ڪتاب جو نالو: اُماس راتيون، اُداس رستا
مصنف: فهميده شرف بلوچ
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 23 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 903 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 376 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”اُماس راتيون، اُداس رستا“ شاعره فهميده شرف بلوچ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو: ”فهميده شرف جي شاعري ۾ داخلي ڪيفيتن جي اپٽارڄڻ ته ٿڪاوٽ سان چور، بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل مسافر جهڙي ئي لڳي ٿي، پرفهميده شاعريءَ ۾ پنهنجي پناهگاهه جوڙي درد، هجر۽ اوسيئڙي جو اهڙو ته جهان جوڙيو آهي جو ڄڻ ته هن سٽ سٽ ۾ پنهنجي سريرجو سڳو پوئي ڀوڳنائن سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو هجي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • هڪ جهڙي درد جا وارث
  • مهاڳ
  • غزل

  • خاموش آ هر منظر، ويران ڳليون آهن.
  • هر نظارو ٿو وڻي، پريتم ڪري،
  • لٿي ڏات ڄڻ ٿي گلابن جي ورکا،
  • اڏاڻا پکي ۽ لڏي لام وئي،
  • اماس راتيون، اداس رستا،
  • عڪس تنهنجو به دل تان مٽائي وئي،
  • جيڪي پل توکان جدا ڀوڳيون پيا،
  • رُڪجي جي سگهي رات ته آءٌ روڪيانس،
  • پرين! تنهنجون يادون جڏهن ٿيون پون،
  • هي سنسار سارو ڏسان مان اکين ۾،
  • ڇو پڇين ٿو لڙڪ ڪنهن جي ڪاڻ ٿي،
  • اسان جا نيڻ رستن ۾ ڪٿي گم ٿي ويا آهن،
  • خوشيءَ خوشيءَ سان ڌار ٿيون،
  • پوءِ خوشي ڪهڙي رهي ڪا؟ هن سڄي ماحول ۾،
  • نيڻ آهن ڀنل هٿ مينديءَ رَتا،
  • جي چاهت ۾ تَن- مَنَ کي گهيري هليا ويا،
  • درد ڪيڏو اندر تي اثر ٿو ڪري،
  • غمگين حياتي هيءَ ڇاڪاڻ رهي آهي،
  • سپنا نه رهيا ساڳيا ۽ ساڻ نه سرهائي،
  • هاڻي ايندو ڪير اوهان وٽ پنهنجو روح ريجهائڻ لاءِ،
  • پرين هاڻ توکي ڀلائڻ ڏکيو آ،
  • سک ڪهڙا اسان سان گڏ هردم ئي رهيا آهن،
  • ڪنهن کي ڏيئي ٿو، چنڊ اشارا ساري رات،
  • ڇو ننڊ اکين کان هيئن اڄ رات رُسي وئي آ،
  • پرين هاڻ توکي وسارڻ سکيو مون،
  • نيڻ هر ڪو رهيو آ هميشه جهڙالو،
  • رڳو لڙڪ، سڏڪا، مليون هن جفائون،
  • ڳالهه خوابن جي هتي ڪنهن ٿي ڪئي،
  • ڌوڪا ئي ڌوڪا ڏئي ٿي زندگي،
  • مان هن ڏانهن ويندس نئين راهه ٺاهي،
  • تاريخ جو بن ۾ ڪو ڪردار ٿو ڀٽڪي پيو،
  • سار تنهنجي ٿي رهي هر پل پرين!،
  • اچي صبح سان ٿو سويلو پرين،
  • ايڏو ڇو مان وسري وئي هان،
  • سار مون کي سکي تون نه ايڏو گهڻو،
  • جيون گُگههُ انڌيرن ۾،
  • تنهنجو هٿ خنجر ۾ آ،
  • جيون آهه عذاب جيان،
  • ڦهلي هُتِ اونداهه اکين،
  • سوچن تي ڪو پهرو آهي.
  • گهر گهر ۾ آ گهاڻو وري،
  • اڻپورا سڀ خواب رهيا هِن،
  • وڇوڙي جو ڄڻ ڪوئي منظر لڳي ٿو،
  • هو ڪڏهن جيڪي هئا پنهنجا لڳا،
  • نه ڏور ايڏو گذار جاني،
  • لفظ خنجر ڪري گهاءُ ڏيندو رهي ٿو،
  • ڇو ڪوئي اڪيلو آ، چارا به نه ٿا ڄاڻن،
  • پريتم جڏهن کان خدا ٿي ويو آ،
  • پرين! تنهنجون يادون جڏهن ٿيون پون،
  • ڇڏي مون کي اڪيلو هت هليو وئين دور او بابا.
  • وايون

  • پنهنجي پوتر پيار جي،
  • سڏڪڻ واري هر ساٿيءَ کي،
  • لِڱُ لِڱُ رڻ ٿِيو آ،
  • ساجن ساهه سڙي،
  • جيڪر زهر پيان،
  • مون سان گڏ آ اوسيئڙي ۾،
  • سرتي! سچ سڃاڻ،
  • جڏهن به ٻولي ڪانءُ،
  • نرملتا جو نينهن،
  • ڪنڊا ڪارا چوڏس ڀانيان.
  • ڏيهه سڄو اونداهه،
  • ڪانهي ڪنهن جي ڪاڻ،
  • ڪانهي روح رهاڻ،
  • پيار تنهنجو ڇانورو،
  • هر من ۾ ويراڳ،
  • بادلن جي اوٽ ۾،
  • اڀري آيو اوچتو،
  • جُهومي ڳائي من،
  • ڌار جي آهيون ٻئي،
  • هڪ بس تنهنجي سارَ
  • دنيا ۾ ڪجهه ڪين آ،
  • ڳوڙها ڪين وهاءِ،
  • منهنجي قسمت تي،
  • مون سان گڏجي ياد سفر ۾،
  • رات مون ڏاڍو رُنو،
  • ٻڏندي ۽ ترندي رهي،
  • ڪنهن سان نيڻ ملائي آئي.
  • الا! مان اڻ ڄاڻ،
  • گيت

  • ڌرتتيءَ ۾ آ رهيو،
  • اسان پيار وارن جي ساري حياتي،
  • چوڏس ٿئي مهڪار،
  • سڄي عمر ماڻهوءَ جي مَنَ کي کپن ٿا
  • متان پاڻ تو ۾ وڃائي نه ڪو،
  • واٽ اونداهه مان،
  • ڪين گھرجي زندگي،
  • مان جي ڪونه هجان،
  • مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،
  • چؤطرف آ ڌرتتي،
  • اجهو ديپ نيڻن جا آهن اجهاڻا،
  • پاڇو پوئين پهر جو،
  • سارو آهي چاهه منهنجي شاعري،
  • بيت

  • هو سڀ تارا اُڀّ تي، ڇو ٿا شرمائن؟،
  • هاڻي کڻي آزاد ڪيو، قيدي منهنجو ساهه،
  • پنهنجي اندر کي پرين، جانچي ڏٺو مون،
  • تون ئي ڏس سانورا! تو بن ڪيئن جيئان؟
  • مان هڪ ننڍڙو سچ ۽ تون اتم احساس،
  • وسڻ لئه آيو وڌي، نيڻن منجهه ڪڪر،
  • مون کان ڪيڏي پيار مان، پڇي پيو آڪاس،
  • سوچي سوچي او سکي تپي سارو تن،
  • ترائيل ۽ ڏيڍ سِٽا

  • ٻئي نيڻ تنهنجا ڇو آلا سکي!؟
  • ڪانهي ڪائي لِڪَ پرين کان،
  • لڙڪ ناهن لڪائڻ ڪي سولا پرين!
  • اچانڪ وڇوڙو جڏهن آهي ٿيندو،
  • لڳي سڪ تنهنجي هلي آ او راڻا،
  • تو جو لاتي ديرا او سانول
  • ساڻ نه سهيلي،
  • سوچي هل سَرتي!
  • نظم ۽ آزاد نظم

  • واپسي
  • اداسي
  • ڇوليون
  • ديپ
  • چهنڊڙيون
  • ڳوڙها
  • مقدمه سنڌ
  • خواب
  • گلاب جي ڇانوَ ۾
  • تون ڪڏهن ايندين!؟
  • تاريخ جا نيڻ
  • "نه مون کي سڏ جانءِ"
  • "صدا"
  • "مٽيءَ جو ماڻهو"
  • چوسٽا

  • جيئن رات اوندهه آڻڻ لڳي آ،
  • ڀُونءِ ڪَرَ موڙي ٿي ۽ آڪاس جاڳي ٿو پوي.
  • وسرن نه ٿا گهڙي ڀي، هُو قربتن جا لمحا.
  • خاموشي ۾ ساز ڳالهائي ٿو.
  • وڄ وراڪا زندگي.
  • وري خواب لڙڪن سان وکري وڃن ٿا.

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (303) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اُماس راتيون، اُداس رستا“ شاعره فهميده شرف بلوچ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”فهميده شرف جي شاعري ۾ داخلي ڪيفيتن جي اپٽارڄڻ ته ٿڪاوٽ سان چور، بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل مسافر جهڙي ئي لڳي ٿي، پرفهميده شاعريءَ ۾ پنهنجي پناهگاهه جوڙي درد، هجر۽ اوسيئڙي جو اهڙو ته جهان جوڙيو آهي جو ڄڻ ته هن سٽ سٽ ۾ پنهنجي سريرجو سڳو پوئي ڀوڳنائن سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو هجي.“
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، مهرباني ادي فهميده شرف جي جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    پبلشر نوٽ

    سنڌي ادب ۾ ڪلا کيترجا گل هميشه پاڻمرادو فطري سونهن ۽ منفرد مهڪ سان واسجي پنهنجوحقيقي مقام ماڻيندا رهن ٿا، خاص طورموجوده دور۾ سنڌي شاعرائن جي ڳاڻيٽي ۾ جيتوڻيڪ ڏينهون ڏينهن واڌ ايندي پئي رهي، جيڪو پڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي، پر افسوس ان ۾ اڪثريت پاڻي جي ڦوٽي جيان ثابت ٿي آهي، فڪر انگيزي، ثابت قدمي ۽ بردباري کان اڻڄاڻ احساس ڪمتريءَ جي سوچ ۾ مبتلا اهڙا گل مرجهائڻ ۾ به ويرم ناهن لڳائيندا پر ڪي گل پنهنجي فطري حسن ۽ تازگيءَ جي احساس سان پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌارزندگيءَ جي ڪٺن پيچرن تي هلندي به ساڳي ئي رمز ۾ نه فقط حساس دلين جو ترجمان بڻجن ٿا پرپنهنجي منفرد مهڪ سان ان ماحول کي به واسي ڇڏين ٿا جتي زندگي ڪڏهن ڪڏهن بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل محسوس ٿيڻ لڳي. اهڙي ئي گلستان جو هڪ گل ” فهميده شرف بلوچ“ به آهي، جنهن جي شاعري ۾ داخلي ڪيفيتن جي اپٽارڄڻ ته ٿڪاوٽ سان چور، بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل مسافر جهڙي ئي لڳي ٿي، پرفهميده شاعريءَ ۾ پنهنجي پناهگاهه جوڙي درد، هجر۽ اوسيئڙي جو اهڙو ته جهان جوڙيو آهي جو ڄڻ ته هن سٽ سٽ ۾ پنهنجي سريرجو سڳو پوئي ڀوڳنائن سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو هجي.
    ڪا ياد ائين دل کي هر روز ٿي پئي گهائي،
    ٽانڊن تي رکيون ڄڻ ڪنهن چمپاجون ڪليون آهن.

    فهميده شرف بلوچ جو شمارگذريل ٽن ڏهاڪن کان مسلسل لکندڙ انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترين سنڌي شاعرائن ۾ ٿئي ٿو، جن جو قلمي پورهيو سنڌي ادب جو وڏو اثاثو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي ٽهيءَ جي صفه اول جي شاعره هئڻ باوجود فهميده شرف بلوچ کي اها مڃتا نه ملي سگهي آهي، جنهن جو هوءَ حق رکي ٿي. شايد ان جو وڏو سبب ڊگهي عرصي کان سندس هزارين اسم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ اشاعت باوجود سندس قلمي پورهيو ڪتابي شڪل ۾ نه اچڻ به رهيو آهي، توڙي جو سندس ڀيٽ ۾ رات پيٽ اندر بڻجندڙ شاعرائون ڪتاب اچڻ بعد عظيم شاعرائن جا لقب به ماڻي وٺن ٿيون. سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد اهڙي روايت کي ٽوڙيندي فهميده شرف بلوچ جو پهريون شعري مجموعو” اماس راتيون اداس رستا“ اوهان جي هٿن تائين رسائي نهايت ئي سرهائي محسوس ڪندي اها اميد ٿا ڪريون ته اسان جي هي ڪوشش ضرور رنگ لائيندي ۽ مڃتا کان محروم اهڙن ٻين ليکڪن کي به سندن حقيقي مقام ملڻ جا به رستا هموار ٿيندا.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران


    شاعري منهنجو عشق آهي... !

    ماڻهو سوال ڪندا آهن ته ”شاعري ڪيئن ٿيندي آهي؟“
    اهو سوال الائي ڇو مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي بلڪه شاهه سائين چواڻي واڳون ٿي ورندو آهي، سڀني اڳيان دل جو ڪتاب کولڻ ايترو سولو ناهي، پنهنجي ڏکن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
    لکڻ پڙهڻ سان رشتو تمام پراڻو رهيو آهي جڏهن کان هوش سنڀاليو، تڏهن کان ڪتابن کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪيو، منهنجو بابا سائين لکڻ پڙهڻ جو انتها حد تائين شوقين هو، پڙهڻ کان سواءِ منهنجي بابل کي ننڊ ئي نه ايندي هئي، بابا جي انهن ڪتابن جي عشق ئي مون ۾ پڙهڻ جي عادت وڌي، چوٿين ڪلاس ۾ مون امر جليل، جمال ابڙي، الطاف شيخ، سندري اتم چنداڻي، ڪرشن چندر، پوپٽي هيراننداڻي کي پڙهيو، پڙهندي پڙهندي لکڻ شروع ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، جيستائين زندگيءَ وفا ڪئي جاري رهندو ايندو، مان لکڻ کانسواءِ نه ٿي رهي سگهان، هي سفر شاعريءَ جو سفر ناهي پر منهنجي ڏکن جو هڪ نه کٽندڙ سفر به رهيو آهي، جيڪو پڻ زندگيءَ جيترو ئي ايذائيندڙ ۽ ڪٺڻ آهي، لکڻ لاءِ گهڻو قربانيون ڏيڻون پيون، هزار مخالفتن کي منهن ڏيڻو پيو، زهر ۾ ٻڏل ۽ ترار جهڙي تکا لفظ منهنجي دل کي ڦٽيندا رهيا ۽ منهنجو روح ڄڻ ڪنڊن تي رهڙجي پيو هو، ان ڏکئي سفر ۾ امڙ، ڏاڏي ۽ بابا هميشه جيان مون کي همٿايو، حوصلو ڏنو، وقتي طور پير ٿڪيا ضرور مگر رُڪيا هرگز نه، ڏکن هميشه منهنجو حوصلو وڌايو.
    جيڪڏهن مون کي ڪوئي ائين چوندو آهي ته ”فهميده! لکڻ ڇڏي ڏي“ ته مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ چوندا هجن ته ”فهميده! هاڻي جيئڻ ڇڏي ڏي“، مان لکڻ ڇڏي ڏيان اهو منهنجي لاءِ ممڪن ناهي، زندهه رهڻ لاءِ جيئن هوا، پاڻي، غذا ۽ روشني ضروري آهن، منهنجي لاءِ انهن سان گڏوگڏ لکڻ به تمام ضروري آهي. شاعري منهنجو ساهه آهي، منهنجي جيئڻ جي هڪ اهم وجهه بڻجي وئي آهي، شاعري منهنجو عشق آهي ۽ عشق نالو ئي برداشت جو آهي، مون کي پنهنجي شاعريءَ جي عشق لاءِ هزارين تڪليفون سهڻيون پيون، اسان جي سماج اهو اهو الميو رهيو آهي ته دل ڏکائڻ جو ڪو وار خالي نه ڇڏيو ويندو آهي، جتي وارو مليو پورو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ماڻهو دشمنيءَ کي اولاد وانگر پالي وڏو ڪندا آهن ۽ پنهنجون زندگيون ان پويان وڃائي ڇڏيندا آهن، پوءِ به دل کي تسڪين نه ملندي اٿن.
    لکڻ جي هن ڪامياب سفر ۾ منهنجي بابا سان گڏ منهنجي امڙ جو به اهم ڪردار رهيو آهي، جيڪا خود تمام سٺي ڪهاڻيڪاره آهي، منهنجي ڪاميابين جو اصل ڪارڻ منهنجي امڙ جيجل آهي، جنهن جي هٿن هميشه پورهيو ڪري مون کي ۽ ادا کي پاليو، امڙ جي هٿن تي پيل قينچيءَ جا نشان مون کي پنهنجي دل تي محسوس ٿيندا آهن، مان هميشه شاعري پنن تي لکي پوءِ اهي پنا ڪٿي وساري ويهندي آهيان، امي اهي سنڀالي رکندي آهي، منهنجي بي ترتيب زندگيءَ کي ترتيب ڏيڻ واري منهنجي امڙ آهي، ان جي دل منهنجي سڀني ڏکن کي پناهه ڏني آهي، مون کي پنهنجن جي سهارن ڪڏهن به جهڪڻ يا ڪِرڻ نه ڏنو آهي ۽ هزار مخالفتن باوجود لکڻ لاءِ اتساهيو، گهر ڀاتين ۾ ڏاڏي امي به تمام گهڻو همٿايو، ڪڏهن ڪنهن مخالفت به ڪئي هوندي ته منهنجي حمايت ڪندي هئي، منهنجي ڏاڏي جو مون ۾ ساهه هوندو هو، ائين اوچتو ان جو وڇوڙو جيءُ ڏکوئي ويو، مٿان وري ننڍي ڀاءُ آصف جي جدائي مون کي صفا جُهوري وڌو. ان جي ڪمي زندگيءَ جي وک وِک تي محسوس ٿيندي آهي، هر وقت ان جي تصوير اکين اڳيان ڦرندي آهي ۽ اکڙيون رت جا ڳوڙها روئنديون آهن.
    پير ڳوٺ جي سخت ماحول ۾ بابا مونکي پاڻ مشاعرن ۾ وٺي ويندو هو ۽ بابا منهنجي شاعري شوق سان پڙهندو هو، باقي ٻين ته وک وک تي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ڪاوا وڇايا، پيرن سان گڏ دل به زخمي ٿي ۽ دل جي ان تڙپ ۽ ايذاءَ شاعريءَ جو روپ ورتو جيڪي منهنجي لاءِ ذهني سڪون جو باعث رهيو آهي، ڏات سهيلي بڻجي منهنجو ساٿ ڏنو ۽ مون ڪڏهن پاڻ کي اڪيلو نه سمجهيو. قلم ۽ ڪاڳر منهنجي رات جي اوجاڳن ۽ ڳوڙهن جا گواهه آهن، منهنجي زندگيءَ جا ڏک منهنجي طاقت بڻيا.
    منهنجي شاعريءَ جي سفر ۾ پياري بابا آثم ناٿن شاهيءَ جو به وڏو هٿ رهيو آهي جن هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ سڳي ڌيءَ جيتري اهميت ڏني، منهنجي دل به سدائين بابا کي اهائي عزت ۽ اهميت ڏني، بابا جو خلوص ۽ محبتون وسارڻ جهڙيون ئي ناهن، جڏهن به لياري بابا سان ملڻ ويندي هيم ته بابا ٻارن جيان خوش ٿيندو هو، منهنجو بابا هميشه دروازي تي بيهي منهنجو انتظار ڪندو هو، بيماريءَ مان بيزار ٿي جڏهن به مرڻ جون ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن جيترو وقت به اتي هوندي هئس، اکين مان ڳوڙها نه بيهندا هئا. مان ۽ بابا سدائين ان ڳالهه تي وڙهي پوندا هئا سين ته بابا تون دنيا تي بار ته ناهين جو پاڻ کي ائين ٿا چئو، الله سائين توهان کي وڏي زندگي ڏي....
    آخري ملاقات ۾ آخري ڀيرو بابا جا چيل لفظ اڄ تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجندا آهن ۽ هن وقت لکندي به منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آهن، منهنجي مٿي تي هٿ رکندي انتهائي ڏکاري انداز ۾ منهنجي امي کي مخاطب ڪندي چيو هيائين ” اِمان مان هاڻ وڃڻ وارو آهيان، منهنجي هي ڌيءَ توهان وٽ امانت آهي، منهنجي ڌيءَ جو وڌ ۾ وڌ خيال رکندا ڪيو“. بابا آثم جون بي لوث محبتون رت جا ڳوڙها رئارن ٿيون، بابا آثم جون يادون منهنجي ساهه ۾ سانڍيل هونديون آهن، بابا ۽ مان مثالي پيءُ ڌيءَ هياسين، مان هميشه چوندي هيم ته منهنجو بابا منهنجي سهيلي آ ڄڻ، سڀ چوندا هئا هيءَ ته بابا آثم جي ديواني آهي ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته مان واقعي پنهنجي بابل جي ديواني هئس، هي صرف هڪ لفظي رشتو نه هيو، مون هميشه بابا آثم کي حقيقي پيءُ جيتري اهميت ڏني، مان پنهنجي بابا جي لاڏلي ڌيءَ هئس ۽ آهيان ۽ هڪ سٺي شاگرد پڻ.
    منهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو ڏک اهو به آهي ته پنهنجي رت جي رشتن هميشه اسان جو رت پيتو ۽ اسان جي غربت جو اهڙو تماشو بڻايو جنهن جي اذيت مون کي مرڻ گهڙيءَ تائين رهندي، زخم مٿان زخم ڏيئي پوءِ لپون ڀري لوڻ هاريندا رهيا، دل ڏکوئڻ انهن جي فطرت ۾ شامل آهي.
    اهي زخم ڀرجڻ جا ناهن، اسان ساده دل ماڻهو آهيون ۽ هنن سراپا سور بڻائي ڇڏيو، بابا جي وفات کان پوءِ خبر پئي ته يتيميءَ جو درد ڇا ٿيندو آهي؟ زندگيءَ جي تتل اُس ڪيئن ساڙيندي آهي، ڪيئن پنهنجن جا هٿ پٿر وسائي رتورت ڪندا رهيا، دل ٽُٽندي رهي، اکيون وسنديون رهيون، هو کلندا رهيا، امرتا پريتم پنهنجي ڪتاب ”محبت ناما“ ۾ منهنجي دل جي ترجماني ڪندي امروز کي لکيو ته ”اڄ شت روگا جي ميلي ۾ نظم پڙهڻ وقت ماڻهن جيڪو پيار ڏنو، ان سان اکيون ڀرجي آيون، امروز! پنجاب سڄي عمر بي عزتي برداشت ڪرڻ جي عادت ڏيئي ڇڏي آهي، ان ڪري پرديس ۾ هن نئين شيءَ کي حاصل ڪري ڏاڍو عجيب لڳي رهيو آهي“.
    مون سان به ڪجهه اهڙو ٿيو، پنهنجي سرزمين کان پري رهڻ ٻيو وڏو ڏک آهي، مون کي پنهنجي شهر پير ڳوٺ جي انچ انچ سان عشق آهي، ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ جي مجبوري نه هجي ها ته جيڪر هڪ لمحي ۾ اڏامي پنهنجي ديس وڃان ها، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ساهه سڪندو آهي، روزانو پنهنجي ڌرتيءَ کي ساريندي دل پرزا پرزا ٿئي ٿي، منهنجي روح جا ڦٽ ۽ پيرن جا ڇالا ڪنهن ڪونه ڏٺا آهن، ڇو ته مون هميشه پنهنجي ڏکن کي مرڪن جي ريپر ۾ ويڙهي رکيو آهي.
    ليڪن مان پوءِ به خوش آهيان، ان ڪري جو مون کي پنهنجي پڙهندڙن وٽان ڀرپور محبتون مليو آهن، جيڪي منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن، پنهنجو تخليق پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائيندي مان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندي آهيان، بدلي ۾ ايترو مان ملڻ پنهنجي خيال ۾ اهو مهانگو سودو ناهي، نه ته ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه ذاتي ڏيٺ ويٺ ۽ ظاهري حيثيت کي ڏسي مڃتا ڏني وڃي ٿي جيڪو پئسي جي لحاظ کان جيترو طاقتور هوندو ان جو نالو اوترو ئي اڳتي هوندو آهي، ائين هجڻ نه کپي، اسان زندگيءَ ۾ ئي اها مڃتا ڏيون جن جو ڪو حقدار آهي بعد ۾ تعريفن جا انبار لڳائڻ مان ڪهڙو فائدو.
    منهنجي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب ” اماس راتيون اداس رستا“ توهان تائين پهچائڻ ۾ جن محترم هستين سڌي يا اڻ سڌي طرح مون سان سهڪار ڪيو ۽ همٿايو انهن سڀني جي دل سان ٿورائتي آهيان، مان پنهنجن جي ان قرب جي هميشه قرضدار رهنديس.
    محترم ايوب کوسي جي احسانمند آهيان جنهن منهنجي ڪتاب جو دل سان مهاڳ لکيو، محترم سائين نصير مرزا ۽ ڀاءُ عاشق نظاماڻيءَ جا به ٿورا جنهن پنهنجي قيمتي راءِ سان نوازيو .
    خاص طور تي ٿورائتي آهيان ساجد سنڌيءَ جي، جنهن ٻروچڪي اک ڏيکاريندي باقائده وڙهي جهيڙو ڪري ڄڻ ته پنهنجي داداگيري سان مون کان ڪتاب جو مواد ورتو ،مهرباني ساجد!.
    آخر ۾ اهوئي چونديس ته جنهن پيار ۽ پاٻوهه سان مون هي شاعري سرجي آهي، اميد ته توهان به ان کي اهڙي ئي پاٻوهه سان پڙهندا ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪندا، ڇو ته توهان سڀن جي راءِ منهنجي اکين تي هوندي، پنهنجي پڙهندڙن جي راءِ منهنجي لاءِ محترم هوندي. پنجتن پاڪ جي صدقي ۾ توهان سڀن کي دعا ته خدا اوهانکي خوش ۽ آباد رکي ۽ سواءِ غم حسين جي ڪو غم نه ڏئي.

    فهميده شرف بلوچ


    هڪ جهڙي درد جا وارث

    هڪ جهڙي درد جا وارث

    مون کي جڏهن لکڻ جي لاءِ چيو ويو ته فهميده جي شاعري جي حوالي سان ٻه سٽون لکي ڏيان ته ان وقت ائين لڳو ڄڻ پنهنجي اولاد جي حوالي سان لکڻ لاءِ مون کان ڄڻ ته ڏات رسي وئي هجي، جيڪڏهن تعريف ڪنديس ته چوڻ وارا ان کي ماءُ ۽ ڌيءَ جي حوالي سان وڌاءُ نه سمجهن پر مان فهميده کي ان ڏينهن کان سڃاڻان جڏهن هُن دنيا ۾ پهريون ڀيرو اکيون کوليون ته شايد پهرين نظر ان جي پنهنجي جيجل تي ئي پئي هوندي ۽ ائين ئي اهو ننڍڙو وجود منهنجي لاءِ قدرت جو تحفو هو، ٽن سالن کانپوءِ قدرت طرفان هڪ ٻيو تحفو آصف علي ان گهر ۾ پنهنجيون سهڻيون اکيون کوليون ۽ وري ٽن سالن بعد قدرت نجمه صنوبر جهڙي خوبصورت تحفي سان نوازيو، اهڙي طرح ڏکايل زندگي اولاد جي خوبصورتيءَ ۾ اهڙي طرح رنگجي وئي جو دنيا جي ڏکن جو ڪو به احساس نه رهيو ته ڏک به ڪنهن شيءَ جو نالو آهن. نجمه صنوبر ته 10 ڏينهن پنهنجي امڙ جيجل سان رهي دنيا مان موڪلائي مون کي ٻيهر ڏکن جي يادگيري ڏياري ڇڏي.
    بس زندگي گذرندي رهي ۽ منهنجو غزالي اکين وارو آصف علي (پنهل) مون کي سترنهن سالن جي عمر ۾ جدائي جو اهڙو ته ڏک، سور ۽ عذاب ڏئي ويو جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان، اسان ٻنهي يعني فهميده (گل) ۽ مون کي ڏکن جي انهي سمنڊ ۾ اڇلائي ويو جو آئون روز پئي مران، پنهل موٽي آ، جتان ڪو به نه موٽيو آ، انهن سڀني شين جو تاڃي پيٽو ميڙي گڏ ڪجي ته بس گل جي شاعري ۽ ان جي امڙ جي ڏکن جي شاعري آهي باقي فهميده جي شاعريءَ ۾ مون کي هڪ لفظ ”موت“ بلڪل به نه وڻندو آهي، فهميده گل جي اهڙي ڪيتري ئي شاعري مون ضايع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ هن ”موت“ لفظ استعمال ڪيو هو، ڇو ته موت مون کي تمام گهڻا ڏک ڏنا آهن.
    فهميده جي استاد محترم بابا آثم ناٿن شاهي آخري ملاقات ۾ مون کي مٿي تي هٿ رکي وصيت ڪئي هئي ته ”امان فهميده منهنجي امانت اٿئي، منهنجي امانت جي پارت اٿئي.“ مون کلندي وراڻيو ”بابا اوهان پنهنجي امانت کي پاڻ سان گڏ ڪيو.“ فهميده جي شاعري جي حوالي سان اهو ئي چونديس ته سندس هر سٽ ۾ درد مونکي پنهنجو درد لڳندو آهي، فهميده لاءِ دعا ڪندا ۽ سڀني کي التجا ته کيس دعائن ۾ هميشه ياد رکندا.


    فهميده سان گڏ اوهان سڀني جي امڙ
    عجيبان بلوچ


    مهاڳ

    مهاڳ
    وجدان مان اُسريل حُسناڪ شاعري

    ساهه کڻندڙ تاريخي حقيقت اها آهي ته جيڪي قومون چُپ رهي، پنهنجا زخم چٽينديون آهن، اُهي لُڙ ۾ لُڙاٽجي برباد ٿي وينديون آهن، پر جيڪي قومون پنهنجي زخمن کي پنهنجي رُتبن کي شاعري ۽ ادب ۾ تبديل ڪنديون آهن، اُهي سدا بهار بڻجي وينديون آهن. ادب چرچو ناهي، ادب زندگيءَ جو تحفو آهي. ويجهڙ ۾ ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته سنڌي ادب گمنام ۽ مُرده ڪتابن جو قبرستان بڻجي رهيو آهي! وڏي تعداد ۾ اهڙا ڪتاب ڇپجن پيا، جيڪي پيدا ٿيندي ئي مري وڃن ٿا. انهن مان ڪو لاڀ ملڻ ته پري رهيو، پر ڪٿي انهن مرحومن جو ذڪر به نٿو ٿئي. انهن ڪتابن تي لکيل اسان جي سڄڻن جا نوٽ ۽ تاثر به ڪتبا بڻجي وڃن ٿا!
    اهو وڏو الميو آهي. مون کي اِها به سُڌ آهي ته سنڌي قوم چُپ ٿي پنهنجا زخم چٽڻ واري قوم ناهي، هُن هميشه تاريخ سان اکيون ملائي پوءِ ساهه کنيو آهي! پوءِ هِي بحران ۽ جُمود ڇو پيدا ٿيو آهي؟ سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اردو ٻولي جو ادب اڄ به سنجيدگيءَ جي ڇانءُ هيٺ ساهه کڻي پيو، پر اسان غير سنجيدگيءَ جي بيابان جي اُس ۾ بيٺا آهيون! ٻي طرف جي حقيقت ۾ جهاتيءَ پائجي ٿي ته اهو چٽو ظاهر آهي ته سنڌ شاعريءَ جي انفراديت اها ئي آهي ته اُها هڪ ڌرتيءَ جي شاعري هئڻ جو ثبوت ڏئي ٿي، جنهن جو ڪلاسڪ به پاڻياريءَ جي سِر تي ٻيلهڙو کڻڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ وطن کي وسارڻ جي بي واس نقطي کي ”حيف“ جي نظريي ۾ نروار ڪري ٿو. اردو شاعريءَ جي ڪمال کان ڪو به انڪار ناهي، پر اردو شاعريءَ جي گهڻائي ۾ وڃي ڳولبو ته اُن ۾ ڪازمين ڪا ڌرتيءَ شايد ئي نظر اچي.! باقي احساسن ۽ نفسيات جي آسمانن تي اُڏاران جي انتها اردو شاعريءَ ۾ عروج جو درجو رکندڙ حقيقت آهي. ان ڊگهي بحث کي پاسيرو رکي هتي نوجوان شاعره فهميده شرف بلوچ جي ڪتاب ”اُماس راتيون اداس رستا“ تي احساسن جي اپٽار بنيادي مقصد آهي. هِيءُ ڪتاب خوبصورت تخليقي نواڻ ۽ شاندار تخليقي سنجيدگيءَ جو نرالو مثال ۽ نئون آرس آهي، انفراديت جو ساکي آهي.
    مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته 1992ع ڌاري اسان واريءَ نئين کيپ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي عشق سان داخل ٿي هئي. اهو دؤر ٻن اهم حقيقتن ۾ نشانبر هو. هڪ حقيقت اها ته سنڌ لساني فسادن جي باهه ۾ ٻريل هئي. اُهي اثر اسان تي به پيا هئا. ٻي حقيقت اها سامهون هئي ته جنرل ضياءُ الحق جي موت سان ان جو وحشيءَ دؤر پڄاڻي تي پهتو هو ۽ انڌيءَ منڊي جهموريت جاڳيل هئي، جنهن ڪري جديد سنڌي پرنٽ ميڊيا اسان جي حوصلا افزائي لاءِ موجود هئي. هِن قافلي ۾ فهميده شرف اسان جو حصو هئي. هُن جي شاعريءَ ۾ توجهه ڇڪائڻ جا سمورا عنصر موجود هئا، توڙي جو هن تمام گهٽ پئي لکيو، ٿيو ائين جو پذيرائي ملڻ واري وقت ۾ هوءَ پاسيري رهجي وئي. هوءَ مڃتا جي لائق هئي/آهي، پر هن اوچتو گمنام جيان پئي وقت گهاريو، حد ته اها به رهي آهي جو ڄاڻي واڻي به هن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ٿي آهي. سچ اهو آهي ته هوءَ ڪافي اهم ۽ مٿڀريءَ سڄاڻ شاعره آهي، بلڪه آئون ته ايئن چوندس ته سنڌي جديد شاعريءَ ۾ ڪل ڏهه کن شاعرائون مس مڪمل تخليقي شاعرائون آهن، جن ۾ فهميده به هڪ آهي. دير سان ئي سهي پر هُن جو هيءُ پهريون شعري مجموعو نروار ٿيو آهي، جيڪو اهو طئي ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيندو ته فهميده ڪيتري اهم شاعره آهي.
    مهاڳ لاءِ سامهون آيل فهميده شرف جي شاعريءَ کي پڙهي آئون سچ ته حيران ٿيو آهيان. ڪيئي هروڀرو کڄندڙ شاعريءَ ۾ نالا هُن جي شاعريءَ آڏو ڏاڍا غير اهم ٿا لڳن. فهميده جي شاعري اهم ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو حُسناڪ حصو آهي. هُن جي شاعريءَ جي معصوميت ۽ گهرائي هُن کي سڀني کان منفرد ڪري بيهاري ٿي. آئون ائين به چوڻ چاهيندس ته هو سنڌي شاعرائن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيباڪ شاعره آهي. هُن مڪمل وجد سان پنهنجو اظهار وائکو ڪيو آهي، اهڙو اظهار گهڻين شاعرائن ورلي اظهاريو آهي. اها منفرد جرئت هُن جي اهم خوبيءَ آهي. اِها بيساختگيءَ هُن جي شاندار شاعريءَ جو اهم جُز به آهي.
    شاهه لطيف تي لکيل پنهنجي اڀياسي ڪتاب ”سُهائي سُپرينءَ جي“ ۾ اهو لکيو اٿم ته : ڪنهن سنڌي شاعره عورتاڻي ڪيفيتن، حساسيت ۽ احساسن تي ڪو هڪ به شعر ناهي لکيو، جهڙا بيت ڀٽائي عورتاڻي احساس ۾ لکيا آهن! حقيقت اها آهي ته فهميده جي شاعريءَ پڙهي آئون پنهنجي ان راءِ تي نظرثاني لاءِ مجبور ٿيو آهيان، مون شروع کان ئي سنڌي شاعريءَ ۾ احساس جي انتها ئي کي تلاش ڪيو آهي، اڪثر ناڪامي به ملي آهي، ڇو جو تمام گهٽ شاعرن احساس جي انتها تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. اها خوشيءَ جهڙي حقيقت آهي ته فهميده شرف بلوچ جي شاعريءَ ۾ احساس جي انتها جا ڪيئي رنگ نظر اچن ٿا، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته هو وجد سان ڀريل مڪمل شاعره آهي، نفسيات جي ابي سنگمڊ فرائڊ چيو آهي :”لاشعور مون دريافت ناهي ڪيو، اهو شاعرن جو ئي ڪمال آهي!“ شاعريءَ کي هوا جو جُهوٽو، اُڀ جو تارو، سمنڊ جي گهرائي، درياهه جو مٺاس، رابيل جي خوشبوءِ ۽ تاريخ جي رڙ بڻائيندو ئي وجد آهي. ڪيفيتن جي گردشن کي فلاسافي ڇا ٿي سمجهي؟ نفسيات، عشق جي وجد لاءِ ڪهڙو ٿي نظريو رکي؟ انهن زاوين سان ڪنهن به ناهي ڏٺو، عام شاعرن ۽ تخليقي سنڌي اهم شاعرن جي شاعريءَ ۾ وڏو فرق آهي. وجداني ڪيفيت جو جنم ڪا ننڍڙيءَ ڳالهه ناهي. اسان وٽ عورت ۽ مرد جي ڪيل شاعريءَ کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ جي روايت رهي آهي. ذاتي طور آئون ان نظريي جو حامي ناهيان، لفظ ”شاعري“ عورت ۽ مرد جي الڳ ورهاست جي محتاج ناهي!
    شاعر هجڻ ئي اصل ۾ وڏو اعزاز آهي. ”شاعر“ لفظ انسان جي تشريح آهي. جنس جي ورهاست آرٽ ۾ ڪابه حيثيت نٿي رکي. ميران جي شاعريءَ مرد/عورت جي شاعري هجڻ جي ليبل کان گهڻي مٿڀري آهي. شاعري انسان مان اُڀري ٿي، انسان ۾ آرس موڙي ٿي، انسان ان کي تخليق ڪري ٿو، انسان مرد به آهي ته عورت به آهي. شاعري جنس ناهي! نظرين جو رويو اهو آهي جو انسان مادريءَ نظام مان نڪري پدر شاهي ۾ اچي پير کوڙيا آهن، جنس جي فرق کي اڪثر نظام قبولي چڪا آهن، پر فلاسافي اڃان به انڪار جي فلسفي تي اُڀي آهي. آزاديءَ کان وانجهيل عورت نفسيات جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿيندي رهي آهي. اظهار لاءِ شاعريءَ کان سواءِ گُهٽيل معاشرن ۾ عورت وٽ ٻيا اسٽيج نالي ماتر رهيا آهن. مرداڻي سماجن ۾ عورت کي شاعريءَ ۾ به محتاط رهڻو پيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ پاڻ کي صرف انسان جي آئيني ۽ فريم ۾ بيهاري ڪا عورت بيباڪ شاعريءَ ڪري ٿي ته اها ڄڻ زنجيرن کي ٽوڙڻ جي ڳالهه آهي. انسان جي رُتبي کي اُجاگر ڪرڻ جي ڳالهه آهي. عورت جي احساس جي شاعريءَ ان ڪري به اهم آهي، جو اُها نزاڪت مان نِسري ٿي، خونخوار روين کي پُٺيءَ ڏئي رابيل ورهائڻ جي جستجو ڪري ٿي. قديم يونان جي شاعره سيفو کان وٺي فلسطيني شاعره فدويٰ توقان تائين، قديم قرطبا جي عرب شاعره ولاده بنت المستقفي کان فهميده شرف بلوچ تائين جي شاعريءَ ۾ اُڀريل بيساختگيءَ جي نفاست جي حُسن جي سچ کي ڪڏهن به پُٺيءَ ڏئي نٿي سگهجي! عورت جي شاعري گل جي گفتگو به آهي، ته ستارن جي گُهور به آهي! فهميده جي شاعريءَ غزلن، واين، گيتن، بيتن، نظمن، ترائيل، وغيره ۾ جاڳندڙ شاعريءَ جو نرالو جلوو آهي. اسان جا اڪثر سر موڙ شاعر ڪنهن خاص صنف جا شاعر طور سُڃاتا ويندا آهن، صرف چند شاعر اهڙا آهن، جن هر صنف ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، فهميده وٽ اهڙي نرالي ڏات آهي جو هُن سڀني صنفن ۾ بهترين شاعري سِرجي آهي. هُن جا غزل جديد سنڌي غزل جو حصو ۽ تسلسل آهن، اُهي غزل بيخوديءَ مان اُڀريل آهن، اُنهن کي زوريءَ ناهي لکيو ويو، انهن غزلن کي اجرڪ جهڙي حَسين ٻولي اوڍيل آهي. عروض جي ڇير جو ڇمڪو انهن غزلن ۾ اوجاڳيل آهي. انهن بر سان نه پر بحر سان ناتو جوڙيو آهي.

    خاموش آ هر منظر، ويران ڳليون آهن،
    ڪيڏو ته وڪوڙي ويون دردن جون وليون آهن.

    ڪا ياد ائين دل کي هر روز ٿي پئي گهائي،
    ٽانڊن تي رکيون ڄڻ ڪنهن چمپا جون ڪليون آهن

    هُن جي فطرت آڏ کوئڻ، ڀل ڏُکوئي،
    ڪير ويهي دل اُکيڙي غم ڪري.

    ڪاش هيڪر ٿي پوين تون گُل جيان،
    لڙڪ توتي سڀ ڇٽيان شبنم ڪري!

    اڄ نه ڪي بادل، نه بارش ٿِي وڻي،
    تو بنا بي چين ٿو آگم ڪري.

    پرين! پيار تنهنجو هُيو مِنهن جيئن،
    مٺا! ياد تنهنجي ٿي الهام وئي.

    زماني کي آڇيا سڀ خواب ته به،
    ڇو هر آس مون لئه ٿي الزام وئي؟
    ڳچ وقت کان اهو سوال منهنجي ذهن ۾ ڪُکندو رهيو آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ڪا شاعره اردو جي پروين شاڪر جهڙي بيساختا وجداني شاعريءَ ڇو ناهي ڏئي سگهي؟ فهميده جي شاعريءَ پڙهي، مون کي ان سوال جو ڄڻ جواب مليو آهي.
    مٿي ڏنل شعرن ۾ پُرسوز اجهل احساساتي اُڇلون ۽ ڇوليون ڪير چوندو ته حَسين شاعري ناهن؟ احساس جي انتها اُن کان مٿي ڪهڙي هوندي جو محبوب گل جيان هجي ۽ ان تي ٽهڪن بجاءِ سڀ لڙڪ ماڪ ڪري ڇَٽي ڇڏجن! ڇٽبا ته گل آهن، پر لڙڪ ڇٽڻ محبت جي وجد جي نئين انفراديت آهي. درد جي اُپٽار بليڊ جي ڌار تان اگهاڙي پير جي گذرڻ جهڙي آهي. ڪيفيت شاعري بڻجي ٿي اهو سچ آهي، پر شاعري خود ڪيفيت جي ڪيف ۾ تبديل ٿي وڃي، اها نئين ڳالهه آهي. بارش ۽ بادل جو نه وڻڻ، آگم جو بي چين ڪرڻ، ياد جو الهام ٿيڻ، مکڙين جو ٽانڊن ۾ مرڻ، ڏاڍا حُسناڪ خيال آهن. اهائي ته فطري شاعري آهي.
    اماس راتيون، اُداس رستا،
    وٺن ٿا يادن جو واس رستا.

    ڦُري ٿو سوچون سفر اسان کان،
    پَٽين ٿا پيرن جو ماس رستا.

    پرينءَ سنڀالي پوءِ پير رکجو،
    اسان جي دل جا حساس رستا.

    واس انگ انگ مان ڪيئي اُڀري پيا
    رنگ اهڙو محبت ڪو لائي وئي.

    خواب جيڪا خريدڻ هِت آئي هُئي،
    نيڻ ڀي راهه ۾ سا وڃائي وئي.

    جيڪي پل توکان جدا ڀوڳيون پيا،
    هر گهڙي ڄڻ ڪا سزا ڀوڳيون پيا.

    سڄو ڏيهه هاڻي ڏُکائي ٿو ڪيڏو،
    ڇڏي ڏيهه سارو لڪان مان اکين ۾.

    ڇو پُڇين ٿو لُڙڪ ڪنهن جي ڪاڻ ٿِي،
    ايترو ڀي ڪين تون اڻ ڄاڻ ٿي!

    هيءَ حياتي ايتري هيسيل ڊنل،
    اڳ ته اهڙي ڪا نه هُئي جيئن هاڻ ٿِي!
    شيڪسپيئر چيو آهي: ”شاعريءَ اعليٰ سنجيدگيءَ جو نالو آهي.“
    فهميده جي شاعريءَ ان جملي جي آرسيءَ آهي. جيترو بيانيا انداز سگهارو آهي، ايترو ئي نفيس فڪر هِن شاعريءَ جي زمين ۾ ڪپهه جي فصل وانگي موجود آهي. ڪپهه مهذب پڻي جي علامت آهي. ڪپهه اوگهڙ جو اوڇڻ آهي. محبت لالائي ۾ رڱي ٿِي، اهو عظيم سچ آهي. ان ئي رستي تي خواب وڪجن نٿا، پنهنجو رَت ڏئي به خواب خريد ڪجن ٿا، پر هن راهه ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجيون اکيون به وڃائجي وڃن ٿيون. اهڙي ئي دردناڪ ڪيفيت لاءِ بابا ڀٽائي چيو هو:
    مادر! مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهن!
    ان کان اڳي جو انسان کي وحشتن جا ڪانگ پَٽين، انسان ٻئي انسان جي اکين جي پناهه گاهه ۾ لڪڻ جي آرزو ڪندو آهي، ڇو جو يونيورسل سچ اهو آهي ته انسان، انسان کي سمجهي سگهي ٿو. فهميده جي اڀاريل حساسيت لاجواب لڳي ٿي، بيمثال چئي سگهجي ٿي.
    ٿو چنڊ لڳي وياڪل، مايوس ستارا ڀي،
    جنهن وقت پِيا تنهنجي ٿِي سار اچي ڪائي.

    توکان پوءِ هميشه لئه هِن منهنجي حياتي تي.
    هر ٽهڪ ٺٺولي آ، هر لڙڪ تماشائي.

    درد ڪيڏو اندر تي اثر ٿو ڪري،
    ڦول جهڙين دلين کي پٿر ٿو ڪري.

    پوءِ ڪيڏا اندر ۾ جلن ديپ ٿا،
    هڪ دفعو جي کڻي هُو نظر ٿو ڪري.

    چَئَه خواب ڏسن ڪهڙا، مُرڪن ته ڀلا ڪهڙو،
    هِي نيڻ پرين جيڪي، پُرنم ئي رهيا آهن.

    سوين رنگ تُنهنجا نظر آيا مون کي،
    جڏهن تنهنجي دل ۾ نهارڻ سِکيو مون.

    سُونهن نگريءَ مان خريديم خواب هڪ،
    روح پنهنجي کي هزارين غم ڏئي.

    پيار جو بادل نٿو مون تي وسي،
    وِڄ جا چمڪا ڏئي ٿي زندگي.

    وات جي خُشڪيءَ جو ڇا !؟
    اُڃ سڄي اندر ۾ آ.

    اڄڪلهه تنهنجي آڏو مان،
    آهيان بند ڪتاب جيان.

    هو ڪڏهن جيڪي هئا پنهنجا لڳا.
    اڄ اُهي مون کي رڳو پاڇا لڳا.
    بيشڪ هِيءُ شيشي جهڙي نازڪ ۽ حساس ڪيفيتن جي شاعري آهي. شيشي تي ڪرندڙ بارش ڦڙين جهڙي ويا ڪلتا ظاهر آهي، هِي ابهام کان آجي شاعري آهي. فڪر ۾ ڪابه اوپرائي ناهي. شاعري ۽ روئندڙ اکين جي درد جي وچ ۾ ڪابه لڪير نڪتل ناهي! فهميده غزل جي حسناڪيءَ کي ڪمال سان برقرار رکي ٿي. اهو منفرد پڻو آهي. وات جي خشڪيءَ کي اندر جي اُڃ کان ڌار ڪري بيهارڻ دلفريب نواڻ آهي. هزارين غمن جي عيوض خواب خريد ڪرڻ اڪيلائي جي اذيت کان نجات جي سانوري ڪوشش آهي. دل ۾ نهارڻ جو فن سکڻ، زندگيءَ جو ڏکيو فلسفو آهي. اهو مشاهدو درد جي هزارين راتين ۾ تڙپڻ، پڄرڻ ۽ کامڻ کان پوءِ ئي حاصل ٿيندو آهي.
    عظيم روسي ليکڪ چيخوف لکيو آهي: ”هر ماڻهو جي سچي ۽ سڀ کان دلچسپ زندگي جو پويان اوندهه جاري رهندي آهي، هر انساني وجود اسرار جي چادر ۾ ويڙهيل رهندو آهي!“ آئون اهو چوندس ته انساني وجود جي اسرار جي چادر لاهڻ جو فن صرف شاعري ئي ڄاڻي ٿي! شاعري ئي اسرار ته ڇا انسان جي تبديل ٿيندڙ پاڇي جي شڪل به پڙهي وٺي ٿي! پنهنجا لڳڻ وارا اوچتو پاڇا لڳن، اهو بيان ڪرڻ خوبصورت شاعريءَ جو ئي ڪم آهي!
    مان هُن ڏانهن ويندس نئين راهه ٺاهي،
    نه روڪيو کڻي جي وڃان ٿي ته ڇا هي؟

    هر رات جي پويان هڪ سورج ٿو پيو ڊوڙي،
    پاڇي جي پٺيان ڪوئي اظهار ٿو ڀٽڪي پيو.

    توکي ڳولڻ لاءِ پيا مان،
    اُڀ سمورو اُڪريَ وئي هان!

    جي چاهيو سڀئي پاپ کاتي ۾ لکجو،
    ڪٿي ٿا چئون ٿِي ثوابن جي ورکا.

    جي خواب کَسي ڪنهن کان لڙڪن ۾ لوڙهي،
    ڪنهن جي رات جي پرڀات ته آءُ روڪيانس!

    اي منهنجا قلم! مون کي قسم آ تنهنجو،
    وڪجڻ جي لڳي ڏات، ته آءُ روڪيانس!

    لفظ ڊوڙن ٿا پيا ڪڪرن جيان،
    شاعري ڄڻ مينهن جو اهڃاڻ ٿي.

    اڪيلو چنڊ ڀي ته آ،
    اسان ڇو سوڳوار ٿيون؟
    ٽي ايس ايليٽ چيو آهي : ”هڪ حقيقي شاعر ادراڪ ۽ احساس جون نيون شڪليون تلاش ڪري ٿو.“
    فهميده جي شاعريءَ احساس جي نئين شڪلين جي شاعري آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي. نئين راهه ڳولڻ، اسان ڇو سوڳوار ٿيون؟ ڏات وڪجي ته ان کي روڪڻ جو عزم رکڻ، خواب کسيندڙ رات جي پرڀات کي روڪڻ جو ارادو ڏيکارڻ ڇا ته غضب جو اتساهه آهي.
    فهميده نعريبازيءَ کان پنهنجي شاعريءَ کي پري رکندڙ سيبتي شاعره آهي. هن وٽ جاندار ترقي پسند سوچ آهي. رات جي پٺيان ڊوڙندڙ سج ۽ پاڇي جي پويان سهڪندڙ اظهار کي ڳوليندڙ هِي شاعره سچ جي مالڪي چاهي ٿي. اُڀ مان اُڪري وڃڻ حسين وجد آهي. قلندري ڌمال جهڙي وجداني ڪيفيت هن شاعريءَ کي موهيندڙ بڻائي ٿي. هي شاعري رڳو مينهن جو اهڃاڻ نه پر بي خوديءَ جي برسات ئي ته آهي، جيڪا وسي رهي آهي، ٿمجڻ ۽ ٿڪجڻ ان جي مزاج ۾ ئي شامل ناهي. فهميده جي شاعريءَ جي خوبي هي آهي ته اُها يڪسانيت کان بچيل آهي. هن تي ڪنهن جو به اثر نظر نٿو اچي، هن وٽ پنهنجو اسلوب آهي. عالمي ليول کان پنهنجي ملڪي سطح تائين جن شاعرائن جي هاڪ رهي آهي، انهن جي شاعري جيڪا مڃتا ماڻي آهي، ان جو بنياد عالمي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي. فهميده جي شاعري انهن پيچرن تائين رسائي لاءِ سرگردان آهي. هن وٽ اهڙو شعور به آهي.
    ايران جي شهرت يافته شاعرائن ۾ صوفي ازم جي دوست شاعره قرة العين طاهره ۽ رابعا جي شاعريءَ جهڙو چس فهميده جي شاعري ۾ نظر اچي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو. هُن ساڳي بيباڪي اختيار ڪئي آهي. ڪشمير جي بهترين شاعره حُبه خاتون عرف زوني جي شاعريءَ جهڙي هُرکر فهميده جي شاعريءَ ۾ به موجود آهي. زوني اڪبر بادشاهه جي حڪومتي دؤر ۾ دربدر ڪئي وئي هئي. اُها گمناميءَ ۾ ئي مري وئي، جنهن جي قبر جي به اڃا ڪنهن کي سُڌ ناهي پئجي سگهي! فهميده جي واين ۾ لطيفي پڙلاءُ محسوس ٿئي ٿو. اڪيلائين جا جيڪي هُن واڪا تخليق ڪيا آهن، ڄڻ هن اُهي سسئي جي سفر مان هٿ ڪيا آهن. هُن پنهنجي واين جا بُت درد سان تراشيا آهن. ٻئي طرف جدت جي آرسُن کي به خوبصورتيءَ سان رڱيو آهي. جدت ۽ ڪلاسيڪيت کي هُن شاندار نموني پرويو آهي. حساسيت هُن جي واين کي وجدي لالائي ارپي آهي.
    پويان پاڇولي جيان،
    ڏک ڪو سارو ڏينهن،
    توکي ڳولهي ٿو!

    پن ڇڻ آئي درد جي،
    وکري پن پن ۾.
    گوري گُم ٿي وئي.

    جيئن جُدا درياهه ڪنارا،
    پاڻ به ائين پري،
    جيون جي هر موڙ تي.

    تارن جي جهرمر کان تُنهنجو،
    پئي ٿِي ڏس پُڇان،
    ڪڏهن ايندين سانورا!؟

    ڌرتيءَ ساڙي پير ٿِي،
    سورج اُڇلي باهه.
    پيار تنهنجو ڇانورو!

    ڇانيل ڪاري رات آ،
    اڄ به ڪنهن جي گهر مٿان،
    چنڊ ٿو گُهوري ڏسي!
    شاهه عنايت رضوي جنهن حَسين وائي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ جنميو هو، اها اڄ به ڳرا موضوع برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اها ئي ڳالهه فهميده دل سان سمجهي پوءِ وائي کي تخليق ڪيو آهي. هُن نواڻ ڏيڻ لاءِ احساس جي گهرائي استعمال ڪئي آهي. ٿڌي ساهه کي هُن وائي جي وراڻي بڻايو آهي. حساس عورت جو جذبو جذبو هُن وائي ۾ نروار ڪيو آهي. عورت، انسان آهي، ان انسان جي جاڳ کي هُن وائي ۾ سمويو آهي. مامرو جنس جو ناهي، مامرو انساني اڪيلائي جي امنگ جو آهي. ان آرزو جي معصوميت ٻرندڙ سماج ۾ بيباڪيءَ کي ڪيئن جنمي ٿي، اُن جو شاندار نمونو فهميده پيش ڪري ٿي.
    ڌار جي آهيون ٻئي،
    جاني پوءِ جيون،
    ڪهڙي آهي ڪم جو !؟

    سمنڊ ڪناري سج جو،
    منظر ڪو توبن،
    ڪهڙي آهي ڪم جو؟

    ٽُٽي پئي جي ٽار تان،
    پوءِ ڀلا ڪو پن،
    ڪهڙي آهي ڪم جو!
    منظرن مان رومانس جي اڪيلائي جو درد اُڀارڻ ڪمال جي ڪاريگري آهي! سج تنها آهي، ڇڄي ويل پن تنها آهي، نظارو ڏسندڙ انسان تنها آهي! سج، پن ۽ انسان جي اڪيلائي جو شاعريءَ ٿي وڃڻ، وائي بڻجڻ داد لائق شاعراڻي وسعت آهي.
    اڇلايل ڪنهن ڪُنڊ ۾،
    ڪالهوڪي اخبار،
    ٻيو ڇا منهنجي زندگي!

    جيئن آ تازي گُل ۾،
    پل کن جي مهڪار،
    ٻيو ڇا منهنجي زندگي!

    ٻڏندي ۽ ترندي رهي،
    منهنجي نازڪ دل،
    ۽ هو هليو ويو!

    آئون ائين ڏسندي رهيس،
    جيئن ڪو ئي پاڳل
    ۽ هُو هليو ويو!
    ناليواريءَ سنڌي ليکڪا آپا خير النساءِ جعفري ڪٿي لکيو آهي: ”ڌار ڌار ٿيڻ... وڇوڙا... الوداعيون،.... خدا حافظ ڪرڻ..... هر لفظ کي پنهنجي پن ڇڻ آهي...!“
    لفظن جي پن ڇڻ جا عڪس فهميده اسان کي دل سان پَسايا آهن! ”شاعري درد مان جنم وٺي ٿي!“ ڪنهن دانشور جو اهو قول فهميده جي شاعريءَ جو مضبوط جُز آهي. پرسُوز حساسيت جي هِي ڇولي ڇولي فهميده جي واين کي گهرو بڻائي ٿي. اها نڪور وائي موهي ٿي. وائي جو مزاج ڪٿي هيڻو، ڪٿي پرعزم رکي هن نواڻ پيدا ڪئي آهي. ڪنڊ ۾ اڇلايل پراڻي اخبار جي حقيقت هِن سماج جي عورت جي درد ڪٿا ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ عورت کي گل جيان ڇِني ان جي مهڪ کي عارضي بڻائڻ جي سچ کان ڪير انڪار ڪندو؟ سچي شاعري چئبي اُها آهي جيڪا سندي ذات جي عڪاسي کان وڌيڪ ٻين جي زندگي جي عڪاس بڻجي! اهو سچ جيڪو سڀني جو سچ محسوس ٿئي، اهو وڏو سچ آهي. فهميده اهو سچ اڀارڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
    ٻاهر ڇو ٿو ڳولين سُپرين،
    تنهنجي پنهنجي اندر ۾،
    چنڊ ٿو جاڳي!
    هن خيال جي تشريح ڪجي ته برازيل جي مشهور پادريءَ هيلڊر ڪامارا جا هي لفظ ڪافي آهن ته: ”زندگي ئي سڀ کان وڏي سوُنهن آهي!“
    پنهنجي اندر ۾ چنڊ کي ڳولي لهڻ لاشڪ انتهائي محبوب فلسفو آهي.
    پنهنجي دؤر ۾ ڪامياب شاعري ڪندڙ فهميده شرف جي لکيل گيتن جو تجزيو ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو چوڻ چاهيندس ته گيت يا ڳيچ جي بانيڪار ئي عورت ذات آهي. سمورا لوڪ گيت گمنام مائرن جي ايجاد آهن، گيتن جي به عجيب تاريخ آهي، هڪڙا گيت خانه بدوشن جا سرجيل آهن. هڪڙا گيت ڌرتيءَ جي وارثن جا تخليق ڪيل آهن. هڪڙا گيت فاتحن جا لکيل آهن. هڪڙا گيت غلامن ۽ اڇوتن جو آواز آهن. هڪڙا گيت انقلابين اڀاريا آهن، هڪڙا گيت مذهب پرستن پيش ڪيا آهن. گيت مختلف آهن، نظريا ڌار ڌار آهن. گيت جي صنف ترقي ڪندي گهڻو اڳتي وڌي چُڪي آهي. جديد گيتن جو مزاج منفرد رستي جو مسافر بڻيل آهي. اُهي گيت رنگا رنگي بڻجي ويا آهن.
    فهميده شرف به دل سان گلابي گيت لکيا آهن. هن ٻين کان ڪافي منفرد گيت لکيا آهن. هُن جي گيتن ۾ زندگي جي ڳالهه آهي.
    سڄي عمر ماڻهو جي من کي کپن ٿا.
    جيئڻ جا حوالا....
    هر گهڙي مون کي سڏي ٿو،
    ڪوئي چنچل خواب هڪڙو،
    ٻاٽ ۾ ٿي سوجهرو،
    پيار مون لئه ڇانورو!

    اسان پيار وارن جي ساري حياتي،
    ڪڏهن رات راڻي، ڪڏهن اک جو پاڻي.
    انوکي ڪهاڻي

    واٽ اونداهه مان،
    هُو اچي جي ڪٿان،
    جيءُ ٻاري سَکي،
    روشني مان ڪيان!

    خواب منهنجا رهن ٿا شبنمي،
    سنگ تنهنجي جو جُهومي پئي زندگي،
    هٿ وڌائي ٻئي، ڊوڙندي ٿِي اچي،
    اڄ خوشي اوچتو، درد جي ميڙ مان،
    جيءُ ٻاري سکي،
    روشني مان ڪيان!
    مٿين احساسن کي پڙهي قديم قرطبا جي شاعره ولاده جون هي سٽون ٿيون ياد اچن:
    جُدائي جي معني اها ٿي بيهي ته
    ملي نٿا سگهون!
    سڀ عشق وارا پنهنجا درد روئن ٿا.
    ملاقات جي گهڙي ناهي ته پوءِ،
    هر موسم پن ڇڻ آهي.
    جيڪا خواهش جي ٻرندڙ ٽانڊن کي،
    پيرن سان ٻَڌي ٿِي ڇڏي!
    گيت معصوميت جي اظهار کي اڀاريندڙ حقيقت آهن، فهميده جي گيتن ۾ اُها نازڪ مزاجي عروج تي نظر اچي ٿي، انهن گيتن ۾ دل جو ڌڙڪو شامل محسوس ڪجي ٿو.
    پاڇو پوئين پهر جو،
    الا! مان آهيان
    مون کي سار نه تون.
    ماٺ ۾ آئون گذري وينديس،
    خوشبو بڻجي اُڏري وينديس،
    ساڀيائن جي آس جو،
    سپنو ڪو ناهيان!
    مون کي سار نه تُون!
    ڪو به شڪ ناهي ته حُسن جي محبوبيت ۽ معصوميت صدين ۽ زمانن کان تبرن سان ڪُٺي وئي آهي. ذاتي انائن جي روش معصوميت کي سدائين ڪاريءَ رات پويان دفن ڪرڻ چاهيو آهي. فهميده جي شاعري ڪُٺل معصوميت جي روح کي، جوڀن کي، ۽ سُڏڪي سُڏڪي کي پوريءَ سگهه سان عيان ڪيو آهي.
    فهميده جو منفرد پڻو اهو آهي جو هُن عاشق بڻجي بنا ڪنهن جي پرواهه جي پنهنجي محبت کي دل سان بيان ڪيو آهي. هُن پنهنجي شاعريءَ کي ڪو به نقاب ناهي پارايو. سچ ته مون سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت جا بي انتها حساس ۽ زبردست احساساتي بيت فهميده جي شاعريءَ ۾ پڙهيا آهن. حيرت جي مهڪ اچي منهنجي ذهن ۽ دل کي ڇهيو آهي. هُن جا بيت سرمستيءَ واري ڪيفيت جو جلوو آهن. اُهي نئين اجرڪ ۽ رڻ ۾ ٽڙيل گل وانگي توجهه ڇڪائيندڙ آهن. هي بيت واضح ڪن ٿا ته هُو اڳئين صف جي مڪمل شاعره آهي. هُن واقعي به شاعريءَ کي شاعريءَ جي جواني ڏني آهي.
    هُو سڀ تارا اُڀ تي، ڇو ٿا شرمائين،
    هر هر نيڻ کڻي پيا، جهٽ ۾ جُهڪائين،
    ڄڻ ٿا ڪنائين، ڳالهيون ڪنهن جي پيار جون.

    ظاهر مَرڪان پئي مگر، اندر ۾ شمشان،
    ڪيئي دل ۾ ٿا اُٿن، يادن جا طوفان.
    منهنجو من ويران، هَن جي وئي کان پوءِ ٿيو.

    آسڻ اکين ۾ رڳو، هُن جا ئي آهين،
    هُن کان آءُ رُسي وڃان، ڇو ٿا ائين چاهين.
    مون وٽ ٻيا ناهين، سپنا پرينءَ کان سِوا.

    سکيءَ، ڪاريءَ رات ۾، ڪيڏا نيڻ ٽِميا،
    چنڊ وڌائي هٿڙا، سارا لُڙڪ اُگهيا.
    تنهن کان پوءِ پُڇيا، منهنجي سارا درد هُن.

    منهنجي جوڀن جا سکي، سڀ رنگ چورائي،
    ڪيڏانهن ويو سانورو، ننڊون ڦٽائي،
    مون کي ريجهائي، ويو پنهنجي پيار سان.
    ڪپيل ڳچيءَ مان وهندڙ رَت جهڙيون ڪيفيتون شاعراڻي ائپروچ جي اونچائي جو ڏس ڏين ٿيون. فطرت کي انسان دوستيءَ سان سلهاڙڻ جو هي دلڪش نمونو موهي ٿو. تارا به شرمائين ٿا، ڇو جو اُهي پيار ڪندڙن جون ڳالهيون پيا ڪنائين! ستارا به محبت جون باتيون ٻڌڻ چاهين ٿا. چنڊ به انسان جي ڳلن جا ڳوڙها اُگهي ٿو، ڇو ته انسانن مان ڳوڙها اگهڻ وارو رويو موڪلائي ويو آهي. هيءَ مصنوعيت ناهي، مغالطو به ڪونهي، هيءَ فطرت دوستيءَ جو نظريو آهي. ماڻهو اوهان کان دُور ٿين ٿا، پر فطرت اوهان کان ،اوهان فطرت کان پري رهي نٿا سگهو، فطرت کان دوري خودڪشيءَ برابر آهي.
    ڪنهن جي ڪنهن جي درد جي، ڇيڙي ڪو ڪٿا،
    ڏک ۾ ڄڻ ڇِڄي پئي، هيڻي دل هرڪا،
    مون کي ڏَسيو سا، جا سُورن کان آجي هجي؟

    هاڻي کڻي آزاد ڪيو، قيدي مُنهنجو ساهه،
    لفظ اُماڙيون چئوطرف، اندر ٻري باهه.
    کوليو مُنهنجي راهه، آجو جيون کي ڪيو.

    مون کان ڪيڏي پيار مان، پُڇي پيو آڪاس،
    آهين ڇو اُداس، مکڙيءَ جهڙي ڇوڪِري!
    ڪير آهي جيڪو هن پٿريليءَ راهه ۾ زخمن کان آجو آهي؟ ڪهڙيءَ ڇاتيءَ تان ڪاتي ناهي گُذري؟ ڪنهن کي ڀلا غليظ روين رتو رت ناهي ڪيو؟ اهو ڪهڙو سچ آهي جنهن کي صليب ناهي ملي؟ ڪهڙيءَ جون آف آرڪ بچي آهي، جنهن کي ڦاهي تي ناهي جُهولايو ويو!؟ ڪهڙي سارا شگفتا سلامت روح کڻي بهار جو گُل ٿي آهي؟ هتي ته هر مکڙي مُٺ ۾ کڻي نپوڙي وئي آهي! ها... هاڻ گهڻو ٿي چُڪو! سورٺ لُٽجي چُڪي، سسئي ڀٽڪي چُڪي! انتها کان پوءِ ڪا ابتدا ٿيڻ گهرجي. دري کُلي ۽ تازي هوا اچڻ گهرجي. ڏيئو ٻرڻ ٿو چاهي، زنجير ٽٽڻ ٿي چاهي! گدلائڻ ۾ رهي به ڪنول ٽڙڻ جي آرزو ڪري چڪو آهي. راهون کلڻ ۽ کولڻ جو نعرو بلند ٿي چڪو آهي. هي اتساهه سان لبريز شاعري نئون نياپو آهي، ڄڻ ته فهميده هر قيديءَ عورت جي گُهٽيل نڙيءَ جو آواز ٿيڻ چاهيو آهي. اها اعليٰ جدوجهد آهي. فهميده علامت نگاريءَ کان بهترين ڪم حاصل ڪيو آهي. آڪاس جي پُڇا خوبصورت علامت نگاريآهي. اهڙي علامت نگاريءَ جو فهميده شانائتو استعمال ڪيو آهي.
    نيڻ مليا جو جيڏيون، پرينءَ سان هڪ وار،
    ٽُڪڙا ٽڪرا ٿي وئي، شيشي جي ديوار،
    مون ڏي سئو سئو وار، پريتم نهاريو پيار مان

    مان هڪ ننڍڙو سچ، ۽ تون اُتم احساس،
    آئون ذرو هڪ ڌُوڙ جو، تون مون لئه آڪاس،
    جانب مُنهنجي آس، شال سدا هڪ ٿي وڃون.

    رابيليءَ جي گُل مٿان، سج جو جيئن چمڪو،
    مون کي اهڙو ڪو، سپنو ٿو سڏڙا ڪري،

    جيڏا منهنجا نيڻ ها، ورهين کان بي خواب،
    تِن ۾ اڄ گلاب، ڦُٽا تنهنجي پيار جا.
    محبت عالمي نظريو آهي. عالمي سچ آهي. محبت انسانيت جي نيڻن جو خواب آهي، پر ٻرندڙ سج هيٺان ”انسانيت“ ۽ ”خواب“ ٻنهي سان الميا اچي وچڙيا آهن. ٻنهيءَ کي واچوڙن ورايو آهي. انسانيت جون اکيون ڪڍيون ويون آهن ۽ هر خواب رڻ حوالي ڪيو ويو آهي! ان موضوع تي وڏو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. ٻنهي تي صدين تائين ڳالهائي سگهجي ٿو. خوشبوءِ کي دولابن جي دلالن لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. فهميده اُڃ ۽ رُڃ ۾ به محبت جي نظريي کي نروار ڪري ٿي. نقطو اهو فقط انسان جو رُتبو بحال ٿيڻ آهي. پاڻ کي هڪ ننڍڙو سچ سمجهڻ، ڌُوڙ جو ذرو تصور ڪرڻ، محبوب کي آڪاس جي مٿاهين ڏيڻ، اُن کي اُتم احساس سڏڻ، پنهنجي بي انا محبت جي حسين تشريح آهي. انا کي فنا ڪرڻ ئي ته محبت جو ٻيو نالو آهي. هڪ ٿيڻ عُنابي منشور آهي. زمانن کان بي خواب اکين ۾ خوابن جا گلاب تڏهن ئي ٽڙن ٿا، جڏهن انسان انا کان آجو ٿي وڃي ٿو. لطيف کان رجنيش اوشو تائين سڀني ان ئي نظريي ۾ ويساهه رکيو آهي. شيشي جي هر ديوار تڏهن ڪري ٿي جڏهن محبت سڏ بڻجي ٿي، پڙاڏو وري سوين ٻيا سڏ ٿِي وڃي ٿو. رابيل جي گل مٿان سج چمڪي جهڙوڪو محبوب خواب تڏهن ئي اکيون کولي مرڪي ٿو، جڏهن اُتساهه انقلاب بڻجي ٿو. فهميده جي جديد شاعريءَ جو هي نئون هٺيلو آواز جديد سنڌي شاعريءَ جو نئون آواز به آهي. اُن آواز کي پنهنجي حُسناڪيءَ آهي. گرو رجنيش اوشو چيو آهي: ”مرد جو جُهڪاءُ آسمان ڏانهن هوندو آهي، ۽ عورت جون پاڙون زمين ۾ هونديون آهن.“ فهميده جي شاعريءَ انهن لفظن جو چمڪندڙ پڙاڏو آهي.
    فهميده کي نظمن تي اڃان دسترس حاصل ڪرڻي پوندي، نظم پيچيده صنف آهي. هونئن به هر صنف تي ڪمال حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. فهميده جي نظمن ۾ تاڙي جيئن تنواريندڙ هي خيال وڏي معنيٰ رکن ٿا. روح جي زخم تي پهو رکڻ جي ڪوشش محسوس ٿين ٿا:
    هُو ڪشمير جي سڏ ۾ سڏ ڏين ٿا،
    پر سنڌڙيءَ جا سُڏڪا ڪو ٻُڌي ئي نٿو!
    مقدمو ڪشمير ته وڙهي ٿا اچن،
    سنڌ جو مقدمو وڙهي ڪير ٿو؟

    تاريخ جا نيڻ ڪو درد پائن،
    خواب ڪو پرزا ٿئي،
    چري دل صفا ڦٿڪڻ لڳي.
    جيئن گلابن کي ڪو،
    ڄَرڪندڙ ٽانڊن تي رکي ساڙڻ لڳي.
    جيئن رنگين پوپٽ ڪو،
    هاءِ وي روڊ تي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ملي.
    پنهنجي وجد، پنهنجي محبت، پنهنجي نظريي ۽ ذميوار حيثيت ۾، فهميده شرف بلوچ جيڪا پُرخلوص، وقتائتي، وزنائتي ۽ بيحد اهم ۽ ڪڏهن نه وسرندڙ شاعري اسان کي، سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا ڪئي آهي، اُها نه رڳو آجيان جي پر بي انتها داد جي لائق به آهي. ويساهه آهي ته هن شعري مجموعي ”اُماس راتيون اداس رستا“ کي شاندار پذيرائي ملندي، جيڪو هن مجموعي جو حق به آهي.
    جنهن جي سِر تي ستارن جي چُنري هئي،
    سائي سُورج کي بنديا بڻائي وئي.



    ايوب کوسو
    مئي 2016ع


    غزل

    خاموش آ هر منظر، ويران ڳليون آهن.

    خاموش آ هر منظر، ويران ڳليون آهن.
    ڪيڏو ته وڪوڙي ويون، دردن جون وليون آهن.

    ڪا آس نه ٿي پوري، هن دل جي ڪڏهن آهي،
    آسون به اسان جون سڀ هڪ، هڪ ٿي جليون آهن.

    ڪا ياد ائين دل کي هر روز ٿي پئي گهائي،
    ٽانڊن تي رکيون ڄڻ ڪنهن چمپا جون ڪليون آهن.

    جيون جي سفر ۾ مان، تنها نه پرين آهيان،
    تنهنجون ئي سدا سارون گڏ مون سان هليون آهن.

    اکيون ئي ٻڌائن ٿيون، سا ڳالهه آ ٻي ورنه،
    پنهنجون ته جفائون مون، ڪنهن سان نه سليون آهن.

    مون کان نه ٿو چورائي هي چنڊ اکيون، پر هن،
    تارن سان به چاهت جون ڳالهيون ڇو اليون آهن؟

    


    هر نظارو ٿو وڻي، پريتم ڪري،

    هر نظارو ٿو وڻي، پريتم ڪري،
    چاندني ٿي ڄڻ وسي، ڇم ڇم ڪري.

    هن جي فطرت آ ڏکوئڻ، ڀل ڏکوئي،
    ڪير ويهي دل اکيڙي غم ڪري.

    ڪاش هيڪر ٿي پوين تون گل جيان،
    لڙڪ توتي سڀ ڇٽيان شبنم ڪري.

    اڄ نه ڪي بادل، نه بارش ٿي وڻي،
    تو بنا بي چين ٿو آگم ڪري.

    مان وسارڻ ٿي گهران، وسري نه ٿو،
    ڪير ٿو هر هر اچي برهم ڪري.

    دل جي ڌرتي ٿي وئي ماتمڪده،
    ڪو ته همدردي اچي همدم ڪري.

    مان جڏهن دنيا ڇڏي ويندس هلي،
    تون تڏهن روئيندين پيو ماتم ڪري.

    


    لٿي ڏات ڄڻ ٿي گلابن جي ورکا،

    لٿي ڏات ڄڻ ٿي گلابن جي ورکا،
    وئي چؤطرف ٿي آ خوابن جي ورکا.

    ڏسي چنڊ ٿو، عڪس پاڻيءَ ۾ پنهنجو،
    ڪري چاندني ٿي شبابن جي ورکا.

    سدا پيار ۾، ٻن پريمين جي دل تي،
    زمانو ڪندو آ، عذابن جي ورکا.

    جي چاهيو سڀئي پاپ کاتي ۾ لکجو،
    ڪٿي ٿا چئون؟ ٿي ثوابن جي ورکا.

    ٻيو ڪجهه نه ٿيو، بس ڏٺس پيار مان هُنَ،
    سکيءَ منهن ڍَڪي ڪئي حجابن جي ورکا.

    ڪٿي ٿا رکون پاڻ گلشن جي خواهش،
    رهي دل تي پئي ٿي سرابن جي ورکا.


    اڏاڻا پکي ۽ لڏي لام وئي،

    اڏاڻا پکي ۽ لڏي لام وئي،
    پرين! تون نه آئين رُسي شام وئي.

    پريان ڪنهن ڪڪر ۾ لڪي چنڊ ويو،
    چٽي چاندني ڏيئي پيغام وئي.

    محبت ڇڏي عڪس ڪي دل مٿان،
    اکين منجهه اوتي سوين جام وئي،

    ڇڏي ڀونءِ اڏري وئي اڀ ڏي،
    آ هڪڙي حياتي ٿي گمنام وئي.

    پرين! پيار تنهنجو هيو، مينهن جيان،
    مٺا! ياد تنهنجي ٿي الهام وئي.

    زماني کي آڇيا سڀ خواب ته، به.
    ڇو هر آس مون لئه ٿي الزام وئي.

    


    اماس راتيون، اداس رستا،

    اماس راتيون، اداس رستا،
    وٺن ٿا يادن جو واس رستا.

    پرين سنڀالي پوءِ پير رکجو،
    اسان جي دل جا حساس رستا.

    سمورو جيون اجاڙ بن آ،
    ڪٿي اچن ٿا هي راس رستا.

    ڦُري ٿو سوچون سفر اسان کان
    پَٽِنِ ٿا پيرن جو ماس رستا.

    ڪڏهن ته ايندين پرين اسان وٽ،
    رکن ٿا تو مان ڪي آس رستا.

    نصيب پنهنجو سدا نه رهندو،
    لٽيل، ڦٽيل ۽ نراس رستا.

    


    عڪس تنهنجو به دل تان مٽائي وئي،

    عڪس تنهنجو به دل تان مٽائي وئي،
    روح کي ياد تنهنجي رُلائي وئي.

    مون ته روڪيو گهڻو، هو نه ترسي مگر،
    زندگي بي وفا هٿ ڇڏائي وئي.

    اڄ هو لهرن تي پيو نانءُ تنهنجو لکي،
    مون کي ڪن ۾ هوا آ ٻڌائي وئي.

    واس انگ انگ مان ڪيئي اڀري پيا،
    رنگ اهڙو محبت ڪو لائي وئي.

    ڪيڏو حيرانگيءَ مان تڪي ٿو پيو،
    سونهن آڪاس کي ڀي جهڪائي وئي.

    خواب، جيڪا خريدڻ هت آئي هئي،
    نيڻ ڀي راهه ۾ سا وڃائي وئي.

    آس ڪيڏي ته بي رحم نڪتي اها،
    هيکليءَ دل کي ڀي جا جلائي وئي.

    جنهن جي سِرَ تي ستارن جي چنري هئي،
    سا ئي سورج کي بنديا بڻائي وئي.

    


    جيڪي پل توکان جدا ڀوڳيون پيا،

    جيڪي پل توکان جدا ڀوڳيون پيا،
    هر گهڙي ڄڻ ڪا سزا ڀوڳيون پيا.

    ننڊ اڏري ٿي وڃي آڪاس ڏي،
    ياد ۾ پَلَ جاڳ جا ڀوڳيون پيا.

    شوخ چنچل زندگي خاموش آ،
    درد جي هر انتها ڀوڳيون پيا.

    مَنَ کي ڪاٿي ٿو ملي هاڻي سڪون،
    اذيتون بي ساختا ڀوڳيون پيا.

    ڪير ڄاڻي ٿو پيو پيڙا هتي،
    بس اڪيلا هر جفا ڀوڳيون پيا.

    سک جي منزل ڏور ڪاٿي آ پيا،
    پوءِ به ويٺا ڇو ڀلا ڀوڳيون پيا؟


    رُڪجي جي سگهي رات ته آءٌ روڪيانس،

    رُڪجي جي سگهي رات ته آءٌ روڪيانس،
    سڏڪي جي پئي سانت ته آءٌ روڪيانس.

    وس منهنجي هجي ڪاش پرين مان تنهنجي،
    وڌندي جي وڃي تات ته آءٌ روڪيانس.

    جي خواب کَسي ڪنهن کان لڙڪن ۾ لوڙهي،
    ڪنهن رات جي پرڀات ته آءٌ روڪيانس.

    مَنُ ڪنهن جو رنجائي جي گهڙي هڪڙي ڀي،
    هن ڀونءِ تي برسات ته آءٌ روڪيانس.

    اي منهنجا قلم! مون کي قسم آ تنهنجو-
    وڪجڻ جي لڳي ڏات ته آءٌ روڪيانس.


    پرين! تنهنجون يادون جڏهن ٿيون پون،

    پرين! تنهنجون يادون جڏهن ٿيون پون،
    ٿي مرڪي هوا، رقص بادل ٿا ڪن.

    اچي ياد ٿو وقت گذريل جڏهن،
    سوين عڪس دل تي تري ٿا اچن.

    سوا تنهنجي سپنا، خوشيون، محفلون،
    سڀئي ساهه کي اوپرا ٿا لڳن.

    ضدي ساڀيائون نه رُڪبيون ڪڏهن،
    پٺيان خواب ڪيڏا به سڏڪا ڀرن.

    کڙن چنڊ ٿا رات جي سانت ۾،
    جڏهن گيت سندر ٿا شاعر لکن.

    جڏهن پيار پوتر ٿا ارپيون تڏهن،
    نظارا اسان ڏي ٿا مرڪي ڏسن.


    هي سنسار سارو ڏسان مان اکين ۾،

    هي سنسار سارو ڏسان مان اکين ۾،
    ڇڏي ڏيهه سارو اچان مان اکين ۾.

    سڄي رات ڏيئا ڪري ڏات ٻاريم،
    سڄي رات وِسمان، ٻران مان اکين ۾.

    جڏهن کان هو وڇڙي ويو مون کان سرتيون!
    ٽُٽِي آس دل جي رسامان اکين ۾.

    سڄو ڏيهه هاڻي ڏکائي ٿو ڪيڏو،
    ڇڏي ڏيهه سارو لِڪان مان اکين ۾.

    متان پوءِ ٻيهر لهي ڪوئي ڳولهي،
    تڏهن پاڻ پئي ٿي ڍَڪيان مان اکين ۾.

    پري ڪين هڪ پل به تون کان ٿيان مان،
    سڄي عمر تنهنجي هُجان مان اکين ۾.

    پرين ياد تنهنجيءَ ۾ هڪ درد بنجي،
    ٿي ڪنهن لڙڪ وانگر رُلان مان اکين ۾.


    ڇو پڇين ٿو لڙڪ ڪنهن جي ڪاڻ ٿي،

    ڇو پڇين ٿو لڙڪ ڪنهن جي ڪاڻ ٿي،
    ايترو ڀي ڪين تون اڻ ڄاڻ ٿي.

    ڪير سپنا ۽ ويئه مرڪون کسي،
    ڪير ڏئي اکڙين کي ويو آلاڻ ٿي؟

    ياد تنهنجي ڄڻ گلابن جون ڪليون،
    چؤطرف ڦهلجي سرهاڻ ٿي.

    سار ڪنهن جي کي اندر۾ گڏ ڪري،
    ڄڻ اندر۾ پاليو مهراڻ ٿي.

    هيءَ حياتي ايتري هيسيل، ڊنل،
    اڳ ته اهڙي ڪانه هئي جيئن هاڻ ٿي.

    ڪير گڏجي لڙڪ ڳاڙيندو هتي،
    مان اڪيلي ڀوڳيان پئي پاڻ ٿي.

    لفظ ڊوڙن ٿا پيا ڪڪرن جيان
    شاعري ڄڻ مينهن جو اهڃاڻ ٿي.


    اسان جا نيڻ رستن ۾ ڪٿي گم ٿي ويا آهن،

    اسان جا نيڻ رستن ۾ ڪٿي گم ٿي ويا آهن،
    سمورا خواب ڄڻ وڇڙي ڪٿي وکري پيا آهن.

    ملئي تو ساڻ جيڏا! ٿورڙا ڪجهه ڏينهن هن گذريا
    مگر بي چين من ايڏو، ڏٺي ڄڻ سال ٿيا آهن.

    ٻُڌي منهنجي ڪٿا، آ چنڊ ڀي ويو سوچ ۾ پئجي،
    ان جي لاءِ ڀي ڄڻ ياد جا ڪي در کليا آهن.

    اگر رڪجي سگهن لوڪو! ته مان روڪيان کڻي جيڪر،
    مگر جذبا محبت جا ته ٿيندا بي چيا آهن.

    سکي ويران ٿي چهرو ۽ هيسيل ٿا لڳن لهجا،
    اڪيلا گيت اڄ تنهنجا الائي ڪنهن ڪيا آهن؟

    نه لڙڪن جون ڪڏهن ڳالهيون اسان سان ڇيڙجو هاڻي،
    اسان پنهنجا اهي سڏڪا وساري سڀ ڇڏيا آهن.

    تون آيو آهين ته هر شيءِ منهنجي ڄڻ نکري پئي آهي،
    لڳي آ دل به جهومڻ، نيڻ ڀي منهنجا ٺريا آهن.


    خوشيءَ خوشيءَ سان ڌار ٿيون،

    خوشيءَ خوشيءَ سان ڌار ٿيون،
    خزان نه ٿيون بهار ٿيون.

    هميشه ٽهڪ ڏئي ملون،
    ڪڏهن نه لڙڪ لار ٿيون.

    اڪيلو چنڊ ڀي ته آ،
    اسان ڇو سوڳوار ٿيون.

    اهو ئي کوڙ آ پرين،
    اکيون اکين سان چار ٿيون.

    پريت جي حساب ۾،
    ڪدورتون اڌار ٿيون.

    الڳ ٿجي انهيءَ کان اڳ،
    جو زندگيءَ تي بار ٿيون.


    پوءِ خوشي ڪهڙي رهي ڪا؟ هن سڄي ماحول ۾،

    پوءِ خوشي ڪهڙي رهي ڪا؟ هن سڄي ماحول ۾،
    چند سِڪا ساهه جا، جي زندگيءَ جي جهول ۾

    هڏ ڪڙيون ڪجهه ۽ ٿڌا ڪي ساهه، لڙڪن جون لڙيون
    ڇا ٻيو باقي بچيو آ؟ هن ڀڳل ڪشڪول ۾

    قيد آهي ڄڻ مون ڪيو تنهنجي هرهڪ ياد کي،
    پنهنجي اُجري ۽ رَسيلي گيت ڪنهن انمول ۾.

    منهنجي هن ويران مَن کي ڄڻ ته واسي ٿي ڇڏي،
    اهڙي ڪا خوشبوءِ ڀريل آ، تنهنجي هرهڪ ٻول ۾.

    "تو سوا آ ڪير منهنجو؟" تو چيو هو ياد ڪر،
    ڇو يقين ناهي رهيو، تنهنجو هينئر ڪنهن قول ۾

    مون پرين! ڪا ٿي مڃيو هو، توڙي سڀ ڪنهن ٿي چيو:
    "او چري! ڪجهه سمجهه ڪر ڇا ٿئي ڏٺو هن رول ۾.


    نيڻ آهن ڀنل هٿ مينديءَ رَتا،

    نيڻ آهن ڀنل هٿ مينديءَ رَتا،
    پاڻ تو جهول ۾ لڙڪ آهن وَتا.

    زندگيءَ جون خوشيون ائين وکري ويون،
    ٽار تان ها ڇڻيا ڄڻ ته پيلا پَتا.

    ساڀيائن جي رڻ ۾ سدا ڀٽڪندي،
    پير نازڪ اسان جا ٿيا بي سَتا.

    مان ئي هڪ ڇو زماني جي لئه ٿي ويس،
    گم ٿيل خواب ڪو ۽ نه وسريل خَطا!

    تو اسان کان وٺي چاهتون سانورا!،
    دل کي اوسيئڙا ڇو ڪيا ٿي عطا؟

    ڏس ڪنهن تنهنجو جيون خزان آ ڪيو،
    ڪنهن جي لئه او سکي!ڇوڙيا ٿي ڇَتا.


    جي چاهت ۾ تَن- مَنَ کي گهيري هليا ويا،

    جي چاهت ۾ تَن- مَنَ کي گهيري هليا ويا،
    اکيون سي اسان کان ڇو ڦيري هليا ويا.

    سڄي زندگيءَ جا ڪيا جن ها واعده،
    اهي بس ٻه-ٽي پِير سِيري هليا ويا.

    ڪڇيا، ڪو نه ڪجهه ڀي سڀئي درد دل جا،
    اکين مان رڳو لڙڪ ڪِيري هليا ويا.

    اهي چند ڏينهن جا هئا ڪي مسافر،
    اهي دل اسان جيءَ کي هِيري هليا ويا.

    جڏهن سج اڀريو ته چنڊ ڀي لڪي ويو،
    تارا به جهٽ پنهنجي ديري هليا ويا.


    درد ڪيڏو اندر تي اثر ٿو ڪري،

    درد ڪيڏو اندر تي اثر ٿو ڪري،
    ڦول جهڙين دلين کي پٿر ٿو ڪري.

    ڪانه گهرجي انهيءَ کي ڪٿي ٻي پناهه،
    ڪنهن جي نيڻن ۾ ڪوئي جي گهر ٿو ڪري.

    ڪير ٽهڪن جي پويان ڏسي لڙڪ ٿو،
    ڪير ڄاڻي! هو ڪيڏو سفر ٿو ڪري.

    پوءِ ڪيڏا اندر ۾ جلن ديپ ٿا،
    هڪ دفعو، جي کڻي هو نظر ٿو ڪري.

    هو ڳهيلو ڏسي ايڏا سپنا وڏا،
    پنهنجي جيون کي ڇا لئه زهر ٿو ڪري؟

    هو به عجب جهڙو هڪ شخص آ،
    لوڪ جي ظلم کي درگذر ٿو ڪري.

    هن جي پويان، وڇوڙي جا ڇيڙي قصا،
    مون کي مايوس ڇو هي شهر ٿو ڪري.


    غمگين حياتي هيءَ ڇاڪاڻ رهي آهي،

    غمگين حياتي هيءَ ڇاڪاڻ رهي آهي،
    دل تنهنجي اسان کان ڇو اڻ ڄاڻ رهي آهي.

    حالات تي آخر مان ڪو ڏوهه ڏيان ڪهڙو؟
    قسمت ته ڦٽل پنهنجي هيءَ پاڻ رهي آهي.

    مهڪايو جڏهن کان آ، تو خواب نگر منهنجو،
    سنسار ۾ هر پاسي چانڊاڻ رهي آهي.

    جنهن ڏينهن کان جيون کي آ پيار مليو تنهنجو،
    گيتن ۾ پرين! تنهنجي سرهاڻ رهي آهي.

    دل منهنجي ڏکائي خود پڇندا ٿا رهو هاڻي،
    نيڻن ۾ اوهان جي ڇو آلاڻ رهي آهي؟


    سپنا نه رهيا ساڳيا ۽ ساڻ نه سرهائي،

    سپنا نه رهيا ساڳيا ۽ ساڻ نه سرهائي،
    هڪ آءٌ، ٻي گڏ مون سان آ منهنجي اڪيلائي.

    سوچيان ٿي پئي هاڻي ان وقت تي مان ساجن!
    ڇا پريت هئي پنهنجي ۽ ڪهڙي شناسائي؟

    توکان پوءِ هميشه لئه هن منهنجي حياتيءَ تي،
    هر ٽهڪ ٺٺولي آ، هر لڙڪ تماشائي.

    مون ڀي نه تمنا ڪئي، موٽي نه اها خود ڀي،
    ڪجهه وقت خوشي مون کي جا راس هئي آئي.

    ٿو چنڊ لڳي وياڪل، مايوس ستارا ڀي،
    جنهن وقت پيا تنهنجي ٿي سار اچي ڪائي.


    هاڻي ايندو ڪير اوهان وٽ پنهنجو روح ريجهائڻ لاءِ،

    هاڻي ايندو ڪير اوهان وٽ پنهنجو روح ريجهائڻ لاءِ،
    ماڻهو روز بهانا ڳولهين هتڙي مَن رنجائڻ لاءِ.

    خوابن تي هو ٻرندڙ تيلي روز رکي پيا ويندا هن،
    وڌيو ڪو به نه اڳتي آهي ڪائي آڳ اجهائڻ لاءِ.

    پيار ۾ سمجهي ڪين سگهيو هو، ڪنهن ڀي گهري سازش کي،
    سارو لوڪ ئي هڪ ٿي بيٺو ڇا لئه هن کي گهائڻ لاءِ.

    ڪن ڌرجن جي اڳ ۾ ڪڏهن تنها سڙبو رهبو آ،
    پر سي درد نه هوندا آهن سڀ ڪنهن کي به ٻڌائڻ لاءِ.

    ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ڳهيلي موتين کي تون رولين پئي،
    ڪو به نه ايندو هتڙي توکي هاڻ سکي پرچائڻ لاءِ.

    ڪي ڪي درد گهٽائڻ وارا نه ته سڀ درد وڌائڻ لاءِ،
    ٿورا آڳ اجهائڻ وارا، ڪيئي آڳ لڳائڻ لاءِ.

    ڪهڙو چين مليو آتن کي، روز گلابي گيت ڏئي،
    پاڳل شاعر گيت لکن ٿا، پنهنجو چين گنوائڻ لاءِ.


    پرين هاڻ توکي ڀلائڻ ڏکيو آ،

    پرين هاڻ توکي ڀلائڻ ڏکيو آ،
    چٽيل نقش دل تان مٽائڻ ڏکيو آ.

    ڇڏيو چاهتن ۾ مون سڀ ڪجهه لُٽائي،
    سُکيو جيءُ توڙي جلائڻ ڏکيو آ.

    رڳو لڙڪ، سڏڪا ڏئي پئي جيڪا،
    انهيءَ زندگيءَ سان نڀائڻ ڏکيو آ.

    اڪيلائي پاڇي جيان مون سان شامل،
    اداسيءَ کان دل کي بچائڻ ڏکيو آ.

    وئين تون ته چوڦيرٿي رُڃ ڀانيان،
    سوا تنهنجي گهر کي سجائڻ ڏکيو آ.

    اهو شخص جيڪو خوشيون ڏئي هميشه،
    انهيءَ شخص جو مَنُ رنجائڻ ڏکيو آ.

    ويو راز ڄاڻي، آ جيڪو زمانو،
    اهو راز توکان لڪائڻ ڏکيو آ.


    سک ڪهڙا اسان سان گڏ هردم ئي رهيا آهن،

    سک ڪهڙا اسان سان گڏ هردم ئي رهيا آهن،
    ڏک سور هميشه لئه همدم ئي رهيا آهن.

    چَئُه! خواب ڏسن ڪهڙا، مرڪن ته ڀلا ڪهڙو؟
    هي نيڻ پرين! جيڪي پرنم ئي رهيا آهن.

    ٿا هير ٿڌي ڀاسن، جهولا ٿا لڳن ڪڏهن،
    لهجا به اوهان جا ڄڻ موسم ئي رهيا آهن.

    سار آئي جڏهن تنهنجي، خط جو به لکيم توڏي،
    لڙڪن جا مٿان ان جي آگم ئي رهيا آهن.

    تون جهول نه جهل جاني! مان ڪيئن ڏيان توکي،
    ٽهڪن ۾ سدا شامل هت غم ئي رهيا آهن.


    ڪنهن کي ڏيئي ٿو، چنڊ اشارا ساري رات،

    ڪنهن کي ڏيئي ٿو، چنڊ اشارا ساري رات،
    روز سڏن ٿا، اڀ تان تارا ساري رات.

    لفظ سمورا ڄڻ ته نڙي ۾ اٽڪي پيا،
    تڙپيا ڪيڏا گيت اڃارا ساري رات.

    سپنن کان جو خالي پنهنجا نيڻ ٿيا،
    ڀٽڪيا سپنا اڄ ويچارا ساري رات.

    چندرما ٿي عڪس ڏٺو پئي پاڻيءَ ۾،
    مرڪيا بيٺي ڏور ڪنارا ساري رات.

    تنهنجي راهه تڪيندي هن بي چين ٿيا،
    منهنجي گهر ڏي ايندڙ چارا ساري رات.

    ڇو اٽڪيا ها دشمن وانگي ٻئي،
    هڪڙي جهڳي ٻيو پارا ساري رات.


    ڇو ننڊ اکين کان هيئن اڄ رات رُسي وئي آ،

    ڇو ننڊ اکين کان هيئن اڄ رات رُسي وئي آ،
    ڪيڏي آ ڊگهي اوندهه پرڀات رُسي وئي آ.

    جنهن ساڻ مون هرهڪ پل پاڇي جيئن گهاريو هو،
    حيرت ٿي لڳي سا ڪيئن سوغات رُسي وئي آ.

    ڪنهن دل جي اچي در تي اڄ نيٺ پڪاريو آ،
    چانئٺ تي ٻڌي کڙڪو سانت رُسي وئي آ.

    پاڳل ٿي لڳا مان ڀي سوچيان ٿي اڃان ويٺي،
    ايندي نه اها واپس جا ڏات رُسي وئي آ.

    جيون ٿو لڳي پنهنجو اڄ "ٿر" جي مثل مون کي،
    واري ٿي ڪري واڪا برسات رُسي وئي آ.


    پرين هاڻ توکي وسارڻ سکيو مون،

    پرين هاڻ توکي وسارڻ سکيو مون،
    رهي دور توکان گذارڻ سکيو مون.

    سوين رنگ تنهنجا نظر مون کي آيا،
    جڏهن تنهنجي دل ۾ نهارڻ سکيو مون.

    سي سپنا، جي مون لاءِ پٿر بڻيا ها،
    انهيءَ پٿرن کي به ڏارڻ سکيو مون.

    اکين منجهه ساگر اچي گڏ ٿيو هو،
    تڏهن پنهنجي لڙڪن کي هارڻ سکيو مون.

    عجب جهڙو قتلام ٿو هي لڳي پيو،
    تيئن آس هر هڪ کي مارڻ سکيو مون.

    ڏنو ساٿ سورن جڏهن کان آ مون سان،
    ته هر هڪ خوشيءَ کي ڌڪارڻ سکيو مون.


    نيڻ هر ڪو رهيو آ هميشه جهڙالو،

    نيڻ هر ڪو رهيو آ هميشه جهڙالو،
    پوءِ چئو ڪيئن سرتيون! مان ڳايان جمالو.

    هر دفعي هڪ نئون درد ملندو رهيو آ،
    هردفعي آ اسان ڪوئي ڪاٽيو ڪشالو.

    پيار جي هيءَ سزا رکي ڏيهه وارن،
    سوچ پهرن ۾، شڪ ۽ زبان تي آ تالو.

    پيتو مرڪي اسان سچ ڏنو آ جڏهن ڀي،
    زهر قاتل جو هٿ ۾ ڀري ڪوئي پيالو.

    رات ساري، او ساجن! ستارن کي ميڙي،
    آءٌ آڪاس تي ٿي لکان تنهنجو نالو.

    ذڪر جاتي به ڪو سونهن جو ڪنهن ڪيو هو،
    صرف تنهنجو ئي آيو اتي هو حوالو.

    ٻاٽ واٽن تي رت ساڻ ٻاري ڏياٽيون.
    مان اڃان ڀي ڪيان ڏات لئه پئي اجالو.


    رڳو لڙڪ، سڏڪا، مليون هن جفائون،

    رڳو لڙڪ، سڏڪا، مليون هن جفائون،
    محبت ۾ ڪاٿي رهيون هن وفائون.

    انهن کي سموريون چوندس مان ڳالهيون،
    اوهان جي طرف کان گهليون جي هوائون.

    اوهان سان ملڻ لئه ڪڏهن جي گهريوسين،
    ڳلين ۾ اهي اڄ به ڀٽڪن دعائون.

    اتان موٽي پئجان ٻڌين تون جتان ڀي،
    حياتيءَ جي صحرا ۾ گونجيل صدائون.

    زمانا! ڇو هن جا ستم سڀ وساريئه،
    رڳو ياد آهن اسان جون خطائون.


    ڳالهه خوابن جي هتي ڪنهن ٿي ڪئي،

    ڳالهه خوابن جي هتي ڪنهن ٿي ڪئي،
    شام نيڻن ۾ لٿي ڪا سرمئي.

    اڄ پرين! مون نانءُ ڇا تنهنجو کنيو،
    واءُ ساڙولو ويو ڇا، ڇا چئي.

    شور ڪيڏو چؤطرف برپا ٿيو،
    بي سبب ڇو دل چري روئي پئي.

    زندگي الجهن ته ناهي پوءِ ڇو؟،
    سوچ ڀي منهنجي سکي الجهي وئي.

    سونهن نگريءَ مان خريديم خواب هڪ،
    روح پنهنجي کي هزارين غم ڏئي.


    ڌوڪا ئي ڌوڪا ڏئي ٿي زندگي،

    ڌوڪا ئي ڌوڪا ڏئي ٿي زندگي،
    موت جا هوڪا ڏئي ٿي زندگي.

    جهول خوابن جا ڀري تنهن کي ڏنم،
    جا رڳو سڏڪا ڏئي ٿي زندگي.

    ڇا خبر ڪنهن پل ڪري مون سان جفا،
    دل کي سَوَ کٽڪا ڏئي ٿي زندگي.

    پيار جو بادل نه ٿو مون تي وسي،
    وڄ جا ڪڙڪا ڏئي ٿي زندگي.

    اوپرا به رنگ ۽ ڌنڌلا سڀئي،
    اَڻ چِٽا خاڪا ڏئي ٿي زندگي.

    قرب جي ڳالهه هن وٽ نه آ،
    هر گهڙي دَڙڪا ڏئي ٿي زندگي.


    مان هن ڏانهن ويندس نئين راهه ٺاهي،

    مان هن ڏانهن ويندس نئين راهه ٺاهي،
    نه روڪيو کڻي جي وڃان ٿي ته ڇاهي.

    سڄي عمر خوشبو جا گهر سُهڻا، سُهڻا،
    مان ٺاهيان پئي جي وڃي واءُ ڊاهي.

    اسر ويل اڀ تان ستارن جو منظر،
    اچانڪ ئي مٽجڻ لڳو ڄاڻ آهي.

    پرين! تو کي پائڻ جي هڪ آس کان پوءِ،
    وري دل ۾ اڀري ڪائي آس ناهي.

    اها پيار ۾ ڪَٿ اجائي آ ساٿي،
    ته ڪيڏو ڪوئي ڪير ڪنهن کي ٿو چاهي.


    تاريخ جو بن ۾ ڪو ڪردار ٿو ڀٽڪي پيو،

    تاريخ جو بن ۾ ڪو ڪردار ٿو ڀٽڪي پيو،
    غمگين نگاهن ۾ سنسار ٿو ڀٽڪي پيو.

    هر رات جي پويان هڪ سورج ٿو پيو ڊوڙي،
    پاڇي جي پٺيان ڪوئي اظهار ٿو ڀٽڪي پيو.

    جنهن دُوار تي ڪو ٻيهر ايندو نه وري موٽي،
    ان دُوار اڃا تائين سينگار ٿو ڀٽڪي پيو.

    جنهن ڏينهن کان هڪ ساٿي ويو هن کي ڇڏي آهي،
    تنهن ڏينهن کان ڳلين ۾ بيڪار ٿو ڀٽڪي پيو.

    هڪ آس جيئڻ جي هن جا دل ۾ رکي سانڍي،
    هر سمت انهيءَ جي لئه انڪار ٿو ڀٽڪي پيو.

    ڪو سونهن متان ان جي چورائي وڃي ڪڏهين؟
    ڌرتيءَ جي مٿان هڪڙو شهڪار ٿو ڀٽڪي پيو.

    هن شهر ۾ هڪ شاعر، هو گيت ورهائيندو،
    اڄ ان جو هوائن ۾، هِت پيار ٿو ڀٽڪي پيو.


    سار تنهنجي ٿي رهي هر پل پرين!،

    سار تنهنجي ٿي رهي هر پل پرين!،
    من اسان جو آ صفا پاڳل پرين!.

    هاڻي ڪاٿي چين پائن ٿيون اکيون؟
    هاڻي ڪاٿي، ٿي مڃي پئي دل پرين!

    ساٿ تنهنجي سان ئي مرڪي زندگي،
    هڪ گهڙي ڀي ڪين تي اوجهل پرين!

    نفرتن جي ڏيهه ۾ جالڻ ڏکيو،
    پيار گهرجي ٿو پيو هر پل پرين!

    پنڌ اوسيئڙي جو جهاڳندي ڪَٺَن،
    مون ڪٽيون راتيون ڪِئي هيڪل پرين!

    نانءُ ڪو تنهنجو کڻي ٿو مون اڳيان،
    هينئڙي ۾ ٿي پوي هلچل پرين!

    گيت منهنجا ٿا سڀئي سڏڪا ڀرن،
    لفظ منهنجا ڄڻ سڀئي گهايل پرين!


    اچي صبح سان ٿو سويلو پرين،

    اچي صبح سان ٿو سويلو پرين،
    ڪٿي ٿو ڏسي درد ويلو پرين.

    رڳو ٽهڪڙا، ڪيڏي محفل متل،
    مگر ساهه منهنجو اڪيلو پرين.

    ايئن من ۾ يادون ڦٽيون هن جيئن،
    سنڌوءَ جي ڪناري ڪو ٻيلو پرين.

    ڪڏهن ڪين سمجهيو نه سوچيو ڪڏهن،
    سدا جيءُ پنهنجو ڳهيلو پرين.

    آ جيون جيئن گم ٿيل ٻار لئه،
    لٿل منهن ۽ ويران ميلو پرين.

    لڙيو سج ساجن! نه وڃ تون هتان،
    ٿيو وقت ڪيڏو اويلو پرين.


    ايڏو ڇو مان وسري وئي هان،

    ايڏو ڇو مان وسري وئي هان،
    دل مان تنهنجي نڪري وئي هان.

    ياد هوا ۾ ساجن! توبن،
    پَن پَن بڻجي وکري وئي هان.

    تنهنجي چاهه ۾ ڄاتم هاڻي،
    ڏور گهڻو مان اڏري وئي هان.

    چوڏس ڇانيل اوندهه هئي پر،
    تنهنجي ساٿ سان نکري وئي هان.

    توکي ڳولهڻ لاءِ پيا، مان،
    اُڀ سمورو اُڪَري وئي هان.

    اڻ-واقف جيئن ڪو نه سڃاتئه،
    ڀر مان توڙي گذري وئي هان.


    سار مون کي سکي تون نه ايڏو گهڻو،

    سار مون کي سکي تون نه ايڏو گهڻو،
    ماڳ منهنجو اٿئي ڪجهه اڃان پرڀرو.

    مون کان پوءِ منهنجي لئه تون نه پئي روئجان،
    آءُ ويندس هلي تو وٽان اوچتو.

    تنهنجي چاهت جو ۽ پنهنجي لڙڪن جو مون،
    رات تارن سان ويٺي ڳنڍيو سلسلو.

    واءُ ساريون نشانيون لٽيندو ويو،
    توڙي اڳتي وڌڻ جو هيو حوصلو.

    شال ڪڏهين ڀي ختم ڪو نه ٿئي.
    خواب رستن جو هلندڙ پيچرو.


    جيون گُگههُ انڌيرن ۾،

    جيون گُگههُ انڌيرن ۾،
    گهرن گهاون گهيرن ۾.

    مون آ پل پل پيار ڏٺو،
    ڪارن ڪُوجهن ميرن ۾.

    ڪاٿي اوچو ڳاٽ ٿيو،
    ڪاٿي عزت پيرن ۾.

    ڪهڙين خوشين کي ڳولهيون؟
    دردن جي هن ديرن ۾.

    تنهنجو منهنجو ساٿ نه ڪو،
    ڀٽڪون نه ڇو پيا ڀيرن ۾.


    تنهنجو هٿ خنجر ۾ آ،

    تنهنجو هٿ خنجر ۾ آ،
    زندگي ٻڏتر ۾ آ.

    آ عبادت عشق، يا،
    بندگي پٿر ۾ آ؟

    وات جي خشڪيءَ جو ڇا،
    اُڃ سڄي اندر ۾ آ.

    سج لهي ويو آ اڃان،
    ديد تنهنجي در ۾ آ،

    ياد تنهنجي او پرين!
    دل جي خالي گهر ۾ آ.

    ڀاڳ ۾ ڇاهي لکيل؟
    سو ڳجهي ڪاڳر ۾ آ.


    جيون آهه عذاب جيان،

    جيون آهه عذاب جيان،
    تنهنجي ٺوپُ جواب جيان.

    خوشيون تنهنجي سامنهن هن،
    مُنهن تي ڄڻ ته نقاب جيان،

    تو بن تَسيا ۽ فاقا،
    منهنجي لاءِ ثواب جيان.

    چهرو پنهنجو لڳي ٿو اڄ،
    مون کي خشڪ گلاب جيان.

    دل ۾ تنهنجي ياد آئي،
    ديري منجَهه نواب جيان.

    مون سان ملندو ڪر نه ائين،
    جيڏا! ڪنهن به جناب جيان.

    اڄ ڪلهه تنهنجي آڏو مان،
    آهيان بند ڪتاب جيان.


    ڦهلي هُتِ اونداهه اکين،

    ڦهلي هُتِ اونداهه اکين،
    هِت پيا پلجن چاهه اکين ۾.

    ساجن ساري اٿلي پيا اڄ،
    دردن جا درياهه اکين ۾،

    مون کي پائڻ لاءِ پيارا،
    ڳولهي وٺ تون راهه اکين ۾.

    تو کي ڏسندي مَنُ پيو مرڪي،
    ٿي ويا توسان ٺاهه اکين ۾.

    ڏک ۾ هيکل ڪونه ڇڏينديون،
    ڏاڍا اٿم ويساهه اکين ۾.


    سوچن تي ڪو پهرو آهي.

    سوچن تي ڪو پهرو آهي.
    ڪوماڻيل هر چهرو آهي.

    ماڳ محبت جي ڏي ويندي،
    گهاءُ ملي ويو گهرو آهي.

    راهه تڪيندي تنهنجي سانول،
    جهونگاريو ڪو سهرو آهي.

    ڪيئن ٿا هَن کي باهه ڏيو هي،
    پنهنجو ئي آکيرو آهي.

    ساٿي سک ته ساٿ ڇڏي ويا.
    تنگ غمن جو گهيرو آهي.


    گهر گهر ۾ آ گهاڻو وري،

    گهر گهر ۾ آ گهاڻو وري،
    هر شخص ويڳاڻو وري.

    کلندي ٽميو ڳوڙها پوَن،
    سورن ڪيو ساڻو وري.

    جُڙندي نه ٻيهر ڪاڪ هت،
    ايندو نه ڪو راڻو وري.

    ڀرسان لنگهي وئين ماٺ ۾،
    ڇا لئه ڪيئه ماڻو وري.

    اچ ڀي پرين! پرچي به پَئهُ،
    ضد ڇڏ نه ٻاراڻو وري.


    اڻپورا سڀ خواب رهيا هِن،

    اڻپورا سڀ خواب رهيا هِن،
    ملندا روز عذاب رهيا هِن.

    سوالن تي ڇا سوچيون ويٺا،
    منفي هُتِ جواب رهيا هِن.

    دل تان پردا کسڪيا هن پر،
    منهن تي پوءِ به نقاب رهيا هِن.

    ڪنڊا ڪنڊا جيون سارو.
    رتو رت گلاب رهيا هن.

    ملجي ڪيئن توهان سان ساجن!
    انگ انگ منجهه حجاب رهيا هن.


    وڇوڙي جو ڄڻ ڪوئي منظر لڳي ٿو،

    وڇوڙي جو ڄڻ ڪوئي منظر لڳي ٿو،
    اوهان بن هي ويران اندر لڳي ٿو.

    اچانڪ ٿئي ٿو ائين عرش ڳاڙهو،
    ڄڻ سورج جي سيني ۾ خنجر لڳي ٿو.

    سڄي رات امبر ۾ رلندو وتي ٿو،
    سکي! چنڊ ڀي مون کي بي گهر لڳي ٿو.

    هزارين عذابن کي مرڪي سَهي ٿو،
    هو ماڻهو مون کي ڪوئي پٿر لڳي ٿو.

    هتي مون کي هن جي جدائيءَ پڄاڻان،
    پرائو سڄو شهر اڪثر لڳي ٿو.

    پرين! پيار تنهنجي بنا محفلن ۾،
    مون کي پنهنجون جيون اڃُو ٿر لڳي ٿو.


    هو ڪڏهن جيڪي هئا پنهنجا لڳا،

    هو ڪڏهن جيڪي هئا پنهنجا لڳا،
    اڄ اهي، مونکي رڳو پاڇا لڳا.

    خواب رستا جيڪي نيڻن ۾ هئا،
    رُڃّ ورتل سي سڀئي رستا لڳا.

    جي وڇوڙي ۾ گذاريا مون سکي!
    زندگيءَ تي بار سي لمحا لڳا.

    جيڪي تنهنجي لئه ڳُڙيا ڳوڙها پرين.
    ماڪ کان ڀي وڌ اهي اجرا لڳا.

    منهنجي دردن جي نه ٻي ڪا ڳالهه ڪر،
    پيار تي الزام ڏس ڇا ڇا لڳا.

    ڏور مون کان ٿا رهن جيڪي سدا،
    سي هميشه ساهه کان ويجها لڳا.


    نه ڏور ايڏو گذار جاني،

    نه ڏور ايڏو گذار جاني،
    نه ڪر اسان کي تون ڌار جاني.

    نه ڇيڙ دل جون اداس تارون،
    نه هاڻي مون کي پڪار جاني.

    اچئي اسان جي، جي ياد ڪائي،
    ٻه لڙڪ نيڻن مان هار جاني.

    منهنجي جيون جي عيوضي ۾،
    ڏي مرڪ هڪڙي اڌار جاني.

    اسان کي پنهنجو بنائي هيڪر،
    اجاڙ جيون سنوار جاني.


    لفظ خنجر ڪري گهاءُ ڏيندو رهي ٿو،

    لفظ خنجر ڪري گهاءُ ڏيندو رهي ٿو،
    درد جيون ۾ ھرپل ڀريندو رهي ٿو.

    جاء ڪنهن جي اندر ۾ نه جوڙي سگهيو،
    رڳو محل اونچا اڏيندو رهي ٿو.

    مونکان سواءِ ڄڻ اڌورو لڳي ٿو،
    ياد مون کي ڪري هو سڏيندو رهي ٿو.

    توکي چاهڻ کان هي دل ڪٿي ٿي مڙي،
    توڙي لوڪ سارو جهليندو رهي ٿو.

    مان وسارڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي مگر،
    هو ويتر گهڻو ياد ايندو رهي ٿو.


    ڇو ڪوئي اڪيلو آ، چارا به نه ٿا ڄاڻن،

    ڇو ڪوئي اڪيلو آ، چارا به نه ٿا ڄاڻن،
    دک ڪنهن جي اندر جو دل وارا به نه ٿا ڄاڻن.

    پيڙا جي سفر کان پوءِ سرجن ٿيون سِٽون ڪيئي،
    هيءَ ڳالهه ته هت پنهنجا پيارا به نه ٿا ڄاڻن.

    چپ چاپ ڇو لهرن ۾ ڪي لڙڪ ٿيا شامل،
    طوفان جو تِکُ ساگر، کارا به نه ٿا ڄاڻن.

    چنڊ ڪيڏو اداس آهي، تنها ٿو هجي جڏهين،
    افسوس جو امبر جا تارا به نه ٿا ڄاڻن

    ڪيئن رنگ اداسيءَ جو ڇانيو آ سکي! چوڏس،
    هن حال کي گورا يا ڪارا به نه ٿا ڄاڻن.


    پريتم جڏهن کان خدا ٿي ويو آ،

    پريتم جڏهن کان خدا ٿي ويو آ،
    ته آغاز ۾ انتها ٿي ويو آ.

    نه مرڪي، نه جهومي نه ڳائي ٿو هي من،
    سکي! هو جڏهن کان جدا ٿي ويو آ.

    نه ڪوئل کان ٿي هڪڙي ٽالهي پَري، پر،
    سڄو جڳ ئي هن کان خفا ٿي ويو.

    رکي هرڪو ميڙي ٿو سانڍي اندر ۾،
    محبت جو غم بي بها ٿي ويو آ.

    ڀري خواب نيڻن ۾، موٽيو آ جيئن هو،
    سڄي لوڪ لئه هڪ ڪٿا ٿي ويو آ.

    ويو چوطرف پئجي چوٻول آهي،
    "فهميءَ" جو پرين جي وفا ٿي ويو آ.


    پرين! تنهنجون يادون جڏهن ٿيون پون،

    پرين! تنهنجون يادون جڏهن ٿيون پون،
    ٿي مرڪي هوا، رقص بادل ٿا ڪن.

    اچي ياد ٿو وقت گذريل جڏهن،
    سوين عڪس دل تي تري ٿا اچن.

    سوا تنهنجي سپنا، خوشيون، محفلون،
    سڀئي ساهه کي اوپرا ٿا لڳن.

    ضدي ساڀيائون نه رڪبيون ڪڏهن،
    پٺيان، خواب ڪيڏا به سڏڪا ڀرن.

    کڙن چنڊ ٿا رات جي سانت ۾،
    جڏهن گيت سندر ٿا شاعر لکن.

    جڏهن پيار پوتر ٿا ارپيو تڏهن،
    نظارا اسان ڏي ٿا مرڪي ڏسن.


    ڇڏي مون کي اڪيلو هت هليو وئين دور او بابا.

    ڇڏي مون کي اڪيلو هت هليو وئين دور او بابا.
    ڏس توکان پوء حياتي هي سراپا سور او بابا.

    هولفظن کي ڪري ڪاتي وڍن ٿا روح منهنجي کي،
    زماني جو ازل کان هي ڇو رهيو دستور او بابا.

    ڏکايل کي ڏکائڻ جي ئي رۡوش آھي پراڻي هت،
    ٽُٽي پئي دل صفا هتڙي، ٿي چڪنا چور او بابا.

    موٽي آ منهنجا بابل چمان پير مان تنهنجا،
    وهن ٿا لڙڪ نيڻن مان آهيان مجبور او بابا.


    وايون

    پنهنجي پوتر پيار جي،

    پنهنجي پوتر پيار جي،
    سندر سپنن ۾
    گوري گم ٿي وئي.

    پن ڇڻ آئي درد جي،
    وکري پن پن ۾
    گوري گم ٿي وئي.

    ساري دنيا کان پري،
    ڪهڙي الجهن ۾
    گوري گم ٿي وئي.

    سوچن ۾ ويڙهيل سدا،
    الجهيل لفظن ۾
    گوري گم ٿي وئي.

    جا راتين جو چنڊ هئي،
    سا پل کن ۾.
    گوري گم ٿي وئي.

    رُت بسنتي زندگي،
    چنچل جوڀن ۾.
    گوري گم ٿي وئي.
    گوري گم ٿي وئي.


    سڏڪڻ واري هر ساٿيءَ کي،

    سڏڪڻ واري هر ساٿيءَ کي،
    سانئڻ تون پرچاءِ
    گيت ڪو اهڙو ڳاءِ

    نفرتن کي هَڻُ اڇلي کڏ ۾،
    مُرڪن کي ڦهلاءِ
    گيت ڪو اهڙو ڳاءِ

    ڀانءِ نه ڪنهن کي ڪارو ڪوجهو،
    سڀ جا سڏ ورلاءِ
    گيت ڪو اهڙو ڳاءِ

    سسئي، سهڻي مومل بڻجي،
    پنهنجي منزل پاءِ
    گيت ڪو اهڙُو ڳاءِ

    محبت موتي، مالها پوئي،
    جَڳ جَڳ جوت جلاءِ
    گيت ڪو اهڙو ڳاءِ


    لِڱُ لِڱُ رڻ ٿِيو آ،

    لِڱُ لِڱُ رڻ ٿِيو آ،
    جيون ڀوڳيو آ،
    پل پل پيڙائن ۾.

    هيکل ڦاٿل جيئڙو،
    عم جي غفائن ۾،
    پل پل پيڙائن ۾.

    ساري عمر گذاري آ،
    تنهنجي پڇائن ۾
    پل پل پيڙائن ۾.

    ماڻي ڏاڍي ڏات مون،
    سختين سزائن ۾
    پل پل پيڙائن ۾
    پل پل پيڙائن ۾


    ساجن ساهه سڙي،

    ساجن ساهه سڙي،
    توکي ياد ڪري
    جيون جي هر موڙ تي

    ساٿي هر هر سارو تنهنجون،
    پيو ٿو جيءُ جهري
    جيون جي هر موڙ تي

    تون کان پوءِ نه ٿو ڪو مَنَ ۾،
    چاهت چنگ چُري
    جيون جي هر موڙ تي

    ٽانڊن جهڙا نيڻ اوجاڳيل،
    اندر آڳ ٻري
    جيون جي هر موڙ تي.

    منهنجو پيار هميشه مون کان،
    اڻ کٽ آس گُهري،
    جيون جي هر موڙ تي.

    پنهنجو نانءُ وٺڻ مان چاهيان،
    تنهنجو نانءُ ٻُري
    جيون جي هر موڙ تي.

    تنهنجي ياد ايندي آ اڪثر
    مون وٽ پير ڀري،
    جيون جي هر موڙ تي.

    جيئن جدا درياهه ڪنارا،
    پاڻ به ائين پري
    جيون جي هر موڙ تي.
    جيون جي هر موڙ تي.


    جيڪر زهر پيان،

    جيڪر زهر پيان،
    ڪنهن جي لاءِ جيئان
    جيڏيون! هن سنسار ۾.

    ساجن سوا هيکلي،
    هاڻي ڪيئن ڪيان؟
    جيڏيون! هن سنسار ۾

    سورن ساڙيو ساهه کي،
    ڀڙڪي باهه جيان
    جيڏيون! هن سنسار ۾

    سامهون سُڃَ ڏسان پئي،
    ڪنهن کي سڏ ڪيان
    جيڏيون! هن سنسار ۾

    جتي هوت ڇڏي ويو،
    اتان ڪو نه هٽان،
    جيڏيون! هن سنسار ۾

    هڪڙو ڀيرو شل وري،
    پنهل ساڻ مِلان
    جيڏيون! هن سنسار ۾
    جيڏيون! هن سنسار ۾


    مون سان گڏ آ اوسيئڙي ۾،

    مون سان گڏ آ اوسيئڙي ۾،
    چوڏس چندرمان
    ڪڏهن ايندين سانورا

    ڪاڳر اڀ تي توڏي نياپو،
    لڙڪن ساڻ لکان
    ڪڏهن ايندين سانورا

    تارن جي جهرمر کان تنهنجو،
    پئي ٿي ڏس پڇان
    ڪڏهن ايندين سانورا

    ڏاڍو ڏور رهين ٿو تون ۽،
    هتڙي آءٌ لڇان
    ڪڏهن ايندين سانورا

    وڏ ڦڙي جيان وسندو، وسندو،
    ڪارن ڪڪرن مان
    ڪڏهن ايندين سانورا

    منهنجون يادون تو وٽ پهتيون،
    اَسر هوائن سان
    ڪڏهن ايندين سانورا
    ڪڏهن ايندين سانورا


    سرتي! سچ سڃاڻ،

    سرتي! سچ سڃاڻ،
    هيل نه ايندو وڻجارو

    وکريل سپنا ياد ڪري ٿي،
    روئين ڪنهن جي ڪاڻ؟
    هيل نه ايندو وڻجارو

    سکڻا سارا رستا ٿي ويا،
    سج لهي ويو هاڻ
    هيل نه ايندو وڻجارو

    ڪاري رات سفر ۾ تو سان،
    اوسيئڙو آ ساڻ
    هيل نه ايندو وڻجارو

    هاڻ ته سانوڻ ڀي ويو گذري،
    تون به پَلي وڃ پاڻ
    هيل نه ايندو وڻجارو
    هيل نه ايندو وڻجارو


    جڏهن به ٻولي ڪانءُ،

    جڏهن به ٻولي ڪانءُ،
    مون کي ياد ڪندين

    ڪنهن پر تنهائيءَ ۾،
    لکي منهنجو نانءُ
    مون کي ياد ڪندين

    اڀ تي هيکل چنڊ جيان،
    هيکل پسي هانءُ
    مون کي ياد ڪندين

    جيڏا جيون مون بنا،
    رهندءِ خالي ٿانءُ
    مون کي ياد ڪندين

    ڪونه اڃا تائين سکئين،
    پرچائڻ جو ڏانءُ
    مون کي ياد ڪندين

    سپنن ۾ هر رات جو،
    توسان هوندس آنءُ
    مون کي ياد ڪندين
    مون کي ياد ڪندين


    نرملتا جو نينهن،

    نرملتا جو نينهن،
    توکي ڳولهي ٿو

    پاڻ سنڀالي هل سکي،
    ماڻهو هر ڪو شينهن
    توکي ڳولهي ٿو

    اکڙين جي آڪاس تان،
    وڏ ڦڙي جو مينهن
    توکي ڳولهي ٿو

    پويان پاڇولي جيان،
    ڏک ڪو سارو ڏينهن
    توکي ڳولهي ٿو
    توکي ڳولهي ٿو


    ڪنڊا ڪارا چوڏس ڀانيان.

    ڪنڊا ڪارا چوڏس ڀانيان.
    احساسن جا گل
    ڪاٿي رهجي ويا!!

    آءٌ ته آيس اڳتي نڪري،
    پويان هيڏا هُلَ
    ڪاٿي رهجي ويا!!

    تنهنجي ساٿ ۾ جيڪي گذريا
    سي سڀ پَل اَپل
    ڪاٿي رهجي ويا!!

    خوشبو جهڙا سپنا سارا،
    مون کي ڪانهي ڪَلَ
    ڪاٿي رهجي ويا!!

    وڇڙڻ ويلي پاڻ ٻنهي جا،
    پيارا ٽهڪ اَمُلّ
    ڪاٿي رهجي ويا!!
    ڪاٿي رهجي ويا!!


    ڏيهه سڄو اونداهه،

    ڏيهه سڄو اونداهه،
    پيار تنهنجو سوجهرو

    ڌرتي ساڙي پير ٿي،
    سورج اڇلي باهه
    پيار تنهنجو سوجهرو


    منهنجي هر هڪ خواب جي،
    توڏي ايندي راهه
    پيار تنهنجو سوجهرو

    چين نه ٿو دل کي ملي،
    تڙپي پيو ٿو ساهه
    پيار تنهنجو سوجهرو


    ڪانهي ڪنهن جي ڪاڻ،

    ڪانهي ڪنهن جي ڪاڻ،
    ناهيان آءٌ اڪليڙي

    هڪڙا ساٿي سڏڪا ۽ ٻيا،
    ڪاڳر قلم ساڻ
    ناهيان آءٌ اڪيلڙي

    وياڪل وياڪل اکڙين ۾ آ،
    موج ڀريو مهراڻ
    ناهيان آءٌ اڪيلڙي

    منهنجون ويجهيون ساهيڙيون هِنِ
    تنهنجون يادون هاڻ
    ناهيان آءٌ اڪيلڙي

    مون کي سمجهڻ کان بهتر ٿئي،
    پنهنجو پاڻ سڃاڻ
    ناهيان آءٌ اڪيلڙي
    ناهيان آءٌ اڪيلڙي


    ڪانهي روح رهاڻ،

    ڪانهي روح رهاڻ،
    روئي پاند پسي ويو
    جيجل! جانب ڪاڻ

    ڪين رهان ٿي هيڪلي،
    سارون پل پل ساڻ
    جيجل! جانب ڪاڻ

    هئه، هئه هوت هليو ويو،
    هت نه رهان مان هاڻ
    جيجل! جانب ڪاڻ

    هن سان گڏ هوندي هئي،
    مَنَ ۾ خوشين کاڻ
    جيجل! جانب ڪاڻ

    پڇندي پنڌ اچي وئي،
    اکين ۾ آلاڻ
    جيجل! جانب ڪاڻ

    ان کي ارپيان شال مان،
    جيئري پنهنجو پاڻ
    جيجل! جانب ڪاڻ


    پيار تنهنجو ڇانورو،

    پيار تنهنجو ڇانورو،
    مان تتل صحرا پرين

    هر انڌيري رات ۾،
    منهنجي لئه تون سوجهرو
    مان تتل صحرا پرين

    ڪيڏو ڳولهين ٿيون اکيون،
    ڪاٿي آهي بانورو
    مان تتل صحرا پرين

    هر اڙانگي راهه ۾،
    خواب ٿئي ڪو پيچرو
    مان تتل صحرا پرين

    سک ملندو پوءِ پرين،
    ڏک ٿئي پئي پرڀرو
    مان تتل صحرا پرين

    منهنجي جيون کي رڳو،
    چاهتن جو آسرو
    مان تتل صحرا پرين
    مان تتل صحرا پرين


    هر من ۾ ويراڳ،

    هر من ۾ ويراڳ،
    مون کي سُک ڪٿان اچي

    تو جو ڇيڙيو درد جو،
    اهڙو راڳي راڳ
    مون کي سُک ڪٿان اچي

    هڪ ته آءٌ به اوپري،
    ٻيو اڻ ڄاتو ماڳ
    مون کي سُک ڪٿان اچي

    پيڙا سڀ ڪنهن کي ڏئي،
    پنهنجو پنهنجو ڀاڳ
    مون کي سُک ڪٿان اچي

    سپنا ٿين نه ساڀيان،
    وسريم واس مساڳ
    مون کي سُک ڪٿان اچي

    هلندي پير پٿون ٿيا،
    پنڌ کٽي نه اجهاڳ
    مون کي سُک ڪٿان اچي
    مون کي سُک ڪٿا اچي


    بادلن جي اوٽ ۾،

    بادلن جي اوٽ ۾،
    ڪنهن کي ايڏو چاهه مان
    چنڊ ٿو گُهوري ڏسي

    من جي پيڙا ٿي وڌي،
    هر گهڙي پئي ٿي لڇان
    چنڊ ٿو گُهوري ڏسي

    ڪيڏي چنچل آ سکي،
    آکيو ٿي ڪهڪشان
    چنڊ ٿو گُهوري ڏسي

    ڏيهه هي سارو ڇڏي،
    تنهنجي نيڻن ۾ لِڪان
    چنڊ ٿو گُهوري ڏسي

    ڇانيل ڪاري رات آ،
    اڄ به ڪنهن جي گهر مٿان
    چنڊ ٿو گُهوري ڏسي


    اڀري آيو اوچتو،

    اڀري آيو اوچتو،
    هڪڙو ننڍڙو خواب
    منهنجي نيڻن ۾

    تنهنجو سپنو ڇا هيو؟
    مرڪيو ڄڻ ته گلاب
    منهنجي نيڻن ۾

    توڏي اچان هان مگر،
    "اڃان آهي حجاب"
    منهنجي نيڻن ۾

    توبن بڻجي ويو پرين،
    هر هڪ پل عذاب
    منهنجي نيڻن ۾.

    هن بن پڙهندو ڪير ٻيو؟
    کليل هيءُ ڪتاب
    منهنجي نيڻن ۾.
    منهنجي نيڻن ۾.


    جُهومي ڳائي من،

    جُهومي ڳائي من،
    ڪاش اچي ساجن

    جيسين منهنجي جيون ۾،
    ترسيل آ جوڀن
    ڪاش اچي ساجن

    گهر آڳر جي ٽالهيءَ جو،
    جهولي چئي پن پن
    ڪاش اچي ساجن

    سانوڻ رت جي برکا جيئن،
    هت به وسي پل کن
    ڪاش اچي ساجن

    خوشبو، رنگ پکيڙڻ لئه،
    گيت لکي وٺجن
    ڪاش اچي ساجن

    روز هوائن ۾ وکري،
    سپنا ٿا سڏڪن
    ڪاش اچي ساجن
    ڪاش اچي ساجن


    ڌار جي آهيون ٻئي،

    ڌار جي آهيون ٻئي،
    جاني پوءِ جوڀن
    ڪهڙي آهي ڪم جو؟

    ڪين ٿو سوچي پرين،
    مونجهو مونجهو مَنُ
    ڪهڙي آهي ڪم جو؟

    سمنڊ ڪناري سج جو،
    منظر ڪو توبن
    ڪهڙي آهي ڪم جو؟

    تون جو ناهين تو بنا،
    خالي هي جيون
    ڪهڙي آهي ڪم جو؟

    ٽُٽي پئي جي ٽار تان،
    پوءِ ڀلا ڪو پَنُ
    ڪهڙي آهي ڪم جو؟
    ڪهڙي آهي ڪم جو؟


    هڪ بس تنهنجي سارَ

    هڪ بس تنهنجي سارَ
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!

    اڇلايل ڪنهن ڪنڊ ۾،
    ڪالهوڪي اخبار
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!

    وڌندو روز وڃي پيو،
    دردن جو انبار
    ٻيو ڇا منهنجي زندگي!

    جيئن آ تازي گُلَ ۾،
    پل کَن جي مهڪار
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!

    تنهنجا سپنا،ڳالهيون،
    مون لئه ڄڻ سنسار
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!


    دنيا ۾ ڪجهه ڪين آ،

    دنيا ۾ ڪجهه ڪين آ،
    تنهنجي هڪ نهار
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!

    توکان دور رهي ڪري،
    لڙڪن جي آ لار
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!

    مرڪن جي هن ديس ۾،
    سڏڪن جو اظهار
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!
    ٻيو ڇا؟ منهنجي زندگي!


    ڳوڙها ڪين وهاءِ،

    ڳوڙها ڪين وهاءِ،
    موٽي تنهنجي لاءِ
    ايندس آءٌ وري

    تنهنجي دل ۾ يادن وانگر،
    ڪڏهين هاڻي الاءِ؟
    ايندس آءٌ وري

    سڀ ئي سڏڙا ڪين سهي جي
    هڪ ئي سڏ وراءِ
    ايندس آءٌ وري

    پوري پنهنجي آس ڪرڻ لاءِ،
    مون کي روز گهراءِ
    ايندس آءٌ وري

    ديپ اجهامن جيسين سڀئي
    تسين ويٺو ڳاءِ
    ايندس آءٌ وري

    اکڙين اڀ تان لڙڪن برکا
    هائي ڪين وساءِ
    ايندس آءٌ وري

    اوسيئڙي جو چوواٽي تي،
    سرتي ديپ جلاءِ
    ايندس آءٌ وري


    منهنجي قسمت تي،

    منهنجي قسمت تي،
    قلم کلي ٿو

    سِسڪي ۽ سڏڪا ڀري،
    پنهنجي غربت تي
    قلم کلي ٿو

    ماڻهو سڌريل دؤر جا،
    تنهنجي عظمت تي
    قلم کلي ٿو

    خالي خط، پٽ ٿا لکون،
    اهڙي چاهت تي
    قلم کلي ٿو

    تون، مان وڇڙياسين ته پوءِ
    هر هڪ ساعت تي
    قلم کلي ٿو
    قلم کلي ٿو


    مون سان گڏجي ياد سفر ۾،

    مون سان گڏجي ياد سفر ۾،
    چنڊ ٿو جاڳي

    ٻاهر ڇو ٿو ڳولهين سپرين،
    تنهنجي پنهنجي اندر ۾
    چنڊ ٿو جاڳي

    ٻيو ته سمورو لوڪ ستو آ
    باقي هڪڙو هن شهر ۾
    چنڊ ٿو جاڳي

    اڻٽر، اڻ کُٽِ اوسيئڙي جيان،
    منهنجي کٽ تي منهنجي ڀر ۾
    چنڊ ٿو جاڳي

    آخر ڪنهن لئه رات سموري،
    هيکلڙو هڪ گهر آڳر ۾
    چنڊ ٿو جاڳي
    چنڊ ٿو جاڳي


    رات مون ڏاڍو رُنو،

    رات مون ڏاڍو رُنو،
    تنهنجي وئي کان پوءِ

    آخري خط ڀي سڄو،
    لڙڪ لاڙيندي ڀنو
    تنهنجي وئي کان پوءِ

    ننڊ نيڻن مان وئي،
    اڌ ۾ سپنو ڇنو
    تنهنجي وئي کانپوءِ

    زندگيءَ جي بڪ منجهان،
    پيار جو ڦاڙيم پنو
    تنهنجي وئي کانپوءِ
    تنهنجي وئي کانپوءِ


    ٻڏندي ۽ ترندي رهي،

    ٻڏندي ۽ ترندي رهي،
    منهنجي نازڪ دل
    ۽ هو هليو ويو

    ترسي مون وٽ ڪجهه گهڙيون،
    ڀر ۾ رکي گُل
    ۽ هو هليو ويو

    مَس مَس مرڪيا نيڻ ها،
    لڙڪ ڏئي جل ٿل
    ۽ هو هليو ويو

    آءُ ائين ڏسندي رهيس،
    جيئن ڪوئي پاڳل
    ۽ هو هليو ويو
    ۽ هو هليو ويو


    ڪنهن سان نيڻ ملائي آئي.

    ڪنهن سان نيڻ ملائي آئي.
    پاڳل جهڙي ڇوڪري

    ڪاري رات پلاند ۾،
    اوسيئڙا چورائي آئي،
    پاڳل جهڙي ڇوڪري

    هڪ شهزادو ڇوڪرو،
    گهورن سان اڄ گهائي آئي
    پاڳل جهڙي ڇوڪري

    وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ وليون،
    منظر سڀ مهڪائي آئي
    پاڳل جهڙي ڇوڪري

    پنهنجي وڇڙيل پيار کي،
    منزل تي پهچائي آئي
    پاڳل جهڙي ڇوڪري

    ڪوبه نه ڄاڻي ڪيترا،
    وعده توڙ نڀائي آئي
    پاڳل جهڙي ڇوڪري
    پاڳل جهڙي ڇوڪري


    الا! مان اڻ ڄاڻ،

    الا! مان اڻ ڄاڻ،
    پيچرا ڪيڏا ڊگها
    الا مان اڻ ڄاڻ

    ٻاٽ اوندهه، بي وسي،
    ناهي ڪوئي ساڻ
    الا مان اڻ ڄاڻ

    دل ڏکن جي ڄار ۾،
    ڦاسي پئي آ هاڻ
    الا مان اڻ ڄاڻ

    اڏري وڃجي اُڀ ڏي،
    پئي سڏي چانڊاڻ
    الا مان اڻ ڄاڻ

    واٽ تي ڪنڊا رکي،
    مرڪي پئو ٿا پاڻ
    الا مان اڻ ڄاڻ


    گيت

    ڌرتتيءَ ۾ آ رهيو،

    ڌرتتيءَ ۾ آ رهيو،
    پيار مون لئه ڇانورو.

    چنڊ جهڙو، پريت جهڙو،
    پريت جي ڪنهن گيت جهڙو،
    منهنجي مَنَ جو بانورو،
    پيار مون لئه ڇانورو.

    هر گهڙي مون کي سڏي ٿو،
    ڪوئي چنچل خواب هڪڙو،
    ٻاٽ ۾ ٿي سوجهرو،
    پيار مون لئه ڇانورو.

    نينهن پنهنجو روشني ٿئي،
    روشني جا زندگي ٿئي،
    زندگيءَ جو پيچرو،
    پيار مون لئه ڇانورو

    عاشقي پنهنجي آ ژآئين،
    رات جو تارن ۾ جيئن،
    چنڊ جهڙو مامرو،
    پيار مون لئه ڇانورو.


    اسان پيار وارن جي ساري حياتي،

    اسان پيار وارن جي ساري حياتي،
    ڪڏهن رات راڻي، ڪڏهن اک جو پاڻي،
    انوکي ڪهاڻي!!

    جدائي، وڏا ڏاڍا ايذاءَ ڏئي،
    جڏي جيءَ کي پل پل جا سو داد ڏئي،
    جڏهن آس جي ڪا ڏياٽي اجهاڻي،
    انوکي ڪهاڻي!!

    محبت جيئڻ جو وڏو آسرو آ،
    کڻي پير اڳتي نه ڪوئي هٽيو آ،
    حقيقت نه ٿيندي آ ڪڏهن پراڻي،
    انوکي ڪهاڻي!!

    چريو چنڊ به چاهت ۾ ڦٿڪي پيو ٿو،
    وٺي روشني هن کان چمڪي پيو ٿو،
    جتي پيار آ سونهن اوڏانهن اڏاڻي،
    انوکي ڪهاڻي!!

    اگر مان نه هوندس، ته هي گيت هوندا،
    اتي ڳائبي پئي جتي ميت هوندا،
    سدا شاعري لڙڪ ۽ مرڪ هاڻي،
    انوکي ڪهاڻي!!
    انوکي ڪهاڻي!!


    چوڏس ٿئي مهڪار،

    چوڏس ٿئي مهڪار،
    گيت ڪي مينديءَ رتڙا لکجن.

    چنڊ جي اجري جوڀن جهڙو،
    ڪوئل سندر گيت چوي ڪو،
    جيڪر هڪڙي پل لئه ٿي پئي،
    خوشبو هي سنسار.
    گيت ڪي مينديءَ رتڙا لکجن.

    مکڙيون ساريون رابيليءَ جون،
    ورتيون آهن جهول ڀري مون،
    وقت! اڃا ڪجهه ترس هو جيسين،
    پاڻ اچي هڪوار.
    گيت ڪي مينديءَ رتڙا لکجن.

    آشا هر ڪا ٿڪجي پئي آ،
    پٺتي ڪاٿي رهجي وئي آ،
    هاڻي مهلت ڪاٿي ڏيندو؟
    جيون جو وهنوار.
    گيت ڪي مينديءَ رتڙا لکجن.

    توبن پل ڀي ڪونه سري ٿو،
    من ۾ محبت مچ ٻري ٿو،
    سرتا! تو کان ڪو نه مليو ٿم.
    ٿورو ڀي ته قرار.
    گيت ڪي مينديءَ رتڙا لکجن.


    سڄي عمر ماڻهوءَ جي مَنَ کي کپن ٿا

    سڄي عمر ماڻهوءَ جي مَنَ کي کپن ٿا
    جيئڻ جا حوالا
    جوالا، جوالا!!
    ڪڏهن رنگ مينديءَ جو لڳندي پئي آ،
    ڪڏهن هيءَ عذابن ۾ رجهندي پئي آ،
    سدا زندگيءَ جا رهيا روپ آهن.
    نرالا نرالا
    جيئڻ جا حوالا
    جوالا، جوالا!!
    الائي ڇا سپنا اسان جا گهرن ٿا،
    يا مرڪي پون ٿا يا ڇرڪي وڃن ٿا،
    سکي! نيڻ پنهنجا ڇو هر دم رهيا هن؟
    جهڙالا جهڙالا
    جيئڻ جا حوالا
    جوالا، جوالا!!
    ڳلن تان ڪڏهن موتي وکري وڃن ٿا،
    سوين عڪس نيڻن ۾ بڻجن ڊهن ٿا،
    ڪڏهن روح سڏڪي ۽ ڳائي ڪڏهن ٿو.
    جمالا، جمالا
    جيئڻ جا حوالا
    جوالا، جوالا!!
    نوان ڪيئي رستا جڙي پوندا آهن،
    اداسين جا پيرا ڊهي ويندا آهن،
    لکڻ ٿا لڳن جنهن سمي گيت شاعر.
    جيالا، جيالا
    جيئڻ جا حوالا
    جوالا، جوالا!!
    جوالا، جوالا!!


    متان پاڻ تو ۾ وڃائي نه ڪو،

    متان پاڻ تو ۾ وڃائي نه ڪو،
    انهيءَ لاءِ شايد جهلي لوڪ ٿو،
    چري! گيت اهڙا نه چَئُه.

    وڌي من جي پيڙا ٿي ويتر وڃي،
    رڳو لڙڪ آڇي نه ٿي ڏڍ ڏئي،
    ٿي هر سٽ ۾ ڄڻ پئي ٻري باهه ڪا،
    هر لفظ تنهنجو وڍي هانءَ پيو،
    چري! گيت اهڙا نه چَئُهَ.

    جو هت چنڊ ۾ ڪنهن کي ڳولهيندو هو،
    ۽ لڙڪن جا موتي به روليندو هو،
    اهو شخص هن شهر مان اوچتو،
    الائي ته ڪاڏي ويو آ هليو،
    چري! گيت اهڙا نه چَئُه.





    نه تون ننڊ پنهنجي اکين جي ڦٽاءِ،
    ڏيئو آس جو ڪين گوري اجهاءِ،
    ڪٿي تون وڃائي سکن جون گهڙيون،
    حياتي سڄي روئجان پئي نه پوءِ،
    چري! گيت اهڙا نه چَئه.

    پرهه تائين آڪاس سڏڪا ڀريا،
    سکي! سڀئي منظر ها روئي پيا،
    سڄي رات تارا رُنا ٿي پئي،
    اداسيءَ وچان چنڊ چوندو رهيو،
    چري! گيت اهڙا نه چئه.

    سدا گيت شاعر جا سنگسار ٿيا،
    اڌورا سوين خواب رهجي ويا،
    زمانو هي آخر قلمڪار کي،
    هميشه جهليندو ئي رهندو آ ڇو؟
    چري! گيت اهڙا نه چئه
    چري! گيت اهڙا نه چئه


    واٽ اونداهه مان،

    واٽ اونداهه مان،
    هو اچي جي ڪٿان،
    جيءُ ٻاري سکي،
    روشني مان ڪيان.
    نيڻ هيڪر کڻي جي هو مرڪي ڏسي،
    پيار هن تي بهارن کي ڀي ٿو اچي،
    هر نظاري ۾ ٿو عڪس هن جو رهي،
    دل چوي هر گهڙي، هن کي ئي پئي ڏسان،
    جيءُ ٻاري سکي،
    روشني مان ڪيان.
    ڏس ته آڪاس ڪيڏو نه آهي اداس،
    ڄڻ اسان جي خوشي هن کي آئي نه راس،
    لڙڪ تنهنجا پرين! اڀ ۾ تارن جيان،
    او رتي مُکُ ته ڪر، نيڻ تنهنجا اگهان،
    جيءُ ٻاري سکي،
    روشني مان ڪيان.
    خواب منهنجا رهن ٿا سڀئي شبنمي،
    سنگ تنهنجي جو جهومي پئي زندگي،
    هٿ وڌائي ٻئي، ڊوڙندي ٿي اچي،
    اڄ خوشي اوچتو، درد جي ميڙ مان.
    جيءُ ٻاري سکي،
    روشني مان ڪيان.
    تو سوا هاڻي ڪاٿي سري ٿي پئي،
    باهه لفظن ۾ ڄڻ ڪا ٻري ٿي پئي،
    موت! مهلت ته ڏي مون کي ٿورڙي،
    گيت هن لاءِ ڪي مان اڃان ڪجهه لکان،
    جيءُ ٻاري سکي،
    روشني مان ڪيان.


    ڪين گھرجي زندگي،

    ڪين گھرجي زندگي،
    زندگيءُ جي ڪا خوشي
    تو بنا او ڍوليا.
    هر گھڙيءَ تون ساڻ هئين،
    پيار جو مهراڻ هئين،
    چوڏهينءَ جو چَنڊ تون،
    ڪين ٿيندي چاندني
    تو بنا او ڍوليا.
    تنهنجا سپنا پئي ڏسان،
    توکي ڇا ارپي ڇڏيان؟
    منهنجي من تي وسي،
    درد جي ڪا سانوڻي،
    تو بنا او ڍوليا.
    منهنجي من جي آس تون،
    هر حَسين احساس تون.
    هن سڄي سنسار ۾،
    ڪا نه آهي دلڪشي،
    تو بنا او ڍوليا.
    جهنگ جهر رلندي وتي،
    توکي ڳولهيندي وتي،
    هر گهڙي بي چين آ،
    منهنجي ساري شاعري،
    تو بنا او ڍوليا.


    مان جي ڪونه هجان،

    مان جي ڪونه هجان،
    منهنجون ڪوتائون
    تو سنگ رهنديون سانورا!
    تڙپي تڙپي سڏڪي پوندين،
    سوچن ۾ پوءِ الجهي پوندين،
    مان ٿي سچ چوان،
    پوءِ هي پيڙائون،
    تو سنگ رهنديون سانورا!
    هر پل منهنجو اڪيرون هوندءِ،
    جيون! جهوريون جهيرون هوندءِ،
    پو نه پيار مٿان،
    زُلفن جون ڇانئون،
    توسنگ رهنديون سانورا!
    چوڏس ڄڻ ڪا اوندهه هوندئي،
    هڪ هڪ ٿي سڀ يادون ايندئي،
    گونجيل اندر مان،
    گهايل صدائون،
    تو سنگ رهنديون سانورا!
    منهنجي ساري لڙڪن جون،
    لڙڪن هاڻن گيتن جون،
    بڻجي درد وچان،
    سَوَ سَوَ معنائون،
    تو سنگ رهنديون سانورا!


    مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،

    مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،
    پوءِ به حياتي درد ڪهاڻي.

    عشق ۾ ڪيڏو تڙپي پيئي،
    پوءِ به ڪاٿي سمجهي پيئي،
    ڪيڏي پيڙا مان ٿي گذري.
    هاءِ اسان جي دل اياڻي.
    مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،
    پوءِ به حياتي درد ڪهاڻي.

    جيڪي ڪجهه ڀي اندر ۾ هو،
    نيڻن مان سو سڀ اٿلي پيو.
    ماضيءَ جي اڄ مون وٽ موٽي،
    آئي هئي ڪا ياد پراڻي.
    مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،
    پوءِ به حياتي درد ڪهاڻي.

    ڪيڏو سرتي سڏ ڪيو آهي،
    سڏِڪي سڏڪي مرڪيو آهي،
    مس مَس مَنَ ڪا ماٺ ڪئي آ،
    مَس مَس من جي آڳ اجهاڻي.
    مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،
    پوءِ به حياتي درد ڪهاڻي.




    ماٺ جڏهن سڀ جذبا ٿين ٿا،
    سُڃّ جڏهن سڀ رستا ٿين ٿا،
    خواب جڏهن ٿين پرزا، پرزا،
    ايندو آ پوءِ اک ۾ پاڻي.
    مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،
    پوءِ به حياتي درد ڪهاڻي.

    گيت اسان جا ديوانا هن،
    پيار جا سارا پروانا هن،
    ساٿي پنهنجي گيتن ۾ آ،
    پاڻ ٻنهي جي هڪ آکاڻي.
    مُرڪي مُرڪي توڙي ماڻي،
    پوءِ به حياتي درد ڪهاڻي.


    چؤطرف آ ڌرتتي،

    چؤطرف آ ڌرتتي،
    ڌرتتيءَ ۾ او سکي!
    ٿي جلي پئي زندگي!

    چاهه ۾ ڪي رنجشون،
    رنجشن جون تلخيون،
    پيار ۾ پل لاءِ ڀي
    ڪٿي ملي آ ڪا خوشي؟
    ٿي جلي پئي زندگي!

    ڪيڏو گهٻرائي ٿو هانءُ،
    هن جي اڄ نظر ۾ آنءُ،
    ڪيئن الاءِ ٿي پيس،
    اوچتو ئي اجنبي؟
    ٿي جلي پئي زندگي!

    هر طرف آهي اماس،
    من آ اونداهه ۾ اداس،
    ويو وڪوڙي وحشتون،
    درد ۾ ڪا هيڪلي،
    ٿي جلي پئي زندگي!




    هو جڏهن کان ٿيو جدا،
    آ بڻيو هر پل صدا،
    هاڻ مون لئه ڄڻ هتي،
    ڪا نه آهي روشني،
    ٿي جلي پئي زندگي!

    هي اکيون منهنجون اُڃيون،
    توکي ڳولهن ٿيون پيون،
    تنهنجي درشن کي پري،
    مان ٿي سمجهان بندگي،
    ٿي جلي پئي زندگي!

    اڄ پرين آهي پري،
    ڪا نه ٿي ساعت سَري،
    ۽ اڪيلائين جا نانگ،
    ٿا ڏنگن پيا هر گهڙي،
    ٿي جلي پئي زندگي!
    ٿي جلي پئي زندگي!


    اجهو ديپ نيڻن جا آهن اجهاڻا،

    اجهو ديپ نيڻن جا آهن اجهاڻا،
    نه ڪر دير ايڏي هلي آ، او راڻا.
    نه ڪر دير ايڏي هلي آ او راڻا.

    جڏهن کان پريتم! تو پنهنجو ڪيو آ،
    تڏهن کان هي جيون ٿي رنگين پيو آ،
    تڪن ٿا پيا راهه تنهنجي او سرتا!،
    سدا منهنجي نيڻن ۾ سپنا نماڻا،
    نه ڪر دير ايڏي هلي آ او راڻا.

    تون جو روح جو ساز ڇيڙي ويو آن،
    سڳو پيار جو مَنَ ۾ سوري ويو آن،
    ملي ويو اٿم دل کي آرام ايڏو،
    وساري ڇڏيم درد سارا پراڻا،
    نه ڪر دير ايڏي هلي آ او راڻا.

    هوا ڪيڏي چنچل مون کي اڄ لڳي ٿي،
    پئي هورڙيان نانءُ تنهنجو کڻي ٿي،
    مٺي مرڪ تنهنجي آ منهنجو جياپو،
    ۽ جهوري وجهن ٿا پرين! تنهنجا ماڻا،
    نه ڪر دير ايڏي هلي آ او راڻا.

    جڏهن کان مون تو لئه ڪئي شاعري آ،
    ملي سونهن گيتن کي ڪيڏي وئي آ،
    ڪهاڻي محبت جي گيتن انهن ۾،
    پئي جهلڪندي منهنجي گيتن پڄاڻان،
    نه ڪر دير ايڏي هلي آ او راڻا.
    نه ڪر دير ايڏي هلي آ او راڻا.


    پاڇو پوئين پهر جو،

    پاڇو پوئين پهر جو،
    الا! مان آهيان،
    مون کي سار نه تون.

    ماٺ ۾ آءٌ گذري ويندس،
    خوشبو بڻجي اڏري ويندس،
    ساڀيائن جي آس جو،
    سپنو ڪو ناهيان.
    مون کي سار نه تون.

    سمنڊ جيان سنسار ٿو ڀاسي،
    جيون گم ٿيل ٻار ٿو ڀاسي،
    ڄاڻان ٿي هن ڀونءِ تي،
    آءُ ڇا آهيان.
    مون کي سار نه تون.

    اوندهه ڇانيل آ رڳ رڳ ۾،
    سک جي ڇانءُ نه آهي جڳ ۾،
    آءُ سُجهندي لاءِ نئون،
    سورج پئي ٺاهيان.
    مون کي سار نه تون.

    جذبن جو اتساهن ڪارڻ،
    سوڀ نئين جي راهن ڪارڻ،
    ناڪامين جا پير ٿي،
    چائنٺ تان ڊاهيان.
    مون کي سار نه تون.
    مون کي سار نه تون.


    سارو آهي چاهه منهنجي شاعري،

    سارو آهي چاهه منهنجي شاعري،
    تنهنجي ڄڻ ساراهه منهنجي شاعري.

    نيڻ ٻئي ڪشڪول پنهنجا مان ڪيان.
    خواب پنهنجا توکي سڀ ارپي ڇڏيان.
    تنهنجون ڳالهيون گيت منهنجا ٿي پون،
    تو مٿان ويساهه منهنجي شاعري.

    لوڪ تولئه ٿي پيو جي ڌرتتي،
    ڇانءُ ٿيندي توتي منهنجي زندگي،
    اذيتن جي اُس ۾ هوندي سدا،
    وِکّ وِکّ وڻراهه منهنجي شاعري.

    ڪيترا ڪنڊا ڀلي وکريل هجن،
    پير منهنجا ڪيڏا ڀي زخمي ٿين،
    تو اڳيان اونداهه ۾ ٿي ايندي مگر،
    روشني ۾ راهه منهنجي شاعري.

    ڀل دنيا روڪي سڀئي راهون کڻي،
    ڏات تو کي سڏ ڪندي ٻانهون کڻي،
    هر مصيبت ۾ جئينَ جو ٿي ڏئي،
    مون کي ڪو اتساهه منهنجي شاعري.


    بيت

    هو سڀ تارا اُڀّ تي، ڇو ٿا شرمائن؟،

    هو سڀ تارا اُڀّ تي، ڇو ٿا شرمائن؟،
    هَر هَر نيڻ کڻي پيا، جهٽ ۾ جهڪائن،
    ڄڻ ٿا ڪنائن، ڳالهيون ڪنهن جي پيار جون.

    ظاهر مرڪان پئي مگر اندر ۾ شمشان،
    ڪيئي دل ۾ ٿا اٿن، يادن جا طوفان،
    منهنجو من ويران، هن جي وئي کان پوءِ ٿيو.

    آسڻ اکين ۾، رڳو هن جا ئي آهن،
    هُن کان آءُ رُسي وڃان، ڇو ٿا ائين چاهن،
    مون وٽ ٻيا ناهن، سپنا پرين کان سواءِ.


    هاڻي کڻي آزاد ڪيو، قيدي منهنجو ساهه،

    هاڻي کڻي آزاد ڪيو، قيدي منهنجو ساهه،
    لفظ اماڙيون چوطرف، اندر ٻري باهه،
    کوليو منهنجي راهه، آجو جيون کي ڪيو.

    هر هنڌ ڳولهي ٿو پيو، پرينءَ جو پيرو،
    تڏهن ڪهي پرڏيهه، مان آيو جوڳيئڙو،
    هن کي ڳولهي ڏيو، پرين پنهنجي ڏيهه ۾.

    ڪنهن جي ڪنهن جي درد جي ڇيڙي ڪو ڪٿا،
    ڏک ۾ ڄڻ ڇڄي پئي، هيڻي دل هرڪا،
    مون کي ڏسيو سا، جا سورن کان خالي هجي.


    پنهنجي اندر کي پرين، جانچي ڏٺو مون،

    پنهنجي اندر کي پرين، جانچي ڏٺو مون،
    مون ۾ رڳو تون، رهين ٿو هر پل پرين.

    سکي ڪاري رات ۾، ڪيڏا نيڻ ٽميا،
    چنڊ وڌائي هٿڙا، سارا لڙڪ اگهيا.
    تنهن کانپوءِ پڇيا، منهنجا سارا درد هُن.

    نيڻ مليا جو جيڏيون! پرين سان هڪ وار،
    ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي وئي، شيشي جي ديوار،
    مون ڏي سَوَ سَوَ وار، پريتم نهاريو پيار مان.

    ڪيڏي پيڙا آ ملي، هڪڙي جيون کي،
    هوائون هاڻي وڃي، چئجو ساجن کي،
    منهنجي جوڀن کي، رهڻو ناهي تو سوا.


    تون ئي ڏس سانورا! تو بن ڪيئن جيئان؟

    تون ئي ڏس سانورا! تو بن ڪيئن جيئان؟
    پائن جهاتيون لڙڪ ٿا هاڻي نيڻن مان،
    تنهنجو ڏس پڇان، پل پل رستن کان پئي.

    ساروڻين جي واءُ آ، ڇيڙيو ڪو سرگرم،
    وياڪل جيون تي لڙي، پيار ڀري موسم،
    هڪڙو ئي پريتم، آهي منهنجي مَنَ ۾.

    اوجهل دنيا ٿي وئي، اکيون ٻوٽيم جو،
    منهنجي سامهون هو، چهرو پنهنجي چنڊ جو.

    منهنجي جوڀن جا سکي! سڀ رنگ چورائي،
    ڪيڏانهن ويو سانورو، ننڊون ڦٽائي،
    مون کي ريجهائي، ويو پنهنجي پيار سان.


    مان هڪ ننڍڙو سچ ۽ تون اتم احساس،

    مان هڪ ننڍڙو سچ ۽ تون اتم احساس،
    آءُ ذرو هڪ ڌوڙ جو، تون مون لئه آڪاس،
    جيڏا منهنجي آس، شال سدا هڪ ٿي وڃون.

    خواب وڃايل اڄ، مليو آهي پل کن ۾،
    مون کي ساجن ۾، پنهنجو پيار ملي ويو.

    اجرو هر اندر هجي، اجرو هي سنسار،
    اوندهه انڌوڪار، نڪري ساري ڏيهه مان.

    سج لٿو تارا ڄميا، اڃان انتظار،
    مون کي تنهنجو پيار، وسريو ڪونهي ڪا گهڙي.

    سارون تنهنجون سپرين! سانڍي ساهه رکيم،
    پر پوءِ ياد پيم، ساهه به وڃڻو آ ڪڏهين.


    وسڻ لئه آيو وڌي، نيڻن منجهه ڪڪر،

    وسڻ لئه آيو وڌي، نيڻن منجهه ڪڪر،
    ڪچڙو دل جو گهر، ڊهي پوندو اوچتو.

    چهرو ڄڻ ته پهاڙ آ، اکڙيون آبشار،
    وَسن سڀ ڄمار، اوسيئڙي جي اوٽ ۾.

    تو بن منهنجي اڱڻ تي، جا به لٿي آ شام،
    منهنجا ٽهڪ تمام، سڏڪن ۾ مٽجي ويا.

    منهنجي دل جي صحن تي، جيڪر رنگ اچي،
    اڄ جي هوت اچي، مکڙيون سڀ مهڪي پون.

    رابيليءَ جي گل مٿان، سج جو جيئن چمڪو،
    مون کي اهڙو ڪو، سپنو ٿو سڏڙا ڪري.


    مون کان ڪيڏي پيار مان، پڇي پيو آڪاس،

    مون کان ڪيڏي پيار مان، پڇي پيو آڪاس،
    آهين ڇو اداس؟، مکڙيءَ جهڙي ڇوڪري!.

    جيڏا منهنجا نيڻ ها، ورهين کان بي خواب،
    تن ۾ اڄ گلاب، ڦٽا تنهنجي پيار جا.

    ڪالهه پرين! توڏانهن جو، خط لکيو هو آنءُ،
    ان ۾ پنهنجو هانءُ، ويڙهي توڏي مون مُڪو،

    آيا ڏکن ڏينهن، سرتيون سک ڇڏي ويا،
    پور پرينءَ جا اڄ، اچي اندر منجهه پيا،
    سي ڀي ڏينهن هيا، روز ملڻ ٿيندو هيو.

    تنهنجون يادون مَنّ ۾، جڏهن ڀي آيون،
    سرتا! سرهايون، انگ، انگ ۾ وکري ويون.

    جيءَ ۾ جدائيءَ جا، اٿن ٿا طوفان،
    پَنُ پَنُ ٿي ٿا ڇڻن، اندر جا ارمان،
    دردن جا سامان، چوڌاري وکري ويا.


    سوچي سوچي او سکي تپي سارو تن،

    سوچي سوچي او سکي تپي سارو تن،
    پوء اچي ڪيئن من ۾ رھي هو رانجهن،
    مون کي هي جيون، هاڻي کپي ڪين ٿو.

    نيڻ مليا جو جيڏيون پرين سان هڪوار،
    پرزا پرزا ٿي وئي شيشي جي ديوار،
    مون ڏي سو سو وار، پريتم نهاريو پيارمان.

    سکي ڪاري رات ۾ ڪيڏا نيڻ ٽميا،
    چنڊ وڌائي هٿڙا سارا لڙڪ اگهيا،
    تنهن کان پوء پڇيا، منهنجا درد هن.

    اجرو هر اندر هجي، اجرو هي سنسار،
    اوندھ انڌوڪار، نڪري ساري ڏيھه مان.

    چھرو ڄڻ ته پهاڙ آ، اکيون آبشار،
    وسن سڀ ڄمار، اوسيئڙي جي اوٽ ۾.


    ترائيل ۽ ڏيڍ سِٽا

    ٻئي نيڻ تنهنجا ڇو آلا سکي!؟

    ٻئي نيڻ تنهنجا ڇو آلا سکي!؟
    وري ڪير اڄ ياد آيو اٿئي.
    ڪرين ٿي هي ڪنهن لئه ڪشالا سکي!؟
    ٻئي نيڻ تنهنجا ڇو آلا سکي!؟

    وري گهاءَ ملندئي نرالا سکي،
    وري صحن ڪنهن لئه سجايو اٿئي،
    ٻئي نيڻ تنهنجا ڇو آلا سکي!؟
    وري ڪير اڄ ياد آيو اٿئي.


    ڪانهي ڪائي لِڪَ پرين کان،

    ڪانهي ڪائي لِڪَ پرين کان،
    جنهن ريءَ آ همراز نه ڪوئي،
    سِڪَ مان گهرندس سِڪَ پرين کان.
    ڪانهي ڪائي لِڪَ پرين کان.

    ڌار ڪندي ڪيئن ڇڪَ پرينءَ کان،
    هن بن وڄندو ساز نه ڪوئي،
    ڪانهي ڪائي لِڪَ پرين کان،
    جنهن ريءَ آ همراز نه ڪوئي.


    لڙڪ ناهن لڪائڻ ڪي سولا پرين!

    لڙڪ ناهن لڪائڻ ڪي سولا پرين!
    ڪيئن يادن کي سانڍي اندر ۾ رکون.
    سخت ڪوسا جدائيءَ جا جهولا پرين!
    لڙڪ ناهن لڪائڻ ڪي سولا پرين!

    دل ۾ آيا ڪري درد ٽولا پرين!
    آس ڪهڙي ڀلا ڪنهن پٿر ۾ رکون.
    لڙڪ ناهن لڪائڻ ڪي سولا پرين!
    ڪيئن يادن کي سانڍي اندر ۾ رکون.


    اچانڪ وڇوڙو جڏهن آهي ٿيندو،

    اچانڪ وڇوڙو جڏهن آهي ٿيندو،
    تڏهن اوپري لڳندي آهي هوا ڀي.
    پيو روپ پل پل هو آهي مٽيندو،
    اچانڪ وڇوڙو جڏهن آهي ٿيندو.

    جڏهن آ ٽُٽُي ساٿ ساجن جو ويندو.
    ته گونگي ٿي پوندي آ دل جي صدا ڀي.
    اچانڪ وڇوڙي جڏهن آهي ٿيندو،
    تڏهن اوپري لڳندي آهي هوا ڀي.


    لڳي سڪ تنهنجي هلي آ او راڻا،

    لڳي سڪ تنهنجي هلي آ او راڻا،
    سدا ساهه توکي ٿو ساري سنڀاري.
    پيا نيڻ ڀي ٿا نهارن نماڻا.
    لڳي سڪ تنهنجي هلي آ او راڻا.

    اڃان ديپ يادن جا ناهن اجهاڻا.
    وڇوڙو نڀاڳو ٿو ماري جياري،
    لڳي سڪ تنهنجي هلي آ او راڻا،
    سدا ساهه توکي ٿو ساري سنڀاري.


    تو جو لاتي ديرا او سانول

    تو جو لاتي ديرا او سانول
    دل کي ڏاڍو الڪو ٿي پيو،
    وهم ٿيا هن ڍيرَ او سانول.
    تو جو لاتي دير او سانول.

    سورن کي پئي هِيَر او سانول.
    هرڪو ساهه به سڏڪو ٿي پيو،
    تو جو لاتي دير او سانول.
    دل کي ڏاڍو الڪو ٿي پيو.


    ساڻ نه سهيلي،

    ساڻ نه سهيلي،
    هوت به پَري آ، آءٌ به اڪيلي.

    جوڀن ڪيئن جهلجي؟
    پاڻ پلي وڃبو، پيار نه ٿو پلجي.

    ڇو رات رُني آهين!؟
    چَئُه ڪير اٿئي دل ۾، جنهن کي ٿي ايڏو چاهين.

    اعتبار ٿڪو ناهي،
    ٿي روز تڪيان راهون، ته به پيار ٿڪو ناهي

    مان توکان رُسي ويندس،
    تون روز پڪاريندين، مان ڏور هلي ويندس.


    سوچي هل سَرتي!

    سوچي هل سَرتي!
    دوکا ڏيندي آ، وک، وک تي ڌرتي.

    ڦُڙ ڦُڙ سنهڙو مينهن،
    ياد پيم جاني! ننڍپڻ وارو نينهن.

    عشق عبادت آ،
    جيڏو وڃ اونهو، اوڏي راحت آ.

    سوچ بڻي زنجير،
    ٽۡڪرا ٽڪرا دل، جذبو جذبو جهير.


    نظم ۽ آزاد نظم

    واپسي

    واپسي
    اسان ٽهڪ جيڪي اُڌارا وتا ها،
    اهي ٽهڪ هاڻي ورائي ڏيون ٿا.
    کپي ڪا نه ٿي هاڻ ڪا مرڪ زخمي،
    اسان زهر جيون جو هرهر پيون ٿا.

    ٿو صحرا لڳي پيو، هي سارو زمانو،
    اڃا رو هتي هر ڪو اندر لڳي ٿو.
    ڪا پيڙا ٿي هرپل وڍي هانءُ کي پئي،
    ۽ هر لفظ من ۾، ٿي خنجر لڳي ٿو.

    جهلي ڪو نه ٿو، ڪو دعا لاءِ جهولي،
    اگهي ٿو نه ڪو ڪنهن جي نيڻن جا ڳوڙها.
    هتي دل جي پيڙا، نه ٿو ڪو به ڄاڻي،
    چئون ڪنهن کي پنهنجا اسان دل جا اڌما

    ڀلي هاڻي رستا سڏيندا رهن، پر،
    هتي هاڻ ڪڏهن به موٽي نه اچبو.
    سڀئي سڏ تنهنجا ڇڏي پنهنجي پويان،
    پرين هاڻ تو کان هليو دور وڃبو.


    اداسي

    اداسي
    اسان جون راهون ڪڏهن نه روڪيو،
    اسان کي ڀلجي سڏي نه ڪوئي،
    اسان جي منزل اڃان اڳي آ،
    اسان لئه اک ڪا پوي نه روئي،
    اسان جو جيون هو ڪورو ڪاڳر،
    جو پيار سان ڪو رنگي ويو آ.
    جيءُ ۾ ڪائي آس سانڍي،
    اسان کي پنهنجو ڪري ويو آ.
    بي رنگ موسم ۾ رنگ آهي،
    اوهان جي آهيو ته مرڪ آهي،
    اوهان بنا پَلَ اداس آهن،
    گهڙي گهڙي ڄڻ ته لڙڪ آهي،
    اسان کي هاڻي ڪي آسرن جا،
    گلاب ڪاغذ جا ڏيو نه آڻي.
    مان جنهن جي نيڻن جو خواب آهيان،
    خدا! ڪري دل انهيءَ کي ماڻي.


    ڇوليون

    ڇوليون
    هو يادن جي درياهه ۾،
    سوچن جون ڇوليون.
    اچانڪ اٿي ٿيون پون.

    هي ساهن جا پنڇي،
    اُڏي ڇو وڃن ٿا.
    ۽ پولار ڪنهن ۾ ،
    لِڪي ڇو پون ٿا؟

    رڳو دل اسان جي،
    سڏيندي رهي ٿي.
    ڪي خوابن جا گهرڙا،
    اڏيندي رهي ٿي!

    هيءَ دل آ چري،
    کيس سمجهائي ڪو.
    نه ايندو ڪڏهن سو،
    هليو ويو آ جيڪو.


    ديپ

    ديپ
    اسان نيڻ ٻاري ڪيا ديپ جنهن لئه.
    اهو ڀي اسان کي ڪندو ياد هوندو.
    ڪري ياد رنگين خوابن جون ڳالهيون،
    اڪيلي ۾ ڪيڏو هو غمگين ٿيندو.
    ۽ تنها جڏهن ڪا لڙي شام هوندي،
    ته چهرو پرينءَ جو ٿيو زرد هوندو.
    لڪايا ته هوندا هُن ڳوڙها گهڻو ئي،
    سڀئي چاهتون پنهنجون ارپي اسان کي،
    اوسرتي! هو پنهنجي وجهي هِيرَ ويو آ،
    سڄي رات چنڊ ساڻ اوريان ٿي ڳالهيون.
    ڇڏي هيئن اسان کي هليو ڪير ويو آ،
    اسان جا جڏهن ڀي رُنا نيڻ آهن،
    ته لڙڪن کي ڄڻ ڪائي معنيٰ ملي ٿي.
    ستارا اسان سان ٿا ڪن ريس ڪيڏي،
    ۽ چانڊوڪي وارن ۾ الجهي پوي ٿي،
    انڌيري ۾ مون لاءِ هو سوجهرو آ،
    ۽ خاموشين ۾ هو ڄڻ ڪا صدا آ،
    سندس پيار نٽهڻ ۾ ڄڻ ڇانورو آ،
    معصوم هٿڙن جي ڄڻ ڪا دُعا آ.


    چهنڊڙيون

    چهنڊڙيون
    توهان کي به لمحا اهي ياد هوندا،
    محبت جي جنهن وقت ٿي ابتدا هئي.
    پريشان لمحا اهي ياد هوندا،
    جڏهن ابتدا ۾ ئي، ٿي انتها هئي.
    هو تُوتَن جو وڻ ياد هوندو اوهان کي،
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو نه هوندي وساري.
    هر آهٽ تي ڏاڍو ڀريو ڇرڪ هوندو،
    اداسين ۾، هر شام هوندي گذاري،
    ڦٽي ننڊ نيڻن جي هر رات هوندي،
    ۽ رستن ۾ ويهي نهاريو ته هوندو.
    لڪائي لکي هٿ تي نانءُ منهنجو،
    اوهان مون کي پرپٺ پڪاريو ته هوندو.
    سي معصوم ڳالهيون ۽ معصوم واعدا،
    نوان خواب ڪيئي اکين ۾ سجائي،
    سدا لئه پريتم! مان توکي ئي پايان،
    ٻيو سارو سنسار دل تان ڀلائي،
    توهان کي به لمحا اهي ياد هوندا،
    محبت جي جنهن وقت ٿي ابتدا هئي.


    ڳوڙها

    ڳوڙها
    اسان جي اکين جا سي ڳوڙھا نه روڪيو،
    اسان جون اکيون هاڻ برسڻ ٿيون چاهن،
    هينئر ھرگهڙي ۾ جلي جيءُ پيو ٿو،
    ۽ ھاڻي چپن تي اُ ھي گيت ناهن.
    اسان جي اکين جون ٻڌو ڳالهڙيون ڪي،
    اسان اڄ رڳو خواب هڪڙي جي عيوض.
    اکين جي شھر ۾ ٿي سنگسار وياسين،
    ڏسڻ باغ شاداب هڪڙي جي عيوض،
    ٻُڌو هڪ ڪٿا اڄ اسان جي به دل جي،
    نه چاهيندي ڀي پاڻ وڇڙي وياسين.
    ۽ پوء آس پرچڻ جي هڪ من ۾ سانڍي،
    اچانڪ کلياسين ۽ کلندي رناسين.


    مقدمه سنڌ

    مقدمه سنڌ
    ڪو باغي ٿئي ٿو
    ڪو تڙپي اٿي ٿو.
    لاش ڪنهن جو ڪٿي لڙهندو ملي ٿو
    لهوءَ ساڻ رستا ڳاڙها ٿين ٿا
    انسانيت تڙپي اٿي ٿي.
    روز اخبارون
    اسان جي بي حَسين جا
    هوڪا ڏين ٿيون.
    دل روئي پوي ٿي
    ڇو مائن جون جهوليون
    ويران ٿين ٿيون
    ڪيئي ڇانورا هٿ
    ڪپجي وڃن ٿا.
    ڪشمير کي ڪوئي سنڌ چئي
    يا سنڌ کي ڪشمير ڪو.
    حالات اهي ئي رهيا ساڳيا
    بس آهي ته، آهي فرق ايترو
    هو ڪشمير جي سڏ ۾
    ڏين سڏ ٿا.
    پر سنڌڙيءَ جا سڏڪا، ڪو ٻڌي ئي ڪو نه ٿو
    مقدمه ڪشمير ته وڙهي ٿا اچن
    سنڌ جو مقدمو وڙهي ڪير ٿو!؟؟


    خواب

    خواب
    هڪ خواب آڪاس تان
    لهندو اچي ٿو
    ڄڻ ناسي اکين ۾ ڪو
    دنيا ڀري ٿو
    اوچتو ئي ڪا خوشبو برسڻ لڳي ٿي،
    ۽ سورج جي ويتر وڌي روشني ٿي،
    سڀ تارا افق جا،
    هَٿ ۾ هٿ ڏيئي رقص ڪن ٿا.
    ۽ سالن کان ڪنهن جي،
    اوسيئڙي ۾
    پوڙهو ٿي ويل اداس چنڊ
    مرڪڻ لڳي ٿو.
    هوائون به ڌيرج سان ڳائڻ لڳن ٿيون.
    منهنجي سکيءَ.....!!
    تنهن تي پڇيو
    هي سارا هيج ڇا جا هن،
    مون ٻهڪندي هو چيو
    او ڳهيلي!
    هو شهزادو جيڪو دل ۾ وسي ٿو.
    نانءُ جنهن تي ڏيهه مهڪي پوي ٿو
    اهو منهنجو پريتم.....
    اڄ منهنجي سپني ۾ ايندو.


    گلاب جي ڇانوَ ۾

    گلاب جي ڇانوَ ۾
    مون کي اڄ به ياد آهي اهو زمانو
    جڏهن آءٌپنهنجا هڙ خواب
    گلاب جي ڇانوَ ۾
    وساري آئي هيس
    ڪجهه نه رهيو باقي،
    خالي خالي هٿڙا،
    خالي خالي نيڻ
    خوابن جي.......!!
    هاڻي ته شايد لڙڪ به منهنجا ناهن رهيا.
    تڏهن آءُ خواب ڳولهڻ لڳس
    پوءِ خبر پئي
    ڪالهه شام ڪوئي پوپٽ
    سمورا خواب
    پنهنجي پرن تي کڻي اڏري هليو ويو
    اڄ به آءٌ
    گم ٿيل خواب ورائڻ لئه
    هر چهري تي رستا جوڙيا هن.


    تون ڪڏهن ايندين!؟

    تون ڪڏهن ايندين!؟
    تون ڪڏهن ايندين
    "زندگي"!
    ڏيئي جي آخري ٽمڪندڙ
    لاٽ جيتري رهي آهي
    بس ان ۾ ساهه
    نرتڪيءَ جي ٿڪل
    قدمن جيترو رهيو آهي،
    آڪاس جيڏو اوسيئڙو،
    ڀلا ڪير ڪري؟
    هاڻ تون ٻڌائي ڇڏ
    ته................
    تون ڪڏهن ايندين؟


    تاريخ جا نيڻ

    تاريخ جا نيڻ
    تاريخ جا نيڻ ڪو درد پائن.
    خواب ڪو پرزا ٿئي
    چري دل صفا ڦٿڪڻ لڳي
    ۽ هوائن ۾ صفا دل ڀرجڻ لڳي
    جيئن گلابن کي ڪو
    ڄرڪندڙ ٽانڊن تي رکي ساڙڻ لڳي
    جيئن رنگين پوپٽ ڪو
    هاءِ وي روڊ تي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ملي،
    يا!
    ڪڏهن پيرڙا
    هر راهه تي رت جا نشان ٺاهڻ لڳن
    هر ساهه سڏڪو ٿئي
    هر مرڪ ڪا لڙڪن جي
    ريپر ۾ ويڙهيل ملي،
    تون اداس نه ٿي پريتم...!!
    اهو سڀ ماضي هيو،
    هاڻي اهو سڀ ٿيندو نه هاڻي،
    ڪوئي درد ڀي نه هوندو پاڻ وٽ،
    "حال" ۽ مستقِل ۾ به "مان"
    تنهنجي آهيان ۽ تنهنجي رهندس
    دل نگر ۾
    منهنجا! چندرمان جهڙا اجرا پريتم
    تون صرف ۽ صرف منهنجو آهين
    ۽ مان صرف ۽ صرف تنهنجي آهيان.


    "نه مون کي سڏ جانءِ"

    "نه مون کي سڏ جانءِ"
    ڏس!
    مون کي نه سڏ جانءِ
    مان وقت جو گذري ويل لمحو آهيان
    هو اسان اڏايل دز
    ۽ پوپٽ جي پرن مان
    ڇڏيل رنگ آهيان
    مان دل جي اڪيلائي
    ۽ خاڪ ۾ وسا ميل
    آخري چڻنگ آهيان.
    چريا! نه مون کي سڏجانءِ
    مَس مَس ته اڃان
    زندگيءَ جو قيد ڪاٽي
    ساهه جو پنڇي آزاد ٿيو آ.


    "صدا"

    "صدا"
    هي تاريڪيون،
    ۽ هي باريڪيون.
    هي جيون جي عذابن کي،
    ڪنائن ٿيون ٻڌائن ٿيون.
    خوابن جي صدائن کي
    اسان جي روح جا پاڇا.
    پَيا ها تو مٿان ڪاٿي
    اسان جي دل اڳي زخمي
    اسان جو روح ڀي زخمي
    ۽ زخمي ڄڻ سڄو جيون
    ڪڏهن ايندين؟
    ٻڌاءِ مون کي.
    جدائيءَ جي اڳ کي هِڪوار اجهائڻ لاءِ
    ڪڏهن ايندين؟


    "مٽيءَ جو ماڻهو"

    "مٽيءَ جو ماڻهو"
    مٽيءَ جهڙو پيارو ماڻهو،
    مٽيءَ کان وڌ آهي پيارو،
    مٽيءَ مان شاهڪاربڻائي،
    ڪيئي گل گلزاربڻائي،
    هڪ ڏينهن آخر ڪيئن هو ويٺو...؟
    منهنجي ننڍڙي نازڪ دل کي،
    مٽيءَ جو ٿانءُهو سمجهي،
    پل ۾ ٽوڙي ويو هليو،
    ڪيئن سمجهان ان کي جيڏيون...؟
    دل ڪو ڪچڙو ٿانءُ ته ناهي،
    دل ڀڄي ڪيئن ڀورا ٿي پئي،
    مٽيءَ جو هڪ ٿانءُ ڀڄڻ تي،
    اُداس ڪيڏو ٿيندوآهي،
    دل جو منهنجي پرزا ٿي وئي،
    ڇو هن کي ڪو احساس نه ٿيو آ،
    ڪومل دل جو نازڪ ماڻهو،
    آخر ڪيئن هو پٿر ٿي ويو،
    هو مٽيءَ جهڙو پيارو ماڻهو،
    مٽيءَ کان وڌ پيارو آهي...


    چوسٽا

    جيئن رات اوندهه آڻڻ لڳي آ،

    جيئن رات اوندهه آڻڻ لڳي آ،
    تيئن ماڳ تنها ئي ماڻڻ لڳي آ.
    عذابن جي ڇاڻيءَ مان مرڪن جا لمحا
    حياتي هٿن ساڻ ڇاڻڻ لڳي آ.


    ڀُونءِ ڪَرَ موڙي ٿي ۽ آڪاس جاڳي ٿو پوي.

    ڀُونءِ ڪَرَ موڙي ٿي ۽ آڪاس جاڳي ٿو پوي.
    مَنَ ۾ جيئڻ جو جڏهن احساس جاڳي ٿو پوي.
    محبتن جي ديس ۾ ان وقت ڇو منهنجا خدا!؟
    نفرتن جو، اوچتو راڪاس جاڳي ٿو پوي.


    وسرن نه ٿا گهڙي ڀي، هُو قربتن جا لمحا.

    وسرن نه ٿا گهڙي ڀي، هُو قربتن جا لمحا.
    توڙي پيا ٿا گذرن هتي تهمتن جا لمحا.
    اوندهه جو قيد ٽوڙي، نڪري پون ٿا جرڪي،
    هن نفرتن جي وچ مان ڪجهه محبتن جا لمحا.


    خاموشي ۾ ساز ڳالهائي ٿو.

    خاموشي ۾ ساز ڳالهائي ٿو.
    تنهنجو هر انداز ڳالهائي ٿو.
    تنهنجي نيڻن مان او راڻا،
    اڄ ڀي ڪوئي راز ڳالهائي ٿو.


    وڄ وراڪا زندگي.

    وڄ وراڪا زندگي.
    سڏڪا سڏڪا زندگي.
    تنهنجي وئي کان پوءِ رڳو،
    الڪا الڪا زندگي.

    *

    شباب پڙهي ڪو ٿو.
    حجاب پڙهي ڪو ٿو.
    لڙۡڪن کي لڪائڻ لئه،
    ڪتاب پڙهي ڪو ٿو.

    *

    وفائن منهن ڇڏيو موڙي.
    دعائن منهن ڇڏيو موڙي.
    چيو مون سچ ته دنيا جي،
    خدائن مُنهن ڇڏيو موڙي.

    *

    بي رنگو جيون وري رنگين ٿيندو ٿو وڃي.
    عشق ۾ هي معاملو سنگين ٿيندو ٿو وڃي،
    هاڻ مرڪيو ٿي پئي، پر ڪنهن ڏکويس اوچتو،
    ڏس هو کلڻو ڇوڪرو، غمگين ٿيندو ٿو وڃي.


    وري خواب لڙڪن سان وکري وڃن ٿا.

    وري خواب لڙڪن سان وکري وڃن ٿا.
    ڀڃي بند اکڙين جا نڪري وڃن ٿا.
    هي ڏک ڪيترو ٿا اسان سان نڀائن،
    ۽ سک ڀر مان جلديءَ سان گذري وڃن ٿا.

    *

    وري درد دل م ڪو پلجي رهيو آ.
    جڏهن کان هو مون لئه بدلجي رهيو آ.
    مان ڄاڻان ٿي ٻيهر وري ڪو نه ايندو،
    ڪنڊن تي بدن ڄڻ گهلجي رهيو آ.

    *

    مان سارن نظارن کان وسري ويس.
    ۽ پنهنجن ئي پيارن کان وسري ويس.
    ڇو هن پار پهچڻ جي آس کان اڳ،
    نديءَ جي ڪنارن کان وسري ويس.

    *

    اُڏري توکان ڏور وڃان مان.
    شال نه توکي ياد اچان مان.
    تو لاءِ موتين جهڙا سپنا،
    منهنجا پريتم روز ڏسان مان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340564
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ