ڪتاب جو نالو: جڏهن تون کِلين ٿي
مصنف: نزار قاباني / اختر حفيظ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 565 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 403 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “جڏهن تون کلين ٿي” جديد عربي ادب جي شاعر نزار قاباني جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو آهي، هي ترجمو نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • پيار جي ڀيٽ
  • روشني بتيءَ کان وڌيڪ اهم آهي
  • جڏهن آئون توکي چمي ڏيان ٿو
  • ڄم جي تاريخ
  • اهو ڪافي ناهي
  • خواهش
  • اونهاري ۾
  • پيار
  • جڏهن ڪو توکي ملي
  • آئون ڄاڻان ٿو
  • محبت جو اثر
  • وقت گذرڻ سان
  • جڏهن آئون پيار ڪريان ٿو
  • سمنڊ مان خط
  • جڏهن توسان پيار ڪيم
  • مونکي هڪ موقعو ڏي
  • نئون لفظ
  • تنهنجون اکيون
  • نئين صورتخطي
  • عجيب دنيا
  • تنهنجو عڪس
  • پيار جي ساک
  • قسمت
  • جنهن سان پيار ڪريان ٿو
  • هوا جي معذرت
  • پهرين ملاقات
  • تاريخ
  • منهنجي ڄمار اهم ناهي
  • محبت ۽ پاڻي
  • ماٺ
  • نئين ٻولي
  • پيار جي سڳنڌ
  • بهار
  • ماکي جا ڦڙا
  • آئون به چريو هئس
  • تنهنجي جدائي
  • آخري خط
  • شهر جي ڳولا
  • تون مون کي حيران ٿي ڪرين
  • پهرين شام
  • آئون پاڻ رقص هئس
  • انگور جي وَل
  • منهنجي بادشاهي
  • پيار ڇا آهي؟
  • مون کي نفرت آهي
  • پيار جي طاقت
  • ڀنل چهرو
  • ڏک جو رزميو
  • زوال جو دور
  • معافي
  • منهنجي صفائي ڪوبه ٻڌڻ نٿو چاهي
  • مينهن ۽ اڪيلائي
  • جنون
  • بي لباس
  • *بلقيس جي نالي هڪ نظم
  • سُلطان
  • نئون نسل
  • منهنجا وطن
  • اسان جا روح
  • جنگ
  • اسان جا دشمن
  • اسين ماڻهو
  • الزام
  • ٻڌي
  • اسان جو الميو
  • ڪڏهن سمجهندين
  • اسان جي اميد
  • تصوير ۾ سبق

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ٽيانوي (93) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “جڏهن تون کلين ٿي” جديد عربي ادب جي شاعر نزار قاباني جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو آهي، هي ترجمو نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ ڪيو آهي.

    اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست سارنگ چانڊيي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ لک قرب محترم اختر حفيظ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com


    ارپنا

    محبتن جي نان


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    شاعر دنيا جا اُهي تخليقڪار آهن جن پنهنجي ڪلام وسيلي ادب ۽ دنيا کي سونهن بخشي آهي.جيڪڏهن غلامن دنيا جي مختلف تهذيبن کي عمارتن جي شڪل ۾ سُونهن بخشي آهي ته شاعرن وري پنهنجي نظمن ۽ گيتن وسيلي هن دنيا کي حَسين بڻايو آهي.انگريزي ادب جو جڳ مشهور شاعر شيلي پنهنجي ڪتاب A Defence of Poetry ۾ لکي ٿو ته Poetry is a mirror which makes beautiful that which is distorted ( شاعري هڪ آئينو آهي اُها انهي شيءِ کي سهڻو ڪري ٿي جيڪا بدصورت آهي). دنيا جي هر ادب ۾ اعلى پايي جا شاعر موجود آهن.جديد عربي ادب ۾ نزار قاباني شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو سموري دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. هُو پنهنجي اعلى شاعريءَ جي ڪري نه فقط پوري عرب ۾ پر سڄي دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جتي مزاحمتي پاسو شاندار آهي، اتي سندس رومانوي پاسو اڃا به وڌيڪ وزندار آهي. شام ڄائو هي شاعر پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو لنڊن ۾ رهيو پر هن اتي ويهي به جيڪي نظم لکيا اهي اڄ به ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي راڄ ڪن ٿا.هن کي جديد عربي ادب جو عظيم رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر سمجهيو ٿو وڃي.هُو سموري حياتي عورتن جي حقن جو علمبردار رهيو ۽ هن تي فيمينسٽ هجڻ جا الزام به لڳندا رهيا پر انهن سڀني شين کان بي پرواهه ٿي هُو پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي هڪ اعلى مقام ڏيندو رهيو.

    هن جو ڪتاب (Childhood of a Breast ) جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو ته هٿو هٿ وڪامي ويو، ۽ پوءِ ٻيا ايندڙ ڪتاب سندس سڃاڻپ جو ذريعو ٿيندا ويا. جن ۾ (Book of Love) تمام گهڻو مشهور ٿيو.نزار قاباني21 مارچ 1923ع تي دمشق ۾ ڄائو.نزار پنهنجي ڇهن ڀيڻ ڀائرن مان ٻئين نمبر تي هو ۽ بقول نزار جي ته “اسان جي گهراڻي ۾ عشق جي بيماري گهڻي عام هئي،اسان لاءِ محبت ايتري ئي فطري هئي جيتري صوف جي لاءِ مٺاڻ هوندي آهي.گهر جو هر ڀاتي ٻه سهڻيون اکيون ڏسي ئي پيار ۾ ٻڏي پوندو هو.” قاباني جي شاعريءَ واري لاڙي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۾ سندس ڀيڻ پاران آپگهات ڪرڻ وارو واقعو هو. جيڪو هن پيار جي شادي نه ٿيڻ جي ڪري ڪيو هو ۽ انهي واقعي هن جي زندگيءَ تي تمام گهرو اثر ڪيو ۽ بقول نزار قاباني جي ته سندس ڀيڻ جو آپگهات به هن کي شاعري ڏانهن راغب ڪرڻ جو سبب هو.جنهن لاءِ هن چيو ته “منهنجي ڀيڻ جي خودڪشي ڄڻ ته منهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڇڏي آهي.”انهي کان پوءِ ئي هن فيصلو ڪيو ته سندس ڀيڻ جو موت سماج ۾ موجود سماجي حالتن جي ڪري ٿيو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو انقلابي آهي ته هن چيو”عرب دنيا ۾ پيار هڪ قيدي آهي ۽ آئون انهي کي آزاد ڪرڻ گهران ٿو،آئون عرب روح ،حواس ۽ انهي جي جسم کي پنهنجي شاعريءَ سان آزاد ڪرڻ چاهيان ٿو،اسان جي سماج ۾ عورت ۽ مرد جي لاڳاپن کي بهتر نٿو سمجهيو وڃي.”انهي کانپوءِ هو عورت کي وڌيڪ آزاد ۽ خود مختيار ڏسڻ لاءِ قائل ٿيو.هن جي شاعريءَ جو محور پيار سان گڏوگڏ عورت به آهي.هن جي جواني واري ڏينهن ۾ شام ۾ فرانس خلاف هڪ مزاحمتي تحريڪ هلي رهي هئي ۽ انهي وقت جتان ڪٿان انقلاب،آزادي،هڙتالن ۽ مظاهرن لاءِ سڏ ٿي رهيا هئا. انهي دور ۾ نزار قاباني جو گهر سياسي گڏجاڻين لاءِ ڳجهي جاءِ هوندو هو جتي سياسي اڳواڻ ايندا هئا ۽ سياسي حڪمت عملي تيار ٿيندي هئي.

    جڏهن هن پنهنجي وڪالت واري تعليم پوري ڪئي ته انهي ڪرت سان نه لڳو پر هن رومانوي شاعري لکڻ شروع ڪري ڏني ۽ 1945ع کان 1966ع تائين هن تمام گهڻي رومانوي شاعري لکي انهي دوران هو قائره،انقره،لنڊن،ميدرد،بيجنگ ۽ بيروت ۾ هڪ سفارتڪار جي حيثيت سان نوڪري ڪندو رهيو.

    هن جي شاعريءَ جو محورگهڻي ڀاڱي عورت ئي رهي ۽ جيڪا تصوير عورت جي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاري آهي،انهي کان پهرين ڪنهن عرب شاعر ائين پيش نه ڪئي هئي.شايد اهو ئي سبب هو جو هُو جيترو عورتن ۾ مقبول هو اوترو ئي اتان جي مذهبي ۽ رجعت پسند ٽولن جي نفرتن جو نشانو ٿيندو رهيو.پر هو انهن جي پرواهه ڪرڻ بنا ئي شعر لکندو رهيو جن کيس شهرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو.

    تون اڃا به مون کان ڄم جي تاريخ پڇين ٿي
    لک !جيڪا توکي معلوم ناهي
    جنهن ڏينهن تو مون سان پيار جو اظهارڪيوآهي
    اهو ئي منهنجي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    نزار قاباني هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو پنهنجي دور ۾ موجود تصورن ۽ خيالن کان تمام گهڻو اڳتي آهي ۽ اهو ئي هن جي مقبوليت جو سبب پڻ آهي.هن جڏهن عورت جي محبت کي پنهنجن نظمن وسيلي هڪ نئين انداز سان بيان ڪيو ته انهن خيالن ماڻهن جي جذبن کي ڇُهي ورتو.هن پهريون ڪتاب ايڪويهه سالن جي ڄمار ۾ لکيو جڏهن اهو ڇپجي پڌرو ٿيو ته اهو جهنگ جي باهه وانگر پکڙي ويو،ڇاڪاڻ ته انهي ڪتاب ۾ هن اهڙا نظم لکيا جيڪي نوجوانن جي امنگن واٽان هئا.انهن ڏينهن ۾ شاگرد هن جا نظم پڙهڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا ۽ انهن جا نوٽ بُڪ نزار جي نظمن سان ڀريل هوندا هئا.هن جا نظم دمشق جي هر ڪلاس روم جي بليڪ بورڊ تي نظر اچڻ لڳا هئا.هن جيڪي نظم انهي ڪتاب ۾ ڏنا هئا اهي ايتري ته سادي ٻوليءَ ۾ هئا جو انهي کي سمجهڻ لاءِ ٻوليءَ جي ماهر هجڻ جي ضرورت ڪونه هئي.

    قاباني پنهنجي شاعريءَ وسيلي شاعراڻي ٻولي کي روزمراهه جي زندگيءَ جي ويجهو وٺي آيو.انهيءَ باري ۾ شاعره سلمى جايوسي چوي ٿي ته “ قاباني ڪنهن ٻئي همعصر عرب شاعر کان وڌيڪ ٻوليءَ کي همعصر دور جي ٻوليءَ سان ڳنڍي ڇڏيو.اهو ئي سبب آهي جو هن جي جنس ،سياسي ۽ مزاحمتي شاعريءَ ۾ عام ٻولي نظر اچي ٿي.”ناليوارو نقاد احسان عباس چوي ٿو ته “نزار قاباني ۽ صلاح عبدالصبور جي شاعريءَ کان اڳ عرب دنيا ۾ پيار وارو موضوع ايڏو آزاد نه هو.انهن ٻن شاعرن کان اڳ پيار جو موضوع عربي شاعريءَ ۾ ٻين موضوعن سان گڏيل هو.قاباني انهي موضوع کي بلڪل به الڳ ڪري ڏيکاريو ۽ هڪ الڳ ڏسا فراهم ڪئي ۽ انهي ڪري کيس محبت جو شاعر چيو وڃي ٿو.”

    هن جو مشهور نظم “ماني،حشيش ۽ چنڊ” 1954ع ۾ ڇپيو جيڪو سندس سياسي نظم هو.انهيءَ نظم عرب سماج جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا.جنهن ۾ هڪ تڪڙي تبديليءَ جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ انهيءَ ۾ هن ماڻهن جي غربت،وهمن ۽ جهالت کي ڏيکاريو آهي.جڏهن اهو نظم شايع ٿيو ته شام جي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيو۽ پارليامينٽ جي ميمبرن اها گُهر ڪئي ته انهي نظم جي شاعر کي پرڏيهي نوڪري مان ڪڍيو وڃي (نزار هڪ سفارتڪارهو) هڪ ٻيو نظم “عرب شڪست جو ڪتاب “ جي نالي سان هن لکيو جيڪو هن 1967ع جي عربن جي شڪست تي لکيو,جنهن ۾ عرب سياست،نفسيات ۽ انهن جي غلطين تي شديد تنقيد هئي.جنهن جي ڪري کاٻي ۽ ساڄي ڌر هن جي خلاف ٿي ويون.هُو جڏهن نظم پڙهندو هو ته هن کي ٻڌڻ لاءِ ڏهه ڏهه هزار ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ اهي ئي نظم شهرن جي ديوارن تي نظر ايندا هئا.

    سندس هڪ نظم “تصوير ۾ سبق” جنهن ۾ هن هڪ اهڙي ٻار جي خواهشن کي بيان ڪيو آهي، جيڪو پيءُ کان مختلف خواهشون ڪري ٿو ۽ هُو اهي پوريون نٿو ڪري سگهي.

    “پر بابا هي ته زندان آهي
    توهانکي خبر ناهي ته پکي ڪيئن ٺاهبو آهي”
    “پٽ مونکي معاف ڪجانءِ مون کان پکين جي
    صورت وسري وئي آهي”

    جيتوڻيڪ هن جي شاعري گهڻي ڀاڱي رومانوي آهي پر تنهن هوندي به هن جو دنيا جي مظلوم ماڻهن ۽ عرب دنيا سان گهرو رشتو آهي ۽ هن انهن جو آواز بڻجي پنهنجي شاعريءَ ۾ دنيا جي مظلوم ماڻهن سان رشتو قائم رکيو آهي.رسول حمزاتوف شاعرن کي باهه جو رکوالو سڏيو آهي پر نزار قاباني اهو شاعر آهي جنهن جي مزاحمتي شاعري انهن ماڻهن جي حفاظت ڪري ٿي،انهن کي اهو جوش ۽ ولولو فراهم ڪري ٿي جيڪي مسلسل جبر ۽ ڏاڍ خلاف وڙهندا رهن ٿا.انهن حاڪمن خلاف جن جي ڪن تي مظلوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم تي ڪا به جونءِ نٿي سُري انهي ڪري هن جڳ مشهور نظم “سُلطان” لکيو هو.

    اي منهنجا مالڪ سُلطان!
    تو ٻه دفعا جنگ انهي ڪري هارائي
    ڇاڪاڻ ته تُنهنجَي اڌ
    عوام کي زبان ئي ناهي

    هن جي نظمن جو اهم موضوع جنس به رهيو پر هن جنس کي تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن جي سموري شاعريءَ ۾ جنس جو عنصر گهڻي ڀاڱي موجود آهي پر انهي جي باوجود به هو مردن کان وڌيڪ عورتن ۾ مقبول رهيو آهي.جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ ۾ انهي موضوع تي لکڻ خلاف ڪافي تنقيد ٿيندي رهي پر هن انهيءَ ۾ عورت جي انهن حُسناڪين ۽ خوبصورتين کي پيش ڪيو آهي جنهن کي فقط نزار جهڙو شاعر ئي ڏسي ٿي سگهيو.قاباني پنهنجي شاعريءَ ۾ عورتن کي پيش ايندڙ نفسياتي ۽ سماجي مسئلن جي به نشاندهي ڪئي آهي،جن ۾ هن عورتن سان ٿيندڙ مونجهارن جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڪيئن عرب سماج جي عورت هڪ گُهٽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ساهه کڻي رهي آهي.قاباني عورت ۾ هڪ انقلاب ڏٺو ۽ اهو مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ آزاديءَ جو وسيلو هو.هُو چوندو هو ته” جيستائين اسين عورت کي هڪ جنسي شيءِ سمجهڻ نه ڇڏينداسين تيستائين ڪا به آزادي نه ملندي جنسي ڏاڍ عرب دنيا ۾ وڏو مسئلو آهي” هو چوندو هو ته مون پنهنجي بستري مان نڪري کليل فضا ۾ پيار جا نظم وڻن هيٺان پبلڪ پارڪن ۾ لکيا ته جيئن عرب عورت جي جسم کي لڳل ڳُجهو مارشل لا ختم ٿئي.اهوئي سبب هو جو هن جا ڪتاب عورتن جي بيڊ رومن ۽ نوجوانن جي هٿن ۾ ملندا هئا.يروشلم جي شهر سان عشق ڪندڙ هن شاعر جا نظم نه فقط دنيا جي سمورن محبت ڪندڙن لاءِ آهن پر سندس محبوبا بلقيس الراوي لاءِ به آهن جيڪا هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي وئي هئي. جنهن لاءِ هن هڪ نظم ۾ لکيو:

    مون کي هميشه لڳندو هو ته هوءَ هلي ويندي
    هن جي اکين تي ساحلن جي وڇوڙي جهڙا منظر هوندا هئا
    هوءَ ائين ڇپر کڻندي هئي جيئن هوائي جهازاڏام ڀريندا آهن

    نزار هونئن ته دنيا ۾ تمام گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۾سندس نظمن کي ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي،مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته نزار جا ڪجهه ٻيا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب هٿ اچن پر اهي نه ملي سگهيا.هن ڪتاب ۾ جيڪي به نظم شامل ڪيا ويا آهن اهي انگريزي مان ترجما ڪيا ويا آهن.جيڪي مون انٽرنيٽ ۽ ڪجهه ٻين ذريعن سان حاصل ڪيا آهن.منهنجي پاران ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ کي انگريزي مان ترجمو ڪرڻ جي هي پهرين ڪوشش آهي،جڏهن مون هن جو هڪ مختصر نظم پڙهيو ته مون کي شوق ٿيو ههڙي ڀلوڙ شاعر کي ضرور سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ۽ هن جي شاعريءَ جي ڳولا ۾ لڳي ويس ۽ نيٺ هن جي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪتابي شڪل ڏنم.
    عربي ادب جو هي شاعر 30 اپريل 1998ع ۾ گذاري ويو پر هن جا نظم اڄ به سموري دنيا جي ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي نقش ٿيل آهن ڇاڪاڻ ته جيڪي خيال ۽ تصور هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيا آهن، انهن کي قيد ڪري ڪنهن هڪ خطي تائين محدود نٿو ڪري سگهجي پر اهي هُن سموري جهان لاءِ اُڻيا آهن ۽ اِهي تيستائين جيئرا رهندا جيستائين هن جا نظم دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو پڙهندا رهندا.

    اختر حفيظ- حيدرآباد
    08-06-2010
    akhtar2117@yahoo.com
    Cell: 03345437521


    پيار جي ڀيٽ

    منهنجي پياري!
    آئون تنهنجي ٻين عاشقن جهڙو ناهيان
    جيڪڏهن ڪو ٻيو توکي ڪڪر ڏئي ٿو
    ته آئون توکي برسات ڏيندس
    جيڪڏهن اُهو توکي بتي ڏئي ٿو
    ته آئون توکي چنڊ ڏيندس
    جيڪڏهن هو توکي ٽاري ڏيندو
    ته آئون توکي وڻ ڏيندس
    ۽ جيڪڏهن اڃا ڪو ٻيو توکي ٻيڙي ٿو ڏئي
    ته آئون توکي مسافت ڏيندس


    روشني بتيءَ کان وڌيڪ اهم آهي

    روشني بتيءَ کان وڌيڪ اهم آهي
    نظم جي اهميت نوٽ بُڪ کان وڌيڪ آهي
    ۽ چُمي چپن کان وڌيڪ اهم آهي
    منهنجا خط جيڪي تو وٽ آهن
    اُهي اسان ٻنهي کان به وڌيڪ اهم آهن
    ڇو ته اُهي اهڙا دستاويز آهن
    جن ۾ ماڻهو تنهنجي سونهن ۽
    منهنجي ديوانگيءَ کي ڳولي لهندا


    جڏهن آئون توکي چمي ڏيان ٿو

    جنهن وقت آئون
    توکي طويل جدائي کانپوءِ
    چمي ڏيندو آهيان ته
    ايئن لڳندو آهي
    ڄڻ آئون تڪڙ ۾ پيار ڀريو خط
    ڳاڙهي ليٽر باڪس ۾
    وجهي رهيو هجان!


    ڄم جي تاريخ

    تون اڃا به مون کان ڄم جي تاريخ پڇين ٿي
    لک !جيڪا توکي معلوم ناهي
    جنهن ڏينهن تو مون سان پيار جو اظهارڪيو
    اهو ئي منهنجي پيدائش جو ڏينهن آهي


    اهو ڪافي ناهي

    اهو ڪافي ناهي ته
    تون پيدا ئي خوبصورت ٿي هئينءَ
    توکي وڌيڪ حَسين ٿيڻ لاءِ
    هڪ ڏينهن منهنجي ٻانهن مان گذرڻو هو


    خواهش

    جيڪڏهن ڪو جن بوتل مان
    نڪري اچي ۽ چوي:
    “ڇا حڪم آهي منهنجا آقا!
    توهان وٽ هڪ منٽ آهي
    توهان دنيا جا اَٰملهه زمرد گهري سگهو ٿا”
    ته آئون فقط تنهنجون اکيون گهرندس


    اونهاري ۾

    اونهاري ۾ آئون
    سمنڊ ڪناري ليٽي پيس
    ۽ تنهنجي باري ۾ سوچيم
    جيڪڏهن آئون سمنڊ کي
    ٻڌايان ها ته تنهنجي
    باري ۾ ڇا ٿو سوچيان
    ته اهو پنهنجو ڪنارو، سِپون
    ۽ مڇيون ڇڏي
    منهنجي پٺيان لڳي پوي ها


    پيار

    هو منهنجي باري ۾ جيڪي ڪجهه چون ٿا
    اهو سڀ ڪجهه سچ آهي
    اهو سڀ ڪجهه جيڪو منهنجي شهرت بڻيل آهي
    عورتن سان منهنجي پيار جا قصا صحيح آهن
    پر هو نٿا ڄاڻن ته تنهنجي پيار ۾
    مون يسوع وانگر رت ڳاڙيو آهي


    جڏهن ڪو توکي ملي

    جڏهن توکي ڪو اهڙو ماڻهو ملي
    جيڪو تنهنجي جسم جي هر حصي کي
    شاعريءَ ۾ تبديل ڪري
    جيڪو تنهنجي هر هڪ وار کي نظم ۾
    تبديل ڪري ڇڏي
    جڏهن توکي اهڙو لائق ماڻهو ملي
    جيئن آئون توکي شاعريءَ سان
    وهنجاري ۽ سجائي رهيو آهيان
    ته آئون توکي التجا ڪندس ته
    بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي انهيءَ سان هلي وڃ
    اهو ضروري ناهي ته تون منهنجي يا
    هن جي هجين
    پر ضروري اهو آهي ته تون
    شاعريءَ جي هجين


    آئون ڄاڻان ٿو

    مون کي خبر هئي
    جڏهن پاڻ ٻئي اسٽيشن تي هئاسين
    تون ڪنهن ٻئي ماڻهو جو انتظار
    ڪري رهي هئينءَ
    مون کي خبر هئي
    جڏهن آئون تنهنجو سامان کڻي هلي رهيو هئس
    تون ڪنهن ٻئي ماڻهو سان سفر ڪري رهي هئينءَ
    مون کي خبر هئي ته آئون
    ڪنهن چين جي Disposable پنکي کان وڌيڪ نه هئس
    جيڪو توکي اونهاري ۾ گرمي کان بچائيندو هو
    مون کي خبر هئي ته
    جيڪي پيار ڀريا خط توکي لکيم
    اُهي آئيني ۾ تنهنجي غرور جو عڪس
    ڏيڻ کان وڌيڪ نه هئا
    تنهن هوندي به آئون تنهنجو سامان کڻندس
    تنهنجي محبوب جو سامان به
    ڇاڪاڻ ته آئون ڪنهن اهڙي
    عورت کي ٿڦ نٿو هڻي سگهان
    جيڪا پنهنجي سفيد ٿيلهي ۾
    منهنجي حياتي جا حَسين ڏينهن کڻي پئي هلي


    محبت جو اثر

    جڏهن کان آئون محبت ۾ گرفتار ٿيو آهيان
    تڏهن کان آسمان جي بادشاهي بدلجي وئي آهي
    شفق منهنجي هنج ۾ سمهي پيو آهي
    ۽ سج اولهه کان اُڀري آيو آهي


    وقت گذرڻ سان

    خوبصورت دوشيزه تون ڳڻتي نه ڪر
    تون هميشه منهنجن لفظن ۽ نظمن ۾ رهندين
    تون وقت گذرڻ سان پوڙهي ٿي سگهين ٿي
    پر منهنجي سوچن ۾ ڪڏهن به نه


    جڏهن آئون پيار ڪريان ٿو

    جڏهن آئون پيار ڪريان ٿو
    ته مونکي لڳندو آهي ڄڻ آئون
    وقت جو بادشاهه آهيان
    جنهن وٽ زمين ۽ هر شيءِ آهي
    ۽ آئون گهوڙي تي چڙهي سج
    ڏانهن وڃان ٿو
    جڏهن آئون پيار ڪريان ٿو
    ته آئون پاڻياٺ واري شيءِ ٿي ٿو وڃان
    جيڪا اک کي نظر نٿي اچي
    ۽ منهنجي نوٽ بڪن ۾
    نظم گلن جا کيت ٿي وڃن ٿا
    جڏهن آئون پيار ڪريان ٿو
    ته پاڻي منهنجن آڱرين مان وهي ٿو وڃي
    منهنجي زبان مان گاهه ڦٽي ٿو پوي
    جڏهن آئون پيار ڪريان ٿو
    آئون زماني کان ٻاهر زمانو ٿي وڃان ٿو
    جڏهن آئون ڪنهن عورت سان پيار ڪريان ٿو
    ته سڀ وڻ اگهاڙين پيرين
    منهنجي پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا


    سمنڊ مان خط

    جيڪڏهن تون منهنجي دوست آهين
    ته مونکي ڇڏڻ ۾ مدد ڪر
    پر جي تون منهنجي محبوبا آهين ته
    منهنجي مدد ڪر ته جيئن آئون
    شفا حاصل ڪريان
    جيڪڏهن مونکي ڄاڻ هجي ها
    ته سمنڊ ايترو گهرو آهي ته
    آئون نه تران ها
    جي خبر هجي ها ته
    آئون ڪيئن پڄاڻي ڪندس
    ته شروعات ئي نه ڪريان ها
    مونکي تنهنجي خواهش آهي
    مونکي خواهش ڪرڻ نه سيکار
    مونکي سيکار ته ڪيئن تنهنجي
    پيار جون پاڙون گهرائي مان پٽجن
    مونکي سيکار ته ڪيئن لُڙڪ
    اکين ۾ مري ٿا وڃن ۽ پيار
    ڪيئن خودڪشي ڪري ٿو سگهي
    جي تون پيغمبر آهين
    ته مونکي هن منتر مان آجو ڪر
    مونکي لادينيت کان نجات ڏيار
    تنهنجو پيار لادينيت جهڙو آهي
    مونکي انهي کان پاڪ ڪر
    جيڪڏهن تون طاقتور آهين
    ته مونکي سمنڊ کان بچائي
    ڇو ته مونکي ترڻ نٿو اچي
    تنهنجي اکين ۾ موجود نيريون لهرون
    گهرائي ۾ وٺي ٿيون وڃن
    نيريون
    نيريون
    ڪجهه به نه پر نيرو رنگ
    مونکي پيار ۽ ٻيڙي جو
    ڪو به تجربو ناهي
    جي آئون توکي پيارو آهيان ته
    منهنجو هٿ پڪڙ
    ڇو ته آئون خواهش سان ٽمٽار آهيان
    مٿي کان پيرن تائين
    آئون پاڻي ۾ ساهه پيو کڻان
    آئون ٻڏان پيو،آئون ٻڏان پيو


    جڏهن توسان پيار ڪيم

    جڏهن توکي ٻڌايم ته آئون
    توسان پيار ڪريان ٿو ته
    مونکي خبر هئي ته آئون
    قبيلائي قانون خلاف بغاوت
    پيو ڪريان
    آئون حياءَ جا گهنڊ وڄائي رهيو هئس
    مون جهنگ ۾ پنن کي وڌائڻ لاءِ
    اختيار حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو
    مون سمنڊ کي وڌيڪ نيرو
    ڪرڻ ٿي چاهيو
    ۽ ٻارن کي وڌيڪ معصوم
    مون جهنگ جي راڄ جو خاتمو ٿي چاهيو
    ۽ آخري خليفي کي مارڻ ٿي چاهيو
    منهنجو اهو ارادو هو
    جڏهن توسان پيار ڪيم
    ته حرم جا دروازا ٽوڙڻ ٿي چاهيم
    ماڻهن جي ڏندن کان عورتن جي
    بُبن کي بچائڻ ٿي چاهيم
    ته جيئن انهن جون ٻُندڻيون
    خوشي سان هوا ۾ رقص ڪري سگهن
    جڏهن چيم ته مونکي توسان پيار آهي
    ته مونکي خبر هئي ته جهنگلي پنهنجن
    زهريلن نيزن ۽ تير ڪمانن سان
    منهنجو پيڇو ڪندا
    منهنجي تصوير ديوارن تي
    چنبڙائي ويندي
    منهنجي آڱرين جا نشان سڀني
    ٿاڻن تي ورهايا ويندا
    وڏو انعام انهي کي ملندو
    جيڪو منهنجو
    سِر شهر جي مُک دروازي تي
    ٽنگڻ لاءِ انهن حوالي ڪندو
    جڏهن مون تنهنجو نالو
    گلابن جي نوٽ بڪ تي لکيو
    ته مونکي خبر هئي ته سمورا
    اڻ پڙهيا،سڀئي بيمار ۽ لاچار ماڻهو
    منهنجي خلاف اٿي بيهندا
    جڏهن مون آخري خليفي کي
    مارڻ جو فيصلو ڪيو
    ۽ محبت جي رياست قائم
    ڪرڻ جو اعلان ڪيو
    ۽ توکي پنهنجي راڻي بنائڻ
    جو فيصلو ڪيو ته
    مونکي خبر هئي ته
    فقط پکي ئي انهيءَ
    انقلاب کي مون سان گڏجي ڳائيندا


    مونکي هڪ موقعو ڏي

    منهنجي اندر تنهنجوکپيل خنجر
    ڪڍي ڇڏ
    مونکي جيئڻ ڏي
    پنهنجي خوشبو مون مان ڪڍي ڇڏ
    مونکي جيئڻ ڏي
    مونکي ڪنهن ٻي عورت سان ملڻ
    تنهنجو نالو ڊائري مان ڪٽڻ
    منهنجي ڳچي چوڌاري ويڙهيل
    پنهنجي وارن جي چڳ
    کان آجو ڪرائڻ جو موقعو ڏي
    مونکي اهي رستا ڳولڻ جو موقعو ڏي
    جتي آئون توسان نه هليو هجان
    اها جاءِ جتي توسان نه ويٺو هجان
    جتي تنهنجون ڪي به يادگيريون نه هجن
    مونکي هڪ موقعو ڏي
    اهڙي عورت جي ڳولا ڪرڻ جو
    جنهن کي مون تو لاءِ ڇڏيو
    ۽ تو لاءِ ماريو ته جيئن آئون
    وري جيءَ سگهان


    نئون لفظ

    منهنجا اهي سڀ ڪتا ب کڻي ڇڏيو
    جيڪي مون ننڍپڻ ۾ پڙهيا هئا
    منهنجا سمورا مڪتب جا
    بُڪ کڻي ڇڏيو
    چاڪ ،قلم ۽ بليڪ بورڊ کڻي ڇڏيو
    پر مونکي فقط هڪ نئون
    لفظ سيکاريو
    جيڪو منهنجي محبوبا جي
    ڪن تي جهومڪ وانگر
    بيهي سگهي


    تنهنجون اکيون

    تنهنجون اکيون رات جي برسات
    جهڙيون آهن،جنهن ۾ جهاز غرق
    ٿين ٿا ۽ جيڪي ڪجهه مون لکيو
    اهو وسري ويو آهي
    شيشن ۾ ڪا به يادگيري ناهي رهي


    نئين صورتخطي

    مونکي خبر هئي
    جڏهن توکي چيم
    ته آئون توسان پيار ڪريان ٿو
    ته آئون هڪ نئين صورتخطي
    ايجاد ڪري رهيو هئس
    هڪ اهڙي شهر ۾ جتي
    ڪو به پڙهي نٿو سگهي
    آئون پنهنجا نظم خالي
    ٿيٽر ۾ ٻڌائي رهيو هئس
    ۽ پنهنجو شراب انهن لاءِ
    ڀري رهيو هئس
    جيڪي انهي کي چکي نٿا سگهن


    عجيب دنيا

    مونکي حيرت آهي
    آئون ڏينهَن کان پنهنجي
    سوٽ ڪيس سان
    ٽرين جو انتظار ڪريان ٿو
    آئون ڏينهن وسري ٿو وڃان
    آئون توسان عجيب دنيا
    ڏانهن هلي ٿو پوان


    تنهنجو عڪس

    تنهنجو عڪس منهنجي گهڙيءَ
    تي اُڪريل آهي
    اهو منهنجي ٻنهي هٿن تي
    اُڪريل آهي
    اهو هفتن ۽ سال جي هر
    مهيني ۾ اُڪريل آهي
    وقت هاڻي منهنجو ناهي پر تون آهين


    پيار جي ساک

    تون مون کان پيار جي ساک ٿي گهرين
    وڏن اکرن ۾ صحيح ٿي چاهين
    آئون چوان ٿو تون سمورين عورتن
    مان آخري عورت آهين
    پر ساک ڇو، مونکي ٻڌائي ڇا
    ڪڏهن ڪو سمنڊ ڪنهن ٻيٽ
    جي سرحدن جي هميشه لاءِ
    ضمانت ڏئي سگهي ٿو


    قسمت

    هوءَ پنهنجن ڏکارين اکين سان
    ويهي رهي ۽ ڪوپ کي سڌو
    ڪندي چيائين
    منهنجا پٽ!
    ڏکارو نه ٿي
    تون محبت ۾ گرفتار ٿي ويو آهين
    منهنجا پٽ!
    جيڪو ماڻهو پنهنجي محبوبا لاءِ
    پيار ۾ قربان ٿئي ٿو اهو شهيد آهي
    آئون عرصي کان قسمت جو حال
    ٻڌائي رهي آهيان
    پر ههڙي قسمت ڪنهن
    جي به ناهي پڙهي
    مون تنهنجي ڏک جهڙا ڏک
    ڪڏهن به ناهن ڏٺا
    تون پيار جي ڪناري تي
    سِڙهه کان سواءِ آهين
    تنهنجي حياتي هميشه لاءِ
    ڳوڙهن جو ڪتاب رهندي
    ۽ تون پاڻي ۽ باهه جي قيد ۾ رهندين
    پر تڪليفن ۽ ڏکن جي هوندي به جيڪو
    اسان سان ڏينهن رات گڏ آهي
    هوا،مينهوڳي مند ۽ طوفانن جي هوندي به
    منهنجا پٽ!
    اهو پيار ئي آهي
    جيڪو سڀني تقديرن کان ڀلو آهي
    منهنجا پٽ!
    تنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ عورت آهي
    جنهن جون اکيون تمام حسين
    خدا جي حُسن جهڙيون آهن
    جنهن جو وات ۽ ٽهڪ سهڻن
    گلن ۽ سُريلن گيتن سان ڀريل آهن
    ۽ انهي جو خانه بدوش ۽ جنوني پيار
    دنيا ۾ سفر ڪري ٿو
    جنهن عورت سان تون پيار ڪرين ٿو
    شايد تنهنجي ڪُل ڪائنات آهي
    پر تنهنجو آسمان برسات سان ڀريل رهندو
    تنهنجي رستي ۾ رڪاوٽون آهن
    منهنجا پٽ!
    منهنجا پٽ!
    تنهنجي محبوبا حفاظتي
    محل ۾ سُتل آهي
    جيڪو هن جي باغ واريءَ ڀت تي
    پهچي ٿو اهو سندس
    ڪمري ۾ داخل ٿيو وڃي
    جيڪو به کيس پيار آڇي ٿو
    يا هن جي چڳ کي سنواري ٿو
    اهو وڃا ئجيو وڃي
    منهنجا پٽ اهو وڃائجيو وڃي
    تون سمنڊ جي ڇولين کان
    هن جي باري ۾ پڇندين
    تون سمنڊ ڪناري کان پڇندين
    تون سمنڊ ۾ سفر ڪندين ۽
    تنهنجا لڙڪ ڪنهن ندي جيان وهڻ لڳندا
    ۽ تون پنهنجي حياتيءَ جي
    خاتمي تي ڄاڻي وٺندي ته
    تنهنجي محبوبا جي نه ڪا زمين آهي
    نه گهر۽ نه ڪو پتو آهي
    تون فقط دونهن جو پيڇو
    ڪري رهيو آهين
    ۽ منهنجا پٽ!
    ڪنهن اهڙي عورت سان
    پيار ڪرڻ ڪيڏو نه
    ڏکيو آهي جنهن جي نه زمين آهي
    ۽ نه وري گهر


    جنهن سان پيار ڪريان ٿو

    آئون جنهن سان پيار ڪريان ٿو
    انهيءَ جو نالو هوا تي لکيم
    آئون جنهن سان پيار ڪريان ٿو
    انهيءَ جو نالو پاڻي تي لکيم
    پر هوا صحيح ٻڌي نٿي
    پاڻي نالا ياد نٿو رکي


    هوا جي معذرت

    مون دنيا جي ٻارن کي
    تنهنجي نالي جي هـِـجي ڪرڻ سيکاري
    ۽ انهن جا چپ چيري جي
    وڻن ۾ تبديل ٿي ويا
    مون هوا کي چيو ته هو تنهنجي
    گهاٽن ۽ ڪارن وارن ۾ ڦڻي ڏئي
    هوا معذرت ڪئي ۽ چيو ته
    وقت ٿورو آهي ۽
    وارا تمام ڊگها آهن


    پهرين ملاقات

    مارچ جي انهي پرهه ڦٽي
    جڏهن تون مون وٽ آئي هئين
    هڪ خوبصورت نظم وانگر هلندي
    اُس ۽ بهار تو سان هئا
    منهنجي ميز تي پيل ڪاغذ
    ساوا ٿي ويا هئا
    ۽ ڪافي جو پيالو
    منهنجي پيئڻ کان پهرين
    خالي ٿي ويو هو
    تنهنجي ايندي ئي
    ڀت جي تصوير تي ڊوڙندڙ گهوڙا
    مونکي ڇڏي تو ڏانهن وڌيا هئا
    مارچ جي پرهه ڦٽي جڏهن تون مون
    سان ملڻ آئين
    زمين ڏڪي پئي هئي ۽ هڪ چمڪندڙ
    ستارو ڪٿي ڪِري پيو هو
    ٻارن سمجهيو ته اهو ماکي
    جو ڪيڪ آهي
    عورتن سمجهيو ته اهو
    هيري جو هار آهي
    ۽ مردن انهيءَ کي جنت
    جي بشارت سمجهي
    جڏهن تو بهار جو لباس لاٿو
    ۽ منهنجي سامهون ويهي رهين
    هڪ پوپٽ جيان
    پنهنجي گرميءَ جي موسم جي ڪپڙن
    سان ڀريل صندوق سان
    مونکي پڪ هئي ته
    سمورا ٻار،عورتون ۽ مرد
    صحيح سمجهن ٿا
    تون ماکي جيان مٺي
    هيري جهڙي نبار
    ۽ معجزي جهڙي حيران ڪندڙ آهين


    تاريخ

    تو تاريخ ڊاهي ڇڏي
    ڄمار جي رفتار کي روڪي ڇڏيو
    ۽ منهنجي اندر تمام عورتن
    کي هڪ هڪ ڪري
    قتل ڪري ڇڏيو
    سمورين عورتن مان مون توکي
    پنهنجي شهر جون چاٻيون ڏنيون
    جنهن جا دروازا ڪڏهن ڪنهن
    ظالم ۽ جابر حملي آوار تي
    بلڪه ڪنهن عورت تي ڪونه کليا هئا
    مون پنهنجي سپاهين کي چيو ته اهي
    تنهنجي آجيان گيتن ۽ ترانن سان ڪن
    توکي گيتن ۽ گهنٽين جو تاج پارائين
    ڇو ته تون زندگيءَ جي شهزاديءَ آهين


    منهنجي ڄمار اهم ناهي

    آئون پنهنجي ڄم جي تاريخ نٿو ڄاڻان
    منهنجو چهرو ايترو ئي پراڻو آهي
    جيتري هي ڌرتي
    منهنجي اداسي ايتري
    ئي پراڻي آهي جيترو
    خدا ۽ سمنڊ
    اهم فقط اهو ازلي پيار آهي
    جيڪو مون کي توسان آهي


    محبت ۽ پاڻي

    اسان جي محبت وٽ
    نه دماغ آهي نه ڪو دليل
    انهي ڪري
    اسان جي محبت
    پاڻيءَ تي به هلي سگهي ٿي


    ماٺ

    تنهنجي لاءِ منهنجو پيار
    لفظن کان مٿانهون آهي
    انهي ڪري
    مون چپ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي


    نئين ٻولي

    آئون تولاءِ عام لفظن کان مختلف
    لفظ لکڻ چاهيان ٿو
    فقط تنهنجي لاءِ هڪ نئين
    ٻولي تخليق ڪرڻ چاهيان ٿو
    جيڪا تنهنجي جسم کي پوري اچي
    ۽ منهنجي محبت جي ماپ هجي
    لغت کان تمام پري سفر
    ڪرڻ ٿو چاهيان
    پنهنجي چپن ۽ زبان کان
    ڌار ٿيڻ ٿو چاهيان
    پنهنجي منهن مان ٿڪي پيو آهيان
    تنگ ٿي پيو آهيان
    هڪ ٻيو منهن ٿو چاهيان
    جيڪو تبديل به ٿي سگهي
    چيري جي وڻن ۽ ماچيس ۾ بدلجي سگهي
    اهڙو منهن جنهن مان لفظ ائين نڪرن
    جيئن سمنڊ مان جل پريون
    جيئن جادوگر جي ٽوپي مان سفيد ڪبوتر


    پيار جي سڳنڌ

    مون انهن کي تنهنجي باري
    ۾ ناهي ٻڌايو
    پر هنن توکي منهنجن اکين
    ۾ وهنجندي ڏسي ورتو
    مون انهن کي تنهنجي باري
    ۾ ناهي ٻڌايو
    پر هنن توکي منهنجن لفظن ۾ پڙهي ورتو
    پيار جي سڳنڌ لڪائي به ته نٿي سگهجي


    بهار

    جڏهن تون مون وٽ نوان ڪپڙا پائي
    اچين ٿي
    ته آئون انهيءَ مالهي جيان خوش ٿيندو آهيان
    جنهن جي باغ ۾ اوچتو بهار اچي وڃي


    ماکي جا ڦڙا

    ڪالهه
    توسان پنهنجي محبت جي باري ۾ سوچيم
    مون کي ياد آيا
    تنهنجن چپن تي ماکي جا ڦڙا
    مون پنهنجي يادن جي ديوار
    تان سموري مٺاڻ چوسي ورتي


    آئون به چريو هئس

    آئون به چريو هئس
    سمجهيم پئي ته اڪيلو سفر ڪري رهيوآهيان
    پر جنهن به هوائي اڏي تي لٿس ٿي
    انهن منهنجي بريف ڪيس ۾
    توکي ڏسي ورتو


    تنهنجي جدائي

    تنهنجي جدائي منهنجي لاءِ الميو ناهي
    آئون ته انهن وڻن مان هڪ وڻ آهيان
    جيڪي سدائين
    بيٺي بيٺي ئي مري ويندا آهن


    آخري خط

    هي منهنجو آخري خط آهي
    انهيءَ کان پوءِ ڪو ٻيو نه لکندس
    هي آخري ڀورو بادل
    جيڪو تو تي وسندو
    انهيءَ کانپوءِ ڪا به برسات نه ٿيندي
    هي منهنجي پيالي ۾ شراب
    جو آخري ڦڙو آهي
    انهي کان پوءِ نشو نه ٿيندو
    هي ديوانگيءَ جو آخري خط آهي
    ننڍپڻ جو آخري خط آهي
    مون کان پوءِ تون نه ڄاڻي سگهندين
    جوانيءَ جي پاڪيزگي
    ديوانگيءَ جو حسن
    مون توسان پيار ڪيو آهي
    انهي ٻار وانگر
    جيڪو پنهنجي کيسن ۾ پکين
    ۽ نظمن کي وجهي
    مدرسي کان نٽائيندو هو
    تو وٽ آئون ٻار ئي هئس
    تصورن جو ٻار
    معصوميت جو ٻار
    تضادن جو ٻار
    آئون شاعريءَ ۽ جذباتي
    لکڻين جو ٻار هئس
    پر تون مغربي سوچن ۽ معيارن
    جي عورت هئين
    جيڪا انتظار ڪندي آهي
    ڪافي جي پيالي ۾
    ٺهندڙ لڪيرن ۾
    پنهنجي قسمت جو حال پڙهڻ جو


    شهر جي ڳولا

    منهنجي محبوبا! منهنجي پياري!
    تنهنجي چهري جي گلين
    مان گذرندي
    آئون پنهنجي پراڻي هوٽل
    جي باري ۾ ٿو پڇان
    انهي اسٽال جي باري ۾
    جتان آئون اخبار ۽ لاٽري جا
    ٽڪيٽ خريد ڪندو هئس
    جيڪي منهنجي نالي ڪڏهن نه نڪتا
    هوٽل به نه مليو
    اسٽال به نه
    منهنجي خيال ۾
    تنهنجي وڃڻ کان پوءِ اخبارن جي
    ڇپائي ئي بند ٿي وئي آهي
    تنهنجي وڃڻ کان پوءِ شهر
    جا رستا
    ۽ رستن پنهنجون ڏسائون
    مَٽائي ڇڏيون آهن
    سج به پنهنجو پتو تبديل
    ڪري ڇڏيو آهي
    ۽ ستارا جن کي اسين
    گرمين ۾ مسواڙ تي وٺندا هئاسين
    اهي وڪجي ويا آهن
    وڻن به پنهنجي جاءِ مٽائي ڇڏي آهي
    پکي پنهنجن ٻچن ۽ گيتن سان
    لڏي ويا آهن
    سمنڊ پنهنجي ڇولين کي چيڀاٽي
    آپگهات ڪري ڇڏيو آهي
    آئون گُهمي رهيو آهيان
    تنهنجي آواز جي وسندڙ گلين ۾
    ڪنهن ڇٽي جي ڳولا ۾
    مون وٽ شهر جو نقشو آهي
    انهن جاين جون نشانيون به
    جتي آئون توسان پيار ڪندو هئس
    نائٽ ڪلبن جا نالا به آهن
    جتي اسين رقص ڪرڻ ويندا هئاسين
    پر پوليس وارا منهنجو مذاق ٿا اڏائين
    اهي چون ٿا ته
    توکي جنهن شهر جي ڳولا آهي
    انهي کي ڏهين صدي عيسوي
    ۾ سمنڊ ڳڙڪائي ويوهو


    تون مون کي حيران ٿي ڪرين

    تون مون کي حيران ٿي ڪري ڇڏين
    ڪنهن ٻار جي رانديڪي وانگر
    آئون مهذب محسوس ڪندو آهيان
    جڏهن توسان پيار ڪريان ٿو
    تو کان پهرين وقت جو وجود نه هو
    تو کان پوءِ ذراذرا ٿي ويندو
    تون پڇين ٿي آئون تو وٽ ڇوآهيان
    آئون پنهنجي پسماندگيءَ مان
    ڇوٽڪارو ٿو چاهيان
    پنهنجي بدوئن جهڙن طريقن
    مان فرار ٿو چاهيان
    آئون وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهڻ ٿو چاهيان
    چشمي جي پاڻي ۾ وهنجڻ ٿو چاهيان
    آئون چاهيان ٿو ته تون مون کي
    منهنجو پهريون سبق ڏي
    جيڪو به تنهنجي جسم جو ڪتاب نه پڙهندو
    اهو سموري حياتي
    اڻ پڙهيو،جاهل ۽ ڄٽ رهندو


    پهرين شام

    آئون توسان پيار ڪريان ٿو
    ۽ نٿو چاهيان ته
    توکي پاڻين ۽ هوائن سان ارپيان
    سمنڊ جي لهرن سان ارپيان
    سج گرهڻ سان ارپيان
    مون کي پرواهه ناهي
    نجومي ڇا ٿا چون
    ڪافي جي پيالي ۾ رهجي ويل
    لڪيرن سان ڇا ٿو ظاهر ٿئي
    اهي فقط تنهنجون اکيون آهن
    جيڪي ڪا به اڳڪٿي ڪري سگهن ٿيون
    ۽ اها صحيح ثابت ٿيندي


    آئون پاڻ رقص هئس

    انهي رات جڏهن تو مون سان رقص ڪيو
    عجيب واقعو ٿيو
    مون محسوس ڪيو ته ڄڻ
    ڪنهن روشن ستاري
    آسمان مان پنهنجي جڳهه ڇڏي
    منهنجي سيني تي پناهه ورتي هجي
    مون محسوس ڪيو ته
    ڄڻ سمورو جهنگ
    منهنجن ڪپڙن ۾ ڦٽي آيو هجي
    مون محسوس ڪيو ڄڻ
    ڪو ٽن سالن جو ٻار
    پنهنجي اسڪول جو ڪم
    منهنجي قميض جي صفحي
    تي ڪري رهيو هجي
    رقص منهنجي عادت ناهي
    پر انهي رات آئون
    رقص ڪو نه ڪري رهيو هئس
    آئون پاڻ رقص هئس


    انگور جي وَل

    هر اهو ماڻهو
    جيڪو مون کان پوءِ توکي چُمي ڏيندو
    اهو ڄاڻي وٺندو ته
    تنهنجي چپن تي
    انگور جي هڪ ننڍڙي وَل آهي
    جيڪا مون پوکي آهي


    منهنجي بادشاهي

    منهنجي ننڍڙي بادشاهي
    تو تي ختم ٿي ٿئي
    آئون ڪنهن به شيءِ جو
    اڪيلو مالڪ ڪونه آهيان
    گل به اڪيلو ترتيب نٿو ڏيان
    ڪتاب به اڪيلو نٿو پڙهان
    تون اچي ٿي وڃين
    ڪاغذ ۽ منهنجي اکين جي وچ ۾
    منهنجي آواز ۽ چپن جي وچ ۾
    منهنجي مٿي ۽ سيراندي وچ ۾
    منهنجي آڱرين ۽ سگريٽ وچ ۾


    پيار ڇا آهي؟

    پيار ڇا آهي؟
    اسان انهي تي هزارين مضمون پڙهيا آهن
    ۽ اڃا تائين خبر ناهي ته ڇا پڙهيو آهي
    فلڪيات ۽ طب کي پڙهيو آهي
    ۽ خبر ناهي ته ڪٿان شروع ڪيوسين
    اسان سمورو لوڪ ادب ياد ڪيوسين
    شاعريءَ ۽ گيت پڙهياسين
    پر هڪ سٽ به ياد ناهي
    اسان عالمن کان به پيار جي باري ۾ پڇيو
    پر خبر پئي ته انهن کي به ايتري
    ئي ڄاڻ آهي جيتري اسان کي


    مون کي نفرت آهي

    مون کي نفرت آهي
    ٻين ماڻهن وانگر محبت ڪرڻ کان
    مون کي نفرت آهي
    ٻين ماڻهن وانگر لکڻ کان
    آئون چاهيان ٿو ته
    منهنجا چپ گرجا ٿي وڃن
    ۽ منهنجا لفظ انهن ۾ گونجندڙ گهنڊ


    پيار جي طاقت

    جڏهن توسان محبت ڪريان ٿو
    ته ايران جو بادشاهه
    منهنجي پوئلڳن مان هڪ ٿي ويندو آهي
    چين کي پنهنجي حڪمن
    جي تابع ڪري وٺندو آهيان
    سمنڊن کي انهن جي معمول
    وارن علائقن کان هٽائي ڇڏيندو آهيان
    ۽ جي چاهيان ته
    وقت جي ٻانهن کي به قابو ڪري سگهان ٿو


    ڀنل چهرو

    جڏهن تون روئين ٿي ته آئون
    محبت ڪندو آهيان
    جڏهن تون روئين ٿي
    آئون محبت ڪندو آهيان
    تنهنجي ڀنل چهري سان
    اداسي اسان ٻنهي کي وگهيري ٿي
    مون کي وهندڙ ڳوڙها سٺا ٿا لڳن
    آئون پيار ڪريان ٿو تنهنجي لڙڪن سان
    ڀنل چهري سان
    عورتون سهڻيون ٿي وينديون آهن
    جڏهن اهي روئينديون آهن


    ڏک جو رزميو

    تنهنجي پيار مون کي غمگين
    ٿيڻ سيکاريو
    ۽ صدين کان مون کي اهڙي
    عورت جي ڳولا هئي
    جيڪا مون کي اداس ڪري
    اهڙي عورت جنهن جي ٻانهن ۾ جِهرڪي
    وانگر روئان
    اهڙي عورت جيڪا ڪنهن شيشي
    وانگر ٽٽل منهنجن ٽڪرن کي
    ميڙي سگهي
    تنهنجي پيار مون کي خراب
    عادتون سيکاريون
    انهي مون کي منهنجا
    ڪافي ڪپ پڙهڻ سيکاريا
    هڪ ئي رات ۾ هزارين
    ڀيرا ڪيميا جا تجربا
    ڪرڻ ۽ نجومين ڏانهن
    پنڌ ڪرڻ سيکاريو
    انهي مون کي پنهنجو گهر ڇڏڻ
    پاسي کان ڦڻي ڪڍڻ
    ۽ تنهنجو چهرو برسات جي ڦڙن ۾
    ڪار جي بتين ۾
    ۽ توکي تنهنجي ڪپڙن ۾
    ۽ نا معلوم ماڻهن جي ڪپڙن
    ۾ ڳولڻ سيکاريو
    تنهنجي تصوير جي ڳولا ايتري تائين
    ايتري تائين جو اشتهارن جي پوسٽرن
    ۾ ڳولڻ سيکاري
    تنهنجي پيار مون کي سيکاريو
    هيڏانهن هوڏانهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ
    خانه بدوشڻ جي وارن جي
    ڳولا سيکاري جنهن کان
    سڀئي خانه بدوش عورتون
    ساڙ ڪنديون آهن
    هڪ اهڙي چهري جي ڳولا هڪ آواز
    جيڪو سڀ آواز ۽ سڀ چهرا آهي
    منهنجي پياري!
    تنهنجي پيار مونکي
    غم جي شهر ۾ داخل ڪري ڇڏيو
    ۽ توکان پهرين ڪڏهن به آئون
    غم جي شهر ۾ داخل ڪونه ٿيو هئس
    تنهنجي پيار مون کي سيکاريو
    هڪ ڇوڪري جيان ورتاءُ ڪريان
    تنهنجو چهرو چاڪ سان ڀت تي ٺاهيان
    مُهاڻي جي ٻيڙي جي سِڙهه تي ٺاهيان
    گرجا گهر جي گهنڊن ۽ صليب تي ٺاهيان
    تنهنجي پيار مون کي سيکاريو
    پيار ڪيئن زماني جو نقشو
    تبديل ٿو ڪري
    تنهنجي پيار سيکاريو ته جڏهن
    آئون پيار ڪريان ٿو ته ڌرتي
    گردش ڪرڻ ڇڏي ٿي ڏئي
    تنهنجي پيار مون کي اهي
    شيون سيکاريون
    جن کي ڪڏهن آئون ليکي ۾
    ئي ڪونه آڻيندو هئس
    تنهنڪري مون ٻارن جون آکاڻيون پڙهيون
    آئون جنن جي قلعن ۾ داخل ٿي ويس
    ۽ مون خواب ڏٺو ته سلطان جي
    ڌيءَ مون سان شادي ڪندي
    مون ڏٺيون اهي اکيون
    جيڪي ڪنهن ڍنڍ جي پاڻي
    کان به وڌيڪ شفاف آهن
    اهي چپ جيڪي ڏاڙهون
    جي گلن کان به وڌيڪ ڪشش ڀريا آهن
    ۽ مون خواب ڏٺو ته آئون
    ڪنهن نائٽ(سورهيه) وانگر
    هن کي اغوا ڪندس
    خواب ڏٺم ته آئون هن کي
    موتين ۽ مرجان جو هار ڏيندس
    منهنجي پياري!
    تنهنجي پيار
    مون کي سيکاريو ته چريائپ ڇا آهي
    انهي مون کي سيکاريو
    سُلطان جي ڌيءَ کانسواءِ
    زندگي ڪيئن گذارجي
    تنهنجي پيار مون کي سيکاريو ته
    پن ڇڻيل سياري وارن وڻن ۾
    سُڪل ذرد پنن ۾
    برسات ۾ طوفان ۾
    ننڍين ننڍين هوٽلن ۾
    توسان پيار ڪيئن ڪيان جتي
    اسين شام جو ڪاري ڪافي پيئون ٿا
    تنهنجي پيار مون کي سيکاريو
    هوٽلن ۾ بنا نالي جي پناهه وٺڻ
    گرجا گهرن ۾ ۽ ڪيفي ۾
    بنا نالي پناهه وٺڻ
    تنهنجي پيار مون کي سيکاريو
    ته رات ڪيئن اجنبي جي
    غم کي پکيڙي ٿي
    انهي مون کي سيکاريو
    بيروت کي هڪ عورت جيان ڪيئن ڏسجي


    زوال جو دور

    جڏهن تنهنجي خيمي جي دروازي تي
    هڪ نظم ۽ گلاب رکڻ جي ڏوهه ۾
    قبيلي مان تڙيو ويس
    ته زوال جو وقت شروع ٿي ويو
    اهو عرصوجيڪو ابجد ۽ گرامر سکڻ جو
    پر عورتن جي مضمون ۾ جاهل
    رهجي وڃڻ جو هو
    اهو عرصو جيڪو قومن جي يادن کان
    عورتن جا نالا مٽائي ڇڏڻ جو هو
    منهنجي محبوبا!
    اها ڪهڙي قسم جي قوم آهي
    جيڪا محبت سان
    پوليس وارن جهڙو ورتاءُ ڪري ٿي
    سمجهي ٿي ته گلاب جو گل
    انهن جي نظام خلاف سازش آهي
    ڪو لڪل اشتهار آهي
    بغاوت تي اڪسائڻ جو
    اها ڪهڙي قسم جي قوم آهي
    جيڪا پيلي رنگ جي تڏ وانگر
    پيٽ ڀر رڙهي ٿي
    سمنڊ کان خليج تائين
    خليج کان سمنڊ تائين
    ڏينهن جو ولين جي ٻولي ٿي ڳالهائي
    ۽ رات جو عورتن جي دُن مان شراب پي
    بدمست ٿي وڃي ٿي
    اها ڪهڙي قسم جي قوم آهي
    جيڪا پنهنجي نصابن مان محبت کي
    شاعريءَ جي فن کي به
    ۽ عورتن جي اکين ۽ زبان
    جي اسرارکي به هذف ڪري ٿي ڇڏي
    اها ڪهڙي قسم جي قوم آهي
    جيڪا پاڻي سان ڀريل بادلن
    سان وڙهي ٿي
    هر ڇاتي جو لڪل فائيل کولي ٿي
    ۽ هر گلاب جي باري ۾ پوليس
    کان رپورٽ ٿي گهري


    معافي

    آئون ڪنهن کان معافي ڪونه پيو گهران
    معذرت طلب ڪونه پيو ڪريان
    ڪو عذر به پيش ڪونه پيو ڪريان
    منهنجو ارادو وڪيل ڪرڻ جو به ناهي
    جيڪو منهنجو سِر ڦاهي
    کان بچائي سگهي
    آئون ڪئين ڀيرا ڦاهي چڙهي
    چڪو آهيان
    هزارين ڀيرا ٽنگجي چڪو آهيان
    منهنجي ڳچي ڦاهي جي عادي
    ٿي چڪي آهي
    ۽ منهنجي جسم کي به ايمبولينس ۾
    سفر ڪرڻ جي عادت ٿي چڪي آهي
    منهنجو ارادو ناهي ته ڪو
    آئون معافي گهران
    آئون پنهنجي حق ۾ فيصلو نٿو چاهيان
    پر فقط توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو
    منهنجي پياري!
    هڪ عام ٻڌڻي ۾
    انهن جي سامهون جيڪو مقدمو
    مون تي هلائين پيا
    هڪ کان وڌيڪ عورتن تي
    قبضو ڪرڻ جو
    جنگ جي حالت ۾
    خوشبو، مُنڊي ۽ ڪنگهي
    استعمال ڪرڻ جو
    آئون چوڻ ٿو چاهيان ته
    آئون فقط توسان محبت ڪريان ٿو
    ۽ توسان ائين ئي جڙيل آهيان
    جيئن ڏاڙهون سان انهي جي کَل!
    جيئن اکين سان ڳوڙها!
    جيئن زخم سان خنجر!


    منهنجي صفائي ڪوبه ٻڌڻ نٿو چاهي

    ڪوبه نٿو ٻڌڻ چاهي منهنجي صفائي
    منهنجي پياري منصف منهنجي خلاف آهن
    شاهد رشوت خور آهن
    منهنجي صفائي جو بيان ٻڌڻ بنا ئي
    مون کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي
    ڪوبه نه منهنجي پياري ڪوبه نٿو سمجهي
    منهنجو ننڍپڻ هڪ اهڙي شهر ۾ گذريو
    جيڪو ٻارن سان پيار نٿو ڪري
    جيڪو معصوميت کي نٿو سمجهي
    جنهن سموري زندگي ڪوگلاب
    يا نظمن جو ڪتاب خريد ناهي ڪيو
    منهنجو تعلق اهڙي شهر سان آهي
    جنهن جا هٿ سخت
    جنهن جي دل پٿر ۽ جذبا سخت آهن
    جيڪو ميخون ۽ شيشي جا
    ٽڪرا ڳڙڪائي چڪو آهي
    جنهن جون ديوارون برف
    جون ٺهيل آهن
    ۽ جتي ٻار سيءَ ۾ مرن ٿا


    مينهن ۽ اڪيلائي

    جڏهن اسان ٻنهي تي برسات پوندي آهي
    هزارين ٻوٽا
    منهنجي ڪپڙن مان ڦٽي پوندا آهن
    جڏهن تون هلي ويندي آهين
    ۽ مينهن منهنجي اڪيلائي
    کي آلو ڪندو آهي
    تڏهن منهنجي ڪپڙن مان
    ڪجهه به ناهي ڦٽندو


    جنون

    منهنجي محبوبا!
    جيڪڏهن تنهنجو جنون منهنجي
    جنون جهڙو آهي
    ته پنهنجا سڀ ڳهه لاهي ڇڏ
    سڀ هار سينگار وساري ڇڏ
    ۽ منهنجين اکين ۾ سمهي پئه


    بي لباس

    بي لباس ٿي وڃ
    بلڪل بي لباس
    گهڻي وقت کان ڌرتي تي معجزا
    ڪونه ٿيا آهن
    آئون چپ آهيان
    ۽ تنهنجي جسم کي سڀ ٻوليون اچن ٿيون


    *بلقيس جي نالي هڪ نظم

    مون کي خبر هئي ته هن کي قتل ڪيو ويندو
    هن کي به پتو هو ته آئون ماريو ويندس
    ٻئي اڳڪٿيون سچ ثابت ٿيون
    هوءَ هڪ پوپٽ جيان پٿرن هيٺ دٻجي وئي
    (جهالت جو دور) ۽ آئون وحشي ڏندن
    جي چڪ ۾ ڦاٿل هئس
    دلڪش نظم عورتن جون اکيون
    ۽ آزاديءَ جو گلاب
    مون کي خبر هئي ته هن کي
    قتل ڪيو ويندو
    ڇو ته هوءَ سُهڻي هئي انهي دور ۾
    جيڪو بد صورت هو،هوءَ جيڪا
    پليت دور ۾ پويتر هئي
    بيڪار دور ۾ محترم ۽ معتبر هئي
    هڪ املهه موتي جهڙي
    مصنوعي عورتن جي ميڙ ۾
    هڪ انوکي عورت
    مون کي خبر هئي ته هن کي
    قتل ڪيو ويندو
    ڇو ته سندس اکيون ٻن زمرد جي
    ندين جيان صاف ۽ شفاف هيون
    هن جا وار بغداد جي موال وانگر ڊگها هئا
    پر وطن کان سَٺي نه ٿي
    اها ساوڪ جي قسمت
    اها برداشت نه ڪري سگهي
    انهن لکن کجين جو منظر
    جيڪي بلقيس جي اکين ۾
    ڪٺيون ٿي ويون
    مون کي خبر هئي ته هن
    کي قتل ڪيو ويندو
    ڇو ته هن جي ناز جي پکيڙ
    هن جي جزيري جي پکيڙ کان وڌيڪ هئي
    هن جي ورثي هن کي اها اجازت نه ڏني
    ته هوءَ زوال واري دور ۾ جيئري رهي
    هوءَ پنهنجي ناز جي شدت ۾
    اهو مڃي چڪي هئي ته
    ڌرتي هن لاءِ تمام ننڍڙي هئي
    انهي ڪري هن پنهنجو سوٽ ڪيس
    تيار ڪيو ۽ وک وک ۾ ڏئي
    بنا ڪنهن روح کي ٻڌائڻ
    جي اوچتو هلي وئي
    هوءَ جيڪا شاعريءَ سان
    ڀريل ڪڪر هئي
    ۽ منهنجي نوٽ بڪن تي
    مينهن بڻجي ويندي هئي
    شراب،ماکي،جهرڪيون ۽ ڳاڙها ياقوت
    هوءَ منهنجن احساسن کي چيريندي هئي
    ٻيڙين جا سِڙهه ۽ پکين جي اڏار
    چنبيلي جي خوشبو ۾ واسيل چنڊ
    هن جي وڃڻ کانپوءِ اُڃ
    جو دور شروع ٿيو
    ۽ پاڻي جو دور پڄاڻي تي پهتو
    مون کي هميشه لڳندو هو
    ته هوءَ هلي ويندي
    هن جي اکين تي ساحلن جي
    وڇوڙي جهڙا منظر هوندا هئا
    هوءَ ائين ڇپر کڻندي هئي جيئن
    هوائي جهازاڏام ڀريندا آهن
    جڏهن کان هن سان منهنجي شادي ٿي هئي
    آئون ڏسندو رهندو هئس
    هن جي هيئنڊ بيگ ۾ پاسپورٽ
    هوائي جهاز جون ٽڪيٽون
    ۽ انهن ملڪن جا ويزا جتي
    هوءَ ڪڏهن نه وئي
    جڏهن هن کان پڇندو هئس ته
    پنهنجي هئينڊ بيگ ۾ اهي دستاويز
    ڇو رکيا اٿئه
    ته مُرڪي چوندي هئي ته منهنجي
    انڊلٺ سان ملاقات رکيل آهي
    پوءِ مون جڏهن هن جو هئينڊ بيگ ڏٺو
    جيڪو ملبي هيٺيان دٻيل مليو
    ته مون هن جو پاسپورٽ ڏٺو
    هن جون ٽڪيٽون ۽ ويزا
    مون کي پتو هو ته مون بلقيس سان نه پر
    هڪ انڊلٺ سان شادي ڪئي آهي
    جڏهن ڪا خوبصورت عورت مرندي آهي ته
    ڌرتي پنهنجو توازن وڃائي ويهندي آهي
    چنڊ سالن تائين سوڳ جو اعلان ڪندو آهي
    ۽ شاعري بيروزگار ٿي ويندي آهي
    بلقيس الراوي
    بلقيس الراوي بلقيس الراوي
    آئون هن جي نالي جي ترنم
    سان پيار ڪندو هئس
    مون ڪڏهن به پنهنجو نالو
    هن جي نالي سان انهي خوف ڪري نه
    ڳنڍيو ته ڪٿي آئون ڍنڍ جو
    اجرو پاڻي ميرو نه ڪري وجهان
    يا ڪٿي آئون انهي نازنين جي
    حُسن کي بگاڙي نه ڇڏيان
    هن عورت جي نصيب ۾
    ڊگهي ڄمار نه هئي
    ۽ نه وري هن وڏي ڄمار تائين
    جيئڻ پئي چاهيو
    هوءَ ته ميڻ بتين ۽ لالٽينن
    جي مائٽياڻي هئي
    هوءَ ته شاعريءَ جي پل جهڙي هئي
    هن کي آخري سٽ کان
    اڳ اڏامي وڃڻو هو


    _____________________________
    * بلقيس نزار قاباني جي گهرواريءَ جيڪا هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي وئي


    سُلطان

    جيڪڏهن مون کي جان جي امان ملي ها
    ته آئون سلطان سان ملي ٿي سگهيس
    آئون هن کي چوان ها
    منهنجا مالڪ سلطان!
    منهنجو جُبوتنهنجي بکايل ڪتن
    ڦاڙي ڇڏيو
    تنهنجا جاسوس هر وقت منهنجو
    پيڇو ڪن ٿا
    انهن جون اکيون
    انهن جا نڪ
    انهن جا پير هر وقت
    منهنجي پٺيان قسمت جيان آهن
    اُهي منهنجي زال کان پڇا ڪن ٿا
    ۽ منهنجن دوستن جا نالا لکن ٿا
    اي سلطان!
    اهو انهي ڪري جو
    آئون تنهنجي ٻوڙين ديوارن تائين
    پهچڻ جي همت ڪريان ٿو
    انهي ڪري جو آئون
    پنهنجو غم ۽ مصيبت بيان ڪرڻ
    جي همت ڪريان ٿو
    مونکي منهنجن جوتن سان ماريو ويو
    اي منهنجا مالڪ سلطان!
    تو ٻه دفعا جنگ انهي ڪري هارائي
    ڇاڪاڻ ته تنهنجَي اڌ
    عوام کي زبان ئي ناهي


    نئون نسل

    اسين ڪاوڙ سان ڀريل نسل ٿا چاهيون
    جيڪو آسمان کيڙي
    تاريخ کي اُڏائي رکي
    جيڪو اسانجن سوچن کي اُڏائي رکي
    اسان کي نئون نسل گهرجي
    جيڪو اسانجن خطائن کي معاف نه ڪري
    جيڪو جُهڪي نٿو سگهي
    اسان کي ديوَ قامت نسل کپي


    منهنجا وطن

    منهنجا ڏکايل وطن
    هڪ ئي لمحي سان
    تو مونکي تبديل ڪري ڇڏيو آهي
    هڪ اهڙي شاعر مان جيڪو
    محبت جا گيت لکندو هو ۽
    هاڻ اهو خنجر سان ٿو لکي


    اسان جا روح

    مختصرن
    اسين تهذيب جي ٽوپي پايون ٿا
    پر اسان جا روح پٿر جي زماني ۾ رهن ٿا


    جنگ

    توهين جنگ
    ڪاني ۽ بانسري سان نٿا
    کٽي سگهو


    اسان جا دشمن

    اسان جا دشمن
    اسان جون سرحدون پار نٿا ڪن
    پر اُهي ماڪوڙن جيان اسان جي
    ڪمزورين ذريعي گهڙي ٿا اچن


    اسين ماڻهو

    اسين ٿلهي چمڙي وارا ماڻهو آهيون
    جن جو اندر خالي آهي
    اسين پنهنجو وقت جادو منتر
    شطرنج کيڏڻ ۽ سمهڻ ۾ گذاريون ٿا
    ڇا اسين اُها قوم آهيون
    جنهن کي خدا انسانذات لاءِ
    رحمت بنايو آهي


    الزام

    حالتن تي الزام نه ڏيو
    آسمانن جو به ڏوهه نه ڪريو
    اهي اوهان کي ڇڏي ويٺا آهن
    خدا،جنهن کي چاهي فتح ڏياري
    اهو ڪو لوهار ناهي
    جو اوهان لاءِ تلوارون تيار رکي


    ٻڌي

    جيڪڏهن اسين ٻڌي کي صحرا
    ۾ دفن نه ڪريون ها
    جيڪڏهن اسين انهي جي نازڪ
    جسم کي ڀالن سان پروڻ نه ڪريون ها
    جيڪڏهن اسين ٻڌي کي اکين
    سان لڳائي رکون ها
    ته اڄ اسان جا جسم وحشي
    ڪتن جي ننهن ۽ ڏندن ۾ نه هجن ها


    اسان جو الميو

    اسان جو الميو اهو آهي ته
    اسان جا آواز اسان جي شعور
    کان وڌيڪ وڏا
    ۽ اسان جون تلوارون اسان
    جي قد کان وڏيون آهن


    ڪڏهن سمجهندين

    ڪڏهن سمجهندين!
    ڪڏهن سمجهندين سائين!
    آئون تنهنجي ٻين سُريتن جهڙي ناهيان
    مالِ غنيمت به ڪونه آهيان
    ۽ نه ڪو انگ آهيان
    جيڪو تون پنهنجي ريڪارڊ ۾
    درج ڪري سگهين
    ڪڏهن سمجهندين
    ڪڏهن سمجهندين
    اي ماتا واري چهري ۽ ٽيڙين ٽنگن وارا
    ريگستاني اُٺ
    ڪڏهن سمجهندين
    آئون تنهنجي سگريٽن جو
    ايشٽري نٿي ٿي سگهان
    تنهنجي سيرانديءَ جي زينت ٿيندڙ
    هزارين سِرن مان هڪ سِر به ناهيان
    ۽ نه ئي ڪو مجسمو آهيان
    جيڪو ڪنهن نيلام گهر ۾ رکيو وڃي
    آئون اها ڇاتي به ڪونه آهيان
    جنهن جي نرمي تي
    تون پنهنجون بد شڪل
    آڱرين جا نشان ڇڏين
    ڪڏهن سمجهندين
    تون مون کي پنهنجي ڌن
    ۽ شهزادي هجڻ کان متاثر نٿو
    ڪري سگهين
    ۽ اهو ته تون
    ڪنهن دنيا تي قبضو نٿو ڪري سگهين
    پنهنجي تيل ذريعي
    پنهنجي پيٽروليم ذريعي
    جيڪو تنهنجي لهرائيندڙ
    چوغن مان خارج ٿي رهيو آهي
    ۽ انهن ڪارن ذريعي
    جيڪي تون پنهنجي شهزادين جي پيرن ۾
    اڻ ڳڻي انگ ۾ اڇلين ٿو
    ڪٿي ڇڏي آيو آهين پنهنجي
    اُٺن جا ٿوها
    ڪٿي ڇڏي آيو آهين
    پنهنجي ٻانهن جا نقش نگار
    ڪٿي ڇڏي آيو آهين
    پنهنجي خيمن جا سوراخ
    اي ڦاٽل ٽيڙن پيرن وار
    خواهشن جا غلام
    تنهنجون گهرواريون
    فقط تنهنجي وندر جو سامان آهن
    خيمن تي تنهنجي هوس
    جي بسترن جو ڍير آهن
    تنهنجي ايوانن جي ديوارن تي
    ڪيڙن جيان حنوط ٿيل آهن
    ڪڏهن سمجهندين
    ڪڏهن
    آئون انهن مان ناهيان
    جيڪا تنهنجي دوزخ کان ڊڄي
    يا تنهنجي جنت ۾ دلچسپي رکي
    منهنجي لڄ تنهنجي سون
    جي ڍيرن کان وڌيڪ قيمتي آهي
    ۽ منهنجي سوچن جي آبهوا
    تنهنجي موسمن کان مختلف آهي
    تون جنهن جي رت جي ذرن ۾
    جاگيرداري آنا ڏئي ٿي ۽ ٻچا پالي ٿي
    ۽ جنهن سان انهيءَ جا صحرا ڳالهه ڪندي
    شرم محسوس ڪن ٿا
    ڪڏهن سمجهندين
    ڪڏهن
    اي غلاظتن جا ڪيڙا
    اي تيل جا شهزادا
    تون گند ۾ لٿ پٿ آهين
    پيٽروليم تنهنجو آهي
    انهي کي پنهنجي سُريتن
    جي قدمن ۾ نپوڙ
    پيرس جي نائٽ ڪلبن
    تنهنجي عزت کي ماري ڇڏيو آهي
    ۽ تو يروشلم وڪڻي ڇڏيو آهي
    پنهنجي ابن ڏاڏن جون
    هڏيون وڪڻي ڇڏيون آهن
    ڄڻ ته اسرائيل جي ڀالن
    اوهان جي ڀينرن جا حمل ڪونه ڪيرايا آهن
    ۽ توهان جا گهر تباهه ڪونه ڪيا آهن
    ۽ اوهان جا قرآن ڪونه ساڙيا آهن
    ڄڻ ته انهي پنهنجا جهنڊا
    اوهان جي جهنڊن جي ٽڪرن
    تي ڪونه لهرايا آهن
    جيڪي جافا ۾ حيفه ۾
    ۽ بيرشيبا ۾ وڻن تي ٽنگيا ويا
    اهي اوهان جا ڪجهه نٿي لڳا
    يروشلم پنهنجي رت ۾ ٻڏي رهيو آهي
    تون پنهنجي خواهشن جو شڪار آهين
    آسائشن جو مريض آهين
    عياشين جو اسير آهين
    ۽ ائين سمهي رهيو آهيان
    ڄڻ اهو الميو
    تنهنجي الميي جو حصو ناهي
    ڪڏهن سمجهندين
    تنهنجَي روح ۾ انسانيت ڪڏهن جاڳندي


    اسان جي اميد

    ٻارو!
    ائٽلانٽڪ کان عربي سمنڊ
    ۽ خليج تائين پکڙيل ٻارو
    توهين ڪڻڪ جي سنگن
    جيان اسان جي اميد آهيو
    توهين ئي اهو نسل آهيو
    جيڪو زنجيرون ٽوڙيندو
    جيڪو اسان جي سِرن جي
    آفيم کي ختم ڪندو
    اسان جي خوشفهمين،انديشن ۽ وهمن
    کي موت ڏيندا
    ٻارو!
    توهين معصوم ۽ خالص آهيو
    شبنم جي موتين ۽ برف جي ڳلن جيان
    صاف ۽ پاڪ آهيو
    اسان جي شڪست کاڌل نسل
    جي پوئواري نه ڪريو
    اسين ناڪام آهيون
    اسين بلڪل حقير،بيڪار آهيون
    هنداڻي جي کل جيان
    پراڻن جوتن وانگر آهيون
    اسان جي تاريخ نه پڙهو
    اسان جي نقشِ قدم تي نه هلو
    اسان جي خيالن تي ڪن نه ڌريو
    اسين بيمارن، ڊنل ماڻهن جو
    ٺڳن ۽ بازيگرن جو نسل آهيون
    ٻارو!
    توهين برسات آهيو
    اميد جا گونچ آهيو
    اسان جي بنجر زمين ۾ زرخيزي جا ٻج آهيو
    توهين ئي اهو نسل آهيو
    جيڪو اسان جي شڪست کي
    پنهنجي فتح ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو


    تصوير ۾ سبق

    منهنجو پٽ پنهنجي رنگن
    جي ڏٻي منهنجي اڳيان رکي ٿو
    ۽ مون کي چوي ٿو ته
    “منهنجي لاءِ پکي ٺاهي”
    آئون سرمئي رنگ ۾ برش ٻوڙيان ٿو ۽
    سلاخن ۽ تالي سان هڪ چوڪنڊو ٺاهيان ٿو
    هن جون اکيون حيرت سان ڀرجي اچن ٿيون
    “پر بابا هي ته زندان آهي
    توهان کي خبر ناهي ته پکي ڪيئن ٺاهبو آهي”
    ۽ آئون هن کي چوان ٿو
    “پٽ مون کي معاف ڪر مون کان
    پکين جي صورت وسري وئي آهي”
    منهنجو پٽ منهنجي اڳيان
    ڊرائينگ وارو ڪتاب رکي ٿو
    ۽ مون کي ڪڻڪ جو تِيلو ٺاهڻ لاءِ چوي ٿو
    ۽ آئون قلم جهليان ٿو ۽ بندوق ٺاهيان ٿو
    منهنجو پٽ منهنجي اڻڄاڻائي تي کلي ٿو
    “بابا توهان کي خبر ناهي ته بندوق ۽
    ڪڻڪ جي تيلي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟”
    “پٽ ڪنهن زماني ۾ مون
    کي ڪڻڪ جي شڪل
    ماني جي شڪل،گلاب جي
    شڪل جي خبر هئي
    پر هن ڏکي وقت ۾
    جڏهن وڻن ۽ جهنگن ۾
    هٿيار بند فوجي آهن
    ۽ گلاب ٿڪجي چڪا آهن
    هن وقت هٿيار بند ڪڻڪ،پکين
    ثقافت ۽ مذهب ۾ موجود آهن
    اتي توهان هڪ بندوق کانسواءِ ماني
    خريد نٿا ڪري سگهو
    اوهين باغ مان گلاب چهري ۾
    ڪنڊا لڳڻ کانسواءِ نٿا پٽي سگهو
    توهين ڪتاب به خريد نٿا ڪري سگهو
    جيڪو توهان جي آڱرين ۾ ڦاٽي نٿو”
    منهنجو پٽ بستري جي ڀر ۾ ويهي ٿو
    ۽ مونکي نظم پڙهڻ لاءِ چوي ٿو
    هڪ ڳوڙهو منهنجي اکين
    مان وهاڻي تي ڪري ٿو
    منهنجو پٽ اهو چٽي ٿو
    ۽ حيرت مان چوي ٿو
    “پر هي ته لڙڪ آهي بابا نظم ناهي
    ۽ آئون چوان ٿو ته
    جڏهن تون وڏو ٿيندين ٻچا
    ۽ عربي شاعري جو ديوان پڙهندين
    ته توکي معلوم ٿيندو ته
    لفظ ۽ لڙڪ ٻئي جاڙا ڀائر آهن
    ۽ عربي نظم انهي لڙڪ کان وڌيڪ ناهي
    جيڪو لکندڙ آڱرين ڳاڙيو آهي
    منهنجو پٽ قلم رکي ٿو
    پنهنجي رنگن جي ڏٻي
    منهنجي اڳيان رکي ٿو
    ۽ چوي ٿو ته آئون هن
    لاءِ هڪ وطن ٺاهيان
    برش منهنجن هٿن ۾ ڏڪي ٿو
    ۽ آئون روئڻ ۾ ٻڏي ٿو پوان


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465577
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186491
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ