ڪتاب جو نالو: ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 22 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 2714 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 641 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه چار لفظ
  • ڏاهپ جو ادب
  • ٻه اکر
  • متن

  • 1. آريجا
  • 2. آمري
  • 3. اٻاوڙو
  • 4. اروڙ
  • 5. اورنگا/ ديرو
  • 6. بٺورو
  • 7. بٺي/ بھرام
  • 8. بخارا/ بلخ
  • 9. بغداد
  • 10. بڪيرا.
  • 11. بکر/ سکر
  • 12. بندر/ شاهه بندر
  • 13. ڀارت
  • 14. ڀنڀور
  • 15. ڀينءَ
  • 16. تنگواني
  • 17. ٿــر
  • 18. ٿرڙي
  • 19. ٽنڊو الھيار
  • 20. ٽنڊو محمد خان
  • 21. ٽنڊو مير علي
  • 22. ٺٽ ڳوراھو.
  • 23. ٺٽو
  • 24. ٺل
  • 25. پاٽ
  • 26. پاٽويون
  • 27. پارڪر
  • 28. پٺو/ ڏاتار
  • 29. پُـرڻ
  • 30. پنجاب
  • 31. جاتي/ ڇڇ
  • 32. جاوا
  • 33. جوڻ
  • 34. جوهي/ لوھي
  • 35. جيسلمير
  • 36. جيڪب آباد
  • 37. جهول
  • 38. چوهڙ جمالي
  • 39. خيرپور/ شاھ پور
  • 40. دادو
  • 41. دالي
  • 42. دڙو
  • 43. دهلي/ پالم
  • 44. ڊڀرو
  • 45. راڄڙي.
  • 46. راهوجا/ باھوجا/ ڪوريجا
  • 47. رڙي
  • 48. روم
  • 49. روهڙي
  • 50. رُھي
  • 51. ساڏوري
  • 52. ساڪرو
  • 53. سعيدپور
  • 54. سنڌ
  • 55. سنڊو
  • 56. سوکي
  • 57. سيوهڻ
  • 58. شادي شھيد
  • 59. شڪارپور
  • 60. شھدادپور
  • 61. شھدادڪوٽ
  • 62. عراق
  • 63. قنڌار
  • 64. ڪابل
  • 65. ڪاشي
  • 66. ڪاڇو
  • 67. ڪاڪ
  • 68. ڪپور/ متور
  • 69. ڪڇ
  • 70. ڪراچي
  • 71. ڪرهيو
  • 72. ڪمال ديرو
  • 73. ڪنڌڪوٽ
  • 74. ڪنڊيارو
  • 75. ڪوهه
  • 76. کارو
  • 77. کاھ
  • 78. کاهي.
  • 79. کائڙ
  • 80. کورواھ
  • 81. گاجي مھيسر / ميھڙ
  • 82. گمبٽ/گنبٽ
  • 83. ڳاڙهو
  • 84. ڳِٺو
  • 85. گهٽاڻ
  • 86. گهٽھڙ
  • 87. گهيلپور
  • 88. لاڙ
  • 89. لاڙڪاڻو
  • 90. لاھور
  • 91. لنڪا
  • 92. ماڃر
  • 93. مٽياري
  • 94. مٺياڻي
  • 95. محراب پور
  • 96. مدينو شريف
  • 97. مڪلي
  • 98. مڪو شريف
  • 99. ملتان
  • 100. ملير/ مول
  • 101. مورو
  • 102. مومل جي ماڙي
  • 103. ميرپور/ چانڊاڻ/ عودي/ ڳڙھي حسن
  • 104. ناڙي
  • 105. نصرپور/ نورائي/ فتح باغ
  • 106. ننگر
  • 107. نھارو ڳوٺ
  • 108. وندر
  • 109. وڻڪار/ سال ڌياڻي
  • 110. هالا
  • 111. هندستان
  • مددي ڪتاب ۽ حوالا

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (48)
    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۶ع


    ڪتاب: ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون
    ليکڪ: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو: جُون ۲۰۱۶ع
    ٽائيٽل: احسان دانش
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۱۵۰ رپيا

    Book name: “Proverbs & Sayings on Names of Geographical Places”
    By: Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: June 2016 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: dmacademy@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمين ڀائو درمحمد ٻرڙي،
    ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    انتساب

    مان پنھنجي ھيءَ ننڍڙي ڪاوش،
    تاريخ ۽ لوڪ ادب جي ميدان منجھ
    گھوڙا ڊوڙائيندڙ شخصيتن ڏانھن منسوب ڪيان ٿو.

    - انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (291) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
    هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، مهربانيون سائين عبد الوهاب سهتي جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه چار لفظ

    ٻه چار لفظ

    سهڻيءَ سنڌ جا شهرَ ۽ ڳوٺَ، ماڳَ ۽ مَڪانَ، جبلَ ۽ جھنگَ، نديون ۽ نئِيون، ڍنڍون ۽ ڍورا؛ اسان سنڌ واسي بيحد پيارا رکندا آهيون، خاص ڪري ان شهر يا ڳوٺ سان ته اسان کي پنهنجي من اندرِ دلِي لڳاءُ محسوس ٿيندو آهي جتي اسان ڄاوا آهيون، ننڍن مان وڏا بڻيا آهيون، جتي علم ۽ ادب سکيو آهي، ڪچهريون ۽ ڪوڏُون ڪيون آهن ۽ پيارَ جا پيچ اڙايا آهن. انهن شهرن ۽ ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن جا نانءَ پڻ ڪو نه ڪو پس منظر ۽ تاريخ سمايون ويٺا آهن جن جي مطالعي سان ڪيئي وڻندڙ ڪٿائون پڻ سلهاڙيل آهن. انهن شهرن ۽ ڳوٺن؛ ۽ انهن جي رهواسين سان منسوب پهاڪن ۽ چوڻين ۾ پڻ اهڙيون انيڪ ڪٿائون آهن جن ۾ الفتون ۽ ڪلفتون، اوچايُون ۽ هيٺايُون، اميريُون ۽ غريبيُون، طنزون ۽ ٽوڪون، سچَ ۽ ڪُوڙَ، گڻَ ۽ اوگڻَ، وغيره سانڍيل آهن. ڇا اسان اهي ڪٿائون پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ انهن ڪٿائن ۾ جيڪا سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ سمايل آهي، ڇا اسان ان جو اڀياس ڪيو آهي؟
    هيءُ ڪتاب ”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“، لوڪ ڏاهپ جي تناظر ۾، اسان کي اهڙو مطالعو آڇي ٿو. ان موضوع تي، هيءُ پنهنجيءَ نوعيت جو پهريون سنڌي ڪتاب آهي جيڪو؛ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن کي ڪُل وقتي موضوع بڻائيندڙَ، انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب تحقيق هيٺ آندو آهي ۽ پنهنجي مخصوص رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪيو آهي. ذڪر هيٺ آندل چوڻيءَ يا پهاڪي سان منسوب ڪنهن به وضاحت يا تفصيل سان تحقيقي اختلاف رکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي پرک ۽ پروڙ جون نيون واٽون نڪرنديون آهن. پر، ان باوجود ههڙو بهترين ۽ ڪارگر ڪتاب لکي ڏيڻ تي سهتو صاحبُ جس پڻ لهڻي.
    مهرباني.
    رياضت ٻرڙو
    پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو، ۲۹-مئي ۲۰۱۶ع


    ڏاهپ جو ادب

    ڏاهپ جو ادب
    (Literature of Wisdom)

    ڏاھپ جي ادب جي ھڪ وصف ’فري ڊڪشنري‘ منجھ ھن ريت آھي؛
    The body of religious or philosophical writing that communicate wisdom by means of proverbs or parables
    مذھب ۽ فلسفي جي اھڙي لکيت جنھن ۾ ڏاھپ کي پھاڪن ۽ آکاڻين جي ذريعي پيش ڪيو وڃي ٿو. ڏاھپ جي ادب جي حوالي سان، مذھب ۽ لوڪ ادب جو ڪردار پراچين دور کان وٺي اھم رھيو آھي. پر ھاڻي، ڏاھپ جي حوالي سان ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جو ڪرادر پڻ نمايان ٿي رھيو آھي. ڏاھپ جو ادب انساني مشاھدن ۽ تجربن جو نچوڙ ھوندو آھي. جنھن جي ذريعي، سماجي ضابطي (Social control) کي لاڳو ڪري سماج کي بھتر کان بھتر بڻائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آھي.
    دنيا جي اندر، ڏاھپ جي ادب جي حوالي سان، پهريون ڪتاب، حضرت سليمان جا پهاڪا (Proverbs of Solomon) آهي، جنهن جي قدامت جو اندازو ۹۳۰ - ۹۷۰ ق م آهي، جنهن ۾ ۳۰۰۰ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن. ائين ناهي ته پهاڪا ۽ چوڻيون ان کان اڳ ۾ نه هيون. سميري، مصري، يوناني، سنسڪرت ۽ چيني ٻولين ۾ به پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هيون، جن جو سلسلو سندن قديم ادب ۾ به موجود آهي، جيڪو لوح ( ڦرھي) ، پاپئرس ۽ ڪپڙي تي لکيل مليو آهي. پراچين سنڌ ۾ به پهاڪا ۽ چوڻيون ضرور موجود هوندا، ڇو ته سنڌو تهذيب اڃا به قديم آهي۔ پر جيئن ته اسان کي ايتري لکت نه ملي سگھي آهي، جيتري ٻين قديم ٻولين جي ملي آهي، ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون ان دؤر جا به هجن جيڪي اڃا به اسان وٽ هلن ٿا. ان جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ به پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق ڪندڙن کي مٿا ڪٽ ڪرڻ پوندي. پر باقاعده ڪتاب يا صحيفي جي صورت ۾ سليمان بن دائودَ هي پهاڪا ۽ چوڻيون اسرائيل جي ماڻهن کي سمجھائڻ لاءِ ڏنا، ته جيئن اهي ڏاهپ جو گس وٺن ۽ پنهنجي زندگي سڦل ڪن. ان حوالي سان جيڪا ان صحيفي ۾ تمهيد ٻڌل آهي، ان ۾ باقاعده ان جو اظهار هن ريت آهي:
    ”اسرائيل جي بادشاه سليمان بن دائود جا پهاڪا.“
    هي پهاڪا سمجھ ۽ سياڻپ کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهن، ته جيئن اسرائيل جي ماڻهن ۾ ماڻهپو اچي. حق ۽ سچ جي راهه تي هلن، برائيءَ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪن. ڪنهن سان بي انصافي نه ڪن. نوجوانن کي ڄاڻ حاصل ٿئي ۽ هو ان تي عمل ڪن. ڀل سياڻا ماڻهو سمجھن ۽ ان ۾ واڌارو ڪن. هي پهاڪا خدا ترسيءَ جو آغاز آهن، صرف بيوقوف ئي ان تي عمل ڪرڻ کان لهرائيندا.“
    انهيءَ حوالي سان سندس هڪ گيت جو اختصار پيش خدمت آهي:
    ڇا ڏاهپ رڙيون ڪري
    سڏ نه ٿي ڪري ڇا؟
    چؤ-واٽن تان، رستن تان،
    اُتانهين جاين تان...
    ٽڪرين جي چوٽين تان،
    ڇا توهان کي نه ٿي چئي، ته:
    منهنجا سڏ سُڻو!
    منهنجا سڏ سڀن انسانن لاءِ آهن!
    مان هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهيان!
    جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو،
    مان اُن جي آهيان!
    جيڪو ڌڪاري ٿو،
    تنهن جي ويجھو نه ٿي وڃان!
    مان ماڻهن کي انصاف سيکاريان ٿي!
    منهنجو وجود سراپا بهتري
    ۽ مڪمل خير....
    مان هر ڪنهن کي سڏيندي آهيان
    هر وقت، هر جاءِ تان،
    جنهن به مون کي ٻُڌو
    تنهن لڌو،
    جنهن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو،
    تنهن کي ذلت ۽ رسوائي ملي.
    حضرت سليمان جي ڪتاب، پھاڪا / چوڻيون ۾ آيل ڪجھ پھاڪا ۽ چوڻيون پيش خدمت آھن، جن جي خوبصورتيءَ ۽ آفاقي حيثيت جي ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي.
    • اھا خوبصورت زال/عورت، جنھن کي تميز ڪونھي، سا ائين آھي جيئن سونو زيور سوئر جي نڪ ۾ ھجي.
    • سچي زبان عمدي چانديءَ مثل آھي، شرير جي دل جو ڪو به مُلھ ڪونھي.
    • انساني سماج ۾ ڪا پيڙھي اھڙي آھي، جنھن جا ڏند تلوارن جھڙا ۽ ڏاٺون ڪاتيءَ جھڙيون آھن، انھيءَ لاءِ ته جيئن غريبن ۽ محتاجن جو وجود ختم ڪري ڇڏين.
    • جيڪو شخص طبيعت ۾ اڻ-موٽ ۽ اڻ-جھل آھي، سو ان شھر وانگر آھي، جنھن جو سموريون عالم-پناھون/ ڀتيون ڀڳل ھجن.
    • جيئن ڪو ڪتو پنھنجي ڪيل قئه تي موٽي اچي ٿو، تيئن اھو بيعقل آھي جيڪو وري وري پنھنجي بيعقليءَ کي ظاھر ڪري ٿو.
    سوال اھو آھي ته ڇا حضرت سليمان بن دائود عليہ السلام جي ڏنل پھاڪن کان اڳ ٻين پراچين تھذيبن ۾ اھي پھاڪا ۽ چوڻيون موجود نه ھيون؟
    انھيءَ جو جواب آثار قديمہ جي ماھرن وٽ موجود آھي ته پھرين پھرين سوميري تھذيب جي پڪل مٽيءَ جي ڦرھين مان ان ڏاھپ واري ادب جو ڏس ملي ٿو. جيڪو اندازًا پوڻا چار ھزار سال قديم آھي. ان لڌل ڦرھين منجھان ھڪ ھزار کان وڌيڪ پھاڪا ۽ چوڻيون مليون آھن. انھن مان ڪجھ پھاڪن ۽ چوڻين کي ھتي نموني جي طور تي پيش ڪجي ٿو ته جيئن ھن ادب جي قدامت ۽ اھميت کي سمجھي سگھجي.
    • غريب ماڻھوءَ جي زندگيءَ کان موت بھتر آھي، ڇو ته اٽو آھيس ته لوڻ ڪونھيس، لوڻ آھيس ته اٽو ڪونھيس.
    • مان آھيان اصيل گھوڙو پر جوٽيل آھيان خچر سان.
    • مون کي اھو نه ٻڌاءِ ته ڇا مليو اٿئي، اھو ٻڌاءِ ته ڇا وڃايو اٿئي.
    • مٺي زبان سڀ جي دوست.
    • محبت واري دل گھر ڪندي، نفرت واري دل گھر تباھ ڪندي.
    • زال انسان جو مستقبل آھي، پٽ پناھ گاھ، ڌيءُ نجات ۽ نونھن بدنصيبي آھي.
    • ھڪ دفعو ڪوڙ ڳالھاءِ، پوءِ جي سچ به ڳالھائيندين ته ڪوڙ سمجھيو ويندو.
    • منھنجي شيءِ ڪو استعمال نه ڪري باقي مان ٻئي جي ڪندس.
    • مان جھنگي سانَ کان بچي نڪتس ته جھنگلي ڳئونءَ سان واسطو پئجي ويو.
    • جنھن شھر ۾ ڪتا ناھن ھوندا، ان شھر جا راکا لومڙ ھوندا آھن.
    • ڇا مباشرت کان سواءِ به حمل ٿي سگھي ٿو؟
    سوميري تھذيب جي پھاڪن ۽ چوڻين کان قديم تر پھاڪا ۽ چوڻيون مصر جي آثارن مان لڌا ويا آھن، جيڪي پائپارس (پني جو آڳاٽو قسم) ۽ پئرامڊ جي ديوارن تي لکيل آھن. ماھر آثار قديمہ جي چوڻ مطابق ته ڏاھپ جي ادب جي لکيت جو اندازو پنج ھزار سال يا ان کان به اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. جيڪو مذھبي ادب سان گڏوگڏ تخليق ٿيل آھي، جنھن ۾ ھن وقت تائين ڏھ ھزار پھاڪن ۽ چوڻين کان به وڌيڪ مواد موصول ٿيو آھي. انھيءَ حوالي سان ڪجھ پھاڪا ۽ چوڻيون ھتي پيش ڪجن ٿا.
    • بااثر کان رشوت قبول نه ڪر ۽ ان کي فائدي پھچائڻ لاءِ غريب تي ظلم نه ڪر.
    • عياشي ته ھڪ خواب آھي، ان کان پوءِ موت آھي.
    • پنھنجو پاڻ کي ملامت ڪر ۽ ان ڳالھ جو ڌيان رک ته ٻيو ڪو تو کي ملامت نه ڪري.
    • سرڪاري عھديدار کي اھي ڏينھن ذھن ۾ رکڻ گھرجن، جيڪي مٿس اچڻا آھن.
    • زبان انسان جي تلوار مثل آھي.
    • لفظ تمام لڙاين کان زيادھ دلير ھوندا آھن.
    • اھو شخص عظيم جنھن وٽ ماڻھو عظيم ھجن.
    • اھو حڪمران طاقتور ھوندو، جنھن وٽ سٺا صلاحڪار ھوندا.
    • ان پريشانيءَ ۾ رات نه گذار، ته سڀاڻي ڇا ٿيندو.
    • خدا ڪاميابي آھي، انسان ناڪامي آھي.
    • انسان، مٽيءَ ۽ ڪک مثل آھي.
    • ماڻھو جو چون ٿا، اھو ٻيو ھوندو آھي، خدا جو ڪندو آھي، اھو ٻيو ھوندو آھي.
    • تو سان سُلوڪ سٺو ٿئي ته ڪنھن سان بدسلوڪي نه ڪر، ائين نه ٿئي جو تو سان به ڪو بدسلوڪي ڪري.
    • بيوقوف تي ڪڏھن ڀروسو نه ڪر.
    • تنھنجو نشانو ڀلو ناھي ته ڀالو نه ھڻ.
    • شھر جي دولت، منصف/ قاضي ھوندو آھي. گدام جي دولت، ذخيرو ھوندو آھي. فوج جي دولت، ان جو سپاھ سالار ھوندو آھي. ھنرمند جي دولت، ان جا اوزار ھوندا آھن.
    • ڏاند، ڏاند کي جنم ناھي ڏيندو.
    • چور، چوري رات جو ڪندو آھي، پڪڙبو ڏينھن جو آھي.
    • جيڪو نانگ جو ڏنگيل ھوندو سو نوڙيءَ کان پيو ڊڄندو آھي.
    • انسان پنھنجي بدقسمتي جي ڏينھن کان آگاھ ناھي ھوندو.
    • تڪبر، وڏي ماڻھوءَ کي به تباھ ڪري ڇڏيندو آھي.
    • ڪنجوسي نه ڪجي، ڇو جو دولت جي ڪا به ضمانت ڪانھي.
    • ڏُکندڙ ڏند، پنھنجي جاءِ تي نه بيھندو آھي.
    • پٿر جو مجسمو، احمق پٽ کان بھتر آھي.
    • بري ڀاءُ کان ڀاءُ نه ھجڻ چڱو آھي.
    • ڀڀڙ وسائي نه ٿو سگھين ته چوچڙي به نه ڏي.
    • خاموشي، حماقت کي لڪائي ٿي.
    • ڪلھ جي ڪيل شراب نوشي، اڄ جي ٻاڙ نه ماريندي.
    • نوبا (پراڻي مصر اندر شھر جو نالو) جو ديسي، پنھنجو ويس نه ڇڏيندو.
    • خدائي، اڪمل ۽ بي عيب آھي.
    بنيادي طور تي پهاڪا ۽ چوڻيون، انسانن جي هزارين سالن جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ آهن. ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون انساني عقيدن، خيالن ۽ روين بابت هوندا آهن. ڪي انساني رشتن متعلق آهن. ڪي عمومي ۽ ڪي خصوصي واقعن بابت آهن. ڪي بنيادي محرڪات ۽ ڪي پوري انساني سماجي نفسيات جو احاطو ڪن ٿا. دنيا جي سڀني پهاڪن تي نظر ڦيرائجي ته ائين لڳندو، ڄڻ پهاڪا هزارن سالن کان وٺي هڪ انساني سماج مان ٻئي انساني سماج ۾ پيا ڦريا ۽ گھميا آهن. ڪهڙا پهاڪا، ڪهڙي خطي جا آهن، ان جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. پر جيڪي پهاڪا مخصوص ماڳن، مڪانن ۽ واقعن متعلق هوندا آهن، ان جي نشاندهي ڪرڻ آسان هوندي آهي.
    عبدالوهاب سهتو، جنهن پهريائين ڪهاڻين لکڻ کان آغاز ڪيو ۽ هاڻي وري سنجيدگيءَ سان پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جھڙي موضوع تي ڪم ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان جس لهڻي. هن وقت تائين انهن پهاڪن جي حوالي سان مختلف موضوعن تي عرق ريزي ڪري ۽ پنهنجا نتيجا ڪڍي، اسان آڏو اَٺ ڪتاب پيش ڪيان اَٿئين، جيڪي هڙئي قابلِ قدر آهن. پر سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن جي حوالي سان هن پورهيو ڪيو آهي، سو به ساراھ لائق آهي. هن ڪتاب ۾، هڪ ته اسان کي اها خبر پوي ٿي ته اهي پهاڪا نج نبار سنڌ جا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا آهن. ٻي خبر اها به پوي ٿي، ته اندازن ڪهڙي دؤر جا آهن.
    در حقيقت، ته ماڳ ۽ مڪان رڳو ڪن جاين جڳهن جا نانءَ ناهن هوندا، پر اهي اهڙا هنڌ هوندا آهن، جن سان پوري انساني سماجي تاريخ جڙيل هوندي آهي. ماڳن ۾ واهڻ وستيون، گام نگر، بر بحر، حجر شجر، محل ماڙيون، مندر مسجدون، نديون نالا، چنڊ ستارا ايستائين جو تصوراتي ماڳ يعني نرڳ سرڳ يا بهشت دوزخ به اچي وڃن ٿا. هر ماڳ ۽ مڪان کي پنهنجو پنهنجو پس منظر هوندو آهي. ڪن جي پٺيان مذهبي، ته ڪن جي پٺيان تاريخي حوالو هوندو آهي. ڪي اقتصادي حوالي سان، ته ڪي تفريحي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. ڪي خوبصورتي جي حوالي سان نشانبر، ته ڪي بدصورتي جي ڪري بدتر. ڪي برائي ۽ بڇڙائي جي ڪري بدنام، ته ڪي خير ۽ صلح جي علامت. انهن جا ماڻ ماپا پنهنجي جاءِ تي، پر پهاڪا ۽ چوڻيون وري اهو عام انساني اظهار هوندا آهن، جنهن مان انهن ماڳن متعلق عام ماڻهن جي مقبول راءِ جو اندازو ٿيندو آهي. ان جا ڪجھ مثال هيٺين ڏجن ٿا.
    مثلًا ڪي شهر يا ماڳ، مذهبي حوالي سان ايڏا ته مقدس هوندا آهن، جو انهن سان ان عقيدي رکندڙ ماڻهن جو روحاني رشتو هوندو آهي. جيئن مسلمانن وٽ مڪي ۽ مديني جي حيثيت آهي. مڪي جي عظمت اها آهي، جو خدا به ان شهر جو قسم کنيو آهي. جيئن سورة والتين ۾ آيو آهي.
    وهٰذَا البلد الامين. (قرآن)
    قسم آهي امن واري شهر (مڪي) جو.
    مڪي جي تقديس پنهنجي جاءِ تي، پر ان شهر جي حوالي سان عام ماڻهو پنهنجي پهاڪي ۾ جيئن اظهار ڪري ٿو، اهو ڪجھ وري ٻيو آهي. هڪ عربي پهاڪو آهي، ته ”جيڪڏهن تنهنجو پاڙيسري مڪي مان ٿي اچي، ته ان کان هوشياري ڪر. جي ٻيو دفعو وڃي موٽي، ته ملڻ کان پاسو ڪر ۽ جي ٽيون دفعو وڃي موٽي، ته ڏسندي ئي گھٽي مٽاءِ!“
    مديني جي حوالي سان به ڪيئي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جنهن ۾ سندس حيثيت ۽ قدر ڄاڻايو ويو آهي. پر عام ماڻهو جڏهن مڪي ۽ مديني جو تقابلي جائزو وٺي ٿو، ته اهو پهاڪو جڙي ٿو، ته:
    المدينة افضل من مڪة
    مدينو مڪي کان افضل آهي
    يا
    المدينة خير لهم لو ڪانوا يعلمون
    مدينو ان لاءِ بهتر آهي، جيڪو ان کي سمجھي ٿو.
    ان جو سبب گھڻو ڪري اهو آهي، ته مڪي جو ماڻهو سخت مزاج ۽ مديني جو ماڻهو نرم مزاج ٿئي ٿو. هتي عقيدت ۽ احترام کان وڌيڪ سماجي نفسيات ڪارفرما آهي.
    اهڙيءَ طرح هندن جي عقيدي جي حوالي سان ڪاشي ۽ مٿرا سندن مقدس شهر آهن. ڪاشي جنهن کي بنارس، واراناسي به سڏيو ويندو آهي. اُتي وشوا ناٿ (شوَ جو قديمي جيوتي لنگم مندر) ٺهيل آهي. مٿرا وري ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڀومي آهي. ان ڪري اهي ٻئي اسٿان پوتر سمجھيا ويندا آهن. انهن جو درشن ڪرڻ وارو تعظيم جي لائق سمجھيو ويندو آهي. پر عام لوڪ جڏهن محسوس ڪيو ته جي ماڻهوءَ جي اندر ۾ سچائي موجود آهي، ته مٿرا ۽ ڪاشي وڃڻ جي به ڪا ضرورت ناهي، جنهن تي پراڪرت ۾ اهو پهاڪو جڙيو:
    کرم تيرے اچھے ہيں تو قسمت تيری داسی ہے
    نيت تيري اچھی ہے تو گھر میں متھرا کاشی ہے
    شهرن جي سونهن سوڀيا لاءِ به ڪي پهاڪا جڙيل آهن، جيئن فارسيءَ ۾ اصفهان شهر جي لاءِ چيو ويو آهي:
    اصفهان نصف جھان است
    اصفهان اڌ جهان آهي. اصفهان پنهنجي خوبصورت ماڙين، محلاتن، مذهبي جاين ۽ انتظامي ۽ واپاري مرڪز هئڻ جي ڪري اڌ جھان سڏجڻ لڳو. خاص ڪري صفوي حڪمرانن (1501-1736) ۾ جڏهن اصفهان کي ايران جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. ان دؤر ۾ اصفهان ۾ دنيا جو شهري حوالي سان وڏي ۾ وڏو چونڪ قائم ٿيو، جنهن کي ميدانِ نقش جھان سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي اقوام متحده جي اداري ’يونيسڪو‘ دنيا جو ورثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
    هالينڊ جي شهر ’ايمسٽرڊم‘ جي حوالي سان اهو پهاڪو مشهور آهي، ته:
    ”ايمسٽرڊم گناهن جو گھر آهي.“
    ڇو ته ان شهر ۾ جنسي بي راھ روي تمام گھڻي آهي، پر ان لاءِ اهو پهاڪو به مشهور آهي، ته:
    ”ايمسٽرڊم گناهن جو گھر ته آهي، پر حقيقت ۾ آزاد شهر آهي.“
    ڇو ته اتي نه صرف جنسي آزادي آهي، پر اظهار جي آزادي به تمام گھڻي آهي. ان ڪري ايمسٽرڊم ۾ آرٽ ۽ ادب کي گھڻو فروغ ملي ٿو.
    اٿينس جي حوالي سان به مشهور پهاڪو آهي:
    اٿينس ۾ ڏاها ڏاهپ جو ڏس ڏيندا آهن ۽ جاهل انهيءَ کي رد ڪندا آهن.
    اهو پهاڪو ان تاريخي واقعي طرف اشارو ڪري ٿو، جڏهن اٿينس ۾ سقراط جي تنقيد تي ان دؤر جا جھموريت پسند ڪاوڙجي پيا ۽ مٿانئس نوجوانن کي کاري خراب ڪرڻ وارو الزام مڙهي، کيس زهر جو پيالو پياريو ويو. اڄ تائين اهو پهاڪو هلندو اچي ٿو.
    ائين سنڌ ۾ به هر شهر، هر گام جي حوالي سان ماڻهن پهاڪا ٺاهيا. جيئن اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ قمبر شهر لاءِ چيو ويندو هيو ته؛ ”قمبر؛ امبر آ“. انگريزن جي دؤر ۾ پنهنجي شاهوڪاري ۽ صفائي جي ڪري سنڌ جو صاف سٿرو شهر ليکيو ويندو هو. شاهوڪاريءَ جو اندازو ان مان لڳايو، ته ڪنهن زماني ۾ قمبر ميونسپالٽيءَ ڪراچي ميونسپالٽي کي قرض ڏنو هيو. تعليم، تربيت ۽ حسن جي حوالي سان هي ننڍو شهر، لاڙڪاڻي جو حيثي هيو. ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي ۽ سندس وڏو ڀاءُ مکي ڪيول رام قمبر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيا. پر اڄ اهو قمبر امبر نه پر ڌوڙ ۽ ڇائي ٿي ويو آهي. چڱو ڀلو ماڻهو شهر مان مَٽي ٿو، ته مٽي منهن تان نه ٿي لهيس. جي لاڙڪاڻي ۾ ماهتاب هئي، ته قمبر ۾ هاج هئي. اسان جي پيشرو، علم وادب جي نيڪ نام شخصيت ’جناب حسام الدين راشدي‘ هاج جي پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ جيڪا تعريف ڪئي آهي، اڄ به جيڪڏهن سندس حسن ۾ ڪارا ٿيل ڪو نوَ صفحا پڙهي، ته ٿڌا ساھ ڀري.
    اهڙيءَ طرح قنبر جي ماڻهن ۽ شهر جي اسان جي قومي شاعر ’ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي‘ جيڪا پنھنجي شاعريءَ جي ڪتاب منجھ تعريف ڪئي آهي، اها پڙهجي ته قنبر شهر جو اهو پهاڪو سمجھ ۾ اچي ويندو، ته قنبر عنبر ڪيئن هيو:
    شاھ و گدا ڪري ٿو، تنھنجو سلام قنبر،
    رحمت وسي ٿي تو تي، ھر صبح شام قنبر.

    ھر طرف کان، تلائن لاتي آھي بھاري،
    آبِ حيات پيئن ٿا، خاص عام قنبر.

    ھر ھڪ تلاءُ بيشڪ، آئينه ھو بھو آ،
    آھي ڪيو سڪندر، شايد قيام قنبر.

    ڪھڙا نمڪ ڀريا ھن، قنبر جا آدمي سڀ،
    پاڻي نمڪ ڀريو ٿا پيئن، مدام قنبر.

    پائن سفيد ڪپڙا، چھرا ھميشه چھرا،
    ڪھڙو ڪلر جو آھي، تاثير تام قنبر.

    بي نون نه سمجھو قنبر، آھي او مشڪ ۽ عنبر،
    خوشبو ۾ تازه تر آ، ھر ھڪ مشام قنبر.

    سڳداسي سندي سنھڙا، چانديءَ مثل ٿا چلڪن،
    ھٻڪار ۾ معطر، ڪن ٿا تمام قنبر.

    مٺڙيون پٻڻ جون ڏوڏيون، بِھَ بيشمار آھن،
    کائن وڏا ننڍا ٿا، سڀ عام جام قنبر.

    اعلى دماغ ماڻھن لاءِ، خوب ھي جڳھ آھ،
    آھي ٻڌل دڙي تي، عالي مقام قنبر.

    ڪھڙا حسين ماڻھو، قنبر جي شھر ۾ ھِن،
    حق تي ڪيو سَوَن آ، بيت الحرام قنبر.

    ماڻھن جو آھي وس ڇا، آھن پکي پريشان،
    ڪاٿان پکين کي آڻي، ماري ٿو دامِ قنبر.

    آڙيون بدڪ ۽ ڪارڙا، ھر ھر مٿان وڃن ٿا،
    گھورن ٿا جان پنھنجي، ھر ھر بنام قنبر.

    ڍنڍن ۾ کائي کائي کانا، ٿلھا ٿين ٿا،
    آخر ڪري ٿو تن کي، پنھنجو طعام قنبر.

    حيدر جو ٿي سپاھي، قنبر ٿيو شھنشه،
    اي دل! حياتي ساري، ٿي رھ غلامِ قنبر.

    اهڙيءَ طرح مٽياريءَ متعلق هڪ پهاڪو آهي، ”مٽيارين ۾ موت، ويندي جي ويرم“. اهو ميرن جي دؤر جو پهاڪو آهي ۽ سنڌ جي مذهبي اقليت جي هڪ دانهن آهي، ڇو ته مٽيارين جا سيد، عمومًا واڻين کي زوريءَ مسلمان ڪري، ثواب کٽندا هيا. ان ڪري هندو واڻيا، مٽياريءَ وڃڻ کان ائين لهرائيندا هيا، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان.
    لاڙڪاڻي جو اهو پهاڪو؛ ”هجئي ناڻو، ته گھم لاڙڪاڻو“، لاڙڪاڻي جي ان دؤر جو تعين ڪري ٿو، جڏهن لاڙڪاڻو اؤج تي رسيو. اهو دؤر، غالبًا ڪلهوڙن جو دؤر هيو، جڏهن لاڙڪاڻو خوشحال ۽ فارغ البال هيو. پر اهو ئي لاڙڪاڻو، جڏهن بدامني ۽ ٻين مسئلن جو شڪار ٿيو آهي، ته هڪ ٻيو پهاڪو هاڻي زبانِ زد ٿي ويو آهي؛ ”هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.“
    بنيادي طور تي پهاڪا ۽ چوڻيون، انساني سماج جي مجموعي ڏاهپ جو اظهار آهن، ته جيئن ماڻهو سچائي ۽ حقيقت کي سمجھن ۽ اياڻپ ڇڏي، سياڻپ وارو رستو اختيار ڪن.
    عبدالوهاب سهتي سنڌ جي ماڳن مڪانن جي حوالي سان جيڪا اوک ڊوک ڪئي آهي، سا نه صرف سنڌ جي سماجي تاريخ آهي، پر ٻوليءَ جي سگھ ۽ سمجھ کي به ظاهر ڪري ٿي. هن ماڻهوءَ کي شابس آهي، جو سول انجنيئر ٿي ڪري، ٻوليءَ جي ان دقيق موضوع تي ڪم ڪندو اچي ٿو. اڃا ٿڪيو ناهي. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ٿڌ تيئن وڌ وارو مثال نه ٿو ڏئي سگھجي. البت، لاڙڪاڻي ۾ جيئن گرميءَ جو تؤ اچيس ٿو، تيئن مڙس مچي ٿو. فطرت ماڪوڙي واري اٿس، جاڏانهون جھل اوڏانهون منهن ڪندو. حاسدن جي حسد کان بچڻ لاءِ سورة قل اعوذ برب الفلق پڙهندو رهي ٿو. الله کٽائيندس.
    ڏاهپ جي ڳالھ، ڪنھن کي وڻي نه وڻي، پر پرپٺ ھر ڪو اهو اعتراف ڪري ٿو، ته هن سنڌ جي ڏاهپ جي ادب کي (Literature of Wisdom) سهيڙڻ ۾ ’هڏئون ڏئي هڻاءِ، ته مالڪ ڏيني مذرا‘ وارو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نه ته اسان وٽ حالت اها آهي، ته وڏا وڏا نام نهاد صاحبِ علم و عقل ڪُل، علمي ادبي ۽ ثقافتي ادارن (چيئرس) کي پيراڻيون گاديون سمجھي ويٺا آهن، اُٿن ئي نه ٿا. ادبي، علمي ۽ ثقافتي ادارن جي حالت وڃي اها بيٺي آهي، جو جيڪو علمي حوالي سان نااهل ۽ نابين آهي، سو ’انڌو ماڻهو، کوٽو پئسو؛ ڌو ٽڪاڻي ۾‘، جي مصداق ادارن ۾ پيو ٿو هٿوراڙيون ڏئي ۽ هٿڙي هڻي. صاحبِ اقتدار ۽ صاحبِ سياست اهڙن انڌن کان اهو ئي ڪم وٺن ٿا، جيڪي انڌا ئي ڪري سگھن ٿا. صاحبِ بصيرت ماڻهو وڃي ته ڪاڏي وڃي. ويچاري کي نه سنهي ڪرڻ اچي ۽ نه قصيدا چوڻ اچن. سموري صورت حال ڏسندي، بس محسن ڀوپالي جو اهو شعر ٿو ورجائجي:
    جاہل کو اگر جہل کا، انعام ديا جائے،
    اس حادثہ وقت کو کيا نام ديا جائے۔
    رندون کی ہے توہين، ميخانے کی ہتک ہے،
    کم ظرف کے ہاتھوں ميں، اگر جام ديا جائے۔






    مددي ڪتاب

    ۱. جتوئي، حيدر بخش، جيئي سنڌ جيئي سنڌ (شاعري)، ٻيو ايڊيشن، اپريل ۲۰۰۹ع، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي اڪيڊمي، حيدرآباد.
    ۲. ابن حنيف مصر کا قديم ادب (تيسری جلد) بار اول، ۱۹۹۲ع، ناشر بيکن بکس گل گشت ملتان.
    ۳. ابن حنيف دنيا کا قديم ترين ادب (جلد دوم) تيسرا ايڈيشن، ۱۹۹۸ع، ناشر بيکن بکس گل گشت ملتان.
    4. Holy Bible (New International version) 18th impression July 1991 AD, published by International Bible Society, Colorodo Springs, USA.
    5. Free Dictionery, (Internet)
    6. Admiration and Virtues of Madina Munawwarah, International Islamic Web.

    منظور ڪوهيار
    لاھوري محلو، لاڙڪاڻو


    ٻه اکر

    ٻه اکر

    پھاڪا ۽ چوڻيون، لوڪ ادب جو حصو ۽ ورثو آھن. ڪلام منجھ سندن حيثيت، طعام منجھ لوڻ جھڙي آھي. جيئن لوڻ کان سواءِ طعام، بي سوادي ۽ بي ذائقه ٿئي ٿو، تيئن پھاڪن ۽ چوڻين کان سواءِ علم ادب به ٻُسو ۽ بي چسو رھي ٿو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾، قديم ھئڻ سبب، پھاڪن ۽ چوڻين، اصطلاحن ۽ ورجيسن جو اڻ-کٽ خزانو موجود آھي. اھي جنھن ماحول اندر ڄاوا ۽ نپنا، پليا ۽ پختا ٿيا آھن، تنھن کين ازلي معنى ۽ تشريح پڻ بخشي آھي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا مسئلي کي سمجهڻ يا سمجهائڻ لاءِ ڏٺل/ٻڌل شيءِ جو مثال ڏيئي سمجهائبو آھي. ان کي ضرب المثل چئبو آهي.
    ضرب المثل جا ٽي قسم آهن:
    1. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون.
    2. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون.
    3. مثالي فقرا: ورجيسون يا اصطلاح.
    ٽنهي شاخن بابت هيٺ وضاحت ڏجي ٿي.
    1. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون:
    ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن ڏهن پيراگرافن منجهه بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال جي طور تي بيان ڪئي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا مثالي ڪهاڻي سڏبو آهي. ڊيگهه سبب ان کي پهاڪو نه سڏبو آهي. جڏهن ته اهڙا لطيفا، ٽوٽڪا، لٽڪا، آکاڻيون، ڪهاڻيون ۽ قصا وغيره، جيڪي عام زندگي ۾ ضرب المثل جي صورت اختيار ڪري عوامي ٿي وڃن ٿا، تن کي مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون سڏبو آهي.
    2. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون:
    هڪ مڪمل جملو، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم کي قائم رکندي، مثال جي طور ڪتب اچي ۽ عوام ۾ عام هجي، ان کي مثالي جملو چئبو آهي. مثالي جملي جي زمري ۾، ورجيسي جملو، چوڻي، پهاڪو، قول، ٻول يا گفتو وغيره اچي ٿا وڃن.
    3. مثالي فقرا: ورجيسون ۽ اصطلاح:
    ٻن يا ٻن کان مٿي لفظن تي مشتمل فقرو يا غير مڪمل جملو، آزاد يا مصدر سان، جملي ۾ استعمال ٿيڻ پڄاڻان ٻي معنيٰ کي ظاهر ڪري يا مثال طور ڪتب اچي ته ان کي مثالي فقرو (Idiomatic Phrase) سڏبو آهي. مثالي فقري جي زمري ۾؛ ورجيس، اصطلاح، ٻٽو لفظ، ڪنايو ۽ تشبيهه وغيره اچي وڃن ٿا.
    مٿي ڄاڻايل ٽنهي شاخن منجهان، فقط مثالي جملي بابت هتي بحث ڪنداسين. انهيءَ جي زمري ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون اچن ٿا، جن جي لغوي معنيٰ ۽ فرق بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ به ضروري آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.
    چوڻي:
    نصيحت آموز، عام مقبول قول، سخن، گفتو جيڪو مڪمل جملو هوندي، ڪنهن ڏاهي، سياڻي، فيلسوف، داناءَ، دانشور، پيغمبر، وليءَ، شاعر يا اديب ڏانهن منسوب نه هئڻ جي باوجود، عوام جو پنهنجو هجي ۽ منجهس فهم، سمجهه، سوچ، فڪر، دانائي، ڏاهپ، دانش، سياڻپ يا عقل جو نقطو يا رمز سمايل هجي ۽ پنهنجي لفظي يا ظاهري معنى ۾ استعمال ٿئي ته ان کي چوڻي چئبو آهي.
    پهاڪو:
    اها عام مقبول چوڻي، جيڪا ظاهري معنيٰ ۽ مفهوم کان علاوه ٻيو يا اندريون مفهوم به رکي ته ان کي پهاڪو سڏيو ويندو آهي.
    مٿي بيان ڪيل وصفن مان سمجهه ۾ آيو ته پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ بنيادي فرق فقط، ظاهري معنى ظاهر ڪرڻ ۽ ڳجهي معنى ظاهر ڪرڻ وارو آهي. چوڻي، ظاهري معنى ظاهر ڪندي آهي ۽ پهاڪو ٻي معنى ۾ استعمال ٿي سگهندو آهي. ورنه ٻنهي جي صورت، ساخت، شڪل شبيهه ۽ عوامي پسنديدگي يا مقبوليتِ عام هڪجهڙي ئي هوندي آهي.
    پهاڪن ۽ چوڻين جي ارتقا
    پهاڪن يا چوڻين جي ارتقا، ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ٿي؟ اهي دلچسپ، انوکا ۽ جستجو طلب سوال آهن. گهڻن کوجين، انهيءَ ڏِسُ ۾ رنڊا روڙيا آهن، ڇو جو سمورن پهاڪن/چوڻين جي ابتدا، ارتقا يا تواريخ بابت معلومات ڪٺي ڪرڻ، ڪٺن ڪم آهي. ادبي افق تي رونق افروز هزارين پهاڪا/چوڻيون هڪ ماحول، پس-منظر، حالت، طريقي، ذريعي يا واقعي سان وجود پذير نه ٿيا آهن. انهن جي جڙڻ پويان ڪيئي پس-منظر، ذريعا، سبب ۽ ڪارڻ آهن. منجهانئن ڪن بابت هيٺ نشاندهي ڪجي ٿي.
    پهاڪن/چوڻين جي جنم جا مکيه ذريعا
    1. لوڪ ڪٿائون.
    2. تواريخي شخصيتون، واقعات، حالات ۽ جغرافيائي ماڳ مڪان.
    3. سياڻن جا سخن، قول، گفتا يا نقطا.
    4. انساني جذبات جو رد عمل يا ندائي جملا.
    5. پروليون ۽ ٻول.
    6. ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ لساني جائزو.
    مذڪوره مڙني ذريعن منجهان، هر هڪ جي وسيلي هزارين پهاڪا/چوڻيون جنم وٺي چڪا آهن. سمورن پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ممڪن آهي پر تمام مشڪل پڻ. انهن کي فقط يڪجاءِ ڪرڻ سان به ايڏو وڏو ضخيم ڪتاب جڙي پوندو، جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي ترتيب ڏيڻ کان زور آهي. بهتر آهي ته مرحليوار، مڙني پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس ڪجي.
    ۰-۱ لوڪ ڪٿائن ذريعي جڙيل پهاڪا/چوڻيون.
    پھاڪن ۽ چوڻين جي جڙڻ جا ڪيئي ذريعا آھن، جن مان خاص ذريعو، ڪھاڻيون يا آکاڻيون، داستان يا قصا، ڪٿا يا لوڪ ڪٿائون آھن. تاريخي يا نيم تاريخي واقعا پڻ سندن ڄم جو سبب آھن.
    لوڪ ڪٿائن واري ذريعي کي به هيٺين ٽن شاخن ۾ ورهايو ويو آهي:
    ۱-۱ سنڌ جا مشهور لوڪ داستان:
    سنڌ جي مشهور لوڪ داستانن جھڙوڪ: دودو چنيسر، ليلان چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار وغيره، ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    الف- دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.
    ب- ويئيءَ وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا.
    ج- عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته نه ٿيلهيندو.
    د- اٺ ڪڍن سسئي.
    ه- ڪيئي ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
    و- ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون.
    ز- ميهار گهڻو ئي چڱو، پر ٿيو هُن پار.
    ح- مومل جي ماڙيءَ کي، چوڌاري چارا. وغيره.
    ۲-۱ ٻارن لاءِ وندرائيندڙ يا نصيحت آموز آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون:
    ٻاراڻين آکاڻين يا نصيحت آموز آکاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور؛
    الف- گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿُو کٽا!“
    ب- اٺ کي گهنڊڻيءَ/ تاڙي جو، ڪهڙو ڀؤ.
    ج- اجايا پهه نه پچائجن.
    د- جو ڪمائي، سو کائي. وغيره.
    ۳-۱ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون:
    موزون آکاڻين يا ڪهاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    الف- اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن.
    ب- ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو.
    ج- ڀُلِي ڀُلِي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلِي.
    د- پرائي ڌيءَ / ڏيو تان کارڪ به چڱي.
    ه- جاتي پاڻي، تاتي پاڻ / پهر.
    و- دنيا ۾ دوڌ ڪا دوڌ ۽ پاني ڪا پاني آهي.
    ز- ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. وغيره.
    ۰-۲ تاريخي/نيم تاريخي واقعن يا جاگرافيائي ماڳن بابت چيل پهاڪا ۽ چوڻيون:
    اسان جو موضوع فقط، جاگرافيائي ماڳن بابت چيل پهاڪا ۽ چوڻيون آهي. هتي انهن چوڻين بابت بحث ڪجي ٿو. ماڳ مڪان جي سري ھيٺ، ھيٺ ڄاڻايل قسمن جون چوڻيون اچي وڃن ٿيون:
    ۱. شھر يا ڳوٺ جي جاگرافيائي بيھڪ بابت.
    ۲. شھر، ڳوٺ، علائقي جي رھواسين جي ورتاءَ بابت.
    پھاڪو يا چوڻي، ڀلي شھر يا ڳوٺ بابت ھجي يا ماڻھن بابت پر ان جو اصلي محرڪ وري به اتان جي ماڻھن جي اٿڻي ويھڻي ئي ھوندي. جتي انساني آبادي ناھي، ان بابت نه ڪا ڄاڻ آھي نه ڪا تاريخ ۽ نه ڪو جاگرافيائي بحث آھي.
    جن شھرن يا قصبن، ڳوٺن يا ماڳن بابت پهاڪا/چوڻيون جڙيا آهن سي واتين ويڻين اڳتي ھلندا رھيا آھن. سينه به سينه سفر ڪندا، ماڻھن جي واتن تي محفوظ رھندا آيا آھن. منجھن تاريخ به آھي ته ٽوڪ ۽ چٿر به آھي. طنز به آھي ته معلومات به آھي. ردم به آھي ته ڇڪ به آھي. پنھنجي ٿور-اکرائيءَ سبب، دلين تي نقش ٿي قائم رھندا پيا اچن. گھڻي استعمال سبب، منجهن ايڪائي صفت جنم وٺي ٿي جنھن سبب سندن ھڪڙو روپ مقرر ٿي عوام ۾ دهرائجندو رھيو آھي. عوام ۾ مقبوليت ماڻي، ھاڻي چوڻيءَ/پھاڪي جي پد کي پھتا آھن.
    پهاڪي/چوڻيءَ لاءِ، عالمن ھيٺ ڄاڻايل چار خاصيتون مقرر ڪيون آھن. اهي چوڻيون ھاڻي ارتقائي دور مان مڪمل نڪري ان پد تي پھتيون آھن.
    ۱- ٿور-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
    ۲- ويچارن جي گهرائي.
    ۳- سلوڻائي، ظرافت يا اظهار جي نزاڪت.
    ۴- لوڪ/عوام ۾ مقبوليت/مشهوري.
    جڏهن ڪو جملو، مٿي ڏسيل ڪسوٽيءَ جي مڙني مرحلن مان ارتقائي منزلون طئي ڪري چڪندو آهي ته اهو پهاڪي يا چوڻيءَ جو روپ وٺندو آهي.
    مختصر جملو، جنھن ۾ ڪو اونھون ويچار يا سُندر نقطو سمايل هجي ۽ اهو وهنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودي تي مبني هجي، ان کي پھاڪو چئجي ٿو، جيڪو ڪنھن لساني سماج ۾ صدين کان وٺي هر هڪ پيڙهيءَ کي، زباني طور ورثي ۾ ملندو پيو اچي. انھيءَ ۾ وڏڙن جو آزمودو محفوظ آهي، جيڪو وقت تي اسان جي رهنمائي به ڪري ٿو ۽ صحيح واٽ تي هلڻ جي نصيحت به ڏئي ٿو. (۱)
    هر اهو جملو جيڪو تاريخ ۽ جاگرافي، ثقافت ۽ مذهب، اٿڻي ويھڻي ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾، چٿر، ٽوڪ يا تعريف وغيره جي حساب سان عوام ۾ مشھور ٿي وڃي، ان کي به پھاڪي/چوڻيءَ جي حيثيت حاصل ٿئي ٿي.
    ھتي ڳالھ کي سمجھائڻ خاطر منظور ڪوھيار صاحب جي ھڪ مضمون منجھان مثال ڏجي ٿو. ڪوھيار صاحب، شهري ڪهاڻيون نالي سان، ڪن شھرن بابت ھيٺ ڄاڻايل مفروضا رقمطراز ڪيا آھن، جيڪي اڄ اڃا ڪھاوت يا چوڻي/پھاڪي جو روپ اختيار نه ڪري سگھيا آھن. گمان آھي ته سڀاڻي، ساڳئي يا مٽيل روپ ۾ اھي ھلي چوڻيءَ جو مرتبو ماڻي سگھن.
    • ڪراچي؛ اونداھين جو شهر ۽ چمڙن جو راڄ.
    • حيدرآباد؛ هڪ حصو آباد، ٻيو حصو برباد.
    • سکر؛ هڪ فريب، ٻيو مڪر، هيٺان درياھ، مٿي ٽڪر.
    • لاڙڪاڻو؛ هجئي ناڻو، ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
    • ميرپورخاص؛ نه عام جو، نه خاص جو، رڳو ’خاص الخاص‘ جو.
    • نواب شاهه؛ غلم جا توبچي، ۽ رڳو واهه واهه.
    • ڪشمور؛ ڪڏهن نانگ، ته ڪڏهن نور، ڪڏهن ڪانءُ، ته ڪڏهن مور.
    • ڪنڌڪوٽ؛ زمين ٺوٺ، ماڻهو روٺ.
    • جيڪب آباد؛ نه داد، نه فرياد، پوءِ به سردار زنده باد.
    • گھوٽڪي؛ نوٽ ڪي (پئسي جي).
    • سانگھڙ؛ لانگھڙ.
    • ڄامشورو؛ ڇنو ڇورو.
    • قنبر؛ نه ڌرتي، نه امبر.
    • ٽنڊومحمد خان؛ نانءُ وڏو، شهر ويران.
    • ٽنڊو ڄام؛ برائي نام.
    • رتوديرو؛ نه تيرو، نه ميرو، جيئي وڏيرو.
    • ڏوڪري؛ نانگن جي ٽوڪري.
    • باقراڻي؛ نه راڻو، نه راڻي، سورن منجھ ساماڻي.
    • باڊهه؛ سورن جي جانڊهه.
    • ٽنڊو آدم؛ ڪنهن کي دلاسو، ڪنهن کي دم، نه اچڻ واري جي آجيان، نه وڃڻ واري جو غم.
    • نئون ديرو؛ ڦلن جي ٽوڪري ۾، نانگن جو ديرو.
    • سيوهڻ؛ مست قلندر! مست قلندر، هنود ڪاسائي دل جي اندر.
    • اسلام ڪوٽ؛ نالو چڱو، چڙهيل چوٽ، ٻاهران ڀاڪر، اندر کوٽ.
    • مٺي؛ نه کٽي، نه مٺي.
    • خيرپور؛ زر ڦينڪ ته اکئين نور، نه ته هر ڪو دور دور.
    • ٺٽو؛ تاريخ ۽ سياست جو اڇو چٺو، پوءِ به ماڻهو عقل مٺو.
    • ميرو خان؛ تون به خان، مان به خان، هلي ڪيئن جهان.
    • ميهڙ؛ جيڪو ملئي، ميڙي هڻ.
    • نصيرآباد؛ سدائين ناشاد.
    • شهدادپور؛ لاڏ پور، ڪوڏ پور.
    • ڳڙهي خيرو؛ ڳڙهي جھيڙو.
    • مورو؛ جيءَ جھورو.
    اھا ٻي ڳالھ آھي ته مٿين شھرن بابت ٻئي يا ساڳئي روپ ۾ ڪھاوتون استعمال ھيٺ آھن. جھڙيءَ طرح؛
    • ڪراچي؛ روشنين جو شھر.
    • لاڙڪاڻو؛ ھجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
    • ڪشمور؛ ڪئش مور.
    • ڪنڌڪوٽ؛ گند ڪوٽ.
    • ڄامشورو؛ جان ڇوڙو.
    • باڊھ جي بسرين کان ٿرڙيءَ جون ٿڪون چڱيون.
    • ڏسڻ جي ڏوڪري، اندر جي باڊھ.
    • نئون ديرو؛ دل وارن جو ديرو.
    • مٺي؛ ڏاڍي مٺي آھي.
    • ڳڙھي خيرو؛ جت بک مري ڳيرو.
    مٿي ڄاڻايل فقرا يا جملا، چوڻيءَ يا ڪھاوت جو، اگر اڄ روپ ڌاري نه سگھيا آھن ته سڀاڻي، گھڻي استعمال پڄاڻان، عوام ۾ پنھنجائپ واري حيثيت حاصل ڪندي، ڪھاوت جي پد تي پھچي ويندا.
    هر ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا پھاڪا/چوڻيون موجود آهن، جن جو ان ٻوليءَ جي خطي، ماڳ مڪان يا جاگرافيائي بيھڪ سان ضرور واسطو آهي. ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.
    الف) انگريزي
    جھڙو ديس، تھڙو ويس. روم ۾، رومين وانگر رهو. When in Rome, do as Romans do ۱
    تريءَ تي بھشت نه ٿو جڙي. روم، هڪ ڏينھن ۾ نه جڙيو آهي. Rome was not built in a day. ۲
    درياهه ڀر ويھي، مانگر مڇ سان نه وجھجي وير. روم ۾ رهي پوپ سان اچائڻ، بيوقوفي آهي. It is ill-sitting in Rome and striving against Pope. ۳
    مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چارا. سمورا رستا، روم ڏانھن وڃن ٿا. All Roads lead to Rome. ۴
    ڪوئي مري ڪوئي جيوي،
    سُٿريا گهول پتاشا پيوي. روم سڙيو پئي، نيرو مرليءَ ۾ مگن هئو. Rome was burning, Neru was fiddling ۵
    ب) عربي
    ۱ بغداد، عروس البلاد بغداد، عراق جي گاديءَ جو هنڌ، شھرن جي ڪنوار آهي.
    ۲ صوفي، لاڪوفي صاف دل ڪڏهن به ڪوفي نه ٿيندو.
    ۳ ڪوفي، لايوفي ڪوفي جو رهندڙ، باوفا نه هوندو.
    ج) فارسي
    ۱ اصفھان؛ نصف جھان. اصفھان، سونھن ۾، اڌ جھان برابر آهي.
    ۲ سيون سبي چون ساختي،
    دوزخ چرا مي پرداختي. جڏھن سيوھڻ ۽ سبي ٺاهيئي،
    پوءِ دوزخ ڇا لاءِ پيدا ڪيئي.
    ۳ هنديان را هند مدح به،
    سنديان را سند مدح به. هندن لاءِ هندي محاورو،
    سنڌين لاءِ سنڌي محاورو.
    ۴ چنان قحط سالي شد اندر دمشق،
    که ياران فراموش کردند عشق دمشق جي قحط سبب،
    يارن کان عشق ئي وسري ويو.
    ۵ ترسم نه رسي بکعبه اي اعرابي،
    که اين تو راه روي بترکستان است. ڊپ اٿم ته ڪعبي نه پھچندين اي اعرابي،
    راهه جا ورتي اٿئي، سا ترڪستان ٿي وڃي.
    د) پنجابي
    ۱ جس ني لاهور ديان بتيان نهين ويکيان،
    اوه جميا ئي نهين. جنھن لاهور جون ٻرندڙ بتيون نه ڏٺيون، اهو ڄڻ ڄائو ئي نه.
    ۲ ”ڪٿي گئي سي؟“
    چي؛ ”لالي موسي.“
    ”ڪي ڪرڻ گئي سي؟“
    چي؛ ”پنڌ مفت دا ڪٽي گسي.“ ”ڪاڏي وئي ھئين؟“
    چي؛ ”لالا موسيٰ.“
    ”ڇا لاءِ وئي ھئينءَ؟“
    چي؛ ”پنڌ مفت جو، ڌوڙ منھن ۾ الڳ!“

    ھ) سرائيڪي
    نمبر شھر/ماڳ سرائيڪي چوڻي سنڌي نعم البدل
    ۱ اُچ ۱.۱ اُچ جلال ڏٺي، تان غريبان وي وٽي ماري. ۱.۱ اچ، جلال ڏٺو، غريبن به وٽ پچايا.
    ۲ احمدپور/
    احمدپوري ۲.۱ احمدپوري،
    نيت بري. ۲.۱ احمدپوري، نيت بري.
    ۳ اله آباد/
    اله آبادي ۳.۱ اله آبادي، رن سوادي.
    ۳.۲ اله آبادي، مُنا ھتھ. ۳.۱ اله آبادي، رن سوادي.
    ۳.۲ اله آبادي، ھٿن-ٽُنڊا.
    ۴ بنون ۴.۱ فلاڻان ڳيا بنون،
    ول آوي تان منون. ۴.۱ جو وڃي بنون،
    موٽي اچي ته مڃيون.
    ۵ بھاولپور/ بھاولپوري ۵.۱ آئي يار بھاولپوري، مونھ دي مٺي، نيت بري. ۵.۱ آيا يار بھاولپوري، منھن جا مٺڙا، نيت بري.
    ۶ بھلوال ۶.۱ جيھڙا ويسي بھيلو وال، ڪالي ڪني نالو نال. ۶.۱ جيڪو ويندو ڀلوال،
    تنھن کي ڪاري ڪني ڪلھي تي.
    ۷ ٻوھڙ ۷.۱ ٻوھڙين رات نان پووي، توڙي سس تي سوھرا ھووي. ۷.۱ ٻوھڙن ۾ رات نه پوئي، توڙي سس سھرو ھجئي.
    ۸ پھاڙي ۸.۱ پھاڙي ميت ڪيندي، ڀت کادا تي ويندي. ۸.۱ پھاڙي نه مٽ ڪنھن جا، ڀت کاڌائون، پنڌ پيا.
    ۹ ججه /
    کھوئي ۹.۱ ڀڙن ججه آلي، ڪُٽيجن کھوئي آلي. ۹.۱ وڙھن ججه وار، ڪُٽجن کوھيءَ وارا.
    ۱۰ جلالپور/ جلالپوري ۱۰.۱ جلالپوري، مونھ دي مٺي، ھٿ اچ قران، ڪڇ اچ ڇري. ۱۰.۱ جلالپوري، منھن جا مٺڙا، ھٿ ۾ قرآن، بغل ۾ ڇري.
    ۱۱ جله ارائيان ۱۱.۱ جلي دي ارائين، او ھي چور او ھي سائين. ۱۱.۱ جلي جا آرائين؛ پاڻ ئي چور، پاڻ ئي سائين.
    ۱۲ چنيوٽ/
    چنيوٽي ۱۲.۱ آئي يار چنيوٽي، شڪل سوھڻي، نيت کوٽي. ۱۲.۱ چنيوٽي؛ شڪل سھڻي، دل کوٽي.
    ۱۳ خان بيلا ۱۳.۱ خان بيلا، ڏکھ ڏھيلا، بھونڪي ڪتي، ٻاڪي ليلا. ۱۳.۱ خان ٻيلا؛ ڏک ڏھيلا، ڀونڪي ڪتي، ٻيڪن ليلا.

    ۱۴ داجل/
    داجلي ۱۴. سوکھ نان ستا داجلي، آپڻي سنبھل واڻ. ۱۴. سک سان ستو داجلي، پنھنجو سنڀالي واڻ.
    ۱۵ دلي/
    دلي وال ۱۵.۱ دلي ٺگ تي ڪوڙا جيسلمير، پير فريد ڪڇي ڪي، دنيا بيڪانير.
    ۱۵.۲ دلي دي پھيڪري، جھين ماءُ تي جھين ڏيڪري.
    ۱۵.۳ ڪاڪا دلي وال، تھوليان ڳالھين، ڍير ڌتال.
    ۱۵.۴ دلي شھر نمونان، اندر مٽي، ٻاھرون چونا. ۱۵.۱ دھلي ٺگ، ڪوڙو جيسلمير، پير فريد ڪڇيءَ جي، دنيا بيڪانير.
    ۱۵.۲ دھليءَ جا ڦيڪري، جھڙي ماءُ تھڙي ڏيڪري.
    ۱۵.۳ ڪاڪا دلي وال، ڳالھيون ٿوريون، ڍير ڌتال.
    ۱۵.۴ دھلي شھر نمونو، اندرئون مٽي، ٻاھرئون چونو.
    ۱۶ دنياپور ۱۶.۱. چار چيزين تحفه دنياپور؛ گاجر، مولي، وڙي تي کمبور. ۱۶.۱. چار شيون تحفا دنياپور؛ گجر، مووي، وڙيون ۽ کمبور.
    ۱۷ رنگپور ۱۷.۱ رنگپور دي پنتھ نياري، ھڪ نون ٻوڙي، ھڪ نون تاري. ۱۷.۱ رنگپور جا پنڌ نيارا، ھڪ کي ٻوڙين، ھڪ کي تارين.
    ۱۸ ڪڇي ۱۸.۱ ڪڇي؛ سوني دي لڇي.
    ۱۸.۲ ڪڇي دا يار تي لئي دا انگارا، ڏونھين بي وفا ھوندن. ۱۸.۱ ڪڇي؛ سون جي لڇي.
    ۱۸.۲ ڪڇيءَ جو يار، لئيءَ جا اڱر، ٻئي بي وفا.

    ۱۹ ڪھروڙ پڪا ۱۹.۱ آئي ني يار ڪھروڙي، لش پش ڍير، محبت تھولي. ۱۹.۱ڪھروڙي؛ لش پش گھڻي، محبت ٿورڙي.
    ۲۰ ڪينجھر ۲۰.۱ اٽا ھووي ڳنڍ، ڪينجھر رات نان ڀن.
    ۲۰.۲ ڪينجھر رات نان پووي، بھاوين اٽا پلي ھووي. ۲۰.۱ اٽو ڳنڍ ۾ ھجئي،
    ڪينجھر ۾ رات نه پوئي.
    ۲۰.۲ ڪينجھر ۾ رات نه پوئي، ڀلي اٽو ساڻ ھجئي.
    ۲۱ لاڙڪانان ۲۱.۱ جيڪر ھووي نانوان، تان سيل ڪري لاڙڪانان،
    نان تان رل ود ليگا نان. ۲۱.۱ جي ھجئي ناڻو،
    گھم لاڙڪاڻو،
    نه ته نالو وٺي رل.
    ۲۲ لھور/
    لھوري ۲۲.۱ لھور دي بانڪي، کھيسي اچ وٽي.
    ۲۲.۲ آئي يار لھوري، ڏکاوڻ دروازه، ٽپاون موري.
    ۲۲.۳ ڏٺا لھور نمونان، اندر مٽي، ٻاھرون چونا. ۲۲.۱ لاھور جا بانڪا، کيسي ۾ ڀتر.
    ۲۲.۲ آيا يار لاھوري، ڏيکارين دروازو، ٽپائين موري.
    ۲۲.۳ ڏٺو لاھور جو نمونو، اندرئون مٽي، ٻاھرئون چونو.
    ۲۳ مظفرڳڙھ/ مظفرڳڙھي ۲۳.۱ مظفرڳڙھ؛ آئيان دا ھي، ڄائيان دي نھين.
    ۲۳.۲ مظفرڳڙھ؛ ڪفرڳڙھ. ۲۳.۱ مظفرڳڙھ؛ آين جو آھي، ڄاين جو ناھي.
    ۲۳.۲ مظفرڳڙھ؛ ڪفرڳڙھ.
    ۲۴ ملتان/
    ملتاني ۲۴.۱ آئي ملتان دي واري،
    پئي مينھ بڻ ڳئي اندھاري.
    ۲۴.۲ جئين نان ڏٺا ملتان،
    نان او ھندو، نان او مسلمان.
    ۲۴.۳ چل چليئي ملتان، اتھان وڊي وڊي پھلوان،
    کاندي ڳريان تي بدام،
    مارن مڪ تي ڪڍن جان.
    ۲۴.۴ خرچ وڊي ملتاني دي، دال مُنگ ڏو آني دي.
    ۲۴.۵ شھران وچون شھر ملتان، جٿان ھر دم امن امان.
    ۲۴.۶ ملتان، پيرين ڪنون پر ھي.
    ۲۴.۷ ملتاني دا ھتھ چلي تي، ھندستاني دي زبان.
    ۲۴.۸ ملتاني؛ وڊي شطاني.
    ۲۴.۹ ملتان دا يار، ٻنان عيدگاھ.
    ۲۴.۱۰ ملتان آئيان دا ھي، ڄائيان دا نھين. ۲۴.۱ آئي ملتان جي واري، وٺو مينھن، ٿي آنڌاري.
    ۲۴.۲ جنھن نه ڏٺو ملتان، سو نه ھندو، سو نه مسلمان.
    ۲۴.۳ ھلو ھلئون ملتان،
    جتي آھن وڏا وڏا پھلوان،
    کائين ڳريان ۽ بادام،
    ھڻي مڪ ڪڍن جان.
    ۲۴.۴ خرچ وڏا ملتانين جا، دال مُنگ ٻين آني جا.
    ۲۴.۵ شھرن منجھ شھر ملتان، جتي ھر دم امن امان.
    ۲۴.۶ ملتان، پيرن سان ڀريل آ.
    ۲۴.۷ ملتانين جا ھٿ ھلن، ھندستانين جي زبان.
    ۲۴.۸ ملتاني؛ وڏا شيطاني.
    ۲۴.۹ ملتان جو يار، ٻنان عيدگاھ.
    ۲۴.۱۰ ملتان آين جو آھي، ڄاين جو ناھي.
    و) ڏور اوڀر
    1. بئنڪاڪ ۾ اڇليل پٿر، ڪنھن ڪتي تي يا بکشو ٻائي تي يا بادشاهي گهراڻي جي ماڻھوءَ تي پوندو. (ٿائي، چوڻي)
    2. ٽوڪيو ۾ رسيل تڪليف جو بدلو، ناگاساڪيءَ ۾ نه وٺجي. (جپاني، پھاڪو)
    مٿيان جملا، آسمان مان نازل ٿيل نه آهن. ڪن ماڻھن جي واتان، موقعي مھل جي مناسبت سان، بي اختيار نڪتل آهن. منجھن سچائي به آهي ته سحر به. ڪن ۾ ته فقط تڪ-بندي ئي آهي، تڏهن به پيا دل سان ٺھڪن.
    اهڙيءَ طرح، سنڌ ۾ به ماڳ مڪان جي حساب سان، ڪن جملن، پھاڪي يا چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪئي آهي. ان ڪري جاگرافيائي بيھڪ ۽ اتان جي رھواسين بابت چيل ڪجھ جملا، ڇنڊي ڇاڻي، پنھنجي نقطي ۽ ھم-معنيٰ پھاڪي يا چوڻيءَ سميت، نموني جي طور لپ ڀري پيش ڪجن ٿا.
    انھن جو ماڻھن جي نفسيات تي ڪيترو اثر آهي، سو پڙهندڙ پاڻ معلوم ڪري سگهي ٿو. اول ماڳ مڪان جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جي هيٺان، ان سان لاڳو پھاڪو/ چوڻي ڏني وئي آهي.
    ھيءُ مضمون پھرين ’ڪينجھر‘ رسالي لاءِ لکيو ويو ھيو، جيڪو اتي پڻ ڇپيو. ان وقت شروعاتي مرحلن ۾ ھئڻ سبب، منجھس کوڙ ساري کوٽ ھئي. ھاڻي ان کي وڌائي، سڌاري، سنواري ۽ ڪتابي شڪل ڏئي علم ادب جي چاکائن لاءِ پيش ڪجي ٿو. اميد آھي ته ان وکر جا متلاشي، منجھانئس ڪيئي موتي/ ماڻڪ چُڻي ۽ چوئي ڪڍندا.
    ھن ڪتاب جي ڇپجڻ ۾، مان پنھنجي سمورن سھڪاري دوستن جو شڪرگذار آھيان. ناز سنائيءَ جو، جنھن ان کي ’ڪينجھر‘ رسالي لاءِ پسند ڪري ڇاپيو. رضا محمد بخاريءَ جو، جنھن واڌارن سڌارن کان پوءِ، ان کي ڪمپوز ڪيو. منظور ڪوھيار صاحب جو، جنھن ان کي پڙھي، پوءِ مٿس مھاڳ لکيو. احسان دانش صاحب جو، جنھن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاھي موڪليو. آخر ۾ رياضت ٻرڙي صاحب جو، جنھن ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپائڻ جي حامي ڀري.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    ۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
    قمبر روڊ- لاڙڪاڻو


    متن

    1. آريجا

    1.1 لاهي لنگا ويھه، آريجن مان آسرو،
    پني پرائو ڏيھه، اچي کاءُ آريجن ۾. (سرو، چوڻي)
    آريــجــن جـا لاڙڪـاڻـي ۽ قمـبـر-شھـدادڪوٽ ضلعن ۾ ٽي وڏا ڳوٺ آهن؛ ۱. خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري/ باقراڻي ۲. ڦيڙهي وارا آريجا، تعلقو قمبر ۽ ۳. محمدي آريجا، تعلقو وارھ. هيءَ چوڻي خير محمد آريجا (تعلقو ڏوڪري/ باقراڻي) لاءِ چيل آهي.
    آريجن جي شھر ۾ خير محمد آريجو نالي، ھڪڙو بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو صاحبِ شريعت ھيو. سندس وقت ۾، سندس موجودگيءَ ۾ ڪنھن کي به مجال نه ھئي جو دھل دماما يا موسيقي وغيرھ وڄائي. شھر ۾ رھندڙ لنگھا/ مڱڻھار، گذر سفر لاءِ ٻين شھرن ڏانھن ويندا ھيا. کين آريجا شھر ۾ دھل نه وڄائڻ سببان، پڳر به نه ملندو ھيو، جنھن تان ھڪ ڏينھن ھڪڙي، آريجوي لنگھي/ مڱڻھار، ائين چئي دل جي باھ ماري.
    مطلب:
    • آريجن ۾ پنڻ جي پچر ڇڏي، محنت تي گذران ڪرڻ گهرجي.
    • پنڻو آهي ته پوءِ آريجا ڇڏي، ٻئي هنڌ وڃي پِنجي.


    2. آمري

    2. آمري
    2.1 آمريءَ آءُ ته مرين، ھونئن نه مرين ته بک مرين. (لاڙ، چوڻي)
    آمري؛ ضلعي دادوءَ اندر ھڪ ماڳ جو نالو.
    ائين ڪنھن ھڪڙي پئي چيو؛ ”سائين منگي منگوليا کان آيا، چنا چين کان ۽ ڪوري ڪوريا کان.“
    منظور ڪوھيار صاحب به اتي ويٺو ھيو، جنھن بي اختيار چيس؛ ”سڀاڻي چوندين ته آمريڪا، آمريءَ وارن جو اڏيل آھي.“
    ھيءُ ھڪڙو لطيفو ھيو، جيڪو مذاح خاطر ھتي ڏنو ويو.
    جڏھن ته اڪثر ائين ڏٺو ويو آھي ته لفظن جي ھڪجھڙائي ماڻھوءَ جو ذھن منجھائي مائوف ڪري ڇڏيندي آھي. جيئن ڪوريجا ذات بابت ھڪڙي تاريخ-نويس لکيو آھي؛ ”ڪوريجا، ڪورَون جو اولاد آھن.“
    يا ائين ته منڇر، مانڇر يا مانسرور ڍنڍ جو بگڙيل نالو آھي، جيڪا وقت جي ڦير گھير سان ڇڄي ٻه ٿيڻ کان پوءِ ٻن نالن سان سڏجي ٿي. ائين چئي پوءِ ڪير ويھي جيالاجيءَ جي اکيڙ نکيڙ ڪري!
    اھڙيءَ طرح آمري ۽ آ مر! به لفظن جي ھڪجھڙائيءَ سبب پاڻ ۾ الجھيل آھن. ضروري ناھي ته جيڪو آمريءَ اچي سو آ مري!
    ڇو جو مرڻ مرڪ آھي ۽ ماڻھو مرڻي وٿ آھي. ڪاٿي به پڄي آيس، دنيا مان ھليو ويندو. ان جو ھليو وڃڻ، ماڳ مڪان ۽ وقت سان جڙيل آھي پر ان جي، سواءِ خالق مالڪ جي، ڪنھن کي ڪا خبر ناھي.
    اھڙيءَ طرح اڃ ۽ بک به فطري تقاضائون آھن، ڪٿي به لڳي سگھن ٿيون. وچ سمنڊ ۾ به ماڻھو اڃيو مري سگھي ٿو، محلن ماڙين مراعتن جي اندر، مانيءَ جي گرھ لاءِ بک مري سگھي ٿو.
    ھيءَ لفظن جي جادوگري آھي، جنھن تحت جيڪا لاھڻي، جنھن تي لاھڻي ھجي، سا لاھي سگھجي ٿي.
    مطلب:
    • آمريءَ منجھ کائڻ لاءِ، پئسن تي به ڪجھ نه ملندو.


    3. اٻاوڙو

    3. اٻاوڙو
    3.1 اوٻاوڙي جي ٻولي؛ دٻي ۾ ٺڪريون. (چوڻي)
    اوٻاوڙو، جغرافيائي لحاظ کان سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي سرحد تي ۽ هندوستان جي رياست جيسلمير جي ويجهو آهي. سرائيڪي، پنجابي، بلوچي ۽ سنڌي ٻولين جي گڏيل اثر کان علاوه، علائقائي لهجن جي فرق ۽ ڦير سبب، اتان جي ٻولي چڱي خاصي بگڙيل آهي. ان کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ دقت ٿئي ٿي، جنهن سببان اتي مروج لهجي (dialect) بابت عام راءِ اها آهي ته دٻي ۾ ٺڪريون وجھي، دٻي کي کڙڪائبو ته منجھانئس جيڪو آواز نڪرندو، تنھن جو ڪو به مفھوم يا پيغام نه ھوندو. اوٻاوڙي جي ٻولي سمجھڻ به ائين آھي، جيئن ٺڪرين وڌل دٻي کي کڙڪائڻ سان نڪتل آواز کي سمجهڻ.
    مطلب:
    • اوٻاوڙي جي ٻولي، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ڏکي آهي.
    • بروهڪي/ جتڪي ٻولي، دٻي ۾ ٺڪريون.


    4. اروڙ

    4. اروڙ
    4.1 هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
    بِھَه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي. (سرو، چوڻي)
    چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌو درياهه، هاڪڙي وٽان وهندو هئو. جڏھن اروڙ وٽان مٿس ٻنڌ ٻڌائون ته رخ مٽائي ويو. ھاڻي بجاءِ هاڪڙي واري پاسي کان وهڻ جي، ٺٽي واري پاسي ڏانھن وهڻ لڳو. درياھ جي رخ مٽائڻ سببان، درياھ جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ سموريون رونقون اوڏانھن ڦري ويون. خاص طور تي بھ، مڇي ۽ لوڙھ وغيرھ ھاڻي ٺٽي طرف به ٿيڻ لڳا. اڳي اھي اروڙ وارن وٽان کين تحفي طور ملندا ھيا، جنھنڪري موٽ ۾ پاڻ به اروڙ وارن جي خاطر تواضع ڪندا ھيا. درياھ جي رخ مٽائڻ سببان، اروڙ وارن جي خاطر تواضع ۾ گھٽتائي اچي وئي.
    ان ڪري ماموئين هن بيت اندر پيشن گوئيءَ طور چيو آهي ته، شال اروڙ جو بند ٽٽندو ۽ درياءُ وري هاڪڙي واري پاسي ڏانھن سير ڪري وهندو. پوءِ ٺٽي واري پاسي، جتي سمن جي حڪومت آهي، پاڻي نه وڃڻ سبب بھه، مڇي ۽ لوڙهه نه ٿيندا، جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ، کين وري هاڪڙي وارن ڏانھن، واجھائڻو پوندو ۽ واسطا وڙا وڌائڻا پوندا.
    مطلب:
    • درياھ جي رخ ڦيرائڻ سان حالات ۾ به ڦيرو اچي ٿو.


    5. اورنگا/ ديرو

    5.1 ديرو ڦٽو، اورنگا وٺو. (لاڙ، پھاڪو)
    ڪڪراله، تعلقي شاهبندر ۾، ديرو ڪيھرن جي گاديءَ جو هنڌ هئو ۽ اورنگزيب عالمگير، ديري جي ڦٽڻ بعد اورنگا بند تعمير ڪرايو، جنھن کي ڪڪراله بندر به چوندا آهن. ديري ڦٽڻ بعد، اورنگزيب جي نالي پويان اورنگا بندر وسي ويو.
    ھونئن به اھو فطري عمل آھي. وڏي شھر جي اوس پاس واريون وسنديون، ايترو نه اسرنديون آھن. اھي ھر سھوليت لاءِ، وڏي شھر ڏانھن واجھائينديون آھن. پاڻ کي پاڻ-ڀرو ڪرڻ بجاءِ، وينديون آھن ڦٽنديون.
    مطلب:
    • هڪ ڳوٺ، شھر يا ماڻھوءَ جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ ٻيو ورسجي وڃي ته ائين چيو ويندو آهي.


    6. بٺورو

    6. بٺورو
    6.1 ليکا ڏي بٺوري وارن کي. (لاڙ، چوڻي)
    شاهبندر، جاتي ۽ کارو-ڇاڻ جي ماڻھن کي ڪير، خواه مخواه بيوقوف بنائڻ واري ڳالهه ڪندو آهي ته سُر صحيح ڪري کيس ٽوڪ طور ائين موٽ ڏيندا آهن. اڳئين دؤر ۾ بٺوري جا ماڻھو به ٻين جي ليکن تي لڳي ويندا هئا.
    مطلب:
    • ٻين جي ڳالھين تي لڳي پنھنجي مت وڃائڻ واري کي ائين ٽوڪ طور چيو ويندو آھي.

    6.2 بٺورو، دل ڏيئي بيٺو رو. (لاڙ، چوڻي)
    بٺوري شھر وارن کي بيوفا ظاھر ڪرڻ خاطر ايئن مثال ڏنو ويندو آهي. ھونئن به جتي جت قوم جو مسڪن ھجي، اتي بيفائيءَ جي ئي توقع رکي سگھجي ٿي، ڇو جو اٺ ۽ جت جو رند ۽ پنڌ غرض کان سواءِ نه ھوندو آھي.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ ڪنڊيارو، دل ڏيئي ويٺو رو.


    7. بٺي/ بھرام

    7. بٺي/ بھرام
    7.1 اڻڄاڻ لاءِ؛ جھڙي بُٺي، تھڙو بھرام. (لاڙڪاڻو، پھاڪو)
    بُٺي ۽ بھرام، تعلقي قمبر علي خان، ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جا ٻه وڏا ۽ مشھور ڳوٺ/شھر آهن. ٻئي بلڪل گڏوگڏ آهن. ائين جيئن قمبر ۽ علي خان، جيڪي اڳ ۾ ٻه الڳ الڳ شھر ھيا ۽ ھاڻي ملي ھڪ ٿي ويا آھن ۽ گڏيل نالو اٿن؛ قمبر علي خان. اھڙيءَ طرح بٺي ۽ بھرام پڻ آھن، جيڪي قمبر علي خان کان شھدادڪوٽ ويندڙ رستي تي واقع آهن. بھرام ۾ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. ٻئي هڪ ٻئي کي ايترو ويجها آهن جو، نئين ماڻھوءَ کي بلڪل خبر نه پوندي آهي ته بھرام ڪٿي پورو ٿيو ۽ بُٺي ڪٿان شروع ٿي. ڪن سادن ماڻھن لاءِ اهو ئي بٺي آهي، اهو ئي بھرام آهي.
    مطلب:
    • جنھن سادڙي طبيعت کي ٻن شين جي فرق جي خبر نه پئي تنھن لاءِ ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آهي ته؛ ”هن لاءِ جھڙي بٺي، تھڙو بھرام.“


    8. بخارا/ بلخ

    8. بخارا/ بلخ
    8.1 جو سک اپني چوباري، سو ناهي بلخ بخاري. (هندي، چوڻي)
    چوبارو؛ ڪکائين جھوپڙي، سادڙو گھر.
    پنھنجي ڪکائين گهر ۾ جيترو مزو آهي، اوترو بلخ بخارا جھڙن خوبصورت شھرن ۾ ناهي. پنھنجي گھر ۾، ماڻھو اٿڻ ويھڻ جي حساب سان آزاد، بيباڪ ۽ مرضيءَ وارو آھي. پرائي گھر ۾ ھيسيل، موڙھيل ۽ گھٻرايل ھوندو آھي.
    مطلب:
    • پنھنجي گھر جھڙي ڪا بادشاھي ڪانھي.
    • پنھنجي ڏر تي گدڙ به شينھن.
    • پنھنجي گھٽيءَ ۾، ڪتو به بگھڙ.
    • پنھنجو گھر، ھنگي ڀر. پرائو گھر، ٿُڪ ڦٽي ڪري ڏر.


    9. بغداد

    9. بغداد
    9.1 هوڏانھن باهه، هيڏانھن ڀِتِ، بغداد منيءَ ۾. (سنڌ، پھاڪو)
    هڪ منھ اندر، ڀت جي ڀرسان گابو ٻڌل هيو. ڪنھن مھل اوچتو مَنَھه کي باههِ لڳي وئي. ھڪ پاسي کان باھ ته ٻئي کان ڀت ھئي. گابو پاڻ رسي ذريعي ڪلي سان سُڪ ٻڌل ھيو. گابي کي، نه ڀڄڻ جي واھ پئي ملي ۽ نه ئي ڪير ڇوڙڻ لاءِ دل ٻڌي اندر پئي آيس. اهڙيءَ حالت کي ڏسي ڪنھن ائين چيو.
    مطلب:
    • اڳيان باھ، پويان پاڻي.
    • ڪنھن وڏي مصيبت ۾ چؤکنڀو ڦاسڻ.
    • انڌير آ ڪن بغداد آ. (ورجيس)
    • ظلم جي جاءِ، جتي نه ھيڏانھن پير ڌري سگھجي، نه ھوڏانھن پير ڌري سگھجي.
    • نانگ جھليو وڇونءَ کي، چي؛ جي ٿو ڇڏيان ته ڪوڙھي ٿو ٿيان، جي ٿو ڳھان ته پيٽ ٿو چيري.


    10. بڪيرا.

    10. بڪيرا.
    10.1 جنهن بڪيرا نه ڀيٽيا، تنهن جو ملتان به نه ٿيو. (سرو، پھاڪو)
    غوث بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي پويان ھلندڙ سلسلي کي جن جماعتن وڌايو، سي ملتاني جماعتون، پهرين بڪيرا شريف مان ٿي پوءِ ملتان وينديون هيون ۽ اتان واپسيءَ تي به وري بڪيرا شريف ۾ ضرور حاضري ڀرينديون هيون. جنھنڪري ھر ھڪ زيارتيءَ تي لازم ٿي ويو ھيو ته ايندي ويندي بڪيرا شريف اچي. جيڪو نه ايندو ھيو، تنھن لاءِ ائين چيو ويندو ھيو.
    مطلب:
    • ملتان جي بزرگن وٽان فيض تڏھن حاصل ٿيندو، جڏھن بڪيرا شريف جي درگاھ تي حاضري ڀربي.


    11. بکر/ سکر

    11. بکر/ سکر
    11.1 رَنَ ٻڏي سکر، ڄار پوي بَکَر. (سرو، پھاڪو)
    سکر ۽ بکر، درياهه سنڌ مٿان، ٻه علائقا آهن. بکر مٿئين پاسي ته سکر لھواري پاسي آهي. عورت جي ذات به عجيب شيءِ هوندي آهي. ويندي هڪڙي پاسي، لڀندي ٻئي پاسي کان. ضدي وري ايڏي آهي جو مرڻ کان پوءِ به ضد نه ڇڏيندي آھي. پاڻ کي ٻين کان عقل ۾ وڌيڪ سمجھندي آھي. مرد ھڪڙيءَ تي ته پاڻ ٻيءَ تي ھوندي آھي. دنيا جي ھر معاملي ۾ پئي الجھندي ۽ ضد ڪندي آھي. اگر لاش لھوارا لڙھندا آھن ته ضدي عورت جو لاش وري اوڀارو پيو ترندي ويندو آھي، جنھنڪري سندس لاش ڳولڻ لاءِ، هيٺ بجاءِ، مٿي ڳولڻو پوندو آھي.
    مطلب:
    • رن مري سکر، ڄار پوي بکر.
    • عورت جو ضد تمام گھڻو مشھور آھي. ضد تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي وجھندي پر ضد تان مور نه لھندي.
    • گم هيٺانھينءَ ۾ ٿيڻ ۽ وري مٿئين طرف کان ملڻ.


    12. بندر/ شاهه بندر

    12. بندر/ شاهه بندر
    12.1 بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سوئر. (لاڙ، چوڻي)
    هڪ جلباڻي فقير، شاهه بندر جي ماڻھن جي ناروا سلوڪ تان ڪاوڙجي پيو، جنھن تان کين پاراتو ڏنائين. ان کان پوءِ ستت ئي شاھ بندر ڦٽي ويو ۽ منجهس وري سوئرن اچي ٿم ٺاهيا.
    مطلب:
    • بندر جي وسندي ڦٽندي، منجھس وري جھنگ ٿيندو، جنھن ۾ سوئر پيا ڦرندا.

    12.2 بندر ڦٽو، سوکي وٺي. (لاڙ، چوڻي)
    ڪنھن بزرگ جي پٽ پاراتي پڄاڻان، شاه بندر ڦٽي ويو. ان جي تباهيءَ بعد، کاري ڇاڻ جي ڪاڇيل طرف واقع سوکي بندر آباد ٿيو.
    مطلب:
    • ھڪ وسنديءَ جي ڦٽڻ بعد، ڀر واري جھنگل ۾ به منگل ٿيو وڃن.

    12.3 شاهه بندر ڦِٽو، چوهڙ وُٺو. (لاڙ، پھاڪو)
    شاهه بندر جو شھر جڏھن ڦِٽو ته اتان لڏ پلاڻ ٿي. سندس ڦٽڻ بعد، تعلقي جو مک شھر، چوهڙ جمالي وسي ويو. اتي آبادي وڌي ۽ جايون جڳھيون ٺھيون. واپار وڙو اتي ٿيڻ لڳو. جنھن سان ماڻھن جي اچ وڃ يا آمدرفت ۾ اضافو ٿيو. روڊ رستا، لاريون ٻگھيون اوڏانھن وھڻ ۽ ڍُڪڻ لڳيون.
    مطلب:
    • ھڪ ھنڌُ يا ماڳُ ڦٽي ٿو ته وري ويجھو ئي ٻيو غير آباد علائقو آباد ٿيو وڃي.

    12.4 گهاٽا گهر بندر جا، پڙيءَ تي بيٺو پِنُ. (لاڙ، چوڻي)
    شاهه بندر جا گهاٽا گهر هوندا هيا، جو فقير کي هڪ هنڌ بيھي پنڻ ۾ ئي چڱو خاصو ملي ويندو هيو.
    مطلب:
    • ھڪ آباديءَ جي ڦٽڻ بعد، ٻي غير آباد ڌرتي ورسجي وڃي ٿي.
    • پٽيل شھر، جلد تباھ ٿيو وڃي ۽ سندس اوج مٽجي، ٻئي شھر کي مليو وڃي.


    13. ڀارت

    13. ڀارت
    13.1 جيڪي مھا ڀارت ۾ آهي، سو ڀارت ۾ ڪينھي. (هندي چوڻي)
    هندن جي عقيدي مطابق؛ مھاڀارت، هڪ مڪمل معلوماتي ۽ مذهبي ڪتاب آهي. ڀارت کنڊ جون مکيه ۽ جملي ڳالھيون، منجھس لکيل ڪين آهن. ٻين لفظن ۾ سندن خيال آھي؛ مھا ڀارت ۾ اھي ڳالھيون به لکيل آھن، جيڪي ڀارت ملڪ ۾ ڪونھن.
    مطلب:
    • مذھبي ڪتاب، انسان کي گھڻو ڪجھ سيکارين ٿا.


    14. ڀنڀور

    14. ڀنڀور
    14.1 بر هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو. (شاهه، پھاڪو، حسيني)
    جملي جي ظاھري معنيٰ ھڪڙي آھي ۽ مخفي معنيٰ ٻي آھي. لفظي ترجمو ته ھيءُ آھي؛ ”جنھن ھنڌ تي ڀنڀور شھر جا آثار مليا آھن، ان ماڳ تي آڳاٽو بر ۽ ويراني ھئي، جنھن بعد آرياڻيءَ اچي ان کي اجاريو يا آباد ڪيو.“
    جڏھن ته ان جي اندروني معنيٰ، جيڪا صوفين ورتي آھي، سا ھيٺين طرح جي آھي:
    هن دنيا ۾ نبي اڪرم، خاتم المرسلينﷺ جن جي اچڻ کان اڳ، گهڻي جھالت ۽ بي ديني ڦھليل هئي، جيڪا پاڻ سڳورنﷺ جن جي مبعوث ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي ۽ جيڏانھن تيڏانھن روشني ڦھلجي وئي.
    مطلب:
    • دنيا ۾ جيڪي به سڌريل ماڳ آھن، تن تي آڳاٽن ماڻھن جي وڏي محنت ٿيل آھي.

    14.2 ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون. (شاهه، پھاڪو)
    جنھن هن دنيا/ ڀنڀور کي ڇڏيو، سو ئي آخر ۾ عذابن کان ڇٽي/ بچي ويو. سسئي به ڀنڀور شھر کي تياڳڻ بعد، دنيا جي طعنن تنڪن کان آجي ٿي ھئي.
    مطلب:
    • تياڳ ۾ ئي انند آھي.
    • دنيا؛ نه رھي پوڻ جو ماڳ آھي ۽ نه ئي دائمي محبت جو مڪان آھي. انسان نيٺ منجھانئس ھلي ھلي بيزار ٿئي ٿو. آخرڪار کيس، دنيا ڇڏڻ ۾ ئي ڇوٽڪارو نظر ايندو آھي.

    14.3 ڀنڀور کي باھ لڳي وئي. (اصطلاحي/ ورجيسي جملو)
    اصطلاحي معنيٰ: تباھي ٿيڻ، واسطو ڇڄي وڃڻ، گڏوگڏ ڳالھ جو ملڪان ملڪ ڦھلجي وڃڻ.
    جڏھن ڪنھن جي رٿا يا منصوبو، راز ۾ نه رھندو آھي ۽ ڦاٽُ ڦاٽي پوندو آھي ته وٺُ-پڪڙ شروع ٿي ويندي آھي. ان وٺُ-پاڄا ويل، ھر ڪنھن جي وات اھو جملو ھوندو آھي؛ ”ادا! ھاڻي ته ڀنڀور کي باھ لڳي وئي آھي.“ يا ائين چئبو آھي؛ ”ضرور ڪنھن ته ڀنڀور کي باھ ڏني آھي نه!؟“
    مطلب:
    • تمام گھڻي رُسوائي ٿيڻ.

    14.4 پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (شاهه، سسئي، چوڻي)
    محبوب کان سواءِ دنيا ڪنھن ڪم جي ناهي. ھن جملي جي ظاھري معنيٰ ته اھا آھي. جڏھن صوفين وٽ ان جي اندروني معنيٰ ٻي آھي. سندن خيال آھي ته؛ هن دنيا ۾، نبي آخر زمان، حضرت محمد ﷺ جن جي ٻڌايل واٽ تي نه هلڻ کان، دنيا ڇڏڻ بھتر آهي.
    مطلب:
    • پرينءَ کان سواءِ، دنيا جي ڪنھن چيز ۾ مزو ئي ناھي.

    14.5 ڪونهي ڀنڀور ۾، ڌاران دوس ڌڻي، آءٌ ٿي ڇلان ڇپرين. (شاهه، سسئي، چوڻي)
    هن دنيا ۾ خدا تعالى کان وڌيڪ ڪو به مھربان نه آهي. اھو ئي ڀرجھلو ۽ مھربان آھي. اگر اھو پنھنجي رحم جي نظر نه ڪري ته ماڻھو ڳوليو نه لڀي.
    مطلب:
    • محبوب کان سواءِ، دنيا جي ڪا به شيءِ مزو نه ڏيندي آھي.
    • پڄاڻان پرين، ڪجي ڀنڀور کان بس.


    15. ڀينءَ

    15. ڀينءَ
    15.1 ڀينءَ جي بازار ۾ پيو گهم. (لاڙ، چوڻي)
    جاتي شھر ۾ واقع، شيخ سلامت } متوفي ۶۱۰ هه، جي نالي پويان درگاهه مغلڀين جي بازار، ميلي جي وقت، تمام ڊگهي ٿي ويندي آهي. منجهس نه ڪنھن کي گهمڻ ڦرڻ جي جهل پل هوندي آهي ۽ نه ئي بازار کٽڻ جي هوندي آهي. گهمڻ ۾ ٿڪ محسوس ڪرڻ واري کي چئبو آهي؛ ”ڀينءَ جي بازار آهي، پيو گهم!“
    مطلب:
    • گهمڻ لاءِ گهڻو ميدان آهي.

    15.2 ڀينءَ جي بازار ۾ ٻيائي نه ڪر. (لاڙ، چوڻي)
    بزرگ شيخ سلامت عرف مغلڀين جي ميلي جي بازار ۾ ٻيائي، ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪرڻ گهرجي. جاتي شھر اندر، جيڪڏهن ڪنھن جي ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو تفاوت نظر ايندو آهي ته کانئس پڪائيءَ خاطر يا سچ اوڳاڇرائڻ لاءِ، پڇبو آهي؛ ”ٻيلي! هيءَ ڀينءَ جي بازار آهي، ان ۾ ٻيائي نه ڪر!“
    مطلب:
    • قھر نه ڪر! ڀينءَ جي بازار آهي!
    • بزرگن جي آستانن تي، غلط ڪمن کان پاسو ڪجي.

    15.3 قھر نه ڪر، ڀينءَ جي بازار آهي. (لاڙ، چوڻي)
    بزرگ مغلڀين وڏي ڪاني ڪرامت وارو ٿي گذريو آھي، جنھن پنھنجي حياتيءَ ۾ نه انصاف جو دامن ڇڏيو ۽ نه وري ٻين کي ڇڏڻ لاءِ تلقين ڪئي. بلڪ انصاف کي قائم رکڻ جي ٻين کي تلقين ڪئي. ھاڻي ان بزرگ جي بزرگيءَ جو خيال ڪندي، سندس وسنديءَ ۾ ظلم ۽ قھر کان پاسو ڪجي ته چڱو!
    مطلب:
    • چڱي جاءِ يا ھنڌ جو، مانُ رکڻ گھرجي.
    • ڏائڻ وانگر ستون گھر ضرور ٽارجي.

    15.4 ڪيئن؟ چي؛ ”نه هالا، نه ڀينءَ.“ (لاڙ پھاڪو)
    ڳوٺ ٻڍاپور جي ڀر ۾ ڀينءَ جو ڳوٺ آهي، جتان درياھ جي ٻئي پار هالا جو شهر آهي. تنهنڪري اتان جي رهواسين کان رواجي ڳالھ ٻولھ ڪندي، اگر ڪير پڇندو آهي؛ ”ادا ڪيئن؟“ موٽ ۾ چوندا آهن؛ ”جيئن هالا ۽ ڀينءَ“.
    ۲
    جاتي شھر اندر، شيخ سلامت ‡ متوفي ۶۱۰ هه جي نالي پويان درگاهه مغلڀين واقع آھي. اھا درگاھ خانقاھ به رھي آھي، جتي منجھيل ماڻھو اچن ٿا. ان جو احترام پڻ ڪن ٿا.
    اھڙيءَ طرح ھالا منجھ مخدوم نوح سروريءَ جي گادي پڻ قابل احترام رھندي آئي آھي. اگر ڪنھن جو ڪنھن سان تنازعو ھوندو آھي ته ڪنھن ھڪ درگاھ جو نالو وٺڻ سان معاملو رفع دفع ڪري ڇڏيندو آھي.
    ڪي ماڻھو وري طبيعتًا اھڙا ضدي ھوندا آھن، جو کين اگر انھن درگاھن جا گادي نشين گھرائي ڪا ڳالھ مڃرائڻ چاھين ته به نه مڃيندا آھن. اھڙن ضدي، بي پير ۽ بي مراد ماڻھن لاءِ ائين چئبو آھي.
    مطلب:
    • شرافت سان، نه هالن جا پير مڃائيندس ۽ نه وري مغلڀين جو بزرگ.
    • ”ادا ڪيئن؟“ چي؛ ”جيئن هالا، تيئن ڀينءَ.“ (پھاڪو)
    • ”فلاڻو ڳالهه مڃي ٿو يا نه؟“ هڪڙي دوست ٻئي کان پڇيو. ٻئي ورندي ڏنس؛ ”شرافت سان ته؛ نه هالا، نه ڀينءَ.“
    • حال احوال وٺندي ڪير پڇندو آهي؛ ”ڏي خبر؟“ موٽ ۾ جواب ملندو اٿس؛ ”جيڏو بندو، تيڏي خبر“. (لاڙڪاڻو)
    • ڪو ماڻهو ڳالھ نه سمجهي، پڇڻ جي انداز ۾ چوندو آهي؛ ”هان!“ ته اڳلو خار مان چوندو اٿس؛ ”ڦوٽ تان“. (ساھتي)
    • تور ماپ ڪندي جيڪڏهن گراھڪ، دڪاندار کي چوندو؛ ”بس.“ دڪاندار يڪدم چوندس؛ ”بس، آ اللھ جي وس.“
    • جيڪڏهن ڪو ڪچھريءَ ۾ ڳالھائيندي چپ ٿي ويندو آھي ۽ کانئس اڳتي جي احوال لاءِ پڇبو آھي؛ ”پوءِ؟“ يڪدم چوندو آھي؛ ”پوءِ، الله نه ڪندو.“


    16. تنگواني

    16. تنگواني
    16.1 تنگواني، تنگ ماني. (چوڻي)
    تنگواڻِي جي وستي (واهڻ/ شهر) ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ آھي، جنھن کي ھن وقت تعلقي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليل آھي. اھو شھر ڳهڻو شاخ/ واھ مٿان اڏيل آهي. ڳهڻو، شاهي واهه مان نڪري ٿو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ اهو واهه، سنڌ - بلوچستان جي سرحد تي وهي ٿو. ان جي ٺهڻ کان اڳ، تنگواڻيءَ جي پسگردائي واريون زمينون، پاڻي جي اڻاٺ سبب، ايتريون آباد نه هيون. هُرلن ذريعي زمينن تي پاڻي چاڙهبو هيو. فصل گهٽ ٿيندا هئا. ماڻهن ۾ تنگدستي ڏاڍي هوندي هئي. جنهن تان ائين مشهور ٿيو.
    ٻي تاويل هيءَ ڪئي ٿي وڃي ته گڊوءَ کان جيڪب آباد ويندڙ ريل اندر، ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل جي وچ ۾، ڏاڍي رش ٿيندي هئي. خاص ڪري تنگواڻيءَ کان ٺل تائين. جنهن تان ريل ۾ ٽنگجي سفر ڪندڙن ائين مشهور ڪيو؛ ”تنگواڻي؛ ٽنگ ماني.“
    مطلب:
    • تنگواڻيءَ کان پوءِ، ريل ۾ ماني رکڻ جي جاءِ به نه ملندي، اها به ٽنگي کڻي هلڻي پوندي.
    • تنگواڻي؛ ٽنگ ماني.


    17. ٿــر

    17. ٿــر
    17.1 اڀي ڳئون ٿر گابا، چي؛ ”ڌايا ڙي ڌايا!“ (سرو، پھاڪو)
    ھڪڙي گھر-ڌڻيءَ، گھر پھچي، زال کان پڇيو؛ ”مينھن ڏڌوَ؟“ سست زالس، ستت جواب ڏنس؛ ”مينھن ته ڌاپي وئي.“ گھر-ڌڻيءَ ڏٺو ته ڳئون گھر جي اوڀر ۾ بيٺل آهي ته گابو اتر ۾. ڌاتو ڪٿان ھوندائين؟ يڪدم چيائينس؛ ”اڙي ڳئون آھي ٿر ته گابو آھي اڀي! اھو ڌائيندو ڪٿان؟“ چلھ تي ويٺل ننھن مانيءَ جو ويليل لولو اڌ ۾ ڇڏي چوڻ لڳي؛ ”چاچا! چشڪا مين به ٻڌيا!“ گھر-ڌڻيءَ يڪدم چپ ڪرائڻ لاءِ چيس: ”ڪوڙن گھپٽي! پري کان گابو ڪيئن ڌائيندو.“
    مطلب:
    • جيڪو ظاهري ڪوڙ هڻي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور، ائين چيو ويندو آهي.

    17.2 ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي. (ٿر، چوڻي)
    ٿري ماڻھن جو گذران، مال متاع تي آهي. ٿر اندر ڦٽندڙ پاڻ-مرادو گاھ پٺي تي، مال متارو ٿئي ۽ کير مکڻ ججها ٿين. اناج، ٿر اندر گھٽ ٿين، جنھنڪري ٿرين جو خاص جياپو ان تي نه بلڪ کير مکڻ تي آهي.
    مطلب:
    • ٿرين جو گذر سفر، مال جي کير مکڻ تي آھي.

    17.3 ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (ٿر، چوڻي)
    جھول؛ ضلعي سانگھڙ اندر شھر جو نالو، جيڪو تعلقي ھيڊ ڪوارٽر پڻ آھي.
    جيترو گاھ، ٿر اندر مينھن جي وسڻ تي ٿئي ٿو، اوترو گاھ، جھول جي گسن/واٽن تي ٿئي ٿو. ڇو جو منجھس ساڱرو درياھ يا نيلوفري وھي اچي ڍنڍ کي ڀريندي ھئي، جنھن تي سٺي آبادي ٿيندي ھئي.
    مطلب:
    • جھول؛ وڏي آباديءَ وارو شھر آھي. ٿر جي ڀيٽ ۾ ھتي برسات جام پوي ٿي.
    • ٿر جا وس، گاگاڻ جا گس.

    17.4 ٿر ڏلهي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي ته ڪير جهلي؟ (چوڻي/پهاڪو)
    ٿر جو علائقو، وُٺي تي آباد ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌ جو سنئون سڌو علائقو، نهري ۽ زميني آبي ذخيرن تي آباد ٿئي ٿو. برساتن نه پوڻ جي صورت ۾، ٿر ۾ قحط پوندو آهي ۽ اتان جا اصلي باشندا به سنڌ ڏانهن رخ رکندا آهن. اتي کين پنهنجي سِرَ بچائڻ لاءِ انّ پاڻي ۽ مال لاءِ چارو ملي ويندو آهي. سنڌ جي علائقي ۽ وسيلن ۾، ايتري ڪشادگي آهي جو قحط دوران، ٿرين جي سَٽَ سهي سگهندا آهن.
    جيڪڏهن سنڌ ۾ به قحط پوي ته پوءِ آفت سٽيل ٿري ته ٺهيو پر سنڌ جا اصل باشندا به ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن. سڀني لاءِ پنهنجي جان بچائڻ به موراڳو مشڪل ٿيو وڃي. ان صورت ۾ اهي لاچار ڪيڏانهن وڃن؟!
    مطلب:
    • ننڍن کي وڏا پالين، وڏن کي ڪير پالي؟
    • ننڍن کي پيل نقصان، وڏا برداشت ڪن. وڏن کي پيل نقصان، ڪير برداشت ڪري؟!

    17.5 جہ سين لوڙائو ٿيا، جنين ڌار رهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو. (شاهه مارئي چوڻي)
    جنھن جي آسري تي ٿر جھڙي ملڪ ۾ رهجي، سو ئي ڦورو ٿي پوي ته پوءِ مارو ماڻھو ملير ۾ ڪيترو رهندا؟
    مطلب:
    • حاڪم پيا رعيت جون لڄون لٽين ته ٻيا ڌاريا ڪيتري لڄ رکندا!
    • پيھر پيو پوک کي کائي ته واهي ڪيترو واهت ڪندا؟

    17.6 راڳ پنجاب ۾ ڄائو، سنڌ ۾ پَليو ۽ ٿر ۾ مئو. (سنڌ، چوڻي)
    راڳ جا اصل گائڪ صوبي پنجاب وارا آھن. ان نسبت سان راڳ جو جنم ڄڻ پنجاب ۾ ٿيو آھي. سنڌ وارن کيس پسند ڪيو ۽ گائڪن جي خاطر تواضع ڪيائون. قدرداني ڪندي مٿس لک لٽايائون، جنھن سببان سندس ڳائڻا باقي رھيا. ان نسبت سان ڄڻ سندس پاليندڙ سنڌ وارا آھن. اھڙيءَ طرح ٿر وارن غربت سببان نه ڳائڻن جي خدمت ڪئي ۽ نه قدرداني، جنھن سببان راڳ ڄڻ ٿر ۾ پھتو ئي نه. جيڪڏھن پھتو نه ته ڄڻ اھو اتي نه پليو ۽ نه پروان چڙھيو. ان نسبت سان ڄڻ راڳ ٿر ۾ وڃي مري ويو.
    مطلب:
    • راڳ پنجاب وارن ايجاد ڪيو، وڌيو ويجهيو سنڌ ۾، ٿري منجهانئس مور نه ڄاڻن.

    17.7 سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (ٿر، چوڻي)
    ڪڻ؛ ڪڻڪ، اناج. ٿڻ؛ جنھن مان کير ڏڀي، کيريات ڍور.
    اناج پوکيءَ راھيءَ سان زرعي زمينن اندر ٿين ٿا. سنڌ جون زمينون، بيراجي علائقن ۾ ھئڻ سبب، ان لائق آھن جو مٿن زراعت يا ڪاشتڪاري ڪري اناج اپائجن، جنھن ڪري مٿس رھندڙن جو گذر وڃي ان اناج تي ٿيندو.
    ان جي ڀيٽ ۾ ٿر اندر ڏھرن ۾ به جيڪا ڪاشتڪاري ٿئي ٿي سا وٺي تي آھي. ان جي حيثيت بيراجي زمينن جھڙي ناھي. ٿري ماڻھن جو ڦري گھري گذر سفر وري به وڃي کير مکڻ ۽ مال متاع تي بيھي ٿو. غرض ته ٿر وارن جو گذرسفر، مينھن جي وسڻ کان پوءِ وارن گاهن تي آهي.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ ٿر آھي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي.

    17.8 سنڌ ۾ پڇيس ڪو ڪو نه، ٿر ۾ ڪنور ٻائي. (سنڌ، پھاڪو)
    ٿر ۾ راڳ جا ڄاڻو ڪونھن. اتي سيکڙاٽ کي به پيا مھا راڳي سمجھندا. سنڌ ۾ راڳ جا ڳائيندڙ ۽ ڄاڻيندڙ گهڻا آهن، اتي بي سري کي گهٽ عزت ملندي.
    مطلب:
    • جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.

    17.9 عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪين ٿيلھيندو! (سنڌ، پھاڪو)
    وڏي ماڻھوءَ وٽ ڪم لاءِ وڃڻ ۾ نه گھٻرائجي. وڌ ۾ وڌ ڪم نه ڪندو. ملڪ مان لڏائي ڪين ڇڏيندو. ڪنھن وهنوار ۾ ڊڄندڙ کي، دل ٻڌرائڻ لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • پير پٽ نه ڏيندو، ته زال ته نه کسيندو.

    17.10 وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر. (ٿر، چوڻي)
    ٿر، واريءَ جي دڙن تي مشتمل علائقو آهي، جنھن جي آباديءَ جو دارومدار، مينھن جي پاڻيءَ تي آهي. مينھن پيو ته ٿر ۾ کير/ مکڻ جام ٿيندو. ٻيءَ صورت ۾ قحط کان ماڻھو ۽ مال متاع به لڏي ويندا.
    مطلب:
    • وسي ته آهي ٿر، نه وسي ته آهي بر.
    • برسات رب جي مھر جي نشاني آھي. سڄي جڳ ۾ ان سان ئي اوڀڙ اڀري ٿي.


    18. ٿرڙي

    18. ٿرڙي
    18.1 ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو. (لاڙ، چوڻي)
    ٿرڙي؛ ٿر جي تصغير، ننڍڙو ٿر، ننڍي پر سڃي وسندي.
    ٿرڙيءَ کان جھنگ چڱو جو منجھس پکي پکڻ، ماڻھو مرون يا ٻيا ساھدار سک وٺي رھي سگھن ٿا. ٿرڙيءَ اندر، ساھدار لاءِ جياپي جا سک سھنج نه ھوندا آھن.
    تنھن ھوندي به سنڌ اندر ڪيتريون اھڙيون وسنديون ۽ ڳوٺ آھن جن جا نالا ٿرڙيءَ پويان آھن. جھڙوڪ؛ ۱. وارھ شھر جي ڀرسان؛ ٿرڙي ھاجرھ، جانڻ چن جو ڳوٺ. ۲. وڳڻ شھر جي ڀرسان، ٿرڙي ھاشم، تنيا فقيرن جو ڳوٺ. ۳. ميھڙ جي ڀرسان، ٿرڙي محبت. ۴. ٿرڙي جادو.
    ھتي لغارين جي ھڪڙي ڳوٺ، جيڪو ٿرڙي نالي سان منسوب آھي جو ذڪر آھي. ان مان مراد اھا آھي ته اگر ان جو رعب گھٽيو ته لغارين جو به لاڏ لھي پوندو.
    مطلب:
    • جڏھن سبب ختم ٿيندو آ ته غرور ٽٽي ويندو آ.

    18.2 ماءُ پيءُ-پِٽِين جا، ٿرڙيءَ ۾ ٿاڻا. (سرو، چوڻي)
    ٿرڙي؛ سڃي وسندي. ٿاڻو؛ ٿاڪ، ٿم.
    جيڪو اولاد، ماءُ پيءُ جو بي ادب ٿئي ٿو ۽ اھي کيس پِٽين ٿا ته اھو ساڳائي به نه ٿو. ان جي زندگي، ٿاڻن جھڙن ڏکين يا ٿر کان به چٽ ٿرڙين جھڙن علائقن منجھ گذري ٿي.
    مطلب:
    • ماءُ-پيءُ-پِٽين جا، ٿرڙيءَ ۾ ٿاڻا، هڪڙا ڪاهن جنڊ، ٻيا وتن ويڳاڻا.


    19. ٽنڊو الھيار

    19. ٽنڊو الھيار
    19.1 ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الھيار؟ (ساهتي، پھاڪو)
    ٽنڊو الھيار جو شھر، حيدرآباد-ميرپور خاص روڊ تي واقع آھي. ھن وقت کيس، ضلعي ھيڊڪوارٽر جي حيثيت مليل آھي. اگر ڪنھن کي حيدرآباد کان ٽنڊوالھيار وڃڻو آھي ته کيس ميرپورخاص واري رستي سان سفر ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن حيدرآباد کان ڪراچي يا ٺٽو يا بدين روڊن تي سفر ڪندو ته، ٽنڊو الھيار ڪو نه پڄندو. ڇو جو غلط رستي تي هلبو ته منزل تي هرگز ڪين رسبو.
    مطلب:
    • ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار.
    • ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن الهيار/ ٽنڊو الهيار.
    • ترسم نه رسي بڪعبه اي اعرابي، ڪه اين تو راھ روي بترڪستان است.
    • غلط رستي تي هلڻ واري کي راھ راست تي آڻڻ لاءِ ائين چئبو آهي.


    20. ٽنڊو محمد خان

    20. ٽنڊو محمد خان
    20.1 ٽنڊو محمد خان، جت معشوقن جو مان. (چوڻي)
    معشوق جو مان، ھر ھنڌ آھي. جڏھن ته مير صاحبن جي اڏايل شھر ٽنڊو محمد خان اندر، معشوقن جو مان اڃا وڌيڪ آھي، ڇو جو مان مرجا وڌندي آھي پئسي سان. پئسو ناھي ته عشق به ڪھڙو.
    عاشق سڃو ھوندو ته پاڻ تي ئي خرچ نه ڪندو، سو معشوق جا ناز۽ نخرا، خرچ ۽ ماڻا ڪٿان برداشت ڪري سگھندو. اھو سڀڪجھ، ھوندَ تي ئي ٿي سگھندو.
    معشوقن جو مان ڪرڻ، ان ڳالھ جي شاھدي ڏئي ٿو ته ٽنڊو محمد خان شھر، اميرن جو شھر آھي. جن وٽ پنھنجي خرچ کان واڌو پئسو آھي، جيڪو معشوقن کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ، مٿن لٽائيندا ٿا وتن. اگر سڃن يا ڀينگين جو شھر ھجي ته منجھس معشوق ڳوليا نه لڀن.
    مطلب:
    • زر بسيار، عشق ٺھ پھ. زر نيست، عشق پون پون.
    • ڀيٽيو: ٽنڊو محمد خان؛ معشوقن جو مڪان.

    20.2 ٽنڊو محمد خان؛ معشوقن جو مڪان. (لاڙ، چوڻي)
    ٽنڊو محمد خان، ميرن ۽ ٽالپرن جو شھرن آهي. جتي مير صاحب هجن، اتي معشوق ته ازخود پھچي ويندا. ٿاڪ ڪري، پڻ رھي پوندا. جيڏانھن نظر ڦيربي، تيڏانھن جھلڪيون پيا پسائيندا.
    مطلب:
    • منزل تي رسڻ لاءِ، صحيح واٽ وٺڻي پوندي.
    • ڀيٽيو: ٽنڊو محمد خان؛ جت معشوقن جو مانُ.


    21. ٽنڊو مير علي

    21. ٽنڊو مير علي
    21.1 ٽنڊي جي ٽوٽ، محراب پور تي پئي. (ساهتي، پھاڪو)
    ٽنڊو مير علي ۽ محرابپور، ضلعي نوشھروفيروز جا ٻه الڳ الڳ شھر آهن. ٻئي هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ۽ آمھون سامھون آهن. ٽنڊي وارن جي ڪيل حرڪت سبب، آپدا محراب پور تي آئي ته ائين مشھور ٿيو.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پئي.


    22. ٺٽ ڳوراھو.

    22. ٺٽ ڳوراھو.
    22.1 ٺٽ ڏنو ٺڪاءُ، ڳوراها سڀ ڳري ويا. هو ها هو! (ساھتي، چوڻي)
    ڳوراھا؛ ھڪ ذات جو نالو.
    ٺٽ ڳوراھو؛ ڳوراھو ذات وارن جي نالي پويان، نوشھروفيروز-مٺياڻي روڊ تي واقع، تعلقي ۽ ضلعي نوشھروفيروز جو شھر، جتي اڳي فيڊر ٽرين جي اسٽيشن به ھئي. ھاڻي ته اھا ڦٽي ٽٽي وئي آھي.
    ويجھي ڇڪ ۾، اتان جو مٺا خان ڳوراھو، انصاف ۽ سخا جي لحاظ کان مشھور ٿي گذريو آھي. ھيءَ ڪھاوت آڳاٽي دور جي معلوم ٿئي ٿي، جنھن منجھ ٺٽ وارن بابت ڪنھن سماع چوندڙ فقير جا چيل اھي گفتا اڄ ضرب المثل ٿي ويا آھن.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ چانڊاڻ چنڊي، ميرپور منڊي، عودي سنجن سوڌي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ، ھلي ڏسو ڳڙھيءَ جو لقاءُ.


    23. ٺٽو

    23. ٺٽو
    23.1 مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
    جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه نه ڏٺو. (لاڙ، چوڻي)
    دنيا جو وڏي ۾ وڏو مقام، مڪليءَ ۾ آهي. گهڻي ۾ گهڻا مدرسا، ٺٽي ۾ هيا. پير پِٺو، هڪ پھتل بزرگ هيو، جنھن جي ڪري ٻاهريان حملي آور، ٺٽي تي ڪامياب حملو نه ڪري سگهندا هيا.
    مڪلي سنڌ جو اهو تاريخي ۽ روحاني ماڳ آهي، جنهن کي ايشيا جو سڀ کان وڏو قبرستان چوندا آهن. سنڌ جو دارالخلافه رهندڙ تاريخي شهر ٺٽي جي ڀرسان مڪليءَ جي ٽڪري هاڙهي جبل ۽ پٻ جبل جي هڪ شاخ آهي، جنهن تي سڀ کان وڌيڪ درويشن ۽ بزرگن جون مزارون آهن. انهن کان علاوه مڪليءَ جي وڇڙيل حصن ۾، پير پٺو جي ٽڪري ۽ شيخ جاڙيو عرف پير جهاڙ جون ٽڪريون پڻ مشهور آهن، جن تي سنڌ جي ناليوارن بزرگن جون مزارون آهن ۽ انهن جو روحاني منظر ڏسڻ وٽان آهي.
    مطلب:
    • جڳ مشھور جايون، جنھن گهمي نه ڏٺيون، تنھن ڄڻ ڪجهه نه ڏٺو.
    • لاھور جون بتيون، جنھن نه ڏٺيون سو ڄڻ ڄائو ئي ناھي.


    24. ٺل

    24. ٺل
    24.1 ٺل؛ آهي گل. (چوڻي)
    ٺل شهر جا رهواسي، پنهنجي شهر جي، انهن لفظن سان تعريف ڪندا آهن. ٻاهران لڏي آيلن جو، ٺل بابت مختلف رايو آهي. اهي اھو ته مڃين ٿا ته ”ٺل، گل آهي“ پر شڪايت به ڪن ٿا؛ ”ٺل، دل ڏيئي ويٺو رل“ يا ”ٺل؛ رل“ يا ”ٺل ڏنو ٺڪاءُ، عودي اڌواڌ“ وغيره وغيره.
    اهي سڀ تڪبند چوڻيون، چٿر يا ٽوڪ طور به ٺهيل آهن. انهن جو حقيقت سان گهٽ تعلق آھي. ائين جيئن هڪڙو لطيفو مشهور آهي.
    ”ڪهڙي شهر ۾ رهندو آهين؟“ هڪڙي ٺلاهيءَ کان ڪنهن پڇيو.
    ”مان ان شهر ۾ رهندو آهيان.“ ٺلاهيءَ کيس ڳجهارت جي انداز ۾ جواب ڏيندي ٻڌايو؛ ”جنهن جي نالي کي ابتو ڪجي ته لٺ ٿي پوي.“
    مطلب:
    • انهيءَ نموني، ٻين ڳوٺن/ شهرن بابت به چوڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.
    • گهوڙي جي ڦٽي؛ وهي ٽانگي ۾،
    ڏاند جي ڦٽي؛ وهي گهاڻي ۾،
    آفيسر جي ڦٽي؛ نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.
    • ڌنڌ دوداپور، قهر ڪوٽڙي، ظلم زورڳڙهه،
    هنيل حيدرآباد ، شير شيرانپور، دائو ٻچن کائو.
    • جيڪب آبادي؛ نه نر، نه مادي.
    • ڀيٽيو؛ ميرپوري منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي،
    ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ. (چوڻي)

    24.2 ٺل آئي جو، ڄائي جو نه. (چوڻي)
    ٺل جي اصل رهواسين، ٻاهران لڏي آيلن جي ڀيٽ ۾، ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي، جنهن سبب، اھي ٺل بابت شڪايتي انداز ۾ چوندا آهن؛ “ٺل آئي جو، ڄائي جو نه”.
    جيڪب آباد شهر جا اصل باشندا به ائين چوندا آهن؛ ”جيڪب آباد آئي جو، ڄائي جو نه.“ ٻين شهرن وارا به پنهنجن شهرن بابت ائين چئي سگهن ٿا. هونئن به ٻاهران لڏي آيل، فطرتي اصول تحت، هميشه اصل باسين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ترقي ڪندو آهي.
    مطلب:
    • لاڏائو ۽ گھر ڇڏيندڙ ماڻھو ئي، دنيا جي ترقي ماڻين ٿا.
    • ملتان آين جو آ، ڄاين جو نه.


    25. پاٽ

    25. پاٽ
    25.1 پاٽ جا باقي بچا ڪنا، سي به کائي ويا چنا. (لاڙ، چوڻي)
    چنا: ڪنڀر ۽ موچي، جيڪي پاڻ کي چنا ذات منجھ لڪائين. پاٽ شهر، ضلعي دادوءَ منجھ آھي. منجھس چنا ذات وارن جي اڪثريت رھي ٿي. پاٽ، ٺڪر جي ٿالھ کي به چئبو آھي، جنھن منجھ اٽو ڳوھبو ۽ ويلبو/ ٿڦبو آھي. ماني پچي تيار ٿيڻ کان پوءِ، پاٽ ھيٺان ڍڪبي به آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڀت به پاٽ منجھ وجھي کائبو آھي يا ڪي ماڻھو ته منجھس پاڻي وجھي، چٺ جو ڪم به وٺندا آھن. جڏھن اھا ڀڄندي آھي ته سندس پاسي واري ٺڪر جي ٽڪر کي ڪنو چئبو آھي. چنا ذات وارا ايترا پڪا آھن جو اھو ٺڪر به ڪنھن جي لاءِ نه ٿا ڇڏين. ھتي مٿن ٽوڪ ۽ طنز ڪئي ويئي آهي.
    مطلب:
    • چنا يا ڪنڀر، پاٽ جو ڪنو به نه ٿا ڇڏين.
    • ڪنڀر جي گھر ۾ ڀڳل پاٽ ھوندي جو وٽس ان ٺڪر جو به قدر آھي.


    26. پاٽويون

    26. پاٽويون
    26.1 ساکئي ڏني ساک؛ پاٽي لڌي پاڻيءَ مان. (لاڙ، چوڻي)
    هڪ روايت مطابق، ميرپورخاص کان اٽڪل ڏھ ميل پري، ”پاٽويون“ شهر آهي. جتي گهڻو اڳي راجا دلو راءِ حڪومت ڪندو هو. پاٽويون جو اصلوڪو نالو ساکئي جو ڳوٺ آهي. هي شهر مري قبلي جي هڪ چڱي ”ساکئي“ (ساک واري) جي نالي پٺيان آباد ٿيل هو.
    دلو راءِ جي دور ۾ جنس جي تور، ٽوين ۽ پاٽين ذريعي ڪئي ويندي هئي. اتفاق سان، دلو راءِ جي وزير، ڏهر سنگھ جي مثالي ”پاٽي“ گم ٿي وئي. اها پاٽي، ساکئي، شاخ ۾ وهنجندي، پاڻيءَ مان لڌي ۽ ساک تي، ڏهرسنگھ کي موٽائي ڏني، جتان هيءَ چوڻي مشهور ٿي ويئي.
    ساکئي جي ڳوٺ جو نالو انهيءَ واقعي بعد ”پاٽويون“ پئجي ويو.
    مطلب:
    • ساک ڏيندڙ جي ساک تي اعتبار ڪيو ويندو آھي.


    27. پارڪر

    27. پارڪر
    27.1 پارڪر جا پھاڙ؛ جھنگ ۽ جھاڙ. (ٿر، چوڻي)
    پارڪر ۾ ڪارونجهر سميت سموريون ٽڪريون، وڻن ٻوٽن سان ڇانيل هونديون آهن. اهي وڻ ٽڻ، پارڪر جي سونهن ۽ پيداوار جو ذريعو پڻ آهي. منجهانئن ماکي، کونئر، لاک، عمارتي ۽ ٻارڻ جو ڪاٺ ملي ٿو، جنهن سان اتان جي معاشي حالت سڌريل آھي.
    مطلب:
    • پارڪر ۾ ڪارونجھر ٽڪري، وڻن ۽ ٻوٽن سان ڍڪيل آھي.


    28. پٺو/ ڏاتار

    28. پٺو/ ڏاتار
    28.1 بابرڪت پير پٺو؛ هڪ مئو، هڪ ٽٺو. (لاڙ، چوڻي)
    پير پٺي جي برڪت سان، ٺٽو ٻه دفعا حملي کان بچي ويو. پھريون دفعو مٿس محمد تغلق اول حملو ڪيو. اهو حملي دوران بيمار ٿي پيو ۽ بيماريءَ وگهي مري ويو. ٻيو حملو سلطان فيروز شاهه تغلق ڪيو، سو به بيماريءَ جي ڦھلجڻ سبب ڊڄي يا ٽھي وٺي ڀڳو. فيروز شاهه جڏھن بيمار ٿيڻ سبب ڊڄي ٽٺو، تڏھن کان ننگر شھر جو نالو ننگر ٽٺو يا ننگر ٺٽو يا فقط ٺٽو پئجي ويو.
    مطلب:
    • پٺي/بزرگن جي برڪت سان، شھرن تان آپدائون ٽري وينديون آھن.

    28.2 مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
    جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه ڏٺو. (لاڙ، چوڻي)
    سنڌ جا اھي ماڳ، ڪنھن سمي ڏسڻ وٽان ھيا. اڄ به انھن جا ڦٽل آثار، سندن اوج جي شاھدي ڏين ٿا.
    وڌيڪ وضاحت لاءِ ڏسو ”ٺٽو“

    28.3 نام پٺي جو، گام ڏاتار جو. (لاڙ، پھاڪو)
    ضلعي ٺٽي جا ٻه بزرگ شخص آهن؛ ھڪ سلطان شاهه عالم عرف پير پٺو ۽ ٻيو جمعيل شاهه عرف ڄام ڏاتار. ٻنھي بزرگن جون مزارون، هڪ ئي ٽڪريءَ تي، ٿوري وڇوٽيءَ تي آهن. مشھور روايت آهي ته پير پٺي ئي ڄام ڏاتار کي چيو؛ ”نام همارا، گام تمھارا.“ يعني ڳوٺ تي نالو منھنجو ھوندو، جڏھن ته ڳوٺ آھي تنھنجو.
    مطلب:
    • اڄ به ڪير ڏاتار تي ويندو آهي ته ٻڌائيندو آهي؛ پٺي تي ٿو وڃان.
    • شاهه گودڙئي تي وڃڻ وارا، آلي شاهه تي حاضري ضرور ڀريندا آهن. يا شادي شھيد تي وڃڻ وارا، لونگ فقير تي حاضري ضرور ڀريندا آهن. تيئن پير پٺي تي وڃڻ وارا، ڏاتار تي حاضري ضرور ڀريندا آهن.


    29. پُـرڻ

    29. پُـرڻ
    29.1 چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي. (ساهتي، پھاڪو)
    چورن کي، چوري چنيجن جي ڳوٺ مان ڪرڻي هئي. رات جي وڳڙي ۾ رستو ڀلجي اوجھڙ ۾ پيا ۽ ڀُل ۾ وڃي پُرڻ شھر مان چوري ڪيائون، تنھن کان پوءِ ائين مشھور ٿي ويو. چنيجا ۽ پُرڻ ڳوٺ، تعلقي مورو، ضلعي نوشھرو فيروز ۾، درياهه سنڌ جي کاٻي ڪنڌيءَ تي اڏيل آهن.
    مطلب:
    • هڪڙن جي مصيبت، ٻين تي پوي ته ائين چئبو آهي.
    • ڀيٽيو؛ ٽنڊي جي ٽوٽ، محرابپور تي پيئي.


    30. پنجاب

    30. پنجاب
    30.1 پنجاب جي گڏھ به نه ڌارجي، آٿر به کڻي ڀڄي ويندي. (سرائيڪي، چوڻي)
    جنھن علائقي کي اڄ ڏکڻ پنجاب سڏيو ٿو وڃي، تاريخ منجھ ”ملتان سلطنت“ يا ”ملتان صوبي“ جو حصو رھيو آھي. اڄ به ڪي ماڻھو انھيءَ علائقي کي ’سرائيڪستان‘ سڏيندا آھن. انھيءَ علائقي، ڪڏھن به پاڻ کي ’پنجاب‘ نه سڏيو آھي. ھن چوڻيءَ منجھ، پنجابي ڳالھائڻ واري پنجاب مٿان، ٽوڪ ڪئي وئي آھي، جنھن رنجيت سنگھ جي زماني کان وٺي اڄ تائين، سرائيڪي علائقي جي مالي وسيلن مٿان قبضو ڄمايو آھي.
    مطلب:
    • جن پنجابين، سرائيڪي علائقي جو مال گھڻو لٽيو آھي، ھاڻي تن جي گڏھ مٿان به اعتبار ناھي. اگر سندن گڏھِ تي ڪنھن آٿر رکيا آھن ته اھا کوتي، آٿرن جھڙي معمولي شيءِ به نه ڇڏيندي. بلڪ اھي به کڻي ڀڄي ويندي.

    30.2 راڳ پنجاب ۾ ڄائو، سنڌ ۾ پليو ۽ ٿر ۾ مئو. (سنڌ چوڻي)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”ٿر.“


    31. جاتي/ ڇڇ

    31. جاتي/ ڇڇ
    31.1 جاتي، قرب جي ڪاتي. (لاڙ، پھاڪو)
    ڪاتي، ڪھڻ جي ڪم ايندي آھي، جنھن سان اڳلي جو سر کڄندو آھي ۽ ٻئي جو پيٽ ڀربو آھي. ڪڏھن ڪي ڪاتي ڦيرائڻ وارا اھڙو ته مٺڙي نموني سان ڪاتي ڦيري ويندا آھن جو ڪسڻ واري کي ڪسجي وڃڻ تائين لکا ئي نه پوندي آھي. اھڙن ڪھڻن کي، مٺي ڇريءَ سان تشبيھ ڏني ويندي آھي.
    جاتي شھر جي رهاڪن منجھ جيڪا محبت، قرب ۽ پاٻوهه آھي، تنھن بابت اشارتًا ائين چيو ويندو آهي. جاتي شھر جي ماڻھن جي محبت، پاٻوهه سبب اهو پھاڪو مشھور ٿيو آهي.
    مطلب:
    • چاچي به ڪوٺڻ، چھنڊڙي به پائڻ.

    31.2 جاتي ڪل جت، ماڃر ڪل مي. (لاڙ، پھاڪو)
    مي؛ مئي، ملاح.
    جاتي شھر، جتن جي نالي پويان سڏجي ٿو. اتي آباد به جت آهن. ٻين لفظن ۾ ھيئن چئجي ته جاتي شھر، خالصتًا جتن جو اڏايل آھي. جڏهن ته ماڃر ۾ مي/ مئي/ ملاح برادريءَ جا ماڻھو آباد آهن. اھو شھر وري، انھيءَ برادريءَ آباد ڪيو آھي.
    مطلب:
    • جاتي شھر، جتن جو ۽ ماڃر مھاڻن جو ٻڌايل آھي.

    31.3 جاتيءَ جا جت/ جوان، پيرين اگهاڙا. (لاڙ، چوڻي)
    مغل ڀين اولياءَ (شيخ سلامت ‡ متوفي ۶۱۰ هه)، اٽڪل اٺ صديون اڳ، ۱۲ صدي عيسوي ۾، جنهن جاءِ تي اچي ديرو لڳايو، ان کي آڳاٽو ”مغل ڀين“ سڏيندا هئا. موجودھ وقت ۾ ساڳئي ھنڌ/ ماڳ/ شهر کي ”جاتي“ سڏين ٿا.
    هڪ روايت مطابق ٻه بزرگ؛ پيءُ ۽ پٽ، سندن نالا مغل ۽ ڀين، هتي دفن ٿيل آهن. پڃاري واھ تي اڏيل هن درگاھ جا عقيدتمند، درگاھ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ وقت، احترامًا جتيون لاهي هٿ ۾ کڻندا آهن ۽ پيرن اگهاڙا درگاھ ۾ داخل ٿيندا آهن. ان ڳالھ تان ماڻھن ۾ ائين مشهور ٿي ويو آھي.
    مطلب:
    • جاتيءَ جا جت، مغلڀين جي ادب ڪري، جتي لاهي، پيرن-اگهاڙا گهمندا آهن.
    • جنين ادب، تنين عجب.

    31.4 جاتيءَ جو جت ته ڪو نه آهين؟ (لاڙ، چوڻي)
    جاتيءَ جو جت، وضع قطع ۾، جتڪي ٻوليءَ ۽ پيرن اگهاڙي هئڻ سبب، مغلڀينءَ جي مڙني زيارتين ۾ پڌرو هوندو آهي.
    اگر ڪو سادو ماڻھو به حد درجي جو ادب ۽ لحاظ ڪندي، ملندو آھي ته زبان مان بي اختيار نڪري ويندو آھي؛ ”جاتيءَ جو جت ته ڪو نه آھين؟“
    مطلب:
    • ادب ڪرڻ وارو ماڻھو، پري کان پڌرو.

    31.5 ڇڇ مڙيوئي ڇوڪريون، جاتي مڙيوئي جوءِ. (لاڙ، پھاڪو)
    ڇوري؛ نوخيز، الھڙ، اڻ پرڻيل ڇوڪري، ڪنواري. جوءِ؛ زال، مڙس واري، پرڻيل.
    ڇڇ جھان خان واري علائقي ۾، ملاح قوم اندر، ڇوڪريون گهڻيون هونديون ھيون. جنھن سببان، اهي سڱابنديون/ مٽيون مائٽيون وڃي جاتيءَ وارن جتن سان ڳنڍيندا هيا. نتيجي طور، ڇوڪريون ڇڇ جون، جويون وڃي جاتيءَ ۾ ٿينديون ھيون.
    مطلب:
    • ڇوڪري ڇڇ جي، جاتيءَ ۾ جوءِ/ زال ٿي وئي.

    31.6 سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (لاڙ، پھاڪو)
    جاتيءَ جي ڏکڻ ۾، ڪجهه ميلن تي سنڊو بندر، جيڪو ۱۸۱۹ع ۾ جوار ڀاٽا سبب تباهه ٿيو. اتان لڏپلاڻ سبب، جاتي شھر وڌيڪ وڏو ٿي ويو.
    مطلب:
    • ھڪڙن جي ڦٽڻ سان، ٻيا شھر آباد ٿيو وڃن.

    31.7 ڪارو بوٽ هٿ ۾، جت جاتي ٿو وڃي. (لاڙ، پھاڪو)
    ٻھراڙيءَ ۾ يا ڪچن رستن تي، بوٽ پائڻ سان بوٽ جي چمڪ دمڪ به گهٽجي ٿي ۽ اندر مٽيءَ جي دز پوڻ سبب هلڻ ۾ به هلاکي ٿئي ٿي، جنھن سببان ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ۽ خاص طور تي جت، شھرن ڏانھن پيرين اگهاڙا ايندا آهن. شھر ۾ پھچي، ڪنھن واھيءَ يا نلڪي تان پير ڌوئي، پوءِ بوٽ پائي شھر ۾ گھمندا ڦرندا آهن.
    مطلب:
    • ڳوٺاڻا، راھ ۾ بوٽ نه پائيندا آھن. اھا سندن ڳوٺاڻي ھئڻ جي نشاني آھي.


    32. جاوا

    32. جاوا
    32.1 جيڪو وڃي جاوي، سو ول نه آوي،
    جيڪڏھن آوي ته پڙ پوٽي ڍاوي. (سرائيڪي، چوڻي)
    جاوا، ڏکڻ ايشيا ۾ هزار جزيرن تي مشتمل علائقو آهي، جنھن ۾ انڊونيشيا ۽ ملائشيا جا ملڪ اچي ٿا وڃن. اتي گرم مصالحا جام ٿين ٿا، جن جي کپت، ٻي دنيا ۾ گھڻي آھي، ڇو جو اھي اتي نه ٿا ٿين، جڏھن ته کاڌا وڃن ٿا. جنھنڪري اگر ڪو واپاري اتي هڪ دفعو پھچي ٿو ۽ واپار وغيرھ ڪري ٿو ته ايترو منافعو ٿئيس ٿو جو ھو موٽڻ کي سوچي ئي نه ٿو. اتان جو باشندو ٿي ويھي ٿو رھي. جيڪڏھن موٽندو ته ايترو مال هٿ ڪري ايندو، جو ست پيڙهيون ويٺيون کائنس.
    مطلب:
    • فلاڻن جا ته جاوا آھن.
    • وڏو مال ڪمائڻ واري لاءِ ائين مثال ڏنو ويندو آھي.
    • جيڪي ويا جاوا، سي آيا ساوا.


    33. جوڻ

    33. جوڻ
    33.1 نر نگر، نار نصرپور، نرت نورائي،
    هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار آ جائي. (لاڙ، چوڻي)
    نر يا مرد، ننگر ٺٽي جو ڏسڻ وٽان ھوندو. نار/ عورت وري نصرپور جي خوبصورت ٿئي ٿي. نرت/ نظر جي جوت، نورائي شريف (ٽنڊو محمد خان) وارن جي تمام بھتر آھي. ڪپھه جو واپار وري جوڻ شھر (ضلعي بدين) ۾ تمام سٺو ھلي ٿو. اھي سمورا شھر/ وسنديون هلي ڏسڻ جھڙا آهن.
    مطلب:
    • ھر ماڳ، ڪنھن نه ڪنھن سبب جي ڪري، مشھور آھي.
    • ڀيٽيو؛ نرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ، هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار.


    34. جوهي/ لوھي

    34. جوهي/ لوھي
    34.1 جوھي؛ ڊوھي. (چوڻي)
    جوهي شھر، جيترو ڏسڻ جو سھڻو آھي، اوترو وري مسافرن وغيرھ لاءِ، ڪشش رکندڙ ناھي. اتي جي رھاڪن بابت سندن خيال آھي ته؛ اھي ڊوھي يا ڊوھ ڪندڙ آھن.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ روھڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي.

    34.2 جوھي؛ مکڻ موھي. (چوڻي)
    جوھي؛ وڻن جي ھڙي، سڻڀو سائو ۽ نکاريل وڻراھ وارو علائقو يا ھنڌ، دادو ضلعي جو ھڪ شھر. موھي؛ ڳوھيل اٽي ۾ مرڻ (ڳھ) وجھڻ.
    جوهي شھر وارا، پنھنجي شھر کي مکڻ جي موھ سان تشبيھ ڏيندا آھن. اھو شھر تمام گھڻو خوشحال آھي. جڏھن ته ھر شھر اتان جي رھاڪن لاءِ، وڏي حيثيت رکي ٿو. ڪو به ماڻھو پنھنجي ڳوٺ، شھر يا ديس کي گھٽ نه ٿو سمجھي. ان وانگر جوھيءَ وارا پڻ، پنھنجي شھر جي تعريف ۾ ائين چوندا آھن.
    مطلب:
    • جوھي، پرڪشش علائقو آھي.

    34.3 جوهي کان لوهي؛ نه واهي، نه اوهي. (جغدالي، چوڻي)
    ھن چوڻيءَ جو ڪاڇي واري علائقي يا روهه جبل جي آسپاس سان تعلق آهي.
    لوھي، جوھي ۽ واھي پانڌيءَ جون وسنديون ضلعي دادوءَ منجھ، ڪاڇي جي طرف آھن. لوھي، ڪاڇي جي ڪنڌيءَ تي آھي، جتان لوھيءَ ڏانھن به رستو نڪري ٿو ته واھي پانڌيءَ ڏانھن به.
    جوهي شھر کان روھ جبل وڃڻ واري واٽ، لوهيءَ جي وسنديءَ کان وھي/ لنگهي ٿي. انھيءَ واٽ تي آڳاٽو ڪا به وسندي ڪا نه هوندي هئي. انهيءَ سبب ڪري، انهيءَ علائقي کي لاوارث علائقو سڏيو ويندو هو. ان لاوارثيءَ سبب، علائقي جي نسبت سان؛ ”جوهي کان لوهي؛ نه واھي، نه اوهي.“ چوڻي جڙي.
    مطلب:
    • ڪي ماڳ، سڃائيءَ سببان پڻ مشھور ٿين ٿا.
    • جوئي کئون لوئي؛ نه وائي، نه اوئي. (جغدالي)


    35. جيسلمير

    35. جيسلمير
    35.1 جيسلمير جيسلمير، گھر سان وير، پَرَ سان ميڙ. (راجسٿاني، چوڻي)
    جيسلمير جا رھاڪو، پاڻ ۾ گھٽ ٺھيل ۽ ٻين سان وڌيڪ ٺھيل ھوندا آھن.
    اھو ھڪڙو فطري عمل آھي، جنھن تحت انسان پنھنجن کي پاڻ کان يا ڌارين کان گھٽ سمجھندي مٿن فلڪ نه آڻيندو آھي. ويجھي وارن تي، ڪنھن جي به اک نه ٻڏندي آھي.
    مطلب:
    • ھر ڪو پنھنجن جو خيال، ٻين/ ڌارين جي ڀيٽ ۾، گھٽ ڪندو آھي.
    • ولايت جي ڪٻر، ديس جي مينا برابر.
    • ويجھي وارن جو قدر، گھٽ ھوندو آھي.
    • ويجھي؛ ڪوجھي.

    35.2 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير،
    چوٿون چغدو، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (ٿر، چوڻي)
    آڳاٽي دور ۾ سنڌ جا حاڪم، سما ھيا. اھڙيءَ طرح وري ڪڇ تي حڪمران چنا ھيا. جيسلمير جي علائقي جا وري حڪمران ڀاٽيہ/ ڀاٽي ھيا. جڏھن ته چغدو ذات وري انھن ٽنھي هنڌن تي نه هئي.
    مطلب:
    • ڪي علائقا، وري ڪن ذاتين سببان مشھور ٿين ٿا.
    • سنڌ سمو، ڪڇ چنو، ڀاٽي جيسلمير، چوٿون چغده، جنھن جو پلنگ مٿي پير.


    36. جيڪب آباد

    36. جيڪب آباد
    36.1 جيڪب آباد؛ دل آباد. (چوڻي)
    جيڪب آباد واسين جي، پنھنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ، پنھنجي شھر جي تعريف ۾ جوڙيل ڪھاوت آھي. سواءِ ڪوڙي تعريف ۽ تڪبند ھئڻ جي منجھانئس ٻي ڪا معنيٰ نه ٿي نڪري، ڇو جو جيڪب آباد شھر جي جر جو پاڻي ٻاڙو بلڪ کارو آھي، پيئڻ ۽ وھنجڻ جي قابل ناھي. زمينون سم ڪلر جي ڪري آبادي ۽ اپت گھٽ ڏين ٿيون. ڍنڍن ڍورن ۾ ٿيندڙ مڇي به ايڏي سوادي ۽ قيمتي ناھي، جنھن سان ماڻھن جي معيشت سڌري. ماڻھو سادڙا ۽ ٿوري تي قناعت ڪرڻ وارا آھن، جيڪي پاڻ کي اھڙي قسم جا آٿت ڏئي پيا وقت جو گذارو ڪندا آھن.
    مطلب:
    • ڀيٽيو: دادو؛ جادو.
    • ڀيٽيو: مورو، ناھي ٿورو.

    36.2 جيڪب آبادي؛ نه نر، نه مادي. (اتر، چوڻي)
    جيڪب آباد جي ماڻهن ڏانهن اشارو آهي؛ اھي طبيعت جا سادڙا آھن. گهٽ پڙهيل ۽ معاملي فهميءَ جي گهٽ ڄاڻ رکڻ سبب، نه بحث ڀلو ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي وري سٽائتي نموني سان ڪنهن کان ڪم وٺي سگهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو مٿن، اهڙيون چٿرون به ٺهيل آهن. جڏهن ته ان تڪبند چوڻيءَ جو حقيقت سان تعلق گهٽ آهي. جيئن شڪارپور بابت هن چوڻيءَ جو تعلق گهٽ آهي؛ ”شڪارپور شهزادي؛ اچي نر، وڃي مادي.“
    مطلب:
    • جيڪب آباد جا ماڻهو نه ماين وانگر زبان سان جهيڙو ڳائي ڄاڻن، نه ئي نشانبر ٿي مردن وانگر لٺ يا ڌُڪي سان وڙهي ڄاڻڻ.
    • انهيءَ ٽوڪ جي موٽ ۾، جيڪب آباد وارن به جواب ٺاهيو آهي؛ ”جيڪب آبادي؛ نه ڇڏن نر، نه ڇڏن مادي.“


    37. جهول

    37. جهول
    37.1 ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (ٿر، چوڻي)
    وضاحت / تشريح لاءِ ڏسو؛ ”ٿر“.

    37.2 گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
    پيئڻ مھل ائين آيا، جيئن جهول ۾ ڪتا. (ساهتي، پھاڪو)
    جهول؛ ضلعي سانگهڙ جو شھر، جنھن لاءِ مشھور آھي ته اتي ڪتا جام آهن.
    جڏھن ته ھتي اتان جي ڪتن جي گھڻائيءَ جي تمثيل، انھن ماڻھن لاءِ ڪم آندي وئي آھي جيڪي ڪم کان لھرائين ۽ فائدي ۾ اچي حصو ڳنڍين.
    مطلب:
    • ڪي علائقا ڪن ذاتين سببان مشھور ٿين ٿا.
    • گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
    پيئڻ مھل جيئن گئو سائينءَ جا ڪتا.
    • گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
    پيئڻ مھل جيئن مير علي مراد جا ڪتا.


    38. چوهڙ جمالي

    38. چوهڙ جمالي
    38.1 چوهڙ جمالي؛ کيسا خالي، مڙس موالي. (لاڙ، چوڻي)
    چوهڙ جماليءَ جا ماڻھو، مسڪين ۽ غريب آهن. جنھن تان سندن لاءِ ائين چوڻ ۾ آيو آهي.
    ٻيءَ روايت مطابق؛ جاتيءَ ۾ غريب، مسڪين ۽ فقيري لڏي جا ماڻھو جام رهن ٿا. روزگار جا ذريعا گهٽ آهن، جنھنڪري نکمڻن ۽ واندن ماڻھن کي ٽوڪ طور چوھڙ جمالي گھمڻ ۽ اتي وڃي پنڻ يا پورھيو ڪرڻ لاءِ، ائين مشورو ڏنو ويندو آھي.
    مطلب:
    • اڇا ڪپڙا، کيسا خالي؛ گهمو چوهڙ جمالي.
    • اڇا ڪپڙا، کيسا خالي؛ هلي گهم دالي. (ساهتي)
    • اڇا ڪپڙا، کيسا خالي؛ ماڻھن ليکي ملڪ جو والي. (ساهتي)

    38.2 شاه بندر ڦٽو، چوهڙ وُٺو. (لاڙ، پھاڪو)
    تشريح لاءِ ڏسو؛ بندر/ شاهه بندر.

    38.3 وڃي چوهڙ جا ڏيئا ٻار! (لاڙ، چوڻي)
    چوھڙ جمالي شھر جي اندر، هندو قوم جا ماڻھو، دڪانن جي سينگارڻ واسطي، ڀتين ۾ ڏياٽيون ٺھرائي، منجھن ٻرندڙ ڏيئا رکي ڇڏيندا هئا ته جيئن رات جي اونداھي وقت ۾ روشني رهي. اھي شام ڌاري ٻارڻيون پونديون ھيون ۽ ڀنڀراڪي مھل وسائڻيون پونديون هيون. اھو ڪم، ڪي ماڻھو ثواب خاطر به اچي ڪندا ھيا، جنھن جو کين ظاھري ڪو به معاوضو ڪو نه ملندو ھيو. ھاڻي بيروزگار ۽ ٽوٽي ماڻھو جنھن کي نوڪري نه ملي، تنھن کي ٽوڪ طور، ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • جي واندو آهين ۽ ڪم ڪار نه اٿئي ته وڃي چوهڙ جماليءَ جي گهٽين جا ڏيئا ٻار!
    • بيڪار کان بيگار ڀلي.


    39. خيرپور/ شاھ پور

    39. خيرپور/ شاھ پور
    39.1 اڍائي جھڳا مھتمن جا، نانءُ خيرپور/ شاھپور. (سنڌ، پھاڪو)
    شاهه پور ڳوٺ ۾، سماٽ قوم جي مهتم ذات وارن جا بلڪل ٿورا گهر آهن. ان جي بر عڪس شاهه جي معنيٰ تمام وڏو ۽ ڳوٺ جو نالو وري شاهه پويان آهي. جڏهن ڳوٺ جو نالو، آباديءَ جي حساب سان ابتو هجي ته ائين مثال ڏيندا آهن. ٺيڪراٺي ڀرسان ڳوٺ شاهه پور جي مهتمن لاءِ پڻ ٽوڪ طور ائين چوندا آهن.
    مطلب:
    • نانءُ بڙا، ديهه بيران.
    • نام بڙا، درشن ڇوٽا.
    • اکين کان انڌي، نالو نور پري.
    • اکين کان انڌو، نالو روشن ميان.
    • ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل شاهه.
    • رنگ جو ڪارو، نالو يوسف.
    • ڪنھن شھر يا ماڳ جو نالو ان جي سماجي، وايومنڊل جي ابتڙ هجي ته ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.

    39.2 خيرپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (هندي، چوڻي)
    انگريزن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ اندر ٽالپرن جي حڪومت ھئي. انھن جي گادي ٽن ھنڌن تي ورھايل/ رکيل ھئي؛ ميرپور خاص، حيدرآباد ۽ خيرپور. جڏھن ۱۸۴۳ع ڌاري سر چارلس نيپيئر، افغانستان جي جنگ مان ھار کائي موٽيو ته واٽ تي خيرپور جي ميرن سان ٺاھ ڪندو حيدرآباد پھتو ته اتي جي ميرن مزاحمت ڪئي. مياڻيءَ ۽ دٻي جون جنگيون لڳيون، جنھن ۾ ميرن جون ٽئي فوجون وڙھڻ لاءِ آيون. خيرپور وارا، اندران اندران، انگريزن سان ٺھي ويا ھيا، تنھن ڪري سندن آيل فوج، بجاءِ ھمت سان وڙھڻ جي، لشڪر اندر، انگريزن جي ڏھڪاءَ کي وڏو پيش ڪري، کڙين تي زور ڏنو، جنھن تان، انھن لاءِ اھا چوڻي مشھور ٿي.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ شڪارپوري، نيت بري، ڏيکارين جوئر، ڏين ٻري.

    39.3 ”ماسي خوش آن؟“ چي؛ ”پٽ! خيرپور ٿي وڃان!“
    سوال آسمان جو پڇجي ۽ جواب زمين جو ملي ته، اهڙي ٻوڙي/ بيوقوف کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • سوال از آسمان، جواب از ريسمان.
    • سوال پڇ روس جو، جواب ملي طوس جو.
    • ”خوش آن؟“ چي: ”ڪران ٿو.“
    • ”ادا ڳالھاءِ!“ چي؛ ”ڳِلو ٿو ڏيانءِ.“

    39.4 ڪڃر ٿا لٺيون هڻن، خيرپور ٿي خالي ٿئي. (لاڙ، چوڻي)
    ڪڃر، ڌنڌي ۾ پنھنجي گھر جي عورت وٺي اچي ويھاري ٿو ته جيئن شام ڌاري ڪمائي ڪري، وڃي ٻوڙ ٻاڙيءَ جي ڪري. اھو ڪڏھن به ڌنڌي ۾ کٽ پٽ نه چاھيندو، نه ڪنھن سان وڙھندو، نه ٻيائي يا ٺڳي ڪندو، نه ئي جھيڙو جھٽو ڪندو. ايندي سان مُڇن ذريعي وڏو تاءُ ڏيکاريندو، جو نئون يا بزدل گراھڪ، ڏسندي ئي ڀڄي وڃي، پر پوءِ جڏھن پاڻ ئي گراھڪ کان، دلالي وٺي ڌنڌي جي پڪ ڏياريندو ته گراھڪ سندس شخصيت کان مرعوب ٿي، دل سان پئسا ھاريندو.
    جيڪي گراھڪ جي دل وٺڻ جا جتن ڪن، سي لٺيون ڪيڏانھن ھڻندا؟ منجھانئن وڙھڻ جي صلاحيت، ڌنڌي مان آيل حرام جي ڪمائيءَ سبب، مفقود ٿي چڪي ھوندي آھي. ڏسڻ جا ٿلھا ٿنڀرا پيا نظر ايندا، پر ايمان جي ذري نه ھوندن. جڏھن ته وڙھندو ايمان آھي، ٺلھو بت يا لٺ نه وڙھندي آھي.
    ڪڃر وڙھڻ کان معذور ھوندا آھن. لٺيون کانئن کڳيون ڪو نه پڄنديون آھن ته لڳيون ڪٿان ٿينديون؟ اھي خيرپور ڪٿان خالي ڪرائيندا؟
    مطلب:
    • حرام جي ڪمائيندڙ منجھان محنت مزوريءَ جي ڪمائيءَ جو آسرو ئي لاھي ڇڏجي ته چڱو.
    • ڪڃر ٿا وڙھن ۽ خيرپور ٿو فتح ٿئي!


    40. دادو

    40. دادو
    40.1 دادو، جادو. (سرو، چوڻي)
    سادڙن سودڙن ۽ سنون، ميرڙن پر مٺڙن ماڻھن جو علائقو، جتي اوائلي زماني ۾ سچ ته جادو هيو. سندن سادگيءَ مان فائدي وٺڻ وارا ائين چوندا آھن.
    مطلب:
    • تڪ-بند مصرع جي پويان ڪيتري حقيقت آھي، ان لاءِ دادوءَ جو شاعر غلام رسول سومرو سودائي ھيٺيئن طرح چوي ٿو:
    دادوءَ ۾ آهي جادو، دادوءَ ۾ يار منھنجو، ڇا ٻڌايان حال دلبر، دادو زور آ، هر گهڙي هر هر نئون ديدار، دادو زور آ.


    41. دالي

    41. دالي
    41.1 اڇا ڪپڙا، کيسا خالي، هلي گهم دالي. (ساهتي، چوڻي)
    ساهتيءَ اندر تعلقي ڀريا، ضلعي نوشھرو فيروز جو وڏو ۽ مشھور ڳوٺ، جنھن پويان اها چوڻي مشھور آهي.
    مطلب:
    • پئسي وارو ماڻھو، نمائش کان ان ڪري لھرائيندو آھي، جو کيس ڦرجڻ جو ڀؤ ھوندو آھي.
    • سڃو ماڻھو ئي نمائش تي گھڻو زور ڏيندو آھي.
    • ڀيٽيو: چوهڙ جمالي؛ کيسا خالي، مڙس موالي.

    41.2 ڪوٽ ڪنڊيارو ڪوٽڙي، دالي دغل باز. (ساھتي، چوڻي)
    ھيءَ ساھتي علائقي جي ٽن شھرن؛ ڪنڊيارو، ڪوٽڙي ۽ داليءَ بابت چيل چوڻي آھي. داليءَ جو شھر، ڪنڊيارو ۽ ڀريا شھرن جي وچ تي نيشنل ھاءِ وي کان ساڄي پاسي ڪجھ اندر تي آھي. جڏھن ته ڪوٽڙيءَ مان مراد، ڪوٽڙي غلام محمد ڪبير شھر آھي، جيڪو نيشنل ھاءِ وي تي اڏيل آھي. سنڌو درياھ جي پراڻي وھڪري جي کاٻي ڪپ تي واقع آھي. شھر جي اتر ۾، درياھ جي ڇڏيل ۽ ڦٽل پيٽ جا اھڃاڻ اڄ به چٽا بيٺا آھن.
    ھتي ٻڌايل آھي ته ڪوٽڙي ۽ ڪنڊيارو، اتان جي رھاڪن يا مسافرن لاءِ ڄڻ حفاظت ڪندڙ ڪوٽ آھي. جڏھن ته دالي شھر اندر، ٺڳجي پوڻ جا گھڻا امڪان آھن.
    مطلب:
    • مختلف شھرن بابت، ماڻھن تجنيس حرفيءَ جي مدد سان ڪجھ لفظ ملائي، تڪبند ڪھاوتون چيون آھن. جن منجھان ٻيو ڪجھ نه فقط انھن شھرن جي گلا يا ناموري بيان ڪئي وئي آھي. مثال جي طور ڪجھ ھيٺ پيش ڪجن ٿيون.
    • ٻن؛ ٻانڌي، ڌوڙ؛ دؤڙ، بک؛ بڇيري، سڃ؛ سرھاڙي، لعنت؛ لنڊو، اسان وينداسين نواز ڏاھري. (سمورا شھر يا وسنديون، نواب شاھ شھر جي آسپاس جا آھن.)
    • ڌنڌ؛ دوداپور، قهر؛ ڪوٽڙي، ظلم؛ زورڳڙهه، هنيل؛ حيدرآباد، شير؛ شيرانپور، دائو؛ ٻچن کائو. (دائو يا جھان پور دائو سميت سمورا ڳوٺ، تعلقي ڳڙھي خيرو، ضلعي جيڪب آباد جا آھن.)


    42. دڙو

    42. دڙو
    42.1 دڙو؛ گيھه جو گهڙو. (لاڙ، چوڻي)
    ضلعي ٺٽي جي دڙي شھر لاءِ، سندس خوشحاليءَ ۽ شاهوڪاريءَ سببان، ائين چيو ويندو آهي. جيئن گيھ طاقت بخش غذا آھي، ان ڪري شاھوڪار شھر جي ساڻس ڀيٽ ڪئي وئي آھي.
    جنھن ۾ گڻ ھوندا آھن، تنھن ۾ اوگڻ پڻ ھوندا آھن. بي عيب فقط رب جي پاڪ ذات آھي، تنھنڪري دڙي لاءِ ٻنھي رخن ۾ چوڻيون چيل آهن.
    مطلب:
    • پئسي وارو ماڻھو، نمائش کان ان ڪري لھرائيندو آھي، جو کيس ڦرجڻ جو ڀؤ ھوندو آھي.
    • دڙو، وِهه جو گهڙو. (چوڻي)
    • دڙو، بي وڙو. (چوڻي)


    43. دهلي/ پالم

    43. دهلي/ پالم
    43.1 اڃا دهلي دور آهي. (فارسي، چوڻي)
    سلطان غياث الدين کي حضرت نظام الدين اولياءَ لا دل ۾ ڪوسائي ھئي. ھڪ دفعي بنگال جي مسافريءَ تان موٽندي، رستي تان ئي کين نياپو ڪيائين؛ ”منھنجي پھچڻ کان اڳي دھلي ڇڏي وڃو ۽ غياثپور واري رھڻ واري جا تان به ھٿ کڻي وڃو.“
    ”اڃا دھلي دور آھي!“ نياپي آڻيندڙ کي حضرت نظام الدين اولياءَ موٽ ۾ چيو.
    انھيءَ پاراتي بعد، غياث الدين، دھليءَ کان ڪجھ ميل پري، ساڳيءَ رات افغانپور ۾ جنھن جا ۾ ترسيل ھيو، تنھنجي ڇت ڪرڻ سبب، منجھس دٻجي مري ويو.
    مطلب:
    • هنوز، دلي دور است. (فارسي)
    • دھلي، اڃا دور آھي.
    • ٽوٽي، سست ۽ ڪاهل ماڻھو جيڪو ڪم کان لنوائيندو وتي ۽ بھانا ٺاهي ڀڄي وڃي، ان لاءِ ٽوڪ طور ائين مثال ڏبو آهي
    • خرار مان اڃا پاٽي نه پيٺي آھي.

    43.2 شيخ عالم، از دهلي تا پالم. (چوڻي)
    شيخ عالم؛ مغل شهنشاھ، شيخ عالم ثاني (۱۸۰۶- ۱۷۵۹) سندس حڪومت وقت، مغل شهنشاهيت جو شيرازو وکري ويو، جنھن سببان، مغلن جي حڪومت پوري بر اعظم تان گھٽجي، اچي دھليءَ کان پالم جي علائقي تي محدود ٿي.
    مطلب:
    • شيخ عالم، ڪمزور شھنشاھ ھيو، جنھن جي راڄڌانيءَ جون حدون گھٽجي ويون ھيون.

    43.3 دهليءَ جو لڏو؛ کائبو ته به پڇتائبو، نه کائبو ته به پڇتائبو. (هندي، پھاڪو)
    دهليءَ جا لڏون، ڏسڻ جا سھڻا، پر هاضمو خراب ڪندڙ آهن. سونھن اهڙي اٿن، جو کائڻ لاءِ نه ملي ته اهو سور سڄي عمر نه وڃي. بدهاضم وري اهڙا آهن جو، هڪ دفعو کائجي ته پيٽ جي تڪليف سڄي عمر نه وڃي.
    مطلب:
    • سھڻا ٽوھ، پٽن تي پيا آھن.
    • شادي؛ جيڪو ڪري سو به پڇتائي، جيڪو نه ڪري سو به پڇتائي.
    43.4 دهليءَ جو ٺڳ. (ورجيس)
    دهليءَ جا ٺڳ وڏا ڳنڍيڇوڙ ۽ چالاڪ هيا. ويٺي ويٺي، ماڻھوءَ جي کيسي ۾ پيل پئسن جو تعداد به ٻڌائي سگهندا هيا، جنھن تان ائين مشھور ٿيو.
    مطلب:
    • تمام وڏو ٺڳ.
    • بنارس جا ٺڳ به بنارسي ٺڳ جي طور مشھور آهن.

    43.5 ڪابل ڪنو چڙھيو، باھ لڳي ملتان،
    دھليءَ ڦوڪون ڏنيون، سڙي ويو ھندستان. (سرائيڪي، چوڻي)
    ھيءَ تاريخي ڪھاوت آھي، جنھن منجھ انھن حڪومتن ڏانھن اشارو آھي، جيڪي افغانين جي تسلط ھيٺ رھيون. ملتان/ سنڌ يا دھليءَ مٿان جيڪي به ڪاھون ٿيون، تن جو مرڪز ۽ محور ڪابل ئي رھيو آھي.
    آڳاٽي دور ۾ ملتان پڻ سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي. اگر گاديءَ جو ھنڌ نه رھيو آھي تڏھن به سنڌ اندر ننڍين رياستن جي حڪومتن تي، ملتان حڪومت جو اثر رسوخ ضرور رھيو آھي.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته ملتان، ڪابل جو ھڪڙو صوبو رھيو آھي. جيئن ئي ڪابل جي سياسي ڦيرگھير جو اثر ملتان تائين پڄندو ھيو، تيئن وري انھيءَ جا اثرات اتان ٿيندا، وڃي دھليءَ پڄندا ھيا، جنھن سببان، سڄي ھندستان جو سياسي نظام ۽ حڪومت متاثر ٿي ويندا ھيا. تڏھن ائين مشھور ٿيو؛ ”جنھن جو ملتان مضبوط، تنھن جي دھلي مضبوط“. اڄ به ملتان جي سياست جو اثر، اسلام آباد تائين پھچي ٿو.
    مطلب:
    • جنھن جو ملتان مضبوط، تنھن جو اسلام آباد مضبوط.


    44. ڊڀرو

    44. ڊڀرو
    44.1 ڊڀري جو ڪَـمي. (ساهتي، ورجيس)
    ڊڀرو يا درٻيلو، تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوشھرو فيروز ۾ آهي. منجهس سيدن جو وڏو اثر رسوخ آهي. مريد خادم، سيدن جي درن تي، خدمت ڪرڻ کي عبادت پيا سمجهندا آهن. شوق ۽ محبت سان پيا سندن در تي ٻيلپا ڏيندا آھن، جنھنڪري سندن حالت، انھن ڪمين يا ڪاسبين جھڙي ھوندي آھي، جيڪي پيٽ تي اميرن جا گولپا ڪڍندا آھن.
    اڄ به جيڪڏھن ڪير ڪنھن کي مفت ۾ وھائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته اڳلو کانئس ائين چئي جان ڇڏائيندو آھي؛ ”مون کي ڊڀري جو ڪمي سمجھيو اٿئي ڇا؟“
    مطلب:
    • شوق ۽ محبت سان، بنا معاوضي وٺڻ جي خدمت ڪندڙ کي، ڊڀري جي ڪميءَ طور ڀيٽ ڏني ويندي آهي.

    44.2 نه ويو آهين ڊڀري، نه ڏٺيون اٿئي آندل شاهه جون اکيون. (ساهتي، پھاڪو)
    ڊڀري شھر جو سيد الھندو شاھ يا آندل شاھ، جنھن نوشھروفيروز ۾ پھريون سنڌ مدرسہ اسڪول کولرايو ھيو، سو وڏي ڏيا وارو ھيو. سندس رعب ۽ دٻدٻو، ڏيھان ڏيھ مشھور ھيو. ڪو به سندس آڏو، ڪڇي نه سگھندو ھيو.
    روايت آھي ته ھڪ ڏينھن پاڻ شھر کان ٻاھر ويل ھيو جو نوڪرن ھڪ دھلاريءَ مسافر کي اوطاق ۾ آڻي ترسايو. ڏيڍيءَ تي ماني چئي آيا. ايتري ۾ خبر پئي ته آندل شاھ موٽي آيو آھي. اھا کڻڪ پوندي، دھلاري دھل سميت، ان دريءَ مان ڀڄي ويو، جنھن مان ڏينھن ڏٺي جو عام ماڻھو اڪيلي سر به مشڪل سان لنگھي سگھي. اھا ڳالھ مڱڻھارن وڌائي چڙھائي کڻي مشھور ڪئي.
    مطلب:
    • الھندي شاهه سان يا ڪنھن ڏاڍي سان معاملو نه پيو اٿئي، تنھن ڪري خبر نه اٿئي.
    • جيڪو بنا ڪنھن سوچ ويچار ۽ تحقيق جي، ڪنھن لاءِ راءِ مقرر ڪري، تنھن کي آپي ۾ رهڻ لاءِ دڙڪي طور ائين چيو ويندو آهي.
    • ڏاڍي جي سامھون ويندي، ھر ڪو لھرائيندو آھي.
    44.3 ڊوهي ماڻهو ڊڀري جا، چڱي نه اٿن چِت،
    توڻي ڪِرين ڀِتِ، ته به ڊوھ نه وڃي ڊڀري مان. (ساھتي)
    ان قسم جون چوڻيون ٻين شھرن ڏانھن به منسوب آھن، جيڪي ڪنھن دور ۾ مٿن ڪن سببن جي ڪري جڙيون، جڏھن ته وقت گذرڻ پڄاڻان، اھي معدوم ٿي ويون. اڄ انھن چوڻين جو انھن شھرن سان ڄڻ پري جو واسطو به ناھي رھيو. جيئن؛ روھڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي. يا جوھي؛ ڊوھي، وغيرھ.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ ڪوٽ ڪوٽڙي ڪنڊياره، دالي دغل باز.


    45. راڄڙي.

    45. راڄڙي.
    45.1 ثمر ھجئي ساڻ، رات نه پوئي، راڄڙيءَ ۾. (وچولو، چوڻي)
    راڄڙي؛ ٻيلي جو نالو آھي، جيڪو چوراڪاريءَ ۽ بدامنيءَ سبب بدنام آھي. اتي رھڻ ته خطري کان خالي ناھي پر ان جي ڀرسان لنگھڻ وارو به غير محفوظ رھي ٿو. ان ڪري ھن ڪھاوت اندر، ڏس ڏنو ويو آھي ته اگر ثمر يا کاڌو پيتو ساڻ آھي ته راڄڙيءَ جي شھر/ ٻيلي منجھ رھڻ کان، بھتر آھي ٻاھر رھي، پنھنجو وقت ٽپائي وڃجي.
    مطلب:
    • ثمر ھجئي ساڻ ته ڀڄ ڀاڏاين کان.
    • ھجئي ساڻ ثمر، گھڙي پؤ منجھ گھٽھڙ.
    • ڀيٽيو؛ ثمر نه ھجئي ساڻ، گھڙي پؤ منجھ گھٽھڙ.


    46. راهوجا/ باھوجا/ ڪوريجا

    46. راهوجا/ باھوجا/ ڪوريجا
    46.1 راهوجن ۾ رات، قادر نه وجهي ڪنھن جي،
    پليجن مان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي. (سرو، چوڻي)
    پليجا ۽ راهوجا؛ سکر ضلعي جا ھڪٻئي جي ويجھو ٻه ڳوٺ.
    هڪ بزرگ، راهوجن جي ڳوٺ ۾ مھمان ٿي آيو. کيس، نه ماني کارايائون ۽ نه سمھڻ لاءِ چڱو هنڌ ڏنائون. مڇرن به ڏاڍو تنگ ڪيس. جڏهن ته پليجا ڳوٺ ۾ رهڻ دوران، اتان جي رهواسين پاٽ ڀت جي ڀري موڪلي هيس ۽ رهڻ لاءِ هنڌ به چڱو ڏنائونس. راھوجن جي اھڙي رکي ورتاءَ کان بيزار ٿي ائين چيائين.
    مطلب:
    • هر ڪو پنھنجي اخلاق سان پنھنجي ذات جي ناموس وڌائي ٿو ۽ پنھنجي پرڪارن سببان پنھنجي ذات لڄائي ٿو.
    • راهوجن ۾ رات، قادر نه وجهي ڪنھن جي،
    رنون رب رلايون، آهر اڳلي واٽ،
    پليجن مان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي. (لوڪ ڏاهپ جو بيت)

    46.2 رهي راهوجين، بھي باهوجين، ڪتي ڪوريجن جي. (سرو، چوڻي)
    راهوجا، باهوجا ۽ ڪوريجا؛ علحده ذاتين جي نالن پويان، سکر ضلعي جا ڳوٺ آهن.
    رولاڪ ماڻھو، ان ڪت ڪندڙ ڪتيءَ مثل آھي، جنھن جو ڪو ٺام ٺڪاڻو نه ھجي. رڳو پنھنجي بک جو پورائو ڪرڻ جي ڪڍ ھجي. اھڙو ماڻھو جيڪو هجي هڪڙن جو، پلجي ٻين وٽ ۽ نفعو ٽين کي ڏئي، تنھن لاءِ ايئن چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • جنھن جا گھڻا ٿاڪ ھوندا آھن، تنھن جو ڄڻ ھڪ به ٺڪاڻو ناھي.
    • ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
    • ڪتي ڪوريجن جي؛ رهي راهوجين، بھي باهوچين.


    47. رڙي

    47. رڙي
    47.1 رڙي، ٽڪن ۾ پڙي، جتن کي مليو جواب. (لاڙ، پھاڪو)
    جاتي شهر جي اوڀر طرف، ضلعي ٺٽي اندر هڪ شهر آهي، جيڪو مائيءَ رڙيءَ جي نالي سان منسوب ۽ مشهور آهي. پنھنجي دور جي حسين ترين مائي رڙي، جنھن تي جتن جو ملڪ حمر خان، عاشق ٿي پيو. کيس ڌوتيءَ هٿارئون، شاديءَ جو پيغام ڏياري موڪليائين. مائيءَ رڙيءَ، کانئس موٽ ۾، ڪاري گونگڙي (واھ) کان رڙيءَ (ڳوٺ) تائين، رات جي پيٽ ۾ پاڻي پھچائڻ لاءِ واھ کوٽرائڻ جو مطالبو ڪيو. حمر نالي سان منسوب واهه، حمر مَلڪ هڪ ئي رات ۾ کوٽرايو هيو. اھو واھ ان وقت وڏي خرچ سان ٺھيو ھيو، جنھن سببان حمر کي رڙيءَ جو سڱ مليو. ٻين لفظن ۾؛ مائي رڙيءَ جو سڱ، ملڪ حمر کي، ڄڻ انھيءَ ملھ تي پيو ھيو.
    مطلب:
    • پئسي تي وڪامندڙ شيءِ جا مالڪ مٽجي ويندا آھن.

    47.2 رڙيءَ جو شاهوڪار ته نه آهين؟ (لاڙ، چوڻي)
    رڙيءَ جو شھر، پنھنجي شاهوڪاريءَ جي ڪري ڏاڍو مشھور هو. اتان جا ماڻھو شاهوڪار ۽ شاه خرچ هئا. جيئن ڍنڍيءَ جا شيخ، امير ۽ بي تحاشا خرچائو آھن. انھيءَ ڪري اڄ به جيڪڏهن ڪو گهڻو خرچ ڪندو آهي ته کيس ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • ڍنڍيءَ جو شيخ ته نه آھين؟


    48. روم

    48. روم
    48.1 توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
    ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيئي لوح قلم ۾. (سنڌ، چوڻي)
    ماڻھو دنيا اندر پنھنجو نصيب کائي ٿو. ان کان وڌيڪ جي حاصل ڪرڻ جي ڀلي جستجو ڪري پر ملندس يا ڦٻندس اوترو جيترو سندس قسمت منجھ لکيل آھي. ڪو به ماڻھو وِتَ کان واڌو، نه ماني ٿو کائي، نه لٽا ٿو پائي ۽ نه وري ٻن ٻيڙين يا گاڏين يا سوارين جي اندر چڙھي سفر ٿو ڪري سگھي. نه ئي وري ھڪ کان وڌيڪ بسترن تي يا ڪمرن منجھ، سمھي سگھي ٿو. انسان کي حرص ۽ ھوس سبب، ھڻ-وٺ يا وٺ-پاڄا وڏي لڳل آھي، جيڪا اجائي آھي. جيڪو نصيب ۾ لکيل اٿس، سو پورو پورو کيس ملي ٿو. نه گهٽ مليس ٿو، نه وڌ مليس ٿو.
    مطلب:
    • ڪنھن کي نه نصيب کان وڌ مليو آھي، نه گھٽ.
    48.2 روم ۾ رهي، پوپ سان نه اچائجي. (انگريزي، پھاڪو)
    پوپ، عيسائي مذھب وارن جو رھبر يا رھنما ٿئي ٿو. اھو وڏي مانَ ۽ مرتبي وارو مقام آھي. جيڪو اھو مقام ماڻي ٿو، تنھن جي ھلندي پڄندي به وڏي ھوندي آھي. ان سان ڦٽائڻ معنيٰ پنھنجو سر کڻائڻ.
    مطلب:
    • ڏاڍي جي ملڪ ۾ رهي، ساڻس نه ڦٽائجي.
    • درياھ ڀر ويھي، وجھجي نه واڳونءَ سان وير.


    49. روهڙي

    49. روهڙي
    49.1 روهڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي. (سرو، چوڻي)
    روهڙيءَ جو علائقو، اروڙ جي ويجهو آهي. ڪنهن لڱا، اروڙ ۾ راجا ڏاهر جي حڪومت هوندي هئي. حڪومت جي واڳ حاصل ڪرڻ لاءِ، اُن علائقي ۾ ڏاڍي رسا ڪشي ٿيندي هئي. روهڙيءَ جي روهه (جبل) تي رهندڙ، حڪومت جي واڳ هٿ ڪرڻ لاءِ، ڊوهه به ڪندا هيا. سندن ڊوهن/ سازشن سبب، اروڙ تباهه ٿيو. روهڙيءَ جو شھر، اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ روھ نالي ٽڪريءَ تي آباد ٿيو. اقتدار جي هوس، منافرتن ۽ منافقتن جو ٻج وڌو. جنھنڪري اروڙ کان آيلن هر وقت اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان ڊوهه يا دوکو پئي ڪيو.
    مطلب:
    • جابلو علائقن جا ماڻھو، جبل واريون خاصيتون رکندا آھن. ڏسڻ جا ڏاڍا ۽ سخت ٿيندا آھن. ھڪ ٻئي سان دوکي بازي ڪندي به نه مڙندا آھن.
    • ڀيٽيو؛ روهڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڍوءَ تي.

    49.2 روهڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڍوءَ تي. (سرو، چوڻي)
    آڳاٽي دؤر ۾، ٽڪر/ روھ تي رهڻ جي ڪري، روھڙيءَ جو ننڍو وڏو رھاڪو، گھٽيءَ جا پٿر گهر ڏانهن ڍوئڻ ۾ مشغول هوندو هئو. ڇو جو ان کي اها خبر هئي ته اهي پٿر گهر ۾ اڏاوت جي ڪم ايندا.
    مطلب:
    • جاجڪ چريو ته به لٽا لاھي پنھنجن ڏانھن اڇلي.
    • چانڊيا چريا ته به ڳڙ جا ڀينڊ پنھنجن ڏانھن اڇلين.
    • ڀيٽيو؛ سيوھاڻي چريا ته به ڀتر گھر ڏانھن ڍوئين.

    49.3 روهڙيءَ جا مومن؛ روئڻ جا به تکا، روئارڻ جا به تکا. (پھاڪو)
    جيڪو ماڻھو ڪوڙي بھاني سان، ڳالهه لنوائيندو آهي، تنھن کي ايئن چيو ويندو آهي. ”هل! روهڙيءَ جا! خبر آهي.“ ان جو اصل پسمنظر هڪ آزاريل ذاڪر ڏانھن منسوب ڪيو ويندو آهي. جنھن سر ۾ چيو هئو؛ ”روهڙيءَ جا مؤمن، روئڻ جا به ڏاڍا ته ..... جا به ڏاڍا.“
    مطلب:
    • دوکي باز ماڻھوءَ کي، طعني طور ائين چيو ويندو آھي.


    50. رُھي

    50. رُھي
    50.1 رهيءَ ۾ رهڻ، رٻ نه رڌڻ. (پھاڪو)
    ٿر جي عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري واري علائقي ۾، پاڻيءَ جي بلڪل اڻاٺ رهي ٿي، جنهن ڪري ان کي رُهي به سڏيو ويندو آهي. ٿر جي ٻين ڀاڱن جا ڪجھ حصا به رُهيءَ جهڙا آهن. اتي جو کاڌو، عام طور رٻ آهي. جيڪو قناعت/ ڪفايت جو بهترين اصول آهي. جيڪو قناعت نه ڪندو، سو هڪ نه هڪ ڏينهن پڇتائيندو. رٻ تي گذر ڪري، اَنَ بچائڻ وارا ئي، ڏکئي وقت سان منهن ڏئي سگهن ٿا.
    مطلب:
    • ڏکين علاقن ۾ رهڻ لاءِ، حالتن سان سمجهوتو ڪرڻو ئي پوندو آھي.
    • رهين ٿي رُهيءَ ۾، رڌئين نه ٿي رٻ. (ٿر)
    • رهيءَ ۾ رهبو ته رٻ به رڌبي.


    51. ساڏوري

    51. ساڏوري
    51.1 آزادي مليي، ساڏوري به اڌ نمبر. (ٿر، چوڻي)
    انگريز دؤر ۾، تحريڪ خلافت جي هلچل دوران، ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي، ڊاڪٽر ڪچلو ۽ ٻيا برک ليڊر شريڪ ٿيا هئا. جيئن ته هي جلسو ڪراچيءَ ۾ هئو، ان ڪري منجھس سنڌ جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي. تعلقي عمرڪوٽ جي ”ساڏوري“ ڳوٺ جو عبدالرزاق شيدي به ان جلسي ۾ پهتو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي جلسي ۾ نظم پڙهيو هئائين. انهيءَ نظم جو ٿلھ هئو؛
    ”سگهو جارج پنجين جو هتان لاشو روانو ٿيندو“.
    جلسي جي آخر ۾ گرفتاريون ٿيون ته عبدالرزاق به ٻڌجي ويو. اسپيشل ڪورٽ ۾ انگريز جج جي اڳيان حاضر ٿيو ته جج کانئس پڇيو؛ ”تو اهو نظم ڇو پڙهيو؟“
    ”اهو نظم مون فقط چاٻو حلوو کائڻ لاءِ پڙهيو.“ عبدالرزاق ٻڌايو.
    ”جيڪر سرڪار تو کي معافي ڏئي ته پوءِ؟“ جج صاحب کيس سادڙو سمجهندي، کانئس پڇيو.
    ”معافي ملي ته ساڏوري اڌ نمبر“، تڪڙ ۾ چيائين، جيڪو جملو، جج صاحب لاءِ اڃا وضاحت طلب ھيو. جج صاحب ڀروونئن جي اشاري سان جڏھن اڃا وضاحت جو منتظر رھيو ته وڪيل ڳالھ، اڇو ڪندي چيو؛ ”سائين منھنجا! هيءُ چوي ٿو ته سرڪار جيڪر معافي ڏئي ته پوءِ ساڏوري، جيڪا هتان ۲۰۰ ميل آهي، سا مون لاءِ اڌ نمبر جيترو پنڌ ٿي پوندي.“
    اهي لفظ ٻڌي، جج صاحب کليو ۽ کيس معافي ڏئي ڇڏيائين.
    مطلب:
    • پنڌ تمام ٿورو آهي.
    • مڙس ماڻھن لاءِ؛ ٻيلو ٻه ٻرانگهون.


    52. ساڪرو

    52. ساڪرو
    52.1 ايتري ٻڌو، جو ساڪرو سٽ جهلي. (لاڙ، پھاڪو)
    ميرن جي دؤرِ حڪومت ۾، مقرر ڪيل ٻاڌارا، ٻنيون/ پوکون گھمي، محصول جو حصو ٻڌندا هيا. هڪ سال ٻاڌارن، ساڪري طرف سخت ٻَڌَ ڪئي، تنھن تي هڪڙي هاريءَ رڙ ڪري ائين چيو.
    مطلب:
    • زيادتي، چڱي ڳالهه نه آهي.
    • اهڙي ڪر، جو ساڪرو سٽ سھي. (لاڙ)

    52.2 ساڪرو؛ آڪرو. (لاڙ، چوڻي)
    ساڪرو، اٺ جو قسم آهي. اھو هلڻ جو ڇوهو ۽ قد جو هلڪو آهي. ميرپورساڪري طرف ٿئي ٿو. ان ڪري علائقي جي نسبت سان، اھو مٿس نالو پيل آهي.
    مطلب:
    • ساڪرائي اٺ، بيھڪ مان پڌرو ھوندو آھي.

    52.3 سنگت ساڪري ۾، سست آسري ۾. (لاڙ، پھاڪو)
    ھڪڙي ھمراھ پنھنجي سنگتين سان، ساڪري شھر گھمڻ جو پروگرام رٿيو ھيو. پروگرام مطابق کين ھلڻ کان اڳ ھڪ ھنڌ ڪٺو ٿيڻو ھيو، جتان کان پوءِ سفر جي شروعات ڪرڻي ھين. مقرر وقت تي پاڻ ته طئي ٿيل ھنڌ تي پھتو پر سنگت منجھان ڪو به ڪو نه پھتو. ٿيو ائين ھيو جو ملڻ جو وقت آخري وقت ۾ تبديل ٿيو ھيو، جنھن جي ڄاڻ ھن کي نه ھئي. سنگت ان وقت تي پڳي ۽ راھي ٿي وئي. جڏھن ته ھيءُ ھمراھ، طئي ٿيل ھنڌ تي سندن ڪٺي ٿيڻ جو آسرو ڪندو رھيو. تيستائين سنگت وڃي ساڪري شھر پھتي ھئي. ساڪري کان موٽندڙ مسافرن/واقفڪارن جڏھن کيس انتظار ۾ ڏٺو ته سبب پڇيائونس. ھن جي جواب تي کلندي کيس ٽوڪيائونس؛ ”سنگت ساڪري، سست آسري ۾.
    مطلب:
    • واعدو ڪري، ڀڄي وڃڻ واري کي ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آھي.
    • آسري يار جي، سيءَ سڪائي کل.
    • سنگت ساڪري ۾، ھمراھ آسري ۾.


    53. سعيدپور

    53. سعيدپور
    53.1 سعيدپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (لاڙ، چوڻي)
    سعيدپوري؛ سعيد پور ٽڪر جو رھاڪو. سعيد پور ٽڪر جي رھاڪن بابت چيڙ.
    گمان آھي ته، پور لفظ جنهن شهر سان لڳل آهي، تنھن شھر سان تڪبند طور ائين پڇ ڳنڍي ڇڏيندا آھن. ھتي سعيدپور ٽڪر وارن لاءِ به ائين ئي محسوس ٿئي ٿو.
    اسان جو معاشرو يا سماج گڏيل سرشتي تي اڏيل آھي. منجھس حلالي حرامي هر هنڌ آهن. اندازو آھي ته سعيدپور منجھ به ڪي ڏنگا ماڻھو ھجن، جن جي ڏاڍائيءَ تان ڪنھن جي واتان اھو جملو نڪري ويو ھجي. پوءِ؛ ”ٺاٺ کڻي ھڪڙو، ٺڪر اچي مڙني تي.“ وانگي ڪارنھن سڀني تي چاڙھي ڇڏي ھجائين.
    مطلب:
    • گهيلپوري، نيت بري، ھٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (بدين)
    • آيا يار لاھوري؛ منھن جا مٺا، نيت بري. (پنجابي)
    • آيا يار لاھوري؛ ڏيکاري دروازو، ٽپائين موري. (پنجابي)
    • آيا يار چنيوٽي؛ شڪل سھڻي، نيت کوٽي. (پنجابي)
    • آيا يار پشوري، لش پش گھڻي، محبت ٿوري. (پنجابي)
    • آيا يار ڪھروڙي، لش پش ڍير، محبت ٿوري. (پنجابي)


    54. سنڌ

    54. سنڌ
    54.1 جڏهن تڏهن سنڌ کي، قنڌارئون جوکو. (سنڌ، چوڻي)
    سنڌ تي جيڪي به حملا ٿيا آھن سي يا ته ايران کان ايندڙن ڪيا آھن يا ڪابل/ قنڌار کان آيلن/ موٽ کاڌلن ڪيا آھن. ڇو جو سنڌ تي حمله آور، گھڻا تڻا قنڌار جي رستي کان آيا آھن، جن اچي سنڌ منجھ ٻائيتال ۽ رڻ ٻاري ڏنو. انگريزن ۱۸۴۳ع ڌاري ڪابل/ قنڌار کان شڪست کائي، واپسيءَ تي، سنڌ مٿان ڪاھ ڪئي، جنھنڪري، سنڌ لاءِ ائين مشھور ٿيو آھي.
    مطلب:
    • سنڌ هميشه، قنڌار کان آيل حمله آورن جو شڪار پئي رهي آهي.
    • جڏھن ڪڏھن سنڌ کي، قنڌار کان جوکو.
    • لڳندي لڙائي، سونچو سري کان ٿيندو، جڏهن ڪڏهن، سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو.

    54.2 سنڌ؛ ڇورا پال. (سبي، پھاڪو)
    سبي خطي جا بروهي ۽ ٻروچ خاندان، اونھاري جي موسم ۾ لڏ پلاڻ ڪري، ڪمائڻ ۽ گذر سفر ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اچن ٿا. اونھارو ڪمائي، سياري لاءِ پاڇي ڪن ٿا. سياري ۾ هو واپس جابلو علائقن اندر پنھنجن گھرن ۾ وڃي آباد ٿين ٿا. ان روزگار ۽ گذر ڪرڻ سبب، هن علائقي ۾ سنڌ بابت ائين چون ٿا.
    مطلب:
    • سنڌ علائقي کي، منجھس ڄاولن/ ٻاھران آيلن جي پالڻ جي سگھ آھي.

    54.3 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير،
    چوٿون چغدو، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (ٿر، چوڻي)
    وڌيڪ تشريح لاءِ ڏسو: جيسلمير.

    54.4 سنڌ سنئين، وڻ ڏنگا، ماڻھو خام،
    ڏنڊو جنھن جي هٿ ۾، تنھن کي ڪن سلام. (سرو، چوڻي)
    سنڌ خِطي جي زمين جابلو ناھي. منجھس ھيٺ-مٿانھيون به ايڏيون ناھن. بلڪ سنئين سڌي زمين آھي، جيڪا زراعت ۽ ڪاشتڪاريءَ جي ڪارج ھيٺ گھڻي رھي ٿي. پاڻ ايتري سنئين ۽ سڌي آھي، جو مٿس ٿيندڙ وڻ جي ڏنگائي به جلد نظر اچيو وڃي. اھڙي زرعي زمين تي ھر ھاري ناري، محنتي مزور، فقير فقرو، لالچي لوڀي ڇڪجي اچي ٿو، جيڪو پنھنجي پيٽ قوتَ ھٿ ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوشان رھي ٿو. يا ٻين جي مال تڳائڻ جي جُوھ ۾ رھي ٿو. جنھن سببان سندس خام خيالي نروار ٿيو پوي. ٻين جي ڏنڊي کي ڏسي، کين نِوڙي سلام ڪندو رھي ٿو.
    مطلب:
    • جڏهن ماڻھو نصيحت سان نه سڌري ۽ پادرن سان سڌو ٿي هلي، تڏهن کيس ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آھي.
    • سنڌي ماڻھو، ڏاڍي سان سينو ساھي نه سگھندا آھن ۽ پيا کيس اٿندي ويھندي سلام ڪندا آھن.

    54.5 سنڌ کَلي/ موچڙي سان سڌي آهي. (ساهتي/ سرو، چوڻي)
    موچڙي ۾ سوڀ آهي. ان سان هر هڪ سڌو آهي. اهڙو مثال آڳاٽي دور جي تاريخ ۾ به ملي ٿو. جيئن، حضرت موسى عليہ السلام کي لٺ وارو معجزو ڏنو ويو ھيو.
    مطلب:
    • سنڌ جا ماڻھو، ھيٺانھين ڪرڻ واري تي فلڪ ئي نه آڻيندا آھن. ڏاڍي سان سڌا ھوندا آھن.
    • عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
    ڪتابان اوه نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي)

    54.6 سنڌ گدڙن ڪو نه کاڌي آهي. (ساهتي، چوڻي)
    سنڌ جي ماڻھن جي نفسيات آھي ته؛ پاڻ ۾ نه ٺھندا آھن. ٻاھران آيل کي ائين لڳندو ته پاڻ ۾ وڙھيل آھن. کين پاڻ ۾ وڌيڪ ويڙھائڻ جي ضرورت ناھي. بس فقط مٿن حڪمراني ڪرڻي آھي. جڏھن ته ٻاھران آيل آپدا کي ڏسي، سنڌين کان پنھنجيون ڪدورتون وسري وينديون آھن ۽ ٻاھران آيل حمله آور سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ يڪدم يڪمشت ٿي ويندا آھن. جنھنڪري سنڌ جي ماڻھن کي ڌاريا ۽ ڪمزور ماڻھو، ڪو به نقصان نه ڏئي سگهندا آھن.
    مطلب:
    • ڪير به ڪنھن کي نقصان نه ٿو ڏئي سگهي، جيستائين خدا نه چاهي.

    54.7 سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (ٿر، چوڻي)
    ڪڻ تي؛ ڪڻڪ تي گذران. ٿڻ تي؛ مال جي ٿڻ تي، مال جي کير تي، ڍڳن ڍورن تي.
    مطلب:
    واڌو تشريح لاءِ ڏسو: ”ٿر.“

    54.8 سنڌ ۾ ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي. (سنڌ، چوڻي)
    هر علائقي جي ماڻھن جو پنھنجو پنھنجو لھجو ۽ پنھنجي پنھنجي ٻولي آهي. اھو عام خيال آھي ۽ مشاھدي سان به معلوم ٿيو آھي ته پنجويھن ٽيھن ميلن کان پوءِ، ماڻھن جي لھجي ۽ لفظي محاوري ۽ معنيٰ ۾ فرق اچي ويندو آھي.
    مطلب:
    • سنڌ ۾ ويھين ڪوهين، ٻولي ٻي.

    54.9 سنڌ ۾ پڇي به ڪو ڪو نه، ڪڇ ۾ ڪنورٻائي. (لاڙ، پھاڪو)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”ٿر“

    54.10 ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (ٿر، چوڻي)
    ڪڇ علائقي جا ماڻھو، جوڳين ۽ سنياسين ۾ انڌو اعتقاد ٿا رکن، جنھنڪري کانئن پاڻ ڦرائين ٿا. جڏهن ته سنڌ جي ماڻھن کي اٻوجهائپ سبب، ٺڳ ٺڳي ٿا وڃن.
    مطلب:
    • ڏيھاڙي ڦرجن ته گھڻا ئي ٿا پر بدنام فقط سنڌي ئي آھن.


    55. سنڊو

    55. سنڊو
    55.1 سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (لاڙ، چوڻي)
    سنڊو بندر جو نالو، جيڪو ھاڻي ڦٽي چڪو آھي. جاتي؛ شھر جو نالو جيڪو ھن وقت به موجود آھي. ھڪ شھر جي ويران ٿيڻ پڄاڻان، ٻيو شھر آباد ٿيو وڃي.
    مطلب:
    • تشريح لاءِ ڏسو؛ جاتي.


    56. سوکي

    56. سوکي
    56.1 بندر ڦٽو، سوکي وٺي. (لاڙ، چوڻي)
    بندر يا شاھبندر ۽ سوکي، ٻئي بندرن جا نالا آھن، منجھانئن بندر ته ڦٽي ويران ٿي ويل آھي. جڏھن ته ان جي ڀرسان سوکي بندر، شاھ بندر جي ڦٽڻ پڄاڻان، وڌيڪ آباد ٿيو آھي.
    واڌو تشريح لاءِ ڏسو؛ ”بندر.“


    57. سيوهڻ

    57. سيوهڻ
    57.1 سيوهاڻي چريا، ته به پٿر گھر ڏانھن ڍوئين. (سرو، پھاڪو)
    سيوھڻ، روھڙيءَ وانگر، پٿريلي علائقي ۾ واقع آھي. درياھ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي اڏيل ھن شھر ۾ قلندر جي مزار آھي، جتي ڏيھاڙي سوين بلڪ ھزارين زيارتي اچن ٿا. ان شھر جي اڏاوت ۾ آڳاٽن ماڻھن، پٿرن جو استعمال ڪيو، جنھن لاءِ ھو پٿر ٻين کي چُٽڻ/ ھڻڻ بجاءِ گھر ڏانھن ھڻڻ/ اڇلڻ کي ترجيح ڏيندا ھيا، ته جيئن اھو پٿر وري به گھر جي ڪنھن اڏاوتي ڪارج ۾ ڪتب اچي سگھي.
    مطلب:
    • چرين کي به پنھنجن پراون جي ۽ نفعي نقصان جي خبر پوندي آهي.
    • ھر ڪو ڪسر مڙيو ئي پاڻ کي ڏيڻ چاھيندو آهي.
    • سيوهاڻي چريو، ته به پٿر پنھنجن ڏانھن اڇلي. (ساهتي)
    • چريو سيوهاڻي، ڀتر اُڇلي پنهنجي گهر. (لاڙ)
    • ڀيٽيو؛ روھڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي. (سرو)

    57.2 سيوهاڻي؛ نه اَنُ، نه پاڻي. (لاڙ، چوڻي)
    اڳئين دور ۾ حاڪمن جا فوجي/ ڪارندا، گهوڙن تي چڙهي ايندا هيا ۽ غريبَ-مار ڪندا هيا، تن کي گهل سڏيو ويندو هيو. اهي به سکين ستابن کي تنگ ڪري مال ڦريندا هيا. سڃن بکين ماڻھن کي هوندو ئي ڪجهه نه هيو، تن کان ڪجهه نه ڦريندا هيا. سيوھڻ منجھان کين ڪجھ نه ملندو ھيو ته سندس سڃائيءَ کي، ائين لوئيندا ھيا.
    مطلب:
    • سڃي کي سرڪار ڇا ڪندي.
    • چور به ڀريل ڀڪيل گھر ۾ ئي کاٽ ھڻندو آھي.
    • سڃو ماڻھو سرڪار کان به ڏاڍو.

    57.3 سيوهڻ؛ ڏي ته وڻ، نه ته ٽپڙ کڻ. (لاڙ، چوڻي)
    قلندر لال شهبار جي مزار، ماڻهو زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ڏسي ته به ڪافي آهي. هڪ ته اتي لُڙُ بغاغو ۽ ھُڙُ ڇُڙُ يا گوڙُ گھمسان ايڏو هوندو آهي جو بس ئي ڀلي. ٻيو وري فقيرن جي پن ۽ پچر اھڙي ڇتي، جو ڄڻ آزار. هڪ دفعو وڃڻ وارو ته وري ڏسڻ کان توبہ ڪري ڇڏي ٿو. سيوهڻ منجھ جيتري آدمشماري آھي، اوترا وري پينو فقير ۽ ڦرڻا ماڻھو به گھڻا آهن، جن کي ڪجھ ڏيڻ کان سواءِ اتي رھڻ اھنجو ٿيو پوي.
    مطلب:
    • ڀيٽيو: سيوهاڻي؛ نه انُ، نه پاڻي.

    57.4 سيوهڻ کي گَهلِ ڇا ڪندي؟ (لاڙ، پھاڪو)
    گهل: پوليس، گهوڙن تي چڙهي ايندڙ هٿياربند لٽيرا.
    سيوھڻ: الله لوڪ فقير، دنيا کي تياڳيندڙ.
    اڳي، لٽيرا گھوڙن تي چڙھي ھلائون ڪندا ھيا، جن کي گھل يا پوليس سڏيو ويندو ھيو. اھي جڏھن آبادين منجھ گھڙندا ھيا، ته انھن کي تھس نحس ڪري ڇڏيندا ھيا. ماڻھو ماڻھن کي ڦريندا ۽ ڪھندا ھيا، انھن جا وھٽ ٻنين ۽ آبادين جو ستياناس ڪندا ھيا.
    اھڙي قسم جا لٽيرا به انھن کي ڦريندا ھيا، جن منجھان ڪجھ ملڻ جو آسرو ھجين. سيوھاڻي، جتي ان نه پاڻي، تتان کين ملڻ جو ڪو آسرو نه ھيو، تنھن کي گھل ڇا ڪري؟
    مطلب:
    • مستانڙن کي، لٽيرا ڇا لٽيندا؟
    • سڃي ماڻھوءَ کي؛ نه ھيٺين واٽ ڀؤ، نه مٿينءَ واٽ ڀؤ.
    • نه ڍڳو، نه ڍور؛ ڇا ڪاهيندو چور؟
    • جنھن کي ڍڳو نه ڍور، تنھن جو ڇا ڪاھيندو چور.


    58. شادي شھيد

    58. شادي شھيد
    58.1 وڃي شادي شھيد تي، ٿورو ٿڦي لونگ فقير تي. (سرو، پھاڪو)
    لونگ فقير ۽ شادي شھيد، پيرن جي نالن پويان، ضلع خيرپور جون ٻه وسنديون آهن. خيرپور شھر کان لونگ فقير، هڪ ڪلوميٽر ۽ شادي شھيد ڏهه ڪلوميٽر پري آهي. شادي شھيد تي وڃڻ واري کي لونگ فقير وتان لنگهڻو پوندو آهي، ان ڪري اتي به زيارت ڪندو آهي. انھيءَ تان هيءَ چوڻي مشھور ٿي آهي.
    ڪاڇي جي علائقي ۾ موجود شاھ گودڙيي جي مزار تي وڃڻ وارا پھرين آلي شاھ تي ويندا آھن. اتان ٿي پوءِ شاھ گودڙيي تي ويندا آھن. يا پير پٺي تي وڃڻ وارا، پھرين ڄام ڏاتار تي حاضري ڏيندا آھن، پوءِ پٺي جي زيارت ڪندا آھن.
    مطلب:
    • مخاطب ھڪڙي سان ٿيڻ، لاھڻي ٻئي تي لاھڻ.


    59. شڪارپور

    59. شڪارپور
    59.1 شرم ويو شڪارپور، لڄ وئي لاڙڪاڻي. (ساھتي، چوڻي)
    جنھن ماڻھوءَ ۾ لڄ ۽ شرم نه هجي يا لحاظ داري نه هجيس، تنھن کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • لڄ ۽ شرم، اڄڪلھ لڏيندا ٿا وڃن.
    • لڄ وئي لال تي، شرم ويو شڪار تي.
    • لڄون ويون لال تي، شرم ويو شڪارپور. (سرو)
    • ڀيٽيو؛ شرم ويو شھداد پور، حياءُ ويو حڪيماڻين. (لاڙ)

    59.2 شڪارپور شھزادي، ڏيھان ڏور مشھور. (سرو، چوڻي)
    شڪارپور، سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود، شڪارگاهه واري هنڌ تي دائود پوٽن جو اڏايل شهر، سکر شهر جي مٿان بولان لڪ واري رستي تي واقع آهي. سڄي سنڌ هند توڙي ست سمنڊ پار، واپار جي لحاظ کان مشهور هئو. هتان جا واپاري سکيا ستابا ۽ جڳ مشهور هئا. سندن ڪاروبار، ڏيهان ڏيهه ڦهليل هيو، جنهن سببان سندن، سڄي جڳ ۾ هُنڊيون هلنديون هيون. انهيءَ ڪري شڪارپور شهر کي گهڻي مقبوليت حاصل هئي.
    مطلب:
    • واپار ۽ پئسي جي ريل پيل سبب، شھرن جو ڏيھان ڏيھ ناموس ٿئي ٿو.

    59.3 شڪارپور شھزادي، اچي نر، ٿئي مادي. (سرو، چوڻي)
    شڪارپور شهر، واپار جي ڪري مشهور هيو، جنهنڪري جيڪو به هتي، نر وانگر خالي پيٽ / ڪُکِ سان آيو، ماديءَ وانگر ڀريل پيٽ / سائي ڪُکِ سان موٽي ويو.
    مطلب:
    • شڪارپور شهزادي، وڃي نر ٿئي مادي.

    59.4 شڪارپوري صلاح. (سرو، ورجيس)
    شڪارپور اندر، واپار تمام گهڻو هلندو هيو. واپاري ماڻھو، سلام ڪلام ۾ پاڻ کي کلي ڳالھائڻ تائين محدود رکندو آهي. غرض، ڌنڌي سان رکندو آهي. وڌ ۾ وڌ جنھن خريداري ڪئي، تنھن کي آخر ۾ ٺلھي چانهه جي صلاح ڪندو آهي. شڪارپوري واپاري پڻ ائين ھيا. سندن انھيءَ روش تان، هيءَ ورجيس مشھور ٿي.
    مطلب:
    • غرض خاطر، صلاحڻ.
    59.5 شڪارپوري، نيت بري،
    هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري. (سنڌ، چوڻي)
    شڪارپور، ڏيھان ڏيھه مشھور هئي ۽ ڏيھن سان واپار هلندڙ هيس. واپار وڙي جي حساب سان، هتان جا واپاري به پڪا هيا. گراهڪن سان کلي ڳالھائڻ، نرمائي ڪري پنھنجو وکر کڻائڻ ۽ کانئن پئسا ڪڍڻ به هڪ فن آهي، جيڪو هيءُ ڄاڻندا هيا، جنھن تان اها چوڻي وجود ۾ آئي.
    مطلب:
    • شڪارپور جا واپاري، گھڻي ڪمائي ٿيڻ بعد، لالچي ٿي پيا ھيا. ڦرڻ ۾ ڪنھن مان به ڪين مڙندا ھيا.

    59.6 شڪارپوري؛ نيت بري،
    ٻولين ٻاجهر، ڏين ٻـُري. (چوڻي)
    شڪارپور جو شهر، قديم زماني کان، سنڌونديءَ جي ساڄي هٿ تي آباد آهي. آڳاٽي زماني ۾، وڻج واپار جي لحاظ کان جڳ مشهور هيو ۽ سموري دنيا سان وهنوار هلندڙ هيس. ان وقت سنڌ ۾، واپار جا فقط ٻه مرڪز هيا؛ هڪ ٺٽو يا ڪراچي، ٻيو شڪارپور.
    واپاري ماڻهوءَ جي ڪوشش اها هوندي آهي ته گهٽ خرچ تي وڏا فائدا حاصل ڪيان. مهمان جي خدمت گهٽ ڪيان ۽ منجهانئس فائدو به چڱو حاصل ڪري وڃان. ظاهر ۾ دوستي رکي، اعتبار ڏياري، اندران اندران کل لاهيانس ۽ چڱو منافع ڪمائي وٺانس.
    شڪارپوري واڻيا به، واپار جي لحاظ کان وڏا چالاڪ هيا. مٺڙو مٺڙو ڳالهائي، سادي شيءِ به اوچيءَ واري اگهه ۾ هڻي ويندا هئا. جنس اُچي مال جي ڏيکاري، سارو مال کڻائي ڇڏيندا هيا. آخر تائين ماني ته ڇا، چانهه به نه پياريندا هيا. اُٿڻ مهل فقط صلاحيندا هيا ته؛ ”چانهن پي وڃو ھا! الا!“ جيڪڏهن ڪو ضد ڪري ويهي رهيو ته چوٿاڙ ڪوپ چانهه جو، گهُرائي کيس پياريندا هيا. چوٿي ۽ اڌڙ چانهه جي ڪوپ جو رواج، اڃا به شڪارپور شھر جي هوٽلن تي آهي.
    سندن انهيءَ ورتاءَ سبب، ٻين واپارين ۽ ڏيتي ليتي رکندڙن، مٿن اها ڪهاوت مڙهي ڇڏي، جيڪا اڄ سوڌو مشهور آهي. جيئن ته ان وقت شڪارپور شهر جي، دنيا ۾ نمائندگي، انهن واپارين پئي ڪئي، تنهنڪري انهن جي ورتاءَ کي شڪارپورين جو ورتاءُ ئي سمجهيو ويو.
    تنهن هوندي به اڄ جا شڪارپور واسي، موٽ ۾ پنهنجي دلين کي تسلي ڏيڻ خاطر، انهيءَ ٽوڪ کي ٿورو تبديل ڪري جواب ڏيندا آهن.
    ”شڪارپوري؛ نيت بري، ڏيکارين گجر، وجھن موري.“
    مطلب:
    • ٻول ۾ چول نه ڪرڻ گھرجي.
    • يار اچن؛ ته ڇيڇڙا به وڪامن.
    • شڪارپوري، نيت بُري، ڏيکارين گجر، ڏين موري.
    • شڪارپوري، نيت بُري، هٿ ۾ قرآن، بغل ۾ ڇُري.
    • ڀيٽيو: خيرپوري، نيت بري، ھٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري.
    • ٿورو احسان ڪري، گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.

    59.7 شڪارپوري، نيت بري،
    ڏيکارين گجر، وجھن موري. (شڪارپور، چوڻي)
    ھيءَ چوڻيءَ، عام ماڻھن جي نه بلڪ شڪارپورين جي پنھنجي ٺھيل آھي، جيڪا ھو، مٿن ٺھيل ڪھاوت؛ شڪارپوري، نيت بري، ھٿ ۾ قرآن، بغل ۾ ڇري، جي اُگري مطلب کي پرکيندي جواب ۾ چوندا آھن. ٻين لفظن ۾ اھا ڪھاوت شڪارپورين، پنھنجي چيڙ جي جواب ۾ ٺاهي آهي.
    مطلب:
    • ٻول ۾ چول ڪرڻ وارا، اخلاقي حدون به اورانگھي ويندا آھن.


    60. شھدادپور

    60. شھدادپور
    60.1 شرم ويو شھداد پور، حياءُ ويو حڪيماڻين. (لاڙ، چوڻي)
    جڏھن ڪو ماڻھو، حد کان وڌيڪ بي حياءُ ٿي پوي ۽ مٿئون ڏاڍ-مڙسي به ڏيکاري ته مٿس چڙ ضرور ايندي آھي. ساڻس پڄي به نه کائي سگھبو آھي ته پوءِ دل جي ڀڙاس ڪڍڻ لاءِ اھڙا لفظ چئبا آھن، جن جي ذريعي اھو اوٻر نڪري ويندو آھي. ھيءَ چوڻي به اھڙن موقعن تي استعمال ٿيندي آھي. بي حياءَ ۽ ڏاڍي ماڻھوءَ آڏو، اھڙا ڪيئي الفاظ بي اختيار نڪري ويندا آھن.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ شرم شڪارپور، لڄ وئي لاڙڪاڻي.


    61. شھدادڪوٽ

    61. شھدادڪوٽ
    61.1 شھدادڪوٽ؛ اصل نه موٽ، موٽ ته مري موٽ. (سرو، چوڻي)
    ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جو مکيہ شھر، جيڪو لوڻ جي سڻن واري زمين تي آباد ٿي ويو آھي. منجھس مٺو پاڻي اڻلڀ آھي. حياتي تڪليف سان گذري ٿي. آڳاٽي دور ۾، ڪو به ملازم ان شھر وڃڻ لاءِ ورلي تيار ٿيندو هيو. جيڪو اتي پھچندو هيو، تنھن جي بدلي ڏاڍي ڏُکي ٿيندي هئي. يا مرڻ پڄاڻان جان ڇٽندي ھيس يا رٽائر ٿيڻ سان. يا ته نوڪريءَ مان خارج ٿيڻ ڌاران، جان آجي ٿيندي هيس.
    مطلب:
    • ڀيٽيو: ڪنڌڪوٽ، ول نه موٽ.


    62. عراق

    62. عراق
    62.1 جيسين عراق مان ترياق اچي، تيسين نانگ ڏنگيل مريو وڃي. (پارسي، پھاڪو)
    عراق جو ملڪ، سنڌ ملڪ کان تمام گھڻو ڏورانھون آھي. ترياق؛ نانگ جي زھر کي ختم ڪندڙ دوا، اگر اتان ايندي ته سنڌ اندر پھچندي پھچندي، تمام گھڻي دير ٿي ويندس. جڏھن ته نانگ-ڏنگيل کي دوا ترت کپي. دير سان پھتل شيءِ، ڪنھن فائدي جي ناھي.
    اگر ٽاڻو ٽري وڃڻ بعد، فائدي ڏيڻ واري شيءِ ملي ته ڪم جي نه ليکبي. بلڪ کيس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل خرچ ۽ تڪليف پڻ بيجا ۽ فضول سمجھبا.
    مطلب:
    • شيءِ اھا فائدي واري آھي، جيڪا وقت تي ميسر ھجي.
    • نه نوَ مڻ تيل اچي، نه ئي راڌا نچي.
    • اھڙو شرط، جيڪو وقت تي پورو نه ڪري سگھجي، تنھن لاءِ ائين مثال ڏبو آھي.


    63. قنڌار

    63. قنڌار
    63.1 جڏهن تڏهن سنڌ کي، قنڌارئون جوکو. (سنڌ، چوڻي)
    تشريح لاءِ ڏسو؛ ”سنڌ.“

    63.2 ڪنڌيئون پار، قنڌارئون پار. (سنڌ، پھاڪو)
    گهر جي عالم پناهه/ چوديواريءَ مٿان ٺاهيل ڪانن جي اولي کي ڪنڌي ڪوٺبو آهي، جيڪا پردي يا پناهه خاطر ڏبي آهي. گهر ڀاتي، ڪنڌيءَ کان نڪتو ته ڄڻ پري ٿيو. ايترو پري، جيترو قنڌار پري آهي.
    جڏهن درياهه تي نه پل هجي ۽ نه ٻيڙيءَ جي سھوليت هجي، اهڙيءَ حالت ۾ درياهه پار جو يا پاريچو عزيز ائين آهي، ڄڻ قنڌار ۾ ٿو رهي.
    مطلب:
    • گهران نڪري ويل عزيز کي پهرين دل ۾ ساربو آهي. نيٺ دل تان به لهي ويندو آ.
    • قنڌارئون پار، ڌر قندار.
    • ڪنڌي کون پار، ڌر قنڌار.
    • ڪنڌي کون پار، قنڌارئون پار.

    63.3 گهر جي نِيت، قنڌار جي کَٽي. (سنڌ، پھاڪو)
    پنھنجي گهر جي پِڇ پاڻي يا دال ماني به قنڌار جي مالِ غنيمت کان ڀلي آهي.
    مطلب:
    • گھر جو ٽڪر به ٻاھر جي سڄي مانيءَ کان بھتر آھي.
    • چڱو آھي گھر جو کَنُ، ٻاھر جو سڄو پيو ٻَنِ.


    64. ڪابل

    64. ڪابل
    64.1 ڇا ڪابل ۾ گڏهه نه هوندا آهن؟ (سنڌ، چوڻي)
    ڪابل ۽ قابل لفظ، چوڻ ۾ ته ھڪجھڙا آهن پر معنيٰ ۾ ھڪجھڙا نه آھن. ضروري ناهي ته ڪابل ۾ سمورا قابل ئي رهندا هجن، جنھن تان مٿس اھو نالو پيو آھي. اتي گڏھ به رهندا هوندا. ڇو جو ڪڏھن ڪڏھن نالي جي ابتڙ به ماڻھن منجھ تاثير پيدا ٿي پوندا آھن.
    مطلب:
    • ڇا ھڙ ئي محمد قابل، قابل ھوندا آھن؟

    64.2 ڪابل ڪنو چڙھيو، باھ لڳي ملتان،
    دھليءَ ڦوڪون ڏنيون، سڙي ويو ھندستان. (سرائيڪي، چوڻي)
    تشريح لاءِ ڏسو؛ ”دھلي“


    65. ڪاشي

    65. ڪاشي
    65.1 رانڊ، سانڊ، سيڙهي، سنياسي،
    ان سي بچي تو سيوي ڪاشي. (هندي، چوڻي)
    رانڊ؛ رنڊي وئيشا. سانڊ؛ سانُ، ڍڳو. سيڙهي؛ ڏاڪڻ، چاڙهي. سيناسي؛ ساڌو، حڪيم. ڪاشي؛ شهر جو نالو.
    ڪاشي شهر جي اندر، ھيٺ ٻڌايل شين جي گھڻائي آھي.
    ۱. وئيشائون تمام گهڻيون آهن، جيڪي رڳو گراهڪن ڦاسائڻ ۾ رڌل هونديون آهن.
    ۲. سانَ يا ڍڳا جام آهن، جيڪي سوڙهين ۽ تنگ گهٽين ۾ پيا ڦرندا آهن.
    ۳. گنگا جي گهاٽن وانگر، ھتي به ڏاڪڻيون يا سيڙهيون جام ٺهيل آهن. مٿن هر وقت پاڻيءَ جي هاروير ۽ اڇل اڇلان هوندي آهي. بيخياليءَ سان هلڻ واري جو اوچتو پير ترڪڻ جو امڪان تمام گهڻو هوندو آهي. نئون آيل زيارتي، جيئن بي خيالو ٿيو، تيئن ئي پير نڪري ويندس ۽ وڃي مڻڪي ڀر ڏاڪي ۾ لڳندو.
    ۴. پوڄا پاٺ جي گهاٽن تي ساڌو ۽ سنياسي جام هوندا آهن. ڪي ٺڳ انهن جو روپ. ڌرن ڪري اچي اٻوجھ خلق جي کل لاهيندا آهن. کين ڦري فقير ڪري ڇڏيندا آهن. آئي وئي کان خيرات ۽ دان گهري، پيا کيس پريشان ڪندا آهن.
    انهن چئني کان جيڪو پاڻ بچائي هلي، سو ئي ڪاشيءَ ۾ رهڻ جو مزو ماڻيندو.
    مطلب:
    • پاڻ بچائڻ لاءِ، ھر جاءِ تي جتن ڪرڻ گهرجن.


    66. ڪاڇو

    66. ڪاڇو
    66.1 ڪاڇي پيئي ڪوڪ، سچ ڪ سنگهارن لڏئو،
    من تن ماريائون، پاڻان وجهي گوندرين. (شاهه، ڏهر، چوڻي)
    ڪاڇي جي علائقي ۾ برسات پوي ته آبادي ٿئي. حياتيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي. هر ساهوارو پاڻيءَ طرف لڏ پلاڻ ڪري ٿو.
    مطلب:
    • جتي پاڻي، تتي پاڻ.

    66.2 ڪاڇي واءُ؛ ٻوڙي. (ٿر، چوڻي)
    ٿر علائقي کي، ڪاڇو ڏکڻ ۾ پوندو آهي. ان طرف کان آيل مينھن گهڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو آهي.
    مطلب:
    • ڏاکڻا نه وسڻا، وَسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته جهوري.


    67. ڪاڪ

    67. ڪاڪ
    67.1 ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنھن نه مال. (شاه، مومل راڻو، چوڻي)
    ڪاڪ؛ نديءَ جو نالو.
    روايت آھي ته مومل پنھنجي ماڙي، ڪاڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي اڏرائي ھئي. ھتي ڪاڪ منجھان مراد، مومل جو طلسماتي محل آھي، جيڪو ھن ڪاڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي اڏايو ھيو. اھو محل پرڪشش ھئڻ جي باوجود به ڪاپڙي فقيرن کي موھي يا لالچائي نه سگھيو.
    سچي عاشق يا ڪاپڙيءَ کي راهه ۾ موجود رڪاوٽون ۽ مال جو موھ، عشق جي واٽ تي ھلڻ کان روڪي ڪين سگهنديون. اهو مڙني حالتن مان وڃي پار پوندو.
    مطلب:
    • اللھ وارن کي دنيا، اللھ جي راھ کان روڪي نه سگھي آھي.


    68. ڪپور/ متور

    68. ڪپور/ متور
    68.1 منھن متور ۾، ڪنڌ ڪپور ۾. (لاڙ، چوڻي)
    متور يا محمد طور، قديم تاريخي شھر آھي، جيڪو سومرن جو تختگاھ پڻ رھيو آھي، بعد ۾ ڦٽي ويو ۽ ان جا کنڊرات، شاھ ڪپور يا شاھڪ-پور جي لڳ موجود آھن.
    نظر ھڪ شيءِ ۾ ھجي ۽ جواب ٻيءَ لاءِ پيو ڏجي ته ائين چيو ويندو آھي.
    مطلب:
    • منھن مکڻ جو، جھوري جھڻ جي.


    69. ڪڇ

    69. ڪڇ
    69.1 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير
    چوٿون چغدو، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (لاڙ، چوڻي)
    سنڌ تي سما خاندان، ڪڇ تي چنا ۽ جيسلمير تي ڀاٽين حڪومت ڪئي آھي. اھي علائقا انھن جي نالن پويان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.
    واڌو تشريح لاءِ ڏسو؛ ”جيسلمير“.

    69.2 سنڌ ۾ پڇي به ڪو ڪو نه، ڪڇ ۾ ڪنور ٻائي. (لاڙ، پھاڪو)
    جنھن ڳائڻي کي سنڌ ۾ ڪير به نه سڃاڻي، اھو ڪڇ منجھ وڏو ڳائڻو ليکيو وڃي ٿو، جو اتي يا ڳائڻن جي کوٽ آھي يا وڏو قدر آھي.
    مطلب:
    • واڌو تشريح لاءِ ڏسو ”سنڌ“.

    69.3 ڪان تان ڏنگ ڏڙو، ڪان تان ڪپو ڪڇ ۾. (لاڙ، پھاڪو)
    ڏنگ ڏڙو، رڻ ڪڇ جي پھرين وسندي آھي، جيڪا سنڌ کان ويندڙن کي آدر ڀاءُ ڪندي آھي.
    جيڪڏھن ڪوشش ڪري پنڌ ڪبو ۽ ڳولا ۾ نڪري پئبو ته پوءِ منزل تي ضرور رسبو يا واٽ تي رلي وڃبو. اھڙيءَ طرح ڪڇ ۾ موجود شھر ڏنگ-ڏڙي لاءِ نڪربو ته پوءِ يا ته ڏنگ ڏڙي شھر ۾ وڃي پھچبو يا ته رڻ جھاڳڻ کان پوءِ، پنڻ وارو ڪپو کڻي، ڪڇ (ملڪ) ۾ ئي پيو پِنِبو.
    مطلب:
    • يا ڪپو ڪڇ ۾، يا ڏونگهو ڏر ۾. (لاڙ)
    • يا ڪپو ڪڇ تي، يا ڍينگو ئي ڍيري. (ساهتي)
    • توڪل ڪري ڪيل ڪم مان يا ته وڏو فائدو پوندو يا وڏي ٽوٽ پوندي.

    69.4 ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (لاڙ، چوڻي)
    رڻ ڪڇ منجھ، سنياسي جوڳي گھڻا آھن، جيڪي مانڊا وغيرھ ڄاڻي ماڻھن کي پيا ڦريندا ڦَٽيندا آھن. ان جي بر عڪس سنڌ اندر تعليم ته آھي پر ماڻھو ايترا سادا آھن جو کين ٺڳ به ڦريو وڃن.
    مطلب:
    • واڌو تشريح لاءِ ڏسو؛ ”سنڌ“.


    70. ڪراچي

    70. ڪراچي
    70.1 ڪراچي آهي ڇورن جو نيپاڄ (سنڌ، چوڻي)
    ڪراچيءَ ۾ ڇورا ڇنن کي به سنھو ٿلھو روزگار ۽ پيٽ قوت ميلو وڃي. اھي به اتي پيا پيٽ پالين.
    مطلب:
    • ڀيٽيو: سنڌ؛ ڇورا پال آھي.

    70.2 ڪراچي شھر مثل هڪ وڏي قبر،
    جيڪو آيو اندر، نه نڪتو سو ٻاھر.
    ڪراچي تمام گوناگون شھر آھي، جيڪو به منجھس ھڪ دفعو آيو آھي، سو وري منجھانئس لڏي ڪو نه ويو آھي. اتي هر ماڻھوءَ جو گذارو ٿيو وڃي.
    مطلب:
    • ڪراچيءَ ۾، ڏوھي/ سڃو/ عيبدار لڪيو وڃي.


    71. ڪرهيو

    71. ڪرهيو
    71.1 ڪرهيي جي ميلي کان پوءِ، ڪپڙن کي باهه ڏبي؟! (لاڙ، چوڻي)
    بدين طرف بزرگ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي درگاهه آهي. ان اولياءَ جي ميلي تي سٺا ڪپڙا پائڻ لاءِ نه مليا ته پوءِ ڪھڙي ڪم جا. جيئن چيو ويندو آهي؛ عيد کان پوءِ، ڪپڙا ساڙبا؟
    مطلب:
    • ڪپڙا لٽا به وقت تي وڻن ٿا.


    72. ڪمال ديرو

    72. ڪمال ديرو
    72.1 ڪمال ديرو، جتي بک مري ٿو ڳيرو. (ساهتي، چوڻي)
    ڪمال ديري جا ماڻھو، ڪمائي ڪرتي، سڄي ڪمائي اچي هوٽلن تي کپائن. ان سبب ڪري، پاڻ وٽ اڙيءَ اڌيءَ لاءِ ڪجھ به نه بچين، جنھنڪري ائين مشھور ٿيو آهي.
    اھڙي تڪ بند چوڻي جيڪب آباد ضلعي جي شھر ڳڙھي خيرو لاءِ به چئي ويندي آھي. ڳڙھي خيرو؛ جت بک مري ٿو ڳيرو.
    مطلب:
    • جتي جا ماڻھو نڪما ھوندا آھن، اتان جا پکي به بک مرندا آھن.


    73. ڪنڌڪوٽ

    73. ڪنڌڪوٽ
    73.1 ڪنڌڪوٽ؛ ول نه موٽ. (چوڻي)
    ڪنڌ ڪوٽ شهر کي، وڏي ٻهراڙي آهي، جنهن سببان واپار وڙي جي لحاظ کان وڏي چلتي وارو شهر آهي. جيڪو به واپار يا روزگار سانگي اتي آيو، اڏجي ويو. شهر ۾ اڪثر آبادي ٻاهران لڏي آيلن جي آهي. منجھانئن ڪيئي نوڪريءَ سانگي آيا، اتي رھي پيا. ڪن ته اتان شاديون ڪيون ۽ اتان جا ٿي ويا. ڪي محنت مزدوريءَ سانگي آيا، تن سان به ساڳي ويڌن ٿي ۽ رھجي پيا.
    مطلب:
    • وڃين ڪنڌڪوٽ، ته ٿين گھوٽ.
    • شهداد ڪوٽ؛ وري نه موٽ، موٽ ته مري موٽ.
    • شڪارپور شهزادي، ڏيهان ڏيهه مشهور.
    • شهر ڪراچي، ڇورن جو نيپاڄ.


    74. ڪنڊيارو

    74. ڪنڊيارو
    74.1 ڪوٽ ڪنڊيارو ڪوٽڙي، دالي دغل باز. (ساھتي، چوڻي)
    ڪنڊيارو، ڪوٽڙي ۽ دالي، ساھتي پرڳڻي منجھ شھرن جا نالا آھن.
    واڌو تشريح لاءِ ڏسو؛ ”دالي.“

    74.2 ڪنڊيارو، ويٺو رو. (ساهتي، چوڻي)
    ڪنڊين واري علائقي ۾، ساهتيءَ جو شھر، جيڪو هڪ دڙي تي ٻڌو ويو هو، تنھن ۾ رهڻ وارا، پنھنجن ڏکن سورن جو اظھار ائين ڍڪي ڪن. سور ته ھر انسان سان ساڻُ آھن. ھر ڪو پنھنجي سورن جو داستان پنھنجي پنھنجي نموني سان ڪري ٿو. جڏھن ته ڪنڊياروي، پنھنجو ڏک سور، شھر جي نالي منجھ لڪائي ڪن ٿا.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ بٺورو، بيٺو رو.

    74.3 ڪنڊياري ۾ ڪنڊ گھڻي،
    ننڍي وڏي کي ٽِنڊِ گھڻي. (ساهتي، چوڻي)
    ڪنڊيارو جي علائقي ۾ زمينن اندر ڪنڊيون جام ٿينديون آھن. ان سببان ماڻھن جو مزاج پڻ ڪنڊن وارو آھي. ھر ھڪ کي من ۾ مستي، ٽيڳر ۽ وڙھسان وڙھسان ھوندي آھي.
    مطلب:
    • طبعي حالات جو، ماڻھوءَ جي طبيعت تي پڻ اثر پوندو آھي.
    • ڪنڊياري ۾ ڪنڊ گھڻي، ننڍي وڏي کي جنگ گھڻي.


    75. ڪوهه

    75. ڪوهه
    75.1 وسي ته ڪوهه، نه ته روهه. (ٿر، چوڻي)
    مينھن وسي ته ڪوهستان جو علائقو سرسبز ۽ آباد ٿي پوي. نه وسي ته جبل ۽ پٿر وانگر ٺوٺ، ڪا به آبادي نه ٿئي. هونئن به حياتيءَ جو سڌو سنئون تعلق، پاڻيءَ سان آهي. جتي پاڻي ناھي، اتي ڪا به پھر ناھي. نه وڻ نه ٽڻ، نه ماڻھو نه ڇيڻو، نه پکي نه پکڻ. رڳو سڃ ئي سڃ پئي واڪا ڪندي آھي.
    مطلب:
    • وسي ته ٿر، نه ته بر.
    • ڀيٽيو؛ وُٺو ته ٿر، نه ته بر.


    76. کارو

    76. کارو
    76.1 کارو ڦِٽو، ڳاڙهو وُٺو. (لاڙ، چوڻي)
    کاري ڇاڻ جو شھر ڦٽي وڃڻ کان پوءِ، ان جي ويجهي ڇڪ وارو شھر ڳاڙهو وسي ويو. اڄ، ڳاڙهو ئي ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ جو مرڪزي شھر آهي.
    مطلب:
    • ھڪ جي مرڻ پڄاڻان ٻين کي وارو ملي ٿو.

    76.2 کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري،
    ٻاهر سوڙهي، هيٺ اوڙهي. (لاڙ، چوڻي)
    کاري جي ڍوري، ڏسڻ ۾ سوڙهي ۽ اونھائيءَ ۾ گھري هوندي آهي، منجهس پاڻي تمام گهڻو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح، ماڃر جي هڪ ننڍڙي ڇوڪري به پنھنجي دَمَ ۽ خَمَ جي لحاظ کان، ايتري قدر گھري هوندي آهي جو پنھنجو راز وس ويندي ٻئي سان نه سليندي آهي.
    مطلب:
    • جاگرافيائي حالتن جو، ماڻھوءَ جي طبيعت تي سڌو اثر پوندو آھي.


    77. کاھ

    77. کاھ
    77.1 جيڪو وڃي کاھ، تنهن جو نالو ئي کڻي لاھ. (لاڙ، چوڻي)
    کاھ؛ ڳوٺ جو نالو.
    مطلب:
    • بٺ علائقن منجھ، روزگار ۽ گذر سفر ڏکيو ٿيو وڃي.

    77.2 کاھ، لڳنئي باھ. (لاڙ، چوڻي)
    (کاھ؛ ڳوٺ جو نالو)
    مطلب:
    • بٺ علائقن منجھ، روزگار ۽ گذر سفر ڏکيو ٿيو وڃي.


    78. کاهي.

    78. کاهي.
    78.1 جنهن کاهيءَ کان ڀڄ، اها ئي کاھي. (لاڙ، پھاڪو)
    ساهتيءَ اندرکاھي نالي پويان چڱا ڳوٺ يا شهر موجود آهن. جھڙوڪ؛ کاهي راهو، کاهي ڪُنڍا، کاهي قاسم، کاھي ھاشم ۽ کاهي مَمَنُ. کپري، لکي غلام شاھ ۽ ڪشمور تعلقن ۾ پڻ ”کاهي“ جي نالي سان شهر آهن. ان کان علاوھ، قمبر تعلقي اندر پڻ کاھي مينھون نالي سان ھڪ ڳوٺ آھي. جڏھن ته ھيءَ چوڻي، کپري تعلقي جي کاھيءَ بابت آھي.
    مطلب:
    • لنگھو ڀڄي کاھيءَ کان، اڳيان کاھي.
    • لنگھو ڀڄي مڱن کان، اڳيان لنگھن مڱ.
    • جيڪا لڳي لٽ، سا ڪاڻي اک ۾.

    78.2 کاهي، عشق جي ڦاهي. (لاڙ، چوڻي)
    کاهي، تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ جو هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي. ۱۹۹۸ع جي آدمشماريءَ موجب کاهي شهر جي آبادي ۴۰ هزار هئي. چوڏھن ديهون رکندڙ ۽ ۱۲۰ چورس ڪلوميٽرن تي پکيڙيل کاهي، تعلقي کپري کان ۲۵ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهي. هي شهر ۱۹۵۳ع کان يونين ڪائونسل آهي.
    اتي جا ماڻھو، پنھنجي شھر جي ساراھ يا گلا، ائين ڪن. عشق جي ڦاھيءَ جي ڦندو يا ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ وجھڻ سولو ڪم ناھي. جنھن وڌو آھي، تنھن جي سر کي خبر.
    مطلب:
    • عشق به بمثل ڦاھيءَ جي ڦندي جي آھي. جيترو ڇڏائڻ لاءِ وس ڪر، اوترو ويندو گھِرڪندو. تان جو وڃي ساھ جي رڳ کي سوڙھو ڪندو.


    79. کائڙ

    79. کائڙ
    79.1 کائڙ کاڻي، جڪي ۾؛ نڪو ڌان، نڪو پاڻي. (چوڻي)
    عمر ڪوٽ جي اوڀر ۽ ڇاڇري تعلقي جي اتر وارو حصو، کائڙ ۾ اچي وڃن ٿا. ٿر جي هن حصي ۾ اهڙو به پٽ آهي، جنهن کي روهي/ رهي سڏيو ويندو آهي، جيڪو اٽڪل ۵۰۰ چورس ميلن جي ايراضيءَ ۾ آهي. ان پٽ ۾ پاڻي آهي ۽ نه ئي ڪو گاه اڀري ٿو.
    ان کان علاوه، کائڙ جو ٻيو حصو به سموري ٿر کان پوئتي پيل آهي، جتي اَن ته ٺهيو پر پاڻيءَ جي به کوٽ آهي. پاڻي کارو آهي، جنهنڪري اتان جي رهاڪن جا اڳيان ٻئي ڏند ڳاڙها هوندا آهن.
    مطلب:
    • جنھن علائقي جو پاڻي خراب آھي. اتي جي رھندڙن جي زندگي ڏاڍي ڏکي گذري ٿي. گاھ پٺو گھٽ ٿئي، جنھن سان مال کي تڪليف ٿئي ٿي. اناج ۽ ميوا گھٽ ٿين، جنھنڪري ماڻھو مڙئي تڪليف ۾ رھن. نه مال سکيو، نه ماڻھو.


    80. کورواھ

    80. کورواھ
    80.1 کور واھ جي لاري، گڏھ جي سواري؛ سدائين خواري. (چوڻي)
    کور واھ، بدين ضلعي جو پراھون شھر يا وستي آھي، جتي ويندڙ لاري، گڏھ جي سواريءَ وانگر خوار ڪندڙ آھي.
    مطلب:
    • سواري توڙي سڙڪ؛ سھنجي.
    • سڙڪ به سڌي ۽ سنئين ته چڱي.
    • ڪوھ ولو، ته به دڳ ڀلو.

    80.2 کورواھ کاڻي، جنهن ۾؛ نه ان، نه پاڻي. (لاڙ، چوڻي)
    کورواهه، بدين ضلعي جو شهر آهي، جتي ڪنهن زماني ۾، پاڻي نه هئڻ سبب فصل وغيره نه ٿيندا هئا. پاڻي ۽ اَن نه هئڻ واري صورتحال سبب، ماڻھن ۽ حلال ڍورن جو جياپو ڏکيو ٿيندو ھيو، جنھن سببان اتي رھڻ اھنجو ھيو.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ کائڙ کاڻي، جڪي ۾؛ نڪو ڌان، نڪو پاڻي. (ٿر)


    81. گاجي مھيسر / ميھڙ

    81. گاجي مھيسر / ميھڙ
    81.1 گڏيو پيو آهي ميھڙ سان، گاجي خان مھيسر. (سرو، چوڻي)
    ميھڙ شھر ۽ ڳوٺ گاجي خان مھيسر، دادو ضلعي جون ٻه وسنديون آهن. ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي آھي ۽ گاجي خان مھيسر پاسي ۾ ھڪڙو ڳوٺ اٿس. هڪ ٻئي سان گڏوگڏ آهن.
    موڪلائڻ وقت، هڪٻئي کي ايئن چيو ويندو آهي؛ ”گڏيو پيو آهي ميھڙ سان، گاجي خان مھيسر.“
    اھو گفتو ائين آھي، جيئن چئبو آهي؟ ”موڪلاڻي ناهي.“ ته اڳلو موٽ ۾ چوندو آهي؛ ”سدائين گڏ!“
    مطلب:
    • گڏيا پيا آھيون، موڪلاڻي ناھي.


    82. گمبٽ/گنبٽ

    82. گمبٽ/گنبٽ
    82.1 جنھن جون ڄنگهان يارن وٽ، سا ڪيئن ويندي گمبٽ. (سرو، پھاڪو)
    پنڌ، پيرن ۽ ڄنگهن سان ٿيندو آهي. ھڪڙي جون ڄنگھون جيڪڏهن ڪٿي ڦاٿل يا سُڪ هجن، ته پوءِ اھو پنڌ ڪين ڪري سگھندو. اگر ڪير کيس ڪنھن سواريءَ تي به کڻي ۽ پھچائڻ به چاھي ته ائين نه ڪري سگھندو، ڇو جو جسم جا عضوا، ڪجھ ھڪ ھنڌ ۽ ڪجھ ٻئي ھنڌ نه ٿا ٿي سگھن. ماڻھو يا پوري جو پورو، ڄنگھن واري ھنڌ ھوندو يا پوري جو پورو سِسَ واري ھنڌ ھوندو. اھو ڪنھن لاءِ به ممڪن ناھي ته ڄنگھون ھڪ ھنڌ ھجنس ۽ پاڻ ٻئي ھنڌ ھجي.
    مطلب:
    • جيڪو ماڻھو، هڪڙي معاملي ۾ ڦاٿو پيو آهي، سو ٻيو ڪم ڪيئن ڪري سگهندو.
    • خيال ھڪ ھنڌ اٽڪيل ھوندا ته ٻئي ھنڌ جو ڪم نه ٿي سگھندو.
    • ڄنگهان يارن وٽ، هلي آ گمبٽ. (سرو، پھاڪو)

    82.2 ويڄر جن جي وچ تي، سي گمبٽ ڪيئن گھارين؟ (لاڙ، چوڻي)
    ويڄر، ھڪ ذات جو نالو آھي. ڏاڍا قربائتا آھن. وس ويندي مھمان کي ٽڪائڻ کان نه مڙندا آھن، جنھنڪري گمبٽ ويندڙ مھمان، رات تائين گمبٽ نه پھچي سگھندو آھي.
    مطلب:
    • منزل تي سو پھچندو، جنھن کي رستي-روڪ نه ٿيندي.


    83. ڳاڙهو

    83. ڳاڙهو
    83.1 کارو ڦٽو، ڳاڙهو وٺو. (لاڙ، چوڻي)
    کارو ۽ ڳاڙھو، لاڙ اندر بندرن جا نالا. کارو ڦٽي چڪو آھي، جڏھن ته ڳاڙھو اڃا آباد آھي. ھڪ جي ڦٽي وڃڻ کان اڳ ٻيو ورسجي ويو آھي.
    واڌو تشريح لاءِ ڏسو؛ ”کارو“.


    84. ڳِٺو

    84. ڳِٺو
    84.1 پِرمان ڀلي پرڻي، جڏهن ڳِٺي جا وڻ اڪري. (لاڙ، چوڻي)
    ڳٺو ڍورو؛ بدين ضلعي ۾ تاجهيري کان الهندي طرف آهي.
    ڳٺي جا وڻ؛ ڳٺي ڍوري جا وڻ.
    پِرمان جو پيءُ غريب هو، پر پنهنجي ڳالھ ڳت وارو هو، سو جڏهن تاجن ٻاهر ويل هو تڏهن هن پرمان پرڻائي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته تاجن جي هوندي، تاجن جي اجازت کان سواءِ ڪنهن جي به شادي ٿي نه سگهندي هئي.
    چوڌاري ڳالھ هُلي وئي ته پرمان پرڻجي وئي! چيائون ته، ”نيکٽي ڪيئن ٿيندي!؟ پرمان کي ڳوٺ مان وٺي ڪيئن ويندا، جو تاجن جي موڪل کان سواءِ پرمان جي شادي ٿي آهي!“
    تاجن جو ڏهڪاءُ ويٺل هيو. هر ڪنھن کي ڊپ هيو ته تاجن جي اچڻ کان پوءِ، پرمان نيکٽيءَ لاءِ به نڪري نه سگهندي. هر ڪنھن ائين پئي چيو ته؛ ”پِرمان جو اصل پرڻو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڳوٺان نڪري.
    مطلب:
    • ٻاھر ڏنل ڇوڪريءَ جو پرڻو، تڏھن مڃبو جڏھن اھا پالڪيءَ چڙھي ساھرين پھچندي.

    84.2 پِرمان تڏهن پسندين، جڏهن ڳِٺي جا وڻ ڏسندين. (لاڙ، چوڻي)
    تاجن، تاجهيري جو چڱو مڙس ۽ جانٺو جوان هيو. سندس منشا کان سواءِ ڪنھن جي به شادي نه ٿيندي هئي. ڳٺي جي ڳوٺ جي حسين ڇوڪري پرمان، وهيءَ چڙهي ته ملڪان ملڪ سندس حسن جي هاڪَ هُلي هئي. تڏهن اهو مشھور ٿيو ته؛ ”پِرمان ان کي ملندي، جيڪو تاجن سان مقابلو ڪري، ڳٺي جي ڳوٺ ۾ اچي.“
    ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي چڙهاين دوران، منڌرن جي قبيلي مان ٻه جوڌا جوان سندس مقابلي لاءِ سينو سپر ڪري بيٺا. هڪ هئو راڌڻ، ٻيو هئو تاجن منڌرو. راڌڻ جو مرڪزي ماڳ، مالهين جو دڙو هئو، جيڪو سيراڻي کان ڇھ ميل کن اتر اوڀر طرف آهي. تاجن جو مرڪز ڳٺو هو، جيڪو تاجهيري واري علائقي ۾ هو- اتي سندس تاجن ڪوٽ هو، جيڪو سيراڻي کان پنج ميل کن اولھ طرف آهي. تاجن منڌرو، اهڙو ته ارڏو ۽ اڙٻنگ ساماڻو جو چڙهي چوڌاري هلائون پيو ڪري! رڳو پاڻ تي نظر هئس، باقي ٻئي تي مڇ ئي نه پيو ڇنڊي.
    تاجن جي طاقت جڏهن اوج تي هئي تڏهن سندس ڳوٺ ڳٺي ۾ توڙي چوڌاري ڪک پن به سندس رضا کان سواءِ چري نٿي سگهيا. مجال آهي جو سندس موڪل کان سواءِ ڪو پرڻجي ۽ ڪنهن جي شادي ٿئي!
    ڳٺي جي ڳوٺ اندر، هڪ غريب گهر ۾، پرمان نالي ڇوڪري سامائي، جيڪا جيئن پئي وڏي ٿي، تيئن پئي سونهن ۾ سرس ٿي. سندس حسن جي هاڪ هُلي وئي ۽ سڀڪو پيو پرمان پرمان ڪري!
    تڏهن پهاڪو هليو ته؛
    ”پرمان تڏهن پسندين، جڏهن ڳٺي جا وڻ ڏسندين.“
    مطلب:
    • تمام ڏکئي ڪم لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
    • پِرمان سو پسي، جو ڳٺي جا وڻ ڏسي. (پھاڪو)


    85. گهٽاڻ

    85. گهٽاڻ
    85.1 ثمر نه هجئي ساڻ، گهڙي پؤ منجھ گهٽاڻ. (لاڙ، چوڻي)
    گهٽاڻ؛ لاڙ اندر ضلعي ٺٽي جو ھڪ ڳوٺ، جتان جي ماڻھن جي مھمان نوازيءَ سبب، هيءَ چوڻي مشھور ٿي آهي.
    مطلب:
    • کائڻ لاءِ ڪجھ نه ھجي ۽ کيسي ۾ ڏوڪڙ به نه ھجن ته اھڙيءَ حالت ۾ گذر سفر ڪرڻ لاءِ گھٽاڻ ۾ گھڙي پئجي.


    86. گهٽھڙ

    86. گهٽھڙ
    86.1 ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پؤ گهٽھڙ ۾. (سرو، چوڻي)
    گهٽھڙ: ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ ۾، قمبر-وڳڻ روڊ تي، اڌ ميل اولھه طرف اندر، ٻرڙن جو وڏو ڳوٺ آهي، جتي جا ماڻھو مھمان نواز آهن، جنھن تان هيءَ چوڻي مشھور ٿي آهي.
    مطلب:
    • ڀيٽيو: ثمر نه هجئي ساڻ، گهڙي پئو منجهه گهٽاڻ.
    • ثمر هجئي ساڻ، ڀڄ ڀاڏائن کان.
    • ثمر نه هجئي ساڻ، ڀر وٺ ڀاڏاين جي.


    87. گهيلپور

    87. گهيلپور
    87.1 گهيلپوري، نيت بري، ھٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (لاڙ، چوڻي)
    گهيلپور، بدين ضلعي جو شھر آھي. ان جي رھاڪن بابت چوڻي آھي.
    مطلب:
    • ڀيٽيو: سعيدپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري.


    88. لاڙ

    88. لاڙ
    88.1 لاڙ، ساڙ. (لاڙ، چوڻي)
    لاڙ ۾ پاڻيءَ جي لاٿ سبب، کڏن کوٻن ۾ رنڊيل پاڻي، مڇرن جي افزائش جو سبب ٿئي ٿو. مڇرن کان، پاڻ ۽ مال کي بچائڻ لاءِ، هر ڪو دونھيون ڪري ٿو. هوائن تي ڪک ڪاڄر پاڻيءَ ۾ ڪرن ٿا ۽ اھو پاڻي، مال ۽ ماڻھو واپرائين ٿا. ان کان علاوه دونھين ۽ ڌنڌ جي ڪري، اکين تي اثر پوي ٿو. هر ڪو بيمارين ۾ وٺجيو وڃي، جنھن تان اها چوڻي مشھور ٿي آهي.
    مطلب:
    • جتي پاڻيءَ جي پڇڙي، اتي زندگي ئي بڇڙي.
    • لاڙ آهي ساڙ، ٻيو مڇرن جو آزار، اندر منگهڻ ڪارڙا، ٽيون ٻاهر ماڪ ماري. (لاڙ)

    88.2 لاڙ جو پڙهيو، سري جو ڍڳو. (سنڌ، چوڻي)
    اها چوڻي سري جا ماڻھو پنھنجي تعريف ۾ چوندا آهن. جڏهن ته لاڙ جا ماڻھو پنھنجي تعريف ۾ هيئن چوندا آهن؛ ”لاڙ جو ڍڳو، سري جو ماڻھو“. حقيت حال جي، خدا کان سواءِ ڪنھن کي خبر ناهي.
    مطلب:
    • ھر ڪو پنھنجي تعريف ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ وسان ڪين ٿو گھٽائي.


    89. لاڙڪاڻو

    89. لاڙڪاڻو
    89.1 لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو. (سرو، چوڻي)
    لاڙڪاڻو شھر، درياھ جي ڪنڌيءَ تي ھئڻ سبب، واپار وڙي، اناج جي جنسن خاص طور تي سڳداسي چانورن ۽ ميون خاص طور تي زيتونن جو مرڪز رھيو آھي. خوش ۽ شاداب شھرن منجھان آھي، جنھن جو زير زمين پاڻي مٺو رھيو آھي. موھن جي دڙي جھڙو قديمي ماڳ سندس ارھ ۾ رھيو آھي ۽ ملڪي سياست تي پڻ سندس وڏو اثر رھيو آھي.
    مطلب:
    • لاڙڪاڻي جو شھر، روح پرور ۽ پر ڪشش شھر آھي.

    89.2 لڄ وئي لاڙڪاڻي، شرم ويو شڪارپور. (سرو، چوڻي)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”شڪارپور“

    89.3 گهوڙي جي ڦٽي؛ وهي ٽانگي ۾،
    ڏاند جي ڦٽي؛ وهي گهاڻي ۾،
    ڪاموري جي ڦٽي؛ نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾. (سرو، چوڻي)
    لاڙڪاڻي شھر منجھ نوڪري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آھي. جيڪو آفيسر/ ڪامورو اتي بدلي ٿي ايندو آھي ته روئندو ايندو آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اتان وڃڻ وارو به روئندو ويندو آھي. ان ڪري جنھن جي بدلي لاڙڪاڻي ڏي ٿيندي آھي، تنھن کي ائين چئي آٿت ڏبو آھي ته؛ تنھنجي طاقت ۽ مڙسي، بيشڪ ڏاند ۽ گھوڙي جھڙي آھي، پر جڏھن انھن جي ڦٽندي آھي ته سخت محنت اندر ڦاسندا آھن ۽ تو تي به اھڙي قسم جي آزمائش آئي آھي. ھاڻي ان کي مٺو ڄاڻي، رب تي رکي، ويٺو سھ.
    مطلب:
    • مھلون؛ مڙسن تي اينديون آھن.

    89.4 هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو. (سرو، چوڻي)
    هيءَ تاريخي ڪھاوت، ڪلهوڙا دور جي پيدائش آهي، جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، ۱۰۲۵هه مطابق ۱۶۷۵ع ۾ گهاڙ واهه کڻايو هو، تڏهن درياهه کان ويندي، گهاڙ واهه جي ڇوڙ تائين، لاڙڪاڻو هڪڙو ئي مشهور شهر ۽ بندر هو. واپاري، ايران ۽ ڪوهستان کان ڪَهي، هتي اچي واپار ڪندا هئا ۽ لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي، ٻين شهرن سان ملائي، گويا مرڪزي حيثيت ڏني ويئي هئي، جتي اناج ۽ ٻين شين جا قافلا اچي، منزل انداز ٿيندا هئا. انهيءَ هنڌ کي ”قافلا سراءِ“ سڏيندا هئا. گهاڙ واهه جي ڏائي ڪپ تي، اڄ به ساڳئي نالي سان مشهور محلو، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
    ڪلهوڙن طرفان پنھنجي دور حڪومت ۾ ٺھرايل رستن ۽ واهن سبب، لاڙڪاڻو ساوڪ ۽ گلزاريءَ ۾ ايترو ته وڌي ويو، جو ڪيترا سياح ان کي ”سنڌ جو عدن“ سڏڻ لڳا.
    جنهن جاءِ تي ٻيڙيون، مختلف طرفن کان اچي لَنگَرُ هڻنديون هيون، اُتي رات ڏينهن ماڻهن جا ميلا لڳا پيا هوندا هيا. خشڪيءَ جي رستي، ڪيترا ئي قافلا ۽ گهاڙ واهه جي رستي، سنڌو درياهه کان، مال سان ڀريل ٻيڙا ايندا ۽ ويندا هئا. واپار سبب، ڏيهي خواهه پرڏيهي واپارين کي ججهو فائدو ٿيو ٿئي، جنهنڪري کين، پئسن سان راند ڪرڻ سولي ٿي پيئي.
    وڏي واپار سبب، شھر جي رونق، تمام گهڻي ۽ ملڪان ملڪ مشھور هئي. اڄ به ساڳئي نالي سان موجود، بندر روڊ ۽ قافله سراءِ جا علائقا، ان وقت ڏاڍا متل هوندا هيا. ان کان علاوه حسن جي به بازار هئي. جتي شوقين ۽ پئسي وارن جو کيل هوندو هو. انھيءَ تان اها چوڻي وجود ۾ آئي آهي.
    مطلب:
    • پئسي سان ھيءُ جھان آھي.
    • پئسي سان جھان جون رونقون قائم آھن.
    • هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
    • ڳنڍ ۾ کڻي تون ناڻو، گهم خان لاڙڪاڻو. (سرو)
    • هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته ڏس رحيم ڏنو ڪاڻو. (لاڙ)

    89.5 هو قوم لاڙڪن جو هتڙي قديم ٿاڻو،
    پيو نانءَ هن تي، لاڙڪ تان لاڙڪاڻو. (سرو، چوڻي)
    لاڙڪاڻو شھر، لاڙڪ قوم جي نالي پويان ٺھيل آهي. ھاڻي لاڙڪ، ڄڻ اتان لڏي ويا آھن.
    مطلب:
    • ھر شھر ڪنھن نه ڪنھن قوم/ذات جو ٻڌايل آھي.


    90. لاھور

    90. لاھور
    90.1 جنھن نه ڏٺو لاھور، سو ڏسي ڪلانور. (پنجاب، چوڻي)
    ڪلانور؛ درياھ راوي جي ڪناري، ضلع امرتسر جو ھڪ شھر، جتي ھڪ دفعو اڪبر بادشاھ جي تاجپوشي ٿي ھئي. منجھس سرڪاري نوعيت جون چڱيون عمارتون آھن. چلڪي تجلي ۾ لاھور جھڙو لڳندو آھي. اگر ڪنھن ۾ لاھور شھر ڏسڻ جي سڪت ناھي، سو ڪلانور ڏسي، پنھنجي سڪ يا سڌ پوري ڪري سگھي ٿو.
    مطلب:
    • جہنے لہور نہيں ويکھيا، اوہ ويکھے کلانور.
    • ڀيٽيو؛ لاھور جون بتيون، جنھن نه ڏٺيون، سو ڄڻ ڄائو ئي ناھي.
    • ھجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ھجئي ناڻو ته گھم ٿرڙي ۽ ٿاڻو.

    90.2 لاھور جون بتيون، جنھن نه ڏٺيون، سو ڄڻ ڄائو ئي ناھي. (پنجاب، چوڻي)
    لاھور شھر، مغلن جي دور کان، پنجاب صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ رھندو آيو آھي. ان کان علاوھ موجودھ ھندستان کي، پاڪستان جي مختلف حصن سان ملائڻ لاءِ، گيٽ وي پڻ رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو لاھور جنڪشن تي ھر وقت چھل پھل ۽ رش رھي ٿي. بتين جي جھرمر، ڪڏھن سائو ٿيڻ ته ڪڏھن ڳاڙھو ٿيڻ، ھر نئين آيل جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏي ٿي. من جي اندر، زندگيءَ جي لھر ڊوڙي پوي ٿي.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ جنھن نه ڏٺو لاھور، سو ڏسي ڪلانور.
    • لاھور شھر، ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ تمام سھڻو شھر آھي. زندگيءَ ۾ ھڪ دفعو، ضرور ڏسڻ گھرجي.

    90.3 لاھوري؛ ڏيکارين دروازو، ٽپائين موري. (پنجاب، چوڻي)
    لاھور شھر جي چوڌاري، ٽيھ فوٽ اوچو شاھي قلعو، اڪبر بادشاھ پنھنجي دور حڪومت ۾ اڏرايو ھيو. منجھس ٻارنھن دروازا ھيا، جيڪي ھن ريت آھن: ۱. دھلي دروازو. ۲. اڪبري دروازو. ۳. موتي يا موچي دروازو. ۴. شاھ عالمي دروازو. ۵. لوھاري يا لُھاري دروازو. ۶. ڀاٽي دروازو. ۷. ٽڪسالي دروازو. ۸. راشنائي دروازو. ۹. مسيتي يا مسجدي دروازو. ۱۰. ڪشميري دروازو. ۱۱. شيران والا يا خضري دروازو. ۱۲. ذڪي يا يڪي دروازو.
    ان کان علاوھ منجھس گند ڪچري جي نيڪال لاءِ، ھڪ موري پڻ ھئي، جيڪا ساخت ۾ دروازي جيتري ھئي پر بيھڪ جي لحاظ کان ھيٺ تي ھئي. جنھن ليول تان دروازن جي چانئٺ شروع پئي ٿي، ان کان ٿورو مٿي، ان جي سر در پوري پئي ٿي.
    مطلب:
    • لاھورين جي چالاڪين ڏانھن اشارو آھي. يعني اھي ڦورو قسم جا واپاري آھن، سندن مٺڙين ڳالھين تي اعتبار نه ڪجي.
    • لاھور چوي ٿو؛ لي آ ھور.
    • شڪارپوري، نيت بري؛ ڏيکارين گجر، ڏين مُوري.
    • آيا يار پشوري، لش پش گھڻي، محبت ٿوري، ڏيکارين دروازو، ٽپائين موري.


    91. لنڪا

    91. لنڪا
    91.1 گهر جو ڀيدي، لنڪا ڊاهي. (اردو، پهاڪو)
    سورهين صدي ق م ڌاري ايوڌيا جي راجا دسرٿ جي پٽ رام چندر کي سندس ويڳي ماءُ، چوڏهن سالن جي عمر ۾ بن واس ڏياري موڪليو،. جنهن سبب هو هڪڙي جنگل ۾ وڃي، جهوپڙي ٺاهي رهڻ لڳو. پنهنجي زال سيتا به ساڻ هيس.
    هڪ ڏينهن پاڻ ڪنهن طرف شڪار تي نڪري ويو ته لنڪا جو راجا راوڻ سندس جهوپڙيءَ ۾ آيو ۽ سيتا جي سونهن تي موهت ٿي، کيس کڻي ويو.
    شڪار تان موٽڻ بعد، رام چندر کي انهيءَ ڳالھ جي خبر پئي ته لنڪا تي چڙهائي ڪيائين. انهيءَ ۾ راوڻ جو ڀاءُ ڀوشين به ساڻس اچي مليو، ڇو جو اهو به پنهنجي ڀاءَ سان بغاوت ڪري چڪو هئو. ڀوشين کي لنڪا جي قلعي جي ڀيدن ۽ ڳجهن رستن جي خبر هئي، تنهنڪري رام سولائيءَ سان قلعو فتح ڪري ورتو ۽ سيتا کي به ڇڏائي آيو.
    جنهن بعد بن واس جا ڏينهن پورا ڪري، رام ايوڌيا واپس اچي راڄ ڀاڳ سنڀاليو.
    مطلب:
    • رازدار جي دشمني، سخت خراب آهي.


    92. ماڃر

    92. ماڃر
    92.1 جت ڪل جاتي، ماڃر ڪل مي. (لاڙ، پۡھاڪو)
    وضاحت يا تشريح لاءِ ڏسو؛ ”جاتي.“

    92.2 کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري.
    ٻاهر سوڙهي، اندر اوڙهي. (لاڙ، چوڻي)
    وضاحت يا تشريح لاءِ ڏسو؛ کارو!


    93. مٽياري

    93. مٽياري
    93.1 مٽيارين جو موت، ويندي جي ويرم. (لاڙ، چوڻي)
    مٽياري؛ متعلوي بزرگن جي نالي پٺيان، حيدرآباد کان ۲۰ ڪلوميٽر اتر طرف ٻڌايل شھر، نيشنل هاءِ وي تي واقع آهي. اتي جا بزرگ وڏي ڪانيءَ ڪرامت وارا هئا، جن کي ڏسي يا اثر ۾ اچي، هندو هڪدم مسلمان ٿيندا هئا.
    ڪلھوڙن ۽ ميرن جي دور ۾، مٽياريءَ جي ڪن عالمن فتويٰ جاري ڪئي ھئي؛ ”جنھن ھندوءَ، ڪنھن مسلمان کي، ’ادا‘، ’ڀائو‘، ’يار‘ يا ’دوست‘ جھڙي رشتي ڏيکاريندڙ لفظ سان سڏيو ته اھو ڄڻ مسلمان ٿي پيو.“
    ان دور ۾ باقيل پوٽا سيدن جي پڳدار حاجي مير اول شاھ وٽ ته، ھندن کي مسلمان ڪرڻ جي سند ھئي. ’ادا‘، ’ڀائو‘، ’يار‘ يا ’دوست‘ چوڻ وارن ھِندن کي جھلي وٽس آندو ويندو ھيو. کيس زوريءَ مسلمان ڪري، ھٿ تي مھر ھڻي ڇڏيندا ھيا. ويتر ھندن جو اندر ساڙڻ لاءِ، ان ھمراھ کي ڪلھن تي کڻي، سڄي شھر جو سرگس ڪرايو ويندو ھيو. اھو سلسلو انگريز دور جي ڪجھ عرصي تائين ھليو، پوءِ وڃي بند ٿيو.
    مطلب:
    • ھر شھر جي ڪا نه ڪا خوبي آھي. مٽياري شھر، پنھنجي مدفون بزرگن جي ڪرامتن سببان مشھور آھي.
    • مسلمانن خلاف، هندن جي پروپئگنڊا ته اھي کين زبردستيءَ مسلمان ڪندا ٿا وتن.
    • ترت سزا ملڻ واري جاءِ تان جڏھن تڪڙي موٽ ملي ته ائين واتان نڪري ويندو آھي.


    94. مٺياڻي

    94. مٺياڻي
    94.1 مٺياڻي؛ اڳيان ماڻھو، پويان پاڻي. (ساهتي، چوڻي)
    ضلعي نوشھري فيروز اندر، سنڌو درياه جي کاٻي پاسي تي واقع شھر، ريل ۽ روڊ ذريعي مورو ۽ ٺارو شاهه سان ڳنڍيل، دادو مورو پل کان اڳ ۾ مشھور پتڻ هو. درياهه جي چاڙهه سبب، اونھاري ۾ ٻوڏ جو چوويھه ئي ڪلاڪ خطرو موجود رهي ٿو. ڪنھن زماني ۾ درياهه جي ساڄي پاسي کان ھوندو ھيو ۽ ھاڻي درياھ ساڄي کان ٿو وهيس.
    مطلب:
    • درياھ جي ويجھي ڇڪ وارن شھرن کي، ٻوڏ جھڙين قدرتي آفتن جو خطرو رھي ٿو.


    95. محراب پور

    95. محراب پور
    95.1 ٽنڊي جي ٽوٽ، محراب پور تي پئي. (ساهتي، پھاڪو)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”ٽنڊو مير علي“


    96. مدينو شريف

    96. مدينو شريف
    96.1 مھاجرين، مديني جا جاءِ نشين. (اردو، چوڻي)
    نبي آخر زمان، حضرت محمد مصطفى ﷺ جن مڪي پاڪ مان هجرت ڪري يثرب شھر ۾ مھاجرين ٿي آيا. سندن اچڻ پڄاڻان، يثرب جي رونق وڌي وئي ۽ بجاءِ يثرب سڏجڻ جي، مدينة النبي يا نبيءَ جو مدينو يا نبيءَ جو شھر سڏجڻ لڳو. ھجرت ڪرڻ پڄاڻان، پاڻ سڳورا ﷺ جن، مديني عاليہ جا جاءِنشين بڻيا.
    مطلب:
    • مديني جا جائنشين، مھاجرين ئي آھن.


    97. مڪلي

    97. مڪلي
    97.1 شيخ جيئو، مڪليءَ جو ڏيئو. (لاڙ، چوڻي)
    مڪليءَ جي مقام ۾، تمام وڏا اهل الله دفن ٿيل آهن، جن مان شيخ جيئو کي، ڏيئي يا سج جھڙي حيثيت حاصل آهي.
    مطلب:
    • مڪليءَ جو نالو، بزرگن جي موجودگيءَ سبب مشھور آھي.

    97.2 مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
    جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه نه ڏٺو. (لاڙ، چوڻي)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”ٺٽو.“

    97.3 مڪلي، پرديسين جو مقام. (لاڙ، چوڻي)
    مڪلي، جيئن ته تمام گهڻن اهل الله ۽ اولياءَ الله جو مدفن آهي. انھن جي مزارن تي عاشق ۽ اڙيل، مرادون حاصل ڪرڻ ۽ دعا لاءِ اچن ٿا. ڪي ته اميد ۽ آسري تي زندگي به ڳاري ڇڏين ٿا، جنھن سببان اها چوڻي وجود ۾ آئي آهي.
    مطلب:
    • مڪليءَ جي آباديءَ ۾ ٻاھران آيلن جو گھڻو حصو آھي.
    • ڀيٽيو؛ ٺل؛ آين جو، ڄاين جو نه.


    98. مڪو شريف

    98. مڪو شريف
    98.1 گڏهه سؤ دفعا مڪي پاڪ وڃي ته به ساڳيو گڏھ. (سنڌ)
    مڪي پاڪ ۾ به اهو پاڪ صاف ٿيندو، جنھن جي دل ۽ نيت پاڪ هوندي. جيڪڏھن اتي رهڻ سان ڪو جنتي ٿئي ها ته پوءِ ابوجھل ۽ ابولھب به ٿي وڃن ها. جنتي اهو ٿيندو، جيڪو مڪي پاڪ جو دل سان احترام ڪندو.
    مطلب:
    • عملن جو دارومدار، نيت تي آھي.
    • جاءِ يا مڪان، ماڻھوءَ جو مقام نه وڌائيندا آھن، بلڪ سندس لڇڻ ۽ مانُ وڌائيندا آھن.
    • حضرت عيسى جو گڏهه، ڀلي مڪي وڃي، پر موٽڻ کان پوءِ، ساڳيو گڏهه جو گڏهه.
    • حضرت عيسى جو گڏهه، سؤ دفعا مڪي شريف وڃي، اٽن کان نه مڙي.

    98.2 قلب اندر ڪعبو ڏٺوسين، مڪي وڃڻ جو ڪھڙو ضرور؟ (سنڌ، پھاڪو)
    انسان جي عملن جو دارومدار، سندس دل يا ايمان تي آهي. ايمان زبان سان ته آڻبو آهي. پر اصل ايمان آهي، دل سان تصديق ڪرڻ.
    مطلب:
    • عمل به ڪجي، نيت به سڌارجي.

    98.3 مڪو؛ پڪو. (چوڻي).
    مڪي وارا هر ڳالهه ۾ پڪا آهن. ڪفر ۽ شرڪ تي هيا ته به پڪا ۽ ڪٽا هيا، جڏهن ايمان آڻي مسلمان ٿيا ته به پڪا ۽ سچا مسلمان ٿيا. منجهن منافقي ڪا نه هئي. اڄ به مڪي وارا ڳالهائڻ ۾ کهرا ۽ سڌا آهن. منجهن جوش ۽ جلال آهي. منافقي ناهي.
    مڪي ۾ اللهﷻ جو گهر آهي. فقط جلال ئي جلال آهي. مديني عاليه ۾، رحمة للعالمين ﷺ جن جو مسڪن آهي، اتي فقط نرمي ئي نرمي آهي.
    مطلب:
    • مڪي ۾ جلال آهي.
    • مڪي جا رهندڙ پنهنجي عقيدي ۾ پڪا آهن.

    98.4 ميمڻ وڃي مڪي، ته به وٽ تارازيون تڪي. (سنڌ، چوڻي)
    ميمڻ ذات وارن مسلمانن جو اڪثر گذران واپار وڙي تي آهي. واپاري ماڻھوءَ کي نماز ۾ به پنھنجو ڌنڌو ياد هوندو آهي. واپاري قسم جي ماڻھن جي ذهنيت به خاص قسم جي هوندي آهي. اگر اھي مڪي وڃن تڏھن به سندن ڌيان، ھتان جي ڌنڌي ڪاروبار تي ھوندو.
    مطلب:
    • ميمڻ کي ھر ڳالھ ۾ ٻو؛ ٻن رپين جي فائدي جي ڳڻتي يا لوري ھوندي آھي.
    • ميمڻ وڃي مڪي، ته به کائي توري تڪي. (سنڌ)
    • ميمڻ وڃي مڪي، ته به وٽ تارازيون کوٽا رکي. (ساهتي)
    • ميمڻ وڃي مڪي، ته به سير ساهميون تڪي. (سنڌ)


    99. ملتان

    99. ملتان
    99.1 ٺٽي جا ٺاٺ ھيا، جو ملتان پئي اَڏيو. (لاڙ، چوڻي)
    ننگر ٺٽو، ملتان شھر کان اڳي جو آباد ۽ قديمي آهي. جڏهن ٺٽو تعميرات ۽ جلوي جي حساب سان پُور-جوانيءَ ۾ هيو ۽ ٺاٺ باٺ هيس، تڏهن ملتان اڃا مس اَڏيو/ ٺھيو پئي.
    مطلب:
    • علم ۽ عالم، ملتان کان اڳي، ٺٽي ۾ هيا.

    99.2 انڌن ملتان لڌو آهي. (سنڌ، پھاڪو)
    ملتان، آڳاٽي دور ۾ سنڌ جو گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي. اتي گھڻن ئي بزرگن جون مزارون آھن، جن تي باسون لاھڻ لاءِ ڪيئي قافلا روان دوان ھوندا ھيا. مفاصلو لاشڪ ڊگھو ھيو پر واٽ وھندڙ ھئي، جنھن تي ھلندي ماڻھو نيٺ وڃي ملتان پڄندو ھيو. اتان وري ڪشالا ڪندو پنھنجي ڳوٺ به موٽي ايندو ھيو. اڻ سونھان ۽ اکين کان انڌا پڻ رستي جون پڇائون ڪري اتي وڃي پھچندا ھيا ۽ سکائون لاھي، ساڳين رندن تي، ماڳين موٽندا ھيا.
    مطلب:
    • دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو ناھي.
    • پڇي پڇي ھر ڪو واٽ وٺي ٿو.

    99.3 جنهن بڪيرا نه ڀيٽيا، تنهن جو ملتان به نه ٿيو. (لاڙ، چوڻي)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”بڪيرا“.

    99.4 جنھن نه ڏٺو ملتان؛ نه سو ھندو، نه سو مسلمان. (چوڻي)
    اسلام جي اچڻ کان به اڳي ملتان ھڪ علمي، تھذيبي، ثقافتي ۽ مذھبي مرڪز رھندو آيو آھي. اسلام کان اڳي، ملتان ھندن جو مرڪز ھيو. منجھس سندن پوڄا جو مرڪز، ”پرھلاد مندر“ موجود ھيو. سورج ڪنڊ ۾ سج ديوتا جي پوڄا ٿيندي ھئي. ھندو، ملتان کي برڪت وارو شھر سڏيندا آھن. اسلام جي اچڻ کان پوءِ، ھيءُ اسلام جو قلعو بڻجي ويو. مسلمان بزرگ ۽ ولي به ھتي گھڻا آيا. ڪجھ ھتان ھليا ويا، منجھانئن گھڻا ھتي ترسي پيا. ھتي ئي رحلت فرمايائون، ھتي ئي سندن مدفن ٿيو.
    مطلب:
    • ملتان شھر جي زيارت ضرور ڪجي. جنھن مذھبي حساب سان گھمي نه ڏٺو، سو ڄڻ نه ھندو آ ۽ نه وري مسلمان آ.

    99.5 ڪابل ڪنو چڙھيو، باھ لڳي ملتان،
    دھليءَ ڦوڪون ڏنيون، سڙي ويو ھندستان. (سرائيڪي، چوڻي)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”دھلي“.

    99.6 ملتان، پيرن جو اسٿان. (چوڻي)
    گورستان ۽ گرمي، گرد ۽ گداگرن واري شهر ملتان ۾، پيرن فقيرن جي پڻ ججهائي آهي. غوث بھاؤالدين زڪريا، شاھ رڪن عالم ۽ شمس تبريز جهڙن بزرگن/ اوليائن جو مدفن هئڻ سبب، اتي گهڻن ئي درويشن جا ڦيرا/ مدفن رهيا آهن. سنڌ جا تنيا فقير ۽ سندن ٻيا عقيدتمند ته گهٽا وٺي، پيرين پنڌ پڄائي، اتي بخشرائيندا هئا.
    مطلب:
    • ملتان، پيرن سان ڀريل.
    • چار چيز است تحفات ملتان؛ گرد، گدا، گرم و گورستان.

    99.7 ملتاني گهيتلو. (سرائيڪي، ورجيس)
    ملتاني گهيتلي جا ٻئي پادر، ساڄو ۽ کاٻو، جڙاوت ۾ هڪجھڙا هوندا آهن. پھرئين ڏينھن پائڻ واري کي ساڄي کاٻي جي خبر نه ھوندي آھي. آھستي آھستي انھن جي شڪل ڦرندي ويندي آھي. اهڙيءَ طرح جنھن ماڻھوءَ جو رويو، دوست ۽ دشمن سان هڪجھڙو هجي، ان کي به ملتاني گهيتلي سان مشابھت آهي.
    مطلب:
    • منافق يا دوغلي پاليسي رکندڙ ماڻھو.


    100. ملير/ مول

    100. ملير/ مول
    100.1 ملير ڀل موج ڪري، جنهن جي مول آهي ماءُ. (لاڙ، چوڻي)
    مول يا ميل؛ پاڻيءَ جو نمنديءَ ڏانهن وهڻ. پاڻيءَ جي هيٺ لاڙ وارو ڀاڱو.
    ملير؛ ھڪ علائقي جو نالو. ھڪ نئن جو نالو.
    ٿاڻي بولا خان کان هيٺ، ڪراچيءَ طرف وهندڙ ھڪ نئن جو نالو، پڻ مول آهي. مٿس ٻڌل شهر جو نالو به مول آهي. سانوڻ ۾ مول جي نئن، ملير نئن/ نديءَ کي ڀري ٿي. جڏهن، مول جو پاڻي، ملير منجھ پوي ٿو، تڏھن اھا تارئون تار وھي، موجان ڪري ٿي، جنھن تان، انھن لفظن ۾ سندس ساراھ ٿئي ٿي.
    مطلب:
    • جنھن کي وڏڙن جي پٺ ھجي، سو ڀلي ارڏايون ڪري.


    101. مورو

    101. مورو
    101.1 مورو، ناهي ٿورو. (ساهتي، چوڻي)
    مورو ساھتي پرڳڻي جو مشھور شھر آھي، جيڪو سکر ۽ حيدرآباد جي بلڪل وچ تي واقع آھي. عورتون سھري طور اھي لفظ چونديون آھن. جيڪا محض تُڪ-بند چوڻي آهي. منجھانئس مورو شھر بابت ٻي ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي.
    مطلب:
    • مورو، ناھي ٿورو؛ سڄڻ مورو ويٺي ڏيان.


    102. مومل جي ماڙي

    102. مومل جي ماڙي
    102.1 مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چارا. (ساهتي، پھاڪو)
    سھڻي ۽ آزاد مومل، جنھن طلسماتي ماڙي جوڙائي، ڪئين ڪونڌر ڪٺا. سندس مايا ۽ ڪايا، سونھن ۽ سوڀيا، ڪيئي راڻا موهيا ۽ ماريا. مختلف طرفن کان آيل راڻا، پنڌ ۽ پيچرا ٺاهي مومل جي ماڙيءَ ڏانھن آيا. جنھن جاءِ، شھر ۽ ماڻھوءَ وٽ، گهڻي اچ وڃ هجي، تنھن لاءِ ائين چيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ پڻ مشھور چوڻي آهي؛
    “All roads lead to Rome”
    مطلب:
    • چڱي ھنڌ ڏانھن ھر ڪو پنڌ پوي ٿو.


    103. ميرپور/ چانڊاڻ/ عودي/ ڳڙھي حسن

    103. ميرپور/ چانڊاڻ/ عودي/ ڳڙھي حسن
    103.1 ميرپوري منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي،
    ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ. (چوڻي)
    اڳي سماع هڻندڙ فقير، غريبن سان ظلم ڪندڙن کي سمجهائڻ ويندا هيا. سندن ڳالهه نه مڃڻ تي کين پاراتا يا پٽون، سماع ۾ ڏيندا هيا.
    ميرپور ٻرڙو، چانڊاڻ، عودي ۽ ڳڙهي حسن، تعلقي ٺل جا وڏا ڳوٺ/ وسنديون آهن. گمان آهي ته ڪنهن فقير ٿيل ظلم پڄاڻان، کين سمجھايو ھجي ۽ اتان جا رھواسي سندس چوڻ تي نه مڙيا ھجن، جنھن تان فقير سماع ۾ ائين چيو هجي.
    محترم نظام الدين کوسو، ڪامريڊ محمد امين کوسي جو ڀاءُ، پنهنجي مقالي؛ “نئين ٺل جا پراڻا گل” جي ٻي قسط ۾، ٽِه- ماهي ’مهراڻ‘ جي پرچي ۴/۱۹۹۵ جي ص ۹۲ تي اها چوڻي هيئن لکي آھي؛ ”ميرپور منڊي، چانڊاڻ چنڊي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ ته عودي ويئي سنجن سوڌي“.
    تاويل ۾ لکيو اٿائين ته ڪنهن زماني ۾ ڪنهن درويش جي زبان مان نڪتل هي گفتا، ڏاڍي چؤٻول ۾ هوندا هئا. اڳتي لکيو اٿائين؛ ”خبر ناهي ته درويش ائين ڇو چيو. انهن گفتن جو اثر، ڪنهن وقت تائين انهن ڳوٺن تي ڏاڍو رهيو. هينئر مس مس وڃي انهن ڳوٺن ساهي پٽي آهي ۽ اڳتي قدم وڌائڻ شروع ڪيو آهي.“
    مطلب:
    اهڙيون کوڙ پٽون يا پاراتا ساريءَ سنڌ ۾ ٻين ڳوٺن لاءِ پڻ مشهور آهن. منجهانئن ڪجهه هتي ڏجن ٿا:
    • ٽَهل ويئي مَهل، مهتي موٽي آئي،
    ٺل ڏنو ٺڪاءُ، دُٻي ٻين دٻائي. (سماع)
    • قاضي ويندا قلات، وِڪيا ڪين وسندا. (پاراتو)
    • محبت سندا ٻار، پيالي منجهه پنندا.
    • ٻُٽيءَ دکيءَ ڪاڻ، مُٺن مٽ ڀڃايا.
    • ٺَٽِ ڏنو ٺڪاءُ، ڳوراها سڀ ڳري ويا.
    • ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو.
    • ڪو جو وايو واءُ، ڳچل سڀ ڳري ويا.
    • ڳچل پنهنجي ڳوٺ، پيالي منجهه پنندا.
    • دُٻيءَ لڳي باهه، چڻنگون چمن ۾.
    • ڀيٽيو؛ ”ٺل، آهي گل“.


    104. ناڙي

    104. ناڙي
    104.1 مينھن وٺو ته ناڙي وٺي. (جغدالي، چوڻي)
    ناڙيءَ جو علائقو برسات سبب آباد ٿئي ۽ ماڻھو به خوشحال ٿين ٿا، تنھن ڪري پنھنجي رب جا شڪرانا بجا آڻين ٿا. اهڙي وقت لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • جابلو علائقا وُٺي تي آھن.
    104.2 ناڙي وسي ته ڳاڙهي، نه ته اگهاڙي. (جغدالي، چوڻي)
    ناڙي؛ بلوچستان جو علائقو.
    ناڙيءَ ۾ برسات کان پوءِ ڳاڙهي جوئر ٿئي، جنھن سبب ماڻھو خوشحال رهن. برسات نه پوي ته ڪپڙي لاءِ به پئسو نه هجين، جنھنڪري اڻ ڍڪيل رهن.
    مطلب:
    • برسات جو، ماڻھوءَ جي معيشت تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو.


    105. نصرپور/ نورائي/ فتح باغ

    105. نصرپور/ نورائي/ فتح باغ
    105.1 نرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ،
    هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار آهي جائي. (لاڙ، چوڻي)
    ننگر، نصرپور، نورائي ۽ جوڻ، سنڌ جا آڳاٽا آباد شھر، جن جو اوج ۽ چلتو، ٻيڙن جي ذريعي واپار جي دور ۾، پنھنجو مٽ پاڻ ھيو.
    وڌيڪ تشريح لاءِ ڏسو؛ ”جوڻ“.
    مطلب:
    • ڀيٽيو؛ نر ننگر، نار نصرپور، نرت نورائي، هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار آ جائي.


    106. ننگر

    106. ننگر
    106.1 ننگر پھچي ڪينڪي، بنا پنڌ ڪئي. (لاڙ، چوڻي)
    ننگر؛ ٺٽي شھر جو آڳاٽو نالو آھي، جيڪو ڪنھن سمي سنڌ جو گاديءَ وارو ھنڌ پڻ رھيو آھي. منجھس علمي درسگاھون ھيون، جتان علم جا پياسا علمي اڃ اجھائڻ ايندا ھيا. اتي پھچڻ لاءِ ڪشالا ڪرڻا پوندا ھيا. بنا ڪشالي ڪڍڻ جي، اتي پھچڻ ممڪن نه ھيو.
    مطلب:
    • تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.
    • مسلسل پنڌ ڪرڻ سان، مفاصلو کٽي ٿو ۽ منزل آسان ٿئي ٿي.
    106.2 ننگر جي آڌار، متان ويھجو ماڙهئا،
    پراڻا پراڙ، نوان اڏجئو نجهرا. (لاڙ، چوڻي)
    درياهه جي رخ موڙڻ ڪري، ماڻھن ننگر ٺٽي ڏانھن لڏ پلاڻ شروع ڪئي، جنھن تي کين نصيحت ڪئي وئي ته، اڄ درياھ ايڏانھن رخ رکيو آهي. سڀاڻي ٻئي پاسي موٽ ڪندو، تنھنڪري پراڻا پکا ڇڏي، اتي وڃي نوان نه اڏيو.
    مطلب:
    • غربت ۽ ڏڪر سبب، ديس نه ڇڏجي.

    106.3 ننگر ڪيئن ڦٽو؟ چي؛ ”ڄڻو وڻو.“ (چوڻي)
    ننگر؛ ٺٽي شھر جو پراڻو يا آڳاٽو نالو.
    ٺٽو، سنڌ جي گاديءَ جو شھر رھيو آھي. ديبل بندر وغيرھ ويجھو ھيس، جنھنڪري وڏي رونق ھيس. علم ادب جو مرڪز پڻ رھيو. مڪلي ٽڪريءَ اندر ترخانن، ارغونن ۽ سمن بادشاھن جون قبرون، ڪينجھر ڍنڍ جا داستان ان ڳالھ جا شاھد آھن.
    اھو شھر نيٺ ويران ٿيو. ھن وقت سندس اھو اوج ۽ موج ناھي. سندس ڦٽڻ جو سبب، منجھس رھندڙ ماڻھن جي دلين اندر فتور ۽ ڄڻو وڻو ٿي وڃڻ آھي. جڏھن پاڻ ۾ ٻڌي نه رھندي آھي، تڏھن ٻاھرين کي حملو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آھي. ان سببان وسنديون ويران ٿينديون آھن.
    مطلب:
    • ڇڙ ڇڙ گابڙا ٿيڻ سان نقصان ئي پرائبو.
    • ڪڻو ڪڻو ٿيڻ سان، ٻاھرين جي سڌ وڌي وڃي ٿي.


    107. نھارو ڳوٺ

    107. نھارو ڳوٺ
    107.1 ايرازي آندي، ڳور نھاري ڳوٺ ۾. (سنڌ، چوڻي)
    ڳور؛ قبر، جيڪا هر روز هر ماڻھوءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري ٿي. نھاري ڳوٺ ۾ قسمت کڻي آئي آهي، جنھنڪري منجھس قبر جڙي آھي.
    مطلب:
    • ماڻھوءَ کي؛ يا پيٽ ٿو لوڙائي، يا موت ٿو ڊوڙائي.
    • ماڻھوءَ کي ڪير ٿو ڀڄائي؛ يا پيٽ، يا موت.
    • رزق ۽ موت، ماڻھوءَ کي ڳوليندا ٿا وتن.


    108. وندر

    108. وندر
    108.1 ڪو ئي واٽ وندر جي ڏسي. (چوڻي)
    وندر؛ بلوچستان اندر، سسئيءَ جي قبر ۽ ھنگلاج جي وچ تي هڪ علائقو يا هنڌ. وندر ڏانھن ويندڙ رستو؛ پٿريلو، ور وڪڙ ۽ اڻانگن لڪن وارو ھيو، جنھن سان مسافر الجھي ويندا ھيا. منزل تي رسڻ کان اڳ مري ويندا ھيا. اتي ڪنھن سڻوپري ھاديءَ يا رھبر جي ضرورت ھئي، جيڪو واٽ ڏسي ۽ اڪاري منزل واري دڳ لائي.
    مير رستم خان هڪ وڏو نرم دل وزير، خدا ترس ۽ فقير دوست ماڻهو هوندو هو. پيرن، فقيرن ۽ درويشن کي جاگيرون ۽ پروانا ڏيندو هو. هڪ دفعي ھڪڙي درويش، ڪلام پئي چيو؛ ”ڪو ئي واٽ مندر جي ڏسي“. اهو ٻڌي هڪ ٻئي درويش، ڪلام چوندڙ درويش کي طعنو هڻندي چئي ڏنو؛
    ”ڏئي جاگير جٺ ڪري، ويئي رمز رستم کسي،
    لـڄ وڃـايـئـه لـوڙهـي جــي، لڳيـن پـورهئـي لسي،
    پڇ وري به رستم کان، ته تو کي واٽ مندر جي ڏسي.“
    مطلب:
    • حقيقت جي راھ به ڪي صاحب دل ئي وٺندا ۽ ڏسيندا آھن.

    108.2 وندر مَٽي وانت، پوءِ ويري به مان جها ڀاءُ. (لاڙ، پھاڪو)
    وندر: بلوچستان جو هڪ علائقو، هنڌ. مَٽِي: لنگهي. وانت: الھندي. ويري: دشمن. مان جها: منھنجا.
    سسئي، وندر ٽپڻ بعد پاڻ کي پنھونءَ جي علائقي ۾ سمجهندي، دشمنن کي به ڀاءُ سڏيو آهي. پنھنجي علائقي مان ٽپي پرائي علائقي ۾ وڃڻ بعد، اتان جي رهاڪن کي ڀاءُ چوڻ کان سواءِ گذارو ناهي.
    مطلب:
    • وندر کان الھندي مٽڻ بعد، دشمن به منھنجا ڀائر آهن.


    109. وڻڪار/ سال ڌياڻي

    109. وڻڪار/ سال ڌياڻي
    109.1 وسي جي وڻڪار ته سرهي ٿئي سال ڌياڻي. (چوڻي)
    وڻڪار؛ ڳوٺ جو نالو. سال-ڌياڻي؛ سال-مڪان علائقي اندر موجود ڳوٺ جي گھر-ڌياڻي.
    وڻڪار جو ڳوٺ، لس ٻيلي جي اتر اڀرندي طرف، کيرٿر جبلن جي قطار سان لڳو بيٺو آهي. هتان نئن باران نڪري ٿي، جيڪا پڻهيارا پٽ لتاڙيندي، ڪوٽڙي تعلقي جي ڳوٺ ”سال مڪان“ وٽان لنگهي، سنڌو نديءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي.
    ڪوٽڙيءَ کان ”سال مڪان“، ستن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. انهيءَ ڳوٺ جي آباديءَ جو دارومدار نئن باران جي پاڻيءَ تي آهي. جڏھن کيرٿر جبل جي وڻڪار ڳوٺ ۾، وس ٿئي ٿئي تڏھن سال مڪان جي ڳوٺ اندر گھرن ۾ رھندڙ گھر-ڌياڻين کي آيل پاڻيءَ سبب سرهائي ٿئي ٿي.
    مطلب:
    • کيرٿر جبل تي ٿيل برسات سببان سال مڪان، ڳوٺ جي گهر ڌياڻيءَ کي سرهائي ٿئي ٿي.


    110. هالا

    110. هالا
    110.1 دعا جا داڻا؛ هالا پراڻا. (لاڙ، چوڻي)
    ھالا پراڻا، اوليائن ۽ بزرگن جو مسڪن، مولد ۽ مدفن رھيو آھي. منجھس مخدوم نوحرح جھڙا بزرگ پيدا ٿيا. مخدوم صاحب، سنڌ جو پھريون عالم آھي، جنھن قرآن مجيد جو پھريون ترجمو، سو به فارسي زبان منجھ ڪيو. سندن درگاھ عاليه تي رب پاڪ کان گھريل جائز دعا، اگھي ٿي، جنھن سبب، ھر ڪو دعا جا داڻا چونڊڻ لاءِ، اوڏانھن پنڌ پوي ٿو.
    مطلب:
    • ھالا پراڻا جي درگاھن تان ملندڙ فيض ڏانھن اشارو آھي.
    110.2 ”ڪيئن؟!“ چي، ”هالا ۽ ڀينءَ.“ (لاڙ، پھاڪو)
    ھالا ۽ ڀينءَ، اوليائن جي گادين جا ھنڌ آھن. اتان جا پانڌيئڙا، اتان جو نالو ٻڌي ھر معاملي تي سيس نوائيندا آھن. اگر ڪو نه نوائي ته اھڙي ضدي ماڻھوءَ لاءِ چوندا آھن؛ ”کيس نه ھالا جي بزرگن جو احترام آھي ۽ نه وري ڀينءَ جو ڀؤ اٿس.“
    مطلب:
    • بي پيرو ماڻھو، ڪنھن جي به چوڻ ۾ نه ھوندو آھي.
    • وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”ڀينءَ“.

    110.3 هالا آهي؛ ها ۽ لا. (لاڙ، چوڻي)
    ها؛ ھا. لا؛ نه.
    ھالا شھر لاءِ، سندس نالي اندر لفظن جي معنوي مفھوم ڏانھن ڌيان ڇڪائي، ٽوڪ ٺاھي وئي آھي ته اھو ھڪ ئي وقت ھاڪار به آھي ته نھڪار به آھي. اتي ئي اتي اقرار به آھي ته اتي ئي اتي انڪار به آھي. ان ادا کي ڇا سمجھجي؟
    مطلب:
    • اقرار ڀي ھي، انڪار ڀي ھي؛ اس ادا ڪو ڪيا ڪھيئي!


    111. هندستان

    111. هندستان
    111.1 مور گهرجئي، ته هندستان جي سختي سَـھڻي پوندئي. (پارسي، پھاڪو)
    گڏيل هندستان جي ٿر ۽ ريگستان وارن علائقن ۾ مور جام رهن ٿا، جنھن کي مور گهرجي/ منزل گهرجي، تنھن کي اڻانگن رستن جون تڪليفون ۽ سختيون سھڻيون پونديون.
    مطلب:
    • منزل ماڻن لاءِ ڪشالا ته ڪڍڻا ئي پوندا آھن.

    111.2 ڪابل ڪنو چڙھيو، باھ لڳي ملتان،
    دھليءَ ڦوڪون ڏنيون، سڙي ويو ھندستان. (سرائيڪي، چوڻي)
    وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”دھلي.“

    111.3 هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي. (اردو، پھاڪو)
    هندستان جي اندر، گھاٽن گاھن وارا جنگل آهن، جيڪي ھاٿين جي لاءِ مرغوب آھن. منجھن رھڻ وارا ھاٿي ميا متارا رھن ٿا. اتي اگر ڪو بکيو ڏکيو ھاٿي ٻيھر پھتو ته جھنگ ڏسندي ئي مست ٿي پوندو. مھابت ۽ مالڪ کان ڇنائي،راتب جي پرواھ ڪئي بغير، جنھگ منھن ڪري ڀڄي ويندو.
    اهڙيءَ طرح، ڪنھن ماڻھوءَ کي جيڪڏهن ڪنھن معاملي جي تَھَ تائين جي ڄاڻ ناهي، ته ان کي هروڀرو ڳالھ تفصيلي نه ٻڌائجي. ان کي وڌائي ٻڌائڻ معنيٰ معاملي کي گنجرائڻ، جيڪو معاملي فھميءَ جي حساب سان چڱو نه آهي. جيڪڏھن ڪير ائين ڪري وجھندو آھي ته کيس روڪڻ يا منع ڪرڻ جي ارادي سان چيو ويندو آهي؛ ”خواه مخواه، هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکار! ان مان ڪو فائدو ناھي!“
    مطلب:
    • ڏکئي معاملي جي ڄاڻ، اڻڄاڻ کي ھروڀرو نه ڏجي. ائين ڪرڻ سان معاملو ويتر بگڙجي پوندو.
    • هاٿيءَ کي هندستان ڏيکارڻ مان، ڪھڙو فائدو. (پھاڪو)
    ***


    مددي ڪتاب ۽ حوالا

    مددي ڪتاب ۽ حوالا
    1. جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا هڪ اڀياس، صفحو۴۴، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۱۹۹۶ع
    2. Kam Chuan Aik, M.A, Times Dictionary of Proverbs.
    3. الطاف شيخ؛ رٺي آهي گهوٽ سان، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.
    4. منگي، نقش ناياب، شڪارپور، کانئس واتين ويڻين ٻڌل.
    5. سنديلو، عبدالڪريم، پھاڪن جي پاڙ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.
    6. سرڪي، نياز عودائي، سنڌي پيشن گوئيون (ماموئين جا بيت)، ڪافي پبليڪيشن ڪراچي.
    7. سنڌي، حافظ حبيب، ماڃر ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، سنڌيءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.
    8. آڏواڻي، ديوان سلامت لاءِ ڪيولرام، گلشڪر، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    9. بروهي، ڊاڪٽر داد محمد، سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو، پي ايڇ ڊي لاءِ پيش ڪيل ٿيسز، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
    10. سومرو، ڊاڪٽر غلام قادر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ چوڻيون، نئين زندگي، سيپٽمبر ۱۹۹۳ع.
    11. تميمي، رسول بخش، تاريخ جاتي، مغلڀين پبلڪيشن جاتي.
    12. هريجن، رائچند، تاريخ ريگستان (ٻه ڀاڱا)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    13. الانا، ڊاڪٽر غلام علي، لاڙ جي ثقافتي ۽ ادبي تاريخ، سنڌيالاجي ڄامشورو.
    14. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش؛ سنڌ جي ادبي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    15. لغاري، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد؛ سنڌ: تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾، نئين زندگي، فيبروري ۱۹۸۰ع.
    16. تيرٿ داس، پيسومل، پھاڪن جي پاٻوهه، بمبئي، انڊيا.
    17. راشدي، پير علي محمد راشدي؛ اهي ڏينھن اهي شينھن، جلد ۲، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    18. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ڪچھري بدين، ٽه ماهي مھراڻ ۱۹۹۵/۲ع ص:۴۵، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ.
    19. سومرو، ڊاڪٽر محمد ادريس، کانئس واتين وڻي ٻڌل.
    20. ٽالپر، الله بخش، پھاڪن جي پيڙهه، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس شاهي بازار حيدرآباد.
    21. سائل، سترامداس جڙيا سنگهاڻي، دردن جي دٻلي عرف سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون، سائل ڀون، جهونا واڙيج، احمد آباد.
    22. سھتو، انجنيئر عبدالوهاب، ٻن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون، ڪينجهر ۵۳ مارچ ۱۹۹۷ع.
    23. سنڌي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ.
    24. سمون، الھبچايو يار محمد، لاڙ جو سير، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    25. سومرو، ڊاڪٽر غلام قادر، ٻٽن لفظن جي لغت ثقافت سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي.
    26. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر؛ اوسر پھاڪاتي لغت، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، ۲۰۱۵ع.
    27. مغل، شوڪت؛ سرائڪي آکاڻ، جھوڪ پبلشر، بيرون دولت گيٽ، ملتان، جلد دوم، سال ۲۰۰۴ع.
    28. منگيو، محمد صديق؛ ڦلواڙي (سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ۲۰۱۵ع.
    29. خالد ڪنڀار؛ سنڌ جا مداري قبيلا (مضمون)، پندرھ روزھ افيئر، ڪراچي.
    30. آنچلانند، جان ڪي ديوي؛ سپروائيزر پرائمري ايجوڪيشن، بيٽ عمرڪوٽ، ٿري ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ چوڻين جي روشنيءَ ۾ ٿر جو سماجي، سياسي ۽ ادبي جائزو. (ايم فل لاءِ لکيل مقالو.
    31. حڪيم يوسف کتري؛ لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون جو سرسري جائزو. (نيٽ تي رکيل مضمون.)
    32. ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر؛ سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ڇاپو پھريون (عربي لپي) سال ۲۰۱۰ع.
    33. ثناور چڌڙ؛ لوڪ تواريخ، سانجھ پبليڪيشن، ٽيمپل روڊ، لاھور، جولاءِ ۲۰۰۸ع.



    ڏسڻي
    نمبر داخلا صفحو
    1 آزادي مليي، ساڏوري به اڌ نمبر. (ٿر، چوڻي) ۷۴
    2 آمريءَ آءُ ته مرين، ھونئن نه مرين ته بک مرين. (لاڙ، چوڻي) ۳۱
    3 اڀي ڳئون ٿر گابا، چي؛ ”ڌايا ڙي ڌايا!“ (سرو، پھاڪو) ۴۳
    4 اڃا دهلي دور آهي. (فارسي، چوڻي) ۶۶
    5 اڇا ڪپڙا، کيسا خالي، هلي گهم دالي. (ساهتي، چوڻي) ۶۵
    6 اڍائي جھڳا مھتمن جا، نانءُ خيرپور/ شاھپور. (سنڌ، پھاڪو) ۶۲
    7 انڌن ملتان لڌو آهي. (سنڌ، پھاڪو) ۱۱۱
    8 اڻڄاڻ لاءِ؛ جھڙي بُٺي، تھڙو بھرام. (لاڙڪاڻو، پھاڪو) ۳۴
    9 اوٻاوڙي جي ٻولي؛ دٻي ۾ ٺڪريون. (چوڻي) ۳۲
    10 ايتري ٻڌو، جو ساڪرو سٽ جهلي. (لاڙ، پھاڪو) ۷۶
    11 ايرازي آندي، ڳور نھاري ڳوٺ ۾. (سنڌ، چوڻي) ۱۱۷
    12 بابرڪت پير پٺو؛ هڪ مئو، هڪ ٽٺو. (لاڙ، چوڻي) ۵۲
    13 بٺورو، دل ڏيئي بيٺو رو. (لاڙ، چوڻي) ۳۴
    14 بر هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو. (شاهه، پھاڪو، حسيني) ۳۸
    15 بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سوئر. (لاڙ، چوڻي) ۳۷
    16 بندر ڦٽو، سوکي وٺي. (لاڙ، چوڻي) ۳۷/ ۸۱
    17 ڀنڀور کي باھ لڳي وئي. (اصطلاحي/ ورجيسي جملو) ۳۹
    18 ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون. (شاهه، پھاڪو) ۳۹
    19 ڀينءَ جي بازار ۾ ٻيائي نه ڪر. (لاڙ، چوڻي) ۴۰
    20 ڀينءَ جي بازار ۾ پيو گهم. (لاڙ، چوڻي) ۴۰
    21 تنگواني، تنگ ماني. (چوڻي) ۴۲
    22 توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو، ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيئي لوح قلم ۾. (سنڌ، چوڻي) ۷۲
    23 ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي. (ٿر، چوڻي) ۴۳
    24 ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (ٿر، چوڻي) ۴۳/۶۱
    25 ٿر ڏلهي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي ته ڪير جهلي؟ (چوڻي/پهاڪو) ۴۴
    26 ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو. (لاڙ، چوڻي) ۴۶
    27 ٽنڊو محمد خان، جت معشوقن جو مان. (چوڻي) ۴۸
    28 ٽنڊو محمد خان؛ معشوقن جو مڪان. (لاڙ، چوڻي) ۴۸
    29 ٽنڊي جي ٽوٽ، محراب پور تي پئي. (ساهتي، پھاڪو) ۴۸/۱۰۸
    30 ٺٽ ڏنو ٺڪاءُ، ڳوراها سڀ ڳري ويا. هو ها هو!! (ساھتي، چوڻي) ۴۹
    31 ٺٽي جا ٺاٺ ھيا، جو ملتان پئي اَڏيو. (لاڙ، چوڻي) ۱۱۱
    32 ٺل؛ آهي گل. (چوڻي) ۵۰
    33 ٺل آئي جو، ڄائي جو نه. (چوڻي) ۵۱
    34 ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پؤ گهٽھڙ ۾. (سرو، چوڻي) ۱۰۱
    35 ثمر نه هجئي ساڻ، گهڙي پؤ منجھ گهٽاڻ. (لاڙ، چوڻي) ۱۰۱
    36 ثمر ھجئي ساڻ، رات نه پوئي، راڄڙيءَ ۾. (وچولو، چوڻي) ۷۰
    37 پاٽ جا باقي بچا ڪنا، سي به کائي ويا چنا. (لاڙ، چوڻي) ۵۱
    38 پارڪر جا پھاڙ؛ جھنگ ۽ جھاڙ. (ٿر، چوڻي) ۵۲
    39 پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (شاهه، سسئي، چوڻي) ۳۹
    40 پِرمان ڀلي پرڻي، جڏهن ڳِٺي جا وڻ اڪري. (لاڙ، چوڻي) ۹۹
    41 پِرمان تڏهن پسندين، جڏهن ڳِٺي جا وڻ ڏسندين. (لاڙ، چوڻي) ۱۰۰
    42 پنجاب جي گڏھ به نه ڌارجي، آٿر به کڻي ڀڄي ويندي. (سرائيڪي) ۵۴
    43 جاتي، قرب جي ڪاتي. (لاڙ، پھاڪو) ۵۵
    44 جاتي ڪل جت، ماڃر ڪل مي. (لاڙ، پھاڪو) ۵۵
    45 جاتيءَ جا جت/ جوان، پيرين اگهاڙا. (لاڙ، چوڻي) ۵۵
    46 جاتيءَ جو جت ته ڪو نه آهين؟ (لاڙ، چوڻي) ۵۶
    47 جت ڪل جاتي، ماڃر ڪل مي. (لاڙ، پۡھاڪو) ۱۰۷
    48 جڏهن تڏهن سنڌ کي، قنڌارئون جوکو. (سنڌ، چوڻي) ۷۷/۸۸
    49 جنهن بڪيرا نه ڀيٽيا، تنهن جو ملتان به نه ٿيو. (سرو، پھاڪو) ۳۶/۱۱۲
    50 جنھن جون ڄنگهان يارن وٽ، سا ڪيئن ويندي گمبٽ. (پھاڪو) ۹۸
    51 جنهن کاهيءَ کان ڀڄ، اها ئي کاھي. (لاڙ، پھاڪو) ۹۶
    52 جنھن نه ڏٺو لاھور، سو ڏسي ڪلانور. (پنجاب، چوڻي) ۱۰۵
    53 جنھن نه ڏٺو ملتان؛ نه سو ھندو، نه سو مسلمان. (چوڻي) ۱۱۲
    54 جو سک اپني چوباري، سوناهي بلخ بخاري. (هندي، چوڻي) ۳۵
    55 جوھي؛ ڊوھي. (چوڻي) ۵۸
    56 جوهي کان لوهي؛ نه واهي، نه اوهي. (جغدالي، چوڻي) ۵۹
    57 جوھي؛ مکڻ موھي. (چوڻي) ۵۸
    58 جہ سين لوڙائو ٿيا، جنين ڌار رهن، مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو. (شاهه مارئي چوڻي) ۴۴
    59 جيسلمير جيسلمير، گھر سان وير، پَرَ سان ميڙ. (راجسٿاني، چوڻي) ۵۹
    60 جيسين عراق مان ترياق اچي، تيسين نانگ ڏنگيل مريو وڃي. (پارسي، پھاڪو) ۸۷
    61 جيڪب آباد؛ دل آباد. (چوڻي) ۶۰
    62 جيڪب آبادي؛ نه نر، نه مادي. (اتر، چوڻي) ۶۰
    63 جيڪو وڃي جاوي، سو ول نه آوي، جيڪڏھن آوي ته پڙ پوٽي ڍاوي. (سرائيڪي، چوڻي) ۵۷
    64 جيڪو وڃي کاھ، تنهن جو نالو ئي کڻي لاھ. (لاڙ، چوڻي) ۹۶
    65 جيڪي مھا ڀارت ۾ آهي، سو ڀارت ۾ ڪينھي. (هندي چوڻي) ۳۸
    66 چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي. (ساهتي، پھاڪو) ۵۴
    67 چوهڙ جمالي؛ کيسا خالي، مڙس موالي. (لاڙ، چوڻي) ۶۱
    68 ڇا ڪابل ۾ گڏهه نه هوندا آهن؟ (سنڌ، چوڻي) ۸۸
    69 ڇڇ مڙيوئي ڇوڪريون، جاتي مڙيوئي جوءِ. (لاڙ، پھاڪو) ۵۶
    70 خيرپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (هندي، چوڻي) ۶۳
    71 دادو، جادو. (سرو، چوڻي) ۶۴
    72 دڙو؛ گيھه جو گهڙو. (لاڙ، چوڻي) ۶۶
    73 دعا جا داڻا؛ هالا پراڻا. (لاڙ، چوڻي) ۱۱۹
    74 دهليءَ جو ٺڳ. (ورجيس) ۶۸
    75 دهليءَ جو لڏو؛ کائبو ته به پڇتائبو، نه کائبو ته به پڇتائبو. (پھاڪو) ۶۷
    76 ديرو ڦٽو، اورنگا وٺو. (لاڙ، پھاڪو) ۳۳
    77 ڊڀري جو ڪـَمي. (ساهتي، ورجيس) ۶۸
    78 ڊوهي ماڻهو ڊڀري جا، چڱي نه اٿن چِت، توڻي ڪِرين ڀِتِ، ته به ڊوھ نه وڃي ڊڀري مان. (ساھتي) ۷۰
    79 راڳ پنجاب ۾ ڄائو، سنڌ ۾ پليو ۽ ٿر ۾ مئو. (سنڌ، چوڻي) ۴۵/۵۴
    80 رانڊ، سانڊ، سيڙهي، سنياسي، ان سي بچي تو سيوي ڪاشي. (هندي، چوڻي) ۸۹
    81 راهوجن ۾ رات، قادر نه وجهي ڪنھنجي، پليجن مان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي. (سرو، چوڻي) ۷۰
    82 رڙي، ٽڪن ۾ پڙي، جتن کي مليو جواب. (لاڙ، پھاڪو) ۷۱
    83 رڙيءَ جو شاهوڪار ته نه آهين؟ (لاڙ، چوڻي) ۷۲
    84 رَنَ ٻڏي سکر، ڄار پوي بَکَر. (سرو، پھاڪو) ۳۶
    85 روم ۾ رهي، پوپ سان نه اچائجي. (انگريزي، پھاڪو) ۷۳
    86 روهڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي. (سرو، چوڻي) ۷۳
    87 روهڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڍوءَ تي. (سرو، چوڻي) ۷۳
    88 روهڙيءَ جا مومن؛ روئڻ جا به تکا، روئارڻ جا به تکا. (پھاڪو) ۷۴
    89 رهي راهوجين، بھي باهوجين، ڪتي ڪوريجن جي. (سرو، چوڻي) ۷۱
    90 رهيءَ ۾ رهڻ، رٻ نه رڌڻ. (پھاڪو) ۷۴
    91 ساکئي ڏني ساک؛ پاٽي لڌي پاڻيءَ مان. (لاڙ، چوڻي) ۵۲
    92 ساڪرو؛ آڪرو. (لاڙ، چوڻي) ۷۶
    93 سعيدپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (لاڙ، چوڻي) ۷۷
    94 سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (لاڙ، پھاڪو) ۵۷/۸۱
    95 سنڌ؛ ڇورا پال. (سبي، پھاڪو) ۷۸
    96 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير، چوٿون چغدو، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (ٿر، چوڻي) ۶۰/ ۷۸/۹۱
    97 سنڌ سنئين، وڻ ڏنگا، ماڻھو خام، ڏنڊو جنھن جي هٿ ۾، تنھن کي ڪن سلام. (سرو، چوڻي) ۷۸
    98 سنڌ کلي/ موچڙي سان سڌي آهي. (ساهتي/ سرو، چوڻي) ۷۹
    99 سنڌ گدڙن ڪو نه کاڌي آهي. (ساهتي، چوڻي) ۷۹
    100 سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (ٿر، چوڻي) ۴۵/۸۰
    101 سنڌ ۾ ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي. (سنڌ، چوڻي) ۸۰
    102 سنڌ ۾ پڇي به ڪو ڪو نه، ڪڇ ۾ ڪنور ٻائي. (لاڙ، پھاڪو) ۸۰/۹۱
    103 سنڌ ۾ پڇيس ڪو ڪو نه، ٿر ۾ ڪنور ٻائي. (سنڌ، پھاڪو) ۴۵
    104 سنگت ساڪري ۾، سست آسري ۾. (لاڙ، پھاڪو) ۷۶
    105 سيوهاڻي چريا، ته به پٿر گھر ڏانھن ڍوئين. (سرو، پھاڪو) ۸۱
    106 سيوهاڻي؛ نه اَنُ، نه پاڻي. (لاڙ، چوڻي) ۸۲
    107 سيوهڻ؛ ڏي ته وڻ، نه ته ٽپڙ کڻ. (لاڙ، چوڻي) ۸۲
    108 سيوهڻ کي گَهلِ ڇا ڪندي؟ (لاڙ، پھاڪو) ۸۲
    109 شاھ بندر ڦِٽو، چوهڙ وُٺو. (لاڙ، پھاڪو) ۳۷/۶۲
    110 شرم ويو شڪارپور، لڄ وئي لاڙڪاڻي. (ساھتي، چوڻي) ۸۳
    111 شرم ويو شھداد پور، حياءُ ويو حڪيماڻين. (لاڙ، چوڻي) ۸۶
    112 شڪارپور شھزادي، اچي نر ٿئي مادي. (سرو، چوڻي) ۸۴
    113 شڪارپور شھزادي، ڏيھان ڏور مشھور. (سرو، چوڻي) ۸۴
    114 شڪارپوري صلاح. (سرو، ورجيس) ۸۴
    115 شڪارپوري؛ نيت بري، ٻولين ٻاجهر، ڏين ٻـُري. (چوڻي) ۸۵
    116 شڪارپوري، نيت بري، ڏيکارين گجر، وجھن موري. (چوڻي) ۸۶
    117 شڪارپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري. (سنڌ، چوڻي) ۸۵
    118 شھدادڪوٽ؛ اصل نه موٽ، موٽ ته مري موٽ. (سرو، چوڻي) ۸۷
    119 شيخ جيئو، مڪليءَ جو ڏيئو. (لاڙ، چوڻي) ۱۰۹
    120 شيخ عالم، از دهلي تا پالم. (چوڻي) ۶۷
    121 عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪين ٿيلھيندو! (پھاڪو) ۴۶
    122 قلب اندر ڪعبو ڏٺوسين، مڪي وڃڻ جو ڪھڙو ضرور؟ (پھاڪو) ۱۱۰
    123 قھر نه ڪر، ڀينءَ جي بازار آهي. (لاڙ، چوڻي) ۴۱
    124 ڪابل ڪنو چڙھيو، باھ لڳي ملتان، دھليءَ ڦوڪون ڏنيون، سڙي ويو ھندستان. (سرائيڪي، چوڻي) ۶۸/۸۹/ ۱۱۲/۱۲۱
    125 ڪاڇي پيئي ڪوڪ، سچ ڪ سنگهارن لڏئو، من تن ماريائون، پاڻان وجهي گوندرين. (شاهه، ڏهر، چوڻي) ۹۰
    126 ڪاڇي واءُ؛ ٻوڙي. (ٿر، چوڻي) ۹۰
    127 ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الھيار؟ (ساهتي، پھاڪو) ۴۷
    128 ڪارو بوٽ هٿ ۾، جت جاتي ٿو وڃي. (لاڙ، پھاڪو) ۵۷
    129 ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنھن نه مال. (شاه، راڻو، چوڻي) ۹۰
    130 ڪان تان ڏنگ ڏڙو، ڪان تان ڪپو ڪڇ ۾. (لاڙ، پھاڪو) ۹۱
    131 ڪڃر ٿا لٺيون هڻن، خيرپور ٿي خالي ٿئي. (لاڙ، چوڻي) ۶۴
    132 ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (ٿر، چوڻي) ۸۰/۹۲
    133 ڪراچي آهي ڇورن جو نيپاڄ (سنڌ، چوڻي) ۹۲
    134 ڪراچي شھر مثل هڪ وڏي قبر، جيڪو آيو اندر، نه نڪتو سو ٻاھر. (چوڻي) ۹۲
    135 ڪرهيي جي ميلي کان پوءِ، ڪپڙن کي باهه ڏبي؟! (لاڙ، چوڻي) ۹۳
    136 ڪمال ديرو، جتي بک مري ٿو ڳيرو. (ساهتي، چوڻي) ۹۳
    137 ڪنڊيارو، ويٺو رو. (ساهتي، چوڻي) ۹۴
    138 ڪنڊياري ۾ ڪنڊ گھڻي، ننڍي وڏي کي ٽِنڊِ گھڻي. (ساهتي، چوڻي) ۹۴
    139 ڪنڌڪوٽ؛ ول نه موٽ. (چوڻي) ۹۳
    140 ڪنڌيئون پار، قنڌارئون پار. (سنڌ، پھاڪو) ۸۸
    141 ڪو ئي واٽ وندر جي ڏسي. (چوڻي) ۱۱۸
    142 ڪوٽ ڪنڊيارو ڪوٽڙي، دالي دغل باز. (ساھتي، چوڻي) ۶۵/۹۴
    143 ڪونهي ڀنڀور ۾، ڌاران دوس ڌڻي، آءٌ ٿي ڇلان ڇپرين. (شاهه، سسئي، چوڻي) ۴۰
    144 ڪيئن؟ چي؛ ”نه هالا، نه ڀينءَ.“ (لاڙ پھاڪو) ۴۱/۱۲۰
    145 کارو ڦِٽو، ڳاڙهو وُٺو. (لاڙ، چوڻي) ۹۵/ ۹۹
    146 کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري، ٻاهر سوڙهي، هيٺ اوڙهي. (لاڙ، چوڻي) ۹۵/ ۱۰۷
    147 کاھ، لڳنئي باھ. (لاڙ، چوڻي) ۹۶
    148 کاهي، عشق جي ڦاهي. (لاڙ، چوڻي) ۹۶
    149 کائڙ کاڻي، جڪي ۾؛ نڪو ڌان، نڪو پاڻي. (چوڻي) ۹۷
    150 کور واھ جي لاري، گڏھ جي سواري؛ سدائين خواري. (چوڻي) ۹۷
    151 کورواھ کاڻي، جنهن ۾؛ نه ان، نه پاڻي. (لاڙ، چوڻي) ۹۸
    152 گڏهه سؤ دفعا مڪي پاڪ وڃي ته به ساڳيو گڏھ. (سنڌ) ۱۱۰
    153 گڏيو پيو آهي ميھڙ سان، گاجي خان مھيسر. (سرو، چوڻي) ۹۸
    154 گهاٽا گهر بندر جا، پڙيءَ تي بيٺو پِنُ. (لاڙ، چوڻي) ۳۷
    155 گهر جو ڀيدي، لنڪا ڊاهي. (اردو، پهاڪو) ۱۰۶
    156 گهر جي نِيت، قنڌار جي کَٽي. (سنڌ، پھاڪو) ۸۸
    157 گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا، پيئڻ مھل ائين آيا، جيئن جهول ۾ ڪتا. (ساهتي، پھاڪو) ۶۱
    158 گهوڙي جي ڦٽي؛ وهي ٽانگي ۾، ڏاند جي ڦٽي؛ وهي گهاڻي ۾، ڪاموري جي ڦٽي؛ نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾. (سرو، چوڻي) ۱۰۳
    159 گهيلپوري، نيت بري، ھٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (لاڙ، چوڻي) ۱۰۲
    160 لاڙ جو پڙهيو، سري جو ڍڳو. (سنڌ، چوڻي) ۱۰۲
    161 لاڙ، ساڙ. (لاڙ، چوڻي) ۱۰۲
    162 لاڙڪاڻو، ساھ سيباڻو. (سرو، چوڻي) ۱۰۳
    163 لاھور جون بتيون، جنھن نه ڏٺيون، سو ڄڻ ڄائو ئي ناھي. (پنجاب، چوڻي) ۱۰۵
    164 لاھوري؛ ڏيکارين دروازو، ٽپائين موري. (پنجاب، چوڻي) ۱۰۶
    165 لاهي لنگا ويھه، آريجن مان آسرو، پني پرائو ڏيھه، اچي کاءُ آريجن ۾. (سرو، چوڻي) ۳۱
    166 لڄ وئي لاڙڪاڻي، شرم ويو شڪارپور. (سرو، چوڻي) ۱۰۳
    167 ليکا ڏي بٺوري وارن کي. (لاڙ، چوڻي) ۳۴
    168 ماسي خوش آن؟“ چي؛ ”پٽ! خيرپور ٿي وڃان!“ (سرو، چوڻي) ۶۳
    169 ماءُ پيءُ-پِٽِين جا، ٿرڙيءَ ۾ ٿاڻا. (سرو، چوڻي) ۴۷
    170 مٽيارين جو موت، ويندي جي ويرم. (لاڙ، چوڻي) ۱۰۷
    171 مٺياڻي؛ اڳيان ماڻھو، پويان پاڻي. (ساهتي، چوڻي) ۱۰۸
    172 مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو، جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه ڏٺو. (لاڙ، چوڻي) ۴۹/۵۳/ ۱۰۹
    173 مڪلي، پرديسين جو مقام. (لاڙ، چوڻي) ۱۰۹
    174 مڪو؛ پڪو. (چوڻي). ۱۱۰
    175 ملتان، پيرن جو اسٿان. (چوڻي) ۱۱۲
    176 ملتاني گهيتلو. (سرائيڪي، ورجيس) ۱۱۳
    177 ملير ڀل موج ڪري، جنهن جي مول آهي ماءُ. (لاڙ، چوڻي) ۱۱۳
    178 منھن متور ۾، ڪنڌ ڪپور ۾. (لاڙ، چوڻي) ۹۱
    179 مھاجرين، مديني جا جاءِ نشين. (اردو، چوڻي) ۱۰۹
    180 مور گهرجئي، ته هندستان جي سختي سـَھڻي پوندئي. (پھاڪو) ۱۲۰
    181 مورو، ناهي ٿورو. (ساهتي، چوڻي) ۱۱۳
    182 مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چارا. (ساهتي، پھاڪو) ۱۱۴
    183 ميرپوري منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ. (چوڻي) ۱۱۴
    184 ميمڻ وڃي مڪي، ته به وٽ تارازيون تڪي. (سنڌ، چوڻي) ۱۱۱
    185 مينھن وٺو ته ناڙي وٺي. (جغدالي، چوڻي) ۱۱۵
    186 ناڙي وسي ته ڳاڙهي، نه ته اگهاڙي. (جغدالي، چوڻي) ۱۱۶
    187 نام پٺي جو، گام ڏاتار جو. (لاڙ، پھاڪو) ۵۳
    188 نر ننگر، نار نصرپور، نرت نورائي، هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار آ جائي. (لاڙ، چوڻي) ۵۸
    189 نرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ، هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار آهي جائي. (لاڙ، چوڻي) ۱۱۶
    190 ننگر پھچي ڪينڪي، بنا پنڌ ڪئي. (لاڙ، چوڻي) ۱۱۶
    191 ننگر جي آڌار، متان ويھجو ماڙهئا، پراڻا پراڙ، نوان اڏجئو نجهرا. (لاڙ، چوڻي) ۱۱۷
    192 ننگر ڪيئن ڦٽو؟ چي؛ ”ڄڻو وڻو.“ (چوڻي) ۱۱۷
    193 نه ويو آهين ڊڀري، نه ڏٺيون اٿئي آندل شاهه جون اکيون. (ساهتي، پھاڪو) ۶۹
    194 وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر. (ٿر، چوڻي) ۴۶
    195 وڃي چوهڙ جا ڏيئا ٻار! (لاڙ، چوڻي) ۶۲
    196 وڃي شادي شھيد تي، ٿورو ٿڦي لونگ فقير تي. (سرو، پھاڪو) ۸۳
    197 وسي ته ڪوه، نه ته روهه. (ٿر، چوڻي) ۹۵
    198 وسي جي وڻڪار ته سرهي ٿئي سال ڌياڻي. (چوڻي) ۱۱۹
    199 وندر مَٽي وانت، پوءِ ويري به مان جها ڀاءُ. (لاڙ، پھاڪو) ۱۱۸
    200 ويڄر جن جي وچ تي، سي گمبٽ ڪيئن گھارين؟ (لاڙ، چوڻي) ۹۹
    201 هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي. (اردو، پھاڪو) ۱۲۱
    202 هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، بِھَه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي. (سرو، چوڻي) ۳۳
    203 هالا آهي؛ ها ۽ لا. (لاڙ، چوڻي) ۱۲۰
    204 هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو. (سرو، چوڻي) ۱۰۳
    205 هو قوم لاڙڪن جو هتڙي قديم ٿاڻو، پيو نانءَ هن تي، لاڙڪ تان لاڙڪاڻو. (سرو، چوڻي) ۱۰۴
    206 هوڏانھن باهه، هيڏانھن ڀِتِ، بغداد منيءَ ۾. (سنڌ، پھاڪو) ۳۵


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 536
    ڪتابن جو مشاهدو: 564141
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 214826
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ