديءَ کي وفات ڪئي ڪي پندرهن سورهن سال ٿيا هوندا. پر سندس وفات سان دڙو ڄڻ ڪنهن خدائي خدمتگار کان محروم ٿي ويو، جنهن کي خدا ڄڻ پيدا ئي دڙي واسين جي خذمت لاءِ ڪيو هو.
    سنڌ ۾ شيدي ڪڏهن آيا، ڪٿان آيا ۽ ڪيئن آيا ۽ وري دڙي ۾ ڪيئن آيا. انهيءَ مان پهريون سوال جو جواب ته محمد صديق مسافر جي ڪتاب ”سنڌ ۾ غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ ڪرشما“ ۾ ئي ملندو. باقي دڙي ۾ ڪيئن آيا سي ڀانيان ٿو ته ساڳئي شڪل يعني غلام بنجي آيا ۽ هو دڙي جي اربابن جا ڪمدار ڪاراوا ۽ نوڪر چاڪر هوندا هئا. هاڻ ته هر ڪو آپي خان ٿي ويو آهي. پنهنجي ارڪي ترڪي ۽ ڌنڌي ڌاڙي وارو. اهي ڳالهيون پوءِ ڪبيون، ڪنهن مناسب موقعي تي.
    مون هوش سنڀاليو ته پهرين پهرين جيڪي شخص ڏٺم يا انهن کي پنهنجي ڪرت ۾ مگن ڏٺم، انهن مان حسن ماڇيءَ کي ڏاڪڻ ڪلهي تي کڻي يونين ڪائونسل جي شمعدانن ۾ تيل وجهندي ۽ انهن جي وَٽ سوريندي ۽ ٻاريندي. پري کان اُهي وٽ وارا شمعدان رات جي اونداهيءَ ۾ گهٽين ۾ ٽانڊاڻن جيان پيا ٽم ٽم ڪري ٻرندا هئا، ڄڻ گهٽيون نه پر ماڻهن جا من روشن ڪندا هجن، هاڻ ته بجليون به جام ته گهر گهر جنريٽر به، پر ماڻهن جا من الائجي ڇو نه ٿيندا پيا وڃن، پر ڏيئي جي وٽ جي دُنهه جي ڪاراٺ وانگر ڪاراٺبا ۽ اوند اها ٿيندا پيا وڃن.
    ٻيو ڏٺم، ڏاڃورو شڪاري، الله الله جي تنوار ڪندي، ائين ته صديق حجام، بچايو گپ، ارباب ايوب، عرس جاڙو، لکانو موالي به ڏٺم يا وري الهڏنو بورينڊو، والو مڱڻهار، سليم رنگيلو، سومار خان اينڊ بابا به ... دڙي جا ڏند ڪٿائي ڪردار. هڪ ڪردار هڪ ڪتاب جي تقاضا ٿو ڪري، پر خادم شيدي جي لوڏ ۽ گفتار پري کان ئي پڌري.
    پيرن ۾ گنگهرو ٻڌل، ته هڪ هٿ ۾ به گهنگهرو.... ڇن ڇنن ڇن.... جو آواز ۽ انهيءَ سان گڏ ”آيو ڪوسو ڪليو.... آيو ڪوسو ڪليو.“ جو هوڪو. خادم جي مٿي تي رڌيل اوجهريءَ جو ديڳڙو. هڪ هٿ ۾ گهنگهرو ۽ ٻي هٿ ۾ ننڍي بالٽي، جنهن ۾ پاڻي ڀريل ۽ انهيءَ ۾ پياليون ۽ چمچا هوندا هئا. خادم صبح جو سوير اُٿي ڪنهن ڪاسائيءَ کان اوجهري وٺي ڇلي ٺاهي صاف ڪري رڌيندو هو، جنهن کي هو ”ڪوسو ڪليو“ چئي هوڪو ڏيئي وڪڻندو هو. ڪوسو ڪليو وري ڪهڙو، اصل ڦنگو پاڻي، گيهه جي لغار ڏنل اڌ ڪچيون اڌ پڪيون ٻوٽيون، ذائقو به عجيب، مسالا هوندا هئا جي مٿان مٿان پيا جيئرا جاڳندا ترندا هئا. پر سائين خادم جو ’ڪوسو ڪليو‘ گهر گهر هلندو هو. خان ۽ وڏيرا به خادم جو ڪوسو ڪليو کائيندا ضرور هئا. اهو هو گهر گهر ۽ گهٽي گهٽي ڦيري ڏيئي وڪڻندو هو. گهرن ۾ ته اهو ڪوسو ڪليو خادم جون ادڙيون ۽ مائرون آني ٽڪي جي اوڌر ڪري کڻي وينديون هيون. البت ٻاهر ڪي ادا ۽ بابا اوڌر بدران روڪڙ تي ڳنهندا هئس، جن مان ٻه ٽي ڏوڪڙ بچندا هئس. ائين مون به ڪيترا ڀيرا رينگهو ڪري ٽاڪ منجهند جو خادم مرهيات کان اوڌر تي ڪوسو ڪليو ڳنهي، انهيءَ سان ماني کاڌي هوندي.
    هونئن به ماڻهو مريو وڃي، پر انهن جون چڱيون مٺيون ڳالهيون پيون ڳائبيون آهن. سو خادم جون به ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي سالن تائين پيون ڳائبيون. هو پنهنجي نالي خادم جيان ئي خدمت ڪندڙ هو. ڪنهن کي ڏکوئين ڪونه.
    مون کي دڙي ۾ هڪ ڳالهه سٺي لڳندي آهي، سا اها ته دڙي جي هڪ روڊ جو نالو شهيد ذڪريا جي نالي تي رکيل آهي ۽ انهيءَ جو بورڊ لڳل آهي. ٻي روڊ جو نالو، جيڪو دڙي جي نئين ڳوٺ ڏانهن وڃي ٿو، تنهن جو نالو شهيد نجم الدين روڊ، رکيل آهي ۽ اهڙو پٿر به لڳل آهي. ائين هڪ پاڙي جي نالي جو بورڊ شاهه عنايت شاهه شهيد ڪالوني جي نالي سان لڳل آهي. منهنجي خواهش آهي ته دڙي جا اسڪول، روڊ، گهٽيون، پاڙا ۽ پارڪ دڙي جي اهڙن عالمن، فاضلن ۽ اڪابرن جي نالن سان سڃاتا وڃن، جن هن شهر ۽ شهرين جي بي لوث خدمتون ڪيون هجن. جيئن استاد نثار علي بلڙائي، سائين محمد يوسف ڀٽو، مولوي عثمان پروان، ڪريم بخش پياسي، موتي پرڪاش يا وري عوامي ڪردارن ۾ ڌاڃورو شڪاري، بدو خفقاني، خادم شيدي وغيره. پر اهو ڪم ڪير ڪري، هتي ته هر شئي هڪ مخصوص نظر سان ڏٺي وڃي ٿي. شل ڪو اهڙو مجاهد پيدا ٿئي، جيڪو اهڙا يادگار ڪم ڪري.
    مٿي لکيو اٿم ته خادم پنهنجي نالي جيان خذمت ڪندڙ ئي هو. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ڳالهه اهڙي به آهي جيڪا سالن تائين دڙي واسين کي ياد رهي. اها هيءَ ته رمضان شريف جو ڀلارو مهينو ايندو هو ته خادم جاڳي جو ڪم ڪندو هو، جڏهن سحريءَ جو ٽائيم ٿيندو هو جنهن کي ٻهراڙيءَ ۾ ’اسور‘ چوندا آهن ته خادم به اُٿندو هو. شروع شروع ۾ جوانيءَ ۾ ته لٺ سان در زور زور سان کڙڪائي، تيستائين ڪونه ويندو، جيستائين گهر ڌڻي اندران رڙ ڪري نه چوندو هو. ’خادم هاڻ گوڙ ڇڏ جاڳيا آهيون، جاڳيا‘. ائين گهر گهر وڃي مسلمانن کي اُٿاري روزا رکائيندو هو. خادم جو اهو جاڳي واري ڪردار بلڪل ائين هو جيئن خوشونت سنگهه جي ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جي ڳوٺ ’منو ماجرا‘ جي ڳوٺاڻن جي زندگين ۾ ٽرينن جو وقت تي اچڻ. ماڻهو خادم جي انهي جاڳي تي ايترو ته هريل هئا جو جي کڻي اتفاق سان ڪنهن رات خادم نه اُٿاري ها ته شايد سڀني جو روزو هليو وڃي ها. دڙي جي عيدن ۾ ڌاڃوري شڪاري ۽ رمضان ۾ خادم شيدي لازم ۽ ملزوم هئا. هاڻ ٻئي هن جهان ۾ ڪونهن ته عيدون ۽ رمضان ٻئي ٻُسا ٻُسا پيا لڳندا آهن. ائين لٺ ۾ گنگهريا ٻڌيو ڪلمي جي تنوار ڪندو، خادم سڀني کي روزن لاءِ اُٿاري وڃي ٿانيڪو ٿي سمهندو هو. ٻي رات واري ساڳي ڪرت ۽ عيد جي ڏينهن پٽڪو ٻڌي ساڳئي لٺ هٿ ۾ کڻي وڃي دوڪان دوڪان تان خرچي وٺندو هو. ريڙهه پيڙهه ڪونه ڪندو هو. جنهن جيڪي ڏنس، سو کنيائين ۽ پوءِ دعائون ڪندو وري ٻي دوڪان تي چڙهندو هو.
    ائين پئسا به خوب ميڙيائين خرچ ته هوندو ڪونه هئس. ماني جنهن گهر ۾ ويو اُتي ئي کائي وٺندو هو. پهرين چوندو هو ته شادي لاءِ پيو ميڙيا ۽ انهيءَ وقت ”مهاڻا ٻيڙي وارا لال تي ٿي وڃان“ ”ڳيچ“ اڪثر پيو ڪُڇندو هو. انهيءَ سٽ ۾ سندس دل پسند جو نالو به هوندو هو. ٻڌو هوم ته انهي تي اصل اَڪن ڇڪن هوندو هو. پوءِ الائجي ڇو ڪونه پرڻيو، عمر لڙيس ته چوندو هو ته حج تي ويندس، خدا سندس نيت ضرور قبول ڪئي هوندي. سندس کاتي ۾ حج جو ثواب داخل ڪري ڇڏيو هوندائين ۽ کيس محبوب مٺي جي زيارت به ڪرائي هوندائين. جهانن جو سنڀاليندڙ آهي، وٽس ڪهڙي دير يا کوٽ.
    مرحيات موت کان به اهڙو ته ڊڄندو هو، جو اصل بس، پڇاڙيءَ ۾ اگهو ٿيو ته ڊهي اچي کٽ تي پيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته آرام ڪرايوس. پاڻ چوندو هو ته سمهندس ته مري ويندس، پر پوءِ هڪ رات اهڙو سُتو جو وڃي پالڻهار جي درٻار ۾ پهتو. شل جنت مڪاني هجي. (آمين)

    ٽن صدين جو اکين ڏٺو شاهد: سومار ڀاءُ
    وڏي عمر به خدا جي نعمت آهي ۽ انهيءَ سان گڏ صحت به سٺي هجي ته ٻيو ڇا گهرجي. بيماري ڀَڙي ته هونئن به پئي ٿيندي آهي. انهيءَ جو سبب اڄڪلهه جا ملاوتي کاڌا ۽ ماحولياتي آلودگي پڻ آهي. اڳي هوندا هئا سچا گيهه، ڏڌ مکڻ ۽ ٻيون نبار شيون، بناسپتي گيهه ڪو ورلي استعمال ٿيندو هو. ٻوڙون ٺڪر جي ڪُنن ۾ رڌبيون هيون ۽ ٺڪر جي پاٽين ۾ ئي کائبيون هيون. ڪڏهن ڪو مهمان مڙو ايندو هو ته سچي گيهه جي هلڪي لغار ڏبي هئي. تنهن کانسواءِ جسماني پورهيو به هوندو هو. صبح جو اُٿي ڪمي ڪاسبي پنهنجي ڪم تي وڃي چڙهندو هو. هاري هر هلائيندا هئا ته ٻيا ڪمي پنهنجو ڪم ڪري رُکي سُکي کائي، نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾، الله جو نالو وٺي مٺي نبيءَ پاڪ تي صلواة پڙهي سمهي رهندا هئا.
    سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ سنڌي ادب جو محسن مرزا قليچ بيگ پيريءَ ۾ پنهنجي صحت ۽ تندرستيءَ جو راز، سويرو سمهڻ ۽ اُٿڻ. خذمت خلق، ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ ۽ جوان عورت جي صحبت کي قرار ٿو ڏي. دنيا ۾ گهڻن ئي ماڻهن وڏي ڄمار ماڻي آهي. اخبارن ۾ اڪثر اهڙن ماڻهن جي باري ۾ خبرون ڇپجنديون رهنديون آهن. ’گنيز بوڪ آف رڪارڊ‘ ۾ پڻ اهڙن ماڻهن جو ذڪر ملي ٿو. دنيا ڀر جا صحافي اهڙين قسمن جي خبرن کي هٿ ڪرڻ جي پويان هوندا آهن.
    دڙي ۾ هينئر ڪافي وڏي ڄمار وارا ماڻهو آهن، جن جي عمر اَسي کان مٿي آهي. انهن مان ڪيترا ته اڃا به کڙا تڙا ۽ جڙد مڙد لڳا پيا آهن. پر سومار ابراهيم سومرو انهن کان وڌي. جنهن کي عام طور تي ڀاءُ سومار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڪو وقت هو جڏهن سومار ڀاءُ جي ڀل ڀائي هئي. سندس هڪ وڏو دوڪان هو. نوڪر چاڪر هئا. چئن چڱن سان اُٿي ويٺي هئي. ياري دوستي هئي. پر هاڻ هو وساريل ڪردار آهي. وقت ۽ حالتن کيس صفا ويهاري ڇڏيو آهي. هاڻ پنهنجي گهر جي ٻاهرينءَ ڪمري کي دوڪان ٺهرائي. انهيءَ ۾ ٻارڙن جون شيون ويٺو وڪڻي ۽ سڄي ڏينهن ۾ ٽيهن چالهين روپين جو ڌنڌو به مس ٿو ڪري. پر دنيا ۽ دنيا وارا رُسي وڃن ته ڇا ٿي پيو، وقت ته گذارڻو آهي.
    ڪنهن زماني ۾ جڏهن بابا ڍڳا گاڏي هلائيندو هو، تڏهن هو سومار ڀاءُ جو ورتل ساريون کڻي سارين جي ڪارخاني تي پهچائيندو هو ۽ سومار ڀاءُ سان سٺي اُٿي ويٺي هيس ۽ روز ٻي ڏينهن شام جو گاڏي جي مزدوري جو حساب ڪري بابا منهنجي لاءِ پُڙيڪو شئي جو ڀاءُ سومار جي دوڪان تان ئي آڻيندو هيو.
    ڀاءُ سومار جي عمر هينئر لڳ ڀڳ هڪ سئو سال آهي. سندس جنم 1895ع ۾ ٿيو. انهيءَ حساب سان هن ٽي صديون پنهنجي اکين سان ڏٺيون آهن. انهن جو اُٿلون پٿلون ۽ لاها چاڙها به ڏٺا اٿس. ڀاءُ سومار جو جنم گڏيل هندستان جي ’ڪاٺياواڙ رياست‘ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ميڱڻي‘ ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ابراهيم هو جيڪو ٽپال کاتي ۾ پوسٽ مئن هو. ابراهيم کي ٻه پٽ هئا جن مان هڪ گذاري ويو ۽ ٻيو محمد سومار يعني اسان جو سومار ڀاءُ حالتن هٿان مجبور ٿي اچي دڙي جو رهواسي ٿيو. سومار ڀاءُ کان جڏهن سندس سربستو حال احوال پڇيم ته پنهنجي پوپلي منهن سان کلندي، جنهن ۾ هاڻ فقط هڪ ئي ڏند سلامت آهي. ٻڌايائين، ”بابا کي ستر ويگا (ايڪڙ) زمين هئي. اسين اتي به ڪافي سُکيا ستابا هئاسين ۽ راجڪوٽ شهر ۾ اسان جو سٺو ڪاروبار هو. اڳتي هلي آئون ’ناسڪ‘ شهر ۾، جيڪو هاڻ هندستان جي مهاراشٽر صوبي ۾ آهي ۽ ان وقت هندستان جي رياست حيدرآباد دکن جي سرحد تي هو. هڪ سيٺ رحمت الله دائود غني وٽ ڪئشر جي نوڪري ڪرڻ لڳس. انهيءَ دوڪان تي ڏهه ٻارهن ٻيا ملازم به ڪم ڪندا هئا ۽ سياست زورن تي هئي“. اوهان ڪڏهن سياست ۾ حصو ورتو؟ منهنجي سوال تي هن پنهنجو ڪن ويجهو ڪيو ۽ مون پنهنجو سوال ٻيهر ورجايو. اهو ٻڌي سومار ڀاءُ سڌو ٿي ويٺو ۽ چوڻ لڳو. ”ان وقت هندستان ۾ هندو ۽ مسلمان گڏجي سڏجي رهندا هئا. هڪ ڀيري قائداعظم محمدعلي جناح ڪاٺياواڙ جي دوري تي آيو. سن صحيح ياد ڪونه اٿم. پر ڀانيان ٿو ته 1938ع هوندو. اتي هن عام جلسي کي خطاب ڪيو. انهيءَ جلسي ۾ مون قائداعظم کي گلن جو هار وڌو ۽ ساڻس هٿ پڻ ملايو. ان وقت پئسن جا هار پائڻ جو رواج نه هو. اتي قائداعظم پاران ليگ لاءِ چندي جي اپيل ڪئي وئي. انهيءَ اپيل جي موٽ ۾ مون پنج روپيا ليگ جي فنڊ ۾ جمع ڪرايا. انهيءَ وقت پنج روپيا ڪافي هوندا هئا.“ سومار ڀاءُ اهو چئي مون کي ڏسڻ لڳو. ”ڪڏهن گانڌي يا نهرو سان مليا؟“ مون پنهنجو وات ڄڻ سندس ڪن تي رکندي چيو، ”گانڌي!“ اهو چئي مُرڪڻ لڳو ۽ سندس وات ۾ موجود اڪيلو ڏند لُڏڻ لڳو. ”گانڌي ته پنهنجو ڪاٺياواڙ جو هو نه، پٽيل به ڪاٺياواڙ جو ئي هو. مون مهاتما گانڌيءَ، پٽيل ۽ نهرو کي پڻ ڏٺو. هو ڪاٺياواڙ جي دوري تي ايندا رهندا هئا. اتي ڪانگريس جو مقامي اڳواڻ نارائڻ داس پائو منهنجو دوست هوندو هو. اُتي نهروءَ تقرير ڪندي انگريزن کي للڪاريندي چيو هو، ”هم ايسي لڙائي لڙينگي ڪي نه هوگا بانس، نه بجي گي بانسري.“
    ”ڀلا اوهين پاڪستان ڪيئن آيا؟“ سندس خاموش ٿيڻ تي مون پڇيس.
    ”14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ۽ 15 آگسٽ تي هندستان آزاد ٿيو ته شهر ۾ فسادن اچي منهن ڪڍيو، شهر ۾ اسان مسلمانن يا يارهن ٻارهن کن وڏا دوڪان هوندا هئا. اسان جو به وڏو دوڪان هوندو هو. هندن اهي سڀ دوڪان ڦري لُٽي تباهه ڪري ڇڏيا. البت منهنجي ڪجهه هندو دوستن همت ڪري منهنجو دوڪان ڦرجڻ کان بچائي ورتو.“ اهو چئي هو ٿوري دير جي لاءِ خاموش ٿي ويو، ڄڻ ڪجهه ياد ڪندو هجي. پوءِ چوڻ شروع ڪيائين. ”ورهاڱو ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي. حالتن کي نظر ۾ رکي اسان به پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻارين ٻچين هڪ لانچ ۾ چڙهي ڪاٺياواڙ جي بندر ’اوکا پورٽ‘ تان پاڪستان روانا ٿياسين. اها لانچ هڪ مسلمان جي هئي، لانچ جو سفر ايترو ته ڊپ وارو هو جو اسين سڄي واٽ ”الله الله الله جو ورد ڪندا رهياسين ۽ لانچ جي لوڏن جي ڪري زائفائن کي لانچ جي پٽ تي سمهاري ڇڏيوسين ته جيئن ان جا لوڏا محسوس ڪري رڙيون نه ڪن.“ اهو چئي هو پنهنجي پوپلي منهن سان کلڻ لڳو. ڄڻ اهو دور ياد اچڻ سان ۽ سفر جي خير خوبيءَ سان پوري ٿيڻ جي ڪاميابي جي احساس کيس ڪجهه ياد ڏياريو هجي.
    ”پوءِ....؟“ مون پڇيس.
    ”اسين انهيءَ لانچ ۾ سفر ڪندا اچي ڪياماڙي جي بندر تي لٿاسين. اتي اسان جي سامان جي جڙتي ورتي ويئي. اسان وٽ ڪجهه سامان هو. باقي ته سڀ اتي ڇڏي آيا هئاسين. اسان کان پڇيائون هي سامان ڇو کنيو اٿئو، اسان چَين اوهان کي ته پاڻ خوش ٿيڻ کپي، جو اسين اهو سڀ انڊيا کان هٿ کڻي آيا آهيون. هاڻ اهو پاڪستان جو ٿيو....“ اهو چئي هو خاموش ٿي ويو. جڏهن اها خاموشي ڊگهي ٿيڻ لڳي ته مون وات، سندس ڪن جي ويجهو آڻيندي پڇيو، ”پوءِ ڇا ٿيو پهرين اوهين ڪراچيءَ ۾ ترسيا هئا؟“
    ”نه!....“ هن ڄڻ ڇرڪ ڀريندي چيو، ”اتان اسين سڌو حيدرآباد آياسين. ٽنڊو ولي محمد ساٽين جي پاڙي ۾ جتي اڳ ۾ ئي منهنجي پڦيءَ جي ڌيءَ رهندي هئي، ان جو گهر وارو داروغو هو. اتي اسين هڪ مسواڙ جي جاءِ وٺي رهياسين.“
    ”دڙي ڪڏهن ۽ ڪيئن آيا؟“ پڇيم.
    ”ٻوتري (ٻن ٽن) مهينن کانپوءِ دڙي اچي وياسين.“ هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو، ”پهرين اسين هڪ ٻي جڳهه ۾ رهياسين. پوءِ اسان ’ويرو مل دريا مل‘ کان جڳهه ۽ دوڪان هڪ سال جي مسواڙ تي ورتا. سال جي پنج ڇهه سئو مسواڙ ڏنيسين. هن چيو هو ته سال کان پوءِ حالتون ٺيڪ ٿيون ته موٽي اينداسين. پوءِ هو نه موٽيا. هو سامهون پيسو مل جو دوڪان هو. هن هٿ سان اشارو ڪندي چيو، ”سندس سڀ ڇوڪرا هليا ويا هئا، پر پاڻ هڪ سال تائين دوڪان هلائيندو رهيو ۽ 1948ع ۾ انڊيا ويو.“
    ”دڙي ۾ اچي اوهان ڇا ڪيو؟“
    ”۽ جڏهن سال کان پوءِ ويرو مل دريا وارا نه موٽيا ته پوءِ اها جاءِ اسان ڪليم ۾ ورتي ۽ اسين هتي ڪاروبار ڪرڻ لڳاسين.“
    ”ڪهڙو ڪاروبار ڪيو؟“ مون پڇيس.
    ”اهوئي پن ٻيڙي وارو.... انڊيا جي ٻيڙي جو پتو گهرائي کپائيندا هئاسين. ڪپڙي جو دوڪان به لڳايم، قلفين جو ڪارخانو لڳايم. تيل جو گهاڻو لڳايم، ريزڪي دوڪان به.... مون ڪيترن ئي ماڻهن کي ڌنڌا کولي ڏنا.“
    ”ان وقت دڙو ڪيئن هو....؟“
    ”اهو ننڍو شهر هو. ارباب خدا بخش جي اوطاق هوندي هئي. اُتي ويندا هئاسين.... ڪچهري ڪرڻ، ارباب اسان کي گهڻي عزت ڏيندو هو.“
    ”اوهان ڪڏهن دڙي ۾ سياست ۾ حصو ورتو؟“
    ”نا!“ منهنجي سوال جي جواب ۾ هٿ جي اشاري سان چيو. ”باقي هڪ ڀيري مولوي هارون جوڻيجي جي مدد ڪئيسين، جيڪو 1954ع جي صوبائي چونڊن ۾ خان بهادر فضل محمد لغاريءَ جي سامهون بيٺو هو. اسان حاجي ٻڍي سومري جي چوڻ تي اندر ئي اندر کيس ووٽ ڪيو. مولانا دلير ماڻهو هو. پئسا ڪونه هئس، پر واهه جي اليڪشن ڪيائين، بس ٿورن ووٽن تان هارايائين.“ اهو چئي سومار ڀاءُ کلڻ لڳو ۽ پوءِ جوانن وانگر مون سان تاڙي ملائيندي چيائين، ”خان بهادر کٽي ويو ته اسين به کيس مبارڪون ڏيڻ وياسين. ووٽ کيس ڪونه ڪيو هوسين، پر چڙهيءَ کي سلام آهي. خان بهادر وٽ اڃا ويٺا هئاسين جو مولانا هارون جوڻيجو به کيس مبارڪون ڏيڻ آيو. خان بهادر فضل محمد چيس ”مولانا صاحب! اصل مبارڪن جو حقدار تون ئي آهين، اصل اليڪشن ته ٿو ئي کٽي آهي. منهنجون ڀت جون ديڳيون صبح ۽ شام چڙهيون پيون هيون. ماڻهن اُهي ته کاڌيون پر ووٽ ڪئون توکي پنهنجي مڙسي ڪئي اٿم. تڏهن کٽيو اٿم نه ته اصل تو کٽيو آهي“.
    ”دڙي ۾ ڪير ڪير چونڊن ۾ بيهندا هئا؟“ مون پڇيس.
    ”هڪ ڀيري ارباب خدا بخش بيٺو هو. عبدالله آچار به بيٺو هو ۽ شيخ عبدالله به بيٺو هو.“ ڪوشش جي باوجود به وڌيڪ ياد ڪري نه سگهيو.
    ”ڪنهن ٻڌايو ته اوهان جي. ايم سيد سان به ملاقات ڪئي هئي؟“
    ”هائو!“ اهو چئي هو کڙو تڙو وٺي ويٺو، ”هڪ ڀيري شاهه صاحب دڙي آيو هو. اسين شيخ عبدالله سان گڏجي هن سان ملڻ ويا هئاسين. ٽي چار ڪلاڪ وٽس ويٺا هئاسين. ڪافي ڳالهيون ٿيون شاهه صاحب ڀلو ماڻهو هو.“
    ”ڪهڙي ڳالهيون ٿيون؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”ڳالهيون ٿيون.... جام ڳالهيون ٿيون.... پر هاڻ ياد ناهن.“ هٿ جو اشارو ڪندي چيائين.
    ”ڀلا ٻُڌ ڀاءُ سومار.... هڪ ڳالهه پڇانوَ....“ مون وات سندس ڪن جي ويجهو ڪندي چيو.
    ”ها، ها.... پڇ.“ جواب ڏنائين.
    ”ڪڏهن عشق ڪيوَ....؟“ مون پڇيس.
    ”عشق....“ هو اهو چئي کلڻ لڳو ۽ سندس چهرو ٻهڪڻ لڳو. ”ڀاءُ، هاڻ ڇا.... ڍڪي ڀلي آهي.“ اهو چئي هو وري کلڻ لڳو ۽ مون به کلي کڻي ماٺ ڪئي.
    سومار ڀاءُ ٻه شاديون ڪيون. جيڪي ٻئي هاڻ گذاري ويون آهن. انهن زالن مان کيس ٻارهن ٻارن جو اولاد ٿيو. سندس هڪ معصوم پوٽو ’شهزاد سومرو‘ جيڪو ٻارهن تيرهن سالن هو، لساني فسادن ۾ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويو. سندس قبر اڄ به دڙي جي پير ڦل مقام ۾ انهيءَ معصوم جي بيگناهه موت جي ياد ڏياري رهي آهي.
    سومار ڀاءُ کان موڪلائيندي سندس ٻُڍين اکين ۾ نهاريندي مون ڪجهه پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن جي لهندڙ وهيءَ جي سج بابت سوچيم. منهنجي ڪنن ۾ سندس لفظ گونجڻ لڳا، ”يوسف پتر مون کي ڪوبه ڏک ڪونهي، اها دنيا جي ريت آهي. ته هرڪو بيٺل جو هوندو آهي، ڪِريل جو ڪير به نه.... ڪير به نه.“


    15. هن دل جي تنهائي، تون ڇا ڄاڻين!؟

    هن دل جي تنهائي، تون ڇا ڄاڻين!؟
    جنهن جي دل تي دُکن جو اثر نه ٿو ٿئي
    جو سُکن جو ڳولائو نه آهي
    جو خواهش، خوف ۽ چڙ کان آجو آهي
    جو پنهنجو سڀ مال، ملڪيت ترڪ ڪري ٿو،
    جو ”مان“ ۽ ”منهنجي“ احساس کان ڇُٽل آهي،
    اُهوئي ”شانتي“ حاصل ڪري ٿو.
    (ڀڳوت گيتا)

    مون ڀڳوت گيتا جا مٿيان لفظ اُن ڪري لکيا آهن، جو آئون جڏهن به اهي پڙهندو آهيان، انهن تي سوچيندو آهيان، انهن جي گهرائيءَ ۾ لهندو آهيان ته عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته شري ڪرشڻ ڀڳوان مهاڀاري يُڌ (مها ڀارت) ۾ ارجن کي دم دلاسا ڏيئي همٿائي ٿو ۽ دل ٻڌي اڳتي وڌڻ ۽ دشمن کي للڪارڻ جي لاءِ چوي ٿو ۽ اهو چوي ٿو ته طمع/نفس جي پرواهه نه ڪر. دل من نه هڻ، کٽڪو نه ڪر:
    اي ارجن! طمع کان سواءِ ڪم ڪندو هل
    نه سوڀ جي پرواهه ڪر، نه هار جي
    بس يوگ ۾ يڪدليو رهه.
    بلڪل اسان جي لطيف سائين به ائين ئي چيو آهي:
    طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻان،
    ڌڪي ڪندي ڌار، ماڻڪ ڏيئي مُٺ ۾.
    ماڻهوءَ جو ”هردو“ هر شئي، هر عمل جو جوابدار آهي. جيتوڻيڪ سائنس وٽ ”دل“ بدران ”دماغ“ جي اهميت آهي. ڇو ته اهوئي سوچي ٿو، لوچي ٿو. نه ته دل فقط ”شاعراڻي تشبيهه“ آهي. اها دل جي ئي دنيا آهي، جيڪا پيار، پاپ، دک سُک، سڀ ڪجهه سَهي ٿي.
    مون مٿيان لفظ ان ڪري لکيا آهن، جو مون پنهنجي جيون جي مختصر تجربي مان سکيو آهي ته جيڪو ماڻهو ”مان“ ۽ ”منهنجي“
    مرض ۾ مبتلا آهي، اهو نه مستقل مزاج هوندو آهي ۽ نه وري منجهس ڪنهن فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي. مون ڏٺو آهي ته اهڙا ماڻهو، جلد ئي ٽٽي، ڀڄي ۽ ڀُري پوندا آهن. هو جلد ئي شڪست کائي ويندا آهن. ٻين جي هٿان نه، پر پنهنجو پاڻ هٿان، پنهنجي ”مان“ جي هٿان، ۽ تمام گهٽ ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي ٻيهر پاڻ کي جوڙي سگهندا آهن.
    جڏهن اهڙا ماڻهو پنهنجي ”مان“ جي هٿان ”مات“ کائيندا آهن ته پوءِ هو ”پورس جي هاٿين“ جيان پنهنجن کي ئي لتاڙڻ شروع ڪندا آهن. پاڻ سان گڏ، ٻين جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. هنن جي اندر ۾ هر وقت بدلي، نفرت ۽ شڪايتن جا کورا ٻرندا نظر ايندا آهن.
    پر، جيڪي ماڻهو ”مان“ جي مرض ۾ مبتلا نه هوندا آهن، اهي نه رڳو مستقل مزاج هوندا آهن، پر منجهن فيصلي جي قوت سان گڏ، انهيءَ تي ڄمي بيهڻ جي صلاحيت به هوندي آهي ۽ اهي شڪست کائي به ٽٽندا ناهن ۽ جي ٽٽندا به آهن، ته به جلد ٻيهر پنهنجي وکريل وجود کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ وري به ”هلندو هل... هلندو هل“ جي اندرينءَ تنوار تي پنهنجو سفر شروع ڪندا آهن. انهن جو من شانت هوندو آهي. انهن ۾ نياز ۽ نوڙت، پيار ۽ پاٻوهه هوندو آهي.
    ”انسان ڪڏهن به شڪست کائڻ جي لاءِ پيدا ناهي ٿيو. ڪنهن ماڻهوءَ کي تباهه ته ڪري سگهجي ٿو، پر کيس هرگز مات نه ٿو ڪري سگهجي.“ اهي لفظ ارنيسٽ هيمنگويءَ جا آهن. جيڪي هو پنهنجي ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ ۾ پوڙهي واتان چورائي ٿو. جيڪو سمنڊ ۾، وهيل مڇيءَ کي چئي ٿو. هيمنگويءَ جا اهي لفظ رفيق سومري چواڻي، ”انساني تاريخ جي لکن سٽن تي ڀاري آهن.“ تڏهن ته هيمنگوي خودڪشي ڪئي. هُن موت هٿان شڪست کائڻ نه ٿي چاهي.
    اهو ضرور آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجون غلطيون ضرور مڃڻ گهرجن. پنهنجي غلطين جي ڪري هن ڪٿي شڪست کاڌي آهي؟ هن ڇا ڇا وڃايو آهي؟ انهيءَ جو اعتراف ڪري، نئين سر ”بتدا“ ڪري سگهجي ٿي. اها به هڪ واٽ آهي، پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي اندر کي شانت رکڻ جي!
    زندگيءَ جون جيتريون خوبصورتيون آهن. انهن جي پويان ايتريون ئي بدصورتيون آهن. انساني فطرت ۾ نيڪي، بدي، تلخي، بُلندي، انا، ڪوڙ، سچ، جوف، لوڀ ۽ بي غرضي ۽ خود غرضيءَ جو هڪ عجيب ميلاپ آهي. انهن کي هڪٻئي کان ڌار ڪرڻ مشڪل آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته نيڪي ۽ بديءَ جو فرق ڪرڻ به ڏ کيو ٿيو پوي. نيڪي، بدي ۽ بدي، نيڪي بنجيو وڃي.
    پوءِ، جڏهن انسان انهن سڀني شين تي سوچي ٿو، ويچاري ٿو ته کيس زندگي انتهائي کوکلي نظر اچڻ ٿي لڳي. هر شئي بيڪار نظر ٿي اچي. ”ڪنهن جي لاءِ؟“، ”ڪنهن لاءِ؟“، ”ڇو؟“ ۽ ”ڇا لاءِ؟“ جا سوال ٿا پيدا ٿين ۽ پوءِ خود ئي، انهن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
    انساني ”دل“ جو علاج، يعني ان جي ”ڌڙڪڻ“ سمجهڻ ڏاڍي ڏکي شئي آهي. ماڻهو سمجهي نه ٿو سگهي ته ”ويراني“ ڇا آهي؟ خاص ڪري دل جي ويراني. اندر جي موسم بابت سمجهڻ ۽ انهيءَ بابت فيصلو ڪرڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي. جڏهن ماڻهو ئي کوکلو ٿيو وڃي ته بالزاڪ چواڻي، ”ان ڳالهه جو فيصلو ڪير ٿو ڪري سگهي ته سُڪل کوپڙين جو منظر وڌيڪ دهشت ناڪ ٿئي ٿو يا مُرجهايل دلين جو؟“
    بندے کے درد کو کوئی نہیں پہنچتا،
    ہر ایک سے حقیقت عیاں ہے خدا رسیدہ۔
    (میر تقی میر)
    يا جمن سوهي جي لفظن ۾:
    اُداس، تنها، شام جو درد،
    چانڊوڪيءَ جي رات ڇا ڄاڻي،
    ۽ ماڻهو ڇا هي بنا وشواس
    ڪيئن دل ٿي پنهنجو درد پيئي
    ۽ مري مري ٿي ڪيئن جيئي،
    تون ڇا ڄاڻين هن دل جي تنهائي!
    هيءَ دل ته صدين کان تنها آهي
    هن دل جي تنهائي تون ڇا ڄاڻين!
    آئون ڪڏهن به ”مان“ جي مرض ۾ مبتلا ناهيان رهيو. پنهنجون ڪوڙيون سچيون تعريفون ڪرڻ/ڪرائڻ نه پُڄندو اٿم. ان جو سبب شايد هيءُ آهي ته اُن وقت جڏهن مون جيڏا نوجوان، ڇوڪرين ۽ نوڪرين، شرابن ۽ شبابن، گلن ۽ خوشبوئن، حسن ۽ جوانيءَ، مڌماتي ڪجلين ڪٽورين اکين ۽ راتين جو ذڪر ڪندا هئا. ڇاڻي بازي ڪري، خواريءَ جو گهانگهو پنهنجي ڳچين ۾ وجهندا هئا، شراب جي هڪ پئگ تي ياريون مٽائيندا هئا. شراب جي پئگ ۾ قوم ۽ ملڪ جا درد اوتي ڪاڪ ٽيل ڪري، لسي ڪري ڏوڪي ويندا هئا. ذهن جي ۽ ضمير جي پرواهه نه ڪندا هئا. تڏهن منهنجو اڪثر وقت، ڪتابن پڙهڻ، قومي ۽ طبقاتي انقلاب بابت سوچڻ ۽ لوچڻ، چاڪنگون ڪرڻ، پوسٽر هڻڻ ۽ تنظيمي ڪم لاءِ اُس ۽ ڇانوَ ۾ رُلڻ، رٿابندي ڪرڻ ۽ پنهنجي سنگت ۽ ساٿين سان گڏ بحث ۽ مباحثي ۾ گذرندو هو.
    ڇوڪريون ۽ نوڪريون، حسن ۽ جواني، شراب ۽ شباب مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا ضرور رهيا آهن، پر اهي منهنجي ڪمزوري بنجي نه سگهيا آهن. مون تي حاوي ٿي نه سگهيا آهن. مون ان وقت به سمجهي ورتو هو ۽ اڄ به سمجهان ٿو ته اهي شيون وقتي آهن، ثانوي آهن. انهن جي اهميت زندگي ۽ زندگي جي آدرشن کان وڌيڪ ڪونهي. انهن جي حاصلات لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن، جيڪي مون ڏٺا آهن، خاص ڪري اسانجي قومي ۽ طبقاتي سياست ڪندڙن ۽ مزاحمتي ادب جي سرجڻهارن ۽ مزاحمت ڪندڙ نوجوانن جا اختيار ڪيل طريقا ايترا ته ڪريل ٿين ٿا/اختيار ڪيا وڃن ٿا، جو مونکي انهن طريقن کان نفرت آهي ۽ مونکي انهن مان ڪرهت ايندي آهي.
    مون وٽ زندگيءَ جو هڪ مقصد ضرور رهيو آهي. هڪ آدرش ضرور رهيو آهي. وقتي طرح آئون ڀَڄندو، ڀُرندو ۽ ٽٽندو به رهيو آهيان. ان حد تائين جو مونکي منهنجي آواز جا پڙاڏا به ٻڌڻ ۾ نه ايندا آهن. پر پوءِ به آئون هلندو رهيو آهيان... هلندو رهيو آهيان.. ڪنهن جي تلاش ۾، ڀٽڪي ويل منزل جي ڳولا ۾....
    منهنجا سپنا، منهنجون ساروڻيون به عجيب آهن. منهنجا سپنا، گلن جي رنگت ۽ خوشبوءِ وانگر اڏري ويندا رهيا آهن. منهنجا سپنا واريءَ جي گهروندڙن جيان ڀُرندا رهيا آهن. ٽٽندا رهيا آهن. ڪو وقت هو جو آئون انهن کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ۽ اهي پوپٽ جي پرن جيان رنگت منهنجي هٿن تي ڇڏي اُڏري ويندا هئا... پر هاڻ نه! ڇو ته آئون اهو سمجهي ويو آهيان ته سپنا جهٽي نٿا سگهجن ۽ منهنجون ساروڻيون، اهي ڇڻي ويل گل آهن، جيڪي خوشبوءِ پکيڙي به ڇڻي ويندا آهن ۽ بي قدر ماڻهن جي پيرن ۾ لتاڙبا، چٿبا، چُپبا رهيا آهن. ان سمي آئون پاڻ کي ”خزانءَ“ جو اهو ڇڻيل ۽ سُڪل پن سمجهندو آهيان، جيڪو پنهنجي رنگت وڃائي، وڻ تان ڇڻڻ کانپوءِ، پيرن هيٺان لتاڙبو، چرچراهيندو رهندو آهي.
    مون پنهنجا سڀ سپنا، ساروڻيون ۽ خواهشون، اميدون ۽ خوشيون مڪليءَ جي ڪنهن ويران قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيا آهن. ۽ اُن قبر جي مٿان ڪو ڪتبو به لڳل ڪونهي.
    مڪلي ــ ٺٽو، جيڪو تاريخ ۾ سدائين ڌارين جي هٿان لٽبو، ڦربو، تباهه ۽ برباد ٿيندو رهيو آهي. ان مڪلي- ٺٽي جون مڌ ماتيون راتيون، ڳالهيون، چميون، ٽهڪ، مينهن ۽ وڄ جي وراڪن ۾، مڪليءَ جي آثارن ۾ هلڻ... سڀ خواب بنجي ويو. ٺٽي منهنجي دل به ائين لُٽي ڇڏي، جيئن ارغونن ۽ ترخانن ٺٽي کي اُجاڙ ۽ ويران ڪيو هو.
    انهن ڏينهن مون هڪ آزاد نظم لکيو هو، جڏهن آئون ٺٽي جي ڀريل ڀُڪيل گهٽين ۾ ٿيڙ کائيندو هلندو هئس... مڪليءَ جي ويرانين ۾ ڀٽڪندو هئس:
    ويران ۽ اُجاڙ شهر ۾
    روح ڀٽڪن پيا
    ماتم ڪنان آهن
    کنڊر بنجي ويل،
    ڪنهن جي
    خوابن جون حويليون
    هر گهٽيءَ
    ڄڻ لُٽي
    ڪنهن جي چُني
    ڪنهن جي چُمي.
    هي ويران ۽ اُجاڙ شهر
    ڪنهن جي سپنن
    ڪنهن جي اُڌمن
    ڪنهن جي نياپن
    ڪنهن جي اَلمين
    ڪنهن جي جوڀن
    جو داستان آهي.
    پوءِ ڇو هي اُجاڙ آهي
    او دوستو!
    پوءِ ڇو هي اُجاڙ آهي!
    پيار، منهنجي لاءِ اِها وٿ آهي، جيڪا ڪڏهن به حاصل ٿي نه سگهي اٿم. آئون سدائين پيار جو متلاشي رهيو آهيان. مُرڪن جو ڳولائو رهيو آهيان. آئون اُن پيار جي ڇانوَ ۾ ويهي، پنهنجي اندر ۾ اوتيل سموري نفرت، گند ۽ پونءُ جيان ڪڍڻ ٿو چاهيان. پر آئون جڏهن به پيار جي پويان ڊوڙيو آهيان، اهو پيار ئي منهنجي لاءِ ’بروٽس‘ بنيو آهي. ان پيار ئي ته منهنجا ويساهه ٽوڙيا آهن. اهو پيار ئي ته منهنجي لاءِ نفرت ۽ ڪروڌ جو سبب بنجي ويو آهي.
    زندگي، ڀلي زنده دليءَ جو نالو هجي، پر زنده دل رهڻ جي لاءِ ماڻهوءَ کي ڪيترو لوڙڻون ٿو پوي، ڀوڳڻون ٿو پوي، اُهو، اِهو ئي ماڻهو ڄاڻي ٿو، جيڪود ل ۽ دماغ تي سورن جا ڀاري ”بوجهه“ کڻي کلي به ٿو، مرڪي به ٿو ۽ روئي به ٿو. شراب پي ته هر ڪو روئندو آهي، پر بنا شراب جي روئڻ واري جي اندر ۾ ڪيڏا ڦٽ هوندا، سو ڄاڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي ۽ آئون سدائين بنا شراب پيئڻ جي رُنو آهيان.
    شراب، جنهن جي لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي ته اهو پي ماڻهو سچ ڳالهائيندو آهي. ”سچ“ اندر مان لفظن جو روپ وٺي، مينهن جي اوڙڪن جيان وسندو آهي ۽ ماڻهو وڦلڻ لڳندو آهي. مون اُن کان وڏو ڪوڙ اڄ سوڌي ٻُڌو ئي ڪونهي. شراب پي ماڻهو پنهنجي مرضيءَ موجب ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو. منهنجي پنهنجي تجربي موجب، مون گهڻي گهڻو ڪوڙ مدهوشيءَ جي حالت ۾ ئي ڳالهايو آهي.


    16. منهنجي پسند جا ڪتاب

    بلڪل ڪچيءَ وهيءَ ۾، مون جيڪو پهريون سنڌي ڪتاب، بنا ڪنهن ڪُڇ پُڇ جي، بنا ڪنهن سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جي، هلندڙ بس ۾، ميرپور بٺوري مان، پير محمد ميمڻ نالي هڪ اخباري هاڪر کان ڇهين روپين ۾ خريد ڪيو هو، اهو سائين جي. ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ هو. ان کان اڳ، ننڍا ننڍا ٻارن لاءِ اٺين آني يا پنجاهه پئسن ۽ هڪ روپئي وارا اردو ڪهاڻين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هوس. اهو به تڏهن جڏهن، يا ته امان سان گڏ حيدرآباد ويندو هئس يا وري، غلام الله ويندي، ٺٽي مان ”عبدالله قريشي نيوز ايجنسيءَ“ جي دوڪان تان خريد ڪندو هوس. مرحوم عبدالله قريشي، طبيعت جو گهڻو چيڙاڪ هوندو هو، پر ڪتابن جي ڪري گهڻو ڀانئيندو به هو.
    جڏهن مون اهو ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ خريد ڪيو ته اهو سمجهيو هيم ته اهو ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب هوندو. پر پوءِ به ان جو موضوع/ مضمون ڏسي مون پڇتايو ڪونه ۽ هوريان هوريان اهو ڪتاب پڙهندو ويس.... گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيم، پر ڪتاب ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ انهيءَ کانپوءِ عالمي سياست ۾ آيل اُٿل پُٿل، زور وٺندڙ نظرين ۽ پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائي ۽ ان دور جي اڳواڻن جو مختصر تعارف مونکي بي حد دلچسپ لڳو. پوءِ مون اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ بار بار پڙهيو. مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته مون ۾ جيڪو اڳتي هلي جيڪا ٿوري گهڻي عالمي ادب، سياست ۽ دنيا جي انقلابي شخصيتن يا عالمي ادب پڙهڻ سان دلچسپي پيدا ٿي، اُن جو مُحرڪ اهو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
    مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هيستائين مون سائين جي. ايم سيد جا فقط ٻه ئي ڪتابَ مڪمل ۽ بار بار پڙهيا آهن. هڪڙو اهو مٿيون ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ ۽ ٻيو عدالتي بيان ”سنڌ ڳالهائي ٿي“. پويون ڪتاب پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ، سنڌ سان ٿيل زيادتين جو مڪمل ۽ جامع دستاويز آهي ۽ هر سنڌيءَ تي اهو لازم آهي ته هو اهو ڪتاب پاڻ پڙهي۽ ٻين کي به پڙهائي. جيئن گهرن ۾ قرآن پاڪ، گيتا ۽ شاهه جو رسالو موجود هئڻ ضروري آهي، تيئن ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ به هر سنڌيءَ جي گهر ۾ موجود هئڻ گهرجي ۽ هر سنڌيءَ کي پڙهڻ ۽ بار بار پڙهڻ گهرجي.
    اُنهن ئي ڏينهن، شايد ’جديد عالمي سياست‘ پڙهڻ کان ڪجهه اڳ يا پوءِ، مونکي هڪ ٻيو ڪتاب هٿ چڙهيو، محمد موسيٰ ڀٽي جو لکيل ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“. اهو ڪتاب مونکي منهنجي چاچي محترم شمس الدين ميمڻ، جي حيدرآباد واري گهر ۾ پيل مليو، آئون اهو ڪتاب کڻي ڳوٺ آيو هئس ۽ اهو ڪتاب به مون ”جديد عالمي سياست“ وانگر ئي وڏي شوق ۽ ڌيان سان پڙهيو هو. اهو ڪتاب اڃا سوڌي، مون وٽ موجود آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ محمد موسيٰ ڀٽي، سائين جي. ايم سيد، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ ٻين قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن کي ملحد، دهريو، ڏاهر پرست، اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن، هندستان جو ايجنٽ قرار ڏيئي، پنهنجي جماعت جو نقطه نظر، پنهنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. محمد موسيٰ ڀٽي صاحب جو ان وقت تعلق ’جماعت اسلامي‘ سان هو ۽ اهو ڪتاب پهرين جماعت اسلامي جي اخبار ’جسارت‘ ۾ سلسليوار ڇپيو هو ۽ پوءِ اردوءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو ويو هو.
    مونکي اها ڳالهه مڃڻ ۾ ذرو به هٻڪ ڪونهي ته محمد موسيٰ ڀٽو، وڏو ذهين ۽ عالم ماڻهو آهي. سندس ٻه ٻيا ڪتاب ”پرين جي پچار“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ جيڪو سائين جي. ايم سيد جي لکيل ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ جي جواب ۾ لکيل آهي. اهي ٻيئي ڪتاب به مون وڏي شوق ۽ ڌيان سان پڙهيا ۽ انهن ڪتابن منهنجي ڄاڻ ۾ ڪافي واڌارو ڪيو. انهيءَ ڪتاب ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“ ۾ ئي مون پهريون ڀيرو راجا ڏاهر، ملحد، دهريو وغيره جا لفظ پڙهيا ۽ پوءِ انهن کي سمجهڻ ۽ انهن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
    ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“ پڙهڻ سان مونکي اهو فائدو ضرور ٿيو ته مون مخالف نقطه نظر، پوءِ اهو ڪهڙي به فڪر سان لاڳاپيل هجي، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. البت ڪتاب ۾ محمد موسيٰ ڀٽي جي اختيار ڪيل موقف سان آئون ڪڏهن به سهمت ٿي نه سگهيس.
    گهڻا سال پوءِ 2009ع ۾ منهنجي جناب محمد موسيٰ ڀٽي سان هڪ ملاقات ٿي. آئون مسعود لوهار وٽ ويس ته اُتي ارباب نيڪ محمد به ويٺو هو ۽ ائين پوءِ اسين گڏجي لطيف آباد محمد موسيٰ ڀٽي ڏانهن وياسين. محمد موسيٰ ڀٽي صاحب اسان کي پنهنجو ڪتب خانو ڏيکاريو ۽ اڪيڊمي جا ڳچ ڪتاب تحفي طور به ڏنا. پر، هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته واقفيت ڪرائڻ جي باوجود به پاڻ مسعود لوهار ۽ ارباب نيڪ محمد جي ڀيٽ ۾ مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو.
    سنڌ ۾، ٻه ٽي پبلشر اڪثر ڪري محترم جي. ايم سيد جا ڪتاب ورائي ورائي پيا ڇپائيندا آهن، پر الائجي ڇو هو ”جديد عالمي سياست“ وري نٿا ڇپرائين.
    انهن ڏينهن، جن ٻين ڪتابن کي مون وڏي شوق سان پڙهيو ۽ ورائي ورائي پڙهيو، تن ۾ ”ايسپ جون آکاڻيون“، ”گرم جون آکاڻيون“ ۽ ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“ اهم آهن. ٻاراڻي وهي هئي، انهيءَ ۾ اهڙا ڪتاب نه رڳو وڻندا، پر ذهن تي به اثر ڇڏيندا آهن. ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻين“ مان واشنگٽن ارونگ جي هڪ ڪهاڻي ”رپ وئن وئنڪل“ مونکي ڏاڍي وڻندي هئي. جنهن ۾ هڪ همراهه ”رپ وئن وئنڪل“ ويهه سال هڪ جبل جي ڪنهن چُر ۾ سمهي پوندو آهي. جاڳ ٿيڻ تي هو جڏهن جبل جي چُر مان نڪري بازار ويندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته هو ڪالهه سُتو هو ۽ اڄ جاڳيو آهي، پر انهيءَ عرصي ۾ ڀريا ويهه سال گذري چڪا هوندا آهن ۽ آمريڪا تان برطانيا جو قبضو ختم ٿي چڪو هوندو آهي. ’واشنگٽن ارونگ‘ آمريڪي ليکڪ هو، جنهن جو هڪ مشهور ڪتاب ”الحمرا جا افسانا“ پڻ مون وڏي شوق سان پڙهيو هو. الحمرا، غرناطه ۾ مسلم دور جو عظيم يادگار آهي، جيڪو خليفي ”الحڪم“ ٺهرايو هو. ارونگ اهي افسانا ’الحمرا‘ جي مختلف حصن ۾ ويهي لکيا هئا.
    ائين اسپين ۾ آخري مسلم ’رياست‘ ”غرناطه“ جي خاتمي کانپوءِ، مسلم سڀيتا جي خلاف ”شاهه فرڊيننڊ“ ۽ ”راڻي ازابيلا“ ۽ ڪئٿولڪ چرچ جي علم دشمن قدمن تي طارق علي جو ناول Shadow of Pomegranate Tree (ڏاڙهونءَ جي وڻ جي ڇانوَ ۾) به مون وڏي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهيو ۽ دل ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها اُڇل پيدا ٿيندي اٿم ته اهو ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪجي. ان ناول کي ’ٽي وي ٽائمز‘ لنڊن هڪ ايپڪ جي برابر قرار ڏنو ۽ گارجين لنڊن لکيو ته، ”طارق عليءَ جو اهو ناول ان ڪري به واکاڻ لائق آهي ته هن تاريخ جي هڪ المئي کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. اهو انساني قربانين ۽ ڊٺل مسلمانن جي لاءِ هڪ يادگار آهي.“
    هي ناول اُن دور جو احاطو ڪري ٿو، جڏهن شاهه فرڊيننڊ ۽ راڻي ازابيلا کي غرناطه کي فتح ڪندي ”اَٺ“ سال گذري چڪا هئا ۽ ڪئٿولڪ چرچ پنهنجي مذهبي گرفت جيئن پوءِ تيئن سخت ڪندي پئي ويئي. اسپين ۾ پهرين مسلمانن ۽ پوءِ يهودين جي لاءِ اهو حڪم جاري ڪيو ويو ته، هو يا ته پنهنجو مذهب تبديل ڪري عيسائي ٿي وڃن يا ملڪ ڇڏي وڃن. نتيجي ۾ غريب غربي ته پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ مذهب تبديل ڪيو ۽ ٻيا وري، جن ۾ عالم ۽ هنرمند به شامل هئا، ملڪ ڇڏي هليا ويا ۽ اسپين صدين تائين مذهبي آمريت جو شڪار رهيو ۽ علم و فن کان وانجهجي ويو. اُن دور ۾ پهريون ڪم ڪتاب کي ساڙڻ جو ڪيو ويو.
    طارق علي جا تمام گهڻا ڪتاب ڇپيل آهن، پر سنڌيءَ ۾ ٻن ڪتابن جو ترجمو ٿيل اٿس.هڪڙو رئوف نظاماڻي جو ترجمو ڪيل آهي جيڪو ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون جي نالي سان ڇپيل آهي ’دي لپرڊ اينڊ دي فاڪس‘ جيڪو چيتو ۽ لومڙ جي نالي سان ’شفقت قادريءَ‘ سنڌي ۾ آندو آهي، ان ڊرامي ۾ طارق علي، ذوالفقار علي ڀٽي کي چيتي ۽ جنرل ضياءُالحق کي لومڙ سان ڀيٽيو آهي.
    ڪتابن سان منهنجي اها دلچسپي، جيئن پوءِ تيئن وڌڻ لڳي ۽ ان سان گڏ آئون گهر ڀاتين جي تنقيد جو نشانو به بنجڻ لڳس. هو سمجهندا هئا ته گهڻا ڪتابَ پڙهڻ سان ماڻهو چريو ٿي ڪم ڪار کان کري مَت مان نڪري ويندو آهي. هو چاچا فقير عبدالغفور الستيءَ لاءِ به ائين ئي چوندا هئا. الستي صاحب پنهنجي طبيعت ۽ ڪمن ڪارين جي حوالي سان سدائين منفرد رهيو آهي. سو گهر وارا يا ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي مونکي چوندا هئا ته، ”صفا چاچهين بِقا تي ويو آهين.“ (اسان جي ڪٽنب ۾ چاچا الستي کي ’چاچا بقا“ چئي سڏيو ويندو هو.)
    اُنهن ڏينهن حيدرآباد امان سان گڏجي ويندو هوس ته ننڍي جيجيءَ جي گهر لطيف آباد ۾ رهڻ ٿيندو هو. انهيءَ گهر کان فرلانگ سوا پري بلڪل سامهون ئي نڪ جي سڌائيءَ ۾، سائين نجم عباسيءَ جو گهر هوندو هو. جيڪڏهن وچ ۾ مسجد نه هجي ها ته ٻيئي گهر آمهون سامهون نظر اچن ٿا. انهن ڏينهن نه مون ڪڏهن نجم عباسيءَ کي ڏٺو ۽ نه ئي وري ساڻس مليس.... پر پوءِ اڳتي هلي جڏهن ادبي دنيا ۾ اُٿي ويٺي، ميل جول وڌيو ته آئون نجم عباسيءَ سان سندس ان گهر ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا مليس. اڳتي هلي جڏهن ’سنڌي- مهاجر‘ جهيڙا ٿيا ته ٻين سنڌين وانگر نجم عباسيءَ به پنهنجو اهو گهر وڪڻي اچي قاسم آباد ۾ پناهه ورتي.

    آئون حيدرآباد هوندو هوس ته امان ۽ جيجيءَ کان مونکي جيڪا به خرچي ملندي هئي، اها ۽ ٻي خرچي جيڪا مون وٽ بچت ۾ هوندي هئي، سا سڀ کڻي، فورسيٽر ۾ چڙهي، سڌو گاڏيءَ کاتو هليو ويندو هوس ۽ اُتي بوڪ اسٽالن تي وڃي ڪتاب ڏسندو هوس ۽ پوءِ ڪونه ڪو ڪتاب خريد ڪري گهر اچي پڙهندو هوس.
    هڪ ڀيري ڪو ڪتاب خريد ڪري آيس ۽ اهو رات جو بستري تي ليٽي پڙهيم پي ته جيجيءَ ڌڙڪا ڏيئي بتي اُجهائي ڇڏي ۽ سُمهڻ جي لاءِ چيو ۽ آئون نه چاهيندي به رَلي منهن تي وجهي، ڪتاب سري کان رکي سمهي پيو هوس.
    ڪتابن سان منهنجو اهو عشق ۽ محبت، جيئن پوءِ تيئن ويئي وڌندي. نتيجي ۾ مون وٽ ڪتاب گڏ ٿيندا ويا، پهرين گهر ۾ رکيل هڪ ننڍي ڪاٺ جي کوکي ۾ رکيم. پوءِ وڌيا ته ڀت ۾ کُتل هڪ ڪاٺ جي ڪٻٽ ۾ رکيم، جيڪو ٽن خانن وارو هو ۽ ورهاڱي کان اڳ جو ٺهيل هو. مٿس ٺهيل ڪاٺ جا گُل ۽ اُڪر ته ڀڄي پيئي هئي، پر پوءِ به ڏاڍو سٺو ٿي لڳو.
    هوريان هوريان، جيئن جيئن ڪتاب وڌندا ويا، تيئن انهن کي رکڻ ۽ سنڀالڻ منهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿيندو پي ويو. ڪٻٽ وٺڻ يا ٺهرائڻ جي مون ۾ پُڄت نه هئي.... گهر جون دريون، کٽون ۽ ٻيون جڳهيون ڪتابن سان ڀرجڻ لڳيون. جنهنڪري اڪثر پيئي گهر وارن سان کٽ پٽ ٿيندي هئي. منهنجا ڳچ ڪتاب گم ٿي يا ڦاٽي به ويندا هئا. يا وري جيڪڏهن ڪو پڙهيل مٽ مائٽ ايندو هو ته اهو بنا پُڇا جي ڪونه ڪو ڪتاب کڻي ويندو هو. جنهن جو مونکي گهڻو ڏُک ٿيندو هو.
    ڪتابَ منهنجا سدائين سٺا ساٿي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته ڪتابن جي مطالعي مونکي شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه عطا ڪرڻ سان گڏ مون ۾ اعتماد پيدا ڪيو. مونکي ڳالهائڻ، اُٿڻ ۽ ويهڻ سيکاريو. ڪتابن ئي مونکي زندگيءَ جي مختلف رُخن بابت سوچ ويچار سان گڏ منهنجي ذهن ۾ اُٿندڙ سوالن جي جوابن سمجهڻ ۾ مدد پئي ڪئي آهي. ڪتابن جو ساٿ نه مليم ها ته منهنجي زندگي ويران ۽ بُٺ هجي ها، آئون شايد اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون پيو هڻندو هجان ها.
    آئون، تنهنجو دوست هوندس،
    توسان گڏ رهندس
    تو سان اختلاف ٿيندم....
    توکي کلائيندس....
    يا وري ڪڏهن گرمي جي اُس واري صبح جو
    تنهنجي اکين ۾ ڳوڙهو بڻجي ويندس.

    آئون توکي مهميز ڏيندس
    سُمهڻ ۾ مددگار ٿيندس
    اهڙن سپنن جي اُڻت ڪندس
    جيڪي تو به سدائين،
    سرءُ جي ٻپهريءَ جو پاڻ وٽ رکندين.

    جذبن جي گرميءَ سبب
    توکي سُهائو رکندس
    ۽ جيستائين طوفان ٿمجي نه وڃي،
    سردين جي مُند جي شامن ۾
    توکي پنهنجي پناهه ۾ رکندس.

    جڏهن تون پڙهي رهيو هوندين
    آئون تو وٽ هوندس
    بهار جي مُند جو ٻوٽو پوکيندس
    جيڪو زندگيءَ سان ڀرپور هوندو

    آئون ڪتاب آهيان
    جيڪو تون پڙهين پيو.
    (شاعر: ٽام رابرٽ شيلڊز)

    ڪجهه مهينا اڳ منهنجي دوست رشيد آزاد مونکي چيو ته تون مونکي اهڙن ڏهن ڪتابن جي فهرست ٺاهي ڏي، جيڪي توکي سڀني کان وڌيڪ وڻيا هجن، گهڻي سوچ ويچار، کانپوءِ مون جن ڏهن ڪتابن جي فهرست ترتيب ڏني، اهي هن ريت آهن:

    1. نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي (Long Walk to Freedom)
    2. STOLEN LIVES (ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي)
    3. منهنجي زندگي (ٽراٽسڪيءَ جي آتم ڪهاڻي)
    4. ROOTS (اليڪس هيلي جو ناول)
    5. دهلي (خوشونت سنگهه جو ناول)
    6. نوجوانوں کا گيت (يانگ مو جو ناول)
    7. ٻارن جو مسيح (اينڊ بلائٽن جو حضرت يسوع مسيح جي زندگيءَ تي لکيل سنڌي ترجمو: محمد ابراهيم جويو)
    8. شهنشاهه کان شهريءَ تائين (چين جي آخري شهنشاهه ’ڦواي‘ جي آپ بيتي)
    9. جانورستان (جارج آرويل جو ناول ANIMAL FARM)
    10. ڪرامازوف ڀائر (دوستو فسڪيءَ جو ناول)

    فهرست تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته انهن مان گهڻائي آتم ڪهاڻين ۽ تاريخي نوعيت جي ڪتابن جي آهي ۽ آتم ڪهاڻيون به اهڙن شخصن جون آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور جا ليجنڊ ڪردار رهيا آهن ۽ انهن جي زندگيءَ جي تجربن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. اهڙا ڪردار منهنجي لاءِ سدائين اُتساهه جو سبب رهيا آهن.
    مٿين ڪتابن مان ٻه پهريان ٻه ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي“ ۽ ”ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي“ مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي، پهريون ڀيرو 1999ع ۾ ’نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻيءَ‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي ۽ ٻيو ڀيرو ’آزاديءَ جو ڊگهو سفر‘ جي نالي سان 2010ع ۾ ڇپي.
    ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي مون ”زندگيءَ جا گم ٿيل ڏينهن“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. اُن جون لڳ ڀڳ ويهه قسطون عبرت مئگزين ۾ ڇپيون. اها اڃا اڌ تائين به نه پهتي هئي، جو ”عبرت مئگزين“ جي ايڊيٽر مرتضيٰ سيال جي رويي سبب، مون وڌيڪ قسطون مئگزين کي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون. اڳتي هلي اها ماهوار هزار داستان ۾ الطاف ملڪاڻيءَ قسطوار ڇپي هاڻ جلد اها ڪتابي صورت ۾ ڇپجندي.
    خشونت سنگهه جو ناول ”دهلي“، مونکي ڪراچيءَ جي هڪ پبلشر امير ابڙي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڏنو. مون ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. سئو کن صفحا ترجمو ڪري ويس، جو پوءِ اهو پبلشر ڪيترن ئي ماڻهن سان ٺڳيون ڪري ڀڄي ويو (خود منهنجي به ڪيترن ئي ڪتابن جا پئسا کائي ويو) ۽ مون وڌيڪ ترجمو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. البت خشونت سنگهه جو هڪ ٻيو ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم، جيڪو ماهوار ”ڪرزما ڊائجسٽ“ جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپيو. ساڳيءَ طرح ’اليڪس هيلي‘ جي ناول “ROOTS” لاءِ به مونکي هڪ پبلشر ترجمو ڪري ڏيڻ لاءِ چيو، پر مون همت نه ٻڌي.
    جارج آرول جي ناول ANIMAL FARM جو پڻ ترجمو، مون ڪافي سال اڳ ڪيو هو ۽ هڪ پبلشر ناز سنائي ڇپڻ جي واعدي تي مون کان ورتو. پوءِ ساڻس ڪنهن ڳالهه تان اڻبڻت ٿي ته ڪتاب ته ڪونه ڇپيو، پر مسودو ئي واپس نه مليو. خبر ناهي ڪڏهن واپس ملي به يا نه؟
    مناسب اهو آهي ته مٿين ڏهن ڪتابن جو مختصر تعارف/ جائزو پيش ڪريان.

    1. نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي
    نيلسن منڊيلا جي هن آتم ڪهاڻيءَ تي تبصرو ڪندي مشهور اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ لکيو، ”هيءَ هڪ متاثر ڪندڙ ڪتاب آهي، جيڪو سسٽم جي وسعتن کي سٺي نموني بيان ٿو ڪري ۽ هڪ اهڙي مذهبي ڪتاب وانگر آهي، جيڪو جذبي جي طاقت منتقل ڪري ٿو. هيءَ (منڊيلا) ويهين صديءَ جي متاثر ڪندڙ شخصيتن مان هڪ آهي.“
    نيلسن منڊيلا جي هيءَ آتم ڪهاڻي نه رڳو منهنجي پسند جي ڏهن ڪتابن مان هڪ آهي، پر مونکي خوشي ان ڳالهه جي به آهي ته اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ مون ترجمو ڪيو ۽ جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ته تمام گهڻو وڪرو ٿيو. مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته پبلشر فيروز ميمڻ پهريون ڇاپو جلدي ختم ٿي وڃڻ جي ڪري، ٻيو ڇاپو مون کان لڪائي ۽ مونکي ٻُڌائڻ کانسواءِ ڇپرايو. اهو ڪتاب مون ئي خرچ ڪري فيروز ميمڻ کي ڪمپوز ڪرائي ڏنو، پر يار ڪمپوزنگ جا پئسا ته نه ڏنا، پر پوريون ڪاپيون به نه ڏنيون.
    ڏکڻ آفريڪا جي اصلوڪن ڪارن (شيدين) رهاڪن جي نسلي متڀيد جي خلاف، آزاديءَ جي جدوجهد جي ڊگهي ڪهاڻي، هن ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ اڻپوري آهي. نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جو نسلي قانون ختم ٿيڻ کانپوءِ پهريون مقامي صدر ٿيو ۽ پنج سال قومي حڪومت جو صدر رهڻ کانپوءِ پنهنجي صدارتي عهدي تان رٽائرڊ ٿي ويو. جيڪو عمل نيلسن منڊيلا جي عظمت جو وڏو دليل آهي، نه ته ٽين دنيا جا اڪثر اڳواڻ، هروڀرو، عزت ۽ فضيلت سان اقتدار مان هٿ ڪڍڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن. هن ڪتاب ۾ نيلسن منڊيلا جي باري ۾ ’لاس اينجلس ٽائمس‘ اخبار جو اهو تبصرو بلڪل درست آهي ته، ”هڪ اڏول شخص جيڪو آزاديءَ جو ڊگهو سفر بيان ڪري ٿو. اهو گُڻ ڪن ٿورن شخصن جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هوندو آهي، جيڪي تاريخ جي هر صفحي تي انقلاب آڻيندا آهن.“

    2. STOLEN LIVES (ملڪه اوفڪر)
    هن ڪتاب جي ليکڪا ’ملڪه اوفڪر‘ جو تعلق مراڪش سان آهي. هن جو پيءُ ’جنرل محمد اوفڪر‘ مراڪش جي بربر قبيلي جو سگهارو فرد ۽ مراڪش جو وزير دفاع به رهيو. هن بادشاهه محمد پنجين جي وطن واپسي، حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ۽ شاهه حسن جي اقتدار کي سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مراڪش جي شاهي محل جي روايتن موجب، مراڪش جي سگهارن قبيلن جي سگهارن فردن جي پهرين اولاد کي شاهي محل ۾ آڻي، سندن شاهي طريقي سان تربيت ڪئي ويندي هئي ۽ انهن کي بادشاهه جي اولاد جي حيثيت ڏني ويندي آهي. ’ملڪه اوفڪر‘ به ويهن سالن تائين شاهي محل ۾ تربيت هيٺ رهي. پوءِ هن جي پيءُ جنرل ’محمد اوفڪر‘ جا بادشاهه سان اختلاف ٿي پيا ۽ هو هڪ ناڪام بغاوت ۾ مارجي ويو. نتيجي ۾ سياسي اختلافن سبب سڄي ”اوفڪر گهراڻي“ کي ملڪه اوفڪر سميت قيد ڪري، هڪ ڏورانهين ريگستاني هنڌ تي رکيو ويو. ان قيد ۾ هوءَ ويهه سال رهي ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب سان گڏ طرح طرح جا ذهني ۽ جسماني عذاب سٺائين. نيٺ ملڪه اوفڪر پنهنجي هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءُ سميت، وڏي محنت سان کوٽيل سرنگ جي ذريعي اتان فرار ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻ کي حڪومتي ادارن ۽ اهلڪارن کان بچائي، نيٺ مراڪش جي ساحلي شهر ڪاسابلانڪا ۾ پهچي وڃي ٿي، جتي پوءِ سندن ٻاهرين دنيا سان رابطو ٿئي ٿو. ملڪه اوفڪر جي هيءَ آتم ڪهاڻي خوشين، مايوسين، محرومين، انتخام، ڏک، پيڙا، همت، جرئت، جدوجهد ۽ عزم جو زبردست ۽ متاثر ڪندڙ داستان آهي ۽ پڙهي نه رڳو لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، پر ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ته ڇا وقت جي حڪمرانن کي اهو حق حاصل آهي ته هو فڪري ۽ سياسي اختلافن جي بنياد تي پنهنجن مخالفن جي ڪٽنبن جون زندگيون عذاب ۾ وجهن پر کانئن جيئڻ جو حق به کسڻ جي ڪوشش ڪن.؟

    3. منهنجي ڪهاڻي (ليون ٽراٽسڪي)
    سنڌ ۾ ڪجهه ڪامريڊ دوستن ٽراٽسڪيءَ جي نالي کي گار مثل بنائي ڇڏيو هو ۽ اختلاف رکندڙ پارٽي وارن کي انقلاب دشمن ۽ ٽراٽسڪائي قرار ڏنو ويندو هو. خاص ڪري ستر ۽ اَسي واري ڏهاڪي دوران، جڏهن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي وچ ۾ نظرياتي بحث مباحثو عروج تي هوندو هو. هاڻ ته اهي نظرياتي بحث ۽ مباحثا ماضيءَ جو حصو بنجي ويا آهن.
    ليون ٽراٽسڪي 1917ع جي ’سوويت‘ انقلاب جي مُک اڳواڻن مان هو. کيس لينن جو جانشين سمجهيو ويندو هو. هو سرخ فوج جو باني، ڪمانڊر انچيف ۽ سوويت يونين جو پرڏيهي وزير به رهيو. هن جو نظريو ”لڳاتار انقلاب“ وارو هو. جيئن انقلاب کي ڪنهن هڪ علائقي يا ڪجهه علائقن/ ملڪن ۾ آڻڻ ۽ محدود ڪرڻ جي بدران هر هنڌ اهو برپا ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي وڃي. جيئن سامراجي قوتن کي جنگ ۾ ملوث رکي ڪمزور ڪجي ۽ جن علائقن ۾ انقلاب اچي چڪو هجي، اهو سگهارو ٿيندو وڃي. لينن جي وفات کانپوءِ، اقتدار جي ويڙهه ۾ اسٽالن سوڀارو ٿيو ۽ ٽراٽسڪيءَ کي جلاوطن ٿيڻو پيو. ان جلاوطنيءَ جي دوران هو نهايت ڏکين حالتن مان گذريو ۽ مختلف ملڪن کان ٿيندو ’ميڪسيڪو‘ پهتو. جتي 17 آگسٽ 1940ع ۾ اسٽالن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.
    شيخ اياز، ٽراٽسڪيءَ جو وڏو مداح هو. هن ٽراٽسڪيءَ جي قتل جو عڪس پنهنجي هڪ ”هائيڪو“ ۾ هيئن چٽيو آهي:
    ڌرتيءَ جو گولو
    ميڪسيڪو ۾ ٽراٽسڪي
    مٿو، واهولو.
    ٽراٽسڪيءَ کي سندس قاتل مرسيڊر مٿي تي واهولي جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو هو.
    هيءَ آتم ڪهاڻي پهريون ڀيرو 1930ع ۾ ڇپي. ۽ اُن جو شمار دنيا جي عظيم آتم ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو. ڪتاب ۾ سياسي واقعن کي ڌار ڪري به هن جي ادبي حيثيت کيس هڪ قيمتي دستاويز بنائي ڇڏيو آهي. 1905ع ۽ 1917ع جي روسي انقلاب، ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۽ اسٽالن جي مقابلي ۾ اشتراڪيت جو دفاع.... انهن سڀني عظيم واقعن جي روشنيءَ ۾ هي ڪتاب هڪ اهم دستاويز جي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو.
    مشهور ڪالم نگار ”منو ڀائيءَ“ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”عالمي نظرياتي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن دانشور کي سڀني کان وڌيڪ تڪراري بنايو ويو ۽ سندس ڪردار ڪشي ظلم جي آخري حد تائين ڪئي ويئي ته اهو ليون ٽراٽسڪي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن دانشور جي سچائيءَ جو اعتراف خُود عالمي تاريخ ڪري رهي آهي ته اهو به ’ليون ٽراٽسڪي‘ ئي آهي. هن جي زندگي، نظرياتي پختگي، سهپ، جدوجهد ۽ قربانين جو هڪ ڊگهو داستان آهي.“
    ٽراٽسڪيءَ جو ٻيو مشهور ڪتاب ”روسي انقلاب جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1600 صفحن تي مشتمل آهي. سوويت انقلاب جي تاريخ اُن ڪتاب ۾ جنهن نموني بيان ڪئي ويئي آهي، تنهن جو ٻيو ڪو مثال ئي نٿو ملي.
    ٽراٽسڪيءَ جي هن آتم ڪهاڻيءَ جو اردو ترجمو ”جاويد شاهين“ ڪيو، جيڪو پاڻ به هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ مترجم ۽ نثري نظم جو سٺو شاعر هو. 2004ع ۾ جڏهن اهو ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيو ته ان جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ٽراٽسڪيءَ جو پوٽو ”والڪوف“ به پاڪستان آيو ۽ اخبارن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽراٽسڪي بحث جو موضوع بنيو.
    مون اهو ڪتاب پڙهي، اُن جو ذڪر پنهنجن ٻن دوستن شمشير جنگ پليجو ۽ محي الدين ڪيڙاني سان ڪيو. جيڪي نه رڳو سٺن ڪتابن جا پڙهندڙ آهن، پر ڪنهن وقت اسين ٽيئي ان سياسي گروپ سان لاڳاپيل هئاسين، جنهن جي نظر ۾ هنن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ انقلاب دشمن ۽ ٽراٽسڪائي آهن. هُنن ٻنهي ڄڻن به ٽراٽسڪائيءَ جي آتم ڪهاڻي خريد ڪئي، پڙهيائون ۽ متاثر ٿيا ۽ مون به کين ان ڳالهه تي سهمت ڏٺو ته، ”ٽراٽسڪي جي خلاف پروپيگنڊه اجائي هئي ۽ ان پروپيگنڊه کان متاثر ٿيڻ جو سبب اسٽالنزم جو غلبو هو ۽ ٽراٽسڪي بلاشڪ هڪ وڏو عالم ۽ ڏاهو انسان ٿو.“

    4. ROOTS (اليڪس هيلي)
    ”مونکي ان ڳالهه جو پوري توقع آهي ته اسان جي وڏڙن جو هيءُ داستان ان ازلي حقيقت کي اُڀاري سامهون آڻيندو ته تاريخ سدائين کٽڻ وارا ئي لکندا آهن.“
    مٿيان لفظ ’اليڪس هيلي‘ پنهنجي ناول “ROOTS” جي پڄاڻي ڪندي لکيا آهن.
    منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ جيڪي ناول يا ڪتاب وڏي محنت ڪري ۽ ڪنهن عظيم مقصد جي خاطر لکيا ويا آهن. انهن ۾ آفريڪي نسل جي آمريڪي ليکڪ ”اليڪس هيليءَ“ جو هيءَ ناول به شامل آهي. اليڪس هيليءَ 1921ع ۾ جنم ورتو ۽ 1992ع ۾ چالاڻو ڪيائين. هن جو پهريون ڪتاب مشهور آمريڪي سياستدان ’مالڪم ايڪس‘ جي سوانح حيات هو، جيڪو پڙهندڙن گهڻو پسند ڪيو.
    مالڪم ايڪس جي سوانح حيات جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ”هيليءَ“ کي پنهنجن وڏڙن جي انهن واقعن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو خيال ٿيو، جيڪي سيني در سيني ٻُڌا ۽ ٻُڌايا ويندا هئا. هيليءَ انهن واقعن ۽ قصن کي پنهنجي ناني ۽ سندس ٻين مائٽياڻين کان ننڍي هوندي کان ئي ٻُڌندو پي آيو. اهي واقعا ۽ قصا ”اليڪس هيليءَ“ جي ناناڻن جي ستن پيڙهين تي ٻڌل آهن. ڪتاب جي شروعات هن جي هڪ بزرگ جي ڄمڻ سان ٿئي ٿي، جنهن جو نالو ”ڪنتا ڪنتي“ هو، جيڪو 1750ع ۾ آفريڪا جي هڪ ملڪ ”گيمبيا“ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’جوفر‘ ۾ پيدا ٿيو. ليکڪ ان ڪتاب ۾ ”ڪنتاڪنتي“ جي جنم کان وٺي پنجونجاهه سالن تائين جي زندگيءَ تي روشني وڌي آهي. تنهن کانسواءِ هن ڪتاب ۾ ’ڪنتا ڪنتي‘ جي والدين ۽ ٻين بزرگن جي رهڻي ڪهڻي، جاگرافي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو بيان به ملي ٿو. سترهن سالن جي وهيءَ ۾ ’ڪنتا ڪنتي‘ جهنگل مان کنڀجي وڃي ٿو ۽ کيس غلام جي حيثيت سان سامونڊي جهاز ۾ زنجيرن ۾ جڪڙي آمريڪا پهچايو وڃي ٿو. انهن سڀني واقعن ۽ تڪليفن جو ڪتاب ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
    هيلي جي هن ناول جو اهم ڪردار ’ڪنتا ڪنتي‘ هڪ ارڏو، اصولن جو پابند ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ آهي. هو پيدائشي طور مسلمان هو. غلاميءَ جي زندگي گذارڻ ۽ هر قسم جون تڪليفون سهڻ جي باوجود به هن نه پنهنجا اصول ڇڏيا ۽ نه ئي وري ڪنهن جي اڳيان جهڪيو، هو سڄي عمر پنهنجي عقيدي تي قائم رهيو. چاليهن سالن جي عمر ۾ هن جي شادي هڪ شيدي عورت ’بيل‘ سان ٿي، جيڪا عقيدي جي لحاظ کان عيسائڻ هئي. بيل جي پيٽان هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو ’ڪنتا ڪنتي‘ نالو ”ڪزي“ رکيو. ڪنتا کي پنهنجي ڪٽنبي سڃاڻپ قائم رکڻ جو ديوانگيءَ جي حد تائين جنون هو. اهوئي سبب هو، جو هو پنهنجي ڌيءَ ”ڪزي“ کي وقت بوقت آفريڪا جي مختلف شين جي نالن ۽ اُتان جي ريتن رسمن جي باري ۾ ٻُڌائيندو رهندو هو. هن ”ڪزيءَ“ کي پنهنجي اغوا جي واقعي کان به واقف ڪري ڇڏيو هو. اهي ئي واقعا جيڪي پوءِ ’اليڪس هيليءَ‘ تائين پهتا. ’ڪنتا ڪنتي‘ ۽ زالهنس جي اها خواهش هئي ته هو پنهنجيءَ ڌيءَ کان ڌار نه ٿين، پر حالتن ڪجهه اهڙو ته ڦيرو کاڌو، جو ”ڪزي“ سورهن سالن جي وهيءَ ۾ وڪجي ويئي. ائين ’ڪنتا ڪنتي‘ جو نسل سندس ڌيءَ جي ذريعي اڳيان وڌيو.
    اليڪس هيليءَ کي انهن واقعن جي سچائيءَ تي ڪوبه شڪ نه هو. پوءِ به هن فقط تحقيق جي غرض سان ٻارهن سالن تائين مختلف لئبررين جي دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته جيئن انهن واقعن جي تصديق ڪري سگهجي ۽ شڪ جي تر جيتري به گنجائش نه رهي. هن ٽن کنڊن جي پنجاهه کان به وڌيڪ لئبررين ۽ عجائب گهرن جي رڪارڊ رومن ۽ محفوظ دستاويزن يعني آدم شماريءَ جي فهرستن کان وٺي، آفريڪا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ارڙهين صديءَ ۾ هلندڙ غلام بردار جهازن جو به رڪارڊ هٿ ڪيو.
    ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ به ناول جو ڪردار بنجي، پنهنجي ڪردارن جي ڪيفيت ۽ تڪليف جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جيئن هو لکي ٿو:
    ”جڏهن ڪنتا ڪنتي ۽ ٻين قيدين کي غلام بردار جهازن ۾ نيڻ جو داستان لکڻ جو وقت آيو ته مون آفريڪا پهچي هڪ مال بردار جهاز ”آفريڪا اسٽار“ تي سفر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ۽ پوءِ جهاز جي هيٺينءَ حصي ۾ سامان سان گڏ فقط ڪڇو (انڊويئر) پائي ڏهه ڏينهن تڪليف واريون راتيون گذاريون، جيئن اونداهي، بدبوءِ ۽ لوڏن کائيندڙ جهازن جي رڳڙ جو مزو چَکي سگهان. جيتوڻيڪ اهو تڪليف وارو تجربو، منهنجي وڏڙن جي انهن تڪليفن جي ڏهوڻي پتيءَ جيترو به نه هو. ان هوندي به سامونڊي جهاز تي سفر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته پنهنجي وڏڙن جي سفر جون حالتون لکڻ وقت حق ادا ئي ٿي سگهي.“
    اليڪس هيليءَ جيان، سنڌ ۾ به شيدي نسل جي هڪ ليکڪ، مرحوم محمد صديق مسافر، سنڌ ۾ شيدين جي غلامي ۽ سندن حالت زار بابت وڏي محنت ڪري هڪ ڪتاب لکيو، ”غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا،“ جنهن ۾ هن يورپ ۽ آمريڪا ۾ شيدي ۽ غلامن جي واپار ۽ انهن جي غلامي ۽ آزاديءَ بابت احوال ڏنو آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ شيدين جي آمد ۽ انهن جي حالت زار بابت ڏاڍي متاثر ڪندڙ نموني، گهڻو ڪجهه لکيو اٿس. محمد صديق مسافر سڄي ايشيا کنڊ ۽ سنڌ ۾ شيدي غلامن جي آمد ۽ وڪري جي سلسلي ۾ لکي ٿو:
    ”ساري ايشيا کنڊ ۾ شيدين جو جيڪو وڪرو هلندو هو، سو سڀ عرب سوداگرن جي هٿان. سنڌ ۾ جيڪي به شيدي وڪجي آيا، سي عربن ۽ پٺاڻن آندا.“
    محمد صديق مسافر، جنهن کي پاڻ سنڌ جو ’اليڪس هيلي‘ چئون ته وڌاءَ نه ٿيندو، تنهن هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ نه رڳو شيدين جي حالت تفصيل سان بيان ڪئي آهي، پر انهن جي سڌاري لاءِ پڻ پنهنجي برادري ۽ سرنديءَ وارن کي دردمندانه اپيلون ڪيون آهن. مسافر هن ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، اهي هن پنهنجي والد ۽ سندس ساٿين کان ٻُڌل ساروڻين جي آڌار تي لکيون آهن. محمد صديق مسافر جو والد ننڍپڻ ۾ ڇهن ستن سالن جي عمر ۾ زنجبار (هاڻ اهو علائقو تنزانيا ۾ شامل آهي) جي بدنام غلامن جي منڊيءَ ۾ وڪامجي مسقط پهتو، جتي کيس هڪ عرب خريد ڪيو ۽ پوءِ کيس بلاول جي نالي سان سنڌ موڪليائين. ننڍڙو بلاول وڪامجندو ٺٽي پهتو. جتي ’غلام علي سنگتراش‘ کيس خريد ڪيو.
    ’ڪليات مسافر‘ ۾ پنهنجي پيءَ جي ڪهاڻي لکندي، مسافر لکيو آهي ته هڪڙي ڏينهن غلام علي سنگتراش مڇي وٺي رڌڻ جي لاءِ پنهنجي گهر موڪلي، هن جي گهر واريءَ بلاول کي چيو ته هو ڀر واري واهه تي وڃي مڇيءَ کي ڇلي کڻي اچي. جنهن مهل بلاول واهه جي ڪپ تي ويهي مڇيءَ کي ڇليو پي ته سندس ننڍڙن هٿن مان مڇي کسڪي پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويئي. ماني کائڻ مهل جڏهن سنگتراشي مڇي نه ڏٺي ته زال تي مڇرجي پيو. جڏهن گهر واريءَ بلاول جي هٿان مڇيءَ جي واهه ۾ کسڪڻ جي ڳالهه ٻڌايس ته غلام علي ڪاوڙ جي بلاول کي چڱي مار ڪڍي ۽ پوءِ کيس وارن مان جلهي، گهليندو بازار ڏانهن پنڌ پيو. واٽ تي هن کي ’سيد مخدوم حر علي‘ نالي هڪ شخص مليو، جنهن غلام عليءَ کي ٻارڙي کي ائين ڪٽڻ جو سبب پُڇيو. جڏهن کيس چيو ته هو ٻار کي وڪڻڻ جي لاءِ وٺي پيو وڃي ته هن بلاول کي خريد ڪري ورتو. بلاول جو نئون نالو ’گلاب خان‘ دکيو ويو ۽ هن ڏاڍي ايمانداري ۽ سگهڙائپ سان ان گهر جي چاڪري ڪندي، گهراڻي ۾ پلجي نپجي وڏو ٿيو. غلاميءَ جي خاتمي تي آزاد ٿي هڪڙي شيدياڻي مائيءَ سان شادي ڪيائين. جنهن مان کيس محمد صديق مسافر پيدا ٿيو.
    محمد صديق مسافرهن ڪتاب ۾ غلامن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انهن جي زباني بيان ڪيون آهن. هڪڙي غلام پنهنجي حالت هن طرح ڄاڻائي آهي:
    ”جنهن عرب جهاز اسان کي ڄنگ بار (زنجبار) جي غلام منڊيءَ مان آندو سو مسقط جي بندرگاهه تي بيٺو. رستي ۾ جيڪي غلام شديد اگها ٿي پيا هئا، تن کي اُن حالت ۾ سمنڊ ۾ اڇلايو ويو، اسان بچي ويلن کي هڪڙي وڏي ڪوٽ ۾ آندو ويو، جتي هڪڙي داٻي وارو عرب واپاري، ريشمي وهاڻن ۽ گاديلن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هو. سندس حُڪم تي اسان سڀني کي هڪڙي قطار ۾ بيهاريو ويو ۽ اسان جي طبي چڪاس ڪئي ويئي. اسان منجهه جيڪي ٿلها ٿنڀرا هئا، تن کي ڌار ڪري هڪڙي ٻئي اڱڻ ۾ وٺي ويا، جتي سندن هٿ ۽ پير ٻڌي، هڪڙي قطار ۾ اوڪڙو ويهاريو ويو ۽ پوءِ ڪجهه جلاه جهڙا نوڪر آيا. جن جي هٿن ۾ لوهه جون ڳريون ۽ تيز ڌار واريون ڀالي جهڙيون شيّون هيون. پوءِ واري واري سان هنن اهي شيخون غلامن جي مٿن ۾ اهڙي ته سگهه سان هنيون، جو اهي بدن جي آرپار ٿي ويون ۽ غلام انهن شيخن ۾ ڪباب جيان چنبڙي ويا.
    اڱڻ جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ وڏيون ڪڙهايون باهه تي چڙهيل پاڻي يا تيل سان ٽهڪيون پي. غلامن کي انهن ٽهڪندڙ ڪڙاهين تي ڪبابن جيان ٽنگيو ويو. جن جي جسمن منجهان چرٻي پگهرجي انهن ڪڙهاين ۾ ڪرڻ لڳي. اُن انساني چرٻيءَ مان عرب واپاري شهوتي سگهه لاءِ هڪڙي موميا يا ڪشتو ٺاهيندا هئا، جيڪي سونَ جي اگهه ۾ وڪامندو هو، جنهن مان اُهي وڏو نفعو ڪمائيندا هئا ۽ اُنهن اڀاڳن غلامن جو بچيل گوشت پوءِ ٻين غلام قيدين کي کارائيندا هئا. ائين انساني گوشت ۽ ڪجهه کجور ۽ پاڻي، اسان جي خوراڪ هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، جو ڪو رحمدل محافظ ڪنهن خاص صورت ۾ غلام کي بيمار ڄاڻائي، کيس موت جي مُنهن مان ڪڍي وٺندو هو. پر اُن کان هڪدم پوءِ اُهي جيئري بچندڙ غلام کي وهنجاري، سهنجاري، سُٺا ڪپڙا ۽ خوشبودار تيل مهٽي کيس غلام منڊيءَ ۾ وڃي وڪڻندا هئا.“

    5. دهلي (خوشونت سنگهه)
    ”آئون دهليءَ ڏانهن ائين ٿو واپس وران، جيئن پنهنجي آشنا ڀاڳ متيءَ ڏانهن ويندو آهيان. دهلي ۽ ڀاڳ متيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن. هنن ٻنهي هڪ ڊگهي عرصي تائين ڄٽ ۽ جاهل ماڻهن جي هٿان استعمال ٿيڻ سبب پنهنجي دلفريب حسناڪين کي مڪروه بدصورتين جي هيٺان لڪائڻ جو ڍنگ سکي ورتو آهي. اِهي ته سندس اُهي پرستار ئي آهن، جن جي سامهون هو پاڻ کي پنهنجي اصل شڪل ۾ ظاهر ڪن ٿيون. جن ۾ آئون به شامل آهيان. هڪ اوپري شخص کي دهلي مصروف بازارين، سوڙهين ۽ اونداهن گهرن جو ميڙ نظر ايندو. اهو ميڙ ڪجهه قديم ۽ ٽٽل ڦٽل قلعن ۽ مئل درياهه سان گڏ آباد مسجدن جي آسپاس پکڙيل آهي. جيڪڏهن سوڙهين ۽ ور وڪڙ ڏيندڙ گهٽين ۾ وڃجي ته اُتي جي سهپ کان ٻاهر ڌپ، اوهان جي حالت اُلٽي ڪرڻ جهڙي ٿيندي. دهليءَ جا شهري ڪنهن به شئي جي پرواهه نٿا ڪن. هو هر هنڌ کانگهارا ڪڍندا، ٿُڪون اڇليندا ۽ پان جون پچڪارون هڻندا آهن. هو هر اُن هنڌ تي پيشاب ۽ ڪاڪوس ڪندا آهن، جتي مٿن اها خواهش غلبو پائي وٺندي آهي. هو وڏي سڏ ڳالهائيندا ۽ ڳالهائڻ مهل پنهنجا لڪل عضوا کنهندا رهندا آهن.“
    مٿيان، ’دهلي‘ ناول جا شروعاتي جملا آهن. جن ۾ خوشونت سنگهه ’دهلي‘ شهر سان پنهنجي وابستگي ۽ ان جي ڊگهي تاريخ جي المين کي بيان ڪري ڇڏيو آهي.
    خشونت سنگهه کي هن ناول لکڻ ۾ ويهه سال لڳا ۽ انهن ويهن سالن ۾ هن دهليءَ جي باري ۾ جيڪا جستجو ڪئي، ان جي نتيجي ۾ هن ’شاهڪار‘ ناول جنم ورتو.
    خشونت سنگهه لاهور ۾ جنم ورتو. ورهاڱي جي ڪري هندستان هليو ويو. مختلف ڌنڌن ۽ نوڪرين ڪرڻ کان پوءِ مستقل طور تي لکڻ، پڙهڻ ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. هن پنهنجي اظهار جو ذريعو انگريزي زبان کي بنايو. سندس پهريون ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ آهي، تنهن کانپوءِ هن ٻيا به ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، ڪالم لکيا. تحقيق ڪم ڪيو ۽ پنهنجي مشهور آتم ڪهاڻي پڻ لکي.
    شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو:
    ”مونکي خبر نه هئي ته سک ليکڪ خشونت سنگهه، جو ’دهلي‘ ناول ۽ ٻين ڪتابن جو مصنف آهي، ڪجهه سال پوءِ ايتري ذهانت سان لکندو. جڏهن، هن سان فيض احمد فيض منهنجي اسلام آباد جي ’انٽر ڪانٽينٽل هوٽل‘ ۾ ملاقات ڪرائي هئي، تڏهن هو انهيءَ سک وانگر ٿي لڳو، جو عموماً طنز ۽ مزاح جو هدف هوندو آهي. فيض احمد فيض هن کي چيو، ”پاڪستان جي وڏي شاعر سان مل! هن جو پنجابيءَ ۾ منظوم ترجمو ٿي چڪو آهي. هو پاڻ، سنڌيءَ ۾، شاهه لطيف کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.“
    اُن تي خشونت سنگهه مونکي چيو، ”تو اردوءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟ سنڌيءَ ۾ ڇو ٿو لکين؟“ اُن تي منهنجي دل ۾ آيو ته وسڪيءَ جو اڌ رهيل گلاس سکَ جي ڏاڙهيءَ تي اڇلايان ته گرو هن جي گرنٿ جهڙي منهن تي کلن! هن اهو نه ٿي ڄاتو ته شاهه لطيف جهڙو شاعر ورلي پيدا ٿيو آهي ۽ هن جو رسالو ڪنهن به گرنٿ کان گهٽ نه آهي.“
    ”دهليءَ“ جي ڪهاڻي مختلف دورن کان ٿيندي، 1984ع ۾ اندرا گانڌيءَ جي سندس سک محافظن جي هٿان قتل ۽ دهليءَ ۾ سکن جي قتل عام تي پوري ٿئي ٿي! اُن وچ ۾ دهليءَ جو سڄو ماضي ’خشونت سنگهه‘ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪندو ٿو اچي، جنهن ۾ هڪ ڪردار ته خود ليکڪ جو به آهي، ٻيو ڀاڳ متيءَجو، جيڪو ٽين جنس آهي. ناول ۾ تاريخ ۽ فڪشن ٻيئي گڏ وچڙ ٿي ويا آهن.
    آئون فيبروري 2011ع ۾ جڏهن دهلي ويو هوس ته دهليءَ ۾ مختلف مزارون ۽ تاريخي هنڌ ڏسندي، مون تي ڄڻ دهليءَ جو نشو طاري ٿي ويو ۽ ان نشي جي پويان ناول ”دهليءَ“ جو ئي هٿ هو.

    6. نوجوانوں کا گيت (يانگ مو)
    محترم نجم عباسيءَ، پنهنجي ڪتاب ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ۾ لکي ٿو:
    ”....جڏهن ڳالهائيندڙ ڄاڻ سُڃاڻ ڪرائيندي چيو ته هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي ته عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منهنجون اکيون آليون ٿي ويون.... کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مونکي هڪ چيني ناول Song of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي. منهنجي ذهن ۾ اهو ايترو ته ڄمي ويو هو، جو اُن کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس. ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو....
    ....ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو وڏو ٽولو هتي آيو هو. ’مهراڻ آرٽس ڪائونسل‘ حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو. مان به ڪوٺ تي ويو هوس. ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سُڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو ته ”هيءَ جڳ مشهور ناول Song of Youth جي ليکڪا آهي“ ته حيرت ۽ خوشيءَ کان منهنجون نظرون هن ۾ کُپي ويون. حيرت ان ڪري به لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو ته ”يانگ مو“ مرد هوندو. پر هيءَ عورت هئي. منهنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر کان سَرس هئي. پنهنجي تقرير ۾ پليجي هن جي ناول جي وڏي واکاڻ ڪئي.
    پوءِ جڏهن اُن وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو ته هن اعلان ڪيو ته ’يانگ مو‘ جي ناول ’نوجوانن جو گيت‘ جو بورڊ طرفان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ويندو. اُن تي ميڙ ۾ ويٺل ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون. پر انهيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريون هوم ته سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميوار آفيسرن جي جذباتي ۽ غير ذميدارانه اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي.“
    (ڪهاڻيءَ جو قافلو: نجم عباسي، ص. 46-47)
    سنڌيءَ ۾ انهيءَ ناول جو نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن دوست انتهائي بيڪار ۽ ڪٽيل سَٽيل ترجمو ڪيو جيڪو ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو. پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ايتري پذيرائي حاصل ڪري نه سگهيو.
    يانگ مو، پنهنجو هيءُ ناول 1930ع واري ڏهاڪي ۾ پيڪنگ جي شاگردن جي محب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو. جڏهن 1931ع ڌاري جاپانين اُترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ويئي هئي ۽ هيءُ ناول ان ئي دور جي ڪهاڻي آهي. جنهن جو پسمنظر بيان ڪندي ”يانگ مو“ لکي ٿي:
    ”جن سالن جي هيءَ ڪهاڻي آهي، انهن ڏينهن آئون خود هڪ شاگردياڻي هيس، پر تعليم جاري رکي نه سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ به ناڪام رهيس. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي ته انهن ڏينهن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي مُنهن ڏيئي رهيا هئا ۽ نوجوانن لاءِ ان کانسواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه هئي ته هو ڪميونسٽ پارٽي جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين. اهائي ڳالهه ذهن ۾ رکي مون ”لين تائوچنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو. هيءَ ڪهاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“
    ناول جي ليکڪا، يانگ مو، 1915ع ۾ پيڪنگ ۾ پيدا ٿي. مڊل پاس ڪرڻ کانپوءِ، پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي به ٿي رهي. ۽ پيڪنگ يونيورسٽيءَ مان ’آف ڪئمپس شاگردياڻي‘ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين. جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ته اُن ۾ حصو ورتائين. هوءَ ڪيترين ئي اخبارن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي به رهي. هن 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. ”نوجوانن جو گيت“ سندس پهريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو.

    7. ٻارن جو مسيح (اينڊ بلائٽن)
    ڪجهه سال اڳ جڏهن 13 آگسٽ تي، سائين محمد ابراهيم جويي سان سندس سالگرا واري ڏينهن، سندس گهر وڃي مليو هوس ته مون کيس ٻڌايو هو ته مون تي جن ڪتابن وڏو اثر ڪيو، انهن ۾ اوهان جو ”اينڊ بلائٽن“ جو ٻارن لاءِ حضرت مسيح عليھ السلام جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب جو ترجمو ”ٻارن جو مسيح“ به شامل آهي. جواب ۾ پاڻ چيائين، ”تون اهو پهريون ماڻهو آهين، جيڪو اُن ڪتاب جو حوالو پيو ڏينءَ ته ان مون تي اثر ڪيو.... نه ته اڪثر دوست ايندا آهن ۽ اهي منهنجي مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيندا آهن. تون ان تي لک ته ”ٻارن جي مسيح“ توتي ڪيئن اثر ڪيو.“
    اهائي ساڳي ڳالهه ٻي سال 2005ع ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ حيدرآباد ۾ جويي صاحب جي ملهايل سالگرا جي تقريب ۾ مون پنهنجي تقرير ۾ به ڪئي.
    جيتوڻيڪ آئون جويي صاحب جي خواهش موجب ڪجهه لکي نه سگهيس. پر اڄ جڏهن پنهنجي پسند جي ڏهن ڪتابن بابت لکڻ ويٺو آهيان ته اها ڳالهه لکڻ مناسب سمجهيم.
    ”ٻارن جو مسيح“ اينڊ بلائٽن جي ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب Children Life of Chirst جو ترجمو آهي. جيڪو لکيو ئي ٻارن لاءِ ويو آهي. حضرت مسيح عليھ السلام، جيڪو ٻارن سان بي حد محبت ڪندو هو، جنهن جا هن ڪتاب ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن.
    ”جيئن هڪڙي ڀيري، مسيح جي ساٿين ۾ بحث اچي نڪتو ته منجهن وڏو ڪير آهي. هُنن پوءِ مسيح کان پڇيو، ”سائين! آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ مسيح هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي انهن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو ۽ چيائين، ”آئون اوهان کي سچ ٿو چوان ]هي پياري مسيح جو تڪيو ڪلام هو[ ته جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نه ٿيندا، تيسين ڪنهن به طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا، تنهنڪري ]اوهان مان[ جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، اهوئي آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکيو ويندو.“
    خود حضرت مسيح جو جنم هڪ وهائي تاري مثل هو. جنهن اونداهي دنيا ۾ اچي سوجهرو ڪيو. هو هڪ اهڙي ٻالڪ مثل هو، جيڪو ”خدا جي بادشاهت جي ڪُنجي هو“. جيئن ترجمي جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”حضرت مسيح جو جنم هر انساني ٻار جي علامت آهي. خاص ڪري مظلوم ۽ محڪوم قوم جي ٻار جي جنم جي. ۽ ان جي به هر پورهيت ۽ مسڪين گهر جي ٻار جي. جنهن ۾ هُن جي مائٽن، هُن جي طبقي جي سڀني ماڻهن، ۽ هن جي سڄي قوم، بلڪه سڄي انساني برادريءَ جون اميدون ٿين ٿيون. يا ٿي سگهن ٿيون ته هو سندن ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبو ۽ ان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهندو.“
    هتي مونکي هڪ انگريز شاعر جو شعر ياد ٿو اچي:
    Lives of Great men all remind us
    We can make our Lives sublime,
    And departing leave behind us,
    Foot prints on the sands of time.
    [مها پُرشن جا جيون اسان کي يادگيري ٿا ڏيارين ته اسين پنهنجي حياتي شاندار بنايون ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنهنجا نشان ڇڏي وڃون.]
    مٿيون شعر حضرت مسيح جي زندگيءَ تي به ٺهڪي ٿو اچي ته ”ٻارن جي مسيح“ جي مترجم تي به.

    8. شهنشاهه کان شهريءَ تائين
    ڪٿي پڙهيو هئم ته دنيا جي گولي تي فقط ٻه بادشاهه ئي وڃي رهندا، هڪڙو برطانيا جو بادشاهه (يا راڻي) ۽ ٻيو تاش جي پتن وارو بادشاهه. برطانيا جو بادشاهه ان ڪري ته انگريز روايت پرست قوم آهي، جيڪا روايتي انداز ۾ بادشاهت کي برقرار رکندي اچي ۽ تاش جي بادشاهه کي ته نڪا لهر ۽ نه وري ڪو لوڏو.
    ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيتريون ئي بادشاهتون ۽ شهنشاهيون قائم هيون، اڄ انهن جا فقط نالا ۽ ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ آهن. انهن مان ڪن بادشاهن پنهنجون آتم ڪهاڻيون/ تزڪ به لکيون، جن مان نه رڳو سندن، پر سندن بادشاهتن جي باري ۾ به ڪافي معلومات ملي ٿي.
    ”شهنشاهه کان شهريءَ تائين“ اسان جي پاڙيسري ملڪ چين جي آخري شهنشاهه ڦواي (PU-Y1) جي آتم ڪهاڻي آهي. عام طور تي غريبيءَ کان اميريءَ تائين جو سفر پيو ٻُڌبو آهي، پر هن همراهه جي ڪهاڻي اميريءَ کان غريبيءَ جي سفر آهي. جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ’اونداهيءَ کان روشنيءَ جو سفر‘ به سڏين ٿا. ڦواي، چين تي حڪمراني ڪندڙ ”چنگ“ گهراڻي جو آخري بادشاهه هو. جيڪو چين جي بادشاهه ”ڪئانگ شيو“ جي چالاڻي کانپوءِ 1908ع ۾ ٽن سالن جي وهيءَ ۾ تخت تي ويٺو. ٽن سالن کان پوءِ 1911ع ۾ انقلاب آيو ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو. بادشاهه تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ رعيتي راڄ جو صدر مقرر ٿيو. پر هو 1924ع تائين پنهنجي گهراڻي جي اصلي شاهي محلات يعني ”محل ممنوع“ اندر رهندو آيو. اُن وچ ۾ کيس هڪ ڀيرو بادشاهه بنائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ٻارهن ڏينهن تائين سندس نئين بادشاهي هلي. ان کانپوءِ وري انقلاب سبب نه رڳو تخت تان لهڻو پيس، پر 1924ع ۾ محلات مان به تڙي ڪڍيائونس، جتان پهرين هو پنهنجي پيءُ جي گهر آيو، پوءِ ڀڄي وڃي جاپاني سفارتخاني ۾ پناهه ورتائين. 1931ع ۾ جاپانين، چين جي علائقي ”منچوريا“ تي قبضو ڪيو ۽ 1932ع ۾ کيس ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه بنايو ويو (جاپاني ’منچوريا‘ کي مانچوڪو چوندا هئا) 1932ع کان 1945ع تائين هو ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه رهيو. پر ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ، نه رڳو ’ڦو اي‘ جي ڪٺ پتلي بادشاهي پوري ٿي، پر کيس جنگي ڏوهاريءَ جي حيثيت سان گرفتار ڪيو ويو. هاڻ هو روسين جو قيدي بنجي ويو. پنجن سالن کان پوءِ چين تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مائوزي تنگ جي حڪومت قائم ٿي ته هن کي به ٻين جنگي قيدين سان گڏ چين موڪليو ويو. هن کي پڪ هئي ته چين پهچڻ کانپوءِ کيس ماريو ويندو. پر ائين نه ٿيو. هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ کيس پاڻ سڌارڻ جي پروگرام تحت، تبديل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن اُتي ڏهه سال وڌيڪ قيديءَ جي حيثيت سان گذاريا. اُن وقت چين ۾ اها ڳالهه عام طور تي ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي ته (جڏهن شهنشاهه ڦو اي جيل ۾ هو) ڪڏهن ڪڏهن مائوزي تنگ چرچي ۾ چوندو هو، ”مون کانپوءِ منهنجي تخت جو وارث ’ڦو اي‘ ٿيندو.“
    جيل مان نڪرڻ کانپوءِ کيس عام زندگي گذارڻ جي موڪل ڏني وئي. ۽ حڪومت پاران کيس مالهيءَ جي نوڪري ڏني ويئي ته ويٺو گلن کي پاڻي ڏي. اهڙيءَ طرح چين کي سهڻو بنائڻ ۽ ڪجهه سندس به خذمت ڳڻي ويندي. پاڻ ڏيڍ سال تائين اها نوڪري ڪيائين، تنهن کانپوءِ کيس پنهنجي سرگذشت لکڻ جو ڪم ڏنو ويو.
    جڏهن 1959ع ۾ کيس عام معافي ڏيئي جيل مان ڪڍيو ويوته سندس چواڻي ’هو پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هڪ نئين ماڻهوءَ جي روپ ۾ بدلجي چڪو هو.‘ سندس زندگيءَ جا اهي آخري سال هئا، جن ۾ هن صحيح طرح هڪ نارمل زندگيءَ جو مزو ماڻيو، نه ته ان کان اڳ هن آزاديءَ بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو. هاڻ هو عام ماڻهن وانگر ڪم ڪار ڪندي ۽ گهٽين ۾ سائيڪل هلائيندي نظر اچڻ لڳو. پنجاهه سال اڳ هو چين جي شهنشاهيت جو ڌڻي هو. هزارين ڪمرن واري محل ۾ رهندو هو. جنهن ۾ هزارين مرد، زالون ۽ کدڙا خذمتگار هوندا هئا. هاڻ هو هڪ سادڙي گهر ۾ رهڻ لڳو. سستين ۽ عام هوٽلن ۾ چانهه ۽ ڊبل روٽي پُسائي کائڻ لڳو ۽ سرڪاري بسين ۾ عام ماڻهن جيان ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ لڳو.
    اهڙي ئي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”مون جڏهن پهريون ڀيرو بس ۾ سفر ڪيو ته پنهنجي ماسات کي صفا ڊيڄاري ڇڏيم. آئون قطار ۾ بيٺو بس جو اوسيئڙو ڪري رهيو هوس. مون ڏٺو ته ٻيا ماڻهو پوڙهن ۽ ٻارن کي بس ۾ پهرين چڙهڻ جي لاءِ جاءِ ڏيڻ خاطر هڪ پاسي هٽي ٿي ويا ۽ هڪ عورت جيڪا منهنجي پويان بيٺي هئي، مون تنهن کي پهرين بس ۾ چڙهڻ جو موقعو ڏيڻ خاطر هٽي پويان ٿيس، مونکي ڪهڙي خبر ته اها بس جي ڪنڊيڪٽر هئي. هن جڏهن ڏٺو ته آئون بس ۾ نه پيو چڙهان ته هوءَ چڙهي ويئي ۽ بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس رواني ٿي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ منهنجو ماسات ٻي بس اسٽاپ تان بس مان لهي ڊوڙندو آيو ۽ اسان پري کان هڪ ٻي کي ڏسي کلڻ شروع ڪيو.“
    اهڙي ئي هڪ ٻي واقعي جو ذڪر ڪندي ’ڦو اي‘ لکي ٿو:
    ”آئون جڏهن پهريون ڀيرو حجام جي دوڪان تي چڙهيس. پر سچ اهو آهي ته اهو ٻيو ڀيرو هو، جو آئون حجام جي دوڪان تي ويو هوس، ڇو ته پهريون ڀيرو آئون ٽيهه سال اڳ ”ٿيئن چن“ ۾ هڪ ڀيرو ”چوانگ يون ان ڪمپني“ وارن وٽ وار لهرائڻ ويو هوس. پر هن ڀيري مون سان جيڪو واقعو پيش آيو، اهو پهريون واقعو هو. آئون ڪرسيءَ تي ويٺس ته منهنجي نظر هڪ عجيب ۽ غريب شئي تي پيئي. ان جهڙي شئي مون اڳ ”هاربن“ جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڏٺي هئي. مون حجام کان پڇيو ته ”هيءَ جيڪا منهنجي ڀر ۾ شئي پيئي آهي ۽ ’زون زون‘ جا آواز پيئي ڪڍي اها ڇا آهي؟“ هُنَ ٻُڌايو ته اها وارن کي سُڪائڻ جي مشين آهي. مون پڇيس ته ”تون پهرين وارن کي سڪائيندو آهين يا ڪٽيندو آهين؟“ منهنجي ان سوال تي هو حيران ٿي ويو ۽ پڇيائين، ”ڇا تو اڳ ۾ ڪڏهن وار نه لهرايا آهن؟“ سندس خيال هو ته آئون ساڻس چرچا پيو ڪريان. جڏهن ڳالهه کيس سمجهه ۾ آئي ته اسين ٻيئي ڏاڍو کلياسين ۽ مون جڏهن وارن کي سُڪائڻ واري مشين جي ’زون زون‘ جو آواز پنهنجي مٿي تي ٻُڌو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي.“
    جيل مان نڪرڻ ۽ نارمل زندگي گذارڻ دوران ”ڦو اي“ چين ۾ تبديل ٿيل سماج کي ڪيئن ڏٺو. ان جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”آئون ريل ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ٻاهر برف سان ڍڪيل سهائو ۽ وشال علائقو منهنجي آئيندي جيان پکڙيو پيو هو. گاڏيءَ ۾ آئون عام مزدورن سان گڏ ويٺو هوس. منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو آئون هنن سان گڏ ويٺو هوس. يا ساڻن گڏ سفر ڪري رهيو هوس. مونکي هنن سان گڏجي پنهنجي وطن جي اڏاوت ڪرڻي هئي. انهن سان هڪ جسم ٿيڻو هو. نه، پر آئون ته اڳ ۾ ئي هنن سان هڪ جسم ٻه دليون بنجي چڪو هوس.
    ....ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن مونکي اُن معاشري جو مقام ڏيکاري ڇڏيو. جنهن ۾ آئون شامل ٿي رهيو هوس ۽ مونکي اُنهن ماڻهن جي گُڻن کان به واقف ڪري ڇڏيو، جن جي وچ ۾ آئون ويٺو هوس. گاڏيءَ جو هڪ ملازم ۽ هڪ مسافر عورت هڪ ننڍڙي ٻارڙي لاءِ جڳهه ڳولهيندا اچي اسان جي بوگيءَ ۾ نڪتا، جيڪا هنن جي ٻانهن ۾ هئي. منهنجي پويان ويٺلن هڪ سيٽ خالي ڪري ڇڏي. عورت ٻارڙيءَ کي سيٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿس جهڪي ويئي. هوءَ ڏاڍي فڪرمند نظر پئي آئي. هڪ مسافر پُڇيس، ”ٻارڙي بيمار ته ڪونهي، جي بيمار آهي ته کيس گهر کان ٻاهر ڇو آندو اٿئي؟“ عورت جي جواب اسان کي حيران ڪري ڇڏيو ته هو اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي. ڪلاس هلندي اوچتو ٻارڙيءَ جي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو. اسڪول جي طبي عملي جي ڪارڪنن کي ”اپينڊڪس“ جو شڪ ٿيو، ۽ هن چيو ته کيس هڪدم اسپتال پهچايو وڃي. جيئن ته ٻارڙيءَ جا والدين هڪ ڏورانهين هنڌ تي کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا، تنهنڪري ايترو وقت نه هو جو انهن کي چئي سگهجي ته اچي کيس اسپتال وٺي وڃو. آپريشن جي لاءِ کيس کاڻ جي اسپتال پهچائڻ لاءِ به ڪافي وقت لڳي ها. تنهنڪري ماسترياڻيءَ کيس بنا دير جي سڌو ٽرين ۾ ”شن يانگ“ نيئڻ جو فيصلو ڪيو. پليٽ فارم جي عملي کيس اها موڪلي ڏني ته هوءَ ڀلي ٽڪيٽ جي قيمت ٽرين ۾ ئي ادا ڪري ۽ کيس اهو به ٻُڌاين ته هو ”شن يانگ“ وارن کي چئي ڇڏيندا ته هنن جي سار سنڀال لهن. اهو سڀ ڪجهه ٻُڌي ۽ ڏسي مونکي خيال آيو ته آئون جنهن سماج ۾ شامل ٿيڻ وارو آهيان، اهو ته منهنجي تصور کان به سُٺو آهي.“
    پير علي محمد راشدي 62-1961ع ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير هو. ان دوران هن چيني حڪومت جي اجازت سان ”ڦو اي“ سان ملاقات ڪئي، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي ڪتاب ”چين جي ڊائري“ ڪندي لکي ٿو:
    ”دروازو کُلندي ئي چين جو آخرين تاجدار سامهون بيٺل نظر آيو. ترجمان تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي مسٽر Pu-Yi آهي.“ مون سان ۽ اسان جي ترجمان سان مصافحو ڪرڻ بعد اسان کي وٺي وڃي ڪونچن تي ويهاريائين. ويهڻ کانپوءِ گفتگو شروع ٿي. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته، ”آئون اڄڪلهه پنهنجي سوانح لکي رهيو آهيان. جنهن جو عنوان آهي ”منهنجي زندگيءَ جو پهريون اڌ“. في الحقيقت ڪتاب تيار ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ان تي نظرثاني پئي ٿئي.
    منهنجي زندگيءَ جو اهو حصو سچو پُڇو ته نهايت ئي حقير هو. اهو عرصو مون عوامي مقاصد جي خلاف هلندي بسر ڪيو. فيوڊل ازم، سامراجيت ۽ نوڪر شاهيءَ جي نقش قدم تي هلندي. آئون گويا هڪ ڀوت هوس. ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيئرمين مائو مونکي نئين زندگي عطا ڪئي آهي. اصلوڪو ’ڦو اي‘ مري چڪو آهي، هيءَ نئين زندگي عوام جي خذمت ڪندي پوري ڪندس. ابتدائي دور اندر منهنجي روح تي ’فيوڊل‘ خيالات جو قبضو هو. بطور دشمنن جي هڪ هٿ ٺوڪئي بادشاهه جي، مان پنهنجي ملڪي ڀائرن سان بي وفائي ڪري چڪو هوس. منهنجي هٿان ڪڏهن به پنهنجي ملڪي ڀائرن جي خذمت ٿي نه سگهي هئي. منهنجي زندگي شرمناڪ هئي. جيڪا Exploitation ۾ صرف ٿي ٿي. اهو نتيجو هو تعليم ۽ پرورش جو، جيڪا مونکي پنهنجي خاندان ذريعي ملي هئي ۽ جنهن پٽاندڙ مون ۾ آرزو هئي ته آئون بادشاهه ٿي رهان. اها آرزو تخت تان لهڻ ۽ رعيتي راڄ قائم ٿيڻ کانپوءِ به بدستور قائم رهي. ان آرزوءَ پوري ڪرڻ خاطر مونکي پنهنجي ماڻهن ۽ عوام جو باغي بڻجي، امپريلسٽ ۽ وار لارڊس جي هٿن ۾ کيڏڻون پيو.
    ....چيئرمين مائو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذريعي مون نئون سبق مليو آهي ۽ آئون ٻيهر ڄائو آهيان ۽ ان سبق جي دوران ئي مونکي پروڙ پيئي ته هڪ انسان کي ٻي انسان جي Exploitation نه ڪرڻ گهرجي. هينئر آئون عوام جو هڪ جزو آهيان ۽ پنهنجي گذريل زندگيءَ کي شرمناڪ پيو سمجهان.“
    مون موٽائي سندس ڪتاب جو ذڪر ڇيڙيو. مون چيس ته جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته اوهان جي ڪتاب جي سلسلي ۾ ڪجهه مشورا عرض ڪريان، ڇو ته اوهان جو ڪتاب سڄي دنيا پڙهندي ۽ آئون ضروري ٿو سمجهان ته ان ۾ ٻاهرين دنيا جي نقطه نگاهه موجب ڪجهه ڳالهيون شامل هجن. جهڙوڪ: اوهان جو ڪتاب محض هڪ اقبالي مجرم جي ڪٿا يا عدالتي بيان طور دنيا جي اڳيان نه اچڻ گهرجي. ٻاهرين دنيا تي اُن جو خراب اثر پوندو، هرڪو چوندو ته اوهان مجبوريءَ جي حالت ۾، پاڻ کي ذليل ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ حڪمرانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اوهان ڪتاب ۾ ڪجهه مرچ مصالحا وجهي، کيس دلچسپ بنايو ۽ پنهنجي خانگي زندگيءَ جا ڪجهه واقعا بيان ڪريو. محلات جي زندگيءَ تي روشني وجهو. پنهنجي دلچسپين ۽ مشغولين جو ذڪر ڪريو (ته) اوهان کي ڪهڙا شوق هئا. ڪڏهن عشق عاشقيءَ جو معاملو به رهيو يا نه. غرض ته ان قسم جون ڳالهيون ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن، جيئن اهو ڪتاب هڪ دلچسپ Human Document بڻجي پيئي. ٿي سگهي ته ان کي باتصوير به بڻايو.
    پاڻ کيسي مان نوٽ بوڪ ڪڍي، خيال سان اهي پوائنٽ لکندو ويو. گفتگو هلندي، سندس هڪ پير ۽ هٿ متحرڪ ٿي رهيو. جيئن نروس ماڻهن جو حال هوندو آهي ۽ غير شعوري طور تي ڄنگهه يا ٻانهن هلندي رهندي اٿن.
    سوا ڪلاڪ گذري چڪو هو. سندس وڌيڪ وقت وٺڻ مناسب نه سمجهي آئون اُٿس، پر اُٿڻ کان اڳ سندس تصوير ڪڍڻ جي اجازت ورتم؛ جيڪا خوشيءَ سان ڏنائين ۽ پاڻ ڪپڙا سڌا ڪري پوز ڪرڻ لڳو. مون ٻه ٽي ايڪسپوز ڪڍي ورتا. ان کان پوءِ اسان کي ٻاهر موٽر تائين وٺي آيو. ايستائين بيٺو سلام ڪندو رهيو، جيستائين اسان جي موٽر احاطي کان ٻاهر نڪري ويئي.“
    پنهنجي ڪتاب جي حوالي سان ساڻس پرڏيهين جي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ”ڦو اي“ لکي ٿو:
    ” ڪيترن ئي غير ملڪي دوستن کي منهنجي ڪتاب سان دلچسپي پيدا ٿي. غير ملڪي مزمان ۽ اخبار نويس مون سان ملڻ ۽ منهنجن تجربن، خاص ڪري گذريل سالن ۾ منهنجي اصلاح جي باري ۾ پُڇندا آهن. هڪ لاطيني آمريڪي دوست چوڻ لڳو: اُن مان هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه چٽي ٿي ويئي ته ’فڪر مائوزي تنگ ڪيڏو نه عظيم آهي.‘ هن مونکي چيو ته جلدي پنهنجو ڪتاب لکي پورو ڪريان. هڪ ايشيائي دوست چوڻ لڳو، ’مونکي اميد آهي ته جيئن ئي تنهنجي ڪتاب جو انگريزي ڇاپو ڇپجندو، تون مونکي ان جي هڪڙي ڪاپي موڪليندين، ته جيئن اهو آئون پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهان. ۽ منهنجي ملڪ جو عوام به تنهنجو حيران ڪندڙ داستان پڙهي سگهي.“
    ’ڦو اي‘ جو اهو ڪتاب چين ۾ سرڪاري سطح تي ڇاپيو ويو ۽ چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ ان جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، چين مان ئي شايع ڪرايو. سڄو ڪتاب ايترو ته دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي جو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ تي دل ٿي چوي. ڪتاب جو اسلوب به نهايت سادو، پر دل کي ڇهندڙ آهي.
    ڦو اي 1967ع ۾ ڪئنسر وگهي وفات ڪئي.
    چين جي هن آخري شهنشاهه جي زندگيءَ تي مشهور ڊائريڪٽر ’برٽولسي‘ The Last Emperor جي نالي سان فلم به ٺاهي، جيڪا ممڪن آهي ته گهڻن ڏٺي به هجي.

    9. جانورستان (جارج آرويل)
    جارج آرويل جو هيءُ ناول مون ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ پوءِ اُن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو. سنڌيءَ ۾ مون اُن کي ”جمهوريه جانورستان“ جو نالو ڏنو. آرويل هن ناول ۾ اڳوڻي ’سوويت يونين‘ ۾، لينن جي وفات کانپوءِ اقتدار جي جنگ، ان ۾ اسٽالن جي ڪاميابي، ٽراٽسڪيءَ جي جلاوطني ۽ اسٽالن جي عروج ۽ پوءِ پيدا ٿيل حالتن جو ڏاڍو خوبصورت چٽ چٽيو آهي. هن ناول جي ذريعي ماڻهن کي خبر پئي ته اشتراڪيت جي فلسفي کي نامناسب انداز ۾ عملي جامو پهرائڻ جي صورت ۾ آمريت نهايت بڇڙي روپ ۾ سامهون اچي ٿي. هن ناول ۾ دراصل اهڙي دنيا جو تصور پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هر طرف ظلم ۽ ڊپ جو راڄ هجي. غير معمولي طنز سان ڀرپور هن ناول ۾ آرويل هڪ اهڙو ’فارم‘ ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ رهندڙ جانور انقلاب آڻي، اُن تي قبضو ڪري ٿا وٺن. پوءِ اها حڪمراني بدترين آمريت ۾ بدلجي وڃي ٿي. چيو وڃي ٿو ته جارج آرويل کي هي ناول لکڻ جو خيال ان وقت آيو، جڏهن هن هڪ ڏهن سالن جي ڇوڪري کي اهڙي گاڏي هلائيندي ڏٺو، جنهن کي ڪيترائي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. آرويل سوچيو ته، ”جيئن هڪ ٻارڙو انهن گهوڙن کي چهبڪ ذريعي ڪنٽرول پيو ڪري، بلڪ تيئن اشتراڪيت ۾ به ڪجهه ماڻهو جبر جي ذريعي سڄي سماج کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.“
    جارج آرويل جو هي ناول پهريون ڀيرو 1945ع ۾ ڇپيو، پر اُن جي حقيقي مقبوليت 1950ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ شروع ٿي. اهو سرد جنگ جو دور هو ۽ هن ناول کي ’اشتراڪيت‘ جي خلاف پروپيگنڊه طور به استعمال ڪيو ويو.
    ”اينيمل فارم“ جي ڇپائيءَ ۾ هڪ مرحلي تي رنڊڪ پئجي ويئي. 1945ع ۾ ناول جي اشاعت وقت روس ۽ برطانيا ۾ سٺا لاڳاپا هئا. برطانوي حڪومت اهو نٿي چاهيو ته عام چونڊن کان اڳ اهو ناول ڇپجي. هڪ پبلشر اهو چوندي ڪتاب ڇپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته حڪومت ناول جي اشاعت تي پابندي وجهي ڇڏي آهي، پوءِ پتو پيو ته پبلشر کي سرڪاري حڪم نامو ڏيکارڻ وارو سرڪاري آفيسر دراصل سوويت جاسوس هو.
    ناول جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ’مينر فارم‘ جو انعام يافته ’سوئر‘ اولڊ ميجر هڪ ڏينهن سڀني جانورن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٻُڌائي ٿو ته هن هڪ خواب ڏٺو آهي ۽ فارم مان انسانن جو خاتمو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ سڀ جانور آزادي ۽ خوشحاليءَ جي زندگي پيا گذارين. ’اولڊ ميجر‘ انسانن کي پرماريت ڪندڙ جيتن سان مشابهت ڏني ۽ هو سڀني جانورن کي انقلاب جو گيت ٿو سيکاري. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ’اولڊ ميجر‘ گذاري وڃي ٿو. هن جي مرڻ جي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻئي سوئر (نيپولين ۽ سنوبال) انقلاب جي راهه هموار ڪن ٿا. پوءِ هڪ رات جو سڀ بکايل جانور گڏجي بغاوت ڪن ٿا ۽ فارم جي مالڪ کي هڪالي ڪڍن ٿا. فارم جو نالو هاڻ ”اينيمل فارم“ آهي ۽ سڀ جانور گڏجي مستقل جي خيالي جنت جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. ”حيوانيت“ جي منشور طور ’ست‘ نوان اصول يا حڪم تيار ڪيا وڃن ٿا. اهي حڪم هڪ ڀت تي لکيا وڃن ٿا، ته جيئن سڀ جانور ويندي ويندي، انهن کي پڙهندا ۽ ذهن نشين ڪري وٺن.
    جانورن جي لاءِ اهي ست حڪم هيٺين ريت هئا:

    1. جيڪو به جاندار ٻن ٽنگن تي هلي ٿو، اهو اسان جو دشمن آهي.
    2. جيڪو جانور چئن ٽنگن تي هلي ٿو ۽ اُڏام جي صلاحيت رکي ٿو، اهو اسان جو دوست آهي.
    3. ڪوبه جانور ڪپڙا نه پائيندو.
    4. ڪوبه جانور بستري تي نه سُمهندو.
    5. ڪوبه جانور شراب نه پيئندو.
    6. ڪوبه جانور ڪنهن به حالت ۾ ٻي جانور کي قتل نه ڪندو.
    7. سڀئي جانور هر معاملي ۾ برابر آهن.

    باڪسر هڪ گهوڙو آهي، جيڪو گهڻو محنتي آهي. هو ان اصول کي نٿو مڃي ته ڪو سڀ جانور برابر آهن. هو محنت ۾ تمام گهڻي خوشي ٿو محسوس ڪري ۽ چوي ٿو ته ”هو ٻين کان وڌيڪ محنت ڪندو.“ باڪسر پنهنجي سڀاءَ ۾ ملڪ جو غير معمولي وفادار آهي.
    هاڻ سڀ جانور انقلاب آڻڻ جي لاءِ تيار آهن. سنوبال پڙهيل لکيل سوئر آهي، اهو سڀني جانورن کي پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاري ٿو. اينيمل فارم ۾ فصل بيحد ڀلو ٿئي ٿو ۽ خوراڪ جي ڪابه کوٽ ڪونهي. فارم جو مالڪ ’جونز‘ فارم جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ’کُرن واري معرڪي‘ ۾ سڀ جانور گڏجي کيس شڪست ڏين ٿا.
    جلدئي، نيپولين ۽ سنوبال جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. سنوبال، پن چڪيءَ جي خيال پيش ڪري ٿو ته نيپولين ان جي سخت مخالفت ڪري ٿو. هڪ اجلاس ۾ ان تي بحث مباحثو ٿئي ٿو ته نيپولين پنهنجي پالتو ڪتن کي گهرائي ٿو، جيڪي هو سنوبال کي ڊوڙائي ٻاهر ٿا ڪن. نيپولين فارم جي اڳواڻي سنڀالڻ جو اعلان ٿو ڪري ۽ هو فوري طور تي ڪجهه تبديليون متعارف ٿو ڪرائي. هاڻ ڪنهن به ’عوامي ميڙ‘ جي ڪابه ضرورت ڪونهي. ڪجهه سوئرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي ٿي، جيڪا سڀني معاملن ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي. نيپولين پن چڪيءَ جو خيال ٻيهر زندهه ٿو ڪري ۽ دعويٰ ٿو ڪري ته اهو خيال اصل ۾ هن جو ئي هو. سڀئي جانور گڏجي ’پن چڪيءَ‘ جي تعمير ۾ جنبي ٿا وڃن. هڪ طوفان ۾ پن چڪي ڊهي اچي پٽ پوي ٿي ۽ نيپولين، سنوبال تي الزام هڻي ٿو ته اها هن جي سازش هئي. بغاوت جو الزام هڻي ڪيترن ئي جانورن کي ماريو ٿو وڃي.
    هوريان هوريان شروعاتي ستن اصولن ۾ ترميمون ڪيون وڃن ٿيون ۽ حالتون وري ساڳيو رخ اختيار ڪرڻ ٿيون لڳن. ڪجهه سوئر گڏجي سڀئي رعايتون ۽ عيش آرام پنهنجي لاءِ وقف ڪرائي ٿا وٺن. نيپولين هاڻ انسانن وانگر زندگي گذارڻ ٿو لڳي.
    ڪيترائي سال گذري ٿا وڃن. هاڻ ’اينيمل فارم‘ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي چڪيون آهن. سوئر، انسانن جيان ٽنگن تي هلڻ لڳا آهن. سڀ جانور برابر آهن. پر ڪجهه جانور ”وڌيڪ برابر“ آهن. جلدئي فارم جي جانورن کي احساس ٿيڻ ٿو لڳي ته هنن ۽ انسانن ۾ جيڪو فرق آهي، ان بابت کين اڃا به خبر ڪونهي. ڪيترائي سوئر هاڻ ٻن ٽنگن تي هلڻ ٿا لڳن. هنن انسانن واريون عادتون اختيار ڪري ورتيون آهن. اهي سڀ بنيادي اصول بدلجي ويا. ثابت ٿيو ته طاقت بدعنواني کي جنم ٿي ڏي، بي پناهه طاقت، بي پناهه بدعنواني جي راهه ٿي هموار ڪري. هوريان هوريان سڀئي بنيادي قانون ۽ حڪم تبديل ڪيا وڃن ٿا. اهي تبديليون فقط سوئرن جون آندل هونديون آهن، جيڪي هنن جي پنهنجي مفاد جي تابع هونديون آهن. هڪ بدليل حڪم هيءُ به آهي ته ڪوبه جانور بستري تي نه سُمهندو، پر چادر کانسواءِ. شراب پيئڻ تي ڪابه پابندي ڪونهي، پر ’وڌيڪ‘ پيئڻ تي پابندي آهي! ۽ ڪوبه جانور ٻي جانور کي ’بنا سبب‘ جي قتل نه ڪندو.
    آخري حڪم يا اصول هيئن بدلايو ويو، ته ”سڀئي جانور برابر آهن، پر ڪجهه جانور ٻين جانورن کان وڌيڪ برابر آهن.“ اهو جملو گهڻو مقبول ٿيو ۽ اشتراڪيت تي ٿيندڙ بحث ۾ ان جو به حوالو ڏنو ويندو هو.
    اينيمل فارم ”اڳوڻي سوويت يونين“ تي چٿر جي صورت ۾ لکيو ويو هو، پر اهو ضروري به ڪونهي ته هر واقعو ڪنهن حقيقي واقعي سان هڪجهڙائپ رکندو هجي. پر جارج آرويل جي اها ڪوشش ضروري هئي ته ناول کي حقيقتن جي تناظر ۾ پڙهيو وڃي.
    آرويل کاٻي ڌر سان واسطو رکندو هو. اسپين جي گهرو ويڙهه ۾ ’جنرل فرانڪو‘ جي خلاف وڙهڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي، اسپين هليو ويو. ان ويڙهه ۾ هو زخمي به ٿيو ۽ کيس پهريون ڀيرو انهن اسٽالني طريقن جي خبر پئي، جن تي هن ناول ۽ چٿر ڪئي آهي. لڙائي ختم ٿيڻ کانپوءِ برطانيا ۾ هن ’ليبر پارٽيءَ‘ کي ووٽ ڏنو. ڇو ته هو سمجهندو هو ته مزدور طبقو ’ليبر‘ کي ووٽ ڏيندو. اسپين جي گهرو ويڙهه جي تجربن تي هن Homage to Catonia جي نالي سان ڪتاب لکيو.
    جارج آرويل جو ٻيو مشهور ناول ’اوڻيهه سئو چوراسي“
    (Nineteen Eighty Four) هو. جنهن کيس عالمي سطح تي مشهوري ڏني. اُن ۾ هن جي استعمال ڪيل ”بگ برادرز“ اصطلاح ۽ ٻيا گهڻو مشهور ٿيا. اهو ناول خود اسٽالني طور طريقن تي زبردست چٿر هو.
    مشهور ليکڪ ”مارٽن سيمور سمٿ“ پنهنجي ڪتاب ”هڪ سئو عظيم ڪتاب“ ۾ ”اوڻيهه سئو چوراسي“ کي 93هين نمبر تي رکيو آهي. آرويل جي هن ناول جو ذڪر هڪ ڀيرو هندستاني پارليامينٽ ۾ جواهر لال نهرو به ڪيو.
    جارج آرويل جو اصل نالو ”ايرڪ آرٿر بليئر“ هو. هن 1903ع ۾ بنگال (هندستان) ۾ جنم ورتو، جت پڻهنس سرڪاري ملازم هو. پهرين هن برما جي شاهي پوليس ۾ نوڪري ڪئي، ان جي تجربن جي آڌار تي هن ”برما جا ڏينهن“ ناول لکيو. هن مختلف نوڪريون ڪيون. سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. آرويل 1950ع ۾ سلهه جي بيماريءَ وگهي وفات ڪئي.

    10. ڪرامازوف ڀائر (دوستو فسڪي)
    ول ڊيورانٽ ناليرو ليکڪ ۽ فيلسوف ٿي گذريو آهي. هن هڪ دلچسپ واقعو لکيو آهي ته هڪ ڀيري مونکي ڪجهه ليڪچر ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٻي ملڪ وڃڻو پيو. آئون مهيني کانپوءِ واپس گهر موٽيوس. شام جو زال سان ڳالهيون ڪندي مون کانئس پڇيو، ”اڄڪلهه تون منهنجي لئبرريءَ مان ڪهڙو ڪتاب پئي پڙهين.“ هن وراڻيو، ”دنيا جو بهترين ناول.“ مون جواب ۾ چيس، ”تون غلط پيئي چوين، ڇو ته دنيا جو بهترين ناول دوستو فسڪيءَ جو ’ڪرامازوف ڀائر‘ ته خود آئون پيو پڙهان ۽ اهو پاڻ سان گڏ کڻي ويو هوس.“ پوءِ جڏهن مون زال کان اهو ناول وٺي ڏٺو ته اهو دوستو فسڪيءَ جو هڪ ٻيو ناول ”ڪرائيم اينڊ پنشسنٽ“ (ڏوهه ۽ سزا) هو. جڏهن مون اهو پڙهيو ته منهنجي زبان مان بي اختيار نڪري ويو ته آئون ۽ منهنجي زال ٻيئي صحيح هئاسين، ڇو ته بلاشڪ اهي ٻيئي ناول دنيا جي بهترين تخليقن مان هئا.
    ول ڊيورانٽ جي انهن لفظن ۾ ذرو به شڪ جي گنجائش ڪونهي. دنيا جا سڀ وڏا نقاد اڄ ان ڳالهه تي سهمت آهن ته ناول نويسيءَ جو فن فيودر دوستو فسڪيءَ تي ختم آهي. روسي ادب ۾ دوستو فسڪي کي روسي ليکڪن جو سرتاج ليکڪ ڪري مڃيندا آهن.
    آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جڏهن ڏات ورهائي پئي ويئي ته اها ڏات روسي ليکڪن دوستو فسڪي، ٽالسٽائي، چيخوف، پشڪن، گوگول ۽ گورڪي وغيرهه کي مڙيئي سرس ملي ويئي.... جو هو دنيا جا عظيم ۽ وڏا ليکڪ مڃيا وڃن ٿا. مون جڏهن به دوستو فسڪي جو ڪو ناول پڙهيو آهي، پوءِ اهو ’جوئاري‘ هجي يا ’ويچارا ماڻهو‘، ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘ هجي يا ’ڪرامازوف ڀائر‘. آئون انهن جي منڊ ۾ منڊجي ويو آهيان.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ دوستوفسڪيءَ جي ٻين ناولن ۾ ’ايڊيٽ‘، ’ڏوهه ۽ سزا‘، ’ڀوت پريت‘ وغيره شامل آهن. ڪرامازوف ڀائر اڻويهين صديءَ جي روس جي فئشني مادي پرستي، ڪٽر عيسائي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي. جت ٽڪرائن جي نمائندگي ڪرامازوف ڪٽنب جا فرد ۽ ترتيبوار ايوان، اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس جي تاريخ جو هي اهو دور آهي، جنهن ۾ سڀئي مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي جي خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي سگهارو ڪندي نظر اچن ٿيون. ’ڪرامازوف ڀائرن‘ جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي، دراصل ان دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽ اختياري تضادن جو اولڙو آهي.
    ان ناول بابت دوستو وسڪيءَ پنهنجي زال ۽ پريمڪا کي هڪ خط ۾ لکيو ته: ”هن ئي ناول سبب جي دنيا ۾ منهنجو نالو رهيو ته رهندو، نه ته مونکي پنهنجي ٻي ڪم منجهان امرتا ملڻ جي ڪابه اُميد ڪانهي.“
    جوانيءَ ۾ دوستو فسڪيءَ جي نوجوانن جي اهڙي گروهه سان واقفيت ٿي جن لاءِ مشهور هو ته اهي ڪي سٽاءَ سٽي رهيا آهن ۽ ’زار‘ جو تختو اونڌو ڪرڻ پيا چاهين. توڻي جو انهن جذباتي نوجوانن جا اهڙا سڀ منصوبا رڳو زباني ۽ ڪاغذي هوندا آهن ۽ منجهن اهو سڀ ڪجهه عملي طرح سان ڪري ڏيکارڻ جي همت نه هئي. دوستو فسڪيءَ کي نوجوانن جي ان گروهه سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس هلائي کين گوليءَ سان اُڏائڻ جي سزا ڏني وئي ۽ عين موقعي تي کين گولي هڻي مارڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ، سندن موت جي سزا معاف ڪري، عمر قيد ۽ جلاوطنيءَ جي سزا ڏيئي سائبيريا موڪليو ويو. جتي هو سخت اذيت ۾ رهيو ۽ چئن سالن تائين قيد جي کوليءَ ۾ دوستو فسڪيءَ کي بائيبل کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ نه ڏنو ويو. کيس ”اوسڪ“ نالي جيل ۾ رکيو ويو ۽ اُتي به ان حالت ۾ جو پهچڻ شرط سندس هڪ مُڇ ۽ اڌ مٿو ڪوڙي بيحد ذليل ڪيو ويو. اُن جيل ۾ روس جا گهڻا نامي گرامي ٺڳ، رهزن، چور، بشني ۽ قاتل رکيا ويا هئا. بهرحال، اُتي رهڻ جو فائدو اهو ٿيس، جو انهن جي عادتن ۽ طور طريقن جو ڀرپور مشاهدو ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي کيس لکڻ ۾ ڪم آيو.
    طبيعت جي لحاظ کان دوستو فسڪي اڪثر بيمار رهندو هو. هو حد درجي جو شڪي مزاج، عادي جواري، باغي ۽ تکو شخص هو. پر لکت جي حوالي سان سندس ڏات جا جلوا سندس شاهڪار ناولن ۾ پسي سگهجن ٿا.

    والٽيئر چيو آهي ته، ”اوهان کي اُن حقيقت جو شعور هئڻ گهرجي ته جڏهن کان دنيا ٺهي آهي، وحشي نسلن کي ڇڏي، ان تي ڪتابن ئي حڪمراني ڪئي آهي.“
    ڪتابن نه رڳو فردن، پر قومن جا ذهن ۽ تقديرون به بدلايون ته کين اُنهيءَ کاهيءَ ۾ به ڪيرايو. ايڊولف هٽلر جي ڪتاب ”مين ڪيف“ (منهنجي زندگي) جرمن قوم کي اهڙو ته چريو ڪري ڇڏيو، اها اکيون پوري هٽلر جي پويان لڳي پيئي.
    ”مين ڪيف“ جي اثرن جي حوالي سان غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل تي لکيل خاڪي ۾ لکي ٿو:
    ”ڊاڪٽر شمل هڪڙي سال ڪراچي آئي ته مون کيس چيو ته ”هٽلر جو ڪتاب ’مين ڪيف‘ (منهنجي جدوجهد) الائي ڪٿان ملندو؟“
    پڇيائين، ”ڇو....؟“
    مون چيو، ”ادبي بورڊ جو ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل آهي. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه کي ترجمي لاءِ مليل آهي. پر سندس دلچسپي ڪانهي. مونکي چيو اٿس ته ”تون وڃي ترجمو ڪر.... منهنجي ان ترجمي ۾ دلچسپي اُن ڪري آهي جو ٻي مهاڀاري لڙائي تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي. هٽلر جي ڪتاب مان معلوم ٿيندو ته هن پنهنجي نقطهءِ نگاهه جي وضاحت لاءِ منجهس ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.“
    ڊاڪٽر شمل چيو ته، “It is a Bad book”.
    مان ٻيهر کانئس سوال ڪرڻ وارو هئس، پر اکيون کڻي جو ڏسان ته چهري تي ڏُک جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا اٿس. اکيون ڀرجي آيو اٿس ۽ آرام ڪرسيءَ تي ڪنڌ پوئتي ڪري ٿڌا ساهه پئي ڀريائين. مونکي ٻيهر سوال ڪرڻ جي همت ته ڪانه ٿي، پر دل ۾ پڇتايم ته، ”مون ساڻس اها ڳالهه ڇو ڪئي!“

    ائين به ڪونهي ته رڳو مٿيان ڪتاب آهن، جن مون کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون تي اثر ڇڏيا. ڪجهه ٻيا ڪتاب به آهن. جن جي به هڪ ڌار فهرست ٺهي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن مٿين ڏهن ڪتابن کانسواءِ هڪ ٻي ڏهن ڪتابن جي فهرست جوڙيان ته اها هن ريت هوندي:

    1. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون (مائيڪل هارٽ)
    2. ابراهام لنڪن (ڊيل ڪارنيگي)
    3. فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ / محمد ابراهيم جويو)
    4. لوح ايام (مختيار مسعود)
    5. اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ)
    6. تغلق (گريش ڪرناڊ جو ڪنڙ زبان ۾ لکيل ناٽڪ)
    7. ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن (روسي انقلاب جي ڪهاڻي، ليکڪ: جان ريڊ)
    8. برٽرنڊرسل جي آتم ڪٿا
    9. ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ (ناول، ليکڪ: انل بروي)
    10. ایک گرم موسم کی کہانی (ناول- انيس ناگي)
    هاڻ جڏهن پاڻ پهرين ڏهن ڪتابن جو جائزو ورتو آهي، ته پوءِ ڇو نه هنن ڏهن ڪتاب جو به مختصر تعارف ڏجي:

    1. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون
    ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جو هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1987ع ۾ ڇيپو ۽ حضرت محمدﷺ کي پهرين نمبر تي رکڻ جي ڪري عيسائي ۽ يهودي بنياد پرستن وڏو گوڙ ڪيو. پر مائيڪل هارٽ جا دليل، جن جي بنياد تي هن انهن هڪ سئو ماڻهن کي چونڊيو، پوءِ تاريخي اهميت ۽ سندن اثرن جي لحاظ کان درجي بندي ڪئي، پنهنجي طور تي ايترا ته ٺوس ۽ سگهارا هئا، جو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن ڪتاب سنجيده نقادن ۽ پڙهندڙن جو ڌيان ۽ پذيرائي حاصل ڪئي. اڳتي هلي، سوويت يونين جي زوال کانپوءِ هن ڪتاب جو سنواريل ۽ سڌاريل ڇاپو ڇپيو، جنهن ۾ حالتن جي حساب سان سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا.
    جيتوڻيڪ هي ڪتاب نج اولهائين نقطه نظر کان لکيو ويو آهي ۽ ڪن ڪردارن جي سياسي اهميت وڌائي چڙهائي پيش ڪئي ويئي آهي. پر پوءِ به ڪتاب ڏاڍو شاندار آهي.
    مونکي هي ڪتاب مرحوم احمد ضياءَ پڙهڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو. هاڻ اهو ڪتاب ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي.

    2. ابراهام لنڪن (ڊيل ڪارنيگي)
    مون جڏهن پهريون ڀيرو، ڊيل ڪارنيگي جي لکيل ابراهام لنڪن جي سوانح پڙهي ته اُن مون تي ايترو ته اثر ڪيو، جو ڪيترو ئي عرصو اها منهنجي اکين جي اڳيان ڪنهن فلمي سين جيان ڦرندي رهي ۽ ڪتاب جي ڪن حصن ته اصل منهنجي اکين مان لڙڪ جاري ڪري ڇڏيا. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ مون ابراهام لنڪن جي زندگيءَ تي ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ هڪ آمريڪي ليکڪا اسٽرلنگ نارٿ (Sterling North) جو ٻارن لاءِ لکيل سوانحي ڪتاب ABE Lincon: Long Cabin to white House جو سنڌيءَ ۾ ”ابراهام لنڪن: جهوپڙي کان صدارت تائين“ جي نالي سان ترجمو به ڪيم، پر ڊيل ڪارنيگيءَ جو لکيل هي ڪتاب مون کان ڪڏهن به نه وسريو.
    ابراهام لنڪن، آمريڪا جو سورهون صدر هو، جيڪو هڪ جهوپڙيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيت ۽ محنت جي سهاري ايوان صدارت تائين پهتو. بقول مائيڪل هارٽ ”ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪا جو، پر تاريخ جي نهايت مقبول ۽ ڪامياب سياسي سرواڻن مان هڪ آهي.“
    ابراهام لنڪن جي زندگي عجيب حالتن ۽ پيڙائن سان ڀريل هئي. هو بنهه غريب گهراڻي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ’ٽام لنڪن‘ ۽ امڙ جو نينسي هو. سندس پيدائش جو ذڪر ڪندي ڪارنيگي لکي ٿو، ”اهو 1809ع جو واقعو آهي، هو آچر جي ڏينهن صبح ڌاري بانس جي هڪ کڏ تي، جنهن تي بُهه وڇايل هو، پيدا ٿيو، ٻاهر زبردست طوفان آيل هو. فيبروريءَ جي تيز ۽ تکين هوائن سان گڏ گهر جي سوراخن مان برف سندس گهر ۾ گهڙي رهي هئي.“
    ابراهام لنڪن جي جنم جي ڏينهن جيان سندس زندگي به طوفانن سان جهيڙيندي ۽ مٿن سوڀون ماڻيندي گذري. اڃا هو نَون سالن جو هو، جو سندس امڙ حالتن جي سختيءَ سبب گذاري ويئي. جنهن جو مٿس ڪافي اثر رهيو. پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جو ذڪر ڪندي ايب هڪ ڀيري چيو هو، ”منهنجي زندگيءَ جي ابتدائي واقعن کي اختصار، پر جامع نموني فقط هڪ ئي جملي ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو، ”غريبن جي سادي ۽ مختصر ڪهاڻي.“
    لنڪن جي ڪريڊٽ تي جيڪي ٻه وڏا ڪم آهن. انهن مان پهريون غلاميءَ جو خاتمو ۽ ٻيو آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن جي علحدگي پسنديءَ جي خلاف جنگ ۽ ان ۾ ڪاميابي. ائين هو آمريڪا کي ته متحد رکڻ ۾ ڪامياب ته ويو، پر ان جي عيوض کيس پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڏيڻي پئي. کيس 1865ع تي واشنگٽن جي فورڊ ٿيٽر ۾ هڪ جنوني اداڪار ”جون وائڪس بوٽ“ قتل ڪري ڇڏيو.
    ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪا، پر سڄي دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سندس مشهور چوڻي آهي ته، ”سڀ انسان پيدائشي طور تي هڪ جهڙن حقن جا مالڪ آهن.“
    هن ڪتاب جو ليکڪ ڊيل ڪارنيگي 24 نومبر 1888ع ۾ آمريڪا ۾ پيدا ٿيو ۽ 1955ع ۾ وفات ڪيائين. ڪارنيگي لازوال شهرت جا حامل ڪتاب لکيا، جيڪي اڄ به وڏي پيماني تي پڙهيا وڃن ٿا. ڪارنيگي رڳو ڪتاب نه لکيا، پر قائل ۽ متاثر ڪندڙ طريقن تي ڳالهه ٻولهه ۽ تقرير جي فن کان روشناس ڪرائيندڙ ادارا به هلايا، جتي اهڙن فنن ۽ علمن جي عملي سکيا ڏني ويندي هئي. ڪارنيگي آمريڪا جي ستر اخبارن ۾ مخصوص موضوعن تي ڪالم به لکندو هو. ڊيل ڪارنيگي جا ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي مڙني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجي چڪا آهن.
    ڊيل ڪارنيگي جي لکڻ جو انداز سادو، سولو ۽ عام ماڻهن جي مزاج وٽان هو، هن جي لکڻيءَ ۾ هڪ قسم جو جادو هو ۽ هن جي دل ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته انسانيت جي فلاح ۽ بهبود ڪئي وڃي ۽ انهن جي مسئلن جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٻيڙيءَ کي ان مان ڪڍي ڪاميابيءَ جي ڪنڌيءَ تائين پهچايو وڃي. هو چوندو هو، ”يقين ۽ ڀروسي جي ڏور پنهنجي هٿن مان متان ڇڏيو، پوءِ اوهان جي خواهشن جا لغڙ نيري آسمان جي اُتاهين کي وڃي ڇُهندا.“

    3. فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ / محمد ابراهيم جويو)
    جڏهن لفظ ’فڪر‘ اچي ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته سوچ جي آزادي، عمل جي آزادي، خيال جي آزادي، پر بدقسمتيءَ سان پاڻ وٽ ائين ڪونهي. پاڻ وٽ آزاد فڪر ۽ عقل جي آڌار تي فڪر جي واڌ ويجهه تي ڄڻ ته پابندي وڌل آهي. محمد ابراهيم جويي چواڻي، ”اسان وٽ جيئن ئي ’آزادي‘ آئي آهي، تيئن ٻيئي سڀ خيال تي قلف ۽ پهرا بيهي ويا آهن، سوا هڪ خيال جي.... جنهن ۾ ڪا جان رهي ڪانهي. رڳو ڍانڍي وانگر پيو وڄي ۽ وڄندو رهي.“
    محمد ابراهيم جويو، عظيم اُستاد ۽ ڏاهو، جنهن جو سنڌ ۾ ڪردار ۽ حيثيت هڪ فڪري اُستاد ۽ سونهين واري رهي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ جن ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. سراج چواڻي، ”ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ محمد ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل رهيو آهي ۽ اهو فڪر آهي ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو ادب ۾ اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾ ٻه قدم اڳتي نين.“
    ”فڪر جي آزادي“ به اهڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي، جيڪو جڳ مشهور جرمن ليکڪ اسٽيفن زويگ جو لکيل آهي.
    هي ڪتاب 16هين صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي دين کي درپيش فرقيوار مسئلي (ڪئٿولڪ بمقابل پروٽيسٽنٽ) بابت هٺ ڌرمي ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دل ڏاريندڙ سلسلي سان ڳنڍيل ٻن بي خوف ۽ باضمير مردان حق ۽ عظيم شهيدن، مائيڪل سرويٽس ۽ سيباسٽيان ڪاسٽيلو، جي عظيم ۽ انتهائي قربانيءَ جو قصو آهي، جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري، دل ڀڄائيندڙ ۽ حڪيمانه انداز سان پيش ڪيو ويو آهي.
    سيباسٽيان ڪاسٽيلو ڪير هو؟
    محمد ابراهيم جويي، سندس تعارف ڏاڍي خوبصورت نموني ڪرايو آهي:
    ”سيباسٽيان ڪاسٽيلو هڪ اڪيلو آدرش پسند انسان هو. هن فڪر جي آزاديءَ خاطر ’ڪال وِن‘ جي بيعت کان ۽ پڻ ٻي هر قسم جي روحاني غلاميءَ ۽ ذهني تشدد کان بغاوت جو اعلان ڪيو هو. هو ڇا هو؟ ڪال وِن جي مذهب ۽ حڪومت انهن جي شمار کان وڌيڪ ديولين ۽ پادرين جي طاقت ۽ انهن جي قانون ۽ ان جي زنجيرن، ڪال ڪوٺڙين، ڦاسي گهاٽن ۽ باهه جي آڙاهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه. ٺلهو هڪ نالو، هاٿيءَ جي کڄيل پير هيٺان هڪ ماڪوڙي. طوفان جي آڏو هڪ ڪک، هو هڪ مسڪين ماستر هو، جيڪو پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ ڀرڻ ۽ بُت ڍڪڻ لاءِ ڪتابن جا ترجما ڪندو هو ۽ خانگي ٽيوشنون ڏيندو هو. هو پنهنجي ملڪ کان جلاوطن، ڌارئين ملڪ ۾ هڪ پناهگير هو. جتي هن کي نه شهرت جو ڪو درجو هو ۽ نه رهائش جو ڪو حق هو. دنيا ۾ اهڙا دور به ايندا آهن، جڏهن انسان جي خير ۽ خوشين جو ڪو طالب هٺ ڌرميءَ ۽ ڪروڌ ۾ ورتل ٻن ڌرين جي وچ ۾ ائين هيڪلو ۽ بيوس بنجي ويندو آهي، جيئن وڙهندڙ سانن جي تکن کرن هيٺان ڪو ٻُوڙو. سيباسٽيان ڪاسٽيلو پنهنجي دور جو اهو ٻُوڙو هو.“
    اِهو اُهو دور هو، جڏهن جنيوا ۾ پروٽيسٽنٽ شريعت غالب هئي ۽ جيهان ڪال وِن هڪ اهڙي مذهبي آمر جي حيثيت سان جنيوا جو حاڪم اعليٰ ۽ مذهبي اڳواڻ هو. جنهن جي زبان مان نڪتل لفظ ’حرف آخر‘ هوندو هو ۽ جنيوا تي هڪ مذهبي ۽ شخصي مرونپڻي حاوي هئي ۽ ڪاسٽيلو ان مرونپڻي جي خلاف آواز اُٿاريو. جيهان ڪال وِن اعلان ڪرايو ته، ”اهو جو اسين سيکاريون ٿا، سو سچ آهي ۽ جو اسين نٿا سيکاريون، سو ڪوڙ آهي.“
    سيبا سٽيان ڪاسٽيلو، ان ڪٽر مذهبي ۽ حڪمراني جي انڌ ۾ ورتل جيهان ڪال وِن جي خلاف، پنهنجي نظرياتي اظهار نامي جو مسودو تيار ڪيو هو، تڏهن اُن جي پهرئين صفحي تي مٿان ئي مٿان لکيو هئائين، ”هيءَ منهنجي ڪوشش ائين آهي، جيئن هاٿي تي مک جو حملو.“
    اسٽيفن زويگ جو هي ڪتاب جيڪو اصل جرمني ٻولي ۾ ڇپيو ۽ محمد ابراهيم جويي ان جي انگريزي ترجمي The Right to Heresy تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، سو هڪ اهڙي دور ۾ ڇيپو، جڏهن ملڪ جي مٿان جيهان ڪال وِن جهڙي ئي هڪ جابر ۽ مذهب جي نالي ۾ حڪمراني ڪندڙ ”مرد ملعون، مرد منافق، ضياءُ الحق جي حڪومت هئي. اُف! اها ڪيڏي نه ننگي آمريت هئي. پٺن تي ڪوڙا وسائڻ، ڦاسيون ڏيڻ، قيد ۾ وجهي ڇڏڻ ۽ پنهنجي فڪر جي اظهار جي ڳالهه ڪندڙن سان ڇا ته جٺيون ڪيون وينديون هيون. هن ڪتاب اُن دور ۾ اُن آمريت جي خلاف، پنهنجي فڪر جي، عمل جي آزادي، انصاف ۽ جمهوريت لاءِ جهيڙيندڙن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت اختيار ڪئي.
    هن ڪتاب جو ليکڪ اسٽيفن زويگ اصل جرمنيءَ جو هو، جيڪو پوءِ جرمنيءَ ۾ ’ايڊولف هٽلر‘ جي فاشزم جي قبضي کان بيزار ٿي، پنهنجي زال ايلزبيٿ شارلوٽ زويگ، سان گڏجي، برازيل ۾ جلاوطني اختيار ڪئي ۽ اتي ئي هنن ٻنهي ’پيٽروپولس‘ ۾ شهر 23 فيبروري 1942ع تي پنهنجي هٿن سان پنهنجو انت آندو.

    4. لوح ايام (مختيار مسعود)
    منهنجو هڪڙو دوست آهي غلام نبي سومرو صاحب جيڪو ليکڪ به آهي، سندن ڪافي ڪهاڻيون ۽ مضمون به ڇپيل آهن، پر هو سٺو پڙهاڪو به آهي. هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي، کانئس موڪلائڻ لڳس ته مونکي هڪ ڪتاب کڻي ڏنائين ۽ چيائين، ”هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍي وٺجو....“ اهو ڪتاب مختيار مسعود جو ”لوح ايام“ هو. اهو ڪتاب ايراني انقلاب جي موضوع تي لکيل آهي. ليکڪ انقلاب کان ڪجهه مهينا اڳ ”آر. سي. ڊي“ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان تهران ۾ مقرر ٿيو هو. هن ايراني انقلاب کي پنهنجي اکين سان ايندي ڏٺو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو. هن شاهه کي ايران ڇڏيندي ۽ خمينيءَ کي ايران ايندي ڏٺو. ڪتاب ڏاڍو خوبصورت ۽ مائيدار نثر ۾ لکيل آهي، جيڪو ڏاڍو متاثر ٿو ڪري، آخر ۾ ڪجهه صفحا بور به ڪن ٿا، ان جو سبب طوالت به آهي. پر هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. مونکي محترم غلام نبي سومري چيو ته ’تو ڪاپوشنسڪي جو ايراني انقلاب تي ڪتاب ”شهنشاهه“ به پڙهيو آهي ۽ هاڻ هي به پڙهي ڏس.“ ٻيئي ڪتاب پڙهيل هئڻ جي ناتي اهو رايو بيٺو اٿم ته ٻيئي ايراني انقلاب جي موضوع تي زبردست ڪتاب آهن. البت ڪاپوشنسڪي عالمي سطح جو ليکڪ هئڻ سبب، سندس ڪتاب جي وڌيڪ پذيرائي ٿي.
    مختيار مسعود جا ٻه ڪتاب ٻيا به آهن. ”آواز دوست“ ۽ ”سفر نصيب“، پر ”لوح ايام“ ٻنهي ڪتابن کان ڪافي مٿي آهي.
    لوح ايام، مون 3 جولاءِ 2011ع تي شام جو پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ 6 جولاءِ تي شام جو پڙهي پورو ڪيم. ڪتاب جا صفحا ڪُل 494 آهن.

    هيٺ ڪتابن مان مارڪ ڪيل ڪجهه خوبصورت جملا اُتاريان ٿو.

    • ايرانين کي سمجهڻ جي لاءِ انهن جي شاعريءَ کي سمجهڻ ضروري آهي.
    • هو خيالي محبوبَ جي ياد ۾ شعر پڙهندا آهن ۽ موقعو ملندي ئي پنهنجي زال کي ڪُٽڪو ڏيئي ڇڏيندا آهن.
    • ڏاڍو ماريندو آهي ۽ روئڻ به نه ڏيندو آهي. بادشاهه ماريندو آهي ۽ پونئيرن کان مبارڪون به وصول ڪندو آهي.
    • حڪومت اُن مهل جاڳندي آهي، جڏهن پاڻي مٿي تان وري ويندو آهي، ٽرڪون، بلديه جو عملو ۽ پوليس موقعي تي پهچي ويندي آهي. جتي هيڻا ماڻهو آباد هوندا آهن، اتي بلڊوزر هلائي ڇڏيندي آهي ۽ جتي ڏاڍا ماڻهو آباد هوندا آهن، اُتان پوليس ۽ عملو ڀڄي ويندو آهي.
    • نظريه ضرورت جي رعايت سان پاڪستان واقعي هڪ نظرياتي رياست آهي.
    • جيڪي ماڻهو سُکيا آهن، جن جا پيٽ ڀريل آهن. جن سڀني کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو، انهن جو ئي رويو سڀني کان خراب ۽ مايوس ڪندڙ آهي.
    • وقت جي حڪومت هڪڙي ڳالهه ٿي چوي ۽ وقت ٻي ڳالهه ٿو چوي.
    • جيڪي سياسي ۽ سماجي سڌارا وقت تي نه ٿين، اهي بي اثر ٿين ٿا ۽ انهن جي حيثيت سياسي تماشي ۽ سودي بازيءَ کان وڌيڪ نه هوندي آهي.
    • ڊپ جي ڀت کڙي ٿي وڃي ته سڀ رشتا اُن جي ٻي پاسي رهجي وڃن ٿا.
    • جن ماڻهن جي اهميت ۽ اختيارن ۾ ڪنهن جي ويچارپ جي ڪري واڌارو ٿئي ٿو، اهي ڪٺ پتلين جي تماشي کي ڊيگهه ڏيڻ چاهيندا آهن.
    • نعرو گلي مان نڪري ته آواز جهڙي رفتار سان سفر ٿو ڪري، دل مان نڪري ته خيال جي رفتار کان به اڳتي نڪري وڃي ٿو.
    • اسان جي پسماندگيءَ ۾ سڀ کان وڏو حصو اُن خوف ۽ ماحول جو آهي، جنهن جي ڪري، اسين حڪمرانن کان سندن حڪمراني جي دوران ڪوبه سوال نه پُڇندا آهيون.
    • اڪيلي ڄڻي کي هر ڳالهه تي ڊپ ٿيندو آهي، پر جلوس ۽ ميڙ سدائين بهادر هوندو آهي.
    • جڏهن گهڻا ماڻهو گڏجي وڃن ته ڊپ هنن جي ويجهو به نه ايندو آهي.
    • سياري ۾ سج به لوڊشيڊنگ جي پروگرام تي عمل ڪندو آهي.
    • تجربي موجب هنگامي حالتن ۽ اختيارن جو واسطو قاعدن سان نه پر حوصلي سان هوندو آهي. جيترا حوصلا تيترو اختيار.
    • ماتحت ادارا هجوم جي تعداد جو اندازو لڳائڻ تي ايتري محنت نه ڪندا آهن، جيترو اُن ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ۾ ته حڪومت کي ڪيترو تعداد راس ايندو.
    • ملڪ جي خذمت جو هڪ طريقو ٻيو به آهي ته جڏهن اقتدار تي ويٺل همراهه کي ماڻهو ناپسند ڪرڻ لڳن ۽ ان جي ذات فساد جو بنياد بنجي وڃي ته ان وقت سندس راضي خوشيءَ سان منظر تان هٽي وڃڻ ئي ملڪ ۽ قوم جي سڀ کان وڏي خذمت آهي.
    • عهدو ۽ ڪرسيءَ جو ڇڏڻ هجي يا تخت ۽ تاج تان دستبرداري، فيصلو جيڪڏهن بروقت ٿي وڃي ته ويندڙ ٿوري گهڻي عزت بچائي پاڻ سان کڻي ويندو آهي، نه ته ويندڙ خوار، ماڻهو پريشان ۽ ملڪ جو خانو خراب.
    • نعرا هڻائڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. اهو به هڪ فن آهي، ماهر فنڪار اهو هوندو آهي، جيڪو سُتل ميڙ کي جاڳائي ۽ جاڳيل ميڙ کي مشتعل ڪري ڇڏي.
    • امن، لڙائيءَ جي فيصلي ٿيڻ جو نالو آهي.
    • جنگ جيان انقلاب به سدائين نوجوانن جي ڪلهن تي چڙهي ايندو آهي، جڏهن کيس بُک لڳندي آهي ته چڙهندڙ جوانين کي ڳڙڪائي وٺندو آهي. ايراني انقلاب ڪو روزو ته نه رکيو آهي.
    • تجربو شاهد آهي ته جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو انقلابي لمحو اچي ٿو ته دل ۾ پاڻ مرادو هڪ دري کلي وڃي ٿي.
    • عوام جو آواز دٻائڻ هڪ فن آهي ۽ وقت جي حڪومت سدائين اُن وقت جي سرپرست ۽ قدردان رهي آهي.

    5. اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ)
    • جڏهن انسان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو آهي، تڏهن هو بنهه گهٽ سوچيندو آهي، ۽ هو هميشھ ان کان وڌيڪ نه سوچيندو آهي ته کيس ٻيهر کاڌو ڪڏهن ملندو....؟
    • ڪرسي ڪڏهن به ڪافي نه هوندي آهي. دولت ڪڏهن به ڪافي نه هوندي آهي، ڪرسي ۽ دولت مان ماڻهو ڍاپندو ئي ڪونهي.
    • خدا فقط اميرن جون دعائون ٻُڌندو آهي. تنهنڪري هن خدا کي نه ٻاڏايو. امير ماڻهن کي صليب تي ڪونه چاڙهيو ويندوآهي. جڏهن ته هن جي جي سڄي زندگي صليب تي ٽنگجي گذري هئي ۽ سندس هٿ جي ترين ۾ ڪوڪا ازل کان ابد تائين ٺوڪيا پيا هئا.
    • سمورا خواب سچا نه هوندا آهن، ڪجهه خواب ته انهن مسئلن جو اولڙو هوندا آهن، جن ۾ اسين جاڳندا گهيريل هوندا آهن.

    مٿيان جملا ’هاورڊ فاسٽ‘ جي ناول ’اسپارٽيڪس‘ مان ورتا ويا آهن. پنهنجي زندگيءَ ۾ مون جيڪي به ٿورا ناول پڙهيا آهن ۽ جن مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون هڪ ڀيرو نه، ٻه ٽي ۽ چار ڀيرا پڙهيا ۽ دوستن کي پڙهڻ جي لاءِ هرکائيندو رهيس. اهو ٻيو ڪونه پر ”هاورڊ فاسٽ“ جو لکيل شاهڪار ناول ”اسپارٽيڪس“ آهي.
    اسپارٽيڪس ڪير هو، جنهن کي موضوع بنائي ”هاورڊ فاسٽ“ شاندار ناول لکيو. ڪارل مارڪس چواڻي، ”سڄي پراچين تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ شاندار شخص ۽ عظيم جرنيل جيڪو ڪردار ۾ پاڪ هو ۽ قديم پرولتاريه جو حقيقي نمائندو هو.“ عظيم لينن وري چيو، ”اسپارٽيڪس انهن عظيم بغاوتن جي تمام وڏن هيرن مان هو، جيڪي غلامن ٻه هزار سال اڳ برپا ڪيون. روم جي ظاهري طور سگهاري سلطنت، جنهن جو سڄو دارومدار غلامن تي هو، ڪيترن ئي سالن تائين انهن غلامن جي زبردست بغاوتن جا ڌڪ سَٺا ۽ چوٽون کاڌيون، جن اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ هٿياربند ۽ متحد ٿي وڏي فوج ٺاهي ورتي هئي.“
    اسپارٽيڪس هڪ پيدائشي غلام هو، جنهن کي قتل ڪرڻ جي سکيا ڏني ويئي هئي ته جيئن هو خاص طور تي ٺاهيل آکاڙي ۾ غلام، غلام کي قتل ڪري وانڌن، بيڪار ۽ بدڪردار مالڪن جي لاءِ تفريح جو سامان مهيا ڪن. اهڙن ويڙهاڪن کي ”گلڊي ايٽر“ چئبو هو. هو ’روم جي سلطنت‘ جي انهن هزارين لکين غلامن مان هڪ هو، جنهن جي پنهنجي ڪابه شخصيت نه هئي ۽ جن کي جيئڻو ئي ان ڪري هو ته هو ڪنهن به مهل پنهنجي مالڪ (آقا) کي خوش ڪرڻ لاءِ مري وڃن. رومي سلطنت ۾ غلامن سان جيڪا بدترين حالت هئي، تنهن نيٺ غلامن کي بغاوت تي مجبور ڪيو ۽ انهن غلامن اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ اها عظيم بغاوت برپا ڪئي، جنهن رومن ايمپائر جي بنيادن کي ئي لوڏي ڇڏيو. هن آقائن جي ظالماڻي ۽ ڳريل سڙيل حڪمرانيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي. مايوس مردن، عورتن ۽ ٻارن بورچي خانن، طنبيلن ۽ ٻنين مان نڪري، عظيم ترين بغاوت ۾ سندس اڳواڻيءَ ۾ حصو ورتو. اسپارٽيڪس رڳو غلامن جي بغاوت جو ڪمانڊر ۽ قائد ئي نه هو، پر هو سندن لاءِ ٻاجهارو ۽ مهربان پيءُ به هو. هو هڪ عاشق به هو. نظريي دان به هو. هن جي سورهيائي، سمجهه ۽ ساڃاهه، روشن مستقل تي سندس پختو ايمان، دراصل اهڙيون خوبيون هيون، جيڪي آزاديءَ جي لاءِ وڙهندڙ عوام (هيٺين طبقن ۽ غلام قومن) جي اڳواڻن ۾ هوندي آهي. غلامن جي اُن بغاوت کي چٿڻ جي لاءِ ٻه وڏيون فوجون موڪليون ويون، پر غلامن کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. انهن شڪستن رومن ايمپائر جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. اها بغاوت 73 قبل مسيح ۾ شروع ٿي ۽ 71 ق. م تائين جاري رهي.
    اسپارٽيڪس ان جنگ ۾ سِر ڏيئي سرهو ٿيو. هو رڳو غلامن جي (73 ق.م) جي آزاديءَ جي جنگ جو هيرو ۽ رهبر ئي نه هو، پر هو بلند نظريي ۽ عظيم انساني آدرشن جي لاءِ وڙهي ويندڙ هر جنگ جو رهبر ۽ ليجنڊ ڪردار آهي.
    ”اسپارٽيڪس“ تي ناول لکندڙ آمريڪن اديب ”هاورڊ فاسٽ“ شاندار صلاحيتن سان ڀريل اديب هو. جنهن اَسي کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ پنجاهه ناول، ڏهه ڊراما ۽ 20 نان فڪشن ڪتاب شامل آهن. رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته هن جا ناول هڪ سئو ملين کان به وڌيڪ تعداد ۾ وڪرو ٿيا. ويهين صديءَ ۾ هو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس لکڻيون 82 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن.
    هاورڊ فاسٽ، آمريڪا جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هو. هو ”روءِ زمين تي سڀني غريبن ۽ محڪومن سان پنهنجي سڃاڻپ جي احساس جو سهرو“ پنهنجي پيءُ جي نالي ڪري ٿو، جنهن جو مزدور طبقي سان واسطو هو. سندس والدين يوڪرين جا هئا ۽ جتان هو لڏي آيا هئا. هاورڊ فاسٽ ۽ سندس ڀائر انتهائي غربت ۾ پلجي وڏا ٿيا. ان انتهائي غربت هارورڊ فاسٽ کان ”سٽيزن ٽام پين، The Unvanquished، فريڊم روڊ، دي آمريڪين، The Last Frontier ۽ اسپارٽيڪس جهڙا شاندار ناول لکرايا.
    هاورڊ فاسٽ، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي معزز ميمبرن مان هو. هو 1949ع ۾ ’ورلڊ پيس ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت جي لاءِ پئرس ويو ته اُتي مشهور مصور پڪاسو کيس چُميو ۽ کيس پنهنجي پسند جي ڪابه پينٽنگ کڻڻ جي آڇ ڪئي. بعد ۾ پبلو نرودا مٿس هڪ نظم لکيو. فاسٽ کي 1954ع ۾ ”اسٽالن پيس پرائز“ ڏنو ويو.
    ’اسپارٽيڪس‘ ناول لکڻ جو واقعو به ڏاڍو دلچسپ آهي. اهو آمريڪي فاشزم جو دور هو. هڪ اهڙو دور جنهن ۾ نوجوانن جو نعرو هو، ”حضرت عيسيٰ عه جي نالي تي هڪ ڪميونسٽ ماري ڏيو.“ ميڪارٿي ازم جو ڪميونسٽ دشمن دور. ان سوچ، ڪميونسٽ تحريڪ کي دٻائڻ ۽ چٿڻ جا جيترا به طريقا اختيار ڪيا، اهي سڀ فاسٽ تي آزمايا ويا. اپريل 1946ع ۾ ”غير آمريڪي سرگرمين“ جي الزام هيٺ پارليامينٽ جي هڪ ڪميٽيءَ فاسٽ سان گڏوگڏ ڏکڻ فرانس ۾ رهندڙ سڀني ريپبلڪي مهاجرن جي مدد ڪندڙ تنظيم ”جوائنٽ اينٽي فاشسٽ رفيوجي ڪميٽي“ جي پندرهن ٻين ميمبرن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، پارليماني ڪميٽي کانئن گهر ڪئي ته تنظيم جي ٽيهن هزار چندو ڏيندڙن جي نالن جي فهرست کين ڏيکاري وڃي. تنظيم جي بورڊ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پارليامينٽ جي 56 جي مقابلي ۾ 262 ميمبرن جي اڪثريت کين، پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ تي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. فاسٽ کي جيل ۾ وڌو ويو. جيل ۾ رهڻ جي دوران ئي هن پنهنجو مشهور ناول ”اسپارٽيڪس“ لکڻ شروع ڪيو.
    ڪميونسٽ دشمن ڪارروايون وڌنديون ويون. 1949ع ۾ سندس مشهور ناول ”سٽيزن ٽام پين“ کي نيويارڪ جي لئبررين مان ڪڍيو ويو. هو سدائين جاسوسن جي نگرانيءَ ۾ رهيو. هن جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ۽ جڏهن ’اسپارٽيڪس‘ ناول مڪمل ٿيو ته سڀني پبلشر اهو ڇاپڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ 1951ع ۾ اهو نجي طور تي ڇاپيو ويو. ان جون پنجاهه هزار ڪاپيون وڪرو ٿيون. هاورڊ فاسٽ 88 سالن جي عمر ۾ 2003ع ۾ وفات ڪئي.
    هاورڊ فاسٽ ’اسپارٽيڪس‘ ناول لکي، هر دور جي غلامن ۽ محڪومن (قومون ۽ طبقن) کي جدوجهد لاءِ اُتساهيو آهي. سندس چواڻي، ”اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ غلامن جي اها جنگ بهادر مردن ۽ عورتن جي ڪهاڻي آهي. جيڪي پراچين دور ۾ گذريا ۽ جن جا نالا ڪڏهن به نه وساريا ويا آهن. هن ڪهاڻي جي هيرن انساني وقار ۽ آزاديءَ کي عزيز رکيو ۽ هو شرافت ۽ نيڪيءَ سان جيئرا رهيا. مون اهو ان ڪري لکيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي اهي پڙهندا (منهنجا ٻارڙا ۽ دوست) اهي مستقل جي لاءِ سگهه حاصل ڪري سگهن ۽ ظلم ۽ بديءَ جي خلاف جدوجهد ڪن، جيئن اسپارٽيڪس جو خواب اسان جي پنهنجي دور ۾ پورو ٿي وڃي.“
    هي هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو جيترا ڀيرا به پڙهجي نئون اُتساهه ۽ سگهه ٿو ڏي. ڊاڪٽر شاهه محمد مري چواڻي، ”سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي اڄ ڏينهن تائين ان ناول جو ٻيو مَٽ ناهي مليو، نه دوستو فسڪي، نه ٽالسٽائي نه گورڪي ۽ نه ترهڪي. هي ناول سڀني ناولن جو بادشاهه آهي. هن ۾ مواد ئي مواد آهي، سبق ئي سبق آهي ۽ سڄي تاريخ آهي. اهو سماجيات جي الف بي آهي، اهو طبقن کي سمجهڻ، طبقاتي جدوجهد جي سببن ۽ دليلن تي دسترس رکڻ ۽ انقلاب جي سائنس سمجهڻ هڪ ڪُنجي آهي.“
    خوش قسمتيءَ سان ’اسپارٽيڪس‘ ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ مترجم پرويز ڪيو آهي.

    6. تغلق (گريش ڪرناڊ)
    عادت موجب ڪراچيءَ جي هڪ ڪتاب ۾ گهر ۾ ڪتاب ڦلهوريندي منهنجي نظر هڪ ننڍي ڪتاب تي وڃي پيئي، جنهن جو عنوان هو: ”تغلق“. اهو ڪنڙ زبان جي ليکڪ ”گريش ڪرناڊ“ جي ڊرامي جو اردو ترجمو هو، جيڪو آصف فرخيءَ ڪيو هو. ڪتاب خريد ڪري آيس ۽ پوءِ ٻين ڪتابن سان رکي ڄڻ وساري ڇڏيم، پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب ڳولهيندي ’تغلق‘ تي وڃي نظر پيم ۽ اُتي بيٺي بيٺي پنا اُٿلائڻ لڳس. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ لڳم ۽ پوءِ جڏهن پڙهڻ شروع ڪيم ته هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيم.... ۽ زبان مان بي اختيار واهه واهه نڪري ويئي.
    ڪنڙ، هندستان ۾ ڳالهائي ويندڙ زبان آهي، جيڪا هندستان جي 26 قومي ٻولين مان هڪ آهي. ’تغلق‘ پهريون ڀيرو 1964ع ۾ ڇپيو، جيڪو ليکڪ جو ٻيو ڊرامو هو. تغلق اسٽيج تي پيش ٿيڻ شرط ئي ڪاميابي ماڻي ورتي. تنهن کانپوءِ اهو هندي، بنگالي ۽ مراٺي زباني ۾ به پيش ڪيو ويو ۽ جڏهن 1970ع ۾ بمبئي ۾ انگريزيءَ ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ته ڊرامي جي هاڪَ هنڌين ماڳهين پکڙجي ويئي.
    ’تغلق‘ هندستان جي ناظرين ۾ ايترو گهڻو مقبول ڇو ويو؟ ۽ ماڻهن کي ايترو متاثر ڇو ڪيائين. ان جي ذڪر ڪندي ”گريش ڪرناڊ“ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
    ”تغلق جي تاريخ ۾ جنهن شئي مونکي سڀ کان گهڻو متاثر ڪيو، اها سندس عم عصريت هئي. اها حقيقت ته اسان جي سامهون آهي ته هو سڀني کان وڌيڪ آدرش وادي ۽ سڀني کان وڌيڪ ذهين بادشاهه هو، جنهن کي دهليءَ جي تخت تي ويهڻ نصيب ٿيو.... ۽ هو ئي ناڪام ترين حڪمرانن مان هڪ هو. ويهين سالن جي عرصي ۾ اهو بي پناهه باصلاحيت همراهه وکري چڪو هو، ان جو ڪارڻ سندس آدرش واڌ به معلوم ٿئي ٿو ۽ سندس پنهنجا اوگڻ به. جيئن تڪڙ، سندس تشدد پسندي ۽ خود سندس اهو غلط احساس ته هر سوال جو صحيح جواب رڳو وٽس ئي آهي، ۽ مونکي اهو احساس ٿيو ته سٺ واري ڏهاڪي ۾ هندستان ٻيهر ان طرف گهڻو اڳتي وڌي چڪو هو، ويهن سالن جو عرصو مونکي ان دور جو متوازي خط معلوم ٿيڻ لڳو....“
    ان ڳالهه تي تبصرو ڪندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ’يو- آر آتٿ مورتي‘ لکي ٿو:
    ”هندستاني ناظرين ۾ ’تغلق‘ جي بي پناهه ڪاميابيءَ جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته اهو ’اڄ‘ جو ڊرامو آهي. ڪنهن ٻي ڊرامي جي ڀيٽ ۾ ”تغلق“ وڏي ڪاميابيءَ سان شڪست ۽ خواب جي ان سياسي موڊ کي ظاهر ڪيو، جيڪو نهروءَ جي آدرش وادي دور کان پوءِ هن ملڪ تي ڇانئجي ويو.“
    هن ڊرامي جو موضوع تاريخ مان اخذ ڪيو ويو آهي. (مکيه ڪردار سلطان محمد تغلق)، پر ڪرناڊ جنهن انداز ۾ ان موضوع کي نباهيو آهي، اها رڳو تاريخ ڪونهي. مثال طور: اهو ڏسو ته ڪرناڊ ڪيئن هڪ اهم اشاري ’نماز‘ کي ورتو آهي. خاص طور تي ان منظر ۾ جنهن ۾ درٻار جا ڪجهه امير شهاب الدين سان گڏجي سلطان محمد تغلق کي نماز جي دوران قتل ڪرڻ جي رٿا ٺاهين ٿا. قتل جي مقصد لاءِ نماز جي وقت جي چونڊ، اهڙي طريقي سان ياد ٿو ڏياري، جنهن سان خود سلطان محمد پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪيو. نماز جو اهو عمل جيڪو سلطان کي ايترو عزيز آهي، سو، سلطان ۽ سندس دشمن، ٻنهي جي هٿان بي حرمت ٿئي ٿو ۽ اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته سندس زندگيءَ جي ابتدا ۽ انتها مسخ ۽ خراب ٿي چڪي آهي. اهو سڄو منظر طنز جو مثال آهي. ان واقعي ۾ ملوث ٿيندڙن ۾ شهاب الدين به آهي، جيڪو بذات خود آدرش وادي آهي ۽ جنهن کي تغلق عهد حڪومت تي وڏو ڀروسو آهي ۽ اهوئي سازش جو شڪار ٿي مارجي وڃي ٿو. ان سازش جو ذميوار رتن سنگهه آهي، جيڪو سلطان جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي وڏي چالاڪيءَ سان پنهنجي انتقامي مقصد جي تڪميل جي لاءِ استعمال ڪري ٿو. اها سازش نه رڳو ناٽڪ جي ڊرامائي خصوصيتن ۾ واڌارو ٿي ڪري، پر تغلق جي پنهنجي اذيت واري ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل شخصيت جو ڊرامائي اظهار ٿي ڪري. ائين ناٽڪ جو سڄو خارجي عمل، سڄو وقت تغلق جي اندرينءَ ڊرامي کي ظاهر ٿو ڪري. تغلق سان گڏوگڏ شروع ۾ سندس دشمن به آدرش وادي نظر ٿا اچن، پر پنهنجي آدرش جي حصول خاطر هو ان جي بلڪل مخالف ڏوهه جو ارتڪاب ٿا ڪن. ان سڄي ڊرامي جي اُڻت ئي انهيءَ ضد تي آهي: آدرش ۽ حقيقت. نيڪ ارادا ۽ مڪار سازشون، پنهنجي سڄي خود آگهي ۽ مذهب سان لڳاءَ جي باوجود تغلق جيڪو آهي، سو آهي. هو پنهنجي زندگيءَ جي هر ان ضد کان مڪمل طور تي واقف ٿي وڃي ٿو. جڏهن مٿس ظاهر ٿئي ٿو ته ’عزيز‘ ئي اهو شخص آهي، جنهن سلطان جي سڀني منصوبن کي انتهائي ڪاميابيءَ سان پنهنجي مفاد جي خاطر استعمال ڪيو آهي ۽ اهوئي شخص غياث الدين کي قتل ڪري هڪ متبرڪ ۽ مقدس سفير جو ويس بدلائي سلطان جي درٻار ۾ اچي ٿو ته جيئن نماز ۽ ٻين عبادتن کي ٻيهر جاري ڪرائي. هن طنز جون حدون الميي سان وڃي ملن ٿيون. نيٺ سلطان تغلق ۽ سندس سلطنت ٻيئي انتشار جو شڪار آهن ۽ ان ڳالهه کان سلطان به باخبر آهي.
    فيبروري 2011ع ۾ جڏهن پنهنجي دهلي جي سفر دوران، قطب مينار ڀرسان ’مسجد قوت الاسلام‘ جي کنڊرن لڳ محمد شاهه تغلق جي قبر وٽ بيٺو هوس ته منهنجي اڳيان نه رڳو گريش ڪرناڊ جي هن ڊرامي جا سين ڦري رهيا هئا، پر سندس درٻار ۾ رهندڙ مشهور سيلاني ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ان بادشاهه جي سفاڪي ۽ رهزني جا لکيل واقعا به ياد اچڻ لڳا. ابن بطوطه سلطان محمد تغلق جي هڪ ڀاڻيجي جي حوالي سان هڪ واقعو لکيو آهي ته: ”سندس هڪ ڀاڻيجي ”بهاالدين گشت“ سندس خلاف بغاوت ڪئي. بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ جڏهن کيس گرفتار ڪري بادشاهه جي اڳيان آندو ويو ته بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي حرم ۾ سندس عزيز عورتن ڏانهن موڪليو وڃي، جتي انهن عورتن کيس گهڻو ئي گهٽ وڌ ڳالهايو، ٿڪون هنيون ۽ ’بجا ڏنا. ان بعد بادشاهه حڪم ڏنو ته سندس جيئري کل لاٿي وڃي ۽ ان کانپوءِ هن جي گوشت ۾ پلاءُ رڌائي، ان مان ڪجهه هن جي اهل اولاد کي موڪليو ويو ۽ باقي بچيل پلاءُ ٿالهه ۾ وجهي هڪ هاٿڻ کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو، جو هن نه کاڌو، سندس لاٿل کل ۾ بهه ڀرائي سڄي ملڪ ۾ گهمايو ويو.
    هن ڊرامي جي معنويت ۽ اهميت ’اڄ‘ جي حوالي سان به آهي ۽ اُن تاريخ جي حوالي سان به آهي، جنهن ۾ اسين هر گهڙي جيئون ٿا ۽ جنهن جي جبر ۾ اسين گرفتار آهيون.

    7. ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن
    گذريل سال، ڪنهن ڏينهن موبائيل ميسيجز جي ذريعي پنهنجي دوست ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ سان هلڪي ڦلڪي گفتگو هلي رهي هئي، جو اوچتو هن مون کان سوال پُڇيو، ”اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب پيو پڙهين؟“
    ”جان ريڊ جو آڪٽوبر انقلاب جو اکين ڏٺو احوال ’ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن‘ وري پڙهڻ شروع ڪيو اٿم.“ وراڻيومانس.
    ”زبردست.“ ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ وراڻيو، ”اهو ڏاڍو زبردست ڪتاب آهي. ڪامريڊ لينن جي خواهش هئي ته اهو دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ۽ لکن جي تعداد ۾ ڇپجي. مون ڪامريڊ لينن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي ان ڪتاب جو بلوچيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.“
    ”ڇا ڪتابي صورت ۾ اچي ويو آهي.“ مون پڇيومانس.
    ”نه، اڃا ته نه ڇپيو آهي، پر جلدئي ڇپجي ويندو.“ جواب ڏنائين.
    ”جڏهن به ڇپجي ته مونکي ان جي هڪ ڪاپي ضرور موڪلجو.... جيتوڻيڪ بلوچي مونکي نٿي اچي، پر اهو آئون پاڻ وٽ رکڻ چاهيندس.“ مون چيس.
    ”اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي؟“
    ”نه، سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي.“ وراڻيومانس.
    ”ته پوءِ تون ڪامريڊ لينن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي، اهو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪر.“ ڊاڪٽر شاهه محمد موقعي مان فائدو وٺندي چيو.
    مون گهڙي کن سوچي پوءِ وراڻيومانس، ”هائو، آئون ڪامريڊ لينن جي خواهش پوري ڪرڻ خاطر اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ضرور ترجمو ڪندس.“
    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ان سنڌي ترجمي جو ٽائيٽل ڇپجي ويو ۽ ڪتاب جي ڇپائي شروع ٿي ته مون ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ کي ٻڌايو ته آگسٽ 2013ع ڌاري اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويندو ته پاڻ ٻڌايائين ته ان ڪتاب جو سندس ڪيل، بلوچي ترجمو به آگسٽ ۾ ئي ڇپجي ويندو.
    آڪٽوبر انقلاب گذريل صديءَ جو عظيم واقعو هو. جنهن نه رڳو دنيا جي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، پر عوامي خواهش ۽ اُمنگن ۽ خوابن جي ساڀيان طور پهرين سوشلسٽ رياست کي جنم ڏنو. جيتوڻيڪ گذريل صديءَ جي آخري ڏاڪي ۾ ’سوويت يونين‘ جو وکرڻ خود هڪ عظيم الميو هو، پر اُن الميي، پوءِ هڪ ٻي جي پويان ڪيترن ئي المين کي جنم ڏنو. حق باطل بنيو ۽ باطل حق. سٺائي، بدي بنجي ويئي. ملڪن جا نقشا بدلجي ويا. ڪيترائي نوان ملڪ وجود ۾ اچي ويا. ڪيترائي پُراڻا ملڪ يا ته پاڻ ۾ ضم ٿي ويا يا نابود ٿي ويا، جيڪو ڪوڙ ٿي لڳو، اهو سچ ٿي پيو ۽ جيڪو سچ هو، اهو وهم بنجي ويو.... ۽ آمريڪا ۽ سندس سرمائيداري نظام سڀ کان وڏي حقيقت ۽ طاقت بنجي اسان جي سامهون آيو ۽ دنيا هاڻ نه رڳو ان جو نتيجو لوڙي رهي آهي ۽ سوشلسٽ سماج جي سُٺائين جي ڀيٽ ۾، سرمائيداري نظام پنهنجي سڀني ذلالتن سان اُڀري سامهون آيو آهي.
    ”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ ان آڪٽوبر انقلاب جي اکين ڏٺي ڪهاڻي آهي، جيڪا ’جان ريڊ‘ بيان ڪئي آهي ۽ هن اها ايڏي ته پرجوش نموني بيان ڪئي آهي جو پڙهندڙ خود ان جو حصو بنجندو ٿو وڃي، جان ريڊ انهن ڏهن ڏينهن جي احوال کي، جنهن جي ڪُک مان پوءِ ’سوويت يونين‘ جنم ورتو، نهايت پيرائتي ۽ دلچسپي نموني بيان ڪيو آهي. پاڻ کي ان جدوجهد کان ڌار سمجهڻ بدران چوي ٿو، ”ان جدوجهد ۾ منهنجون همدرديون اڻ ڌريون نه هيون.“
    جان ريڊ هڪ ڪميونسٽ ۽ آمريڪي ليکڪ هو. جنهن جو جنم 22 آڪٽوبر 1887ع تي ’پورٽ لينڊ‘ نالي آمريڪا جي شهر ۾ ٿيو. سندس پيءُ هڪ مزدور هو. جنهن کي نه رڳو ظلم کان نفرت هئي، پر هن ظلم جي خلاف جهيڙيو به. ائين جان ريڊ جي رڳن ۾ هڪ مجاهد ۽ سرڪش انسان جو رت گردش ڪري رهيو هو.
    جان ريڊ ڪهاڻيون، مضمون، شاعري ۽ ڊراما لکيا. سندس طرز تحرير ۾ ايترو ته اثر هو، جو پبلشر سندس لکڻيون حاصل ڪرڻ لاءِ سندس پويان ڀڄندا وتندا هئا ۽ کانئس سٺن معاوضن تي سندس لکڻيون خريد ڪندا هئا. وڏيون وڏيون اخبارون کيس بين الاقوامي واقعن تي تبصرا لکڻ جي لاءِ دعوت ڏينديون هيون.
    جان ريڊ هڪ اهڙو انقلابي ليکڪ هو، جيڪو جت به ڪو واقعو ٿيندو هو ته سڀني کان اڳ پهچڻ جا جتن ڪندو هو. سندس ان خصلت جو ذڪر ڪندي سندس دوست ۽ ساٿي البرٽ. آر. وليمس لکي ٿو، ”هو دنيا جي رستن تي جهان گرد بنجي ويو، جيڪي ماڻهو سهيوڳي مامرن کان باخبر رهڻ چاهين ٿا، تن کي فقط ان جي ضرورت آهي ته هو جان ريڊ جي پويان پويان هلن، ڇاڪاڻ ته جت به وڏيون شيون ٿينديون هيون، هو اُتي ڪنهن طوفاني پکيءَ جيان اک ڇنڀ ۾ پهچي ويندو هو.“
    ان سلسلي ۾ هو سدائين خطرا کڻڻ به نه مُڙندو هو. البرٽ آر. وليمس لکي ٿو، ”خطرو کڻي ڪيترو به هجي، پر اهو جان کي اُتي پهچڻ کان روڪي نه سگهندو هو. خطرو کڻڻ ته ڄڻ هن جي ضمير ۾ شامل هو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اُت پهچڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪ ڀيري اسين ’ريگا‘ جي محاذ تي موٽر ڪار ۾ ’ويندن‘ وڃي رهيا هئاسين، جو جرمن توپ خاني ان ننڍي ڳوٺ تي گولا وسائڻ شروع ڪيا ۽ اوچتو اهو ڳوٺ جان ريڊ لاءِ دنيا جي سڀ کان دلڪش جاءِ بنجي ويئي. هن اسان تي زور ڀريو ته ته اسين اوڏانهن هلئون. اسين احتياط سان سُرندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين، جو اوچتو هڪ گولو اسان جي پويان اچي ڦاٽو ۽ اسين رستي جي جنهن حصي تان گهڙي کن اڳ لنگهيا هئاسين، اهو دُونهه ۽ مٽيءَ جو ڦوهارو بنجي ويو. ڊپ سبب اسين هڪٻئي کي چهٽي وياسين. پر هڪ منٽ کانپوءِ جان جو چهرو خوشيءَ سبب ائين ٻهڪڻ لڳو، ڄڻ سندس ڪا اندروني گهرج اجهو پوري ٿي هجي.“
    جان ريڊ، سڄي دنيا جو، سڀني ملڪن ۽ محاذن جو سفر ڪيو. هو هڪ غير معمولي ڪارنامي مان گذري ٻي طرف هليو ويندو هو. پر هو ڪو مهم جو نه هو. هو هڪ اهڙو سفري اخباري خاطو، هڪ اهڙو تماشائي هو، جيڪو ماڻهن جي تڪليفن کي غير جذباتي انداز ۾ ڏسندو هو. سڄي افراتفري، گندگي ۽ رتوڇاڻ جي ڪري سندس انصاف وارو احساس ۽ شائستگي متاثر ٿيندي هئي ۽ هو تيزيءَ سان انهن بڇڙاين جون پاڙون ڳولهڻ شروع ڪندو هو ته جيئن انهن کي ڪڍي ڦٽو ڪجي.
    ”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ (Ten Days that shook the world) پهريون ڀيرو 1919ع ۾ آمريڪا ۾ ڇپيو ۽ روسي زبان ۾ 1923ع ۾ سوويت يونين ۾ ڇپيو. لينن هن ڪتاب جي آمريڪي ايڊيشن لاءِ جيڪو پيش لفظ لکيو، تنهن ۾ هن ڪتاب جي گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ لکيو ته ’هن ڪتاب ۾ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو سچو پچو احوال پيش ڪيو ويو آهي.‘
    آمريڪا ۾ هن ڪتاب کي ڇپجڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي، ڇو ته آمريڪي فاشسٽن نٿي چاهيو ته هي ڪتاب عوام تائين پهچي ۽ هن ڪتاب جو مواد چورائڻ جي لاءِ هو ڇهه ڀيرا پبلشر جي آفيس تي حملي آور ٿيا.
    جان ريڊ کي سندس انقلابي سرگرمين سبب آمريڪا ۾ ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. مٿس ڪيس هلايا ويا، پر هو پنهنجي انقلابي ڪم کان نه مُڙيو ۽ ائين ڪرڻ هن جي وس ۾ به نه هو. سماجواد انقلاب سندس روح ۽ دل کي کٽي ورتو هو. هڪ ڀيري جڏهن هو ڳجهي نموني نيويارڪ وڃي رهيو هو ته هڪ جهازي جي دغابازي سبب کيس فن لينڊ ۾ لاهي جيل ۾ قيد تنهائي ۾ رکيو ويو. اتان کان هو پوءِ واپس روس موٽي آيو، جو آمريڪا ۾ پنجن سالن جي قيد جي سزا سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ تيار هئي. روس ۾ هن ’ڪميونسٽ انٽرنيشنل‘ ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ باڪو ۾ مشرقي قومن جي ڪانگريس ۾ ڊيلي گيٽ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو. هو ٽائفس جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ 17 آڪٽوبر 1920ع تي وفات ڪيائين.
    جان ريڊ کي ان هنڌ دفنايو ويو، جيڪو هنڌ کيس سڀ کان گهڻو پسند هو. ماسڪو ۾ ڪريملن جي ڀت جي ڇانوَ ۾ چوڪ وٽ. اتي سندس قبر تي هڪ يادگار کوڙيو ويو، جيڪو سندس ڪردار تي ڀرپور روشني وجهي ٿو. ”جان ريڊ ٽين انٽرنيشنل ڪانگريس ۾ ڊيلي گيٽ 1920ع“.
    ’ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن‘ بنا ڪنهن وڌاءَ جي هڪ وڏو ۽ شاهڪار ڪتاب آهي، جيڪو انقلابي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هر فرد کي پڙهڻ گهرجي.

    8. برٽرنڊ رسل جي آتم ڪهاڻي
    ”ٽي سادا، پر پرجوش جذبا منهنجي زندگيءَ تي حڪمراني ڪندا رهيا آهن. (1) محبت جي ڳولا، (2) علم جي جستجو، ۽ (3) انساني نسل جي لاءِ بي پناهه ڏُک.
    اهي ٽيئي جذبا، تيز هوائن جيان منهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ کي ڪڏهن هِتي ته ڪڏهن هُتي ڌڪيندا رهيا آهن.
    - مون محبت جي ڳولا اُن ڪري ڪئي ته اهو هڪ وجد ۾ آڻيندڙ جذبو آهي. ايترو ته وجد ۾ آڻيندڙ، جو اهڙي خوشيءَ جي هڪ گهڙيءَ جي لاءِ آئون سڄي زندگي فدا ڪري ڇڏيان. مون انَ جي جستجو ان ڪري به ڪئي، جو اها اڪيلائي جي احساس کي ختم ٿي ڪري. اها ڀوائتي اڪيلائي جنهن ۾ ڏڪندڙ ڪنبندڙ شعور، سرد، حد کان وڌيڪ ۽ زندگيءَ کان محروم اٿاهه گهرائين ۾ ڪائنات جي آخري ڪُنڊ کي ڌيان ۾ آڻي ٿو. مون محبت جي جستجو ڪئي ۽ اها حاصل ڪيم.
    - ايتري ئي شدت سان مون علم جي جستجو به ڪئي. مون انسان جي دلين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڄاڻڻ چاهيو ته تارا ڇو ٿا چمڪن، تنهن کانسواءِ مون اُن فيثا غورثي سگهه کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان انگ ڦيرگهير کان مٿانهان رهن ٿا- گهڻو نه پر، ان جو ڪجهه حصو مونکي ضرور نصيب ٿيو.
    - محبت ۽ علم مونکي ممڪن حد تائين آسمان جي اُتاهين طرف وٺي ٿي ويا، پر هر ڀيري ڏُک ۽ پيڙائون مونکي واپس ڇڪي زمين تي وٺي ٿي آيون، درد جي رڙين جا پڙاڏا منهنجي دل کي ڪنبائي ڇڏيندا آهن.... ڏُڪاريل ٻارڙا، حملي آورن جا ستايل، اولاد جي لاءِ بي زاري جو سبب بنيل پوڙها، اڪيلائي، مفلسي، ڏکن ۽ پيڙائن جي ستايل دنيا منهنجي آدرشي زندگيءَ جو مذاق اُڏائي ٿي. آئون بديءَ کي گهٽائڻ چاهيان ٿو، پر گهٽائي نٿو سگهان. تنهنڪري آئون پاڻ به نقصان ۾ رهان ٿو.
    اها منهنجي زندگي آهي. مون اُن کي جيئري رهڻ جي قابل سمجهيو آهي. جيڪڏهن مونکي ٻيهر موقعو ملي ته آئون خوشيءَ سان گهارڻ چاهيندس.“
    مٿيان لفظ گذريل صديءَ جي عظيم ڏاهي، لبرل ۽ انسان دوست قدرن جي اهم نمائندي برٽرنڊرسل پنهنجي آتم ڪهاڻي جي مهڙ ۾ هن ”ٽي مقصد“ جي عنوان سان لکيا آهن. اهي لفظ ئي اهو لائحه عمل هو، جنهن تي عمل ڪندي رسل پنهنجي زندگي گذاري. رسل جي فڪري عمل جي هم آهنگيءَ کيس عظمت سان نوازيو. هو هڪ بي مثال رياضي دان ئي نه پر وڏو فلاسافر ۽ هڪ بهترين انسان به هو. هن جي نظرين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر هن جون تهذيب ۽ انسانين، حق ۽ انصاف، امن ۽ خوشحالي شعور ۽ سمجهه جي بالادستيءَ خاطر ڪيل خذمتون نظر انداز ڪرڻ ممڪن نه آهن.
    لارڊ برٽرنڊ آرٿر وليم رسل 18 مئي 1872ع تي انگلينڊ جي هڪ وڏ گهراڻي ”رسل“ ۾ پيدا ٿيو. هن جي جنم جي ٽي ڏيهاڙي سندس امڙ هڪ خط ۾ سندس بابت لکيو، ”هو پنهنجي ڪنڌ کڻي حيرانيءَ سان آسپاس ڏسي ٿو.“ ۽ سڄي زندگي هو دنيا کي ائين ئي ڏسندو رهيو.
    - برٽرنڊرسل هڪ اهڙو فلسفي هو، جنهن دنيا کي امن جو گهوارو بنائڻ ٿي چاهيو. هن پنهنجي ضمير جي سڏ تي لبيڪ چيو. ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي اهم قدم کنيا، پمفليٽ لکيا، مظاهرا ڪيا، ظلم ۽ تشدد جي مخالفت ڪرڻ تي رسل کي سماج دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو. سندس ليڪچرن ۾ هُل ۽ هنگاما ۽ تشدد سان مداخلت ڪئي ويندي هئي. دوست يار به ساٿ ڇڏي ويس. ميڪ ٽيگرٽ جيڪو رسل جو دوست هو، تنهن لاڳاپن کي نظر انداز ڪندي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان کيس ڪڍڻ جي لاءِ جلوس ڪڍيو ۽ ڪيترائي مظاهرا ڪيا. سندس هڪ ٻي سنگتي ۽ ناليواري اديب دوست ’ايڇ. جي ويلز‘ کيس سرعام گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مٿس گند اڇليندي چيو، ”رسل اهڙو فلسفو ٿو جهاڙي، جيڪو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿو اچي. هو اقليدس جي رياضي تي بيڪار ۽ اجائي تنقيد ٿو ڪري.“
    امن پسندي جي وڪالت ۾ هڪ پمفليٽ لکڻ تي 15 جون 1916ع تي رسل تي هڪ سئو پائونڊ ڏنڊ وڌو ويو، پر هن ڏنڊ ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سندس لئبرري جو هڪ حصو نيلام ڪيو ويو، جنهن ۾ رياضيءَ جا ڪيترائي ناياب ڪتاب به شامل هئا، پر هن جي ارادن ۾ لوڏو نه آيو. کيس 1918ع ۾ هڪ مضمون لکڻ جي ڏوهه ۾ چار مهينا قيد جي سزا ڏني ويئي. ان مضمون ۾ هن لکيو هو ته، ”انگلينڊ ۾ هڙتال کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪي فوج کي گهرايو وڃي، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ اهو فرض ادا ڪرڻ جا عادي آهن.“
    ويٽنام جي جنگ دوران هن جنگي ڏوهن ۽ جنگي ڏوهارين کي انساني ضمير جي آڏو پڌرو ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي ناليوارن قانوندانن ۽ دانشورن تي ٻڌل هڪ ٽربيونل قائم ڪيو، جنهن ۾ زال پال سارتر ۽ سيمون دي بوار به شامل هئا. ان ٽربيونل جو مقصد اهو ته جنگ پسند آمريڪا جي حڪمرانن کي هڪ اهڙي عالمگير انصاف جي آڏو بيهارجي، جنهن کي هو نٿا مڃين، پر هو هڪ اهڙي گهري ملامت جو شڪار ٿين، جنهن جي سمجهه حاصل ڪرڻ جي منجهن توريق ڪونهي. ٽربيونل جي ڪاروائي پئرس ۾ ٿيڻي هئي، پر فرانس جي حڪومت پاران اجازت نه ڏيڻ سبب ڪاروائي جي شروعات 2 مئي 1967ع تي اسٽاڪ هالم (سويڊن) ۾ ٿي. ٽربيونل ويٽنام مان حاصل ڪيل سڌين سنئين شاهدين جي آڌار تي 10 مئي 1967ع تي آمريڪا ۽ سندس اتحادي آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر لنڊن بي جانسن کانسواءِ آمريڪي عملدارن ڊين رسڪ، رابرٽ ميڪنامارا، هينري ڪيسٽ لاج ۽ جنرل مرولينڊ کي موت جي سزا جو حڪم ٻُڌايو. اهي جنگي ڏوهاري ايترا ته سگهارا هئا، جو جسماني طور تي کين اها سزا ڏيڻ ممڪن ته نه هئي، پر رسل ٽربيونل جو فيصلو دنيا جي ضمير جو آواز هو. جنهن بااثر ڏوهارين تي اهڙي ته گهري ملامت ڪئي، جنهن کي سمجهڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي.
    رسل بني نوع انسان کي ائٽمي هٿيارن جي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ به ڀرپور آواز اُٿاريو. 1961ع ۾ کيس نوي سالن جي عمر ۾ ان وقت مظاهرو ڪندي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو هڪ رستي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو هو.
    رسل جيتوڻيڪ شروعاتي دور ۾ اشتراڪيت کي بهتر سماج اڏڻ لاءِ سٺو سمجهندو هو ۽ روسي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ هو چوندو هو، ”هي جهان نفرت جوڳو آهي ۽ رڳو لينن ۽ ٽراٽسڪي ئي روشن ستارا آهن.“ پر روس جي دوري کانپوءِ سندس خيال بدلجي ويا. ساڳئي طرح هن چين جو به دورو ڪيو ۽ هڪ سال تائين اُتي رهيو. ان زماني ۾ چين اشتراڪي انقلاب ڏانهن وڌي رهيو هو. رسل روسي تجربن تي ٻڌل The Practice and Theory of Bolshevism جي نالي سان ڪتاب لکيو. ان ڪتاب ۾ هن کليل نموني روس ۾ ٿيندڙ تجربن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. رسل ته انقلابي حڪومت کي زار جي حڪومت کان به وڌيڪ جابر سڏيو. هن هڪ هنڌ لکيو، ”اشتراڪيت هڪ اهڙو حمام تعمير ڪري ٿي جتي تازي هوا جي هر ساهه کي پري رکڻ ضروري خيال ڪيو وڃي ٿو.“ هن چين جي سياحت جا تاثرات The Problems of China جي نالي سان لکيا، رسل ان زماني ۾ اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته دنيا ۾ ٽي وڏيون قوتون آمريڪا، روس ۽ چين وڃي بچنديون ۽ مائو جي قيادت ۾ اها اڳ ڪٿي سندس زندگي ۾ ئي پوري ٿي چڪي هئي.
    اشتراڪيت ۽ مذهب کي رد ڪرڻ کانپوءِ رسل پنهنجي نصب العيتي دنيا جا خط و خال چٽا ٿو ڪري. هن جنهن يوٽوپيا جو تصور پيش ڪيو آهي، اهو بنيادي خصوصيت جي لحاظ کان اشتراڪيت جي بلڪل ويجهو آهي. ٻين اشتراڪي نظامن کان مٿڀرو ثابت ڪرڻ جي خاطر ان کي ’جمهوري اشتراڪيت‘ جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. مروجه اشتراڪيت جي مخالفت جو مقصد اهو به ڪونه هو ته اسان جو هي انسان دوست فلسفي انسانيت ڪش سرمائيداريت جو حامي آهي. سندس نظر ۾ اهي ٻئي نظام فرد جي پرماريت جون ڌار ڌار شڪليون آهن. جيڪڏهن اشتراڪي سماج ۾ انساني ماحول کي هڪ خاص سانچي ۾ وڌو وڃي ٿو ته ٻي طرف غير اشتراڪي سماج ۾ به اشتراڪيت جي خلاف نفرت کي بنيادي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ نئين نسل کي خاص طور تي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته اهو نظام بني نوع انسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي. ان لحاظ کان اهي ٻيئي نظام هڪجهڙن بنيادن تي فرد دشمن آهن.
    مٿي ذڪر ڪيل رسل جي آتم ڪهاڻي، رسل پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ٽن جلدن ۾ ڇپرائي پهريون جلد 1967ع، ٻيو 1968ع ۽ ٽيون 1969ع ۾ ڇپيو. پوءِ انهن ٽنهي جلدن کي گڏي ڇپيو ويو. اهو ڪتاب رسل جي سڄي زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ آهي. پوئين عمر ۾ رسل افسانا به لکڻ شروع ڪيا. هو چوندو هو ”مون زندگيءَ جا پهريان اَسي سال فلسفي جي خاطر وقف ڪيا هئا. هاڻ آئون ايندڙ 90 سال فڪشن جي هڪ ٻي صنف جي لاءِ وقف ڪرڻ ٿو چاهيان.“
    اسان جو هي انسان دوست دانشور چوٿين فيبروري 1970ع تي وفات ڪري ويو. ٻي ڏينهن هڪ مقامي ديول ۾ سندس وصيت موجب سندس لاش کي ساڙيو ويو. هو اوڀر جي انسان دوستي ۽ اولهه جي سائنس پرستيءَ جو علمبردار هو. ڪنهن اڪيلي فرد جهالت، ظلم ۽ شر جي خلاف ايڏي ڊگهي جنگ نه وڙهي هئي. جيتري هن وڙهي. هو چوندو هو، ”آئون پنهنجي اکين جي تصور ۾ انساني نسل جي هڪ خوشيءَ واري لهر ڏسي رهيو آهيان. جڏهن ته ڊپ ۽ نفرت جي ڊگهي رات ختم ٿي ويندي. آئون هڪ اهڙي سونهري دور جي اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪو تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه آيو هو. اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان موت کان وڌيڪ زندگيءَ کي ترجيح ڏي.“

    9. ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ (ناول، ليکڪ: انل بروي)
    ممبئي مان هڪ اردو رسالو ’اوراق‘ نڪرندو آهي. ست اٺ سال اڳ ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست وٽ ان جو هڪ پرچو پيل ڏٺم. سرسري طور ڏسڻ سان پرچو وڻيم ۽ کانئس منٿ ڪري پڙهڻ جي لاءِ اُڌارو وٺي آيس. ان ۾ هندستان جي ڪنهن ٻوليءَ جي ليکڪ ”انل بروي“ جي هڪ ننڍي ناولٽ جو ترجمو ”ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ“ جي نالي سان ڇپيل هو. جيئن ئي ناولٽ پڙهڻ شروع ڪيم ته ان جي مَنڍ ۾ منڊبو ويس ناولٽ ته کڻي ننڍڙو هو، پر اهو ايترو ته دلچسپ هو ۽ ان جي اُڻت ايتري ته شاهڪار هئي، جو ڄڻ هڪئي ساهيءَ ۾ ٻه ڀيرا پڙهي ويس. انل بروي اهو ناولٽ هندستان جي ”نڪسلاهٽ“ موومينٽ جي پسمنظر ۾ لکيو آهي.
    ناول جي مکيه ڪردار هڪ انقلابي کي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ۽ سندس نالو ’ڊاڪٽر وير ڀوشن پٽنايڪ‘ هو، تنهن کي ڦاسي جي سزا مليل هئي ۽ سزا تي عمل ڪرڻ لاءِ کيس، جنهن جيل ۾ موڪليو وڃي ٿو، ان جو سپرنٽنڊنٽ مسٽر گيلارڊ پنهنجي وقت جو ناليرو ۽ ظالم آفيسر هو. سندس نالي ٻُڌڻ سان ئي گهڻن قيدين جا مُٽ وهي ويندا هئا. پر نڪسلي انقلاب کيس کنگهيو به ڪونه. کيس پنهنجي مقصد تي ايترو ته يقين هو، جو موت هن لاءِ ڄڻ هڪ راند هئي. گيلارڊ گهڻي ڪوشش ڪئي، ظلم ۽ تشدد ڪيو، پر قيدي هيڻي نه ٻولي.
    مسٽر گيلارڊ، جيڪو بظاهر ظالم ۽ دهشت جي علامت هو، تنهن ڪنهن زماني ۾ هڪ جرمن يهودڻ عورت مريم سان پيار جو پرڻو ڪيو هو. مريم مان مسٽر گيلارڊ کي هڪ ڌي هئي ’جيني‘، جيڪا نه رڳو سراپا سونهن هئي، پر باشعور ۽ شاعرا به ئي. هوءَ انهن ڏينهن هندستاني روايتن موجب پنهنجي پهرين ويم لاءِ مسٽر گيلارڊ وٽ هندستان ايندي آهي. مسٽر گيلارڊ کيس جيل گهمائيندي نڪسلي قيديءَ سان پڻ ملائيندو آهي، پوءِ ٻنهي ۾ ڪافي ميل ملاقاتون ۽ بحث مباحثا ٿيندا آهن.
    جنهن رات نڪسلي قيدي کي ڦاسي ملڻي هوندي آهي. اُن رات جينيءَ کي به ويم جا سُور شروع ٿي ويندا آهن. اتفاق سان اها رات ڏاڍي طوفاني ۽ سخت برسات واري هوندي آهي. برسات سبب ٻنا ٻوڙ ٿي ويندي آهي ۽ شهر وڃڻ جي لاءِ رستا ٻُڌي ويندا آهن. نرس، مسٽر گيلارڊ کي چونڊي آهي ته جيني جو نارمل ويم ممڪن ڪونهي، کيس آپريشن لاءِ شهر جي اسپتال وٺي وڃڻو پوندو. ٻي صورت ۾ جيني جو بچڻ ممڪن ڪونهي.
    مسٽر گيلارڊ پريشان ٿي ويندو آهي. نرس کيس صلاح ڏيندي آهي ته نڪسلي قيدي، جيڪو سٺو سرجن به هو، اهو جيني جي آپريشن ڪري. ٻي پاسي قيديءَ جي ڦاسيءَ ۾ باقي ڪجهه ڪلاڪ هوندا آهن.
    اچو ته اهو منظر آئون اوهان کي ڪتاب مان پڙهايان.
    - ڦاسي جي کوليءَ ۾ ڦندو لڙڪي رهيو هو. ٻاهر ڪڪرن جي گوڙ ۽ تيز بارش حالتن کي خراب ڪري ڇڏيو هو. نڪسلي پنهنجي کوليءَ ۾ سڪون سان سُتو پيو هو. ماياڪو وسڪي جي شاعريءَ جو کليل ڪتاب هن جي دل جون ڌڙڪنون ڳڻي رهيو. سينئر جيلر ٿورو حيران ٿي ويو. چئن ڪلاڪن کانپوءِ ڄڻ هن کي مرڻو ئي نه هو. کيس گيلارڊ صاحب جي ڌيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيئن چوي؟ هن هٿن سان رول کي سيخن تي هنيو.
    ڪڙڪڙ جي آواز سبب نڪسلي جي ننڊ ڦٽي ويئي. ”ڊاڪٽر.... ڊاڪٽر.“ سينئر روئڻهارڪي آواز ۾ سڏڻ لڳو.
    نڪلسي اُٿي ويهي رهيو ۽ هن ڏانهن ڏٺائين ۽ پڇيائين.
    ”هلڻ جو وقت ٿي ويو آهي ڇا؟“
    سينئر نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”ته پوءِ مونکي ڊسٽرب ڇو ڪيوَ.“
    سينئر گهڙي کن خاموش رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”گيلارڊ صاحب اوهان جو اوسيئڙو ڪري رهيو آهي. جيني سخت تڪليف ۾ آهي.“
    نڪسليءَ حيرت مان پڇيو، ”ڇا ڪو ٻيو ڊاڪٽر موجود ڪونهي.“
    ”باءِ گاڊ! اونلي يو آر هيئر.“
    ”۽ اوزار؟“
    ”نرس بنگلي تي کڻي ويئي آهي.“
    نڪسلي ڪجهه دير سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”ٺيڪ آهي، ٿورو ثواب ڪمائي وٺان.“
    پوءِ نڪسلي جيني جو آپريشن ٿو ڪري. ڪامياب آپريشن.
    گيلارڊ صاحب نڪسلي جي پٺي ٿو ٺپري، ”ريئلي يو آر اي گريٽ سرجن! ڦاسي جو ڦندو سامهون هئڻ جي باوجود به تو ايترو سٺو آپريشن ڪيو آهي.“
    ”ڦاسي!“ نڪسلي هوريان چيو. پوءِ حالتن کي سمجهندي زور سان کِلي پيو ۽ چيائين، ”ڏٺئي مسٽر گيلارڊ! ڪنهن کي بچائڻ جو نشو دنيا جي هر نشي کان وڏو هوندو آهي. ماڻهو پنهنجي موت کي به وساري ٿو ڇڏي، گهڻو وقت ٿيو آهي؟ مونکي ڪيڏي مهل ڦاسيءَ تي چڙهڻو آهي؟“
    مون ان ناولٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. پهرين سنگت جي 18 کان 20 پرچن ۾ قسطوار ”ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ“ جي نالي سان ڇپيو. پوءِ اهو ”انقلابي جو موت“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو.

    10. ایک گرم موسم کی کہانی (ناول- انيس ناگي)
    اردو ٻوليءَ ۾ ڪيترائي سٺا ناول لکيا ويا آهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته اردو ٻولي ادبي حوالي سان سُنڍ ڪونهي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه هوندو. اردو جا ڪيترائي ناول نگار جهڙوڪ: ڪرشن چندر، عبدالله حسين، بانو قدسيه، انتظار حسين، مستنصر حسين تارڙ ته پڙهندڙ جو ڪريز رهيا آهن ۽ انهن جي ذهنن مٿان ڇانيل رهيا آهن. انهن ۾ هڪ نالو انيس ناگي جو پڻ آهي. انيس ناگي جي شخصيت ۽ فن تي ڪتاب لکندڙ ڊاڪٽر شاهين مفتي لکي ٿي:
    ”....اڌ صديءَ کان اردو ادب ۾ انيس ناگي انڪار جي سلطنت جي شهنشاهه جي حيثيت سان پنهنجي ڌار سُڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي. هن جو ادبي محاذ ڏاڍو وشال آهي. سندس گهڻ پهلوئي تخليقيت، نظريي سازي ۽ نظرياتي ڀڃ ڊاهه جا ڪيترائي تجربا ڪندي هلي آهي. لسانيات، نفسيات، ثقافت، تاريخ، مذهب ۽ معيشت ۽ عمرانيات سان گڏ سهيوڳي ساهت جي مستقل مطالعي سندس لکڻين کي زمان ۽ مڪان جي تسلسل ۾ اهڙي طرح پوئي ڇڏيو آهي، جو ليکڪ ۽ سندس موضوع نفي ۽ اثبات جي گنگا جمنا منظر نامي جو حصو بنجي ويا آهن.“
    انيس ناگيءَ ڪيترائي ناول لکيا آهن پر پاڻ جنهن ناول جوذڪر پيا ڪريون، ان جو نالو آهي: ”ایک گرم موسم کی کہانی“. هن ناول ۾ ٽي ڪهاڻيون گڏ گڏ هلن ٿيون ۽ پوءِ هڪ ئي ڪهاڻيءَ ۾ سمائجيو وڃن. ڪهاڻي جو مرڪزي هيرو جاويد، پنجاب حڪومت جو رڪارڊ انچارج آهي ۽ اتفاقي طور تي باضمير، ايماندار ۽ حساس پڻ آهي. سندس ٻن نائبن کي شڪ ٿو پوي ته جاويد تاريخ جو رڪارڊ درست ڪرڻ ٿو چاهي، تنهنڪري ذهني ٽڪراءَ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ جاويد تاريخ جي سچائيءَ جي ڳولا ۾ 1857ع تائين ٿو وڃي پهچي. ناول جي اندر جيڪا هلچل آهي، اها انگريز آفيسرن ۽ پادرين جي تشويش جي چوڌاري گهمي ٿي. ناول ۾ هندو، مسلمان ۽ سک ڪردار موجود آهن. ناول ۾ جاويد جي هڪ پوڙهي اهلڪار کي سڄو رڪارڊ زباني ياد آهي، ڇو ته هو 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ جو آخري مجاهد آهي. هڪ ڏينهن اهو رڪارڊ موسم جي گرميءَ سبب گم ٿي وڃي ٿو ۽ ان دوران جاويد پنهنجي تحقيق جا تفصيل نعم البدل طور گم ٿيل رڪارڊ جي جاءِ تي رکي ٿو ڇڏي.
    ناول ۾ 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي دوران لاهور ڇانوڻيءَ ۾ پيش آيل واقعي، جنهن ۾ ديسي سپاهين بغاوت ڪئي، ڏاڍي خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو ماڻهو ان ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    انيس ناگي جي هن ناول جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر محمد علي صديقي لکي ٿو:
    ”....انيس ناگي جي هي تاريخ ناول 1857ع جي جنگ جي باري م هڪ نقطه نظر پيش ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن هڪ سماج سياسي طور تي مغلوب ٿي وڃي ته ان مٿان ماٺار ڇانيل هئڻ جي باوجود، ان ۾ حوصلي مند ماڻهو موجود هوندا آهن، جيڪي اجتماعي وجود جي بقا جي لاءِ انفرادي قرباني ڏيندا آهن. انيس ناگيءَ هن ناول ۾ گذريل صديءَ جي لاهور جي زندگيءَ کي ڏاڍي اثرائتي طريقي سان پيش ڪيو آهي.“
    انيس ناگي جا ٻيا به ڪيترائي ناول لکيل آهن، هو ڏاڍو بولڊ ليکڪ آهي، ’ناراض عورتين‘ ناول ڇپجڻ تي انيس ناگي تي عورتن کي بدنام ڪرڻ ۽ عورت دشمنيءَ جا الزام هنيا ويا. اهو ناول هن اين. جي. او ڪلچر تي لکيو. ان ناول ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته: ”وياگرا جي ايجاد عورتن جي خواهشن جو نتيجو آهي.“ (آهي نه ناگي ظالم ليکڪ؟)
    انيس ناگي جا مختلف موضوعن تي هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن.
    انيس ناگي منهنجي پسند جي ليکڪن مان رهيو آهي. سندس اردو ادب ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ آهي. پاڻ سارتر ۽ وجودي فلسفي کان گهڻو متاثر هو. هن نه رڳو ڪاميو جي مشهور ناول ”پليگ“ جو ”طاعون“ جي نالي سان اردو ۾ ترجمو ڪيو، پر پليگ جي موضوع تي ئي ”چوہوں کی کہانی“ جي نالي سان ڏاڍو خوبصورت ناول لکيو اٿس.
    جولاءِ 2009ع ۾ جڏهن ’اڪاڊمي ادبيات پاڪستان‘ پاران سنڌي، بلوچي، اردو ۽ پشتو جي اديبن کي پنجاب جو دور ڪرايو ويو ته مونکي به ان ۾ شامل ڪيو ويو. اسين جڏهن لاهور پهتاسين ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وفد جي مان ۾ رات جي مان جلهي، اها ڊنر اسيمبليءَ جي ئي هڪ هال ۾ ڏني ويئي هئي. ان دعوت ۾ انيس ناگي به آيل هو.
    تقريرن جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پهتو ته آئون وڌي وڃي ساڻس مليس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم. ڏاڍو خوش ٿيو. جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مون سندس فلاڻا فلاڻا ڪتاب پڙهيا آهن ته حيرت مان پڇيائين، ”سنڌ ۾ ڪتاب پهچن ٿا؟“
    ”هائو!“ مون وراڻيو، ”ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪتاب گهرن تي پهچن ٿا.“
    ناگي ٿور ڳالهائو لڳم. پنهنجي آن ۾ مگن ۽ پنهنجيءَ ۾ مست. سندس ناول پڙهبا ته انهن ۾ هڪ شخص سدائين ذهني جبر ۽ سماجي ناهموارين جو شڪار نظر ايندو. ناگي سان گڏجي محسوس ٿيو ته اهو هڪ شخص خود ناگي ئي آهي. سوال جو تمام مختصر جواب ٿي ڏنائين.
    ناگيءَ سان مختصر ڪچهريءَ کانپوءِ مون کانئس ايڊريس ورتي ۽ واپسي اچي مون کيس پنهنجي ڪهاڻين جو اردو ترجمو ”نوحه گر“ کيس ڏياري موڪليو. جيڪو ضرور کيس مليو هوندو. ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ انيس ناگي وفات ڪري ويو.


    مونکي اُن ڳالهه جو به اعتراف آهي ته مون وٽ موجود هوندي به اڃا ڪي شاهڪار ناول ڪتاب پڙهي نه سگهيو آهيان. جهڙوڪ: ’انناڪارننيا‘ (ٽالسٽاءِ)، ’جنگ ۽ امن‘ (ٽالسٽاءِ)، ’ايڊٽ‘
    (دوستو وسڪي)، ’گون ور دي وِنڊ‘ (مارگريٽ مچل) وغيره ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي پنهنجي پهرين ۽ ٻي فهرست ۾ بدل سدل ڪرڻي پوي.
    مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته منهنجو مطالعو ايڏو وڏو ڪونهي. ۽ اڃا اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن، جيڪي مون کي پڙهڻا آهن ۽ منهنجي لائبرري ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب موجود آهن، جيڪي مون وڏي شوق ۽ اُتساهه مان خريد ڪيا، پر اڃا تائين پڙهي نه سگهيو آهيان.
    وقت گذرڻ سان گڏ منهنجي پڙهڻ جي رفتار به سُست ٿيندي پئي وڃي ۽ گڏوگڏ موضوعن جي چونڊ به بدلجي پيئي وڃي. اڳ ناول ۽ ڪهاڻي وڏي شوق سان پڙهندو هوس، پر هاڻ انهن ڏانهن ڌيان گهٽ ٿو وڃي. ان جي ڀيٽ ۾ تاريخ، ادبي تاريخن، ٻولين، سوانح ۽ آتم ڪهاڻين ۽ ڇرڪائيندڙ تاريخي ڪتابن ڏانهن وڌيڪ ڌيان اٿم.

    مٿيان سڀ ڪتاب اهي آهن، جن جو سنڌي ٻوليءَ جي ادب سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته آئون سنڌي ادب نه پڙهندو آهيان.... منهنجي خواهش آهي ته مون سنڌي ادب جا جيڪي ڪتاب پڙهيا آهن، انهن تي هڪ ڌار مضمون لکان، مون پنهنجي پسند جي اهڙن ڏهن ڪتابن جي هڪ فهرست به ٺاهي آهي.
    ڀلا اوهان مان ڪو محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، غلام رباني آگري، رسول بخش پليجي، نصير مرزا ۽ اڪبر سومري جي نثر جي چَس کان انڪار ڪري سگهندو؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566203
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ