ڪتاب جو نالو: دوست وراڪو دل سين (خط)
مصنف: سارنگ سهتو
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 13 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 473 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 99 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”دوست وراڪو دل سين“ محترم سارنگ سهتي ڏانهن لکيل ۽ سارنگ سهتي پاران لکيل خطن جو مجموعو آهي. هونئن ته سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪيترائي سهيڙيل مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ عام رواجي حالن احوالن سان گڏوگڏ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ذاتي مسئلن تي پڻ خيال آرائي ڪيل آهي، ايئن هنن خطن ۾ پڻ عام رواجي حالن احوالن سان گڏ ذاتي ڏکن ۽ سورن، غمن ۽ پيڙائن، محرومين ۽ مجبورين سان گڏ قومي درد، فڪري ۽ نظرياتي مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ بحث ملي ٿو ۽ خط لکندڙن جي جيڪا ذهني نشو ونما ٿي رهي هئي، تنهن جو پڻ وستار ڪيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اسٽاڪسٽ
  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • شاهه سائين جو شعر
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : يوسف سنڌي
  • ٻـه اکـر : خطن جي پس منظر بابت
  • (1) دوستن جا سارنگ ڏانهن خط

  • سليم تنيو
  • محمد مارو خشڪ
  • سيّد ذوالفقار رضا بخاري
  • اياز ابڙو
  • بشير ابڙو
  • ضمير ڦل
  • امڙ رحيمان
  • لال خاتون (سارنگ جي ونيءَ لال خاتون جا ٻه خط)
  • ڌيءَ بختاور
  • جميل رضا سهتو
  • غلام مرتضيٰ سهتو
  • حميد مهراڻوي
  • سرمد عباسي
  • اسد ڪيريو
  • منٺار سولنگي
  • نذير ناز
  • ناهيد مغل
  • مانجهي
  • مجيب جانوري
  • فرخ جوڻيجو
  • جلال نور احمد شاهه
  • احمد خان مدهوش
  • منور ابڙو
  • يوسف سنڌي
  • عبدالله بروهي
  • سرور
  • عامر رند
  • سڪندر هاليپپوٽو
  • جاويد ”سحر“
  • جمن سوهو
  • غلام نبي ناشاد
  • طارق قريشي
  • ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
  • امير حمزو انڙ
  • غلام رسول ٽالپر
  • سارنگ جا خط

  • عطا محمد پنهور
  • يوسف سنڌي
  • رسول بخش
  • يوسف رستماڻي
  • ماڻڪ ملاح
  • غلام رسول ٽالپر
  • عبدالله بروهي
  • غلام رسول ٽالپر
  • سليم تنيو
  • بابا محمد يوسف سهتو
  • عبدالله بروهي
  • محمد علي سهتو
  • طارق قريشي
  • فياض چنڊ ڪليري
  • جلال احمد نور شاهه
  • اياز ابڙو
  • سليم تنيو
  • اياز ابڙو
  • سليم تنيو
  • رفيق ٽالپر
  • سليم تنيو

  • اسٽاڪسٽ

    • ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد.
    Cell#0322-3011506
    • ڪويتا ڪتاب گهر، ربي سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد.
    Cell#022-2721172
    • ڪنگ پن ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد.
    • سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد.
    • قليچ ڪتاب گهر لئنگيئج اٿارٽي حيدرآباد.
    • سنڌيڪا بڪ شاپ گاڏي کاتو حيدرآباد.
    • ڪلچر ڪتاب گهر سامهون ايم پي اي هاسٽل ڪراچي.
    • مهراڻ ڪتاب گهر گهنٽي ڦاٽڪ نيئر سپنا لان لاڙڪاڻو.
    • فڪشن هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد.
    • شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد.

    سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 99


    حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو : دوست وراڪو دل سين
    موضوع : خط
    ليکڪ : سارنگ سهتو
    ڇاپو : پهريون، ڊسمبر2013ع
    ٽائٽل ڊزائين : هالار حيدر
    پيشڪش : علي رضا ’جميل‘ سهتو
    ڪمپوزنگ : جهانزيب علي جوڻِيجو
    ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد.
    ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر- دڙو فون: 3640468-0301
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650



    DOST WARAKO DIL SEEN (LETTERS) by: SARANG SAHITO
    Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh,
    Edition First, 2013. Cell: 0301-3640468
    Price Rs. 400/-


    ارپنا

    پنهنجي عظيم محبتن جي ميراث ۽ اڻ مئي پيار جو هي پورهيو ارپيان ٿو پنهنجي والد مرحوم مولوي محمد يوسف سهتو کي جنهن مون کي دولت بدران ماڻهن سان پيار ڪرڻ سيکاريو، پنهنجي امڙ امان رحيمان سهتو کي، جنهن پنهنجي پيرن تي بيهڻ، پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صبر ڪرڻ جو سبق ڏنو ۽ منهنجي ڪاميابي لاءِ سدائين دل سان دعاگو رهندي آهي.
    *پنهنجي ڀائرن غلام مصطفيٰ سهتو ۽ غلام مرتضيٰ سهتو کي، جن منهنجي جذباتي طبيعت کي قبول ڪيو آهي.
    *پنهنجين ڀينرن خورشيد بانو، شهربانو ۽ ڪزبانو کي، جيڪي بي لوث محنتن جو اڻ کُٽ خزانو آهن.
    *پنهنجي گهرواري لال خاتون کي جيڪا سادگيءَ ۽ سچائيءَ جو عظيم پيڪر آهي.
    * پنهنجي پياري ڌيءَ بختاور، پُٽن علي رضا (جميل) ۽ شڪيل احمد کي جيڪي منهنجي وجود جا ضامن آهن.
    * پنهنجي دوستن نور احمد چنڙ، صالح بلو، محمد بخش ”سرخ“ (سليم خاصخيلي،) مشتاق سومرو، حسن علي لغاري، يوسف سنڌي، ضراب حيدر، سليم تنيو، اياز ابڙو، ضمير ڦل، معشوق پنهور، مجيب جانوري، رئيس مراد علي خان جمالي، اسد ڪيريو، فياض چنڊ ڪليري، غلام رسول ٽالپر، حبيب الله پنهور ۽ اعجاز حسين سمون کي جيڪي مون سان زندگيءَ جي نٽهڻ اُس ۾ ڪڪر بنجي ڇانورو ڪندا رهيا آهن.

    تان ڪي وٽن ويهه، جان ڪي آهن جوءِ ۾.

    سارنگ سهتو
    30 نومبر 2013ع


    شاهه سائين جو شعر

    ڪي ويجها ئي ڏُور، ڪي ڏور به اوڏا سُپرين،
    ڪي چڙهن نه چِتَ تي، ڪي وِسرن نه مُور،
    جنهن مينهن ڪُنڍيءَ پُور، تيئن دوس وراڪو دل سين.
    (شاهه)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (300) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”دوست وراڪو دل سين“ محترم سارنگ سهتي ڏانهن لکيل ۽ سارنگ سهتي پاران لکيل خطن جو مجموعو آهي.
    هونئن ته سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪيترائي سهيڙيل مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ عام رواجي حالن احوالن سان گڏوگڏ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ذاتي مسئلن تي پڻ خيال آرائي ڪيل آهي، ايئن هنن خطن ۾ پڻ عام رواجي حالن احوالن سان گڏ ذاتي ڏکن ۽ سورن، غمن ۽ پيڙائن، محرومين ۽ مجبورين سان گڏ قومي درد، فڪري ۽ نظرياتي مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ بحث ملي ٿو ۽ خط لکندڙن جي جيڪا ذهني نشو ونما ٿي رهي هئي، تنهن جو پڻ وستار ڪيل آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : يوسف سنڌي

    ڪو دور هو جڏهن پرينءَ سندي پار جي پيغام لاءِ کنياتي جو اوسيئڙو ڪبو هو. ان دور ۾ کنياتي (ڪانگل) جو اچڻ ڄڻ پرينءَ جي حال احوال جو ذريعو هوندو هو ۽ کنياتي جي خطن، نياپن ۽ پيغامن کي آڻڻ ۽ نيئڻ کي ڪيترن ئي شاعرن موضوع سُخن بنايو ۽ پيغام نيندڙ کنياتي کي چوندو هو:
    ڳالهائج اُت ڳوڙهن سان ٻاهر نه ڪڍج ٻڙڪ
    کنياتا هن کَت جي پئي نه ڪنهن کي کُڙڪ
    لاڙج رُڳا لُڙڪ، هو سمجهي ويندا سپرين.
    (ع.غ سنڌي)
    پيغام/ نياپي موڪليندڙ کي پڪ هوندي هئي ته کنياتي جي پهچندي ئي پرين/ سپرين ڳالهه سمجهي ويندو ۽ ڪانگل جي اچڻ جي اُن اوسيئڙي کي رڳو شاعرن ئي موضوع سُخن ناهي بنايو، پر ڪيترن فنڪارن اها شاعري ڳائي پڻ آهن، جيئن: آ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سين تن ماروئڙن جي.... ماروئڙن جي سانگيئڙن جي..... يا ڪبوتر ڪبوتر، خبر هيءَ کڻي وڃ عقل جا اڪابر...
    دور بدليو ته کنياتي جي جاءِ ٽپاليءَ اچي والاري، ٽپاليءَ کي پري کان ايندو ڏسي دل جي ڌڙڪن تيز ۽ عجيب ڪيفيت بنجي ويندي هئي، ۽ ٽپالي جو ايئن اوسيئڙو رهندو هو، جيئن محبوب/محبوبه جي آمد جو ۽ ٽپالي ڄڻ زندگيءَ جو لازمي حصو بنجي ويو هو، ٽپالي خط آڻيندو هو ته ڄڻ وارا نيارا ٿي ويندا هئا.
    هاڻ ته ويچارو ٽپالي بجلي، فون ۽ گئس جا بل ورهائيندو وتي ۽ سندس جاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن اي ميلز، موبائل فونز وغيره اچي والاري آهي... هاڻ خطن جو دور ڄڻ ماضي جو حصو بنجندو پيو وڃي. هاڻ ته ڪنهن سان اڌ ملاقات جي دل چوي ته سيڪنڊن جا کيل آهن، رڳو جسماني طرح هڪٻئي کي ڇهي نٿو سگهجي، باقي آواز ۽ هر چرپر سامهون.
    انهن جديد ذريعن جي اچڻ سان جت فاصلا گهٽيا ۽ ڄڻ ختم ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو جهڙوڪر هڪٻئي سان ڳنڍجي ويو آهي، اُتي ڪي نقصان به ٿيا آهن، اظهار جي ذريعن جي وڌڻ جي باوجود به ماڻهون ڄڻ اظهار لاءِ آتو آهي، جيڪو اظهار پني تي لکيل لفظن جي صورت ۾ ڪبو هو، اُڌمن ۽ جذبن جي پالوٽ ٿيندي هئي، اندر جي احساسن کي اوربو هو، اهو انهن جديد ذريعن جي باوجود به نٿو ٿئي.
    سارنگ سهتي جو هي ڪتاب ”دوست وراڪو دل سين“ به ان ”خط -دور“ ۾ لکيل خطن جي مجموعي تي ٻڌل آهي.
    ترتيب جي لحاظ کان هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي، پهرينءَ حصي ۾ اهي خط شامل آهن، جيڪي دوستن طرفان سارنگ ڏانهن لکيل آهن ۽ ٻيو حصو انهن خطن تي ٻڌل آهي، جيڪي سارنگ دوستن ڏي لکيا.
    هونئن ته سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪيترائي سهيڙيل مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ عام رواجي حالن احوالن سان گڏوگڏ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ذاتي مسئلن تي پڻ خيال آرائي ڪيل آهي، ايئن هنن خطن ۾ پڻ عام رواجي حالن احوالن سان گڏ ذاتي ڏکن ۽ سورن، غمن ۽ پيڙائن، محرومين ۽ مجبورين سان گڏ قومي درد، فڪري ۽ نظرياتي مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ بحث ملي ٿو ۽ خط لکندڙن جي جيڪا ذهني نشو ونما ٿي رهي هئي، تنهن جو پڻ وستار ڪيل آهي.
    هنن خطن جي گهڻائي انهن نوجوان سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جي آهي، جن نه رڳو سياست جي سُڌ ٻُڌ رکي ٿي، پر هُنن جي ادب سان به دلچسپي هئي ۽ هو لکندا به هئا ۽ هو هن- سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي جدوجهد سان گڏ پنهنجو پاڻ ۾ پڻ تبديلي آڻڻ جي جستجو ۾ رڌل هئا، جيئن اياز ابڙو هڪ خط ۾ لکي ٿو.
    ”پهرين اسانکي سماجي تبديلي آڻڻي پوندي، معاشري مان ناجائز رسمن ۽ رواجن جي پاڙ پٽڻي پوندي، هڪ فرد جيڪڏهن پنهنجون ذميداريون پوريون نٿو ڪري سگهي ته هو سياسي ميدان ۾ قومي مسئلن لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟
    (7 ڊسمبر 1987ع تي لکيل خط)
    هنن خطن ۾ گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهاڪي جي ملڪي توڙي غير ملڪي حالتن جي ڪيٿارسس پڻ آهي، اسي وارو اهو ڏهاڪو سنڌ جي قومي سياست ۾ آيل اُڀار ۽ ان اُڀار کي جدوجهد ڏانهن موڙڻ بدران هڪٻئي جي ڪردار ڪشيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ ڪردار ڪشيءَ واري ان عمل ڪيترن ئي باشعور سياسي ڪارڪنن کي مايوس ڪيو ۽ صدمون رسايو، ان ڪردارڪشيءَ کين سياسي عمل مان نڪري وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جيئن بشير ابڙي اهڙين حالتن جي نشاندهي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي خط ۾ لکيو. ”مون هڪ فيصلو ڪيو آهي ته سياست جي ميدان مان عليحده ٿي، فقط ادبي سنگت ۾ سرگرم ٿجي“ (18 آڪٽومبر 1988ع تي لکيل خط). بشير ابڙي جي خط مان سنڌي ادبي سنگت جي سگهاري ڪردار ڏانهن پڻ اشارو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي شعور پکيڙڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو سياسي پارٽيون به ادا ڪري نه سگهيون، خود سارنگ به پنهنجي مڪليءَ ۾ رهائش واري عرصي دوران سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي، اُن کي مرڪز کان الحاق وٺي ڏنو ۽ مڪليءَ ۾ ڪيتريون ئي ادبي سرگرميون ڪيون. سنگت جي انهن سرگرمين ئي سارنگ کي سليم، اياز، محمد مارو ۽ ٻين اهڙن دوستن سان ملايو ۽ ڳنڍيو، اُن ئي شاخ جي سرگرمين جي باري ۾ ۽ ان کي اڃا به وڌيڪ سرگرم ڪرڻ جو اُلڪو ۽ ذڪر پڻ هنن خطن ۾ نظر ايندو. خود آئون به خاص سيڙ جي سنگت مڪليءَ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت لاءِ ويندو هوس، اڳتي هلي، سارنگ جي نوابشاهه واپس وڃڻ ۽ دوستن جي مختلف روزگارن سانگي ٻين شهرن ۾ وڃي رهڻ جي ڪري اها شاخ ختم ٿي ويئي.
    هن ڪتاب ۾ شامل خطن جي گهڻائي مڪلي- ٺٽي مان لکيل آهي، انهن ۾ نه رڳو مڪلي جي پٿريلي مٽيءَ جي مهڪ آهي، پر وطن جي تڙپ، انسانذات جي ڏکن ۽ اهنجن، سکڻ ۽ سيکارڻ جي اُمنگ ۽ غريب ۽ مسڪين مارو ماڻهن جي آئيندي جو اونو ۽ هڪ غير طبقاتي نظام آڻڻ لاءِ جدوجهد جي تڙپ ۽ اُن خواب جي اُڻت پڻ ڪيل آهي- مڪلي، ٺٽو، جيڪو سدائين ڌارين جي هلائن جو شڪار ۽ ان سان گڏ جدوجهد جو استعارو پڻ رهيو آهي، پر مڪلي- ٺٽي جي هوائن جي هڳاءُ ۾ هڪ عجيب رومانس سمايل آهي، ۽ اهو رومانس ماڻهوءَ کي ڪنهن چقمق جيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. جنهن جو ذڪر ڪندي مانجهي پنهنجي هڪ خط ۾ سارنگ کي ٺٽي نه اچڻ تي هنن لفظن ۾ ميار ٿو ڏي، ”سارنگ! ڇا توکي ننگر ٺٽي جون سارون نه اينديون آهن؟“ انهن لفظن ۾ جيڪا ڪيفيت سمايل آهي، اُن جي تشريح ممڪن ئي ڪونهي ۽ ٺٽي جو سڄو منظر اکين اڳيان اچي بيهي ٿو.
    مانجهيءَ جي خطن مان ئي هڪ ٻئي جملي پڻ مونکي ڳچ دير انهن لفظن تي اکيون کپائي بيهڻ تي مجبور ڪيو. مانجهيءَ لکي ٿو، ”نوڪري ته زندگي جي لعنت هوندي آهي، جيتري وڏي نوڪري، اوڏي وڏي لعنت!“ (خط 26 آڪٽومبر 1993ع )
    هائو، صحيح لکيو آهي مانجهيءَ! جڏهن ماڻهو وڏي نوڪري يا وڏي ڪرسيءَ تي پهچي ٿو ته الائجي ڇو سڀ احساس ۽ جذبا مرڻ سان گڏ، لکيل لفظ به وسري ٿا وڃن، طبقو بدلجي ٿو ته ماضي به وسري وڃي ٿو، مانجهي به وقت گذرڻ سان گڏ وڏي عهدي تي پهتو ۽ پوءِ مانجهي جي ئي لفظن ۾ ”مون کان سڀ رستا وڃائجي ويا آهن... طرف به ڀلجي ويو آهيان!“ وقت مانجهي جي لفظن کي ڪيترو نه صحيح ثابت ڪيو... سوچيان ٿو، ڇا مانجهيءَ وڏي عهدي تي پهچڻ کانپوءِ پنهنجن لفظن کي ياد ڪيو هوندو يا ”طرف“ کيس وساري ويٺا...
    سچ ته وڏو عهدو جذبا ماري ٿو ڇڏي... واقعي به جيتري وڏي نوڪري، اوتري وڏي لعنت ٿي وسي...!
    هنن خطن ۾ مٿي ذڪر ڪيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن، پنهنجي غلط روين جي پاڻ ئي نشاندهي ڪندي، پاڻ کي خود تنقيدي عمل مان گذاريو آهي، جيئن سليم تنيو پنهنجي 16 مارچ 1987ع تي لکيل خط ۾ لکي ٿو:

    ”هوٽل تي ويٺي هڪڙي ڏينهن مون بيري کي گهٽ وڌ ڳالهايو، پوءِ مان سوچڻ لڳس ته هڪڙي طرف انهن تي لکون به ٿا ته ٻئي طرف انهن کي استعمال به ڪيون ٿا، پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيس.“
    سارنگ پاران دوستن جي ذهني ۽ فڪري تربيت جي حوالي سان هنن خطن ۾ ڪيترائي حوالا ملن ٿا ۽ ان وقت سياسي ڪارڪنن لاءِ مطالعو فڪري خوراڪ جي حيثيت رکندو هو ۽ دوست خطن ۾ نه رڳو هڪٻئي کي پنهنجي مطالعي هيٺ آيل ڪتابن کان آگاهه ڪندا هئا، پر کين اهڙيون صلاحون به ڏيندا ۽ کين مطالعي ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ همٿائيندا پڻ هئا، جيئن سليم پنهنجي 13 سيپٽمبر 1987ع واري لکيل خط ۾ سارنگ جي ننڍي ڀاءُ مرتضيٰ کي لکي ٿو، ”توهانجا امتحان ته ٿي ويا آهن، تنهنڪري هاڻ توکي نظرياتي يا ادبي ڪتاب پڙهڻ سونهن، مان اوهان مان ايتري ئي اميد رکي سگهان ٿو.“
    خود سارنگ جا لکيل دوستن ڏانهن خط به دوستن لاءِ همت ڏيارڻ ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا هئا، جيئن اياز ابڙو 16 جنوري 1993ع تي لکيل خط ۾ سارنگ کي لکي ٿو، ”يار! منهنجي خواهش آهي ته تون مونکي اڳي وانگر طويل خط لکين، اُن ڪري جو تنهنجا خط منهنجي حوصلا افزائيءَ جو ذريعو هوندا آهن. اڄ به مونکي تنهنجن پيارن ۽ بامقصد خطن جي شديد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي.“
    سارنگ جون اهي محبتون دوستن لاءِ سدائين آٿت رهيون آهن، هو دوستن مٿان پنهنجي نالي جيان ئي ’سارنگ‘ بنجي وسندو رهي ٿو.
    ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جا خط به شامل آهن، جيڪي هن اسلام آباد مان سارنگ کي تڏهن لکيا، جڏهن هو هڪ وڏي عهدي تي مقرر هو ۽ ”تاريخ ضلع نوابشاهه“ لکي رهيو هو ۽ سارنگ جهڙا ڪيترائي نوجوان اُن ۾ ساڻس سهڪاري هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي نوجوانن کي موضوع ورهائي ڏنا هئا، جن تي اهي نوجوان تحقيق ڪري مواد هٿ ڪري،مضمون لکي ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ کي موڪليندا هئا، جيڪي پوءِ ”تاريخ ضلع نوابشاهه“ ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي نالي ئي ڇپيا. هڪ خط ۾ ڊاڪٽر لائق، سارنگ کي لکي ٿو:
    • مونکي يقين آهي ته توهان وعدي موجب تحقيقي ڪم ۾ مصروف ٿي چڪا هوندا، محترم حاڪم علي ۽ سندس والد حاجي محمد حسين ۽ آصف صاحب (زرداري) جي ڏاڏي، خاندان ۽ سياسي تاريخ تي ڀرپور نموني لکي مڪمل ڪري رکندا، هڪ مهيني کان به وڌيڪ توهان کي ٽائيم ميسر آهي... (20 سيپٽمبر 1995ع تي لکيل خط)
    • تاريخ جي ڪم ۾ توهان ڪيترو هٿ ونڊايو آهي، مطلع ڪندا. (31 جنوري 1996ع)
    • تاريخ نوابشاهه جي حوالي سان هر ٻئي ٽئي ڏينهن ڪانه ڪا خبر ايندي رهي، جيئن هرڪو ماڻهو با خبر هجي ته تاريخ لکجي رهي آهي، توهان مهرباني ڪري مينهان خان رند ۽ ٻين چڱن مڙسن بابت احوال گڏ ڪندا. (4 جولاءِ 1996ع)
    سنڌ ۾ هاڻ اها ڳالهه نئين ناهي رهي ته اڪثر وڏن عهدن تي ويٺل مها دانشور ٻين کان ڪم وٺي، نوڪ پلڪ درست ڪري پنهنجي نالي ڪتاب ڇپرائي ڇڏيندا آهن، مرحوم فقير امداد علي سرائيءَ پنهنجي ڪتاب ”ڪَستي منجهه ڪَڻا“ ۾ لکيو آهي ته سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ اديب سندس لکيل ڪتاب ”کاري جي مڇي“ پنهنجي نالي سان ڇپرائي ڇڏيو.
    هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي اهڙا خط آهن، جن جا حوالا ڏيئي انهن تي لکي سگهجي ٿو، خاص ڪري سليم تنئي ۽ اياز ابڙي جا خط، ڇو ته هي خط بي مقصد نه پر با مقصد خط آهن، هنن خطن جي رواني، انهن ۾ موجود ادبي چاشني اُن ڪري نه آهي ته انهن جا لکندڙ نوجوان ٺلهو هوائي نعرا هڻندڙ ۽ نار جي ڍڳن وانگر هلندڙ هئا، پر هو باشعور هئا ۽ کين ڪتابن پڙهڻ ۽ علم سان چاهه هو ۽ انهيءَ ڪتاب بينيءَ ئي کين سياسي ۽ سماجي شعور ڏنو، جنهن سبب هنن جو اندر بي چين هو، ان بي چينيءَ کين ادبي، سماجي ۽ سياسي ميدان ۽ عمل ۾ متحرڪ رکيو. اهي رڳو جاگيرداراڻي قومپرستيءَ جي پويان نه لڳا، پر هنن هڪ اهڙي نظام ۽ نظريي لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن تحت طبقن جو خاتمو، انسانيت جو احترام، انهن جي گهرجن جي پورائو ۽ پرماريت جو خاتمو هو، ان نظام جو نالو سوشلزم آهي، سوشلزم جيڪا هڪ سائنس آهي، ترقيءَ جو وسيلو ۽ انسانيت جي احترام جو نالو آهي، سوشلزم جنهن سويت يونين جي دور ۾ ڪيترائي معرڪا سَر ڪيا. آمريڪا کان به اڳ خلائن ۾ پنهنجا خلائي جهاز اُڏايا، ڪئين ايجادون ڪيون، سوشلزم کي ناڪام چوندڙن مان ڪو اهو ٻڌائي سگهندو ته سويت يونين جي خاتمي کانپوءِ ”يلسٽن- پيوٽن ازم“ جي دور ۾ روس ڪهڙي نئين ترقي ڪئي آهي، ڪيترا معرڪا سَرڪيا آهن. ڪهڙيون نيون ايجادون ڪيون آهن.؟
    هن ڪتاب جي ٻي حصي ۾ سارنگ جا دوستن ڏي لکيل خط ڏنل آهن، سارنگ جا اهي خط ڇا آهن، درد ڪٿائون آهن. پيڙا جا پڙاڏا آهن، بي رُخين، محرومين، بي حَسين جي روين تي ماتم آهن، دم به آهن ته دلاسا پڻ، سهارا به آهن ته صلاحون به، اهي خط ناهن، سارنگ جي آتم ڪهاڻي جا ننڍا ننڍا حصا آهن، جن ۾ سارنگ گهڻو ڪجهه لکيو ۽ اظهاريو آهي.
    مٿين خطن کي پڙهندي ڪيترن ئي هنڌن تي منهنجي اکين مان بي اختيار لڙڪ وهڻ ٿي لڳا ۽ دل چيو ته رانڀاڙ ڪري رُئان، ان ڪري نه ته اسان هيٺينءَ طبقي وارن جي درد ڪٿا ۽ پيڙا هڪجهڙي آهي، اسانجا آدرش ۽ سپنا ساڳيا آهن! پر مون اُن ڪري روئڻ ٿي چاهيو ته انهن آدرشن کي ڪيئن نه چکيائن تي چاڙهيو ويو، انهن خوابن کي ڪيئن نه نيلام ڪيو ويو، انهيءَ جدوجهد کي ڪيئن نه مفاد پرستي ۽ انائن جي ور چاڙهيو ويو .
    هي خط تاريخ جي رڙ آهن، ڪر بناڪ رڙ- هي خط ايف. آءِ . آرون آهن ته جدوجهد جي قافلن کي ڪيئن نه دڳ ڀلائي رڻ ۾ رلايو ويو، ڪارڪنن جي ڪلهن تي چڙهي ڪيئن نه اڳواڻن پنهنجا طبقا بدلايا... هي خط پڙهڻ سان سڀ نه ته به ڪجهه اولڙا ضرور نظر ايندا.. ڪجهه چهرا ضرور پَسبا ۽ تاريخ انهن جي باري ۾ جڏهن ايف . آءِ . آر ڪاٽيندي ته هن ڪتاب ۾ شامل خط انهن تي شاهد ٿي بيهندا.

    يوسف سنڌي
    15 نومبر 2013ع


    ٻـه اکـر : خطن جي پس منظر بابت

    1980ع کان 1990ع واري ڏهائي وارو زمانو، اهو دؤر هو جڏهن اسين نوجوان سياسي مدارين جي دُهلن تي نچندا وتندا هئاسون، ڪڏهن ڪنهن جي مُرلي وڻي ويندي هئي ته ڪڏهن ڪنهن جي، هڪ ته اسان جي پنهنجي مزاج ۾ چين ڪونه هو، ته ٻئي پاسي وري اهي تنظيمي طوطا پابندين جا اهڙا ته پهاڙ ڪيرائيندا هئا، جو يا ته اوهين پاڻ ئي ڀڄي دنگ ڪندؤ يا وري تنظيمي دادا اوهان تي نظم و ضبط ٽوڙڻ جو ڏوهه مڙهي اوهان کي تنظيم مان ٻاهر ڪڍي اڪيلائي جي ٽياس تي ٽنگي دم پٽيندا هئا، خود نام نهاد دانشور، اديب ۽ شاعر به وقت بوقت پاسا مٽائيندا وتندا هئا، حقيقت ۾ هي رُڃ جو سفر هو، جنهن ۾ حاصل ٿورو ۽ ضايع گهڻو ڪجهه پئي ٿيو.
    اسان جيڪي ذاتي طور تي نهايت مايوس ڪندڙ حالتن ۾ پرورش پائي رهيا هئاسون، تنهنڪري فطري طور ادب به اهڙو پڙهڻ لڳاسون، جيڪو اسان کي وڌيڪ دُکي بنائي رهيو هو، بس ٿورو گهڻو سهارو ٺڳين ۽ استحصال باوجود به سياسي سرگرمين مان ملندو هو. هنن وٽ مايوسي ڪانه هئي، رات ڏينهن بس بي مقصد وٺ وٺان هئي، اها وٺ وٺان ۽ هلچل به اسانکي اڪيلائيءَ ۾ وڌيڪ مايوس ڪندي هئي، پر جڏهن گهڻا ساٿي اچي مڙندا هئا ته پوءِ اسين به وقتي طور جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويندا هئاسون.
    اسين پنهنجي ذاتي ناڪام حالتن جو ڪامياب نسخو اجتماعي ويڙهه ۾ ڏسندا ۽ ڳوليندا هئاسون، ڪنهن هڪ جذباتي جلسي جو اثر ڪيترائي ڏينهن ذهن تي سوار هوندو هو ۽ اهو اسان کي دماغي طاقت جي ڪُشتي جو ڪم ڏيندو هو. 92/1991ع کانپوءِ سياسي ٺاپر آئي، سوويت يونين ڇا ٽٽو، اسان وارن اڪثر سياسي ڌڙن جا به ڄڻ مڻڪا ٽٽي پيا، نظرياتي حدبنديون ختم ٿيون ۽ ڏسڻا وائسڻا نام ڪٺيا ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ قومپرست ڪُهاڙا وڃي پئسي، عياشي ۽ اقتداري سياست جا انڌا اعتقادي بنيا. سياسي تعلقات ۽ دوستيون وقت جي گٽر ۾ لڙهي ويون، پر روح وارا رشتا ۽ درد ورهائڻ وارا دوست ويجهو يا پري جي ورڇ کانسواءِ سدا لاءِ ذهن تي واسو ڪري ويهي رهيا. اُنهن لاءِ اڄ به اهائي اُڪير، سڪ محبت ۽ عقيدت آهي. هو اڄ به جي ڪٿي مليا ته اک ڪڍائي ڀڄي نه سگهبو، بلڪه ويهي ڪي پَل روح رهاڻيون ڪبيون. سياست ۽ ادب جي ڪوڙي ڪاروبار ۾ هي سچا موتي جيڪڏهن قسمت اسان جي ڪرمن ۾ نه لکي ها ته هن ويل تائين شايد زندگيءَ جو گاڏو اسين گهلي نه سگهون ها. هنن اُملهه هيرن ۽ موتين کي ڀيٽا ڏيڻ جو اهو ئي واحد طريقو هو ته سندن ياد جي گُلن جي سُرهاڻ سڄي سنڌ جي سدا ملوڪ سنجيده ساٿين تائين رسائي، انهن کي سدا لاءِ اَمر بنائي ڇڏجي.
    هنن خطن ۾ ڪجهه خط 90 واري ڏهاڪي کانپوءِ جا به آهن، جن ۾ پڙهندڙن کي واضح نظر ايندو ته اهي سياسي جذبات کان عاري ۽ زندگيءَ جي داخلي مونجهارن جو مظهر آهن.
    هن ڪتاب ۾ جن به دوستن جا خط شامل آهن، انهن مان هر هڪ دوست جو الڳ الڳ پسمنظر آهي، دل ته چاهيو پئي ته هر هڪ دوست جو تفصيلي احوال لکان ۽ اهو به ته هُو مون کي ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ مليو هو ۽ اڄ ڪهڙي حال ۾ آهي، پر سچ اهو آهي ته محبت لڏي ويئي ملڪ مان، ۽ وئي ياراڻي يارن مان واري ڪيفيت آهي، دل ڏاڍي ڏکويل آهي، محبت جي هن پُوڄاريءَ کي هاڻي اهو ماحول، مزو ۽ موٽ نٿي ملي، جنهن لاءِ ساهه سَٽون ٿو کائي ۽ روح روئي ٿو، ازل کان تنهنجو راڳ آلاپيندڙ ابد تائين نڀائي نه سگهيا، وقت اسان کي واچوڙن جيئن وکيري ڇڏيو ۽ اسانجون محبتون رنجشن جي روڳ وِگهي مري بي ڪفن دفن ٿي ويون.
    هي خط منهنجي ماضيءَ جون مزارون آهن ۽ آئون هڪ اهڙو مجاور آهيان جنهن کي ڪنهن جو به اوسيئڙو ڪونهي، پر پوءِ به جهوليءَ ۾ مُرجهايل گُلن جي سُرهاڻ سمائي، سنڌين مان موڪلائي ويل محبت ۽ سنڌ جي سرد مهريءَ تي نوحه ڪنان آهيان، مون کي اڪيلائي جي عذاب نه پر محبت جي ڏُڪار ڏکويو آهي، شال ڏڪاريل هن ڏيهه مان، موذي سڀ مرن ته پوءِ ڪو سنگهارن کي سُک پلئه پئي.
    خطن ۾ آيل منهنجا خيال بي لاگ ۽ بي رحم ٿي سگهن ٿا، ذهني ڀوڳنائن جي جنهن ڪُن ۾ آئون ڦاٿل هوس، انهن جو عڪس اهي خط بخوبي پيش ڪندا هوندا، آئون زندگيءَ جي هن موڙ تي اهو ضروري ٿو سمجهان ته پنهنجي گهر وارن سميت هر انهيءَ فرد کان اڳواٽ معافي طلبيان، جيڪڏهن اُن کي منهنجي خيالن جي ڪري ڪا دل آزاري محسوس ٿئي.
    خطن ۾ پيش آيل خيال، جذبا ۽ معلومات اميد ته پڙهندي دوستن کي اُتساهيندي ۽ زندگيءَ جي خوبصورتيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريندي، زندگيءَ جي رنگيني جنهن جو هڪ اهم گلدستو دوست آهن، تن سان اسانجي نئين ٽهي کي پيار ۽ سچائي ڪرڻ سيکاريندي.

    سارنگ سهتو
    27 نومبر 2013ع- حيدرآباد
    Cell: 0336-5597532
    sahito_thesociologist@hotmail.com


    (1) دوستن جا سارنگ ڏانهن خط

    سليم تنيو

    مڪلي ٺٽو
    3ــ 7ــ 1987ع
    پيارا سارنگ
    زندگي سنوارڻ جو تو سيکاريو ڍنگ !
    تنهنجو پيارو خط موصول ٿيم. واقعي اسان وٽ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو ته جام آهن، پر کين انقلابي ڊيلنگ ڪندڙ نالي ماتر آهن ـ سي به پنهنجين ۾ پورا! سياست اڄڪلهه فيشن بنجي ويئي آ، ڪو نه ڪو ماڻهو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح جانبدار ضرور آهي. پر افسوس جو هو پنهنجو پاڻ کي به نه سمجهي سگهيا آهن! جيڪو پنهجين معروضي حالتن کي نٿو سمجهي يا ان جي کوج نٿو لڳائي، سو وري ڪيئن ٿو معروضي حالتن سان ٺاهه ڪري؟ جيڪڏهن معروضي حالتون هن جي معروضي (انفرادي) حالتن سان سمجهوتو ڪن ٿيون / سهمت ٿين ٿيون ته بيشڪ هو سچو ۽ صحيح انقلابي ٿي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ پاڻ ڄاڻي! ــ منهنجي ذاتي تجربي/ مشاهدي پٽاندر، سڀ کان پهرين ماڻهو شخصي زندگي ۾ انقلاب آڻي يعني هو پنهنجو پاڻ کي پرکي، سمجهي ته آئون ڇا آهيان ؟ منهنجي اُٿ ويهه/ شخصيت معاشري/ دوستيءَ جي حلقي ۾ ڪيتري آهي ؟ مون کي پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪرڻ گهرجي ؟
    ٿلهي ليکي مان هيئن چوندس ته سڀ کان پهرين آهي ڊيلنگ جو مسئلو، ڊيلنگ سٺي ۽ مثبت آهي ته موٽ به چڱي ملندي. ٻي ڳالهه ته پنهنجي مستقبل لاءِ ڪو پڪو ٽارگيٽ مقرر ڪري جدوجهد ۽ محنت ۾ جُنبي وڃجي، پوءِ مستقبل قريب ۾ جيڪڏهن ڪجهه هڙ حاصل ٿيس ته اُن سان سچو ۽ سِنسئر Sincare هجي. انهيءَ دوران جيڪڏهن اجتماعي سوچ جو سنڌرو ٻڌجي ٿو ته پهرين آهي معاشي ۽ اقتصادي مسئلو، جيڪو ڪنهن به ترقي پسند انقلاب يا غير سرمايه دارانه انقلاب جو واحد اسٽيپ آهي. ٻئي نمبر تي ترقي پسند ادب جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ، جيڪو اڄڪلهه %75 سنڌي ڪن پيا. معاف ڪجان مطالعي جو ڏاڪو اِهم ترين ڏاڪو آهي جيڪو شروع ۾ هئڻ گهرجي!
    ترقي پسند دوستن سان اُٿ ويهه ڪرڻ منهنجو شيوو آهي ۽ شايد اهو رهندو اچي ۽ هميشه رهندو! ماڻهو نظرياتي آهي ته ڪا ڳالهه ناهي، کيس مارڪسزم، لينِنزم ۽ مائوزام جي ڄاڻ هوندي ته هو نظرياتي آهي ـ هروڀرو اهي ٽي نظريا به ڪين آهن ـ مطلب ته نظرياتي تعليم کانسواءِ ماڻهو بنهه مرڻينگ آ.
    ”ايٽم کان ايٽم بم تائين“ (ليکڪ: نظام ڀٽي) ڪتاب جيڪو اڄڪلهه منهنجي مطالعي هيٺ آ تنهن جي مهاڳ ۾ تنوير عباسيءَ لکيو آهي: سنڌي قوم کي شاهه سچل، سامي، هوشو،هيمون، شاهه عنايت، بلاول ته ملي ويا، پر هينئر سنڌي قوم کي نيوٽن، آئزن هاور، آئنسٽائِن ۽ سنل بوهر جهڙن عظيم سائنسدانن جي بيحد گهرج آهي.“ مان ڏاڍو سرهو ٿيس ته واقعي اِها ڳالهه صحيح آهي ـ هاڻ اسان کي کوجنا ڪرڻ گهرجي، مشاهدا ماڻڻ گهرجن، تجربا ڪرڻ گهرجن ــ جيتوڻيڪ اسان وٽ سهوليتون ڪونهن، پر ڇا ڪنهن غريب نادار مسڪين جي حياتيءَ جو مشاهدو ڪرڻ ۾ اسان جا ٽَڪا خرچ ٿيندا ؟ نه هرگز نه. هڪ باشعور اديب جو اهو فرض ٿو ٿئي ته هو ڳوڙهو مشاهدو ڪري پنهنجي آس پاس جي شين کي پرکي ۽ پروڙي، ان مان تخليق جي لار پيدا ڪري. ماکيءَ جي لار وانگر جيئن اها هيٺ ڪرندي يا وهندي تيئن مٺاس جا محبي ۽ چاس جا شيدائي جيوَ ان تي گڏ ٿيندا ـ مقصد آ ته ٿورو لکي، پر سماج جي مطابقت سان ـ جنهن اديب جي سماج سان Adopptation مطابقت ناهي سو اديب نه پر مفت خور جيوَ آهي، جيڪي انسان ۽ ان جي احساسات سان Passive منفي رويو رکي ٿو ـ
    پيارا ! چوندا آهن سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي، تنهن ڪري پنهنجي طبيعت به ڪجهه اهڙي قسم جي آهي.
    ڪونه سڌرندا هي پاڪستاني کڻي ڇا به ٿي پئي!؟ رِڍُن اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا، سو اڃا اسلامي مملڪت پيا ٺاهين، تنهن کانپوءِ سائِنس کي زور وٺائيندا ـ !! افسوس!
    اسپين جيڪو يورپ جو ئي هڪ ملڪ آهي تنهن کي سائِنس اڃا هاڻي سمجهه ۾ آئي آهي ۽ هن ٿورن سالن ۾ مثبت ترقي ڪئي آهي. جيڪو اڃا سوڌو يورپ جي ٻين ترقي يافته ملڪن کان تقريباَ 19ــ 20 سال پٺتي آهي، سو هنن پاڪستانين سان ڇا ويڌن هوندي، جيڪي 40 سال پُٺتي آهن؟ نعرن مٿان نعرا، مذهب جي آڙ ۾ ماڻهن کي چرٻٽ بنائڻ ۽ کين ڦرڻ ٺڳڻ کانسواءِ ڪو مقصد ناهي.
    اسان جا سنڌي گهڻو ڪري سطحي سوچ رکندڙ ”ڪامريڊ“ سڄو ڏينهن هوٽلن تي ”جيئي سنڌ“ جون ڳالهيون ڪرڻ ۾ مست، پيٽرول پمپن ڦرڻ ۾ ڀڙ، غريب شاگردن کي بليڪ ميل ڪرڻ. مطلب ته هر اُها برائي جيڪا هڪ سٺي اسلامي مملڪت هئڻ گهرجي سا ته هت آهي !! اڃا ڇا کپي !
    پاڻ ته پري آهيون اهڙين ڳالهين کان ! نه هڪ ۾ نه ٻن ۾! گانڌيءَ چيو آهي ته : ــ
    اصول کانسواءِ سياست،
    اخلاق کانسواءِ علم،
    انسانيت کانسواءِ سائنس،
    قرباني کانسواءِ عبادت، ماڻهوءَ کي نيچ بنايو ڇڏين!
    ادبي سنگت کي هلائيندا اچون، بالڪل مطمئن رهجان، سڀئي دوست تعاون ۾ آهن، مون تاج ڏانهن ويجهڙائيءَ ۾ هڪ خط لکيو هو جنهن جو هيل تائين جواب نه آيو آهي، بهرحال موڪليندو ضرور، ٻيو سڀ خبر آهي، زندگي جي گاڏي رڙهي پئي.
    شيلي چوي ٿو : ــ
    I love snow and all the farms.
    I love waves and winds and storms
    Which is natures and may be nature`s
    By man`s misery !!!
    ”مان برف ۽ چراگاهن سان پيار ڪريان ٿو، مون کي لهرن ۽ هوائن جي جهونڪن سان پيار آهي. مطلب ته مان فطرت کي تڏهن ٿو گهران (چاهيان) جڏهن هوءَ ماڻهوءَ (غربت ۽ مفلسي) سان سهمت هجي.
    (SHELLEY OF GERMANY)
    (YOUNG POEM)
    تنهنجو:
    سليم تُنيو
    ===============================================================


    رات : 11:30
    مڪلي ٺٽو
    28. 6. 87
    الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن !
    پيارا سارنگ!
    اهو ٻڌي مونکي بيحد خوشي ٿي جو تون اسڪول هيڊ ماستر ٿي ويو آهين. مون کي اميد آهي ته تون پنهنجن جذبن حوصلي ۽ همت سان انهيءَ عظيم پيشي ۾ پيش رفت آڻيندين سو مون پاران توکي واڌايون هجن !
    مڙني دوستن سان تعاون يڪسان برقرار آهي ۽ ادبي سنگت کي به هلائيندا پيا اچون، ڇا ڪريون اهي به ته اسانجن جذبن سان سهمت آهن نه ! انهن ڳالهين کان گهٽ ۾ گهٽ اسين (باشعور) ڪيئن ڪناراڪشي ڪري سگهون !؟
    مانجهي مون سان مليو هو، هن ”سرسوتيءَ“ نالي هڪ ماهوار رسالو شايع ڪرايو آهي، جنهن جي هڪ اعزازي ڪاپي مون کي ملي، انهيءَ کان علاوه ڏهه ڪاپيون وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏنائين، گڏوگڏ چتاءُ ڏنائين ته اوهان پنهنجيون لکڻيون هن رسالي کي موڪليو، هي رسالو نج ادبي آهي جنهن ۾ صرف ۽ صرف نظم، نثر آهي. مانجهيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته ادبي ۽ سياسي رسالو به عنقريب ڪڍڻ وارا آهيون
    ٻيا حال ٻڌاءِ ڪيئن پيو وقت گذري، بور ته نٿو ٿئين؟
    اڄڪلهه مان ”ارتقا جي ڪهاڻي“ پيو پڙهان، ڪتاب پڙهان ٿو ته ميڊيڪل فيلڊ ۾ وڃڻ جو آدرش اُڀري ٿو، بهرحال ڏاڍو بهترين ڪتاب آهي، ان کان اڳ ”چتر ليکا“ به پڙهيم، جنهن منهنجي ذهن جا پردا ئي کولي ڇڏيا. ڏاڍو وڻيم گڏوگڏ (Exeerpts) نوٽ به ورتا اٿم ـ
    سڄي سنگت ۽ دوستن ڀائرن کي سلام
    خاص ڪري عابد کي ـ
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================


    مڪلي
    2.6.1987
    اکيون رت روئي، ماڳ ڏسي موٽيون.
    پيارا سارنگ !
    امتحانن جي بالڪل ويجهو هئڻ سببان توهان سان يا ڪنهن ٻئي دوست ڏانهن باقاعده ڪرسپانڊنگ (لکپڙهه) نه ڪري سگهيو آهيان، وقت جي واچوڙي ايترو به وجهه نه ڏنو جو اوهان ڏانهن ڪجهه لکي سگهان، ان ۾ منهنجو هڪ رتيءَ جو به قصور ناهي، البته اها ڳالهه صرف مون تائين محدود آهي نه ڪي ڪنهن ٻئي جو اِن ۾ عمل دخل آهي، تنهنڪري اها غلطي ( جنهن کي مان غلطي ئي چوندس) پاڻ سان منسوب ڪيان ٿو.
    هن سماج ۾ ساڙ بغض، حسد ڪينو، ڪنهن سان اندر جا حال احوال ڪريون، ڪوبه ٻُڌڻ گوارا نٿو ڪري، الائي محض انهي ڪري جو تو ۽ مون وٽ ڪرولا ۽ مرسِڊيز ناهي، ڪيٽي ۽ بوسڪيءَ جا ڪپڙا ناهن. انهن شين جي نه هئڻ ڪري اسان وٽ صرف ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جن جي ڪري دنيا جون چوٽي واريون شخصيتون اڄ به صفِ هستيءَ تي موجود آهن ۽ سندس ڳڻ ڳايا وڃن (اُهي به انهن جي مرڻ کانپوءِ، جيئري کين ڪو سواءِ ڪن طبقن جي پڇندو به ڪين هئن) ٿا، جڏهن مُئا تڏهن اهي ماڻهو جيڪي کين حياتيءَ ۾ ئي پرکي چڪا ها، تن کي زماني جي ظالم حاڪم طبقن ۽ رجعت پسند طبقن انهن جي فڪر ۽ فلسفي، تصوف جي تعليم کان جيترو ٿي سگهيو ايترو هِنن غريبن کي پري رکيو ۽ اهو عمل اڄ تائين هلندو اچي. سائنسي عملن جي ڪا حد ٿيندي آهي، پر هن عمل جي حد شايد آهي ئي ڪونه آهي!
    ڪنهن ٽاريءَ ۾ جڏهن جڏهن گُل بيٺل هوندا آهن ته اها ٽاري به من موهيندڙ هوندي آهي محض گل جي ڪري، جڏهن تون ۽ اسان مڪليءَ جي باغ ۽ رستن تي هلندا هئاسون ته شايد تنهنجي ڪري ئي اسان کي به ادبي حلقن ۾ عزت احترام سان ڏٺو ويندو هو، جڏهن تون نوابشاهه هليو وئين تڏهن کان ڪي اهڙا به ”باذوق“ ۽ ”بااخلاق“ طبقا آهن، جيڪي اسان کي انهي ٽاريءَ جيان وساري ويٺا آهن جنهن جو مٿي مثال ڏنو اٿم ـ بهرحال اهي ڳالهيون ڪري آئون وڌيڪ توکي هن مفاد پرست دنيا ۾ ڊپريس نٿو ڪرڻ چاهيان، ڇاڪاڻ ته تون اسان سان هر وقت تعاون پئي ڪيو آهي، باقي اهي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون ئي رهنديون آهن. ڀلا ڇا ڪجي اسان انهن ماڻهن سان سٺو سلوڪ روا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهيون. امتحانن کان پوءِ مڙس ماڻهو ٿي ڪم کي لڳنداسين، ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي؟
    منهنجي حافظي جا حال به اهي آهن جو مان خاص ڳالهه ٻڌائڻ ته وساري ويٺس. تنهنجي همٿائڻ ۽ حوصلي ڏيارڻ سان مان ’مڪلي ڪلچر ائنڊ ايجوڪيشنل سوسائيٽي مڪلي‘ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو آهيان. پاڻ پنهنجون هڙئي صلاحيتون صرف ڪري ۽ توهان جهڙي دوستن جي تعاون سان هن اداري کي ترقي وٺائينداسين ۽ جيئن مڪليءَ جا ماڻهو سمجهن ته اهڙا به ڪي شاگرد هئا!
    سڀ کان پهرين اسانجو پروگرام ٿر جي مسڪين ماروئڙن لاءِ ’ٿر بچايو ڪئمپ‘ لڳائڻ آهي ۽ پوءِ ٻيو ڪجهه !
    تنهنجا سلام مون کي مجيب جي معرفت موصول ٿيا. مهرباني، هن عيد ۾ اهو اثر ۽ اٽريڪشن نه هو، جيڪو ڪنهن عيد ۾ هئڻ گهرجي. مان ته عيد جي ڏينهن ريڊيو کڻي گهرن جي پٺيان ٻنين ۾ نڪري ويو هيس ۽ ڏهين وڳي گھر پهچي تيار ٿي وَر غلام الله محمد ڏانهن هليو ويس، جتي ڳوٺاڻن سان رُکو سُڪو کائي تمام گھڻو لطف اندوز ٿيم.
    اها رات منهنجي زندگي جي هڪ عجيب ۽ منفرد رات هوندي جنهن ۾ مون تڏي تي سُمهي بـ سانت ۽ سڪون حاصل ڪيو هو.حقيقي محبت آهي تـ ڳوٺاڻن ۾ آهي، باقي شهري ماڻهن ۾ ) جن ۾ پاڻ بـ شامل آهيان( ايتر رس ناهي.
    وري هونداسين حيات ته نوابشاھ ۾ ملنداسين امتحان کانپوءِ، سدائين گڏ.
    اياز، پپو، موسى سليم پليجو ۽ محمد جا سلام قبول ڪجان

    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================


    ڊسمبر 1987ع
    ڀاءُ سارنگ!
    شرمندو آهيان جو عرصي کان خط نه لکيم! بس منهنجون ذاتي ڪوتاهيون ئي سمجهجان.
    ”مڪلي شهري ائڪشن ڪاميٽيءَ“ وارو قصو ته اياز توکي ٻڌايو هيوـ ان مونکي ڏاڍو مايوس ۽ ملول ڪري ڇڏيو هيو، ايتري قدر جو ماني به پوري نه کائيندو هئس، بهرحال انهن ڳالهين کي منهن ڏيڻ لاءِ مون وٽ مادو ته هيو، پر ان جو استعمال نه پئي ڪري سگهيس.
    منهنجو ضمير به عجيب قسم جو آهي ـ ڪڏهن ڪڏهن جولان ۾ اچي اهڙا ڪم ڪري ويندو آهيان، جو پنهنجو پاڻ تي اچرج ٿيندو اٿم، ته ڇا هي ڪم منهنجو آهي؟. ”شهري ائڪشن ڪاميٽيءَ“ جي واقعي کان پوءِ ايترو ته مايوس ٿي پيس جو، دوست به نه پئي وڻيا ۽ مون کي محسوس پئي ٿيو ته شايد سنگتي ساٿي ويندم موڪلائي. پر شابس هجي دوستن کي جن مون کي ڪڏهن به ڊسگائيڊ (Disguide) نه ڪيو.
    ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو مان ۽ اياز ٺٽي، مشتاق ميمڻ سان ملڻ وڃي رهيا هياسين، ته بس ۾ هڪ ماڻهو ويٺو هيو. محسوس ڪيم ته هي شمشيرالحيدري ته نه آهي؟! بس بيٺي، اياز اڳئين گيٽ کان لٿو ۽ آئون پوئين کان، مون کي تجسس هيو ته مان ڳالهايانس ته ”ڇا توهان شمشيرالحيدري آهيو“؟ پر اياز جي دل نه ٻڌڻ ۽ دير جي عذر اهڙي عظيم شخصيت کان وانجهو رکيو. (اهو افسوس مان اڃان سانڍي رکيو آهي)
    87.8.9 تي سائين شيوا رام وٽ ويا هئاسين ۽ جهمپير گهمڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ لاءِ ڪتاب به وٺي آياسون جن ۾ ”نوجوانون کا گيت“ ، ”تين سال“ ”ٽوٽي هوئي تاري“ ۽ پليجي جو ڪتاب ”واٽون ويهه ٿيون.“
    تنهنجي اياز ڏانهن موڪليل ڪهاڻي (جيڪا تو ترجمو ڪئي هئي) پڙهيم، ڏاڍو متاثر ڪيائين، ڇا ته ان ليکڪ جو فڪر ۽ مشاهدو آهي ـ تنهنجو ترجمو به بهترين ٿيل هو. اها ڪهاڻي برسات کي معاف ڪجان عبرت کي ! اياز اماڻي هئي جا هن شماري ۾ ناهي ڇپي، سو مانجهيءَ اقرار ڪيو هو ته جيڪڏهن عبرت، ڪهاڻي شايع نه ڪئي ته پاڻ ضرور هلائينداسون، سو مانجهيءَ کي به خبر پئي آ ڏسون ڪڏهن ٿا ان تي ايڪشن کڻن.
    ادبي سنگت جي خبر هي اٿئي ته گذريل ٻه گڏجاڻيون نالي ماتر ٿيون ڇاڪاڻ ته محمد ماروءَ کي عالم شاه جي ٺٽي جي دؤري ڪري وقت نه ملي سگهيو ۽ پروانو ڪمن ۾ مصروف هيو ـ باقي مان ۽ اياز ڏونگر ويٺا ڏاريون.
    مرتضيٰ جو ڇا ٿيو؟ داخلا ورتي اٿس يا اڃان دير اٿس ـ جنهن سبجيڪٽ کي هو فالو ڪري سگهي سو ئي کڻائجوس.
    امير کي سلام، ڀاءُ مصطفيٰ کي ڀاڪر ـ ننڍڙن پيارن کي پيار! انهيءَ سان گڏ موڪلاڻي ـ اميد ته ڪاوڙ لٿي هوندئي !
    توهانجو
    سليم تنيو
    ===============================================================


    3 سيپٽمبر 1987ع
    مڪلي ٺٽو
    سارنگ توساڻ،
    نوابشاهه جي گهٽين ۽ هوٽلن ۾،
    ڪيم رهاڻ.
    پيارا سارنگ !
    بس ۾ بيهندو سفر ڪندو لڙڪندو لمندو، خير خوبيءَ سان پنهنجي ماڳ تي پهتس. حيدرآباد ۾ به حالتون سازگار هيون ۽ مون کي بس سڌو سنئون پنهنجي اڏي تي لاٿو، جتان هوءَ ڪراچيءَ وڃڻي هئي. تقريبن پنجين کان به اڳ ۾ گهر پهتس ـ اميد ته هاڻ دل مان هورا کورا نڪري ويئي هوندئي!
    مون کي نوابشاھ جو منظر اڃا تائين ذهن ۾ آهن ـ هُتان جا رستا، بازار، گهٽيون، اڏاوت، گرمي رات جون هيرون ۽ انهن سان لاڳاپيل توهان دوستن جون چند خدمتون. شال مونکان اهو منظر ۽ اهي يادگار گهڙيون نه وسرن ـ !
    مصطفيٰ جون ڳالهيون،مرتضيٰ جي نماڻائي، امير حمزي جي خاموشي ۽ تنهنجون عجيب ڳالهيون مطلب ته مڙني مان متاثر آهيان. ڪڏهن ڪڏهن انسان کي اهڙو واءُ لڳي ويندو آهي جو هو پنهنجو ماضي ۽ ماضيءَ جا يادگار عڪس پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هر زماني جا لاها چاڙها ۽ وقت جي تيز واچوڙن سان سهمت ۽ انهن ۾ محو مست ٿي ويندو آهي. جنهن سان پنهنجي عظيم ساٿين کان به زنجير جي ڪڙيءَ جيان ٽٽي اڄاتل (زماني جي) پاتال ۾ غرق (اڻاپڻي جي زندگي گهارڻ) ٿي ويندو آهي، جيڪا صرف هن لاءِ ئي صحي ۽ سٺي راه ثابت ٿيندي آهي ــ
    بهرحال اسان جون ته ڳالهيون ٻيون آهن اسان اڃان انهيءَ ڏاڪي تي رسيا ئي ناهيون، جو اهڙا خيال رکون، جنهن سان عظيم ساٿي وڇڙي وڃن. مرتضى کي هميشه همٿائيندو رهجان. مان هتان موزون هدايتون جيڪي مونسان درپيش مسئلن بابت هيون، موڪليندس.
    منهنجو انفرادي مطالعو جاري آهي ۽ اياز جو پڻ، تنهنڪري هڪٻئي ڏانهن خطن ۾ ڪتابن بابت ذڪر ڪندا رهنداسون، اڄڪلهه مان’تاريخ ڇا آهي‘؟ پيو پڙهان.
    دوستن کي سلام ۽ ننڍڙن ڀائرن، راجو ۽ عابد کي پڻ !
    سدائين گڏ.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================


    13. سيپٽمبر 1987ع
    مڪلي ٺٽو
    رات: ـ 30 ـ 9
    ننڍا ڀاءُ مرتضيٰ سدا مرڪندو رهين !
    ادا خط نه لکڻ جو سبب مان سارنگ جي خط ۾ ڄاڻائي چڪو آهيان، تنهنڪري مان معافيءَ جو هر حالت ۾ حقدار آهيان. (اهڙي قسم جي دادا گيري جي ٻيهر معافي ڏيندؤ) مهرباني.
    توهان جا امتحان ته ٿي ويا آهن تنهنڪري هينئر توهان کي نظرياتي يا ادبي ڪتاب پڙهڻ ٿا سُونهَن، مان اوهان مان ايتري ئي اميد رکي سگهان ٿو، ٻيو خط ڪتابت جو سلسلو ٻيهر شروع ڪندا، ائين نه ٿي جو نئين پٽڙي ٺهي ته پراڻي پٽڙيءَ کي وساري ڇڏجي.
    خط لکڻ ڪري ٿورڙو مالي خرچ ته ٿئي ٿو البته ٻئي جي دل جيڪا خوش ٿيئي ٿي، اُها ان کي ئي خبر هوندي آهي.
    ساٿ سلامت
    توهانجو
    سليم تنيو.
    ===============================================================

    مڪلي
    2. فيبروري 1987ع
    پيارا سارنگ !
    تنهنجو خط اياز معرفت مليم ۽ پڙهي هيئن سان هنڊائينم، خط ۾ مايوسي %90 سيڪڙو هئي، جيڪا ڳالهه تو ڪئي آهي سا پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، پر اسان کي هروڀرو مايوسيءَ جو سنڌرو نه ٻڌڻ گهرجي!
    مون ايل.پي.سي سرٽيفيڪيٽ رجسٽري ذريعي موڪليو هو ۽ تو ان جو ذڪر خط ۾ به نه ڪيو آهي. البته اياز جي خط ۾ تو لکيو هو ته سرٽيفيڪيٽ آفيس مان وٺي موڪلجان. رجسٽري توکي ملي آهي ته لازمي ان منجهه سرٽيفيڪيٽ به موجود هوندو.
    اڄڪلهه اسان جا فارم پيا ڀرجن، جنهن لاءِ بالڪل مصروف لڳا پيا آهيون، ادبي سنگت کي هلائيندا پيا اچون. وليداد جوڻيجي کي ميمبر ڪيو اٿئون ۽ ڪي ٻيا به دوست خواهان آهن.
    مون وانگر تون به ائين ڪر، جيڪو بي رُخي وارو سلوڪ ڪريئي تنهن سان تون به بي رُخيءَ جو ناٽڪ رچاءِ. اهڙن ماڻهن مان گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ڪو فائدو ۽ هڙ حاصل نه ٿي آهي. اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان ۾ ڪيتري پنهنجي شخصي پرسنلٽي آهي.
    چڱو سدائين گڏ.
    تنهنجو
    ماضيءَ ۽ حال جي ڏکن سکن جي،
    باوجود به منزل ڏانهن گامزن.
    سليم حسين تنيو.
    ===============================================================


    مڪلي ٺٽو
    جمعو 6 فيبروري 1987ع
    پيارا سارنگ !
    عام چوڻي آهي ته پهلوان جو امتحان ۾ وٺجي ۽ دوست جو امتحان ضرورت جي گهڙين ۾، دوست ! مان ۽ اياز خميس جي ڏينهن نائين بجي ڪاليج وياسون، هيڊ ڪلارڪ کي تنهنجا ڏنل ڊاڪومينٽس ڏناسين، جيڪو پرنسيپال ڏانهن کڻي ويو، پندرنهن منٽن کان پوءِ اچي اسان کي چيائين ته ”آپا“ چوي ٿي ته اسان کي ڇوڪريءَ (جتي اديءَ کي داخلا ڏياريو) جي ڪاليج مان نو آبجيڪشن سرٽيفيڪيٽ (اين .او.سي) گهرجي، انهيءَ کانپوءِ بورڊ آفيس وارن کان ٽرانسفر آرڊر وٺڻو پوندو پوءِ ملندو سرٽيفيڪيٽ.
    هيڊ ڪلارڪ اسان کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيميسٽري ليب جي انچارج يعني ڪيمسٽريءَ جي پروفيسر چوي ٿي ته اسان جو ڪجهه سامان توهان ڏانهن ڊيو آهي، يعني ادي ڪجهه سامان گهر کڻي آئي هئي، شايد تجربن لاءِ. سو واپس ڏيڻو آهي.
    واپسيءَ ۾ پنهنجي ڪاليج مان فارم وٺي آفيس، وڏي ڏانهن وياسون جنهن چيوL.P.C سرٽيفيڪيٽ تيار آهي جنهن تي باقي ٽريزري آفيسر جي صحيح ٿيندي، تنهنڪري وڏي چيو ته توهان مهرباني ڪري ڇنڇر تي اچجو، ته توهان کيL.P.C سرٽيفيڪيٽ ڏينداسين. اسان کانئس موڪلائي پنهنجي پنهنجي ماڳ تي آياسين. اوچتو اياز پروگرام ٺاهيو ته ڪراچيءَ هلجي، رسالو به ڇپائي اچون ۽ ٻيو گهرو ڪم به ڪيو اچون .مون به ساڻس ها ڪئي، هڪ بجي واري بس ۾ ڪراچي وياسين ۽ رات جو اسٽيل ملز جي بس ذريعي هڪ بجي پهتاسين. جمعي جي صبح يعني اڄ مان لائبرري کولي ڪجهه اخبارون وغيره سهيڙي رهيو هوس ته اياز ۽ ساڻس گڏ ٻيا ٻه دوست، جيڪي لاڙڪاڻي مان آيا هيا. اياز مون کي لائبرري بند ڪرڻ لاءِ چيو، مون سندس حڪم جي تعميل ڪئي ۽ سڀني دوستن سان گڏجي ڪينجهر ڍنڍ تي وياسين ـ شام اچي گهر ۾ ويٺس، ڳچ دير ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ پرهندو رهيس ـ ٿوري ٻاراڻي گوڙ سببان مطالعو اڌ ۾ ڇڏي، تو ڏانهن هي خط لکڻ ويٺو آهيان.
    مون پنهنجو فرض سمجهي هي خط تو ڏانهن لکيو. لاءِ عمل هيءَ آهي ته توکي هڪ وار هيڏانهن اچڻو پوندو، باقي ڪل خير آهي.
    تون پنهنجو ساٿ نڀائيندو رهجان، اسان پڻ توکي ڀرپور ڪمپني ڏينداسين.
    تنهنجو سليم تنيو
    ===============================================================


    21 آڪٽوبر. 1987ع
    مڪلي ٺٽو
    آج سي ميري فن کان مقصد زنجيرين پگهلانا هي
    آج سي مين شبنم کي بدلي انگاري برساؤن گا.
    (ساحر لُدهيانوي)
    ڀاءُ سارنگ!
    ڪي ماڻهو ويجها هوندي به پري ٿين، پر ڪي پري هوندي به نڙيءَ جي نسن جيان ويجها ٿين ! مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي جو تون ۽ مان تمام گهٽ مِلي سگهياسين ۽ صحي نموني سان حالي احوالي به نه ٿي سگهياسين.
    هيءَ زندگي به عجيب شيءِ آهي، ڪي جهوپن ۾ به پيا جهومن ته ڪي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ڪومايل! پر هڪ هستي ضرور آهي جيڪا زندگي کي ڳٿر کان جهليو بيٺي آهي، اها آهي اديب ۽ شاعر جي اُها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ اهڙين شين جو مانُ نالي ماتر به ناهي.
    پر ڪنهن به شاعر ۽ اديب کي زندگيءَ گذارڻ جو (Manner) ضرور آهي، اسان وٽ جيڪي ماڻهو آهن، سي صرف پاڻيءَ تي ليڪا پائي ڄاڻن. خبر به اٿن ته ڪو کڙ تيل نه نڪرندو، تڏهن به چوندا ته آزمايون پيا مشاهدو آ، افسوس !
    جان ڪِيٽس جي باري ۾ مشهور آهي ته هو پڻ ڇڻ جي موسم ۾ شاعري ڪندو هو،مون کي حيرت آهي ته ڪٽيس کي خزان جي موسم ڪيئن ساڀيان پئي ـ بهرحال پسند پنهنجي پنهنجي آهي. پر پوءِ به مان سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان ته اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي ناپسند کي پنهنجي پسند بڻائيندا هئا، ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريندا هئا.
    مانجهيءَ سان ملاقات جي لاءِ ويو هيس، پر هو انهيءَ ڏينهن اسڪول نه آيو هو. مان خط لکي ڇڏي آيو هيس ۽ ماسترن کي هدايت ڪئي هئم ته دوست کي منهنجي باري ۾ ٻُڌائجو ۽ مونسان شام جو لائبرري ۾ ملي. پر هيل تائين مانجهي نه ملي سگهيو آهي، بهرحال ڪوشش اسانجي جاري آهي ۽ اميد ته ڪم ٿي ويندو.
    رضا مون وٽ آيو هو، تنهن تنهنجا سلام ڏنا، رضا به اُهائي ڳالهه ڪئي هئي. بهرحال مان ۽ اياز مانجهيءَ سان مڪمل رابطي ۾ اينداسين ۽ توکي جلدي اطلاع ڪنداسين، ٻيو سڀ خير،
    مجهي اس کا غم نهين که لوگ مجهي فنکار نه مانين
    فکر و فن کي تاجر ميري شعرون کو اشعار نه مانين ـ
    (ساحر)
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    ٺٽو مڪلي
    16 مارچ 1987
    الله ڪارڻ اوٺيا ڪرها مَ ڪاهيو
    جانب منهنجي جيءَ جو آڳانڍو آهيو
    لاڳو لاهيو، متان منهنجو سپرين.
    پيارا سارنگ !
    ڪن گهرو مصروفيتن سببان توڏانهن خط نه لکي سگهيس انهي ڪري معافي ٿو چاهيان. تنهنجو اياز ڏانهن لکيل خط پڙهيم، خط ته نه هو البته ڪهاڻي چئبي. اهو تو تمام سٺو ڪيو جو فوجين وٽان ڀڄي آئين ”اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇِني“ تو پنهنجي خط ۾ ذڪر ڪيو هو ته فوج ۾ پڻ مظلوم طبقو آهي يعني هيٺيان سپاهي، مظلوم طبقو آمريڪا، اولهه جرمني، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ به آهي ته ٽين دنيا ۾ پڻ، ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو اُهي مظلوم طبقا مارڪسي ۽ لينني نظريي هيٺ گڏ ٿي نئون سماج اڏين ـ بهرحال هيءَ ڳالهه ته هڪڙو خيال آهي ۽ خيال ته خيال fantacy ئي رهندو آهي.
    قريشي کان اسان هوٽل ورتو آهي “سڪڻيءَ کي ڄائو پٽ ته چُمي چُمي ماري ڇڏيائينس” انهيءَ ڪري صبح جو هر روز مان ويهندو آهيان. هڪڙي ڏينهن مون بيري کي گهٽ وڌ ڳالهايو، پوءِ مان سوچڻ لڳس ته هڪڙي طرف انهن تي لکون به ٿا ته ٻئي طرف انهن کي استعمال پڻ ڪريون ٿا. پنهنجي ڪَئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيس.
    يار سرمائيدار ڪيڏا نه ظالم ٿا ٿين، مون کي ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ آئي آهي ڇاڪاڻ ته مون مشاهدو ڪيو آهي. في الحال تخليقي عمل بند آهي ڇو ته امتحانن ڪمري سخت competetion لڳي پئي آهي. سنگت کي سنواريندا اچون. ادب جي ڪاروان جي تو جڏهن اڳواڻي ڪئي ۽ وچ ۾ تون هليو وئين، تنهنجي جاءِ نياز والاري، پر هو به ست ساري نه سگهيو ۽ وڇڙي ويو، هينئر اسان اڪيلا وڃي بچيا آهيون، ٿڪي به پيا آهيون، باوجود اُن جي به منزل ڏانهن گامزن آهيون، اسان منجهه ڪي دوست سخت اُڃ سببان هيڏانهن هوڏانهن واجهائين پيا ـ جڏهن ڪنهن وسنديءَ ۾ پهچندا آهيون ۽ انهن دوستن کي پاڻي پيئڻ لاءِ چوندا آهيون ته چوندا آهن پهرين توهان پيو، توهان پيو معنيٰ اسان پيتو ساڳي ڳالهه آهي.
    مسئلو آهي هاڻي سيڪريٽري جو ته سيڪريٽري ڪنهن کي بنايو وڃي، انهي لاءِ توکان به وٺڻ صحيح آهي. محمد کي چيوسين ته ”تُون اسان مڙني منجهان سرس آهين تون سيڪريٽري ٿيءُ.“
    چيائين ته ”آئون مصروف آهيان ٻيو مسئلو اِهو آهي ته ما ن توهان سان ايترو تعاون ڪري نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته منهنجون ڪي ذاتي مجبوريون آهن“
    مان پنهنجي پر ۾ سوچيو ته سيڪريٽري ٿيان (مفادپرست ۽ شهرت پرست نه سمجهجانءِ) ۽ آڊيٽر جو عهدو مجيب يا عزيز يا اسماعيل کي ڏيان انهيءَ لاءِ رايو وٺڻ سٺو آهي.
    منهنجو دوست آهي حيدرآباد ۾ علي حسن بهراڻي مسلم ڪاليج ۾ ٿو پڙهي، ان مون ڏانهن خط لکيو، خط ۾ سنڌوديش جون جبل ڏار ڳالهيون لکيل هيون خط جي چوڌاري پنهنجي سخت قومي شاعري ڪئي هئائين ۽ ٻيو ته خط صفا مون کي عام رواجي لڳو. مون کي جُهجڪي اچي ويئي ۽ کڻي قلم خط لکيومانس خَط منجهه ٻيو ته نه پر انهن تي تنقيدي نقطو گهڻو هيو ـ اٺن ڏينهن کان پوءِ مون کي ان جو خط مليو مٿان مٿان لکيل هيو “جيئي سنڌ” “جيئي پورهيت” مان ڏاڍو خوش ٿيس.
    سڌي يا اڻسڌي طرح انهن ڳالهين سان به لڳا پيا آهيون لطيف چئي! مسٽر گهنور علي جتوئي ۽ سعيد ميمڻ توکي سلام پئي ڏنا. لائبريري ۾ هينئر امتحانن سببان ڇوڪرا نٿا اچن، پر ان جي باوجود به سٺو ڪم پيو هلي ـ اليڪشن اپريل ۾ گهڻو ڪري ٿيندي اسان ضرور بيهنداسين ـ ليڪچر جو پروگرام 20 مارچ جو اٿئي، اچجان ضرور، نياز پڻ ايندو ۽ ها ٻي ڳالهه ته ڪراچيءَ هڪڙو پروگرام ٿيڻو آ مون کان سندس پروسيجر وسري ويو آهي، اوڏانهن هلڻ جو امڪان آهي يا نه خط ذريعي انفارم ڪجان ـ
    هي خط صبح جو ساڍي ستين وڳي لکيو اٿم ۽ ننڍ ۾ چُور لڳو پيو آهيان، ننڍين غلطن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪجئين ــ
    صرف تنهنجو: ـ ڪاٺ جي تختي تي سوار،
    سمونڊ جي ديوپيڪر ڇولين جو جفاڪشيءَ سان مقابلو ڪندي
    ساحل جو سانڀائو ڪندڙ .
    الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
    (شاھ لطيف)
    سليم حسين سوز تنيو
    ===============================================================

    ڏينهان ڏورين ڏَٿَ سين، راتيان ڪَن رهاڻ
    عَمر! تنين ڪاڻ، روح منهنجو ريهون ڪري !!
    (لطيف)
    پيارا سارنگ !
    تنهنجو خط پهتو، ڄڻ دبئيءَ مان ڪنهن سنڌيءَ جي پارسل آئي هجي ! تنهنجي مجبورين کي مان هاڻ سمجهي ويس ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ مان توکي ۽ صرف توکي ڏوهاري ٺهرائيندو پئي آيس. شابس هجئي يار، جو تون اهڙي ماحول ۾ به گذارين ٿو، جتي ڪو به تو جهڙو شعور ۽ ذهنيت نٿو رکي ! مڙس ماڻهو ٿي ڪري ماحول سان ملهائيندو اچ، باقي توسان اسان جو ساٿ سدائين رهندو.
    توکي ته اسانجي ڪاليج جي خبر آهي، سال ۾ ڇهه مهينا بند ته چار مهينا کليل، سو ان عرصي ۾ مطالعي سان بـ ڪين گهٽايو اٿم. مجموعي مطالعي ۾ رسالا، ڪتاب اچي ٿا وڃن، جن مان گذريل مهيني ڪاليج لائبريريءَ مان، فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ)، the poetical work of shelley (شيلي) ۽ ڪئنڊيڊ (والٽيئر) مطالعي هيٺ آهن ـ هڪڙي ڳالهه ته مون وٽ مطالعي لاءِ مواد چڱو آهي ـ (ٻاهران ملندڙ) پر وقت ناهي جو هڪ ساهي ۾ ڪو هڪ ڪتاب پڙهجي. تنهن کان سواءِ توکي خبر آ ته مان گهر جو ڪم نه به هوندو آهي ته به ڪندو آهيان. انهي کان علاوه “دقيانوسي ڪورس” کي به “منهن” ڏيڻو ٿو پوي ـ ان کانسواءِ مان اڄلڪهه ريڊيو شوق سان ٻڌندو آهيان، جنهن جو وقت شام، ڇهين کان ستين تائين (ميڊيم ويوَ تي) ۽ رات اٺين کان ساڍي اٺين واري پروگرام ۾ هڪڙي مولوي صاحب جو نالو وسري ويو اٿم ۽ اهو پاڻ ماسڪو جي جامع مسجد جو پيش امام پڻ آهي. تنهن جو انٽرويو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ هن کان مذهبي سوال جواب ڪيا ويا آخر ۾ هن کان گهر جي گذر سفر ۽ ٻارن ٻچن جو پڇيائون. تنهن تي مولوي ٻڌايو ته سندس زال ماسڪو جي خلائي ڪمپنيءَ ۾ سائنسدان آهي، وڏي ڌيءَ ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندي آهي، ۽ ننڍي ڌيءَ جيڪا ڊاڪٽري پئي پڙهي سا مقامي فلاحي اداري جي انچارج پڻ آهي. مان حيرت ۾ پئجي ويس ته اهڙي ملڪ ۾ مسلمان سڳورا اهڙي لئـ ۾ !! پاڪستان مان هڪڙي همراهه خط ۾ کين لکين ته توهان وٽ مسلمانن جو مجموعي تعداد ڪيترو آهي. تنهن تي ريڊيو ڪمپيئر چيو ته، سائين ! اسانجي وزارت داخلا کي به شايد ايتري خبر نه هجي ته روس ۾ ڪيترا مسلمان آباد آهن ـ هڪڙي ڳالهه جا اسين اوهان کي ٻڌائي ڇڏيون ته، هتِ اسان وٽ هر مذهب سان لاڳاپيل ماڻهو رهن ٿا ـ اسان جڏهن ڪنهن شاگرد کي تعليمي اداري ۾ داخلا ڏيندا آهيون يا ڪنهن مزدور يا ڪنهن ملازم کي ڀرتي ڪندا آهيون ته کانئس اهو نه پڇندا آهيون ته هو مذهبي لحاظ کان ڪير آهي!؟ البته کانئس ذات ۽ صوبائي ٻولي پڇندا آهيون.!
    ڇا ٻُڌءِ اسان وٽ ته اڃا اُتر ۽ لاڙ جو چڪر ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ هلايو ويٺو آهي.!
    سنگت جو پرچو ڪڍيو اٿئون، دوستن جي غيرحاضريءَ جي ڪري اهو قدم سڻائيو سمجهوسون، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٺٽي جا ٻئي يونٽ سمجهن، همراهه واقعي ايڪٽِو آهن. محمد ماروءَ کي ال آصف شگر مل ۾ نوڪري ملي آهي، سو اسان کان ٻه سؤ ڪلوميٽر پري آهي. باقي ٻيا دوست، ڪي پنهنجن ڊوميسائلن ٺهرائڻ ۾ مصروف آهن ته وري ڪي پنهنجين پڙهائين ۾. باقي اسان ته هونئن گهر کان واندا!
    مرتضيٰ، مصطفيٰ ۽ امير حمزه کي سلام ۽ ڀاڪر. پنهنجي طبيعت کان پڻ آگاهه ڪجان !
    رات : 43.10
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي.
    6 ڊسمبر ـ 1987ع
    سنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسينگن جا
    جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان نه چُري.
    ادا سارنگ!
    توهانجو سنيهو مليم، ۽ ننڍڙي ادڙي راجوءَ جو پڻ ! ڏاڍي خوشي محسوس ڪيم. سندس آڏن ڦڌن اکرن ۾ به هڪ پنهنجائپ ۽ پاٻوھ سمايل هئي. اهو سڀ ڪجهه، اها پنهنجائپ تنهنجي ڪري ئي ٿي آهي سارنگ ! شال اهڙو خلوص قائم رهي.
    تنهنجي خط ۾ ڪجهه مايوسي جا ڪرڻا نظر آيا، مهرباني ڪري مايوس نه ٿي. اسان توسان ۽ تون اسان سان گڏ آهين. البته اِهي ننڍڙا ننڍڙا انفرادي يا اجتماعي مسئلا به وڏو منهن ڪڍي بيهندا آهن. اسان انهن کي بردباري سان منهن ڏيون ويٺا آهيون. جيڪڏهن ڪير نٿو لفٽ ڏي ته ڇاهي، اڻسڌيءَ طرح هو اسانجي خوبين کان ته متاثر آهي. اهڙيءَ طرح رابطو قائم رهي. ساٿ هلندو اچي لاٽ ٻرندي رهي !
    بهرحال مايوس ٿيندين ته اسان تي به اثر پوندو، سو التجاءِ توکي عرض آهي ڪي تعميري ڳالهيون ڪيون ته بهتر ـ انسان کي پنهنجو پاڻ زماني جي گردش ۾ رَش ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو وڌ کان وڌ مشاهدا ماڻين ـ
    مون کي سوسائٽيءَ جي چارج 15 .7 .1987 تي ملي هئي ۽ هڪ گڏجاڻي به ڪوٺائي اٿم، جنهن ۾ مستقبل جو پروگرام ۽ فنڊن جي وصوليءَ بابت ويچار شامل آهي. سوسائٽيءَ جي آئين ۾ ته بهترين ڳالهيون لکيل آهن! مثال پبليڪيشن قائم ڪرڻ، آڊيٽوريم قائم ڪرڻ وغيره ۽ اديبن سان رهاڻ پڻ شامل آهي. آئون به پنهنجي وت ۽ وس آهر سوسائِٽيءَ کي ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندس.
    نوابشاهه جو پروگرام توکي پوءِ ٻڌائينداسين في الحال ڪو منصوبو ناهي سِٽيو. سڄي سنگت چاڪ آهي ۽ پنهنجي پنهنجي حيثيت آهر سنگت جو ٻوٽو ٻاريندا اچن. توهانجون خدمتون چاڪريون مان ڪڏهن به نه وساريندس ! ادي مصطفيٰ جا احوال ڏيو ڇا ٿيس نوڪريءَ جو ۽ مرتضيٰ جوحال ڇا آهي، مطالعو جاري اٿسِ ؟ تنهنجو انفرادي مطالعو ڪيئن پيو هلي؟ مون پاران حمزه کي سلام چئجان!
    سدائين گڏ.
    توهانجو ، سليم تنيو
    ===============================================================

    22. 7. 1987ع
    مڪلي ٺٽو
    نڪا بوءِ بازار ۾ نڪا ڇلر ڇَٽَ،
    اڳي هئي جتي ڏنڀرين جي اکَٽ،
    سي پڙ پسيو پٽ، ماڙهو وڃن موٽيا
    (لطيف)
    ڀاءُ سارنگ !
    ڪافي ڏينهن کان پنهنجو رابطو ٽٽل پئي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ سراسر منهنجو ئي ڏوهه آهي ۽ مان مڃان ٿو، پر! هڪ ڳالهه جا آئون چوڻ چاهيان ٿو سا آهي منهنجي گهرو پريشاني، جيڪا صرف پاڻ تائين محدود رکڻ چاهيان ٿو. جڏهن ڏٺو وڃي ته هن سماج ۾ هلڻ ڦرڻ، گهمڻ مطلب ته هر اهو عمل جو ازدواجي هجي، وڏو مسئلو ٿو ٿي پوي. مان پنهنجو پاڻ کي محتاط سمجهندو هوس ۽ سمجهندو آهيان. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙو موڙ اچي ويندو آهي،جتي مون جهڙي اڪيلي جون متِيون مُنجهي وينديون آهن. هڪڙي ڏينهن ٺٽي ننڍڙي ڀاءُ لاءِ فروٽ وٺڻ ويس (ڇاڪاڻ ته اسان فروٽ تڏهن واپرائيندا آهيون جڏهن مرڻ ڪنڌيءَ تي هوندا آهيون) مان فروٽ واري کي پئسا ڏيئي وٺي رهيو هوس، ته هڪڙو دوست جو پري کان پئي ويو تنهن وڏي واڪ چيو “ڪامريڊ! تون به ڪم تي لهين پئين ڇا؟!“مون پويان کڻي نهار ڪئي ته چار ڇوڪريون منهنجي پويان بيٺيون هيون. منهنجو هن کان اڳ ڪوبه ڌيان ڪين هو، ڇوڪرين ڏانهن،ڇاڪاڻ ته هنن کي پڻ فروٽ جي خريداري ڪرڻي هئي ۽ انتظار ۾ هيون هي (مان) فروٽ وٺان ته پوءِ اُهي وٺن. سو مان فروٽ واري کان فارغ ٿي، ساڳي ڪامريڊ ڏانهن وڌيس. حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ چيائين ته ڏي خبر اوهان جهڙن ڪميونسٽن ۽ پورهيت پرچارڪن جا حال به اهي آهن ته، جو جتي ٿا ڇورِيون، رنون روڳڙيون ڏسو اُتي ٿا يڪدم پهچي وڃو. مون کيس سمجهائڻ جون هزارها ڪوششون ڪيون پر همراهه مڃي ئي نه. سو بهرحال مان ڇا ٿي ڪري سگهيس. اڃا اسان پنهنجي سماج ۾ اهي تبديليون به آڻي سگهيا آهيون ته اڳيان ڇا ڪنداسين؟
    معاف ڪجان ! پنهنجي پچار جي پاتال ۾ ڪاهي پيس، ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو منهنجو ۽ اياز جو. اُتي مون ڏاڍيون ڪچهريون ڪيون. پوءِ انهن ۾ ڪامريڊ به هئا ته قومپرستيءَ جا ڪئپسول ورهائيندڙ به هئا، اُتي جي عام زندگي جو مشاهدو ڪيم ته محسوس ٿيو ته هينئر اسان ۾ اڳي کان گهڻو شعور اچي چڪو آهي، جيڪڏهن اسان ۾ خامي آهي ته اها آهي جلال چانڊيو جا ڪلام ٻڌڻ ۽ بينظير ڀٽو کي عظيم قوم جو سرواڻ سمجهڻ. اُتان واپسيءَ ۾ جڏهن سڪرنڊ پهتاسين ته تون بي انتها ياد اچي وئين. پئسن جي کوٽ ۽ ڪاليج جي پڙهائي جي ڪارڻ تو ڏانهن نه اچي سگهياسين.
    والٽيئر چيو آهي ته جيڪڏهن فنڪار (اديب) هڪ سٽ لکڻ لاءِ ويهندو جنهن جي لکڻ لاءِ تڙپندو هوندو ته مان اها تخليق ڪيان، تنهن کي گهرجي ته ڳوڙهو مطالعو ڪري. جيڪڏهن سندس مطالعو آهي ته هو ديوان به لکي سگهي ٿو. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته پهرين جڏهن مان ڪجهه لکندو هوس ته ڪپڙن ۾ نه ماپندو هوس ۽ سنگت ساٿ کي ڏيکارڻ کان سواءِ نه رهندو هوس. پر جڏهن منهنجي حوصلا افزائي نه ٿي ته مون لکڻ بند ڪري ڇڏيو ـ مان پنهنجو پاڻ سان سمجهوتو ڪيو ته جيستائين مان مطالعو نه ڪندس، مشاهدا نه ماڻيندس، تيستائين لکڻ حرام آهي. بهرحال مطالعي جو مواد ميسر آهي، اهو مدار رکي ٿو حالتن ۽ وقت تي، پر مشاهدو منهنجي ازدواجي زندگي ۾ ئي ڪافي آهي. سو اهو سمجهوتو جٽاءُ ڪري نه سگهيو ۽ لکڻ تي مجبور ڪيائين. جيڪو ڪجهه مان لکندو آهيان سو سنگت لاءِ نه صرف پنهنجي لاءِ ڇاڪاڻ ته مان پنهنجو پاڻ کي پرچائي ڄاڻان.
    انٽرسائنس جا شاگرد ايترو ته ڪاليج ۾ بدنام ٿي چڪا آهن جنهن جو ڪا ٿو ناهي. فرسٽ ايئر ۾ هئاسين ته خبر اٿئي ته اسان جو لڏو (مان، مجيب، اسماعيل ۽ مشتاق ميمڻ) هر استاد سان ڪلاس ڪيوسين (وچان سوال) ڪندو هيو سو انٽر ۾ ته اسان اڃان ٻه رتيون چڙهياسين، جنهن ۾ ٻين ساٿين پڻ ساٿ ڏنو ــ هاڻي صورتحال اها آهي جو Bsc II جي شاگردن کان به پُڇندا ته انٽر انجيئرنگ وارا ڪيئن آهن. هو ٺهه ٺهه چوندو . سڀ “اديب ۽ شاعر”. اسانجي ڪوششن سان هاڻ ”ڪاليج مئگزين“ نڪري رهيو آهي ـ جنهن لاءِ انگلش سيڪشن جو ايڊيٽر اياز کي چونڊيو ويو آهي ـ سنڌيءَ لاءِ جيڪو هولڊ وارو ڀاڱو آهي تنهن لاءِ ڪئين جوڌا جوان جاڳي پيا آهن. هن کان اڳ ڊپارٽمينٽ جي استاد مون کي چونڊيو هيو ـ پر پوءِ پرنسپال اعتراض ورتو چيائين ته توهان ڇوڪرن کي موضوع ڏيو جنهن تي لکن. موضوع هيو “شاهه سائين انسانيت جو شاعر آهي.” انٽر مان هي مضمون صرف ٽن شاگردن لکيو، جنهن ۾ هڪ آئون به هيس، جو پنهنجي لڏي مان چونڊيل آهيان. بهرحال اڃا تائين ان جو نتيجو ناهي نڪتو ڇاڪاڻ ته اين.سي.سي ٽريننگ پئي هلي.
    انسان کڻي ڪهڙو به هجي پر کيس پنهنجا مفاد پيارا هوندا آهن. اهڙن پاڻ پرچارڪن مان، مان پڻ هڪ آهيان. هيڏو خط لکيو اٿم، صرف پنهنجي ڳالهه ڪيان ويٺو ـ
    تنهنجي ڪاليج جي ڇا خبر آ. اڃان ساڳي پريشاني آهي يا مسئلي جو ڪو حل لڌو. توکي شايد شڪ هجي ته اسان توکي وساري چڪا آهيون، پر نه. ايتريقدر جو مان جيڪڏهن سنڌيءَ جو ايڊيٽر چونڊيو ويس ته ڪاليج مئگزين جو نالو رکندس”سارنگ“.
    سنگت جو پرچو اچي پيو، هونئن ته دوست غيرجانبدار آهن پنهنجن معاشي مسئلن جي ڪري، پر مان ۽ اياز ملهايون ويٺا آهيون. ڀاءُ مرتضيٰ جي پڙهائي ڪيئن آهي. ڀاءُ مصطفيٰ جا ڪهڙا حال آهن. نئين سروس مليس يا نه؟
    اسانجو نتيجو ظاهر ٿيو، جنهن ۾ مونکي پنجن ۾ پاس ڪيو ويو آهي، ۽ وڌيڪ جدوجهد لاءِ همٿ مليم، جو هڪ ۾ رهجي ويس. اياز جنهن کي ڪاپي ڪرڻ اچي ئي ڪانه، تنهن غريب کي ٽن ۾ پاس ڪيو ويو آهي. ۽ هاڻي اياز کي ڪاپيءَ جي اهميت سمجهه ۾ آئي آهي! بهرحال. پنهنجو احوال وس ۽ وقت آهر ڏجانءِ، نه ته مان انتظار نه ڪندس ڇاڪاڻ ته تون جنهن دؤر مان گذري رهيو آهين، تنهن ۾ اسان جهڙو ماڳهين پِڙ ڪڍي بيهي.
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    ٺٽو ـ سيڪٽر آفيس
    27.ڊسمبر 1988ع
    ڀاءُ سارنگ.
    امتحان جو نتيجو مطمئن ڪندڙ نه نڪتو آهي ـ انهيءَ ڪري هاڻي سپليمينٽري امتحان لاءِ تياري پيو ڪريان ـ انهيءَ ڏس ۾ مان تو وٽ جنوري جي مهيني ۾ مشڪل سان پهچي سگهان ـ ڇاڪاڻ ته منهنجو پهريون پيپر 16 تاريخ تي ٿيندو ـ تنهن ڪري توکان اڳواٺ معافي ٿو وٺان ۽ اميد اٿم ته تون مطمئن ٿي ويو هوندين.

    وري هاڻي مان جنوري جي آخر ڌاري يا وري فيبروري جي پهرين هفتي ۾ تو وٽ ايندس. منهنجي شگرملز لاءِ ويندڙ ٽرڪ تيار بيٺي آهي ۽ مون کي ڊيوٽيءَ تي به پهچڻو آهي ـ
    چڱو سدائين گڏ
    تنهنجو
    سليم ـ
    ===============================================================

    ڳاڙهو، ٺٽو
    12 ڊسمبر 1988ع
    ادا سارنگ !
    رات جي شفٽ جي ڊيوٽي ڪرڻ کانپوءِ صبح جو اٺين وڳي جيئن اچي سُتسُ ته ڏينهن (منجهند) جا ٻارنهن اچي ٿيا. منهن ڌوئي ڪئنٽين تي ويس ۽ وري موٽي اچي سمهڻ جي ڪوشش ڪيم پر ننڊ ڪونه آيم، سو ايگان لارسن جو ڪتاب (THE HISTOTY OF INVENSIONS) کنيم، اڄڪلهه جنون ٿيو اٿم ته انگريزيءَ جا ڪتاب پڙهان، پر ڪامياب گهٽ ٿو وڃان. ڪتاب پڙهندي پڙهندي منهنجو روم ميٽ آيو ۽ اچي تنهنجو خط ڏنائين. اسان وٽ وري مسئلو اِهو آهي ته جو خط ملڻ وقت ڇهن ڏينهن جو مدو هجي ٿو. انهيءَ ڪري تنهنجي خط کي به مون وٽ پهچڻ ۾ ڇهه ست ڏينهن ٿيا آهن.
    منهنجو ته خيال آهي ته اِهي اسانجون سنڌي ڇوريون ڪڏهن به ڪين سڌرنديون، سڄو ڏينهن گڏهه وانگر پيو جانڊهه ۾ وهاءِ ته به چپ. گهرو ڪم ڪرڻ جون ڪوڏيون پر ٻاهرين دنيا ڇا آهي ڇا پيو وهي واپري، ڪا خبر ناهي. اهي آمريڪي به ته مايون هيون، جن جي چپن تي تالا هوندا هئا، پوءِ به آخر وڃي سڌريون. اِهي به مايون هيون، جن ڪيوبا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اسانجي عورتن ۾ ڪامپٽيشن يعني مقابلي واري حِس ناهي. تو پاڻ مشاهدو ڪيو هوندو ته مهاجرن جون رنون اڻپڙهيل هوندي به ٻيو نه ته به کين لکنؤ ۽ دهلي جي درٻار جي ته خبر ضرور هوندن. اسان وارين کي ايتري به خبر ناهي ته سنڌ ۾ سرائڪي به آهي.
    هڪ پاسي اها ڳالهه آهي ته ٻئي پاسي اسان جو به ته روعب ۽ دٻدٻو مٿانئن حاوي آهي. گهر ۾ اينداسون ته جهڙا آهيون ئي اسين، عورت سان هن وقت تعاون ڪجي (مان اهو توڏانهن ڪونه ٿو منسوب ڪريان) کيس محسوس ئي نه ٿيڻ ڏجي ته هيءَ به ڪا زال آهي. پر هر فيلڊ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اهو وجود جو ٻنڌڻ جو وجود هجي ٿو، تنهن کي وقتي طور تي (يا هميشه ممڪن هجي ته) نظرانداز ڪرڻ ۽ ساڻس يعني عورت سان همدردي ڪجي ۽ ڪندو رهجي آخر به ته انسان آهي، من ڪا پوءِ خبر پوين. اهي به ته ماڻهو هئا جن اڃان نئين ارتقاء مس ڪئي هئي يعني سڌريا ئي مس هئا ته انهن مان ڪن کي اچي ترقيءَ ڪرڻ جو جنون جاڳيو، حالانڪه ان دؤر ۾ سماجي يا معاشي ترقي ڪرڻ اؤکو ته هيو ئي، پر پوءِ به آخر ندين ۽ نالن کي ڏسي ڪري انهن خردماغن جي ذهن ۾ جهنجهوڙ آئي ته اهڙيون ئي نديون ۽ ناليون رستا هجن ته ڪهڙو نه سٺو. سو هنن محنت ڪري گهڻي جاکوڙ کان پوءِ پامپي POMPIE نالي شهر جوڙيو ۽ انهي شهر ۾ ٺيڪ انهن ندين ۽ نالين جهڙا سهڻا پٿرن جا گهڙيل روڊ ٺاهيائون ۽ پنهنجي اميدن ۽ آدرشن کي ساڀ پاتائون، پر اهو شهر ڪنهن قدرتي آفت جو شڪار ٿي ويو، جنهن جو هن مهل تائين ڪوبه نالو نشان ظاهر ناهي. ممڪن آ مان اها لٻاڙ هڻي توتي اهو واضح ڪندو هجان ته مان ڄاڻ رکان ٿو يا مون سوشل سائِنس پڙهي آهي ۽ آءُ وڏو سوشل فلاسافر ٿي ويو آهيان. ائين به هجي ته جيڪو تو خواب ڏٺو هيو ته مان هڪ عام لبرل قسم جي ڇوڪري سان شادي ڪري دنيا تي (دوستن تي) اهو واضح ڪندس ته توهين جو ٻٽاڪون ٿا هڻون ته سنڌي عورت کي سڌرڻ گهرجي، پڙهڻ لکڻ گهرجي، پر اهو به هڪ انقلابي قدم آهي، جو تو اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ڪاش اهڙي ڇوڪرين کي به آزادي هجي ها! ڪڏهن ماڻهو ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن وري ڀاڪر ۾ هوندو آهي، ڪو وقت هيو جو تون مون وانگر آزاد پنڇيءَ جيان هن سنسار جي گگن ۾ اڏامندو هُئين ۽ هاڻي تون ڀاڪر ۾ آهين جو تنهنجي 984 رپيا پگهار به اڻپوري آهي، ان لاءِ سوچيو اٿم ته شادي نه ڪجي، باقي دوستن جي شاديءَ جون خوب خوشيون ڏسبيون ۽ ٻڌبيون ـ
    منهنجو روم ميٽ آهي تمام سادو ۽ خوش طبع، پر همراهه کي لڳي وئي آ برهه جي باهه، مون کي خبر ناهي ته کيس باهه ڪٿان لڳي آهي باقي سندس ڊائريءَ مان (جيڪا مان چوريءَ سندس غير موجودگيءَ ۾ پڙهندو آهيان) پتو پوي ٿو ته ڪنهن کيس اها پٽي پڙهائي ڇڏي اٿس ته تون بدصورت ۽ ڪارو آهين. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو مون يا اسان کي ٺاهوڪڙو لڳندو آهي، سو سدائين پنهنجي ڊائري ۾ پنهنجي بدصورتيءَ تي ملامت ڪندو رهندو آهي، سو اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي ايترين حقير قسم جي ڳالهين تي سڄيون ڊائريون ڀريون ڇڏين.
    هينئر به ويٺو آهي شايد ساڳي ڳالهه جي سوچ ۾ آهي ـ شام جا 15.5 ٿيا آهن، ڏاکڻي دري کليل آهي پوئين پاسي، پي پيءَ جي شيدائين جو هوٽل آهي ۽ سامهون روڊ تي ٽن سون کان مٿي ٽرڪون پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪري رهيون آهن، پٺاڻ رِليءَ کان به وڏيون مانيون پنهنجي لاءِ پَچائي رهيا آهن، اڪثر مردن (ڇاڪاڻ ته هي فيملي ڪوارٽر ناهي) هوندي، مخالف جنس جو شديد احساس ٿيندو اٿم ۽ مڪليءَ ايندو آهيان ته ڍءُ ڪري ديدار درشن ڪري پوءِ موٽندو آهيان ته هفتو ڏيڍ ڀلو گذرندو اٿم ۽ ڏاڏي آدم کي جس ڏيندو آهيان ته واقعي مڙس جو پُٽ هيو، جو حوا کي وڃي هٿ ڪيائين ـ مان جنوريءَ جي پهرين يا ٻئي هفتي ۾ تنهنجو سلام ڀرڻ ايندس.
    ننڍڙن ماجد، راجو ۽ مرتضيٰ کي پيار ۽ ادي مصطفيٰ کي ڀاڪر ـ
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو
    مارچ 6. 1988ع
    پاڙي ويج هئام، تان مون مور نه پُڇيا
    تيلا هان پيام، موريسر اکين ۾
    (لطيف)
    ڀاءُ سارنگ !
    تنهنجو خط راهوڪيءَ مان واپسيءَ تي مليو ـ مون کي افسوس آهي جو پاڻ راهوڪيءَ ۾ هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا هئاسون ـ منهنجو خيال هو ته پاڻ گڏجي ٺٽي اچون ۽ ڏينهن ٻه توسان ڪمپني ڪريون. پر اسين هڪٻئي سان ملي ڪين سگهياسون، اتفاق سان وري پنهنجو ملڻ حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ اُتي به مان توسان ملي نه سگهيس، جنهن لاءِ مان پنهنجو پاڻ کي ڏوهي سمجهان ٿو.
    تنهنجي خط ۾ يا کڻي چئجي ته تنهنجي خط جو محرڪ هيوي لانگ مارچ يعني پيادل سفر ڪرڻ، تو جيڪي ڳالهيون پنهنجي ليکي ڪيون آهن، تن سان مان متفق آهيان، پر مان به ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو:
    هن سائنسي دؤر ۾، جتي انسان هر قسم جي مشين ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ـ اُتي هو ڏينهون ڏينهن سُست ۽ ڪاهل پڻ ٿيندو وڃي ـ هُن لاءِ ڏينهن ۾ ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڪرڻ بـ ڏکيو آهي، مطلب ته انسان کي هر شيءِ ميسر آهي ۽ ان جي باوجود به کيس ڪهڙي ضرورت آهي جو هو پنڌ ڪري؟!
    ٻي ڳالهه هئي عقيدت پسندي/ پرستي، هونئن ته فاضل سان عقيدت آهي، پر اسان پيادل هلي ڪري کيس چَئوڻي عقيدت ڪونه ڏيکاري پر هڪڙي سان ڳالهه مون محسوس ڪئي، سا هئي مقامي ماڻهن ۾ اُتساهه اُهو ڪيئن، ٻڌايانءِ ٿو؟
    اسان گولاڙچي کان تقريبن 10 ڪلوميٽر اوريان هياسين ۽ اسان کي رات به هڪ ڳوٺ (ڪارو گونگڙو) ۾ ترسڻو هو، اتي جڏهن پهتاسون ته اسان جو ڏاڍو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ويو، رات گذري جڏهن صبح جو هلڻ وارا هياسين ته آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو اسان سان ملڻ آيا، جيڪي اسان جا ميزبان هيا، تن کين اسانجي باري ۾ ٻڌايو ته هو ڏاڍو خوش ٿيا. پاڻ ۾ چئائون پئي ته، ”هي ماڻهو ننڍڙن ٻارن سان ڪٿان ڪٿان آيا آهن ۽ پاڻ آهيون جو بسن ۾ به هلڻ ۾ به ٻرو ٿو چڙهي“ ـ
    گولاڙچيءَ کان ٽي ڪلوميٽر اورتي اسان پاڻيءَ پيئڻ لاءِ واٽرڪورس جي ڀرسان ويٺا هياسين ته ٻه سوزوڪي ڪارون آيون، جن ۾ اَٺ نوجوان ويٺل هيا، اسان کي چيائون ته اسان توهان جي عظمتن کي سلام ٿا پيش ڪيون ۽ ان موقعي تي اسان توهان لاءِ هڪ حقير خدمت جو نذرانو پيش ٿا ڪريون ائين چئي هنن گاڏيءَ جي ڊگيءَ مان پنج ٿرمس ڪڍيا ۽ اسان کي چانهه پيارڻ کان پوءِ چيائون ته اسين ڪجهه شاگرد آهيون ته ڪجهه ملازم انهيءَ ڪري توهان جي پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن توهان موقعو ڏيو؟ اها ڳالهه ٻڌي يعقوب ڪيڙانو جيڪو جٿي جو اڳواڻ هو تنهن کين چيو ته اسان جي نائيٽ گولاڙچيءَ ۾ آهي، اُتي توهان اسان سان مِلجو. گولاڙچي پهتاسين ته اُهي همراهه اُتي مليا، جتي اسانجي رهڻ/ ترسڻ جو بندوبست ٿيل هيو ۽ عوامي نيشنل پارٽي سٽي گولارچي جي صدر ۽ SST گولاڙچي جي صدر جي سامهون کين حلف کڻايو ويو. اهڙي قسم جا واقعا ٻين شهرن وارن سان پڻ ٿيا.
    لانگ مارچ انقلابي جدوجهد جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪڏهن اسين هن وقت چار سؤ يا ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پنڌ ڪري ٿا سگهون ته عين ٽائيم تي اسان کي ڪا ڏُکيائي پيش نه ايندي.!
    سلام ڀاءُ مصطفيٰ، مرتضيٰ ۽ ننڍڙي راجوءَ کي.
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو ـ
    ===============================================================

    ال آصف شوگرملز لميٽڊ ڳاڙهو ضلع ٺٽو
    30 نومبر 1988ع
    ادا سارنگ !
    سدا درهو رهين !
    مڃان ٿو ته ڪيتري عرصي کان مون تو ڏانهن ڪوبه خط پَٽ نه لکيو آهي، پر شابس هجئي جو تون به اسان مسڪينن جي سار نه لڌي، ٺيڪ آهي چئبو ته اسانجي ڪمپنيءَ ۾ هاڻي احتساب جو فيڪٽر به پيدا ٿي چڪو آهي. ڪٿي ائين ته ڪونهي جو توکي ڀاڄائيءَ اسان کان دور ڪرڻ ٿي چاهي، پر پوءِ به دير مدار اسان پنهنجي اڀري سڀري ياري ملهائڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
    مون کي اڄڪلهه ال آصف شوگر ملز ۾ نوڪري آهي، پر سيزنل، مڙئي سيزن ۾ گذران ڪرڻو، هونئن بـ گهر ۾ اجايو واندو هيس، دوستن کي چَوَ چوان ڪيم نوڪريءَ ۾ رکايو اٿن، ان ننڍڙي ۽ محدود عرصي دوران هڪ دفعو ته ڪڍيو ويو آهيان. توکي خبر هوندي منهنجي افعالن جي، آهيون پهرينءَ جوڙ جا ڦڏائي.
    هڪ ڏينهن، ڪئن ڊيلوپمينٽ جي آفيسر جي ڪرسيءَ تي ويٺو هوس (هو ان وقت آفيس ۾ ڪونه هو) ته اوچتو اسسٽنٽ جنرل مئنيجر نازل ٿيو، تنهن سٺي ڇنڇري لاٿي، پر مان به چئي ڏنومانس ته سائين ” : اسان وٽ ترقيءَ نـ ڪرڻ ۽ صنعتي طور تي ناڪام ٿيڻ جو وڏو سبب اِهو آهي جو اوهان جهڙا آفيسر انهيءَ هوڏ تي اٽڪيل هوندا آهن ته اسانجي ڪرسيءَ تي ڪلرڪ يا ٻيو ڪو ماڻهو نه ويهي، انهي ۾ اوهانجي گهٽتائي آهي، پر اسان جي ويهڻ سان جيڪڏهن توهان جي آفيسري خطري ۾ هجي يا اوهان جو فرنيچر ڀڄي پوي ته پوءِ به کڻي چئجي ته واقعي اوهان سان ظلم آهي. پر اوهان جهڙا هوشيار ۽ زبردست قسم جون ”M.BA“ جون ڊگريون ورتل اڃان پاڻ کي ان ماحول مان آزاد ته ڪرائي سگهيا آهيو. حيرت جي ڳالهه آهي“ ـ
    پوءِ ته اچي روس ۽ ٻين ملڪن جا مثال ڏنامانس، ٻئي ڏينهن وڏو ٽرمينيٽ ليٽر موصول ٿيو، جنهن ۾ لکيل هوته توهان اٺن ڪلاڪن اندر مِل خالي ڪريو، جو اوهان کي اي ـ جي ـ ايم سان تلخ ڪلامي جو احتساب ڪندي، اسان مل مان خارج ڪري رهيا آهيون ـ
    پوءِ چوڏنهن ڏينهن مسلسل ويٺو رهيس ۽ دوستن وٽ ويلا ٽاريندو هوس، آخرڪار هن مهيني جي ستين تاريخ تي وري کنيو اٿن هاڻي، چون ٿا ته ”آپ جيسي نوجوان هماري سرمايه ڪاري کو مستحڪم بنا سکتي هين.“
    يقينن ائين سمجهندو هوندين ته مان هڪ ته دير سان پيو خط لکان ٻيو وري پنهنجي بڪواس سان هيڪاري توکي پريشان ڪري رهيو آهيان ـ
    سارنگ ! نوڪري ڪرڻ به وڏي ڳالهه آهي، هيل تائين مان ٻين جي ٽڪر تي پئي پليو آهيان، پر هاڻي خبر پئي اٿم ته انسان کي معاشي مجبوريون ڪهڙا ڪهڙا نه ڌنڌا ڪرائن ٿيون.
    ڏينهن جا هينئر 45ـ 2 ٿي رهيا آهن منهنجا روم ميٽ ننڊ ۾ الوٽ آهن، جو هو رات واري شفٽ ۾ ڪم ڪري آيا آهن ۽ اجهو، انهن مان هڪڙو هيٺ ڪري پيو آهي ۽ ٻيو جيڪو شايد مادي آ يا نر، تنهن به مٿس جهپٽ ڏئي کيس سهارو ڏنو ۽ هو ٻئي ڄڻا اڏي رهيا آهن ۽ هڪٻئي پٺيان، ۽ ڄڻ ٻه پريمي سمنڊ ڪناري هلندا آهن.
    يار ! ڪلهه رزلٽ ظاهر ٿي آ، تنهن ۾ اتفاق سان منهنجو نمبر ئي ڪونهي، خبر ناهي هاڻي ڇا ٿيندو؟ ڪجهه به آهي، مون مائٽن کي چيو هو ته پاڻ ڊپلوما آف ايسوسيئٽ انجنيئر ٿينداسون تن به ڪونه ٻڌو، پر هاڻي ته خبر پين ! اجايو انٽر ۾ سيل ساڙيم، نه ته هينئر ڊپلوما جي ٻئي سال ۾ هجان ها.
    سارنگ ! اميد اٿم ته هاڻي ناراضگيءَ کي دل مان هڪالي ڪڍيو هوندءِ، جي نه ته مان پاڻهي قليل وقت (ڇاڪاڻ اسان جو ڊيوٽيون تبديل ٿيندڙ آهن) مان توکي ٿورو وقت ڏئي خوش ڪندس ۽ خطن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪندس ـ
    ادا مصطفيٰ ۽ ننڍي مرتضيٰ کي پيار
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو ـ
    15. 2.1988ع
    پاڙي ويڄ هئام، تان مون مور نه پُڇيا،
    تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.
    )لطيف(
    ڀاءُ سارنگ !
    تعليمي ۽ ذاتي مصيروفيتن سببان توسان رابطو نه رکي سگهيس، مسلسل ڪمن ۾ هوندي ماڳهين ڪنهن به دوست سان خط ڪتابت ناهيان ڪري سگهيو، اڄ مس وڃي واندو ٿيو آهيان، خبر اٿئي ته سوسائٽيءَ جو عهديدار به آهيان ته شاگرد به آهيان، سائين اسحاق کي پروموشن مليو آهي، سو هن جو گهڻي ڀاڱي واسطو ئي نه رهيو آهي، ٻي پاڻ کي خبر اٿئي ته هُن ۽ مون ۾ تضاد آهي هو ويچارو عام ذهنيت جو مالڪ آهي، سو جڏهن به ايندو آهي ته دٻڙ دونس ڪڍي هليو ويندو آهي پوءِ سڀئي ڪم مون کي ئي ڪرڻا پون ٿا. ڀلا ڇا ڪجي ؟ اسان سنڌي ماڻهو ڇا ڄاڻو فلاح بهبود مان، اعتبار ڪرين ته مان سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿي پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڀانيان ٿو، مان مڃان ٿو ته مون تي ايترو پريشر به ڪونهي، پر تنهن هوندي به پاڻ کي ان سان ايڊاپٽ نٿو ڪري سگهان. وڏو مسئلو مون سان آهي هم آهنگيءَ جو، ڇاڪاڻ ته مون وٽ سوسائٽي ۾ اهڙا ماڻهو (عهديدار) ڪينهن جيڪي منهنجي ڳالهه سمجهن يا مان هنن کي سمجهائي سگهان.
    مٿين پٽاڙ ته هئي منهنجي ۽ منهنجين مصروفيتن جي، پر اسانجون معروضي حالتون اڃا وڌيڪ گنڀير ٿينديون وڃن، خبر اٿئي مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان اهي ڳالهيون ڇو سکيون، جن لاءِ هينئر سوچيون پيا. ڇا ڀلا اسان تي ئي ٺيڪو آهي ؟ پرپوءِ مان ۽ منهنجو ضمير ۽ منهنجا پيارا دوست مون کي آٿٿ ۽ اعتبار جو احساس ڏياريندا آهن ـ پوءِ لڳندو اٿم ته اسين سڀئي صحيح آهيون، پر اهي جيڪي اسان جي ڳالهين کي Negleet ڪن ٿا، سي اصل ۾ مورک آهن. هن کان اڳ (ڪجهه مهينا) پنهنجو پاڻ کي سڄي ڪاليج ۾ اڪيلو محسوس ڪندو هوس. پر پوءِ دوستن courage ڪيم، بقول خليل جبران،”دنيا مون کي بيوقوف سمجهي ٿي جو آئون پنهنجو پاڻ کي وڪڻڻ نٿو چاهيان ۽ آئون وري دنيا وارن کي مورک سمجهان ٿو جو هو مونکي خريدڻ گُهرن ٿا.“
    مرحوم غفار خان جي ياد ۾ جيئي سنڌ جي دوستن بائيڪاٽ ڪرايو ۽ جناري نماز به پڙهيائون، مجبورن اسان کي به پڙهڻي پئي، انهيءَ کان پوءِ وري جنرل باڊي ٿي جنهن ۾ دوستن معمول مطابق ڳالهايو، مون کي حيرت ٿي ته، اياز انڙ اهو چيو ”هي جيڪي نوان نوان اتحاد ٿا ٺهن سي سامراجي چالون آهن، توهان هنن چالن کان پاسيرا رهو ته سٺو اٿوَ ......“ مطلب ته اهڙو ڳالهايائون جو مون کي مٿن قياس ٿي آيو ته ههڙا اسانجا نوجوان، ائين نه هئڻ گهرجن ها !
    امتحان جا فارم وغيره ڀراياسون ۽ اڄ ئي واندا ٿيا آهيون، في الحال شاگرد ڪلاسن ۾ نٿا ويهن جو فارمن جي وٺ پڪڙ ۾ آهن. اسان گذريل سال مئٿس ۾ ٽيوشن پڙهي سين ته اياز مورڳو مئٿس ۾ فيل ٿيو ۽ مون کي 36 مارڪون مليون، سو هن سال مان ٽيوشن وٺڻ کان نابري واري ويٺو هان. ڏسون ته امتحان ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ باقي انجنيئر ته مان سماج کي پادر هڻي به ٿيندس ! ـ
    گذريل هفتي بي. بي. سي جي سائِنس ڪلب ۾ ٻڌايائون ته لاطيني آمريڪا جي ٻن شهرن يا ملڪن (صحيح نموني ياد ناهي) بوليويا ۽ پيرو ۾ هڪ اهڙي قسم جو پوپٽ ظاهر ٿيو آهي جيڪو نشي فصلن مثال ڏوڏي ۽ ڪوڪا وغيره جي گلن کي کايو ناس ڪريو ڇڏي ـ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انهن پوپٽن جا لاروا (lavga) يا پيوپا (pupa) هٿ ڪري، انهن جي هٿرادو چونڊ ڪرائي کين مخصوص علائقن ۾ ڇڏجي. انهيءَ کان پوءِ کين پنهنجي مرضي موجب نشيدار فصلن تي حملو ڪرائي سگجهي ٿو. حالي ته اها ڳالهه امڪاني آهي ـ جڏهن انهيءَ کي عملي روپ ڏنو وڃي ته پوءِ ڏسجي ـ
    غلام مصطفيٰ جا ڪهڙا حال آهن. اڄڪلهه ڪهڙيون مصروفيتون اٿس؟ مون پاران ڀاڪر، مرتضيٰ جو احوال ٻڌاءِ ته ڪيئن پيو پڙهائي ڪري، فارم ڀرجي ويا اٿن يا نه؟ کيس سلام ۽ ڀاڪر ۽ ها باقي مون وارو جهونو يار راجا محمد علي، جنهن کي مان راجا مهدي علي خان چوندو آهيان جيڪو انڊيا جي فلمي سنجيده گانن/ گيتن جو مهان ليکڪ/ شاعر ٿي گذريو آهي تنهن کي مون پاران پيار ۽ سلام.
    مان امتحانن کان پوءِ نوابشاهه ايندس ـ هينئر هڻ هڻان ۾ لڳا پيا آهيون ـ
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو
    15ـ 2ـ 1988ع
    سنڌ ڌرتيءَ جا جيئرا پٽ سارنگ شال زندگيءَ جي امتحانن ۾ ڪامياب رهين.
    توهان جو خط مليو، جواب ڏيڻ ۾ دير جو گناهگار آهيان، اميد ٿو ڀانيان ته معاف ڪندين. اصل سبب خط جو گم ٿي وڃڻ هيو. آخر تائين ملي نه سگهيو، سارنگ تنهنجا لفظ رايا، مون کي زندگي گذارڻ جو انداز سيکاريندا آهن.
    سارنگ آءُ هاڻ پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهڻ لڳو آهيان، خدارا منهنجي مدد ڪري، مون کي اونهاين ۾ ڪِرڻ کان بچاءِ، مون کي خبر آهي ته وڏائي نه ڪرڻ کپي، پر مان ڇا ڪريان، منهنجي خيالن کي پالش ڪرڻ وارو ڪير به ناهي، منهنجي چوڌاري اهڙن ماڻهن جو ميڙ آهي، جيڪي هر وقت مون کي وڏائي جو احساس ڏياريندا رهن ٿا ۽ پاڻ کي مون کان گهٽ سمجهن ٿا ته پوءِ منهنجي وڏائي ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي.
    سارنگ تو ”نيگرو، عشق ۽ بغاوت“ ناول پڙهيو هوندو، ان بابت رايو موڪليندا ته منهنجي رهنمائي ٿيندي ـ
    ٻيو ته مون وٽ انٽر جا ڪجهه ڪتاب آهن. امتحانن کان پوءِ جي ضرورت هجئي ته لکجانءِ نه ته آئون ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيان. ته جيئن ڪنهن غريب جو ڀلو ٿي وڃي.
    رات جو سوين سوال ۽ سوچون اُڀرنديون آهن توکان پڇڻ لاءِ، پر هن مهل ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا لکان.
    ادبي سنگت وري شروع ٿي چڪي آهي، سڀاڻي 10.30 تي ٻي گڏجاڻي ٿيندي. اڳئين گڏجاڻي ۾ مون ڪهاڻي آندي هئي، موضوع هيس ڳوٺاڻن جي ريتن ۽ رسمن جي سوري تي چڙهندڙ اُهي وَنِيون جن کي پيءُ جيڏا مڙس ٿا ڏنا وڃن.
    ٻيو ته ڪتاب ڇپائڻ لاءِ آئون سوچيان پيو، تو مان سهڪار جي ڀرپور اُميد اٿم.
    چڱو خط لکجانءِ
    فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو
    28.8. 1988ع
    پيارا سارنگ
    ڏک اٿم ته تنهنجي سخت بيمار هجڻ جي باوجود مان تو وٽ اچي نه سگهيس ۽ اسان مان صرف اياز تو وٽ آيو. ڇا ڪجي هڪ طرف معاشي مسئلا، ٻئي طرف گهرو ڪم، سخت ٻوڏن سببن ادا نياز ۽ خادم ڏينهن رات ڊيوٽين تي آهن، ادا امداد حيدرآباد ۽ باقي هڪڙو ڀاءُ جيڪو به پنهنجي پورائي ۾، سو ٻارن جي حوالي، بيماري ۽ گهرو ڪم ڪار ۽ مون کي هٿ ونڊائڻو ٿي پيو.
    ٻيو اهڙو ماڻهو آهي ئي ڪونه جيڪو هڪ ئي وقت آفيسن جا به ڪم ڪرائي ته گهر جو به ڪم ڪري سگهي.
    15 اگسٽ کان سخت بيمار ٿي پيس، توکي خبر آهي ته جڏهن مليريا ٿيندي اٿم ته اصل جان ۾ ست ئي نه رهندو اٿم، انڌي منڊي علاج کان پوءِ هاڻي يعني 27 اگسٽ تي پاڻ کي ٺيڪ پيو محسوس ڪريان. اميد اٿم ته مٿين مجبورين کي ڏسندي تو معاف ڪيو هوندو. هونئن اسان وٽ هڪڙي جي مجبوري ٻئي لاءِ معذوري سمجهي ويندي آهي. تون دل نه لاهِه اسين سڀ توسان آهيون باقي منجهائيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ ڳالهيون دل تي نه آڻ .
    تون پنهنجي جيئري اِهي سڀ نعمتون ماڻيندين، جن جو توکي ۽ اسان کي آسرو ۽ اميد آهي ـ دنيا جا حرامي به وڃڻا آهن تو ڏٺو هوندو ته هٽلر سان ڇا ٿيو، سوليني ويو، نميري ناسون هڻندو ويو ۽ چلي جو پنوشي روز پيو پاڌر کائي. آخر به ته اهي ڪائنر مرندا ۽ اسان وٽ به هڪجهڙو، انهن جي لڏي جو حرامي ڪنو ٿي مئو آهي، جنهن کي هتان جا بنياد پرست ”شهيد“ پيا ڪوٺين ـ
    بهرحال وڌيڪ روبرو ملبو ـ باقي پنهنجو پاڻ کي مايوس نه ڪر. گورکيءَ جي سڄي زندگي سلهه ۾ گذري، گرامچي لنگڙو لولوهو، پر هنن پاڻ تي ڪڏهن به مايوسين کي غالب ٿيڻ نه ڏنو!
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو سنڌ
    15. 3. 1988ع
    هي منهن ڏئي ٻَن، تون وِههُ کائي نه مرين،
    تان جي ملير ڄايون، توسين سنڱ نه ڪن،
    تون ڪيئن منهنجا تن، پاڻ سڏائين مارئي.
    ڀاءُ سارنگ !
    تنهنجو خط مليم، پر افسوس جو، جواب دير سان پيو ڏيان، ارڙهن سال مڪمل ٿيا آهن هن سنسار ۾ (جيڪو ٽين دنيا جو هڪ مظلوم خطو آهي) هلي هلي اهڙو ته ساڻو ٿي پيو آهيان، جو ها سوچان ٿو ته ڇا جي منزل ڇاجو مستقبل، پر يار پوءِ ميڪسم گورکي هتي آٿت ڏئي همٿائي ٿو ته،
    ”جيڪڏهن مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ۽ ڪجهه نه ڪيو ته مان تباهه ٿي ويندس.“ ان ڳالهه کي ياد ڪري گورکيءَ جهڙي شخصيت جي قول جي پيروي ڪرڻ لاءِ شرير ۽ شعور ۾ تحرڪ آڻڻ جو آرنڀ ڪري چڪو آهيان. ڏس ته گورکيءَ جي پوئلڳي ڪٿي ٿي دنگ ڪري !
    يوسف جي باري ۾ تو لکيو آهي، هو سو مون کي قبول آهي ۽ اهڙو اطلاع مون يوسف ڏانهن ڏياري موڪليو آهي تون ڀاءُ وانگر آهين جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه مون نه رکي ۽ عمل نه ڪيم ته پوءِ ڪڏهن ڪندس.
    ادبي سنگت جي گڏجاڻي ڪئي هئي، جنهن ۾ رشيد ڀٽي صاحب جي وفات تي تعزيتي اعلان به موڪلي ڇڏيو اٿم. البته ’ابتدائي سياسي تعليم‘ پڙهيو هئم. جنهن ڏاڍو متاثر ڪيم. خاص ڪري انهيءَ لاءِ ته هڪڙو پيءُ ننڍڙي ڌيءُ کي ههڙا سهڻا خيال ٻڌائي ۽ کيس ننڍڙيءَ عمر ۾ شعوري دنيا ۾ آڻي، مون کي اهو انداز ڏاڍو وڻيو جنهن لاءِ نهروءَ کي سلام.
    ڳالهه ٿوڪ ۽ صاف چئجي ڇاڪاڻ ته اسين ڪنهن سچي ۽ حقيقت تي بيٺل ڳالهه کي ٽوڙي موڙي پيش ڪنداسون، ته اندر ۾ ته هونئن ئي قصوروار ثابت ٿيون ٿا ڇو نه اهو پول به پڌرو ڪجي ته جا ڳالهه مون ڪئي آهي سا منهنجي هينئڙي ۾ پئي هُري، سو اهڙي ريت منهنجي سنگت جيڪا آهي، تمام سٺي آهي پر دوستن جي شعوري ارتقا کڻي چئجي اڃا ڪانه ڪئي آهي. ننڍڙيون ڳالهيون کنيون ويهو رهن، جنهن مان نڪي ملي کڙ نه ملي تيل!
    اياز ۽ مجيب خطن جي هڪڙي معمولي غلطي سببان ڄاڙئين پئجي ويا، ڀلا فائدو؟ وري ساڳيا خوش کير کنڊ. مان ڪوشش ڪندو آهيان ته کين ڳالهين ۾ محسوس ڪرايان، پر مجبور آهيان. پوءِ مايوس ٿي ”جاڙا خان ڪُتي کان جلهجانءِ“ وارو سلوڪ ڪريو پيا هلون، جنهن جا هو ازخود قائل آهن ـ
    هاڻي ڪجهه ٻاهريون ڳالهيون، مصر جي مشهور فرعون بادشاهه ”توتانا خمون“ جنهن جو مقبرو 1922ع ۾ اٺن سالن جي اڻٿڪ ڪوششن سان هڪ انگريز سياح ڳولي لڌو (سياح جو نالو ياد ڪونهي) اهو انگريز سياح جنهن اتان ڪيئي شيون اسمگل پڻ ڪيون هيون، هن سياح قديم نوواردات اهڙن هنڌن تي لڪائي ڇڏيون هيون، جو ڪنهن گهر جي ڀاتيءَ کي ان جي خبر نه هئي. آخرڪار ان سياح جي پڙپوٽي بٽلر جنهن کي اهو گهر جو حصو ورثي ۾ مليو، جنهن جي هڪ الماڙيءَ جي هيٺان تهه خاني ۾ اهي نوواردات پيل هيون ـ بٽلر کي هميشه اها لوڙ لڳل هئي ته ڏاڏي ايڏي ساري محنت ۽ جدوجهد ڪئي ۽ باوجود ان جي کيس ڪجهه به نه مليو ـ نه ائين وري ڪيئن ٿو ٿي سگهي ـ آخر هن پنهنجي گهر کي ڦلهورڻ شروع ڪيو گهڻيءَ ڳولا کان پوءِ کيس هڪ پيتي هٿ آئي، جنهن ۾ فرعون جي دؤر جا زيور ۽ نوواردات پيل مليا، هن هسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي مطلع ڪيو ته کيس اهرا ٽپڙ مليا آهن جيڪي هو نيلام ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر هڪڙيءَ شرط تي ته هو انهن قديم شين جي هڪڙي نمائش ڪرائڻ چاهي ٿو. هاڻي اها نمائش مارچ جي آخر ۾ لنڊن شهر ۾ ٿيندي، جنهن مان هو جام ڪمائيندو. هوڏانهن مصري حڪومت انهن قديم شين تي پنهنجو حق تسليم ڪرائيندي همراهه کي ڌمڪي ڏني آهي ته هو اهي شيون شرافت سان مصري هسٽاريڪل سوسائٽي جي حوالي ڪري ٻي صورت ۾ ڪيس ڪورٽ ۾ هوندو.
    اٽليءَ جي مشهور فلمساز ۽ هدايتڪار ”پرتلوچي“ هڪ فلم ٺاهي آهي ۽ ان فلم جو نالو آهي"The Last Emparer“ يعني ”آخري شهنشاهه“. فلم ۾ انقلاب کان اڳ جو داستان بيان ڪيل آهي ۽ اها سموري فلم چين ۾ فلمايل آهي ـ ياد رهي ته چين هن کان اڳ ڪنهن به مغربي فلمساز ڪمپنيءَ کي پاڻ وٽ فلمون فلمائڻ نه ڏنيون آهن ۽ هيءَ واحد فلم آهي جا هتي فلمائي وئي آهي، فلم جو هيرو هڪ آمريڪي آهي جنهن جي شڪل صورت ان شهنشاهه جي ڪردار لاءِ سؤ سيڪڙو صحيح بيٺي آهي. شهنشاهه جي فرمانبردار نوڪر جو ڪردار چين جي هاڻوڪي وزير رزاعت ڪيو آهي، اها فلم، آميريڪا، يورپ جي تقريبن سڀني ملڪن، جپان ۽ آسٽريليا ۽ خود چين ۾ هلي ڪري ايترو ته ڪمايو اٿائين، جو هالي ووڊ جي فلم انڊسٽريءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن فلم کي 89 ايوارڊ لاءِ نامينيٽ پڻ ڪيو ويو آهي
    ادبي سنگت جي چونڊن ۾ ضرور اچجانءِ .
    مصطفيٰ ۽ مرتضي ٰ کي پيار ڀريا سلام.
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو
    27 اپريل 1989ع

    ڀاءُ سارنگ!
    مونکي هاڻي خبر پئي آهي ته مشاهدو به ڪا شئي آهي. هيل تائين ته اسان/مون مطالعو پي ڪيو آهي، پر مشاهدو نه هئڻ برابر ڪيو اٿئون. پنهنجي فالتو وقت ۾ مان سامونڊي ڪناري جي ڳوٺن جو مشاهدو ڪرڻ ويندو آهيان. ان ۾ مون سان گڏ هڪ دوست ضرور هوندو آهي. سماج جو وڏو مشاهد (Observer) ته مان آهيان ڪونه، پر منهنجو سماجيات / عمرانيات مضمون هجڻ ڪري اِها اڀري سڀري ڪوشش ڪندو آهيان، مشاهدي ماڻڻ جي. توکي شايد کاري جي زندگي جو مشاهدو نه هجي، پر اها زندگي به عجيب زندگي اٿئي. جمعي جي ڏينهن ماڻهو وهنجي سهنجي نماز تي ويندا آهن. اهو مشاهدو اسان ڪري چڪا آهيون، پر هنن ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڏينهن / تاريخن جي ڪابه حيثيت ڪونهي. جمعي جي ڏينهن ڪو ڪپڙو يا ڪنهن پارٽيءَ جو جهنڊو مسيت جي مٿان ڦڙڪائي ڇڏيندا آهن ته جيئن سڀني ڳوٺاڻن کي خبر پوي ته اڄ جمعو آهي ۽ نماز پڙهڻي اٿئون. اسان جي سماج ۾ اڃان اهڙا طبقا ۽ گروهه موجود آهن، جن جي زندگي اڳتي وڌيل زندگيءَ (Advance social life) کان ڪٽيل رهي آهي. مزي جي ڳالهه وري اها ته اهي ماڻهو مڇيءَ ۽ جهينگن جو شڪار ڪن، جنهن جي ايتري ته مارڪيٽ آهي جو هو پنهنجي نسلن جي لاءِ الائي ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا. هنن ماڻهن جو چوويهه ڪلاڪ واسطو واپارين سان هجي ٿو، جيڪي ملڪي به هوندا آهن ۽ غير ملڪي به، پر تنهن هوندي به انهن ۾ سماجي تبديلي ڪونهي آئي ۽ نه وري هو احساس ڪمتريءَ ۾ آهن. هنن ماڻهن ۾ جيتري قدر سماجي پٺتائپ (Social Backwardness) آهي، پر انهن ۾ تجسس به انتها تي آهي. جي هڪڙو شخص مزدا پڪ-اپ وٺندو ته ٻيو وري ان جي تقليد ته ڪندو، پر ان کان وڌيڪ سٺي ۽ مهانگي گاڏي / شيءِ وٺندو، توکي هن علائقي ۾ ڪابه ڇهه مهينا پراڻي گاڏي نظر نه ايندي.
    اها ته هئي سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر ۽ ان جي آسپاس جي زندگي جي ڪٿا. تنهنجو خط ڪجهه ليٽ سان مليو، ان جو ڪارڻ پوسٽ جو ناڪس نظام چئي سگهون ٿا. مون کي خوشي آهي ته تون پنهنجي سياسي زندگي جي ٻيهر شروعات پيو ڪرين، تمام سٺا ۽ نيڪ خيال آهن، پر ان سان گڏوگڏ اسان کي ايترو ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته اسان دنيا جي انتهائي شاهوڪار تهذيب ۽ قديم ڪلچرل جا مالڪ آهيون. اسان کي پنهنجي چؤڏس نهار ڪرڻ گهرجي ته اسان وٽ پيڙهيل طبقو ڪهڙو آهي ۽ بورجوا ۽ بڇڙا طبقا ڪهڙا آهن. اسان سنڌي ترقي پسند پولينڊ جي وليخ والسا جي ساليڊرٽي تنظيم کان ڏکڻ آفريڪا جي نيلسن مانڊيلا تائين، ليانس جي ڪودين جي جدوجهد کان چارٽرڊ تحريڪن تائين بحث ڪريون ٿا ۽ اتان جي مزدورن ۽ پورهيتن لاءِ عقيدت ۽ احترام رکون ٿا، پر افسوس جو اسان ڪيٽي بندر جي مهاڻي، سلام ڪوٽ جي ٿري، ڪاڇي جي ڏکايل بکايل، ڪاڇي جي باري ۾ ڳالهايون ٿا، واڪا ڪريون ٿا، پر انهن کي ويجهي هوندي به ڪونه ٿا ڏسي سگهون. سندس معروضيت جو مشاهدو نٿا ڪري سگهون. پر اسان ته پاڻ کي ترقي پسند ٿا سڏايون ۽ واقعي به اسين ترقي پسند آهيون. البت پنهنجي پاڙي ۾، شهر ۾ ۽ ڪراچي حيدرآباد ۾!
    نهايت گهٽ مطالعو ڪندو آهيان، ان جا ڪجهه ٻيا سبب آهن. مون خيال ڪيو آهي ته جيڪو ماڻهو مون کان وڌيڪ سٺو ليکڪ ۽ ڪارڪن بڻجي سگهي ٿو ته اهو ممڪن آهي بڻجي ويندو. منهنجو هڪ مطالعو گهٽ آهي، ٻيو وري مشاهدو ان ڪري لکڻ جو ڪم رولي ۾ آهي، باقي رهيو مطالعو سو منهنجو انتهائي بهترين مشغلو آهي. ان کي مان ڇڏي نٿو سگهان ۽ پاڻ مرتو لوچان ويٺو لوهه ۾.
    منهنجي سروس پرمنٽ ڪونهي. مل 30 اپريل کان بند پئي ٿئي ۽ پوءِ وري مڪليءَ کي وسائبو، (Off Season) ۾ وقت سٺو گذرندو، جو بي اي ۾ داخلا اٿم ۽ ٿورو آزاديءَ سان رهڻو پوندو. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ رضا جو نياپو آيو هو ته سندس نوجوان مامو گذاري ويو آهي. ان جي تعزيت تي اچڻو اٿم ۽ تنهنجو پرچاءُ ڪندس، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪٽيل رهيا آهيون، ڄڻڪ وڙهيل رهيا آهيون.
    حيرت جي ڳالهه آهي ته شرپسندن نوابشاهه جهڙي سٻاجهي شهر کي به ڪين بخشيو، جو اتي جهيڙا ۽ خون ريزيون پيا ڪن. آخر به اهي چاهين ڇا ٿا؟! ڇا هو اسان سنڌين جي خاموشي ۽ اهنسا جو غلط مطلب وٺي رهيا آهن؟
    هم خاموش بيٺي هين ڪه برهم نه هو عالم ڪا نظام
    وه سمجھتي هين ڪه انهين قوتِ فرياد نهين.
    مرتضيٰ جا حال احوال ڏي، ڪٿي منزل ڪئي اٿس، سمجهان ٿو ته انٽر ۾ پهتو هوندو. مٿئين مهيني ۾ سندن امتحان آهن. راجا ۽ حامد وارا ڪيئن آهن، سندن والد بزرگوار جو سايو ته مٿان کڄي ويو اٿن، پر هاڻي اهو توهان جو ۽ سندن چاچي جو فرض ٿئي ٿو ته توهان هنن جي نگهداشت ڪريو.
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================

    ال آصف شوگر ملز ڳاڙهو
    5 نومبر 1989ع
    ادا سارنگ:
    انتهائي افسوس اٿم جو تنهنجو خط مون کي دير سان مليو، ڇاڪاڻ ته لائبرريءَ جي مسلسل نه کلڻ ڪري ۽ منهنجي غير موجود هجڻ ڪري 22 آڪٽوبر وارو تنهنجو خط مون کي دير سان مليو. اميد اٿم ته مٿئين سبب جي ڪري مطمئن ٿي ويو هوندين.
    ياد هوندئي ڪن ڏينهن ۾ توسان گهرُو ۽ معاشي مسئلا هوندا هئا ۽ تو هڪ ڏينهن ائين به چيو هيو ته مان هڪ ڏينهن خودڪشي ڪندس. اهي ۽ بلڪل اهڙا ممڪن آهي ٿوري منجهن تبديلي هجي، اهي مسئلا اڄڪلهه منهنجي زندگيءَ سان واڳيل آهن ۽ ڪافي دفعا سٺا موقعا مليا اٿم خودڪشي ڪرڻ جا، پر پوءِ اهو چئي ان خود ساخته فرار زندگيءَ تان هٿ کڻندو آهيان ته ڇا اسان جهڙا سنجيده ۽ ڪامريڊ ماڻهو جيڪڏهن خودڪشي ڪندا ته انقلاب ڪير آڻيندو؟ قطع نظر ان کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڇا اسان جي زندھ رهڻ جو ڪامريڊ/سماجي ادارن Legend Elements اهڙو جواز ڇڏيو آهي جو اسان جيئون! هرگز نه! ها اسان کي اهو سيکاريو ويو آهي ته مهاجر، پنجابي دشمن ڪونهن، پر اسان جو مها دشمن جي.ايم. سيد آهي ۽ هوڏانهن اهو ٿو سمجهايو وڃي ته سڀ ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند (بشمول اديب) غدار اعظم آهن ۽ اسان جا ٽپڙ ڦٻائڻ ٿا چاهين! جتي اهڙي قسم جي سياست هوندي، جتي اهڙي قسم جو لٽريچر عوامي حلقن تائين پهچندو اُتي لازمي تضاد Clash پيدا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو ته هڪڙي نقطه نظر جا ناهن! جن کي مطمئن ڪرڻو پوندو! اهڙا افعال ڏسي مان سوچيندو آهيان ته ڇا لکجي ۽ ڇا پڙهجي؟ انگريزيءَ جي ڪمزور هئڻ ڪري انگريزي ادب کان پري آهيون، جيڪو ڪجهه ترجمو ٿئي ٿو، سو سڀ پرولتاريه کاتي جو هجي ٿو! منهنجو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته مان ويٺو بورجوا فلسفي جي حمايت ڪريان، پر جيڪڏهن ٿورو فراخدليءَ سان ڏسنداسون ته اسان کي نظر ايندو ته اوائلي ادب ۾ ڪنهن به قسم جو طبقاتي فيڪٽر ڪونهي! پوءِ ان کي سامهون رکي اسان جن عظيم دانشورن ۽ فلسفن عظيم کان عظيم تر نظريا جوڙيا ۽ اهي سماجيات جي عنصرن سان تحليل ڪري سماج ۾ لاڳو ڪيا! پر اها ته هئي انهن دانشورن جي فطرت/عادت، پر اسان کي به اهڙو ادب/نظريا پڙهڻا پوندا ۽ کين پرکڻو پوندو. لطيف سائينءَ سان گڏ شيڪسپئير به پڙهڻو آهي ته ڪبيرداس کي به، سچل سان گڏ گوئٽي/شيلي/ڪيٽس/بائرن کي به پڙهڻو آهي ته گرونانڪ/گنج شڪر/بلي شاهه ۽ وارث کي به پڙهڻو آهي. پوءِ اسان سمجهي سگهنداسون ته واقعي انهن عظيم دانشورن ڪيڏي محنت ڪئي. باقي اڄوڪن اديبن جا حال اهي آهن جو ڪو ٿو لکي ”سڀ ڪوڙ“ جي غير مهذب نالي سان ته ڪو ٿو لکي ”جي مٺو نه ڀائين“ جي نالي سان، حيرت آهي انهن ”عظيم“ ليکڪن تي جيڪي ايڪيهين صدي جي عظيم نسل کي ويٺا چوتيو بنائين ڇا سنڌي ادب جو معيار اهو وڃي رهيو آهي؟؟
    ادا اهي سڀ ڳالهيون تون پڻ سمجهين ٿو بس ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه.
    ادا مصطفيٰ جا ڪهڙا حال آهن ۽ ڀائو مرتضيٰ ڪهڙي منزل کي پهتو، زرلٽ ۾ ڇا پراگريس بيٺس؟ مان گهڻو ڪري تو وٽ آيس ته هن مهيني جي چوڏهين تاريخ ايندس! ٻيو هتي سڀ خير آهي، مجيب مڪمل طبقاتي ٿي ويو آهي ۽ منهنجو فيڪٽري ۾ هجڻ ڪري گهٽ ملڻ ٿيندو اٿس، اياز ويجهڙائيءَ ۾ آيو هو ۽ حال احوال ڏنائين ته ڪاليج ۾ پڙهائي وڏي ڌام ڌوم سان شروع ٿي وئي اٿس. منهنجو حال اهو ساڳيو اٿئي ۽ مون ۾ ڪا به چئينج ڪا نه آئي آهي، ساڳيو ڪلين شيوَ ڳالهه ڳالهه ۾ گار جو ناقابل اشاعت استعمال، اها آهي اٿم انفراديت!
    آڪاش جو هيءُ ٽڪرو ٻُڌ:
    اڙي دل اڙي دل
    ايڏي به نه ٿي پاڳل
    ڏسين ڇو نه ٿي؟
    لوڪ سارو اٿئي
    وک وک تي وڍيل
    ڪو آ قريبن ڪٺو
    ڪو آ ڪاتيءَ ڪٺل
    رڳو ناهي تنهنجي
    وفائن جفائن
    جي ماتم ڪدن ۾
    هيءُ محشر متل
    اڙي دل اڙي دل....
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================

    *
    مڪلي ٺٽو سنڌ
    8 جنوري 1989ع
    ڀاءُ سارنگ!
    هميشه ڏکن سکن سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي مڙس ماڻهو ۽ خوددار هجڻ جو ثبوت ڏيندا. ان ۾ مان سمجهان ٿو ته اسان تنهنجو ڪو ساٿ نه ڏئي سگهون، پر دانشمندي ان ۾ آهي ته تون ڪنهن تي به نه ڀاڙ، پنهنجي معروضي ۽ موروثي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ۾ جُنبي وڃ- مڃان ٿو ته هن خط پڙهڻ سان تنهنجا جذبا مجروح ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هئڻ ايئن گهربو هو ته مان توکي ڪوڙي اکوٽي آٿت ڏيان، پر منهنجي ڳالهه ٻڌي ڇڏ، هن دؤر ۾ سنگت جو مفهوم اهو ناهي جيڪو اصل ۾ هجڻ گهرجي. مڃان ٿو ته مان به پنهنجي سنگت جو اهو فرض نه نڀائي سگهيو آهيان، جيڪو مون کي نڀائڻ گهرجي.
    ڪنڊا بنجي چُڀن ٿا
    هي گلن جهڙا ماڻهو.
    بظاهر ته ماڻهو چاپلوسيءَ ۾ محو رهي ٿو. پر ان جي اونهائي جي خبر پوءِ پئجي ٿي. تو خط اهڙو لکيو آهي جو مون کي پنهنجي گهر جون ڳالهيون ياد اچي ويون ۽ روئي ويٺس.
    3 جنوري تي گهران موٽندي تنهنجو خط مليم. هيڪر پڙهيم، ٻيهر پڙهيم ۽ آخري دفعي اعتبار آيو ته واقعي هي خط تنهنجو ۽ صرف تنهنجو آهي. جنهن پيڙا جو تو ذڪر ڪيو آهي، تنهن پيڙا مان پڄري نڪتو آهيان ۽ اڃان به پڄران پيو.
    هيءَ تقريباً ويهه سال پراڻي ڳالهه آهي ته منهنجي پيءُ قمبر واري جاءِ وڪڻي امان ۽ منهنجن چئن وڏن ڀائرن کي وٺي بر مُنهن ڏئي دبئي مان نڪتو، مون کي ياد ته ناهي البته بابو ۽ امان ڳالهه ڪندا آهن ته هو دبئيءَ جهڙي باوقار شهر ۾ تڏي تي سمهندا هئا ۽ منهنجن ڀائرن کان بابو مزوري ڪرائيندو هيو، ڇاڪاڻ ته، سندن سڄي ميڙي چونڊي خرچ ۾ ختم ٿي چڪي هئي. اهڙيءَ طرح ان وقت يعني 10 اپريل 1969ع تي منهنجو ڄمڻ ٿيو. پوءِ جو وقت مون کي چٽي طرح ياد آهي. شايد مون توکي اهو قصو اڳ ۾ ڪٿي ٻڌايو آهي، مان ڀانيان ٿو ته جنهن ڏينهن پير پٺي تي جيئي سنڌ محاذ پاران ”ٺوڙي سيمينار“ شهيد مالڪ خشڪ جي مزار تي ملهايو ويو هيو ۽ اتان واپسي ۾ تنهنجي گهر ۾ ترسيا هياسين ۽ شايد توهان جي ڪٽنب جا ڀاتي ڳوٺ ويل هئا.
    بهرحال مون دبئي، عراق، ايران، افغانستان ۽ ڪجهه حصا ترڪيءَ جا اکين سان ڏٺا ۽ محسوس ڪيا. مون کي اتان جي معروضي حالتن جي ته خبر ناهي، البته بابي واتان ۽ امان واتان پتو پوندو هوم ته هيءَ فلاڻي ملڪ جو فلاڻو شهر آهي. گهڻو ڌن ۽ دولت کڻي جڏهن ڳوٺ آياسين ته مائتن يعني پڦين پڦاٽن چاچن ۽ ٻين عزيزن مائٽن اهڙو ته اسان جو حال ڪيو جو منهنجو قلم قاصر آهي، اهو لکڻ کان. اميد ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي.
    ڀاءُ! جبران خليل جو هڪ هنڌ قول هيو. جنهن سان کلي گذاريو اٿئي تنهن کي وساري سگهين ٿو، پر جنهن سان روئي گذاريو اٿئي، تنهن کي نٿو وساري سگهين. پوءِ مائٽن ايتري قدر نقصان پهچايو جو منهنجي مرحومه وڏي ڀيڻ سڪينه جيڪا ان وقت تقريباً اٺن سالن جي مس هئي تنهن کي يرغمال بنائي پاڻ وٽ رکيائون ۽ مطالبو ڪيائون ته 3000 هزار رپيا ڏيو ته پوءِ اوهان کي ڇوڪري ڏيون. بهرحال بابو ان ڳالهه کي به برداشت ڪري ويو ۽ معاوضو ڪڍي ڏنائين، بهرحال ڳوٺ وارن اهڙا ڪلور ڪيا جيڪي لکڻ لاءِ نه، پر ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهن، پوءِ اسان ٻه سال راتين جا ويلا ڪٽيندا رهيا سون پوءِ بابي منهنجي وڏي ڀاءُ ادا نياز کي گيرج ۾ بيهاريو ۽ ادا امداد کي ناناڻي موڪليو ته اتي وڃي پڙهي، ڇاڪاڻ ته منهنجا ناناڻا پڙهيل لکيل ۽ شاهوڪار پئي رهيا آهن. بابي پنهنجي زندگي جي گاڏيءَ کي گيئر مان ڪڍڻ لاءِ محنت مزدوري ڪئي ۽ وري هڪ دفعو ٻيهر قمبر شهر ۾ آيو ۽ اُتي هڪ بورنگ جي ڪاريگر وٽ هيلپر جي حيثيت سان ۽ تمام گهٽ اجوري تي ڪم ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ بقول امان جي ته اسان صبح جي ماني کائي وري رات جو کائيندا هئاسون. هڪ پاسي امان رِليون ۽ ڪپڙا سبندي هئي، ٻئي پاسي منهنجو وڏو ڀاءُ ادا نياز گيرج مان ٻه ٽي پئسا آڻيندو هو ۽ اهڙي طرح غريباڻو گاڏو زندگيءَ جي پيچري تي روان دوان هو.
    بابي پوءِ اها جڳهه ڇڏائي جيڪا وڪڻي ويو هيو ۽ هڪ نلڪن جو دُڪان کوليو. جنهن تي تقريباً نَوَ نوڪر ڪم ڪندا هئا. پر مونکي ياد آهي بابو رات جو اچي اسان جي ماءُ ۽ اسان کي سمجهائيندو هيو ته بابا لاڏ ۽ مغروري ڪندا ته اهي سڀئي ٽپڙ ٻيهر برباد ٿي ويندوَ.
    اهڙيءَ طرح اُتي به مائٽن ڪين بخشيو ۽ آخر اسان 4 مارچ 1974ع تي مڪليءَ ۾ آياسون ۽ زندگيءَ کي فعال بنائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
    مان پنهنجو قصو ٻڌائي توتي اهو واضح هرگز نٿو ڪرڻ چاهيان ته مان به عظيم ۽ اهميت وارو آهيان. پر مان ڪيتري عرصي کان ڪنهن هڪ اهڙي هستيءَ جو انتظار ڪري رهيو هئس جيڪا ان عمل Process مان گذري هجي.
    ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون،
    مون سي نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا.
    (لطيف)
    ۽ منهنجي نظر ۾ اها شخصيت تون فقط تون آهين. سارنگ!! اڌ مٿي ۾ سور هئڻ سبب مان توکان ۽ تنهنجن ڏکن کان معذرت ٿو ڪريان ته ڪاش مان تنهنجي ڪنهن ڪم اچي سگهان، هاءِ! شايد مان تنهنجي دل جي ٽئين خاني جو ذرو هجان ها. ٻيو نه ته مان توکي سٺي ۽ وقتائتي آٿت ڏئي سگهان. ها!! ڪاش! مان ڏکين گهڙين کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهيان، پر خوشين کي گهٽ ڇاڪاڻ ته خوشيون بيوفا ٿين ٿيون ۽ ڏک هميشه لاءِ ساٿي ٿين ٿا.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================
    *

    مڪلي ٺٽو
    18 سيپٽمبر 1989ع
    ڀاءُ سارنگ!
    اهي ڏينهن ياد ٿا اچن جڏهن پاڻ سنڌي ادب کان عالمي ادب جي ماڻن ۽ ماپن تي تفصيلي بحث ڪندا هئاسين ۽ هلندي هلندي بسڪوٽ کائيندي اها به خبر ڪانه پوندي هئي ته اسين ڪيڏانهن وڃڻا هئاسين ۽ ڪيڏانهن پيا وڃون! اهي روڊ ۽ پيچرا ته مڪليءَ ۾ موجود آهن، پر تون ناهين ۽ تنهنجا رندَ شايد اڃان ڀي چٽيل آهن، جيڪي منهنجون ۽ فقط منهنجون اکيون محسوس ڪري سگهن ٿيون!
    ارتقا هر شيءِ جي ٿئي ٿي، اهڙي طرح جذبا ڀي ارتقائي عمل مان گذرن ٿا. اهو به هڪ دؤر هو، جو اسان ائين گهمندا هئاسين، پر هاڻي ايئن ڇو ڪونهي؟ ڇا مون سان اياز ۽ مجيب يا ڪو ٻيو اهڙيون ڪچهريون نٿو ڪري سگهي؟ بلڪل ڪري سگهن ٿا، پر انهن جو وقت ۽ ٽائيم وچ ۾ حائل ٿئي ٿو. اڳ ۾ اسان وقت جي پابنديءَ جو لحاظ ڪونه ڪندا هئاسين، پر هاڻي انهيءَ عمل لاءِ ٽائيم ۽ ٻيون سماجي ضرورتون حائل آهن. حسرتن ۽ جذبن جو بالغ ٿيڻ، گهڻوڪري هن عمر ۾ نوجوان عشق جي خوابن ۽ سپنن جو سنسار جوڙڻ ۾ محو هوندا آهن، پر اها ڳالهه سڀني لاءِ هڪجهڙي ڀي نٿي ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته وڏي ۾ وڏي دنياوي بيماري يعني معاشي حالتون ان تي اثر انداز ٿي اهڙن حساس ۽ ڪومل جذبن کي ميساري مسخ ڪري ڇڏينديون آهن. توکي خبر هوندي ته مون سان گڏ بي اي ۾ ست ڇوڪريون پڙهنديون آهن، انهن مان مونکي ٻه وڻنديون آهن، اهو ان حوالي سان ته انهن مان آڏي پڇا ڪرڻ جو مادو موجود آهي، مان به بڪواس ڪرڻ جو پراڻو عادي آهيان. ٻيا دوست سوٽ شرٽ پائي پنهنجو طبقاتي دٻدٻو ڏيکاريندا آهن ۽ ڇوڪرين جو جيءُ چورائيندا آهن، اها ڳالهه مون طبقاتي نقطه نگاهه ته سوچي آهي، پر ان جو تعليمي نقطه نگاهه پڻ آهي، چار ڇوڪريون ته گزيٽيڊ آفيسرن جون نياڻيون آهن، باقي ٽي اسان وانگر. طبقاتي، اثر آفيسر لڏي وارين تي ڏاڍو ٿو ٿئي باقي تعليمي اثر اسان جهڙين تي. تعليمي ماحول توکي خبر آهي ته ڪيڏو نه ڪريل آهي، ان کانسواءِ تعليمي ڪورس، مون هيل تائين اهو پئي سوچيو ته سماج ۾ جيڪي اوڻايون ۽ بُڇڙايون موجود آهن، انهن تي فقط مرد ئي criticize ڪري سگهي ٿو، پر اها خبر مون کي تڏهن پئي جڏهن ڇوڪريءَ سائين کان سوال پڇيو ته ”سائين اسان کي هروڀرو مردن (شاگردن) کان نيچ ڇو ٿو سمجهيو وڃي ڇا اسين ملڪي سياست ۽ ملڪي ائڊمنسٽريشن نٿيون سنڀالي سگهون؟“ سائين کيس مطابقت وارو جواب ڏنو. مان ايڏو ته خوش ٿيس جو سوچيم ته هاڻي مونکي جوڙ واري ڪامريڊياڻي ملي وئي آهي ۽ ”خواب بني گي جب مل بيٺينگي ديواني دو،“ حسرتن کي ڪچلڻ ڀي وڏو گناهه آهي، پر منهنجون ۽ شايد تنهنجون حسرتون ڀري ڀري ٽڪرا ٿي ائين ته ڀسم ٿي ويون آهن، جو عام ڳالهين ڏانهن رجحان ئي ڪونهي!
    مڪليءَ ۾ اهو سُر ناهي رهيو جيڪو تون تصور ڪندو هوندين، هتي هر ڪو پنهنجن ناڪام تجربن کي ٻين لاءِ اصول ۽ ضابطه اخلاق بنايو گهمندو وتي ۽ اسان نصيحتن ڪرڻ وارن کي نصيحتون ڪيون ٿيون وڃن! اهو به سٺو جو ڪنهن جي نظر ۾ ايترا ويل ۽ ڪريل هوندي به ”ڪجهه“ ته آهيون، جو نصيحتون ڪندا وتن ۽ سيل ساڙيندا وتن!
    منهنجي مل 22 سيپٽمبر کان هلندي، ان ڪري مان مل تي ڊيوٽي ڪندس، جيڪڏهن مون وٽ هليوايندين ته مان غنيمت سمجهندس، خاص پنڌ ڀي ڪونهي گهاري مان ڳاڙهي جي بس ۾ چڙهندين ۽ کيس چوندين ته توکي آصف آباد جي موڙ وٽ لاهي ڇڏيندو. جيڪڏهن نه ته پوءِ ڊسمبر ۾ مان ايندس.
    غلام مرتضيٰ جا حال احوال ڏي ڪٿي پهتو آهي ۽ ڇا پيو ڪري، ڀائو غلام مصطفيٰ ڪٿي آهي؟ ۽ تنهنجي ادبي سرگرمي (مطالعو وغيره) ڪيستائين پهتو آهي. عابد وارا ڪيئن آهن، سندن پڙهائيءَ جو ماحول ڪيئن آهي ۽ اديءَ جي نوڪريءَ جو ڇا ٿيو ملي يا نه؟ اهي ساڳيا مسئلا هر سنڌي ڪٽنب سان لاڳاپيل آهن البت سندن نوعيت جو ڦير آهي.
    هي دنيا جيئن ڀي آهي
    آخر جاءِ جيئڻ جي آهي.
    (شيام)
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================
    *
    مڪليءَ
    6 اپريل 1989ع
    ڀاءُ سارنگ!
    تنهنجو خط مليم پڙهي ڪي گهڙيون ڪي پل مان تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيس ته ڇا تون اهڙيون ڳالهيون/ ڪم ڪري سگهين ٿو، پوءِ جڏهن منهنجي اڳيان ماضيءَ جي اسڪرين آئي ته مان سمجهي ويس ته نه هر ماڻهو برو ٿيڻ نه چاهيندو آهي، پر اسان جو سماج کيس فيشن طور برو ڀلو ٺاهيندو آهي. تون، اسان ٿورا ٿورا سنجيده ۽ برجسته انسان آهيون ۽ جيڪڏهن اسان اهڙين شين جو مشاهدو ڪندي خود انهن ڪِرمن ۾ محلول ٿي وڃون ۽ پنهنجون Observations اڻپوريون ڇڏي سماج ۾ هڪٻئي لوفر/موالي/فحاش/ ۽ داداگير جو وجود آڻيون ته مان سمجهان ٿو ته ايئن ڪرڻ تمام سنگين جرم جي مترادف آهي. هڪ سٺا خيال رکندڙ جي ڀيٽ ۾ انتهائي پوئتي پيل انسان ئي اهڙا ڪم ڪري ۽ اهو کيس سونهَن!
    سوشيالاجيءَ جو شاگرد هئڻ ڪري اڄڪلهه مان پاڻ انهن ڳالهين ڏانهن راغب آهيان، مثال ماڻهو سگريٽ ڇو ٿا پيئن ۽ ان مان کين ڇا لاڀ حاصل ٿئي ٿو؟ مون سگريٽ پي ڏٺو، پر منهنجي مشاهدي جي اک ڏٺو ته سگريٽ پيئڻ يا اهڙو ٻيو نشو ڪرڻ ٽرڙپائي جي، ٻيو ڪجهه ڀي ناهي. ٻين لفظن ۾ اها فضول خرچي آهي. ڪي ماڻهو چوندا آهن ته شراب پيئڻ سان ماڻهو غم ڀلائي ويهي ٿو ۽ عارضي سڪون جي لاءِ اهو قدم کڻي ٿو. پر ائين ناهي سماج ۾ شراب نالي شيءَ جو وجود آهي ۽ ان جي وجود کي ايترو ته ڊرامائي ۽ رومانوي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي جو غريب توڙي امير ان جي پبلسٽيءَ کان غير معمولي حد تائين متاثر آهن ۽ پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي جو غريبن کي چُڪي جو چَسڪو ڪرڻ ڀي اڻانگو لڳندو آهي. اهي اهڙا ٻيا مسئلا اسان وٽ اهڙي ڪجهه انداز ۾ پيش ڪيا ويا آهن، جو ماڻهو مجبور آهن ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اسان وٽ منظم احساس هجي ۽ انهن مسئلن کي مڙس ٿي جنبي وڃجي. سماج کي بدلائڻ اوکو ڪم آهي، پر ماڻهن جو ايڪو ۽ ٻڌي ان کي هميشه هميشه لاءِ بدلائي سگهڻ جي طاقت رکن ٿا.
    تو پنهنجي خط ۾ هنگارين شاعر ’زولٽن زيڪ‘ جو حوالو ڏنو هيوڻ ان سان مان ته متفق آهيان، البت تو جنهن پيرائي ۾ حوالو پيش ڪيو آهي مان ان سان متفق ناهيان، ڇاڪاڻ ته تو پنهجي خط ۾ اڻسڌي طرح سماج کي Criticize ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجو پاڻ کي پڻ، اهو مقولو ان خط ۾ غلط لکجي ويو آهي. جيڪڏهن تون خودفريبي ۽ اجائي تعريف نٿو ٻڌين ۽ ذلت جي زندگيءَ کي موت تي ترجيح ٿو ڏين ته ان جو مطلب ته پوءِ تون اهي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي، جنهن کان هر سنجيده اک پوئجي وڃي. تنهنجن ڪاوڙيل ارمانن کي جاڳائي شايد مون توکي اڃان ڀي اُداس ڪيو آهي ته مان ڏوهي آهيان، پر دوست! ڪي تلخ حقيقتون هونديون آهن، جيڪي پنبڻ کي پنڊ ۽ پٿر کي ميڻ بنائي ڇڏينديون آهن. تنهنجو خط مونکي ايئن ئي لڳو. ان جي موٽ مان توکي اثرائتي نٿو ڏئي سگهان، پر مان هڪوار توکي عرض/وينتي ڪندس ته اهڙين ڳالهين کان في الحال پاسو ڪر، ڇاڪاڻ ته تو وٽ تنهنجن ڀائرن ڀينرن، ڀائٽين ڀائٽين جو ۽ تنهنجن عظيم تر عظيم والدين جو ڀرم آهي ۽ انهن جي Image کي جيڪڏهن تو ٽوڙيو ته اسان وٽ ڀي تنهنجو تصور ٽٽي ويندو ۽ پوءِ شايد اسان ڀي تنهنجي تقليد/پيروي ڪرڻ لڳون. ان مان ڇا هڙ حاصل، گڏهه ڀي گذارين پيا، جانور ڀي هلن پيا، پر اسان ته سڌريل جانور آهيون، ڪم وري ڪسا ڪندا وتون؟ مڃان ٿو ته ان ۾ تنهنجو منهنجو ڪوبه ڏوهه ناهي پر بقول ڪنهن جي:
    سانپوڻ ڪو سپيرون ني پالا هي
    ڪيون ڪه انسان ڪو انسان سي لڙاني ڪا موسم هي.
    تنهنجن احساسن کي مان پنهنجو احساس سمجهندو آهيان، ان لاءِ جو مان ۽ تون فقط ٻه جسم آهيون، جي جدا آهيون. آئنده لاءِ اهڙن ڪِرتن کان پاسو، ايئن نه ٿئي جو آخر ۾ چوڻو پوي ته دير ٿي وئي!
    دهر ڪي حالات ڪي باتين ڪرين
    اس مسلسل رات ڪي باتين ڪرين
    من و صلويٰ ڪا زمانه جا چڪا
    بوک و آفات ڪي باتين ڪرين
    آؤ پرکين دين ڪي اوهام ڪو
    علم موجودات ڪي باتين ڪرين.
    (ساحر)
    سٺي موٽ جواب جو منتظر رهندس ته تو پاڻ ۾ ڪيتري تبديلي آندي آهي.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو- سنڌ،
    21 مارچ 1989ع
    ادا سارنگ!
    مون کي هيئن چوڻ گوارا ناهي ته مان توکي سرنهن جي گلن سان تشبيهه ڏئي توکي هروڀرو خوش ٿيندو ڏسان، ٿي سگهي ٿو ته ان وقت تون نهايت ڪرڀ سما ۾ هجين. ان ڪري مان توکي ۽ تنهنجي وجدان کي اجايو ٺڳڻ / چوتيو بنائڻ نٿو چاهيان، هن کان اڳ مان برابر ائين لکندو هيس، پر ڀاسيم ٿو ته اسان کي ڪڏهن به خوشيون مستقل طور ناهن ملڻيون. جيڪڏهن هنن اکرن لکڻ ويلا تون انتهائي خوش مزاج ۾ هجين ته مان حقدار آهيان تنهنجين گارين جو ۽ گلائن شڪوائن جو. حيرت آهي ته ماڻهو شعوري توڙي لاشعوري طرح هميشه پاڻ کي ٻئي تي سبقت ڏيڻ چاهيندو آهي.
    انهن واهيات ۽ غليظ سوچ رکندڙ ماڻهن منجهان هيءَ به هڪ آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙو خيال ايندو اٿم ته تون، مان ۽ ٻيا اهڙا انيڪ ماڻهو جيڪي بنا مرضيءَ جي هتِ (ڌرتي) آيا آهن، آخر ڇا جي لاءِ؟ تون سوچيندين ته مان بي وفا ۽ خود غرض آهيان. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجن واعدن سان هميشه کان بي وفائي ڪندو پي رهيو آهيان ۽ خود غرض ان ڪري جو مان جيڪا شيءِ پاڻ وٽ رکندو آهيان، سا ٻئي کي ڏيڻ ۾ الائي ڇو عار محسوس ٿيندو اٿم ۽ اهو ئي سبب آهي جو مان توکي، تنهنجي مڪليءَ جي قيام دوران اهي ڪتاب ۽ تخليقون نه پڙهائي/ڏيکاري سگهيس، جيڪي مون وٽ موجود هئا/هيون.
    توسان ملڻ نه آيس، ۽ توهان جي مرحوم اَدي (ڀيڻوئي) جي تعزيت ڀي نه ڪرڻ اچي سگهيس. ان لاءِ مون وٽ معاشي بهانو/مجبوري آهي. پگهار جيئن مليم تيئن هوٽل جو خرچ ۽ ٻئي ضرورتون پوريون ڪري ٻيا پئسا گهر ڏنم، هاڻي ته مان هيڪاري ڏٺو آهيان ۽ جيڪي وڻيوَ سو مونکي سمجهو، پر هڪ ڳالهه ته مان پنهنجي دوزخ ۾ جلي سڙي پڄري رهيو آهيان، ۽ مان نٿو چاهيان ته ان منهنجي دوزخ ۾ ڪو ڀائيوار ٿئي، جيڪڏهن ڪو همدردي ڀي ڪرڻ چاهيندو ته آخر کيس منهنجن احساسن ۽ جذبن جا ٽانڊا تپش رسائيندا ۽ هو هليو ويندو. پوءِ مان هيڪلو رهجي ويندس.
    درد اتنا هي ڪه هر رگ مين هي محشر برپا!
    سڪون اتنا هي ڪه مرجاني ڪو جي چاهتا هي.
    (فيض)
    شايد مان تنهنجن زخمن تي لوڻ ٻُرڪيندو هجان؛ پر ڪڏهن ڪڏهن لوڻ ٻرڪڻ ڀي ڪنهن شيءِ کي تازه دم ڪندو آهي ۽ مان سمجهانٿو ته تون اهو شخص آهين، جنهن هر ڏک ۽ سک کي برابر جو پيار ڏنو آهي.
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    ال آصف شوگر ملز ڳاڙهو
    15 فيبروري 1990ع
    ڀاءُ سارنگ!
    پنهنجن ڏکن ۽ سُکن سان سرُهو هُجين. تنهنجو اڳ ۾ جيڪو خط مليو، تنهن جو بروقت مان جواب نـ ڏئي سگهيس، جيڪا منهنجي بدقسمتي هئي ۽ هاڻي هيءُ خط لکان ٿو، جيڪو ان خط جي تسلسل کي ڳنڍيندو.
    سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪٻئي کي ڇا لکي ڇا لکون، جيڪو مان توڏانهن لکان ٿو، سو ته تون ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿو ۽ جيڪو تون مون ڏانهن لکندي سو مان ڄاڻندو هوندس. هاڻي سوال آهي ته ڇا لکون خطن ۾؟ تون مون کي سمجهندو آهين ۽ مان توکي. پوءِ هي طويل سلسلا ڊرامن جيان جنهن جو منطق ته ويجهو هجي، ٿو پر ان کي هروڀرو ڊلي (Delay) ڪيو ويندو آهي.
    بهرحال خبر پئي ته نوابشاهه کي به ذليلن ڪونه بخشيو ته توهان سڀني کي ڪرفيو جي پابندين ۾ گذارڻو پيو. ڪٿي به سڪون ڪونهي، جتي ڪئي وٺ پڪڙ مارا ماري جو گراف عروج تي آهي. ڪيڏانهن وڃون ڪائي واٽ ڪونه ٿي سُجهي. رضا ڏانهن خط تنهنجي معرفت لکيو هوم، جنهن ۾ بي اي جي داخلا جو چڪر هو. جيڪڏهن اهو خط رضا کي نه پهتو آهي ته تون هن چريي کي ٻڌائجان ته بي اي جي امتحاني فارمن جي آخري تاريخ 22 فيبروري آهي ۽ اچي پنهنجو فارم جمع ڪرائي وڃي. بي اي جي فيس تقريباً 250 رويپا آهي.
    ٻيا حال اسان جا ۽ توهان ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. مڙئي لوچيون ويٺا لوهه ۾!
    سڀن کي سلام. رضا جي طبيعت ڪيئن آهي؟
    تنهنجو سليم تنيو
    ===============================================================


    مڪلي
    17 اپريل 1990ع
    ڀاءُ سارنگ
    خوش هوندين.
    سوچيو هيم ته ڪافي ڏينهن کان پوءِ خط لکندم، ان سوچ کي سامهون رکي انتظار ڪندو رهيس، پر پوءِ دل چيو ته ايتري پيڙا ڀي ضروري ناهي ۽ هينئر هيءُ خط لکي رهيو آهيان.
    بي اي جا فارم ڀرجي ويا آهن، پر هيل تائين امتحانن جي ڪابه خبر ڪونهي. هر سال ڪونه ڪو امتحان ڏيڻ وارا، سو هن سال ڪجهه ڪوفت محسوس ڪري رهيا آهيون. تون احوال ڏي ڪيئن پيو وئڪيشن گذارين. مون وٽ ڀي ڪونه ٿو اچين، اهي ته ڏينهن آهن گهمڻ جا!
    مرتضيٰ ۽ ڀاءُ مصطفيٰ ڪهڙن حالن ۾ آهن، مون پاران ڀاڪر ۽ منور ابڙو ڪيئن آهي، ان کي مون پاران عقيدت جو اظهار پيش ڪجان.
    سماج جي خبر اٿئي سڀ ڪجهه سمجهندي ۽ ڄاڻندي ڀي هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ اجايو آهي. سنگت سان معاهداتي روِش آهي، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ لاءِ حالتن مجبور ڪيو آهي.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    روم نمبر 7
    ال آصف شوگر ملز ڳارهو، ٺٽو
    9 آڪٽوبر 1990ع
    پيارا ڀاءُ سارنگ!
    30 سيپٽمبر 1990ع کان شوگر (مس ختم ٿيڻ لاءِ معذرت) ملز چالو ٿي چڪي آهي، گڏوگڏ منهنجي پڙهائي پڻ شروع ٿي وئي آهي، انهن ٻنهي ڳالهين مون کي ذهني طور تي ڏاڍو مفلوج ڪري وڌو آهي ۽ مان ڪنهن کي ڪنسيڊر (Consider) ڪريان، اهو منهنجي لاءِ ڏاڍو فيصلا ڪن مرحلو ثابت ٿيو آهي! هڪڙي پاسي پڙهائي جي داخلا جا 700 روپيا ڀريا اٿم، انهن تان دستبردار ٿيڻ اوکو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي مستقبل جو دارومدار ڊپلومه جي ڊگريءَ تي آهي. ٻئي پاسي مل جي نوڪري جيڪا ظاهر آهي ريگيولر ئي ڪرڻي پوندي، ان جو پس منظر اهو ته منهنجو گذريل ٻن سيزنز Seasons کان موروثي حق ٿئي ٿو، ان کي ايئن ڇڏي ڏيڻ معنيٰ مستقبل جي پير تي ڪهاڙو هڻڻ! هڪڙي پاسي ٽيڪنيڪل ڪاليج جا استاد ٿا چون ته جيڪو ريگيولر رهندو تنهن جي پراگريس ٺهندي ٻئي پاسي منهنجي نوڪري!!؟
    بهرحال مان ۽ منهنجون مجبوريون پٽينداسين پاڻ ۾، نئون ڪاليج، نئون ماحول تمام متاثر ڪندڙ آهي، ڪلهه منهنجو ڪاليج ۾ پهريون ڪلاس هو ۽ تمام محفوظ ٿيس، ڏاڍا ميچوئر ڇوڪرا آيا آهن، ميڪنيڪل ٽيڪنالاجيءَ ۾. في الحال همدردي ۽ هم آهنگي ٻنهي جو ميلاپ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، اڳيان ڏسجي ڇا ٿو ٿئي.
    تنهنجي ڇپايل ڪهاڻيءَ (نالو وسري ويو اٿم) ٺٽي جي اديبن ۾ ٿرٿلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، خاص ڪري رحمت الله ماڃوٺي، ڪوي ۽ مانجهي وغيره ۾، ان لاءِ توکي دلي مبارڪ. اڳ ۾ ڀي تو اها ڪهاڻي مون کي تنهنجي اوطاق ۾ پڙهي ٻڌائي هئي ۽ مون ان لاءِ توکي روبرو ريمارڪس ڏنا هيا. بهرحال تون لِک ۽ بهترين جي حد کي پڻ اورانگهه.
    ٽيڪس جي ڊيوٽي ڇڏي ڏني اٿم ۽ زندگيءَ جي پيچيدگين ۽ تلخين جو ويجهي کان مشاهدو ڪري ڏٺو اٿم ۽ اهو سکيو آهيان ته اسان هيٺين طبقي وارن کي مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ هن ڪائنات ۾ اها ئي چري قوم آهي جيڪا سڀ ڪجهه سمجهندي به ڪجهه نٿي سمجهي!
    مڙس ٿي سماج جي بڇڙاين ۽ دوستن جي حساس تلخين کي منهن ڏي ۽ پوءِ ڏس ته مستقبل تنهنجو ڀي آهي ۽ منهنجو ڀي!
    اسپيشل براڊ ڪاسٽ
    ”مارئي کي پيار ڀري چُمي“
    گهڻي گهڻي پيار مان
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    هوٽل جي هڪ ٽيبل تان، مڪلي
    31 ڊسمبر 1990ع
    ڀاءُ سارنگ!
    خوش هوندين.
    عرصي کان خط ڪتابت جو سلسلو منقطع رهيو، جنهن ڪري مان پنهنجي طور تي ان سلسلي کي ڳنڍڻ لاءِ هي ٻه لفظ لکي رهيو آهيان. سڀاڻي نئون سال پيو اچي! سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اسان جي صحت تي ان جو ڪوبه اثر ڪونه ٿو پوي. ٻئي پاسي يورپي ۽ آمريڪي آهن. سي ان کي ملهائڻ لاءِ هڪ مهيني کان تيارين ۾ مصروف آهن ته ان کي ڪهڙي نموني سهڻو ۽ سڦل ڪري ملهائجي! وڃ! ڪيڏو نه فرق آهي اسان جي ۽ هنن جي سوچن منجهه. وري ان لاءِ اسان اهو جواز ڀي پيدا ڪري سگهون ٿا ته يورپي سڌريل آهن، هنن وٽ ٽيڪنالاجي آهي، جديد مواصلاتي وسيلا آهن ان ڪري هو هر ڏڻ ڀرپور نموني سان ملهائيندا آهن، پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان جن وڏن شهرن ۾ اهڙيون جدت واريون سهوليتون موجود ناهن. منهنجو مطلب اهو ڀي هرگز ناهي ته مان نون سالن اچڻ سان جشن ۽ شادمانه ملهائڻ وارن سان متفق آهيان، پر هڪ ڀرپور جذبو هجڻ گهرجي زندگيءَ کي روان دوان رکڻ لاءِ منهنجي خيال ۾ جيستائين زندگيءَ ۾ تحرڪ (Dynamic) ناهي، تيستائين زندگيءَ جو ڪو ڀي مقصد ناهي، جيڪي راتيون ڏينهن جاڳي جاڙيجن جو مشاهدو ڪن ٿا، سي ئي منهنجي نظر ۾ حقيقي دانشور آهن.
    مٿئين مهيني سيميسٽر ٿيڻ وارو آهي ۽ ٻئي پاسي مل ۾ ڀي لڳا پيا آهيون، مل هينئر وڪامجي چُڪي آهي، جيڪا باواني شوگر اندسٽريز وارن خريد ڪئي آهي. في الحال لڳا پيا آهيون، ڏسون ته مستقبل اسان لاءِ ڪهڙيون ٿو مصيبتون/مسرتون آڻي!
    سڀني کي سلام- تفصيلي احوالن کان واقف ڪجان.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    ٻولهاڙي، ڪوهستان
    31 جولاءِ 1990ع
    ڀاءُ سارنگ!
    خوش هوندين.
    مل جي بند ٿيڻ کانپوءِ گهر ۾ واندو ويهڻ مون کان برداشت نه ٿيو، ڪجهه پريشانيون ۽ مصائب اهڙا ته اچي ڪڙڪيا، جو سواءِ نوڪري ڪرڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونه نظر آيو. بهرحال غلام قادر پليجي ٺٽي جو ايڪسپورٽ ٽيڪس کنيو ۽ مان به هڪ ملازم جي حيثيت سان سندس ماتحتي ۾ شامل ٿيس.
    هينئر هيءُ خط ٺٽي ۽ دادوءَ جي سرحد يعني ٻولهاڙي مان لکي رهيو آهيان. جابلو زندگيءَ جو پهريون تجربو آهي ۽ خود غرض زندگيءَ سان واسطو پيو آهي، پوءِ ڀي گذاريان پيو. چوڌاري سڃ ۽ رُڃ آهي، روڊ تي ويهندي جيڪي ڪارگذاريون ٿين پيون تن جي هونئن ته ڪا خبر ڪونهي پوندي، پر هتي اسان انهن سڀني ڌنڌن کان اڳواٽ آگاهه هوندا آهيون. ٿر ۾ مينهن نه وسڻ ڪري ماڻهو ۽ مال بُکون پيا ڪاٽن ۽ اسان جي سڳوري سرڪار آمريڪا مان لکين ٽن اسپيشل ڪڻڪ گهرائي ڀڳوڙن کي مهيا ڪري ٿي. ان ڪڻڪ تي نه ته آهي ايڪسائيز ڊيوٽي نه وري اٿس امپورٽ ٽيڪس، مزي جي ڳالهه ته اسان انهن گاڏين کي زوريءَ بيهاري هروڀرو تنگ ڪندا آهيون ۽ هو جان ڇڏائڻ لاءِ پيسا ڏيندا آهن.
    غلام قادر پليجي نوشهري فيروز جو ايڪسپورٽ (روانگي محصول) کڻي چڪو آهي ۽ باقي نوابشاهه ضلعي لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه سان ڳالهيون هلندڙ آهن ۽ ڏسجي ته ڪڏهن ٿو اهو ٺيڪو کڻي. ناڪن جي زندگي ڀي عجيب زندگي هجي ٿي، هتي هر ڪرپشن ٿئي ٿي، جنهن جو تصور تون، مان سٺي نموني ڪري سگهون ٿا.
    تنهنجا حال ڪهڙا آهن، ڪيئن پيا ڏينهن گذرن. بختاور ڪيئن آهي، سندس صحت ڪيئن آهي. مان انهن کان اڳ اِهو به نه ڄاڻندو هوس ته رسمن ۽ رواجن تي ڪيئن پابند رهجي، پر پوءِ جڏهن عملي زندگيءَ جا ڌڪا جهليم ته ازخود پريشاني ۽ وياڪلا محسوس ڪرڻ لڳس، سڀ کان وڌيڪ پشيماني اها ٿي جو مان ٻه دفعا تو وٽ آيو آهيان ۽ نه ته تنهنجي لاءِ ڪائي شيءِ تحفي طور آندي اٿم ۽ نه ئي پنهنجي پياري ڀائٽي بختاور کي هڪ روپيو به خرچي نه ڏئي سگهيو آهيان!! ان جو فقط مان مرتڪب آهيان ۽ پشيمان آهيان!
    رضا جي مامي جي شادي تي اچڻ ٿيو، پر تو وٽ نه اچي سگهيس، ان جو وڏو ڪارڻ شديد گرمي هيو. شابس آهي توهان کي جيڪي هيڏي ساري گرميءَ هوندي گذارو ڪريو ٿا.
    مڪينيڪل ٽيڪنالوجي ۾ فارم ڀرايو اٿم، ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي، باقي بي اي جا امتحان اڃا ڪونهن ٿيا آهن. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سيپٽمبر ۾ ٿيندا. تنهنجو تعليمي ڪئريئر ڪٿي پهتو، ان لاءِ آگاهه ڪجانءِ.
    منهنجي خيال ۾ ٽرڪون ڀي ڪافي تعداد ۾ بيٺيون آهن ۽ منهنجو ٻيو ڊيوٽي ڪلرڪ پريشان پيو نظر اچي ۽ ان ڳالهه کي سامهون رکي توکان موڪلاڻي ٿو گهران.
    سدائين گڏ
    تنهنجو فقط
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو
    23 مارچ 1991ع
    ڀاءُ سارنگ!
    مان پشيمان آهيان ۽ ملامت ٿو ڪيان پاڻ تي ته مان وقت سر توکي جواب نه ڏئي سگهيس. پنهنجي صفائي ۾ ايترو ضرور چوندس ته مان امتحانن (ڊپلومه جي) ۾ نهايت مصروف هيس، ان کان سواءِ مل ۾ مسلسل رات جي ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هُئي. منهنجي خيال ۾ مان توکي ان ڪيفيت ۾ خط لکڻ کان عاري هوس. ٻيو ته تنهنجا جيڪي مسئلا پيدا ٿيا آهن يا وري پيدا ڪيا ويا آهن، انهن جو مون وٽ ڪو جواب ڪونهي، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ان کان وڌيڪ گهرو مسئلن جو شڪار آهيان. لڳي ٿو ته دنيا جون وسعتون مون لاءِ تنگ ٿينديون پيون وڃن ۽ هاڻي هتي جيئڻ جو ڪوبه مقصد ڪونهي. گهٽ ۾ گهٽ مان پنهنجو پاڻ ۾ ايتري لياقت نٿو ڏسان جو توکي پنهنجا مسئلا لکي سگهان. باقي اهڙا مسئلا جيڪي تو لکيا آهن انهن جا سبب ڇا آهن ۽ ڪيئن ٿا وجود وٺن، مان نٿو چئي سگهان. هي خط مان بيماري جي بستري تان لکي رهيو آهيان ۽ هينئر ئي مون فرصت محسوس ڪئي، جو توکي ٻه اکر لکڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي اٿم. اسان جو سماج اسان جي توقعات تي پورو نٿو هلي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جهيڙن جهٽن جو منهن ڏسون ٿا.
    ڇا ڪجي؟ ڇا ڪريون؟ سمجهه ۾ نٿو اچي، سچ پچ ته روئڻ ٿو اچي مان نٿو اڳيان لکي سگهان.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================


    مڪلي، ٺٽو
    20 نومبر 1991ع
    ڀاءُ سارنگ!
    بيروزگار هيس ته نهايت پريشان زندگي گذاريندو هوس، هاڻي مل کُلي وئي آهي ۽ ڪنهن شيءَ جي پرواهه ڀي نٿو ڪريان، عرصي کانپوءِ پنهنجو هيءُ خط رابطي جي پل لاءِ پهرين سِر جو اُهڃاڻ هوندو، مان گهڻي ڪوشش جي باوجود ڀي توڏانهن خط نه لکي سگهيس، جنهن لاءِ ذهني طرح پر سُڪون نه هجڻ ۽ ڏينهن رات جي ڊيوٽين جي ڪري يڪسوئي جي اڻهوند.
    بختاور ڪيئن آهي، هاڻي ته وڏي ٿي وئي هوندي. مرتضيٰ ۽ ڀاءُ مصطفيٰ وارا ڪيئن آهن.
    بس في الحال اهو ڪجهه احوال هو جيڪو لکان پيو.
    تنهنجو پنهنجو
    سليم
    ===============================================================

    ال آصف شوگر ملز ڳاڙهو
    13 جنوري 1991ع
    ڀاءُ سارنگ! خوش هوندين.
    اڄڪلهه اسان جي پڙهائي زورن شورن سان جاري آهي ۽ فيبروري ۾ پهريون سيميسٽر ٿيڻو آهي. ٻئي پاسي مل ۾ به لڳا پيا آهيون. پراڻن دوستن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو اٿم ۽ هاڻي نوان دوست نيون راهون. هنن نون دوستن مان مون سڀ ڪجهه سکيو آهي. ڏاهپ، رازداري، بدمعاشي، شراب نوشي مطلب ته هر اهو عمل مون پرايو آهي جيڪو اسان جي معاشري ۾ سٺو به آهي ۽ ناقابل سهپ پڻ.
    سدائين ڪامريڊ رهي اسان هڪ ٻئي تي بي انتها ظلم ڪيا آهن، البت ڪامريڊ ٿيڻ لاءِ هڪ حد هجڻ ضروري آهي. پنجن سيرن جي ٿيلهي ۾ ڇَهه ڪلو اٽو هرگز نٿو ماپي سگهي، پنهنجو منطق نقصان کانسواءِ ڪجهه ڀي ناهي! اسان کي پهرين معاشري ۾ اٿڻ ويهڻ، نفسياتي اثرن مطلب هر بين العمل کي سمجهڻو آهي ته اسين پنهنجين پاليسين ۾ لچڪ آڻيون. پوءِ تون محسوس ڪندين ته واقعي مان به ڪا شيءِ آهيان!
    بختاور ڪيئن آهي- ٻين ڀائرن جا حال احوال ڏي، ڪيئن آهن ۽ ڪهڙي مقام تي رسيا آهن.
    تنهنجو،
    سليم تنيو
    ===============================================================

    18 آگسٽ 1991ع
    مڪلي
    غريب جان ڪي همين حقير مت سمجھو،
    راھِ انقلاب ڪي پروردگار هين هم.
    ڀاءُ سارنگ!
    1988ع کان وٺي مان ڪنهن ڪُن ۾ ڦاٿل هيس ۽ مون گهڻي ڇلانگ لڳائڻ چاهي ليڪن مايوسين کان سواءِ ڪجهه ڀي پلئه ڪونه پيم. منهنجون حالتون يا تنهنجون حالتون مڃان ٿو ته انتهائي اذيت ناڪ ضرور آهن. ليڪن حالتن اڳيان گوڏا ٽيڪڻ بيوقوفي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ اسان جي شعور جي مرشدن، لطيف، سچل، سامي، مارڪس، لينن ۽ ليونارڊو ڊاونچي جهڙن جوڌن ڪيئن زندگيون گذاريون ۽ ڪهڙين ڀوڳنائن مان گذريا، پر هنن بُک، اجهو ۽ سماجي اڻ برابري کان قطع نظر پنهنجن صلاحيتن جو ڀرپور اظهار ڪيو ۽ اسان سندن ڪوششن جو ڦل اڄ تائين ويٺا واپرايون.
    مون روزاني ”پُڪار“ جي نمائندگي ورتي آهي ۽ هڪوار پنهنجو پاڻ کي ٻيهر ان کيتر ۾ آندو آهي ۽ هڪ جاءِ تي ٽڪيل ڪري منهنجي ذهني اوسر نه هئڻ برابر ٿي سگهي هئي ۽ هاڻ نئين اُمنگ ۽ ولولي سان هڪ دفعو پنهنجو پاڻ کي سماج جي وهڪري ۾ ڦٽو ٿو ڪريان، اهو ڏسڻ لاءِ ته منهنجو توازن ڪيترو آهي.
    خط جو انتظار ڪيم، پر ڪنهن به قسم جي موٽ نه ملي ۽ ويهي رهيس. مانجهي هڪ دفعو تنهنجو ذڪر ڪيو هو، پر مبهم قسم جو، تو سان ملئي سال ٿي چڪو آهي ۽ سِڪ ڀي ڏاڍي لڳي اٿم. موڪلن ۾ به ڪونه آئين ۽ هاڻي اسڪول شروع ٿي چڪا آهن، ان لاءِ تون ته مصروف هوندين، پر پنهنجو ۽ گهر جو احوال ضرور ڏجان ته مسئلا ڪٿي پهتا ۽ ماحول راس ٿيو يا نه؟ ان سلسلي ۾ منهنجي توکي گذارش آهي ته اهڙن مسئلن ۾ جذباتي هرگز نه ٿجانءِ، مرتضيٰ ۽ ادي مصطفيٰ جو احوال ڏيو ڪيئن آهن.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي
    26 جون 1991ع
    ڀاءُ سارنگ!
    افسوس اٿم جو توکي، تنهنجن خطن جو بروقت جواب نه ڏيندو رهيس، ان لاءِ روائتي انداز ۾ معافي ٿو وٺان. تو پنهنجي ڪنهن خط ۾ گهرو مسئلي جو ذڪر ڪيو هيو ۽ مون کان ان جي حل جي لاءِ تجويز توکي کپندي هئي. توکي خبر آهي مان پاڻ هڪ اهڙي هيبت ناڪ ڪامپليڪس (ڏکيو مسئلو) جي ور چڙهي ويو هوس، جو سڄو گهر ڊانوان ڊول ٿي ويو هيو. جنهن ۾ امان جو بابي سان اختلاف يا ائين صاف کڻي لکان ته بابي جو امان کي اهميت نه ڏيڻ، وڏي ڀاءُ جي غير معياري سلوڪ ۽ سندس گهرواريءَ جو امان سان اڍنگو ورتاءُ، اهي آهن ان سلسلي جون ڪڙيون جيڪي اسان ۽ توهان کي خط لکڻ ۽ هڪٻئي سان حال اورڻ کان به وڃائي ڇڏيو.
    هينئر مسئلو ڪنهن حد تائين وڃي ٺاپر ۾ آيو آهي، جنهن ۾ ادا نياز جو اسان کان بلڪل الڳ ٿيڻ ۽ هڪ گهر ۾ ٻه گهر ٿيڻ يا ائين چوان ته وچان ڀت ڏيارڻ شامل آهن. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو تون وئڪيشن جا ڪجهه ڏينهن مون وٽ گذارين ها ۽ مان توکي سڄو احوال سربستو ڪري ٻڌايان ها!
    سوشيالاجي جي شاگرد جي حيثيت سان منهنجو نقطه نظر ان مسئلي ڏانهن بلڪل واضح آهي ۽ اهو آهي معاشي بدحالي. ڪنهن چواڻي ”بک گناهه جي ماءُ آهي“. سو اِهي ننڍا توڙي وڏا مسئلا اسان جا ڪنهن حد تائين پنهنجا ڀي پيدا ڪيل هوندا آهن. جنهن ۾ هڪٻئي جو احترام نه ڪرڻ ۽ نه سهڻ، ٿوري ٿوري ڳالهه کي اُڀاري گلن چٽن ۽ بناوٽي انداز ۾ پيش ڪرڻ شامل آهن. جيڪڏهن سوويت رشيا ۾ پرسٽرائيڪا ۽ يورپ ۾ ٻنهي جرمنين جو ملڻ ممڪن آهي ته ڇا هي ننڍا وڏا مسئلا اسان حل نٿا ڪري سگهون؟ اتي به هڪ نقطو پس منظر رکي ٿو ۽ اهو آهي سچو پچو اظهار ڪرڻ ۽ حقيقت کي کولي واضح ڪرڻ!
    دوستن جو ٽولو ٺيڪ ٺاڪ آهي.
    مون کي اميد آهي ته تون هاڻي مون تي ڪاوڙيل نه هوندين.
    تنهنجو،
    سليم تنيو
    ===============================================================

    ال آصف شوگر ملز ڳارهو
    14 ڊسمبر 1992ع
    ڀاءُ سارنگ!
    مان زندگيءَ ۾ پريشان ته اِلاهي دفعا ٿيو آهيان پر رُنو ڪڏهن ڪونه آهيان. زندگي روئڻ تي ڪئين دفعا مجبور به ڪيو هوندو، پر مون ٽاري ڇڏيو هوندومانس، شايد منهنجي اندر جو ماڻهو پٿر / ٺڪر جو ٺهيل آهي، جنهن کي ڪوئي ڀي احساس / چنتا نٿي رهي. جاڳو اخبار جي پٺيان تنهنجي والد صاحب جي وفات جو ذڪر پڙهيم، بظاهر حيرت ٿي ته سارنگ کان سندس بزرگوار ڇو جُدا ٿيو/ ڪيو ويو، پر مونکي احساس قطعي ڪونه ٿيو. ڀلا اسان ماڻهو روز جيئون روز مرون ته انهن شين تان منهنجو اعتبار ئي کڄي ويو آهي. تون دل ۾ نـ ڪجان مان بجاءِ توسان همدردي ڪرڻ جي تنهنجي دل سوزي پيو ڪريان. پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي ته اسان سنڌي ماڻهو پنهنجن اڻهوند وارن لمحن/گهڙين ۾ وڏن کي پس منظر ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهيون، چاهي هو ڪيڏا به تجربيڪار ۽ سينئر Senior ڇو نه هجن. مان ذاتي طور تي زندگيءَ ۾ ايئن ڪندو رهيو آهيان. مونکي افسوس ان ڳالهه جو آهي جو چاچي يوسف سان مون ڪڏهن ڪچهري نه ڪئي، مون نه ان جي ايموشز Emotion کي پرکيو نه ئي مون هن جي ڪسوٽي تي پاڻ کي پرکڻ ڏنو.
    پنجاب جي ٽيڪنيڪل ٽوئر تي وڃڻ ڪري مان موڪلون سڀ جون سڀ کپائي آيو آهيان ۽ هاڻي تو سان عذرخواهي لاءِ مان ۽ رضا گڏ اينداسون. ٻي ڳالهه ته اياز جو ڏاڏو پڻ گذاري ويو آهي. بدقمستي سان مان ان جي ڪنهن به فيملي ميمبر سان هيل تائين نه ملي سگهيو آهيان. زندگي مصروف ڪري ڇڏيو آهي. ڌڪا کائڻ کانپوءِ ايترو ڪجهه سڌريو آهيان. وڌيڪ احوال روبرو ٿيندا.
    مون پاران توهان سڀني سوڳوارن کي صبر جي تلقين.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    مڪلي
    11 اپريل 1992ع
    نه منه چھُپا ڪي جيئي هم، نه سر جھُڪا ڪي جيئي
    ستمگرون ڪي نظر سي نظر ملا ڪي جيئي
    اب اڪ رات اگر ڪم جيئي تو ڪم هي سهي
    يهي بهت هي ڪه، هم مشعلين جلاڪي جيئي.
    (ساحر لڌيانوي)
    ڀاءُ سارنگ!
    هڪ ڇڪ ايئن کڻي چوان ته هڪ قسم جي اُساٽ جڏهن من ۾ مانڌاڻ وجهندي آهي تڏهن هن دنيا ۾ توکي ئي ساري ٻه اکر لکي ويهندو آهيان ۽ پنهنجو غبار لاهي ڇڏيندو آهيان. تو شايد محسوس ڀي ڪيو هوندو ته ڇهه ڇهه مهينا گذري ويندا هوندا ته به هڪ اکر ڀي توڏانهن نه لکيو هوندم. بهرحال مان ۽ مان ڪير ڄاڻي ڇا آهيان؟ هڪ نقطو جنهن جي چوڏس وشال دنيا رنگ، اميدون ڪارنهن، نفرت ڪينو، اهي منهنجا دائره جيڪي ڦرن ٿا، ليڪن ڪو پروگرام ڪونهي. ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن!
    منهنجي زندگيءَ جي سرڪل هڪ دفعو جُنبش کاڌي اُهي ۽ مل وارا مون کي پرمنٽ پيا ڪن، ڏسجي اڳيان ڇا ٿو ٿئي. زندگيءَ کي سمجهندي سمجهندي جهور ٿي ويندس، ليڪن هي راز پروڙي نه سگهندس. تنهنجو ڪوبه حال احوال نه مليو ۽ پوءِ هڪ معمولي ڪارڊ اسان ٻنهي جي وچ ۾ ککر ۾ کڙي وارو ڪم ڪيو. پبلِشر پيو ٿئين ته اسان کي به نٿو ٻڌائين، ٺيڪ آ، مان پري ئي سهي ليڪن تنهنجي نقصان/نفعي ۾ برابر جو شريڪ سمجهان ٿو پاڻ کي. تون جيڪو چاهين ٿو اهو ثابت قدمي سان ٿي سگهين ٿو. منهنجي اخلاقي امداد/ جي ٿي سگهيوَ ته مالي امداد ڀي تو لاءِ آهي.
    سڀني کي سلام
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    ال آصف شوگر ملز
    15 آڪٽوبر 1992ع
    پيارا سارنگ!
    تنهنجو خط مليو ۽ پڙهڻ سان منهنجن ۽ تنهنجن اهنجن ۾ برابر جو توازن محسوس ٿيو. مجموعي طور تي تون ۽ مان يا اسان جهڙا ڪي ٻيا هڪ لحاظ کان هڪجهڙائي به رکون ٿا، پوءِ چاهي ڪهڙي به فيلڊ ۾ ڇو نه هجون. جيڪڏهن هومر جي شاعري لطيف سان ملي سگهي ٿي ۽ لطيف جي شاعري هومر سان ميل کائي ٿي ته سمجهڻ گهرجي ته نفسياتي/ذهني هڪجهڙائي به ائين ممڪن آهي. تنهنجن پنجن تجويزن جو هڪڙو پنهنجو پنهنجو رُخ ۽ ضرورت آهي انهن سڀني مان، مان پنجين ۽ آخري تجويز سان سُهمت آهيان ته پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي سلامت رکون ۽ وس آهر ڪوششون وٺي اڳيان نڪرون متان ٻيڙا پار ٿي وڃن!
    منهنجي خيال ۾ اسان جيڪڏهن حاصل نه به ڪيو آهي ته هروڀرو وڃايو به ناهي. منهنجي ان راءِ سان تون اختلاف رکي سگهين ٿو ڇاڪاڻ ته مان توکي اڳ ۾ حوالو ڏئي چُڪو آهيان پنهنجي خط ته هن معاشري ۾ تون ڊيل ڪارنگي جا اصول هلائيندين ته موچڙا منهن ۾ لڳندئي ۽ جيڪڏهن ڊڪٽيٽرشپ ۽ حرامپائي کان ڪم وٺندين ته تون اڳيان هوندين. ڇاڪاڻ ته ڪنهن هڪ ملڪ جي اخلاقيات ٻئي ملڪ لاءِ عريانيت ۽ اوگهاڙپ کان سواءِ ڪجهه ناهي. ان جو سبب به سماجي ئي آهي. جتي سج جا ڪرڻا سڌا ۽ ترڇا ڪرندا آهن اتي فصل سٺا ٿيندا آهن. اسان جو معاشرو رنگيل ۽ گٺل آهي، هاڻي ان لاءِ ڪهڙي فارمولا اچي، جيڪا سڌارو آڻي. تاريخ (جديد دؤر جي) به ملمون ايجاد ٿيون. سامراجيت ۽ لوڪ واديت- پر انهن جو غلط ۽ بي وقتو / اجايو استعمال ڪوڙھ جي صورت ۾ سامهون آهي. سڄي دنيا (Global) ٿرٿلي ۾ آهي. ڪي آلودگي پويان، ته ڪي هٿيارن جي پويان ۽ اسان وارا يار واري اسلام جي پويان، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو ڪم ڪيئن پيو هلي.
    مان وري پنهنجي موضوع تي ٿو اچان ته اسان فطرت پاران چريا پيدا ڪيل آهيون ان لاءِ پنهنجو ضمير چند ضرورتن عيوض نٿا وڪڻي سگهون. ها اسان مان انتهائي حساس ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن وڪامجي ويندا آهن، انهن جو سبب ئي نفسياتي هوندو آهي، جيڪي تنتي سرشتي جي ڏوري جي ڍري هئڻ سبب اخلاقيات جي جاگرافيءَ مان نڪري مفاد پرستيءَ جي ميدان ۾ هليا ويندا آهن. اسان گهٽ ۾ گهٽ ايئن ڪرڻ جي موڊ ۾ هينئر قطعي ناهيون. ان لاءِ منهنجو فيصلو به حتمي ناهي. ننڍي عمر ۾ ڍير سارا مسئلا ڏٺاسون سمجهياسون / سمجهايا سون. اسان ٻين جي ڀيٽ ۾ مهذب ٿي رهندا آيا آهيون. جتي چار حرامي مليا، انهن کي به حلالي بنايوسون، پوءِ ڇا لاءِ اسان پوئتي آهيون؟ اهو نه صرف هڪ سوال آهي، پر جواب پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته اسان مهل ۽ موقعو نه ڏسي اهو ڪجهه ڪيو.
    ايمرسن چيو آهي ته ”نوانوي سيڪڙو ڪم ڪريو ۽ هلو هڪ سيڪڙو دانشور ٿيو.“ هاڻي ان قول کي اسان واري سماج جي ڪسوٽي ته پرک! اها حالت آهي ماڻهن جي، قومپرستن پٽڪا ٻڌائي لهرائي ڇڏيا، ڪميونسٽن عوامي انقلاب آڻي اصل سکيو بڻائي ڇڏيو! چوڏس اُماس آهي ڪجهه ڀي ناهي سارنگ! جيڪڏهن اٿئي ڪجهه ته فقط تنهنجي وني- بختاور ۽ تنهنجا ماءُ پيءُ.
    مان انهن مسئلن مان گذرندڙ اهو شخص آهيان جيئن ڪو ٽانڊن تي هلي هلي پڪو ٿي وڃي، انهن مان سمجهه. سنڌ/سنڌي ماڻهن جي هڪ پنهنجي سوچ آهي جيڪا عجب کان خالي ناهي، تون مان جيڪڏهن فراخدليءَ سان انهن کي قبول ڪنداسون ته ڪو مسئلو ناهي. اسان جا وڏا لطيف، سچل، ساحر، غالب، اياز مطلب ته انهن سان به اهڙا ئي مسئلا هئا. انهن ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ تي عمل ڪيو ۽ سچيتيءَ کان ڪم وٺي گذارو ڪري ويا. اسان وٽ تمام ٿورو وقت آهي سارنگ! سمجهڻ ۽ پرجهڻ جو، ڇا خبر ڪڏهن زندگي اسان کي وٺي ٻوهي ۾ وڃي وجهي، ان لاءِ شيام واري ڳالهه ته
    ”زندگي جيئن به آهي آخر جاءِ جيئڻ جي آهي.“
    ڪاليج پاران مطالعاتي دؤري تي پيا وڃون 9 آڪٽوبر تي توسان واپسي ۾ ملاقات ٿي ته ملنداسون نه ته نوابشاهه اسٽيشن جي ڪنهن پليٽ فارم تان منهنجون يادون توکي ياد اينديون.
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================

    مڪلي
    30 جولاءِ 1992ع
    ڀاءُ سارنگ
    مونکي چاچي جي طبيعت جو يقينن احساس آهي پر امتحانن جي ڪري مان نٿو اچي سگهان. هڪڙي پاسي اهڙي دکدائڪ ڪيفيت هجي ۽ ٻئي پاسي ڪنهن مئگزين بابت تبصرو ڪجي گهٽ ۾ گهٽ مون منجهه ايتري نه سگهه آهي نه وري مان همت ساري سگهان ٿو.
    ايترو ضرور چوندس ته اوهان ٻاٽ اونداهيءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي ڏيئي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو سهپ ۾ ته ننڍو هجي ٿو، ليڪن جلا ضرور بخشيندو آهي. بس اوهان جي ڀيٽ ان ڏيئي سان ان ڪري ٿو ڪريان جو اسان جي گهڻ رخي سماج ۾ اهي شيون مڪمل طور تي نظر انداز ٿيل آهن، جيڪا شيءِ اهميت وڃائي (بظاهر) چڪي هجي، تون ۽ اسان انهن شين جا (Explorers) آهيون.
    مجموعي طور تي بهترين محنت ٿيل ٿي ڏسجي، منهنجون دعائون / اصلاحون اوهان جي هر عمل ۾ اوهان سان گڏ هونديون. جيستائين اوهان ڪو يادگار نه کڙو ڪيو آهي.
    جهان بھي گئي داستان ڇوڙ آئي
    مٿين ڳالهه کي نظر ۾ رکڻو اٿوَ. ماڻڪ اسان جي معاشري جو نهايت ستايل انسان هو، اڄ هو ناهي، پر سندس خيال ۽ آدرش جيئرا آهن. اهي اسان لاءِ ۽ توهان لاءِ، هن ائين سوچيو به ڪونه هوندو، ڪير ڄاڻي ته ايندڙ پنج سيڪنڊ ڪيترا فيصلا ڪُن ثابت ٿيندا. هر ڳالهه / قدم وقت جي نزاڪت / مناسبت سان سونهين ٿو ۽ توهان جو ڪم وقت جي گراف تي پورو ٿو لهي.
    خط دير سان لکيم، ان لاءِ مان مجبور هيس. سڀني کي پيار.
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================

    ال آصف شوگر ملز ڳاڙهو
    28 سيپٽمبر 1992ع
    ڀاءُ سارنگ!
    خوش هوندين پنهنجن حالن ۾.
    تون ۽ مان اهڙا انسان آهيون جيڪي ڳڀي جي ڳولا کان وٺي اٿڻي ويهڻي جي ڍنگن تائين بيمارين / آفتن کي مُنهن مقابل ٿيڻ جا سانباها ڪيو پنهنجي وجود کي ڀٽڪائيندا وتون، ان جو ڪو ڇيد ۽ ڇيڙو نٿو نظر اچي. اسان انهن پتلين مان آهيون، جيڪي نه پنهنجي مرضي هلائي سگهن نه وري ڪجهه ڪڇي ۽ لُڇي سگهن. تو ڏٺو هوندو ته ماڻهن اليڪٽرانڪ طريقن سان ترقيون ڪيون آهن، اڳي جيڪي ڀڳڙن مُٺ ۾ نه ملندا هئا، هاڻي انهن جي قيمت ڊالرن ۾ ٿي ڪٿجي. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته زندگيءَ جا ٻاويهه سال مون ضايع ڪيا آهن نه ته ڪنهن کاتي ۾ ڪلارڪي وٺي هينئر ڪنهن مقام تي هجان ها، پر ٻئي پاسي سوچيان ٿو ته جي اسان حاصل ڀي ڪجهه ناهي ڪيو ته هروڀرو وڃايو ڀي ڪجهه ناهي. جبران چواڻي ”انسان لڙڪن جي امانت آهي.“
    آخر ڪيستائين انسان لڙڪن جو بار سهندو، هر شيءِ جي هڪ حد ٿيندي آهي. جيڪڏهن هڪ هاٿيءَ کي ايتري ساڃاهه آهي ته هو پنهنجي مالڪ کي بچائي ته انسان، انسان جو ويري ڇو آهي؟ اِهي ڳالهيون توکي مڪليءَ جا پيچرا ياد ڏيارينديون هونديون، جڏهن تون ۽ مان بيڪريءَ جا بسڪوٽ به کائيندا هئاسين ۽ ڪيوبا کان ارجنٽائين ۽ ڏکڻ آفريڪا کان يورپ تائين بحث ڪندا هئاسون. آخر اسان سان ڇو اهڙيون ويڌنون وهايون وڃن ٿيون. ڇا ان جو ڪوئي حل ڪونهي؟ تون پنهنجن مسئلن جو شڪار مان پنهنجن مسئلن جو شڪار، زندگيءَ جي ڪُن ۾ غوطا کائيندا ٿا وتون. مان هاڻي ايڏو ته نراس ٿي چڪو آهيان، جو هڪڙي ڏينهن پنهنجي ضمير کي چيم ته منهنجي جان ڇڏ، مون تنهنجو ٻاويهه سال راتين جا بار کنيو ۽ تو هر قدم تي تاويلون ۽ حوالا ڏنا، آخر تو مان اڙيو ڇو آهيان. ڇا تو ڏٺو آهي مون منجهه؟! ضمير ٻيو ته ڪجهه وڌيڪ ڪونه چيو پر هڪ جملو چيائين
    ”حسين ترين غريب“
    مان انجنيئرنگ جي تعليم وٺي سگهان ٿو پر نوڪري نه، مان سوشيالاجي (Sociology) ۾ ايم اي ڪري سگهان ٿو ليڪن نوڪري نٿو ڪري سگهان ته پوءِ شايد اياز پاڻ جهڙن لاءِ چيو آهي ته:
    ائين وقت ڪٽيو ايئن عمر لُٽي
    سڀ سانگ سجايو آ پيارا.
    جيڪو ڪجهه ڀي ڪيو ان ۾ عمر سان گڏ ذهن / شعور. پنهنجون ننڊون حرام مائٽ پريشان، اسان چڪور وانگر انڌن عقيدن ۽ آدرشن پويان رلندا رهياسون. آدرشن جي صحرا ۾ منزلون نه ماڻيون پر دنياوي مسئلا ڪيئن ٿا جنم وٺن، ماڻهن جو ميل ميلاپ، تحليل نفسي، گيان و ڌيان ۽ ساهتڪ روپ ڏٺاسون، انهن کي حقيقت ۾ سمجهيو سون. نه ته اهڙا به فقير هوندا جن کي اها به خبر ناهي ته لاڙڪاڻو ڊويزن آهي يا ضلعو ۽ لئنسڊائون پل سکر ۾ آهي يا ڪوٽڙيءَ ۾!
    مان مل تي آهيان، مون سان تون ۽ توجهڙا دوست رُسندا پيا وڃو، آخر اسان هڪٻئي کي نه سمجهنداسين ته ڪنهن کي سمجهنداسين. مڃان ٿو ته عصبيت سٺي شيءَ آهي، پر سوشيالاجيءَ ۾ ان جو درجو فقط گروهي زندگي ۾ توازن برقرار رکڻ هوندو آهي، پر ذاتي زندگيءَ ۾ ان تي حسد ۽ بغض جون ڪيفيتون حاوي ٿي وينديون آهن.
    اياز، رضا ۽ ٻيا انيڪ دوست صرف وي سي آر جي ڪمپني ڏيئي سگهن ٿا، پر اهنجن جو ازالو نه ٿا ڪري سگهن. اهو ئي سبب هيو جو مان آف سيزن جا ڇهه ئي مهينا پينٽر وٽ ٺٽي ۾ ڪم ڪندو هوس. ڍلن دوستن کان سٺو ڪو ماڻهو ڀلو ڪم ڪري ڏيکاري.
    بس مان اڳيان ڪجهه ڀي نه لکندس.
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو
    28 فيبروري 1992ع
    ڀاءُ سارنگ!
    آس اٿم ته پنهنجن ٻارن ساڻ خوش هوندين.
    هڪ عرصي کان پاڻ ڪنهن به قسم جو رابطو ڳنڍي نه سگهيا آهيون، ان لاءِ مان ته سراسر پاڻ کي ذميوار سمجهان ٿو. هڪ حد تائين ٽائيم جي کوٽ ۽ مسلسل شفٽن جي ڊيوٽين ڪري ذهني طرح مفلوج هجڻ به اڻٽر هو.
    سيزن جي اسٽارٽ ٿين سان مان ڄڻ ته مهم جو ۽ جنگ باز ٿي ويندو آهيان، هر وقت چلينج لاءِ تيار هجان ٿو، ان جو وڏو ڪارڻ پئسو آهي. ننڍڙي عمر ۾ ايتريون ته پُرڪشش پگهارون ٿا ڏين جو دماغ خراب ٿيو وڃي. بهرحال اها ڳالهه توکي ٻڌائيندو هلان ته توڏانهن خط نه لکڻ جو هڪ سبب مَڳي به چئي سگهجي ٿو. تو لکيو هو ته سياري جي موڪلن ۾ مون وٽ ايندين ۽ پوءِ تون ڪونه آهين، مون تنهنجو اڻ لکو انتظار پڻ ڪيو هو. منهنجي نوڪري اڃان هلي پئي ۽ باقي ٻه مهينا کن آهن پوءِ ساڳي ماني ساڳ سان. هينئر موڪل ورتي اٿم ۽ ڊپلومه جا امتحان پيا هلن ۽ منهنجا امتحان شروع ٿي چُڪا آهن.
    اياز مليو هو ۽ تنهنجون خبرون چارون ڪيائين، هُونئن به مجيد کان وقت بوقت تنهنجو حال احوال وٺندو آهيان. باقي زندگيءَ جا ڏينهن گذاريون پيا، ڪنهن مهل فتح لاءِ آتا ته ڪنهن مهل سڀ ڪجهه حاصل هجڻ کانپوءِ به ڄڻ ٿڪل ٽٽل، ڪٿي زندگي ۾ به ساهه نٿو کڻي سگهي ته ڪٿي وري ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين زندگي اگهاڙي، بُکي جيئڻ جي فن سان ليس مسلسل اڳيان ڊوڙي رهي آهي. اسان به ان قسم جي معمولي زندگيءَ جو هڪ حصو آهيون ۽ وجود جي ويڙهه جا هڪ ادنيٰ سپاهي آهيون، هاڻي ڏسڻو آهي ته ڪنهن جي ٿي فتح ٿئي. مستقبل لاءِ بهترين حڪمت عمليون ٺاهيون ته بهتر ڇاڪاڻ اسان جيڪو ڪجهه آهيون ان جي ”هُجڻ“ تان به وڦلجيو وڃون.
    منهنجي طرفان سڀني کي پيار
    تنهنجو، سليم
    ===============================================================

    مڪلي ٺٽو
    17 جون 1992ع
    ڀاءُ سارنگ!
    تنهنجي خط ملڻ کانپوءِ مون جواب لاءِ سوچيو پر قوت ئي ڪونه رهي توهان ڏانهن ٻه لفظ لِکڻ جي. ڪافي دفعا پين پنو کنيو هوندم پر ڪا سمڪ ئي نه پئي ٿئي جو لکان، پر اڄ يعني هن وقت پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪري لکڻ ويٺو آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ توکي ٻڌايو هوم ته مون کي مل ۾ ريگيولر پيا ڪن پر پار اهو هڪ رُڃ وانگر سپنو هيو ۽ اسان سان سنگين مذاق پڻ. نه صرف تو ڏانهن پر لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي سڀني دوستن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيم ته پڪو ٿيڻ وارو آهيان، پر جڏهن حقيقتن جي خبر پئي ته ڍينگ ڍرا ٿي ويم. بهرحال اهڙي به ڪا ڳالهه ناهي اسان هونئن جوان آهيون. جهان بهي گئي داستان ڇوڙ آئي. اها به خبر هوندن ته اسان چئن سالن جي تجربي ۾ ڪيئن نه ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچڻ لڳندو آهيان ته سڀ ڳالهيون ڇڏي ڪنهن روزگار سان لڳان، پر احساسن جي ڀاونائن مونکي هر ويلا روڪيو آهي ته تون ائين نه ڪر. مان محسوس ڪرڻ لڳو آهيان ته هيءَ سماج پنهنجو دائرو تنگ ڪندو وڃي ۽ مان ڪنهن ڦاٿل جهرڪيءَ وانگر وڏا وڏا ساهه کڻي هُنن کان جيئڻ جي ٿورڙي مهلت گهري رهيو آهيان. پر آخر ڪيستائين ڪيئن ڪندا رهندا. آخر ڪي حدون هونديون آهن برداشت ڪرڻ جون.
    ڪڏهن سوچيو هوم ته مان ۽ منهنجا دوست ساٿي سڀ هڪ ئي ڌاڳي / زندگيءَ جي گردان ۾ گڏجي ساٿ سان هلنداسين. پر ائين ڀي نه ٿي سگهيو. اسان جيڪو ڀلو سوچيو هيو، سو هاڻي مَٺو پيو لڳي يا وري نفي وارا عڪس پيو ڏيکاري.
    تنهنجا خط- ڪنهن ورهين کان بند ٿيل جاءِ ۾ ليئو پائي ڏسڻ جي مصداق آهن. اڄ تائين ايترو سنگت سان وهيو آهيان، پر انهن جي پيار ۽ قرب جي هڪ حد آهي، ان کان نه هو ٽپي سگهن ٿا ۽ نه وري سندن اها شعوري ڪوشش رهي آهي ته هو پنهنجو معيار درست ڪن. ڪنهن کي ڇا چوان / چئون. ”حساس ماڻهوءَ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هو گُهٽجي مري وڃي“ صلاح الدين ايوبي ڪو چريو ڪونه هو جنهن اها ڳالهه ڪئي هئي.
    ڏٺو وڃي ته پنهنجي لڏي جا ماڻهو ڪافي آهن ۽ انهن جو وجود ٿورو لوڇڻ سان ئي لڀي ٿو.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================

    ال آصف لميٽيڊ
    21 جنوري 1993ع
    ڀاءُ سارنگ!
    چاچا جي مرتئي جو خال ته نٿو ڀري سگهجي، پر انهن جي يادن جي اولڙن مان تون تمام گهڻوڪجهه عملي زندگي مان پرائي سگهين ٿو. مثال ڪڏهن به ڪنهن وقت ڪو يادن جي خزاني مان قصو وغيره ٻڌايل يا ڪنهن ڪمپليڪس مسئلي جو هر ڏس کان جائزو وٺي ان کي سُلجهائڻ وغيره. اسان جي وڏن جو خاص ڪري پاڻ جهڙن جي والدين جو معيار اولاد جي ڪسوٽيءَ تي بس بيلينس هجي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو پنجاهه/سٺ جي عمر ۾ ازخود هڪ قسم جو وڇوڙو پيدا ٿيو وڃي. اولاد پنهنجي منهن، ماءُ پيءُ پنهنجي ٻُڍائپ جي جنجال ۾ جنجهوڙيل.
    حقيقت ۾ ٿيندو ڇا آهي جو اسان وڏن سان ويجهڙائي ۽ فري ماحول نٿا پيدا ڪريون. انهن جي مسئلن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ به وڏي ڳالهه آهي. ٻئي پاسي اِهي اسان جا بزرگ پراڻن مُدي خارج نظرين سان چنبڙيل، سڀني مسئلن جو حل پاڻ وٽ هجڻ جي اَڍنگي تمنا، اهڙيون ٻيون ڳالهيون گڏيل طور تي ٻنهي ڌرين ۾ ڏار وجهڻ لاءِ ڪافي آهن. نه ڄمون ها اهڙن گهرن ۾ يا جي ڄمون ها ته گهٽ ۾ گهٽ جاهل هجون ها!، اناڙي هجون ها! کائڻ کان سواءِ ڪا به خبر نه هجي ها، پر سارنگ! اهو به هڪ امتحان اٿئي! اهي شيون اسان جي خود اعتماديءَ جو پيش خيمو آهن. آخر ڪيستائين، نه منزل نه آس ڪيڏانهن وڃون.
    ميڪسم گورڪيءَ کي پڙهيوسون، ساحر لڌيانوي کي هِئين سان هنڊايوسون. ڇا انهن لکيو، ڪهڙي راهه ڏيکاريائون، ٿي ڇا ويو!؟ مان سوچيندو آهيان ته ڇا انسانيت ائين تي ذليل ٿيندي رهندي! ڪهڙي ٿيوري کپي. ڪا خبر ناهي.
    تون پريشان نه گذار، ڪوشش ڪر ته ڏينهن ڏينهن سُٺو ۽ خوشگوار گذري، جيئن آهيون ائين ئي ته رهڻو آهي نه!
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================

    جا پَرَ هندو ڪن مُئي پڄاڻان ميت سين،
    مون ساڻ سپرين، جيئري ڪئي هن جهان ۾.
    (لطيف)
    سارنگ!
    مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته تو ۾ ۽ مون ۾ رشتو ڪهڙو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي واڻي توکي نه به لکندو آهيان، ته به مزو محسوس ڪندو آهيان، هڪڙي ڳالهه حاوي هوندي اٿم ته سارنگ دل ۾ قطعي نه ڪندو. مان نفسياتي مريض آهيان، هتي رهندڙ دوستن کي به ڪڏهن ڪڏهن اهميت نه ڏيندو آهيان ۽ پوءِ وري الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون سوچيندو آهيان، جن جو توسان به اظهار ڪري چڪو هوندس (خطن ۾).
    سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي هرحال ۾ خوش به گذاريون ٿا ته رنج به. 24 سالن جي زندگيءَ ۾ مون محسوس ڪيو آهي ته جيڪو جيترو قانون شِڪن/پرمتڙيو آهي، اهو ئي اصل ۾ مڙس ماڻهو آهي. توکي خبر آهي اسان اهڙي مڙسيءَ جا بُکيا نه آهيون. اسان غريب زندگي بسر ڪرڻ وارا پنهنجن مسئلن جو شڪار. سو اسان ڪهڙي بنياد تي قانون / روايتون ٽوڙيندا وتون؟
    منهنجي توسان حد درجي جي محبت رهي آهي، مان ايترو عملي طور تي توسان گڏ ڪونه آهيان، پر روحاني طور تي منهنجو توسان تسلسل ڪجهه اهڙو رهيو آهي، جو مان توکان ڪنهن به قسم جي دُوري برداشت نٿو ڪري سگهان، هن خط لکڻ جو مقصد، مان پنهنجون مڪمل لوازمات / گهرجون / ذميواريون، انهن لاءِ برجستو رهڻ. مطلب ته اڄ توکي ٻڌايان ٿو ته 1988ع کان مان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ رهيس. توسان جيڪو وقت گذريو اهو هڪ قسم جو خواب هيو.
    موالي (هيروئني) ٿيڻ اسان لاءِ هر مهيني 8000 جو لاس (Loss) ثابت ٿيو. هن جي شرافت کي اڄ تائين سلام آهي جو هينئر ڪنهن قسم جو نشو نٿو ڪري. پر پاڻي سر تان چڙهي چُڪو هيو، ظاهر آهي ڀريو تريو گهر مٽي ته ڪونه کائيندو؟
    ادا امداد حيدرآباد ۾ پنهنجي ماحول سان، مان کانئس متاثر آهيان، سندس سوچ ۽ ذهنيت کان، پر مستقل مزاجي جو نه هئڻ ڪهڙي قسم جي شرافت آهي. هينئر جنهن جاءِ تان خط لکي رهيو آهيان، اتي ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايو آهي ته ”امداد کي سب انجنيئر جو آرڊر مليو آهي“ مونکي حقيقت ۾ خبر ناهي، سو مان سمجهان ٿو ته 9 سالن کانپوءِ مسٽر امداد گهر کي اسڪالر ڏيندو!
    هي سسٽميٽڪ انداز ۾ بيان ان لاءِ نٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو جن گهرو ضرورتن کي صحيح طريقي سان منهن نه ڏنو آهي. اُهي فرد ئي منهنجي هِٽ لسٽ تي آهن. ادا نياز جيڪو اسان کان الڳ پنهنجن ٻارن ٻچن جو اڪيلو پاليندڙ آهي، ان مان ڪنهن به قسم جي معاشي موٽ جو جواز نٿو نظر اچي. ڇاڪاڻ ته هو هينئر هڪ ڪٽنب کي اڪيلي سِر منهن مقابل آهي.
    خادم، جنهن جي شاديءَ کي ڇهه مهينا خير سان ٿي چڪا آهن، تنهن جي گهر واري ۽ پاڻ، گهر ۾ ٿورا گهڻا ايڪٽ ڀلي ڪيا پر انهن کي سختيءَ ۽ نرميءَ جي ميلاپ سان حل ڪيو اٿئون، پر هن يار به الڳ رهڻ ۽ ڌار ڪٽنب جي تشخص جو جواز پيش ڪري ڏيکاريو آهي، پر حالي وقت ۽ موقعي جي مناسبت سان هلي پيو. ذاتي طور تي مان پاڻ ان ڳالهه جو قائل آهيان ته شادي کانپوءِ الڳ Privacy ۾ رهڻ بهتر آهي. پر هڪڙو ماڻهو گهر جي گاڏيءَ کي خوش اسلوبي سان منهن ڏئي ۽ هلندي هلندي گهر واريءَ جي چوڻ تي وچان اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري ويهي ته مان سمجهان ٿو ته ذهني شاڪ ته لڳندو ئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ماءُ پيءُ ڄڻين ۽ همراهه شاديون ڪندا خيما الڳ الڳ کوڙيندا وڃن ته پوءِ ننڍڙن ۽ بزرگن جو سهارو آسمان مان ته نه نازل ٿيندو؟
    انهن روين منهنجو شادي مان ارواح کڻائي ڇڏيو آهي، مان سمجهان ٿو ته مون پنهنجي زندگي جي پليٽ فارم تي اچڻ واري شاديءَ جي ٽرين جون پٽڙيون هينئر کان ئي يڪسر اُکوڙي ڇڏيون آهن. گهڻا دفعا انتشاري ڪيفيت ۾ زندگيءَ جي لطافتن / اذيتن مان منهنجو ويساهه کڄي ويو، پر پوءِ مان توهان دوستن ۾ اُميد ۽ آشيانو تحفظ ۽ توڪل جون ريکائون پسندو هوس، پوءِ زندگي محسوس ڪرائيندي هئي ته هروڀرو ايئن به ڪونهي، اهي فقط دوستن جي هم آهنگي جي ڪري آٽوميٽڪ هڪ قسم جو اُتساهه ملندو هوم.
    مان زندگيءَ جي جوا ۾ هميشه هارائيندو رهيو آهيان، هاڻي راند مان اُٿان به نٿو ڇاڪاڻ ته سامهون رانديگر منهنجا پنهنجا آهن، پوءِ شرط ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي.
    اهڙي صورتحال ۾ مان اڄ ان ڳالهه جو اقرار ڪندس ته تنهنجي والد محترم جي وفات تي مون کي ايترو افسوس ڪونه ٿيو، جيترو حقيقت ۾ ڪنهن ڀائرن جهڙي دوست لاءِ لازمي هيو. مان ان وقت ڪهڙين پيڙائون مان لنگهي رهيو هوس، ان جو غم ڪجهه ايترو هيو جو مان نه روئڻ جهڙو رهيس نه رُئاڙڻ جهڙو.
    بس سارنگ! زندگي هوندي به زندگيءَ کان پري آهيان. منهنجا به ڪي خواب هئا ۽ هاڻي اُهي ناهن رهيا، ٻيو ته ٺهيو پر انهن جا اولڙا به ڪونهن، ڇا ڪريان، سمجهه ۾ نٿو اچي. محدود وسيلا ۽ لامحدود گهرجون آخر ڇا ڪجي؟ ڪو چارو ڪا اُميد نٿي ڏسجي. ماڻهو مِرون ٿيا پيا هلن، روحانيت تباهه برباد لڳي پئي آهي. ڪٿي ڪو منزل جو نشان نٿو نظر اچي، ماڻهو وجود سان ناهن ۽ وجود ماڻهپي کان وانجهيل آهن. آخر هي سڀ اسان کي خدا ڇو ٿو ڏيکاري؟ هجڻ ايئن گهرجي ها ته وڏا نه ٿيون ها ۽ ڪنهن به قسم جي شعور کان وانجهيل رهي رڍون پاليون ها. گهٽ ۾ گهٽ فطرت کي ته ويجها هجون ها. مان جديديت کان آري ٿي چُڪو آهيان. مون محسوس ڪيو آهي ته هاڻي اسان کي وري جهنگل ۽ غارون وسائڻ گهرجن.
    بس، توهان سنگتين جو مون تي احسان آهي جو ڀرجهلا ٿيو ٿا، نه ته زندگيءَ کي ٽوٽا چٻائڻ اچن ٿا.
    مهرباني
    سليم

    ===============================================================*

    ويران جڳهه تان.
    مون تي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا
    ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کر سامهون.
    (لطيف سائين)
    ڀاءُ سارنگ!
    مان مڃان ٿو ته مان تو سان ڏکي ويلا ۾ هڪ بهترين دوست جي حيثيت ۾ اهو ڪجهه نه ڪري سگهيس جو ڪجهه هڪ همدرد کي ڪرڻ گهربو هيو. مان ڇا ڪري رهيو هوس ۽ هينئر ڪهڙي وٺ وٺان ۾ آهيان، ٿورو ان ڏس ۾ توکي ٻڌائڻ بهتر ٿو ڄاڻان.
    گذريل ڏيڍ ٻن مهينن کان مون سان نفسياتي مسئلا ايترو ته منهنجي ذهن ضمير تي حاوي رهيا جو ان انتشار جي ڪيفيت ۾ تو ڏانهن ٻه ٽي خط لکي ڦاڙي ڇڏيندو هوس ۽ سمجهندو هوس ته توسان ڪنارا ڪش رهڻ ۾ منهنجي في الحال بهتري آهي. ان دوران سماجي اُٿ ويهه ۾ به عجيب هلچل هئي، مل ۾ هيترن سارن واقفڪارن ۾ به پاڻ کي ٽٽل ٽٽل ۽ نٻل سمجهندو هوس. ويجهي ماضيءَ ۾ سخت معاشي بُحران سبب ڪنهن فيصلا ڪُن گهڙيءَ جي انتظار ۾ هوس. منهنجو مطلب مل ڇڏي ڀڄي ڪنهن ڪنڊ پاسي لڪي ويهي رهڻ جو هيو ۽ ٻيو هو يونين ۽ انتظاميه جي گڏيل سهڪار سان پنهنجي نوڪري پڪي ڪرائڻ. ان مان پهرين ڪم ڪرڻ ۾ اوکائي محسوس ڪيم ڇو ته مون پنهنجي پٺيان گهڻا يتيم ڇڏيا هئا، جيڪي منهنجي پگهار (اسڪالرشپ) جي آسري جيءُ جيارڻ لاءِ جتن ڪري رهيا هئا. تنهنڪري مان ان فيصلي کي پاسيرو رکي، هڪ طرف پاڻ کي سماجياڻي (Socialize) ڪرڻ ۾ جُنبي ويم. ٻي طرف ازخود يونين جي سپورٽ سان مونکي پرمنٽ )پڪو) آرڊر مليو. مان ان وقت ان عورت مثل پاڻ کي سمجهڻ لڳس جنهن کي ستن ڌيئن پٺيان پٽ ڄائو هجي!
    ٽن مهينن جي نوڪريءَ جي مُدي پڪي (پوري) ٿيڻ تائين مان مل کان پري به نٿي ٿي سگهيس، ۽ ٺيڪ ان نموني ۾ توهان جي بابا سائين جو مرتيو ٿيو! هاڻي هڪ پاسي باهه ٻئي پاسي پاڻي واري مثال مطابق مان مُنجهي پيس جنهن ۾ توڏانهن ٻه عدد اڀرا سڀرا عذرخواهي وارا خط لکيم، جيڪي آفيس ۾ لکيا هوندم. آرڊر ملڻ تي ٿورو گهڻو نه پر تمام گهڻو سُرهو ٿيس، جو روزگار اسان وٽ موت کان به ڏکيو ٿو ملي. ان ڪري وقت جي شناس ۽ ڊيوٽين جو قدر قيمت سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. ان ۾ هڪ حد تائين ڪامياب ويس ۽ هاڻي 30 مئي تي منهنجو مدو پورو پيو ٿئي. تنهن کانپوءِ عيد جون موڪلون ملنديون شايد توهان جون وئڪيشنون به ان دوران ٿي وينديون. مان ۽ آفتاب عيد کانپوءِ تو وٽ اينداسون عذرخواهي ڪري توکي کَنڀي کڻي اينداسون. ٻه مهينا وئڪيشن جا مون وٽ گذارجان، ائرڪنڊيشنڊ ماحول آهي ڪنهن به قسم جي کوٽ محسوس نه ٿيندءِ. اسان ماڻهن لاءِ AC ۽ ڪار جو ماحول ئي سڀ ڪجهه سمجهيو ويندو آهي.
    ان عرصي دوران اخلاقيات منهنجو موضوع رهيو، ان سبجيڪٽ تي جيڪي ڪتاب هٿ لڳم پڙهيم، سائين جي ايم سيد صاحب جي تحريرن کي به نظر مان ڪڍيم. سائين ڪيترو اونهو آهي مون کي هاڻي پتو پيو آهي، باقي ديشي سڳورا هروڀرو پيا سائين جو منفي رجحان واضح ڪن. ڇا اسان سڀ جا سڀ زم زم سان وهنتل آهيون ڇا؟ خاميون صرف خدا ۾ ناهن. ڪائنات حسين آهي ۽ جدّت ان جو شيوو، اڄ کان ستر پنجهتر سال اڳ ۾ دنيا ڪٿي هئي ۽ هاڻي ڪٿي آهي، اهي سڀ انتشار، ظلم اقربا پروريءَ جون نشانيون ۽ مثال آهن.
    شنڪر آچاريه چيو آهي” اُهي هستيون عظيم آهن جيڪي بنا لوڀ لالچ جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي فلاح لاءِ سوچين ٿا ۽ پاڻ وري اهڙي نموني الوپ ٿيو وڃن جيئن چشما هزارين وڻن ٽڻن کي سيراب ڪرڻ کانپوءِ نديءَ يا مها ساگر ۾ جذب ٿي ويندا آهن.“ (مها ڀارت)
    اهو ته هميشه دستور رهيو آهي ته اسان جي معاشري ۾، بدمعاش ۽ لُچ جي بازي زور رهندي پئي آئي آهي. اسان پنهنجي طور تي نيڪ ۽ سٺا رهنداسين ته به شڪ جي نگاهه سان ڏٺا وينداسون. جيڪڏهن امير ڊفينس جي بنگلي ۾ ويهه ويهه رنون ويهاري ويٺو هوندو ته اهو نيڪ ۽ سخي سڏبو.
    ٿورو يورپ جي مسلمانن بابت هميشه اسلام کي عوام جي خلاف دقيانوسي انداز ۾ پکيڙيو ويو آهي انهيءَ جي حقيقت تشريح مُلن پنهنجي فائدي ۾ نه ڄاڻي ٺوڪ ٺوڪان واري انداز ۾ ايڊاپٽ ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن بجاءِ جديد علمن ۽ سائنس کان هڪ طرف منهن موڙي خدا جي خدائي جي آسري لڳي ويا، ٻئي پاسي اوڀر ۽ اولهه يورپ جي عيسائي ۽ يهودي لابين سائنس ۽ ٽيڪنالاجين ۾ انقلابي ڪارناما سرانجام ڏنا. توهان تي ڪٿي به ڪنهن مسلمان ملڪ جي ٽرڪ، بس ڪرين، بلڊوزر ۽ ڪامپليڪس مشينري ڏسڻ ۾ نه ايندي، باقي ايڪڙ ٻيڪڙ ميزائلن ۽ بليڊن (ڏاڙهي ٺاهڻ وارا) ملڪ نظر ايندا. ان جو سبب ئي اهو آهي ته اسلام جيڪو پيغمبر محمد صلي الله عليه و آله وسلم پيش ڪيو هو تنهن جي سموري ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي اٿائون. بوسينيا ۽ فلسطينن جي ستم ظريفي ڏسڻ وٽان آهي. انهن مان گهڻا مسلمان شريف به آهن، پر هنن کي ڪلمي جي به خبر ناهي. جيڪو ڪجهه يورپ ۾ ٿيو يا ٿي رهيو آهي ان جو ذمو ڪٽر قسم جي مذهبي جنونين مٿان آهي.
    اهڙا ناڪام ۽ نامراد تجربا هن کان اڳ ۾ يورپ جي پوپن صليبي جنگين ۾ ڪيا هئا. اسان سنڌي ماڻهو هڪ لحاظ کان مذهب جي پنجوڙ کان ٻاهر آهيون، ڇو ته صوفين / بزرگن اسان کي امن ۽ آشتي جو درس پئي ڏنو آهي، جنهن جا پيش خيما / سرچشما سرمد، بلاول، شاهه عنايت، دولهه دريا خان، ڪبير، بلي شاهه، لطيف، سچل، سامي، بيدل ۽ بيڪس رهيا آهن. باقي رهيو روزن ۽ نمازن جو چڪر سو سڄي دنيا جا مسلمان ئي ڪونه ٿا نماز پڙهن ۽ روزا رکن ته پنهنجو ڇا وڃي؟
    وڌيڪ ڪچهريون ٿينديون ۽ اُميد ته ٻارن ٻچن سان خوش هوندين. سڀني کي سلام، پيار مان
    تنهنجو، سليم
    ===============================================================*

    مڪلي
    26 اپريل 1994ع
    پيارن ۾ پيارا سارنگ!
    حق موجود!
    تنهنجو اپريل جي 5 تاريخ کان وٺي 15 تائين انتظار ڪيم پر تون ڪونه آئين. پوءِ لاڳاپا لاهي پنهنجي ڪمن کي وقت ڏنم. هاڻي تنهنجو وڌيڪ ڇا پروگرام آهي ان بابت مون کي آگاه ڪر. مون جيڪي ڊپلومه جا سرٽيفڪيٽ فيڪٽري ۾ ڏنا هئا، انهن جو هيل تائين ڪوبه کڙ تيل ڪونهي نڪتو، بيروزگاري ڪونهي، اڀرو سڀرو روزگار آهي، لڳا پيا آهيون، پر حقيقت ۾ مون کي تنهنجو اُلڪو ٿيندو آ، چريا اکرن کي به انگريزي سان گڏوگڏ سُڌار، باقي مجموعي طور تي تون اڳي کان وڌيڪ ايڪٽوِ نظر آئين. تبديلي به ترقيءَ جو نالو آ، ڪوشش ڪر ۽ ٻارن تي توجھ ڏي. ٽنڊي جان محمد ويو هوس ڊاڪٽر وارا، نند لعل، علي احمد ٽالپر ۽ رزاق تنهنجو پڇن پيا، مون تنهنجا ايڊوانس ۾ سلام چئي ڇڏيا مانَ، ڏاڍو پيا توکي ياد ڪن.
    هن خط جو جواب ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪجانءِ نه ته بس، اچڻ جو پروگرام ٻڌاءِ ته ڪڏهن ٿو اچين؟
    تنهنجو، سليم
    ===============================================================*


    ال آصف شوگر ملز ڳاڙهو
    2 جنوري 1994ع
    پيارن ۾ پيارا سارنگ!
    طويل عرصو گذريو آهي پر ڪنهن قسم جو رابطو نه ٿي سگهيو. مان به پنهنجين مصروفيتن ۾ مشغول هيس ۽ توسان به ڪجهه اهڙي قسم جون گهٽائون هونديون. مطلب ته حالتن جي سازگار ۽ ناسازگار هجڻ تي ئي سڀ ڪجهه منحصر آهي. تون مون کان واقف آهين ۽ مان توکان. پوءِ پاڻ ۾ ڪهڙيون دوريون؟ توڙي جو اسان ڪڏهن ڪڏهن محسوس به ڪندا هجون ته به اهو اسان جي ذهن جو فقط فِتور هوندو. ڪافي عرصي کان اهو ٻڌندا اچون ته ڏکن پٺيان سُک هوندا آهن، اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي، پر اهي فقط اسان لاءِ آسرا آهن ۽ تجسُس وڌائڻ جو اهو به هڪ نمونو آهي جيڪو اسان تي ٿاڦيو ويو آهي. اسان ڇلانگون ٿا لڳايون ته ماڻهو ٽنگن مان ٿا جهلين، ڪير جستجو جو جذبو کڻي اڳيان وڌي ٿو ته ڪيرائي ٿا وجهنس، پوءِ اهڙي ماحول ۾ ماڻهو انفراديت ڏانهن موٽ کائي ٿو، هن کي فقط پاڻ، اولاد ۽ گهروارن، سنگت ساٿ ۾ ويساهه رهي ٿو.
    منهنجي خيال ۾ اسان سڀئي انفراديت کي اجتماعيت تي ترجيح ڏيڻ لڳا آهيون. سڀني حالن احوالن کان واقف ڪجانءِ.
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================*

    نيشنل هاءِ وي ڪراچي
    21 آگسٽ 1995ع
    پيارا سارنگ!
    خوش هجين شال!
    گهڻي عرصي کان پنهنجو رابطو نه ٿي سگهيو آهي، مان سمجهان ٿو ته ان ۾ اسان ٻنهي جو ڪوئي ڏوهه ناهي بس زماني جي گردش ڪجهه اهڙي آهي جو ڪنهن جو وس هوندي به نٿو هلي. بيروزگاريءَ جي احساس مون کي ڊپريشن جو شڪار بنائي ڇڏيو هيو، رضا ان احساس کي سمجهيو ۽ مونکي مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي ۾ نوڪري وٺائي ڏنائين. مسلسل رات جي ڊيوٽي آهي روزانو ايندو ويندو آهيان، ڪنهن حد تائين مطمئن به آهيان، ڇاڪان ته ذهني سڪون جي تلاش ۾ اسان پارن کي ڪا وندر هجي ته بهتر آهي. سا هينئر مون محسوس ڪئي آهي. ايگريڪلچر ڊپارٽمنٽ وارو ڪم اڃا ناهي ٿيو اعجاز شاهه شيرازي آسرو ڏنو آهي، ڏسي رهجي ته ڇا ٿو ٿئي. اياز، بلڪل خوش آهي ۽ پنج ڇهه هزار مهينو ٺاهي وٺي ٿو، ڏاڍي مطمئن زندگي پيو گذاري. الطاف ميمڻ اسسٽنٽ انجنيئر، پاڪستان اسٽيل ۾ ٿيو آهي. آفتاب ميمڻ، سول ڪورٽ ۾ سڌي ڀرتي وسيلي ڪلرڪ ٿيو آهي. رضا اڃا ڊاڪٽر عطاء جي ڪنهن Caution جي انتظار ۾ آهي، مجيب انٽيليجنس جو اڄڪلهه بيورو آهي. حميد مهراڻوي ساڳيو تو وانگر ماستر آهي گڏوگڏ ايڌي سينٽر تي نائٽ ۾ پارٽ ٽائيم پيو ڪري.
    تون پنهنجي موجوده مجموعي سرگرمين کان آگاهه ڪجان. حقيقت ۾ تنهنجو هر قدم مستقبل ڏانهن نئين پيش قدمي هوندو آهي، جيڪو مون ۽ مون جهڙن لاءِ نئين راهه جو راهي ٿيڻ لاءِ سبب پڻ هجي ٿو.
    بختاور، علي ۽ سڀني کي سلام.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================*

    ال آصف شوگر ملز ڳاڙهو
    6 فيبروري 1995ع
    ڀاءُ سارنگ!
    حق موجود!
    اڳ ۾ جيڪو تنهنجو خط آيو هو، ڀانيان ٿو ته تنهنجن ويچارن ۽ آدرشن ۾ ڪو سست عمل يا ائين کڻي چوان ته زندگيءَ جو فقط تحفظ ان خط مان بکي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته هاڻي فقط تحفظ يا بچاءُ سڀ ڪجهه ناهي رهيو، هاڻي اڳرائي / پيش رفت به ڪرڻي پوندي. بقول دوستن جي ته سارنگ CSS جي تياري پيو ڪري. مان ڏاڍو خوش ٿيو هوس، پر تنهنجي پوئين انگريزي واري خط ۾ فقط ڪنهن ڪامپيوٽر ٽريننگ جو ذڪر ٻڌي مون سمجهيو ته شايد تون زندگي جي ساڳئي مورچي تان ٿڙي ويو آهين. ممڪن آهي هي منهنجا تو بابت هڪ طرفا ويچار، تنهنجن مجبورين ۽ محرومين جي حقيقي جهلڪ سان سهمت نه ٿيندا هجن. پر مان پنهنجي طور تي ان ڳالهه جو حق ٿو رکان ته تون مونکي زندگيءَ جي حقي واجبي پروگرامن کان وقت بوقت آگاهه ڇو نه ڪيو، يا مان هاڻي ان جي اهل رهيو نه آهيان، پر به 1986ع جا گذاريل ڏينهن ۽ انهن ڏينهن جي خوشبوئن ۾ واسيل اهي يادگار ڪچهريون، مطلب ته انهن ڏينهن جو مون وٽ احترام اڃا به آهي، توهان ڀلي ڪهڙي به رنگ ۾ هجو، گهٽ ۾ گهٽ ڪو احترام لائق مون وٽ ماضيءَ جو واقعو ته آهي! ۽ ان جو مان هميشه بچاءُ ڪندو رهندس.
    هن سماج ۾ اهو به اسان کي حق نٿو ڏنو وڃي ته اسان پنهنجون روحاني گهرجون پوريون ڪري سگهون. اياز، مونکي تو بابت ڄاڻ ڏني ته تون حيدرآباد جي سائيٽ قاسم آباد ۾ گهر وٺڻ جي چڪر ۾ آهين. اها ڳالهه ڪٿي پهتي آهي؟ ۽ ها رضا به تنهنجا سلام مون کي ڏنا هئا. تنهن لاءِ مهرباني. هن کان اڳ ۾ مون تو ڏانهن ان ڪري خط نه لکيا هئا، جو مون کي اياز چيو هيو ته سارنگ هينئر انتهائي مصروف آهي، تنهنڪري اسان کي خطن جا جواب نه ڏئي سگهندو. اِهو ئي سبب خطن نه لکڻ جو هيو.
    منهنجون حالتون (روزگار جي حوالي سان) ڏاڍيون خراب آهن فيڪٽري جي انتظاميه مڪمل طور تي ڪرش پئي ڪري، يونين ٽائوٽ ٿي وئي آهي. ٻن ٻن مهينن کانپوءِ هڪ مهيني جي پگهار ملندي آهي، ايڪگريڪلچر انجنيئرنگ جي واٽر مينيجمنٽ پروجيڪٽ ۾ اپلاءِ ڪيو اٿم، پر هيل تائين ڪنهن به قسم جي چرپر نظر نٿي اچي. خبر ناهي اڳيان ڇا ٿيندو!؟ ڪڏهن ڪڏهن عجيب غريب خيال ايندا آهن، جن جو دنگ خوفناڪ محسوس ٿيندو اٿم. پر ”پِڇلي پريت ڪي ڪارن پٿر چُن چُن کائي“ واري ڳالهه ٽاري ڇڏيندي آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجو هتي هجڻ ئي نه هجڻ برابر آهي، خدا جنهن ڪم لاءِ مونکي پيدا ڪيو ان جي تلاش ۾ مان بلڪل ناڪام ويو آهيان، هاڻي اها جاءِ ويڪينٽ ٿئي ته ڪو اچي پنهنجا جوهر ڏيکاري نه!!
    پر خير آ، انهن سڀني ڳالهين جو توسان ڪوبه تعلق ناهي پروشيه واري ڳالهه ته ”تون پنهنجون مصبيتون ٻين کي نه ٻڌاءِ ڇاڪاڻ ته ڌڻي هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا مسئلا پيدا ڪري ڏنا آهن.“
    مون کي اُميد آهي ته سڀني حالن احوالن کان مون کي آگاهه ڪندين ته جيئن مان به ڪائي جوت جلائي سگهان ۽ ڪوشش ڪريان.
    بختاور ۽ علي رضا کي تمام گهڻو پيار
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================*

    29 بي شاهه لطيف ڪالوني
    مڪلي ٺٽو
    20 فيبروري 1995ع
    ڀاءُ سارنگ!
    نهايت افسوس اٿم جو اوهان مون وٽ آيا ۽ مان اوهان سان نه ملي سگهيس، انهيءَ ڏينهن مان مل تان سڌو حيدرآباد ويو هوس ۽ جمعي تي، جنهن ڏينهن توهان نوابشاهه لاءِ روانا ٿيا هئا، ان ڏينهن شام جو گهر پهتس ته توهان جو پپوءِ احوال ڏنو، اها به خبر پئي ته توهان رات جو مجيب جانوريءَ وٽ ترسيا هئا، مان مجيب سان رات جو ملڻ ويس، پر هو نماز تي يا تراويحن تي ويل هو. بس پوءِ جيڪي وڻيم سو پاڻ ئي محسوس ڪيم.
    هڪڙو گروپ فيڪٽري وٺڻ جي چڪر ۾ آهي، پر هيل تائين ڪابه ڳالهه واضح ڪونهي ٿي، پر جيڪي ڪجهه به ٿيندو وري به عيد کانپوءِ. هيءُ خط هڪ ته عيد ڪارڊ سمجهجانءِ، ٻيو تنهنجي اچڻ ۽ منهنجو توسان نه ملي سگهڻ جو جواب.
    چاند ملتا نهين سب ڪو سنسار مين،
    هي ديا هي بهت روشني ڪي لئي.
    واري ڳالهه ته مون ڪوشش ڪري حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ شروع ڪيو آهي، پر سمجهوتي ڪرڻ جو به حق مونکي حاصل ناهي، هاڻي خبر پوي ٿي ته وان گوگ، دوستو وسڪي ۽ فرانز ڪافڪا ڇو آتم هتيا ڪئي هئي. پر مان نه ته ڪا آتم هتيا ڪندس نه وري ڪو اٻهرائي وارو قدم کڻندس. ان لاءِ توهان ڀائر پنهنجي دل مان مون لاءِ سڀئي وسوسا ڪڍي ڇڏيو.
    آخر ۾ سڀني سڄڻن توڙي دشمنن کي اڀري سڀري عيد مبارڪ چوندا.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================*

    مڪلي
    8 اپريل 1996ع
    سارنگ!
    حالتن جو بار کڻي کڻي هاڻي ته صفا هيڻو ٿي ويو آهيان. هر شيءِ ۾ منافقت ۽ بناوٽ ٿي پسيم، دوستن ۾، مٽن مائٽن ۾ مطلب ته هر پاسي اهميت ۽ قدر بيٺل ماڻهوءَ جو آهي، اُتي منهنجي ڪابه حيثيت ناهي.
    مالي حالتن جي ڪُن ۾ ڦاٿل نه هجان ها ته مون کي به ايتري ئي اهميت ملي ها. سڄي زندگي اسپئير ٽائر وانگر گذري وئي، پر هڙ حاصل ڪانه ٿي. مهرباني ڪري تون سڪرنڊ شوگر ملز واري چانڊيي صاحب سان سيڙجي مل ۽ منهنجي حالات کان کيس آگاهه ڪر، ڪم ٿئي ته ٺيڪ جي نه ته ميار ناهي.
    ايم اي اردوءَ جا تقريباً ڪتاب هٿ ڪيا اٿم ۽ تون پريشان نه ٿجانءِ، مون هينئر کان ئي پڙهائي شروع ڪري ڇڏي آهي، بس تنهنجي ٿوري همت افزائي کپي.
    اياز جي بدلي لاڙڪاڻي ٿي وئي آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ مڪلي ڇڏي چڪو هوندو!
    منهنجي طرفان مرتضيٰ کي شادي مبارڪ.
    سڪ مان
    سليم
    ===============================================================*

    29 بي شاهه لطيف ڪالوني
    مڪلي ٺٽو
    14 جولاءِ 1998ع
    پيارا سارنگ!
    مونکي ڏاڍونئون نئون ٿو لڳي ته مان توڏانهن پيو خط لکان ڇاڪاڻ ته گهڻو عرصو اسان وچ ۾ خطن جو رابطو ڪٽيل رهيو آهي، پر وري به ڪوشش اها رهندي ته پنهنجون روزمره جون سرگرميون، حالتون ۽ ڪشمڪش زندگيءَ جون خبرون هڪٻئي تائين پهچائيندا رهون. ان سان مان سمجهان ٿو ته هڪٻئي کي Boost ملندو ۽ اصلاح پڻ ٿيندي.
    مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو تون مون وٽ آئين ” آين جا احسان آهن، احمد شاهه چوي“ روحاني طور تي خوشيءَ جا احساس ڪنهن ماپي جا محتاج ڪونهن، پر سماج جي موجوده جوڙجڪ ۾ ماڻهن ماپا ٺاهي ڇڏيا آهن. پر اسان ڪڏهن پنهنجي نجي آزادي جيڪا ضمير جي آزادي هجي ٿي، ڪنهن سان نيلام ناهي ڪئي! ته پوءِ اهڙي صورت ۾ ماپا ۽ ماڻا اسان جو ڇا بگاڙيندا؟ خسيس سوچ ۽ هلڪڙي معيار جا ماڻهو ٻين پاران سڃاتا ويندا آهن، جيئن ڪنهن جو پي ڪمشنر هجي ۽ هو هروڀرو لئه ۾ مست گهمندو وتي، پاڻ جهڙا چرٻٽ ٺاهيندو وتي، جيڪي ائين چوڻ ۾ ڪو ٽڪي جو شرم محسوس نه ڪندا هجن ته فلاڻو / فلاڻي ڪمشنر جو اولاد آهي. اِها غلاميءَ جي ستن پاڻين ۾ ڌوتل جديد چمڪ آهي، پر توکي سماج ۾ اهڙي قسم جي فوبيا سان ٽمٽار ماڻهو جام ملندا. مان ته انهن کان خائف ٿيندي به انجواءِ ڪندو آهيان ۽ وري محسوس ٿيندو اٿم ته مان وري به شڪر جو اهڙن ماڻهن مان ڪونه آهيان.
    ٽيون ڏينهن هڪڙو ماڻهوءَ جيڪو جيالاجيءَ جو شاگرد آهي، مون سان اهڙي ريت مليو جو ڄڻ مون شايد کانئس قرض ورتو هجي، وقتي طور پريشان ٿيس، پر وري به دقيق نظرين جي مانارن ۾ هٿ وڌل هجڻ جي ناتي مون سندس فيلڊ تي جڏهن ڳالهايو، ته سائين جن آهستي آهستي وسامڻ لڳا. پوءِ ايڪسڪيوز پيو ڪري، مون چيو مانس جيڪڏهن توهان ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا پڙهو ته پوءِ توهان تي معيار ناهي، پر جيڪڏهن پنهنجي ڀلي مستقبل لاءِ ٿا پڙهو ته پوءِ توهان جي پڙهائي اڃا شروع ناهي ٿي، اُها شروع ٿيندي ئي ڊگري وٺڻ کانپوءِ!
    سو اهڙي قسم جا ڪئين وکري ٽائپ (نوابشاهه وارن جو روائتي پهاڪو) ماڻهو به ملن ٿا، پر وري به عوام کي منهن ڏجي پُٺي نه ڏجي!
    خط لکڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن دير ڪيم، ان لاءِ جو ال آصف شوگر ملز جي باري ۾ دوستن سان مشورا ۽ صلاحون ڪرڻ گهر کان ٻاهر ويل هوس. هاڻي مان سمجهان ٿو ته اهو سارنگ، جيڪو 94-1995ع ۾ گم ٿي ويو هيو، سو مليو آهي ۽ ساڳيو تسلسل جاري رکندو، هونءَ به ميوو وڻ ۾ وڌيڪ خوبصورت لڳندو آهي.
    هميشه گڏ
    تنهنجو
    سليم
    ===============================================================*



    160-A شاهه لطيف ڪالوني
    مڪلي ٺٽو
    1 ڊسمبر 2003ع
    سڄڻ ۽ مانائتا سارنگ!
    خبر اٿئي، مان عيد کان هڪڙو ڏينهن اڳ ۾ مڙئي سوچي رهيو هيس ته هن عيد تي ڏسان ڪير ٿو مون کي ياد ڪري، نفسانفسي جي عالم جو اهو حال آهي جو اسان ئي ڪنهن کي ڪونه ٿا کنگهون ته ٻيا وري ڪهڙو منهن ۾ مُٽندا ٽپال گهر ويس، يڪا ٽي ڪارڊ مون مسڪين جي نالي سان پيا هئا. کنيم ۽ کڻي هول ڪري کولي پڙهيم، هڪڙو تو بدولت عالي جناب جو هيو ۽ باقي ٻه ٻيا به اسان پارن چنڊن جا هيا. يار! وري به توکي جس هجي جو ياد ڪيو اٿئي. مونکي روح ۾ ياد هوندو آهين، باقي مان پيار ۽ حد درجي عقيدت کي ماري روپ ڏيڻ کان ٿورو لنوائيندو به آهيان ۽ حقيقت ۾ ايندو ئي ڪونهيم. ائين ڀڄجي جيئن آلحيرا کان!
    سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي ڪنهن ڊس انفرميشن جو شڪار نه ٿيجان، ازدواجي، رقابتي، ثقافتي، سياسي ۽ ادبي دوستي هيل تائين نباهيندا اچون. باقي جنهن وکر کي جيڪڏهن وڌيڪ ٽائيم ڏئي ٿا ويهون ته پوءِ هر محاذ جي سنگت پڇاڻو ڪري ٿي ۽ احتجاج پڻ نوٽ ڪرائي ٿي. هاڻي مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هي سڄو کيل پئسي جي فراواني جو ۽ گليمر جو آهي، پاڻ خاڪ نشين ۽ فاقي فقر وارا لنگوٽي لڙڪائي نٿا هلي سگهون. باقي ماڻهو پنهنجي ذات ۾ ڪائنات آهي، سڀ ڪجهه ملي ٿو بس تصور سگهارو هجي، مان ته توهان سڀني وڇڙيل دوستن جي خيالن سان ماضيءَ جي اولڙن سان ۽ ڀاونائن سان به دل وندرائيندو آهيان. شايد اهوئي سبب هجي جو مان نه ته نوان دوست ٺاهي سگهيو آهيان نه ئي وري ڪوشش ڪئي اٿم، ڇاڪاڻ ته مون وٽ پراڻا ئي احترام لائق دوست آهن ته پوءِ ڇو وڃي ٻين کي مَتيون ڏيان ۽ متيون مُنجهايان! باقي تخليقڪار ڪير به هجي ۽ ڪٿي به هجي، ڳولي هٿ ڪندوسانس، نون ماڻهن کي اسان پنهنجي حلقي ۾ تڏهن داخل ڪندا آهيون، جيڪو اسان جي فريڪونسي کي جَهپي.
    ٻار، ڳوٺ ويل آهن، اياز جي ننڍي ڀيڻ شائسته جي شادي هئي، مان به عيد جي ڏينهن ڳوٺ ويو هيس، اياز تنهنجو ڪارڊ ۽ خط ڏيکاريا ۽ مون به کيس تنهنجو ذڪر ڪيو هيومانس ته مونکي به سارنگ ياد ڪيو آهي. اياز ڏاڍو خوش پيو ٿئي، شايد ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ توڏانهن اچي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪم به آهي چيف انجينئر جي آفيس ۾.
    هن دؤر ۾ هر شخص هڪ ڪهاڻي آهي ۽ هر ڪهاڻي هڪ حقيقت آهي ۽ حقيقت جيڪا فقط حقيقت هجي ٿي، پر تمام گهٽ ماڻهو حقيقت پسند هجن ٿا. خوش قسمتيءَ سان اسان واقعي به حقيقت پسند آهيون، جو هيتري عرصي جي دور هوندي ۽ وقت جي وڇوٽي هوندي، به ڪنهن تي ڪابه ميار ناهي ڏني! ته پوءِ ڳالهه ئي ختم. تو شهدادپور ۾ جوائن ڪيو تمام سٺو ۽ ايئن ملندا رهنداسون، هڪ ٻئي وٽ ايندا وينداسون، هڪٻئي جي ٻارن کي پيار ڪنداسون ۽ پنهنجي طور تي ڀرپور زندگي گذارڻ جي ننڍڙي ڪوشش ضرور ڪنداسون.
    سارنگ: مونکي تو لاءِ دل ۾ ڪابه ميار ناهي بس ايئن ٽائيم مليئي ته رکجان ۽ ياد ڪجان مان به ياد ڪندو سانءِ.
    ڊيوٽي ڏکي آهي پر ڪيون پيا ڇاڪاڻ ته مجبوري به آهي.
    پنهنجو ۽ ٻارن جو خيال رکجان.
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================*



    ڳاڙهو
    20 نومبر 1989ع
    ڀاءُ سارنگ!
    تو کان موڪلايم ته ائين لڳم ڄڻ مان پنهنجي وجود جو ڪوئي حصو يا ائين چوان منهنجو اندران وارو ماڻهو وڇڙي ويو ۽ باقي مان هيڪلو ٽرڪ ۾ چڙهي ڳاڙهي فيڪٽري پهتس، پر الائي ڇو مان ڪم سان Adjust نه ٿي سگهيس! هاڻي سمجهيم ته نه فقط ڪميسٽري جي قانون مطابق ائٽم ملي بانڊ ٺاهيندا آهن، پر انسان ڀي هڪٻئي ۾ ضم ٿي هڪ قسم جو بانڊ ٺاهين ٿا ۽ سمجهان ٿو ته منهنجو ۽ تنهنجو بانڊ ٺهي چڪو آهي جنهن جو عملي مشاهدو اڄ ٿيم!
    رضا کي وقت بوقت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجان توکي ته خبر آهي ته هو جذباتي ماڻهو آهي! ۽ منهنجي خيال ۾ هو توکي وڌيڪ اهميت جي نگاهه سان ڏسندو. هن ۾ هينئر سماجي تبديليءَ جي سخت ضرورت آهي جا گهٽ ۾ گهٽ تون پوري ڪري سگهين ٿو (حڪم جي انداز ۾ نٿو چوان!) اسد کي به هڪ عدد خط لکي موڪليو اٿم، باقي منور ابڙو جي ائڊريس موڪلي ڏجان ته کيس خط لکي پنهنجن جذبن جو جولان هلڪو ڪندس (آرٽ جي حوالي سان)
    ٻيو جهڙا حال تنهنجا تهڙا حال منهنجا
    تنهنجو
    سليم تنيو
    ===============================================================*


    محمد مارو خشڪ

    جيئي لطيف. جيئي سنڌ،
    جيئي پورهيت عوام
    87 ـ 6 ـ 22
    ٺٽو ـ سنڌ.
    ٿر ۾ لڳي لُڪ مرن ماڻهو مال پيا.
    ”مارو“ ساڳي مال ۾ ناهي پاڻي ڍُڪ،
    ”سارنگ“ سنڌي سِڪ، اچيو ڪڙڪي اوچتو.
    پيارن ۾ پيارا ساٿي
    سارنگ !
    شال سدائين سرخُرو ۽ شاداب هجو،
    شال پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين جي خوشحالي
    ۽ مظلوم ماڻهن جي آزادي لاءِ، جاکوڙن ۾ جنبيل هجين.
    ڏينهن پٺيان راتيون، راتين پٺيان ڏينهن،
    هليا ويا ڪيئن، ڪل نه پئي ڪابه مون.
    سو وقت ماضي کي ميساريندو، حال مان هلندو، مستقبل ڏانهن رڙندو رهي ٿو. ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن ـ مگر هڪٻئي جي حال احوال کان واقف نه ٿي سگهياسين، سو نه ٿي سگهياسين.
    توهان ڏانهن، زندگيءَ جي لهرن مان لڙهي، توهان جي هٿن مبارڪن ۾ پهچندڙ، شايد هي منهنجو ٻيو خط آهي. ڇو ته امتحان هئڻ سبب واندڪائي کي وارو ئي ڪونه ملي سگهيو ـ ٻيو ته امتحان هئڻ سبب مون پڻ ڪنهن ٻي مصروفيت کان پاڻ کي پري رکيو، امتحان ختم ئي مس ٿيا آهن ته توهان جي ياد هينئن ۾ هُرڻ لڳي، ڇو ته ڪي ڪي ڏينهن اِهم يادگيرين جا اِهم حصا هوندا آهن. بهرحال واندڪائي کان وارو وٺي اڄ ڪجهه اکر اوهان ڏانهن اماڻجن ٿا. اميد ته نا اميد نه ڪندا.
    رات جا 12 ٿي ويا آهن، اکيون ننڊ کان ماڳهي نڪميون ٿي رهيون آهن، ڇو ته روزانو رات جو اوجاڳو ڪرڻ ڪري دماغ صفا سالم ڪونهي، انهيءَ ڪري اڀرا سڀرا اڻ توريا لفظ بنا ڪنهن تڪ تور جي کڻي هي خط لکان پيو ـ انهيءَ ڪري جواب کي جلدي ڪرائيندا ته جيئن هڪٻئي جي حال احوال وڏي پيماني تي واقف ٿي سگهجي ــ
    متان مون کي انتظار جي عالم ۾ گمنام نه رهڻو پئجي وڃي، تنهن ڪري اهو خاص عرض اوهان کي دل گُهرين دوستن جي سُپرد ڪجي ٿو.
    اميد کيس اسان لاءِ خط موڪلڻ تائين سانڍيندا ايندا.
    بهرحال ڳالهيون ڪم جون ته ٿيون ئي ڪونه،
    ها ! (هجن ته ڪريون)
    مگر، هڪڙي ڳالهه ضرور آهي جنهن جو اونو اسان کي به آهي ته توهان کي به ضرور هوندو. ادبي سنگت بابت ڪافي ڏينهن گڏجاڻين کي پاسي ڪرڻ کان پوءِ وري به ان ۾ سٺي نموني سان هٿ وجهنداسين. اميد ته اهو ڪم جلدي جاري و ساري ٿي ويندو.
    ڀاءُ سارنگ !
    هڪڙي ڳالهه ٻُڌي اٿم ته توهان کي نئين روشنيءَ ۾ هيڊ ماستري ملي وئي آهي. ڏاڍي خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي، ان لاءِ مُبارڪون .... !
    سليم ڳالهه پئي ڪئي ته جتي توهان ماستري ڪريو پيا، اتي روشني ته ماڳهي ڪانه ٿي ڏسجي، ڄڻ ته اوندھ آهي ...
    بهرحال جتي به توهان هوندا اُتي روشنيءَ جي ڪرڻن جي اميد رکي سگهجي ٿي، توهان ئي هن قوم جي ٻچڙن جي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ ڌيان ڏيندا. اميد ته پنهنجي مقصد ۾ پاڻ ڀرا هوندا.
    سڄي سنڌ سورن ۾ آهي، اسڪولن جي حالت جي توهان کي اڳيئي خبر آهي. جن جي خبر هيٺين بيت مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿي،
    هڪڙي آ اسڪول هن ساري تر ۾ بس،
    سا به الائي ڪيئن جوڙي اٿن مَس،
    ڀڳل سڀئي بينچون، ڪونهي منجهس رس،
    ٿا ٻار پڙهن جنهن ۾ جت آهي جنين کي جَس،
    هلي پوي وس، جي ٻڌي
    ڪن سڀ ٻارڙا.
    ادل: ٻيو ته خير لڳو پيو آ نه وڌيڪ ڇا لکجي.
    چڱو سدائين گڏ. ـ
    محمد خان خشڪ، اياز
    ۽ ٻين سڀني جا
    فقط توهانجو
    محمد مارو خشڪ

    =======================================================================
    22 فيبروري 1990ع
    سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،
    جيڪرآئون هياس ڪا گريءَ گوندر ول جي.
    (شاهه)
    پياري ۾ پيارادوست! ساٿي، سارنگ!
    شال سدائين مسڪين ۽ مظلوم پيڙهيل پورهيتن ۽ ستايل سانگين جي جياپي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا.
    ڀاءَ سارنگ! وقت پاڻيءَ جي تيز وهڪري جيان، ماضيءَ کي پٺتي ڌڪيندو حال ۾ هلندو، مستقبل ڏانهن پيرا کڻندو وڌندو رهي ٿو. ڏينهن به ڏاڍا گذري ويا آهن. وڳر مان هڪ پکي جدا ٿيڻ تي افسوس ظاهر آهي ته ٿيو هوندو! ڪنهن چيز جي کوٽ ٿي هوندي. ان ڳالهه جو اظهار ظاهري طور تي ڪرڻ، مون لاءِ الائي ڇو ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي.
    ها! هاڻ ٻڌايو ته توهان ڪُڄاڙو پيا ڪريو. مصروفيتن جا منهن کليل آهن يا بند. امتحان جي تياري ۾ ته نه آهيو؟ جو، توهان چيو هو ته”مون کي امتحان ڏيڻو آهي.“
    اسان وٽ ادبي سنگت اداسيءَ جي عالم مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي، پر الائي ڇو اڃا نڪري نه سگهي آهي. بهرحال ليڪچر جو پروگرام به رکيل آهي. همراه ٺيڪ ٿي ويندا. مگر اسان کي مڙيئي ياد پيا ڪجو. قلم جي نوڪ مان نڪتل لفظ، سوچن جي سمونڊ مان ڪجهه ڪڻا اسان ڏانهن به موڪليندا رهجو ته جيئن هن درديلي دل ۽ مرجهيل من کي آٿت ڏيندا رهون.
    دوست! آئون هي خط لکان ته پيو ڏاڍي چاهه سان، پر ذهن ڏاڍو ٿڪل پيو لڳي. ننڍڙن ڇوڪرن جو گوڙ پيو پوي. انهيءَ ڪري اکر به تڙ تڪڙ مان اڀرا سڀرا لکجي پني سان لائون پيا لهن. 27 فيبروري تي راهوڪي آيا ته اتي ملنداسون. ملڻ جي ڪوشش ڪنداسون، نه ملياسون تڏهن به خير آهي. اميد ته خطن رستي پنهنجي قلمي ڪچهري زنده آباد رهندي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي منهنجي پاران سٺن ٽيڙو لکڻ تي مبارڪباد چوندا. وڌيڪ ڇا لکجي سڀني دوستن جا سلام قبول ڪندا. چڱو هاڻ هن بيت سان موڪلائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
    دردن جا درمان، سيني ۾ سانڍيل،
    اديون هي ارمان، وڃن ڪونه وجود مان.

    توهان جو دوست ساٿي،
    محمد مارو خشڪ


    سيّد ذوالفقار رضا بخاري

    16 فيبروري 1986ع
    پيارا ڀاءُ غلام محمد اسلام عليڪم!
    سدا گلن گوانگر مسڪرائيندا رهو.
    احوال ته ڀاءُ ڌڻي تعاليَ جي فضل و ڪرم سان هن طرف هر طرح جي خيريت آهي. خدا پنهنجي فضل و ڪرم سان ايڏنهن به خير ڪندو (آمين)
    توهان جو نوازش نامو مليو، پڙهي دل کي بي حد خوشي ٿي، پيارا مون کي اهو پڙهي افسوس ٿيو ته مان توهان جو خط پڙهي بور ٿيندس، بهرحال توهان لکيو آهي ته ’چوده ستاري‘ جو مطالعو ڪري رهيا آهيو. اهو ڪتاب مون وٽ موجود آهي ۽ منهنجو پڙهيل آهي. توهان اهل تشيع ۽ ٻين فرقن جي باري ۾ جيڪو آنحضرتﷺ جي ولادت ۽ وفات تي جيڪو فرق لکيو آهي، اهو ان طرح نه آهي، حقيقت ۾ پهرين، پنجين، ستين، نائين، ٻارهين ۽ سترهين ربيع الاول ولادت جون روايتون ٻنهي فرقن ۾ موجود آهن، پر مستند ٻنهي ۾ سترهين آهي، پاڪستان کان سواءِ تقريباً هر اسلامي ملڪ ۾ سترهين ربيع الاول ملهائي ويندي آهي. بلڪ سعودي عرب کان سواءِ ٻارهين ربيع الاول کان سترهين ربيع الاول تائين ’هفته وحدت‘ ملهايو ويندو آهي. دراصل ان جي اصل وجه هيءَ آهي ته مختلف راوي جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا يعني هجرت کان پوءِ انهن کان اهي روايتون ٿيل آهن. بهرحال سٺو آهي جو توهان کي خدا سڌي راهه ڏيکاري ۽ صراط مستقيم تي هلائي (آمين). پيارا اسان جي پڙهائي زور شور سان هلي رهي آهي، امتحان سڀني بورڊن جا 3 مئي 1986ع کان شروع ٿيندا. مان ڪوچنگ ڪلاس ۾ جيڪو 10 فيبروري کان شروع ٿيو آهي، ويندو آهيان 4.15 کان 5.15 تاين ڪيمسٽري ۽ 6.45 کان 7.45 تائين حساب. دعا ڪندا رهندا ته ڪامياب ٿيون. سياست کان ڪناره ڪش ٿيو، اهو تمام سٺو. انشاء الله تعاليٰ امتحانن کان پوءِ ٺٽي گهمڻ اينداسين. پوءِ گڏجي ڪراچي هلنداسين. اگر زندگي رهي ۽ حالات معمول تي رهيا.
    پيارا منهنجو ڪم ياد رکجو، حيدرآباد خانه فرهنگ ايران مان ڪتاب وٺي اچڻ وارو ۽ ڪراچي وڃڻ تي ڪتابن وٺي اچڻ وارو.
    پيارا آخر ۾ التجا ته توهان هن پنهنجي پاڙيواري شيعي دوست سان منهنجي قلمي دوستي رکايو ته مهرباني، اگر هو راضي هجي ۽ هن جو مڪمل تعارف به لکي موڪلجو، تصوير سميت. ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا. منهنجو عيسائين وارو ڪورس آيو هو، مان موڪلي ڇڏيو.
    اميد ته هن خط جو جواب پهرين فرصت ۾ ڏيندا.
    مان لائبريري جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ جو هتي هڪ ٻي لائبريري جيڪا اڳي ’انجمن حسينيه پبلڪ لائبريري‘ جي نالي سان مشهور هئي، هاڻي اسان I.S.O جي انڊر هيٺ آئي آهي، مان ان جو اسسٽنٽ انچارج آهيان. ٻيو ته پڙهائي به ڪافي سخت آهي، وقت به نه ٿو ملي. ٻيو ڪل خير. سلام قبول ڪندا.
    اوهان جو ڀاءُ
    سيّد ذوالفقار رضا بخاري


    اياز ابڙو

    مڪلي-ٺٽو
    27 فيبروري 1987ع
    ساٿي سارنگ!
    شل دنيا جون سڀ خوشيون ماڻين،
    ٻيو مڙيئي خير. ڪجهه احوال هن ريت آهي.
    اسان جا امتحان به خير و خوبيءَ سان ختم ٿي چڪا آهن. پيپر سڀ سٺا ڪيا آهن. دوست سڀ خوش آهن. امتحان جيئن ته ختم ٿي چڪا آهن، تنهنڪري سنگت جون گڏجاڻيون سڀاڻي کان باقاعدي شروع ٿينديون.
    محترم مانجهي وارن هڪ ڪتاب ڇپائڻ جو پروگرام توهان جي موجودگيءَ ۾ ٺاهيو هو. سو ڇپجي چڪو آهي ۽ ڏهه ڪاپيون سليم کي کپائڻ لاءِ مليون آهن.
    توهان جي سروس ۾ انقلابي تبديليءَ تي منهنجي ٽٽل دل جون مبارڪون قبول ڪندا.
    توهان جو خط مليو آهي ۽ هي ان جي موٽ آهي. ٻيا سڀ خير. سور سلڻ مون به ڇڏي ڏنا آهن. تنهنڪري هيترو خط ڪافي آهي. اڄڪلهه ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول آهيون ۽ روزانو هڪ ڪتاب منهنجي معمول ۾ شامل آهي.
    مڪليءَ جي ويرانيءَ کي خوشبوءِ جا خزانا بخشڻ لاءِ ڪڏهن ٿا اچو- ضرور اچجو!
    ڪجهه ماڻهن جو توهان ڏانهن رويو ڦري وڃڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي، چوڻي آهي ته ”بيٺل جو سڀڪو يار“. ڪنهن مان به سٺي رويي يا سلوڪ جي اميد رکڻ بيوقوفي آهي، هن ناڻي جي پوڄاري دورنگي دنيا ۾ ٻيو سڀ ٺيڪ آهي.
    جيڪڏهن نياز توهان کي ملي ته کيس عزت جا ٻه اکر چئجوس ته واهه جو باشعور ۽ ترقي پسند شاعر ۽ انسان آهين. وڃڻ کان پوءِ اسان ڏانهن ٻه اکر لکڻ جي تڪليف به نه ڪيئي.
    سلام سڀني کي جن کي مان سڃاڻان ۽ اهي جي مون کي سڃاڻن. ٻارن کي پيار- گهروارن کي پڻ سلام
    سدائين گڏ توهان جو تنها دوست
    اياز ابڙو
    مڪليءَ جو مُقام
    ”خاموشي اظهار جو بهترين ذريعو آهي. لفظ...؟ ويچارا لفظ به ته گونگا آهن، اهي انسان جي اُڌمن ۽ احساسن جو اظهار ڇاڪري سگهندا. جيڪڏهن مان اوتار هجان ها ۽ مان خدا سان پيار ۽ قرب جي اظهار لاءِ ڪتاب پيش ڪريان ها ته اهو ڪتاب لفظن کان ايئن خالي هجي ها جيئن ننڍڙي ٻار جي دل گناهه جي خيال کان خالي هوندي آهي. مان پنن جي سيني کي لفظن جي داغن سان داغدار نه ڪريان ها.“ (چنڊ جا تمنائي- آغا سليم)
    جڏهن مڪليءَ اچو ته منهنجي لاءِ ڪجهه ڪتاب ضرور کنيو ايندا، جيڪي مون ڪم عقل لاءِ ضروري سمجهو.
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي-ٺٽو
    28 مارچ 1987ع
    عظيم سارنگ،
    شل سنڌو ڌرتي جيان سدا آباد رهين! (دعائن کانسواءِ ڪجهه به ناهي مون وٽ.
    تنهنجي دردن جون دانهون، تنهنجي خطن ذريعي مون تائين پهچنديون رهن ٿيون (افسوس مان رڳو محسوس ڪري سگهان ٿو) عظيم آهين تون جو دردن جي ساگر ۾ ٻُڏندي به پرت جو پيغام پهچائڻ نه ڀُليو آهين. گڏ هوندي ته ٺهيو، پر دور هوندي به حوصله افزائي واري (عظيم) عادت نه وساري اٿئي. سچ ته تنهنجي حوصله افزائيءَ جي ڪري ئي اسان سڀني ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ اسان جي شعور جي گهرائيءَ ۾ واڌ آئي. تنهنجي ئي محنت ۽ مسلسل جدوجهد ڪري اسين اڄ هن جاءِ تي پهتا آهيون، جو دنيا جي لاهين چاڙهين کي سمجهي سگهون ٿا، بلڪ چڱيءَ طرح سمجهي سگهون ٿا.
    ادا معاف ڪجانءِ جو مان تنهنجي اجازت کانسواءِ تنهنجو موڪليل طويل خط پنهنجي اکرن ۾ لکي پنهنجي خرچ تي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڪجهه باشعور دوستن مثلاً سعيد ميمڻ، مانجهي، فرخ، سائين شيوارام، گهنور علي جتوئي ۽ ڪجهه ٻين اهڙن دوستن تائين مفت پهچايو اٿم. ان معاملي ۾ مون کي يقين آهي ته تون منهنجي خيالن ۽ جذبن کي چڱيءَ طرح سمجهي ويو هوندين، جيڪڏهن نه، ته پوءِ تون مون لاءِ جيڪا سزا تجويز ڪندين مون کي قبول هوندي.
    تون پاڻ چوندو هئين ته دوستيءَ ۾ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن مفاد پرست به ٿي ويندو آهي. سو آئون ڄاڻي واڻي به مفاد پرستيءَ واري راهه اختيار ڪريان پيو. اهو ان لاءِ جو مان خطن ذريعي ڪجهه ڄاڻڻ چاهيان ٿو. مون سوچيو آهي ته توکي ڪڏهن ڪڏهن خط ۾ ڪجهه عنوان موڪليان ۽ تون پنهنجي ڄاڻ آهر انهن متعلق اسان ڏانهن لکي موڪلين. ائين اسان جي ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ شايد تنهنجي في الحال بوريت دور ٿيندي ڪجهه وقت لاءِ. جيڪڏهن پنهنجي ذهن جي ڏيئي مان اسان جي ذهن جا ڏيئا ٻارڻ چاهين ته پوءِ هيٺين موضوعن تي مختصر ۽ سادي نموني لکي موڪلجانءِ.
    1. مارڪس ۽ اينگلس جا نظريا ۽ سندن فلسفو.
    2. سوشلزم، ڪميونزم ۽ ٻيا منشورَ (مارڪسزم، ليننزم)
    مان دردن جي دنيا ۾، سورن جو صليب ڪلهن تي کنيو، وقت جي واچوڙن سان منهن ڏيئي، تات جي تاريڪيءَ ۾، راتين جي رڻن ۾ ڀٽڪندي. زندگيءَ جي زهر کي پيان پيو. انهيءَ آس تي ته متان اهو زهر ئي دردن جي دوا بڻجي جيون جي جوت جلائي ۽ زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي.
    تنهنجا لک ٿورا جو اسان جهڙن نيچ ۽ گناهگار انسانن سان ناتو جوڙيو اٿئي ۽ ڀرپور نموني سان نڀائيندو پيو اچين. You are great ڀلي طويل خط لک. انهن جو امتحانن تي ڪو اثر نه پوندو، هونئن وري ڪهڙو سڄو ڏينهن پڙهون پيا.
    ”سنگت سماچار“ اچي ۽ کپي به ويو. ويهه ڪاپيون ڪرايون هيون سين. تنهنجي وڃڻ کانپوءِ دوست فين جي معاملي ۾ ڪجهه سست ٿي ويا آهن.
    سلام سڀني ساٿين جا توهان جي نظر ڪجن ٿا. خاص ڪري مانجهيءَ جا. منهنجا سلام توهان پاڻ کان علاوه نواب شاهه جي انهن سڀني پريم ديوتائن کي چوندا، جيڪي منهنجي من مندر ۾ رکيل آهن. گهروارن کي پڻ سلام. ساجد، ماجد، عابد ۽ راجه محمد علي کي پيار ڪندا ۽ ها چميون پڻ. باقي آئنده.
    فقط (مڪليءَ جي مندر جو پراڻو پڄاري)
    اياز علي ابڙو
    جنهن جي دل پڻ هڪ مندر آهي ۽ ان ۾ اوهان جهڙن اوتارن جا بُت رکيل آهن ۽ مان هر وقت کين سجدا ڪندو رهندو آهيان.
    ====================================================================================

    مڪلي-ٺٽو
    12 مارچ 1987ع
    رات جا نوَ
    سوچيندو ته هوندين
    تو سان گڏ ڪو سايو هو،
    ڳولهيندو ته هوندين.
    (اياز)
    گُل ورهائيندڙ سارنگ! سدا جيءُ.
    سان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي توازن ۾ رکي نه سگهندا آهن ۽ هو وقت جي وهڪري ۾ پاڻُ ڇڏي ڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته وقت سان وير ڪير به وجهي نه سگهيو آهي. سو تون ۽ مان (شايد سڀ) انهن انسانن مان ئي آهيون. هاءِ بيوسي توهان جو خط مليو. پڙهي محسوس ٿيو ته اها ڪا خاص ڳالهه نه آهي ته ڪو انسان سماج جي گهاڻي ۾ پيڙجندي دانهون ۽ ڪوڪون ڪندو هجي، اهو ته ڄڻ هن دنيا جو دستور آهي ۽ شايد سدائين هلندو رهندو ۽ اسان جهڙا هيڻا ۽ بيوس انسان ڪوڪون ۽ دانهون ڪندا ئي رهندا... ڪندا ئي رهندا. ڪنهن کي پنهنجا غم ۽ پيڙائون ٻڌائي ان مان مدد جي آس رکڻ آئون سمجهان ٿو ته بيوقوفي آهي. هن دؤر ۾ توهان جيان سڀني کي اندر جا سُور اندر جي قبر ۾ ئي دفن ڪرڻ گهرجن. اياز گل چوي ٿو ته:
    شاعر جي جذبن جون ڳالهيون،
    سنڌوءَ جي جوڀن جون ڳالهيون
    اڄ جي ٽهڪن ۾ ڀلجي ويس،
    ڪالهوڪن لڙڪن جون ڳالهيون.
    بس يار زندگيءَ جي انڌيرن راهين ۾ هر ڪو غمن ۽ ڏکن جو صليب پنهنجن ڪلهن تي کنيو پيو هلي تو جيان. چون ٿا ته اميد جي سهاري دنيا قائم آهي. اهڙيءَ طرح اميدن جي سهاري اسان جي ساهن جو سلسلو به قائم آهي/رهندو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين، جڏهن هن دنيا کان کِلي موڪلائبو، جنهن سدائين خوشين بجاءِ غمَ، ڪاميابين بجاءِ ناڪاميابيون، اميدن بجاءِ نااميدي ۽ گلن بجاءِ ڪنڊا جهول ۾ وڌا. سڄو دل ۽ دماغ زخمن سان چُور آهي. ڪهڙا سُور ويٺو چِٽيان هن ڪاغذ تي جيڪو پڻ اسان وانگي هن فاني دنيا جو مهمان آهي. (باقي آئنده)
    - گڏجاڻي پندرهن ڏينهن کانپوءِ ٿيندي آهي. امتحانن جي ڪري.
    - سنگت سماچار لکجي پيو. اميد ته جلد منظر عام تي ايندو. مون هن دفعي ”ٻه اکر“ لکيا آهن.
    - نياز اسان کان موڪلائي هالا پهتو هوندو.
    - شاعري هلي پئي. بقول دوستن جي”چڱي.“
    - ”ليڪچر“ جو پروگرام 20 مارچ تي آهي.
    - دوست سڀ خوش آهن. سليم،ا سماعيل، الطاف، موسيٰ، عزيز پليجو، مجيب عزيز جانوري ۽ ٻيا.
    - شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڪتاب ”چنڊ چنبيليءَ ول“ ورتو اٿم.
    - سلام منهنجا ننڍڙي عابد، ماجد، ساجد، صاحب ۽ ٻين گهروارن کي چوندا. گهروارن جا سلام پڻ چوندا.
    غزل
    خوشيون خوابن خيالن وانگي
    دل، ڏار پيل ديوارن وانگي،
    هي زندگي ويران آهي،
    فضا ۾ پولارن وانگي.
    غم ئي ته حقيقت آهن،
    خوشيون بي وفا يارن وانگي.
    من تي جيڪي زخم لڳا هن،
    چمڪن روز ستارن وانگي.
    جهڙالي هي موسم ڀي آ،
    مون لئه ڄڻ اونهارن وانگي.
    وايون منهنجون آهون آهن،
    گيت منهنجا پڪارن وانگي.
    ’اياز‘ اڃان جيئي پيو،
    يار کان وڇڙيل يارن وانگي.
    سدائين گڏ
    فقط زندگيءَ جو تنها مسافر
    اياز ابڙو، مڪلي-ٺٽوادا زندگيءَ ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن ۾ ان
    ====================================================================================

    مڪلي-ٺٽو
    27 جنوري 1987ع
    ”اڻ ڄاڻ منزل جا مسافر“
    ادل سارنگ! شل سدا ساوا رهو.
    توهان جو پريت ڀريو پترڙو پڙهندي ڪجهه عجيب ڪيفيت هئي. حيران پئي ٿيس ته هي سارنگ جو خط آهي؟ جنهن جي تصور کي ئي اڃا مان پنهنجي وجود کان ڌار نه ڪري سگهيو آهيان.

    بهرحال توهان جي وڃڻ کانپوءِ اسان جي پهرين ميٽنگ ٿي گذري. سڀڪو پيو تعريف ڪري ڄڻ تنقيد نه هئڻ جي برابر ٿي. اها شڪايت محترم مانجهي پڻ ڪئي. سيڪريٽري جي لاءِ اسان پروانو رسول بخش کي ۽ مانجهي کي چونڊيو هئوسين، مگر ٻئي مصروف قسم جا ماڻهو آهن، سو انهن انڪار ڪيو. في الحال نياز ڪم هلائيندو ميٽنگ جي خبر عبرت ۽ هلال پاڪستان ڏانهن موڪلي آهي. تازو آزاد نظم موڪلي رهيو آهيان. اهو نظم مون گذريل گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو، تمام گهڻو داد مليو. مانجهيءَ چيو ته ”لڳي ٿو هي ٻيو اياز آهي“.
    جلد ملڻ واري ڪندا
    اڄڪلهه تمام گهڻو مصروف لڳو پيو آهيان تڏهن به روزانو رات جو مطالعو ضرور ڪندو آهيان، سڀ دوست خوش آهن. سلام سڀني پاران توهان پاڻ قبول ڪندا ۽ ادي غلام مرتضيٰ ۽ ادي غلام مصطفيٰ کي پڻ چوندا.
    ”آزاد نظم“
    وقت جي لهرن ۾ لڙهندي،
    پرديسي پکيئڙن،
    پنهنجا آستانه ويران ڇڏي،
    پنهنجو ديس وڃي وسايو آ،
    وقت ڪيڏو نه ظالم ۽ بي رحم آ،
    مگر! هو پرديسين جي دلين مان،
    اُڏامي ويل پکيئڙن،
    جي يادن کي مٽائي نه سگهندو،
    دل جي مندر ۾ سندن محبت جي،
    تراشيل پريم ديوتا کي،
    ڊاهي نه سگهندو،
    ۽ دل ۾ ٺهيل محبت جي يادگار،
    ”تاج محل“ کي ڪيرائي نه سگهندو،
    هو پرديسين جي دلين ۾ امر آهن،
    ۽ امر رهندا،
    سنگت سماچار سڀاڻي کان محمد خان خشڪ لکڻ شروع ڪندو. قادو جهونگائي مليو هو. جلد ساڻس ملي سنگت ۾ اچڻ لاءِ چونداسين. هو هينئر شوگر ملز ۾ آفيس سيڪريٽري آهي. توهان جو ٻڌي کيس ڏاڍو افسوس ٿيو.
    لکڻ لاءِ ڪافي ڪجهه آهي مگر وقت تمام گهٽ آهي.
    روزانو صبح جو لاشعوري طور سوير تيار ٿيندو آهيان. اهو خيال هوندو آهي ته سارنگ سان ملڻو آهي ۽ چانهه پڻ پيئڻي آهي. بس اهي آهن، حال اسان هيڻن جا.
    سدائين گڏ
    اياز علي ابڙو
    مڪلي- ٺٽو
    ====================================================================================

    9 ڊسمبر 1986ع
    محترم سارنگ سهتا صاحب!
    شل سدائين ساوا رهو.
    مون کي خبر آهي ته هي خط پڙهندي توهان جا هٿ ڪجهه لرزش ۾ هوندا. ادا اهڙي ڪا ڳالهه ناهي جو توهان کي پريشان ٿيڻو پوي. هڪ ٻي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته هن خط جو سبب ”توهان جي گهر وارن جو اسان غريبن ڏانهن نه اچڻ“ به نه آهي ۽ ڪتابن جو به ان ڳالهه سان ڪو تعلق نه آهي. بهرحال ان ۾ نه توهان جو ڪو قصور آهي ۽ نه ئي توهان جي گهر وارن جو. مان توهان جي گهر جي ايترو ويجهو رهيو آهيان، جو گهٽ ۾ گهٽ توهان جون پريشانيون ۽ مسئلا ته سمجهي سگهان ٿو. دوست سليم کي مان پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، سندس چوڻ آهي ته دوستيءَ ۾ گهڻو حجائتو نه ٿجي، ڇو ته گهڻي حجت دوستيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. سليم ۽ مان تقريباً پنج سال گڏ رهيا آهيون ۽ مڪليءَ وارا اسان جي دوستيءَ تي رشڪ کائيندا هئا/ آهن. انهيءَ عرصي ۾ مان سليم سان ايترو Free نه ٿي سگهيس، جو کيس ”ذليل“ جو لفظ به چئي سگهان، مان سندس طبيعت تي تنقيد/ٽوڪون ڪندو رهندو آهيان، مگر هو پنهنجي جاءِ تي بلڪل پٿر تي ليڪ جيان اڙيل آهي.
    سليم جو مثال مون انهيءَ ڪري ڏنو، جو مان توهان سان ايترو ته فري ٿي ويو آهيان جو توهان لاءِ منهنجي واتان اهڙا لفظ ٿا نڪرن جيڪي اڳ مان ڪنهن دشمن لاءِ به نه ڪڍي سگهندو هوس. مان پاڻ کي سدائين بيوقوف/واهيات سمجهندو آهيان، مان ڪنهن جي جذبات ۽ مجبورين کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهيان صرف پنهنجي ننڍي ۾ ننڍي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ. ڪنهن دوست ڏانهن توهان پنهنجي لاءِ لکيو هو ته ”مان هڪ ٻاڙي پاڻيءَ جو کوهه آهيان، جنهن مان ڪوبه فيض پرائي نه سگهيو آهي.“ پر ادا مان ته اهو کوهه آهيان جيڪو ورهين کان سُڪي ويو آهي ۽ ان ۾ ڪنڊا ۽ گند گاهه ڦٽي نڪتو آهي ۽ جيڪو ڪنهن کي پاڻ ڏانهن مائل به نٿو ڪري سگهي. هي خط پڙهي اهو محسوس ته ڪندا ته مان پهرين کان سنجيدو هوندس يا منهنجو موڊ خراب هوندو. مان پنهنجا غم ۽ ڏک سوُر ٻين کي نه محسوس ڪرائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته هن دنيا ۾ ڪو ڪنهن جو احساس نه ٿو رکي ۽ رهندو وري مون کي ٽوڪيندا ته چريو ٿيو آهي، مٿو خراب ٿيو اٿس. مون اڳ ۾ به هڪ خط لکيو هو، پر ان تي عمل ڪرڻ بدران وري اُن جي ابتڙ وڌيڪ فري ٿي ويا آهيون. اميد ٿو ڀانيان ته وري ٽيون خط لکڻ جي ضرورت نه پوندي. وڌيڪ توهان سمجهدار آهيو.
    هي جيڪي ڪجهه لکيل آهي اهو صرف هن خط تائين محدود آهي منهنجي زبان ۽ چهري جي تاثراتن تي ان جو ڪوبه آثار توهان کي نظر نه ايندو.
    نوٽ: هن خط جي مقصد تي عمل درآمد نه ڪيو ويو ته مجبوراً مونکي ٻي راهه اختيار ڪرڻي پوندي.
    فقط مصيبتن جو ماريل
    اياز علي ابڙو
    ====================================================================================


    مڪلي-ٺٽو
    23 فيبروري 1989ع
    پير حسام الدين راشدي
    لائبريري، مڪلي
    ڪوهن جو فاصلو هوندي به هر وقت مون سان گڏ رهندڙ سارنگ! اوهان جو پريت ڀريو خطڙو مليو. پڙهي اندر اڌ ٿيو، مگر ظالم اکين ڳوڙها ڪين وهايا، شايد اکين جو آب خشڪ ٿي ويو آهي، زماني جي سُورن کي سهندي.
    اوهان جو خط گڏجاڻيءَ ۾ دوستن کي پڙهي ٻڌايم. مون محسوس ڪيو ته خط جا، جادو وارو اثر رکندڙ لفظ ٻڌي سڀني اندر اڌ ٿيندي محسوس ڪيو هوندو. ماڻهون توهان جي ڪمي ڪيترو محسوس ڪري رهيا آهن. ڪاش توهان هجو ها ته ڏسي سگهو ها.
    مڪلي ۾ گهڻو ڪجهه هوندي به توهان جي ڪمي تمام گهڻي شدت سان محسوس ڪريان ٿو. وقت وڏو ويري آهي، ڪنهن جون آهون ۽ دانهون ٻُڌڻ کان آجو، وقت جي ڪنن ۾ ڪپهه جا ٻوڙا رکيل آهن. هاءِ مجبوري.....! زندگيءَ جي راهن ۾ ملڻ ۽ وڇڙڻ جو سلسلو صدين کان هلندو اچي، ڪي ئي سڪ جا سڪايل ۽ محبت جا ماريل وقت جي ڏاڍائيءَ تي بيوسي جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا ۽ اسان پڻ انهن ئي بدنصيبن مان آهيون. تنهنجي ملاقات مونکي زندگيءَ جي ريگستان ۾ ڪنهن وڻ جي ڇانوَ جيان محسوس ٿيندي آهي. اسان جون منزلون ته هڪ ئي هيون، مگر راهون الڳ الڳ.
    وقت ورايو واءُ
    سوچون سپنا چُور ٿيا سڀ،
    لڳو اهڙو گهرو گهاءُ.
    مڪلي منهنجي ماءُ،
    پريت جي هيءَ وستي آ،
    اچي پنُ پنُ مان پڙلاءُ.
    سوچون سپنا گهايل آهن،
    من جا گُلَ مرجهايل آهن،
    خوشيون مونکي راس نه آيون،
    درد اويلا آيل آهيان.
    دوستن جي چوڻ مطابق شاعري وڌيڪ پختي ٿيندي ٿي وڃي، شايد زندگيءَ جي دردن ۾ اڃان ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو وڃي.
    1. سنگت سٺي نموني هلندي آهي، گڏجاڻيون ٿينديون آهن. تنقيد وڌيڪ سٺي نموني ٿئي ٿي، مانجهي ۽ ڪوي ايندا رهندا آهن، ويجهڙائيءَ ۾ سائين غلام حسين رنگريز کان ليڪچر وٺڻ جو پروگرام آهي. سوسائٽيءَ پاران.
    2. دوست سڀ خوش آهن. منهنجو دوست بشير احمد، توکي خط لکندو موٽ ڏجانس.
    3. سلام سڀني دوستن پاران قبول ڪندا. منهنجا خاص سلام پڻ. ماجد، ساجد، عابد ۽ ٻين ننڍڙن کي پيار. گهروارن کي گهروارن جا سلام. ذوالفقار شاهه، قاسم، اختر عمراڻي، دائود ۽ ادي عبدالقادر کي منهنجا خاص سلام چوندا. (باقي آئنده)
    زندگيءَ جو تنها مسافر
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي-ٺٽو
    16 آگسٽ 1987ع
    وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن
    وڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترا.
    اُتم ۽ عظيم سارنگ!
    خوش رهين شال.
    نوابشاهه ۾ تو مون سان جهڙو پنهنجائپ جو رويو رکيو ۽ منهنجي هيسيل هينئن کي هڪ نئين شڪتي بخشي. ان لاءِ مون وٽ لفظن جي کوٽ آهي، ڪجهه لکي نٿو سگهان. ٻيو سڀ خير آهي. خط ته پهريائين تنهنجو اچڻ کپندو هو، ”ڪهاڻين“ سميت، پر ٺهيو. ٻين دوستن ڏانهن خط لکيم پئي، توڏانهن به لکڻ ضروري ڄاتم.
    ترجمو ڪيل توڙي تنهنجون ذاتي سٺيون ڪهاڻيون موڪل ته مان اهي هيڏانهن هوڏانهن ڪري سگهان. سمجهي ويو هوندين. مطالعو جاري آهي زور و شور سان. ساٿي سليم پڻ ٺيڪ آهي. سنگت ۽ سوسائٽي لائبريريءَ سميت ترقي پيون ڪن، اسان جي موجودگيءَ ۾.
    سلام توهان پاڻ قبول ڪندا ۽ ادي غلام مرتضيٰ ۽ ڀاءُ غلام مصطفيٰ کي مون هيڻي جا نماڻا سلام ساٿين سميت چوندا.
    موڪلاڻي ناهي
    فقط توهان جو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪليءَ جو مُقام
    27 جولاءِ 1987ع
    هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون،
    هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوريون.
    (استاد بخاري)
    سچ جيان سچا ۽ پيار جيان پيارا سارنگ!
    توهان جي طويل خط جي جواب ۾ هي ڪجهه غير معياري جملا عرض ڪندس، اميد ته قبول پوندا.
    انسان جو ضمير تڏهن ئي مطمئن ٿيندو آهي. جڏهن پاڻ کي ڪنهن جي بري نظر ۽ بُرن لفظن کان محفوظ ڀانئي. مان هاڻي ڪنهن جي به شيرين زبان تي هڪدم اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جو ماضيءَ ۾ ايئن ڪرڻ ڪري مونکي ڪيترائي درد مليا آهن ۽ بيشمار موقعن تي شرمندو ٿيڻو پيو اَٿم، هونئن به ماڻهو ڪِرڻ کانپوءِ ئي سنڀالي هلڻ شروع ڪندو آهي ۽ ڪِرڻ وري اُٿڻ، ملي وڇڙڻ، جَڙي وري ٽٽڻ ۽ کلي وري روئڻ جا عمل اسان جي جيون جا اٽوٽ سلسلا آهن. تضاد تي ئي دنيا ٻڌل آهي ۽ تضاد ئي / ڀڃ ڊاهه ئي ترقي جو سبب آهي. دنيا جي هيڏي ترقي به تضاد جي ڪري ئي آهي. بهرحال مقصد اهو ته توهان پنهنجي مصروف زندگيءَ جون قيمتي گهڙيون سيڙائي مون ڏانهن ”اڪيڊمي“ ۽ ان جي ورڪرن جي اجتماعي مقصدن ۽ ماضيءَ ۾ سندن شرمناڪ ڪرتوتن تان پردو کنيو ۽ منهنجي علم ۾ واڌارو آندو. مان هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته مان انهن جي خيالن سان ڪنهن به طرح متفق نه ٿيان ها، جيستائين انهن نظرين کي چڱيءَ طرح نه پڙهان/سمجهان ها. توهان هيڏو طويل خط صرف ان ئي موضوع تي شايد ان ڪري لکيو هو، جو مون توهان جي سامهون چيو هو ته ”سٺو ٿا لِکن“. منهنجي ان چوڻ جو هرگز اهو مطلب ڪونه هو ته هو ”صحيح ٿا لکن“ ۽ سندن لکڻيون حقيقت تي مبني آهن. ان هوندي به توهان جي هڪ هڪ اکر لاءِ ٻئي جنم تائين احسانمند رهندس. وسارين متان.
    اڪيڊمي وارن جا ڪتاب ڪونه پڙهيا اٿم ۽ نه ئي پڙهندس. ساڙي ڇڏيندس.
    سارنگ جيڪڏهن توهان جو ڪو دوست ٿئي ٿو ۽ کيس سيرو تفريح لاءِ هڪ ڪار آهي. توهان کانئس پڇون ٿا ته هو چوي ٿو منهنجي پنهنجي آهي. توهان جا احساسات ان وقت ان شخص جي لاءِ ڪهڙا هوندا جڏهن توهان ساڳئي ڪار جو اصل مالڪ ڪو ٻيو ڏسو ٿا.
    منهنجي هن لکڻ جو مقصد آهي ته انسان پاڻ کي ٻين جي نظرن ۾ مٿاهون ڏسڻ ۽ پنهنجي لاءِ ٻين جي واتان ”واهه واهه“ ٻڌڻ لاءِ ڇا نه ٿو ڪري. ڪيڏا نه سهڻا ۽ خوش ڪندڙ ڪوڙ هڻي ٿو. توهان کي ٻڌي افسوس ۽ تعجب ٿيندو ته اسان جو دوست نياز سنڌي به اهڙن ماڻهن مان نڪتو آهي. تازو مان حيدرآباد ويس، اتان محترم تنوير عباسيءَ جو پراڻو شاعريءَ جو ڪتاب ”سج تِريءَ هيٺان“ ورتم ۽ پڙهيم. پڙهي بي حد افسوس ٿيو جو دوست نياز جو آزاد نظم ”چون ٿا هيءَ رات مستقل آ“ ۽ ٽيڙو:
    رونبو ڪن اِن ريت
    گپ هاڻا ماڻهو
    ڳائن اُجرا گيت.
    هن ڪتاب جي صفحي نمبر 34 ۽ 77 جو حصو هئا. سوچيان ٿو نياز ڇا سوچي تنوير عباسيءَ جي ڪوتا پنهنجي نالي ڪري ٻڌائي هئي؟ صرف اهو ته گڏجاڻيءَ ۾ ”واهه واهه“ ٿيندي ۽ منهنجي عزت وڌندي. ڏس ڪيئن نه اڄ سچ پڌرو ٿي پيو. اهو ڪتاب مون وٽ آهي ۽ ڀانيان ٿو اڃان به هڪ ٻيو آزاد نظم جيڪو نياز ٻڌايو هو. سو به هن ڪتاب ۾ موجود آهي. اهو سڀ ڪجهه ٻُڌائڻ جو مقصد اهو هرگز نه ڀانئجان ۽ ته ڪو مان نياز جي خلاف پروپيگنڊا پيو ڪريان، پر هڪ دکدائڪ حقيقت آهي جيڪا اڄ واضح ٿي آ ۽ مون کي ڏک پهتو آ.
    ڪتاب پڙهڻ ۽ شام جو لائبريريءَ ۾ وڃڻ اها آهي زندگي ۽ بندگي. لکڻ جو سلسلو جاري آهي. مجيب اسان سان رابطي ۾ نٿو اچي ۽ اوهان سان ۽ ٻين سان اسان جي عدم تعاون جي شڪايت ٿو ڪري. ٻيو اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟
    نواب شاهه اچبو پر عيد کانپوءِ. ڪوشش ڪري عيد کان ٻئي ڏينهن تي اينداسين، جو اسان کي توهان کان پوءِ سانگهڙ واري دوست سان ملڻو آهي. سليم، الطاف ۽ غلام مصطفيٰ جو به خيال آهي.
    عيد کان ٻئي ڏينهن تي گهڻو اوسيئڙو نه ڪندا. ادي غلام مرتضيٰ لاءِ ڪتابن جو فڪر نه ڪندا، توهان کي پهچي ويندا عيد کان پوءِ. دوست هڪ احساس جيڪو اڄ تائين مونکي ڏنگيندو ٿو اچي ته هن ويل تائين مون مان ڪير به خوش نه آهي/ مان ڪنهن کي به خوش ڪري نه سگهيو آهيان، انهن ماڻهن کي به جن کي آئون دل جي گهراين سان چاهيندو آهيان. سوچيندو ته گهڻو ڪجهه آهيان، پر موقعي تي حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهندو آهيان/ سست ٿي ويندو آهيان، مونکي افسوس آهي جو مان توکي پڻ اڄ تائين ڀرپور ڪمپني نه ڏيئي سگهيو آهيان ۽ اهو احساس تاحيات مونکي ڏنگيندو رهندو. حساس دل ماڻهو ئي حساس جذبن کي پري کان پرکي وٺندو آهي، پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته اسان کي تنهنجي جذبن/سوچن/سپنن جي خبر نه هوندي آ. اسان کي سڀ ڄاڻ هوندي آ ته ڪو ڪنهن پياري سان ملڻ ويندو آ ته ڪيئن نه سهڻا خيال دل ۾ سجائي ويندو آ ۽ جڏهن ورتاءُ سپنن جي اُبتڙ هوندو آ، تڏهن سندس دل جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي آ. بس جيڪو تون پاڻ سمجهين... هڪڙو عرض ڪندس ڀل دل ۾ ڪرينءَ ته جيڪڏهن توکي مڪليءَ پهچي ڪنهن به قسم جو دلي سڪون نٿو ملي ۽ اسان توکي خوش نٿا ڪري سگهون ته توکي وڌيڪ عذاب ڀوڳڻ لاءِ اسان ڏانهن نه اچڻ گهرجي ۽ ها جي دل گهريو ته اسان تو وٽان ٿي اينداسين.
    سلام سڀني کي چوندا جيڪي مونکي سڃاڻن،
    خطن ذريعي ملاقات جو سلسلو نه ٽوڙجانءِ.
    سدائين گڏ
    حسرتن جو ماريل
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    1 سيپٽمبر 1987ع
    جيئن مون گندَڻَ وَڍَ، وَڍيُئِه تيئن وجو دکي،
    ڇو تون ڇڏي سَميون، لڳين منهنجي ڪَڍَ؟
    ڇا هيءَ تنهنجي اَڍَ، يا مون ۾ ڪائي مڻيا؟
    (اياز)
    ساٿي سارنگ!
    شل سدا اياز جي شاعريءَ جيان امرتا ماڻينءَ.
    خط لکڻ ۾ دير، جذبن ۽ پيار جي گهٽتائيءَ جو نه پر حالتن جي وهڪري ۾ لڙهي وڃڻ جي ڪري ٿي ويندي آهي. هيڏي تيز رفتار ۽ مسئلن جي واچوڙن ۾ وڪوڙيل دؤر ۾ ايتريون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ اجايو آهي.
    تنهنجي هڪ خط ۾ ايتري ته پنهنجائپ ۽ سڪ جي خوشبوءِ سمايل هوندي آهي، جو ان هڪ خط جي سهاري صدين تائين مان پنهنجي ساهه کي سُرهو رکي سگهان ٿو، تون ته وري به جلديءَ ۾ خط لکندو آهين. مون کي اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته مان جيڪو پاڻ سڄو رُڃ آهيان ۽ اُڃ جي ڪري منهنجو وجود هر وقت پياس اُجهائڻ جي لاءِ سدائين رڻن ۾ ڀٽڪندو ٿو وتان، منهنجو روح کنڊرن جي خالي ۽ سنسان ڳلين ۾ رُلندو ٿو وتي. ڪهڙو سبب آهي جو سارنگ جهڙا مهان ديوتا به مون سان سڪ جو اظهار ڪن ٿا ۽ نه رڳو اظهار ڪن ٿا، پر مون کي پنهنجي دُکي دل ۾ اعليٰ ۽ اوچي جڳهه تي ويهارين ٿا؟ مان پاڻ سدائين اهو سوچيندو رهندو آهيان ته توکي خط ذريعي تڪليف ڏيئي ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪريان. پر وري اهو خيال مونکي روڪيندو آهي ته ڇو ڪنهن تي ايترو بار وجهجي. تون جيڪڏهن مون کي حالتن کان آگاهه ڪندين ته اها تنهنجي خيالن جي هڪ هٽي نه ٿيندي، ڇو ته مان هر خيال ۽ سوچ کي پنهنجي ذهن جي سانچي ۾ ڍالي پوءِ ئي قبول ڪندو آهيان.
    سچ ته توکان پوءِ هتي منهنجو ڪوبه رهنمائي ڪرڻ وارو ڪونه آهي، ڪافي ڳالهيون مطالعي کانپوءِ ذهن ۾ کٽڪڻ لڳنديون آهن، ڪنهن کان پُڇڻ جو سوچيندو آهيان، پر ڪوبه نظر نه ايندو آهي، جنهن کان رهنمائي حاصل ڪري سگهان. جيڪي ادب دوست آهن، سي به دنيا جي ڪمن ڪارين کان واندا ٿين ته مون سان ملن ۽ رهنمائي ڪن.
    خاص ڪري ’اياز‘ کي سمجهڻ ۾ مونکي ڪنهن ساٿيءَ جي ضرورت آهي. 1’اياز‘ کي سمجهڻ لاءِ صرف هڪ مسئلو آهي. اهو آهي لفظن جي معنيٰ، جيڪي منهنجي لاءِ بِنهه نوان آهن. تون ئي مسئلي جو ڪوئي مناسب حل ٻڌاءِ يار!
    سنگت رڙهي، پئي، مون ۽ سليم کانسواءِ مان سمجهان ٿو ڪنهن کي به خاص دلچسپي ناهي. تون ئي ٻڌاءِ اسين ٻه ڄڻا ڇا ٿا ڪري سگهون.
    سوسائٽيءَ کي ڪجهه پئسه مليا آهن. جلد ئي گڏجاڻي ڪري نون ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ وينداسين. تون به ڪي سٺا ڪتاب لکي موڪل جيڪي اسان وٽ نه آهن ۽ ضروري آهن.
    مان سوسائٽيءَ جو رابطه سيڪريٽري ٿي ويو آهيان. ٻيو سڀ خير آهي. سلام سڀني سڄڻن کي چوندا.
    فقط توهان جو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي-ٺٽو
    26 آگسٽ 1987ع
    ساٿي سارنگ! خوش رهين شال.
    خبرون خير جون، تنهنجي ڪهاڻي ملي، مون ”عبرت مئگزين“ ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، باقي کٽن ڀاڳ.
    اسان جون داخلائون شروع آهن، ان کانسواءِ تنظيم جي وٺ وٺان ۾ لڳا پيا آهيون. سنگت لاءِ پڻ گل محمد خشڪ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون آهن. جن تي عمل درآمد ڪيو سين ته توکي ضرور مطلع ڪبو.
    ٻيا سڀ خير لڳا پيا آهن. دنيا جو ڪاروبار هلي پيو تيزيءَ سان، يار اسان ان کي هاڻي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهڻ لڳا آهيون. مان پڻ اڄڪلهه اياز کي پڙهڻ ۾ لڳو پيو آهيان. ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ پڙهان پيو. ان کان پوءِ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ پڙهڻ جو خيال آهي.
    ادي غلام مرتضيٰ ۽ غلام مصطفيٰ کي گهڻا سلام، بيبي کي پيرن تي هَٿَ.
    سڄيءَ سنگت جا سلام تو لاءِ، موڪلاڻي ناهي وقت وارو ڏنو ته وري ملبو.
    سدائين گڏ
    فقط توهان جو احسانمند
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي-ٺٽو
    16 سيپٽمبر 1987ع
    ساٿي سارنگ! خوش هجين شال
    توهان جو خط مليو ۽ گڏوگڏ هڪ پرچو پڻ.
    پرچو مون پڙهيو ۽ سليم کي پڻ پڙهايم. ان پرچي بابت ساٿي محمد مارو سان حال احوال ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه اڃا زير تحقيق آهي ۽ اهي پرچا غير قانوني طرح ورهايا ويا آهن ۽ جن دوستن اهو پرچو لکيو آهي، سي به ته غير جانبدار نه آهن. هڪ ڪاميٽي تحقيق لاءِ ٺاهي وئي آهي جنهن جو صدر محترم محمد ابراهيم جويو آهي. اها تحقيقي ڪاميٽي فيصلو ڪندي ته ڏوهي ڪير آهي؟ وڌيڪ پليجي جو تازو انٽرويو پڙهان پيو جيڪو عبرت مئگزين ۾ آيو آهي، جيڪو پڻ ساڳئي مسئلي بابت آهي.
    توهان جي مسئلي بابت مون مانجهيءَ سان ڳالهايو هو، هن چيو ته ان بابت سائين غلام حسين رنگريز صاحب سان ڳالهه ڪريان ته هو ڇا ٿو ڏَسي.
    مون ان مسئلي بابت هڪ خط حيدرآباد سائين محترم فتاح هاليپوٽو/شرجيل ڏانهن پڻ لکيو آهي، جنهن سان مان ڪجهه ڏينهن اڳ رئوف سان گڏ وڃي مليو هوس.
    رئوف جي والد صاحب جي نوڪري شايد في الحال نواب شاهه شهر ۾ آهي ۽ رئوف تازو نوابشاهه آيو هوندو، پر افسوس جو توهان جي ائڊريس وٺڻ وسري ويس، جو توهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿو. ٻيو سڀ خير آهي. 18 سيپٽمبر کان اسان جا ڪلاس شروع ٿي رهيا آهن. دوست سڀ خوش آهن. سندن سلام قبول ڪندا. خاص سلام ڪامريڊ غلام مرتضيٰ ۽ ادي غلام مصطفيٰ کي چوندا. چاچي جي پيرن تي هَٿَ.
    فقط توهان جو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    • توهان جي مسئلي بابت تفصيل ايندڙ خط ۾ لکندس جو مانجهي ۽ سائين فتاح جي جواب جو انتظار آهي.
    سائين فتاح ”ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين“ حيدرآباد ۾ استاد آهي. سائين جي ساڄي ڄنگهه بلڪل ڪونهي. ڪنهن ظالم حادثي ۾ سندس ڄنگهه وڍجي ويئي هئي.
    *
    31 آڪٽوبر 1987ع
    ساٿي سارنگ، سدا خوش هجين شال
    يار معاف ڪجانءِ ڪافي ڏينهن کان خط صرف انهيءَ ڪري نه لکي سگهيس جو انهن وهمن ۽ وسوسن جو شڪار هوس ته متان تنهنجو ڪو خط اچي وڃي، مگر مونکي هار مڃڻي پئي ۽ حاضر آهيان. مان سائين فتاح ڏانهن ويو هوس، ٻڌايائين ته توهان هن وٽ ويا هئا ان مسئلي جو ڇا ٿيو؟ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪاليج بند آهن. دوست بشير هتي آيو آهي. سڀاڻي مان، بشير ۽ سليم گڏجي ڳوٺ وينداسين صرف پنجن ڏينهن لاءِ. ٻيو سڀ خير. سلام سڀني ڪامريڊن کي.
    فقط توهان جو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    16 نومبر 1987ع
    ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو مٽيءَ بنان ٿانءُ،
    آهي تنهنجي ٻاجهه سان، ميان منهنجو نانءُ،
    ڪٿي هجان آنءُ، جي تون نه هجين جوءِ ۾.
    (شيخ اياز)
    پيارا سارنگ!
    خوش هجين شال.
    ڪافي ڏينهن کان خط به نه لکيو اٿئي، اهڙي ڪا اڻ ٽر مجبوري آهي ڇا؟
    هتان وڃڻ کانپوءِ تون سائين فتاح سان مليو هئين. ڳوٺ پهچڻ کانپوءِ نه ڪو خط نه احوال، ممڪن آهي ته خوشين توکان يادون وساري ڇڏيون هجن، پر هتي اسان سدائين غمن کي چنبڙيا پيا آهيون، ڪنهن اڻ ڄاتل اميد جي سهاري. مون وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي ۽ ها! جيستائين تون وري ساڳئي نموني باقائدگيءَ سان خط لکڻ شروع نه ڪندين، تيستائين خط و ڪتابت بند! دوست سڀ خوش آهن. تنهنجي موڪليل ڪهاڻي ”سرسوتي پبليڪيشن“ جي ٻئي شماري ۾ ڇپي آهي. مبارڪ هجئي.
    سلام سڀني کي!
    فقط توهان جو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    7 ڊسمبر 1987ع
    ٻنهي ٻي ٻي اک
    ساڳيو گُل گلاب جو
    مان ۽ ماکيءَ مک.
    (شيخ اياز)
    پيارا سارنگ!
    غمن جي پاڇولن کان به بچين شل!
    جيڪو پاڻ پنهنجي ساهه کي سڪ جي سرهاڻ سان واسڻ لاءِ هر گل جي پٺيان ڊوڙندو بن بن ڀٽڪندو وتي، تنهن وٽ ٻين کي ڏيڻ واسطي فقط اڌورين آسن ۽ اڌورن سپنن کانسواءِ ڇا هوندو؟ سو مون وٽ به سواءِ کوکلن لفظن جي ٻيو ڇا آهي توکي ارپڻ لاءِ؟ ۽ ها سچي مون کي ته اڃان پورو خط لکڻ به نه ٿو اچي. منهنجي لکيل هر لفظ مان توکي سواءِ سڙڻ جي بانس/بوءِ/ڌپ جي ٻيو ڪجهه به محسوس نه ٿيندو هوندو ۽ اها ڌپ منهنجن سڙيل جذبن ۽ سپنن جي هوندي آهي. سارنگ! زندگيءَ مونکي ايڏو ته ”ڪنفيوز“ ڪري ڇڏيو آهي، جو مان ڪنهن جي جذبن جو قدر/احترام ڪرڻ جهڙو به نه رهيو آهيان ۽ ماڻهن ان حالت مان مختلف انداز لڳايا هوندا/آهن. مان جسماني طور صحيح هوندي به ”پوليو“ جو مريض بڻجي ويو آهيان، منهنجي سوچڻ جي قوت به ختم ٿيندي ٿي وڃي.
    تازو امتحان جي نتيجي پڻ منهنجي ذهن تي هڪ ڀرپور ڌماڪو ڪيو جو مان ٽن سبجيڪٽن ۾ ڪِري پيس. ۽ منهنجن ڪجهه ”دوستن“ جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن. انهن منهنجي دل کي ڄڻ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. تعليمي معيار کان ڪير به اڻڄاڻ نه آهي. منهنجو ڏوهه صرف اهو هو ته مونکي صحيح نموني ڪاپي/نقل ڪرڻ نٿي آيو ۽ مونکي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ منهنجو ڪو به وڏو ڀاءُ، دوست يا مائٽ ڪونه هو. تعليمي لحاظ کان هيءَ منهنجي پهرين ناڪامي هئي سا به غير متوقع!
    تو سياست تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو هو. يار ڌوڙ پئي آهي سياست ۽ سياستدانن جي منهن تي.! پهرين اسان کي سماجي انقلاب (تبديلي) آڻڻي پوندي معاشري مان غلط ۽ ناجائز رسمن ۽ رواجن جي پاڙ پٽڻي پوندي. هڪ فرد جيڪڏهن پنهنجو سماجي ذميداريون نٿو پورو ڪري ته هو سياسي ميدان ۾، قومي مسئلن لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟ ”سنگت“ جو تازو پرچو موڪلي رهيو آهيان ”بڪ پوسٽ“ وسيلي، ملي ته جواب ضرور لکجانءِ. ٻيو سڀ خير آهي. سلام سڀني گهروارن کي چوندا.
    فقط تنهنجو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================


    مڪلي- ٺٽو
    23 جنوري 1988ع
    پيارا سارنگ!
    وڏيون آسون ۽ اميدون تو لاءِ.
    ناراض نه ٿجان، خط ننڍڙو آهي. ڇا لکان؟ اهي ئي اڄوڪي باشعور ۽ اڳتي سوچيندڙ انسان جا سورَ ۽ مشڪلاتون! پاڻ سڀ سمجهي ويا آهيون هاڻي خطن ۾ اهي سورَ پٽڻ جي ضرورت نٿو ڀانيان ۽ نه ئي مان وڌيڪ ڪجهه لکي سگهان ٿو. ذهن ۽ سوچ منتشر رهي ٿي. ۽ ها! تون خط (وڏا) ڀلي لکُ جو اهي مون لاءِ ڪارائتا آهن. ڪهاڻيون ۽ مضمون ذاتي لکيل يا ترجمو ڪيل مون ڏانهن ضرور موڪلجان. دوست سڀ خوش آهن. لائبريرين هاڻي مجيب کي ڪيو اٿئون، جو منهنجي طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي ۽ پڙهائيءَ جو بار به ڪجهه سرس آهي.
    ٽي پرچا فرسٽ ايئر جا به ڏيڻا آهن. خط ضرور لکجان. اوسيئڙو رهندو. بشير کي پڻ خط لک، هو خوش ٿيندو ۽ ڪجهه سکندو. سلام سڀني کي چوندا.
    فقط تنهنجو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================


    مڪلي- ٺٽو
    7 مارچ 1988ع
    تو بن آئون، نه آئون،
    ساجن! تنهنجو نانءُ.
    مون کان مور نه وسرين.
    (شيخ اياز)
    ............... سارنگ،
    خوش هجين شال.
    تنهنجو خط مليو. پڙهي الائي ڇا محسوس ڪيم، خبر ناهي. خط پڙهڻ کانپوءِ جا ڳالهه مونکي شدت سان محسوس ٿي اها هيءَ هئي ته تو وٽ منهنجي سوچ جو ماپو تمام گهٽ آهي. ٺيڪ آهي، مان ڪو دانشور ناهيان، پر ايترو ڪم عقل ۽ ڪمينو به نٿو ٿي سگهان، جيترو تنهنجو خط پڙهڻ کانپوءِ مون پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪيو. اها ڪا ڳالهه ئي ڪانه هئي ۽ مون کي تنهنجي خط ملڻ کان اڳ تائين ياد به ڪونه هئي. قصو مختصر- مون اهو جملو چيو به هو ته محض هڪ مذاق جي طور تي- مون کي ڪهڙو حق آهي ايئن ناراض ٿيڻ جو ۽ ها- مجيب منهنجو تمام سٺو دوست آهي، اڳي کان به وڌيڪ. تون به صفا ”چريو“ آهين. مجيب جي هڪ معمولي جملي جي ڪري اجايو ٿو پريشان ٿينءَ. تون خط نه لکين ها ته مونکي اها ڳالهه ياد به نه اچي ها. اسان هتي ٺهيا پيا آهيون ۽ توکي پريشانيءَ گهيري ورتو آهي.
    ممڪن آهي جنهن وقت تون هي خط پڙهي رهيو آهين. ان ويل آئون ڪراچيءَ مان آپريشن ڪرائي واپس مڪليءَ پهتو هجان. ها- سڀاڻي 8 مارچ تي آپريشن ٿيندي. معمولي قسم جي آپريشن آهي. اڄ ئي مان ڪراچيءَ وڃي رهيو آهيان. آپريشن کانپوءِ صرف هڪ رات اسپتال ۾ رهڻي پوندي ۽ 9 مارچ تي واپس ايندس، ٻيو سڀ خير آهي. دوست سڀ خوش آهن.
    سلام ۽ نيڪ تمنائون سڀني دوستن ۽ عزيزن لاءِ.
    فقط تنهنجو
    اياز ابڙو
    ====================================================================================


    مڪلي- ٺٽو
    23 مئي 1988ع
    متان ٿئين مَلورُ، ڪين اڳاهون آهيان،
    ڏسڻ ۾ ڪرڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
    (لطيف)
    ”سچ“ جا ساٿي سارنگ،
    خوش هجين شال.
    تنهنجو نالي ماتر ”عيد ڪارڊ“ مليو. ڇا محسوس ڪيم، لکي نٿو سگهان. تون وڏو عظيم انسان آهين. ان کانسواءِ تو زندگيءَ جو وسيع ترين مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو آهي. ان ڪري مان تنهنجي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهيان ۽ نه ئي ڪجهه هئڻ جي دعويٰ ڪري ٿو سگهان. تنهنجا مون تي اَڻ ڳڻيا احسان آهن ۽ مان اهي ڪڏهن به لاهي نه سگهندس. مٿيون سڀ حالتون هوندي، مان ڪڏهن به تنهنجي شڪايت/تنقيد جو جواب ڏيئي نٿو سگهان. تون ڀلي شڪايتون ۽ تنقيدون ڪندو رههُ- مان پنهنجين مجبورين ۽ بيوسين تي اندرئي اندر ڪڙهندو سڙندو رهندس ۽ ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍندس. هونئن ئي مون توکي ڪافي ڏک ۽ تڪليفون ڏنيون آهن، پر موجوده خاص ڳالهه تنهنجي شاديءَ تي نه اچڻ آهي. سو مجبوريءَ جو احوال لکي مان توکي بور ڪرڻ نٿو گهران. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اوچتو ڪجهه خوشيون ملي وينديون آهن ته هو لاشعوري طور غمن ۽ مجبورين کي وساري ويهندو آهي، پوءِ ڀلي ڇو نه هو انهن حالتن مان گذري چڪو هجي.
    باقي رهيو اديب جي ”انا“ وارو مسئلو، اهو منهنجي نظر ۾ ايئن آهي ته اديب بنيادي طرح، ذهني طور پيڙيل طبقو آهي بقول تنهنجي: ”سندن سوچون هن سماج جي سانچي ۾ فِٽَ نٿيون اچن، ان ڪري هو آڏو ڦڏو لکي پنهنجي دل جي باهه تي ٻه ڇنڊا وجهندو آهي.“ ٻين کي نيچ يا ڪمتر سمجهڻ لاءِ مان چوندس ته تنهنجو اهو خيال منهنجي خيال جي بلڪل ابتڙ آهي. منهنجي ذهن مطابق ته اديب بنيادي طرح احساس ڪمتريءَ جو شڪار هوندو آهي ۽ پنهنجي ان احساس کي لڪائڻ لاءِ پاڻ کي ٻين کان ڪجهه الڳ رکندو آهي. مان سچو اديب اُن کي سمجهدو آهيان جيڪو سچ لکي ٿو ۽ ان تي عمل ڪري ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سٺي شخصيت رکي ٿو. سٺي شخصيت مان منهنجي مراد آهي سٺو ۽ سچو انسان، جيڪو نه ڏئي نه ڏکائي. اهي آهن منهنجي ناقص دماغ جا خيال. باقي هر ڪنهن جي سوچ پنهنجي هوندي آهي. هڪ عرض ته مون کي ادب ۽ اديب سان نه ڳنڍيندو ڪر. مان اڳيئي احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيان. جيڪڏهن ٻه اکر لکان ٿو ته ڪنهن تي ڪو احساس ڪونه ٿو ڪريان، بس رڳو ”پنهنجي پچار“ ۾ لڳو پيو آهيان. اهو سچ لکندي مان ڪوبه شرم محسوس نٿو ڪيان ته مان خود غرض، مفاد پرست، احسان فراموش ۽ هڪ نيچ انسان (شايد انسان به نه) آهيان. عيد ڪارڊ اڳ ۾ موڪليو اٿم، اميد ته مليو هوندو. 26 مئي 1988ع کان امتحان شروع آهن.
    سلام سڀني کي
    فقط ڪنهن جو به نه
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    20 جولاءِ 1988ع
    سارنگ!
    ڇا ڪجي؟ حالتن اهڙي هنڌ اچي بيهاريو آهي جو ڪو به مناسب رستو نٿو سُجهي، جنهن تي پنهنجا پٿون ٿيل پير اڳتي وڌايان. ممڪن آ اهو منهنجو ذهني مونجهارو هجي، پر ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه حقيقت جو جُزُ ضرور شامل آهي. مان به پنهنجي ضمير جي ڪٽهڙي ۾ هر ويل ٻانهون ٻڌيو، ڪنڌ جهڪايو، شرمسار ٿيو بيٺو آهيان. ان جي باوجود به ڏس! مان ڪيئن نه بي شرمائيءَ سان جي رهيو آهيان ۽ پاڻ کي باعزت ۽ تنهنجو دوست (جيڪو شايد ناهيان) سڏايان ٿو ۽ اُن تي فخر محسوس ڪريان ٿو. اها منهنجي بي حيائيءَ جي حد آهي. مان پاڻ کي ڪيترو به حساس ۽ باشعور چوايان، پر حقيقت اِها آهي ته جيڪڏهن مان نرم گدي واري پلنگ تي سمهندڙ آهيان ته واڻ تي سمهندڙ جا احساس ۽ جذبا ڪڏهن به سمجهي نه سگهندس، توڙي جو مان به وقتي واڻ تي سمهيل هجان ۽ ان جي سختي محسوس ڪئي هجي. لاشعوري طور ”جيءُ خوش، ته جهان خوش“ واري ڪيفيت هر وقت اسان جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل هوندي آهي ۽ ان جي، وقتي طور اسان کان ڀُل ٿي ويندي آهي ۽ اسان ٻئي کي احساس ڏياريندا آهيون ته اسان سندس حالتن کي چڱيءَ طرح سمجهون ٿا. اها به منافقيءَ جي هڪ ڳجهي شڪل آهي، ۽ تون ته ڄاڻين ٿو اسان هر پل منافقت جو سهارو وٺي پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ٿا ڏيون، اڪثر سوچيندو آهيان ته اسان جي هنن ڀُرندڙ وجودن ۽ ڏنگيل سوچن جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي. سوچ جي ڌارا ۾ وهندو انساني رشتن جي تقدس جي پامالي، خودغرضي، اناپرستي، منافقي ۽ دوکيبازيءَ جي سببن تي سوچيندي آخر ان نتيجي تي پهچندو آهيان ته سڀ انسان نردوش آهن! ته آخر ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ هنن سڀني وحشتن جي فضا پيدا ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ پوءِ آخر سوچ تاريخ جا ڪروڙين سال اورانگهي اشتراڪي دؤر جي پڇاڙڪي گهڙيءَ تي پهچندي آهي، جڏهن انسان جي دل ۾ حرص ۽ حوس جاڳيو هو ۽ هُن ٻانهن جي ٻَل تي ٻين انسانن کي پنهنجو زيردست بڻايو ۽ اتان ئي حوس جي باهه دُکندي دکندي اِجهو هينئر هڪ وڏو مچ بڻجي چڪي آهي. جنهن ۾ رشتن جو تقدس پڻ ٻري رکَ بڻجي چڪو آهي. ۽ تون ۽ اسان هڪٻئي سان شڪايت ڪرڻ تي مجبور آهيون. تون ڄاڻين ٿو ته هر طبقي جا پنهنجا مفاد هوندا آهن، پر ان سان گڏ اِهو به سوچڻ جوڳو مسئلو آهي ته هر طبقي جا پنهنجا پنهنجا مادي ۽ روحاني مسئلا ۽ مونجهارا به هوندا آهن، جن ۾ ماڻهو جڪڙيل رهن ٿا.
    تون چوندو ۽ لکندو آهين ته اسان جو مستقبل روشن آهي. پر هن وقت جيڪڏهن تون منهنجي جاءِ تي هجين ته شايد توکي پنهنجي ان خيال جي ترديد ڪرڻي پوي! وڌيڪ لکڻ ضروري نٿو سمجهان.
    تنهنجو خط جلدي پهتو هو. مگر ”قصو“ اهڙو ٿيو جو مونکي ملي نه سگهيو. اڄ ملڻ شرط جواب لکان پيو. ”وڏا ننڍن کي معاف ڪندا آهن ۽ اِهو پڻ توتي فرض آهي.“
    دوست سڀ خوش آهن.
    سلام سڀني کي
    فقط ڪنهن جو به نه
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    30 آگسٽ 1988ع
    ڪڇ اور بڙـھه گئڳ جو اندھيرڳ تو ڪيا هوا،
    مايوس نهيڻ هيڻ طلوع سحر سڳ هم.
    (ساحر)
    سارنگ،
    خوش هجين شال!
    لکڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي. سڀ ڪجهه ڦرجي ويو آهي اسان کان.
    تون هر وقت خوش رهندو ڪر. مڃان ٿو ته ذهن تي قابو پائڻ مشڪل آهي. پر ڪجهه وقت پاڻ کي ٺڳي به ته سگهجي ٿو. تون ذهنيءَ طرح ڪجهه ڪمزور آهين. گهڻي سوچ تنهنجي لاءِ چڱي ثابت نه ٿيندي.
    ڪتاب پڙهڻ کان وڌيڪ گڏ ڪرڻ جو جنون سوار ٿي پيو آهي. ممڪن ٿي سگهي ته ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڏنل ڪتاب ”ناچڻي“ هٿ ڪري ”بوڪ پوسٽ“ وسيلي اماڻين ته ٿورائتو رهندس. هونئن ته تنهنجا وَڙَ وسارڻ جوڳا ٿوروئي آهن. مون کي سڀ ياد آهن. مليل دکن جيان. 1سليم عام زندگيءَ کان ڪجهه ڪٽجي ويو آهي. گهٽ ٻاهر نڪرندو آهي ۽ گهٽ ملندو آهي. وري به ملندو آهي!
    مان به سنجيده دوستن سان گهٽ ملندو آهيان، سوچيندو آهيان، هڪ ته زندگيءَ پنهنجي مئخاني جي در تان ڌڪي/تڙي ڇڏيو آهي، وري به ويهي انهن ئي زخمن کي تازو ڪرڻ، پاڻ کي وڌيڪ عذاب ۾ وجهڻ آهي. ڇو نه، نقلي طرح ئي، کلجي ۽ کلائجي ۽ ”خوش“ گذارجي، ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي جوڀن ۽ سونهن کي ڏسي ۽ ٻئي طرف ”فنا“ جو تصور ڪري نيرَ لارون ڪري وهڻ لڳندا آهن ۽ ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو آهيان ته ”اي زندگي! تون چوڏهينءَ جي چٽي چانڊاڻ هوندي به آخر فنا جي اٿاهه اوندهه ۾ گم ٿي وڃي ٿي. ڪاش! مونکي تنهنجو خالق رستي تي ملي وڃي ته مان ان جو وجو دئي فنا ڪري ڇڏيان، توکي ”بقا“ ڏيارڻ لاءِ- پري، اي! رازِ ازل تون يا ته ڌرتيءَ جي پاتار ۾ آهين يا چنڊ، سج ۽ هن سڄي ڪائنات کان اوجهل ڪنهن اڻڄاتي جڳهه تي، لڪي، ماٺ ڪريو ويٺو آهين.“
    گهڻو وقت الطاف ۽ مشتاق سان هوندو آهيان. منور مون ڏي خط لکيو هو. شروعات مون ڪئي هئي.
    نوٽ: تنهنجو ’مضمون شهيد عبدالرزاق سومرو‘ خميس پهرين سيپٽمبر 1988ع واري هلال مئگزين ۾ ڇپجندو، اخبار ضرور هٿ ڪجانء.
    سلام سڀني کي
    فقط:
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    25 آڪٽوبر 1988ع
    وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
    پيارا سارنگ!
    خوش هجين شال
    اصل ۾ هرڪو ذاتي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويو آهي جو سچ پڇين ته ڪنهن کي ياد ڪرڻ به وڏو مسئلو ٿي ويو آهي! حالتون واقعي نازڪ شڪل اختيار ڪري ويون آهن ۽ ڪجهه ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ۾ رابطو رکڻ ته تمام ضروري ٿي ويو آهي ۽ اسان ۾ رابطو مضبوط آهي. سليم کي الاصف شوگرمل ڳاڙهو ۾ نوڪري ملي وئي آهي. اسماعيل ۽ موسيٰ پليجو به اوڏانهن نوڪري ڪن ٿا. هفتو کن ٿي ويو آهي. مجيب کي شڪايت آهي ته تون ڏانهنس خط نٿو لکين، توڙي جو هو توکي خط لکندو رهندو آهي. موٽ ته ڏيڻ گهرجي توکي.
    رديءَ مان ڪو ناياب ڪتاب ملي ته وٺي ڇڏيندو ڪر منهنجي لاءِ. پيمينٽ مان ڪندس! تخليق وغيره مون ڏانهن موڪليندو ڪر. منور کي چئجانءِ ته منهنجا ڏوهه معاف ڪري. مون ڏانهن خط ڇو نٿو لکي. مان پريشان آهيان. ۽ ها! جي منور منهنجي تصوير ٺاهي هجي ته اها هٿيڪي ڪجانءِ ۽ موڪلڻ لائق هجي موڪلي ڏجانءِ.
    مان تو ڏانهن ڪا به وضاحت موڪلڻ نه چاهيندو آهيان جو مان سمجهان ٿو ته تون هن سماج جا هڙئي مسئلا ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿو.
    سلام سڀني کي
    بابي ۽ امڙ کي پيرن تي هٿ
    جواب جلد ڏيئي سگهين ته ڏجانءِ
    فقط اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    10 جنوري 1989ع
    پيارا سارنگ!
    زندگي ڏاڍي ڏکي/سکي آهي. هر ڪنهن جو پنهنجو حصو آهي جيڪو کيس ملي ٿو ”ڪوئي لُٽ جاتا هڳ ڪوئي لوٽ جاتا هڳ“ انٽر جو سپلمينٽري ڏيڻو اٿم، جنهن ۾ پنج ڏهاڙا باقي آهن. وڌيڪ ڇا لکان؟ اسان ماڻهن لاءِ ڏک سک جي سيني تي لت رکي، زور زور سان نعرو هڻي رهيو آهي، ”پيڙائون زنده باد“، ”پيڙائون امر آهن“.
    سارنگ! منور کي چئجانءِ ته خط ضرور لکي مون ڪجهه گهرڻ ڇڏي ڏنو آهي.
    سلام سڀني کي
    وڌيڪ ٻئي ڀيري.
    فقط
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي، ٺٽو
    25 جنوري 1989ع
    تيري قربت ڪڳ لمحڳ ڦول جيسڳ
    مگر ڦولوڻ ڪي عمريڻ مختصر هيڻ.
    (احمد فراز)
    خواب ايڏا اذيتناڪ ثابت ٿيندا آهن، مون ڪڏهن سوچيو به نه هو! تيلو تيلو ڪري جوڙيل آکيرو، هوا جي هڪ ئي جهوٽي سان ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو. مونکي گمان ئي ڪونه هو! آخر ڇو؟ اسان جي زندگيءَ جا رنگ وقت سان گڏوگڏ ڦٽندا ويندا آهن. جيڪڏهن واقعي هن ڪائنات جو ڪوئي واحد خالق آهي ته اسان جي زندگي سندس ڪنجوسي يا شايد بيوسيءَ جو اهڃاڻ آهي.
    سمندر سڳ پياسڳ ڪو ملڳ شبنم
    بخيلي هڳ يه رزاقي نهيڻ
    ڇا مان پنهنجون پريشانيون ۽ مسئلا تو ڏانهن لکان. تون جيڪو خود ساڳين مسئلن جو کاڄ بڻجي چڪو آهين. سلام سڀني کي
    فقط
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    16 فيبروري 1989ع
    دُکي سارنگ؟
    مون هڪ دفعو ڊائريءَ ۾ لکيو هو ”هن ڪائنات جو تخليقڪار ۽ ان کي (ڪائنات کي) فنا ڪرڻ جو دعويدار مونکي ڪٿي ملي وڃي ۽ مون ۾ ايتري قوت اچي وڃي جو مان کيس ”فنا“ ڪري ڇڏيان. هن دنيا ۽ پيارن انسان کي بقا ڏيارڻ لاءِ، جيڪي ٻَئي هو اسان کان ڏاڍو جلدي کسي وٺي ٿو.
    ”ڪاش! ڪو پيدا ٿئي جيڪو تباهه ڪار کي تباهه ڪري، جيڪو ماريندڙ کي ماري ڇڏي.“ مون جڏهن کان محسوس ڪيو آهي ته نه صرف عام ماڻهو نه مرندو آهي پر (اسان جا پيارا ۽...) خاص ماڻهو به مري ويندا آهن، مون روئڻ ۽ ڳوڙها وهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪالهه نارائڻ شيام مري ويو. تازو چاچو مولا بخش ۽ سڀاڻي شيخ اياز، نه ئي تون ۽ مان. ڪنهن ڪنهن جي لاءِ روئنداسين، هيءَ مختصر زندگي رڳو ڳوڙها وهائڻ لاءِ ته نه ملي آهي؟ مان ذهني طرح هر صدمو سهڻ لاءِ تيار آهيان. هاڻي ڏک جي لاءِ مان شيهي جي ديوار بڻجي ويو آهيان. ڀلي هليا اچن ”ويل ڪم“ مان ڪنهن سان به (چاهي منهنجو ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڇو نه هجي) تعزيت يا ڏک جو اظهار ڪري نه سگهندو آهيان. الائي ڇو؟ دک اندر ۾ سانڍڻ جي عادت پئجي وئي آهي. ياد ڪر نور الهديٰ شاهه جا لفظ ”اسان پنهنجي اندر ۾ دُکن کي دفن ڪرڻ لاءِ کاهي کوٽي ڇڏي آهي ۽ ان کاهيءَ جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“
    مان ڏک جو اظهار نٿو ڪري سگهان نٿو ڪري...! منهنجي مجبوري آهي. ۽ ها! مان نوابشاهه هاڻي ڪجهه (خبر ناهي ڪيتري) عرصي تائين اچي نه سگهندس. منهنجي طرفان سوڳوارن کي چئجانءِ ”ڇو ٿا روئو، نه روئو، روئڻ مان ڪجهه ڪين ورندو. هيءَ دل جي باهه آهي ڳوڙهن سان نه وسامندي-
    فقط اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    17 مئي 1989ع
    ڪتنڳ هونتون سڳ تبسم ڪڳ جنازڳ لڳ ڪر،
    دوستو! وقت دبڳ پائوڻ گذر جاتا هڳ.
    پيارا سارنگ!
    دنيا جون سڀ خطائون منهنجي نالي ڪري ڇڏ، مگر پنهنجي دل ۾ ڪو غير نه رکجانءِ. مان گناهگار آهيان ۽ پل پل پنهنجي گناهن جي لسٽ ۾ واڌارو ڪندو پيو وڃان. ڇاڪيان؟ گناهن تي به منهنجو وس نه رهيو آهي. بس ڪندو ٿو وڃان... عيد ڪارڊ مليو. رسمي عيد مبارڪ هجئي. تفصيل سان لکڻ چاهيان ٿو مگر قلم ۽ لفظ ساٿ ڇڏي رهيا آهن. ڪڏهن تفصيل سان لکندس سلام سڀني کي.
    فقط اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    15 جولاءِ 1989ع
    حالتون جي راهه ۾ حائل نه ٿين ها،
    مشڪلون ايڏيون مشڪل نه ٿين ها،
    وڇوڙي بجاءِ جي وصل ٿئي ها،
    چاهتون اسان جون ڪامل نه ٿين ها.
    (اياز ابڙو)
    ====================================================================================

    پيارا سارنگ!
    خوش هجين شال.
    هيتري وقت جي وڇوٽيءَ جو سبب انفرادي مسئلا ۽ مايوسي آهي. اهو عرصو مان ”پنهنجي وجود جي ٻرَ ۾“ گهڙي ويو هوس ۽ پنهنجي چوڌاري هڪ وقتي خول ٺاهي ڇڏيو هوم. هينئر ڪجهه سامت ۾ آيو آهيان ۽ سڀ کان پهريون خط توڏانهن لکي رهيو آهيان. پنهنجي آئندي جو فڪر وڌي ويو هوم ۽ هر طرف کان ناڪامي ۽ مايوسي جو منهن ڏسڻو ٿي پيو. منهنجي انٽر ڪليئر نه ٿيڻ ڪري (ٻه سال لاڳيتو) ماڻهن جي واتان جيڪي ڪجهه ٻڌڻو پيوم، سو وڌيڪ حساس هئڻ جي ڪري ڏاڍو ڏکيو لڳو ۽ نتيجي ۾ مايوسي گهَرُ ڪري وئي. هن وقت خوشيءَ جو ڪِرڻو نظر آيو اٿم ۽ اڳي کان بهتر حالتون آهن.
    لاڙڪاڻي شهر ۾ تازو ٽيڪنيڪل ڪاليج جڙي راس ٿيو آهي ۽ داخلائون پڻ ٿي چڪيون آهن، ۽ خوشقسمتيءَ سان منهنجي داخلا به ٿي چڪي آهي ۽ پهرين آگسٽ کان ڪلاس شروع ٿيڻ جي توقع آهي.D.A.E يعني ”ڊپلوما آف ايسوسيئشن انجنيئرنگ“ ٽن سالن جو ڪورس (سيمسٽر سسٽم) ۾ آهي.
    ٻي ڳالهه! بشير جي داخلا به ٿي آهي سندس شعبو مڪينيڪل ۽ منهنجو شعبو سِوِل آهي. ڪوشش ڪري به تبديلي سِوِل ۾ ڪرائينداسين. لاڙڪاڻي شهر ۾ جڳهه جو بندوبست به ڪيو اٿئون ۽ پهرين آگسٽ کان رهڻ شروع ڪنداسين. وڌيڪ احوال لاڙڪاڻي ۾ سيٽ ٿي پوءِ ڪنداسين. مان 25 جولاءِ تي ڳوٺ ويندس. ان کان اڳ هتي آهيان.
    حالتن جو تفصيل لکيو اٿم. اميد ته معاف ڪندين ۽ ها رسمي طرح توکي سڄي ڪٽنب سميت ”عيد واڌايون“ موٽ جو منتظر
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    لاڙڪاڻو
    5 جنوري 1990ع
    زماني جي ستم کان نه گهٻراءِ سرڪش
    چوڻو سچ آهي، ته خدا کي به چئي ڏيندو ڪر.
    (سرڪش سنڌي)
    پيارا سارنگ،
    خوش رهين شال.
    تنهنجون ميارون ۽ قرب ”ڪاسائيءَ واري ڪار“ ڪري اندر کي ذرا ذرا ڪري ٿيون ڇڏين. هونئن ته اسان هر پاسي کان مياري آهيون. قوم، ضمير ۽ ڌرتيءَ ڏانهن. مان تو ڏانهن ڪن سببن ڪري خط نٿو لکي سگهان يا دير ٿي وڃي ٿي ته ان جو مطلب اهو ٿورو ئي آهي ته تون مون کي ياد ڪونه آهين. بلڪل نه، تون به مون کي ائين ئي ياد ايندو آهين جيئن مان توکي.16 جنوريءَ کان امتحان آهي. انشاء الله 5 فيبروريءَ تائين نوابشاهه اچبو. ڪجهه ڏينهن دير ٿئي ته پريشان نه ٿجانءِ اچبو ضرور.
    بشير ۽ رؤف به خوش آهن. باقي حال احوال ملاقات تائين سنڀالي ٿو رکان.
    سلام سڀني کي
    فقط اياز ابڙو
    ====================================================================================

    لاڙڪاڻو
    24 آڪٽوبر 1989ع
    پيارا سارنگ
    تون مون کان ڪڏهن به وسري نٿو سگهين اهو ضرور آهي جو دنياداريءَ جي ڪري رابطو ٽٽي وڃي ٿو. ڪاليج ۾ ڪم تمام تڪڙو ۽ سٺو هلي پيو. مصروفيت گهڻي رهي ٿي، ان ڪري دوستن ڏانهن خط به ڪونه ٿو لکي سگهان. حال احوال کان تون به واقف ڪر ته پوءِ وڌيڪ لکندس. لاڙڪاڻي سنگت ۾ ويندا آهيون. بشير جا سلام قبول ڪندا.
    وڌيڪ ٻئي خط ۾ ،
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    22 جون 1990ع
    بڳ خودي ڪا بڙا سهارا هڳ
    ورنه دنيا ميڻ ڪون همارا هڳ؟
    ساٿي سارنگ،
    سدا مرڪندو رهين شال؟
    زندگيءَ لاءِ انفرادي هڻ هڻان ۾ ايترا ته گم ٿي ويا آهيون جو ”سورن جي ساٿين“ کي ياد ڪرڻ جو به موقعو نٿو ملي! عجيب وغريب صورتحال آهي. اسان جي معاشري ۽ ديس جي. تون ائين نه سمجهه ته ڏک ۽ پريشانيون صرف نوابشاهه ۾ سارنگ سهتي جي گهر ۾ گهرُ ڪري ويٺيون آهن، مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، پر تون سمجهين ٿو ته تو وٽ وڌيڪ آهن ته اهو تنهنجي نهايت حساس دل ۽ دماغ جو نتيجو آهي. حقيقت ۾ اسانکي ڏکن کان بچڻ لاءِ دل ۽ دماغ جي رفتار کي روڪڻو پوندو، جيڪو زنده انسان لاءِ ناممڪن آهي.
    وئڪيشن سبب مڪليءَ ۾ آهيان. امتحان ڏيڻ لاءِ عيد کانپوءِ واپس لاڙڪاڻي ويندس. سليم، اسماعيل ۽ مجيب خوش آهن. مڪليءَ واري لائبريريءَ کي چڱو سڌاريو اٿن. چار پنج اخبارون ۽ ڪافي سنڌي رسالا (ساڃاهه، سهڻي، پروڙ، عبرت مئگزين) باقاعدگيءَ سان اچن ٿا.
    موقعو مليو ته توسان ملڻ ضرور ايندس. سلام سڀني کي تنهنجي موڪليل ڪهاڻي ”انا پرست“ عوامي آواز، ۽ صبح ٿيندو، ڏانهن موڪلي اٿم.
    فقط اياز ابڙو
    ====================================================================================

    لاڙڪاڻو
    5 مئي 1991ع
    اپني تڪميل ڪر رها هوڻ ميڻ،
    ور نه تجھه سڳ مجھه ڪو پيار نهيڻ.
    فيض
    پيارا سارنگ!
    گهڻي عرصي کانپوءِ وري هن اڌ ملاقات (خط) جو مقصد بظاهر ته ڪوبه ڪونهي، پر انهيءَ رابطي ۾ سڪ جي ڪا تَندُ ضرور جڙيل آهي. جنهن کي ڇنڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سو، منهنجو ذهن ۽ دل به ان وچ واري عرصي ۾ ڪنهن اڻڄاتل ڇڪتاڻ ۾ رهيا، جنهن سبب تو سان ۽ ٻين سمورن دوستن سان رابطي ۾ سستي رهي. خير، هاڻي وري گڏ آهيون (۽ هئاسين، ذهني طرح)، اميد ته موٽ ضرور ڏيندين.
    تازو احوال: لاڙڪاڻي شهر ۾ رهندو آهيان (بشير سان گڏ)، پڙهائيءَ ۾ مڪمل ڌيان اٿم. هڪ مهينو لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ روزاني سنڌي اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تي ڪم به ڪيوسون (بشير پڻ)، پر پڙهائيءَ تي اثر پوڻ سبب نوڪري ڇڏي سون.
    هڪ دفعو وري ماضيءَ ڏانهن موٽڻ لاءِ تيار ٿي ويههُ. مان جُون جي پهرين هفتي ۾ وئڪيشن ملڻ شرط تو وٽ پهچندس، وڌيڪ پروگرام بعد ۾ توکي لکندس. تنهنجا ترجما رسالن ۾ پڙهيا اٿم. سٺو پيو ڪرين، لکندو رهه مسلسل. باقي آئنده.
    سلام سڀني ڀائرن چاچي ۽ نوابشاهه جي هڙني واقفن کي، موٽ جو منتظر.
    اياز ابڙو
    ====================================================================================

    17 آڪٽوبر 1991ع
    مسٽر سارنگ صاحب خوش هجو سدا
    احوال ڪجهه هن ريت آهي ته اياز مون کي توهان ڏانهن خط لکڻ لاءِ چيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو هاڻي اسپتال ۾ نه آهي، هن کي 15 آڪٽوبر 1991ع تي ڊسچارج ڪيو ويو آهي. هاڻي هن جي طبيعت پهرين کان بلڪل بهتر آهي. وڌيڪ علاج لاءِ هو بابا سان گڏ جي ڳوٺ ويو آهي. وڌيڪ علاج مان منهنجو مطلب يوناني علاج آهي. مون کي اياز توهان ڏانهن خط لکڻ لاءِ انهي ڪري چيو جو متان توهان خوامخواهه اچڻ جي تڪليف ڪيو. وڌيڪ احوال اياز موٽي اچڻ کان پوءِ ڪندو. چڱو موڪلاڻي ڪونهي سدائين گڏ.
    فقط ممتاز علي ابڙو (اياز جو ننڍو ڀاءُ)
    ====================================================================================

    لاڙڪاڻو
    18 نومبر 1991ع
    پيارا سارنگ!
    موت جو ڀوائتو منظر ڏسڻ کانپوءِ ٻيهر زندگيءَ کي ڏٺو اٿم. هينئر زندگيءَ اڃان وڌيڪ خوبصورت پئي لڳي! مان بلڪل نارمل آهيان. توکي فڪر ته ڏاڍو هوندو. ٻيو سڀ خير آهي. اميد ته ڊسمبر جي ٻارهين تاريخ بروز خميس تو وٽ نوابشاهه اچبو. پوءِ پاڻ ’جشن صحت‘ پڻ ملهائينداسين. وڌيڪ احوال پوءِ سلام سڀني دوستن ۽ گهروارن کي.
    فقط: اياز ابڙو
    ====================================================================================

    لاڙڪاڻو
    25 اپريل 1993ع
    پيارا سارنگ!
    ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ کان سوال پُڇندو آهيان ته ڇا مان سارنگ کي وساري چڪو آهيان، تون يقين ڪر ته ڪڏهن به جواب ”ها“ ۾ نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ملندو.
    سارنگ! هيءَ حسين زندگي ان لاءِ ته ناهي جو ماڻهو املهه لمحا، ڪلاڪ، مهينا ۽ سال صرف ۽ صرف ”جيئڻ جو وسيلو“ ڳولهڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏي- هي نظام ايترو منجهيل ۽ ظالم ڇو آهي؟ اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن انسان مڪمل طرح رڳو معاشي وسيلن جي پويان ڊوڙڻ بجاءِ ويهي سک سان ڪائنات جي سونهن وڌائڻ لاءِ تخليقي ڪوششون وٺندو؟ منهنجو وجود خلا ۾ لڙڪيل ڇو آهي؟ منهنجا پير ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڄمندا؟
    مٿيان اهي سوال آهن جن جي جواب لاءِ مان مسلسل آڪسيجن پنهنجن ڦڦرن ۾ ڦوڪي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري رهيو آهيان. مان سڀاڻي ٺٽي هليو ويندس. تون ڪوشش ڪري مئي جي پهرين هفتي ۾ ٺٽي ضرور اچجانءِ. تنهنجو اوسيئڙو شديد رهندو. بشير به گهڻو ڪري اُتي هوندو.
    فقط اياز ابڙو
    ====================================================================================

    لاڙڪاڻو
    16 جنوري 1993ع
    پيارا سارنگ!
    خوش هجين شال
    تازو هينئر ئي ٽي وئيءَ تان امر جليل جو ڊرامو ”سارنگ“ ختم ٿيو آهي. جنهن ۾ هڪ ڊائلاگ هي به هو ته ”مان ۽ تون الڳ ته رهي سگهون ٿا مگر پري/دور نه“. اها ڳالهه مان پنهنجي طرفان تنهنجي لاءِ به چوان ٿو. خبر ناهي هڪ سال جو عرصو الائي ڪيئن گذري ويو ۽ تو سان ملاقات به نه ٿي سگهي (هونئن ته ذهني طرح تون مون کان وسري نٿو سگهين).
    ڪجهه وقت اڳ سليم کان خبر پئي ته (خدا ڪري خبر ڪوڙي هجي) چاچو گذاري ويو آهي ۽ تو سان تعزيتي بيان پڻ اخبارن ۾ ڇپيا آهن. مان خبر ٻڌڻ کان وٺي اڄ تائين ان ڳالهه کي ذهني طرح قبول ڪري نه سگهيو آهيان (جيئن مان پنهنجي ڏاڏي جي موت کي اڃان تائين قبول ڪري نه سگهيو آهيان، جيڪو محترم استاد بخاري کان ٻئي ڏينهن تي وفات ڪري ويو). چاچي بابت ٻڌل خبر جو احوال جلد ڏجانءِ، مونکي اوسيئڙو رهندو.
    مان ذاتي طرح پنهنجي معاشي مستقبل جي حوالي سان ڪجهه مايوس ۽ پريشان آهيان، ان هوندي به نوڪريءَ لاءِ ڪوشش جاري آهي. (مون ڊپلوما مڪمل ڪري ورتي آهي)- نوڪريءَ جي ئي سلسلي ۾ ڳوٺ آيل آهيان. اميد جا ڪجهه ڪرڻا نظر اچن پيا. اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.
    يار! منهنجي خواهش آهي ته تون مون کي اڳي وانگر طويل خط لکين. ان ڪري جو تنهنجا خط منهنجي حوصلا افزائيءَ جو ذريعو هوندا آهن. اڄ به مون کي تنهنجن پيارن ۽ با مقصد خطن جي شديد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. اهڙي قسم جو خط ضرور لکجانءِ. سخت انتظار رهندو. سلام سڀني کي.
    فقط: اياز ابڙو
    ====================================================================================

    مڪلي- ٺٽو
    17 مارچ 1994ع
    زخمي هوئڳ جو هونٽ تو محسوس يه هوا
    چُوما ٿا ڪسي ڦول ڪو ديوانگي ڪڳ ساٿ.
    پيارا سارنگ!
    خوش هجين شال.
    هن کان اڳ به هڪڙو خط موڪلي چڪو آهيان، مگر موٽ ڪونه ملي اٿم. پر مان اڃان مڪمل طورتي مايوس ڪونه ٿيو آهيان. اميد ته هاڻي وڌيڪ مايوس نه ڪندين.
    تازو احوال ته بابا سائين کي ميڊيڪل بنيادن تي ريٽائر ڪيو ويو آهي ۽ ٻن مهينن اندر حساب ڪتاب Clear ڪري سڄي فيملي ڳوٺ Shift ٿي ويندي ۽ مان هتي اڪيلو رهجي ويندس. منهنجي هتي رهائش بابت ڪوبه فيصلو ڪونه ٿيو آهي. بهرحال نوڪري ته ڪرڻي آهي ۽ رهائش جو بندوبست به ڪري وٺبو.
    طارق قريشيءَ سان ملاقات ٿي آهي. ماڻهو ڀلو آهي. اميد ته سلسلو جاري رهندو. اڃان تفصيلي ڪچهريون ڪونه ٿيون آهن.
    بشير پرائيويٽ جاب سان لڳو پيو آهي ۽ رئوف سنڌيءَ ۾ ليڪچرار لاءِ ڪميشن پاس ڪئي آهي. سندس پوسٽنگ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ متوقع آهي. دوست سليم، الطاف، اسماعيل ۽ ٻيا سڀ خوش آهن. فياض کي چوندا ته مان سندس سرگرمين ۽ تخليقن جو مداح آهيان اخبارن ذريعي احوال ملندو رهندو آهي ۽ ها فياض کي چوندا ته مون کي آفيس جي ائڊريس تي خط لکي ۽ پنهنجي ائڊريس به موڪلي. کيس عيد مبارڪ پڻ چوندا.
    منهنجي طرفان توکي سمورن گهر ڀاتين سميت سلام ۽ عيد مبارڪون. ”تڪڙي“ موٽ جو منتظر.
    اياز ابڙو


    بشير ابڙو

    28 مئي 1988ع
    ٽڙندا ٽارئين ڳاڙها گل
    تڏهن ملنداسين.
    (اياز)
    ساٿي سارنگ- جيئي سنڌ - جيئي لطيف
    گهڻي عرصي کان پوءِ اوهان ڏانهن خط لکي رهيو آهيان. اوهان جو عيد ڪارڊ مليو. پر ڪهڙيون عيدون، هڪ ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهو، ڪيڏا هڪٻئي کان متضاد، ٿر جا ماڻهو بک ۾ پاهه، پر اسان جي وڏيرن رئيسن، جا ڪتا به گوشت پيا کائين. عيد جو ڏهاڙو هڪڙي ڇنن ڍڪيل گهر ۾ بيماري، بک، بيوسي ۽ ڀر واري بنگلي ۾ عيش عشرتون، ڪڪڙن جا گوشت، شراب ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. اهي سڀئي اجتمائي مسئلا آهن. توهان جو وهانءُ ٿي ويو آهي ته منهنجي طرفان زندگيءَ جو حقيقي سفر مبارڪ هجيوَ.
    توهين گهڻو وقت اڳ ڄاڻي چڪا آهيون.
    مان نه لکڻ جي باوجو دلکي ويٺس. ”جذبا“
    تون ٿو ڪرين عيد
    ٿر بکن ۾ پاهه.
    ڄاڻان نٿي ديد. بشير
    خط لکڻ جو خاص مقصد ته پاڻ دوست بنگلديري مان، رتيديري جو ويجهو شهر، ”لطيف پبليڪيشن“ شروع ڪري رهيا آهن. جنهن لاءِ مواد جي تمام گهڻي گهرج آهي.
    توهان وٽ پنهنجون تخليق ڪيل ڪهاڻيون يا ترجمو ٿيل ڪهاڻيون هجن ته براءِ مهرباني. جلد از جلد منهنجي ڏس تي موڪليندا. مهرباني
    چڱو ساٿ سلامت
    بشير اگهم
    ====================================================================================

    مورو
    20 آگسٽ 1988ع
    جڏهن ٽڙندا ٽارئين ڳاڙها گل،
    تڏهن ملنداسين.
    (شيخ اياز)
    محترم دوست سارنگ!
    خوشيون پلئه پونئي سدائين- جيئي سنڌ!
    توهان جو خط ۽ ترجمو ڪهاڻي گهڻو وقت اڳ موصول ٿيم. اها ڪهاڻي، هڪ ڪاپي ”لطيف پبليڪيشن“ بنگلديرو وارن کي ڏنم. باقي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي پاڻ وٽ رکي اٿم.
    آئون شرمندو آهيان اوهان کي خط لکڻ ۾ دير ڪئي اٿم. توهان جي تازو بيماري جي خبر پيم. شل چاڪ هجو. عيد تي اياز ڳوٺ آيو هو. عيد ڄڻ ماتم هئي. ڪوئي به خوش نه هو. هرڪو، تازن فسادن ۾ شهيد ٿيلن سان دلي همدردي جتائڻ خاطر، خوشيءَ واري عيد نه ڪري رهيو هو. انهن واقعن تي ڇا لکجي. ڄڻ قلم هلندي ڏڪيو وڃي. ايڏي وڏي تعداد ۾ گهر ڌڻين کي سندن گهر ۾ بي دردا نه، ۽ وحشيانه طور قتل ڪيو آهي. جڏهن به اهڙا واقعا رونما ٿيندا آهن ته اصل وارث پنهنجي ثقافت، ٻولي، ڌرتي بچائڻ خاطر منظم طريقي سان، دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندا آهن. اهي تاريخ جون شهادتون آهن. خير سنڌين، دوست دشمن سڃاڻڻ ۾ دير ڪئي آهي. پر هاڻ به وقت ناهي ويو. اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويا.
    اسان قومپرستن جي ڀُل جي نتيجي ۾ ساري قوم کي سزا ڀوڳڻي پئي پوي. قوم پرستن کي اها به ڄاڻ هئي تهم ق.م وارن جا هڙئي مفاد سنڌي قوم جي خلاف آهن. حتاڪه سندن نانءُ پڻ، پر محترم آريسر ۽ سائين جي بقول ته الطاف مهاجرن کي قوميت جي چڪر ۾ آڻي. مذهبي سياست کان ڌار ڪري سنڌي قوم ۾ ضم ٿي ويندو.
    پر اها ڳالهه تازن واقعن ۾ پڌري پئجي ويئي ته جن ماڻهن کي ايتري ڇوٽ ڏني ويئي. جن سان نرم رويو اختيار ڪيو ويو. تن اسان کي موٽ ۾ ڇا ڏنو. مالڪ سومري، آفتاب نظاماڻي ۽ ڪيترن ئي عظيم سنڌي ڪونڌرن جا لاش.
    توهين ته انهن سڀني حالتن کان واقف آهيو- پر الائي ڇو اها خبر هوندي به لکي ويٺس. هاڻي ڪجهه ذاتي زندگي بابت! ٻارهين جو امتحان ڏنو سين. پاس ٿيڻ جي اميد آهي. توهان پاڪستاني تعليمي ماحول کان واقف آهيو. انهيءَ ڳالهه تي ته سفارش آهي. ڪاپي وڌيڪ آهي. استاد پڙهائن نٿا. ٽيوشن جو رواج عام ٿي ويو آهي. پٽڻ غير ضروري آهي. باقي هڪ ته هيءَ تعليمي بناوت شاگردن جي شعور کي شايد محدود ڪرڻ واسطي آهي. توهان جي ڪورس جا ڪهڙا حال آهن. سوچيو هوم ته توهان ڏانهن مٺياڻي اچان، پر رؤف جو پيءُ اڳيان آهي، نٿو ڇڏي. هاڻي موري ٿاڻي تي آهي.
    رتوديرو ۾ ادبي سنگت جي شاخ کولي آهي. شل هلندي هلي. ها هڪڙي ڳالهه اوهان خط ۾ لکيو هو ته مون سان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون آهن. بي چيني آهي. ايندڙ خط ۾ ضرور ڪندا.
    سلام هڙني دوستن جا قبول ڪندا.
    بشير ابڙو
    ====================================================================================


    18 آڪٽوبر 1988ع
    جمع اگهم
    چچريل ڍڪيل ساڳيا ڦٽ،
    پپرين ڪڙيون ڳچيءَ ڳٽ.
    ساٿي سارنگ
    حق موجود
    توهان جو لکيل خط 16 آڪٽوبر 1988ع تي مليم، ڇاڪاڻ ته لاڳيتا ٻه مهينا مورو رهڻ کانپوءِ ڳوٺ 18 آڪٽوبر 1988ع تي پهتس. توهان جون لکيل ڳالهيون پڙهيون. خوش ٿياسون، توهان جي صلاح وڻي. ته صرف اڳواڻن تي ڀاڙڻ سڀ ڪجهه نه آهي. اوهان جي مهرباني اوهان جيڪا ڳالهه لکي آهي ته جيڪي اتحاد لاءِ واويلا مچائيندا آهن سي جلدي ڀڄي ويندا آهن. اهو سچ آهي. ڀڄڻ يا ويهڻ اهو هڪ ڌار بحث آهي، باقي مون هڪڙو فيصلو ڪيو آهي ته سياست کان علحده ٿي صرف ادبي سنگت جي ميدان ۾ سرگرم ٿجي، ڇاڪاڻ ته ادبي سنگت ئي واحد گڏيل پليٽ فارم آهي جتان هرڪو ماڻهو پنهنجا نظريا ڦهلائي سگهي ٿو ”ادب ذريعي!“ منهنجي الائي ڇو سياست کان دل بيزار ٿي ويئي آهي، جو ڪوبه سياسي ليڊر يا ڪارڪن منهن چڙهندو آهي ته ڄڻ ڪر گرم ٿي ويندو آهي. خاص هنن واقعن کان پوءِ. باقي اوهان جي چواڻي ته ڪميونسٽ ادب پڙهجي هڪ ته پاڻ وٽ ادبي ڪتاب ملن گهٽ، ٻيو مالي حالت ڪمزور، باقي دوستن کان وٺي پڙهون پيا. هاڻي ٻه ٽي ڪتاب موري مان دوستن کان ورتا اٿئون سي پڙهبا. جن ۾ ”ماءُ“ ناول به آهي. باقي اوهان ڏانهن اميد ڀريون نگاهون آهن ته جي توهان وٽ پنهنجا ڪتاب آهن ته ڪنهن جي هٿ موڪليو ته مهرباني. ها موري ۾ خاڪي جويي سان ملياسين، توهان جو احوال ڪيومانس. هڪ ادبي تنظيم جو بنياد وڌو اٿائين. سو چيائين پئي ته جي سارنگ سان ملين ته ٻڌائجانس ته ان وٽ 12 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي رکي ويئي آهي. پر مون کان اڳ هن جو ئي اوهان سان رابطو ٿي چڪو هوندو. اياز جي حال احوال مان معلوم ٿيو ته، توهان وچ تي تمام سخت بيمار هيا. اياز ٻڌايو ته ويو هئومانس. سو هاڻي خوش آهي. شل سدائين جڙيا رهو جهان ۾. سلام دوستن کي
    فقط بشير ابڙو
    ====================================================================================


    ڳوٺ جمع خان اگهم
    17 ڊسمبر 1988ع
    وريا ڇو نه وَلَرَ؟
    ننڊ نه آئي رات ڀر،
    ڪَن پَئي ڪُوڪَر.
    (شيخ اياز)
    پيارا ڀاءُ!
    سارنگ سدا خوش هجو.
    تمام گهڻي عرصي کانپوءِ خط لکجي پيو. ڏاڍا ڏوهاري آهيون، پر معاف ڪندا. خط لکڻ جو خاص مقصد اوهان کي عبدالرؤف ۽ ڀاءَ عبدالرشيد جي شادين جو سڏ ٻڌائڻ آهي. رؤف جي شادي تاريخ 23 ڊسمبر 1988ع تي آهي ۽ رشيد جي شادي 24 ڊسمبر 1988ع تي رکيل آهي. توهان کي موڪلون هونديون انهن ڏينهن ۾، اميد اٿئون قرب جا قدم ڀري ايندا. سنگت ساري يعني، اياز ۽ ٻيا مقامي دوست به هوندا. شادي جي بهاني اسان جي ننڍڙي ڳوٺ کي ڏسي به ويندا. ٻيو خاص احوال نه آهي. اسان جو نتيجو آيو آهي ۽ آئون انٽر پري انجنيئرنگ ۾ 51 سيڪڙو، مارڪون کڻي ڪاپي جي رحم ڪرم ۽ سفارش جي فضل سان پاس ٿي ويو آهيان.
    اياز هن وقت حيدرآباد ۾ چاچي جي فرم ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس فيملي ڳوٺ پهچي چڪي آهي، باقي پاڻ 23 تاريخ صبح جو پهچندو. توهان رتيديري تائين اچي پوءِ شهباز ڪوٽ جي اسٽان جي پڇا ڪندا. اُتي ٽانگا بيٺا هوندا، جيڪي اوهان کان ٻه روپيه وٺي اسان جي ڳوٺ پهچائيندا. اوهان ضرور اچجو.
    فقط بشير ابڙو


    ضمير ڦل

    ٽالپر وڏا
    13 مارچ 1990ع
    ڪو پٿاري نه پٿاري دامن
    مان لڙڪ آهيان ڪِرڻ ٿو چاهيان!
    (تنوير)
    مٺا سارنگ!
    حق موجود!
    اڄ صبح گهر ويٺو هئس منهنجي سامهون اخبار پئي هُئي ڪالهوڪي ’عوامي آواز‘. مٺا! اُن ۾ هڪ خبر هئي تصوير سان گڏ، خبر نه هئي پر هڪ هَٿُ هيو، جنهن منهنجي کوپڙيءَ مان ميڄالو ڪڍي زور زور سان پولارن ۾ اُڇلي ڇڏيو هو ۽ منهنجي دل کان ٻاهر ويندڙ سموريون نليون درد جي ڌاڳي سان ٻڌي ڇڏيون هئائين ۽ اکين جي پويان جوڙي ڇڏيو هيائين، ڪالاباغ ڊيم جهڙو ڪوئي ڊيم ]ان ڪري ئي ته اکين مان لڙڪ نه لڙيا هيا[ ۽ ان سمي تنهنجو خط مليو ]خط دير سان اِنڪري مليو جو آئون لاڙڪاڻي هُئس[. مٺا! اسين ڪيڏا نه اَڀاڳا آهيون جو ڏک ۾ به ڳوڙها ڳاڙي نه ٿا سگهون. اَسين ڪهڙي يُگ ۾ پئدا ٿيا آهيون؟ ۽ ڇا اسين هن زندگي جي ملڻ تي خوش ٿيون/ ٿي سگهون ٿا؟!...!! من! تصوير جي هيٺان لکيل آ... لاڙڪاڻي جي ستن سالن جو نينگر راجيش جنهن جو بيگناهه وجود سنڌ جي هر ماڻهوءَ کان پڇي رهيو آهي ته سندس ساهه جو پوپٽ چيڀاٽجڻ سان ڪنهن جو ڪهڙو فائدو ٿيندو. هن جي ساهه جو پکيئڙو شاهه لطيف جي زمين تي بندوق جي شڪار بنجڻ سان سنڌين جو آئيندو محفوظ رهي سگهندو. جن ڌاڙيلن هن کي ماريو. انهن جي روحاني نسل جون پاڙون ڪٿي آهن.[. ۽ دوست! صرف ننڍڙي راجيش جو بيگناهه وجود نه، پر منهنجي سامهون ته سڄي سنڌ جو نقشو هن ڀُونءَ جي گولي تي سوال بڻيل آهي ۽ هر سوال جو جواب هوندو آ. هن سوال جو جواب به ڪٿي نه ڪٿي ضرور هوندو، جي نه ته پوءِ تُون ۽ آئون ]اسين[ سدائين عجب جون نشانيون نه بڻباسون!
    تو خط لکيو رڳو اِن لاءِ ته توکي غلام رسول جي ائڊريس کپندي هُئي خير ڪنهن نه ڪنهن بهاني اوهان جن اِحساسن ۽ جذبن کان واقفيت ته ٿي. غلام رسول جي ائڊريس مون وٽ به ناهي، بهرحال پُڇا ڪري لکندس، ممڪن آ ته غلام رسول اچي جو M.A جا امتحان شروع ٿيڻ وارا آهن ]خبر ناهي ته هُن جو فارم ڀريل آهي به اَلائي نه.[ مٺا! موڪلاڻي. سدائين گڏ.
    اوهان جو پنهنجو
    ضمير ڦل
    ====================================================================================

    لاڙڪاڻو
    26 سيپٽمبر 1990ع
    سدا سيلاني، آهه ساهه اَياز جو،
    ڳچيءَ ۾ ڳاني، پرين! وجهه نه پيار جي.
    ڀاءُ سارنگ! حق موجود!
    اُميد ته خوش هوندين.
    خط دير سان لکڻ جي معافي! هونئن به خط مون گهڻو وقت اڳ لکيو هو پر پوسٽ نه ڪرڻ سبب دير ٿي وئي. اُن ۾ پنهنجي سُستي ۽ ڪُجهه اهڙا ڪم جن واندڪائي نه ٿي ڏني.
    رسول سان ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي، نه خط پَٽُ ۽ نه ئي وري پاڻ اِنَ وچ ۾ آيو آهي. ممڪن آهي چونڊن دؤران اَچي.
    ڀاءُ! اسان جي فائنل ٿي وئي ۽ هينئر لاڙڪاڻي ۾ ئي سرجريءَ ۾ جاب شروع آهي.
    منهنجي شاعري؟! مٺا! واقعي لکان به گهٽ پيو ۽ ڇپجي به گهٽ پئي، سبب ساڳيو ئي، جيئن خط دير سان پيو لکان. س.ا.س جو حال به هينئر تائين ته ڪاغذن تائين محدود هو. ليڪن 28 تاريخ چونڊون ٿينديون، ڏسجي ته پوءِ ڇا ٿو ٿئي، باقي سياست.........! شايد هتان جي سياست (جيئن سياستدان ڪن پيا) پاڻ نه سمجهي سگهيا آهيون.
    اوهان ڪيئن آهيو؟ وقت ڪيئن پيو گذري، اوهان جي سنگت جو ڇا حال آهي ۽ ها..... نواب شاهه جا رستا ۽ بازارون ڪيئن آهن؟....... منهنجي پاران سڀني کي سلام. اُميد ته خط لکڻ جي مهرباني ڪندا رهندا.
    آئون ته انتظار ڪندس
    اوهان جو پنهنجو
    ضمير ڦُل


    امڙ رحيمان

    عمري خضري بخت سڪندري نور چشم پيارا راحت جان غلام محمد سدا سلامت تائين قيامت (آمين)
    احوال ته هت سڀ خير آهي توهان صاحبن ڏانهن پڻ رب خير ڪندو. صبح شام توهان لاءِ دعا گهرندا آهيون. احوال ته توهان کي مبارڪون هجن. رب سائين توهان کي ڪامياب ڪيو، انشاءالله سڀ تڪليفون دور ٿي وينديون. اسين بلڪل خوش آهيون بختاور به ٺيڪ آهي، جميل به خوش آهي، گهر وارا ٺيڪ آهن، توهان ڪوبه انتظار نه ڪندا اسڪول وڃن پيا، پيپر هلن پيا، باقي توهان کي ياد ٿا ڪن. سليم اسان کي هر وقت نياپو ڏئي ويندو آهي. رب سائين خوش رکندس. ابا ٻيو توهان جي طبيعت ڪيئن آهي ۽ توهان جي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪٿي آهي، ڪا تڪليف ته ڪانه اٿوَ، اهو سڄو احوال موڪليندا، ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته ٻڌائيندا ۽ اچڻ جو پروگرام ڪيئن آهي ۽ نوڪري سولي يا ڏکي آهي، شهر ۾ آهين يا پري آهين. اهو سڄو حوال لکي موڪليندا ته وڏي مهرباني.
    سلام سڀني ڀينرن، ڀائرن ۽ ڀاڻيجن جا قبول ڪندا. مرتضيٰ جو ڪم ٿي ويو آهي. سڪرنڊ ۾ بدلي ٿي ويندس.
    خاص سلام ۽ دعائون پنهنجي ماءُ جون قبول ڪندا. لکندڙ توهان جي والدن
    پئسن وغيره جي ضرورت هجي ته ٻڌائيندا.
    تنهنجي امان1
    -----------------------------------------------------------------------------
    1 سارنگ جي امڙ رحيما جو خط


    لال خاتون (سارنگ جي ونيءَ لال خاتون جا ٻه خط)

    3 آڪٽوبر 2001ع
    پيارا صاحب2
    نهايت ئي مانوارا سائين صاحب سدا گلن جيئن مهڪندا ۽ ٽڙندا رهو شال.
    گل ته آهي گلاب جو ٻين گلن کي ڇا ڪبو،
    پيار ڪندڙ هجي سارنگ جهڙو ٻين کي ڇا ڪبو.
    اسلام عليڪم!
    حال احوال هي آهي ته هت سڀ خيريت آهي. الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هجو. هاڻ توهان پنهنجو حال احوال ٻڌايو، توهان جي طبيعت ڪيئن آهي، توهان جي ٽريننگ ڪڏهن ختم ٿيندي.

    اسان جي دعا آهي ته سدائين شال خوش هجو. توهان جي اچڻ جو ڏاڍو انتظار آهي مونکي جڏهن توهان جي ياد ايندي آهي تڏهن آئون اُداس ٿي ويندي آهيان. توهان جي بغير زندگي بي چين آهي. بختاور ۽ جميل توهان کي ڏاڍو ياد ٿا ڪن. توهان جو جڏهن خط مليو، خط پڙهي دل کي ڏاڍو سڪون آيو. جڏهن مشتاق کي فون جو چيو ۽ اسان جنهن مهل توهان سان ڳالهايو ته ڏاڍي فرحت ملي. چاچي منهنجو خيال رکي ٿي، توهان کي ڏينهن رات دعائون ٿي ڪري. اسان سڀئي گهروارا توهان کي دعائون ٿا ڪريون. مون ڊاڪٽرياڻي رابعه سان رابطو ڪيو آهي. طبيعت اڳي کان صحيح آهي. توهان پريشان نه ٿيو، ٺيڪ آهيان. مهرباني ڪري هن خط جو جواب جلدي موڪليندا، اسان کي وسارجو نه. هن خط ۾ ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪندا.
    روشني چاند سڳ هوتي هڳ ستارون سڳ نهيڻ،
    محبت ايڪ سڳ هوتي هڳ هزاروڻ سڳ نهيڻ.

    جنگل ميڻ رهتي هوڻ ڪانٽو پڳ سوتي هوڻ،
    جب ياد محبوب ڪي آتي هڳ تو جي ڀر ڪڳ روتي هوڻ.

    جاني اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن. خدا حافظ
    اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو،
    ڏئي پيار دل مان اُڏاري نه ڇڏجو.
    خط لکائيندڙ:
    اوهانجي وَني
    ====================================================================================

    اسلام عليڪم!
    جناب سهڻا سائين!
    حال احوال اهو آهي ته الله جي فضل و ڪرم سان اسان بلڪل ٺيڪ آهيون، هتي سڀ خيريت آهي. اسان جي طرفان توهان کي نوڪريءَ جون لک لک مبارڪون هجن. هاڻ توهان پنهنجو حال احوال ٻڌايو ته توهان جي طبيعت ڪيئن آهي. توهان جي نوڪري ڪيئن آهي پري آهي يا ويجهي آهي، کاڌي پيتي جو انتظام ڪيئن آهي. توهان جو انتظار آهي ته ڪڏهن ايندا، توهان خط ۾ اهو چيو آهي ته ٻن مهينن ۾ چڪر لڳائيندس، اسان جي لاءِ ته ٻه ڏينهن به سال جي برابر آهن، ٻه مهينا ڪڏهن گذرندا، ڏينهن رات توهان جي ياد ڏاڍي ئي. بهرحال اسان جي دعا توهان سان گڏ آهي. اسان جي دعا آهي ته توهان جي سنڌ ۾ پوسٽنگ ٿي ويندي، هر وقت الله کان دعائون پيا گهرون ته جدائي جا ڏينهن جلدي ختم ٿي ويندا. ادا غلام مصطفيٰ کي شاباس هجي جو اسان جو خيال رکي ٿو، جيڪو چئونس ٿا وٺي ٿو اچي، ٻارن جي پڙهائي به سٺي پئي هلي. نظام ۽ سليم فون تي توهان جيڪو حال احوال ٻڌايو ٿا ته اهو ٻڌائي ٿا وڃن. چاچي به اسان جو گهڻو خيال رکي ٿي. پيارا توهان جي ياد ڏاڍي ٿي اچي. بختاور ۽ جميل توهان کي ڏاڍو ٿا ياد ڪن ۽ ٻيا گهروارا به ڏاڍو ياد ڪن ٿا، ڏينهن ته جيئن تيئن گذري ٿو وڃي رات ڏاڍي ڏکي ٿي گذري. توهان جي ياد ۾، خط ۾ توهان رخسانه گل رقيه کي وساري ڇڏيو، پوءِ چين ته اسان چاچا کي ياد ڪونه هئاسين. رات ڏينهن اسان جي دعا آهي شال توهان خوش هجو. هيڏانهن جو انتظار نه ڪيو، اسان بلڪل ٺيڪ آهيون. اسان جي دعا آهي ته اڳتي هلي اڃان ڪامياب ٿيندؤ. خرچ پکي جو به انتظار نه ڪيو، سڀ ڪجهه ادا غلام مصطفيٰ سنڀالي ويٺو آهي. اسان جي دعا آهي ته الله ڪري خوش هجو اسان کي پريشاني آهي ته توهان جو وقت ڪيئن ٿو گذري، خرچ جي لاءِ ته پئسو به ڪونه هوندو. ايڏو جدا زندگي به پهريون دفعو ٿيا آهيون. اسان جي دل ڏاڍو ٿي چوي ته فون تي ڳالهايون، توهان جي ڇا مرضي آهي، فون تي توهان ٻڌايو، آئون توهان ڳالهائي سگهان ٿي. فون ۾ ماڻهو جي اڌ ملاقات ٿي وڃي ٿي. ڪنهن مهل سوچيندي آهيان ته پکي هجان ته اُڏري اچي توهان کي ڏسان، هن خط جو جواب ضرور موڪليندا، اسان لاءِ الڳ موڪليندا. سڄي گهر جي طرفان سلام ۽ دعائون آهن. اسان جي دعا آهي شال خوش هجو ۽ سدائين مرڪندا رهو. گلاب جي گل وانگر ٽڙندا رهو.
    اڳ خط پڙھنڳ والڳ ذرا زلفيڻ هٽا ڪڳ پڙھنا،
    يڳ بيوي ڪي نشاني هڳ اسڳ سمنڀال ڪڳ رڪھنا.
    خدا حافظ
    فقط توهان جي وَني


    ڌيءَ بختاور

    پيارا والد صاحب! ساري جڳ کان پيارا!
    ابو صاحب شال سدائين ٽڙندا ۽ مهڪندا رهو شال!
    ڊبڳ ميڻ ڊبا ڊبڳ ميڻ ڪيڪ،
    ميرا ابو لاکوڻ ميڻ ايڪ.
    اسلام عليڪم!
    هٿن پيرن چمڻ بعد عرض آهي ته هت سڀ خيريت آهي ۽ توهان جي دعائن سان مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان.
    حال احوال هي آهي ته راجا توهان کي منهنجي مسئلي جي باري ۾ ٻڌايو هو، پر خير اهو مسئلو الله تعاليٰ ڪندو حل ٿي ويندو مان هاڻ هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي رهي آهيان. الله تعاليٰ ڪندو ته داخلا ملي ويندي ۽ اوڏانهن سولائي به ٿيندي، ڇو جو صبح جو چاچا وٺي به ويندو ۽ شام جو وٺي ايندو، مان جميل کي پڙهائي رهي آهيان. الله ڪندو ته جميل هوشيار ٿي ويندو. پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي ۽ ابو مان ۽ جميل، امي وڏي، چاچا وڏو سڀ توهان کي ڏاڍو ياد پيا ڪيون. ابو توهان جي ٽريننگ ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ توهان جي اچڻ جو پروگرام ڪڏهن آهي ۽ مان توهان کي ايڏو ياد ٿي ڪريان جو حد کان مٿي. ابو هي خط مان لکي به رهي آهيان ۽ خوش به ٿي رهي آهيان ۽ ابو امان چيو آهي ته امام بري تان به دعا گهرندا اچو ته ٻار خير سان ڄمي ۽ ابو وڏي امان، امان مان چاچا جميل توهان جي لاءِ روز دعا گهرندا آهيون. ابو اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن ۽ ابو هاڻ جي چاچا مشتاق ڏي فون ڪريو ته اسان کي به گهرائجو ۽ هن خط ۾ جيڪا به غلطي هجي سا معاف ڪند،ا ابو هي خط پڙهي توهان کي ڏاڍي کل ايندي ۽ هنن سڀني خطن جو جواب الڳ الڳ ۽ جلدي ڏيندا. هاڻ ابو مان هي خط بند ڪري رهي آهيان. ابو ماسي سفوران به توهان کي دعائون سلام پئي ڏي ۽ سدائين خوش هجو.
    خدا حافظ
    اوهان جي ڌيءَ بختاور
    ====================================================================================

    جناب قبله ابو سائين!
    اسلام عليڪم!
    هٿ پير چمڻ بعد عرض آهي ته مان توهان جي دعائن سان بلڪل ٺيڪ آهيان. هتي سڀ خيريت آهي. توهان جو انتظار آهي. توهان ڪڏهن ايندا. توهان مون سان ملڻ نه آيئو. مان اسڪول ۾ ڏاڍو انتظار ڪيو. توهان دير ڪئي پوءِ مان سمجهيس ته ابو ٽين بجي ويندو، پوءِ جڏهن مان گهر آيس ته امي کان پڇيو ته ابو ڪاڏي ويو آهي ته ان چيو 10.30 بجي ويو. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مان چيم ابوءَ کي مان چئي به ويس، ابو منهنجي اسڪول ۾ مون سان ملڻ اچجو، پر توهان نه آيئو پر خير آهي، توهان ڪڏهن ايندا؟ اسان توهان کان بغير رهي نٿا سگهون. توهان ڏاڍو ياد ٿا اچو. جلدي اسان کي به وٺي وڃو. خاص ڪري مان، جميل، امي. وڏي امان توهان کي ڏاڍو ياد ٿا ڪريون ۽ ٻيا گهر وارا ياد ٿا ڪن ۽ ٻيو ته جميل کي ڪجهه چئون ٿا ته چوي ٿو ته مان ابو ڏي ٿو وڃان ۽ اسان ٻنهي ڄڻن جا امتحان به اچي ويا آهن. هاڻي مان تياري ڪري رهي آهيان، پر هاڻ ٿورو مشڪل ٿي پيو آهي، جو مون کي ياد ڪرائڻ وارو ڪير نه آهي ۽ ياد ڪرڻ مهل توهان ڏاڍو ياد ٿا اچو، ڇو جو ياد ڪرڻ مهل ڏاڍي مشڪل ٿي ٿئي. اڳي ته توهان هوندا هئا. توهان جو پهرين ڏاڍو انتظار هو، جو ڪا ڳالهه نه وڻندي هئي، پوءِ جڏهن چاچا مير صاحب ڇڏي ويو ته ان چيو ته اڃان ڪم رهيل آهي پر پوسٽنگ اتي ٿي ويندس، پر اڃان به انتظار هو، پوءِ توهان نظام ڏي ٽيليفون ڪئي ۽ ان صبح جو ٻڌايو ته اڃان ڪم نه ٿيو آهي ته وري ڏاڍو انتظار ٿي پيو، پوءِ وري رات جو چوڻ آيو ته پوسٽنگ ٿي وئي آهي، پوءِ اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ توهان کي نوڪري جون لک لک مبارڪون قبول ڪندا ۽ جميل خوشي ۾ سمهي ئي نه پيو، مٿان پڦي ۽ چاچا عبدالقادر اچي ويا، وري انهن کي ٻڌايو ته چاچا چيو هان وات مٺو ڪيو، پوءِ مٺائي کارائي ۽ پوءِ چيو ته هاڻي مالڪ پاڻ اچي کارائيندو. بختاور جميل ۽ امي جي طرفان مبارڪون هاڻي خط لکڻ بند ڪيوسين. ۽ سلام قبول ڪندا.
    توهان جي لکندڙ پياري مان پياري ڌيءَ بختاور
    ====================================================================================

    اسلام عليڪم!
    هٿن پيرن چمڻ بعد عرض آهي مان هتي بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان مون توهان ڏي خط لکيو هو، توهان جواب نه ڏنو آهي ۽ مان پڙهائي ۾ پريشان آهيان، پر خير اسان جون هاڻي وئڪيشنون به ٿي ويون آهن. تنهن ڪري مان عرض ٿي ڪريان ته توهان جولاءِ جي پگهار جلدي وٺي اچجو ۽ مان توهان کي ڏاڍو ياد ٿي ڪريان، ابو توهان کانسواءِ نٿي رهي سگهان. رات جو مان توهان کي روئي ڏاڍو ٿي ياد ڪريان. ڪوشش ڪري اسان کي به وٺي هلو، ابو جميل، امان، مان ۽ وڏي امان سڀ گهر وارا توهان کي ڏاڍو ياد ٿا ڪريون. ۽ ابو جڏهن توهان چاچا سليم ڏي ٽيليفون ڪيو ته مون کي گهرائجو مان توهان سان ڳالهائيندس. هن خط جو جواب ضرور ڏيندا. مهرباني.
    توهان جي پياري مان پياري ڌيءَ
    بختاور


    جميل رضا سهتو

    پيارا والدين اسلام عليڪم!
    حال احوال هي آهي ته مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان ۽ منهنجي پڙهائي سٺي هلي پئي، ابو هي خط لکان به پيو ۽ خوش به ٿيان پيو، روئان به پيو، ابو مونکي توهان جي ڏينهن رات ياد ستائيندي رهي ٿي. ابو هاڻي مان واپڊا ڪالوني ۾ پڙهان ٿو، الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان توهان بلڪل ٺيڪ ۽ خيريت سان هوندا.
    ڊبڳ ميڻ ڊبا ڊبڳ ميڻ ڪيڪ،
    ميرا ابو لاکوڻ ميڻ ايڪ.
    هن خط جو جواب الڳ ۽ جلدي ڏيندا.
    خدا حافظ
    جميل1
    -----------------------------------------------------------------------------
    1 سارنگ جو وڏو پُٽ جميل عرف علي رضا سهتو


    غلام مرتضيٰ سهتو

    گستاخ ڪلامي نه ڪئي اٿئون نه ڪبي،
    هر سج جي سلامي نه ڪئي اٿئون نه ڪبي،
    سنڌ ته امڙ جيجل آ تنهن سان ڪهڙو حساب،
    ٻي ڪنهن جي غلامي نه ڪئي اٿئون نه ڪبي.
    شال سدائين مسرتون ماڻيندو رهين.
    بخدمت ۾ جناب پيارا ڀاءُ سارنگ!
    جيئي سنڌ.
    احوال ته هت ڪل خير آهي اميد ته ايڏانهن به بادل ضرور برسي آيا هوندا.
    ديگر احوال هن ريت آهي ته توهان ڏانهن ڪجهه وقت اڳ خط لکيو، پر جواب جي سعادت نصيب نه ٿي. توهان وٽ شايد لفافي جا پئسا نه هئا يا پين ۾ مس نه هئي جو کڻي ٻه اکر لکو ها. نااميديءَ جي صورت ۾ وري به هيءُ ناچيز نامون سهيڙيو اٿم، آس اٿم ته قبول پوندو ۽ جواب ملندو.
    عرض ته اڳيون خط ۽ هي خط بلڪل مختلف آهن. ڇو ته اڳيون خط پاڪستان جي سياست تي ۽ هي خط سنڌ جي سياست تي آهي. اڳيون خط جاگيردار ۽ سرمائيدار جي خلاف هو، پر هي خط سنڌ جي غدارن جي خلاف آهي. تون انهيءَ تي ته حيران هوندين ته هنن خطن ۾ ايترو فرق ڇو آهي؟ پر سارنگ، سوچون درياء جي وهندڙ پاڻيءَ مثال هونديون آهن ۽ درياءُ جي انهن ڇولين جيان هونديون آهن، جيڪي ڪڏهن وڏيون ته ڪڏهن ننڍيون جيڪي ڪڏهن هونديون آهن ته ڪڏهن نه به ۽ جڏهن انهن کي جوش ايندو آهي ته دؤر دراز علائقن تائين پهچي تباهي به ڪنديون آهن ته آبادي به.
    سارنگ! هر شيءِ غلام ٿيندي آهي، پر هنن چئن شين تي اڄ ڏينهن تائين ڪير به حڪمراني نه ڪري سگهيو آهي (ظلم سان به نه). اهي شيون هي آهن. 1. دل، 2. سوچ، 3. تاريخ، 4. زبان.
    هاڻي اچ ته ڏسون تنهنجي ان پنجاب سامراج ۽ مهاجرن کي، جنهن کي تون پيڙهيل ۽ مظلوم ٿو سڏينءَ.!
    اهو اوهان جو پنجابي جنهن کي توهان مظلوم قرار ڏنو آهي، اهو مظلوم نه بلڪ ظالم ضرور آهي. اهو پنجابي ٽن روپن ۾ اسان جي سامهون موجود آهي. اهو پنجابي پاڻ وڏيرو، پٽ ڪمدار ۽ ڀاء وري هاري اٿس. اهو پاڻ سرمائيدار ته پٽ مئنيجر ۽ ڀاءَ وري مزودر، اهو انهيءَ لاءِ هنن ائين ڪيو آهي ته اسين هنن کي پنهنجو زيرست بنايون، پر هو چاهيندا آهن ته انهيءَ مزدور جي جڳهه تي به ڪو سنڌي نه اچي. انهيءَ مئنيجر جي ڪرسيءَ تي ڪو سنڌي نه اچي ويهي رهي. انهن جو سو مقصد هي آهي ته اوهان کي سنڌ جي سياست کان پري رکڻ لاءِ هو اها تحريڪ هلائين ٿا. ڇا پيءُ، ڀاء جي مخالفت ڪندو؟ نه بلڪل نه. ڪڏهن به ائين نه ٿو ٿي سگهي. هو چاهين ٿا ته سنڌي ”سنڌو ديش“ نه ٺاهين، هو چاهين ٿا ته سنڌي آزاد نه رهن.
    هلو، اشتراڪي نظام قائم ٿو ٿئي، ته پوءِ ٻه مسئلا آهن پوءِ به جهيڙا جڳهڙا ٿيندا. مثلاً: پنجابي چوندا ته پنجابي زبان کي قومي زبان قرار ڏيو، مهاجر اردوءَ کي قومي ٻولي ڪرڻ لاءِ چوندا. پٺاڻ پشتو لاءِ چوندا ۽ سنڌي سنڌي ٻولي لاءِ چوندا. پوءِ وري ساڳيا 1973ع وارا جهڳڙا شروع ٿيندا. پر حڪومت سڄي هنن جي هوندي. هو اوهان جي هڪ به نه ٻُڌندا. پوءِ ڳالهه ايتري تائين پهچندي جو اڄ سنڌيءَ کي ”علائقائي زبان“ قرار ڏنل آهي. پر پوءِ اهو به نه هوندو. سنڌيءَ ٻوليءَ کي هن وقت ئي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ريڊئي تان سڄي پاڪستان ۾ حيدرآباد اسٽيشن تان به 25% سنڌي پروگرام نشر ٿين ٿا باقي 75% اردو، پنجابي ۽ ٻين زبانن لاءِ، سڄي پاڪستان ۾ هڪ سنڌي اسٽيشن ۽ اتان به 25% اهو ڇا آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙي جامع رٿا آهي.
    ٺيڪ آهي جيڪڏهن توهان طبقاتي خاتمو ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهو ائين نه ٿيندو، جيڪو طريقو توهان ورتو آهي. اهو هينئن ٿيندو جو پنجاب جيڪڏهن مظلوم آهي ته اهو صرف پنجابي جاگيردار لاءِ ئي تحريڪ هلائيندو نه ڪي سنڌي وڏيري لاءِ. ۽ سنڌي مزدور صرف سنڌيءَ لاءِ. هنن جو مقصد آهي ته سنڌين مان ٻڌي ختم ڪئي وڃي ته جيئن اهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي نه سگهن. اوهان وڙهو. مزدور رازي سان، رازو ٺيڪيدار سان، ۽ ٺيڪيدار انجنيئر سان وڙهي. اڙي، هيءُ ڌرتي پنهنجي آهي پاڻ حساب ڪري پيا کائينداسون. پريائين ڳالهه آهي قبضي يعني آزاديءَ جي پوءِ ٻين ڳالهين کي ڏٺو ويندو. بقول حفيظ قريشيءَ جي. اسان کي پنجابين کان نفرت آهي. اڄ به آهي سڀاڻي به رهندي. اسان کي ”سنڌو ديش“ کپي. ها، ها ”سنڌو ديش“ کپي ۽ ٻيو ڪجهه نه. بس وڌيڪ ڇا لکان.
    ”سنڌ موجود“
    جي.ايم. سهتو
    ====================================================================================

    12 مارچ 1986ع
    ڪاري ڪڪر هيٺ،مون جهيڙيندي ڇڏيا،
    ڪارا ڪُنڊ هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
    ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻو.

    شال دنيا جي ڏکن ڏاکڙن کان بچي منزل ماڻن!
    بخدمت ۾ جناب جان کان عزيز برادر سارنگ
    جيئي پورهيت.
    احوال ڪافي وقت کان اوهان جي سڪ ۽ اُڪير هئي، پر افسوس جو اوهان جي اچڻ بعد ان جو ازالو نه ٿي سگهيو. ان سڪ ۽ تمنا ايترو ته ستايو جو هٿ ازخود قرب واري قلم ۽ پيار واري پني ڏانهن وڌيو ۽ هي رنڍا روڙيا پيا وڃن، آس اٿم ته سڄڻن کي قبول پوندا.
    ديگر احوال هن ريت آهي ته ڪافي وقت کان اوهان جي شخصيت منهنجي ننڍي دماغ جي ننڍين سوچن جو مرڪز پئي رهي آهي. اڄ جڏهن خط لکڻ ويٺس ته لفظ پيار تي پهچندي پين لکڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ڪرسيءَ تان اٿي ٻي پين جي ڳولا ڪندي اوهان جي مسئلي زده خط تي نظر پئي ۽ جڏهن پڙهيم ته اوهان جو معصوم چهرو منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ سان گڏ سوچن جو سلسلو به شروع ٿي ويو. انهيءَ سان گڏو گڏ مولا بخش جي مرض بابت سوچن به منهنجي دماغ ۾ جنم ورتو ۽ ان جي پردي تي ڦرڻ گرڻ لڳيون.
    منهنجي هن ننڍڙي ۽ پتڪڙي دماغ جي ته سوچ اها آهي ته پاڻ جنهن مرض ۾ مبتلا آهي. ان جي ٿيڻ جو سبب ئي پاڻ آهي. جيڪڏهن ٿيڻ جو نه ته وڌڻ جو ضرور. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو شروع ۾ ئي ڊاڪٽرن جي پٺيان لڳي ها ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿئي ها. هن هڪ ٻه ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ۽ نااميد ٿي پيو ۽ حڪيمن وٽ ويو اتان به بس ڪيائين ۽ پوءِ مسلسل ڦورن (ٽوڻن ڦيڻن وارا) وٽ ويندو رهيو ۽ اڃا تائين وڃي هزارين روپيا لٽائي چڪو آهي. پر جيڪڏهن اهي پئسا گڏ ڪري ها ته ڪافي ڪجهه ٿي وڃي ها. ڊاڪٽرن مان بلڪل نااميد آهن. پاڻ ايترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ٿي ڪري معمولي ڳالهه تي سوچڻ کان نابري واري ويٺو آهي. جيڪڏهن هڪ انسان جو موت ڪنهن ٻي انسان جي هٿ ۾ هجي ها ته دنيا جو ڪاروبار بند ٿي وڃي ها. جيڪڏهن ائين هجي ها ته هي هيترا سارا ماڻهو جيڪي ضياءَ (الحق) کي مارڻ ٿا چاهين، سي جيلن ۾ ڇو آهن؟ هڪ ٻه تعويذ ڪري ڇڏين ها، بس. يا جيڪڏهن انهن مان، مولوين ۽ ڀوپن جي هٿ ۾ ڪجهه هجي ها ته حڪومتِ پاڪستان يا ٻيا ملڪ ڊاڪٽرن کي هيترا هزار پگهار ڇو ڏين ها. جڏهن ته پنجين سئين ۾ مولوي خري ڪري سگهجي ٿو.
    مون به هڪ ٻه دفعو مولا بخش کي اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سوچن جي هن سلسلي همت کي هار ڏني ته، ”آئون جيڪڏهن ڪجهه چوندس ته هو بغير ڪنهن سوچڻ جي چوندو ته توهين ته خدا کي ئي ڪونه مڃو.“
    هاڻي ڪجهه تنهنجي مسئلي ڏانهن ڌيان ڌريان ٿو. خط پڙهڻ کانپوءِ مون ائين محسوس ڪيو ته تون ڪنهن جاهل گهر ۾ رهين پيو. جتي تو جهڙي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري جو رهڻ تمام مشڪل آهي.
    اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا به ڳالهه ڪرڻ چاهي آهي، ان کي پاش پاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي چاهتن جو ڪنهن به خير مقدم نه ڪيو آهي. تو به سوچيو هو ته آئون مسٽر جي خدمت ڪريان ته ان ۾ به تنهنجي لاءِ هنڊرنسز (رڪاوٽون) پيدا ٿيون. پر تو انهن جو سٺو مقابلو پئي ڪيو آهي. ان لاءِ آئون متاثر آهيان. جيڪڏهن هميشه تو جهڙا ارڏا جوان سنڌوءَ جي ڪُک مان نڪرندا رهيا ته ضرور هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ڏينهن سنڌوءَ جو جهنڊو سڀني ملڪن کان مٿانهون نظر ايندو.
    مون ته هن ننڍڙي دماغ مان اها ڳالهه سوچي ڪڍي آهي ته جيڪڏهن هنن جي دلين ۾ تنهنجي احساس لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي ته تون هليو اچ. پاڻهي پوءِ محسوس ڪندا ته مٺو اسان جي لاءِ ڪيترو نه ڪمائتو هو. پوءِ جيڪڏهن هتي رهڻ چاهين تڏهن به تنهنجي مرضي، جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن رهي پوءِ وڃي تڏهن يُووَر وِش (Your Wish) ائين ڪرڻ سان هنن جي دل ۾ گهٽ ۾ گهٽ احساس ضرور ٿيندو.
    خط تمام وسيع ٿي ويو آهي. جنهنڪري ان جو اختتام ٿو ڪريان. وڌيڪ ولوڙ وري آئنده خط ۾. تيستائين اجازت.
    جيئي پورهيت! جيئي پورهيت اتحاد
    ”خاڪي“ خام خيال، ماڻهن مذهب جوڙيا،
    ٺاهه سمورا ٺاهيا، ميڙڻ ڪارڻ مال،
    جيڪر هي جنجال، لاهيون هن لوڪ تان.

    فقط توهان جو ينگر برادر
    غلام مرتضيٰ سهتو
    ====================================================================================

    5 ڊسمبر 1986ع
    ڊيئر برادر مسٽر غلام محمد صاحب
    جيئي پورهيت!
    ادا، ڪافي وقت کان توهان جي سڪ ۽ اُڪير هئي، مگر توهان جي اچڻ بعد به ان جو ڪو پورائو نه ٿي سگهيو.
    توهان ڏانهن خط لکڻ لاءِ خيال پيدا ٿيو، پر وري سوچيم ته جواب ملندو ئي ڪونه، باقي خط لکڻ مان ڇا فائدو. پر پوءِ به جذبن ماٺ نه ڪئي ۽ آخر هيءُ چند الفاظ سهيڙيان پيو ۽ آس اٿم ته قبول پوندا ۽ جواب جي سعادت نصيب ٿيندي.
    ادا هيءَ ته هئي تنقيد سان گڏ ڪجهه مذاح. ادا مولا بخش جا ڪهڙا حال آهن؟ ڇا ٿو چوي پنهنجي علاج متعلق؟ بابا جن به ايندا، ستين تاريخ ڳوٺ شادي آهي، ان کان ٿي پوءِ ايندا. پيرن جي يارهين به آهي، اوڏانهن پڻ ويندا. اُتي سڀ پير موجود هوندا، پوءِ سائين حاجي شاهه کان حال احوال وٺندا ۽ پوءِ توهان وٽ ايندا، جيڪو به توهان پروگرام ٻڌايو ان تي عمل ڪيو ويندو. توهان جي رزلٽ ڇا آهي؟ ڪهڙو گريڊ آهي؟
    ادا هڪ ڳالهه ته مهرباني فرمائي ڪجهه پڙهڻ ڏانهن به ڌيان ڏيو. صرف ٺلهن سياسي نعرن مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو. جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسين قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪريون، يا کڻي انقلاب آڻڻ ڇو نه چاهيون، پر سڀ کان پهريون فرض جيڪو اسان جي قوم اسان جي ڪلهن تي رکيو آهي اهو هي آهي ته اسين پڙهي ڪنهن سٺي منزل تي پهچون. اهو ئي ذريعو آهي، قومي خدمت ڪرڻ جو. جيڪڏهن اسان، اهو فرض صحيح طرح سر انجام نه ڏنو ته پوءِ يقيناً اسان قوم، ملڪ بلڪِه پاڻ سان به غداري ڪئي.
    منهنجي خيال ۾ مون لکيو ته صحيح آهي، پر جي خراب سمجهو ته معاف ڪري ڇڏجو (As a elder brother) هڪ وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾. ”وڌيڪ ڇا لکان“ عابد، حامد، ماجد ۽ راشد کي پيار ڪندا. اياز، سلام، جلال ۽ گل کي سلام چوندا.
    توهان ننڍو ڀاءُ
    مرتضيٰ سهتو


    حميد مهراڻوي

    ادل سارنگ (سهتو) سداسرها هجو
    اسلام عليڪم! جيئيءَ ڀٽائيءَ ڀونءَ.
    احوال ته هت خير آهي ۽ توهان لاءِ پڻ دُعاگي آهيون. عرض ته، سائين ڪافي سال ٿي ويا آهن هڪ ٻئي کي ڏٺي. الائي نالي مان سڃاڻندوءَ به يا نه! بهرحال اسان ته خدا بخش بهراڻيءَ ۽ اياز ابڙي کان خبرچار پيا لهندا آهيون. مونکي ياد نٿو پئي ته سانگهڙ واري رنگ رتي سانجهه ۾ پاڻ الائي مليا هئاسون يا نه.... بهرحال ويسر مڙئي وڌي وئي اٿم. سائين عرض اهو ته ’ننگر پبليڪيشن‘ پاران ٻاراڻو رسالو ”گلدستو“ ڇپرائي رهيا آهيون. اخبارن ۾ به ليک موڪليو آهي، پر ان کان علاوه پمفليٽ سائيڪلواسٽائل ڪري ورهايون پيا ته جيئن پهرين ئي ڪڙيءَ ۾ مقابلن وارا سلسلا توڙي رابطو شروع ڪري سگهجي. توهان جي سرگرمين جي اخباري بيانن (س.ا.س) ۽ مانجهيءَ جي خبرن مان ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي. ان ڪري هڪ دوست جي حيثيت سان حُجت ڪري وڏي ذميواري پيو سونپيان، اميد ته انڪار نه ڪندا. ڪم اهو آهي ته ٻاراڻي ٽهيءَ لاءِ توهان ڪجهه لکي موڪليو ۽ موڪليل پمفليٽن تحت ليکڪ ٻارڙن کي (نوابشاهه ضلع جي) ٻڌائيندا ته جيئن مواد موڪلين. ان کانسواءِ مقابلي وارن سلسلن ۾ ٿي سگهي ته اسڪولي ٻارڙا (ٽئين کان مئٽرڪ) کي شريڪ ڪندا ۽ هڪ، ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندڙ ٻار جو مختصر تعارف پڻ موڪليندا. اميد ته هي ڪم پنهنجو سمجهي ڏنل تاريخ (10 سيپٽمبر) تائين موڪليندا ته جيئن آڪٽوبر جي آخر تائين رسالو ٻارڙن جي هٿن تائين پهچي وڃي. ٻيو اسان لاءِ ڪم ڪار هجي ته حاضر آهيون. باقي افتتاحي پروگرام لاءِ دعوت نامون موڪلينداسين، ضرور اچجو.
    حميد مهراڻوي


    سرمد عباسي

    پيارا سارنگ!
    اسلام عليڪم! جيئي فهيم
    پيارا تنهنجا ٻه خط هڪ ئي وقت مليا. تنهنجي تمام گهڻي مهرباني جو ياد ڪيئي.
    مضمون جي فوٽو اسٽيٽ موڪلڻ لاءِ پڻ ٿورائتو آهيان. پيارا جڏهن حيدرآباد ۾ اسد ڪيريي تو بابت مون کان راءِ پڇي هئي ته مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هئي. الائجي ڇو؟ ڇا تون ڪو خراب ماڻهو هئين، جو هن اهو سوال ڪيو هو؟ بهرحال ڪهڙي به نوع کان هن جي پڇيل سوال مون کي بيحد تپائي ڇڏيو. مون نه چاهيندي به کيس جواب ڏنو. پهرين چيم ته سارنگ سٺو سادو جذباتي آهي. پوءِ وري سوچيم ته اسد چوندو ته سارنگ جو دوست آهي تنهنڪري ٿو تعريف ڪريس، ان لاءِ مون وري اهو به چيو ته سارنگ ڪن معاملن ۾ حد کان وڌيڪ فري ٿيندو آهي. توڙي جو اُن ڳالهه ۾ ڪا سچائي ڪونهي. هيءَ ڳالهه مون صرف اسد ڪيريي کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان بس ڪرائڻ لاءِ چئي هئي. جي اسد ان بابت وڌيڪ ڳالهائي ها ته شايد مان چانهه ڇڏي اٿي وڃان ها. بهرحال مونکي خوشي آهي ته تون ڳالهه کي سمجهندي مائنڊ نه ڪيو هو. يا ڪيو اٿئي؟ فهيم جي واسطي ناراض نه ٿجانءِ.

    توهان جي والد جي تڪليف جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. خدا شل چاچا کي منهنجي صحت به عطا ڪري، آمين. تون ڀل ٻيا ڪم ڪار ڇڏي چاچا جي سار سنڀال ڪر. والدين جي خدمت ۾ وڏيون ڪاميابيون لڪيل آهن. پنهنجي پوري توجهه چاچا تي رک ۽ ڪنهن به ڳالهه کان نه گهٽاءِ. خدا چاچا کي ضرور صحت ڏيندو. آمين.
    ڇنڇر 31 مئي کان امتحان هلندا. مان نوابشاهه اچڻ جي ڪندس. تون مضمون ڀل چيڪ نه ڪر، مان ڪري وٺندس. بس وڌ ۾ وڌ چاچا جي صحت ڏانهن ڌيان رک. ذلفي، نظر، مسرور چنڊ، نديم ۽ ٻي سموري سنگت کي سلام. اميد ته ذلفيءَ نظر کي سدا حيات جا فوٽو ڏئي ڇڏيا هوندا.
    وڌيڪ روبرو
    منتظر
    سرمد عباسي
    ====================================================================================

    • سدا حيات جي ورسيءَ واريون اخباري ڪٽنگس هجن ته ضرور موڪلجان، يا اخباري تاريخ لکي موڪلجان.
    *
    پيارن ۾ پيارا سارنگ! سدا جيئي- جيئي فهيم
    سچن ماڻهن جو دوستي ۽ پيار بابت لکيل هر اکر توکي ارپيم، تنهنجو خط مليو. دير سان ورندي لکڻ تي معافي ٿو گهران. ڏيندي نه؟
    تنهنجو خط پڙهيم. لڳو..... ڄڻ سامهون تون بيٺو ڳالهائيندو هجين.
    اڙي پيارا! ڪو به ته فرق ناهي تنهنجي لکڻين ۽ تو ۾. ٻئي... ڏاڍا سادا... ڏاڍا جذباتي... ڏاڍا حساس. فياض جي رويي (ڏکوئيندڙ رويئي) بابت پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن کي ڀلي ڀت خبر آهي ته تون ڪيڏو نه حساس آهين. هڪ ننڍي ڳالهه کي ڪيترو نه جلد ۽ ڏاڍي گهرائيءَ سان محسوس ڪري وٺندو آهين. (ٿورو جانچجانءِ، اِها ڪٿي تنهنجي ڪمزوري ته ناهي). هن کي ائين نه ڪرڻ کپندو هيو. هڪ شخص کي ٻئي شخص جي جذبن جو ايئن خيال ڪرڻ کپي، جيئن ڪو Good Manners رکڻ وارو شخص ڪنهن معزز خاتون جو رکندو آهي.
    پر پيارا هڪ ڳالهه اها به آهي ته متان فياض اهي ٻئي حرڪتون تنهنجي دوستيءَ ۾ هُج وچان ڪيون هجن. تون جيئن ته مون کان به وڌيڪ حساس آهين. تنهنڪري جلد خراب محسوس ڪري ورتو هجئي. پيارا تون اهڙين ڳالهين کي اهميت نه ڏيندو ڪر. جي ايترين ڳالهين تي تون ناراض ٿيڻ لڳين ته پوءِ اڳتي ڪيئن هلندين. هونءَ تون هيڊ ماستر کي ته ڏاڍو سهندو آهين. جي فياض سان ناراضگي ٿي وئي هجئي ته هڪدم پرچجي وڃجانءِ. پليز- اها منهنجي توکي مؤدبانه درخواست آهي. مون مرحوم عزيز ڀنگوار جي آتم ڪٿا (اعتراف نامو) ڪافي ڀيرا پڙهي آهي. ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي مون پياري فهيم کي سوکڙيءَ طور موڪلي هئي. في الحال ته سياست کان پاسي آهيان. پر مستقبل ۾ جڏهن اها واٽ وٺندس ته منهنجي رهنما شخصيت مرحوم عزيز ڀنگوار نه بلڪ شهيد سنڌ شهيد فهيم عباسي هوندو. As it is. تون ٻن ٽن بيانن ۾ منهنجو نالو ڏئي مونکي يڪو نواب شاهي ڪري ڇڏيو آهي. اهو سلسلو جاري رکجانءِ. 19 مئي واري حوالي سان جيڪي بيان ڪڍين انهن ۾ به منهنجو نالو ڏجانءِ. پياري فهيم بابت مان جيڪي جذبات رکان ٿو، تنهن کان تون ڀلي ڀت واقف آهين.
    منهنجا Exam 28 January کان شروع آهن. دعا ڪجان ته ڪامياب ٿيان.
    امتحان پورو ٿيڻ شرط مان پنهنجي ڪتاب لاءِ (پياري فهيم بابت) هڪ ڊگهو مضمون لکندس. تون ذوالفقار کي چئج ته پياري فهيم جي 18 مئي واري شام، 19 مئي واري رات، صبح ۽ حيدرآباد روانگي واري وقت تائين واري گهڙين جون يادگيريون لکي. اهي پڻ منهنجي مضمون جو هڪ حصو هونديون.
    پيارا نوابشاه کان واپس سکر آيس. ان وقت کان هيل تائين سخت Tension ۾ آهيان. الائجي ڇو؟
    زندگي ڇاهي... ٽينشن... صرف ۽ صرف ٽينشن. ساهن جي رسيءَ ۾ جڪڙيل مون بي بس انسان کي زندگيءَ جو ٽينشن، وڇونءَ جي روپ ۾ هر گهڙي ڏنگي رهيو آهي. الائي ڇو اِهو ٽينشن منهنجي زندگيءَ جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو آهي.
    نه ڄاڻ ڪڏهن اهو سلسلو ختم ٿيندو؟ شهيد فهيم فاروق عباسي بيڊ منٽن ڪلب کي ارپيل ريڪٽ مون ڪڏهن به پنهنجي ناهي سمجهي. ان ريڪٽ تي مون پياري فهيم جو نالو لکيو آهي. جنهن شخص جي دل ۾ به پيارو فهيم جيئرو آهي، اها ريڪٽ ان جي آهي. منهنجو مطلب آهي تنهنجي آهي. ڪيئن؟ وڌيڪ ڇا لکان؟ موڪلاڻي ڪانهي. ٻي ڀري وري. ٺيڪ آ...
    تنهنجو پنهنجو
    سرمد عباسي


    اسد ڪيريو

    29 نومبر 1991ع
    پيارا سارنگ جيئي سنڌ!
    شايد تُون ناراض هُجين- پر تنهنجي ناراضگيءَ کي ختم ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي. مان مايوسيءَ جي ساگر ۾ ٻُڏي چُڪو آهيان، سچ ڇاهي؟ شخصيت ڇا آهي؟ تنظيمون ڇا آهن، سنگت يا دوستي جو محرڪ ڇا آهي؟ انهن سڀني عملن در عملن مان فائدو ڇا آهي؟ ڇا ٿو ملي اخباري نيوز لڳائڻ سان. ڪو غزل يا نظم ڇپائي لاءِ موڪلڻ مان؟ نانءُ! جيڪو بدمعاشي ڪري به حاصل ڪري سگهجي ٿو.... ڪرائي به حاصل ڪري سگهجي ٿو. مُون کي نانءُ نه کپي! ڪجهه به نه کپي. نه تنظيم. نه سنگت نه سٿ. مان پنهنجي صليب تي پاڻ لٽڪڻ کي ترجيح ڏيندس نه ٻئي کي! توکي به نه! تُون يا عامر هن گونهن ڪائنات مان آزادي حاصل ڪريو. خودڪشيءَ جو مزو ڪهڙو آهي. آئون انتظار ۾ آهيان. خودڪشيءَ جي سُهاني پل لاءِ. اخبار ۾ ضرور پڙهجانءِ.
    ڪوڙ جو راڪاس مونکي ويو ڳهي،
    اي زندگي الوداع الوداع.
    تنهنجو اسد ڪيريو
    *


    منٺار سولنگي

    8 ڊسمبر 1992ع
    محترم سارنگ سهتو صاحب!
    اُميد ته خوش هوندا
    اخبار ۾ اوهان جي والد صاحب جي انتقال جي خبر پڙهي بي حد ڏک ٿيو. وڏڙا گهرن جي سونهن ٿيندا آهن. اُنهن جي اوچتي ڌار ٿيڻ سان سخت ذهني عذاب رسندو آهي. هِن وقت اوهان به اهڙي ئي ڪيفيت مان گذرندا هوندا، مون کي پنهنجي ڏک ۾ برابر جو شريڪ سمجهندا.
    اوهان جو،
    منٺار سولنگي


    نذير ناز

    6 جولاءِ 1991ع
    مانوارا ڀاءُ سارنگ! اسلام عليڪم.
    اڄ اوهان جو خط مليو اٿم ۽ اڄ هي جواب لکي رهي آهيان. مان اوهان جي شڪرگذار آهيان. اوهان مونکي ياد ڪيو. باقي جيڪو ڪم ڪري رهي آهيان، اُهو منهنجو فرض آهي.
    باقي اوهان جيڪو خط پنهنجائپ واري احساس هيٺ لکيو آهي، مان انهيءَ جذبي کان متاثر آهيان. اسين سڀئي هڪ آهيون. گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. اوهان مون سان ملي سگهو ٿا. جڏهن حيدرآباد اچڻ ٿئي ته فون ڪجو. پوءِ مان اوهان کي گهر جو ڏس ڏينديس. مان ليڪچر ڏينديس موضوع مان پنهنجي مرضيءَ مطابق، يا جيڪي اوهان چئو.
    وڌيڪ خير
    اوهان جي ڀيڻ،
    نذير ناز


    ناهيد مغل

    ادا سارنگ!
    دعائون + سلام.
    مون توهان کي چيو هو ته توهان جي Through، ادا يوسف سنڌي + طارق قريشي، سا سموري Dealing ٿئي ته بهتر... تيسين، مون اهو به سمجهو هو ته شايد توهان نوابشاهه جي رهندڙ Publications جي ڳالهه ٿا ڪريو، پر ”سنجها“ کولڻ سان خبر پئي ته ادا طارق قريشي وارا حيدرآباد رهن ٿا. ان لاءِ يقيناً توهان لاءِ ڏو مسئلو ٿئي ها (مون سوچو)
    وري شايد توهان ادا طارق قريشي کي منهنجو Ph. No. به ڏنو هو، سو انهن مون سان فون تي Contact ڪيو. ڳالهه مختصر ٿي، ان ڪري باقي سڀ ڳالهيون مون خط ۾ لکيون آهن، جيڪو توهان ڏانهن موڪليان ٿي. ياسر (ڀاءُ) ٻڌايو ته توهان جمع تي حيدرآباد ويندا.
    مون ادا طارق قريشي کي Postal address ٻڌائي هئي، جنهن جي Through هاڻي هو سموري Dealing ڪري سگهندا ۽ توهان کي هاڻي گهڻي تڪليف نه ڪرڻي پوندي (جيئن مان تمام گهڻو feel ڪري رهي هيس). هاڻي به توهان تي ڪم ته رکان ٿي، پر ايڏي Lengthy معاملي جو ڪم ته گهٽ ٿيو، باقي تڪليف معاف ڪندا. ٻيو توهان جون مهربانيون. توهان ٻڌايو ته ڪجهه مسئله به آهن (توهان سان). جتي توهان جي ادي ڪم اچي سگهي، هڪ ڀيڻ وانگر بلا جهجهڪ چوندا. خاص ڪري منهنجو تعلق Hospital سان آهي ۽ هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ بيمار ٿيڻ وڏو مسئلو آهي، سو، سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ، Reports وغيره ڪرائڻ ۽ Medicines وغيره avail ڪرڻ تائين جو اگر ڪو به ڪم هجي ته مهرباني ڪري ٻڌائجو، مان حاضر آهيان.
    ادا طارق قريشي لاءِ لفافو مواد سان گڏ کين ڏيڻ لاءِ موڪليان ٿي. مهرباني
    هڪ ڳالهه ته منهنجو Ph. No. توهان ڪنهن ٻئي کي نه ڏجو ۽ ادا طارق قريشي کي به منع ڪجو ته ادي Avoid ڪندي آهي.
    ناهيد مغل
    ====================================================================================

    28 آگسٽ 1994ع
    محترم ڀاءُ سارنگ سهتو صاحب!
    عزتون + دعائون.
    توهان کي حيرت ٿيندي، منهنجي Contact ڪرڻ تي... توهان جي Address گم ٿي وڃڻ ۽ توهان جي وري نه ظاهر ٿيڻ سببان ڪجهه خبر ئي نه پئجي سگهي. مان ان عرصي ۾ ”لکڻ“ جي لحاظ کان به Slow پئجي ويس، ان ڪري ڪڏهن، ڪو، بهانو به ٺهي نه سگهيو.
    ها البته، هِن ڪجهه عرصي ۾ مون ڪافي ساريون ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ مون اهو به سمجهو آهي، هن عرصي ۾ ته مان نثر ۾ سٺو ٿي لکي سگهان بنسبت شاعري جي.... يا وري شاعري ۾ نثري نظم، منهنجا وڌيڪ صحيح ۽ واضح ٿين ٿا (شايد ٽيڪنڪ جي لحاظ کان به).
    هيتريون ساريون ڪهاڻيون جمع ٿي وڃڻ ڪري، مون کي خيال آيو ته رسالن ۽ ڪهڙن ڪهڙن رسالن ۾ موڪلجن، پر پوءِ توهان جي ڳالهه ياد آيم ته ”ڪهاڻيءَ“ جو ڪتاب ڇو نه شايع ڪرايان، جڏهن مواد جمع به ٿي ويو آهي ۽ رسالن جا رولا وري Market ۾ رسالن جي نه ملڻ/خبر نه پوڻ ڪري مون تائين منهنجي به شيءِ نٿي پهچي سگهي، ان ڪري بهتر ٿيندو ته هڪ هنڌ سهيڙيل هجن.
    ادا، توهان چيو هو ته شايد ڪهاڻيون Select ڪنهن خاصي اديب کان ڪرائڻيون پونديون، مان به اِهو ئي چاهينديس ته معيار وغيره جي لحاظ کان ڪتاب لاءِ چونڊ ڪوئي ٻيو ڪري ڇو ته، مان شايد ائين پنهنجي لکڻين ۾ فرق نه ڪري سگهان. Easily ڪري سگهو ته مان اِهو ڪم توهان جي مٿان رکان (آهي ته سچ پچ هڪ وڏو بار... ۽ ڪنهن ٻئي لاءِ ايڏو بار کڻڻ يقيناً greatness آهي)... پر اگر ڪنهن به لحاظ کان توهان لاءِ Difficulty ٿئي ته مون کي بغير ڪنهن ڏکيائي محسوس ڪرڻ جي، انڪار ڪري ڇڏيو، مان اِن ۾ به توهان جي سچائي سمجهنديس (نه ڪري سگهڻ کان سچائيءَ سان انڪار ڪرڻ بهتر هوندو آهي).
    ها، البته، مون پنهنجو مواد سهيڙي رکيو آهي، جيڪو Select ڪرائڻ کان وٺي اشاعت جي سڀني مرحلن تائين وارن ڪمن سوڌو.... چئو ته موڪلي ڏيان. ادا، تڪليفون معاف ڪجو. منهنجي ذمي جيڪو به ڪم + خرچ نڪري اهو مون کي ٻڌائجو ۽ جيترو ڪم توهان جي حصي جو مون کان (گهر ويٺي وارو) ٿي سگهي، مان ڪنديس... دراصل مون کي توهان تي ايڏي وڏي ذميداري رکندي ڏاڍو ڏکيو لڳي رهيو آهي.
    ٻيو مون لاءِ جيڪا خدمت... هڪ غريب، وڏي ڀيڻ جي حيثيت ۾ مان هميشه خوشي محسوس ڪنديس.
    ڀاءُ سارنگ! مون ڪهاڻين جي List رجسٽر جي ٻئي پني تي لکي آهي جن مان شايع ٿيلن کي به واضح ڪيو اٿم. باقي ٻه ڪهاڻيون جيڪي (21 ۽ 22 نمبر تي لکيل آهن) تازو شايع ٿيون آهن، سي مون وٽ في الحال موجود ناهن، پر Provide ڪري سگهان ٿي يا وري اگر توهان وٽ هجن ته اهي توهان ئي شامل ڪري ڇڏجو نه ته مان بعد ۾ موڪلينديس. ٽوٽل 25 ڪهاڻيون آهن ٻيون به الاهي اٿم پر...
    اوهان جي ادي
    ناهيد مغل
    ====================================================================================

    29 آگسٽ 1994ع
    محترم ادا سارنگ!
    ڪالهه پوري رات جاڳي مون ڪهاڻيون سهيڙيون ۽ fair ڪيون آهن. هاڻي جهڙيون به fair ٿي سگهيون آهن، البته پڙهڻ جهڙيون ڪافي آهن. هڪ ڪهاڻي (زندگي، هڪ ڀيانڪ سپنو) fair ٿيل ناهي، اگر select ڪئي وئي ته پوءِ ڪري وٺبي. باقي ان کان وڌيڪ fair ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍڻ مشڪل آهي (اگر اشاعت-گهر وارا اِن کان به وڌيڪ ٻيهر fair شڪل ۾ گهرن ته مون لاءِ مشڪل ٿي پوندو) ڇو ته منهنجي Exams جون Preps هلي رهيون آهن ۽ مان ايترو ئي وقت الائي ڪيڏي مشڪل سان ڪڍي سگهي آهيان.)
    ....ها، ادا، اِهو سمورو ڪم جيترو ممڪن ٿي سگهي جلدي ڪرائجي ته نوازش ٿيندي. ڇو ته مان جيسين College ۾ آهيان Book ڇپرائڻ ٿي چاهيان ۽ ها، Book جي sell ڪرڻ ۾ به مان خاصو ڪم ڪري سگهان ٿي (پنهنجي حد تائين).
    ......... Book جي لاءِ ڊڪ-ڊوڙ تي به يقيناً پئسو لڳندو جيڪو مان ادا ڪنديس. ڪهاڻيون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون اشاعت جي لائق آهن، اهو ڪم ڪنهن اهڙي ڪهاڻيڪار کي نه سونپجو جو.... سڄو ڪم Delay ٿي وڃي، بلڪه ڪنهن ذميدار، ڄاڻو + جلدي ڪرڻ واري ماڻهو کي سونپجو..... ۽ پوءِ اميد ته (Select ڪرائڻ کانپوءِ) اشاعت کان اڳ ۾ مون کي تفصيل کان آگاهه ڪندءُ...... هڪ وڏو ڪم توهان کي چئي رهي آهيان اوکو به ٿو لڳي...
    توهان جي ڀيڻ ناهيد


    مانجهي

    18 ڊسمبر 1993ع
    مڪليءَ جو قبرستان
    سارنگ!
    ها، تنهن جو خط (گڏيل) مليو، سرهو ٿيس يا ارهو انهيءَ کي ڇڏيون ٿا ڇو ته اهو ڳُڙ آئون کانءُ (پيئان) ٿو. مڪليءَ جي قبرستان (هاسٽل) ۾ رهيو پيو آهيان، ٻيون به ڪجهه شيون مون سان گڏ رهن ٿيون، رَنڙيون راتيون، مَٿي ڦِريا ڏينهن، ڪنهن کان وڇڙي آيل موسمون، نڌڻڪيون هوائون، منهنجا حسين خواب (جن سان دراصل ريپ ٿيل آهي) نالائق سوچون، ذهن جي تباهه ٿيل گلين ۾ ڀٽڪندڙ تصور، ها، اهڙي دنيا ۾ ڪجهه مهڪ ڀريون سارون به آهن. مون سان گڏ انهن سڀني شين تي ڏينهن جو سج، رات ستارا ۽ چنڊ گڏجي کلندا آهن، پر هو ڪاريون راتيون به چرچا ڪنديون آهن، هُو پريان (اوڀر کان) ٺٽو به ٺٺوليون ڪندو آهي ۽ آئون پڻ تماشائين ۾ شامل هوندو آهيان، مهرباني ڪري پنهنجا پاڻ تماشائي نه ٿجو. آئون چاهيان ٿو ته ڊسمبر جي موڪلن ۾ اچ ته ڪجهه اندر جون اوريون. تون ڪيئن آهين، تنهنجي سنگت ڪيئن آهي، تنهنجي ڪلا ڪيئن آهي؟
    سلام
    پنهنجي پاڻ جو به نه،
    مانجهي
    *
    22 آڪٽوبر 1993ع
    مڪلي
    مٺا سارنگ!
    تنهنجو خط پهتو، ڪافي ڏينهن اڳ ۾، روز سوچيم ته جواب لکان پر نه ڄاڻان ڇو هينئر ڪجهه ڪرڻ کان من ڪيٻائي ٿو. سچ پچ ته هي جيڪا اڄ آهي، تنهن ڪالهوڪا ڪيترائي ڏينهن کاڌا آهن ۽ ”اڄ“ انهن خوبصورت ڏينهن جي کاڄ جو نتيجو آهي، جنهن ٻاروتڻ کان وٺي جوانيءَ جا خوصورت ترين ڏينهن کاڌا آهن.
    زندگي ڇا آهي؟ انهيءَ جو هر موڙ ڪيترو نه خوبصورت آهي ۽ ساڳي وقت ڪنهن اونڌاهي کوهه ڏانهن ڌڪيندڙ پڻ آهي.
    هينئر رات جا 4.00 ٿيا آهن، ڪجهه دير اڳ آئون هاسٽل جي روم مان ٻاهر نڪري مٿي ڇت تي اچي بيٺس، هلڪي هلڪي اتر جي هوا، رات جو پويون پهر، ستارن جي سُس پُس، مڪليءَ جي هُوڪاريل فضا ۽ اوڀر طرف انهيءَ خوبصورت شهر ٺٽي جي بتين جي جهرمر جنهن مون جهڙن الائي ڪيترن جي زندگين جا جام پيتا آهن ۽ انهن سڀني جامن جا خمار ٺٽي جي شهر جي نيڻن ۾ سَجيل آهن ۽ نه ڄاڻان ڪيترن مون جهڙن جون جوانيون هُن جهپي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريون آهن ۽ ڪيترن مون جهڙن جي وارن کان ڪاريون راتيون کسيون آهن، ڪيتريون ڦوهه ڦلارن جون مهڪون اُٺيون آهن، ڪيترن جي موتئي جهڙن مُکن تان مرڪن جا گل پٽيا آهن، ڪيترن نگاهن جون ادائون (صدائن ۾ تبديل ڪري) مروڙيون آهن ۽ ڪيترن جي ڇاتين جي ڍنڍ جا ڪنول ڇني، سي سڀ پاڻ سمائي پاڻ خوبصورت ترين ٿي ويٺو آهي. آئون ڇت تان هيٺ لهي آيس ڪو هوا جو جهونڪو ڪَن ۾ تنهنجو نالو کڻندي هليو ويو ۽ ايندئي پين پنو کڻي توڏانهن ڪي گل ته نه پر ڪجهه سُڪل ڪليون ئي سهي آڇيان ٿو. گذريل وئڪيشن 1992ع ۾ آئون لاهور ۾ هئس. اسان تمام گهڻو پي جنهن مهل هيرامنڊي گهمي رهيا هئاسين ۽ مون کان ڪنهن دوست پڇيو هو ته ”ڪيئن لڳو هي زندگي جو پَل؟“ چيو هوم ”هن سر جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آهي.“ ۽ ڪجهه اڳتي هڪ مُجري ۾ وڃي ناچ ڏٺوسين، اُتي به انهيءَ منهنجي دوست جهومندي چيو هو ”زندگي فقط هي ئي آهي“ مون سوچيو هو ته هڪ ڏينهن هُوءَ پنهنجي سهيلين کي ڪينجهر تي وٺي آئي هئي. اسين ٻيڙيءَ رستي ڪينجهر جي هڪ نويڪلي ڪپر پهتا هئاسين، اُتي هُنن سڀني رقص ڪيو هو. هنن تي انهن جو پاڇو پيو هوندو.
    سارنگ! ڪينجهر جا ڪپر مون کان ڪيئن کسيا، ڪيئن ڪنهن جي هٿن جو جام پي هميشه لاءِ ٺٽي جي گهٽين جو کاڄ بنجندو رهيو آهيان اها ڏاڍي وڏي ڪٿا آهي، تو لکيو آهي ته آئون ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهيو آهيان، جنهن تي تون خوش آهين، پر سچ پچ ته مون کان زندگيءَ جا خوبصورتي کسي ويئي آهي. آئون جڏهن پرائمري اسڪول ڪينجهر ۾ استاد هوس انهيءَ کان وڌيڪ مون لاءِ ڪجهه به نه هو.
    نوڪري ته زندگي جي لعنت هوندي آهي جيتري وڏي نوڪري اوتري لعنت وڏي. البته پنهنجو درس و تدريس سان واسطو آهي، انهيءَ ڪري ڪجهه سهمت آهيون.
    تو ڪويءَ جي حال احوال لاءِ لکيو آهي ته مون کي جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو، پر انهيءَ لاءِ مهاتما ٻُڌ جو هڪڙو واقعو مون کي ياد آيو آهي انهيءَ جو سهارو وٺندس، مهاتما ٻڌ جيڪو دنيا جو وڏو مثبت مفڪر هو، انهيءَ جي پوئلڳن هڪڙي ڏينهن سوچيو ته سائينءَ کان پُڇون ته ڀڳوان / خدا ڪٿي آهي، آهي به يا نه آهي، سو هڪ ڏينهن سڀئي گڏجي مهاتما ٻُڌ وٽ آيا، چيائون ”سائين ڀڳوان/خدا ڪٿي آهي، ڪيئن آهي، ڇا آهي، آهي به يا نه!؟“ مهاتما ٻُڌ سوال ٻڌي ٻه منٽ بلڪل خاموش ٿي ويو ۽ منٽن کان پوءِ خاموشي ٽوڙيندي چيائين ’اچو ته دنيا جون ڳالهيون ڪريون‘ اها ٻن منٽن جي خاموشي اڄ به ٻڌمت وارن وٽ آهي، هُنن جي عبادت ئي اها ٻن منٽن جي خاموشي هوندي آهي، جنهن کي Nobel Silence چيو ويندو آهي.
    آئون پاڻ کي اهو ٻار لڳان ٿو جيڪو راند روند ڪرڻ لاءِ گهران نڪتو هوس، راند ڪُڏندي ڪُڏندي پوپٽ پڪڙيندي ڏاڍو پري نڪري آيو آهيان، هاڻي مون کان سڀ رستا وڃائجي ويا آهن. طرف به ڀُلجي ويو آهيان، ماڻهن جي هجومن ۾ اچي پيو آهيان. جن جي ٻولي سمجهي به نه ٿو سگهان ۽ نه ئي پنهنجي ڳالهه سمجهائي سگهان ٿو، ها سارنگ! آئون اهو وڃايل ٻار آهيان.
    شعور ته ڄڻ ته ڪو محبوب آهي، ڏاڍو ڏنگي ٿو، ڏاڍو آزاري ٿو، ڏاڍو ساڙي ٿو، دردر ڀٽڪائي ٿو، ذليل۽ خوار ڪري ٿو، ماري ۽ جياري ٿو، سڄي دنيا اڳيان اگهاڙو ڪري ٿو، مطلب ته هر قسم جو ايذاءُ ڏي ٿو، تنهن هوندي به ڏاڍو وڻي ٿو، ڏاڍو پيارو آهي، ڏاڍو عزيز آهي ۽ زندگيءَ جي سموري خوبصورتي ۽ سچائي آهي ۽ مون انهن سمورين خوبصورتين ۽ سچاين سان پيار ڪيو آهي، پيار؟ ڏاڍو پيار. انهيءَ سان پيار فقط مون نه پر ٻين به چرين ماڻهن ڪيو آهي، جن مان تون به هڪ آهين سارنگ!
    ڪڏهن اچ ته ڪجهه حال احوال ڪيون، ڏاڍا ڏينهن ٿي ويا آهن، متان اڄ ته ٺهيو، پر مستقبل به ماضيءَ جو کاڄ نه ٿي وڃي.
    باقي، اسد، فياض، وسيم به ڏاڍا ياد ايندا آهن، منهنجا ڪجهه سلام چئجان ۽ چئجان ڪڏهن خط ته لکن. اچڻ لاءِ انهيءَ ڪري نٿو لکان جو وسيم جهمپير ۾ آيو اُتان ٿي هليو ويو، پر ڪجهه ڪلاڪ ڪڍي مون تائين نه پهتو. ميار ڏجانس. محمد بخش کي پڻ سلام. چڱو شال ڌرتيءَ جي سُونهن ۽ سچائي سلامت رهي.
    تنهنجو مانجهي
    *
    4 اپريل 1987ع
    هائي برو هي ڀنڀور نه ڄاڻي،
    ڪير منجهس آري ڙي.
    (اياز)
    مانوارا سارنگ سهڻا ادا!
    رات ڪنهن وينگس جي ڪارن زلفن وانگر وٽجي سَٽجي پنهنجو پاڻ کي ويڙهي وڃڻ لاءِ آخري سڏڪا ڀري رهي آهي. پورب پاسي ڳاڙهي لالاڻ ڪنهن ڦوهه جوان ماڃرجي مهاڻيءَ جي گلڙن مان چورايل لڳي ٿي. جا ڪنهن حسين مصور جي هاريل لڳي ٿي. ٺٽي جي هوا جنهن ۾ ڪنهن جي ڪنوار پڻ جي هلڪي هلڪي هُٻ هلي رهي آهي. جنهن ۾ جوڀن جي آڳ جي اُٻ به آهي. ڪنهن وينگس انگ انگ جو ڇُهاءُ ڇٽي ڇڏيو آهي ۽ جن ۾ منهنجي سپنن جي سُرهاڻ لڳي ٿي.
    آئون سَڄي رات مسلسل جاڳيو آهيان، هينئر ته پرهه ڦٽيءَ ويل به ٿي چڪي آهي. آئون ٽيو ڏينهن اسڪول تان موڪل ڪرڻ وارو هوس ته هڪ فقيرياڻي جا پنڻ آئي هئي. هن جهان کان حسين لڳي هئي. هِن جي جهولي منهنجي من جيان لڳي ٿي، جو پڻ ڪنهن لاءِ ڦهلايل آهي. هن جا چوليءَ مان جهاتيون پائيندڙ اُرهه ڪوئي آمد جو اعلان هئا. مون هن جي نيڻن ۽ ڪارن لڙڪندڙ وارن ڏانهن ڏٺو. مون کي ٿر جي رات ٺريءَ جو ٿڌڙي مٺڙي ٿڌڪار لڳي هئي. سچ پچ ته حسن سڀڪجهه آهي. هُن ويندي ويندي ڪجهه اهڙي انداز سان نهاريو، جو مونکي ڀنواٽي اچي ويئي ۽ سماج جو هر ستم منهنجي اکين اڳيان ڦري ساڙڻ لڳو.
    منهنجي ڏات جي ديوي جا ڪافي ڏينهن کان رُٺل هئي جا ويجهي منهن جي ڪلهي تي هٿ رکي بيٺي، جنهن وقت منهنجي ڏات ڪنهن پهرين پهرين اوڏڻ جهڙي لڳي هئي، جنهن هن ڌرتيءَ تي پهرين پهرين اجها اڏيا هئا ۽ آئون اهو صدين جو انسان هوس. مون پاڻ کي موهن جي دڙي ۾ ڦرندي ڏٺو ۽ سنڌوءَ ڪناري رهندڙ ڪوئي سوڍو لڳو هوس، هونءَ به سرمد جو رت پاڻ ۾ ته هر وقت محسوس ڪريان ٿو. منهن جو هر پل سرمد جي سپنن جو تعبير لڳي ٿو. مون ٺٽي جا سونارا ۽ سوناريون ڏٺيون آهن، پر شايد سرمد ماڃر جا مهاڻا ڏسي نه سگهيو هو. ڪينجهر جي ڪنڌين جا رهواسي ڏسي نه سگهيو هو. هُن شايد چانڊوڪين راتين ۾ ڪينجهر تي پوئينءَ رات جو ڪنهن جي جوڀن جي پڻ ڪنوار جو ڇُهاءُ محسوس نه ڪيو هو. هو انهيءَ دنيا ۾ رهي اسانجي دنيا کان وانجهيل رهيو. توڙي جو هوءَ به اسان جو ساٿي آهي. آئون سرمد کان ڏاهو آهيان. مون ڪينجهر تي هر مند ۾ هر پل رهاڻ ڪري گذاريو آهي. مون باک مهل ماڃر ۾ ماڪَ وسندي مهل ڍنڍ ڪنارن تي کينچل ڪندي ڏٺو آهي. مون اهي پل ڏٺا آهن، جيڪي لطيف جو بيت لکنداآهن، جيڪي ميران جو دوهو لڳندا آهن. جيڪي ڪاليداس جون تشبيهون لڳندا آهن. جيڪي اياز جا گيت لڳندا آهن. جيڪي معصوم مُرڪ لڳندا آهن.
    توهان جو ڪافي ڏينهن اڳ خط مليو هو، جنهن لاءِ مون مڪمل ڪوشش ڪئي هئي، پر اياز کان معلوم ٿيو ته توهان روشنيءَ ۾ وڃي رهيا آهيو. پوءِ چُپ ٿي ويس، جيڪڏهن اڃان به نه ٿي ته خط لکجو اميد ته بندوبست ٿي ويندو. پر اچڻ کان اڳ خط ضرور لکجو. آئون خط جو جواب ڏيئي نه سگهيس انهيءَ لاءِ معذرت.
    ادا سچ پچ آئون پاڻ کي ڪڏهن سارنگ سهتو لڳندو آهيان. پريشان، مايوس، ۽ انهن به مُرڪ- ڇا تو ڪڏهن منهنجا سڏڪن ڀريا سڏ هوائن ۾ محسوس ڪيا آهن؟ آئون ميران وانگر بنن ۾ ڀٽڪيو آهيان. پر پوءِ به اڏول آهيان.
    مون کي اياز جو چوڻ ياد پيو اچي: ”هر شاعرِ محبت، شاعر انقلاب ٿي سگهي ٿو، پر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت نٿو ٿي سگهي.“ هائو مان شاعرِ محبت آهيان.
    ڪافي ڊيگهه ڪري چڪو آهيان. اسڪول ٽائيم به ٿي رهيو آهي، تيار ٿي اسڪول وڃڻو آهي. منهنجي ترجماني اياز جو هي ٽيڙو ڪري سگهي ٿو.
    ڏن ڳرو ڏيئي
    جيئڻ ڪاڻ جيئون پيا،
    ميان مڙيئي.
    سڄي سنگت کي سلام چوندا. آئون اُميد ته اوهان جي ڳوٺ جلد ئي ايندس. ڇا رمضان ۾ ماني وغيره ملندي يا نه؟ لکندا.
    پرت اسانجي رات ٺري جو
    ٿر جي ٿڌڙي واريءَ وانگر
    ڏات اسانجي ڇرڪي ’مانجهي‘
    ڪنهن ڇوري ڪنواري وانگر،
    اوهان جو پنهنجو، مانجهي
    *
    20 سيپٽمبر 1990ع
    حيدرآباد
    شال سونهندو رهين
    سارنگ!
    ڪالهه رات دير تائين جڏهن آئون ۽ ڪوي ڪينجهر جي هڪ نويڪلي ڪَپَ تي ڪچهري ۾ مصروف هئاسين. اچانڪ سانوڻيءَ جي ڪنهن کينچلي وڄَ جيان تنهنجو ذڪر هليو. ائين جيئن وڏڦڙي وسڪارو. ڪنهن ڳالهه تي ڪوي ايئن ڇرڪيو، جيئن آئون ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي پڙهي ڇرڪيو هئس. ها بلڪل ايئن جيئن جڏهن مون تنهنجو ذڪر هُن سان هڪ ڀيرو ڪيو هئم ۽ هوءَ پڻ.
    ها سارنگ! منهنجي ويجهن وٽ اڪثر ذڪر تنهنجو ٿيندو آهي، هونءَ به آئون پنهنجي پاڻ ۾ توهان پارن گهڻن ئي سڄڻن جون محفلون ڪوٺيندو آهيان، جيڪي اڪثر ٿينديون آهن. اڄ جڏهن آئون اڪيلو هاسٽل تي پنهنجي روم 24 تي ويٺو هوس ته تنهنجي ياد به ماکيءَ ميٺ جيئن محسوس ٿي ۽ آئون اُٿيس ميز تان قلم ۽ ڪاغذ کڻي توڏانهن ڪجهه لکڻ لڳو آهيان. آڏا اُبتا لفظ جيڪي چون ٿا اظهار جو بهترين وسيلو آهن، پر سارنگ سچ پچ لفظن مون سان اهڙي قسم جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏنو آهي. جڏهن به جيڪو ڪجهه مون اظهار ڪرڻ چاهيو آهي. ڪڏهن منهنجي جذبن ۽ احساسن جي مڪمل اُپٽار ڪري سگهيا آهن!؟ نه! بلڪل نه!
    زندگي جيڪا پاڻ هڪ سهڻي سدا سُرهي آهي، سا هميشه سونهن جي ڳولائو رهي آهي، جيئن مون وٽ ايئن جيئن ڪرڙ جي ٻوٽي جي ڦلار، جيئن ڦوڳ ڦلار، جيئن ٻير جي ٻور تي پوپٽ ڀيرو.
    سارنگ! هاڻي وڌيڪ آئون ڪجهه به نه ٿو لکان ڇو ته لفظ اڄ ڪنهن الهڙ ڇوريءَ وانگر مون کان ٽهن پيا. جن سان آئون ڪڏهن ٻکيو پيو هوندو آهيان.
    چڱو خط ضرور لکجانءِ پر تڪڙو. دير نه ڪجانءِ.
    ها تو سوچيو هوندو ”هاسٽل ڪهڙي؟“ ها! منهنجي ٻه مهينا کن اڳ ۾ بي ايڊ (اولڊ ڪيمپس حيدرآباد يونيورسٽي) ۾ سليڪشن ٿي آهي. آئون ريڊيو پاڪستان سامهون مٺارام هاسٽل جي روم نمبر 24 ۾ رهندو آهيان. ضرور اچجانءِ. وسيم کي سلام.
    تنهنجو پنهنجو
    مانجهي
    *
    29 سيپٽمبر 1982ع
    ٺٽو
    ساگر جي سيرن منجهه ٻُڏان،
    تڙ تڙ تي مون لاءِ تڙيون.
    (مانجهي)
    سارنگ! سُرخ سلام.
    دنيا جون وڏيون وڏيون چوٽيون ته چڙهي چڪا آهن، پر انسان جي سوچن جون بلندين تائين ڇاڪير پهتو....

    ڪينجهر جي عام عورت ڦلان ماڇاڻي (آڳاٽو ٿي گذري آهي) ڏينهن جو واندڪائي ويل ۽ جڏهن لوڪ ستو ٿي ته هيءَ اُٿي ڍنڍ ڪپر تي اچي ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ويهندي هئي. باک ڦٽڻ ويل پنهنجي گهر اچي هنڌ تي ليٽي مُنهن گنديءَ ۾ لڪائي اوڇنگارون هڻي روئندي هئي. ماڻهن ليکي ڦلان ستل خواب لهي ٿي ۽ هو اٿاريندا هئا. ايئن ڦلان جي عمر گذري ويئي پر هن جو راز ڪير به معلوم ڪري نه سگهيو. هونءَ ته ڦلان عقلمند ۽ با همت هئي. پر هي ڇا هيو جنهن ڦلان جهڙي ارڏي عورت کي اوسيئڙن جي عمر ڏني، ڪير معلوم ڪري سگهبو؟
    جي ها!... !!.... !! مون اهڙين گهراين ۾ گهوري ڏٺو آهي ڏات جي ڏياٽيءَ جي اُهاءُ ۾.
    ادا، چوڻي آهي کاري جي ڍوري ۽ ڍوريءَ جو ۽ ماڃر جي ڇوري ۽ ڇوريءَ جو انت ڪنهن به نه لڌو. بلڪل صحيح،....پر اسان ته اهڙين گهراين جا رهواسي آهيون، توضرور سوچيو هوندو ته هي هروڀرو ڦُلان جو ذڪر مون ڇو ڪيو، پر آئون اهو ٻڌايان ٿو ته اها گهرائي اُها آزاد اُڏام منهنجي رت جي ڦڙي ڦڙيءَ ۾ رليل آهي. ڇا هن سماج ۾ اهڙو به ڪو هوندو جو سُرت ۽ ساڃهه کي قيد ڪري سگهي... مون تنهنجي ترجمو ٿيل ڪهاڻيءَ ۾ تنهنجي ڪردار کي صاف ڏٺو، اها ڪهاڻي اسان ’سر سَوَتي‘ ۾ ڪهاڻين جي مهڙ ۾ پيا ڏيون. معاشي حالتن لاءِ ۽ مئگزين جي سلسلي ۾ مونکي تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي آهي، جنهنڪري آئون توهان ڏانهن اچي نه سگهيس. توهان جي ٽريننگ لاءِ مون ڳالهايو هو، پر توهان دير سان اطلاع ڪيو، سو هاڻي نا ممڪن آهي. آئون توهان وٽ نوابشاهه 15 آڪٽوبر 1987ع خميس جي شام جو اميد ته ايندس حال روبرو اوربا.
    ڪالهه به مون ۽ ڪويءَ ننگر جي گلين ۾ هلندي تنهنجو ذڪر ڪيو هو. ادا، ڪويءَ جو هر پاسو ڪوي آهي. ڪويءَ جي ساٿ مون کي هيج ڀري چنبيليءَ هٻڪار ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ جي ٿڌڙي چانڊاڻ ڏني آهي. ڪويءَ تي آئون ڪڏهن الڳ لکندس. جيئن سمجهيو ويو آهي، ايئن ناهي هن کي سمجهڻ تمام ڏکيو آهي. موسمن جي تبديلين (ائٽمي ڌماڪن وغيره کان متاثر ٿي) هيل سارنگ کي اچڻ ئي نه ڏنو. سارنگ مان ست ڪڍي ڇڏيو آهي. ڇا سارنگ هاڻ نه ايندو؟ ها..... مڪليءَ تي کلندڙ کنوڻ، ڀتن تي برسات جي ڀيڄ، ڪارونجهر تان ڪڙڪاٽ ڪري وهندڙ پيار جهڙي برسات جو پاڻي، ڇا اهو سڀ ڪجهه نه ٿيندو ۽ ڇا ماڻهن جي مزاجن به اهو اثر قبول ڪيو آهي؟
    کڻي پاند پنهنجي گلابي گهڙيون،
    سدا دل چوي ٿي تون ايندين ضرور.
    تنهنجو پنهنجو
    مانجهي
    *
    4 آڪٽوبر 1989ع
    ڪينجهر
    سامي! چنڊ نياڻ ۾ ٽٻي ڏي ٿو،
    ۽ پوءِ ٿئي ٿو، ننگي ڇاتي نار جي.
    (اياز)
    سارنگ شال تنهنجا رنگ رهن. سلام!
    جيئن ته ياد ڪيئي تنهن لاءِ ڀلايون. ڏاڍو سرهو ٿيس، سرهائي فقط ان لاءِ نه ته ساريئي، پر اُن تي به ته تنهنجي لکت جا لفظ ڪنهن جي پنکڙين جهڙن چپن جيان چُري ڪيئي ماجرائون ڏيڻ لڳا. تنهنجي لکت مان درد جيڪو سرس بکيو پئي، درد جنهن ۾ ڪا سگهاري سُرهاڻ هئي. اها درد جي سگهه ۽ سُرهاڻ جنهن ماڻهوءَ کي انسان ڪيو. جنهن درد 1رودڪي پيدا ڪيو، جنهن درد پُشڪن پيدا ڪيو، جنهن درد جيڪ لنڊن پيدا ڪيو، جنهن درد هر اُوچي سوچ پيدا ڪئي.
    ادا، ڪينجهر جي ڪپَ تي مونکي ڪنولن جي ڪوملتا ۽ وِڦلندڙ ڇوليون مليون آهن ۽ هن وستيءَ جو واس. سچ ته منهنجي ڏات جون ڇوليون به ڇرڪي پيون آهن ۽ الائي ڇو مون تنهن کان ڏاڍو لنوايو آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي بَد حالتن ڏاڍو ڏکويو آهي. سپنا جن ۾ اڳ رڳو سندرتا ۽ سرهائي سَجَندي هئي، هاڻي انهن سپنن ۾ لَهو ۽ لاش آهن ۽ ساڃاهه ڏاڍو ڏنگي ٿي. ڪڏهن اچ نه اُهي احوال اوريون.
    سنگت سَرهي آهي ۽ سلام چئي ٿي ڪويءَ سميت. توهان به شال سُرهي ساٿ سان سَرها هجو. وَسيم کي چئجانءِ خط ته لک. ادبي سرگرميون اوهان جون ڪهڙيون ۽ ڪيئن آهن. ضرور لکجو. مڪلي ۽ ننگر واري سنگت ڪڏهن ڪڏهن ملندي آهي. پڄاڻيءَ ۾ رڳو پيار.
    تنهنجو
    مانجهي
    *
    سارنگ!
    ڇا توکي ننگر جون سارون نه اينديون آهن؟ ۽ ننگر جي حوالي سان آئون به ياد ڪونه ايندو آهيان؟ ڇو سارڻ ڇڏي ڏنو اٿئي؟ تنهنجي منهنجي وِڇڙئي کان پوءِ ڪيڏيون حالتون بدلجي چُڪيون آهن هن ديس جون.
    آئون پنهنجي اسڪول تي (پرائمري اسڪول ڪينجهر) جڏهن ٻارڙن کي پڙهائيندو آهيان ۽ هيڏي هُل ۾ ڪو ٻار خاموش پنهنجي سوچن ۾ گم ٿي ويندو آهي، تڏهن تون ڏاڍو ياد ايندو آهين. ڪالهه جڏهن آئون مڪليءَ تي جهوني قبرن جي پٿرن تي ڪجهه پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته مون کي کل ٿي، ڄڻ قبرن مون کي گلي مان جهلي چيو پي ”وڃ هليو هيتريون پيڙهيون وساري اڄ آيو آهي اسان کي سارڻ. اسان جنهن ديس تي ڪو سو واءُ نه نه سٺو، انهيءَ تي ڪربلا آهي. سو ديس جلد ئي ناگاساڪي ڪرڻ لاءِ سانباها ڪيا پيا وڃن، ڇا تون آيو آهين اسان تي چٿرون ڪرڻ؟ ادا! پنهنجا ڀائر بارودن سان نه سونهن، پر هن کي وک وک تي بارود ڏسڻو پوي ٿو ۽ بارود ته انسان جي زندگيءَ جو حصو ٿي پيو آهي. سارنگ! انهيءَ موضوع تي آئون وڌيڪ نٿو لکان. توکي رڳو ايئن ٿو چوان ته اچ يا لک ته تنهنجي ماجرائن جو پتو پئي. الائي ڪهڙي ڳيهڻ ۾ ڦَسي پيو آهين. ڇا توکي به وقت مون جيان ته پيڙهيو ناهي؟ پڄاڻيءَ ۾ تولاءِ ۽ سٿ لاءِ پيار.
    تنهنجو
    مانجهي
    *
    1 جنوري 1990ع
    ڪينجهر
    پچڻ گهڻا پچايان، تون پچڻ کي پَچاءِ،
    (لطيف)
    سارنگ! سائين، سَرهو هجين شال! سلام!
    تنهنجو خط مليو، سارڻ لاءِ لک ٿورا، پر تنهنجي لفظ لفظ مان مايوسيءَ جي اُپٽار محسوس ڪري ڏاڍو ڏک رسيم. ادا، هي وحشي سماج آهي جنهن مان وحشت جي ئي توقع رکڻ کپي، ٻي ڪا به نه. ماڻهو ماڻهوءَ جي من ۾ ٿورو جانچي ڏسبو ته حيرت محسوس ٿيندي. توهان جون مڪليءَ ۾ ادبي خدمتون به سٺيون آهن. سارنگ، آئون تو سان ملڻ چاهيان ٿو، چَئو ڪيئن ملان. آئون آزار کان بچڻ بجاءِ آزارن سان اڙي پوندو آهيان ۽ اڙڻ ۾ ئي مطمئن هوندو آهيان. ننگر ۾ تنهنجو ذڪر اڪثر هلندو آهي. جڏهن تون ڪراچيءَ کان موٽندي آيو هُئين، تڏهن آئون ننگر ۾ ئي هوس، پر الائي ڇو ملي نه سگهياسين. منهنجي عزيز کي به خبر هُئي.
    منهنجي شاعري ته مختلف رسالن وغيره ۾ پڙهندو هوندين، ڪيترو مطمئن آهين. ضرور لِکج. تون پنهنجي سرگرمين جي باري ۾ ضرور لکج. وسيم کي منهنجا سلام چئج. توکي ڪوي ۽ اثر سَلامَ چون ٿا. پڄاڻيءَ ۾ پيار تو لاءِ.
    تنهنجو
    مانجهي
    - خط جي موٽ جو اوسيئڙو رهندو. پر هڪ ڳالهه ياد پيئم سو تو لکيو رابطو نه ٽوڙجان. سارنگ ڪهري حيرت ڀري ڳالهه لکي اٿئي.تون ته اڪثر موقعن تي مون ساڻ هوندو آهين. چئبو وهم ڌارڻ به سکيو آهين. نه هرگز نه!!
    *
    1 اپريل 1992ع
    سارنگ! خوش هجين شال!
    ڪهڙا خير هوندا پاڻ غلام ماڻهن وٽ.
    ڏينهن ٿيا آهن حال احوال نه مليو آهي. حادثاتي طور تي ڪنهن ميڙ ۾ ڪا ملاقات ٿئي ٿي نه ته بس، نه اسين ڪنهن پروگرام وغيره لاءِ چئون نه ئي اوهين. پر سارنگ! ننگر ٺٽو ته تنهنجو پنهنجو آهي، جڏهن اچين هليو اچ اوسيئڙو رهندو.
    21مارچ تي منهنجو H.S.T جي حيثيت سان هاءِ اسڪول ڇتو چنڊ ۾ آرڊر ٿيو آهي. سارنگ! آئون ڪينجهر تي ڏاڍو خوش هوس، ڪينجهر جو هڪ حصو ٿي ويو آهيان. انهيءَ اسڪول تي منهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون گهُرجون پوريون ٿي رهيون هيون. اهو تمام گهڻو ڊگهو موضوع ڪڏهن روبرو موقعو مليو ته ڪبو. ٺٽي ۾ جاءِ مسواڙ تي ورتي آهي. ڪوي به ساڳي اسڪول تي آهي، تنهنڪري گڏ ئي هوندا آهيون. پر ها! آئون هاڻي وڌيڪ نه لکندس، انهيءَ ڪري جو تون خط ڇو نٿو لکين، آئون احتجاج ٿو ڪريان. بس!
    سلام اسد ڪيريو ۽ فياض چنڊ کي کوڙ سارا ڏجو، کين چئجو ڪجهه ته ياد ڪيو.
    مانجهي
    *


    مجيب جانوري

    سارنگ!
    منهنجي جيجل جا با فخر پٽ اسان جا باعث فخر دوست جيئي انسانيت جيئي ديش!
    ڪامريڊ گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن جو هڪٻئي سان رابطو ٽٽل آهي ۽ پنهنجي سڪ لاءِ سون ثابت پيو ٿئي، جيئن جيئن ڏينهن گذرن ٿا تنهنجي سڪ اڃا به وڌيڪ ستائي ٿي ۽ جدائي جي ڏک ۾ ڄڻ ته مزو پيو اچي، ڪيئي دفعا خط لکيم ته لفافي ۾ ڪونه وڌم، جي وڌم ته ائڊريس ڪونه لکيم ۽ جي ائڊريس لکيم ته خط لکي چيهاڙيون ڪري ڇڏيم. پر تو به ته ڪو خط ڪونه لکيو آهي. ميار ٻنهي تي ڪونهي. ٻيو ته سارنگ اهو ٻڌاءِ تون پاڻ کان گهٽ ماڻهن کي پنهنجي برابر سمجهندو آهين، پر پاڻ کان وڌيڪ ماڻهن سان اجنيت ڇو اختيار ڪندو آهين. اهو ته مان مڃان ٿو ته منهنجو پيءُ مختيار ڪار آهي، پر ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي. مون وٽ جيڪڏهن پئسا آهن ته ڇا تون سمجهين ٿو ته مون وٽ دل نه آهي؟ سڄڻ تون سليم، اسماعيل ۽ اياز ڏانهن ته خط لکين پيو، پر مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟
    هاڻ مان اياز جي غير حاضريءَ ۾ لائبريرين آهيان ۽ ڪافي ڪتاب به پڙهان پيو، پهريان ته رڳو ڪهاڻيون پڙهندو هوس ۽ هاڻ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ پڙهيو اٿم ۽ هاڻ ’سدا ساوا پن‘ پيو پڙهان، ان ڪري جو من توهان ان جي ڪري ئي ڪا لفٽ ڪرايو.
    سارنگ تون نه ٿو سمجهين سگهين ته مان ڪهڙين حالتن مان پيو گذران ۽ ان حالت ۾ تنهنجو ساٿ منهنجي لاءِ باعث همت ٿيندو. (”خبر ٿئي ته مون سليم جو خط پڙهيو آهي ۽ ان مان معلوم ٿيو آهي ته اسان وارو معصوم ۽ حساس سارنگ ۽ غلام محمد غريب عرف مٺو هاڻ وري ”جبل سنڌي“ ٿي چرس جا سوٽا هڻڻ لڳو آهي ڇورا مرندين“!)
    منهنجي زندگي سورن جي سيج آ،
    ڪهڙو ڏوراپو ڏکن کي اهو منهنجو ڏيج آ.
    سيد مجيب الرحمان بخاري1
    *
    20 جنوري 1988ع
    سڀني کان پيارا سارنگ!
    منهنجا محسن، ادبي دنيا ۾ آڻيندڙ، انسانيت جي سڃاڻپ ڏيکاريندڙ سچ جي واٽ ڏيکاريندڙ سڄڻ سارنگ سدا سچ تي قائم رهين.
    جيئي ڌرتي جيئي سنڌي ٻولي- جيئَن ڌرتيءَ جا جوڌا.
    رات آئي، وئي، تون نه آئين ڪهي،
    ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ روئندي رهي.
    (اياز)
    مان تنهنجي لکيل خط جو جواب پهريان ڏيندس ۽ احوال بعد ۾. سائين منهنجا اسان / مان جيڪڏهن تو سان سٺا هلياسين، تنهنجي عزت ڪئي سين ته اهو اسان / منهنجو دوستي جي ناتي فرض هو، ڪو احسان نه. ان کي احسان قرار ڏئي گهٽ ۾ گهٽ منهنجي جذبن کي مجروح ته نه ڪر، ها ٿي سگهي ٿو ته انهن لفظن تي ٻيا دوست خوش ٿيندا هجن پر مان نه.
    سهڻل عظيم مان نه آهيان، پر پارس سان لڳي جيڪڏهن لوهه سون ٿي پوي ته ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي، پر حقيقت ۾ اهو سون لوهه ئي هوندو آهي. مان به هاڻ تنهنجي همت افزائيءَ کان پوءِ وڌيڪ دل لڳائي جذبي سان پيو پڙهان. پر سارنگ هي منهنجا لفظ ياد رکجان ته هي مجيب تو لاءِ/ ساري سنگت لاءِ اهو ئي مجيب رهندو، مان جڏهن غرور ۾ اچان ته توکي هي حق (ان لاءِ مٿان ائڊريس آهي متان اکر سڃاڻڻ کان انڪار ڪريان) آهي ته مون کي ڪن کان وٺي چئي سگهين ٿو/ سگهندين ته مجيب تون منهنجي ڪري هن وقت اهو ڪجهه آهين.
    جيڪڏهن اياز وڏو ٿو سمجهي پاڻ کي ته خير آهي، تون هر ڪنهن جي لفٽ کان سواءِ رهي سگهندين، اهو مون کي يقين آهي تنهنجي خود اعتمادي تي. مڪلي سان ناتو نه ٽوڙجانءِ اها منهنجي اپيل اٿئي. چئين ته شاهه جو قسم وجهانءِ. تون جي جسماني طرح مڪلي تان هليو ويو آهين ته ڪا ڳالهه نه آهي، تنهنجي عظمت جا مينار اسان جي دلين تي ويتر مضبوط ٿي ويا آهن. توکي اچڻو پوندو، هر هر اچڻو پوندو مڪلي تي، ڇو جو اسان جي صورت ۾ تو ٻوٽا لڳايا آهن. انهن کي پاڻي ڏيڻ انهن جي سيوا ڪرڻ تنهنجو ڪم آهي، تون سمجهندو هوندين ته وقت وڏو مرهم آهي، اسين توکي وساري ڇڏينداسين، نه نه ڪڏهن به نه ڪڏهن به نه. توکان سواءِ اسين ائين آهيون جيئن.... ڪهڙي تشبيهه ڏيان مون وٽ لفظ نه آهن.
    مان/ آئون لکندس هر وقت جي تنهنجو ساٿ رهيو ته منهنجي لکڻين ۾ همت جو واس هوندو، توکان سواءِ مان لکندس ته انهن لکڻين ۾ رڳو رڃ ۽ نراسائي هوندي، ڇا تون ايئن چاهين ٿو؟
    سارنگ! مون کي ڪڏهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي، من ماندو هوندو آهي، دل تي نراسائيءَ جا بادل ڇانئجي ويندا آهن ته هڪ سگريٽ پيئندو آهيان، مان توکي چرس کان منع ڪئي هئي (دوستي جي لحاظ کان صلاح) سگريٽ کان نه، جذبات ۾ ايڏو اقرار نه ڪبو آهي سهڻا. ڇا سمجهيئي (هن ڳالهه کي حڪم نه سمجهجانءِ، ڇو جو تنهنجا اها عادت آهي)
    (خط ۾ هجت معاف ڪجان جي ناگوار لڳي ته) مايوس نه ٿيندو ڪر، جي ٿئين ته ظاهر نه ڪندو ڪر، مان هاڻ فل لائبريرين آهيان، اياز ناراض آهي، پر مون کي پرواهه نه آهي، مان نه ٿو چاهيان ته اياز کي چارج ملي ۽ هو وري ڪتابن سان حشر ڪري، جيئن اڳ ۾ ئي ڪافي ڪتاب گم ٿي ويا آهن. اڄ ڪتابن جي نئين لسٽ ٺاهڻ شروع ڪئي اٿئون، سليم سٺو ساٿ پيو ڏئي، شايد پير تي اچي ويو آهي، پر خير موسم بدلجندي وقت گهڻو ڪونه لڳندو آهي، هاڻ لائبريري کي لائبريري بڻائڻ جو چئلينج قبول ڪيو اٿم. تنهنجي رهنمائي جي سخت ضرورت آهي/ رهندي. تون پنهنجون ڪجهه صلاحون هدايتون ڏيندو ۽ لکندو رهجانءِ.
    (خبردار مڪلي کان ناتو ٽوڙڻ تمام خطرناڪ آهي، هتي شينهن موجود آهن، جيڪي توکي دنيا جي هر ڪنڊ مان ڳولي هتي پهچائيندا)
    (چڱو جيئي ڌرتي ماتا وڌاتا)
    (موهن جي دڙي ڪتاب تان ورتل)
    مجيب جانوري
    *
    30 سيپٽمبر 1988ع
    مڪلي
    اکين ۾ ٿي ويهه ته آئون واري ڍڪيان،
    توکي نه ڏسي ڏيهه، آئون نه ڏسان ڪو ٻيو.
    سچا سارنگ سهتا توکي سلام!
    جيئي سنڌ.
    سارنگ واندو انسان ۽ مئل انسان هڪ مثل آهن. ڪو انسان واندو آهي ته اُن ۾ سڄو قصور سندس ڪونه آهي ان ۾ سماج جو پڻ عمل دخل آهي. مان به هن مهل بلڪل واندو/مئل آهيان. پڙهڻ لاءِ دل نه ٿي چوي، لکڻ لاءِ ذهني سڪون ڪونه آهي. نه ئي وري ڪا اهڙي شخصيت آهي جو ڪنهن ڪم لاءِ اُتساهي. انهي بيڪار زندگيءَ کي هيڪر بيڪار بنائڻ ۾ شايد منهنجو پنهنجو هٿ وڌيڪ آهي، نسبت سماج جي. بس تنهنجي ڪمي کي بهانو بڻايو اٿم جيئن:
    تو جو نهين هڳ تو ڪچٿ ڀي نهيڻ هڳ
    يه مانا ڪه محفل جوان هڳ حسيڻ هڳ.
    يا واقعي زندگي جي هن پيچري تي آڻڻ جو تون ئي ذميدار آهين، سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه ٿو اچي. بهرحال اها ڳالهه اٽل آهي ته هن پيچري تي ڪنڊا ته گهڻا آهن، پر اُن تان گذري پوين لاءِ گل ضرور پيدا ڪري سگهجن ٿا ۽ ان لاءِ وڏو حوصلو کپي وڏي قرباني کپي.
    ٻيو سارنگ ڪر حال حوال تون ڪيئن آهين، خوش آهين نه. زندگي ڪيئن پئي گذري؟ اليڪشن ڪيئن ٿي. ڪي خبرون چارون ته ڪر تون ته مون کان به وڌيڪ سست ٿي ويو آهين.
    فقط
    مجيب الرحمان جانوري
    *
    1 ڊسمبر 1988ع
    مڪلي
    هر حال ۾ حق چوڻ ڳالهه وڏي آ،
    منصور ٿي سوريءَ تي چڙهڻ ڳالهه وڏي آ.
    (رنگريز)
    سچا سارنگ سدائين سکيو رهين.
    جيئي سنڌ
    هن مهل 2.30 منٽن تي اوهان جو خط پپوءَ هٿان مليو ۽ آئون هن وقت ڄام ساقي جي انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ”مظلوم قومن جو مستقبل“ پڙهي رهيو هوس ۽ ماحول اهڙو هيو جو اوهان جي دل جي آواز کي وڌيڪ گهرائي سان سمجهي سگهيس. ادل زندگي ته آهي ئي جدوجهد جو نالو، اها ڳالهه دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته هن ڪم کان پوءِ آئون آرام سان ويهندس، نه، نه ائين ڪونه آهي. اهو صحيح آهي ته ڪنهن کي جدوجهد گهٽ ڪرڻي ٿي پوي ۽ ڪنهن کي سخت. ان کي قسمت ضرور نه چئجي، پر پنهنجي حوصلي سان عزم سان نڀائجي. عزم ئي اهڙي شيءِ آهي، جنهن سان پهاڙن کي پرزا پرزا ڪري سگهجي ٿو.
    تو ته پنهنجي زندگي جا مشڪل ترين ڏينهن اهڙي بردباريءَ سان نڀايا، جو اهي اسان لاءِ باعث فخر ۽ مشعل راهه آهن.
    ها تنهنجي اها ڳالهه صحيح آهي ته اسين ڇڙ وڇڙ آهيون. ادا اهو ئي ته هن قوم جو الميو آهي، نه ته جيڪر سکيا نه هجون ها. اسان جا ليڊر پنهنجي منهن وتن سنڌي قوم جا رهبر سڏائيندا ۽ پيارا وري اهڙا آهن جو اليڪشن ۾ سيد ذات جو نالو وٺي ووٽ پنيا، پر پنڻ سان به ڪو ملين. اهي اٿئي مقدر ۽ رهبر. هن قوم جو مستقبل اڃان ڌنڌلو آهي. چئي نٿو سگهجي پنهنجي مشاهدي طور.
    سدائين ساٿ سلامت! ديدار جو منتظر
    مجيب الرحمان جانوري
    *
    25 ڊسمبر 1990ع
    مڪلي
    سراپا سچ سارنگ! جيئي سنڌ.
    بيدل مسرور جو ڳايل شيخ اياز جو نظم جي هانءُ نه هارين...! ۾ بند، آمرڻو هر ڪنهن کي ماڻهو کي...! ٻڌي محسوس پيو ٿئي ته اسين اياز جي آدرش جي بلڪل ابتڙ تاريخ لکي رهيا آهيون ۽ اهو بند هي ٿو صورت وٺي ته: ”آمرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ۽ ايئن ئي مري وياسين ساٿي، ڪا آڳ لڳائي ڪونه سگهياسين ڪا جوت جلائي ڪين سگهياسين.“ قوم ڪارن ڪوٽن ۾ مضبوط سنگهرن ۾ جڪڙجي رهي آهي ۽ اسين آهيون جو مجنون لڳا ليلائن جي پويان مست لڳا ٿا وتون. عشق اهڙو اچي ديرو ڪيو آهي جو وساري ويٺا آهيون ته عشق ڪبو ڪيئن آهي؟ ڇو ڪبو آهي، ان لاءِ ڪهڙيون Requirements آهن؟ بس هر ڪو فرهاد ٿيڻ جا پيو خواب ڏسي. وري مثال ٿا ڏيون خدا جي عشق جو. لطيف ۽ سچل جو، اهو ڏسون ئي ڪونه ٿا ته اسان جا افعال ڪهڙا آهن، هنن جو مرتبو ڪهڙو هيو ۽ اسين ڇا آهيون.؟

    موجوده حالتون تمام مايوسيءَ واريون آهن، جتي بورجوازي قوتون گڏجي پيون آهن ۽ ڪوڙا قومپرست وڃي پنهنجي اصليت تي بيٺا آهن، ٻيا ته ٻيا پر اسماعيل راهو ايترو سستو آهي، سوچيو به ڪونه هيوسون، پر ڇا ڪجي ڪامريڊن جي موجوده ڪردار اسان کي قومي جدوجهد ۾ صديون پويان ڌڪي ڇڏيو آهي. بينظير جي حڪومت کي ختم ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ وارا، پنجابين کي گاريون ڏيڻ وارا، پنجابي سرمائيدارن جي حڪومت کي آڌرڀاءُ چئي رهيا آهن. صنعتن تان پابندي ختم ڪرڻ جو خاص مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته هر حالت ۾ سنڌ ۾ پير مضبوط ڪرڻ آهي.
    قوم ڪڏهن سمجهندي ته آقا غلام کي کڻي ڪيترو به نوازي، پر هر اها شيءِ آقا جي ڏنل آهي ۽ هو ڪنهن وقت به کسي سگهي ٿو. هونئن به وڏي عظيم مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍن مفادن کي قربان ڪرڻو پوندو آهي ۽ سامراجي دلال اهو ئي ڪري رهيا آهن، پر اسين ان جي خلاف عظيم مفاد کي وڃائي / گڏي ننڍين ننڍين خيراتن تي هنبوڇيون هڻي رهيا آهيون. هي راهون ڏاڍيون ڏکيون ٿي پيون آهن، هي راهه جا واڍوڙي واڍوڙي آهي اسان کي به واڍوڙي وڌو آهي. سوچ سمجهه تي تالا لڳا پيا آهن. ڄاڻي واڻي انڌا ٻوڙا ۽ گونگا لڳا پيا آهيون. انفرادي طور تي ته کڻي ڪجهه سنڌي وڌي رهيا به هجن، پر اجتماعي طور تي هر هڪ سيڪنڊ هر هڪ قدم اسان کي اونداهي غار ۾ ڌڪي رهيو آهي.
    مجيب الرحمان جانوري
    *
    21 اپريل 1988ع
    مڪلي
    ڪامريڊ سارنگ!
    شال تنهنجي ڄمار سکي گذري.
    پيارا توکان موڪلائي 7 بجي گهر پهتس. رستي تي ٻه دفعا ويگن حادثي کان ذري گهٽ بچي ويئي. ٺٽي واري بس ۾ هڪ مهاجر سان منهن ماري ٿي. اسپتال جي رستي گهر اچي رهيو هوس ته اسپتال ۾ جامع ڪراچي جي ٻن شاگردن جا لاش پيا هئا، جيڪي ڪينجهر ۾ ٻڏا هئا. اها هئي سفر جي ڪهاڻي.
    تنهنجي مائٽن جو خلوص ۽ پيار آئون جي وسارڻ به چاهيان ته انهي لاءِ سڄي زندگي گهرجي. تنهنجن دوستن جي به جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي. جن مون کي اذيت جو احساس ٿيڻ نه ڏنو. وسيم سومرو کان منهنجي طرفان دلي معذرت ڪندا/ معافي وٺندا. ساڻن ملاقات کان پوءِ دل ئي نه پئي چيو ته واپس اچان، پر هتي به پهچڻ ضروري هو.
    آئون توڏانهن جلد ڪهاڻي (تازي) موڪليندس جيڪا تون اتي اصلاح لاءِ ادبي گڏجاڻي ۾ پڙهجانءِ. وسيم مون کي چڱو لڳو، بهرحال هڪڙي ملاقات مان ئي آخري اندازو لڳائڻ نه گهرجي. ڇو جو هو تمام سٺو به نڪري سگهي ٿو. کيس- ميراڻي ۽ راڄپر کي منهنجا خلوص ڀريا سلام مڻن جي حساب سان ڏيندا. سلام ادا غلام مصطفيٰ سميت سڀني مٽن مائٽن کي چوندا. آخر ۾ دعا آهي ته تنهنجي ازدواجي زندگي خوشيءَ سان گذري.
    تنهنجو
    مجيب جانوري


    فرخ جوڻيجو

    14 جون 1988ع
    ساهه کان پيارا سارنگ
    تنهنجو منهنجو ساڻيهه شل سک ماڻي ۽ ٿر سائو ٿئي.
    عرض ته ورهن پُڄاڻان توهان جو موڪليل ڪارڊ مليو، ڏاڍي سَرهائي ٿي، پر افسوس جو مون وٽ توهان جي ائڊريس نه هئڻ سبب جواب دير سان موڪلي رهيو آهيان. اِهو به ڪلهه سومر ڏينهن اياز مليو هو، تنهن کان ائڊريس ورتم ۽ اياز ٻڌايو پئي ته سارنگ شادي ڪئي آهي. بهرحال مان سمجهان ٿو ته اهو توکي شايد پاراتو ڏنئي آهي. پر جيڪڏهن سچ به تو شادي ڪئي آهي ته به مان توکي مبارڪ ڪونه ڏيندس. ڇو ته اسان جا ڪلها اڳئي گسيل آهن. بقول حليم بروهيءَ جي ته ماڻهو شادي ڪندا آهن سُکي زندگي گهارڻ لئه، پر مون شادي ڪئي آهي ذهني پيڙا ڀوڳڻ لئه. ڇا واقعي تو سان اِهو ويل ٿيو آهي؟ اگر ٿيو آهي ته اسان توسان هن غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ جو پرائمري استاد معاشي طرح ايترو ته منجهيل هوندو آهي، جو وانڍو هوندي به خودڪشيءَ بابت سوچيندو آهي. شاديءَ کان پوءِ ته وڏا بار هوندا آهن. بهرحال اگر شادي ڪئي اٿئي ته شال سُک ماڻئين، باقي آهي اِها تمام وڏي جوا شال کٽين! باقي اِهي پهاڙن جا پنڌ کاهوڙي ئي ڪري ڄاڻن تنهنجو منهنجو وس مشڪل آهي. باقي ٻيو ٽوٽل خير آهي. مڙيئي جيون جو جهور بتيلو پيو لهرن ۾ لُڏي. باقي ڪنڌيءَ شل پهچي. گهڻا ڏينهن ٿيا آهن درشن ڪونه ڪرايو اٿئي. اگر هن طرف اچين ته مڙيئي مُنهڙو ڏيکارڻ جي مهر ڪندو وڃ. پر ٿي سگهي ٿو ته هاڻ هن طرف منهن به نه ڪرين.
    ياد اٿئي توکي مون چيو هو ته هاڻ تنهنجو نالو سارنگ لاهي ڏهر ٿا رکون، سچ پچ مون توکي ڏهر پئي سمجهيو. پر تنهنجي ڪارڊ ملڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته سارنگ ٿرين جي سار لڌي آهي. پنهنجو خيال بدلائڻو پيو. وڌيڪ خير.
    فقط تنهنجو
    فرخ ۽ فراق اکر ٻئي هيڪڙي
    حسن هيبتناڪ وڌا وڍ وجود ۾.
    فرخ جوڻيجو


    جلال نور احمد شاهه

    جلالي منزل
    30 سيپٽمبر 1987ع
    ٺٽو
    محترم مٺا مٺو سارنگ غلام محمد شال هن ڪوڙي دنيا جون حقيقي خوشيون ماڻين (آمين ثم آمين)
    گهڻو عرصو گذريو جو توهان وساري ڇڏيو آهي. ۽ نه وري مون لکيو آهي، پر مون وري به توهان محترمن کي وساريو ڪانهي. تنهنڪري قرب جو قلم کڻي، پريت جي پني تي، پيار جو پيغام موڪلي رهيو آهيان جي قبول پوي ته کڻي جواب ڏججو نه ته.....
    يار! اڄڪلهه آئون ڪاليج باقائدگيءَ سان ويندو آهيان ۽ B.A (part.1) جو شاگرد ليکجان پيو. ڪيئن ڇا خيال آهي؟ هن ننڍي عمر ۾ آئون بي.اي جو شاگرد پيو سڏرائجان. اُن مهل مونکي خوشي ٿيندي آهي جڏهن ڪو مونکي بي.اي. جو شاگرد چوندو آهي. يا آئون ڪنهن ٻي کي ٻڌائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهيان. ٻيو ته اڄڪلهه هتي موسم ڏاڍي سٺي آهي توهان پار موسم ڪيئن آهي؟ ڀاءُ مولا بخش جي طبيعت ڪيئن آهي ۽ سندس والد صاحب مليوَ ته سلام چئجوس. کين اسان جي طرفان دعائون چئجوس، شال خدا پاڪ کين صحت عطا فرمائي. چاچا جي طبيعت ڪيئن آهي؟ غلام مصطفيٰ ۽ غلام مرتضيٰ کي مون ۽ ادا طرفان ڀاڪر پائي زور ڏيئي سلام ۽ دعائون چئجو، تون پاڻ متعلق لکج ته ڇا پيو ڪرين؟ ڪهڙيون سياستون پيون ٿين؟ توهان جو ڄام ساقي ڪهڙا ڦاڙها پيو ماري؟ ممتاز ڀٽو ۽ مون وارو مامون ممتاز عقيلي 11 مهينن جي جيل ڪاٽڻ کان پوءِ هرڻ ماري ٻاهر نڪتا آهن. هاڻي سمجهن ٿا سنڌ ۾ آهن ئي اِهي چند فرنٽ جا ليڊر! پليجو هڪ پاسي، جي ايم سيد ٻي پاسي، توهان وارو ڄام وري ٽي پاسي، اِهي ڄڻ فرنٽ وارن اڳيان ڪجهه نه آهن.
    اڙي ها يار! ڪلهه آئون ڪاليج صبح جو ويس ته ڀيڻ مون واري خط ڏنو ته ادي رخسانه کي پوسٽ ڪج، سو مون چيس ته آئون ڪاليج مان ئي پوءِ پوسٽ ڪندم، هن چيو ٺيڪ آهي سو مون پنهنجي رف ڪاپي ۾ وجهي ڇڏيو. لفافو ڪلاس ۾ ڪري پيو، جو هڪ ڇوڪر ذوالفقار علي سهتو جهٽ ڏيئي کڻي ورتو، جنهن تي ادي جو نالو لکيل هو، سو همراه ڏاڍائي ڪري چيو ته تون اسان جي ذات ڀائين کي ٿو خط لکين مون هن کي گهڻو ئي سمجهايو ته اڙي يار آئون نه پر منهنجي گهر مان هي خط ٿو ٻي هڪ ڀيڻ ڏي وڃي پيو، هو نه مڙيو جيئن ته هو مونکان ڏاڍو هو، سو هن ادي جي ائڊريس اتاري ورتي. سو جيڪڏهن هن يعني ذوالفقار علي سهتو يا سندس دوست امير بخش کوسو ٻي ڪنهن فرضي نالي وٽان ادي کي تنگ لاءِ ڪو خط اچي ته انهيءَ کي درگذر ڪري ڇڏيندا. پر سمورو خير و السلام چاچا کي چئجو ته مونکي دعا ڪري ته الله مون کي نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين. چڱو موڪلاڻي.
    فقط
    جلال شاهه
    *
    ٺٽو-سنڌ
    24جولاءِ 1985ع
    محترم پيارا ڀاءُ سارنگ سهتا اسلام عليڪم!
    شال خوش رهين (آمين)
    يار ڪڏهن ايندين؟ والد صاحب جي طبيعت ڪيئن آهي؟ آپريشن ٿيو؟ يا ٿيندو؟ گهر ۾ ڪونه هوس، ٻه ٽي ڏينهن حيدرآباد ويل هوس. اڄ آيوس ته توهان جي لکيل چِٺي ملي. جواب لکي رهيو آهيان.
    خميس ڏينهن هُن (ڪراچي واري) جو اصحابيءَ تي انتظار ڪيوم. پر ڪونه آيا. نه اچڻ جو سبب هڪ اِهو هو جو برسات پئجي رهي هئي ۽ ٻيو ڪراچي جي رستي تي داٻيچي وٽ پُل ٽٽي پئي هئي. تڏهن به ڪافي ماڻهو آيل هئا. اسين ٿوري دير ويهي پوءِ موٽي آياسين. سڀاڻي مهيني جي پهرين خميس (ماهه پهرين خميس، نوچندي جمعرات) آهي. هزارين ماڻهو ايندا. اُميد اٿم ته هو (ڪراچي واري) ايندا. آئون به ڪوشش ڪري ويندس. يار تون هجين ها! ته ڪيترو مزو اچي ها. ڇو تمام گهڻا ماڻهو ايندا.
    وڌيڪ سب خير و السلام فقط .
    جلال نور احمد شاهه
    *


    احمد خان مدهوش

    احمد خان مدهوش جو خط
    محترم سيڪريٽري صاحبان ۽ ڪائونسلر صاحبان سنڌي ادبي سنگت! شاخ اسلام عليڪم!
    آئون ادب جي واسطي سان ۽ هڪ ادنيٰ شاعر اديب جي حيثيت سان گذارش ٿو ڪريان ته سنڌي ادبي سنگت جي اوسر ۽ جمهوري عمل کي جامي پهرائڻ طور ساڳئي نظريه سان، نوان همراه، نَون ارادن سان هڪ پئنل جي صورت ۾ ميدان تي اچي رهيا آهن. جيڪي محترم تاج جويو صاحب جي مقابلي ۾ اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اها به اوهان کي خبر آهي ته سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي سياسي گهن چڪر ڪهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ يا ٻين اهڙن ادارن ۾ ڇا ٿو پيو وهي واپري! تنهنڪري اوهان ڀائرن کي گذارش ٿي ڪجي ته مهرباني ڪري محترم منٺار سولنگي صاحب ۽ يوسف سنڌي صاحب جن جي ڀرپور حمايت ڪري کين ادبي ميدان تي آندو وڃي. آئون ذاتي طور وڏي اميد ٿو رکان ته اوهان، ادب جو گوهر مقصود اسان جي پلئه وجهندا. و السلام
    -احمد خان مدهوش، جوهي


    منور ابڙو

    14 جنوري 1996ع
    خضدار
    پيارا سارنگ سائين!
    اڄ هينئر جڏهن رات جو
    مُنو هڪ ٿيڻ وارو آهي...
    ٻاهر سخت سَردي آهي ۽ برسات به پوي ٿي
    منهنجا پارٽنر سُتل آهن...
    ٽئپ ۾ جگجيت سنگهه جي سُندر آواز ۾ غالب جا غزل وڄن ٿا
    تڏهن هِن سَمي تون مون کي ڏاڍو ياد اچين ٿو.
    وڏو عرصو ٿي ويو آهي
    پنهنجو مِلڻ به نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪو خط پَٽُ
    تنهنجي صحيح ائڊريس به ناهي پر
    بس تون کوڙ ياد اچين ٿو
    جيڪڏهن توکي خط نه لکندس ته ضمير سَمهڻ ڪونه ڏيندو
    سارنگ!
    پنهنجو تفصيلي حال حوال ڏجانءِ
    مان هِتي خضدار بلوچستان ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪري رهيو آهيان
    پليز! خط لکجانءِ
    سليم رضا کي سلام ڏجانءِ...
    وڌيڪ ٻئي خط ۾
    هاڻي سُمهان، ڇو ته سُڀاڻي صبح جو 6 وڳي اُٿڻو آهي
    چڱو خط ضرور لکجانءِ... پَڪ... نِي...
    موڪلاڻي ناهي
    سدائين گڏ
    سنگت جيڪا مِليئي ته سلام
    مسعود جماليءَ جي ايڊريس هٿ اچئي ته موڪلجانءِ.
    تنهنجو ساڳيو
    منور ابڙو
    *

    12 ڊسمبر 1998ع / ڪراچي
    پيارا سارنگ سائين!
    مان هڪڙو ڀيرو اُن کانپوءِ به
    نوابشاهه ته آيو آهيان پر ملي سگهيا ناهيون
    تون ڪيئن آهين؟
    مان هتي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوٽ حنيف
    سان رهان پيو. روزگار جو ڪو سلسلو اڃان جُڙيو ناهي
    ڪڏهن ڪڏهن شاعري ۽ اڪثر مصوريءَ ۾ رُڌل آهيان
    تون اڪثر ياد ايندو آهين
    اڄ ياد جو آئين ته سوچيم ٻه اکر لکي ڇڏيانءِ.
    تون پنهنجو حال احوال ته لکندو ڪر.
    تون مُنهنجي جيوَن جي اُنهن ڏينهن جو
    دوست آهين جيڪي مان چاهيندي به ڀُلائي نه سگهندس
    جيترا اهي ڏينهن ياد ايندا آهن اوترو تون
    بهرحال يادگيري لاءِ ٻه اکر قبول پَون
    سلام دعائون+محبتون سڀني دوستن لاءِ.
    تنهنجو ساڳيو
    منور ابڙو
    *


    يوسف سنڌي

    30 جنوري 1992ع
    دلربا سارنگ! جيئي سنڌ
    تنهنجو خط ۽ مواد پهتو، پبليڪيشن جو کٽڪو نه ڪيو ۽ پئسن جو به نه کٽڪو ڪيو!
    حال احوال مان لڳي پيو ته نوابشاهه واري فنڪشن تاج جي ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏيا آهن. اها پنهنجي ڪاميابي آهي. تڪليفون ته ضرور ٿينديون، خير.
    ڪهاڻي ويهڪ جي نينڍ اڳ ۾ موڪلي چڪو آهيان. آيا ته روبرو ڪچهري ڪبي، نه ته به 14 فيبروري تي ڪاروبار ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ توکي ۽ اسد کي هر حال ۾ اچڻو آهي. جيئن هيستائين پاڻ کٽيو آهي، تيئن اهو رائونڊ به کٽڻ گهرجي. اوهين هر حال ۾ اچجو اجلاس ۾.
    اسد تي زور ڀريو ته سڪرنڊ جون چونڊون ڪرائي جو تاج جو اهڙو بيان هو ’سرواڻ‘ اخبار ۾ ته جن شاخن جون چونڊون نه ٿيون آهن. سي 29 فيبروريءَ تائين ڪرائين. ۽ اسد خود شاخ جو سيڪريٽري ٿئي.
    بيان نه آيو ته خير آهي، اهي بي وڙا صحافي ٺڳن جا پُٽ آهن.
    فوٽا ڏاڍا سٺا آيا آهن. 10 فيبروريءَ جي مئگزين ۾ رپورٽ هلندي
    مووي بابت افسوس ٿيو.
    پبليڪيشن جون 12 ڪاپيون موڪليان پيو. 10 وڪري لاءِ، هڪ تنهنجي لاءِ ۽ هڪ محترم امان الله عباسيءَ لاءِ اعزازي.
    جلد حال کان واقف ڪر.
    يوسف سنڌي
    *

    دڙو- سنڌ
    9 مارچ 1993ع
    پيارا سارنگ! اميد ته خوش هوندين.
    تنهنجو خط پهتو. خوشيءَ سان گڏ ڪافي ڏڍ به مليو. هونئن به اوهان جهڙا دوست ئي ته آهن، جن جي سهاري وقت پيو گذري ۽ ٻڌو اٿم ته 19 مارچ تي نوابشاهه ۾ سنگت مرڪز پاران ڪو پروگرام آهي. دوستن اُتي اچڻ لاءِ چيو آهي، سو ڪوشش ڪري ايندس ۽ پوءِ خوب ڪچهريون ڪنداسين ۽ حال احوال به اورينداسين.
    بس يار، سڄو وکري ويو آهيان، توکي ڇا ٻڌايان ته مون سان ڇا ڇا نه ٿيو آهي. ڪيڏا نه ذهني عذاب سٺا اٿم. ڪي گهڙيون ته اهڙيون به آيون جو دل ۾ آيم ته.... پر پاڻ سنڀالي ويس.
    الائجي ڇو سارنگ! تون ڪافي پري هوندي به ويجهو محسوس ٿيندو آهين (فاصلن جي حوالي سان) مونکي تو سان ٺٽي، مڪلي، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ اهي ڪچهريون بلڪل ياد آهن، جيڪي اسان ڪيون آهن. سچ ته اسان ٻنهي جا مسئلا لڳ ڀڳ هڪجهڙا رهيا آهن. ۽ آئون ان ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته سارنگ منهنجو دوست آهي، جنهن مون سان پنهنجي حال کان به وڌيڪ نڀايو آهي.
    سلام اسد ۽ ٻي سنگت لاءِ
    تنهنجو
    يوسف سنڌي
    *
    15 آڪٽوبر 1993ع
    دڙو-سنڌ
    پيارا سارنگ! اميد ته خوش هوندين.
    ڪافي وقت کان پنهنجي وچ ۾ ڪوبه رابطو نه رهيو آهي، جيڪا ڳالهه ٺيڪ ڪونهي. ٻُڌاءِ ڪهڙا حال اٿئي. وقت ڪيئن پيو گذري.
    اسد جا ڪهڙا حال آهن... خبر ئي ڪانهي ته ڪٿي آهي؟
    ناشاد صاحب جو ڪتاب آيو آهي، ڪيئن لڳو؟
    سنگت پبليڪيشن ۽ فوٽن جا ڪجهه پئسا اوهان تي رهيل آهن. شايد 500 کن جي مناسب سمجهو ۽ ڏيڻ جهڙا هجو ته عنايت ڪجو. اڄڪلهه گهڻو پريشان آهيان.
    هيءَ ڪتابن جي فهرست موڪليان پيو، جي ڪجهه سيٽ هلائڻ ۾ مدد ڪيو ته آل اولاد سميت ٿورائتو ۽ دعاگو رهندس.
    سلام: اسد، محمد بخش، بخشل، مير منظور، مراد، فياض چنڊ، انگن چڙهيو انگ جي ليکڪ دوست (ذهن تي ڪافي زور ڏيڻ کانپوءِ به نالو ياد نه ٿو اچي) کي ڏيندا.
    اوهان جو پنهنجو
    يوسف سنڌي
    *

    5 مئي 1996ع
    دڙو-سنڌ
    پيارا سارنگ! اميد ته خوش هوندين.
    اڄ جمع آهي. دل ۾ خيال آيم ته نماز پڙهجي. شايد ان ڪري به ته جڏهن ماڻهو شديد مايوس ٿيندو آهي ته پوءِ خدا ڏانهن ئي رجوع ٿيندو آهي.
    منهنجي مايوسين کي تون الائجي سمجهين به ٿو يا نه، پر ايترو سو اندازو ضرور اٿم ته توکي انهن شين جو احساس ضرور هوندو. الائجي ڇو، ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو اٿم ته مون تو ڏانهن ڪو گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي، پر تنهن هوندي به گذريل ڏهن ٻارنهن سالن کان (مڪليءَ کان وٺي نواب شاهه تائين) تون ئي منهنجو دوست رهندو پيو اچين. مڪلي، جنهن مون کي تو جهڙو دوست ڏنو ۽ اها مڪلي ئي آهي، جنهن مون کان منهنجو دوست/ سڀ ڪجهه کسي ورتو.
    تو مون سان ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي آهي، پر پوءِ به مان سمجهان ٿو ته توکي مون کان ڪي شڪايتون ضرور هونديون.
    نواب شاهه تو وٽ ٻه دفعا آيس، تو منهنجي توقع موجب پنهنجون سڀ مصروفيتون ڇڏي مون کي ”پناهه“ ڏني. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي. مون سڄي عمر ماڻهن کي پناهون ڏنيون آهن. سندن ڏکن دردن ۾ ساڻن گڏ رهيو آهيان. پر جڏهن مونکي پناهه جي گهرج پئي ته اهي سڀ مون کان منهن موڙي ويا. وري به سارنگ اهو ئي رهيو، آهي نه عجيب! تون سچ ئي ته چوندو آهين، ”تون هروڀرو ماڻهن کي سندن حيثيت کان وڌيڪ اهميت ڏيندو آهين. پوءِ اهي ئي ماڻهو توکي غير اهم سمجهي ڇڏي ڏيندا آهن.“
    مون کي هاڻ اندازو ٿيو آهي ته آئون ئي ماڻهن جو دوست رهيو آهيان پر منهنجو ڪوبه دوست نه ٿيو آهي.
    وقت ڪيڏو نه عجيب آهي. سڀ ڪجهه سمجهائي ٿو ڇڏي. پر تون منهنجو دوست ئي رهيو آهين. زندگيءَ ۾ هاڻ ڪوبه مزو ڪونه ٿو اچي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم سم پنهنجن خيالن ۾ ويٺو هوندو آهيان. يا وري طبيعت تي جبر ڪري، ڪونه ڪو ڪتاب پڙهڻ يا ٻيو ڪو ڪم شروع ڪندو آهيان. حيدرآباد ويندو آهيان ته جلدي واپس ڀڄڻ جي ڪندو آهيان!
    ڪڏهن ڪڏهن لڙڪ بي اختيار وهڻ لڳندا اٿم. ماڻهون ڪيڏا نه پنهنجي ’انائن‘ جي خول ۾ بند آهن. تون حيدرآباد هوندو آهين، ڪڏهن ڪڏهن ته ايندو ڪر. نوابشاهه اچڻ لاءِ وڏي جرئت کپي. جيڪا مون ۾ ڪونهي.
    تنهنجو پنهنجو
    يوسف سنڌي


    عبدالله بروهي

    پيارا سارنگ!
    سدائين خوش هجين پنهنجن معصوم خيالن سان، پنهنجن گلن جهڙن ٻارن سان، پنهنجي ماءُ ۽ ڀائرن جي همدردين سان (آمين)
    ڇا اسان رڳو زندگيءَ ۾ پريشانين جو بوجهه کڻڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون؟ نه هرگز نه! جتي اسان جي زندگيءَ جون مشڪلاتون، مصيبتون، ڏکايون، مجبوريون ۽ مايوسيون آهن، اتي الله پاڪ جي طرفان عطا ڪيل قوت، خود ارادي، همت ۽ هميشه سٺي مستقبل جي تمنا اسان جي زندگي جي ڪامپليڪس مئٽميٽڪس جي اڻپوري حساب جي حل لاءِ هڪ ايڪيوشن (Equation) آهي، يار ڀلا هڪ انسان جي ان کان وڏي ڪهڙي خوشقسمتي ٿي سگهي ٿي، جو ان کي تو جهڙو سچو دوست هجي، جنهن جو من هيري وانگر چمڪندڙ ۽ شيشي وانگر صاف هجي. منهنجا راڻا توهان ايئن ڇو لکيو آهي ته توهان پنهنجي پاڻ کان رُٺل آهيو ۽ توهان نه مدد ڪرڻ جي مون کان معافي به گهري آهي؟ سائين منهنجا هڪ ته مان اوهان کي هميشه ان ڳالهه تي ٽوڪيندو رهيو آهيان ته توهان هميشه مايوس رهو ٿا ۽ مايوسيءَ جون ڳالهيون پڻ ڪريو ٿا. ان جي نتيجي ۾ اوهان پنهنجي عطا ڪيل صحت جهڙي عظيم تحفي کي تيزاب جهڙي تيز عمل ڪندڙ مايوسي ۽ پريشانيءَ سان بڳاڙي ٿا ڇڏيو. رهي ڳالهه منهنجي مالي واهر جي ته اوهان جي ياد لاءِ ته ان ڏينهن وارو منهنجو رويو سٺو ان لاءِ نه هو ته ڪو مان مالي طور گهوٽالي ۾ آهيان، يا ڪو اوهان کان مان مالي سپورٽ (Support) حاصل ڪرڻ پئي چاهيم! پيارا ڀاءُ مون کان وڌيڪ ڪير تنهنجي حالت سڃاڻي سگهي ٿو ۽ اُن صورت ۾ مان اوهان کان اهو ڪيئن اميد ڪري سگهان ٿو ته اوهان پنهنجي معصوم ٻارن کي تعليم نه ڏياري ۽ انهن جي خفن کي ماري منهنجي واهر ڪيو، هر گز نه! شڪريو! مهرباني! مان سوچيو هو ته شايد هاڻي پرچڻ کانپوءِ پوءِ تمام جلد جلد (frequently) اوهان مون وٽ ايندا رهندا ۽ ائين پنهنجي سڪ جي اُڃ اُجهائيندا رهنداسين، پر افسوس ڀاءُ توهان پنهنجي خط ۾ مون سان بلڪل اوپرائپ واري لهجي ۾ ڳالهايو آهي ۽ يار معافين مٿان معافي گهري آهي. قسم آهي مونکي تنهنجي سچائيءَ جو، اگر منهنجو وس پُڄي ته هوند 24 ڪلاڪ مان اوهان سان گڏ رهان، شايد هاڻي نهايت پرامن نموني، پر ان جو به پورو احساس اٿم ته شايد هاڻي اوهان اهو نه ڪيو. خير! سائين منهنجا مان روز ٻه يا ٽي دفعا مرتضيٰ وٽ فون ڪري اوهان جو پُڇندو رهندو آهيان، پر اوهان وڃي نوابشاهه وسايو آهي. ٻي ڳالهه ته جيئن ته مان هڪ اهڙي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهيان جو اَنا ۽ غيرت سڀ ڪجهه قربان ڪري پنهنجي پاڻ کي 98 واري امتحان ۾ ڪامياب ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ان لاءِ ضروري آهي ته بقايا 9 مهينن ۾ مان گهٽ ۾ گهٽ 16 يا 17 ڪلاڪ اسٽڊي ڪري سگهان. سائين منهنجا توهان کان ڇا لڪائڻ منهنجي اسٽڊي نه ڪرڻ جي پريشانيءَ ۾ منهنجيون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، پر اسٽڊي بلڪل نه پيو ٿو ڪريان، پر تمنا اٿم ته تمام گهڻو پڙهان. ان لاءِ مان اوهان کي هڪ نهايت سنجيدگيءَ سان اهو عرض/حڪم ٿو ڪريان ته هر حال ۾ محمد سان نه پر اوهان ڪنهن Working day تي جيئن محمد آفيس هجي اوهان صبح جو (يا يقين ممتاز کي وٺي نه ويندا) اڪيلو منهنجي ڳوٺ هليا وڃو ۽ منهنجي پيءُ کي منهنجي ٿيندڙ نقصان کان آگاهه ڪريو. اوهان ان کي اهو يقين ڏياريو ته مونکي ٻه سال حيدرآباد ۾ اوهان جي هٿان هر مهيني 2000 ڏياري موڪلڻ سان ڪيئن نه منهنجو مستقبل ٺهي سگهي ٿي ۽ نه ڏيڻ سان ڪيئن نه مان تباهه و برباد ٿي سگهندس ۽ اوهان ان کي ان کان به آگاهه ڪيو ته گذريل 5 مهينن کان مان 10000 کان وڌيڪ قرض کڻي چڪو آهيان ۽ اڃا تائين داخلا في جيڪا 2400 آهي، جنهن جي آخري تاريخ گذرئي پنج مهينا ٿي ويا آهن پر مان نه پياري آهي ۽ اگر مان 10 يا 15 ڏينهن اندر نه پياري ته شايد منهنجي داخلا هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي ۽ پاس ڊگري به نه ملي سگهندي ۽ ائين شايد پنهنجون ناڪاميون ڏسي مان انهن کان هميشه هميشه لاءِ تمام پري هليو وڃان (ان جو مطلب اهو هرگز نه ٿيو ته مان خودڪشي ڪندس) ها اگر راضي ٿي وڃي ته مهرباني ڪري 5 يا 6 هزار مون لاءِ وٺي ايندا ته جيئن مان قرضين جا ٿورا لاهيان، ورنه شايد مان هن شهر ۾ وڌيڪ رهي نه سگهان. اميد ته اوهان منهنجي پيءَ کي ڪنوينس ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويندا. ها ياد رهي ته اوهان منهنجي پيءَ وٽ وڃو يا نه وڃو، اوهان کي 6000 هزار ملن يا رپيو به نه ملي، پر اوهان مون وٽ تمام جلدي ايندا رات رهڻ لاءِ، تمام جلد 17 کان به اڳ ۾ يعني خط ملڻ شرط اگر منهنجي ڳوٺ وڃو ته ٻئي ڏينهن نه ته انهيءَ ڏينهن. مهرباني هيٺ مان پنهنجي ڳوٺ جي ائڊريس لکان ٿو.
    دوڙ اسٽاپ جيڪو ڪچهري روڊ تي پوليس لائين وٽ آهي اُتان ڪنهن به دوڙ ويندڙ سوزوڪي/بس/ڊاٽسن ۾ ويهي پنج روپيه ڪرايو ڏيئي ٻُڍاپور وارو رستو يا ڪرم خان لاشاري اسٽاپ تي لهندا، اُتان مهرباني ڪري اوڀر طرف هڪ ڪلوميٽر جو سفر ڪري ريلوي لائن تي پهچندا ۽ اُتي ڪنهن کان به پڇندا ته علي بخش مگسي / بروهي جو ڳوٺ/گهر ته اوهان بلڪل آسانيءَ سان منهنجي پيءَ جي اوطاق تي پهچندا. مهرباني

    اوهان جو قدردان
    عبدالله بروهي
    *
    سائين سارنگ صاحب!
    جيئن ته اوهان کي خبر آهي ته مان خط لکڻ جي معاملي ۾ ڪيڏو نه سست آهيان، پر صاحب ڇا ڪجي! ”دل تو پاگل هي“ دل دل ۾ دليلن جي ڏي وٽ، شڪوا ۽ شڪايت، درد ۽ فراق، بيوسي ۽ بي حالي، لاچاري ۽ مجبوري جي ديڳ لهي ۽ چڙهي ٿي. ماڻهو ڪوبه ۽ ڪنهن به ڪم ۾ پرفيڪٽ (Perfect) نه هوندو آهي ۽ نه وري ڪا اهڙي توقع ڪجي. اوهان جڏهن تقريباً چار مهينا اڳ ۾ مون سان اهو واعدو ڪيو هو تڏهن کان منهنجو ڌيان ان طرف تمام گهٽ ويو ته ڪو اوهان سڀاڻي پنهنجون چار مجبوريون ٻڌائي ڦري ويندا، پر منهنجو پل پل صرف ان ملاقات دؤران منهنجن ممڪنه ڊائيلاگس جي تياري تي گذريو. زينت لاءِ مان ڪيترو پريشان آهيان، ان جو توهان کي تمام گهٽ احساس آهي. اوهان جنهن انداز ۾ مون سان واعدو ڪيو هو ۽ جنهن انداز ۾ وچ ۾ وقتي طور ڦري ويا ۽ وري ان تي قائم رهڻ جو يقين ڏياريو ۽ پوءِ ڊرامائي انداز ۾ ڦري ويا، سو منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڌوڪو آهي، پر افسوس جو اهو ڌوڪو ان ماڻهوءَ ڏنو آهي، جيڪو مونسان عشق ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، منهنجي هر درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو، جيڪو مونکي هميشه خوش ۽ زندگيءَ ۾ ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿو ۽ جنهن کي مان پنهنجي زندگيءَ جو نه وڃائيندڙ سرمايو سمجهان ٿو ۽ جنهن سان وڌ ۾ وڌ سچائيءَ جي مظاهري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، اڳ ۾ جڏهن زينت کي گيلريءَ ۾ ڏسي پنهنجي درد کي ۽ دل کي اهو دلاسو ڏيندو هوس ته ”انتظار! اي دل اڃا انتظار!“ جڏهن هوءَ ڪنهن ٻئي کي اشارا ڪندي هئي ته مان باهه ٿي ويندو هوس ۽ چاهيندو هوس ته پوري دنيا کي دوزخ واري باهه ڏيئي جلائي رک ڪري ڇڏيان، پر پوءِ وري ساڳي ڳالهه ته ٿورو انتظار ڪرايان، ڇو ته چوندا آهن ته انتظار جو ڦل تمام گهڻو مٺو هوندو آهي، پر اها ڳالهه منهنجي معاملي ۾ تمام ڪڙي ثابت ٿي. مون کي اهو احساس آهي ته اوهان اڪيلا ٿا رهو، اوهان جي wife بيمار به آهي، ۽ اوهان کي ڪنهن به مهل پئسن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي، پر منهنجا سائين آئون دل جو مريض آهيان، بي گهر، بيوس، لاچار ۽ بي يارومددگار آهيان، غمن، تڪليفن، منهنجي اندر ۾ گهاوَ ڪري ڇڏيا آهن. توهان ڪنهن کان ڪجهه پئسا اُڌارا ئي وٺي منهنجي مرض جو علاج ڪرائي پئي سگهيا. پر اوهان کي ڪم ته وري به اوهان جي وائف ايندي ۽ اها ڪڏهن به بيمار ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري اوهان کي ظاهر آهي، ان جو خيال رکڻو آهي. ڪاش منهنجي مدد ڪرڻ وارو ڪو هجي ها. توهان اهو نه سوچجو ته ڪو عبدالله هاڻي ڪاوڙجي ويندو. مان اوهان کان هرگز ڪاوڙ نه ڪندس، پر مان اوهان کي پيرين پئي، ٻچن جو قسم ڏيئي ۽ دل جي دنيا جي آقا جو قسم ڏيئي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي مدد لاءِ فوري اچ. آخر ۾ لالچي نه ٿي، شايد آزمائش جا ڏينهن تمام ٿورا آهن. زينت سان هڪ ملاقات لاءِ مان اوهان جي هر محرومي دور ڪرڻ ۽ هر شرط قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. مان قسم کڻي چوان ٿو ته اگر اوهان مون سان ان جي بدلي ۾ برو فيل ڪرڻ چاهيو ته ڌرتي جو قسم ۽ زينت جو قسم مان اهو به ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر 1 يا 2 تاريخ تي زينت سان ملاقات ناگزير آهي. ان کان سواءِ مان زنده رهي نٿو سگهان. لحاظه مون ٻي صورت ۾ هتان 5 تاريخ تائين هليو وڃڻ جو سوچيو آهي. خبر ناهي ته ڪاڏي هليو ويندس، پر اها خبر ضروري آهي ته واپسيءَ جا ٻيڙا ضرور ساڙي ويندس. اگر اوهان کي منهنجو احساس نه ٿئي ۽ اوهان arrange نه ڪريو ته پوءِ هڪ ننڍو ڪم ضرور ڪجو ته 3 تاريخ تي صرف 500 روپيه مون لاءِ کڻي ايندا ته جيئن مان ان ڏينهن ڪرايو ڪري هتان هميشه لاءِ هليو وڃان ۽ خود به مون سان الوداعي ملاقات ڪندا ۽ عامر کان اجازت وٺي ڏيندا. مان وڌيڪ نه ٿو لکان، ان اميد سان ته اوهان 2 يا 3 تاريخ تي ايندا ۽ مونکي تباهيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ جي نه ته مهرباني ڪر صرف 500 روپيه ڪرائي جا ڏيندا. باقي اهو نه سمجهندا ته مان اوهان کان ناراض آهيان ۽ يا وري آئنده ڪڏهن ٿيندس.
    خدايا اسان تي رحم ڪريو.
    فقط
    عبدالله بروهي


    سرور

    8 نومبر 1991ع
    نيڪو سيا (قبرص)
    سارنگ جاني! اميد ته خوش هوندين.
    يار خط ۾ ڪجهه دير ٿي وئي. ها نه. پر مون کي تنهنجيءَ ڀاڀيءَ خط ۾ لکيو هو ته تون منهنجي ائڊريس وٺي ويو آهين. سو مون انتظار پئي ڪيو تنهنجي خط جو. اڃا تائين ته ڪونه مليو آهي. نه لکيو هجئي ته هاڻي لکجان.

    هتي آيس، شروع ۾ ته ڏاڍو وائڙو وائڙو محسوس ڪيم، گهٻرايل گهٻرايل، پر ٻئي ٽئي ڏينهن تي هتي جي ماڻهن جو رويو ڏسي پُراعتماد ٿي ويس. هتي جا ماڻهو ڏاڍا پيارا آهن. ٿورڙا ٿورڙا بيوقوف به آهن. انهيءَ ڪري مون کي پاڻ جهڙا لڳن ٿا. مون وٽ اهو تصور هو هتي جي ماڻهن جي متعلق ته هي ڏاڍا ڪي مشيني ۽ ماديت پرست هوندا. پر اهو تصور غلط ثابت ٿيو. هتي جا ماڻهو ڏاڍا محبت ڪرڻ وارا، مهمان نواز ۽ جذبات سان ڀرپور آهن. هتي جي آبادي ٿوري آهي. نظام سٺو آهي. عام ماڻهو ذهني انتشار جو شڪار نه آهي. ڪراچيءَ واري ڀڄ ڊُڪ نه آهي. ماڻهو ڪمائن ٿا، پر ڪتن وري ڇڪ ڇڪان معاشي طرح نه آهي، جيئن پاڻ وٽ آهي. اڪثريت ماڻهن جي اصول پرست آهي، معاشرتي طرح. هر ماڻهو پاڻ کي معاشرتي سرشتي سان ڳنڍيل محسوس ڪري ٿو. جوابداري محسوس ڪري ٿو. طبقاتي فرق هتي به آهي. پر محسوس نه ٿو ٿئي. ڀنگيءَ جو ٻار ۽ وڏي سينيٽر جو ٻار هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهن ٿا. ايترو ذلت آميز طبقاتي فرق نه آهي، جيترو پاڻ وٽ آهي. هتي جي ماڻهن جي سوچ ۾ مشرقيت ڇلڪي ٿي. ڪلبون، ڊسڪو، اگهاڙا ناچ وغيره سڀ ڪجهه آهي، پر تڏهن به عام ڇوڪريءَ جي اکين ۾ حياء به هوندو آهي.
    هتي جون ڇوڪريون قيامت آهن. اصل، مصيبت آهن ٻيو. منهنجو مطلب آهي ته ڏاڍيون خوبصورت آهن. 100 ۾ ڪا هڪ هوندي جنهن کي بدصورت چئي سگهجي. ٿورڙو بيوقوف به آهن. انهيءَ ڪري هنن جي اکين ۾ بيوقوفي گاڏڙ حياء ڏسي دل ۾ ڪتڪتاڙيون ٿينديون آهن.
    هتي جي آمدنيءَ جو ذريعو سياحت آهي. انهيءَ ڪري غير ملڪين کي هتي اکين ۾ جايون ڏيندا آهن. آمدنيءَ جو ٻيو ذريعو زراعت آهي. انهيءَ ڪري کاڌي پيتي جون شيون تمام سستيون آهن.
    تخليقي ڪم ڪرڻ لاءِ هي بهترين جاءِ آهي. هر طرف سڪون ئي سڪون آهي. ماڻهو اچي هتي بدلجو وڃي. بلڊپريشر جو مريض يا مون وانگر الجهيل الجهيل، زندگيءَ جي رڳو منفي رخ کي ڏسڻ وارو به پرسڪون ۽ ٿانيڪو ٿيو پوي. هتي هر ڳالهه بهترين آهي، بس خرابي صرف هڪ آهي. اها هيءَ ته هتي غير ملڪيءَ کي هتي جي شهريت نه ٿي ملي سگهي. ڀلي ڇا به ڪري. خاص طور تي ترقي پذير ملڪن جي ماڻهن لاءِ ويتر وڌيڪ سختي آهي. هتي جي ڇوڪريءَ سان جيڪڏهن ڪو شادي به ڪري تڏهن به شهريت نه ملندي. ها باقي ٻاهران سرمايو کڻي اچي هتي لڳائي، ته پوءِ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي. يا صرف محدود مدي لاءِ نوڪري، سياحت، پڙهائي وغيره لاءِ اچي سگهجي ٿو. باقي مستقل هتي رهڻ ناممڪن.
    يورپ جي ٻين ملڪن کان هتي هڪڙي ڳالهه سٺي آهي ته ماڻهن ۾ جذبا آهن، مشين نه ٿا لڳن، اقدار اٿن. ماڻهو هتي اڪيلو محسوس نه ٿو ڪري. مڪاري به هتي گهٽ آهي، چوري چڪاري يا جهيڙا جهٽا هتي ٿين ئي ڪونه. ماڻهو رات جو دروازن کي تالا نه لڳائيندا آهن. جرم جي شرح تمام گهٽ آهي.
    تون به چوندين ته هي مون ڇا شروع ڪري ڏنو. پنهنجي متعلق ته ڪجهه لکيم ئي نه... سو پنهنجي متعلق هي آهي ته هتي WHO جي طرفان اليڪٽرانڪس جو ڪورس ڪيون پيا. ٻين ملڪن کان به چونڊ ڇوڪرا آيا آهن. مان شام جو هڪڙي ٻئي پرائيويٽ ڪالج (هتي اڪثر وڏا ڪالج پرائيويٽ آهن، معيار تمام سٺو اٿن) ۾ ڪمپيوٽر جا ڪجهه شارٽ ڪورس ڪريان پيو.انهيءَ لاءِ پئسا ڀريندو آهيان. اسان کي جيڪي پئسا ملندا آهن اهي عام ضرورت کان گهڻو مٿي هوندا آهن. انهيءَ ڪري مون ٻئي ڪالج ۾ به داخلا وٺي ڇڏي. هتي نوڪري ڪرڻ جو شروع ۾ خيال هو. پر پوءِ خبر پئي ته هڪ ته اهو غير قانوني آهي ۽ ٻيو ته هتي نوڪري ملڻ، غير ملڪيءَ کي، مشڪل آهي. انهيءَ ڪري وقت کي سجايو ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ۾ داخلا ورتي اٿم.
    هڪڙو ٻه دفعا اگهاڙي ناچ (Cabret) ۾ وڃي چڪو آهيان. هتي جي ڇوڪريءَ کي اڃا جنسي طرح نه چکيو اٿم. پر چکندس، ڪجهه دير سان.
    پڙهائي جيئن ته ڊبل آهي. انهيءَ ڪري تفريح لاءِ وقت گهٽ ملي ٿو. اڪثر وقت پڙهائي کائي وڃي ٿي.
    کاڌو پيتو سستو آهي. هتي جو نظام ڏاڍو سٺو آهي. سٺو وقت پيو گذري. تون ٻڌاءِ. پنهنجا احوال ڏي. رسول ڇا پيو ڪري. مليو آهي ويجهڙ ۾. حمزي جي Love وارو معاملو ڪٿي پهتو. عامر (سڪرنڊ) جا احوال ڏي. خالد ملندو اٿئي؟ تو وارو دوست صحافي (نالو وسري ويو، معاف ڪجانءِ) ڪهڙن حالن ۾ آهي. لطيف سنگت ڪيئن پئي هلي. ڪا ادبي ڪاوش؟
    بي.اي واري امتحان جو ڇا ٿيو؟ رزلٽ آئي؟
    فارم پارٽ 2 جو جڏهن ڀرجي ته منهنجي في ڀاڄاهينءَ کان وٺجان. فوٽو به، ٻي ڪا ڳالهه ذهن ۾ نه پئي اچي. چڱو تنهنجي خط اچڻ تائين موڪلاڻي ڪانهي.
    فقط
    سرور


    عامر رند

    19 آگسٽ 1991ع
    سڪرنڊ
    مانورا سارنگ! حق موجود.
    سدا سُرهو رهين. ڪافي غور و فڪر کان پوءِ هي ڪجهه لفظ لکي رهيو آهيان. مان هاڻي زندگي جي معنيٰ ۽ مفهوم تي سوچڻ شروع ڪيو آهي. نيٺ ڪجهه نه ڪجهه سمجهڻ ۾ ڪامياب ويندس. هينئر ته زندگي ڪنهن اڻپوري عيبدار سپني سمان آهي. مان جيئڻ چاهيان ٿو. ٻُڌ سارنگ! تنهنجي ڪلهن تي چڙهي نه. مان جو ڪلهو مان جو ڪنڌ جو وزن برداشت ڪري سگهي ٿو. مان تو وٽ هينئر شايد نه اچان. ڇو؟ سا پروڙ مان کي ناهي. تون خوشنصيب آهين. تو وٽ سٺا دوست ۽ ساٿي آهن. جڏهن ته مان گهر جي ڪنڊ ۾ پيل فقط فقط هارايل جوئاري آهيان. جنهن پنهنجو سڀ ڪجهه هڪ داءٌ ۾ وڃايو هجي. مان جي مٿي تي مائٽن جو بار نه هُجي ها ته مان هن ڌرتيءَ کي ڇڏي ڪاڏي ڀڄي وڃان ها. جتي منهنجو ڪير به سڃاڻون نه هُجي ها. اُتي ڪير به مان جي دردن، ڏکن، محرومين کي سمجهڻ وارو نه هجي ها. مان کي تو جهڙن ۽ ٻين ڪيترن دوستن جو گم ٿيڻ جو ڏک آهي.
    لک لعنت اٿئي زندگي / وقت
    تو ڇني ڇڏيا سڀ ماڻهو مون کان،
    ۽ ڀٽڪي ويس صحرائن ۾،
    ڪنهن اڻڄاتي سپني سمان!
    معاف ڪجان سارنگ هي وابستگيون لمحن ۽ پَلن ۾ ٽوڙي نٿيون سگهجن. تون سڪرنڊ مون وٽ نه اچجان. شايد مان نه هجان/ نه ملان. تون خط لکي ڇڏجان، جيڪو ملندو. جنهن وسيلي اسان هڪٻئي جي مئل احساسن کي سمجهندا سين ۽ جيئارڻ جي ڪوشش پڻ ڪنداسين. تڪڙ ۾ هٿ ڏڪن پيا ۽ اکر الاءِ ڪيئن پيا لکن.
    ڪنهن جو به نه
    عامر رند
    *
    17 سيپٽمبر 1991ع سڪرنڊ
    سارنگ! حق موجود! اُميد ته باغ بهار هوندين.
    هينئر رات جا تقريباً اٺ ٿي رهيا آهن. سامهون تي.وي تي اذان هلي رهي آهي. مٿي ۾ سور آهي. شايد ٻارن کي پڙهائڻ ۽ ڪجهه سوچڻ ڪارڻ سور مٿي ۾ پيو آهي. اڄ شام جو اسد ڀٽي ۽ پير فخرالدين مليا. ساڻن ڪجهه ڪچهري ٿي. پندرنهن ويهه منٽ اڳ اوچتو لاڙڪاڻي وڃڻ جو پروگرام ٿي ويو آهي. فيصلو سڀاڻي ئي ڪندس ته ڪانئين بجي واري بس ۾ وڃان. وڌيڪ خط لاڙڪاڻي وڃي لکندس.
    ٽيو ڏينهن سڪرنڊ مان گلشن شيخ ۽ مان گڏجي لاڙڪاڻي آياسين. گلشن رستي ۾ باڊهه لٿو. جڏهن ته مان لاڙڪاڻي آيس. Station تان لهي Bus stand ٽانگي وسيلي ويس. اتان بس وسيلي Berochandio آيم سج اُتي لهي چڪو هو. Bero Chandio کان لهي ڳوٺ روانو ٿيم. اڪيلو ئي اڪيلو. اوندهه. سارين جي اُٻس. پاڻي ۾ ڏيڏرن جي کڙڪي جو آواز ۽ ٽاپَ تي وکريل مٽي. رستي ۾ ايندڙ تي. چار قبرستان ۽ منجهن ڊيڄاريندڙ آواز رستي ۾ آيا ۽ اڳتي هلي گهاڙ ڪپ تي واري جو راڄ تقريباً هلڻ ئي نه ڏيندو آهي. ۽ سڄو پنڌ مايوسي ذهن تي سوار رهي. ان اونداهي ماحول ۾ مون ڪوشش ڪئي ته ٻيو ڪجهه نه ته فقط مستقبل بابت ٿورو گهڻو سوچيان، ڪوشش ڪري ڪجهه پور پچايم، وري ڇا ڪجهه به نه آخر ۾ فقط ڳوٺ اڳيان هو نه سوچ، ۽ ايندڙ سارنگ اسد يا مستقبل.
    رات ننڊ نه آئي. صبح جو اُٿي وڃي ڪمري ۾ ستم. ڪجهه ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ کانپوءِ اُٿي وهنجي ناشتو مس ڪيم ته مامو ۽ هڪ سئوٽ آيا ته هل ٻنيون گهمي اچون. ٽنهي وٽ ٻه ناليون بندوقون هيون. اٺ ڏهه فائر ڪياسين، پر ڪوبه پکي شڪار نه ٿي سگهيو. منجهند جو واپس اچي مڇيءَ سان ماني کاڌيسين. ان بعد لائيٽ وڃڻ ڪري سامهون واهه هو اُتي وڃي ويٺاسين ۽ اڄ وري يارهين ڌاري ننڊ مان جاڳ ٿي. مهمان هجڻ جي ڪري دير سان اُٿڻ جو جو ٽوڪون ڪونه ٿا هڻن، پر ڀوڳ ڀوڳ ۾ کلن ضرور ٿا.
    حال احوال مڙئي خير آهي، خط ڪجهه وڏو لکڻ جو خيال هو پر مامو ۽ ٻيا ٽريڪٽر ذريعي شهر وڃي رهيا آهن ته هن ڪري مڙئي ٿيو خط پورو ڪرڻو.
    ڪنهن جو به نه
    عامر رند
    *
    22 جولاءِ 1991ع
    لاڙڪاڻو
    خزان حال اوري ته ڪنهن سان اوري،
    سڀ جي سکيا بهارن جون ٻوليون.
    مانوارا سائين سارنگ! حق موجود.
    اُميد ته سدا سُرهو هوندين. هيءَ خط توکي لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تان لکي رهيو آهيان. رات جو وچون پهر آهي. خاموش ماحول. دل ڏاريندڙ اونداهي (لائيٽ ڪجهه پل اڳ وئي آهي). مان ۽ ڀرسان پيل ٿيلهو، ڪجهه وقت لاءِ سنڌ اچڻ ٿيو هو. الائي ڪيئن الائي ڪٿان ٽائيم ڪڍي فقط نواب شاهه آيس. تو لاءِ در کڙڪايم، چاچو نڪري آيو. تاريخ 21 سيپٽمبر 1991ع ٽائيم هڪ لڳي ٽيويهه منٽ. چيائين سارنگ اسڪول آهي، اسڪول موڪل ٿي چڪي هئي. ٻار گهر واپس وڃي رهيا هئا. مون محسوس ڪيو ته تون گهر ئي آهين. ساڳي رڪشي ۾ اسٽيشن آيم. فقط مُنو ڪلاڪ نواب شاهه منجهه رهيم ۽ پوءِ وري گاڏي ۾ چڙهي سکر آيس. ۽ اُتان لاڙڪاڻي. سمورو ماحول مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل، مان به پيو دفن ٿيان. مان توکي هي ٽيون خط لکي رهيو آهيان. پر جواب تو هڪ جو به نه ڏنو آهي. مان توکي هر ماڻهوءَ وٽ رٽيل جملو ”يار وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين جو جواب ئي نٿو ڏين“ نه چوندس. تون مرضيءَ جو مالڪ آهين. مان جي خيال ۾ هر ماڻهوءَ وٽ فقط مرضي ئي آهي. جنهن ۾ هو ڪجهه حد تائين بااختيار آهي. مان قبوليان ٿو. تو وٽ اِهو اختيار آهي ۽ توکي ملڻ به کپي. پر الاءِ ڇو مان محسوس ٿو ڪريان ته پاڻ پري ٿيندا پيا وڃون؟ الائي ڇو؟ ڇا ڪارڻ آهن؟ هيترا ويجها دوست هوندي به. ڇا ائين ته ڪونه آهي جو اسين هڪٻئي جي احساس جو قدر نٿا ڪريون؟
    جڏهن ضلع جعفرآباد مان هليس ته تون ذهن ۾ هُئين. تقريباً اٺن نَون ضلعن مان ٿيندو، تو وٽ آيو هئس. وري مايوسي مان ڄڻ سنگم.
    ڇا لکان، لکڻ لاءِ لفظ آهن، پر مان نٿو چاهيان ته تو ڏي مايوسيءَ سهيڙيل خط لکان. وقت جي وير ظالم آهي. ڪا به خبر ناهي ته وقت جي وير ڪٿي لوڙهي. دفن ڪندي. پر وقت ۽ ها ساڻس گڏ اوسيئڙو. بيڪار زندگي جي اختتام جو اوسيئڙو ته فطرت طرفان موت جو ٻکُ، انتظار، اوسيئڙو، ڏڪندڙ هٿ وکريل سوچون، هروڀرو پين مان مس جو کُٽڻ، ڄڻ پين جي ڪاوڙ ته واهيات لفظ سندن مان ڇو لکجن. پر پين جي مجبوري ۽ ها پوءِ لکڻ لاءِ ڇا لکڻ مان جي مجبوري آهي. ڇو شايد دوست وساري نٿا سگهجن.
    درد- پيڙاءُ پنهنجا ساٿي. سارنگ! زندگي جي ڇاتيءَ مان خوشيءَ جو کير سُڪي چڪو آهي. نٿو جيءَ سگهجي. حساسيت يا حرامپائي.
    عامر رند


    سڪندر هاليپپوٽو

    22 سيپٽمبر 1991
    جهمپير
    مانائتا ڀاءُ سارنگ سهتو صاحب
    سدا مهراڻ ۾ موجون ماڻيندا رهو. جيئي سنڌ!
    ڀاءُ! گهڻي وقت کان ڪوشش هئي ته توهان ڏانهن خط وغيره لکجي، پر افسوس جو ايڊريس نه هئڻ ڪري توهان ڏانهن پتر لکي نه سگهيس. اڄ اوچتو پراڻن ڪتابن ۽ بوڪن کي سنڀاليندي، توهان جي هٿ اکر لکيل ائڊريس تي نظر پيئي، جيڪا توهان مڪليءَ تي لکي ڏني هئي، ادا، انهن ڏينهن ۾ مون توهان کي هڪ ڏاهريءَ دوست سان رابطو رکڻ لاءِ چيو هئو، پر مون کي افسوس آهي جو ان دوست جي ملڻ جي باوجود به توهان ان جي سَهي طريقي سان رَهنمائي ڪري نه سگهيا. خير، ان کان پوءِ ڪافي ڀيرا منهنجو به نواب شاهه اچڻ ٿيو، پر خبر نه پئي پوي ته آخر توهان کي ڪٿي ڳولهجي.
    خير ادا ڪم جي ڳالهه اولين فرض ٿو سمجهان، ته اسان کي ڳوٺ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو يونٽ کولرائڻون آهن. ۽ توهان ضلع جا عهديدار آهيو، ان ڏس ۾ توهان اسان جي ڪيتري مَدد ڪري سگهو ٿا، مون هت سائين رَسول بخش دَرس صاحب جن سان به ذڪر ڪيو هو، پر انهن به توهان سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ چيو. پر توهان کي ڪٿي ڳولهجي. ان لاءِ مهرباني ڪري پهرين ته خط ذريعي پنهنجي مڪمل ملڻ جي ائڊريس ڏيندا ته هينئر جيئن مان نواب شاهه اچان ته ڳوٺ ۾ Unit کولي ڇڏيون، اسان وٽ تقريباً 15 کن ميمبر ادب ذوق آهن، ائين ڪرڻ سان سندن همت افزائي ۽ سندن رهنمائي ٿيندي. وڌيڪ سڀني دوستن کي دل جي گهرائين سان سَلام چوندا. جواب جو اوسيئڙو رهندو.
    سڪندر هاليپپوٽو
    *
    29 سيپٽمبر 1991ع
    جهمپير
    مانوارا پيارا ڀاءُ سارنگ سهتو!
    سدائين سَرها رَهو.
    ادل! توهان جو خط خيريت سان مونکي مليو ۽ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. ادا مونکي حيرت به ٿي جو توهان ايترو جلد خط جو جواب موڪلي ڇڏيو. بهرحال پيار ڪرڻ وارا ياد ته ڪندا ئي آهن. ادا مان مڃان ٿو ته اسان جي ڪچهرين جا سلسلا تمام ٿورا رهيا آهن، پر اهي ايتريون ته اثر واريون هُيون، جو توهان هر وقت ذهن تي ڇانيل رهيا ۽ اڪثر مڪليءَ تي سليم، اسماعيل، ۽ مجيب وارن وٽ توهان جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. توهان به ايتري ئي خلوص سان ياد ڪيو، اها به مهربانيءَ نه ته ڪي ماڻهون ته ڪئين سال گڏ رهڻ کان پوءِ به وساري ڇڏيندا آهن.
    ادا توهان جيڪو نئون ڪتابي سلسلو شروع ڪري رهيا آهيو. ان لاءِ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، منهنجو ته اڀرو سڀرو سهڪار توهان سان هر قسم جو رهندو. في الحال ڪويءَ سان ملڻ نه ٿيو آهي، باقي ٻين دوستن جو مَواد موڪليان پيو. رسول بخش درس کي ڪهاڻيءَ لاءِ چيم. پر سندس ڪهاڻي تمام ڊگهي هئي.ان ڪري پوءِ هڪ وائي ڏني اٿائين. ان کان سواءِ اسان جا ڪجهه نوجوان لکندڙ دوستن جو مواد به موڪلي پيو ڏيان، باقي ڪويءَ جي شاعري مان پاڻ تو وٽ کڻي ايندس، منهنجو 5 مئي تي ڳوٺ اچڻ جو پروگرام آهي، بس پوءِ ڏينهن ٻن ۾ مان توهان وٽان چڪر لڳائي ويندس. توهان جي ائڊريس مون وٽ محفوظ آهي. ادا اڄڪلهه توهان پريس ۾ ڪجهه گهٽ پيا نظر آيو. بس رڳو ڪافي وقت اڳ ۾ ”هزار داستان“ ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي پڙهي هئم. ادل ڪجهه ادبي سرگرميون تيز ڪيو. نوابشاهه ته شاعري ۽ ڪهاڻيڪارن جو ڳڙهه آهي ۽ اهو اسان تي قومي فرض به عائد ٿئي ٿو.
    اسد ڪيريي کي سلام چوندا ۽ ها سائين رسول بخش درس توهان کي سلام پئي چيا. وڌيڪ ڳالهيون پوءِ روبرو اچي ڪنداسين. پوءِ موڪلاڻي ڪانهي.
    سڪندر هاليپوٽو
    *
    12 ڊسمبر 1991ع
    ڄام صاحب- نياز آباد
    مانوارا سارنگ صاحب سدا خوش رهو.
    اسلام عليڪم!
    ادا جهمپير کان ته توهان ڏي خط جو جواب موڪلي ڇڏيو هئم، پر توهان ڏانهن ان خط ۾ اچڻ جو به لکي ڇڏيو هئم. سو ڳوٺ ته پهتس ۽ نوابشاهه به آيس. پر افسوس جو توهان سان رِهاڻ ٿي نه سگهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي جو مان 7 ڊسمبر تي جيئن نوابشاهه آيس ته مون سان گڏ منهنجا ڪجهه دوست به هئا، سو وري مون مناسب نه سمجهيو، جو هروڀرو اچي توهان کي تڪليف ڏيان ها، وَري اهو به خيال ٿي آيو ته خبر ناهي توهان وٽ اوطاق جو سسٽم به آهي يا نه... بس وڌيڪ ڪا به ڳالهه ڪانه هئي، مان ڄاڻان ٿو توهان ناراض ته ضرور ٿيا هوندا. ان ۾ جيڪر مون غلطي ڪئي هجي ته پليز مونکي معاف ڪجو.
    ها! ٻي ڳالهه ته ڪويءَ مون کي چيو هو ته مون شاعري موڪلي ڇڏي آهي ۽ ان کان سواءِ جهمپير جي هڪ پياري دوست رزاق ساريو به توهان ڏانهن ڪهاڻي موڪلي هوندي. ان تي مهرباني ڪري نظرثاني ڪجو. وڌيڪ هينئر ته مان ڳوٺ ئي آهيان، پوءِ به جيڪر مونکي وقت ملي ويو ته توهان وٽ ضرور ايندس. باقي جيڪر جهمپير وڃڻ ٿيوته پوءِ وري انشاء الله ٻئي ڀيري ملنداسين.
    ادبي سنگت جي يونٽ لاءِ دوست ڪجهه مطمئن نه پيا نظر اچن، جڏهن مون بهتر سمجهو ته توهان سان ان معاملي به مَدد وٺبي. ٻيا سڀ خير آهن. خط جهمپير جي ائڊريس تي موڪليندا ۽ رابطي ۾ رهندا. مهرباني
    سڪندر علي هاليپوٽو
    *
    مٺڙا ڀاءُ سارنگ سهتو صاحب
    سدائين مهراڻ ۾ موجون ماڻيندا رهو.
    جيئي لطيف!
    اميد اٿم ته خيريت سان هوندا (آمين)
    ادا سائين! اڄ ڪويءَ توهان جو ڇپايل ڪتاب آڻي ڏنو... ته ماضيءَ جا سونا روپا ورق وَري اٿلي پيا... هونئن به تنهائين جي عذاب ۾ توهان جي پيار ۽ خلوص جي ٿڌاڻ شدت سان محسوس ٿيندي اٿم... پر وقت جي ڏاڍائين آڏو بيوس ٿي پوندو آهيان ته نواب شاهه ۾ ايترا ڀيرا اچڻ کان پوءِ به توهان سان ملاقات ڇو ڪانه ٿي سگهي آهي. مان ته توهان جي پيار جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪجهه ٻُڌڻ ۽ ڪجهه ٻڌائڻ جي آس ۾ آهيان... پر ڀاءُ صرف چاهڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟... ٻه ٽي ڀيرا توهان سان ملڻ جي ڪوشش به ڪيم، پر سَهي ڏس پتو ملي نه سگهيم. ڏسو نه... اهو ظلم ئي ته آهي جو هڪ ئي ڳوٺ جا هوندي به پنڌ پڇائڻا ٿا پون... سو ان لاءِ مهرباني ڪري آفيس ۽ گهر جي ائڊريس مون ڏانهن موڪليندا ته ٿورائتو رهندس.
    باقي ادا سائين! ڪتاب هٿ ۾ اٿم... توهان جون محنتون کيرون لهڻن... سڀني دوستن ڏاڍو ساراهيو اٿئي... سائين رسول بخش درس به مبارڪون ڏنيون اٿئي... ادا توهان جنهن جذبي سان ڪتابي سلسلو شروع ڪيو آهي... ۽ جيتري محنت ڪئي اٿوَ... مونکي وشواس آهي ته هڪ ڏينهن توهان سنڌ جي قومي ۽ شعوري سجاڳيءَ ۾ امر ٿي رهندا... ڀاءُ حوصلا پست نه ڪجو... اسان جو به اُڀرو سڀرو سهڪار توسان آهي... ڪنهن به مسئلي ۽ هر ڪم لاءِ توهان سان گڏ رهنداسين... وڌيڪ ٻين دوستن کي مون طرفان مبارڪون ڏيندا... جن توهان سان ان ساٿ ۾ سهڪار ڪيو... خاص طور تي فياض چنڊ ڪليري، جنهن جي ڪهاڻي ۽ شاعري به وڻيم... کيس منهنجا سلام چوندا. وڌيڪ ڪچهري گڏجي ڪنداسين... خط جو اوسيئڙو رهندم... ۽ ها... مان اڪثر ’سنڌوءَ‘ رسالي ۾ لکندو رهندو آهيان... دعا ڪجو، هي تخليقي عمل تاحيات جاري رهي.
    سڪ منجهان
    سڪندر علي هاليپوٽو


    جاويد ”سحر“

    28 مارچ 1992ع
    حيدرآباد
    سڄڻ سائين سارنگ سهتو جيئي سنڌي ٻولي.
    مانوارا، مون وٽ ته خداوند قدوس جي فضل ۽ ڪرم سان خيريت آهي اميد ٿو ڪريان ته اوهان ڏانهن پڻ خيريت هوندي.
    سڄڻ گهڻا ڏينهن ٿي ويا، اوهان سان رهاڻ نه ٿي سگهي، لاچار قلمي سهڪار ۽ اڌ ملاقات جي شروعات مان ئي ٿو ڪريان، ڇو ته اوهان وٽ شايد ايترو وقت نه هو جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه اکر لکي موڪليو. پيارا ڀاءُ ان ڏينهن جڏهن مانواري سائين سنڌي ٻوليءَ جي مهان ليکڪ نجم عباسيءَ سان شام ملهائي وئي، توهان سان تمام ٿورڙي ملاقات ٿي، اوهان سان حالي احوالي به ٿي نه سگهيس. پيارا ڀاءُ ماهوار ’ويچار‘ جي نالي تي هڪ ماهوار پرچو (ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي) شايع ڪيو اٿئون، پرچي جا ٻه شمارا ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن، اميد ته نظرن مان گذريا هوندا، مانوارا اوهين حيدرآباد ۾ جيڪڏهن اچو به ٿا ته مون وٽ به ٻه گهڙيون نه ٿا گهاريو، جيڪا هڪ سڌي سنئين ناانصافي آهي، جيڪا توهان جهڙي پياري ۽ سٻاجهڙي دوست کي ڪونه ٿي سونهين. ’ويچار‘ رسالي ۾ آئون سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو آهيان، جنهنڪري مون هاڻي روزانه سنڌ نيوز جي صبح واري شفٽ ۾ نوڪري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. ماهوار ويچار جي آفيس روزانه عبرت جي ويجهو (سمجهه کڻي ته بلڪل سامهون) آهي، جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ايندين ته گاڏي کاتي ۾ پهرئين آڪاش پريس تي ضرور اچجانءِ. سڄڻ توهان کي هڪ ٻيو به عرض ڪرڻو هو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ نئون رسالو ”سورهيه“ شايع ڪيون، جنهن جو مئنيجنگ ايڊيٽر گهڻو ڪري آئون ٿيندس. پر جي نه به کڻي ٿيس نه به ڇا آهي؟ پاڻ کي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، نه ڪي پنهنجي شهرت لاءِ، پيارا ڀاءُ وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اوهان ۽ اوهان جي نوابشاهه جي دوستن رسالي ’ويچار‘ لاءِ مواد ناهي موڪليو، جيڪا هڪ سراسر زيادتي آهي.
    پيارا سائين
    آئون توهان کي اهو ڪم ٿو سونپيان ته اوهان سنگت نوابشاهه جي گڏجاڻي ۾ پڙهيل سٺي تخليق کي (جنهن ۾ شاعري، مضمون، ڪهاڻيون، تاثر ۽ ٻيو ڪجهه ادبي مواد شامل آهي) مون ڏانهن موڪليندا. ڇو ته سنڌ جي سمورن اديبن جيان توهان جو به مون تي ۽ ماهوار ويچار يا سورهيه تي پورو پورو حق آهي.
    اميد ٿو ڪريان ته خط جي جواب سان گڏ مواد (جيڪو سٺو هجي) ڏياري موڪليندا ۽ پنهنجو ادبي ۽ قلمي سهڪار جاري رکندا.
    اوهان جو ساٿ هندو رهي
    جاويد ”سحر“


    جمن سوهو

    سهڻا سائين سارنگ سهتو صاحب
    ڪهڙا حال آهن؟ خوش آهيو؟ استاد ڪليري جا ڪهڙا حال آهن! خبر ڏي استاد فياض چنڊ ڪليري خوش آهين!
    پيارا سارنگ! تون آيو هُئين روم تي، پر آئون نه هئس. ملي نه سگهياسين، ڏک ٿيو. خير هاڻي ڪڏهن ٿو اچين. استاد ڪليري کي به آڻج! جلد اچو! ڇاڪاڻ آئون باقي ڏيڍ مهينو آهيان حيدرآباد ۾، طارق قريشيءَ کي ٻڌايم ته اڄ سارنگ کي خط لکندس، ڪم ڪار، نياپو ٻياپو هجي ته ٻڌاءِ ته چيائين استاد فياض چنڊ ڪليري ۽ محترم جناب قبليٰ سائين سارنگ سهتو صاحب جن کي کوڙ ساريون چُميون+ڀاڪر ۽ سلام منهنجي طرفان پوسٽ ڪج. چٽ پُٽ آهي! اها به خبر نه اٿس ته استاد فياض ۽ سارنگ پوسٽ ٿيل چميون+ڀاڪر نه پر سڌا سنوان وٺندا آهن. سو ادا طارق طرفان پوسٽ پيو ڪريان، وڌيڪ توهان جي مرضي! ۽ منهنجي طرفان پڻ ڇاڪاڻ اياز چيو آهي نه!
    سکي کي ڏجي ساهه گهوري اياز،
    مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي.
    عيد ڪارڊ موڪلي نه سگهيس سوري! ڇاڪاڻ ته سست آهيان.
    خير موڪلاڻي ڪونهي، فقط اوهان جو.
    جمن سوهو


    غلام نبي ناشاد

    27 سيپٽمبر 1993ع
    جناب سارنگ سهتو صاحب!
    جيئن ته اوهان نجم عباسيءَ جو ڪهاڻي ڪتاب (منهنجون بهترين ڪهاڻيون) جا ڪجهه ڪتاب وڪرو ڪرڻ لاءِ ورتا هئا، پر اڄ تائين انهن جي رڪوري نه ڪئي آهي، اسان تاج وارن کي ڏوهه پيا ڏيندا هياسين، پر لڳي ٿو ته: اسان به توهان وانگر ٿي ويا آهيون، ڏٺو وڃي ته اهڙن ڏيتي ليتي وارن معاملن ۾ اسان کي سڌو هلڻ گهرجي، نه ته شڪ شبها جاڳن ٿا خاص طرح اديب کي پاسو ڪرڻ گهرجي. وڪرو ٿيل ڪتابن جي رقم پنهنجي ايندڙ پگهار مان جلد مالڪن کي رسائيندا... وڌيڪ لاءِ اڃا ن به عمل نه ٿيو ته آمهون سامهون ڳالهائڻ لاءِ اچبو، اميد ته اسان جي اچڻ جي ضرورت نه پوندي. والسلام!
    فقط
    غلام نبي ناشاد
    *

    ميان غلام النبي ناشاد!
    جيئن بصر جي ڳنڍ مٿان تهه هوندا آهن تيئن ماڻهو به ڪيئي تهه رکندو آهي، انسان کي حقيقي طور پرکڻ ته ڏاڍو اوکو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي اصليت ڏاڍو تڪڙو ظاهر ڪري وجهندا آهن. جيئن تو مون ڏانهن هڪ هلڪڙو خط لکي پنهنجو اصل ظاهر ڪري وڌو آهي. شڪر آهي اوهان جهڙي ڪُهنه مشق ۽ مها اديب (شاعر پڻ) جي ذهنيت جي پروڙ ته پئي. هن کان اڳ ڪتابن ۾ پڙهيو هوم ته ڪي احسان فراموش ۽ رنگ بدلائيندڙ انسان به ٿيندا آهن، پر اڄ ذاتي مشاهدو ۽ تجربو حاصل ٿيو ۽ اها پڻ خبر پئي ته ”مفاد پرست“ ۽ دغا باز دوست ڪيئن ٿيندا آهن. تو مون کي نه، پنهنجي مقدس ادبي رشتي کي لڄايو آهي. هن وقت منهنجو روح رنجيل آهي، صدمي جي پالوٽ ۾ آهيان، اُن ڪري گهڻي ڊيگهه کان بچندي رڳو تنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪندس.
    سائين جن حڪم صادر ڪيو آهي ته سندن ڪتابن جو قرض جلد (پگهار ملڻ شرط) موٽايان، پر اهو ته لکيو ڪونه اٿن ته ڪهڙو قرض. تو پنهنجي مبارڪ هٿن سان مون کي ڪو به ڪتاب نه ڏنو هو، البته سائين امان الله عباسي صاحب جن ڪجهه ڪتاب ڏنا هئا ڊاڪٽر صاحب جا، جيڪي مهورت هجڻ سبب ڪن اديبن کي ڏنا هئاسون (گفٽ ۾). ان ڳالهه کي ٽي سال ٿي ويا آهن، ڪڏهن به سائين جن مونڏانهن ڪو ياداشت نامون نه روبرو نه خط رستي جاري ڪيو. هاڻي اوچتو ئي اوچتو خبر ناهي ڪهڙي ڪاوڙ چڙهي، جو تڪڙ ۾ پنهنجو قرض ياد ڪري ورتئون. چوندا آهن ته واڻيون جڏهن کٽندو آهي ته پوءِ بندين ۾ ڦيرگهير ڪندو آهي، سو هاڻي تو به واڻين واري ڪار شروع ڪئي آهي ڇا؟!
    خبر پئي آهي ته تو عباسي صاحب کي چيو آهي ته نجم عباسيءَ جي ڪتابن جي رڪوري يوسف سنڌيءَ سارنگ ڏانهن رهيل قرض ۾ لاهي ڇڏي آهي. مون ڏانهن يوسف جو قرض ضرور آهي، پر ڪهڙو! خبر اٿئي سائين جن جي فرمائش تي ’عبرت گروپ‘ وارن جيڪي فوٽا ڪڍيا هئا، اوهان جي ڪتاب جي مهورت ۾ ان جو مبلغ 500 روپيه آهي. فوٽا اوهان کي ڦٻيا ۽ قرض مون مسڪين تي، پر مون يوسف کي اهي پئسا ڏيڻ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي. هُن ماڻهوءَ کي شاباس هجي جو منهنجون مالي مجبوريون محسوس ڪري ڪڏهن به مون کي تنگ نه ڪيو اٿائين. مون ڪڏهن به يوسف کي اهو نه چيو آهي ته اهو قرض هو اوهان جي رڪوري مان ڪٽي ۽ مان هن ئي هفتي ساڻس ملي اها پڪ ڪندس حقيقت ۾ هئڻ ته ائين گهرجي ها ته انهن فوٽن جا پئسا ٽيئي شاخون (جن پروگرام ڪرايو هو) ورهائي ادا ڪن ها، پر آئون اها چَٽي پنهنجي سرتي کڻان ٿو. ان وچن سان ته ٻيهر تو جهڙي هلڪڙي ماڻهوءَ سان ڪوبه واسطو نه رکبو. تو جو ”ڪونج“ ڪتاب يوسف هٿان ڇپارايو، سو ڪهڙن پئسن مان؟! تنهنجو مون ڏانهن ڪو به قرض نه آهي ۽ نه وري ڪن ڪتابن جي رڪوري، مهرباني ڪري مون تي الزام هڻڻ بند ڪر. مان صفائي پيش ڪرڻ لاءِ، امان الله عباسي صاحب، توڙي يوسف سنڌي سامهون/مُنهان مُنهن ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان.
    فقط
    سارنگ
    *
    4 ڊسمبر 1993ع
    جناب سارنگ سهتو!
    تنهنجي واهيات لفظن جو جواب ڏيڻو پيو.
    ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪتاب جا پئسا گهرڻ سان توکي باهه لڳي؟ ’سچ پبليڪيشن‘ جا ڪٿان پئسا آندئي؟ توکي خبر هوندي ته ڪتاب ڇپرايو ڪنهن آهي؟ ۽ ان جو حساب ڪتاب ڪنهن کي ڪرڻ کپي؟ اهي پئسا توکي هر حالت ۾ ڏيڻا پوندا، محترم سائين امان الله عباسي جي تون دَزَ مٽ به ناهين بهرحال تون ڪجهه به چئين ڪتاب کائڻ ڪونه ڏبا، تنهنجو خط ثبوت طور رکيو آهي. توکي لکيل خط واري ڪاپي مون رکي آهي.
    غلام نبي ناشاد
    *


    طارق قريشي

    2 ڊسمبر 1993ع
    حيدرآباد- سنڌ
    طارق قريشي جو خط
    سارنگ جاني! عرف راوڻ گوشالا!
    سهڻين نيرين اکين کي پيار!
    جاني! تون اسان کان ناراض ٿي ڪونه ويو هئين، پر پاڻ کي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ ۾ محسوس ڪري هليو وئين. اها ڳالهه مون لاءِ ۽ پُنهون (پنٽو ٽيٽالي) لاءِ اطمينان جوڳي آهي. آئون ۽ پنهون ان ڳالهه تي سڄي واٽ (خيرپور کان حيدرآباد) تائين ويچاريندا آياسين ته اسان کان آخر ڪهڙي ڪوتاهي ٿي جو تون ائين ڇڏي هليو وئين.
    ائين وڃڻ جو بهرحال تو وٽ حق آهي. ڇو ته اسان وٽ ۽ خاص طور تي مون وٽ دوستن لاءِ هڪ اصول ٺهيل آهي. Friendship means freedom (دوستي معنيٰ آزادي) ۽ آئون اهڙين ننڍڙين، پتڪڙين ۽ سطحي ڳالهين تي ناراض نه ٿيندو آهيان.
    آئون Broad minded آهيان، مون وٽ پيار جون وسعتون آهن، ان ڪري آئون دوستن کي محدود نه ڪندو آهيان. تو سکر ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، اُن تي توکي معذرت جي ضرورت ناهي ۽ ها، دوستي ۾ معذرت/مهرباني جهڙا لفظ نه هلندا آهن. دوستي لفظ هڪ ڪائنات آهي ۽ ڪائنات جي آخري حد ڪير به نه ٿو ڄاڻي. پيارا راوڻ! تون حيدرآباد اچ ته ڪچهري ڪريون، اچ ته هڪ ٻئي جي اڳيان پاڻ کوليون. هونئن به مون ته تو ۾ڪا به مصنوعيت ڪونه ڏٺي آهي. تون به جي منهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائيندي ته اُتي توکي خلوص نظر ايندو.
    بي لوث خلوص- سارنگ! اسان دوست ڇو ٿيا آهيون. (يا ائين چئه ته تقدير پاڻ کي دوست ڇو بنايو آهي؟) ان لاءِ ته پيار ڪريون. پيار ۾ سڀ ڪجهه اچي وڃي ٿو. هڪ ٻئي تان گهور ٿيڻ تائين. شال آئون تنهنجي اميدن تي پورو لهان. شال دوستي لفظ جو رڳو (رشتو ته اڃان به وڏي ڳالهه آهي) مانُ رکي سگهان. مون کي! سارنگ تنهنجي اوتري خلوص جي ضرورت آهي، جيترو تون مونکي ڏئي سگهين. ۽ ها، اوهان / توهان بدران مون کي تون ڪري ڪوٺيندو ڪر ۽ اهو حق مونکي به ڏي. اچڻ جو پروگرام ڏي. آئون تنهنجو انتظار ڪندس. ۽ ها جي ممڪن هجي ته ضراب ۽ فياض کي ڪاهي اچجان. بس مونکي به جڏهن موقعو ملندو ته اچي حاضر ٿيندس بنان حجاب جي. ها، هڪڙي ڳالهه ٻُڌي ڇڏ، خوش رهندو ڪر، ڇو ته خوش رهڻ نه رڳو تنهنجو (۽ هر انسان جو) حق آهي پر اهو فرض پڻ آهي.
    سهڻا سارنگ! تون اهو به ذهن ۾ رک ته پيارا ته دنيا ۾ جيئن وڏا وڏا سمنڊ قطرن مان ٺهيا آهن، تيئن هي سماج به اسان جهڙن ننڍڙن ننڍڙن فردن سان ٺهن ٿا. اسان سان ئي سماج آهي. اسان ئي آهيون ته هي سڀ ڪجهه آهي. منهنجي سامهون منهنجي پياري دوست جمن سُوهو جو فوٽو آهي. جمن جو فوٽو توکي سلام ٿو ڏئي، قبول ڪر. مراد، ضراب ۽ فياض کي سلام چئجان. ها تون به قبول ڪجان.
    ها، جاني هاڻ خط بند ٿو ڪريان
    تنهنجو:
    طارق قريشي
    تازو قلم! هي تنهنجي لاءِ خط هو. تو الائي ڇو خط نه کنيو هو. هن خط جو جواب توڏي اوڌر ٿيو. ٻيا ڏي حال احوال؟ ڇاڻي بازي جاري آهي نه؟ ها، شاباش، آئون، توهان يارن جي سڪ ۾ ممڪن آهي ته 26 يا 27 ڊسمبر تي اچان.


    ڊاڪٽر محمد لائق زرداري

    20 سيپٽمبر 1995ع
    اسلام آباد
    محترم پيارا سدا سلامت رهو!
    اسلام عليڪم!
    اميد ته توهان خير خيريت سان پنهنجي ماڳ پهچي چڪا هوندا. خوش خيريت سان هوندا.
    توهان سان ملاقات ڪري گهڻي خوشي ٿي هئي ته هڪ سلجهيل ۽ مخلص ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي آهي. اڄ پڙهيم ته “Face is the Index mind” (چهرو انسان جي اندر جو آئينو آهي)، خدا ڪري ائين صحيح هجي! وقت ۽ حالات انسان جي مُقدر ۾ تبديلي آڻيندا آهن. توهان جي مخلصي ۽ محنت وقت جو قدر توهان لاءِ ضرور مدگار ٿيندا.
    مان آڪٽوبر جي پوئين هفتي ۾ لنڊن ۽ ٻين شهرن ۾ تاريخ جي ڪم تي تحقيق ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. انشاء الله نومبر ۾ واپس اچبو. مونکي يقين آهي ته توهان واعدي موجب تحقيقي ڪم ۾ مصروف ٿي چڪا هوندا. محترم حاڪم علي ۽ سندس والد حاجي محمد حسين ۽ آصف صاحب (زرداري) جي ڏاڏي، خاندان ۽ سياسي تاريخ ڀرپور نموني لکي مڪمل ڪري رکندا. هڪ مهيني کان به وڌيڪ توهان کي ٽائيم ميسر آهي. انشاء الله واپسيءَ ۾ نواب شاهه اچي توهان ۽ سنگت سان ملاقات ٿيندي. وڌيڪ پروگرام ۽ حال احوال لکبو. اميد ته خوش خيريت سان هوندا. نواب شاهه جي اديبن ۽ شاعرن کي تمام گهڻا سلام. امين زرداري سان رابطو رکندا. نواب شاهه جي ٻي مواد لاءِ جيئن مون توهان کي عرض ڪيو آهي ته انهيءَ لاءِ پڻ ڪوشش ڪندا. والسلام.
    نيازمند
    ڊاڪٽر محمد لائق زرداري


    31 جنوري 1996ع
    اسلام آباد
    محترم! سدا سلامت رهو
    اسلام عليڪم! گذارش ته ”پيپلز ٽائيم“ رسالو سالگره نمبر موصول ٿيو توهان جو تاثر ماحوليات بابت به پڙهيم. ڏاڍو وڻيو. توهان جو مضمون 1صاحب کي ڏيکاريم. جنهن ڊاڪٽر عطا کي چيو ته توهان کي شڪريه جو خط لکي! پاڻ به لطف اندوز ٿيو. ڊاڪٽر عطا چيو ته سهتو صاحب کي نوڪري ملي چڪي آهي. جيڪڏهن واقعي سچ آهي ته توهان ڏانهن ميار به آهي. ته توهان اطلاع نه ڪيو آهي، توهان ملاقات به نه ڪئي آهي. منهنجو سفرنامه اسلم عباسي جي طرفان توهان کي مليو هوندو، ان جي رسيد به توهان نه موڪلي آهي. عيد فطر جي ٻئي ڏينهن سفرنامي جي رونمائي جي تقريب مورو ۾ ٿيندي. رابطو رکندا. جيئن توهان کي محفل ۾ شريڪ ڪري سگهجي. تاريخ جي ڪم ۾ توهان ڪيترو وڌيڪ هٿ ونڊايو آهي مطلع ڪندا. اميد ته خوش خورم هوندا.
    والسلام
    ڊاڪٽر لائق زرداري
    *
    4 جولاءِ 1996ع
    اسلام آباد
    محترم پيارا سارنگ صاحب سدا سلامت!
    اسلام عليڪم!
    توهان جو نوازش نامو موصول ٿيا. يادگيري لاءِ ٿورائتو آهيان. نواب شاهه متعلق ٿورو گهڻو جيڪو به مواد ملي، اهو اضافو ٿيندو. ڪنهن حد تائين مددگار ٿيندو رهندو. نوابشاهه تاريخ بابت توهان جو مضمون آصف صاحب (زرداري) کي پڙهي ٻڌايم. چيائين ته گهڻن اخبارن ۾ اچڻ کپي. اها توهان جي اهليت آهي جو گهڻن اخبارن ۾ خبرون اينديون رهن. تاريخ نواب شاهه جي حوالي سان هر ٻئي ٽئي ڏينهن ڪانه ڪا خبر ايندي رهي. جيئن هر ڪو ماڻهو باخبر هجي ته تاريخ لکجي رهي آهي. توهان مهرباني ڪري مينهان خان رند ۽ ٻين چڱن مڙسن بابت حال احوال گڏ ڪندا. بلاول انسٽيٽيوٽ 15 جولاءِ کان انشاء الله ڪم ڪرڻ شروع ڪندو. وري به ٿورائتو.
    ڊاڪٽر لائق زرداري


    امير حمزو انڙ

    جکرا جيو شال،
    اوهان جي مدي مور نه سڻان.
    (شاهه)
    سارنگ!
    ڪردارن جي دنيا ۾ هميشه ڪردارن لاءِ وٿي رهندي آهي، سمجهيوَ!
    پنهنجي سموري زندگي غلاميءَ جي خواهشن ۾ نه گذارجان.
    دوست! تون پنهنجي مادي توڙي ذهني هٿيارن کي دشمنن خلاف ڀرپور نموني استعمال ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪر!
    اڄ نوابشاهه ۾ Second Last پرچي کان پوءِ چار سال رهيل ذهن جي اسڪرين تي پل پل ۽ گهڙي گهڙي گذاريل زندگي پنهنجي ڌنڌلي عڪس سان منهنجي ذهن تي موجود آهي.
    نوابشاهه منهنجو سياسي شهر، جنهن ۾ مون پنهنجي نوجوانيءَ جا بهترين سال يعني چوراسيءَ کان ستاسيءَ تائين گذاريا آهن، جنهن ۾ منهنجي نظرياتي تربيت ٿي، جنهن ۾ ڪجهه مهينا گورنمنٽ ڪاليج ۾ ۽ پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ تعليم ورتي، دقيانوسي تعليمي نظام اصل مزوئي ڪونه ڏنو. پر هي ضرور ٿيو ته نوابشاهه ۾ بهترين دوستن سان زندگيءَ جون يادگيريون وابسته ٿيون. جنهن ۾ سارنگ ۽ غلام رسول ٽالپر نه هجن ها ته زندگي گذارڻ ناممڪن نه، پر تڪليف ده ضرور ٿي پوي ها، ٻين ڪاليجن جي هاسٽلن ۾ ڌِڪا ٿاٻا کاڌم، ڪيس ٺهيا، سنڌ جي نام نهاد ٺيڪيدارن پاران مون ۽ منهنجي بهترين دوست ڪوڙن ۽ هنٽرن جو مزو چکيو ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيم.
    نوابشاهه جو شهر خوبصورت ته ناهي، خصوصن منهنجي لاءِ ڪڏهن به نه رهيو نوابشاهه جا ماڻهو ڏاڍا سُلڇڻا ۽ نه ٻن ۾ نه ٽن ۾! نوابشاهه ۾ رهائش جي سلسلي ۾ ڏاڍي ڏکيائي ڏٺم، پارٽين ۾ سٺا دوست به هئا ته ڪنا به، آخري ڏينهن ۾ ته نوابشاهه اصل ڳنهيون پئي وڃي، ڏاڍو مشڪل سان پاڻ بچائيم.
    مِٺا منٺار! هن شهر جا ماڻهو، هن شهر جو تاريخي شعور، هن شعر جو ادبي پليٽ فارم، ثقافتي پليٽ فارم جنهن تي هن مهل تائين ڪم ٿيو ئي ڪونه آ، تنهنجي حوالي ڪريو پيو وڃان، سنڌ جي ڏاهپ جي شعور جو قسم هجئي، ان ڪم کي پنهنجي حصي جو سمجهي سڃاڻپ، ڏاهپ، عقل سان نڀائجان.
    مارڪسزم لينزم جو مطالعو ڪر.
    اياز، ابراهيم جي فڪرجو مطالعو ڪندو رهج.
    سنڌ جي تاريخ کي دل سان هنڊاءِ.
    يار ٻُڌ!
    نوابشاهه جي نوجوان سان اصل ويجهڙي قربت رک، جيڪي يسوع مسيح چواڻي ته ”نان و شراب هميشه نيون کليون برداشت ڪري سگهنديون آهن، پراڻين کلين ۾ وجهبو ته کليون ڦاٽي پونديون، ۽ شراب هارجي پوندو.“
    ائين نه سمجهه ته قبرون ٻاهرن سيمينٽڊ آهن، اندران به سٺيون هونديون، پر ائين ناهي، اندر گند گچرو ڀريل هوندو اٿن.
    پيالي کي هميشه اندران ڌوئڻ گهرجي!
    ڏاهپ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي.
    خدارا! ڪڏهن هُن ڪنڌي تي ته وري ڪڏهن هِن ڪنڌيءَ تي بيهڻ جي ڪوشش نه ڪج، بيلسنڊ ڪر پاڻ کي. سونهن ۽ پيار، ننڍ وڏائيءَ واري سماج ۾ حاصل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. دل نه هار! وقتي طور تي ناڪاميون ٿيندئي، وري وري ڪوشش ڪندو رهه، خصوصن پيار جي سلسلي ۾ ناڪامين ۽ ڪاميابين جي سلسلي ۾ مادي نقطي نظر رک.
    هي سٽون پنهنجي وقت اچڻ تي سمجهه ۾ ايندئي ۽ ٻين سان پڻ ونڊيندو رهج.
    ساٿي! گهڻو ڪجهه لکي ويو آهيان، مهرباني ڪري غور سان پڙهه، بس . بس . بس . بس
    چڱو، جيئي سنڌ . جيئي پورهيت.
    تنهنجو ازل کان
    امير حمزو انڙ


    غلام رسول ٽالپر

    سارنگ!
    ڏس مايوس نه ٿي، اڄڪلهه جيڏانهن ڏس افراتفري، وٺ پڪڙ، جهيڙا جهڳڙا، نفرتون، مفاد پرستي، منافقت، سازشون ۽ ڪمينائپ ئي نظر اچي ٿي. اڳي وڏڙن کان ٻُڌندا هئاسين ته پراڻي وقتن ۾ امن هو، سک هو، چين هو، محبت هئي، همدردي هئي، ڀائيچارو هو، انصاف هو ۽ انسانيت هئي. پر اسان جيڪڏهن رڳو پوين ڪجهه سالن جي ڀيٽ موجوده معاشري سان ڪريون ته واضح طور تي نظر ايندو ته سڀ منفي رويا يا منفي قوتون زور پڪڙي ويون آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. هڪ حساس انسان جيڪو عام معاشري ۾ به ڊڄي ڊڄي گذاريندو آهي ۽ پنهنجي هڪ هڪ عمل تي به سئو سئو ڀيرا سوچيندو آهي، هن وحشت جي دؤر ۾ ظاهر آهي ته مايوسي ۽ دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ هن کان سڀئي سهارا ۽ آسرا به کسجي ويا آهن، ڪٿان به ڪنهن روشنيءَ جي ڪرڻي جي هن اونداهي دنيا ۾ اچڻ جي واٽ نظر نه ٿي اچي، اهڙي طرح هن معاشري جو هڪ عام فرد به معاشري ۾ موجود انهن سڀني منفي روين جو شڪار ٿئي ٿو، پر هو بجاءِ هڪ حساس فرد وانگي Re act ڪرڻ جي اهي رويا پاڻ قبول ڪري وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح ڏينهون ڏينهن ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. هڪ حساس فرد جيڪو اصل ۾ پنهنجو پاڻ کي به سمجهي نه سگهندو آهي، معاشري جي نظر ۾ بيوقوف، پاڳل، هيڻو، ڪمزور تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي هر طرح سان Press ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته هو موٽ ۾ ڪميڻو ۽ وحشي نه ٿو ٿئي، ڏٺو وڃي ته هڪ ڏاڍو ٻئي ڏاڍي سان زيادتي نه ٿو ڪري، بلڪ هڪ ٻئي جو تحفظ پڻ ڪري ٿو.
    اهڙي صورتحال ۾ هڪ حساس شخص وٽ ٻه راهون رهجي وڃن ٿيون. يا ته هو حضرت عيسيٰ جي چواڻي هڪ ڳل تي چماٽ کائڻ بعد ٻيو ڳل اڳتي ڪري ڏي. ٻيو طريقو اهو آهي ته هو موٽ ۾ اڳينءَ جي ٻنهي ڳلن تي چماٽ وهائي ڪڍي. پنهنجي ڳلن تي چماٽ کائڻ وارو انهي ڪري برداشت ڪري ٿو، جو هن وٽ هڪ اميد آهي ته هو ٻئي جي عمل کي هڪ ڏينهن غلط ثابت ڪري سگهندو. پر اڳينءَ کي چماٽون هڻڻ وارو اهو عمل ان ڪري ٿو ڪري جو هو پاڻ سان ٿيل زيادتي کي غلط ”ثابت“ ڪري سگهڻ جي اميد نه ٿو رکي، ٺيڪ آهي ايترو Re act نه ٿو ڪري سگهجي، پر وت آهر Resist ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن دٻاءُ کي روڪي نه ٿو سگهجي، ته به Resist ڪرڻ سان اُن دٻاءُ جي شدت کي يا ان دٻاءُ جي متوقع اثرات کي گهٽائي سگهجي ٿو. اسڪرين تان يا رستي تان هٽي وڃڻ سان نتيجا بدتر رهن ٿا. هڪ رڪاوٽ کي خود هٽائي ڇڏڻ کان بهتر آهي ته ان رڪاوٽ کي هٽائڻ جي لاءِ اڳينءَ جي توانائي ۽ وقت ضايع / استعمال ڪيو وڃي. مُڙس ٿي منهن ڏيڻ بعد ڪنهن به نتيجي کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت ازخود پيدا ٿئي ٿي. هڪ عام چوڻيءَ مطابق جتي مسئلو آهي اتي حل به آهي، سوال اهو آهي ته اسان مسئلي جو جُبو پاڻ تي پائي اُن کي ڏسون ٿا يا ان کي پاڻ تان لاهي ٿورو پري رکي غور ۽ چالاڪيءَ سان ان کي تفصيل ۽ هر پهلوءَ سان جانچيون ٿا. پوئين طريقي مطابق ان مسئلي جا weak point نظر اچن ٿا ۽ حل جون راهون واضح ٿين ٿيون. منهنجي موجودگيءَ ۾ مسئلي کي وڌيڪ تفصيل ۽ وڌيڪ مناسب طريقي سان حل بابت ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. مان جلدئي موڪل تي اچڻ جو انتظام ڪري رهيو آهيان.
    وقت هڪ اهم Factor آهي، جيڪو هر شئي جي شدت کي گهٽائي ڇڏي ٿو ۽ ٻيو ته مصروفيت لازمي آهي. مصروف رهڻ سان ذهن کي مختلف موضوع ملن ٿا ۽ هڪ مسئلي جو جُبو لاهي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ وقت پڻ گذري ٿو. ٻيو ته زندگي هڪ تجربو آهي ۽ موت Routine آهي. زندگي ۾ هر تجربو ڪري سگهجي ٿو، ان جي نتيجي جو انتظار ڪري سگهجي ٿو، نتيجو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. خوشگوار / ناخوشگوار، نتيجي جي ناخوشگواريءَ کي وري ڪنهن نئين تجربي سان تبديل ڪري سگهجي ٿو. تجربو فرد تي، ماحول تي، معاشري تي اثرانداز ٿئي ٿو. Routine ڪنهن شئي تي اثرانداز نه ٿي ٿئي، تجربو حال آڻي ٿو. ٻيو تجربو بهتر حال آڻي ٿو. ۽ هڪ تجربي ڪندڙ فرد هميشه نتيجن جو متجسس رهي ٿو ۽ هو روايتي ڳالهين، سُس پُس، ۽ روايتي طريقن، روايتي تنقيد، مخالفت کي حساب ۾ نه ٿو آڻي ۽ ان ۾ احساس برتريءَ جو احساس جاڳي ٿو ۽ هجڻ گهرجي، بلڪه احساس نه پر برتري هجڻ گهرجي.
    تنهنجو
    رسول ٽالپر
    *


    ٽالپر وڏا
    5 مئي 1985ع، آچر
    پوءِ به ڪيان ٿو پريم جي ورکا،
    مون نه ڪڏهن جي محبت ماڻي.
    ادل سارنگ
    سدائين سپنن جي ساڀيا پائين شال،
    تنهنجو ٻيو خط مليو، پهريون پيڙا نامون ته پهريان ئي پڙهي چڪو هيس. جواب ڪونه لکيم، ان جو جواب لکان ها، الائي ڇا لکان ها، تنهن ڪري ڪونه لکي سگهيم. نه لکڻ وارو احساس به رکي رکي ستائيندو رهيو، يار ايڏو مايوس ته نه ٿيندو ڪر، تنهنجي ڦاسي کائڻ سان يا سنڌوءَ ۾ ٽپڻ سان ڇا ٿيندو، ڪجهه به نه، ڪهڙو دنيا جو چرخو بيهي رهندو يا تنهنجون مايوسيون تنهنجا مسئلا ختم ٿي ويندا. بس پاڻ جهڙن کي ڏک ڏئي مايوسيون وڌائي ويندين، يار هاڻ وڌيڪ ڪونه ٿو لکان.
    بس! ”اڄ جا غم ئي ڪافي آهن، اڄ ته نه گهاءُ پراڻا جاڳن.“ انهيءَ ڏيڍ مهيني کن ۾ ٻه دفعا نوابشاهه ويو هئس، ڇا هو، ڪجهه به ته نه هو، نه سارنگ مليو نه، امير هو، نه لياقت گڏ هو، رڳو رستا هئا، مان هيس ۽ يادون هيون، سارنگ سڄي کان ته کٻي کان امير ۽ گڏ گڏ لياقت به، ڪچهريون هيون، بحث هيا، کل هئي، ڀوڳ هيا، ڪجهه نه هو، رڳيون يادون، ڪيڏو نه اوپرو هيس، هيڏي ساري شهر ۾،
    ڪاليج ڇڏيو ڪونه اٿم، داخلا آهي، امتحان ڏيندس ”مُسلمانن“ ته ڪارِ ثواب خاطر ”اسان جي پنهنجن“ پئسن مان ڪجهه خيرات (زڪوات) به ڏني آهي (-/2500)، تو وانگر فرسٽ ييئر انٽر (گڏ) آرٽس ۾ به فارم ڀرايو اٿم، اميد اٿم ته توسان گڏ (ساڳي وقت) امتحان ڏيندس.
    هت ڳوٺ ۾ بس چوويهه ڪلاڪ گذارڻا هوندا آهن، (هر روز) ۽ توکي پڻ مڪلي تي ۽ وچ ۾ سوين ميل ڪيڏو نه چڀندڙ احساس آهي انهن مفاصلن جو، جيڪي اسان پاڻ نه وڌا آهن، پر اهي زبردستي وڌا ويا آهن، ۽ رهڻا ئي آهن، (منهنجي خيال ۾!) ته رستو سمجهي ويو هوندين، تمام سولو آهي، تون رڳو ڪُنب يا راڻي پور پُڄ (ريل يا بس رستي) (نوٽ: ڪنب صرف روڊ سان آهن ريل سان نه) يار هي ٽي صفحا لکيا اٿم ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ لڳي ويا، وقت به گذري ويو، يادون تازيون ٿي ويون، حال احوال ڏنو مانءِ، پڇيو مانءِ.
    اڳين خط جي جواب نه لکڻ لاءِ معافي (هٿ ٻڌي) توهان کي وساريو ڪونه اٿم، ڪيئن وساري سگهندس باقي خبر نه آهي ته انسانيت مون ۾ رهي آهي يا نه!
    چڱو تنهنجي جواب تائين موڪلائي،
    آءُ ته ڳايون پرين،
    زندگيءَ کي وري
    خواب سارا وساري،
    ڪا ساڀيان لهون.
    *
    درد دلين مان ميڙي ڇڏجو، زخم تان پَهو اکيڙي ڇڏجو.
    سانت جو بُت جي ٽوڙڻ چاهيو، ديوانن کي ڇيڙي ڇڏجو.
    پنهنجي مُنهن تي مُرڪ سجائي، ڳل تان ڳوڙها ميڙي ڇڏجو.
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ پيار پکيڙي، سارو وير سهيڙي ڇڏجو.
    جيڪو پٿر رستو روڪي، ٺوڪر ماري ٿيڙي ڇڏجو.
    زلف خزان ۾ پيلو چهرو، چهڪ ڏئي ڪو رهڙي ڇڏجو.
    *
    سُوڙ ۾ وَ ڃيجانءِ سڄڻ جيئن سانگ ويا،
    پِرين پُڄاڻا جيئن آءٌ اوهان سان اوريان.
    تنهنجو
    غلام رسول ٽالپر
    *
    ٽالپر وڏا
    8 اپريل 1985ع
    ڇو ٿو ڪرين مينهن مونسان ريس رُئڻ جي،
    ’طالب الموليٰ‘ سان ڪيا، ناحق وڏا نينهن،
    تنهنجا ٻه ٽي ڏينهن، منهنجي موسم سڀڪا.
    سڄڻ سائين سارنگ
    سدائين سُهڻين سوچن ساڻ سُونهين
    تنهنجو پريم ڀريو پنو ڪلهه مليو، پڙهي اندر کي آسيس ملي، ۽ ٿورڙو رنج به، اهو هيئن ته پتر ننڍيرڙو لکيل هو، نوابشاهه ۾ ٿيل ننڍڙي ساٿ کي ٻه ٽي ڏينهن پئجي ويا هئا. سو ايترڙي احوال ۾ سڪون ته نه لٿيون، ڀائل اندر کي اهنج ته ان مهل به ٿيو هو ته تو روڳيءَ کي ڏُکيءَ ويل ڇڏي آيس، حيف هجي مونکي، ان لاءِ ۽ شُما گهران ٿو.
    مان سج ٻُڏي راڻيپور ٿاڪ (اسٽيشن) تي پهتو هيم، ۽ اتان اونداهي پَکڙيي ڳوٺ ڀيڙو ٿيس. اهو ٻڌي جيءَ کي جهٻو آيو ته تنهنجي روڳ وڌڻ ڪري تنهنجي پرک (امتحان) جو هڪ پرچو رهجي ويو. ڀاسيم ٿو ته ”ڏکيءَ کي ڏک گهڻا“ واري چوڻي به سچي آ، پر ادل هانءُ نه هارجان، ويل وئي ڪانه، همٿ ڪجان، همٿ سان ئي سوڀ سرجندي.
    ڀائڙا ذهن ۾ پڻ پاڻ ڀرو (خوداعتماد) ٿي. پاڳل ماڻهو ته رڳو ٻين جا عيب ڳولهيندا وتندا، اکيون ڪوجهيون يا ڪجليون، ڄمندي ڄام يا سوين سرمست ڪوبه ڪونه آهي، ڪير ٿو اها هام هڻي، پاڻ کي اڳتي وڌندڙ (ترقي پسند) چوڻ وارا هي اهڙيون ڳالهيون ويچاريندا ته اهي ”اڳتي وڌندڙ“ چئبا ڇا؟
    ڏک آهه جو تون انهن کي مٿڀرو ٿو ڀائين، اهي ته پوئتي ڀڄندڙ (رجعت پسند) ڪوٺبا. پنهنجي اوائِلي اڻ سڌريل ۽ سَتمي سوچ ڏانهن ڀڄندڙ توکي ’شيرو‘ چوڻ وارا اڳتي وڌندڙ انهن شيرن کي ئي ته پنهنجو ”بابو“ ۽ ”صفا سڌريل“ ڪوٺيندا آهن، هُونءَ نه ته انگريز ڏيهه (انگلينڊ) ۽ يورپ جا ماڻهو ڪي ڪارين اکين وارا آهن، ڇا يار رڳو ذهني سمڪ جي ڳالهه آهي.
    تون اکر ڇاڻي هلائڻ به سِکي وٺ ۽ پڙهندو به رهه جيئن ڪا چڱڙي ۽ جَجهن ڏوڪڙن واري نوڪري ملئي ته پوءِ ”اِهي سڀئي“ اڳيان نِوڙي هلندئي.
    جي وِک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏُور نه آهي،
    ڏونگر ڏري پيو آ سَاهَس ته ڌار سَاسي.
    ها ٻي ڳالهه ته ادبي سنگت پاران ”لاکيڻي لطيف جي ڏينهن“ ملهائڻ جي پڪ ٿي وئي آهي، جيڪو عيد کان ٻئي ڏينهن آهي، عيد جو ڏِڻ پهرين شوال تي ۽ لاکيڻي لطيف جو ڏِڻ ٻي شوال تي سانجهيءَ جو. هاڻي ته توکي پڪ ئي پڪ اچڻو آهي، ۽ آس آهي ته توکي وِٿي ملي ويندي، نه ته ڪڍڻي پوندي، ڇو ته ڏڻ عيد کان ٻئي ڏينهن آهي، پوءِ ڳالهه تنهنجي وس آ ته ٻئي ڏڻ هتي ملهائين يا هڪڙو.
    قومي رستي (نيشنل هاءِ وي)سان اچي ”ڪُنب“ ۾ لهي اتان ڳوٺ جو سوزڪيون هٿ ڪجان ۽ اچي ٽالپر وڏا ۾ لهجان. ۽ ها! ”شاهه لطيف“ تي ڪجهه لازمي لکي اچجان (مقالو، شعر يا ٻيو ڪجهه).
    پني ٽُڪر تي اور ته ڪُجهه،
    شاعر! تنهنجي سوچ سَڙي،
    پاڻ سان پاڻ ڪرين ٿو دوکو،
    توتي هاڻي ڪير رَڙي.
    ادل هتي وقت پيا گذاريون، ڪنهن ڳالهه ۾ مزو نه آهي ۽ ٻڌ تون اچجان سَهي.
    اُڌما اُڀري جيءَ مان
    ماڳهن ٿا مَارين
    ڪنهن سان سُور سَلين.
    يا وري
    کڙيو آڪاس ۾ تارو آهي
    ڪنهن ڪنهن ڀاڳ ڀلارو آهي
    ڏک سک جا پيا ڏونگر ڏاريون
    جيون چوپڙ ڍارو آهي
    ڪير ڪنهن جا ڏک سور سُڻي هِت
    سورن ۾ جڳ سارو آهي
    درد ڇڏي دل ايئن پُسائي
    پوکن ۾ ڄڻ پارو آهي.
    ڏنڀيل ڌرتي آهي ڏنڀن سان
    مسڪينن تي مارو آهي
    ”آهن سُور اندر ۾ توڙِي
    جيون پوءِ ڀي پيارو آهي.“

    غلام رسول ٽالپر
    *


    D G Khan
    24 آگسٽ 1990ع
    ڊيئر سارنگ

    توهان جا خط پهتا، جواب نه لکڻ لاءِ Sorry، مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان، مون پاڻ کي Normal ڪري ورتو آهي.
    1990-8-9 کان 1990-8-18 تائين مان ۽ خليل اسلام آباد، پنڊي، مري ۽ پشاور ويا هياسين گهمڻ، ڏاڍو Enjoy ڪيوسين. اسلام آباد جو موسم ٿڌو هيو، جڏهن ته هتي گرمي آهي، مري ۾ ته سردي پئي لڳي. اسلام آباد ۾ Mutual Transfer لاءِ هڪ ڇوڪرو مليو آهي ۽ مون Transfer لاءِ شروعاتي ڪوششون ورتيون آهن، ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.
    توکي خطن جا جواب صرف روايتي سستي جي ڪري نه لکي سگهيس. هتي 24 ڪلاڪ واندڪائي هوندي آهي، توهان جا اسڪول کلي ويا هوندا، ڊيوٽي ڪيئن پئي هلي ۽ ڪهري اسڪول ۾ آهي.
    P.P.P کي اقتدار تان هٽائو ويو آهي، عوام جو ڇا رايو آهي ۽ دانشورن جو ڇا تبصرو آهي، ۽ توهان جو ذاتي طور ڇا خيال آهي. ڇا سنڌ ۾ ڪو وڏو آپريشن ٿيڻ وارو آهي؟ ڇا مارشل لا پيو لڳي؟ ڪراچي کي الڳ ڪيو پيو وڃي، يا صرف سعودي عرب ۾ فوجون موڪلڻ لاءِ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڇا اليڪشن وري ٿيندي.؟ توهان جي ڇا مصروفيت آهي يا رڳي بوريت آهي، سرور سان ملاقات ٿئي ٿي يا نه، مان ان کي به الڳ خط لکان ٿو، هو ڪڏهن پيو وڃي. منهنجي مسئلي جي حل لاءِ توهان جي Efforts لاءِ مون وٽ لفظ ڪونهن، بس مان محسوس ڪري سگهان ٿو صرف، توهان زندگي ۾ ايندڙ هڪ وڏي زلزلي کان بچائي ورتو آهي.
    بهرحال گهڻو ۽ گهرو سوچڻ ۽ طرح طرح جا نتيجا ڪڍڻ وغيره سان پريشانيون پيدا ٿينديون آهن. تنهنڪري هڪ سوچ يا فيصلي کان پوءِ فوري طور عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ پاڻ کي Normal ۽ Easy رکجي. (جيئن هر عام ماڻهو ڪري ٿو.) جي اسلام آباد ٽرانسفر ٿي ويئي ته اتي جو ماحول ۽ موسم سٺو آهي، هتان کان ۽ Chance به وڌيڪ آهن، هر قسم جا بهرحال توهان به Company ۾ Busy رهندا ڪريو ۽ سوچڻ کان وڌيڪ عمل ڪريو.
    رسول
    *

    ڪنديان
    90-11-16
    ڊيئر سارنگ
    گهڻا ڏينهن ٿي ويا خط نه لکي سگهيس، بهرحال جوائننگ کان پوءِ 20 ڏينهن اسلام آباد ۾ رهڻ کانپوءِ ڪنديان ضلعي ميانوالي ٽرانسفر ٿي وئي. ڊي جي خان مان ٽرانسفر ٿيل اٺن ڄڻن مان پنجن کي اسلام آباد ۾ Post ڪيائون، باقي ٽن کي هتي موڪليو اٿن، مون اسلام آباد ۾ Posting جي ڪوشش ڪئي، پر رزلٽ زيرو. ڪُنديان ريلوي اسٽيشن دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڊي جي خان، ڪوٽ ادو، ميانوالي، اٽڪ، پشاور ريلوي لائين تي آهي ۽ ميانوالي اسٽيشن کان ٿورو اڳ ۾ اچي ٿي. انهيءَ لائين تي موهن جودڙو ايڪسپريس يا جنهن کي خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس به چوندا آهن، هلندي آهي، اها ٽرين ڪراچي، دادو کان ايندي، هتي رات جو يارهين ٻارهين وڳي پهچي ٿي. هتان اسلام آباد، پنڊي 5-6 ڪلاڪن جو سفر آهي،اسان جي ڪالوني ۽ Technician Hostel وغيره اسٽيشن کان 5 ڪلوميٽر پري آهن، ان لاءِ ائٽامڪ انرجيءَ جي وئگن يا بس پلئٽ فارم کان نڪرندي ئي سامهون بيٺي هوندي آهي. جيڪا اسان کان هڪ روپيو ڪرايو وٺي ڪالوني پهچائي ٿي.
    اها ته ٿي وئي نئين ماڳ متعلق معلومات، بلال ۽ منصور ٻئي اسلام آباد ۾ آهن. هتي ڊيوٽي واري ٽائيم (7:30 کان 7:30) ۾ ڪو ڪم نه هوندو آهي، شام جو راند وغيره کيڏي يا عتيق سان گڏ ڪنهن هوٽل تي چانهن پيئڻ کان پوءِ رات جو سمهڻو ئي هوندو آهي. هاسٽل ۾ ڪمرو ملي ويو آهي. عتيق به D.G خان جو دوست آهي، شاعرانه مزاج رکندڙ آهي، سو ٿورو گهڻو وقت گذارڻ لاءِ Compny ٿيندي آهي، ڊسمبر جي شروعات ۾ اچڻ جو پروگرام آهي. وڌيڪ جيئن پروگرام پڪو ٿيو ته خط ۾ لکندس تون ٻڌاءِ ڪيئن پيو وقت گذري ۽ سرور سان رابطو ٿئي ٿو يا نه.
    اِس شب ڪڳ مقدر ميڻ سحر هي نهيڻ مُحسن،
    ديڪھا هڳ ڪئي بار چراغوڻ ڪو بجھا ڪڳ.
    غلام رسول
    *

    ڊيئر سارنگ
    ڪهڙا حال ٿي، مان به ٺيڪ آهيان.
    منهنجي ٽرانسفر اسلام آباد ٿي وئي آهي ۽ اڄڪلهه اُتي ئي آهيان، بدلي Pinstech ۾ ٿي آهي، جيڪو اسلام آباد کان ٻاهر 40-45 منٽن جي پنڌ تي آهي، اتي ئي ڪالوني ۽ هاسٽل به آهي، مون به هاسٽل ۾ جاءِ ورتي آهي، هتي پارٽنر ڪراچي واري هاسٽل جو روم ميٽ آهي، تمام سٺو دوست آهي، شروع ۾ مهينو کن پُڦاٽ وٽ اسلام آباد رهيس، پر گهرو ماحول ۾ مزو نه آيو، ٻيو پنهنجي طبيعت آزاد، سو گهر ۾ ته کلجي يا روئجي به لڪي لڪي، جمعو ۽ ڇنڇر موڪل هوندي آهي، موڪل وارن ڏينهن ۾ يا هتي جي وچ ۾ پڦاٽ جي گهرئون چڪر هڻي ايندو آهيان، باقي پنهنجي ڪمن ڪارين يا گهمڻ ڦرڻ جي نيت سان ته ڪڏهن پنڊي ته ڪڏهن اسلام آباد ويندا ئي رهندا آهيون، ڪالوني مان شاپنگ لاءِ بسون اسلام آباد وينديون رهنديون آهن، آفيس جو ٽائيم صبح 8 بجي کان شام جو 4 بجين تائين هوندو آهي.
    شام جو ڪمپيوٽر جي ڪورس ۾ داخلا جو سوچيو اٿم، سو شايد داخلا وٺي ڪمپيوٽر سکڻ شروع ڪندس، تون ٻڌاءِ حال ڪيئن آهن، وقت ڪيئن پيو گذري ۽ ڪهڙيون مصروفيتون آهن.
    سرور جو ٻڌاءِ مون کي ياد نه آهي ته هو 16 آڪٽوبر وڃڻو هيو يا 16 نومبر، پوءِ ويو آهي يا وڃڻو اٿس، يار چئينس ته اسان جي لاءِ به هتان نڪرڻ جو ڪو فارمولو ٻڌائي. تو به چيو هو ته لنڊن جي هڪ روحاني علاج واري سوسائٽي جي ايڊريس ۽ ان جي باري معلوماتي لٽريچر هٿ ڪري موڪليندس، سو جلد هٿ ڪري موڪلجان ۽ هتي جي حالتن ۽ ماحول ۾ رهڻ ۽ ماڻهن کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. شايد ٻاهر ڪا اهڙي دنيا لڀي وڃي جتي، ڪجهه انسانيت هجي، ڪو اصول هجي، ڪا حقيقت پسندي هجي، جتي ماڻهن جي مٿي تي اَنا جو تاج نه رکيل هجي، جتي هر ڪو ئي صرف ٻئي جي Weak Point جي انتظار ۾ نه هجي، مطلب ته شايد ڪو زنده رهڻ جهڙو معاشرو ملي وڃي. بس يار زندهه رهڻ به هڪ وڏو هنر اٿئي، هنر مند هئڻ جي اسان دعويٰ ته ڪري سگهون ٿا، پر عملي طور ايئن هئڻ ڏاڍو ڏکيو اٿئي.
    چڱو خداحافظ
    غلام رسول ٽالپر
    *


    ڊيئر سارنگ
    ڪهڙا حال آهن،
    ڳالهه اهائي ٿي، هميشه وانگر هن دفعي به اُتان اچڻ کان پوءِ خط ڪونه لکي سگهيس، بس ٿيندو ايئن آهي جو هتي پهچڻ کان پوءِ هتان واري Routine شروع ٿي ويندي آهي. بس جيڪو سامهون هوندو آهي اهو ڪري وٺبو آهي، بغير ڪنهن Planning جي ۽ گهڻو ڪري بنا ڪنهن مقصد جي، بس وقت گذارڻ يا ضايع ڪرڻ، اصل ۾ اهو احساس به دل ۾ ڏاڍي گهرائي سان هوندو آهي ته وقت جو ذيان نه ڪرڻ گهرجي، پر آخر ڇا ڪجي ۽ ڇا ڪرڻ جي باري ۾ هڪ ڊگهي لسٽ هوندي آهي، ڪرڻ جهڙن ڪمن جي جهڙوڪ: ڪجهه لکڻ، ڪجهه پڙهڻ، ڪجهه سکڻ، پئسو/ شهرت ڪمائڻ، انهن مان ڪافي شيون هڪ ٻئي جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن، پر وقت، موڊ، ماحول ۽ ڪمپنيءَ جي حساب سان مختلف وقتن تي الڳ الڳ اهي خواهشون هونديون آهن، وري انهن مان هر هڪ خواهش به پوري ڪرڻ لاءِ به سوين Options هوندا آهن. مثلا: لکڻ، ڇا لکڻ، ڪيئن لکڻ، ڇو لکڻ وغيره ۽ جڏهن به ڪنهن به ڳالهه جو موڊ ۽ موقعو ملڻ ته ان کي سڀاڻي يا آئيندي لاءِ ٽاري ڇڏڻ (هميشھ) ۽ پوءِ ”سڀاڻي“ ۾ اهو موڊ، اهو Idea ڪنهن به انهي شڪل ۾ ياد نه رهندو آهي، (وڏڙن صحيح چيو آهي ته هر ڪم وقت تي ڪجي يا اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي.) گهڻي عرصي يعني گهڻن ڏينهن لاءِ هڪ موڊ هڪ سوچ ۽ خاص طور تي ”هڪ شوق جو نه رهڻ“ هڪ وڏو عذاب آهي. ڪيفيتن جي تبديلي گهٽ ۾ گهٽ توهان کي ڪڏهن به ڪنهن هڪ Field ۾ نمايان نه ٿي ڪري سگهي.
    سڀ ڪجهه ملتوي ڪرڻ ۽ وقت تي گهمڻ ڦرڻ وغيره ۾ گذارڻ کان پوءِ به هر هڪ احساس (گهرو) ”ڪجهه ڪرڻ جو“ ڏنگيندو آهي، اهو ڇا آهي جيڪو ڪرڻو آهي، ۽ جيڪو نه ڪرڻ جو پڇتاءُ رهي ٿو. شايد اها ”زندگي“ جي روايتي بي چيني آهي، جنهن جو ذڪر، وضاحت ۽ جواب مختلف فلاسافر ۽ رائٽر ڳوليندا رهيا آهن، يا اسان جي پنهنجي ذاتي محرومين جي جهلڪ آهي. سوچ ايندي آهي ذهن ۾ ته شايد محبت /دولت/ شهرت ماڻڻ سان بي چيني ختم ٿي وڃي، پر انهيءَ جي به ڪا گارنٽي ڪانهي، پر مون اهو ته به طئي ڪيو آهي ته ڪنهن به هڪ ميدان ۾ کيڏڻ ۽ مستقل مزاجي سان رهڻ ۽ ڪم سڀاڻي تي نه ٽارڻ سان ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، پر ايترو ڪرڻ لاءِ به ذهن کي روايتي طريقن کان ڪيئن ڦيرائجي.
    اسان وٽ Average عمر تقريبن 50 سالن جي لڳ ڀڳ آهي، اڌ گذري چڪي آهي، اسان وٽ (مون وٽ؟) ڪي Objectives نه آهن، ڪا شهرت ڪانه آهي، ڪا دولت ڪانه آهي، ڪا ڀرپور محبت نه ملي آهي، ڪو ياد رکڻ جهڙو، ڪو دنيا جي ڀلائي جو ڪم اسان جي ڪيل ڪمن جي لسٽ ۾ ڪونه آهي، بس صرف آهي ته نوڪري ڪرڻ، ماني کائڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڊاڙا ڊشا هڻڻ ۽ سمهڻ وغيره وغيره. هاڻي مسئلو اهو آهي ته هڪ ماڻهو پاڻ کي پابند ڪري به ڪجهه ڪرڻ لاءِ، پر اصل سوال آهي، ته اهو ڪير ٻڌائي ته ڇا ڪرڻو آهي، يا ته ذهن ۾ موجود سڀئي Ideas پورا ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪجي، جيڪي ايترا ته آهن ۽ ايترا ته هڪٻئي کان مختلف آهن، جو ڏکيو (يا ناممڪن) آهي، انهن کي هڪ وقت ۾ سنڀالڻ، يا وري ڪنهن هڪ Idea تي ڪم ڪرڻ ڪا هڪ Field سنڀالڻ، سو ان لاءِ شايد پاڻ کي ڦلهورڻو پوندو ته آخر مان چاهيان ڇا ٿو ۽ ڇا ڪري سگهان ٿو، ۽ اهو جواب پنهنجو پاڻ کان وٺڻ خبر نه آهي، آسان آهي يا ڏکيو. خير اِها ته هئي اُها بڪواس جيڪا هن وقت (هن ڪيفيت ۾) ڇانيل هئي ذهن تي، 95-4-24 کان ٽن مهينن لاءِ Training شروع ٿي رهي آهي، هونءَ نه ته هيستائين بلڪل واندڪائي هئي. (جيڪا ضايع وئي، شايد؟) عيد جي موڪلن ۾ گهر ۾ ڪجهه ڪچو پڪو لکيو هيم، پر هتي اهو ائين جو ائين پيو آهي، ڪجهه پراڻي شاعري موڪلڻ جو سوچيو هيم، پر هر روز سڀاڻي تي ٽاري رهيو آهيان. هن عيد تي خبر نه آهي موڪل اچڻ جيتري ملندي الائي نه، ٻيو ته ٽن مهينن کان پوءِ جي صورتحال به Conform نه آهي، الائي اتي اسلام آباد هونداسين، الائي ڪراچي يا ۽ آخرڪار وري ڪنديان جيڪو نه ٿو چاهيان مان ۽ نوڪري ڪنهن ٻي ڊپارٽمينٽ ۾ ملڻ جي توهان کي خبر آهي ته ڪيترو مسئلو آهي.
    شادي ڪرڻ/نه ڪرڻ هڪ مسئلو، (ڪنهن) شهر ۾ Setup ڪرڻ جو مسئلو.

    هڪ گهر جو هجڻ،
    گهر ۾ سڪون جو هجڻ.
    بهرحال ڊگهي لسٽ ٿي ويندي.
    تون جواب لکجان، مون کي خبر نه ڇا لکڻ گهرجي ۽ ڇا نه، بهرحال هڪ خط ٿي ويو، ۽ جنهن جي جواب ۾ تون به ڪجهه نه ڪجهه لکي موڪل، (تون ته خير ڪجهه نه ڪجهه ترتيب سان ته ضرور لکندين) ٺيڪ آ.
    رسول ’مظهر‘ ٽالپر
    اهو نالو ڪيئن لڳي، مان چوان ٿو اهو چورايان.
    *



    27 جون 1992ع
    اسلام آباد
    سارنگ
    خط لکڻ به ڄڻ آسمان تان تارا لاهڻ جي مثال آهي، نه اڄ تائين ڪنهن لاءِ آسمان تان تارا لاهي سگهيو آهيان، ۽ نه ئي وري وقت تي خط لکي سگهيو آهيان، محسوس ته ايئن پيو ٿئي جو توکان سرور ۽ ڪراچي / لنڊن واري سوسائٽيءَ جي ايڊريس پُڇي توکي خط لکڻ ڇڏي ڏنم ۽ مٿين ٻنهي کي خط لکڻ شروع ڪري ڇڏيم، پر اصل ۾ نه خط لکڻ ئي مسئلو آهي سو ڪنهن کي به نه لکي سگهيو آهيان، ايئن به ڪونهي ته اسلام آباد جي رونقن ۾ گم ٿي ويو آهيان، رونقون پنهنجي جاءِ تي، پر پئسي يا چالاڪي سان، سو انهن ٻنهي شين سان پوي ڪانه، اسلام آباد اچڻ سان محروميون وڌيون ئي آهن، پر مون شايد اهو پاڻ چاهيو هو. منهنجي نيچر ئي ايئن ٿي وئي آهي، جو شعوري (يا لاشعوري) طور تي ان پاسي وڌندو آهيان، جتان ڪجهه ڏک، درد يا اُداسي ۽ محرومي ملي، ڪڏهن ڪنهن ڪاميابي/خوشي ڏانهن قدم وڌندا به آهن ته آخري مرحلن ۾ موٽ جو / غلط رستي جو انتخاب ڪندو آهيان، يا ائين ٿي ويندو آهي. شايد ٻالڪپڻ کان وٺي محروميون ملڻ ڪري محروميءَ کي ئي منزل سمجهي ويٺو آهيان. اندروني بي چيني جي ڪيفيت ڪٿي به ختم نه آهي، نه ئي اهو معلوم آهي ته اها ڇا جي ڪري آهي، ڇا سان ختم ٿيڻي آهي.
    تو ادبي سنگت جي پبليڪيشن لاءِ لکيو هو ته مواد موڪليان، پر مواد (ڪاغذن جا رف ٽڪرا، سگريٽن جون پنيون وغيره) گڏ ڪرڻ وري اتارڻ ڏاڍو مشڪل هو، ٻيو ته اها خبر ڪونهي ته اهي ٽوٽا ٽڪرا هتي آهن يا گهر. سو بهرحال جي پبليڪيشن ڇپي هجي ته هڪ ڪاپي مونکي ضرور موڪلجو.
    ٻيو نوابشاهه جي دوستن فياض، اسد، مسعود وغيره جا ڪهڙا حال آهن، تنهنجو ٽائيم ڪيئن پيو گذري، تو سرورر کي خط لکيو آهي يا نه، هاڻي نوڪرين تان پابندي کڄي وئي آهي، ٻڌو آ ته ٽيچرن جون ويڪنسيون خالي آهن ۽ سنڌ جي ڪوٽا به آهي، سو مونکي جيئن ئي معلومات ملي يا اوهان ڪا اخبار ڏسو ته ضرور اپلاءِ ڪجو، ڪم ٿي سگهي ٿو. هتي منصور کان سواءِ اهڙو ڪو ٻيو دوست في لحال ڪونهي، جنهن سان اندر جون اوري سگهجن، منصور سان به معاشرتي مسئلن تي ئي گفتگو ٿيندي آهي، (شادي کان پوءِ ملاقات به گهٽ يا محدود وقت لاءِ ٿيندي آهي جو هو گهر ۾ اڪيلو مرد آهي)، باقي داخلي ڪيفيت جو اظهار نه ڪرڻ ئي بهتر رهي ٿو شايد.
    تون اسلام آباد جڏهن به چاهين اچين سگهين (يا وئڪشن ۾ يا جيئن توکي سئولو لڳي هليو اچجان.) اطلاع سو ڏجان جو مان ڪٿي هيڏي هوڏي نه هجان. اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ منهنجي پڦاٽ جي فون نمبرتي گهر پهچڻ جو پتو پڇي سگهو ٿا (پريشاني جي صورت ۾)
    مونسان آفيس ٽائيم صبح 9 بجي کان شام 4 بجي تائين فون نمبر تي رابطو ڪري سگهو ٿا. پر اسلام آباد واري گهر پهچڻ جي آساني رهندي، اُتي پوءِ مان پهچي ويندس، گهر ۾ بجاءِ شرم جي ٻڌائجو ته نوابشاهه کان مونسان ملڻ آيا آهيون.
    اسلام آباد جي مشهور جڳهه ”ڪراچي ڪمپني“ پهچڻ کان پوءِ ويگن نمبر 105 جيڪا (G/10) طرف ويندي هجي، ان تي ويهي، انڪوائري اسٽاپ تي لهجو، ڀر ۾ ئي فليٽ آهن، اتي بلاڪ 9E ملي ويندؤ ان جي 2 نمبر Flat ۾ اچجو.
    غلام رسول
    *

    سارنگ!
    هي صفحو جيڪو توکي لکڻ گهرجي ها، انهيءَ تي مان پيو لکان بلڪل ايئن ئي ماڻهو ٻئي جا حق ۽ خوشيون کسي وٺندا آهن. مان اڄڪلهه ڏاڍو مُنجهيل آهيان ماڻهوءَ جي فطرت مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هر ماڻهو متضاد ڪيفيتن جو گهر لڳو پيو آهي. ۽ هر ڪو پنهنجي مفاد تائين ٻي سان سنسيئر آهي، مون ته اهو سمجهيو آهي ته هن سماج ۾ وڌيڪ ذهين ۽ geneous يا وڌيڪ سادي ۽ سنسيئر ماڻهوءَ جو رهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي. مان نوابشاهه ۾ گذاريل ڏينهن ۽ ساٿين تي هينئر ڇا لکان، اهو به وڏو ۽ مُنجهيل بحث آهي. ۽ ٻيو ته هينئر مان تيار ٿيو ڳوٺ پيو وڃان، هتي به سيٽ نه ٿي سگهيس، ڳوٺ سيٽ نه ٿي سگهيو آهيان، هاڻي ڏسون حالتون ڪاڏي ٿيون گهلين.
    غلام رسول ٽالپر


    سارنگ جا خط

    عطا محمد پنهور

    12 جنوري 1996ع
    نواب شاهه
    سارنگ سهتي جو
    تمام گهڻي عزت لائق سائين عطا پنهور صاحب!
    شال اوهان جي دل دنيا جيان نه مٽجي!
    هر ماڻهوءَ جي زندگي المين ۽ خوشين جو سنگم آهي، اسان جنهن سماجي سرڪل جو حصو آهيون، اُتي معاشي بدحاليءَ جي وَر چڙهيل ماڻهن جي زندگيءَ جو گهڻو حصو بحرانن جي نظر ٿيل هوندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن مون جهڙو حساس ماڻهو Survive ڪري سگهي ٿو، ته انهيءَ جو بنيادي سبب نفسانفسيءَ جي هن دؤر ۾ اوهان جهڙن well wisher ماڻهن جو اخلاقي رويو ۽ سهڪار آهي. منهنجي مٿي جا اڇا وار زندگيءَ جي المين جا امين آهن. اهو چوندي مان ڪوبه وڌاءَ محسوس نه ٿو ڪيان ته منهنجي زندگيءَ جي چچريل ٻيڙيءَ ۾ جيڪڏهن حالتن جي طوفانن ۽ سيلابن سان سينو ساهڻ جو حوصلو پيدا ٿيو ته اُهو اوهان جي مستقل مزاجي ۽ لڳاتار جاکوڙ ڀريئي رويي جي ڪري ئي ٿيو. مون ماڻهن کي منٽن ۾ مٽجندي ۽ ماضيءَ کي ميسارجندي ڏٺو آهي. پر مُلڪ جي وڏي Figure جو Right hard هوندي به اوهان جي سيني جي left side واري هڪ نفيس حصي ۾ مون پاڻ جهڙن مسڪين، پر ڪجهه نه ڪجهه مثبت انداز ۾ ڪندو رهڻ وارن ماڻهن لاءِ ساڳي جاءِ محسوس ڪئي آهي. اِها اوهان جي اعليٰ ظرفي ۽ اخلاقي قدرن جي ساک آهي جو اوهان، پنهنجي همعصر generation جي پيڙائن کان غافل نه رهيا آهيو. مون نوابشاهه جي رستن کان اسلام آباد جي پهاڙن تائين، پنهنجي روشن آئيندي کي ڳولڻ جي وري وري ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن چئني Directions مان مايوس ٿي موٽيس، ته عيد رات نيري ڇٽيءَ واري آقا کي دانهيندي ڏاڍو رُنس، ٻي صبح مون لاءِ ڪنهن ٽشو پيپير بدران اوهان جي ڪوشش سان جاري ڪيل سوئي گيس کاتي ۾ انٽرويو ڪال جو لفافو مليو. مون لاءِ اهو اعزاز آهي ته اوهان مون کي نه وساريو، اهو اوهان جو احسان، هڪ پيڙهيل طبقي جي فرد ۽ ليکڪ تي ئي ناهي، پر هڪ خاندان تي آهي. منهنجو ايندڙ نسل به اوهان جو شڪر گذار رهندو. اهو پڻ ويساهه اٿم ته زندگيءَ جي ايندڙ لاهين چاڙهين ۾ اوهان جو ٻاجهارو هٿ، منهنجي اگهاڙي مٿي تي ضرور هوندو. اوهان جو احسان لاهڻ لاءِ منهنجي جهولي خالي آهي، پر هڪ قلمڪار جي حيثيت سان اوهان جي جاکوڙي جيون تي تفصيلي لکڻ مان پنهنجو فرض سمجهندس، اُميد ته اوهان به منهنجيءَ انهيءَ آس کي وشواس ڏياريندا.
    اوهان جو احسانمند
    غلام محمد (سارنگ) سهتو


    يوسف سنڌي

    سارنگ جهوپڙي، نوابشاهه
    19 جنوري 1992ع
    مانوارا دوست يوسف!
    هي مواد اسان واري ڪتابڙي سلسلي جو آهي، جنهن جو نالو ”جيسين سُرُ آ سازن ۾“ تجويز ڪيو اٿئون. ٻه اکر ۽ ڪن دوستن جو رهيل مواد موڪليان پيو، ڪوشش ڪجان ته سڀني جو ڪنهن نه ڪنهن طرح اچي وڃي، پر جي صفحا تمام وڌي وڃن ته پوءِ ڀلي ڪنهن کي رهائي به ڇڏجانءِ تو واري يار ايس امداد بخاريءَ جي شاعري به هن مواد ۾ اٿئي. توتي وڏا بار وجهي ڇڏيا اٿئون، پر ڇا ڪجي تو کانسواءِ ٻيو ڪو اهڙو پرخلوص سنگتي به ته ڪونهي، جيڪو گهربل مدد ڪري. پئسن جي ضرورت پوي ته مون کي فوري طور لکجان. ڪتاب لاءِ جيڪڏهن جلدي ڪندي ته مهرباني ٿيندي.
    ايندڙ عبرت مئگزين ۾ پاڻ واري پروگرام جي رپورٽنگ فوٽن سميت ضرور اچي، رپورٽنگ جي ڪنهن بهتر نه ڪئي هجي ته پوءِ هتي محمد بخش ڏاهريءَ به سٺي رپورٽنگ ڪئي، چئين ته ان کان وٺي موڪليان.
    پاڻ سان مووي ريڪارڊنگ واري به ظلم ڪري ڇڏيو، آخري ٽي مقرر مسز ممتاز، آپا نذير ناز ۽ ڊاڪٽر نجم عباسي جو تقريرون ريڪارڊ نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن چواڻي ته سندس موٽر رڪارڊر خراب ٿي پيو هو. بهرحال ڪيسيٽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ملڻي آهي، اوهان کي پهچائبي.
    مجيد جيڪي فوٽو ڪڍيا هئا اهي ڪيئن آهن، پاڻ وارو مواد مون هتي جي صحافين کي ڏنو هو، پر هتي تاج لابي ڪجهه وڌيڪ ئي سرگرم ٿي وئي ۽ مان سمجهان ٿو انهن اهو بيان مٿي موڪلڻ کان روڪائي ڇڏيو. خود امان الله عباسي صاحب کي ماڻهن اهو چيو ته اوهان کي تاج مخالفن استعمال ڪيو آهي.
    مون سنگت جي هاڻوڪي ويهڪ ۾ دوستن کان اهو فيصلو ڪرايو آهي ته مارچ تائين چونڊون نه ڪرائبيون. ٻيو ڪو احوال ڪونهي، تون پنهنجو احوال لک. ڪا نئين تازي خبر نام نهاد مرڪز ڇا پيو سوچي، قريشي صاحب چيو هو ته مان پاڻ ئي يوسف سان رابطو ڪندس.
    ٻيو ڪل خير.
    تنهنجو
    سارنگ سهتو
    *
    16 سيپٽمبر 1990ع
    ڀاءُ يوسف!
    ادا! توهان جي وڏي مهرباني جو منهنجي همت افزائي ڪيوَ. مان توهان کي جلد تفصلي خط لکندس، هينئر قلم خراب آهي هي مواد موڪليان پيو جنهن ۾ ”ڊينگ ڊينگ اسيمبلي“، هڪ تنقيدي ۽ مزاحيه ڪهاڻي آهي جيڪا اسان جي ميمبرن تي ٺهڪي ٿي اچي. ٻيو سارتر تي مضمون آهي ۽ هڪ تاثر، هي سڀ مواد ورهين کان منهنجي ڪاپيءَ تي لکيو پيو هو، اوهان جي تعاون سبب اها جرئت ڪئي اٿم. وڌيڪ ٻئي خط ۾. سنڌو اخبار، سنڌو ڊائجسٽ يا عبرت مئگزين انهن مان ڪنهن به هڪ ۾ توهان ڀلي هلايو.
    خط دير سان لکڻ جو سبب منهنجو بيمار ٿيڻ هو، هينئر ڪافي بهتر آهيان.
    اوهان جو ڀاءُ
    سارنگ سهتو
    *

    16 فيبروري 1994ع
    پيارا ڀاءُ يوسف!
    يار ڪهڙن لفظن ۾ تنهنجي مهرباني مڃان. دراصل تو مون ۾ جيئڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو آهي، نه ته آئون هروڀرو اهو سمجهي ويهي رهيو هوس ته دنيا رڳو منافقت ۽ مفاد پرستن سان ڀري پئي آهي، هر ڪو روبوٽ مشين بنجي ويو آهي، ڪنهن جي احساسن جو ڪنهن وٽ قدر ناهي رهيو. انساني زندگيءَ ۾ زوال ۽ ڪمال ته ايندا رهندا آهن، پر مون کي اهو وهم ورائي ويو هو ته آئون اهو شخص آهيان، جنهن جي زندگيءَ جو ٻوٽو زوال ۾ اُڀريو، زوال ۾ ئي وڌيو ويجهيو ۽ دنيا جي ٻوڏن ۽ طوفانن سان ٽڪرائجندو هڪ ڏينهن آخري شڪست کائي پاڙئون پٽجي ويندو. ڪو دوست، ڪو يار، ڪو واهرو ڪونهي، آئون اڪيلو هليو ويو آهيان پنهنجي پيڙاءُ ڀوڳڻ لاءِ. هر ماڻهو اندر جو ڪارو آهي. ڪير به مون کي سمجهي ناهي سگهيو، هر ڪنهن مون سان زيادتي ڪئي آهي. زندگيءَ جو ڪو به مقصد ناهي. ماڻهوءَ جا مسئلا کٽڻا ئي ناهن. نظريا انسان جي انڌي عقيدت پڻي کانسواءِ ٻي ڪا به شيءَ ناهن، رهزن ۽ چالاڪ ماڻهو، معصوم ۽ اٻوجهه انسانن کي سدائين پنهنجي آڱرين تي نچائيندا رهندا.
    اهي ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون هيون/ آهن جن مون کي مايوسيءَ جي ڌٻڻ ڏانهن پئي ڌڪيو آهي. مٿان سون جو سهاڳو وري ماڻڪ ۽ شوڪت شورو، مشتاق شورو، نورالهديٰ شاهه ۽ اهڙي ٽائيپ رکندڙ ٻين ليکڪن کي گهڻي گهرائي سان پڙهڻ سبب ٿيو. هاڻي مجموعي طور ذهن جنهن هنڌ وڃي بيٺو آهي اهو اهو ته ڪجهه به ڪرڻ اجايو آهي.
    سارنگ
    *
    1 آڪٽوبر 1990ع
    نوابشاهه
    پيارا ڀاءُ يوسف!
    يار! ڪهڙن لفظن ۾ آئون تنهنجي ساراهه لکان ۽ مهرباني مڃان، دراصل تو مون ۾ جيئڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو آهي، نه ته آئون سمجهي ويهي رهيو هوس ته دنيا رڳو منافقن ۽ مفاد پرستن سان ڀري پئي آهي. هرڪو روبوٽ مشين بنجي ويو آهي ۽ ڪنهن کي به ٻئي جي جذبن ۽ احساسن جو قدر ناهي، پر توهان جي بهتر رويي ۽ موٽ کانپوءِ اهو خيال مٽائڻو پيو اٿم ۽ سمجهيو اٿم ته نه اڃا ڪي آهين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي. توهان اهو به نه سمجهجو ته ڪو آئون پنهنجي ڇپجڻ تي ايترو ته خوش ٿيو آهيان جو هاڻي توهان جي خوشامد ۽ چمچاگيري تي لهي آيو آهيان، نه دوست نه. مون کي خوشي رڳو ۽ رڳو ان ڳالهه جي آهي جو توهان مون کي پنهنجو ساٿي سمجهيو آهي ۽ منهنجي جذباتي خط جو سنجيده جواب ڏنو اٿوَ. اها حقيقت آهي ته آئون گهڻو نه ڇپيو آهيان ۽ نه وري مها اديبن سان ڪا اٿڻي ويهڻي اٿم، پر پوءِ به الائي ڇو مان ان حوالي سان مطمئن پئي رهيو آهيان ته هن دؤر جي ڪافي تڪڙو لکندڙ گهڻن همراهن کان آئون هروڀرو ڪو ذهني طرح پوئتي پيل به ڪونه آهيان، توڏانهن مون ڪافي اهڙيون شيون موڪليون آهن، جيڪي 1986ع ۾ مون لکيون يا ترجمو ڪيون هيون ۽ اهڙيون ڪافي پراڻيون شيون اڃا تائين رف لکيون پيون آهن.
    خير ان قصي کي ڇڏيون ٿا. تون ٻڌاءِ ڪيئن پيو وقت گذارين. سياسي حوالي سان ڇا پيو ڪرينءَ. پاڻ ته يار تنگ اچي ويا آهيون سياست مان. رڳو ٺڳي ۽ منافقت کانسواءِ ٻيو آهي به ڇا. هينئر به ڏس. هڪ طرف اهي ليڪچر به ڏين ٿا ته هن ملڪ ۾ ڪوبه حق ملڻ مشڪل آهي ۽ ڪنهن به شيءِ جي ڪابه ضمانت ڪانه آهي ته ٻئي طرف چونڊن ۾ اهي ائين لهي پيا آهن ڄڻ سنڌ جي سڀني سورن جو واحد علاج سندن اسيمبليءَ ۾ وڃڻ آهي، پليجو هڪ طرف آهي ته سنڌ قومي اتحاد ٻئي پاسي. هوڏانهن ”خاد مان سنڌ“ جو پنهنجو پليٽفارم آهي. هڪ طرف ووٽ جي اهميت ٿا بيان ڪن ته ٻئي پاسي سنڌين جي ووٽ کي پاڻ هٿ سان ورهائي رهيا آهن. جيڪڏهن غداري ۽ سچائيءَ جو مسئلو آهي ته پوءِ حفيظ ۽ پليجي ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟ يا وري حميده کهڙو، ممتاز ڀٽي ۽ حميد جتوئي صاحب وارا وري ڪي واقعي سچا سنڌ دوست آهن ڇا؟! سائينءَ سڳوري به ڄام صادق ۽ پاڳاري جي ته هينئر ئي حمايت ڪري ڇڏي آهي. هي پراڻا جاگيرداري هيئت رکندڙ سياستدان سچي پچي مان ته سمجهان ٿو ته اسان جي مفادن وٽان قطعي سياست ڪونه پيا ڪن.
    ادبي دنيا ۾ جيسين ڪا ذاتي بهترين تخليق نه سرجيان تيسين ترجمن ذريعي پاڻ کي زنده رکڻ ٿو گهران. مون تمام گهڻا ترجما ڪيا آهن جيڪي سٺن موضوعن تي آهن، جيڪڏهن تون سهڪار ڪندي ته ڇپجي ويندا نه ته اهي رف ئي پيا هوندا.
    ذاتي زندگي ذليل نموني گذاري رهيو آهيان، پرائمري ماستر آهيان، پگهار مان گذر ڪونهي، ٻارن سان مٿو ڌار ۽ اجايون سجايون سوچون ڌار. چوويهه ڪلاڪ ائبنارمل ۽ اپ سيٽ.
    تون به ڪو پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي تفصيلي خط لک ۽ پنهنجين نيڪ سوچن ۽ خيالن کان آگاهه ڪر.
    تنهنجي موٽ جو منتظر
    سارنگ سهتو
    *
    17 ڊسمبر 1990ع
    پيارا يوسف سدا خوش هجين شال!
    ڀاءُ! تنهنجو خط ڪافي ڏينهن اڳ ۾ مليو، پر جواب ۾ دير ٿي ان لاءِ معافي. ڪجهه گهرو مسئلن اچي گهيراءُ ڪيو آهي، ان ڪري ذهني طور ڏاڍو ڊسٽرب ٿي ويو آهيان. مواد ڪافي پيو آهي پر فيئر ڪرڻ پُڄي ئي ڪونه ٿو. باقي تنهنجا سوين احسان آهن.
    توهان خط ۾ پنهنجي سياسي توڙي ذاتي حال احوال کان واقف ڪونه ڪيو آهي. سو مهرباني ڪري ايندڙ خط ۾ ضرور پنهنجي سوچ کان واقف ڪندا.
    ادا! هڪڙو ٻيو عرض آهي ته منهنجو هڪڙو پيارو دوست آهي ’فياض حسين چَنڊ ڪليري‘ ان عبرت مئگزين ۾ ”هڪ شاعر“ لاءِ مواد موڪليو آهي، ڪافي وقت ٿيو اٿس، پر همراه کي وارو نه مليو آهي، سو مهرباني ڪري اهو سندس تعارف سميت عبرت مئگزين ۾ هلارائيندا ته مهرباني. سندس تعارف به مون لکيو آهي. هونئن آئون پنهنجي نالي ڇپائڻ يا دوست جي مقبوليت وڌائڻ جي حوالي کان ڪونه ٿو چوان، پر هي نوجوان آهن، هنن ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو آهي، صلاحيتون آهن، سٺو لکن پيا، ان ڪري کين اڳتي اچڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. باقي اسان وٽ ياري باشيءَ جام هلي ٿي، ان ڪري ڪيترا ويچارا سٺا شاعر ۽ اديب يا ته مايوس ٿيو وڃن يا وري کين مناسب مقام ڪونه ٿو ملي. اميد ته اها واهر ضرور ڪندا ۽ فياض جي حوالي سان سنڌ ۾ ٻيا به جيڪي نوجوان ۽ سٺو لکندڙ آهن انهن کي به اڳتي اچڻ جو موقعو فراهم ڪندا، اهو اوهان جو فرض آهي ۽ منهنجو عرض آهي. ٻيو ڪل خير آهي، وڌيڪ حال احوال نارمل ٿيڻ کانپوءِ لکبا. وسيم سومري تعارف لاءِ توهان کي خط لکيو هو مليو يا نه.؟
    اوهان جو
    سارنگ سهتو


    رسول بخش

    منهنجا پيارا رسول بخش!
    ڏک اٿم ته منهنجا سڀ خط جذباتي ۽ غير معمولي ڳالهين ۽ واقعن تي مبني هوندا آهن، پر ڇا ڪجي، اهو سڀ ڪجهه ڄڻ فطرتي طور ٿيندو پيو وڃي ۽ تون يقين ڪر ته آئون ڊائيلاگ هڻي هروڀرو تنهنجون همدرديون حاصل ڪرڻ ڪونه گهرندو آهيان. مان جڏهن به منجهندو، پريشان ٿيندو يا مايوس ٿيندو آهيان ته تو ڏانهن رجوع ڪندو آهيان. تون جيڪو منهنجو پنهنجو آهين سڄي ڪائنات ۾، جنهن کي آئون پنهنجو تصور ڪندو آهيان ۽ جنهن سان ملي مون کي مڪملتا ملندي آهي. هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو مون کي سمجهي سگهي ٿو ۽ مون لاءِ پنهنجائپ وارا احساس رکي ٿو ته اهو تون ئي آهين. تون جنهن سان مون گهڻيون ڏاڍايون، زيادتيون ۽ ارهه زورايون ڪيون آهن، پر هڪ شفيق ۽ مهربان سرپرست جيان تو ڪڏهن به مون کي ڌڪاريو نه آهي ۽ مون کي برداشت ڪيو اٿئي. تنهنجا اُهي احسان ۽ ٿورا آئون پنجن ڄمارن ۾ به ڪونه لاهي سگهندس.
    هي تازو جيڪو معاملو/ مسئلو توڏانهن آئون لکي رهيو آهيان اهو شايد توکي ننڍڙو ۽ معمولي لڳي پر جي منهنجي سوچ ۽ نظر سان ڏسندين ته اهو توکي دنيا جو واحد وڏو مسئلو نظر ايندو.

    سو ادا ڳالهه اها آهي ته تون اهو ته ڄاڻين ٿو ته آئون ماستر ماڻهو آهيان ۽ منهنجي پگهار هن قوت 1719 روپيا آهي. جنهن مان يارنهن سؤ روپيا بابا کي گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو آهيان (ڪڏهن ٻارنهن سؤ به) سؤ ڏيڍ سؤ تو واري ڀاڄائي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان وٺي ويندي آهي، باقي چار پنج سؤ مون کان ائين خرچ ٿي ويندا آهن (پڪائيءَ جي باوجود به) جو مونکي ڪل ئي ڪانه پوندي آهي. ڪڏهن ڪو اسڪول ۾ پروگرام ٿو ٿئي ته چوندا پنجاهه پنجاهه روپيا ڏيو، ڪڏهن يونين وارن کي مدد کپندي آهي، ڪڏهن ادبي سنگت لاءِ ڪنهن فنڪشن ۾ ڪجهه خرچ ڪرڻو پوندو آهي، ڪڏهن ڪنهن ڪورس جي في ڏيڻي پوندي آهي ته ڪڏهن ڪو پري کان دوست اچي نڪرندو آهي، غرض ته ڪيتريون ئي گهرجون آهن، جنهن ۾ مون کان اهي پئسا اهڙي نموني خرچ ٿي ويندا آهن جو مون کي ڪابه خبر نه پوندي آهي. بچت ڪوشش جي باوجود آئون نٿو ڪري سگهان. هيستائين ائين گاڏو هلندو رهيو آهي ۽ آئون به ان سوچ ۾ رهيو آهيان ته CT کان پوءِ بي ايڊ ڪبي ۽ اتي ئي ڪا ترقي ٿي ويندي. پر اڄڪلهه حالتن ڪجهه اهڙو پلٽو کاڌو آهي جو منهنجي سموري سوچ لڙهي وئي آهي ۽ آئون ايترو ته حواس باختا ۽ وائڙو ٿي ويو آهيان، جو مونکي ڪا به راهه نه ٿي سُجهي ته مان ڇا ڪيان. ٿيو ائين آهي ته گهر ۾ ڏينهون ڏينهن منهنجي ويليو ڪرندي پئي وڃي، ايتري تائين جو مونکي محسوس ٿيڻ لڳي آهي ته آئون هن گهر تي ڄڻ هڪ بوجهه آهيان، گهر وارن جو رويو مون سان ايترو ته خراب ٿيندو پيو وڃي، جو اُن لاءِ مون ڪڏهن سوچيو به نه هو. اهو سڀ رڳو اُن ڪري ٿيو آهي جو منهنجي آمدني مون واري ڀاءُ مصطفيٰ جي ڀيٽ ۾ تمام ٿوري آهي، هُن کي سٺي پگهار سان گڏوگڏ مختلف قرض به ملڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ هو گهر ۾ هر مهيني مختلف شيون آڻڻ لڳو آهي. ڪڏهن موڊ ٿي ويندو اٿس ته ڪا سٺي ڀاڄي وٺي ايندو آهي، پنهنجي ناشتي لاءِ مربا ۽ جام جيلي آڻيندو آهي، رڳو اهو نه پر ڪڏهن ٽيپ رڪارڊ ٿو وٺي ته ڪڏهن ڪرسيون، ڪڏهن ڪراڪريءَ جو سامان. هن کي ائين ڪندي ڏسي منهنجي لاءِ به گهروارا اهو چاهڻ لڳا آهن ته آئون به ائين ئي ڪيان. ۽ هر مهيني ڪي سوغاتون آڻيان، ڪرسيون وٺان، ٽيوب لائٽيون هڻايان، گهر جو ٻيو سامان وٺان وغيره. هن پگهار تي ته آئون سڀ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. توکي ڄاڻ آهي ته آئون رڳو پنهنجي لاءِ ئي سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا مس ڪپڙن جو جوڙو وٺي سگهندو آهيان، سو گهر ۾ ڇا آڻيان، هن هيتري مهانگائيءَ جي دؤر ۾. انهيءَ نه آڻڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو منهنجي منهن تي يا پرپٺ منهنجي خوب گلا ڪئي ويندي آهي، مون کي نڪمو، سست ۽ بي همتو سڏيندا آهن، چون هي ڪجهه ڪونه ڪندو. بس رڳو سڄو ڏينهن پراون ماڻهن پٺيان پير گهليندو وتندو. بس عجيب غريب ريمارڪ، توکي ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايان. گهر ۾ عزت جو مقام اهو آهي ته گهر جي گندي نالي سدائين مونکي ئي صاف ڪرڻي پوندي آهي، ڪڏهن به ڀلجي مصطفيٰ کي نه چيو ويندو آهي. منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجو ڪو دوست ڪيترو به پري کان ڇو نه اچي، پر اُن کي ترسائڻ لاءِ نه چوندا ۽ گهڻو ڪري ته نه هن کان حال احوال وٺندا ۽ نه وري مون کي ئي ان جو ٻڌائيندا ته ڪير آيو هو. سندن چوڻ آهي ته کوڙ واندا آهن، ڪنهن کان نالو پُڇي ڪنهن کان پڇجي. منهنجي زال، مان ڪيئن چوان ته هوءَ منهنجي زال آهي. جنهن ڪڏهن به مون کي سمجهڻ يا منهنجي صلاح تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، هن مان مون کي ٻه فائدا آهن هڪ جنسي ۽ ٻيو ڪپڙا ڌوئي ڏيڻ جو، باقي ماني سا توکي ڇا ٻڌايان ته مون کي ڪيئن ملندي آهي. صبح جي ماني صفا سوير پچندي آهي ۽ جيئن آئون اسڪول وڃڻ جي تياري ڪيان، تيئن ٺري رٻڙ ٿي ويندي آهي. بي دليو اها رٻڙ جهڙي ماني کائي اسڪول ويندو آهيان (جنهن کي گرم ڪرڻ هنن کان نه پُڄندو آهي ۽ احتجاج ڪرڻ مون کان نه پُڄندو آهي) منجهند جي ماني به سوير پچندي آهي ۽ مون واري مائي اها ڪٻٽ ۾ رکي پاڻ آرامي وڃي ٿيندي آهي ۽ آئون اها به ٺريل ماني کائيندو ۽ دل ئي دل ۾ رئندو رهندو آهيان. رات جي مانيءَ سان به ساڳي حالت هوندي آهي يعني 8.30 کان پوءِ ننڊ (گرمين هوندي به) ۽ ماني ڪتي جو حصو ڪٻٽ ۾، کاوان ته منهنجي مرضي نه کاوان ته به منهنجو راض. ڪپڙا چوڻ بعد استري ٿي ملندا آهن. گهر ۾ ڪو موضوع ڇڙيو ڪچهريءَ جو ۽ جي مون ڪو هنن جي سوچ کان هٽيل ريمارڪ ڏنو ته پوءِ سڀ مون کي ورائي ويندا آهن اهو سوچڻ کانسواءِ ته مان به هن گهر جو فرد آهيان. منهنجي به ڪا راءِ ٿي سگهي ٿي. منهنجي حيثيت بلڪل مڪمل طور تي ڪِري پئي آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ گهر جي هر ڀاتيءَ سان مون ڪو دوکو ۽ فريب ڪيو هجي. ٿوري ٿوري ڳالهه تان منهنجي بي عزتي ٿيندي رهندي آهي. هاڻي ته حالت اها وڃي ٿي آهي، جو ننڍڙي ڳالهه تان ڪاوڙ جو وڃن ته ڳالهائڻ بند. جيئن گذريل ڏهن ڏينهن کان امان مون سان ڳالهائڻ جو بائيڪاٽ ڪيو اچي. يقيناً هن جو مون سان نه ڳالهائڻ مون لاءِ عذاب ڏيندڙ آهي ۽ دل بار بار چوندي آهي ته پيرين پئي هن کان معافي وٺان، پر وري سوچيندو آهيان ته هوءَ آخر ماءَ آهي، ڇو نه ٿي پنهنجي دل ۾ مون لاءِ نرم گوشو رکي ۽ مصطفيٰ جيڪو مون کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ جذباتي آهي ان تي ڇو نٿي ڪاوڙجي، واقعي نور احمد چنڙ صحيح چوندو آهي ته ’ماءُ به کير جو وٽو ان پٽ لاءِ لڪائي رکندي آهي، جيڪو گهر ۾ چار ڏوڪڙ وڌيڪ آڻيندو آهي.‘
    رسول بخش! مان ترقي پسند سوچ وارو ماڻهو هن دقيانوس مذهبي گهر ۾ ڄمي اچي ڦاٿو آهيان، شروع ۾ ته گهڻو جذباتي هوس، پر پوءِ سمجهوتا ڪرڻ شروع ڪيم. ايتري حد تائين جو هاڻي آئون هنن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن روزا ۽ نمازون به پڙهندو آهيان، پر هي ويتر منهنجو دائرو سوڙهو ڪندا ٿا وڃن. مون کي درد ناڪ عذاب ۾ گهليندا ٿا وڃن. پئسن ڪمائڻ جي مشين آئون ڪونه ٿي سگهندس (جيڪا هنن جي خواهش آهي)، ان ڪري آئون جلد کان جلد هنن کان پري ٿيڻ ٿو گهران، هنن کان فرار حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. جي تون منهنجي ڪا واهر ڪري سگهين، ڪا انڌي منڊي نوڪري اُتي ڏياري سگهين، ڪو پرائيويٽ جاب ئي وٺرائي سگهين ته مهرباني. ڇا مان تو وٽ هليو اچان ۽ تون مون کي پش ڪرائي ڏيئي سگهندين يا ڪا ٿوري مونکي ٽيڪ ڏئي سگهندين، ڪوشش مان پاڻ به اتي ڪندس، من ڪنهن آفيسر جي دل ۾ رحم جاڳي پوي. ڀلا آئون تو وٽ ڪيترا ڏينهن رهي سگهان ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي تڪڙي ۽ عملي / سڌي موٽ مون کي جلد کان جلد ڏي ته تنهنجا ٿورا. چوٿين جون تائين منهنجا سي ٽي جا امتحان آهن، ان بعد مان واندو آهيان، ڇا مان توڏي هليو اچان يا تون عيد تي ڳوٺ ايندين ته پوءِ آئون اڃان عيد تائين صبر ڪريان ۽ ويٺو عذاب ڀوڳيان، مان ته چاهيان ٿو ته عيد کان اڳ ئي توڏانهن هليو اچان،تون منهنجي مهرباني ڪري مدد ڪر، توکانسواءِ منهنجو ڪير به اهڙو نه آهي جنهن کي آئون مدد لاءِ پڪاري سگهان. پليز منهنجي هن عذاب مان جان آجي ڪراءِ. مان هنن جي ڪفالت اتان ڪجهه پئسا موڪلي به ڪري سگهان ٿو. تنهنجو تڪڙو ۽ اثرائتو جواب منهنجي اجڙيل دنيا ۾ رونقون ۽ بهارون آڻي سگهي ٿو.
    تنهنجو مجبور دوست
    سارنگ سهتو
    *


    يوسف رستماڻي

    سڌائتي سڀڪا، بک نه باسي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي، جنبش ناهي جاءِ،
    مون سان هلي ساء جا جيءَ مٺو نه ڪري.
    (شاهه)
    منهنجا مٺڙا مانوارا دوست يوسف رستماڻي
    شال سدائين سکيو هجين!
    تون ڪجهه ڏينهن کان ڏاڍو ياد پيو اچين، سوچيم خط لکان، پر وري سوچيم ته پاڻ خط ڪونه ٿو لکي ۽ وساري ڇڏيو اٿائين ته پوءِ آئون ڪيئن ياد ڪيان ۽ خط لکانس. خير تو مون کي وساري ڇڏيو، ۽ خط پٽ کان به محروم ڪري ڇڏيو اٿئي، پر آئون ياد ڪيائين پيو ۽ هي پترڙو به موڪليائين پيو، اميد اٿم ته ملندئي ۽ خوش ٿيندين.
    هن خط ۾ اڄ هڪ خوشخبري به لکائين پيو، جيڪا سمجهان ٿو ته توکي بلڪل خوشخبري ڪانه لڳندي ۽ ائين به ممڪن آهي ته تون مون سان تعلقات به ٽوڙي ويهي رهين. پر ٻيلي ائين نه ڪجانءِ. تون منهنجو سٺو دوست آهين (گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ان خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهيان، باقي تون ان ڳالهه کي ڪيتريقدر ٿو مڃين سا پروڙ ڪانه اٿم) تون مون کي وساري ڇڏيندي ته مون کي گهڻو يا ٿورو پر ڏک ضرور ٿيندو. زندگيءَ ۾ ڏاڍا ٿورا ماڻهو مليا آهن، جن کي مون چاهيو آهي، پر افسوس ته انهن منهنجي چاهت جو ڪو به خير مقدم نه ڪيو آ ۽ مون کي گهڻو ڪري ته ڀلائي ڇڏيو آ. لڳي ٿو ته تون به انهن ماڻهن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جا سانباها ڪرين پيو، جي سانباها نٿو ڪرين ته هن خط کانپوءِ ضرور انهن جي صف ۾ شامل ٿي ويندين. پر مان توکي وري به ايترو چوندس ته ”پاڻ آزاديءَ جا قائل آهيون، پوءِ اها انفرادي هجي يا اجتماعي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچن ۽ ويچارن رکڻ جو پورو پورو حق آهي، پر شرط اهو آهي ته اها آزادي اهي سوچون ۽ ويچار انسانيت جي عظمت جا انڪاري نه هجن ۽ ان جي خلاف ڪم نه ڪن.“ ته ٺيڪ. تون به اهو ئي نظريو رکين ٿو نه! ته پوءِ تون مون سان نه ڪاوڙجانءِ، بلڪ آئون ته چوان ٿو ته تنهنجو به ڀلو ان ۾ آ ته تون به مون سان اچي مل. ته پوءِ مون هڪ اهڙي ئي نظرئي جي پيروڪارن جي لسٽ ۾ نالو ڳڻايو آهي، جيڪي انسانيت جي آزادي، سک ۽ امن لاءِ جدوجهد ڪن ٿا. جن جو چوڻ آهي ته براين، بدعنوانين ۽ جهيڙن جهڳڙن جو ۽هڪ ٻئي جي استحصال جو بنياد ذاتي ملڪيت آهي. لحاظھ ذاتي ملڪيت جو خاتمو جيڪڏهن آندو وڃي ۽ اشتراڪي (برابريءَ وارو) نظام جيڪڏهن نافذ ڪيو وڃي ته اهي سڀ برايون ۽ جهيڙا جهڳڙاختم ٿي سگهن ٿا. ۽ ٻيو ته طبقن جو خاتمو، هاري ۽ زميندار طبقو، مزدور ۽ سرمائيدار طبقو، مالڪ ۽ نوڪر طبقو، وغيره جو خاتمو. پر ذاتي ملڪيت جي خاتمي سان انهن طبقن جو خاتمو ازخود ٿي ٿو وڃي. اسان جو (انسانيت جي نظرئي جي پيروڪارن جو) خيال آهي ته سڀني تضادن جو (قومي تضاد وغيره) جڙ (بنياد) طبقاتي تضاد آهي، تنهنڪري طبقاتي تضاد جو بنياد جيڪڏهن ڊاٺو وڃي ته اهي ٻيا سڀ تضاد (قومي تضاد وغيره) پاڻهي ختم ٿي وڃن ٿا.
    اسان چؤن ٿا ته پنجاپي، پٺاڻ ۽ بلوچ هتي ان ڪري ٿو اچي ته کيس پنهنجي وطن ۾ ڪوبه روزگار ڪونه ٿو ملي. هو بُکيو آهي، تڏهن ٿو بک جي باهه کي اجهائڻ لاءِ مجبور هيڏانهن اچي. اسان جا ماڻهو ڀلا سعودي عرب يا دبئي وغيره روزگار لاءِ ڇو ويندا آهن،ان لاءِ نه ته هتي کين نه صحيح روزگار ٿو ملي ۽ نه وري صحيح پگهار. هو مجبورن سعودي عرب يا دبئي وغيره وڃن ٿا، نه ڪي شوق سان. ڀلا جيڪڏهن هنن کي هتي صحيح روزگار ملي ۽ صحيح پگهار ملي ته پوءِ هو سعودي عرب يا دبئي وغيره ويندا؟ نه قطعي نه. بلڪل ائين پنجاپي، پٺاڻ ۽ بلوچ هتي مجبورن اچن ٿا. انهن کي اتي روزگار ڪونه ٿو ملي، تڏهن ٿا هيڏانهن ڀڄن، بُک جي باهه کي اجهائڻ لاءِ. نه ته ڪنهن کي شوق رکيو آهي، جو پنهنجي وطن ۾ سڀني سهوليتن هوندي مٽن مائٽن کي ڇڏي، پرديس ۾ وڃي نوڪري ڪري.
    قومي تضاد کان اسان قطعي انڪار ڪونه ٿا ڪريون، اسان چؤن ٿا ته بابا اوهان جي اها ڳالهه سؤ في صد سچي ته اسان وٽ قومي تضاد اُڀريل آهي، پر ان جي حل ڪرڻ جو اهو طريقو ڪونهي، جيڪو اوهان چؤ ٿا. اوهان صرف سنڌ جي آزادي چاهيو ٿا، پوءِ اها ڪير به وٺي ڏئي، آمريڪا يا برطانيا يا ڀارت. اوهان کي ليڊر جي ضرورت آهي، پوءِ اهو ڪير به ٿئي، جي ايم سيد يا جتوئي، حميده کهرو يا ممتاز ڀٽو. اوهان واقعي سنڌ سان سچا، اوهان جي سچائيءَ کان انڪاريءَ کي منهن تي موچڙو، پر اي مسٽرؤ! توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته جي ايم سيد يا جتوئي، حميده يا ممتاز اوهان سان ڪيترا سچا آهن.ا نهن کي اوهان سان (سنڌي ورڪرن ۽ عوام سان) پيار ڪونهي، پر انهن کي پنهنجي مفادن سان پيار ضرور آهي. انهن کي سنڌ جي آزاديءَ جي ايتري ڳڻتي ڪونهي، جيتري سنڌ جي تخت نشيني هٿ ڪرڻ جي. انهن جو ڪو مفاد اوهان سان گڏ آهي. ان ڪري هو اوهان سان گڏ هئڻ جي هام هڻن ٿا ۽ اهو مفاد آهي. سنڌ جي تخت نشيني. اسان چوندا آهيون ته سموري سياست طبقاتي آهي. هر طبقو پنهنجي مفادن بچائڻ لاءِ سياست ڪري ٿو. اها ڳالهه ته تون به مڃيندين ته جتوئي، جي ايم سيد، حميده ۽ ممتاز مٿئين طبقي جا ماڻهو آهن، انهن جو ۽ اسان جا مفاد هڪجهڙا ڪونهن. ڀلا سڀاڻي کڻي انهن جي اڳواڻيءَ ۾ اوهان جيڪڏهن آزادي وٺي به ويو، ته به اوهان کي ان مان ڪو به فائدو ڪونه رسندو ۽ نه ئي اوهان جو استحصال گهٽبو. بلڪه اوهان جو استحصال بدستور جاري رهندو، اوهان جنهن ظلم جي چڪيءَ ۾ هينئر پيسجي رهيا آهيو، آزاديءَ کانپوءِ به ساڳي ئي چڪيءَ ۾ پيسجندا رهندؤ. پر فرق صرف هي ايندو ته استحصال ڪندڙ هٿ بدلبا. اوهان تي ظلم به ساڳيو ئي ٿيندو رهندو، پر ظلم ڪندڙ مشينريءَ ۾ چئينجنگ ضرور ايندي. ڇا آزاديءَ کانپوءِ جي ايم سيد، جتوئي، حميده يا ممتاز پنهنجون جاگيرون ۽ سرمايو غريب سنڌين ۾ ورهائي ڇڏيندا ۽ نه بلڪل نه. بلڪ هو ان کان به وڌيڪ ان ۾ اضافو ڪندا. اوهان کڻي ائين به چؤ ته اسان آزاديءَ کانپوءِ انهن وٽ اهي جاگيرون ۽ سرمايو رهڻ ڪونه ڏينداسون. ته ان جو جواب هي آهي ته اول ته اوهان ائين ڪري نٿا سگهو، ڇو ته ليڊرشپ هنن جي هوندي، نه ڪي توهان جي. پر کڻي ائين ڪرڻ لاءِ اوهان اڳتي وڌي به اچو ته به اوهان انهن کان جاگيرون يا سرمايو نٿا کسي سگهو ۽ نه وري هو اوهان کي ايتري آزادي ڏيندا. ذرا سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪو ماڻهو (جي ايم سيد) هن وقت هيتري پئسي هوندي پنهنجي ڪنهن ڪارڪن کي (جيڪو ڏينهن رات تحريڪ لاءِ ڪم ڪري ٿو) ٽي سؤ رپيا مهيني تي نٿو ڏئي سگهي، سو توهان کي ڇڏيندو ته توهان منهنجي سموري ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو. توهان جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيندؤ. متان ڪو ٻيو سٺو خيال ڪيو هجيوَ. هي طبقاتي مفادن جي ڳالهه آ پيارا.
    توکي خبر آهي اي ميان! ته قومي آزاديءَ جي تحريڪ پوءِ اها ڪيتري به ترقي پسند ڇو نه هجي لازماً پٺتي پيل قومي سرمائيدارن طرفان ئي شروع ڪئي ويندي آهي. انهن ۾ انهن جو پنهنجو مفاد هوندو آهي نه ڪي پنهنجي قوم جي هيٺئين طبقي جو، انهن کي ته اهوسور پيو کايو ويندو آهي ته اسان جي مٿان هڪ هٽي ڌارئين قوم جي سرمائيدار جي آهي. لحاظھ ان هڪ هٽيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ ۽ پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ هن وٽ اهو هڪ واحد رستو هوندو آهي ته هو قومي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ڪرائي ۽ قوم پرستيءَ کي اُڀاري. هن کي اوهان تي ٿيندڙ ظلم جو احساس ڪونه هوندو آهي، پر هن ويچاري کي ته اهو درد هوندو آهي ته سرمائي جي هڪ هٽيءَ جي دوڙ ۾ آئون پوئتي آهيان. هن کي اهو احساس ڪونه هوندو آهي ته منهنجا هم قوم هيٺين طبقي جا ماڻهو ڏاڍ جي گهاڻي هيٺ پيا پيڙجن ۽ انهن جي ان ڏاڍ جي گهاڻي مان جان آجي ڪرايان، پر ان کي ته رڳي اها لوري لڳل هوندي آهي ته ڪيئن به ڪري ڌاريون سرمائيدار هتان هليو وڃي، جيڪو مون کان زور آهي ۽ ان جي جاءِ آئون سنڀاليان ۽ سڄي ملڪ مٿان منهنجي سرمائي جي حڪمراني هجي ۽ ساڳي ئي ڏاڍ جي ڪهاڻيءَ ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو پيڙيان. ٻين لفظن ۾ ته هن ويچاري کي ائين سمجهه ته اوهان جو ايترو احساس ضرور هوندو آهي ته منهنجي قوم جي هيٺئين طبقي جي ماڻهن کي ڌاريون سرمائيدار پيو ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهي (۽ آئون ان ڪم کان محروم آهيان)، تنهنڪري اهو هتان هليو وڃي ۽ آئون پنهنجي هم قوم هيٺئين مزودر طبقي تي وڌ کان وڌ ظلم جا پهاڙ ڪيرايان. ها، ها، هم قوم سرمائيدار کي پنهنجي هيٺئين طبقي جو ايتروئي احساس هوندو آهي ۽ بس...
    قصو ڪوتاه ته آئون اڄڪلهه طبقاتي سياست جو قائل ٿي ويو آهيان، ۽ مون جيان هر انسان کي ان جو قائل ٿيڻو پوندو، خود توکي به. منهنجي پارٽي جيڪا مون هن وقت جوائن ڪئي آهي، اها هر قوم جي ثقافت، تهذيب و تمدن، سرحدي حد بندي ۽ هر قوم جي قومي ٻوليءَ جو تحفظ ڪري ٿي. البته اهو به چئي ٿي ته پاڪستان جي چئن ئي قومن جا ماڻهو جيڪي هڪ ئي وقت مٿئين طبقي جي ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن، گڏجي مٿئين طبقي خلاف جدوجهد ڪن.
    اڇا ته يوسف، تون هاڻي سمجهي ويو هوندين ته مون ڪهڙي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. ته ڊي.ايس.ايف. ها يوسف، ڏاڍي وقت کان ڪٽيل هوس سياست کان، پاڻ وٽ ته سڀ سياسي ماڻهو مون کان نفرت ڪندا هئا، سواءِ خاڪي جوئي ۽ هڪ ٻه ٻين جي. مون سان سياست جي شروع واري دؤر ۾ جيڪا تعدي ڪئي وئي، تنهن جي توکي پڪ خبر آهي. سرفراز جي چوڻ تي لڳي منظور وارن مون کي ڪيترو ننديو، ان جي خبر ته صرف هن هڪ مظلوم کي آهي. ٻيو ڇا ڄاڻي ان بابت. تعجب جي ڳالهه آهي ته تو وارو يار منظور ميراڻي، مون کي اڄ به صرف اهو ئي سمجهندو آهي ته هي هڪ واهيات سياسي ڇوڪرو آهي، جيڪو صرف ٻين جي عقل تي هلندو آهي. آئون ڪڏهن به ڪٿي به ڪا ڳالهه پيش ڪريان ته منظور هي جملو ضرور چوندو ته ”اڙي توکي ڪهڙي خبر“ ۽ ڄڻ ڄاڻ جو ڀنڊار صرف هي مڙس آهن. باقي اسين ٻيا مڙئي ائين واهيات آهيون، جيڪي دنيا کان صرف ڪٽيا، پنهنجيءَ ۾ پورا آهيون. هڪ ٻه مثال به ڏيائين ٿو: ”ڀٽ شاه تي هڪ سال جيڪو اوهان طرفان ميلو لڳايو ويو، ان تي جنهن مهل تون گم ٿي وئين ان وقت تاج، منظور ميراڻي ۽ ٻيا ڇوڪرا ائين مڙئي عام ڪچهري ڪري رهيا هئا. (انهن ۾ آئون به هوس) ته هڪ ڇوڪري شاهه لطيف جي لڌل بيتن تي مشتمل ڪتاب ”املهه اڻ توريا“ مون کان ڏسڻ لاءِ ورتو، جيڪو منهنجي هٿ ۾ هو ته مون هن کي ڪتاب ڏيندي چيو ته يار هن ۾ نالو لطيف جي نون لڌل بيتن جو ڏنو اٿن، پر ان ۾ کوڙ بيت اهڙا به آهن جن ۾ تخلص اچي ٿو ته ”اديون شاهه عنايت چئي“ ته پوءِ اهي بيت لطيف جا ڪيئن ٿيا. تنهن تي منظور ميراڻيءَ مون کي گهٽ سمجهندي چيو ته هي ڀيڻان چر، توکي ڪهڙي خبر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه وارن ڇپايو آهي، انهن تصديق ڪئي آهي، هي وري انهن کان به ڄڻ ڪر وڌيڪ ڄاڻ ٿو رکي. منهنجي بيعزتي ته ٿي، پر مون کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو. وري گهڻن ڏينهن کانپوءِ نوابشاهه جي ادبي سنگت ۾ سڄڻ چيو ته جيڪو ڪتاب شاهه لطيف جي نون لڌل بيتن تي آيو آهي، ان ۾ ڪجهه بيتن ۾ تخلص آهي ته ”اديون شاهه عنايت چئي“ تنهن ڪري ان تي ڪنهن اديب کان ڪو ليڪچر وٺجي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرائجي ۽ لطيف جا بيت جيڪي ناهن، اهي ڌار ڪجن. منظور ميراڻي به ويٺو هو ۽ چيائين ته ها، اها سٺي ڳالهه آهي ان جي تصديق ٿيڻ گهرجي. ته سهندئي فرق. اها ساڳي ڳالهه جڏهن مون ڪئي تڏهن خراب هئي ۽ جڏهن ٻئي ڪئي ته ڀلي ٿي وئي. گهڻا مثال آهن اهڙا اڃا. دل ۾ هيڏا سارا فٽ آهن يوسف، پر ٺلهي پاڻيءَ کي ولوڙڻ مان ڇا حاصل. هو مون کي ذليل، واهيات ۽ اڻ ڄاڻ ڇوڪرو سمجهن ٿا. آئون چوان ٿو ته ڀل مون کي سمجهن، ڇو ته منهنجي ذلالپ ۽ اڻ ڄاڻائي وقت پاڻهي ثابت ڪندو. پر هاڻي مونکي انهن جي ضرورت ڪونهي. منهنجو پنهن جو رستو آهي. مونکي جي سلام ڪندا ته جواب ڏيندو مان نه ته شل خوش هجن.

    آخر ۾ ايترو چوندس ته نظريو پنهنجي جڳهه تي آهي ۽ دوستي پنهنجي جاءِ تي. ساٿ جي ڏيندي ته وڏيءَ خوشيءَ سان نباهبو، پر جي تون به هاڻي نفرت لائق سمجهين منظور وانگر ته پوءِ يار شل سدائين خوش هجين. آئون توکي ڇا ٿو ڪري سگهان. ايترو سو ضرور چوندس ته تون ڀل مون کي نه ته گهٽ ڳالهاءِ جانءِ ۽ برو ڀلو چئجان، پر آئون تو لاءِ ڪجهه به ڪونه چوندس، سواءِ ان جي ته ”يوسف، ڪنهن وقت ۾ منهنجو سٺو دوست هو.“ چڱو هاڻي هلون پيا، جي جواب لائق سمجهي ته لکجان نه ته تنهنجي مرضي.
    پنهنجو پاڻ لاءِ صرف ايترو چوندس ته مون جڏهن ڪڏهن به ڪا توکي تڪليف ڏني هجي ته معاف ڪجان. آخر فيصلو به اهو ئي لکان ٿو ته يوسف مون کي معاف ڪجانءِ.
    اڃان تو منجهان، ڪک ڇتي رت نڪري،
    منهن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهليندي گهاء،
    سو تون ڪڄاڙياءِ، سڪڻ جون سڌون ڪرين.
    (شاهه)
    تنهنجو (جي سمجهين)
    سارنگ سهتو
    *


    ماڻڪ ملاح

    6 جولاءِ 1983ع
    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.
    (شيخ اياز)
    مٺڙا ماڻڪ شل سدائين سرهو هجين.
    پيارا! احوال ته هت سڀ خير آهي ۽ اميد ته اوهان ڏانهن پڻ خير هوندو.
    پيارا دوست! اسٽور تي ويٺو آهيان ۽ ڏاڍي بوريت پيو محسوس ڪريان، سوچيم ته ان بوريت کي ختم ڪرڻ لئه ڪنهن دوست کي خط لکان، وري سوچيم ته ڪنهن ڏي لکان ۽ پوءِ سوچيندي سوچيندي تنهنجو نالو ذهن تي اُڀري آيو ۽ هي رنڊا روڙي رهيو آهيان. شال قبول پون.
    عيد تي ايمان کي تازو ڪرڻ لئه ’رهبراعظم‘ ڏانهن ويو هوس، هڪ رات ۽ ٻه ڏينهن اتي هوس، ڏاڍو دل کي آٿت مليو. سچ ته دل واپس ورڻ تي ئي نه پئي چئي. مون سان گهڻون ڪري ائين ئي ٿيندو آهي، جڏهن به رهبر اعظم وٽ ويندو آهيان ته دل واپس ورڻ تي ئي نه چوندي آهي ۽ اها چاهنا پيدا ٿيندي آهي ته منهنجي سموري زندگي ان عظيم درسگاهه جي در تي فيض حاصل ڪندي ختم ٿي وڃي.
    دوست! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جا ماڻهو ڪيترو نه پٺتي پيل آهن. کين پنهنجي ۽ پراين جي ٺپ پرک نه آهي. تون ئي کڻي ڏس ڀلا! ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جنهن پنهنجي پوري زندگي هارين جي حقن وٺڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ان کي اسان ڇا ڏنو، مرڻ وقت به سندس جنازي ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو هئا. تن مان به گهڻائي انهن ماڻهن جي هئي جيڪي ڪامريڊ جا ذاتي دوست هئا. باقي نام نهاد ڪامريڊ جيڪي اڄ حيدر بخش جي تعريف ڪيو نٿا ڊاپن، انهن مان ڪوبه مرحوم جتوئي جي جنازي ۾ ڪونه هو. ٻيو ته ٺهيو ڪامريڊ جي تربت به عام قبرستان ۾ ٺاهي پئي وئي هئي، پر سائين جي ايم سيد چيو ته حيدر کي عام قبرستان ۾ رکڻ نه ڏنو ويندو ۽ کيس غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀرسان رکيو وڃي ۽ پوءِ يار محمد شاهه وڃي پنهنجا ماڻهو ڪري آيو، جن اچي قبر ٺاهي. ان دوران هنن سائين جي ايم سيد واري پاڇولي ۾ ويٺي انتظار ڪيو، وڏي ڳالهه ته جن ماڻهن يعني هارين لاءِ ڪامريڊ پنهنجي پوري زندگي قربان ڪري ڇڏي انهن مان ڪوبه سندس جنازي ۾ شريڪ ڪونه هيو. اڄ به عام هاريءَ کي اها خبر نه آهي ته حيدر بخش ڪير هو ۽ هن ڇا ڪيو هو.؟
    رهبر اعظم سائين جي ايم سيد ڏس! جنهن پنهنجي پوري زندگي اسان سنڌي ماڻهن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ زندانن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ دردناڪ اذيتون سهندي گذاري ڇڏي آهي. ان کي اسان ماڻهن ڇا ڏنو آهي. اهو ئي نه ته هي ڪافر آ، ملحد آ، اسلام دشمن آ وغيره وغيره.
    دوست! الهه بچايو مرڻاس توهان ٻڌو هوندو هڪ مشهور ورڪر آهي. ميرپور ماٿيلي جو ويٺل آ. ”چنڊ تارا“ ڪتاب به شايد ان جي ئي ڪوشش آهي. ان ماڻهوءَ چاهيو ته آئون هارين ۾ ڪم ڪريان، سو هن وڃي هارين ۾ ڪم ڪيو ۽ تمام سٺو هارين کي تيار ڪيائين، ان تي ڪيترن ئي هارين کي زميندارن بيدخل ڪري ڇڏيو. مرڻاس وڃي ڪورٽ ۾ وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو. ان دوران مرڻاس جا ٻه ڀائر وڏيرن ان ڪري مارائي ڇڏيا جو هو وڏيرن خلاف هارين کي ڀڙڪائي رهيو هو ۽ سندن خلاف هڪ هلچل مچائي ڇڏي هئائين. خير، ڪورٽ جڏهن ڪيس هلايو ته وڏيرن ڪجهه هارين کي پئسن تي خريد ڪيو ۽ ڪيترن تي دٻاء وڌو، ڪورٽ جڏهن هارين کي گهرايو ته سڀ هاري ڦري ويا ۽ هن پاسي مرڻاس اڪيلو ڪَن ڪڍيو بيٺو هو. ان تي وڏيرن مرڻاس تي ڪيس داخل ڪيو ته”هن معزز وڏيرن کي ڪورٽ ۾ گهرائي سندن توهين ڪئي آهي کين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن.“ ڪورٽ ڪيس هلائي مرڻاس کي پندرهن ڦٽڪن ۽ ڪارو منهن ڪري گڏهه تي چاڙهي سڄي شهر ۾ گهمائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان کان پوءِ ان سزا تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويو يعني کيس پندرهن ڦٽڪا به هنيا ۽ ڪارو منهن ڪري سڄي شهر ۾ به گهمايو ۽ کيس برف تي سمهاري شرمناڪ اذيتون ڏنيون ويون. انهن سزائن جي ڪري ويچارو مرڻاس ٻوڙو ٿي پيو. مرڻاس جڏهن جيل مان نڪتو ته سندس هاري ته ٺهيو پر نام نهاد دانشور ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ رڙيون ڪندڙن مان به ڪو کيس ملڻ ڪونه ويو. اڄ هن ماڻهوءَ کي سڀ دانشور تمام گهٽ سمجهندا آهن ۽ کيس ٻوڙو ٻوڙو ڪري ڪوٺيندا آهن.ا ڄ ڪير هن جي قربانين کي ڪونه ٿو ساراهي، اٽلندو هرڪو هن کي ڌڪاري ٿو. هي جيڪڏهن محاذ ۾ ٿو وڃي ته هو چون ٿا ته اُن ٻوڙي کي ڪير کڻندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پاسي وڃي ٿو ته هو به کيس ساڳيو ئي جواب ڏين ٿا. هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته جنهن قوم کي دشمن ۽ سڄڻ جي ئي پرک ڪانه آهي سا اڳتي هلي ڇا ڪندي.
    دوست! پنجاب جا ماڻهو پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سڏائيندا آهن. پر پنجاب ۾ هڪ سک نالي رنجيت سنگهه جو مجسمو رکيل آهي. جنهن جي صبح و شام پنجابي زيارت ڪندا آهن ۽ هن سال ته ان پنجابي سک جي مزار تي سرڪار طرفان باقاعده ميلو لڳايو ويو هو. جنهن ۾ سڀ اسلام جا ٺيڪيدار پنجابي به اچي ڪٺا ٿيا هئا، انهن کان ڪير اهو ته پڇي ته اوهين ته اسلام جا ٺيڪيدار آهيو. اوهان جو انهي سکَ سان ڇا وڃي، هو جيڪڏهن پنجابي هو ته ڇا؟ پر اسلام دشمن ته هو نه. اهي وڃي پنهنجي پنجابي سک جي اڳيان سجدا ڪن ٿا ته اهي اسلام جا ٺيڪيدار، پر جيڪڏهن اسان مهاراجه ڏاهر جي تعريف ڪريون يا سندس ورسي ملهايون ته اسان ڪافر ۽ اسلام دشمن. ڌاريا ته ڌاريا پر پنهنجا به پيا وڦلندا آهن ته اوهان جو هيرو هڪ ڪافر آهي ته پوءِ اوهان وري ڪهڙا مسلمان هوندا. انهن اسلام جي پٽن کان ڪير اهو ته پڇي ته اوهين انهن پنجابين کي ڪافر ڇو نٿا چئو، جيڪي رات ڏينهن رنجيت سنگهه اڳيان پنهنجي سيس نمايو بيٺا آهن. (دوست! رنجيت سنگهه هڪ سک هيو ۽ شاونسٽ يعني ڪٽر قوم پرست هيو. هو پنجابين جو هيرو آهي. سندس زندگي متعلق وڌيڪ تفتيش ڪريان پيو. جيڪڏهن ڪجهه وڌيڪ معلومات ملي وئي ته پوءِ رنجيت سنگهه جي زندگيءَ تي هڪ خط لکندس.)
    سچ ته دوست! جنهن قوم پنهنجا تاريخي ڏينهن ۽ قومي هيرو وساري ڇڏيا، سا قوم پنهنجي موت مري ويندي ۽ اسان سان به اهو ئي حشر پيو ٿئي. درسي ڪتابن ۾ اسان جن تاريخي ڏينهن ۽ قومي هيرن جو گهڻو ڪري ذڪر ئي ڪونهي پر جيڪڏهن ڪٿي آهي ته انهن کي غدار ۽ مڪار ڪري پيش ڪيو ويو آهي، اسان جي تاريخي ڏينهن کي مذاق طور لکيو وڃي ٿو. اسان جن سورمن کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ٿو ته جيئن عام ماڻهوءَ تي اُن جو خراب اثر ويهي ۽ هو پنهنجن تاريخي ڏينهن ۽ قومي هيرن کان انڪار ڪري پنهنجي موت پاڻ مري وڃن.
    ان پروپئگنڊا ذريعي سامراج گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي. اسان جا ماڻهو راجه ڏاهر کي ته گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا، پر قاسم جي پُٽ کي جيڪو هڪ لٽيرو هو ۽ خليفي وليد جو ..... هو، ان کي پنهنجو هيرو ڪري مڃيندا آهن. اسان جا ماڻهو جي ايم سيد کي ته ملڪ دشمن سڏين ٿا پر محمد علي جناح کي تمام زبردست سمجهندا آهن. اسان جن ماڻهن کي ساميءَ جي ته خبر ڪانه آهي پر علامه اقبال کي ڀلي ڀت سڃاڻن.
    دوست! مونکي خبر آ تون بور ٿي پيو هوندين. پر آئون ڇا ڪريان پنهنجي جوش کي به روڪي نٿو سگهان. متان ائين سمجهي ته آئون پنهنجي عوام مان مايوس ٿي ويو آهيان. ائين قطعي ڪونه آهي. پر هڪ حقيقت ان کي بيان ڪرڻو ئي پوي ٿو. آئون اهو ئي چوان ٿو ته هاڻي اسان کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي ’سيد اعظم‘ جو آواز وستي وستي ۽ واهڻ، واهڻ پهچائڻ گهرجي. اسان جي عوام جي پنهنجي ۽ پرائي جي پرک سمجهائجي ۽ کيس سامراج جي چالن کي باخبر ڪرڻ گهرجي.
    ها! تون پنهنجي خبر ٻڌاءِ. شاعري ڪرين پيو يا نه. پنهنجي ڪا تازي شاعري ته لکي موڪل. گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن، شاعري ئي ڪانه ٻڌي اٿم.
    دوست! آئون سمجهان ٿو ته تون هاڻي بلڪل بيزار ٿي پيو هوندين ان ڪري خط جي پُڄاڻي هن ٽڪري تي ڪري رهيو آهيان.
    علي محمد شاهه راشديءَ سائين جي ايم سيد کي خط لکيو ته ”تون جنهن عورت جي پويان پيو آن. اها سڄي ڪوڙهه ۾ ورتل آ ۽ توکي به هروڀرو ڪوڙهه وٺي ويندي. ان ڪري ان عورت کي ڇڏ، ۽ اچ ته زندگيءَ جا مزا ماڻيون.“
    علي محمد شاهه سنڌي ماڻهن جي نالي لکيو هيس ته اهي ماڻهو خرابين ۾ ورتل آهن ۽ ڪڏهن ڪونه سُڌرندا. اٽلندو توتي الزام هڻندا ان ڪري انهن کي ڇڏي ڏي ۽ اچ ته زندگيءَ جا مزا ماڻيون.
    جواب ۾ رهبر اعظم صرف هي لفظ لکيس:
    ”ليليٰ رابچشم مجنون ببين“
    معنيٰ ليليٰ کي مجنون جي نظر سان ڏس،
    ليليٰ هڪڙي ڪاري ۽ ڪوجهي عورت هئي ۽ مجنون خوبصورت ڇوڪر. پر بجاءِ ان جي جو ليليٰ مجني تي عاشق ٿئي، مجنون ليليٰ تي عاشق ٿي پيو. ان ڪري منهنجي قوم کي منهنجي نظر سان ڏس. ان کي جيڪڏهن منهنجي نظر سان ڏسندين ته دنيا جو مڙئي چڱايون ۽ سٺايون توکي سنڌي قوم ۾ نظر اينديون ۽ سنڌي قوم کانسواءِ ڪا به شيءِ خوبصورت نظر ڪانه ايندي.
    چڱو جيئي سنڌ
    تنهنجي جواب جو منتظر
    سارنگ
    *


    غلام رسول ٽالپر

    16 ڊسمبر 1993ع
    نوابشاهه
    رسول!
    ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُههُ ڄاڻان ڪهڙا پرين،
    سهسين سِجَ اُلهي، واجهائيندي ويام،
    تنين سال ٿيام، جنين ساعت نه سَهان.
    1993ع جو سڄو سال توسان ملڻ کان سواءِ گذرندو، سوچيو به نه هوم! تون ان حقيقت کان اڻ ڄاڻ ٿيڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪرين ته تون ۽ آئون هڪ ٻئي جا عضوا آهيون، تنهنجو نه ملڻ (مُنهن موڙڻ) هِڪَ مسلسل پيڙا آهي تون ڇو ٿو ائين ويچارين ته تنهنجو ڪو به نه آهي، قسم آهي ان مٽيءَ جو جيڪا تو لاءِ ۽ مون لاءِ آخري پناهگاهه ٿيندي ته آئون تو لاءِ سدائين پريشان رهندو آهيان ۽ منهنجو ذهن ڪڏهن به تو کان غافل ٿيو ئي ناهي. رت جي رشتن کان روح جا رشتا وڌيڪ سگهارا هوندا آهن. آئون تنهنجو آهيان، تون منهنجو آهين، ڏس، ائين نه ڪر. آئون اڳيئي ٽٽي پيو آهيان ”بابا جي مرتئي پڄاڻان.“ تنهنجو اوسيئڙو ئي اتساهه آهي مون لاءِ.
    تنهنجو
    سارنگ
    *


    عبدالله بروهي

    12 جولاءِ 1991ع
    حيدرآباد
    بيحد پيارا عبدالله،
    پنهنجي پسند جي ساڀيان ماڻين، شال!
    روسي اديب فيودر دوستو فسڪي، ڪنهن ناول ۾ لکيو هو ته ”زندگي انسان کان پنهنجا اڻ لکيل قانون تعميل ڪرائيندي آهي.“ سو انسان ويچارو ته واقعي وڏا خواب ۽ اعليٰ آدرش ذهن ۾ رکي، ڊگها منصوبا جوڙي ٿو، پر ڪي اهڙا اوچتا ڦيرا اچن ٿا، جيڪي ان انساني پلاننگ جي ڪايا پلٽ ڪريو ٿا ڇڏين. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي، جو ماڻهو گهران نڪتا، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ پر زماني جي تيز وهڪرن کين گوريلو بنائي ڇڏيو ۽ ڪي گوريلا وري ڪرسيءَ جي لوڀ ۾ اچي، پنهنجي ماضيءَ جي شاندار ڪردار کي لوڙهي، گمناميءَ جي موت مري ويا.
    مون به وڏو ماڻهو ٿيڻ جو هڪ خواب ڏٺو هو ۽ تو مون کي پڪ ڏياري هئي ته اهو خواب سچ ٿيڻ جوڳو آهي. تو پنهنجي سموري سهائتا آڇي هئي، منهنجي ان سپني جي ساڀيان لاءِ. تو ايڏي وڏي قرباني ڇو ٿي ڏيڻ گهري، ان ڪري جو هڪ ته تو به اهڙو ساڳيو خواب ڏٺو هو ۽ ٻيو ته تنهنجي اندر ۾ هڪ نرم دل موجود هئي، جنهن هٿان تو مجبور ٿي، منهنجو واهرو ٿيڻ قبوليو هو.
    پر اسان ماڻهن جا ڪٿان آيا اهڙا ڀاڳ، جو پنهنجن سپنن جون ساڀيائون ڏسون ۽ پنهنجن پيارن ۽ مهربانن جو اڻ ميو پيار ۽ سرهو ساٿ، سدا لاءِ نصيب ٿئي. جاهل عورتن جي ڪروڌ ۽ حسد، اسان جي خاندان کي زوال جي اونهي کاهيءَ ڏانهن ڌڪي، ان کي بدناميءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ منهنجن ”روشن خوابن“ کي به ٽيڙي پکيڙي، انڌيري اوڙاهه ۾ اُڇلي ڇڏيو آهي. منهنجن ننڍڙن معصومن کي، منهنجي خوابن جي نه پر منهنجي پرگهور جي فوري گهرج آهي، آئون پنهنجن خوابن تان دستبردار ٿو ٿيان، پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن لاءِ. (توڻي جو اهي خواب به انهن لاءِ هئا، پر انهن جي ساڀيان جي دير کانئن برداشت نه ٿي سگهندي)
    آئون پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ”زيرو“ کان ٿو ڪيان، نه گهر آ، نه ٽپڙ ٽاڙي، نه ڪنهن جي مالي مدد. منهنجو توجه هاڻي ڀرپور نموني پنهنجي گهر ۽ ٻارن تي هوندي، آئون ٻه ٻه نوڪريون ڪندس، پاڻ لوڙيندس ۽ ٻارن کي سک ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس (وس آهر)
    مونکي خبر ناهي ته مونکي ڇا ڪرڻو آهي، پر آئون رڳو اهو ٿو ڄاڻان ته مونکي پنهنجي فيملي کي عزت ڀري زندگي ڏيڻي آهي. مون توکي تمام گهڻو تنگ ۽ مسلسل ڊسٽرب ڪيو آهي، تولاءِ مسئلا کڙا ڪيا اٿم ۽ توکي بار بار وکيري، پنهنجن مسئلن ۾ اُلجهايو اٿم. آئون توکان تحريري طور معافي ٿو گهران، جي معاف ڪندين ته اڻ ڳڻيا احسان ڀائيندم.
    مون وٽ تو لاءِ اٿاهه پيار ۽ خلوص آهي، آئون تو کان تمام گهڻو متاثر آهيان، آئون توکي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي بشارت ٿو ڏيان. ”اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي، ته ماڻيندا منزل اسان جا ڍول ڍاٽيءَ“ وانگر آئون تنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ سدا دعاگو رهندس، ڪتابن وغيره جي سلسلي ۾ تنهنجي واهر منهنجو فرض آهي. فيصل سان ملاقات/ڪچهري ٿي، 22 جولاءِ کانپوءِ ڪڏهن به پاڻ ساڻس ملنداسون، هن مان تون ڏاڍو پرائيندين.
    اميد اٿم ته تون سدائين لاءِ، منهنجو هڪ مخلص دوست رهندين، ڪڏهن به مون تي اَرهو ٿي Ignore نه ڪندين، بلڪه وقت به وقت ڪارائتيون صلاحون ۽ ڏک جي گهڙين ۾ آٿت ڏيندو رهندين. پنهنجا جڳهه وغيره جا مامرا هڪٻئي جي صلاح سان گڏ ويهي طئه ڪنداسين. تنهنجي خلوص ۽ پيار جو طبگار.
    سياري جو سارنگ
    *
    10 فيبروري 1998ع
    توکي چاهي ٿي، اڃا ڀي هي پاڳلن وانگر،
    ڪيو تو پر اسان جي دل تي اعتبار ڪٿي آ؟
    پنهنجي روح جا راڻا عبدالله،
    ڪاميابيون تنهنجا قدم چمن شال!
    پاڻ سڀني جي المين جي ڪهاڻي الڳ الڳ ۽ مختلف آهي، بقول ٽالسٽاءِ جي ته:
    “All happy families resemble one another, every unhappy family is unhappy in its own way.”
    اڄ آئون محمد خان سان مليس، اوهان جي سرچاء لاءِ، پر محسوس ٿيو ته اوهان جي وچ ۾ پيل وٿيون، آئون پوريون نٿو ڪري سگهان، رهندو پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ رنجيده ڪندم. ها توکي ايترو ضرور چوندس ته دنيا ۾ هن وقت تائين جيڪي به ”بانڊ“ ٺهيا آهن، انهن ۾ فيملي بانڊ سڀ کان وڌيڪ سگهارو ۽ مددگار آهي، تڏهن ته ڪنهن چيو آهي ته:
    “If you look at your life, the great happinesses are family happinesses”

    رت، دانگيءَ تي به وري پوندو آهي، ان ڪري گهر کان مُنهن نه موڙ، ادڙن، ڀينرن ۽ امڙ، ابي جي تعظيم ڪر ۽ ساڻن لهه وچڙ ۾ رهه.
    تمنا اٿم ته تنهنجي مالي توڙي اخلاقي واهر ڪريان، پر حالتن مون کي اهڙي ڌٻڻ ۾ اچي اڙايو آهي، جو مظلوميت ۽ بي وسيءَ جو مجسمو بنجي ويو آهيان، اميد ته منهنجي حال تي رحم ڪندين ۽ ترس کائي مون کي معاف ڪندين.
    توکي روز روز مايوسيءَ وارا خط لکي، اُداس ڪونه ڪندس، بس ڪڏهن اتفاقي جي دل ڀرجي آئي ته ٻه ٽي لفظ لکندس. اميد ته ناراض نه ٿيندين. تنهنجي ڪاميابي لاءِ هرپل دعاگو / پنهنجو پاڻ کان رٺل.
    سارنگ
    *


    غلام رسول ٽالپر

    محترم دوست رسول،
    سدا سکيو هجين شال!
    توکي اڳيون خط ڪجهه جذباتي لکي ڇڏيم ۽ هاڻي وري پڇتايان ويٺو، مون سوچيو توکي پاڻ وٽ گهرائڻ لاءِ گهڻو زور بار ڏيئي مون ڪو چڱو عمل نه ڪيو آهي، آئون سدائين توکي پريشان ڪندو رهيو آهيان ۽ سمجهان ٿو ته مون ماڻهؤ زندگيءَ جي تجربن مان ڪجهه به نه پرايو آهي. آئون هر اُن ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آهيان، جيڪو مونکي ٿوري لفٽ ڪرائيندو آهي. هرڪو ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيٺو آهي ۽ پنهنجا رستا پاڻ تلاش ٿو ڪري، پر آئون سدائين ٻين جي ڪلهن تي بار ٿيندو رهيو آهيان يا ٻين جي ڪلهن تي چڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي اٿم. مون کي پنهنجي گندي ماحول مان جان ڇڏائي آهي، ڇو ته مون کي ان کان سخت نفرت آهي (نفرت جي شدت رڳو آئون ئي محسوس ڪري سگهان ٿو) ته پوءِ ان لاءِ حڪمت عملي به مون کي جوڙڻي پوندي يا آئون چاهيان ٿو ته اسلام آباد ۾ نوڪري ڪريان، پر ان لاءِ مون کي پاڻ ئي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ روٽس ٺاهڻ/پيدا ڪرڻ گهرجن. ڪنهن مهيني جي پگهار کڻي نڪري پوندس، پوءِ جي ڪم ٿيو ته به واهه، نه ته به واپسيءَ جا رستا ته ڪنهن ڪونه بند ڪيا هوندا.
    ساڳئي وقت آئون پاڻ کي هتي سيٽ ڪرڻ لاءِ به تيار ڪري رهيو آهيان، سي ٽي پڻ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ڪري رهيو آهيان، ٻيا به ڪي منصوبا آهن، پر حالتن (گهرو توڙي سماجي) نستو ۽ بي حال ڪري ڇڏيو آهي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا سڃاڻ هجئي ته ان ۾ منهنجا پهرئين سيمسٽر بهار (1991) جا امتحان ٿيا آهن، سيٽ نمبر B6690463 سي.ٽي. آهي ۽ سينٽر سڪرنڊ هو.
    سارنگ سهتو
    *
    8 فيبروري 1993ع
    نوابشاهه
    اسين زنده ناهيون، توڻي جو جيئون پيا،
    اسين قبرن ۾ ناهيون، توڻي جو مري چڪا آهيون.
    (دوستو وسڪي.)
    رسول!
    اڄڪلهه آئون ڏاڍو منڌل ۽ پريشان آهيان (يقيناً هي جملو توکي منهنجو روايتي جملو محسوس ٿيندو) آئون جيڪو تو جهڙن انيڪ دوستن جو همدرديون ۽ محبتون اڳ ئي وڃائي چڪو آهيان، جنهن جي سماجي ۽ گهريلو حيثيت زيرو آهي، سو واقعي به درد جي پاتال ۾ گم ٿي ويو آهيان ۽ ”بابا“ جي وڇوڙي ته ويتر مون کي عدم تحفظ جي احساس ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي، ها آئون تنها ۽ بي وس ٿي پيو آهيان. بابا جي مرتئي تي ڪيترن يارن تعزيتي خط اماڻيا، مون انهن خطن جي روح کي پرکيو ۽ پروڙ پيم ته انهن مان ڪوبه اهڙو خط نه هو، جيڪو واقعي درد سان لکيو ويو هجي، انهن خطن جي روح ۾ رسمِ جهان، لاپرواهي ۽ بي نيازي سمايل هئي. هڪ سنگتيءَ ته صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي صاف لکي ڇڏيو ته ”مون کي تنهنجي فادر جي ڊيٿ جو ٻڌي ڪوبه ڏک نه ٿيو.“
    منهنجي مٿان تمام گهڻو بار پئجي ويو آهي، سماجي ڏکن، گهريلو معاشي الجهنن، توجهڙن سنگتين جي بي رخين، انيڪ محرومين ۽ روايتي مجبورين جو. مون بابا جي جاءِ سنڀالي آهي، ڏاڙهي ڇڏائي اٿم ۽ مسجد جي سيوا پيو ڪريان. (گهر جي قبضي ڪارڻ) رئان به ٿو ۽ جيئان به ٿو، ڪو به ته ڪونه آهي، جيڪو مون تي رحم کائي ۽ منهنجي سهائتا ڪري. لڳي ٿو آئون ”زندگي“ نه پر ”قيد“ ڪاٽي رهيو آهيان، زندگيءَ کي آئون نه پر زندگي مونکي گذاري رهي آهي. آئون مري ويو آهيان، مون آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهوءَ جو فڪري ۽ احساساتي موت، جسماني موت کان گهٽ آهي ڇا؟!
    فقط
    سارنگ
    *
    17 فيبروري 1985ع
    منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري
    ته مر لڳيم لوح، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
    منهنجا مٺڙا مير شال سدائين شاد آباد هجين، قائم ۽ دائم هجين ۽ شال سدائين ذهني پيڙائن کان آزاد هجين.
    تنهنجي مقدس هستيءَ کي منهنجو نماڻو سلام (شال قبول پوي)
    عرض ته مٺڙا سائين! ڪلهه توهان کي گاڏيءَ ۾ خير سان ويهاري دردن ۽ پيڙائن جو بوجهه پنهنجي پٺن تي کڻي نراس دل، هراسيل نظرن، ۽ ٿڪل قدمن سان هارايل جواريءَ جيان مايوس مايوس واپس موٽيس. توهان الائي ڪيئن پهتا. رستي ۾ ڪا تڪليف ته ڪانه ٿيوَ. سا ته خبر ڪانهي، پر پوءِ به اميد ٿو ڪريان ته شانتيءَ سان پنهنجي ماڳ پهتو هوندين، لياقت ڀاءُ جو ڪو پتو ڪونهي، سچ ته سندس مونکي به شديد ڳڻتي آهي. توکي اگر ڪو پتو پئجي ويو هجي ته مهرباني فرمائي آگاهه ڪجان ته جيئن پريشاني ختم ٿئي.
    توهان ڪلهه ويا آهيو ۽ اڄ خط لکان پيو، پر ڀاسيم ٿو ته ڳپل وقت ٿي ويو آهي. اوهان کان وڇڙئي، ڪلهه يعني جمعي تي توهان کي ڇڏي گهر آيس ته مهمان آيل هئا، جنهن جي ڪري ٿورو بزي لڳو پيو هوس، ان ڪري اوهان جي جدائيءَ جو احساس ذرا گهٽ لڳو، پر اڄ سڄو ڏينهن اوهان جي خيالن ۾ دڪان تي گم رهيس. سيٺ صاحب به ڪونه هو، ان ڪري ڪجهه واندڪائي به هئي ۽ تنهنڪري توهان جي ياد گهڻو پئي ستايو ۽ هن وقت گهر پهچي هي غلط الائي صحيح، گندن الائي سٺن لفظن جي ڀيٽا اوهان ڏانهن موڪليان پيو، اميد اٿم ته پڙهي ناراض نه ٿيندين، پر جي ناراض ٿي به پوين ته به پِٽجان نه، ڇو ته تو جيڪڏهن پاراتو ڏنو ته مان سمجهان ٿو متان لڳي وڃي. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڏکايل جي دانهن آسمان ۾ طوفان آڻي ڇڏيندي آهي. هي ته مان ناچيز ننڍڙو ماڻهو آهيان. آئون توڏانهن ڪوبه فلسفيانه خط ڪونه ٿو موڪليان ۽ نه وري ڪو بحث ٿو ڇيڙيان، ڇو ته پوءِ وري معاملو تمام گهڻون وڌي ويندو ۽ خط موڪلڻ کان شايد قاصر رهجي ويندس. اُن ڪري صرف حال احوال ۽ ذاتي پيڙاءُ بيان ڪريان ٿو. اڄ دڪان بند ڪيو آيس پئي ته ايندي ايندي اوهان واري هوٽل ڏي هڪ دفعو جهاتي پائي ڏٺم، جيتوڻيڪ پڪ هئم ته اوهان ڪونه هوندؤ، پر پوءِ به مڙئي رهه پوري ڪيم. اڄ سڄو ڏينهن صرف توهان کي ياد ڪندي ۽ اهو سوچيندي گذاريو اٿم ته آئون آخر اوهان ٽنهي جي ويجهو ڇو اچي ويو آهيان. آخر اهو ڪهڙو محرڪ جذبو آ، جيڪو مونکي اوهان لاءِ اُتساهي ٿو، آخر منهنجو توهان سان ڪهڙو رشتو ناتو آ، پر مون کي واضح طور تي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي. رڳو ايترو سمجهان ٿو ته توهان منهنجا محسن (خير خواهه) آهيو، منهنجا همدرد آهيو، توهان مون کي پيڙائن جي دنيا مان ٻاهر ڪڍيو آ، توهان منهنجي زخمن تي پها رکيا آهن، توهان جي محبت مان مون کي اهو پتو پيو آهي ته دنيا ۾ اڃان ڪي عظيم انسان آهن، جيڪي اسان جهڙن اياڻن ۽ غريبن کي به انسانن جي قطار ۾ شمار ڪن ٿا. سچ ته توهان سڀ جا ۽ خاص طور تي تنهنجا مون نماڻي تي ڪروڙين قرب ڪيل آهن، جيڪي آئون عمر ڀر نه وساري سگهندس. گهٽ ۾ گهٽ ان وقت تائين ته ڪونه وساريندس، جيستائين مون ۾ انسانيت هوندي، باقي مون مان انسانيت ئي موڪلائي وڃي ته پوءِ يار مون تي ميار ڪانه اٿوَ. سچ ته توهان سان جڏهن ملندو آهيان، تڏهن مايوسي مون کان موڪلائي ويندي آهي، هنيانء جنهن تي سدائين مڻ بار جا محسوس ڪندو آهيان اهڙو هلڪو لڳندو اٿم، جهڙو ڪپهه جو ڪو ٻُڙو يا پاڻيءَ جو ڪو ڦُڙو. توهان کي ڏسي الائي ڇو مون کي ذهني ۽ دلي ايڏي ته خوشي ٿيندي آهي جو جنهن جي ڪا حد ناهي. دل چوندي آ ته هميشه توهان سان گڏ هجان ۽ توهان جي ئي جهوليءَ ۾ موت ملي، پر ظالم زماني کي پنج منٽ به توهان سان گڏ گهارڻ تي ڄڻ ڪو وڏو ناسور لڳي ٿو پوي. ۽ اهو سوچن ٿا ته هي ڇو پاڻ ۾ ايترو رلي ملي ويا آهن، هنن کي ته هڪ ٻئي سان وڙهڻ کپندو هو، ڇو ته هڪڙو ٽڪي جو نوڪر ۽ ٻيا ڪاليج پڙهندڙ شاگرد.
    بس يار! آئون تنهنجو لياقت ڀاءَ جو، امير ڀاءَ جو ۽ تمام گهڻون تنهنجو شڪرگذار ۽ مشڪور آهيان، جو توهان مون کي پنهنجو دوست بنايو ۽ دردن جو بار ڪجهه دل تان هلڪو ڪرايو. هڪ ارمان سو ضرور اٿم ته توهان جي ڪابه خدمت نه ڪري سگهيس. بس يار! اقتصادي مسئلا مون سان ايترا آهن، جن جو ڪو ڪاٿو ڪونهي ۽ توهان جي خاص خدمت نه ڪرڻ جو به اهو ئي ڪارڻ آهي. سچ ته گهڻا دوست ان ڪري به مون سان سدائين لاءِ بس ڪري ويا، جو آئون سندن ڪا به وڏي خدمت نه ڪري سگهيس. ان ڪري ان ڪم ۾ آئون تمام گهڻو محتاط رهندو آهيان. آئون وري به ان غلطيءَ جي نه، پر مجبوريءَ جي معافي ٿو وٺان.
    دوست! آئون تمام حساس دل ماڻهو آهيان. ان ڪري جيڪو ٿورو مون کي پيار ڏيندو آ، يا پنهنجو سمجهندو آ ان تان پنهنجي جان نڇاور ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان ۽ کين تمام معتبر سمجهندو آهيان ۽ توهان به اهڙن ماڻهن مان هڪ آهيو، ان ڪري آئون اوهان جي عظيم هستيءَ کي جهڪي سلام ٿو ڪريان.
    بس! ڪيئي ڳالهيون آهن جيڪي دل چاهي پئي ته لکان، پر سوچيان ٿو ته تون بور ٿيندين ۽ پنهنجو ٽائم هروڀرو مون جهڙي واهيات ماڻهوءَ جي واهيات تحرير تي وڃائيندين. دوست! سچ چون ٿا هڪ تمام وڏي جرئت ۽ سٺائي آهي. ۽ منهن جي به عادت آهي ته گهڻون ڪري هر ماڻهوءَ کي سچ منهن تي چئي ڏيندو آهيان، پوءِ ڀل ڪاوڙ لڳيس، سچ ٻين کي چوڻ بهادري ۽ سٺائي جو ڪم آهي، پر پاڻ متعلق صاف گوئي ۽ سچائيءَ کان ڪم وٺڻ يعني پنهنجو پاڻ کي سچ چوڻ منهنجي خيال ۾ تمام وڏي بهادري ۽ سٺائي آهي. توڙي جو خبر اٿم ته ان سچ ٻولڻ ڪري مونکي به نقصان پوندو، ڇو ته جڏهن آئون پاڻ متعلق سچ چوان ته توهانکي مون کان نفرت ڪرڻ لڳندؤ، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به مان اڄ پاڻ متعلق سچ ڳالهايان ٿو، پوءِ ڀل تون به مون سان نه ڳالهاءِ ۽ پنهنجا به نه ڳالهائن. بس هڪ ڳالهه ٻُڌي ڇڏ، هر انسان ۾ هزارين خاميون هونديون آهن ۽ اهڙن هزار خامين مان هڪڙي خامي مون ۾ پڻ آهي. جيتوڻيڪ اها هاڻي مون مان ختم ٿي وئي آ. آئون ان تي ڪنٽرول ڪري ويو آهيان پر پوءِ به هن سماج جو اهو دستور آ ته ڪو ماڻهو اگر ڏهه سال اڳ ۾ چور هو، هاڻي بلڪل شريف آ، پر پوءِ به جڏهن به ڪاوڙجندس ته اهو طعنو ضرور هڻي ڪڍندس ته سڃاڻو ٿا توکي تون فلاڻون چور چور جو پٽ آهين. سو ان کان اڳ جو توهان مون متعلق سوچيو ته هي سٺو ماڻهو آ. آئون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته آئون تمام روڊ قسم جو ماڻهو آهيان، انتهائي واهيات ۽ ذليل. ڪميڻون، لفنگو، لُچ ۽ لوفر، بي حيا، بي شرم، بي غيرت ۽ ٻيو گهڻون ڪجهه. توڙي جو هاڻي شريف آهيان. جيتوڻيڪ اڳ ۾ به هوس، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪيفيت تمام ڪميڻي قسم جي ٿي ويندي هئي ۽ نهايت ئي ڪڌائپ ۾ ڪاهي پوندي هئي. ان ڪيفيتن جي ڪري ئي آئون پاڻ کي دنيا جو سلجهيل قسم جو واهيات ترين انسان تصور ڪندو آهيان. آئون برائي جو مجسمو آهيان. منهنجي برائي جيڪا مون ۾ هئي، اها اڄ به اگر توکي ٻڌايان ته تون مون کان نفرت ڪرڻ لڳندي، توڙي جو تون سلجهيل آهين، پر پوءِ به ڳالهه به اهڙي آهي نه. الائي ڇا لکيو اٿم، سا ته خبر ڪانه اٿم، ڇو ته ننڊ پئي اچي ۽ جهوٽن سان لکان پيو، بس ايترو سو سمجهان پيو ته ذاتي پيڙا پيو لکان، جيڪا توکي وقت وڃائڻ کانسواءِ ڪابه شيءَ ڏئي نه سگهندي. اميد اٿم ته جواب ڏيندي، پر نه ڏي ته به ڏک ڪونه ٿيندو، ڇو ته آئون سراپا نفرت آهيان ۽ ٻيو ته مون کي هرڪو جواب به ڪونه ڏيندو آ.
    ڀاءُ لياقت به سٺو ماڻهو آهي، يار شهري ڇوڪر ٿي اسان سان ايترو فري ٿي ٿو ڳالهائي، پر ڪا به وڇوٽي نٿو رکي، اسان ۾ ۽ سندس ۾. سچ ته سندس اها عظمت عظيم آهي، آئون ان کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان. سندس جيڪڏهن پتو هجي ته لکي موڪلجو.
    آخر ۾ آئون توکان هٿ ادب جا ٻڌي پيرن کي چمي معافي ٿو وٺان ان ڳالهه جي ته جيڪڏهن متان مون ڪٿي تنهنجي دل آزاري ڪئي هجي يا تنهنجن جذبن کي ٺيس پهچائي هجي يا ڪا ٻي لفظن جي رويي ۾ تڪليف ڏني هجي ته مهرباني فرمائي مون غريب کي معاف ڪجو. جيڪڏهن منهنجي طرفان ڪڏهن به ڪو توهان کي اهنج ۽ ايذاء رسيو هجي ته ان لاءِ به هٿ پيرن تي رکي اوهان کان معافي ٿو وٺان، اميد ته قبول ڪندا. بس آخر ۾ موڪلايون ٿا هنن لفظن سان ته ”پنهنجو نينهن بچي، شال بچي، ڪاريهر جي ڏنگ کان“.
    فقط تنهنجو ڏکايل ڀاءُ
    سارنگ

    *
    ٺٽو، 15 جون 1985ع
    سرجيس تان سور سامايس تان سک ويا،
    اهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
    (شاهه)
    منهنجي من مندر جا سائين، هن بت خاني جا صنم،
    سنڌو سائين، شال سدائين شاد هجين!
    منهنجا دوست! ”مان ڪجهه به ناهيان، مان رڻ ۾ ڀٽڪندڙ روجهه وانگيان پاڻيءَ جو ڳولائو آهيان، پر پاڻيءَ تائين پهچي نه سگهيو آهيان. مان ڪارونجهر جي پوٺن تان رڙيون ڪندڙ مور آهيان، جو ڪنهن ڪاريءَ ذات کان ڪنارو ڪندو آهي ۽ رڙيون ڪندو آهي، پر مان ڪابه دانهن ڪري نٿو سگهان. مان مينهن لاءِ تنواريندڙ تاڙو آهيان، جنهن لاءِ سڀ ساهه وارا ماندا هوندا آهن. ماڻهو، مرگهه، مينهون، تاڙا، آڙيون ۽ سپون سڀ آڪاس ۾ اکيون ٽمڪائي ويهندا آهن. پر هاڻ ته مان مينگهه، ملهار ۽ سارنگ ڳايان ٿو ته به مينهن نٿو وسي. پٽ خالي پيا آهن، سنگهارن جا ساهه سڪل آهن، نه اڱڻ نه ڪُنڍين جا ڌڻ آهن. ڦاٽل گج آهن. نديون خالي آهن، ٻارڙا روندا آهن، ڀٽاريون ڀري ويون آهن. وٿاڻ واندا آهن، نه چڙا آهن، نه چؤنريون آهن. سپن، سسين ۽ سرهن آڪاس ڏي واجهائيندي ورهه وهائي ڇڏيا آهن. مندن سندا مينڍا مينهن بنا ويڙهيون ٿي ويا آهن. مان رات جي ڪارين اونداهين ۾ ڀٽڪندڙ پهٻڙو آهيان، پر اڃان مارڳ نه رسيو آهيان. هاڻي ته ماڳ تي رسڻ جي وسعت ئي نه رهي آهي، ڀانيان ٿو ته ننڊ نيڻن کي نهوڙي وئي آهي.
    مون پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي، مان ڪڏهن به پنهنجو پاڻ سان وفادار نه رهيس، ڪڏهن به فن سان وفا نه ڪيم. مان ته ڍنڍ جي ان پکيءَ جيان آهيان، جو ڪڏهن هُنَ ڪپر ته ڪڏهن هِنَ ڪپر.مون زندگيءَ سان ٺڳي ڪئي آهي. مون زندگيءَ کي املهه سمجهڻ بجاءِ ڪين جهڙو سمجهيو آهي. مون اهو ڪڏهن نه سوچيو ته زندگي هڪ مکڙيءَ جيان آهي، جنهن جي ٽڙڻ مان واس نه ورتم ته نيٺ گل ڪومائجي ويندو. خوشبوءِ هلي ويندي. مون اهو نه سوچيو ته هر گهڙي هر پلڪ منهنجي زندگيءَ کي پوئتي ڌڪيندا ٿا وڃن. مون اهو نه سمجهيو ته منهنجي زندگي هڪ ٻير جي وڻ مثل آهي. جنهن مان هڪ هڪ ٿي پن ڇڻندا ٿا وڃن. اهو به نٿو ڄاڻان ته هاڻي ڪيترا پن رهجي ويا آهن، ۽ ڪيڏي مهل ڪو زورآور جهوٽو اچي ۽ سڀ پَن اچي پَٽ پون ۽ زندگيءَ جو وڻ سکڻو ئي سکڻو ڪاٺيون رهجي وڃي.
    ڏک منهنجا وفادار يار آهن، پر مان ڪڏهن به انهن سان وفا نه ڪري سگهيس. مان سدائين انهن کان ڏور ڀڄندو رهيس. سک هڪ بيوفا سريت آهي، جنهن جي پٺيان ڀٽڪي ڀٽڪي جيون جا ڏهاڙا پي گهاريا اٿم. ڏينهن ڪهڙا گهارڻا اٿم، جيون جو گاڏو آهي، تنهن کي پيو گهليان. سوچيان ٿو گاڏي جا ڦيٿا ڦري ڦري نيٺ ڊهي ويندا. انهن ڊهڻ کان اڳ انهن تي ڪجهه بار ڍوئي وٺان ها ته چڱو هو، پر سڦلتا نه پاتي اٿم.
    مان ڪنڊن تي هلڻ نه سکيو آهيان. مون ڊڀن تي ڊوڙون نه پاتيون آهن. مون اڻانگها پيچرا نه اورانگهيا آهن. مان سدائين آراڙ ۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان. مون واٽ ئي نه ڳولهي آهي، ڪنهن ڏاهي ڪا وات ڏني اٿم ته مان راهه اڻانگي ڏسي ڏور پي ڀڳو آهيان. مون مارڳ مارڻ ڪاڻ سولي واٽ لاءِ سڌون پي ڪيون آهن. پر آراڙ مان نڪرن جون راهون اڻانگيون هونديون آهن.
    ”هوت لنگهيا هاڙهو، تون اڻاسي اُڀرين.“
    (شاهه)
    ڪيڏو نه سچ آهي. هو وڃي ماڳ رسيا ۽ مان اڃا تائين بي عقل ٿيو، جهوٽا کائيندو، آراڙ ۾ ڀٽڪندو ٿو وتان. ٿاٻا کائيندو ٿو وتان. آراڙ جي رهواسي خطرناڪ جيتن کي سُريلو سنگيت سمجهي پي ڳايو اٿم. مان انهن جي رنگن تي موهجي ماٺ ڪري ويهي رهيو آهيان. مون اهو نه ڄاتو آهي ته انهن ڪمرن جي ڪنڊ ۾ ڪروڌ ڀريل آهي. زهر جا مَٽ ڀريل آهن. مان بيوس آهيان. مان ناڪامين ۽ محرومين هٿان مارجندو رهيو آهيان. محروميون مونکي ماري ڇڏينديون آهن، آسون مون کي وري جيارينديون آهن. مان مرندو ۽ جيئندو رهندو آهيان. اميدن جي سرخيالن جي وهڪري سان دل جي درياهه ۾ وهندي رهندي آهي. تمنائن جا گل ترندي ترندي ٻڏي ويندا آهن.
    اڻ ڏٺي تي اکين جا آرا، من جا انگل هنيان کي لوڙهي ڇڏيندا آهن. جاڳ جا سپنا، اُميدن جا ريشمي ڄار جوڙيندا دل جي اونهي سمنڊ ۾ اڇليندا ويندا آهن. ڪابه سپنن جي راڻي اڃا تائين ان ڄار ۾ نه ڦاٿي آهي.
    گلن جي آرزو ۾ تصور جي ڪنڊن تي هلندي زندگيءَ جو ڳچ عرصو گذري چڪو آهي. زندگي هڪ بي وفا يار وانگر پنهنجو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڊوڙندي پئي وڃي. آئون اُن جي پٺيان پاڳلن وانگر ڊوڙندو ٿو وڃان. ڊڄان ٿو ته زندگي هاڻي محرومين جي ڪهاڻيءَ ۾ مون کان ڀڄي نه وڃي.
    منهنجي آس جون وَٽيون خيالن جي ڏيئي ۾ جلنديون ٿيون رهن. زندگيءَ جي رات هاڻي وهامندي ٿي وڃي، تمنائن جو تيل ٻري چڪو آهي. مون جيڪي چاهيو آهي، سو نه ٿيو آهي. ڪئين ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون اڳيان اينديون رهيون آهن. اهي هونديون ته تمام ننڍڙيون آهن. عام رواجي، روز ٿيندڙ، پر منهنجي دل ۾ گهاوَ ڪري وينديون آهن. يادگيري ڇڏي وينديون آهن، دل بي چين ٿي ويندي آهي. بيقرار دل کي پر ڀائڻ لاءِ بهانو ڳوليندو آهيان، خيالن جي ڀاڄ، قلم ۽ ڪاڳر جي ويڙهه، جندڙيءَ سان جهيڙا، آنڌ مانڌ. پوءِ:
    ”ڌڳايو ڌڻين، جيرو اندر جندڙي!“
    (شاهه)
    ادل، هي ته هو مانواري اديب مشتاق باگاڻي جي ڪهاڻيءَ ”ڪاجا پيم ڪاڻ“ جو ٽڪرو، جيڪو منهنجي زندگيءَ جو مڪمل ترجمان آهي. جيڪو مون ”گرامي پبليڪيشن“ جي ڪتاب ”سنڌ جي تباهيءَ جا ڪارڻ“ تان ورتو آهي. تنهنجو خط اربع ڏينهن تي مليو. پريتم جو پريت نامون پڙهي اندر کي ڏاڍو آرام آيو. سچ ته آئون تنهنجو پريت نامون پڙهي روئي ويٺس. هڪ هيڏي ساري وشال ڌرتيءَ تي تون ئي هڪ، منهنجو اهو مٺڙو پيارو دوست آهين، جنهن سان مونکي حد درجي محبت آهي، عقيدت آ، عزت آ. تون عظيم آهين، تنهن جي عظيم ۽ سٻاجهي شخصيت مون لاءِ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مقدس ۽ عظيم بنجندي ٿي وڃي. سچ ته ساري هن جڳ ۾ تون ئي ته آهين، جيڪو مڪمل طور تي هر نقطي، هر پوائنٽ، مطلب ته زندگيءَ جي هر فيلڊ ۾ منهنجي ڀرپور همت افزائي ٿو ڪرين. مون کي نت نوان جذبا ٿو ڏئين. جن محرومين جي احساس ڪري آئون مري ويندو آهيان، مرڻ تي هوندو آهيان، تون انهن جو احساس منهنجي من/دل کان مٽائي ڇڏيندو آهين ۽ آئون وري تنهنجي مهر ۽ ڪرم ڪري جيء پوندو آهيان. محروميون مونکي مارينديون آهن، تنهنجا ڏنل جذبا مون کي جياريندا آهن. محرومين ڪري مرندو آهيان، تنهنجي مهر ڪري جيئندو آهيان. مان مرندو ۽ جيئندو رهندو آهيان. شايد اُن مرڻ ۽جيئڻ تي ئي دنيا هلي پئي. مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته ”انساني جسم اندر هر وقت مرڻ ۽ جيئڻ جو سلسلو هلندو رهندو آهي. ننڍا جيوگهرڙا مرندا ۽ ڄمندا رهندا آهن ۽ اُن مرڻ ۽ جيئڻ تي ئي انساني حياتي دارومدار رکي ٿي. ۽ انسان مرندو به ان وقت آهي جڏهن سندس اندر (جسم ۾) جيو گهرڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.“
    اڄڪلهه منهنجي من اندر هڪڙو خوف، هڪڙو خطرو، هڪڙو ڀؤ، هڪڙو ڊپ ويهي ويو آ. ٻڌايائين ڪونه ٿو، ڇو ته توکي به گهڻون ئي تنگ ڪيو اٿم. ۽ وڌيڪ هروڀرو گهڻون تنگ ڪرڻ نٿو گهران. ڏس نه، تون خود به مون جيان محرومين جو شڪار آهين. پر پوءِ به اها ڪيڏي نه بهادري ۽ منزل سان سچائي آهي ته هڪڙو محرومين جو شڪار ٿيل انسان ٻئي انسان کي ڏڍ ٿو ڏئي. اها ئي تنهنجي عظمت ۽ سچائي آ، جيڪا مونکي مڃائي ٿي ته تون عظيم آهين، مقدس آهين، تنهنجي عظمت کي منهنجا سوين سلام. شال ٺٽي کان ٽالپر وڏا تائين پهچن. تون چوندي ته آئون ته مرڳو مرزا غالب ۽ امير خسرو جهڙن درٻاري ثنا خوانن جهڙو ٿي پيو آهيان. پر دوست، سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”سڄڻ جو ٿيل ٿورو لاهجي، جي لاهي نه سگهجي ته ڳائجي.“ سو تو به مون تي وڏا وڙ ڪيا آهن/ڪري رهيو آهين ۽ انهن جو سلو/بدلو مون غريب وٽ هنن عقيدت جي الفاظن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو هي خط پڙهڻ کان پوءِ چوي ته ٻيلي هي ته سهڻي ميهار يا سسئي پنهون وارو قصو لڳو پيو آهي. ته منهنجي خيال ۾ ان ماڻهوءَ کي ائين چوڻ جو حق آهي. سهڻي ميهار، سسئي پنهون سنڌ جا ڪردار هئا، اسين به سنڌي آهيون. سنڌ جا ڄاوا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته اسين سهڻي ميهار يا سسئي پنهون جو ٻيو جنم هجون. جيڪڏهن ائين نه ته به اسين ٻه انسان آهيون، ساڳئي ظالم اسان کي لٽيو ۽ تباهه ڪيو آ، ان ڪري اسين ٻئي هڪ ئي ظالم کي تباهه ڪرڻ لاءِ/ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون.
    اسان ٻنهي جي منزل ساڳي آهي، اسان کي پنهنجي منزل سان پيار آهي ۽ اُن منزل ساڳي هئڻ ڪري به اسين هڪ ٻئي سان محبت ڪريون ٿا. هڪ ٻئي سهاري زنده آهيون، هڪ ٻئي لاءِ جيئون ٿا. انسان کي انسان سان محبت ڪرڻ جو مڪمل حق آهي. اسان حق تي آهيون، ناحق کي اسان هميشه ننديو آهي، ۽ ناحق کان اسان کي نفرت آ. حق حاصل ڪرڻ لاءِ ئي اسان هڪ ٻئي سان اُنس رکون ٿا. ڇو ته ان حق لاءِ اسان کي جدوجهد ڪرڻي آهي.
    اسان محبت صرف پنهنجو پاڻ سان ڪونه ٿا ڪريون، پر سڄي عالم جي مظلوم انسان سان اسان کي محبت آهي. اسان انهن سان هر پل گڏ هئڻ جي هام هڻون ٿا. سندن خوشي اسان جي خوشي آهي. انهن تي ظلم ٿو ٿئي ته ڏک اسان کي ٿو رسي. اسان کي سڄي دنيا جي مظلوم عوام سان محبت آهي ۽ اسين خود به مظلوم آهيون ۽ مظلوم انسانن جي حوالي سان ئي هڪ ٻئي سان محبت ڪريون ٿا.
    عيد تي اچڻ جي تياري ڪريان پيو. گهڻون ڪري ايندس. اصل ۾ اچان ڪونه ها، پر تنهنجا هي لفظ مون کي اچڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. ”ٻڌ، تون اچجان سهي!“ ڪيڏي نه پنهنجائپ ۽ پيار آ هنن لفظن ۾. آئون ايندس ضرور ايندس. اڪيلو اڪيلو ڪجهه به لکي ڪونه کڻي ايندس. سبب پوءِ ٻڌائيندو مانوَ.
    مون الائي ڇا لکيو آ، خبر ناهي توکي هي منهنجا رنڍا روڙيل سٺا لڳن يا خراب. بهرحال تنهنجي فراخ دلي ۽ طبيعت جي سٻاجهائيءَ جي ڪري جيڪو ڪجهه جيئن لکيو اٿم، تيئن ئي موڪليان پيو. بنا ڪنهن ڦير ڦار جي.
    لياقت ڪڏهن ڪڏهن ياد ايندو آ، کيس ڪافي ڏينهن اڳ ۾ خط لکيم، پر جواب ڪونه ڏنائين. شايد ڪاوڙيو آ، الائي وساري ڇڏيائين. ها دنيا ۾ ائين ٿيندو رهندو آ. نوان دوست ملندا آهن ۽ پراڻا وساربا آهن.
    خط ۾ ڏنل شاعري سٺي هئي. ائين هر واري جيڪا سٺي هٿ اچئي موڪليندو ڪر. هيٺين سٽ توکي مون لاءِ نه لکڻ گهربي هئي. ڇو ته آئون اديب نه ٿي سگهيو آهيان ۽ نه وري شاعر.
    پني ٽڪر تي اور ته ڪجهه،
    شاعر تنهنجي سوچ سڙي
    پاڻ سان پاڻ ڪرين ٿو دوکو
    توتي هاڻ ڪير رڙي.
    چڱو هاڻي گهڻون ئي گند داڦيو اٿم. اکر به آهن مور، جو هروڀرو ايتري ڊَڪَ ۾ پئجي ويو آهيان. موڪلايون ٿا عيد تي ملڻ جي آشا سان.
    آخر ۾:
    سج اُلهي سانجهي ٿي، وڻن هنئي وڻڪ،
    سڄڻ تنهنجي سڪ، موٽيو ماڳ نهاريان.
    (شاهه)
    فقط
    سارنگ
    يار اکر ڏاڍا خراب آهن ۽ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندا پيا وڃن. اکر سڌارڻ جو ڪو آسان طريقو ٻڌاءِ.
    *


    سليم تنيو

    سليم!
    نواب شاهه جي سفيد پوش ماڻهن لاءِ ٺهيل هڪ هوٽل ۾ هاڻي هاڻي اچي ويٺو آهيان توکي خط لکڻ لئه (يا تنهنجي خط جي موٽ ڏيڻ لاءِ) منجهند جو وقت آهي، هوٽل ۾ ڪافي رش آهي، سو لڳي ٿو ته توکي سڪون سان جواب ڏيڻ جو پروگرام به ڪٿي درهم برهم نه ٿي وڃي. گهران ڀڳو آهيان فياض وٽ، ان کان ڪجهه پئسا اُڌارا ورتا اٿم هوٽل تي ويهي چانهن پيئڻ لئه، هو پڻ مون سان آيو آهي ۽ تنهنجي خط مان محضوظ ٿيڻ کان پوءِ هاڻي چانهن جي سرڪين مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. مون سان وڏو ويل آهي، ظلم آهي، آئون گذريل اٺن ڏينهن کان (اڄ شايد نائون ڏينهن آهي) هڪ آڙاهه ۾ جلي رهيو آهيان، ساڙ، حسد ۽ ڪيني جي بٺيءَ منهنجو سڀ ڪجهه ڀَسم ڪري ڇڏيو آهي، آئون پڻ مڙني ساٿين سنگتين کان مايوس ٿي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته”منهنجي مڙني مونجهارن جو مڪمل حل آپگهات آهي.“ هي ڪو ٿريٽ يا ڌمڪي ناهي نه وري نعرو آهي، پر منهنجي دل جو آواز آهي، منهنجي ذهن جي سچائي آهي. مونکي ڏک ٿيندو، ارمان ٿيندو جي توسان ڳلي ملڻ کانسواءِ آئون موت جي وادين ۾ گم ٿي ويندس. زندگيءَ ۾ هاڻي ڦٽڪار ۽ نفرت کان سواءِ مون لاءِ ڪجهه بچيو به نه آهي. دنيا جي بازار ۾ منهنجي ذهن، ضمير ۽ ڪمائي/محنت جي ڪٿ هڪ ڪوڏيءَ برابر به نه آهي. آئون ڀُري پيو آهيان، ڊهي پيو آهيان، ميڻ جيان رجي رهيو آهيان، ڪنهن به وقت اجهامي ويندس. هي جيڪو ڪجهه آئون لکان پيو، اهي اهڙا ڊائيلاگ نه آهن جيڪي آئون ڪنهن ڪهاڻيءَ لاءِ آئوٽ لائين طور تيار ڪري رهيو آهيان وڏن اديبن جيان. پر هي آواز آهي منهنجي ذهن، ضمير ۽ دل جو. دنيا هنن احساسن کي ڪابه اهميت نه ڏيندي، ڇو ته هي ڪنهن ڊرامي جي علامتي ڪردار جا نه پر جيئري جاڳندي ماڻهوءَ جا احساس آهن ۽ اسان جو سماج ته علامت نگاريءَ جو مداح آهي، نه ڪي حقيقت جو دلداهه. شايد آئون ڊيگهه ڪري رهيو آهيان، پر مونکي ڊيگهه ڪرڻي آهي، ڇو ته منهنجي خواهش آهي ته آئون اڄ اهو سڀ ڪجهه چئي ڇڏيان، جيڪو سالن کان منهنجي من ۾ سانڍيل پئي رهيو آهي ۽ مصلحتن جي ور چڙهي، منافقت جو مظاهرو ڪندي آئون چئي نه سگهيو آهيان. هوٽل ۾ گوڙ ٿي ويو آهي، انڪري اُٿان ٿو ڪنهن ٻئي سڪون واري هنڌ لئه، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو عذاب چئبو، بدنصيبي ليکبي جو زندگيءَ جا پنجويهه سال محنت، مشقت، ڀڄ ڊڪ ڪرڻ کان پوءِ به آئون ڪا اهڙي جاءِ تلاش نه ڪري سگهيو آهيان، جتي ويهي ٻيو نه ته تو جهڙي دوست کي خط لکي سگهان.
    تمام عمر ڪٽي بند گلي ڪوچوڻ ميڻ،
    طعفن سڳ اٺڳ دفتروڻ ميڻ،
    مجھڳ روشني چاهيئڳ، سڪوڻ چاهيئڳ زندگي ڪڳ لئڳ.
    -
    تمام عمر ميري ماتم ميڻ گذري هڳ،
    ميرڳ نصيب ڪس ڪربلا نڳ لکڳ ٿڳ.
    هوٽل تان اُٿي سڄو شهر ڀٽڪيو آهيان، ڪا به پناهه گاهه نظر نه آئي ۽ رلي رلي اچي گهر رسيو آهيان، گهر جيڪو ”ٽارچرسيل“ بنيل آهي اڄڪلهه مون لئه. ماڻهوءَ جي آخري پناهه گاهه گهر ئي هوندو آهي، پر جڏهن گهر جهنم بنجي وڃي ته پوءِ زنده رهڻ جو ڪوبه جواز نٿو رهي. انسان پنهنجي پوري ڄمار سهارن تي زندگي گذاري ٿو، پر جڏهن ماڻهو جا سهارا مري ۽ ختم ٿي وڃن ته پوءِ ڪجهه به نٿو بچي، ڪجهه به نه.
    هن خط کي پنهنجي آخري لکڻي طور لکڻ ٿو چاهيان، ان ڪري اها تمنا اٿم ته اهي سڀئي درد ۽ احساس،آدرش ۽ ارمان لکي ڇڏيان، جيڪي هر وقت يا گاهي بگاهي من ۾ جهير وجهندا رهندا آهن.
    جڏهن مونکي سمجهه پئي ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿيس ته مون پاڻ کي هڪ ڳوٺ ۾ مولوي جي گهر پلجندو ڏٺو، ڳوٺ جنهن جو ماحول مڪمل طور تي جاهلانه ۽ بيڪ ورڊ هو. اهو ڳوٺ اڄ به ائين ئي آهي ان جو اندازو تون ان ڳالهه مان لڳائي سگهين ٿو ته تقريباً سؤ گهرن تي مشتمل هن ڳوٺ مان اڄ به هڪڙو ماڻهو ئي صرف سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهي سو به ڪمدار (وڏيري) جو پٽ. سڄي ڳوٺ ۾ مئٽرڪ پاس شايد توکي پنج ماڻهو به نه ملن.
    *

    29 سيپٽمبر 1993ع
    (ضراب جي اُداس روم مان)
    نوابشاهه
    حبيب، شال حقيقي حبيب بڻجي!
    آپ نڳ اوروڻ سڳ ڪها سب ڪڇ
    هم سڳ ڀي ڪڇ کهيڻ، ڪڀي ڪهتڳ.
    (گلزار)
    تنهنجي روم ۾ سوچيم پئي ته تو جهڙو نفاست پسند، ڏاهو ۽ Studious ماڻهو آخر ڇو مون کان خائف آهي. ان ويل ئي پڪو پهه ڪيو هئم ته توکي خط لکي اها وينتي ڪندس ته مون جي تنهنجي دل رنجائي آهي، ڪڏهن، يا ڪا غلط فهمي آهي ته مهرباني ڪري دور ڪندا. منهنجي دلي خواهش آهي ته تون مونکان ناراض نه هجين. آئون هڪ اٻهرو ۽ جذباتي ماڻهو آهيان، پر اها هڪ خاطري وَٺُ ته مُنافق نه آهيان. بهرحال مون کان ڪافي ڪوتاهيون ٿيون آهن ۽ ان ڪري مون ادبي طور ماٺو ٿيڻ جو سوچيو آهي، البته مطالعو جاري رهندو. تون ناراض هجين ته درگذر ڪر، آئون تنهنجو تمام گهڻو ٿورائتو رهندس. تنهنجي مثبت موٽ، منهنجي اُداس دل کي خوشيءَ جا ڪجهه لمحا ارپيندي ۽ آئون انهن لمحن جو اوسيئڙو ڪندو رهندس.
    تنهنجو
    سارنگ سهتو


    بابا محمد يوسف سهتو

    11 آگسٽ 1985ع
    ٺٽو
    عزت وارا بابا ۽ پياري امان شال سدا خوش هجو!
    بعد پير چمڻ جي عرض ته هت سڀ خير آهي ۽ اميد ته اوهان ڏانهن به ڪل خير هوندو.
    احوال هن ريت آهي ته ڪافي ڏينهن ٿيا آهن ته اوهان جي طبيعت جو صحيح احوال نه ملي سگهيو آهي، ان ڪري هيءَ خط تحرير ڪري رهيو آهيان. اميد ته جلد جواب موڪليندا. اوهان جي طبيعت هاڻي ڪيئن آهي. ڪو فائدو پهتو آهي يا نه. ڊاڪٽر ڇا ٿو چوي وغيره، سمورو تفصيلي احوال لکي موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.
    ها، اهو سچ آهي ته آئون اوهان کي ڪوبه سُک نه ڏئي سگهيو آهيان. مون ننڍڙي هوندي کان وٺي هن وهيءَ تائين اوهان کي رڳو ڏک ئي ڏنا آهن، پر پوءِ به مونکي معاف ڪجو. امان، خاص ڪري تون، ها مون واقعي تنهنجي ڪا به عزت ڪانه ڪئي آهي، ڪوبه چيو ڪونه مڃيو آهي، هن وقت تائين، پر پوءِ به مونکي معاف ڪجانءِ. ڀاءُ غلام مصطفيٰ تون به معاف ڪجانءِ، يار مون توکي به اڄ تائين وڏي ڀاءُ جي نظر سان نه ڏٺو آهي، مرتضيٰ تون به، گهر جا سڀ ڀاتيو مونکي معاف ڪجو. جي مون اوهان کي ڪڏهن رنجايو هجي. ٻيو سڀ سُک لڳو پيو آهي. رڳي اوهان جي احوال جا منتظر آهيون. ٻيو ڪو خاص احوال ڪونهي جو لکجي.
    اوهان کان معافيءَ جو طلبگار
    غلام محمد (مٺو)
    *


    عبدالله بروهي

    30 مئي 2000ع
    نواب شاهه
    ماکيءَ کان مٺا ۽ زهر کان ڪوڙا عبدالله!
    تنهنجي زندگيءَ جي پهرئين عظيم فتح تي توکي لک لک دلي مبارڪون هجن، شال سدائين ائين ڪاميابيون تنهنجا قدم چمنديون رهن.
    ڄاڻين ٿو آئون بدنصيب آهيان، پنهنجي تباهيءَ تي رڳو ڳوڙها ئي ڳاڙي ٿو سگهان. شايد توکي احساس هجي ته دوست جي تباهيءَ تي هرڪو ڳوڙها ڳاڙهي ٿو سگهي، پر دوست جي ڪاميابيءَ تي ڪو دل گردي ۽ وڏي همت وارو ماڻهو ئي حقيقي ٽهڪ ڏئي ٿو سگهي. سقراط چيو (زهر جو پيالو پيئڻ کانپوءِ) دوستو! هاڻي موڪلايون ٿا، اوهين جيئڻ ڪاڻ ۽ آئون مرڻ ڪاڻ ٻنهي مان ڪهڙي واٽ بهتر آهي، سا خبر خدا کي.
    ڪنهن جو به نه ٿي سگهندڙ ۽ ڪنهن کي به پنهنجو نه ڪري سگهندڙ
    سارنگ
    *


    محمد علي سهتو

    1996-9-23
    حيدرآباد
    پيارا محمد علي!
    ڪامياب آهن اهي انسان، جن زندگيءَ ۾ مقصديت کي ڳولي لڌو ۽ تون اهو خوش نصيب آهين، جنهن وٽ زندگيءَ جا خواب حقيقت جو روپ اوڙهڻ ٿا چاهن ۽ جيون تولاءِ بامعنيٰ ٿو نظر اچي. اسين اهي ناڪام ۽ نامراد ماڻهو آهيون، جن کي زندگيءَ فضوليت (Absurdity) جي ڌنڌ ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، ڪا منزل متعين نه هجڻ ڪري، ڀٽڪڻ ئي مقدر ٿو ڀاسجي. ڏک ۽ اُداسي اسان جا اهي باوفا يار آهن، جن خوشين ۾ به اسان جي اندر جي ڪنڊ خالي نه ڇڏي آهي. اُداسيءَ جي مٽي ۽ غم جي پاڻيءَ سان اسان جو وجود تخليق ڪيل آهي، تڏهن ئي ته ڏوکوئيندڙ واقعا ۽ غمگين ماڻهو اسان کي پنهنجي وجود جو حصو لڳندا آهن. شهيد مرتضيٰ ڀٽو نه ڪڏهن آمهون سامهون ڏٺوسين، نه ڪڏهن کيس ٻڌڻ جو شوق رهيو، پر سندس بيدرديءَ سان مارجڻ سو به هن دؤر ۾، اسان کي تپرس ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اکين ۾ وري وري لڙڪ لڙي ٿا اچن. آخر اسان جا ڪونڌر ائين ڪيستائين چکيائين تي چاڙهيا ويندا؟
    تنهنجي CSS واري تياري ڪٿي پهتي، پڪ اٿم ته هن سال وڌيڪ زوردار تياري ڪئي هوندئي، شل رب تعاليٰ تنهنجي معاونت ڪري. زندگي رهي ته ڪڏهن اچي حاضري ڀربي.
    تنهنجو
    سارنگ
    *


    طارق قريشي

    مٺا طارق!
    ڪتابن ۾ پڙهيو هوم ته ڪي ننڍڙا واقعا ۽ اوچتيون ملاقاتون ڪن، ڪن ماڻهن جي زندگيءَ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏينديون آهن، الائي به ڇو ويساهه نه ايندو هوم ان ڳالهه تي، پر اڄ جڏهن پنهنجي رات ۽ ڪلهه واري ڪچهري تي ويچاريان ٿو تڏهن مٿيون نقطو مڪمل طور درست ٿو سمجهان. مان ممتاز واري رهاڻ ۽ ضراب واري شام ۾ تقريرون ڪرڻ کان پوءِ بلڪل ٽٽي پيو هوس. منهنجي سچائيءَ جو نه رڳو هر هنڌ مذاق اُڏايو ويو، پر منهنجي ڪردار ڪشيءَ لاءِ هر هنڌ پروپئگنڊه ڪئي وئي، ڪي چريو پيا چون ته ڪي ڪوڙو دانشور، ڪن ته مرڳو منهنجو مخفي نالو ئي ’شيطان‘ رکي ڇڏيو آهي. ڪنهن پروگرام ۾ ڇا ويس، منتظمين جي منهن جو پنو لهيو وڃي ۽ وتن گاريون ڏيندا دل ۾ (دل جو راز اکيون ٻڌائي ڇڏينديون آهن). آئون بنهه ننڍڙو ماڻهو آهيان، پر مون کي حيرت ٿي ته تاج جويي جهڙو ماڻهو به منهنجي جتي ڪٿي مخالفت ڪندو وتي. حالانڪ آئون ان قابل قطعي ڪونه هوس جو مون کي ايترو ”اشو“ بنايو وڃي. مظهر امر کان وٺي ممتاز بخاري تائين سڀ منهنجا ذاتي ويري ٿي پيا (جڏهن ته منهنجي ساڻن ڪا به ذاتي چپقلش ڪانه هئي) مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو جو منهنجا ذاتي سنگتي به مون کان بيزاري ڏيکارڻ لڳا، مون سوچيو جي آئون غلط به آهيان ته پوءِ ڪو مون کي ٻانهن مان وٺي صحيح ٿيڻ جي صلاح ڇو نٿو ڏئي. مون کي اها به پڪ هئي ته آئون سؤ سيڪڙو غلط ناهيان، جي آئون سو سيڪڙو غلط نه هوس ته پوءِ آخر ڇو منهنجي ”ويچارن“ جو مذاق پئي اُڏايو ويو. بهرحال ان سموري Process مان مون اهو پرايو ته:
    ”سچ، سچ پچ ڏاڍي سٺي شيءِ آهي، ۽ سٺي شيءِ پاڻ وٽ رکڻ گهرجي.“
    جڏهن کان مون سچ کي ”شوڪيس“ ۾ سجائي رکي ڇڏيو آهي، تڏهن کان منهنجي معاشري ۾ عزت وڌي وئي آهي. ان منفي موٽ جو رد عمل اهو پڻ ٿيو ته مونکي نه رڳو اديبن کان پر ادب کان پڻ بيزاريت ٿيڻ لڳي. ڇو ته مون سمجهيو ته سڀ اديب رڳو شوباز، ٺپ مصلحت پسند ۽ ياريون باشيون ملهائيندڙ آهن. ادب کي هو صرف ۽ صرف پنهنجي شهرت ۽ معتبري جو ذريعو سجهن ٿا. پر تنهنجي مون سان ڪچهري منهنجي سڀني سوچن کي ميساري ڇڏيو آهي ۽ مون ۾ هڪ اميد جو ڪرڻو اُڀريو آهي، ته نه سڀ ائين اهڙا نه آهن، ڪي آهن جن وٽ ادب لکڻي جو مقصد رڳو ٻين کي حقير سمجهڻ ۽ پاڻ کي عظيم سمجهڻ نه آهي، پر هو زندگيءَ جي سمورين تلخين ۽ سچاين کي عوام آڏو آڻڻ، هو پنهنجي ڪردارن کان نفرت نه پر پيار ڪندا آهن.
    سارتر (جان پال) چيو هو ته منهنجا سمورا ڪردار آزاد هوندا آهن ۽ هو ڪنهن به وقت ڪجهه به ڪري سگهندا آهن. سو ڪجهه اهڙو عمل مون به ڪيو، جنهن سان اوهان جي دل ضرور ڏکي هوندي پر پيارا مان اتي Adjust نه ٿي سگهيس ۽ پاڻ کي وائڙو ۽ تنها باسيم، وڌيڪ اهو ته توسان گهاريل گهڙين ۾ مان جيڪو اترچ ٿيو هوس ۽ مون جيڪا انسپائيريشن ماڻي هئي ان جو اثر زائل نه ٿي ڪرڻ گهريم. منهنجي خواهش آهي ته آئون تو سان قلمي رابطي کي سگهارو بنايان، ڇو ته تون اهو عظيم ماڻهو آهين، جنهن سان ملي، مون پنهنجي سوچ ۾ هڪ تبديلي (مثبت) ايندي ڏٺي آهي. تون مون لاءِ اُتساهه جو ذريعو بنجي ويو آهين. تو لکيو آهي ته ادب جي پيچري تي تولاءِ طارق اشرف کان پوءِ يوسف سنڌي آهي جنهن تنهنجو ادبي سفر سولو ڪيو آهي ۽ آئون تو مان اها اميد رکان ٿو ته تون مون لاءِ ادبي سفر ۾ هڪ عظيم سهارو ثابت ٿيندين.
    طارق! مونکي ڏک رڳو اهو آهي ته ڪافي دوستن مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ۽ بي سبب منهنجي دل آزاري. مون لاءِ ڏکيائون پيدا ڪرڻ جو هڪ ڪارڻ اليڪشن (ادبي سنگت جي) ۾ منهنجو يوسف سنڌي سان سهڪار ڪرڻ هو، ووٽ ڏيڻ ماڻهوءَ جو جمهوري حق آهي، جيڪڏهن منهنجي دل يوسف جي حمايت ڪرڻ جو سوچيو ته آخر ان ۾ ڪهڙي اربعا خطا ٿي پئي.
    تنهنجو سارنگ
    *


    فياض چنڊ ڪليري

    5 سيپٽمبر 1990ع
    پيارا فياض!
    تنهنجي وڃڻ کانپوءِ تمام گهڻو ملول ٿيو آهيان، ڪجهه ڳوڙها به ڳاڙيا اٿم. ڇو؟ رڳو اُن ڪري جو آخر اسين هڪٻئي کي سمجهي ڇو نه پيا سگهون. پنهنجو رشتو اهڙي عجيب نموني ڳنڍجي ويو آهي جو نه ته اهو ٽٽي ٿو سگهي ۽ نه ئي وري ڪو خاص مضبوط ٿي رهيو آهي. رڳو غلط فهميون ئي جنم وٺي رهيون آهن، رڳو برتريءَ جو احساس ئي پيدا ٿي رهيو آهي. خوامخواهه جا مونجهارا پيدا پيا ٿين. ڏس نه! امير نه آئون ۽ نه تون. پارس نه آئون نه تون، خوش نه تون نه آئون. مڪمل نه تون آهين ۽ نه وري آئون. اڌورا آهيون پاڻ. هڪ ٻئي جي ساٿ سان ئي پاڻ پنهنجي مسئلن ۽ مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائي سگهون ٿا. هڪٻئي جي سهڪار کانسواءِ پاڻ ڪجهه به ڪونه آهيون. ان ڪري اچ ته هڪٻئي کي سمجهون، هڪٻئي سان همدردي ڪريون. پنهنجن پنهنجن مسئلن کي هڪٻئي جي سهڪار سان، صلاح مشوري سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
    اها صحيح ڳالهه آهي ته تون تمام گهڻو ڇپجين ٿو، سنڌ ۾ تنهنجي نالي جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، پر ڇا ان سان تنهنجا گهرو مسئلا حل ٿي ويا آهن، تون تمام خوش ٿي ويو آهين. تون مڪمل انسان ٿي ويو آهين. مان ڪونه ٿو ڇپجان، ان ڪري آئون جاهل ۽ بي حس آهيان. مون ۾ ماڻهپو ڪونهي. مون تي تنهنجا ٿورا ۽ احسان به آهن ۽ سچ ته مان اهي نه لاهي ٿو سگهان ۽ نه وري وساري ٿو سگهان. تون منهنجو دوست آهين. دوست هڪٻئي کي دلداريون ڏيندا آهن، هڪٻئي کي آٿت ڏيندا آهن، پر تون ڪهڙو دوست آهين، جيڪو مون کي رڳو ٽوڪيندو آهين، منهنجي بيعزتي ڪندو آهين، منهنجي دل شڪني ڪري مون کي ڏک رسائيندو آهين. مون کي دل شڪستو ڪري چوندو آهين تون ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندين، تون اُتي جو اتي هوندين. تون ڪو ماڻهو آهين. واقعي ماڻهو ته وڏا اديب ۽ گهڻو ڇپجندڙ هوندا آهن. سارنگ سهتو غريب جو ٻار ڪٿان ٿو ماڻهو ٿي سگهي، ترقي ته اهي ڪندا جيڪي رسالن جي زينت بنجندا هجن، مان جنهن کي ڪنهن ڏانهن خط لکڻ ڪونه اچي، اهو ڪٿان ٿو ترقي ڪري سگهي. هن خط سان پنهنجن واسطن تي ڪو برو اثر نه پوڻ گهرجي، جي توکي ڏک رسيو هجي ته مان وري به معافي ٿو وٺان؟ واقعي مان ٻارن سان مٿو هڻي هڻي آڱريون ڳڻيندو، قرض لاهيندو، کڻندو هڪ ڏينهن مري ويندس، پر جيڪي ترقي ڪندا اهي ڊاريڪٽ جنت ۾ ويندا.
    توکي خبر آهي هي خط لکندي ڪيترا ڀيرا مون قلم روڪيو آهي، ڪيترا ڀيرا لڙڪ اُگهيا اٿم، اهو سوچيندي ته شايد مان غلط لکي رهيو آهيان، شايد مان ڪنهن جي دل ڏکوئي رهيو آهيان. مان ڇا ڪيان مون وٽ ٻيو ڪو چارو ڪونهي سواءِ وضاحت جي.
    ڪيئي ڪلاڪ تنهنجي گهرو مسئلن جي حل لاءِ سوچيندي گذاريا هوندم، ڪيترا ڀيرا تنهنجي بدحال زندگيءَ تي رحم آيو هوندو، پر ڇا اهو سڀ توکي ٻڌائجي ته پوءِ ئي صحيح آهي، تنهنجي گهڻي ڇپجڻ تي اسان کي ساڙ ڪونهي، نه ڪو اسين اَرها آهيون، پر تون پنهنجي گهر ۽ ان جي مستقبل لاءِ به ويچار، ڇو ته گهر جو وڏو تون آهين. اديءَ ۽ ادڙن جو مستقبل تو سان ڳنڍيل آهي. مائٽن مان ڏسين ٿو ته ڪير به توهان جو ڪونهي. منهنجي هيءَ حرڪت جيڪڏهن تولاءِ ڏک يا ڪاوڙ جو سبب بنجي ته ان لاءِ مان توکان هٿ ٻڌي معافي ٿو وٺان. مان توکي پنهنجو دوست به سمجهان ٿو ته ڀاءُ به. يقين ڪر ته تنهنجي خوشيءَ ۾ منهنجي خوشي شامل آهي ۽ تنهنجي ڏک ۾ منهنجو ڏک. مطلب ته مان توکان ڌار نه آهيان. توکي به ڪنهن بي لوث پرخلوص سهاري جي ضرورت آهي، مون کي به. اها ئي ضرورت آفتاب جي آ. پوءِ ڇو نه پاڻ هڪٻئي جا سهارا بنجون.
    تون قربانين لاءِ تيار رهه. اهي قربانيون توکي پنهنجي ڪٽنب لاءِ شايد ڏيڻيون پون. بهتر جي اميد رکو، بدتر لاءِ تيار رهو، پر ان جي ڀيٽ ۾ تون سدائين بهتريءَ جو تصور رکندو آهين، اهو به درست ڪونهي. پنهنجي مستقبل لاءِ سوچ. ڪهڙي فيلڊ تولاءِ موزون آهي. اياز اٺين ۾ پڙهي ٿو، ننڍرن جو ته اڃا خرچ ڌار هوندو. اديءَ جو ڌار ۽ هيڏانهن گهر پنهنجو ڪونه اٿوَ. مون کي ته اهو فڪر آهي ته توهان جي گهر جو ڇا ٿيندو. تون ته سولو جواب ڏئي ڇڏيندو آهين ته ڳوٺ هليا وينداسون. مان ٻڌائي ٿو ڇڏيائين ڳوٺ ۾ ڪير به اوهان جو ڪونهي، ڳوٺ ۾ ته اوهان جو مستقبل به تاريڪ ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾ ائين به ٿيو آهي ته هڪڙن جي بهتريءَ لاءِ ٻين قربانيون ڏنيون آهن. ممڪن آ اديءَ ۽ ادڙن جي بهتر مستقبل لاءِ توکي پنهنجو مستقبل قربان ڪرڻو پوي. تون انهن ڳالهين لاءِ تيار رهه. توکي پريشان ڪرڻ به منهنجو مقصد ڪونهي، توکي هوشيار ڪرڻ منهنجو فرض آهي، همت به نه هار، جو تون اڪيلو ڪونه آهين، اسين توسان گڏ آهيون، جيسين ضمير زنده ڏک سک ۾ توسان گڏ رهبو. خود اسان کي به تنهنجي واهر ۽ مدد جي ضرورت آهي، رڳو اسين توتي پنهنجا ٿورا ڪونه ٿا ٿڦڻ گهرون.
    منهنجا دوست! جي مان غلط لکيو هجي يا حماقت ڪئي هجيم ته مهرباني ڪري منهنجي رهنمائي ڪجان.
    واسطن جي واڙ کي ڀيلين متان،
    واسطن جي واڙ کي، نت نوان ريج ڏجن.
    تنهنجو:
    سارنگ
    *


    جلال احمد نور شاهه

    25 مارچ 1989ع
    نوابشاهه
    جلال سائين! شل توڙ نڀائين!
    وقت تمام گهڻو اڳتي گذري ويو آهي ۽ هاڻي لڳي ٿو، مونکي سڃاڻڻ لاءِ به اوهان کي شايد سوچڻو پوي ۽ ڪجهه دير لاءِ ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿيڻو پوي. ڇا لکجي؟ تو صفا وساري ڇڏيو، نه خط نه پٽ، نه حال نه احوال. ائين به ڪو ٿيندو آهي. مان ته ڪراچي ويندي به ٺٽي مان گذرندو آهيان. ڪيئي ڀيرا توهان جي ملڻ جي آس رکي ڪهي آيو هوندس، پر توهان نه ملي سگهيا آهيو. ڏکن سان ڀريو پيو آهيان، سوين درد آهن، پرتازو جيڪو زخم ”ڀائو مولا بخش“ جي وفات جو رسيو آهي، تنهن اندر ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي. ڇا مان توکي ياد آهيان، تنهنجو ٻولو ڀالو دوست سارنگ!
    جلال ڀاء مزو نه آهي، زندگي هڪ هنڌ ٿمجي وئي آهي. ”زندگي هڳ يا ڪوئي طوفان هڳ، هم تو اس جينڳ ڪڳ هاٿوڻ مر چلڳ.“ لکڻ لاءِ ته جيءَ گهڻئي ٿو سَٽون ڏي، پر لفظ مون کان ائين ٿا ڀڄي وڃن، جيئن ڪنهن ٻارڙي جي هٿن مان پوپٽ ڀڄي ويندا آهن. مان اڇوتيون / ڪنواريون سٽون سرجڻ ٿو گهران، پر ذهن ۽ جذبا ساٿ نٿا ڏين. اچ يار، نوابشاهه مان چڪر ته هڻي وڃ، مان دل جي گهراين سان توکي نينڍ ڏيان ٿو. اوهان جي خط جو شديد انتظار رهندو. سلام سڀني ڀائرن ۽ سنگتين کي.
    اوهان جو
    سارنگ سهتو
    *


    اياز ابڙو

    31 ڊسمبر 1992ع
    نوابشاهه
    مٺڙا اياز!
    مون کي شڪ آهي ته تون به مون تي ناراض هوندين، ڇو ته مون تو سان ڪي مهينا ٿيا آهن رابطو نه رکيو آهي. لکجي به ڇا، اياز! ڪو چارم، ڪو اُتساهه، ڪا اميد، ڪا روشني، ڪجهه به ته ڪونهي. اوندهه ئي اوندهه آهي، مايوسي ئي مايوسي آهي. پنهنجون فرسٽيڊ سوچون ورڇي تو جهڙن پيارن کي پاڻ کان وڌيڪ مايوس ڪرڻ نٿو گهران. مون خاموشي اختيار ڪئي آهي ڇو ته اهو ئي منهنجي واس ۾ آهي.
    ذاتي توڙي سماجي حوالي کان، مون کي محسوس ٿو ٿئي ته هاڻي مون کي نااميدين کان سواءِ ڪجهه به ناهي ملڻو. پنهنجي ذاتي مونجهارن جي ڳنڍ تو اڳيان کولي، آئون پنهنجي محرومين جي احساس کي گهٽا ڏئي نٿو سگهان، ان ڪري ان درد مسلسل جو ذڪر اجايو آهي.
    مختصر اهو ته اڃا تائين پرائمري ماستر ۽ هڪ ڌيءَ جو پيءَ آهيان، باوجود وڌڻ جي ڪوشش جي وڌي نه سگهيو آهيان، ساڳئي ئي سرڪاري گهر ۾ رهيل آهيان والدين سان، جيڪو ڪنهن به وقت سرڪار خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي.
    رؤف ۽ بشير کي منهنجا تمام گهڻا سلام نه، پر ڀاڪر پيش ڪجان. چاچا ۽ امان (جن کان شايد وسري ويو هجان) کي پيرن تي هٿ. ادن کي پيار.
    تنهنجو
    سارنگ
    *


    سليم تنيو

    13 ڊسمبر 1992ع
    نوابشاهه
    سليم!
    سمجهه ۾ نٿو اچيم ته توکي ڪيئن ٻڌايان ته وقت جي ظالم وهڪري مون سان ڪهڙو نئون وَيل وهايو آهي. اصل ۾ آئون هڪ وڌيڪ محروميءَ جو شڪار ٿيو آهيان. بابا جي محرومي، ها، سليم، ”بابا“ لفط هاڻي مون لاءِ ڏاڍو اجنبي بنجي ويو آهي. ڪوبه ته ڪونه آهي، جنهن لاءِ مان هاڻي اهو لفظ استعمال ڪري سگهندس.
    بابا جي وفات جو، جيڪڏهن تڪليف ڪري سگهين ته اياز ۽ مجيب کي پڻ ٻڌائي ڇڏجان.
    تنهنجو
    سارنگ سهتو
    *

    پيارا سليم!
    مون هاڻي تنهنجو موڪليل خط پڙهيو آهي ۽ ستت ئي جواب لکي رهيو آهيان. تنهنجا خط مون منجهه سدائين نوان جذبا ۽ اُمنگون پيدا ڪندا آهن. سچ پچ ته مون لاءِ انتهائي سرهائيءَ جا لمحا هوندا آهن، جڏهن ڪنهن سنگتيءَ جو پتر پڙهندو آهيان ۽ اڄ تنهنجو خط ملڻ مهل آئون ٻيڻو خوش آهيان. اهو ان ڪري جو هڪ ته مون زندگيءَ بابت ڪجهه مثبت فيصلا ڪيا آهن ۽ انهن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ سوچي ئي رهيو هوس ته مٿان تنهنجو ناصحانه خط مليو، جنهن من ۾ ڪرموڙيندڙ جذبن کي وڌيڪ بيدار ڪيو. بهرحال مان تنهنجو تمام گهڻو شڪر گذار آهيان، جو تو منهنجي هن هيڻي حال ۾ واهر ڪئي آهي. مان جڏهن به مايوس ٿيندو آهيان ۽ بي راهه رويءَ جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهيان، تڏهن تنهنجا ٻاجهارا ٻول مون کي راهه راست / سڌي رستي تي آڻيندا آهن. تون مون لاءِ انڌيري ۾ اهو ڏيئو آهين، جنهن جي لاٽ سهاري مان پنهنجو پيچرو لهان ٿو. تنهنجي شخصيت مون لاءِ تمام گهڻي مانائتي آهي، ڇو ته تو سدائين مون کي وقتائتي موٽ ڏيئي، مون کي بي انت بَحر ۾ ٻڏڻ کان بچايو آهي. آئون اميد ٿو رکان ته تون سدائين ائين پنهنجي پيار جا ڪڪر مون مٿان وسائيندي رهندين.
    سليم! هر ماڻهوءَ جي شخصيت جي تباهه ٿيڻ جا ڪي تاريخي ۽ مادي سبب هوندا آهن ۽ اسين جيڪي پاڻ کي حساس سمجهون ٿا ۽ آهيون به، تن جي مايوس ٿيڻ جا به ڪي سبب هئا. ان مايوسي ۽ برائيءَ جي ڌٻڻ ۾ مان ڪو اڪيلو نه ڦاٿو هوس، پر اسان جا اڪثر جينيئس نوجوان ان جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، پوءِ ڪن پير سنڀالي ورتا ۽ واپس ورڻ جي ڪوشش ڪيائون ته ڪي آخر آتم هتيا/ خودڪشي ڪري ان قصي جو اختتام ڪري ويا ۽ آئون سدائين ٻُڏتر جو شڪار پئي رهيو آهيان، ڪڏهن مثبت ته ڪڏهن منفي سوچ جي گهيري ۾ رهيو آهيان، آئون. منهنجي اندر جي انسان خاص طور تي تڏهن کان ڀُرڻ شروع ڪيو، جڏهن اسان جي پارٽيءَ ۾ ٽوڙ ٿيو. ڄام ساقي جنهن جي شخصيت اسان لاءِ انتهائي مقدس هئي ۽ اسان هن کي سچائي جو مجسمو سمجهندا هئاسين، پر جيل مان نڪرڻ کانپوءِ اسان جلد ئي محسوس ڪيو ته هو، ايترو عظيم ۽ سچو نه هو، جيترو اسان هن کي سمجهيو هو. اهي دوست جن پارٽيءَ لاءِ سڄي عمر وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ سندس شخصيت اُڀارڻ ۾ به اهم رول ادا ڪيو هئائون، تن جي ٿورن اختلافن رکڻ ڪري سخت مخالفت ڪئي وئي ۽ مٿن هڙا الزام لڳايا ويا، جيڪي فريب ۽ ڪوڙ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هئا. ڪجهه وقت بعد مون ڄام ساقي سان ملاقات ڪئي ۽ ڪافي ماڻهن جي مجمعي ۾ مون کانئس پڇيو ته ”ٻڌو اٿئون ته اوهان امداد چانڊيو ۽ مير ٿيٻو لاءِ اهو ٿا چئو ته انهن غوث علي شاهه کان پارٽيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ پئسا ورتا آهن.“ تنهن تي هن صاحب چيو ”ها بلڪل اها ته حقيقت آهي. هو ماڻهو گورنمينٽ جا ايجنٽ هئا.“ مون سوچيو جن ماڻهن هن جي شخصيت اُڀارڻ ۽ پارٽيءَ کي پروان چڙهائڻ لاءِ پنهنجو ذاتي مستقبل تباهه ڪيو، جيل ڪاٽيا، سي ايجنٽ هئا ۽ هي خود/پاڻ سڳورو ۽ شريف آهي، ان بعد سنڌ مان ۽ (مختيار) باچا خان سان سرحد ۽ بلوچستان مان پارٽيءَ جي ان رويي ڪري، پوري ملڪ مان ماڻهن پارٽي اندر هڪ گروپ ٺاهيو.
    بهرحال هاڻي نئين عزم ۽ نئين آزاديءَ سان مون ڪم ڪرڻ جو سوچيو آهي. آشا اٿم ته هاڻي تون مون کي مايوس نه ڏسندين. مان عنقريب توکي پنهنجي آئنده جي لائحه عمل بابت واضح ٻڌائيندس. ۽ ممڪن آهي آئون توکي پنهنجي نئين پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت به ڏيان. يا اهو انساني زندگي جو پيچيده پيچرو آهي ئي، اهڙو ڪڏهن صاف سٿرو ته ڪڏهن ڪنڊن سان ڀريل، ڪڏهن اونداهه ته ڪڏهن روشنيءَ مان لنگهندڙ نيڪ تمنائن سان.
    اوهان جو
    سارنگ
    *
    مِٺا سليم!
    نوابشاهه
    اهو سچ آهي ته آئون تو جهڙن دوستن کي خط لکڻ واري معاملي ۾ حد کان وڌيڪ سست ٿي ويو آهيان. منهنجي توکي خط نه لکڻ جو هڪڙو ڪارڻ حالتن جو ساڳئي گردان تي ڦرڻ آهي. ڪجهه به نئون نه آهي، حالتون هڪ جاءِ تي بيٺيون آهن، تبديلي ڪا اچي به ٿي ته نوان درد ۽ پريشانيون کڻيو ٿي نروار ٿئي. تخليقيت/ تخليقي جذبو/ سگهه به نه رهي آهي. ڀلا رڳو دوستن ڏانهن درد ڀريا خط لکڻ ڪا سٺي ڳالهه ته نه آهي نه ڪڏهن ڪڏهن هڪ جنون اچي سوار ٿيندو آهي ته بنا دير تو وٽ اچي ٺڪاءُ ڪجي، پر ان احساس کي عمل جو روپ نه ڏئي سگهبو آهي. حال احوال گهڻا آهن، تو وٽ به ”دردن جا داستان“ ڪيئي ڪٺا ٿيا هوندا ۽ مون وٽ به ڪجهه سورن جو سامان آهي. اچ ته شيئر ڪريون. ها، هاڻ ملبو ته ايترو وقت ڪٺي رهبو. جيترو هڪٻئي مان جيءَ نه ڀرجي. Sociology ۾ ايم اي جو پروگرام ٺاهيو هو، ان کي ڪٿي پهچايئي. مون تو واري ان مضمون ۾ ايم.اي. پريويس جو امتحان ڏنو آهي، دعا ڪر ته سٺيون مارڪون اچن ته ان مضمون ۾ ڪميشن جو پروگرام ٺاهجي.
    Sociology تي موجود لٽريچر لاءِ آتو آهيان هجئي يا ڪٿي نظر اچئي ته موڪلجان/ کنيو اچجان.
    ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وَڻُ ٿيون،
    پر سي مون نه ڪيون،گوشي پرين نه گڏيا.
    (شاهه)
    تنهنجو
    سارنگ
    *
    15 جولاءِ 1987ع
    نوابشاهه
    سليم ڀاءَ!
    وري آ رسيو اڄ نئون گهاءُ
    پيارا! زندگي به عجيب شيءِ آهي ڪڏهن ته ڏکن جي رڻن ۾ رلائي ٿي، ڪڏهن وري سُکن جي سيج سمهاري ٿي ته ڪڏهن وري عشق جي ور چاڙهي ٿي، ڪڏهن ته دل گهرين دوستن سان ملائي ٿي ته ڪڏهن وري تنهائيءَ جو زهر پياري ٿي. هي اسان جو گهر آ ۽ هن گهر جي هر ڪنڊ ۽ پاسي مان پڙلاءُ ٿواچي ته ڪوئي هو، هن گهر جو ڀاتي جو هليو ويو، شايد وري نه اچڻ لاءِ، لاڳاپا لاهي. اسان جو گهر اٻاڻڪو آ، اسين هيسيل آهيون، ائين ڄڻ گهر اسان کي ڳهي ويندو.
    خير ڇڏ ان ڳالهه کي، وڃڻ وارن جو ڪهڙو ويهي سوڳ ملهايون، هو پٿر هئا، سندن دل ۾ اسان جي سچائيءَ جي باوجود به اسان لاءِ سخت نفرت هئي. شل خوش رهن، پنهنجي نئين آشياني ۾ اسان جي منزل اڃان آڳاهين آ، اسين تڪڙا، ڪي ڍلا، اوڏانهن رڙهندا رهنداسون، اسان جو قافلو اجتمائي جياپي لاءِ اڳتي وڌي رهيو آ، نه ڪي انفرادي جياپي لاءِ.
    مون پڻ توکي خط لکڻ جا سانباها پئي ڪيا، پر ڪجهه سستي ڪجهه وري ذهني پريشانيءَ سبب هٿ قلم طرف وڌي نه سگهيو، پر هينئر جڏهن اوهان جو خط مليو، تڏهن لازم سمجهيم موٽ ڏيڻ ۽ الجهيل ذهن هئڻ باوجود به سلجهيل ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان، ناڪام ويو هجان ته معاف ڪجانءِ، توهان کي بس تي ڇڏي خاڪي جويي وٽ واپس آيس ته امير حمزو ويٺو هو، جنهن سان ڪنهن اشاعتي سلسلي جي باري ۾ ڪافي مثبت گفتگو ٿي، ٻئي ڄڻا آخر ۾ ان ڳالهه تي متفق ٿياسون، ته پاڻ کي عنقريب پهريون ننڍڙو ڪتابچو ڪڍڻون آ. جنهن ۾ هڪ شاهڪار ۽ ڌماڪو ڪڍائيندڙ ڪهاڻي، هڪ مضمون ۽ آخري پٺئين صفحي تي هڪ غزل، نظم يا وائي. خرچ، فائدي ۽ نقصان ۾ ٻئي اڌو اڌ، مواد لاءِ ڪهاڻي آ امرجليل جي ”سرد لاش جو سفر“، هڪ سائنسي مضمون ”ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟“ شاعري لاءِ سوچئون پيا. امير سان اهو معاهدو ڪري هتي پهتس ۽ ڪجهه نوجوان توڙي جهونن اديبن کان رايا وٺڻ لاءِ نڪري پيس. جن صلاح ڏني؟ ته ٻه ڳالهيون آهن يا ته اهڙا هڪڙا پندرهن ميمبر ڪيو جيڪي اوهان کي سئو سئو رپيا ڏين، هر ٽن مهينن بعد ۽ پندرهن سئو کن ڪيو، چندو، هيڏو سارو شهر آ ٻڌي ڪري نڪري پوندئو ته گهڻون ڪجهه ٿي ويندو ۽ پوءِ انهن ٽن يا چئن (جيڪي ٿين) هزارن مان ڇپايو ڪو اهڙو ڪتاب جيڪو هٿو هٿ هلي وڃي ۽ اهڙا ڪتاب اسان جي نواب شاهه جي اديبن جا پڻ آهن ۽ ٻي ڳالهه هيءَ ته جيڪو به مواد چونڊيو، ان کي ڪنهن سٺي رائٽنگ (تو جهڙي) واري کان لکرائي سئو يا ٻه سئو ڪاپيون ميدان تي آڻيو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي. جيڪو هڪ ته سستو ٿيندو، ٻيو ته جلد وڪرو ٿي ويندو، ٽيو ته نقصان گهڻو ڪري ڪونه پوندو. آئون في الحال پوئينءَ ڳالهه سان سهمت آهيان، وڌيڪ امير اچي ته ڏسون.
    اوهين به پرچي مان نااميد نه ٿيو، منهنجي منشا آهي ته پاڻ گڏجي ڪو لائحه عمل تيار ڪيون ۽ ٿي سگهي ته گڏجي پرچو ڪڍون. جي اوهان ڌار ڪڍو ته به سٺي ڳالهه،سوسائٽيءَ وارن ميمبرن کي به آماده ڪيو. پرچن کپائڻ جي سلسلي ۾ آئون اوهان سان ڀرپور سهڪار ڪندس.
    عيد وارو، پروگرام پڪو آ، گهٽ ۾ گهٽ تون ۽ اياز ته ڀيرو ڀري وڃجو. مونکي افسوس آهي ته آئون توکي نواب شاهه سهڻي نموني هڪ ته گهمائي نه سگهيس، ٻيو ته ڀرپور خدمت چاڪري ڪري به نه ڪري سگهيس، بهرحال يار پاڻ ته آهيون ڪامريڊ ماڻهو ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.“ سلام مڙني سنگتين ساٿين کي.
    تنهنجو
    سارنگ سهتو
    *
    پيارا سليم!
    ڇا ٻڌايائين ته ڇا ٿيندو پيو وڃان. اصل ۾ اها ڳالهه خود مونکي به سمجهه ۾ نٿي اچي. مان نراس به ضرور آهيان. پر ان کان وڌيڪ مُنڌل. ڪڏهن ڪڏهن شديد احساس ٿيندو اٿم پنهنجي موڳائپ ۽ اياڻپ جو. ڪڏهن ته رات رات ۾ لکي بُڪ ڀرڻ جو سوچيندو هوس ۽ هاڻي ته ڪنهن دوست ڏانهن ٻه اکر لکڻ نٿا پُڄن. سليم! اهو به هڪ قسم جو زوال آهي. توکي اها ضرور ڄاڻ هوندي ته جيئن قومن، طبقن ۽ دؤرن جو عروج ۽ زوال ٿيندو آهي، تيئن شخص / فرد به ان مرحلي مان گذرندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته ڪي قومون، طبقا يا فرد عروج تي پهچڻ کانسواءِ به زوال جو شڪار ٿي ويندا آهن. ائين سمجهو ته اهي مصيبتن ۾ ڄايا هوندا آهن، مصيبتن ۾ پليا هوندا آهن ۽ مصيبتن ۾ ئي اهي اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. مون سان به ڪجهه اهو ئي حشر ٿي رهيو آهي، شايد. مان آهيان بنهه ننڍڙو ماڻهو، صلاحيتون لڀن ڪونه ۽ وتان وڏا منصوبا جوڙيندو. چوندا آهن جيڪو جتي ڪٿي هوندو آهي اهو اصل ۾ ڪٿي به ڪونه هوندو آهي. مون سان به اهوئي ويل آهي، جو هر ڪم ۾ هٿ وجهيو ويٺو آهيان، هر ڪنهن سان دعا سلام آهي بقول اسد جي هرڪو ماڻهو تنهنجو پيارو دوست هوندو آهي، سو منهنجو ذهن، منهنجي وٺ پڪڙ سبب ڏاڍو ڊسٽرب ٿيو آهي ۽ خود آئون به چريو ٿي ويو آهيان. فيصلو نه ڪري سگهندو آهيان ته ڪهڙي ڪم ۾ هٿ وجهان ۽ ڪهڙي ڳالهه ڇڏيان. اڄڪلهه ته ٿوري گهڻي چڱي ڪم کانسواءِ منهنجو اڪثر وقت اجايو ئي ڪمپرومائيز (ماڻهن کي خوش ڪرڻ) ۾ گذري ٿو. حمتي فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته آخر ڪهڙو رستو اختيار ڪيان، ڪيئن پاڻ کي سيٽ ڪريان ۽ پنهنجو پاڻ کي بچايان به، هن مايوسي جي دنيا کان. سوچيو اٿم ڪڏهن سانتيڪو ويهي پنهنجي ذات جو آپريشن ڪريان ۽ پنهنجون سموريون جيڪي لچايون ۽ ذلالتون آهن، سي ظاهر ڪريان، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ تو جهڙي پياري دوست کان ڇو لڪايان پنهنجا عيب. ڪنهن سچ چيو هو نه ته اهو نه ڏسو ته جيڪي قبرون ٻاهران سيميٽيڊ هونديون آهن سي اندران به اهڙيون خوبصورت هونديون، اصل ۾ اهي اندران گند سان ڀريل هونديون آهن. سو پاڻ ماڻهو (هن سماج جا رهواسي) به ٻاهران ڏاڍا صاف سٿرا ۽ وڏا معزز هوندا آهيون، پر پنهنجي اندر جو گند رڳو اسان جو اندر ئي ڄاڻندو آ. وڏي ۾ وڏي بي حيائي /بي ضميري اها هوندي آهي جو اسين پنهنجون ڏنگايون پنهنجو پاڻ کان به ڪنهن حد تائين لڪائيندا آهيون. مختلف دليل ڏيئي پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪندا آهيون. مان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي ڏاڍو ڪاوڙجي پوندو آهيان ۽ پوءِ سدائين اهو ئي فيصلو ڪندو آهيان ته پنهنجو پاڻ کي ضرور جتي تنقيد جو نشانو بنائيندس. ٻيو نه ته گهٽ ۾ ڪنهن ضمير کي مطمئن ڪري سگهندس.
    مسئلن، مجبورين، انيڪ خواهشن ۽ عجيب غريب احساسن منهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. بيزاري اچي پيدا ٿي آهي پنهنجو پاڻ کان، هن سماج کان، سياست کان هر شيءَ کان بس توائي ٿي ويو آهيان. ٿڪجي پيو آهيان، آرام ڪرڻ گهران ٿو، پر اهو احساس به شديد ٿو ٿئيم، ته مون ڪوبه فروٽ فل ڪم نه ڪيو آ ۽ مون کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرڻ گهرجي.
    سارنگ
    *


    اياز ابڙو

    11 جنوري 1998ع
    (سارنگ جهوپڙي- صبح جا پوڻا ڏهه)
    نوابشاهه
    دل ۾ سدا واسو ڪري ويٺل، مٺا اياز!
    ڪيئي زمانا گذري ويا، ڪيترين بادشاهتن جي مٿان حڪمراني جا سج اڀريا ۽ لهي ويا، حالتون ته ساڳيون بي رحم ۽ جامد رهيون، پر چهرا ۽ ذميواريون تبديل ٿي ويون. پنهنجي رابطه ٽٽا ۽ اهڙا ته ٽٽا جو وري اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن، ڪيڏو نه، اڻ ڄاڻ رهيا آهيون، پاڻ هڪ ٻئي جي خوشين، غمن ۽ ذهني ڪيفيتن کان! حقيقت ته اها آهي ته آئون تنگ ٿيو هوس پنهنجي جمود ۾ ورتل ذاتي حالتن کان، ذهني صورتحال به هڪ هنڌ اچي بيهي رهي هئي، رهجي ويو هو ڄڻ رڳو پٽڪو، ڪاوڙ ۽ نراسائي، لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾، پنهنجي اندر جي اجري ۽ ڪمپرومائيز نه ڪري سگهندڙ انسان جي چپن تي تالو هڻي، سندس اڳيان رکيل سمورا ڪورا ڪاڳر ۽ قلم هٽائي، سندس دسترس کان پري ڪري ڇڏيم. هر اهو ڪجهه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيم، جيڪو عام حالتن ۾ نه پئي ڪري سگهيس. ٿورڙن مسڪين حال معصوم ماڻهن جي سرڪل مان نڪري، منافق ماڻهن جي ميڙ ۾ شامل ٿي ويس، منافقت ڀرين مُرڪن سان منهنجي آجيان ڪئي وئي، مون پنهنجا جوهر/ ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا، تان جو مونکي قبوليت جون سندون ملڻ شروع ٿي ويون. نوڪري ملي، سئي گئس ۾، سترهين گريڊ جي برابر. سئي گئس ۾ فوجي ڀرتيءَ جهڙو منظر هو. يقين ٿي ويو ته هي سمورو فوجي لشڪر ڪنفرم ڪونه ٿيندو، ان ڪري نئين حڪمتِ عملي جوڙي، پوين منافق ماڻهن جي سرڪل سان لهه وچڙ ختم ڪري، سڄو توجهه نوڪريءَ تي ڏيندي، پنهنجن بالا آفيسرن سان تمام ويجها واسطا رکڻ شروع ڪيم. ڪم جو بوجهه وڌي ويو ۽ آئون “Beast of Buden” ٿي ويس. هتي به ريمارڪ مليا ته ”جيالن“ رڳو جاهل نه پرڪي ڪم وارا بندا به ڀرتي ڪرايا آهن. جنهن دؤر ۾ ڪَلفي جيالا هفتي پندرنهن ڏينهن اچي حاضري ڀري آفيسرن کي داٻا ڏئي هليا ويندا هئا، ان دؤر ۾ مون آپشن ليس پوسٽنگ، ڪرسي ۽ ڪم گهريو، ڇو ته ايندڙ وقت جي نزاڪتن جو خيال رکڻ لازمي هو. اها دورانديشي ڪم آئي ۽ PPP حڪومت جي خاتمي کانپوءِ به اسان جي روٽين ورڪ ۾ ڪا تبديلي نه آئي، جڏهن ته ڪلفي جيالا، ايڊجسٽ ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا. اسان به پاڻ کي وڌيڪ محتاط ۽ پابند رکڻ لڳاسون.
    نوڪريءَ جي ڪنفرم ٿيڻ جي آسري تان ته هٿ کنيو سونِ، پر هتي ته مرڳو روزگار وڃائڻ جو خوف ورائي ويو. عجب ماحول ٿي ويو اسان جن آفيسن جو. سَهميل چهرا، مايوس نگاهون ۽ خوف ۾ ويڙهيل ذهن، وري مٿان کوکلو ماسڪ چڙهيل بي پرواهي ۽ اميد جو.
    هڪ ڀيرو وري مون پنهنجو جائزو ورتو. پاڻ کي سهيڙيم ۽ نئين حڪمت عملي جوڙي، ان خوف کان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي، پنهنجن سمورن حواسن کي بيدار ڪري ڪميشن جي تياري ڪرڻ لڳس. ان زماني ۾ مون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ SWO لاءِ فارم جمع ڪرايو هو، خبر پئي ته امتحان مهيني ٻن ۾ ٿيڻ وارا آهن. بس پوءِ هٿ ڌوئي اچي پڙهيم Sociology، وقتي طور پاڻ کي سئي گئس ۾ موجود سموري ماحول کان پري ڪري ڇڏيم، منهنجي توجهه جو مرڪز هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو امتحان هو. رٽن ٽيسٽ جي ويجهي وارا ڏينهن فل ٽائيم امتحان جي تياريءَ لاءِ صرف ڪرڻ لڳس. آخرڪار امتحان ٿيو، هزار ٻارنهن سؤ جي لڳ ڀڳ اميدوار ڏسي، هنيانءُ ئي لڙهي پيو، امتحان ۾ پنهنجا سڀ حواس سالم رکي ڏٺم، وقت پوري ٿيڻ کانپوءِ امتحان هال مان ٻاهر نڪتم. ٻاهر ٽهڪ، چرچا، خوشي، مون سڀ سوال ڪيا، پيپير ته صفا سولو هو جهڙا ريمارڪ ڇوڪرن / اميدوارن جا ٻڌي وائڙو ٿي ويس. ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، تڪڙو گهر آيس. مهينو عجيب ذهني ڪشمڪش ۽ خوف جي گهيري ۾ رهيس، نيٺ اها صورتحال تڏهن ٽٽي جڏهن هڪ ڏينهن منهنجا ٻه مهربان يوسف رستماڻي ۽ ڊاڪٽر هاشم شيخ مون وٽ آيا ۽ مونکي ڪافي وقت چيڙائي پوءِ هڪ وڏي سرپرائيز طور منهنجي رٽن ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌاين. اهڙو ته خوش ٿيس جو سڌو مسجد ۾ وڃي شڪراني جا ٻه نفل ادا ڪيم، لڙڪ منهنجي نيڻن مان لڳاتار وهندا رهيا. حيرت انگيز طور تي تمام ٿورا ڇوڪرا پاس ٿيا هئا. هڪ ڀيرو وري داؤد پوٽو لائبريريءَ ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيم. ڪانفيڊنس ۽ سيلف رلائنس جا جذبا بيدار ڪري، انگريزيءَ کي پنهنجو محتاج بنائي زباني امتحان ۾، پوڙهن گنجن سامهون وڃي ويٺس. ادبي، سماجي، سياسي ۽ صحافتي موضوعن واري اڌ مني ڪلاڪ جي ڪچهريءَ ۾ مون پاڻ کي ڀرپور نموني Expose ڪيو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ نڪتل فائنل رزلٽ ۾ منهنجو نالو ”ٽاپ ٽين“ ۾ هو. اهڙي طرح مون ڪميشن پاس ڪري ورتي مئي 1997ع ۾. پر اها وقت جي ستم ظريفي چئجي جو هن وقت تائين اسان جي پوسٽنگ ڪانه ٿي آهي، اسان جي سمري لياقت جتوئيءَ جي ٽيبل تي Rediapism جو شڪار ٿي وئي آهي.
    سئي گئس مان به 26 نومبر 1997ع تي نڪري ويس. ماستريءَ جي بحاليءَ لاءِ ڊوڙان پيو، اڃا ته ڪا اميد نظر ڪانه ٿي اچي. هڪ ڀيرو وري ان هنڌ اچي بيٺو آهيان، (بلڪ ان کان به هيٺ) جتان سفر جو آغاز ڪيو هوم. ماڻهن جا رويا ڪهڙا به هجن، پر مون کي يقين آهي ته اوچتو مونکي يقيناً ڪانه ڪا خوشخبري ملندي، جو ڪميشن پاس ڪيل، پوسٽ بهرحال منهنجو / اسان جو حق آهي.
    توکان ئي نه سڀني کان مسلسل ڪٽيل رهيو آهيان. جي معاف ڪري سگهو ۽ پنهنجو حال احوال تفصيلي اوريو ته اوهان جا ٿورا ٿيندا. بشير ۽ رؤف جو به مهرباني ڪري احوال موڪل، سلام به ڏين. تون ڪيئن آهين، ڪٿي پهتو آهين، ڀائر ۽ گهرجا ڪهڙا حال آهن، اميد ته مونکي ضرور معاف ڪري، خط لکندي.
    قلم تازو! سستي، مونجهارن ۽ پريشانيءَ سبب هي خط پوسٽ نه ڪري سگهيس، تان جو تنهنجو ”مَياري عيد ڪارڊ“ اچي مليو آهي. گهريلو حالتون ڏاڍيون گڙ ٻڙ واريون آهن، حالتون اهڙيون ته خراب ٿي ويون آهن جو اسين شايد پنهنجي اباڻي شهر کي الوداع چئي وڃي حيدرآباد يا ڪراچي وسايون. ناراض نه ٿي، اڳيئي زماني جا کوڙ سارا زخم کنيو پيا جيئون. خط جو جواب جلد لکجانءِ.
    تنهنجو ساڳيو
    سارنگ سهتو
    *


    سليم تنيو

    13 اپريل 1996ع
    پيارا سليم!
    تنهنجي مختصر خط، منهنجو جيءَ جهوري وڌو آهي. آئون ڄاڻان ٿو ته اسين هاڻي لفظن جي ٽڪساٽ ۾ پاڻ اٽڪائي، سڪون نٿا ماڻي سگهون ۽ نه وري لفظ اسان جي حالتن ۾ ڪي ڦيرا آڻي سگهن ٿا، اُن ڪري ئي اسان هاڻي ڊگها خط لکڻ ختم ڪري ڇڏيا آهن، هڪٻئي جي حالتن کان پوري ريت پروڙ اٿئون، پر افسوس اهڙو ته حالتن جي حصار ۾ ڦاٿا آهيون، جو هڪٻئي جي ڪابه واهر نه ٿا ڪري سگهون.
    بهرحال تون فڪر نه ڪر، تو لاءِ تمام گهڻا پيچرا کليل آهن، تون هڪ باصلاحيت بلڪ ايڪسٽرا ٽيلينٽ ماڻهو آهين. هر هنڌ فٽ ٿي سگهين ٿو. تو لاءِ کوڙ نوڪريون آهن. NGOs جي واسٽ سيڪٽر کان وٺي اخبارن جون ڊيسڪون تنهنجي آجيان لاءِ آتيون آهن، تون رڳو پاڻ کي ٺٽي / مڪليءَ جي قيد کان ٻاهر ڪڍ. آئون خود آرڊر جي انتظار ۾ وار اڇا ڪري رهيو آهيان، انتظار جي همت ڪانه رهي اٿم، ٻڌو آ ته آڊر نڪري به ويا آهن، پر مون کي هٿ ۾ ڪير ڏئي؟! تون هفتو کن صبر ڪر، جو مونکي پنهنجي آرڊر جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ کان اسلام آباد جي آفيسن جا چڪر ڪٽڻا آهن. ان بعد تولاءِ ڪجهه نه ڪجهه ٿي ويندو. گڏجي بندوبست ڪري وٺنداسون. تون مايوس نه ٿي. غفار کوسو صاحب به حيدرآباد ۾ سرڪاري نوڪريءَ سان لڳي ويو آهي. سندس هتي واري آفيس ۾ تنهنجو لفافو ڏٺم، کيس دوست پهچائيندا. اياز جي پارت هجئي، اها پڪ اٿئون ته حالتون ڀلي ڪيتري به اسان سان ستم ظريفي ڪن، پر اسين کين ضرور مات ڏينداسون.
    سليم! مايوس نه ٿيءَ، ايندڙ دؤر باصلاحيت ماڻهن، منهنجو مطلب ته تو جهڙن ماڻهن جو آهي، مان تو سان جلد کان جلد رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. تو واري ايم اي اردو جو بندوبست به يونيورسٽيءَ مان ٿي ويندو، اتي هڪ اديب معروف جمالي ايم اي اردو ڪري رهيو آهي، پاڻ ساڻس ملنداسون، هو اميد ته سٺي مدد ڪندو، جو فياض ڪليري جو دوست آهي.
    سموري سنگت کي سلام.
    منهنجي اندر ۾ به ڏکن، شڪايتن ۽ Complexes جو هڪ هجوم ڀريل آهي، پر اهو به آمهون سامهون ملڻ بعد ظاهر ڪبو.
    مهرباني ڪري گهڻو اداس، مايوس ۽ نااميد نه ٿي. مون جي تنهنجي جذبن کي مٿين لفظن ۾ ڪٿي پائمال ڪيو هجي يا تنهنجي احساس کي سمجهڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي هجي ته درگذر ڪجانءِ.
    تنهنجو
    سارنگ
    *


    رفيق ٽالپر

    13 آگسٽ 1996ع
    ساهن جي سرهاڻ ۾ سانڍيل نازبوءِ جي مهڪ جهڙا مٺڙا رفيق ٽالپر!
    غالباً (25) رمضان جي آخري هفتي ۾ پاڻ آخري دفعو رفاقت ڪئي هئي. ان بعد زندگيءَ جي مصروفيتن ۾ هتي اچي اهڙو ته غرق ٿي ويس جو اوهان سان ڪوبه رابطو نه ٿي سگهيو. توڻي جو هر فرحت ڀرئي لمحي ۾ اوهان جون ڳالهيون، ٿورا ۽ احسان ور ور ياد ايندا رهندا آهن، پر قلم ڏانهن هٿ نه پئي وڌيو.
    هن وقت آئون حيدرآباد ۾ سئي گئس جي آفيس (پويان عيدگاهه) ۾ ويٺو آهيان، مونکي هڪ آرام ده ڪرسي مليل آهي، اسان جو ڪمرو ايئر ڪنڊيشنڊ آهي ۽ ڪلارڪ ۽ پٽيوالا صاحب ڪري ڪوٺن ٿا. پنج هزار فڪس پگهار کڻان ٿو، سستي ڪينٽين آهي، جتان ماني ۽ چانهن توڙي جوس تمام رعايتي اگهه تي ملي ٿو. مستقبل جو ڪو پتو ڪونهي، پر هيءَ وقتي طور جيڪا عزت ملي آهي، ان اسلام آباد وارا سمورا ٿڪ ۽ زندگيءَ ۾ ملندڙ سموريون ذلتون، ڪجهه وقت لاءِ ذهن تان مٽائي ڇڏيون آهن.
    مون کي ڄاڻ آهي ته ”هر خوشي غم جي امانت آهي“ پر اسين ماڻهو جن جي سموري عمر ذلت، مايوسي ۽ نظراندازيءَ ۾ گذري آهي. انهن لاءِ عارضي خوشيون به وڏي وٿ آهن. ٻي ڳالهه ته انسان جڏهن پنهنجي محنتن جو ڦل ماڻي ٿو ته ان وقت ڏاڍو Relax ٿي ٿو وڃي. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن آئون 8 سيپٽمبر جمعي ڏهاڙي (پنجانوي سال جي) اوهان وٽ رسول سان آيو هوس ته ڏاڍو پريشان ۽ وائڙو هوس ته هڪ ”بي واهه“ ماڻهو ڪيئن هن سياسي چالاڪين واري دؤر ۾ پنهنجي لاءِ ڪو عزت ڀريو روزگار حاصل ڪندس، پر قدرت واري جي ڪرامت، امام بريءَ جي ڪرامتن، اوهان جي سهارن ۽ پنهنجي ٻاراڻين ڪري نيٺ وڃي نوڪري وٺي، جڳ جهڙو ٿيس. هاڻي ”جاڙي به جڳ سان“، گهٽ ۾ گهٽ هن حڪومت جا ڏينهن احساس ڪمتريءَ ۽ معاشي بحران کان جان آجي ٿي. اڳتي به قدرت وارو ضرور ڪرشمون ڏيکاريندو، جنهن اسان جهڙا نالائق نوازيا آهن، نه ته ڇا سئي گئس جي آفيسري، ڇا آئون هڪ يتيم، مسڪين. هتي اچي آفيسرن جا پير ٻڌڻ شروع ڪيا اٿم، ان ڪري اٿندي ئي سٺي سيٽ ملي آهي ۽ سڄي سنڌ کي (Deal) ڊيل ٿا ڪيون.
    رسول ڏاڍو سخت دل آهي، ڄاڻ به اٿس ته آئون سندس لاءِ پريشان رهندو آهيان، پر پوءِ به اچڻ جي ڪونه ٿو واري، نه وري رابطو ٿو رکي. تون ئي سندس احوال ڏي ۽ چئينس ته رابطو ڪري. تون پنهنجي زندگيءَ جون مصروفيتون ٻڌاءِ، لڳي ٿو ته تون به ڪنهن سرڪاري کاتي ۾ داخل ٿي ويو هوندين. سوال گهڻا آهن پر هڪ پني کان وڌيڪ ڊيگهه نه ڪجي ته بهتر. تنهنجي جواب جو ڏاڍو اوسيئڙو رهندو.
    سارنگ
    *


    سليم تنيو

    پيارا ادا سليم!
    اوهان جو پاٻوهه ڀريو پتر اربع تي مليو پر ڪجهه مجبورين ۽ پريشانين باعث ستت جواب نه موڪلي سگهيس، زندگي ڏاڍي بي مزي، سست ۽ ڍلي ٿي وئي آ، منجهس ڪو ساء نه رهيو آ. الائي ڇو رڳو رڙيون ۽ واڪائي منهنجي پلئه ۾ اچي پيا آهن. ائين ٿو ڀاسي ته مون وٽ جيڪا منهنجي ميراث هئي اها سنڌوءَ ۾ لڙهي وئي آ ۽ آئون ڏات جي ڏيهه ۾ خالي جهول جهليل ڀِکاري رهجي ويو آهيان، در در سين ٿو هڻان او لوڪو! مون کي منهنجي ڏات موٽائي ڏيو ۽ ظالم لوڪ وارا منهنجي بي وسيءَ تي چٿرون ڪري چريو چريو چئي مون کي چيڙائن ٿا، مان انهن ڏانهن نهاري ڦڪي مُرڪ مرڪي پوءِ اوچتو اوچتو وڏا ٽهڪ ٿو ڏيان، ائين جيئن مان سچ پچ چريو هجان. وقتي طور ائين به ٿئي ٿو، جو ذهن ۾ اچي خيال گونجي ٿو. ”انشا جي اُٺو اب ڪُوچ ڪرو، اس شهر ۾ جي ڪو لگانا ڪيا“ وري سوچيان ٿو نه سارنگ اها مايوسيءَ جي انتها آهي، اهڙيون وقتي ويرون ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۾ اينديون آهن، جيڪي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏينديون آهن پر همٿ هارڻ مردن جو ڪم ناهي، مڙس ٿي زندگيءَ جي هر ڏک ۽ تڪيلف سان مهاڏو اٽڪاء يا يوسف شاهين جي لفظن ۾ ته ”متان ڏرو ڏاڍ کان، ڏاڍي ناهي ساهه، گهوري ساهه پياهه گهڙي پوءِ گهاڻي ۾“. وقت ڪڏهن تکيون ڪڏهن ڍريون وکون کڻندو حال کي ماضيءَ ۾، مستقبل کي حال ۾ تبديل ڪندو اڳتي وڌي رهيو آ، اسان پنهنجي منزل جي اوسيئڙي ۾ آهيون. پر وقت جي رفتار ٻڌائي پئي ته منزل اڃان پري آ، وڏي ويڙهه کانپوءِ اوهين ان تي پهچندا.
    عيد تي اوهان جو انتظار ڪندس، تون ۽ اياز پروگرام ٺاهي مونکي مطلع ڪري ڇڏيو ته جيئن آئون اوهان کي هٿيڪو ملان. اسان جو حال اهو هيو، جيڪو ڏٺئي، جي ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ته معاف ڪجانءَ، آهيان غريب جو ٻار جيڪو حال هيو اُهو اوهان پرين اڳيان پيش ڪيوسون، اميد ٿو ڀانيان ته هيڻون حال ڏسي، منهن نه موڙيندا، بلڪه سدائين ڦيرو پيا ڪندا.
    سلام سڄي سنگت کي.
    تنهنجو
    سارنگ سهتو
    *
    جر، ٿر، تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
    سڀئي ٿيا سيد چئي، سوريءَ سزا وار،
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين.
    (شام)
    ساٿي سليم سوز!
    پيارا!
    تو سمجهيو هوندو ته مون توکي وساري ڇڏيو هوندو، پر ائين ناهي، ها بهرحال ٻٽي ڏينهن آئون ڪجهه اهڙو ته پريشانين ۾ گهيرجي ويو هوس جو پنهنجي وجود کان به بي خبر ٿي ويو هوس ۽ اُن سبب ئي تو جهڙي پياري ساٿيءَ سان رابطو بحال رکي نه سگهيو هوس. هاڻي منهنجون حالتون هڪ ڀيرو وري ڪنهن قدر سڪون ڏانهن موٽي رهيون آهن ۽ ان سڪون جي سچ ته پهرئين لمحي ۾ اوهان ڏانهن تفصيلي احوال موڪليان پيو، اميد ته اڳيون پويون سڀ خطائون / غلطيون معاف ڪندا.
    سليم ڏس، ويچاري غريب ماڻهوءَ سان ڪيڏو نه ناحق آ، آئون صرف ٽي مهينا بيروزگار رهيس، پر اِهي ٽئي مهينا مون لاءِ ڪنهن جهنم کان گهٽ نه هئا، ڪجهه دوست ڇڏي ويا، رڳو ان ڪري جو مان صفا سُڃو ٿي ويو هوس، مٽن مائٽن جي اها ملڻي جلڻي نه رهي هئي، ڪافي ماڻهو مون مان تنگ ٿي ويا هئا، مون پاڻ ڏانهن نهاريو، مون کي نظر آيو ته مان ساڳيو سارنگ هوس، مون ۾ ذري جيترو به فرق نه آيو هو، پر منهنجن کيسن ۾ واقعي رڳو بيڪار پنا رهجي ويا هئا ۽ آئون هڪڙن چئن آنن لاءِ به محتاج هوس. انهن سمورين رَوَشن ڪري مان پنهنجي زندگيءَ مان مڪمل طور تي بيزار ٿي پيس ۽ هر ويلي رڳو منفي سوچ ئي ذهن ۾ پيدا ٿي رهي هئي. سليم تون ڀاءُ آهين ته مان ايترو ته تنگ ٿي ويس پريشانين مان، جو مون لاءِ ڪا واهه ئي نه رهي، سواءِ ان جي ته مان شراب پيان، سگريٽ ڇڪيان ۽ فالتو ماڻهن سان اجايون ڳالهيون ڪري پنهنجو پاڻ کي خودڪشيءَ کان بچايان، ايڏا عجيب غريب واقعا منهنجي سامهون ٿيان جو مان سمجهان ٿو هڪ طويل ناول جيترو مواد منهنجي ذهن ۾ ڪٺو ٿي ويو. تجرباتي طور تي به ڪي قدم اورتي وڌيس، ماڻهو جيڪي ”ٻهروپيا“ هوندا آهن انهن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺم ۽ سندن اندر ۾ ڀريل ڪيني کي اوڳاڇيندي ڏٺم، جيڪو هو سدائين دل ۾ سانڍي اسان جي اٻوجهه عوام کي دوکو ڏيندي ڏيکاريندا ۽ چوندا وتندا آهن ته اسين اوهان جا وڏا خيرخواهه آهيون. سڀ واقعا جي لکان ته پوءِ ”وڏي ڳالهه“ ٿي ويندي، ان ڪري ڪوششن ڪندس ته مختصر نموني احوال لکان.
    ايڏانهن اچڻ کانپوءِ 3 اپريل تي ڪجهه دوست آيا ۽ چين ته بابا تيار ٿي ڀٽي صاحب جي ورسيءَ تي ٿا هلون، چيومان پنهنجا کيسا صفا خالي آهن، چين ته بسون مفت ۾ ٿيون کڻي هلن، ٻيا خرچ ڪونه ٿيندا، بس هلون ٿا، مون چيو ادا جيڪا اوهان جي مرضي، بس سائين تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي بسن ۾ وڃي چڙهياسون، ڪيترا واقعا رستي ۾ رونما ٿيا پرڪونه ٿو لکان، رات جو رتيديري کان ڦرندا تقريباً ڏهين ڌاري وڃي ڳڙهي خدا بخش پهتاسون، ماڻهن جا هشام هئا، گاڏين جو ڪو ڪاٿو ڪونه هو، ڀٽي جي ورسي ڪنهن سياسي وليءَ جو ساليانو عرس ڀاسجي رهي هئي، آئون خود به ڀٽو عقيدت پرستي تحت نه پر صرف مشاهدو ماڻڻ ويو هوس، هڪ ڳالهه ڏاڍي شدت سان محسوس ڪيم ته”هي هيترو لوڪ آ، ۽ سڀ پنهنجي پارٽيءَ لاءِ والهانا محبت رکن ٿا، پر ڪوبه انهن جي صحيح تربيت ڪرڻ وارو ڪونهي، هي هيترا جذبا هروڀرو اجايو غلط استعمال پيا ٿين انهن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪير به نٿو سوچي، الائي ڇو.“ شايد پارٽيءَ کي رڳو هوا ۾ اڏامندڙ جذباتي ڪارڪنن جي لوڙ آ، نه ڪي سنجيدن ماڻهن جي جيڪي هر ڏکيءَ ويل پارٽيءَ جي صحيح رهنمائي ڪري سگهن. اتي اهو احساس ڏاڍي شدت سان محسوس ٿي رهيو هو ته هي ڳوٺ سليم، اياز، رؤف ۽ بشير جو آ. مان مختلف تجربن ۽ مشڪلاتن مان گذرندو پنجين اپريل تي صبح جو خير سان گهر اچي پهتس. هڪ ٻه ڏينهن وري به روزگار جي، تلاش ۽ پريشانيءَ ۾ گذاريم، ستين تاريخ هڪ ڪارڊ مليو ته ”سنڌي ادبي سنگت، پريس ڪلب ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊميءَ“ جي تعاون سان پريس ڪلب ۾ اٺين تاريخ تي شام جو پنجين وڳي ”پير حسام الدين راشدي“ جي ورسي ملهائي پئي وڃي. اٺين تاريخ تي شام جو اڃان وڃڻ جي تيارين ۾ ئي هوس ته ڪجهه نوجوان اديب آيا ۽ چين ڇا هي ڀلا پنج ٿي ويا آهن اڃان تيار نه ٿيو آهين، تيار ٿي وڃي فنڪشن واري هنڌ ويٺاسين. اسان مشاعري ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو، تقريرون ٿيون، ڪنهن پير حسام الدين راشديءَ جي خاندان کي سلام ٿي پيش ڪيا ته ڪنهن وري پير حسام سان ذاتي ياريءَ جو داستان ٿي کوليو، پر ان سلسلي هلندي هڪ اهڙو سچار ۽ بي باڪ اديب به آيو، جنهن چيو ته ”مان تاثر پيش ڪندس“ تاثر شروع ڪجهه هيئن ٿيو: ”چيائين: ڇا پيو ڪرين. چيم: مقالو پيو لکان. پڇيائين: ڪنهن تي. چيم: پير حسام الدين راشديءَ تي. چيائين: ڇا لکندين. چيم: سندس علمي ۽ ادبي خدمتون. چيائين: لک ته مان ڏسان ڪيئن ٿو لکين. چيم: نه تون وڃ ته پوءِ، ڇو ته تنهنجي وڃڻ کانپوءِ ئي لفظن جي موتين جي مالها جڙندي. ٺيڪ آ، ته پوءِ مان وڃان ٿو. چيم: پر تو پنهنجو نالو ته ڪونه ٻڌايو، تو پڇيو ئي ڪونه. هاڻي ته پڇان ٿو. طارق عالم ابڙو. ڇا اهو طارق عالم ابڙو جنهن جا ٻئي گردا ختم ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي جي سول هاسپيٽل ۾ داخل آ. ها مان اهوئي طارق آهيان. پوءِ تنهنجو ڪجهه ٿيو. ڇا ٿيندو. توهين سڀ ”اسڪرين پليئر“ / اکرن جا رانديگر آهيو، اوهين لکو مئلن تي مقالا، جيئرن سان اوهان جو ڇا.“ ڏاڍي بهترين انداز ۾ سچ ته هن تاثر لکيو هو، جنهن ۾ هن طارق کي بچائڻ لاءِ جاني مالي امداد جي اپيل ڪئي ۽ اختتام هنن اکرن سان ڪيائين ”راشدي صاحب! مون کي معاف ڪجان، جو تو مئل ماڻهؤ جي محفل ۾، مون هڪ جيئري انسان تي ڳالهايو آ، پر مان سمجهان ٿو ته تنهنجي ڀيٽ ۾ طارق تي ڳالهائڻ وڌيڪ وقتائتو هو.“
    ان بعد وري هڪ ٻي هتي جي اردو اديبا کي تقرير لا سڏ ٿيو، جنهن صاحبه پهرين ته پير صاحب جي خاندان کي آسمان تي وڃي پهچايو ۽ چيو ته اسان کي راشدي خاندان جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي جنهن ههڙو ڀلو ماڻهو اسان کي پيدا ڪري ڏنو. ان کانپوءِ هوءَ اچي ڌاڙيلن ۽ شاگردن جي پٺيان پئي، چيائين شاگرد ڪلاشن ڪوفون کڻي ٿا هلن، محنت نٿا ڪن، ڌاڙيلن لاءِ چيائين، انهن کي ڪو شرم ڪونهي، مون کي ڏاهري صاحب ٻڌايو ته هي اهڙا ته ويل ماڻهو آهن جو عورتن کي به نٿا ڇڏين، سندن زوريءَ زيور ٿا لاهن. ماڻهو ڌاڙيل ٿيئي ته به ڪا شرافت هجي. چيائين، هي ڌاڙيل اهي غريب شاگرد آهن، جيڪي وڏا وڏا خواب رکندا آهن ۽ جڏهن پورا نه ٿيندا اٿن ته پوءِ ڪارن، بنگلن وارن کي ڦريندا آهن، اسان کي ملڪيت ڏني آهي ته مولا ڏني آهي، اسان اها محنت سان هٿ ڪئي آ، اوهين (غريب ماڻهو) محنت ڇو نٿا ڪيو. منهنجو مڙس ڊاڪٽر صاحب ميلن جا ميل پري پنڌ ڪري پڙهڻ ويندو هو، اوهين به محنت ڪريو، باقي اسان جي ڪارن بنگلن ۾ اکيون ڇو ٿا وجهو.“ اهڙي نموني جي ڄاڙي هڻندي هوءَ لٿي اسٽيج تان. هڪ ٻن مقررن کانپوءِ مون کي مشاعري لاءِ سڏ ٿيو. مون هڪ آزاد نظم ۽ ڪجهه ٽيڙو ٻڌايا ۽ پوءِ اسٽيج تي صدر صاحب کان اجازت ورتم ته هو اگر مون کي ڪجهه لفظ ڳالهائڻ ڏي ته سندس مهرباني، هن صاحب، ڪنڌ ڌوڙيندي ها ڪئي ۽ مون چيو سائين پير حسام الدين راشدي سنڌ جو هڪ عظيم تاريخدان هو، هن کي مڪليءَ سان بي انتها محبت هئي ۽ مان به ڪجهه ڏينهن مڪليءَ تي گهاريا آهن، ان ڪري مون کي به راشدي صاحب سان تمام گهڻي محبت آهي، مون چيو ان کان پوءِ آئون نوراحمد چنڙ صاحب متعلق صرف ايترو چوندس هو سنڌ جو هڪ سچو ۽ بي باڪ اديب آهي، هن واقعي سچ چيو آهي، اسان سنڌي رڳو مرده پرست آهيون، جيئرن لاءِ ڪجهه نه ڪندا آهيون ۽ مئلن جون وڏيون ورسيون ملهائيندا آهيون. مائي ڀاڳي مري وئي، اسان جي بي وسيءَ تي ماتم ڪندي، پر اسان کيس رڳو ”ٿر جي راڻي“ جي خطاب کانسواءِ ڪجهه نه ڏئي سگهيا سون، مسڪين جهان خان کوسو، جنهن جو موت ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿيو، تنهن لاءِ اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسون ۽ اڄ سندس وڏيون ورسيون ملهائيندا آهيون، مون چيو، طارق مري ويندو، اسان سندس لاءِ ڪجهه نه ڪنداسون ۽ مرڻ کانپوءِ مٿس مقالا لکنداسون. ان بعد مون چيو مان ميڊم ڏاهري صاحبه تي به ٿورو ڳالهائيندس. مون چيو توهان ڌاڙيل ٿيڻ جا پهرين ڪارڻ ته ڏسو ته ڌاڙيل پيدا ڇو ٿا ٿين. محنت اسان ڪيون ته سهي، پر اسان کي محنت ڪرڻ جا موقعا ته ڏيو، اسان ۾ صلاحيتون آهن، پر اهي سڀ تباهه پيون ٿين. مون چيو مان انٽر آهيان، مون کي ڪا نوڪري نٿي ملي، آخر ڇو، اسان کي ڪا خبر ٿي پوي ته آخر اسان جو ڪهڙو ڏوهه آ. مان اتي جوش ۾ اچي ويو هوس مون کي خبر نه پئي پئي ته مان ڇا پيو ڳالهايان، البته اهو ڏٺم پئي ته ماڻهن تاڙيون ضرور وڄايون پئي. آخري لفظ منهنجا هئا ته ممڪن آ اها منهنجي منفي سوچ ئي هجي، پر مان سمجهان ٿو مون کي به ڌاڙيل ٿيڻ گهرجي ڇو ته ٻي ڪا واهه ئي ناهي، مون وٽ مان ڌاڙيل ٿيندس، ها مان ڌاڙيل. مان پگهر ۾ شَلُ اسٽيج تان لٿس، تاڙيون وڄيون پئي، ڪنهن ائين به چيو ”زبردست ڊائلاگنگ، سارنگ، سائين پنهنجي لئي بيهاري آيو.“ فنڪشن جي صدر صاحب تقرير ۾ ايترو چيو، اسان جي نوجوانن سان ظلم ضرور آهي، پر اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن جي اسين ڪهڙي ۽ ڪيئن مدد ڪريون. جيئن اڳارو هن نوجوان چيو ته مان انٽر آهيان، يا طارق لاءِ نور چنڙ اپيل ڪئي، انهن جي ڪو مدد ڪري. (باقي کيس ٻرو ٿي چڙهيو مدد ڪندي) پروگرام پورو ٿيو ته خاطر تواضع لاءِ ماڻهن کي ويهاريو ويو. ان دوران نور محمد چنر، خان محمد پنهور ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مئنيجر نئين روشني اسڪول نوابشاهه سرور شاهه پرنسپل مهراڻ انجينئرنگ ڪاليج نوابشاهه ۽هڪ انجينئر قاضي خضر حيات کي چيو انهي نوجوان کي نوڪري وٺي ڏيو، نه ته هي جي ڌاڙيل ٿيو ته پهرين ماريندو به اوهان اديب آفيسرن کي. ان تي خان محمد پنهور چيو ابا اهو ڪهڙو آ سارنگ، مان اٿي ويس پهرين سرور شاهه ڏي ويس، جنهن پروگرام جي صدارتي تقرير ۾ منهنجي مدد لاءِ چيو، چيائين بابا هوڏي پنهور صاحب ٿو سڏئي، پنهور وٺ ويس چيائين ٻهراڙيءَ ۾ نوڪري ڪندين، چيم ڇو ڪونه ڪندس. چيائين ٺيڪ آ، سڀاڻي آفيس ۾ درخواست کڻي اچجانءِ، تنهنجو ڪم ٿي ويندو. مان ڏاڍو خوش. اتي ئي مونکي مبارڪون ملڻ شروع ٿي ويون. گهر آيس ته اچڻ ساڻ اوهان ڏانهن تڪڙ تڪڙ ۾ خط لکيم ۽ صبح جو پهرين خط پوسٽ ڪري پوءِ سمورا ڪاغذ کڻي صاحب جي آفيس ڏانهن روانو ٿيس. سچ ته مون کي پڪو يقين هو ته مون کي نوڪري ملي ويندي، صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ وڃي کيس ڪاغذ ڏيندي چيم، مان سارنگ آهيان سائين رات وارو. صاحب چيو ابا هاڻي نوڪري ته منهنجي هٿ ۾ ڪونهي، تون ڪاغذ ڏئي وڃ، مان ڪوشش ڪندس،، باقي جي توکي ڏٽو ڏئي ڇڏيان، سو به چڱو ناهي، ڪوشش ٻئي هنڌ به ڪندو رهجانءِ، متان آسرو پڪو رکي ويهي رهين ۽ چيائين هي ڪاغذ ڪلارڪ کي ڏئي ڇڏ، ڪلارڪ کي صاحب جي منهن تي ڪاغذ ڏيندي چيم ڪجهه ٿيندو به يا اهي هليا ويندا رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾. ڪلارڪ چيو اطمينان رک. چڪرايل ذهن سان صاحب جي آفيس کان ٻاهر نڪتس، مون چيو هي ڇا، ايڏو دوکو به ٿيندو آ. ڏاڍو مايوس ٿڪل، پريشان گهر پهتس ته بابا چيو روڊس ڊپارٽمنٽ ۾ تنهنجو آرڊر نڪتو آ داروڳي جو. انجنيئر ويچاري ڏي سدائين پيو ويندو هوس، سو اڄ نيٺ ڪم ڪيو اٿائين. چيم آرڊر ڪٿي آ. چيائين ٿوري دير کانپوءِ سپرينڊنٽ انجنيئر جي آفيس مان وڃي کڻي اچ. تڪڙو تڪڙو خوش خوش، اهو سوچيندي ويس ته هڪ هنڌان نه ته ٻئي هنڌان ڪم ٿيو. آفيس مان آرڊر ڏيندي چين، هي هاڻي اي سي جي آفيس ۾ کڻي وڃ. وري تڪڙو تڪڙو اي سي صاحب جي آفيس پهتس، جتان خبر پئي ته صاحب قاضي احمد ويو آ سڀاڻي ايندو، ٻئي ڏينهن ويس ته به صاحب ڪونه هو، ٽئي ڏينهن ويس ته صاحب موجود هو ۽ مون کي ٻه آرڊر ڪاپيون آفيس مان مليون ۽ چين هڪ تون پاڻ وٽ رک ۽ هڪ سڪرنڊ جي روڊس آفيس ۾ کڻي وڃ ۽ اُتي ئي توکي ڊيوٽي رپورٽ ڏيڻي پوندي، وري سائين سڪرنڊ ويس، هيڊ ڪلارڪ صاحب چيو بابا اتي اي سي آفيس وارن توکي ڪجهه نه چيو، مون چيو نه. چيائين ڀلا تون پڙهيل آهين، چيم ها، چيائين پوءِ هي آرڊر جي انڊرلائين سٽ پڙهه. لکيل هو: His pay will start with effect from the start of work Mud Palio link Road. چيائين معنيٰ مون چيو هن جي پگهار مڏ پليو روڊ جي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندي. چيائين پوءِ پيارا انهي روڊ جي اڃان بجيٽ ئي ڪونه آئي آهي. مون چيو پوءِ هي آرڊر چيائين ها جڏهن کان ڪم شروع ٿيو تڏهن کان تون ڊيوٽي ڏيندي، هاڻي هيڊ آفيس مان پڇا ڪندو ڪجانءِ، جڏهن به بجيٽ اچڻ جي خبر پوئي تون هليو اچجان، وري هيڊ آفيس ويس، چين بجيٽ ڇهن مهينن ۾ به اچي سگهي ٿي، ٻارهن مهينن ۾ به ته ته پندرهن ڏينهن ۾ به. تون چڪر هڻندو رهجانءِ. ٻه ٻه ٽي ڏينهن ترسندو ڪي پندرهن ويهه ڏينهن ويندو رهيس، پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو. ان وچ ۾ سوچيم ته ماٺ ڪري ويهڻ کان بهتر آ ته سڀني آفيسرن سان ملان، من ڪو ڪنهن کي رحم اچي وڃي، اسپتال جي ايم ايس ڏي ويس، جنهن صاحب ته جڳهيون خالي هئڻ جي باوجود به درخواست ئي نه ورتي. مون واري ڀيڻوئي جي کاتي جي هتي واري آفيسر ڏانهن به ويس، جنهن پهرين ته درخواست ئي نه ٿي ورتي، پوءِ ”ايگزيڪيوٽو انجنيئر“ جي اسپيل پڇيائين، جيڪا درست ٻڌائي مانس ته چيائين يار، لڳين هوشيار ٿو اپليڪيشن ڏئي وڃ ۽ وڃي ٽائيپ سک، مان توکي پوءِ ڪٿي نه ڪٿي لڳرائي ڇڏيندس. سرور شاهه پرنسپل مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڏي ويس، جيڪو پاڻ کي ڏاڍو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ ادب دوست انسان سمجهندو آ، تنهن صاحب چيو جڳهيون مون وٽ آهن پر دعا ڪيو ته شوڪت شاهه ٿئي وزير ته پوءِ اوهان لکرائي اچوس ته توهان کي ڪا نوڪري ملي. چيو مانس مان ڇو دعا گهران ته شوڪت شاهه وزير ٿئي چيائين ڇو، مون چيو سائين هو هينئر ئي اسان جو ڪم ڪونه ٿا ڪن، وزير ٿيڻ کان پوءِ ته مرڳو نظرئي نه ايندا. چيائين پوءِ مان ڇا ٿو ڪري سگهان، چيو مانس ڀلا ڪلارڪي نه ته پٽيوالي ئي ڪري ڏيو، مان ذهني طور تيار آهيان، چيائين بابا، مون چيو نه ته مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان، وڃي ڪنهن وزير کان نوٽ هڻائي اچ ته پوءِ ڏسنداسون. مجبورن مايوس ٿي موٽڻو پيو. وري خيال آيو هڪ چڪر خان محمد پنهور وٽان هڻجي. چيومانس سائين ڇا ڪيو اسان جو ڀلا، چيائين اڃان ته ڪجهه ڪونه ٿيو آ، مون چيس سائين هڪڙو ڀلا ڪم ڪريو مان ڏاڍو پريشان آهيان، مون ماستريءَ تان هٿ کنيو، مون کي مهرباني ڪري پٽيوالي ئي کڻي ڏيو، چيائين، ضروري ته ڪونهي ته ڪو توهان کي سرڪاري نوڪريون ملن، مزودري ڇو نه ٿا ڪيو، پنجابي، پٺاڻ ڪن ٿا اوهان نٿا ڪيو، چيومانس مان تيار آهيان مزدوريءَ لاءِ به، پر سچ ته اها به نٿي ملي، ابا ايتري ۾ منهنجو ٿو ڀاڳ ڦٽي هڪ رٽائر سنڌي ميجر، جيڪو جڏهن مان ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪندو هوس اتي اچي وڏا وڏا سرڪاري اسڪينڊل کوليندو هو ۽ پنهنجي قوم پرستيءَ جا ڇڪا ڇوڙيندو هو، نمودار ٿيو ۽ ايندي شرط چيائين مزدوري ڇو نه ٿي ملي، مان ٿو توکي مزدوري وٺي ڏيان، هن جڳهه جي مٿان ڪم پيو هلي، اتي هل ته مان توکي مزدوريءَ سان لڳرائي ڇڏيان. مون چيو هينئر نه باقي سڀاڻي. وري ڪرسيءَ تي ويهندي صاحب جي فون پنهنجي هٿ ۾ کڻندي، پنهنجي چمچاگيري جو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي چوڻ لڳو سائين هن باغي کي ڇو گهرايو اٿوَ. صاحب ٻين ماڻهن سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو ۽ هو ميجر فون تي ڳالهائي پاسو وٺي ٻاهر نڪري ويو، نيٺ مان به اٿيس ۽ صاحب کي چيم پوءِ سائين مان وڃان نه، چيائين تون بس سڀاڻي کان عباسي صاحب وٽ مزدوري اچي ڪر نه. مون کي هٿ ۾ جيڪي ڪاغذ/سرٽيفڪيٽ وغيره هئا تن کي ڪاوڙ ۾ مروٽيندي چيو مانس پوءِ هنن کي ته ڦاڙي ڇڏيان نه، چيائين ايترا جذباتي به نه ٿيو، چيو مانس توهان ماستري ته نه، پر پٽيوالي به ڏيڻ لاءِ تيار ناهيو. جند ڇڏائڻ واري ڪندي چيائين چڱو ڪلارڪ کي درخواست ڏئي ڇڏ پٽيوالي لاءِ مان اهو سوچي ٻاهر نڪري آيس ته هاڻي ڳالهائڻ اجايو آ. درخواست ڪانه ڏنم ۽ ائين ئي ڪاوڙ ۾ نڪتو آيس. ٻئي ڏينهن مزدوريءَ تي اُن ڪري نه ويس ته پرائمري ماستريءَ جي لکت انٽرويو ۾ پاس ٿي ويو هوس ۽ ان ڏينهن وري زباني انٽرويو هو، جيڪو ڏنم، شام جو اسان جي شهر جي هڪ شاعر مير عبدالرسول مير وٽ ويس، جتي اڃا ويٺس ئي مس ته مٿان خان محمد پنهور ٺڪاءَ اچي ڪيو، مان چيو واهه، ايتري ۾ هڪ ٻه آفيسر ٻيا به اچي ويا، جيڪي مير صاحب سان پنهنجي منهن ڳالهائڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويا، ڪمري ۾ مان ۽ خان محمد پنهور صاحب اڪيلا رهجي وياسون، مونکي چيائين ابا تون هوڏي مزودريءَ تي وئين، مون چيو نه. چيائين ڇو مون چيو اڄ منهنجو زباني انٽرويو هو، پرائمري ماستريءَ لاءِ، وري مڪمل تعارف پڇيائين ته پيءُ ڇا ڪندو اٿئي، ٻڌايو مانس مولوي آهي، ٺپ غريب ٿي پيو آهيان، تڏهن ڪو واهر نٿو ڪري نه ته مان جنهن تنهن کي ائين منٿون نه ڪندو وتان ها. چيائين ٽائيپ سک، مون چيو فيس لاءِ مون وٽ پئسا ئي ڪونه آهن. ٻه ٽي ادبي ڊائيلاگ به ٻڌايا مانس، مون چيو اسان جا اديب ويچارا پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا، مجبور ۽ بيڪس جهڙا لفظ افسانن ۽ شاعريءَ ۾ گهڻو پڙهي، اهو ذهني طور سمجهي ويهندا آهن ته اهي رڳو افسانوي ۽ ادبي ڳالهيون آهن، انهن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ڪونهي. پر مون چيو اوهان اسان جا مسئلا ڏسو، اسان جون مجبوريون ڏسو ته اوهان کي حيرت وٺي وڃي. مون محسوس ڪيو ته مان هن کي متاثر ڪري ورتو آ. مونکي چيائين هاڻي ڳالهه ٻڌ، مون وٽ ماڻهؤ جي گنجائش ڪانهي، باقي مير صاحب کان هڪڙي مون درخواست ورتي هئي، جي مير صاحب چوي ته انهي بجاءِ توکي رکان ته پوءِ ٺيڪ آ. ايتري ۾ مير آيو، مون مير کي چوڻ مناسب نه سمجهيو، پر پنهور صاحب پاڻ چيس ته هن تو واري همراهه بجاءِ هن کي رکون، هي بنهه غريب ٿو لڳي، مير چيو بلڪل ٺيڪ، هي واقعي اسان جو غريبڙو اديب اٿئي، هن سان وڏا ظلم ٿيل آهن، ان ڪري پهريان هي، پنهور صاحب اتي ئي مونکي چيو درخواست لک، مون درخواست لکي ڏني مانس، درخواست وٺي مون کي چيائين ته بس صبح کان وٺي تون اچ آفيس. ويندي ويندي مون کان پڇيائين ڀلا ٽائپ فيس گهڻي آ، مون چيو پنجاهه رپيا، مونکي پنجاهه رپيا ڏيئي چيائين ٽائيپ به وڃي سک. هڪ ڀيرو وري خوشيءَ ۾ نٿي ماپيس، صبح جو سوير اُٿي صاحب جي آفيس ويس، گهڻي دير کانپوءِ صاحب مليو، چيائين بس تون هاڻي ڪم کي لڳي وڃ. صبح جو ساڍي ستين کان اڪثر ڪري شام جا 4.30 يا پنج، ڇهه به ٿيو وڃن، پر ڏاڍي خوش اسلوبيءَ سان نڀايانس پيو، هڪڙي ٻي به ڳڻتي هئي اها، اها ته اسان جو پڪو آرڊر ڪراچيءَ مان ڊائريڪٽر وٽان اچڻو هو ۽ جيسين اهو نه آيو هو، ڏاڍي اندر ۾ اڻ تڻ هئي، پر هاڻي اهو به اچي چڪو آ. مان ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجون سڀ صلاحيتون استعمال ڪري آفيس جي سموري اسٽاف کي موهي وجهان. صاحب ڏينهون ڏينهن مون سان وڌيڪ قرب، محبت سان پيش اچي ٿو، چوي ٿو سنڌي ٽائيپ پئي اٿئي سک، انگريزيءَ تي به پرئڪٽس ڪندو ڪر، ڪالهه هيڊ ڪلرڪ کي گهرائي چيائين هن کي آفيس جو ڪم سيکار، سدائين هن کي پٽيوالو ته نه رکڻو آ، ساڳئي وقت مون کي به چيائين ته جون / جولاءِ ڌاري وري نيون ويڪنسيون اچن پيون، ان ۾ تنهنجو ڀاڳ آزمائينداسون. ڪافي سارا ادبي ڪم به مون تي سونپي ڇڏيا اٿائين، اخبارن جون ڪٽنگون، جيڪي نئي روشني اسڪولن متعلق هجن، فنڪشن جي سلسلي ۾ پريس بيان صحافين ۾ ورهائڻ، دعوت ناما ورهائڻ. مطلب ته ڪم ڏاڍو بهتر پيو هلي ۽ مان به خوش آهيان، رڳو منهنجي گهر وارا / ڀيڻوئي وارا ٿورو دل ۾ ناراض آهن ته صبح جو سويرو وڃي ٿو، شام جو اچي ٿو، وري يارن دوستن سان رلي پني ڏهين، يارهين وڳي اچي ڪري ٿو پوي، پر اهو مائنر مسئلو آ.
    اڙي يار مان يڪو پنهنجي بڪواس ۾ لڳي ويس ۽ توکان حال احوال پڇڻ به وسري ويو، وقت ڪيئن پيو گذري، سنگت جي ڪهڙي پوزيشن آ، يار سليم، اوهان ۾ صلاحيتون آهن ۽ جيڪڏهن توهان اهي استعمال ڪيو ته اوهان سنگت کي گهڻون اڳتي وٺي وڃي سگهو ٿا. قرب محبت ۽ وسيع دل سان پيش اچو، سڀ ڪنهن سان، وساري ڇڏيو ڪنهن جون ننڍيون ننڍيون غلطيون. هينئر ته خير، امتحانن جي وٺ پڪڙ ۾ هوندؤ.

    دوستن اسماعيل، مجيب، اياز، پروانو، محمد مارو، گل محمد، پپو ۽ ٻين مڙني سان رابطو آهي يا نه، ڪهڙا حال اٿن. لائبريريءَ ۽ سوسائٽيءَ جون خبرون ڏي، چونڊون ٿيون ته ڪهڙا عهديدار آيا.
    گهڻون مصروف هئڻ ڪري مان به ادب کان گهڻون ڪٽيل آهيان. ڀلا ٻي ڳالهه اڄڪلهه ڪو دوست مون ڏي خط ڪو نه ٿو لکي مصروفيتون وڌي ويون آهن. يا ناراضگي آ، يا مرڳو وسري ويو آهيان دل تان. تون منهنجو هڪ پيارو ڀلو، سياسي، فلسفي ۽ ادبي دوست هئين ۽ منهنجي تمام گهڻو ويجهو به هئين، منهنجن سمورن مسئلن جي به چڱي ريت ڄاڻ هيئي، ان ڪري هي سڄو ذاتي خط تفصيل سان لکيو اٿم، رڳو ان لاءِ ته متان چوين يار، سارنگ ڳوٺ وڃي مرڳو ئي ڀلائي ڇڏيو. اوهان مان مون کان ڪوبه ڪونه وسرندو. سليم، اياز، مجيب ۽ اسماعيل جي پارت اٿئي، انهن سان ڀلي نموني ملندو ڪر ۽ ڪچهريون وغيره ڪندو ڪر، تون جيڪو پڙهندي ۽ پوءِ انهن کي گفتگو ۾ ٻڌائيندي ته اهو توهان سڀني لاءِ بهتر آ. مان ڪافي دوستن سان رابطو خط ذريعي پريشانين سبب نه رکي سگهيو هوس ۽ هاڻي اميد آهي ته جلد سڀني سنگيتن سان خطن / حالن احوالن جي ڏي وٺ ڪبي ۽ کائن معافي به وٺبي. اياز ۽ مجيب کي هي خط ڀلي پڙهائجان.
    ٻڌ، يار مان جيڪو به خط لکائين اهو هٿيڪو ڪري رکندو ڪجان.
    سلام سڄي سنگت کي
    اوهان جو دوست ڀاءَ
    سارنگ سهتو
    *
    ادا سائين سليم!
    آئون ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ اتان موٽندي روح سٽ کاڌي ۽ اهو معلوم هوندي به ته توهان ڪونه هوندا، مڪليءَ جي بس ۾ چڙهي ويٺس. توهان جو ننڍڙو ڀاءُ مليو، جنهن ٻڌايو ته سليم اڄ ڳاڙهي ويو آهي ۽ پپو گهر نه هو، اياز جي گهر تي تالو هو، مجيب حيدرآباد ويل هو. اهي سڀ ڳالهيون / خبرون مون لاءِ پيڙا ڏيندڙ هيون. شام هئڻ سبب رات مجيب جي اوطاق تي رهڻ جو فيصلو ڪيم. مايوسيءَ جي عالم ۾ چڪر ڪاٽيندو لائبريريءَ به ويو هوس، الطاف ۽ اسماعيل سان ملاقات ٿي. پوءِ رات جو مجيب به اچي پهتو. رات جو ڪچهري ڪري صبح جو سوير حيدرآباد لاءِ نڪتس. اهو هو سڄو منهنجو سفر.
    اوهان جي اچڻ جو ٻڌان پيو ۽ خط به لکيو هوم، پر معذرت سان مان اهو عرض ٿو ڪرڻ گهران ته منهنجا 7 جنوري 1988ع کان P.T.C جا امتحان مٺياڻيءَ ۾ آهن جيڪي 16 جنوري 1988ع تائين هلندا توهان مهرباني ڪري ٻئي 16 جنوريءَ بعد ايندا ته اوهان جا وڏا قرب ٿيندا. 16 جنوريءَ کانپوءِ اوهان جي اچڻ جو انتظار ڪندس، اميد اٿم ته ضرور ايندا.
    موسيٰ پليجي جو ٻڌم ته ڪو مائٽ گذاري ويو هو، سو ان سان مون پاران تعزيت ڪندا. عزيز ۽ محمد خشڪ ڪهڙن حالن ۾ آهن. مون کين وساريو نه آه،ي البته سندن موجوده ڏس مون وٽ نه آهي. مانجهيءَ ۽ ڪويءَ جو به ڪو پتو ڪونه اٿم.
    ساٿ سلامت
    توهان جو
    سارنگ سهتو
    *

    هي ساٿي سيئي، جي مون ڪوڏ نهاريا،
    ايندم جان پيهي، لاهيندم سڀ ڏکڙا.
    (شاهه)
    ساٿي سليم
    تنهنجو مختصر پر جامع خط مليو، پڙهي دل باغ بهار ٿي ويئي، سچ ٿو چوان ته تون جيڪو ماڻهو آهين نه، ڏاڍو خود اعتماد، هوشيار، جينيئس، انٽل ايڪچوئل (دانشور) بي باڪ، نڊر، ۽ محنتي قسم جو ماڻهو آهين، تون زندگيءَ جي هر موڙ، وهڪري ۽ رنگ ۾ ڪامياب ترين انسان آهين، تون مستقبل جو نه صرف بهترين اديب پر هڪ اعليٰ ذهن پڻ آهين. تنهنجو ذهن ڏاڍو تيز تڪڙو ۽ حافظي جو پڪو آهي، هزارين خوبيون آهن تو منجهه، مان ڪهڙي لکي ڪهڙي لکان. هيءَ مان تنهنجي چمچاگيري يا خوشامد ڪونه ٿو ڪريان، پر هڪ حقيقت آهي، جنهن کي کليءَ دل سان پيش پيو ڪريان، هن جو مطلب نه ته هروڀرو اهو ڪو آهي ته توکي مان اهو سرٽيفڪيٽ پيو جاري ڪيان ته تون ئي مڪمل انسان آهين، ٻيا سڀ اڌورا آهن ۽ نه وري اهو ئي ڪو آهي ته مان توکي خوامخواهه خوشفهميءَ ۾ مبتلا پيو ڪريان، تون يقيناً هڪ ڪمائتو ۽ قابل انسان آهين، تو وٽ فن ۽ فڪر آهي، پر ان جو ياد رک صحيح ۽ سچو استعمال اهو آهي ته تون پاڻ کي ڪجهه سمجهه، تون هنن ماڻهن جهڙو ماڻهو آهين ۽ انهن کي توکي انهن جهڙو ٿي تيار ڪرڻو آ. عظيم آهن اهي انسان جيڪي سڀ ڪجهه هوندي به پاڻ کي ڪجهه نه سمجهندا آهن. مان سمجهان ٿو ته تون اهڙن ماڻهن مان هڪ آهين، جي ناهين ته توکي ضرور ٿيڻ گهرجي. سليم، پاڻ کي ضرورت آ ماڻهن جي، پاڻ کي، پنهنجن انهن ماڻهن کي مذهبي، تصوراتي ۽ غليظ سوچ کان ٻاهر ڪڍي آڻڻون آ، ائين نه ٿئي جو سڀاڻي اهي اسان جا ماڻهو ئي اسان کي دهريو، ناستڪ ۽ پاڳل ڪوٺي ڪوٺي اسان جا وائسر ئي گهول ڪري ڇڏين. زمانو ترقي ڪري پيو، انسان خلائن، پولارن، آسمانن ۽ گرهن تي اُڏامي پيو، پر اسان جي ماڻهن اڳيان بند ٻڌا ويا آهن، پاڻ کي، پنهنجا ماڻهو فڪري طور تيار ڪري وڌي وڃي اهي بند ٽوڙڻ گهرجن. منهنجي ۽ نياز جي وڃڻ کانپوءِ تون، اياز، عزيز، محمد ۽ پروانو، ادبي سنگت جا سرگرم ڪارڪن آهيون، محمد ۽ پروانو ته ٿورو پري جا آهن، پر اوهين يعني تون اياز، مجيب هڪ ئي هنڌ جا آهيو ۽ منهنجو سمورو ڪم اوهان جي سپرد آهي. اوهين ٽيم ٺاهيو يار، گڏ گهمو ڦرو، پراڻن دوستن سان ملو، هر ڪنهن سان عليڪ سليڪ جي ڪوشش ڪريو، آفتاب، الطاف پارن کي پاڻ سان نه صرف گڏ کڻو، پر سندن ڀرپور همٿ افزائي ۽ رهنمائي پڻ ڪيو، جيئن اوهين مڪليءَ جا لڪل هيرا هيؤ، تيئن ٻيا به ڪيئي هوندا، اوهين انهن کي ڳولهيو ۽ هڪ جاءِ ڪٺو ڪيو. ننڍڙين ننڍڙين تلخين کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو، ذاتي مفادن کي اجتماعي مفادن تي ترجيح ڏيو. مان هروڀرو ليڪچرر ٿيڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان پر پاڻ وٽ جيڪي ڪجهه اٿم اهو اوهان کي ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، سڄي ڳالهه ٿورن لفظن ۾ هيئن ته انسان بذات خود اڪيلو ڪابه حيثيت ڪونه ٿو رکي، ڀلي کڻي اٺ ڪتابن جا ڇو نه پڙهي ڇڏي، يا ڪيئي نوٽ بڪ ڇو نه ڀري ڇڏي، پر سندس ڪابه اهميت ناهي. سڀ ڪجهه اجتماعيت ۾ آ، سڀ ڪجهه اجتماعيت لاءِ آهي. ادب تو لاءِ مون لاءِ ڪونهي، پر ادب پوري انسان ذات لاءِ آهي ۽ جيڪو ماڻهو ادب کي پنهنجي ذات جي بهتريءَ ۽ مٿاهينءَ لاءِ استعمال ٿو ڪري سو اديب نه پر انا پرست ڪُند ذهن مڪار ۽ فريبي ماڻهو آهي. ادب جو ٺيڪو نه ته ڪنهن هڪ ماڻهؤ کي مليل آهي ۽ نه ئي کيس اهو حق آهي ته هو اها هام هڻي. حقيقي ۽ سچا اديب اهي آهن جيڪي پنهنجن ماڻهن سان هر ڏکئي پل ۾ نه رڳو گڏ هوندا آهن، پر کين دڳُ ۽ راهه به ڏيکاريندا آهن، جنهن ڏينهن اسان اهو سوچي ڪنڌ تاڻيو ته اسان هاڻي وڏا قابل ۽ پنهنجن ماڻهن کان مٿانهان، جنڊيءَ تي لٿل مور مهانڊا آهيون ۽ اسان جو ڪو مٽ ڪونهي، ان ڏينهن کان اسان جو تنزل شروع ٿي ويندو. اوهان جي محنتن جو سلسلو اوهان کي ملندو ۽ ان تي اوهان کي فخر پڻ ڪرڻ گهرجي، پر ”آئون پِڻو“ ماڻهوءَ کي تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پهچائيندو آهي. اوهان جي چاهيو ٿا ته دنيا ۾ اسان جو نالو رهي، دنيا اسان کي ڳائي ته اوهين ماڻهن ۾ گم ٿي وڃو، ماڻهن تائين پنهنجي ڳالهه پهچايو ۽ پوءِ جڏهن اوهين نه هوندا تڏهن به هزارين اوهان جا تيار ڪيل ماڻهو هوندا، جيڪي اوهان جي نقش قدم تي هلي رهيا هوندا ۽ انهن ذريعي اوهان جو نالو زنده هوندو.
    سنگت لاءِ منهنجي حقير راءِ آهي ته اڳوڻي باڊي ٽوڙيو، ۽ نئين سر سليڪشن ڪريو، پر بهتر ائين ٿيندو ته مرڪز کي به سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جيڪڏهن تڪڙ ۾ سليڪشن ڪرڻ گهرو ٿا ته پوءِ سيڪريٽري تون، جوائنٽ پروانو، خزانچي اياز، آڊيٽر محمد مارو.
    اياز! ڏاڍو فني ۽ فڪري طور اڀري پيو جوائنٽ لاءِ ان جو نالو تجويز ڪرڻ گهريم پئي، پر پئسن جي معاملي ۾ ٻيا سڀ آهن سست، ان ڪري اياز خزانچي ٺيڪ آ. مجيب، اسماعيل، گل محمد، سعيد، مانجهي، ڪوي ۽ ٻين مڙني يارن سان رابطو رکو. گهنور جتوئي، محمد علي خشڪ، ۽ ٻيا يار جيڪي به اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ يا ادب دوست هجن، انهن کي ميمبر ڪيو، عزيز پليجي کي سنگت ۾ آڻيندا ڪريو. نون لکندڙن تي سخت ۽ ڳري تنقيد کان پاسو ڪجو.

    مان ٿورن ڏينهن ۾ وري اوهان کي تنگ ڪرڻ اچي رهيو آهيان پيڊ کنيو ايندم. جي صبر ڪيو ته پوءِ وري به صلاح مشورو ڪري وٺنداسون. تاج جويو سان ملڻ جي ڪوشش ڪندس، ان کان به مٿاڇري صلاح وٺندس.
    اوهان جيڪو مون کي مان ۽ مرتبو ڏيو ٿا ان جو مان ڪهڙن لفظن ۾ ٿورو مڃيان، سو مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي. حقيقت ۾ خط مون کي لکڻون هو پر مان ٿورو ٿورو ڪميڻو ٿي ويو آهيان، تنهن ڪري معاف ڪجانءِ. هوٽل جي مبارڪ هجيو. ڏاڍو سٺو، پر يار مڙس ٿي هلائجوس. توهان جا امتحان تمام مٿان آهن، پر پوءِ به تو مون کي وقت ڪڍي خط لکيو آ، ڇا ان کان وڌيڪ مهرباني به ڪو ڪنهن تي ڪري سگهي ٿو. توکي مان هڪ صلاح ٿو ڏيائين ته تون ادب جي حوالي سان فيلڊ وائيز مطالعو ڪر. يعني ”سنڌ جي تاريخ“ ته سڀ ڪتاب ان تي، جيڪي به لائبريري ۾ آهن يا هٿ ٿي سگهن ٿا لڳاتار پڙهه، ان سان تون هر فيلڊ ۾ مڪمل ڀڙ ٿيندين ۽ تنهن جي ڄاڻ ۾ ڪافي اضافو ٿيندو، پر اها ڄاڻ رڳو پاڻ وٽ سانڍي نه رکجان، دوستن يارن کي ڪچهرين، گڏجاڻين ۾ ٻڌائيندين ته تنهنجو ذهن به کلندو ۽ اها ڳالهه تنهنجي ذهن ۾ به هميشه ياد رهجي ويندي. مان هن خط ذريعي سڀني ساٿين ۽ دوستن کان معافي ٿو گهران، جو مان کين نه خط لکي سگهيو آهيان، نه ڀرپور رابطو رکي سگهيو آهيان، مونکي اميد آ ته ساٿي مونکي معاف ڪندا.
    خط ۾ ڪافي خبرون چارون رهجي ويون آهن پر جي لکان ها ته پوءِ ”ڪهاڻي“ (اڳيون خط) بجاءِ ناول ٿي وڃي ها.
    اوهان جو
    سارنگ سهتو
    *
    حياتي! وڏيءَ ڪشمڪش ۾ وڌئي،
    ٺهي ٿي سگهين، نه ئي ٿي ڊهين.
    (اياز گل)
    ادا سليم!
    تنهنجي مهرباني جو سار لهندو اچين. آئون ته ڪافي سست ٿي ويو آهيان. بهرحال تنهنجي ٻئي خط مون ۾ ايتري ڦڙتائي آندي آهي جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي اکر لکڻ لاءِ پاڻ کي آماده ڪري ورتو اٿم.
    وڏي مونجهاري جو شڪار آهيون پاڻ، ادبي، سياسي گوڙ يا ذاتي حوالي کان. چوندا آهن ته ماڻهوءَ تي جڏهن وڏيون ذميواريون عائد ٿينديون آهن ته ماڻهو وڏن تاريخ ساز فيصلن ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو آهي، پر اسان ماڻهو ته ويتر وڌيڪ پريشان ٿيا آهيون ۽ هڪڙي وڏي عجيب ڪشمڪش جو شڪار ٿي ويندا آهيون. اڪثر ڪري اسان پنهنجي فيصلن تي اڳتي هلي پڇتائيندا آهيون ۽ ڪرٽيسائيز ڪندا آهيون. سو تون به پنهنجي سڀني صلاحيتن کي استعمال ڪندي اهڙو بهتر فيصلو ڪجانءِ جو مستقبل ۾ به ان جا بهتر نتيجا نڪرن.
    سڪ توهان جي ڏاڍو ستايو آهي، پر في الحال ته اچڻ جو پروگرام ڪونه پيو ٺاهي سگهان. خير ڪڏهن اچي نڪربو. مجيب کي به مون هڪ ٻه خط لکيا آهن، پر الائي ڇو جواب ڪونـ موڪليو اٿائين، ٻيا يار دوست ڪيئن آهن.؟
    اياز ملئي ته مون پاران هڪ ڀاڪر پائي ڇڏجانس، وڌيڪ مون وٽ لفظ ناهن جو آئون ڪجهه لکان. ڪجهه ائبنارمل آهيان، نارمل ٿيندي ئي توکي تفصيلي خط لکندس.
    اميد ته مائينڊ نه ڪندا.
    اوهان جو پنهنجو
    سارنگ سهتو
    *
    ڪو مانجهاندي جو ماڳ به آ،
    آ ساري واٽ اتت لوڪو!
    (اياز)
    پيارا سليم!
    مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم ۽ ذهن تي هڪ عجيب قسم جو بوجهه آهي. سمجهان ٿو ته پريشان آهيان پر ڇو؟ ته ان سوال جو ڪليئر جواب ڪونهيم. رکي رکي اياز جو هي ٽڪرو ذهن ۾ گونجي ٿو ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ“ منهنجو من (ذهن / دل) کوڙ سارن منجهائيندڙ ۽ عبرت ۾ وجهندڙ احساسن ۽ خيالن سان سٿيو پيو آهي. ڇا؟ منهنجو جيون ائين اڪارٿ گذري ويندو. ڇا مان پنهنجي ڄمار ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهندس ۽ هڪ ڏينهن ائين هلندي دنيا جي ڪاروبار ۾ ڪا رڪاوٽ وجهڻ کانسواءِ مري ويندس.
    سليم! سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان پيدا ڇو ٿيس، منهنجي ڪهڙي دنيا کي گهرج هئي ۽ مون کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڄڻيو ويو. هي سوچون هڪ وڏو مُنجهيل سٽ جو ڍيرو آهن، جن کي جيئن ٿو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪريان، تيئن ٿو مونجهاري جو شڪار ٿيان. عجيب ماڻهو ته آهيان آئون. هڪ ئي وقت بين الاقواميت پرست، ڪميونسٽ، قوم پرست ماديت پسند، اٿيئيسٽ، حساس ۽ الائي ڇا ڇا آهيان. جيڪڏهن مان ڪو هڪڙو خيال ڪٿان ها (قبول ڪيان ها) ته ڪم هلي وڃي، پر هاڻي سڄو ڏينهن انهن سڀني احساسن جي منهنجي اندر ۾ ويڙهه لڳي پئي هوندي آهي ۽ نتيجي ۾ آئون رڳو گهائل نه ٿيو آهيان، پر ڏاڍو ششدر، حيران ۽ وائڙو ٿي پيو آهيان. سڄو سچ کڻي مون نه پاتو هجي، پر سچ جو ڪو اولڙو، عڪس ۽ پرتوو مون ضرور ڏٺو آهي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو نه اکيون ٻوٽي ڪجهه لکي ٿو سگهان، نه پڙهي ٿو سگهان ۽ نه ئي وري ڪا فتويٰ ٿو جاري ڪري سگهان. استاد بخاري فائدي ۾ آ جو هن کي رڳو مونجهارا آهن ته ”ڇا حسن تي لکان يا قوم تي لکان“ پر مون آڏو ته رڳو حسن ۽ قوم ڪونهن، مون آڏو ته خود بخاري جهڙن ماڻهن جو ڪردار، اديبن جو طبقاتي ڪردار، سياست جا ٻهروپ، مسڪينن جون مجبوريون ماڻهن جا بدلجندڙ احساس، ڪميونسٽن جون قلابازيون، قوم پرستن جا ڪارناما، جمهوريت پسندن جون ارڏايون، دوستن جون ڏاڍايون ۽ چڱايون ۽ الائي ڇا ڇا آهي. ها! ذاتي/گهرو مسئلا اڃا علاوه ته هڪڙو ماڻهو تون پاڻ سوچ ڇا چريو نه ٿئي، اهڙي صورت ۾ جڏهن هو خوامخواهه جي جذبات ۽ خوش فهميءَ جو به شڪار ڪونهي، سڄو ڏينهن منافقت / ڪمپرومائيز ۾ گذاري، رات جو جڏهن سمهڻ لاءِ پاڻ کي هنڌ تي ڦٽو ڪندو آهيان ته سوچيندو آهيان ڪاش! اگرائين ٿئي ته صبح جو مان زنده نه هجان يا پنهنجي مرضيءَ جو مختيار ۽ ڪنهن سان به مون کي منافقت نه ڪرڻي پئي، پر افسوس تڏهن ٿيندو اٿم، جڏهن صبح جو نه رڳو جيئرو هوندو آهيان، پر منهن تي مصنوعي ماسڪ چاڙهي نڪري پوندو آهيان پيٽ گذر لاءِ، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر هڪ محدود دائري ۾ زندگي گذري پئي، نفرت هوندي به ان روٽين مان نڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي ۽ اهو لعنت جو طوق ڳچيءَ ۾ پاتل ڏسي ڏک به ٿئي ٿو ته اطمينان به، ته گهٽ ۾ گهٽ پهرين تاريخن ۾ ته ڪنهن هوٽل تي تو پاري دوست سان چانهن جي پيالي پي سگهجي ٿي.
    مين دور امن مين ڪس سي سلامتي مانگون
    شريف لوگ تو ماري گئي فسادون مين
    مٺڙا سليم!
    منهنجو جهول بنهه خالي آهي، معنيٰ مفهوم سان ڀريل لفظ منهن جي ذهن مان الائي ڪيڏانهن ڪُوچ ڪري هليا ويا آهن. مونوٽ هاڻي رڳو احساس ئي رهجي ويا آهن، جن کي آئون لفظن جو روپ ڏيندي به نٿو ڏئي سگهان. پاڻ سڀ آخر ڇو وکري ويا آهيون ۽ هيءَ ڪهڙي هوا گهلي آهي جو اسين سڀ ويڳاڻپ جي واديءَ ڏانهن گهلبا پيا وڃون. سليم! مون کي شديد پيڙا ٿي آهي، تنهنجي نراسيت جو ٻڌي، تون جيڪو منهنجو آئيڊيل رهندو پئي آيو آهين، ها تون جنهن کي مون سدائين هڪ اڏول ۽ اٽل آدرشي انسان جي روپ ۾ ڏٺو آهي، سو ٽٽي پيو آهين. تون اُٿ سنڀال پاڻ کي، تنهنجو روٽين تنهنجي همٿ ۽ حوصلي جي اوسيئڙي ۾ آهي. ائين نه ٿئي جو حال ۾ ماضيءَ جي يادن ۾ ايترو ته گم ٿي وڃين جو تنهنجو مستقبل به (منهنجي مستقبل وانگر) تنهنجي اڳيان گذري وڃي ۽ توکي پتو به نه پوي.
    سليم!
    هٿيار ڦٽا نه ڪجان، توکي قسم آهي منهنجو (جي آئون توکي پيارو آهيان). ڇا ڪجي ۽ اهو الميو ته آهي پر اسان کي ڌڪيو جي ويو آهي هن جنگ جي ميدان ۾، ته منهنجي خيال ۾ ته اسان کي ڀڄڻ بجاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي حالتن جو مان ڇا لکان اڳتي. مون کي ڊپ آهي ته منهنجون هي ڳالهيون ڪٿي توکي ڪنهن جهوني ماڻهوءَ جو بور ڪندڙ ليڪچر ته ڪونه پيون ڀاسن.
    سليم!
    اسان جي زندگيءَ ۾ ڪو اتساهه ئي نه رهيو آهي. سمورا آدرش ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن. ڪا به حسرت ڪانه رهي آهي. اهي سڀ حقيقتون آهن پر پوءِ به جيئڻ جو ساهس هٿان نه وڃائجي. موت خاتمو آهي، موت کانپوءِ ڪجهه به ڪونهي ۽ زندگي هڪ تجربيگاهه آهي ماڻهوءَ کي نوان نوان تجربا ۽ مشاهدا ڪبا رهڻ گهرجن.
    بس اهو ئي مان لکي سگهيو آهيان. منهنجو هي خط اياز لاءِ به آهي ۽ مهرباني ڪري انکي به ضرور پڙهائجان. مون کي اياز متعلق ڪابه معلومات ڪانهي ته هو هن وقت ڇا پيو سوچي ۽ ڪهڙن ويچارن هيٺ گذاري رهيو آهي. چئينس مون سان مهرباني ڪري رابطو بحال ڪري. مهرباني ڪري توهان ٻئي ويجهڙ ۾ اچو ۽ اچي نوان سنوان ٿي وڃو. سلام وفا جوڻيجو، اسماعيل، مجيب، پپو (نذير) ۽ ٻين ساريندڙن کي.
    اوهان جو پنهنجو
    سارنگ
    *
    ق - ت رضا ويچاري کي بخار ٿي پيو آهي ۽ طبيعت درست نه آهيس ان ڪري ڪا خاص ڪچهري نه ڪري سگهيا آهيون. منهنجو انٽر ۾ ڏاڍو سٺو سيڪڙو 56 سيڪڙو بيٺو آهي دل چوي ٿي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنهن چڱي شعبي ۾ اپلاءِ ڪيان، پر ها ڙي مجبوري جو اسين ماڻهو رڳو خيالي پلاءُ پچائڻ ۽ خوابن لهڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون.
    تنهنجو
    سارنگ
    *
    نوابشاهه
    8 مارچ 1989ع
    سليم!
    تو جيان مون به دعائون ڏيڻ ڇڏي ڏنيون آهن. ها، فائدو ڪهڙو پاڻ کي ۽ ٻئي کي فريب ڏيڻ مان. تون/مان هڪٻئي جي آسن/اميدن/ دعائن سان پنهنجي زندگي سڌاري نه ٿا سگهون.
    دوست! ماڻهوءَ جو مزاج ڏاڍو حيران ڪندڙ آهي. ڪڏهن ته انسان پهاڙن کان به مٿي پنهنجا قدم ٿو رکي ۽ ڪڏهن وري ڪجهه ڪنڊا ڏسي راهه مٽائي ٿو ويهي. انسان سڌريل جانور آهي، اهو ته پاڻ ڄاڻون ٿا، پر اها به پاڻ کي پروڙ هئڻ گهرجي ته انسان ۾ اها پٺئين جبلت ڪڏهن ڪڏهن واپس وري ايندي آهي ۽ هو ائين ئي بنا سوچ ويچار جي جڏا ۽ برا ڪم ڪندو رهندو آهي. هر انسان بنيادي طور تي اندر جو ڪارو آهي ۽ هر من ۾ برائي وسي ٿي، پوءِ ڪي چهرن تي شرافت جا کوپا چاڙهيو وتن ته ڪي ان جو علي ال اعلان ظاهر ڪندا وتندا آهن.
    ڪامريڊ گوربا چوف پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”پرستروئيڪا“ ۾ لکيو آهي ته چيڪوسلواڪيا جي دؤري تي هن جي اتي جي عام ماڻهن سان گفتگو ٿي. هڪ نوجوان کيس چيو ته ”ٿورن لفظن ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته سچ ڳالهايو، سچ سان محبت رکو۽ ٻين کان به سچ جي اميد رکو.“ ان تي ڪامريڊ چيس ته ”۽ سچ تي عمل به ڪريو ۽ اهوئي دنيا جو مشڪل ترين ڪم آهي.“ سو دوست، پاڻ ماڻهو جيڪي اصل ۾ برائيءَ جا مجسما آهيون ۽ ذهن ۾ انيڪ غليظ خيال رکون ٿا، اهي هڪ ٻئي کي ڪيڏو نه ٺڳيون ٿا ۽ پاڻ کي شريف زادو مڃائڻ لاءِ منهن سامهون وڏو شرافت جو ڪردار ادا ڪريون ٿا. سؤ فيصد ڪو به برو نه آهي ۽ نه وري ڪو سؤ فيصد شريف آهي. مڙئي گڏيل سڏيل قصو پيو هلي. مان جو اڪيلائيءَ ۾ درندو آهيان اهو ٻين (دوستن / عوام) سامهون نهايت هڏ ڏوکي ۽ حساس هوندو آهيان. گورباچوف جو ”نئين تشڪيل“ نالي ڪتاب پڙهي مان پاڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهيان ۽ مون ”سيلف ڪرٽيسزم“ (خود تنقيدي) جذبو ڏاڍو بيدار ٿيو آهي.
    هجي ڪا کاڻ خوبين جي، خامين کان بنهه آجي،
    پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي.
    (نارائڻ شيام)
    تنهنجو خط مون کي اهڙي مهل مليو آهي، جڏهن مان ”پويان پساهه“ کڻي رهيو آهيان. ڏاڍو وقت ڳوليو هوم موت کي. وچ ۾ اوهان جهڙا دوست/سنگتي ساٿي ملي ٿي ويا ته مان رستو ڀلائي ٿي ويهي رهيس. پر گذريل تقريباً سال ڏيڍ کان ڪنهن به سهاري نه ملڻ ڪري آئون بي راهه رويءَ جو شڪار ٿي ويو آهيان/ ٿيندو پيو وڃان. مون وري اها وڃايل واٽ ڳولي لڌي آهي ۽ آئون وڃان پيو ذليل / نيچ موت ڏانهن. آئون پسي رهيو آهيان موت جو محل، هن جي چائنٺ مون کان ڪجهه وکون اڳتي آهي. مون کي ڏاڍو پوءِ پروڙ پئي ته انت رڳو جسماني نه هوندو آهي، انت روحاني، نظرياتي ۽ فڪري به ٿيندو آهي. جيئن وڻ کي اندران اڏوهي کائي پورو ڪري ڇڏيندي آهي، تيئن فڪري، روحاني، نظرياتي موت ماڻهو جي جسم کي ناس ڪري ڇڏيندو آهي. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سهاري جيئي ٿو ۽ جڏهن مون کان سهارا ڇڏائجي ويا آهن ته مان زندگيءَ مان مايوس ٿي ويو آهيان. زندگيءَ جي عجيب چؤواٽي تي بيٺو آهيان چرس توڙي چڪلو، ڀنگ توڙي ڀڙوت، شراب توڙي شوديبازي سگريٽ توڙي سيٽ / وڏائي، سڀ ڪجهه ته جائز ٿي ويو آهي مون لاءِ. ڪهڙي دنيا جي برائي آهي جا مون ۾ ناهي. سانحو اهو ناهي جو مان برو آهيان، پر سانحو اهو هوندو جو مان ان برائي ۾ وڪوڙجي وڃان ۽ ان تي فخر ڪريان. جڏهن ڪامريڊ هوندو هوس تڏهن هڪ نوجوان کي شراب پيئندو ڏسي ڏاڍو ارمان ٿيو هوم ۽ يڪدم کيس چيو هوم ادا! ڇو ٿو شراب پئين؟ هن ٺهه پهه وراڻيو هو غمن کي ڀلائڻ لاءِ. تو وٽ ٻيو ڪو بهانو به ڪهڙو آهي؟ مون کيس چيو هو ۽ سخت چڙ آئي هئم، ان شخص تي. ۽ اڄ نوري حجام کي شراب پيئندو ڏسي ڪيڏو نـ روح رسڪي پيو هو، پر اها پڪ سمجهي ته هو چُڪي به نه ڏيندو ماٺ ڪئي هئم. ڪنهن لکيو هو ته ”مان ان عورت کي هرگز پاڪدامن مڃڻ لاءِ تيار ناهيان جيڪا محض موقعو نه ملڻ ڪري پاڪدامن رهجي وئي هجي“ ۽ اهڙي نموني جيڪڏهن مان به رڳو موقعو نه ملڻ ڪري اوتاري تي نه وڃي سگهيو آهيان ته ان جو اهو مطلب هرگز نه اهي ته آئون ٺيڪ ٺاڪ ماڻهو آهيان.
    آخر اهو سڀ ڇو ٿيو آهي؟ آئون جيڪو هڪ وڏو آدرشي انسان هوس، اهو برائيءَ جي کڏ ۾ ائين ڪري ڇو پيو آهيان. مون کي اهي سڀ عادتون رڳو تڏهن پيون آهن، جڏهن آئون آزاد ٿي ويس ۽ اجتماعيت کان ڪٽڻ شروع ڪيم. عجيب آهن سياستدان پنهنجا، انهن به ته ڏنڀ ڏنا آهن. وڌيڪ مطالعو آهي مون کي. ڏينهن ۾ جيڪڏهن آئون ڏهه پل قوم پرست آهيان ته پنج پل پڪو سوشلسٽ ۽ انهن مونجهارن مان نڪرڻ لاءِ بي راهه روي اختيار ڪئي اٿم. ڪنهن جي ڳل تي ڳوڙها ڏسي اڄ به مون کي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن ۽ آئون رڳو روئيندڙ ڏانهن ڏسندو آهيان نه ڪي هن جي قوم يا مذهب ڏانهن. جڏهن مظلوم، مظلوم ترين ٿي ويندو آهي، تڏهن هو خود به ظالم ٿيڻ چاهيندو آهي ۽ سندس رويو پاڻ جهڙي مظلوم سان به سخت هوندو آهي. شايد هو سوچيندو آهي ته جڏهن مون تي ڪنهن به رحم نه ڪيو ته پوءِ آئون ڪنهن جو احساس ڇو رکان. آخر اڳتي هلي اهڙو اسٽيج اچي ٿو جو ظالم ۽ مظلوم ۾ ڪا به وٿي ڪانه ٿي رهي. سچ چيو آهي مها ڪوي اياز،
    اوچ به ظالم، نيچ به ظالم
    نيچ به پنهنجي نيچائيءَ ۾
    اوچائي احساس رکي ٿو
    تنهنجو تن ته هڏائون پڃرو
    هو ڪجهه ٿورو ماس رکي ٿو.

    تنهنجي رت پيئڻ لاءِ گڏ آ،
    پنهنجي رت پياڪن سان هو،
    توکي دوست ڪٿي ٿو سمجهي
    خوش آ پنهنجي دشمن سان هو.

    ڄڻ تون ڪو آئينو آهين
    جنهن ۾ درندي جيان آ هو.

    ساري قوم به ظلم ڪري ٿي
    اوچ به ظالم نيچ به ظالم.
    (اياز)
    سليم!
    اڄڪلهه دوستن ڏي طويل خط لکڻ ڇڏي ڏنا اٿم، رڳو ان ڪري جو، خط ۾ منهنجن پنهنجن سورن جو ذڪر هوندو آهي ۽ آئون نٿو چاهيان ته پنهنجا سور ٻئي کي ٻڌائي سندن دماغ ڪمزور ڪيان. مان ڪوشش ۾ آهيان ته وري زندگيءَ کي صحيح راهه تي وٺي اچان. جيڪڏهن ڪامياب ويس ته پوءِ ضرور توهان سان رابطو رهندو، پر جي نه سڌاري سگهان پاڻ کي ته پوءِ معاف ڪجانءِ جي تڪڙو رابطو نه رکي سگهان.
    مان لکڻ اڃان گهڻو ٿو گهران پر جو ڪجهه لکيو اٿم اهو به ان احوال جو تقريباً اختصار آهي ۽ هڪ جهلڪ آهي. ان جهلڪ مان، آئون سمجهان ٿو تون سمجهو ماڻهو آهين، اندازو لڳائي ويو هوندين ته ڪيترو نه بي حس ٿي ويو آهيان.
    مان انهيءَ ساراهه جو مستحق نه آهيان
    سچ پچ منهنجا دوست منهنجو جيءَ جلڻ لڳي ٿو
    جڏهن تون منهنجي سچائيءَ جي ساراهه ڪرين ٿو
    مان انسان وانگر رهان ٿو ۽ نه چيتي وانگر
    منهنجي ستم زد ۽ دل ۾ خوف جو آستان آهي
    اعتبار ڪر ته مان خوفزده آهيان! مان خوفزده آهيان!
    ها پر،
    مون کي موت کان وڌيڪ خودفريبيءَ ۽ ذلت جي زندگيءَ کان خوف ٿئي ٿو. (رولٽن زيلڪ)
    توهان دوستن جون علم ڀريون ڳالهيون ۽ صحتمند خيال منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا نئين رونق آڻي سگهن ٿا. بشرطيڪ اوهان رابطو رکو ۽ پنهنجا ويچار ونڊيو.
    اوهان جو
    سارنگ
    *
    نوابشاهه
    17 اپريل 1989ع
    ڏينهن تتي جو نڪتو آهين، ڇورا توکي ڇا ٿي ويو،
    ڪنهنجي توکي ڳولا ڳهلا، هيڏو ڀٽڪڻ ڇا جي لاءِ.
    (ارشد)
    پيارا سليم!
    مون هاڻي تنهنجو موڪليل خط پڙهيو آهي ۽ پڙهڻ ساڻ ئي جواب موڪلي رهيو آهيان. تنهنجا خط مون منجهه سدائين نوان جذبا ۽ نيون اُمنگون پيدا ڪندا آهن. سچ پچ ته مون لاءِ انتهائي سرهائيءَ جا لمحا هوندا آهن، اهي جڏهن مان ڪنهن پياري دوست جو موڪليل پتر پڙهندو آهيان ۽ اڄ جڏهن تنهنجو خط مليو آهي، تڏهن آئون ٻيڻو خوش آهيان. ٻيڻو ان ڪري جو آئون پنهنجي زندگيءَ بابت ڪجهه مثبت فيصلا ڪري اڃا سوچي ئي رهيو هوس ته مٿان توهان جو خط مليو، جنهن ويتر وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو ۽ اندر ۾ ڪرموڙيندڙ امنگن کي وڌيڪ بيدار ڪيو. مان جڏهن به مايوس ٿيندو آهيان ۽ بي راهه روي جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهيان تڏهن تنهنجا ٻاجهارا ٻول مون کي صحيح رستي تي آڻيندا آهن. تون مون لاءِ انڌيري ۾ اهو ڏيئو آهين، جنهن جي لاٽ سهاري مان پنهنجو پيچرو لهان ٿو. تنهنجو آئون انتهائي گهڻو احسان مند آهيان، جو تو سدائين مون کي وقتائتي موٽ ڏيئي بي انت بحر ۾ ٻڏڻ کان پئي بچايو آهي. آئون اميد ٿو رکان ته تون سدائين مون لاءِ ائين پنهنجي پيار جا ڪڪر ورسائيندو رهندين.
    سليم! هر ماڻهوءَ جي شخصيت جي تباهه ٿيڻ جا ڪي مادي ۽ تاريخي سبب ٿيندا آهن ۽ منهنجي مايوس ۽ تباهه ٿيڻ جا به ڪي مادي توڙي تاريخي سبب هئا. مان انهن جي ڊيگهه ۾ نٿو پوان، جو پوءِ قصو وڌي ويندو، البته اهو سو ٻڌايائين ٿو ته مان ان برائيءَ جي ڌٻڻ مان نڪري آيو آهيان ۽ هاڻي هڪ ڀيرو وري نون جذبن ۽ ارادن سان پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃبو. هاڻي ته ڌڪن مان ڪجهه سبق به حاصل ٿيل آهي، ان ڪري ڪم جو طريقيڪار به ظاهر آهي، اڳي جي ڀيٽ ۾ چڱو هوندو، ماحول سان مليل هوندو ۽ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني به ڪندڙ هوندو. ويجهڙ ۾ ئي مان توکي پنهنجي نئين پروگرام کان واقف ڪندس ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جي پڻ گهريءَ دل سان نينڍ ڏيندس. هي فيصلو مون اوچتو يا جذباتي نه ڪيو آهي، هن فيصلي ۾ وڏو وقت لڳو آهي ۽ مان وري به ان ئي فيصلي تي اچي بيٺو آهيان ته ڪجهه نه ڪرڻ مان ڪجهه ڪرڻ بهتر آهي. زندگيءَ جي سونهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارنهن سان اٽڪڻو ئي پوندو، ماٺ ڪري ويهڻ يا پاڻ کي برباد ڪرڻ مان ڪي حاصل ڪونه ٿيندو، ان سان ته هن ڪرندڙ، ڀرندڙ معاشري کي مضبوطي ملندي. مان پنهنجون سڀ صلاحيتون پورهيت ۽ مسڪين مارن جي سکن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪريان ٿو.
    مڃان ٿو اها راهه ڏاڍي پر پيچ ۽ ڪٺن آهي، پر ان سفر جو به پنهنجو مزو آهي، اهو سفر رائيگان نه آهي، ان سفر جو به لاڀ آهي، جو جلد يا دير حاصل ضرور ٿيندو. مان هيءَ راهه ڇڏي وڃي ويهي رهان ته ٻيو ڪجهه ڪونه ٿيندو سواءِ ان جي جو مان تاريخ ۾ بُرن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندس ۽ منهنجو ضمير خود مون کي گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيندو. تنهنجي، منهنجي وڃڻ سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي هيءَ لڙائي بهرحال هلڻي آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪامياب به وڃڻي آهي.
    اسين حال هيڻا، اوهان جي وڏائي وڏي ڳالهه آهي،
    هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي وڏي ڳالهه آهي.
    ”سڏ کي ڪي هڏ ناهن، جو توڙي سگهين
    ٽوڙي جي ٽوڙي سگهين!
    آئون جو آواز هان، زندگيءَ جو راز هان، ٿو وڃان دور تائين،
    موڙ جي موڙي سگهين، روڪ جي روڪي سگهين!
    تنهنجي نوڪري اتي ڪيستائين آهي، پرمنٽ آهين يا سيزنل. ادب سان ڪيئن واسطو آهي. لکڻ ٿئي ٿو يا نه، اهو ٻيو به سمورو احوال ايندڙ خط ۾ موڪليندا. سلام سموري سنگت کي ڏيندا. پپوءَ کي چوندا هاڻي ته وڌيڪ سمجهه سان ٿيو آهي ان ڪري مون ڏانهن خط ضرور لکندو ڪري. اياز ڪيئن آهي.؟
    توهان جو
    سارنگ سهتو
    *
    نوابشاهه
    17 آڪٽومبر 1989ع
    ادل سليم!
    ناراضگي معاف، خط لکڻ ۾ ڏاڍي دير ڪيم. دير جو ڪارڻ، منهنجي اندر جي انسان جو ڀڄڻ ڀرڻ آهي. ڪجهه به نه رهيو آهي مون منجهه. مان خالي کوکو ٿي ويو آهيان، ڪنهن نه ڪم جو. زندگي گذارڻ جو مقصد مون کان وسري ويو آهي، سهارا سڀ وڃائجي ويا آهن. مان ۽ منهنجو منتشر ذهن وڃي رهيا آهيون. ساٿي ڄڻ ته آئون ذهني طور پاڳل آهيان، دل چوندي اٿم. ٽوڙي ڇڏيان سڀ رشتا ناتا جڳ جهان سان. ڪير به ڪنهنجو ساٿ نٿو ڏئي سگهي. هر دل اندر ڪربلا متل آهي ۽ هرڪو پنهنجي ”قيام“ ڇڏائڻ ۾ پورو آهي. سڀ دوکو آهي، اسين سڀ دوکيباز آهيون. ادب، سياست هن کي اسان صاف سٿرو سمجهيو هو، اهي به ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪچري سان ٿڦيل آهن سياستدانن، اديبن ۽ مُلن ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟ جي آهي ته رڳو هڪڙو ته ٻنهي وٽ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ جا مختلف/ الڳ ڍنگ آهن. ٻئي بلڪ ٽئي براين جو آماجگاهه بڻيل آهن. مان ڇو اچي ان ماپ طور ۾ پيو آهيان، سچ ته مونکي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. هن خط لکندي هڪ ذهني شاڪ پهتو اٿم ۽ هاڻي مان ذهني طور ڊپريس آهيان، سو مون کان وسري ويو ته ڇا لکڻ لاءِ سوچي ويٺو هوس. بس مان مجموعي طور اهو ئي لکڻ ٿي گهريو ته حقيقت ڇا آهي ۽ سچ ڇا آهي سو معلوم ڪرڻ ۾ مان گم ٿي ويو آهيان ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ائين سمجهه ته پنهنجو ذهني توازن وڃائي چڪو آهيان. چريو آهيان مان چريو. خط دير سان پڄي يا خط ۾ ڪا ڳالهه غلط سلط هجي، چريو سمجهي درگذر ڪندا. مان توهان مان ڪنهن کان به ناراض ناهيان، پر پنهنجي ذهني حالت ڪجهه اهڙي آهي، جو من چاهي ٿو ته خاموش رهڻ بهتر آهي. مجيب ۽ ٻين دوستن کي چئجانءِ ته مون کي معاف ڪن، پنهنجو ديوانو دوست سمجهي. سلام سڀني کي.
    اوهان جو
    سارنگ سهتو
    *
    ديوانو سي يه مت پوچھو،
    ارمانون پي ڪيا گذري هي.
    پيارا سليم!
    تنهنجو سُڳنڌ ۽ سرهاڻ ڀريو خط مليو، پڙهي ڏکويل ڏيل کي ڏڍ/آٿت مليم، اها اوهان جي نوازش آهي نه ته مان ڪميڻو ڪهڙي حيثيت ٿو رکان. تنهنجن ڪوڙين قربن سان گڏ اهو هڪ قرب/ڪرم به وڌيو.

    پيارا! اڄڪلهه ڏاڍو پريشان آهيان، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچيم ته آخر ڇا ڪيان. ڪو سنگتي ساٿي بـ اهڙو ڪونه ٿو سمجهيم جنهن ڏانهن مدد لاءِ هٿ وڌايان. هڪ ته منهنجي غلط کاڌي ڪري طبيعت تمام گهڻو بگڙجي وئي آهي. هاڻي هفتو ٿي ويو پيشاب ذريعي مسلسل پٿريون پيون اچن ۽ اڄ کان ته ويتر اها به ويڌن ٿي آهي جو پيشاب ۾ منيءَ جا قطرا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهنڪري ڏاڍو پريشان ٿي ويو آهيان، ان کان علاوه ڪيترا مهينا ٿيا آهن ته نظر ڪمزور ٿي وئي آهي، دوست يار چون ٿا ته ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکاري عينڪ وٺ، پر مون سان هر مهيني بجيٽ جو مسئلو آهي، انهي کانسواءِ ذهني ڪمزوري، حافظو تمام گهٽ، مٿي کي چڪر ته سدائين آهن. اهي ته رڳو جسماني بيماريون آهن جيڪي ڏينهون ڏينهن وڃن ٿيون مون کي وڪوڙينديون، وري مٿان ذهني ٽارچر ڪاليج جو، ڪلاس جا مسئلا، پڙهڻ جون دشواريون، انهن مان فرصت ملي ئي ڪانه آهي ته مٿان مائٽن هڪڙو ٻيو مون لاءِ عذاب کڻي خلقيو آهي، رشتي منهنجي جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، منهنجا مائٽ مڱڻي جون تياريون ڪري رهيا آهن، ڇوڪري اڻ پڙهيل، بلڪل سادي سودي، عام سمجهه واري ۽ ڪم فهم آهي. مون لاءِ ته اهو به هڪڙو سور ٿي پيو آهي ته ڇا ڪيان. يار سليم منهنجا به ڪي آخر جذبا هوندا، منهنجا به ته ڪي خواب هوندا، مون به ڪو آدرش رکيو هو من اندر. ڇا اُن سڀ کي من تان ميساري ڇڏيانس. مان سوچيو هو ته مون کي جي پڙهيل ڪڙهيل نه ته به گهٽ ۾ گهٽ اهڙي عورت ملندي جيڪا ذهين ته هجي، گهٽ ۾ گهٽ جيڪا منهنجي مقصد کي سمجهي سگهي، مون سان هن قومي قافلي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿئي، پر اهي سڀ سپنا هاڻي ڪافور ٿي ويا. سوچيان ٿو مائٽن مون سان انصاف نه ڪيو آهي ڇا هو اهو نٿا سمجهي سگهن ته مان هڪ ڪتابي ماڻهو آهيان ۽ ان ڪري ظاهر آ، آئون به ڪنهن پاڻ جهڙي ماڻهوءَ کي پسند ڪري سگهان ٿو. ڏاڍو تنگ آهيان پنهنجو پاڻ مان، ڪاوڙ اٿم پاڻ تي، جو مون ۾ فيصلو ڪرڻ جي ڪابه صلاحيت نه آهي، اندر ۾ اچي ٿو ته مائٽن کي جواب ڏيئي ڇڏيان، وري سوچيان ٿو ته آخر انهن اٻوجهن کي به ڪير قبوليندو ۽ جي مان اهو هڪڙو خسيس ڪم نٿو ڪري سگهان ته پوءِ قوم کي ڪيئن سڌاريندس. ادبي سنگت جي چونڊن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندس، پر ممڪن آهي ته نه اچي سگهان، ڇو ته پهرئين تاريخ تائين مونکي پگهار به ڪانه ملندي ۽ موڪل به مشڪل آهي جو اسان جا هڪڙا پرچا پيا هلن.
    دوستن يارن سڀني کي سلام.
    اهو تنهنجو ٿورو آهي جو ٻاهرئين دنيا جي معلومات ڪتاب ۾ لکي موڪلي اٿئي. آئون ته يار ڪٽجي ويو آهيان، اهڙين ڳالهين کان هاڻ. مڙئي وقت سارو پيا قرب ڪندا ڪجو.
    پپو، اياز، مجيب، اسماعيل ۽ ٻين سڀني دوستن کي سلام.
    اوهان جو خادم
    سارنگ سهتو
    *
    مينٽل ٽارچر سينٽر مٺياڻي
    20 فيبروري 1988ع
    ڪاهوءَ مٿان ڪيترا، اُڀري سج لٿا،
    آيا جنهن ڪنهن جوءَ مان، ڪري جوڙ جٿا،
    هي پنهنجو اتهاس آ، ڪهڙي ڪوڙ ڪٿا،
    مهرين هيٺ مٿا، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري سنڌڙي.
    (اياز)
    منهنجا دل گهريا دوست سليم!
    ائين ٿو ڀاسي ڄڻ مون وٽ جيڪو وکر هو سو سڀ مون کپائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي جهول ڪيو گهمندو وتان، تباهيءَ جي انهيءَ ڪنڌيءَ تي پهچي ويو آهيان آئون، جتان ورڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. اوهان ڏانهن منهنجي خط لکڻ جو هروڀرو مقصد رڳو اهو نه هوندو آهي ته مان صرف اوهان کي پنهنجا ذاتي سور ٻڌايان، پر يار ڇا ڪجي، دل جهل نٿي ڏئي ۽ نه لکڻ جي باوجود به گهڻو ڪجهه لکي ويندو آهيان. اياز ڏانهن به مون رڳو انهي ڪري خط لکڻ گهٽائي ڇڏيا آهن جو مون محسوس ڪيو ته انهن خطن ۾ منهنجي پنهنجي ڳالهه کانسواءِ باقي ٻيو ڪجهه نالي ماتر هوندو آهي ۽ پوءِ مون نتيجن اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي خط لکڻ گهٽائبا، ڇو ته سورن جي ته ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر ڪونه آيو. افسوس اٿم ته وري به هي هيتري ساري پٽاڙ رڳو پنهنجي ذاتي ڳالهين تي لکي اٿم. اميد ته معاف ڪندا.
    راهوڪي اچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس اگر اتفاق ٿيو ته ملي وينداسين. يار! پراڻي زماني ۾ هندو يا ٻيا ڪي مذهبي ماڻهو باسون باسيندا هئا مختلف ولين تي ۽ پوءِ مراد پوري ٿيڻ تي پيدل پنڌ اوڏانهن ويندا هئا، سو پاڻ وارن يارن به اهو سلسلو شروع ڪيو آهي ڇا؟ ايڏي ساري سائنس ترقي ڪئي آهي، ماڻهو هروڀرو ڇو پاڻ کي تڪليف ڏئي، پر ڇا عقيدتمنديءَ جي اظهار جو صرف اهو هڪڙو طريقو آهي يا پاڻ جيڪي لارين گاڏين ۾ فاضل شهيد جي مرقد تي هلنداسون، انهن جي هن ۾ هن عظيم انسان لاءِ عزت ۽ عقيدت نه هوندي. جي ائين ناهي ته پوءِ هي ڪهڙو جاهلانا طريقو آهي عقيدت جي اظهار جو، جو سوين ميل پنڌ ڪري پير سڄائي هلي وڃي حاضري ڀرجي. اهو ته ويتر ماڻهن کي وڌيڪ خيال پرستي ۽ رجعت پرستيءَ ڏانهن ڌڪڻو آهي. منهنجو ته اهو خيال آهي وڌيڪ تون ڇا ٿو سمجهين؟
    هي پنهنجون اکيون رڳو ان ڳالهه جون آسائتيون آهن ته ڪڏهن ٿو ظلم جو قهري ڪوٽ ڪري ۽ مظلومن تان مارا ماري بند ٿئي. مجيب ۽ اياز سان نڀائيندا اچجو، انهن کي هيڪلو نه ڇڏجانءِ. سلام سڄي ساٿ کي.
    اوهان جو،
    سارنگ سهتو
    *
    مٺياڻي
    پيارا سليم!
    اڄ مٺياڻيءَ ۾ ڏاڍيون پُرڪيف هوائون لڳيون آهن، جن نه صرف من کي مدهوش ڪري ڇڏيو آهي، پر پراڻيون يادون به نئين سر اُکيلي ڇڏيون اٿن. جيئن فيض چيو هو:
    ”بهار آئي تو کُل گئي حساب ساري،
    تيري ميري زندگي ڪي خواب ساري“
    هونئن به ماڻهوءَ جو ماضي ڀيانڪ هجي يا بهتر، پر انسان ان کان پاند پالهو نه ڪري سگهندو آهي، مون پاڻ هڪ سٽ سرجي هئي ته ”مڪليءَ جون يادون مون لئه، ڳچيءَ ۾ ڄڻ ڳاني آهن“ هونئن لڳان ته مان به هڪڙي خيال کان رجعت پرست ٿو جو هڪڙي پراڻي ڳالهه کي اهڙو چُهٽي بيهي رهيو آهيان، جو ان کي ڇڏڻ جو نانءَ ئي نٿو وٺان. خبر ناهي توهان کي اهو ڪيئن ٿو لڳي، خوشگوار الائي ناگوار.
    بنيادي عرض اهو ڪرڻو هو ته ”يوسف سنڌي“ پاڻ وارو دوست، جنهن کي توهان سٺي نموني سڃاڻو، ان ويچاري راهوڪيءَ توڙي حيدرآباد ۾ ٻنهي هنڌن مون کي عرض ڪيو هو ته مان ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ بيهان ٿو مهرباني فرمائي مونکي سليم وارن کان ووٽ وٺائي ڏيندا، مون هن دوست کي يقين ڏياريو هو ته توهان فڪر نه ڪريو مان پنهنجي ساٿين کي التجا ڪندس، مون کي اميد آهي ته هو منهنجي ڳالهه کي اهميت (ريسپانس) ڏيندا.
    سو اوهان ڀائرن ۾ اميد سمجهي اهو عرض ڪيان ٿو ته ادبي سنگت جي چونڊ ۾ هي دوست جنهن به سيٽ تي بيهي هن کي ووٽ ڏيندا. باقي اوهان جي مرضيءَ تي ڳالهه ڇڏيل آهي ته اوهين هن کي ووٽ ڏيڻ چاهيو ٿا يا نه. مان اوهان تي زور زبردستي نٿو ڪريان ۽ نه وري ڪو احسان جتائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان تـ مون جو اهو حق آهي. منهنجو اوهان تي ڪوبه ٿورو يا احسان ڪونهي، جنهن جي بنياد تي آئون ويهي دوستن سان لٻاڙون هڻان ته يار مان فلاڻن تي هيترا وڙ ڪيا ۽ اڄ منهنجو هڪ خسيس ڪم نه ڪيائون. يوسف منهنجو اهڙو ئي دوست آهي جهڙا اوهان. هن جو مونکي ڪيترو لاچار هوندو، اهو اوهان سمجهي سگهو ٿا. وڌيڪ اوهان کي پنهنجو به شعور آهي، ان کي استعمال ڪريو، جي بيهندڙ ماڻهن مان هي اوهان کي بهتر لڳي ته واهه نه ته اوهان جو راز.
    ٻيو اهو ته الائي ڪيئن غير شعوري طور تي مون کان مجيب ۽ اياز جا خط لفافي ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ ايڊريسن لکڻ ۾ مٽجي ويا هئا، جنهن جو اياز شايد غلط تاثر ورتو آهي، جو مونکي راهوڪيءَ ۾ ملڻ کانپوءِ چيو هئائين ته ”تو ڀلا مجيب جو خط مون ڏانهن ڇو موڪليو؟“ انهي ۾ ناراضگيءَ کان وڌيڪ ڏک جو اظهار معلوم ٿيم. ان لاءِ مان غلطي (جيڪا لاشعوري طور ٿي) جي معافي ٿو وٺان. تون مهرباني فرمائي اها غلط فهمي دور ڪرائي ڇڏجان.
    تون ڇا پيو پڙهين ۽ لکين، اهو احوال ڇو ڪونه ٿو لکين. پنهنجي مطالعي مان چونڊ نوٽ لکي موڪليندوڪر ته بهتر. مان پڙهڻ جي ڀيٽ ۾ ڪڙهان وڌيڪ ٿو، سو به اجاين ڳالهين تي ان ڪري خط گهٽ ئي لکي سگهان ٿو ۽ ادبي تخليق به ڪانه پئي ٿئي.
    جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان ڪيو اٿم. اميد اٿم ته ناراض ڪونه ٿيندا.
    سلام انهن کي جن اڃان نه وساريو آ.
    اوهان جو ڏوهي
    سارنگ سهتو
    *

    ادا سليم!
    توهان جنهن انداز ۾ پنهنجي دل جو درد بيان ڪيو آهي ۽ منهنجا سور سمڌا اٿوَ. مان ان لاءِ اوهان جو رڳو شڪريو ئي اد ا ڪري سگهان ٿو. مهرباني آهي اوهان جي، جو ايترو ويجهو محسوس ڪيو اٿوَ مونکي ۽ منهنجو ايترو احساس رکيو اٿوَ. هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ته بهتر آهي، پر ڪنهن جو گهرو احساس رکڻ به گهٽ نه آهي. اسين مدد کان وڌيڪ احساس جا محتاج آهيون. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ دردن جا انيڪ ڍير آهن ۽ اڃا ڪو اهڙو منصور پيدا نه ٿيو آهي جو انهن ڍيرن کي آڳ لڳائي ختم ڪري ڇڏي ۽ هر دل ۾ سرور جا ساٿ / ڍير پيدا ڪري.
    عبرت مئگزين ۾ سعادت منٽو جا افسانا پڙهيم (جيڪي تو ترجمو ڪيا هيا) پر تنهنجو نالو نه ڏسي ڏک ٿيو. ڇا تو اهي موڪليا نه هيا يا مون جيان تنهنجي محنت به ٻئي جي نالي تي شايع ڪري ڇڏين.
    مان ذهني طرح کوکلو ٿي ويو آهيان ڪجهه ذهني پريشانين، گهرو حالتن ۽ سياست ۾ عدم دلچسپيءَ سبب سوچڻ جي سگهه متاثر ٿي آهي. جڏو سڏو البته مطالعو ڪيان پيو. اڄڪلهه به ”ڇا مان ڪافر آهيان“ نالي هڪ ڪتاب پڙهان پيو، جيڪو ڪنهن سومري جو لکيل آهي، پر مون کي ٻوليءَ مان الائي ڇو سندس لکيل محسوس نٿو ٿئي، ائين ٿو لڳي ڄڻ ترجمو هجي. سٺو بحث آهي.
    گفتگو ٿيندي رهندي، مٺياڻي 24 کان 26 جنوريءَ تائين امتحان آهي ڀائو مولا بخش جو به مسئلو آهي، جنهن کي سڀاڻي ڪراچي سول اسپتال کڻي ٿا وڃن، سو جيڪا ڳالهه ذهن ۾ آئي سا لکي اٿم رڳو تنهنجي ميار لاهڻ لاءِ، باقي اڪير وارا خط هيئن ڪونه ٿيندا آهن. غلطي معاف.
    سلام پپوءِ ۽ ٻين ڀائرن ۽ دوستن کي
    اوهان جو
    سارنگ سهتو
    *

    پکي منجهه پدمڻين، ڏيئي وراڪا وِڄَ،
    جهڙي صورت سِڄَ، تهڙي مورت مارئي.
    (شاهه)
    پيارا سليم! پنهنجي منزل ماڻين شال!
    اوهان جو اندر جي اُجرن جذبن ڀريو ”سنيهو“ موصول ٿيو. من هڪ ڀيرو وري مڪليءَ پهچي ويو ۽ اوهان سان گهاريل انيڪ پل وري ذهن جي اسڪرين تي چالو ٿي ويا. جيستائين وسارڻ جو تعلق آهي ته اها هڪ محض غلط فهمي ئي آهي. احتساب جو فيڪٽر به پيدا ٿيڻ نه ڏبو. هونئن به حساب ڪبو ته پوءِ ڪٿي ٿي سنگت هلي سگهي. بس ڪجهه مصروفيتون ۽ ڪجهه سستيون ۽ پريشانيون، نتيجو رابطو منقطع. پاڻ هونئن به عام ماڻهن وانگر سوچيون ڪونه ٿا، سو ويهي هڪ ٻئي تي ڇوهه ڇنڊيون يا ڏوراپا ڏيون. مون اياز معرفت اوهان ڏانهن شايد خط به موڪليو هو ۽ کائنس تنهنجي احوال جو پڻ پڇيو هوم ۽ ان کان ئي پتو پيو ته اوهان ال آصف ۾ ڌنڌي سان لڳي ويا آهيو. اردوءَ جو ڪو شعر آهي ته ”ڇوٽي سي هي دنيا، ڪڀي تم ملوگي پوڇوگي حال“ سو پاڻ به وڇڙڻ/وسارڻ بعد به پيا ملنداسون. آمهون سامهون نه ته خيالن ۽ خوابن ذريعي. هاڻي به مون خواب ۾ اوهان سان ملاقات ڪئي هئي. تون خبر ناهي مٽيو آهين يا نه، پر منهنجي ذهن ۾ اڃا به اهو ساڳيو 86 وارو خاڪو آهي.
    افسوس! شادي مون لاءِ سک جو باعث نه بنجي سگهي. ڪپڙن ڌوئارڻ، کاڌو ملڻ جون سهولتون ته اٿم پر جي ذهني هم آهنگي نه آهي ته پوءِ اها شادي به عذاب ئي آهي ۽ آئون به صحيح گهرو سک نه ماڻي سگهيو آهيان. شادي مون هڪ چئلينج سمجهي ڪئي هئي، ڇو ته هڪ ته منهنجي گهر جون حالتون انهيءَ ڳالهه جي تقاضا ڪري رهيون هيون ته مان شادي ڪريان ٻيو ته خود مون به سمجهيو ته مان ڪافي وقت تائين اهڙي پوزيشن ۾ اچي ڪونه سگهندس جو پنهنجي پسند جي مئريج ڪري سگهان. اڃا ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي ذهن ۾ هئي سا اها ته ڇا ڪنهن اڻ پڙهيل ڇوڪرو پڙهيل ڇوڪري هٿ ڪري ته پوءِ اڻ پڙهيلن جو حشر ڪهڙو ٿيندو. اهي سڀ ڳالهيون سوچي مائٽن جون شديد خواهشون ڏسي مون ”ها“ ڪئي. پر هاڻي ائين نه ٿي سگهيو آهي، جيئن مان چاهيو هو. هُن جو (تنهنجي ڀاڄائيءَ جو) پڙهڻ طرف ڪو شوق نه آهي، ذهني طور انتهائي بيڪ ورڊ آهي ۽ پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ جي ڪوشش نٿي ڪري. پيار ڀري گفتگو ۽ پيار ڪرڻ کان هوءَ عاري آهي. هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ هڪ مشين آهي. مان چاهيان ٿو ته هن ۾ انقلابي تبديليون آڻيان، پر افسوس ته هن ۾ دلچسپي ئي نٿو ڏسان. سو دوست گهرو لحاظ کان مان ڏاڍو پريشان آهيان. سڄي ڏينهن ۽ رات ۾ اسان جي گفتگو تمام محدود ٿيندي آهي، ڪڏهن ته اها به ڪانه ٿيندي آهي. بس وقت گذري پيو، باقي مزو ناهي. سياست ۾ ڪافي ڌڪا کائڻ بعد هاڻي ان ڳالهه تي اچي بيٺو آهيان ته جيڪا سياست ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن سياست جي هام هنئي ويندي آهي، سا سياست ٿئي ئي ڪانه پئي ملڪ ۾. بس مڙئي خانا پوري آهي. نار هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي، سو رينگٽ هلي پيو. معاشي طور بدحاليءَ جو شڪار آهيان تون پاڻ سوچ 984 روپيا پگهار ۾ شادي شده ماڻهو ڇا ٿو ڪي سگهي. ادب لکان ته ٺپ ڪونه ٿو، پر پڙهڻ جي رفتار به گهٽ آهي. واندڪائيءَ ۾ خط پنهنجي سوچ سميت ضرور لکندو ڪر. مان ڪڏهن موقعو مليو ته اچي اتي به نڪرندس. رابطو رهندو. ميار نه توهان مونکي ڏيو، نه مان توهان کي ڏيندس، جنهن کي فرصت ملي سو ٻه اکر لکي موڪلي، سچ ته اوهان جي خط پهچڻ سان من ڏاڍو خوش ٿي ٿو پوي.
    اوهان جو
    سارنگ
    *
    سج اُلهي سانجهي ٿي، وڻن هنئي وڻڪَ،
    سڄڻ تنهنجي سڪَ، موٽيو ماڳ نهاريان.
    (شاهه)
    پيارا سليم!
    مڪلي/ٺٽي ڇڏڻ وقت سوچيو هوم ته وقت جون ظالم ويرون اسان کي ڪڏهن به هڪ ٻئي کان جدا نه ڪري سگهنديون. پر سوچيان ٿو ته مون ڪيترو نه غلط سوچيو هو. هن هڻ وٺ واري معاشري ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري. هونئن به اسان ۾ اڪثر ماڻهو پراڻ پرست/قدامت پسند آهن ۽ انهي ٽولي ۾ هڪڙو ماضي پرست آئون به آهيان. ڪنهن شاعر چيو آ ته ”ياد ماضي دل نه ڪر، جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو“. پر آئون انهيءَ جي ابتڙ هلندڙ آهيان يعني ته ماضيءَ کي چچڙ وانگر چنبڙي پوندو آهيان، بس طبيعت جو اهڙي اٿم. ڪيئي اهڙا دوست يار آهن، جن مون کي صفا وساري ڇڏيو آهي، پر آئون اڄ تائين انهن کي پيو من ۾ ياد ڪيان. شايد پاڳل آهيان آ.
    غريب دوست آهيان توهان جو، ڀلي وساريو. مان ته يار نٿو وساري سگهان. مون کي ته اوهان جون انيڪ خدمتون ياد آهن، اوهان سان گهاريل هر پل ياد آهي. مڪليءَ جو هر چهرو پنهنجي انهي انفرادي رنگ ڍنگ ۾ اڄ به منهنجي ذهن جي نقشي تي چٽيو پيو آهي. محمد مارو آ، اسماعيل آ، مانجهي آ، ڪوي آ، پپو آ، الائي ڪير ڪير آهن. پر جن کي مان وساري به نٿو وساري سگهان، انهن ۾ اياز، مجيب، مانجهي ۽ تون آهيو.
    سليم! منهنجا دوست! سٺا ماڻهو سدائين احسان ڪري وساري ڇڏيندا آهن، پر جنهن تي ٿورو ٿيل هوندو آهي اهو ڪڏهن به ان پياري کي وساري نه سگهندو آهي. مڪليءَ ۾ توهان دوستن جي ڪمپنيءَ ڪري ئي آئون پنهنجو برو وقت بهتر نموني گذاري سگهيو هوس.
    زندگي گذري پئي، بي نام، بي منزل، بي سُري، حالتون اهي آهن جو ”آدمي ڪو ڀي ميسر نهين انسان هونا“. آئون اوهان جو ويجهو دوست آهيان، ڇو نٿو مون کي پنهنجي پريشانين / مسئلن کان آگاھ ڪرين. مڃان ٿو اهو مسئلن جو حل ناهي، پر ڀاءُ ماڻهوءَ سان سور روئڻ بعد هنيانءَ هلڪو ضرور ٿيندو آهي. پپوءَ کي مون پاران کوڙ سلام- سڄي قافلي کي سلام چئجان.
    ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو؟
    پُڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ ۾.
    (اياز)
    اوهان جو دوست
    سارنگ سهتو
    *

    پاڇائي نه پاڙيان، سرتيون سسئيءَ ساڻ،
    ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
    ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.
    (شاهه)
    ڀاء سليم
    هن وقت آئون ٻڏتر ۾ آهيان، ذهن ۾ هڪ ڇڪتاڻ لڳل آهي. مسئلو اهو آهي ته آئون توڏي خط لکان يا نه. ڇو ته منهنجو موضوع ڪافي وقت کان ”ذاتي مسئلا“ ٿي ويو آهي. آئون نٿو چاهيان ته آئون پنهنجي ڪري توکي به ڪا پريشاني ڏيان، پر ذهن جيڪو مسئلن سان پُرُ آهي، سو ڪٿي ٿو جهل ڏئي. مان ڪوشش ته ڪندس ته تو جيان صاف سٿرو معلوماتي ۽ نظرياتي خط لکان، پر جي ناڪام وڃان ته معاف ڪجانءِ.
    هن صديءَ جي بهترين ذهن ۽ سنڌ جي مها ڪوي ”اياز“ ڪنهن هنڌ لکيو هو ته ”قلم، هن دؤر ۾ ڪائي حيثيت / اهيمت ڪونه ٿو رکي. قلم، ڪٿي به ڪنهن به جاءِ انسان جي بُک نه اجهائي سگهيو آهي. پنهنجا وڏا ڪلاڪار، سونا ٻِلا ۽ انعام وٺندڙ، ڇا رڳو پنهنجي ذات کي مشهور ۽ مسرور بنائڻ لاءِ نه ٿا لکن. اسان جا دانشور ۽ اديب جيڪو به ادب سرجين ٿا ۽ جن لاءِ سرجين ٿا، ڇا اهو انهن تائين پهچي ٿو. هرگز نه، جن لاءِ لکيو ٿو وڃي اهي ته مانيءَ ڳڀو حاصل ڪرڻ لاءِ به هلاڪ آهن. هنن کي ان سان ڪو سرورڪار ناهي ته ڪو انهن جي ڪيتري واکاڻ ٿو ڪري، پر هت جي ته اها گهرج آهي ته ڪير ان هيڻي حال ۾ انهن جو ٻانهن ٻيلي ٿو ٿئي. جڏهن منهنجا ڀاڻيجا ويلا ڪٽي رهيا هجن ۽ منهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ روڄ ۽ راڙو هجي ته ان وقت ڇا منهنجو اهو فرض ٿو بنجي ته مان ويهي انهن جي ان حال تي ڪو مضمون، تاثر يا ڪهاڻي لکان، بلڪل نه، پر منهنجو ته اهو فرض ٿو بنجي ته مان وڌ کان وڌ انهن جي مدد ڪريان ۽ پنهنجي اڀري سڀري حال سارو سندن همراهي ٿيان. منهنجو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ڪو آئون ادب کي ڪائي اهميت نٿو ڏيان، يا ادب کان مايوس ٿي ويو آهيان، پر آئون ته عملي طور ڪجهه ڪرڻ تي زور ٿو ڏيان. بکئي ماڻهوءَ تي ڪو شعر لکڻ سان ان جي بک هرگز ختم نه ٿيندي ۽ اسان جو پهريون فرض ڪنهن جي بک مٽائڻ آهي پوءِ لکڻ يا ٻيو ڪجهه. منهنجي اڄڪلهه نه لکڻ جو خاص سبب به اهو آهي. مان تمام گهڻن چئلينجن جي سامهون آهيان، پر پوءِ به اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو اٿم. مون کي اميد آهي ته ضرور اسان لاءِ به هڪ ڏينهن سُکن جو سج اُڀرندو.
    منهنجي مطالعي جو سلسلو بلڪل بند آهي، جو منهنجي ڀيڻوئي جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، گهروارا بلڪل مايوس ۽ پريشان آهن، پر آئون اڃا به ڪوشش ۾ آهيان ته من هن جو ڪو سرڪاري علاج ٿي سگهي ۽ هي بچي پوي. پريشاني جي عالم ۾ درخواستون لکندو رهان ٿو، مختلف آفيسرن ڏانهن پر ڪٿان به موٽ نه ملي آهي. بهرحال مان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ ٿو گهران. هوڏانهن سندس پگهارن جي بند هئڻ سبب به هي آفيسراڻا ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن ۽ خرچيءَ لاءِ پريشان آهن. ڪو ڪونهي، جيڪو ان حال ۾ سندن مدد ڪري. خود مان به انهن جي اها مدد ڪونه پيو ڪري سگهان، جيڪا مون تي عائد ٿئي ٿي. مون کي افسوس رڳو اِهو ٿو ٿئي ته مان هيڏو سارو جوان ڀلا ڇو نٿو ڪنهن جون پريشانيون ڏور ڪري سگهان. مونکي توهان جي زباني / لکتي سهاري جي ضرورت آهي. جو ڏک ۾ ڪير ٻه ٻول به آٿت جا ڏيندو آهي ته من تان بوج هلڪو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ۽ بي سهارو نه ڀائيندو آهي.
    اوهان جي اچڻ سان مون کي خوشي ٿيندي توهان وٽ ڪيئن ٿو اچي سگهجي، هيترين پريشانين هوندي به اوهان جي سڪ لڳي ٿي. غلطيون سلطيون معاف ڪجو. رابطو نه ٽوڙيندا. ڪو صلاح مشورو هجي ته ضرور لکندا. پپوءِ کي تمام گهڻا سلام ڏجو.
    اوهان جو
    سارنگ
    *
    سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
    وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
    (شاهه)
    منهنجي ڏک سک جا ساٿي، سليم سوز!
    شال انقلاب کي اوڏو ٿئين!
    اڄڪلهه موڪلون آهن ۽ پنهنجي واندڪائيءَ جو فائدو وٺندي مطالعي منجهه محو آهيان، ڇنڇر کان ڇنڇر تائين جيڪي به ڪتاب پڙهيا اٿم سچ ته انهن سڀن مون تي تمام گهرو اثر ڇڏيو آهي. آئون شرم ۽ مايوسي ٻنهي جو شڪار رهيو آهيان. ’انگولا جي آزادي‘ نالي ڪتاب منهنجون ويتر اکيون کوليون ۽ سمجهايو ته ”ڪامريڊ! انقلاب / آزادي يا سوشلزم / سماج واد آڻڻ ڪو اڪ جي ماکيءَ لاهڻ برابر نه آ، بلڪ اهو ڪم ڏاڍو اوکو، ورن وڪڙن وارو ۽ نهايت ئي ڪٺن آ، نه رڳو ايترو، پر اڃا ته پاڻ وٽ رڳو سڌڙيا انقلابي ئي پيدا ٿيا آهن، جيڪي صرف هڪ ٻئي تي گند اڇلڻ ۾ ماهر آهن، باقي انقلابي حڪمت عمليون جوڙڻ انهن جو شيوو نه آ، اسان جا اڳواڻ رڳو انقلابي رومانيت پسنديءَ جو شڪار آهن، عملي ڪم انهن جهڙو ڪر ڇڏائي ويو آهي ۽ هاڻي ڳالهه رڳو ڊائيلاگن تي اچي پهتي آهي، هوڏانهن موجوده صورتحال سڏ ۽ واڪا ڪري پئي چوي ”سنڌ بچايو، سنڌي ماڻهن کي بچايو، الڳ ٿلڳ نه هڪ پليٽ فارم تان گڏجي سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ لڙو، جي نه ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو رڳو تاريخ جي صفحن تي لکيل رهجي ويندا، ڌارين جون يلغارون، سنڌي هندن تي حملا، ٿر ۾ بک وگهي مرندڙ ماڻهن ڏانهن ڪو خاص توجهه نه، سنڌ کي فوجي ڇانوڻين جو گهيرائو، ڪالا باغ ڊيم ۽ چشما لنڪ ڪئنال سازشون، بيروزگارن جي ڊگهي قطار، نوڪرين تي ڌارين جا قبضا، سنڌي بي ڏوهين جون ڌڙا ڌڙ گرفتاريون، پنجابي ميجرن ۽ جاگيردارن طرفان سنڌ جي نوجوانن تي قاتلانه حملا ۽ قتل، ۽ ايتري هوندي به اسان جي ٻيو ته ٺهيو ترقي پسند تنظيمن ۽ پارٽين ۾ نفرت انگيز اختلاف، هڪ ٻئي جي بي جا مخالفت ماڻهن کي جوڙڻ بجاءِ ڏڦيڙ وجهڻ ۽ اڳواڻن ۾ انانيت جو جذبو، ڇا اهي سڀ ڳالهيون نٿيون ٻڌائين ته اسان وٽ ڪو به حقيقي انقلاب پسند ليڊر ڪونهي، سڀڪو پنهنجي انا جو شڪار آ، سنڌ جو انهن کي احساس آهي، پر ان کان وڌيڪ هنن کي پنهنجي ڪرسي / ليڊريءَ جو به لاچار آ. مان رڳو اهو چوندس ته حالتون انقلابي آهن، ماڻهو انقلابي آهن، پر ڪو انقلابي اڳواڻ ناهي، جيڪو نڪري نروار ٿئي ۽ سڀني محب وطن ۽ ترقي پسند قوتن کي ڪٺو ڪري انقلاب طرف پيش قدمي ڪري.
    طويل ناول ”نوجوانون ڪا گيت“ ته هيڪاري اهو احساس ڏياريو آ ته اسين رڳو ذات پرست آهيون. (گهٽ ۾ گهٽ آ) اسان جي جدوجهد رڳو پنهنجي ذات تائين محدود آ اڃا، پر هڪڙي ٻي ڳالهه به آ نه ته عمل لاءِ ڪا سنئين سنواٽي راهه به ته نه آ، عمل ئي انسان کي ڪُندن بنائيندو آ ۽ عمل مان ئي ته لوچيا ڇوان، تائو چهينگ هيگ هوا، شوشيو ۽ وي لين جهڙا ارڏا انقلابي ۽ انقلابياڻيون جنم وٺنديون آهن. ڪو به انقلابي ڪتاب پڙهان ٿو ته اهو انقلابي عمل ڏانهن راغب ٿو ڪري ۽ آئون هتي جي پارٽين جي حالت ڏسي مايوس ٿو ٿي وڃان. پهريان ائين به ڪونهي ته مون صفا آسرو لاهي ڇڏيو آ، نه آئون اوسيئڙي ۾ آهيان ته ڪڏهن ٿو آتش فشان / لاوو ڦاٽي ۽ اسان کي چقمق جيان عمل ڏانهن ڇڪي. في الحال ڪنهن فورم، سوسائٽي يا چؤياري ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهيان، پر مناسب ماڻهو نه مليا آهن، جن سان ملي ڪري ڪو اڳتي قدم کڻجي. تنهنجي ڪاميابيءَ جون توکي لک لک مبارڪون. آئون اميد آهي ته ”استاديءَ“ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري پنهنجي لاءِ ماڻهن ۾ عزت ۽ احترام پيدا ڪندس. نه رڳو ايترو پر پڙهائيءَ جي اڳوڻن، مدي خارج طريقن کي به پڻ بدلائي ڇڏيندس. ”ٻار مار کان وڌيڪ پيار سان سکندو آ“ اهو منهنجو چئن ڏينهن جو تجربو آ. ٻارن تي رعب رکڻ بجاءِ انهن سان گُهلي مِلي وڃجي، سچ ته آئون پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ٻارن سان بينچ تي وڃي ويهندو هوس ته ٻار حيران ٿي ويندا هئا. مار کان وڌيڪ احساس ڏياريندو مانَ، ڏسو توهان پڙهندئو ته مون جيان ماستر ٿيندئو، يار! ادب سچ ته ايڏا اسان تي وڙ ڪيا آهن، جو مان ته دنگ رهجي ويو آهيان. پپوءَ جا ڪهڙا حال آهن. اسماعيل ڇو مونکي وساري ڇڏيو آ، مان ته ان سنجيدي ۽ شريف ادب پسند دوست کي ڪڏهن ڪونه وساري سگهندس، منهنجا سلام چئجانس.
    مان ايڏانهن اچڻ جي چڪر ۾ آهيان، ممڪن آ اچي نڪران، پوءِ کوڙ دل جا احوال اوربا، پنا ته ڪئين ڪارا ٿي ويندا، پر خبرون ڪونه کُٽنديون.
    سلام سڄي ساٿ کي.
    تنهنجو نيازمند
    سارنگ
    *

    سَرَ لوهيڙا ڳڀيا، ڪَسَرَ نسريا،
    تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
    (شاهه)
    سدا سکيو هجين سال!
    هر دک سک ۾ ساٿ نڀائيندڙ سليم سوز!
    جيئي جيجل سنڌ!
    ڪلهه کان وٺي تنهنجي ياد شدت سان آئي اٿم، اهو ان ڪري جو ڪلهه کان مشهور ماهر فلڪيات استاد گليلو تي لکيل جڳ مشهور ڊرامو پڙهان پيو، جنهن جو نهايت ئي سهڻن لفظن ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب ترجمو ڪيو آهي. مصنف جنهن چٽي ۽ سادي انداز ۾ سائنسي ڳالهيون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آ، تنهن تي ”برٽالٽ بريخت“ (مصنف) کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي ۽ عجب ۽ ڏک گاڏڙ ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪورس ۾ به ايڏي سادي ۽ صاف انداز سان اڄ تائين سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آ. (هيءَ ته ڊرامو آ) بهرحال سو تون انهيءَ ڪري ياد پئي آئين ته سوچيم ڪاش پاڻ ويجها هجون ها ته توکي بـ هي سٺي تصنيف پڙهايان ها ۽ ان کان به بهتر اهو ته ٻئي گڏجي ان متعلق هڪ ٻئي سان ويچار ونڊيون ها. عجيب ڳالهه وري اها آهي ته ڪلهه کان تون ياد اچڻ شروع ٿيو آهين ۽ اڄ تنهنجو خط اچي رسيو آهي. مان تنهنجي ان نوازش جو احسانمند آهيان.
    سليم ساٿي! اهڙي ته هڻ وٺ ۾ لڳا پيا آهيون، جو اڪثر پنهنجي پاڻ جو پتو نه هوندو اٿئون ته ان کي ڪٿي ڦٽو ڪيوسون. ٻيڻون پاڻي هوندو آ ته هليا باٿ روم ويندا آهيون، اهڙيون عجيب غريب حرڪتون ڪندو آهيان اڪثر اوقات لاشعوريءَ ۾، جو حيران ٿي ويندو آهيان.
    اياز، مون سان ان ٿيل واقعي جو ذڪر ڪيو هو ۽ مون سوچيو هو ته توکي اُن معاملي تي خط لکندس، پر ڪجهه اهڙو ته پنهنجن خفقانن ۾ گهيرجي ويس، جو اوهان جي ان مسئلي ڏانهن ڌيان ئي نه آيو. پهرين ڳوٺ ۾ پڙهائيندو هوس ته اتي جا مسئلا، وري ڪاليج ويو آهيان ته اتي جون ڌار تڪليفون. ڪافي مشاهدا ماڻيا اٿم، جن اها ڏک جي ڳالهه آهي جو مون کي هرو ڀرون منفي انداز ۾ سوچڻ ۽ لکڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر في الحال ته انهن غلط / منفي خيالن کي دٻائي رکيو اٿم.
    سليم سائين! هن معاشري جي ۽ ان ۾ اسان جي طبيعت جي (جيڪا ان جي اثر مان جڙي آ) خبر نٿي پوي، ڪنهن وقت اسان سخت ڏاڍ ٿيندو ڏسندي به چُپ ڪري چَپَن کي سِبيو هليا ويندا آهيون ۽ ڪنهن وقت ضرورت کان وڌيڪ اُٻهرا/ جذباتي ٿي تمام تڪڙا قدم کڻندا آهيون، جن جو نتيجو بهرحال بهتر گهٽ نڪرندو آ. تون ۽ آئون ٿياسون ننڍڙا ذهن پتڪڙا ماڻهو پر پنهنجي ملڪ جي وڏن وڏن اڪابرن ۽ ڏاهن جا به اهي حال اٿئي پاڻ ۾ وري به ايترو ته عقل ۽ هوش آهي جو پوءِ پڇتايون ته ٿا، پر پاڻ وارن چڱن مڙسن ۾ ته اهو حيا شرم به ڪونهي. هو پنهنجي هڪ غلط قدم کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ هزار ڪوڙ هڻڻ کان ڪونه ٿا ڪيٻائين. هڪڙي ڳالهه بهرحال سمجهي ڇڏ ته سماج سڌارڪ، سياست ڪار ۽ انقلابيءَ ۾ وڏو فرق هوندو آ. سماج سڌارڪ جيڪا سهولت وٺندو آ يا مطالبو مڃائيندو آ اهو نياز نوڙت يا سڌن لفظن ۾ چاپلوسيءَ ذريعي، سياست ڪار جيڪو مطالبو مڃائيندو آ اهو بليڪ ميلنگ ۽ دٻاء تحت ۽ انقلابي جيڪو مطالبو مڃرائيندو آ، اهو عوامي قوت رستي. پاڻ هن وقت نه ته ڪي سياستدان آهيون ۽ نه وري انقلابي، پر پاڻ سماج سڌارڪ رول ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ۽ ان ۾ اسان کي حڪمت عملي/پاليسي به اها اختيار ڪرڻي پوندي، جو ڪم به ٿئي ۽ پَت به رهجي اچي.
    اوڻيتاليهن (39) جي لٻاڙي سياست مان ڇا مليو آ اسان کي. ان کان ته بهتر هو ته اسان جا اهي ليڊر حضرات پارليامينٽري سياست ڪن ها. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جو هر ڳوٺ بجليءَ جي روشنيءَ سان ته منور ضرور هجي ها، هر واهڻ ۾ پوسٽ آفيس، اسپتال ۽ اسڪول ته هجي ها. واهڻ توڙي شهر جو ڪوبه رهواسي بيروزگار ته نه هجي ها. سنڌ هن وقت هڪ اهڙو مريض آهي، جيڪا پنهنجا پويان سڪراتي لمحا گذاري رهيو آ ۽ ان مٿان بيٺل انجا ليڊر ان جو علاج ڪرائڻ بجاءِ اهو بحث ڪري رهيا آهن ته تون هن جو دشمن آهين، تون نٿو چاهين ته هيءَ بچي، ٻيو وري چوي ٿو مان ئي ته هن جو صحيح خير خواهه آهيان، اصل حرامي ته تون آهين، تون ئي غدار آهين، تنهنجي اها منشا آهي ته هي تباهه ٿئي، ٽيون وري چوي ٿو اوهان هڙ حرامي آهيو اصل سڄڻ ته هن جو آئون آهيان، اڙي رڍ جو پُٽؤ! اهو بحث پوءِ ڪجو، پهرين توهين ان مريض کي ڪنهن جراح يا طبيب تائين رسايو ته سهي، سندس صحتياب ٿيڻ لاءِ گڏجي ڪو نسخو ته تيار ڪريو، نه ته ٻي صورت ۾ اوهين سڀ اندر جا ڪارا آهيو، اوهين سڀ انجا دشمن آهيو، توهين سڀ ڪنهن جا نه ڪنهن جا ايجنٽ ضرور آهيو. ادا! هن وقت مسئلو سنڌ ۾ اهو ناهي ته غدار ڪير آ ۽ سچار ڪير. پر مسئلو اهو آ ته سنڌ کي بچائجي ڪيئن. هي سڀ ضمير جا ويڪائو سياستدان رڳو هڪ ٻئي کي گارين ڏيڻ ۾ پورا آهن. حيا، شرم، عقل ۽ هوش به ڪي شيون هونديون آهن، سنڌ جا سڀ ماڻهو ايترا انڌا عقيدي پرست ۽ اٻوجهه به ڪونهن، جو هنن جي هر ٽٽ ڦوسَ، هر مڪر فريب تي اکيون ٻوٽي ايمان آڻين ۽ پوءِ ته ها سائين واقعي سنڌ جو سپوت هڪڙو تون آهين، ٻيا سڀ غدار. پاڪستاني سياست به تون ڪندين ته درست به ڪندين، سنڌ جي سياست جو پٽڪو به رڳو تنهنجي مٿي تي سونهين ٿو.
    معاف ڪجانءِ، مان جذبات جي وهڪري ۾ ٻي طرف هليو ويس، يار ڇا ڪيون سليم، اندر رڌو پيو آ، هنڌ هنڌ، سَنڌ سَنڌ سڙي پيو ته هي اسان جا سياستدان آخر ڪن ڇا پيا. حالتون تون پاڻ ڏسين پيو، اهي ڪيڏانهن پيون وڃن ۽ سياستدانن جي بندوقن جا رخ به ڏسين پيو ته ڪنهن طرف آهن. پنهنجن ئي ڌرتيءَ ڄاون ڏانهن، جيڪي ڪيڏا به ڪميڻا ڇو نه هجن پر وري به هڪ ڏينهن ضرور عقل ايندن ۽ اسان جي صفن ۾ شامل ٿيندا. مان وري ڊيگهه ۾ پئجي ويس. سو پاڻ ٿا ڪيون سماجي سڌارن واري سياست/ ڳالهه. ان ڪري پاڻ کي قدم به ان پٽاندر کڻڻا پوندا. توهان اهو ڏاڍو اٻهرو قدم کنيو. ان جي بجاءِ اگر اوهان هڪ وفد وٺي ڊي سي، اي ڊي ايم، ايس ڊي ايم يا ڪنهن به ٻئي حرامي سان ملو ها ته اهو بهتر ٿئي ها پر جي ان مان به ڪو کڙ تيل ڪونه نڪري ها ته اوهان هڪ وري پُر امن جلوس وٺي انهن ساڳين کي لکتي ياداشت پيش ڪيو ها، وري به ڪجهه نه ٿئي ها ته پوءِ توهان بيان بازي ڪيو ها ۽ جي ان مان ڪو نتيجو نه نڪري ها ته پوءِ توهان جذباتي جلوسن ڪڍڻ جو مجاز رکندڙ هيو. پر ان ۾ به سلوگن اهي جيڪي مسئلي / مطالبي سان واسطو رکندا هجن ها. هڪڙي ٻي ڳالهه به سمجهي ڇڏ ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي ساڙيلا هوندا آهن، جيڪي نه چاهيندا آهن ته فلاڻو يا فلاڻو عهديدار هجي، انهي جي وري ايتري عزت به ٿئي ٿي، انهي کي وري ايترو عقل به آهي جو هيڏو سارو ادارو به هلائي پيو. انهي جي ڪيئن به ڪري مٽي پليد ڪرڻي آهي، عزت وڃائڻي آهي، عهدي تان لاهڻو آهي، پوءِ هو سڌو سنئون ته اوهان سان ٽڪر ۾ اچي نٿو سگهي جو اوهان هن سان برا هليا ناهيو، تڏهن هو اهڙيون رٿون، اهڙا اهرا قدم کڻائي اوهان کان جنهن سان اوهان کي ڌڪ / نقصان رسي، هو پنهنجي گندن جذبن جي تسڪين حاصل ڪندو آ. سو منهن جي چوڻ جو مطلب ته اهڙن بدافعالن ۽ ساڙيلن ماڻهن کان هوشيار رهجان ۽ ڪو به قدم کڻڻ کان پهرين ان جي نتيجن تي سوچجان. مون کي ته لڳي ٿو اهو ڪو اوهان جو مخالف ماڻهو هو جنهن اوهان کان ايترو اٻهرو قدم کڻايو. پر آئنده اهڙن کان هوشيار رهجو ۽ مايوس نه ٿيو، مايوسي ڏوهه آهي.
    مرتضيٰ کي مرضيءَ تي ڇڏيو هوم ته جنهن ۾ وڻيس داخلا وٺي ۽ هن پري انجنيئرنگ ۾ ورتي آهي. ڪاليج ايڊميشن فيس رڳو 271 رپيا ڀري اٿئون، اڃا ته اين سي سي جي فيس ٿيندي. يار مان سندس ڪابه مدد ڪونه ٿوڪريان، هر حوالي سان، نه ته پئسي ڏوڪڙ ۾ ۽ نه وري ٻي ڪا.
    ادبي سنگت کي هلائڻ جي ڪوشش ڪيو، ڇا مانجهي اوهان سان ان سلسلي ۾ سهڪار ڪونه ٿو ڪري ۽ مانجهيءَ کي چؤ ته هو به ڪجهه دوست اوهان کي گڏ ڪري ڏئي. پروانو ڇا پيو ڪري، رابطي ۾ آهي نه؟ مانجهي ۽ پرواني کان منهنجي پاران معذرت گهرجو، جو آئون ساڻن سڌو رابطو نه رکي سگهيو آهيان. پر ان جو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته مون انهن پيارن جي هر احسان ۽ ٿوري کي وساري ڇڏيو آ. يا کين ڀلجي ويو آهيان، نه انهن سڀني جا منهنجي من تي يادگار نقش اُڪريل آهن. جيڪي ڪڏهن به مٽجي نٿا سگهن. البته زماني جي گردش ۾ هٿ قلم ڏانهن وڌي ئي ڪونه ٿو. ان ڪري انهن سنگتين کي چئجو ته مون کي معاف ڪجو، مان توهان سان رابطي ۾ ايندس. مجيب سائين! ڪيئن آهي، اوهان سان ڪيتري رابطي ۾ آهي، اسماعيل ڪجهه لکي پيو يا نه؟ گهران نڪرندو آ يا اڃان تائين بند هوندو آ اڪثر، پپوءَ جو شوق ڪٿي پهتو آ. اڄڪلهه ڇا پاليو اٿائين. گل محمد اسلام آباد ويو يا اتي آ. ان کان به مدد وٺو گهٽ ۾ گهٽ ادبي سنگت لاءِ. سائين اسحاق توسان ڪيئن ٿو هلي. مٿين ۽ رهجي ويل سڀني سنگتين کي پيار ۽ خلوص ڀريا سؤ سلام. وري به آخر ۾ اهو عرض ته مايوس نه ٿئجان، غلطي انسان کان ئي ٿيندي آ ۽ غلطيءَ جو صحيح تدارڪ اهو آ ته ماڻهو اڳتي لاءِ هوش حواس سنڀالي وک کڻي.
    ٻيو سڀ سمجهه ته خير. ها محمد مون کان وسري ويو، ڇا پيو ڪري، سنڌ جي سياست تي ڪهڙو موقف اٿس. ڪويءَ کي سلام.
    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
    تون تنين سين اڌ، اوڏا اڏي نجهرا.
    اوهان جو سنگتي
    سارنگ سهتو
    *
    ساٿي سليم سوز!
    اوهان جو پيار ڀريو پترڙو مليو پڙهيم، اوهان منهنجي مايوس هئڻ جي شڪايت ڪئي آ، آئون ڪوشش ڪندس ان مايوسيءَ کي پاڻ کان دور ڪرڻ جي، پر يار هن اردوءَ جي ٽڪري وانگر ته ”هر ستم پر چونڪتي رهه گئي“ مان به هر تڪليف تي همٿ هاري ويهندو آهيان، پر وري به اٿڻو پوندو اٿم، مجبور، ڪوشش ڪيان ٿو جي ڪلارڪي اتي ملي ته واهه، نه ته پوءِ جتي به جيڪا به نوڪري ملي، ان ۾ جنبي ويندس.
    اڄڪلهه ادب وغيره پڙهان ڪونه ٿو، دل ئي نٿي چئي، پر هاڻي ڪوشش ڪندس لکڻ پڙهڻ جي، واقعي مونکي هرو ڀرو به مايوسيءَ جو سندرو نه ٻڌڻ گهرجي. جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، ان کي دهرائڻ سان ڇا حاصل. باقي بي رخيءَ مان ڪنهن کان به اختيار نه ڪري سگهندو آهيان، نڪمي کان نڪمي ماڻهوءَ سان به مان سٺا تعلقات رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان چاهيندو آهيان ته ڪوبه منهنجي گِلا نه ڪري، ڪوبه مون مان تنگ نه هجي.
    تون ڏي احوال، ڪيئن پيو گذري وقت، لائبريريءَ مان تنگ ته نه ٿيو آهين نه. مطالعو يقيناً جاري هوندو. لکين ٿو يا نه. سنگتي ساٿي لکن پيا يا نه. مان تنهنجو شڪر گذار آهيان جو اڃا مون کي ياد رکيو اچين. اسماعيل کان مون کي شڪايت آهي جو حال احوال کان واقف نٿو ڪري. پياري پپوءَ جو مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جو مون ڏانهن امتحان مٿان هئڻ جي باوجود به ٻه خط لکيا اٿائين. پر مونکي افسوس آ جو آئون ٻنهي جا جواب نه لکي سگهيو آهيان. پپو کي چئجان مايوس نه ٿئي، مان ضرور توکي جواب ڏيندس.
    چوندا آهن نه ته ڪاري کي ٻڌ ڪمري سان رنگ نه مٽائي اؤساڻ ضرور مٽائي، سو هتي منهنجون مشغوليون اٿئي ڪرڪيٽ ڏسڻ، گهمڻ، اجايو خوامخواهه ڳالهائڻ، ڇو ته ڪمپني ئي اهڙي آ. ڪوشش ڪيان ٿو ڇورن کي سڌارڻ جي پر توجهه ئي نٿا ڏين. خود منهنجي دل ٽٽل آ نه ته هي به سڌري سگهن ٿا. ڪالهه ۽ ٽيون ڏينهن خيرپور ۾ ”ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو“ هو، هڪ دوست ويچاري ڪارڊ به موڪليو، پر ڪونه ويس، سوچيم اتي هجان ها ته سڀ گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪيون ها.
    ذاتيات کان هٽي ڪري اجتماعي سوچ رکڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ سنگت ۾ به ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو.
    سلام مڙني سنگتين ساٿين کي، سائين اسحاق وارن کي به سلام ڏجو. سوسائٽيءَ جا احوال ڏي، ڪڏهن ٿا چونڊون ڪرائين، توهان ضرور بيهجو، ڪوي ۽ پرواني کي ميمبر ڪيو. ليڪچر جو ڇا ٿيو؟ ڪامريڊ گل محمد خشڪ کي سلام ادا، امداد جا ڪهڙا حال آهن. سعيد سائين کي سلام.
    سڪندر هاليپوٽو سنگت ۾ ايندو آ يا نه.
    بس مون وٽ اهي ئي خبرون آهن.
    اياز آيو هو مون لاءِ خزائن جي موسم ۾ بهارون کنيو.
    ٿورا لمحا هو پر اهي لمحا يقيناً حسين لمحا هئا.
    اوهان جو
    سارنگ سهتو
    *

    کلڻو ملڻو ڀاءُ بنائي،
    گهاء لڪائي، گهمندو آهيان.
    يار سليم!
    هي معاشرو به ڪجهه عجيب آهي ۽ هن جا رهواسي اصل انسانيت جي هر گڻ کان ويل، نڪو ٻئي جو احساس، نه ڪنهن تي رحم. بس رڳو پنهنجو مطلب. ڳالهائڻ پئي گهريم مون واري ڀاڻيجي جي ٽي سي تي. ڪا ڳالهه ڪانهي، ڪابه شيءَ دِيوِ ناهي، رڳو بدلو آ وٺڻون هروڀرو ڪنهن غريب کان، ڪنڌ جهڪائي شرافت سان زندگي گذارڻ جو. بُڇان ته ڏاڍي ٿي اچي پر اڃان ته خاموش آهيون،، جو ڪنهن غريب شريف جو پٽڪو لٿو هو ته هيڏي هوڏي نهاري کڻي مٿي ۾ وڌائين ۽ چيائين شڪر آ، ڪنهن ڏٺو ته ڪونه. خير ڇڏيون ٿا انهن اجاين قصن کي. تنهنجا لک لائق، ٿورا، قرب ۽ احسان جو مون جهڙي نالائق ۽ بي وڙي انسان لاءِ رجسٽري جو خرچ ڪيئي پنهنجو ٽائيم وڃايئي ۽ مونکي ساري صورتحال کان آگاهه ڪيئي. هاڻي اها ٽي سي اهي وڃي پنهنجي منهن ۾ هڻن، اسان ان تان هٿ کنيو، هتي پرائيويٽ آرٽس ۾ فارم ڀرايون ٿا، جو فارم ڀرجن پيا. ڏس، پرڪار هن ظالم معاشري جي سڌريل ۽ پڙهيل ڪڙهيل انسانن جا، جيڪي ماڻهن جي مستقبلن سان ڪُڏن ٿا ۽انهن کي تباهه ٿا ڪن. اسان جو خرچ، اسان جا خواب، اسان جي محنت سڀ رائيگان، هنن جي هڪ لفظ نه چوڻ سان آهي ڪو اسلام، پاڪستان، انسانيت جو ٺيڪيدار، جيڪو هن ظلم لاءِ احتجاج ڪري. مونکي معاف ڪجانءِ مان رڳو پنهنجي پٽاڙ ۾ پئجي ويس.
    يار! مون کي هڪ خوشي ٿي آهي ڏاڍي، (مائينڊ نه ڪجانءِ) ته تون اياز ساڳيا اڳوڻا دوست ٿي ويا آهيو، جڏهن ته منهنجي اتي هجڻ سان ان جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ديوار اچي وئي هئي، جيڪا هاڻي ڊهي وئي آ. ناراض نه ٿئجانءِ، مان ته خوش آهيان، ٻڌ اياز ماڻهو ڀلو اٿئي، موڊي ٿورو آهي، ان جي دل نه ٽوڙجانءِ ڇو ته شاعر ماڻهو آ نه، يار! توهان سڀني مون تي وڙ ڪيا آهن مجيب هونئن ئي رهايو، خدمت چاڪري ڪيائين، اياز مونکي ماني کارائي چانهيون پياريون، تو ماني کارائي ۽ ٻي ڪمپني ڏني. مان توهان مڙني جو شڪر گذار آهيان، مان توهان جا ٿورا ڪونه لاهي سگهندس.
    هڪڙو ٻيو به ٿورو ڪجو ته مون کي وسارجو نه، مان اوهان جو حصو آهيان، جيتوڻيڪ اوهان کان ڌار آهيان، پر پوءِ به مون کي ياد رکجو. ادي اسماعيل ۽ ڀائو محمد کي سلام، پپوءِ کي چئجانءِ مان تنهنجو به احسانمند آهيان جو ايڏي اڪير سان ياد ڪيئي. مان ادبي ۽ سياسي طور هتي مري ويو آهيان، البته ذاتي طور زندھ آهيان، مون کي ڏک پيو ٿئي ته ٻن ڏينهن کان ڪنهن به مون کي سارنگ سان نه پڪاريو آ. اوهان وارو يارسارنگ پوين پساهن ۾ آ، کيس ٽيڪون ۽ سهارا ڏيئي خط ۽ پٽ لکي زندھ ڪيوس.
    اوهان جو
    سارنگ سهتو
    *
    پيارا سليم!
    دير سان جواب ڏيڻ لاءِ معافي ڇا ڪجي؟ پريشانيون، مسئلا ۽ مايوسيون ازل کان ڪرمن ۾ لکجي ويون آهن. پيا لوڙيون. ڪهڙي ڪهڙي درد جي ڳالهه ڪريون ۽ ڪنهن سان ڪري ڪنهن سان ڪريون. اڃا غلام مصطفيٰ جي گهر اجڙڻ جو غم لٿو ئي نه هو ته مٿان منهنجن ساهرن منهنجي گهرواري گذريل چئن مهينن کان ويهاري ڄڻ ته ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آهي. مان سخت ذهني دٻاء ۽ بي حسيءَ جي عالم ۾ پنهنجا ڏينهن گذاري رهيو آهيان. منهنجي اندر ۾ فراريت جي باهه ڀڙڪا کائي رهي آهي، پر آئون اڃا تائين ڪنهن فيصلي تي نه پهچي سگهيو آهيان. مان پاڻ کي فوري طور ان آڳ مان ٻاهر ڪڍڻ گهران ٿو، پر ڪو واهرو ڪونه ٿو سجهيم. يقيناً هي مايوسيءَ ڀريو خط آهي ۽ مون دوستن کي ڪيترائي اهڙا خط اڳ به لکي پريشان پئي ڪيو آهي، ان ڪري مان هن ويل خاموش رهڻ گهران ٿو، پر الائي ڇو توکان ڪجهه لڪائي نٿو سگهان. ڇو ته مون کي پڪ آهي ته تون نه هن خط کي ڪي کوکلا ڊائيلاگ سمجهندي ۽ نه وري همدرديون حاصل ڪرڻ جو ڪو ڍنگ.
    مان چاهيان ٿو ته ڪراچي، اسلام آباد يا ڪنهن ٻئي ڏورانهين شهر ۾ گمنام ٿي وڃان ۽ گهرو مونجهارن مان منهنجي جان ڇٽي پوي. اهي ئي سوچون آهن جيڪي اڄڪلهه منهنجي ذهن کي سُري وانگر کائي رهيو آهن. مون کي لڳي ٿو مان سارتر جو ڪو اهڙو ڪردار ٿي ويو آهيان جيڪو ڪنهن به وقت ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    تنهنجي رهنمائي جو منتظر سارنگ
    *
    ڏات وڏي شيءَ ناهي، پر سچ وڏي شيءَ آهي،
    ۽ جو سچ مچائي مچ، سو مچ وڏي شيءِ آهي.
    (اياز)
    عظيم آدرش جا مالڪ ساٿي سليم!
    سليم ڀاءَ، مان مايوس نه ٿيندو آهيان، پر رڙيون واڪا ڪري مشڪل حالتن سان منهن ڏيندو آهيان، جي روئان رڙان ۽ پٽيان سٽيان نه ته منهنجو حشر ڏاڍو برو ٿئي، اهي رڙيون واڪا پنهنجي رهبر لطيف به ڪيا هئا، جيئن ”هڪ ته ڄمان نه ها، ٻيو ڄامندي مياس، گنگهر گهڻون ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي“ اهڙا ٻيا به ڪئين واڪا ڪيا اٿس، پر انجو مطلب اهو نه هو ته هو مايوس ٿي ويو هو، بلڪل ائين آئون به مايوس نه ٿيندو آهيان، پر پنهنجي دل تي چڙهيل غبار کي پنن تي پلٽي هلڪو ڪندو آهيان ۽ پوءِ وري تازو توانو ٿي نئين سر پنهنجي منزل جو راهي ٿي پوندو آهيان، اهو آلاپيندي ته ”اسان جي مئاسون سفر ۾ او ساٿي ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي“، البته ائين ضرور آهي ته وقتي طور حالتون جڏهن گهڻو مايوس ڪري وجهنديون آهن، تڏهن ماڻهو جنگ/ويڙهه تان هٿ ته نه کڻندو آ، پر مورچو/محاذ ضرور مٽيندو آ، جيئن مڪليءَ ۾ مون ڪيو. دشمن سان سڀني مورچن تان منهن مقابل ٿجي ۽ وقت ۽ حالتن آهر ماڻهو پنهنجا محاذ مٽيندو به رهجي. لازمي ڪونهي ته ماڻهو رڳي سياسي ورڪر ٿي سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ماڻهو ادبي، سماجي، ثقافتي ورڪر ٿي ڪري به گهڻون ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ ائين ڪرڻ سان گهڻي کان گهڻا ماڻهو هڪ ئي وقت باشعور بنجي سگهن ٿا. پر اسان وٽ بدنصيبي اها آهي جو رڳو هڪ سياسي فيلڊ تي ئي زور پئي ڏنو ويو آ. لينن چيو آ ته پارٽيءَ اندر ڪوبه ماڻهو نڪمو يا ناڪاره نه هوندو آ، هڪڙو ماڻهو سٺو مقرر آ، پر توهان ان تي ڪم رکندؤ پريس جو ته ظاهر آ هو انهي سان ڀرپور نموني نڀائي نه سگهندو ۽ نتيجي ۾ ان کي نڪمو ڪوٺي ڪڍيو ويندو، پر حقيقت ۾ هن ۾ جيڪي مقرر واريون صلاحيتون هيون ان جو فائدو ورتو وڃي ها ۽ ان فيلڊ ۾ ئي ان کي موڪليو وڃي ها ته ڏاڍا سٺا مثبت نتيجا ڪڍي ها. پنهنجي ملڪ اندر اڃان ته پيو انقلاب جو چؤٻول هلي، انقلابي پارٽيون ۽ صحيح انقلابي راهون اڃان نڪري نروار نه ٿيون آهن، اها ايترو ضرور آهي جو اهي پارٽيون انقلاب، انقلابي پارٽي ۽ انقلابي حڪمت عملي لاءِ راهه هموار ضرور ڪري رهيا آهن. هي وٺ پڪڙ سياستدانن جا هڪ ٻئي جي گلن ۾ هٿ، پارٽين اندر ڀڃ ڍاهه ۽ گهوٽالا سڀ ثابتي ڏيا ڏين ته ڪا اوچتي ڪيفيتي تبديلي اچڻ واري آ، يعني هڪ زوردار ڌماڪو ٿيندو ۽ پاڻ جڏهن اکيون کوليندا سون تڏهن ٻيو جهان هوندو، سنڌ صدين جي غلاميءَ جا ڳٽ ڳچيءَ مان ٽوڙي چڪي هوندي، ايشيا کنڊ ۾ سوشلسٽ انقلاب جا دروازا کُلي چُڪا هوندا ۽ پاڻ هڪڙي نئين سماج ۾ پير پائي رهيا هونداسون.
    توکي ۽ اياز کي عيد تي ضرور اچڻ گهرجي، عيد جي ٻئي ڏينهن اوهان اچو، ڇو ته عيد جي ٽئي ڏينهن صبح جو اسان هڪ ”عيد ملن“ پارٽي ڪوٺائڻ ٿا گهرون، ان سلسلي ۾ ڪجهه عام ڇوڪرن سان به ڳالهايو اٿم، جن تائيد ڪئي آ، ۽ سڄو مانڊاڻ اوهان جي اچڻ جي خوشيءَ۾ ڪريون ٿا، ان ڪري اوهان کي ضرور اچڻ گهرجي ۽ مون کي اياز سان ملي پروگرام ٺاهي جلد مطلع پڻ ڪرڻ گهرجي.
    اسين اڪابر سمجهي پاڻ کان ننڍڙن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ هو نتيجي ۾ مايوس ٿي فراريت اختيار ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ننڍڙي هوندي کان ئي هنن جي صحيح ترقي پسند نموني تربيت ڪجي ته هي وڏا ٿي اسان کي زوريءَ ماري ويندا، وڏي جي ڀيٽ ۾ ننڍڙو ذهن ڏاڍو چست ۽ چالاڪ هوندو آ، مون راجوءَ جي ڪتاب ۾ جڏهن اهو لفافو جنهن تي غلط پتو لکيل هو ۽ اهي ابتا سبتا دل جي سچائي سان لکيل اکر پڙهيا تڏهن ٻيو لفافو وٺڻ بجاءِ پنهنجو خط به ان ۾ وجهي توڏانهن موڪلي ڇڏيم ۽ تنهنجي مهرباني جو هن جي همت افزائي ڪئي، ٻين جي ڀيٽ ۾ هن ۾ وڌيڪ صلاحيتون ڏسندو آهيان، شيخ اياز جو جڏهن ”سچ وڏو ڏوهاري آ“ هن جي اکرن ۾ لکيل ڏٺم تڏهن دل ڀرجي آيم ته هن ٻارڙي اهو ڪيئن ياد ڪيو آ. پوءِ ٿورو ئي صحيح. تون به پنهنجن ننڍڙن ڀائرن جي تربيت ڪر ته بهتر. پنو ويو آ ڀرجي، ان ڪري کڻي موڪلايان ٿو، اميد ته عيد تي ايندا ۽ اها ملاقات ٿيندي رهندي. سلام پپو، ننڍڙن ۽ ٻين دوستن الطاف، اياز، اسماعيل، مجيب، محمد، مصطفيٰ، علي محمد، پروانو ۽ مڙني کي.
    ساٿ سلامت
    اوهان جو
    سارنگ
    *
    ذهني ٽارچر سيل
    مٺياڻي
    عدل جي هن اوندهه ۾، مان مري شال وڃان،
    جيان ته ڇو جيان، سرکا هن سماج ۾.
    (مرتضيٰ سولنگي)
    پيارا سليم!
    طويل خاموشيءَ کانپوءِ تو سان ڳالهائڻ لاءِ چپ چوريا اٿم. اڄڪلهه اردوءَ جي هن چوڻي وانگر
    ”منهنجي بولتي بند آهي“ امرتا پريتم چيو هو ته ”اڄ جيڪو ڪجهه مون وٽ آهي اهو جيڪڏهن وهي ويو/ ضايع ٿي ويو ته ڪا پرواهه ڪانهي، ڇو ته سڀاڻي جيڪي نوان ايمان جا درياء وهندا انهن ۾ نه رڳو منهنجو اهو سڀ ڪجهه هوندو، جيڪو مون وڃايو آهي، پر انهن ۾ اهو ڪجهه هوندو جيڪو مون حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي.“ ۽ ان حوالي سان آئون به سوچيان ٿو اڄ جيڪڏهن آئون معاشي مجبورين سبب ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيس ته من سڀاڻي/ايندڙ وقت ۾ مان اهو حاصل ڪري سگهان، جنهن جي مون تمنا ڪئي هئي/آهي ۽ من آئون سڌري پاڻ کي سمجهي ۽ دنيا کي پرکي سگهان. اڄ جي آئون پريشان آهيان، اڄ جي آئون دوستن جو ڏوهاري آهيان ته سڀاڻي شايد ائين نه هجي ۽ مون پنهنجي سڄي حياتي ان آسري تي گذاري آهي ته من سڀاڻي ائين نه هجي.
    جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي روشن مستقبل ۾ پڪ آهي اهو فلاح / ڪامياب ٿيو.
    مون کي اميد ۽ پڪ آهي ته اوهان مون کي معاف ڪندا. اوهان کي ته وري به ڪجهه وقت کانپوءِ خط لکڻ تي دل مجبور ٿي ڪري، پر ٻين کوڙ دوستن جيئن پروانو، مجيب، اسماعيل، وغيره کان ته خط لکيو ئي نٿو ٿئي. ان جو اهو مطلب به ڪونهي ته ڪو آئون وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان يا پاڻ کي ڪجهه سمجهان ٿو سچ ته اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي آئون ڪين جهڙو آهيان، مان خاڪي آهيان، مون ڪڏهن به پاڻ کي مٿڀرو ڄاتوئي ڪونهي. خط نه لفظن مان پهريون اندازو اهو ئي ٿو ٿئي ته همراهه هاڻي وڏي جڳهه تي پهچي ويو آهي ۽ ماضيءَ جي يارن کان غافل ٿي ويو آهي، پر يار سندس ماڻهوءَ جي چوڻيءَ وانگر مون کان ساک وٺو ته مان اوهان کي وساريو ناهي. اوهان جي لاءِ منهنجي من ۾ تمام گهڻي عزت آهي ۽ حقيقت اها آهي ته آئون ان جو زباني ۽ خيالي طور اظهار نٿو ڪري سگهان. جنهن به وقت ڪجهه لکڻ ويهان ٿو ته ان وقت لفظ نٿا ملن ۽ مايوس ٿي پنو ڦاڙي، ميسڻون / روئڻهار ڪو ٻوٿ ڪري ويهي ٿو رهان.
    هتي ته پڙهڻ پڙهڻ به ڇڏائجي ويو آهي. گندو/ ڪنو ماحول، ننڍڙو/محدود ذهن رکندڙ ماڻهو، تنهن کانپوءِ ڪاليج جون پريشانيون، هاسٽل جا مسئلا، روم ميٽن جو ذهني ٽڪراء، افسوس اٿم ڪوشش جي باوجود به اڃا تائين ماحول کي سيٽ نه ڪري سگهيو آهيان. اڃا پاڻ ان گندي ماحول ۾ آئون خود گندو ٿيندو پيو وڃان. ڪافي قدر سگيرين جو عادي ٿي ويو آهيان، چانهه ته هونئن ئي. تنهن کانسواءِ ڪڏهن ماستر/ڇوڪرا سڏي به سوٽو (چرس جو) هڻائيندا آهن. سمجهان ٿو ته تباهه پيو ٿيان، برباد پيو ڪريان پاڻ کي، پر پوءِ به بي سمجهن جيان اهو سڀ ڪجهه ڪيان پيو. مسئلو اهو به آهي ته تمام ننڍڙو شهر آهي ڪا انٽرٽينمينٽ ناهي، ان ڪري سڀ ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي، مڙئي وقت گذارڻ لاءِ، پپوءِ جو به مان قصو وار آهيان پر مان ڪنهن کان معافي وٺي ڪنهن کان وٺان. تون منهنجي مجبورين کان آگاهه ڪجان.
    حساس دل ٿي اچي اڙيا آهيون. عقل اسان لاءِ عذاب بنجي پيو. جتي سوچ سمجهه آئي آهي. اتي ڪئين مسئلا ۽ ڏک به وڌيا آهن ۽ هاڻي جي ڏکن جي نوعيت ئي ٻي ٿي پئي آهي. گفتگو جو ڪو سلسلو ڪونه هو، الائي ڇا چيم. بس اهو ئي لکي سگهيو آهيان. وڌيڪ معافي ٿو گهران.
    معافي جو طلبگار
    سارنگ سهتو
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397343
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ