ڪتاب جو نالو: درياء جي ڪپ تي
مصنف: گل نصرپوري
ڇپائيندڙ: اداره آواز ادب حيدرآباد
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1960
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 28 نومبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 512 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 380 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”درياء جي ڪپ تي“ سائين گُل نصرپوري جو لکيل ناول آهي جيڪو 1960ع ۾ اداره آوازِ ادب حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. گل نصرپوري لکي ٿو:
احساسات ۽ تاثرات جي هن مجموعي ۾ زندگي جي تمام لاهين چاڙهين سان گڏ قرب ۽ پيار جي به هڪ دنيا سمايل آهي جنهن ۾ اقرار به آهن ته تڪرار به ! لڙڪ به آهن ته ٽهڪ ! معافيون به آهن ته ميارون به ! جفائون به آهن ته وفائون به !
مطلب ته پنهنجي مطالعي ۽ تجربي آهر هن ناول سينگارڻ سان گڏ ڪهاڻي ۽ انجي اصولن جي پيرويءَ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪئي اٿم.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اداره ”آواز ادب“ جو ستون ڪتاب
  • سنڌ سلامت پاران
  • گذارش
  • پيش لفظ
  • پنهنجي پاران
  • گل نصرپوري : غلام محمد گرامي
  • ڪافي : گل نصرپوري
  • ناول

  • زندگي ۽ موت
  • شام و سحر
  • قفس ۽ آشيان
  • انتظار ڪرڻو پيو
  • رازدار
  • فيصلو
  • چند گھڙيون
  • چنڊ ۽ چڪور
  • خيال – يار
  • بد نظر
  • انڪشاف
  • دام
  • شيطان
  • ڪشمڪش
  • تلاش
  • فقير
  • صياد

  • اداره ”آواز ادب“ جو ستون ڪتاب

    دفعو پهريون جلد هڪ
    سال 1960ع

    قيمت 2:00

    ساليانو چندو
    حق واسطا قائم

    ملڻ جو هنڌ : ..
    اداره ”آواز ادب“ حيدرآباد سنڌ

    هي ڪتاب جمالي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو ۽ اداره آواز ادب حيدرآباد سنڌ جي سيڪريٽري رسول بخش “خمار ” ڇپائي شايع ڪيو .


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (301) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”درياء جي ڪپ تي“ سائين گُل نصرپوري جو لکيل ناول آهي جيڪو 1960ع ۾ اداره آوازِ ادب حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
    سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، سندس ٿورائتا آهيون جو پاڻ هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿن. ڪتاب جنهن تان ناول ڪمپوز ڪيل آهي سو پراڻو ۽ ڪجهه پنا ڦاٽل هيا جنهن سبب ڪٿي ڪٿي ڪي سِٽون، ڪي لفظ کُٽل آهن. ان لاءِ پڙهندڙن کان اڳواٽ معافي جا طلبگار آهيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    گذارش

    لکين لائق ۽ ڪروڙين ڪرم انهي مالڪ جا چئبا جنهن اسان بي پهچ انسانن کي پنهنجي پياري زبان ۽ سنڌي علم وادب جي خدمت ڪرڻ جي قوت بخشي .
    اداره آواز ادب جي نئين سال جو پهريون ڪتاب ”درياءَ جي ڪپ تي“ ناول پيش ڪندي قدري خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون .هي تخليقي ناول سونهاري سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ اديب محترم گل نصرپوري جي ڪاوش جو نتيجو آهي . جو اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو .
    گذريل سالن وارن ڪتابن عمير زندگي ، حسنه ،سورج شاخون ڪڍيون ، انصاف ڪٿي آهي ؟ فتوحات بابر ۽ سپون جو پڙهندڙن طرفان جيڪو قدر ڪيو ويو سو هن اداره جي ڪارڪنن لاءِ نهايت همٿ افزائي جو باعث آهي .
    ههڙن اهم علمي ۽ ادبي ڪمن ۾ تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو ته شمار ئي ڪونهي پر اسان انهن سان مقابلي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي انشاءَ الله اهي تڪليفون ئي نه رهنديون .
    هي انهيءَ سنڌيءَکي جيڪو پنهنجي دل ۾ سنڌي ادب ۾ محبت رکي ٿو تنهن کي مودبانه التماس ٿي ڪجي ته اهو صاحب پنهنجي زبان ۽ ادب جي ڀلائي ۽ بهتري خاطر هن ادبي اداره جو ميمبر ٿئي نه رڳو ايترو پر پنهنجي دوستن کي همٿائي ته هو پڻ ميمبر ٿين جنهن ۾ اداري جو به اجتماعي فائدو آهي .
    تعليمي ڪميشن جي سفارش موجب اسانجي ٻاجھاري ٻوليءَ کي جيڪي گھڻا اچي لڳا آهن تنجو جيڪڏهن موزون تدارڪ نه ڪبو ته اهي سرا نه رڳو اسانجي ادبي اناج کي کائي بيڪار نستو ۽ ناڪاره بڻائي ڇڏيندا بلڪ اسانجي قوم کي ڪولهين کان بدتر حالت ۾ رکڻ جي ڪوشس ڪندا .
    ان بابت سنڌ جي دانشورن اديبن غلامن مفڪرن ،ايڊيٽرن ۽ عوام پنهنجا انديشا ظاهر ڪيا ۽ پنهنجو پاسو آرسي وانگر چٽو ۽ صاف ڪري پاڪستان جي وفا شعار ۽ وفادار شهرين جي حيثيت ۾ ،قانوني حدن اندر رهندي نهايت سانتيڪي ۽ ڳنڀير نموني ۾ حڪومت کي حالتن کان واقف ڪيو . پر خدا ٿو ڃاڻي ته الائي ڪهڙيون رنڊڪون آهن سرڪار سڳوري بي سمجھه ٻار وانگر کوهه ڏانهن ڊوڙندي پئي وڃي .
    اسان کي پاڪستان پيارو آهي ۽ اهو اسانجو قومي فرض آهي ته اسين انجي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون .ائين نه ٿئي جو چند دانسته يا نا دانسته ٿيل غلطين جي ڪري پاڪستانين جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ نفرت ۽ بڇان جو ٻج پاڙ هڻي وڃي ۽ اسانجو ملڪ محبت ڪرڻ بدران نفرت جو شڪار ٿي وڃي. تنهنڪري سنڌ جي معزز ۽ مانوارن عيوضين بنيادي ۽ چيئرمينن کي عرض آهي ته هو پنهنجو فرض سمجهي هرهڪ يونين ڪائونسل مان هيٺيون ٺهراءُ پاس ڪري سنڌي ٻولي کي اعلى تعليم تائين ذريعو تعليم ڏنو وڃي ۽ ان جي ترقيءَ جا تمام وسيلا مهيا ڪري ڏنا وڃن

    سيڪريٽري


    پيش لفظ

    اهڙي طرح احساسات ۽ تاثرات جي هن مجموعي ۾ زندگي جي تمام لاهين چاڙهين سان گڏ قرب ۽ پيار جي به هڪ دنيا سمايل آهي جنهن ۾ اقرار به آهن ته تڪرار به ! لڙڪ به آهن ته ٽهڪ ! معافيون به آهن ته ميارون به ! جفائون به آهن ته وفائون به !
    مطلب ته پنهنجي مطالعي ۽ تجربي آهر هن ناول سينگارڻ سان گڏ ڪهاڻي ۽ انجي اصولن جي پيرويءَ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪئي اٿم تاهم به انسان خطا جو گھر آهي ۽ هيءَ منهنجي پهرين ڪوشش آهي ،ٿي سگھي ٿو ته ڪا غلطي مون کان به رهجي ويئي هجي . هن متعلق مهربان پڙهندڙن کي هڪ خاص عرض آهي ته جيڪڏهن ته جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي ڪابه فني غلطي نظر اچي ته براه ڪرم مون کي ضرور آگاهه ڪري هن کي آئون احسان ۽ ادبي خدمت سمجھندس ۽ نه بيجا تنقيد .
    سر- دست هڪ ٻيو عرض ڪري ڇڏيان ته هيءَ ڪهاڻي بذات خود ۽ منجھس ڪم آندل جملي اسم سڀ فرضي آهن اشاريت ۽ رزميت کان خصوصا گريز ڪيو اٿم . باقي ۽ مڪان حقيقي آهن اهي ته منهنجي زندگي جي زماني سان تعلق رکن ٿا .انهن کي فرضي ڪيئن چوان ؟ اهي ڪالهه به هئا اڄ به آهن ۽ سڀاڻي به هوندا . ڪالهه ڪٿ اڄ ڪٿي ۽ سڀاڻ ڪٿي . زندگي به ڄڻ ته هڪ سفر آهي.

    حيدرآباد
    23 مارچ 1960ع

    مخلص

    گل حسن گل نصرپوري
    اسٽنٽ ٽيچر پرئڪسٽنگ اسڪول
    ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد


    پنهنجي پاران

    جڏهن مون نصرپور جي ماڳن ، مڪانن ۽ ماڻهن وغيره تي منهنجي محترم ساٿي ريحان ابڙو ( محمود احمد ابڙو ) سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور سان گڏ مختلف ماڳن تي وڃڻ شروع ڪيو جنهن کي دوستن رولاڪي جو نالو ڏنو . جتان جيڪا به اسان کي معلومات ملندي هئي ان کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام يا فيس بوڪ جي ذريعي دوستن سان ونڊيندا هئاسين . جنهن جي اسان کي سهڻي موٽ ملي دوستن جي همت افزائي اسان ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو . ان ئي ڳولا ۾ مون کي دوستن گل حسن جنهن جو ادبي نالو گل نصرپوري هو . جيڪو هڪ بهترين استاد ، شاعر ۽ ناول نگار هو جنهن جي باري ۾ دوستن چيو ته لکو . ان بابت ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوشش به ڪئي پر ڪجھه به ڄاڻ نه ملي . هڪ دفعي انٽر نيٽ تي سرچ ڪندي سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي مهراڻ رسالي ۾ محترم غلام محمد گرامي جو مضمون ملي ويو. اسان جي بڪيرا شريف جي ادبي دوست محترم عبدالله جروار به ان بابت ڪجھه لکيو . جنهن ڪري مون اهو سوچيو ته هن بابت جامع ڄاڻ حاصل ڪجي جنهن ڪري نصرپور ۾ هڪ دوست سان مليس جنهن هن جي ڀائيٽي گل حسن ميمڻ جو نمبر ڏنو جنهن کي محترم گل نصرپوري جو فوٽو ۽ ان بابت معلومات ڏيڻ جي لاءِ عرض ڪيم جنهن گل نصرپوري جو فوٽو انباڪس ڪري موڪيلو.
    ڪافي دوستن هن جي ناول “درياءَ جي ڪپ تي ” جي باري ۾ ٻڌايو ته اهو هڪ اهم ناول آهي جيڪو هڪ شاهڪار ناول آهي جنهن ڪري ان ناول جي ڳولا ۾ هٿ پير هڻڻ لڳس پر ڪتاب نه مليو . ڪافي دوستن کي لائبررين ۾ ڳولا ڪرڻ جي لاءِ چيم پر هر طرف کان ناڪامي ملي . پر اهو عهد ڪري ته ان ناول کي هٿ ڪبو . ائين نصرپور جي بهترين شاعر ، استاد ، ناول نگار محترم سعد الله سپاهي جي فرزند احسان الله ابڙو جيڪو استاد آهي ۽ امان الله ابڙو جيڪو خود به شاعر آهي . شرجيل عرف وسيم ابڙو جيڪو سرڪاري ملازم آهي ان سان ڳالهه ڪيم انهن چيو ته اسان ڪنهن وقت بابا سائين جي لائبرري ۾ ڏٺو هو . مون کي ملڻ جي اميد ٿي ته هاڻي ملندو . ائين هڪ هفتي جي ڳولا بعد ناول ملي ويو . پر ناول جا پنا تمام ڪمزورهئا ، ڪافي جاين تان پنا ڦاٽل هئا ۽ لفظ گم هئا . جيڪو ثابت مليو ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيم . ان کي ڪمپوزنگ ڪرڻ لڳس . هڪ دوست جيڪو بهترين شاعر آهي ان صلاح ڏني ته هن کي آن لائين لا.برري ۾ موڪليو .جيئن ڪاپي سٺ سال پراڻي آهي جنهن ڪري ڪافي جاين تي لفظ نه آهن . پر جهڙو حال آهي اهڙو پيش آهي .هن ۾ ڪافي جاين تي لفظ نه آهن ان جو سبب ڪتاب مان پنن جو ڦاٽڻ آهي . هي منهنجي ڪوشش دوستن اڳيان آهي جنهن کي دوست پڙهي پنهنجي راءِ کان نوازيندا . هن ڪم ۾ جن به سڄڻن ساٿ ڏنو انهن جا لک ٿورا .


    خادم گھراڻو
    مٽياري چؤنڪ نصرپور
    3112772472


    گل نصرپوري : غلام محمد گرامي

    (هيءُ مواد گل نصرپوري بابت مهراڻ 1966ع جي رسالي ۽ ويا سي وينجھار 1977ع جي رسالي مان جيڪو مضمون محترم غلام محمد گرامي جا لکيل آهن ، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر ليکڪ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي ڪتاب معلومات خاطر کنيل آهي . جيئن اڄ جي نوجوانن ۽ شاگردن کي هن عطيم انسان بابت ڄاڻ ملي سگھي )

    اي موت! شل ڪو موت پَوَئي! شل مري وڃين!
    سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنهنجي پياري شخصيت ۽ من موهڻي مورت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي ورڇي ورهائي، 29 سيپٽمبر 1965ع تي الوداع ڪري ويو! گل واقعي اسم با مسميٰ گل هو. هڪ شريف ۽ ساده دل، با اختلاف ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، هزار خوبين جو مالڪ هو!اڃا شاخ حيات تي هوُ “نو شگفته گل” وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي هو، ته خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمهلائتي جهوٽي، کيس هميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نهوڙي رکيو!ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. جدوجهد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀ کان اول، مون سان سندس تعلقات پيدا ٿيا. سندن تحريرن ۽ شعر و شاعري جي اصلاح، ٽن سالن تائين جاري رهي. آخري وقت ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب “طالب الموليٰ” سان سندس نيازمندانه تعلقات رهيا، ۽ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۾ دل کولي حصو ورتائين ۽ انهن کان اصلاح ورتائين.جگر جي خرابيءَ جي سلسلي ۾ وڏي اسپتال ۾ ٽي ڀيرا داخل ٿيو ۽ اتي ٽئين ڀيرا موت سان مقابل ٿيو. ٽئي ڀيرا کيس، آڪسيجن ٿئٽر ۾ بند ڪيو ويو. طبع پرسي ۽ نگهداشت جي سلسلي ۾، حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم محمد امين صاحب “فهيم” ۽ مان، هر ڀيري اسپتال ۾ ويندا رهياسون. ڊاڪٽرن کي تاڪيد ڪندا رهياسون. دوا دارون جي سلسلي ۾ ڪا به فروگذاشت نه ڪئي ويئي. سندس غريب مائٽن، اگر تگر گلجي پويان گل ڪيو. ٻه_چار مهينا صحيتاب ٿيو. علم و ادب ۾ سرهاڻ پکيڙيندورهيو، مجلسن ۾ ايندو رهيو، مشاعرن ۾ شعر پڙهندو رهيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو رهيو.هڪ ڏينهن اوچتو سندس طبيعت وري خراب ٿي، کيس آمريڪن استال لطيف آباد ۾ داخل ڪيو ويو. هوشيار ڊاڪٽرن جي علاج ۽ تيمارداريءَ سان چوٿون ڀيرو موت جي چنبي مان بچي نڪتو. هلندو رهيو وقت گذاريندو رهيو.رسالي “مهراڻ” لاءِ مرحوم ڪيانيءَ جون تقريرون ترجمو ڪيائين، جي “مهراڻ” ۾ شايع ڪيون ويون.اڃا تائين تقرير هٿ ۾ هئس ته بيماريءَ جي اوچتي حملي جهوري ڪيرائي بستري داخل ڪري وڌس.علاج جاري رهيو، موسمين جي رس سندس غذا رهي! پر گل کي ته معطر نشونما، ۽ عطربيز چمن واري ماحول جي ضرورت هئي!__ گهر جي تنگ ۽ تايرڪ ڪوٺيءَ ۾ سندس پساهه تي بار پيو. مون ڏانهن خط لکندو رهيو، تاثرات بيان ڪندورهيو، واردات ۽ ڪيفيات جو رنگين وجدانگيز عالم، لفظن جي لباس ۾ مون ڏانهن موڪليندو رهيو. منهنجي تسلي برِ صواب نه ٿي.29_ سيپٽمبر 1965ع تي پنهنجي پوڙهي پيءُ، غمزده ماءُ، الم نصيب ڀينرن، دلبند ڀائرن کان آخري موڪلاڻي ڪيائين!__ ۽ سڀني کي ڳر لڳي موڪليائين.اسان وياسين، ڳوڙها ڳاڙي آياسين! سندس غم نصيب والده جون عرش رسا آهون ۽ دانهون اڄ به عرش عظيم جي دروازن سان ٽڪرائجي رهيون آهن.نو شگفته گل، ائين مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي الله ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه به نه ڏٺائين، اڃا شادي به ڪا نه ڪئي هئائين، سندس مڱڻو ٿيل هو، شاديءَ ۾ اڃا ٻه مهينا دير هئي.
    اسان وٽ سندس ڪتاب “درياءَ جي ڪپ تي”، سندس شعر ۽ ڪلام جو بياض، مهراڻ رسالي ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ٻه_چار مقالا، سندس ايم.اي ۾ لکيل مقالو، ۽سندس اهي خط، جي مون ڏانهن لکندو رهيو، علمي يادگار طور باقي رهجي ويا آهن. رهي نام الله ڪا!

    ڪَڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻَڌي نينهن جي،
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. (لطيف)

    انا لله وانا اليہ راجعون.
    “گل” تو تي الله جي رحمت هجي!

    ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجي ڪتاب ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر ۾ صفحي 423 کان 425 تي جيڪو شيخ شوڪت علي اينڊ سنز جي طرفان شايع ٿيو هو ان گل نصرپوري جي باري ۾ لکيو ته مرحوم گل حسن ميمڻ نصرپور جو رهاڪو هو . سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان ايم اي ڪيائين هو هڪ ذهين شاگرد هو ۽ پرائمري ٽيچر هو . ناول درياءُ جي ڪپ تي 1960ع ۾ گل نصرپور ي لکيو اداره آواز ادب وارن شايع ڪيو هي هڪ سماجي ناول آهي جنهن ۾ رومانوي پهلو سان گڏ زندگي جون لاهيون چاڙهيون قرب ۽ پيار ،جي دنيا سمايل آهي جنهن ۾ اقرار تڪرار معافيون ۽ ميارون به آهن هي ناول حقيقت نگاري واري فلسفي سان وواسطو رکي ٿو .ناول جو ليکڪ لکي ٿو ته 1956ع سخت مينهن ۽ ٻوڏن جي اوچتن حادثن جون متواتر خبرون ٻڌي خيالن ۾ وداع ۽ وڇوڙيا جا نوان نقش ٺهڻ لڳا . دل جي پراڻن زخمن ۾ نئين سر رس ڀرجي آيو .چاڪ وري چڪڻ لڳا چڪندا رهيا تان جو چور ٿيل دل چيري کڻي اڳيان رکيم . اهوئي هن ناول جو مقصد ۽ موضوع آهي جنهن کي گل نصرپوري نهايت سهڻي طريقي سان پيش ڪيو آهي هن ناول ۾ ليکڪ سهڻي منظر نگاري به پيش ڪئي آهي . صفحي 71 تي لکي ٿو ته ملهار جي من موهيندڙ موسم هئي ڪارن ڀورن ڪڪرن جون قطارون خلا ۾ ائين هلي رهيون هنيون جيئن ٿڪل سپاهين جا دستا ڪمانڊر جي حڪم تي مجبور اڳتي وڌي رهيا هئا. وڄ نئين نويلي ڪنوار وانگر ڪڪرن جي گھونگھٽ مان هر هر منهن ڪڍي ڪائنات کي روشن ڪري وري لڪي ٿي ويئي . مهراڻ به اڄ موج ۾ هو وهڪري جو شور لهرن جا ڪنارن سان لڳڻ جا آواز ڇولين و گوڙ ڪتن جا ڀؤنڪاٽ ڍڳن جي چنگ جا سريلا آواز گگن جون گجڪارون وڻن جي پنن جي سرسراهٽ آبي جانورن جيتن جا آواز گدڙن جون اونايون ڪناري تي بيٺل ملاحن جا آواز فضا ۾ چوطرف پکڙجي رهيا هئا .هن ناول ۾ سماج جي ڪيترن ئي براين جو عڪس بيان ڪيل آهي . انسان جي ارادي ۽ تقدير جي فرق واضع ڪندي لکي ٿو ته ڇو اچي دل لوڏي اٿو قدرت سخت کان سخت ڇولين مان بچائڻ واري آهي پاڻ ته اڃا سڪي تي آهيون انسان جي ارادن ۽ تقدير ۾ فرق به ٿيندو آهي ڇا ؟ تقدير ته هڪ نقش آهي جنهن جي ليڪن مٿان انسان هلندو رهندو آهي جڏهن ائين آهي ته انسان ڪهڙي حالت ۾ انهن ليڪن جي ابتڙ هلي سگھي ٿو معنى اسان جا ارادا تقدير مطابق هوندا آهن . گل حسن نصرپوري هن ناول جي عبارت نهايت صاف ۽ ٻولي تمام سهڻي ۽ سولي آهي ڪٿي به ڏکيا لفظ منجھائيندڙ جملا پيش ڪونهن . بلڪ هر ڳالهه سادگي سان بيان ڪيل آهي هن ناول جي ٻولي جو مثال پيش ڪجي ٿو . هتي جي هوا نج هئي کاڌو پيتو نج هو وٽن محبت جا مال ايمان اڻ کٽ خزانا هئا غريبي گذران هو . مگر پيٽ ڀري کاڌائون ٿي مفلس هئا مگر محبت ۽ ميٺ وٽائن موڪلائي نه وئي هئي گھڻو نه هو ته به راضي ۽ ٿورو هون ته به سرهيا ٿي رهيا .ڀلا جي ماڳهين ڪونه هون ته به صبر ۽ شڪر کا هٿان نه ٿي ڇڏيائون .گل نصرپوري جو اهو ئي هڪڙو ناول لکيل آهي هن کي رب وڌيڪ مهلت ڪانه ڏني هو نوجوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو بهرحال اهو هڪ نال ئي سنڌي ادب جي ڪامياب ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ گل خود نامياري ناول نگار جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي.


    ڪافي : گل نصرپوري

    وصل وارو ڪو وراءِ ،ڇڏ وڃڻ جون يار وايون .
    محب مهڻا موڪلي ، هيئن ڪيم سڪندن کي سڪاءِ ،
    سور سهسين ڏئي نه هيئن ،ويتر سڙيءَ دل کي ستاءِ
    هڪ جلڻ ۽ ٻيون جدايون ،ڇڏ وڃڻ جون يار وايون .
    هوڏ ڇڏي هيڪاري هيڏيون ڪيم هيڻن سان هلاءِ ،
    ڪٽ وڇڏڙا قرب سان ، اچ وک وصالي ڪا وڌاءِ ،
    هاڻ مارن هيڪلايون ،ڇڏ وڃڻ جون يار وايون .
    ڪنهن سيکاريئي ، ورھ وارن کان مٺا منهڙو مٽاءِ ،
    لئو ن لڳائي پوءِ پيارا ڪيم رخ لالڻ لڪاءِ ،
    جوڙ جانب جيءَ ۾ جايون ، ڇڏ وڃڻ جون يار وايون
    پرت سان جيڪي ٻڌءِ ٻولون اچي پاري پڄاءِ ،
    ننگ سڃاڻي ناميارا ! نينهن جو ناتو نڀاءِ
    ڪار ۾ ناهن ڪچايون ، ڇڏ وڃڻ جون يار وايون .
    اچ اڱڻ تي يار هاڻي ،يا کڻي گل کي گھراءِ ،
    پر ڪنهن حيلي وسيلي رخ رنگي پريم پساءِ
    ٿيون هن اکڙيون اڃايون ،ڇڏ وڃڻ جون يار وايون


    ناول

    زندگي ۽ موت

    عجيب آهه زندگي جي ڪشمش
    عجيب آهي موت جي به ڪشمڪش
    حقيقتا ٻنهي کي ڪجھهه نه ئي چئجي
    ٻنهي جي درميان به آهه پنج وشش
    “گل ”

    ملهار جي من موهيندڙ موسم هئي. ڪارن ڀورن ڪڪرن جون قطارون خلا ۾ ائين هلي رهيون هيون،جيئن ٿڪل سپاهين جا دستا ڪمانڊر جي حڪم تي مجبور اڳتي وڌي رهيا هجن وڄ نئن نويلي ڪنوار وانگر ڪڪرن جي گھونگھٽ مان هر هر منهن ڪڍي ڪائنات کي روشن ڪري وري لڪي ٿي ويئي. مهراڻ به اڄ موج ۾ هو.وهڪري جو شور لهرن جو ڪنارن سان لڳڻ جا آواز ڇولين جو گوڙ ڪتن جا بونڪاٽ چنگن جا سريلا آواز، گگن جون گجڪارون، وڻن جي پنن جي سرسراهٽ،آبي جانورن ۽ جيتن جا آواز،گدڙن جون اونايون ۽ ڪناري تي بيٺل ملاحن جي ڳلهائڻ جا آواز فضا ۾ چوطرف پکڙي رهيا هئا.تيز مينهن ختم ٿيو هو ۽ سنهي سنهي بوند اڃا پئي پيئي ۽ واديءَ جا تمام وڻ ۽ گل آسماني آب سان غسل ڪري صاف سٿرا ٿي پيا هئا. وڻن جي چهچ ساون پنن ۽ رنگين گلن تي بوند جا سفيد ۽ شفاف قطرا پئي گڏ ٿيندا ويا. ۽ وڄ جي چمڪاٽ تي اهي شفاف قطرا ائين پئي لڳا ڄڻ ملائڪن وڻن ۽ گلن تي جواهر ويهي جڙيا آهن. هوا مسلسل ۽ تيز ته ڪانه هئي البت رکيو رکيو ڪو جھوٽو لڳو ٿي. هوا جي لڳڻ سان پنن جنبش کاڌي ٿي ۽ ملائڪن جا جڙيل موتي ائين قطارون ڪري زمين طرف ٿي آيا جهڙا نيڻن جا نار ! اهڙي طرح بوند به پئي پيئي...... موتي به پئي ٺهيا......۽ لڙڪ به پئي وهيا. اونداهي رات ۾ ڪجھه نظر اچڻ ته مشڪل هو باقي وڄ جي اوچتي چمڪاٽ تي مهراڻ جو سفيد چانديءَ جھڙو هيٺ مٿانهون لڏندڙ ۽ تيز وهندڙ مٿاڇرو نظر آيو ٿي ۽ وري ساري عالم تي اونداهي ڇائنجي ٿي ويئي. مهراڻ جي اڄوڪي مستيءَ ملاحن کي ئي منجھائي وڌو هو. چوطرف ٻوڏن جا هل هئا شهرن ۾ به پرپٺ اخبارن ۽ ريڊين ذريعي فقط خبرون ئي ٿي پهتيون.مگر غريب ملاح جن جي اکين اڳيان گھرو سامان مردن عورتن ۽ ٻارن جا لاش،وڻ،مال ۽ جھنگلي جانور لڙهندا لهار ويندا هئا،تن جو ڪهڙو حال هوندو ! ڪناري تي بيٺل چند ملاح ڪڪرن ۽ درياءَ جي ڇولين طرف نهاري رهيا هئا. بيٺلن مان هڪ نهايت عاجزيءَ سان آسمان ڏانهن نهاري چيو “ يا پروردگار اسان غريبن جو تون ئي نگهبان آهين ” سڀني ٿڌا شوڪارا ڀريا.
    پاڻي جئن پوءِ تيئن وڌندو رهي ٿو هڪ ٻئي ملاح پاڻيءَ جي وڌيل حد ۽ سنڌي واري ڪاٺيءَ ڏانهن نهاريندي چيو “اڄ شام کان وٺي درياه ساڳي رفتار سان چڙهي رهيو آهي ”
    پهرين ملاح تائيد ڪندي وراڻيو.
    “ ٻيلي ڏيو خبر پاڻيءَ جي” هڪ ملاح پريان بند تان ايندي چيو.
    “ ساڳيو حال آهي خدا کي ياد ڪري ” بيٺلن مان هڪ چيو
    يا خدا ٽن ڏينهن کان مار نه ڪيو اٿئون هاڻي ته ٻچا به ٿا لڙهن. ايندڙ ملاح آسمان طرف هٿ کڻي چيو.وڄ جي لڪ ڇپ راند چالو هئي. ٻوڏ جون ثابتيون وهڪري مان نظر اچي رهيون هيون. ڪاٺ جا سامان،جانور، ۽ ماڻهن جا لاش بدستور تري رهيا هئا بعضي ڇولين جي ٽڪر جي رخ بدلائڻ جي سلسلي ۾ ڪا شيءِ ڌڪجي ڪناري جي ويجھو ايندي ايندي وري واپس هلي ٿي ويئي.اوچتو هوا ۾ غير معمولي تيزي اچي ويئي ۽ گجڪار جي هڪ وڏي ڌماڪي سان مينهن وري شروع ٿي ويو. مينهن جي سٽ سٽان ۽ طوفان جو طرف هڪ هنگامو مچائي ڏنو.ملاح جي پاڻيءُ جي واڌ جاچڻ لاءِ مقرر ڪيل هئا، مينهن ۾ پسي رهيا هئا ۽ وڄ جي چمڪاٽ تي بار بار منهن تان پاڻي اگھندا پاڻيءَ جي واڌ واري سنڌي ۾ نهاريندا رهيا. حضرت رعد ڪڪرن جي ڪاهليءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو.چهبڪ الاري دڙڪا ڏيئي پيو ڪڪرن کي وسائي. مطلب ته مهراڻ ۽ مينهن زمين آسمان هڪ ڪري ڏنو هوا، بارش ۽ گجڪار سان گڏ کنوڻ به جلدي جلدي پئي چمڪي پريان..... مهراڻ جي مٿاڇري تي ڪا شي ترندي نظر آئي.
    ٻيلي ! اهو وري ڇا ترندو اچي ؟ بيٺلن مان هڪ اشارو ڪري چيو.
    “ڇا ڏسي..... ڇا ڏسون ؟ الامان !قيامت آهي !” هڪ ٻڍڙي ملاح آسمان طرف نهاريندي چيو.
    “ڇولين ۾ لڙهندو هڪ تختو ويجھو اچڻ لڳو” ۽ ساڳئي پهرين ملاح واڪو ڪري چيو پر يار ! “هي ته لاش آهي. توبهه.... توبهه تختو آهسته آهسته ويجھو ٿيندو ويو. “ويچارو ماشوڙو ! يا الله تنهنجي پناهه ۽ پردو ” ٻڍڙي ملاح عجب ۽ عاجزيءَ سان چيو.
    چاچا !ڪڍونس ڇا ٻاهر ؟ هڪ نوجوان چيو.
    ڪٿي وڃي واڳن جي ور چڙهندو.
    “ ڇو ٿا پاڻکي آفت ۾ اڇليو، جيئرو هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي ” پوڙهي کنگھندي چيو.
    درياهه جو دور بدستور جاري هو ڇولين به ڇيهه ڇني ڇڏيا هئا. قدرتا اهو تختو هڪ وڏي ڇوليءَ سان گھلبو ڪناري جي بلڪل قريب آيو.وڄ چمڪي ۽ ٻار سڀني کي صاف صاف نظر آيو.
    “ خدا جي قدرت آهي هي به ڪنهن جو آنڊو هوندو ” ٻڍڙي ڏکاري لهجي ۾ چيو.
    تختو ايندي ايندي وري واپس وڃڻ لڳو ۽ واٽ تان ٿي وري ٻي زبردست ڇوليءَ جي ڇڪ تي اڳئين کان به تيز رفتار سان ايندو نظر آيو. ڪناري سان لڳڻ کان ٿورو اڳ ڪنهن وڏي پٿر سان ٽڪرجي اونڌو ٿي پيو ۽ هڪ بيساخته سنهي چيخ سان لاش سميت پاڻيءَ ۾ غائب ٿي ويو عين انهيءَ وقت پاڻيءَ ۾ هڪ ٻيو به ڌماڪو ٿيو ۽ بيٺلن مان هڪ ملاح ساڳين ڇولين ۾ گم ٿي ويو. هڪ منٽ بعد ساڳيو ملاح ٻار سميت ٻاهر نڪري رهيو هو.
    “ نيٺ نه مڙئين ” ٻڍڙي تنگ ٿيندي چيو.
    “چاچا اکين ڏٺو جيئرو ماشوم ڪيئن موت جي منهن ۾ ڇڏيان ؟ ملاح پاڻيءَ مان نڪرندي چيو.
    “ته ڇا ٻار جيئرو آهي ” هڪ ٻئي ملاح پڇيو.
    ها.....ها مون دانهن ٻڌندي ئي کڻي الله توهار ڪئي خدا ڪيو جو هڪ ئي چڪر ۾ هٿ چڙهي ويو ” ملاح سهڪندي چيو.
    “ ڪهڙو نه سهڻو ٻار آهي ” ٻڍڙي ٻار کي غور سان نهاريندي چيو. مينهن آهستي آهستي بند ٿيندو ويو ۽ ٻه ملاح ٻار کي آڍڻ ۽ پاڻي ڪڍڻ بعد آلن ڪپڙن ۾ ويڙهي بند ڏي هلڻ لڳا.
    ٿوري وقت بعد محمد ملاح جي گھر ۾ هڪ 7سالن جو ٻار بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪپڙن ۾ ويڙهيو ستو پيو هو “ ڪيئن آهي پاڻيءَ جو حال ” محمد ملاح جي زال هراسيل لهجي سان پڇيو.
    “ ڇو اچي دل لوڏي اٿو قدرت سخت کان سخت ڇولين مان بچائڻ واري آهي پاڻ ته اڃا سڪي تي آهيون ” محمد ملاح ٻار ڏانهن نهاريندي چيو.
    “ الله وڏي ڄمار ڏئيس ٻار ته ڪو وڏن ماڻهن جو ٿو ڏسجي ” محمد جي زال ٻار جي مٿي تان هٿ ڦيرائيندي چيو.
    “ خدا ڪري جلدي سجاڳ ٿئي خبر ناهي هن جا مائٽ زنده آهن يا اهي به ويا واٽ وٺي ” محمد چيو رات اڌ کان زياده ته اڳ گذري چڪي هئي باقي رات به خدا خدا ڪري گذاريائون ڪڪڙن پرهه جا دس هڻڻ شروع ڪيا ٻار پهرين ڇرڪ ڀريو ۽ پوءِ آهستي آهستي سجاڳ ٿيو ۽ هي نئون ماحول ڏسي رڻڻ لڳو. زال مڙس ٻنهي ڪيترين ڪوششن بعد کيس سرچايو.ڇوڪر پنهنجو نالو محب علي ٻڌايو.


    شام و سحر

    هڪ جهان بي بقا به آهي جتي،
    زندگي رنگينن ۾ گذري ٿي،
    هڪ جهان جاوداب به آهه جتي
    هر گھڙي مايوسين ۾ گذري ٿي
    “گل ”

    دستور آهي ته انسان جڏهن زندگيءَ جي ڪنهن اهڙي موڙ تان گذرندو آهي جتي هن کي مسلسل مايوسين ۽ غم حيات جي تمام تلخين سان دوچار ٿيڻو پوي ٿو ته هو ڪيترو به خوش مزاج، بردبار ۽ سخت دل هوندي هميشه غمگين ئي گذاريندو آهي گردش دوران جي مختلف حالات جي اثرن کي قبول ڪرڻ ايتريقدر جو هن جي ساري زندگي غم آلوده رهجي وڃي، ته هر انسان جي فطرت ۾ داخل آهي.اهڙي مايوس ۽ نراس شخص جي هر عمل مان بيدلي پيئي ظاهر ٿيندي.هن جو هر لفظ درد جو داستان هر قدم ڏک جي ڏهٺائي هر ادا سورن جي ساک ۽ هر نظر اشڪن سان آلي رهندي آهي.هاڻي پنهنجي دل تي ڪجھه هٿ رکي ڏسجي ته اهو ستن سالن جو معصوم ۽ مظلوم ٻار، جنهن کان مائٽ ههڙي دردناڪ حالت ۾ وڇڙي ويا هجن، جنهن پنهنجين اکين سان زندگيءَ جي هر سهاري کي غرقاب ٿيندو ڏٺو هجي جنهن تصور ۾ ٻوڏ جو قيامت جهڙو منظر بار بار ڦري رهيو هجي، جنهن جي ڪنن ۾ ماءُ پيءُ جا آخرين الفاظ....... او منهنجا ٻچڙ ا...... او منهنجا اکين ٺار........ هر گھڙي ٻري رهيا هجن، جنهن جي تخيل ۾ ننڍڙي ڀاءُ جون چلولايون ۽ ٻاتڙيون ٻوليون هڪ جيڏن جا ٽهڪ گونججي رهيا هجن، جنهن جي اڳيان ڳوٺ جا ٻار پنهنجي مائٽن کي امان........ بابا ڪري سڏي رهيا هجن، ڪهڙي ڪشمڪش ۾ مبتلا هوندو ؟ يتيم محب علي جنهن جي تقدير ۾ صرف چند بهارون لکيل هيون هر وقت پورن ۾ گذاريندو هو. هن جي زبان اڃا امان..... بابا چوڻ لاءِ بيتاب هئي. هن جا ڪن پيءُ جي پيارن گفتن ماءُ جي لولين ۽ ننڍڙي ڀاءُ جي پيارن ٽهڪن کي ساريندا هئا. هن جون اکيون انهن سڀني وڇڙي ويلن جون متلاشي ۽ اشڪبار رهنديون هيون. هو دنيا جي چونڊيل بدنصيبن مان هڪ هو. ههڙين ڇولين ۽ ڪنن مان شايد بچيو ئي انهيءَ لاءِ هو ته باقي گھڙيون زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ گهاري. جنهن مهل ڏس هي خاموش،معصوميت، ۽ مظلوميت جو پتلو نظر ايندو هو. بعض اوقات هن جي دل جو تلاطم آهن ۽ اشڪن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو هو ۽ هيءُ ڪنهن ڪنڊ يا وڻ جي ڇانو هيٺ وڃي خوب دل ٺاريندو هو.
    محمد ملاح ۽ سندس زال محب عليءَ کي حد کان زياده پيار به ڪندا هئا تاهم به هن جي مايوسيءَ ۾ ڪو ڦير نه آيو.محمد ملاح هن کي سارو ڏينهن پاڻ سان گڏ گھمائيندو هو ۽ رات جو سندس زال محب عليءَ کي لولي ڏيئي ڏاڍي پيار مان سمهاريندي هئي.اهو سڀ ڪجھه ان لاءِ ته هڪ ته ننڍڙي محب علي ءَ جي دل تان گذريل يادگيرين جو بار هلڪو ٿي لهي وڃي. ۽ ٻيو ته “هي کلي خوش ٿي هنن کي امان...... بابا ڪري سڏي ” جا محمد ملاح ۽ سندس زال جي زندگي جي آخرين آرزو هئي. ليڪن ماءُ پيءُ به ڪي ائين آسانيءَ سان وسرڻ وارا آهن ؟ هنن جون مسلسل ڪوششون محب عليءَ جي هڪ ئي ٿڌي شوڪاري اڳيان شرمنديون ٿي آخر روئي ڏينديون هيون “ منهنجي مايوسي ڏسي هن ستم روئي ڏنو ”
    برساتن جي مند ختم ٿي ويئي ٻوڏن جو سلسلو بند ٿي ويو. ڪڪر اولهه کان اوڀر تازه دم مجاهدن وانگر آسماني ميدان تي ڊبل مارچ ڪرڻ لڳا.سج بعضي ظاهر تي ٿيو ته بعضي لڪي ٿي ويو. اس ۽ ڇانو جي ڀڄ ڀڄ راند لڳي پيئي هئي. مهراڻ هاڻي ماٺو هو.آسروند ملاح جي رات ڏينهن اڀ ۾ اکيون اٽڪايو عاجزيون پيا ڪندا هئا، اڄ الله توهار ڪري تنبيون ۽ رڇ کڻي گھيڙن ڏانهن هلڻ لڳا. ملاحن جو ڳوٺ درياهه جي اوڀرئين ڪناري کان سڏ پنڌ جي مفاصلي تي هو.ڳوٺ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي هڪ اونهي ۽ ويڪري کڏ هئي جنهن کي عام طرح خونياڻي کڏ چوندا هوا. آسپاس جي نالين ۽ واٽرن جو فالتو ۽ برسات جو پاڻي هن کڏ ۾ اچي جمع ٿيندو هو. کڏ جي چئني ڪپن تي چڱي خاصي وڻڪار هئي. اترئين ڪپ تي ڳوٺ کان ايندڙ پيچري لڳ هڪ وڏو جھونو سريهل جو وڻ هو. جنهن هيٺ ٻار رانديون کيڏندا، ڳنوار آرام ڪندا ۽ ٿڪل وهٽ ويهي اوڳاريندا هئا. ڳوٺ جي سر اتر ۾ پري پري تائين پکڙيل سايون ٻنيون ۽ اتر اولهه ۾ هڪ وڏي ٻٻرن جي هڙي هئي.
    ڳوٺ ڳوٺن جهڙو هو.ڪچا ۽ ڪکائان گھر، مٽيءَ سان ڀريل آڏيون ڦڏيون گھٽيون،گھرن ۽ گھٽين ۾ نمن ۽ ٽالهين جا وڻ، سادو ماحول، سادي زندگي ! ڳوٺ جي هر شي مان سادگي ظاهر هئي. جيڪڏهن پري کان هن ڳوٺ ڏانهن نهاربو هو ته وڻن جي جھومٽ ۾ ڏهه ويهه گھرڙا ڳوٺاڻي سادگي ۽ خاموشيءَ جو دليل ڏيندا نظر ايندا هئا.ظاهرداري، نمائش لالچ، فريب ڪوڙ،ڪيني ۽ ڪلفت جو هن ماحول ۾ نالو به ڪونه هو. محبت ۽ پيار جا پليل ملاح ۽ ٻاجھه ڀريا ٻيڙياتا جنهن مهل ڏس خوش تندرست ۽ همدرد نظر ايندا هئا.ڇو؟ ان لاءِ ته هتي جي هوا نج هئي کاڌو پيتو نج هو.وٽن محبت جا ماڻ ۽ ايمان جا اکٽ خزانا هئا. غريبي گذران هو مگر پيٽ ڀري کاڌائون ٿي. مفلس هئا مگر محبت ۽ ميٺ وٽانئن موڪلائي نه وئي هئي .گھڻو هون ته به راضي ۽ جي ٿورو هون ته به سرها ٿي رهيا.. ڀلا جي ماڳهين ڪونه هون ته به صبر ۽ شڪر کي هٿان نه ٿي ڇڏيائون ڳوٺ ۾ حالانڪ دولت جا نت نوان ڪرشما ۽ عيش جا علحدا علحدا رنگ ۽ روپ نه هئا، تاهم قدرت هن سادي ۽ نج ماحول کي دل کولي ويهي سينگاريو هو. هتي جي وڏي ۾ وڏي خوبي هئي قرب ۽ سادگي. تنهن کان سواءِ سٻاجھڙي سنڌو جو دلفريب ۽ هوشربا نظارو جنهن جي ڏسڻ سان دل بهار بهار ٿيو اٿندي هئي. صبح ۽ شام جي وقت ڪناري جي گھاٽن ۽ قطاريل وڻن جا ڊگھا پاڇولا جڏهن درياه جي شفاف مٿاڇري تي پوندا هئا تڏهن ڏسندڙن کي يڪ لخت قدرت جي ڪارسازين اڳيان سر تسليم خم ڪرڻو پوندو هو پر جڏهن وري لهرن جي جنبش تي اهي پاڇولا هيٺ مٿي لڏندا هئا تڏهن ائين سمجھڻ ۾ ايندو هو ڄڻ فطرت جون تمام رنگينون درياه جي بلورين سطح تي رقص ڪري رهيون آهن.آسپاس جي ڊگھن ۽ گھاٽن وڻن جا مٿانهان حصا ۽ چوٽيون تيز هوا جي اوچتن جھُوٽن تي جڏهن اولهه کان اوڀر يا ڏکڻ کان اتر لڏنديون هيون .تڏهن ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو ڄڻ قدرت جي مهربانين کان متاثر ٿي ساري ڪائنات جھُومي رهي آهي. يا جڏهن هوا جي هلڪين جنبشن تي وڻن جا پن هڪ ٻي سان مسلسل ٽڪرائجي وري پيا الڳ ٿيندا هئا تڏهن ائين سمجھبو هو ڄڻ فطرت تاڙيون وڄائي هتي جي زندگي ءَ کي خوشي ءَ جو پيغام ڏيئي رهي آهي.چوطرف سبزه زار ڏانهن نهارڻ سان ائين گمان ٿيندو هو ڄڻ پري پري نظر جي حد وٽ آسمان جھڪي هنن ساين کيتن ۽ ڳاڙهن گلن کي چمي رهيو آهي.مطلب ته فطرت جون تمام رنگينيون لطافتون هن ماحول ۾ موجود هيون ۽ ائين ٿي ڀانيو ته قدرت ازل کان ابد تائين هنن ڳوٺاڻن تي راضي رهڻ جو واعدو ڪري چڪي آهي.
    ملاحن جا ٻار پنهنجو ڏينهن مال چارڻ، گھمڻ ۽ هن کڏ ۾ ڪندرو کيڏندي ۽ نقلن،چرچن ۽ آکاڻين ٻڌندي ٻڌائيندي گذاريندا هئا. وڏا وري هن کڏ بدران ڏينهن پتڻ تي ۽ رات ڪچهرين ۽ مارڪن ۾ بسر ڪندا هئا.
    صبح جو وقت هو. محب علي راند کيڏڻ لاءِ گھران نڪتو مگر پاڙي جو ڪو به ٻار نه ڏسي خاموش هڪ نم جي وڻ هيٺ ويهي رهيو اوچتو پٺيان ڪنهن دوست سڏ ڪيس.
    “مبو او مبو آ ته هلون کڏ تي ” سندس ساٿيءَ چيو.
    “ نه يار ” محب عليءَ ڏکاري انداز ۾ چيو
    “ اڙي تون روئين ڇو پيو ” ساٿيءَ تعجب مان پڇيو چاچي ماريو آهي ڇا ؟
    “ نه ڀلو ! اهو ته پاڻ مون کي ڀائيندو آهي ” محب عليءَ اکيون اگھندي چيو.
    محب عليءَ جي هن ننڍڙي ۽ سچار ساٿي جو نالو ڀليڏنو هو. مگر ڳوٺاڻي رواج مطابق کيس “ ڀلو ” سڏيندا هئا.“ پوءِ روئين ڇو ٿو ؟ اٿ ته هلون ” ڀلوءَ چيو
    “ يار تون ڀلي وڃ آئون ڪونه ٿو هلان ” مبو ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
    “ آئون ته وڃان پيو پر تون به هل اتي ويٺو ڇا ڪندين ؟”
    ڀلوءَ چيو نيٺ محب علي راضي ٿيو ۽ ٻئي دوست ڳالهائيندا کڏ ڏانهن وڃڻ لڳا.رستي ۾ ڀلوءَ چيو مبو هڪ ڳالهه پڇان پر ٻڌائيندين سچ.
    ها ها ڀلي پڇ محب عليءَ وراڻيو
    “ ٺهيو ڀلا تون ڪونه ٻڌائيندين ” ڀلوءَ ٻئي طرف نهاريندي چيو. آئون ته ٻڌائيندس پر تون به جي پڇين، مبوءَ چيو.
    ڀلا ٻڌاءِ تون هر گھڙي روئندو ڇو آهين ۽ راند روند ۾ به ويڳاڻو ڇو ٿيو وتندو آهين، ڀلوءَ چيو. دوست جي واتان اهي الفاظ ٻڌي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ ٻڏل آواز ۾ چيائين “ ادا الاجي ڇو......؟ ” بس ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. روئندي چيائين “ منهنجي امان هوندي هئي....... منهنجو باباب هوندو هو..... منهنجا سنگتي هوندا هئا........ شاهو..... ديدن.... اسين اسڪول ۾ پڙهندا هئاسون. رانديون کيڏندا هئاسون ”. ڪٿي ، ڀلوءَ پرچائيندي پڇيو.
    “ او اسانجي ڳوٺ..........” محب عليءَ سڏڪا ڀريندي وک کي ڊگھو ڪندي چيو.
    “ توهان جو ڳوٺ ڪٿي آهي ” ڀلوءَ پڇيو.
    “ هتان الاجي ڪهڙي پاسي......مبوءَ ڏکاري لهجي ۾ چيو.
    “ پو تون وري پنهنجن مائٽن وٽ ڪونه ويندين ڇا ؟”“ الاجي اهي ڪٿي آهن ۽ آئون ڪٿي آهيان ” ڀلوءَ جواب ڏنو.“ اهي هوندا تنهنجي ڳوٺ. چاچي محمد مون کي ٻڌايو ته تنهنجو پيءُ هن جو سنگتي آهي ۽ تون هتي گھمڻ لاءِ آيو آهين وري پنهنجي ڳوٺ ويندين ” ڀلوءَ چيو.
    “اسان جي ڳوٺ !........ اسان جو ڳوٺ ته ٻڏي ويو ” محب عليءَ پويان گفتا تعجب ۽ ڏک سان چيا. امان..... بابا..... ادا ننڍڙو الاجي ڪٿي آهن.
    “ پوءِ تون هتي ڪيئن آئين ” ڀلوءَ پڇيو. “الاجي.....” مبوءَ هٿ سان بيخبريءَ جھڙو اشارو ڪندي چيو.
    اهڙي طرح هي ٻئي دوست خبرون ڪندا اچي کڏ تي پهتا. سريهل جي وڻ هيٺ ڪجھه ٻار بيٺا ڪپڙا لاهي رهيا هئا ۽ ڪجھه کڏ ۾ ڪندرو کيڏي رهيا هئا. ساڳئي سريهل هيٺ پهچي ڀلو به ڪپڙا لاهڻ لڳو.
    مبو ! جھٽ ڪر ته کيڏڻ هلون. ڀلوءَ قميص لاهيندي چيو.
    نه ادا مون کي ڊپ ٿو ٿئي محب علي ءَ نٽائيندي چيو.
    “ڊپ وري ڇا جو هي پنهنجا سنگتي آهن توکي ماريندا ڪونه ” ڀلوءَ وراڻيو.
    “ نه ادا آئون ٻڏي پوندس ” مبوءَ جواب ڏنو.
    “ ڇو تون تري به ڪونه ڄاڻين ڇا ؟” ڀلو تعجب مان پڇيو.
    “ نه ادا اسانجي ڳوٺ درياء آهي ڪونه ” مبوءَ پاڻيءَ ۾ نهاريندي چيو.
    “ پوءِ توهين وهنجو ڪٿي ۽ ڪندرو ڪٿي کيڏو ؟” ڀلو پڇيو.
    ادا راند ته مون کي اچي ڪانه باقي وهنجڻ روزانه بابا سان نار تي ويندو هوس. محب عليءَ وراڻيو.
    “ تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي ؟” ڀلوءَ پڇيو.
    “ اسان جو هڪڙو باغ هو ” مبوءَ وراڻيو.
    “ ڀلا اچ ته پاڻ ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ٿا هلون ” ڀلو ڳالهه کي مٽائيندي چيو.
    “ نه ادا پاڻي مون کي ٻوڙيندو ” مبوءَ ٻه قدم پوئتي هٽندي چيو.
    “آئون توکي ترڻ ٿو سيکاريان ” ڀلو چيو. “ نه ادا هي پاڻي پاڻ کي گھلي ويندو ” مبوءَ پاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.“ ته پوءِ ڀلا آئون به ڪونه ٿو وڃان پاڻ ويهي ٿا ڏسون ” ڀلوءَ قميص پٽ تان کڻندي چيو.
    “ نه ڀلو تون وڃ آئون ويهي ٿو ڏسان ” مبوءَ چيو.
    “ چڱو ڀلا وڃجانءِ نه.... ” ڀلو چوندو ڪناري جي ويجھو ويو ۽ پاڻ کي ٿورو مٿي اڇليندي وٺي پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏنائين. هي ڏسي محب عليءَ جا وار ڪانڊارجي ويا ۽ جيستائين ڀلو پاڻيءَ ۾ هو محب عليءَ جي عجيب و غريب حالت هئي.
    “ مبو ڏٺئي پاڻي ٻوڙيندو ڪڏهن به ڪونه ” ڀلوءَ پاڻيءَ مان ڳاٽ ڪڍندي چيو ۽ وڃي ٻين ڇوڪرن سان راند ۾ گڏيو. ملاحن جا ڪکائن گھرن جي وچ ۾ وڏن جي رهاڻ ۽ ننڍن جي راند لاءِ هڪ ميدان ڇڏيل هو، جنهن کي اڪثر “ڍڪ ”چوندا هئا. هتان هڪ رستو خونياڻي کڏ ڏانهن ٻه رستا پتڻ ڏانهن ۽ هڪ رستو گھرن ۽ ٻاهرين ٻنين ڏانهن ويندا هو. مطلب ته هي چوواٽو ڳوٺاڻن لاءِ چڱو خاصو وندر گاهه ۽ ضرورت آهر ڪمائتو ميدان هو.
    شام جو وقت هو. محب علي پنهنجي پاڙيسري دوستن سان گڏ راند کيڏڻ ويو. لڪ ڇپ راند شروع ڪيائون. محب علي به ٻين ٻارن وانگر وڃي لڪو. آهسته آهسته ٻار لڪندا ڇپندا رٿيل نشان ( پڙ ) طرف اچڻ لڳا. محب علي پڻ ساڳي طرح ايندو ويو، اوچتو کيس اصلوڪن دوستن جون رانديون ياد اچي ويون ۽ پنهنجن خيالن ۾ اتي ئي بيهي رهيو، آگ ڏيندڙ ڇوڪري اچي جھليس. هاڻي محب عليءَ کي آگ ڏيڻي هئي. هي اکين تي هٿ رکي بيٺو ۽ ٻيا ٻار وڃي لڪا. ڪئين ڪوڪون ڪيائون،سڏ ڪيائون، مگر مبو چريو به ڪين. ويجھو اچي ڏسن ته محب علي روئي رهيو آهي. پڇڻ تي هن صرف هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    محمد ملاح کي شادي ڪئي هي پنجون سال هو پر اولاد کان اڃا تائين محروم هو. شايد ان لاءِ ته هن جي زيرِ نظر هڪ مظلوم ۽ بي پهچ ٻار پلجڻو هو. اگر قدرت هن کي پنهنجو اولاد ڏئي ها ته پوءِ محب علي ءَ کي شايد ئي اهڙو پيار ملي ها. چانڊوڪي رات هئي رات جو راجا پنهنجي حسن و جمال سان آسمان جي تخت تي براجمان هو. ڪو ڪو تارو پريان پريان ڏٺو ٿي نه ته بس. محمد ملاح پنهنجي گھر کٽ تي سمهي چنڊ ۾ غور سان نهاري ڪجھه سوچي رهيو هو. هن جي به سيني ۾ هڪ دل ۽ دل ۾ سالن کان ڦٿڪندڙ هڪ آرزو هئي. هو پنجن سالن کان رحمت ڏيزدان ۾ اميد رکيو آسري جون اکيون کوليو پر اعتماد دل سان انتظار ڪندو آيو.نيٺ خدا ذوالڪرم جي رحمت جوش ۾ آئي جنهن هن جي ديرينه آرزو ته پوري ڪئي پر اها به اهڙي طريقي سان جو ڄڻ تريءَ تي بهشت !سخت مينهن ۽ طوفان کان پنج منٽ اڳ به انهيءَ پنجن سالن کان چڪندڙ ناسور ۾ رس ڀريل هو. هن انهيءَ درد کي ههڙي ڏکئي وقت ۾ ويتر وڌيڪ ۽ غل جي حوالي ڪري ڇڏي. بس، آهه نه هئي ڄڻ بجلي هئي جنهن جي چمڪ سان پريان لڙهندڙ تختو نظر آيو ۽ 5 منٽ پوءِ محمد ملاح هڪ سهڻي چنڊ جھڙي ٻار کي ٻانهن تي کڻي ٻاهر نڪري رهيو هو..... محب علي هن جي زندگيءَ جي عزيز ترين شين مان هڪ هو...... هو محب علي کي خوش ڏسي گلاب جي گل وانگر ٽڙي پوندو هو ۽ ڳوٺ جا ٻيا ملاح محمد کي هينئن مشڪندو ڏسي باغ جي ٻين گلن وانگر مٿس رشڪ کائيندا ۽ خداوند ڪريم جا ڳڻ ڳائيندا هئا. محمد تازو پتڻ تان آيو هو. ماني کائي هاڻي ليٽيو هو ۽ جلدي خيالن جي حسين ۽ وسيع تر دنيا ۾ گم ٿي ويو. هن سوچيو اڄ رات ڪهڙي نه دلڪش آهي. محب علي دريا جو نظارو ڏسي ڪهڙو نه خوش ٿيندو ۽ پاڻي ءَ جو خوف به هن جي دل تان ميسارجي ويندو.اهڙو خيال ڪري اٿيو ۽ محب عليءَ کي ساڻ پتڻ ڏانهن وٺي هلڻ لڳو. واٽ تي پڇيائين. “ مبو تون پنهنجن سنگتين سان ڪهڙيون رانديون کيڏندو آهين ؟”. “لڪ ڇپ، سينڍ، ڏاڪ چمي، درين ” مبوءَ،مشڪندي وراڻيو.
    “ بس ڪندرو ڪونه کيڏين ” محمد تعجب مان پڇيو.، نه بابا مون کي ترڻ اچيئي ڪونه ” مبوءَ جلدي جواب ڏنو. “ واهه واهه توکي دوستن ترڻ به ڪونه سيکاريو آهي، آئون سڀاڻي ڀلوءَ کي چوندس ” محمد پيار مان چيو. “ بابا مون کي پاڻي ٻوڙي ڇڏيندو ” مبوءَ هراسيل لهجي ۾ چيو. “ پٽ پاڻي ڪڏهن به ڪونه ٻوڙيندو، ڏس ٻيا ڪونه پيا ترن ” محمد کلندي چيو. “ پوءِ امان،بابا ۽ ادا ننڍڙي کي ته پاڻي ءَ..........” مبوءَ روئي چيو. “ چريا روئين ڇو ٿو.اهي ته حج ويا آهن ” محمد، محب علي جا لڙڪ اگھندي چيو. “ پر بابا اهي ته پاڻيءَ ۾......” مبوءَ تعجب مان چيو. “ ها ها، پاڻيءَ ۾،،،،،، ٻيو وري حج اڏامي به وڃبو آهي ڇا ؟” محمد چيو. بابا پوءِ مون کي ڇو نه وٺي ويا ؟” مبوءَ سوال ڪيو.پٽ تون ننڍڙو آهين نه انڪري ” محمد جواب ڏنو. “ بابا مون کان ننڍڙو ته منهنجو ادا هو، پوءِ ان کي ڇو وٺي ويا ” محب عليءَ تڪڙو سوال ڪيو. محمد کي از خود ڏک ٿيڻ لڳو ۽ ڳالهه مٽائيندي چيائين “ مبو اڄ توکي ٻيڙيءَ ۾ گھمائبو ” “ نه بابا آئون ڊڄان ٿو.....” محب علي پاڻيءَ ۾ نهاريندي چيو. اهڙي طرح هي ڳالهيون ڪندا اچي ٻيڙي ۾ ويٺا. محب علي خوف کان محمد جي ڀر ۾ ويهي رهيو ۽ هو ويهي ونجھه ورائڻ لڳو. رات ڪافي دلچسپ هئي. ٻيڙي هندوري وانگر جھولندي هلي ۽ آسپاس جا هلڪا هلڪا آواز خيالن جي خاموشين ۾ لولي مثل گونججي رهيا هئا. ٿڌڙي هير گھلي رهي هئي ۽ محب علي آهستي آهستي نندرا ديويءَ جي مٺڙن ۽ پرخمار اشارن تي نچندي جھولندي وڃي سندس نرم گرم آغوش ۾ پيو.محمد ملاح قدرت جي رنگينين کان متاثر ٿيندي هڪ دفعو وري به شڪر ۽ احسانمنديءَ جو سر کڻي غفور الرحيم جي قدمن ۾ جھڪايو. ڪائنات جي بي پايان بحر ۾....... زندگيءَ جي ڪشتي هلندي رهي..... عيش به ٿيندا رهيا...... ته عبادتون به ٿينديون رهيون. ساڳئي سطح تي ساڳئي ڪشتيءَ ۾ هڪ نازنين،ناز مان نعرا هڻي رهيو هو ۽ ٻيو نياز مند نياز جا نيڻ نمايو ويٺو هو...... اوچتو محب عليءَ ڇرڪ ڀريو..... او امان...... او بابا...... ٻڏان ٿو........ مون کي ڪڍو...... محب علي رڙيون ڪندو اٿي ويٺو محمد کڻي کيس پرچائڻ لڳو. بابا مون کي پاڻيءَ مان ڪڍ نه ته آئون ٻڏي پوندس “..... ڏس هينئر به پاڻيءَ ۾ هوس.... منهنجا ڪپڙا به پسي پيا آهن..... بابا.... امان...... ادا ننڍڙو سڀ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا....... ” محب علي روئندو چوندو ويو. “ چريا هي ڪپڙا سڪا ڪونه پيا آهن، تو خواب ڏٺو آهي ” محب علي روئندو رهيو ۽ محمد کيس پرچائيندو اچي ڪناري تي لٿو. محب عليءَ جي خيالن جو سمنڊ هميشه تلاطم ۾ رهندو هو. هو ڪنهن جي به ڏکاري حالت ڏسي نه سگھندو هو. ڪنهن جو به غمگين چهرو هن جي دل جي بحر تي وير جو ڪم ڪندو هو ۽ هن جي ڪارين ۽ وڏين اکين مان لڙڪن جون مسلسل ڌارون وهڻ شروع ٿي وينديون هيون. هڪ ڀيري صبح جو مبو پتڻ تي پئي ويو.واٽ تي هڪ ڇوڪري روئندڙ ڏٺائين جا ڪتي جي ڏاڙهڻ سببان امان.... بابا ڪري روئي رهي هئي. هن جي واتان امان،بابا جا الفاظ ٻڌي محب علي جي دل ڀرجي آئي ۽ اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هڪدم ڇوڪريءَ کي پرچائي گھر ڇڏي آيو.
    اهو مظلوم انسان جنهن کي زندگيءَ جي آخرين گھڙين ۾ ڪو سهارو ملي ويو هجي ۽ هو هاڻي سک ۽ سانت جو دم کڻي رهيو هجي، فطرتا حساس ۽ همدرد ٿيندو آهي.محب علي اڃا ته ٻار هو. هن جي ته تربيت ۾ ئي ڄڻ احسان جو احساس داخل ٿي ويو هو.هڪ ڀيري صبح جو محب علي پتڻ تان گھر پئي آيو. واٽ تي ڪا ڇوڪري گھاگھر ڀريل مٿي رکيل گھر ويندي ڏٺائين اوچتو ڇوڪري ويچاري ڪنهن کڏي تان ٿاٻڙجندي ڪري پيئي ۽ گھاگھر 5 -6 ٽڪر ٿي وڃي پريان پيئي.ڇوڪري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، محب علي ءَ جي پڇڻ تي چيائين “امان ماريندي ” محب علي هن کي دلداريون ڏيندو گھر وٺي ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ کي چيائين “ ماسي اديءَ کي گھاگھر مٿي تي رکائيندي مون کان ڪري ڀڄي پيئي ويچاريءَ کي متان مارين ” ڇوڪريءَ جي ماءُ کلي چيو “ پٽ فڪر ڪونهي ”.
    شام جو وقت هو محب علي پنهنجن سنگتين سان پتڻ تي بيٺو هو،. ملاح مار ڪري موٽي رهيا هئا. محمد به انهن ۾ هو. سندس هٿ ۾ ڳچ جيترا پلا سوئي ۾ پوتل ۽ ٻه ٽي لڳاتار هٿ ۾ ڏسي هن جي بدن ۾ سي پوڻ لڳو. کڳن کي جيئرو ڦٿڪندو ڏسي چيائين. “ بابا ويچارن کي ڇڏي ڇو نٿا ڏيو ” “ پٽ ڇڏبو وري ڪيئن مس مس ته ڦاٿا آهن ” محمد لنبي ڇوڙيندي چيو. “ بابا جيئرن پلن ۽ مڇين کي سوئا هڻندي توهان کي قياس ڪونه پوي ؟” مبوءَ کڳن ۾ نهاريندي چيو.“ ٻچا سڀ ڪجھه سمجھي ويندين.اڃا ڪجھه وقت ترس ” محمد رڇ ڇنڊيندي چيو ۽ هي ٻئي ڀن ڏانهن هلڻ لڳا. مطلب ته يتيم محب عليءَ جي هر گھڙي ائين روئندي سڏڪندي گذرندي هئي. اڳيون ماحول ۽ مائٽ منٽ منٽ ۾ هن جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ مجبور محب عليءزندگيءَ جي هر صبح ۽ شام کي هيئن آهن سان متاثر ۽ لڙڪن سان آلو ڪندو ملاحن جي هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ حياتي جون گھڙيون گذاريندو رهيو.


    قفس ۽ آشيان

    زندگي جو غم جڏهن ٿئي راز دان
    آرزو مايوس ٿئي دنيا منجھان
    بلبل ناشاد جي مجبور دل
    ٿي پوي تڏهين قفس کي آشيان.
    “گل ”

    صبحن ۽ شامن، ڏينهن ۽ راتين، سج ۽ چنڊ جو سلسلو بدستور جاري رهيو. وقت پنهنجي رعب ۽ رفتار سان گذرندو رهيو. محب علي کي هن ڳوٺ ۾ هي نائون سال هلي رهيو هو. هن جا مائٽ ۽ ننڍڙو ادا اڃا حج تان نه موٽيا هئا. اداس اکيون انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پيون. اشڪ اشڪ ٿي ويا دل جون اداسگيون آهون بنجي خلا جي خاموشين ۾ جذب ٿي ويون. ائين نه ته هن جي دل تان گذريل تمام يادون ميسارجي ويون مگر انتظار جي طوالت.عمر جي واڌ فهم جي ڪشادگي هن جي اڳين حالت ۾ تبديلي ضرور آندي هئي.۽ آهستي آهستي پاڻ کي سنڀالڻ لڳو هو. هو هاڻي جوان هو. هن جون خواهشون....... هن جا امنگ هاڻي جوان هئا. محب علي هاڻي اهڙي دنيا جو باشندو هو جتي فقط خمار ئي خمار..... خوشي ئي خوشي هئي. هو هاڻي پنهنجي نراس دل کي مستقبل جا حسين ۽ پر لطف خواب ڏيکاري تسلي ڏيئي سگھيو ٿي. وقت جي تجربن ۽ حالتن هن کي پچائي لال ڪري هن نئين دنيا جي باشند گيءَ جو لائق بنايو هو. محب علي هاڻي اڌ اڌ رات تائين هڪ جيڏن جوان ملاحن سان راند ۽ رهاڻ ڪندي گذاريندو هو. سڄو سڄو ڏينهن ڪندرو کيڏندي ۽ مال چاريندي گذاريندو هو. ساين چهچ ٻنين ۾ گليلا هڻندي ڪاڙهو تپي ويندو هوس. وڻن جي جھڳٽن ۽ سنڌوءَ جي سطح تي بينسري وڄائيندي سهماڻي ٿي ويندي هيس. ترڻ جي ريس ۾ حصو وٺندو هو. ٻيڙيون هلائيندو هو. رڇ وٽيندو هو. حاصل الڪلام گھڻو عرصو ميٺ ڀريل ملاحن وٽ رهي قدرتي تعليم پرائي هڪ اورچ سادهه دل، نيڪ نيت، خوش مزاج ملاح بنجي چڪو هو.ڳوٺ جي سڀني سنگتين ۾ اگر هن جو ڪو رازدار ۽ دلي دوست هو ته فقط ڀليڏنو ! اڄ شام جو هنن ٻنهي يارن جو پار وڃڻ جو پروگرام هو. شام جو شاندار وقت هو. سج جي ڪيسري ڪرڻن، پاڻي جي شفاف سطح تي پئي سڄي درياه کي سونو بنائي ڇڏيو هو. سونيون لهرون مٿاڇري تي ائين پئي هليون ڄڻ مصر جون حسين دوشيزائون سفيد بلوري فرش تي سونهري لباس پهري رقص ڪنديون هجن. ملاح ڪي مار تان موٽي رهيا هئا. ته ڪن وڏين ٻيڙين تي ڪاٺ پئي سٿيو. درياهه جا ٻئي ڪنارا ننڍين وڏين ٻيڙين ۽ بتيلن سان ڇانيل هئا. جوان ملاحن جو هي جوڙو ( محب علي ۽ ڀليڏنو ) گھمندو گھمندو پنهنجي بتيلي طرف وڌڻ لڳو. ملاحن جا خاص گھيڙ ڀن کان ڪجھه پرڀرو ڳوٺ جي بلڪل سامهون هئا،جتان ملاحن جون زالون ۽ جوان ڇوڪريون پاڻي ڀرينديون ۽ ڪپڙا ڌوئينديون هيون. هينئر به ڪجھه عورتون گھڙا مٿن ۽ ڪڇن تي کنيو پئي آيون. هي ٻئي دوست پنهنجي بتيلي ۾ ويهي الله توهار ڪري ونجھه ورائڻ لڳا. محب علي بينسريءَ جا آلاپ ڇيڙڻ لڳو. جلدي هي پار پهچي ويا. پرينءَ ڀر درياهه کان ميل کن پنڌ تي مهاڻن جو ٻيو به ڳوٺ هو. سايون ٻنيون ۽ هڪ سهڻو باغ هو. هي شاھ جو باغ هو. هي ٻئي دوست ڳوٺ، ٻنيون ۽ باغ گھمي وري گھر موٽيا.سج هڪ اڌ گول مان موڪلائي ٻئي اڌ گول ۾ وڃي لڪو هو. رات جي اونداهي برخواهه جر تي پکڙجي ويئي. چنڊ جون پويون تاريخون هيون. چمڪندڙ تارا آسمان جي ڪاري چادر تي ائين ٿي لڳا ڄڻ ڪنهن اپڇڙا ڪاري غلاف تي چمڪ دوزي مڙهي هجي. هي ٻئي ڄڻا آسپاس کان متاثر ٿيندا هن پار پهچي ويا. ساحل تي ٻه سهيليون حيا ۽ انتظار گاڏئن نگاهن سان هنن کي تڪي رهيون هيون. ويجھي اچڻ تي هڪ سڏ ڪندي چيو “ ادا ڀلو اسان کي گھاگھر ته پاڻيءَ مان ڪڍي ڏي ” شانوءَ منٿ ڪندي چيو. “ڪٿي آهي ” هتي ته ڪجھه ڪونهي، ڀليڏني آسپاس نهاري چيو.“ او..... اها ترندي وڃي..... او اها اوندهه ۾ ڪاري ڪاري ” شانوءَ آڱر سان پري اشارو ڪندي چيو. “ هاڻي وري ڪير ٿو وڃي، هينئر ته ٿڪجي آيا آهيون ڀلوءَ نٽائيندي چيو. “ ادا مهروءَ جي هٿ مان ڇڏائجي گھلجي ويئي ” شانوءَ ليلائيندي چيو. “ ڪوڙي گھاگھر تنهنجي ۽ نالو مهروءَ جو.... ڪنهن جي به هجي....... اسين وڃون ٿا گھر ” ڀلوءَ شرارت مان چيو. ادا ڪڍي ڏي الاهي دير ٿي ويئي آهي ” شانوءَ روڪيندي چيو. “ پهرين آياسين پئي تنهن مهل نٿي چئي هاڻي ويئي ڇٽي ڪير ٿو ٽن آنن جي گھاگھر لاءِ وري تڪليف ڪري ” ڀلوءَ چيو. “ ها ها ٽن آنن جي آهي ٽامي جي گھاگھر آهي ” شانوءَ منهن بنائيندي چيو. “ کڻي سون جي هجي...... وئي ته ڀلا ڪيئن ورندي ” ڀلوءَ مشڪندي چيو. مهرو جا هيترو وقت بت جان خاموش بيٺي سڀ ڪجھه ٻڌي رهي هئي. آهستي آهستي ڪنڌ مٿي ڪري هڪ نظر گھاگھر ڏانهن ۽ هڪ نظر هنن ڏانهن ڏسي وري ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺي رهي. نرگسي نيڻن ۾ مايوسي ۽ منٿ جو هي عالم ڏسي محب علي پنهنجي سڀ همت وڃائي ويٺو. هن جي اندر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ هڪدم ٻيڙي طرف وڌيو. هاڻي ڀلو به وڃي ٻيڙي ۾ ويٺو ۽ ٻيڙي چند منٽن بعد رات جي سياهيءَ ۾ گم ٿي ويئي.
    “ ادا گھاگھر ضرور کڻي اچجو، نه ته مهرو روئي ڏيندي ” شانوءَ مهروءَ کي ٽوڪ هڻندي چيو. جواب ۾ مهروءَ پاسي ۾ سنهڙي چهنڊڙي هڻي ڪڍيس. “ ويچارو ادو مبو نه هجي ها ڪيئن ؟ شانوءَ سواليه انداز ۾ چيو. “ گھاگھر ڪانه ملي ها، ٻيو وري ڪيئن ” مهروءَ بي پرواهيءَ سان چيو. “ ڄڻ توکي ته ويچاري جو ٿورو ئي دل سان ڪونه ٿو لڳي ” شانوءَ چيو. “ تو اها ڳالهه ته ڪانه پڇي... تو پڇيو ته ادا مبو نه هجي ها ته ڪيئن ؟ تڏهن ٿي چوان ته نه هجي ها ته واپس گھر هلون ها ٻيو وري ڇا ؟ مهروءَ دليل ڏيندي چيو. “ پوءِ ماسيءَ جا موچڙا...... ” شانوءَ نڪ کي موڙيندي چيو. “ هل هل موچڙا....... جو آهيان تو وانگر ” مهروءَ ڪنڌ کي جھٽڪو ڏيندي چيو. “ سچ پچ مبو ڪهڙو نه غريبڙو ” شانوءَ چيو ۽ مهروءَ هن جو ڪوبه جواب نه ڏنو. “ دعا ڪر ادي محب علي کي جنهن هن آفت مان ڇڏايو اٿيئي ” شانوءَ وري ٽوڪ ڪندي چيو.“ ها ڇو ڪهڙي دعا ڪريانس ” مهروءَ چاڳلائي مان چيو. “ ٻڌايان ڪهڙي دعا ڪرينس..... ٻڌايان ؟ شانو اکيون ٽمڪائيندي چيو مهروءَ شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. محب علي ۽ ڀليڏنو گھاگھر سميت ٻيڙيءَ مان لهي ويجھو اچي رهياهئا. محب علي ءَ پاڻيءَ سان ڀريل گھاگھر ويجھي ڪندي چيو : “اچي” رات جي سياهيءَ ۾ ٻنهي جون آمهيون سامهيون نظرون مليون. هڪ نظر ۾ شرم ۽ شڪر گذاري هئي ۽ ٻئي ۾ پيار ۽ مردانگي ! هينئر مهرو دل سان گڏ خود به ڏڪي رهي هئي. گھاگھر هن جي ڏڪندڙ هٿن مان ڇڏائجي ويئي ۽ ٺڪ اچي هيٺ ڪري. مبوءَ جي پير مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو پر هو بدستور مشڪندو رهيو. ڀلو پڳهه ٻڌڻ ۾ مشغول هو. ۽ شانو گھاگھر کي صاف ڪري وري ڀرڻ ويئي. مهروءَ ۽ محب علي الاجي ڪهڙي جھان ۾ پهچي ويا. مهرو سڳيءَ جي پڇڙين کي آڱر تي ڦيرائي رهي هئي. هن جون شرمگين نگاهون آهستي آهستي هيٺ جھڪنديون وييون. محب عليءَ جي پير جي اهڙي حالت ڏسي هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ دل وڌيڪ تيزي سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ڀلوءَ ايندي محب علي کي ٻانهن کان جھليو ۽ هي ٻئي دوست گھر ڏانهن واپس ٿيا.
    مهروءَ جو اصل نالو مهر خاتون هو پر ننڍي هوندي کان مائٽ “مهراڻ ” يا مهرو سڏيندا هئس. ڳوٺ جي چڱي مڙس پانڌي خان جي اڪيلي نياڻي هئي. ننڍي هوندي کان ئي شوخي ۽ شرارت جو ڄڻ پتلو هئي. ڳوٺ جا ننڍا خواهه وڏا هن جو خيال ڪندا هئا. هينئر به اهي ساڳيون شوخيون ۽ ساڳيون شرارتيون موجود هيون. مگر مفهوم ٻيو هو، مهرو حالانڪ هڪ ڳوٺ جي سادي ۽ محدود ماحول ۾ پرورش پاتي هئي، مگر ذاتي حسن نه ته ڪنهن ڳوٺ سان تعلق ٿو رکي ۽ نه ڳوٺاڻي ماحول سان، هيءَ ته هڪ قدرتي ڏات آهي، جنهن لاءِ ذات پات جو ڪو ضرور نه آهي.
    مهرو هن وقت جوان هئي. کيس هن حسن ۽ نزاڪت ڏيڻ ۾ قدرت واقعي فياضيءَ کان ڪم ورتو هو. هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ مهروءَ جي حيثيت ائين هئي جئن مٽيءَ ۾ ماڻڪ سرو جو سهڊول قد، هرڻ جو نازڪ جسم، ڪاريون نوڪدار اکيون، چوڏهين جي چنڊ جو محسور ڪن حسن،گلابي گل جون سنهڙيون ڳاڙهيون ( چپن طور ) موتئي جو سفيد قطار در قطار مکڙيون ( ڏندن طور )،ڪبڪ جي رفتار، قمري جي گفتار،هرڻ جي لوڏ، ڇولين جا ڇال، مکڙين جو ناز ۽ حجاب،گلن جي مشڪ ۽ جواني اگر يڪجا جمع ڪجن ته هوند هوبهو مهرو ٺهي پوي.جيڪڏهن هت اسين کيس سندس حسن ۽ رنگينن جي بناءِ تي “ شاهڪار فطرت ” يا “ مجسمه ِ بهار ” جھڙا لقب ڏيون ته به شايد وڌاءُ نه ٿئي.“ سج جھوپڙيءَ ۾ ڪيئن لهندو ” اصطلاح هن ڳوٺ ۾ سچ پچ شرمنده تشريح هو. ڇاڪاڻ ته هن ڳوٺ جي هڪ جھوپڙيءَ ۾ واقعي سج پنهنجي تمام تاباني ۽ جلون سميت لڪل هو. محب عليءَ سان هن جي ملاقات اڄ ڪالهه جي ڪانه هئي. هوءَ محب علي کي 9 سالن کان سڃاڻندي هئي. هڪ پاڙي هڪ ڳوٺ ۾ رانديون کيڏي رسندي پرچندي ايڏا ٿيا هئا. تازو 3 مهينن کان مهروءَ کي مائٽن منجھه وهاري ڇڏيو هو. تڏهن به ٻهراڙين جو منجھه وهارڻ ڪهڙو ؟ روزانو پاڻيءَ ڀريندي، پاڙي ۾ ايندي ويندي پيئي ٻاهر نڪرندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته سهيلين سميت درياه جي دلفريب نظاري ڏسڻ يا کيتن جي دلڪش ۽ آرام ده ماحول ۾ دل وندارائڻ لاءِ به هلي ويندي هئي.
    ڳوٺ جا شرير نوجوان مهروءَ کي ڏسي پاڻ ۾ سرگوشيون ڪندا هئا. مشڪندا هئا ۽ کنگھندا هئا. سنهيون سيٽيون وڄائيندا هئا.۽ بعضي ننڍڙيون پٿريون به توجھه ڇڪائڻ لاءِ ڏانهس اڇلائيندا هئا. پر مهروءَ کي جتي قدرت حسن ۽ جواني جي بي مثال خوبين سان نوازيو هو، اتي حيا ۽ اخلاق خود اعتمادي ۽ خود داريءَ وارين نعمتن کان به محروم نه رکيو هو. هوءَ انهن بداخلاق ۽ بيڪار نوجوانن جي اهڙين نازيبا روشن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري بيپرواه هلي ويندي هئي. ۽ شرم اٽلو ڏاڙهيءَ لڳن لوفرن کي ٿيندو هو. پر اهي ننڍپڻ واريون بي حجابيون هينئر ڪونه هيون. اڄوڪي ملاقات ۽ 9 سالن وارين ملاقاتن ۾ زمين آسمان جو فرق هو. کڻي چئجي ته زندگيءَ جي هيءَ پهرين ملاقات هئي ته بجا ٿيندو. مهروءَ گھاگھر رکي وڃي منجي تي ليٽي هن کي اوچتو الاجي ڇا ٿي ويو. پاڻي ته گابي پيارڻ لاءِ ڀري آئي هئي مگر عقل الاجي ڪيڏانهن هليو ويس ۽ گھاگھر ڇڏي وڃي منجي تي ليٽي.اکيون آسمان ۾ ۽ دل الاجي ڪٿ ؟.... اڄ شانوءَ سان گڏ ڇو ويس.. سمجھو به ڏاڍو آهي... يڪدم سهي ڪري ويو ته مهرو مون ڏانهن ڇو نهاريو..... گھاگھر ڪيترو نه پري لڙهي ويئي هئي.... ڀلو مئو رڳو ڏسڻ جو..... هو ته ڪيئن نه بنا چوڻ جي هليو ويو....پر هان! مون هي ڇا ڪيو ؟..... مهربانيءَ جو هڪ لفظ به واتان نه ڪڍيم..... هو ڇا سمجھندو...... آئون ڪهڙي نه بي گني آهيان.... هاءِ الله ؟ مونکي ضرور ڪجھه چوڻ کپندو هو... ڪنهن ٻئي وقت ضرور چونديسانس... پر منهنجو ڪنڌ شرم کان ڪيئن کڄندو ؟ هنجو پير جو وڍيم ڇا سمجھندو..... مون پاڻهي ڪيرائي...... ڪهڙو درد رسيو هوندس....ته به مشڪندو رهيو.... ويچارو مائٽن سنگتين کان وڇڙيل.... ننڍي هوندي ڪيئن نه روئندو هو..... پر مون ڇا ڪيو..... گھر ڇو نٿي هلي آيس.... نڀاڳيءَ شانو مونکي ڇو ترسايو... اچي به ڏسي اصل نه ڳالهائينديسانس.... ڀلوءَ سچ چيو ته گھاگھر نه آڻي ڏي ها ته سٺو..... مبو ڪاوڙيو نه هجي.... بابا کي نه ٻڌائي.... ڇا ٿيندو.... مون کي وري وات ڪونهي ڇا ؟.... ڇو نه مون ۾ نهاريائين.... پاڻيهي پاڻ سان ڪئي اٿس..... پر هو اهڙو ڪونهي.... ڇرڪيو به ڪين.... مشڪندو رهيو...... ڄڻ ته خوش هو..... ڇو خوش هو ؟ مهرو شرمائجي ويئي. ۽ زيرِ لب مشڪڻ لڳي.“ مهرو ڇا پئي ڪرين ” شانوءَ ويجھي ايندي چيو. “ ڪجھه نه......” مهروءَ خيالن مان ڇرڪندي چيو. “ گھاگھر واري ڳالهه ڪيئن ٿي ؟ شانو منجي تي وهندي آهستي چيو. “ امان کي چيم ته مون کان ڪري چٻي ٿي پيئي ” مهروءَ چيو. “ ٻي ڳالهه ڇو نه ڪئي ” شانوءَ مهروءَ جي ڪلهي تي هٿ رکندي پڇيو. ” ڪهڙي ٻي ڳالهه ” مهروءَ مصنوعي تعجب مان پڇيو. “ بلي..... ! ٻلي حج پڄي به ويئي. سوَ ڪئن واري ڳالهه ڇٽي ” شانوءَ چيو. مهروءَ منهن ۾ گھنڊ وجھي کڻي ماٺ ڪئي. “ مبوءَ واري ڳالهه وسري ويئي ” شانوءَ چيو. “ ڪهڙو ضرور بيفائدي ڳالهين ڪرڻ جو ” مهروءَ منهن بنائيندي چيو. “ بي فائدي....! هن ويچاري جي ڳڻتي ته ٺهيو اٽلو آڪڙ ” شانوءَ چيو. “ مون ٿورو ئي پير وڍيومانس. گھاگھر پاڻيهي ڪري پيئي ” مهروءَ نٽائيندي چيو “ آئون ٿي ماسيءَ کي ٻڌايان ” شانوءَ شرارت مان چيو. “ ڇو امان ڦيڻو ڦڪي ڪنديس ڇا ؟ ” مهروءَ سنجيده ٿيندي چيو. “ مروئان موت ملوڪان شڪار ” هن ويچاري جو پير سڄي بنڊ ٿي پيو آهي ۽ هت چٿرون پيون ٿين ” شانو چيو.“ تو سان ڪنهن ڳالهه ڪئي ” مهروءَ اٻهرائي مان پڇيو. “ ڪنهن به...... ” شانوءَ اکيون ٽمڪائيندي چيو. “ ٻڌاءِ نه ته چوٽي ٿي پٽيان ءِ ” مهروءَ شانوءَ جي چوٽي جھليندي چيو. “ آئون ويئي هيس ” شانوءَ بي رخي سان چيو. “ هون..... مون سمجھيو ڇوري ! هڪ رات به آرام نه آيءِ اٽلو آئي آهين مون تان مسخريون ڪرڻ ” مهروءَ مشڪندي چيو. “ پنهنجي ڳالهه ڪر جو اوندهه ۾ اکيون ٿي اٽڪائي . مبوءَ کي پئي لاچاري جو بنا چوڻ جي ويو ٿي گھاگھر کڻڻ پنهنجو ڏوهه لڪائي هاڻي پيئي ٻين جي گھر ۾ کڙا اڇل ” شانوءَ شرارت سان چيو. مهروءَ جون اکيون هيٺ ٿي ويون ۽ ڳالهه مٽائيندي چيو “ ڇو ويئي هئينءَ مبوءَ جي گھر ؟” مهروءَ چيو.“ تنهنجي پارت ڪرڻ ” شانوءَ ٽوڪيندي چيو. “ ٻڌاءِ.... ٻڌاءِ ” ڪونه ٻڌائيندينءَ ” مهروءَ شانوءَ جي چوٽي ڇڪيندي چيو. ٻڌايان ٿي...... ادي..... ڇڏ ٻڌايان ٿي ”شانو سنهي چيخ سان چيو.“ چڱو ڀلا ٻڌاءِ......” مهروءَ چوٽي ڇڏيندي چيو. “ تنهنجي پارت ڪرڻ شانوءَ ڪنڌ کي پاسيرو جھٽڪو ڏيندي چيو. مون ته توکي ڪونه چيو هو تون پاڻيهي منهنجي پاران “ڇو وئين ” مهروءَ البت ترش ٿيندي چيو. “ تون ته ٿئين ءِ بي گني پر مون خيال ڪيو ته ميار لاهيو اچان ” شانو سنجيدگي سان چيو. “ آئون ڇو بي گني آهيان ” مهروءَ سوال ڪيو. “ چپ ٻڌي جو آئينءَ هلي ” شانوءَ جواب ڏنو. چڱو پوءِ ڇا چيائين ؟ ” مهروءَ دلچسپي وٺندي پڇيو . چيائين ته، مهروءَ کي وٺي اچ نه ته منهنجو پير ڪونه ڇٽندو ” شانوءَ ٽوڪيندي چيو. “ هل ڪوڙي.... ” مهروءَ شانوءَ کي سنهي چماٽ هڻندي چيو. “ مائٽن سان ڳالهه ڪئي اٿس ته ڀلوءَ سان راند کيڏندي سروٽو لڳو اٿم ” شانوءَ قدري آهستگي سان چيو. “ پوءِ ” مهروءَ وڌيڪ دلچسپي وٺندي چيو. “ پوءَ بس. مون ڪوڙ ڪري چيومانس ته مهروءَ کي تنهنجو ڏاڍو ارمان ٿيو ” شانوءَ رازدانه انداز سان چيو. “ ڇوري ” بي حيا مامي ڇا سمجھندي ” مهروءَ شرمائيندي چيو. “ چري مامهين جي منهن تي ٿورئي اهڙيون ڳالهيون ڪبيون.شانوءَ شرارت سان مشڪندي چيو. “ڀلا ٻيو ڇا چيائين ” مهروءَ پڇيو. “ چيائين ته مهروءَ کي گھاگھر چٻي ٿيڻ ۽ دير ڪرڻ تان دڙڪا ته ڪونه مليا “ شانوءَ مهروءَ کي سنهي چهنڊڙي هڻندي چيو. مهرو شرم کان ڪنڌ ٻئي پاسي ڪري شڪ، نامعلوم ۽ وسيع دنيا ۾ گم ٿي ويئي ۽ مهرو وڃي گھر جي ڪم ڪار کي لڳي.


    انتظار ڪرڻو پيو

    درد نا آشنا سان پيار ڪرڻو پيو
    دل کي پابند انتظار ڪرڻو پيپ
    پنهنجي دل کي نيٺ زير بار ڪري
    تنهنجن واعدن تي اعتبار ڪرڻو پيو
    “گل ”

    ملاحن جي هن ننڍڙي ڳوٺ جي ڀر واري خونياڻي کڏ ٻاروهي پاڻيءَ سان ڀريل رهندي هئي. منجھانئس مال پاڻي پيئندو هو. ٻار ڪندورو کيڏندا هئا. ننڍڙا ملاح مال کي جھنگ مان گھمائي منجھند جو اچيو هن کڏ ۾ ڇڏيندا هئا. ڪنول جا اڇا وڏا گل ساون پنن جي جھومٽ ۾ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي پري پري تائين پکڙيل هئا ۽ لهرن جي اوچتن لوڏن تي ائين هيٺ مٿي ٿيندا هئا ڄڻ آئي وئي جو سلام ڪري رهيا هجن. ڇو جي چئن ئي طرفن کان چڱي وڻڪار هئي جنهن ۾ نمن ۽ ٽالهين جا وڻ گھڻا هئا. کڏ جي اترئين ڪناري تي ملاحن جي ڳوٺ کان ايندڙ لنگھه جي لڳ هڪ سريهل جو به وڻ هو، جنهن جي نرم ۽ نازڪ گلن جي خوشبوءِ بهار جي موسم ۾ ڳوٺ ۽ آسپاس جي فضا کي معطر ڪري ڇڏيندي هئي. کڏ جي ڏاکڻئين ڪناري کان ٿورو پرڀرو هڪ وڏو ۽ جھونو بڙ جو وڻ هو. آسپاس ڳوٺن جا ڳنوار منجھند مهل هن جي ٿڌي ڇانو ۾ رهاڻيون ڪندا هئا، رانديون کيڏندا هئا ۽ بڙ جي ڊگهين لچڪندڙ لامن کي ڳنڍي پينگون ٺاهي لڏنداهئا. مسافر هن هيٺ آرام ڪند اهئا. ڍور ڍڳا هتي ويهي پنهنجو ٿڪ دور ڪندا هئا. مطلب ته هي بڙ ننڍن لاءِ وندر گاهه ۽ وڏن لاءِ آرام گاهه هو. هي بڙ ڪو اڄڪلهه جو نه هو. زندگي جا ڪئين دلفريب خواهه دلخراش داستان هن جي پن پن تي اڪريل هئا.. هزارين بهارون هن کي تازو ڪري چڪيون هيون. هزارين خزائون هن کي اجاڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري وييون هليون. مگر هي خاموش پنهنجي جاءِ تي سڀ ڪجھه ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيو.
    محب عليءَ کي پڻس اڃا ڪنهن به ڪم سان نه لڳايو هو. شروع ۾ هن خيال کان ته جيسين پنهنجي مرضي مطابق ڪو ڪم شرو نه ڪندو، تيسين کيس مجبور نه ڪبو. ڀليڏنو ڳوٺ جو مال چاريندو هو. محب عليءَ ڪنهن ڪم کي پابنديءَ سان ڪرڻ کان اڃا آزاد هو، تاهم هو ڀليڏني سان روزانه جھنگ ۾ مال چارڻ ويندو هو. ڳاڙهن رٻڙن واري گليل پيتلي بينسري محب عليءَ سان هميشه ساڻ هوندي هئي.
    حسب دستور اڄ به به ٻئي دوست مال کي ڦيرائيندا بڙ هيٺ اچي پهتا، مال هڪ پاسي ٽڙي پکڙي ويو ۽ هي ٻئي ڄڻا پينگھون ٺاهي لڏڻ لڳا. ٿورو وقت دل وندرائي وڃي بڙ جي ڪنهن گوشائتي جھڳٽي تي چڙهي ويهي رهيا. “ ڏي خبر پير جو ڦٽ ڪيئن آهي ؟” ڀلوءَ پير ۾ نهاريندي چيو.
    “ هاڻي ٺيڪ آهي سڀاڻي پٽي کولي ڇڏيندو سانس محب عليءَ چيو.
    “ ڀلا ٻي ته ڳالهه ٻڌ....” ڀليڏني مقصد طرف ايندي چيو.“ ڇو..... ڪهڙي ؟” محب عليءَ توجھه ڏيندي چيو.
    “ ڪالهه شام جو توکي ربن ڇا پئي چيو ؟” ڀلوءَ پڇيو.
    “ ڪٿي ؟“ مبوءَ تعجب مان پڇيو. ” دڪ تي ٻيو وري ڪٿي ؟“ ڀلوءَ چيو.
    “ تون تنهن مهل پتڻ تي ڪونه هئين ڪوڙا ؟” محب عليءَ ڳالهه کي مٽائڻ جي ڪوشس ڪندي چيو.
    “ تنهن ۾ تنهنجو ڇا ؟” تون ٻڌاءِ ته ربن توکي ڇا تان پئي دڙڪا ڏنا ؟ ڀلوءَ قدري ترش ٿيندي چيو.
    “ ڀلو،ڀاءُ اها ڳالهه نه پڇين ته بهتر ” محب علي ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
    “ ڇو نه پڇان تون جي نه ٻڌائيندين ته مون من خبر ئي ڪانه پوندي ڇا ؟” ڀلوءَ بڙ جو پن پٽيندي چيو.
    “ پهرين ٻڌاءِ توسان ڳالهه ڪنهن ڪئي ” محب علي پڇيو.
    “ اهو پوءِ ٻڌائيندس پهرين تون قصو بيان ڪر ” ڀلوءَ چيو.
    “ ڏس ڀلو ! هن کان اڳ ڪا ڳالهه توکان لڪائي اٿم ؟ محب علي سواليه انداز سان چيو.
    “ اڳ ته ڪانه لڪائي اٿيئي پر هاڻي سکين پيو ” ڀلو طعنو ڏيندي چيو.
    “ هرگز نه بلڪ معاملو ڪجھه اهڙو هو جو توکي وڌيڪ کٽڪي ۾ وجھڻ نه چاهيم ” محب علي چيو.
    “ ڇا جو کٽڪو.....؟ ڳالهه ته پوري ڪر ” ڀلوءَ بيچينيءَ سان پڇيو
    .“ ڪالهه شام جو ربن دڪ تي مليو محب علي قصو بيان ڪيو چيائين ته “ محب علي ! تون اسان جو هڪ پرديسي دوست آهين آئون نٿو چاهيان ته اسان سانن وڙهندي تو ٻوڙي کي به جوکو رسي....... متان پوءِ ميار ڪرين : انڪري توکي سهڻي صلاح ٿو ڏيان ته هينئر ڀلوءَ سان ناتا ٽوڙ ” “ ها.....
    پوءَ تو ڇا چيو ؟“ ڀلوءَ جلدي پڇيو.
    “ مون چيو مانس ته بس تون ڇٽين ” مبوءَ مرڪندي وراڻيو.
    “ ڪجھه پڇينس ته ها آخر هن حڪم ڏيڻ جو سبب ڪهڙو آهي ؟ ڀليڏني پنهنجي گليل ڪلهي تان لاهيندي چيو. “ اهو به پڇيومانس ته آخرڪار ڀلوءَ تنهنجو ڇا بگاڙيو اهي.... ” جواب ڏنائين ته مقصد آهي ته تون جيئن اسان جي وچ ۾ نه پوين....... باقي ڀلوءَ منهنجو ڇا بگاڙيو اهي تنهنجو جواب ڀلوءَ کي ڏيندس محب علي چيو.
    “ هون..... بس ” اڃا ٻيو ڪجھه ؟ ڀلوءَ بڙ جي پن جي پرزن کي زور سان هيٺ اڇليندي چيو. ڪجھه خاموشي رهي، ڀليڏنو بڙ جي سنهين وٿين مان آسمان ۾ غور سان نهاري رهيو هو ۽ محب علي هن جي منهن جي بدلجندڙ رنگت ۾ توجھه سان ڏسي رهيو هو.
    “ ها.....خير...... پر جيڪڏهن مون کي ڪالهه خبر نه پوي ها ته تون ته ڪونه ٻڌائين ها نه ؟ ڀلوءَ ميار ڏيندڙ لهجي ۾ چيو.
    “ ٻڌايان ضرور ها..... مگر وقت گذرڻ بعد !” ڀلوءَ جواب ڏنو.
    “ ۽ اهو وقت ڪڏهن اچي ها ؟” ڀلوءَ قدري ترش ٿيندي پڇيو.
    “ اها مون کي خبر نه آهي ” مبوءَ مشڪندي چيو. “ تنهنجي معنى مون کي شانوءَ جو شڪر گذار رهڻ گھرجي ” ڀلوءَ کلندي چيو.
    “ واهه جي ٿي...... تڏهن توي سڀڪجھه شانو ٻڌايو آهي ” مبوءَ زياده توجهه سان پڇيو.
    “ ها،..... ڪالهه پتڻ تان پئي آيس ته شانوءَ ٻڌايو ” ڀلوءَ چيو.
    “ تهن مبارڪ اٿئي “ محب علي مرڪندي چيو.
    “ڇا جي مبارڪ ” ڀلوءَ تعجب مان پڇيو. “ واهه واهه...... هن ويچاريءَ جو ايترو هڏ ٿو ڪرڪي جو هڪ منٽ به آرام نه آيس ” محب عليءَ چيو. ”“ هڏ ته تو لئه ٿو ڪرڪي ربوءَ دڙڪا به توکي پئي ڏنا يا مون کي “ ڀلوءَ چيو.
    “ پوءِ شانوءَ توکان ڇو پڇيو ” محب علي سوال ڪيو. “ ڳالهه هيئن آهي ته ڪالهه معاملو ڏسي ويچاري مهروءَ ذري گھٽ بيهوش ٿي ويئي ۽ شانوءَ کي چيائين ته تون مبوءَ کان پڇج ” ڀلوءَ محب علي جي منهن ۾ گھوريندي چيو. “ ۽ شانو بهانو ڏسي سڌو تنهنجي گھر لنگھي آئي ” مبوءَ ٽوڪ هڻندي چيو.
    “ معاف ڪج ميان تنهنجي در اڳيان ملي هيم ” ڀلوءَ جواب ڏنو.
    “ تڏهن به ڪنجوس ئي ٿئين ڏٺئي ته محب علي ءَ جي گھر پيئي وڃي، تنهنڪري اڳ ڦري آئينس ” محب علي وري ٽوڪ سان چيو.
    “ توکي ته الاجي ڪيئن ٿيون ڳالهيون ٺاهڻ اچن ” ڀلوءَ خفا ٿيندي چيو.
    “ ڀلو! هاڻي وري تون جواب ڏيڻ ويندين ؟” محب علي طنزيه انداز مان پڇيو.
    “ نه هاڻي اهو ڪم تون ڇڏج ” ڀلوءَ جواب ڏنو.
    “ نه سائين پاڻ پرائي ڪم کي هٿ به نه لائينداسون ” محب علي ءَ هٿ جي اشاري سان انڪار ڪندي چيو.
    “ باقي مهروءَ کي دلداري ڪير ڏيندو ” ڀلوءَ شرارت سان چيو.
    “ ان کان تون ڇٽو آهين ” محب عليءَ مرڪندي جواب ڏنو.
    “ تڏهن توکي به مبارڪ ڏيان ؟” ڀلو تعجب ۽ خوشيءَ مان چيو.
    “ اڃا وقت ڪونهي ” محب علي سنهو ٿڌو ساهه کڻندي چيو. “ محب علي ! مون کي اڳ ربن واري خبر ٻڌائين ها ته فيصلو به ڪري ڇڏجي ها ” ڀلو وري پهرئين واقعي طرف مڙندي چيو.
    “ انڪري توکي ڪونه ٿي ٻڌايم. تون مڙس آهين البت جوشيلو ” محب علي چيو.
    “ هن ۾ جوش جي ڳالهه ئي ڪانه آهي.اسان کي ته ٽڪرندي گھڻو وقت ٿيو آهي. پر توکي ڌمڪي ڇو ڏنائين، انجو کيس جواب ڏيڻو پوندو ” ڀلوءَ قدري جوش ۾ ايندي چيو.
    “ نيٺ تپي وئين ! ڀلو تحمل ڪر...... ڍر ڏينس ” محب علي چيو.
    “ پر ادا ائين هو سمجھندو ته اسين هيڻا آهيون ” ڀلوءَ چيو.
    ڀلي سمجھي...... اسين ئي هيڻا...... ڇڏ شدت کي. محب عليءَ چيو.
    “ مبو مون کي تنهنجو بدلو نه وٺڻ ڏين ها ” ڀلوءَ چيو
    “ شاباس منهنجا شينهن آئون سمجھان ٿو ته ڪچو کائي ڇڏينس ها ” محب عليءَ ڀلوءَ جي پٺي ٺپريندي چيو، ٻنهي طرفن کان خاموشي ٿي ويئي،ڀلو، جو بڙ جي وٿين ۾ نهاري رهيو هو. هڪ هنڌ نظر اٽڪائي چوڻ لڳو.“ اڙي ماکي......”.“ ڪٿي..... ڪٿي ؟ ” مبوءَ اٻهرائي مان پڇيو.
    “او....اها آهي به نر ” ڀلوءَ خوش ٿيندي چيو. “ پوءَ ڇا خيال آهي ” محب علي ماکيءَ ۾ نهاريندي چيو.
    “ خيال نيڪ آهي ڇڏبس ڪونه ” ڀلو اٿندي چيو. ڀليڏنو مٿي چڙهڻ لڳو ۽ محب علي جلدي جلدي هيٺ لهڻ لڳو. پريان ٻيا ميهار به مال سميت اچي رهيا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ ڀلو به ماکيءَ سميت اچي ويو ۽ ٻئي دوست مال ورائي کڏ تي آيا. محب علي اتان سڌو گھر آيو ۽ ڀلو سريهل هيٺ ويهي ونگ وٽڻ لڳو.
    ڏينهن به ڏاڍو تتل هو جھولي ڪانگ جي اک پئي ڪڍي. گھرن مان اندران ٻارن جي روئڻ ۽ وڏن جي ڳالهائڻ جا آواز پئي آيا. ڪتا وڻن ۽ پترين جي پاڇوين ۾ زبانون ڪڍي سهڪي رهيا هئا.محب علي ماکي کنيو ڪنڌ هيٺ ڪريو پير پير ۾ ڏيندو ڪجھه ويچاريندو کڏ واري رستي کان دڪ تي ظاهر ٿيو. غالبا ربن جي ڌمڪي متعلق...... يا ڀلوءَ جي جوش جي باري ۾..... يا ٿي سگھي ٿو ته مهروءَ بابت........
    دڪ تي هينئر سواءِ محب عليءَ جي ٻيو ڪوبه ڪونه هو. هن کي هن حالت ۾ ايندي فقط مهروءَ ڏٺو جا لوڙهي جي اندران گابي کي پاڻي پيارڻ ۾ مشغول هئي. محب علي ڪنڌ هيٺ ڪريو بلڪل آهستي ايندو رهيو ۽ مهرو هن جي قدمن جي هلڪي جنبش ۾ غور سان نهاري رهي هئي، ان لاءِ ته پير ۾ سور هجڻ ڪري منڊڪائي ته ڪونه ٿو ؟ جيتوڻيڪ گابي پاڻيءَ واري ڪونڊي خالي به ڪري ڇڏي هئي. مگر هيءَ ان کان بي خبر پنهنجن خيالن ۾ غرق رهي. هيءَ وقت ميار لاهڻ جو آهي.... اچي ته معافي ٿي وٺانس..... پر هيءُ ڇا ؟ گھٽيءَ هلندڙن سان ڪيئن ڳالهائبو.... ڇا سمجھندو ته بي حيا آهي..... ڇو بي حيا آهيان..... بي گني ڀلي ٿيان ؟ ننڍي هوندي کان رانديون کيڏندي ته هيڏا ٿيا آهيون..... ڌاريا ٿورئي آهيون...... ويجھو اچي ته هٿ ٻڌي به معافي وٺنديسانس....... يا الله هي ڇا پيو ٿئي مون کي ! نڀاڳي دل ته ڪيئن نه پئي ڌڙڪي......... ٽنگون ته ٽنگون جھڙو سيءُ لڳو اٿن..... ههڙي حال ۾ ڪيئن ڳالهائي سگھبو..... ڪو ڏسي ته ڪونه وٺندو........ ڀلي پيو ڏسي مون کي ڇا آهي ؟..... مامي جو پٽ جو آهي..... هاءِ الله پٽي به اڃا ٻڌي پئي اٿس..... سامهون ايندو ته ضرور ميار ڪندو..... ويجھو اچي ته چوانس.... چوانس به ڪيئن سارو بدن ته ٿڙڪي پيو. محب علي هن ڪشمڪش کان بي خبر پنهنجي تن ۾ جڏهن لوڙهي جي ڀرسان اچي پهتو، تڏهن مهروءَ به پنهنجي دل ۾ هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن هن هڪ خاموش جسم کي پنهنجي بلڪل قريب پاتو تڏهن نيٺ همت جھلي بي اختيار چئي ڏنائين.“ مبو...... ” مهروءَ جو گلو خشڪ ٿي ويو ۽ بدن مان سنهو ڇرڪ نڪري ويس. اوچتو سڏ ٻڌي مبوءَ جو خيالي سلسلو ٽٽي ويو ۽ پاڻ کي زمين تي محسوس ڪرڻ لڳو. عجب مان هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي لوڙهي اندران مهروءَ کي حيا ۽ حيرت جو پتلو بنيل ڏسي مشڪي چيائين. “ جي.....حڪم ” محب علي دل جي ڌڙڪڻ تي بمشڪل قابو پائيندي چيو.
    “ مون چيو...... معاف ڪج ” مهروءَ گنديءَ جي ڪنڊ کي آڱر تي ويڙهيندي چيو.
    “ ڪهڙي ڏوهه جي معافي ” محب علي بدستور مشڪندي چيو.
    “ پير ۾ اڃا سور اٿيئي ” مهروءَ اڌ کليل اکين سان محب عليءَ ڏانهن نهاريندي پڇيو.
    “ هينئر لهي ويو.....“ محب علي طنزيه انداز ۾ چيو
    مهرو هڪ ته اڳيئي عورت ! ٻيو هنوقت بحيثيت مجرم ! ٽيون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اهڙي مرد سان مللاقات جو هن جي دل جي گهراين ۾ رهندو هجي...... ڏينهن جي خيالن خواه رات جي خوابن ۾ وسندو هجي !! جذبات جي مسلسل مرو مار سببان آهستي آهستي پنهنجا قدم هلڪا هلڪا محسوس ڪرڻ لڳي. ساڳي حالت ۾ غالبا گنديءَ جي ڪنڊ چار آڱر کن چٻي ڇڏيائين.
    “ ڇا پيو سوچجي ” محب علي خاموشي ٽوڙيندي چيو.
    “ ڪجھه نه.....” مهروءَ هوشيار ٿيندي چيو.
    “ هوندو ڪو خواب.....” محب علي گفتگو جو پهلو ڇيڙيندي چيو.
    “ خواب ته رات جو ڏسبا آهن ” مهروءَ شينهن سامهون وڃڻ جھڙي جرئت ڪندي چيو.
    “ رات وارا خواب هميشه ڪوڙا ٿيندا آهن، ڏينهن وارا خواب سچا ٿيندا آهن” محب علي مرڪندي چيو.
    “ راتين وارا سڀ خواب ڪوڙا ٿيندا آهن ” مهروءَ چيو.
    “ها ڇاڪاڻ ته اهي ننڊ ۾ ڏسبا آهن ۽ ڏينهن جو جاڳندي..... ” محب علي مهروءَ جي دل جي راز کي معلوم ڪرڻ لاءِ چيو.
    “ پر جيڪڏهن ڪو رات خواهه ڏينهن جو ساڳيا خواب ڏسي ته....” مهروءَ گندي مٿي تي سرڪائيندي پڇيو.
    “ اهي ته هروڀرو به سچا هئڻ گھرجن ” محب علي بهار جي ٽڙيل گل وانگر مشڪندي چيو. هن جي اکين ۾ پيار ۽ خوشيءَ جو نشو ڀرجي آيو ۽..........
    پي رهيو هو شرابي ٻه جام ڀري ”
    “ ماکي حاضر آهي....” محب عليءَ ماکي لوڙهي تي رکندي چيو.
    “ ميار ته لٿي......؟” مهروءَ شرمائيندي چيو.
    “ اون.....هون..... هاڻي ته ٻه ٿيون ” مبوءَ جواب ڏنو ۽ هلڻ لڳو.
    مهرو جا ڏينهن جي خوابن ۾ محو هئي تنهن کي وري به گابي جي ٿوني هوشيار ڪيو. پاڻ کي اڪيلو ڏسي هيڏانهن هوڏانهن نهاري گھر هلي ويئي.


    رازدار

    هر گھڙي خيال يار ۾ آهيان
    سمجھجي جهان يار ۾ آهيان
    دل جا داغ فرزان کنيو اي نديم
    بس تلاش رازدار ۾ آهيان
    “گل ”

    شام جو وقت هو، مال جھنگ مان واپس پئي آيو ڍڳيون مينهون قطارون ڪنديون پنهنجن وٿاڻن طرف پئي وييون. مهرو لوڙهي اندران پنهنجي ڍڳي ٻڌي رهي هئي. اوچتو ٻه نرم نرم ۽ ٿڌا هٿ هن جي گول وڏين سرمائي اکين تي رکجي ويا. مهروءَ ڳنڍ ٻڌندي چيو. “شانو ” تڏهن سندس پياري ۽ رازدار سهيلي، شرارت ۽ نخري جي پتلي ٽپڪو ڏيئي اچي اڳيان بيٺي.
    “ مهرو ڪالهوڪي ڳالهه مون ڀلوءَ کان پڇي ” شانوءَ چيو.
    “ ڪهڙي...ها.....ها،،،،،، مبوءَ واري ” مهروءَ خيال هوا۾ اڏائيند ي چيو.
    “ هينئر تو ڏانهن ايندو ڀلو مليو جنهن ٻڌايو شانوءَ هڪ طرف نهاريند ي چيو.
    “ ڇا چيائين..... ” مهروءَ توجھه سان پڇيو.
    “ هيءُ ماکي ڪنهنجي آهي ؟ ڪنهن ڇڏي آهي ؟ شانوءَ لوڙهي تي رکيل ماکيءَ ۾ نهاريندي پڇيو.
    مهرو ان بابت واقعي بي خبر هئي. هن کي ڪهڙي خبر ته مبو ماکيءَ جي ڳالهه ڪرڻ سان ماکي اتي رکي به ويو هليو. وائڙي ٿي ويئي هڪدم ڪو ڪوڙ به ٺاهي نه سگھي. اڳيان به شرير شانو هئي. نيٺ منهن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين. ڪهڙي......ڪٿي ؟.
    “ اجھا....... ” شانو ماکي کڻندي چيو.
    مهرو جي من ۾ تيئن تڪڙيون مهريون لڳڻ شروع ٿي وييون. ڪوشش جو تير مقصد جي نشان تي اڇليندي چيائين “ الاجي ڪنهن ڇڏي آهي ”.
    “ هون.... الاجي ڪنهن ڇڏي آهي........ مون سان به ميائو ” شانوءَ چيلهه کي جھٽڪو ڏيندي چيو.
    “ سچ پچ مون کي ڪابه خبر ڪانهي..... باقي.........” مهرو چوندي رڪجي ويئي.
    “ باقي..... هو ڇڏي ويو آهي....... ائين نه ؟” شانوءَ پورو ڪندي چيو.
    “ چڱو ڀلا نٿي ٻڌايان....... ڇا ڪندين ؟” مهرو چلولائي مان چيو.
    “ آئون به اڄ صفائي ڪري پوءِ گھر وينديس...... روز روز مون سان مسخريون ڪيون اٿئي. شانو شرارت سان اکيون ٽمڪائيندي چيو.
    “ ڪهڙي صفائي.... ؟” مهروءَ هلڪاڻيءَ سان چيو.
    “ ته هيءَ ماکي هت ڪنهن ڇڏي آهي ” شانوءَ ٻئي هٿ اڇل سان چيلهه تي رکندي چيو.
    “ پر جي آئون نه ٻڌايان ته پوءِ...؟” مهرو چيو.
    “ تنهنجو ڊگھو به ٻڌائيندو، تنهن ڏينهن منهنجي چوٽي ٿي پٽيءَ اڄ تنهنجو وارو آهي ” شانو ڏسڻي آڱر سان اشارو ڪندي چيو.
    ” چڱو ڏسون تون ڏاڍي ڪي آئون ” مهروءَ جند ڇڏائڻ لاءِ چيو.
    هن جو خيال هو ته شانو قصي کي وڌيڪ ڊيگھه نه ڏيندي ۽ ٻڌائينديس آئون به ڪونه....... نيٺ ڪڪ ٿي کڻي پچر ڇڏيندي. پر شانو به پورن ڏينهن جي پڙهايل هئي. سڀڪجھه سمجھي به خوامخواهه شرارت ٿي ڪيائين. 2-3 منٽ خاموش مهرو جي منهن ۾ نهاريندي ڪجھه سوچيندي رهي ۽ پوءِ زور سان پير پٽ تي هڻندي تحڪمانه انداز مان چيائين،“ چڱو هاڻي جهٽ پٽ ٻڌاءِ...... نه ته ماسيءَ کي ٿي سڏ ڪريان ”.
    مهرو کي يقين هو ته هي فقط دڙڪو آهي. شانو هر گز معاملو ماءُ تائين نه پهچائيندي.هڪدم جواب ڏنائين “ ڀلي سڏ ڪر ماسهين کي.....”، ماسي..... او ماسي......” شانو کلندي سڏ ڪرڻ لڳي.
    “ڇوري...... وات ڦاٽي...... ” مهرو شانو جي وات تي هٿ رکندي چيو.
    “ ڇا آهي..... اچان پئي....” مهرو جي ماءُ اندران ايندي چيو.. مهرو جو منهن دونهاٽجي ويو.
    حيرت جي پتلي بڻي بيٺي رهي.“ ٻچي ترس..... شانو منهنجو نالو آهي ” شانو آڱر جو اشارو ڪندي چيو.
    “ ڇو.... ڇا آهي ” مهرو جي ماءُ ويجھو ايندي چيو.
    “ ماسي....... هيءَ ماکي.......” شانو مهرو جي منهن ۾ نهاريندي چيو. هن جي اکين ۾ پاڻي ۽ منهن تي شڪست ڏسي وڌيڪ چئي نه سگھي.
    “ ڇا جي ماکي..... ڳالهه ڪر ” مهرو جي ماءُ خفا ٿيندي چيو.
    “ ماسي هيءَ ماکي مون آندي آهي ” مهرو کي چيم ته اچ گڏجي کائون ته مون کان پيئي کسي. شانو منهن بنائيندي چيو.
    “ بس ڳالهه به اها ؟ ڀينرون آهيو گڏجي کائو ” مهرو جي ماءُ واپس ويندي چيو.
    جڏهن مهروءَ جي ماءُ پري ويئي هلي تڏهن مرڪي مهرو کي چيائين “ ڪيئن اڃا نه ٻڌائيندينءَ ؟”.
    مهرو دل ۾ چيو ته خوف جي ڳالهه ته شانو بدلائي ڇڏي. هاڻي وري پنهنجي ڳالهه تان ڦري ڪانه ويندي. تنهن ڪري آڪڙجي چيائين “ ڇا به ٿي پوي...... ڪانه ٻڌائينديس ”.
    “ توکي اڄ موچڙا کپن....... چڱو بيهه.... هي سينڍ آهي ” شانو پنهنجي سينڍ تان هٿ ڦيرائيندي سڏ ڪيو.
    ماسي .... شانو جيتوڻيڪ مهرو جي پياري ۽ رازدار ساهيڙي هئي. مگر حرڪتياڻي ۽ شرير اهڙي هوندي هئي جو في الحال ته منهن جو پاڻي وٺيو ڇڏيندي هئي. مهرو سان ته عمر گذاري هئائين پر اڄ عزت جي ڳالهه هئي. ان ڪري هن کي اعتبار اچي، اچي به نٿي آيو. انڪري شانو جي پهرئين سڏ سان گڏ چئي ڇڏيائين شانو ڀلا ٻڌايان ٿي.
    “ ماسي وري چهنڊڙيون پيئي هڻي شانو ڳالهه مٽائيندي چيو.
    “ ڇڏيو جند ڇوريون گجي کائو ” مهروءَ جي ماءُ چيو.
    “ هون... کارايانس ٿي خوش ٿي ويهه ” شانو نڪ چاڙهيندي چيو.
    مهرو شش و پنج ۾ بيٺي هئي ته ڪيئن هن چنڊال کان جند ڇڏائجي.
    “ جلدي ڪر.... ٻڌاءِ......نه ته وري ڦٽاڪو ٿي ساڙيان ” شانو سينو تاڻيندي چيو.
    “ ڀلو ڏئي ويو آهي ته شانو کي ڏج ” مهرو نخري مان چيو.
    شانو ڏٺو ته البت ٽارڻ جي پيئي ڪري ائين ابتيون سبتيون ٻڌائي رات ڪري ڇڏيندي. شڪست ته هنجي حصي ۾ لکيل ئي ڪانه هئي. سو مصلحتا ڪاوڙجندي چيائين.
    “ ڀلو ڏني آهي ! ڇو...... آئون ٿي بابا کي ٻڌايان اڳتي ياد ڪندو ”. مهرو دل ۾ خيال ڪيو ته مرڳوئي ڳالهه ٿي هٿن مان وڃي.شانو کي ڪلهن کان جھلي چيائين “ نه نه شانو مون ڀوڳ ٿي ڪيو ”.
    شانو به دل ۾ چيو ٻچي آئي ٻيٺي آهين مگر ظاهري طور ڪاوڙ کي ويتر تيز ڪندي چيائين “ ڇڏ آئون وڃا نٿي........ مار نه ڪڍايانس ته..... ”، شانو ٻڌ ته سهي......... مبو سويل آيو هو ” مهرو شانو کي ڪپڙن کان جھليندي چيو. “ ڪوڙي...... تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين ” شانو چيو. “ تنهنجو قسم مبو ڏيئي ويو آهي ” مهرو شرمائيندي چيو.
    “ واهه....ايستائين پهچي ويا..... مبو اٽڪلي ته ڪهڙو آهي...... چوي ٿو ته ماکي جھڙي مٺي آهين ” شانو چيڙائيندي چيو.
    مهرو ڪڇيو ڪجھه به ڪين باقي حجت ۽ خارن سان ٻن آڱرين جو ڀونڊو ڏئي ڪڍيائينس.
    “ اچي ڀلا...... نيبهه هجيئي.....” شانو ماکيءَ وارو هٿ ڊگھيڙيندي چيو
    .“ڇو تون کاءُ.... ” مهرو چيو. “ نه ادي هيءُ تنهنجي امانت آهي، آئون ڇو کان ؟ ” شانو نخري سان چيو.
    “ ڊڄين ٿي متان توتي به حق ڄمي وڃي ؟ ” مهرو شانو کي سنهي چهنڊڙي هڻندي چيو.
    “ نه نه مون کي اهو ڊپ ڪونهي مون مهرو سڀني حقن ۽ واسطن سميت ڏيئي ڇڏي ” شانو ٽيڏي اک سان گھوريندي چيو.
    مهرو جو ڪنڌ شرم شڪست کان هيٺ جھڪي ويو گنديءَ جو پلئه وات ۾ جھلي چيائين “ کاءُ نه ته آئون به نه کائينديس ”
    “ پر حساب منهنجو به توکي چڪائڻو پوندو ” شانوءَ ٻي گھري چوٽ هڻندي چيو.
    ۽ ٻئي سهيليون ويهي ماکي کائڻ لڳيون.
    “ ها هوءَ ڳالهه ته وري وسري ويئي ” مهروءَ ميڻ تارونءَ ۾ نپوڙيندي چيو.
    “ ربوءَ محب علي کي انهي تان دڙڪا پئي ڏنا ته هن ڀلوءَ سان سنگت ڇو رکي آهي. هڪدم ڳاهائڻ بند ڪري ” شانو چيو.
    “ ڇو ” مهرو توجھه ۽ تعجب سان پڇيو.
    “ اهو ته ربن کان پڇ مون کي ڪهڙي خبر ” شانوءَخالي ڪاٺي مهرو جي هٿ ۾ ڏيندي آخرين ٽوڪ هڻندي چيو مهرو اچي هي قابو ڪري رکي ڇڏ..... ڪم ايندءِ.


    فيصلو

    ٿيون ته زيست لئي داغ سياهه دامن ٿيون
    اهي گھڙيون جي سدا بغض وخار سان گزرن
    ٿيون ته زيست جو مقصد ۽ ماخذئي ٿيون
    اهي گھڙيون جي سدا قرب و پيار سان گذرن
    “گل ”

    دستور موافق اڄ شام جو به ننڍو خواهه وڏو ڪم ڪار کان فارغ ٿيندو دڪ تي ايندو ويو ۽ ٿوري وقت بعد هي ننڍڙو ميدان ٻارن جي شور ۽ ٽهڪن سان ڀرجي ويو.وڏا هڪ طرف ڦانگون ٻڌيو حقي جي چوطرف گول ٺاهيو ويٺا هئا ۽ ننڍا پنهنجي راند ۾ مشغول هئا. محب علي به اڄ دڪ تي هو مگر راند ۾ ڌيان بلڪل نٿي لڳس. هر هر متلاشي نگاهن سان هيڏانهن هوڏانهن پيو نهاري. نگاهن مان تلاش،انتظار ۽ بي چيني جا آثار ظاهر آهن. ڇاڪاڻ ته اڃا تازو هڪ ٻه ڏينهن اڳ ربن کيس ڇينڀيو هو ۽ اها حقيقت ڪنهن طريقي سان ڀليڏني تائين به پهچي چڪي هئي. اوچتو اڄ تريءَ تي بهشت ٿي ويو، ربن ۽ ڀلو ٻئي دڪ تان گم ! هن جو ذهن انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ لڳل هو ته آيا ڪٿي وڃي پاڻ اوڻيها ويها ته ڪونه ٿيا ؟ خيال پچائي محب علي اٿيو.هن پهرين ڀلوءَ جي گھر ۽ پوءِ ربن جي گھران ٿيندو پتڻ تي وڃڻ جو ارادو ڪيو. بس هلڻ ۾ ئي هو ته پريان ڀلو ايندو نظر آيس.
    “ ڀلو ڪٿي هئين !” محب علي تڪڙو تڪڙو سوال ڪيو.
    “گھر......” ڀلوءَ جواب ڏنو. “ ڪوڙا گھران ته هينئر پيو اچان ” محب عليءَ چيو.
    “ پنهنجي يا منهنجي ” ڀلوءَ مرڪندي پڇيو.
    “ ڀلو سچ ٻڌاءِ ڪٿان پيو اچين ” محب علي بي بي چيني سان پڇيو.
    “ قرآن...... پنهنجي گھران ” ڀلوءَ پنج ئي آڱريون اک تي رکندي چيو.
    “ پوءِ ڀلا دير ڇو ڪئي ” مبوءَ پڇيو.
    “ ابا جي هٿ ۾ هو سور.......سو مينهن پئي ڏڌيم ” ڀلو چيو.
    “ چڱو اچو اڄ رهاڻ ٻڌون اڄ پرئين ڳوٺ وارا به آيا آهن ” “ربو آيو آهي ” ڀلوءَ ٻارن ۽ وڏن طرف نهاريندي پڇيو. “ ڇو..... ڇا ڪندين ” مبو پڇيو.
    “ آهي ڪا ڳالهه...........” ڀلوءَ نٽائيندي جواب ڏنو.
    “ ڪهڙي ڳالهه......... ” مبوءَ ڀلوءَ جي ڪلهي کي زور ڏيندي چيو.
    “ اها پاڻ واري......... هجي ڏنڊ ڏوهه ته بخشائي ڇڏيون ” ڀلوءَ چيو.
    “ ها روزاني ڪير پيو وڙهندو....... اڄ يڪي ڪريون يارهين........ ائين نه ” محب علي پڇيو.
    “ بس بس ڳالهه هاڻي سمجھي اٿيئي. ماٺ ڪرڻ معنى موچڙا کائڻ ” ڀلوءَ چيو.
    “ ڀلي گھوڙا ڊوڙائي دنگ ڪن. مون وٽ به هڪ مشن آهي انکي جڏهن هلائيندس تڏهن دنيا تماشا ڏسندي ” محب علي مشڪندي چيو.
    “ ڪٿي آهي.....ڏسان ” ڀلو چيو.
    “آهي مون وٽ.....” مبوءَ جواب ڏنو
    “ ڏسون ته سهي......” ڀلوءَ بيچينيءَ سان پڇيو.ڇاڪاڻ ته هن پڪ سمجھيو ته اها مشن آهي پستول يا ڪو تيز ڌار خنجر ! “ اجھا.....ڏس هن ۾ ” محب علي کلندي ننڍي آرسي ڀلوءَ جي اڳيان جھليندي چيو..
    “ يار توکي ته آهن رڳو مسخريون ” ڀلوءَ آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسندي چيو.
    “ شاباس شينهن شاباس...... هڏا به کائي ڇڏجانس......ڦڪو به نٿو ٿين. وڙهڻ تي اصل تڪڙو پيو اچين ” محب علي ڀلوءَ جي پٺي ٺپريندي چيو.
    خير هي ٻئي دوست اوري پري جون ڳالهيون ڪندا رهيا. گفتگو جي انداز مان محب علي سمجھي ويو ته اڄ ڀلوءَ کي البت جوش آهي. ممڪن آهي ته ڪجھه گوڙ ٿي پوي. تنهن ڪري دل ئي دل ۾ دعائون گھرڻ لڳو ته خدا ڪري،ته اڄ ربن نه اچي ته رات ته خير سان گذري. باقي ڳالهين کي صبح جو سمجھي وڃبو.سوچيندي سوچيندي هن جي ذهن ۾ هڪ تجويز آئي ۽ آهستي آهستي هنجي منهن تي خوشيءَ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. سندس دل جون دعائون تبديل ٿيڻ لڳيون،هاڻي هن کي ربن جو انتظار هو. ٻئي دوست هڪ ئي نشان تي مختلف طرفن کان تيرن ڇڏڻ جي سعيي ۾ هئا. چاهيو به ٻنهي هڪ فيصلو ٿئي ! مگر طريقو هر هڪ جو الڳ الڳ هو. ڀليڏني جو خيال هو ته اڄ هو ربن جي پيٽ ۾ يا ربن هن جي پيٽ ۾ ! پر محب علي چاهيو ٿي ته هنن ٻنهي مختلف ڌاتن کي پلٽائي هڪ قالب ۾ بند ڪري ڪا نئين چيز تيار ڪجي. قدرت کي به شايد اڄ ۽ هڪ ئي فيصلو منظور هو. ربن پنهنجن ٻن سنگتين سميت پريان ايندو نظر آين. ٻنهي جي دماغ تڪڙو تڪڙو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. محب علي في الحال صبر ۾ رهيو ان لاءِ ته معاملو پهرين ڪهڙي نوعيت تي ٿو پهچي ! ۽ ڀلوءَ وڌي وڃي ربوءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو.
    “ ربن ٻڌو اٿم ڏاڍو بهادر ٿي پيو آهين ” ڀلوءَ چپن تي مصنوعي مرڪ آڻيندي چيو.
    “ اڳ ٻڌو اٿيئي...........اڄ ڏسندين ” ربن بظاهر ڪاوڙ مان چيو.
    “ اڃا ته ماٺ لڳي پيئي آهي ” ڀلوءَ وري طنزيه انداز مان چيو.
    “ بس هاڻي زياده ماٺ نٿو ڪري سگھان ” اها به منهنجي مهرباني سمجھه نه ته........” ربن چيو.
    “ ها....ها......ها........ نه نه درياه اتر وهي ها ” ڀلوءَ ربن جي مذاق اڏائيندي چيو.
    “ مبو ! منهنجي ڳالهه جو جواب ڪڏهن ڏيندين ؟” ربن ساڳئي ڪاوڙيل انداز سان محب علي کان پڇيو.
    “ اڄ..... ۽ هينئر ! ” محب علي بدستور کلندي چيو.
    “ ٻڌاءَ....... ڇا ٿو چوين ” ربن چيو.
    “ ٻڌائڻ کان اڳ هڪ صلاح پڇڻي اٿم ” محب علي چيو.
    “ مبو ڏس...... اڄ تائين مون توکي ڪجھه به نه چيو آهي ڇاڪاڻ ته تون هڪ غريب پرديسي دوست آهين، پر هاڻي جيڪو ٿيندو سو ڀلوءَ ۽ پاڻ کان ڪري ڄاڻج ” ربن مڇن کي تاءُ ڏيندي چيو.
    “ پر ڀائو ربن جيڪڏهن آئون ڀلوءَ سان ناتا ٽوڙيان ته انهي ڏوهه ۾ گھڻا سال سزا ملندي ؟” محب علي چيو.

    “ مبو مسخري ڇڏ.......” ربن زياده تيز ٿيندي چيو.
    “ ته ڀلا ٻه منٽ بيهه ” محب علي چوندو هڪدم وڏن جي متل ڪچهري طرف وڌيو ۽ هڪ پوڙهي شايد پانڌي خان جي ڀر مان لٺ کڻي جلدي جلدي واپس وريو. پهرين ته سڀ بيٺل نوجوان وائڙا ٿي ويا ته مبو ڇو هوڏانهن ويو آهي ! پر جڏهن محب علي کي لٺ سميت واپس ايندو ڏٺائون تڏهن سڀني سمجھيو ته پڪ جھيڙي جو ارادو اٿس. ربن ته هڪدم پنهنجو تکو ۽ وڏو نوڪدار چاقو ڪڍي تيار ٿي بيٺو.
    “ هان....اچي..... اڙي ! تو وٽ خنجر به آهي ؟مون کي پهرين ٻڌائي نٿي ته آئون هي تڪليف نه ڪريان ها، شاباس جھٽ پٽ وهائي ڪڍج........ پر ٻڌ ڀلوءَ جي حصي جا به مونکي هڻج.
    ” محب علي لٺ ربن جي هٿ ۾ ڏيندي چيو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ربن جي اڳيان بيهي رهيو. وڏن جي رس ڀريل ڪچهريءَ ۾ ته في الحال ٽاڪوڙو مچي ويو. سڀني ائين سمجھيو ته مبو اڄ پڪ ڪنهن جو مٿو ڦاڙيندو. ڦانگون ڇڏي اٿيا ۽ محب علي جي پٺيان آيا..... هتي جو نقشو ئي بدليل ڏسي ڏندين آڱريون ڪري بيهي رهيا . يتيم ۽ پرديسي محب علي مجرمانه انداز سان گردن جھڪايو سزا جي انتظار ۾ بيٺو آهي ۽ ظالم ۽ قزاق ربن هڪ هٿ ۾ لٺ ۽ ٻئي هٿ ۾ اگھاڙو تيز خنجر الاريو بيٺو آهي. محمد صالح ڊوڙي وڃي ربن کي هٽايو ۽ سڀني ڇوڪرن کان حقيقت جي پڇا ڳاڇا ڪئي. جڏهن معاملو سڄو ظاهر ٿيو تڏهن سڀ محب عليءَ جي هن عجيب ۽ بهترين فيصلي تي حيرت جا هٿ مهٽڻ لڳا.ربن به هاڻي پنهنجي روش تي ڪافي شرمندو ٿيو. ويتر وڏن جي اڳيان اٽڪل ڪري محب علي کي وڏو ڀاڪر پاتو ۽ چيو :
    محب علي....... يار معاف ڪج “.
    “ادا تو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ؟ پاڻ ته ڀائر آهيون......... ” مبوءَ ڀاڪر پائيندي چيو.
    ٿوري وقت بعد سڀ ٽڙي پکڙي ويا،هنن بازن ڀريل دوستن اها رات جيئن تيئن ڪري رس ۾ گذاري.


    چند گھڙيون

    جهان کي آهه سڪون و قرار چند گھڙيون
    خزان به چند گھڙيون ۽ بهار چند گھڙيون
    هتي جي حسن و قبح کي نه آهه ڪجھه به بقا
    هي گل به چند گھڙيون هي خار چند گھڙيون
    ”گل“

    وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. سياري جي شروعاتي ڏينهن هئا. مٺا مٺا سيءَ پوڻ لڳا. ٻن ٽن ڏينهن کان ملاحن جي هن ڳوٺ ۾ هڪ سنياسي آيل هو. پانڌي خان جي اوطاق تي رهندو هو. ڳوٺ سنڌ جي ٻين ٻهراڙين وانگر ڪافي کليل هو.ٽن طرفن کان سايون ٻنيون ۽ باغ هئا.... چوٿين طرف مستيءَ ڀريو مهراڻ موجون هڻي رهيو هو. بيماريءَ سيماري کان الله تعالى امن ڪيو هو.سنياسيءَجو واپار ايترو گھڻو ته ڪونه هليو، البت ڪنهن ڦرڙيءَ جو مرهم ورتو....... اڌ مٿي جو ڦيڻو رکايو..... ڪنهن ٽيڙيا ٻيڙ جو سڳو وٽايو.... ڪنهن به ڪوڙي جو نقش ڀرايو.......... ڪنهن بلا ڀٽونءَ جي دوا ورتي نه ته بس.
    پانڌي خان جي زال کي سالن کان دم جي شڪايت هئي. شهر جون دوائون گھر جا ٽوٽڪا، جھنگ جون جڙيون ته انيڪ آزمايون هئائين، مگر سهي ٽنگون ٽي چوٿون پڇ ! ڳالهين هلندي سنياسي سان اهڙو ذڪر کوليائين. هن ته اهڙي وقت لاءِ واجھايو پئي ته من ڪو ملي ته ڦري ڪريانس ٺلهو. رپئي جيتري دٻليءَ ۾ هڪ ڪاري شي ( معجون ) ڏيئي پڪ پيسن جو وٺي ٿيو تند ! دوا باقاعدي استعمال ڪئي ويئي. پر دوا کي ڇا مجال آهي جو تر جو به تفاوت ڪري.
    “ تڏهن ڦڪيون فرق ڪن جڏهن امر ڪرين ان کي ” سا قدرت جي جيئن مرضي هئي تيئن ٿيڻ لڳو. دوا جو خالي بهانو هو. مهرو جي ماءُ جي حالت اڳئين کان به زياده خراب ٿيڻ لڳي ۽ پوڙهو پانڌي خان وري به وڃي شهر جي ظالم ڊاڪٽرن جي ور چڙهيو. جتان مس مس جند ڇڏائي هئائين. شهر وڃڻ لاءِ هن کي ڳوٺ وارن کي پهرين پار پهچي پوءِ ٽي چار ميل پنڌ ڪرڻو پوندو هو. سنياسيءَ واري دوا کائڻ ته هڪدم بند ڪيائون مگر فرحت ڪانه ٿي. نيٺ هڪ ڏينهن پانڌي خان شهر وڃڻ جو ارادو ڪيو. پر مشڪل هي هو ته پاڻ سان ڪنهن کي کڻي وڃي.اڳ ته ڀاڻس جمال جي پٽ ربن کي وٺي ويندو هو. مگر ٽن سالن کان اڳ ته انهيءَ به اچڻ وڃڻ ڇڏيو. آئي ويل ڪم اچڻ ته درڪنار پر ڳالهائڻ به بند ، پانڌي خان منجھي پيو نيٺ محب علي جي صلاح آئڙي آيس. سالي محمد سان صلاح ڪيائين. محب علي پاڻ سان شهر سنبرايائين. ٻئي ڏينهن پانڌي خان پنهنجي زال ۽ محب علي سميت شهر روانو ٿيو.مهروءَ اهو ڏينهن ڪجھه شانوءَ جي گھر ۽ ڪجھه مامي محمد جي گھر گذاريو.
    شام جو منهن ۽ ڪجھه انڌاري مهل پانڌي خان جن واپس پنهنجي گھر پهچي ويا. خير سان رات ته جيئن تيئن گذري. صبح جو پهرئين وزن پيڻ شرط دم وڌيڪ شدت سان ستائڻ لڳو. ڄڻ دوا نه هئي ڪو تيزاب هو. اڌ ڪلاڪ ۾ سارو گھر ماتم خانو بنجي ويو. پانڌي خان هيءَ حالت ڏسي ويتر ششدر ٿيڻ لڳو. مهرو خدا کي ستائڻ ۽ زارو قطار روئڻ لڳي. ڪچا ٻه پهر هن حال ۾ گذري ويا. تڪليف ويران وير وڌ! اوري پري جون زالون اچي ڪٺيون ٿيون. مهرو ماءُ جي سيراندي جھلي ويهي رهي....سارو ڏينهن روئندي گذاريائين. گل وانگر ٽڙيل...... ۽...... بلبل وانگر آزاد ٻوليندڙ مهرو هڪ ڏينهن ۾ گھڙجي ويئي. محب علي به پنهنجي پڦي کي ٻه ٽي دفعا ڏسڻ آيو. مگر زياده دير بيهي نه سگھندو هو. هڪ زندگي ۽ موت جي جنگ جو نقشو ٻيو مهروءَ جي ههڙي حالت ڏسي هن جون ٽنگون ٿڙڪڻ ۽ مغز چڪر کائڻ لڳندو هو. خير..... مهروءَ جي ماءُ جو سارو ڏينهن اهڙي تڪليف سان گذريو. سج آهستي آهستي ڳاڙهو ٿيندو رهيو....... پکي پنهنجي آهيرن ڏي اڏامندا ويا..... مال واپس وٿاڻن تي پئي آيو...... ۽ چنگن ۽ چڙن جا سريلا آواز ڳوٺ وارن کي شام جو پيغام ڏيئي رهيا هئا....... ماءُ اکيون کوليون..... وري بند ڪري ڇڏيون.... ٻه گرم لڙڪ اچي مهروءَ جي چوٽ تي پيا.... ماءُ جا هٿ هلڪي جنبش سان مٿي کڄڻ لڳا، مهروءَ جي منهن تائين...... وري هيٺ ڍرڪڻ لڳا...... مهروءَ جي منهن سميت ڇاتيءَ تائين آيا....... سج ساحل جي وڏن وڏن وڻن جي مٿانهين چوٽين کي آخرين سلام ڪري رهيو هو..... ڪائنات غم جي ڳاڙهي ويس ۾ ملبوس هئي... پکين جا قافلا پنهنجي منزل طرف اڃا به پئي ويا.... تان جو ماءُ آخرين دم کنيو..... ۽ هي پکي به پڃري جي سنگين سيخن مان آزاد ٿي پنهنجي آشياني طرف اڏامي ويو.
    مهرو رڙ ڪري مرده جي سيني تي بيهوش ٿي ڪري پئي. شانو کيس هوشيار ڪرڻ ۾ لڳي ويئي.سڄي گھر ۾ روڌن مچي ويو، هي حال ڏسي محب علي جي به دل ڀرجي آئي. خاموش ڳوڙها ڳاڙيندو ٻاهر نڪتو. پانڌي خان جي مٿان ڄڻ پهاڙ ڪري پيو. رکي رکي پيو اوساسا ڀري. زال جو ڏک به لازمي هو پر وڌيڪ ڳڻتي جنهن دل کي کاٽ پئي هنيو، سا هئي يتيم ۽ معصوم ڌيءَ مهروءَ جي. اوطاق ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏيو پنهنجي ڌيءَ متعلق سوچي رهيو هو..... جوان جماڻ ڌيءَ گھر ۾ اڪيلي ڪيئن گذاريندي ؟.... ماءَ جو ڏاڍو ڏڍ هوس.... اڪيلو گھر کائڻ ايندس..... ڇا ڀلا ڪريان مون کي پٽ ٻڌي گھر ۾ وهڻو پوندو.... ڀن جي ڪير ڪندو ؟..... ٺيڪيدارن سان ڪير ڳالهائيندو.... هن ويچارن ٻچڙيوالن جو بار به ته منهنجي ڪلهن تي آهي..... خدا تعالى جي مرضي ئي اهڙي هئي..... ويچاريءَ جي زندگي زهر ٿي پوندي....... نه نه آئون به آخر هن جو پيءُ آهيان..... هن کي هر طرح خوش رکڻ منهنجو فرض آهي..... مون کي جنگ ڪرڻي پوندي.... مون کان سواءِ هن جو ڪير آهي ؟ امان چوڻ ته هن جي زبان تان ميسارجي ويو..... هاڻي فقط مون کي بابا چوندي...... آئون هن جي هر خوشيءَ ۾ خوش ٿيندڙ ۽ هر غم ۾ شريڪ ٿيندڙ وفادار غلام ٿي رهندس..... مهرو ! تون منهنجي جان ۽ ساهه جي اڪيلي مالڪ آهين..... يا خدا، تون غفور الرحيم آهين..... منهنجي اڪيلي ۽ بي يارو مددگار ڌيءَ کي هر غم کان آزاد ۽ هر خوشيءَ سان مالا مال رک..... يا پروردگار هي هڪ پيرسن ناتوان پيءُ جي آخرين آرزو آهي...... وري هن جي منتشر خيالن ۾ تبديلي اچي ويئي هن مهروءَ جي رهڻ متعلق سوچڻ شروع ڪيو. هن جي خيال ۾ سڄي ڳوٺ مان فقط ٻه گھر هئا. هونءَ ته سڄي ڳوٺ جو ڪوبه اهڙو گھر ڪونه هو. جتي رهڻ کان پانڌي خان دل هڻندو هجي. مگر سڀ کان هن کي شانوءَ جو گھر نظر آيو ۽ ٻيو پنهنجي سالي محمد جو ! ٻنهي گھرن کي اڳيان رکي هن ڀيٽڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ گھرن کي چونڊي کنيو.ڇاڪاڻ ته اهو مهروءَ جي سڳي مامي جو به گھر هو ۽ سندن گھر جي بلڪل ڀر ۾ به ! وچان پتر ڪٽڻ سا ٻن گھرن مان هڪ گھر ٿي سگھيو ٿي. هن فيصلي تي پهچڻ کان پوءِ پانڌي خان جي ذهني ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ لڳي. ڪانڌي چوطرف ويٺا هئا،ڏينهن آيو ويو ٿي ويو. ٻي سهماڻيءَ جو امانت ڌڻيءَ کي پهچائي ويئي. مهروءَ اها رات ساري روئندي..... شانوءَ دلداريون ڏيندي ۽ پرچائيندي گذاري، ڳوٺ جون عورتون چار پنج ڏينهن صبح شام اينديون رهيون. پوءِ آهستي آهستي انهن به اچڻ ڇڏيو ۽ فقط شانو ۽ مهروءَ جي مامي سارو ڏينهن گھر ۾ رهنديون هيون. مهروءَ جي ماءُ کي گذري اڄ ويهه ڏينهن ٿي ويا.


    چنڊ ۽ چڪور

    چنڊ ري چڪور جيئن پروانو روشن شمع ري،
    سڀ سانوڻ مينهن ري آهن مڇيون جئن آب ري،
    زندگي منهنجي به اهڙي ريت آهي تو بنا،
    دم به توکان ڪيئن ٿيان مان ڌار هئن دل ٿي چوي.
    ”گل“

    مهروءَ کي اڪيلي گھر ۾ رهندي به هفتو کن گذري ويو. سندن گھر ۽ مامس محمد جي گھر واري وچين پتر کي ڪٽي دروازو به ڪيو ويو هو. پر مهرو اڃا سڄو وقت پنهنجي گھر گذاريندي هئي. شانو به پويون اڌ ڏينهن روزانو هن وٽ ايندي هئي. پانڌي خان ته شام جو ڪلاڪ اڌ ڀن تي ويندو هو، نه ته سارو ڏينهن گھر ۾ پيو هوندو هو. اهو سڀڪجھه ان لاءِ ڪيو ٿي ويو ته مايوس مهروءَ جي دل تان غمن جو بار گھٽ ٿئي. مگر ماءُ جو غم به جلدي ميٽجڻ وارو آهي ؟ اڃا تائين ته سج سڏڪن ڀريندي لاهيندي هئي. پر..... دنيا آهي ڏک سک به انسان لاءِ ئي آهن. برداشت ڪرڻا ئي پون ٿا. زندگي جا مليل آهي. هر حال ۾ طوعا خواه ڪرها گذارڻي پوي ٿي.مهرو به ڪا ٻار ڪانه هئي سڀڪجھه سمجھندي هئي. دل تان غم ميٽڻ لاءِ بعضي زور ڪريو کلندي به هئي، پر کلندي کلندي اکين اڳيان اهڙي ڪا تصوير اچي ويندي هيس جو رويو ڏيندي هئي. اهڙي طرح ٻيو مهينو به اچي ختم ٿيڻ تي هو. اداس مهرو هزار ڪوشش ڪندي رهي. نيٺ مستقبل جا سونهري خواب هن ڪومائل دل ۾ خوشي جي بهار ۽ڳريل ۽ ڪمزور جسم ۾ چستي ۽ جواني پيدا ڪرڻ لڳا. هر نئين صبح هن کي زندگي جا نوان سبق پاڙهڻ شروع ڪيا. هوءَ رات کي هاڻي تقدير جي تاريڪي نه پر تصور جو ترهو يا خاموش يادن جو بهترين وجھه سمجھڻ لڳي. جگر خراش آهون پنهنجو مفهوم بدلائڻ لڳيون. جن آهن ۾ اڳي درد جي آميزش هئي انهن ۾ هاڻي اميد جي جھلڪ محسوس ٿيڻ لڳي، لڙڪ رفته رفته خشڪ ٿيندا ويا. ۽ انهن جي جڳهه هاڻي معنى خيز مشڪن وٺڻ شروع ڪئي.اکين ۾ لالائي ۽ ساڳيو نينهن جو نشو تري آيو. زماني هڪ ماهر النفس استاد وانگر هن کان اهڙا اهڙا پيچرا لتاڙايا جي هن جي خوابن ۾ ضرور هئا، مگر خيالن ۾ هن کان اڳ نه آيا هئا. اميدن جي هن نئين دنيا ۾ هن کي پنهنجي ماءُ ياد ايندي هئي. پر اڳي وانگر پنهنجي ماءُ کي روئي دردن جي داستان ٻڌائڻ بدران کليو چوندي هئي ته : امان ڏس هاڻي آئون ڪهڙي نه خوش آهيان.
    صبح جو گھر جو ڪم ڪار لاهي ڪو ضروري ڀرت وغيره جو ڪم کڻي مامي جي گھر وڃڻ شام جو واپس اچڻ ۽ مينهن سان کلڻ ڳالهائڻ ۽ پوڙهي پيءُ جي خدمت ڪرڻ هن جو روزانه جو معمول ٿي ويو. پوڙهو پانڌي خان جنهن جي هر خوشي مهروءَ جي خوشيءَ سان وابسته هئي، جيتوڻيڪ هاڻي خوش گذارڻ ۽ ڏينهن جو ڳچ حصو ڀن تي وڄڻ لڳو. تاهم کيس اهو فڪر ضرور رهندو هو ته ڌيئرون آخر به پرائو گھر وسائينديون پوءِ آئون ڪيئن پيو پراين درن تي وقت گذاريندس. بهرحال وقت اڳئين کان چڱو گذرندو رهيو.
    محب علي اڳئين ئي وانگر ڀلوءَ سان جھنگ ۾ گھمندو شام جو گھر ورندو هو. حالانڪ گھمڻ سان هاڻي دل بلڪل نه لڳندي هيس. پر لوڪ لکا ٿيڻ کان پنهنجي روزانو دستور تي قائم رهيو. هڪ ڏينهن ٽاڪ منجھند جو اوچتو جھنگ مان سڌو گھر آيو. قدرت سان مهرو به اڪيلي ويٺي هئي. محب علي ڳالهائڻ جو بهانو ڪندي پڇيو.“ مهرو،امان.....”.
    شرير مهرو به ڪا وهيڻي ويٺي هئي تنهن هڪدم پاسيري کيسي ۾ هٿ وجھندي چيو “ اجھا....”.
    “ سچ ٻڌاءِ....آئون تڪڙو آهيان ” محب علي چيو.
    “ هينئر ئي ته آيو آهين....... اوچتو گھمندي گھمندي مامي ياد پئجي ويئي ڇا ؟” مهرو مشڪندي چيو.
    “ مون کي ته گھر جو هر هڪ ماڻهو ڏاڍو ياد ايندو آهي، ايتري قدر جو هاڻي ٻاهر بلڪل دل نٿي لڳي..... پر ڇا ڪريان ” محب عليءَ مهرو جي منهن ۾ گھوريندي چيو.
    “ مامي ته پاڙي ۾ ويئي آهي...... بس، هاڻي ته دل لڳندي گھمڻ سان ” مهروءَ چيو.
    “ شايد لڳي به وڃي پر جي ٻيا وري ياد نه اچي پون ” محب علي گفتگو کي ديگھه ڏيڻ جي ارادي سان چيو.
    مهرو وٽ ڪوبه جواب نه هو ۽ خاموش رهي.
    “ ڪاوڙجي وئينءَ ” ڀلا وڃان ٿو ” محب علي چيو.
    “ نه نه مبو آئون ڇو ڪاوڙيس ” مهرو ڪنڌ مٿي ڪندي چيو.
    “ مبارڪ اٿيئي ” محب علي وري گفتگو جو پهلو کڻندي چيو.
    “ ڇو...... ڇا جي ” مهرو تعجب مان پڇيو.
    “ وري ته ڪانه ڪاوڙيينءَ ” محب علي بدستور مرڪندي پڇيو.
    “ نه....... هاڻي ڪڏهن به نه ” مهرو چيو.
    “ هيترن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو اڄ مون کي سڄي نالي سان سڏيو اٿيئي ” مبوءَ چيو.
    “آمين........ پر تون جو مون کي هميشه نالي سان سڏيندو آهين. مون ته توکي مبارڪ ڏني ڪانه.....” مهروءَ چيو.
    “ مهرو جڏهن تنهنجو پيارو نالو ئي منهنجي لاءِ مبارڪ آهي، تڏهن بي رسمي مبارڪ جو ڪهڙو ضرور محب عليءَ چيو.
    مهرو جي دل جي دڪ دڪ اوچتو تيز ٿي ويئي محب علي جي مٿئين جملي هن جي جذبات تي اهڙو ڪم ڪيو. جيئن هڪ سازينه ستار جي خاموش تارن کي وڄائڻ کان اڳ ٻه ٽي جھٽڪا ڏيئي ڪڍندو آهي، هن جي دماغ ۾ گرم شعلا گردش ڪرڻ ۽ اکين اڳيان هزارين ترورا مختلف شڪيلون ٺاهي ڦرڻ لڳا.
    “ ماسي الاجي ڇو دير لاٿي آهي ” مهرو جھيڻي آواز سان چيو.
    “ ڇو..... ڊڄي وئينءَ ڀلا وڃان ٿو ؟ وڃڻ جو ارادو ڪندي چيو.مهروءَ هڪ ويچاري عورت ٻيو اڻڄاڻ سا ڪٿي ٿي اهڙين ڪاري چوٽن ۾ پهلو بچايو سگھي. مغز ۾ چڪر پئجي ويس. هن پنهنجي ڦٿڪندڙ دل ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن درد جي خلش محسوس ڪئي، اڌ ڀڳل اکيون مٿي کڻي نهايت معصومانه انداز سان چيائين “ هاڻي وري تون ٿو ڪاوڙجين ”.ٻئي خاموش بت جيان پنهنجين جاين تي بيٺا رهيا، فقط ٻنهي جون دليون زور سان دڪ دڪ ڪري رهيون هيون.
    “ مهرو هڪ ڳالهه پڇان.....” محب علي منٿ آميز لهجي ۾ چيو.
    “ ڀلي پڇ....” مهرو جواب ڏنو.
    “آئون ته کڻي پڇان به پر وري جواب جي به اميد رکان يا اصل بس....” محب علي مهروءَ ۾ گھوريندي چيو.
    “ ڪي سوال ته اهڙا به ٿيندا آهن جن جو جواب ئي نه هوندو آهي،هاڻي هر سوال لاءِ جواب آئون ڪٿان آڻيان ” مهروءَ پنهنجي جذبات تي قابو پائيندي چيو.
    “ ته بس لاجواب سوال ڪرڻ به بيڪار آهن وري ٻئي ڪنهن وقت ” محب علي چيو.
    “ هر هر تنگ ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙو مزو ٿو اچيئي، آخرڪار توکي يقين ڪڏهن ايندو ؟ مهرو انتهائي جذبات سان هٿ مهٽيندي چيو.
    “ مون کي هر طرح يقين هو ۽ آهي...... مهرو ! پر هن حد تي پهچي به اگر اسان ٻاراڻيون ڪيون...... ته پوءِ اڳتي هلي اسان کي پڇتائڻو پوندو ” محب علي سنجيده ٿيندي چيو.
    مهرو سڀڪجھه سمجھي ويئي پر ڪڇڻ جو ميدان هو ئي ڪونه ! مجبورن خاموش رهي. “ ڀلا جنهن درياهه جو پار نظر ئي نه اچي يا ائين کڻي سمجھه ته هجيئي نه.... ان ۾ بنا ترهي ترڻ به ته مشڪل آهي ! انهيءَ ڪري ٿي چيم ته جن سوالن جو جواب ئي اڃا نه سوچيو اٿئون،اهي هن وقت ڇيڙڻ ئي بيڪار آهن ” محب علي حقيقت ڏانهن مڙندي چيو.
    “ ڀلا ٻڌاءِ سڀاڻي ڇا ٿيندو ” مهرو پڇيو.
    “ اهو وقت کان اڳ ڪير ٿو ٻڌائي سگھي ” محب علي لاجواب ٿيندي چيو.
    “ جيڪو وقت کان اڳ سوال ڪري سگھي ٿو، ان کي وقت کان اڳ جواب ڏيڻ گھرجي ” مهروءَ فاتحانه انداز سان چيو.
    محب علي شڪست کاڌل پهلوان وانگر چپ ڏندن ۾ ڏيئي بيهي رهيو. پر مهرو جنهن کي هيتري وقت ۾ “دل جي ” ٻڌائڻ جو وجھه ئي هينئر مليو هو چوڻ لڳي. “تڏهن به تون وقت کان اڳ ائين چوڻ جو حق رکين ٿو ”. “ سڀاڻي هيئن ڪ هيئن ٿي سگھي ٿو ” مگر آئون ايتري ته مجبور آهيان جو وقت گذرڻ کان پوءَ به نٿي ٻڌائي سگھان ته ڪالهه ڇا ٿي ويو ”.
    محب علي ۽ مهرو هينئر اهڙي موڊ ۾ هئا جو ڪهڙا به آڏا ڦڏا اشارا استعمال ڪن ها، تڏهن به هڪ ٻئي جو مطلب ضرور سمجھن ها. هتي معاملو صاف لفظن تائين پهچي ويو هو، سو محب علي ڪيئن نه مهروءَ جو مطلب سمجھيو هوندو. هڪدم سهي ڪري ورتائين ته مهرو خاطري ڏيڻ کان اڳ خاطري وٺڻ ٿي چاهي.“ مرد اگر محبت جي ميدان ۾ جان جو گھوڙو ٿي پاڻ بچائي نڪري وڃي تڏهن به هو مرد آهي. هن جي صنف سندس هر عيب ۽ اوڻائي لاءِ هڪ پردي مثل آهي. هو وري به پنهنجي مطلبي دل ڪنهن اٻوجھه عورت تي خوش ڪري سگھي ٿو. مرد هڪ ڀونري سمان آهي جنهن جي گلن جي واس مان فقط خواهش پلجي ٿي.....۽ نه پر ڇڻن ٿا.هن جا پر جيستائين سالم آهن تيستائين هو گلن جي واس وٺڻ جي قابل آهي....بمقابل انجي هڪ عورت جيڪڏهن جان بچائڻ چاهي ته به ٿي سگھي ٿو.....پر پوءِ هوءَ هن هڏن جي پڃري کي ڇا ڪندي ؟ هن جو ضمير سندس دلجوئي نه بلڪ عيب جوئي ڪندو. هوءَ وري محبت ڪرڻ جي لائق نه هوندي. ڪهڙي دل سان اميدن جون ڪڙيون جوڙيندي...... ڪهڙي زماني سان وري محبت جا اقرار ڪندي.... ڪنهن سان محبت ڪندي ؟..... انهي لاءِ ئي چيو اٿن ته : “عورت فقط هڪ دفعو محبت ڪندي آهي ” عورت اهڙي بلبل مثل آهي جنهن جو گلن جي ديدار مان پيٽ ئي نٿو ڀرجي. هوءَ گلن سان تا دم نباهڻ جا اقرار ڪري ٿي. زمانو صياد بنجي هن سان ڪيتريون عقوبتون ڪري گذري ٿو. حتى ڪ هن جا پر ڪٽيا وڃن ٿا....خون وهايو وڃي ٿو..... پڃري جي سخت سيخن ۾ زندگي ڀر قيد رکيو وڃي ٿو.پر هيءَ ويچاري محبت ماري سڀني سختين جو خير مقدم ڪري ٿي. ان لاءِ ته هن جي زندگي ۾ صرف هڪ دفعو بهار ايندي آهي.
    “ مبو..... مون کي به انهيءَ ساڳئي درياه جو فڪر آهي، جنهن جو توکي.....توکي ته فقط ڪنڌي نظر ڪانه آئي. مگر مون کي ان ۾...... بي انداز واڳو....... ڇوليون تک ۽ طوفان به نظر آيا...... تون ته پوءِ به تارو آهين ڪنهن به وقت جان بچائي سگھين ٿو..... پر منهنجو هيترن خطرن مان وري سلامت نڪرڻ ڪهڙي حالت ۾ ممڪن آهي ؟ مهروءَ انتهائي جرئت سان چيو.
    “ مهرو مون کي طعنو نه ڏي...... محبت ڪرڻ ڪندرو راند ته ڪانهي جنهن ۾ جان جو بچائڻ ئي مقصد هوندو آهي ” محب علي چيو.
    “ پوءِ بس...... پار پري نه آهي ” مهروءَ گنديءَ جي لئه کي هڪ آڱر تي ويڙهيندي چيو.
    “ مهرو مون کي الڪو صرف هي آهي ته : “جنهن سيڻاهه کي ساڻ ڪري هن سير ۾ گھڙان ٿو سا مون سان ساٿ ته ڏيندي مگر ڪيستائين ؟ محب علي چيو.
    مهرو محب عليءَ جو هي ٻيو اشارو ته بخوبي سمجھي ويئي، مگر جواب مشڪل هو. ڇاڪاڻ ته جا ڳالهه هن جي وس ۾ هئي سان هن بي ڌڙڪ چئي ڇڏي. رهيو “ڪيستائين ” ؟ جو سوال ته انجو جواب هن جي طاقت کان ٻاهر هو. دل چاهيس ته هڪدم چئي ڏي ته زندگيءَ جي آخرين گھڙيءَ تائين پر ضمير مجبوريءَ جي هن چپن تي مهر هڻي ڇڏي. دل ۾ سڀڪجھه هوس. مگر زبان تي اچڻ مشڪل هو. ڇاڪاڻ ته وقت آئي هنکي سماجي تقدير اڳيان به آمنا صدقنا ڪرڻي هئي. جنهن لاءِ هن کي نپائي وڏو ڪيو ويو هو. ان کان اڳ هي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪيئن زندگيءَ جا ٻول ٻڌي وهي.
    “ مهرو منهنجو مطلب آهي ته جيڪو واعدو اڄ هينئر ڪريون اهو هميشه رهندو ؟ يا........” محب عليءَ خاموشي ٽوڙيندي چيو.
    “ جيڪڏهن آئون چوان ها ۽ تقدير چوي نه...... ته پوءِ ” مهروءَ جواب ڏنو.
    “ انسان جي ارادن ۽ تقدير ۾ ڪو فرق به ٿيندو آهي ڇا ؟” تقدير ته هڪ نقش آهي جنهن جي ليڪن مٿان انسان هلندو رهي ٿو.جڏهن ائين آهي ته پوءِ انسان ڪهڙي حالت ۾ انهن ليڪن جي ابتڙ هلي سگھي ٿو. معنى اسان جا ارادا تقدير جي مطابق ئي هوندا آهن نه خلاف ” محب علي چيو. “ ليڪن توهين مرد آهيو عورت جي مجبورين ۽ تقديرن کي ڇا ڄاڻو ” مهروءَ ڏکاري انداز ۾ چيو.
    مهروءَ جو اصل مقصد هو ته مبادا سماجي تقدير يا پيءُ جي حڪم هن کي ڪنهن ٻئي جي قدمن ۾ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ته پوءِ هوءَ ڪهڙي طرح انهن خدائن جي اڳيان انڪار ڪري سگھي ٿي ؟ جن جو حڪم مهروءَ لاءِ سچ پچ تقدير جي مرضيءَ جي حيثيت رکي ٿو. حالانڪ مهروءَ کي اڳ هن خطري جو خواب خيال نه هو. مگر گفتگو جي دوران ۾ هن کي شدت سان احساس ٿيڻ لڳو. ٿوڙي اک کولڻ سان پاڻ کي هيئن چوکنڀو قابو ڏسي پرت جي ڪيل پيمان ۽ پنهنجي بي بس زندگي تي افسوس جا لڙڪ ڳاڙڻ لڳي.
    محب علي وٽ بي اختيار جواني ۽ ان جا ڀرپور جذبات به هئا.... اشارن ۽ اقرارن جي مفهوم سمجھڻ لاءِ عقل سليم هو..... نباهڻ لاءِ همت ۽ پختو ارادو به هو.... محبت جي ماري ۽ قرب جي ڪاڍي دل به هئي، سڀڪجھه هو. مگر عورتن جي مجبورين ۽ تقديرن کي ڄاڻڻ لاءِ تجربو نه هو. نه هن اهڙيون فلمون ۽ ٿيٽر ڏٺا هئا....... نه هن اهڙا افسانا لکيا هئا..... نه هن نفسياتي ۽ جنسياتي ناول پڙهيا هئا..... ۽ نه هن کان اڳ پنج ست ڀيرا عشق ڪيو هو. تنهنڪري هو، انهيءَ پيچيده مسئلي کي سمجھڻ کان قطعاً قاصر هو. مهروءَ جا مٿيان لفظ ٻڌي شس و پنج ۾ پئجي ويو.“ مبو، هينئر آئون ٻار ته نه آهيان جو سڀڪجھه پنهنجي مرضي مطابق ڪريان برابر آئون تقدير جي ليڪن تي هلان ٿي پر ان ۾ به مون لئي اشارن ڪرڻ وارا ويٺا آهن. ٿي پوندا...... اڄ ته آئون بابا جي گھر ۾ آهيان.... مگر سڀاڻي ،....” مهروءَ جو گلو خشڪ ٿي ويو ۽ حجاب کان گندي کڻي اکين تي رکيائين. محب علي کي ڄڻ ڪو وڃايل خزانو هٿ اچي آيو هجي هاڻي هو پوريءَ طرح سمجھي ويو ته مهروءَ ڪهڙن خطرن طرف اشارو پئي ڪري ” هڪدم مرڪي چيائين. “ ڪهڙي وهم ۾ وڪوڙيل آهين..... مهرو، بيشڪ اسان لاءِ سڀاڻي جو فڪر به لازمي آهي پر ائين نه آهي ته انهيءَ فڪر جو نتيجو ڪن چند ماڻهن جي هٿ جو لکيل آهي تقدير جو مالڪ هر حال ۾ قادر آهي نه ڪو ٻيو !ڪهڙي خبر سڀاڻي توکي مجبور ڪيو وڃي يا مبارڪ ڏني وڃي.... ” محب علي چيو.
    هاڻي مهروءَ جي اکين اڳيان تصوير جو ٻيو رخ به ڦري آيو. هن جي جسم ۾ خوشي ءَ جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ شرم کان منهن تي سرخي تري آئي. محب عليءَ هي ڏسي خاموش مهرو کي هٿ کان ڇڪي کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ هي شعر پڙهيو .

    نازڪ دليون عمريون ننڍيون آهن مگر پٽ جون ڳنڍيون
    ڇنندو نه ڪو سڪ جا سڳا پيارا پرين پرديس ۾

    (پرديسي )


    خيال – يار

    هن حال ۾ به دل ٿي دعائون گھري سدا
    ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري
    دامن کي ڦاڙي روئي ڪيم راز فاش اڄ
    جوش و جنون ۾ هاءِ مان ويٺس هي ڇا ڪري
    ”گل“

    چوڏهين ءَ جو چنڊ پنهنجي آب و تاب سان روشن هو. ڪائنات جي هر ذري ۾ ڄڻ نور اوتجي پيو هو. دستور موجب قرب جا ڪٺل غريب ملاح دڪ تي رس رهاڻ مچايو ويٺا هئا، محفل ۾ ههڙي مزي هوندي به محب علي جي دل بلڪل نه پئي لڳي. ڳچ وقت پاسن بدلائڻ کان پوءِ ڀلو کي ساڻ ڪري پتڻ تي هلڻ لڳو. ٽي چار ڏينهن کان محب علي جي طبيعت ۾ اوچتو اهڙي تبديلي اچي ويئي هئي، جنهن ڀلوءَ کي ته خاص طرح تعجب ۾ وجھي ڇڏيو هو. اکين ۾ هر وقت خمار....... چپن تي معنى خيز سنهي مرڪ..... جنهن تنهن ڳالهه تي گھڻو کلڻ....۽ سڀ کان زياده....... خلوت پنج ڇهه دوست اچي گڏيا ته محب علي کسڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هينئر به ڀلو هليو محب علي سان گڏ پئي پر خيال ڪنهن ٻئي هنڌ هئس. سڄي ڳوٺ ۾ محب علي جو وفادار ۽ سچو يار ڪو هو ته فقط ڀلو. هن ڏٺو ته گذريل چند ڏينهن ۾ اهڙي ڪهڙي خوشخبري آهي، جنهن محب عليءَ جي روزانه معمول ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ئي ڦيرو آڻي ڇڏيو آهي. ڀلو قدم قدم تي نوان انداز ڪندو هلندو رهيو..... ۽ محب عليءَ هن کان پري گھڻو پري خيالن جي اهڙي واديءَ ۾ پهتل هو جتي فقط ٻه دليون محبت جي مقالن ۾ مشغول هيون.
    محب علي هينئر واقعي خوش هو. هن جو اڳيون اضطراب انتظار ۽ بيقراري هينئر خوشي، وصال ۽ سڪون ۾ بدلجي چڪي هئي. هن جا خواب هينئر سراپا حقيقت هئا. مظلوم ۽ مغموم محب علي جي اداس ۽ خزا رسيده دل بهارن سان آشنا ٿي چڪي هئي. قدرت هن جي غمن کي هڪ ٻه ڪري سلجھائڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي هن حالت تي نازان هو، حالانڪ گند ڀريل گوڏ...ککي قميص.... پير اگھاڙا..... ۽ مٿو مهينن کان ميرو ڏسي پنهنجو حسب نسب ياد اچي ويندو هوس. هن جو باغ هو...... اسڪول ۾ پڙهندو هو..... نوان ڪپڙا پائيندو هو...... روزانه ڇهه ست آنه خرچيندو هو. هينئر محب علي ايترو به سوچيندو هو ته جيڪڏهن سيلاب نه اچن ها ته هو ڪهڙي شخصيت جو مالڪ هجي ها. انهن خيالن پچائيندي مهرو سراپا ناز و ادا سادگي ۽ وفا جي تصوير بنجيو هن جي آسروندن اکين اڳيان اچيو ڦرندي هئي ۽ هي هڪدم پاڻ کان هي به سوال ڪندو هو ته : ڇا انهن چانديءَ جي ڍيرن، غمدن ويسن ۽ شان شوڪت جي قيمت، مهروءَ کان وڌيڪ آهي. هر گز نه ! خداوند ڪريم مون کان اهو سڀڪجھه کسي،جو مون کي نيٺ مغرور ۽ تباهه ڪري ها. اهو سڀڪجھه ڏنو آهي، جو منهنجي هن بيدرد زندگي جو روح ۽ ويران دل جي بهار آهي. هي جھنگ هي سايون ٻنيون ۽ هي سانتيڪو ماحول مون لئي ڪنهن به حالت ۾ جنت کان گھٽ نه آهي. جنهن جي هڪ طرف صاف و شفاف، مٺي پاڻيءَ جي ندي پئي وهي ٻئي طرف سايون دلفريب ٻنيون ۽ باغن جون رنگينون لڳيون پيون آهن. ٽئين طرف رازدار ۽ خير خواه دوست ڏيئي ڇڏيا اهن، جي هر وقت دل کي همت ۽ دلداري پيا ڏين ته چوٿين طرف هڪ اهڙي پاڪ دل، نيڪ سيرت ۽ من مهڻي حور عطا ڪئي آهي، جنهن جي ڏسڻ سان خوابن جي دنيا ۾ گم ٿيو وڃان ۽ جڏهن هوشيار ٿو ٿيان تڏهن ٻيو ڏينهن گذري رهيو آهي.
    ٿوري وقت کان پوءِ ٻئي دوست مهراڻ جي مٿاڇري تي هندوري ۾ جھولي رهيا هئا. محب علي ونجھه ڇڪي رهيو هو ۽ ڀلو هڪ تختي تي ليٽي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
    “ اڄ رات ڪهڙي نه مزيدار آهي...... ڀلو!” محب علي آسمان ۾ نهاريندي چيو.
    “ پنهنجو شوق به ته مزيدار آهي..... ڀلوءَ جواب ڏنو.
    ٿورو وقت خاموشي رهي ” نيٺ محب علي ڳالهايو.
    “ ڀلو تون ته ٿو سمهين پر مزو تڏهن ٿئي جڏهن مون کي به ننڊ اچي وڃي ”.
    “ وهوا ميان خير گھر خدا کان..... سير تي چڙهي اهڙا خراب سوڻ نه ڳنڍبا آهن ” ڀلوءَ چيو.
    “ خراب سوڻ ڪونه ٿو ڳنڍيان، پر ائين ٿو چوان ته جيڪڏهن سچ پچ ٻنهي کي ننڊ کڻي وڃي ته پوءِ جيڪر ڇا ٿئي.....!“ محب علي ونجھه کي هڪ طرفو هلائيندي چيو.
    “ ٿيندو وري ڇا..... جتي قسمت گھريو اتي هلي پهچنداسون پر جي واٽ ۾ ڪو ڪن ملي ويو ته پوءِ مزائي مزا.... ” ڀلوءَ کلندي چيو.
    “ ڀلا جيڪڏهن ڪوشش ڪري هينئر ئي ٻيڙيءَ کي اوڀار کڻي هلون ته ڇا ٿيندو ؟” محب علي جلدي سوال ڪيو. “ چريو ڪو آهين...... ايترو به نٿو سمجھين...اڌ ڪلاڪ ۾ ڳوٺ پهچنداسين ٻيو وري ڇا ؟” ڀلوءَ جواب ڏنو.
    “ ڀلو هڪ ڳالهه منهنجي سمجھه ۾ اڃا تائين نه آئي آهي اها هيءَ ته : انسان ڪنهن به ڪم ۾ ڪامياب ٿيندو آهي ته پنهنجي سوڀ سمجھي دل جو دل ۾ خوش ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ سندس ئي غفلت يا غلطيءَ سببب ناڪاميابي نصيب ٿيندي اٿس ته عام طرح چوندو آهي ته : “ هي سڀ قسمت جو ڪم آهي ” ائين ڇو نٿو چوي ته :“ هي سڀ منهنجي غفلت يا غلطي کان ٿيو ” محب علي پوين اکرن تي کلندي چيو. “ ائين ته برابر آهي پر انسان ڪيترو به کڻي غافل يا غلط ڪار هجي مگر چاهيندو ته هر حال ۾ ڪاميابي آهي، پوءِ کري کنئي کيس نا اميدي نصيب ٿي ته اهو قسمت جو ڪم ڪونه ٿيو ؟” ڀلوءَ سواليه انداز ۾ چيو.
    “ شابس اٿئي...... غافل ٿئي انسان ۽ ڏوهه ٿيو قسمت جو ڀلا ڏس...... چاهيون ته پاڻ به گھر پهچڻ ٿا....پر سستي ڪري..... سمهي رهون ته پڪ سان ڪنهن اوڙاهه ۾ هلي ڪرنداسون. هاڻي قسمت جو ڪم آهي ته اسان کي ڪلهي تي کڻي هلي گھر ڇڏي...... ؟ نه ته آخر اسين به ائين چونداسون ته قسمت هي ڪم ڪيو. ائين نه محب عليءَ چيو.
    “ ڀلا...... هروڀرو وڙهندين ڇا ؟” ڀلو اٿندي چيو.
    ٻيڙي پئي هلي.... ڀلو اٿي وڃي محب علي جي ڀر ۾ ويٺو ۽ ونجھه کانئس وٺي پاڻ هلائڻ لڳو.
    محب علي اٿندي ٿڏو شوڪارو ڀريو ۽ اچي هڪ تختي تي ويٺو
    محب علي کي بينسري وڄائڻ سان ڪو خاص عشق هو. هو هڪ ڳوٺاڻو هو.... نج سادي ۽ سنڌي ماحول ۾ پليو هو. قدرت جا رنگين ۽ من مهڻا مناظر صبح شام هن جي اکين اڳيان هئا...... هو پنهنجن ننڍن يارن کان ننڍي هوندي ئي سڀ ڪجھه پئي سکيو..... هاڻي ته هو..... ننڍپڻ وارا بي سرا ۽ بي ترتيب آواز هن کان گھڻو پري ويا هليا. انهن جي جڳهه اهڙن سريلن آلاپن اچي ورتي جو ٻڌڻ شرط بيخودي طاري ٿي ويندي هئي.خود به وجد ۾ اچي مست نانگ وانگر جھومندو هو ۽ آسپاس وارا به في الحا ل هن نشي جي اثر کان ڄڻ نچندا پيا هئا. حاصل المطلب.......
    “ مست ٿيو ماحول تڏهن مان به مستان ٿي ويس ” وارو معاملو مچي ويندو هو. محب علي چنڊ ۾ غور سان نهاري ڪجھه سوچيندو رهيو. ٿڌي هير پئي گھلي. ٻيڙي هلندي رهي ۽ هي ٻئي جوان دليون غفلت جي اشارن تي نچنديون الاجي ڪٿان جو ڪٿي پهچي وييون. خبر تڏهن پين جڏهن پرئين ڳوٺ جي ڀن کان اچي مٽيا . هي ڳوٺ سندن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو. محب علي ته اڃا به بي خبر هو پر ڀلو ٻيڙيءَ کي اوڀار موڙي ڳوٺ هلڻ لڳو.
    محب علي چنڊ ۾ نهاريندو.....بعضي مرڪندو..... بعضي تعجب کائيندو رهيو ۽ ڀلو هي ناٽڪ خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو. محب عليءَ آهستي آهستي بينسري کنئي...... چپن سان لڳائي ۽ هڪ سيڪنڊ کان پوءِ.... هڪ درد ونديءَ دل جون دانهون پتل جي سنهي نڙانڊيءَ مان نڪرنديون..... نڪرنديون....فضا ۾ نشو اوتينديون رهيون.... تان....جو ڪائنات جو ذرو ذرو جھومڻ لڳو..... ۽ محب علي سڀني کي هن محويت جي عالم ۾ ڇڏي وڃي يار جي اڳيان حاضر ٿيو.... مهرو تون به جھومي رهي آهين ؟..... آئون به جھومي رهيو آهيان... سارو ماحول مستيءَ کان جھومي پيو..... مهرو ڏس هي تنهنجي دل..... جا هن کان اڳ مکڙيءَ وانگر بهارن جي انتظار ۾ هئي........ هاڻي ڪيئن نه ٽڙي گل ٿي پيئي آهي.... مهرو اچ ته توکي هنن ورقن ۾ لڪايان جيئن توکي هن دنيا جي بدنظر نه لڳي...... مهرو،آ ته هن پار هلون......لهرن....... ڇولين.....ڪنن.......... واڳن......مانگر مڇن.... جي پار.... مهرو آ ته هلون هن پار !
    هي ساٿ ڇڏي سنسار
    او ساٿي
    آ ته هلون هن پار
    بادل برسي لائي بهاري. مينهن موٽي ڪئي ملهاري. سنهڙي ٿڌڙي بوند وسي ٿي. پاڻي ءَ ۾ سا ڪيئن لڪي ٿي،
    گوڙين کنوڻين کيل ڪيا
    ۽ ڪڪرن ڪارونڀار
    او ساٿي
    آ ته هلون هن پار.
    ڪڪرن مان چنڊ ليئا پائي، ويو جلدي پاڻ لڪائي
    لهرن ۾ پيو غوطا کائي، پاڻي ۾ پيو پاڻ پسائي
    راند ڪندي ڪئن رات وهائي
    ٻارن جھڙو ٻار
    او ساٿي
    آ ته هلون هن پار.
    واءُ سڻائو دريا ماٺو، هيرون هلڪيون سانت سناٽو
    رات به پنهنجي تات به پنهنجي، برهه به پنهنجو بات به پنهنجي
    ٻيڙيءَ ۾ ٻي ٻيلهه چڙهي ۽
    ترون توڪل تار
    او ساٿي
    آ ته هون هن ار
    تون ۽ مان ٻئي سهڻا سامهون، ويهي عجيبا اوڏا آميون
    هوريان هوريان ونجھه به واريون مٺڙا مٺڙا گيت جھونگاريون
    تند ربا جي ڇيڙيون ڳايون
    سارنگ سر ملهار
    او ساٿي
    آ ته هلون هن پار.
    محب علي مجويت جي عالم ۾ مهرو جو هٿ پنهنجي سيني تي رکندي چيو :
    مهرو او منهنجي مهرو هي موج ڀريو مهراڻ ڏس، جنهن جي مست ڇولين گھڻو وقت اڳ هڪ معصوم ٻچي کي مائٽن جي محبت ڀرئي آغوش مان ڇني دربدر ڪيو هو.،....... اڄ پنهنجي مهربانين جو داد گھري رهيو آهي مهرو ڪنهن ٿي چيو ته آئون پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کان جدا ٿيندس.....ههڙن طوفانن ۾ زنده رهندس...... ملاحن جي سادي زندگي ۾ پلبس..... تنهنجي محبت جي سايي هيٺ وري خوشين سان آشنا ٿيندس...... مهرو تون فرشتو آهين.... محبت جي دنيا جو فرشتو آهين تنهنجي ئي ڪري مون کي ههڙن زلزلن ۾ به زندگي ملي..... سٺي پرورش ملي..... محبت ڪندڙ دل ملي.... مهرو ڏس، ڪيئن نه هي لهرون تنهنجن سڀاڳن قدمن چمڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙنديون ٿيون اچن.... تون پيار جي ديوي آهين..... ۽ آئون تنهنجو هڪ پرديسي پوڄاري مهرو تنهنجي اکين ۾ مست ڪندڙ شراب جو بي انتها ساگر سمايل آهي !.... تنهنجي پيشانيءَ ۾ ههڙن هزارن چنڊن کان به زياده تاب ۽ نور بکي رهيو آهي.... تون کلين ٿي ته باغن ۾ مکڙيون ٽڙيو پون..... هلين ٿي ته ڪائنات جي تمام رنگينن سان گڏ لکين دليون فرش راهه ٿيڻ لاءِ بيتاب ٿيو اٿن...... اي پريم جي پتلي !تنهنجو سڀاڳو هٿ پرت جي پانڌيئڙن لاءِ ڄڻ ابدي سعادت آهي..... محب علي بيخودي جي عالم ۾ چوندو آهستي آهستي ٻيڙي جي ٻانهينءَ تي جھڪڻ لڳو. ڀلوءَ جو وقت کان تعجب سان هي تماشو ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيو. ٻيڙيءَ کي ڪناري لڳ بيهاري ويجھو آيو ۽ محب علي جي منهن وٽ کڻي پنهنجو هٿ جھليو...۽ پرت جي پياسي ۽ پريم جي پوڄاريءَ ابدي سعادت حاصل ڪري ورتي.
    “ مبو اٿ ته هلون..... ” ڀلوءَ محب عليءَ کي سجاڳ ڪندي چيو.
    “ هلون....ڇو......اڙي ها....... پاڻ اڃا ٻيڙيءَ ۾ آهيون ” محب علي چيو.
    “ ڇو ننڊ ۾ هئين ڇا ؟ ” ڀلوءَ چيو.
    “ ائين اوچتو اک لڳي ويئي....” محب عليءَ چيو.
    “ اک لڳي ويئي يا دل لڳي ويئي ” ڀلو ٽوڪ ڪندي چيو.
    “ ميان خير ته گھر اڳ وري هت ڪيئن لڳندي ” محب علي چيو.
    “ هت ڪٿي ”؟ ڀلوءَ پڇيو. مهراڻ ۾ ٻيو وري ڪٿي “ محب علي چيو.
    “ مندر ۾ پنهنجو ڇا؟” پاڻ ڇو هلنداسون مندر ۾ ” محب علي تعجب مان پڇيو.
    “ ديوين جي پوڄا لاءِ ديويون مندرن ۾ ته هونديون آهن ” ڀلوءَ محب علي جي منهن ۾ گھوريندي چيو.
    “ ڀلو تون ته الاجي ڇا پيو چوين...... ڇا جا مندر..... ڇا جون ديويون...... ڪهڙيون پوڄائون..... ” محب علي منهن ٺاهيندي چيو.
    “ محب علي هڪ ته تو پاڻيهي مون کي ڪجھه به نه ٻڌايو ۽ ٻيو وري هاڻي به الي ٿو مڃين...حيف اٿيئي ” ڀلو ڏوراپو ڏيندي چيو.
    “ محب علي هاڻي گھڻو لڪڻ مناسب نه سمجھيو ۽ سرپستي حقيقت ڪرڻ لڳو ته محبت ۾ هن ڇاڇا ڏٺو جڏهن سڀ ڪجھه ٻڌائيندو هٿ چمڻ وارن اکرن تي پهتو تڏهن ڀلو کان ٽهڪ نڪري ويو ”.
    “ ها...ها....اڙي مجنا اهو انهيءَ ديويءَ جو هٿ نه هو پر هن ديو جو چنبو هو..... ” ڀلوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ۽ اهڙي طرح هي چرچا ڀوڳ ڪندا اچي گھر پهتا.


    بد نظر

    چشم عشاق ۽ سدا نشئه پيار آهه ليڪ،
    آهن هزار شورشون ديده چالباز ۾
    سانڊي جي ڦوڪ ڇا ڪندي عشق خليل وار کي
    آڻي ڪمي نٿو سگھي ڪو لطف ڪارساز ۾
    ”گل“

    دڪ جي فيصلي کان پوءِ جيتوڻيڪ ربن، ڀلوءَ ۽ محب علي سان راس پئي نظر آيو. پر دل اڃا بديءَ سان ڀريل هيس. ڪچيءَ کان ئي گارگند ڪري ۽ راند جي اڌ مان ٻارن کي ڌڪ هڻي ڀڄڻ جي خراب عادت هيس. ويتر مائٽن جي اڍنگي پيار هيڪاري ستيا ناس ڪري ڇڏيس. هيڏي عمر ۾ به ڳوٺ جي وڏن کي ته تنگ ڪندو هو،پر ننڍن سان به ڄڻ ازل جو وير هوس. مطلب ته سڄي ڳوٺ جي اکين جو ڪنڊو هو. ۽ هي به مست اٺ وانگر ڪنهن کي ليکيندو ئي ڪونه هو. فقط محب علي ئي هڪ اهڙو انسان هو جنهن سان نه هيس دشمني ۽ نه دوستي ! هن کان اڳ جو دڪ تي محب علي کي هڪ اڌ ڌمڪي ڏني اٿس سا به ڀلوءَ جي ڪري سڄي ڳوٺ ۾ فقط ڀليڏني سان ئي جان جون بازيون لڳل هيس. باقي خالي خولي داداگير ته سڀني لاءِ هو. ڀلوءَ سان تون ڇا.... تون ڇا ته ننڍي هوندي کان هيس سڄي ڳوٺ جا ٻار ته ربن جا موچڙا کايو ماٺ ڪريو وهندا هئا، پر ڀلو تڏهن کان ئي ڌڪ جو جواب مڪ سان ڏييندو هوس. هي هڪ شروعاتي سلو هو جو ٻنهي جي عمر جي واڌ سان گڏ اڀرندو اچي دائمي زنگ ۽ حسد کي پهتو. انهي ڪري اڃا تائين اهي ٻئي شخص روز ٻئي ڪنهن نه ڪنهن سبب تان پيا ڏندين چڪين پوندا هئا.
    دڪ تي تازو پرچاءُ ٿيل هو. تنهن ڪري چالباز ربن في الحال ته سن ۾ رهيو. پر هن جو اصل مقصد پرچڻ ته هوئي ڪونه ! سو ڪٿي ٿي ماٺ اچيس. هر وقت پيو گھاٽ گھڙيندو هو ته ڀلوءَ کي ڪيئن به ڪري شڪست فاش ڏيان. نيٺ هن تصوير جي ٻئي رخ تي نظر ڦيرائي..... ۽ اڳئين کان زياده محبت ؟ پاليسيءَ سان هلڻ لڳو. ڀلو ته هن کي اصل کان سڃاڻندو هو، پر ويچارو محب علي جنهن جي طبيعت ۾ ئي اهي ڦند ڦيرا ڪونه هئا سو ڪٿي ٿو، اهڙن فريبن کي سمجھي ؟ ڀلوءَ جي بار بار سمجھائڻ ٽوڪڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي باوجود به محب علي وڃي شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿو. ڀلوءَ ڪيترائي جتن ڪيا، حيلا هلايا، محب علي کي دوستي جا واسطا وڌا،ايترو به چيائينس ته : “ مبو تون حد کان زياده صلح پسند ۽ ٿڌو آهين تنهنجي اها سادگي توکي ئي نقصان پهچائيندي.
    پر جواب ۾ محب علي فقط ائين چوندو هو ته : ادا ڀلو ربن جيڪڏهن شدت ڇڏي آهي ته توکي به ڇڏڻ گھرجي. اهي شڪ ته توهان کي ويڙهائين ٿا ” خير..... ڀلو هاڻي ٻن ٻيڙين ۾ اچي ويو. هڪ طرف ربن جي منصوبن کي منهن ڏيڻو هوس ۽ ٻئي طرف هن نئين خطري جو تدارڪ سوچڻو هوس... محب علي ويچارو ويسھ وسوڙل آهستي آهستي ويو مڪار ربن جي مٺڙين ڳالهين ۾ ڦاسندو. ايتري قدر جو هاڻي ٻئي گڏ گھمندا به هئا. ۽ هڪ ٻئي جي گھر ويندا به هئا.....ربن ته ساڌن سان سنمک ۽ پئنچن سان پورو هو. هنن سان گڏ ڏس ته ڏينهن جا ڏينهن پيو مال ۾ گھمي يا ڪندرو کيڏي.... پر وري پنهنجن خاص ساٿين سان ڏس ته ٻول ئي ٻيا .
    حسب دستور هڪ ڏينهن محب علي منجھند جي وقت گھر ويٺو هو ته مٿان ربن آيو ۽ ٻئي ڄڻا پنهنجين خبرن ۾ لڳي ويا. ربن هن کان اڳ به ٽي چار ڀيرا محب علي جي گھر آيو هو ۽ اڄ به معمول مطابق آيو....... ڳالهين ۾ لڳي ويو. کلي پيو....... ٽڙي پيو.... پر اک مڙس جي هڪ هنڌ آهي ئي ڪانه، ڪڏهن به آيو هوندو ته ڳالهائيندو وات سان پيو. پر ٽيڏين اکين سان ڪنڊن ڪڙڇن ۾..... پانڌي خان جي گھر واري وچئين دروازي ۾ ٻاهرين لنگھه ۾ ائين پيو نهاريندو ڄڻ ڪجھه وڃايو اٿس.۽ اڄ هن جون متلاشي نگاهون وڃي هڪ نشان ۾ اٽڪيون وچئين دروازي مان مهرو نهايت بي حجابي واري موڊ ۾ پئي آئي. ربن تي اک پوڻ شرط پوين پيرن واپس ويئي هلي. ٻن محبت ڀرين ۽ ٻن لالچ ڀرين نگاهن سندس غائب ٿيڻ تائين پيڇو ڪيو.
    ربن هن ڀيري ٻن نشانن ( ڀلو ۽ مهرو ) کي هڪ ئي تير (محب علي ) سان چٽڻ ٿي چاهيو. هن جي دل ۾ رقابت جي باهه ڀڙڪڻ لڳي.ڳالهين چرچن گھٻن جي سلسلي ۾ هن پنهنجي مقصد طرف مڙڻ شروع ڪيو. “ مبو،ادا هيءَ ڇوڪري ڪير هئي ” ربن منهن ٺاهيندي پڇيو.
    “ ڇو..... تو ڪانه سڃاتي ؟” محب علي جواب ڏنو.
    “ ڏٺل ته شايد اٿم...... ڀانيان ٿو ته........” ربن ڳالهه کي اڌ ۾ ارادتا روڪيندي چيو.
    “ چريا.اها مهرو هئي...... چاچي پنڌيءَ...... ” محب علي چوڻ لڳو.
    “ اڙي ها، اها مهرو هئي ” ربن تعجب مان پڇيو.
    ربن کي سڀ خبر هئي ته مهرو ماءُ جي وفات بعد ماميءَ جي گھر رهڻ لڳي آهي. پر محب علي تي پنهنجي سادگيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ جي اثر وهارڻ لاءِ چيائين : “ هتي ايندي آهي ڇا ؟”.
    “ها گھر ۾ اڪيلي آهي نه، انڪري ڪنهن ڪم سانگي مڙيئي ٽي چار دفعا ايندي اهي ” محب علي چيو.
    “ پوءِ ڇو...... اچي وري هلي ويئي ” ربن پڇيو.
    “ ها پڻس منهنجي منهن تي اچڻ کان روڪيو اٿس ” محب علي چيو.
    “ ڪهڙي نه ڏٻري ٿي ويئي آهي “ ربن دلچسپي وٺندي چيو.
    “ هڪ سڄي گھرجي هاج...... ٻيو ماءُ جو ڏک...... سو ڏٻري نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو ؟” محب جواب ڏنو.
    “ ويچاري هاڻي ته سورن ۾ هوندي ” ربن وچئين دروازي ۾ نهاريندي چيو.
    “ ڀلا ٻيو ڇا ڪري ؟” محب علي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو.
    “ چڱو مبو، وري شام جو ملنداسون ” ربن اٿندي چيو.
    “ چڱو ادا، آئون به ٿو سمجھان ” محب علي به اٿندي چيو.
    ربن ٻاهرئين دروازي کان ويو هليو ۽ محب علي وچئين دروازي کان مهروءَ جي گھر ويو.


    انڪشاف

    درد جي دنيا جي دوست جي دلداري جي،
    ڇا ڪجي شڪوه شڪايت چرخ ڪج رفتار جي،
    ٿي چيم گل کي لڪي بلبل ۽ ڀونئرن کان مگر
    واءِ حسرت جو چڙهي وئي اوچتو اک خار جي.
    ”گل“

    شعبان جي پندرهين تاريخ عيد جي سڳوري رات هئي سڄي ڳوٺ جي ڪکائن گھرن ۾ ٺڪر جي ڏين ۽ موم بتين چڱي جھر مر لاتي هئي. اڄ رات پرئين ڳوٺ وارا به پانڌي خان جا دعوتي هئا. هنن کي اڄوڪي رات خوب رس رهاڻ ۾ گذارڻي هئي. منهن اونڌاري جي مهل هئي. دڪ تي همراهن تڏا ۽ توريون پئي وڇايون. هڪ همراهه پاڻيءَ جا مٽ ۽ گلاس آڻي رکيا. رهاڻ جون تياريون هليون.
    ربن دڪ تي اڪيلو انتظار جون اوٻاسيون ڏيئي رهيو هو. هن کي فقط محب علي جو انتظار هو. ڇو ته هن اٽڪليءَ ڏٺو ٿي ته جيڪڏهن ڀلو ۽ محب علي پاڻ ۾ اڪيلا گڏجي ويا ته محب علي جي هوشيار ٿي وڃڻ جو امڪان آهي. ان ڪري صبح شام محب علي سان پاڇي وانگر گڏيو هلندو هو. اڄ شام جو به پتڻ تان موٽندي دڪ تي ملڻ جو انجام ڪري هرڪو پنهنجي گھر ويو هليو.هاڻي هو سوچي رهيو هو ته : روزاني جي مهل ٿي ويئي آهي ته به مبو نه آيو...... ڇو ؟..... مبادا وري ڀلوءَ جي ته ور ڪونه وڃي چڙهيو...... جي ائين ٿيو ته پوءِ متين موڙهل مبو به هٿن مان ويندو هليو. اهي پور پچائيندو اٿيو ۽ محب علي جي گھر ڏانهن هلڻ لڳو.
    هوڏانهن ڀلو ڪافي وقت کان وٿاڻ ۾ منجي تي ليٽيو اڻ تڻ جون اکيون آسمان ۾ اٽڪايو تارن کان پيو سوال پڇي : اوچتو..... محب علي کي ڇا ٿي ويو ؟..... هيتري سمجھدار هوندي به ربن جي ڦندن ۾ ڦاسي ويو..... هاڻي ويچاري جو ڪهڙو حال ٿيندو....... پر، مون کي به الاجي ڇا ٿي ويو آهي...... محب علي تي ته ربن منتر پڙهيا پر مون تي ڪنهن جي واچا هلي جو پنهنجي پياري دوست کي ههڙي آڙاهه ۾ ڏسي به ماٺ ۾ ويٺو آهيان. سچ پچ آئون ڪري به ڇا ٿو سگھان ؟..... ربن سان ٿو ازخود وڙهان ته ڳوٺ ۾ بدنام ٿيندس..... محب علي کي ٿو سمجھايان ته هو اٽلو مون کي ٿو فتنه انگيز سمجھي........ ربن جو مهيني کن کان خاموش ۽ مٺڙو وتي هلندو. سو اڄ سڀاڻ ۾ ضرور پنهنجو رنگ ظاهر ڪندو... ويچاري محب علي جي ويران زندگي جنهن ۾ مس مس بهار آئي آهي . تنهن کي تباهه ڪري ڇڏيندو...... يا خدا، تون هنن ٻنهي معصوم ۽ محبتي دلين جو محافظ ۽ مددگار آهين..... ڪهڙو نه خراب ٿيو هوندو، جي ربن کي هي راز به معلوم ٿي ويو هوندو..... اوچتو هن خيال ايندي ساري بدن ۾ سرديءَ جي لهر به ڊوڙي ويس ۽ وار ڪانڊار جي ويس....... ۽ وري ٿوري وقت لاءِ ساڳي خيالن جي دنيا ۾ غائب ٿي ويو. هر گز نه...... منهنجو هيئن رسي گھر وهڻ نٿو ٺهي...... وفاداري هن کي چئبو.....؟ جو محب علي لاءِ هر ايندڙ گھڙي خطرناڪ بنبي وڃي ۽ آئون سڀڪجھه ڏسندو به خاموش رهان........ هو هينئر يقيناً دڪ تي هوندا. ڀلو جلدي جلدي اٿيو ۽ تڪڙا قدم ڀريندو،دڪ ڏانهن ويندڙ رستي تي غائب ٿي ويو. ساڳئي وقت ربن محب عليءَ جو انتظار ڪري هاڻي دڪ تان اٿي کيس گھر ڏسڻ پيو وڃي. ۽ ڀلو گھران اٿيو دڪ تي هنن يارن سان ملڻ لاءِ پيو اچي. ڀلو ربن کي اڪيلو محب علي جي گھر واري رستي ڏانهن ويندو ڏسي سمجھي ته ويو پر تڏهن به پڪ ڪرڻ خاطر پير پير ۾ ڏيندي لڪندو ڇپندو سندس پيڇو ڪرڻ لڳو، ربن به پنهنجن پورن ۾ هلندو.....رهيو،نه هيس اڳتي جي خبر ته ڇا پيو ٿئي..... ۽ نه پوئتي جي پچار ته ڪير پيو اچي، بي ڌڙڪ محب عليءَ جي گھر واري ٻاهرئين ڏاڪائين دروازي کان لنگھي ٿيو اندر...... اکين مٿي کڻڻ سان هٻڪي ٻه قدم پوئتي هٽي دروازي ۽ لوڙهي جي آڙ ۾ ٿي بيهي رهيو..... سندس اکيون جيڪي ڪجھه ڏسي رهيون هيون،تنهن تي تعجب جون تريون مهٽيندو..... پنهنجي باهه ۾ سڙندو رهيو. ڀلوءَ کي دل ۾ ڌڪ ضرور لڳو..... هن سمجھيو ته ڪجھه ته ضرور آهي. جنهن کان ربن اتي جو اتي بيهي اندر غور سان جانچي رهيو آهي. ويجھو اچي ربن جي نظر بچائي لوڙهي جي پاسي ۾ بيهي رهيو. ٿوري وقت جي خاموشي کان پوءِ ربن جي ڀڻ ڀڻ شروع ٿي.
    “ بلي....... عيد پئي ملهائجي..... عشق پيو هلائجي..... محب علي جي هيءَ مجال...... اسان جي ٻلي ۽ اسان سان ميائو.... گھڻا ڏينهن بچيو آهين پٽ....... گھڻا ڏينهن لڪي لولا کاڌا اٿئي....... بي وقوف تو ۾ اڃا دشمن سڃاڻڻ جي به تميز نه آهي اٽلو عشق ٿو ڪمائين ؟..... انڌا تو منهنجي اکين جي شعلن کي اڃا نه ڏٺو آهي.....ٻوڙا تو منهنجي ڳالهائڻ جي انداز کي اڃا نه پروڙيو آهي ؟..... چريا تون چوويهه ئي ڪلاڪ منهنجن اشارن تي نچي به پاڻ کي عاقل ٿو سمجھين...... ربن سان گڏ رهي به اهڙيون من مستيون ٿو ڪرين ؟...... پر هن متين ويل مهروءَ جا ڪم ڏس، ڪيئن نه ويٺي کلي ۽ ڳالهائي...... ڄڻ عمر ڀر انهيءَ سان گڏ رهڻو اٿس...... هي کيل ته گھڻن ڏينهن جو کيڏيل ٿو ڀانئجي...... اڃا ڪالهه ٿو مون کي ٻڌائي ته مهرو، کيس ڏسي ڀڄي ويئي........ ڪري وٺ عشق اڃا ربن سان پلاند نه اٽڪيو اٿيئي... هاڻي ته پنهنجيون چوٽون آهن..... مبو جا پٽ مهرو مهانگي پوندءِ....اسان کي چاچي پانڌيءَ جون اکيون ٿي آڏيون آيون نه ته هن کان اڳ ميدان صاف هجي ها.... هيئن ڀاڪر پائي ڪونه وهين ها..... ٿيڻ ڏي صبح ٻچا..... پوءِ ڀلي پڻهين ڀلو کي ٻڌائج..... ڳوٺ ۾ هاڻي ڇو ٿو رهين....... ڦٽ جيڏانهن جو آهين تيڏانهن...... منهن به اٿئي مهرو جھڙو.
    ڀلو هي سڀڪجھه ڏسي ۽ ٻڌي به خاموش رهيو. دل چيس ته “ ربن جو اتي ئي بيخبريءَ جي حالت ۾ سروٽو هڻي مغز ڦاڙي وجھان ”..... پر مينهن ڪڏي ڪيري تي ! محب علي سندس ٻڌي ڪٿي ٿو ؟ مجبور صبر جو دامن جھلي پنج ست قدم پوئتي هٽي، ان لاءِ ته ربن ائين سمجھي ته ڀلو هينئر پيو اچي.
    وڏي آواز چيائين.“ ربن......... ڇا ٿيو ؟”.
    ”نه نه.....هينئر پيو گھران اچان ” ربن ڇرڪ ڀريندي چيو.
    “ ڏس مبو آهي ؟” ڀلو چيو.
    “ ها........ ها اچان پيو ” محب علي اندران جواب ڏنو.
    محب علي اندران کلندو اچي هنن ٻنهي سان مليو. ربن اڃا تائين ڏند ڪرٽي رهيو هو ۽ ڀلو نظر بچائيندو هن جي چهري جا بدلجندڙ رنگ ڏسندو رهيو. ٽيئي ڄڻا ڳالهيون ڪندا پتڻ ڏانهن ويندڙ رستي ۾ غائب ٿي ويا.


    دام

    رڳو خار ئي خون چوسيندا رهندا
    گلن جي گرد آشيانو نه بنجي
    مقدر به خود بيوفا ٿي وڃي ٿو
    مخالف هي ڪنهن جو زمانو نه بنجي
    ”گل“

    ٽن ڏينهن کان ربن ڳوٺ مان غائب رهيو. چوٿين ڏينهن شام جو دڪ تي اچي هنن ٻنهي يارن سان مليو.اوڙايون سواڙيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون پيو ڪري. پر ڀلوءَ کي ڪنهن هڪ تي به اعتبار نه پيو اچي. خير رات جي رهاڻ ڪري سڀڪو وڃي آرامي ٿيو. رات محب عليءَ مٺڙي ننڊ ۾ سهڻا سپنا ڏسندي..... ڀلوءَ اڻ تڻ ۽ بيقراري مان پاسا ورائيندي....۽ ربن فتني جون ڪڙيون ملائيندي گذاري.ڀليڏنو ته گھڻي وقت ربن جا ڏند ڏسيو ويٺو هو ته کائڻ جا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا اٿس. تنهن ربن جي لڳاتار ٽي ڏينهن ڳوٺ مان غير حاضر رهڻ کي به ڪنهن فتني سان تعبير ڪيو. اڄ صبح جو به محب علي ۽ ڀلو ٻئي دستور مطابق گوهر تي پهچي ربن جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڀلوءَ کي الاجي ڇو چئني طرفن کان خطري جا ڀوت ڏيکايون ڏيئي رهيا هئا. قدم قدم تي اڻ تڻ ۽ بي آرامي ........! نيٺ صبر جي دامن کي ڇڏيندي بي اختيار چئي ڏنائين.
    “ مبو ربن دير ڪئي آهي....... شايد اڄ هلندو ئي ڪونه......ڀلا جي نه آيو ته پوءِ پاڻ هلون هليا.....؟”
    “ ٻيو ڇا ڪبو........ رستو ڏٺو اٿس ! اچڻو هوندس ته پاڻيهي ايندو ” محب علي جواب ڏنو.
    ڀليڏنو هاڻي وس کان ٻاهر نڪري رهيو هو. ڀلا اهڙي دل به ڪٿان آئي جا صبر جو ايترو بار سهي سگھي ! هن جو هي صبر محب عليءَ جي خوف کان هرگز نه هو، بلڪ هر گھڙي اهو خيال ڪري ڳالهه ٽاري ڇڏيندو هو ته جيڪڏهن محب علي اڳي وانگر وري به منهنجي ڳالهين مان ڪنڊن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي يا وڌي ڳالهوڙو ٿي پوندو. فائدو ته فائدي جي ماڳ اٽلو گھر ۾ گھاٽو.
    “ محب علي “ منهنجي مرضي آهي ته جي ربو اڄ مال ۾ نه هلي ته تون به سارو ڏينهن گھر ۾ ئي رهه ته بهتر” ڀلو خاموشي ٽوڙيندي چيو.
    “ ڀلو تنهنجي معنى ربن جي ڪري توکي اڪيلو ڇڏيان “ محب عليءَ سواليه انداز مان چيو.
    “ نه نه مبو ! هن ۾ ڪو راز آهي. توکي ته الاجي هاڻي مون تي اعتبار ڇو نه ٿو اچي “ ڀليڏني پهريان اکر قدري سنجيدگي ۾ پويان البت ڏک سان چيا.
    “ راز وري ڪهڙو آهي...... مون کي مهڻو ٿو ڏين..... آئون ٻار ڪونه آهيان.سڀڪجھه سمجھان ٿو ته تون ٽي چار ڏينهن کان ڇو رنج آهين..... تنهنجو مطلب آهي ته آئون ربو سان ڳالهائڻ بند ڪريان..... ڀلو ! برابر هو چالباز ۽ مڪار هو، مگر هاڻي جيڪڏهن هو اسان سان سچو آهي ته پوءِ به کيس فريبي ۽ چالباز سڏيندين ؟ مون جو ڪجھه ڪيو آهي، سو رڳو انهيءَ لاءِ ته جيئن هڪ دفعو پاڻ ۾ ڀائر ٿيا آهيون تيئن رس ۾ رهائيندا اچون ته ڏاڍو سٺو “ محب علي دل جو حال ظاهر ڪندي چيو.
    “ ادا تنهنجي دور انديشيءَ کي لک شابسون، پر آئون ته رنج ڪونه آهيان.... ۽ سو وري توسان ؟ خدا نه ڪري “ ڀلو چيو.
    “ پوءِ ڀلا ڇو ٿو اهڙو ڇڊو رهين ؟ اهو ساڳيو آهين نه ؟ جو گھر وهندو هوس ته ڪاوڙجي پوندو هئين......۽ اڄ ساڳيو مون کي گھر ترسڻ لاءِ ٿو چوين “ ۽ پاڻ اڪيلو مال ۾ وڃڻ ٿو چاهين “ محب عليءَ تحڪمانه انداز سان چيو.
    “ مبو تون ڪيترو نه سمجھدار آهين..... پر ڪڏهن ايترو به سوچيو اٿيئي ته آئون ڀلا ڇو ڪندس. منهنجي دل چوي ٿي ته رات ڏينهن توسان پاڇي وانگر گڏ رهان...خصوصاً تيستائين جيستائين حالتون ٺيڪ ٿي وڃن پر..... ڪمبخت زمانو فرصت ئي نٿو ڏئي....... باقي محب علي ربن اڄ پاڻ سان جھنگ ۾ ته ڇا پر ٻه وکون ڀري کڏ تائين به نه هلندو. جي هلي ويو ته شرطون آهن “ ڀلوءَ مرڪندي چيو.
    ٿورو وقت ماٺ رهي. محب علي خيال ڪيو ته ڀلوءَ کي ڇاٿي ويو آهي، شڪ ۽ گمان کي حقيقت سمجھندو ڪيستائين هن دوکي ۾ ڦاسندو رهندو، ۽ ڀلو سوچيندو رهيو ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو محب علي، ربن جي اڄ نه هلڻ جو سبب به پڇي ! يا جيڪڏهن ٻيو ڪجھه به نه چوي ته به سندس وات مان بي اختيار فقط “ڇو؟ جو لفظ نڪري وڃي ۽ هي سڀڪجھه کيس ٻڌائي ڇڏي.
    “ نه هلي ته نه هلي...... اسان کي ته ڪونه روڪيندو “ محب علي جواب ڏنو.
    ڀلو جي خيالن جا محلات هڪ ڌماڪي سان اچي پٽ تي ڪريا.
    “ پر..... “ ڀلو چوڻ لڳو.
    “ پر تنهنجي مرضي آهي ته آئون توسان نه هلان !” محب علي ڀلو جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو.
    “ منهنجي اکين تي هل...... اجھو ربن به اچي پيو “ ڀلو هڪ طرف اشارو ڪندي چيو
    .” ربن دير ڪيئي “ محب علي سوال ڪيو.
    “ رات هوم بخار...... يار ڀڃي ڇڏيو اٿس “ ربن طبيعت جي ڪمزوري ظاهر ڪندي چيو.
    “ هينئر ته ڪونهي نه.......؟” ڀلو ربن جي ٻانهن کي هٿ لائيندي چيو.
    “ هينئر ته صبح جو پهر به آهي. اٿم جلاب وٺڻ جو خيال...... دل ۾ چيم ته ٻڌايو اچان متان همراهه آسري ۾ رهن “ ربن چيلهه تي هٿ رکي ڪنجھندي چيو.
    “ نه يار مون کان اڄ ايترو پنڌ به ڪونه ٿي سگھندو ۽ مون کي جلاب ضرور وٺڻو آهي “ ربن جواب ڏنو.
    “ چڱو ڀلا وري شام جو ملنداسون “ محب علي چيو.
    “ چڱو ڏسان جيڪڏهن ٿي سگھيو ته ٻنپهرن مهل اچي نڪرندس “ ربن ويندي چيو.
    ڀلو ويندڙ ربن جي قدمن جي مصنوعي لچڪ ۾ غور سان ڏسي رهيو هو. ۽ محب علي پرچاءُ کان اڳ پهريون ڀيرو ربن جي تازن چيل ٻن جملن “ مون کان اڄ ايترو پنڌ به ٿي نه سگھندو “ ۽ “ڏسان ، ٿي سگھيو ته ٻن پهرن مهل اچي نڪرندس “ جي روشني ءَ ۾ هڪ نئون خواب ڏسي رهيو هو. هي دفعو هن جي خيالن جي ڄار ۾ هڪ ٿلهو متارو پکي ڦاٿو به.... پر وري هڪ ٻن ڦٿڪين سان ڄار جا ڦند ٽوڙي پري تمام پري اڏامي ويو ۽ محب علي پنهنجي فيصلي “ راند جو شوق به عجيب آهي..... رات سڄي بخار.......هاڻي وٺندو جلاب....... ڪمزوريءَ کان ڪنجھي به پيو پر راند جو ٻڌو اٿس ته چوي ٿو ته ٻن پهرن جي ڪاڙهي ۾ به ايندس “ کي چپن ۾ آهستي دهرائڻ لڳو. ربن آهستي آهستي ويندو غائب ٿي ويو ۽ هن ٻنهي يارن به آواز کي گول مول بنائي جانورن جون ٻوليون شروع ڪري ڏنيون.چند سيڪنڊن بعد جوانن جي هن خاموش قافلي کي جنبش آئي..... هلڻ جي گڏيل شور ۽ چنگن چڙن جي مترنم آوازن سان گڏ پنهنجي ئي غبار ۾ غائب ٿي ويو.
    ربن هاڻي بالڪل آزاد هو. هن جو ٻيو ڪم هو “ پانڌي خان کي پتڻ تي روانو ڪرڻ “ انهي خيالن ۾ پير پير ۾ ڏيندو پئي ويو ته ڪهڙي اٽڪل ڪري پوڙهي پانڌي خان کي پتڻ موڪلجي ته واٽ تي پانڌي خان کي ايندو ڏٺائين خوش ته ٿيو پر وري به خاطريءَ لاءِ پڇيائين. “ چاچا ڪاڙهي ۾ ڪيڏانهن تياري اهي ؟
    “ پٽ پتڻ تي..... ٻيو ڪيڏانهن وڃبو اڄ دير ٿي ويئي آهي..... ٺيڪ به ڪونه آهيان.....” پانڌي خان ٿورو کنگھندي چيو.
    ربن دل ۾ چيو “ پوڙها هينئر ته خدا ٽاريئي پوءِ جون خبرون پوءِ سان “ پر مٿان منهن بنائيندي چوڻ لڳو : “ چاچا پوءِ تڪليف ڇو ٿا ڪريو. ڪم ڪار هجي ته آئون ڪيو اچان......”
    “ پٽ الله ساڃهه ڏئيئي.... ٿورو ٺيڪيدارن سان ڳالهائڻو آهي “ پانڌي خان وک کي تڪڙو ڪندي چيو.
    ربن هتان به مطمئن ٿيو. هن جو ٽيون ڪم هو، گلان ( جا هن جي عيارانه چالن جي مددگار هئي ) کي محب علي جي گھر موڪلڻ ان لاءِ ته مهروءَ جي ماميءَ کي ڳالهين ٻولهين ۾ مشغول رکي ۽ پوءِ بي اونو ٿي پانڌي خان جي گھر لنگھي وڃڻ ۽ رٿيل سازش جي آخرين ڪڙي به مڪمل ڪرڻ.
    گلان کان فارغ ٿي هي شيطان نما انسان پنهنجو روزنامچو سنڀالي نڪتو. چالاڪ ڪانو وانگر گھٽين جا ور ۽ لوڙهن جا مٿاڇرا جاچيندو پانڌي خان جي گھر لنگهي ويو. قسمت ساڄي هيس ۽ مهرو اڪيلي پڌر واري نهيري ۾ ڌوتل ٿانو ٽنگي رهي هئي. “ مهرو محب علي آهي “ ربن اندر گھڙندي مشڪ سان چيو ۽ مهرو کان هلڪڙو ڇرڪ نڪري ويو. ربن کي اڳيان مشڪندو ڏسي پنهنجي اڪيلائي تي خوف کائڻ لڳي. “ نه.... هوندو سندس گھر.....” مهروءَ ڏڪندڙ جسم تي قبضو ڪندي چيو.
    “ سندس گھر ته ڪونهي..... مون چيو ته متان هتي ئي کڻي آيو هجي “ ربن بدستور مرڪندي چيو.
    “ پنهنجي گھر هوندو هتي ڇو ايندو..... چريو ٿيو آهي ڇا ؟” مهرو نٽائيندي چيو.
    “ ائين نه چئو مهرو ! تون جا پنهنجي گھر هوندي هن جي گھر ويندي آهين..... پوءِ توکي ڪير ٿو چريو چوي ؟” ربن چيو.
    “ اهو ته منهنجو پنهنجو گھر آهي.......” مهرو جست جي چونري نهيري جي هڪ نوڪ ۾ ٽنگيندي چيو
    “ ته بس هي به هن جو ئي گھر آهي..... ڪنهن به وقت هتي اچي سگھي ٿو.......” ربن ڪنڌ کي پوئتي جھٽڪو ڏيندي چيو.
    “ هر گز نه، هو مرد آهي...... بابا ائين ڪڏهن به ڪونه اچڻ ڏيندس “ مهروءَ قدري ترش ٿيندي چيو.
    “ تون ته اچڻ ڏيندينءَ هن کي ؟” ربن هڪدم سوال ڪيو.
    مهروءَ جون اکيون هڪ ئي جھٽڪي سان مٿي کڄي وري هيٺ جھڪي وييون. دل جي تڪڙي دڪ دڪ سان ساري بدن ۾ گرم شعلن جي بارش محسوس ڪرڻ لڳي. غصي ۽ شرم گاڏئين لهجي سان چيائين :
    “ بي حيا هي ڳالهائين ٿو..... وڃ هتان نه ته بابا کي ٿي سڏ ڪريان...... “
    “ ڌاريو ته هو به ڪونه آهي مهرو تنهنجو ئي ماروٽ آهي. تون ته جھٽ ٻارن وانگر ڪاوڙجي وئينءَ پر هو مبو ته اسان سان ڪئين ڳالهيون ڪندو آهي “ ربن مداريءَ واري کيڏ پکڙيندي چيو.
    “ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي ؟” بي اختيار مهروءَ چئي ڏنو.
    “ مون هڪڙي سان ٿوروئي ڪندو آهي..... اڙي چري هو مجنون ته ساري سٿ ۾ ويهي پنهنجي ليلى جون تعالون ڇيڙيندو آهي. هڪ ڀيري ته پرئين ڳوٺ وارن جي روبرو به موج ۾ اچي ويو “ ربن مهروءَ جي منهن ۾ گھُريندي چيو. “ ڪهڙيون تعالون..... ڇا ڇا چوندو آهي ؟” مهروءَ نرڙ تان پگھر اگھندي ڏڪندڙ چپن سان چيو.
    “ تعالون وري ڪهڙيون ڪندو..... جنهن مهل ڏس ته وٺي مهرو مهرو ڪندو..... مهرو اسانجي گھر ايندي آهي.....اسين هڪ ٻئي ۾ نهاري کلندا آهيون.... مهرو مون سان محبت ڪري ٿي...... مون کي ڏاڍي وڻندي آهي..... ڪهڙي نه سنهي سڊول ۽ سهڻي آهي !..... هن کي ڳاڙهو وڳو اهڙو ٿو ٺهي جو پچارون ڇڏي ڏي...... بولي سان جڏهن کلي ٿي تڏهن قرآنَ، ڪهيو وجھي “ ربن هر هڪ جملي کي خاص انداز سان ادا ڪندو رهيو.
    “ اڃا رات به اسان کي ٻڌايو اٿس ته اسين ڀاڪر پايو ويٺا هئاسون..... پر مبو ته ائين چوندو آهي ته متان چاچو پانڌي نه مڃي تنهنڪري هاڻي ڀڄائي ويندوسانس “
    ويچاري مهرو هي سڀڪجھه ٻڌندي ڄڻ ڪنهن ڌٻڻ ۾ پهندي ويئي. اڻڄاڻ ۽ الڙ جو هئي ! هن کي اکر اکر دل سان لڳي رهيو هو. ربن به اهڙي اٽڪل ۽ انداز سان گفتگو ڪري رهيو هو.ڄڻ سچ پچ اهي سڀ ڳالهيون محب عليءَ ئي کيس ٻڌايون آهن. نيٺ دل تي قابو پائيندي چيائين : “ نه نه هرگز نه..... هو ڪوڙو آهي..... تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين “ مهروءَ جو گلو خشڪ ٿي ويو.
    “ مهرو هيءُ وقت ڪاوڙجڻ جو نه..... پر سوچڻ جو آهي “ ربن رازدار لهجي ۾ چيو.
    “ ڪيئن به هجي..... تون ڪوڙو آهين....نڪر....نه ته...” مهرو چوندي چوندي خيالي ڪشمڪش ۽ نسواني ڪمزوريءَ کان مجبور ٿي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
    “ مهرو مان سچ پچ وڏو نا لائق آهيان. هن کان اڳ ڪهڙو خيال ڪري..... ڪهڙو احساس ۽ همدردي کڻي تو وٽ آس جي هڪ اهڙي بي پر ۽ بي طاقت جيت کي، جو هڪ سنهي ۽ ڪچي ڪک جي سهاري هيڏو بحر پار ڪرڻ چاهي ٿو، وڃي ٿو آئنده جي خطري کان آگاهه ڪريان...... غريب خاندان جي عزت کي ٿو بچايان...... ان پوڙهي ۽ نيڪ نيت پيءُ جنهن جو هن دردن ڀري دنيا ۾ اکين جو آسا بند ۽ سهارو فقط تون ئي آهين. جي بي داغ دامن کي هڪ نه لهندڙ داغ کان ٿو بچايان...... تو جھڙين بي سمجھه لڙ ڇوڪرين جي ڪنن مان ڪپهه ڪڍان.... هن مڪار ۽ چالباز ( محب علي ) جا پول پڌرا ڪري توکي هن نئين نينهن جا ٻه چار نقش ته ڏيکاريان... ۽ تون آهين جا منهنجي هن جان جي ۽ احساس جو هي قدر ڪري رهي آهين !ڪجھه وقت ربن ساهي کنئي ۽ مهرو ڀت وانگر بي حس بيٺي رهي. مهرو آئون ڳوٺ ۾ بدنام ضرور آهيان. ننڍو خواه وڏو مون کان نفرت ڪري ٿو..... ۽..... تون به يقيناً دل ۾ ائين ئي سمجھندي هوندينءَ ته آئون اڄ ڪا کيڏ کيڏڻ آيو آهيان محب علي کي توکان جدا ڏسڻ ۾ خوش آهيان..... هر گز نه، مهرو تون ڏسندي آهين ته مبو مون کي ڪيتري قدر پيارو آهي پر مون کي هڪ غريب خاندان جي عزت، تنهنجي معصوميت، پنهنجي ضمير جي ملامت ۽ مردانه غيرت تنهنجي قيمتي ۽ نو خيزه زندگي بچائڻ لاءِ مجبور ڪيو...... مهرو مبو منهنجو دوست آهي ۽ تون غيرت....نه فقط مون لاءِ پر ڳوٺ جي سڀني غيرتمند مردن لاءِ تنهنجو رشتو زياده معتبر ۽ عزيز آهي.... ڇا به آهي، پر يقين رک ته اسان کي دنيا جي هر شيءِ کان پياري آهين..... آئون مرد آهيان ۽ تون عورت....... محب علي ڪجھه به بگاڙي نٿو سگھي ۽ تنهنجو سڀڪجھه......آئون هن کان پڄي به سگھان ٿو ۽ تون نه..... آئون دنيا جي هر ٻنڌڻ کان آزاد آهيان ۽ توکي مٽن مائٽن سماج ۽ رواج جو اوس خيال رکڻو آهي. ربن چوندو ۽ پنهنجي جادوءَ جو اثر به جاچيندو رهيو. هيتري تقرير کان پوءِ موضوع ۾ البت تبديلي ۽ لهجي ۾ نرمي پيدا ڪندي چوڻ لڳو. “ مهرو تون رنج نه ٿي..... آئون توکي روڪيان ڪونه ٿو.... تون ڀلي دل جي دنيا آباد ڪر.... دل کولي پيار ڪر...پر اهڙي بهار سان نه جا فقط چند ڏينهن جو چٽڪو هجي.... اهڙي ڪڪر جي ڇانو ۾ هميشه وهڻ جي خواهش نه ڪر جو هوا جي زور تي هلندو هجي..... هي هڪ وڏو ۽ مشڪل امتحان آهي...... شايد زندگيءَ جو پهريون ۽ آخرين امتحان....مهرو! هي هڪ اهڙو بي پايان بحر آهي جنهن جي ٻي ڪنڌي آهي ئي ڪانه.... هن ۾ تو جھڙا تڪڙا ۽ لڙ تارو هڪ تر به تري نه سگھندا ۽ وڃي تر وٺندا آهن. مون کي تنهنجي اٻهرائي بي عقليءَ تي عجب ٿو لڳي ته تون هڪ ڪمزور عورت ٿي ڪري هن بحري اڻ ڄاڻ ٻار کي واجھي سمجھي ان جي سهاري ڪيئن گھڙي پيئي آهين..... تو ائين به نه سمجھيو ته جنهن جي آسري تون نڪتي آهين. سو توکي وچ سير ۾ ڦٽو ڪري ويندو ته ڪونه هليو ...؟ يا ٿڪجي ته ڪونه پوندو.....؟ خدانخواسته ائين ٿي پيو ته پوءِ........؟ پوءِ تون ڪٿي جي ٿيندينءَ ؟ لهرن ۽ ڇولين ۾ توائي ڪانه ٿيندينءَ.....؟ مهرو ! ٻڌاءِ پوءِ دنيا جي اڳيان ڪنڌ کڻي سگھندينءَ....؟ هن ڳوٺ ۾ رهي...... سک جو ساهه کڻي ۽ سرتين ۾ سونهين سگھندينءَ....؟ تون چپ ڇو آهين....؟ ڀلا چوين به ڇا ؟ آئون ٿو ٻڌايان ءِ...... هر گز نه..... پوءِ تون ڪنهن جي ڪم جي نه هوندينءَ..... سچ ٻڌاءِ مهرو ! خاندان جي عزت ٻوڙي پيءُ جي اکين جو نور نچوئي...... ڳوٺ ۽ ذات جو نڪ ڪپي..... پنهنجي ديد ۽ پريت وڃائي ڪيئن ۽ ڪيترو سک سمجھي سگھندينءَ ؟ ۽ پوءِ تنهنجي لاءِ هن دريا ۾ ٽپو ڏيئي مرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه هوندو.....هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته اهو انسان جو توسان ههڙيون عقوبتون ڪري گذري سو تنهنجو دوست آهي يا دشمن ؟..... تون هينئر ڇا سوچي رهي آهين ؟ سوچڻ توکي ان وقت گھربو هو، جنهن وقت تو پهرين محبت جواقرار ٿي ڪيو...... پريت جا پيغام ٿي موڪليا....نئون نينهن ٿي لڳايو...اڙي هان تون اڃا روئي رهي آهين ! چري ....هينئر روئڻ مان ڇا ورندو ؟ هي وقت کلڻ جو آهي..... محبت جي مٺڙين مٺڙين ڳالهين ڪرڻ جو آهي...نوان عيد جا ڪپڙا پائي هٿ هٿ ۾ ڏيئي قرب ونڊڻ جو آهي..... اڪيلي ۽ مظلوم پيءُ جي اکين ۾ دولاب ۽ دغا جو تيزاب وجھي هن کي هميشه هميشه لاءِ انڌي بنائڻ جو آهي.... مهرو روئڻ جو وقت اڃا نه آيو آهي اهو ايندو ۽ ضرور ايندو..... هينئر روئي پنهنجي دل جي نازڪ ۽ نئين ٽڙيل مکڙي جو مذاق نه اڏاءِ... هن وقت زور ڪري کل...ٽپا ڏي...... روئڻ جو وقت جڏهن ايندو تڏهن تون ڪيتري به ڪوشش ڪندينءَ ته به ماٺ نه ڪري سگھندينءَ اهي خيالي شبنم جا قطرا جي تنهنجي اميدن جي گلن تي هينئر موتين سمان سونهن پيا سي وقت اچڻ تي ازخود لڙڪ بنجي اچي زمين تي ڪرندا. هينئر تنهنجو هر هڪ لڙڪ قيمتي آهي..... ڇو انهن بي بها هيرن کي خاڪ ۾ ملائي رهي آهين. اهي توکي ئي ڪم ايندا..... ڪنهن وقت اهي تنهن جي لاءِ مرهم جو ڪم ڏيندا.... مهرو،نه رو...... نه رو.
    ربن جڏهن ڏٺو ته ڌاتوري جو نشو تار ئي تار آهي. تڏهن چيائين مهرو تون چوين ٿي ته نڪر.....آئون وڃان ٿو . واقعي دنيا توکي ئي ٿوڪيندي ته هن بدڪار ۽ مڪار ربن سان ڇو ڳالهائي رهي هيئين. آئون بدمعاش آهيان...... لوفر، غنڊو ۽ حد کان زياده خراب آهيان....ان لاءِ ته ڪنهن جي رکان ڪونه ٿو..... هميشه سچ ٿو چوان. آئون وڃان ٿو........ وري ڪڏهن به ڪونه ايندس...... ها هڪ دفعو ضرور ايندس،......... ڪڏهن ؟ جڏهن توکي هڪ همدرد ۽ مددگار جي ضرورت محسوس ٿيندي..... جڏهن ڳوٺ جي هن بداخلاق غنڊي جو لفظ لفظ سچو ثابت ٿيندو..... جڏهن دنيا وارن جي اڳيان سچ ڪوڙ ظاهر ٿي ويندو... مهرو تڏهن هي سڀني جو تڙيل ۽ نرلڄ ربن تنهنجي خدمت ۾ هڪ ادنى غلام جي حيثيت ۾ اچي حاضر ٿيندو.....
    مهرو ساڳي جاءِ تي منهن گنديءَ جي پلئه ۾ لڪائي روئندي رهي ۽ هي آئنده جو همدرد ۽ گھڻگھرو هن پاڪ ۽ معصوم دل کي نه ختم ٿيڻ وارا لڙڪ ۽ سڏڪا ڏيئي تند ٿي ويو. هيءَ ويچاري مهڻن ماري دل ڪا مهل هنجون هاريندي رهي. نيٺ هوريان هوريان چري ۽ وڃي کٽ تي پيئي. دل ۾ لهريون هيس....مغز ۾ چڪر ۽ خيالن ۾ وهمن جو طوفان ۽ محبت جو دل خراش انجام..... سوچيندي رهي... ٿوري وقت ۾ ڪيترا سوال پنهنجي پريشان دل کان ڪري ويئي ڇا؟.... محب علي واقعي سڀڪجھه هن کي ٻڌايو آهي ؟ ....؟ مبو مون کي بدنام ٿو ڪرڻ چاهي ؟ڇا..؟ هو مون کي....دوکو ڏيندو ؟ هن جا سڀ اقرار ۽ واعدا ڪوڙا آهن ؟ هرگز نه...... پوءِ ربن کي هنن سڀني ڳالهين جو پتو ڪيئن پيو ؟ ضرور ڪجھه ته آهي....... شاباس هجي محب عليءَ کي....... پر محب علي ائين ڪيئن ڪندو ؟.... هن ۾ سندس به ته عزت جو سوال آهي..... ربن کي هو خود ڪونه سڃاڻي ڇا ؟ هن بدڪار کي ته ڳوٺ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو..... ائين ٻار ته محب علي به ڪونهي...... ربن منهنجو اڳ ٿو وٺي..... پر اڳ به هرو ڀرو منهنجو ئي وٺڻو هيس....؟ شانو، لال يا گلان کي نه ٿي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايائين...... هن کي اها خبر ڪيئن پئي ته فقط آئون ئي محب عليءَ سان پيار ڪريان ٿي..... ضرور محب علي هن کي دل جو راز ڏنو آهي..... يا خدا محب علي ۽ اهڙي ٻاراڻي، دشمن کي دوست سمجھي ڪيائين. هاءِ الا........ آئون مري ويس...... منهنجي دنيا اجڙي ويئي...مبو ڏس دشمن تنهنجي هٿن سان ٻاريل باهه ۾ توکي ۽ مون کي الڳ الڳ جلائي رهيو آهي...... دشمن.......؟ ( مهروءَ جي خيالن جلدي پلٽو کاڌو ) دشمن ڇو ؟ هن ويچاري ته پاڻ مون کي اچي سجاڳ ڪيو....... مون کي ٻرندڙ مچ جي شعلن کان آگاهه ڪيو..... مبوءَ ته مون سان واهه جي چڱائي ڪئي..... سڀ ڪجھه هن کي ٻڌائي.... هرگز نه.... مبو ائين ڪرڻ وارو نه آهي.... ته باقي هن کي سڀني ڳالهين جي خبر ڪيئن پيئي ؟ محب علي ائين ته نه ڪرين ها..... پيارا مبو پنهنجن اقرارن کي ايترو جلدي ته نه وسارين ها..... يا خدا تون اسان جي واهر ڪجان..... بي وس ۽ ناتوان جوڙي جي..... ٻن اڻواقف واٽهڙن جي......
    “ مهرو ڇا پيئي ڪرين..... هاءِ هاءِ جنهن کي لڳي يار جي سا ڪيئن ڪندي گھر ٻار جي..... “ شانو اندر ايندي چيو ۽ مهرو سڏڪا ڀريندي اتي ويهي رهي.
    “ شانو رات امان خواب ۾ ڏٺي هيم..... هاءِ امان....؟ هن جي ڦٽيل دل مان هڪ گھري آهه نڪتي ۽ فضا جي شور ُ غل ۾ جذب ٿي ويئي.


    شيطان

    مڪر وفريب خنده زن خوئي فساد پش پيش
    آهي سچائي اشڪبار صحن زمانه ساز ۾
    اشڪ غريب تي کلي فتنه روزگار ٿو
    فرياد حال آهي بس درگاهه بي نياز ۾
    ”گل“

    ربن جي هن گفتگو کي ٻه ڏينهن گذري ويا. مهروءَ لاءِ هي ٻه ڏينهن ٻن سالن جھڙا سخت هئا. ڪيترو به دل کي سمجھائڻ ۽ ڏڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين مگر بيسود ! هن کي پنهنجي اميدن ۽ حسين خوابن جو پر بهار گلشن هاڻي صحرا وانگر ويران نظر اچڻ لڳو. ڏينهن خواهه رات آهن.۽ پورن پچائيندي گذاريندي هئي. مهروءَ جي هن اوچتي تبديليءَ ٽن ماڻهن کي زياده غمگين بنائي ڇڏيو. هڪ پانڌي خان جنهن جو جهان ۾ اگر ڪجھه هو ته مهرو !ٻيو شانو ، جا ڳوٺ جي سڀني عزيزن خواهه ذات ڀائين ۾ هن جي پياري ۽ رازدار سهيلي هئي. ٽيون محب علي جو مهروءَ جو هو هر غم پنهنجو غم سمجھندو هو.
    محب علي هزار منٿون ڪري بيهي رهيو. مگر جواب ۾ مهروءَ کان فقط هڪ آهه ٻڌي سگھندو هو. مهرو هاڻي پنهنجي مامي جي گھر به گھٽ وڃڻ لڳي. ويٺي ويٺي پور پئجيو ويندو هوس ته اٿيو پنهنجي گھر ايندي هئي. محب عليءَ کان مهرو جي هيءَ حالت ڏٺي نه ٿيندي هئي. ويتر جو مهرو آلين اکين سان محب عليءَ ۾ بار بار گھوريندي هئي ته محب علي تعجب ۽ لا علمي ءَ جي انڌاري ۾ گم ٿيو ويندو هو. مهروءَ ۽ محب علي ءَ جي ملاقاتن ۾ ته ڪوبه فرق نه پيو پر الفاظ ۽ انداز ڪافي بدلجي ويا. محب علي، مهروءَ جي اداسائي ءَ کي سمجھڻ سان گڏ هن خيال ۾ پڻ غرق رهندو هو ته آخر اها ڪهڙي خبر آهي ؟ جا کانئس به لڪائي پيئي وڃي. ۽ ڇو ؟ پر مهروءَ لاءِ ته محب عليءَ جو اکر اکر نيون پريشانيون کڻي ايندو هو.هوءَ محب عليءَ ۾ انهيءَ لاءِ چتائي ڏسندي هئي ته جن اکين ۾ اڳ پيار جي پالوٽ پسبي هئي، تن ۾ هينئر ڇا آهي ؟ جن لفظن ۾ اڳ محبت جو ميٺاج معلوم ٿيندو هو، انهن ۾ هاڻي ڇا آهي ؟ جيڪا زبان قرب جون ڪهاڻيون ڪندي هئي. تنهن ۾ دغا ۽ دوکي جو ڪيتري قدر دخل آهي.؟ جا صورت هن کان اڳ پرت جو ڄڻ پتلو پئي لڳي تنهن تي ڪلفت جي ڪٽ ته ڪانه چڙهي ويئي، پر ٻن ڏينهن جي مسلسل مشاهدي ۽ تجسس بعد به ڪنهن فيصلي تي پهچي نه سگھي. ڇو ته انهن اکين ۾ اهوئي نينهن جو نشو هو، انهن لفظن ۾ ساڳي محبت جي ماکي هئي، انهيءَ زبان تي هينئر به ڏک ۽ ڏوراپو هو، انهيءَ صورت تي اڄ به سچ نظر آيس.....مگر.... هڪ بي خبر ۽ اٻوجھه عورت..... آخرڪار ڇا سمجھي ؟ اڱر سچا يا لهر سچا.
    پهرئين ڏينهن ته شانوءَ به سمجھيو ته شايد ماءُ جي ساروڻي اٿس. پر ٻه ڏينهن ٻيا گذري ويا. تڏهن دل جو دل ۾ اندازو لڳائڻ لڳي....محب علي به پرتل اٿس.... ڪاوڙيل هجن ها ته ڳالهائين ڪيئن ها.... شايد پڻس شاديءَ لاءِ...... ها ائين هوندو ته شڪ نه آهي. نيٺ شام جو خاص پڇڻ لاءِ اچي ڏک ڏوراپا ڪڍڻ ويٺي ۽ آخر سربستي خبر معلوم ڪري پوءِ بس ڪيائين.... پيرن هيٺان زمين نڪري ويس...... حالانڪ خبر هيس ته محب علي ٻار نه آهي..... هو پاڻ سڀني کي سبق پڙهائڻ جھڙو آهي، پر هڪ اڻواقف لاءِ ته سوچڻ جو به مقام هو ته جيڪڏهن محب عليءَ هي ڳالهيون نه کوليون ته ربن کي ڪيئن خبر پيئي.
    ٽيون ڏينهن به ساڳئي حال ۾ گذري ويو. ڪچي سهائيءَ جو وقت هو ربن ۽ محب علي دڪ تي ڀلوءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ربن کي اڄ ۽ هينئر پنهنجي اصلي رنگ ۾ ظاهر ٿيڻو هو. پر موقعي جي تلاش هيس. ڀليڏني جي انتظار اهو موقعو به ميسر ڪري ڏنو.” ڀلو دير ڪئي آهي “ محب علي چيو.
    “ ڀلو کي ته الاجي ڇا ٿيو آهي “ ربن سنجيده ٿيندي چيو.
    “ ڇو...” محب علي تعجب مان پڇيو.
    “ ڇو وري ڇا......... اکئين ته ڏسين پيو..... نه پتڻ تي..... نه دڪ تي...... الاجي ڪٿي پيو گذاري...” ربن چيو.
    “ ادا...... ننڍي هوندي کان مائٽن آهي ڪم تي هيرايو هاڻي ته آهي جٺ ۾...” محب علي چيو.
    “سا ته مون کي به خبر آهي..... پر هي ڇا آهي جو اسان کي چوندو ته اجھو آيس ۽ پاڻ ويندو هليو پتڻ تي، جي ائين پتڻ تي هي وري ڪنهن ٻئي هنڌ،يار دوستيءَ ۾ اهي انگڙايون مارين ٿيون “ربن چيو.
    “ اجھو ٿو اچي ميان...... ڇو ٿو ميارون ڏينس “ محب علي چيو.
    “ ايندو ته ڪن..... پر جي آيو ته به اسان جي اکين تي . پاڻ هاڻي اڳيون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون. پر سچ پچ ڏک جھڙي ڳالهه آهي. دوست سڏي وري دغا ڪرڻ....” ربن چيو.
    “ نه نه....... ڀلو اهڙو مڙس نه آهي “ محب علي چيو.
    “ ادا سڀ سچ آهي ٻڌاءِ ڪنهن ٿي چيو ته ربو ڪو شريف ٿيندو. سڀني ٿي چيو ته ڌاڙيل ٿيندو..... جيل ڪاٽيندو پر هاڻي ڏس! سائين سڀڪجھه سنگت ٿي سيکاري “ ربن مقصد تي ايندي چيو.
    “ تنهنجي معنى..... ڀلوءَ هينئر ڪنهن ٻي سنگت ۾..... محب علي تعجب مان چيو.
    “ معنى ڇا...... سچ ٿو چوان...... ربن ڳالهه ڪپيندي چيو.
    “ هي تون ڀليڏني بابت ٿو چوين ؟ “ محب علي حيرت مان پڇيو.
    “ ها ها ڀلوءَ جي نالي...... سندس هڪ دوست ڪالهه ٻڌايو ته ڀلو چوي پيو ته محب علي کي هاڻي منهنجي گھرج نه آهي “ ربن چيو.
    “ ڇو گھرج نه آهي “ محب عليءَ چيو.
    “ ان لاءِ ته محب علي وٽ هاڻي ربن آهي “ ربن جواب ڏنو.
    “تنهن ڪري....... ؟ ڀلو ڇٽو...... ؟ اها به ڪا ڳالهه ؟ محب علي چيو.
    “ مبو مون ئي ڪالهه ئي اهڙو ارمان ٿيو....... جو بس ڏس اڃا ڀلو جي دل مان زنگ نه ويو آهي “ ربن سچائي ظاهر ڪندي چيو.
    “ ائين هرگز نه ٿيندو...... چريا ڪي پنهنجي وس ڇڏبا ؟” محب علي قدري کلندي چيو.
    “ مبو تون اتي ويٺو رهج آئون ڀلو کي وٺي ٿو اچان. جي هو پاڻ اچي ته وهارجانس. ربن اٿندي چيو.
    سگھو وٺي اچجانس.....” محب علي چيو.
    ربن پاڻ کي دل جو دل ۾ لک شابسون ڏيندو دڪ تان غائب ٿي ويو. پر ڀلو جي گھر وڃڻ بدران گھٽي مٽائي سڌو مهروءَ جي گھر ويو. پانڌي دڪ تي هو ۽ مهرو اڪيلي آسمان سان ڳالهائي رهي هئي.
    “ مهرو ڇا سوچي رهي آهين “ ربن دروازي وٽ بيهندي پڇيو.
    “ ڪجھه نه....” مهرو ڇرڪ ڀريندي چيو. “ اڄ وري به اچڻ جي نالائقي ڪئي اٿم. معاف ڪج هڪ ڳالهه پڇڻ آيس “ ربن سنجيده ٿيندي چيو.
    “ ڪهڙي ڳالهه....” مهرو خيال هوا ۾ اڏامندي چيو.
    “ مون خيال ڪيو ته جيڪڏهن تون چوين ته آئون اهي خبرون چاچي پانڌي خان سان ڪريان “ ربن همدردانه لهجي سان چيو.
    “ نه نه ادا ربو خدا جي واسطي منهنجي عزت جو خيال رک. هنجي حياتي خطري ۾ نه وجھه “ مهرو انتهائي منٿ سان چيو.
    “ مهرو آئون ڪو چريو آهيان ڇا ؟ مون ته چرچو ٿي ڪيو اڃا به هنجي حياتيءَ جو خيال اٿيئي ؟ ڪهڙي نه اٻوجھه آهين. خير..... ڌڻي تنهنجي واهر ڪندو. ٻي ڳالهه ٻڌ. ڀلو کان ته ڪنهن مهل هڪ ڳالهه پڇج “ ربن چيو.
    “ ڪهڙي....؟ “ مهرو سواليه انداز مان پڇيو.
    “ اڄ صبح جو محب علي اسان سان پتڻ تي هڪ عجيب ڳالهه ڪئي هئي ته توکي هيتريون ڳالهيون اچي ٻڌايون. هاڻي هڪ ٻه خبر ڀلو کان پڇج ته پنهنجي پياري جو پتو پونئي ته ڪهڙي پاڻيءَ ۾ آهي “ ربن پوئتي موٽندي چيو.
    “ ڀلوءَ کان ڇو پڇان. مون کي توتي اعتبار آهي،مهرو چيو.
    “ ربن ڪجھه جواب نه ڏنو ۽ تڪڙو نڪري ويو “
    مهروءَ کي وري ساڳيون پريشانيون گھيري ويون. پاڻ کان هر هر سوال پئي ڪري ته ربن سچو يا محب علي ؟ مايوس محب علي هن کان پيو پڇي ته : مهرو خدا جي واسطي ڪجھه ته ٻڌاءِ ته ايترو اداس ڇو آهين ؟..... ۽ عيار ربن چوي پيو ته مهرو جو شخص توسان هيڏيون عقوبتون ڪري گذري سو تنهنجو دوست يا دشمن ؟؟ هاڻي ته هڪ نئين قسم جي اڻ تڻ به اچي لڳيس........ ڪهڙيون ڳالهيون وتي ڪندو محب علي ؟ هاءِ الا آئون ڇا ڪريان ؟ ڀلو وري به صبح جو شايد مال ڇوڙڻ مهل ڏسجي..... تيسين رات ڪيئن گذرندي !...... ربو مهرو جي گھران ٿي سڌو ڀلو جي گھر ويو.
    “ ڀلو ڇا پيو ڪرين ؟ اڄ دڪ تي به دير ٿي ويئي اٿم مون سمجھيو ته توهين ويا هليا هوندا. محب علي ويچارو ته انتظار ڪري ٿڪجي پيو هوندو..... چڱو. تون هتان ويندي ويندي مبو کي گھر ڏسيو پوءِ دڪ تي هل آئون هي ڳانو رانجھي کي ڏيو اچان ٿو. هي ڳانو بابا شهر مان آندو آهي ٽن روپين ۾ مليو آهي. ربن چوندو ويو هليو.
    چالاڪ ربن پنهنجي سازش جا گر اهڙا ته مضبوط ڀچايا، جو سندس غير موجودگيءَ ۾ به ڪم سپرنگ تي هلندڙ مشين وانگر ساڳئي ڍنگ سان ٿيندو رهيو.... يعني.... مهرو کي چوڻ ته ڀلو کان صبح واري ڳالهه پڇج ۽ ڀلوءَ کي چوڻ ته محب علي کي سڏي دڪ تي اچج..... ربن جو مقصد هو ته مهرو ته اڳئي ڀلو جي واٽ پيئي ڳوليندي ۽ اوچتو ڀلو، جو محب علي جي گھران نه ملڻ جي حالت مهروءَ جي گھر جانچ رکڻ ويندو ته مهرو پڇ پڇان لائي ڏيندي...... نتيجو ڇا نڪرندو جو هڪ پڇڻ ۾ ۽ ٻيو حيرت ۽ تعجب ۾ ئي هوندو ته تيسين ربن پنهنجي ناٽڪ جو آخرين ائڪٽ به ڪري وٺندو. ربن ڀلو وٽان سڌو دڪ تي آيو ۽ محب علي کي تڪڙو اٿاريندي چيائين “ مبو هيڏانهن اچ “
    “ ڇو..... ڇا آهي ؟ “ محب علي تعجب مان پڇيو.
    “ اهي سوال پوءِ ڪج... پهرين وک کڻ “ ربن چيو.
    “ هلان ته پيو....... پر ڪجھه ٻڌاءِ به سهي..... “ محب علي چيو..
    “ تو وٽان سڌو ڀلوءَ جي گھر ويس چيائون ته هاڻي ويو آهي. واٽ تي موٽندي ٻڌم مهروءَ جي گھران آواز...... لوڙهي تان جان کڻي ليئو پائي ڏسان ته مار.......! اهو تو وارو چڱو مڙس ڀلو...... ٿڪ آهي نالائق کي..... بي شرمو..... ڀاڪر وجھيو....... بيهين ڇو ٿو ؟ تڪڙو اچ........ پنهنجن ا کين سان ڏس ته پڪ اچيئي. مٿيان چند جملا ربن اهڙي زهريلي لهجي سان چيا جو محب علي باقاعدي سندس اثر هيٺ اچي ويو..... ٽنگون طاقت ڇڏي ويس.... پٿر جي بت وانگر ربن جي اشارن تي هلندو اچي لوڙهي جي پوئين پاسي کان بيٺو.ربن جو ڇڏيل تير ٺيڪ نشاني تي لڳل هو. عين انهيءَ وقت جڏهن ربن ۽ محب علي لڪندا لوڙهي جي پوئين پاسي پهچي ويا. تڏهن ڀلو وڃڻ واري ائڪشن ۾ هو ۽ مهرو منٿ آميز لهجي سان ڪجھه چئي رهي هئي. موقعي جو فائدو وٺندي ربن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ........ ڀلو جا ٻچا....... هاڻي اٿي ڇا ڪندين ؟ شڪر جو اسين اچي پهتاسون...... توکي ڪهڙي خبر ته اسين تنهنجي پاليسين کي ڄاڻون ٿا..... اسان کي دڪ تي وهاري تون هميشه اهي مستيون ڪرڻ ايندو آهين....... اڄ ته تنهنجي به قلعي ته لٿي...... ڪيترا ڏينهن محب علي سان فريب ڪرين ها...... دوستي جو دم هڻي دشمني جي خاموش شعلن ۾ جلائين ها........ مبو جي سچائي ءَ ۽ سادگيءَ مان فائدي وٺڻ وارا لالچي دوست شابس اٿيئي...... تون به مڙسن جي قطار ۽ وهندين.....؟ “ ڀلو ٻڌاءِ ڏس آئون توکي ڪيڏيون منٿون پيئي ڪريان “ مهرو انتهائي عاجزيءَ سان چيو.
    “ مون کي ڪابه خبر نه آهي...... اڄ صبح جو آئون پتڻ تي ئي ڪونه ويو هوس...... “ ڀلو واپس ويندي چيو.
    “ ڀلو توکي خدا جو واسطو آهي....” مهروءَ چيو. توبهه !توبهه خدا جا واسطا پيئي وجھي ! ته به هي دغاباز مڃيئي نٿو. بيوقوف، ڇا مهروءَ جي عاجزي ۽ ڇا تنهنجي شوخي...... اهڙي طرح ربن مهروءَ ۽ ڀلو جا ائڪشن ڏسيو انهن مطابق نفرت آميز الفاظ چالاڪي سان ادا ڪندو رهيو.تان...... جو محب علي جو بي حس جسم جذبات جي شدت سببب ڏڪڻ لڳو. هاڻي ربن ارادتا خاموشي اختيار ڪئي. محب عليءَ جا ڏڪندڙ چپ کليا غم ۽ غصي گاڏئون آواز خشڪ گلو چيري متواتر ٻاهر نڪرڻ لڳو..... “ ڀلو.....، ڪيڏانهن ٿو وڃين ؟..... ڪجھه ته بيهه خدا جي واسطن کي ڏس...... مهرو جي منٿن ڏانهن ته هڪ نگاهه نهار....بيوفا هن جي دل کي هيئن ستائيندو ڇڏي تون وڃي رهيو آهين ؟..... سنگدل جي ائين ڪرڻو هوءِ ته پهرين پريت ڇو ٿي پختي ڪي ءِ ؟ بيپرواهه عاشق ! ههڙيون شوخيون ڪيئن ٿو ڪرين ؟....... هاڻي تون دڪ تي ويندين.... محب علي ۽ ربن کي يقين ڏياريندين ته تون گھران پيو اچين....شاباس اٿيئي ڀلو واهه جي دوستي نباهي اٿيئي..... ۽ مهرو.....
    محب علي جو گلو خشڪ ٿي ويو ٻه گرم لڙڪ ڪري لوڙهي جي نوڪدار ڪنڊن ۾ جذب ٿي ويا. ڀلو ڀت بنجي ويو. مغز چڪرائجي ويس محب علي جي گفتن تي اعتبار ئي نه اچيس.... ڀلا ڪيئن محب عليءَ کي سمجھائي ته سندس دل اڄ به اڳئين وانگر پاڪ آهي.
    محب علي جيڪي ڪجھه ڏٺو هو. تنهن تي يقين ڪري يا جيڪي ڀلو هاڻي چوندو تنهن تي ؟ ساري فضا خاموش هئي محب علي جو آواز وري فضا کي چيرڻ لڳو.” ڀلو،گھٽ ۾ گھٽ مون کي ته هڪ نئون سبق ملي ويو.... بيشڪ اڳ آئون چوندو هوس ته تقدير ۽ ارادن ۾ ڪو فرق نه آهي پر هاڻي مون کي مڃڻو پوندو ته ارادن جو مالڪ انسان تقدير جو مالڪ قادر آهي ؟
    محب علي خاموش ٿي ويو. سڀ پنهنجن خيالن ۾ غرق هئا.....۽...سڀني کاب الڳ هڪ شيطان پنهنجي ڪاميابيءَ تي مشڪي رهيو هو.


    ڪشمڪش

    تصورات ۾ بپا حسين نقش جي هئا
    قضا جي ور چڙهي ويا، ويا ويا نه موٽيا
    جگر ۾ درد جي خلش، ٿي آهه ڪهڙي ڪشمڪش
    طبع ۾ سوز ۽ تپش، خيال ۾ آ پنج وشس.
    ”گل“

    ربن کي اڄ رات آرام جي ننڊ نصيب ٿي. هن وارو منصوبو مشڪل ڪڙين مان گذري باقي ٻن گھڙين جي گفتگو تائين رهيل هو. هن پڪو ارادو ڪيو ته جيڪڏهن خدانخوسته پانڌي خان ناڪار ڪئي ته هٿن جون صفايون به ڪبيون. پر هي نيڪ ڪم هٿن ۾ کنيل آهي تنهنجو ثواب ڪنهن ٻئي کي هرگز نه ڏبو. ربن خيال پچائيندو ننڊ پئجي ويو.
    باقي ٽي انسان بي چينيءَ جي ٻرندڙ باهه ۾ جلي ڦٿڪي رهيا هئا.هرڪو هڪ ٻئي کان بيخبر، پنهنجي پنهنجي پر ۾ پچي رهيو هو....... نڀور ڪاري رات..... چنڊ ۽ ڪروڙها تارا هرهڪ جي حال تي ماتم ڪندا پنهنجو سفر طي ڪري رهيا هئا.
    ڀلو سوچي رهيو هو....... ربن ڪهڙو نه پلاند ڪيو....! ڪهڙو نه خطرناڪ بدلو ورتائين....؟؟ هن کان بهتر هو ته مون کي ماري ڇڏي ها....... پر هن کي منهنجي بهتري جھڙو ته ڪو ڪم ڪرڻو ئي ڪونهي....... دوست جاني دوست جي اڳيان بدنام ڪيائين..... منهنجو ڪنڌ هميشه لاءِ هيٺ ڪيائين.... پر ويچاري مهرو ڪهڙو گناهه ڪيو جو مفت ۾ بدنامي ٿيس...... ربن کي ضرور پنهنجي لالچ آهي،........ مگر مهرو کي ته ڪنهن ٻئي نموني به آزاد ڪرائي سگھيو ٿي....... هيئن محب علي کي بدگمان ڪرڻ مان ڇا وريس ؟....هاڻي سمجھيم....ربن کي هڪ تير سان ٽي نشان ڪرڻا هئا....... هڪ منهنجو محب علي کان جدا ٿيڻ...... ٻيو محب علي جو مهروءَ کان جدا ٿيڻ........ ٽيون مهرو کي پنهنجو ڪرڻ...... هاڻي آئون ڇا ٿو ڪري سگھان ؟ ڇا..... ؟ هينئر به محب علي کي ڪن کان جھلي سڀ ڪجھه وڃي ٻڌايان ؟ مگرهاڻي ڇا ٿيندو ؟...... محب علي ته مون کي هڪ قدم به اڳيان اچڻ نه ڏيندو....... منهنجو نالو به هن لاءِ نفرت جي لائق آهي..... منهنجي ته ويئي پر بيگناهه مهرو جي زندگي ڇو زهر ٿئي ؟ هوءَ عورت آهي هن جو دامن ڇو هن خرابيءَ سان داغدار ٿئي ؟ مون کي پنهنجي لاءِ نه..... ته مهرو لاءِ ئي ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻو پوندو. ڪرڻو ڇا..... صبح جو ربن کان پيرن تي ڪري معافي وٺڻي پوندي..... مهرو جي معصوميت جا واسطا وجھي رحم جي بيک پنندس..... آئون ضرور ويندس....صبح ٿيڻ سان مون کي ورهن جي دشمن اڳيان هڪ ڀيرو ضرور هٿ ٽنگڻو آهي...... يا خدا تون اسان بيگناهن جي مدد ڪر !.
    مهروءَ جنهن بروقت محب علي جي ڀرسان بيٺل مرڪندڙ ابليس کي ڏٺو هو، هڪدم سهي ڪري ورتو ته هي تماشو ڪنهن جو تيار ڪيل آهي. هاڻي هوءَ ربن جي ٽن ڏينهن جي گفتگو....خير خواهي،........ ۽ مٺڙين مٺڙين ڳالهين جو مطلب به سمجھي ويئي پر جيڪي ٿيڻو هو، سو ته ٿي ويو زياده ڦٿڪڻ هن ڄار جي ڦندن ۾ وڌيڪ ڦاسڻ جو سبب بنجي ها.
    ...مهرو پاڻيهي پاڻ کي سٺڻ لڳي....هٿان وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب ! هاءِ الا، مون هي ڇا ڪيو ؟ ڇو هن مڪار کي گھر ۾ اچڻ ڏنم.....؟ ڇو نه سڀ قصو محب علي سان ڪيم ؟ مون پاڻ سان ظلم ڪيو.......يا خدا مبو ڇا سمجھندو...... سمجھندو وري ڇا ؟ بروقت نه چئي ڏنائين ته ڀلو “ مهرو ٽن ڏينهن کان تنهنجي لاءِ پئي رني...... آهه...مبو، تون مون کي بدڪار سمجھندين ؟ بي وفا ڪوٺيندين ؟ ڀلي سمجھه...... پر هڪ دفعو اچ ته توکي سڀ ڳالهيون ٻڌايان....اچ ته تنهنجي اڳيان پنهنجي دل چيري رکان.......تنهن کان پوءِ توکي جيڪي وڻي سو چئي سگھين ٿو. محب علي آئون خطا وار آهيان مون کي معاف ڪر....... هاءِ ڪميڻي ربن جي چوڻ تي لڳي پاڻ کي ڪهڙو نه ذليل ڪيم....... تباهه ڪيم.... مبو الله ٿو ڄاڻي آئون پاڪ آهيان..... ڀلو بي گناهه آهي .... آئون توکي ئي چاهيان ٿي..... فقط تنهنجي ئي پوڄا ۾ راتيون گذرن ٿيون..... تنهنجي انتظار ۽ يادگيري ۾ ڏينهن گذرن ٿا....مبو او مصيبت جي ماريل مهرو جا محب ! معاف ڪر...... او سورن جي ستايل مهروءَ جا سائين...... رحم ڪر..... تو رات ڀلو کي چيو ته تنهنجي مهرو کي ڏس “.... ڪيئن تنهنجي وات مان اهڙا لفظ نڪتا ؟ مهرو ته فقط تنهنجي ئي رهندي. اها ساڳي زبان ئي ته هئي جنهن سان مون کي “ منهنجي مهرو “ ڪري سڏيندو آهين ؟.... مهرو خيالن جي لهرن ۾ وهندي وهندي وڃي ننڊ جي آغوش ۾ پئي ۽ پانڌي خان جاڳي رهيو هو. ساڳئي وقت محب علي به خلا ۾ خيالن جون هوايون اڏائي رهيو هو. هنجي سيني ۾ به هڪ دل هئي... محبت ڪندڙ دل ! زماني جي تجربن ۽ تلخين سان آشنا ٿيل دل ! زندگي جي وسيع بيابان ۾ اميدن جا چراغ جلائيندڙ دل ! سندس غم آلوده حياتيءَ جي سهاري ۽ خوابن جي راڻي، مهرو جي پيارين ۽ هو شربا مرڪن جي خريد ڪيل دل !.
    محب علي پاڻيهي پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو......مهرو تون هينئر مري وڃين ها ۽ ربن مون کي هن منحوس خبر کان آگاهه ڪري ها ته به هن کان هزار بار بهتر هو ڇا....؟ توکي اها خبر نه هئي ته ڀلو منهنجو دوست آهي پر نه مهرو.... تنهنجو ڪهڙو قصور........جڏهن خود ڀلو ئي اکيون پوري ڇڏيون.....مهرو تو سٺو ڪيو. آئون توکي واقعي مٽن مائٽن کان جدا ڪريان ها.... بدنام ڪريان ها..... تنهنجي تقدير جي خلاف هلان ها....
    مهرو آئون خوش آهيان. ڇاڪاڻ ته تون خوش آهين. هن کان پوءِ ڪڏهن به وري منهنجي زبان مان شڪايت نه ٻڌندينءَ. سچ پچ آئون تنهنجي راهه جو ڪنڊو آهيان....... بهتر ٿيندو ته ازخود ٽري وڃان..... ورهن جي تڙپندڙ ننڍپڻ کان ستايل،...زخميل...... چور ٿيل دل کي هٿن ۾ کڻي تنهنجن قدمن ۾ اچي سٽيم..... افسوس ! تو انکي سهاري ڏيڻ بدران هڪڙي ئي ٺوڪر سان پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ....قياس ڪرڻ جي عيوض هميشه جي ٻرندڙ باهه ۾ اڇلي ڇڏيو.... مهرو مان وڃان ٿو....پري........... تنهنجي دنيا کان تمام پري.......
    محب علي اٿيو هڪ نظر پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ تي وجھي پنهنجي تنهاين جا ساٿي بينسري ۽ چاقو کڻي ساري گھر جي خاموش ماحول کان اداس اشارن سان موڪلائي....... وچئين دروازي مان لنگھي مهرو جي گھر آيو..... ڪو وقت مهروءَ جي غمگين ۽ لڙڪن سان پسيل چهري ۾ غور سان نهاريندو رهيو. خبر نه آهي ڪيترا ڀيرا هنجي جذبات ۽ منهن جي رنگ ۾ تبديليون آيون....... اوچتو مهرو ننڊ ۾ هڪ سڏڪو ڀريو....... ۽ وري خاموشي ڇائنجي ويئي. خيالن ئي خيالن ۾ محب علي کان کل نڪري ويئي.... چوڻ لڳو. :
    مهرو آئون سمجھان ٿو ته تون رني آهين....ڇو؟ ان جي ته توکي خبر، باقي آئون سمجھان ٿو ته توکي مهينن جي لڪل راز جي کلڻ جو ارمان آهي.ارمان ڇو نه هجي ؟.....آخرڪار تو به ته پيار ڪيو هو. جيئن هڪ ڍارو پنج ڇهه جوارين جي وچ ۾ ڦرندي هر ڀيري الڳ الڳ ۽ ڍنگ سان ڪرندو آهي........ تيئن تو به ٻن جوارين جي وچ ۾ نون نون رنگن ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي..... مهرو ڇا ٿيو...... جي تون ان چوپڻ تي آخر تائين پنهنجو رنگ نه ڄمائي سگهينءَ........ ته به ڪير چوندو ته تون ڪامياب ڪانه ٿينءَ؟ هڪ جواريءَ ڪڏهن پنهنجي جان نه وڃائي ته يقين ڪر، زندگيءَ جي جيڪا به ميڙي چونڊي هيس تنهن کي هڪ ئي داءُ ۾ اڏائي ڇڏيائين.... اي عاج جا دلفريب داڻا ! تنهنجي ئي ڪري آئون ماضي جا واعدا....دل جون ناتمام حسرتون...... ۽ مستقبل جا سوچيل اڌورا خواب خوشيءَ سان پنهنجي حريف جي قدمن ۾ ڦٽا ڪري هن چوپڻ تان ئي اٿي ٿو وڃان

    ِ” غم دوران مسلسل خون دل خون جگر پيتو
    رهيل جو ڪجھه هو باقي سو به تنهنجي روبرو نڪتو “
    “گل “

    مهرو آئون تنهنجو راز دل ئي دل ۾ رکندس...تون ته بيوفا ٿينءَ پر محب علي هرگز بي وفا نه ٿيندو.... تون ڀلوءَ سان پيار ڪرين ٿي پر محب علي فقط توسان...... تون ڀلوءَ لاءِ آهين پر محب علي فقط تنهنجي لاءِ........ مهرو تون جيڪڏهن منهنجي ٿي نه سگھينءَ ته مون سان ضرور آهين.... آئون تنهنجي صورت سان پيار ڪندس،جا منهنجي دل ۾ آهي ۽ رهندي..... آئون تنهنجي انهن خوابن سان دل وندرائيندس جي نامڪمل ۽ اڌو گابرا منهنجن پريشان خيالن ۾ صبح و شام ڀٽڪندا رهندا....... دعا ڪج ته تنهنجا هي ٻئي تحفا مون سان آخرين دم تائين گڏ رهن.... تو وانگر بيوفا نه ٿين....... خدا جو شڪر آهي جو تون ستل آهين...... آئون تنهنجو ديدار...آخرين ديدار ڪرڻ آيو هوس........ هاڻي وڃان ٿو... ڪڏهن به منهنجي ياد اچيئي ته شام جي موٽندڙ انهن اداس پکيئڙن جي منزل جي تلاس ۽ روشني ختم ٿيڻ جي غم ۾ وائڙا ڦرندا وتندا آهن...... مهراڻ جي مٿاڇري تي ترندڙ انهي اڪيلي بنڊيءَ، جنهن کي نه پاتار ۾ پهچڻ جي طاقت آهي ۽ نه مهراڻ جي ڪروڙها لهرن ۾ آرام ! کان منهنجون خبرون پڇ...... مون کي ڏسڻ چاهين ته : شام جي رتول شفق ۾ سج جي ويندڙ ڪرڻن...رات جي اونداهين...خزان جي مرده نظارن ۾ مون کي ڳولج...... مهرو هاڻي الوداع...
    محب عليءَ جي اکين مان هزار ضبط هوندي به ٻه آبدار ڪري مهروءَ جي پيرن ۾ جذب ٿي ويا ۽ مسافر رمندو رهيو. پانڌي خان جي ننڊ کانئس اڄ ڪئين ڪوهه پري هلي ويئي. اڃا تائين جاڳندو رهيو. ڪجھه وقت اڳ پنهنجي جگر جي ٽڪري مهروءَ جون آهون ۽ زاريون ٻڌي چڪو هو ۽ ساڳين ڪنن ۽ ساڳين اکين سان جيڪي ڏٺائين تنهن کيس حيرت جي عميق بحر ۾ غرق ڪري ڇڏيو..... تان جو مهروءَ جي اوچتي ڇرڪ هن جا تمام خيالي محلات اچي پٽ سان هنيا. مهرو مبو......مبو ڪري زار و قطار روئي رهي هئي. اکين مان ننڊ جي خمار وڃڻ سان پيءُ کي ڀر ۾ بيٺل ڏسي هڪدم خاموش ٿي ويئي ۽ شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري بدستور روئندي رهي.
    “ مهرو منهنجي پياري مهرو...... ؟ پانڌي خان جھڪندي پيار مان سڏ ڪيو.
    “ جي....بابا......” مهروءَ سڏڪن ڀريندي جواب ڏنو.
    “ ڇا ٿيو آهي تنهنجي پوڙهي پيءُ کي “ پانڌي خان ساڳئي پاٻوهه مان پڇيو.
    “ بابا..... بابا ڪجھه نه.... مون خواب لڌو هو “ مهروءَ وراڻيو.
    “ پٽ ڇا آهي جو تون هاڻي اهڙا خواب ڏسڻ لڳي آهين ؟ آهون ڀرڻ....روئڻ...۽ پنهنجي جان ڳارڻ لڳي آهين ؟ سويل به جو ڪجھه چئي سو مون سڀ ٻڌو.... تنهن کان پوءِ......... ۽ هينئر به جو ڪجھه ڏسان پيو تنهن ته مون کي منجھائي وڌو آهي “ پانڌي خان جھڪندي هڪ هٿ مهروءَ جي مٿي تي ( پيار مان) ۽ هڪ هٿ پيرسنيءَ جي ڪمزوريءَ کان گوڏي تي رکندي چيو........
    مهروءَ وٽ هن سوال جي جواب ۾ فقط سڏڪا ۽ لڙڪ هئا جي بدستور پيش ڪندي رهي.
    “ مهرو پٽ ڏس مون کان ته بيٺو به نٿو ٿئي.... ياخدا تون اسان جو وسيلو ٿي.....” پانڌي خان گوڏي وارو هٿ آسمان طرف کڻندي چيو.
    بابا...بابا مهروءَ جا چپ ۽ گلو خشڪ ٿي ويو.
    پٽ مون کي سڀ ڪجھه معلوم هو....... تون سمجهين ٿي ته آئون توکي ڪيتري قدر پيار ڪريان ٿو..... فقط انهي هڪ جذبي کان ۽ تنهنجي تنهائي ۽ غم کان مجبور ٿي سڀڪجھه ڏسندو ٻڌندو به صبر ۾ رهندو آيس...... خيال هو.... ته جلدئي هن چند ڏينهن جي چٽڪي کي هميشه جي خوشين ۽ شادمانن ۾ بدلائي ڇڏيندس......پراڄ رات ته الاجي ڇا پيو ڏسان ۽ ٻڌان پانڌي خان چيو.
    مهروءَ آهستي آهستي روئندي سڏڪن ڀريندي ٽن ڏينهن کان مسلسل هلندڙ واردات ڪري ٻڌائي. آخرين لفظن تي....مهرو پيءُ جي پيرن تي ڪري ليلائي چوڻ لڳي....بابا...... توهان جي معصوم ۽ يتيم مهرو هيئن ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندي...... بابا توهان کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪنهن مان هن وقت همدردي ءَ جي اميد رکان.ڇا توهان منهنجن هنن سڏڪن ۽ اوڇنگارن..آهن ۽ التجائن کي پنهنجي ٽهڪن ۾ لڪائي خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندا ؟...... بابا.... پنهنجي مظلوم مهروءَ جي هن حال تي قياس ڪونه ڪند ا....؟ توهان خاموش ڇو آهيو....؟ بابا.......” مهرو روئندي رهي.
    پوڙهو پانڌي خان کٽ جي ايس تي اهڙي طرح ويٺو سامهون لوڙهي جي وٿين ۾ گھوريندو رهيو، ڄڻ ويٺي ويٺي ساهه نڪري ويو هجيس..... هن جي هڪ طرف باهه هئي ۽ ٻئي طرف پاڻي ! هڪ طرف سماج ۽ رواج جون فولادي ديوارون ۽ ٻئي طرف سورن جي ستايل يتيم ڌيءَ......! هڪ طرف زماني جي انڌي تقليد ۽ ٻئي طرف پدرانه شفقت ! هڪ طرف دماغ هو ته ٻئي طرف...دل....... ! پانڌي خان کي هينئر جو هينئر هڪ فيصلو ڪري. انتي عمل ڪرڻو هو. زماني جي ارهه زوراين ۽ گردش دوران جي مسلسل لاهين چاڙهين جيتوڻيڪ پانڌي خان جي جواني ۽ طاقتور جسم کي جلد ئي پيريءَ جي نه ختم ٿيندڙ نشانن سان ڀري ڇڏيو هو. ساري جسم تي گھنجن جي ڄڻ ڄار وڇائجي ويئي هيس. بدن آهستي آهستي پيلو ٿيندو ويس. تاهم به اصليت ۽ مردانگي.....قوميت ۽ غيرت ساڳئي حالت ۾ موجود هئي. زماني جي عقوبتن هن جي جسم کي ضرور ڪم طاقت ۽ ڍرو ڪري ڇڏيو هو مگر دل ۽ قومي جذبا ساڳئي جوانيءَ واري اوج تي رهيا. هو هينئر ڪوبه فيصلو ڪري ها ته کيس اختيار هو..... مهرو خاموش ٿي ويئي ۽ هي سوچيندو رهيو. دل هڪ تي....دماغ ٻيءَ تي ! اوچتو سندس زبان مان نڪتل بي اختيار الفاظن فيصلو ڪري ئي ڇڏيو.
    ....مهرو هيءَ ربن جي چالبازي آهي. گنهگار نه محب علي آهي نه ڀليڏنو ڏوهاري...۽ نه خطاوار تون....... مهرو نه رو......مهرو منهنجي اکين جي ٺار ڌيءَ..... نه رو
    “ پر بابا هاڻي روئان به نه ته ٻيو ڇا ڪريان ؟ مبو ته مون کي بيوفا ۽ بدڪار سمجھندو “ مهرو پلئه سان اکيون اگھندي چيو.
    “ نه پٽ،.... محب علي فقط بدگمان آهي..... هو توکي دل وجان سان پيار ڪري ٿو. معاملي کي هن حال تائين توهان ٻنهي جي اڻ ڄاڻائيءَ پهچايو آهي....... هن جو اندازو مون محب علي جي چيل تازن لفظن مان لڳايو آهي...... جي هو هينئر هت اچي چئي ويو هليو..... پانڌي خان چيو.
    “ بابا ...محب علي آيو هو ؟ مهرو اٻهرائيءَ مان پڇيو.
    “ ها پٽ..... تنهنجي سجاڳ ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ ويو هليو....... “ پانڌي خان چيو.
    “آئون خدا جا واسطا وجھانس ها..... بابا توهان ظلم ڪيو....مهرو وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
    پوڙهو ۽ مجبور پيءُ سندس مٿي تي هٿ رکي گھري ويچار ۾ گم ٿي ويو.


    تلاش

    ڪٿي وڃا ڪٿي ڏسان نه ڪي ٻڌئي آسمان
    نه خاڪ ۾ لي نشان ٿي ڪائنات جي زبان
    امنگ دلخراش آهه فراق تن تراش آهه
    خيال پاش پاش آهه تلاش ئي تلاش آهه
    ”گل“

    محب علي مائٽن دوستن ۽ مهروءَ کان موڪلائي رات جي اونداهي ۾ هنجون هاريندو پار ويو هليو.باقي رات پوين به اکين ۾ ڪاٽي.
    صبح جا سونهري ڪرڻا وڻن جي ساون پنن ۽ مهراڻ جي مٿاڇري کي زربفت جو لباس پهرائي رهيا هئا، ڀلوءَ جون اکيون اوجاڳي کان ڳاڙهيون ۽ منهن البت سڄيل پئي معلوم ٿيو. اداس چهرو کڻي اٿيو..... ٻاهر نڪتو ۽ ربن جي گھر طرف هلڻ لڳو. واٽ تي ربن به ملي ويس.... ڀلوءَ پنهنجي سچائي ۽ وفاداريءَ جو سر کڻي مڪر ۽ فريب جي قدمن ۾ جھڪايو......
    “ ربن مون کي معاف ڪر........ ڏس، آئون توکي منٿ ٿو ڪريان...... پنهنجي عزت يا جيئندان لاءِ نه..... پر مهروءَ ۽ محب عليءَ لاءِ ! هن ويچارن جي زندگي تباهه ٿي ويندي “ ڀلوءَ چيو.
    “ مون ڀلا ڇا ڪيو آهي ؟ وري ڪهڙو مڪر هلائي آيو آهين ؟ ربن هڪ قدم پوئتي هٽندي چيو.
    “ ربن آئون جھولي ٿو جھليان..... بيک ٿو پنان.........” ڀلوءَ ليلائيندي چيو.
    “ يا خدا جي واسطي هڪ دفعو مون سان گڏجي هل ۽ محب عليءَ جي اڳيان هي سڀ معاملو کولي رک...... ربن هنن ٻنهي معصوم دلين جو هيئن بيدرديءَ سان خون نه ڪر...... هنن کي بچاءِ “ ڀلوءَ چيو.
    “ مان نه هلندس.... مون کي پنهنجي عزت پياري آهي تون خود ڇو نٿو وڃين ؟..... ربن سان دشمني رکڻ جي همت ۽ سمجھه هئي پر هاڻي ويل عزت ورائڻ لاءِ آئون هلان،مان نه هلندس......” ربن ڪاوڙ مان چيو.
    “ ربن آئون هٿ ٿو ٻڌان...... مون تو سان اڳي به زنگ ڪونه ٿي رکيو..... مون سڀ ڪجھه محب علي لاءِ پئي ڪيو. هاڻي به انجي ئي ڀلائي ءَ لاءِ توکي ٿو ستايان،...... باقي مون کي تون ڀلي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏ آئون هڪ ٻڙڪ به نه ٻوليندس ؟ ڀلوءَ انتهائي عاجزيءَ سان چيو.
    “ ڀلو ائين توکي هن کان اڳ ڪرڻ گھربو هو. اهي لڙڪ توکي ان وقت ڳاڙڻ گھربا هئا...... جڏهن دڪ تي پرچاءُ ٿيو هو......... تنهن وقت مبوءَ ۽ تو صلاح ڪري مون کي ڏوهاري بنائي ڳوٺ ۾ بدنام ۽ خوار ڪيو.تڏهن نٿي مون کان معافي ورتئي...... هينئر ٿو چوين ته هل..... ڪنهن وٽ هلان ؟......... مبو ته رات وچ ۾ الاجي ڪيڏانهن ويو هليو...... ربن غرور سان چيو.
    ڀلو جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي..... وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. جنهن لاءِ ڪري، ربن جهڙي دشمن کي منٿون ڪيائين...... پيرين پيو....... سو ته ويو هليو. آخر ساڳي ديوانگيءَ واري حالت ۾ ربن کي اتيئي ڇڏي ويو هليو.
    منجھند جو وقت هو. سج پنهنجي تاب ۽ تيزيءَ سان جھر جھنگ بر بحر کي تپائي رهيو هو. ڀلو صبح جو گھران نڪتل اڃا واپس نه وريو..... سڄي رات پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ گذاري صبح ڪيائين ته وري هي نئون خفقان لڳس. تنهن ته ڄڻ چريو ڪري ڇڏيس. مال به اڄ جھنگ ۾ نه ويو. محب عليءَ کي ڳولڻ سان وس ڪري ڇڏيائين پر وڃڻ وارو هن کان گھڻو پري ويو هليو. ڀلو پار به ويو.... پتڻ، کڏ،جھنگ ڳوليندو بڙ هيٺ آيو. چند واٽهڙو بڙ جي ٿڌي ڇانو ۾ آرام ڪري رهيا هئا. ڀلو سهڪندو بڙ جي گھاٽن جھڳٽن ۾ ڳوليندو رهيو. هڪ طرف کان آواز آيو.
    “ڀلو پٽ ڇا پيو ڳولين “ مسافرن مان هڪ کنگھندي چيو.
    “ چاچا پانڌي توهان هن مهل ۽ هتي ؟ ڀلو تعجب سان چيو.
    “ پٽ ڳالهه ئي پڇ..... صبح جو نڪتل آهيان “ پانڌي خان چيو.
    “ ڇو...... ؟ پرئين ڳوٺ ويا هئا ڇا ؟ “ ڀلوءَ پڇيو.
    “ نه بابا............ هي مڙيو ئي قسمت رلايو آهي “ پانڌي خان مٿي تي هٿ رکندي چيو .
    “ چاچا سچ ٿا چئو...... هي رولا آهن ئي قسمت جا !” ڀلو چيو.
    “ ٻچا دعا ڪر ته هاڻي خدا پنهنجو ڪري........ شل مون وانگر پڇاڙي ڪنهن جي نه ٿئي...... الله تي ننگ آهي “ پانڌي ڏکاري لهجي ۾ چيو.
    “ چاچا خير ته آهي..... وري ڇا ٿيو ....؟ ڀلو پڇيو.
    “ پٽ دشمنن جون ته آهن پرور پڄايون........ اسان کي به ڪونه ڇڏيندو “ پانڌي خان چيو.
    “ پر چاچا خدا وند ڪريم وٽ ته انصاف آهي “ ڀلوءَ صداقت سان چيو.
    “ سچ ٿو چوين ڀلڻ...... اڄ ڪاڙهو به حد ڪريو ٻيٺو آهي “ پانڌي چيو.
    “ چاچا توهان ڪو مبو هت ڏٺو...... سويل مال ۾ هو، چيائين ته اچان ٿو..... اڃا تائين نه آيو آهي....... الاجي ڪاڏي ويو “ ڀلوءَ چيو.
    “ سويل مال ۾ هو..... چيائين ته اچان ٿو.....” ڇا پيو چوين ؟ هو ته راتوڪو نڪتل آهي...... مال ۾ وري ڪيئن هو...... مال ته ڳوٺ ٻڌو بيٺو آهي......... تون مون کان ٿو لڪائين..... ٻچا مون کي سڀ خبر آهي....... هي مصيبت سڀ ربن جي اٿاريل آهي..... نه ته ڇا آئون ههڙو بيمار ڪاڙها ۽ رولا ! هاءِ قسمت.... ان کان مهرو هجيئي نه ها ته نه دنيا جون ابتيون سبتيون ٻڌان ها ۽ نه هي ڏينهن ڏسان ها....صبح کان وٺي ته محب علي کي ڳوليو اٿم.خبر نه آهي ڪهڙي پاسي ويو. هاڻي وڃان ٿو گھر...... الاجي مهروءَ جو ڪهڙو حال هوندو ؟ ساري رات روئندي گذاريو اٿس........ يا الله پڇاڙيءَ جا دم سولا پڄاءِ....” پانڌي خان اٿڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    پانڌي خان ۽ ڀليڏنو اتان سڌو گھر آيا ،واٽ تي محمد ملاح به پتڻ کان ايندو ملين جنهن فقط ايترو ٻڌايو ته محب علي ته الاجي ڪهڙي پاسي ويو باقي خيري وارو بتيلو صبح جو همراهن پار بيٺل ڏٺو جنهن مان سمجھجي ٿو ته شايد محب علي شهر يا ان کان به پرئين ملڪ ويو هليو.
    مصيبت جي ماريل مهروءَ جو هاڻي دنيا ۾ ڇا ؟ ڪيترا ڀيرا هن کي به اهڙو احساس ٿيو. خيال ڪيائين ته سسئي وانگر پنهل جي تلاش ۾ نڪري وڃي. پر پوڙهي پيءُ جي خيال اچڻ سان مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ !...... ڪيترن ڏينهن جي انتظار ۽ دماغي ڀڃ گھڙ بعد هن پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ته محب علي ضرور پاڻ کي مهراڻ جي حوالي ڪيو آهي. هاڻي ته مهروءَ جو روزانه رات جو درياءِ تي وڃڻ ۽ محب علي جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ ته..... ڄڻ معمول ٿي ويو. آڌي رات جو مهراڻ جي سفيد و شفاف پاڻيءَ سان پنهنجي درد جا داستان اوريندي هئي........ بيخوديءَ ۾ اچيو لهرن ۽ ڇولين سان ڳالهيون ڪندي هئي...... انهن کي قاصد سڏي نياپا ڏيندي هئي..... سانوڻ جي ڪارن ڪڪرن بوندن ۽ کنوڻين ڏانهن هٿ کڻيو چوندي هئي..........

    سانوڻ جي مند آئي
    او پيارا
    سانوڻ جي مند آئي
    ساڳيا سانوڻ ساٿ سنواريا – وڄڙين ونگ وراڪا واريا،
    توکي ٿي دل سهڻا ساري – ڏينهن گذاريم هنجون هاري،
    جانب ڪاٽ جدائي
    پيارا
    سانوڻ جي مند آئي.
    گگن گجي ۽ بادل برسي – اک اڪنڊي تو لئه ترسي،
    ڪڪر ڪڪر کي نياپا ڏيئي – تو ڏي اماڻيم قاصد ڪيئي،
    وار ورڻ جي وائي
    پيارا
    سانوڻ جي مند آئي
    مينهن هرجا مرڪون لايون – هرڪو خوش آ عيدون آيون،
    سڀني کي مند محب ملايو – منهنجو يار اڃا به نه آيو
    مون وٽ عيد نه آئي
    پيارا
    سانوڻ جي مند آئي.
    کنوڻ عجب آ موج مچائي – لڪ ڇپ وهه جي راند رچائي،
    ڪانگ لنوي ۽ تتر تنواري – سوڻ سڀاڳا سائين سنواري
    آس اڃا نه مون لاٿي
    پيارا
    سانوڻ جي مند آئي.
    رس ۾ رساڻو گھوريو هاڻي – سولا توکي اوري آئي،
    ڦڙ ڦڙ سان گڏ منهنجون اکيون – رات جبل جي ساري وسيون
    توکي نه ڪل ڪائي
    پيارا
    سانوڻ جي مند آئي
    ميٽي منهنجو جرم هلي آ – توکي تنهنجو قسم هلي آ
    گھايل دل جا راڳ او ساٿي توکي سارين ماڳ او ساٿي
    جن تي ٻڌيسون ڊائي
    پيارا
    سانوڻ جي مند آئي
    توکي ساريو روز ڳران ٿي – موٽ مٺا من محب مران ٿي،
    توکان سوا ٻيو ڪير آ منهنجو – ڪنهن کي ٻڌايان حال هي منهنجو
    جوشن جان جلائي
    پيارا
    سانوڻ جي مند آئي
    سانوڻ جي مند آئي.

    ساري ساري رات اهڙين آهن ۽ آلاپن ڪندي گذريندي هئي. رات ختم ٿيو ويندي هئي پر دل جا ارمان، نه ختم ٿيڻ وارا هئا نه ٿيا، پيرسن پيءُ کي ستل ڏسي هن جا ستل سور جاڳي پوندا هئا. جڏهن به خيال ايندو هوس ته ڇو نه آئون به پاڻ کي انهن موجن جي حوالي ڪري ڇڏيان جن ۾ محب علي آراميل آهي. تڏهن اها ساڳي سفيد سونهاري ۽ پيريءَ جي گھنجن پيل لڙڪن سان آلي صورت التجائن سميت اکين اڳيان ڦري ايندي هيس..... سندس پوڙهو پيءُ ڄڻ چوڻ لڳندو هو......... مهرو توکان سواءِ ڀلا ڪير اٿم جنهنجي سهاري ڇڏيو ٿي وڃين...... ڪير راتين جو زور ڏيندم...... ڪير منهنجي هيڏي خدمت ڪندو...... ڪير مون کي بابا چوندو...... مهرو پنهنجي بد نصيب پيءُ کي دنيا جي مشڪلاتن ۾ هيئن اڪيلو ڇڏي نه وڃ..... نه وڃ..... ڏس، توکي منٿ ٿو ڪريان....ڏس، هن چتين پيل جھوليءَ ۾ ڪيتريون اميدون ڪيتريون التجائون ڦٿڪي رهيون آهن......
    مهرو ! توکان پوءِ به تنهنجو هي بد نصيب پيءُ جيئرو ضرور هوندو، پر ان کان مري وڃي ته بهتر،مايوس نه ٿي....... الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿي...... محب علي زنده آهي ايندو ۽ ضرور ايندو..... “ مهرو ڀلا جي هو آيو ته ان کي ڪهڙي منهن سان ٻڌايان ته مهرو....” مهرو اهڙا خيال پچائيندي بعضي رويو پوندي هئي.
    محب علي کي ڳوٺ مان وئي ڇهه مهينا گذري ويا. ٻن ٽن ڏينهن کان اڌ رات جو ڀلو بينسريءَ جا آلاپ بلڪل پرئين مفاصلي تان ٻڌندو هو. ساڳيا الاپ..... ساڳيون ڌنون، جيڪي هو ست سال لڳاتار ٻڌي چڪو هو. اول هن کي اهو شڪ يا يقين هو ته محب علي ضرور خود ڪشي ڪئي آهي پر هاڻي اميد جي سنهڙي چڻنگ هن جي دل ۾ دکڻ لڳي. هڪ ڀيرو ته آلاپن ٻڌندي اٿيو...... پار وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين مگر اڃا وچ درياهه ۾ ئي هو ته بينسري جا سر بند ٿي ويا ۽ وڃڻ وارو ويو هليو. ڀلو وري به ساڳيون حسرتون کڻي واپس گھر آيو. نه رڳو ڀلو انهن آلاپن تي تڙپي اٿندو هو مگر هڪ ٻي به دل هئي جنهن جي اکين جي ننڊ ۽ دل جو قرار انهن بينسريءَ جي جھيڻن آلاپن کسي ورتو هو. مهرو خيال ڪندي هئي ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن اهو محب علي هجي ! پر اهو گمان هن جي يقين تي ڪڏهن به حاوي ٿي نه سگھيو. ها- ايترو سو ضرور ٿيو جو رات جو جڏهن سمهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، تڏهن اهي دلسوز آواز سندس ننڊ جا دشمن بنجي ويندا هئا. اکين لاءِ پٿر،......... دل لاءِ تير........ جسم لاءِ ڏنڀ.....۽ ذهن لاءِ هڪ زبردست طوفان بنجي ايندا هئا، ۽ هي وري به محب علي جي ياد ۾ گم ٿيو ويندي هئي.

    نه سا شاخ نشيمن آ نه آ سو گلستان باقي
    فقط موهوم جيئن دل آ ياد آشيان باقي
    “ طالب مولى “

    آخر ڀليڏني هن راز کي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ رات پتڻ تي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. چنڊ جون پويون تاريخون هيون، رات جي تاريخي قدرت جي هر رنگينيءَ کي پنهنجي،مهيب آغوش ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ڀلوءَ جون منتظر ۽ اميدوار اکيون اهڙي اونداهيءَ ۾ به ڪنهن کي تلاش ڪنديون رهيون. هن جا ڪن هن خاموشي ۾ ڪن آلاپن ٻڌڻ لاءِ خاموش هئا. رات اڌ کان زياده گذري چڪي هئي. پاران ساڳيا سريلا آلاپ شڪايت بنجي فضا ۾ پکڙڻ لڳا. ڀلو ٽپ ڏيئي اٿيو. هزار اميدون کڻي بتيلي کي ڊوڙائيندو پار پهتو...... پر هنکي ڪهڙي خبر ته اهي اميدون فقط چند گھڙين جون مهمان هيون..... ڀلو هاڻي آواز جي بلڪل قريب پهچي ويو..... پر اتي جوان،سڊول،جسم، خوش مزاج محب علي جي بدران پوڙهي فقير کي ڏسي مايوسيءَ جي عالم ۾ گم ٿي ويو. فقير جي سفيد سونهاري رستي جي گرد لڳڻ سبب البت ميرانجھڙي ٿي معلوم ٿي. ڪنٺي جا اڇا داڻا ۽ پتل جي بينسري ئي اهڙيون شيون هيون. جي رات جي اوندهه ۾ صاف صاف نظر ٿي آيون. باقي شڪل...... نڪ نقشو هڪ اڳيئي ويل ٻيو ڪاري ڪفنيءَ ۾ جھڙو ديو ٿي ڀانئيو. فقير بينسري ءَ جي ڌن ۾ محو هو ۽ ڀلو به ٻه قدم پاسيرو ٿي بيهي رهيو. اوچتو آلاپن جي بارش ختم ٿي فقير هڪ درد ڀري آهه فضا جي حوالي ڪري ڇڏي. ڀلو به موقعو ڏسي وڃي اڳيان بيٺس. فقير کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو.....۽ چيائين “ سلامت هجين ٻچا “.
    “ فقير سائين ! هڪ عرض ڪرڻو اٿم “ ڀلوءَ هٿ ٻڌندي چيو.
    “ فقيرن جو دنيا جي ڳالهين ۾ ڇا ؟....... وڃي سک ٿي........ فقير نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    “ فقير صاحب توهان بزرگ آهيو..... مون کي.....” ڀلوءَ عاجزيءَ سان چيو.
    “ بزرگ ! اڄ ڪلهه بزرگ اهو آهي جو گناهه گھڻا ڪري.....” فقير ٻئي طرف نهاريندي چيو.
    “ سائين..... آئون دنيا جو ڌڪاريل آهيان.........” ڀلوءَ چيو.
    “ وڏو خوش نصيب آهين....... تو تان دوزخ جي باهه معاف آهي “ فقير وراڻيو.
    “ سائين هٿ ٿو ٻڌان....... مون کي راهه ڏسيو “ ڀلوءَ منٿ سان چيو.
    “ ڇا وري به ساڳي دنيا ۾ وڃڻ ٿو چاهين ؟” فقير وري پوئتي نهاريندي چيو.
    “ فقير صاحب توهان کي خدا جو واسطو.....” ڀلوءَ چيو.
    “ بس ڪر مڪار..... شخصي غرض لاءِ خدا جو واسطو ٿو وجھين ؟ ڪيڏانهن ويئي تنهنجي همت ۽ مردانگي جنهن کان پٿر به پاڻي ٿي وڃن “ فقير ڪاوڙ مان اڳتي هلندي چيو.
    “ سائين ! اها طاقت هاڻي هنن ڪمزور بازن ۾ نه آهي “ ڀلوءَ وراڻيو
    “ ته انسان سڏائڻ جو حقدار نه آهين....ڇوڪرا، تو جھڙن لاءِ هاڻي مهراڻ جو پاتار ئي ڪافي آهي..... وڃ.....۽ وڃي اتان انسانيت ۽ انجي ابدي طاقت جا موتي ميڙ....” فقير تحڪمانه انداز سان چيو.
    “سائين نا اميد نه ڇڏيو “ ڀلوءَ چيو.
    “ مبجور نه ڪر،...... نادان ڇوڪرا....” فقير قدم کي تيز ڪندي چيو.
    “ سائين – فيض جو سائل آهيان....” ڀلوءَ منٿ سان چيو.
    “بيان ڪر.... ضدي ڇوڪرا....” فقير هڪ هنڌ بيهندي چيو.
    “ ڇهن مهينن کان هڪ پيارو دوست جدا ٿي ويو اٿم...... ان جي ڳولا ۾ آهيان....” ڀلوءَ ڏکاري لهجي ۾ چيو.
    “ فقير هميشه غيب جا ڄاڻو نه..... بلڪ عيب جا ڄاڻو هوندا آهن....” فقير وراڻيو.
    “سائين....” ڀلوءَ تعجب مان چيو.
    “ وڌيڪ تنگ نه ڪر...... وري نه اچج.....” فقير ڊگھا قدم ڀريندو هڪ طرف غائب ٿي ويو ۽ ڀليڏنو واپس موٽي پنهنجي گھر پهتو.


    فقير

    از خود اچان ٿو ڪين ڪي آڻي ٿي بيخودي
    بيتاب ٿين ٿا دل جا جو ارمان ڪڏهن ڪڏهن،
    دل کانسواءِ ڪيئن حياتي گذاربي،
    هي غم ڪري ٿو مون پريشان ڪڏهن ڪڏهن.
    ”گل“

    محب علي کي ڳوٺان نڪتي پورو سال ٿي ويو. شعبان جي عيد وري آئي. ڳوٺ جي گھر گھر ۾ موم بتين ۽ ٺڪر جي ڏيئن جھر مر لائي ڏني. ننڍو وڏو خوش.... مگر مهرو عيد جي رات به اداس ئي رهي . هوءَ پنهنجي تقدير جي آسمان تي اميدن جو وڃايل چنڊ ڳولي ٿڪجي نا اميد ٿي ويهي رهي. نه چنڊ ڏٺو..... ۽ نه عيد آئي.
    “ سي ڪيئڻ کلن ۽ خوش ٿين جڙ جان ۾ جن کي لڳي “
    دڪ تي ٻارن دارون ساڙي، ڦٽاڪا ٻاري ۽ وڏن ڪچهري ڪري رات گذاري ۽ مهروءَ سڄي رات نيڻ ٽمائيندي وهائي.
    شمع ٻرندي ته فقط رات جون ڪي چند گھڙيون
    مگر مون جان ڪو جلي عمر گذاري ته سهي.
    “گل “

    سياري جا پويان ڏينهن هئا..... مانگھه جون رهيون پئي پيون. ملاح اهڙي حال ۾ به گوڏ ۽ گنجيءَ سان پيا هلندا هئا. مهرو ماميءَ جي گھر به وڃڻ بند ڪري ڇڏيو. جنهن لاءِ ويندي هئي سو نه هو ته وڃڻ ئي بيڪار هو.
    هڪ ڏينهن آسمان ڪڪرن کان صاف هو. منجھند جي وقت پانڌي خان پنهنجي گھر هڪ تڪيادار منجيءَ تي ٽيڪ ڏيو حقو ڇڪي رهيو هو. مهرو سامهون ٻيءَ منجيءَ تي ويٺي هئي. ٻاهر ڪتن جو ڊوڙون ۽ ڀونڪاٽ پئي پيا. ڪتن جو هي هنگامون جيئن پوءِ تيئن ويجھو ٿيندو ويو. قريباً سڄي ڳوٺ جا ڪتا مڙي چڪا هئا.
    “ بابا...... ڪتا اڄ ڇو ايترو پيا بهن ؟” مهرو پڇيو.
    “ پٽ ڪتن کي ٻيو ڪم ڪهڙو آهي....؟ هوندا وڙهيا پاڻ ۾...... ڪتي جي ذات جو آهي “ پانڌي خان وراڻيو.
    “ نه بابا، وڙهڻ وانگر ته ڀونڪن ئي ڪونه ٿا..... شايد ڪير آهي “ مهرو چيو.
    “ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڀلا ڪير اهڙو نئون آهي جنهن سان....هوندو ڪو ٻيو ڪتو آيو “ پانڌي خان جواب ڏنو.
    “ پر بابا، هي ائين ڪن ڇو ٿا ؟ ڌارين ڪتن سان وڙهن ڇو ٿا ؟ مهروءَ چيو.
    “ پٽ، اهو ته قاعدو آهي..... انسان به خود نئين ماڻهوءَ سان هڪدم رلي ملي نه ويندو آهي . هي ته ڪتا آهن “ پانڌي خان چيو
    ڪتن جا بهاٽ بدستور جاري رهيا. پري کان هڪ ڪڙڪيدار ڪتي جو آواز ويجھو ايندو ٻڌڻ ۾ آيو. جيئن ئي اهو ڪتو ويجھو آيو. تيئن هڪ انساني دانهن ٻڌڻ ۾ آئي،
    “ هي ڇا........! مهرو تو ٻڌو ؟” پانڌي خان دونهون وات مان ڪڍندي چيو.
    “ ها بابا...شايد ڪو ماڻهو آهي “ مهروءَ چيو.
    پانڌي خان حقو ڇڏي اٿي ٻاهر ويو........ هڪ پيرسن فقير ڪاري ڪفنيءَ ۾ ڍڪيل، ڪتن جي ميڙ ۾ پيو هو..... هڪ وڏو ڪتو سندس ٽنگ ۾ چڪ هنيو ڇڪي رهيو هو. پانڌي خان کي ڏسي سڀ ڪتا ٽڙي پکڙي ويا ۽ فقير جھيڻي آواز ۾ ڪنجھڻ شروع ڪيو.
    “ فقير سائين ! ڪتن نڀاڳن ڏاڍو تنگ ڪيو اٿو “ پانڌي خان فقير کي اٿڻ لاءِ سهاري ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    “ سائين..... الله اجر ڏيندو..... فڪر ڪونهي “ فقير اٿندي چيو.
    “ ڳوٺن جا ڪتا آهن پنهنجن تي هريل..... ڌاريو ڪو ڏسن ته شينهن ٿيو وڃن “ پانڌي خان چيو.
    “ بچين..... ڪتن تي ڪهڙو ڀروسو .اسين هجون پنهنجا ته سڃاڻن !” فقير ڳوٿري ڇنڊيندي چيو.
    “ سچ آهي فقير..... ڪتي جي ذات جي پتي ! پانڌي خان چيو.
    “ حاڪم..... الله ڀلو ڪريئي..... اڄ انسان تي به ويساهه نه ڪجي !” فقير ساهه کڻندي چيو.
    برحق.......درويشي “ پانڌي خان چيو.
    ٿورو وقت خاموشي رهي – پانڌي خان ٿوري سوالي جوابي کان پوءِ فقير کي چند ڏينهن پنهنجي اوطاق تي رهڻ لاءِ آماده ڪيو. هاڻي هي ٻئي اوطاق جي طرف هلڻ لڳا.
    “ فقير سائين ڪهڙن پٽن جا آهيو “ پانڌي خان اوطاق جو ڏاڪائون دروازو کوليندي پيو.
    “ بچپن....فقيرن جا ڪهڙا ماڳ ؟ تقدير جو تڙياسون ته ڄڻ دنيا ئي ڌڪاري ڇڏياسون..... هاڻي آهيون ڪتن جو کاڄ “ فقير اداس لهجي سان چيو. پانڌي خان فقير کي اوطاق تي وهاري گھر آيو. “ بابا....ڇا هو ؟” مهروءَ اٻهرائيءَ سان چيو.
    “ پٽ آهي ڪو درويش.... ويچاري کي ڪتي نيش به ڏاڍو هنيو آهي....” پانڌي خان چيو.
    “ پوءِ ... بابا ويو هليو ؟ ماني ٽڪر ڏيونس ها ! جنهن لاءِ ويچاري هيتري تڪليف ورتي هئي ؟ مهروءَ قياس سان چيو
    “ پٽ الله سائين ءَ آخر ته اکيون ڏنيون آهن...... في الحال ته اوطاق تي وهاريو اٿمانس...... هي نم جا پن وٺ لپري ٺاهه ته کڻي وڃان ۽ ماني به ڏجان......” پانڌي خان چيو.
    ڳچ ڏينهن پانڌي خان فقير کي پنهنجي اوطاق تي ترسايو ڳوٺ جا ملاح، ڏينهن جي واندڪائي وقت پانڌي خان جي اوطاق تي به ايندا هئا. هاڻي ته فقير جي عجيب ڳالهين پيچيده نڪتن ۽ خوش مزاجي سان آهستي آهستي مانوس ٿيندا ويا. فقير به مهل سر اهڙا ٻول ٻڌائيندو هو، جي هر هڪ شخص جي دل وٽان معلوم ٿيندا هئا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ اهڙا ته ٺهي ويا جو جيئن رات جو دڪ تي ڪچهري لاءِ ويندا هئا تيئن منجھند جو پانڌي خان جي اوطاق تي فقير جي رهاڻ لاءِ ايندا هئا. ڳوٺ جو ننڍو خواه وڏو هن کي “ فقير سائين “ چوندو هو. ڀلو ته جھڙو مريد ٿي ويس. صبح جو کانئس دعا وٺي پوءَ مال ۾ ويندو هو،۽ شام جو مال مان واپس ٿيندي سڌو سلام تي ايندو هو. ڳوٺ جون عورتون به تعويذ ڦيڻي لاءِ اينديون رهنديون هيون. مهرو به هڪ ڀيرو شانوءَ سان گڏجي هٿ ڏيکارڻ لاءِ آئي. هي ته سڀني کي سڃاڻندو هو. هر شخص کي هٿ ڏسڻ ته ڇا، پريان منهن ڏسڻ شرط دل جي حقيقت ٻڌائي سگھندو هو. اهائي هڪ وڏي ڪرامت هئي ، جنهن فقير کي هن ڳوٺ ۾ اهڙو مقبول ڪيو. هاڻي ته ڳوٺ جا ڪتا به هن جا پير سونگھيندا هئا. رات جو ڪڏهن ڪڏهن درياءَ تي وڃي بينسريءَ سان دل وندرائيندو هو. اهڙي طرح هن کي ڳوٺ ۾ مهينو کن گذري ويو.
    هڪ ڏينهن صبح جو پانڌي خان نيرن جي ماني کڻي آيو. فقير کائڻ کي لڳي ويو. زماني جون ڳالهيون به هلنديون رهيون. ماني کان فارغ ٿي فقير وڃڻ جون وايون ڪيون.
    “ سائين هاڻي فقير کي اجازت ته پئون پنڌ........” فقير چيو.
    “ ڇو فقير صاحب....... اڃا ته........ “ پانڌي خان ٽنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    “ مڙئي خير آهي....ڦٽ ۾ هاڻي ايذاءُ ڪونهي ...فقيرن سان اهڙا حادثا هر ڳوٺ ۾ ٿيندا اهن “ فقير چيو.
    “ هينئر ڀلا ويٺي ويٺي ڪهڙي ڳالهه ياد آيوَ “ پانڌي خان مرڪندي چيو.
    “ يادگيري وري ڇا جي..... هيءَ ته فقيرن جي عادت آهي “ فقير وراڻيو. “ ڀلا فقير صاحب،در در ڦرڻ مان ڇا ٿو وري ؟ پانڌي خان پڇيو.
    “ الله سڻائي ڪريئي....مڙيوئي پيٽ گذران.......صدا هڻون تڏهن ساهه کڻون “ فقير وراڻيو.
    “ بس نه ؟...... پر جي پيٽ گذران هڪ ئي هنڌان پيو ٿئي ته پوءِ ؟” پانڌي خان چيو. “ حاڪم....مشڪل آهي ڪيترا ڏينهن ڪير کارائيندو ؟” فقير ڏکاري لهجي سان چيو.
    “ جنهن کي ايمان ڏيندو...... منهنجي ته مرضي آهي ته هاڻي هڪ هنڌ ويهي آرام ڪريو........ سٺ ستر کي پهچي ويا هوندا ؟” پانڌي خان سواليه انداز سان چيو. مطلب ته پانڌي خان جيئن تيئن ڪري هڪ ٻه ڏينهن ترسڻ لاءِ فقير کي آماده ڪيو. رات جو ڪچهريءَ ۾ به اهڙي ڳالهه ارادتا کوليائين. سڀني جي صلاح بيٺي ته فقير کي گڏجي هت رهڻ لاءِ چئجي...... پوءِ به جڏهن وڃڻ تي شدت ڪيائين ته پوءِ مرضيءَ جو مالڪ آهي. ٻئي ڏينهن ملاحن جو ٽولو صبح جي پهر فقير کي ڳوٺ ۾ هميشه رهڻ جي دعوت ڏيڻ ويو. بهرحال فقير راضي ٿي ويو. چار پنج ڏينهن اوطاق تي گذاري پوءِ وڃي ڳوٺ جي ڏاکڻين تڪ ۾ هڪ جھوپڙيءَ ۾ رهيو. ماني وغيره پانڌي خان جي گھران ايندي هيس. ڳوٺ جي مردن خواه عورتن جو منجھس ڪافي اعتقاد هو. ايتري قدر جو سودي سٽي يا برادريءَ جي ڏوهه ڏنڊ جا فيصلا به هاڻي هن جي فقيراڻي ڪکائين جھوپڙيءَ ۾ نبيريندا هئا. ربن به صبح شام هن وٽ ايندو هو. ڪجھه دل جي خيال کان ۽ ڪجھه هن ڪري ته ڳوٺ ۾ عزت ٿئيس....... اهڙي طرح سان اڄ ۽ اڄ مان ڪالهه ٿيندي ويئي..... ۽ ڪي ڏينهن خدا جا ائين به گذريا.
    چانڊوڪي رات هئي. فقير بينسري سميت درياءَ جي دلفريب ساحل تي ڪنهن گھري سوچ ۾ ويٺو هو. درياءُ جو زربفتي سطح چانڊاڻ ۾ جھر ڪيو پئي. فقير جي نگاهه انهيءَ جھرڪندڙ سطح تي ۽ خيال آسمان جي بلندين تي هو. پاسي کان ڪنهن جي لنگھڻ جو آواز ڪن تي پيس. هلڪي ڇرڪ سان آواز طرف توجھه ڪيائين. ٻيو لنگھندڙ شخص..... مهرو هئي. جا دستور مطابق درياءُ شاهه دادلي سان هنئين جا سور اورڻ آئي هئي.
    “ فقير سائين. توهان هتي.....! مهروءَ تعجب مان پڇيو.
    “ هائو..... ڪڏهن ڪڏهن اچي نڪربو آهي “ فقير جواب ڏنو.
    “ سائين توهان..... توهان بينسري ته ڏاڍي سٺي وڄائيندا آهيو.ڇا روزانه هتي اچي وڄائيندا آهيو ؟” مهروءَ پڇيو.
    “ ها، ڪجھه ڪجھه دل وندرائبي به آهي. هتي به روزانه نه، ٻي ٽيءَ رات جو ايندو آهيان....” فقير درياهه جي سطح ۾ نهاريندي چيو.
    “ توهان رات جو هميشه جاڳندا آهيو..... ۽ ڏينهن جو به ننڊ نه ڪندا آهيو..... بنا آرام جي ڪيئن ٿا گذاريو !” مهروءَ تعجب مان پڇيو. “ فقير ۽ آرام !! هي ته کوڙوئي نٿو لڳي.... فقيرن جي زندگي توهان ماڻهن کان گھڻو مختلف آهي.... ڇوڪري ! اسان کي آهن قدرت جا رنگ ڏسڻا...... پرورڻا....سندس ساراهه ڪرڻي..... آرام ۽ عيش سان اسان جو نيپاج ئي نه ٿيندو آهي.....” فقير ڏکاري لهجي ۾ چيو.
    “ فقير سائين توهان جي به عجيب زندگي آهي “ مهروءَ تعجب ۽ ڏک گاڏئين لهجي ۾ چيو.
    “ ڇو ٿي خانه بدوش فقيرن سان ايتري دلچسپي رکين ؟ وڃي سکي ٿي..... نازن سان نپايل مکڙيون به جيڪڏهن ڪوماڻل گلن جو ارمان دل تي رکنديون ته ڇا ٿيندو....... سندن پر بهار زندگي رک جو ڍير بنجي ويندي....۽ نيون مشڪندڙ مکڙيون جلد ئي مرجھائجي اچي پٽ تي ڪرنديون “ ٿورو وقت خاموشي رهي...... مهروءَ جي اکين ۾ الاجي ڇو پاڻي تري آيو.
    “ تون هتي ڪيئن آئينءَ “ فقير پڇيو.
    “ فقير سائين، هن دردن ماريءَ دل به ڪڏهن هڪ انسان سان پيار ڪيو هو...... سائين، زماني جي ارهه زوراين ۽ منهنجي غلطيءَ سببب... هن مصيبت زده مهروءَ جو محب.... هميشه جا آسرا لاهي مون کي هنن ظالم ڪتن جي حوالي ڪري پاڻ وڃي مهراڻ جي هنن موجن ۾ آرامي ٿيو. فقير سائين، هن کي ڪهڙي خبر ته کانئس پوءِ ڪهڙا ڪهڙا پهاڙ ڪرندا..... مهروءَ جذبات جي شدت کان منهن تي هٿ ڏيئي روئندي ر هي “ فقير شس وپنج ۾ پئجي ويو.

    اي زمانا ظلم وارا دور کان توکي سلام،
    بند ڪر پنهنجا نظارا دور کان توکي سلام.
    “ رشيد “

    فقير محويت جي عالم ۾ مٿيون شعر پڙهيو.مهرو بدستور روئندي واپس ڳوٺ ويئي هلي.
    شام جو وقت هو. فقير پنهنجيءَ جھوپڙيءَ ۾ هڪ ريشمي ڌاڳي ۾ ڪنٺي جا مڻيا پوئي رهيو هو. ربن پتڻ تان ورندو سڌو فقير وٽ آيو. “ فقير سائين سلام......” ربن چيو.
    “ خوش هجين ٻچا...... “ فقير ڪنڌ مٿي کڻندي وراڻيو.
    “ فقير سائين ڪجھه پڇڻو اٿم...... “ ربن پٽ تي وهندي چيو.
    “ چئو...... منهنجو خيال ايڏانهن آهي “ فقير چيو.
    “ فقير سائين ٻن ٽن ڏينهن کان منهنجي دل تمام خوش آهي. پر ڪنهن ڪنهن وقت ان ٽپا ڏيندڙ دل ۾ غم جي البت لهر ڊوڙندي محسوس ڪريان ٿو. الاجي ڇو ؟ “ ربن دل جو حال ٻڌائيندي چيو.
    “ بس بس اسان سمجھيو....ٻڌ، يا ته تنهنجي خوشي قدرت جي قانون خلاف آهي ...... يا ان ۾ ڪو انسان ضرور رنج آهي “ فقير ڪنڌ مٿي ڪندي چيو.
    “ فقير سائين آئون ڏاڍو گنهگار آهيان مون ڪيترن خدا جي بندن کي تنگ ڪيو آهي. ڪيترن واٽهڙن کي رنجايو آهي..... منهنجو هڪ وڏو گناهه هي به آهي ته....( ربن، محب عليءَ جي ڳوٺ ۾ اچڻ کان وٺي وري وڃڻ تائين وارو سمورو عرصو ۽ ان ۾ پنهنجي ادا ڪيل پارٽ بابت سڀ رام ڪهاڻي ڪري ٻڌائي....) سائين، ٽي چار ڏينهن ٿيندا ويچاري پوڙهي پانڌي خان محب عليءَ کان نا اميد ٿي،..... ٻيا دنيا جا سڀ بند ڏسي مهروءَ جي شادي مون سان ڪرڻ لاءِ “ ها “ ڪئي. فقير سائين توهان جي ڳالهه مون کي سورهن ئي آنا دل سان لڳي ٿي...... مون هن کان اڳ جو ڪجھه ڪيو سو سڀ پنهنجي خوشي لاءِ.... هن فريب ۽ عياريءَ ۾ يقيناً نه قدرت راضي آهي نه ڪو بندو خوش !......هاڻي مون کي به ڪنهن وقت اهڙو خيال ايندو آهي ته هيءَ خوشي اها خوشي ته نه آهي جنهن کي سچي يا قدرتي خوشي چئجي..... جنهن حسين هوائي محلات جي ٺاٺ ۽ ٺاهه تي ڀنڀلجي هي سڄو رنگ رچايم...... تنهن کي وڃڻ سان جو ڏٺم ته محلات نه پر منهنجن گندن خيالن جي پردي تي شيطان جو چٽيل هڪ نقش معلوم ٿيو...... هن مچايل مچ ۾ ٽن انسانن جون زندگيون لڳاتار تباهه ڪري جنهن روح افزا نسخي تيار ڪرڻ جي اميد هيم...... تنهن جي جاءِ تي هڪ دل آزار زهر تيار ٿي پيو......... هميشه جي خوشيءَ جي عوض هڪ دلخراش درد پلئه پيو..... من مهڻي مهروءَ سان ملاقي ٿيڻ کان اڳ وهمن جي هڪ دهشتناڪ ديو سان دوچار ٿيڻو پيو..... فقير سائين توهان پهتل آهيو....... منهنجي واهر ڪريو...... مون اڳتي لاءِ توبهه ڪئي..........” ربن عقيدتمندانه انداز سان ٻئي آڱريون پهرين زمين تي رکي پوءِ زبان تائين آڻي کڻي ڪنن ۾ اٽڪايون.
    “ٻچا،دل هميشه صاف رک ته سڀ سهنج !” فقير همدرديءَ سان چيو ۽ جھوپڙيءَ جي چئني ڀتين اندر وري خاموشي ڇائنجي ويئي.


    صياد

    خزان صياد ۽ گلچين پکيڙي ڄار سازش جي
    چمن جي ذري ذري تان مٽايو آ نشان منهنجو
    ڪنڊن جي اوٽ ۾ ڪک پن ڪري ٺاهم نشيمن پر
    گلن جي عشق ۾ مالهيءُ جلايو آشيان منهنجو
    ”گل“

    رات جو وقت هو. پانڌي خان اڄ دڪ تي ڪونه ويو هو. پيءُ ڌيءَ الڳ الڳ کٽن تي ليٽيا پيا هئا.مهرو ءَ خاموشي ٽوڙيندي پڇيو.” بابا مبوءَ جي خبر پيئي “
    “ نه پٽ ويا ڪڏهن ڪي ورندا ؟” پانڌي خان تارن ۾ گھوريندي وراڻيو.
    “ بابا.....مبو جيڪڏهن زنده آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ايندو...... ڀلا جي ويو مري ته اها آس اٿم ته شل خدا مون کي ماري ان سان ملائي “ مهروءَ چيو
    “ مهرو تون منهنجي اکين جو آسانند آهين... پنهنجي مجبور ۽ بي سهاري پيءَ جي زخمن تي مرچ نه ڇٽ....... پوءِ مون کي خود خبر آهي ته محب عليءَ جو توسان ڪيترو پيار هو.پر جڏهن هن کي اهو يقين ٿي چڪو آهي ته تون هن سان سچي نه آهين.تڏهن هن جو دنيا ۾ ڇا ؟ ضرور هن پاڻکي ماري ڇڏيو هوندو ! يا گھٽ ۾ گھٽ اهڙي هنڌ ويو هوندو جتان وري موٽڻ مشڪل اٿس “ پانڌي خان حقي ۾ منهن لڳائيندي چيو.
    “ ته بابا.... مون کي به سندس انتظار ۾ زندگي گذارڻي پوندي “ مهروءَ چيو.
    “ ڪالهه چاچهين جمال به.....” پانڌي خان چيو.
    “ بابا مون کي شانوءَ ٻڌايو آهي ته ڪهڙو آب وٺڻ آيو هو “ مهروءَ پيءُ جي ڳالهه ڪپيندي چيو.
    “ مهرو هي ته دنيا جو دستور آهي.....پٽ “ پانڌي خان چيو.
    “ بابا منهنجو نڪو دنيا سان ڪم نه ڪو دنيا وارن سان واسطو “ مهروءَ وراڻيو.
    “ بابلا..... ڪجھه ڌيرج ڌار ! دنيا ڇا سمجھندي ؟” پانڌي خان پدرانه شفقت سان چيو.
    “ دنيا کي سمجھائبو ته مهرو مري ويئي ! مهروءَ جواب ڏنو.
    “ بي سمجھه ۽ بي وفا محب علي جي ڏک ۾..... ؟ “ پانڌي خان قدري طنز سان چيو.
    “بابا ...محب علي نه بي سمجھه هو ۽ نه بيوفا ! بي سمجھه آئون هيس ۽ بي وفا زمانو !” مهروءَ وراڻيو “ مهرو تون ڀانئين ته آئون جيئري جلايو وڃان.... هن ئي ڏاڙهيءَ کي پڇاڙي ءَ ۾ ڪارٺ جو داغ هڻي وڃان...... “.پانڌي خان چيو.
    “بابا ڪهڙي مجبور ڌيءَ مائٽن جا اهي لفظ نه ٻڌا هوندا ؟ڪهڙي مون جھڙي ڇوڪريءَ مائٽن سان هن حد تي انڪار ڪيو آهي”.مهرو ڏک ۽ ڏوراپي وچان چيو.
    ڪجھه وقت خاموش رهي.
    “ بابا......، توهان مون تي پنهنجي بي عزتيءَ جو الزام ٿا لڳايو پر آئون توهان تي ڪهڙو الزام لڳايان جو مون کي بي گناهه اهڙي جي حوالي ٿا ڪريو..... جنهن مون کي هئن برباد ڪيو.....رلايو....جلايو “ مهروءَ قدري ترش ٿيندي چيو.
    ” ٻچا مون سڀ ڪجھه سمجھيو آهي پر مجبوري مون کي هن قدم کڻڻ تي آماده ڪيو. فرض ڪر سڀاڻي منهنجا سو ورهيه پورا ٿين ته پوءَ تنهنجو ڪير آهي پوئتي ؟ مون هنن سان واعدو ڪيو آهي..... فقط تنهنجي فرمانبرداريءَ جي ڀروسي تي “ پانڌي خان چيو
    مهرو فقط روئي رهي هئي ۽ پانڌي خان فضا خاموشي ڏسي اطمينان جو ساهه کنيو ڇاڪاڻ ته هن اڄ سماج جي پهتل پير اڳيان هڪ وڏي ڦنڊر ليٽائي آهي .
    مهرو پاسا ورائيندي خيالي ڀڃ گھڙ ڪندي رهي. هن هڪ طرف ربن ۽ ٻئي طرف محب علي بيٺل هئا. هن کي هاڻي ٻنهي مان هڪ جي آغوش ۾ وڃڻو هو.هڪ طرف عيش ۽ آرام وارو گرم گرم آغوش ۽ ٻئي طرف فراق ۽ انتظار....... ياس و حرمان جو خاردار آغوش هو. مهروءَ کي پنهنجي مستقبل لاءِ ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي پسند ڪرڻو هو.......اچانڪ مهروءَ جي اداس چهري تي سرخي تري آئي..... خيالن خيالن ۾ هن ربن ڏانهن نهاري مشڪي ڏنو....... خيالن جي دنيا هن نظاري تي ختم ٿي ويئي.
    اڄ مهروءَ کي سڄي رات تخيل جي زبردست طوفان سان مقابلو ڪرڻو هو. تعجب جي ڳالهه آهي ته جڏهن هن جي نس نس محب عليءَ لاءِ ڦٿڪي رهي هئي ته پوءِ هن اهو فيصلو ربن....... جلاد ۽ صياد ربن...... ڳوٺ جي (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن ) غنڊي ربن جي حق ۾ ڇو ڪيو....... ؟۽ هن کي (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن ) هو محب عليءَ جي خودڪشي ۽ بي قضا موت مرڻ جو قصاص وٺڻو هو. هن پڪو ارادو ڪيو ته هڪ ڏينهن سماج جي انهي پير تان پڙ لاهي معاملو ظاهر ڪنديس ۽ چونديس اي سماج جا پوڄاريو ڏسو هيءُ هڪ شيطان جي لڳايل ڳڙ جي ڳوڙهي آهي جنهن کي توهان پارا خود غرض مکين وانگر چنبڙي رهيا آهن....هاڻي هوءَ شدت سان شاديءَ جي سيج جو انتظار ڪرڻ لڳي. پانڌي خان جي واعدي کي ڏيڍ مهينو گذري . هي ننڍڙو ڳوٺ دهلن ۽ شرناين سان ٻهڪي رهيو هو.ڳوٺ جي چڱي مڙس پانڌي خان جي دختر نيڪ اختر جي شادي مڪار ۽ رهزن ربڏني سان ٿي رهي هئي. ڳوٺ جو ننڍو خواهه وڏو ڏک جا لڙڪ وهائي رهيو هو.....مگر خاموش ويچاري گگدام بي زبان مهرو جي قسمت ئي اهڙي هئي. پنهنجي گھر ۾..... عزيزن قريبن جي هٿان هن معصوم ۽ مظلوم نياڻيءَ جو خون پئي وهايو...... هاءِ ڙي زمانا !
    ڪن کي ماريئه زهر ڏيئي ڪن کي خنجر سان ڪٺئه
    ڪي وڃڻ کي ويا ويچارا دور کان توکي سلام
    “گل”
    (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن ) ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو گھوٽيتن شاديءَ جو ڇنو تيار ڪيو هو. رات سڄي کلندي کلائيندي گذاريائون (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن)
    وقت هو قريب خواهه رقيب ڇني ۾ ويٺل هئا. گھوٽ وڳو ڍڪيو...... مڱـڻهار لاڳ ورتو...... پوئي وارو اٿيو. فقير هڪ جست جي دٻلي ڪفنيءَ جي ڊگھي کيسي مان ڪڍي پوئي وٺندڙ جي هٿ تي رکي. کولي ويئي....مڻ ۽ ڀٽونءَ جا ڏنگ ! پوئي واري کان تعجب وچان دانهن نڪري ويئي. ربن کي پنهنجو چور کائڻ لڳو.دل ۾ تڪڙيون (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن ) لڳڻ شروع ٿي ويس. سڀني سواليه نگاهن سان فقير ۾ (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن ) ڀري برادريءَ ۾ چئي ڏنو : (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن )مڻ ۽ ڏنگ ! فقيرن وٽ ٻيو ڇا هوندو ؟ سڪل ٽڪر...ميرا لڳڙ ڀٽن جا ڏنگ ۽ نانگ جون مڻيون............
    سرگس جون تياريون ٿيون.سڀ اٿيا....مڱڻهار راڳڻي ڇيڙي گھوٽ آهستي آهستي ناز سان اڳتي وڌڻ لڳو........ آسپاس گولن جون قطارون هيون...... وڏي شان ۽ تجمل سان هي قافلو منزل طرف وڌندو رهيو...... ڀلو اڌ راهه مان ئي ٽڙڪائي واپس وريو. قافلو منزل تي پهچي ويو.....گھوٽ کي زالن جي حوالي ڪري سڀ مرد وري ڇني ۾ اچي ويٺا...... فقير به ڇني جي هڪ ڪنڊ وٺي اچي ويٺو. ڳوٺ ۾ اچڻ کان پوءِ اڄ پهريون ڏينهن هو جو اکين مان لڙڪ وهي هليا.ههڙي ڏينهن لاءِ ته هو خود اميدوار هو...... هن کي اڳي جھڙي پريشاني به هاڻي نه هئي.......... مهروءَ ۽ ڀلوءَ کان نفرت نه هيس..... ڇاڪاڻ جو انفرادي طرح سڀني جا بيان پنهنجي ڪنن سان ٻڌي چڪو هو..... مهرو سندس اڳيان محب علي جي محبت جو اقرار ڪري رهي هئي....... ربن ۽ ڀليڏنو الڳ الڳ پنهنجون رام ڪهاڻيون ٻڌائي چڪا هئا...... هن هاڻي بخوبي پئي سمجھيو ته مهرو رضا خوشيءَ سان نه.... بلڪ انهيءَ اجنبي تقدير کان مجبور ٿي،جنهن جو هن اڳ ذڪر ڪيو هو. صبر سان هي زهر جو ڍڪ پي رهي آهي.
    هن جي اها ديرينه تمنا ،جنهن مطابق هو مهروءَ کي ڪنوار ۽ پاڻ گھوٽ ڏسڻ جو خواهشمند هو، هينئر پاش پاش ٿي رهي هئي. ڪجھه سوچي هي ڪفنيءَ جي ڪنڊ سان لڙڪ اگھي اٿيو ۽ ڪنواريتي گھر ڏانهن اراد تا هلڻ لڳو.......؟ پنهنجي ماضيءَ جي خوابن جي ملڪه ڏسڻ لاءِ....تمنائن جي انهيءَ لاش کي ڏسڻ، جو سينگاريو ربن جي اڳيان رکيو هو.فقير رات جي اونداهي ۾ لڪندو ڇپندو لوڙهي جي هڪ طرف کان اچي بيٺو...... سيج جو پررشڪ منظر ڏسي دل ڀرجي آيس.... خيال ڪيائين ڪهڙو نه بهتر ٿئي جو اتي جو اتي زمين ڦاٽي پوي ۽ ربن ان ۾ غرق ٿي وڃي ! يا اوچتو ڪا وڄ ڪري جا ربن کي کن پل ۾ پورو ڪري ڇڏي....هن اميد ۽ التجا ڀريون اکيون آسمان طرف کنيون...... پر اها وڄ هن جي سامهون لوڙهي مان چمڪندي ڏٺي..... ڪاري ڪپڙي جي جھنڊ مان هن ڀلوءَ کي سڃاڻي ورتو...... هلڪي ڇرڪ سان گڏ وار ڪانڊارجي ويس..... ڏسندي ڏسندي ڀلوءَ هٿ مٿي کنيو.... گولن جي روشني ءَ ۾ خنجر وڄ وانگر چمڪاٽ ڪندو مهرو ۽ ربن جي وچان لنگھي پريان وڃي زمين ۾ لڳو.خنجر.... هڪ عورت حيرت کان اکيون ڦوٽاريندي رڙ ڪئي. ڳيچ بند ٿي ويا...... ۽ سڀني جو توجھه انهي تيز ڌار خنجر ڏانهن ڇڪجي ويو..... ڪڪر وڄ ڪيرائي پورب پڇم پکڙي ويا آسمان صاف ٿي ويو.
    زالن جو توجھه اڃا خنجر جي طرف هو. سڀ پنهنجين جاين تان اٿي پيون....... مهروءَ،،...... موقعي کي غنيمت ڄاتو. اوچتو ڪنوار جي بوڇڻين ۾ هلڪي چرپر آئي ۽ هڪ مينديءَ رتو هٿ آهستي آهستي ٻاهر نڪتو...... ربن جي پيٽ تائين وڃي....... وري هڪدم بوڇڻين ۾ غائب ٿي ويو. ماتم روڄ۽ (هتي پنو ڦاٽل آهي لفظ گم آهن ) جي طوفان ۾ ڪنهن ڪونه ڏٺو ته هيءَ ٻي وڄ ڪٿان آئي فقط فقير جي ٻن نگاهن لوڙهي جي ٻاهران ڏسي ورتو. ربن آهه ڪري زمين تي ليٽي پيو. ڇني تي اطلاع به ڪيو ويو...... پر مڙسن جي اچڻ کان اڳ امانت وڃي ڌ ڻين کي پهتي.
    هاڻي فقير کي پنهنجي آخرين سوال “ پيءُ جي چوڻ مهرو ءَ کي اهڙو مجبور ڪيو جو ربن سان شادي ٿي ڪري ؟” جو جواب ملي ويو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399848
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ