ڪتاب جو نالو: ثـنـاءِ مُصطفيٰﷺ (نعت ۽ مولود)
مصنف: يوسف هاشمي
ڇپائيندڙ: ڀٽائي بڪ هائوس- حيدرآباد
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 25 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 672 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 252 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ثناءِ مُصطفيٰﷺ (نعت ۽ مولود)“ جو مرتب يوسف هاشمي صاحب آهي.
يوسف هاشمي صاحب لکي ٿو:
”هي ننڍڙو ڪتاب آقا... محبوبِ خدا... جنهن جي شان ۾ سڄو عالم ثنا خوان آهي...ڪجهه ساراهه جا آلاپ آهن.. جيڪي انهن شاعرن جي اندر مان لفظن جو روپ وٺي نڪتا... مون گدلي ۽ گنهگار انهن خوشبوء دار گلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري عقيدت طور سچي سردار جي خدمت ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڪائنات جي ربّ قرآن ۾ پاڻ فرمايو آهي ”بيشڪ اسان تنهنجي لاءِ تنهنجو ذڪر بلند ڪيو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • اسٽاڪسٽ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر پاران
  • جنهن جو سڄو عالم ثنا خوان آهي!
  • ترتيبوار

  • سُڻ مُنهنجا سڏڙا : شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
  • صورت تنهنجيءَ سڀ جڳ موهيو ; شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح
  • شفيع شافع سُپرين... ; شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح
  • آهين تونهين تون ...شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح
  • تون وسيلو ولهن جو... مصري شاهه
  • در صفت حضرت رسالت پناهه ; نواب ولي محمد خان لغاري
  • منهنجا تن نور جي قطرن...; منٺار فقير راڄڙ
  • تُنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا ; مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني
  • اسان جو شافع محشر ; حسين بخش ”مرتضائي“
  • مان مستانو محمدﷺ جو ; دادن فقير
  • حُب اوهانجي هردم آهي ; شاهه نصير
  • به درگاهِ حبيب ﷺ; فقير صوفي امام الدين ستاري
  • جنهن لاءِ جُڙي جهان ٿيو... ; فتح فقير
  • اچي رهبر رسج راهه... ; ٻڍل فقير
  • مرحبا سيدﷺ مڪي ; شمس الدين ’بلبل‘
  • مصطفيٰ خير بشر سرور عالم... ; مرزا قليچ بيگ
  • شاهد جهان ۾ آهي... خليفو محمد عمر ’اختر هالائي‘
  • ختم المرسلين ; حافظ حاجي حامد ٽکڙائي
  • پيو يار جي ثناڪر ; صوفي فقير جانڻ چن
  • مهر نبوت شان وڏا.. ; صوفي فقير سيد انور علي شاهه
  • سڄڻ سر ڪلنگي; اعجاز راشدي
  • صلوات توتي سلام توتي... ; محمد صديق ”مسافر“
  • مُرسل مڻيادار ; طالب الموليٰ
  • ڪريان تنهنجي گهٽيءَ ۾ گدائي ... ; نواز علي ’نياز‘ جعفري
  • ثنا خوان خود خدا جنهن جو ; اياز قادري
  • هستيون جُدا جُدا ; سرويچ سجاولي
  • آهين تون ئي اجهو آڌر... ; مخدوم محمد امين فهيم
  • سڌاري جنهن ڇڏيو هيڪر...; عبدالقيوم ”صائب“
  • گُنبذ خضرا جي سامهون ; محمد علي جوهر
  • مصطفيٰ جي گر قدم ۾ ; انور هالائي
  • ڪارڻي ; علي محمد ’مجروح‘
  • ڀلارو ڀَرجهلو بهتر... ; سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي
  • دلربا جي در مٿي... ; سيد پير غلام جيلاني شاهه
  • مَڪان ۽ لا مَڪان ; ابراهيم منشي
  • روشن جهان ٿي ويا ; گل حسن گوپانگ شاد
  • تنهنجي نور حضور ظهور ڪيا... ; محمد يوسف ڀٽو
  • مِٺي مُرسل جي صدقي... ; حاجي محمد موسيٰ ’مشڪور‘ سومرو
  • سڄو خود نور آ محمدﷺ ; حسن درس
  • مُرسلﷺ سائين تنهنجا آهيون... ; حسن درس
  • ڪريان سڀ تخت تو صدقي ; حسن درس
  • هو آ ڇپر ڇانءُ... ; نصير مرزا
  • آئي احمد ڄام جي... ; فقير محمد ڍول
  • وسيلو، ڀرجهلو ۽ ڀَر ; عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي
  • جڳ سڄو تن جي اڳيان ; معمور يوسفاڻي
  • صبح سانجهي پڙهان ويٺي ; نذير ناز
  • پرينءَ جي پَرتوي کان... ; خدا بخش ”مجاهد“ چانڊيو
  • اَڙين آڌار ٿيو پئدا... ; فضل الله ”فدا“ چانڊيو
  • تنهنجي ئي ڪارڻ قادر... ; حافظ محمد نظاماڻي
  • اکين جي نور کان افضل ; فقير محمد اسماعيل ’خاطي‘ ٺٽوي
  • وڃان صدقو وٿاڻن تان... ; حاجي غلام النبي مهيسر مداحي
  • اکين سان آڱريون پنهنجون ; حاجي غلام النبي مهيسر مداحي
  • پر هنئين ۾ هيڪڙو ; مولوي محمد يامين شورو
  • تو تي پڙهان سڪ مان سلام ; ذاڪر حسين کٽي
  • سهارو عبد جو هر دم ; عبدالوحيد سرهندي
  • لحظه لحظه هن تي ; فيض بخشاپوري
  • سُهائي اچي ڪئي ; فدا سنجراڻي
  • مٿان قربان مُرسل جي... ; ’شاد‘ جلباڻي
  • جڳ ٻئي جَرڪي پيا... ; نماڻو صديق مهيسر
  • آخر عليھ للنبوة خاتم... منظوم ترجمو ; حضرت حسان بن ثابت/مترجم: محبوب سروري
  • ٿيو رحمت سڄي عالم تي... ; الطاف لاکير
  • اي محبوب ماکيءَ کان مٺا! ; محبوب سروري
  • شفيع المذنبين جي سام آهيون ; سيد سردار علي شاهه ”ذاڪر“
  • منور سارو جهان ٿي ويو ; عاشق هالائي
  • اَڙين آڌار سڻ سڏڙا... ; عبد سنڌي
  • پرينءَ وٽ وڃي جي پهتا... ; محمد ٻارڻ
  • تنهنجي پيرن جي پَڻي آهيان... ; مهرالنساءِ لاڙڪ
  • سندس شان جي هيءَ ابتدا... ; عبد مگسي
  • ويڙهجي ويا تڏا انڌي دستور جا... ; خطائي ٿيٻو
  • نبين جو ته شهنشاهه ... ; غلام نبي ناشاد
  • هر گهڙي ”صلي عليٰ“ جهونگاري ; جوهر بروهي
  • هُن جي اُلفت کانسواءِ... ; سيد گل محمد شاهه گل بخاري
  • مٺڙو تون منهنجو نبيﷺ ; امداد سروري
  • ناهي ته ٻيو ڇاهي ; اسحاق راهي
  • لهي ويا زنگ زمانن تان... ; عبدالمجيد جمالي
  • ضرورت نه توکي ڪا مدح و ثنا جي... ; شهباز علي ملازم سروري
  • بخشش جو بادل اچي ويو ; محسن شاهه

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ثناءِ مصطفيٰ ﷺ
    موضوع : نعت ۽ مولود
    مرتب : يوسف هاشمي
    ڇاپو پهريون : آڪٽوبر 2016ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : جهانزيب علي جوڻيجو (ساحل پرنٽر حيدرآباد)
    ڇپائيندڙ : ڀٽائي بڪ هائوس- فون: 0322-3011560
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650
    قيمت: : 120 روپيه


    اسٽاڪسٽ

    ڀٽائي بُڪ هائوس
    دُڪان نمبر 168، اورينٽ سينٽر
    ويجهو اورنگزيب مسجد-گاڏي کاتو حيدرآباد
    فون – ذوالفقار: 3011560-0322
    ڀٽائي بڪ هائوس جو ڪتاب نمبر- 01


    ارپنا

    بابا محمد هاشم ميمڻ
    ۽
    امان صفوران
    جي نالي
    جن جي شفقت جو ڇانورو منهنجي مٿان لهي چڪو آهي.
    چاچا حاجي شمس الدين ميمڻ
    ۽
    جيجي بچل
    جي نالي
    جن جي شفقت ۽ محبت جي ڇانوري قائم رهڻ جي لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهيان.

    يوسف هاشمي
    2 سيپٽمبر 2016ع


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (298) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”ثناءِ مُصطفيٰﷺ (نعت ۽ مولود)“ جو مرتب يوسف هاشمي صاحب آهي.
    يوسف هاشمي صاحب لکي ٿو:
    ”هي ننڍڙو ڪتاب آقا... محبوبِ خدا... جنهن جي شان ۾ سڄو عالم ثنا خوان آهي...ڪجهه ساراهه جا آلاپ آهن.. جيڪي انهن شاعرن جي اندر مان لفظن جو روپ وٺي نڪتا... مون گدلي ۽ گنهگار انهن خوشبوء دار گلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري عقيدت طور سچي سردار جي خدمت ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڪائنات جي ربّ قرآن ۾ پاڻ فرمايو آهي ”بيشڪ اسان تنهنجي لاءِ تنهنجو ذڪر بلند ڪيو آهي.“
    هي ڪتاب ڀٽائي بوڪ هائوس، حيدر آباد پاران ساحل پرنٽرس اينڊ پبلشرز حيدر آباد وٽان 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    ڀٽائي بڪ هائوس جو پهريون ڪتاب ”ثناءِ مصطفيٰﷺ“ پياري پيغمبرﷺ جي شان ۾ چيل نعتن ۽ مولودن جو مجموعو آهي، جيڪو محترم يوسف هاشميءَ مرتب ڪيو آهي، اسان جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه ٿيندي ته اسانجي اشاعتي سلسلي جي شروعات رحمة العالمين جي شان ۾ چيل نعتن ۽ مولودن جي هن ڪتاب سان ٿي رهي آهي.
    ڀٽائي بڪ هائوس پاران جلد ئي ٻيا به انيڪ سستا ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو رکون ٿا... اسانجو مقصد فقط اهو اهي ته سستا ۽ معياري ڪتاب ڇپايا وڃن ۽ خاص ڪري اُنهن موضوعن تي، جن تي سنڌيءَ ۾ ڪتابن جي کوٽ آهي، اميد اٿئون ته پڙهندڙ ڀائرن جي ساٿ ۽ سهڪار سان اسان جو هي شروع ڪيل سفر اڳتي وڌندو ويندو.

    ذوالفقار


    جنهن جو سڄو عالم ثنا خوان آهي!

    ذڪر محبوب مصطفيٰﷺ ۽ مدينة النبيﷺ جو[

    هيءُ شهر عجيب شهر آهي. سُڪون جو شهر آهي، محبت جو شهر آهي، احترام جو شهر آهي، برڪت جو شهر آهي، هن شهر سان جيتري محبت ڪئي وڃي ٿي. علامه محمد اسد چواڻي، ”ڪڏهن به ڪنهن شهر کي، ڪنهن واحد هستيءَ جي ڪري ايتري محبت نه ملي آهي، ڪڏهن به ڪنهن شهر سان ايترن ماڻهن پاران عشق نه ڪيو ويو آهي، جيترو هن شهر ۾ گنبذ خضريٰ جي هيٺان آرامي اُن هستي سان ڪيو ويو.“
    هي شهر به ڪوئي شهر آ،
    هن شهر جي ڇا ڳالهه ڪجي.
    اُمام مالڪ ته مديني ۾ پير اُگهاڙا ڪري هلندو هو ۽ پاڻ مديني کان تمام گهٽ ٻاهر نڪرندو هو. کيس اهو خدشو هوندو هو ته ائين نه ٿئي جو سندس مديني کان ٻاهر وفات ٿي وڃي ۽ هو مديني جي مٽيءَ ۾ مدفون ٿيڻ کان محروم ٿي وڃي. امام مالڪ کي مديني ۾ ئي ”جنت البقيع“ ۾ دفن ٿيڻ جي سعادت حاصل آهي.
    امام ابو حنيفه جي باري ۾ اها روايت مشهور آهي ته پاڻ جڏهن مديني آيو ته کائڻ پيئڻ صفا گهٽائي ڇڏيائون.... ته جيئن کيس گهڻو پائخانو نه ٿئي، پاڻ اُن سرزمين تي پائخانو ڪرڻ نٿي چاهيو، جنهن سرزمين تي رحمة العالمين جا پير گهميا هجن...
    مدينو شهر ئي اهڙو آهي...
    مديني جي محبت ڪيئن دلين ۾ گهر ٿي ڪري، اُن جو هڪ مثال ترڪ عالم محمد فتح الله گولن پنهنجي ڪتاب ”نور سرمدي“ ۾ لکيو آهي...

    هڪ ڀيري حج جي سفر ۾ اُن وقت جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر محترم عارف حڪمت اسان سان گڏ هو. هن باس باسي هئي ته مديني پهچي اُن جي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندو... سو اسين جڏهن مديني پهتاسين ته هن پنهنجو پاڻ کي کڻي زمين تي ڦٽو ڪيو ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳو...

    ۽ خود فتح الله گولن مديني جي پنهنجي دل ۾ محبت هيئن ٿو بيان ڪري:

    سچ اهو آهي ته جنت اسان سڀني جي اُميدن جو مرڪز آهي ۽ ان ڳالهه جو تصور به ممڪن ڪونهي ته اسين جنت ۾ وڃڻ جي خواهش نه رکندا هجون. اسين ته صبح ۽ شام الله سائينءَ جي اڳيان ليلائي دوزخ کان پناهه ۽ جنت جي حصول جي دعا ڪونه گهرندا آهيون؟ پر اهو سڀ مڃيندي به جيڪڏهن مونکي اهو مرتبو پيش ڪيو ويو ۽ جنت ۾ گهڙڻ جي دعوت ڏني ويئي ته شايد آئون پنهنجي پالڻهار کان روضي مبارڪ ۾ ترسڻ جي موڪل گُهرندس. ڪنهن کي اهو گمان هرگز نه ٿئي ته ڪو آئون پاڻ کي اُن عظيم سعادت جي لائق سمجهان ٿو. پر منهنجو مقصد ته رڳو پاڻ سڳورن سان پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪرڻ آهي، نه ته مون ته سڄي زندگي الله تعاليٰ کان اها دعا گهرندي گذاري آهي ته مونکي پاڻ سڳورن جي صحابين مان ادنيٰ صحابيءَ جي خذمت ڪرڻ جي اعزاز سان نوازي ۽ پاڻ سڳورن جي صحابي سڳورن جي پيرن جي پڻيءَ سان پنهنجي پيشاني گسَائڻ جي خواهش هڪ گهڙي به منهنجي دل مان ختم نه ٿي آهي. منهنجي زبان تي ان قسم جون دعائون هونديون آهن.
    مديني سان محبت الله جي محبوب رسول ﷺ سان محبت آهي ۽ رسول اللهﷺ سان محبت خود اللهﷻ سان محبت آهي!
    مدينو ڇا آهي- آئون ته بيان ئي نٿو ڪري سگهان... لطيف جي لفظن جو ئي سهارو وٺڻو ٿو پويم.
    وَنئن مَديني، مڱڻا!، اکيون پير ڪري
    جتي ماڻڪي محمدﷺ مير جي، جرڪيو جوت ڪري،
    پَسيو جوت جمال جي، اُمتن نين ٺري،
    پريتئون پير ڀري، ڪج زيارت ذوق سين.
    ۽ جيڪي مڪي مان ٿي موٽن ٿا، مديني ۾ روضو پاڪ رسول جو اکين سان پَسن ٿا، تن جا ڪيڏا نه ڀلا ڀاڳ هوندا آهن.
    وڏو ڀاڳ سَندون، جي مَڪو ڀيٽي آيا
    وڃي سو ڏٺون، روضو پاڪ رسول جو.
    اهوروضو مبارڪ اسان سڀني جي محبت ۽ اميدن جو مرڪز آهي ۽ اُن ۾ هڪ اهڙو شخص آرامي آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ تبديليءَ ۽ انقلاب جو رهبر آهي، جنهن جي آندل انقلاب ماڻهن جون تقديرون بدلائي ڇڏيون. سندن اُن آندل انقلاب ۽ تبديليءَ تي جيترو سوچجي ٿو، جيترو غور ڪجي ٿو ته عجب وٺيو وڃي.

    جڏهن ڪو مسجد نبوي ۽ روضي پاڪ رسولﷺ تي اچي ٿو ته ضرور روئي ٿو. مون پاڻ سميت هتي ايندڙ ڪو اهڙو شخص نه ڏٺو جنهن هتي اچي لڙڪ نه ڳاڙهيا هجن. اهي پڪ سان خوشيءَ جا لُڙڪ هوندا آهن. پر ان جي پسمنظر ۾ اهي منظر هوندا آهن، جيڪي تاريخ ۾ لکيل آهن ۽ وِک وِک تي احساس ٿئي ٿو ته رسول اللهﷺ هِتي هيءُ چيو هو يا هُتي هيءُ ارشاد فرمايو هو. ٻين لفظن ۾ سڄي تاريخ اکين جي اڳيان ڦري ٿي وڃي ۽ محسوس ٿئي ٿو ته هن عظيم قائد ڪهڙي جاهل قوم کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ جو ڪيترو نه ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو، اهو ايڏو وڏو ڪم آهي، جيڪو پاڻ سڳورن کانسواءِ ٻيو ڪو سرانجام ڏيئي نٿي سگهيو.
    مهذب قومن ۾ ريفارمر جو اچڻ هڪُ سُٺي ڳالهه آهي، پر ٻين مصلحين کي جيڪي قومون مليون، اهي مهذب هيون ۽ انهن جي لاءِ وڏيون سهولتون هيون، پر رسول اللهﷺ کي جيڪو ملڪ، قوم ۽ آب هوا ملي، اها ڪنهن ٻي قسم جي هئي، اها بي حد ابتريءَ واري هئي، انهن حالتن کي بدلائڻ لاءِ صرف رسول اللهﷺ جي گهرج هئي. پاڻ سڳورن کانسواءِ ٻيو ڪو به انهن حالتن کي ٺيڪ ڪري نٿي سگهيو. اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ اسين جڏهن انهن واقعن تي سوچيون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ننڍڙي دماغ ۾ ته اها ڳالهه اچي ٿي ته جيڪو ڪارنامو محمدعربيﷺ ان سرزمين تي سرانجام ڏيئي ڏيکاريو، ان جو تاريخ ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي، هاڻ ته معاملا بدلجي ويا آهن. نه ڪو اهڙو مذهب اچڻو آهي ۽ نه ڪو پيغمبر. پر اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪو سياسي سُڌارا ڪرڻ چاهي ته کيس ڪيترن ئي ڪَنڊائن رستن تان گذرڻو پوندو آهي ۽ ڪنهن بگڙيل سماج کي ايتريون ته تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن، جو هو يا ته همت هاري ويهندو آهي، يا ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندو آهي. جيڪو ڪم لکيل پڙهيل ۽ مهذب ماڻهن ۾ اڄ ٿي نٿو سگهي، اهو ڪم هِن عظيم ذات اُن زماني ۾ ڪري ڏيکاريو، جڏهن علم جي روشني گهٽ هئي ۽ ماڻهن جي ذهنن تي وحشت سوار هئي ۽ بُڇڙايون عام هيون.
    رسول خدا هڪ ننڍي شهر کان پنهنجي تحريڪ شروع ڪئي، ۽ سندس پيغام وڌنڌي وڌندي سڄي دنيا ۾ پکڙيو، اسلام ته عام ماڻهوءَ جو مذهب آهي، اهو ننڍن ماڻهن کان شروع ٿي وڏن ماڻهن تائين پهتو ۽ ان ملڪن کي پنهنجي دامن ۾ ميڙي ورتو ۽ بادشاهن کي پنهنجي قدمن ۾ جهڪايو ۽ فقيريءَ جو سبق ڏنو*.
    مدينو ڇا آهي ۽ مديني جي اهميت ڇو آهي... رسول الله جي دربار جي شاعر حضرت حسانرضه بن ثابت اهو پنهنجي هڪ مرثئي ۾ هنن لفظن ۾ اظهاريو آهي:
    مديني طيبه ۾ رسول الله صلي الله عليھ وآلھِ وسلم جي منزل ۽ مقام جا سدائين روشن رهڻ وارا آثار آهن، جڏهن ٻين ماڻهن جا نالا ۽ نشان پراڻا ٿي مٽجي ويندا آهن ۽ هن احترام لائق هنڌ جون نشانيون ڪڏهن به مَٽجي نٿيون سگهن، جنهن ۾ هادي برحق جو اهو منبر موجود آهي، جنهن تي چڙهي پاڻ واعظ فرمائيندا هئا. جنهن ۾ پاڻ سڳورن جا ظاهري اثر ۽ سدائين رهڻ وارا يادگار آهن ۽ پاڻ سڳورن جو اهو سڳورو گهر آهي، جنهن ۾ پاڻ سڳورن جي نماز پڙهڻ جي جاءِ ۽ پاڻ سڳورن جي سجدي گاهه آهي ۽ جنهن ۾ اهي گهر موجود آهن، جن جي وچ ۾ الله جو نور نازل ٿيندو هو ۽ جنهن کي ڀڙڪائي خوب روشني حاصل ڪئي ويندي هئي.

    ۽ پاڻ سڳورا ڇا هئا. سندس ڪوڙين ڪايائون... ڇا لکي ڇا لکان... هڪڙو قلم... هڪڙو مان ڪين پورو پوان..
    پر منهنجي قلم وٽ ته ڪي لفظ ئي نه آهن، جو تنهنجو ڪوڙين ڪايائون لکان.. آئون ته بس اُڌارن لفظن جو سهارو وٺان ٿو.. ۽ وري به حضرت حسان بن ثابت جا لفظ ئي منهنجي ترجماني ڪن ٿا.

    ... ۽ اُن مهل جڏهن سڀ کان وڏو عطا ۽ بخشش ڪندڙ شخص به پنهنجي موروثي قديم دولت بچائي رکندو ۽ بخل ڪندو هو ته پاڻ سڳورا پنهنجي نئين ۽ پراڻي موروثي دولت کي خرچ ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳرا هوندا هئا...
    ... هو روشني هو، هو نور هو، جو اسين خدا کانپوءِ هن جي پيروي ڪندا هئاسين (آهيون)... هو اسان جي ڪن ۽ اسان جي اک هو.
    .... ۽ اڄ تائين الله تعاليٰ پنهنجي سڄي مخلوق مان ڪوبه اهڙو انسان پيدا نه ڪيو آهي، جيڪو پاڙيسريءَ جي ذميداري ۽ پنهنجو وعدو ان هستيءَ کان وڌيڪ پورو ڪندڙ هجي، جيڪا اسانجي اندر ۾ هئي، جنهن جي وسيلي روشني حاصل ڪئي ويندي هئي. جنهن جو هر معاملو برڪت وارو هو، جيڪو عدل ۽ انصاف ۽ نصيحت ۽ هدايت جو سرچشمو هو....
    ... اي ان آمنه جا لال! جنهن جو هيءُ لال مبارڪ ثابت ٿيو ۽ آمنه جو اهو لال جنهن کي هزارين ڀاڳن سان هڪ پاڪ امڙ جنميو هو. جيڪو اهڙو نور هو، جنهن سڄي جهان کي سُهائو ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو به اُن مبارڪ نور کان هدايت جي رستي تي هليو، اهو سنئين واٽ تي ئي هليو...

    مون وٽ ته رڳو اُڌارا لفظ آهن...جيڪي محبوب مدنيءَ جو ڪايائون لکن ٿا...
    ڪوڙين ڪايون تنهنجون لکن لک هزار...
    جي سڀ ڪنهن جيءَ سين درسن دارون دار،
    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا ويهي ڪهڙا لکان.
    اُن عظيم هستي جي ڇا واکاڻ ڪجي، جنهن جا اسين اُمتي آهيون، جنهن جي محبت جي اڳيان هر محبت هيچ آهي... جنهن جي قدمن جي مٽي سُرمون ڪري اکين ۾ وجهان... جنهن جي محبت سڀني محبتن کان مٿي آهي. جنهن جي محبت جو ديرو هر دل ۾ آهي.
    اے تو کے ہست ہر دل محزن سرائے تو
    آوردہ ام سرائے دگر از برائے تو
    ]اي حضور! هر دکي دل ۾ تنهنجو ديرو آهي، مون به هڪ رهائش گاهه اوهانجي لاءِ آندي آهي... ته جيئن اوهان منهنجي دل ۾ ديرو ڪري منهنجي درد کان آشناتي سگهو.[
    خواجہ بہ تخت بندہ تشویش ملک و مال
    ہر خاک اشکِ خسرد دوراں گدائے تو
    (فیض احمد فیض)
    ]حاڪم جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو ملڪ ۽ مال جي فڪر جو غلام آهي، اوهانجو مٽيءَ ۾ ويٺل هي فقير، وقت جي شهنشاهه جي لاءِ حسرت ۽ رشڪ بڻيل آهي.[
    مدينو.... جيڪو هر وقت منهنجي تصور ۾ رهي ٿو، سندس گهٽيون ۽ گام منهنجي اکين جي اڳيان ڦرن ٿا. هر گهڙي مديني وڃڻ جي تانگهه رهي ٿي.
    پرين تنهنجي پار، مون وجهائيندي ورهه ٿيا.
    (شاهه)
    ۽ ڪيڏي نه خوشنصيبي آهي هن شهر جي جيڪو *يثرب مان ڦري ”مدينة النبي“ بڻيو. نه ته اڳ ۾ اهو شهر فساد، خرابي ۽ ملامت جي نالي مان سُڃاتو ويندو هو، پوءِ جڏهن رسول الله هن شهر ۾ پنهنجا پير ڌريا نه سڀ فساد، خرابيون ۽ ملامتون ٽري ويون... ۽ هي شهر جانان... مدينة النبي بنجي ويو ۽ هن ئي شهر ۾ پاڻ آرامي آهن ۽ هن ئي شهر مان پاڻ اٿاريا ويندا... هن شهر سان محبوبن ڪريمن جي ڪيتري نه محبت رهي... ”مدينو منهنجي هجرت گاهه آهي ۽ ان ۾ منهنجو مستقل گهر آهي، اتان ئي آئون (قيامت جي ڏينهن) اُٿاريو ويندس. هن شهر جا رهاڪو منهنجا پاڙيسري آهن ۽ منهنجي اُمت تي فرض آهي ته هو منهنجي پاڙيسرين جو خيال رکن.“ (حديث)
    هي شهر پهرين ڇا هو... پوءِ ڇا ٿيو...
    بُروهو ڀنڀور، اچي آرياڻيءَ اجاريو.
    ۽ پوءِ اهي اُن شهر جا ڀاڳ، جنهن ۾ آرياڻي محو خواب آهن.
    خاک يثرب از دو عالم خواشتراست
    اي خنڪ شهر ڪ آن جا دلبر ست
    (اقبال)
    ]منهنجي لاءِ يثرب جي مٽي ٻنهي جهانن کان بهتر آهي، آهه! دل ۽ اکين کي ڪهڙو نه ٺاريندڙ شهر آهي... جت منهنجو محبوب محو خواب آهي.[
    قدسيو، ترسو، وضو زم زم جي پاڻيءَ سان ڪيو،
    عرش کان وڌ، ادب جو آهه هي نازڪ مقام،
    هيءُ مٽي سُرمون ڪري پايو اکين ۾ پو ڏسو،
    هي مناره ۽ نور آهي، قابل صد احترام.
    (محمد علي جوهر)
    ۽ مدينو اها ڌرتي آهي، جتي جي قربت هر محبوبِ خدا جي عاشق جي خواهش آهي.
    تنهنجي قدمن ۾ مَران مونکي هي قربت هجي،
    ساهه ڀي نڪري هِتي، ۽ هِتي تربت هجي.
    (جوهر)
    ۽ آئون هر گهڙي ان محبوب هستي کي سڏيندو ٿو رهان.
    ڍڪَ ڍڪيندو، مون نه ڇڏيندو، شفيع شافع سُپرين
    هائو، منهنجو هٿ نه ڇڏيندو، منهنجو شفيع شافع ٿيندو، هِت هُت حامي ٿيندو، اُتي عبدالطيف جو، هادي هٿ جهليندو.
    هوت ۾ ڇڏيجان هيءَ
    سائين لڳ سميع
    پرين پيادي پنڌ ۾
    (مصري شاهه)
    غريبم يا رسول الله غريبم
    ندارم درجهان خرتو حبيبم
    برين نازم ڪه هستم اُمت تو
    گنهگارم و ليڪن خوشنصيبم.
    (حافظ شيرازي)
    ]يا رسول الله! آئون غريب آهيان، آئون اجنبي آهيان، هن سڄي ڪائنات ۾ اوهان کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪو به محبوب ڪونهي، مونکي اُن تي ناز آهي ته آئون اوهانجو اُمتي آهيان، بي حد گناهگار، پر وڏو ڀاڳن وارو به.[
    ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهڻ جي دوران اسانجو هڪ اُستاد مرحوم ڪريم بخش پياسي جان محمد جتوئي (مرحوم) جو هڪ مولود ڳائيندو هو.
    سَهڻا شان تنهنجو شاهي شرف ٿيو
    ڳائي ڳائي ٿڪا نه پورو حرف ٿيو
    سڄي هن جهان جي ٻاڙي ٻاڙي تي محبوب خدا جي ثناءَ ۾ شاعرن ساراهه جا حرف لکيا آهن ۽ لکندا ٿا رهن، ۽ سنڌي زبان ۾ به محبوب مٺي مدنيءَ جي شان ۾ شاعر حرف لکي پورا ئي نٿا پون... ميان سرفراز ڪلهوڙي جي لکيل مدح ته سنڌي زبان ۾ هيستائين پهرين معلوم مدح آهي. پر اهڙيون هزارين مداحون آهن.
    بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪر پناهه پرين تون
    منجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه، رسين مون
    ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سُڻج تون.

    هي ننڍڙو ڪتاب آقا... محبوبِ خدا... جنهن جي شان ۾ سڄو عالم ثنا خوان آهي...ڪجهه ساراهه جا آلاپ آهن.. جيڪي انهن شاعرن جي اندر مان لفظن جو روپ وٺي نڪتا... مون گدلي ۽ گنهگار انهن خوشبوء دار گلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري عقيدت طور سچي سردار جي خدمت ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڪائنات جي ربّ قرآن ۾ پاڻ فرمايو آهي ”بيشڪ اسان تنهنجي لاءِ تنهنجو ذڪر بلند ڪيو آهي.“
    اُن اميد سان ته بارگاهه رسول ۾ قبول پوندو....
    عشق تیرا درکار اَسانوں، ہر ویلی ہر حیلی
    پاک رسول محمد صاحب، میری خاص وَسیلی
    بُلھی شاہ جی ملی، لکھ کراں شکرانے
    عشق اسان نال کیھی کیتی، لوک ہریندی طعنی۔

    يوسف هاشمي
    حيدرآباد، 17 آگسٽ 2016ع
    ======================================================
    * گھنگھرو ٹوٹ گئے۔ قتيل شفائي.. ص 41-440، الحمد پبليڪيشنز 2007ع
    * يثرب: لغت ۾ يثرب جي اهائي معنيٰ ٿئي ٿي.


    ترتيبوار

    سُڻ مُنهنجا سڏڙا : شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح

    جوڙي جوڙ جهانن جي، جڏهن جوڙيائين،
    خاوند خاص خلقي محمد مُڪائين،
    ڪلمو تنهن ڪريم تي، چٽو چَايائين،
    ’انا مولاڪ انت محبوبي‘ ايئن اتائين،
    ڏکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد چئي.

    جکرو جَس کرو، ٻيا سڀ آنيرا،
    جيهان جُڙيو جکرو، تهان نه جڙيا ٻيا،
    مِٽي هن ماڳا، اصل هئي ايتري.

    اَحد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
    آهي مستغرق، عالم انهِيءَ ڳالهه ۾.

    ماڻڪَ مٽ سَندوم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو،
    حشر ويل حساب ۾، ڇڏي نا ويندوم،
    ساريو سڏ ڪندوم، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.

    ثمر جنين نه ساڻ، هوت حماتي تن جو،
    ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
    ٿيندي روح رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي.
    مديني جا ڄام، سُڻ منهنجا سڏڙا،
    آهيان تنهنجي سام، سگهو رسج سير ۾.

    مديني جا گهوٽ، سُڻ منهنجا سڏڙا،
    ڪج محمدﷺ موٽ، عاصي تنهنجي آسري.

    مديني جا شاهه، سُڻ منهنجا سڏڙا،
    ڪارڻ لڳ الله، سِگهو رسجَ سُپرين.

    جَڏهن رب جليل، جوڙيو ٿي جهان،
    ’ولسوف يعطيڪ رَبڪ فترضيٰ‘، مرسل مليو مان،
    ضعيفن ضمان، تيلانهين آهي تڏهين.

    وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سُجهن نيلا،
    اُتي عبدالطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا،
    جت ڪڙمَ نه قبيلا، اُت رسج رهبر راهه ۾.

    برو هو ڀنڀور اچي آرياڻي اُجاريو،
    لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هورُ،
    ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکيُون، پُنهون ڪَيائُون پورُ،
    آيو سو اَتورُ، جنهن ڏُکِيُون ڏِکَ وِهارِيوُن.

    نڪي آئون ڪاتار، نڪي ڪَتڻ ڄاڻان،
    اجهي جنهن جي آهيان، سو سڀنيءَ جو سردار،
    جيئم سو سردار، جو ڪوٺي ڏيندم ڪپڙا.


    صورت تنهنجيءَ سڀ جڳ موهيو ; شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح

    اَکِيُون مِيگهه ملار، صورت تنهنجي سَڀُ جَڳُ موهيو.
    سَجدو فِيلَ في الحال ڪيو، پَسي مَطلبُ نور نِراڙِ،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.
    ڄاپَڻ وقت ڄامَ جي، ڪِريا ڪُنگِرا ڪوٽَ ڪُفار،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.
    آگي سَڀُ اُڀَنِ جو، توکي ڪَاريو سَيرُ سَتار،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.
    وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيۡڪَ رَبُڪَ، توسِين قَادِر ڪَيا قَرار،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.
    قَادِر پَاڻ قَسم ڪيا، خاڪِ قَدمنِ جا ڪَلتار،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.
    آهِن ڪَرَمَ ڪَريمَ جا، اَحمّدَ ساڻ اَپَار،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.
    اُڪَنڊيا جي اَبر کي، سرها ٿيا سي سنگهار،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.
    موڪل ٿِيئي مِينهن کي، دوس هَٿان دلدار،
    صُورت تنهنجي سڀُ جَڳُ موهيو.


    شفيع شافع سُپرين... ; شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح

    ڍَڪُ ڍَڪِيندو، مُون نَه ڇَڏِيندو، شَفيع شافعُ سُپرين.
    اَنڌا اُوندا اُکِڙيا، سڀ نباهي نيندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    واتا وِيچارن جي، داوَرُ پاڻ ڌَريندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    ڏوهارِن کي ڏاکِڙا، لَڪَ سَڀُ لنگهائيندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    نُور ناڪارو نه ڪري، مُحمّدُ مِنٿ مَڃيندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    هِتِ هُتِ حامي هِن جو، اَڳئا آڌَر ڏِندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    طهوراً تَڙِين کي، پانڊپَ پِياريندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    پاڻُ سُڃاڻي، پاڻهين، ڪاملُ ڪَرم ڪَريندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    تَنبُو آڻي تار ۾، عاصين وٽِ اَڏيندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    داتا دوزخين تان، لکيو لهرائيندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    رَسَڻ وَير رَسي ڪَري، مُشِڪُ رَنگُ مَٽيندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    ”رَحَمۡةٌ لِلۡعَالَمِيۡنَ“ اُهِکي اَڳَھِ ٿيندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.
    اُتي ”عبداللطيف“ جو، هَادِي هَٿُ جَهليندو،
    شَفيع شافعُ سُپرين.


    آهين تونهين تون ...شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح

    وَٽان وَڃُ مَ موُنُ، مُنھِنجو تونهين تُو، ڪو نه سڻي ڪو ٻِيو،
    تُون تڏهانڪر مَجَهِين، جَڏَهن ”ڪُن فَيَڪُون“،
    وَٽان وَڃُ مَ مَون.
    اُهِکِي رَسِجُ اَحمدا، اڳيان سوڙهي ڀوُن،
    وَٽان وَڃُ مَ مَون.
    رَسِجُ محمدﷺ ڪارڻي، جتي هُونگ نه هُون،
    وَٽان وَڃُ مَ مَون.
    آڳَھِ هِنَ اُمّتَ جَو، آهين تونهين تون،
    وَٽان وَڃُ مَ مَون.
    ڏِجُ ڪَا لَپَ ”لطيف“ کي، طهُورا مَنجهان تُون،
    وَٽان وَڃُ مَ مَون.


    تون وسيلو ولهن جو... مصري شاهه

    سڄڻ تون سدائين نوازين نماڻيون،
    ڪريان ڪرم تنهنجي جون ڪهڙيون ڪهاڻيون.

    شفيع المذنبين مُرسل مڙن جو،
    وهر واهه ور تون وسيلو ولهن جو،
    اصل عاجزيون آهن آن در اگهاڻيون.

    وييون جي وڙان لوڪ لوڌي لنگهايون،
    اوهان ڏئي انعامون سي پيرل پهرايون،
    ڪرين ساڻ ڪوجهن تون رءَ ريءَ رهاڻيون.

    نه ڪي بزم نه ڪرت وڄا مون کان ويئي،
    اٿئي حال معلوم هادي مڙيئي،
    سَڏي سڳر پنهنجي تو رهبر رهاڻيون.

    مسڪين ’مصري‘ جون سُڻ تون صدائون،
    پُڄائج پيغمبر من جون مدعائون،
    مرادون محمدﷺ مڙن توکان ماڻيون.


    در صفت حضرت رسالت پناهه ; نواب ولي محمد خان لغاري

    آيا انسان ٿي وچ پوش خاڪي،
    ڏتي اُنهين رمز هر ڪنهن ڪون هَلاڪي،
    ڪٿان بشري صورت ’بشر مثلڪم‘،
    ڪٿان مَلَڪي صورت ’اِني احدُ ڪُم‘.

    آکيس حقي صورت وچ ’لي مَعَ الله‘،
    ڪٿان ’لايسعني‘ ٿيا خود ’اِنا الله‘.

    آيت ’اَوحيٰ اِليٰ عبده، ما اَوحيٰ‘
    آئي صورت حقي دِي خاص وقنا.

    ڪٿان آکيس ’ويسقيني ويطعم‘،
    ڪٿان ختم النبي مرسل ٿيا خاتم.

    ڪٿان ’احمد بلا ميمي‘ سڏايس،
    ڪٿان وت عبده ٿي هُل هلايس.

    ڪيئي شبهات دي وچ پئي رکن بيم،
    اسان ڄاتا صحيح ’احمد بلا ميم‘.

    جيڪو رَکسي انهي وچ شڪ شُبهات،
    ڪُفر ٿيسي اُنهين دي قلب اثبات.

    آخر هرڪو اِٿون هر حال هلسي،
    ’اَذجاءَ اَجَلُهُم‘ ساعت نه ٽلسي.

    رهو وچ دور دي ’اِنڪ‘ غريبا،
    اَجل دا وقت سر آيا قريبا.

    دنيا فاني فنا ڪيهي فضيلت،
    اول جلوه پُڇي ڏيسي ذليلت


    منهنجا تن نور جي قطرن...; منٺار فقير راڄڙ

    اول خلقيو خدا منهنجي نبيءَ جو نور موچارو.

    سيد جو نور سُبحاني، لکين ورهن ته سيلاني،
    ڪڏهن ياقوت ۾ جاني، ڪروڙين ورهن قُطب تارو.

    اُتان بحرن اندر آيو، سمونڊن کي سيد ٺاهيو،
    اُتان رب پاڪ ڪيس رايو، الله اهڙو ته اِشارو.

    ته ڇَنڊيو پک نور پيارا! ٿين پيدا شغل سارا،
    قلم، ڪرسي، قمر، تارا، پيدا ٿي شمس سونهارو.

    منجهان تن نور جي قطرن پيدا ڪيئَن مڙن کي مَلڪن،
    زمينون، عرش، آسمانن، پيدا ٿيو جوڙ جڳت سارو.

    منجهان تنهن عالم انسانا، منجهان تنهن حورن غلمانا،
    منجهان تنهن دوزخ بهشتانا، پيدا ٿيو چيز چوڌارو.

    منجهان تنهن نور نبين جو، منجهان تنهن بحر تمن جو،
    ’توريت‘، ’زبور‘ پڻ تنهنجو، ’انجيل‘، ’فرقان‘ سارو.

    وڏي قدرت سا خاوند جي، اعليٰ ڪيئين عزت محمدؐ جي،
    ناهي ڪا ڳالهه ڳڻڻ حد جي، ساريندو ڪير شمارو؟

    سوالي تنهن نور سرور جو، مٺي محبوب منور جو،
    دامنگير يار دِلبر جو، ٻانهو ”منٺار“ ويچارو.


    تُنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا ; مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني

    تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
    زندان هزارين، مان نه رڳو.
    تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي،
    مهمان هزارين، مان نه رڳو.
    ڪيئي گهايل تنهنجي گهُور سندا،
    مخمور غفور سُرور سندا،
    تنهنجي نور ظهور حضور سندا،
    نگران هزارين، مان نه رڳو.
    ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،
    ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا.
    ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
    قربان هزارين، مان نه رڳو.
    تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري،
    ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
    ڇا جن ملائڪ حور و پري،
    حيران هزارين، مان نه رڳو.
    ڪيئي نوڪر چاڪر جمع اڪبر،
    ڪيئي خادم آهن خاقان نوڪر،
    سوين در تنهنجي تي دارا سڪندر،
    دربان هزارين، مان نه رڳو.
    ماهه لقا محبوب مٺا،
    تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
    ٿيا دامنگير امير گدا،
    سلطان هزارين، مان نه رڳو.
    دلبر پيارا ڪر نُور نظر،
    تون ته سرور عالم جن و بشر،
    توتان قربان تارا شمس و قمر،
    ”مفتون“ هزارين، مان نه رڳو.


    اسان جو شافع محشر ; حسين بخش ”مرتضائي“

    اسان جو شافعِ محشر، محمدﷺ آ رسول الله،
    مڪينون لامڪان اظهر، محمدﷺ آ رسول الله.

    ٿيو هر وقت ۾ حامي، دين دنيا ۽ عقبيٰ ۾،
    ممالڪ دوجهان سرور، محمدﷺ آ رسول الله.

    الف ۽ لام آهي، ميم مان ظاهر مراد اهڙي،
    قرآن کان به وڌيڪ بهتر، محمدﷺ آ رسول الله.

    ڪري جبرئيل تي سواري، شبِ معراج جي جلدي،
    ٿيو صدرِ عُليٰ مقرر، محمدﷺ آ رسول الله.

    جنهن جي نور کان روشن، ٿيو سارو جهان آهي،
    مٺو محبوب سو منور، محمدﷺ آ رسول الله.

    آهن هڪ لک ٿيا چوويهه هزار پيدا ته پيغمبر،
    الله سڀ جو ڪيو افسر، محمدﷺ آ رسول الله.

    لطافت ”مرتضائي“ ڪئي خد ايمان وارن تي،
    جنين لاءِ ٿيو اهڙو رهبر، محمدﷺ آ رسول الله.


    مان مستانو محمدﷺ جو ; دادن فقير

    اسان جي واسطي آهي، شفا خانو محمدﷺ جو،
    کُلي ويو آهي رندن لئه، مئي خانو محمدﷺ جو.

    مون پيتو آه پُر مئي وارو، پيمانو محمد جو،
    نه ٿيندو حشر ۾ مئي نوش بيگانو محمدﷺ جو،
    لڳو پيو يادگيرو آهه، روزانو محمدﷺ جو،
    فقط پنهنجي زبان تي آههِ افسانو محمدﷺ جو.

    مديني ۾ وڃي مان نوڪري ڏيان شاهه شاهان جي،
    ٻُهاريان خاڪ ڏاڙهيءَ سان سندس روضُه جي ايوان جي،
    نه مستانپ ۾ مون سان آهي، حاجت ڪا زليخان جي،
    هوءَ مستاني آ يوسف جي، مان مستانو محمدﷺ جو.

    محمدﷺ جي محبت ديس ۾، پرديس ۾ آهي،
    طبع خوش مارئي وانگي، کٿيءَ ۾ کيسَ ۾ آهي،
    نه هيئن ديوانگي مون وانگي مجنون قيس ۾ آهي،
    هو ديوانو آ ليلان جو، مان ديوانو محمدﷺ جو.

    نه ڪنهن ڀي اُمتيءَ کي حشر ۾ حضرت وساريندو،
    وٺي نالو مگر هڪ هڪ ڪري حضرت پُڪاريندو،
    اي ”دادن“ حوضِ ڪوثر جا، ڀري پيالا پياريندو،
    وساريو ڪين احسان مسلمانو محمدﷺ جو.


    حُب اوهانجي هردم آهي ; شاهه نصير

    تنهنجي زلف ڏنگن جا زورو زور زخم،
    نيزا بڙڇيون تفنگ طمنچا، خوبي خلعت خم خم خم.

    سُهڻل توتان سئو سئو صدق، سوسن سُنبل سرو صنم،
    نا فرمان نيلوفر نادان، تنهنجي عرق ۾ غرقو ٿيو ڪُل قُلزم.

    تنهنجي تاب حسن بيتاب ڪيو، آفتاب شتاب ۾ آندو شرم،
    نور ظهور چڪچور ڪيو، هڪ گُهور سان چمي قمر قدم.

    مُنهن محراب مصلا، ابرو، قبلو بيت الحرم،
    عشق ادا ڪيون نينهن نمازان، فرض دوگانه رندي رسم.

    وه شفتين سندي آ شفقت، ڪوڙين ڪونين جا ڀانيان ڪرم،
    گُل گلزاري عجب بهاري، عشق گلابي باغ ارم.

    ڪيو نينهن ”نصير“ کي نانگو، سُڻ صدا اي ساقيءِ بزم،
    حُب اوهان جي هردم آهي، سيني اندر سا گرم گرم.


    به درگاهِ حبيب ﷺ; فقير صوفي امام الدين ستاري

    اغثنيٰ يا سيدا، يا محمد مصطفيٰ.
    يا نبي خير الوريٰ، يا امام الانبياء.
    شافع روز جزا، اي حبيب ڪبريا،
    پنهنجا عاصي اڄ ڏسو، رنج ۾ ٿيا مبتلا.
    ڪو نه ڪو چارو ڏسان، اي نبي تو کانسوا.
    چوطرف اونده آ، تون ئي آن منهنجي ضيا.
    درد دنيا جا سڀئي، سهجئون اچي سهڻا لڳا.
    منهنجي عيبن کي ڏسي، ڪين ٿي مون کان خفا.
    چئه ڀلا ڪاڏي وڃي، تنهنجي در جو هي گدا؟
    منهنجو توکان حال ڪو، نا ڳجهي آ ماجرا.
    رحم ڪر او راحما، معاف ڪر منهنجي خطا.
    منهنجي ڪشتي ٿي ڦري، بحر عصيان ۾ سدا.
    اچ اچي هن سير مان، پار ڪر او ناخدا.
    تنهنجي لاري جي لڳا، سي وڃي منزل رسيا.
    روئي روئي ٿا رڙن، ٻُڌ پرين بهرِ خدا.
    او اٻوجهن جا اجها، او يتيمن ياورا.
    تنهنجي در تي ٿو ڪري، هي ”مسافر“ التجا،
    سام پرتئهِ سيدا، سام پرتئه سيدا.


    جنهن لاءِ جُڙي جهان ٿيو... ; فتح فقير

    ٿلهه: ڪيڏو شرف قرآن ۾، اعليٰ نبي! تنهنجو شان ٿيو.

    شاهد نبوت تي شجر، پڙهندا ها تسبيحون حجر،
    جن مڃيو خيرالبشر، تن دين ۽ ايمان ٿيو.

    رب پاڪ ڏنئي رهبري، سيد سچا! تو سروري،
    پرور ڏنئي پيغمبري، راضي مٿئه رحمان ٿيو.

    راضي مٿس ٿيڙو ربي، آيو محمد عاربي،
    هو ٻن جهانن جو نبي، سردار ۽ سلطان ٿيو.

    هو اُڀ مٿي اسرار تو، اهو اشارو اظهار تو،
    ڪيو معجزو منٺار تو، قمر ڪِري قربان ٿيو.

    هينئڙي کي حب حسنين جي، ذي فهم ذي النورين جي،
    دلبر نبي دارين جي، نازل مٿس قرآن ٿيو.

    برڪت ڀلاري پير جي، مرسل نبيءَ منير جي،
    صدقي محمدﷺ مير جي، اُمت مٿي احسان ٿيو.

    خاصو ڪيو خلقي خدا، مطلوب مولي مدعا،
    ڪرجيءَ ’فتح‘ تنهن تان فدا، جنهن لاءِ جڙي جهان ٿيو.


    اچي رهبر رسج راهه... ; ٻڍل فقير

    شافي مُرسل شاهه ميان،
    تنهنجون سور اندر ۾ ساهه ميان.
    آءُ هيڻن جا همراه ميان.

    اوکا پنڌ پهاڙ جا،
    اچي رهبر رسج راه ميان.

    پوندي ڪَن ڪريم جي،
    هن آسروند جي آه ميان.

    ناقص هن نڌر تي،
    اچي نبي نر ڪج نگاه ميان.

    ڪر ڪا ٻاجهه ”ٻڍل“ چوي،
    عربي لڳ الله ميان.


    مرحبا سيدﷺ مڪي ; شمس الدين ’بلبل‘

    مشڪ، عنبرسان مَليان وات نه ٿئي پاڪ تَبي،
    اسم اطهر جو وڍڻ آهه بخود، بي اَدبي،
    بسم الله ڪري، وصف، ڪريمن جي ڪَبي:
    مرحبا، سيدِ مڪي، مدني العربي،
    دل و جان باد فِدايت، چه عجب خوش لقبي.
    سونهن سيد جي سُڃاڻي نه ڪو، قادر جو قسم،
    حسن ۾ حضرتِ يوسف نه هنيون، حورن دَم،
    منهنجي خواجي تي خدا، خوبي ڪئي، ختم ۽ تَم:
    من بيدل به جمالِ تو عجب، حيرانم،
    الله الله، چه جمال است، بدين بوالعجبي!
    ذات تنهنجيءَ ۾ ظهورو آ سڄو نورِ خدا،
    ڪيئي حيران، هَڄي ويا ته هُئي حڪمت ڇا؟
    ڪن ڄاتو آ، اوهان کي ۽ خدا کي نه جُدا:
    نسبتي نيست، بذاتِ تو بني آدم را،
    برتر از عالم و آدم، تو چه عالي نَسَبي!
    نورِ وحدت سان جُڙي آهه سندءِ پاڪ سرشت،
    ساري اُمت جي خبر توکي هُجي، زيبا، زشت،
    دستِ قدرت ۾ ڏنئي داوَرَ، دوزخ ۽ بهشت:
    شبِ معراج، عروجِ تو از افلاڪ گذشت،
    به مقامي ڪھ رسيدي، نه رسد هيچ نبي!
    قرب قادر جو اُتي جامَ، جتي تنهنجو قيام،
    سورَ، تن دور ٿيا، جيڪي يا تنهنجيءَ سام،
    وسَ وسنديون ٿيون، چوڌار، سندءِ ڄائي ڄام:
    نخل بستانِ مدينه، ز تو سرسبز مدام،
    زان شده شهره آفاق، به شيرين رطبي.
    تو ڪيو مُلڪ منور، ڪري ضايع ظلمات،
    هٿَ ۾ تنهنجي اي هادي، ٿي نِڪارن جي نجات،
    عاصين کي به ڇڏائيندين، ڏهاڙي عرصات:
    ما همه تشنه لبانيم تو ئي آبِ حيات،
    رحم فرما ڪھ ز حد مي گذرد، تشنھ لبي.


    مصطفيٰ خير بشر سرور عالم... ; مرزا قليچ بيگ

    يا نبي! هاشمي، مڪي، مَدني ۽ عَربي،
    نانءُ صلوات بِنا تنهنجو وٺڻ بي ادبي.
    يا محمد! تون اَبو القاسم ۽ اُمي ۽ امين،
    احمد آهين ۽ احد ميم سان، واهه! خوش لقبي.
    مُصطفيٰ، خير، بشر، سرور، عالم، سيد،
    توسان شامل ٿي شِرافت حسبي ۽ نسبي.
    پهرين آدم کان اڳي، نور ڪيو تنهنجي ظهور،
    پوءِ براهيمي، اسماعيلي ٿئين مُطلَبي.
    جنهن ڀلي ڪڙم قريشيءَ مان تون آئين حضرت!
    بُولَهَب آيو ۽ بُوجهل، اِها بو العجبي!
    گرچھ عالم جي تون رحمت ۽ شفيع، محشر،
    حقَ جو غازي ٿي ڪُٺئي قهر مان ڪافر حرَبي.
    چڙهي براق تي، معراج ڪيئي عرش مَٿي،
    حق تعاليٰ ڪئي جڏهن حُب مان تنهنجي طلبي.
    اُمتي تنهنجا بهشتن ۾ مزا سڀ ماڻين،
    باهه دوزخ جي ڏسن تنهنجا عدو سڀ غضبي.
    ٻُڌي ”لاتقنطوا“، رحمت جي رکو يارو! اُميد،
    لطف اُن جي کي بهانو آهي نِتُ بي سبَبَبي.
    گهر دُعا رب کان، تَهجُد پڙهي، سجدي ۾ ”قليچ“،
    مُستجاب آهي، سچيءَ دل سان دُعا نيم شبي.


    شاهد جهان ۾ آهي... خليفو محمد عمر ’اختر هالائي‘

    لفظن ۾ مشڪل آه چوڻ مصطفيٰ جو شان،
    ”ڪيئن ٿئي ادا زبان سان رسول خدا جو شان“.

    هر جلوه مدينه ۾ نور هديٰ جو شان،
    هر ذره حجاز ۾ ارض و سما جو شان.

    ڀانيان وڃي حرم جي گلن کي چُميون ڏيان،
    يا رب! تون مون کي ڪر عطا بادِ صبا جو شان.

    ڇا سيم و زر سان گنبذِ خضرا جو شان ٿئي،
    خاڪِ درِ نبي ٿي رکي ڪيميا جو شان.

    اي ڪاش منهنجون هي ٻه اکيون فرشِ راه ٿين،
    ڪنهن جي گذر سان من ملي اهلِ ادا جو شان!

    شاهد جهان ۾ آهي محمدﷺ جي حسن جو،
    رنگِ حنا جو شان ۽ زلفِ دوتا جو شان.

    ”اختر“ جي التجا ٿي رهي روز و شب اها،
    شل ٿئي عطا اطاعتِ خيرالورا جو شان.


    ختم المرسلين ; حافظ حاجي حامد ٽکڙائي

    ٿيو خلق ۾ خوبتر مصطفيٰ،
    محمد مٺو معتبر مصطفيٰﷺ.
    خدا نور پنهنجي مان جوڙيو نبي،
    شهنشاه عالي قدر مصطفيٰﷺ.
    سرئس فيض فرقان اعليٰ عطا،
    ٿيو رحمتي راهبر مصطفيٰﷺ.
    مُروت سين موهيائين حاتم هزار،
    سخاوت ۾ سڀ کان سٻر مصطفيٰﷺ.
    ڏسيائين ڏيهن کي هدايت هنر
    سين برڪت ڀريو بحربر مصطفيٰﷺ.
    اُجهايوسين اسلام احمد اچي،
    سَندو ڪفر ڪيڏو مگر مصطفيٰﷺ.
    ڪيو حڪم حنان هادي حڪيم،
    اچي مير معراج مر مصطفيﷺ!
    سڏڻ آيو سرور کي روح الامين،
    چڙهيو گهوٽ گهوڙي گهر مصطفيٰﷺ.
    رسيو خاص خلوت ۾ خير البشر،
    نوازيو ڌڻيءَ نامور مصطفيٰﷺ.
    سندو قاب قوسين ماڻئين مڪان،
    اڃا ڪي به اوڏو اَپر مصطفيٰﷺ.
    رڳو روح رسيو نه اُن راز کي،
    نه هو خواب جيئن بي خبر مصطفيٰﷺ.
    جسد ساڻ جامع انهين جاءِ تي،
    ٿيو جاڳندي جلوه گر مصطفيٰﷺ.
    ڪَيس اڻ گُهريو سڀ عطائون عظيم،
    لڌو لاڳ ليکئون ٻهر مصطفيٰﷺ.
    ڪندو آجو اُمت جو عربي امين،
    حمايت سان ’حامد‘ حشر مصطفيٰﷺ.


    پيو يار جي ثناڪر ; صوفي فقير جانڻ چن

    دنيا ۾ مصطفيٰ جو، نه جلوو نما هجي،
    مون کي قسم خدا جو، نه ظاهر خدا هجي.

    شريعت جي مُصلي تي پهتس ڀڄي پيو ڀولو،
    جو ئي ”احد“ سوئي ”احمد“! ڏٺم خدا هجي.

    آيو ”ميم“ جي هت اولي، عالم ڏسو اوهين ڳولي،
    اِها شيءِ ٻي آ ڪهڙي جنهن تئون فدا هُجي!

    حق کي ڏٺم بُت ۾، بُت کي ڀانئيو مون ڪعبو،
    مر جان ڪُهن قاضي، سند سند جُدا هجي.

    آهيان عشق جو مون ڪافر، بُت جو پوڄاري آهيان،
    ڀلي جان چون ”ڀُليل آ“، منهنجي ندا هجي.

    ”مهدي“ مئون ٿيو معلوم، سينو صاف ٿيو سالم،
    مطلوب اهڙي در تي، طالب گدا هجي.

    نه خاموش ”جانڻ چن“ ڪر، اسرار ظاهر پيو ڪر،
    پيو يار جي ثنا ڪر، تنهنجي صدا هجي.


    مهر نبوت شان وڏا.. ; صوفي فقير سيد انور علي شاهه

    دَم نبيﷺ نبيﷺ سردار، تجلي دار وکا ديدار،
    دما دم نبيﷺ نبيﷺ سردار.

    يٰسٓ دا سِر تي تاج تيڏا، لولاڪ لَما دا ڏاج تيڏا،
    ملڪ افلاڪي اڄ تيڏا، هين مالڪ خود مختيار.

    لااِلھ دا مان وڏا، الاالله نيشان وڏا،
    مُهرِ نبوت شان وڏا، اولاد تيڏي هَسوار.

    تيڏا پنجتن پاڪ دا نام، لحمڪ لحمي محضِ ڪلامِ،
    فرش ڪنون ول عرش انجامِ، معراج والي گفتار.

    مظهر نور حقيقي حق تي، ظاهر باطن عين خلق تي،
    جن بشر تي ملڪ فلڪ تي، تيڏي هي پچار.

    تيڏي هي درگاهه الاهي، انا احمد ملي گواهي،
    ڪنهن سانگي آيوئين سڏا سپاهي، هادي بن هر بار.

    تيڏي هي درٻار جو عالي، آون لک هزاران سوالي،
    مين جيهي مسڪين موالي، گدا ڪرن هيڪ وار.

    مين سوالي پنجان دي در دا، سگ دربان ”علي انور“ دا،
    مگن مداحي تئون مظهر دا، تيڏي هي درڪار.


    سڄڻ سر ڪلنگي; اعجاز راشدي

    قائم قُدسي ڪُلاهه، سڄڻ سِر ڪلنگي ڪلنگي،
    لولاڪ لَما گواهه، سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.

    اَنا احمد سمجهه اِشارو، چئي ٿو آهيان الله،
    سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.

    مُرصع جامون تاج مُبارڪ، وهوا جلوو جاهه،
    سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.

    لا تُدُرِکھُ اَل چئي ته لڪو آ، صورت آدم ۾ واهه،
    سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.

    ڪين ڏسي اِهو ڪڏهن نظارو، ڪو نظر جو ڪوتاهه،
    سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.

    سير ڪرڻ لاءِ سُهڻل سائين، ٺاهي آيو ڪهڙو ٺاهه،
    سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.

    حُسن جو ساڻس هر هميشھ، سلح سامان سپاهه،
    سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.

    عشق ’اعجازا‘ عاشقن کي، ملي ڪيائين مُباح،
    سڄڻ سر ڪلنگي ڪلنگي.


    صلوات توتي سلام توتي... ; محمد صديق ”مسافر“

    صلوات توتي سلام توتي...

    مٺا! محمد رسول اڪرم،
    هجي هميشھ حضور! هردم،
    پڙهن ملائڪ درود توتي،
    اُڪير سان سڀ پڙهن ٿا آدم،
    مڙين نبين ۾ برک بالا،
    تون انبيائن جو آهين خاتم،
    مليو هو معراج مان توکي،
    حبيب هيڻن سندو تون همدم،
    سڳورو لولاڪ جو تون سائين،
    مڃي سندءِ هاڪ ساري عالم،
    مڃيو جهين توکي دل سان هادي،
    تنهين کي دارين ۾ نه ڪو غم،
    ڏنءِ دنيا کي پيام حق جو،
    سچو تون بيشڪ بحال بالم،
    هئين ڪچيءَ کان يتيم سرور!
    سچائيءَ جي ساک اعظم،
    جڏهن عدون ستايو توکي،
    دعا ڪرڻ ته به هو تو سندو ڪم،
    مڱي ”مسافر“ تو سان صداقت،
    پڙهون سڀئي دل سچيءَ سان دم دم، صلوات توتي سلام توتي،
    صلوات توتي سلام توتي.
    خدا جو تحفو صلوات توڏي،
    صلوات توتي سلام توتي.
    رکيو خدا تُنهنجو درجو اعليٰ،
    صلوات توتي سلام توتي.
    سريو شفاعت مان شان توکي،
    صلوات توتي سلام توتي.
    نبي اُمي تون اعليٰ آهين،
    صلوات توتي سلام توتي.
    صلوات خواني جا ٿيا سي عادي،
    صلوات توتي سلام توتي.
    پڌر ڪيئي سڀ ڪلام حق جو،
    صلوات توتي سلام توتي.
    اچي نميا ته به امير تو در،
    صلوات توتي سلام توتي.
    بنان سبب ٿي رنجايو توکي،
    صلوات توتي سلام توتي.
    ڪجو منجهه حشر ڪا حمايت،
    صلوات توتي سلام توتي.


    مُرسل مڻيادار ; طالب الموليٰ

    عربي عاشق الله جو پر مالڪ ڪئو محبوب،
    احمد کي اظهر ڪري خالق ڪيو خوب،
    طالب مولا جو به سو محب ٿيو مطلوب،
    راغب ۽ مرغوب ڪنهن کي چئي ڪنهن کي چوان.

    ڪائنات جو ڪريم ڪئو محمد کي مختار،
    رهبر ڪيائين راه جو مُرسل مڻيادار،
    عاشق مٿس الله ٿيو جل جلالھ جبار،
    عربي احمد ڄام ۾ نور ڪيئين نروار،
    صلواتون سيد تي بيحد، بيشمار،
    آهي اُن عجيب جو طالب طلبگار،
    اڙين جو آڌار عشق عربي ڄام جو.


    صانع پنهنجي صنعت ۾ ڪيو قدرت ساڻ ڪمال،
    احمد کي عطا ڪيو واحد پاڻ وصال،
    معراج ڪرايئينس محبت سان رکي خاص خيال.
    جبار ڏنس جوڙ سان جلوو ۽ جمال،
    انهي جو احوال قلم لکندو ڪيترو.

    ”لا الھ الالله“ محمد الرسول،
    جهانن ۾ جميل کي مولا ڪيو مقبول،
    پيغمبر پڌرو ڪيو الله جو اصول،
    طالب مولا مرد ٿي فڪر ڇڏ فضول،
    جنهن قريشي جي قرب کي قلبئون ڪيو قبول،
    سو مُحبتي ملول ڪڏهن ٿيندو ڪو نه ڪو.

    الله ڪرايو عربيءَ کي محبتي معراج،
    طالب! رکيائين تاج، رسالت جو رسول تي.

    پيغام پَرور موڪليو هتان پنهنجي حبيب،
    امانت سان الله جو نياپو ڏنو نجيب،
    آخر اُن عجيب ڪفر ڪعبي مان ڪڍيو.


    ڪريان تنهنجي گهٽيءَ ۾ گدائي ... ; نواز علي ’نياز‘ جعفري

    سڪندر کان ڏسان آءُ شان بلڪل بيشتر پنهنجو،
    ڪريان تنهنجي گهٽيءَ ۾ جي گدائي تي گذر پنهنجو.

    هزارين در ڏٺا مون دان لئه ٿي دربدر سنڌ ۾،
    سڏي ڏيکار مون دلگير کي داتا تون در پنهنجو.

    مسافر بي وطن ٿي آءُ رهيو آهيان گهڻو ئي پر،
    مديني لئه ڇڏي هلندس ڪڏهن شاها شهر پنهنجو.

    ملي موڪل پکو روضي جي پاڇي ۾ اڏي ويهان،
    پکي تنهن تان ڪريان صدقي لکين گمراهي گهر پنهنجو.

    چون ٿا واٽ تي سختي گهڻي آهي مگر ڇا هي،
    ڪندين سولو ته ٿيندو سيدا سَهنجو سفر پنهنجو.

    ”نياز“ آخر چيو هاتف مبارڪ ٿي نه ڪر ڪو غم،
    ڪندو توکي قيامت ۾ سڏي خيرالبشر پنهنجو.


    ثنا خوان خود خدا جنهن جو ; اياز قادري

    بشر آههِ ليڪن جو نورِ خدا آ،
    اهو مصطفيٰ آ، اهو مصطفيٰ آ.

    سڄو جڳ معطر معطر ويو ٿي،
    در مصطفيٰ کان ڇا آئي صبا آ.

    نه دُنيا جي طالب نه جنت جي خواهان،
    محمدﷺ تي هيءَ دل، فِدا آ فِدا آ.

    نه اُمت جي ٻيڙيءَ کي آ لهر لوڏو،
    جنهين جو رسول خدا ناخدا آ.

    جو آيو سوالي، ويو سو نه خالي،
    غريبن فقيرن جو حاجت روا آ.

    اهو درد دل آهه دل کان به پيارو،
    محمد جنهين درد دل جي دوا آ.

    ڪري ڪيئن سگهي ڪوئي تعريف اُن جي،
    ثنا خوان خدا جنهن جو صبح و مسا آ.

    ڏِهاڙي قيامت جي ڏسندا، هو چوندو:
    ڇڏيو هن کي منهنجي هيءُ در جو گدا آ.

    نڪيرين پُڇندا ڇا آندءِ قبر ۾،
    مان چوندس محبت حبيب خدا آ.

    ”اياز“ آههِ بيشڪ غلام محمد،
    نه عابد، نه زاهد، نڪي پارسا آ.


    هستيون جُدا جُدا ; سرويچ سجاولي

    تنهنجي حُسن جون آهن، هستيون جُدا جُدا.
    موجون جُدا جُدا ۽ مستيون جُدا جُدا.

    آتيون هميشه آهين، توکي ڏسڻ پَسڻ لئي،
    دلڙيون جُدا جُدا ۽ اکڙيون جُدا جُدا.

    موهيو وِجهن ٿيون مَن کي، محبوب مُحب تنهنجون،
    مينڍون جُدا جُدا، ۽ مُرڪون جُدا جُدا.

    گُفتن تان گهوٽ تُنهنجي، گهوري ڇڏيان ٿو آئون،
    ماکيون جُدا جُدا ۽ مصريون جُدا جُدا.

    مُرڪيو پَوَن هو ”سرويچ“ مُرڪڻ سان يار جي ڏس،
    مُندون جُدا جُدا، ۽ مُکڙيون جُدا جُدا.


    آهين تون ئي اجهو آڌر... ; مخدوم محمد امين فهيم

    سڄڻ آهيان سندءِ نوڪر انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي،
    تون سائين ۽ سخي سرور انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

    مان پڻ تنهن جي ئي دامن کي، جهليو ويٺو آهيان داتا،
    ڪيو قادر اٿئي اڪبر انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

    محمد مير مرسل سار لهه ساجهر اچي سائين،
    مڙن جي آهين ڀيڻي ڀر انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

    ڏئي شل پاند پنهنجي لطف سان ڍولڻ ڍڪين مون کي،
    آهين تون ئي اجهو آڌر، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

    خدارا ڪر مدد منهنجي اچي محبوب مولا جا،
    نه تو ريءَ آهي ڪا واهر، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

    سوين خالي ويا حاصل ڪري سڀ ڪجهه سندءِ در تان،
    ٻيو ڪو ناهي اهڙو در انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

    جمال يار جو همسر ڀلا ٻيو ڪير ٿي سگهندو،
    گهڻو ئي گهٽ مههِ انور، انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي.

    مدد منهنجي ”امين“ آهي محمدؐ ڄام سونهارو،
    نه جنهن جو آهي ڪو همسر، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.


    سڌاري جنهن ڇڏيو هيڪر...; عبدالقيوم ”صائب“

    زبان تي اڄ تري آيو مٺو نالو محمد جو،
    پڙاڏو هو وري آيو مٺو نالو محمد جو،
    ڪري جلوه گري آيو مٺو نالو محمد جو،
    ۽ مشعل جيان ٻري آيو مٺو نالو محمد جو،
    ڪريان سر ساهه سڀ صدقي، انهيءَ پياري جي نالي تان،
    جنهين سڀ جڳ ڪيو روشن، عطا و علم و حڪمت سان.

    ڏنو فاران جي چوٽيءَ تان، جنهين هو درس حڪمت جو،
    خداءِ بزرگ و برتر جي عظمت جو ۽ وحدت جو،
    جهان جي امتن مان بهترين و خاص اُمت جو،
    زبانِ قدس بخشيو، جنهن کي رتبو هو نبوت جو،
    اُنهيءَ جو ذڪر آ مقصود، پنهنجي هن ئي محفل ۾،
    پُڄي سگهندو نه ڪو انسان، جنهن جي شان و عظمت سان.

    نبي آخري ڇاهي! هو محبوبِ خدا آهي،
    ازل جي ابتدا آهي، ابد جي انتها آهي،
    سڄي تخليق جو باعث، مڙين جي مدعا آهي،
    خدا ناهي، مگر ڇا هو، خدا کان ڪي جدا آهي،
    خدا رطب اللسان آهي، جنهين جي پاڪ وصفن ۾،
    اُنهيءَ جا گيت ڪيئن ڳايون نه الفت سان عقيدت سان.

    سڌاري جنهن ڇڏيو هيڪر، ظلوماً کي جهولا کي،
    ڪري جنهن هڪ ڇڏيو هيڪر، غلامن کي ۽ آقا کي،
    بڻايو موم جنهن هيڪر، دلِ پرسنگ خارا کي،
    عمل سان جنهن ڪيو ثابت سدائين پنهنجي دعويٰ کي،
    اُنهيءَ جي واٽ کان ماڻهو، وري ڀٽڪي ويا آهن،
    اُنهيءَ جي واٽ تي ماڻهن کي آڻيون ان جي دعوت سان.


    گُنبذ خضرا جي سامهون ; محمد علي جوهر

    قُدسِيو! ترسو، وُضو زَمزَم جي پاڻي سان ڪيو،
    عرش کان وَڌ، ادب جو آههِ، هي نازڪ مقام!
    هِي مٽي سُرمون ڪري، پايو اکين ۾، پو ڏِسو!
    هِي منارهءِ نُورُ آهي. قابلِ صد احترام.

    تنهنجي قدمن ۾ مَران،
    ساهُ ڀي نِڪري هِتي،
    بابِ جِبرائيلَ وٽ،
    ۽ جُتين جي جاءِ تي،
    هِن مُبارڪ شهر جو،
    شل مَديني شهر ۾،
    منهنجو محشر ٿئي هِتان،
    شهرِ يثرب جي ڳلي،
    يا شفيعَ المُذنبين!
    مون کي هي قُربت هجي،
    ۽ هِتي تربت هجي.
    آستانو شل ٿئي،
    تڪيو ۽ آٿت هُجي.
    مان گداگر ٿي رهان،
    مون کي هي عزت هُجي.
    تنهنجو ٿئي سايو مَٿان.
    منهنجي لئه جَنَت هُجي،
    رحمتُ للعالمين!
    حشر ۾ ”جوهر“ مٿان،
    سايئه رحمت هُجي.


    مصطفيٰ جي گر قدم ۾ ; انور هالائي

    مصطفيٰﷺ جي گر قدم ۾ منهن جي تربت ٿي پوي،
    منهنجي لئه منهنجي لحد جنت ئي جنت ٿي پوي.

    زندگي هِت ۽ هُتي گويا وڃي ٿي فخر و ناز،
    گر رسول الله جي مون تي عنايت ٿي پوي.

    اڄ اسين سڀ ٿا رکون قرآن انهيءَ لئه غالباً،
    پنهنجي گهر ۾ طاق جو هو زيب و زينت ٿي پوي.

    جي ٿيان محبوب مدني جي سبق تي باعمل،
    منهن جي دنيا خواه عقبيٰ ۾ ڪا عظمت ٿي پوي.

    اي مسلمان! با عمل ٿي ويسلو تون ڪين رهه،
    آهه ممڪن هن گهڙي ۾ هت قيامت ٿي پوي.

    ايتري توحيد جي تبليغ ڪر تون ذوق سان،
    جستجو ئي حق ۾ حاصل ئي شهادت ٿي پوي.

    جي رهين تون مذهب اسلام تي اڄ با عمل،
    غالباً برباد منهنجي هر سياست ٿي پوي.

    جي محبت مصطفيٰ جو ٿا پين آب حيات،
    قطره قطره تن جو آخر بحر وحدت ٿي پوي.

    هڪ خدا ۽ هڪ محمدﷺ هڪڙو قرآن رهنما،
    جن مڃيو ۽ ڪيو عمل تن لاءِ راحت ٿي پوي.

    امتيازي پارسائي جرم ٿيندو در ڪنار،
    من قيامت ۾ ڪا شافع جي شفاعت ٿي پوي.

    ٿي محمد مصطفيٰﷺ جي عشق ۾ ”انور“ فنا،
    اُن جي صدقي من خدا جي توتي رحمت ٿي پوي.


    ڪارڻي ; علي محمد ’مجروح‘

    نانءُ تنهنجو جڏهن ٿو وٺان ڪارڻي،
    سڪ جو ساگر ٿو بڻجي پوان ڪارڻي.

    ٿا جيئن جيئن زماني جا فتنا وڌن،
    ٻاجهه ٻيڻي ٿو تُنهنجي ڏسان ڪارڻي.

    ڳولهي ڳولهي ٿڪس ڪانه منزل ملي،
    تنهنجي در کي ڇڏي ڇو رُلان ڪارڻي.

    آئون به آهيان ٿڪو، رڻ به آهي تتو،
    ڇانوَ ۾ تنهنجي هلندو هلان ڪارڻي.

    قرب جي هن قريني کي ڪريو قبول،
    آهي مون وٽ غزل جي زبان ڪارڻي.

    لطف تنهنجي هي دل کي ڏنو حوصلو،
    زهر جا ڍُڪ ٿو مُرڪي پيان ڪارڻي.

    پنهنجي ”مجروح“ تي مهر مُرسل ڪريو،
    وقت جا مرحلا بي ڪران ڪارڻي.


    ڀلارو ڀَرجهلو بهتر... ; سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي

    محمد مصطفيٰ منور، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ،
    اَجهو اَڀرن، اڙين آڌر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    ڪري ڪو همسري ڪهڙي، مٺي محبوب مُرسل سان،
    پرين پيارو سندو پرور، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    مِڙن سان ميٺ محبت جو ڏنائين درس دنيا کي،
    ڪرم ۽ رحم جو پيڪر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    ٿيو ضامن ضعيفن جو، سهارو بي سهارن جو،
    سچو سردار سو سرور، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    ڀُلي ڀٽڪي وڃڻ جو ڪو به ڪونهي خوف ۽ خطرو،
    رُلين جو رهنما رهبر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    مٿي معراج موليٰ سان ٿيون مٺڙيون ملاقاتون،
    ڌڻي جو دلربا دلبر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    امن انصاف ۽ اخلاق کان واقف ڪيو جنهن، سو،
    خدا جو خاص پيغمبر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    حبيبِ ڪبريا آيو، ختم ٿيو دور اونده جو،
    خدا جي نور جو مظهر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    اسان پارن اٻوجهن جو، اَجهو ۽ آسرو احمد،
    دوا جو ۽ دعا جو در، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    پڇاڙيءَ جو پرين آيو، ٿيو اڳواڻ اڳين جو،
    بلاشڪ سو نبي آخر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.

    وسيلو واهرو واه وا ڏکوين ڏڍ ”ڏاڏاهي“
    ڀلارو ڀرجهلو بهتر، هِتي ڀي آ هُتي ڀي آ.


    دلربا جي در مٿي... ; سيد پير غلام جيلاني شاهه

    شل زيارت مون کي محبوب خدا جي ٿيئي نصيب،
    حاضري جلدي وري، خيرالوريٰ جي ٿِئي نصيب.

    سبز گُنبذ کي وڃي، هيڪر اکين سان مان ڏسان،
    مَن زارِ قبري جي بشارت، سا شفا جي ٿِئي نصيب.

    يار جي يارو غلامن جي وڃي اوبر کينئان،
    اوءَ سعادت مون کي هاڻي، تنهن غذا جي ٿِئي نصيب.

    دلربا جي در مٿي، ديدار لئه دانهيان وڃي،
    ڪا نوازش ايئن ادا، دلبر رضا جي ٿئي نصيب.

    هاءِ هيرون ياد ٿيون، مون کي مديني جون اچن،
    مُشڪ عنبر واري خوشبو، اُن فضا جي ٿِئي نصيب.

    ”پير“ کي شل در مٿي، دايو ڪري دلبر رکي،
    اُت غلامي مون کي سا، نورالهُدي جي ٿيئي نصيب.


    مَڪان ۽ لا مَڪان ; ابراهيم منشي

    فرشتن فلڪ تي ڪيو ٿي، برابر بيان تنهنجو.
    ڏنا تو ڏاج ۾ ڏاتر، زمين تنهنجي زمان تنهنجو.

    نظر ناسُوت تي تنهنجو، حُڪم هاهُوت تي تنهنجو،
    جدا جبروت تي جلوو، عجب آهي عيان تنهنجو.

    تجلو طُور تي تنهنجو، لقا لاهوت تي تنهنجو،
    خدا جو تون، خدا تنهنجو، بيان ڪهڙو ڪيان تنهنجو.

    جُتيءَ سان وئين اُتي جاني، جتي محبوب سُبحاني،
    تون ٿئين مهمان مالڪ جو، ۽ مالڪ ميزبان تنهنجو.

    نه تو جهڙو ٿيو، ٿيندو، نه ڪي ڄائو نه ڪي ڄمندو،
    چوي ”منشي“ مٺا مرسل، مَڪان ۽ لامَڪان تنهنجو.


    روشن جهان ٿي ويا ; گل حسن گوپانگ شاد

    نروار ۽ نشانبر نوري نشان ٿي ويا،
    رهبر رسول آيو، روشن جهان ٿي ويا.

    توحيد ڪئي ترقي، اسلام جي اچڻ سان،
    ڪنڌ ڪُفر جي ڀڄي پيو، بُت بي نشان ٿي ويا.

    اخلاق مصطفيٰ جي سڀ ميڻ ڪيا مخالف،
    نامهربان جي ها، سي مهربان ٿي ويا.

    وڻ حڪم سان هلن پيا پٿر پڙهن پيا ڪلما،
    هر لب تي معجزن جا لک داستان ٿي ويا.

    رب عرش تي گهرايو، هڪدم حضور جن کي،
    هڪ ٻئي سان راز اوريون ۽ رازدان ٿي ويا.

    نرمل نبي جي در جا، جيڪي ٿيا گداگر،
    گهٽ تن گداگرن کان، شاهن جا شان ٿي ويا.

    بوذر، بلال، اويسي، عاشق ٿيا نبيءَ جا،
    مَلڪن کان ڀي مٿاهان، مستن جا مانَ ٿي ويا.

    ناڪامياب ٿي ويا، آيا نه جي نبيءَ ڏي،
    جيڪي نبيءَ ڏي آيا، ڪُل ڪامران ٿي ويا.

    محشر ۾ مومنن جي حضرت ڪندو حمايت،
    سولا صفا سَڻاوا، سڀ امتحان ٿي ويا.

    ميلاد مصطفيٰ تي شڪران ”شاد“ ڪر تون،
    واحد وسايا ويڙها، خوش خاندان ٿي ويا.


    تنهنجي نور حضور ظهور ڪيا... ; محمد يوسف ڀٽو

    تنهنجو حسن ڏسي حيران ٿيا،
    ماه حور پري غلمان ڪَئين.

    لب لعل ياقوت رمان* اَڳي،
    ڇا سرخ بدخشان لعل لڳي،
    مَٽ مشڪ عطر توسان نه لڳي،
    خوشبو ۽ خطن بُستان ڪَئين.

    تنهن جي نور، حضور ظهور ڪيا،
    نو کنڊ ملڪ معمور ڪيا،
    برباد ميدان مسرور ڪيا،
    افغان عرب ايران ڪَئين.

    تنهنجي عشق لکين قربان ڪُٺا،
    ڪَئين عارف اوليا برن بيٺا،
    روئي رند جهلي تولاءِ واٽ ويٺا،
    دربان درن سلطان ڪَئين.

    پسي تاب حسن ڪن زهد ڀڳو،
    ڪن تقويٰ سندو ترڪ لڳو،
    نڪي مست ٿيو منصور رڳو،
    ويا سرت ڇڏي صنعان ڪَئين.

    هِتِ تنهنجي اَچڻ اُهڃاڻ اَڳي،
    هُئي يوسف يونس ڄاڻ اَڳي،
    تنهن جي نبءَ نبين واکاڻ اَڳي،
    درجات تنهن جا داستان ڪَئين.

    ڪر ”يوسف“ سان تون لائق لڳي،
    اَنَعمتَ عَلَي هم راهه کلي،
    ڪر معاف مون کي وَڃ مون سان ملي،
    الحمد پڙهان سُبحان ڪَئين.


    مِٺي مُرسل جي صدقي... ; حاجي محمد موسيٰ ’مشڪور‘ سومرو

    ڄائو نبي چيائين، حق لا الھ الالله.
    مومن پڙهو سدائين، حق لا الھ الا لله.

    ارشاد هو الاهي، آواز هو نبي جو،
    پيغام ٿي ڏنائين حق لا الھ الالله.

    باطل جا بُت بنايل ڪنڌ ڀر اُتي ڪري پيا،
    نعرو بلند ڪيائين، حق لا الھ الالله.

    خالق خدا ۽ عالم ’ڪل ڪائنات‘ اُن جي،
    محشر جي روز تائين حق لا الھ الالله.

    ’موسيٰ‘ چوي ٿو موليٰ، مٺي مرسل جي صدقي،
    ايمان سان لڏائين، حق لا الھ الا لله.


    سڄو خود نور آ محمدﷺ ; حسن درس

    محمدﷺ نور جو نالو، سڄو خود نور آ مُحمدﷺ.
    خُدا جو خيال آ محمدﷺ، پرين جو پور آ محمدﷺ.
    ڀريل پئمانو آ محمدﷺ، سڄو مئخانو آ محمدﷺ.
    خماريل نيڻ سهڻي جا، سڄو مخمور آ محمدﷺ.
    پٿر تي ليڪ آ محمدﷺ، سمندر ساهه آ محمدﷺ،
    جبل جي جوٽ آ محمدﷺ، ٻٻر جو ٻور آ محمدﷺ.
    ستارا چنڊ ۽ سورج، سدائين عشق جنهنجي ۾،
    صبح جو سحر آ سائين، سڄو مسحور آ محمدﷺ.
    ڪجل هُن جا تجل هن جا، ازل آخر اُهوئي آ،
    نڪو آدم نڪو عيسيٰ، نه موسيٰ طور آ محمدﷺ.
    فقيرن جا پنڻ پيالا، سدائين ٿو ڪرين پُرڪش،
    ڀلارو ڀرجهلو آهي، ڀلو ڀرپور آ محمدﷺ.
    عليءَ جي ڳليءَ جو ڪُتڙو، مان تنهنجي شهر جو ڪُتڙو
    سدا سيوهڻ، ڀٽائي ڀٽ، مون کي منظور آ محمدﷺ.
    عدالت عشق جي ۾ آ کڙو محمد حسن شاهد،
    محمدﷺ من ۾ اٿئي ويٺو چوين ٿو دُور آ محمدﷺ.


    مُرسلﷺ سائين تنهنجا آهيون... ; حسن درس

    رمتا جوڳي رامڪلي ۾، رانول سائين تنهنجا آهيون،
    مرليون سُرليون، باجا بينون، سانول سائين تنهنجا آهيون.

    لمحا لمحا، لحظا لحظا، ساهه ته ڇا ويساهه به آهين،
    سارو جيون تن من تن من، پل پل سائين تنهنجا آهيون.

    ڇانوَ به تنهنجي تون ئي ڇپر، آ ڍڪ به تون ئي ڍول اسان جو،
    جُهڙ ڦڙ بوندون ۽ برساتون، بادل سائين تنهنجا آهيون.

    هيڻن کي ڪر ٻيڻو ٽيڻو، رهبر سُبحان راهه ڊگهيءَ ۾،
    ڪمتر آهيون ڪوجها آهيون، ڪامل سائين تنهنجا آهيون.

    درس حسن پڻ در تنهنجي جو، ٻانهون آهي نوڪر آهي،
    سنڌ سموري توتان صدقي، مرسلﷺ سائين تنهنجا آهيون.


    ڪريان سڀ تخت تو صدقي ; حسن درس

    ڪڌي آهيان، صفا ڪمتر، ڪسيرو ڇا ڪڻي آهيان،
    مگر مُرسل مٺي نالي، وٺڻ جي لاءِ بڻي آهيان.

    وٺي ويراڳ جا رستا، پُڇايان پئي پنهون پنهنجو،
    ڪريان ڌم ڌم ڌمالون ٿي، ڪري ڇم ڇم ڇڻي آهيان.

    عليعه اولاد تنهنجي تي، ڪريان مان ساهه سر صدقي،
    فقيرن ۽ فراقن جي، مٿي جي مان ڦڻي آهيان.

    عجيب اوڏڙو ڪر تون، ڏي ڪا جاءِ پيرن ۾،
    مِلو مون سان مٺا مُرسل، وڇوڙن ڇو وڻي آهيان؟

    صفا ويران واٽن تي، آهيان ويٺي وڇوڙيل ٿي،
    پرينءَ جو پيار جي ملندو، ته پوءِ مان پدمڻي آهيان.

    قلندر لال جو ڪِشتو، رڳن ۽ روح جو رشتو،
    وڌايان پئي وٽو تنهنجو، گهٽائڻ کان گهڻي آهيان.

    نظر ڪج نور جي نوري، اُگهاڙي ۽ اَٻالي تي،
    گناهن ۾ گتل آهيان، ڀلي ڇا به کڻي آهيان.

    سمورا تاج، تلوارون، ڪريان سڀ تخت تو صدقي،
    غلامن جي غلامن ۾، اگر جي مان ڳڻي آهيان.

    خدا جو سُنهن ته منهنجي دل، پئي ڦاٽي ٻُڌڻ جي لاءِ،
    رڳو چئو هن ڇوري جو، محمدﷺ مان ڌڻي آهيان.

    نماڻي نار ۽ ناري، بندي تنهنجي آهيان باري،
    اڪيلي عشق ۾ احمد، حسن هڪڙي ڄڻي آهيان.


    هو آ ڇپر ڇانءُ... ; نصير مرزا

    پرههَ هيرَ جيئنءَ پاڪ آ هُن جو نانءُ،
    صرف نانءُ ناهي هو آ ڇَپرُ ڇانءُ.

    سدا ياد سان هن جي دل شاد شاد،
    نه غم ڪوئي ويجهو، آهي جو هُو ياد.

    هُو اَولُ هو آخر هُو دائم سدا،
    نه ڪو بعد هُن جي هُو قائم سدا.

    هُو دنيا ۾ آيو ته روشن ٿيا ڏينهنَ،
    وٺا سڀ جهانن تي موتين جا مينهنَ.

    قدم هُن ڌريا جنهن بيابان ۾،
    رڳو گُل ٽڙيا تنهن بيابان ۾.

    نشان نرڙ تي ڪو نه بيشڪ سندم،
    تصور ۾ هُن جا ئي نقش قدم.


    آئي احمد ڄام جي... ; فقير محمد ڍول

    حُسن سندءِ هُٻڪار، چؤڏس ٿي چوڌار،
    آئي احمد ڄام جي.

    باغن منجهه بهار، کڙِا کٽڻهارَ،
    آئي احمد ڄام جي.

    مُلڪن منجهه ملهار، گلزاريون گلزار،
    آئي احمد ڄام جي.

    پکيئڙا پڙلاوَ سان، ڳائين ڳيچَ هزار،
    آئي احمد ڄام جي.

    لٿو سڀ لوڪن تان، ڏُرت ۽ ڏُڪار،
    آئي احمد ڄام جي.


    وسيلو، ڀرجهلو ۽ ڀَر ; عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي

    خدا جي شان جو مظهر، حبيب ِ ڪبريا آهي.
    ڪرم ۽ رحم جو ساگر، حبيب ِ ڪبريا آهي.

    رواداري، صداقت ۽ شجاعت جو حقيقت ۾،
    عظيم ۽ بي بيان منظر، حبيب ِ ڪبريا آهي.

    ثنا ڪهڙي ڪبي سڀني رسولن کان، جڏهن موليٰ،
    بنايو بااليقين برتر، حبيب ِ ڪبريا آهي.

    ڏکوين، عاجزن ۽ بي سهارن جو هتي ۽ هُت،
    وسيلو، ڀرجهلو ۽ ڀَر، حبيب ِ ڪبريا آهي.

    عبث فڪر قيامت اي! چري دلڙي ڪرين ڇو ٿي،
    جڏهن شافع سندو محشر، حبيب ِ ڪبريا آهي.

    صبا چئجان وڃي نالي خدا، ساري ته زيارت لئي،
    ”ڪريم“ عاصي گهڻو مضطر، حبيب ِ ڪبريا آهي.


    جڳ سڄو تن جي اڳيان ; معمور يوسفاڻي

    تون جي آئين روشني آئين کڻي،
    تنهنجي آئي ڪاڄ سريا ڪارڻي.

    ربّ توکي موڪليو، رحمت ڏئي،
    تنهنجي هرڪا ڳالهه واحد کي وڻي.

    تون ئي آهين سو سهارو سوجهرو،
    تنهنجي هردم گهرج هر ڪنهن کي گهڻي.

    سي ئي آسودا ستابا ۽ سکيا،
    جن کي حاصل قرب تنهنجي جي ڪَڻي.

    تو چيو جنهن وير ”جاءَ الحق“ حبيب،
    دم انهي باطل جا پيا سڀ ڇَٽ ڇڻي.

    تن ڪئي تسخير ساري ڪائنات،
    جن کي لڳڙي عشق تنهنجي جي اَڻي.

    تنهنجي رستي کي ڇڏيو جن سي رُليا،
    ٻار ۾ وئڙا ٻُڏي هٿڙا هڻي.

    پُٺ ڏني جن توکي تَن کوڙيا پُٺا،
    ڪونه ٿيو، ٿيندو نڌڻڪن جو ڌڻي.

    تنهنجا خادم پيا سنوارن ڪائنات،
    جيئن سنواري وار وکريل ٿي ڦڻي.

    جڳ سڄو تن جي اڳيان جهڪندو پيو،
    جيڪي آهن تنهنجي پيرن جي پَڻي.


    صبح سانجهي پڙهان ويٺي ; نذير ناز

    محمد مصطفيٰ ئي آخري پيغامبر آهي.
    سخاوت ۽ شفاعت جو اهو ئي در، صدر آهي.

    انهيءَ جي نام سان منسوب ساري ڪائنات آهي،
    اهو اسم گرامي جو نهايت معتبر آهي.

    خدا خود ۽ ملائڪ ڀي پڙهن ٿا صلوات جنهن تي،
    اهو ’خيرانوريٰ‘ اهو ’خير البشر‘ آهي.

    مديني ڏي وڃان آئون نه موٽي شل اچان آئون،
    سهارو، بي سهارن جو اهو هڪڙو ئي ته گهر آهي.

    مٺا مُرسل نبي تنهنجو ڪجي شان بيان ڪهڙو،
    اوهان جي رحمتن سان جڳ سڄو ٿيو فيضور آهي.

    صبح سانجهي پڙهان ويٺي اوهان جي نانءُ جي تسبيح،
    اوهان جو نان مُٺڙو ئي خوش اثر آهي.

    خطائن ۾ عمر ساري بسر ٿي يا رسول الله،
    پريشان حال آهيان ۽ ندامت جو سفر آهي.

    وڏو ئي آسرو آ ’ناز‘ کي ان روز محشر جو،
    اسان عاصين اٻوجهن لاءِ، اهو سايه شجر آهي.


    پرينءَ جي پَرتوي کان... ; خدا بخش ”مجاهد“ چانڊيو

    هزارين ڪوهه تان حورون، حسن جي هاڪ تي هرڪن،
    سڄڻ جي سونهن ٿي ثابت، سَوَن جا ساهه ٿا سرڪن.

    تبسم طور سينا ساڻ توريم، ته به، وئي وڌ ٿي،
    مشهدي ديد موسيٰ، جي گهڻا ٿا گهور تي گهرڪن.

    پرينءَ جي پرتوي کان پر جليا جبرئل جا جلدي،
    اُتي رف رف رواني ٿي، هتي جهرجهنگ جهرمر ڪن.

    پَرين جون پلٽڻيون آيون، پرينءَ جي پيشوائيءَ لئه،
    اڃا هڪ آسمان آيون، اُتي تجلا تکا ترڪن.

    مٺو معشوق مولا جو، پُڳو معراج منزل تي،
    ’مجاهد‘ مرد مومن ٿا، خوشيءَ مان ڇال ڏيو ڇرڪن.


    اَڙين آڌار ٿيو پئدا... ; فضل الله ”فدا“ چانڊيو

    سڳوري مهل تي سنسار ۾ سردار، ٿيو پيدا،
    محمدﷺ مصطفيٰ مدني مڙن مهندار، ٿيو پيدا.

    امامُ القبلتين آيو دنيا ۾ دينداري ٿي،
    ٿيو باطل ڀُري ڀورا اَڙين آڌار ٿيو پيدا.

    جهان مان ظلمتون ۽ زور ظلمت جا ٽٽي پيئڙا،
    مٺو مرسل مديني جو جڏهن مختيار ٿيو پئدا.

    تون ختم الانبيا آهين چيو موليٰ محمدﷺ کي،
    سڄڻ سهڻو سڳورو سو اکين جو ٺار ٿيو پيدا.

    سڀن کان شان بهتر آ اسان جي مير مدنيءَ جو،
    اسان پارن گنهگارن سندو غمخوار ٿيو پيدا.

    ”فدا“ دنيا سڄي جنهن تان فدا آهي هميشه لئه،
    اهو اڄ آمنه ؓ جي گهر يتيمن يار ٿيو پيدا.


    تنهنجي ئي ڪارڻ قادر... ; حافظ محمد نظاماڻي

    توتي آ لَڄ لَکن جو هڪڙو نه آئون آهيان،
    ٻيا ڀَل بشر پيا ڀُلجن آئون نه ڀُلجڻ چاهيان.

    ملَڪن کي جت نه موڪل ڪنهن جو مِلڻ اُتي ڏس،
    موسيٰ جون ڏِس تون منٿون سيد جي سگهه سُتي ڏِس،
    ٻئي جون ڳڻين ڇو ڳالهيون هُن جا به ڳُڻ ڳُتي ڏِس،
    آهن لطف لکن جا ڪهڙي ته ليکئي لاهيان.

    الله کان پُڇي ڏِي عاشق اوهان ۾ ڪهڙو،
    ٻئي جي نه منٿ مَڃ تون محبت جو ڏس ٻيو ميڙو،
    ڇڏ عرش جو اَدب تون تنهنجي جُتي نه جهڙو،
    هليا حبيب مُنهنجا تو لئه پيو هار ٺاهيان.

    ٻئي جون اکيون نه پُهتيون هُن جا قدم هلن ٿا،
    منزل انهيءَ تان مِٺڙا موٽيو ملڪ وڃن ٿا،
    جبرائيل چيو اي جاني هاڻي ته پَر جلن ٿا،
    ويندس سڙي سڄو آئون اڳتي جي پير پائيان.

    ’حافظ‘ اوهان جي آهي حُڪم جو بندو،
    ڪر صاف مون کي سهڻا آهيان گناهن ۾ گندو،
    تون مير منتهيٰ تي منهنجو ڌوڙ سان ڌنڌو،
    تنهنجي ئي ڪاڻ قادر چيو عرش پيو اَڏايان.


    اکين جي نور کان افضل ; فقير محمد اسماعيل ’خاطي‘ ٺٽوي

    مَديني ۾ مٺو مُرسل، ڀلي آيو ڀلي آيو.
    اِهو نوڙي نبي نرمل، ڀلي آيو ڀلي آيو.

    ڪڪر رحمت جا ٿيا نازل، بهاريون ٿيون ٽڙيا گل ڦل،
    ڳائي ٿي بَاغ ۾ بُلبُل، ڀلي آيو ڀلي آيو.

    لٿيون حورون، مَلڪَ آيا، ٿيا رحمت سندا سايا،
    اکين جي نُور کان افضل، ڀلي آيو ڀلي آيو.

    سڀئي انصار خوش آهن، نياڻيون گيت ٿيون ڳائن،
    مرحبا هي بهشتي گُل، ڀلي آيو ڀلي آيو.

    جبل ٿا جوش مان جُهومن، شجر ٿا شوق مان جهولِن،
    هوائن ۾ مَچي هَلچل، ڀلي آيو ڀلي آيو.

    آهي هر شخص خُوش ”خاطِي“ مُبارڪ پَيا ڏِيَن سَاٿِي،
    اِهو ڪَامل اِهو اَڪمَل، ڀَلي آيو ڀَلي آيو.


    وڃان صدقو وٿاڻن تان... ; حاجي غلام النبي مهيسر مداحي

    منهنجا محبوب مان تنهنجي وڃان صدقو وٿاڻن تان.
    مَديني تان منارن تان پاڙيچن تان پهاڙن تان.

    مِٺو آ سِرُ قبوليو ٻي ڪيان قربان ڪهڙي شيءِ
    گهوريان گهرَ ٻارَ تن ماڻهن مٺن موتيءَ جي داڻن تان.

    سڄڻ جن جو سهارو ۽ جڏاڪون اوٽَ ٿي آئين
    تڏاڪون مُعاف ٿي ميرا ويا سڀني ويڳاڻن تان.

    پَسي پرڪارَ اُمت جا گهرين ٿو دم بدم دُعائون
    اگر نازل مصيبت ٿئي ته تون ٽارين نماڻن تان.

    ”غلام نبي مهيسر“ کي هميشه دل ۾ حسرت آ
    گهوريان پنهنجن اباڻن کي پُنهل تنهنجن اباڻن تان.


    اکين سان آڱريون پنهنجون ; حاجي غلام النبي مهيسر مداحي

    منهنجا محبوب تون منهنجو ته مان تنهنجو غلامُ آهيان.
    اوهان ڏي موڪليندو سَوَ صلاتون ۽ سلامُ آهيان.

    اکين سان آڱريون پنهنجون دفعا ٽي چار چمندو آهيان
    جڏهن آذان ۾ ٻڌندو محمّدؐ تنهنجو نامُ آهيان.

    اکرڙا چاهه مان چونڊي سٽي سهڻيون سٽون ساريون
    ڪندو پوءِ پيش پروانن اڳيان پنهنجو ڪلامُ آهيان.

    سموري مُلڪ جا ماڻهو ثناگر ٿا سڏن تنهنجو
    ٻئي ڪنهن جي نه پر تنهنجي ڪندو تعريف جامُ آهيان.

    مَٽي ويا منهن گهڻا ماڻهون تنهنجي در کان مهيسرَ چئي
    مگر ماءُ پيءُ ٻچن سوڌو سڄڻ مان تنهنجي سامَ آهيان.


    پر هنئين ۾ هيڪڙو ; مولوي محمد يامين شورو

    هِت هزارين حسن وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.
    سئو سُجهن ٿا سونهن وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    سج ستارا قمر ڪتيون، ڪِيئن برابر ٿي بيهن؟
    نِج نوراني نظارا، پر هِنئين ۾ هڪڙو.

    سونهن تنهنجي سان سڄو سنسار پيو سينگارجي،
    حُسن ۾ ڪَئين هاڪَ وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    واهه واهه واکاڻ وائي، هت حسنين جي هلي،
    نِت نرالا نينهن نعرا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    منهن پَسان محبوب منور آهين عالَم آسرو،
    تاب تجلا طور وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    حُسنِ يوسف جي جهلڪ هڻندي نه توسان هامَ ڪا،
    تنهن اُهائو آشڪار، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    ڪُل مسيحي معجزا، يا موسوي جاني جهاد،
    لَحن دائودي دلارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    درد ”شوري“ جا دفع، جي دم اندر ديدار ٿئي،
    ميٽجن مون سور سارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.


    تو تي پڙهان سڪ مان سلام ; ذاڪر حسين کٽي

    منهنجا جاني، منهنجو آهين، قرة العين تون.
    منهنجا آقا، منهنجا سائين، سيّدة الثقلين تون.

    تنهنجي ثنا، ڪريان مدام، توتي پڙهان، سڪ مان سلام،
    تنهنجو گولو، مان غلام، مالڪ آهين، ڪونين تون.

    مالڪ مِٺو، منٺار تون، اَڙين اَجهو آڌار تون،
    مولا سندو، دلدار تون، محمدؐ مِٺو، مرسلين تون.

    محبوب مِٺا، ماهه لقا، سُڻ سوال تون، سيّد سچا،
    پيو پوڪاري، هي گدا، سائل سندي، سُڻ سَين تون.

    هيءَ حياتي، تو مٿان، گهوري ڇڏيان، مُرسل مِٺا،
    تنهنجي محبت، ۾ مران، ”ذاڪر“ جي دل جو چين تون.


    سهارو عبد جو هر دم ; عبدالوحيد سرهندي

    مُحَمّد مُصطفيٰ آهي، حَبيبِ ڪِبريا آهي.
    اُهوئي ابتدا آهي، اُهوئي انتها آهي.

    نه دُنيا هُئي نه عُقبيٰ هُئي، نه ئِي مَخلوق خَلقيل هُئي،
    مگر اوّل سَڀن کان ئِي رَسُولِ مُجتَبيٰ آهي.

    خُدا خَلقيو جَهانن کي رَسُولُ الله جي صَدقي،
    اُهوئي رَحمتِ عالَم اِمامُ الاَنبياء آهي.

    ذِڪِر اذڪارِ سَڀ فاني مُحمّد جو ذڪر باقي،
    سَبب هي ٿيو جو خود الله سندن ئي نعت خُوان آهي.

    صُبح سَانجهي سدائين سَڀ پڙهو صَلّوٰةّ سيّد تي،
    سڀن وِردن کان اَعليٰ هي وَظيفو بي بَها آهي.

    قَبر مَحشر ۽ دُنيا ۾ مَدد ڪنهن جي نه ٿي گُهرجي،
    سَهارو عبد جو هردم رسولِ دوجهان آهي.


    لحظه لحظه هن تي ; فيض بخشاپوري

    حاصل هر دوجهان عشق رسولﷺ،
    بندگي ڀي ورنه آ ڪار فضول.

    عاشق، احمد آ محبوبِ خدا،
    لحظه لحظه هن تي رحمت جو نزول.

    هو ارادو جو کڻان دوستِ دعا،
    مزده هاتف دعا ٿي وئي قبول.

    سرو قامت کان قيامت مضطرب،
    تابِ رخ کان مهرِ محشر آ ملول.

    جنت فردوس ڀي توکان سواءِ،
    ناقبول و ناقبول و ناقبول.

    آبروءِ عشق آهي سر ڏيڻ،
    برسرِ دار آهي مقصد جو حصول.

    بوجهل اُستادِ اهلِ علم آ،
    ٿي دبستانِ ڀي ويو شهرِ جهول.

    هو خدا آگاهه آهي خدا شناس،
    معتقدِ شيوهءِ ابنِ بطول.

    مون ڪيو ڪوتاهه پيچ و تاب سان،
    قصهءِ زلفِ دراز آ ”فيض“ طول.


    سُهائي اچي ڪئي ; فدا سنجراڻي

    ويو راهه حق جي سينگاري محمدﷺ.
    ۽ جڳ ۾ جيئڻ ويو سيکاري محمدﷺ.

    آ انسان عظمت جو قائل محمدﷺ،
    ٿو احساس اهڙو ڏياري محمدﷺ.

    جهالت جي جڏهين هئي رات ڪاري،
    سُهائي اچي ڪئي پياري محمدﷺ.

    سچائيءَ جي ٻيڙيءَ کي ٻُڏندي ڏٺائون،
    پُڄايو انهيءَ کي ڪناري محمدﷺ.

    زماني جي جابر ۽ ظالم سان هر - هر،
    وڙهڻ لاءِ همت ٿو ڏياري محمدﷺ.

    ڏکيو آ سفر ۽ ثمر ساڻ ناهي،
    ”فدا“ ٿيو شفا جي سهاري محمدﷺ.


    مٿان قربان مُرسل جي... ; ’شاد‘ جلباڻي

    نبي جي نُور جا دل تي اثر ٿيا کوڙ سارا هِن.
    اونداهي رات منهنجي جا سحر ٿيا کوڙ سارا هِن.

    اکين آڏو جڏهن منهنجي آيو روضو پرينءَ جو آ،
    عجب اسرار مون تي ۽ سحر ٿيا کوڙ سارا هِن.

    وئي هستي آ گم ٿي مون سدا هن شهر جانان ۾،
    مٿان قربان مُرسل جي جگر ٿيا کوڙ سارا هِن.

    اڙي مفلس نه گهٻرايو سدا سائين سخي آهي،
    اسان سان گڏ اوهان جا ڀي ثمر ٿيا کوڙ سارا هِن.

    غلامِ مصطفيٰ آهيان، غلامي ۾ مزو آهي،
    ڪرم جا مون مٿان اڪثر اَبر ٿيا کوڙ سارا هِن.

    اُداسي وئي مايوسي وئي ٿيو شاداب هر مومن،
    اچي گڏ ”شاد“ رحمت جا ڪڪر ٿيا کوڙ سارا هِن.


    جڳ ٻئي جَرڪي پيا... ; نماڻو صديق مهيسر

    مصطفيٰﷺ تنهنجي اچڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!
    نور جي بارش ٿيڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!

    جڳ ٻئي تنهنجي ڪري الله آهن خلقيا!
    ٻاجهه ۽ شفقت ڪرڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!

    تو اسان کي واٽ حق جي کان ڪيو واقف نبيﷺ!
    گگهه اونده جي وڃڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!

    روح هيڻن جو رنجائن پيا هي ڀٽڪيل آدمي!
    حق جي پڌري ٿيڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!

    آهي عيبن سان ڀريل تنهنجو ”نماڻو“ هي سڄو!
    سڪ منجهان نعتون لکڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!


    آخر عليھ للنبوة خاتم... منظوم ترجمو ; حضرت حسان بن ثابت/مترجم: محبوب سروري

    اهو جنهن تي چمڪي ٿي مهر نبوت،
    خدا طرفان ظاهر ۽ روشن شهادت.
    وٺي پنج ڀيرا ٿو هر روز ٻانگو،
    باسم خدا اسم فخر رسالت،
    خدا آهه محمود ۽ هي آ محمدصه،
    ڏنئين اُن کي هڪ جهڙي نالي سان نسبت،
    گهڻي وقتِ پُر خوف کان پوءِ آيو،
    جڏهن ٿي بُتن جي ڪئي وئي عبادت!
    چمڪ ڄڻڪ صقيل ڪيل تيغ هِندي،
    سراجُ منيراً، چراغِ هدايت.
    اسان کي ڏيڻ خوف دوزخ جو آيو،
    ۽ جنت جي آيو کڻي هو بشارت.
    ڏني جنهن آ تعليمِ اسلام اسان کي،
    بحمدِ خدا درسِ حق و صداقت.
    تون رب منهنجو، خالق، تون سائين سڀن جو،
    سڄي عمر ماڻهن ۾ ڏيندس شهادت.
    بلند تن جي اقوال کان آهين موليٰ!
    جي توکان سوا ڪَن ٻين جي عبادت.
    تون خالق، تون نعمت ڪندڙ تون ئي حاڪم،
    ڪيون تنهنجي ٻانهپ، گهرون ٿا هدايت.


    ٿيو رحمت سڄي عالم تي... ; الطاف لاکير

    مِٺي محبوب جو ساري خدائي تي قدم آهي،
    برابر سو سچو سردار ئي سڀ کان اُتم آهي.

    ڪئي قرآن ۾ ساراهه جنهن جي خود خدا آهي،
    ٿيو جنهن لاءِ پيدا هي جهان لوهه و قلم آهي.

    بظاهر پوش آدم جو مگر آ نور نوراني،
    آ رحمت واسطي هر هڪ جي ڇا عرب و عجم آهي.

    زمين کان آسمان تائين فقط نروار آ مُرسل،
    ٿيو رحمت سڄي عالم تي ئي خير الامم آهي.

    وري پيدا نه ٿيڻو آ ٻيو ثقلين جو صاحب،
    هجي ايمان گر ڪامل ته ڇا ديرو حرم آهي.

    ڏني آ ڏور جنهن کي خالق وَ اڪبر خدائي جي،
    سدا حامي اسان جو سو سڄڻ ئي دم بدم آهي.

    وڏو آ شان مدني جو اول آخر فقط ناهي،
    خدا جي نور جو مظهر اسان جو ئي صنم آهي.

    مليو ”الطاف“ آهي مصطفيٰ مُرسل سچو سرور،
    اهو اُمت مٿان ڪيڏو نه مالڪ جو ڪرم آهي.


    اي محبوب ماکيءَ کان مٺا! ; محبوب سروري

    شان ۾ توکان مٿي مُرسل مٺا ٻيو ڪير آ؟
    ها، اگر آهي ته بس آهي خدا، ٻيو ڪير آ؟

    تون ئي آهين درد مندن جي دوا، ٻيو ڪير آ؟
    پرت وارن جو پيارا پيشوا ٻيو ڪير آ؟

    زخم ڏيندڙن کي ڪري جيڪو دعا ٻيو ڪير آ؟
    صاحب جود و سخا مهرو وفا ٻيو ڪير آ؟

    دوستن جي دل کسيندڙ، دلربا ٻيو ڪير آ؟
    دشمنن جي مَن کي موهيندڙ مٺا ٻيو ڪير آ؟

    رهبرِ حق، چشمئه صدق و صفا ٻيو ڪير آ؟
    فخر عالم يا محمد مصطفيٰؐ ٻيو ڪير آ؟

    تنهنجو ثاني يا رسول مجتبيٰ ٻيو ڪير آ،
    خاتم پيغمبران خيرالوريٰ ٻيو ڪير آ؟

    ڀال ڀُليل تي ڪندڙ، اي ڀرجهلا ٻيو ڪير آ؟
    راهه رُليل جو رفيق ۽ رهنما ٻيو ڪير آ؟

    عيب دارن ۽ گنهگارن کي ڏئي جو دلبري،
    شافع روز جزا، مُشڪل ڪُشا ٻيو ڪير آ؟

    غمزده سڏڪا ڀريندڙ کي ڀَلا سرچائي ڪير؟
    دک ڀري دنيا جي دردن جي دوا ٻيو ڪير آ؟

    باعث تخليق عالم، ڪاشف اسرار حق،
    شافع محشر، شھ هر دو سرا ٻيو ڪير آ؟

    تون شھ ڪون و مڪان، تون رحمت للعالمين،
    فخر ڪن جنهن تي سدا ارض و سمان ٻيو ڪير آ؟

    مظهر نور خدا، آهين رسالت جو چراغ،
    منهنجا سائين، شمع بَزم انبيا ٻيو ڪير آ؟

    تون ئي آهين جنهن جي دامن ۾ اچي آهيان لڪو،
    منهنجو اي ”محبوب“! ماکيءَ کان مٺا! ٻيو ڪير آ؟


    شفيع المذنبين جي سام آهيون ; سيد سردار علي شاهه ”ذاڪر“

    هي ڪنهن جي ياد ڪنهن جي آرزو سڀ،
    گدائي ميڪده، ميخانه رُو سڀ.

    خمار انگيز ساقي جون ادائون،
    نچن ٿا روز پيمانا سبو سڀ.
    حسينانِ جهان سڀ هيچ آهن،
    شَھِ خوبان جي آڏو خوبرو سڀ.
    هي ڪنهن جي آجيان عرش برين تي؟
    فرشتا دست بسته، باوضو سڀ.
    ڪئي معبود سان جا عبد، سا هئي،
    گنهگارن جي حق ۾ گفتگو سڀ.
    جمالِ اولين جي جان، احمدصه،
    حقيقت سان حقيقت هوبهو سڀ.
    اسيرِ زلف جانان ساري دنيا،
    هُتي اهلِ سَما پابند مُو سڀ.
    شفيع المذنبين جي سام آهيون،
    انهي جي هٿ اسان جي آبرو سڀ.
    ڏسان ذاڪر مدينو زندگي ۾،
    پَسان رنگين نظارا روبرو سڀ.


    منور سارو جهان ٿي ويو ; عاشق هالائي

    ڏينهن رات تنهنجي آهي سدا تات، مصطفيٰﷺ.
    وائي اها ئي هر ڪنهن جي وات، مصطفيٰﷺ.

    توکان اڳي انڌيرن، هو جڳ کي گهيريو،
    اڄ روشنيءَ جي روشن آ رات، مصطفيٰﷺ.

    تنهنجي ئي دم سان منور سارو جهان ٿي ويو،
    آ نور جي وسي اڄ برسات، مصطفيٰﷺ.

    ناهي قلم زبان کي ڪو ساراهه جو سليقو،
    تنهنجي ذات آ بلاشڪ برڪات، مصطفيٰﷺ.

    نالي وٺڻ سان جنهن جي ملي روح کي سڪون ٿو،
    خود رب پڙهي ٿو توتي صلوات، مصطفيٰﷺ.

    ”عاشق“ کي پنهنجو روضو مبارڪ پسائيو،
    شب روز آهي جنهن کي فڪرات، مصطفيٰﷺ.


    اَڙين آڌار سڻ سڏڙا... ; عبد سنڌي

    اوهان جي آسري آهيان، سچا سردار سُڻ سڏڙا،
    مِٺا محبوب موليٰ جا، هينئين جا هار سُڻ سڏڙا.

    سوا تنهنجي نه ڪو ڀرجهل، نه ٿم ڪو آسرو ڪنهنجو،
    گناهن ۾ غرق آهيان، روئان پيو زار سُڻ سڏڙا.

    اوهان جي ئي شفاعت سان، مَدايون ميٽجي وينديون،
    ولهو آهيان وسيلو ٿي، مِڙن مهندار سُڻ سڏڙا.

    پيس مهراڻ جي منهن ۾، نه سيڻا سنڊ ڪو ساٿي،
    اُڪاري پار ڪر مون کي، اُڪارڻ هار سُڻ سڏڙا.

    دنيا جي حرس ۽ لالچ، ولين جيئن مون وڪوڙيو آ،
    ڪڍي ڪُن مان مون کي ڪرتون پيارا پار سُڻ سڏڙا.

    هتي سڀ ڪوڙ جا رشتا، ڇڏي هُت هيڪلو هلبو،
    جتي ڪم ڪونه ايندو ڪو، لَهج اُت سار سُڻ سڏڙا.

    پيو پَلَپل پُڪاريندس، علي احمد اُچاريندس،
    ڪميني تي ڪرم ڪر ڪو، اڙين آڌار سُڻ سڏڙا.

    نه مون انصاف جي گهُر آ، فضل جو ڪر مَٿم ڦيرو،
    اڀاڳي ’عبد سنڌيءَ‘ کي ٿيئي ديدار سُڻ سڏڙا.


    پرينءَ وٽ وڃي جي پهتا... ; محمد ٻارڻ

    ڏني ريت محمدؐ عجب انقلابي،
    غلامن کي جنهن آ، نوازي نوابي.

    بلاول جيان بخت، ٻي ڪنهن جو ٿيندو؟
    ملي جنهن کي محمدؐ وٽان ماهتابي.

    ٿيا چاڪ بيمارَ، جسماني ذهني،
    ڏسڻ ساڻ صورت، صحي صحتيابي.

    رهي برتري ناهي، رنگ و نسل جي،
    پرينءَ وٽ جي پهتا، سي بنيا اصحابي.

    ملي جوت ”ٻارڻ“ جهان کي حقيقي،
    ڪرم ٿيو قرب ٿيو، ملي ڪاميابي.


    تنهنجي پيرن جي پَڻي آهيان... ; مهرالنساءِ لاڙڪ

    پرين پيارا مديني جا ڌڻي، يثرب سندا سائين!
    تنهنجي پيرن جي آهيان مان پڻي، يثرب سندا سائين!

    عرب تي هو انڌارو ڪفر ۽ ظلم و جهالت جو،
    هٽايو تو اچي سو دين جو نعرو هڻي، يثرب سندا سائين!

    ٿيو تنهنجي هٿن تي ئي اچي هي دين مڪمل آ،
    ويو واحد تنهنجو نالو وڻي، يثرب سندا سائين!

    مان تنهنجي نوڪرن جي نانءِ تان ڀي گهور ڪيان خود کي،
    رهڻ ڏي مون کي تون پيرن پڻي، يثرب سندا سائين!

    گنهگارن جون ٿينديون بخششون جنهن وقت او جانب!
    ٿجان محشر ۾ منهنجو ڀي ڌڻي، يثرب سندا سائين!

    سدائين ٻاجهه پنهنجيءَ ۾ ئي رکجان ٻاجهه وارا تون،
    ”مهر“ تي ڪر عنايت تون کڻي، يثرب سندا سائين!


    سندس شان جي هيءَ ابتدا... ; عبد مگسي

    زبان ناقص تي اڄ ”صل عليٰ“ ناهي ته ٻيو ڇاهي.
    محمد شافع هردو سرا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    مقدس نور جنهن جي سان ٿيو عالم سڄو روشن،
    اهو شمس الضحيٰ، نورالهديٰ، ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    محمدصه جي اچڻ سان دين مولا جو مڪمل ٿيو،
    رسول الله، ختم الانبيا، ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    خدا جي هي خدائي آ، خدا خود آ محمدصه جو،
    خدا کان پو محمد مصطفيٰصه، ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    ملائڪ، حورون ۽ غلامن ٿيا مشتاق مُرسل تي،
    سچو سرور، مٺو ماهه لقا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    فقط هڪ رات ۾ مدني ڪيو آ سير سُبحاني،
    سندس ئي شان جي هي ابتدا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    محمد مصطفيٰصه، خيرالوريٰ جي ذات بابرڪت،
    قيامت ڏينهن اُمت لئه، شفا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    اسان جو بخت بالا آ، جو آهيون اُمتي اُن جا،
    ڀلا مون ”عبد“ تي اُن جي عطا ناهي ته ٻيو ڇاهي.


    ويڙهجي ويا تڏا انڌي دستور جا... ; خطائي ٿيٻو

    ويڙهجي ويا تڏا انڌي دستور جا،
    روشنين پر چميا پاڪ تر نور جا.

    اُڀ ڌرتيءَ جي چپڙن تي آهن ٻُريا،
    گيت محبت جي هڪڙي ئي منشور جا.

    چنڊ تارا به مشتاق ٿيو ٿا گهمن،
    دل کي گهائي ڇڏيندڙ مٺيءَ گهور جا.

    جهلڪ ٿوري لٿي هڪ لياڪي منجهان،
    ڇوتا ڇوتا ٿيا سڀ پٿر طور جا.

    رحمتن جهولڙيون دل ”خطائي“ ڀريون،
    چاڪ ٿي چاڪ ويا سڀئي مهجور جا.


    نبين جو ته شهنشاهه ... ; غلام نبي ناشاد

    هيڻن جو همراهه، محمد مصطفيٰﷺ آهي.
    عاشقن جو ساه، محمد مصطفيٰﷺ آهي.

    درد وارن جو درد دور ڪري ٿو،
    ڀٽڪلين جو ماهه، محمد مصطفيٰﷺ آهي.

    رتبو سندس اعليٰ مقام تي آهي،
    نبين جو ته شهنشاهه، محمد مصطفيٰﷺ آهي.

    درود صلواتن پڙهڻ سان سڪون ملي ٿو،
    ”ناشاد“ جو ته چاهه، محمد مصطفيٰ آهي.


    هر گهڙي ”صلي عليٰ“ جهونگاري ; جوهر بروهي

    چاهه چمڪيو چؤطرف ٿي روشني ئي روشني.
    ها مديني جي ڳلين تان گهورجي، هي زندگي.

    رحمتن جي اوٽ ۾ وِک وِک تي بَرسن شفقتون،
    نعت مدني مصطفيٰ جي ڳائي ٿي هر هڪ صدي.

    وصف جي تڪميل آ ”اِنڪَ عليٰ خلق عظيم“،
    لفظ ڳولي ڳولي ٿڪبي، شاعرنجي شاعري.

    گنبذ خضرا جي بيهڪ، جڳ کي موهي ٿي وجهي،
    ماڻهپي جي آڏو آهي، ڄڻ ته روشن دَرسني.

    جنهن جو هر هڪ لفظ آهي، وحي ڪامل دوستو،
    ختم ٿي اُن تي نبوت، ان جي ڪامل دلبري.

    هر گهڙي ”صَلِ عليٰ“ جهونگارجي ”جوهر“ هتي،
    ان اثر کان ذهن تي طاري رهي ٿي بيخودي.


    هُن جي اُلفت کانسواءِ... ; سيد گل محمد شاهه گل بخاري

    جنهن جي در تي حاضري خاطر ملائڪ ٿا اچن،
    شال ان جي در اڳيان مون جهڙا عاجز ڀي رهن.

    جنهن جي در روح القدس ٿي با ادب حاضر ٿيو،
    تنهن جي در تي رب ڪري منهنجو جنازو شل پڙهن.

    دل گهري ٿي شال مرسل جي محبت ۾ مران،
    جيئن ملائڪ مون کي هن جي عاشقن اندر ڳڻن.

    حال آهر دل نڀائي ٿي نبيءَ جي ذڪر سان،
    دل جا جذبا ٿا اکين مان وڏ ڦڙي وانگر وسن.

    هُن جي الفت کان سواءِ هر بندگي بيڪار آ،
    جن کي شڪ آهي اهي کولي حديثن کي پڙهن.

    سوز سڪ مان جي صلاتون ٿا محمدﷺ تي پڙهن،
    پاڪ پرور جو قسم آ غم انهن جا ٿا لهن.

    هن جو هر ڪردار اعليٰ هن جي اعليٰ گفتگو،
    هن جي اعليٰ شان کي انسان ڇا سمجهي سگهن.

    عاشقن جا قافلا ڪيئي مديني ٿا وڃن،
    ڪاش! مون مسڪين کي ڀي پاڻ سان ورتيون وڃن.

    هن جو دنيا جي شهنشاهن کان وڌ آ مرتبو،
    هن جي در دنيا جا حاڪم عاجزي سان ٿا وڃن.

    حسن ۾ هن حسن واري جو نه ثاني ڪو سُجهي،
    حسن وارا هن جي آڏو ساهه ٿا قربان ڪن.

    ”گل بخاري“ زندگي ڀر شل لکي نعتِ نبي،
    هن جي ميت تي وري شل نعت خوان نعتون پڙهن.


    مٺڙو تون منهنجو نبيﷺ ; امداد سروري

    يا نبيﷺ شاههِ حرم، ڪيو ڪا نظر ڪرم،
    اِها ئي آس اٿم، وڃي صلوات سان دم.

    آهين رحمت جو ڌڻي، اوهان جي گهرج گهڻي،
    تنهنجي پيرن جي پَڻي، آهي ڄڻا ابرِ ڪرم.

    اوهان جو نائن مٺو، مٺو مٺڙن کان مٺو،
    اوهان کي جن به ڏٺو، وڌي چَميائون قدم.

    آهين محبوب خدا، اوهان جي هٿ ۾ شفا،
    گهُرو اُمت لاءِ دعا، لهن سڀ درد الم.

    مان گنهگار آهيان، بس شرمسار آهيان،
    بندو بيڪار آهيان، رکجائن تون لڄ ڀرم.

    منهنجي دردن جي دوا، ڪندو ٻيو ڪير ڀلا،
    پڙهان ٿو صلي عليٰ، مون کي گهرجي ٿو ڪرم.

    عربي احسان کپي، دين ايمان کپي،
    مٺرو تنهنجو نانءُ کپي، ٿين سڀ درد ختم.

    دنيا ۾ ڪجهه نه مليو، مليو غم درد مليو،
    چين مسجد ۾ مليو، سروري شڪر ڪيم.

    چوي ”امداد علي“ مٺڙو تون منهنجو نبيﷺ،
    توکان پوءِ منهنجو عليعه، خدا جو آهي قسم.


    ناهي ته ٻيو ڇاهي ; اسحاق راهي

    محمد مصطفي نور، خدا ناهي ته ٻيو ڇاهي،
    سراپا دلربا حسن، رضا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    هجومِ بُت پرستي ۾ به سجدو حق پرستي جو،
    سرِ مقتل رهڻ زنده بقا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    خدا جي ڪاروان لئه نيٺ مير ڪاروان پهتو،
    حبيب ڪبريا منزل رسا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    ٽپي پيو عظمت يزدان جي خاطر ڪارزارن ۾،
    رضاءِ يار تان هردم فدا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    بلندي کان بلندي آ ملي انسانيت کي وئي،
    دل مغموم جو هو دلربا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    وڏي اونداهين عالم ۾ طلوع ٿيو آفتاب آهي،
    دل عالم جي لئه احمد ضيا ناهي ته ٻيو ڇاهي.

    مقام انتها ”راهي“ مليو محبوبِ عالم کي،
    خدا کانپوءِ محمد مصطفيٰ ناهي ته ٻيو ڇاهي.


    لهي ويا زنگ زمانن تان... ; عبدالمجيد جمالي

    دنيا تي ٻاٽ اوندهه ٻي، جهالت جنگ هئي جاري
    شهر هئا شِرڪ جا اڏيل، ڪفر جا ڪوٽ هئا ڀاري.

    ادب اخلاق اڻلڀ هو، جهَڪو هو عِلم انسانيت
    انا جي ڪاڻ جيئري ئي دفن ٿيندي هئي ناري.

    نه هئي ڪا تات توحيدي، رڳا هئي *لات جي لولي
    مٿا ٽيڪي *مناتن کي، پِنندا پيا هئا پوڄاري.

    مڪي جي پاڪ ڌرتي تي، مُڪو نورالهديٰ مولا
    لهي ويا زنگ زمانن تان، ويئي عالم تان انڌاري.
    ڏنو تنهن درس دنيا کي خدا جي ذات يڪتا آ
    ٿيا ’سبحان‘ کي سجدا، بُتن کان ٿي ويئي بيزاري.

    وري ٿي ’وحده‘ وائي، پَٽيو تنهن شرڪ پاڙن کان
    پٿر سارا پڻي ٿي ويا، بُتن ۾ پئي بيماري.

    ٿيو اعلان آفاقي، ڪفر ڀي ڪنڌ کنيو ٻيهر
    مِڙيا ڪَئين مرحبي لشڪر جي هئا اسلام کان عاري.

    محمد مصطفيٰﷺ آڏو هزارين حاسدي آيا
    خدا خيرالبشر سامهون، ڪيا نبود ڪُل ناري.

    سچو قانون نافذ ٿيو، امن ٿيو ساري عالم ۾
    حڪم هليا حقيقت جا، لَٿي انسان آزاري.

    ”مجيد“ جهڙن گنهگارن رکي آ آس ”احمدصه“ ۾
    وڏي ڏينهن واهُرو ٿيندو، ڪندو پيو پاڻ پوئيواري.

    ============================================
    * لات: هڪ بُت جو نالو
    * مناتن: هي به هڪ بُت جو نالو هو، لات ۽ منات مُشرڪين مڪه جي وڏن بُتن مان هئا


    ضرورت نه توکي ڪا مدح و ثنا جي... ; شهباز علي ملازم سروري

    ضرورت نه توکي ڪا مدح و ثنا جي،
    گهڻي گهرج مون کي آ تنهنجي عطا جي.

    دوائن کان دل هاڻي بيزار آهي،
    مٺا مون تي شفقت ڪريو ڪا شفا جي.

    سلاطين سردار سائل سڀيئي،
    تو اول حمايت ڪئي نارسا جي.

    سوا تنهنجي دنيا جا خالي سهارا،
    ٻي ڪير ٿو اڄ صدا بي نوا جي.

    تون مختار موليٰ جو محبوب آهين،
    جو تنهنجو ارادو سا مرضي خدا جي.

    عجب عيد اڄ عرش وارن ملهائي،
    ولادت ٻڌي سرورِ انبيا جي.

    ڀڳا بُت ۽ آتش ڪده سرد ٿي ويا،
    اها مختصر ڳالهه معجز نما جي.

    ٽُٽو زور ظلمت جو ٿي روشنائي،
    نمودار نعمت ٿي نورالهدا جي.


    بخشش جو بادل اچي ويو ; محسن شاهه

    مُبارڪ مُبارڪ جو مُرسل اَچي ويو.
    خُدا پَاڪ جو نُور نِرمل اَچي ويو.

    پَکِي پِيا پَڙهن سِڪَ کان صَلّو عَليٰ،
    ته باغِ مَدِيني جو بُلبُل اَچي ويو.

    گهوريو گهوٽَ تان گَنج گوهر گُلابَ،
    جو طهٰ ڌڻي با تَجَمّل اَچي ويو.

    وَسائي رَعيت تي رَحمت جا مِينهن،
    ڀَلائي ۽ بخشش جو بَادل اَچي ويو.

    مَلَڪَ ٿا فَلَڪ تي چَوَن مَرحبا،
    شِفَاعَت ڌڻي شمس شامل اَچي ويو.

    ڀَري جهولي موتين سان ”مُحسن شاهه“ جِي،
    سَخا جي سمنڊ وَٽ هي سَائِلَ اَچي ويو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345401
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142635
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ