ڪتاب جو نالو: سمنڊ ڪنارو
مصنف: خادم گهراڻو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 23 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 822 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 293 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • تون هلي اچ آهن نمن جون ڇانئون
  • عيد آئي ۽ وئي تو نه ڪيو ڀيرو
  • نکريو جوڀن جو شباب
  • کولي واسينگ وار نه ڏي تون ڇال ،
  • تنهنجي حسن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ
  • هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا
  • عيد آهي اچڻ واري تنهنجو آهيان منتظر ،
  • حسن جو سينگار تنهنجا واسينگ وار
  • عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير
  • جيجل تننجي عجب هئي آس
  • آزادي جا گيت اسان جا گوليون اٿئي
  • انبن جھليو آ ٻور ،
  • ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،
  • وجود خاڪ آهيون خاڪ ٿي وينداسين ،
  • نکريو جوڀن جو شباب
  • تنهنجي ڇيرن ڇيڙيو اهڙو ساز
  • سنڌو جي موج مستي نرالي ،
  • خاڪ سان ملي ٿي وڃبو خاڪ
  • سفر منجھه حسين ساٿي ملن ٿا
  • سهڻا ماڻهو سنڌ جا سهڻي تن جي ٻولي
  • اکر اکر جوڙي لفظ مالها ٺاهين ٿو
  • جھڙا آڪاش تي تارا ٽمڪن ٿا
  • مچ مچيو اچي اهل قلم سارا مليا
  • چنڊ جهڙو تنهنجو مکڙو ڪريان ڇا ساراھ
  • اڻ گھڙئي ڪاٺ کي سهڻي مورت ٺاهي ٿو استاد
  • جوڀن کي لڪائين ٿيون نقابن ۾
  • ڪانگل ٻڌائينمِ ڪا خبر
  • شهر جو داستان آهي پيارو
  • تنهنجا سارا سجائي خواب ڇڏيم
  • بجلي بند ٿيندي آهي ضرور
  • انبن جھليو آ ٻور ،
  • هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا
  • عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير
  • وجود خاڪ آهيون خاڪ ٿي وينداسين ،
  • تنهنجي حسن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ
  • تارن جي چادر سان رات چمڪي پئي
  • ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،
  • بي وسي جا حال ڪير ڏسندو
  • ڪنهن کي ٻڌايان دل جا سور
  • منهنجا پرين ايڏو نه ڪر ستم
  • دنيا جو هلي رهيو دستور آهي عجيب
  • ترقي و ڪمال جي ڳالهه ڪريو ٿا
  • مائن جي خالي ٿيندي پئي وڃي جھولي
  • هليو ٿي جڏهن پيارو
  • مقدر ۾ رڳو تنهائي
  • بيت

  • بهار آئي بلبل ٻوليون لاتيون
  • بهار آئي منهنجي دل جي اڱڻ تي
  • بهار آهي آئي پورو کڻي پنهنجو شباب
  • گيت

  • ايڪتا جي رنگن محفل رچائي ڇڏي ،
  • سنڌي ٻولي سڀ کان پياري ٻولي ،
  • پٽڪو اجرڪ ٽوپي پايون ٿا ،
  • وائيون

  • ماروئڙن کڻي هٿڙا گھريون دعائون بار بار
  • ڌرتي ڪاڻ سر ڏيئي پاڻ ملهايو ،
  • هائيڪا

  • حسن و جمال جو شباب
  • ميڙي مال ودولت ٿيو امير
  • پهيل ڦاٽل ڪپڙا
  • ڏکن ڀري آهي ڪهاڻي
  • بلند جنهن جو نالو
  • خيالن ۾ آيو تصور
  • ويران آهن اهي ڀٽ
  • من اندر ۾ آهي آس
  • تو لاءِ ڪهڙا سوال جواب
  • ننڍڙو ٻالڪ روئي ٿو
  • ٻالڪ کي ماءُ جي تات
  • ڪندو رهه تو محنت
  • جن انسانيت لاءِ ڪيا ڪم
  • پهيل ڦاٽل ڪپڙا
  • نظم

  • ڪڪرن کنيا ڪر اچي ڪيائون وسڪار
  • پيارو ٻارو اڄ توهان کي تاريخي شهر گھمايان
  • ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت
  • هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،
  • جيون ٺڪر سندو ٿانءُ ٽٽي آخر پوندو
  • جيون ٺڪر سندو ٿانءُ ٽٽي آخر پوندو
  • آئي عيد تنين کي نه ان جي خبر ،
  • خاڪ مان ٺهيل خاڪ ٿي ويندا
  • نصير روهڙي چينل جو سٻنڌ ڏهه دري
  • ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت
  • هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،
  • منهنجي ديس جي پياري ٻولي ،
  • ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت
  • عورت جو آهي اوچو مان ۽ عظمت
  • سنڌي ٻولي وساري ٿو
  • اچي ويو ميدان ۾ انبن جو سردار
  • نثري نظم

  • شهر جي وچ ۾ شادي حال
  • شهر کان ڳوٺ جو سفر
  • آزاد نظم

  • هن جو جيءُ جھريل
  • معصوم ٻالڪ
  • عيد آئي پر ڪيئن
  • هن سان منهنجا خواب هئا
  • جڏهن پکين ٻوليو
  • اداس اکين سان
  • معصوم ٻالڪ
  • عيد آئي پر ڪيئن
  • جڏهن پکين ٻوليو
  • هن سان منهنجا خواب هئا
  • هن جو جيءُ جھريل

  • ترتيب

    ارپنا

    ارپنا

    هي شاعريءَ جو مجموعو آئون انهن دوستن جي نانءُ ڪريان ٿوجن منهنجي قدم قدم تي رهنمائي ڪئي آهي.

    خادم گھراڻو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (297) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
    سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    جڏهن کان مون ادبي دنيا ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان مون لکڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. شروع ۾ ٻارن جي صفحن ۾ ڪهاڻين سان گڏ ڪجھه شاعري به لکندو هوس، جڏهن صحافت جي دنيا ۾ آيس ته مون روزاني مهراڻ حيدرآباد ۾ گونگي جا گفتا، روزاني الوحيد ڪراچي ۾ آخر ڇو ؟ روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد ۾ سچ ۽ سرهاڻ جي نالي سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا . جڏهن روزاني برسات ڪراچي حيدرآباد آئي ته ان ۾ مختلف ڏينهن جي حوالي سان پيج ڪڍڻ ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. مون شاعريءَ تي تمام گھٽ ڌيان ڏنو آهي . هن ڪتاب ۾ جيڪا مون کي پنهنجي شاعري ملي سگھي ان کي سهيڙيو آهي .
    آئون دوستن جي راءِ جو منتظر رهندس . شاعري تمام ڏکي آهي، شاعري اندر جو اڌمو، اندر جو آواز آهي . دوستن کي گذارش آهي ته دعا ڪن جيئن منهنجي صحت سالم رهي ۽ آئون ڪجھه نه ڪجھه لکندو رهان .

    خادم گهراڻو


    غزل

    تون هلي اچ آهن نمن جون ڇانئون

    تون هلي اچ آهن نمن جون ڇانئون
    جت لڳي رهيون آهن ٿڌيون هوائون

    تون نه ايندي اسان جي ڪوٺ تي
    ساري محفل ۾ مون کي اهو چيائون

    جڏهن ڪنهن جي درد تي رکيومرهم
    تڏهن انهن دل سان ٿي ڏنيون دعائون

    تون غريب سمجھي نه دل تان وسار
    اسان کي ياد ڪر آهن التجائون

    تنهنجي اچڻ جي مون کي آهي آس
    آهيان منتظر روز ڏسان پيو راهون

    هڪ ڏينهن وفا کي ٿيڻو آهي ظاهر
    تو وفا جي ٿي ديوي اهي آهن تمنائون

    **


    عيد آئي ۽ وئي تو نه ڪيو ڀيرو

    عيد آئي ۽ وئي تو نه ڪيو ڀيرو
    تو بنا ڏکن سان ٿئي پيو بسيرو

    تو لاءِ ورتم چوڙيون گج وارو چولو
    نه اچڻ تي چوٽي ڌاڳو ٿيو ميرو

    تنهنجي نه اچڻ سان ٿيا وسوسا
    پريشانين سوچ اچي ڪيو گھيرو

    خوشيون هيون ساريون سي ويون
    جيون جو پل پل گذري پيو ڏکيرو

    مون ته تو لاءِ هزارين هئا خواب ڏٺا
    چو تنهنجي ورتاءُ ۾ اچي ويو ڦيرو

    خادم تو سوا ڪيئن جي سگھندو
    دل مٿان اڏجي ڏکن جو ويو ديرو

    **


    نکريو جوڀن جو شباب

    نکريو جوڀن جو شباب
    حسن تنهنجو ٿيو لاجواب

    هزار سوال آهن من اندر ۾
    هڪ مرڪ ۾ ڏنا جواب

    ڏينهن هجي يا رات هجي
    تنهنجا ئي اچن ٿا خواب

    گفتار تنهنجي ۾ مٺاس
    هر تلفظ جي ادا لاجواب

    ڏکويل دلين وارا جي هئا
    ڏسي خوش ٿين بي حساب

    لفظن سان ڪيو اهڙو جادو
    ڪوڙ جا لهي ويا سارا نقاب

    خادم سان توسان اڙيو من
    تو بنا رهي ٿو سو بي تاب

    **


    کولي واسينگ وار نه ڏي تون ڇال ،

    کولي واسينگ وار نه ڏي تون ڇال ،
    تن ٿو تڙپي من ۾ مچي ٿي ڌمال .

    تنهنجي رخسار تي ڪارو تر ائين ،
    جيئن چانڊوڪي ۾ چنڊ جو جمال .

    تنهنجي گيتن منجھه آهي مٺاس
    لفظ بنائين قيدي اهو آهي ڪمال .

    هڪ دفعو ڏسڻ سان ٻيهر ٿئي آس
    نه ڏسي شبابي چهرو ٿئي بي حال .

    جڏهن تون هليو ويندين ڏور
    ڪير نه ڀري سگھندو اهو خال .

    خادم زلف جي زنجيرن ۾ اسير
    گھري ڪيئن جواب ڪري سوال.

    **


    تنهنجي حسن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ

    تنهنجي حسن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ
    تنهنجي مرڪ تي غزل جوڙين سڄاڻ

    حسن جون ديويون آهن جيڪي هتي
    تن سڀن جي تون لڳين ٿي ڄڻ اڳواڻ

    شاعري تنهنجي جلوي بدن جي ڏسي
    ماهر تنهن سامهون ٿيو وڃن اڻ ڄاڻ

    تنهنجو جيون ڪنهن ساڻ آهي لکيل
    تون اپسرا بني آهين ڪنهن ڪاڻ

    منهنجي من اندر ۾ مکڙو آهي تنهنجو
    مون سان ملندي ضرور اڄ يا سڀاڻ

    جيڪي عشق ماڻڻ لاءِ ڏک ڏولاوا ايندا
    پار ڪبو تنين کي گڏجي تو ساڻ

    منهنجو من ماندو آهي تنهنجي لاءِ
    منهنجي دلِ درد کي سمجھي وڃ پاڻ

    **


    هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا

    هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا
    جيون جا خواب ٻڌائين سهانا

    نه سمجھيم هن جي جفائين کي
    گذاريم حياتِ پل بنجي پروانا

    ٻولن ۾ هن جي هئي مٺاس محبت
    ڪجلي نيڻن جا ڪئين بنيا ديوانا

    حسن هن جو چنڊ جيان سهڻو
    جھلڪ ڏسڻ لئه ڪئين ٿياپروانا

    جڏهن منهن موڙيائين ڪري جفائون
    ڪئين دل واراغم ساڻ ٿيا روانا

    خادم جي دل آ غمن جي گھيري ۾
    خوشيون ويون کسجي ٿيا ويرانا

    **


    عيد آهي اچڻ واري تنهنجو آهيان منتظر ،

    عيد آهي اچڻ واري تنهنجو آهيان منتظر ،
    جنهن راهه تي تنهنجا قدم اچن اتي آ نظر .

    زندگيءُ ۾ گڏ گذارڻ جا ڪياسين قول اقرار ،
    تو ڇڏي وئين ساٿ اڪيلو ڪرڻو پيو سفر .

    زندگيءُ جون چاهتون خوشيون هيون تو ساڻ ،
    شادمانيون ساريون ويون غمن ڪيو دربدر .

    جنهن کي پنهنجي دل جي دربان ۾ رکيو ،
    ڏئي سو سور ويو زندگي جو عجب آ چڪر .

    سوين آيا منهنجي زخمن جا سور سلڻ لاءِ ،
    تون نه آئين شايد تنهنجي دل ٿي وئي آ پٿر .

    خادم تنهنجي لاءِ اڄ به پيو راهون ڏسي ،
    ايندين تون اڱڻ تي کلندا خوشين جا در .

    **


    حسن جو سينگار تنهنجا واسينگ وار

    حسن جو سينگار تنهنجا واسينگ وار
    جلوه حسن سامهون گل به ٿيا شرمسار .

    جڏهن چوڏهين چنڊ جھڙو ڏٺو مکڙو ،
    حاذق نه دارون ڪئين بنجي ويا بيمار.

    تنهنجي الفت جو ذڪر هر زبان
    تنهنجي وفائن جا قصا گونجن چوڌار .

    تون آهين ته ڄڻ ساريون خوشيون ساڻ ،
    تنهنجي ملڻ سان سهڻو ٿي پيو سنسار .

    تنهنجي جدائي جيءَ کي جھوري وڌو ،
    تو بنا ڏکن سندي زندگي گذارڻ آ لاچار .

    دنيا وارن جي آس آهي وڇوڙو ڪرڻ ،
    توسان ٿبو نه ڌار پڪو توسان آ اقرار.

    **


    عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير

    عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير
    واسينگن جهڙن زلفن ڪيو اسير .

    چانڊوڪي ۾ نيڻ کپائي چنڊ ۾
    ڳوليان ٿو من ڏسان هن جي تصوير .

    تو بنا عيدون ڪهڙيون ملهائجن
    تنهنجو نه ملڻ لکيو هو تقدير.

    اڪيلائي ۾ سارو جيون جھري پيو
    ڏسي محفلون اندر ۾ لڳن ٿا تير .

    آس اندر ۾ آهي اڃا ملڻ جي
    آخر تقدير کي بدلائيندي تدبير .

    خادم جي من ۾ متل آهي مانڊاڻ
    درد سي لاهيندو ايندو ڪو سفير .

    **


    جيجل تننجي عجب هئي آس

    جيجل تننجي عجب هئي آس
    موت تنهن کي ڪري ويو نراس

    تو سارا پنهنجا سک ارپيا
    اسان ڪاڻ جھنجھوڙيو پنهنجو ماس

    تنهنجا خواب نه رهندا اڌورا
    تنين کي ريٽو رت ڏئي ڪبو راس

    خادم ويري امڙ جا نه رهندا آرامي
    تنين کي امڙ جي دعائن سان ڪبو ناس

    **


    آزادي جا گيت اسان جا گوليون اٿئي

    آزادي جا گيت اسان جا گوليون اٿئي
    وايون سمنڊن جون ڇوليون اٿئي

    اسان پنهنجي ديس خاط وڙهنداسيون
    مائن آزادي وٺڻ جون ڏنيون لوليون اٿئي

    حق وٺنداسين پنهنجو آمرن کان
    اهي اسان جي جذبن جون ٻوليون اٿئي

    ديس پنهنجي ۾ ڄڻ آهيون غلام
    ظالم کيسون اسان کان هوليون اٿئي

    خادم سپاهه اسان جو غريب مظلوم آ
    جن کي پهريل ڦاٽل ڇوليون اٿئي

    **


    انبن جھليو آ ٻور ،

    انبن جھليو آ ٻور ،
    تون رهين پيو ڏور .

    مڪا تو ڏي موڪليا
    نه آئي موٽ ٿئين مغرور .

    هڪ بار اچڻ اڱڻن تي ،
    اداس دل ٿئي مسرور .

    محبت وفا ڏئي سر،
    سڏجون پيا منصور.

    آس اند ر ۾ آ سمايل،
    تون موٽندي ضرور.

    خادم کي ڀلي نه سار،
    تنهنجي چاهت ۾ آ مخمور.

    **


    ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،

    ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،
    گلڙن جي چوڌار ٿي آهي مهڪار .

    جت ٻوٽن جو ٿيو پئي اموات ،
    اتي نئون ٺهيو سائو سنسار .

    گلن لوڏ ڏسي ٿيو من ماندو ،
    آس اندر ۾ جاڳي ايندو دلدار .

    حال هيڻو ڏسي جو ويو رسي ڏور ،
    دل اڄ به ان لئه نه ٿي آهي ڌار .

    گلِ محبت کڻي هلايم حيلا ،
    نه آيو ڪندو رهيو انڪار .

    خادم ڪيسين واٽون ڏسندين ،
    هن ڀلايو آهيس زرِ خمار .

    **


    وجود خاڪ آهيون خاڪ ٿي وينداسين ،

    وجود خاڪ آهيون خاڪ ٿي وينداسين ،
    سڳا سڳر رقيب رفيق سارا ڇڏينداسين .

    الفت جي جيڪي ديپ هئا جلايا ،
    تن جو ثمر ساڻ کڻي نينداسين.

    هي جو ساٿ سرهو گذريو هو هر پل ،
    سي ساريون صلاحيون ڇڏي وينداسين .

    خلق جي سورن کي ڪري پنهنجو ،
    تنين جي سکن جو جام پيئنداسين.

    جيڪو ويو سو وري مور نه آ ورڻو
    تنهن جي يادن کي ياد پيا ڪنداسين.

    خادم سچ سرهو ڪوڙ آهي ڪچ
    دوکي دغا جا هي ڪوٽ ڊاهينداسين.

    **


    نکريو جوڀن جو شباب

    نکريو جوڀن جو شباب
    حسن تنهنجو ٿيو لاجواب

    هزار سوال آهن من اندر ۾
    هڪ مرڪ ۾ ڏنا جواب

    ڏينهن هجي يا رات هجي
    تنهنجا ئي اچن ٿا خواب

    گفترا تنهنجي ۾ مٺاس
    هر تلفظ جي ادا لاجواب

    ڏکويل دلين وارا جي هئا
    ڏسي خوش ٿين بي حساب

    لفظن سان ڪيو اهڙو جادو
    ڪوڙ جا لهي ويا سارا نقاب

    خادم سان توسان اڙيو من
    تو بنا رهي ٿو سو بي تاب
    **


    تنهنجي ڇيرن ڇيڙيو اهڙو ساز

    تنهنجي ڇيرن ڇيڙيو اهڙو ساز
    هر ماڳ ۾ گونججي پيو آواز

    جنهن سان دوستي هو هٿ وڌايو
    ان کي پنهنجي حيات تي آ ناز

    تو نه ڪنهن کي ڏکوئڻ آ سکيو
    تون هر غريب جي دل جو دمساز

    هر خوشي تو لاءِ مقدر ۾ لکيل
    کڏن ڏولاون کان آهين بي نياز

    تنهنجي جي ملڻ جي هڪ آس
    تنهنجي مرڪ ادائن ۾ آهي راز

    تو جڏهن خادم کي همت ڏياري
    اندر جي اڌم جا ڏک ٿيا پرواز

    **


    سنڌو جي موج مستي نرالي ،

    سنڌو جي موج مستي نرالي ،
    ڪٿي خوشيون ڪٿ اک آلي .

    هر طرف اچي ويو آهي آب ،
    غريبن جي ٿي وئي بد حالي .

    جتي گونجيا خوشين جا گيت ،
    اهي اڱڻ ڪري ويا خالي .

    ڏکن ۾ به مهمان نواز آهيون ،
    سنڌي ثقافت اٿئون سنڀالي .

    محنت سان ئي ملي ٿي منزل ،
    همت ڪريو نه ٿيو سوالي .

    مايوسي کي ڇڏي ٿيو گڏ ،
    مددگار ٿيندو پنهنجو والي .

    هڪ ڏينهن آخر اهڙو ايندو ،
    واهڻ وستي ۾ ٿيندي خوشحالي .

    خادم سکن سندو سنسار جڙندو ،
    ختم ٿيڻي آهي رات ڪالي .

    **


    خاڪ سان ملي ٿي وڃبو خاڪ

    خاڪ سان ملي ٿي وڃبو خاڪ
    جيڪي خواب سپنا ٿيندا هلاڪ

    غريبن کي جن روز لٽي ڦري
    لفظن بنائڻ ۾ ٿين سي چالاڪ

    خوشيون غريبن جون جن نه سٺيون
    مسڪينن لاءِ اندر ۾ اراداٿيا ناپاڪ

    دل ته ظالمن جي ٿي وئي ڪارو سنگ
    من گناهن ۾ غرق نه ڪيو تن پاڪ

    سياڻن جي قولن جي عملن کي ڳوليو
    جن نه پروڙيو سي نه ٿيا ادراڪ

    خادم ڪيترو تون تنين کي چوندي
    جي نيڪي ڪرڻ جا نه بنجن هيراڪ

    **


    سفر منجھه حسين ساٿي ملن ٿا

    سفر منجھه حسين ساٿي ملن ٿا
    سي دل جي دڙڪن بنجن ٿا

    اوکي مهل ملهائي پاڻ کي
    دل جا دلب ر سي ئي سڏجن ٿا

    ڏکن جي جيون کي سکيو بنائي
    اداسي مرڪائي پاڻ مرڪن ٿا

    تن جي وفا جا ڇا ڪيان بيان
    خود ئي تن جي لاءِ لفظ لکجن ٿا

    ٽوڙي خار بنجي گلن سرهاڻ
    وفا جي مورتي سي ئي لڳن ٿا

    خادم پنهنجي دل سفر ۾ وڃائي
    هاڻي هت سڀ پرايو سمجھن ٿا

    **


    سهڻا ماڻهو سنڌ جا سهڻي تن جي ٻولي

    سهڻا ماڻهو سنڌ جا سهڻي تن جي ٻولي
    پيار منجھان ممتا سمائي امڙ ڏني لولي

    جنهن۾ لطيف اياز جون هن بيت وايون
    سنڌ جي ويرين جي لاءِ هر گيت گولي

    هر واهڻ وستي ۾ پيار پريت جت پلجي
    پيئن سنڌ جو آب حيات نه ٿين ٽولي

    همت محنت سچائي جو تن اندر جذبو
    پنهنجو کائين پيئن نه جھلين جھولي

    سهڻن ستارن سان چمڪي ٽوپي اجرڪ
    مهان آهن ٽڪن گجن سينگاريل چولي

    خادم دنيا جي اڳيان اول اسان جي ثقافت
    اڄ اسان خوشين سان ملهايو عيد هولي


    **


    اکر اکر جوڙي لفظ مالها ٺاهين ٿو

    اکر اکر جوڙي لفظ مالها ٺاهين ٿو
    بيڪس جو درد ايوانن تي پهچائين ٿو

    خواب نگر جهڙي ۾ آني مسڪين
    تنين کي سهڻي آستان ۾ رهائين ٿو

    زينب جو روپ ڌاري نياڻيون
    حق وٺڻ جي خاطر بهادر بنائين ٿو

    اداس من اندر سمائي تخليقن کي
    بي همتن کي همت سان منزل رسائين ٿو

    امان ادا ويندو مٿي ملندا نوان ڪپڙا
    هڪ ڏکاري ممتا جو درد ٻڌائين ٿو

    ڪتابن جهڙو نه آ دوست ڏيو تحفو سو
    ڪتابن سان رشتو اسان جو ڳنڍائين ٿو

    خادم تنهنجي واکاڻ ۾ ڇا ڪري بيان
    پوري سنڌ جي دلين تي نانءُ لکائين ٿو

    **


    جھڙا آڪاش تي تارا ٽمڪن ٿا

    جھڙا آڪاش تي تارا ٽمڪن ٿا
    تهڙا ٽوپي اجرڪ تي ستارا چمڪن ٿا

    سهڻا ماڻهو اوڍي سنڌي پوشاڪ
    ٻارڙا به سارا گلن جيان جھومن ٿا

    هيءُ ڏينهن اسان جي جيوڻ جو ڏڻ
    سنڌ ويرين جا سر خود لڙڪن ٿا

    هرطرف گونجن گيت وايون سنگھار
    سر ساز سان سارا واهڻ جھرڪن ٿا

    هو جمالو همرچو سان سجائي محفل
    سنڌين جا جذبا ڪوڏ سان ڀڙڪن ٿا

    جنهن بد نگاھ ڪئي لطيف جي نگري تي
    ٻالڪ به هوشو هيمون بنجي ڪڙڪن ٿا

    خادم سنڌ امان تا قيامت رهي شاد
    ڏسي ساٿ سنڌين جو ويري ڦٿڪن ٿا

    **


    مچ مچيو اچي اهل قلم سارا مليا

    مچ مچيو اچي اهل قلم سارا مليا
    گيت ويون ڏوهيڙا سگھڙن ٻول ٻوليا

    سارا درمان ويا ڀسم ٿي محفل ۾
    اندر ۾ لڪل جذبا مورن جيان ٽليا

    چهرن تان اداسي ويئي آهي لهي
    جيڪي نه مرڪن سي آهن مرڪيا

    دنيا جي دورنگي ۾ ڦاٿل انسان
    زندگي جو مقصد ماڻڻ لئه آهن هليا

    چوطرف ستارن جهڙي اڀري جھر مر
    هر طرف سنڌ ثقافت جا رنگ جھرڪيا

    خخادم گھري رب کان دعا سدا رهي رونق
    ديسي پرديسي جت ئي ماڳ تي آهن مڙيا

    **


    چنڊ جهڙو تنهنجو مکڙو ڪريان ڇا ساراھ

    چنڊ جهڙو تنهنجو مکڙو ڪريان ڇا ساراھ
    هر دل جي دڙڪن رکيو جنهن سان آهي چاھ

    جنهن جي هٿن سان گڏيا نفيس هٿڙا
    تنهنجي مايوسي ويئي وريو تن منجھه ساھ

    هوس پرست جيڪي اچن هن سامهون
    ڏسيو جوڀن جو تاب نڪرين ٿو ساهه

    جنهن جا نيڻ مليا هن سهڻي مورت سان
    تنهن جي اندر منجھه مچي عشق آڙاھ

    ڀٽڪي ويا راھ زندگي جي مقصد ۾
    تنهن کي ڏسي اصل منزل سندي راھ

    خادم اڄ به هن جي حسن تي جوڙي شعر
    هن کي نه آ احساس ٿي ويو سو لاپرواھ

    **


    اڻ گھڙئي ڪاٺ کي سهڻي مورت ٺاهي ٿو استاد

    اڻ گھڙئي ڪاٺ کي سهڻي مورت ٺاهي ٿو استاد
    علم جي سونهن ۽ سرهاڻ ورهائي ٿو استاد

    جھل جي ڪوٽن ساڻ جوٽي جنگ کي
    امن وشانتي جو سبق ٻڌائي ٿو استاد

    جت جهالت جا رسم رواج هن قائم
    علم جوت سان تن کي بدلائي ٿو استاد

    ٻار گل اسڪل گلستان استاد مالهي
    خوشبوءِ محبت ڦهلائي ٿو استاد

    رهي مرتبو قائم ماضي حال مستقبل ۾
    پنهنجي عظمت کي چمڪائي ٿو استاد

    خادم محنتي استادن کي آهي سلام
    اکر لفظن سان سهڻا گيت لکائي ٿو استاد

    **


    جوڀن کي لڪائين ٿيون نقابن ۾

    جوڀن کي لڪائين ٿيون نقابن ۾
    ّماريل اکڙيون لڳن ٿيون شرابن ۾

    اجھو لٽو آشيانو جن کان ويو
    جيون جو سفر گذري ٿو عذابن ۾

    زندگي پنهنجي نانءُ سان ڳنڍي
    چيائين راز آهي سوالن جوابن ۾

    حسن راڻي وانگر ويهاريندس
    شاهي محل اڏيائين خوابن ۾

    دل جون آسون ٿينديون راس
    غريبن جون دعائون آهن ثوابن ۾

    خادم ڪيئن ڪري ڪنهن سان وچن
    ويا وسري سبق جي تو پڙهيا ڪتابن ۾

    **


    ڪانگل ٻڌائينمِ ڪا خبر

    ڪانگل ٻڌائينمِ ڪا خبر
    اڄ خاموش ٿي ويو آ شهر

    ڪنهن نه ڇيڙيا ساز سرندا
    ڇو بند ٿيا آهن ساز و بحر

    اکڙيون پيون راهن ۾ واجھائين
    آهن ڪنهن لئه سي منتظر

    خاموشي لبڙن تي ويهي سمائجي
    ڪنهن هي ڪيس ڪيو آ ستمگر

    ويران بنجي ويئي شهرِ بازار
    خوشين کي لڳي ويئي آ نظر

    خادم وري ڪمال تي رسڻو آهي
    همت سان زوال ڪرڻو آ دربدر

    **


    شهر جو داستان آهي پيارو

    شهر جو داستان آهي پيارو
    جتي هو درياءُ پراڻ واھ ڪنارو

    هر طرف هئا علمي هنري مرڪز
    نه رهي اتي ڪا بازار ۽ ادارو

    شهر جا محل محلاتون ٿيا ڍير
    نه آهي اتي گيت سهرا چوڻ وارو

    ڪري دانهون پيو ٺاهيو مون کي
    ڪٿي آهي منهنجو وتايو پيارو

    جنهن ڏٺا ٿي منهنجا ماڳ پراڻا
    ڏکم ڏولائن ۾ ويو ٿي سارو

    اڄ به شاهد آهن ولين جا مقبرا
    پوري لاڙ منجھه هوس ناميارو

    خادم مون ڪاڻ ڪر ڪوڪون
    مون کي بچائڻ لاءِ جاڳي ڪو سنڀارو

    **


    تنهنجا سارا سجائي خواب ڇڏيم

    تنهنجا سارا سجائي خواب ڇڏيم
    يادن جو ڇپائي ڪتاب ڇڏيم

    چهري تي لڳائي نقاب ڇڏيم
    يادن جو ڇپائي ڪتاب ڇڏيم

    تو ڏي ايندڙ دفنائي عذاب ڇڏيم
    يادن جو ڇپائي ڪتاب ڇڏيم

    خوش ڏسڻ لاءِ وڄا ئي رباب ڇڏيم
    يادن جو ڇپائي ڪتاب ڇڏيم

    تو چيو ڇڏ هارائي شراب ڇڏيم
    يادن جو ڇپائي ڪتاب ڇڏيم

    ڪيا سوال ٻڌائي جواب ڇڏيم
    يادن جو ڇپائي ڪتاب ڇڏيم

    خادم هن لاءِ ويهاري پرتاب ڇڏيم
    يادن جو ڇپائي ڪتاب ڇڏيم

    **


    بجلي بند ٿيندي آهي ضرور

    بجلي بند ٿيندي آهي ضرور
    هن کاتي وارا آهن مغرور

    وئي کسجي تعليم ٻارن جي
    پڙهڻ لاءِ معمار آهن مجبور

    جھٽڪا ڏئي ساڙين ٿا سامان
    فالٽ ۾ رهڻ هنن جو دستور

    روزگار وارا بنيا بي روزگار آهن
    اهنج ڏيڻ سان ملين ٿو سرور

    معاشي زراعت ٿي ويئي تباھ
    تباهي ۾ هنن جو ڪردار آ ڀرپور

    وڌي بيروزگاري ٿيا ڏوھ ڏاڍا
    غريبن کان خوشيون ويون ڏور

    خادم ڪهڙا ٿو تون ڏک ونڊين
    سوچي من ٿي ويو آهي جھور

    **


    انبن جھليو آ ٻور ،

    انبن جھليو آ ٻور ،
    تون رهين پيو ڏور .

    مڪا تو ڏي موڪليا
    نه آئي موٽ ٿئين مغرور .

    هڪ بار اچڻ اڱڻن تي ،
    اداس دل ٿئي مسرور .

    محبت وفا ڏئي سر،
    سڏجون پيا منصور.

    آس اند ر ۾ آ سمايل،
    تون موٽندي ضرور.

    خادم کي ڀلي نه سار،
    تنهنجي چاهت ۾ آ مخمور.

    **


    هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا

    هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا
    جيون جا خواب ٻڌائين سهانا

    نه سمجھيم هن جي جفائين کي
    گذاريم حياتِ پل بنجي پروانا

    ٻولن ۾ هن جي هئي مٺاس محبت
    ڪجلي نيڻن جا ڪئين بنيا ديوانا

    حسن هن جو چنڊ جيان سهڻو
    جھلڪ ڏسڻ لئه ڪئين ٿياپروانا

    جڏهن منهن موڙيائين ڪري جفائون
    ڪئين دل واراغم ساڻ ٿيا روانا

    خادم جي دل آ غمن جي گھيري ۾
    خوشيون ويون کسجي ٿيا ويرانا

    **


    عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير

    عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير
    واسينگن جهڙن زلفن ڪيو اسير .

    چانڊوڪي ۾ نيڻ کپائي چنڊ ۾
    ڳوليان ٿو من ڏسان هن جي تصوير .

    تو بنا عيدون ڪهڙيون ملهائجن
    تنهنجو نه ملڻ لکيو هو تقدير.

    اڪيلائي ۾ سارو جيون جھري پيو
    ڏسي محفلون اندر ۾ لڳن ٿا تير .

    آس اندر ۾ آهي اڃا ملڻ جي
    آخر تقدير کي بدلائيندي تدبير .

    خادم جي من ۾ متل آهي مانڊاڻ
    درد سي لاهيندو ايندو ڪو سفير .

    **


    وجود خاڪ آهيون خاڪ ٿي وينداسين ،

    وجود خاڪ آهيون خاڪ ٿي وينداسين ،
    سڳا سڳر رقيب رفيق سارا ڇڏينداسين .

    الفت جي جيڪي ديپ هئا جلايا ،
    تن جو ثمر ساڻ کڻي نينداسين.

    هي جو ساٿ سرهو گذريو هو هر پل ،
    سي ساريون صلاحيون ڇڏي وينداسين .

    خلق جي سورن کي ڪري پنهنجو ،
    تنين جي سکن جو جام پيئنداسين.

    جيڪو ويو سو وري مور نه آ ورڻو
    تنهن جي يادن کي ياد پيا ڪنداسين.

    خادم سچ سرهو ڪوڙ آهي ڪچ
    دوکي دغا جا هي ڪوٽ ڊاهينداسين.

    **


    تنهنجي حسن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ

    تنهنجي حسن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ
    تنهنجي مرڪ تي غزل نه جوڙين سڄاڻ

    هسن جون ديويون آهن جي ڪي هتي
    تن سڀن جي تون لڳين ٿي ڄڻ اڳواڻ

    شاعري تنهنجي جلوي بدن جي ڏسي
    ماهر تنهن سامهون ٿيو وڃن اڻ ڄاڻ

    تنهنجو جيون ڪنهن ساڻ آهي لکيل
    تون اپسرا بني آهين ڪنهن ڪاڻ

    منهنجي من اندر ۾ مکڙو آهي تنهنجو
    مون سان ملندي ضرور اڄ يا سڀاڻ

    جيڪي عشق ماڻڻ لاءِ ڏک ڏولاوا ايندا
    پار ڪبو تنين کي گڏجي تو ساڻ

    منهنجو من ماندو آهي تنهنجي لاءِ
    منهنجي دلِ درد کي سمجھي وڃ پاڻ

    **


    تارن جي چادر سان رات چمڪي پئي

    تارن جي چادر سان رات چمڪي پئي
    تنهنجي يادن سان دل ڌڙڪي پئي .

    تنهنجون يادون هر پل ٿيون تڙپائين
    تو بنا سورن ڪاڻ جان ڦٿڪي پئي .

    تون وئين دور ساگر جي وير وانگي
    توکي ڳوليندي راهه ڀٽڪي پئي .

    تو ن ڇڏي سفر ۾ وئين اڪيلو
    اندر مِ ڏکن جي باهه ڀڙڪي پئي .

    هي تنهائي اڏوهي جيان جھوري
    خادم بدنصيبي ڪڙڪي پئي .


    **


    ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،

    ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،
    گلڙن جي چوڌار ٿي آهي مهڪار .

    جت ٻوٽن جو ٿيو پئي اموات ،
    اتي نئون ٺهيو سائو سنسار .

    گلن لوڏ ڏسي ٿيو من ماندو ،
    آس اندر ۾ جاڳي ايندو دلدار .

    حال هيڻو ڏسي جو ويو رسي ڏور ،
    دل اڄ به ان لئه نه ٿي آهي ڌار .

    گلِ محبت کڻي هلايم حيلا ،
    نه آيو ڪندو رهيو انڪار .

    خادم ڪيسين واٽون ڏسندين ،
    هن ڀلايو آهيس زرِ خمار .

    **


    بي وسي جا حال ڪير ڏسندو

    بي وسي جا حال ڪير ڏسندو
    دل جا هزارين درد ڪير ٻڌندو

    ماءُ بنا جيون گذري ٿو اڌورو
    امڙ جي ممتا هاڻي ڪير ڏيندو

    گرمي سردي ۾ پيا ڀٽڪون
    هيڻن جي همراهي ڪير ٿيندو

    وئي مرڪ نيڻن منجھه آيا لڙڪ
    ڏکن ۾ هاڻي ڀرجھلو ڪير ٿيندو

    اسان ته آهيون ڏکن جو داستان
    اسان جي ارمانن کي ڪير سمجھندو

    خادم بي وسي جي هال ۾ ٿو ڌڪاري
    هنن ستايلن کي پنهنجو ڪير ڪندو

    **


    ڪنهن کي ٻڌايان دل جا سور

    ڪنهن کي ٻڌايان دل جا سور
    محبوب منهنجو ويو هليو دور

    وسارڻ جي ڪيان ڏاڍي ڪوشش
    دل محبوب جي لاءِ آهي مجبور

    عشق ۾ ڪري ويو وفا جا وچن
    ٽوڙڻ تن کي ٿي ويو آهي دستور

    هي حسن شباب آهي چار ڏينهن
    مناسب نه آهي ان تي ڪرڻ غرور

    خادم نه وساري سگھيو يادن کي
    کسجي ويون خوشيون آهن پور

    **


    منهنجا پرين ايڏو نه ڪر ستم

    منهنجا پرين ايڏو نه ڪر ستم
    هي پيار جو رشتو نه ڪر ختم

    مون ۾ نه قوت هاڻي برداشت
    ايڏو نه هاڻي تون مون کي غم

    ڀلي ڪهڙا به نانءُ ڏي مون کي
    نه ٽوڙيندس تنهنجو ڀرم

    آخر پٿر به ٿي ويندو آهي ذرڙا
    ٿي نه سنگ من کي ڪر نرم

    خادم جو ڏکارو جيڪو جيون
    توکي ياد ڪندين ٿيندو ڀسم


    **


    دنيا جو هلي رهيو دستور آهي عجيب

    دنيا جو هلي رهيو دستور آهي عجيب
    ڪنهن کي ڏک ڪنهن کي سک نصيب

    جن جي ڪاڻ هي جيون پنهنجو ڪيوسين
    ويا هليا ڇڏي ڏور نه آيا سي وري قريب

    دل ساري ڏکن سان ٿي ويئي آهي زخمي
    اچي ڪو هتي هڻندو مرهم بنجي حبيب

    لڳو جو مرض عشق علاج عشق جي لاءِ
    گھرايم هزرين ويهي حاذق ۽ طبيب

    تون ڀلي ڏسي حال منهن موڙي وڃ
    خادم تنهنجو آهي تو لاءِ ٿيندو رقيب

    **


    ترقي و ڪمال جي ڳالهه ڪريو ٿا

    ترقي و ڪمال جي ڳالهه ڪريو ٿا
    ڏتڙيلن جي ڏکن کي بيان ڪريو ٿا

    هي جي انگ اگھاڙا ٻالڪ ڏسي
    تن جي سورن تي نه ڌيان ڌريو ٿا

    هڪ آس پنهنجي سيني ۾ سمائي
    کڻي سي سارا خواب وڃن مريو ٿا

    جيڪي آهن مشڪلاتون هنن کي
    خادم تن کي هاڻي ڇو نه نبريو ٿا

    **


    مائن جي خالي ٿيندي پئي وڃي جھولي

    مائن جي خالي ٿيندي پئي وڃي جھولي
    نه گونجي ٿي تن جي گيتن جي ٻولي

    تڙپي رهيو آهي من تن جو غمن منجھه
    ڳولين پنهنجا گلڙا هٿن ۾ ماني جي لولي

    ساز سارا ٿي ويابند برپا ٿيو آهي ماتم
    ٽٽي ٽڪر ٿي ويئي آهي تن جي گھڙولي

    پنهنجي لخت جگرن کي ڏسي خاموش
    کڻيو هٿن ۾ چون ڪير پائيندو چولي

    ڪڏهن اهنج ٿيندا ختم ٿيندا سهنج
    جيئن ملهائي هي سگھن عيد ۽ هولي

    خادم هنن جي دردن کي سمجھه پنهنجو
    ڪجھه ڪريو جيئن مائرون ڳائين لولي

    **


    هليو ٿي جڏهن پيارو

    هليو ٿي جڏهن پيارو
    چمڪي پيو سمنڊ ڪنارو

    غمن ۾ گھايل نڍال هيس
    اچي پياري ڏنو م سهارو

    جيون سمورو سورن سندو
    ڄڻ لڳي پيو اهو اڌارو

    رڳو ڏک رنج اسان لاءِ
    ڪڏهن ايندو مسرت وارو

    خادم مايوسي ڪر ڦٽي
    روشن ٿيندو ستارو

    **


    مقدر ۾ رڳو تنهائي

    مقدر ۾ رڳو تنهائي
    پرين ڪري ويو جدائي

    هر روز ڏک ملن ٿا
    خوشين جي رات نه آئي

    جي ملي وڃي مون سان
    انڌيري ۾ ٿئي سهائي

    اچڻ جي پيم پروڙ
    هن ڪاڻ محفل سجائي

    خادم نه ملڻو آهي توکي
    زندگي نه وڃائي اجائي

    **


    بيت

    بهار آئي بلبل ٻوليون لاتيون

    بهار آئي بلبل ٻوليون لاتيون
    صنم سان ڪيم اچي باتيون
    آکڙيون آتيون دلبر ديدار لئه
    **


    بهار آئي منهنجي دل جي اڱڻ تي

    بهار آئي منهنجي دل جي اڱڻ تي
    وقت وڃڻ تي اچڻ جا وعده ڪري ويئي
    **


    بهار آهي آئي پورو کڻي پنهنجو شباب

    بهار آهي آئي پورو کڻي پنهنجو شباب
    جنهن ۾ پسيان خواب دلبر جي ديدار جا .
    **


    گيت

    ايڪتا جي رنگن محفل رچائي ڇڏي ،

    ايڪتا جي رنگن محفل رچائي ڇڏي ،
    غزل واين ڪافين سان سجائي ڇڏي .
    هر طرف ڪهڪشان جهڙا رنگ ،
    ثقافتي رنگن سان جھوميا جھر جھنگ ،
    سگھڙن آهي ڪچهري مچائي ڇڏي .
    ٻالڪ بنجي اٿيا هوشو هيمون دودا ،
    اهي ئي ٿيندا سنڌ امڙ جا جوڌا،
    سنڌ امن جي ڌرتي ڳالهه ورجائي ڇڏي .
    خادم سنڌ امڙ تان سر ساهه قربان ،
    سنڌ سنڌي ٻولي اسان جي پهچان ،
    سنڌ سنڌين جي جند ٻڌائي ڇڏي .

    **


    سنڌي ٻولي سڀ کان پياري ٻولي ،

    سنڌي ٻولي سڀ کان پياري ٻولي ،
    مٺڙي هئي امڙ جنهن ۾ ڏني لولي .
    سنڌ ۾ گونجن ڪافيون ڏوهيڙا،
    جھر جھنگ جھونگارين جھانگيئڙا ،
    لطيف جون وايون ويرين لاءِ گولي .
    سنڌ ۽ سنڌين مچايا آهن ميلا،
    سڀ هڪ آهيون نه آهيون اڪيلا،
    واهڻ وستي ۾ ٿي ويئي عيد ۽ هولي .
    ٽوپي پٽڪواجرڪ شان اسان جو ،
    رلي ڪاشي کيس سان مان اسانجو ،
    سنڌ جا سپوت نه ٿيندا ٽولي ٽولي .
    جنهن ڌرتي تان وهي ٿو مهراڻ ،
    جت ڌرتيءَ پهريو ساوڪ سندو پهراڻ ،
    خادم اتي مارن جي خالي نه ٿيندي جھولي .

    **


    پٽڪو اجرڪ ٽوپي پايون ٿا ،

    پٽڪو اجرڪ ٽوپي پايون ٿا ،
    سنڌ امڙ جا سپوت سڏايون ٿا .
    جنهن سهڻي سيني سمهاريو،
    رت ست سان آهي جيئاريو ،
    تنهنجي اسان لولي ڳايون ٿا .
    جنهن جو پاڻي آبِ حيات ،
    جنهن ۾ ماکي جي سوغات ،
    جنهن سان جيون جيئاريون ٿا.
    جنهن جا منظر هن سرسبز ،
    سڀن جي خوشين جا مرڪز،
    جتي لطيف جي وائي ڳايون ٿا .
    خادم سنڌ سان آ نينهن ناتو،
    سنڌ جي محبت کي دنيا ڄاتو ،
    پياري ٻولي سنڌي ڳالهايون ٿا

    **


    وائيون

    ماروئڙن کڻي هٿڙا گھريون دعائون بار بار

    ماروئڙن کڻي هٿڙا گھريون دعائون بار بار
    ڪڪرن ڪر کڻي اچي ڪئي ڪار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    جھانگيئڙن جا لهي ويا ڏک هزار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    کيٽ کيڙي تن پوکي ٻاجهر ۽ گوار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    ڀٽن تي للر مريڙو کنڀ ٿيا بيشمار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    تن ڪيو همرچو سکيو ٿيو سنسار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    سانوڻ ڪيو تن شاد جي هئا لاچار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    وسي وڏ ڦري ترايون ڪيون سڀ تار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    ڀٽن سائو چولو پهريو ڄڻ ٿي ڪنوار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    ٻڌجن ٿيون ڀٽن مٿي پهن جي پڪار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    ڳائيندا اچي همرچو گڏجي ڳنوار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    خادم گڏيا سڀ ٿري ٿيندا نه ڌار
    ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
    **


    ڌرتي ڪاڻ سر ڏيئي پاڻ ملهايو ،

    ڌرتي ڪاڻ سر ڏيئي پاڻ ملهايو ،
    ديس جي ويرين کي هو للڪاريو ،
    تن شهيدن کي ساريو .
    ڊڄي آمرن سولي تي تن لٽڪايو ،
    تن شهيدن کي ساريو .
    آمر مٽجي ويا سورهيه نانءُ نه مٽايو ،
    تن شهيدن کي ساريو .
    جن دليرن ظلم جو ڪوٽ جلايو ،
    تن شهيدن کي ساريو .
    آزادي آهي حق آزادي پرچم جھولايو ،
    تن شهيدن کي ساريو .
    خادم سولي تن جو سينگار امر نانءُ لکايو ،
    تن شهيدن کي ساريو .

    **


    هائيڪا

    حسن و جمال جو شباب

    حسن و جمال جو شباب
    وقت جي وهڪري ۾
    وکري ويو ڄڻ هو خواب
    **


    ميڙي مال ودولت ٿيو امير

    ميڙي مال ودولت ٿيو امير
    آهيس نه ڪو سڪون
    سوچن جو ٿيو اسير
    **


    پهيل ڦاٽل ڪپڙا

    پهيل ڦاٽل ڪپڙا
    مجبوري ڪاڻ
    ڦهلائي ٿي هٿڙا
    **


    ڏکن ڀري آهي ڪهاڻي

    ڏکن ڀري آهي ڪهاڻي
    ڳلن تي نيسرا
    ڏل ساڻ ٿي ويڳاڻي
    **


    بلند جنهن جو نالو

    بلند جنهن جو نالو
    جتان سوڀ جو رستو
    کولي پڙهه شاھ جو رسالو
    **


    خيالن ۾ آيو تصور

    خيالن ۾ آيو تصور
    ٺاهي چٽ تنهنجو
    ٿي ويس مصور
    **


    ويران آهن اهي ڀٽ

    ويران آهن اهي ڀٽ
    جتي ٺاهي گھروندا
    تو چٽيا تن تي چٽ
    **


    من اندر ۾ آهي آس

    من اندر ۾ آهي آس
    تو هيڪر ايندي
    ٿيندا خواب راس
    **


    تو لاءِ ڪهڙا سوال جواب

    تو لاءِ ڪهڙا سوال جواب
    تون آهين
    پيار پريت جو ڪتاب
    **


    ننڍڙو ٻالڪ روئي ٿو

    ننڍڙو ٻالڪ روئي ٿو
    کڻي آلي مٽي
    ان کي پاڻي سان ڳوئي ٿو
    **
    زندگي جي ٿيڻي آهي پڄاڻي
    ان تي ايڏو ناز نه ڪر
    هيءُ حياتي آهي هڪ ڪهاڻي
    **
    اجايا ڪنهن کي نه ڏي سور
    ساٿ سمورو ٽٽندو
    تنهنجا همراز به ٿيندا ڌار

    **


    ٻالڪ کي ماءُ جي تات

    ٻالڪ کي ماءُ جي تات
    ماءُ کي پڪاري
    روئي گذاري ساري رات
    **
    هتي هرڪو سمجھي سوا سير
    همت نه ها ر
    منزل جي طرف وڌائي پير
    **
    جڏهن ويندو جوڀن شباب
    ٿيندي اڪيلو
    حسين هيءُ آهي هڪ خواب
    **


    ڪندو رهه تو محنت

    ڪندو رهه تو محنت
    پگھر منجھه سرهاڻ
    پورهئي ۾ آهي عظمت
    **

    ڇو ٿو ڌاري ڪلفت
    پوک ٻج محبت جو
    ختم ڪري ڇڏ نفرت
    **

    هتي نه آهي سدا رهڻو
    زندگي پاڻي ڦوٽو
    هڪ ٻي راهه ڏي آ هلڻو

    **


    جن انسانيت لاءِ ڪيا ڪم

    جن انسانيت لاءِ ڪيا ڪم
    تن جي وڃڻ تي
    ڏکويلن جي دلين ۾ ٿيا غم
    **
    جڏهن ٿر مٿي ٿي وسڪار
    ڀٽيون ٿيون سايون
    ڏڪار ويو آيو سڪار
    **
    ٿر مٿي ڪڪرن ڪئي وسڪار
    ماروئڙا سڀ مرڪيا
    ڏسي پلر سان سڀ ترايون تار
    **
    حسن و جمال جو شباب
    وقت جي وهڪري ۾
    وکري ويو ڄڻ هو خواب
    **
    ميڙي مال ودولت ٿيو امير
    آهيس نه ڪو سڪون
    سوچن جو ٿيو اسير
    **


    پهيل ڦاٽل ڪپڙا

    پهيل ڦاٽل ڪپڙا
    مجبوري ڪاڻ
    ڦهلائي ٿي هٿڙا
    **
    ڏکن ڀري آهي ڪهاڻي
    ڳلن تي نيسرا
    ڏل ساڻ ٿي ويڳاڻي
    **
    بلند جنهن جو نالو
    جتان سوڀ جو رستو
    کولي پڙهه شاھ جو رسالو


    نظم

    ڪڪرن کنيا ڪر اچي ڪيائون وسڪار

    ڪڪرن کنيا ڪر اچي ڪيائون وسڪار
    وسڻ ساڻ ماروئڙا جھانگيئڙا مرڪيا با ر بار
    وسيا ٿر جي ڀٽن تي ترايون ٿيون سڀ تار
    ڀٽن پهريا اچي سوا وڳا ٿيون سي ڪنوار
    پلر جي پاڻي سان سارو سکيو ٿيو ٿر
    وري وسيو وڃي اتي جتي هو بر ۽ ڇپر
    موٽي ماڳ ڏي واپس وريا سڀ ماروئڙا
    ڳايو تن مورو خوش ٿيا جھانگيئڙا
    ڳم ڳنڍير ڳاڱون کٽالو جتي ٿيا جام
    وڪيو وڃي تن کي مليو پوءِ تن آرام
    جڏهن نئيون ويون تار کڻي پلر پاڻي
    انهن جا ڏک ويا سک جي ٿي ڪهاڻي
    سڀ رهن خوش سري ٿر لاڙ جبل وارا
    خادم ڏک نه اچن تن مرڪندا رهن سارا

    **


    پيارو ٻارو اڄ توهان کي تاريخي شهر گھمايان

    پيارو ٻارو اڄ توهان کي تاريخي شهر گھمايان
    ان شهر جي هڪ وڏي آ تاريخ سا توهان ٻڌايان
    هن شهر جو پايو وڌو نصير مهاڻي يا امير نصر
    هن شهر ۾ هوندو هو ڪپڙي ٺاهڻ جو گھڻو هنر
    ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ هو سنڌ جي گادي
    هتان ٻاهر ويندو هونير موٺڙو سوسي ۽ کاڌي
    هتان وهندو هو دريائن جو سردار سنڌو درياءُ
    جنهن جي آب سان انسانن جو سکيو هو ساهه
    شاهه لطيف والد ساڻ ايندو هو هتي گھڻو
    اهو تاريخي شهر سنڌ جو هو نصرپور پرڳڻو
    هن شهر جا مشهور هئا ۽ آهن مائو کيرپڙا
    نه ٺهن ڪنهن ٻئي ماڳ منجهه مٺا هن جهڙا
    هتي هئا شاهه عنايت مصري امام شاهه مراد
    هي هو سرسبز سکيو آهي هينئر به شهر آباد
    هتي جي پاڻي ۾ ماکي جهڙو هوندو هو مٺاس
    هتي آهن سرسبز ٻنيون ۽ باغات آسپاس
    سنڌو درياءُ ساکره ۽ شاهه واهه سان ڪمال
    سنڌو جڏهن منهن موڙيو تڏهن اهو ويو جمال
    اڄ به نصرپور سنڌ جو آهي تاريخي شهر
    خادم محبت الفت ورهائڻ وارو هي آهي تر
    **


    ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت

    ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت
    خدا جي طرفان اسان کي ملي آهي نعمت .
    جنهن جي لولي ۾ جيئڻ سندو آهي جذبو ،
    جنهن جي هر لفظ ۾ سمايل آهي شفقت .
    سور اسان جا جنهن سارا پاڻ آهن سٺا
    هن جي ڪرڻ اسان تي فرض آهي خدمت
    مايوسي جي گھيري ۾ جڏهن آياسين ٿي
    تڏهن مٺڙن ٻولن سان ڏياري آهي همت
    ڪهڙو به رهبر رهزن ڇو نه هجي
    رکي قدمن تي هٿ ڪندو آهي عزت
    ساري جڳ جي دنيا ڌن هڪ طرف
    سڀن کان هن جي اتاهين آهي عظمت

    **


    هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،

    هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،
    ڪلفت ڪر ڦٽي الفت ۾ آ جيئڻو .
    ٺڪر ٿانو جيان آهي سارو سنسار
    ملندو خاڪ سان ٿيندو ڇار
    بنجي وڃون هن چمن جا گلاب
    ڏک ماري جيون ڪريون نواب
    هي نفرت سندي جا آ ديوار
    رت جي رشتن کي ڪيو ڌار
    الفت سندو ويهي اڏجي محلات
    جت گيتن ساڻ گونجي مٺي لات
    دولت جا ڏيک ڏسي ٿياسين اسير
    ڦٽو ڪري سادگي کي ٿياسين فقير
    خادم ڪهڙا ويهي لکندو درد
    محبت وئي مٽجي الڳ ٿيو فرد

    **


    جيون ٺڪر سندو ٿانءُ ٽٽي آخر پوندو

    جيون ٺڪر سندو ٿانءُ ٽٽي آخر پوندو
    هي محل محلاتون پاڻ سين نه نيندو
    روشن ڪئي جنهن پيار پريت جي جوت
    هي سارو لوڪ تنهن کي پيو ياد ڪندو
    حوي حرس خاطر جنهن چوسيو غريبن جو رت
    وڃڻ ڏور راهه تي خالي هٿين رمندو
    جنهن جيون گذاريو رت هولين سان
    وقت گذرڻ تي مجبوري وقت سو روئندو
    هتي هر ڪا شيءِ فاني آ نه باقي
    جنهن خود کي سمجھيو باقي سو پڇتائيندو
    خادم ڪري وڃ اهڙي سهڻي امر ڪار
    هر دل دفتر تي نانءُ پيو جرڪندو

    **


    جيون ٺڪر سندو ٿانءُ ٽٽي آخر پوندو

    جيون ٺڪر سندو ٿانءُ ٽٽي آخر پوندو
    هي محل محلاتون پاڻ سين نه نيندو
    روشن ڪئي جنهن پيار پريت جي جوت
    هي سارو لوڪ تنهن کي پيو ياد ڪندو
    حوي حرس خاطر جنهن چوسيو غريبن جو رت
    وڃڻ ڏور راهه تي خالي هٿين رمندو
    جنهن جيون گذاريو رت هولين سان
    وقت گذرڻ تي مجبوري وقت سو روئندو
    هتي هر ڪا شيءِ فاني آ نه باقي
    جنهن خود کي سمجھيو باقي سو پڇتائيندو
    خادم ڪري وڃ اهڙي سهڻي امر ڪار
    هر دل دفتر تي نانءُ پيو جرڪندو

    **


    آئي عيد تنين کي نه ان جي خبر ،

    آئي عيد تنين کي نه ان جي خبر ،
    سارو جيون آهي سورن جو دفتر .
    نه سهڻي پوشاڪ نه پيٽ ڀريو کاڌو ،
    ڪٿ ڍوءُ ڪٿ افلاس عجب آ چڪر .
    غريبن جي قسمت ۾ ڏک ڏولاوا،
    محل گيت سنگيت کان ڄڻ بي خبر .
    وسڪار منجھه ٿئي ڇتن مان ٽم ٽم ،
    ڪن جا محل ڪن جا ڪکاوان گھر .
    خادم نه ٿي اداس ڏسي مسڪيني حال
    آخر ڏک مٽبا سکيو ٿيندو مقدر

    **


    خاڪ مان ٺهيل خاڪ ٿي ويندا

    خاڪ مان ٺهيل خاڪ ٿي ويندا
    فاني کان باقي سارا هليا ويندا .
    ستائي لوڪ کي جن ميڙيو ڌن
    سو سارو ڌن هتي ئي ڇڏي ويندا .
    جن لکايو پنهنجو ناءُ دلين تي ،
    وڃي تن جي بُٺي تي چار قل پڙهندا
    نه هوندو ڪو ساڻ ان سفر منجھه
    ڪنهن کان پوءِ سي ساٿ گھرندا
    ڪريو اهڙا عمل جن سان ملي دعا
    نه رنجايو ڪنهن کي اهو آهن چوندا .
    خادم مٽي جو گھڙو آخر ٽٽندو
    سارا مسافر ويندا هت نه رهندا .
    **


    نصير روهڙي چينل جو سٻنڌ ڏهه دري

    نصير روهڙي چينل جو سٻنڌ ڏهه دري
    آب و سبز سان جتي جي آبهوا ڀري
    محفل مچائين جتي اچي سهڻا قلمڪار
    خيالن جي ڏي وٺ سان تخليق اسري
    جڏهن هوا سان ٺهن ٿيون لهرون
    ساعرن جي دل مان شاعري اڀري
    پکي جڏهن اچي لنون ٿا لاتيون
    ڪن سا موهت غم وڃن ٿا وسري
    اهڙا ميلا محبتن جا سدا قائم رهن
    دوستي جو رشتو جڙي نفرت وڃي نڪري
    خادم جڏهن اهڙي ساٿ ۾ شامل ٿيو
    من مايوس ۾ هڪ نئين جستجو نکري
    **


    ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت

    ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت
    خدا جي طرفان اسان کي ملي آهي نعمت .
    جنهن جي لولي ۾ جيئڻ سندو آهي جذبو ،
    جنهن جي هر لفظ ۾ سمايل آهي شفقت .
    سور اسان جا جنهن سارا پاڻ آهن سٺا
    هن جي ڪرڻ اسان تي فرض آهي خدمت
    مايوسي جي گھيري ۾ جڏهن آياسين ٿي
    تڏهن مٺڙن ٻولن سان ڏياري آهي همت
    ڪهڙو به رهبر رهزن ڇو نه هجي
    رکي قدمن تي هٿ ڪندو آهي عزت
    ساري جڳ جي دنيا ڌن هڪ طرف
    سڀن کان هن جي اتاهين آهي عظمت

    **


    هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،

    هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،
    ڪلفت ڪر ڦٽي الفت ۾ آ جيئڻو .
    ٺڪر ٿانو جيان آهي سارو سنسار
    ملندو خاڪ سان ٿيندو ڇار
    بنجي وڃون هن چمن جا گلاب
    ڏک ماري جيون ڪريون نواب
    هي نفرت سندي جا آ ديوار
    رت جي رشتن کي ڪيو ڌار
    الفت سندو ويهي اڏجي محلات
    جت گيتن ساڻ گونجي مٺي لات
    دولت جا ڏيک ڏسي ٿياسين اسير
    ڦٽو ڪري سادگي کي ٿياسين فقير
    خادم ڪهڙا ويهي لکندو درد
    محبت وئي مٽجي الڳ ٿيو فرد

    **


    منهنجي ديس جي پياري ٻولي ،

    منهنجي ديس جي پياري ٻولي ،
    جنهن ۾ ماءُ ڏني هئي لولي .
    واهڻ وستي جنهن جي مٺاس آ،
    ويرين جي لئه آ ڄڻ گولي .
    سگھڙن جو سٿ سڏجي جڏهين ،
    گونجي ڳجھارت يا ڪا پرولي .
    جنهن ۾ مٺڙا گيت ۽ وايون ،
    تن سان ڄڻ مچي ٿي هولي .
    جت ڀي سنڌي ٻولي وڃي ٿي ،
    مارو ٿين نه ٽولي ٽولي .
    خادم جي آ آس اهائي ،
    سنڌي سڏجي قومي ٻولي .

    **


    ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت

    ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت
    خدا جي طرفان اسان کي ملي آهي نعمت .
    جنهن جي لولي ۾ جيئڻ سندو آهي جذبو ،
    جنهن جي هر لفظ ۾ سمايل آهي شفقت .
    سور اسان جا جنهن سارا پاڻ آهن سٺا
    هن جي ڪرڻ اسان تي فرض آهي خدمت
    مايوسي جي گھيري ۾ جڏهن آياسين ٿي
    تڏهن مٺڙن ٻولن سان ڏياري آهي همت
    ڪهڙو به رهبر رهزن ڇو نه هجي
    رکي قدمن تي هٿ ڪندو آهي عزت
    ساري جڳ جي دنيا ڌن هڪ طرف
    سڀن کان هن جي اتاهين آهي عظمت

    **


    عورت جو آهي اوچو مان ۽ عظمت

    عورت جو آهي اوچو مان ۽ عظمت
    جنهن کي ملي ٿي ، بنجي نعمت
    جنهن آشياني ۾ هن جو جيون
    اتي هر پل رب جي وسي رحمت
    سسئي جي روپ ۾ ڏک سٺيائين
    جبل جهاڳي ڏنو سبق ڪريو همت
    سورن کي هر دم سر تي سهي
    پنهنجي جي سان وڏائي ٿي عزت
    جيڪو هن سهڻي مورت کي ڏکوئي
    تن کي سماج ڏيندو رهي ٿو ذلت
    جڏهن ملي ٿو هن کي ماءُ جو روپ
    هر پل ڏئي ٿي ممتا ۽ شفقت
    ٿي ڀيڻ ڏئي ٿي سا عظيم قرباني
    ڀائرن سان جوڙي ٿي عظيم محبت
    جواني ۾ ٿئي ڪنهن جي همسفر
    ظاهر ٿئي ٿي من اند ر جي الفت
    خادم ڏيار تون هن کي سندن حقوق
    پنهنجي جيون جي بنائي سا ڪرت

    **


    سنڌي ٻولي وساري ٿو

    سنڌي ٻولي وساري ٿو

    جيڪو سنڌي ٿي سنڌي ٻولي وساري ٿو
    اهو ڄڻ ته پنهنجي وجود کي ماري ٿو
    جنهن جي دل مان ٻولي جي وئي سڳنڌ
    ان کي سماج ۾ هرڪو پوءِ ڌڪاري ٿو
    سلام انهن اديبن شاعرن فنڪارن کي
    لفظ جوڙي تخليقن سان ٻولي جيئاري ٿو
    هر سنڌي واسي جي آهي هڪ ئي تمنا
    جو لطيف جي بيتن سان من سنواري ٿو
    سنڌي آهيو سنڌي لکو پڙهو ڳالهايو
    هر سنڌ جو سپوت اهو قول اچاري ٿو
    امڙ جنهن منجهه ڏني ٿي مٺڙي لولي
    لولي جو هر لفظ سچ حق سيکاري ٿو
    خادم سنڌي امڙ تان سرساهه گھوريندا
    مرويسون سنڌ نه ڌيسون هرڪو پڪاري ٿو

    **


    اچي ويو ميدان ۾ انبن جو سردار

    اچي ويو ميدان ۾ انبن جو سردار
    غريب امير جو تنهن سان پيار
    جڏهن وڃجي روز منڊي ۾
    ٻڌجي هن مٿي ٿي پڪار
    هزارين ميون ۾ هي اچي
    سڀ کان سرس هن جو سينگار
    جيڪي روز آڻين چاڙهين ٿا
    تن وٽ به هن سان ٿئي ٿي بهار
    گرمي جڏهن پنهنجو زور ڏيکاري
    ٺاهي هن جو جوس وٺن ٿڌڪار
    خادم ڏس انبن جو ڪيڏو مان
    سنگتي ساٿي تحفا ڏين هزار

    **


    نثري نظم

    شهر جي وچ ۾ شادي حال

    شهر جي وچ ۾ شادي حال
    سهڻين بتين سان سنيگاريل
    جتي وڏا ٻار سڀ
    سحنا لباس پهريل
    سهڻن مرغ مصالحن سان کاڌا
    ٽيبلن تي سينگاريل
    هڪ معصوم نيڻن سان ٻالڪ
    اچي چوي ٿو بکايل آهيان
    پيٽ جي اڃ اجھائڻ لاءِ
    ڪجھه ڏيو
    اوچتو ويٽر جي چماٽ سان ٻالڪ
    ٻاهر ڪري ٿو نيڻن مان لڙڪ لاڙي
    ڏسي نگاهه فلڪ ڏي ڪري ٿو
    ڄڻ پنهنجي بيوسي تي فرياد ڪري ٿو
    ڪجھه پلن کان پوءِ
    کاڌو بچيل ڍير تي
    جتي اچي ڪجھه ڳولي ٿو
    اتي جانور به اچن ٿا
    اهي هن کي ڪجھه ڪين چون ٿا
    سوچي ٿو
    انسان ي هي ڇاٿي ويو
    جو ائين اسان کي ڌڪاري ٿو

    **


    شهر کان ڳوٺ جو سفر

    شهر کان ڳوٺ جو سفر
    رستي ۾ حسين منظر
    ڳوٺ ۾ ٻڌي ٿو
    پکين جون پياريون ٻوليون
    مٽي جي خوشبوءِ
    مٽي جو هڳاءُ محسوس ڪري ٿو
    اوچتو ٻارن جو
    بينرن شيٽن سان جلوس
    شيٽن تي بينرن تي لکيل مواد
    ڏسي ٿو
    سمجھي نٿو
    ڇا آهي تن مٿي ؟
    هڪ ٻالڪ کي سڏي ٿو
    چوي ٿو
    ڪيا هي اس پر اور يي جلوس
    ٻار منهن ۾ نهاري ٿو
    چوي ٿو هي ڏهاڙو آهي
    امڙ جي ٻولي جو
    امڙ جي لولي جو
    جنهن ٻولي وساري
    ان ماءُ ماري


    آزاد نظم

    هن جو جيءُ جھريل

    هن جو جيءُ جھريل
    اکين ۾ لڙڪن جي لار
    پوءِ به نيڻن منجھه
    هڪ آهيس آس
    سختيون سٺيون
    من ماندو ڪيو
    جنهن ڪاڻ
    اهو ايندو
    هن جا
    ڏولاوا ڏور ڪندو پر هن کي
    سڌ نه آهي
    وقت نه بدليو
    انسان بدليو
    هن جو سهارو
    هن کي کي ڇڏي
    دنيا جي گھيري ۾
    هن کي وساري ڇڏيو
    پر آهيس آس
    هن جو پٽڙو
    ايندو
    هن جو سهارو بنجندو
    **


    معصوم ٻالڪ

    معصوم ٻالڪ
    روڊ ڪناري بيٺل
    حسرت ڀرين نيڻن سان
    نون ڪپڙن ۾ ويندڙ ٻالڪ
    ڏسي روئي پوي ٿو
    منهنجو گھر هو
    منهنجا ڪپڙا هئا
    پاڻي آيو کڻي ويو
    روڊ ڪناري تي گھر ٺهيو
    ڪير نه آهي
    جيڪو عيد ڪپڙا خرچي ڏيئي
    عيد مبارڪ چوي
    اداسن نيڻن سان پنهنجي جھڳي
    طرف وڃي ٿو
    اکين مان وهندڙ لڙڪ
    چهري تي نيسرا ٺاهي رستي
    ڪرن ٿا گم ٿي وڃن ٿا
    **


    عيد آئي پر ڪيئن

    عيد آئي پر ڪيئن
    عيد ملهائين
    گھر گھاٽ ويا
    گھر کان بي گھر ٿيا
    بي سهارا ٿيا
    ڪير هنن جي واهر ڪندو
    ڪير هنن کي عيد مبارڪ ڏيندو
    اچو سڀ گڏجي
    هنن ساڻ عيد ملهايون
    هنن کي عيد مبارڪ ڏيون

    **


    هن سان منهنجا خواب هئا

    هن سان منهنجا خواب هئا
    جيڪي مون ساڀيان ڪرڻ خاطر
    جبل جھاڳيا جھنگ لتاڙيا
    اهي سڀ اڌورا ئي رهيا
    جنهن ڪاڻ ڪيم
    سو ڏئي زخم
    مون کان ڏور ٿيو
    ڇو مجبور ٿيو
    ڪيل قول نه پاڙيا
    شايد مقدر ۾ هو حال ڏسي منهنجو
    ڪري بيوفائي ويو
    اڄ به ياد هن جي آ
    ائين نه ڪندو
    مجبور هوندو
    جنهن ماڳ هي وڇڙيو
    اتي گلاب گل آهي
    جو جھومي رهيو آهي
    هن جي ياد ڏياري
    رهيو آهي

    **


    جڏهن پکين ٻوليو

    جڏهن پکين ٻوليو
    ان سمي چمن جي ٽڙيل گلن
    جي مهڪار ڇڪيو
    ان واٽ ڏي
    جتي پيار جا افسانا هئا
    جت دل جون هن سان ڳالهيون هنيون
    دل جا ڪيل اقرار
    ويهي ٽٽل بينچ تي
    اڄ ان تي اڪيلو آهيان
    ڪنهن ويل تون ايندين
    دل کي آٿت ملندي
    پر تون نه ايندين
    تون ان طرف ويو آهين
    جتان
    واپس نه ورڻو آهي

    **


    اداس اکين سان

    اداس اکين سان
    سهڻو ٻالڪ
    وارين جي ڀٽن تي
    هر طرف نگاهه ڪري
    بر ٿيل ڀٽن
    خالي راسين ۽ تراين
    کي ڏسي ٿو
    پنهنجي نگاهه مٿي کڻي
    رب کان دعا گهري ٿو
    اي منهنجا رب
    ابر جون قطارون آڻ
    ٿر مٿي جيڪي وسڪار ڪن
    ڏکڙا لهن سکڙا اچن
    ٻار جي دعا قبول ٿي
    ابر جون قطارون آيون
    ر مٿي وسڪارون ڪيون
    ترايون تار ٿيون
    ڀٽن سائو چولو پهريو
    وٺو ٿر ڀڳو بر
    هر طرف سائو سبزو
    جتي ڏک هئا
    اتي ٿيو همرچو

    **


    معصوم ٻالڪ

    معصوم ٻالڪ
    روڊ ڪناري بيٺل
    حسرت ڀرين نيڻن سان
    نون ڪپڙن ۾ ويندڙ ٻالڪ
    ڏسي روئي پوي ٿو
    منهنجو گھر هو
    منهنجا ڪپڙا هئا
    پاڻي آيو کڻي ويو
    روڊ ڪناري تي گھر ٺهيو
    ڪير نه آهي
    جيڪو عيد ڪپڙا خرچي ڏيئي
    عيد مبارڪ چوي
    اداسن نيڻن سان پنهنجي جھڳي
    طرف وڃي ٿو
    اکين مان وهندڙ لڙڪ
    چهري تي نيسرا ٺاهي رستي
    ڪرن ٿا گم ٿي وڃن ٿا

    **


    عيد آئي پر ڪيئن

    عيد آئي پر ڪيئن
    عيد ملهائين
    گھر گھاٽ ويا
    گھر کان بي گھر ٿيا
    بي سهارا ٿيا
    ڪير هنن جي واهر ڪندو
    ڪير هنن کي عيد مبارڪ ڏيندو
    اچو سڀ گڏجي
    هنن ساڻ عيد ملهايون
    هنن کي عيد مبارڪ ڏيون

    **


    جڏهن پکين ٻوليو

    جڏهن پکين ٻوليو
    ان سمي چمن جي ٽڙيل گلن
    جي مهڪار ڇڪيو
    ان واٽ ڏي
    جتي پيار جا افسانا هئا
    جت دل جون هن سان ڳالهيون هنيون
    دل جا ڪيل اقرار
    ويهي ٽٽل بينچ تي
    اڄ ان تي اڪيلو آهيان
    ڪنهن ويل تون ايندين
    دل کي آٿت ملندي
    پر تون نه ايندين
    تون ان طرف ويو آهين
    جتان
    واپس نه ورڻو آهي

    **


    هن سان منهنجا خواب هئا

    هن سان منهنجا خواب هئا
    جيڪي مون ساڀيان ڪرڻ خاطر
    جبل جھاڳيا جھنگ لتاڙيا
    اهي سڀ اڌورا ئي رهيا
    جنهن ڪاڻ ڪيم
    سو ڏئي زخم
    مون کان ڏور ٿيو
    ڇو مجبور ٿيو
    ڪيل قول نه پاڙيا
    شايد مقدر ۾ هو حال ڏسي منهنجو
    ڪري بيوفائي ويو
    اڄ به ياد هن جي آ
    ائين نه ڪندو
    مجبور هوندو
    جنهن ماڳ هي وڇڙيو
    اتي گلاب گل آهي
    جو جھومي رهيو آهي
    هن جي ياد ڏياري
    رهيو آهي
    **


    هن جو جيءُ جھريل

    هن جو جيءُ جھريل
    اکين ۾ لڙڪن جي لار
    پوءِ به نيڻن منجھه
    هڪ آهيس آس
    سختيون سٺيون
    من ماندو ڪيو
    جنهن ڪاڻ
    اهو ايندو
    هن جا
    ڏولاوا ڏور ڪندو پر هن کي
    سڌ نه آهي
    وقت نه بدليو
    انسان بدليو
    هن جو سهارو
    هن کي کي ڇڏي
    دنيا جي گھيري ۾
    هن کي وساري ڇڏيو
    پر آهيس آس
    هن جو پٽڙو
    ايندو
    هن جو سهارو بنجندو
    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566278
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215652
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ