ڪتاب جو نالو: دائرا
مصنف: قاضي مقصود احمد
ڇپائيندڙ: سوجهرو پبليڪيشن مٽياري
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 24 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 608 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 271 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”دائرا“ مٽياريءَ سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر ۽ محقق قاضي مقصود احمد جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قاضي مقصود احمد جو نالو سنڌ جي ادبي لڏي لاءِ نئون ڪونهي. پاڻ شاعر ته آهي، پر ان سان گڏ سندس ٻيو وڏو ڪم سنڌ جي تاريخ ۽ نسلن جي حوالي سان ڪيل تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پاڻ نه رڳو تاريخ کي نئين انداز ۾ سمجهڻ جو ڏس ڏئي ٿو، بلڪه پراڻين روايتن مان نوان نتيجا ڪڍي اصل حقيقتن کي نروار ڪندي به نظر اچي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مصنف جي باري ۾
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • دائـــرا، دائـــرن جـــي انـــدر دائـــرا.
  • اک جو ڪنڊو، نڪ جو ڪوڪو ٿي سگهندو ڇا؟
  • رات نـنـڍي، بــات وڏي، پــهـر کـٽـن پــيــا.
  • ساعتون ياد رهنديون سـدائـيـن.
  • دم عـشـق جــي سـرشاري، دم عقل جي دلداري.
  • قرب جو نالو غزل، پيـڙاءَ جـو نـالـو غزل.
  • اُتـر اڌيـڪـار ڏئـي، سـونـهـن! کـڻــي هــل سـنـگ.
  • حقيقـتـن جي ڪڍ لڳـل، سراب ڪشمڪش ۾ هو.
  • انـداز مـنـجهـان منهنجو اظهار نه ٿي سمجهين!
  • ڊنل هرڻيءَ جي اکين جي سدائين سار ۾ ورتل.
  • کير نـدين جـون ســڀ ڌارائـون.
  • جي رڳون دُکَـنديون ڳولِــهَـڻُ مسئلو!
  • قـربـت، قـربـت هـــونــدي آهــي.
  • اس جو تڙڪو، باهه جـو ڀـڙڪو، ساڳـي ڳالهه نه چئبي.
  • پيار جي تانگهه من ۾ گهٽي ڪانهي.
  • تشبيهون، استعارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي.
  • دل کـي دريــاءُ ڪـر ته فـيــض ملـي.
  • اسان جـا سينـا پريم جا گهر، دوار کولي.
  • احساس جي گهيري ۾، انڪار جي ڇا معنيٰ؟
  • ضـرب، تــقـسـيـم، گهـٽ وڌائـي ڪر.
  • نينهن جي ڪانَ تي ڇڏيل آهي.
  • ڪو مڪافات جـو عمل گـهـرجي.
  • نـسـلـن تـائـيـــن رَتﱡ ولــوڙڻ کــان بــهــتــــر.
  • ها ها، تـنـهـنجي وجود ۾ ڪجهـه روشنيون هيون.
  • لفظن کي مد ّعا جي مان قابل نه ٿو ڏسان.
  • سانـوڻ رت جون مست ڦهارون تنهنجي نانءُ.
  • انڌيرن جي اڳيان اجالو ڏبو
  • حـسـن جـي هـر ڪـا ادا وه وا وا!
  • زندگيءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.
  • ڌرتي به ٽڪر ٿيندي، آڪاس هليو ويندو.
  • سر سان سر کي ملائي سگهين ٿي ته اچ.
  • اتهاس جا هڪ هڪ ڪري سڀ ورق ورڻ ڏي.
  • ساجهر جو، سويـري ۾، پڻ رقـص ضـروري آ.
  • اکيون سدائين رهنـديـون تـو لـئـه وِڇاڻ بــڻــجــي.
  • ڪنهن تان واري جيءُ چوان ٿو.
  • ڪرڻ رشتن جي ناقدري ڪڄا لئه؟
  • قـرب جي ابـتـدا جـــي آڌر ڪـر.
  • انيڪ روپ ۾ ظاهـر ٿـو روشـنـائـي ڪري.
  • عجب چهرا، ڀلا خاڪا، لڪـيـرن سان ٿين ظاهر.
  • سـنـڌ سـڄـي گـهـيـريلَ، جاڳندين، ڇا ڪندين؟
  • گـونـجـي گـونـجـي نـيـٺ فـضـا ۾ گم ٿيندو آواز.
  • شرارت سـان ڀـريـل دلـيـلـن کـي رد ڪـر.
  • هو هـليـو ويـو، پرئين پار کان ڪجهه نه گهر.
  • جيون جي سچائي نه پڇ، ڪـﺆڙي ۽ ڪساري آ.
  • جيءُ جيالو تنهنجي حد تائين رهي.
  • درشــــن جــي آســري تـــي، در در رُلـــي رهـيـو هــان.
  • اڌورا لـفــظ شـعـرن جـا، مـڪـمـل تـرجـمـانـي ڪن.
  • اٽڪيـو ته روح چـئـبـو، نـڪـتـي ته جان چئبي،
  • ڏٺم ڪو چهرو چمڪندڙ، نماءَ اڳڀرو ڪيو.
  • چـار اکيون ڪري وار ڪاري ڪجان.
  • ڪنهن جـي جـذبن کي لتاڙڻ جو گنهگار ٿجي.
  • چنڊ جي ساک ڏئي پيار جو اظهـار ڪنـدس.
  • ڪـر پـيـار جــو اظـهــار تـه مان تو ڏي اچان.
  • خــوابُ، بيـدار اکـين سان ڏسجي.
  • پهرئين ڪنهن اٽڪاءَ جي نانءُ.
  • يــار جـا زلــف هــجــن زنـده بـاد.
  • دل جي تسڪين جي لـئه ميسـر ٿيـون حالـتــون واه جـون.
  • مان پنهنجي اک جي نميءَ کي اگهي پيو ڳوليان.
  • هـيءُ عـشـق ازل کـان ويـري آ، ٿـو جـيءُ جـلـي آزارن کان.
  • مون جو گلاب ارپيا.
  • خـواب هـن کـي ڊيـڄـاريـو، نـيـٺ ڇرڪجي جاڳيو.
  • ڪـو لـڙڪ لـڙي آيـل، اکـيـن مـان اگـهـڻ گـهـرجي.
  • پـريـم ڇـل آ ۽ ڇـل جـي ڪـايـا پــلــٽ ٿـئــي ٿـــي.
  • سـچ تـي رخـن جـو پـڙدو، ايــڏو چـڙهــي وڃــي ٿــو.
  • وڌي پــيـو، هـلـي پــيـو، ڪـو ئـي لـڏپلاڻي،
  • ذري مـان ذرو ڪـر، کـٽـائــي ته ڏس.
  • اســان جــو ســدائين کــان خــالــي آ دامــن.
  • گــجـريـلـي، گـلـزار لـڳـيـن ٿـي، مــان پــوپــٽ، تــون رس رســيــلــي.
  • هـي ســورج ۽ تــارا، نـکـٽ ۽ ڀَـــَٽـــون.
  • قـلـيـل جـيـون، ڪثير سوچون.
  • مـسـت لـهـرن جـيـان واه تـنـهـنـجـي اُڇـــَلَ.
  • ارتــقــا کـان هـٽـيـل مـنـهـنـجـو ابتو عمل.
  • لـهـرون ڇـهـنديون نيٺ ڪنارو، تن سان پير پسائي وٺجان.
  • ڦــــرڻـــا نــه گـهـرڻـــا.
  • انـــــــگــــــل آرا.
  • هر ڪنهن گهٽيءَ ۾ جي کـڻي دارورسـن ڪجي.
  • جُـنـگ جـيـئـدارَ پـڪـاريو آ، وڃـان ٿـو اوڏي.
  • جبل کي ٽڪڻ جو منجهم حـوصلو آ.
  • نــنــگــي واس تــان واءَ جــو اوڇــڻ گــهــر ۾ اڏري آيو آ.
  • يــا تـــه ســکــڻـو ڪوئي گهڙو هوندو.
  • مخلـصي، مفلـسـيءَ جـي حـالـت ۾!
  • جيئن جيئن تو واسِي پئي، جوڀن جي خوشبوءِ.
  • مـسـت رهـنـدو اچـان، صبح سُرُ، شام سُرُ.
  • ڪڏهن جواز کٽن ٿا؟ ڪڏهن جواب کـٽن؟
  • ڏات آهـي مـلـيـل، پـيـو غزل واڻـجـي.
  • قـربـتـن سـان ڪـڍيــل دائــري مــان ڌڪـي.
  • ڊيــڄــوڙو ڍَيـــرِي! عـــشــق وڏو اســــرار.
  • امن جي امينن جو ڪـڙڪاءُ گهٽ آ.
  • جــل ٿــل ســارا رسـتــا ٿــيا.
  • سُــرٻــاٽــن ۾ سُــر سُــر سُــر سُــر، ڳــالــهــه هـلي پـئي.
  • بــــخــــت ٿــــو وڃـــائي وَٿُ.
  • اوٿــر جــي اٿــل آهــي ڪــو “اِگــلــو” ئي کڻي اَڏِ.
  • پنهنجي هٿ ۾ پٿر کڻ ۽ ڳالهيون غور سـان ٻُـڌُ.
  • ماڻهوءَ جي فطرت جو عيب لڪايل ڏس!
  • عـشـق ۾ شـهـسواريون رهـنديون.
  • جِت جـوانيءَ جـون بدن تي سنبتون جاڳيو پون.
  • خيالن جا گس هِــن، سوالن جي وس جا.
  • سـٺـن وقتن جون ساريون يادگيريون ياد رکڻيون هن.
  • اجري مک تي جوڀن جون چوٽون(1).
  • سـوجـهـرو، چـهـرو ڇـپـائـيــنـدو وتي!1
  • زنـدگـيءَ جي چاهنا بس چار گهڙيون چين جون.
  • ڏول ڀـري ٿي پاڻ مان، منهنجي ياد ڪڍي!
  • پـيـر تـنـهـنـجـا پـوئـتـي ٿـيـا، موٽـيا تو کان نه ٿــيا.
  • ڦِــر ڦِــر سونٽا، دٻلي ڪانهي.
  • ڪُـن ۾ گـهـڙندينءَ، مانگر ايندئي.
  • ڇننن، ڇنن، ڇنن، ڪنهن جي قربت سرور آ.
  • چـهـره شـناس(1) مـاڻـهـن، مُـک تـي نـگـاهه ڦـيـري.
  • پـلّ مـلـڻ جو هڪڙو هو، اوسيئڙي جي عمر وڏي.
  • تـرديد ۾ تــردّد! ڀــاسـيـم ڪـا ڳــال(1) آهــي.
  • اُڪـيــر دل ۾ ٿـئـي ٿي ۽ روح ڇڪـبو آ.
  • رهـنـدو جـيون دکي، درد جي چونڊ ڪر.
  • چـنـڊ کـي جـيـئن آرسيءَ ۾ آڻجي.
  • زنـدگـيءَ ۾ ڪـٿـي رهـنـمـائي رهــي؟
  • تــو نـه پـيـتـو مگر خـمـارَ اٿـئـي.
  • ڪـٽـجـي ويـنـدي عـمـر، عـمـر جو خير.
  • قطعا

  • اھي ڪنڌ اوچا سدائين رھن،
  • امن جي روايت جو آھي امين،
  • جــنڊي سھڻي، ڪاشي سـھـڻـي، سـنـڌ ۾ ٺـھندڙ کيس به سـھڻو
  • ڊسمبر جي مھيني ۾ متل آھي وڏي ھـلچـل،
  • نھار جي حـد تـي سـر، سـرن تي رکيل ھي ٽوپـيـون،
  • جــيــجــل، مــٺڙي ماءُ هئڻ جي هـام،
  • دهشت دماغ ڦيريو، هيسيل آ ڍور ڍنـگـر،
  • حالت جري، تضادَ طَلَبَ، سهمتي نه ڪر،
  • رنــــــگ ڀـــــريـــــل جـــــهـــــان تـنهـنجو آ،
  • وجودن جون عمريون ڊگهيون ئي سهي،
  • قطعا
  • خـيالـن ۾ وڏي چـرپــر، پـيـا ڪـن عـشـق جـي اوســر،
  • ڪير ڪيڏو کڻي لڪائــي ٿو،
  • منهن تي موڙو، اکيون ڪروڌ ڀريل،
  • مــحــبــت دل ۾؛ ڇــا مـطـلـب!؟ اهـا مـسـتـي اٿـئــي اهــــڙي،
  • روح کي جيڪا ڇُـهي سا ڳـالـهه ڪـر،
  • وقت مٽيو، وقت سان گڏ حالتون مٽجي ويون،
  • نـقـش ڌنـڌلا، عـڪس گهرا ٿي ويا.
  • ڇهه سٽو
  • متفرق بيت
  • متفرق بيت2
  • سسئيءَ بابت ڪجهه بيت
  • دوها
  • گيت

  • ڏيـنـهـن جـي هر منظر تـڙپـايو - پو به نه آئين، پو به نه آئين.
  • نوري ڄام تماچي
  • وائي
  • سنڌي ٽوپي
  • نظم
  • آزاد نظم
  • آزاد نظم
  • آزاد نظم

  • ترتيب

    حق واسطا

    ڪتاب نمبر -7
    ڪتاب جا حق ۽ واسطه مصنف وٽ محفوظ



    ڊجيٽل ايڊيشن:
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر



    ڪتاب جو نالو : دائــــــــرا
    موضوع : شاعري
    تخليقڪار : قاضي مقصود احمد
    ڇاپو : پهريون
    سال : آڪٽوبر 2015ع
    ڇپائيندڙ : سوجهرو پبليڪيشن مٽياري،
    ڪتاب نمبر -7
    تعداد : 500
    قيمت : 200

    Name of Book: DAIRA (Poetry)
    Poet: Qazi Maqsood Ahmed
    Published by Sojhro Publication Matiari
    Book No.07, Year 2015
    Price: 200/-


    ارپنا

    ارپنا

    سنڌ ۾ آفاقي شاعريءَ جي خلقڻهار
    لطيف سـائـيـنءَ
    جـي سـدا حيات شاعريءَ جي نانءُ.

    جـديـد سنڌي شاعريءَ جي وڏي قد واري شـخـصـيت استاد بخاريءَ
    جي نانءُ.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (296) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”دائرا“ مٽياريءَ سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر ۽ محقق قاضي مقصود احمد جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    قاضي مقصود احمد جو نالو سنڌ جي ادبي لڏي لاءِ نئون ڪونهي. پاڻ شاعر ته آهي، پر ان سان گڏ سندس ٻيو وڏو ڪم سنڌ جي تاريخ ۽ نسلن جي حوالي سان ڪيل تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پاڻ نه رڳو تاريخ کي نئين انداز ۾ سمجهڻ جو ڏس ڏئي ٿو، بلڪه پراڻين روايتن مان نوان نتيجا ڪڍي اصل حقيقتن کي نروار ڪندي به نظر اچي ٿو.
    هي ڪتاب سوجهرو پبليڪيشن مٽياري پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري قاضي مقصود جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مصنف جي باري ۾

    مصنف جي باري ۾

    قاضي مقصود احمد جو نالو سنڌ جي ادبي لڏي لاءِ نئون ڪونهي. پاڻ شاعر ته آهي، پر ان سان گڏ سندس ٻيو وڏو ڪم سنڌ جي تاريخ ۽ نسلن جي حوالي سان ڪيل تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پاڻ نه رڳو تاريخ کي نئين انداز ۾ سمجهڻ جو ڏس ڏئي ٿو، بلڪه پراڻين روايتن مان نوان نتيجا ڪڍي اصل حقيقتن کي نروار ڪندي به نظر اچي ٿو. سندس پهريون ڪتاب شعري مجموعو ”مند نه آهي ماٺ جي“ جي نالي سان 1997ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ 2004ع ۾ ”مسلمان ٻارن جا نالا“ جي نالي سان نالن جي معنائن سميت سندس هڪ ڪتاب منظر تي آيو. جنهن کان پوءِ ڪافي عرصي کان سهيڙيل مٽياريءَ جي تاريخ تي لکيل ضخيم ڪتاب ”تاريخ مٽياري“ جي نالي سان 2006ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ مٽياريءَ جي علمي ۽ تاريخي اهميت کي تمام سهڻي نموني سان پڌرو ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ سيرت تي لکيل مشهور ڪتاب ”الرحيق المختوم“ جو سنڌي ترجمو به ڪيائين، جيڪو 2008ع ۽ 2014ع ۾ ٻه ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. سنڌ جي هڪ سورهيه ڏاتار لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل مضمونن کي سهيڙڻ جو ڪم پڻ سندس هٿان پايهءِ تڪميل تي پهچي چڪو آهي، جيڪو پڻ پنهنجي جڳهه تي سنڌ ۽ ڪڇ جي تاريخ جي حوالي سان اهم حيثيت رکي ٿو. اهو ڪتاب 2010ع ۾ ڇپيو. جڏهن ته گذريل سال2014ع ۾ صحيح بخاريءَ جو، محمد دائود راز جي لکيل شرح سميت، سنڌي ترجمو ڪيو اٿس، جيڪو اڃا منظر تي نه آيو آهي. وڏي ڳالهه اها به آهي ته قاضي مقصود نه رڳو پنهنجيون لکڻيون منظر تي آنديون آهن، بلڪه پنهنجي اداري ”علمي ادبي اشاعت گهر مٽياري“ پاران مختلف دوستن جا ڪتاب پڻ شايع ڪرائي چڪو آهي. جن جي پٺيان صرف ۽ صرف مٽياريءَ جي ان علمي اوج کي نروار ڪرڻ جو جذبو ڪارفرما آهي، جنهن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ نظر ايندو آهي. اهي سڀ ڪم سرانجام ڏيڻ دوران به سندس حساس فطرت کيس پنهنجي شاعراڻي ڏات کي اظهارڻ تي مجبور ڪندي رهي آهي. ان جي نتيجي ۾ ئي اڄ سندس شاعريءَ جو هيءُ ٻيو مجموعو اسان جي اداري ”سوجهرو پبليڪيشن مٽياري“ پاران شايع ٿي پڌرو ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب جي اشاعت بعد، مون کي اميد آهي ته سنڌ جي تاريخ ۽ نسلن تي ڪيل ڪم به جلد اڪلائي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندو. ڇو ته سنڌ کي هن وقت سنجيده تحقيق جي شديد ضرورت آهي.

    تاريخ: 02 آڪٽوبر 2015ع
    ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ
    مٽياري


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    اسانجي دور ۾ ڪافي ڏهاڪن کان جديد شاعريءَ جو اصطلاح هلندڙ آهي. ظاهري طور تي جديد شاعريءَ جو ضد ”قديم شاعري“ ٿيندو، جنهن جي مقابلي ۾ جديد شاعريءَ جنم ورتو هجي. پر ان جو ضد ”روايتي شاعري“ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي حوالي سان انهن اصطلاحن تي جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ تبصرو ڪيو وڃي ته اسان چئي سگهون ٿا ته قاضي قاضن کان وٺي لطيف سرڪار تائين، سچل کان وٺي ساميءَ تائين اسان وٽ موجود قديم شاعري، سنڌ جي ڏاهپ جو اهڃاڻ آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪري سگهون، گهٽ ٿيندو. اها سدا حيات شاعري آهي ۽ سدا حيات ئي رهندي. روايتي شاعري اها آهي، جنهن ۾ موضوعن ۽ لفظن جو ورجاءُ ايتري قدر ڪيل هجي جو شاعر جي پنهنجي ڏات ان ۾ ڳولهڻ سان به نه لڀي. روايتي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب اول کان آخر تائين پڙهڻ وڏي دل گڙدي جو ڪم آهي. ان جي مقابلي ۾ جديد شاعري پنهنجي نالي مطابق نواڻ جو نياپو کڻي آيل آهي. جنهن ۾ صنفن، موضوعن توڙي ٻوليءَ جي حوالي سان نوان نوان تجربا ڪيل آهن. جديد شاعريءَ ۾ ايڏي ته گوناگوني ۽ وسعت پيدا ڪرڻ جا موقعا رکيل آهن، جو شاعر لاءِ اڏام جي ڪا حد ڪانهي، جنهن سان پڙهندڙ لاءِ پني پني مان اڳتي پڙهڻ لاءِ اتساهه جو احساس پرائڻ لازمي ٿيو پوي. منهنجي نظر ۾ جديد شاعريءَ جي اڏام جي سڀ کان مٿاهين حد ڪنهن شاعر جو پنهنجو اسلوب (Diction) قائم ٿيڻ آهي، جيڪو همعصر يا پوءِ جي شاعرن کي پنهنجي روايت تي هلائڻ لاءِ اڪسائيندو رهي. جيئن لطيف سائينءَ جي شاعري آهي، جيئن استاد بخاريءَ جي شاعري آهي.
    سنڌي شاعريءَ ۾ منهنجي ٽهيءَ ۽ ان کان پوءِ جا شاعر جدت کي تمام سوگهو جهليو بيٺا آهن. ”جدت کي سوگهو جهلي رکڻ“ جي باوجود منهنجو مشاهدو اهو آهي ته، جيئن ته جديد شاعريءَ جي وصف ۽ رجحانن جي باري ۾ ڪي گهڻيون چٽيون ۽ عام تحريرون موجود نه آهن، ان ڪري اڪثريت جي ذهنن ۾ مٿين اصطلاحن جي باري ۾ چٽائي ٿيل ڪانهي ۽ انهن جي شاعريءَ ۾ جيڪا جدت جي سرهاڻ موجود آهي، اها دراصل سندن خداداد ڏات آهي.
    فيس بوڪ تي شاعري پڙهڻ ۽ پيش ڪرڻ دوران ڪيترن ئي موقعن تي مون کي محسوس ٿيو ته ٻين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، خود مون کي به انهن اصطلاحن جي وصفن کي نئين سري سان سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو سوچي مون جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان هڪڙو سوال فيس بوڪ تي رکيو ۽ اهو سوال رکڻ سان منهنجي آڏو جيڪي شيون چٽيون ٿيون، تن مان (منهنجي ليکي) سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته روايتي ۽ جديد شاعريءَ جو سفر گڏوگڏ هلندو آهي ۽ ساڳيو شاعر هڪ ئي وقت روايتي موضوعن تي، روايتي لفظن سان به شاعري ڪندو آهي ته وٽس جدت ۽ نواڻ جا نوان نوان رنگ به موجود هوندا آهن. ان ڪري پڙهندڙن کي ڪنهن به شاعر جو هڪ اڌ شعر پڙهي ان تي ٺپو هڻڻ بدران مجموعي تاثر مطابق سندس شاعريءَ جي باري ۾ راءِ جوڙڻ گهرجي.
    ڪافي دوستن کان هن قسم جا رايا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته شاعري سولي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر ڪنهن لاءِ سمجهڻ جوڳي رهي. هن سلسلي ۾ منهنجو موقف اهو آهي ته شاعريءَ جون مختلف صنفون آهن ۽ انهن مان ڪن جو پيرايو اهڙو هوندو آهي جو ڏکي ٻولي استعمال ڪندڙ شاعر به لازمي طور تي سادي ۽ مٺڙي ٻولي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. جهڙوڪ گيت، نظم، وائي ۽ ڪافي وغيره جهڙين صنفن ۾. پر ڪي صنفون اهڙيون به آهن، جن ۾ شاعر کي ٻوليءَ تي دسترس مطابق جيترو به وجهه ملندو آهي، تجربا ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندو آهي. جهڙوڪ غزل، چوسٽو، بيت وغيره جهڙين مروج صنفن ۾. دراصل ٻوليءَ جا تجربا ئي اهڙين صنفن جي جان هوندا آهن. هن ڳالهه کي اڃا چٽو ڪري سمجهائجي ته تشبيهن ۽ استعارن جو شاعريءَ ۾ استعمال لازم ۽ ملزوم آهي. هي اهي بنيادي جزا آهن، جن سان پڙهندڙن کي شعر سمجهڻ لاءِ ذهن وڙهائڻ تي اڪسائجي ٿو. پر رڳو اتي بس ڪانه ٿي ٿئي. شاعر پنهنجي علمي استطاعت مطابق شعر ۾ مختلف صنعتن جو استعمال ڪندو رهندو آهي، جيڪي هڪ طرف سندس شاعريءَ ۾ نکار آڻينديون آهن ته ٻئي پاسي شعر کي ڏکيو ڪري پڙهندڙ کي ان جي معنيٰ تي غور ويچار ڪرڻ تي آماده ڪنديون آهن. شاعريءَ ۾ جيڪڏهن اهي لوازمات نه هجن ته اهڙي شاعري، تڪبنديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪانه چئبي. بالفرض جيڪڏهن شاعريءَ ۾ انهن خوبين جو استعمال نه به ڪيل هجي، ته به هر پڙهندڙ جي پنهنجي عقل ۽ فهم تي ڇڏيل آهي، جيڪو سڄو قصو ٻڌڻ کان پوءِ سوال ڪري سگهي ٿو ته ”ليليٰ مرد هئي يا عورت؟“
    حاصل مطلب اهو ته جيڪا شاعري سٺي لڳي، ان کي ساراهجي، جيڪا سمجهه ۾ نه اچي، ان کي يا ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، يا ٻين جي سمجهڻ لاءِ ڇڏي اڳتي وڌي وڃجي. ها باقي صنف مطابق شاعريءَ جي ماڻن ۽ ماپن توڙي مواد ۾ مروج اخلاقي قدرن کان هٽيل ڪا ڳالهه محسوس ٿئي ته ان تي سوال ڪرڻ يا تنقيدي نقطهءِ نظر پيش ڪرڻ تي ڪا جهل پل نه آهي.
    مٿئين نقطهءِ نظر جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته شاعري لفظن سان کيڏڻ جو نالو آهي ۽ نثر جي مقابلي ۾ نظم ۾ نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح آڻڻ جي به شديد ضرورت محسوس ٿيندي آهي. اهي لفظ ۽ اصطلاح، لساني جاگرافيءَ جي ڪنهن محدود حصي ۾ ڳالهايا ويندا هجن، يا ڀرپاسي ۽ عام معروف ٻولين سان تعلق رکندڙ هجن، بهرحال ٻوليءَ لاءِ نئين رت جي حيثيت رکندا آهن ۽ شاعريءَ ۾ وسعت پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻبا آهن. مثال لاءِ لطيف سائينءَ جا ٻه بيت حاضر آهن:
    اچي سار لهيج، ساجن! سورَ تماري آئون ماري!
    سورَ تماري جي مـران، تـان مـون ڏوه مَ ڏيـج،
    ڊبــن ڀــري هــٿــڙا، دارون دوســت! ڪــريــج
    (يمن ڪلياڻ – وائي)
    تـنـد تـمـاريءَ تــانُ، ڪَــهــيــو سـو قـبــول پـيـــو،
    ســـر تــه آهــي ســٽ ۾، پـر ٻـيـو ڪـي مڱج دان،
    خاڪ مٽي ڪا بانُ، ڪاٽيا پوءِ ڪجهه نهين.
    (شاهه / سر سورٺ)
    گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌي شاعريءَ ۾ نون لفظن جي استعمال کي روڪڻ جي هاسيڪار ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنهن سان ٻوليءَ جي پاڻمرادي ترقيءَ جي راهه روڪ ٿي آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي عالم پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾ مٿين بيتن جي پڙهڻي هن ريت بيهاري، بيتن جي مفهوم کي بلڪل مٽائي ڇڏيو آهي.
    اچـي سـار لـهـيج ساڄن، سور توهانجي آءٌ ماري،
    سور تنهنجي جي مران، تان مون ڏوهه مَ ڏيج،
    ڊڀـن ڀـري هـٿـــڙا، دارون دوســت ڪـــريــــج.
    (يمن ڪلياڻ – وائي)
    تـنـد تـنـهـنـجـي تـانُ، ڪُـهيـو سـو قـبـول پـيـو،
    سـر تـه آهـي سـٽ ۾، پـر ٻـيـو ڪـي مـڱج دان،
    خاڪ، مٽي ۽ بانُ، ڪاٽيان پوءِ ڪجهه ناهي.
    (شاهه جو رسالو علامه آءِ آءِ قاضي وارو، صفحو 27 ۽ 104) هيٺيون بيت عبدالغفار “گوهر“ دائودپوٽو جي مرتب ڪيل الف ب وار شاهه جي رسالي ۾ به موجود آهي).
    اهي لفظ جيڪي قديم شاعريءَ کان وٺي اڄ تائين ٿيل سنڌي شاعريءَ ۾ ورجايا ويندا آهن، يا اهي لفظ جن کي جديد شاعرن پنهنجي شاعريءَ کي نواڻ ڏيڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ ڳالهائجندڙ سنڌيءَ جي محاورن مان يا ڀرپاسي جي ٻولين مان يا وڏين ٻولين مان چونڊي کنيو آهي. جديد شاعريءَ جي سرواڻن ۽ اڄ جي دور جي نمائنده شاعرن جي شاعري به اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. پڙهندڙن جو ذهن صاف ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا ڪجهه مثال هتي پيش ڪجن ٿا:
    هي ڪفر کان ڪڙي آ، اسلام کان بــڙي آ،
    تـون پـيءُ جـيءُ ڀر ڀر، اي گهوٽ هيءَ گهاٽي.
    (گيڙو ويس غزل صفحو 149)
    ڪچي آ ديوار، ڪڏهن هي ڦهڪو کائي ڪرڻي آ،
    ڪـيـڏو ئـي مـضـبـوط لـڳـي، پـر دنيا تيري ميري ۾.
    (گيڙو ويس غزل صفحو 262)
    سيءُ آهي “اياز“ هن کي چئي،
    اِئـن نـه انـگـيءَ ڇـپـاءِ انـگــارا.
    (گيڙو ويس غزل صفحو 287)
    اڳ ۾ تون بات چيت ۾ ڪيڏو رکو هئين
    تو اڄ ٻه لـفـظ ڀـي جـي چـيـا، پـيار مـان چيا!
    (راهون پنڌ پيون، نارائڻ شيام، صفحو 35)
    تـون تـه لـــنــــبــي مثنوي بڻجي پئين،
    هوند ننــڍڙو ڪـوئـي هائيڪو ٿئين!
    ڀـت تــي سـامهون فريم ۾ فوٽو ڏسي،
    در جي چـؤڪٺ تي اچي بيهي وئين!
    (راهون پنڌ پيون، نارائڻ شيام، صفحو 38)
    قرب منجهان صوفي تي وهاريو،
    ڇـا هــي قـرب تـصـنــع آهـــي.
    (تنوير چئي، تنوير عباسي، صفحو 322)
    امـيـٽـيـشـن جـي پـٿـرن وچ ۾ سـچـو مـوتـي ٿـو شـرمـائــي.
    مورک ماڻهن جي مجلس ۾ شاعر ڪيئن ٿو شعر ٻڌائي.
    (تنوير چئي، تنوير عباسي، صفحو 446)
    هتڙي، هتي، هُت، هوت هجي پوءِ ڇا کپي،
    ڀـيـنـر ڀَــوُ بَـهُت، اڪــيـلي اوڪــاريـــان.
    (ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، استاد بخاري، صفحو 46)
    مـرڻ، جـيـئـڻ مـامـرو، سياڻا، سمجهي سـَـڃُ،
    اچــڻ لاءِ اچـي مـچئيـن، وڃـڻ ڪـارڻ وڃُ،
    طوعـاًڪرهـاً مڃُ،! وو جا واٽ وجود جي.
    (ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، استاد بخاري، صفحو 47)
    پامسٽ مان نه آهيان، پر ايترو پتو پيو،
    آغـاز جـو ڏٺـم هـٿ، انجام هوس نالو.
    (نه ڪم نبريو، نه غم نبريو، استاد بخاري، صفحو 167)
    اهڙن لفظن تي بنا سوچڻ سمجهڻ جي اعتراض وارڻ اڄ جي دور جو عام رجحان آهي، جيڪو مطالعي جي کوٽ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ ان جو آخري نتيجو سنڌي شاعريءَ کي وري به محدود ڪري روايتي شاعريءَ جي گس ڏانهن ڌڪي ڇڏڻ آهي ۽ اهو ڪم هڪڙي اهڙي قوم جي ماڻهن کي نه ٿو سونهي، جنهن جا دانشور ۽ ليکاري، انگريزن جي تحقيق کان شاڪي آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هند آريائي ٻولين جو ماخذ مڃرائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ هن وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ جيون پيا ۽ مختلف ٻولين کي سڌيءَ طرح ٻڌي سگهڻ جي ڪري، هيءُ دور ٻولين جي سڪڙجڻ جو دور آهي. ٽي وي چئنلن تي ٻوليءَ جي حوالي سان ٿيندڙ بي قائدين تي فڪرمند رهندڙ دوستن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسان کي پنهنجي بچيل زندگيءَ ۾ لساني حوالي سان اڃا وڏين وڏين انقلابي تبديلين کي ڏسڻ جا موقعا ملندا، جن کي قبول ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي هوندي. منهنجي نظر ۾ اها دراصل سنڌي ٻوليءَ کي سندس لساني حدن ۾ آهستي آهستي سوڙهو ڪري ختم ڪرڻ جي ڪوششن جي حوالي سان قدرت پاران اسان کي مهيا ڪيل غيبي مدد آهي. جنهن مان لاڀ حاصل ڪندي اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي جائز مقام جا ثبوت هٿ ڪرڻ ۽ انهن کي اصل اوج ڏيارڻ جي لاءِ جتن ڪرڻا پوندا.
    ساڳئي دور ۾ ٻن همنام شخصيتن جي حوالي سان ڪافي شيون منجهي پونديون آهن. مرحوم مقصود “گل”، رتيديري سان تعلق رکندڙ قاضي خاندان مان سنڌ جو نالي وارو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جي وفات 15 فيبروري 2015ع تي ٿي. سندس حياتيءَ ۾ ئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خطن جو مجموعو شايع ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ منهنجو هڪ خط، قاضي مقصود “گل” جي نالي سان شايع ڪيو ويو هو. مرحوم جي وفات جي ٻئي ڏهاڙي 16 فيبروري 2015ع واري عبرت اخبار ۾ حبيب لغاريءَ جو مقصود ”گل“ تي لکيل آرٽيڪل ڇپيو. جنهن ۾ مقصود ”گل“ جي پروفائل سان گڏ مرحوم جي نالي سان جيڪا به شاعري ڏني وئي آهي، اها منهنجي آهي. نشاندهي ڪرڻ تي حبيب لغاري فون ڪري ڪنهن آرٽيڪل ۾ ان جي وضاحت ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، پر هيءُ ڪتاب ڇپجڻ تائين اهڙي قسم جي ڪا به وضاحت ڪٿي ڇپيل نظر نه آئي آهي. جڏهن ته اهو آرٽيڪل مختلف ويب سائٽن تي رکيل آهي، جيڪو سدائين مغالطي جو ڪارڻ بڻبو رهندو. تنهنڪري اهو پنهنجو استحقاق سمجهندي اڳتي انهن بندن وارن غزلن تي حاشيو لڳائي نشاندهي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انهن مان هڪڙي نعت جا بند هن مجموعي ۾ شامل ڪيل نه آهن، جيڪي هن ريت آهن:
    مـاڻـهـن جـي عـقـيـدت جا، اسباب گهڻا آهن.
    سڀ رنگ فضيلت جا، تو منجهه ڪٺا آهن.
    ڀـلـجـون ٿا الائي ڇو، نه ته ڳالهه سڌي پئي آ،
    قـــرآن ۾ الله جـــا، احـــڪـــام چــٽـــا آهـن.
    ٻولي هڪڙو بحر آهي، جنهن تي عبور رکندڙ کان به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان غلطي ٿيڻ ممڪن آهي. آءٌ ته ان لحاظ کان ڪنهن به ليکي ۾ ناهيان جو لفظن جي صحت جي دعويٰ ڪري سگهان. شاعري مون پنهنجي ذات لاءِ ڪئي آهي، تنهنڪري مڃتا جي خواهش رکڻ منهنجو مسئلو نه آهي، پر جڏهن ڪي سٽون پڙهندڙن جي ذهن کي ڇهي وينديون ته ان ڳالهه جي خوشي محسوس ٿيندي.
    هن ڪتاب جي اشاعت جي سلسلي ۾ آئون ٿورائتو آهيان سوجهرو پبليڪيشن مٽياري جي منتظمن، ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ ۽ انجينيئر ارشاد احمد ميمڻ جو، جن منهنجي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو اشاعت جي لائق سمجهي پنهنجي اداري پاران ڇپرائي مون کي مان ڏنو.

    تاريخ: 01 آڪٽوبر 2015ع
    قاضي مقصود احمد
    مٽياري


    غزل

    دائـــرا، دائـــرن جـــي انـــدر دائـــرا.

    دائـــرا، دائـــرن جـــي انـــدر دائـــرا.
    سوچ جـا هـي عـجـب ٿـا لـڳـن مـامـرا.

    سرمئي رنگ جا سـلـسـلا ٿـيـا شـروع،
    تـنـهـنجـي تـر آنـدا اکـيـن اڳـيـان تـرورا.

    دل جـڏهن ٿي چوي، پنهنجي من ۾ لهي،
    مـون ڪـئـي آ پــريـتـم تنهنجـي يـاتـرا.

    ڪيئن ٿو پسجي تنهنجو عڪس انهن منجهان،
    سمجهه ۾ ڪانه آئي ڪـڏهـن مـاجـرا!

    توکي ڏسـنـدي مـنـهـنجي ڏات اٿليو پوي،
    ۽ غـزل تـي غـزل ٿـو چـوان ڪـيـتـرا.

    منهنجي اندر ۾ آهين رڳو تون ئي تون،
    ان کان ٻاهر جا ڇـڏيـم سـڀـئـي آسـرا.

    تون ڀلي ڏور مون کان هجين او مٺي!
    عشقُ يادن جا تو سان ڳنڍي ٿـو سـرا.

    جانِ “مقصود” مون چنـڊ توکي مڃيو،
    منهنجي جيون ۾ رهندا تنهنجا سوجهرا.


    اک جو ڪنڊو، نڪ جو ڪوڪو ٿي سگهندو ڇا؟

    اک جو ڪنڊو، نڪ جو ڪوڪو ٿي سگهندو ڇا؟
    نظرون ڦيرڻ، پيار جو جذبو ٿي سگـهـنـدو ڇا؟

    مان گهايل هان، تير جهٽي ڇاتيءَ ۾ ٽُنبيم،
    تنهنجو ڪوئي وار به اؤڇـو ٿي سگـهـنـدو ڇا؟

    ڪچـڙو ڌاڳو، رشتن ۾ ٿو لوههُ ڪـري پر؛
    لوههَ جو سنگهر، دل جو ناتو ٿي سگـهندو ڇا(1)؟

    يار جي هٿ جو زهر به ماکي، شال ملي پئي!
    برهه جي پل جو حلوو مٺڙو ٿي سگـهـنـدو ڇا؟

    ڏيڏر پنهنجي ٽانءَ ۾ ڦوڪيل، ڍنڍ ۾ پن تي؛
    سهڻو لڳندڙ جر تي ڦوٽو ٿي سگـهـنـدو ڇا؟

    هئه ڙي يـارل! لـوڪ سوالــن جــو عــادي آ،
    تنهنجي سامهون مون جيئن موڳو ٿي سگهندو ڇا؟

    جهڙو تنهنجي سونهن جو دهڪو، مون تي ويٺل،
    اهڙو ڪنهن تي تنـهنـجـو داٻـو ٿي سگـهـنـدو ڇا؟


    (1)لوههُ هڪ ڌاتوءَ جو نالو آهي، جڏهن ته لوهه ٿيڻ هڪ محاورو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي قابو ٿيڻ. هن بند ۾ انهن ٻنهي صورتن جو استعمال تجنيس ناقص (محرف) جو مثال آهي.


    منهنجو پيار ته شهر، سماج جـي ڪَنَ تي پهتل،
    ان کان بهتر ڀَـيرَ تي ڏونڪو ٿي سگـهـنـدو ڇا؟

    ونهنوارن جي ڳالهه ڪيم، پـر مان به ٿو ڄاڻان،
    دل جي بدلي دل جو سودو ٿـي سگـهـنـدو ڇا؟

    عشـق، ڪڙهڻ ۽ نظم، سکڻ سان ايندو آهي،
    شعر تي دردن ڌاران مـلڪـو ٿـي سگـهـنـدو ڇا؟

    هِـنَ هرڻيءَ کي بهشت جي باغن ۾ ڳولهيندس،
    سوچيان ٿو اُت پهچڻ منهنـجو ٿي سگـهـندو ڇا؟


    رات نـنـڍي، بــات وڏي، پــهـر کـٽـن پــيــا.

    رات نـنـڍي، بــات وڏي، پــهـر کـٽـن پــيــا.
    آءُ تــه آســيــس وٺـــون، پـل چــون پــيــا.

    سـونـهـن سـهـائـيءَ ۾ اڃـا سرس هجين پر؛
    شـهـر ۾ ڦـرجـانءِ نه، راڪاس گهمن پيا.

    تون به ڀلي هاڻ مون کان سِـرﱡ گهري ڇڏ،
    چـپ چـريـا، ٻـول لـڳـم، چـنـگ وڄـن پيا.

    بـره جـي بـيـمار ڦڪيا ٻُـڪ ڦڪين جا،
    شــهــر ۾ لـقـمـان وڏو انــگ رهـن پــيــا.

    تون جو خزائن ۾ پڳئين، باغ ٿيون دليون،
    ٻــج ڦــٽــا، گـﺆنـچ ٺـهـيـا، گـــل ٽــڙن پــيــا.

    آءُ ٻــڌي پـيـنـگـهـه لـڏون نـم جـي وڻ ۾،
    او هـــو پــريــان ڏس ته وڏا ڏار لـمـن پـيـا.

    هـاڻ ڪبيون جوڙ کڻي لوهه جون تارون،
    ڇــو تــه نـشـانـيءَ جـا سـڳـا روز ٽـٽـن پـيــا.


    ساعتون ياد رهنديون سـدائـيـن.

    ساعتون ياد رهنديون سـدائـيـن.
    چاهتون ياد رهنديون سـدائـيـن.

    تنهنجي سنگت ۾ جيئـن وقت گذريو،
    راحـتون يـاد رهنديون سـدائـين،

    کلندي کلندي رسامي جي حرڪت،
    عادتون ياد رهنديون سـدائـيـن.

    هـو وڇـوڙي جـو اڻڄاڻ خطرو،
    پارتون ياد رهـنـديون سـدائـيـن.

    قربتن بعد دوريون ڏنيون ٿئي،
    حـالـتون ياد رهنديون سـدائـيـن.

    ڀاڳ رکيون اڀاڳن سان ريسون،
    شامتون ياد رهـنديون سـدائـيـن.

    درد جـون وارداتـون، تــمـاشــو،
    آفـتـون يـاد رهـنـديون سـدائـيـن.

    تون ئي “مقصود” منهنجي ضرورت،
    حاجتون ياد رهـنـديـون سـدائـيـن.


    دم عـشـق جــي سـرشاري، دم عقل جي دلداري.

    دم عـشـق جــي سـرشاري، دم عقل جي دلداري.
    اُتـسـاه ڏنــو جـيـونَ، ڄـاڻــي ٿــو ڪــلاڪـــاري.

    ڀاڳن ۾ هيو سڀ ڪجهه، هڪ يار نه ملڻو هو،
    ان يـار جي ڪارڻ مون، ڀاڳن کان به پُـٺِ واري.

    بـيـداد حـسـن نـڪـتـو، جـذبـن کـي لـتـاڙي ويـو،
    بــي تـاج مـلـي جـنـهـن کـي، دلين مٿان سرداري.

    تــو بـن مـون گـهـڻـو لوڙيو، مون پاڻ کي پيڙيو آ،
    ڪو وقـت هلي آهــي، هــن مــن ۾ مـهـاڀــاري.

    پــاڻـيءَ تــي تــري آيـــل، ڦـوٽـي جـي مـثـل ماڻهو،
    هن سونـهن ۾ ڪانهـي ڪا، ايڏي به جٽاداري.

    قـــربــت جــا خــزانـا کــڻ، آثــار سـنـڀـالــي وٺ،
    تـون اڄ به ٿي وارث اچ، وٺ پنهنجي حصيداري.

    “مـقـصــود” رڳـو تنهنجو، بـس ساٿ گهريو آهي،
    قـــانــع آ طـبـيـعـت جـو، ٻـي نـاهـي طلب گاري.


    قرب جو نالو غزل، پيـڙاءَ جـو نـالـو غزل.

    قرب جو نالو غزل، پيـڙاءَ جـو نـالـو غزل.
    دل کي رسيل درد ڀريل گهـاءَ جو نالـو غزل.

    نوجوانيءَ جي ڏهاڙن جو آ هر پل شاعري،
    روحَ کـي گرمائيندڙ هر تـاءَ جـو نالـو غزل.

    نينهن جي جا مند آهي؛ مند - بي مندائتي،
    پيار جي موسم ۾ هلندڙ واءَ جو نالو غزل.

    سرد راتين جو قسم، جنهن عشق اوجاڳا ڏنا،
    اک لڳڻ کان پوءِ جي ڇرڪاءَ جو نالـو غزل.

    بي سبب ناهـن ائين نظرون ملڻ، هڪ ٽڪ ڏسڻ،
    ڪنهن سان ديدن جي انهيءَ اٽڪاءَ جو نالو غزل.

    اڄ به ٿا اظهار جا دل ۾ پڙاڏا گونججن،
    وقـت سر وَر وَر ٿـيـل ورجاءَ جـو نالو غزل.

    نظـم ۾ منظوم ڪر، “مقصود” پنهنجون حسرتون،
    عمـر ڀر جي لئه مليل سوداءَ جو نالو غزل.


    اُتـر اڌيـڪـار ڏئـي، سـونـهـن! کـڻــي هــل سـنـگ.

    اُتـر اڌيـڪـار ڏئـي، سـونـهـن! کـڻــي هــل سـنـگ.
    پرت پڇي پئي ڇو اڃا، ڪونه چڙهيو ٿئي رنگ؟

    مـنـهـنـجـي سـامـهـون آرسـي، ان ۾ تـون ئي تون،
    پـاڻ وسـاري پــاڻ مــون، دنــگ ڪـيــو آ دنـگ!

    مـون جـو پـنـهـنـجـي پـانـڌ ۾ تـاتـيـو هــو تــوکي،
    اِڇـاڌاري عـورتــا! ڪـــوهـــه هـڻـيــن ٿــي ڏنـگ.

    تــو جـا ڀـانـئـي واسـنـا، نـرڄـو مـنـهـنـجـو نـيـنهن،
    انـگ نـه گـهـرجـي پاڻ کي، تون ٿي منهنجو ننگ.

    مـنـهـنـجي دل جي صاحبا! تون جي آهين ڪانه،
    سـوچـون سـاهـه گـهٽين ٿيون، ڌرتي ٿئي ٿي تنگ.

    هـيـل بـهـارون جــي اچــن، سـوچــي سـوچــي پـاڻ،
    مــوٽـي اچـجـان هـاڻ تــون، لاهــي دل تــان زنــگ.





    نوٽ: هن غزل جو وزن عروض بدران سورٺا ڇند جي بنياد تي جوڙيل آهي.


    حقيقـتـن جي ڪڍ لڳـل، سراب ڪشمڪش ۾ هو.

    حقيقـتـن جي ڪڍ لڳـل، سراب ڪشمڪش ۾ هو.
    اچي ڪريو آ نيٺ جو شهاب ڪشمڪش ۾ هو.

    هـي ڏوهـه آ زبــان جــو، يـا ذهــن ۾ خلل رهيو،
    سوال پئي ٻـڏيو تـريو، جواب ڪشمڪش ۾ هـو(1).

    اسـان گُـهـريو کُـلـي اچـن، انـهـن گُـهـريو کُــلي پـون،
    مـگر انا جو مامرو! حـجـاب ڪشمڪش ۾ هـو.

    پرايو ڌن تــڪـيــم پـئـي، مگر نئين ڪنهـن طِـرز سـان،
    گناهه جـو هو ڪم مگر؛ ثواب ڪشمڪش ۾ هو.

    اڳي جــا سـارا داسـتـانَ، ضـبـط ٿـي سـگهـيـا پـئـي،
    اسـان جي داسـتـان تـي، نـصـاب ڪشمڪـش ۾ هـو.

    وِٿـي سـهـون نـه وار جـي، هـي دوريـون ٻـي پـار جــون!!؟
    لڳي ته ڪنهن جي ڪنڌ ۾؟ حساب ڪشمڪش ۾ هو.

    هي حالتن جو جبر هو، جـو مـنـهـنـجـي دل سـهـي سـهي،
    ٺڪا ڪري ڦُــٽي پئي، حُـباب ڪشـمڪـش ۾ هـو.

    انهـن جـي هـار ۾ پـوي، يـا منهنجـي قـبـر کـي چـمـي،
    ٻنهي جي حسرتـن تي اڄ، گلاب ڪشمڪش ۾ هـو.

    (1) هن مصرع ۾ صنعت تضاد جا ٻه مثال موجود آهن.
    (2)


    انـداز مـنـجهـان منهنجو اظهار نه ٿي سمجهين!

    انـداز مـنـجهـان منهنجو اظهار نه ٿي سمجهين!
    اکيـن ۾ نهـاريـن ٿي، پـر پـيـار نـه ٿي سمجهين!

    ايڏي به مٺي آخر، بي سمجهه نه آهين تو،
    مون قرب اٿئي آڇيو، ونهنـوار نه ٿـي سمجهين!

    ڇو! منهنجي خـَموشي ڪو پيغام نه پئي ڏي ڇا؟
    طوفان کان اڳ واري، مـاٺـار نه ٿي سمجهين!

    تون عَـَدُوَ جي ڳالهين تـي ايـڏي تـه لڳل آهين،
    دلدار کي اڄ پنهنجو، دلدار نه ٿي سـمجهين!

    مون تنهنجي ثنا ڪارڻ، هي شعر لکـيـا آهن،
    هيءَ سونهن جي سربستي، پرچار نه ٿي سمـجهين!

    بهتر آ شهر جـي وچ ، ديـوارَ ڏياري ڇڏ،
    جي نينهنُ پنهنجي دل ۾ نروار نه ٿي سمجهين!

    “مقصود”جي قسمت آ، “مقصود” ئي لوڙهيندو،
    “مـقـصـود” کـي پنهنجـو جي، معيار نه ٿي سمجهين!


    ڊنل هرڻيءَ جي اکين جي سدائين سار ۾ ورتل.

    ڊنل هرڻيءَ جي اکين جي سدائين سار ۾ ورتل.
    اڃا تائين غزل ڳايان پيو مـان پـيـار ۾ ورتـل.

    رهي تنهنجي ڳلي آهي، منهنجـي لئه تـيرٿـن وانگـر،
    مگر تيرٿ اهو؛ جيڪو هجي تڪـرار ۾ ورتـل.

    پري کان واس وٺبـو پيو، رڳو تون شهر ۾ هججان،
    تنهنجي هونـدي سڄو ماحول ٿئي مهڪار ۾ ورتل.

    ڪڏهن ڌتڪار کي ڏسندي، ائين محسوس ٿيندو آ،
    هجان ڪاري کان جهڙو ڪر، ڪنهن جي ونهنوار ۾ ورتل.

    سڀئي رستا نڀاياسـون، مگـر سريو نه آ ڪجهه ڀي،
    رهيو جـيـون وڏيري وٽ ڪـيـل ونـگار ۾ ورتل.

    ائين جي وقت پيو ويندو، ڪڏهن پٿر بـه ٿـي وڃبو،
    تڏهن سرڪار تون رکجان، ڀــلا آثــار ۾ ورتـل.

    اها “مقصود” ۾ مستي رهـي ناهي وئي کان پوءِ،
    جڏهن ڏسندين، تڏهن ملندو، تنهنجي ويچار ۾ ورتل.


    کير نـدين جـون ســڀ ڌارائـون.

    کير نـدين جـون ســڀ ڌارائـون.
    تنهنجي مک جون ڄڻ ريکـائون.

    هئه هئه تنـهنـجـو سُـنـدر چهــرو،
    ڏنــدين آڱــريــون، مــهـلائــون(1)!

    اهــڙي رمــز رکــيــل آ تــو ۾،
    جنهن جون لک اٿئي معنائون.

    ڪاش هجان ها ڪـو بـاغـائـي،
    روز ڪجن هـا گـل ورکـائـون.

    هن عطا جـو عـام ٿـئـي درشن،
    خالق جون ٿينديـون وهـوائـون.

    منهنجي ڀاڳ ۾ آهين نه آهين!؟
    منهنجـون تو لئه سڀ آشائون.

    رهندي ٻول ۾ تنهنجـي خوشبو،
    تنهنجي لـئه منهنجون رچـنائون.

    جانب! تو بن جـيـئــڻ ڪهـڙو!؟
    ٿيءُ نه مون کان تـون پاسائون.

    (1) مهلائون = مهيلائون، عورتون.


    جي رڳون دُکَـنديون ڳولِــهَـڻُ مسئلو!

    جي رڳون دُکَـنديون ڳولِــهَـڻُ مسئلو!
    سي لڀڻ ۽ منجهن هَٿُ وجهڻُ مسئلو!

    يـار منهنجـي مهـارت ۾ نـالـو ڪڍيو،
    ڪين هـو تـنـد ڇيڙي ڇـڏڻُ مسئلـو!

    هڪ ته ڦٿڪڻ نه هو مڙسـپائي جو ڪم!
    هن جي اڳيان وري ڪجهه ڪُڇڻُ مسئلو!

    هي نئون دور آ، پـو بـه خالي ڪنين،
    يار منهنجي جي لئه هو ٻڌڻُ مسئلو(1).

    شاعري! شاعري! تون وڏي ڏات آن،
    ريءَ قلم پيار ڪنهن کان گهرڻ مسئلو!

    وقـت، لـهــوار پاڻـيءَ جيان وهـڪـرو،
    هـن لـئـه اوڀـار ڏاڍو وهــڻُ مسئلو(2)!

    آئون ڌاڳن ڪچن سان به ٻڌجو وڃان،
    عمــر سـاري آ رهــڻـو سڄڻُ مـسـئـلـو!

    سوچيان پيو ڪڏهن موٽ کاڌي پرينءَ،
    پاڻ ٿيندم سنڀـالـي سگهـڻُ مـسـئـلـو!

    (1) صنعت ايهام جو مثال
    (2) صنعت تضاد جو مثال


    قـربـت، قـربـت هـــونــدي آهــي.

    قـربـت، قـربـت هـــونــدي آهــي.
    نــفــرت، نــفــرت هــونــدي آهــي.

    قربــت، نـفـرت جـي وچ دل جــي؛
    حـسـرت، حـسـرت هــونــدي آهـي.
    ¬¬¬
    مــلــنــدا آهــــن ڀــاڳـــن وارا!
    صحبـت، صـحـبـت هـونـدي آهـي.

    دُکَ ۽ درد جــي ســچــي مــن ۾،
    بـرڪـت، بـرڪـت هوندي آهي.

    سـاروڻـن کــي ســـاري سـمــڌم،
    رحـمـت، رحـمـت هـونــدي آهــي.

    دل تــو لـئــه اهــرام ڪـئــي ٿــم،
    تـربـت، تربـت هــونــدي آهــي(1).

    منهنجي ڳالهه تي ڪنڌ ّ جهڪيئي پر:
    سـهـمـت، سـهـمـت هـوندي آهـي.

    (1) عام عادت مطابق تربت ۾ ماڻهو ان يقين سان پوربو آهي ته اهو مئل آهي، پر اهرام ۾ مڙدو ان نيت سان پوربو هو ته اهو جيئرو آهي ۽ ساڻس گڏ رکيل سامان سندس ڪم ايندو. هتي دل ۾ محبوب جي زنده جاويد هئڻ جي استعاري طور ”اهرام“ لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
    نوٽ: هن غزل ۾ صنعت مقابله ۽ صنعت مراعات النظير جو عام استعمال ٿيل آهي.


    اس جو تڙڪو، باهه جـو ڀـڙڪو، ساڳـي ڳالهه نه چئبي.

    اس جو تڙڪو، باهه جـو ڀـڙڪو، ساڳـي ڳالهه نه چئبي.
    سيريل ٻڪرو، دل جـو ڦـڙڪو، ساڳـي ڳالـهه نه چئبي.

    ظلم سان ظالمَ! جيڪي ڪن ٿا، تن جي ڳالهه الڳ آ،
    لـٺ جـو مـارو، پـيـار جـو دڙڪـو، ساڳي ڳالـهه نه چئبي.

    ڪنهـن جـي مـوت تـي روڄ ۽ راڙو، پــوءِ دعـا لـئـه هٿ:
    راڻلُ وڇـڙڻ، عـمـر جـو رڙڪـو، سـاڳـي ڳالـهه نه چئبي.

    نانـگ جي ڏر کان سڪتو پئجڻ، ڪنبڻي وٺجڻ ٻڌجي،
    قرب جـي مـاريـل مـن جو ڌڙڪو، ساڳي ڳالهه نه چئبي.

    جي نه اچين ٿـو، تـنـهـنـجـي مرضي، وقـت ٽـپـائـي وڃبو،
    پر نه اچڻ جـو تنهنجـو دڙڪـو، سـاڳـي ڳالـهه نه چئبي.

    تـون “مـقـصـود” مـيـاري نـاهـيـن، ڪنـڊ وٺـي روئيندي،
    ڀئه کان سڏڪو، يار جو ڪڙڪو، ساڳي ڳالهه نه چئبي.





    نوٽ: هن غزل ۾ صنعت مقابله جو عام استعمال ٿيل آهي.


    پيار جي تانگهه من ۾ گهٽي ڪانهي.

    پيار جي تانگهه من ۾ گهٽي ڪانهي.
    قرب ماپڻ جي بس ڪسوَٽي ڪانهي.

    پنهنجي اندر جي تحرير ڪيئن ميٽجي!
    منهنجي دل ڪاٺ جي ڪا پٽي ڪانهي.

    ۽ وڇــوڙي ائـيـن لـڱ ڪـانـڊاريـا،
    سيءَ ڪا جان اهڙي سٽي ڪانـهي!

    هاءِ هرجائي! توکي ته شابس هـجـي،
    تون چوين ٿو ته تو دل مَٽي ڪانهي!

    ها، رناسين، رڙياسين، هـلياسين مگـر،
    ماٺ ويهي حياتي ڪٽي ڪانهي.

    تون، مون کان جان گهرندي کلين ڇو پيو!
    هي ته اعزاز آ، ڪا چٽي ڪـانـهـي!

    درد “مـقـصـود” لذت وٺي مون سَٺو،
    هونئن حياتي ته ڪنهن کي کٽي ڪانهي.


    تشبيهون، استعارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي.

    تشبيهون، استعارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي.
    لفظن جا هي شرارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي.

    هـونـدا گلاب ٽڙيل، تـو بـن بهـار ڪانهي،
    سهڻا سڀئـي نـظـارا، ڄـڻ تنهنجي در جا باندي.

    واڄٽ ڪري وڄن ٿا، ڪيڏو نه سر ٿو وکري،
    هي نينهن جـا نغارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي.

    موکيءَ کان وٽ مليل آ، نيڻئون خمار جهلڪي،
    هـن دور جـا مـتارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي.

    جنهن دل تي تون ٿي سورج، اڀريئن ته ڪانه لهـنديئن،
    سارا اِهـي اجارا، ڄڻ تنهنجي در جا بانـدي.

    تنهنجـن خواهـشن تـي، ٿـا نـابـري ورائــن،
    ڍرنـدڙ اسـان تي ڍارا، ڄـڻ تنهنجـي در جا بـانـدي.

    هن لوڪ کي به شابس، منهنجي ئي ڪـڍ لڳل آ،
    ڪمزور ۽ سگهارا، ڄڻ تنهنجـي در جا باندي.

    تو سان بغاوتن جو سوچيان ته ڪيئن سوچيان،
    منهنجا خيال سارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي.

    قسمت جي ڳالهه آهي، ڪو وس هلي نه جنهن تي،
    “مقـصود” جا ستارا، ڄڻ تنهنجي در جـا باندي.


    دل کـي دريــاءُ ڪـر ته فـيــض ملـي.

    دل کـي دريــاءُ ڪـر ته فـيــض ملـي.
    سـوچ کـي واءُ ڪر ته فـيـض مــلــي.

    پيءُ وانگر سڌون نه ڪـر سـکـڻـيـون،
    پـاڻ کـي مـاءُ ڪـــر تــه فــيض ملي.

    دل جـي تـڙپــڻ جـي اهـمـيـت نـاهـي،
    جيءَ کي گهاءُ ڪــر تـه فـيض مـلـي.

    مـاٺ جــو فــلــســفــو آ بـي مـقـصـد،
    ڪجهه ته ڏهڪاءُ ڪر ته فيض ملي.

    ســـڀ اثــبــات آ، نـــفـــي نـــاهــــي،
    ان جـو ورجـاءُ ڪـر تـه فـيـض مـلـي.

    هــيءَ دنــيـــا مـحــبــتــون چــاهــي،
    تِـن جــو ڦــهـلاءُ ڪر ته فيض ملي.

    ڀـاءُ هـر آدمـيءَ کـي مـڃ پـــنـهـنـجو،
    ســڀ ســرچــاءُ ڪر تـه فيـض مـلـي.


    اسان جـا سينـا پريم جا گهر، دوار کولي.

    اسان جـا سينـا پريم جا گهر، دوار کولي.
    تڪي رهيا هن، پرين اچي ڪو اسان سان ٻولي.

    جڏهن کان پيارن جي ياد جو سلسلو هليو آ،
    ڀلائي ڇڏيو اسان کان سـارو جهـان ڀـولي.

    هي وحشتن جا عظيم ر يلا ڪٿان اچن پيا!؟
    هري هري پيو پنن جيان من اسان جو ڏولي.

    اڳي ئي ساڻا، ٿـڪي ٿياسين صفـا وساڻا،
    وڇوڙو ويٺو اڃا به سوچن ۾ زهر گهولي.

    ڀلي ته “مقصود” خوار ٿيون ۽ خراب سڏجون،
    مگر نه چئبو ته عشق ڇڏيو اسان کي رولي.


    احساس جي گهيري ۾، انڪار جي ڇا معنيٰ؟

    احساس جي گهيري ۾، انڪار جي ڇا معنيٰ؟
    قربت ۾ قريب(1) اچبو، تڪرار جي ڇـا مـعـنيٰ؟

    انـدر ۾ اٿـم صـحـرا، سيلاب وڃان سُرڪـي،
    ڦُـڙُ ڦُڙُ ٿي ڪري ڪڪري، وسڪار جي ڇا معنيٰ؟

    جي ڪنهن جي جياپي جو، تو تي ئـي مـدار آهـي،
    ان لاءِ دعا گهرجي، ڦٽڪار جي ڇـا مـعـنـيٰ؟

    هٿُ هٿَ ۾ ڏنل ڪنهن کي، ڪو دور آ درشن کان،
    ماڻهوءَ جي ٻٽي اهڙي ڪردار جي ڇا معنيٰ؟

    جو حسن هجي آيل ملڪوت جي عالم مان،
    تنهن حسن مٿان سـورهـن سـينـگار جي ڇا معنيٰ؟

    هـن عـشـق جي رمـزن کي واعظ جي نٿا سمجهن،
    صـوفــيــن کان پڇي وٺبو، دلدار جي ڇا معنيٰ؟

    تون رسم کي جدت ڏئي، رڻ پٽ ۾ مون کي ڌڪجان،
    ڪمزور کي پـيـهـڻ لـئـه، ديوار جي ڇا معنيٰ؟

    مان وقت جي آويءَ ۾، “مـقـصـود” پڪل آهيان،
    جيئن پيار ڪندڙ ڄاڻن، مـعــيـار جـي ڇـا مـعنيٰ؟

    (1) صنعت اشتقاق جو استعمال


    ضـرب، تــقـسـيـم، گهـٽ وڌائـي ڪر.

    ضـرب، تــقـسـيـم، گهـٽ وڌائـي ڪر.
    ڳـالـهـه اُڪـلائـي ڇـڏ، ڀـلائي ڪر.

    منهنجو پاسو کُـٽــو تــه خـيــر آهـي،
    پنهنجـي پاسـي ڀـلــي ســوائـي ڪـر.

    تنهنجـا الـزام منهنجــي اکــيــن تــي،
    ڪنهن بهاني ته لب ڪُشـائي ڪـر.

    آئـون مـن جـو بـه حــال ڄـاڻـان ٿـو،
    منهنجي سامهون نه ڪا پڪائي ڪر.

    هــي وڇــوڙو مـتــان ڏکـيــو لـڳنـئي،
    ٿورو سوچي مون کـان جُدائي ڪر.

    پاڻ سان جي نه ٿو ڪرين تـه ڀـلا،
    مون سان ”مقصود“ هڪ چڱائي ڪر.

    ضـرب، تــقـسـيـم، گهـٽ وڌائـي ڪر.
    ڳـالـهـه اُڪـلائـي ڇـڏ، ڀـلائي ڪر.


    نينهن جي ڪانَ تي ڇڏيل آهي.

    نينهن جي ڪانَ تي ڇڏيل آهي.
    جان فـرمـان تـي ڇـڏيـل آهـي.

    پنهنجي وس ڪجهه رکيو نه آ باقي،
    دل بــه طـوفـان تـي ڇـڏيـل آهي.

    هي وڇوڙو به ائٽمي بم آ،
    من جي جاپان تي ڇڏيل آهي.

    منهنجو سارو علاج بس هن جي،
    هڪ مسڪان تي ڇڏيل آهي.

    هوءَ سچي ٿئي نه ٿئي سندس مرضي،
    هن جي ايمان تي ڇڏيل آهي.

    درد قدرت ڏي، يار کان يا ملي،
    ضبط انسان تـي ڇڏيل آهي.

    راز “مقصود” اچ ڪيان ظـاهـر،
    ڪـم نـادان تـي ڇـڏيـل آهي.


    ڪو مڪافات جـو عمل گـهـرجي.

    ڪو مڪافات جـو عمل گـهـرجي.
    دستِ قدرت جو ڪـجهه دخل گهرجي.

    پـنـهـنـجـي دنـيـا سـفـيـد پـوشـن لـئـه،
    ڪجهه ڏکي ٿئي ته ڪجهه سهل گهرجي.

    هــيءُ ويــرانــيــن آ ســمــجــهــايــو،
    شــهـــر هـــاڻــي ذرا مــتــل گــهــرجــي.

    حـالـتـون ضـابـطـي ۾ گـهـرجــن ٿـيــون،
    جنگ گهرجي نه ڪـو جـدل گـهـرجـي.

    صـرف اخـلاص ٿــــا گـهـرن مـاڻــهــو،
    ان جـو ڪــوئــي نــه ٿـو بــدل گهـرجي.

    ســانــوري، ســيــاهه ۽ اڇــي هــٿ ۾،
    دوســــتــيءَ جــو ســڳــو ٻـڌل گـهـرجـي.

    هــــيءُ “مـقـصــود” انــقـــلاب آهـــي،
    جنهن جي لـئه حـوصـلــو اٽــل گهرجي.


    نـسـلـن تـائـيـــن رَتﱡ ولــوڙڻ کــان بــهــتــــر.

    نـسـلـن تـائـيـــن رَتﱡ ولــوڙڻ کــان بــهــتــــر.
    قـرب ورهـائــڻ، جـنـگـيـون جـوٽـڻ کان بهتر.

    مـڙس پـنـي؛ سـو لوڪ لڄا جو ڪم آهي،
    پـــر بــه لــڳــي ٿـــو ڇــيــڻــا ڀـورڻ کان بهتر.

    سـنـگـت سـان نـيـبـاهـه مـنـاسـب آ ڪرڻو،
    هيڪل وياڪل وقت کي ڀوڳڻ کان بهتر.

    سـوچ غـلـيـظ آ، ڏاڪــڻ بــدران لـفـٽن ۾!
    مــاٺ ڀــلي آ، ان کــي روڪــڻ کــان بـهتر!

    شاعر جو ڪم آهي ڪلالن کان چڙهيل،
    جــاڳــائــڻ آ، مــڌ ۾ ٻــوڙڻ کـــان بـــهــتـــر.

    پـــڙ ۾ پــانــڌ ٻــڌي وڙهـڻ جـي رسـم اٿـئي،
    پهچڻ کـان پـو منهن کي موڙڻ کان بهتر(1).

    عــورت هــئــي، پـر اڳـتي اڳتي وڌندي وئي،
    مـرڻـــو ڄــاتــو سـسـئـيءَ! مـوٽـڻ کـان بـهتر.

    ٺـهـڻــو آهــه تــه يـارل! اُٿ ڪو ڀاڪر پاءِ،
    ٿـيـنـدو ڪـيــڏو گـنـد ڦـلـورڻ کـان بـهتر.
    (1)جنگ ۾ هڪ ٻئي سان پانڌ ٻڌي ساهه جو سانگو لاهي ويڙهه ڪرڻ، سنڌ ۽ هند جي سماٽ قبيلن ۾ مروج قديم رسم آهي. اهڙي قسم جي هڪ جنگ ۾ مرزا جاني بيگ جنگي اصولن جي انحرافي ڪندي مرزا باقيءَ جي مدد لاءِ صاحب سمي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪڇ کان آيل جاڙيجن سمن جو قتل عام ڪيو هو.
    نوٽ: هن سڄي غزل ۾ صنعت مقابله جا مثال موجود آهن.


    ها ها، تـنـهـنجي وجود ۾ ڪجهـه روشنيون هيون.

    ها ها، تـنـهـنجي وجود ۾ ڪجهـه روشنيون هيون.
    انـدر جـي اک سـان پـاڻ اهي مـون ڏٺيون هيون.

    مُـک تـي هـيـون مجاز جون سـڀ رونقون وري،
    اخلاق جــون طـبـع ۾ سڀئـي خوبيون هيون.

    وکـريـو ته حـسـن پـيو آ سـڄيءَ ڪائنات ۾،
    پــر يــار مـنـفرد ڪجهه تو ۾ شيون هيون.

    طــالــب ٿـيـس ته تــو سان مـلـڻ جون خواهشون،
    هـر گهـرج کـان يـقين سان چوندس وڏيون هيون.

    شـدت ســان تـوکي يــاد ڪيم ۽ فراق ۾،
    مون دربدر ٿي تنهنجون گهٽيون ڀي پڇيون هيون.

    يادن ۾ آسپاس جي دنـيـا نـه يــاد پـئــي،
    مون لاءِ شهر منجهـه بـه ويـرانـيـون هيـون!

    هيءَ تشنگي جهڪي به ڀلا ڪيئن ٿي سگهي!
    اڄ کان اڳي به ڪنهنجون اڃون هي اجهيون هيون!؟

    “مـقـصــود” حوصلي سان ڪٽيو وقت کي اٿم،
    صـديـن تي ٿيون محيط سموريون گهڙيون هيون.


    لفظن کي مد ّعا جي مان قابل نه ٿو ڏسان.

    لفظن کي مد ّعا جي مان قابل نه ٿو ڏسان.
    جذبن کي ڪجهه ڪڇڻ ڏي به مائل نه ٿو ڏسان.

    مون عشق، فلسفيءَ جي نظر سان پڙهيو جڏهن،
    هن سان ملڻ جو پاڻ کي قائل نه ٿو ڏسان!

    سـوچـيـم وصـال ِ يـار جــو اڄ آسـرو پـلـي،
    ايڏو سڪون ڪنهن کي به حاصل نه ٿو ڏسان.

    اي درد! دوستيءَ جـو قـسم تـو سـواءِ مان،
    ڪنهن کي به پنهنجي حال سان شامل نه ٿو ڏسان.

    مشڪل جي سمنڊ آ ته تري ۾ زمين آ،
    ڇا ٿي پيو اکين سان جي ساحل نه ٿو ڏسان.

    يارن ڇـڏيو آ سـاٿ، سنـدن ظرف آ مگـر،
    مان پاڻ کي انهن جيئن جاهل نه ٿو ڏسان.

    “مـقـصود” مون ته هيئن ڏٺو آ سدائين جو،
    ڪنهن کي به، وصل بعد به، واصل نه ٿو ڏسان.


    سانـوڻ رت جون مست ڦهارون تنهنجي نانءُ.

    سانـوڻ رت جون مست ڦهارون تنهنجي نانءُ.
    هـن جيون جون سڀ بهارون تنهنجي نانءُ.

    چنـگ به سارا تنهنجي نانوَ تي وڄندا هن،
    تنـبورن جـون وڄنـدڙ تـارون تنهنجي نانءُ.

    درد تـه ٿيندو خـيـر، مگـر مان ارپيان ٿو،
    منهنجـي دل جون ڦارون ڦارون تنهنجي نانءُ.

    غيـر جـو نالو وٺندس ڪافر ٿي ويندس،
    سنگـت سان سڀ خبرون چارون تنهنجي نانءُ.

    جيت بـه تنهنجي نالي ملندي، وٺندس مان،
    تيسيتائـيـن ساريـون هـارون تنـهنـجـي نانءُ.

    ٻئي ڪنهن ۾ ڪو ڪم به منهنجو شال نه پئي،
    ڍوليا! منهنجون سڀ ميارون تنهنجي نانءُ.

    عـشـقَ مـجـازيءَ ايـئـن نـچـايـو آ شـاعـر،
    سڀ “مقصود” ڪيون ونهنوارون تنهنجي نانءُ.


    انڌيرن جي اڳيان اجالو ڏبو

    انڌيرن جي اڳيان اجالو ڏبو
    جسم جان کي ڪجھه ڪشالو ڏبو

    ڪبي سـوچ ســان لوچ بيدار ۽؛
    خيالن کي جذبو جوالو ڏبو

    اٿوَ ھن وطن جا به ويري گھڻا
    طريـقـي سان واتن کي تالو ڏبـو

    گھري ٿو جي عظمت جو اھڃاڻ ڪو
    موھن جي دڙي جو حوالو ڏبو

    متو مول سنڌوءَ جو ڪوئي پڇي
    ڀٽائيءَ جو ھٿ ۾ رسالو ڏبو

    مٺا ٻول ميٺاج وارا کپن
    ھـمـرچــو، گھڙولي، جمالو ڏبو

    وطــن کي کپي ٿي رڳو ايڪتا
    تـفـرقـي کي ھڪدم اڇالو ڏبو


    اھــو سر سـنـڌوءَ جي امانت اَٿَوَ
    ضـــرورت پــــوي لامــحـالـو ڏبو

    نه گــيدي ٿبو ۽ نه ڀــاڙيـو ٿـبو،
    دلــيــرن ۾ “مـقـصـود” نـالـو ڏبـــو.


    حـسـن جـي هـر ڪـا ادا وه وا وا!

    حـسـن جـي هـر ڪـا ادا وه وا وا!
    نينـهـن جا چڙهيا نشا وه وا وا!

    پـيـار جـو پـيـچ اڻـانـگـو نـاهـي،
    طـوق، زنـجـيـر، ســڳـا، وه وا وا!

    محب سڀ منفرد مگر منهنجو؛
    يار هر ڪنهن کان جدا، وه وا وا!

    روپُ، اطوارَ ڪـٿـان ڪو آڻي؟
    ڇا نه خـلـقـيـو آ خدا، وه وا وا!

    ٻي ڀلا ڳالهه بيان ڪهڙي ڪجي،
    دوست جي هر ڪا خطا، وه وا وا!

    هن جو ديدار بڻيو آ مون لئه،
    درد ِ الـفـت جـي دوا، وه وا وا!

    شال “مـقـصود” سدا ساڻ هجن،
    دل گهريا دوست ڪـَٺا، وه وا وا!


    زندگيءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    زندگيءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.
    روشنيءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    سونهن ڳوري جيئن ڪاري ۾ به ڏس،
    دلڪشيءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    فڪر سان ٿو فڪر جو ڏيئو جلي،
    شاعريءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    نيڪيون ساريون عبادت ۾ شمار،
    بندگيءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    پنهنجـي سنگت ۾ سڄي انسانيت،
    دوستيءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    ڪنهن کي تون تهذيب کان خالي نه چئه،
    برتريءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    جنهن گهٽيءَ ۾ سک جو ديـرو هـجي،
    ان ڳليءَ جون سرحدون ماپي نه ڇڏ.

    ڪو ڀلي “مقصود” ڪيڏو ئي چوي،
    ڀائپيءَ جـون سرحدون ماپي نه ڇڏ.


    ڌرتي به ٽڪر ٿيندي، آڪاس هليو ويندو.

    ڌرتي به ٽڪر ٿيندي، آڪاس هليو ويندو.
    قصا به ختم ٿيـنـدا، اتـهـاس هليو ويندو.


    هر روپ ۾ ٿيندي آ، ماڻهوءَ جي طلب مايا،
    پاڇن جي پٺيان ڊڪندي، وشواس هليو ويندو.


    ايڏو به گلابن جي ويجهو نه وڃڻ گهرجي،
    جو نيٺ حواسن مان، بوءِ واس هليو ويندو.


    مون تنهنجي وڇوڙي مان ڪي سبق پرايا هِـن،
    سامهون نه وري اچجان، اڀياس هليو ويندو.


    ايڏي به پرين ڪانهي، هن نينهن جي ڪمزوري،
    جو ڏور رهـي تنهنجو احساس هليو ويندو.


    اي رنگ ِ جهانداري، ڪجهه جوڳ پچائڻ ڏي(1)،
    جي تنهنجي قريب آيس، سنياس هليو ويندو.


    هڪ عمر ڊنا آهيون، همٿ جي ضـرورت آ،
    هي درد ته ڪجهه ناهي، راڪاس هليو ويندو.


    قدرت جو قسم آهي، روحن کي فنا ناهي،
    توسان ئي اچي ملبو، جي ساس هليو ويندو.




    (1)زير اضافت، “ء” اضافت ۽ “و” عطفي فارسي ترڪيبون آهن. ڪي ماڻهو جديد شاعريءَ ۾ انهن جي استعمال کي بلڪل متروڪ سمجهن ٿا. جڏهن ته “ڀونئر ڀري آڪاش” جي مهاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته “مان وائي، نظم، آزاد نظم، قطعي ۽ غزل ۾ زير اضافت، همزه اضافت، واو عطفي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن جو محدود استعمال اعتراض جوڳو نه ٿو سمجهان، ڇو ته گذريل ٻن سو سالن ۾ فارسي ۽ اردو زبان ۽ شعر جو سنڌي زبان ۽ شعر تي ڪافي اثر پيو آهي ۽ ان کان منحرف ٿيڻ اسان جي ٻوليءَ ۽ شعر لاءِ مضر ثابت ٿيندو”. (ڀونئر ڀري آڪاس، شيخ اياز، صفحو 3، نيوفيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1995ع).
    نوٽ: 16 فيبروري 2015ع تي عبرت اخبار ۾ حبيب لغاري جي لکيل آرٽيڪل ۾ منهنجي هن غزل جا پهريان ٻه بند قاضي مقصود گل رتيديري واري جي نالي سان منسوب ڪيا ويا آهن.


    سر سان سر کي ملائي سگهين ٿي ته اچ.

    سر سان سر کي ملائي سگهين ٿي ته اچ.
    ساز دل جو وڄائي سگهين ٿي ته اچ.

    قرب جو ڪارونهنوار ڪيئن ٿو هلي؟
    ان جون رمزون ٻڌائي سگهين ٿي ته اچ.

    وقـت ويـڇـا وڌا پــاڻ ۾ ڪـيـتـرا،
    فاصـلـن کـي مـٽائي سگهيـن ٿي ته اچ.

    منهنجي شيشي جي دل مان ڪٿي سانڍيان؟
    پٿرن کان بچـائـي سگهـيـن ٿي ته اچ.

    هاڻ ڪنڊن تي هـلندي ٿڪو آهيان،
    نيڻ پنهنجا وڇائي سگهين ٿي ته اچ.

    تـون زمـانـي ۾ منهنجي طرفــدار ٿـي،
    لوڪ سان جي ڦٽائي سگهين ٿـي ته اچ.

    هاءِ واريءَ جيان منهنجي ويندڙ عمر!
    مُـٺ ّ ۾ جي ڀِــچـائي سگـهيـن ٿـي ته اچ.

    منهنجي سنگت منجهان توکي سرندو به ڇا؟
    درد جيڪر پرائي سگهين ٿي ته اچ.

    اڄ به “مـقصود” دل ۾ ٿو سارون رکي،
    نينهن مون سان نڀائي سگهين ٿي ته اچ.


    اتهاس جا هڪ هڪ ڪري سڀ ورق ورڻ ڏي.

    اتهاس جا هڪ هڪ ڪري سڀ ورق ورڻ ڏي.
    قصا ڪي نئين دور جا مون کي به لکـڻ ڏي.

    ڇـا تـو کـي نه آ يـاد پنهنجـو انـگ ازل جـو،
    مٽيءَ جا جسم! مون سان پنهنجـو روح مـلـڻ ڏي.

    ورهين جو پياسو تنهنجي ڪپرن تي پـڳـو آ،
    سنڌوءَ جا ڪنارا، مون کي هڪ سرڪ ڀرڻ ڏي.

    ڇو آڳ کي اندر ۾ ڀـلا سانـڍي رکـيـو ٿئي!؟
    دونهين ته دکيل آهي، ڪو ڀنڀٽ به مچڻ ڏي.

    اي سنگ! ڪڏهن سنگ تراشن کان نه ڀڄجي.
    تون خام آهين، مون کي پنهنجو روپ گهڙڻ ڏي.

    قربت جي ترازيءَ جـا هــجــن مــاڻ بـرابـر،
    يا مون کي مٿي کڻ يا مون کي پاڻ ڇڪڻ ڏي.

    ڇا تـوکي مـتـو مـنهـنجو اصولي نه لڳي ٿو!؟
    جو تون به ڀلي جيءُ ۽ مـون کي به جيڻ ڏي.

    “مـقصود” کـي هـيءَ ڀـونءِ بـه جـنـت ئـي لڳي جي؛
    اي حور! ڪٿـي پنهنجـي رڳـو ڀـر ۾ رهـڻ ڏي.


    ساجهر جو، سويـري ۾، پڻ رقـص ضـروري آ.

    ساجهر جو، سويـري ۾، پڻ رقـص ضـروري آ.
    اونده ۾، اويــري ۾، پڻ رقـص ضـروري آ.

    خوشين ۾؛ مهـل سارو، نـچندا ٿـا رهـن ماڻـهـو،
    پر درد جـي گهيري ۾، پڻ رقـص ضروري آ.

    ها پاڻ ڪُڏيا آهيون، انگـور جـي محفل ۾،
    پر هوش جي ديري ۾، پڻ رقـص ضـروري آ.

    روميءَ چيو ”مي رقصم“ مان ڪيئن نه مڃان ان کي،
    صوفين جي وتيري ۾، پڻ رقص ضروري آ.

    تـلـوار کـڻـي پـڙهـڻو آ شاهه جو ڪيڏارو،
    ظلمت ۽ انڌيـري ۾، پڻ رقص ضروري آ.

    جي جسم نه ٿا ٿڙڪن، دلين کي ئي جهومايـو،
    شعرن جي وکيري ۾، پڻ رقص ضروري آ.

    محڪوم سماجن جي قدرن جا ڪٺـل آهيون،
    حالات جي ڦيري ۾، پڻ رقص ضروري آ.

    “مـقصود” اگر تو کي، سچ سمجهه ۾ آيو آ،
    اظهار جي ڀيري ۾، پڻ رقص ضروري آ.


    اکيون سدائين رهنـديـون تـو لـئـه وِڇاڻ بــڻــجــي.

    اکيون سدائين رهنـديـون تـو لـئـه وِڇاڻ بــڻــجــي.
    دلبر ڪڏهن نه اچـجـان، دل جي وِساڻ بـڻـجـي.

    ڄـڻ سـمـنـڊ ٿــي ولــوڙيـو، او اپـسرا اُروشي(1)!
    سـوچـن ڪڍيو آ توکي، مون مان منڌاڻ بڻجي.

    ڏاڍو ڊڄـان ٿـو تـو کـان، او شـينـهن جـي شڪارڻ،
    تنهنجي گهٽي وئي آ، مون لـئــه مـچـاڻ بــڻــجـي.

    اڏرن ٿـا لـفـظ اهــڙا، جــذبـات جــي پرن ســان،
    خوشبوءِ تنهنجي سونـگهي، منهنجي پـراڻ بـڻـجي.

    سنگت به مون کي منهنجي نالي نه ٿـي سـڃـاڻـي،
    سالن کان تون رهـي آن، منهنجي سـڃاڻ بـڻـجي.

    هـوڪـا اڃا به منهنجا هن شهر ۾ ٿـا گونـجن،
    شايد وَرِي اچين ڪـا، سـَڏَ جي وراڻ بـڻـجـي.

    اي واءَ وڃ وٺي اچ، هـن پـار جـي خـبـر ڪـا،
    موٽي وري به اچجـان، هـن جي پُــڇـاڻ بڻجي.

    “مـقـصود” هي شعر هِـن، تنهنجــون ئـي يادگارون،
    منهنجا ڪتاب رهندا، تنهنجـا وٿاڻ بـڻـجي.


    (1) هندو ديومالائي قصي جو هڪ ڪردار


    ڪنهن تان واري جيءُ چوان ٿو.

    ڪنهن تان واري جيءُ چوان ٿو.
    مـن کـي ماري جيءُ، چوان ٿو.

    اونـداهـيءَ ۾ لاٽ جـيـان ٿــي،
    پاڻ کـي ٻـاري جـيءُ، چوان ٿو.

    ويـڳـاڻـپ ۾ يـاس ئـي سـرندئي،
    سنگت سـاري جـيءُ، چـوان ٿو.

    طـوفـانـن کـان مـور نه ڊڄـجـي،
    ٻـيـڙيـون تـاري جـيءُ، چـوان ٿو.

    سر تي جيڪا مشڪل ڪڙڪي،
    تنهن کي ٽاري جيءُ، چـوان ٿـو.

    مولا! پَـٽ َّ سـنوان تـه نـه جـوڙيـا،
    ڏونـگـر ڏاري جــيءُ، چـوان ٿـو.

    پنهنـجـي حـق ۾ سـارا سـاجــن،
    ڍارا ڍاري جــيءُ، چــوان ٿـــو.

    جيڪي ڪنهن سان قول ڪيا ٿئي،
    وعـدا پـاري جـيءُ چـوان ٿــو.

    نوڙت نـيـاز جـي پنـهنـجـي اندر،
    عــادت ڌاري جـيءُ، چــوان ٿــو.

    ڪڏهن ڪڏهن مالڪ جي در،
    هــنـجـون هاري جـيءُ، چوان ٿو.

    ٻــڌ “مـقـصـود” الــسـتـي وايـون،
    نــعـرا مـاري جـيءُ چـوان ٿـو.


    ڪرڻ رشتن جي ناقدري ڪڄا لئه؟

    ڪرڻ رشتن جي ناقدري ڪڄا لئه؟
    پرين ايڏي به بي دردي ڪڄـا لئه؟

    گرم جذبن اڳيان اهڙيءَ طرح چپ!
    نوازش سردمـهريءَ جي ڪـڄـا لئه؟

    عـمر جي تجربي کان رهـبـري وٺ،
    جوانيءَ جي اڃا مستي ڪـڄا لئه؟

    حسن دولت اٿئي ۽ ان جي هوندي،
    فقيرن وانگي تنگدستـي ڪـڄـا لئـه؟

    سـدائين قربتن جو قرض رهـنـدئـي،
    منهنجي اڳيان هي بل بستي ڪڄـا لئـه؟

    اها “مقصود” کي رهنـدي شـڪـايت،
    ته مَـٽُ هوندي وئينءَ مـٽجي ڪڄا لئـه؟(1)





    (1) هن مصرع ۾ صنعت شبه اشتقاق جو استعمال ٿيل آهي.


    قـرب جي ابـتـدا جـــي آڌر ڪـر.

    قـرب جي ابـتـدا جـــي آڌر ڪـر.
    عـشـق جي انـتـهـا جي آڌر ڪر.

    ڀاڳ سان پنهنجـي اڱـڻ تي آيل،
    چـيـن ڏينـدڙ هـوا جـي آڌر ڪر.

    تنهنجي سر تي ڪڪر جيان رهندس،
    ڇانوري لـئـه گهـٽـا جـي آڌر ڪـر.

    داءَ تـي سـر لـڳــائـي ڇــڏيــو ٿــم،
    غـلـط آ پــر جُــوا جـي آڌر ڪـر.

    تنهنجي آڏو جهڪي وئي آهي،
    دوست منهنجي انـا جي آڌر ڪر.

    هاڻ جـيـاپـي جـو تـون مـدار آهـيـن،
    ڪنهن جِي اهڙيءَ فنا جي آڌر ڪر.

    پنهنجون خوشيـون ٿو ارپـيـان تـوکي،
    دل مان نڪتل دعا جي آڌر ڪر.

    پـاڻ ٻــاري ڏيــو جــلـيــو رکــيــم،
    منهنجـي دُکـنـدڙ چـتـا جي آڌر ڪر.

    شـام عمـريـن تـي ڄـڻ چــڙهـي آئـي،
    سونهن! سـرهي سنجهـا جي آڌر ڪر.

    تون منهنجي چاهتن جي لڄ رکنـدي،
    ڪنهن طرح سان وفا جي آڌر ڪر.

    اڄ به “مـقـصود” ٿــو پـڪاريـنـئـي،
    هاڻ ان جي صـدا جي آڌر ڪر.


    انيڪ روپ ۾ ظاهـر ٿـو روشـنـائـي ڪري.

    انيڪ روپ ۾ ظاهـر ٿـو روشـنـائـي ڪري.
    مجـاز، حق سان اسان جي ٿـو آشـنـائـي ڪري.

    جيئـڻ جـو ڍنـگ مـٽـائـڻ لـئـه موهه مايا جـي،
    حـسن کي سجدا ڪرايا مدح سـرائـي ڪري.

    پريـنءَ جا زلـف به هـڪ عشق جي اَٿـَوَ منزل؛
    نون رخـن ڏي اسان جي ٿي رهـنمـائـي ڪري.

    فـراق نـاهـي مـقـدر جـو کـيـل او جــانـان!
    ڪرم جي ڦـَلَّ اسان کي ڇڏيو توائي ڪري.

    نظر اڳيان ڪو اسان جي مثال پيش ته ڪر،
    اڏار پنهنجي طـلـب کـي مـٿـي هـوائـي ڪري.

    اصـل تـي سـود جي گهرجي، اهو ملي ويندئي،
    اوهـان کـي قـرب ورائـي ڏبـو سـوائـي ڪري.

    اچِي ڪــو منهنجي تڏي تي به پير ڀر سانئـڻ!
    اگـر چــڱــائي نـه پڄنئـي، ڀلا مدائي ڪري(1).

    هـتـي تـه درد گهـٽـائڻ جي هيءَ به پَـــرُ آهــي،
    نئين ڪا نينهن جي صورت ڇڏي ڀرائي ڪري.

    مــون کــي تــه سـاهه ڇڏڻ تائين آسرو رهندو،
    ڪـڏهن ٿـو يـار مـحـبت ۾ هم نوائي ڪري.

    سـمـوري حـال کي “مـقـصـود” تو اڳيان رکيم،
    مون پنهنجي شعر ۾ هر ڳالهه جي چٽائي ڪري.

    (1) هن مصرع ۾ صنعت تضاد ايجابي جو استعمال ٿيل آهي.


    عجب چهرا، ڀلا خاڪا، لڪـيـرن سان ٿين ظاهر.

    عجب چهرا، ڀلا خاڪا، لڪـيـرن سان ٿين ظاهر.
    مصور پاڻ هونـدو آ، ڪـڏهن سـمجهڻ کان ڪجهه قاصر.

    لـڪـيـرون گـهـنڊ بڻجن ٿيون، لڪيرون، مسڪرائن ٿيون،
    لـڪـيـرون روپ بــدلائـڻ ۾ ٿـيـنديون هـِن وڏيون ماهر.

    ٻڌو آهي، ڏٺـو آهـي، لـڪـيـرن کـي اسـان پِــٽـبـو (1)،
    لڪيرون ئـي وڃـي بـچـنـديـون اَٿــَوَ يادن جون بلآخر.

    لـڪـيـرون، سـرحـدون آهـن، وڃـن ٿـا پار ئي مٽجي،
    لڪيرون ڪنهن جو گس روڪڻ تي آهن هر طرح قادر.

    لـڪـيـرون، ڪـاغذن تي داستانن کي رقم ڪن ٿيون،
    لڪيرون ٿــي مــڌيــئـڙا ڏيــن ٿـيـون تـرديد جـو تاثر.

    لـڪـيـرون، آڱــريـون بـڻـجـي کـڄن ته به خير ئي چئبو،
    ڏکـيـون لـڳـنـديـون، جـڏهـن تيرن جيان دل کان ٿين ٻاهر.

    لڪيرون، وقـت جـون ڌارائون بـڻبيون مون ڏٺيون آهن،
    لڪيرون منهن تي ڇڪجن ٿيون، اسـان جـي عمر جي آهر.

    لڪيرون ئـي رهـيـون آهـن، پـنـهنجي قسمت جون ريکائون،
    لڪيرن کي ڏني آهي، اســان هـر ڪــار ۾ آڌر.

    لڪيرن جـو فـقـيـر(2) آهـي، اٿس ساڳيو اهو رينگهٽ،
    اوهان جي عشق ۾ سڏرائي ٿو ”مـقـصـودُ“، جـــو شـاعــر.
    (1) (2) هي ٻئي صنعت ضرب المثل جا مثال آهن.


    سـنـڌ سـڄـي گـهـيـريلَ، جاڳندين، ڇا ڪندين؟

    سـنـڌ سـڄـي گـهـيـريلَ، جاڳندين، ڇا ڪندين؟
    ڀــاءُ ســـان وَيــريــلَ! جــاڳـنـديـن، ڇـا ڪـندين؟

    تـون ڪـبـوتر آهـيـــن، هــن جـي هـٿ تي اٿئي،
    بـــاز پــڻ هَــيــرِيَــلَ، جــاڳـنـديـن، ڇـا ڪـندين؟

    اُڀﱡ ڪـــــرڻــو نــه آ، ڊڄ نه؛ ڌرتــيءَ کــي ڏس،
    جــا اٿـئـي ســَيـريـلَ، جـاڳـنـديـن، ڇــا ڪندين؟

    دوست چڙهنديءَ جا هن، اک ڇـنـڀ ۾ مـيان!
    ڪـنـڌَ ڏسـي ڦـيـريـلَ، جـاڳندين، ڇا ڪندين؟

    ڪنهن کي خرچي ملي، ڪنهن کي پرچي ملي،
    بُـــتَ سـڀـئـي ڍَيـرِيَــلَ، جـاڳنـدين، ڇا ڪندين؟

    تـون چـويـن ٿـو مـگـر؛ کـڻـنـدين هٿيار ڪيئن؟
    هــٿ اٿــئــي کــيــريـلَ، جاڳندين، ڇا ڪندين؟





    نوٽ: وَيريل معنيٰ وير وڌل ۽ کَـيريل معنيٰ کيرو ٿيل


    گـونـجـي گـونـجـي نـيـٺ فـضـا ۾ گم ٿيندو آواز.

    گـونـجـي گـونـجـي نـيـٺ فـضـا ۾ گم ٿيندو آواز.
    رکـڻـي آهـي رڙ جـي طـاقـت، سـاهـن سـان دمساز.

    هـڪـڙو يـار تـه نـاهـي مـنـهـنـجـي اندر جو ڀيچي،
    سـنــڌ بــه آهـي مـنهنجي من جو اهڙو ڳُوڙهو راز.

    پـيـار مـلـڻ جـو پـوءِ پـرو پـئـي، يـا نـه ملڻ جو ڀي؛
    او ان جي انجام کان ڊڄندڙ! ڪيئن ڪندين آغاز؟

    هـڪّّّ ڀـٽـائي، هـڪّ سـچـل ۽ هـڪـڙو آ استاد،
    سـچّ تـه سـاڳـيــو، ســچّ چــوڻ جو پنهنجو آ انــداز.

    پـنــڇــي اڏرڻ، مـاهـي تـرڻ ۾، حـيـرت آ ڇـا جي؟
    مـاڻـهـو گـهـرجي وهيل مقابل، ماڻهو ٿئي شهباز.

    سـنڌ انهن جي آهي ۽ رهندي، جيڪي جاڳن پيا،
    جـوت جـلائـن، فيض ورهائن، سنڌ کي تن تي ناز.


    شرارت سـان ڀـريـل دلـيـلـن کـي رد ڪـر.

    شرارت سـان ڀـريـل دلـيـلـن کـي رد ڪـر.
    سـڀـن سـامـراجـي سـفـيـرن کـي رد ڪر.

    جُـڙن پـيـا نـوان روز ٽـڪـساٽ سنڌ لئه،
    سـمـورن پـاڃـاري طـريـقـن کـي رد ڪـر.

    امـن جـي عـلامـت ڀــلـي ڇـو تـه ڀـاســن،
    کنيل هٿ سڃاڻي، ڦَـَــريـرن کـي رد ڪـر.

    اهــي آجـپـي جـــا ڏيـــن ويـٺــا هــوڪـا،
    ڦـريــنــدڙ اسـانــجـن نـديـمن کي رد ڪر.

    جو ڌرتـيءَ لئـه وڙهندو، سو پڳدار پنهنجو،
    ڦِـريـل ڪـنـڌ وارن، پٺـيرن کي رد ڪر.

    جنين جـون اَڻـيـون آهـن زردار هٿ ۾،
    بـٺيءَ جي سمورن ئي تيرن کي رد ڪـر.

    جـي آزاد آهـيـون تـه غـربت بـه پـياري،
    غلاميءَ جي سـارن خزينن کـي رد ڪر.

    عمل آهي “مقـصود” ميدان جـو ڪـم،
    زمـانـي جي خلـوت نشينن کي رد ڪـر.


    هو هـليـو ويـو، پرئين پار کان ڪجهه نه گهر.

    هو هـليـو ويـو، پرئين پار کان ڪجهه نه گهر.
    هاڻ پنهنجي هنئين هار کان ڪجهه نه گهر.

    هــڪ انــا ٿــي چــوي، ٻــي وفــا ٿــي چــوي،
    ڌار تـوکـان ٿـيـل، يـار کان ڪجـهـه نـه گـهـر.

    دلــبــرن جــون وڏيـــون چــلولايـــون اٿــئــي،
    ڏاهــا ڏس ٿــا ڏيـن، ٻار کان ڪجهه نه گـهر.

    دل جِـي؛ جبلت کان پاسي تي ڪـر پـرورش،
    جنهن کي چاهين، انهيءَ نار کان ڪجهه نه گهر.

    تــوکــي مـسـتـي ٿـئـي، بـاهـه سـان کـيـڏجان،
    سردين جي ٿڌي ٺار کان ڪـجـهـه نـه گـهـر.

    هُــن اُلارِي اٿــئــي، تـون ٿـــو “بـچ بـچ” چئين!
    پـيـار اهــڙو اٿـئـي، وار کـان ڪجـهه نه گهر.

    منهنجي سهڻـي ٻـڏي، مــون گـهـڻـو دانهيو،
    ناهي پاڻيءَ شـرم، تـار کـان ڪـجـهه نه گهر.

    ۽ نه ڪو هن کي سسئـي هئي مـوٽـي ملي،
    ڪنهن قبر ٿي ويل ڏار کان ڪجهه نه گهر.

    هن کي “مقـصود” دل مان وڃڻ لئـه نه چئه،
    درد بڻجـي ويـل، سـار کـان ڪجـهـه نه گهر.


    جيون جي سچائي نه پڇ، ڪـﺆڙي ۽ ڪساري آ.

    جيون جي سچائي نه پڇ، ڪـﺆڙي ۽ ڪساري آ.
    ڊُگ ڊُگ تـي پـيــو نــچـجــي ۽ وقــت مــداري آ.

    سِـڪـي جـو ٻـيو رخ آ، هر ڪوڙ ڪٽڻ واري،
    مـنـطـق جـي سـهـاري تـي، آکــاڻــي بــيــهــاري آ.

    هي ڄـﺆر مهانڊا سڀ، گُهٽ گُهٽ ٿا پين رت کي،
    پـر پـو بـه نــڙي تِـــن جـي، ڪـيــڏي نه اُڃاري آ.

    ان اک کي هجي شابس، جيڪا نه ڇُـلي هوندي،
    حاڪــم ته شـهـر جـي هــر؛ دل درد سـان ڏاري آ.

    مـذهـب کـي مـفادن لـئه، هٿيار ڪندڙ مـاڻـهـو،
    هـــر ظــلـــم تــي تـنـهـنـجـي ٿـي، تـاويـل نـياري آ.

    حاذق ڪو نه ٿو ڏسجي، گهرجي ٿي مـسـيـحـائي!
    جنهن قوم جو هڪ هڪڙو، ڪوئو به پساري آ!

    صدين جـي تـسـلـسـل جي، هيراڪ نه ٿي آهي.
    انـڌيــر مــتــل ڌرتــــي، ڪــيــڏي نـه ڏکــــاري آ!

    هــيءَ قــوم جـيــارڻ لــئــه، احــسـاس اُڀـارن پـيـا،
    ڪمزور ڪُـلـهن ٽـيڪر، سيني تي بيـهـاري آ.

    جو ڏاڍ ڏمر ڏســجي، “مـقــصود” مـلامــت ڪـر،
    سـاڃـاه کــي هــــن ڀــيــري، ٿـيـڻــو نــه مـيــاري آ.


    نوٽ: 16 فيبروري 2015ع تي عبرت اخبار ۾ حبيب لغاري جي لکيل آرٽيڪل ۾ منهنجي هن غزل جو مطلع به قاضي مقصود گل رتيديري واري جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي.


    جيءُ جيالو تنهنجي حد تائين رهي.

    جيءُ جيالو تنهنجي حد تائين رهي.
    مَــنُ اُٻـالو تـنـهنجي حد تائين رهي.

    سـونـهــن ۽ ســرهــاڻ سان لاڳاپيل،
    هـر حـوالـو تـنهنجي حد تائين رهي.

    روشـنـي ڦـهـلـڻ کـپـي؛ پـر سِجّ جي،
    چنڊَ- هالو تنهنجي حد تائين رهي.

    ٻيا خوشيءَ جا گيت ڀل پيا ڳائجن،
    هو جمالو تنهـنـجي حد تائين رهي.

    شــعــر ٿـا لکـجن ته سوچن جو گذر،
    لا مــحـالـو تـنهنجـي حد تائين رهي.

    امـتـحانن مان اگـر لـنـگـهـڻـو پـوي،
    هر ڪشالو تنهنجي حد تائين رهي.

    منهنجي دنيا تون هجين، بس تون هجين،
    منهنجو نالو تنهنجي حد تائين رهي.


    درشــــن جــي آســري تـــي، در در رُلـــي رهـيـو هــان.

    درشــــن جــي آســري تـــي، در در رُلـــي رهـيـو هــان.
    تــــون شــهــر ۾ به نــاهـيـن، تنهنجو پڇي رهيو هان.

    مــايــوسـيـن کــان مـنـجـهـيل، مستن جيان ڦران ٿو،
    پيا شهر وارا ڪُـرڪـن، ڇا تي ڪڏي رهيو هان؟

    ڇرڪن جي ڀئه ڏني هئي، بي خوابين جي عادت،
    اي خواب! تنهنجي جوٽن تي اڄ سمهي رهيو هـان.

    هــر وار ٿِــــي ڊســـمـــبـــر هـــن ڏات کـــي اجــاري،
    هــــن وار ڀـــي صـحـيـفـو تـو لـئـه لـکـي رهـيـو هان.

    هــر عــشــق جــي جــلايل لئه شاعريءَ جي بارش،
    رڻ ۾ تــتــل پــيــاسـن جــي ســـَر وســي رهيو هان.

    پــر مــان پـنـهـنـجي انـدر ۾ کورو ڪوئي رکان ٿو،
    ڪنهن کي خبر نه آهي، ڪيئن مان دکي رهيو هان.

    “مـقــصـود” پـاڻ کـي تون ڪيڏو لڪائي رکندين،
    پـڪ ڄـاڻ تنهنجي اڳـيان تڪڙو پڄي رهيو هان.


    اڌورا لـفــظ شـعـرن جـا، مـڪـمـل تـرجـمـانـي ڪن.

    اڌورا لـفــظ شـعـرن جـا، مـڪـمـل تـرجـمـانـي ڪن.
    جي ڪنهن جيءَ دل ۾ رهيل آ، ختم سان بدگمانـي ڪن.

    رهياسين عمر ساري، ڄڻ اسان حسرت جي ڏاگهن تي،
    بـيـابـانـن کـي ڀـيـنـٽـيـنـدي، نـخـل ٿـا مـيـزبـاني ڪن.

    هميشه عشق طبـقـن کـان مـٿـاهـون ئـي رهـيـو آهـي،
    الائـي يـار ڇـا جـي لـئـه پـيـا گـوتـر گـمـانـي ڪـن.

    جـي مـنـهـنـجي ذات جي نهٺائي کان واقف رهيا آهن،
    کـڻـي آڱـر اهـي مـون ڏي، پـيـا گـوهـر فـشـاني ڪن!

    ملڻ جي آس ڪافي آ، ملڻ پوءِ ٿئي نه ٿئـي ليڪن؛
    رڳو آٿت رهي دل کي، نئين ڪا خوش گمـانـي ڪن.

    پـريـنءَ جـي شهر وارؤ! هـا تـوهـان سـڀ مـعـتـبـر آهيو،
    خـدارا! يـار کـي چـئـبـو، مـنهنجي ڪا قدرداني ڪن.

    مـلـيـل انـسـان جـي دل کـي، تـقـدس جـو مقام آهي،
    متان هيءَ شيءِ سنڀالڻ ۾، ڪڏهن ڪا بيڌيانـي ڪن.

    ڪتابن وانگيان هن جي اڳيان بـلڪل کُـلي پـئـبو،
    پـڙهـن پـوريءَ طــرح ۽ پـــو اسـان جـي رازدانـي ڪـن.

    ڪڏهن “مقـصود” تي حيرت جو در هن طرح پٽجي پئي،
    صدين کان پوءِ هو سامهون اچڻ جي مهربـانـي ڪن.


    اٽڪيـو ته روح چـئـبـو، نـڪـتـي ته جان چئبي،

    اٽڪيـو ته روح چـئـبـو، نـڪـتـي ته جان چئبي،
    جيـاپـي جـي هر ڪا صورت، ڪنهن جو نشان چئبي.

    جـا دل مـحـبـتـن کـان وانـجـهـيـل نـظـر اچـي ٿـي،
    سـا دل جـنـن جـو ديـرو، خـالي مـڪـان چـئـبـي.

    آهـي ته يــار آهـي، نـاهـي تـه ڪـيـر ڪـونـهـي،
    هـر سـوچ دلـبـرن سان؛ پـنـهـنـجـو جـهـان چئبي.

    ڪنهن سان وصـال کان پوءِ وڇڙي وڃڻ جي ڌڙڪي،
    ماڻهوءَ جي من ۾ اٿـيـل ڊپ جـو گـمـان چـئـبـي.

    هـر فڪـر کـان ٿـي عـاري، ڪو مـحـوِ يـار آهـي،
    هيءَ سـار ڪنـهـن غـنـيمـت جهـڙو ڌيان چئبي.

    يا عمـر(1) دل رهـي آ، پنهنجي پريـنءَ کي پـرتـل،
    تنهنجي سڄي ڪهاڻي، هـڪ داسـتـان چـئـبـي.

    صحرا نشين جي لئه هڪ پرخلوص ڪوشش،
    سنـهـي گـنـدي جـي تـاڻـيـن، ته به سائبان چئبي.

    “مقـصود” هڪ نظر ۽ چـپـڙن تـي مسڪـراهـٽ،
    بــاقــي عـمـر جـي دردن کـان ڄـڻ امـان چـئـبـي.

    (1) يا عمر= سڄي عمر


    ڏٺم ڪو چهرو چمڪندڙ، نماءَ اڳڀرو ڪيو.

    ڏٺم ڪو چهرو چمڪندڙ، نماءَ اڳڀرو ڪيو.
    اکين سان روح کي ڇڪي، ڇهاءَ اڳڀرو ڪيـو.

    ڪو روپ لازوال هو، ڪمال هو، ڪمال هو!
    سـراب هــو يــا ڇــا به هـو، لـقـاءَ اڳـڀـرو ڪيـو.

    مون هٿ اڳيان ڪيو جڏهن، نظر فريب ويو هٽي،
    فـراق ڏئـي ويـو تــڙپ، اُلاءَ اڳـڀــرو ڪـيــو.

    فـضـا هـراسـجـي وئـي، غزال هـئـي ٽـهـي ڀــڳــي،
    پشو پکين کي ڄڻ ته ڪنهن ٺڪاءَ اڳڀرو ڪيو.

    لڪائي پنهنجي روشني، ڪئي آ سـج رهـزنـي،
    وري به رات چـنـڊ جـي سهـاءَ اڳـڀـرو ڪـيـو.

    جڏهن به تنهنجي پنڌ ۾، مون پاڻ کـي ٿڪل ڏٺو،
    ته حوصلي کنيون اکيون، چتاءَ اڳـڀـرو ڪـيـو.

    ڄمار پـئي وڃـي تـکـي، مگـر وصـل جـو آسـرو،
    هـتـي نـه جـي؛ هـتـي سهـي، نيـاءَ اڳـڀـرو ڪيـو.


    چـار اکيون ڪري وار ڪاري ڪجان.

    چـار اکيون ڪري وار ڪاري ڪجان.
    قـرب پـيـڙهـي ڇـڏي، بار ڀاري ڪـجـان.

    وَٽّ جيڪـا بـه ڏيـن، سـا جـلالـي هـجـي،
    هوش ۽ عقل کان مونکي عاري ڪجان.

    سـر تـريءَ تـي رکـيـم، ڏس نـه بــازيـگـري،
    تـون به تـاڙي هـڻـي، پــرسـتـاري ڪـجـان.

    لوهه آهيان ته ڇـا، تـو کـان ويندس مُڙي،
    ٻانهن پنهنجيءَ کي مون لاءِ ٻاري(1) ڪجان.

    هيءَ دٻڻ وقت جي مون کي ويندي ڳهي،
    تـون ڪنارو جهلي، ويجهي ٽاري ڪجان.

    ڪنهن سڳنڌ جي ضرورت اٿم سُرهـيـا،
    هن شهر ۾ اچي ڪـا عـطـاري ڪجـان.

    منهنجي محبوب کي مـنـفـرد ٿـو گـهـران،
    ڳالهه جيڪا ڪرين، سا نياري ڪجان.

    ويٺو “مقـصود” آهـيـان ڏسـائـون جهـلـي،
    قــول مـوٽــڻ جـو هـو، آبيـاري ڪـجــان.

    (1) ٻاري، جنهن سان لوههُ (سريو) موڙيو ويندو آهي.


    ڪنهن جـي جـذبن کي لتاڙڻ جو گنهگار ٿجي.

    ڪنهن جـي جـذبن کي لتاڙڻ جو گنهگار ٿجي.
    ان کان بهـتـر آ تـه پـٿـر سـهـي سـنـگـسـار ٿـجـي.

    گل جـي آهـيـن تـه وڃـي نـيـٺ قـبر تي پوندين،
    وقت سر ڪنهن جي ڳچيءَ منجهه کڻي هار ٿجي.

    نـنـڊ رهـزن آ، وئـي عــمــر ڦــري، خــواب ڏئــي،
    چهنـڊڙي هـٿ تـي هـڻـي، هـاڻ تـه بـيـدار ٿـجـي.

    اڄ غـنـيـمن جي سواريءَ جون ٻڌون پيا ٽاپون،
    دل چـوي ٿـي تـه لـتـڙجـڻ جـي لـئـه تـيـار ٿـجـي.

    عشق ٻوڙيو ته خيال آيو مـون کي ڪُن ۾ گهڙي،
    سوچ توکـي ٿِــي ڦـري، پاڻ نـه مـنـجـهـدار ٿـجـي!


    چنڊ جي ساک ڏئي پيار جو اظهـار ڪنـدس.

    چنڊ جي ساک ڏئي پيار جو اظهـار ڪنـدس.
    سعد موقعو آ، اماوس ۾ نه هي ڪار ڪندس.

    تو ڪئي آهي جڏهن آڇ مون کي پرچڻ جي،
    هر شڪايت کي ڇڏي، ماٺ ۾ ديدار ڪندس.

    مان سخنور ته آهيان، منهنجي سخـن جـا جـوهر!
    ڪيئن تو بن منهنجي شعرن کي مان شهڪار ڪندس.

    خال، خط، ابرو ۽ رخسار جي سـرخـيءَ جـو سُـنـهـن
    پيو سڄي عمر تنهنجي سونهـن جـي پـرچـار ڪندس.

    تنهنجي فطرت جي تـقـاضـا تـي هـلڻ منهنجو ڪم،
    پيار آهي ته تنهنجا رنگ به اختيـار ڪندس.


    ڪـر پـيـار جــو اظـهــار تـه مان تو ڏي اچان.

    ڪـر پـيـار جــو اظـهــار تـه مان تو ڏي اچان.
    من ۾ ڪو مونکي سـار ته مان تو ڏي اچان.

    دل آئـي تـه بـــس پــوءِ انـــائـون ڇـــا جــــون،
    جـي تـوکــي هـجــي آر تـه مـان تـو ڏي اچـان.

    ڪر بند اکيون، جـي تــون ڏسڻ چاهين ٿي،
    ٻـيـو گـم ٿـئـي سـنـسار ته مـان تو ڏي اچان.

    منطق سان ڪڏهن پرک نه تون چاهت کي،
    ڪر عقل کان انڪار تـه مـان تو ڏي اچان.

    “مـقـصـود”رڳو مَنﱠ تون سامهـون مـنـهـنـجـي،
    چئه ”آءُ تون هڪ وار“، ته مــان تو ڏي اچان.


    خــوابُ، بيـدار اکـين سان ڏسجي.

    خــوابُ، بيـدار اکـين سان ڏسجي.
    ڪوئي آثــار اکـين سان ڏسجي.

    دل چوي ٿــي تـه وقت ٿيو آهي،
    هــاڻـي دلــدار اکـين سان ڏسجي.

    دوست سامهـون اچـي ملڻ جي ڪر،
    تنهنجو انڪـار اکين سان ڏسجي.

    سونهن چهري مٿان ڪُـروڌ جو رنگ،
    نـور ۽ نـار اکـيـن سـان ڏســجــي.

    منهنجي مُٺ جا ڀلي ڪرن گدرا،
    اهڙي ڪا ڪار اکين سان ڏسجي.

    مُـنـڌَ! دل جـي نـهـائـيـن مان ٿي،
    هـاڻــي نــروار اکـين سان ڏسجي.


    پهرئين ڪنهن اٽڪاءَ جي نانءُ.

    پهرئين ڪنهن اٽڪاءَ جي نانءُ.
    جـيـون جـي سـوداءَ جــي نانءُ.

    جـيـڪـو ٻــيــهـر اٿـلــي پـئـي ٿـو،
    ڀـرجــي ويـنـدڙ گـهــاءَ جـي نــانءُ.

    مـنـهـنـجـي سـر تـي کيڏئي ويندڙ،
    هڪڙي هڪڙي داءَ جــي نانءُ.

    اقـــــرارن، انــڪـــــارن جي وچ،
    ڇــڏيــل هــر ورتــاءَ جــي نانءُ.


    اڄّّ به مـنـهـنـجي روح کي رسندڙ،
    دردن جــــي ورجــــاءَ جـــي نــانءُ.

    وڇــڙي ويـنــدڙ يــار جــون يادون،
    کنوڻن جي ڪڙڪاءَ جــي نانءُ.


    يــار جـا زلــف هــجــن زنـده بـاد.

    يــار جـا زلــف هــجــن زنـده بـاد.
    پـيـار جــا پــيـچ رهـن زنــده باد.

    ڪــيــر ڪاري نه ٿئي ڌرتيءَ تي،
    مــحــب مــرڪـن ۽ ملن زنده باد.


    اکّ کــڻــجــي تــه نـظـارا ڏسـجـن،
    سـنــڌ ۾ ســک اچــن زنـده بــاد.

    نانگ جيڪي به هجن ماري ڇڏ،
    بـاقــي پــوپـٽ ئــي بــچـن زنده باد.

    سنڌ، سنڌوءَ کان سواءِ ڪجهه ناهي،
    جيڪي پاڻيءَ لئه وڙهن، زنده باد.

    آزمــائــش جـو ڪـڙو وقت اچي،
    ســڀ جــوڌا ٿـي پــون زنــده بـــاد.

    جيڪي “مقـصود” محبت بـدران،
    بــس مــحــبـت ئـي ڏيـن، زنده باد.


    دل جي تسڪين جي لـئه ميسـر ٿيـون حالـتــون واه جـون.

    دل جي تسڪين جي لـئه ميسـر ٿيـون حالـتــون واه جـون.
    تنهنجي سامهون هجڻ جـون غنيمـت مڃيم ساعتـون واه جـون.

    تنهنجا موتيءَ جان ڏنـد، لال رخسار ۽ ڳل مـٿان کٻ ٺـهـڻ،
    هاءِ ابرو ۽ تر چپ جو، نڪ نقشي جون ساختون واه جـون.

    مسڪرائي ڏسڻ ۽ اکيون شيڪجڻ، منهن کي موڙو ڏيـڻ،
    حسن سان گڏ ادائن جون سنگت ڪيل عادتون واه جون.

    پدمڻي! تنهنجي پيرن جي ننهن کان وٺي چوٽين تائين جي،
    مـنـظـرن ٿـي ڪـيـا شـهـر ۾ قـتــل ۽ غــارتــون واه جـون.

    هـوش پـنهـنجا ڇڏڻ ۽ هٿن مـان وڃـڻ لازمـي ٿـي پيو (1)،
    سونهن آنديون وڏيون منهنجي سر جي مٿان شامتون واه جون.

    بي خـطـا کـي تـنـهـنـجـا بي خـطـا تـيـر ڏاڍا لـڳا ها پرين!(2)
    منصفيءَ جي مهل تو قبوليون منهنجون پارتون واه جون!

    وقت ساريون مٽائي ڇڏيون پنهنجي ميلاپ جـون سرحدون،
    پو به تو لئه رهيون منهنجي دل جي اندر چاهـتون واه جون.

    منهنجي غزلن ۾ دردن جي آهي شڪايت، روايت جيـان،
    درحقيقت مون دردن منجهـان ورتيـون راحـتـون واه جـون.

    چـنـڊ تــارا رهـيـا جـاڳ جـي ساٿـيـن ۾ سـدائـيـن مـٺـي!
    اڄ به ”مقـصود“ ڏيـنـدا رهـن ٿـا مون کـي آٿتــون واه جـون.

    (1) هن مصرع ۾ ڏنل ٻه محاورا صنعت ضرب المثل جو مثال آهن. (2) هن مصرع ۾ پهرئين لفظ “بي خطا” جي معنيٰ بيڏوهي آهي ۽ ٻئي لفظ “بي خطا” جي معنيٰ “نه گسڻ وارو” آهي. هيءُ تجنيس تام جو مثال آهي.


    مان پنهنجي اک جي نميءَ کي اگهي پيو ڳوليان.

    مان پنهنجي اک جي نميءَ کي اگهي پيو ڳوليان.
    اداسين جي شهر ۾ خوشي پيو ڳولــيـان.

    اچن ٿا ياد مون کي وهه جيان ڪڙا لمحا،
    ۽ تنهنجي سار کي ڀاڪر وجهي پيو ڳـولـيان.

    مـون اضـطراب کي عادت بنائي ڇڏيـو آ،
    هوا جي سـڏ تــي توکي لڇي پيو ڳـوليـان.

    مـٿــي نـهـار ذرا بادلـــن ڏي اک کــڻــي،
    انهن سان جوڙ ٿي جاني گهمي پيو ڳولـيـان.

    فقير بڻجي لتاڙيون اٿم سڀئـي گـهـٽـيـون،
    رلي ۽ لوڙهه ڪلهي تي، رُلي پيو ڳوليان.

    او سرس سونهن! سوايو قدر ڪرڻ جي لـئه،
    پريم جو مان ترازو کـڻي پـيـو ڳوليان.

    تو ساري شهر کي مقتل بنائي ڇـڏيـو آ،
    مان سر ڪپائي اڏيءَ تـي ڪڏي پيو ڳوليان.

    صنم، خدا کان گهرڻ تي مون کي شرم آيـو،
    مجاز، شرڪ نه ٿي پئي، ڊڄي پيـو ڳوليان.

    مونکي جواب کپي، پر مونکي جواب نه ڏي(1)،
    ملڻ جي آس رکي، زندگي پيـو ڳولـيـان.

    ٿيڻ ڏي تون بــه ته ”مقـصود“ هاڻ ڪـو ميلو،
    مان تولئه ٻانهن جون پينگهون ٻڌي پيوڳوليان.
    (1) هن مصرع ۾ پهرئين “جواب” جي معنيٰ ورندي آهي ۽ ٻئي “جواب” جي معنيٰ “انڪار” آهي. هيءُ تجنيس تام جو مثال آهي.


    هـيءُ عـشـق ازل کـان ويـري آ، ٿـو جـيءُ جـلـي آزارن کان.

    هـيءُ عـشـق ازل کـان ويـري آ، ٿـو جـيءُ جـلـي آزارن کان.
    ڪو ذهن اندر سوداءُ رهيو، پـيو هـانءُ ڳـري ويـچـارن کـان.

    اي سونهن! سهائـو تـيـز اٿـئـي، هـن اجـري اجـري چهري جو،
    ڏس ڪيئن ٿـو تـوکي داد ملي، اڄ دادوندن دل وارن کان.

    هي ڇا ته هلون ٿا سـاڻ مـگر، درياه – ڪـپـن جـان ويڳاڻا،
    اچ پـاڻ ٻـڌايـون ٻـانـهـن ۾، سـنـگـت جـا سـڳـا ٻانڌارن کان.

    هن ديس جي ريت انوکي آ، ڳوريون به مرن ٿيون ڪاريون ٿي.
    ڪنهن پريم نگر جي راه پڇون، هليا ته هلي وڻـجـارن کان.

    او جيت! اچي ٿي منهنجي بلي، ڪا نَـٿّ نڪيليءَ جيئن پائين،
    مـون آس رکـي اگـهـه پـار پـڇـيو اڄ آهي وڃي سونارن کان.

    هيءَ عمر سڄي تنهنجو آهيان، پر عمر جي هڪ سيما آهي.
    چاهين جي اچڻ، پوءِ آءُ کڻي، اڳ جيءَ تي موت جي مارن کان.


    مون جو گلاب ارپيا.

    مون جو گلاب ارپيا.
    وينگس حجاب ارپيا.

    جذبن وتي آ صورت،
    قربـت جا باب ارپـيـا.

    لـفـظـن خـيال جوڙيا،
    شعرن ڪتاب ارپـيا.

    منهنجون وڏيون اڏامون،
    پـــرڙا عــقــاب ارپـيــا.

    اکـيـن ٿــي بـي مهارو،
    آخـر جـــواب ارپــيـــا.

    قدرت منهنجي صبر جا،
    مـون کـي ثـواب ارپيا.

    “مقـصود” مون وفا جي،
    وعـدن جـا آب ارپـيـا.


    خـواب هـن کـي ڊيـڄـاريـو، نـيـٺ ڇرڪجي جاڳيو.

    خـواب هـن کـي ڊيـڄـاريـو، نـيـٺ ڇرڪجي جاڳيو.
    ڪــو انــڌيــر جــو قــيــدي، روشــنـي ڏسي جاڳيو.

    ڳالهه ڪا خوشيءَ جي هئي، مون به مسڪرايو هو،
    اوچــتـــو اچـي دل ۾، پــور ڪـــو وري جـاڳــيــو.

    دل نـقــار خـانـو هئي، چــﺆطرف ئي ڪوڪارون،
    سِــپَ جيان تڏهن اک ۾، لڙڪ ڪو اٿي جاڳيو.

    فـرضَ پـنـهـنـجـا وقـتــن تــي ٿــا ٿــيــڻ کـپـن پورا،
    روز جـيـئـن سـويــرو ئـي، اڄ بـه هـر پـکـي جـاڳـيو.

    هڪڙي وڻ جي ڇوڏي تي، هُـو ٿـڪي ستو آهي،
    کـڙکـٻـيـتـو سـونـهـون ٿـي، رات هـو سـڄي جاڳيو.

    خـونَ- رنـگ تـبـديـلـي، ٿـي سـمـاج کـي گهرجي،
    انـقـلاب ڳـائـيـنـدي، نـيـٺ ڪـو ڪوي جاڳيو.

    جـو مـٽـيءَ مـان ٺـهيـو آ، سـو مٽيءَ ۾ ئي ملندو،
    پـنـهـنـجـي ڀونءِ ماتر کي، وير ڪو چمي جاڳيو.

    مـحل ۾ سـتـل آهي، ڪالهه جيڪو رهزن هو،
    پـاڻ ۾ اگـر مـلـنــدا، ڄــاڻ هــو ڏڪـي جـاڳـيـو.


    ڪـو لـڙڪ لـڙي آيـل، اکـيـن مـان اگـهـڻ گـهـرجي.

    ڪـو لـڙڪ لـڙي آيـل، اکـيـن مـان اگـهـڻ گـهـرجي.
    ٿو نينهن ڪري گهايل، ڪجهه درد ونڊڻ گهرجي.

    هـي وقـت آ مــن مــوجـي، ڪـنـهـن لاءِ نـه بـيـٺـو آ،
    هـر ڳـالـهـه مـهـل سـارو، بـي خـوف چـــوڻ گـهـرجـي.

    بيـشـڪ مـان انـارن کــان، انــبــن کــي ڀـلـو ڀــايــان،
    قــربــت جــي مــٺــي ڦل جي، ڪا ڦار چکڻ گهرجي.

    مــاڻــهــو تـــه مــحــبــت ۾ ڦِـٽـنـدا ئـي رهــيــا آهــن،
    پــر پــاڻ پــڙهــيــل مــاڻــهــن کــي نيٺ ٺهڻ گهرجي.

    شاعر جي طبيعت جي، ڪجهه سمجهه نفاست کي،
    مــان ســونـهـن جــو شـيدائي، ماڻهو به مکڻ گهرجي.

    ڪـيـڏانـهـن هـلـيـو وئـيـن تو، او شخص وچولي جا،
    تـون هـاڻ کـپـيـن ٿــو هِتِ، اتــر نــه ڏکـــڻ گـهـرجـي.

    اشــعــار ٿــيــن وارد، “مـقــصـود” تــســلــســـل ســان،
    مـــان شـعـر لـکـان ويـٺـو، جـيـئـن هـجر کٽڻ گهرجي.


    پـريـم ڇـل آ ۽ ڇـل جـي ڪـايـا پــلــٽ ٿـئــي ٿـــي.

    پـريـم ڇـل آ ۽ ڇـل جـي ڪـايـا پــلــٽ ٿـئــي ٿـــي.
    جي هڪڙي صورت وڃـي ٿـي مٽجي ته ٻي لڳي ٿي.

    جــي بــاهــه سـاڙي تـه بـرف ڪـهـڙو انـدر ٿـي ٺاري!
    سِلُن تي هٿ کي رکي ويهي ڏس ته ڇا ڪري ٿي؟(1)

    سَگهيون چڙهن ٿيون، نٻل وڃيو نيستيءَ ۾ پـهچـن،
    دمـاغ ســوچــن لـئـه سَــرَ جي ڀونگي؛ ڊهي پـوي ٿي.

    هوا جو جهونڪو، سماجَ! ٻوسٽ ختم ڪندو ڪيئـن؟
    هـتــي جـيــاپــي لــئــه ڪــائــي اوٿــر وڏي کــپــي ٿــي.

    حـيــات پـنـجــاهـهُ سَــٺ ورهه پــو وري وڃــــڻ آ،
    ڄـمـارَ اهــڙيءَ ۾ لـسـت ڪهـڙي اچـي سـگـهـي ٿــي!؟

    اچــو تــه سـنــڌ ۾ ڪــو وقــت اهــڙو وري بـه آڻـيـون،
    غـريـب نـــاري بـــه زيـــــورن سان ســـٿــــي کـــپــــي ٿـــي.

    سِـــرَن کـــي هـــي وقـــت جــو سـبـق اڄ پـڙهائي ڇڏيو،
    ڪـپـيـا تـه تــاريـخ تــن جــي ڦـٽ تي به مَکَ مکي ٿي.

    (1) ڪارخاني ۾ Ice Box ۾ ڄميل برف کي انگريزيءَ ۾ Ice Stone يعني ”برفيلو پٿر، يا برف جو پٿر“ ۽ سنڌيءَ ۾ برف جي سِرَ يا سِلَ چئبو هو. ڇو ته ان جي شڪل سر جهڙي هوندي آهي. هاڻي ته ان جي جڳهه تي به برف جو بلاڪ سڏيو ويندو آهي.


    سـچ تـي رخـن جـو پـڙدو، ايــڏو چـڙهــي وڃــي ٿــو.

    سـچ تـي رخـن جـو پـڙدو، ايــڏو چـڙهــي وڃــي ٿــو.
    ڳورو به؛ ڪير چاهي، ڪارو ڪري سگهي ٿـو!

    هـي روشـنـيءَ عـلامت، ڪيڏو ڪپهه سفيـدو!
    اک تي رکــون پـنـوڙو، اونــدهه ڪـري ڇـڏي ٿو!

    ساڳيو ئي حادثو آ، هر ڪنهن نظر جي سامهون،
    ڪو هٿ اچي وجهي ٿو، ڪو ايئن لنگهي وڃي ٿو!

    آدم جــا ســڀ ٻــچـــا هِـــن، ڏاڍو وڏو وڏيــــــرو،
    جي ڪڙم آ ته ڪڙمي، ٻيا سڀ ڪمي سڏي ٿو!

    ڪـيـڏو شـريـف مـاڻـهـو، ڪيڏو ذلـيل ٿئي ٿو،
    گـونـگــو رهـي تـه بـهـتـر، ٿـورو به جي ڪڇي ٿو!

    پــاڻــي تــه آهــي پــاڻــي، تــرهــو ٻـــڏي تـــري پـــر؛
    ڌرتيءَ مـنـجـهـان بـه قـهـري ڪـو زلزلـو مـٽي ٿو!

    شهه رڳ کان اورتي مڃ، يا پنهنجي من جي اندر،
    خـالـق سـدائـيـن هـيسيل، ماڻهوءَ جو ڏڍ رهي ٿـو.

    هــر روح جــي ڪــيــل آ، رمــزن ســان آشنائي،
    جـيـڪـو سکڻ گهري ٿو، سمجهي اهو وڃي ٿو.

    ڪي فلسفي جون ڳالهيون، اعجاز ڪو عقل جو،
    ســورن ۾ يــارُ پـونـدو، مــاڻـي جـڏهــن وٺــي ٿـــو.

    “مـقــصـود” درد ڀــاري، پــر آهــي اخــتــيـــاري،
    سـاگــر جــو انــت آخــر، ٽــوٻــو وڃـــي لــهـي ٿـو.


    وڌي پــيـو، هـلـي پــيـو، ڪـو ئـي لـڏپلاڻي،

    وڌي پــيـو، هـلـي پــيـو، ڪـو ئـي لـڏپلاڻي،
    دهـــر جـــو مـسـافــر، مــقــّدر نـــه ڄـــاڻـــي.

    وري راه پـنـهـنـجـن شـهـيـدن کــي ســاريـــو،
    ڪـوئــي پـنـهـنجي منزل کي ماڻي نه ماڻي.

    سـڄـي سنڌ آ تـنـهـنـجـي ڏاڏنگ جــو ورثــو،
    ســـڏيـــو آ وري ڏيـــهــــه تـــوکـــي ابـــاڻــــي.

    جي هيمونءَ جي عاشق کي ڦاهيءَ پڪاريو،
    بــلاول جـي سـنـگـت گهـمـائـي ٿـي گـهاڻي.

    ڀَـلِـي نـنـڊ ســوريءَ تـي ايــنــدي ٻــڌي ٿـم،
    ڪو ڪونڌر منجي تي رلي ڪيئن تاڻي؟

    ڪنهن جو خون اٿلڻ به هڪ ڏات آهي،
    دلـيـري ڳـنـهـي ڪـــانه وٺــبـــي آ نــاڻـــي.

    ڏســـون ٿــا تـــه خــوابــن جــو سورج اُڀاري؛
    اُجــالــو ڪــري ٿــو هـتــي ڪـيـر هـاڻـي؟


    ذري مـان ذرو ڪـر، کـٽـائــي ته ڏس.

    ذري مـان ذرو ڪـر، کـٽـائــي ته ڏس.
    اٿئي هڪ ڪڻو پر؛ ورهائي ته ڏس.

    گـيـانـيءَ جـي پـيـرن جـي مـٽـي کڻي،
    نــرڙ تـي هـٿـن سـان لـڳـائــي تـه ڏس.

    ڪو پوپٽ جهٽي تو مُٺيون ڀيڙيون،
    اڏائي خــوشـي ڪــا پـرائــي تــه ڏس.

    هـتي روز مکڙيون پٽيون ٿيون وڃن،
    ٽڙڻ ڏي ڪليون، گل بنائي ته ڏس.

    ڏڪـاريـا اٿـئــي ڏيــهـه راجـا بـڻـيـل،
    نـجـس پـيـر تـن جـا هـٽـائـي تـه ڏس.

    ڪـئـي رات آ ڏيـنـهـن جـو رهـزنـي،
    ڏيئو ڏات جو ڪو جلائــي ته ڏس.

    هي طبقن ۽ ذاتين جون ڳالهيون ڇـڏي،
    سـڳـو سـنـڌيـت جـو ٻـڌائي تـه ڏس.

    او “مـقــصــود” احـسـاس جــو دائــرو،
    ســڄــي سـنـڌ تــائـيـن وڌائي ته ڏس.


    اســان جــو ســدائين کــان خــالــي آ دامــن.

    اســان جــو ســدائين کــان خــالــي آ دامــن.
    ڪڏهن وقت رهزن، ڪڏهن بـخـت رهــزن.

    ڦـــٽـــڻ ۽ ٺــهـــڻ تــي رهــيــو بــحــث جــاري،
    نه ڪو مان ٿو سمجهان، نه ڪو هو ٿا سمجهن.

    گـهــڙي جــي ڀــڄــڻ تــي دلـيـلــن جــو مــارو،
    دلين جي ٽٽڻ جي ڪا تاويل ڪيئن ڪن!

    ڏِيـنـهَــنِ جـي سـفـر ۾ سـکـيـون ســاڻ آهـــن،
    حـيـاتيءَ جـي پـنـڌ ۾ سـڃـاڻن کـان ڇـرڪن!

    اڙي او زمـــانـــي کـــي گـــهـــربـــل اجـــالا،
    ســويـــرا بــه تـــو لـــئـــه ســکــائــون ٿـا بـاسن.

    وري اچ وري اچ، ويــل وقــت نــاهــيـــون،
    اڃــا تـــون جــوالا، اڃـــا آئــــــون جـــوڀـــن.

    مـنـهـنـجـي گـهـر جـو اڄ تائين در آهي پٽيل،
    ڪبي ڪانه ٺڪ ٺڪ، هلي آءُ ڇـن ڇـن.


    گــجـريـلـي، گـلـزار لـڳـيـن ٿـي، مــان پــوپــٽ، تــون رس رســيــلــي.

    گــجـريـلـي، گـلـزار لـڳـيـن ٿـي، مــان پــوپــٽ، تــون رس رســيــلــي.
    تنهنجي مک تان کنوڻون ڪڙڪن، منهنجي من جي تيل تـي تيلي.

    جـاتـي تـنـهـنـجـو درشـن ٿـئـي ٿـو، تـاٿـي ڄـڻ ڪـو مُــکّ ســمارو(1)،
    ڏنـــد ڪـٿــائـي ديـويـن وانـگر، سـر کــان پـيـرن تـائـيـن سـجـيـلــي.

    هن فصل تي سڀ جو مارو، ڪـوئـي چڳي پيو، ڪوئي چري پيو،
    مون ته ٻني هئي پنهنجي سمجهي، مون نه ٻني هئي تنهنجي ڀيلي.

    سـونـهـن ڪـندي آ سـر ۾ ڦـيـرو، ڪنڌ آڪڙجي(2)، اک ڦري ٿي(3)،
    قـاف جـبـل جـي شـهـزادي پـر؛ تـون تـه نـه نـڪـتينءَ ايڏي هٺيلي.

    ٻـول ٻـڌڻ سـان مـسـت ٿـيـا مـاڻـهـو، مـڌ جـهـڙو احـسـاس پــرائــي،
    فـطـرت پـنـهـنـجـا ساز ٿي ڇيڙي، پنهنجي ڏات کي سمجهه سُـريلي.








    (1) وڏو ميلو (2) ۽ (3) صنعت ضرب المثل جا مثال


    هـي ســورج ۽ تــارا، نـکـٽ ۽ ڀَـــَٽـــون.

    هـي ســورج ۽ تــارا، نـکـٽ ۽ ڀَـــَٽـــون.
    هڙن ڪهڪشائن ۾ تنهنجون ڪَـٽون.

    گـهـٽــائـن ســان تـشـبـيــهــون آڳـاٽـيــون،
    امــاوس جــي راتــين جان تنهنجـون لَـَٽون.

    منهنجي دل ۾ ڇپيل تنهنجا نـقـش هِــن،
    رکـان ڪـهـڙو فـوٽـوءَ کـان خــالـي ٻَـٽون.

    رڳـو تـون مـنـهـنـجـي گُهـرﱠ آهـيــن رهــي،
    رڳــو مـون تـنـهـنـجـي لاءِ کـاڌيـون سَٽون.

    ورائــي ســگــهــيـن جـي ويـل وقــت کــي،
    اڃــا تــائـيـن تــو کــي ٻـڌان پـيــو چــٽـون.

    مـحـبـت بـه هـڪــڙي عــبــادت اٿــئـــي،
    ڏئــي ڇــڏ نــه “مقـصود” خوش ٿي وٽون.


    قـلـيـل جـيـون، ڪثير سوچون.

    قـلـيـل جـيـون، ڪثير سوچون.
    رکـيـو اچــن ٿـيون، اسير سوچون.

    جـوان لـمـحـا، ٻـڍن جـان گــذريا،
    رهـيون اسان کي ڳنڀير سوچون.

    خـيال مـنـهـنـجـا، بـنائي قـالـب(1)،
    کـڻي پڳيون ڪو سرير سوچون.

    پرينءَ پنهنجي کي وساربو ڪيئن؟
    انـدر ۾ جـاڳـيل ضمير سوچون.

    اوهان جي من ۾ به اٿنديون هونديون،
    اسان جون بـڻـجـي سفير سوچون.

    طـلـب کـي هـاڻـي رسد ڏئي ڇڏ،
    ڪري منهنجون دل پذير سوچون.





    (1) صنعت مبالغه جو استعمال


    مـسـت لـهـرن جـيـان واه تـنـهـنـجـي اُڇـــَلَ.

    مـسـت لـهـرن جـيـان واه تـنـهـنـجـي اُڇـــَلَ.
    ڪنهن جهٽيا ڇوڪري، هي امرتا جا پـَلَ.

    جــن ڏٺـو، تــن چـيـو نــانـگ جـا وَٽَ هُـيـــا،
    جـــن ســٺـــو، تـــن کـــي پِهَڻُنُُ پـسـايـا اَجَــلَ.

    تـنـهـنـجـو نـمڪين مُک، چهريون عادتون.
    پـنـهـنـجي اندر ۾ آهين ڪا مٺڙي ڪَتَـَلَ.

    تنهنجا ڀاڪر ته ڪڍندا منهنجي روح کي،
    ڏيــک هـڪــڙي وڃــايــا آهـن منهنجـا ٻَـَلَ.

    مـوتـئـي جـــي ڪــلــي پــاڻ آجــو نــه رک.
    ڪنهن سگهي ٻانهن سان چيلهه هجنئي ٻَڌَلَ

    جـيءُ جـڳ جـڳ مـٺـي، تـو تان واري وڃان.
    تـنـهـنـجـا کـڻـبـا پـيـا عـمـــر ســاري اَنـــگَـَلَ.

    ڇـــڏ ڪــنــارو، هـلــي آ شــهـر جــي انـــدر،
    مـان ٿـو چاهيان ته رهنئي ڪي ميڙا مَـتَـلَ.


    ارتــقــا کـان هـٽـيـل مـنـهـنـجـو ابتو عمل.

    ارتــقــا کـان هـٽـيـل مـنـهـنـجـو ابتو عمل.
    مــان ابــد جـو مـسـافـر، پـيـو ڳـولـيـان ازل.

    گـگـهـه اونــداه ۾ ٿـيون شفق جون سڌون،
    لـوڪ سـمـجـهـي ويـو آ ذهــن ۾ خــلــل.

    زنـــدگــي خـواهـشـون خـواهشون ئي رهي،
    سـوئــي آخـر مـلـي، عـشــق جـيـڪو اول.

    هـي عـجــب آ جــو دريــاهه ۾ وڻ ڇــڏي،
    تون بچڻ لئه ٿو ڏسجين ڪکن هٿ وڌل.

    ڪـيــر ڀـاڳـن نـڀـاڳـن تـي ســوچــي ڀـــلا،
    درد آهـــي اســـان کــــي ســتـــيءَ ۾ پــيل.

    مــان تـنـهنجي اختيارن جي حد ٿو گهران،
    پــانــڌ آجــو هـجـي يــا پــلــئــه ۾ ٻــــڌل؟

    جنهن تنهنجا خواب اکين ۾ سانڍي رکيا،
    ڇـــا اڃــا تائين آ تنهنجي اک ۾ ڪيل؟

    پــيــار مــاڻــڻ نــه مــاڻـــڻ الـــڳ مـسـئلو،
    نـيـنـهـن نـازڪ آ پـــر پــو به رشــتـو اٽل.

    منهنجي مرضي نه پڇ، منهنجي مرضي اٿئي،
    صبح جو جيئن اٿان، مينهن ڏسـجي وٺل.

    ڪــوڙ سـان سـچ گڏي، شعـر ٺاهيان پيو،
    مان ته “مقـصود” هـان، نـاهيان ڪو سچل.


    لـهـرون ڇـهـنديون نيٺ ڪنارو، تن سان پير پسائي وٺجان.

    لـهـرون ڇـهـنديون نيٺ ڪنارو، تن سان پير پسائي وٺجان.
    سـمـنـڊ صـديـن کـان پـياسو آهي، ان جي اُڃ اجهائي وٺجان.

    وقت ازل کان آهي سفر ۾، وقـت گـهـمـي ٿـو، وقت ڦري ٿو،
    وقت وڏو آ، تون بس هـڪـڙي مون سان رات کٽائي وٺجان.

    جـيـون بَــن ۽ مـان بَـنـواسـي، جـوڳي بنـجي جـو بــه پــرايــم،
    چند گهڙين جي لاءِ ويهي سو، مون کان تون به پرائي وٺجان.

    مــايــا جــو ڪــو ڇــيــهـه نــه آهــي، مــايــا اپرمـپار رهي آ،
    تــون بــه تــه مـايـا، تـو لـئـه ڳـايــل سـارا گيـت لکائي وٺجان.

    پـڙهـي يـار صـحـيـفـا اکـيـون، دﺆر ڪـندس مان پورو سارو،
    پلڪن جون پوتليون ويڙهي، پنهنجـا نـيـڻ چـمـائي وٺجان.

    منهنجي روح جو ڀرجڻ ناهي، تنهنجي دل جي ڀـرجـي آئـي،
    ڪنهن به بهاني آئون مياري، تون اکيون ڇلڪائي وٺـجان.

    ڪيئن ته وٺنديـن، ڪڏهن وٺندين، ڪهڙي ڳالهه جو بدلو وٺندين،
    مون کي ڪو انياء ڪرڻ ڏي، مون کان پوءِ نيائي وٺجان.

    دور ســنــهــرا هــاڻ وري آ، ٿـورو ڪـو آسـيـس وٺـــڻ ڏي،
    تنهنجي وڃڻ جـي ريت رهي آ، بيشڪ سا ورجائي وٺجان.

    نوٽ: شاعريءَ ۾ لفظن کي کٽائڻ ۽ وڌائڻ جا مثال عام ڳالهه آهن. “انياء” جي مقابلي ۾ ”نيائي“ لفظ آڻي سگهجي ٿو. هن جو هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
    سـوا سـچ، سـائـيـنـس ۽ سونهن جـي،
    ڪروڙين قصا پر ڪُـوَقـتـي ڪٿا.
    (اوتون جوتون، صفحو 115)


    ڦــــرڻـــا نــه گـهـرڻـــا.

    ڦــــرڻـــا نــه گـهـرڻـــا.
    پــــاهـــڻ نــه ســرڻـــا.

    جهڪندا پرينءَ کي،
    چــئــبــا نــه ڪـرڻـا.

    ڀـــــﺆنـــرا ڦــــرن ٿــــا،
    ســــي ڏاٺ هــــرڻــــا.

    جـــوڀـــن جـا ڏينـهڙا،
    ٻـــيـــهــــر نـــه ورڻـــا.

    پــــاڇــــا ڊهــــن ٿــا،
    مـــاڻـــهـــو بــه مـرڻـا.

    جـــيــــون ۾ آهــــن،
    ڪـجــهـه رنگ ڀرڻا.

    ڏس وقـــت ويـنــدڙ!
    ڇــــو هَــــٿّ ڌرڻــــا؟

    “مــقــصـــود” آهــن،
    ڪجهه ڪار ڪرڻا.


    انـــــــگــــــل آرا.

    انـــــــگــــــل آرا.
    مــون تـــي مــارا.

    ويــران ويـــر ٿـيـا،
    وڌ اشــــــــــــارا.

    سـٽ سهن ڪيئن،
    هـئـه مـون پــارا؟

    نينـهـن ڪـئي دل،
    ڦــنــڌيــون ڦــارا،

    نــنــڊ تــيــاڳــي،
    ڳــڻــجـــن تــــارا.

    دل تـــه کـڻـي وئين،
    او دل وارا.

    مــون وٽ بـچيا،
    ڪـهــڙا چــارا؟


    هر ڪنهن گهٽيءَ ۾ جي کـڻي دارورسـن ڪجي.

    هر ڪنهن گهٽيءَ ۾ جي کـڻي دارورسـن ڪجي.
    جـيـجـل سـان پـو بـه جـان ڏيـڻ جـو وچن ڪجي.

    ڀــل خــواهــشــون تـمـام رهـن نـاتـمـام ٿــي،
    آزاديـــن جــي نــانءَ تــي تـــن کـــي دفـــن ڪـجي.

    کــڻــجــي تــه عـشـق عـشـق ڪري سنڌ تي قلم،
    پــڙهــجــي تــه واه واه! سـان پـورو مـتــن ڪــجــي.

    نـنـگـا ٿـيـن تـه شال ڪو ڪنهن کي پوي شرم،
    لفظن جو ڪنهن طرح سان ڪو وستر هِرَن ڪجي.

    مــٽــيءَ لــهــوءَ جــو ريـــج وتــو، سِــــرﱠ پــوکــيــو،
    ڪـهـڙيءَ طـرح بــه سنڌ کي باغ ِ عدن ڪجي.

    “مـــقـــصـــود” حــق شـنـاس ٿـجـي ۽ جـڏهن ٿجي،
    ڌرتيءَ تان گهور گهور پنهنجي جان و تـن ڪجي.


    جُـنـگ جـيـئـدارَ پـڪـاريو آ، وڃـان ٿـو اوڏي.

    جُـنـگ جـيـئـدارَ پـڪـاريو آ، وڃـان ٿـو اوڏي.
    نـنـگ – اوڍارَ پـڪـاريــو آ، وڃـان ٿــو اوڏي.

    منهنجي شعرن جا پها، ڦٽﱠ لئه اڪسير دوا،
    سـاري سـنـسـارَ پـڪـاريـو آ، وڃـان ٿـو اوڏي.

    هـيءَ صـدا نـاهـي ڊڪـڻ لاءِ، اڏامـڻ جي لئه،
    مـون کـي پـولارَ پـڪـاريـو آ، وڃـان ٿـو اوڏي.

    ٿـي پري، شـوق جي حد آهي، لـتـاڙيو ويـنـدين،
    اڄ وري دارَ پـڪـاريـو آ، وڃـان ٿــو اوڏي.

    سجﱠ جـي هـڪ ڪـرن، منهنجو اساسو آهي،
    گـگـهـه انـڌڪـارَ پـڪـاريو آ، وڃان ٿو اوڏي.

    آئـون بـنـيـاد کـان آجـي هـان، اشـارو گهـرجي،
    هـڪـڙي ديـوارَ پـڪـاريـو آ، وڃـان ٿـو اوڏي.

    فـيـض جـي چـنـد ڪـڻـن ساڻ شهر ورسايم،
    خـوش ٿـي ڏاتـارَ پـڪـاريـو آ، وڃـان ٿـو اوڏي.

    منهنجو“مقـصود” نرالو ڏسي اسلوب مون کي،
    ڀـٽﱠ جـي دوارَ پـڪـاريـو آ، وڃـان ٿــو اوڏي.


    جبل کي ٽڪڻ جو منجهم حـوصلو آ.

    جبل کي ٽڪڻ جو منجهم حـوصلو آ.
    اڏامــي ســگــهــڻ جــو انــدر ولــولـــو آ.

    مـحـبـت ۾ سـگـهـه آهـي، انڪار ناهي،
    مـحـبـت جـو جـذبـو يـقـيـنـن ڀــلــو آ.

    جي ليليٰ ته مجنون، جي سسئي ته پنهون،
    ٻـئـي طـرف سـاڳـيـو رهـيـو چــونـچـلو آ.

    ڄــمــارون ڏئــي آدمــن جـــو پــرايــل،
    اسـان تـائـيـن پـهـتـو اهـو سـلـسـلـو آ.

    اتـي ڀـاڳـونـدن سـان ريـسـون ٿـيـن ٿيون،
    اتـي بـان ڪـئـيـسـين، اتي ڪم ڍلو آ.

    وراڻـــيءَ جــي رفــتــار ســاڳــي نــه آهـي،
    نـيـوٽـن ٻـڌائـي تــه ڇــا مـعــامـــلو آ(1)؟




    (1)نيوٽن جي حرڪت جي ٽئين قانون (Third law of motion) جو شاعراڻو استعمال. فني لحاظ کان هيءُ بند ”اشاري“ جو مثال آهي.


    نــنــگــي واس تــان واءَ جــو اوڇــڻ گــهــر ۾ اڏري آيو آ.

    نــنــگــي واس تــان واءَ جــو اوڇــڻ گــهــر ۾ اڏري آيو آ.
    يــار جـــي آمــد، ســـونــهـن جـو منظر، سورج اڀري آيو آ.

    درياهن جا گسّ ٿا مٽجن، ڳالهه اچي ٿي سمجهه ۾ بيشڪ،
    صدين کان بي آب پٽن ڏي، سمنڊ ڪو نڪري آيو آ!

    درشن ٿيو ته چپن تي مهرون! مون وانگر ئي حال هئس،
    هـن جـو هـانءُ بـه پـل صـراطـون، شـايـد اُڪـري آيو آ؟

    مون ته اڳي ئي يار چـيـو ٿـي، پـٿـر ناهـي، بـرف جـو بـت؛
    پــيــار جـا ڪــرڻـا پونـدي مون وٽ، سارو وگهري آيو آ.

    آڌيــن ۽ پـائـولــن وانـگـر، مـيــڙڻ جــي مــشــغــولـي ٿــي،
    دلــبــر هـيـل تــه ريــجــي وانـگــر، ڪـيـڏو وکـري آيو آ؟


    يــا تـــه ســکــڻـو ڪوئي گهڙو هوندو.

    يــا تـــه ســکــڻـو ڪوئي گهڙو هوندو.
    يـا تـه وڄـنـدو ڪـٿـي چــڙو هـونــدو.

    ڪـيـئـن رکـي قـربـتـن جـون اميدون،
    يـــار جـنـهـن جــو به بــي وڙو هــونـدو.

    بــونـد گـهـربـي تــه منهنجي داتـا کـان،
    وســيـــو مــون تــي وڏو ڳــڙو هـونــدو.

    هــونـئـن تــه آهـي صـفـا ســڌو ماڻهو،
    اصــل مُــڙيــل مــئـــو نــڙو هـونـدو(1)!

    ٿِـــڙِ نـه ٿـاٻـڙج، مـــان آهـيــان بـيـٺل،
    هيئن نه چئجان تـه ڪو کـڙو هوندو.

    ڪنهن کي چکبـو ته ذائــقـو لـهــبـو،
    زهــر ڪـيـڏو ڀــلا ڪـڙو هــونـــدو؟

    چئينس “مقـصود” مان ڇڙو هونـدس،
    جــڏهــن مُــهِـــيَــنّ جـو دڙو هونــدو.


    (1) هن بند ۾ صنعت تلميح جو استعمال ٿيل آهي. (2) کڙو= مٽيءَ جو جُنب


    مخلـصي، مفلـسـيءَ جـي حـالـت ۾!

    مخلـصي، مفلـسـيءَ جـي حـالـت ۾!
    دوســتـي، بـيـوسـيءَ جـي حـالـت ۾!

    ڀــيـــڻ خوش هئي، ادو ڄميو آهي،
    پـر بــه نـڪـتو اديءَ جي حالت ۾!

    ڪـوڙ هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا،
    اچ تـه مڃيـون سچيءَ جي حالت ۾.

    ٽـهــڪ ڏيـنـدا ڪريو چرين وانگر،
    ونـدري ويندﺆ غـميءَ جي حالت ۾.

    ســاڳـيـا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه هِــن،
    ڇا مٽيو نئين صديءَ جي حالت ۾.

    تنهنجي ڪنڌ ۾ ڪِـلي کٿل ڀانيان،
    تـــون اڃــا ڀــي مڳيءَ جي حالت ۾.

    ڌڪُ هــڻ لــوهه کــي، گـرم آهــي،
    مـڙنــدو اهــڙيءَ تتيءَ جي حالت ۾.

    وقـت ڪـنـهـن لاءِ ڪونه بـيٺو آ،
    اڏري ويـنـديـن پکيءَ جي حالـت ۾.

    تـيـسـيـن “مـقــصود” معجزو آهـيـن،
    جيسين تون زندگيءَ جي حـالـت ۾.


    جيئن جيئن تو واسِي پئي، جوڀن جي خوشبوءِ.

    جيئن جيئن تو واسِي پئي، جوڀن جي خوشبوءِ.
    وحـشـي مــن پــاتـي پــئـي، جـهـڙي آدم بــوءِ.

    ڀـيـڻـئين ڀـيـڻـئين ڀٽڪندڙ، اکيون هِن آتيون،
    سـال، صـديـون ٿـي گـذريا، ڏسندي تنهنجو روءِ.

    تـــو جـــو پـــيـــر پـــڌاريـــا، بـــر ٿـــي ويـــو بازار،
    موٽئين پنهنجي ماڳ ڏي، سوءِ ۾ سـاري جوءِ!

    هاڻ بهـارون ڇـو اچـن؟ هـاڻ نه ايـنـديـنءَ تـون!
    ســرءُ، سـيــارا مــوســمــون، اونــهــاري جـي لوءِ.

    ڇـنــڊ اُجــالا پــاڻ مــان، چــنــڊ چــڙهــي آيـل،
    اونــداهـو عالم گهري، ڪرڻا ڪوءِ به ڪوءِ








    نوٽ: هن غزل جو بنياد عروض بدران سورٺا ڇند جي وزن تي رکيل آهي.


    مـسـت رهـنـدو اچـان، صبح سُرُ، شام سُرُ.

    مـسـت رهـنـدو اچـان، صبح سُرُ، شام سُرُ.
    ڪوئي من سان ڪري پيو اڃا تائين چُرُ.

    هـــيءُ سِــــرُ يــار جــي آ اُمــانــت رهــيـــو،
    جو به چارڻ گهرڻ چاهين ٻيو مون کان گُهرُ.

    توکي شـاعــر، تخيل جا پَـــرَ هِـــن مـلـيـل،
    روحَ! پـنــڇـــيءَ جـيـــان اڄ اُڏر، ٿــيءُ ڦُــرُ.

    آئـون مـٽـيءَ جـو مـاڻـهـو، پـچڻ ٿـو گهران،
    ٿيءُ ٽـانـڊو پـرين، منهنجي هِــردي ۾ هُــرُ.

    آءُ ســچ کـي رکــي ساهـمـــيءَ ۾ ڏســـون،
    پـهــرين مـان ٿـو تـران، پــو ڀـلا تون به تُرُ.

    ڪڏهن “مقـصود” جِــي مخلصيءَ کي ڏِسي،
    سـنـگ جـيـئـن ڀاسندڙ ڀُـرڀُـري، تون به ڀُر.


    ڪڏهن جواز کٽن ٿا؟ ڪڏهن جواب کـٽن؟

    ڪڏهن جواز کٽن ٿا؟ ڪڏهن جواب کـٽن؟
    مـان انـتـظار ۾ آهيان، ڪڏهن حجاب کـٽن؟

    گـنـاه آهـي اگـر ڪـنـهـن جـي يادگيري رکڻ،
    الله ڄـــاڻــي ۽ آئـــون، ڀـــلـــي ثـــواب کـــٽـــن.

    وهـيـون ســنـڀـالي رکـيـون ٿـئـي، اڙي او واپــاري!
    هـلـيـو آ پاس پرين تون، ته ڪو حساب کٽن.

    کـڻــي نــه کـيــر ٿـئـين! کنڊ ٿي ملان تو سان،
    مــٺــاڻ رت ۾ ٺهــي ٿـي، ڀلي غُـراب(1) کٽـن.

    هـي دشـت ِ غـم آ، رڳــو ڌوڙ ۽ وســي واري،
    حـيـات هـيـئـن ٿـي گـذري، نـه ٿـا سراب کٽن.

    مـون کـي تــه سج ﱠ جــي چــؤڌار روز ڦــرڻــو آ،
    ڀــلــي تـه ڍنـڍ ۾ هـر روز پـيـا حــبـاب کـٽــن.


    (1) غُراب = غوراب، يعني جهاز. وزن درست رکڻ لاءِ شاعريءَ ۾ لفظ وڌائڻ يا کٽائڻ جا انيڪ مثال موجود آهن. هتي به ساڳئي مقصد تحت ڊگهي سر کي ڇوٽي سر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ استاد بخاريءَ جو هڪڙو مثال ڏيڻ ڪافي ٿيندو:
    لنگهيو مسيت جي سامهون ته مرحبا گونجي،
    گــهـــڙيو بــــــــــــزار ته بــــــــازار دنبها ٿي وئي.
    (نه ڪم نبريو، نه غم نبريو، استاد بخاري، صفحو 158)


    ڏات آهـي مـلـيـل، پـيـو غزل واڻـجـي.

    ڏات آهـي مـلـيـل، پـيـو غزل واڻـجـي.
    اڄﱡ ٻـيـجـل کـي سڏ، تندُ کي تـاڻـجـي.

    سـونـهـن سـرهـاڻ، ســرهـاڻ، سرهاڻ آ،
    سونهن، شاعرَ! سڄو ڏينـهن واکاڻـجـي.

    هڪڙي وينگس جي تر تي ويس موهجي،
    ٻيءَ جي رخسار تي سو ڪٿان آڻجي؟

    دوسـتـي نـاهـي هـيءَ، دلـبري آ ميان،
    دلبري ڪيئن ڀلا ڇنڊجي، ڇاڻـجي!؟

    تون هلي اچ ته ڪا ڏَٺَ پرولي گهـڙيان،
    او سـگـهـڙِ! ڪـا وراڻي کـڻـي مـاڻجي.

    ايـم اي آهيان، پو به ايـوين(1) رهيس،
    اچ تـه تـو کـي ڇـهـي زنـدگـي ڄاڻجي.





    (1) ايوين= پنجابي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جو مطلب ٿيندو، ائين ئي، خالي، ڪورو.


    قـربـتـن سـان ڪـڍيــل دائــري مــان ڌڪـي.

    قـربـتـن سـان ڪـڍيــل دائــري مــان ڌڪـي.
    ڇو هميشه جي لئه ليڪ ڇـڏيـئـي ڇڪي!؟

    عـشـق ڦــڙ ڦــڙ ٿــو ڦـٿـڪـائـي دل کي ڇڏي،
    ڍڪُ لهڻ بعد ٿي، مشڪ ڪاٿي لڪي؟

    خــوابُ ڏسيم تـه مـون کـي مـعـبــرﱠ(1) چـيو،
    دل پــڪـي ڪـر ميان، عمر ساري سڪي.

    مــون صــدين بـعــد رسـتي تـان ويندي ڏٺئي،
    حــالُ ڏسـيـم پـئـي رنــگ تـنـهـنـجي ڦِـڪي.

    چَـيُـــمُ، اڌ رات مــهــمــــانَ ويـــڙهـــي ٽـــپـــڙ،
    ڪــيــر بــڪــواس شــعـرن ٻڌڻ لئه ٽڪي.

    ڪـو پــتو ڏئي وڃين هـا، هُـئـين جي يڪو،
    تــوکــي ڳــوليو پـَئـي، پـٺـيان تنهنجي ٻِـڪي.

    او مــســـيــــحـــا! وري اچ، وري اچ، وري،
    ڦَـــٽﱡ نـــاســــور آ، چــاڪ منهنجو چڪي.


    (1) مـعـبــرﱠ= يعني خوابن جي تعبير ڪندڙ. سنڌيءَ ۾ هن لفظ جو ڪوبه مناسب نعم البدل ڪونهي.


    ڊيــڄــوڙو ڍَيـــرِي! عـــشــق وڏو اســــرار.

    ڊيــڄــوڙو ڍَيـــرِي! عـــشــق وڏو اســــرار.
    اَڏ تــي جـــو اٽــڪــي، پــهــچـي دريا پار!

    جهـونــو اُڀﱡ جهـريـل، ڌرتيءَ تـي آ گهورَ،
    کـيـر نـديءَ جـي وچ، هـيءَ انــوکــي، مار!

    ليکو چـڪـتـو ٿـئـي، رهـيل کاتو سوچ،
    وهيون ڦاڙج پو، سڀ ڪجهه ٻيهر سار.

    عيب کڻان ٿو مان، تنهنجـا سـڀ ثواب،
    پـاڻـهـي ٿـو ڦــرجـان، نـاهـيـان هـرگـز ٻار.

    مـايـا آهـيـن تون، مـايـا مـنـهـنـجـو ڀاڳ،
    سـڌڙيو ٿـي سـانـئـڻ، ڦـاٿس تنهنجي ڄار.

    پـهـتـس تنهنجي در، گَهـَرﱡ گهُـرائــي هاڻ،
    ڀـرجـان ڀـاڪـر ۾، هـاڻ نه مون کي ٽار.

    ڪـَن ﱡسڀئي ٿا ڪَن ﱠ(1)، منهنجو جيئن تياڳ،
    اوتون منهنــجا من، مـان بس تنهنجو يار.

    (1)”ڪن ڪرڻ“ محاورو آهي. جنهن جو مطلب آهي پاسو ڪرڻ. هتي هيءُ محاورو، تنجيس ناقص جو مثال پڻ پيش ڪري رهيو آهي.
    (نوٽ: هي غزل ايڪيهه ماترڪ ”چندرايڻ ڇند“ کي ابتو ڪري جوڙيل آهي. جنهن ۾ پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ 10 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ 11 ماترائون رکيل آهن. ابتو ڪرڻ جو مطلب آهي ته 10 ماترائي پد آخري ۾ هجي ها ۽ ان ۾ قافيو هجي ها، پر هن ۾11 ماترائي پد آخر ۾ رکي، ان ۾ قافيو رکيو ويو آهي. عروض مطابق هن جو وزن هن ريت بيهندو: فعلن فعلن فع، فعلن فعلن فاع


    امن جي امينن جو ڪـڙڪاءُ گهٽ آ.

    امن جي امينن جو ڪـڙڪاءُ گهٽ آ.
    تـڏهـن ئـي لٽيرن کي ڇـرڪاءُ گهٽ آ.

    سـوا سـيـر جـنـهـن کي ٿـي اڳ پوءِ ڦريا،
    تونگر کي توريـم، مون کان پـاءُ گهٽ آ.

    ڏکــي ويــل آئـي تــه سـنـگــت نه پهتي،
    مـٿـان ڀـائـرن ۾ بـه ســرچـــاءُ گـهــٽ آ.

    ٻليءَ شينهن پاڙهيو، جـو کائڻ ٿي آيس،
    خبر پئيس تڏهين ته هڪ داءُ گهٽ آ.

    ڏِسِـي حـادثـن کـي گهـڻو خون ٽهڪي،
    مـگـر ان جي ٽهڪي ۾ وَرجاءُ گهٽ آ.

    مِرُن جي ڪنڌن کي مِرون ڪو نمائين،
    مـرگـهـه جـي اڳـيـان تـن جو ڍِرڪاءُ آ.

    زمانـو ڏکـيـو ٿـئِـي، او ”مقـصود“ شاعر،
    لڳي ٿو جيئڻ سان تنهنجو چاءُ گهٽ آ.

    نوٽ: چاءُ = چاهه لطيف سائينءَ جي بيتن ۾ به ان اچار جو استعمال ڪيل آهي. جيئن“چنيسر سين چاءُ، متان ڪا منڌ ڪري” (کنڀات) “چُڪيءَ توسين چاءُ، پاسي ۾ پيئي رڙهي” (حسيني)


    جــل ٿــل ســارا رسـتــا ٿــيا.

    جــل ٿــل ســارا رسـتــا ٿــيا.
    ڏسـنـدڙ! جــوالا جــذبـا ٿـيـا.

    هـاءِ حـسـيـنـه! اُڀــري پــيــا،
    ڄـڻ ڪو وات ۾ وِسرا ٿيا.

    نـيـڻـن ڳـالـهه ڪري ورتي،
    دُوريـــــان ادلا بــــدلا ٿـــيــا.

    مــٽــيءَ تنهنجا پـيـر جهـٽيا،
    ڍنــڍ ڪــنــارا ارهـــا ٿــيـــا.

    پــل جـو ساٿ سڦل جيون،
    صـديــون، وڇـڙيل لمحا ٿيا.

    آئون غلط؛ گل کُـلـيا هـئـا،
    ٽــڙيــا، جـڏهـين ورکـا ٿـيا(1).

    وارن واس ڏنـــو تـــن کــي،
    مـوتــيــا تــڏهـيــن گـجرا ٿيا.

    ٿــوري ديــر رهــي ويــنـدڙ!
    مـنـظــر ڄــاڻ تــه وڌوا ٿـيـا!

    درشـــن، آٿـــت، امــــرت ۽؛
    تــنــهــائيءَ ۾ اڌمــا ٿــيــا.

    سونهن جهٽي اک، پَڪ ڄاڻج،
    مـنـهنجـا شـعر به وهه وا ٿيا.
    (1) هن بند ۾ صنعت ايهام تناسب جو استعمال ٿيل آهي.


    سُــرٻــاٽــن ۾ سُــر سُــر سُــر سُــر، ڳــالــهــه هـلي پـئي.

    سُــرٻــاٽــن ۾ سُــر سُــر سُــر سُــر، ڳــالــهــه هـلي پـئي.
    هــيءُ پــکـيـئــڙو ٿــيـنــدئــي ڦُــر ڦُــر، ڳالهه هلي پئي.

    چــور گــهــڻــن جــي چـوري ڪـئــي آ، دل چـورائـي،
    تــون بـه مـتـاثـر، پـو بـه سـنـدس ڌر! ڳـالهه هلي پئي.

    رات سـتــو هـو شـاعــر مــس مــس، اک لڳيس جـا،
    خواب نه بخشيو، شعر جي گُهر گُهر، ڳالهه هلي پئي.

    هــن جــــي اک جـي شــرﱠ کـڻــي اتـســاهــيــو هـوندو،
    ڪير اَجائي، ڪيئن ڪندو چُــر، ڳـالهه هـلي پئي.

    عــشــق مــڃــون ٿــا هــوش وڃــائي وجـهـنـدو آهي،
    پــو بـه گـهـڻـي آ تنهنجي ڪُر ڪُر ڳالهه هلي پئي.

    يــار بــه مـلـنـدو، پـيـار بـه مـلـنـدو، ڀـاڳ هجي نه ته؛
    ڦَــٽَ تـي چـپـٽـي لـوڻ جـي ٻُــر ٻُــر، ڳـالـهه هلي پئي.


    بــــخــــت ٿــــو وڃـــائي وَٿُ.

    بــــخــــت ٿــــو وڃـــائي وَٿُ.
    فهمَ! ٿـي مـٿــيـــــرو مَــــــٿُ.

    زنـــدگـــي شــــــــرم ٻــوٽـــي،
    وقـــت راڪـــشــــس جــــو هَـــٿُ

    دؤنــــسَ جــهـــڙو مــاڻــهـــو چئي:
    او وڏيــرا! هَــــــرَ ســـان نَـــٿُ!!

    مـــوت جـــــي مـــهـــل ناهي،
    ڏيـنـهـن ٽــي تــڏي تــي سَــــٿُ.

    ڇــا ڪـيـــوســيـن هـــڙ حــاصــل!؟
    ڪنهن ڪيو ڪڏهن آ ڪَٿُ؟

    دور هـَـــــــرِ يـــــــزيــــــدي آ،
    ۽ جـــيـــئـــڻ آ اَگــنــي پَـــٿُ.

    وقـــت کـــان اڳــــي پـــوڙهــا،
    جــيءُ ســـان جـــــوانـي جَـــٿُ.
    ڪــر “بـلـٽ ٽــريـــنـن” کـي،
    ســارٿـي تــون پـنـهـنـجــو رَٿُ.





















    (1) وٿ = موڙي، ملڪيت، عورت يا زال لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪنايو (2) مٿيرو مٿ = مٿاهين کان به مٿاهون، اوچي کان به اوچو (3) راڪشس = هنديءَ ۾ راڪاس جو اُچار (4) دؤنس= ديو جي يوناني اُچار ديوس جو سنڌي تلفظ (5) نَٿُ = ڍڳي کي نڪ ۾ رسي وجهي هر سان نٿبو آهي. ان جو مادو ”نَــٿَ“ آهي. (6) اگني پَٿُ= باهه وارو رستو (7) جَـٿُ=جوڙ، ٻَــڌُ (8) بلٽ ٽرين = زمين تي هلندڙ هن وقت سڀ کان تيز سواري (9) رَٿُ= ٻن ڦيٿن واري گهوڙي گاڏي، جنهن جو قديم زماني کان وٺي انگريزن جي دور تائين دنيا ۾ عام عروج هو.
    (2)


    اوٿــر جــي اٿــل آهــي ڪــو “اِگــلــو” ئي کڻي اَڏِ.

    اوٿــر جــي اٿــل آهــي ڪــو “اِگــلــو” ئي کڻي اَڏِ.
    طــوفــان جــو ڏر آ تـه ڀـلي مـلـڪ مـنـجهان لـَڏِ.

    تـون ڪـيـئـن سـڏائـيـن پيو هن ديس جو ڀاڳيو؟
    اکين سـان ڏسـيـن پـيـو تـه اٿـئـي شهــرُ شهــرُ ڀَـــڏِ.

    سـوچـيــن ٿـو تـونـگـر تـه بـچــي ڪيئـن به موڙِي!
    مــون لاءِ ته مِــٽــي بــه وڏِي آهــي مـنـهـنجي مَـڏِ.

    فـڪـرن جـو ڀـلا جـوشَ – جــوالي ۾ وڃــي ڇا!؟
    ڪــنــهــن تـوکـي چـيـو، گند کي گلقند اندر گَـڏِ.

    يـــا ســونــهــن تــي سِــرُ وار ڪــرڻ لاءِ اٿــي پــئـه،
    يــا عـشــق جــي دعــوا جــي دلاور ســا پــچــر ڇَـڏِ.

    او ڀـــاءُ! امــڙ سـنــڌ رڳــي مـنـهـنـجــي تــه نــاهـــي،
    ورنـــاءِ پــڪـــارن کـــي، پــئــي تـوکـي سـڏي جَــڏِ.

    ڪي ڪم ٿا ٿين هيئن ته ٻي هـَٿَ – نه پوي ڪَلَ،
    ڪو ڪم ٿو ٿئي هيئن، ڪري جهوم، ڀلي پَڏِ.

    هـلـنـدي تـه تـنـهنجي پنڌ ۾ تو ساڻ مان هوندس،
    ۽ پـاڻ ٻـنـهــي ســاڻ ٽـيــون پـنـهـنـجـــو خــدا گَــڏِ.

    نوٽ: برفاني علائقي ۾ رهندڙ اسڪيموز، برف جا گهر اڏيندا آهن، جن کي اِگلو چيو ويندو آهي. پنهنجي علائقي ۾ اهڙا گهر اڏڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. جدوجهد جي علامت لاءِ هتي استعاري طور “اِگلو” جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته جدوجهد جي مرحلي ۾ ڪمزور کان ڪمزور ڪوشش به لاڀائتي ٿي سگهي ٿي ۽ ڪنهن به ڏکي حالت ۾ مايوسي ڪفر آهي.


    پنهنجي هٿ ۾ پٿر کڻ ۽ ڳالهيون غور سـان ٻُـڌُ.

    پنهنجي هٿ ۾ پٿر کڻ ۽ ڳالهيون غور سـان ٻُـڌُ.
    پاڻ سان ڪر يا مون سا ڪر گهمسان ڀري ڪا يُڌُ.

    وقت ٿو ڊوڙي، پاڻ ٿڪل هُون، بخت جو تنهن ۾ ڇا!
    جاڳڻ کان پو پنـڌ جي نيت، ڪم نه ٻئي ۾ رُڌُ.

    مـايـن کـان پـڇ کـيــر ولــوڙڻ ســولـــو آهــي ڇــا؟
    ڪـلـهـا ٽـڙڪـن، پــوءِ ٿـئـي ٿـو ڌار مـکـڻ ۽ ڏُڌُ.

    عشق جو چرچو، واه جي دعوا، تنهنجي ڌرتي ماءُ!
    عـيـد جـا ڪـپڙا پائي ذرا تون پاڻ مٽيءَ ۾ ڳُــڌُ.

    فهم فراست ڄـاڻ سـان ايندي، ڄاڻ وڏي شيءِ آ،
    سنڌ جا ٻچڙا پوءِ نه چئجان، ڪنهن نه ڏني هئي سُڌُ.

    پنهنجي هٿ ۾ پٿر کڻ ۽ ڳالهيون غور سـان ٻُـڌُ.
    پاڻ سان ڪر يا مون سا ڪر گهمسان ڀري ڪا يُڌُ.


    ماڻهوءَ جي فطرت جو عيب لڪايل ڏس!

    ماڻهوءَ جي فطرت جو عيب لڪايل ڏس!
    ڏوهـه ســڄــو اَن جـي داڻي تـي آيـل ڏس(!

    ڏاڍائيءَ جــو ڏيـهـه سـڄـي تــي راڄ آهــي،
    هوشياريءَ سان سچ کان رُخّ مٽـايـل ڏس!

    راڄ ڌڻيءَ جــو کـاڌل قـرضـو مـاڻـهـوءَ تي،
    فـردن تـي هـر روز ڪـو انگ وڌايل ڏس!

    مـاڻـهـو نـاهـن، تـاش جـا پـتـا، جـلـسي ۾،
    يـڪـو، ٻڪو، غلامُ هتي ڦهلايل ڏس!

    پرمتڙئي کي سمـجـهـائـڻ سـان ڇـا ورنـدو،
    ساڳئي ٻِـرَ مان هر هر پاڻ ڏنگايل ڏس(1)!

    جو “مقصودُ” ڏٺو هوندئي همٿائيءَ سان،
    ان جـو ڪنڌ به ڪاٿي نيٺ جهڪايل ڏس!




    (1) حضرت علي رضه جو قول آهي ته مومن ڪڏهن به ساڳئي ٻر مان ٻه ڀيرا نه ڏنگبو آهي.


    عـشـق ۾ شـهـسواريون رهـنديون.

    عـشـق ۾ شـهـسواريون رهـنديون.
    هـا تـڏهـن ئــي قــراريـون رهـنـديون.

    زندگي هونئـن بـه هـڪ تـمـاشـو آ،
    سـاده دل لـئـه مـداريـون رهـنـديـون.

    ڇا ڪنهن جـي قـتـل جـو ارادو آ؟
    جي هي اکيون خماريون رهـنديون!

    ديـر ٿـيـنـدئـي تـه مـيـر ٿـي پـونـدي،
    ڪيسين دليون اُجاريون رهنديون.

    نــار! تـنـهـنجي رڳو ڪمي رهندي،
    منهنجي ڀـرسان به ناريون رهنديون.


    جِت جـوانيءَ جـون بدن تي سنبتون جاڳيو پون.

    جِت جـوانيءَ جـون بدن تي سنبتون جاڳيو پون.
    اُت دلــيــون اچرج ۾ پئجن، حيرتون جاڳيو پون.

    حسن چڙهيو هيج سان، نمندا ويا نازڪ جسمَ،
    ٿـيـڻ لـئـه بـلـوانَ؛ بـاري، رغـبـتـون جـاڳـيـو پـون.

    عـشـق نـاهـي، اوچـتـي جـي مـار هـئه ڙي زندگي،
    مَـنَ لئه ماندا من، ڏسڻ سان چاهتون جاڳيو پون.

    يـار اهـڙي شـيءِ آ جنهن جا پير ئي برڪت ڀريا،
    بـر ٿـيـن بـاغ ِ عـدن، ۽ جـنـتـون جـاڳـيـو پــــون.

    هــٿ وڌائڻ ســان سـمـيـٽـڻ جـي تـصـوّر مـاريــو،
    او شـرم ٻــوٽــي! انـدر ۾ حـسـرتـون جـاڳيو پون.

    ڏينهن کي جي رات چئي ۽ رات کي جي ڏينهن چئي،
    سادڙو چئه يا صـَدَق دل، سهمتون جاڳيو پـون.

    ڏينهن جو سوچون؛ غفائون، رات جو جي اک لڳي!
    هونئن اڳيان خاموش رهندڙ، مورتون جاڳيو پون.

    ڪنهن ڀڳي آرَس ته منهنجي آلـسي اندر چيو(1)،
    قـرب جي معنيٰ ڪشالا، محنتون جاڳيو پون.

    راهه کان مـٽيس ته ٽيڏي اک پرينءَ جي دَرَ – وڌم،
    “چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک” (2) جيئن، عادتون جاڳيو پون!

    دل چيم، موٽين شهر ۾، هيل ڪو ڀيرو ته ڀڃ،
    ساٿ جـي لـمـحن جي آڌرُ، حجتون جاڳيو پون.




















    (1) آرس ۽ آلس، ساڳيو لفظ آهي ۽ ٻئي پڙهڻيون مروج آهن. هتي هاسيڪار ٻئي صورتون اختيار ڪيل آهن ته جيئن هڪ ته هڪ جهڙائي نه رهي ۽ ٻيو ته ٻوليءَ جا ٻئي لفظ استعمال ۾ آڻڻ جي ترغيب ملي.
    (2)صنعت ضرب المثل جو استعمال


    خيالن جا گس هِــن، سوالن جي وس جا.

    خيالن جا گس هِــن، سوالن جي وس جا.
    سوالن جا گس هِــن، جوابن جي وس جا.

    اکـيـن مـان اُماوس جا پاڇا جي نڪرن،
    ته آڪـاسَ رهـنـدا نظارن جي وس جا.

    وڏيون همٿون ٿيون ته ڏونگر به ڏڪندا،
    مـتـان پـنڌ ڀانـئـيـن پـهـاڙن جي وس جا.

    هـوائـن کي بس يار! پنهنجي ڪرڻ ڏي،
    سـرءَ ٿـي سـگـهـن ٿـا، بهارن جي وس جا.

    سـرن کـي تـه لُـڻـندين، مگر هاءِ سوچون!
    اهي ڪنڌ ناهن، ڪٽارن جي وس جا.

    گـنـاهـن جي ڀيري ۾ هڪ حدّ رکجان،
    ڇڏي چند رستا ڪَــفارن جي وس جا.

    اســيــن پـــاڻ آهـيــون، زمـانـا! ســڌارت!
    سڀئي درد چاهيـون، قرارن جي وس جا.


    سـٺـن وقتن جون ساريون يادگيريون ياد رکڻيون هن.

    سـٺـن وقتن جون ساريون يادگيريون ياد رکڻيون هن.
    بـرن وقـتـن ۾ دلـيـون درد ڀـريـون شـاد رکـڻيون هن.

    رويـن کي سـڌو رکـبـو ۽ رجـحـانـن جـي ٽِـڪَ ٻـڌبـي،
    سـچيون سوچون محبت منجهه مادرزاد رکڻيون هن.

    طـلب پنهنجي جڳهه تي پر رسد ناهي ته ڇا ٿي پيو،
    رُٺـل يـارن جـي لـئـه راهـون هـڙئـي آزاد رکـڻيون هن.

    محبت ڪهڙي دعويٰ آهي باقي سـرمـديءَ ڌاران!؟
    جـيـاپي جـون سـمـوريون حالتون برباد رکڻيون هن.

    تڪلف تنهنجي عادت هئي، تڏهن”مقـصود“ لوڙيوسين،
    مِلَئِي جي وقت پَئي “هيريل”، اکيون بيداد رکڻيون هـن.


    اجري مک تي جوڀن جون چوٽون(1).

    اجري مک تي جوڀن جون چوٽون(1).
    بــنــد ســمـاج ۾ ڏار ۽ ڦـڙڦـوٽــون!

    عـشـق! نـيـاز ۽ نـوڙت سـان اُڀـريـــو،
    زاريءَ چاهيون يار سنديون جوٽون.

    سـونـهـن، سـتـائـڻ تـي هريل چئبي،
    اَٽِڪِـي پَـَئِـي پر پو بـه وٺي اوٽون!

    قرب اٿـئي قـادر جـي عطئي جيئن،
    پــال نه دل ۾ پـيار جي لئه کوٽون.

    جـيـون نـاهـي رانـد ڇـڪي ساري،
    پنهنجي وس ۾سڀ نه رک ڳوٽون.

    آءُ گهڙي پل،واس ڏيڻ جــي ڪر،
    اڄ سـڀـان “مقـصود” متان موٽون.





    (1)جيئن لوهار، هٿيار ٺپڻ لاءِ ان کي مترڪي جون چوٽون هڻندو آهي، تيئن قدرت، حسن کي جوڀن جون چوٽون هڻي تکو ڪندي آهي.


    سـوجـهـرو، چـهـرو ڇـپـائـيــنـدو وتي!1

    سـوجـهـرو، چـهـرو ڇـپـائـيــنـدو وتي!1
    ڏوجـــهـــرو، ڏاڍو تـپـائـيـنــدو وتــي!

    حسن هـئـي انڪار جي غلطي ڪئي،
    عـشق کـان اکيون جهڪائيندو وتي!

    ڀاڳ سـان مـون ريس ڪانهي ڪا رکي،
    بخت مون سـان هيئن ڦـٽائيندو وتي!

    نقش اجرا، عـڪـس ڌنڌلا ڇـو ڀلا؟
    وقـت ويـسـر ڇـو وڌائــيــنـدو وتـــي؟

    شهر جي هر چوڪ تي جل–مشعلا!(2)
    واءُ ڇـــو ڏيــئـــو اجـهـائـيـنــدو وتــي؟

    تـوڙ تـي پـهـچڻ جي لئه تڪڙو هليس،
    راهـهَ جـــو ڦــــيـــرو رلائـيـنــدو وتــي!

    مـان تـه سـودائي مـڙئـي ڀـڻڪان پيو،
    لـوڪ پـنـهـنجي ســر ڪـَنـائيندو وتي!

    ســَيـر آهــيــان، پـــر شــرافت جو پلئه:
    پـــاءُ ڇـــا؛ مــاسـو نـمـائـيــنــدو وتــي!3

    مـان تـه تـو لئه ئي ڪيان پيو شاعري،
    هـيـئـن نه چئه: “ماڻهو کلائيندو وتي”!

    (1) هيءُ لفظ لطيف سائينءَ به استعمال ڪيو آهي:
    لاتيون جي لــباس جـون، سي ڇپائي ڇڏ،
    آئون، اسين ڪن جي، پاسي تن مَ اڏ.
    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به ان جا ڪافي مثال موجود آهن. جهڙوڪ:
    ڇو وري ٻاڦين نه ٿو هر ٻول کي؟
    ڇـو ڇُـپــايـئــه راز تـالــي ۾ وري!
    (2) جل – مشعلا يعني اسٽريٽ لائٽون
    (3) “سير مٿان سوا سير” پهاڪو مشهور آهي. هتي ان جي ابتڙ ڳالهه ڪئي وئي آهي.


    زنـدگـيءَ جي چاهنا بس چار گهڙيون چين جون.

    زنـدگـيءَ جي چاهنا بس چار گهڙيون چين جون.
    وقــت وڌيـون عـادتـون پـر يـار خاطـر سَين جون.

    بادلن جا استعارا هاڻ ڪنهن ڪم جا نه هِـن،
    درد تـشـبـيـهـون گهري ٿو هاڻ گهاٽي رَين جون.

    عشق اوساٽون ڏنيون، مون ڪَـَنَ ڪڍايا ڪين ڪي،
    ڀاڳ کان ڀانـيـم نشانيون، دلبرن جي دَين جون.

    سونهن کي اکرن ۾ اٽڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪريان،
    مـهـربـانـيـون شـاعـرن تي هِـنِ پـــني ۽ پين جون.

    قرب جون “مقـصود” جيڪي منزلون ٽپندو ويس،
    راهــهَ ۾ جيڪي مليون سي صورتون سڀ عـَينَ جون.


    ڏول ڀـري ٿي پاڻ مان، منهنجي ياد ڪڍي!

    ڏول ڀـري ٿي پاڻ مان، منهنجي ياد ڪڍي!
    تانگهي تَنهنجي دل ۾ منهنجي جاءِ ڪٿي!

    مـنـهـنـجـا ڦـــٽّ ڦــــروڙيــــون، آلا ئـــــي آلا،
    منهنجي هـن نـاسـور تـي، پـهـا ڪير رکـي!؟

    اوڇڻ منهنجي روح جو، پـريـم سندو پهراڻ،
    تو جيئن ڇوري ڇـيـڳري، منهنجي نار هجي.

    گـهـڙو کـڻـي گهيڙ تي، تون به ته اچين شال،
    جــو تـنـهـنـجـو مـيـهـار ٿـو، دريـــا پــار رهـي.

    ڇرڪ ڀرائي ڇوڪري، ڪڍ نه منهنجو ساهه،
    آءُ گـهـڙي کـن آءُ تـون، مـن کـي مـاٺ مـلي.

    انـگ ازل جـو هو سکي! هيل نه ٿيو آ هت،
    هـيءُ جـنـم هـلـيـو ويـو، ٻئي ۾ ڀاڳ کُلي!


    پـيـر تـنـهـنـجـا پـوئـتـي ٿـيـا، موٽـيا تو کان نه ٿــيا.

    پـيـر تـنـهـنـجـا پـوئـتـي ٿـيـا، موٽـيا تو کان نه ٿــيا.
    نـيـنـڍ ڏيندڙ نيڻَ ليڪن روڪـيا تو کان نه ٿـيـا.

    مان پياسـو، مون ته چاهيو، منّ منهنجو تار ٿـئي،
    جامَ مـنـهـنـجـي جـيـئـڙي ۾ اوتيا تو کان نـه ٿيا.

    هـي سـڳـا زنـجـير هئا، تو کي ڏنم، ٽوڙي ڇـڏيئي!
    ۽ وري اهــڙا سـڳـا پــوءِ جــوڙيـا تــوکــان نــه ٿـيــا.

    تـنـهـنجي در تي سين هڻندڙ وقت کان بـيٺا رهيا،
    در پـٽـي پـنهـنجي تڏي تي ڪوٺيا توکـان نه ٿيا.

    ساحرا! آندم ڪنول تو وٽ، مٽائي ڏين مون کي،
    تـنـهـنـجـو جـادو بـي اثر هـو، مـوتيا تو کان نه ٿيا.

    مـون جـهازن کي اچي ڪُـن ۾ بيهاريو هو مگر!
    حوصلو گهربل هو سانئڻ! ٻـوڙيـا تـو کـان نه ٿـيا.

    جنگ هارائڻ لئه آندا، مون سڀئي هـٿـيار ڪُـند،
    فـتـح جـا جـهـنـڊا تـڏهـن ڀـي کوڙيا تو کان نه ٿيا.

    تنهنجي ليکي مون ڪئي پئي، ڪالهه تو سان پارسي،
    عرض هئا منهنجا سڌا، پر سمجهيا تو کان نه ٿيا.

    تنهنجي چهري مان سڄي تنهنجي پئي حالت بکي،
    ڌار ٿئين “مقـصود” کان، رشــتــا مـگــر ٽوڙيا نه ٿيا.


    ڦِــر ڦِــر سونٽا، دٻلي ڪانهي.

    ڦِــر ڦِــر سونٽا، دٻلي ڪانهي.
    کــکــرن کــاڌل، دٻـــلا آهــــن.

    هـتــڙي لــوڪ ته پڳلو آهي،
    ڪانگ تڏهن ٿـيا ٻڳلا آهن.

    پــهـري جـي لـئـه چور بيهاري،
    هــــاڻ لــٽــيـــرا ســـولا آهـن.

    نيٺ مِـرونءَ کي لڄ اچي وئي،
    ماڻهوءَ – ماڻهوءَ –حملا آهن.

    جاتي پيار جي بدلي گهرجي(1)،
    تـاٿــي نـسـلـي بـــدلا آهــــــن.

    انـسـانن جــو مــوت تــمـاشو،
    قــتــل نــه آهــن، قــتلا آهـن!

    ڌرتي ڪئي وئي ڪاري آهي،
    مــَسـلـڻ کـان پـو، مُـثلا آهن.

    نيٺ تڏهن “مقـصود” لـکيـا هي،
    سچ جا ڪـﺆڙا جـمـلا آهــن.

    نوٽ: بدِلـِي = هلڪو ڪڪر، رومانوي پسمنظر رکندڙ)


    ڪُـن ۾ گـهـڙندينءَ، مانگر ايندئي.

    ڪُـن ۾ گـهـڙندينءَ، مانگر ايندئي.
    بــن ۾ کــــــوڙ جــنـــاور ايــنــدئـــي.

    شيشي جو گهر ڪيئن ٿي ٺاهين،
    ٻــيــري آهــيــن، پــٿـّـــر ايــنــــدئــــي،

    دنـــيـــا اوکي، مـــنـــڌ! تـون نازڪ!
    طـرحـيـن طـرحـيـن گـونـدر ايـنـدئي.

    وڇـڙي ويـنـديــنءَ، ويـل ۾ پوندينءَ،
    آڏو ســـارا مــنـــظـــــر ايـــنـــدئــــي.

    کـــاٻــي هــٿّ ۾ دفـــتـــر ڳـــورا،
    هڪّ نه هـڪ ڏينهن دلبر ايندئي.

    عــيــبــن هـــاڻـــي! ٿـــيءُ نـــمـــاڻـي،
    پـــوءِ مــون پــارا اوڍر ايـــنـــدئـــي.


    ڇننن، ڇنن، ڇنن، ڪنهن جي قربت سرور آ.

    ڇننن، ڇنن، ڇنن، ڪنهن جي قربت سرور آ.
    قـربـت وڏي آ ڳــالــهــه جــو رغـبـت ســرور آ.

    آ عـشــق هــر لــحـــاظ کان حل طلب مامرو،
    حــل ئــي نــه ٿــو کـپـيم! جو حسرت سرور آ.

    آڪاشُ بي ڪنار تـڪيندي مون سوچيو،
    هـيـڪـل رهــڻ جـي هـيـرَ ۽ وحشت سرور آ.

    ڪيڏي ڪروڌَ! تنهنجي اهنسا سان دشمني!
    ڏيندِي مـون کي ڌڪار سـان نـفـرت سـرور آ(1).

    گهمندو ته ڪر گهٽين ۾ ڪڏهن آرَسي پرين،
    حـرڪـت مـان جا ملي، اها برڪت سرور آ.

    جـوڀـن ڏنـو جــو نـيـنـهـنَ- نياپو قبول ڪر،
    هـــر جــانــدار جـــي اهـــا جــبــلـت ســـرور آ.

    پورهيو ڪندڙ وجود مان نڪتل پگهر جو سُنهن!
    هــر مُــک تـڪيندي يار لئه محنت سرور آ.


    (1) هن بند ۾ صنعت تفريق جو استعمال ڪيل آهي


    چـهـره شـناس(1) مـاڻـهـن، مُـک تـي نـگـاهه ڦـيـري.

    چـهـره شـناس(1) مـاڻـهـن، مُـک تـي نـگـاهه ڦـيـري.
    چـاهـت ڏٺــي جـا مـون لـئـه، قـصـو ڇڏيو نبيري.

    آڻـيـن جـي ڳالهه دل جي، پنهنجيءَ زبان تي تون،
    ڀاڪر ڀريا مان توکي، ٻانهون پنهنجون ڊگهيري.

    اتـسـاهـيـس سـلـيـقـي جــا داســتـــان ٻـــڌنـــدي،
    مــون پــاڻ کــي آ تــو لــئـه ڇـڏيو کڻي وکيري(2).

    ايـنـديـن تـه يـــار مـنـهـنـجـو انـدر ٺـري بـه ويندو،
    جلندو رکيو آ منهنجي جيءَ کي سدائين ڄيري.

    تــو بــن ســدائــيــن جيـون، اجڙيل رهيو آ سانئڻ،
    مـايـوس مـن کـي پـاتم، هـر ڪـنهن بهار ڀيري.

    اي لاهريءَ جا مالڪ! ڪاڏي هليو وئين تون،
    سک چين کي لٽيو آ، ڪنهن سمنڊ جي لٽيري(3).

    “مقـصود” تنهنجي ڳولا، ان لئه ڪندو رهان ٿو،
    سوگهو ڪِلو ڪُڏڻ لئه، گهرجي هر هڪ وڇيري.


    (1)سنڌيءَ ۾ “چهره شناس” لفظ جو ڪوبه مناسب نعم البدل ڪونهي. راشد مورائيءَ به ان جو هڪڙو فارسي نعم البدل پنهنجي شعر ۾ ڪتب آندو آهي.
    ڏسـي ظـاهـر لـڳـائـن ٿـا انـدازا،
    علم قيافه جا ڄاڻڻهار ماڻهو.
    (درد ۾ دلجوئي، راشد مورائي، صفحو 60)
    (2) هن بند ۾ صنعت تضاد ايجابي جو استعمال ٿيل آهي
    (3) هن بند ۾ ارغونن/ ترخانن جي دور ۾ لاهري بندر تي ڪيل پورچوگيزي ڦورن جي حملي کي استعاري طور استعمال ڪيو ويو آهي.


    پـلّ مـلـڻ جو هڪڙو هو، اوسيئڙي جي عمر وڏي.

    پـلّ مـلـڻ جو هڪڙو هو، اوسيئڙي جي عمر وڏي.
    عشق وڃائي سرت سنديم، جوڀن رُتُ ۾ هوءَ پڏي!

    ريـجـهـي روح تـه بـاقي ڇا، رمز نه ٿو سمجهڻ چاهي،
    جـسـم تـوانـو، ٻـلـوانــو، نـفـسَ مـچـائـي آهـي ڀـــڏي!

    مـئـلـن تـي الــزام هـڻـي، جـيئرن کي بدنام نه ڪر،
    سـرمـد! جـوڙ ازلَ سـان هـو، پـيـس اَڀـيءَ جي اَڙ اَڏي،

    عمر وڃڻ کان پهرين اچ، هيءُ مون کي سمجهائي وڃ،
    آهي اَنا ۾ شر رکيل، مون نه رکي؛ ڇـا تـو بـه ڇـڏي؟

    آءُ پــکـيــئــڙا مـنــڇــر تــي، ونــشــن جا تون پير کڻي،
    مارڳ مارڳ ڇا معنيٰ؟ منزل ڪنهن جي ناهي مڏي!

    گل “مـقــصـود” گـلابن جا، شعر ته بٺ ڪتابن جا،
    آڇـيـنـدس احـسـاس ڀـري، رستي ۾ جي هوءَ گڏي.


    تـرديد ۾ تــردّد! ڀــاسـيـم ڪـا ڳــال(1) آهــي.

    تـرديد ۾ تــردّد! ڀــاسـيـم ڪـا ڳــال(1) آهــي.
    باسين به ڪانه ٿي پر؛ تنهنجو ڪمال آهي!

    سر جو وڃڻ سهانگو، تيسين ڪو شعر بڻجي،
    شاعر سان هئه وڇوڙا! ڪيڏي نه چال آهي.

    هڪڙي خوشيءَ ڪارڻ سهبا هـزار صـدمـا،
    مــوزون زنــدگـــيءَ جــو اهـــڙو مـــثـال آهــي.

    ول ول ٿي ويڙهجي وڃ، مان ول جـو بار کڻندس،
    پـخـتـو انـدر آ مـنـهـنـجـو، جـهــڙو ديـال آهـي.

    رکجانءِ پـنـبـڻـيـن تـي، پـيـريـن گلاب ڇا لئه؟
    مان پيش تنهنجـي اڳيان، جهڙو به حال آهي.

    “مـقــصـود” تنهنجي آمد جـو ڄڻ پـسڻ پيو آ،
    مـون لـئه گمان تنهنجو پـڻ نيڪ فـال آهي.



    (1) ڳال= ڳالهه. “ر ۽ هه” جي صوتين کي ملائي “ل” جي وسرگ صورت ظاهر ڪئي ويندي هئي. جيڪا هاڻ معياري سنڌيءَ ۾ “لهه” جي وسرگ صورت سمجهي وڃي ٿي. پر اها ادبي محاوري ۾ زوريءَ قائم ڪيل صورت آهي. عوامي اچار مطابق سنڌ، بلوچستان ۽ ڪڇ ۾ “ڳال” لفظ اچاريو ويندو آهي ۽ اهو ئي درست آهي. سرائڪي سنڌي ۾ به ڳال، مُل (قيمت) وغيره لکبا آهن.
    (2) ول ول = “ور ور” جو عوامي تلفظ، جيڪو معياري سنڌيءَ ۾ هاڻي بي قائده طور تي مروج آهي، پر سرائڪي سنڌيءَ ۾ باقائده مروج آهي. هن مصرع ۾ هن لفظ جو استعمال، تجنيس تام جو مثال آهي.


    اُڪـيــر دل ۾ ٿـئـي ٿي ۽ روح ڇڪـبو آ.

    اُڪـيــر دل ۾ ٿـئـي ٿي ۽ روح ڇڪـبو آ.
    حــواس ڪــمّ ڇـڏيـندا ته عشقُ سـڏبو آ.

    اکيـون ٿڌيون ٿيون ٿين، جيڪڏهن پرين ڏسجي،
    ۽ دل ٺــري تــه انــهــيءَ کــي قــرار چـئـبو آ.

    فراق جنهن نه ڏٺو، عـاشقيءَ مان ڇا ڄاڻي،
    وصـل جـو؛ درد کـان پوءِ ئي سواد چکبو آ.

    خيالَ! ٿورو سگهو ٿـي، جـنـون بـنـجـي وڃ،
    تڙپ کان پوءِ ئي چَهرو غزل ڪو لـکبو آ.

    اڙي اَيــــاڻ! ڦـروڙيـن کـــي ڦـــٽ چــوڻ وارا،
    دلـيــن جي زخــم تـي هـرگز پهو نه رکبو آ.

    سـدا مـلـوڪ صـنـم جو نظيرُ پيش ٿئي،
    تـڏهــن بـه هـٿّ جـي کـڻـبـا ته يار گهربو آ.

    جڏهن ڪو هجر جي حالت مان ٿو پچي نڪري،
    تـڏهـن ســو لــوڪ جـي آڏو مثال بڻبو آ.

    انهن مان ٿيءُ نه “مقـصود” جو وساري ڇڏيـن،
    پرينءَ کي پنهنجي اندر ۾ رهـائـي ڇـڏبـو آ.


    رهـنـدو جـيون دکي، درد جي چونڊ ڪر.

    رهـنـدو جـيون دکي، درد جي چونڊ ڪر.
    هـيءَ اٿـئي زنـدگـي، درد جـي چونـڊ ڪر.

    ڏات پـنـهـنـجـي اجـارڻ گـهــريــن ٿــو اگر،
    حـسـرتـن کـي ڇهي، درد جي چونڊ ڪر.

    ظـلـمـتـن ۾ رهـي وقـت ڇـڪجيو پوي،
    پنهنجي دل کان پڇي، درد جي چونڊ ڪـر.

    بي خودي! بي خودي!(1) آهـي آٿــت رڳـو،
    ڇـڏ اِهـا بـي خودي، درد جي چونڊ ڪر.

    ٿــو زمــانــو تـنـهـنجي حوصلي کي ڏسي،
    ٿورو مرڪي کلـي، درد جي چونڊ ڪر.

    جي خوشيءَ ۾ حياتي ٿي ڪٽجي سگهي،
    پـو بـه ڄـاڻي ٻجهي، درد جي چونڊ ڪر.

    ڪـيـر سـهـنـدو پرينءَ کان وٿي وار جي،
    قربتن لئه ڪُـڏي، درد جي چونڊ ڪـر.

    نـيـٺ “مـقــصــود” هـــو انــقــلابن جيان،
    تو سان ملندو اچي، درد جي چونڊ ڪر.


    (1)هن مصرع ۾ صنعت تڪرار جو استعمال ٿيل آهي.


    چـنـڊ کـي جـيـئن آرسيءَ ۾ آڻجي.

    چـنـڊ کـي جـيـئن آرسيءَ ۾ آڻجي.
    تـيـئـن تـوکـي زنـدگـيءَ ۾ آڻـجـــي.

    ديـپ جـاري ۾ پـيـو ٻـوســاٽـجـــي،
    سـوجـهـري کـي وائـکـيءَ ۾ آڻـجي.

    فيصلا جيڪي لکيل لڳندا آهن،
    امـر کـي ڇـو ٿـو نـهـيءَ ۾ آڻـجـــي.

    ڌار ئي هـجـجـي مـگـر ٿي سامهون،
    فـاصــلـو اهــڙيءَ وٿـيءَ ۾ آڻــجـي.

    ڪنهن ٻڌايو پئي ته ڇڪ کاڌي اٿس،
    دل چـيـو، سـهـڻـي! نديءَ ۾ آڻجي.

    مـان جـبل وانگر کُتل بيٺو آهيان،
    يار کي ڪـنهن پَرُ، دريءَ ۾ آڻجي.

    عشق کي “مـقصود” اوسر ٿي کپي،
    حـوصـلـي جـو ٻـج، ٻـنيءَ ۾ آڻجي.


    زنـدگـيءَ ۾ ڪـٿـي رهـنـمـائي رهــي؟

    زنـدگـيءَ ۾ ڪـٿـي رهـنـمـائي رهــي؟
    پنهنجي منزل به ڪيڏي پرائي رهــي!

    پـنـڌ هـلـبـو تـه ٿـاٻـڙبـو، ڪـربـو بـه آ،
    هـن سـفـر ۾ سـنـوت، ٿـيـڙ کـائـي رهي!

    هڪڙو شاعر، جو ناصح ۽ مخلص به هو،
    شـهـر وارن جـي اُن سـان ڇـڊائـي رهـي!

    ٺــوڪـرن ۾ رکـيـو وقــت ۽ حـالـتــن،
    تڏهن فطرت ۾ بيشڪ ڪڙائي رهي.

    مـان شـهـريـار نـاهـيـان، فـقيري مـنش!
    تـنـهنجي ڪاوڙ آ مون تي اجائي رهي.

    او سـڪـل، ٺـوٺ، ويـران دل جـا ڌڻـي،
    مـنهــنجـي اک ۾ سـدائـيـن ترائي رهي.

    مان ڀـريـنـدس گهڙي کي اڃا ڪيترو،
    نـيـٺ اُٿـلـــي پـئــي، جــا ڀــرائــي رهــي.

    عـيد تـي جـنـهن کي درٻار هڻڻي هئي،
    هــاءِ! مـحـروم جــلـوه نــمـــائي رهـــي.

    پرمغز ڪنهن غزل تي ٿي تنهنجي هڪل!
    منهنجي شعرن کان وڌ، تنهنجي وائي رهي.

    يادگـيـري ڪـنـدي تـو وسـاري ڇـڏيو،
    تـنـهـنـجـي بيشڪ اها ڀي وڏائي رهـي.

    مان نڪمو، پنهنجي ڪرت جو ڪاريگر،
    ياد “مـقـصـود” منهنجي ڪمائي رهي.






    نوٽ: 16 فيبروري 2015ع تي عبرت اخبار ۾ حبيب لغاري جي لکيل آرٽيڪل ۾ منهنجي هن غزل جو مقطع به قاضي مقصود گل رتيديري واري جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي.


    تــو نـه پـيـتـو مگر خـمـارَ اٿـئـي.

    تــو نـه پـيـتـو مگر خـمـارَ اٿـئـي.
    زنـدگـيءَ جـا اهـي ئـي پـارَ اٿـئي.

    سونهن، آڪاس جي بلنـدي آ،
    عـشـق شـهـبـاز جــي اڏارَ اٿــئي.

    يار جيتڻ جو ڏس پڇيـن ويـٺـو،
    جـيـت جـو راز صـرف هارَ اٿئي.

    چوطرف تون پرين مون کي پسندين،
    جـيـڪـڏهن دل اندر نهارَ اٿئي.

    من کي ماندو نه ڪر رڳو دلبر،
    تنهنجي چوڌر مـنهنجا حصارَ اٿئي.

    ساهه جياپي جو ڪونهي محور،
    مـنهنجي شعرن مٿان مدارَ اٿئي.


    ڪـٽـجـي ويـنـدي عـمـر، عـمـر جو خير.

    ڪـٽـجـي ويـنـدي عـمـر، عـمـر جو خير.
    جـهـوريـنـدم هي ڏکّ، تو سمجهيو غير.

    تــون تـه صـنـاعـيءَ جـو شهڪار هئين،
    ڪيـئـن اچي ويو تنهنجي اکين ۾ ڦير!؟

    هــاءِ هــوائــون پَـــنَ لــوڏي لـنـگـهـيـون،
    مون سمجهيو، ڄڻ ڇمڪي تنهنجي ڇير.

    آءُ مَــٽــائــڻ مـنـهـنـجـي فـطـرت کـي،
    پــيــش ٿـي پـيـارا ڪـرّ زبـر کـي زيـر.

    سـاڙيـنـديـن تـه بـه خـاڪ تنهنجي آڏو،
    پــوريـنـديـن تـه بـه آئـون مـٽيءَ جو ڍيـر.

    مـان ”مـقـصـود” وفـائـن جـو عــادي،
    توکي چاهيندو ٻيو هيئن ڪو ڪير؟


    قطعا

    اھي ڪنڌ اوچا سدائين رھن،

    اھي ڪنڌ اوچا سدائين رھن،
    مٿن تي جنين سنڌي ٽوپيون ھجن،
    ڪلھن تي ھجن اجرڪون اوڍيل،
    پريان کان ئي سنڌي سٻاجـھـا لڳن.


    امن جي روايت جو آھي امين،

    امن جي روايت جو آھي امين،
    عجب گل ۽ گلزار منھنجو چمن،
    رھيو آھي تھذيب جو گھـر سدا،
    ثقافت جي رنـگـن ۾ رڱـيـل وطن.


    جــنڊي سھڻي، ڪاشي سـھـڻـي، سـنـڌ ۾ ٺـھندڙ کيس به سـھڻو

    جــنڊي سھڻي، ڪاشي سـھـڻـي، سـنـڌ ۾ ٺـھندڙ کيس به سـھڻو
    ڀرت ڀريل پھراڻ؛ سجيلن سنڌ وارن جو ويس به سھڻو
    قدرت جيڪي رنگ وکيريا، ٽوپيءَ اجرڪ منجھه ملن ٿا
    تـن رنگـن سـان ڀريل سـارو، منھنجو سنڌو ديس به سھڻو


    ڊسمبر جي مھيني ۾ متل آھي وڏي ھـلچـل،

    ڊسمبر جي مھيني ۾ متل آھي وڏي ھـلچـل،
    سـمـوري قـوم ڏيـکـاري رھي آھي ٻڌيءَ جو ٻل،
    پـڳـا آھـن سـڀـئـي ماڻھو بلآخر ھن نتيجي تي،
    ته آھي ايڪتا ۾ ئي سمورن مسئلن جو حل.


    نھار جي حـد تـي سـر، سـرن تي رکيل ھي ٽوپـيـون،

    نھار جي حـد تـي سـر، سـرن تي رکيل ھي ٽوپـيـون،
    ڪلھن تي اوڍيل ھي اجرڪون اڄ وچن ڏين ٿـيون،
    جڏھن به سنڌ جي روايتن تي کڄي ڪا آڱر،
    ڪفن ٻڌي نڪربو ۽ سسيون ڪپائي ڇڏبيون.
    ***
    نوٽ: هي قطعا 2010ع ۾ ملهايل ڏهاڙي جي مناسبت سان لکيل آهن.


    جــيــجــل، مــٺڙي ماءُ هئڻ جي هـام،

    جــيــجــل، مــٺڙي ماءُ هئڻ جي هـام،
    ورثـــو وٺــنـــدڙ جـــاگــيـــرون انـعــام،
    ڌرتي هــڪـڙي راڄ جــا راکــا جــام،
    در در ڌڪيل سنڌ نه جهليل سام!


    دهشت دماغ ڦيريو، هيسيل آ ڍور ڍنـگـر،

    دهشت دماغ ڦيريو، هيسيل آ ڍور ڍنـگـر،
    ماڻهوءَ جو ماڻهپي کان، اوڏو رهيو آ ننگر،
    مُوڙي خرار ڀريل، سونيون سرون، جواهــر،
    وانجهيل رهيو آ باقي، تهذيب کان تونگـر.


    حالت جري، تضادَ طَلَبَ، سهمتي نه ڪر،

    حالت جري، تضادَ طَلَبَ، سهمتي نه ڪر،
    شـــاعــر! انـــڌيـــر آ تــه ڏيـــاٽـيءَ جيئن ٻَـر،
    انـــســان مــعــجــزو آ تــه پــو مـعجزو رهي،
    مٽيءَ منجهان ڦٽل ته نه آهي گـجـر بـصـر.


    رنــــــگ ڀـــــريـــــل جـــــهـــــان تـنهـنجو آ،

    رنــــــگ ڀـــــريـــــل جـــــهـــــان تـنهـنجو آ،
    ذات جــي دائـــري مــان نــڪـــــري ڏس،
    پـنـهـنـجـي هـمـٿ سـان ڏار جـبــلـن کـــي،
    ٻئي ڪنهن جي آسري مان نڪري ڏس.


    وجودن جون عمريون ڊگهيون ئي سهي،

    وجودن جون عمريون ڊگهيون ئي سهي،
    ســڀــئـي نــيـــٺ نـابــود آهــي مــيــان،
    نــفـيءَ جي نــفيءَ سان رياضت مان سک،
    عـدم خــود بـه مــوجــود آهــي مــيــــان.


    قطعا

    قطعا

    پـنـهـنجو ناتو سگهو ٻڌڻ جي لئه،
    قـرب واري مون کي زنجير به ڏي،
    يــا مون کي خوابُ نـه ڏيکار پرين،
    يـــا وري خـوابَ جي تعبير به ڏي.


    خـيالـن ۾ وڏي چـرپــر، پـيـا ڪـن عـشـق جـي اوســر،

    خـيالـن ۾ وڏي چـرپــر، پـيـا ڪـن عـشـق جـي اوســر،
    چون پيا دل کي تپندي ڪر، اڙي دلڙي بٺيءَ جيئن ٻر،
    فـڪـر هـڪــڙا اُڏامــي ويــا، نَـوَن دل ۾ هـنـيـا ديــرا،
    ڳـهــيــلــو ڳـڻـتـيـن ورتــل، انــدر آهــيــم ڄــڻ بــازر.


    ڪير ڪيڏو کڻي لڪائــي ٿو،

    ڪير ڪيڏو کڻي لڪائــي ٿو،
    حــال، قـصـو سـڄـو ٻــڌائــي ٿـــو،
    پــاڻ ٿـيـنـدو نــه آ تـماشو ڪو،
    عـشـق بـي سـاخـتـه نـچــائي ٿو..


    منهن تي موڙو، اکيون ڪروڌ ڀريل،

    منهن تي موڙو، اکيون ڪروڌ ڀريل،
    پنهنجي نفرت کي هانوَ ۾ رکـجـان،
    ٿورو احساس کي ڏي پنـهنـجـائـپ،
    مون کي مارين ته ڇانـوَ ۾ رکـجـان.


    مــحــبــت دل ۾؛ ڇــا مـطـلـب!؟ اهـا مـسـتـي اٿـئــي اهــــڙي،

    مــحــبــت دل ۾؛ ڇــا مـطـلـب!؟ اهـا مـسـتـي اٿـئــي اهــــڙي،
    دُکڻ تي دونهن ڪـڍنـدي آ، هـجـئـي جـي؛ ٻـاڦ ٻـاهـر ڪـر،
    شـيـون فطرت تي هلنديون هِن، مان تنهنجي سامهون آهيان،
    اگـــر تــون آئــيـنـو آهـيـن تـه مـنـهـنـجو عڪس ظاهر ڪر.


    روح کي جيڪا ڇُـهي سا ڳـالـهه ڪـر،

    روح کي جيڪا ڇُـهي سا ڳـالـهه ڪـر،
    گـهـر ڪري دل ۾ وڃي سا ڳالهه ڪر،
    ڪـر پــري جـنـهـن جـو هـوائــن ۾ پـڌر،
    جــا عـمــل ۾ ڀــي اچـي سا ڳالهه ڪر.


    وقت مٽيو، وقت سان گڏ حالتون مٽجي ويون،

    وقت مٽيو، وقت سان گڏ حالتون مٽجي ويون،
    زنـدگـيءَ جـون کـوڙ سـاريون خـواهشون مٽجي ويون،
    هـا مـگـر تـنـهـنـجـي محبت ۾ نه آئي ڪا ڪمي،
    ٻـيـون سـموريون زندگيءَ جون چاهتون مٽجي ويون.


    نـقـش ڌنـڌلا، عـڪس گهرا ٿي ويا.

    نـقـش ڌنـڌلا، عـڪس گهرا ٿي ويا.
    وقـت لـوئـيـو، جُـهـور چـهـرا ٿـي ويـا.
    خوابِ غفلت مان اگر جاڳي ڏسين،
    بـاغ بـسـتـان، سـڀ صـحـرا ٿـي ويــا.


    ڇهه سٽو

    ڇهه سٽو
    مـحـو ٿــي، پــيـهـجـي، ٻـــڏي وڃـــجــي.
    ڪنهن کي ڏسجي ته هن طرح ڏسجي.
    عــشــق جــي ڏوهه آ تــه ڏوهـــي ٿــــي،
    يــــار آڏو خـــطـــا ڪــــري اچـــجــــــي.
    ســـڀ لـــٽـائي فدا ڪري ڪنهن تان،
    ســـونــهـــن جـو حق ادا ڪري ڇڏجي.


    متفرق بيت

    متفرق بيت

    جڏهن جڏهن مون، وڌو ونگ واسينگ سان،
    تـڏهـن تـڏهـن تـون، آئـين منهنجـي سـامهون.
    ***
    جـڙ کـان ڪـٽـيـو جـو، ســَلو سـائــو نـه ٿـئي،
    جــڙ کــان بـنـا جـو رهـيـو، ســڏجـي بـي پـاڙيو،
    جـنـهـن جو بار رهيو، سدا ٻئي جي ڪنڌ تي.
    ***
    هـڪـڙا ٿـيـا بـادشـاهـ، هـڪـڙا ٿيا وزير،
    ملڪ لٽيو جن ماڻهن، سڏيا سي امـيـر،
    ڏيئي لـوڪَ لڪير، ڌاريان رهيا ڌار ٿي.
    ***
    عـقـل ۽ عـرفـان جـون، ڳـالـهـيـون آهـن ڳـچ،
    ڪوڙن ڦيري ڪوڙ سان، ڪوڙ ڪمايو ڪچ،
    ســچـن وٺـــي وچ، سـچ پـڄـايـو پـاڻ کــي.
    ***

    مَنﱡ نه ماٺو جن جو، تن جنين جو طيش،
    اڏري جـن آڪـاس ۾، وڌا هـٿ هميش،
    تنين سندو ديش، آهي هـي سـنـسـار سڀ.
    ***
    مـڙڻ مـوٽـڻ ڄـڻ مرڻ، اڳتي اڳتي ٿيءُ،
    سِرﱡ ڪپائي جـيءُ، سرهو ٿي سماج ۾.
    ***
    بـوقـلـمـون جـادوگـري، ڏيـکـائـن جـو ڏنـڊ،
    اکّ وجهي آڪاس ۾، چتايان پيو چنـڊ،
    ناهي رات اماس جي، ڇوهي مڙهيل منڊ!؟
    الا هي پاکنـڊ، ماڻهوءَ ماڻهوءَ سـان ڪـيـو!
    ***
    پِرههَ پڄاري ٿيءُ، دست نه جهلجان دهر جو،
    پـاڻـان مـاري جـيءُ، جـوت جـلائـي عـام ۾.
    ***
    هــنــســا سـنـدي پــيــٽ ۾، وِجـهــي وَڌائِي،
    تـــخـــم ۾ تــڙپــي تـڏهـن، لـهــوءَ سـان آئِـي،
    بــلـــي بـــلــي! هــاڪ ٿـي، آزادي ڄـــائـــي،
    سَــرِجِـي وَڏي سُـور سـان، جـڏهـن سـامــائِي،
    جـوڀن ۾ ڪاري ڪري، ڪُوڙن مارائـي،
    مــرڻئان پـوءِ بـه مـشـعـلون، چوڏس چٽائي،
    ايــڏي اجــــرائي، آهــه اهـــنـــســـا اک ۾.
    ***
    جادم پوٽا جُوءِ جا، وکون وڌايو،
    اچــو اچــو راڄ ٿـي، مـيـڙا مچايو،
    ويـڇـا کـٽـايـو، ڀائـر بڻجي پاڻ ۾.
    ***
    سمن، سوڍن، سومرن، جتن منجـهان جي،
    ڪـڇـيـن، ڪـاٺـيـاواڙيـن ۽ گـجـراتين کي،
    عــرب، ايـرانـن کـان وٺـي، پـڻ پختونـن ڏي،
    ســاري سـنـيـهــو ڏجان، ذات ٻـروچـن کي،
    سنڌوءَ جو تن تي قـرض رهـيل آ آب جو.
    ***
    سـڀـئـي ٿـيـو سـجـاڳ، سـمـان جـت بـلــوچ،
    پنهنجي پنهنجي سوچ، سنڌوءَ سان سلهاڙيو.
    ***


    متفرق بيت2

    متفرق بيت2

    تڙ تماچي ٿو سڏي، ڪينجهر سڏڪـي ٿـي،
    نـوريءَ ويندي ئـي، ڪونه نهاري ڪو هتي.
    ***
    ڪهـڙي پـٿـر مـان، جــوڙيان تنهنجي مورتي،
    روح ڇـڪـيـنـدڙ روپ ۽ اهـڙو قـد ڪـٿان،
    تو جيئن ڪين ڏسان، سونهن ڪٿي سنسار ۾.
    ***
    او تـون! اڄ تــه آڻ، جـوتـون مـنـهـنـجـي جـيءُ ۾،
    ڪانهي ڪابه سڀاڻ، سونهن سُنگهڻ ڏي ساهه کي.
    ***
    سَـڌ نـه ڀـانـئـي مـور، چـريـا چـاهـه اٿـئي اهو،
    هـو جـو مـون کـان دور آ، ايـنـدو نيـٺ ضرور،
    تيسين منهنجو پور، مون سان ساڻ رکيس ٿو.
    ***
    ويٺو ويڙهيان سُٽُ، بيٺو ڪريان باتڙيون،
    هـاڻ مـصـيـبـت کُـٽُ، سَنڌا ساڻا ٿـي ويـا.
    ***
    ريءُ خـمـر، نـنـڊاکـڙا، پـنــبــڻ پاهـــڻ ٿِـيــــن،
    اکيون جي احساس سان، ڍرڪائي ڍِرَ ڏِين،
    محبوبن جي ماڳ کي، عاشق ڪين ڇَڏِين،
    ائـيـن جـي وِرڇِـيـن، قـرب مـحبت مهل تـي.
    ***
    اســان ڏٺــي عـشق ۾، ڪيڏي ڪرامت!
    اوڏِي ٿــــئـــي مـيـهـار کــي، اهــڙي عـبادت!
    دهـشـت دم درياهه جي، ساريئين سعادت!
    لهرن لوڙهڻ جي ڪئي، سهڻيءَ صراحت!
    تـرنــدي پـڳــي تـار ۾، هـئـــــه ڙي ريـاضـت،
    الــف عـلامـت، سـاڻس رهــــي ســيــــــر ۾.
    ****
    ويسر ڪيو ويسرو، وسريو جڳ جهان،
    هڪڙو ئي انسان، سوچن ۾ اڀريو اچي.
    ***
    سـاجـن سڀ ڄـمــار، تـوکــي سـاري ســاريــم،
    ڀــورائــيءَ ۾ ڀـــلـــجــي، مــتـان ڏيـنـم مـيــار،
    تـوکـان ٿينـدي ڌار، سک نه ڀانيم ڪڏهين.
    ***
    رســتــو رســتــو گُــلّ، سـجيل سارا پيچرا،
    پـيـر رکـي ٿـي پـدمـڻي، واسُ وٺن ٿا ڦُلّ،
    هـٻڪارن جا هُلّ، چوڏس ڄڻ پئجي ويا.
    ***
    مـيـنـهن وسـنـدي مـون، ڏات پني ڏاتر ڳنان،
    پُسيـو پـٽ پـاڻيءَ سان، من ورتيون مستيون،
    جي مون ڀر ۾ تون، ڪيئن نه ٽلندس مور جيئن.
    ***


    سسئيءَ بابت ڪجهه بيت

    سسئيءَ بابت ڪجهه بيت
    سسئي ٿي ساري، درد منجهان دانهون ڪري،
    هـانءُ نـه ٿـي هـاري، اڃـا هـلـڻ حوصلو.
    ****
    جـوڙيـنـدڙ کـي جـس، پـربـت جـنهـن وڇائيا،
    سسئيءَ کي تنهن کان گهڻي، اڃا ئـي شابس،
    جن مان ڪري گس، هلندي رهي هيڪلي.
    ****
    پنهونءَ پڪاريو، منهنجي من آهي ٻڌو،
    نـيـڻـن نـهـاريو، انــدر مـنـهـنـجـي اونـهــو.
    ****
    سـک وهــيـڻـي سـسـئـي، وڇــوڙي ويئي،
    ڌاريا هئا ڪين ڪي، پنهنجن مان ڪيئي،
    پنهونءَ کي نيئي، داغ ڏئي ويا دک جو.
    ****
    جـيـڏو تـون اڻ ڄـاڻ، تـو لـئـه پـيـڙا اوتـري،
    روحَ اٿـي رڻ واس ڪـر، بَنواسي بـڻ پـاڻ،
    سوچي پاڻ سڃاڻ، تنهنجو انگ ازلﱠ سان.
    ****
    روحُ اصـل ۾ رَنــد، بُـتَ ڄڻ بي پاڙيون ولون،
    بڻجي هڪڙي جند، سور ٻنهي لئه سرس ٿيا.
    ****


    دوها

    دوها

    پــاروٿــو ڏک، درد نـئـون ڏي، ونـدر ڪـانـهـي ووءِ!
    سچيءَ دل سان، يارَ ڪڏهن ڀي، عشق نه ڪنهن کي هوءِ.
    ****
    ڳـاڙهـا گـلـڙا، اڄ بـه انـهـن ئـي واٽـن تـي ولـهــارُ،
    جاٿئون لنگهندو هو ڪنهن ويلي منهنجو مٺڙو يارُ.
    ****
    ورهــه وڇــوڙو، لـمـبـو چــوڙو، جـهـڙو ڪــو ســائـــر،
    اڏري پـهـچـان تــو وٽ جـيـڪــر، آءٌ هـجــان طـــائــر.
    ****
    کـنـوڻــن جــا ڪـڙڪـاٽ ٿـيـا هـا، اڄ سـوڌو پڙلاءُ،
    وَرُ وَرُ سـڀ وڇــوڙي وارا، مـنــظــر ٿــيــا ورجــاءُ.
    ****
    سـسـئـيءَ سـان ڪـو جوڙ ته ناهي، پر جُتيءَ ۾ پير،
    هـن کـي ڏيــرن ڏک رسايو، مون کي ماضيءَ گهير!
    ****
    ننڍڙي دل کي رول نه سانئڻ! ٿي وڃ منهنجي ميت،
    دل ۾ وسـنـدڙ دنـيـا آهـي، بـنـجـي وڃ جـڳ جـيت.
    ****


    گيت

    ڏيـنـهـن جـي هر منظر تـڙپـايو - پو به نه آئين، پو به نه آئين.

    ڏيـنـهـن جـي هر منظر تـڙپـايو - پو به نه آئين، پو به نه آئين.
    رات پـکـيـڙيـو پـنهـنجـو سايـو - پو به نه آئين، پو به نه آئين.
    خواب اکين ۾ اڻـنـدي رهـيـس،
    رنگ رليءَ ۾ وجـهندي رهيس،
    هر هر در ڏي ڏسـنـدي رهيـس،
    اوسـيـئـڙي ٿي هـانءُ جـلايـو – پو به نه آئين، پو به نه آئين.
    ساجهر هڪڙي ڪار ڪئي ٿي،
    ٻـنــپـهـرن ٻي ڪار ڪئي ٿي،
    رات وري ٽـي ڪـار ڪئي ٿي،
    مون ٿي پـنهنجو وقت کـٽـايو - پو به نه آئين، پو به نه آئين.
    منهنجي در جي چانٺ جهلي مان،
    ويـٺـي آهـيـان ويـــڳـاڻــن جــان،
    مـاڻـهــن جــي آ تــاڙ پــري کـان،
    توکي هوندو ڪنهن ته ٻـڌايو- پو به نه آئين، پو به نه آئين.
    ســازنــدن جــا ســاز بــه ســـر ۾،
    راڳــيــن جـــا آواز بــه ســـر ۾،
    داد ڀــريــا انـــداز بـــه ســـر ۾،
    نـيـٺ سـڀــن ٿــي راڻــو ڳــايـو - پو به نه آئين، پو به نه آئين.


    نوري ڄام تماچي

    نوري ڄام تماچي

    نوري: ڄــار هـــــو منهنجـي مـقـّـدر ۾، ککيون ۽ کارا.
    مـنـهـنـجي دنيا رهيا ڪينجهر جا ڪنارا سارا.
    ****
    نوري: مون نه ٿي ڄاتو ته هي پٽ پٽيهر ڇا هـِن،
    مـون ته پـوشـاڪ ۾ پـاٻـوڙا ئـي پـاتـا آهـن،
    مـون کي هي عيش ڪڏهن راس پيا ئي ناهن،
    ڄام ڦيرائي منهنجي ڀاڳ جي هڪدم ڌارا.
    ڄـــار هــــــو منهنجـي مـقـّـدر ۾، ککيون ۽ کارا.
    مـنـهـنـجي دنيا رهيا ڪينجهر جا ڪنارا سارا.
    ****
    ڄام: مـان سمون ڄام، دعائن سـان ٿيـل سـوڀـارو،
    مــنـهـنـجـي اخـلاص ڪيـو آهي مون کي راڄارو،
    تـنـهـنـجـي نـوڙت جـي اڳـيـان پـاڻ آهـيان ويـچارو،
    نـينهن جا روز نوان مـون تي ٿيـن وســڪارا.
    دل جـــي بـسـتـيءَ ۾ رهـيـا تـو کان ســـوا انــڌيــارا،
    منهنـجـي جيون ۾ ڪيا تنهنجي اچڻ چمـڪارا.
    ****
    نوري: مـنـهـنـجـو عيبـن سان ڀريل پانڌ اجاريو راجا،
    مـون کـي مـحـلن ۾ وٺــي پــاڻ ويـهـاريـو راجـا،
    پـٽ راڻــيــن ســان اچـي ساڻ بـيـهـاريـو راجـا،
    مـان پـنـهنجو اصل سڃاڻـان ٿي، ڪريان ڪيئـن آرا.
    ڄـــار هــــــو منهنجـي مـقـّـدر ۾، ککيون ۽ کارا.
    مـنـهـنـجي دنيا رهيا ڪينجهر جا ڪنارا سارا.
    ****
    ڄام: نـيـاز نـوڙت ۾ ٻـڏل يـار جــو ونـهـنـوار وڻـيـو،
    راوَ جـي دل کـي سـٻـاجـهـو تـنـهنجو ڪردار وڻيو،
    دل جـي دنـيـا جـي مـٿـان تـخـت جـو حـقـدار وڻيو،
    اڄ کـان پـوءِ چـئـبـا سـمـان ڪـوڏ تـي هرکڻ وارا.
    دل جـــي بـسـتـيءَ ۾ رهـيـا تـو کان ســوا انــڌيــارا،
    منهنـجـي جيون ۾ ڪيا تنهنجي اچڻ چمـڪارا.
    ****
    نوري: جيڏيون ڏَسيو ڪو مون کـي ڄام تماچيءَ جهـڙو؟
    ڪنهن جو آ ظرف منهنجي محب مجازيءَ جهڙو؟
    آهي ڪـو مَـٽّ سـڄـيءَ سـنـڌ ۾ آريءَ جهـڙو؟
    جـنـهن مهاڻيءَ جي ڪري پاڻ اُڇـالـيـا ڄـارا.
    ڄـــار هــــــو منهنجـي مـقـّـدر ۾، ککيون ۽ کارا.
    مـنـهـنـجي دنيا رهيا ڪينجهر جا ڪنارا سارا.
    ****
    ڄام: تـخـت اڄ آهـي، سـڀـاڻـي نه اسان وٽ هوندو،
    سـونـهـن مـٽـجـي بـه وئــي؛ پـوءِ به چرچو رهنـدو،
    منهنجي لئه هيءُ مهـانگـو ته نه سـودو ٿـيـنـدو،
    تـوسـان هـٿ هـٿ ۾ ڏئـي مـحـب ڪـجن ملهارا.
    دل جـــي بـسـتـيءَ ۾ رهـيـا تـو کان ســـوا انــڌيــارا،
    منهنـجـي جيون ۾ ڪيا تنهنجي اچڻ چمـڪارا.
    ****
    نوري: آئـون نـوري ٿـي سـڏايان، آئـون نـاري آهـيـان،
    ۽ ڄڀيرن جي جهـڳـن ۾ وڌي چڙهي آهيــان،
    ڄـام جي پلئه پـئـي محل ۾ پهتـي آهـيـان،
    ڄام مـون لاءِ سـڪندر آهي، مون لئه دارا.
    ڄـــار هــــــو منهنجـي مـقـّـدر ۾، ککيون ۽ کارا.
    مـنـهـنـجي دنيا رهيا ڪينجهر جا ڪنارا سارا.
    ****


    وائي

    وائي

    چهڪن، ٻهڪن، چار ڏسا ۾ جن جا گس ۽ گام –
    الا وو! جر تي پکي جام
    ڪينجهر، منڇر، سـڀ ڪـنـارا، تــن تـي آيـا سـام –
    الا وو! جر تي پکي جام
    ٿڪجي ٽٽجي ساهه پٽيندي، جـهولن وڻ جـي لام –
    الا وو! جر تي پکي جام
    هـيـڏا ســارا روپ انــهــن جـا، ڪـهـڙا رکـبـا نــام –
    الا وو! جر تي پکي جام
    هِتّ اچــي تـون هَـڻّّ نـه مـاري، اَنّ ڇـٽـيـنــدي دام –
    الا وو! جر تي پکي جام
    جـيـون هـڪـڙو رﺆنـشـو آهـي، ڀـڃ پـرولـي مــام –
    الا وو! جر تي پکي جام


    سنڌي ٽوپي

    سنڌي ٽوپي

    ٽِڪن واري ٽوپي، ڀـريـل ڀرت واري.
    سڃاڻپ سنڌين جي، سـٺـي سھڻي پياري.
    ***
    سنڌي جنھن کي پنھنجي مٿي تي سجائن
    بلوچن، سراين جي سر تي به آھـن،
    اِھا ٽوپي پختون ڀائر به پائن،
    مٿن کي ڍڪي سنڌي ٽوپي سـونھاري.
    ***
    اِھا سرت ساڃاھه وندن جي ٽوپي،
    سپوتن ۽ ڌرتيءَ جي ٻچڙن جي ٽوپي،
    ننڍيرن جي ٽوپي، وڏيرن جي ٽوپي،
    جي اجرڪ سان اوڍيون ته ويتر قراري.
    ***
    اسان لئه ثقافت جو اھڃاڻ بڻيل،
    منجھس قدرتي آ وڏو شان رکيل،
    نمازين جي لئه ھن ۾ محراب ٺھيل،
    ڏسون جنھن به رخ سان ته آھي ڀلاري.
    ***
    سنڌي ٽوپي پائي ڪو ميـڙو مچايـون،
    ڪلھن تي پنھنجي سھڻي اجرڪ سـجايـون،
    ھي پيغام “مقصود” گھر گھر پڄـايـون،
    ثقافت جي ڏينھن جي ڪريون ڪا تــياري
    ***


    نظم

    نظم

    “گـلـيمــر” جــي دنـيـا مان نڪـري ڏسـو،
    مـــزو ســـادگـــيءَ ۾ وڏو آ وڏو.
    *****
    هـي بــيــمــار ذهـنـن کي فيشن جي مـارَ،
    هـي مــهــنــگا شـــرارا، هــي زيــورَ ۽ هـارَ،
    هي ميڪ اَپ جـو سامان، قسمين هزارَ،
    انـهـيءَ کـان ڀـلا پـنـهنجا سورهن سينگارَ،
    تـنين جـو نه مٽ ڪو؛ نه ئي جوڙ ڪو،
    شــيــن جــو حــســن آ ”اصــل“ سچ پـڇو.
    “گـلـيمــر” جــي دنـيـا مان نڪـري ڏسـو،
    مـــزو ســـادگـــيءَ ۾ وڏو آ وڏو.
    *****
    “ڪمـيـشـن” جـي ڪـلچر تي دنيا هلي،
    لـنـگهي شيء گـهـڻن ئي هـٿـن مـان اچي،
    سُــئـــي ۽ ســڳـي تـائـيـن ”امــپـورٽ“ ٿئي،
    وري “پـــوش شـــاپــن” تـي مـهنگي ملي،
    ســو هــرکــيـو پـوي ٿـو، ڏسي جو بـه ٿو،
    اهـو آ سـڄـو ڪـمّ ڏيـکـاءَ جـو.
    “گـلـيمــر” جــي دنـيـا مان نڪـري ڏسـو،
    مـــزو ســـادگـــيءَ ۾ وڏو آ وڏو.
    *****
    ضـروري شـيـن جـو قـدر هــو اڳـي،
    مـگـر هـاڻ هــر “لـــگـــزري” ٿــي کــپــي،
    پــگــهــارون کــڻي“لــون”، پورت ڪجي،
    ڀـلـي پـوءِ ڪـئـيـن سال پـيو لوڙهجي،
    گـڏهـه جـيـئـن ڪم ۾ ئي رهبو لڳـو،
    صـبـح نـڪـربـو، رات جـو مـوٽـبــو.
    ”گـلـيمــر“ جــي دنـيـا مان نڪـري ڏسـو،
    مـــزو ســـادگـــيءَ ۾ وڏو آ وڏو.
    *****
    اسـان کـيـر وڪـڻـي پـڪـوڙا وٺـون،
    مينهون هوندي سوندي مکڻ لئه سڪون،
    بـهـانـو “ڪـولـسـٽـر” و ڌڻ جـو اٿـئـون،
    متـان دل جـي دوري ۾ هـليـا وڃـون!
    اهــو آ طـبـيـبـن اسـان کـي ڏَسـيــو،
    وڏن جـو مـگـر هـيءُ گـس ڪـونه هــو.
    “گـلـيمــر” جــي دنـيـا مان نڪـري ڏسـو،
    مـــزو ســـادگـــيءَ ۾ وڏو آ وڏو.
    *****
    اگــر ســوڙهه ۾ پــيــر پـنـهـنجـا رکـون،
    ڪڏهن ڪنهن جي اڳيان نه هٿ کي ٽنگيون،
    ڪَــٽــي پــيــٽ، ٻــارن کي تعليم ڏيون،
    اهـا سـوچ رکــجـي جـي ”مـقصود“ پو،
    تــه نــقــشــو بـدلـجـي وڃـي سنڌ جو.
    “گـلـيمــر” جــي دنـيـا مان نڪـري ڏسـو،
    مـــزو ســـادگـــيءَ ۾ وڏو آ وڏو.
    *****


    آزاد نظم

    آزاد نظم

    ڪنهن علامت نگار ٺاهي آ
    ڪائي تصوير جنهن ۾ رنگ نه آ
    رات منظر تي ايتري حاوي
    ڪوئي تارو ته ڪوئي چنڊ نه آ
    ڪو بيابان آهي، ڪي ٿوهر
    جنهن جي سيني مٿان ڦٽل آهن
    ڪائي پوڙهي آ، جنهن جا وار کليل
    جنهن کي ليڙون لٽا پيل آهن
    ۽ پريشانين جون ريکائون
    ان جي چهري تي کوڙ ٿيون ڏسجن
    هوءَ ٿڪل آهي
    هوءَ پياسي آ
    جو سڪل چپ سندس ٻڌائن پيا
    ياس منظر سڄي تي حاوي آ
    ها مگر هڪ اميد جو ڪرڻو
    هڪ پاسي ڪو ٽيٽمڪڙو آ
    جنهن جي پٺيان لڳي پئي آهي
    هن جي پيرن جي زخم ڳالهايو
    هن جي پيرن جي زخم سمجهايو
    ڊوڙ مون سان اچي تون پائي اٿي
    منزلون پاڻ اينديون ناهن
    پنڌ کي پنڌ سان کٽاءِ اٿي
    اٿ ته ڏسجي ڪو ولولو آهي!
    ۽ هلڻ جو ڪو حوصلو آهي!
    هوءَ عورت به سنڌ هئي شايد
    جنهن پڇيو ٿي
    ڪو سرڦريو آهي؟


    آزاد نظم

    آزاد نظم

    اهي اکيون
    تنهنجي مُکَ جا اهي نقشا
    منهنجي دل گدگدائن ٿا
    ۽ تنهنجا زلف
    ڄڻ آڪاس تي ڪڪرن جيان پکڙيل
    عجب منظر پسائن ٿا
    قد وقامت، حسين پيڪر جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان مان
    تنهنجو انداز پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيئن چٽيان مان
    گهڻو سوچيندو آهيان مان
    پنهنجي منهن مسڪرائيندي
    انهن لمحن ۾ تو بابت
    جڏهن مان مسئلن ۽ مشڪلن کان ڪجهه فراري ٿي
    ٻه ٽي لمحا گذارڻ چاهيندو آهيان.


    آزاد نظم

    آزاد نظم

    ڀرم احسان آهي هڪ؛
    چڙهيل وشواس – ڪلهن تي
    اگر اڳلي جي اندر ۾
    شرم هوندو
    رهي ويندو
    ڪوئي جي بي شرم نڪتو
    ڀرم سارو ٽٽي پوندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515388
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ