ڪتاب جو نالو: منھنجو سوڀوديرو (57 سالن کان پوءِ)
مصنف: ھولارام تيجورام شرما
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 19 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 851 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 260 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”منهنجو سوڀوديرو 57 سالن کانپوءِ“ صوڀيدري شهر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ شري ھولارام تيجورام شرما آهي. هي ڪتاب هند ۾ ئي ڇپيو. شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
هولارام 57 سالن کانپوءِ سنڌ موٽيو هو، پنهنجي جنم ڀومي صوڀيديري آيو هو. دنيا ته ترقي ڪئي پر صوڀيديري جا حال ڪڙا آهن، 57 سال اڳ ڇا هو ۽ هاڻي ڇا مليس .... سڀ هن ڪتاب ۾ پڙهجو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • منھنجو سوڀوديرو پھتل آھي سنڌي ٻوليءَ اخبار وٽ
  • ھڪ شخصيت جي ياد
  • آتمارام ساجنداس گوپلاڻيءَ جو ھڪ خط
  • منھنجو سوڀوديرو (57 سالن بعد)
  • خط (2)
  • خط (3)
  • خط (4)
  • منھنجو سوڀوديرو
  • (1)
  • (2)
  • (3)
  • (4)
  • (5)
  • (6)
  • (7)
  • (8)

  • ڪتاب بابت

    منھنجو سوڀوديرو (57 سالن کان پوءِ)
    رچيتا : شري ھولارام تيجورام شرما (B.A.)
    سال : آڪٽوبر، 2005
    حق واسطا: پبلشر جا
    پبلشر : شري ھولارام تيجورام شرما
    ايڊريس: 261، سردار نگر، احمدآباد
    ڪمپوزنگ: شاھنواز سومرو 2016


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (295) اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب ”منهنجو سوڀوديرو 57 سالن کانپوءِ“ صوڀيدري شهر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ شري ھولارام تيجورام شرما آهي. هي ڪتاب هند ۾ ئي ڇپيو. شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
    هولارام 57 سالن کانپوءِ سنڌ موٽيو هو، پنهنجي جنم ڀومي صوڀيديري آيو هو. دنيا ته ترقي ڪئي پر صوڀيديري جا حال ڪڙا آهن، 57 سال اڳ ڇا هو ۽ هاڻي ڇا مليس .... سڀ هن ڪتاب ۾ پڙهجو.
    هي ڪتاب 2005ع ۾ هند ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ صوڀيدري سان تعلق رکندڙ سائين شاهنواز سومري ڪئي آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ھي ڪتاب مان پنھنجي پتا شري مھاراج تيجورام سکورام شرما ۽ ماتا پارپتي ديوي کي اَرپڻ ڪريان ٿو.
    بابا شري سنسڪرت ۽ پارسي ٻوليءَ جا مھا ودوان ھئا. اُن زماني ۾ سنڌ ۾ پرشن ڀاشا گھڻي ھلندي ھئي. بابا جن کي ھندو- مسلمان گھڻي عزت ڏيندا ھئا.
    منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.

    ھولارام تيجورام شرما (B. A)


    منھنجو سوڀوديرو پھتل آھي سنڌي ٻوليءَ اخبار وٽ

    احمدآباد جي سردار نگر مان شري ھولارام تيجورام شرما، پھريون ڀيرو ٻارن جي پُڇ پُڇ ڪرڻ تي نيٺ پنھنجو قلم ھٿ ۾ کڻي ”منھنجو سوڀوديرو“ کي ڏينھن جي روشنيءَ ۾ آندو. سندس چوڻ مطابق سندس ٻار ھر وقت کانئس پنھنجو بنياد پڇي رھيا ھئا. مطلب ته سندس پوٽا جيسين ننڍا ھئا تيستائين ته پڇ پڇ ٿڌي ھئي. پر اُنھن جي جواني اچڻ تي اِھو ڄاڻڻ جي اڇا وڌيڪ مضبوط بڻي ته آخر اسان جو ڏاڏو ڪھڙي ڪُنڊ کان آيل آھي. ٻارن جي گھڙي گھڙي پڇڻ تي ھن پنھنجو جنم جو بنياد ۽ حياتيءَ جا پوپٽي ھيراننداڻيءَ جي سونا روپا ورق ڪتاب وانگر منھنجو سوڀوديرو لکي ڇپائي نه صرف پنھنجي خاندان جي ياد قائم ڪئي، پر سماج جي ٻين سنڌين لاءِ به ھڪ رستو کوليو ته ھو به پنھنجي سنتان کي پنھنجي اصليت کان واقف ڪن جئن اُھي سماج ۾ فخر سان منھن مٿي ڪري ھلي سگھن ۽ چون ته اسان به سنڌ جي اصلي سنسڪرتيءَ جا وارث آھيون. اُنڪري اسان کي ڪير به لٻاڻو نه چئي سگھندو. سچ پچ ته شرما صاحب کي واڌايون ھجن جو ھن گُم ٿيندڙ سنڌي وارثي کان پنھنجي سنتان کي قائم ڪرڻ لاءِيادگيريءَ جي روپ ۾ ھڪ تحفو ڏنو آھي، جنھنجو نالو ”منھنجو سوڀوديرو“ آھي. وڌيڪ لاءِ پاٺڪ پاڻ پڙھي. پَڪ آھي ته شري شرما کي ضرور سنڌي ٻوليءَ ۾ ائڊريس وجھي واڌاين جا خط لکندا. ڪتاب جي ڪابه قيمت نه رکي ھن وڌيڪ درياه دلي ڏيکاري آھي. جئن گھڻا سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون کانئس ڪتاب گھرائي پريرڻا پائين.

    (پريم لکياڻي)


    ھڪ شخصيت جي ياد

    سوڀيديري ڳوٺ جي ھڪ برک ماڻھن مان سرڳواسي مربي سيٺ ساجنداس گوپلاڻي ھئا. صورت جا ٺاھوڪا ۽ اعليٰ شخصيت ۽ ودوان ھئا. اُتي گوپلاڻي آڪھ گھڻي ۾ گھڻي ھئي، انھن جا سرڪردا ھئا. سفيد ڪپڙن، سفيد شيرواني ڪوٽ سان اعليٰ، بردبار ۽ رعبدار لڳندا ھئا. ڪراچيءَ ۾ سندن ڪوٺي ۽ ڪاروبار ھوندو ھو. جڏھن ڳوٺ ايندا ھئا ۽ اوطاق ۾ ويھندا ھئا ته اُتي گھڻا غريب ھندو- مسلمان دان وٺڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا ھئا. مربي سيٺ ساجنداس گھرج آھر کين دان ڏيندا ھئا. ڪراچيءَ ۾ ھڪ ڪوٺيءَ جي ڀرسان ھال رکيل ھوندو ھون جو سوڀيديري يا پاسي جي ڳوٺ جو ماڻھو ڪراچيءَ ۾ ويندو ھو ته بنا ڪنھن شڪ جي اُن ھال ۾ مفت رھندو ھو. منھنجي ايشور در اِھا پرارٿنا آھي جو اھڙن داني پرشن کي پرڀوءَ جي چرنن ۾ شانتي ملي ۽ سندن ڪٽنب جو واڌارو ٿئي.

    ھولارام تيجورام شرما


    آتمارام ساجنداس گوپلاڻيءَ جو ھڪ خط

    (چيئرمئن گوپلاڻي چيئريٽي ٽرسٽ، احمد آباد)
    مربي شري ھولارام ونيه،
    نويدن ته ”منھنجو سوڀوديرو“ پڙھيم رايو لکڻ فرض سمجھي لکان ٿو قبول فرمائيندا.
    ”منھنجو سوڀوديرو“ ڪتاب اصليت بي باقي ۽ پنھنجن (ليکڪ جي) ويچارن جو سھڻو جھڳٽو آھي. مان جيتوڻيڪ سوڀوديرو ڇڏڻ وقت فقط ڏھن يارھن سالن جو ھوس پر ”منھنجو سوڀوديرو“ جي ڳپل قصن ۽ حقيقتن جو شاھد آھيان ۽ شخصي جوابداريءَ جي احساس سان حقيقتن جي تصديق ڪيان ٿو.
    مربي ھولارام جي جذبن، اُتساھ ۽ حقيقت شناسيءَ لاءِ مبارڪبادي. ايشور در سندس وڏي ۽ سگھاري زندگيءَ لاءِ بندگي ڪيان ٿو.

    بنده، آتمارام ساجنداس گوپلاڻي، احمدآباد.


    منھنجو سوڀوديرو (57 سالن بعد)

    شري گڻيشياه نمہ سرسوتي ديوي نمہ
    منھنجو سوڀوديرو
    (57 سالن بعد)
    ڪٿان شروع ڪريان، اُھو خيال ڪري اُن ڏينھن کي ياد ٿو ڪريان جنھن ڏينھن اسان پنھنجي سنڌڙي ڇڏي ھندوستان آياسين. شڀ ڏينھن ھو يا اشڀ ڏينھن ھو پر، اُھو به ھڪ ڏينھن ھو. ھندوستان ۾ اچي پھتاسين ۽ پنھنجي ڪمن کي لڳي وياسين. 30 سال گذري ويا جدوجھد ۾ خبر ڪانه پيئي. ھندوستان پنھنجو گھر ٿي ويو. اوچتو ئي سنڌ وطن جي حُب پئدا ٿي ۽ ھڪ خط پنھنجي دوست کي لکيو جو پاڻ سان گڏ پڙھندو ھو. ھن جو خط به مون وٽ آيو. ٿورا خط مان پنھنجي پاٺڪن جي اڳيان رکان ٿو. اُھي به پڙھي وطن جي حُب جو تصور ڪن.

    پيارا، ھولارام سدا خوش ھجو.
    ڀائو ڌڻيءَ جي مھربانيءَ سان اوھان سڀ خوش ھوندا. اوھان جي خط ملڻ سان ازحد خوشي ٿي آھي. سڀني سنگت وارن کي خوشي حاصل ٿي آھي. ڀائو دل اداس آھي. جيڪر اُڏري اچي مِلان. ڏاڍي ملڻ جي سِڪ آھي. سنگت وارن سڀني کي خط ڏيکاريم. اُستاد ڪريم ڏنو ۽ اُستاد محمد اسحاق به رٽايرڊ ٿي ويا آھن. تاراچند جو دڪان منھنجي پيءُ ورتو آھي ۽ اُن ۾ مونکي اسپتال کولائي ڏني آھي. مان ھينئر ڊاڪٽر جو ڪم ڪندو آھيان. اُستاد خدايار ٽالپر ٻه سال ٿيا آھن ته فوت ٿي ويا آھن. عبدل النبي چيف سيڪريٽري ڪراچيءَ ۾ آھن. توھان ايندا ته عيد جيتري خوشي ٿيندي ۽ سڀ ٿورائتا ٿينداسين. منھنجي زال نورجھان سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ٿي آھي. سڀيئي اوھان کي ياد ڪندا آھن. اوھانجو ساڳيو،

    حاجي عبدل الرحمان عباسي، سوڀوديرو


    خط (2)

    پيارا ھولارام، سدا باغبھار ھجو.
    بعد سلامن، گھڻي سِڪ جي عرض ته ڪافي عرصو گذري رھيو آھي. حال احوال کان محروم رکيو اٿوَ. ھميشہ ٽپاليءَ کان پڇا ڪندا رھيا آھيون، ڪو انڊيا کان خط آيو آھي. پر نا اُميديءَ جو جواب ملندا رھيا. ڊاڪٽر ۽ مان اڄ سڀاڻي جو اِرادو ڪندا رھيا آھيون. خط لکون مگر دلاسي تي رھيا ته شل پاڻ قرب ڪن. حياتيءَ تي ڀروسو نه آھي. اوھانجو احوال ھو ته ايڏانھن ايندس، سي اُميدون به اِئين رھيون آھن. اِن وقت خط لکڻ وقت ننڍڙي عمر واريون، سھڻا نظارا اکين اڳيان تري اچن ٿا. ھڪ دفعو روبرو ديدار- درشن ٿي وڃن. سڀني ننڍن وڏن کي سلام ۽ پيار چوندا ۽ خط جي ورندي جلدي ڏيندا. اوھان جو،

    سامٽيو لال بخش 10 . 6 . 2003


    خط (3)

    جيئي لطيف، حق موجود
    مانوارا سائين سدا خوش ھجو،
    احوال ته تازو ئي اوھانجو ڪتاب (منھنجو سوڀوديرو) پڙھيوسين جيڪو ڊاڪٽر عبدل الرحمان ڏنو. ڪتاب ڏاڍو سٺو لڳو. ھتي سڄي سوڀيديري شھر ۾ ڪتاب جو ذڪر ھلي رھيو آھي. اُن وقت سوڀوديرو ڪيئن ھو، اُھو حال احوال اسان ننڍن کي معلوم ٿيو.
    ھاڻي ته ويزا جون پائبنديون نرم ٿيون آھن. جيڪڏھن توھان ڪوشش ڪندا ته ويزا ملي ويندي. توھان پنھنجو وطن ڏسي سگھندا. توھانجي وقت ۾ سوڀوديرو تمام ننڍو ھو. اُھو پاسو جتي توھانجا گھر ھئا صفا ختم ٿي ويو آھي. ھاڻي شھر جي گھڻي آبادي محراب واھ طرف وڌي ويئي آھي. شھر جا نوجوان توھانجو انتظار ڪن ٿا ته ھڪ ڀيرو ضرور اچي پنھنجو سوڀوديرو ڏسو. سلام سڀني کي ڏيندا.
    ھاڻي موڪلاڻي ڪانھي سدائين گڏ.

    اوھانجو- نواز سومرو


    خط (4)

    پيارا دادو، ھولارام خوش ھجو شال.
    توھان مونکي ڪونه سڃاڻندا ھوندا. مان اوھانجو ڪتاب منھنجو سوڀوديرو جنھن ۾ اوھان منھنجي ڏاڏي مير نُورنبي (مير نُورل) جي شڪار جو بيان ڪيو آھي. اُھو پڙھي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ اوھانجي ڏسڻ لاءِ مَن تڙڦڻ لڳو. توھانکي احمدآباد جي انٽرنيٽ تي ڳولڻ لڳس. شاھي باغ ۾ مسٽر پرمار احمدآباد انٽرنيٽ تي ويٺل مليو جنھنجي ٿِرو مان اوھانکي فون ڪيو ۽ اوھانکي ھي خط انٽرنيٽ تي لکي موڪليو.
    اوھان ھينئر ڪڏھن سوڀيديري ۾ ايندا. مان اوھانکي لاھور وٺڻ ايندس. وڌيڪ سلام سڀني کي ڏيندا. انٽرنيٽ تي ملاقات ڪندا.

    اوھانجو، مير احسن رضا ٽالپر


    منھنجو سوڀوديرو

    منھنجو سوڀوديرو، ڪتاب لکڻ کانپوءِ مَن ۾ ويچار ٿيندو ھو ته 57 سال گذري ويا آھن. سڀ ڪجھ بدلجي ويو آھي. دنيا ترقي ڪندي ويئي آھي. منھنجي سوڀيديري به گھڻي ترقي ڪئي ھوندي ۽ دل ۾ ھميشہ دعا گھرندو ھئس ته منھنجو سوڀوديرو وڏي اوج تي ھجي ۽ اُنجا رھواسي به وڏي ترقي ڪن. دل ۾ اٺسٺا ٿيندا ھئا ته مان ھڪ ڀيرو سوڀوديرو وڃان. اُتي ماڻھن سان ملان ۽ پنھنجي جنم ڀوميءَ جي مِٽي مٿي تي رکان. ننڍڙي اُتي جي مِٽي کاڌل آھي. وري به ھڪ ڀيرو اُتي وڃان. منھنجي ننڍپڻ جي دوستن جيتوڻيڪ ھو ٻي جاتيءَ جا ھئا تڏھن به پيار جا خط لکندا ھئا. ھن سال مئي مھيني ۾ منھنجي دل ٿي ته مان پاڪستان وڃان. صبح جو اُٿي دھليءَ جي ٽڪيٽ بُڪ ڪيم. 20 جون دھليءَ جي ٽڪيٽ ڪنفرم ٿي ملي. ڪپڙا وغيره ٿيلھي ۾ ٺاھيندو رھيس. گھر جي ڀاتين کي ٻُڌايم ته مان 20 جون تي دھليءَ وڃان ٿو. اگر دھليءَ مان ويزا ملي ته اُتان ئي سڌو پاڪستان ويندس. منھنجي پٽن ۽ گھر جي سڀني ڀاتين ڪوبه اعتراض نه ورتو.
    20 جون تي احمدآباد اسٽيشن کان گاڏيءَ چڙھي 21 تاريخ دھليءَ پھتس. ٻئي ڏينھن سويل صبوح جو اُٿي ويزا آفيس ۾ پھتس. ڌڻيءَ جي ڪرپا سان 30 ڏينھن جي پاڪستان ۾ رھڻ لاءِ ويزا ملي. 24 جون جو ھوائي جھاز ۾ دھليءَ کان لاھور پھتس. لاھور مان ريل گاڏي شاليمار ۾ صبوح جو چڙھيس، شام جو خيرپور اچي پھتس. خيرپور ۾ رات جو رھي صبوح جو ٽيليفون ڪيم. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ سوڀيديري مان منھنجي دوست جي گھر واري مئڊم نورجھان، جا ھن وقت سوڀيديري جي يونين ڪائونسل جي ناظم آھي، ڪار ۾ خيرپور پھتا ۽ مير احسن رضا به خيرپور اچي پھتو. اُتي پوليس ۾ ويزا انٽري ڪرائي ڪار ۾ چڙھي سوڀيديري پھتاسين. سوڀيديري پھچڻ سان منھنجو سواگت ڪيو ويو. ماڻھو اڳ ۾ اچي ڪَٺا ٿيا ھئا. مونکي نوٽن جو ھار ۽ ٻيا گُلن جا ھار پھرائي خوشيءَ مان نعرا ھڻڻ لڳا. ”ھندوستان جو ديوان ڀلي آيا، ڀلي سوڀيديري ۾ آيا.“ منھنجي دل به خوشيءَ ۾ ڦولي نه پئي سمائجي. سڀني سان ڀاڪر پائي پيو گڏجان. شام تائين شھر جا گھڻا ماڻھو ننڍا وڏا گڏجڻ پيا اچن. سڀ ڀاڪر پائي واقفيت پيا ڏين.
    شام جو ڪار کڻي اُن ۾ ويھاري سڄي سوڀيديري جو چڪر ھڻايائون. اسانجي اصل جڳھ تي ڪار بيھاري مونکي منھنجو گھر ڏيکاريائون. مان ھيٺ لھي پنھنجي جڳھ اڳيان منھن جي پاسي بيٺس. چڱيءَ طرح ڌيان سان ڏٺم ته دروازا سڀ ڪڍيل ھئا ۽ سِرن سان سڀ دروازا بند ڪري وڏي ديوار بڻايل ھئي. پويان ميرن جي حويليءَ مان مونکي وٺي ھليا ۽ پٺيون پاسو ڏٺم. اسانجي جڳھ اڱڻ، روم، ڪوٺيون وغيره سڀ پَٽ ڪيل ھيون ۽ سڄي زمين ميرن ھڪ ڪري پنھنجي زمين سان ملائي ڇڏي ھئي. اسانجي منھن وارو وڏو دروازو ڪڍي ميرن پنھنجي حويليءَ کي ھڻايو ھو. مونکي دروازو ڏيکاريو ويو ۽ اُن جي اڳيان بيھاري فوٽو ڪڍيو ويو. مون ميرن کي چيو، ”اوھان ويچاري اسانجي دروازي کي ايترن سالن ۾ رنگ يا پاليش ڪونه ڪرايو آھي ۽ اھڙو ميرو پيو آھي.“ مير کِلي چيو ”اِئين پيو دروازو سُٺو لڳي ۽ ڳوٺن ۾ ڪير ٿو رنگ ڪرائي.“ مير مونکي چيو ”اوھانکي دروازو ھينئر کپي ته اوھانکي دروازو ڪڍي ڏيون ۽ ھندوستان کڻي وڃو، ڀاڙو خرچ به اسان اوھانکي ڏينداسين.“ مون مير صاحب کي چيو ”ھي دروازو اسانجي يادگيري آھي ۽ اوھان وٽ ڀلي رھي. دروازو ڏسي اسانکي پيا ياد ڪندا.“ مير صاحب جواب ڏنو ”ھي سچ آھي ته اسان اوھان کي ڪڏھن نه وسارينداسين.“ اُن کان پوءِ مير پنھنجي اوطاق ۾ وٺي ھليا. اسانجي اڳواني مير احسن ڪري رھيو ھو ۽ مونکي دادو دادو ڪري رھيو ھو ۽ مونکي پنھنجي پوٽي وانگر لڳي پيو. اوطاق ۾ شربت کڻي آيا جو سڀني پيتو. ميرن جا پھريائين سوڀيديري ۾ چار گھر ھئا پر ھينئر پُٽ – پوٽا وڌي گھڻا گھر ٿيا آھن. سندن حويلي ۽ ڪوٽ ايڏو وڏو آھي جو سڀ مير پنھنجا وڏا گھر ٺاھي رھي سگھن ٿا. سڀني ميرن مان احمد نبي وڏو اسانجي عمر جو ھو. مان جڏھن وڏن درجن ۾ پڙھندو ھئس ته ھو ننڍن درجن ۾ اُستاد مير خدا يار سان گڏ اسڪول ايندو ھو. ھو منھنجي ننڍي ڀاءُ واسديو سان گڏ پڙھندو ھو. مان اڳــئين پنھنجي ڪتاب منھنجو سوڀوديرو ۾ لکيو ھو ته مير صاحب سٺا ڪپڙا پائي ڪڏھن ڪڏھن بزار طرف ايندا ھئا ۽ نوڪر ساڻ ھوندو ھئن. احمد نبي به جڏھن ننڍو ھو ته ڪڏھن به اڪيلو ٻاھر بزار ۾ يا اسڪول ڪونه ايندو ھو. مون سان مليو ۽ مونکي چڱي طرح سڃاتائين. ڀاڪر پائي مليو ۽ گھڻو خوش مزاج پئي لڳو. رکي رکي مون سان چرچا به ڪيائين. ميرن جي اڳيان ھڪ ٿَلھو ھوندو ھو. ھينئر اُھو ٿَلھو گھٽ ٿي زمين سان ھڪ ٿي ويو آھي. ٿورا آثار ٿَلھي جا آھن. اسان اُن ٿلھي تي والي بال راند ڪندا ھئاسين. مرحوم مير محمد خان، مير خدا يار خان، مير نُور نبي، ٻه اسان ڀائر منھنجو سرڳواسي ڀاءُ حڪومت راءِ ۽ مان، عباسي الاھي بخش، عباسي حسن، ميراثي دولت، ميراثي سلطان اُھي سڀيئي ٿَلھي تي راند ڪندا ھئاسين. سڀني کيلارين ۾ مان سڀني کان ننڍو ھوندو ھئس. ھڪ ٻئي سان گھڻا چرچا ڪندا ھئاسين. وڏو مير صاحب محمد خان به چرچا ڪندو ھو. پاڻ ٿَلھي تي مُوڙو رکي ويٺو ھوندو ھو. پاسي ۾ اڇو ڪتو ويٺو ھوندو ھئس. ڪتو اسانکي سڃاڻي ويو ھو. جڏھن به اسين ويندا ھئاسين ته ڪتو پڇ لوڏيندو ھو. ڪثرت لاءِ پِڃريون رکيل ھونديون ھيون. 20 سير پڪن کان وٺي ٻن مڻن تائين وزن واريون ھونديون ھيون. اُنھن پڃرين کي ھڪ ھٿ سان مٿي کڻڻو ھوندو ھو. ھڪ ڏينھن مير کِلندي چيو ”ته منھنجي ڪُتي جو وزن 45- 47 سيرن جي وچ ۾ آھي. جيڪو ھنکي کڻي ڏيکاريندو ته مان اُن کي انعام ڏيندس.“ ڪتي جي وزن تي سڀ کِلندا ھئا ۽ مير کي چوندا ھئا ته ڪتي کي گھڻو نه کارايو، ڇو جو ھو تِکو ڊوڙي نه سگھندو.
    مير نُور نبيءَ جو پُٽ عنايت علي گڏيو، ڀاڪر پائي مليو. مون عنايت عليءَ کي چيو ته توھان ھوبھو مير نُور نبيءَ جھڙا ٿا لڳو. اُھي ئي اکيون، منھن جو رنگ ۽ بيھڪ ساڳي پئي لڳي. مونکي ته نُور نبيءَ جي توھانکي ڏسي گھڻي يادگيري اچي ٿي. مير عنايت عليءَ چيو ته اسان کي توھانجو ڪتاب منھنجو سوڀوديرو پڙھي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. توھان اسان کي مرحوم والد صاحب جي يادگيري ڏياري آھي. مون پڇيومانس ته اوھان به ھينئر شڪار تي ويندا آھيو يا نه؟ ھن صاحب چيو ته ھينئر شڪار جو زمانو ڪونھي. نه گھاٽا جھنگل آھن نه ئي جھنگلي جانور رھيا آھن. مان ھينئر ناظم جي پوسٽ لاءِ اميدوار بيھڻ وارو آھيان ۽ پبلڪ جي شيوا ڪرڻ فرض ٿو سمجھان. مان سندس پُٽ احسن ڏانھن اشارو ڪري چيو ته ھن ئي مونکي پاڪستان اچڻ لاءِ ڇڪيو آھي ۽ ھن مونکي ايترو انٽرنيٽ تي چيو ته مان توھانکي لاھور تائين وٺڻ اچان. مان ھن کي سچ پچ پنھنجي پوٽي وانگر سمجھان ٿو ۽ مان ھن کي احسن نه پر ”سونو“ ڪري سڏ ڪندو آھيان. تنھن کان پوءِ ٻيو مير ذوالفقار جيڪو ڊاڪٽر آھي اُھو گڏيو. اُن سان به ڀاڪر پائي گڏيس. سندس پُٽ سرفراز به ڊاڪٽري پڙھندو آھي. اُتي مونکي ھڪ ڳالھ ياد آئي جا مان ميرن سان ذڪر ڪيو. مير مرحوم اُستاد خدايار خان اُستاد جي نوڪري ڪندا ھئا. ھو منھنجا اُستاد ھئا. اسڪول ۾ سندس گھڻو مانُ ۽ عزت ھوندي ھئن. مان اسڪول ۾ ھوشيار شاگرد ليکيو ويندو ھئس. مونکي ڪلاس جو مانيٽر مقرر ڪيو ويو ھو. جڏھن اُستاد ڪلاس ۾ نه ھوندا ھئا ته مانيٽر جو ڪم ھو ته ڇوڪرن کي ڪلاس ۾ شانتيءَ سان ويھاري ۽ گوڙ ڪرڻ نه ڏئي. ھڪ ڏينھن جي ڳالھ آھي، اسان سڀ ڇوڪرا ڪلاس ۾ ويٺا ھئاسين. اُستاد مير خدايار خان صبوح جو ٿورو دير سان اسڪول ۾ آيا. ڪلاس ۾ اچي مونکي چيائون ته ماسترن جي حاضريءَ جو رجسٽر کڻي اچ. حاضريءَ جي رجسٽريءَ ۾ ماستر جيڪي ايندا ھئا ته پھريائين صحيح ڪرڻي پوندي ھئن. مان رجسٽر کڻڻ لاءِ ڪلاس مان نڪري ٻين ڪلاسن ۾ رجسٽر ڳوليندو ڳوليندو ويس. ڏٺم ته رجسٽر ھڪ ڪلاس ۾ ماستر جي اڳيان ٽيبل تي پيو آھي. مان اُتي وڃي اُن ماستر کي چيم ته ماسترن جي حاضريءَ جو رجسٽر اسانجي استاد مير صاحب گھرايو آھي. اُھو مان کڻي وڃان؟ مونکي بي خبر اُن اُستاد ڳِٽي تي ڀر ڪري چماٽ ھنئين ته منھنجو ڳِٽو چماٽ لڳڻ ڪري ڳاڙھو ٿي ويو ۽ چماٽ جو نشان بلڪل صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو. مونکي اُن ماستر چيو ”عقل ڪونه سِکيو آھين. اُستادن جو رجسٽر چئبو آھي. تون اُستاد کي ماستر ٿو چوين شرم اچڻ کپيئي.“ مان رجسٽر کڻي اکين مان پاڻي واھيندو مير اُستاد خدايار وٽ آيس، جنھن مونکي روئندو ڏسي مونکان پڇيو ۽ ھو ھڪدم ڄاڻي ويو ۽ اُن ماستر جي ڪلاس ۾ ويو. اسان زور زور سان مير صاحب جو آواز ٻڌو اُن اُستاد کي دٻ ڪڍي آيو، مونکي دلاسو ڏنو.
    مون اڄ به ھتي اچي ڏٺو آھي ته ھر ھڪ ماستر کي ٻاھر جا ماڻھو به استاد ڪري سڏ ڪن ٿا، يا ڪابه ڳالھ اُنھن جي باري چون ٿا ته اُستاد جو لقب ماستر کي ڏين ٿا. پر اسانجي اِنڊيا ۾ جيڪي به ٽيچر جي نوڪري ڪن ٿا، اُنھن کي سڀ ماڻھو ماستر ڪري سڏ ڪندا آھن. ماستر جو مطلب ئي استاد آھي.
    مونکي ھڪ ٻي به ڳالھ ياد آئي. مون سان ھڪ الاھي بخش سومرو گڏ پڙھندو ھو. شام جو روز اسان ٻئي سنڀري تيار ٿي علي بحر واھ تي اچي گڏبا ھئاسين. اُتان گڏجي ڊبل مارچ ڊوڙ پائيندا ھئاسين. راڻيپور جي رستي تي ڊڪندا ڊڪندا ماڌو واھ ويندا ھئاسين. اُھا ڊوڙ اٽڪل چار ڪلوميٽر ھوندي ھئي. اُتان واپس آھستي آھستي موٽي ايندا ھئاسين. اُھا ڪثرت جي خيال کان ڪندا ھئاسين. ماڌو واھ جي ٿورو اوريان سائين مھدي شاھ جن جي بيٺڪ ھوندي ھئي. اُھي شاھ، درويش ۽ پھتل ھوندا ھئا. ڪلھي تي ھڪ ڏنڊو ھميشھ ساڻ ھوندو ھئن. پر منھنجي ڀُل نه ٿيندي ھجي ته ڏنڊي ۾ گھنگھرو ٻَڌل ھوندا ھئا. سندن بيٺڪ تي راھگير جيڪي به ايندا ويندا ھئا اُتي اُنھن کي ٿورا ڀڳڙا ڏئي ٿڌو پاڻي پياريندا ھئا. ھينئر سندن ڀائٽيو سائين ڪامل شاھ جن آھن. اُنھن جڏھن ٻُڌو ته ديوان ھولارام اِنڊيا کان آيو آھي اُن صاحب ميرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته مونسان به ملاقات ڪرايو. ميرن مونسان ڳالھ ڪئي. منھنجي ھڪدم دل ٿي ته سائين جن سان مان به ملڻ وڃان. ميرن سان گڏ سائين ڪامل شاھ جي مڪان تي پھتاسين. سائين ڪامل شاھ مون سان مليا. ڀاڪر پائي مونکي ڪرسيءَ تي ويھڻ لاءِ چيو. منھنجي حاضري اُنھن جي سنگت ۽ صحبت مونکي ڍاھي ڇڏيو. اُنھن جي صوفي گـفتگو ۽ روحاني شخصيت مونتي ايترو اثر ڪيو جو مان سچ پچ سڄي دنيا کي ڪوڙ مثل سمجھڻ لڳس. مونکي وشواس ٿيو ته الھ لوڪ درويش آھن جن جي نيڪ پيغامن ۽ نصيحتن جي ڪري ھيءَ دنيا ھلي ٿي نه ته جيڪر قيامت اچي وڃي. اُن جا اوچ خيال انسانيت جي باري ۾ ۽ مذھبن جي ڀيد ڀاو کان دور رھڻ اُھي سڀ ڳالھيون منھنجي دل ۾ گھر ڪري ويون. ھن صاحب کي سڀني مذھبن لاءِ آدر ھو.
    اُنھن کي پاڪستان ٿيڻ جي ايتري يادگيري ڪانه ھئي. جڏھن ڳالھ نڪتي، منھنجي دوست الاھي بخش سومري کي به ڪامل شاھ جن چڱيءَ طرح سڃاڻندا ھئا ۽ اُنھن چيو ته اُستاد الاھي بخش سُٺو اُستاد ھوندو ھو. مان صرف ايترو چوان ٿو ته ھھڙا وڏا ماڻھو به ماستر کي اُستاد ڪري ڪوٺين ٿا. ھو صاحب اسانکي ڪار تائين موڪلائڻ آيا.


    (1)

    جھوني اسڪول ڏسڻ وقت مونکي ھڪ اُستاد جي يادگيري آئي. ھي ماستر الله لوڪ ماستر ھو. ھن اُستاد کي ھميشہ ٻاراڻو پڙھڻ وارا ڇوڪرا ڏيندا ھئا. ھو پھريان ٻه ڪلاڪ تمام سٺي ريت پڙھائيندو ھو ۽ ستن ڪلاڪن جي ڪسر ڪڍي ڇڏيندو ھو. رسيس کان پوءِ ڇوڪرن کي چوندو ھو ته توھان گوڙ نه ڪجو ۽ سبق جو دور ڪندا رھجو. پاڻ ويٺي ويٺي ڪرسيءَ تي ننڊ ڪندو ھو. ھن جي ننڊ جي سڀني اُستادن ۽ ھيڊ ماستر کي به خبر ھوندي ھئي. ڪوبه ھن کي نه چوندو ھو. خود پبلڪ جا آدمي به ڄاڻ ھوندي ھُن ماستر کي نه چوندا ھئا. چيو ويو آھي ته، بندگي به گھڻن قسمن جي ھوندي آھي. گھڻا نچندا آھن اُھا به بندگي آھي، ساز وڄائڻ به بندگي آھي، راڳ ڳائڻ به بندگي آھي، اکيون ٻوٽي ڌِيان ۾ ويھڻ اِھا به ھڪ قِسم جي بندگي آھي. ڪنھن درويش چيو آھي ته، ننڊ به ھڪ بندگيءَ جو قِسم آھي. ننڊ ۾ دنيا جي خبر نه رکي ويندي آھي. ته اسانجي اُستاد جي ننڊ به ھڪ بندگي ڳڻي ويندي ھئي.
    ھن استاد کي ھميشہ ٻاھر جو ڪم به ڏيندا ھئا. اڳئين وقت ۾ گھڻا ڇوڪرا اسڪول نه وڃڻ جي ڪندا ھئا. اسانجي ھِن اُستاد کي اُنھن گوسڙو ڇوڪرن کي پڪڙي اسڪول وٺي اچڻ لاءِ موڪليندا ھئا. ھڪ ڏينھن جي ڳالھ آھي ته ھڪ ڇوڪرو اسانجي اُستاد کان ڇڏائي ڊُڪ پاتي. اسانجو اُستاد ڊوڙ پائي ڇوڪر کي پڪڙيو. ڇوڪرو ڇڏائڻ تي ۽ استاد پڪڙڻ تي. ٻنھي جي جھپا جھپيءَ ۾ ٻئي ھيٺ ڪِري پيا. اُنھيءَ وقت سوڀيديري ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست ڪونه ھوندو ھو. ماڻھو گھِٽين ۾ پاڻي ھاري ڇڏيندا ھئا. ٻَئي اُستاد ۽ ڇوڪرو گپ ۾ ڪري پيا. اسان جي اُستاد جا ڪپڙا گپ ۾ ڀرجي ويا. ڇوڪري جو پيءُ آيو ۽ اُستاد کان معافي وٺڻ لڳو. کيسي مان ڪجھ پئسا ڪڍي اُستاد کي ڏيندي چيائين ته ڪپڙا ڌوٻيءَ کان ڌئارجو. اسانجي اُستاد پئسا ڪونه ورتا ۽ ڇوڪري کي اسڪول وٺي ھليو ويو.


    (2)

    ٻئي ڏينھن مون ميرن سان ڳالھ ڪئي ته مان اُستاد مير خدايار خان جي مزار تي چادر چاڙھڻ چاھيان ٿو. ميرن ڳالھ ڪئي ته خدايار خان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ فقيراڻا خيالن جا ٿي پيا ھئا. ھو دادلي پير جا صحبتي ٿي ويا ھئا. جڏھن به وقت ملندو ھئن ته اُن جي سنگت ۾ ويندا ھئا. پير دادلو الله لوڪ درويش ۽ سوڀيديري کان ٽي ميل پري نواڙي ڳوٺ طرف آسٿان بڻايو ھو. اسان ڪار ۾ مير خدايار خان جي فرزند ۽ محمد علي جماڻي، سراج عباسي نڪتاسين. رستي مان دڪان تان چادر خريد ڪئي ۽ محراب واھ جي پُل تي آياسين. مان ڪار روڪڻ جو چيو ۽ محراب واھ طرف نھاريو. محراب واھ، جو اسانجي وقت ۾ وڏو واھ ھوندو ھو. 25- 30 فٽ ويڪرو ۽ پاڻيءَ جي وھڪ تمام تيز ھوندي ھئي. اُن ۾ گھِرندي ئي ڊپ ٿيندو ھو. ھينئر ڏٺم ته ويڪر سُسي 10 فٽ رھي آھي ۽ پاڻي بلڪل گھٽ، وھڪرو ڄڻ ننڍو نالو وھي رھيو آھي. مان عجب ۾ دوستن کي چيو يار ھي محراب واھ آھي يا ڪو نالو آھي. ڇا! ھيترو سُسي ويو آھي اسان ھندن سان ھن واھ جي محبت ھئي ڇا؟ اسانجي سِڪ ۾ ايترو ننڍو ٿي ويو آھي. مير جواب ڏنو ته کيتيءَ لاءِ پاڻيءَ جا ٻيا رستا ڪڍيا اٿن ۽ ھنن جھونن واھن جي کوٽائي وغيره ڪونه ڪندا آھن. لَٽجي لَٽجي ننڍا ٿي ويا آھن. اُتان پوءِ دادلي پير جي درگاھ تي آياسين. مير خدايار جي مزار تي چادر چاڙھي دعا گھري سين. دادلي پير جي ماڻھن اسانکي ويھڻ جي لاءِ آڇ ڪئي. سٺي کير جي چانھ ٺاھي کڻي آيا ۽ سڀني آرام سان چانھ پيتي. ھتان اُتان جون ڳالھيون ڪندي اُتان نواڙي طرف ٿيندا ٻيا ننڍا ڳوٺ انب، ڀونڀٽ پور ٻاھران ڏسندا موٽي آياسين. سوڀيديري جا ماڻھو اڳ ۾ ويٺا ھئا. اُنھن به مون کان اِنڊيا جي باري ۾ سوال پڇيا. مان به اُنھن کي لياقت موجب جواب ڏنا.


    (3)

    ٽئين ڏينھن مان صبوح جو تيار ٿي ويٺو ھئس. ملڻ لاءِ ماڻھو اچڻ لڳا. مان ھتي توھان کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته مان پنھنجي ڪتاب منھنجو صوڀوديرو ۾ لکيو ھو ته ھڪ ڏينھن منھنجو بابا دڪان تي ويٺا ھئا ۽ سندس ھڪ دوست منگي ويٺا ھئا. ھڪ ڪڙمي دڪان تي آيو ۽ بابا کي چيائين ته زمين 10 جريب وٺو 500 رپيا مونکي ڏيو. جيئن ته اُن وقت رياست ۾ ڪنھن به ھندوءَ کي مسلمان جي زمين وٺڻ منع ھئي ته بابا ھن کي مجبوري ڏيکاري. اُتي اسانجي وڌو منگيءَ بابا کي چيو ته منھنجي نالي لکائي وٺوس ۽ ھنکي پئسا ڏيو. پوءِ آرام سان ميرن کان منظوري وٺي پنھنجي نالي ڪرائجو. بابا جن اِئين ڪيو ۽ اُھا زمين وڌوءَ جي نالي لکي ورتي. ماڻھو جيڪي ملڻ آيا اُن ۾ ھڪ نوجوان ڇوڪرو اچي مون سان ڀاڪر پائي مليو. مونکي چيائين دادُو مان اوھان جو ٻُڌو ته ملڻ جي انتظار ۾ مان جلدي جلدي آيو آھيان. مونکي مِٺل ڪوٺيندا آھن. مان وڌو منگيءَ جو پوٽو آھيان. اوھان جيڪو ڪتاب ۾ لکيو آھي اُھو بلڪل سچ آھي. منھنجو ڏاڏو به اھائي ڳالھ ڪندو ھو. منھنجو ڏاڏو ۽ اوھانجا بابا پاڻ ۾ گھرا دوست ھوندا ھئا. اوھان جيڪا زمين منھنجي ڏاڏي جي نالي ورتي ھئي اُھا بلڪل سچ ھو. اُھا زمين اوھانجي وڃڻ کانپوءِ اسان قبضي ڪئي. اُن زمين اسانکي شاھوڪار بڻائي ڇڏيو. مون چيومانس ته ھينئر مان آيو آھيان اُھا زمين مونکي موٽائي ڏيو. اُن کِلي جواب ڏنو ڀلي کڻو زمين اوھانجي آھي. مان اُن کي پيار مان ڀاڪر پائي چيو ته نه ڀائي ھاڻي اسان ڇا ڪنداسين؟ ڇوڪرو ڳالھائڻ جو چالاڪ، آواز ڪڙڪ ۽ مِٺو پئي لڳو. منھنجي وات مان نڪري ويو 'تون ته منھنجو ڍولڻ آھين' اُن کانپوءِ جڏھن به مان اُن کي سڏ ڪندو ھئس ته ڍولڻ ڪري سڏيندو ھئس. ڍولڻ کي پنھنجي ڪار ھئي. ھو ڪار ڪاھي آيو اُن ۾ ويھاري گھمائڻ وٺي ھليو. ڊرائيور جي سيٽ تي پاڻ ڍولڻ ويٺل ھو. اڳيان ٻيءَ سيٽ تي مان ويٺس. پٺيان سيٽ تي احسن (سونو) مير سرفراز ۽ عباسي سراج ويٺا. پھريائين خيرپور ويزا جي ڪم سان وياسين. اُتان ڪم لاھي راڻيپور ٿيندا درازن جي سچل سائينءَ جي درگاھ تي پھتاسين. درگاھ ۾ سچل فقير جي مزار تي چادر چاڙھي دعا گھريسين. گادي نشيين جي ملڻ لاءِ سندس رھائش جي دروازي ٻاھران وياسين. اُتي پھريدار بيٺو ھو جنھن چيو ته سائين ھينئر آرام ۾ ھوندا. ڪنھن سان به ملڻ جو حڪم ناھي چار بجي کانپوءِ ملندا. اسان ملڻ کانسواءِ ھليا وياسين. گمبٽ، ٽنڊومستي ٿيندا ھالاڻي طرف وڃڻ لڳاسين. ھالاڻي درٻار ۾ پھتاسين. ھالاڻي درٻار جو پوڄاري راجڪمار اوٽڻمل بجاج اسانجو آدر ڪيو. ھالاڻي مندر ۾ مٿو ٽيڪي ارداس رکي ٻاھر آياسين. راجڪمار اسانکي ھيٺ بيٺڪ ۾ ويھاريو. حال احوال ڏيندي مون پڇيومانس ته ھِتي ھندو گھڻا گھر آھن؟ جواب ۾ چيائين ته اسان ٻه- ٽي ڄڻا رھندا آھيون. جي مھمان ٻاھر کان ايندا آھن ڏينھن ٻه رھي ھليا ويندا آھن. اسان کي به عرض ڪيائين ته اوھان به ٻه- ٽي ڏينھن ھتي رھو ته توھانجي مان شيوا ڪريان. مون اُن کي چيو ته مان ئي اڪيلو ھندو آھيان باقي ھي منھنجا دوست سوڀيديري جا آھن. راجڪمار ناشتو گھرايو جنھن ۾ ڦلڪا ۽ ڀينڊيون تريل ھيون. اسان سڀني شونق سان ڦلڪو ڦلڪو کاڌو ۽ ٿڌو پي اُنکان موڪلائڻ جو ڪيو. راجڪمار کي مون ڪجھ پئسا آڇيا پر ھن منع ڪئي ۽ چيائين اوھان اسانجا مھمان آھيو ٻه- ٽي ڏينھن رھو. مان ھن کي احمدآباد اچڻ جو زور ڀريو. ھن چيو منھنجي پري جي ھڪ ڀيڻ آھي مان ڪڏھن نه ڪڏھن ضرور انڊيا ايندس ۽ اوھان سان ملندس. اسان پوءِ درٻار جا ۽ راجڪمار جا فوٽو ڪڍيا. راجڪمار ڪار تائين موڪلائڻ آيو. درٻار جي لڳو لڳ مسجد به ھئي ڄڻ ھندو- مسلمان گڏ بندگي ڪندا آھن. اُتان نڪري ھالاڻيءَ جي ڀرسان ڍولڻ جو اسڪول ڏٺوسين. اسڪول کي وئڪيشن ھئي. بلڊنگ سٺي ۽ وڏي ٺھيل ھئي. اُن اسڪول کي سرڪاري مانتا مليل آھي. مئنيجمينٽ اسانجي ڍولڻ جي ھٿ ۾ آھي. ھو اُتان جو پرنسپال آھي. اُتان پوءِ وري اسين خيرپور وياسين. اُتي خيرپور ۾ منھنجو ھاءِ اسڪول جنھن ۾ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ھئي اُتي وياسين. اُن جي اڳيان بيھي فوٽو ڪڍيوسين. اُن اسڪول جو نالو ناز ھاءِ اسڪول ھو. اڃا به اُھو نالو اٿس. بلڊنگ ۾ ٿورو ڦيرگھير ٿيل ھو. ھي ھاءِ اسڪول منھنجو ڄڻ (Alma Mater) آھي. اُتان پوءِ لقمان ٿيندا محراب پور بيلاڻي، سيٺارجا مٿيان، گڏيجي ھنڱورجا ٿيندا اچي ھيٺيان سيٺارجا پھتاسين. تنھن کان پوءِ سوڀيديري ۾ آياسين.


    (4)

    مان سوڀوديرو 57 سالن کانپوءِ ڏٺو. جايون، بزار ۽ گھٽيون ساڳيون ھيون. ٿوري ٿوري تبديلي لڳي پئي. بزارن ۽ گھٽين جا رستا اڳ ۾ ڪچا ھوندا ھئا، مٽيءَ سان ڀريل ۽ گندا لڳندا ھئا، برسات پوندي ھئي ته سڀ رستا گَپ ۽ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا ھئا. ھن وقت رستا پڪا سيمينٽ جا ٺھيل ھئا. نيڪال لاءِ رستن جي پاسن ۾ ناليون ٺھيل ھيون جنھن ۾ گھرن جو گندو پاڻي وھي نيڪال ٿيندو آھي. گھرن ۾ ھر ھڪ کي پائيپ لائين يعني نلڪا ھئا. ڳوٺ ۾ ھڪ وڏي ٽانڪي ٺھيل ھئي جنھن مان پاڻي سپلائي ڪيو ويندو ھو. اڳ ۾ ڳوٺ ۾ کوھ ھوندا ھئا جتان گھرن جا مڙد پاڻي ڀري ايندا ھئا. ھاڻي کوھ سڀ بند ٿي ويا آھن ۽ پاڻي ھر ھڪ جي گھر ۾ گھڻو ٿي ويو آھي. سوڀيديري ۾ اڳ ۾ گھر ۾ ڏيئا ۽ فانوس ٻاريندا ھئا. رستن تي بلڪل اوندھ ھوندي ھئي. ھاڻي گھر گھر ۾ لائيٽ جو ڪنيڪشن آھي. رستن تي به لائيٽ جا ٿنڀا لڳايل آھن. ڳوٺ ۾ ميونسپل آفيس آھي جنھن ۾ ووٽن جي ذريعي ناظم ۽ سب ناظم چونڊيا ويا آھن. ھينئر ناظم جي پوسٽ تي منھنجي دوست عبدالرحمان جي بيگم آھي. اُن جو نالو نورجھان عباسي آھي. نائب ناظم نوجوان مسڪين علي سامٽيو آھي. ھي صاحب سنڌ جي اخبار جا عيوضي پڻ آھن.
    سوڀيديري ۾ ھڪ سرڪاري اسپتال جنھن جو ڊاڪٽر مير ذوالفقار آھن. اُن جي ھيٺان ٻيا به ڊاڪٽر آھن. ماڻھن کي مفت دوا ملندي آھي. اسان اسپتال ڏسڻ وياسين جتي ڊاڪٽر صاحب اسانجي گھڻي عزت ڪئي ۽ ٿڌو پياريائين. شھر جي وچ ۾ جو قبرستان آھي اُھو پھريان گھاٽي جھنگل ۽ گاھ سان ڀريو پيو ھوندو ھو. اندر وڃڻ تي ڀؤ ٿيندو ھو. ھينئر اُن قبرستان کي صفائي ڪري ٻاھران پڪي ڀِت ھڻائي ويئي آھي. وڏو سُک سوڀيديري ۾ گھر گھر گـئس ڪنيڪشن پائيپ رستي ڏني ويئي آھي. ڪيتري به گـئس پائيپن جي رستي ڪم آڻي سگھن ٿا. ڪاٺين ٻارڻ ۽ چُلھ دکائڻ کان ماڻھو آزاد ٿيا آھن. ڳوٺ ۾ پوليس اسٽيشن ھڪ ڪوٺيءَ ۾ ھوندي ھئي. ھينئر وڏي بلڊنگ ٺاھي ويئي آھي، جنھن ۾ ھڪ سب انسپيڪٽر ۽ پوليس وارا رھندا آھن. جيڪي ھندو جڳھون ڇڏي ويا ھئا ھينئر اُھي سڀ مسلمانن سان ڀريل آھن. آسي پاسي جي ڳوٺن ۽ ڪڙمين پنھنجون جھوپڙيون ڇڏي اچي اُنھن ۾ ويٺا آھن.
    ڪيترا ماڻھو مون سان ملڻ ايندا ھئا. ھڪ ڀيري اِھو سوال ٿيو ته ھِن ڳوٺ تي سوڀوديرو نالو ڪيئن پيو؟ سوڀو يعني ھندوءَ جو نالو آھي. ھندوءَ تان اِھو نالو ائين پيو. سڀڪو پيو پاڻ ڏي ڇڪي. جيڪو نائب ناظم آھي اُن چيو ته ھڪ سندن ذات جو سامٽيو ھو. اُن جو نالو سوڀو ھو. اَن خريد ڪندو ھو ۽ اھو ڪَٺو ڪري ھڪ دڙو بڻائيندو ھو. پوءِ ماڻھو اَن خريد ڪندا ھئا ته چوندا ھئا سوڀي جي دڙي تان اَن وٺي اچو. اِئين ڪندي ڪندي دڙي مان بدلجي ديرو ٿي ويو ۽ پوءِ چوندا ھئا ته سوڀي جي ديري سان اَن وٺي اچو. اِھو تڏھن سوڀوديرو نالو پئجي ويو. پر مير جو اُتي ويٺا ھئا اُن ٻڌايو ته ھنن جي ڏاڏي کي اِھا جاگير ملي ھئي ۽ پھريائين ھن ڳوٺ کي ٽنڊو ڪوٺيندا ھئا ۽ ھڪ ديوان سوڀي نالي جاگير کي سنڀالڻ لاءِ رکيو ويو. آھستي آھستي ڳوٺ وڏو ٿيندو ويو. ھندو ۽ مسلمان ڳوٺ ۾ وَسي ويا ۽ اُنھن سوڀي جي نالي تي سوڀوديرو ڪوٺڻ لڳا ۽ اڄ تائين اُنجو نالو سوڀوديرو آھي. پر ڪيئن به نالو پيو پر نالو منھنجو سوڀوديرو تمام سٺو آھي.


    (5)

    بزار مان لنگھندي منھنجو ڌيان پرڌن حلوائيءَ جي دڪان تي ويو. دڪان اُھوئي پر صفائي وغيره ڪانه ھئي. مونکي ھڪ پنھنجي ڳالھ ياد آئي جو مان توھان کي ٻُڌائڻ کانسواءِ رھي نٿو سگھان. دڪان بلڪل پراڻي حالت ۾ ھو پر اُن جو جڏھن مالڪ مائو ٺاھيندو ھو ته ڪوئي به کائڻ کانسواءِ اڳتي نه وڌندو ھو. ھڪ رات جي ڳالھ آھي ته اُنھن ڏينھن ۾ ڀڳـتين وجھائڻ جو ڳوٺن ۾ شونق ھوندو ھو. ڀڳت ٻاھر کان گھرائيندا ھئا. اُن رات سوڀيديري ۾ شمن ڀڳت کي گھرايو ويو. ڀڳت بزار جي پٺئين پاسي ميدان ۾ رکندا ھئا. شمن کي شمن گڏي چوندا ھئا. ھو ننڍو ڇوڪرو ھوندو ھو پر نچڻ ۽ ڳائڻ جو تمام ھوشيار ھوندو ھو. ھزارين ماڻھو اوري پري جا ھُنکي ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ايندا ھئا. ھندو- مسلمان سڀ ڪَٺا ٿي ڀڳت ڏسندا ھئا. شمن ڀڳت جي ڀڳت رات جو يارھين وڳي شروع ٿيندي ھئي صبوح جو ڇھين وڳي تائين ھلندي ھئي. ڀڳت شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ اسان سڀ ننڍا ڇوڪرا جڳھ والارڻ جي خيال کان تمام اڳ ۾ وڃي ويھندا ھئاسين. مان به پنھنجي پاڙي واري دوست سان گڏ نڪري وڃڻ لاءِ 9 وڳي تيار ٿيس. اسانجي ڳوٺن ۾ اسان ننڍا ڇوڪرا بوٽ ھوندي به پيرين اگھاڙي گھمندا ھئاسين. بوٽن جي گَسي وڃڻ جي ڀَو کان يا عادت کان پيرين اگھاڙي گھمندا ھئاسين. مان پيرين اگھاڙي ڀڳت لاءِ نڪري پيس. جڏھن پرڌن جي دڪان تي پھتس اُتي ڪو وِڇون رستي ۾ ويٺو ھو. منھنجو پير وڃي اُنجي مٿان پيو. مونکي ڏنگ لڳو مان توبھ توبھ ڪريي روئڻ لڳس. مونکي ھڪ ڀائي ڪَڇ ۾ کڻي منھنجي گھر ڇڏي ويو. سڄي رات سُور ۾ پيو رُنس. منھنجي ماءُ پاڻي گرم ڪري پير اُن ۾ وڌو. دوائون وغيره لڳايون پو منھنجو سُور جھڪو نه پيو ٿئي. ھُن پاسي شمن جي ڀڳت پئي پيئي. شمن پئي ڳايو، ھِن پاسي منھنجو روئڻ جو آواز پئي آيو. نيٺ لڳ ڀڳ صبوح ٿيڻ وارو ھو. منھنجو سُور ٿورو ٿورو جھڪو ٿيو. منھنجي وڏي ڀاءُ مونکي چيو ته ڀڳت ڏسندين؟ مونکي ڪلھي تي کڻي ڀڳت تي ھليو پر افسوس شمن جو به پڇاڙيءَ جو گانو ھو. مان صرف ٻه سِٽون ٻڌيون ۽ ڀڳت بند. جيئن تيئن شمن جو ديدار ڪيو پر نه جھڙو. پرڌن جي دڪان ڏي نھاري ٿورو مان مشڪيو. جيڪي مونسان گڏ ھئا اُنھن کي قصو ٻڌايم. اُنھن جواب ڏنو ته ڀڳتيون ھينئر سڀ بند آھن. اسان ننڍن کي اِھا خبر ئي ڪانه آھي ته ڀڳت ڇا ٿيندي آھي.
    شام جو گھمندي مونکي ياد آيو ته منھنجو وڏو ڀاءُ ڪنعيالعل جن وٽ ھڪ سندن دوست نالي آرب شيخ ايندو ھو. روز نوان ڪپڙا پائي منھنجي ڀاءُ وٽ اچي واڙي ۾ کَٽ تي ويھندو ھو. ٻئي دوست پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا ھئا. مان دوستن کان پڇيو ته آرب شيخ آھي يا نه؟ اُنھن ڳالھ ڪئي اھُو اڃا آھي ۽ چڱو خوش آھي. مون اُنھن کي اِڇا ڏيکاري ته آرب وٽ مونکي وٺي ھلو. ڪار ڦيرائي آرب جي گھر وٺي ھليا. اسان اُن جي گھر اڳيان ڪاري بيھاري ھڪ ماڻھوءَ کي موڪليو ته آرب کي وٺي اچ. مان ڪار ۾ ويٺو ھئس ته آرب کي چيو ويو ته مھمان ڪار ۾ ويٺو آھي ۽ اوھان کي سڏ ڪري رھيو آھي. مان ڪار جي ٻاھر مُنھن ڪري ويٺو ھئس ته آرب آيو. ھو منھنجي مُنھن ۾ نھارڻ لڳو، نھاري نھاري چوڻ لڳو ته مان اوھان کي سڃاڻي نٿو سگھان اوھان ڪير آھيو؟ مون چيو ته ڪنعيا لعل کي تون سڃاڻندو آھين؟ جيڪو ھندوستان ويو آھي. يڪدم چيائين ته تون حڪومت ته ناھين؟ حڪومت اسانجي ٻئي نمبر ڪنعيا لعل کان ننڍي جو نالو آھي. مون اُنکي چيو ته مان ٽيون نمبر ڪنعيا لعل جو ڀاءُ آھيان. تڏھن آرب شيخ رڙ ڪري چيو تون ھولو آھين. ننڍي ھوندي به ڏاڍو ڏِنگو ھوندو ھئين. مون سان ڏاڍي مسخري ڪندو ھئين. منھنجي پھراڻ تي پنا چنبڙائيندو ھئين يا پھراڻ ۾ اڳڙيون ٻڌي ڇڏيندو ھئين. مون اُن کي چيو اُھي ننڍي ھوندي جون ڳالھيون ھيون. ھينئر ٻئي اسين ٻُڍا ٿي ويا آھيون. چوڻ لڳو ته ھيٺ لھو ته ڀاڪر پايون. توھان جڏھن ھندوستان ھليا ويا ھئا ته مان ڏاڍو رنو ھئس. ھڪ ڀيري ته کوکرا پار جي چنگه تائين آيو ھئس. اُتان پڇا ڪئي پر اوھانجو پتو نه پيو. اوھانجو خط به ڪونه آيو. گھر ھلو ماني ٽِڪي کائي پوءِ وڃجو. مون کيس چيو ته مون سان گڏ گھڻا دوست آيا آھن ھاڻي اُنھن سان وڃان ٿو سڀاڻي ضرور ايندس. ٻئي ڏينھن صبوح جو آرب آيو. ساڻ مٺائي ۽ اجرڪ کڻي آيو. چيائين ھي سوکڙي انڊيا لاءِ اٿوَ. اھڙا اجرڪ انڊيا ۾ نه ملندا آھن. پوءِ جيترا ڏينھن مان سوڀيديري ۾ ھئس ھو روز ملڻ ايندو ھو ۽ پنھنجي گھر ھلڻ لاءِ زور ڀريندو ھو پر مون وٽ ھميشہ ماڻھو ملڻ لاءِ ويٺا ھوندا ھئا جنھنڪري اُن کي ٽاري ڇڏيندو ھئس. ھينئر مونکي افسوس ٿيو آھي جو مان ھنجي گھر نه وڃي سگھيس.
    سوڀيديري ۾ قادر بخش شيخ مونکان ٻه درجا مٿي پڙھندو ھو. پڙھڻ ۾ گھڻو ھوشيار ۽ لائق ڇوڪرو ھوندو ھو. ھينئر ھو استاد جي نوڪري ڪري رٽائرڊ ٿيا آھن. اُھي به اُتي ملڻ آيا. مونسان ڀاڪر پائي مليا ۽ انڊياجي خبر چار ورتي. پاڻ سان گڏ مٺائي ۽ اجرڪ سوکڙيءَ طور ڀيٽ ڏنائين.
    ڪيترا سوڀيديري جا ڇوڪرا چڱو پڙھيا آھن. وڏين وڏين نوڪرين ۾ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ويا آھن. غريب ڪٽنب مان ڪافي پڙھيا آھن. ھڪ مسڪين علي سامٽيو سوڀيديري جو نائب ناظم آھي. سوڀيديري جي يونين ڪائونسل ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. ھن صاحب ايم . اي پاس ڪئي آھي ۽ سوشل ورڪر جو ڪم ڪندو آھي. اُن کانسواءِ اُتان جي نيوز پيپر روزاني شا۾ ۽ ڪي. ٽي. اين جو رپورٽر به آھي. ننڍي عمر ۾ لوڪ پريه ۽ جنتا جي شيوا ڪرڻ ۾ چاہ رکندڙ آھي. سڀني مذھبن لاءِ ھمدردي رکندڙ آھي. مون سان اِنڊيا جي باري ۾ گھڻا سوال ڪيا. اُنکي کي خاص جنتا جي ڀلي جو گھڻو خيال ھو. مونکان پڇيائين ھندوستان ۾ به غريبي گھڻي آھي ڇا؟ پاڪستان ۾ ته گھڻي غريبي ۽ بي روزگاري آھي. ٻيا به گھڻا سوال ڄاڻڻ لاءِ پڇيائين جن جا جواب مون ھنکي لياقت آھر ڏنا.
    شام جو لان ۾ ڪرسيون وجھي ناظم صاحبان ۽ ٻيا سوڀيديري جا ماڻھو ويٺا ھئاسين. اُتي ھڪ ڇوڪرو آيو مونکي ڀاڪر پائي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺو. ناظم صاحبان چيو ته ھي بخش علي ميراسيءَ جو پٽ آھي ۽ سٺو ڇوڪرو آھي. مون ھڪدم چيو ته بخش علي ميراسي جيڪو در محمد جو پٽ آھي اُھو ته مونسان گڏ پڙھندو ھو. مونکي جواب مليو ته اُھي ٻئي ھن دنيا ۾ ڪونھن. مونکي افسوس ٿيو مون چيو افسوس! مان صرف اوھانکي ٻڌايان ٿو ته در محمد تمام سٺو راڳ ڳائيندڙ ھو. ھو سرڪاري نوڪري به ڪندو ھو. ھڪ ڏينھن جي ڳالھ، اسان ننڍا ھئاسين اُن ڏينھن تي رات جو بزار ۾ ڀڳتِ رکي ويئي ھئي. بزار جي ڪنڊ تي ڀڳت جو پروگرام رکيو ويو ھو. اسان ھندو- مسلمان ڇوڪرا وڃي ھيٺ ويھي رھياسين. ماڻھو ڪَٺا ٿيندا ويا. ويٺل ماڻھن جي پٺيان ڪيتريون کَٽون رکي ويٺا ھئا. ڪي ماڻھو پري بيٺا ھئا. ڀڳت شروع ٿي. ڀڳت ٻه ٽي راڳ ڳايا وچ ۾ بيھي رھيو ۽ رڙ ڪري پڇڻ لڳو ته اوھان سڀ ڀڳت ڏسڻ آيا آھيو. مان ھڪڙيون ٻه سِٽون راڳ جون ڳايان ٿو توھان مان ڪير ٻڌائي ته ڪھڙي راڳڻيءَ جو راڳ آھي؟ مان اجايو مٿو ته نٿو ھڻان. ھن پوءِ ٻه- چار توڪون ڳايون ۽ زور سان پڇيائين ته ڪھڙو راڳ آھي. اُتي ويٺل ماڻھن مان ھنجو ڏاڏو در محمد اُٿي رڙ ڪري ڪري چيو ته تون سارنگ راڳڻيءَ جو راڳ ڳائي رھيو آھين. ڀڳت ھڪدم خوشيءَ ۾ چيو ته برابر آھي. مونکي ھينئر لڳو ته منھنجي ڀڳت ۾ راڳ جا ڄاڻون به ويٺا آھن. مان ھينئر خوشيءَ سان ڀڳت وجھندس. سڀ ڳوٺ جا ماڻھو تنھنجي ڏاڏي جي واھ- واھ ڪرڻ لڳا. سڀ ڇوڪرا تاڙيون وڃائڻ لڳا. اُن کان پوءِ تنھنجو ڏاڏو جتان به لنگھندو ھو ته ماڻھو کيس گھڻي عزت ڏيندا ھئا. ناظم صاحبان چيو ھي ڇوڪرو به سٺو گائڪ آھي ۽ ڇوڪري کي چيائين ھڪڙو راڳ اسانکي به ٻڌائي. ھن ڇوڪري ھڪڙو راڳ ڳايو جو تمام سٺو ھو. منھنجي دل ۾ احساس ٿيو ته ننڍا به وڏن تي وڃن ٿا.


    (6)

    اسانجي ھندن مان سوڀيديري ۾ ھڪ گھر ۽ ٻه ٽي ڄڻا اڪيلا رھجي ويا ھئا. اُھي پڇاڙيءَ تائين ھندوستان نه آيا. منھنجي پڇڻ تي ھڪ گھر مينگھي مل جو سوڀيديري ۾ رھجي ويو ھو. پاڻ ته جلدي گذاري ويو باقي ھن جي گھر واري ۽ ٻه ڇوڪرا ڇڏي ويو. سندس گھر واري ڀوڳڙيءَ جو ڪم ڪندي ھئي. ڀُڳڙا ڀڃي روزگار ڪندي ھئي. ٻه پٽ ننڍا ھئس ۽ ھڪ ڌيءُ. ڌيءُ جي شادي ناري ڳوٺ ڏانھن ڪئي ھئي ۽ ٻه پٽ ھتي اٿس. مون تپاس ڪئي. ٻئي پٽ ٻاھر ويا ھئا ۽ پاڻ مائي به ڌيءُ ڏي ويل ھئي. ٻيو اڪيلو ھندو جوڌومل رھندو ھو. جوڌو بلڪل مستانو ھوندو ھو. ھٿ ۾ ھڪ لوٽو ھوندو ھئس. جيڪو به ھن کي کائڻ لاءِ ڏيندو ھو ته اُن لوٽي ۾ وجھندا ھئس. ڪنھن وقت کائيندو ھو اِھا خبر ڪنھن کي ڪانه ھئي. گھڻو ڪري لوٽي ۾ ڪڻڪ جي روٽي پڪل يا فروٽ ڏيندا ھئس. ٻي شيءِ پنھنجي لوٽي ۾ وجھڻ نه ڏيندو ھو. اگر ڪوئي وجھندو ھئس ته ڪڍي ڦِٽو ڪندو ھو. گھمندو ھو ته پاسيرو ھلندو ھو سِڌو اصل نه ھلندو ھو. ماڻھو پڇندا ھئس ته جوڌا تون پاسيرو ڇو ٿو ھلين؟ جواب نه ڏيندو ھو. ڪڏھن ڏيندو ھو ته چوندو ھو ته سامھون مان اُن سان ٽڪرائجي پوندس. ڪنھن سان، پر اُن جواب نه ڏيندو ھو. ٻه ٽي سال ٿيا آھن ته ھو گذاري ويو. سوڀيديري جا ٻه ٽي جوان گمبٽ ۾ وڃي ھندن کي ٻُڌايو. اُتان جا ھندو آيا ۽ جوڌي جو ڪرياڪرم گمبٽ ۾ ھندن ڪيو ھو. ٻيو ھندو لھرومل نالي رھندو ھو. سندس کوھ ۽ زمين ھوندي ھئي. ھو کيتي ڪري ڪمائيندو ھو. ھن جا دوست ڪڙمي گھڻا ھوندا ھئا. اُنکي به ٿورا سال ٿيا گذاري ويو آھي ۽ گمبٽ جا ھندو گمبٽ کڻي ويا. اُتي اگني سنسڪار ڪيو. باقي مينگھومل پاڻ مري ويو آھي. ٻه پٽ، ھڪ ڌيءُ ۽ زال ھتي آھن. جڏھن مان ھالاڻي ويس ته اُتي مينگھي جو پٽ منشو گڏيو. ھالاڻي جي راجڪمار ٻڌايو ته ھي منشو آھي. حال احوال وٺڻ جو ويچار ڪيم ۽ ٿورو منھنجو خيال ٻئي طرف ويو، ڏٺم ته منشو ھليو ويو. پڇا ڪيم پر منشي جي خبر نه پيئي. مان دل ۾ سوچيو شايد منشي کي چڙ لڳي آھي ته اسان ھنن جو ڪوبه خيال نه ڪيوھو. جڏھن اسان ھندوستان ھليا وياسين سوڀيديري وارن ڪنھن به ھندوءَ ھيترن سالن ۾ اسان کان ڪونه پڇيو آھي. ھاڻي مان ڇا جواب ڏيان؟ اِھو ويچار ڪري ھليو ويو ھجي.
    شام جي وقت ھڪ عباسي ڇوڪرو مون وٽ اچي ويٺو. مونکي چيائين: ”دادو منھنجي ڏاڏي جا ھينئر اٽڪل 75 سالن جي آھي ۽ اوھانکي ۽ اوھانجي ماءُ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندي آھي. ھُنجي دل آھي اوھان سان ملڻ جي ۽ خبر چار وٺڻ جي پر جيئن ته اسان ۾ پردي جو رواج آھي ته عورتون ٻاھر نڪري نه سگھنديون آھن ۽ ڏاڏيءَ مونکي ڳالھ ڪئي ته جڏھن ھندو ھندوستان وڃڻ لاءِ تيار ٿيا تڏھن ھنجي عمر اٽڪل 10- 12 سال ھئي ۽ منھنجي نانيءَ سان گڏ برقعو پائي اوھانجي ماءُ سان ملڻ آئي ھئي. توھانجي ماءُ سان موڪلائي دعا گھري ھئي ته اوھان جلد موٽي ايندا پر سالن جا سال گذري ويا توھان ڪونه آيا. ھينئر توھان آيا آھيو ته منھنجي ڏاڏيءَ کي گھڻي خوشي ٿي آھي ۽ مونکي چوي ٿي ته گھر وٺي اچوس.“ مان اُن ڇوڪري جي ڏاڏيءَ جو پيار ڏسي منھنجي دِل ڀرجي آئي. مون چيومانس ته پوءِ ھلنداسين پر پوءِ وڃي ڪونه سگھيس. ھينئر ياد ڪري دُک ٿئي ٿو.
    منھنجي دوست لال بخش جي گھر ويس. اُتي اُنجي گھر واريءَ سان ڳالھ ٻولھ ٿي. اُن چيو ته جڏھن اُھا اٽڪل 8- 10 سالن جي ھئي ته پاڙي مان ھندو لڏي رھيا ھئا. اسانکي ڏاڍو دُک ٿئي پيو ۽ خدا کان دعا پيا گھرون ته جلد واپس اچن پر ڪونه آيا سندن جايون خالي ڏسي دُک ٿيندو ھو.
    سومرن مونکي نِينڍ ڏني ته سندن اوطاق ۾ چانھ پيئڻ ھلو. شام جو ٻه- ٽي جوانن سومرا پاڙي جي مُنھن ۾ ويھاريو. اُتي مان ڪِن سومرن جي پڇا ڪئي. ھڪ سومرو جنھنجو نالو حسن (استاد حسين بخش- استاد لونگ) ھو ۽ ننڍپڻ جو دوست ھو ان لاءِ پڇيو. جواب مليو ته ھو گذاري ويو. اُنجو پٽ مون سان ڀاڪر پائي اچي مليو. حسين بخش ۽ مان ملھ وڙھڻ ۾ ٻئي ھوشيار ھوندا ھئاسين. ملھ جي چٽاڀيٽي رکندا ھئاسين. حسين بخش، مسلمانن جا ٻه ڇوڪرا ھڪ پاسي ۽ اسان ھندن، مان، ساڌو ۽ ويرو ھوندا ھئاسين. پھريائين ساڌو سامھون واري ڇوڪري سان ملھ وڙھندو جيڪو ھارائيندو ھو سو ويھي رھندو ھو ۽ کَٽندڙ سان ٻيو نمبر سامھون وارو ملھ وڙھندو ھو. گھڻو ڪري منھنجي ۽ حسين بخش جي چٽاڀيٽي ھوندي ھئي. ھو به ھوشيار ھو ۽ بدن جو ڀريل ھوندو ھو. ھيٺ ڪرندو ئي نه ھو. مان اٽڪل ڪري اُنکي ڍر ڏيندو ھوس، جڏھن ھو ٿورو بي خبر ٿيندو ھو ته مان پير سان سندس پِنيءَ تي گھڻي زور سان ڌڪ ھڻندو ھئس ته ھو گوڏي ڀر ويھي رھندو ھو. مان يڪدم سندس مٿان چڙھي ويندو ھئس. مونکي ياد آھي ڪڏھن ھو به مونکي ڪيرائي وجھندو ھو. پر افسوس آھي ھو ھينئر موجود نه آھي شل خدا ھنکي بھشت ۾ رکي اِھا اسانجي دعا آھي.
    حسين بخش جي پُٽ کي مون به ڀاڪر پاتو ۽ دلجاءِ ڏني. پوءِ ھتان اُتان جون ڳالھيون ڪري چانھن پي موٽي آياسين.
    ميرن سان وري ھڪ ملاقات ٿي. ڳالھين ڪندي مون ميرن کان پڇيو ته توھان اڳ ۾ نڪرندا ھئا سٺا ڪپڙا پائي، پٺيان نوڪر کڻندا ھئا. اڪيلا ڪڏھن به نه نڪرندا ھئا. ھاڻي اوھين اِئين ڪونه ٿا ڪريو؟ توھان جا ڇوڪرا گھمن ڦرن ٿا سڀني سان ملن ٿا. مير احمد نبيءَ جواب ڏنو ته اڳ ۾ اسان مير ٽالپر ھئاسين ۽ رياست جا حاڪم ھئاسين. ھاڻ پنھنجو اسٽيٽس رکڻ لاءِ اِھي ڳالھيون ضرور ڪرڻيون پونديون ھيون. مون چيومانس اڳي توھان شڪار ڪندا ھئا، ڪڪڙ ويڙھائيندا ھئا، باز ھٿن تي کڻي گھمندا ھئا ۽ ٻيا ننڍا وڏا شونق گھڻا ڪندا ھئا پر ھينئر اُھي شونق ڪونه آھن. مير صاحب جواب ڏنو ته اڳي گھاٽا جھنگل ھوندا ھئا ۽ جھنگلي جانور ھوندا ھئا ۽ شڪار ڪرڻ جو حاڪمن جو رواج ھوندو ھو پر ھينئر ريتي رواج ٻيو آھي ۽ سماج ۾ رھڻو پوي ٿو. عام پبلڪ ھينئر زور ۾ آھي ۽ اُنھن جي راءِ رکڻي پوي ٿي. ٻيو ته ھينئر اسانجي سمجھ ۾ آيو ته جيو- جنتو کي مارڻ ھڪ پاپ آھي. جيئن ھڪ چوڻي آھي ”مروان موت ملوڪان شڪار“ ۽ ٻيو پبلڪ ويڇو رکڻ ڪري اسان اُنھن کان پري ٿي وينداسين. اڄڪلھ ووٽنگ جو زمانو آھي. اسانجا ننڍا پڙھڻ ۾ ھينئر شونق رکن ٿا. اڳي پوءِ راڄنيتي جي سيٽن لاءِ اميدوار بيھڻ جي آشا رکن ٿا.
    جڏھن مان پاڪستان وڃڻ جي تياري ڪئي ته ڪيترن ماڻھن مونکي چيو ته پاڪستان وڃڻ ٺيڪ ناھي. اُتي گھڻا ڊپ آھن. ٻيو ته توھانجا ڪي به مائٽ ڪونه آھن ۽ ٻي جاتيءَ جي ماڻھن وٽ وڃو ٿا جنجو رستو صرف دوستي آھي. خون جو رشتو ضروري آھي. پاڪستان ۾ ڪنھن وقت اھڙي حالت ٿيندي آھي جو مائٽ کانسواءِ ڪوئي مدد نه ڪندو آھي. خون جو رشتو بلڪل ضروري آھي. اُتي مونکي ھڪ پنھنجي ڪٽنب جو مثال ياد آيو ۽ مون ڏيکارڻ چاھيو ته دوستي ۽ پيار جو رشتو خون جي رشتي کان وڌيڪ ٿيندو آھي. بابا منھنجو ھڪ ڏينھن لاڙڪاڻي ويا ھئا. اُتي ھڪ رات مندر ۾ رھيا. رات جو مندر ۾ سمھڻ وقت بابا ھڪ ڇوڪري کي سڏ ڪيو جنھنجو نالو گوپالو ھو. ڇوڪرو مندر ۾ ڪم ڪار ڪندو ھو روٽي به اُتي ئي کائيندو ھو. ڇوڪري جي عمر اٽڪل 10- 12 سالن جي ھئي. بابا اُن کي چيو ته ٽَنگن کي زور ڏي ته مان توکي خرچي ڏيندس. ڇوڪرو بابا کي زور ڏيئي رھيو ھو ۽ پڇندي جواب ۾ چيائين ته منھنجو ماءُ پيءُ ٻئي ڪونھن، منھنجو ڏاڏو آھي اُھو به ڏاڍو ٻُڍو آھي. مان مندر ۾ ئي رھندو آھيان. بابا اُن کي پاڻ سان ھلڻ لاءِ چيو. اتي توکي روٽي ڪپڙا سڀ ملندا. صرف گھر جو ڪم توکي ڪرڻو پوندو. ڇوڪرو خوش ٿي ھلڻ لاءِ تيار ٿيو. لاڙڪاڻي مان صبوح جو سويل گاڏي نڪرندي ھئي. بابا جن پنجين بجي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. مندر جي پوڄاريءَ کي چيائين: ڇوڪرو اُٿي ته اُن کي چئج ته ھلڻ جو ضرور نه آھي. بابا جن اسٽيشن تي پھتا، ٽڪيٽ وٺي گاڏيءَ جي دٻي ۾ ويٺا. ايتري ۾ اُھو ڇوڪرو به اچي پھتو. بابا کي چيائين ته، ”واھ سائين واھ! مونکي ڇڏي اوھان اڪيلا ھليا آيا. مان توھانکي نه ڇڏيندس.“ بابا ڇوڪري کي پاڻ سان گڏ ويھاري سکر پھتا. گيٽ کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ بابا جن پنھنجي ٽڪيٽ ڏني، ڇوڪرو پٺيان ٻئي پاسي کان نڪري اچي بابا سان گڏيو. سکر ۾ سوڀيديري جو ٽوپڻداس رھندو ھو. اُتي رات رھيا. ٻئي ڏينھن وري سويل گاڏي ھئي. بابا جن کي خيال آيو ته پرائو ڇوڪرو ساڻ وٺي ٿو وڃان. اُھو ٺيڪ ناھي. ٽوپڻداس کي چيائين، ”گوپالو اُٿي ته اُن کي لاڙڪاڻي جو ڀاڙو ۽ خرچ لاءِ پئسا ڏيئي لاڙڪاڻي موٽي وڃڻ لاءِ چئجو.“ بابا جن اسٽيشن تي آيا ته ڇوڪرو اڳ ۾ ئي پليٽفارم تي بيٺو ھو. بابا دل ۾ خيال ڪيو ته مونکي ڇوڪرو ڪونه ڇڏيندو. اُن کي وٺي سوڀيديري ۾ آيا ۽ ھو گھر جو ڀاتي ٿي ويو. امان ۽ بابا کي پنھنجو ماءُ پيءَ سمجھي گھر ۾ رھڻ لڳو. منھنجا وڏا ٻه ڀائر اُن وقت ننڍڙا ھئا ۽ اُنھن جو وڏو ڀاءُ ٿي سنڀالڻ لڳو. اُن کان پوءِ اسان ٻِن ڀائر ۽ ڀيڻ جو جنم ٿيو. ھن اسانکي ڪَڇ تي کڻي گھمائي وڏو ڪيو. اسانجو ڄڻ سڳو ڀاءُ ھو. جڏھن گوپالو جوان ٿيو ۽ ڌنڌي لائق ٿيو تڏھن بابا اُنکي ھڪ ٽانگو ۽ گھوڙو وٺي ڏنو جو اُن جو شونق گھوڙن سان ڏاڍو ھوندو ھو. آھستي آھستي ٻه نوڪر ھڪ در محمد ۽ گُلو رکيائين. ٽي ٽانگا ۽ چار گھوڙا پاڻ وٽ ھوندا ھئس. سوڀيديري کان راڻيپور ريلوي اسٽيشن تي ماڻھو کڻي ويندا ھئا. بابا ميرن کان ھڪ زمين ورتي اُھا زمين زوار عيسيٰ جي مسجد کان شروع ٿيندي ھئي ۽ ھُن پاسي ميرن جي نوڪرن جي ڪوٺيءَ تائين ھوندي ھئي. ميرن جو شرط ھو ته اُن زمين کي پڪي ڀِت ۽ اندر پڪي ڪوٺي نه ٺاھرائيندا. اُن کي چوڌاري ڪَنڊن جو لوڙھو ڏنل ھو ۽ وچ ۾ ڪچو دروازو رکيل ھو. مير اسان کان ڪجھ به ڀاڙو يا عيوضو نه وٺندا ھئا. جڏھن اسان ھندوستان تيار ٿياسين تڏھن اُھي سڀ گھوڙا، مينھون ۽ گايون اُتي جي ماڻھڻ ۽ نوڪرن کي ڏئي آياسين. جن به جيترا پئسا ڏنا اُھي ورتاسين. ھينئر مون ڏٺو اُھا زمين ائين ئي خالي پيئي ھئي. مان اِئين چوڻ چاھيان ٿو ته اسانجي ڀاءُ گوپالو جيئن ته سَڳو ڀاءُ نه ھو تنھن ھوندي به ھُن اسان سان رشتو نباھيو. دوستي ۽ پيار جو رشتو به رت جي رشتي جھڙو پڪو ٿيندو آھي. ھڪ ٻئي تان جان قربان ڪندا آھن. منھنجو سوڀيديري جي دوستن سان اھڙو رشتو آھي جو خون جي رشتي کان به وڌيڪ آھي. مان اڪيلو سڀني ٻي جاتيءَ وارن جي وچ ۾ رھيس.
    ھندوستان ۾ واپس پھچڻ سان اچي ٿيلھو کوليم جنھن ۾ ٻه ٽي ڪتاب سونو (احسن) وڌا ھئا. ھڪ ڪتاب ڏٺم جنھن ۾ شعر لکيل ھئا. مھاڳ ۾ لکندڙ (لالڻ چنو) ھو. مون لالڻ کي آخرين پارٽيءَ ۾ ڏٺو ھو. مونکي گھڻو ارمان ٿيو ته شاعر ٿي ايترو شرميلو جو مون سان ڪڏھن ھڪ ڀيرو به ڳالھائڻ ڪونه آيو. شاعر کي ته ھر ھڪ سان ڳالھائڻ کپي ۽ اُن مان ھنکي ڪجھ لياقت وٺڻ کپي. ماڻھوءَ جو گُڻ، اوگڻ، لياقت، بيوقوفي، سُٺائي، خرابي، سونھن، بدزيبي، رنگ، ڍنگ، چال چلت، روشني، اوندھ، چاندني، چنڊ چڪور، ليلا مجنون، جنگ، ميدان، رڻپٽ، پربت، پھاڙ، ندي، سمنڊ، انسان، شيطان سڄي ڪائنات جو تصور ڪري شاعري لکڻي پوندي آھي. پر مونکي به پاڻ تي دُک ٿيو ته مان اھڙي شاعر سان ڇونه مليس. لالڻ سوڀيديري جو نالو ڪڍندو ته مونکي به اُن تي فخر ٿيندو. مان خدا کان دعا گھران ٿو ته لالڻ کي وڏو شاعر بڻائي. آمين.....
    جڏھن مان سوڀوديرو ڇڏڻ وارو ھوس ته اُن رات سوڀيديري جي رھواسين ھڪ ميوزڪ پارٽي رکي جنھن ۾ معزز ماڻھن کي نينڍ ڏني ويئي. اُنجي رھنمائي اُستاد رحيم بخش عباسيءَ ڪئي. ڪم ڪندڙ ڍولڻ (مٺل) سونو (احسن) سراج عباسي، محمد علي جماڻي، لالڻ چنو ۽ ٻيا ماڻھو مئڊم نورجھان عباسي، ھيڊ ماستر سوڀوديرو ھاءِ اسڪول اُستاد نصير احمد پٺاڻ ۽ گھڻا سرڪاري عملدار، سڀ انسپيڪٽر پوليس اُن محفل ۾ آيا ھئا. گانا بجانا شروع ٿيا. گھڻا گيت ڳايا ويا. وچ ۾ استاد رحيم بخش منھنجي ساراھ ۾ ھڪ ننڍي تقرير ڪئي. پوءِ مونکي ڪجھ لفظن چوڻ لاءِ چيو ويو. مان ٿوري ۾ اُنھن جا گھڻا گھڻا شڪرانا مڃيا. سندن مھمان نوازيءَ جو قدر ڪيو. مان اُنھن سان اقرار ڪيو ته اوھانجي محبت جو پيغام ھندوستان جي ماڻھن کي پھچائيندس. ٻنھي ملڪن ۾ صلح ۽ امن ھئڻ ضروري آھي. اِھا دعا خدا کان گھرندو رھندس. منھنجي ڳالھائڻ کان پوءِ مونکي گھڻن ماڻھن سوکڙيون ڏنيون ۽ منھنجي گھر جي مِٽي به شيشي ۾ بند ڪري ڏني. اجرڪ ۽ اُتان جي ٽوپي به پھرائي. گاني واري منھنجي ساراھ ۾ ۽ منھنجي ڪتاب ”منھنجو صوڀوديرو“ تي گانو ڳايو جو وڻندڙ ھو. پڇاڙيءَ ۾ سڀ اُٿي بيٺا جيئن اسان ھندوستان ۾ آيو لعل جھولي لعل چئي نچندا آھيون تيئن اُتي ھو جمالو، ھو جمالو جتن جو جمالو چئي نچڻ ۽ تاڙيون وڄائيندا رھيا. سڀ نچڻ لڳا. ڏٺم ته سب انسپيڪٽر ۽ پوليس وارا ڊريس سان به نچڻ لڳا. مونکي به پاڻ سان نچائڻ لڳا. اِھو سلسلو اٽڪل 15- 20 منٽ ھليو. تنھن کان پوءِ ڀاڪر پائي سڀ موڪلائڻ لڳا ۽ پارٽي ختم ڪئي ويئي.
    ٻئي ڏينھن صبوح جو سويل پھرئين علي جماڻي آيو ۽ اُن نوجوان مونسان 5- 10 منٽ ملاقات ڪئي. ھي غريب ڪٽنب مان ھو ۽ سٺي ڊگري ۽ ڪامپيوٽر جو ڪورس ڪيل آھي. مون ھن کان پڇيو نوڪري ڪھڙي ڪندو آھين؟ ھن جواب ۾ چيو ته اڃا اھڙي سٺي نوڪري ڪانه ملي آھي. پاڪستان گورنمينٽ ۾ ڪوشش ڪري رھيو آھيان. مان ھنکي خاطري ڏني ته خدا توکي سٺي نوڪري ڏياريندو جو تون ايماندار ۽ محنتي ڇوڪرو آھين. تنھن کان پوءِ گھڻا ماڻھو آيا ۽ مون کي چيائون ته موڪلاڻيءَ جا ٻه اکر اوھان چئو ته وڏي مھرباني. مون اُن وقت چيو ته اوھان جيڪو مانُ ڏنو آھي اُنجي گھڻي خوشي آھي. پر مان ھڪ دُک پاڻ سان گڏ کڻي ٿو وڃان. سڀ انتظاريءَ ۾ مون ڏانھن نھارڻ لڳا. مان ٻن منٽن کانپوءِ چيو، ”سوڀيديري“ ۾ سڀني ننڍن وڏن سان مليس پر منھنجا ٿورا ھم عمر ۽ مونکان وڏا جن سان مان رانديون ڪيون ۽ سنگت ۾ رھيس اُنھن مان ڪيترا ھن دنيا ۾ نه آھن. خدا جي رضا تي راضي رھڻو ٿو پوي. مان سڀني کي چيو اُٿي بيھو ۽ ٻه منٽ مون سان اُنھنجي ياد ۾ دعا گھرو ته شل کين الله تعاليٰ بھشت ۾ جاءِ بخشي.
    سڀ ماڻھو اُٿي بيٺا، ٻه منٽ بلڪل شانت ٿي ويئي تنھن کان پوءِ سڀ ڳالھائڻ لڳا.
    مان ھڪ پيغام سوڀيديري وارن لاءِ ڇڏي آيس ته سڀ جيئن ته، ناظم نورجھان، عبدالرحمان، رحيم بخش، مير عنايت علي، مير احمد نبي، مير محمد خان جا فرزند، مير ذوالفقار، مير احسن (سونو) علي جماڻي، آرب، ارباب (ڍولڻ) سراج عباسي، مير سرفراز خان، قادر بخش شيخ، لالڻ چنو، اُھي سڀ سوڀيديري جي درويش مھدي شاھ، دادلي پير جي دعا وٺي ۽ پير ڪامل شاھ جي رھنمائيءَ ھيٺ اڳتي وڌندا ته سوڀوديرو ھڪ آدرش ڳوٺ ٿي ويندو ۽ سنڌ ۾ چمڪي پوندو....


    (7)

    سوڀيديري ۾ اَٺ ڏينھن رھيس. نائين ڏينھن صبوح جو ڪار ۾ مان، ناظم صاحبان ۽ منھنجو دوست لعل بخش سامٽيو ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿياسين. رستي ۾ ٺاروشاھ ٻاھران ڏٺوسين. اُتان نواب شاھ طرف ڪار ھلڻ لڳي. نواب شاھ شھر کي به ٻاھران ڏٺوسين. پوءِ ڪار حيدرآباد طرف ھلي. ڀِٽ جي ٻاھران ٿيندا حيدرآباد جي نزديڪ ڦليلي ندي پار ڪري حيدرآباد ٻاھران ڏسندا، گدوبندر ٿيندا سنڌونديءَ جي پُل پار ڪري ڪوٽڙيءَ جي ٻاھران ٿيندا اڳتي وڌياسين ۽ ڪراچيءَ اچي پھتاسين. منھنجو دوست عبدالرحمان جنھن ھارٽ جي سرجري ڪرائي ھئي اُن سان ڀاڪر پائي مليس. سندس پٽ مونکان پڇيو ته ” اوھان ابوءَ کي سڃاڻي سگھو ٿا؟ ننڍپڻ ۾ به اھڙا شڪل ۾ ھوندا ھئا.“ مان جواب ڏنو ته ”ٿورو ڦير آھي، پر به مان ھڪدم سڃاڻي ويس.“ اسان پاڻ ۾ گھڻن سالن کان لکپڙھ ڪندا آيا آھيون ۽ ھڪ ٻئي کي فوٽو به موڪليا ھئاسين. اُتي مان ھڪ ڳالھ ٻڌائي. مون ريڊر ڊائجسٽ ۾ پڙھي ھئي. ٻه دوست آمريڪا ۾ ھڪ نارٿ آمريڪا جي Avondale Elementary School ۾ 1942ع ۾ ٽئين درجي ۾ پڙھندا ھئا. ھڪ آفريڪن جنھن جو نالو Laher ۽ ٻيو آمريڪن جنھن جو نالو Heilburn Herb ھو. ننڍي ھوندي اسڪول ۾ گروپ فوٽو نڪتل ھو. جدا ٿي وڃڻ کانپوءِ ھڪ ملٽريءَ ۾ ته ٻيو پنھنجي ڪاروبار ۾ لڳي ويا. 2003ع ۾ ھڪ ڏينھن اتفاق سان ھوٽل ۾ گڏيا. ھڪ ٽيبل تي ويٺا ھئا ھڪ ٻئي سان ڳالھيون ڪندي ھڪ پنھنجي اسڪول جو نالو کنيو جنھن تي ٻئي ھڪدم چيو ته مان به اُن اسڪول ۾ پڙھيو آھيان. پوءِ Heilburn Herb ھنکي گھر وٺي ويو ۽ فوٽو ڪڍي ٻنھي ڏٺو. ھڪٻئي کي پڪو سڃاڻي ويا ته اسان ٻئي انھيءَ اسڪول جا ڪلاس ميٽ آھيون. پوءِ ھر ھر ڳلي لڳڻ لڳا. 61 سالن کانپوءِ پاڻ ۾ مليا ھئا. مون عبدالرحمان کي چيو ته اسين 57 سالن کان پوءِ مليا آھيون. پوءِ ھيڏانھن اوڏانھن جون ڳالھيون پاڻ ۾ ڪيوسين ۽ اسڪول جون پڻ ڳالھيون ڪيوسين.
    عبدالرحمان جو پُٽ زاھد حسين مونکي ۽ سندس ڪٽنب کي ڪلفٽن تي وٺي ھليا. ڪلفٽن سمنڊ جو وڏو ڪنارو آھي، اُن کي بيچ به چئبو آھي. اسانجي ممبئيءَ ۾ جيئن جوھو بيچ آھي تيئن ڪراچيءَ جو ڪلفٽن آھي. سڄو ڪنارو ماڻھن سان ڀريو پيو ھو ۽ سمنڊ جون ڇوليون شور مچائي اچن وڃن پيئون. ھزارين ماڻھو اُن ۾ سنان ڪري رھيا ھئا. ممبئيءَ ۽ ڪراچيءَ جي بيچ ۾ صرف اھو فرق ھو جو ممبئيءَ ۾ بدني نمائش گھڻي آھي پر ڪراچيءَ ۾ اھا ڳالھ نه آھي. بيچ تي ٻارن لاءِ اُٺ، گھوڙا ۽ ٽانگا چڙھي گھمڻ لاءِ ھئا. بيچ جي ڪناري تي بائونڊريءَ جي ڀِت ڏنل ھئي. ماڻھو اُن ڀِت تي ويھي نظارو ڏسندا ھئا. ٿورو ھيٺ ماڻھن جي ويھڻ لاءِ بينچون به رکيل ھيون. اسان به اُتي ويھي سمنڊ جي ڇولين جو نظارو ڏٺوسين.
    ٻئي ڏينھن ڪراچيءَ جي جھونن يادگارن جو ديدار ڪرڻ وياسين. مان ڪراچيءَ ۾ ڏيڍ سال ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙھيو ھئس اُنڪري ٿوري ڪراچيءَ جي واقفيت ھئي. منھنجو مھمان نواز مسٽر عباسي پھرئين مونکي جناح جي مقبري تي وٺي ھليا. اُنکي 'نمائش' چوندا آھن. صدر بازار ٿيندا بندر روڊ تان سوامي نارائڻ مندر ۾ آياسين. مندر ۾ پوليس جو بندوبست ھو. اسان ڪار مان لھي مندر ۾ وياسين. مندر ۾ ھٿ جوڙي پرارٿنا ڪئي. اُتي ھڪ ڇوڪرو گُل ٿالھيءَ ۾ وجھي پوڄا جي تياري ڪري رھيو ھو. ڇوڪري کان پڇڻ تي جواب ڏنائين ته، ”پوڄاريءَ جو ڇوڪرو آھيان. منھنجو پيءُ مٿي سمھيو پيو آھي. منھنجي پيءُ جو نالو مائوجي آھي ۽ اسين ٿر جا رھواسي آھيون. پندرنھن سالن کان وٺي ھن مندر جي شيوا ڪندا آھيون.“ پڇڻ تي ھن وڌيڪ چيو ته پنجاھ سٺ گھر ھندن جا آھن ۽ اُھي پوڄا ڪرڻ ايندا آھن. ٿوريون ھندو مايون به اينديون آھن. ڪابه تڪليف ڪانه آھي. پوليس به ايندي آھي. ٻاھر نڪتاسين. پڌر ۾ ھڪ ھندو نالي برج لعل مليو. ھو به مٿو ٽيڪي نڪتو پئي. پڇڻ تي ھُن جواب ڏنو، ”پاڻ چڱو ته جڳ چڱو“ اسين سڀني سان چڱيءَ طرح ھلندا آھيون ته اُھي ٻي جاتيءَ وارا به اسان سان چڱيءَ طرح ھلندا آھن. برج لعل کي ھڪ دڪان آھي. سندس گراھڪ سڀني ذاتن جا ايندا آھن. روڪڙ اوڌر ٻئي آھن. اُڌر ڪير به نه کائيندو آھي. ڪراچيءَ کان ٻاھر اسانجا ٻيا مائٽ به رھندا آھن. مندر مان نڪري اسان جھونو ميونسپل ڪوٺو ڏسندا ڊينس ھال ۽ بولٽن مارڪيٽ ٿيندا نيٽي جيٽيءَ تي آياسين. نيٽي جيٽيءَ جو نالو ساڳيو ئي آھي. اُن جي مٿان اوور برج ٺھي ويئي آھي ۽ سڀني پاسن کان روڊ ٺھي ويا آھن. اُتان موٽندي بنس روڊ، گاڏي کاتو، رام باغ ڏسندا واپس ڪلفٽن روڊ تان گھر آياسين.
    رات جو اسلام آباد مان عبدالنبي عباسيءَ جو فون آيو ته ھڪ ڏينھن ھولارام کي ترسايو، ھو به اچي ٿو. ٻئي ڏينھن مسٽر عباسي ڪراچيءَ آيو. مسٽر عباسيءَ جي اوھان کي ٿوري واقفيت مان ڏيان ٿو. ھو به مونسان گڏ پڙھندو ھو ۽ ھينئر پاڪستان جي سرڪار ۾ اسٽيٽ منسٽر آھن. پر منھنجي ننڍپڻ جي دوستي ھُن کي اڃا ياد آھي. سنڌ ۾ ته ھڪٻئي جي تمام ويجھا ھئاسين. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڪڏھن ڪڏھن خط لکندا ھئاسين. ھُن به مونکي پاڪستان اچڻ لاءِ گھڻو لکيو ھو. اسلام آباد مان ڪراچيءَ آيا. صبوح جو مان کيس ملڻ لاءِ سندس گھر ويس. گھر ۾ ڀاڪر پائي ھڪٻئي سان گڏياسين. ڳالھين ڪندي ڪندي مونکي ھُن ھڪ ننڍپڻ جي ڳالھ ياد ڏياري جا مونکي ياد نه ھئي. اُھا ڳالھ ھينئر ھِتي لکان ٿو.
    جڏھن اسان پھرين درجي انگريزيءَ ۾ آياسين ته اسان پاڻ ۾ ورڊ ميڪنگ راند ڪندا ھئاسين. ھڪ ڏينھن مان ۽ عبدالنبي راند ويٺي ڪئي. چار پنج ڇوڪرا ٻيا به شامل ھئا. ننڍي دٻي ۾ اي. بي. سيءَ جا ھزار اکر ھئا. پاٺي جي چٽڪي کڻندا ھئاسين، اُن تي اي. بي. سيءَ جو اکر لکيل ھوندو ھو. اکر ملائيندي ورڊ ٺاھيندا ھئاسين. اُن ڏينھن مون اَٺ لفظ ٺاھيا ھئا ۽ عبدالنبيءَ به اَٺ ورڊ ٺاھيا ھئا. ورڊن ٺاھڻ ۾ منھنجو ۽ عبدالنبيءَ جو ٽَڪر لڳندو ھو. ٻيا ڇوڪرا ايترا ورڊ ٺاھي نه سگھندا ھئا. منھنجو ھڪ ورڊ DEN ٺھيل ھو. عبدالنبيءَ ئي لفظ کڻي منھنجو ورڊ کسي اُنکي NEED ٺاھيو. منھنجا ست ورڊ ٿيا ۽ عبدالنبيءَ جا نَو ورڊ ٿيا. عبدالنبي ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو پر انھيءَ وچ ۾ مون ٻه ورڊ ٻيا ٺاھي ورتا. ھينئر ٻنھي وٽ نَو- نَو ورڊ ھئا. راند جو نيم ھو ته جيڪو ڏھ ورڊ ٺاھيندو اُھو راند کٽيل سمجھيو ويندو. ايتري ۾ مان ٻه لفظ ھڪ ھيٺان ۽ ھڪ دٻي مان آيو ايل. ئي. عبدالنبيءَ جو NEED ورڊ کڻي اُنکي NEEDLE ٺاھيو. اھڙيءَ طرح مون اُھا راند عبدالنبيءَ کان کٽي ھئي.
    اِھا ڳالھ عبدالنبيءَ پنھنجي يادگيريءَ مان ڪئي. مون عبدالنبيءَ کي چيو ته ”يار، تو ھارَ جو بيان ڪري ثابت ڪيو ته تو ۾ سچ ڳالھائڻ جي ھمٿ آھي.“ اسان ڪلاڪ کن ڳالھيون ڪري موڪلايوسين ته ٻئي ڏينھن وري ملنداسين.
    ٻئي ڏينھن ٻه ھندو انجنيئر عبدالنبيءَ سان ملڻ آيا ھئا. مونکي به اُنھن سان گڏجڻ لاءِ گھرايو ويو. ھڪ جو نالو گورڌن ۽ ٻئي جو نالو گھنشام ھو. اُنھن مونکان ھندوستان جي باري ۾ پڇيو. مان اُنھن کي پنھنجي لياقت آھر جواب ڏنو. پوءِ مان گورڌن کان پڇيو جنھن چيو ته اسان ٻنھي پنھنجي نوڪري ڪراچيءَ ۾ ڪئي آھي. 40 سال ڪراچيءَ ۾ ڪڍيا آھن. عباسيءَ سان گھڻي دوستي آھي. ھي جڏھن اسلام آباد مان ايندا آھن تڏھن اسين ھن سان گڏجڻ ايندا آھيون. عباسيءَ جي گھڻي ساراھ پئي ڪيائون. مون اُنھن کي چيو ته مان عبدالنبيءَ کي ننڍپڻ کان سڃاڻندو آھيان. عبدالنبي ننڍي ھوندي ڏاڍو سھڻو ھوندو ھو. ھن سان سڀ دوستي رکڻ چاھيندا ھئا۽ ھنجي ڳالھائڻ لاءِ پيا سِڪندا ھئا. عبدالنبيءَ ويٺي ٻُڌو ۽ چيائين ته ھولا تون به ته گھٽ سھڻو ڪون ھوندو ھئين. گورڌن چيو ته تڏھن ته اوھانجي دوستي آھي. دوستي ھميشہ ھڪجھڙن سان ٿيندي آھي. گھنشام تيستائين چُپ ويٺو ھو. پوءِ قرآن مان ھڪ ٻه آيت پڙھي اُنجو مطلب سمجھائڻ لڳو. مون چيو اوھين قرآن به ڄاڻو ٿا جواب ۾ چيائين ته ”جھڙو ديس تھڙو ويس.“ مان اُنھن کي ھندوستان اچڻ جي نينڍ ڏني. ورنديءَ ۾ ھا ڪين. ٻئي ڏينھن عبدالنبي موڪلائي اسلام آباد ويا.
    منھنجي دوست ماستر لعل بخش جو پُٽ عبدالستار ڪراچيءَ ۾ رھندو ھو. ھو حج جي کاتي ۾ ڊائريڪٽر آھي. ھو پنھنجي گھر وٺي ھليو ۽ گھڻو آڌرڀاءُ ڪيائين. ھنجو گھر ڪراچيءَ جي جانورن جي باغ ڀرسان ھو. مون ڏٺو ته اُن باغ جو دروازو ۽ ٻاھريون نظارو ساڳيو ئي ھو جو مان 57 سال اڳ ۾ ڏٺو، ڪابه بدل سدل ڪانه ھئي. عبدالستار چيو ته باغ اندر ڏسندا؟ مون چيو ھينئر ٽائيم ڪونھي ۽ جھڙو اڳ ۾ ھو تھڙوئي ھوندو. اُن کان موڪلائي منھنجي دوست عبدالرحمان جي وڏي پُٽ ظھور حسين جي گھر وياسين. ظھور ڪراچيءَ ۾ مڇي کاتي ۾ ڊائريڪٽر آھي. ھنجي آفيس ڪياماڙيءَ تي آھي. پاڻ ڪلفٽن روڊ ھڪ فلئٽ ۾ رھندو آھي. اُنکي سرڪاري ڪار مليل آھي. پنھنجي ڪار به اٿس. مونکي ڪار ۾ گھمائڻ لاءِ وٺي ھليو. وڏن وڏن ڪامپليڪس ۾ گھمڻ ھليو. مون ڏٺو ھڪ- ھڪ ڪامپليڪس ٽِن ماڙين جو ٺھيل ھو جن تي سڀ دڪان ھئا. دڪان به نئين فيشن ۽ ڪانچ جا ٺھيل ھئا. مٿي وڃڻ لاءِ ھلندڙ ڏاڪڻ ۽ لفٽ به ھئي. سڀ قسمن جا سامان دڪان تان ملندا ھئا. گھڻيون زالون برقعي ۾ اچن پيون، ڪي ٿوريون زالون برقعي کانسواءِ ھيون. مرد گھڻو ڪري پٺاڻي ڊريس ۾ ھئا. ڪي- ڪي سوٽ بشرٽ ۾ ھئا. اسان سڄو ڏينھن گھمي ڦري گھر موٽي آياسين.
    منھنجي دوست جو پوٽو جنھن کي پيار مان پوپٽ چوندا ھئا، اُنجو اصل نالو محمد شھمير ھو. مون سان گھڻو ڪري گڏ اچي ويھندو ھو. ڪڏھن به گھمڻ ويندا ھئاسين ته ھو مونسان گڏ ھلندو ھو ۽ مِٺيون مِٺيون ٻاراڻيون ڳالھيون ڪندو ھو. ھو ڏھن سالن جو ھو ۽ پنجين درجي ۾ پڙھندو ھو. ھو مونکي پرولي ڏيندو ھو ۽ چاھيندو ھو ته مان پروليءَ جو جواب برابر نه ڏئي سگھان. مان ھنکي پرولي ڏيندو ھوس ته ھو ٻڌائي خوش ٿيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن مونکي مٿي پنھنجي گھر اچڻ لاءِ زور ڀريو. مان ھن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو گھڻو زور ڀرڻ لڳو. ھن چيو ته توھان اسانجو مٿي گھر ڏسو. منھنجو لڪڻ کڻي ھٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين اُٿو مون سان گڏ ھلو. ٻار جو ضد ڏِسي مان اُٿيس، اُن سان مٿي ھلڻ لڳس. اسين ڏاڪڻ تان چڙھي مٿي آياسين. مٿي سندن ٽي ڪمرا ھئا ۽ سٺا سينگاريل ھئا. ھڪ ڪمرو ھنجي ماءُ پيءُ جو، ٻيو ڀينرن جو ۽ ٽيون ڪمرو سندس جو ھو. ھيٺ ڏاڏو ڏاڏي ۽ مھمانن جو ڪمرو ۽ رنڌڻو ھو. مونکي ھڪ ڳالھ ياد آئي ته پوپٽ ھميشہ ھارائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اڄ مان ھنکي ھارائي مزو وٺان. ھنجي ماءُ پيءُ جي اڳيان مون پوپٽ کي چيو، ” پوپٽ تون ڏھن سالن جو آھين ۽ ھِتي رھندو آھين. اٺن سالن کي ڇڏي ٻه سال توکي گھڻي سمجھ آھي. ھينئر پنجين درجي ۾ پڙھندو آھين. تون روز اسڪول ويندو آھين ۽ واپس مٿي ويندو آھين، اھڙي طرح تون ڏاڪڻ تي روز گھٽ ۾ گھٽ ٻه ٽي ڀيرا چڙھندو لھندو آھين. ھينئر حساب ڪر ته سڄي سال ۾ تون گھٽ ۾ گھٽ ھزار دفعا ڏاڪڻ تي چڙھيو ۽ لٿو آھين. ھاڻي ٻڌاءِ ته تنھنجي ڏاڪڻ کي گھڻا ڏاڪا آھن؟“ پوپٽ ويچارو الجھن ۾ اچي ويو ۽ چيو ته مان ڏاڪا ڪڏھن به ڪونه ڳڻيا آھن. مون ھُن کي ٻڌايو ته مان صرف ھڪ ڀيرو مٿي چڙھيو آھيان ۽ مان توکي ڏاڪا برابر ٻڌائي سگھان ٿو. پوپٽ منھن ننڍو ڪري ويھي رھيو. ٿوري دير ۾ ھو منھنجي لڪڙي کڻي لڪائي ڇڏي ۽ مونکان پڇيائين ته اوھانجي لڪڙيءَ ۾ گھڻا سوراخ آھن؟ مون ھنجي چالاڪيءَ تي گھڻو عجب کاڌو ڇوته مون ڪڏھن سوراخ نه ڳڻيا ھئا ۽ ڌُڪو ھڻڻو پيو ۽ اُھو غلط نڪتو. مون ھنکي چيو ته نه پاڪستان کٽيو ۽ نه ئي ھندوستان کٽيو ٻئي ھڪجھڙا ڀائر آھن. ٻئي ڀيري پوپٽ کي ھارائڻ جي خيال کان مون ھڪ پرولي ڏني، ”ھڪ ماڻھو 7 ماڙ فلئٽ ۾ رھندڙ لفٽ ۾ لھندو ته ستين ماڙ کان چڙھندو پر جڏھن ھو واپس موٽندو ھو لفٽ ۾ چڙھندو ھو ته پنجين ماڙ تي لھندو ھو. ٻه ماڙيون ڏاڪڻ جي رستي چڙھي ويندو ھو. سڀ ماڻھو ويچار ڪندا ھئا ته ھو اِئين ڇو ٿو ڪري. ھاڻي تون ٻڌاءِ ته اھو ائين ڇو پيو ڪري؟“ پوپٽ خيال ڪري چيائين ڪثرت جي خيال کان ائين ڪندو ھوندو. مون نه ڪئي. پوپٽ چيو توھان ٻڌايو. مون ھن کي چيو ته لفٽ ۾ بٽڻ ھوندا آھن. اُھي بٽڻ ھيٺان کان مٿي ھوندا آھن، جنھن ماڙ تي وڃڻو ھوندو آھي ته اُن بٽڻ کي دٻائبو آھي. ھينئر اُھو ماڻھو تمام بندرو ھو. اُن بٽڻ تي ڪونه پھچي سگھندو ھو. اُن جو ھٿ صرف پنجين ماڙ جي بٽڻ تائين لڳندو ھو، جنھن ڪري اُنکي پنجين ماڙ تي لھي ڪري ستين ماڙ تي وڃڻو پوندو ھو. ھينئر مون کٽيو. پوپٽ مونکي ٻي پرولي ڏني جنھن جو جواب مان نه ڏيئي سگھيس. پوپٽ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ھاڻي اسان ٻئي ھڪجھڙا ڀائر ٿياسين.
    منھنجي مھمان نواز مونکي ھڪ ڳالھ ٻڌائي ته، ھندوستان مان ھڪ مھمان ڪراچيءَ ۾ گھمڻ آيو. پنھنجي مھمان نواز سان ڪراچيءَ جي ھڪ محلي ۾ گھمڻ ويا. جڏھن ھڪ ڳليءَ ۾ پھتا ٿه مھمان نواز اُن کي چيو ته توھان پنھنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري ھلو ڇو جو سامھون مڪان وارو اوھانکي ڏسي متان اوھانکي گولي ماري. اُن ڀؤ کان ڪنڌ ھيٺ ڪيو ۽ دوست جي پاسي لِڪندو ھليو. جڏھن ڳلي پار ڪري آيا ته مھمان نواز چيو ته ھينئر ڀلي ڪنڌ مٿي ڪري ھلو. اُن ڏٺو ته اُنجو دوست مھمان نواز پاڻ اوچو سِرُ ڪري اُن ڳليءَ مان ھليو پئي. مھمان اُن کان پڇيو ته توھان ڪنڌ ھيٺ ڪري ڪونه پيا ھلو، ھو اوھان کي گولي ھڻي ھا ته توھان ڇا ڪريو ھا؟ تنھن تي ھُن جواب ڏنو ته ھو مونکي گولي نه ھڻي ھا. ھو گولي صرف مھمان کي ھڻي ھا، ڇو جو مان اڳئين سال ھن جي مھمان کي گولي ھنئين ھئي. ھو منھنجي مھمان جو دشمن آھي. جيئن خون بدلي خون، تيئن مھمان بدلي مھمان. مھمان کي سمجھ ۾ نه آيو ته ھيءُ ھڪ چرچو آھي يا مُلڪ جي ماڻھن جي مذاق. ھندوستان- پاڪستان ٻه ڀائر آھن. ھڪ ٻئي تي مذاق ڪرڻ جي بدران پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جي ساراھ ڪن ته بھتر.
    مان جڏھن خيرپور ۾ رات رھيو ھئس ته اتي ديوان تلوڪ چند ۽ پرڀوءَ جن وٽ رات رھيس. تلوڪ چند کي ڪپڙي جو دڪان آھي ۽ پرڀوءَ کي ڪٽلريءَ جو دڪان آھي. ٻنھي جا دڪان تمام سٺا ھئا. گراھڪي به خاصي ھئي. ٻنھي ڄڻن منھنجو چڱو آڌرڀاءُ ڪيو. رات جو روٽي اُنھن وٽ کاڌي. اُنھن منھنجي سمھڻ جو بندوبست شوالي مندر ۾ ڪيو. صبوح جو گھڻا ھندو ماڻھو مٿي ٽيڪڻ لاءِ مندر ۾ اچن پيا. اُنھن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته خيرپور ۾ پنجاھ کن گھر ھندن جي پئنچايت سان ڳنڍيل آھن ۽ سڀ خوش آھن. زور زبردستي ڪابه ڪانه آھي. مون ڏٺو ته پھراڻ ھندن جو به پاڪستاني مسلمانن جھڙو ھو. ننڍيون ھندو ڇوڪريون ڏٺم ته اُنھن کي مٿي تي دُپٽو ضرور ھو. ھندو مسلمان سڃاڻڻ ۾ تڪليف ھئي. پڇڻ تي ئي خبر پوي ته ھو ڪھڙي ڌرم جا آھن.
    ڪنھن به ھڪ سنڌي ھندو ۽ ھڪ سنڌي مسلمان کي ھڪجھڙا ڪپڙا پھرائي ٻنھي کي ھڪ ھنڌ ڇڏيو ته سڃاڻڻ مشڪل ٿيندو ته ھندو ڪير؟ مسلمان ڪير؟ ھڪ ٻئي کي گھٽ ڪرڻ جي بجاءِ ھڪ ٻئي کي عزت ۽ پيار ڏيڻ گھرجي. مذھبن مُلڪ منجھايا آھن. ڏسبو ته ٻنھي ملڪن جون ريتون رسمون، کائڻ پيئڻ، رھڻ پھرڻ، ڳالھائڻ ڳائڻ، گھمڻ ڦرڻ سڀ ھڪجھڙو آھي. مان جڏھن ھالاڻي مندر ۾ ويس ته مون سان ٽي مسلمان ساڻ ھئا. ھالاڻي مندر جو سنڀاليندڙ راجڪمار اسان سڀني کي ھندو سمجھيو. پڇاڙيءَ تائين ھنکي خبر نه ڪانه پيئي. ھلندي مون ھن کي ٻڌايو ته اڪيلو ھندوستان کان آيو آھيان باقي ھي ٽيئي مسلمان منھنجا دوست آھن.
    سوڀيديري ۾ مون ڏٺو ته مُحرم جو پِڙ اڃان ساڳيو ھو. جڏھن اسان ننڍا ھئاسين ته محرم جي ڏِڻ تي ڏاڍو مزو ايندو ھو. پڙ وڏو ميدان ھو. اُن جي وچ ۾ ھڪ جھنڊو کُتل ھوندو ھو. مٿي ڪپڙي جو جھنڊو ھوا لڏندو ھو. پڙ جي ڪُنڊ تي ٻه ڪوٺيون ھونديون ھيون جن ۾ ڪاٺ جا ٻه تابوت رکيل ھوندا ھئا. محرم مھيني ۾ اُنھن تابوتن کي رنگين پَنن سان سينگاريندا ھئا. محرم جي ڏينھن اُنھن ٻنھي تابوتن کي کڻي سوڀيديري جي ٻنھي بزارن ۾ سرگس ڪڍندا ھئا. اڳيان دُھل شرنائي وچ ۾ تابوت ۽ پٺيان ماڻھو ھلندا ھئا. اسان ننڍا ڇوڪرا ھندو- مسلمان ڇاتيءَ تي ڌڪ ھڻي ھاءِ حَسن، ھاءِ حُسين چوندا اُنھن سان گڏ ھلندا ھئاسين. ڪيترا مسلمان پاڻ کي زنجير جي چھنبن وارا جھڳٽا پٺيءَ تي ھڻي رت ڪڍندا ھئا. اسانجون ھندو زالون گھرن جي درن مان منھن ڪڍي تابوتن کي ھٿ جوڙينديون ھيون. اھو سرگس اچي اچي وڏي پِڙ ۾ سماپت ٿيندو ھو. مون پنھنجن دوستن کان پڇيو اڄ به محرم اِئين ئي ٿيندو آھي. جواب ڏنائون، ھڪ ڪمي آھي توھان ھندو ھينئر ڪونه آھيو باقي سڀ ساڳيون ڳالھيون آھن. اوھان جي ڪمي محسوس ٿيندي آھي.


    (8)

    سوڀيديري مان موڪلائڻ وقت مونکي اِئين محسوس ٿيو ته لالڻ شاعر ڪجھ مونکي اکين سان چئي رھيو آھي ۽ مان سمجھيو ته ھُن ھي اکر چيا:
    ”وٺي ووٽ وڏيرو، وري جيئن نه وري،
    تيئن تو به ڪري، ھتان يار ھليو وئين.“
    مان اُنھن جي سِٽن ۾ جواب ڏنو:
    سنڌ سموري جِند آ، سنڌ سموري جان،
    سنڌ سواءِ ڪا ڪانه، سُجھي واھ وجود کي،
    سنڌ ته پنھنجي جِند آ، سنڌ اسانجو ديش،
    وطن ۽ ھي ويس، ڪڏھن مَٽبو ڪين ڪي.
    ھي لفظ مون لالڻ کي دل ۾ چئي ڏنا.
    انٽرنيٽ تي سونو (احسن) مونکي خبر ڏني ته سندس ابو عنايت علي ناظم جي پوسٽ ۾ کٽيو آھي. کيس لَک لَک واڌايون ھجن. ھو منھنجي پياري ۽ ھمدرد مرحوم نُور نبيءَ جا فرزند آھن. اُميد آھي ته ھو پنھنجي مرحوم ابوءَ جو نالو روشن ڪندا. آمين......
    خيرپور مان لاھور آيس. ايئرپورٽ جي ڪرسيءَ تي ويٺس ته اُتي مسٽر گُل حسن جماڻي ڳولھيندو ڳولھيندو مون وٽ آيو. مونکي چيائين ته زاھد فون ڪيو آھي ته توھان لاھور اچو ٿا. ھو صاحب ڪار کڻي آيو ھو ۽ مونکي چيائين لاھور گھمڻ ھلو. مون منع ڪئي پوءِ ھو صاحب چار ڪلاڪ مون سان ايئرپورٽ جي ھوٽل ۾ ويٺو ھو. ھوٽل ۾ اُن ماني نه کارائي ۽ ھِتان اُتان جون ڳالھيون به ڪيون. مونکي چيڪنگ لاءِ ائيرپورٽ ۾ اندر وڃڻو ھو. گل مونسان ڀاڪر پائي موڪلايو. مان ھوائي جھاز ۾ چڙھي دھليءَ پھتس. دھليءَ مان وري ٻئي جھاز ۾ چڙھي احمدآباد ۾ آيس. منھنجي پاڪستان ياترا جي ختم ٿيڻ تي منھنجو سڄو ڪٽنب گھڻو خوش ٿيو ۽ منھنجي خواھش پوري ٿي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471118
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188582
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ