ڪتاب جو نالو: جـن سين لنئون لاڳي
مصنف: اقرار پيرزادو
ڇپائيندڙ: امبر پبليڪيشنز
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 03 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1084 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 364 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي پاران ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن کي هن ”مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا خاڪا“ سڏيو آهي.
ٻلهڙيجي جيڪا مُهين جي دڙي ويجهو درياءَ ڪپ تي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور آهي. ان ئي ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن کي پڙهندي مونکي پنهنجي ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو ياد آيا جن تي به ايئن ئي لکي سگهجي ٿو، پر اها اقرار جي خوبي آهي جو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي مَنڊي ڇڏيو اٿائين. هن مولائيءَ طبيعت ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ناهي پر ملڻ جي آس اڃان به وڌي وئي اٿم. سندس ڪجهه خاڪن واريون شخصيتون مون به ٻڌيون آهن پر اقرار انهن جا نوان رخ به سامهون آندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا احساس لکيا اٿائين جو اکين مان پاڻي اچي وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کِلي کِلي ٿڪجي ٿو پوي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ويراڳي واڳِي، ڏين ڏهاڙي ڏِيل کي
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پيار جو پهريون پروفائيل : مهاڳ
  • مٽيءَ هاڻا ماڻهو: جن سين لنئون لاڳِي : مصنف پاران
  • ٻلهڙيجي : صوفين، صحافين،سياسي ڪارڪنن، شاعرن ۽ سنگيت پريمين جو ڳوٺ
  • فقير يارمحمد پيرزادو : حسن پرستي تي مئخواري، ساڏي صوم صلوات نين
  • وريل فقير پيرزادو : جيت جڻين ۽ وڻن سان پيار ڪندڙ سخي ڀاڳيو
  • ڀرپور فقير ساريو : زماني جو ستايل چوٽير فقير
  • اياز، هاشم ۽ اٺ فقير ممڻاڻي : سادڙا، سٻاجها ڪلاڪار ۽ هنرمند ڀائر
  • نانڪ فقير ماڇي : ڀنگ بخور ڀنگ بخور
  • گلزار فقير : ورهاڱي ويل وڇڙي وسريل شخص
  • غلام محمد عرف غلامو ٻالو : چوٽان چوٽ چرياڻ
  • رياضت فقير ابڙو : حق هادي ...!
  • سيد يوسف علي شاھ بخاري : سدا سُوئيتو ڪاپڙي
  • پير باغن : سيلاني، غيرسيد پير
  • مزنو ۽ طالب فقير ماڇي : صوفي ۽ جلالي ڪلاڪار ڀائر
  • استاد علڻ انصاري : ٻلهڙيجيءَ جو پروفيشنل فنڪار
  • گل فقير مڱڻهار : سورٺ کان ونءُ ويندڙ منگتو
  • ميهر فقير انصاري : سُر سکيو ئي هيڪڙو
  • سيتل باگڙي : سنو ري سئيان بات هماري
  • ليمون فقير جت : سنڌ جو مشهور مولودي ۽ مداحي
  • آخوند غني ڀٽي : ڪا جا وڳي تند
  • ناني نازي : مڙسن کان ٻه قدم اڳتي قومپرست پٺاڻي
  • مائي پري ماڇياڻي : چرچن ۾ مردن کي مات ڏيندڙ مائي
  • مينهون ماڇي : ڏڏ وڏو ڏڏ، پاڻ ڪوٺائي مڱڻو
  • چيز ٻٽ : ڪجي هِن جي ڪهڙي بات!
  • نانگو آريجو : اسان جي تر جو وتايو
  • خليفو محمد بخش ٻگهيو : جماعت سجدي ۾، امام غائب
  • رانجهن عرف سرپور ساريو : پيرين اگهاڙو وڏيرو!
  • گلاب ديوَ ممڻاڻي : دشمن جي در تي ٻڌڻ جهڙو
  • حافظ ميهر سامٽيو : اکين کان وڏو اندر جو سڄو
  • سرور صاحب : اسان جو مرزا غالب
  • مامو علڻ : چئن پيڙهين جو عاشق
  • شهاب الدين ۽ امير بخش : ڇهي ۽ ڊهي
  • ڪاڪو الاهي بخش پيرزادو : مجاز جو ماريل
  • سوڍو اوڏ : زماني کي پٽيون پڙهائيندڙ
  • استاد عيدل خان سومرو : استاد، شاعر، ڊراما نويس، اداڪار ۽ رانديگر
  • قمر لاڙڪ : يارن جو يار
  • وڏيرو اِمنُ : جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس
  • جانيئڙو سنڌي : سنڌ پرست بزرگ نوجوان
  • لطف پيرزادو : پينگهي ۾ سورن سان پيچ پائيندڙ
  • گلاب پيرزادو : سوڀي جي سنگت ۾ رچي ريٽو ٿيل ڪميونسٽ اڳواڻ
  • محب پيرزادو
  • ڪامريڊ ٺارو ماڇي : ٿي تند وڙهي تلوارن سان
  • مامو رمضان : ڏور ڏُکندا ڀڄ، مِهريءَ منهن ڏيکاريو
  • دريائي چورن جي دنيا
  • اڪن پيرزادو : جي هاڻُو هُونئي مِٽ
  • محمد خان پيرزادو : شڪاري، هاڻُو ۽ ماهر پيراڍو
  • عبدالڪريم عدلو ممڻاڻي : ڌاڙيلن ۽ پوليس جو دشمن
  • ابراهيم عرف ابو ممڻاڻي : ڪچي جي سڃن ڍورن جو ڌڻي
  • استاد ربنوا ز چنو : ملهه پهلوان، قصاگو ۽ اوطاقي مڙس
  • نواب خان ابڙو : پاڻئون ڏاڍن کي للڪاريندڙ پهلوان
  • استاد محمد عيسيٰ بهڻ : خوبرو، يارويس ۽ هردلعزيز ملهه پهلوان
  • پهلوان سرور چنو : پڙ تي پرزا ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار

  • ويراڳي واڳِي، ڏين ڏهاڙي ڏِيل کي

    ويراڳي واڳِي، ڏين ڏهاڙي ڏِيل کي
    راول رتين مولهين، سامي سُهاڳِي
    جن سين لنئون لاڳِي، سي جوڳي پسان ته جئان.

    (شاهه- سُر رامڪلي)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (305) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي پاران ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن کي هن ”مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا خاڪا“ سڏيو آهي.
    ٻلهڙيجي جيڪا مُهين جي دڙي ويجهو درياءَ ڪپ تي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور آهي. ان ئي ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن کي پڙهندي مونکي پنهنجي ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو ياد آيا جن تي به ايئن ئي لکي سگهجي ٿو، پر اها اقرار جي خوبي آهي جو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي مَنڊي ڇڏيو اٿائين. هن مولائيءَ طبيعت ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ناهي پر ملڻ جي آس اڃان به وڌي وئي اٿم. سندس ڪجهه خاڪن واريون شخصيتون مون به ٻڌيون آهن پر اقرار انهن جا نوان رخ به سامهون آندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا احساس لکيا اٿائين جو اکين مان پاڻي اچي وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کِلي کِلي ٿڪجي ٿو پوي. ڪجهه شخصيتون اڃان به رهجي ويون اٿس، متان هي سلسلو اڳتي به هلي ۽ هن ڪتاب جو ٻيو حصو به ڇپجي. يقينن هي ڪتاب اسان جهڙن هٿ ٺوڪين لکارين لاءِ هڪ سبق آهي ته هيئن لکو ٻين جو وقت نه وڃايو.
    هي ڪتاب امبر پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست علي حسن چانڊيي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، مهربانيون اقرار پيرزادي جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    پنهنجي ڏاڏيءَ لطيف خاتون،
    جنهن جي ٻڌايل قصن ڪهاڻين وطن پرستي ۽ غريب پروريءَ جا سبق ڏيڻ سان گڏ تاريخ ۾ دلچسپي پيدا ڪئي
    ۽
    پنهنجي پڦي خانزادي عرف ”امان مشن واريءَ“ جي نالي،
    جنهن پيءُ ماءُ کان به سرس پيار ڏنو ۽ منهنجو هر انگل پورو ڪيو.

    ساٿي نه پسان سي، جي هُئم هِنئين ٿوڻيون...
    (شاهه)


    پيار جو پهريون پروفائيل : مهاڳ

    منهنجي ٽيبل تي اقرار پيرزادي جي غيرمعمولي ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳِي“ جو ڪمپوزڊ مسودو رکيو آهي.
    سامهون ٻه ڪرسيون پيون آهن.
    هڪڙي ڪرسيءَ تي مان ۽ ٻيءَ تي منهنجو دوست غني رند ويٺو آهي.
    مان شروع وارا ڪجھه پنا پڙهي چڪو آهيان.
    ٽيبل تي مسودي جي مٿان رکيل منهنجو چشمو مون جيان اداس آهي.
    منهنجو دوست مسودو کڻي کولي ٿو ۽ ڪجھه صفحا اٿلائي پٿلائي هڪ پروفائيل پڙهڻ ٿو لڳي.
    ”ٿورو زور سان پڙهه ته مان به ٻڌان!“ مان چوانس ٿو.
    هو وچوواڙِي باآواز بلند خاڪو خاڪو پڙهڻ ٿو لڳي ۽ مونکي ايئن ٿو لڳي ڄڻ منهنجي آڏو الف ليلوي داستان کلي ويو آهي!
    ڄڻ هڪ هڪ ٿي سوين هزارين پُراسرار ڪردار وقت جي اونداهيءَ مان نڪري لفظن جي روشنيءَ ۾ نروار ٿيندا پيا وڃن.
    منهنجو دوست خاڪا پڙهندو ويو. مان ٻڌندو رهيس. احساسن جي ڪيمسٽري تبديل ٿيندي وئي. من جي موسم مٽجي وئي. ٽيبل تي رکيل چانهه ٺري وئي. اسان جون چار اکيون ڪنهن مهل مرڪن جي آڪاس ۾ ترنديون ته ڪنهن مهل لڙڪن جي پاتال ۾ ٻڏنديون رهيون. اقرار جي تخليقي لکڻيءَ ۾ ڇا ته لطف آهي! ٻوليءَ جي حسناڪي، لفظن ۽ جملن جو جڙاءُ، وڻندڙ اندازِ بيان، ڪردارن جي چرپر، اظهار جي معصوميت ۽ بي باڪي ... زندگيءَ جا خواب ۽ خوشيون، ڏک، موت، جدائي، محبت، حادثا، مزاح جي بي پناهه حس ڇا چئجي؟ ڪنهن مهل کلي کلي پيٽ ۾ وٽ پئجي ٿا وڃن ته ڪنهن مهل ٻارن وانگر روئي ٿا ويهون. ڪردار نگاريءَ جي اهڙي اعليٰ صلاحيت دنيا جي ادب ۾ فقط چند اعليٰ اديبن ۾ ڏٺي وئي آهي.
    پنهنجي دوست واتان اقرار جا اکرن سان اُڻيل پروفائيل ٻڌندي مان ڀرپور فقير سارئي، نانڪ فقير ماڇي، غلامو ٻالي، سيد يوسف شاهه، سيتل باگڙي، مائي پري ماڇياڻيءَ سان متعارف ٿيندو جنهن مهل چيز ٻُٽ جو خاڪو ٻڌان ٿو ته منهنجي خوشيءَ ڀري حيرت انتها کي پهچي وڃي ٿي ۽ مان بي ساخته دانهن ٿو ڪيان: ”او ماءِ گاڊ!.. ڇا ته پروفائيل آهي ... ڇا ته يگانو شخص آهي هي چيز ٻُٽ ... اڙي يار اقرار! تون ته ڪو جِن آهين ... جادوگر آهين ميان !!“
    شام پوڻ کان ڪجھه پل اڳ منهنجي دوست جيڪو پروفائيل پڙهي پنا ٺپيا، اهو هو مينهين فقير ماڇيءَ جو خاڪو. (۽ دوستو، هِن ڪردار بابت اوهان کي ڪجھه ٻڌائڻ منهنجي وس ۾ نه آهي، جو هن وقت به منهنجون اکيون ڳوڙهن ۾ ترآهن ۽ هٿ جذبات جي شدت ۾ ڏڪي رهيا اٿم)
    هِنن ڪردارن جي روح ۾ جهاتي پائڻ سان نواب شاهه جي شام تي ٻلهڙيجيءَ جا، لاڙڪاڻي جا ۽ موهن جي دڙي جا رنگ ڇانئجي ويا آهن!
    آسپاس اقرار جي ڪردارن جي خوشبو ڦهلجي وئي آهي.
    هِنن ڪردارن جي معرفت مان محض ٻلهڙيجي ۽ ان جي آسپاس جي تاريخ ئي نٿو ڏسان پر ڄڻ ساري سنڌ جو حُسن ڏسي ٿو وٺان. حُسن جيڪو موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو خاصو آهي.
    حُسن، جيڪو هزارين سالن کان هيءَ ڌرتي پنهنجي سيني ۾ سانڍيندي ۽ تاريخ جي چورن لٽيرن کان لڪائيندي آئي آهي. (حُسن جيڪو هاڻي بلڪ گھڻي وقت کان آهستي آهستي معدوم ٿيندو پيو وڃي)
    حُسن، جنهن جي جھلڪ پاڻ واري ٽهيءَ ته رڳو ڪتابن ۾ ئي ڏٺي آهي. حقيقت ۾ ته رڳو ٻاروتڻ ۾ انهيءَ سونهن جا آخري منظر يا منظرن جا ڇيڙا ڏسي سگھيا هئاسين. اهو حُسن جنهن جو ذڪر پير برادران جي ڪلاسڪ ڪتابن ”اهي ڏوٿي اهي ڏينهن“ ۽ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ پڙهيو هوسين ۽ هاڻي هن ڪتاب ۾ پڙهي رهيا آهيون ۽ هيءُ ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ان سونهن جو سچو ۽ پڪو ثبوت ثابث ٿيڻ وارو آهي.
    ڪجھه ڪتاب اهڙا هوندا آهن جن تي طويل مهاڳ لکيا/ لکرايا ويندا آهن. پوءِ پڙهندڙ خير سان پڙهندا به اهو ”پُرمغز“ مهاڳ آهن. ڪتاب جو اصلي مواد پڙهڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪندا آهن. شايد اهو ان ڪري جو اهي ڪتاب هوندا ئي مهاڳ جا محتاج آهن. جيئن ڪو معذور بيساکين جو محتاج هوندو آهي!
    پر ڪي ڪتاب مهاڳن ٻهاڳن جا محتاج نه هوندا آهن. اهي پنهنجو مهاڳ پاڻ هوندا آهن، پنهنجو تعارف پاڻ هوندا آهن ... ۽ اقرار پيرزادي جو هي ڪتاب انهن ٿورڙن ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪي مهاڳن جا محتاج نه هوندا آهن! سچ کي ڀلا سورهن سينگار ڪرڻ جي ڪهڙي پرواهه؟ سچ خود سونهن آهي.
    مان هن کي هڪ غير معمولي (Extra Ordinary) ڪتاب سمجھان ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل خاڪن/پروفائيلن جا عنوان ئي افسانن جهڙا اُجرا اُجرا، منفرد ۽ پُراسرار آهن! (توڻي جو هي ڪردار خيالي/ افسانوي نه بلڪ حقيقي آهن. موجود آهن/ موجود هئا)
    افسانا جيڪي پنهنجي پاڻ ۾ هڪ مڪمل ڪائنات آهن.
    اقرار اگر هنن افسانن جهڙن منفرد ڪردارن کي کڻي ناول جي پيرائي/انداز ۾ لکي ها ته مان دعويٰ سان چوان ٿو ته اهو ناول سنڌي ادب جو هڪڙو شاهڪار ناول ثابت ٿئي ها. (توڻي جو خاڪن جي ڪتاب طور به هيءُ ڪتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهي)
    هي خاڪا عام زندگيءَ جي اُها خاص تصوير آهن جنهن کي ڏسندي اکيون نه ڍاپنديون آهن. اُهو ان ڪري جو هر ننڍڙو عمل پنهنجي جوهر ۾ دراصل وڏو عمل هوندو آهي.بشرطيڪه اُهو عمل positive هجي. هِنن ڪردارن مان ڪجهه ڪردار پنهنجي عمل ۾ بظاهر ناڪاري هوندي به دراصل هاڪاري آهن. سندن ناڪاريت ۾ معصوم سادگي آهي ۽ هاڪاريت ۾ ڪابه شخصي چالاڪي ۽ ذاتي مفاد نه آهي. سڀ ڪردار ڏاڍا اهم ۽ اڻ وسرندڙ آهن.
    هن ڪتاب جي هڪ نه پر هڪ کان وڌيڪ خوبيون هي به آهن ته :
    • هنن خاڪن جو ليکڪ ڪو ناليوارو اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار نه آهي پر هو خود به هنن پروفائيلن جي ڪردارن جهڙو عام/مٽيءَ هاڻو ماڻهو آهي، جنهن زندگيءَ کي پنهنجي ڀرسان گذرندي ئي نه، پاڻ مٿان گذرندي ۽ پنهنجي اندر مان آرپار ٿيندي ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ ڀوڳيو آهي. ان ڪارڻ ئي سندس لکڻي زندگيءَ جي ڏاڍو قريب آهي ۽ اجائي ادبي ٺاهه ٺوهه، لفاظي ۽ So called دانشوراڻي لٻاڙ کان آجي آهي. ذاتي پسند، ناپسند، بغض، نفرت ۽ ڏيکاء جي مرض کان به پاڪ آهي.
    • ٻيو ته هن جيڪي به پروفائيل لکيا آهن، اهي تقريبن سڀ جا سڀ انهن شخصيتن جا آهن جيڪي ڪي گھڻيون مشهور، ڄاتل سڃاتل، High profile يا جڳ مشهور Personalities نه پر عام ۽ گھٽ سڃاتل آهن. اهي پهنجي وجود ۾ هڪ ڪائنات آهن پر ڪي خاص رعايت يافته يا مشهورِ زمانه شخصيتون نه آهن! ۽ اها هنن خاڪن جي خاص خوبي بڻجي وئي آهي.
    • اهي ڪردار توڻي جو پنهنجي ٻاهرين سڃاڻپ (Objective
    Identification) ۾ اڻ سڃاتل ۽ اڻ ڏٺل آهن پر پنهنجي داخلي سڃاڻپ (Subjective Identification) ۾ اسان جا بلڪل پنهنجا، ڄاتل سڃاتل، ڏٺل وائٺل ۽ ويجهڙا ويجھڙا آهن، هونءَ به وڏن ماڻهن تي ته هر ڪوئي لکي ٿو پر مٽيءَ هاڻن ماڻهن تي ڪو ڪو ئي لکندو آهي. ۽ هي سڀ مٽيءَ هاڻا ماڻهو در اصل پنهنجي سچائي، سادگي، جذبي ۽ نجپڻي (Originality) جي ڪري سڀني پڙهندڙن لاءِ هڪ وسيع پسمنظر ۾ هڪڙا اهم رول ماڊل ۽ اهڙا Mile Stone آهن جن وٽان سکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه ملي ٿو. هونءَ به علم وارن ماڻهن کان ڪردار وارن ماڻهن جي اهميت وڌيڪ هوندي آهي. ڪردار بنا علم جي ڀلا ڪهڙي اوقات آهي؟
    مان اقرار جي هن ڪتاب کي ”زندگيءَ جو ڪتاب“ سمجھان ٿو، زندگي جنهن جا انيڪ رنگ آهن.
    مختلف موقعن تي ٻڌڻ ۾ ايندو رهيو آهي ته ٻلهڙيجيءَ کي پنهنجي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي سجاڳي / روشن خياليءَ جي ڪري سنڌ جو Little Moscow سڏيو ويندو آهي ۽ اقرار جو هيءُ ڪتاب ان ڳالهه جو دليل آهي.
    سچ ته آئون اقرار جو هيءُ ڪتاب پڙهي ايئن حيران رهجي ويو آهيان جيئن ڪافي وقت اڳ گارشيا مارڪيز جو ناول ”وبا ڪي دنون مين محبت“ پڙهي حيران ٿي ويو هئس ۽ جيئن هاڻي ويجھڙ ۾ پياري دوست منور سولنگيءَ پاران گفٽ ڪيل جپاني اديب، هاروڪو مورا ڪامي جو بلاڪ بسٽر ناول Kafka on the Shore پڙهي حيران رهجي ويو آهيان. ڄاڻايل ٻنهي افسانوي ڪتابن ۽ اقرار جي هن غير افسانوي ڪتاب ۾ هڪ عجيب تخليقي هڪجهڙائي آهي، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر اظهاري نٿو سگهجي.
    منهنجي حيرت پنهنجي جاءِ تي پر مان هيءُ ڪتاب پڙهي پريشان ڏاڍو ٿي پيو آهيان. اهو ان ڪري ته هي جو پياري علي حسن مونکي هن ڪتاب تي مهاڳ لکڻ جو حڪم ڪيو آهي، مان ان جي تعميل ڪيئن ڪيان، جو هڪ ته مان نه ڄاڻان مهاڳ لکڻ، نه ڪو امهاڳ ۽ مٿان وري سون تي سهاڳو هي ته اقرار جو هيءُ ڪتاب اهڙو آهي جهڙو ويروتار درياهه! جهڙو سانوڻ جو ٻنا ٻوڙ مينهن! جهڙي جابلو نئن! آخر آئون ان کي پنهنجي لفظن جي ننڍڙي ٻُڪ ۾ کڻان ته ڪيئن کڻان؟ اکرن جي ڀاڪر منجھه ڀريان ته ڪيئن ڀريان! جو مان پاڻ هن ڪتاب جي لهرن ۾ لڙهي لڙهي ويو آهيان.
    ڪامريڊ ٺاري ماڇي، گلزار فقير، ناني نازي پٺاڻي، جانيئڙي سنڌي، قمر لاڙڪ، گلاب پيرزادي، سوڍي اوڏ، اڪن پيرزادي، وڏيري اِمن، نانگي آريجي جي دنيا کان ويندي درياهي چورن جي دنيا تائين، اقرار هڪ ڀرپور دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو آهي مون سميت پنهنجي سڀني پڙهندڙن کي.
    هيءَ درياهي چورن جي دنيا به ڇا ته دنيا آهي. هل پنهل! چورن ۽ چوريءَ جي هڪ بنهه الڳ ۽ منفرد دنيا ... ڌار ٻولي، ڌار اشارا ڪنايا، ڌار ٽرمنالاجي، چورين جا قسم ... لهرن سان لڙائي، درياهه بادشاهه سان جھيڙو، ڀاڳين سان ويڙهه، ڌٻڻيون، ڪُن، چڪڻيون، گُھور، باهين جا مچ، سياري جون ڳڱاٽيندڙ راتيون، قصا، ڪهاڻيون ... ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھه.
    هيءَ درياهي چورن جي دنيا جهڙي نيشنل جيوگرافڪ چينل جي شاهڪار ڊاڪيومينٽري!
    ڪهڙا ڪهڙا نه منفرد ڪردار کڻي آيو آهي اقرار زندگي جي جھوليءَ مان! ۽ هر ڪردار پنهنجي پاڻ ۾ هڪ مڪمل دنيا، مڪمل ڪهاڻي. لکڻ جو نرالو وڻندڙ ۽ زنده انداز. هو، جنهن ڪردار تي قلم کڻي ٿو، ان جي شخصيت جا سمورا رخ (Dimentions) پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃي. هي خاڪا محض خاڪا نه آهن پر ڄڻ هر شخص جي هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. ڪيئي ڪٿائون آهن هي خاڪا. ڪٿائون جيڪي اقرار جي هنرمند آڱرين احساس جي آڏاڻي تي ويهي زندگيءَ جي سمفنيءَ جيان ڪمپوز ڪيون آهن.
    ڪردارن کي سندن مڪمل ڏيک ويک، رنگ ڍنگ، اٿڻي ويهڻي ۽ روين سميت پورٽراءِ ڪرڻ جو اقرار وٽ فطري ڏانءُ ۽ تخليقي انداز آهي. مثال طور:
    ”ويڪري پيشاني، ڳاڙهيون لال اکيون، مٿو ويٺل، ڀريل بُت، چاپئين ڏاڙهي، وڏا شهپر، مٿي تي پٽڪو يا سنڌي ٽوپي، هٿ ۾ تسبيح. اهو هو منهنجو پيءُ اڪبر علي عرف اڪن پيرزادو، جيڪو سرڪاري رڪارڊ ۾ چور، ڌاڙيل ۽ هاڻوءَ طور مشهور هو ۽ سندس گرفتاريءَ تي سرڪار سڳوري 35 لک رپيا انعام به رکيو هو پر تر ۾ سندس ٻِي سڃاڻپ مهمان نواز، اوطاقي مڙس، ڀاڳئي ۽ ديندار شخص واري هئي.“
    (پروفائيل ”اڪن پيرزادو“ جو شروعاتي ٽڪرو)
    ”مهين جي دڙي جي سِر سِر ڪعبي جي سِر وانگر مقدس آهي ۽ مهين جي مٽي خاڪِ شفا جيتري اهم ۽ اتم آهي.“
    (پروفائيل”لطف پيرزادو“، لطف جا پنهنجا لفظ)
    ”امام بخش امو عرف نانگو آريجو وقت جو وتايو فقير هو. سنڌ ۾ اڪثر جھيڙا جھٽا گار تان ٿيندا آهن پر ماڻهو نانگي جي گار نه ٻڌن ته کين مزو ئي نه اچي. اڪثر ڪاري قميص ۽ گوڏ ٻڌندو هو. قدآور ۽ خوبصورت انسان هو. راڳ رنگ ۽ ميلن ملاکڙن جو شوقين هو. سندس دوستن جو دائرو به وسيع هو، جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شامل هئا پر انهن ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هوندو، جنهن نانگي آريجي جي گار نه کاڌي هجي.“
    (پروفائيل ”نانگو آريجو“ )

    ”مينهون ماڇي جذبات ۾ ڳائيندو هو. سندس انداز ڍول فقير وارو هو. اصل يار جون هڪلون پيون پونديون هيون. ڄڻ راڳ سان جھيڙو ڪندو هجي. گھڻو ڪري انگوڇي جي گوڏ ۽ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. راڳ ڳائيندي جذبات ۾ اچي اٿي کڙو ٿيندو هو، ان وقت اسان جو مامو مرحوم غلام شبير پيرزادو کيس رڙ ڪندي چوندو هو: ”چاچا اگھاڙو ٿو ٿِين،“ تڏهن همراهه يڪتارو ڇڏي ٻئي هٿ گوڏ ۾ وجھي ويهي رهندو هو ۽ محفل ۾ هوڪرا پئجي ويندا هئا.“ (پروفائيل”مينهو ماڇي“)

    اقرار جو اسان سڀني پڙهندڙن تي احسان آهي جو هو مٽيءَ ۾ لڪل لعل ڪڍي تخليق جي ٿالهه ۾ وجھي، ڪنهن وينجھار جيان اسان وٽ کڻي آيو آهي. ڪهڙا ڪهڙا نه ڪردار آهن ۽ ڪِرتون آهن، عمل آهن، ڳالهيون آهن، حوالا آهن جيڪي اقرار جي قلم ڇهيا آهن: ٻنيون ٻارا، ڍور ڍڳا، مال متاع، ڀاڳيا ڀاڻ، چور، ڪاٽڪو، ڌاڙيل، پيراڍا، ناچو، ڳائڻا، راڳي ويراڳي، منگتا مڱڻهار، اديب، شاعر، فنڪار، اداڪار، موسيقار، صحافي، قصاگو، پير فقير، سيد، گادي نشين، مرشد، مريد، درويش، مجذوب، عالم، پيش امام، ملان، مولوي، مولودي، مدحي، شڪاري، خفتي، ملهه، گھوڙيسوار، سگبان، ڌنار، طالب، مطلوب، عاشق، معشوق، موالي، چرسي، ڀنگوڙي، شرابي، ٺرائي، مئخانا، مڌ، متوارا، اوطاقون، اوتارا، مهمان، سخي مرد، محفلون، راڳ ويراڳ، سيلاني، رولاڪ، آواره گرد، گاريانڊا، چرچائي، چريا کريا، مست الست، لاهوتي، زوار، حاجي، صوفي، جلالي، حلالي، حرامي، اگھا سگھا، جنوني، ماڇي، مهاڻا، قومپرست، ڪميونسٽ ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھه، جيڪو فقط هيءُ ڪتاب پڙهڻ سان پروڙي سگھجي ٿو.
    منهنجي قلم کي اها طاقت ناهي جو مان هن ڪتاب جو سمورو حسن ته ڇا، ان حسن جون ڪجھه جھلڪيون به اوهان تائين پهچائي سگھان. سچي ڳالهه هيءَ آهي ۽ (اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي) ته اقرار جي هِنن انساني جذبي جهڙين زنده، گرم، توانين ۽ ڀرپور لکڻين تي لکندي مون کي پنهنجا لفظ مئل ٿا محسوس ٿين. هڪڙي اعليٰ ڪتاب کي ته مهاڳ جي پٽاڙ ۾ پوڻ بجاءِ پهرين نهار ۾ ئي پنهنجي اصلي مواد سان پڙهندڙن جي هٿن ۾ هجڻ گھرجي. ان ڪري هاڻي آئون پنهنجي پين روڪي واپس ٽيبل تي رکان ٿو. مسودي وٽ رکيل پنهنجو چشمو کڻي پايان ٿو ۽ اقرار پيرزادي کي پنهنجو پيار ڀريو Tribute پيش ڪرڻ لاءِ، هيٺ جھڪي پنهنجا هٿ سندس قدمن تي رکان ٿو.

    منور سراج
    نوابشاهه، گرم ٻپهري
    12 جولاءِ 2015


    مٽيءَ هاڻا ماڻهو: جن سين لنئون لاڳِي : مصنف پاران

    هڪ خواب هو، هڪ خواهش آهي ته سنڌ جي ماڳن مڪانن، تاريخي آثارن، ڍنڍن ڍورن، درياهي وهڪرن، پوکي راهيءَ جي طور طريقن، وڻن ٻوٽن، گلن گاهن، جانارن، پکين پکڻن، مختلف علائقن جي ماڻهن، زبان جي لهجن، ريتن رسمن، ساٺ سنئوڻن، قصن ڪهاڻين ۽ ميلن ملاکڙن کي دستاويزي صورت ۾ محفوظ ڪجي. اها سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ جي بنيادي ڪوشش هوندي ۽ ان سان سنڌ جي حسناڪيءَ جي هاڪ پرکنڊين پڌري ٿي پوندي. ظاهر آ، ان ڪم جي شروعات اسان کي پنهنجي پنهنجي علائقي مان ڪرڻي پوندي. ڏهه پندرهن سال پهرين اها ڳالهه ڳڻي، سنڌ جي بيباڪ صحافي انور پيرزادي ۽ مون ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽي ٺاهڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر هڪ نه هلي. سنگت ان سلسلي ۾ ساٿ ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهي. اسان بس ڳوٺ جي شاعرن، صحافين، هنرمندن، دڪاندارن، استادن، راڳين، شڪارين، سازيندن، کوهاڻن ۽ رانديگرن جي فهرست ئي ٺاهي سگھياسين. 2007ع ۾ انور صاحب جي لاڏاڻي بعد ان پنڌ تي هيڪلو هلڻ منهنجي وس کان مٿي هو، البت خواب اڃا جيئرو هو. خواهش اڃا زنده آهي. ايئن سمجهو ته هن ڪتاب جي اشاعت، ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي جيئارڻ جي نماڻي ڪوشش آهي.
    هنن خاڪن لکڻ جو ٻيو بنيادي محرڪ هيءُ آهي ته آئون ڪَچي ۾ ئي ڄائو نپنو آهيان، جتي ماڻهن جي تفريح ميلا ملاکڙا، جانورن جو شڪار، ڳائڻ وڄائڻ ۽ مولودن جون محفلون هونديون هيون. رات جو اوطاقن ۾ مچ تي ڪچهريون ٿينديون هيون، جن ۾ قصا، ڪهاڻيون ۽ نظير بيان ڪيا ويندا هئا. سگھڙن جا ٻول ٻُرندا هئا. ڳجھارتون ۽ پروليون ڏنيون وينديون هيون. اهي قصاگو ڪي پڙهيل لکيل ماڻهو نه پر جھنگ جا جھانگيئڙا هئا، جيڪي سڄو ڏينهن هر ڪاهيندا، ونجھه هلائيندا، واڻ وٽيندا هئا ۽ مڃ پِڃندا هئا. ويڙهين مان پاپڙ ۽ پلڙا ميڙي، پيرون چونڊي ڏينهن ڪٽيندا هئا پر اهڙا ته سچيت ۽ سڄاڻ جو اڀ ۾ ڏسي، جانورن، پکين ۽ جيت جڻين جي چرپر مان اندازو لڳائي مينهن، گرمي سردي ۽ ڏڪار سڪار جون اڳڪٿيون ڪندا هئا، جيڪي صحيح ثابت ٿينديون هيون.
    آئون جڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ پڙهڻ آيس ته اتي به اهڙن ئي ڪردارن سان ڏيٺ ويٺ ٿي. بس اضافي ڪا شيءِ هئي ته اها راڳ رهاڻ هئي، سازي آوازي هئي، شاهه ۽ صوفياڻي فڪر جي سڃاڻ هئي. هتي فقير فقراء جي صحبت ۾ ئي مون شاهه، سچل ۽ حمل جا ڪيترائي بيت بنا سمجھڻ جي ياد ڪري ڇڏيا هئا. چٽيءَ طرح ياد اٿم: ڇهين درجي ۾ پڙهندو هئس. تڏهن چاچي جانيئڙي پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ هٿن ۾ ڏيندي ٽيسٽ طور هڪ پئرا پڙهڻ لاءِ چيو. هڪ صفحو پڙهڻ کانپوءِ اهو ڪتاب ان وقت مالڪ کي موٽائڻ بجاءِ پڙهي پورو ڪري پوءِ واپس ڪيم. لاجواب نثر واري ان ڪتاب ئي مون ۾ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪيو. ٻي ڳالهه ته ان ڪتاب ۾ مونکي وڏن ماڻهن جي قصن کان وڌيڪ عام ماڻهن جي ڳالهين متاثر ڪيو. بعد ۾ مون سنڌ جي لال قلندر لکاري عبدالقادر جوڻيجي جي جڳ مشهور ٽي وي سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ ڏٺي ته منهنجو ڌيان پنهنجي ڳوٺ ۽ تر ۾ موجود اهڙن ئي ڪردارن ڏي ڇڪجي ويو ۽ انهن تي لکڻ جي خواهش پيدا ٿي.
    هن ڪتاب ۾ شامل سمورا خاڪا سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان ڳوهيل اهڙن ئي ڪردارن بابت آهن. اسان جي اوهان جي آسپاس گھمندڙ ڦرندڙ انهن عام لوڪن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن. اهي ڪي فرشتا يا آسماني مخلوق ناهن جو عيبن کان بنهه آجا هجن. منجھن ماڻهن واريون خاميون خوبيون آهن ۽ مونکي سندن چڱاين لڱاين سان هڪ جيترو پيار آهي. ساڻن لنئون لڳل آهي، پريت آهي، جيءَ جڙي آهي. هي مٽيءَ جا ماڻهو پنهنجي اڌوري جيون ۾ ڪيئن ٿا سندرتا جا رنگ ڀرين! ڪيئن ٿا ڪاٽين هيءَ جبل جيڏي اڻانگي ۽ اوکي زندگي! ڪيئن ٿا لنڊيون لتاڙين! ڪيئن ٿا درياهه جي دهشت جا مقابلا ڪن! اٽي ۽ اجھي جي فڪر باوجود ڪيئن ٿا مايوس چهرن تي مرڪون وکيرين ۽ ياريون لائي توڙ نڀائين!! اهڙا ڪردار ئي سنڌ جي سونهن آهن.
    1984ع ۾ جڏهن ستون درجو پڙهي رهيو هئس ته بابي کي ستن خونن ۾ ملوث ڄاڻايو ويو. اهو دور سمورن گھر ڀاتين سان گڏ مون لاءِ ”ڄڀيون ڄيري سنديون“ جهڙو دور هو. پوليس کان ته ڊڄندو ئي هئس پر هڪ جيڏن جا سوال به هينئون ڦٽي وجھندا هئا. مڊل اسڪول مهين دڙي مان جيئن تيئن ڪري اٺين جماعت جو امتحان ڏنم پر هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي هيڊ ماستر سائين عبدالقادر ابڙي صاحب منهنجو نالو ڪڍي ڇڏيو. مٽن مائٽن ڏانهن ويندو هئس ته اهي به پريشان ٿي ويندا هئا ۽ منهنجي اچڻ تي اهڙا انتظام ڪندا هئا ڄڻ آئون دنيا جو خطرناڪ ڏوهاري هجان. هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ مون لاءِ سڀ در ڄڻ پورجي چڪا هئا. پوءِ ٻين درن کي ٻَن ڏئي سن ۾ سيد جي کڙهه تي کُپي ويٺس. اتي سڄي سنڌ جي ڏاهن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. اهو 1986ع جو دور هو. ننڍي کنڊ جي عظيم اڳواڻ خان عبدالغفار خان جا پير ڇهڻ جي سعادت به سن ۾ نصيب ٿي.
    1989ع ۾ ڳوٺ واپس وريس. نائين ۽ ڏهين جو پرائيويٽ امتحان ڏنم. ان وقت س ا س سنڌ جو سيڪريٽري جنرل سائين غلام حسين رنگريز هو. ٻلهڙيجي شاخ غيرسرگرم ٿي وئي هئي. ان کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ لاءِ رنگريز صاحب جي هدايتن تي ضلعي رابطا سيڪريٽري منٺار سولنگي اسان جي ڳوٺ آيو، جنهن کانپوءِ اسان سنگت جون گڏجاڻيون ٻيهر شروع ڪيون، جنهن ۾ پنهنجي سينئرن فيض پيرزادي، ڊاڪٽر عبدالرحمان پيرزادي، جانيئڙي سنڌي سان گڏ غوث، مسرور، پرويز، انور جونيئر، حسن پيرزادي، مجيب پريم سولنگي ۽ زيد سان گڏ مون به شريڪ ٿيڻ ۽ لکڻ شروع ڪيو. چئن ورهين کانپوءِ، ان دوران ڪيل پنهنجي شاعريءَ جو جائزو ورتم ته ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي. پوءِ شاعريءَ واري ڊائري ڦاڙي ڀٽائي سرڪار جو رسالو پڙهڻ شروع ڪيم. 1994ع ۾ انور پيرزادي ۽ قربان صاحب مونکي صحافتي لڏي ۾ شامل ٿيڻ جي مت ڏني ۽ روزاني برسات اخبار ۾ ڪم سان لڳايو. پهريون مضمون به انور صاحب زبردستي لکرايو. ڏهاڪو کن سال ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي دوران مون ڪمايو ته ڪِي به ڪين پر ڪجھه اهڙا دوست ضرور ٺاهيا جن لاءِ شاهه سائينءَ چيو آهي:
    صحبت سپيرين جي، اي تان وڏي هاج
    قضا ڪر نماج، وقت ورائڻ ويجھڙو.
    معصوم سنديلي، شان ڏهر، علي حسن چانڊئي، يوسف جوکئي، نور مصطفيٰ، مظهر شيخ، الطاف پيرزادي ۽ ارشاد کوکر جهڙن دوستن جتي منهنجون آروچايون برداشت ڪيون، اتي مون کي گھڻو ڪجھه سيکاريو. سندن صحبت ۾ مون اڙدو شاعرن مير، غالب، مومن، داغ، درد، فيض ۽ بهادر شاهه ظفر سان گڏ ڪلاسيڪي هندي شاعر ڪبير، سرائيڪي سرجڻهار خواجه غلام فريد ۽ پنجابي شاعر وارث شاهه جو مطالعو ڪيو.
    اڄ به منهنجي هن پيار پورهئي جي وئرٿ نه وڃڻ جا ڪارڻي منهنجا جگري يار علي حسن ۽ مسرور پيرزادو آهن. ٻنهي ڄڻن مون کي لکڻ لاءِ سدائين پئي اتساهيو آهي. هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سڄو بار مسرور پنهنجي ذمي کنيو. جڏهن ته مسودي تي نظرثاني، ڪمپوزنگ ۽ بار بار پروف ڏسڻ واري ذميواري منهنجي يار عليءَ نڀائي. سندن ساٿ نه هجي ها ته منهنجو ڪِتو وتو ٿي وڃي ها. وڏا وڙ خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار سائين منور سراج جا، جنهن مون جهڙي ڏڏ جو مواد غور سان پڙهيو ۽ ان کي مهاڳ لکڻ لائق سمجهيو. آئون سمجهان ٿو: سندس لکيل مهاڳ جو اکر اکر نالائق تي نوازش آهي جيڪا ڏاتار ئي ڪري سگهن ٿا. ساڳئي وقت پنهنجي ننڍڙي دوست عجيب بِهڻ جو ٿورو نه مڃڻ به زيادتي ٿيندي، جنهن منهنجي هٿان گم ٿيل مسودو هٿ ڪري منهنجي جان ۾ جان وڌي.
    هن ڪتاب ۾ شامل سمورن سٻاجهن سڄڻن کي مون پنهنجي اکين سان ڏٺو پر جيئن ته ان وقت ٻار هئس، تنهن ڪري وريل فقير، ڀرپور فقير، نانڪ فقير، طالب، مزني فقير، اٺ فقير، اياز، هاشم، حافظ ميهر سامٽئي ۽ خليفي محمد بخش سان روح رچندو رڄ نه ٿي سگھيو پر سندن ذڪر ۽ گفتا هر ماڻهوءَ جي زبان تي هئا. باقي ٻين ڪردارن سامهون آئون ننڍو ٿي وڏو ٿيس. ساڻن روح رچنديون ۽ رهاڻيون ڪيم، جيڪي اڄ به هينئڙي ۾ هري رهيون آهن. ٻن ٽن کي ڇڏي باقي سمورا ڪردار منهنجي تر جا آهن.آخوند عبدالغني ڀٽي، حافظ ميهر سامٽيو ۽ سيتل باگڙي منهنجي جُوءِ جا نه هوندي به ٻلهڙيجيءَ سان سندن گھرو لاڳاپو رهيو، جنهن ڪري کين ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿم.
    ڪوشش ڪئي اٿم ته مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي سدا حيات يادن جا نقش توهان کي به پسائي سگھان. انهيءَ ڪوشش ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان، اهو اوهان ئي ٻڌائي سگھو ٿا.
    آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري، پنهنجي ڀائرن انصار علي، اسرار علي، اظهار علي، ڀيڻن شبانه حفيظ، ڪبريٰ، سائل پيرزادي، رحمت پيرزادي، علي مردان پيرزادي، ڊاڪٽر گدا حسين بخاري، غلام مصطفيٰ جوڻيجي منڌراڻي، ممتاز پيرزادي، مصطفيٰ زهراڻي، مظهر شيخ، اسد خان نظاماڻي، علي بخش نظاماڻي، وحيد ابڙي، شهزاد منگلي، فدا کوکر، قاضي آفتاب، اظهر چني، ظهور بوزدار ۽ لياقت ڪيرئي جون به مهربانيون جن ڪتاب کي بهتر کان بهتر ڪري آڻڻ لاءِ صلاحون ڏنيون ۽ هر طرح مدد ڪئي.
    زندگي ۽ ساڳي سنگت جو ساٿ سلامت رهيو ته هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو جلد اوهان جي هٿن ۾ هوندو.

    اقرار پيرزادو
    09 جولاءِ 2015
    ڪراچي


    ٻلهڙيجي : صوفين، صحافين،سياسي ڪارڪنن، شاعرن ۽ سنگيت پريمين جو ڳوٺ

    چوڌاري مٽيءَ جا بند. اتر طرف ڳوٺ جي دنگ کان موهن جي دڙي جي حد شروع. اوڀر طرف هڪ ميل جي مفاصلي تي سنڌو درياهه. ڳوٺ جو اوڀاريون بند چڙهبو ته ڪچي جي آباد ۽ سرسبز جُوءِ، ماڻهوءَ جون اکيون کيريون ڪري ڇڏيندي. اولهه طرف لوپ بند تي چڙهبو ته لانياري ديهه شروع ٿي ويندي ۽ پريان بگي، ٻنڊي، ٻٽ ۽ سارين جا ڳوٺ نظر ايندا. ڏکڻ طرف ڪاراڻي، گاجيديري، فتح پور ۽ ويهڙ ڏانهن ويندڙ شاهي رستو نظر ايندو. اِهو آهي صوفين فقيرن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ سنگيت پريمين جو ڳوٺ ٻلهڙيجي.
    سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ 1880ع ۾ انگريزن جيڪا سروي مڪمل ڪئي، ان ۾ به هن حسناڪ ڳوٺ جي نشاندهي ٿيل آهي. ڏيڍ صديءَ جي تاريخ رکندڙ هن ڳوٺ جي سيني ۾ ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون دفن آهن. 1880ع ڌاري هتي فقط ٽن ذاتين ڏيپرن، ٻلهڙن ۽ سارين جا ڪجھه گھر ۽ سروي نمبر هئا، باقي سڄو علائقو گھاٽو جهنگ هو. نقشي مان پتو پوي ٿو ته تنهن وقت سنڌو خيرپور رياست ۽ لاڙڪاڻي جي دنگ تان وهندو هو، جيڪو ٻلهڙيجيءَ کان 10 ميل پري هو. موهن جو دڙو اڃا زمين ۾ مدفون هو. عام ماڻهو ان کي ڳوري جاءِ سمجھي انهيءَ پاسي لڙندا ئي ڪونه هئا.
    ڳوٺ ٻاهران ٻلهڙي ذات جي هڪ همراهه جي ٻڪرين جي واڙ هئي، جتان ڏکڻ گاجيديري ۽ فتح پور ڏانهن چارو نڪرندو هو ۽ اوڀر ڏانهن ڪنڀرن جي پتڻ تائين دڳ ويندو هو. ان ڪري ڳوٺ کي ”ٻلهڙي جي واڙ“ سڏيو ويندو هو، جنهن مان اڳتي هلي ”واڙ“ وارو لفظ حذف ٿي ويو ۽ هيءُ ڳوٺ ٻلهڙيجي سڏجڻ ۾ آيو.
    ٻلهڙيجيءَ ۾ هن وقت ٻه درزن کن ذاتيون رهن ٿيون، جهڙوڪ: ساريا، ڪنڀر، ماڇي، ملاح، ابڙا، ممڻاڻي، چنا، ڪلهوڙا، جيسر، چهواڻ، ٻگھيا، انصاري، ٿهيم، شيخ، بهڻ، پيرزادا، سومرا، مڱريا، باگڙي، جيلاني ۽ لڪياري سيد. اڳي اهي سڀئي 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مختلف ڳوٺن ۾ ويٺل هئا، جن ۾ ڳوٺ سخي شاهه جمال، وڏيرو غلام حيدر، ڍنڍ ڀر، ڀليڏنو ابڙو وغيره وڏا ڳوٺ هئا. تڏهن سنڌوءَ تي ڪو به بئراج يا ڊيم ٺهيل نه هو. سموريون وسنديون ۽ شهر سنڌوءَ جي رحم ڪرم تي هئا. سنڌوءَ جون مست الست ڇوليون، ڪڏهن وسندڙ شهر ويران ڪري ڇڏينديون هيون ته ڪڏهن واهڻن کي وسائينديون به رهنديون هيون. ڄاڻايل ڳوٺن واسي سنڌوءَ جو مقابلو ڪري عاجز ٿي پيا هئا. 1910ع ۾ بنگالي آرڪيالاجسٽ نيني گوپال مجمدار جا پير پوڻ سان هن ڳوٺ جا ڀاڳ کليا، جنهن جي رپورٽ تي موهن جو دڙو دريافت ٿيو ۽ سال 1923ع ۾ سر جان مارشل جي اڳواڻيءَ ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي وئي. انهيءَ وقت سکر بئراج به ٺهي رهيو هو، جنهن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ درياهه جي ٻنهي طرفن کان بچاءُ بند ڏئي ڪچي ۽ پڪي کي ڌار ڪيو پي ويو. ان کان ٿورڙو پهريان 1920ع ۾ ڳوٺ شاهه جمال جا هندو اچي ٻلهڙيجيءَ سان لڳ ڳوٺ ٺاهي ويٺا. توڙي جو هنن ڳوٺ جو نالو نوان شيخ رکيو پر اهو عام زبان تي نه اچي سگھيو ۽ ڳوٺ جو پراڻو نالو ٻلهڙيجي ئي برقرار رهيو. ساڳي ئي سال سنڌو پنهنجي جاءِ ڇڏي اچي ٻلهڙيجيءَ کان وهڻ لڳو. ڪنڀرن جو ڳوٺ صفحه هستيءَ تان ميسارجي ويو ۽ ٻلهڙيجي پتڻ کي سرڪاري طور ”ڪنڀرن جو پتڻ“ نالو ڏنو ويو.
    1935ع تائين ٻلهڙيجي ڳوٺ جي بچاءُ بند تي اريگيشن بنگلو تيار ٿي چڪو هو. بند تي نمن ۽ ٻٻرن جا وڻ به پوکيا ويا، جن هن وسنديءَ کي ويتر حسناڪ بڻائي ڇڏيو. رهي سهي ڪسر 1936ع واري مها ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ پنهنجو وجود وڃائي ويٺا ۽ اتان جي رهواسين موهن جي دڙي جي ڀرپاسي ۾ اچي پناهه ورتي. شاهه جمال، غلام حيدر وڏيرو ۽ ابڙا ڳوٺ واسي ٻلهڙيجيءَ سان لڳ حاجي لعل بخش شيخ ۽ ڀليڏنو ابڙو جي نالي سان ڳوٺ ٻڌي ويٺا، پر انهن کان اڳ هن ڳوٺ جا اصل رهواسي ڏيپر ۽ ٻلهڙا سارين سان تڪرار سبب هي ڳوٺ ڇڏي ميهڙ ۽ ڪاڇي ڏانهن لڏي ويا هئا. توڙي جو سرڪاري رڪارڊ ۾ هي چار ڌار ڳوٺ آهن پر انهن جا اولين اڏيندڙ اهڙا ته قابل هئا، جو ماڻهو هڪ ڳوٺ جي ڇيڙي تان بيهي ڏسندو ته کيس چوٿين ڳوٺ جو آخري ڇيڙو چٽو نظر ايندو هو، گھٽيون اهڙي ته سڌ ٺهيل هيون.
    1935ع ۾ پيرزادا پنهنجي مرشد سخي شاهه جمال جي مڙهه واري صندوق ساڻ کڻائي موجوده ٻلهڙيجي پهتا. جڏهن ته باقي قبرستان سنڌوءَ جي پائيندڙ جو شڪار ٿي ويو. ڳوٺ شاهه جمال ۾ درگاهه تي ستن گنبذن سان روضو ٺهيل هو پر ٻلهڙيجيءَ ۾ سندن آخري آرامگاهه اڌ صدي تائين ڪچي ڪوٺيءَ جي صورت ۾ رهي. نيٺ 2002ع ۾ ان تي خوبصورت روضو تعمير ڪرايو ويو، جيڪو ٻلهڙيجيءَ جي اترئين ڇيڙي تي آهي. روضي تي اڏاوت وارو ڪم به وڻندڙ ته شيشي جي اڪر وارو ٿيل ڪم به شاندار آهي. سخي شاهه جمال جا پنهنجي تر سميت سڄي سنڌ ۾ مريد آهن ۽ هر سال 10 رجب تي سندن ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جتي راڳ جون يادگار محفلون ٿينديون آهن، جن ۾ گويا، قوال، توڙي لوڪ صوفي فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهندا آهن. ڳوٺ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڪچي ۾ ملوڪ شاهه جي درگاهه آهي، جنهن جي مٿان بند تي اريگيشن بنگلو ۽ ڪنڀرن جي آوي آهي. سيد ملوڪ شاهه جا فقير صوفي ولايت شاهه هنباهه (انباهه) واري جا طالب هئا. صوفي سال ۾ هڪ ڀيرو هتي ضرور ايندا آهن. اڳي اهي مهين جي دڙي کان ساز ملائي ڳائڻ شروع ڪندا هئا ۽ ٻلهڙيجيءَ جا فقراءُ اڌ پنڌ تي سندن آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. ائين ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڳائيندا ۽ نچندا سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه تي پهچندا هئا. سيد ملوڪ شاهه تي 1960ع کان اڳ به ميلو لڳندو هو، جيڪو بند ٿي ويو پر پوءِ ڳوٺ جي ملهه پهلوان ۽ شوقين نواب خان ابڙي 1980ع ۾ ٻيهر ميلو لڳرايو ۽ اتي ٿيندڙ ملهه جا مقابلا ڀٽ شاهه جي ملاکڙي جيان يادگار ٿيندا آهن. ملوڪ شاهه جي درگاهه هڪ وڏي دڙي تي ٺهيل آهي. جڏهن به ٻوڏ ايندي آهي ته درگاهه کان سواءِ باقي سڄو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته سيد ملوڪ شاهه، درياهه بادشاهه جو شش آهي، جنهن ڪري درياهه ساڻس ڪا به کئونس نٿو ڪري ۽ جيئن پاڻي چڙهي ٿو تيئن هن جي درگاهه به وڃي ٿي مٿي ٿيندي. اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر 2010ع واري مها ٻوڏ مزار وارو دروازو ٻوڙي ڇڏيو ۽ ڪجھه نقصان به رسايو هو.
    ملوڪ شاهه جي درگاهه هر دور ۾ خوبصورت اسپاٽ رهي آهي، جتي ٽالهين، ٻيرن ۽ ٻٻرن جا وڏا وڻ آهن. سامهون سنڌو پنهنجي جوڀن سان ڀرپور وهندو نظر ايندو آهي. ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين ملاحن جو ٻيڙين وارو ڳوٺ به هوندو هو، ٻيڙين جا سڙهه پري کان پيا نظر ايندا هئا ۽ شام جو جڏهن مال وٿاڻن ڏانهن ورندو هو ته مينهن، ڳئن جون رنڀون ۽ ڍِڪون، ڦرن جا آواز ۽ انهن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل چڙن، سانڀرن، ٽلين ۽ ڊنڀرن جا سريلا ساز ماحول کي مست بڻائي ڇڏيندا هئا. منهنجي ڳوٺ جي خوبصورت شاعرن مير محمد پيرزادي ۽ انور به گھڻو وقت ملو ڪ شاهه جي درگاهه تي گذاريو ۽ ان ئي ماحول ۾ شاعري سرجي.
    ڳوٺ جي ڏکڻ اولهائين ڪنڊ تي صالح سوائي جي درگاهه ۽ وڏو قبرستان آهي. ڪجھه ورهيه اڳ تائين هتي سرنهه ۽ توت جا وڏا وڻ هئا ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته اهي صالح سوائي جا فقير جِن آهن ۽ قبرستان تي مڪمل طور غيبات جو قبضو آهي. ان ڪري اتان وڻ وڍڻ ته ڇا پر رات جو گذرڻ به مشڪل آهي! هاڻ اتان به گھڻا وڻ وڍجي ويا آهن.
    1923ع کان وٺي 1936ع تائين هن ڳوٺ جي چڱي خاصي ترقي ٿي. سونارڪي دڪان کان وٺي، کلن جي رنگ ڪرڻ تائين ڪيترائي دڪان کلي چڪا هئا. ڳوٺ ۾ آڏاڻو به هو ته تيل پيڙهڻ وارو گھاڻو به هو، پڪوڙن جو دڪان به هو ته ڪرياني واري دڪاندار وٽ ڀڳڙن کان وٺي کاڌي پيتي جو هر قسم جو سامان، لٽو ڪپڙو ۽ تماڪ به ملي ويندو هو. ڳوٺ ۾ سبزيءَ جو دڪان به هو. هي ڳوٺ اڃا جوڀن کي ئي نه رسيو هو جو ان کي غيرفطري ورهاڱي ڪاپاري ڌڪ هڻي ڪڍيو. ڳوٺ کي ٺاهيندڙ راڻا ٻئي پار روانا ٿي ويا. هندو پنهنجا محل ماڙيون، ٽڪاڻا ۽ ٽول ڇڏي هليا ويا. سندن وڇوڙي ڪيترن ئي همراهن جا جيءُ جھوري وڌا ۽ هي وسندڙ ڳوٺ هڪ دفعو وري ويران ٿي ويو.
    اسان جي ڳوٺ ۾ هندو-مسلم تضاد ڪڏهن به نه ٿيو. جهڙي نموني مسلمان دين کان دور هئا، اهڙي ئي حالت هندن جي به هئي. ڳوٺ ۾ هڪ ٽڪاڻو هو پر اتي به ماڻهن جي حاضري پوري ساري هئي. عيدن ڏيارين جو ڪو به سَنڌو نه هو. عيد براد تي هڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏبيون وٺبيون هيون. مسلمانن جا ٻارڙا هر روز هندن وٽان سيسا ۽ پاپڙ وٺڻ ويندا هئا. هندو به مسلمانن وانگر مالوند هئا. سندن مال صبح جو چرڻ لاءِ جھنگ روانو ٿيندو هو ۽ شام جو واپس وٿاڻ پهچي ويندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن سندن مال جھنگ مان موٽيو ته گوبند جي ڳئون جي کل لٿل هئي. هن واقعي هندن ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو ۽ هنن ديس ڇڏڻ جي سنبت ڪئي. انهن مان هڪ گھر ڏوڪريءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهي درگاهه لواري شريف جا مريد هئا. انهيءَ جماعت ۾ آسودي مل جي هاڻي به اهم حيثيت آهي. اسان جي ڳوٺ جا هندو ڳوٺ ڇڏڻ کان اڳ گروي ٿيل زمينن جا ڪاغذ اصل مالڪن کي ڏئي ويا. ان ڪري ڌڻيءَ جي مهرباني سان ڪو به شرنارٿي اسان جي ڳوٺ نه آيو. البت اسان جي ڳوٺ جي هندن جون ديهه لانياري واريون ٻنيون ڪوڙن ڪليمن تي اهڙن ماڻهن کي مليون، جن کي اتي هڪ ويسو به نه هو.
    هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ ٻلهڙيجيءَ ۾ شيروءَ جي ڳوٺ جا ماڇي اچي رهيا جيڪي سڀ جا سڀ ڀوڳائي ۽ زنده دل انسان هئا. سندن چرچا سڄي ڳوٺ جي ڪچهرين جو موضوع هوندا هئا. چاچا ڀائٽين سان، ماما ڀاڻيجن سان اهڙيون مذاقون ڪندا هئا جو ماڻهن جا پيٽ ۾ هٿ هوندا هئا. ايندڙ ويندڙ کي ته اڳيان ڪندا هئا پر گھڻي کان گھڻا ڀوڳ قائم ماڇيءَ سان ڪندا هئا. همراهه کي گھٽيءَ ۾ الف اگھاڙو ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هو نالا وٺي کين گاريون ڏيندو هو. همراهه شادين جي ڪاڄن ۽ پرڻن تي ته مستيون ڪندا رهندا هئا پر قضئي تي به هنن جي چرچن جا ڌوڙيا هوندا هئا. هنن جي ڀوڳن ۽ مسخرين تي لکبو ته ڪيترا ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا. نموني طور هڪ اهڙو واقعو بيان ڪيان ٿو: هڪ ويري مولا بخش عرف مولائي ماڇي ۽ سهراب ماني ٻڌي ٻنيءَ تي ويا ته اتي محبوب عرف خانصاحب ڪڪو ماڇي همراهن جو ٽولو وٺي ساڻن ڪچهريءَ لاءِ پهتو. هن اک بچائي سندن ماني ڇوڙي ڪپڙي ۾ مال جو تازو ڇيڻو وجھي ڇڏيو. همراهن سان هفتو کن اهڙي واردات برابر ٿيندي رهي، نيٺ خبر پين ته ساڻن اها تعدي ڪڪو ماڇي ڪري رهيو آهي. هڪ ڏينهن هنن کيس گھٽيءَ ۾ ڏسي انساني ڪرفتي ۾ ڪاٺيءَ ۾ وجهي پاڻ ۾ بحث شروع ڪيو: ”عطر آ “، ”نه عنبير آ.“ همراهن جي جھيڙي تي خانصاحب امين مقرر ٿي جيئن ئي ناسون ڦوٽاريون ته هنن ڪاٺي ۾ کنيل ڪرفتي سندس نڪ ۾ وجھي پاڻ سان ٿيل تعديءَ جو بدلو ورتو.
    اسان جي ڳوٺ ۾ ورهاڱي کان اڳ چهواڻ اچي ويٺا، جيڪي راجپوت نسل جا مسلمان آهن. توڙي جو مذهب مٽائي کين صديون گذري ويون آهن پر اڃا تائين سندن پراڻيون رسمون پڻ برقرار آهن. هي انتهائي محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو آهن. واڍيءَ جي ڪم جا ماهر آهن. ان کان سواءِ خرڪاري به ڪندا رهيا. اهي گھرن ۾ سنڌيءَ سان گڏ پنهنجي ٻولي به ڳالهائين ٿا. هاڻ گھڻا تڻا پنهنجي نوڪرين ۽ واپار وڙي ۾ آهن. البت اڃا به ڪجھه آهن، جيڪي پراڻي ڪرت جاري رکيو اچن.
    اسان جي سامهون ڪنڀرن جي پتڻ کان ملاحن جو ٻيڙين وارو ڳوٺ هوندو هو، جنهن ۾ هر ٻيڙيءَ تي ٻه سانهه پکي ٻڌل هوندا هئا. ٻيڙين وارا گھر پنهنجي پنهنجي حيثِيت آهر سينگاريل هوندا هئا. جيڪي پاڻي وارا پکي ڦاسائيندا هئا، انهن کي ماري سڏيو ويندو هو. جيڪي ماڻهن کي درياهه پار ڪرائيندا هئا، تن کي پاتڻي سڏيو ويندو هو، باقي سڀ مڇيءَ مارا هئا. اهي چهن مان کارا ۽ ڪڪِڙيون به ٺاهيندا هئا. شاديءَ جو ڪاڄ ڪندا هئا ته هفتن جا هفتا شادمانا هلندا هئن. ڳائڻ ۽ نچڻ ڪڏڻ جا شوقين! شادين ۾ زالين مردين گڏ ڳائيندا ۽ نچندا هئا. ننڍي وڏي بيماريءَ کي ته ليکيندا ئي ڪونه هئا پر جڏهن ڪو همراهه هلڻ چلڻ کان لاچار ٿي ويندو هئن ته کيس وڏي چادر ۾ وجھي، ان جي ڏولي ٺاهي، چار مڙس ڪلهو ڏيندا هئس، پويان مايون مرد روئيندا اوسارا ڪندا ڊاڪٽر وٽ پهچندا هئا. تيستائين گھڻي ڀاڱي مريض موڪلائي چڪو هوندو هو. 1985ع ۾ ڌاڙيل راڄ هنن جو ٻيڙين وارو ڳوٺ ختم ڪري ڇڏيو. ملاحن مان پاتڻي اسان جي ڳوٺ ۾ رهيا، باقي ٻلهڙيجيءَ جي اتر ۾ امام بخش ملاح جي نالي سان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺا آهن.
    اسان جي ڳوٺ جي مڱرين فقيرن جي سادگيءَ تي ڪيترائي لطيفا، نظير ۽ بيان ٺهيل آهن. اهي درٻيلي (ڊڀري) جي مخدومن جا خاص مريد هئا. مڱريا فقير انتهائي شريف ۽ لوڪ ادب سان چاهه رکندڙ آهن. اسان وڏن کان وٺي ميان دوست محمد ۽ ميان عاقل (پهريون) جا قصا ٻڌندا آيا آهيون. چون ٿا ته ميان دوست محمد ڊڀري جي پيرن جي زيارت لاءِ گھوڙي سنجي تيار ٿيو. هن پيرن جي تحفي لاءِ پنڊيون، ٻير ۽ پلي به کنئي. ڪنڀرن واري پتڻ تي خيال آيس ته متان ڀلجي وڃان؛ تنهن ڪري هن پنهنجي ٻانهن ۾ نوڙي ٻڌي ڇڏي. ٻيڙيءَ تي هڪ چرچائي همراهه سندس ٻانهن مان نوڙي ڇوڙي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌي ڇڏي. ميان دوست کي ان همراهه جي ٻانهن ۾ نوڙي ٻڌل ڏسي پاڻ تي شڪ ٿيو. سو، پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين:
    ”توهان ميان دوست آهيو؟“
    ”ها.“
    ”هيءَ گھوڙي به توهانجي آهي؟“
    ”ها “
    ”توهان ٻير، پلي ۽ پنڊيون کڻي درٻيلي ٿا وڃو؟“
    ”ها!“
    همراهه هر سوال جو ها ۾ جواب ٻڌي سموري سامان مان هٿ ڪڍي، پنڌ گھر موٽيو.
    ٻيو واقعو ٻڌائين ٿا ته ميان عاقل (وڏو) ميرن کي ڍل ڏيڻ لاءِ ٻه ٻورا مال ۽ زر جا ڀري روانو ٿيو. رستي ۾ ساڻس رفيقن دوکو ڪري سندس مال ڪڍي، ٻورن ۾ مٽي ۽ پراڻا پادر وجهي ڇڏيا. جڏهن ميرن جي وزيرن سامهون مٽي ۽ پادر ظاهر ٿيا، تڏهن کيس سڄي ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي پر ميرن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چوڻ لڳو:
    ”سرڪار! اسان جي علائقي ۾ سوا لک پير آهن، جن جي دعائن سان اسين تڳون ٿا. مان سائين جن ڏانهن انهن ماڳن تان مٽي ۽ پيرن جون پراڻيون چاکڙيون آنديون آهن، جيئن سائين جن به اها مٽي چمي سعادت ماڻين.“ ان تي ميرن جي وزيرن ان مٽيءَ کي چمڻ شروع ڪيو.
    ٻنهي واقعن جي سچائيءَ جي خدا کي خبر پر مڱرين فقيرن ۾ اڄ به ٻئي رنگ موجود آهن. مڱرين جو ميان فيض محمد فيضل سگھڙ هو. سندس پٽ ميان پيرل ۽ ميان غلام سٺا سگھڙ آهن. سندن استاد محمد ملوڪ عباسي هو. ميان غلام جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب به ڇپيل آهي. جڏهن ته ٻيا هاڻي ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويا آهن ۽ سندن ننڍا وڏا سٺين نوڪرين ۾ آهن.
    ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ تعليم تر جي سڀني ڳوٺن کان اڳ ۾ آئي. ان وقت ڳوٺ ۾ خليفي محمود مسلم پرائمري اسڪول قائم ڪيو، جنهن ۾ استادن کي پگھار بدران سالياني گرانٽ ملندي هئي: في ڇوڪرو 5 رپيا ۽ في ڇوڪري 7 رپيا. سالياني گرانٽ ملڻ جي ڪري استادن ڪوششون ڪري نياڻين کي تعليم ڏياري، جنهن ڪري ڳوٺ جي ڇوڪرين کي نوڪريون به مليون. 1936ع کان 1947ع تائين جي اسڪول رجسٽر واري رڪارڊ مطابق مسلم اسڪول ۾ 21 هندو شاگرد داخل آهن.
    ٻهلڙيجي واسي گانڌيءَ واري ڪانگريس ۽ قائد اعظم جي مسلم ليگ کان وٿيرڪا هئا. بس تر جي وڏيرن کي چونڊن وقت ووٽ ڏئي ايندا هئا. البت تصوف جي مختلف سلسلن جي اثر هيٺ هتي علم، ادب ، شاعري ۽ راڳ جو رجحان ضرور هو. شاعريءَ جي شمع ناجيه جماعت ۽ قادري صوفين جلائي. درگاهه لواري شريف سان لاڳاپيل مريد هر مهيني جي چوٿين تاريخ ملهائيندا آهن. چوٿين پاڪ تي پنهنجي مرشد جي شان ۾ قصائص پڙهندا آهن. پيرزادن جو هڪ وڏو ويڙهو ناجيه جماعت سان لاڳاپيل آهي، جن جي پنهنجي جماعت ۾ اهم حيثيت آهي. شروع ۾ انهن مرشد جي شان ۾ شاعري ڪئي، ان سان گڏ صوفي شاهه نصير نوشهري واري ۽ صوفي ولايت شاهه هنباهه واري جا معتقد هئڻ ڪري هن ڳوٺ ۾ مڙيوئي شاعريءَ وارو شغل ٿيندو رهندو هو.
    هن ڳوٺ جو راڳ سان رشتو به اڻ ٽُٽ آهي. ڪيترائي گويا، صوفي فنڪار، ڀڳت، قوال، ڀٽ ۽ ڀان هتي محفلون مچائيندا رهيا آهن. هن ڳوٺ جو ميان جان محمد پيرزادو، استاد علي بخش عرف علڻ انصاري، غلام رسول پيرزادو، ميهر فقير انصاري، مزنو ماڇي ۽ جان محمد ماڇي پروفيشنل فنڪار رهيا آهن. اڄ به ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ سخي شاهه جمال جي هر سومر رات ملهائي وڃي ٿي. ملوڪ شاهه جي هر جمعي ڏينهن محفل مچي. ان کان سواءِ هر يارهين رات صالح سوائي ۽ هر چوڏهينءَ رات ڀرپور فقير جو وار ٿئي، جنهن ۾ مقامي فنڪار ڳائيندا رهندا آهن. اڄ به ڳوٺ جو ڪو همراهه وهانءُ ڪندو آهي ته پهريان کانئس اهو پڇيو ويندو آهي ته راڳ ڪهڙو ٿو ٻڌائين؟ سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجيءَ پاران 1978ع ۾ هتي ڀٽائي سرڪار جي ورسي ملهائي وئي، جنهن م سڄي سنڌ جا وڏا ترقي پسند اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا هئا ۽ هن پروگرام ۾ خانصاحب منظور علي خان جو راڳ به ڪرايو ويو هو.
    ٻلهڙيجي مذهبي حوالي سان سيڪيولر ڳوٺ آهي، جنهن ۾ دين ڌرم جي نالي تي ڪڏهن به دنگو فساد نه ٿيو آهي. ڳوٺ ۾ پنج ست مسجدون، پنج ست درگاهون ۽ مئخانا به آهن. مسجدن ۾ ربيع الاول ۽ رمضان شريف ۾ ڪجھه رونق ڏسڻ ۾ ايندي آهي، باقي ته پنج ڇهه جماعتي مس هوندا آهن. صوفين جي تعليم جي ڪري باگڙين ۽ ٻين جاتين کي به نفرت جي نگاهه سان نه ڏٺو ويندو آهي. هن ڳوٺ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ پڙهيل نوجوانن کي ترقي پسندن جي ٽولي سان ڳنڍڻ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ڪم آهي، جنهن جي صحبت انور کي سياسي شعور ڏنو ۽ لاٽ مان لاٽ ٻرندي رهي.
    هتي سياسي حوالي سان ڪميونسٽ پارٽي ۽ جيئي سنڌ جو وجود پوءِ پيو، پهريان سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجي شاخ قائم ٿي. اهو 1975ع وارو دور هو، توڙي جو روزگار سانگي هن ڳوٺ جا شاعر ميرمحمد پيرزادو سڪرنڊ ۽ انور ۽ ستار ڪراچي منتقل ٿي چڪا هئا، ان جي باوجود ٻلهڙيجي شاخ سنگت جي سرگرم ترين شاخ رهي، جنهن ۾ لطف، عبدالرحمان، زلف پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو، گل حسن پيرزادو، هادي، فيض الله، شفقت، عجيب، علي مردان، نثار، محب ۽ منور سميت ڪيترائي نوجوان شامل هئا، جن مان ڪجھه لکڻ جو سلسلو برقرار رکي نه سگھيا آهن. 1989ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز ٿيو ته ٻلهڙيجي شاخ ٻيهر سرگرم ٿي، جنهن ۾ غوث، پرويز، انور جونيئر، حسن، جانيئڙو سنڌي، زيد، مجيب ماڇي ۽ مسرور پيرزادو اڳرا رهيا. ان وقت سنگت هٿ سان لکيل ماهوار رسالو ”سرهاڻ“ جي نالي سان جاري ڪندي هئي. ڪجھه سال ادبي سرگرميون جاري رهيون پر 1994ع ۾ مسرور، زيد، پرويز، غوث، انور جونيئر به روزگار خاطر ڪراچيءَ جا وڻ وسايا ته سنگت هڪ دفعو ٻيهر غيرسرگرم ٿي الحاق رد ڪرائي ويٺي.
    سنڌي ادبي سنگت جي دوستن 1980ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سڀني سياسي ڌرين جا ماڻهو شامل هئا. سنگت جي وڏي مدد شهرن ۾ نوڪري ڪندڙ ڳوٺ جي ماڻهن ڪئي، جن ۾ ميان بيگ محمد پيرزادو، قربان پيرزادو، ڊاڪٽر محمد حسن، انور ۽ ٻيا شامل هئا. ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تي ڳوٺ جي نوجوانن، وڏيرن سان اليڪشن ۾ نه رڳو مقابلو ڪيو پر کين شڪست به ڏني. ڳوٺ سڌار سنگت جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ بجلي منظور ٿي، روڊ ٺهيو. پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊاڪٽر زبيده ميموريل ڊسپينسري قائم ڪئي وئي. اڳي ڳوٺ جون گھٽيون هيٺ هيون، برسات پوڻ سان مهينن جا مهينا گھٽين ۾ پاڻي بيٺل هوندو هو. ڳوٺ سڌار سنگت جي سڏ تي ننڍا وڏا گڏ ٿي ڀنجهو وجهي گھٽين کي گپ ٿيڻ کان بچائي ويا. ڳوٺ سڌار سنگت ڏهاڪو ورهيه سرگرم رهي. هاڻ ڳوٺ ۾ انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن جي نالي سان سماجي تنظيم موجود آهي، جنهن جو صدر گلاب پيرزادو آهي. هن تنظيم جي مدد به ڳوٺ کان ٻاهر رهندڙ ڳوٺاڻا ڪن ٿا، جن مان رياض پيرزادي جي ڪردار کي فراموش نٿو ڪري سگھجي.
    هن ڳوٺ جو پهريون سياسي قيدي ته انور پيرزادو هو، جنهن ايئرفورس ۾ پائليٽ جي ٽريننگ دوران بنگالين جي حمايت ۾ پنهنجي هڪ دوست ڏانهن خط لکيو هو، جنهن تي سندس ڪورٽ مارشل ٿيو. سياسي سجاڳي وڌڻ کانپوءِ گلاب پيرزادو، علي مردان پيرزادو، لطف پيرزادو، زلف پيرزادو، سرور پيرزادو، حاڪم پيرزادو، حسن ابڙو ضيائي مارشل لا ۾ سياسي قيدين جي حيثيت ۾ جيلن ۾ رهيا. لطف ڳوٺ جو پهريون سياسي قيدي هو جنهن مارشل لا ۾ 15 ڦٽڪا کاڌا. اهڙي حوالي سان هيءُ ڳوٺ قومپرست ترقي پسند سياست جو مرڪز رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي ۽ جيئي سنڌ جي مرڪزي سطح جا اڳواڻ هن ڳوٺ سان تعلق رکن ٿا. انور (ماضيءَ ۾) شاهه محمد، گلاب، مجيب، زلف، عبدالرحمان، لطف، رياض، پير بخش ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيا. جڏهن ته ميرمحمد، فيض، شفقت، عجيب، جانيئڙو سنڌي، حفيظ پيرزادو، انور جونيئر، قومپرست سياست سان لاڳاپيل رهيا آهن. سنڌ هاري ڪاميٽي پاران 1983ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملهائي وئي هئي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان جا ڪميونسٽ ۽ قومپرست شريڪ ٿيا هئا. هتي جيئي سنڌ جا به وڏا جلسا ٿيندا رهيا آهن. هن ڳوٺ جي هڪ نوجوان سرويچ پيرزادي کي جسمم سان وابستگيءَ سبب اغوا ڪري ٽي مهينا ٽارچر ڪرڻ بعد گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، جنهن جي مزار سخي شاهه جمال جي روضي جي ڏکڻ ۾ آهي.
    ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ تاريخ جون اهم شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ڀرپور نالو ڪمايو آهي، انهن جو ذڪر نه ڪرڻ به ناانصافي ٿيندي. اهڙن انسانن ۾ وڏيرو علي بخش ساريو به هڪ هو، جيڪو وڏو زميندار ۽ مال ملڪيت وارو هو. همراهه جي انصاف پسندي ۽ غريب پروريءَ جون ڳالهيون ڳائجنديون رهنديون آهن. هن کي هڪ پٽ هو، جيڪو درويش ۽ اٻوجھه هو، جنهن ڪري ڪوبه مائٽ کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي نه هو. هن پنهنجي پٽ کي پرڻائڻ لاءِ مٿا کٿا ڏنا پر ڪٿان به سر وارو جواب نه مليس. نيٺ مائٽن کيس ٻلهڙيجيءَ مان لڏڻ جي شرط تي سڱ ڏنو. همراهه پنهنجي پيڙهي بچائڻ خاطر ٻلهڙيجيءَ کي الوداع ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اٺن ۽ بيل گاڏين تي هن پنهنجو سامان ٻنڊيءَ منتقل ڪيو، هڪ بيل گاڏي ۾ گينين سان ڀريل 35 لوٽا هئس، جن مان 5 اتي پهچندي ئي غائب ٿي ويا. ان تي همراهه ڪاوڙجي واپس ٻهلڙيجي ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سندس مائٽ پريشان ٿي ويا. پوءِ کيس اهي پنج گينين جا لوٽا واپس ڪري ٿڌو ڪيو ويو. هن جي مرڻ پڄاڻا سندس ملڪيت جا وارث ساهرا بڻيا، جن کان سندس پوٽي مور خان سارئي وڏا حيلا هلائي ڪجهه ملڪيت واپس ورتي.
    هن ڳوٺ جو لعل بخش شيخ به جيد حڪيم هو، جنهن جي رومانس ۽ مرض شناسيءَ جا قصا مشهور آهن. چون ٿا ته مريض کي ڏسندي ئي سمجھي ويندو هو ته کيس ڪهڙي تڪليف آهي. هڪ ڀيري ڪو شخص وٽس هڪ مريض کي کڻي آيو، جنهن کي ڏسندي ئي چيائين ته ”هي همراهه بلڪل ٺيڪ آهي، باقي تون رات 12 وڳي کان اڳ مري ويندين.....!“ ۽ واقعي ائين ئي ٿيو! ٻيو واقعو ٻڌائين ٿا ته هن هڪ همراهه کي تيز اٺ تي چڙهيل ڏسي کيس رڙ ڪئي ته ”اٺ مئل اٿئي، لهي وڃ!“ همراهه سندس ڳالهه تي ڌيان نه ڌريو، ٻه ٽي ٻارا پنڌ جا مس ڪيائين جو اٺ وڃي ڦهڪو ڪيو ته وري اٿيو ئي نه. لعل بخش شيخ پيادل حج به ڪيو هو. چون ٿا ته هن حڪمت جي سکيا نه ورتي هئي، اهو سڀ لواري شريف واري مرشد جي نگاهه جو ڪرم هو، جنهن هن کي ويڄ ۽ تن طبيبن بڻائي ڇڏيو هو.
    اسان جي ڳوٺ جو خليفو محمد صديق تاريخدان هو. هي درگاهه لواري شريف جو خليفو هو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجھه شايع به ٿيا آهن. تر ۾ رهندڙ سمورين برادرين جا وٽس شجرا موجود آهن. افسوس جو هن جي پونئيرن اهو علمي خزانو ڄڻ ته دفن ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخدانن کانئن انهن ڪتابن جي گھر ڪئي آهي پر هي همراهه ڪنهن کي اهو خزانو ڏيکارڻ لاءِ به تيار ناهن.
    اهڙي طرح هن ڳوٺ جون ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون آهن، جن تي مان ڌار ڌار مضمون ۽ خاڪا لکي چڪو آهيان. اڄ به ٻهلڙيجي ڳوٺ ۾ ٻن درزنن کان وڌيڪ صحافي آهن ۽ درزن کن اهڙا شاعر آهن جن جي شاعريءَ جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترن جا ته هڪ کان وڌيڪ ڪتاب آيل آهن. اسان جيئن ڳوٺ کي ڏٺو آهي، اسان کان اڳين پيڙهي ان کان مختلف ڏٺو ۽ ان کان به اڳين پيڙهي اڃا به مختلف ڏٺو. اسان کوهه لٽجندي ڏٺا پر اسان کان اڳين پيڙهي کوهه کڄندي ڏٺا، کوهن ۾ نار وهندي ڏٺا. بچاءُ بند تي پٿر جو اسپر اچڻ سان ڳوٺ جي حسن ۾ واڌارو ته ٿيو آهي پر هاڻ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ٻيڙين جا سڙهه نظر نٿا اچن. اڳي سنڌوءَ جو پاڻي بند هيٺان مهينن جا مهينا کامن ۾ بيٺو هوندو هو. آسپاس وڏا وڏا ٻيلا هئا پر هاڻ پاڻي جيئن چڙهي ٿو، تيئن لهي وڃي ٿو. ٻيلن جو نانءُ نشان نه رهيو آهي، جو سنڌوءَ جي تيزيءَ کي ماٺو ڪري سگھي.
    منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو ڪي فرشتا نه آهن، انسانن وانگر منجھن خاميون خوبيون آهن. پاڻ ۾ جهيڙا جھٽا به ٿيندا رهندا آهن پر اسان جي ڳوٺ ۾ خوني تڪرار ڪڏهن به نه رهيا آهن. هنن رُٺو ئي رهجي وڃڻ کان پرچڻ لاءِ سدائين پهل ڪئي آهي. اڄ به منهنجو ڳوٺ اهڙو ئي حسناڪ آهي. هتي ڪو ماڻهو هڪ ڏينهن مهمان ٿي ايندو هو ته قرب ۾ ڪڙجي ڇهه ڇهه مهينا رهي پوندو هو. اڄ منهنجو ڳوٺ سيڪيولر روايتن کان وٺي هر پاسي کان حسناڪ ۽ ڪشش وارو آهي.


    فقير يارمحمد پيرزادو : حسن پرستي تي مئخواري، ساڏي صوم صلوات نين

    خواجه غلام فريد جي ڪافيءَ جو مٿيون بند پڙهندي مون کي فقير يارمحمد پيرزادو ياد اچي ويندو آهي، جيڪو دين ڌرم جي ظاهري ويڇن کان دور هو؛ جنهن وٽ مذهب، ذات پات ۽ رنگ نسل جو ڪوبه سَنڌو نه هو؛ جنهن وٽ ماڻهوءَ لاءِ محبت جا مَٽ ڀريل هئا ۽ جنهن وٽ مئه ڪشي ممنوع نه هئي. فقيريارمحمد جو مئخانو مذهبي رواداريءَ جي نشاني ۽ سر سنگيت جو وڏو ادارو هو. هن جي مئخاني جي تعليم ئي هئي، جنهن منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ کي سنڌ پرستي، مذهبي رواداري، ترقي پسندي ۽ سامياوادي سوچ جي سڃاڻپ ڏني. فقير يارمحمد پنهنجي روءِ توڙي ڪردار ۾ سراسر فقير هو. ڀورو بدن، سهڻي مُک تي ٺهندڙ وڏا شهپر، ٻيٽ-چهي جهڙي سنهڙي چيلهه، اکين ۾ لالن جي لالائي، ننڍي وڏي سان نياز ۽ نوڙت ...سراپا فقير.
    مون ستن اٺن ورهين جي ڄمار ۾ فقيريارمحمد کي سندس مئخاني ۾ ڏٺو، جيڪو ٻلهڙيجي ڳوٺ جي اترئين دنگ تي اڄ به موجود آهي ۽ ان جي آڳر تي سندس بُٺي موجود آهي. فقير يارمحمد جهونجڪڙي جو جاڳڻ سان سخي شاهه جمال جي درگاهه آڏو کوهيءَ مان ڏول ڀري مئخاني جون مٽيون سايون ڪندو هو ۽ پوءِ سوا پهر جي سير لاءِ نڪرندو هو، جنهن مان فقراءَ سنگت جي ننگر پاڻي ۽ نشي پتي جو بندوبست ڪيو ويندو هو.
    شام ٿيندي ئي ساز و آوازي شروع ٿي ويندي هئي. راڳ دوران فقير جي نيڻن مان نار سانوڻ مينهن جيان وسندا رهندا هئا ۽ محفل ۾ مڪمل خاموشي هوندي هئي. اصل چُون چان ئي نه. ڪلام ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن فقير سائين ان جي تشريح ڪندو هو ۽ ٻيا ماڻهو ماٺ ڪري ٻڌندا هئا. هن وٽ دين ڌرم جو سَنڌو هرگز به نه هو. هن فقير جي مئخاني تي هر مذهب جا ماڻهو هڪ جيتري عزت وٺندا هئا. سيد، ٻالا ۽ باگڙي هڪ ٿانوَ ۾ مون هن جي مئخاني ۾ کائيندي ڏٺا. هن لاءِ انسان وڏي شيءِ هو، ان ڪري هي عهدي رتبي ۽ حسب نسب ڏسڻ کانسواءِ هر ماڻهوءَ کي مان ڏيندو هو. کيهه ڀڪلين ۽ گپ ۾ ڄنگهن تائين ڀريل ماڻهن کي وڏا ڀاڪر يارمحمد فقير ئي وجهندو هو. چوندو هو: هنن ماڻهن جا ڪپڙا برابر ميرا آهن پر دليون اڇيون اجريون اٿن. هنن جي سيوا سان ئي راجا ريجهي سگهي ٿو.
    ٻلهڙيجيءَ جو هيءُ ٻهڳڻو شخص 1931ع ڌاري فيڊر ڀرسان ڳوٺ پنڻا شيخ ۾ ئي پيدا ٿيو. پنجن ڇهن ورهين کانپوءِ اهو ڳوٺ سنڌوءَ جي پائيندڙ جو شڪار ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو، جنهن کان پوءِ سندس والد شفيع محمد عرف ملا جمن 1936ع ۾ اچي موجوده ٻلهڙيجيءَ ۾ ويٺو. يارمحمد 1945ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ مسلم اسڪول ۾ معلم مقرر ٿيو. چون ٿا ته جوانيءَ ۾ سندس رنگ ئي اور هئا. جهڙو سهڻي صورت جو مالڪ هو، اهڙا ئي ويس وڳا ڪندو هو. هن جي وڏيري ڪوڙي خان آريجي سان دوستي هئي، جيڪو شڪار جو شوقين، ماهر نشان باز، سماجي سائنس جو ڄاڻو، راڳ جو شائق، غريب پرور ۽ انصاف پسند انسان هو، جنهن جا فيصلا هينئر به ماڻهن کي ياد آهن ۽ اڄ به ڪنهن سان بي واجبي ٿيندي آهي ته اهو چوندو آهي ”بس ويو وڏيرو ڪوڙو مري، نه ته اهڙي ناانصافي نه ٿئي ها!“ اُنهيءَ وڏيري ڪوڙي جي صحبت ۾ هن گهڻو ڪجهه سکي ورتو هو. پوءِ هيءُ پرائمري ماستري ڇڏي اريگيشن کاتي ۾ داروغو ٿيو. نئين نوڪري کيس وڌيڪ تجربو ڏنو، ڇاڪاڻ جو هن جا تر جي سمورن کاتيدارن سان تعلقات قائم ٿيا ۽ هي انهن جي چڱائين توڙي ڪمزورين کان واقف هو.
    تر جي حسين ناري ميوان باگڙياڻي، جنهن جي حسن جي هاڪ ڪيئي دانا ديوانا ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس مکڙو پسڻ لاءِ مجبور هوندا هئا؛ اها ميوان، فقير لاءِ ماندي هوندي هئي ۽ سدائين سندس پينارن جو پيڇو ڪندي رهندي هئي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ميوان جي محبت ۾ فقير ويراڳ ورتو هو ۽ قيمتي ويس وڳا لاهي فقيري گودڙي کنئي هئي پر مون کي فقير يارمحمد پاڻ ٻڌايو هو ته ميوان نه پر ڳوٺ جي هڪ ڳڀرو قادن ابڙي سان اکيون اٽڪڻ بعد هي پنهنجو هوش وڃائي ويٺو هو ۽ پوءِ ان مجازي محبت کيس حقيقت جي حق سان آشنائي ڪرائي.
    برهه جي لوري لڳڻ کان پوءِ فقير يارمحمد شوق شڪار ڇڏي درگاهه ملوڪ شاهه جو خادم بڻيو. اهو 1960ع وارو وقت هو. هن ٻه چار سال درگاهه ملوڪ شاهه جون مٽيون ڀريون ۽ رياضت ڪئي. پوءِ پيرزادا برادري کيس درگاهه شاهه جمال تي آستانو اڏڻ لاءِ آماده ڪيو. پيرزادن جي چڱن مڙسن کيس مئخاني جي خرچ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي، جنهن کي هن رد ڪندي چيو ته ”فقير لئه بکيا جائز آهي، آئون سير ڪري مئخانو هلائيندس.“ فقير يار محمد جيئن ئي سخي شاهه جمال جي درگاهه تي آستانو اڏيو ته ٻلهڙيجيءَ ۾ رنگ رچي ويا. فقير جي آستاني تي هر وقت راڳ ورونهن جاري رهندي هئي پر شام جي وقت ته ميلي جو منظر هوندو هو، جتي ڪٿان ڪٿان جا گويا، خانصاحب، صوفي ويراڳي، قوال ۽ نٽ پهچي ويندا هئا ۽ رات وهامي ڏينهن ٿي ويندو هو. اهي فنڪار ايندا ته گهڙي سوا لاءِ هئا پر فقير جي محبت کين پيرن ۾ ونگ وجهي ڇڏيندي هئي ۽ اهي مهينن جا مهينا ترسي پوندا هئا. فقير جي محبت استاد بنده علي خان، استاد گلزار علي خان دائي، استاد گلزار علي خان سانگهڙائي، استاد موندر خان، بڙي غلام علي خان جي ڀائٽن غلام عباس ۽ مٺو خان، استاد عرس عرف موج علي، استاد خورشيد علي خان، رسول بخش ڀٽ ۽ ٻين فنڪارن کي وري وري ٻلهڙيجيءَ وٺي ايندي هئي. جيڪڏهن ٻاهر جو فنڪار نه هوندو هو ته پنهنجي ڳوٺ جا فقير استاد علڻ، ميهر فقير، مزنو ماڇي، غلام رسول پيرزادو، جانو ماڇي ۽ ٻيا راڳ ورونهن جاري رکندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سندس مئخاني مان ٽهڪ ٻُرندي ٻڌبا هئا ته سمجهي وڃبو هو ته مينهون فقير ماڇي محفل ڪري رهيو آهي پر جڏهن پار ۽ اوسارا ڪن پوندا هئا ته ماڻهو سمجهي ويندا هئا ته اڄ ڪاريهر فقير مئخاني ۾ لٿل آهي، جيڪو ڳائڻ سان گڏ رئندو به رهندو هو. پوءِ ته مئخاني ۾ ويٺل سمورن مجاز ماريلن ۾ ڀنڻ پئجي ويندو هو.
    فقير يارمحمد پيرزادي کي ڀٽائيءَ جا تمام گهڻا بيت ياد هوندا هئا. مجازي مرحلي ۾ هن ترجمي واري قرآن شريف ۽ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيو. شاهه جا بيت پڙهندي سندس ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪنديون هيون. بيتن جي تشريح به ڪندو هو. جيئن اڪثر محقق ڀٽائيءَ جي هر بيت جي روحاني رنگ ۾ تشريح ڪندا آهن، تيئن فقير يارمحمد وري هر بيت ۾ مجازي محبوب جي حسن جو بيان ڪندو هو. اسان ان وقت ٻار هئاسون، سندس گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. ادب جو مقام هو، خاموش رهڻو پوندو هو، باقي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته سامياوادي نظام رڳو فقير جي مئخاني ۾ موجود آهي، جتي ”ونڊ کاءُ، سک پاءِ“ وارو اصول ڪارفرما هو، جتي ذريءَ مان ذري ٿيندي هئي ۽ هنن ”ٿوري قُوت قرارينِ“ لاءِ ڪڻي به گهڻي هئي. فقير يارمحمد جي هٿ ۾ اها برڪت هئي، جو جيڪا به شيءِ ورهائيندو هو، اها سڀني ويٺلن ۾ پوري پوندي هئي ۽ ڪوبه ماڻهو رهجي نه ويندو هو. فقير جي لغت ۾ بچت جو لفظ ئي نه هو، جيڪا به شيءِ آئي، اها ان وقت اتي ئي تِل ڦُل ٿي ويندي ۽ سڀاڻ لاءِ بچائي نه رکبي هئي. فقير کي جيڪو به ونڊ ٿيندو هو، اهو اتي ئي ونڊي ورهائي ڇڏيندو هو. فقير فصلن جي لابارن يا ٻارين جي مند ۾ درگاهه سخي شاهه جمال جي مريدن ڏانهن احمد پور، لالو ڪانڌڙي، گجوءَ، رپڙي، بهاري، پير ڳوٺ، گهاڙ واهه ۽ يوسف شاهه جيلاني ڏانهن فقراء وٺي ويندو هو، جتي کين گنج ٿي ويندو هو، جيڪو اتي ئي وزم پاڻيءَ ۾ خرچ ڪري جيئن ڳوٺان نڪتو هوندو هو، تيئن ئي واپس ورندو هو.
    فقير يارمحمد پيرزادو ڪفر جي فتوائن ۽ تعذيرن جي خوف کي ليکي ۾ نه آڻيندي علي الاعلان چوندو هو ته ”سجدو فقط صورت کي جائز آهي، باقي ديوارن آڏو مٿو ٽيڪڻ اجايو آهي!“ فقير اهڙي ڳالهه تبليغي جماعتين جي سامهون چئي کين ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. ساڳي وقت فقير يارمحمد نشي کي به جائز قرار ڏيندو هو. چوندو هو: ”جواني پاڻ نشو آهي، انهيءَ نشي جي ٽوڙ لاءِ هي نشو ضروري آهي.“
    فقير يارمحمد ڪنهن جو به دست بيعت نه هو، البت پاڻ کي اويسي طريقي مطابق سيد ملوڪ شاهه جو طالب سڏائيندو هو ۽ اها ڳالهه ور ور ڪري بيان ڪندو هو ته ”مون کي ملوڪ شاهه خواب ۾ پيالو پياريو ۽ منهنجي پيالي مان بچيل چُڪي ڀرپور فقير سارئي به پيتي!“ البت هن طالب ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي درگاهون ڀيٽيون پر ڪوبه طريقت جو صاحب کيس مطمئن نه ڪري سگهيو. فقير قلندر جي جلالي فقيرن کان وٺي صوفين جون ڪيتريون ئي درگاهون ڏٺيون ۽ ٻنهي سان ميلا ملاکڙا ڪندو رهيو. جلالي فقير ۽ صوفي هڪ جاءِ تي گڏ ويهي نه سگهندا آهن پر فقير جي آستاني تي ٻئي ڌريون گڏ هونديون هيون. فقير قلندر لال شهباز جي زيارت لاءِ سيوهڻ ويندو رهندو هو، اتي سندس بيٺڪ حقاني ڪافي هئي. ويراڳي فقير به ساڻس گڏ هوندا هئا، جن کي گيڙو ويس اوڍيل هوندا هئا ۽ اهي جلالي فقيرن آڏو بلهي شاهه جي ڪافي”ڪِي ڪر جاوان ڪعبي نون، دل تانگهي تخت هزاري نون،“ اڪثرجهونگاريندا رهندا هئا.
    فقير يارمحمد جي مئخاني ۾ هڪ ڀيري صوفي جانڻ چن به اچي پهتو. ڳالهين دوران فقير يارمحمد کانئس پڇيو، ته ”حسين ۽ يزيد ٻئي توهان جي سامهون اچن ته اوهان ڪنهن کي سجدو ڪندا؟“ جانڻ چن جواب ۾ چيو ”ٻنهي کي،“ جنهن تي فقير چيس، ”جيڪو حق ۽ باطل جو فرق نه ڪري، تنهن تي اسان جو تبرو آهي،“ ۽ جانڻ چن به جهولي جهليندي چيو، ”مون کي اوهان جي لعنت قبول آهي!“
    فقير يارمحمد، ڀٽائيءَ جا بيت ۽ وايون راڳائي فقيرن کي ياد ڪرائيندو هو. استاد علڻ ۽ ميهر فقير کي ته هن وڏو ذخيرو ياد ڪرايو. ڪڏهن ڪڏهن راڳائي فقيرن سان گهاگهر تي سنگت به ڪندو هو، سندس هٿ ۾ مزو هو. هُو راڳ جي باريڪين کان واقف ۽ هڪ بهترين باذوق ٻڌندڙ هو. ڪلاسيڪل راڳ جو شوقين هو. طبلي جي ٿاڦ تي وار اڀا ٿي ويندا هئس. پروين سلطانه، سلامت علي خان ۽ استاد منظور علي خان سندس پسند جا فنڪار هئا. فقير يارمحمد پهريان شاعري به ڪئي پر پوءِ اهو دفتر ساڙي ڇڏيائين. سندس مئخاني ۾ جديد شاعرن جي شاعري ڳائڻ تي پابندي هئي، جنهن تي سندس ننڍو ڀاءُ صحافي ۽ اديب انور پيرزادو ساڻس بحث مباحثو ڪندو رهندو هو.
    فقير يارمحمد جو خاندان ستر واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري ڪراچي منتقل ٿي چڪو هو، سندس ٽيئي پٽ بشير احمد، ڊاڪٽر رفيق ۽ مسعود احمد ڪراچي ۾ هئا پر فقير ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي رهيو. جڏهن پوٽا ڄاوس، تڏهن هي کين نه ڇڏي سگهيو ۽ 1982ع ۾ پاڻ به ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو. فقير جي وڃڻ کانپوءِ مئخاني جي اها رونق نه رهي. فقير جو اصول ”ونڊ کاءُ، سک پاءِ“ نه رهيو. روزانو ٿيندڙ راڳ سومر رات تائين محدود ٿي ويو ۽ ان ۾ به اُها يڪسوئي ۽ خاموشي نه رهي. فقير وڏو منتظم به هو. هن جي وڃڻ کانپوءِ مئخانو دنيادارن جي ور چڙهي ويو، جن ۾ فقير واري ڪا بوءِ بانس نه هئي. ان ڪري ٻاهران ايندڙ ماڻهو ڀيرو ڀڃي ويا، جيڪو به مئخاني تان گذرندو هو، اهو “هئي ٻر” ضرور ڪندو هو. پرين کان سواءِ خالي پڊ به ماڻهوءَ جو جيءُ جلائي وجهندا آهن. هاڻ جڏهن عيد براد تي فقير ڳوٺ ورندو هو ته وري منڊل مچي ويندا هئا. ساڳيون قرب ڪچهريون، ساڳيا راڳ رنگ، ساڳيا ساز آواز... فقير جي اچڻ جو ٻڌي سوين ماڻهو پهچي ويندا هئا ۽ فقير جو حال به ساڳيو ئي هوندو هو: روئڻ ۽ راڙو، مون نماڻيءَ جي نجهري... ڪراچيءَ ۾ فقير يارمحمد فليٽ ۾ رهيو، جنهن ڪري ڏاڪڻين تان لهڻ چڙهڻ ۾ کيس ڏکيائي ٿيندي هئي. سندس اهڙي فراغت ڏسي، هن جي شاعر ڀائٽي شاهه محمد پيرزادي کيس ڀٽائيءَ جي بيتن جي شرح لکڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ فقير تمام ٿوري وقت ۾ اهو ڪم مڪمل ڪري ڏيکاريو. ستار پيرزادي پنج سر شايع به ڪرايا. هاڻ سندس وارث اهو سمورو ڪم شايع ڪري رهيا آهن.
    فقير يارمحمد 5 آگسٽ 1998ع تي وصال فرمايو. هن پڄاڻا فقيري ويس وارا سوين ماڻهو ڏٺاسون پر منجهن يارمحمد فقير واري خوشبو ڪڏهن محسوس ڪانه ٿي.


    وريل فقير پيرزادو : جيت جڻين ۽ وڻن سان پيار ڪندڙ سخي ڀاڳيو

    ڏاڏو وَريل پيرزادو اسان ٻاروتڻ ۾ ڏٺو، جڏهن هو زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا ڪاٽي رهيو هو. هن سِکن وانگر ڪڏهن به وار ۽ ننهن نه لهرايا. هو السلام عليڪم يا ياعلي مدد چوڻ بدران ”حق موجود“، ”واهه گرو“ ۽ ”هرنام“ جپيندو رهندو هو. ياعمر شادي نه ڪيائين. چون ٿا ته جتي سندس لنئون لڳل هئي، ان سان وهانءُ نه ٿيڻ ڪري سڄي عمر ڪنواري رهڻ جو قسم کڻي ڇڏيو هئائين.
    ڏاڏي وريل کي ڪي ماڻهو مجذوب ته ڪي سالڪ سمجهندا هئا، ڪي کيس ساڌو ته ڪي ولايت جو صاحب سمجهي سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون بيان ڪندا رهندا هئا، جيڪي سڄي سنڌ ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان ٻڌبيون رهبيون آهن.
    ڏاڏو وريل 1890ع ڌاري مهين جي دڙي کان 8 ڪلوميٽر هيٺ فيڊر جي ڀرسان موريل جي گهر ۾ جنم ورتو. 1936ع ۾ اهو ڳوٺ سنڌوءَ جي پائيندڙ جو شڪار ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو ۽ ان جا ڳوٺاڻا مهين دڙي کان 2 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي خالي پٽ تي حاجي لعل بخش شيخ جي نالي سان نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺا.
    ڏاڏو وريل ڳوٺ جو سڀ کان آسودو شخص هو، وٽس ڍڳين جا سوين ڍور هئا. جڏهن ورهاڱو ٿيو ۽ مينڌرا پنهنجو ملڪ ڇڏي ويا، تڏهن ڏاڏو وريل هڪ هندوءَ جي خالي ڪيل جاءِ ۾ لڏو لاهي ويهي رهيو، جتي رڳو ڍڳيون، پکي پکڻ ۽ ڏاڏو وريل رهندا هئا. ڏاڏو وريل صبح جو مال کي جهنگ ڏي هڪلي ڇڏيندو هو، جيڪو شام جو پاڻهي واپس اچي ويندو هو سندس سمورين ڍڳين تي هن جا نالا رکيل هوندا هئا. هو نالو وٺي جنهن به ڍڳيءَ کي سڏ ڪندو هو، اها اچي سندس سامهون بيهندي هئي، ان مهل هُو ڦر کي ڇڏيندو هو، ٻن ٿڻن مان هُو کير ڏهندو هو ۽ ٻن ٿڻن مان ڦر پنهنجو پيٽ ڀريندو هو. اهڙي نموني سان هن جهرڪين، ڪٻرن ۽ ٻين پکين تي به پنهنجا نالا رکي ڇڏيا هئا ۽ جنهن به پکيءَ کي سڏ ڪندو هو، اهو ئي داڻي چڳڻ لاءِ پهچندو هو.
    ڏاڏو وريل هڪ سخي مڙس هو، جڏهن به ڪو ماڻهو اچي کيس ٻڌائيندو هو ته “ٻچڙا ننڍڙا آهن، انهن جي پيئڻ لاءِ کير ناهي” تڏهن هُو ان کي ڀلي ڍڳي ڏيئي چوندو هو ته هيءَ ڪاهي وڃ، جڏهن وهڪجي وڃي ته اها مون کي واپس ڪري ٻِي وٺي وڃجانءِ. اهڙي ريت ڪيترائي ماڻهو ڏاڏي وريل کان ڏُهڻ لاءِ ڳئون وٺي ويندا هئا. ڪي ماڻهو اچي چوندا هئس ته ڏاڏا، فلاڻو زميندار هارپي لاءِ زمين ڏئي ٿو پر مونکي هر لاءِ جوڙو ناهي. تڏهن ڏاڏو وريل هن کي ڍڳن جو جوڙو ڏئي چوندو هو، ”هي ڪاهي وڃ، جڏهن ڪم جا نه رهن ته اهي واپس ڪري ٻيا وٺي وڃجانءِ.“
    ڏاڏو وريل پاڻ کي سچل جو طالب سڏائيندو هو، پوءِ هو ڪنهن صوفيءَ جو دست بيعت هو يا نه، اها خبر خدا کي، باقي ڳوٺ جا وڏڙا ٻڌائين ٿا ته هو گيڙو ويس ڍڪيندو هو، يڪتارو کڻي ڳائنيدو هو ۽ مستيءَ ۾ اچي باهه ۾ پوندو هو ۽ باهه لتن سان وسائي ڇڏيندو هو. ملوڪ شاهه يا سخي شاهه جمال جي درگاهن تي کيس آخر ۾ ڳائڻ جو وارو ڏنو ويندو هو جڏهن ٻڌڻ وارا اٿي هليا ويندا هئا. چون ٿا ته ڏاڏي وريل جو راڳ لئه کان ٻاهر هو ۽ جيڪا شاعري ڪندو هو اها به وزن بحر کان ٻاهر هئي. ڏاڏي وريل جي شاعري فقط ڏاڏو پاڻ ئي ڳائي سگهندو هو. عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن پهرين جمهوري حڪومت جي هڪ بدمست ايم پي اي ڳوٺن ۾ بيٺل قديم نمن ۽ ٽالهين جا وڻ وڍائڻ شروع ڪيا هئا، تڏهن وڏيرن جا چمچا ڪرٽ کڻي ڏاڏي وريل جي گهر ۾ داخل ٿيا. هن ساڻن مزاحمت ڪئي پر وڏيرن جي ماڻهن کيس پڪڙي ٽي وڻ وڍي ڇڏيا ۽ جڏهن چوٿون وڻ وڍڻ شروع ڪيائون ته ڏاڏي وريل کي الائجي ڪٿان شڪتي اچي وئي. هو وڏيرن جي چمچن کان پاڻ ڇڏائي نم کي ڀاڪر پائي بيهي رهيو ۽ کين چيائين ته اڳ ۾ مون تي ڪرٽ هلايو، پوءِ ڀلي نم ڪٽيو. وڏيرن جا چمچا اهو نم جو وڻ وڍڻ کانسواءِ موٽي ويا.
    عمر جي آخري حصي ۾ ڏاڏي وريل پنهنجو مال مختلف ماڻهن کي آڌيارو ڏنو ۽ ڪن کي ان شرط تي ڏنو ته هُو سندس مرڻ کانپوءِ اهو مال وڪڻي هن جي مزار تي قبو ٺهرائيندا. ڏاڏو وريل ننڍي توڙي وڏي ڍور جي ساڳي قيمت رکندو هو. ڀلي ڏاند جي قيمت به 300 رپيا رکندو هو ته گابي جي به ساڳي قيمت 300 رپيا رکندو هو. سندس مال ڪنهن به واپس نه ڪيو، نه ڪنهن سندس مزار ٺهرائي. اڄ به نم جو اهو قديم وڻ سندس قبر تي ڇانوَ ڪيو بيٺو آهي. وچ ٻلهڙيجيءَ ۾ سندس مزار آهي، جتي هر مهيني جي پهرين اربع تي راڳ ويراڳ جي محفل مچندي آهي.


    ڀرپور فقير ساريو : زماني جو ستايل چوٽير فقير

    ڀرپور فقير ٻلهڙيجي ڳوٺ جو هڪ يگانو فقير هو. سندس ڏاڙهي، مڇون، ڀرون ۽ مٿو ڪوڙيل هوندو هو، فقط وارن جي هڪ چڳ ڇڏيل هوندي هيس، جنهن ڪري تر جا ماڻهو کيس چوٽير فقير به سڏيندا هئا. چون ٿا ته شروعات ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ جي سارين واري مسجد جو پيش امام هو. سندس اصل نالو ارباب علي ساريو هو. پوءِ الائي ڪهڙو رنگ لڳس جو مسلمانڪي ڇڏي هندو يوگين جهڙو روپ اختيار ڪيائين. قلندري طريقت ۾ اچي اولادي امير ڪافيءَ وارن جو طالب ٿيو ۽ پوءِ سڄي ڄمار تلقين ۾ گذاريائين.
    ڀرپور فقير اصل باڊهه جي ڀرسان گند شهر جو ويٺل هو. چون ٿا هو نهايت حسين جميل انسان هو. شروعات ۾ باڊهه اسٽيشن تي حمالي ڪندو هو. تڏهن وزن کڻڻ جا مقابلا ٿيندا هئا. هڪ دفعو پنجن مڻن واري ٻوري کڻي انعام به حاصل ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سندس مائٽن جي پلاٽ تي قبضو ڪري اتي عَلم پاڪ لڳائي ڇڏيو هو. ڀرپور فقير قبضو ڇڏائڻ جا وڏا وس ڪيا پر ڪنهن به سندس ڳالهه نه ٻڌي. سڀڪو علم پاڪ جو ٻڌي خاموش ٿي پئي ويو. نيٺ فقير پاڻ اهو علم پاڪ لاهي قبضو ڪندڙن جي گهر ۾ ڇڏي آيو. اهڙي خبر جڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ سارين کي پئي ته انهن متيري سارئي کي موڪلي ڀرپور فقير کي پنهنجي ڳوٺ آڻي رهايو ۽ سندس شادي امليءَ سان ڪرائي. ايئن هو هميشه لاءِ هِتان جو ٿي ويو.
    شروعات ۾ هن درگاهه ملوڪ شاهه تي رياضت ڪئي پر ماڇي فقيرن جي مخالفت سبب پنهنجو مئخانو اڏيائين. فقير وٽ ڪابه مايا نه هئي، ان ڪري هن هڪ ڦٽل موري کي ڊاهي ان مان پڪيون سِرون ڪڍي کوهه کڻايو ۽ وڻ رکيا. تڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ اڃا بجلي ڪانه هئي، جنهن ڪري گرمين جي ڏينهن ۾ قيامت برپا هوندي هئي پر ڀرپور فقير جو مئخانو، جنهن کي هو لال باغ سڏيندو هو، ڄڻ جنت جو ٽڪرو هو. فقير پنهنجي مئخاني ۾ جهجها وڻ پوکيا هئا، جيڪي پاڻ ۾ اهڙي طرح ملي ويا هئا جو آسمان ڏسڻ ۾ نه ايندو هو ۽ گرمين ۾ ٽاڪ منجهند جو سمورا ڳوٺ وارا ڀرپور فقير جي مئخاني ۾ اچي ويهندا هئا، جتي کوهه ۾ نار هلندو رهندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو منجهند جو اتي اچي سنان ڪندا هئا. فقير کي ماڻهن جي خدمت ۾ سڪون ملندو هو. هن وٽ هڪ ڍڳو هو، جيڪو سدائين نار ۾ جٽيل هوندو هو. پوءِ فقير جي هڪ پاڙيسري ڏاڍي مڙس اهو ڍڳو چوري ڪرايو. فقير پاٿاريدار وٽ ويو، کيس ڍڳو واپس ڪرائڻ جو چيائين، جنهن تي ان پاٿاريدار سيد سڳوري، فقير کي چيو، ”ڍڳو، پنهنجي عليءَ کان وٺ.“ ان تي فقير کيس چيو ته عليءَ جو ڍڳو مان پاڻ آهيان. پوءِ فقير پاڻ نار هلائيندو هو، ساڳي طرح سڄو ڳوٺ اچي سنان ڪندو هو ۽ ماڻهن کي ڏسي فقير ڏاند وانگر اُکيون هڻندو هو. پوءِ آخري ڄمار تائين فقير پاڻ ڍڳو ٿي نار هلايو ۽ ڍڳن وانگر کيس به جسم تي وڍا پئجي ويا پر پنهنجي ڪرت جاري رکيائين.
    ڀرپور فقير راڳ جو به وڏو شوقين هو. ان ڪري هن جي مئخاني تي هر چنڊ جي چوڏهين رات محفل لڳندي هئي، جنهن ۾ ڳوٺ جا ڳائڻا به ايندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن پري پري جا فنڪار به پهچي ويندا هئا. فقير استاد منظور علي خان جو وڏو پرستار هو.
    هڪ ڀيري فقير جو پٽ ۽ سيد صالح شاهه ويجھي ڳوٺ مان ڏاند چوري ڪري آيا. اها کڙڪ فقير کي پئجي وئي. گهڙي نه گذري ته ڳوٺاڻا به پير ڪڙيندا فقير جي آستاني کان گذريا. فقير کانئن حال احوال پڇيا ۽ پوءِ کين ٻڌايو ته اهو ڏاند منهنجي پٽ امام بخش عرف ڪڪڙائي ۽ سيد گمبل شاهه جي پوٽي صالح شاهه ٻڌو آهي. دير ئي نه ٿي، ٻئي همراهه جهلجي پيا. ڏاند واپس ڪيائون. انسپيڪٽر ڪجلو، فقير کان ڏاڍو متاثر ٿيو ته ههڙي دؤر ۾ به ڪي اهڙا انسان آهن، جيڪي حق سچ جو ڪلمو ڀرين ٿا. بهرحال پوءِ فقير کي گهر واريءَ تنگ ڪري ڏنو. روئڻ پٽڻ شروع ڪيائين، ماني کائڻ کان بس ڪيائين. نيٺ فقير مجبور ٿي ڪجلي انسپيڪٽر ڏانهن هلي ويو ۽ کيس چيائين، ”صاحب ڇوري کي ڇڏ، ماڻس جي ڳهڻ لهي پئي آهي.“ ڪجلي انسپيڪٽر کلي ڏنو ۽ سندس پٽ مان هٿ ڪڍيا.
    ڀرپور فقير جي مئخاني تي هڪ ڀيري سيوهڻ جا ڪي سرگرا فقير آيا ۽ کانئس پڇيائون ته “هيءَ بيراڳڻ جيڪا تو رکي آهي، ان جي طريقت ۾ ڪهڙي اهميت آهي ۽ هي جيڪي ڪنٺا ڪولابا تو پاتا آهن، انهن جي فضيلت به بيان ڪر!“ فقير کين چيو ته “هي لوهه جو ٽڪرو آهي ۽ هي پٿر آهن. جيڪڏهن توهان کي کپن ته ڀلي کڻي وڃو، مون کي منهنجي رياضت ڪرڻ ڏيو. پوءِ جڏهن فقيرن ڀرپور کي نار ڪاهيندي ۽ سڄي ڳوٺ کي وهنجدي ڏٺو ته هو اچي فقير جا هٿ چمڻ لڳا.
    زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ فقير جي جاءِ تي سندس ذات وارن قبضو ڪيو. ڳوٺ واسين کي فقير سان بيحد پيار هو، ان ڪري ڳوٺ وارن کين ڏنڊا هڻي ڀڄائي ڇڏيو پر پندرهن ڏينهن کانپوءِ هُو وڏي تياريءَ سان ٻيهر قبضو ڪري ويهي رهيا. ٿورو ئي عرصو پوءِ، پاڻ ۾ وڙهي پيا. نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. همراهه ڪجهه سال جيل ۾ رهيا. پاڻ ۾ ٺاهه ڪيائون. خون بها ڀريائون ۽ فقير کي پنهنجي جاءِ به موٽائي ڏنائون ۽ کانئس معافي به ورتائون.
    ڀرپور فقير 1982ع ۾ لاڏاڻو ڪيو، کيس پنهنجي ئي مئخاني تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. بعد ۾ سندس گهر واري به اتي دفن ڪئي وئي. اڄ به اها جاءِ موجود آهي، جيڪا سندس پٽ سنڀاليون بيٺو آهي پر هاڻ اتي اهي وڻ نه رهيا آهن ۽ فقير جي لاڏاڻي کان پوءِ لال باغ لوٺو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي به ڀرپور فقير تي ڪالم لکيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين ته هُن کيس وصيت ڪئي هئي ته مرڻ بعد کيس پورڻ بدران هندن وانگر ساڙيو وڃي.
    فقير جي مئخاني تي اڄ به 14هين جي تاريخ لڳندي آهي پر اتي اها اڳوڻي محبت نه رهي آهي.


    اياز، هاشم ۽ اٺ فقير ممڻاڻي : سادڙا، سٻاجها ڪلاڪار ۽ هنرمند ڀائر

    هي ٽيئي ڀائر ڳوٺ سخي شاهه جمال ۾ پيدا ٿيا ۽ 1936ع جي ٻوڏ ۾ اچي ٻلهڙيجيءَ ۾ ويٺا. هنن مان اياز فقير شادي نه ڪئي ۽ ڪنوارو ئي ڏيهه ڇڏيائين. البت هاشم فقير ۽ اٺ فقير شاديون ڪيون ۽ کين ٻار ٻچا به ٿيا.
    اٺ فقير جو اصل نالو ڪوڙل خان هو پر جيئن ته هو تمام گهڻو قداور هو، ان ڪري اٺ فقير سڏبو هو. سدائين فقيرن وارو ڪرمنڊل ساڻ هوندو هئس. هاشم فقير به عجيب انسان هو، کيس نرڙ تي هڪ ڳوڙهو هوندو هو، اسان ٻار هئاسين ته کيس ڏسندا هئاسين. اوڙي پاڙي جا ماڻهو هاشم فقير کي گهڻو تنگ ڪندا هئا. هڪ دفعي ڪچي مان ڪاٺيون کڻي ٻيڙيءَ تي پتڻ اُڪري رهيو هو ته وڏيرو عثمان ابڙو به پهچي ويو. هن هاشم فقير کي ڏسي چيو، ”يار! چرئي کي ٻيڙيءَ ۾ وهاريو اٿو، ڪهڙي خبر هن کي ڪٿي به چريائپ جو دورو پيو ته ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندو. ان ڪري هن کي ٻَڌو.“ چوڻ جي دير هئي، وڏيري جي واٺن هاشم فقير کي پڪڙي ورتو. همراهه جا هٿ پير ٻجهي ويا. ٻيڙيءَ تي چڙهيل ڪجهه ماڻهن وڏيري کي چيو ته ”همراهه چريو ته نٿو لڳي، اوهان هروڀرو غريب کي ڇو ٻڌو آهي؟“ تڏهن وڏيري عثمان ابڙي چيو، ”ان جي به اوهان کي خبر هاڻ ئي پئجي ويندي.“ پوءِ وڏيري پنهنجي پير مان چپل جو پادر لاهي هاشم فقير کي ڏيکاريندي پڇيو ”هاشم، ڀلا ٻڌاءِ ته هيءُ ڇاهي؟“ تڏهن هاشم فقير ٺهه پهه وراڻيس: ”اهو جوڻهين جو.... آهي.“ وڏيرو عثمان کل ۾ ٻڏي ويو ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿي چيائين: ”ڀائرو، هاڻ ته پڪ پئجي وئي اوهان کي؟ همراهه چريو آهي. تڏهن ته پادر کي... ٿو ڪوٺي!“
    اهڙي نموني ڪيترائي ماڻهو هاشم فقير سان ان قسم جا ڀوڳ ڪندا رهندا هئا ۽ جواب ۾ هاشم فقير به کين گارين جي جهوڪ ٻڌندو هو پر اهي سهپ وارا ڏينهن هئا. هاڻي اهڙي قسم جا ڀوڳ خونريزيءَ جو ڪارڻ بڻجيو وڃن.
    هاشم فقير راڳ ٻُڌڻ جو به شوقين هو ته پنهنجا به آواز سٺا هوندا هئس. ائين ڳائيندو هو ڄڻ صفا جيوڻي ٻائي پئي ڳائي. درگاهه سخي جمال تي جڏهن يارمحمد فقير وٽ ڏوڪڙ نه بچندا هئا، تڏهن هو هاشم فقير کي چوندو هو ته ”هاشم ٻه رپيا ڏي پوءِ ڀلي راڳ ڪر.“ هاشم فقير اول ٿورو شرمائيندو هو پر پوءِ گوڏ جو پلئه ڇوڙي ان مان پئسا ڪڍي فقير جي هٿ جي هٿ تي رکندو هو. اهڙي نموني انهن ٻن رپين جو وزم اچي ويندو هو ته محفل ڪجهه وڌي ويندي هئي. هاشم فقير به چوٽان چوٽ موالي هو.
    اياز فقير به دلچسپ ۽ عجيب انسان هو. صفا سادڙو. سندس ڪرت واڻ وٽڻ ۽ کٽون واڻڻ هئي. درگاهه سخي شاهه جمال جي ڀر ۾ سندس ڪوٺي هوندي هئي. ان وقت ڀنگ، آفيم وغيره گتن تان ملي ويندا هئا ۽ اياز فقير به گتن تان اهي وکر وٺي ايندو هو.
    هڪ دفعي ڏوڪري ٿاڻي جو هڪ صوبيدار اياز وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته چرس هلائيندو آهين، اسان کي چرس آڻي ڏي. اياز فقير پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ اتان سڄي پيتي کڻي آيو، جنهن ۾ چرس، ڀنگ، آفيم، کنڊ ڀڳڙا ۽ پئسا پيل هئا. صوبيدار کي اياز جي سادگي ڏسي رحم اچي ويو ۽ سپاهين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”هن کي ٻڌڻ معنيٰ پاڻ پٽائڻ آهي. اڙي! هي صفا الهه لوڪ انسان آهي، جنهن ۾ نه ڪوڙ آهي نه ٺڳي. هن کي نشي هلائڻ جي اجازت آهي.“
    ٻلهڙيجيءَ جي هڪ نوجوان سان کيس عشق هو. ڳوٺ جا ڏنگا ڇوڪرا کيس ان جو واسطو ڏئي چوندا هئا ته سهڻي جي صدقي نڪي (نڪ ۾ ٺونگو) هڻڻ ڏي. پوءِ ته اياز فقير نڪ جهلي بيهندو هو ۽ همراهه کيس نڪ ۾ آڱريون هڻي سڄائي ڇڏيندا هئا. اهڙي نموني ان سهڻي جو واسطو ڏئي کانئس چرس، آفيم ۽ ڀنگ به وٺي ويندا هئا ۽ کيس نڪيون به هڻي ويندا هئا.
    اياز فقير ٻنهي ڀائرن جي ابتڙ قد جو بندرو هو. کيس اهڙي بيماري هئي جو سندس سڄو جسم سڄي ويو هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته کيس ٻئي ٻانهون هٿرادو لڳايون ويون آهن.
    اياز فقير به راڳ جو شوقين هو، هڪ ڏهاڙي پنهنجي پئسن مان طبلي جي جوڙي ۽ باجو وٺي آيو پر جڏهن اتي ڪنهن کيس چيو ته اياز، للت راڳ ٻڌاءِ ته هن باجي کي ڏسي وراڻيو: هن ۾ للت راڳ آهي ئي نه، ته توکي ڇا ٻڌايان؟ پوءِ باجي کي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏيندي چوڻ لڳو ته هيترو خرچ به ڪرايئه ۽ للت راڳ نه وڌئيس! ائين چئي سڄو باجو ڀڃي کڏ کوٽي ان ۾ پوري، مٿان قبر اڏي ڇڏيائين.
    اياز فقير قلندري طريقت ۾ شامل ٿيڻ جا وڏا وس ڪيا پر سندس چوڻ هو ته هو سيد بدران ڪنهن فقير جو طالب ٿيندو. هڪ دفعي ڪي فقير کيس طالب ڪرڻ جو ڏٽو ڏئي کانئس 50 رپيا وٺي ويا پر هن کي مهر نه هنيائون. ڪجهه سالن کانپوءِ هو حقاني ڪافيءَ جي مستاني فقير جو طالب ٿيو، جنهن کيس تلقين به ڏني ته مهر به هنئي.
    اياز کي جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو چوندا هئا ته ”ڇڏ غلاميءَ کي، اچ دين تي،“ ته همراهه صفا چڙي پوندو هو ۽ پوءِ دين محمد ۽ غلام رسول کي گاريون ڏيندو هو.
    اٺ فقير کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس پٽ مٺو ري اولاد گذاري ويو. باقي سندس ڌيءَ کي اولاد آهي جيڪا ڳوٺ ڪانڊي ۾ ويٺل آهي. هاشم فقير جو پٽ رضا محمد عرف رجو ممڻاڻي راڳ ويراڳ ڪندو رهندو آهي ۽ ٽلي به وڄائيندو آهي، باقي اها ٻي ڳالهه آهي ته راڳين کي پيڇو ڳارائيندي ڳارائيندي پاڻ اڳ وٺي ويندو آهي، جنهن ڪري کيس دڙڪا ملندا رهن ٿا.


    نانڪ فقير ماڇي : ڀنگ بخور ڀنگ بخور

    نانڪ فقير جو اصل نالوغلام محمد ماڇي هو. ٻلهڙيجي ڳوٺ جو رهندڙ هو. جوانيءَ ۾ وڏو پهلوان هو. ڪم جو اهڙو جانٺو، جو وڏا وڏا لاهه پاڙئون پٽي وجهندو هو. شروعات ۾ پنهنجيون ٻڪريون چاريندو هو، تڏهن وڏا وڏا جهنگ هئا، هيڏي آبادي نه هئي. هن جي ڌڻ مان هڪ ٻڪري بگهڙ ماري ويو. نانڪ پيرا کڻي ڪڍ لڳس، نيٺ بگهڙ کي ڪهاڙين جا وار ڪري ماري ڇڏيائين.
    جوانيءَ ۾ ٽه ترئين (ٻيلهاڙي) جو وڏو رانديگر هو. هن راند ۾ مخالف رانديگر کي ٽي ڀيرا تريون هڻي ڇڏائڻ کي ڇنڊ ۽ ڇنڊيندڙ کي مهارت سان پڪڙي سوگھو ڪرڻ يا دسڻ کي جھل چيو ويندو آهي. اسان جي تر ۾ بڊو مشوري ۽ گلو (نانڪ فقير) ماڇي ان جا شاهه کيڏاري هئا. وڏڙا ٻڌائين ٿا بڊو مشوري جبل جيڏو پهلوان هو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ غلام محمد عرف گلو ڪجھه به نه هو. پر جڏهن بڊو هن کي تريون هڻڻ جي ڪندو هو ته نانڪ کيس چنبِي يا ٻُڪ هڻي سُڪ ڪري ڇڏيندو هو ۽ هو وڏي ڪوشش باوجود ڇڏائي نه سگھندو هو.
    اسان کيس عمر جي آخري حصي ۾ ڏٺو. ڪلين شيو هوندو هو. صوفي ولايت شاهه هنباهه واري جو طالب هو پر ٻين صوفين وانگر راڳ ويراڳ نه ڪندو هو، البت ٻڌڻ جو گهڻو شوقين هو. سڄو ڏينهن نشي ۾ الوٽ رهندو هو. هڪ دفعو سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه مان هڪ همراهه سان رات جو دير سان نڪتو ۽ بند تي چڙهي ڏکڻ طرف وک وڌايائين. ڪلاڪ کن ۾ همراهه گاجي ديري پهچي ويا، جتي کين خبر پئي ته دڳ ڀلجي ويا آهن.
    گهڻو وقت حضرت هنباهه ۾ مرشدن جي خدمت ۾ رهيو، ان وقت درگاهه هنباهه شريف جو اڏاوتي ڪم هلي رهيو هو، جنهن ۾ هن مزدور وارو ڪم ڪيو، لاهه ڪڍيائين، گارا ٺاهيائين. سرون ڍويائين. هو مهينن جا مهينا پنهنجي مرشدن جي خدمت ۾ رهندو هو. مون کي قربان فقير ماڇيءَ ٻڌايو ته نانڪ ڪڏهن به راڳ نه ڪيو پر هڪ ڀيري ٻلهڙيجيءَ جي صوفين جو جوڙ جيئن ئي هنباهه پهتو ته نانڪ هڪ ڏوهيڙو ڏنو ۽ اسان سڀ حيران ٿي وياسين.
    نانڪ فقير جو تڪيه ڪلام هو ”يعني مگر.“ هو هر ڳالهه کان پوءِ يعني مگر چوندو هو. چون ٿا ته شروع ۾ شادي به ڪئي هئائين. ڇهن مهينن اندر سندس وني گذاري وئي. پوءِ ٻِي شادي نه ڪيائين. پنهنجي ڀاءُ سان گڏ رهندو هو، جيڪي مال رزق وارا هئا. ڪڏهن ڪڏهن چيڙائڻ لاءِ سنگت نانڪ کي چوندي هئي ته ري اولاد مري ويندين، تنهنجو حصو به ڀائر کائي ويندءِ، سو انهن جون ٻڪريون کپائي عيش ڪر.“ پوءِ ته شروع ٿي ويندو هو: ”توهان منهنجي ڀائرن جي مال ۾ ٻلي واريون اکيون وجهي ويٺا آهيو. اڙي، هنن جو ڪهول ته ڏسو! هنن وٽ آهي ڇا جو سندن مال کپايان؟“
    نانڪ فقير ڀنگ جو موالي هو. سائو مشروب پيئڻ کان اڳ اها ٻانگ ضرور ڏيندو هو جيڪا درگاهه هنباهه شريف ۾ ڏني ويندي آهي: ”ڀنگ بخور ڀنگ بخور“ فارسيءَ ۾ ڏنل ان سڄي ٻانگ جو مطلب ڪجهه هيئن آهي: “ڀنگ پيءُ، ڀنگ پيءُ! هي طهورا جو شراب پيئڻ چڱو ٿئي، نه ته ڀلي وڃي مسجد جا ٺڪر ڀتر ميڙ!“
    نانڪ فقير 1994ع ۾ وفات ڪئي، کيس ٻلهڙيجيءَ جي صالح سوائيءَ واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    گلزار فقير : ورهاڱي ويل وڇڙي وسريل شخص

    سندس اصل نالي جي خبر نه آهي پر گلزار فقير جي نالي سان مشهور هو. موهن دڙي جي اولهه طرف ڳوٺ الهيار سارئي جو ويٺل هو. سندس پيءُ ۽ ماءُ هندو هئا. 1947ع واري عظيم سانحي ۾ الائجي ڪهڙي سبب ڪري هن ٻالڪ کي سندس والدين هتي ئي ڇڏي ويا. پوءِ کيس سارين پاليو، همراهه کي مسلمان ڪري سندس نالو گلزار رکيو ويو پر هي نه هندو ٿيو ۽ نه ئي مسلمان. جناح فقير جي صحبت ۾ اچي فقير ٿيو ۽ حقاني ڪافيءَ تي وڃي طالب ٿيو. سڄي عمر شادي نه ڪيائين. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هندو هئڻ ڪري ڪير به کيس سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.
    ڳوٺ الهيار سارئي ۾ دادو ڪئنال جي ڪپ تي پنهنجو آستانو اڏيائين، جيڪو ڄڻ ته جنت جو ٽڪرو هو. ان مئخاني تي موتئي ۽ گلاب جا گل به رکيل هئا ته انبن جا وڻ به رکيل هئا، صفائي جو به بهتر انتظام هو. ڪڏهن ڪڏهن اتي راڳ رنگ جون محفلون به ٿينديون هيون. ڪيترائي مسافر مڙا درويش فقير گلزار ڏانهن ايندا رهندا هئا جن جي ننگر پاڻيءَ جو بندوبست ڪندو هو.
    گلزار فقير جوانيءَ ۾ سيلاني هو. سنڌ جي، ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي شهر ۾ وڃي رهندو هو. اتي مزوري مڙي ڪري گذر بسر به ڪندو هو ته گھمندو ڦرندو به رهندو هو. راڳ ٻڌڻ جو وڏو شوقين هو پر جوانيءَ ۾ پاڻ به ويراڳ ڪندو هو. صدق علي سان جوڙ هوندو هئس جيڪو هارمونيم وڄائيندو هو پر هي يڪتاري تي راڳ ڪندو هو.
    ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ فقير يار محمد جي مئخاني تي اڪثر ايندو هو. خاص ڪري جناح فقير باڊهه واري سان گڏجي ايندو رهندو هو يا وري حقاني ڪافي جي سرگرن سيد گدا حسين شاهه ۽ سندس ڀائرن سيد حاجن شاهه جي خدمت ۾ رهندو هو. راڳ رنگ جو به شوقين هو. مرداڻي حسن جو پياسي هو. ڪي ماڻهو چوندا هئا ته هو رڳو خوبصورت ڇوڪرن جو نظارو ڪندو آهي. جڏهن ته ڪن ماڻهن جي راءِ ان جي ابتڙ هئي.
    توڙي جو گلزار فقير 70ورهين جو هو، پر هاٺيءَ ۽ قد بت ۾ چاليهن پنجيتاليهن ورهين جو لڳندو هو. قلندري طريقت جا جيڪي اصول ٻڌائيندو هو، اهي بلڪل زردشتين جهڙا هوندا هئا.
    سندس مئخاني تي ماڻهن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. سڄي ڄمار گذري ويس پر مائٽن سندس ڪا سار نه لڌي ته هُو جيئرو به آهي يا ويو ڏيهه ڇڏي. نه وري سندس مائٽن جي ئي خبر پئجي سگهي ته اهي ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن.
    هن جي مئخاني تي جيڪو نلڪو لڳل آهي، ان ۾ اهڙو ته ٿڌو پاڻي آهي، جو گرمين جي مند ۾ ماڻهو اهو ڀري ويندا آهن. گلزار فقير وصال کان ٻه چار ورهيه اڳ پنهنجو مئخانو درگاهه متاري جي گادي نشين سيد عيدل شاهه عرف پڃل شاهه جي نالي ڪري ڇڏيو هو. هن پڃل شاهه کي مئخاني جو مهتمم بنائڻ سان گڏ ٻه چار ٻيا ماڻهو به اِن تَرڪي ۾ شامل ڪرايا ته جيئن ڪو به هڪ ماڻهو مئخانو وڪڻي نه سگھي. سيد عيدل شاهه به ساڳئي نموني مئخاني جي سيوا ۾ مصروف آهي پر هن جي بيمار رهڻ جي ڪري ان جي سنڀال ڳوٺ وارا ڪن ٿا.
    گلزار فقير ريڊيا گڏ ڪرڻ جو شوقين هو، سندس ڪمرو ريڊين سان ڀريل هوندو هو، ڇاڪاڻ جو ريڊيو وٺڻ جي ٻن ڏينهن ۾ ان کي کولي ڇڏيندو هو. گلزار فقير 2009ع ۾ وفات ڪئي، کيس پنهنجي قائم ڪيل مئخاني ۾ دفن ڪيو ويو آهي، جتي اڄ به ماڻهن جي اچ وڃ جاري آهي پر گلزار فقير وارا اصول نه رهيا آهن.


    غلام محمد عرف غلامو ٻالو : چوٽان چوٽ چرياڻ

    اسان جڏهن کيس ڏٺو، چوٽان چوٽ چريو ڏٺو. پاڻ کي ڌڪ هڻندي ڏٺو. پاڻ سان ڳالهائيندي ۽ گاريون ڏيندي ڏٺو. سدائين لڱين اگهاڙو ڏٺو پر چون ٿا ته جوانيءَ ۾ سندس جلوا ئي ٻيا هئا. سڄي تر ۾ جيڪڏهن خوش پوشاڪ هو ته غلام محمد جويو هو. مهين دڙي جي اولهه ۾ بگي ڳوٺ جو ويٺل هو. هُو ۽ سندس ڀاءُ مهين جي دڙي تي سينيٽري ورڪر هئا. هي اڪثر ڀرت ڀريل ڪپڙا اوڍيندو هو، ايستائين جو سندس گنجيون به ڀرت ڀريل هونديون هيون.
    ڪنهن جاءِ تي سندس لنئون لڳل هئي. جيئن ته عشق ۽ مشڪ لڪي نٿا سگهن، تيئن هن جو به نينهن نروار ٿي ويو. پوءِ هڪ رات ڪي شاهينگ سندس اڳ جهلي بيٺا ۽ کيس اڌمُئو ڪري اڇلائي ڇڏيائون. ستت ئي کيس نوڪريءَ تان به جواب مليو. ان کانپوءِ وڏو صدمو اهو ته هن جي پيار کي ڪنهن پئي هنڌ پرڻايو ويو. پنهنجي وجود جي حصي کان پاڻ کي ڌار ڏسي غلامو هوش وڃائي ويٺو ۽ مهين دڙي جي مٽيءَ کي الوداع چئي وڃي سيوهڻ جا وڻ وسايائين. اتي هو حقانيءَ جي ڪافي تي دست بيعت ٿيو. ڪي سال اتي مٽيون ڀريائين، ٻهاريون ڏنائين پر لڳي ٿو ته روحانيت جي دنيا به کيس رانئي نه سگهي ۽ هُو صفا هوش وڃائي پنهنجي ماڳ تي موٽي آيو.
    اسان کيس ڏسي ڊڄي ويندا هئاسين پر مئخاني ۾ وڃڻ سان معلوم ٿيو ته هن جا نرالا رنگ هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو به هو. ڀٽائي صاحب جي سر سهڻيءَ مان، ”سارو لوڪ رسي تان رسي، هڪ يار نه مون کان رسي“ ۽ ڪجهه ٻيا ڪلام ڳائيندو هو. سٺا آواز هئس ۽ لڳندو هو ته کيس ٿوري گهڻي راڳ جي سکيا مليل هئي.
    ڪڏهن به ٻين جو گلاس استعمال نه ڪندو هو ۽ جڏهن کيس چئبو هو ته ”غلام پاڻي ته پيار“ تڏهن جواب ۾ چوندو هو، ”سائين بابا، گاريون ته نه ڏيو!“ جڏهن کانئس پڇبو هو ته “غلام! يار جو نالو ٻڌاءِ؟“ ته فقير يارمحمد کي دانهن ڏئي چوندو هو ”بابا، هي مون کي گاريون ٿا ڏين،“ ۽ ائين چئي اٿي هليو ويندو هو.
    سڄي ڏوڪري تعلقي جا ماڻهو کيس خدا جو پهتل ٻانهو سمجهندا هئا ۽ ڪي ته سندس ڪرامتون به بيان ڪندا هئا، جن تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. ڏيرن جو سائين سچل شاهه ٻڌائيندو هو ته هن هڪ ڀيري گهوڙي گاڏيءَ تي ايندي هاڻوڪي ڪيڊٽ ڪاليج واري هنڌ غلاموءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڏٺو پر جڏهن هو فقير يارمحمد واري مئخاني تي پهتو ته غلاموءَ کي اڳ ئي اتي موجود ڏٺائين.“
    فقير يار محمد چوندو هو ته درگاهه ملوڪ شاهه تي رياضت ڪندي کيس سيد ملوڪ شاهه خواب ۾ درشن ڪرائيندو هو پر غلاموءَ جي صورت ۾. ان ڪري فقير يارمحمد غلاموءَ جي تمام گهڻي تعظيم ڪندو هو.
    ڏوڪري شهر واسي کيس ڦوڙاٽي فقير سڏيندا هئا ته ڪي کيس غلامو ٻالو به سڏيندا هئا. رکي رکي اهڙو گفتو ڪڍندو هو جو ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. چرس جو وڏو موالي هو، جڏهن به مئخاني تي ايندو هو ته جيڪو چرس هوندو هئس ان جا ٻه حصا ڪري هڪ حصو فقراءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو ۽ هڪ حصو پاڻ ڇڪيندو هو. پنهنجي هٿ تي چلم ڪڏهن نه پيتائين، کيس ٻيا پنهنجي هٿ تي ڇڪائيندا هئا. وڏي مزي سان پيئندو هو. کيس ماڻهو ڏوڪڙ ڏيندا هئا، جن مان رڳو سگريٽ ۽ چرس وٺندو هو.
    جڏهن به بک لڳندي هئس ته ماني گهري وٺندو هو. پليءَ جو ساڳ پسند هوندو هئس ۽ مکڻ جي گهُر ڪندو هو. لسي ڪڏهن نه پيتائين. هڪ دفعي مئخاني تي اچي ماني طلب ڪيائين. جواڻ سولنگي کيس چيو: غلامو، ماني موجود آهي پر ڀاڄي صفا نه آهي. غلام ٺهه پهه وراڻيس، ”سائين، توهان ته امير ماڻهو آهيو، رکي سکي کائي ويندؤ پر اسان غريب ماڻهن لاءِ ته بندوبست ڪريو.“
    اسان کي ڪڏهن ڪڏهن مکڻ مانيءَ جي فرمائش ڪندو هو. اتفاق سان مکڻ موجود نه هوندو هو ته ڊالڊا گيهه کڻي سندس اڳيان پيش ڪندا هئاسين. پوءِ سمجهي ويندو هو ته اڄ گهر ۾ لسيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ان جي باوجود جيڪڏهن کيس ڪو چوندو هو ته غلام مکڻ نه پر گيهه آندو اٿن، تڏهن سمجهي به چوندو هو، ”نه بابا، هي مکڻ آهي.“
    غلام ڪنهن به ماڻهوءَ کي قميض يا پوتڙي جي صدا هڻندو هو ته اهو کيس ڏئي ڇڏيندو هو پر اها ئي گهڙي هو ان کي وڪڻي وري پوچو ٻڌي گهمندو وتندو هو. پئسن مان رڳو چرس ۽ سگريٽ وٺندو هو. مئخاني ۾ ويٺي ويٺي چوندو هو: ”بابا سوا لک رپيو ملندو، لک جو چرس وٺنداسين ۽ پنجويهن هزارن جا سگريٽ، پنهنجي زندگي سٺي نموني گذري ويندي.“ اسانجي ڳوٺ جا گهڻا چريا هئا پر غلاموءَ کي جڏهن سائين گل شاهه مستيءَ ۾ ڏسندو هو ته پنهنجو رعب تاب وساري نماڻو ٿي مئخاني ۾ ويٺلن کي چوندو هو، ”بابا، غلاموءَ کان ٿي بيهو ته مان ٽپي وڃان.“ پر جڏهن غلامو ڏاڏي خوشحال جو آواز ٻڌندو هو ته چوندو هو، ”سائين، اچيوَ ٿو چريو!“ ائين چئي پاڻ اٿي هليو ويندو هو.
    اسان مهين دڙي جي مڊل اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران واپسيءَ تي ٻلهڙيجي تائين پنڌ ايندا هئاسين. هڪ ڏينهن ائين سمجهه ۾ آيو ته ڪو ماڻهن جو ٽولو آهي، جيڪو پاڻ ۾ وڙهي رهيو آهي. هڪٻئي کي گاريون به ڏين ٿا ۽ ڌڪ به هڻن ٿا. پوءِ خبر پئي ته اهو غلامو هو، جيڪو الائي ڪنهن کي گاريون ڏئي رهيو هو ۽ چانهن وارو ڪوپ پنهنجي نرڙ تي هڻي رهيو هو، نرڙ مان رت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو هئس. هن 1988ع ۾ روڊ حادثي ۾ دم ڏنو. درگاهه سخي شاهه جمال تي سندس جماڻو ڪيو ويو، جنهن ۾ تر جي سڄي سنگت شريڪ ٿي هئي.


    رياضت فقير ابڙو : حق هادي ...!

    محبوب علي المعروف رياضت فقير ابڙو ٻلهڙيجيءَ جي چڱي مڙس حاجي حسين ابڙي جو پوٽو هو. وڏو چرچائي مڙس ۽ دوستي نڀائڻ وارو ماڻهو هو. غريب هو پر دل جو سخي مڙس هو. شروعاتي زندگيءَ ۾ ڪاٽڪن ۽ چورن سان ياري هئس. پاڻ چوريءَ جي ڪڏهن ويجھو به نه ويو، پر دوستن جي خاطر گھڻو سٺائين. ان جي باوجود توڙ تائين انهن کان منهن نه مٽيائين. اڌ وهيءَ ۾ طالب ٿيڻ جو شوق ٿيس. سندس خاندان ملان هو. جن وڏي ڪوشش ڪئي ته هي ان ڪم کان باز اچي، پر همراهه مڙڻ جو ڪاٿي هو. سيوهڻ جي حقاني ڪافي ڏانهن دلي لاڙو هئس. سيد يتيم شاهه جي دست بيعت ٿيو، جنهن کيس قلندري طريقت جي مهر به هنئي ته تلقين به ڏني. جڏهن ڏاڙهي، مڇون، ڀرون ۽ مٿو ڪوڙي کيس درسني ڏيکاري وئي ته هن پنهنجي صورت ڏسي چيو” حق هادي! جهڙو هئم حرامي، تهڙي ڪيئي تعدي! “ پاڻ ئي ٻڌائيندو هو ته جڏهن هو درگاهه ملوڪ شاهه کان تلقين ڏياري سير (بکيا مڱڻ) ڪرڻ لاءِ بند تان گذري رهيو هو ته پتڻ کان ڪجھه همراهه اچي رهيا هئا، جن کي سندس حالت ڏسي تعجب ٿيو ۽ ٺيڪ ان وقت وڏيرو خاڪو ابڙو درگاهه تي وڃي رهيو هو. انهن همراهن محبوب سان ته ڪجھه نه ڳالهايو، باقي وڏيري خاڪي کان پڇيائيون ته چاچا هن همراهه سان ههڙي ويڌن ڇو ٿي آهي؟ تڏهن خاڪي ابڙي کين چيو ته ”ٻڪريءَ سان برو فعل ڪندي پڪڙجي پيو آ،تڏهن هيءُ حالت ٿي اٿس!“ پوءِ ته انهن همراهن چيو ”چڱو ٿيس، اهڙي..... سان ائين ئي ٿيڻ گھرجي.“
    محبوب ابڙي جي، جوانيءَ ۾ ڌاڙيل قادن سرگاڻيءَ سان ۽ بابا (اڪن پيرزادي) سان دوستي هئي، جيڪا ساڻن نڀائيندو آيو. جڏهن به کيس ڪا خبر پوندي هئي ته مٿن ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ته هي وٽن پهچي ويندو هو ۽ سندن هر طرح جي مدد ڪندو هو. محبوب نه رڳو سندن مدد ڪندو هو پر سندن دوستيءَ جي هام به هڻندو هو ته منهنجي قادن ۽ اڪن سان دوستي آهي. جنهن ڪري سدائين پوليس وارا پڪڙي ويندا هئس پر همراهه دوستيءَ تان ڪڏهن به هٿ نه کنيو. البت هڪ دفعو کيس آرميءَ وارا کڻي ويا، جن مٿس انتهائي سخت تشدد ڪيو. 3 مهينا مسلسل کيس اوجاڳا ڪرايا ويا. سگريٽن سان ڏنڀ ڏنا ويا. اتي هن آرميءَ جي آفيسرن کي صاف صاف ٻڌايو ته ”منهنجا قادن سرگاڻيءَ سان دوستي وارا لاڳاپا ضرور آهن باقي مان ساڻن ڪنهن به ڏوهه ۾ شريڪ ناهيان.“
    رياضت فقير سالن جا سال سيوهڻ ۾ رهيو، جتي حقاني ڪافيءَ جي بٺي سنڀاليندو هو. هو ڪيترائي ڀيرا سيوهڻ کان شاهه نوراني تائين لاهوت واري سفر ۾ پيادل هليو. عمر جي آخري حصي ۾ ميهر فقير ۽ پير باغ علي سان گڏ مشهد ۾ امام علي رضا ۽ ڪربلا معليٰ جي زيارت به ڪري آيو. اتي هي سيوهڻ وارن فقيرن جي ست رنگي ٽوپيءَ پائي ويو هو. ٻڌايائين ته ڪيترائي زوار هن جي ان فقيراڻي ٽوپي کي بوسا ڏئي رهيا هئا.
    عمر جي آخري حصي ۾ شادي ڪيائين پر اها شادي به سندس سيلاني طبعيت ۾ ونگ وجھي نه سگھي. هن جا سير سفر جاري رهندا آيا. دوستن جو هن ۾ ڪم پئجي ويندو هو ته انهن کان ڪڏهن به ڪنڌ نه ڪڍائيندو هو. بک توڙي سک ۾ دوستن سان گڏ هوندو هو.
    گھڻي ڳالهائڻ جي عادت هئس، نشو به ڪندو هو پر ڪارڙي تتر لاءِ جيئن مشهور آهي ته هو پاڻي ڏسندو ته پيئندو نه ته کيس ان جي ضرورت ئي نه پوندي آهي. هيءُ به چرس ڏسندو هو ته پيئندو هو، نه ته ان جي طلب نه ڪندو هو.
    2011ع ۾ کيس سندس ڌاريل سانُ ٽڪر هنيو، جيڪو پچائي نه سگھيو ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. لاڏاڻي وقت سندس عمر اٽڪل 70 ورهيه هئي.


    سيد يوسف علي شاھ بخاري : سدا سُوئيتو ڪاپڙي

    سدائين سُوئيتن وانگر ڪارو ويس، سڄي هٿ جي سڀني آڱرين ۾ قيمتي پٿرن جون مُنڊيون، ڪَرائيءَ ۾ چانديءَ جو ڪولابو، ڳچيءَ ۾ عقيقَ جو ڪَنٺو، هڪ ڪَن ۾ ياقوتي دُر، ڪلهي ۾ ڪِشتو، مٿي تي اڪثر سنڌي ٽوپي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪارو پَٽڪو ۽ هٿ ۾ ڪارو حيدري ڏَنڊو. موڪرو مُنهن، چاپئين ڏاڙهي، اکيون مشعل، ڊگھا ڇلا وار جيڪي سدائين واسينگن وانگر ڪلهن تي پيا رقص ڪندا هئس. اهو هو مهين دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻُٽڙا جو سيد زوار حاجي يوسف علي شاھ بخاري. هن رڳو فقيرن وارو ويس ئي نه ڪيو هو پر پنهنجي عمل، ڪردار ۽ سڀاءَ ۾ به فقير هو. سخاوت، مهمان نوازي، درگذر ڪرڻ ۽ انسانذات سان بغير ذات، مذهب، رنگ ۽ نسل جي محبت ڪرڻ واريون خصلتون ته موجود هئس پر شاعري، لوڪ ادب، راندين ۽ موسيقيءَ سان چاھ، سندس شخصيت جا اضافي پهلو هئا.
    سيد يوسف علي شاھ ڳوٺ ٻٽڙا ۾ تاريخ 18 نومبر 1942ع تي سيد شهنشاھ بخاريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندن اباڻو ڳوٺ شاھ ڳڙھ لڳ پير جيوڻ شاھ تعلقو رتوديرو آهي، جتي سندن وڏڙا مدفون آهن. سندن والد سيد شهنشاھ بخاري پنهنجي وقت جو وڏو ويڄُ ۽ مريدن خادمن وارو هو. سندس مريديءَ جو حلقو سنڌ ۽ بلوچستان تائين پکڙيل هو. سيد شهنشاھ کي پوليس ۾ نوڪري هئي پر هن پوليس جي روايتي انداز کان نفرت ڪندي جلد ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
    سيد يوسف علي شاھ پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري پنج درجا پڙهي ڀر واري ڳوٺ مان فائنل پاس ڪئي. ان وقت سنڌي فائنل جو وڏو مان هو، ان ڪري جيڪڏهن هو چاهي ها ته ڪا سرڪاري نوڪري وٺي پئي سگھيو پر هن اهڙي ڪا به تمنا نه رکي ۽ فقيري راھ اختيار ڪئي. هو، سيلاني شخص هو. سندس زندگيءَ جو گھڻو حصو مسافري ۽ مريدن خادمن ۾ گذريو. هو سنڌ جي صوفي بزرگن جي ميلن وغيره ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو ۽ راڳ ويراڳ جي محفلن کي تمام گھڻو پسند ڪند هو. پنهنجي فقيرن سان سيوهڻ شريف کان پيادل لاهوت لامڪان جو سفر ڪري لاهوتي ٿيو. اهڙي ئي نموني ايران ۽ عراق ياترا ڪري زواري به حاصل ڪئي ۽ هڪ دفعو ڪعبته الله جي چانئٺ چمي حج جي سعادت به ماڻيائين. اهڙي طرح هو حاجي به هو ته زوار ۽ لاهوتي به هو.
    شاھ صاحب کي خانداني وراثت موجب جيڪي مريد مليا هئا، جيڪڏهن روايتي پيرن وانگر مال ميڙي ها ته گھڻو ڪجھه ٺاهي پئي سگھيو پر هن مايا کي ڪا به اهميت نه ڏني، جيڪو ڪجھه ننگر نياز ۾ مليو اهو اتي ئي ونڊي ورهائي ڇڏيو. جتي به سندس منزل ٿيندي هئي اتي رنگ رچي ويندا هئا ۽ بَرن ۾ بهاريون ٿي وينديون هيون.
    سيد يوسف علي شاھ ڀٽائي سرڪار جو طالب هو. شاھ جو رسالو اڪثر ساڻس گڏ هوندو هو ۽ شاھ جا بيت نهايت خوش آواز ۽ روانيءَ سان پڙهندو هو. مذهبي تفرقي کان ڪوهين ڏور هو. هندو مومن سان محبت جا ميل مچائڻ جو قائل هو. توڙي جو پاڻ لطيف سرڪار جي درگاھ جو طالب هو تڏهن به صوفي شاھ ولايت هنباهه واري سان وڏي عقيدت ۽ انسيت هئس. صوفين وانگر صورت آڏو سِرُ نوائڻ جو قائل هو. راڳ، رقص ۽ ساز سرود سان ساھ هئس. آواز مٺو ۽ رَسيلو هئس. هارمونيم به وڄائيندو هو ته ڪڏهن ڍولڪ ۽ مَٽيءَ تي به هٿ هڻندو هو. قرآن پاڪ جو سنديافته قاري نه هو پر اهڙي ته سوز سان قرائت ڪندو هو جو ماڻهن تي سحر طاري ٿي ويندو هو ۽ اڄ به سائينءَ جي مريدن ۽ تر جي ماڻهن کي هيئن چوندي ٻڌبو آهي ته ”قرآن شريف پڙهي ته سائين يوسف شاھ!“ سندس تعلق اثنا عشري شيعن سان هو پر هو مذهبي تعصب ۽ ڪٽرپڻي کان بلڪل پري هو. اهو ئي سبب هو جو ڳوٺ ۾ عيد جي نماز سڀني مَسلڪ وارن کي گڏ پڙهائيندو هو ۽ سڄي ڳوٺ جي هڪ ئي عيد نماز ٿيندي هئي. سندس وصال کانپوءِ اڄ اُن ڳوٺ ۾ ٽن مسلڪن وارا ڌار ڌار عيد نماز پڙهن ٿا.
    سيد يوسف علي شاھ هر سال محبڻ سائينءَ جي ميلي کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي والد سيد شھنشاھ بخاريءَ جو ميلو لڳرائيندو هو جتي سهراب فقير سميت سنڌ جاسريلا راڳي ۽ مشهور ملهه پهلوان شريڪ ٿيندا هئا. ميلي ۾ ننگر جو تمام سٺو انتظام ٿيندو هو ۽ هو پنهنجي هٿن سان آيل ماڻهن کي ننگر ڪرائيندي سرهائي محسوس ڪندو هو. هو اڪثر ڪري گھر کان ٻاهر سنگت فقراءَ سان ماني کائڻ پسند ڪندو هو ۽ رستي ويندڙ ماڻهن کي سڏي گڏ ماني کارائيندو هو. هو، کٽ کان وڌيڪ پَٽ تي ويهڻ، کائڻ ۽ سمهڻ پسند ڪندو هو. پنهنجي پُٽن جي طُهر جي ڪاڄ تي ميلو لڳرايو هو جنهن ۾ ٽي ڏينهن راڳ ويراڳ به جاري رهيو ته ملاکڙو به ٿيندو رهيو، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره مائي بيگم فقيرياڻي ۽ سندس پُٽ فقير گل حسن گل ميراڻي ٽي ڏينهن لڳاتار ڳايو.
    هن جو پنهنجي خاص فقيرن منجھان محمد آچر عرف ممتاز فقير سهاڳ سان اهڙو روحاني رشتو هو جهڙو بيڪس جو ڪنعيي سان، سرمد جو اڀيچند سان. ممتاز فقير تقريبن پندرهن سالن جي ڄمار ۾ سائينءَ جو طالب ٿيو، جيئن ته فقير تمام سندر صورت ۽ سيرت جو مالڪ هو، جنهن تي سائينءَ جو تمام گھڻو راز ۽ خيال هوندو هو. ممتاز فقير جي سڄي تعليم تربيت هن پاڻ ڪئي. ايتري تائين جو پنهنجي ڪنهن مريد جي معرفت کيس اريگيشن کاتي ۾ فون آپريٽر جي نوڪري به وٺي ڏنائين ۽ پنهنجي هٿن سان شادي ڪرائي خيرپور ۾ گھر وٺي ڏئي آباد ڪيائينس.
    رمضان ۾ ڪنهن اڪيلي مسجد ۾ ڏهاڪي ۾ ويهندو هو ۽ صرف هڪ عدد کارڪ، لوڻ ۽ پاڻيءَ تي روزو رکندو ۽ ڇوڙيندو هو. انهن ڏهن ڏينهن دوران صرف هڪ فقير خدمتگذار رکندو هو جيڪو به ساڻن پردي ۾ يا سج لهڻ کان پوءِ اونداهيءَ ۾ ملندو هو. ڏهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڏهاڪي مان نڪرندو هو ته تيرڪمان جيان سنهڙو ۽ تمام ضعيف ٿي ويندو هو مريد ۽ عقيدمند کيس مسجد کان ڪلهن تي دُهلن شرناين سان سرڪس جي صورت ۾ رهائشگاه ڏانهن وٺي ايندا هئا. مريد ٻڌائين ٿا ته سائين وڏا صاحبِ ڪرامت هئا ۽ ان جا ڪيترا ئي معجزا اڄ به وڏي اعتماد ۽ عقيدت سان بيان ڪن ٿا. هو ڪيترو صاحبِ ڪرامت هو اهو ته خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو پر سڀ کان وڏي ڪرامت حضرت عشق آهي، جنهنجي چاھ جو چُڪڙو سيد يوسف شاھ ضرور چَکيو هو.
    هن مال ميڙڻ بجاءِ ماڻهو پنهنجي ملڪيت سمجھيا ۽ رڳو قرب ڪمايو. هو ان حوالي سان به ڀاڳن ڀريو هو ته هن شادي خاندان کان ٻاهر هڪ پڙهيل لکيل عورت سان ڪئي. سندن اولاد اڃا ننڍڙو ئي هو جو سائين جگر جي بيماريءَ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندن اچانڪ وفات سندس زوجه لاءِ هڪ وڏو امتحان هو پر ان اڪيلي خاتون وڏي همٿ، بهادري ۽ ڏاهپ سان پنهنجي اولاد جي تمام سٺي تعليم ۽ تربيت ڪئي. سائين جا پنج ئي پُٽ اعلى تعليم يافته، مهذب ۽ سٺي مقام تي فائز آهن. سندس وڏو پُٽ ڊاڪٽر سيد گداحسين بخاري جيڪو هن وقت درگاه جو گادي نشين پڻ آهي، سٺو انسان، سٺو ويڄ، اديب، شاعر ۽ سماج سڌارڪ آهي. صحت ۽ ٻين موضوعن تي لکيل سندس مضمون اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهن ٿا.
    سيد يوسف علي شاھ 23 جون 1988ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ هن وقت ڳوٺ ٻٽڙا ۾ پنهنجي والد سيد شهنشاھ بخاري (مرحوم) جي مقبري ۾ سندس ڀر سان ابدي آرامي آهي.


    پير باغن : سيلاني، غيرسيد پير

    باغ علي پيرزادو عرف پير باغن ٻلهڙيجيءَ جو دلچسپ ڪردار آهي. هيءُ هڪ ئي وقت ليکڪ، پير، شاعر، اداڪار، استاد، مهم جو ۽ سيلاني به آهي ته ساڳئي وقت پنهنجي برادريءَ جو چڱو مڙس ۽ درگاهه سخي شاهه جمال جو شيواداري به آهي. قد جو پورو، رنگ جو ڀورو، ڪثرتي بدن وارو، پير باغن توڙي جو 60 ورهين جي ڄمار کان چڙهي هليو آهي، تڏهن به 30 ورهين جو جوان لڳندو آهي.
    باغ علي 1954ع ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ميان عبداللطيف عرف رتل پيرزادي جي گھر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هڪ ننڍڙو سرڪاري ملازم هئڻ سان گڏ لواري واري نقشبندي جماعت جو مک اڳواڻ هو. سندس ڏاڏو محمد صديق پيرزادو درگاهه لواري شريف جو خاص خليفو ۽ گادي نشين جو مقرب هو. هو تاريخدان به هو ۽ وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود هو. پير باغ علي پنجون درجو پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي، ڇهين ڪلاس ۾ ڏوڪريءَ ۾ داخلا ورتي. همراهه جي نصابي سرگرمين سان گهٽ پوندي هئي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ تيز هو. ان ڪري نائين درجي جي امتحان ۾ رڳو سنڌي سبجيڪٽ ۾ پاس ٿي سگھيو. جڏهن گھر ۾ کانئس ان بابت پڇاڻو ڪيو ويو ته وراڻيائين:
    ”جيڪڏهن مان ٻيا سڀ سبجيڪٽ پاس ڪيان ها ۽ سنڌيءَ ۾ ناپاس ٿيان ها ته توهان کي سزا جو حق هو. مان پنهنجي ٻوليءَ وارو سبجيڪٽ پاس ڪيو آهي، توهان کي خوشي ٿيڻ کپي.“
    پوءِ پڙهائي ڇڏيائين. اٺين درجي تي کيس هڪ سرڪاري کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري ملي. اها ڇڏي ايئرپورٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ملازم ٿيو پر اها نوڪري به کيس ڀانءِ نه پئي ۽ همراهه پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. ٽريننگ مڪمل مس ڪيائين ته ان نوڪريءَ مان به دل کٽي ٿي پيس ۽ همراهه وڃي فوج ۾ ڀرتي ٿيو. پنج ست ورهيه فوج جي نوڪري ڪري ڪڪ ٿي پيو ۽ نيٺ اهڙو سرٽيفڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي ڪري ورديءَ مان سندس جند آجي ٿي ۽ 1983ع ۾ پي ٽي آءِ مقرر ٿيو. شروع ۾ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، وڳڻ، ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻو ۽ پوءِ هاءِ اسڪول موهن جو دڙو ۾ نوڪري ڪيائين. نوڪريءَ دوران ئي همراهه ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي ڪئي ۽ 17 هين گريڊ ۾ وڃي رٽائر ٿيو.
    توڙي جو هيءُ همراهه پنهنجي پيءُ جو چوٿون نمبر پٽ هو پر پيءُ جي پڳ سندس حصي ۾ آئي جو سندس ٽي وڏا ڀائر جان محمد، ممتاز ۽ عبدالعليم عرف زادو پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي جواني جو موت ماڻي چڪا هئا، جن مان جان محمد ۽ ممتاز ته منهن تي موڙ ئي نه ٻڌا هئا، باقي ڀائو عليم کي پٽاڻو اولاد نه ٿيو. ميان عبداللطيف جي وفات بعد خانداني پڳ مٿس آئي. پيرزادن جي هڪ ويڙهي جي سمورن گھرن کي ٿورا ٿورا مريد آهن، جيڪي سڀ سخي شاهه جمال جا مريد هئا پر خليفي صديق کي پنهنجا ذاتي مريد به هئا. ان ڪري سڀني کان گھڻا مريد پير باغ وٽ آهن، جيڪو ساڻن ڏک سور ۾ شريڪ هوندو آهي. سندس دعا ڪو رنگ لائي ٿي يا نه، اها ته خدا کي خبر پر پير صاحب ساڻن ڳنڍيل آهي ۽ هو هر صلاح ساڻس ڪندا آهن.
    اسڪول واري وقت ۾ سندس لاڙو اداڪاريءَ ڏانهن هو، جو ان وقت ڳوٺ جا استاد غلام رسول منگي، عيدل خان سومرو ۽ عبدالرحيم پيرزادو اسٽيج ڊراما ڪندا هئا، جن سان پير باغ علي، علي مردان پيرزادو، سيد ولايت شاهه، شمن جيسر، بخشل جيسر ۽ ٻيا سندن ساٿ ۾ هوندا هئا. 1970ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ پير باغ ”وحشي وڏيرا ۽ رهزن ڌاڙيل“ جي نالي سان ڊرامو پيش ڪيو، جنهن کي ڪهاڻي، مزاح ۽ جاندار ڊائلاگن جي ڪري ڏاڍو پسند ڪيو ويو. پوئتي پيل علائقي ۾ اهڙين سرگرمين عوام کي سٺي تفريح ڏني. توڙي جو هن ڊرامي کي 45 سالن جو وقت گذري چڪو آهي پر اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو ڊرامو ياد آهي. ان کانپوءِ پير صاحب جي ڊرامن ۾ دلچسپي نه رهي.
    1997ع ۾ فقير يارمحمد پيرزادي جي وفات کانپوءِ درگاهه سخي شاهه جمال جي سنڀال جي ذميواري مٿس وڌي وئي. ان وقت درگاهه جي حالت انتهائي زبون هئي. درگاهه هيٺاهين تي هئڻ ڪري مينهن وسڻ کانپوءِ ان جو آڳر پاڻي سان ڀريل هوندو هو. گپ چڪ سبب ايندڙ ويندڙ ماڻهو پيا ترڪندا هئا. پير باغن سڄي ميدان ۾ 6 فوٽ کن ڀنجھو وجھائي ان کي مٿي ڪري ڇڏيو. پيرزادا چوندا هئا ته سخي شاهه جمال روضي ٺهڻ تي ارهو آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪير روضو ٺاهيندو ته اهو نقصان ۾ ويندو. پير باغن ان کي چيلنج ڪري ورتو ۽ سخي شاهه جمال جو روضو ٺهرايو، جيڪو اڏاوتي فن جو شاهڪار آهي.هيءُ روضو مسڻ ڳوٺ جي ڪاريگر استاد رمضان مسڻ ٺاهيو. روضو هيٺ چوڪنڊو، وچ تي اٺ ڪنڊو ۽ مٿي گول آهي، جنهن جي مٿئين پڃري تي سنگ مرمر جو ڪم ٿيل آهي. اندر ملتان جي ميناڪارن کان شيشي جو عمدو ڪم ڪرايو ويو آهي. اهڙي نموني درگاهه جي آڳر تي هڪ مسجد ۽ فقراءُ جي رهائش لاءِ لانڍيون به ٺهرايون ويون. سخي شاهه جمال جي ٻارهي جا يادگار پروگرام ڪرايا ويا آهن.
    پير باغن جو محبوب مشغلو سياحت ۽ سير سفر آهي. اڃا مڇن جي ساوڪ مس آئي هيس جو 1968ع ۾ لطف ۽ خان پيرزادي سان لاهوت لاءِ نڪري پيو. همراهن وٽ سفر جو سمر به نه هو. بس فقيراڻي انداز ۾ لاهوت ڪري موٽيا، جنهن کانپوءِ سندس سير سفر جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌ جون سموريون درگاهون ته ڏسي چڪو آهي پر پنجاب، بلوچستان، پختونخواهه تائين درگاهون ڀيٽيندو رهندو آهي. هاڻ ته پنهنجون گاڏين اٿس پر جڏهن اهڙي سهولت کان وانجھيل هو، تڏهن به فقراء جو ٽولو وٺي موهن جو دڙو ريلوي اسٽيشن تي پهچندو هو، پوءِ ڪڏهن ڪهڙي پاسي ته ڪڏهن ڪهڙي پاسي نڪري پوندا هئا. ڪيترائي ڀيرا سيوهڻ جي لال باغ کان لاهوت لامڪان جو پنڌ ڪيائين، اهو پنڌ فقراء 12 کان 15 ڏينهن ۾ ڪندا آهن پر هي همراهه اهو پنڌ چئن پنجن ڏينهن ۾ پورو ڪري ڇڏيندو هو. پنڌ جو تيز آهي، ان ڪري هن جي پويان ايندڙ فقيرن جي وات اها وائي هوندي آهي ”ڌڪ قلندر-ڇڪ نوراني.“ همراهه سان ساٿ ۾ سمورا بي سمر گڏ هوندا آهن، جن جي ڀاڙي ڀتي، کاڌي پيتي جو سڄو بندوبست سندس بلي هوندو آهي. هن جي اهڙن ساٿين ۾ ميهر فقير انصاري، رضا محمد سومرو، غلام ماڇي، رياضت فقير ابڙو شامل هئا، جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن. هي پنهنجي ساٿين کي ايران، عراق جون زيارتون به ڪرائي آيو آهي. ميهر فقير ۽ رياضت جي پاسپورٽ ٺهرائڻ کان وٺي ويزا ۽ ٽڪيٽ تائين سڀ خفا پاڻ کي ڪرڻا پيس. پير باغن توڙي جو پاڻ لواري واري جماعت سان لاڳاپيل آهي ۽ درگاهه جي گادي نشين مرحوم گل حسن صاحب جو دست بيعت آهي پر ان باوجود هن جا سڀني فقرائن سان به سٺا لاڳاپا آهن. قلندري طريقت جا داعي جلالي فقير هجن يا گيڙو ويس ڍڪيندڙ صوفي، هي سڀني سان اٿندو ويهندو آهي. ميهر فقير هن سان هر وقت گڏ هوندو هو پر منجھن اختلاف به چوٽان چوٽ هئا. جيئن ته اسان جي ڳوٺ کان لواري شريف جي درگاهه ڏکڻ طرف آهي، ان ڪري ناجي ان پاسي کٽن جا پير ڪڏهن به نه ڪن. پير جي اوطاق تي ڏکڻ پير نه ڪرڻ بابت ميهر فقير سوال پڇيو. جواب ۾ هن چيس ”ڀٽائي سرڪار جو چيو آهي ته لڳي ڏکڻ جي هير، مارو منهنجا مير...“ اهو ڏکڻ لواري شريف آهي. ان رات محفل ۾ ميهر فقير اها وائي هيئن پڙهي: ”گھُل اتر جي هير، مارو منهنجا مير، آءٌ هت بند ۾ بندياڻي...“
    پير باغن لواري جماعت جي مخصوص مسجد جي به سنڀال ڪندڙ آهي ته برادريءَ ۾ ڀت ۽ مٺائي ورهائڻ وارو ڪم به سندس بلي آهي. 60 ورهين جي ڄمار ۾ شگر وارو مرض ٿيو اٿس، پر پوءِ به مٺي چانهه جي چسڪي ضرور هڻندو آهي. پير باغن هونئن ته سراسر سون آهي، البت وڏن جا ڪتاب ٻين کي ڏيکارڻ به ڏوهه سمجھي ٿو. اسان وڏا وس ۽ حيلا هلائي به خليفي صديق جا ڪتاب نه ڏسي سگھيا آهيون. ان کانسواءِ سخي شاهه جمال جي ٻارهن ۾ ڀريل راڳ جي محفلن جي ڪاپي ڏيڻ به کيس پسند ناهي.
    پير باغن پن جي ٻيڙيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به نشو نه ڪري، البت فقيرن جي نشي پتي جو بندوبست ضرور ڪندو آهي. هن جي شاعري پنهنجي مرشدن ۽ پنجتن پاڪ جي شان ۾ آهي. سندس هڪ ڪافي لاهوت واري پنڌ تي ٺهيل آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ميهر فقير ڳائيندو هو:
    موليٰ علي علي آ، ڏس يار آزمائي
    محبت وارن کي موليٰ، لاهوت ٿو گھرائي.
    جڏ لال باغ کان سڀ قافلا هلن ٿا
    نادون جڏهن وڄن ٿيون، ڏونگر جبل ڏڪن ٿا
    نادِ علي کي پڙهندي، چنگھڻ به سر نوائي
    محبت وارن کي موليٰ، لاهوت ٿو گھرائي.
    اهو پير باغن جو ڪارنامو آهي جو هو هڪ وقت صوفي راڳين جي محفل به مچائيندو آهي ته حافظ سڳورن کان قرآن جو ختمو به پڙهائيندو آهي. درگاهه جي صحن تي راڳي بلهي شاهه جا ٻول پيا ڳائيندا آهن:
    وسر ڳَئي سڀ خيال
    اساندا ڪيا مسيتان نال
    هوڏانهن اندر روضي ۾ حافظ سڳورا قرآن پاڪ جي ورد ۾ مصروف هوندا آهن ۽ هي انهن کي چانهه پياري پاڻ صحن تي راڳ ٻڌڻ ويهي رهندو آهي.


    مزنو ۽ طالب فقير ماڇي : صوفي ۽ جلالي ڪلاڪار ڀائر

    مزنو ۽ يارمحمد المعروف طالب فقير درگاهه ملوڪ شاهه جا مجاور هئا. اهي پيڙهين کان سخي ملوڪ شاهه جي درگاهه سنڀاليندا آيا. شروعات ۾ ٻئي صوفي ولايت شاهه هنباهه واري جا طالب هئا پر پوءِ يار محمد صوفين وارو گيڙو ويس لاهي ڪارو لباس اختيار ڪيو ۽ سيوهڻ جي حقاني ڪافيءَ جي سيد يتيم شاهه جو دست بيعت ٿيو. باقي مزنو فقير عمر جي آخري ساهه تائين سراسر صوفي رهيو. ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ اهڙو ته پيار هو، جنهن جو ڪاٿو ئي نٿو لڳائي سگهجي.
    مزنو فقير تمام سريلو راڳي هو ۽ پڪواز به وڄائيندو هو. ڳوٺ ۾ راڳائي فقيرن جو ٽولو ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار مزني فقير جو هو. هن نه رڳو ميهر فقير کي راڳ جي سکيا ڏني پر جانو ماڇيءَ کي پڻ راڳ ۽ پڪواز سيکاري. هو سڄو سڄو ڏينهن راڳ ڳائيندو رهندو هو. ڪڏهن ته ملوڪ شاهه جي درگاهه تان راڳ ڳائيندو ڳائيندو سخي شاهه جمال جي درگاهه تي اچي پهچندو هو.
    ان دؤر ۾ جڏهن سائين صوفي ولايت شاهه هنباهه وارو پنهنجي فقيرن سان ڳوٺ ۾ ايندو هو ته مزنو فقير پنهنجو ٽولو وٺي مهين دڙي کان سندن استقبال ڪندو هو ۽ پوءِ سمورا صوفي اتان ئي جوڙ ڀري ڳائيندا وڄائيندا ٻلهڙيجي پهچندا هئا، جتي ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ صوفي شاهه جمال ۽ ڀرپور فقير جي مئخاني تي منزلون ڪندا، ملوڪ شاهه جي درگاهه تي پهچندا هئا، جتي سڄو سڄو ڏينهن توڙي رات راڳ ويراڳ جاري رهندو هو.
    مزنو فقير استاد علڻ سان گڏ ناچن جو ٽولو وٺي سڄي سنڌ ۾ نڪري پوندو هو. جانو فقير مون کي ٻڌايو ته ”اڳي ناچن کي رڳو سهڻن ڇوڪرن هئڻ ڪري پسند نه ڪيو ويندو هو پر سندن آواز ۽ سُر کي به ڏٺو ويندو هو. ان ڪري مون جهڙي ڪوجهي شڪل واري کي به پنهنجي سنگ ۾ شامل ڪندا هئا.“ (جانو فقير جي منهن تي ماتا جا نشان آهن.)
    يارمحمد قلندري طريقت ۾ اچڻ بعد پنهنجو نالو طالب فقير رکيو. هن ڳوٺ ۾ ماتام ڪرائڻ ۽ مجلسون پڙهائڻ جي به ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ناڪامي پلئه پيس ۽ ٻلهڙيجيءَ جي مذهبي رواداريءَ واري روايتي ماحول ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه پيو. ٻئي همراهه پنهنجي پنهنجي طريقي جا سرگرا هئا، ان ڪري ملوڪ شاهه جي درگاهه تي صوفي ۽ جلالي فقير ايندا رهندا هئا. صوفين جي ميزباني مزنو فقير ۽ جلالين جي ميزباني طالب فقير ڪندو هو. ملوڪ شاهه جي درگاهه تي اڄ به ٻه لانڍيون ٺهيل آهن، جن مان هڪ صوفين ۽ ٻي جلالين جي سڏجي ٿي. صوفين واري لانڍيءَ ۾ سر سنگيت جاري رهندو هو ۽ جلالي فقير به پنهنجي لانڍيءَ ۾ تبرا ڪندا رهندا هئا. مزنو فقير ۽ طالب فقير به سڄو سڄو ڏينهن هڪٻئي سان جهيڙو لايون ويٺا هوندا هئا پر اهو رڳو لفظن جو جهيڙو هوندو هو، حقيقت ۾ ٻئي هڪٻئي کي ڏاڍو پيار ڪندا هئا. مزني فقير کي گيڙو ويس ۾ ملبوس ڏسي طالب کيس چيڙائيندي چوندو هو، ”سڄو گيڙو ٿي ويو آهين.“ مزنو باهه ٿي چوندو: ”ها، ڪندس ڪندس....... به گيڙو ڪندس!“
    مزني فقير شادي نه ڪئي، باقي يار محمد جي ٻارن کي پاليو. يار محمد فقير به ماڻهن جي خدمت ڪندو هو پر سندس ڪجهه ڳالهيون چيڙائڻ جهڙيون هونديون هيون، جيئن هڪ پوڙهي کي سياري ۾ رات جو مچ ٻاري ڏنائين ۽ ان همراهه جڏهن پير گرم ڪرڻ لاءِ مچ مٿان رکيا ته طالب اها ڳالهه برداشت نه ڪري سگهيو ۽ پاڻيءَ جو گهڙو کڻي مچ مٿان هاري باهه وسائي ڇڏيائين. ٻيو ته جيڪڏهن ڪچهريءَ ۾ ڪو ڪانڀ ٻڌي ويهندو هو ته ان کي به برداشت نه ڪري سگهندو هو.
    طالب وٽ جلالي فقير ايندا هئا ته تبرا ڪندا هئا ۽ جڏهن کانئن خدائي واءُ وهي ويندو هو ته مخصوص نالا وٺي تبرو ڪندا هئا. ان تي مزنو چوندو هئن ”... ٽِٽ ڪڍي ڇڏيا اٿو، پوءِ به مُڙو نٿا!“
    مزنو فقير نورجهان جي راڳ جو عاشق هو. هن کي وڏي خواهش هئي ته هو نورجهان کي اکين سان ڏسي پر افسوس جو جنهن سال مزني فقير لاڏاڻو ڪيو، ان سال ئي ڳوٺ ۾ ٽيليويزن اچي چڪي هئي پر مزنو فقير نورجهان جو مکڙو پسي نه سگهيو. خانصاحب منظور علي خان کي پسند ڪندڙ مزني فقير بابت ڳوٺ جي ويراڳي فقيرن جو چوڻ هو ته جڏهن استاد علڻ ۽ ميهر فقير جو محفل ۾ راڳ نه لڳندو هو ته مزنو يڪتارو کڻي ڳائڻ لڳندو هو ۽ محفل کي منڊي ڇڏيندو هو. هو ڪفر وارا ٻول ٻڌائيندو هو، جنهن کي فقير همه اوستي ٻول چوندا آهن.
    يارمحمد طالب فقير ۽ مزني فقير 1979ع ۾ هڪٻئي پٺيان وفات ڪئي. مزني فقير کانپوءِ به ٻلهڙيجي راڳ جو مرڪز رهيو پر ڳوٺ جو ڪو به بهتر ڍولڪ نواز اسري نه سگهيو. اڄ به ملوڪ شاهه جي درگاهه تي اهي ئي لانڍيون موجود آهن پر اتي اها طالب واري صفائي ۽ ڇنڊ ڦوڪ نه آهي. اڄ به هر جمعي تي راڳ جي محفل ٿيندي آهي پر مزني فقير واري محبت ۽ اهو جوش جذبو ناهي، باقي روايت کي نظر ۾ رکندي لوڪ لڄا کان ڪو ڪلاڪ کن محفل ٿيندي آهي. جڏهن ته سڄي ڳوٺ کان گهڻي ملڪيت درگاهه ملوڪ شاهه جي آهي، جيڪي سندس مجاور کائن کپائن ٿا پر پنهنجي وڏڙن وارو مزو قائم نه رکي سگهيا آهن.


    استاد علڻ انصاري : ٻلهڙيجيءَ جو پروفيشنل فنڪار

    استاد علي بخش المعروف استاد علڻ انصاري ٻلهڙيجيءَ جو پروفيشنل فنڪار هو. هن 1930ع ڌاري ڳوٺ غلام حيدر پيرزادي ۾ محمد موسيٰ انصاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن کي ڪرياني جو دڪان هوندو هو ۽ اهو چورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو. استاد علي بخش ننڍڙي ڄمار ۾ استاد مٺو خان ڪلهوڙي جي ٽوليءَ ۾ شامل ٿيو، جيڪو ڪلاسيڪل فنڪار به هو ۽ ناچو به گهمائيندو هو. پاڻ ڇير ٻڌي نچندو به هو ته ڳائيندو به هو. استاد مٺو خان ڪلهوڙي کانپوءِ استاد علي بخش لاڙڪاڻي جي نامياري موسيقار حضور بخش ميراثيءَ جو شاگرد ٿيو، جنهن کيس هارمونيم، بينجو ۽ ٻيا ساز سيکاريا. استاد حضور بخش کانپوءِ استاد علي بخش ولايت شاهه هنباهه واري جو طالب ٿيو. صوفين جون درگاهون ۽ خانقاهون راڳ جي يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکن ٿيون، جتان استاد راڳ وديا حاصل ڪئي. استاد علڻ جو گذر سفر راڳ تي هو. هو ناچن جي ٽولي سان به باجو وڄائيندو هو. جڏهن نوجوان هو، تڏهن چنگو ۽ منگوءَ جي نالي سان ٻه فنڪارائون، اسان جي ڳوٺ ۾ آيون هيون، جن سان استاد بنا ٻڌائڻ جي سکر هليو ويو، ڳوٺ جا ماڻهو استاد علي بخش جي گمشدگي سبب پريشان هئا ۽ اتي استاد علڻ صبح جو ساڻن رياض ڪري پڪوڙن جو ٿالهه ڀري نڪرندو هو ۽ شام تائين خالي ڪري ڪمايل پئسا آڻي چنگوءَ جي هٿ تي رکندو هو پوءِ اسانجي هڪ ڳوٺائي کيس سکر ۾ پڪوڙا کپائيندي ڏسي ورتو، جيڪو کيس ريهي ريبي ڳوٺ وٺي آيو.
    چون ٿا ته جوانيءَ ۾ سندس هڪ ڳڀرو نوجوان سان اکيون اڙيون هيون، جن وڃي کيس حضرت هنباهه پهچايو، اتي سائين ولايت شاهه جو طالب ٿيو. راڳ ته اڳ ئي سکيل هو، سوز به حاصل ٿيس ۽ مٿان وري صوفين جي مستيءَ وارين محفلن هن کي تمام سٺو فنڪار بنائي ڇڏيو. صوفين جون مقبول ڪافيون استاد علڻ اهڙي ته دلڪش انداز سان ٻڌائيندو هو، جو وهه واهه ٿي ويندي هئي. هن جا ڪيترائي وڏا وڏا شوقين مداح هئا، جيڪي فقط هن جو راڳ ٻڌندا هئا، انهن ۾ خانصاحب غلام رسول ڦل ۽ سندس گرو صوفي ولايت به شامل هو. ان جي محفل ۾ تمام سٺا فنڪار موجود هوندا هئا پر جڏهن استاد علڻ پهچندو هو ته سائين ولايت شاهه اعلان ڪندو هو ته ”رهاڻ رڳو علڻ ڳائيندو.“
    انسان خوبين، خامين، چڱائين، مدائين جو مجموعو آهي. استاد علڻ جو پنهنجو مزاج هو، ڪڏهن رونشي تي چڙهي ته کلي کلي ڪري پئي ۽ جي ڏمرجي ته الله پيو پناهه ڏئي. جيئن ته استاد ننڍي قد وارو هو ۽ اڪثر مست رهندو هو، ان ڪري رستي تي ٻن ڄڻن کي پاڻ ۾ کلندو ڏسي سمجهندو هو ته اهي مٿس کلي رهيا آهن، پوءِ کين اهڙيون ته ست سُريون ٻڌائيندو هو جو وڃي ٿيا خير، باقي هٿن سان جهيڙي جي بلڪل خلاف هو. جڏهن به ڪنهن ٻالڪ کي گليليءَ سان پکي ماريندي يا ڪنهن رولو ڪتي کي پٿر هڻندي ڏسندو هو ته جيڪا ”عزت افزائي“ ساڻس ڪندو هو، اها ان جي مالڪن سامهون به اُهڙي ئي زبان ۾ ڪندو هو.
    اسان جڏهن ننڍڙا هئاسين ۽ اڃا ڳوٺ جي سڙڪ ڪچي هئي، ان وقت اسان سان سٽ ڪٽ کيڏندڙ ڪاسائين جا ٻار پري کان استاد علڻ کي ڏسي ايئن ڀڄي ويندا هئا، ڄڻ ڪانوَ کي ڪمان نظر اچي وئي هجي.
    ننڍي هوندي کان درگاهه سخي شاهه جمال تي فقير يار محمد جي مئخاني تي ويندو هئس، جتي هر هفتي جي سومر رات لڳندي هئي، اتي استاد علڻ جو پنهنجي ڀيڻيوي ميهر فقير سان جهيڙو جاري رهندو هو. ميهر فقير جيئن ته يڪتاري تي ڳائيندو هو ۽ کيس چڱو خاصو صوفياڻي شاعري جو مواد هو، ان ڪري ان کي وڌيڪ ڳائڻ جي فرمائش ٿيندي هئي، جيڪا استاد علڻ کي چيڙائي وجهندي هئي. استاد علڻ ميهر فقير کي چوندو هو، ”تون وڃي ڳئون ڳئون ڪر، توکي ڪهڙي راڳ جي خبر آ“ اهڙي نموني ميهر کي سخن سڻائيندي ان کي ٻڌڻ ۽ پسند ڪرڻ وارن جي به لاک لاهي وجهندو هو. ڪاوڙ اها گهڙي، وري اهڙي جو اهڙو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو.
    ان دؤر ۾ آڪاشواڻيءَ تان ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا پروگرام نشر ٿيندا هئا، جن ۾ خيال، ترانا ۽ ٺمريون پيش ٿينديون رهنديون هيون ۽ راڳ جا ڄاڻو فقير يار محمد، الله ڏنو مڱڻهار، ميهر فقير ۽ ٻيا جيڪو راڳ سمجهي نه سگهندا هئا ته استاد علڻ کي ان تي نالو رکڻ جو چوندا هئا. استاد علڻ ان تي جيڪو نالو رکندو هو، اهوئي صحيح ثابت ٿيندو هو. منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي واسين جي اڪثريت استاد منظور علي خان ۽ استاد گلزار علي خان جي مداح آهي ۽ استاد علڻ انهن ٻنهي فنڪارن جي وڏي واڪ مخالفت ڪندو هو. اڪثر فنڪارن کي چکي ئي نه ڪندو هو پر مهدي حسن، استاد محمد جمن، محمد يوسف، سينگار علي سليم ۽ خورشيد علي خان کي گهڻو پسند ڪندو هو. سندس محفل ۾ جيڪڏهن ڪو بدمزگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو يا کلندو هو ته استاد علڻ ان وقت غلام حيدر گودڙئي جا بيت پڙهي کين ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو.
    عاشق ويا اوڏهين، جاتي رڍ نه ڳئون
    نڪي موت ملڪ ۾، نه ڪي ڍورن ڍئون
    چوتين کي چؤ پئون، موڳن کي مال جي.
    اسان 1990ع کان سندس دوستي ۾ آياسين، جڏهن هو ناچو ڇڏي ڳوٺ ۾ مئخانو وسائي ويٺو هو. اسان اڪثر سندس مئخاني ۾ هوندا هئاسين. هو اسان کي راڳ ٻڌائيندو هو پر افسوس جو ان دؤر ۾ مزنو فقير ماڇي گذاري چڪو هو ۽ ڀلي پڪوازي نه هئڻ جو استاد علڻ پٽڻو پٽيندو رهندو هو.
    هاڻي هو ڪڏهن ڪڏهن شاديءَ جي دعوت يا لطيف سرڪار جي ميلي تي ويندو هو نه ته ڳوٺ ۾ ئي رهندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو شاهه، سچل توڙي قلندر لال شهباز جي ميلي تي کوٽ ۾ کانئس قرض وٺندا هئا ۽ هڪ ٻه ڀيرا مون به کانئس قرض کنيو، جيڪو هو فصلن جي مند ۾ جنس جي صورت ۾ واپس وٺندو هو.
    1980ع ۾ استاد علڻ کي پروڊيوسر فيض ٻگهئي پي ٽي وي جي پروگرام سنڌ سينگار ۾ موقعو ڏنو. ان وقت موسيقار فتح علي خان کي استاد علڻ کان آڊيشن وٺڻ جو چيو ويو. فتح علي خان استاد علڻ کي ڏسي وراڻيو ته هيءُ ننهن کان چوٽي تائين راڳ آهي. ان کان آڊيشن وٺڻ جي ضرورت ئي ناهي. هڪ ڀيري مخدوم خالد جي بنگلي تي گلشن حديد ۾ استاد محفل ڪري رهيو هو، جتي حنيف لاشاري ۽ استاد غفور سومرو به موجود هئا، جن استاد جي راڳ ۾ هڪٻئي ڏانهن ڏسي مرڪيو. پوءِ ته استاد علڻ باهه ٿي ويو ۽ ڏوهيڙن ڏيڻ ۾ ئي سندن چڱي خاصي مرمت ڪري ويو. جڏهن محفل پوري ڪيائين، تڏهن غفور سومري کيس بلهي شاهه جي ڪافي ”ڪيا جانين دم ڪوئي او يار“ لکي ڏيڻ جو چيو. استاد کيس چيو، ”سومرا قسم کڻي ٻڌاءِ، ته تو اها ڪافي اڳ نه ٻڌي آهي؟“ غفور سومري جواب ڏنو، ”نه استاد، اڳ ۾ به ٻڌي آهي.“ تڏهن استاد ٺهه پهه چيس ته ”پوءِ اڳ ۾ نه لکرايئه ۽ هاڻ ٿو لکرائين. معنيٰ توکي اها منهنجي آواز ۾ ئي وڻي آهي نه!”
    استاد علڻ شرارتي به حد درجي جو هو. مون کي به هڪ ڀيرو چيڙائڻ جي نيت سان چيائين ته “اوهان هاڻ مسلمان ٿيا آهيو، اوهان سهتا آهيو ۽ ڄام هئي جو اولاد آهيو.” مون سندس هٿ وٺي پنهنجي اکين تي گهمائي چيو، ”استاد تنهنجا ٻچا جيئنِ، اسان جا وڏا هروڀرو پاڻ کي عرب ظاهر ڪري رهيا آهن، جن وارا لڇڻ اسان ۾ آهن ئي نه. اسان هن سنڌ ڌرتيءَ جا ماڻهو آهيون ۽ استاد اوهان به پاڻ کي حضرت ابوايوب انصاريءَ جو اولاد سڏائڻ بدران هنود ڪاسائيءَ جي خاندان جو سڏايو!“ منهنجي ڳالهه تي استاد علڻ کلي ڏنو.
    استاد علڻ زندگيءَ جي آخري پنجن سالن ۾ ٻيهر ڀنگ پيئڻ شروع ڪئي. ان دؤر جا الهڙ ڇوڪرا کيس چوندا هئا ته “اسان سان پيالو نه پيءُ، تون پوڙهو مڙس آهين، اسان جوان آهيون، متان مري پئين.” استاد کين چوندو هو ته “مون سان اوهان ڇا پيالو پي سگهندؤ. مان توهان کي به ڪونڊي ۾ گهوٽي پي وڃان!” استاد کي نشا به اهڙا ٿيندا هئا، جو ڪافين جا مصرع وسري ويندا هئس. هلندي ڪري پوندو هو پر ڀنگ پيئڻ کان بس نه ڪيائين.
    استاد علڻ آخري ڏينهن ۾ پنهنجي مئخاني ٻاهران سگريٽن جي مانڊڻي ڪڍي. اسان کانئس اوڌر تي سگريٽ وٺندا هئاسين. جيئن ته اهي بيروزگاري وارا ڏينهن هئا، ان ڪري استاد اسان کان ڏوڪڙ نه گهرندو هو پر جڏهن ڪڻڪ يا سارين جي ٻار کڻندا هئاسين ته چاچي کان، اسان کي ڏنل قرض وٺي ويندو هو. هڪ سومر جي رات استاد ڀرپور نشن ۾ پنهنجي مانڊيءَ تي ويٺو هو. اسان کيس چيو ته استاد اڄ دير ڪئي اٿو، هلو ته سومر رات تي هلون.“ استاد چيو، ”چڱو مان مانڊي بند ڪريان ته هلون ٿا.“ استاد تالو ڪڍيو ۽ پنهنجي جتيءَ جون ڪهيون ملائي ان ۾ تالو هنيو. اهڙي نموني هڪ دفعو کانئس اوڌر تي سگريٽن جو پاڪيٽ ورتم ۽ ان مان ڪجهه سگريٽ اتي ويٺل دوستن کي ڏنم. استاد دير ئي نه ڪئي، مهمانن جو به خيال نه ڪيائين ۽ چيائين ته “تو جهڙو خوشامدي مون ڪڏهن به نه ڏٺو آهي، هڪ سگريٽ وٺين اوڌر تي ۽ ٻيو ورهائي ڇڏين!“ اهڙي قسم جا گفتا استاد هر ماڻهوءَ سان ڪندو هو ۽ سچ چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جي هچڪچاهٽ نه ڪندو هو.
    استاد کي ٽي بي ٿي پئي، جنهن ڪري ڪراچيءَ جي اوجها سينيٽوريم ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر کيس راڳ ڳائڻ کان منع ڪئي هئي پر استاد جيئن ئي ڳوٺ موٽيو ته راڳ کان بس نه ڪيائين ۽ اڃا به ڳالهه وڌائي ڇڏيائين. هو ٻلهڙيجيءَ جي مقرر وارن تي ته ڳائيندو رهيو پر اوسي پاسي ۾ جيڪي دوست هئس، انهن ڏانهن به ويو ۽ کين راڳ ٻڌائي آيو. هو بگي ڳوٺ جي ٻاهران حمر پير جي درگاهه تي به ڳائڻ ويو ۽ بگي ڳوٺ جي مدرسي جي مهتمم مولوي گل حسن ابڙي کي به راڳ ٻڌائي آيو. اها استاد جي خصوصيت هئي جو هو هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي پنهنجي راڳ سان راضي ڪري ڇڏيندو هو. هُو اسان کي استاد بخاري، شيخ اياز، سرويچ سجاولي جا ڪلام به ٻڌائيندو هو ته اتي شاهه، سچل، بيدل، بيڪس، حمل، چيزل، ٻڍل، شاهه نصير ۽ ولايت شاهه جا الستي ٻول به ٻڌائيندو هو ته مدرسي وارن کي نعت ۽ مولود ٻڌائي ايندو هو.
    وفات کان ٻه ڏينهن اڳ محمد خان جتوئيءَ کي سندس ڳوٺ محرابپور ۾ محفل ٻڌائي آيو ۽ ٻلهڙيجيءَ ۾ سيد بچل شاهه جيلانيءَ جي اوطاق تي به محفل ڪري آيو، ڄڻ کيس پروڻ پئجي ويا هئا ته هاڻ سندس جسم مان روح جو پکيئڙو پرواز ڪرڻ وارو آهي. ان ڪري هاڻي توڙ تائين راڳ پيو ڳائيندو.
    استاد علڻ کي ٽي پٽ محمد موسيٰ، محمد عيسيٰ ۽ لياقت علي آهن، جن مان محمد موسيٰ راڳ ورونهن ڪندو رهندو آهي پر ان ۾ استاد علڻ وارو فن ناهي. سندس سڀئي پٽ صالح ۽ اخلاق وارا آهن.
    استاد علڻ جان محمد ماڇي ۽ قربان کي پنهنجو شاگرد ڪيو ۽ ڳوٺ جي ڪجهه شوقيه نوجوانن کي به هارمونيم سيکاريو، جن ۾ اختيار پيرزادو به شامل آهي. جڏهن ته غلام رسول پيرزادي کي به راڳ جا بنيادي سبق استاد علڻ ڏنا، جيڪو پوءِ استاد گلزار علي خان جو شاگرد ٿيو ۽ هن حيدرآباد ريڊيو تي ڪيتريون ئي ڪافيون رڪارڊ ڪرايون.
    استاد علڻ جڏهن مجازي محبت ۾ گرفتار ٿيو، تڏهن هن مشهور انڊين گانن جي طرزن تي ڪلام به ٺاهيا جيڪي پاڻ ۽ سندس شاگرد ڳائيندا رهندا هئا، جن جا ٻول هي هيا:
    ڦري دل ويو دلبر، محبوب جاني
    ڏکن ۾ ٿي گذري، منهنجي زندگاني
    .................

    منهنجي دلڙي ٿي توکي ساري، او سهڻا
    وڃ منهڙو مونکي ڏيکاري...
    مان استاد علڻ جو پرستار هئس جنهن جي کيس خبر هئي. اسان جڏهن به کيس راڳ ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي، تڏهن استاد اسان جي فرمائش پوري ڪئي. استاد جي آخري ڏينهن ۾ آئون ڪراچيءَ هئس. استاد ڪيترن ئي ماڻهن کان منهنجي پڇا ڪئي، ڄڻ هُو آڪاش ڏانهن اڏامڻ کان اڳ مونکي پنهنجو راڳ ٻڌائڻ پيو گهري. پنهنجي لاڏاڻي کان هڪ ڏينهن اڳ منهنجي ننڍي ڀاءُ انصار علي کي گهرايائين. ان کان منهنجو پڇيائين ۽ چيائين ته اقرار کي چئه ته ڳوٺ جو چڪر هڻي وڃي. استاد 1999ع ۾ رمضان مهيني جي تاريخ تي وفات ڪئي ۽ سندس پتلي کي سندس قائم ڪيل مئخاني ۾ ئي رکيو ويو آهي.


    گل فقير مڱڻهار : سورٺ کان ونءُ ويندڙ منگتو

    گل فقير ڳوٺ بگيءَ جو پيڙهائتو مڱڻهار فقير آهي. آسپاس جا ڪيترائي ڳوٺ سندس راڄ ۾ اچي وڃن ٿا. سندس سڄي ڄمار ڳائيندي وڄائيندي گذري آهي. شروع ۾ دهل وڄائيندو هو. پوءِ متو وڄائڻ شروع ڪيائين. اسان ننڍي ڄمار ۾ ئي کيس ٻڌو. هونئن ته شادين مرادين ۽ ڪاڄن ۾ کيس ٻڌندا رهندا هئاسين پر سخي شاهه جمال جي ٻارهي تي وڏو دنگل مچندو هو، جتي فقير يار محمد، ميهر فقير، فقير مزنو ماڇي، استاد علڻ، حيات فقير مڱڻهار ۽ الهڏنو فقير مڱڻهار اچي گڏ ٿيندا هئا، جيڪي راڳ جا ڄاڻو هئا. اُن محفل ۾ سڀڪو سوچي سمجهي ڳائيندو هو، جو ڪير ڪٿي به گٿو ته ساڻس گهٽ نه ٿيندي هئي.
    ٻارهي جي موقعي تي اهڙي ئي محفل هلي رهي هئي. گل فقير مڱڻهار واڄو ڪري رهيو هو. آئون ان وقت ڏهن ٻارهن ورهين جو هئس. استاد علڻ مونکي ڪن ۾ چيو ته گل فقير کي سورٺ جي فرمائش ڪر. ائين چئي استاد علڻ ته هليو ويو. مون اٿي وڃي گل فقير کي چيو: ”استاد اسانکي سورٺ ٻڌاءِ!“ فقير سورٺ جو نالو ٻڌندي ئي باهه ٿي ويو. مونکي ته ڪجهه نه چيائين پر استاد علڻ کي گهڻو ڪجهه چئي ويو. ان وقت فقير يار محمد چيس: ”علڻ ته هتي آهي ئي نه. هي ٻار آهي، هن بس راڳ جو نالو ٻڌو آهي ۽ توکي ان جي فرمائش ڪئي اٿس، ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ گل فقير ورندي ڏيندي چيو ”اهڙي ڳالهه هئي ته ٻيا به کوڙ سارا ڳائي ويا آهن، انهن کان اها فرمائش نه ڪيائين ۽ مون کان ٿو فرمائش ڪري! معنى هن کي علوءَ مڇرايو آهي.“ گهڻو پوءِ خبر پئي ته گل فقير جتي وڏا وڏا راڳ ڪري ويندو آهي. خيال، ٺمريون ۽ ترانا ڳائيندو آهي، اتي کيس سورٺ راڳ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. گل فقير ڳالهين جو ڳهير آهي. ورهاڱي کان اڳ واريون ڳالهيون هجن يا پوءِ واريون ڳالهيون، ائين ٻڌائيندو آهي، ڄڻ ته هاڻي سندس اکين آڏو اهو واقعو ٿيو هجي. هونئن گل فقير ڀٽائيءَ جي هن بيت جي هوبهو تصوير آهي:
    اندر مُلهه امل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي...
    قد جو بندرو ۽ ڪلين شيو، وري مٿي تي پٽڪو. ڳالهه ڪرڻ جو انداز اهڙو جو ماڻهو کلي کلي کيرو ٿي پوي. گل فقير راڳين جا قصا اهڙي ته شدمد سان ٻڌائيندو آهي، جو دل چوندي آهي ته اهي قصا پيا ٻڌجن. هڪ ڀيري ٻڌايائين ته هنن جي ڳوٺ جو هڪ همراهه جيڪو ذات جو گوپانگ هو، انڌي منڊي ڍولڪ وڄائيندو هو، هڪ خراب عادت اها هيس ته جڏهن به ڪنهن پير فقير جي ميلي تي مونکي ڏسندو هو ته مون کان ڍولڪ يا دهل کسي پاڻ وڄائڻ شروع ٿي ويندو هو. مون کي خار ته ڏاڍا چڙهندا هئا پر ماٺ رهڻو پوندو هو.
    هڪ دفعي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ وڏيري خاڪي ابڙي جي پٽن جي طهر جي ڪاڄ تي خانصاحب استاد الهڏنو خان نوناري آيل هو، جنهن سان طبلي وارو سُٺو نه هو. هن مونکي چيو ته فقير! طبلي وارو مزي جو ناهي، سو تون کڻي ڍولڪ تي مون سان سنگت ڪر. مون سوچيو ته اڄ گوپانگ کان پلاند وٺڻ جو سٺو موقعو آهي، ان ڪري مون گوپانگ کي چيو: ”استاد سان تون ڍولڪ وڄائيندين؟“ گوپانگ نه ڪئي هم نه تم، ڍولڪ کڻي خانصاحب جي ڀرسان ويهي رهيو. خانصاحب کيس چيو ”دادري ڪا ٺيڪا لگائو.“ گوپانگ کي دادري جي ڪهڙي خبر، سو گٿل ڪتي وانگر واڇون هڻڻ لڳو. هڪ ٻه دفعو سمجهائڻ جي باوجود جڏهن همراهه پٽڙيءَ تي نه چڙهيو ته خانصاحب کي جلال اچي ويو ۽ ورائي کيس چماٽ هڻي ڪڍيائين. الهڏني خان نوناريءَ کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار به حاصل هئا. سو ان وقت حڪم ڪيائين ته هن کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو ۽ ان جي پاڙ ۾ پاڻي وجهو ته جيئن کيس ماڪوڙا کائين. ان وقت مون (گل) خانصاحب کي عرض ڪيو ته هي جتي ڪٿي منهنجي بي عزتي ڪري مون کان ڍولڪ کسي وٺندو آهي. پوءِ ته خانصاحب اهڙي ڪيس جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان. ڪتي ڪن وڍيا، ان کان پوءِ گوپانگ وري ڪڏهن منهنجي ڪنهن ساز ۾ هٿ نه وڌو.
    گل فقير جو راڄ تمام وڏو آهي. ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن شادي، طهر ۽ چٺيءَ جا پروگرام کيس پيا ملندا هئا پر جي کيس ٻه چار ڏينهن اهڙو پروگرام نه مليو ۽ کيس خبر پئي ته ڦلاڻي درگاهه تي سکان کڻي آيا آهن ته اتي پهچي واڄو شروع ڪري ڏيندو هو. جڏهن کانئس پڇبو هو ته فقير ڪيئن اچڻ ٿيو آهي، ته ٺهه پهه جواب ڏيندو هو ته ”ڏونڪا باسيل هئا، جيڪي ڏيڻ آيو آهيان.“
    گل فقير مڱڻهار هاڻي اچي 90ورهين جي ڄمار کي پهتو آهي، ان ڪري شادين مرادين تي گهٽ وڃي ٿو پر راڳ سان ته هن جو ٻنڌڻن کان رشتو آهي، ان ڪري نظر گهٽ هئڻ ۽ ٻين تڪليفن باوجود اچي محفلن ۾ پهچندو آهي. ڀنگ اڄ به ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پيئندو آهي پر هاڻي جيئن ته همراهه ڪمزور ٿي ويو آهي، ان ڪري گهاٽيءَ بدران ٿوري ڇڊڙي ڪري پيئندو آهي. هڪ دفعي درگاهه سخي شاهه جمال جو ٻارهو هو، ان ۾ گل فقير مالڪؤنس جو خيال ڇيڙيو. مون استاد علڻ ڏانهن ڏٺو، جيڪو گل فقير کي مسلسل داد ڏئي رهيو هو. گل فقير جڏهن بس ڪئي ته استاد علڻ وڌي وڃي کيس ڀاڪر پائي مبارڪ ڏني. گل فقير کي ٻه پٽ آهن، جيڪي پنهنجي وڏڙن واري پر پاريندا اچن ٿا. سندس وڏو پٽ رجب علي سٺو شهنائي نواز آهي. هن عمر ۾ به گل فقير پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن کي راڳ سيکاري رهيو آهي.
    گل فقير چوندو آهي ته اسان مڱڻهار فقير آهيون، اسان کي وڏائي نٿي جڳائي. اڳي شادين مرادين ۾ حقا ٺاهي مهمانن کي پيارڻ اسان جي ڊيوٽي هوندي هئي ۽ ان وقت گهور به گهٽ ملندي هئي. باقي جيڪڏهن ڪنهن شاديءَ تي کيس گهور نه پوندي آهي ته ان جو به وڏي واڪ ذڪر ضرور ڪندو آهي.


    ميهر فقير انصاري : سُر سکيو ئي هيڪڙو

    ڊگهو قد، مٿي تي ستن رنگن واري فقيراڻي ٽوپي، هڪ هٿ ۾ يڪتارو، ٻي هٿ ۾ چپڙي؛ اهو هو ميهر فقير انصاري. هو 1936ع ڌاري ٻلهڙيجيءَ ۾ پيدا ٿيو. ان ڪري کيس ورهاڱو ۽ ان کان اڳ وارا منظر پڇاڙيءَ تائين چٽي طرح ياد رهيا ته هندن جا گهر ڪٿي هئا؟ ٽڪاڻو ڪٿي هو؟ مساڻ ڪٿي هو؟ هاڻ جن گهرن ۾ فلاڻا فلاڻا رهن ٿا، اهي اصل ۾ فلاڻن فلاڻن جا گهر هئا. سندس پيءُ عبدالله فقير به هڪ سيلاني هو ۽ سنڌ بلوچستان کان وٺي هاڻوڪي ڀارت جا ڪيترائي آسٿان، درگاهون ۽ تيرٿ ڀيٽي چڪو هو. ميهر فقير فقط سنڌي ٻه درجا پڙهي سگهيو.
    ٻلهڙيجيءَ ۾ صوفين جا آستانا موجود هئا، جتي راڳ ويراڳ جي ورونهن ٿيندي رهندي هئي. ميهر فقير جو آواز سٺو هو، شروع ۾ هن اتي هڪ اڌ ڪلام ڳايو، جيڪو پسند پيو ۽ پوءِ فقيرن هن تي خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. فقير مزني ماڇيءَ کيس راڳ جي تعليم ڏني (مزنو فقير به ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو رهواسي هو. بچاءُبند جي اندرين پاسي (ڪچي) واري درگاهه ملوڪ شاهه جو مجاور ۽ صوفي ولايت شاهه هنباهه واري جو طالب هو. جهڙو ڳائڻ جو سٺو هو، اهڙي ئي ڍولڪ به سريلي وڄائيندو هو) ۽ ميهر فقير کي فقير يار محمد پيرزادي (صحافي ۽ مشهور اديب انور پيرزادي جي ڀاءُ) شاهه جا بيت، وايون ۽ مختلف صوفي شاعرن جا ٻول ياد ڪرايا.
    ميهر فقير هر ڪافيءَ جي مصرع کان پوءِ ان جي مناسبت سان شاهه جا بيت پڙهندو هو ته ڪيترائي مجاز جا ماريل ڍنڍڪرون ڏيئي روئي پوندا هئا ۽ هي جڏهن ڳائيندو هو ته فقير يار محمد جا اکڙين جا بادل برسڻ کان بس ئي نه ڪندا هئا.
    راڳ ويراڳ جي ڪري ميهر انصاري جي نالي سان فقير لفظ به ڳنڍجي ويو پر حقيقت ۾ فقير واريون منجهس ڪي به خصلتون نه هيون. مڇي مارڻ ۽ گليليءَ سان پکي مارڻ وارو سلسلو تيستائين جاري رکيائين، جيستائين سندس هٿ ڏڪڻ نه لڳا. توڙي جو سڄي ڄمار فقيرن، درويشن ۽ عالمن سان صحبت ۾ رهيو پر ڪڏهن به ڍنگ جي ڳالهه نه ڪيائين، صفا ڄٽ جو ڄٽ ئي رهيو.
    جديد شاعري ۽ جديد شاعرن سان ڪڏهن به نه پيس. هن جي نظر ۾ شاعر پيدا ٿيڻ جو سلسلو به نبين وانگر آڳاٽو بند ٿي چڪو ۽ شاعر اهو آهي جنهن جي قبر تي قبو ضرور اڏيل هجي. ڀٽائيءَ صاحب کي هو عام شاعر نه سمجهندو هو ۽ سندس ڪلام بابت چوندو هو ته اهو سڄو الهام آهي.
    فقير جي ٻي وڏي ۾ وڏي خامي ڪنجوسي هئي. ڪڏهن به ڪنهن کي مانيءَ يا چانهه جي صلاح نه ڪبي. ايتري تائين جو جڏهن کانئس ماچيس جي هڪ تيلي به گهربي هئي ته ٺپ جواب ڏئي ڇڏيندو هو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته فقير پنهنجا ڪمايل ڏوڪڙ ڪنهن ڳُجهي هنڌ تي پوري رکي ٿو، جيئن سندس والد عبدالله فقير گهر جي مَنَهن ۾ لڪائي رکندو هو ۽ جڏهن سندس وفات کان ڪجهه سال پوءِ اهو مَنَهن ڪريو ته همراهن کي هزارين روپيا هٿ آيا جن مان اڌ کان وڌيڪ خراب ٿي چڪا هئا.
    سال 1988ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ شام جو اسان فقير يار محمد جي مئخاني تي ويهڻ لڳا هئاسين. ان وقت فقير يار محمد ڪراچيءَ وڃي وسائي هئي. مئخاني تي ميهر فقير سان ڀٽائيءَ جي بيتن تي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون ۽ اسان جڏهن ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا بيت جي تشريح تي ساڻس اختلاف ڪندا هئاسين ته رسالا مرتب ڪندڙ عالمن کي ست سريون ٻڌائڻ لڳندو هو. چي: ”هنن غلط معنائون ۽ مطلب لکي اوهان جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي. لطيف کي آڏواڻي، گربخشاڻي، شاهواڻي ۽ بلوچ ڇا سمجهن؟” لطيف کي فقط فقير ئي سمجهي سگهن ٿا” حالانڪه هو شاهه جا بيت انهن ئي رسالن مان ياد ڪندو هو. ميهر فقير شاهه سائين جا ڪجهه بيت غلط پڙهندو هو. ان جي ڪير نشاندهي ڪندو هو ته کيس ڇڙٻي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو. خاص ڪري ڀائو لطف سان ان تي اڪثر جهيڙو جاري رهندو هوس ۽ زور ڏئي بيت غلط پڙهندو هو جيئن ملهالو جاري هجي. منهنجي اڃا به ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه مڃي ويندو هو ۽ مان کيس گهڻو ڪجهه ڳالهائي به ويندو هوس پر ڀائو لطف جي هن ڪڏهن به ڳالهه ئي نه ٻڌي.
    ميهر فقير نه رياض ڪيو ۽ نه ئي وري کائڻ، پيئڻ ۾ ڪا پرهيز ڪئي، اصل لڪڙ هضم، پٿر هضم! ان ڪري هن جو آواز اهو مزو ڇڏي ويو پر ٻولن جي چونڊ ۽ انهن جي مناسبت سان ڏوهيڙا ڏيڻ جي ڪري سندس راڳ سدائين مزو ڏيندو هو.
    ميهر فقير جي جديد سنڌي شاعريءَ جي سرموڙ شيخ اياز سان ته ڄڻ ذاتي دشمني هوندي هئي. جيئري ته سندس مخالفت ڪندو آيو پر شيخ صاحب جي گذارڻ کانپوءِ به ميهر فقير مٿس ڏمريل رهيو. هڪ ڀيري شاهه سائينءَ جي ميلي دوران گهمندا ڦرندا ميهر فقير ۽ مان ڪراڙ تي وياسين. شيخ اياز جي تربت ڏسي، ميهر فقير مون کان پڇيو: ”ابا، هي وري ڪهڙو درويش آهي؟“
    مون کيس چيو، ”هي ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ آهي، هتي ڪيترائي فقير، درويش ۽ ڏات ڌڻي رکيل آهن. اچ ته هِتي دعا به گهرون ۽ ان جي چرنن کي ڇُهون.“
    ميهر فقير اياز جي پيرانديءَ تي هٿ رکيا ۽ دعا گهري. واپس ايندي مون کيس ٻڌايو ته اها مزار شيخ اياز جي هئي. پوءِ ته همراهه جي فِلڪ ئي ڦِري وئي ۽ هن اهو سڄو ڏينهن مون سان نه ڳالهايو.
    ميهر فقير کي پاڻ کان علاوه ڪو به فنڪار پسند نه آيو، جڏهن به ڪنهن گويي يا صوفي فنڪار جو راڳ ٿيندو هو ته ميهر فقير سندس ڪا نه ڪا وڏ ڪڍي محفل مان اٿي هليو ويندو هو. کيس سڄي ڄمار فقط ٻه فنڪار وڻيا: هڪ خان صاحب استاد منظور علي خان ۽ ٻيو فقير امداد حيدري.
    ميهر فقير پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪنهن فنڪار کي گهور ڏني ته اهو به رڳو استاد منظور علي خان هو، جنهن کي 1978ع ۾ ٻنڊي (ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ڳوٺ) ۾ سڄا سارا 5 روپيا گهور ڏني هئي، سو به هار ٺاهي ڏيهه کي ڏيکاري سندس ڳچيءَ ۾ وڌو.
    ٻلهڙيجيءَ ۾ هر سومر رات، جمعي رات، ماهوار چوڏهين، ماهه پهرين اربع ۽ يارهينءَ جون تاريخون لڳنديون رهنديون آهن، جن ۾ اسان ٻاروتڻ کان وٺي ميهر فقير ۽ سندس سنگ کي ٻڌندا آياسين. سندس هڪ خوبي هيءَ هئي ته جيڪڏهن پنج راتيون ڳائي ته به ٻيهر ساڳيو ڪلام نه چوندو، سندس حافظو ايترو سٺو هو.
    ميهر فقير ٽي وي تي به ٻه پروگرام ڪيا، جن ۾ سندس سالو استاد علي بخش المعروف استاد علڻ به ساڻس گڏ هو. ميهر فقير سيوهڻ کان شاهه نوراني (لاهوت لامڪان) جو پنڌ به ٻه ڀيرا ڪيو ۽ عمر جي آخري حصي ۾ امام علي رضا (مشهد) ۽ ڪربلا معلى جي زيارت به ڪري آيو.
    ميهر فقير هڪ ڏينهن مونکي چيو ته مون وٽ جيڪي به ڪتاب آهن، اهي مان توکي ڏيڻ چاهيان ٿو، ڇو جو مونکي خدشو آهي ته منهنجي مئي پڄاڻا منهنجا پٽ اهي ڪتاب پڪوڙن وارن کي وڪڻي ڇڏيندا. مان سندس گهر ويس. هن هڪ وڏي پيتي کولي، جنهن ۾ حمل فقير، خوش خير محمد هيسباڻي، مصري شاهه، ٻڍل فقير ۽ ٻين جا رسالا پيل هئا. هٿ سان لکيل ڪجهه ڪاغذ هئا، جيڪي پراڻا هئڻ ڪري ڀُري رهيا هئا. اخبارن مان ڪٽيل شاهه سائينءَ جا سوين بيت به هئا. مان اهو سمورو مواد کڻي جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته مالڪ پهچي ويا جن اسان کان ڪتاب کسي ورتا ۽ چيائون ته هنن تي اسان جي وڏن جا نالا لکيل آهن، جيڪي چوري ٿي ويا هئا. ميهر فقير کين منٿون ڪيون پر هُو نه مڙيا ۽ سندس سامهون ڪتاب کڻي رمندا رهيا.
    جڏهن ميهر فقير مئخاني تي ايندو هو ته وڏا جهيڙا به ٿيندا هئا پر اهي ڀٽائي جي بيتن جي تلفظ، معنى ۽ تشريح تي ٿيندا هئا. هاڻ اهڙي ڪچهريءَ لاءِ سڪي مئا آهيون. ميهر سان هزار اختلاف پر ان جي باوجود هو اسان کي پيارو هو. ڪيترائي ڀيرا رسندا هئاسين ۽ وري پاڻهي پرچي پوندا هئاسين ۽ وري ساڳيون ڳالهيون، ساڳِي قيل مقال.
    رٺي هوند رهان پر سرتيون سرندم ڪينڪي
    پاڻهي ٿي پرچان، ڏس نرڄايون نينهن جون!
    ميهر فقير جي وڃڻ کان پوءِ خبر ٿي پوي ته ڳوٺ مان صوفياڻي راڳ واري روايت ختم ٿي وئي آهي. برابر اڄ به ٻلهڙيجيءَ جي درگاهن تي اهي هفتيوار ۽ ماهوار ڏينهن لڳن پيا پر هينئر روح ٺارڻ وارو ڪوبه راڳي نه رهيو آهي. ڪجهه سيکڙاٽ نوجوان ڳائين ٿا، جن ۾ ڪو دم ڪونهي، هو نه پنهنجي آلاپن سان ڪنهن جي دل موهي سگهن ٿا ۽ نه وري رندي ٻول ٻڌائي ميهر جيئن ماڻهن کي جهومائي سگهن ٿا.


    سيتل باگڙي : سنو ري سئيان بات هماري

    سيتل باگڙي اصل قمبر جو ويٺل هو، هتي سندس مائٽ هئا. اٽڪل ڏهه ٻارهن ورهيه ٻلهڙيجي ۽ ان جي آس پاس رهيو. مهانڊي جو ملوڪ ۽ گفتي جو گوهر هو. قد جو ڊگھو، چاپئين ڏاڙهي، نئون ماڻهو کيس ڏسڻ سان ٻروچ سمجھڻ جي غلطي ضرور ڪندو هو.
    اسان جو سڄو ڳوٺ سيتل سان محبت ڪندو هو. توڙي جو هو پاڻ مسلمانن سان کائڻ پيئڻ ۾ احتياط ڪندو هو پر ڪنهن به هن کي محسوس نه ڪرايو ته هو مليڇ هو.
    فقير يار محمد پيرزادي جي مئخاني تي اڪثر ايندو هو، جتي ويراڳ جي محفل متل هوندي هئي. سيتل ڏاڍو سٺو فنڪار هو، پڪواز به وڄائيندو هو. هو مسلمان صوفين جون ڪافيون به ٻڌائيندو هو ته ساڳئي وقت ويدانتي شاعر به کيس گھڻو ياد هوندا هئا. اڄ به چاچي سيتل جون ٻڌايل ڪافيون هيئين ۾ هري رهيون آهن:
    نماز هي دل حاضر ناظر، روزي محب نه ملنا ري
    سُنو ري سئيان بات هماري، ناحق بک نا مرنا ري.
    سيتل باگڙي سنت ڪبير جي ٻاڻي ٻڌائيندو هو:
    ڪيا پڇو گرو باتڙيان، اسند جڳان خبران مڻيان

    شڪرا کاڌا، ٻڪرا کاڌا، کاڌي جھنگل ڪي روجھڙيان
    ڀري جھنگل مين ڏون چيزان ڇوڙيم، هڪ کرانڊي ٻي سينگڙيان

    ڪڇوا کاڌا، ڏڏوا کاڌا، کاڌي سمندر ڪي مڇليان
    ڀري سمندر ۾ ڏون چيزان ڇوڙيم، هڪ سپي ٻي ڪوڏڙيان
    لسي کاڌي، لاڏون کاڌا، کاڌم امرت ڀڄنيان
    ڀري سمندر ۾ ڏون چيزان ڇوڙيم، هڪ ڏوئي ٻي ڍاڪڻيان

    ڌرتي کاڌي، آسمان کاڌا، چاند سورج، ميري سامڻيان
    ڪهت ڪبير سنو ري ساڌو، مين اسند جڳان ڪا لانگھڙيان.

    مان اڄ تائين سوچيندو آهيان ته انسان هر شيءِ هضم ڪندو رهيو آهي، پوءِ به سدائين لنگھڻ تي رهيو آهي، باقي سمجھه ۾ نٿو اچي ته جيڪي شيون سيتل وارا کائيندا آهن، اهي حرام ڪيئن آهن يا جيڪي اسان کائي رهيا آهيون، اهي حلال ڪيئن آهن؟
    سيتل باگڙيءَ سان منهنجي پيءُ ۽ چاچي جي پريت هئي، ان ڪري مان جڏهن ننڍڙو هئس تڏهن اهي مون کي پنهنجي گھر وٺي ويندا هئا، جيڪو ڪچي ۾ وزير ممڻاڻي ڳوٺ ٻاهران سندن ٻنيءَ ۾ هو، جتي هو ڇانهيون ۽ گدرا ڪندا هئا. ايڏي پنهنجائپ باوجود هنن مونکي ڪڏهن به پنهنجي ٿانوَ ۾ پاڻي نه پياريو.
    مان اڪثر کيس هڪ ٻاڻيءَ جي فرمائش ڪندو هئس، جنهن جا ٻول هيئن هئا:
    ”اڪ دن پريتم گدها بني گا، سئه من ڪا وزن اٺائيگا“
    پوءِ وري سيتل باگڙي قمبر ڏانهن لڏي ويو. اتي ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون جاري رکيائين. پٽن توڙي ڌيئن کي پرڻائي جدا ڪري ڇڏيو هئائين. گھر ۾ فقط پاڻ ۽ سندس زال شهزادي گڏ رهندا هئا. جڏهن کين پنهنجو تعارف ڪرايم ته ٻنهي سيني سان لاتو ۽ گھر ۾ بيٺل هڪ ڪڪڙ پڪڙي پاڙي ۾ گوپانگن کي ڏنائين ته ”اسان جو مهمان آيو آهي، ان لاءِ ماني پچائي ڏيو.” مون وس ڪيا ۽ کين چيم ته ”توهان پنهنجي ٿانوَن ۾ پچائي ڏيو، مڙئي خير آهي“ پر منهنجي ڳالهه ئي نه ٻُڌائون. ايترو سو چيائون ته ”ٻيهر جڏهن آئين ته توکي پنهنجن ئي ٿانون ۾ کارائينداسين.” قمبر شهر ۾ به مون ڏٺو ته هن جا پاڙي جا مسلمانن سان بهتر تعلقات هئا ۽ اتي به کيس ايتري ئي عزت ملي رهي هئي، جيتري کيس ٻلهڙيجي ۾ پئي ملي. ان ڏينهن به هن کوڙ ساريون ٻاڻيون ۽ ڪافيون ٻڌايون پر ”اڪ دن پريتم گدها بني گا، سئه من وزن اٺائيگا“ جي فرمائش نه ڪيم، ڇاڪاڻ ته 30 ورهين جي عرصي مونکي به گھڻو ڪجھه سيکاري ڇڏيو هو.
    سال 2010ع ۾ هڪ ڏينهن ڏوڪري شهر ۾ ڪجھه باگڙي نوجوان مليا، جن مان هڪ ٻڌايو ته هو قمبر شهر جو ويٺل آهي. کانئس چاچي سيتل جو پڇيم. هن ٻڌايو ته هو منهنجو ڏاڏو هو ۽ ٻه مهينا اڳ سرڳواسي ٿي ويو آهي. اها ڳالهه جڏهن مون درگاهه سخي شاهه جمال جي مئخاني تي ويٺل فقراءَ کي ٻڌائي ته اتي موجود سمورا جھونا اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا.


    ليمون فقير جت : سنڌ جو مشهور مولودي ۽ مداحي

    مدحي ليمون فقير جت، اٽڪل اڌ صديءَ کان پنهنجي فن ذريعي شهرت جي بلندين تي پهتل آهي. کاري کان ماٿيلي تائين مولود ۽ مدحون ٻڌندڙن جو وڏو حلقو آهي. ليمون فقير اهي ئي ڪلام ۽ ڪافيون چوندو آهي جيڪي سنڌ ۾ سازن تي فنڪار ڳائيندا رهندا آهن. مولودي بنا سازن جي اهو ڪلام ڳائين ٿا، ڇاڪاڻ جو هنن جي طريقت ۾ ساز جي ممانعت آهي. ديني اجتماعن جي ڪاميابيءَ جو وڏو ڪارڻ اهي مولودي، مداحي ۽ نعت خوان هوندا آهن جن جي سوز ڀرئي آواز کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهو ڊگھا وعظ ۽ تقريرون برداشت ڪري ويندا آهن.
    ليمي ۽ جانڻ جي مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن جوڙ هاڻ ته اصطلاحي معنيٰ ۾ ڪم اچڻ لڳو آهي: جيئن ٻه ڄڻا ڪنهن ڳالهه کي وڌائي چڙهائي پيش ڪن ته چوندا آهن ”صفا ليمون جانڻ لڳا پيا آهن!“ ليمون ۽ جانڻ هئا به اهڙا ئي. ڇا ته سندن آواز هو! ٻئي ڄڻا جڏهن اسٽيج تي بيهندا هئا ته ماڻهن کي منڊي ڇڏيندا هئا. ٻنهي جي هٿن ۾ بنديون هونديون هيون، جن تي ڪافيون ۽ انهن جي مصرعن جي مناسبت سان ڏوهيڙا لکيل هوندا هئا. هڪ ڏوهيڙو ڏئي بس ڪندو هو ته ٻيو شروع ٿي ويندو هو. ڳائڻ دوران مصريءَ جون تڙون ۽ ڪارا مرچ به چوسيندا ۽ چٻيندا رهندا هئا.
    سازن تي ترتيب سان ڳاتو ويندو آهي. ساز هيٺ کان شروع ٿي مٿي چڙهندا ويندا آهن پر مولودين وٽ قصو ابتو آهي. شروع ۾ ئي ڪن تي هٿ رکي اهڙي ته دانهن ڪندا جو ماڻهوءَ جو ڏيل ئي ڏاري وجھندا آهن. مان يقين سان چوان ٿو ته سنڌ ۾ ليمي جيڏو وڏو آواز ڪنهن به فنڪار کي ناهي.
    ليمون فقير جت 1944ع ڌاري ڳيريلي ڀرسان زهراڻي جتن جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد انتهائي غريب ماڻهو هو، جيڪو تنگدستيءَ سبب کين پڙهائي نه سگھيو، جنهن ڪري ليمون فقير ڳوٺ وارن جون ماهواڙ تي ٻڪريون چارڻ لڳو. ان وقت سندس ويجھا عزيز گل محمد ۽ سونو خان مولود ڳائيندا هئا، جن کي ٻڌي ٻڌي هن به جھنگ ۾ ٻڪرين سان جهونگار شروع ڪري ڏني. قدرت کيس سٺي آواز سان نوازيو هو. ٻڪرارن وٽان کيس گھڻو داد مليو پر اسٽيج تي بيهي ڳائڻ اڃا به سندس وس کان وڏو هو.
    نيٺ 1960ع ۾ هڪ ڏينهن يارهين شريف جي محفل لاءِ ڳيريلي شهر جي جامع مسجد پهچي ويو. ان محفل ۾ سوني خان ۽ گل محمد کان سواءِ ڪيترائي تر جا مداحي به موجود هئا. ليمون فقير لاڳيتو پنج مولود چئي ويو، جنهن سڀني ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو هن کان اڳ بنا ساهيءَ پنج مولود ڪنهن به نه چيا هئا. پوءِ گل محمد ۽ سوني کيس ڪجھه راڳڻيون سيکاريون. پنهنجي آواز ۽ سٺي سڀاءُ جي ڪري ليمون فقير جلد ئي شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. ليمي فقير ٻڪريون چارڻ ڇڏي ڏنيون ۽ سڄو ڌيان پنهنجي فن تي ڏنو. سندس فن ۾ پختگي تڏهن آئي، جڏهن 1970ع ۾ مشهور نعت خوانن حاجي غلام نبي مهيسر ۽ جانڻ ابڙي جي صحبت ۾ آيو. غلام نبي مهيسر مولود ۽ نعت گو سان گڏ عوامي شاعر به هو. هو ويٺي ويٺي ڪنهن به واقعي تي شعر لکي وٺندو هو. هي الله، رسول، پنجتن پاڪ ۽ پيرن فقيرن جي ثنا سان گڏ معاشرتي براين خلاف به شعر لکندو رهندو هو. 1973ع جي مها ٻوڏ تي شعر چيائين، جنهن ۾ درياهه جي دهشت جو به ذڪر هو ته سرڪاري ڪارندن جي ڪارڪردگيءَ تي به تنقيد ٿيل هئي. ڏوڪري شهر ۾ مردار جانورن جي گوشت جو وڪرو ٿيڻ واري واقعي تي به هڪ ڪافي لکيائين. اهڙي نموني هو مختلف سماجي براين ۽ ڪرپشن خلاف شعر چوندو رهندو هو:

    آهيون آسرن ۾، اڃا تائين اسان تون
    کائي چيئرمين ويا، زوريءَ زڪواتون.
    جانڻ فقير ابڙي جا آواز ليمي فقير جي آواز کان به وڏا ۽ مٺا هئا ۽ هو راڳ جي باريڪين کي به سمجھندو هو. جيڪڏهن سازن تي ڳائي ها ته تمام سٺو گويو هجي ها. جانڻ فقير ديسي راڳڻيون ڪوهياري، ڀيروي، تلنگ، پهاڙي، آسا، لوڙائو، راڻو، پرڀاتي، سورٺ، وغيره ڪري محفل کي منڊي ڇڏيندو هو. ٻنهي مان ليمي فقير جت گھڻو حاصل ڪيو. جانڻ فقير جو تعلق پيارو ڳوٺ سان هو ۽ غلام نبي ميهسر ميهڙ جي ڀرسان ڳوٺ گاجي مهيسر جو ويٺل هو.
    ليمون فقير ۽ جانڻ انتهائي مصروف مداحي هئا، کين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان محفلن جون دعوتون ملنديون رهنديون هيون. سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلاد جي محفلن، مدرسن جي دستار بندين، درگاهن جي عرسن ۽ خيراتن تي ته مدعو ڪيو ويندو هو پر کين شادين جي ڪاڄن تي به سڏيو ويندو هو، جتي هو الله رسول جو شان بيان ڪرڻ سان گڏ غلام نبي مهيسر جا عشقيه غزل ۽ ڪافيون چئي مجازي عاشقن کي به ڦٽي وجھندا هئا:
    نيٺ نه آئين دلبر، آ دم نڪرڻ تي
    روح پليئه يا روڪجي پئين، ڪنهن جي روڪڻ تي.
    ........
    اکين کي ڪيان مان ڇا، جو ڪلور ڪري آيون
    محبوب ڏسي من کي مجبور ڪري آيون.
    ............
    منهنجي ڀاڳن ۾ اوجاڳا ۽ روئڻ آيو آ
    ڪهڙي ڪم ۾ مونکي منهنجو جيئڻ آيو آ.
    .........
    پنهنجي در تي سڏي، پنهنجا قرب ڪري
    هاڻي هيئن ڇنندين، ماڻهو ڇا چوندا!
    ........
    مون ڏي نيڻ کڻي منهنجا دلبر کل
    ٻيا به کوڙ پنهل، منهنجو تون آن پنهل.

    جانڻ ۽ ليمون فقير غلام نبي مهيسر جي شاعريءَ کان سواءِ شاهه جون وايون ۽ بيت به چوندا هئا ۽ ديني اجتماعن ۾ ڪوشش ڪري سچل، حمل، مصري شاهه، ٻڍل فقير، بيدل فقير ۽ بلهي شاهه جي مستيءَ واري شاعري ڳائي ماڻهن کي وجد ۾ آڻي ڇڏيندا هئا.
    وارهه ۾ راڳ جي شوقين ۽ قدردان حسن خان جتوئي جي اوطاق تي خانصاحب منظور علي خان، ليمي فقير جو راڳ ٻڌي کيس هيئن مخاطب ٿيو: ”فقير، ايڏي آواز ۾ ڳائڻ اوهان لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي، هن سان اوهان جي نظر ختم ٿي سگهي ٿي، سماعتون متاثر ٿي سگھن ٿيون. پٺيءَ ۾ ڇِن پئجي سگھن ٿا. ميان، ايڏو زور سان نه ڳايو!“
    هنن ٻنهي جي بصارت ۽ سماعت کي ته ڪجھه نه ٿيو پر ليمي فقير کي ڇِن ضرور پيو، جنهن لاءِ هن آپريشن ڪرايو هو.
    سنڌ ۾ ڪيسٽ ڪلچر شروع ٿيڻ سان هي فقير به ان جو حصو ٿي ويا. ڪيسٽ ڪمپنين جون پنهنجون گھرجون ٿينديون آهن. بالي ووڊ ۾ نئون گانو آيو ناهي، ان جي ڌن تي ڪيتريون ئي ڪيسٽون جاري ٿي وينديون هيون. اهڙا شاعر ڪمپنين وٽ ججھا هوندا هئا، پوءِ ڪلام کڻي غير معياري ڇو نه هجي. ڪيسٽ ڪمپنين وارن انڊين گانن جي ڌنن تي هنن کان نعت، مولود ۽ مداحون ڳارايون. ليمي فقير جون اٽڪل 400 کن ڪيسٽون جاري ٿيون، جن ۾ غيرمعياري شاعري جھجهي هئي پر ڪجھه معياري ڪلام ۽ ڪافيون به شامل هيون. ليمي فقير سازن تي به هڪ ڪيسٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ گھڻي شاعري حاجي غلام نبي مهيسر جي هئي. جيئن ته همراهه سڄي زندگي بنا سازن جي آخري ڪاري تي ڳاتو هو، تنهن ڪري هي شروع ۾ ئي ايترو مٿي پي ويو جو ساز ساڻس گڏ نه پئي هلي سگھيا. ان کان پوءِ هن سازن تي ڳائڻ کان بس ڪئي.
    ليمي فقير زندگيءَ ۾ ڪو به نشو نه ڪيو ۽ نه ڪڏهن ٻيڙي يا سگريٽ واپرايو. هن پنهنجي فن ذريعي جھجھو داد ۽ دان حاصل ڪيو ۽ ان جو فضول استعمال هرگز نه ڪيو. اڄ هو تر جو ڀلوڙ ڀاڳيو آهي. هن وٽ ڀلي نسل جون مينهون آهن. ڳوٺ ۾ هن جو ڪم فقط مال جي سيوا ڪرڻ آهي. پنهنجي تڏي منَهن وارو مڙس آهي. هن جا سڄي سنڌ ۾ سوين شاگرد آهن. ليمي فقير کي ٽي پٽ آهن، ٽيئي پڙهيل لکيل آهن. ابوذر ايم اي ڪري چڪو آهي، وچون پٽ نعيم سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي ايس سي ڪري رهيو آهي. سندس ننڍو پٽ مزمل قرآن جو حافظ هئڻ سان گڏ گريجوئيشن ڪري رهيو آهي.
    حاجي غلام نبي مهيسر ۽ جانڻ فقير ابڙو هي رنگ و بو وارو جهان ڇڏي چڪا آهن. ليمون فقير به ستر کان چڙهي هليو آهي پر اڄ به مصروف ترين نعت خوان آهي.
    ليمي فقير جي دوستيءَ وارو حلقو انتهائي وسيع آهي. هي لائي نڀائڻ وارو مڙس آهي. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شامل آهن.


    آخوند غني ڀٽي : ڪا جا وڳي تند

    اڄ کان اٽڪل ورهيه اڳ درگاهه هنباهه شريف جي گادي نشين مشهور ۽ يگاني صوفي شاعر ولايت شاهه سان هنباهه ۾ هڪ صوفياڻي محفل ٿي رهي هئي، جنهن ۾ مشهور لوڪ فنڪار ۽ ڪلاسيڪل راڳ جا ڄاڻو ڀڳتي پيش ڪري رهيا هئا. ان محفل ۾ وِيهن ورهين جي هڪ نوجوان کي به ڳائڻ جو موقعو ڏنو ويو. نوجوان جي اسٽيج تي اچڻ سان ماڻهن ۾ ارهائي پيدا ٿي، ڇو ته هن محفل ۾ تمام سريلا فنڪار ڳائي چڪا هئا، جيڪي راڳ جي باريڪين کان چڱي پر واقف هئا. اهڙن فنڪارن جي مٿان هي نوجوان ڇا ڳائي سگھندو؟ اهو سوال هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هو. نوجوان جيئن ئي ڳائڻ شروع ڪيو ته سموري محفل ماٺ ٿي وئي. هن نوجوان جي آواز ۾ صدين جو درد سمايل هو. نوجوان جي راڳ سائين ولايت شاهه جي اکڙين جا بند ڀڃي وڌا ۽ جيستائين نوجوان ڳائيندو رهيو تيستائين سائين ولايت علي شاهه روئيندو رهيو.
    هيءُ نوجوان آخوند عبدالغني ڀٽي هو، جنهن جو تعلق شڪارپور ضلعي جي مشهور ڳوٺ نبي آباد (کٿيءَ) جي علمي ادبي گھراڻي سان هو. هيءُ، سيد بگن شاهه جو دست بيعت ٿيڻ لاءِ هنباهه شريف پهتو هو، جتي کيس گيڙو ويس ڍڪائي مٿس طريقت جو نالو اياز رکيو ويو. فقير عبدالغني سنڌ جي جيد عالم ۽ مشهور اديب مولانا دين محمد وفائي جو پوٽو آهي. هي اڃا ٻنڌڻن ۾ هو جو سندس والد آخوند محمد محسن راهه رباني وٺي ويو ۽ آخوند عبدالغني جي پرورش سندس نيڪ سيرت ۽ درد وند امڙ ڪئي. ڌڻي کيس سريلي آواز سان نوازيو هو. هيءُ پرائمري اسڪول جي تعليم کان وٺي ڳائڻ جي مقابلن ۾ حصو وٺندو هو ۽ تمام سريلو قاري هو. هن حسنِ قرئت جي ڪيترن ئي مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترائي انعام اڪرام ۽ سَندون حاصل ڪيون.
    مئٽرڪ دوران جڏهن حضرت عشق سندس مهمان بڻيو ته هن صرف و نحو جا ڪتاب ٺپي تنبور کنيو. اهڙي عمل سندس مائٽن کي ناراض ڪري وڌو. هن مائٽن جا دڙڪا ۽ مارون کائي به راڳ سان نينهن نڀايو. هو، سنڌ جي سريلي ڪلاڪار سيد نواب علي شاهه لقمان خيرپور ميرس واري کان ڌاڳو ٻڌائي سندس باقاعده شاگرد ٿيو. آخوند غني چواڻي: راڳ به اونهو ملڪ الله جو آهي، جنهن جو ڪنهن به ڇيهه ڏٺو ناهي. هي اڄ به شاگرد آهي. ڪٿان تولو ڪٿان ماسو ميڙيندو رهي ٿو. استاد نواب شاهه کانپوءِ آخوند غني ڪيترائي سال محمد حسن انگياڻيءَ کان راڳ جي تعليم ورتي. مرحوم استاد جمن به سندس رهنمائي ڪئي.
    شاهه فيض سنگيت ڪلب لاڙڪاڻو ۽ شاهه ولايت سنگيت ڪلب نئون ديرو جي باني آخوند غني ڪيترن ئي نوجوان راڳين کي سکيا ڏني آهي، جن ۾ مرحوم مريد عباس، انور سانگي جونيئر، آصف ابڙو، مختيار سانگي، شاهد لاکو ۽ برڪت شيخ شامل آهن. آخوند غني ڀٽي استاد محمد يوسف ۽ سائنڻ عابده پروين کي پسند ڪندو آهي پر ماسٽر چندر جو پرستار سڏائيندو آهي. هي چوي ٿو ته: ”چندر جي آواز، شاعري ۽ موسيقيءَ ۾ سنڌ جي مٽيءَ جو هڳاءُ آهي.“ ايم اي (سنڌي) ايم ايڊ ڪندڙ آخوند غنيءَ کي اڄ ڪلهه سنڌي ٽي وي چئنلن تي نه ٿو گھرايو وڃي. جڏهن ته ڪي ٽي اين پنهنجي پهرين نشريات ۾ هن جي آواز ۾ ماسٽر چندر جو ڪلام ”آئي چمن ۾ بهار“ هلايو هو. کيس پي ٽي وي جي ڪجھه پروگرامن ۾ به موقعو مليو آهي. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور ۽ ايف ايم لاڙڪاڻو تان سندس آواز ٻرندو رهيو آهي. آخوند غني ڀٽيءَ جي رڳو هڪ آڊيو ڪيسٽ مارڪيٽ ۾ آئي آهي. ايليمنٽري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ميوزڪ ٽيچر جي نوڪري ڪندڙ عبدالغني ڀٽي پنهنجي وڏڙن واري علمي ادبي واٽ وساري ناهي. هو سٺو شاعر ۽ نثر نويس به آهي. سندس ادبي پرورش ۾ مرحوم علي نواز وفائيءَ جو وڏو هٿ آهي. ان جي صحبت ۾ کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن 10 ورهيه وفائي پرنٽنگ پريس (پاڪستان چوڪ ڪراچي) ۾ مئنيجر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي. توڙي جو آخوند عبدالغني ڀٽيءَ جي شاعري مشهور راڳي شمن علي ميرالي، غلام شبير سمون، لطيف قاضي، سهراب فقير ۽ ٻيا فنڪار ڳائي چڪا آهن پر سندس پسند جي صنف نثري نظم آهي. غني ڀٽيءُ جي نثري نظمن جو ڪتاب ”ٽانڊا، گل غبار“ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي سٽ سٽ ۾ مزاحمت آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سريلي شاعر مرحوم سائين آثم ناٿن شاهي لکيو هو. ان کانسواءِ فقير غني ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جن ۾ سندس مرشد سيد بگن شاهه جي شاعريءَ جو ڪتاب”عشق ڪيو آباد“، فيض درياهه جي شاعريءَ جو ڪتاب ”قلندري خطاب“، سيد ولايت شاهه جي سرائيڪي ڪافين جو ڪتاب ”ڍولا ماهي آ“ ۽ علامه هدايت الله تارڪ نجفيءَ جي سنڌي ڪافين جو ڪتاب ”فقير راضي، الله راضي“ شامل آهن. فقير وڏي محنت ڪري ڪتاب ۾ سندن زندگيءَ جو احوال ڏيڻ سان گڏ ڏکين لفظن ۽ صوفي اصطلاحن جون معنائون به ڏنيون آهن جن ۾ هندي، عربي ۽ فارسي لفظ به شامل آهن.
    سندس نثر جو به هڪ ڪتاب شايع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ڳچ فقير جا گفتا ڏنا ويا آهن. ان کانسواءِ آخوند غني ڀٽيءَ جو هڪ ڪتاب ”کٿيءَ جي خوشبو“ اڃا شايع نه ٿي سگھيو آهي. هيءُ ڪتاب ڳوٺ کٿيءَ جي تاريخ آهي. جنهن ۾ کٿيءَ جي ڪيترن ئي دلچسپ ڪردارن تي لکيو ويو آهي. حقيقت ۾ اهو سڀني قلمڪارن جو فرض آهي ته پنهنجي پنهنجي علائقي/ڳوٺ/شهر جي تاريخ قلمبند ڪن. پنهنجي علائقي جي رسمن رواجن تي لکن. شادين، غمين تي لکن. فقير عبدالغني پنهنجي ڳوٺ جي تاريخ سهيڙي وڏو ڪم ڪيو آهي. فقير عبدالغني روايتي صوفي ۽ روڳي راڳي هرگز ناهي. هو تارڪ ٿي دنيا تياڳڻ کي تصوف نٿو سمجھي. هو چوي ٿو ته: ”صوفي اهو آهي جيڪو شاهه شهيد جي واٽ وٺي عوام جي ڀلي لاءِ جاکوڙي، صوفي شاهه عنايت شهيد تسبيح ۽ مصلو ڇڏي تلوار کڻي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هاڻي ”هو“ نه ته چلن ۽ وظيفن سان ملي سگھي ٿو ۽ نه وري نمازن ۽ روزن سان ريجھي سگھي ٿو. ان ڪري هاڻي صوفين کي حق جي واٽ وٺڻ گھرجي.“
    تن کڏي من حجرو، ڪيم چاليها رک.
    فقير عبدالغني ڀٽي توڙي جو گھڻ طرفي شخصيت آهي، هن جي ڪم جو دائرو وسيع آهي پر هن جي راڳيءَ واري روپ جو آئون پرستار آهيان. هي اياز جي نظم واري ”جڪڙين راڳين“ جي ڪڙم مان آهي، جيڪي پنهنجي سر ۽ ساز سان ڏيساورين کي جڪڙي ڇڏيندا هئا ۽ اهي پنهنجو ديس وساري هتان جا ٿي ويندا هئا. آخوند غني ڀٽي زندگيءَ جا 53 ورهيه وهائي چڪو آهن. ڌڻي کيس وڏي ڄمار عطا ڪري، جيئن هو دردوند ديس جي ماڻهن جي ڦٽن تي سر ۽ سنگيت جا پها رکندو اچي.


    ناني نازي : مڙسن کان ٻه قدم اڳتي قومپرست پٺاڻي

    سندس اصل نالو بيبي بلقيس هو، هوءَ افغانستان جي ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ 1920ع ڌاري پيدا ٿي. ننڍڙي عمر ۾ اغوا ڪري سنڌ ۾ وڪرو ڪئي وئي. سندس پهرين شادي محمد سليمان آريجي سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي به هئي، جيڪا اڃا ڇهن مهينن جي مس هئي جو محمد سليمان راهه رباني وٺي رمندو رهيو. ان دؤر ۾ اسان جي خاندان جي وڏي عمر خان پيرزادي جو اڪيلو جوان پٽ عبدالرحيم ڪک جي سنگهڻ ڪري گذاري ويو هو. پوءِ سنگت ساٿ زور وجهي کيس ٻِي شادي ءَ لاءِ راضي ڪيو. اهڙي ريت ناني بلقيس جي ٻي شادي وڏيري عمر خان پيرزادي سان ٿي.
    رڳو گهر جي ڀاتين کي خبر هئي ته سندس نالو بلقيس هو، باقي هوءَ سڄي تر ۾ ”ناني نازيءَ“ جي نالي سان مشهور هئي. هوءَ منهنجي پڙناني هئي. هن کي هتي چار پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڄائي. توڙي جو پيرزادن جون عورتون ان وقت برقعا پائينديون هيون ۽ گهر مان ٻاهر نه نڪرنديون هيون پر ناني نازي اهڙي پابندي قبول نه ڪئي. نانيءَ کي گهر جو ڪم ڪرڻ صفا نه آيو، سندس ٻارن جي پالنا هن جي اڳ ڄائي ڌيءَ (منهنجي ڏاڏي) ڪئي. ناني نه ڪڏهن ماني پچائي، نه ئي وري ٻوڙ رڌو ۽ نه ڪڏهن مال کي چارو ڏنو يا ڏڌو البت ٻارن جو ٽولو وٺي ٻير ميڙڻ، ڪارڙا ۽ پيرون چونڊڻ، ٻنيءَ جي سنڀال، مڃ ڀڃڻ، پلي پٽڻ جھڙا ڪم شوق سان ڪندي هئي. هن منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي به ٻاروتڻ ۾ ٻير ۽ ڪارڙا ميڙايا ته اسان کي به. جڏهن ڪچي ۾ ٻوڏ ايندي هئي ته پاڻي اسان جي گهر ڀرسان بيهندو هو، تڏهن ناني نازي اتان ننڍڙيون مڇيون ڦاسائي بنا لوڻ مرچ وجهڻ جي ٽانڊي تي رکي پچائي کائيندي هئي، جنهن تي کيس پٽ، ڌيئون، ڏوهٽا ۽ پوٽا ٽوڪيندا رهندا هئا پر ناني سندن ڳالهه تي ڪڏهن به غور نه ڪيو. جهيڙو ڪرڻ نانيءَ جو محبوب مشغلو هو، اڪثر گهر ۾ ڌيئن، اڳ ڄائين، ڏوهٽن ۽ پوٽن سان ته وڙهندي رهندي هئي پر اوڙي پاڙي جي عورتن لاءِ به آزار هئي. پلي پٽيندڙ عورتن تي اوچتو اچي ڪڙڪندي هئي ۽ کين ماري ڪٽي کانئن پلي کسي وٺندي هئي ۽ ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو، جو پنهنجي ٻنيءَ مان ساڳ ۽ پلي پٽيندڙ عورتن کي چوندي هئي ته ”نڪرو اسان جي ٻنيءَ مان.“ جڏهن اهي کيس چونديون هيون ته ”هيءَ اسان جي ٻني آهي“ ته ناني ڀترن سان سندن مٿو ڀڃي وجهندي هئي ۽ انهن جا مرد کلي کلي اسان کي نانيءَ جي واردات ٻڌائيندا هئا. اهي ڏاڍا سٺا ڏينهن هئا، ڪڏهن نه ڪنهن منهن گهنجايو. توڙي جو ڪجهه عورتون عضون ڀڄڻ ڪري ڪنڀارن تائين به پهتيون.
    هڪ ڀيري اسان جي جَوَنِ جي پوک مان ڪو شخص روزانو چڱو خاصو گڏو لُڻي ويندو هو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر ته پئجي وئي ته واردات ٿي رهي آهي پر اهڙي چور کي پڪڙي ڪير؟ جو هن جو ٽائيم تي اهڙو هو جو ان مهل سڀڪو مٺيءَ ننڊ ۾ هوندو آهي. ناني نازي توڙي جو 60 ورهيه سنڌين سان رهي ته به هن جو لهجو پشتو رهيو، نانيءَ اعلان ڪيو، ”جَوَ لڻندڙ چور کي مان پڪڙيندي!“
    ناني نازي رات جو 3 وڳي گهر مان لٺ کڻي نڪتي ۽ وڃي ٻنڌ تي ويهي رهي. چور به چڱو خصو جَوَن جو گڏو کڻي جيئن ئي ٻنڌ کان ٽپيو ته ناني جو ڪنڌ تي ڏنڊو لڳي ويس. همراهه کان ڀري ڇڏائجي وئي. ايتري ۾ ٻيو سوٽو مٿي ۾ وهائي ڪڍيا. پوءِ ناني ڀري مٿي تي کڻي گهر پهتي. ان مهل گهر جا ڀاتي جاڳي چڪا هئا. ناني جون جو گڏو اڇلائي اعلان ڪيو، ”هي وٺو جوَ، باقي چور مئي پئي ٿوَ.“
    ناني جي اعلان سڀن کي ڇرڪائي وڌو. يا الله خير... الائجي ڪهڙو غريب ماري وڌائين. گاهه جي ڀريءَ عيوض!
    همراهه ڊوڙي وڃي پهتا. ڏسن ته دريا خان ماڇي پٽ تي پيو آهي. ڇاتيءَ تي ڪن رکي ڏٺن ته همراهه ۾ ڪجهه ساهه هو . همراهه کي کڻي آيا. پورا 12 مهينا مڙس لوڙيو. شابس هجي ماڇين کي جن چيو ته نانيءَ جي هٿان مڙس مري به وڃي ها ته ڪجهه نه ڪيون ها.
    اسان ڪچي ۾ رهندڙ هئاسين، ان ڪري اسان جا گهر لڪڙ جي ڪنڌين سان ٺهيل هوندا هئا. هڪ دفعي نانيءَ ڪنڌي مان نانگ ويندي ڏٺو ۽ ڊوڙي وڃي نانگ جي پڇڙيءَ ۾ هٿ وڌائين. ناني نانگ کي زور سان پڪڙي پنهنجي ٻانهن تي ورائيندي رهي ۽ نانگ به اڳتي زور ڏنو. اوچتو نانيءَ پٽ تي اچي ڦهڪو ڪيو. سڀن ڏٺو ته نانگ جو اڌ حصو نانيءَ جي هٿ ۾ هو ۽ باقي نانگ ڇڄي گم ٿي ويو.
    ناني نازي به عام پٺاڻن وانگر صوم صلوات جي پابند هئي. رمضان شريف جا سمورا روزا رکندي هئي ۽ پنج وقت نماز پڙهندي هئي ۽ جڏهن چٽ جي موسم ۾ مڇر گهڻا ٿيندا هئا ۽ هوا نه لڳندي هئي ته پٺاڻڪي لهجي ۾ لا الٰه الالله جو ذڪر به ڪندي هئي. ناني پنهنجي عمر ۾ ٻه حج ڪيا ۽ ٽئين حج جي آس کڻي وڃي ڀونءِ ڀيڙي ٿي. ناني پهريون حج پيادل ڪيو، جنهن جي سفر ڪٿا پئي ٻڌائيندي هئي ۽ ٻيو حج سامونڊي جهاز رستي ڪيائين.
    نانيءَ جي اڳئين مڙس واري ڌيءَ جي شادي يار محمد آريجي سان ٿي، جيڪو خيرپور ضلعي جي بهارو شهر جو رهواسي آهي. پوءِ ته نانيءَ جو ٻلهڙيجي- بهارو تائين سفر جاري رهندو هو. اسان ٻارن کي صلاح ضرور ڪندي هئي پر ڀاڙي بچائڻ لاءِ يڪو پنڌ ڇڪيندي هئي، جنهن ڪري پيرن ۾ لِڦون پئجي وينديون هيون ۽ ٻه ڏينهن بخار ۾ پيا هوندا هئاسين. بهاري شهر ۾ به ناني ايتري ئي مشهور هئي، اتي به ڪيتريون ئي مايون نانيءَ هٿان مار کائي چڪيون آهن.
    ناني بلقيس ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي پنهنجي ٻن ننڍڙن ٻارن کي وٺي پنهنجي مائٽن ڏانهن افغانستان ڏانهن هلي وئي پر سندس وڏڙو پٽ محمد خان اڌ رستي مان موٽي آيو، جڏهن ته صاحب خان کي وٺي هو پنهنجي ڳوٺ پهتي، جتي سندس ابو ۽ امڙ نه رهيا هئا. هوءَ پنهنجي ڀائرن سان ملي. ٻه ورهيه اتي رهي. ان دوران سندس ننڍڙو پٽ صاحب خان گذاري ويو ۽ نانيءَ جي ڀاءُ هن کي ٻيهر پرڻائڻ لاءِ ووڙ شروع ڪري ڏني. اها کڙڪ پوڻ سان ئي ناني واپس سنڌ ڏانهن موٽ کاڌي، ڇاڪاڻ جو اتي سندس 5 ٻچڙا موجود هئا. ناني جڏهن هتي پهتي ته کيس گهر ۾ رهڻ نه پئي ڏنو ويو، کيس پنهنجي پٽن چيو، ”تون اسان جي ڀاءُ کي مارائي آئي آهين!“ پر پوءِ ساڻس ٺهي ويا.
    اسان کي نانيءَ کي چيڙائڻ ۾ مزو ايندو هو. هونئن ته ناني ٿوري ٿوري ڳالهه تي چڙي پوندي هئي پر جڏهن به اسان پٺاڻن کي گهٽ وڌ چوندا هئاسين ته ناني اسان کي اهڙيون گاريون ڏيندي هئي جو کيس پنهنجون ڌيئر چونديون هيون، ”توکي پنهنجي ڌيئرن کان وڌيڪ پٺاڻ پيارا آهن، جن توکي کپايو ۽ جن جو نمڪ کاڌو اٿئي، انهن کي گاريون ٿي ڏين.“
    دراصل ناني حقيقي قومپرست هئي، پٺاڻن تي لفظ نه سهندي هئي ۽ جيڪي گهورڙيا پٺاڻ ايندا هئا، انهن سان پشتو ڳالهائيندي هئي ۽ کين ماني ٽِڪي کارائيندي هئي.
    اسانجي ڳوٺ ۾ 7-8 پٺاڻ عورتون آهن، جيڪي جڏهن ڪنهن ڪاڄ ۾ گڏبيون هيون ته نموني طور هڪ اڌ پشتو سهرو ضرور ڳائينديون هيون پر ناني نازي جي سهرن، لاڏن کان وڌيڪ کاڌي پيتي سان دلچسپي رهي. عمر جي آخري حصي ۾ نانيءَ جي نظر گهٽجي وئي هئي پر پوءِ به ٻلهڙيجي جي درگاهن تي ويندي رهندي هئي، مان رڳو ناني نازيءَ کي ئي جماعت سان گڏ مسجد ۾ نماز پڙهندي ڏٺو، جنهن تي اسان جي خاندان جا نمازي نماز ئي ڇڏي ويا پر ناني مسجد ڏانهن ايندي رهي. هڪ اڌ ملا جڏهن کيس مسجد ۾ اچڻ کان روڪيو ته ان کي به ٻه چار چنبا وهائي ڪڍيائين.
    1994ع ۾ روزاني برسات ۾ ڪم ڪندو هئس. انهن ڏينهن منهنجي مامي جو ننڍڙو گذاري ويو هو. ڳوٺ ويس ته نانيءَ سان مليم، کيس چيڙائيندي چيم، ”ناني، ڀلا اڄ سڀاڻي مري ڏيکار، نه ته موڪل ئي نه ملندي.” هن ڀيري ناني صفا نه ڪاوڙي، رهندو مُرڪي پئي.
    ٻه ڏهاڙا ڳوٺ رهي موٽيس. انور ”جونيئر“ به تڏهن ساڳي اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. هُو ان ڏينهن ڳوٺ روانو ٿيو. اٺين ڏينهن سندس خط پهتو، ”ڏاڏي گذاري وئي آهي. آفيس وارن کي ٻڌائجانءِ. مان اڃا ٻه ڏينهن نه ايندس.“


    مائي پري ماڇياڻي : چرچن ۾ مردن کي مات ڏيندڙ مائي

    سڄو ڳوٺ کيس ماسي پري يا پڦي پريءَ جي نالي سان سڏيندو هو. هئي ته عورت پر هن چرچن ۾ مردن کي به مات ڏئي ڇڏي هئي. ڪيترا ماڻهو کيس ڏسي دڳ مٽي ويندا هئا. هو اصل ۾ گڏ شهر جي ڀرسان شيروءَ جي ڳوٺ جي ويٺل هئي. پڦي پريءَ جي شادي قائم ماڇي سان ڪرائي وئي، جيڪو پنهنجي گھر واريءَ جي ڪنٽرول ۾ هو. پڦي پري جهڙي رنگ جي ڪاري هئي، اهڙي ئي ٿلهي به هئي. اصل مينهن جي ڏِک ڏيندي هئي. سڄي ڳوٺ سان خوشيءَ توڙي غميء ۾ شامل هوندي هئي. ڪنهن جو به ڪاڄ ٿيندو، وچ ۾ هوندي هئي. ساڻن هر طرح جي مدد ڪرائيندي هئي. چار پٽ ۽ چار ڌيئر هئس.
    1976ع ۾ ڪنهن جي ڏٽن تي خاندان سميت سعودي عرب وڃڻ لاءِ تيار ٿي، جيڪي به ڳهه ڳٺا هئس، سي سڀ ڳاري ڇڏيائين، جيڪو به مال رزق هئس، اهو کپائي ڇڏيائين. اوڙي پاڙي توڙي قرب وارن کان ڪجھه قرض به ورتائين، چي:“سعوديءَ خير سان وڃان، توهان جو سمورو قرض لاهي ڇڏينديس.“
    اهڙي نموني رڳو گھر جي جاءِ پاڙي وارن کي امانت طور ڏئي موهن جو دڙو ريلوي اسٽيشن کان ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿي وئي. پويان رهيون رڳو ماسي پريءَ جون ڳالهيون. اٽڪل مهيني کن کانپوءِ موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ويٺل ڳوٺاڻن ماسيءَ پريءَ کي پنهنجي خاندان سميت جهاز مان لهندي ڏٺو. هوءَ لائونج ۾ داخل ٿي، هڪ ٿنڀي کي ڀاڪر پائي بيهي رهي ۽ ڪا گھڙي ٿنڀي کي چميون ڏيندي رهي. ان مهل سندس نظر اتي بيٺل ڳوٺاڻن ڀائو محب، ڀائو منور، ڀائو غلام صديق ۽ ٻين تي پئي ته ٻيهر ٺلهه کي چمندي چيائين” حق مدني! سڀ ڳوٺ جا ماڻهو...!!“ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ”ماسي تون مديني نه پر مهين تي لٿي آهين“ تڏهن پٽڻ ۽ پار کڻڻ شروع ڪيائين: ”اڙي مارئي جي ڏاڙهي ڪوڙيان، قبر کڻانس، مون سان ظلم ٿي ويو، مان برباد ٿي ويس. شل قهر پويس، شل ڪاريءَ تي پير پويس. مون سان ناحق ڪري ڇڏيئين.“ سڀني کي ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته دلال ماسي پريءَ سان دوکو ڪري کيس مديني بدران ڪراچيءَ کان مهين جو دڙو ايئرپورٽ جون ٽڪيٽون وٺي ڏنيون هيون.
    ان واقعي کانپوءِ ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو ماسي پريءَ کي ”حق مدني!“ ڪري مخاطب ٿيندا هئا، جنهن تي انهن کي به ست سُريون سڻائيندي هئي ته ان ٺڳ جي به ستن پيڙهين کي ياد فرمائيندي هئي.
    اڌ عمر گذرڻ کانپوءِ دائپو به شروع ڪيائين. ماڻهن سان چرچا به جاري رکندي آئي. اسان جي ڳوٺ ۾ لڏي آيل شيروءَ جي ڳوٺ وارا ماڇي مرڻي توڙي پرڻي چرچا ڪندا رهندا آهن. پڦي پريءَ جو مڙس گذاري ويو. جڏهن چاچي قائم جو گھر مان جنازو کنيو پئي ويا ته ان وقت پڦي پري پار کڻندي ۽ اوسارا ڪندي سندس کٽ پٺيان اچي رهي هئي ته سندس ذات جي هڪ همراهه ساڻس چرچو ڪندي چيو ”روئين ڇالاءِ ٿي! مان جو ويٺو آهيان، تون ڪا ڳڻتي نه ڪر!“ تنهن تي ماسي پري روئڻ وساري کيس گارين ۾ شروع ٿي وئي.
    ماسي پري هڪ ڀيري اسان جي ڪچي واري ڳوٺ آئي. ان وقت شام ٿي وئي هئي، مان ان وقت پنجون درجو ٻلهڙيجيءَ ۾ پڙهندو هئس، جو نياپو اچي ويو ته سڀاڻي امتحان ٿي رهيا آهن، ڪيئن به ڪري پهچ. سو اسان ٻئي ٻلهڙيجي هلڻ لاءِ تيار ٿياسين. دڳ تي وهندڙي وهي آئي هئي ۽ پاڻي وڏو هو. مان ۽ ماسي پري ٻئي اڻ تارو هئاسين پوءِ به پاڻيءَ ۾ لهي پياسين. پاڻي تمام وڏو هو ۽ اسان ٻنهي جا پير نڪري ويا. هن مون ۾ هٿ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته پرينءَ ڀَرَ تي ڪجھه ڳوٺ جا ماڻهو اچي رهيا هئا، جن پڦيءَ کي گاريون ڏئي چيو ته ”ڇوڪري ۾ هٿ نه وجھجان“ پوءِ انهن اسان ٻنهي کي پاڻيءَ مان ڪڍيو. انهن ۾ محبوب ابڙو عرف رياضت فقير به هو جيڪو به ڏاڍو چرچائي ۽ مزيدار ماڻهو هو. ان واقعي کانپوءِ مان، ان مان اچي ڦاٿس. هو جنهن ويل به ملي ته اها ڳالهه ڪري ”اقرار مائي پريءَ سان ڍنڍ پيو ٽپي، ان کي ترڻ لاءِ بنڊي ڏنائين جيڪا نڪري ويس. پوءِ ته همراهه کي ٻوڙي پئي پر اسان بچائي ورتس.” هڪ ڏينهن علي شير چهواڻ جي هوٽل تي محبوب فقير به ويٺو هو . ساڳي ڳالهه ڪيائين. مونکي به رونشو لڳو، پڦي پريءَ جو گھر ڀرسان هو، سو مان سندس گھر وڃي کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي، بلڪه ڪجھه وڌائي ٻڌائي. پوءِ ته پڦي پري هوٽل تي ويهارو کن ماڻهن سامهون اهڙي ڪيس، جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان.
    پڦي پري ڏوڪريءَ جي بس اسٽاپ تي سوزوڪيءَ ۾ ويٺي هئي. اتي سندس ذات وارو هڪ همراهه ڇولا کپائيندو هو، جنهن جون مڇون انڊين فلم شرابيءَ واري نٿو لال جي مڇن جهڙيون هيون. اتي هڪ همراهه ڇولن واري کي پنج رپيا ڏئي چيو: هُن مائي کي ڇولا ڏئي آ. ائين چئي هُن پڦي پريءَ کي اشارو ڏئي ڇڏيو. جيئن ئي پڦي پريءَ کي ڇولا ڏنائين ته هن جملو وهائي ڪڍيس: شهپر ته ڪهڙا ٿي! ڀڙوت ٿو ڪرين؟ ويچاري ڇولن واري جي حالت ڏسڻ جهڙي هئي. همراهه ٿالهه کڻي جو پيرن تي زور رکيو ته وري ڪڏهن به اسٽاپ تي نظر نه آيو، البت شهر ۾ ڇولا وڪڻندو رهندو هو.
    مائي پري اٽڪل 70 ورهين جي ڄمار ۾ 2009ع ۾ وفات ڪئي. تڏي تي ويٺل سڀئي ماڻهو سندس ڳالهيون ياد ڪري کلي رهيا هئا.


    مينهون ماڇي : ڏڏ وڏو ڏڏ، پاڻ ڪوٺائي مڱڻو

    سنڌ جي هر وستي، هر واهڻ ۾ اهڙا ماڻهو جام ملندا جيڪي هوندا ته صفا ڏڏ ۽ اڄاڻ پر پاڻ کي ڪلاونت سمجھندا آهن. مينهون فقير به اهڙن ئي ڪيرتن جي ڪٽنب مان هو. نه ته ڪي آواز چڱا هئس، نه ئي ڪڏهن صحيح ٻول اچاري سگھندو هو پر همراهه جي اندر ۾ ڪو کورو متل هو، جيڪو کيس سک سمهڻ نه ڏيندو هو ۽ هن جي ”ڳاءِ بانورا ڳاءِ“ واري ڪار پئي پوندي هئي.
    اسان اڃا سمجھه ڀريا ئي نه ٿيا هئاسين جو کيس سخي شاهه جمال جي درگاهه تي ڏٺوسين. فقير يار محمد جي مئخاني تي ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ مينهين ماڇيءَ کي اڳ ۾ وارو ڏنو ويندو هو، نه ته فقير يار محمد ان معاملي ۾ ڏاڍو سخت هو. ان مئخاني جا مور جھڙي تهڙي فنڪار کي چکي ئي نه ڪندا هئا. جنهن فنڪار جو تلفظ صحيح نه هوندو هو، ان کي ڳائڻ جي اجازت ئي نه ڏيندا هئا. گُر تار جو گٿل پيو ٻاٿون کائيندو هو پر مينهين فقير سان سندن خاص مهرباني هوندي هئي. مينهون ماڇي سڀني شوقينن جو دادلو هوندو هو.
    ڏڏ وڏو ڏڏ، پاڻ ڪوٺائي مڱڻو
    نه ڪنهن کنيو پاڻ سان، نه ڪنهن ڪيو گڏ
    سپڙ ڪري سڏ، ڏڏ ڏُئليءَ چاڙهيو.
    (شاهه)
    مينهون ماڇي محفل ۾ گوڏا کوڙي ويهندو هو. سازيندڙن کي هدايتون ڏئي ردم تي جھومڻ لڳندو هو. ٻڌندڙ سازن جي سحر ۾ گم هوندا هئا جو مينهون فقير اوچتو ”الو ميان“ جي رڙ ڪندو ۽ اٿندي ئي لئي مان نڪري ويندو هو. ٻڌندڙ جو سڄو مزو ئي الوپ ٿي ويندو هو. پوءِ ڏوهيڙو ڏيندو هو، جيڪو به اڪثر غلط هوندو هو. ڏوهيڙي ڏيڻ کانپوءِ مينهون فقير محفل سان هيئن مخاطب ٿيندو هو:
    ”سائين راڳ ڏاڍو ڏکيو آهي. راڳ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه نه آهي! راڳ ڳائي ته خانڻ ڀولائي يا وري ڪمال - الا....! اسان ڳائڻا ناهيون، باقي عشق ٿو نچائي!“
    چاچو مينهون هر ٻن ڪلامن کانپوءِ خانڻ ڀولائي ۽ ڪمال جو ذڪر ضرور ڪندو هو ۽ مان سمجھندو هئس ته اهي واقعي ڪي وڏا فنڪار هوندا. نيٺ هڪ ڏينهن فقير يارمحمد کان پڇيم:
    ”فقير سائين، اوهان اهي ٻئي فنڪار ڏٺا؟“
    فقير کلندي ٻڌايو ”اهي ٻئي به مينهين فقير جهڙا ئي هئا.“
    مينهون ماڇي جذبات ۾ ڳائيندو هو. سندس انداز ڍول فقير وارو هو، اصل يار جون هڪلون پيون پونديون هيون، ڄڻ راڳ سان جھيڙو ڪندو هجي. جڏهن گر تي ماڻهو ساڻس ڪورس ۾ ”ها“ يا ”هو“ جو آواز نه ملائيندا هئا ته صفا چڙي ويندو هو. چاچو گهڻو ڪري انگوڇي جي گوڏ ٻڌندو هو ۽ اجرڪ جو پٽڪو. راڳ ڳائيندي جذبات ۾ اچي اٿي کڙو ٿيندو هو، ان وقت اسان جو مامو مرحوم غلام شبير پيرزادو کيس رڙ ڪري چوندو هو ”چاچا اگھاڙو ٿو ٿئين!“ تڏهن همراهه يڪتارو ڇڏي ٻئي هٿ گوڏ ۾ وجھي ويهي رهندو هو ۽ محفل ۾ هوڪرا پئجي ويندا هئا.
    چاچي مينهين جي عمر جي صحيح خبر ناهي پر اندازن 1930ع ڌاري پيدا ٿيو. 1980ع ۾ به 50 سالن جو لڳندو هو. ڪڏهن ڏاڙهي شهپر اڇا هوندا هئس ته ڪڏهن ڪيس ڪري وار ڪارا ڪري ڇڏيندو هو. سندس ڳوٺ حاجي مشوري، موهن جي دڙي کان هڪ ڪلوميٽر اتر تي آهي. نه ڪي پنج اکر پڙهيو، نه ئي ڪنهن کان راڳ سکيائين. ان ڪري همراهه بنا سمجھڻ جي ٻول ڳائيندو هو. ڪڏهن ته هڪ سٽ سنڌيءَ جي، ٻِي سرائيڪيءَ جي ۽ ٽينءَ ۾ ”اديون شاهه لطيف چئي“ چئي ڏوهيڙو پورو ڪندو هو ته ماڻهو وائڙا ٿي ويندا هئا پر ان مهل ڪو نه ڪو ماڻهو ”واهه“ چئي وري مينهين فقير کي جوش ڏياري ڇڏيندو هو. شوقين هن کان سورٺ، سنڌي ٽوڙهي ۽ ٻين راڳڻين جون فرمائشون ڪندا هئا. پوءِ ته راڳڻي ۽ ٻولن سان هڪ جهڙي ٿيندي هئي پر هن کي سڀ مباح ۽ معاف هو.
    مينهون فقير شاعري به ڪندو هو، جنهن ۾ ڪو بحر وزن ته نه هو پر قافيا به صحيح طرح نه هوندا هئا. پنهنجي شاعري پاڻ ئي ڳائيندو هو. وڏي ڪوشش ڪيائين ته سندس ڪلام ڪو ٻيو ڳائڻو به چوي پر سندس گذارش تي ڪنهن به ڌيان نه ڌريو. سندس هڪ ڪافي هن نموني هئي:
    دلڙي هئم دلبر سان ڪا، رانجھن يار اڏامي ويو
    ٻي ڪافي هئي:
    دلڙي اداسي منهنجي ڪري ويو، ڀاءُ ڀڃي ويو ڀيرو يار
    سندس هر ڪافيءَ جي آخري مصرع جي پهرين سٽ ساڳي هوندي هئي:
    ”مينهون ماڇي عرض ڪري ٿو!“
    مينهون پورهيت هو. سڄو سڄو ڏينهن ٻنيءَ تي ڪم ڪندو هو ۽ شام جو ڪينر ڪلهي تي ڪري ڪنهن نه ڪنهن درگاهه تي ٺڪاءُ اچي ڪندو هو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ به نه پورهيو ڇڏيائين ۽ نه ئي راڳ سان ناتو ٽوڙيائين. جيستائين سندس پير پنڌ جھڙا هئا، تيستائين اهي ٻئي ڪم ڪندو آيو. ايڏي عمر ۾ به هو پنهنجي ڳوٺ کان چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري هر سومر رات ٻلهڙيجي ايندو هو. ڪڏهن ٻنڊي، ڪڏهن پير ميانداد، ڪڏهن جمن شاهه ته ڪڏهن پير حمر جي درگاهه تي وڃي پهچندو هو. پٽ کيس منٿون ڪندا هئا ته ”هاڻي گھر ۾ رهه“ پر هي يار امداد حسينيءَ وانگر ”گھر هلي ڇا ڪيون“ چئي ڪنهن نه ڪنهن مئخاني تي پهچي ويندو هو. نشي جو عادي به نه هو، بس پن جي ٻيڙي ڪڏهن ڪڏهن ڇڪيندو هو پر راڳ جو موالي ضرور هو.
    هڪ ڏينهن شام جو ٻلهڙيجي آيو. محفل ڪري صبح جو سوير اتر بدران ڏکڻ پنڌ ڇڪيائين. ٽن ڪلوميٽرن کانپوءِ سڌ پيس ته رستو ڀليو آهي. وري اتي ئي پوئين پير موٽ کاڌائين. ان ڏينهن 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري گهر ڀيڙو ٿيو.
    ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ”سنڌ صدين کان ڪانفرنس“ موهن جو دڙو ۾ ڪوٺائي وئي هئي. ان ڪانفرنس ۾ راڳ جو انتظام چاچي مينهين ماڇيءَ جي ڳوٺ حاجي مشوريءَ ۾ ڪيو ويو هو. مينهون فقير يڪتارو کڻي اتي پهچي ويو ۽ اعلان ڪيائين ته ”مان به ڳائيندس!“ انهيءَ محفل ۾ فقير عبدالغفور، مصري فقير، حسين بخش خادم، ڍول فقير ۽ ٻيا به کوڙ سارا فنڪار موجود هئا. اتي سندس ڳوٺ جي همراهن کيس سمجھايو ته ”هتي تمام وڏا ۽ سريلا فنڪار موجود آهن، هتي توکي ڪٿي وارو ڏيندا؟!!“ جنهن تي هن ٺهه پهه وراڻينِ ته ”اهي ڪي يار محمد فقير جهڙا سريلا ٿوروئي آهن. اتي به مان ڳائيندو آهيان، هي اسان کي ٻڌن ته جيئن خبر پئينِ ته سنڌ اڃا گدڙن ناهي کاڌي. هتي به ڳائڻا موجود آهن.“ تڏهن کيس سازيندا نه هئڻ جو طعنو ڏئي ماٺ ڪرايو ويو. مرڻ گھڙي تائين ان تي هاءِ واءِ ڪندو رهيو ته کيس ان ڏينهن ڳائڻ نه ڏنو ويو. جي ٻه ٻول چوڻ جي اجازت ملي ها ته اصل باهه لڳائي ڇڏي ها!
    مينهين فقير جو ٻن ٻولن تي ڪنٽرول هو: شاهه سائينءَ سان منسوب ڪافي ”لائي ته نماڻيءَ سان نينهن، دوست ائين نه دل مٽجي“ ۽ ولي بخش فقير جي ڪافي ” مونکي ماڻن ساڻ ماريو، مرڪي محبوبن،“ ڏاڍي سٺي انداز سان چوندو هو.
    عمر جي آخري ڏينهن ۾ هلڻ چلڻ کان چڙهي ويو هو، کيس گڏهه گاڏي تي سندس پٽ اسپتال آڻيندا هئا. ڪڏهن ڪٿي جي ملبو هو ته پٽن جي شڪايت ڪندي چوندو هو ته ”اهي مونکي راڳ لاءِ نٿا کڻي هلن، مان رڳو هلي ۽ ويهي نٿو سگھان، باقي اڄ به ڳائي سگھان ٿو ۽ اڄ به منهنجا ساڳيا ئي آواز آهن.“
    مينهين فقير ماڇي 2008ع ۾ هي جهان ڇڏيو. کيس پنهنجي ئي ڳوٺ جي قبرستان ۾ درگور ڪيو ويو آهي.


    چيز ٻٽ : ڪجي هِن جي ڪهڙي بات!

    ميرو، گدلو، گرو، ورهين کان اڻ وهنتل ۽ اڌوتو. مٿي ۾ ته جوئن جي ججھائي هيس پر سندس سونهاريءَ ۾ به رت ڄيون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. ڪپڙا به اهڙا پاتل جو ماڻهوءَ کي ڏسندي ئي ڪراهت اچي وڃي. ڪڏهن نه ڌوتل وڳو تن تي ڍڪيائين. اڪثر پير اگھاڙا هوندا هئس. جون جولاءِ ۾ سخت ڪاڙهي ۽ لُڪن کان مجبور ٿي جتي پائيندو هو ته ان جا ٻئي پادر مَٽ هوندا هئا. توهان کان ڏهه وکون کن پري هوندو ته به سندس جسم مان ناس بوءِ اوهان کي پئي ساڙيندي.
    اهو وڏيرو امام بخش عرف چيز ٻُٽ هو. جهڙو نالو هئس اهڙي ئي چيز هو. سدائين ٻر ٻر ۽ ڦرياس ڦرياس پئي پوندي هيس ته ”ڦلاڻو منهنجي زمين کنيو ٿو وڃي، ان کي روڪيو نه ته ڌائين مڃين ڌار ڪري ڇڏيندومانس.“ سندس اهڙن ئي پرڪارن جي ڪري هن جو نالو چيز پئجي ويو، جنهن جي معنيٰ ٿيندي شيءِ، پر شيءِ به املهه.
    چيز ٻٽ 1944ع ڌاري موهن جي دڙي کان 6 ڪلوميٽر پري درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ ٻٽ ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هاڻي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو آهي. اهو تمام وڏو ڳوٺ هو، هتان جا رهواسي چئن پنجن قسطن ۾ ڳوٺ کي الوداع ڪندا نوان ڳوٺ قائم ڪري ويٺا. 1973ع واري ٻوڏ ۾ چيز به اتان لڏي درياهه جي ساڄي ڪپ ڳوٺ غلام حسين ٻٽ ڀرسان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺو. سڄو ڳوٺ ڪچو ڇڏي ويو پر هن جھنگ جي جھانگي ڪچو نه ڇڏيو ۽ اتي منَهن ٺاهي ويهي رهيو. درياهه جي پاڻيءَ تي ٿوري گھڻي پوک ڪندو هو پر اصل ڪرت هئس ماکي لاهڻ. سدائين جست جي وڏي گھاگھر ساڻ هوندي هيس جيڪا ماکيءَ سان ڪنين تار ڪري درياءَ ٽپي ڳوٺ ورندو هو.
    چيز ٻٽ ڏورانهون سفر ڪونه ڪيو پر تر جو سيلاني ضرور هو. پنهنجي سڄي جُوءِ کان واقف هو ته پاڻ وارو سڄو تر به چيز کي سڃاڻيندو هئي. ان ڪري رهائش ۽ مانيءَ جو مسئلو حل هوندو هئس. سندس واقفڪارن جو وسيع حلقو هو، جنهن ۾ هر قسم جا ماڻهو شامل هئا. چيز پپريءَ وارن پيرن جو مريد هو پر راڻيپور جي ميران سائينءَ سان به وڏي عقيدت رکندو هو ۽ سندس خدمت چاڪريءَ ۾ رهندو هو. تنهن ڪري ان جي مريدن جو دادلو هو. بگي ڳوٺ ۾ سندس ٿاڪ مولوي گل حسن ابڙي جو مدرسو هو. هي جڏهن مولوين وٽ هوندو هو ته ساڻن گڏ نمازون به پيو پڙهندو هو پر مان نٿو سمجھان ته ڪو چيز ٻٽ ڪڏهن وضو به ڪيو هوندو. 83-1982 ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ شروع ٿيو ته چيز پهرين سٽ ۾ باهه ڏئي پنهنجو منهن ساڙي ڇڏيو پر ڪچي کان ڪناره ڪشي هرگز نه ڪيائين ۽ ماکي لاهڻ واري ڪرت به جاري رکيائين. کيس پري کان ماکيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي. هلندي هلندي ڪن هڻندو ۽ ڪجھه سنگھندو. چوندو هو ”هتي ماکي ويٺل آهي.“ واقعي اتي ماکي ويٺل هوندي هئي. ماکي ڏسي خبر پئجي ويندي هيس ته اها ڪيتري خالص ۽ ڪهڙي مند جي آهي. سڄو تر چيز کان ماکي وٺڻ لاءِ سڪندو هو پر هن وٽان ماکي ملڻ مشڪل هئي. هڪ ڏينهن مون هن کان پڇيو: چاچا چيز، اها ڪيئن خبر پوي ته هيءَ ماکي اصلي آهي يا نقلي؟ تڏهن جواب ۾ چيائين:” ٻي خبر توکي نه پئجي سگھندي، باقي جڏهن ليٽر واري شيشي ۾ ماکي وجھين تورين ۽ ان جو وزن پوڻا ٻه ڪلو بيهي ته سمجھه اها خالص ماکي آهي، ڇاڪاڻ جو ماکيءَ جي ملاوٽ ۾ پاڻيءَ کان وٺي جيڪي به شيون ڪم اچن ٿيون، انهن جو وزن ماکيءَ کان هلڪو هوندو آهي.“
    ڌاڙيلن جي آماجگاهه بڻجڻ تي ڪچي جي اڌ آبادي پڪي تي لڏي وئي. پتڻ تي پوليس ۽ ايف سيءَ جو پهرو لڳي ويو. بچاءُ بندن ۽ پتڻن تي ايف سي ۽ رينجرز وارن ڪئمپون قائم ڪري ورتيون. ايف سي ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ڪڏهن مقابلو نه ٿيو. ٻئي ڌريون پنهنجي حد ۾ رهيون، باقي ٻنهي ڌرين جو عوام سان ساڳيو آزار هو. چيز جا هيڻا حال ۽ ڪوجهي صورت ڏسي ايف سي وارا کيس ڪچي وڃڻ کان نه روڪيندا هئا ۽ ڌاڙيلن ۾ به ڪجھه اهڙا ماڻهو هئا جن جي موجودگيءَ ۾ ڪو به چيز جو نالونه پيو وٺي سگھي. انهن ڏينهن ۾ جھنگ ماکي لاهيندي چيز جي نظر وڃي ايف سي اهلڪارن تي پئي. هن کي پنهنجي سِر کان وڌيڪ ماکيءَ ڀريل گھاگھر جي ڳڻتي ورائي وئي. تنهن ڪري همراهه هڪ ڪُهڙ هيٺان سمهي پيو. ايف سي اهلڪار ته اتان هليا ويا. ڪجهه دير ۾ ملاح اتي اچي پهتا. جيئن ته اهي مڇي ماري پاڻيءَ مان نڪتا هئا. سو، جسم کي تئهُ ڏيڻ ۽ هٿ سيڪڻ لاءِ کڻي ڪُهڙ کي باهه ڏنائون. ڪاٺين کي باهه وڪوڙي وئي ته اوچتو چيز گوليءَ وانگر ڪُهڙ مان نڪتو. ملاحن کان رڙيون نڪري ويون: ”غيبات ڙي غيبات!“
    انهن ڏينهن ۾ ڪن ماڻهن ايف سيءَ وارن کي اطلاع ڏنو ته ڌاڙيلن کي هٿيار ۽ ٻيو سامان چيز ڏئي ٿو وڃي. سو، ايف سي وارن چيز جي ڳولا شروع ڪري ڏني. هوڏانهن چيز روزانو سندن ڪئمپ تي ايندو هو ۽ اتي ٻه چار پاڻيءَ جون بالٽيون ڇنڪار ڪري، سندن سليماني چانهه پي ڪچي روانو ٿي ويندو هو. هن کان به ڪڏهن ڪڏهن چيز جو پڇندا هئا ته چوندو هئن: ”ڀائي چيز تو چيز هوتا هي!“
    مٿي چيز جا افعال بيان ڪري آياسين. ڌڻيءَ کيس صورت به چڱيرڙي نه ڏني هئي پر جڏهن سندس عمر 50 ورهين کان چڙهي هلي، تڏهن اوچتو حضرت عشق اچي سندس مهمان ٿيو. 1994ع ۾ ٻلهڙيجيءَ جي سيد ملوڪ شاهه جي ميلي تي موت جي کوهه وارا آيا، جنهن جي مالڪياڻي هڪ بيوهه عورت هئي. چيز ٻٽ جيئن ته درگاهه تي ٻهاريءَ واري ڊيوٽي ڏئي رهيو هو. موت جي کوهه واري پوڙهي کيس سڏي 1000 رپيا سندس حوالي ڪري ٻه ڪلو کير آڻڻ جو چيو. چيز هن کي ٻڌايو ته ”منهنجو ڳوٺ ٿورو پرڀرو آهي ۽ مون وٽ کليا پئسا به نه آهن. هن مهل آئون ڳوٺ روانو ٿي ويندس ۽ صبح جو ٻانگ مهل تازي کير سميت واپس پهچندس.“
    صبح جو چيز ٻٽ مائيءَ کي کير ۽ بقايا پئسا آڻي ڏنا. پوڙهيءَ کي هن جي ادا ۽ ايمانداريءَ موهي وڌو ۽ ٻنهي ۾ پرت جا پيچ پئجي ويا. بلڪل ”سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي هووَس چٽڙي ڏاڙهي“ وارو ڪم ٿي ويو. ٻنهي ۾ قول قرار ٿي ويا ته ٻئي پوڙها (جن جا همسفر راهي ۽ اولاد جوان ٿي چڪو آهي) باقي زندگي هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ گذاريندا. جيئن ئي ميلو ختم ٿيو ته چيز ڳوٺ ورڻ بدران موت جي کوهه وارن سان گڏ روانو ٿي ويو. ڪجھه ڏينهن اندر چيز جي گمشدگيءَ جي خبر جھنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي. ماکين جا واپاري، طاقت جا ڪشتا ٺاهيندڙ حڪيم، ملان، مولوي، سندس دوست احباب پريشان ٿي ويا ۽ چيز جي ڳولا شروع ٿي وئي. هڪڙي ميلي تي ميران سائينءَ جي خليفن جيئن ئي موت جي کوهه تي بنا ٽڪيٽ چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته چيز کين روڪي بيهي رهيو، جيڪو ان وقت ٽڪيٽ چيڪر جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو هو.
    همراهن کيس سڃاڻي چيو ”چيز ! تون هتي ڪيئن!؟“
    تڏهن چيز کين ٺهه پهه جواب ڏيندي چيو”ڪهڙو چيز؟“
    همراهن چيس: ”چيز انڌو ٿيو آهين جو اسان کي به نٿو سڃاڻين!“
    تڏهن چيز کين سڌو ٻڌايو ته ”مان ڪنهن کي به نٿو سڃاڻان، جيڪو ٽڪيٽ وٺندو سو تماشو ڏسندو. بس!“
    همراهه چيز جا تيوَر بدليل ڏسي پوئتي موٽيا ۽ ميلي ۾ موجود ميران سائينءَ کي ٻڌايائون ته چيز ٻٽ موت جي کوهه تي ٽڪيٽون چيڪ ڪري رهيو آهي. گھڙي نه گذري جو ميران سائين پاڻ هلي موت جي کوهه تي پهتو ۽ اتي ئي چيز کي ٺاهوڪي سٽڪي ڪڍيائين. ان وقت موت جي کوهه وارن ميران سائينءَ کي وڏيون منٿون ڪيون ته هو ٻن پکيئڙن جو پيار نه وڃائي پر ميران شاهه سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ چيز کي پاڻ سان وٺي سڌو مسجد آيو ۽ اتي ڀلو سونهارو ڏيندي چيائين ته ”واعدو ڪر ته وري هنن (موت جي کوهه وارن) ڏانهن ڪڏهن به نه ويندين.“ هاڻ چيز مجبور ٿي پيو. مرشد ۽ قرآن جي خاطر پنهنجو پيار قربان ڪيائين پر مرڻ گھڙيءَ تائين کيس ساريندو ۽ هنجون هاريندو رهيو.
    ان دور ۾ تر جي ڪجھه همراهن چيز جي گھر تي چڙهائي ڪري سندس پٽ کي اغوا ڪري، ڌاڙيلن وٽ پهچايو. چيز ان مهل به ساڻن مزاحمت ڪئي هئي. ان جھيڙي ۾ هڪ ڏوهاريءَ جو سڃاڻپ ڪارڊ سرزمين تي ڪري پيو. پوءِ ته چيز وڏا حيلا هلائي سڀني ڏوهارين جا نالا هٿ ڪيا، جن ۾ ڪو به ڌاڙيل نه هو. ڏوهه ۾ ملوث سڀ ڌريون چيز مان اهڙيون ڦاٿيون جو مالڪ ڏي پناهه. همراهن ميڙون منٿون ڪري ڏنڊ ڏوهه ڀري چيز مان جان ڇڏائي.
    1994ع ۾ ٻلهڙيجي بچاءُ بند تي مقرر ايف سي اهلڪارن اصل تر تپائي ڇڏيو هو. ڦرلٽ ۾ ڌاڙيلن کي به مات ڏئي ڇڏي هئي. نيٺ مجبور ٿي صحافي عبدالحق پيرزادي سندن خلاف روزاني عوامي آواز اخبار ۾ خبر هلائي. خبر هلڻ جي دير هئي، اصل ممڻ مچي ويو ۽ ايف سي وارن ڳوٺ جو گھيرو ڪري تلاشي شروع ڪري ڏني. خبر پين ته صحافي عبدالحق ڊاڪٽر بشير جي اسپتال ۾ ويهندو آهي. پوءِ ته اهلڪار اتي پهچي ويا. ڊاڪٽر بشير صحافيءَ کي لڪائي ڇڏيو ۽ کين چيو ته ”ڀائي، صحافي عبدالحق تو پاگل هي، هم اس خبر ڪي ترديد چلائين گي، آپ فڪر نه ڪرين. باقي شام ڪو هم عبدالحق ڪي ساٿ آپ ڪي ڪئمپ پي آئين گي.“ اهلڪار جيئن ئي واپس ٿيا ته صحافي عبدالحق گھر وڃي ٿيلهو کنيو ۽ ڪنهن کي به ٻڌائڻ کان سواءِ ڪراچي هليو ويو. هاڻي ڊاڪٽر بشير کي اچي ڦڦڙي لڳي ته هي بددماغ آهن، انهن سان ٽائيم رکيو آهي. شام ڪئمپ تي نه پهتاسين ته وري مسئلو ڪندا. سائين علي مردان کي الائي ڇا سجهيو، چوڻ لڳو،”فوجين کي ٻڌايو اٿئون ته عبدالحق چريو آهي، سو چيز کي صحافي عبدالحق ڪري وٺي ٿا هلون. بس اتي هن کي ڪجھه گھٽ وڌ ڳالهائڻو پوندو.“ چيز به ان لاءِ تيار ٿي ويو. پوءِ سنگت چيز کي صحافي عبدالحق ڪري ايف سي جي ڪئمپ تي پهچي وئي. اتي اهلڪارن ڪجھه شڪوه شڪايتون ڪيون. ڏوراپا ڏنا. اسلام ۽ پاڪستان جي سربلنديءَ لاءِ سندن اداري جي ڪيل ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آئنده اهڙي خبر هلائڻ کان اڳ ساڻن رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سلام آهي چيز کي جيڪو سنگت کي سختيءَ کان بچائڻ لاءِ ايف سي ڪئمپ تي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ سلام آهي عقلمند ايف سي اهلڪارن تي جن چيز جي اکين ۾ نه جر ڪجر ڏٺا، نه سندس ورهين جا ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا ڏٺا، نه ئي کين چيز جي منهن مان ناس بوءِ آئي ۽ هنن چيز کي صحافي سمجهي مفاهمتي انداز ۾ معاملو سلجهائي ڇڏيو!
    چيز وڏي ڪهول وارو هو، کيس پنج پٽ ٿيا جن مان هڪ پپريءَ وارن پيرن وٽ رهندو هو، جتي سندن پير ڍنڍ ۾ وهنجندي ٻڏڻ لڳو ته هن کيس بچائڻ لاءِ ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو. پير کي ته بچائي نه سگھيو پر پنهنجو ساهه ضرور ڏنائين. حال حيات چئن پٽن: پريل، وزير، غلام اڪبر ۽ ڀائوءَ مان غلام اڪبر هوبهو چيز آهي.


    نانگو آريجو : اسان جي تر جو وتايو

    امام بخش امو عرف نانگو آريجو وقت جو وتايو فقير هو. سنڌ ۾ اڪثر جهيڙا جهٽا گارين تي ٿيندا آهن پر ماڻهو نانگي جي گار نه ٻڌن ته کين مزو ئي نه اچي. اڪثر ڪاري قميص ۽ گوڏ ٻڌندو هو. قداور ۽ خوبصورت انسان هو. راڳ رنگ ۽ ميلن ملاکڙن جو شوقين هو. سندس دوستن جو دائرو به وسيع هو، جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شامل هوندا هئا پر اهڙو ڪوبه ماڻهو نه هوندو، جنهن نانگي آريجي جي گار نه کاڌي هجي.
    هو ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ خير محمد آريجا (هاڻ باقراڻي تعلقو) جو ويٺل هو. سخي شاهه جمال (ٻلهڙيجيءَ وارو) سندن ڏاڏا پير هو ۽ اڪثر ان جي زيارت لاءِ ٻلهڙيجي ايندو رهندو هو. منهنجي وڏن سان سندس دوستي هئي. نانگي، درل آريجي ۽ منهنجي ناني يعقوب (جيڪو منهنجي ناني جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ گارين ڏيڻ ۾ ماهر هو، هن به نانگي وانگر شادي نه ڪئي) جو جوڙ هوندو هو. گڏجي ميلن ملاکڙن تي ويندا هئا ۽ جتي به ويندا هئا، اتي سندن ڀوڳ چرچا جاري رهندا هئا. هڪ ڀيري هو پنهنجي ڳوٺ مان گذري رهيو هو. ٻه مايون جن جا گهر هڪٻئي جي آمهون سامهون هوندا هئا، اهي اڪثر پاڻ ۾ جهيڙو لايون بيٺيون هونديون هيون. گهٽيءَ مان ڪو ماڻهو گذرندو هو ته ان کي به پنهنجي جهيڙي ۾ شامل ڪري ڇڏينديون هيون. ان ڏينهن نانگو جو اتان گذريو ته هڪڙي مائي ٻيءَ کي چيو: ”توکي نانگو...“ ٻيءَ جواب ۾ چيس”منهنجو ڀاءُ آهي، توکي...!!“
    نانگو بيهي رهيو ۽ ٻنهي کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو: ”مان به چوان ته مان روزانو ڳرندو ڇو ٿو وڃان! اڙي، مان ڪو نلڪو آهيان، جو هڪڙي گيڙي ڇڏي ٿي ته وري ٻِي ٿي گيڙي!“ نانگي جي اهڙي گفتي تي ٻئي مايون جهيڙو وساري کلي ويٺيون.
    سڄي ڳوٺ جا ماڻهو نانگي جون گاريون کائڻ واري شوق سبب ساڻس ڪا نه ڪا حرڪت ڪندا رهندا هئا. هڪ ڀيري ڳوٺ ٻاهران پنهنجي پلاٽ ۾ ٺهيل ڀونگيءَ ۾ ستل هو، جو ڪاڪي درل جي اڳواڻيءَ ۾ ڏهه ٻارهن همراهه ميڻ بتيون کڻي اتي پهتا. ڏٺائون ته همراهه رلهي ويڙهيون ستو پيو آهي. هڪ ڀونگيءَ جي چؤطرف ميڻ بتيون ٻاري، پاڻ لڪي ويهي رهيا. صلاح تحت هڪ همراهه ڀينڊ کڻي هن ڏانهن اڇلايو. هن رلهي لاهڻ کان سواءِ ”ٿو“ ڪري هڪ ڪچي گار همراهن کي ڏني. نيٺ چڱو خاصو ڦوڙهه کڻي هن کي هنيائون ته همراهه کي رلهي لاهڻي پئجي وئي. رلهي لاهڻ سان همراهه جي نظر وڃي ميڻ بتين تي پئي. في الحال ته وائڙو ٿي ويو پر پاڻ سنڀالي چوڻ لڳو:”سڀ بتڙيون بتڙيون، فقير سائين! مان توهان جو مدو ناهيان ۽ نه توهان منهنجا مدا ٿيو!“ همراهه کٽ جي پيرانديءَ کان پيل پنهنجي لٺ کڻي ورتي. هوا جي جهوٽي سبب ڪا ميڻ بتي وڌيڪ لاٽ ڪري ته همراهه ان کي لٺ اولاري چوي: ”فقير هيڏي نه اچجانءِ، نه ته اهڙو ڏنڊو هڻندوسانءِ!“ ائين چئي ڪلمو پڙهي: لا اِلٰه اِلالله محمد رسول الله. لڪل همراهه وڏي مشڪل سان پنهنجي کل جهليون بيٺا هئا. نيٺ هڪ همراهه کان ٽهڪ نڪري ويو. نانگو سڄي ڳالهه سمجهي ويو، پوءِ ته لٺ کڻي سندن پويان پيو ۽ ڳوٺ تائين کين گاريون ڏيندو رهيو.
    ٻي ڀيري پاڻ پنهنجي انهيءَ ڀونگي ۾ ويٺو هو ته هڪ همراهه تاج ڪمپنيءَ جو شايع ڪرايل قرآن شريف کڻي وٽس پهتو. ان وقت نانگو آريجو شهر مان نئون انگوڇو وٺي پهتو هو. همراهه چيس، ”اوهان قرآن شريف وٺو، پوءِ ڏوڪڙ کڻي ٻئي دفعي ئي ڏجو!!“ نانگي بسم الله چئي قرآن شريف پنهنجي انگوڇي ۾ ويڙهي رکي ڇڏيو. ٻن ٽن مهينن کانپوءِ همراهه وري آيو ۽ نانگي کان قرآن شريف جي مٺائيءَ جي تقاضا ڪيائين، جنهن تي هن وراڻيس: ”ها ابا، واپس کڻي وڃ، منهنجو نئون انگوڇو سيڙايون ويٺو آهي.“
    ڪچي ۾ اسان جي ڳوٺ آيو. منهنجو پيءُ ڪنهن سان به گارين وارو رستو نه رکندو هو پر نانگو ان کي به نه بخشيندو هو. هڪ ڏينهن بابا نانگي کي چيو ”نانگا! هاڻ گهڻا ڏوهه ڪيم، دل ٿي چوي ته هاڻ حج تي وڃان.“ نانگي چيو، ”اڪن! پنهنجي ٻنيءَ ٻاري، مال، رزق ۽ تڏي مَنَهن وارو ماڻهو آهين. الله جو گنج ٿي، آرام سان ويهي ماڻهن جي خدمت ڪرين ته هتي به حج اٿئي، باقي جيڪڏهن عربن کان دوسرو ڪم ڪرائڻو اٿئي ته ڀلي وڃ!“ اهڙي ئي نموني سان جڏهن جنرل ضيا پاران ريفرنڊم ڪرايو ويو، جنهن جي سڀني سياسي جماعتن مخالفت ڪئي هئي، تڏهن ڳوٺن جي جهونن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو. نانگو به جڏهن وڏيرن ۽ سرڪاري ڪارندن جي دٻاءَ ۾ اچي ووٽ ڏيڻ ويو ته پولنگ اسٽيشن تي بيٺل هڪ فوجي کيس چيو، ”هان ملنگ، ڪيا بات هي؟“ نانگي ٺهه پهه جواب ڏنس، ”بات هي موچڙي ڪِي!“
    نانگو آريجو اهڙو انسان هو، جنهن جي دل شيشي جيان صاف هئي. هو گاريون برابر ڏيندو هو پر هن جو من غلاظت کان پاڪ هو. جوانيءَ ۾ هن جي سونهن ڏسي هڪ ڳائڻ وڄائڻ وارِي نانگي آريجي تي مست ٿي پئي. هُن نانگي کي رانئڻ ۽ ريجهائڻ جا وڏا وس ڪيا، حيلا هلايا پر هڪ نه هليس. نانگو سدائين ان کي ڀيڻ ڪري مخاطب ٿيو ۽ جڏهن ان مائيءَ سمجهيو ته هي ڪو اهڙو عام انسان نه آهي، جيڪي هَوس پرست ۽ شهوت جا پوڄاري هوندا آهن. پوءِ هُن مرڻ گهڙيءَ تائين نانگي ڏانهن ڀيرو نه ڀڳو. هوءَ پنهنجي مڙس سميت هلي ايندي هئي ۽ هفتن جا هفتا اچي وٽس رهندي هئي ۽ نانگو حال آهر سندن مهماني ڪندو هو. مونکي هڪ دفعي ناني يعقوب ٻڌايو ته ”هالاڻي شهر ۾ ويساکيءَ جي ميلي تي نانگو، مان (يعقوب) درل ۽ ڪجهه دوست وياسين. هونئن ئي سڀ جا سڀ غريب هئاسين. اتي اسان کان پئسا ختم ٿي ويا. ٿورو پريشان ٿياسين پر سنگت جي ڏڍ تي بکون به ڪٽبيون آهن. ان وقت اها ڳائڻ واري مائي اسان سان ملي ۽ اسان کي ڏسندي سمجهي وئي ته کٽل آهيون. پوءِ جيڪي پئسا هئس، سي اسان کي ڏيڻ لڳي پر نانگي هڪ پائي به نه ورتس. اسان هُن کان موڪلائي نانگي تي شروع ٿي وياسين ته تون”تون وڏو... آهين. ڏسين ٿو ته ڀاڙي ۾ مهانگا آهيون. ساڳيو اها ايترا وٺي ويندي، تو هن کان پئسا ڇونه ورتا ؟“ نانگي چيو: ”اڙي ڀاڙيا! نياڻين کي ڏبو آهي، انهن کان وٺبو ناهي!“
    نانگو آريجو ڪنهن به ڪم سان ويندو هو ۽ صبح جو ڪو سيد سندس منهن پئجي ويندو هو ته ان ڪم جي پچر ئي ڇڏي ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته اڄ صبح جو سيد منهن پيو آهي، ڪو به ڪم نه ٿيندو. اڄوڪو ڏينهن چرس جو آ، بس.“
    نانگي آريجي 1987ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت سندس ڄمار اٽڪل 68 ورهيه هئي، اڄ کيس وڇڙئي 28 ورهيه وهامي چڪا آهن پر هو ڪنهن کان به وسريو نه آهي. جنهن به ماڻهو کيس ڏٺو، سو سندس ڳالهيون ضرور ڳائيندو رهندو آهي.


    خليفو محمد بخش ٻگهيو : جماعت سجدي ۾، امام غائب

    خليفو محمد بخش ٻگهيو المعروف ملان خليفو مهين دڙي کان ڏهه ڪلوميٽر ڏکڻ ڪاراڻي ڳوٺ جو ويٺل هو. هو ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام هو پر سندس سڃاڻپ مرونءَ جي شڪاريءَ واري هئي. ساڳي وقت هو راڳ جو ڄاڻو به هو ته ڦٽ ڦرڙيءَ جي علاج جو به ماهر هو. خليفو صاحب جنهن مسجد جو پيش امام هو، اها ڪاراڻي ڳوٺ ۾ بچاءَ بند تي ٺهيل هئي ۽ ان جي هڪ دري ڪچي طرف هئي، جتي وڻن جا ڪجهه جهڳٽا به هئا.
    هڪ دفعي شڪاري ان جهنگ جي ڀرسان سوئر وهاري آيا. مولوي صاحب کي ان جي خبر پئجي وئي. اهو جمعي جو ڏينهن هو . اُن وقت جماعت به پهچي چڪي هئي. مولوي صاحب پنهجي شڪاري دوستن کي چيو ته يار ڪجهه وقت انتظار ڪيو، مان تڪڙ ۾ نماز پڙهائي اچان ٿو. هيڏانهن نماز لاءِ صفون ٻڌيون، هوڏانهن ڪتن جا چهڪار شروع ٿي ويا. مولوي صاحب تڪڙ ۾ نيت ڪري هڪ اڌ سورت پڙهي سجدي ۾ ويو. جماعت ڪافي دير تائين سجدي ۾ هئي. جڏهن سجدي جو دورانيو معمول کان ڊگهو ٿي ويو ته هڪ همراهه ٽيڏي اک سان پيش امام کي ڏٺو، جيڪو پنهنجي جاءِ تي موجود ئي نه هو! ان تي همراهه رڙ ڪري جماعت کي چيو ته ملان دري ٽپي شڪار تي ڀڄي ويو، هاڻي توهان سجدي مان اٿو. اهڙي عمل تي جماعت مولوي صاحب سان ٿوري ناراضگي ڏيکاري پر اها ڪا گهڻو وقت نه هلي سگهي ۽ مولوي صاحب ساڳي طرح امامت جا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو.
    مولوي صاحب قد جو ننڍو هوندو هو، وڏي سونهاري هئڻ ۽ ٻه ٻه ڪتا جهلڻ ڪري ماڻهن کي عجب لڳندو هو. هڪ دفعي هُو وڏيري اڪرم ٻگهئي جي ڪوٽ ۾ پنهنجا ڪتا ويڙهائي رهيو هو. سندس پيارو پاليل ڪتو شروعات ۾ ئي سوئر جي وَڄن جو شڪار ٿي ويو. ملان پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ لٺ کڻي ڪوٽ کان هيٺ ٽپو ڏئي ٻه چار لٺيون سوئر کي وهائي ڪڍيائين. سوئر جيئن ته ڪنڌ ورائي نه سگهندو آهي ۽ سڌو ويندو آهي. اهڙي طرح اڳتي وڃي جڏهن ملان ڏي جوهه ڪيائين ته ملان لٺ کوڙي ڦڙتيءَ سان ٻي طرف هليو ويو ۽ وري به سوئر کي ٻه چار لٺيون وهائي ڪڍيائين! سوين ماڻهن اهو دلچسپ مقابلو پنهنجي اکين سان ڏٺو.
    مولوي صاحب راڳ جو به ڄاڻو هو. هن کي پنهنجو هارمونيم هو، جنهن تي صبح جو نماز کان اڳ رياض ضرور ڪندو هو ۽ رات جي وقت پاڻ باجو وڄائيندو هو ۽ پنهنجي ٻنهي پٽن کي ناچ جي سکيا به ڏيندو هو. هو ٻڌائيندو هو ته جنهن اسڪول ۾ پاڻ پڙهيو هو، اتي راڳ ۽ ناچ جي سکيا ڏني ويندي هئي. هو چوندو هو ته نماز پڙهي الله سائينءَ کي راضي ڪيان ٿو. شڪار ڪري پنهنجي روح کي راضي ڪيان ٿو ۽ راڳ ڳائي ماڻهن جو روح راضي ڪيان ٿو. باقي پنهنجي قبر حشر جو پاڻ ذميوار آهيان.
    مولوي صاحب ڦٽ ڦرڙيءَ جي علاج جو به ماهر هو. وٽس هڪ آزمايل نسخو هو ۽ ان آزار ۾ ورتل جيڪو به مريض وٽس ايندو هو، ان کي اتان شفا ملندي هئي. اڄ به سندس پونيئر ڦٽ ڦرڙيءَ جو علاج ڪن ٿا.
    عمر جي آخري حصي ۾ خليفي جو هيٺيون ڌڙ سڪي ويو، جنهن ڪري هلڻ چلڻ کان لاچار ٿي پيو پر گڏهه تي چڙهي به گهمندو ڦرندو رهندو هو، ان حالت ۾ به سوئر جي شڪار تي ويندو هو. مولوي صاحب جو وڏو پٽ يونس پوليس عملدار هو. رتيديري ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران پوليس موبائل ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ گذاري ويو. جڏهن ته سندس ننڍو پٽ اقبال پوليس ڪانسٽيبل آهي. سندس هڪ پٽ عالم پنهنجو ٻني ٻارو ڪري گذران ڪندو آهي.
    مولوي صاحب پنهنجي پٽن کي ناچ جي به تربيت ڏني ۽ هارمونيم به سيکاريو پر سندس وفات کانپوءِ هنن ڪڏهن به هارمونيم کي کولي نه ڏٺو. کيس ڪاراڻي ڳوٺ جي قديم قبرستان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.


    رانجهن عرف سرپور ساريو : پيرين اگهاڙو وڏيرو!

    رانجھن عرف سرپور ساريو ٻالڪپڻ کان ئي ڌوپار موالي هو، ان ڪري سڄي تر وارا کيس ننڍو ڀرپور سڏيندا هئا پر ٻلهڙيجي ڳوٺ وارا کيس سرپور نالي سان سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو منهنجا ڳوٺائي ڀرپور فقير ارباب علي سارئي سان انتهائي عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا. رانجھن ساريو 1963ع ڌاران بگي ڳوٺ جي ڀر سان ننگراڻي سارين ۾ پيدا ٿيو. ننڍي عمر کان ئي همراهه جو نشي سان نينهن لڳي ويو هو. جتي به چرس جو آسرو سمجھندو هو، اتي پهچي ويندو هو. اسان کيس تر جي سمورين درگاهن تي ڏسندا هئاسين. ڪڏهن ڪچي ۾ محبڻ شاهه ۽ نانگي شاهه جون مٽيون ڀريندي نظر ايندو هو، ڪڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ سيد ملوڪ شاهه ۽ شاهه جمال جي درگاهه تي جھاڙو ٻهاري ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هو ته ڪڏهن ٻنڊيءَ ڀرسان موسن شاهه جي درگاهه تي کيس ڦريو ڏيندي ڏسندا هئاسين.
    همراهه پنهنجي گھر جو ڪم ته ڪڏهن به نه ڪيو باقي درگاهن تي ڇنڪار کان وٺي ڀت ورهائڻ تائين هر ڪم ڪندو هو ۽ درگاهي مزورن سان گڏ ٻنا به وٺندو هو. سدائين پير اگھاڙا هوندا هئس. هن کي وڏيري ٿيڻ جو وڏو شوق هوندو هو. هن جي پيءُ کي ٻه ٽي ٻارا ٻنيءَ جا هئا. پڻهس جي هوندي هيءُ ٻنيءَ جو نالو به نه پيو وٺي سگھي. ان ڪري پيءُ جي مرڻ لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو رهندو هو ته جيئن هيءُ عيش واري زندگي گذاري سگھي. نيٺ سندس پيءُ به راهه رباني وٺي رمندو رهيو. هاڻ کيس چوڻ آکڻ وارو ڪير به نه هو. پيءُ جي ٽيجھي واري ڏينهن ئي هن ڀاءُ کي ڪن کڻائڻ شروع ڪيا ته کيس ٻني ورهائي ڏني وڃي. ڀاڻس هن کان سندس زمين جو حصو خريد ڪري ورتو. زمين کپائي گاڏين جي قافلي ۾ ڳوٺ پهتو. ڳوٺ وارن ڏٺو ته هڪ ڪار ۾ آڏو پاڻ ويٺو هو، باقي سمورين گاڏين ۾ رڳو ڊرائيور ويٺل هئا. ڳوٺ پهچي هن نئين ٽڪ جي رلهي خريد ڪئي ۽ ڳوٺ جي موالين جي عاليشان دعوت ڪئي، جنهن ۾ چرس ۽ ڀنگ جا دور هليا. پوءِ سرپور پيرين اگھاڙو ڪار تي چڙهيو. هاڻ هڪ ڪار ۾ پاڻ چڙهيل هو ۽ ٻي خالي ڪار سندس پويان هلي رهي هئي.
    چي: ”ان ڪري ٻه ڪارون ڀاڙي ڪيون اٿم متان اوچتو هڪ گاڏي خراب ٿي پوي ته چڙهڻ لاءِ ٻي حاضر هجي.“
    همراهه تر جا سمورا اوتارا ۽ مئخانا ڀيٽيندو وڃي سکر پهتو ۽ ٻنهي ڊرائيورن سان اچي هوٽل تي مانيءَ لاءِ ويٺو. هوٽل تي ويهندي ئي وڏيري رانجھن خان عرف سرپور سارئي بيري کي مرغي ڪڙهائيءَ جو آرڊر ڏنو. جڏهن ماني اچي وئي ته هن ڊرائيورن کي حڪم ڏنو:
    ”رڳو ٻوٽيون کائو، ڪو به رس مان گرهه نه ٻوڙي!“
    مانيءَ مان فارغ ٿي جڏهن همراهه بل ڏيڻ لاءِ دخل تي ويو ته هوٽل واري کيس چيو:”مون پنهنجي ڄمار ۾ تو جهڙو وڏيرو نه ڏٺو آهي، پر تنهنجا پير ڇو اگھاڙا آهن ۽ هيءُ رلهي ڇو ويڙهي اٿئي؟“
    رانجھن خان جواب ڏنس ته ”رلهي پَٽ تي وڇائڻ کان وٺي مٿان اوڍڻ تائين ڪم اچي سگھي ٿي ۽ هيءَ گودڙي اسان جو ڪفن به آهي، باقي سنڌ ڌرتي ماتا آهي، ان تي چپل يا بوٽ سان گھمڻ غيرت واري ماڻهوءَ جو ڪم ناهي!“ ائين چئي پنجابي فلمن جي اداڪار سلطان راهيءَ جي انداز ۾ ڪلهي تي رلهي ورائي هوٽل مان ٻاهر نڪتو. پوءِ سکر کان پنو عاقل، ڏهرڪي، گھوٽڪي، رهڙڪي صاحب ۽ ٻيا ٿيرت ڀيٽيندي جڏهن راڻيپور پهتو ته سندس پئسا پورا ٿي چڪا هئا ۽ اتان همراهه گداءُ ڪري وين ۾ چڙهي سڳين شهر ۽ اتان 6 ميل ڪچي جو پنڌ جھاڳي ٻلهڙيجي پتڻ تي پهتو.
    آخر ۾ همراهه هيروئن جو موالي ٿي ويو هو، جنهن ڪري کيس درگاهن تي رهڻ نه ڏنو ويندو هو. هاڻ سندس ٿاڪ ڏوڪري شهر جي فٽ پاٿ هئي. 2007ع ۾ نشي جي حالت ۾ هڪ گاڏيءَ جي آڏو اچي ويو، جنهن جي زوردار ٽڪر کيس اهڙي زندگيءَ کان مڪتي ڏياري ڇڏي.


    گلاب ديوَ ممڻاڻي : دشمن جي در تي ٻڌڻ جهڙو

    گلاب ممڻاڻي جا وڏا به 1936ع ۾ ڪچي مان لڏي اچي ٻلهڙيجيءَ ويٺا هئا. هي 1937ع ڌاري ٻلهڙيجيءَ ۾ پيدا ٿيو. هارپو به ڪندو آهي ته پنهنجو مال به جهجهو اٿس. چوري چڪاري به ڪيائين. هن کي گهڻي کائڻ جي ڪري ”ديو“ جو خطاب مليو. برابر پنهنجي گهر ۾ ته ڪي ٻه لولا کائيندو هو پر شادين، ڪاڄن توڙي خيراتن ۾ ڀت جا لاهه ڪڍي ڇڏيندو هو.
    بابا جي هڪ دوست جي مينهن چوري ٿي وئي، جيڪا چورن تي ثابت ڪيائين پر همراهه مينهن موٽائڻ کان گوٿناٿ ڪري رهيا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن گلاب ديو کي وٺي وڃي چورن جو مهمان ٿيو، هيڏانهن ماني آئي ته چٽ ٿي وئي. همراهن جي پڇڻ کان اڳ ئي گلاب رڙ ڪئي:
    ”ابا! ماني آڻيو!“ اهڙي نموني سان ميزبانن جي، اوطاق کان گهر تائين اچ وڃ جاري رهي پر گلاب چئي ”اڃا منهنجي ڪُکِ به نه ڀري آهي!“
    ٻئي ويلي تي ميزبانن کي سندن عورتن اُکين تي کڻي ڏنو ته ”مهمان کي چلتو ڪيو، ماريو هڪ ڏينهن ۾ مهيني جو کاڌو کائي ويو آهي.“ نيٺ همراهن آڻ مڃي ۽ بابا کي مينهن موٽائي ڏنائون.
    هڪ ڀيري ڪچي ۾ ڪلهوڙن جي خيرات هئي، گلاب جيئن ئي پهتو ته کيس ڏهن سيرن جو ڌار ديڳڙو کائڻ لاءِ ڏنو ويو، جيڪو ان مهل کائي خالي ڪيائين. پوءِ ٻلهڙيجيءَ جي مائٽن لاءِ ساڳيو ديڳڙو ڀري ڏنائون پر همراهه کي دڳ ۾ بک لڳي، سو ٿورو ٿورو کائيندو رهيو، جڏهن ٻلهڙيجي پهتو ته اسان جي مائٽن کي خالي ديڳڙو هٿن ۾ اچي ڏنائين.
    اهڙي نموني هڪ دفعي ڏيڍ ڪلو مائو کائي ويو پر کائڻ جو وڏو مقابلو ٻيو کٽيائين، جنهن تي پاڏو انعام ۾ مليس: اڌ ڪلو بهه ۽ ڪلو ڳڙ ڳڙڪائي ويو، جنهن کان پوءِ مٿس ديو نالو پئجي ويو.
    گلاب ممڻاڻي ڏاندن جو شوقين هو. ڏاند به سٺا ڌاريائين. اڪثر ڏاندن جي گوءِ جا مقابلا ڪندو هو، جڏهن کٽندو هو ته جهمريون هڻندو هو ۽ سهرا ڳائيندو ڳائيندو سڄي ڳوٺ جو گشت ڪندو هو. ان شوق ۾ سندس حريف يوسف عرف جوسو ماڇي هو، ان کي جڏهن ڏسندو هو ته پنهنجي گوڏ لاهي مٿي اڇلائيندو هو. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن جوسو ماڇي به ساڳي طرح پلاند ڪري وٺندو هئس. چوندا آهن ته چور کي ڪڏهن به چوڪيدار نه بڻائجي پر اسان جي تر سان اهو الميو آهي جو سڀن ڳوٺن ۾ چوڪيداري چور ئي ڪندا آهن. اهڙي نموني گلاب کي ڳوٺ جو چوڪيدار مقرر ڪيو ويو. ان وقت چوڪيءَ جو نظام ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي هلائيندي هئي. گلاب جي ماهوار پگهار مقرر ڪئي وئي، باقي سنگت جا همراهه واري واري سان چوڪي ڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي چور پڪڙيا ويا. پوءِ ڳوٺ سڌار سنگت چوڪيءَ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو پر گلاب باقاعدي چوڪي ڏيندو رهيو، ڇاڪاڻ جو پاڻ به ڀريو تريو ڀاڳيو آهي پر ڪي ماڻهو چوندا آهن ته هي چوڪي ئي چورن کي بچائڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي، جن ۾ پيش پيش سندس ننڍو پٽ ممتاز هو، جيڪو گاهه کان وٺي مال تائين هر قسم جي چوري ڪندو رهندو آهي پر جڏهن پڪڙبو آهي ته قرآن شريف کڻي وڃي ڀاڳين کان بخشرائيندا آهن.
    گلاب اڄ به زنده آهي، کيس ٽي پٽ آهن. وڏو پٽ ذوالفقار ٻني ٻارو ڪندو آهي، سندس ٻيو پٽ الاهي بخش هيڊ ڪانسٽيبل آهي ۽ ٽيون پٽ ممتاز چور آهي.


    حافظ ميهر سامٽيو : اکين کان وڏو اندر جو سڄو

    حافظ ميهر سامٽيو اکين جي نور کان محروم هو پر خدا کيس وڏي ڏات سان نوازيو هو. هُو نابين هوندي به نور وارن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندو هو. قرآن شريف جو حافظ هو. باجي تي راڳ ڳائيندو هو. خدا کيس اهڙي سڃاڻپ ڏني هئي جو ڪنهن ماڻهو هڪ ڀيرو هٿ ڏنس ته ورهين کان پوءِ به هُن جي هٿ جي ڇُهاءَ سان ئي سندس نالو کڻندو هو. نه رڳو ايترو پر ماڻهوءَ کي هٿ ڏيڻ سان ان جي طبيعت جي به خبر پئجي ويندي هيس. هن جي آڏو ڪڪڙ آڻبو هو ته ان جي منڍيءَ کان وٺي پڇڙيءَ تائين هٿ لائي ان جو رنگ ٻڌائي ويندو هو. ساڳي طرح مينهن، ڏاند ۽ گڏهه وغيره کي هٿ لائي ان جو رنگ/عادتون وغيره بيان ڪري ٻڌائيندو هو. هُو نوٽ کي سمجهي وٺندو هو ته اهو ڪيتري جو آهي ۽ ان جي ڪوڙي يا سچي هئڻ جي پرک به ڪري وٺندو هو.
    سندس اصل ڳوٺ ڳيريلي کان خيرپور جوسو ويندي درگاهه ڇتن شاهه بخاري سامهون آهي پر وڏيري امن سان دوستيءَ جي ڪري هو ٻلهڙيجي گهڻو ايندو هو ۽ مهينن جا مهينا رهيو پيو هوندو هو. ٻلهڙيجيءَ جي آسپاس وارن ڳوٺن جا ماڻهو به کيس صلاحي وٺي ويندا هئا. اسان جي ڪچي واري ڳوٺ ۾ پڻ اچي رهندو هو. علم ابجد جي به ڄاڻ هئس؛ ڳوٺ جا ماڻهو ڪتن، ڍڳن يا ڪڪڙن جا شوقين پنهنجي پکي يا جانور جو رنگ ڏسيندا هئس ته انهن کي ٻڌائيندو هو ته فلاڻي ڏينهن ۽ فلاڻي ٽائيم تي ميل رکندو ته فتح ٿيندي ۽ برابر ائين ئي ٿيندو هو.
    چون ٿا ته پهريون ڀيرو جڏهن ٻلهڙيجي آيو ته جيڪي به ماڻهو ساڻس مليا، انهن جو وڏيرو اِمن ساڻس تعارف ڪرائيندو رهيو. جڏهن ميهر فقير لاءِ کيس ٻڌايو ويو ته هي صوفي فقير آهي ته هن ٺهه پهه چيس:“هن کي ڳائڻ بدران دڪان ڪڍي ٻار ڦرڻ گهرجن”. استاد علڻ جي هٿ ملائڻ تي هن پڇا ڪئي ته ”ابا هيءُ به اوهان جي ڳوٺ جو آهي؟“ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هي استاد ڳائڻو آهي، تڏهن چوڻ لڳو، ”هي شخص توهان جي ڳوٺ ۾ آهي، پوءِ به توهان پاڻ ۾ ٺهيا ويٺا آهيو، سلام اٿوَ!“ هن استاد جا پار ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنا:”بندرو، پاون ڇوٽو، نين ٿلهو بجرو، ڪنڌ ڪنو، گگرو... هن جي هوندي توهان جو رس رهاڻ ۾ هئڻ وڏي ڳالهه آهي!“ حافظ کان جڏهن پڇيوسين ته اوهان راڳ جي سکيا ڪنهن کان ورتي؟ تڏهن هن ٻڌايو ته هو هندن جي هڪ خيراتي اسڪول ۾ پڙهيو هو، جتي راڳ جي سکيا پڻ ڏني ويندي هئي. هونئن ته حافظ ڪيترائي راڳ ۽ راڳڻيون ڪري ويندو هو پر کيس سنڌي ٽوڙهيءَ تي دسترس هئي. جڏهن سنڌي ٽوڙهيءَ ۾ شاهه نصير ۽ مصري شاهه جون ڪافيون ڳائيندو هو ته ڪيترائي ماڻهو روئي ويهندا هئا.
    تنهنجي سيف حسن، ڪيئي ڪامل ڪٺا،
    صنعان ڪجا، سليمان ڪجا...
    جي کيس تمام گهڻي فرمائش ڪئي ويندي هئي. هڪ دفعو حافظ ميهر سامٽئي سرور صاحب کي چيو ته ”آئون توکي علم ابجد سيکاريان؟“ سرور صاحب کيس پنهنجي مخصوص انداز سان چيو، ”حافظ سائين، اهي ابجد اوهين پاڻ وٽ رکو. توهان سان قرب آهي، محبت آهي، باقي ٻِي ڪنهن به شيءِ جي مونکي لوڙ نه آهي.“ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کيس ان لاءِ ستايو پر سڀن کي جواب ڏئي ڇڏيائين.
    حافظ ميهر ڪڏهن ڪڏهن اسانکي مزاحيه ڪلام به ٻڌائيندو هو، جنهن ۾ ”مائي پوپري، توکي ڪير ماري، گلو ڏير ماري“ به شامل هو ۽ ان مهل هٿ جون تريون ۽ بغل وڄائي اهڙا آواز ڪڍندو هو جو مزو اچي ويندو هو. حافظ سال 1983ع جي آخر ڌاري وفات ڪئي، ان وقت سندس ڄمار اٽڪل 80 ورهيه هئي.


    سرور صاحب : اسان جو مرزا غالب

    غلام سرور المعروف سرور صاحب 1942ع ۾ ڄائو. اڃا مهيني جو مس هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو ۽ هُن جي امڙ کي عدت پوري ٿيڻ کانپوءِ نبن ٻگهئي سان پرڻايو ويو، جنهن ڪري سرور صاحب جي تعليمي رڪارڊ ۾ چني بدران ٻگهيو لکرايو ويو. سرور صاحب ننڍي هوندي کان ئي غيرمعمولي ذهين هو، ان ڪري جڏهن هن کي مسلم اسڪول (حاجي لعل بخش شيخ) ٻلهڙيجيءَ ۾ ويهاريو ويو ته کيس پرائمري کان ئي اسڪالرشپ ملڻ شروع ٿي وئي، جنهن ڪري هن پنهنجي مائٽن جو ڳيجهو بڻجڻ بدران پنهنجي اسڪالرشپ مان ڪپڙي لٽي ۽ تعليم جو خرچ پئي هلايو. اڳتي هلي هن کي انگريزيءَ تي مهارت حاصل ٿي وئي. هن کي انگريزيءَ سان چاهه هوندو هو جنهن جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته هُو سنڌي به انگريزي اسٽائيل ۾ ڳالهائيندو هو. هو پنهنجي سڄي خاندان ۾ اڪيلو پڙهيل لکيل شخص هو. هن جو ڳوٺ موهن جي دڙي سامهون درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي ڪچي ۾ هو، جنهن کي وزير ممڻاڻي جو ڳوٺ سڏيو ويندو آهي.
    سرور صاحب جهڙو يار ويس انسان اڄ ڪوهين به ڳوليو نٿو لڀي. هن جي دوستيءَ جو دائرو وسيع هو. ايم پي اي موسى خان ٻگهئي جو وڏو پٽ سڪندر ٻگهيو سندس دوست هو. ان کان سواءِ ڪيترائي وڏيرا ۽ ڪامورا به سندس يار هئا ۽ ڪيترائي گوڏير، ميرا سيرا به سندس دوستيءَ جو دم ڀريندا رهندا هئا.
    سرور صاحب کي لوڪل گورنمينٽ ۾ يونين ڪائونسل سيڪريٽريءَ جي ملازمت ملي. اهو کاتو سدائين کٽل رهندو آهي، ان ڪري کيس ڇهن ٻارهن مهينن کان پوءِ پگهارون ملنديون هيون ۽ اهو سڄو وقت سندس گذر بسر قرض تي ٿيندو هو. مون جڏهن مرزا غالب تي گلزار جي ٺهيل ڊاڪيومينٽري ڏٺي ته مون کي مرزا غالب ۽ سرور صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي نظر آئي. سرور صاحب تي توڙي جو ڪيترو به قرض هوندو هو ته به دڪاندار کيس ڪڏهن به نه موٽائيندا هئا ۽ جڏهن کيس ڏوڪڙ ملندا هئا ته اهي انهيءَ مهل پورا ڪري ڇڏبا، بچائبا هرگز نه. پئسو هوندو هئس ته هٿن ۾ خارش ٿيندي هيس، ته انهن کي ڪهڙي ريت ختم ڪجي.
    هن پنهنجي زندگيءَ مان بچت لفظ خارج ڪري ڇڏيو هو. غالب وانگر پياڪ هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته بندي جي کاڌي پيتي جو ذمو پالڻهار کڻي ڇڏيو آهي پر نشي پتي جو پاڻ کي ئي بندوبست ڪرڻو آهي. فرق اهو آهي جو غالب رڳو انگور جو پاڻي واپرائيندو هو پر سرور صاحب هڪ ئي وقت ڪيترائي نشا ڪندو هو، جن ۾ مڌ، ٿاڌل، وزم، امل وغيره شامل هوندا هئا.
    سرور صاحب گفتي جو گوهر هو. هو جڏهن موڊ ۾ هوندو هو ته ڪچهريءَ کي کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهي ڇڏيندو هو. سندس ڳالهائڻ جو ڍنگ ئي اهڙو هو. اڪثر اها ڳالهه ٻڌائيندو هو ته 1985ع ۾ جڏهن سندس ڳوٺ تي فوجي چڙهائي ٿي هئي، تڏهن سندن ذات وارو هڪ ڌاڙيل فوجين کي هٿ اچي ويو. ان ڌاڙيل سرور صاحب کي چيو ته ”هنن کي انگريزي ۾ چئه ته مونکي ڇڏين ته مان باقي چئن ٻين کي به منهن ڏياريان.“ جنهن تي عبدالڪريم ممڻاڻيءَ به کيس سُرُ کڻايو. ان وقت سرور صاحب فوجين سان اهڙي ڳالهه ڪئي، جن ان کي مڃي ڌاڙيل کي ڇڏي ڏنو، جيڪو پنهنجا ساٿي وٺي جُوءِ ئي مٽي ويو. فوجي انتظار ڪري ٿڪجي پيا. نيٺ کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته ڌاڙيل کين اکين ۾ سرمو وجهي ويو. پوءِ ته هنن عبدالڪريم ۽ سرور صاحب کي هڪٻئي جي ڪنن ۾ هٿ وجهرائي اٿ ويهه ڪرائي. سرور صاحب ٻڌائيندو هو ته عبدالڪريم قد جو ڊگهو ۽ مان بندرو، ڄڻ اٺ سان رڍ گڏائِي وئي هجي! هو مون کي مٿي کڻي پيو وڃي ۽ مان ڪوشش باوجود هن کي هيٺ نه پيو ڪري سگهان.
    انگريزيءَ ۾ ڪيل سفارش جي ڪري سرور صاحب کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ هُو ڪچو ڇڏي ٻلهڙيجيءَ ۾ اچي رهيو. ٻلهڙيجيءَ وارن کي سرور صاحب جا گفتا اڃا تائين ياد آهن. هُو شام جو چانهه پيئڻ لاءِ حسين انصاريءَ جي هوٽل تي ويهندو هو. هڪ ڀيري جڏهن چانهه مزو نه ڏنس ته هوٽل واري کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”حسين ڪاسائي، اسان تنهنجي اوطاق تي ناهيون آيا جو جهڙي وڻئي اهڙي چانهه پيارين. دولت ٿا خرچ ڪيون، دولت!“
    زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ کيس ڪيترائي مرض وڪوڙي ويا هئا پر نشو نه ڇڏيائين. هڪ ڏينهن کيس ملڻ ويس، ڏٺم ته سندس ڏنڊ ڀڄي پيا هئا. کيس چيم: ”سرور صاحب، ڌاريا ڏند وجهرايو.“ تڏهن کلي چيائين، ”ڀلي هڪ به ڏند نه رهي، آرٽيفيشل ڪا به شيءِ نه وجهرائيندس.“
    سرور صاحب وڏي عمر ۾ شادي ڪئي. اڃا رٽائرمينٽ ئي نه ورتي هئائين جو سندس ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. ان وقت سندس وڏو پٽ زبير پرائمري چوٿون درجو پڙهي رهيو هو. باقي ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ننڍڙيون هيون. لک شابس آهي زبير کي، جنهن ٻاراڻيءَ ۾ بار کڻي نه رڳو پاڻ تعليم ورتي پر پنهنجن ڀائرن کي يونيورسٽين ۾ داخل ڪرايو، حالانڪه سندس امڙ به جلد شادي ڪري ورتي هئي. سرور صاحب جا پٽ به هن وانگر ئي ذهين ۽ سيلف ميڊ آهن.


    مامو علڻ : چئن پيڙهين جو عاشق

    مامو علڻ اچي هڪ سو سالن کي پهتو آهي. سندس عمر جي ماڻهن ۾ ڪو به زندهه نه رهيو آهي. ان حساب سان مامو علڻ هر ٽهيءَ جو سَنُ رهيو آهي. ڏاڍو مزيدار ماڻهو آهي. سندس زبان مان جيئن ئي گفتو نڪرندو ته محفل ۾ ٽهڪ پئجي ويندا، پوءِ پاڻ کڻي ڪيڏي به ڪاوڙ ۾ ڇو نه هجي. ڳوٺ جي چئن پيڙهين جا سو کن ماڻهو سندس وقت بوقت محبوب رهيا آهن. چون ٿا ته سهڻي جي جدائي گهڙي به برداشت نه ڪري سگهندو هو. هڪ ڀيري هڪ نوجوان سان سندس نينهن لڳو، جنهن سان هر روز سندس ڪچهري ٿيندي هئي پر عاشق ڍاپڻ وارا ڪٿي ٿا ٿين! سو، مامو علڻ پنهنجي محبوب سائينءَ کي پاڻ کان پري ٿيڻ هرگز نه ڏيندو هو.
    آج جاني ڪي ضد نه ڪرو، يون هي پهلو مين بيٺي رهو...
    اهو سهڻو مامي علڻ کان منهن مٽي ويو. ٻه ڏينهن همراهه کي ننڊ ئي نه آئي. ايندڙ ويندڙ کان پرينءَ جو پڇيائين. نيٺ ماندو ٿي پيو. رات ٿي. هن سائين خليفي جي بندوق ۽ ڪنڊلو ڪارتوسن جو کنيو ۽ پيرن جو کڙڪو ماريندو نيٺ پرينءَ جي گهر وڃي پهتو ۽ نوجوان جي کٽ مٿان بيهي رلهي لاهي بندوق سندس سيني تي رکيائين. همراهه جي رڙ تي سندس گهرڀاتي جاڳي پيا ته انهن کي چيائين ته ”هن جي جدائي وارن ٻن ڏينهن ۾ مان ٻه سئو ڀيرا مئو آهيان. هي پنهنجي اها ڪار جاري رکندو، ان ڪري اڄ هن کي خون ڪندس.“ نيٺ گهرڀاتين ساڻس اقرار ڪيو ته اڄ سج اڀرڻ شرط هي توڏانهن ايندو، هاڻ مهرباني ڪري موٽي وڃ.
    اهڙي ئي نموني ميهر فقير سان پڻ پرت جا پيچ پئجي ويس. ان وقت رات جو مامي علڻ جي اوطاق تي ڪچهري مچندي هئي. جڏهن رات جو سڀ اٿڻ جي ڪندا هئا ته ميهر به ساڻن گڏجي اٿندو هو، جيڪا ڳالهه کيس پسند نه هئي. هڪ رات جو جيئن ئي ڪچهريءَ موڪلايو ته ماما علڻ کين چيو ته ”توهان، ٻاهر هلو، باقي ميهر سان هڪ منٽ مون کي ڳجهو ڳالهائڻو آهي.“ همراهه جيئن ئي ٻاهر نڪتا ته مامي علڻ ميهر فقير کي چيو ته، ”مون کان جدائي برداشت نه ٿي ٿئي، ان جو بس هڪ ئي حل آهي ته ٻنهي مان ڪير هڪ زندهه رهي.“ ائين چئي هن هڪ چاقو ڪڍيو ۽ ميهر کي چيو ته ”هن چاقوءَ سان يا تون منهنجو پيٽ ڦاڙ يا مان تنهنجو پيٽ ڦاڙيان، اهو فيصلو توکي ڪرڻو آهي.“ ميهر کانئس چاقو وٺندي چيو ”تون ڇو منهنجو پيٽ ڦاڙين، مان ٿو تنهنجو پيٽ ڦاڙيان!“ ايتري ۾ ٻاهريان همراهه پهچي ويا، جن ميهر کي پڪڙي ورتو. ان ڏينهن مامو علڻ شهادت جي سعادت حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ هو پر سندس آس، آس ئي رهجي وئي.
    مامي علڻ ٻلهڙيجيءَ جي پيرزادن جي دهيراڻي پاڙي جي هڪ خوشحال گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد نور محمد مريدن خادمن وارو هو، کين ڪچي جي زمين جو به سٺو حصو هو. پنهنجو مال رزق به ججهو هو، ان ڪري مامي علڻ جوانيءَ جا ڏينهن وڏي ٺٺ ٺانگر سان گذاريا پر سندس والد جي وفات کان پوءِ هن جو ساڳيو ٺٺ ٺانگر نه رهيو. مامي علڻ کي هاءِ اسڪول ۾ پٽيوالي ملي وئي. اٽڪل ٽيهه پنجٽيهه ورهيه نوڪري ڪرڻ باوجود همراهه کي پينشن نه ملي پر هاءِ اسڪول جي نوڪريءَ وارا ڏينهن ئي سندس زندگيءَ جا بهترين ڏينهن هئا، ڇاڪاڻ ته هن جي جنت ۾ حورن جو ڪوبه تصور نه آهي، باقي غلمانن جي جهرمٽ ۾ هن جي زندگي گذري رهي هئي. مامي علڻ ٻه شاديون ڪيون. پهرين گهرواريءَ مان هڪ پٽ ”خان“ ٿيس، جنهن جي شاديءَ جا سانباها ٿي رهيا هئا جو گذاري ويو. مامي علڻ ۽ ڀائو خان ۾ وڏو قرب هو پر ٻنهي ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي چپقلش ٿيندي هئي ته به غلمانن تي، نه ته ٻيو مڙيوئي خير. مامي علڻ کي ٻي گھرواريءَ مان به هڪ پٽ سائين بخش ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. مامي علڻ نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ اهي ڌنڌا ڪيا، جن ۾ واهپيدار نوجوان ڇوڪرا هوندا هئا، جيئن برف جا ڳنڍا هلائڻ، ڀاڙي تي سائيڪلون هلائڻ وغيره. هاڻ به کيس ننڍڙو دڪان آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ ڪي چپس وغيره هوندا آهن، نه ته ڪل خير. مامي علڻ جو گفتو نڪرندو ته ماڻهوءَ کان پاڻمرادو کل نڪري ويندي آهي. هڪ نوجوان مامي علڻ کي چيو ”ناس اٿئي؟“ مامي چيو ”ها، گهڻي جي کپئي؟“ هن چيس ”ڏهين رپئي جي.“ مامي علڻ نڪ سندس سامهون ڪري چيو” اچ ناس پَٽ.“
    اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ همراهه کي کوتو چئي ڇيڙايو ويندو هو، ان مامي علڻ کي دانهن ڏني ته”ماما، هي مون کي کوتو ٿا چون، هنن کي سمجهاءِ!“ تڌهن مامي علڻ ڇورن کي چيو”اڙي، هي ٿي ويو آ گڏهه ۽ اوهان هن کي اڃا کوتو ٿا چئو!“ اهڙي نموني جڏهن سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجي شاخ قائم ٿي، تڏهن مامو علڻ به انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اسم تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو هو. هڪ دفعي هڪ ليکڪ جي بور ڪهاڻي تي تنقيدي راءِ ڏيندي چيائين،”ليکڪ کي اهڙي ڪهاڻي لکڻ بدران ٻڏي مرڻ گهرجي ها.“
    مامو علڻ هونئن ته پاڻ به پنهنجي گهر ۾ چڱو خاصو چيڙاڪ آهي پر جيڪو به ساڻس چڙيو ته صفا ڦاسي پيو. مامي علڻ جا وارهه واري پاسي ڪيترائي مريد آهن، جن ڏي اڪثر ويندو رهندو آهي. هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان وارهه بس ۾ ويٺو ۽ ويهڻ سان ئي پاسي وار ي همراهه کان پڇيائين ”ادا تون ڪير آهين؟“ اُن رکو جواب ڏنس ”ڇو؟“ وري ٿوري دير بعد مامي چيس ”پوءِ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ همراهه جواب ڏيڻ بدران کيس چتائي ڏٺو. تڏهن مامي علڻ چيس ”يار نالو کڻي ٻڌاءِ!“ ايتري ۾ هڪ سيٽ خالي ٿي ۽ همراهه اتان اٿي ان خالي ٿيل سيٽ تي ويهي رهيو، ٿوري دير بعد وڳڻن ۾ بس اسٽاپ ڪيو ۽ هڪ ڇوڪرو ”کير کنڊ واري چانهه“ جا هوڪا ڏيندو بس ۾ چڙهيو. مامي علڻ ان کي چيو ته ”اڳين سيٽ تي جيڪو پٽڪي وارو پوڙهو ويٺو آهي، اهو چانهه جو وڏو موالي اٿئي پر آهي ٿورو ٻوڙو، ان ڪري کيس ٿورو ڏاڍيان ٻڌائجان.“ گهورڙئي ڇوڪري وڃي ان جي ڪن سان منهن ملائي ڏاڍيان چيو ”کير کنڊ واري اسپيشل چانهه!“ پوڙهي ڇوڪري کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ مامي علڻ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ”ڀيڻيان صفا ڪو مروان آهين!“ ائين چئي پوڙهو بس مان لٿو هليو ويو.
    ساڳي طرح هڪ ٽانگي وارو ”ليمون“ لفظ تي چڙندو هو. مامو علڻ موهن جو دڙو اسٽيشن کان ڏوڪري لاءِ اچي ان ٽانگي تي چڙهيو. مامي سان هڪ نوجوان به گڏ هو، جيڪو سٺو ڳائي سگهندو هو. مامي ان نوجوان فنڪار کي ٻڌائي ڇڏيو ته جڏهن ڏوڪري فارم اچي ته مون کان پڇجانءِ ته اهي ڇا جا وڻ آهن. جڏهن فارم ڀرسان ٽانگو پهتو، تڏهن نوجوان مامي علڻ کان پڇيو ”ماما، هي ڇا جا وڻ آهن؟“ مامي جواب ڏنس ته”هي انبن، زيتونن، ڄمن ۽ ليمن جا وڻ آهن.“ ليمي جو نالو ٻڌڻ سان ٽانگي واري گاڏي روڪي کين چيو ته ”لهو منهنجي ٽانگي تان، اوهان جهڙن بدفضيلتن جي منهنجي بگيءَ ۾ جاءِ ناهي. پوءِ مامي علڻ کيس چيو:” يار ماما ڀلجي پيس، وري ان شيءِ جو نالو زبان تي نه آڻيندس. الله رسول کي مڃ، اسان کي ائين رڻ ۾ نه رول، هي نوجوان ڏاڍو سٺو فنڪار آهي، هاڻي هن جو راڳ ٻڌندا هلنداسين.“ نيٺ ٽانگي وارو راضي ٿيو ۽ مامي علڻ جي دوست راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. نوجوان جي راڳ تي ٽانگي واري جي ڪنڌ ڌوڻ پي پئي ۽ واهه نوجوان واهه نوجوان، خوش رهه، خوش رهه چوندو رهيو ۽ جڏهن ڏوڪري شهر جي ڀرسان آيا ته فنڪار آخري مصرع ۾ ”چئي ليمون“ چيو ۽ ٽانگي واري گاڏي بيهاري ٻنهي کي چيو ته”لهو!“ همراهن ٽانگي مان لهي جيئن ئي ان کي ڏوڪڙ ڏيڻ جي ڪئي ته ٽانگي واري کين چيو:”اهي به.... ۾ لنگهائي ڇڏيو.“ اهڙي نموني مامي علڻ جون کوڙ ساريون ڳالهيون آهن، جيڪي ڳائجن ٿيون.
    هڪ دفعي مامي علڻ جي دڪان تي مائي پري آئي، جنهن کيس چيو ته ”ادا علڻ سودو آهي؟“ مامي علڻ ٺهه پهه جواب ڏنس ”ڇا تي؟“ مائي پري گاريون ڏيندي واپس هلي وئي. مامي علڻ جون ٻئي گهرواريون راهه رباني وٺي ويون آهن، باقي پاڻ سڄو ڏينهن پنهنجي دڪان تي حقو ڇڪيندو رهندو آهي، جيڪو سڄي ڳوٺ ۾ هاڻ فقط مامي علڻ وٽ ئي وڃي رهيو آهي.

    (نوٽ: هيءُ مضمون مامي علڻ جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو هو. هُن 2013ع ۾ 91 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي).


    شهاب الدين ۽ امير بخش : ڇهي ۽ ڊهي

    هي ٻئي ڀائر هئا، ٻنهي شادي ڪا نه ڪئي ۽ پنهنجي عمر گذاري پيريءَ ۾ چالاڻو ڪينِ. ٻنهي جي طبعيت هڪ ٻئي کان مختلف هئي پر سڄو ڳوٺ ساڻن محبت ڪندو هو. هونئن ته هي چار ڀائَر آهن پر عبدالغفور ۽ قربان نوڪريون به ڪيون، شاديون به ڪيائون ۽ ٻنهي کي ٻار ٻچا به ٿيا. امير بخش پنهنجي طبيعت وارو ماڻهو هو. چرس جو موالي به هو. وڏو قداور مڙس هو. طاقت به هئس.ڪير به وزن کڻڻ ۾ ماري نه سگھندو هئس. جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌائين ته اهو منٽن ۾ ٿي ويندو پر جيڪڏهن جواب ڏنائين ته ڪير ڀلي ماري وجھيس، ان ۾ هٿ ئي نه وجھندو. ان ڪري سندس دوستن هنن جي ٻنهي طبيعتن جو نالو ”ڇهي ۽ ڊهي“ رکي ڇڏيو هو.
    امير بخش تعليم حاصل نه ڪئي، ان ڪري کيس سرڪاري نوڪري نه ملي، باقي هن هر ڪم ڪيو. ڪراچيءَ ۾ مزدوري ڪئي ته ڳوٺ ۾ به. هڪ دفعي هي ٽئي ڀائر ڪراچيءَ جي هڪ ڪوارٽر ۾ رهيا. سندن وڏو ڀاءُ شهاب الدين هنن کي ماني کارائڻ لاءِ سير کن ساوا مرچ وٺي آيو. هن ساون مرچن ۾ ڳاڙها مرچ وڌا ۽ ٿورو ذائقو بدلائڻ لاءِ ڪارن مرچن جي ڇنڊ به ان ۾ وڌي. اهي تري، مانيون پچائي ڀائرن کي چيائين ”اچو ته کائون.“ همراهن گرهه کائڻ سان ئي ماني مان هٿ ڪڍيا. شهاب الدين چين ”مان هيترو خرچ ۽ خفو ڪيو آهي، هاڻي ماني نه کائيندئو جو اوهان جي بادشاهي آهي. ڏسان ڪيئن نٿا کائو!؟“ ائين چئي همراهه ماني ٿڦڻ وارو ويلڻ کڻي بيهي رهيو. هاڻ ته همراهه ڦاسي ويا. نيٺ همٿ ڪري قربان ڀت ٽپي ڀڄي ويو پر امير بخش پڪڙجي پيو. هو روئيندو اکيون آليون ڪيو نڪ وهائيندو به رهيو ته ماني به کائيندو رهيو. پاءُ کن مرچ مس کاڌا هئائين جو سندن ڀيڻويو ڪاڪو عبدالرحيم پيرزادو اچي ويو، جنهن امير بخش کي ڇڏايو.
    امير بخش ٻلهڙيجي ڳوٺ جي هر دلعزيز شخصيت هو. ڪنهن جو به ڪاڄ ٿيندو هو ته جھُمر ضرور هڻندو هو. کيس چڱي خاصي گھور به پئجي ويندي هئي. ڳوٺ ۾ درگاهه ملوڪ شاهه تي ملاکڙا لڳڻ لڳا ته امير بخش عرف ”ميرو“ به ملهه وڙهڻ شروع ڪئي. جيئن ته هي قداور ۽ طاقتور مڙس هو، ان ڪري پهلوان کي مٿي کڻي ويندو هو پر کيس ملهن وارا اکر نه هوندا هئا، ان ڪري ماڻهن کي پيو ڏسندو هو ته هن کي ڪاڏي ڪيان. اهڙي نموني امير بخش جي ملهه ڏاڍو مزو ڪندي هئي.
    همراهه کي ڪجھه وقت چور ٿيڻ جو به شوق ٿيو، پر ٻين چورن سان گڏجي ڪڏهن به واردات نه ڪيائين. اڪيلو ئي اهو ڪم ڪندو هو. گھڻو ڪري ڪنهن هاريءَ جي ٻار کي ٻرو ڏيندو هو. هڪ دفعي وڏيري اِمن جي اوطاق ۾ رکيل ان مان هڪ پاچڪو چورائيندي پڪڙجي پيو.
    جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ”تو اهو ڏوهه جهڙو ڪم ڇو ڪيو آهي؟“ تڏهن جواب ڏنائين”ڏوهه جهڙو ڪم مون نه پر توهان ڪيو آهي. توهان کي جڏهن خبر آهي ته اسان موالي ماڻهو سگريٽ لاءِ پريشان آهيون ته پوءِ اوهان سرعام انُ ڇو ٿا رکو. ڪنهن گُنديءَ يا پليءَ ۾ انُ رکو ته اسان ڇو کڻنداسين!؟” امير بخش کي فقراءُ ۾ ڪنگ فقير به سڏيو ويندو هو.
    امير بخش اڪثر ڳوٺ جي فقراءُ سان سيوهڻ ويندو هو، جتي سندن بيٺڪ حقاني ڪافي هئي. اتان ڪڏهن ڪڏهن پيادل لاهوت به ويندو هو. 1987ع ۾ هو ڳوٺ جي سنگت سان قلندر شهباز جي ميلي تي ويو، جتان ڳوٺ وارا سڀ موٽي آيا پر امير بخش لاهوت وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. ان سال پاڻيءَ جي سخت کوٽ هئي ۽ هن جي طبعيت به خراب هئي، جنهن ڪري هن ڀت جبل جي پاڙ ۾ دم ڏنو ۽ اتي ئي کيس دفن ڪيو ويو.
    شهاب الدين به ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ ڏاڍو پئسو ميڙيو پر کپايو ڪجھه به نه. طاهري تي چڙندو هو. گھڻو پوءِ خبر پئي ته همراهه ڪمند جي چيچڙي تي تازو ڳڙ کائڻ ويو هو ۽ اهو جھجھائيءَ سان کائڻ ڪري کيس دست ٿي پيا هئا. پوءِ ڳڙ جو نالو وٺڻ بدران ڇوڪرن طاهري چوڻ شروع ڪيو ته اها سندس چڙ بڻجي وئي، ڇاڪاڻ جو سمجھي سڀ ڪجھه پيو.
    شهاب الدين ڪڏهن به بيماريءَ ۾ دوا نه ورتي. ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي (صحافي انور پيرزادي جي ڀاءُ) وٽ ملازم هو. جڏهن به بخار ٿيندو هئس ته دوا نه وٺندو هو. سنگت ساٿ ٽوڪيندي هيس ته ”هيڏو ٿو ڪمائين، ڪهڙا پٺتي ٻار ٻچا اٿئي. مرين ٿو ته به دوا نٿو وٺين، ميان ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکار!“ تڏهن به شهاب الدين جو هڪ جواب هوندو هو ته ”منهنجي بخار جو علاج ڪنهن به ڊاڪٽر وٽ ناهي، منهنجو بخار بي پيرو آهي. جيستائين ان جي بي عزتي نه ٿيندي، تيستائين هرگز نه لهندو. توهان مهرباني ڪري مونکي عبدالرحيم وٽ ڇڏي اچو. منهنجو علاج فقط ان وٽ آهي.“ صبح جو کيس همراهه سندس ڀيڻيوي عبدالرحيم (صحافي زلف ۽ سهيل جي والد) وٽ ڇڏي ايندا هئا. اتي هو کيس علاج جي گذارش ڪندو هو. ڪاڪو عبدالرحيم ٺپ جواب ڏئي ڇڏيندو:” نه بابا، اهو ڪم مون کان نه ٿيندو. اسان فقراءُ ماڻهو، ڪنهن سان ڳورو ڳالهائيندا ئي نه آهيون. هونئن تو منهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ جو مان ائين ڪيان.“ پوءِ شهاب الدين ابداڻي مان ڏوڪڙ ڪڍي ڪاڪي عبدالرحيم جي تريءَ تي رکندو هو ۽ ٻانهون به ٻڌندو هو. اهي ڏوڪڙ کيسي ۾ رکي ڪاڪو عبدالرحيم شروع ٿي ويندو هو: ”ڀيڻان ٿوڪا، نه گھر جا نه گھاٽ جا، رڳو رلندا وتندا، هنن کي ڪو موچڙو هڻڻ وارو ناهي. پرائي مال تي وتندا مکين وانگر لامارا ڏيندا. لوسي ڪنهن جاءِ جا!“
    مائٽ شهاب الدين جو منهن ٽامڻي هڻي ويندو هو ۽ ڪاوڙ ۾ سڄو ڦوڪجي ويندو ۽ سندس جسم ڏڪڻ لڳندو هو. تڏهن ڪاڪو عبدالرحيم ويٺلن سان مخاطب ٿيندو هو: ”اڙي وجھو لوسيءَ مٿان رلهي، کائڻ جا کرا ڪم جا ٻرا، نڀاڳا چنڊا.“ ٻئي ڏينهن ڪاڏي ويو بخار، شهاب الدين وري اهڙي جو اهڙو. هن 2009ع ۾ وفات ڪئي.


    ڪاڪو الاهي بخش پيرزادو : مجاز جو ماريل

    ميان الاهي بخش پيرزادي کي سڄو ڳوٺ ”ڪاڪو الاهي“ چوند هو. هن کي ايگريڪلچر کاتي ۾ نوڪري هئي. گھڻو عرصو دادوءَ ۾ گذاريائين. رٽائرمنٽ کانپوءِ ڳوٺ ۾ دڪان کولي ويٺو. ڪاڪو الاهي بخش شاعر به هو، هن ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي منظوم تاريخ لکي پر پوءِ اهو نظم محفوظ نه ٿي سگھيو. صحافي انور پيرزادي ڪاڪي الاهي بخش جي شاعريء تي تبصرو به شايع ڪرايو هو.
    عمر جي آخري حصي ۾ ڪاڪو الاهي بخش مجاز ڏانهن مائل ٿي پيو ۽ سندس دڪان تي سهڻن جا جھميلا هوندا هئا. ان ڪري هن جا رقيب به گھڻا هوندا هئا ۽ اهي هڪٻئي تي شعر ٺاهيندا رهندا هئا ۽ انهن ۾ هڪٻئي جون خاميون بيان ڪندا هئا. ان وقت اسان جي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هڪ خوبصورت نوجوان هوندو هو. عاشقن ان جي اچڻ ۽ وڃڻ جو ٽائم نوٽ ڪري ڇڏيو هو. ان وقت سڀ عاشق سينگارجي کيس رانئڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ان نوجوان کي جنهن سان به کلندي ڏسندا هئا ته ان تي پچي سڙي پڄري ويندا هئا. پوءِ شاعريءَ ۾ ان تي ڪا نه ڪا ٺٺول ڪندا هئا. اهڙي ئي نموني سيد اشرف شاهه جڏهن ڪاڪي الاهيءَ تي شعر ٺاهيو ته هن مٿس جوابي شعر هيئن ٺاهيو:
    اشل شاهه به ٿيو شاعر آ
    ڄڻ ٻگھن ۾ ڪانئر آ
    ٺاهه ٺڳن ۾ ٺانگر آ
    ماڇين ۾ ڄڻ گابر آ.
    ان شعر جا اٽڪل ويهه کن مصرع هئا، جيڪي هينئر ياد نه رهيا آهن. اهڙي نموني ڳوٺ جو هڪ ٻيو سيد سڳورو سيد حضور شاهه سندس رقيب بڻيو. ان به ڪاڪي الاهيءَ تي هڪ شعر ٺاهيو، جنهن جو جواب هيئن ڏنائين:
    حضور شاهه هزاري، شاعرن ۾ بيماري.
    ڪاڪي الاهيءَ جو تعلق ناجيه جماعت لواري شريف سان هو. سندن چوڻ آهي ته اهي روزي، نماز ۽ ٻين مذهبي پابندين کان آجا ۽ ڇٽل آهن. سندن ڪم فقط مرشد جي ثناخواني آهي. جڏهن سندس ننڍي پٽ حق نواز نماز پڙهڻ شروع ڪئي ته ڄڻ کيس دلي صدمو رسيو.
    ڳوٺ جو ملان اذان ڏيڻ کان اڳ ”الصلوات والسلام عليڪ يا حبيب الله“ چوندو هو. تن ڏينهن ۾ ڳوٺ جي مسجد کي نئون نئون لائوڊ اسپيڪر مليو هو. قدرت خدا جي حبيب الله جيسر جو ڀاءُ عبدالله جيسر چورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو ۽ ان جي ٻئي ڀاءُ محمد خان جيسر جي گھر واري ويم دوران گذاري وئي. ڪاڪو الاهي چوڻ لڳو ته حبيب الله ڪري ڪري مولانا، حبيب الله جو سڄو خاندان ئي چٽ ڪرائي ڇڏيندو.
    ڪاڪو الاهي نامياري شاعر مير محمد پيرزادي جو ڀيڻويو ۽ سالو به هو. هن جو پٽ عبدالحق صحافي آهي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ هادي ۽ ان جو پٽ سائل پيرزادو به سٺو شاعر آهي. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به سندس اوطاق تي ٿينديون هيون ۽ سياسي ادبي دوستن کي پڻ ڪاڪي الاهيءَ جي اوطاق تي ترسايو ويندو هو. ڪاڪو الاهي پاڻ کي تنقيدي شاعر سڏائيندو هو ۽ ”بخش“ تخلص استعمال ڪندو هو.
    ناجيه جماعت جا درگاهه لواري شريف جي گادي نشينيءَ واري مسئلي تي اختلاف ٿيا، تڏهن ڪاڪي الاهي خليفي فيض محمد جي حمايت ڪئي، جنهن ڪري بي گروپ جي تنقيد جو نشانو بڻيو ۽ مٿس ڪيترائي الزام لڳا، جن ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو.
    ڪاڪي الاهي 1988ع ۾ وفات ڪئي. سندس پونئير هن جي شعرن واريون ڊائريون سنڀالي نه سگھيا. وفات وقت سندس عمر اٽڪل 68 ورهيه هئي.


    سوڍو اوڏ : زماني کي پٽيون پڙهائيندڙ

    هن جي پنهنجي برادريءَ کان وڌيڪ مسلمانن سان لڳندي هئي ۽ اهڙي ڪا به سماجي برائي نه هئي جيڪا سوڍي ۾ نه هجي. چوريءَ جي ته پٽ پيل هئس. هن جو سالو نول اوڏ ڏوڪريءَ جو مالدار شخص هو. کيس ٺيڪن مان ججھو ناڻو هٿ آيو هو، جنهن ڪري سوڍي جون چٽيون ويچاري نول کي ڀرڻيون پونديون هيون. سوڍو پنهنجي عادتن کان ڪڏهن به باز نه آيو. هونئن ته اوڏ محنت مزدوري جي حوالي سان ئي سڃاتا ويندا آهن، ڪنهن به محنتي ماڻهو کي داد ئي هيئن چئي ڏنو ويندو آهي ته ”يار ڪمائيندڙ ته ڪو اوڏ آهين!“ سو سوڍو به پورهيت هو، ڪم جو جوان ۽ جانٺو مڙس هو. هو پٺاڻن، خرڪارن سان هڪ ٻه ڏينهن ڪم ڪندو هو، جيڪي هن جي ڪم مان جڏهن مطمئن ٿي ويندا هئا تڏهن هو کانئن چڱي خاصي ايڊوانس طلب ڪندو هو. پئسن ملڻ کانپوءِ سوڍو اها جوءِ ئي مَٽي ويندو هو ۽ پٺاڻ خرڪار کيس ڳوليندا رهندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن خرڪار کان پئسا نه ملندا هئس ته انهن جا گڏهه چورائڻ لاءِ وس ڪندو هو. اهڙي طرح اوڏن، چهواڻن، داين، نونارين ۽ ٻين خرڪارن جا گڏهه کائي ويندو هو. ڪيترن ئي مٿس چوري ٿيل گڏهه سڌا ڪيا پر هي به چوٽان چوٽ هو، ڪنهن کي به چوريءَ ڪيل گڏهه نه موٽايائين.
    پنهنجي برادريءَ سان ته اصل نه پوندي هئس. سڄي برادري سوڍي تي ڏمريل هوندي هئي. ڪو به اهڙو اوڏ نه هوندو، جيڪو سوڍي جو شڪار نه ٿيو هجي. ڪيترن ئي مسلمانن کي به پٽيون پڙهائي ڇڏيائين. اوڏڪي ڀت يا ڪوٽ کڻائڻ لاءِ جڏهن هِن ڏي ايندا هئا ته سوڍو پنهنجي غريبي ۽ ٻارن جي بيماريءَ جو پٽڻو پٽي کانئن سڄي ڪم جا اڳواٽ ڏوڪڙ وٺي ڇڏيندو هو. همراهن جا ايلاز پيا پوندا هئا پر سوڍو کين وٺ ئي نه ڏيندو هو. پوءِ ڪي ماڻهو سيٺ نول کان رقم وصول ڪري ويندا هئا پر گھڻن جا ڏوڪڙ هضم ۽ هڙپ ڪري ويندو هو. سوڍو ڪنهن نه ڪنهن ٺيڪيدار کان ايڊوانس جا ڏوڪڙ وٺي وڃي جوا جي ٽڪريءَ تي ويهندو هو. پوءِ ڪڏهن ته پئون ٻارهن هوندي هئس، نه ته همراهه هڪ ڌڪ ۾ سڀ پئسا هارائي جُوءِ مَٽي ويندو هو. وري ڪنهن ٻئي همراهه کي ڏڏر ڏئي ڪجھه سڌو ٿيڻ جا جتن ڪندو هو. هڪ ڀيري ته ڪميڻپ جي حد ڪندي زال کي داءُ تي رکيائين، جنهن ۾ هارائي ويو. پاڻ ته گھر ڇڏيون هليو ويو، همراهه به اچي گھر پهتس. شاباس هجي سندس سالي نول کي جنهن همراهه کي ان ئي وقت جھجھا پئسا ڏنا ۽ ڀيڻ کي پنهنجي گھر ۾ ويهاري ڇڏيو پر ٽن مهينن کانپوءِ سوڍو سنگتي ساٿي وٺي وري پنهنجي سالي کي پرچائي، زال وٺي ويو.
    سوڍو 1950ع ڌاري ڄائو، هاڻ به زندهه آهي، پر سندس اهي جوهر نه رهيا آهن. هاڻ هن کي پوٽا به ڄاوا آهن. اڄ سوڍي ۾ اها ٺڳي ۽ چوري ته نه رهي آهي، البت نشو سو ساڳيو ئي ڪري ٿو. ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڀنگ پيئندو آهي، باقي سلفيون جيتريون مليون.
    سوڍو اوڏ اڄ به پنهنجي روايتي لباس ۾ نظر ايندو آهي. مٿي تي پٽڪو ٻڌندو آهي. باقي گاريون اوڏن توڙي مسلمانن کي هڪجهڙيون ڏيندو آهي ۽ اهي به کيس اهڙي ئي عزت ڏيڻ فرمائيندا آهن. سوڍو اوڏ اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي شهر ۾ رهي ٿو، پٽن توڙي ڌيئرن کي نوڪريون اٿس. هاڻ اهي مٿس ڪنٽرول ڪري ويا آهن.


    استاد عيدل خان سومرو : استاد، شاعر، ڊراما نويس، اداڪار ۽ رانديگر

    ٻلهڙيجيءَ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ استاد عيدل خان سومري جي خدمتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. استاد عيدل خان سومرو ڳوٺ ۾ ”سائين عيدل“ جي نالي سان مشهور هو. هن نه رڳو ٻارن کي تعليم ڏني پر غيرنصابي سرگرمين ۾ به وڌي چڙهي حصو ورتو.
    سائين عيدل استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، اداڪار ۽ بهترين رانديگر به هو. سائينءَ جو جنم 1931ع ڌاري ڳوٺ سخي شاهه جمال ۾ ٿيو. 1936ع ۾ وڏي ٻوڏ اچڻ ڪري سندس خاندان به ڪچي مان لڏي موجوده ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي مسلم اسڪول مان فائنل پاس ڪري 1948ع ۾ نائب ماستر مقرر ٿيو.
    سائين عيدل خان سومرو گھڻو عرصو ڳوٺ ۾ رهيو ۽ ڪجھه سال شهدادڪوٽ ۽ ڪاراڻي ۾ به استاد ٿي رهيو. سائين شاگردن کي فائنل جي تياري ڪرائيندو هو. سنڌي ستن درجن واري فائنل پاس ڪرڻ ان وقت وڏي ڳالهه هئي، جنهن ۾ ادب، جاگرافي، حساب، تاريخ ۽ ٻيا مضمون پڙهايا ويندا هئا. فائنل جي تياري ڪندڙ شاگردن کي رات جو ٽائيم ڏيندا هئا ۽ صبح جو سوير به سندن ڪلاس ورتا ويندا هئا. ان وقت بجلي نه هئي، شاگردن ۾ ايتري مالي طاقت به نه هئي جو اهي گاسليٽ يا تيل خريد ڪري سگھن، تنهن ڪري رات جو وڏا مچ ٻاري ويهي پڙهندا هئا. ان لاءِ شاگردن کي رڳو ڪاٺيون ڪرڻيون پونديون هيون. استاد عيدل شاگردن کان ان تياريءَ جو ڪو به معاوضو نه وٺندو هو. حالانڪه اها سندس ڊيوٽيءَ ۾ شامل نه هئي.
    استاد عيدل شاعر به هو، زماني جي گردش ڪري سندس لکيل شعر هينئر محفوظ نه رهيا آهن. ڪاڪي انور صاحب جي 1968ع ۾ لکيل ڊائريءَ مان پتو پوي ٿو ته هُو ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ان ڊائريءَ ۾ انور صاحب جو چوڻ آهي ته ”اسان سنڌي ادبي سنگت کي ترقي پسند جماعت بڻائڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته سائين عيدل ۽ سائين لال بخش ان کي ٻئي طرف وٺي هلڻ ٿا چاهين.“سائين عيدل خان سومرو ان وقت جي روايتي شاعرن جي تقليد ڪندو هو ۽ ديوان حافظ، ديوان بلبل جهڙا ڪتاب شوق سان پڙهندو هو. سائين عيدل اسڪول ۾ ٻارن کان ڊراما به ڪرايا جيڪي ڪجھه هن پاڻ لکيا ۽ ڪجھه ٻين ليکڪن جا هئا. هن شيڪسپيئر جو هڪ ڊرامو به اسٽيج ڪيو. ڳوٺ ۾ سائين عيدل جي ڪوششن سان ڪيترائي اسٽيج ڊراما ٿيا جن ۾ سائين پاڻ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا جنهن کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو.
    سائين عيدل والي بال جو به سٺو رانديگر هو، سينٽر تي کيڏندو هو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ رانديون ڏسڻ ويندو هو. والي بال، ڪرڪيٽ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملهه به شوق سان ڏسندو هو ۽ اهڙيون رانديون ڪرائيندڙ نوجوانن سان هر قسم جو سهڪار به ڪندو هو.
    اسڪولن وچ ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تقريري، تحريري توڙي نعتن جا مقابلا ٿيندا هئا ته سائين عيدل پنهنجا تيار ڪيل شاگرد وٺي ويندو هو، جن کي انعام به ملندا رهندا هئا. اهڙي نموني کيس ليڪچر ڪرائڻ لاءِ به گھرايو ويندو هو. سائين عيدل انور صاحب ۽ قربان صاحب جن کي به پڙهايو ته مونکي، غوث ۽ مسرور کي به پڙهايو. توڙي جو هن پنجٽيهه ورهيه تعليم کي ڏنا ۽ اڃا به سندس رٽائرمينٽ ۾ ٻه چار سال هئا، جو هن رٽائر ڪري ڇڏيو. چئي:”ميلو متو ڇڏجي.“ سائين عيدل 1984ع ۾ رٽائر ڪيو. ان کان پوءِ هن پنهنجو هلڪو سلڪو ڪاروبار ڪيو، جنهن مان کيس فائدو نه پهتو. سائين شڪار جو به شوقين هو. هن پاڻ کي پوڙهو ڪڏهن سمجهيو ئي نه هو. ان ڪري سدائين جوانن جي جھرمٽ ۾ رهندو هو. هن تتر به ڌاريا ته ڪڏهن ڪڏهن ڪڪڙ به سندس بغل ۾ڏسڻ ۾ ايندو هو.
    سڄي ڄمار ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين. هڪ دفعي سندس پٽن سان هڪ اوباش نينگر جو جھيڙو ٿي پيو، جيڪو سائين عيدل جو شاگرد ٿي رهيو هو. سمجھائڻ تي استاد شاگرد جو رشتو وساري سائين عيدل کي به گھٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جنهن تي ٻيا ماڻهو کيس پادر هڻڻ لاءِ تيار ٿي ويا پر سائين عيدل کين ٻانهون ٻڌي ان ڇوڪري کي ڇڏايو ۽ ماڻهن کي چيو ته ”هي به مونکي پٽن جهڙو آهي، پٽ جون گاريون پيءُ کي نه لڳنديون آهن.
    عمر جي آخري ڏينهن تائين سائينءَ جون ڪچهريون قائم رهيون. سائين عيدل پنهنجي ڌيءُ سان گڏ پڙهائيندڙ ماسترياڻين کي گھرايو، کين ماني کارائي. کانئن حال احوال ورتا ۽ ساڻن ڪچهري ڪندي سندس جسم مان روح جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. سائين عيدل کي ٽي پٽ ۽ ست ڌيئرون آهن، جن مان چار نياڻيون ۽ هڪ پٽ درس و تدريس سان لاڳاپيل آهن.


    قمر لاڙڪ : يارن جو يار

    ڏاڏو قمر الدين لاڙڪ تعلقي ڏوڪري ۽ ميهڙ جي دنگ تي ڳوٺ واڍا ناڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. هُو کلڻو ملڻو يار ويس ماڻهو هو. هن کي ڏسي ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيندو هو ته هي جيترو ٻاهران خوش آهي، سندس اندر اوترو اڌ آهي.
    هن جي دوستيءَ جو هڪ قصو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان: ڏاڏي قمر لاڙڪ جي ولي محمد ”ولو“ پنهور سان دوستي هئي. ولو پنهور ضلعي نوشهروفيروز جو رهندڙ هو. هو هڪ روپوش دوست سان قمر لاڙڪ وٽ پهتو ۽ ان جي ٻانهن کيس ڏيندي چيائين: هي به منهنجو تو وانگر ڀاءُ آهي. پنهنجي ملڪ ۾ مفرور آهي. اهو مهمان وٽن ڪجهه وقت رهيو. پوءِ قمر جو ننڍو ڀاءُ ظفر ان مهمان کي ڏوهه لاءِ وٺي ويو، جتي کين جهجهو مال هٿ آيو، جنهن ڪري ظفر جي دل ۾ بيماني ۽ لالچ پيدا ٿي وئي ۽ هن درياهه جي ڀر تي ماني کائيندڙ پنهنجي مهمان کي بندوق جو فائر ڪري لاش سنڌوءَ جي لهرن حوالي ڪري ڇڏيو. مهمان کي غائب ڏسي قمر جا هوش خطا ٿي ويا ۽ هن سندس ڳولا شروع ڪري ڏني. نيٺ خبر پئجي ويس ته اهو سڄو ڪم سندس ننڍي ڀاءُ ڪيو آهي. قمر پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي گرفتار ڪرايو ۽ هر حاضريءَ تي سندس خلاف شاهدن سميت حاضر ٿيندو رهيو. نيٺ خون جي ڏوهه ۾ ظفر کي عمر قيد جي سزا ملي. جڏهن ولو پنهور سڄي وارتا کان واقف ٿي وٽس پهتو ته لڄ کان قمر سندس سامهون ئي نه پئي ٿيو. نيٺ هڪ هنڌ تي وڃي کيس هٿ ڪيائين ۽ ڀاڪر ڀري چيائين: ”اڙي، دوستي ختم نه ڪنداسين، اهو ته ڪجهه به ناهي.“
    ٻنهي جي دوستي مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهي. اسان ٻنهي کي اٽڪل 60 ورهين جي ڄمار ۾ ڏٺو، تڏهن به هڪ ٻئي سان ٻارن وانگر چرچا ڪندا هئا. ظفر جا ان وقت ٻارڙا ننڍا هئا، انهن کي به قمر پاليو. پنهنجي پٽ کي سندس نياڻيءَ سان پرڻايائين ۽ پنهنجي نياڻي ظفر جي پٽ کي ڏنائين. 20 ورهيه بند جا ڪاٽي جڏهن ظفر ٻاهر آيو ته قمر نه ساڻس مليو ۽ نه ئي وري قمر جي سامهون ٿيڻ جي ظفر کي جرئت ٿي. هو ڏهه ورهيه پوءِ به زنده رهيو، جڏهن مري ويو ته به قمر سندس منهن نه ڏٺو.
    قمر لاڙڪ چور نه هو پر پنهنجي ڪجهه اصولن جي ڪري تر جي وڏيرن کي ناپسند هو. سنڌ جي وڏيري جو وڏو هٿيار ٿاڻو رهيو آهي، ان ڪري وڏيرا کيس ٿاڻن تي گهلرائيندا رهندا هئا. ڏاڏو قمر پنهنجي عمر جا 20 سال کن جيلن ۾ رهيو. منهنجي پيءُ سان به جيل ۾ دوستي ٿيس پر اڳتي هلي هو منهنجي پيءُ کان وڌيڪ منهنجي چاچي جانيئڙي سنڌيءَ جو دوست بڻجي ويو. مون کيس پهريون ڀيرو 1985ع ۾ گورنمنٽ فروٽ فارم ميرپورخاص ۾ ڏٺو، جتي هو چوڪيدار هو. ميرپورخاص جي ڪوارٽر ۾ مون مڪمل سامياوادي نظام ڏٺو. جيئن ته منهنجو چاچو قومپرست سياست ۽ سائين جي ايم سيد سان عشق جي حد تائين چاهه رکندڙ آهي، ان ڪري سندس محبت ۾ هو به قومي خيالن وارو بڻجي ويو.
    ميرپورخاص جي ان ڪوارٽر ۾ يڪتارو، گهاگهر ۽ ڍولڪ رکيل هئا، جتي سڀئي همراهه ڳائيندا به رهندا هئا. قمر لاڙڪ گهڙي وڄائڻ جو ماهر هو. ان سان گڏ شاعري به شروع ڪيائين. اهو جنرل ضيا جي مارشل لا جو دؤر هو. ان وقت هن، جنرل ضياء جي خلاف هڪ شعر ٺاهيو:
    توکي ڪرسيءَ تان هاڻي لهڻ کپي
    توکي ڦاسيءَ تي هاڻي چڙهڻ کپي،
    جي شمرا توکي شرم هجي
    هڪ منٽ نه توکي رهڻ کپي.
    جانيئڙو سنڌي اهو گيت اسٽيج تي اڪثر ڳائيندو رهندو هو. توڙي جو هو ان وقت سرڪاري نوڪريءَ ۾ به هو. اهڙي طرح قمر لاڙڪ سائين جي ايم سيد جي شان ۾ به ڪجهه گيت لکيا، جيڪي جانيئڙو سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻيا قومي فنڪار جيئي سنڌ جي اسٽيجن تي ڳائيندا رهندا هئا.
    سيد سنڌ ۾ ٻيا به گهڻا پر واهه سيد سن وارو آ
    واهه سيد سن وارو آ، سنڌين جو ته سهارو آ.
    جڏهن 1988ع ۾ سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين جو قتل عام شروع ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ورهاڱي جا نعرا هنيا پئي ويا، تڏهن قمر لاڙڪ هي ڪلام ٺاهيو:
    سنڌ جو کائي وڙهين، نمڪ اٿئي اٽڪيل نڙي
    بي نوس آن، نه نڪ ٿئي، ٿڪ ٿئي ڙي ٿڪ ٿئي.

    الڳ علائقا ٿو گهرين ۽ سنڌ ٿو ٽڪرا ڪرين
    واپس وڃڻ جو شوق ٿي، يا موچڙن جي سڪ ٿئي.

    قمر لاڙڪ جي شاعري نعري بازيءَ واري هئي جيڪا سيد جي ڏنگن ٻارن کي گهڻي وڻندي هئي. هن جا آخري ڏينهن ڪراچي، ميرپورخاص ۽ ٽنڊي ڄام ۾ گذريا. سندس وڏو پٽ عبدالستار واڍڪي ڪم جو شاهه ڪاريگر هو، جيڪو 25 ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پٽ جي جدائي قمر کي جهوري وڌو پر مڙس جي همت کي سلام آ، جو نه ڳوڙهو ڳاڙيائين، نه رنو ۽ نه پار ڪڍيائين. سندس اندر اڌ هو، تڏهن به چرچا گهٻا ختم نه ڪيائين. مون سان سندس جهيڙو جاري رهندو هو.
    قمر لاڙڪ جي ڪجهه دوستن مواڇ ڳوٺ ڪراچيءَ جي ڀرسان ڪاڇيلو ڳوٺ ۾ پلاٽ ورتا. ڪاڪي قمر چيو ته آئون اهو پلاٽ مفت ۾ وٺندس. ڪاڪي قمر هڪ رات چلو ڪڍيو ۽ ٻئي ڏينهن تي ڳوٺاڻن کي ٻڌايو ته هتي هڪ پير بابا برڪت علي شاهه مدفون آهي. ڳوٺاڻن جو اتي زمين کي کوٽيو ته اتان پٿر نڪتا، جيڪي خوشبودار هئا. هڪدم سيد برڪت علي شاهه جي بُٺي ٺهي وئي. ان تي سُکائون باسجڻ لڳيون. پوءِ ڪن همراهن ڪاڇيلن کي ٻڌايو ته اهو سڄو قمر جو ٽڪساٽ آهي ۽ اتي ڪوبه پير درويش پوريل ناهي. ڪجهه جوشيلن جوانن ٽيڪم هڻي پير برڪت شاهه جي قبر مبارڪ ڊاهي ڇڏي. اتفاق سان هفتي کن اندر ڪاڇيلن جي هڪ همراهه جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو. ٻيو ته هنن جو پنهنجي ذات وارن سان جهيڙو هلندڙ هو، اهي به وينون ڀرائي کين ڳوٺ ۾ ڏنڊا هڻي ويا ۽ سندن ٻه همراهه گرفتار به ٿي پيا. پوءِ ته ڪاڇيلا ٻارين ٻچين ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي پير برڪت شاهه کي پرچائي سندس بُٺي ٻيهر ٻڌي ويا پر پوءِ ڪاڪي قمر جي پِير برڪت مان دلچسپي ختم ٿي وئي.
    ڏاڏي قمر عمر جا آخري ڏهاڙا مواڇ ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي هڪ دوست جي ڪارخاني تي چوڪيداري ڪندي گذاريا. سندس ميرپورخاص واري سنگت ڇڙوڇڙ ٿي وئي هئي. هاڻ سندس صحبتي سگهڙ هئا ۽ انهن جي صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. مٿس دادن فقير جو به چڱو اثر هو.
    گڏهه جهڙي زناور کي به ڪيڏي نه عزت آ گاڏن ۾
    سدا سهڻيون وتن سڙنديون، گنجيون گدليون به لاڏن ۾
    ڇڏي مينهون ڀليون ڀوريون، وجهن ٿا ونگ پاڏن ۾
    ٿين ٿا ظلم پيا ظاهر، فنا جي ڦوڪ ته به ناهي
    خبر ناهي الائي ڇاهي.
    1998ع ۾ ڏاڏي قمر کان آئون سندس شاعريءَ جو نوٽ بوڪ کڻي آيس. کيس چيم ته اهو اوهان کي ڪمپوز ڪري واپس ڏيندس. مون ان وقت جي ڪجهه اخبارن روزاني برسات ۽ جاڳو ۾ قمر جا ڪجهه شعر به شايع ڪيا. هڪ ڏينهن فون ڪري چيائين ته مونکي منهنجو بوڪ واپس ڏي. کيس چيم ته ڏاڏا اوهان کي غلط فهمي ٿي آهي. نه اوهان مونکي اهو بوڪ ڏنو آهي ۽ نه ئي وري منهنجي اوهان سان ٻن سالن ۾ ڪا ملاقات ٿي آهي. فون تي سٺي عزت افزائي ڪيائين پر همراهه جي زندگيءَ جي پونجي فقط اهو بوڪ هو، ان ڪري ڪراچيءَ کان ڪاهه ڪيائين ٻلهڙيجي. مان به اتفاق سان ڳوٺ آيل هئس. اتي سڄي سنگت سان منهنجي شڪايت ڪيائين. اتي به کيس چيڙائڻ لاءِ ٿوري پڪائي ڪيم پر سڄي سنگت اُکين تي کڻي ڏنو. پوءِ کيس چيم ته اهو ڪتاب اوهان کي ڪراچيءَ ۾ ملي ويندو. ڪراچيءَ ۾ کيس ڪتاب ڏيڻ ويس. ان وقت ٿورو بيمار هو. چيائين: ايوب (سندس پٽ) چوي ٿو ته هاڻ چوڪيداري ڇڏ ۽ هلي مون سان ڳوٺ رهه... پر هنن يارن کي ڪو اهڙو ماڻهو نه ملندو. ڪيئن ڪريان؟
    ڏاڏي قمر 2005ع ۾ وفات ڪئي. کيس سندس گهر ٻاهران مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    وڏيرو اِمنُ : جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس

    ويڪرو، ڳاڙهو ڳٽول منهن، ان تي ٺهندڙ ڊگھا شهپر، وڏيون سرخ اکيون، ويڪري ڇاتي، مٿي تي 14 والن جو مولهيو، بنا ڪالر وارو ڪرتو ۽ وڏي سفيد شلوار، ڀٽائيءَ جي سٽ: ”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس“ جي هوبهو تصوير. اهو هو مهين جي دڙي ڀرسان آباد ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو امام بخش پيرزادو، جيڪو تر ۾ ”وڏيري اِمن“ جي نالي سان مشهور هو. هن تي ”وڏيرو“ لفظ ايئن ٺهندو هو، جيئن اهو خطاب وڏيري شاهنواز جوڻيجي تي ٺهندو هو. جهڙي ڌڻي صورت ڏني هيس، اهڙيون ئي کيس خوبيون عطا ڪيون هئائين. هُو گفتي جو گوهر، سماجي سائنس جو ڄاڻو، ثقافتي ورثي سان محبت ڪندڙ، ڪلاسيڪل راڳ جو عاشق، شهسوار، علم، ادب ۽ سونهن جو متلاشي، بهترين رانديگر ۽ هڪ انقلابي ماڻهو هو. اڄ سڄي سنڌ ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي جيڪا سڃاڻپ آهي، ان ۾ هن ڳڻن جي ڳهير شخص جو وڏو حصو آهي. توڙي جو هن جو اٿڻ ويهڻ تر جي وڏن وڏيرن سان هو پر هيءُ پنهنجي سڀاءُ ۾ عوام دوست هو. هن ڳچ سارا ڳڻ ڪيا ۽ ڪڏهن به اوڳڻ اوڏو نه رهيو.
    وڏيري اِمن جو جنم 1925ع ڌاري ڳوٺ غلام حيدر پيرزادي ۾ ٿيو، جيڪو 1936ع واري مها ٻوڏ ۾ دادلي درياهه جي پائيندڙ جو شڪار ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو هو. اهو ڳوٺ مهين جي دڙي کان 5 ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌوءَ جي کاٻي ڀر تي، ڪچي ۾ هو. ان ڳوٺ جا رهواسي سِر بچائي مهين جي دڙي کان 2 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ٻلهڙيجي ڳوٺ آڏو خالي پيل پٽ تي جھڳا اڏي ويهي رهيا. توڙي جو نئين ڳوٺ جو نالو ”حاجي لعل بخش شيخ“ رکيو ويو، جيڪو اڄ به اسڪول ۽ سرڪاري عمارتن تي لکيل آهي پر اسان جي وڏڙن هن ڳوٺ جو نالو ”ٻلهڙيجي“ ئي رهڻ ڏنو.
    صوفين ۽ سنتن جي تعليم سبب ٻلهڙيجي ڳوٺ ڪڏهن به انتها پسنديءَ جو شڪار ناهي رهيو ۽ وڏيري اِمن به پنهنجي الهڙ جوانيءَ جا ڏينهن پنهنجي هندو دوستن سان رانديون ڪندي گذاريا هئا. هيءُ جڏهن ڦوهه جوانيءَ کي پهتو، تڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب ڳوٺ کي ٺاهيندڙ ۽ سينگاريندڙ راڻا پنهنجا محل ۽ ماڙيون ڇڏي روانا ٿي ويا. جنهن جو ارمان کيس ڀونءِ ڀيڙو ٿيڻ تائين رهيو.
    وڏيرو اِمن ڪو وڏو زميندار نه هو، وٽس بس زمين جو هڪ ايترو ٽڪرو هو جنهن مان عزت سان گذر بسر ٿي ويندو هو، پر هن جي شخصيت ۾ اهڙي ڏيا ۽ ڪشش هئي جو هزارين ايڪڙ زمين رکندڙ زميندار به سندس صحبت لاءِ سڪندا هئا ۽ جڏهن هو ڪنهن معاملي جو فيصلو نه ڪري سگھندا هئا، تڏهن وڏيري اِمن کان صلاح وٺڻ ايندا هئا ۽ هيءُ مشڪل مسئلي کي به آسانيءَ سان سلجھائي ويندو هو.
    وڏيري امن سياست جي شروعات، تر جي ڊنگ وڏيري ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر موسيٰ خان ٻگھئي جي دوستي ۽ صحبت ۾ اچي ڪئي. اهو ايوبي آمريت جو زمانو هو، بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) چونڊن ۾ وڏيري امن جو مقابلو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي وڏي ڀاءُ ڪاڪي ڪيول رام سان ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪاڪي ڪيول رام جو وڏو اثر رسوخ هو ۽ تر جا سمورا وڏيرا هن جي هٿ هيٺ هئا. ان اليڪشن ۾ ڪاڪي ڪيول رام کي شڪست آئي، اهو ان وقت، علائقي جو وڏو واقعو هو. ڪاڪي ڪيول رام جي هار جو وڏو سبب وڏيرن سان گھڻي اٿ ويهه ۽ عوام کان پرڀرو هئڻ هو. جڏهن ته وڏيرو امن ان جي بنهه ابتڙ هر وقت عام ماڻهن سان گڏ هوندو هو.
    وڏيري امن جو پنهنجي ڳوٺاڻن سان ڏاڍو گھرو رشتو هو. هيءُ هر وقت سندن ڏک سک ۾ شامل رهندو هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو جاءِ ٺهرائيندو هو ته وڏيرو امن اتي پهچي رازن کي سمجھاڻيون ڏيندو هو ته پاڻيءَ جي نيڪال، سج جي روشني ۽ هوا جي گذر جو خيال رکيو وڃي. اهڙي نموني پوک پوکڻ ۽ لڻڻ تائين هو هارين سان گڏ هوندو هو. کٽون واڻيندڙن ۽ رسا وٽيندڙن سان به ڪم ۾ شامل ٿي ويندو هو ۽ کين بهتر صلاحون ڏيندو رهندو هو. اهڙي قسم جون صلاحون هو ڀاڳين کي به ڏيندو رهندو هو.
    1970ع وارين عام چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي سوشلزم واري نعري کان متاثر ٿي هن مسلم ليگي اڳواڻ وڏيري موسيٰ خان ٻگھئي کان راهون جدا ڪيون ۽ پ پ اميدوار جي ورڪ ڪئي. انهن چونڊن ۾ مرحوم موسيٰ خان ٻگھيو شڪست کائي ويو پر پوءِ به وڏيري امن سان دوستيءَ وارو ناتو نڀائيندو آيو.
    وڏيري امن کي پنهنجي ثقافت سان پيار هو. کيس صوفي شاعرن جون ڪافيون ۽ ڀٽائيءَ جا سوين بيت برزبان ياد هوندا هئا جيڪي موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان ٻڌائندو رهندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه چار ڪافيون پڻ لکيون جيڪي ڳوٺ جا راڳي فقير سنڌي ٽوڙي ۾ ڳائيندا هئا. سنڌي ٽوڙي وڏيري امن جو پسنديده راڳ هو. وڏيرو امن وقت جو بهترين رانديگر به هو، اڪثر پنهنجي ڳوٺ ۾ راندين جا مقابلا ڪرائيندو هو، جن ۾ ڪوڏي ڪوڏي، ٽه ترئين (ٻيلهاڙ)، ونجھه وٽي، گھٻ گھوڙي، والي بال ۽ ڪرڪيٽ شامل هيون. هيءُ ملهه جا مقابلا به شوق سان ڏسندو هو ۽ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن لاءِ به سهائتا ڪندو هو.
    76-1975ع ۾ جڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ٿي ته وڏيرو امن ان جو ميمبر ٿيو. هو باقاعدي دستوري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي پڙهجندڙ اسمن تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ وڏيري امن ”ماءُ“ جي عنوان هيٺ هڪ ڪهاڻي تنقيد لاءِ پيش ڪئي هئي، جيڪا ان دور ۾ مرحوم هدايت منگي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ شايع ڪرائي هئي. 1978ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻلهڙيجيءَ پاران شاهه سائين جي ورسي ملهائي وئي هئي، جنهن ۾ سموري سنڌ جا مشهور اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا هئا. گڏجاڻيءَ جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج بلوچ ڪئي هئي. ان پروگرام جي ڪاميابيءَ ۾ به هن جو وڏو ساٿ ۽ سهڪار شامل رهيو هو. ان پروگرام ۾ وڏيري امن جي خواهش تي خانصاحب استاد منظور علي خان کي مدعو ڪيو ويو هو، جنهن رات جو ٻارهين وڳي کان صبح جو اٺين وڳي تائين سرن جي ورکا ڪئي هئي.
    وڏيرو امن جڏهن ڪامريڊن جي صحبت ۾ آيو ته هن جي اوطاق روپوش سياسي ڪارڪنن جي پناهگاهه بڻجي وئي ۽ اڪثر قومپرست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ سندس اوطاق ۾ اچي ٽڪندا هئا. سنڌ جو مشهور شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش ٻلهڙيجي پتڻ کان سڳين شهر تائين ڪچي مان پنڌ پوندو هو. هو پنهنجو نالو ”لطيف“ ۽ پيءُ جو نالو ”وڏيرو امن“ ٻڌائيندو هو. 1980ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جو بنياد پئجي ويو. وڏيرن جو رهيل کهيل اثر به ختم ٿي ويو. 1981ع ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿيو، تڏهن وڏيري امن دورانديشيءَ جو مظاهرو ڪندي پاڻ بيهڻ بدران نوجوان ورڪر محب پيرزادي کي تر جي ڊنگ زميندار وڏيري موسيٰ خان ٻگھئي جي پٽ اڪرم خان سان مقابلي ۾ بيهاريو، جنهن ۾ محب پيرزادي وڏيري اڪرم خان کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.
    تصوف نفس اجارڻ جو نالو آهي، جيڪو انسان کي دنياوي ۽ روحاني فائدو ڏيڻ وارو آهي پر جڏهن ان کي هڪ خاندان جي جاگير بڻايو وڃي، تڏهن اهو عام جي فائدي بدران انهن لاءِ نقصانڪار ٿي پوي ٿو! ٻلهڙيجي ۾ سجاڳيءَ جي لهر به پير پرستي مان جان ڇڏائي نه سگھي. فقط وڏيري امن جو ئي خاندان هو، جنهن ڇماهي تي ڏن وٺندڙن کي ڏن ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. 1983ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيء پاران ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي 13هين ورسي ٻلهڙيجيءَ ۾ ملهائي وئي، جنهن جي ڪاميابيءَ جو ڪارڻ به وڏيرو امن ئي هو. هن پروگرام ۾ ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪل فنڪار استاد بڙي غلام علي خان جي ٻن ڀائٽين خانصاحب غلام عباس ۽ مٺو خان کي گھرايو ويو هو. وڏيرو امن خوش مزاج انسان هو. ڳوٺ جا ڪجھه اهڙا به ڪردار هئا، جن کي وڏيرو امن ڄاڻي واڻي چيڙائيندو هو ۽ هو موٽ ۾ کيس اهڙيون ست سريون ٻڌائيندا هئا جو ويٺلن کي ڪاوڙ اچي ويندي هئي پر وڏيرو امن ڪڏهن نه ڪاوڙيو.
    ٻلهڙيجيءَ جي هن ٻهڳڻي انسان دم ۽ گردن جي بيماري سبب سيپٽمبر 1983ع ۾ وفات ڪئي. سندس جنازي نماز ۾ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا.
    ڪامريڊ شهيد نذير عباسي، امر لال، غلام رسول سهتو، مانڌل شر، ڊاڪٽر بخش علي، مير ٿيٻو، امداد چانڊيو، غلام حسين شر، تاج مري، صالح بلو ۽ ڊاڪٽر اعزاز نذير سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ اديب ڪاڙهي وارن ڏينهن ۾ هن محبتي ماڻهوءَ جي اڱڻ تي اچي آسيس ماڻيندا هئا پر سندس لاڏاڻي کان پوءِ هنن الائي ڇو هن حقيقي انقلابي ڪردار کي ڪڏهن به ياد نه ڪيو آهي.
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن. (ڀٽائي).


    جانيئڙو سنڌي : سنڌ پرست بزرگ نوجوان

    سنڌ جي قومي سجاڳيءَ ۾ شاعرن ۽ راڳين جي ڪردار کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگھجي، جن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي ساز سُر سان ساڻيهه جي آجپي ۽ آزاديءَ لاءِ جنتا کي پي جاڳايو آهي. جانيئڙو سنڌي به اهڙو ئي قومي راڳي آهي، جنهن عمر جا چاليهه ورهيه آزاديءَ جا گيت ڳائيندي گذاريا آهن. جانيئڙو ڪو پروفيشنل فنڪار ناهي، هو سائين جي ايم سيد جي تحريڪ جو ڪل وقتي ڪارڪن ۽ راڳي آهي. جيئي سنڌ تحريڪ ۾ کوڙ سارا اهڙا راڳي آهن، جن ۾ جمن دربدر، قربان اعواڻ عرف سڄڻ سنڌي، صوفي خالد خاصخيلي عرف ٻيجل سنڌي، هوشو شيدي، منظور چانڊيو، امير علي سرڪي ۽ ٻيا جيئي سنڌ جي جلسن ۾ قومي گيت ڳائيندا رهندا آهن پر انهن سڀني ۾ جانيئڙو سنڌي پنهنجي صورت، لباس ۽ گفتار ۾ سڀني کان نرالو لڳندو آهي.
    پورو پنو قد، چاپئين ڏاڙهي، وڏا شهپر، مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو، سدائين منهن تي مرڪ. اسٽيج تي ڳائڻ سان گڏ جسم جي شاعريءَ جا به جوهر ڏيکاريندو رهندو آهي، جنهن ڪري راڳ جي باقاعده سکيا نه وٺڻ باوجود هو محفل کي متاثر ڪري ويندو آهي. هن جا ڳايل قومي گيت بم گولي کان هرگز گھٽ ناهن. جانيئڙو سنڌي شاعري به ڪندو آهي، جنهن ۾ فقط سندس تحريڪ جي پرچار هوندي آهي، سنڌ جا درد بيان ڪيل هوندا آهن ۽ سائين جي ايم سيد جي ثنا هوندي آهي. توڙي جو اهڙي شاعريءَ کي دائميت حاصل نه آهي پر اها هڪ دور جي تقاضن کي پورو ضرور ڪري ٿي.
    سنڌي ڪجهه ته سوچيو، وڙهون پاڻ ۾ ڇو؟
    گڏجي غدارن کي گوليون لڳايون.
    سنڌي سمجھه ڌاريو، نه هڪٻئي کي ماريو
    ڏئي ساٿ سر جو، سنڌ کي سينگاريو
    اهي ڳالهيون ڳوٺن ۾، ٻين کي ٻڌايون
    گڏجي غدارن کي گوليون لڳايون.

    ............
    سنڌي سنڌي، سنڌي منهنجي ٻولي، جيجل ڏني جنهن ۾ لولي
    ڌارئي لئه ڏاڍي ڏکي آ، پنهنجي لئه آهي سولي.
    سچل سامي، دلپت واري، شاهه لطيف ڀٽائيءَ واري
    سا ته اسان کي ڏاڍي آ پياري، جنهن لئه جھلي آ جھولي.

    ...............
    اٿو سنڌي هوشيار ٿيو، کڻو ڪهاڙي تيار ٿيو
    ديس جو جيڪو ويري آ، ڪرڻو تنهن کي ڍيري آ.

    ...............
    تون چئه جيئي سنڌ جانيئڙا، تون چئه جيئي سنڌ
    تون ته آهين مرد مٿير، دودو، درياخان دلير
    پڪ اٿم پنهنجن جا، ويرين کان تون وٺندين وير
    ڀل ته توکي ڏيڻو پئي، ڪوري جانئيڙا ڪنڌ.

    سنڌ تي سختيون سور ڏسي، ويڙهيچا وهلور ڏسي
    مظلومن سان ظلم ڏسي، منهنجا پيئڙا پاند پسي
    قاسم وڃ تن لاءِ ڪُسي، ڪر نه پياري جند.

    ان گيت ڳائڻ کان پوءِ سندس نالو مشهور ٿي ويو ۽ 1982ع ۾ سائين جي ايم سيد کيس جانيئڙو سڏيو، جنهن بعد اڄ تائين جانيئڙي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن جو اصل نالو محمد قاسم آهي. محمد قاسم عرف جانيئڙي سنڌيءَ 1946ع ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. اڃا ٻن ورهين جو مس هو جو سندس والد ٻلهڙيجيءَ مان لڏي اچي ڪچي ۾ ويٺو ۽ هن کي پڙهڻ لاءِ واپس ٻلهڙيجي موڪليو ويو. پرائمري پنج درجا ٻلهڙيجيءَ ۾ پاس ڪري اٺين جماعت ڪاراڻي مڊل اسڪول مان ۽ ميٽرڪ ڏوڪري هاءِ اسڪول مان ڪيائين. تنهن وقت ميٽرڪ جو امتحان بورڊ بدران سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي، جنهن بعد هن سڪرنڊ مان فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس ڪيو. 1969ع ۾ ڊگھڙيءَ ۾ فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. 1969ع ۾ ڊگهڙي جي لغاري فقيرن سان واسطو ٿيڻ ڪري”حر“ جماعت جي ويجھو ٿي ويو. پير صاحب جي ٿيندڙ هر دعوت تي لغاري فقيرن سان شريڪ ٿيندو هو. 1972ع وارن فسادن هن کي قومپرست بنائي ڇڏيو. جانيئڙو 9 ورهيه ڊگهڙي، ٽنڊي ڄام، ٺٽي، سجاول ۽ ٻين هنڌن تي رهيو ۽ پورا 10 ورهيه ضلعي ميرپورخاص ۾ رهيو. 1975ع ۾ هن کي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست سارنگ ماڇيءَ جي ڪچهرين باقاعدي قومپرست بڻائي ڇڏيو ۽ سترهين جنوري 1977ع تي هيءُ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ شريڪ ٿيو. ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين هن لوڻو ڦيرائي ٻئي پاسي نه ڏٺو آهي.
    وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ ۾ ڦيرج ڪيڏهين
    لوڻي ڦير لپاٽ، لڳندئي لطيف چئي.
    1978ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو باقاعدي ميمبر ۽ جيئي سنڌ جي اسٽيجن تي قومي راڳيءَ طور متعارف ٿيو. سڄي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ٿيندڙ سمورن پروگرامن ۾ پهچندو هو. دوست ساٿي متيون ڏيندا هئس ته اهڙن پروگرامن ۾ اهڙا گيت توکي نقصان پهچائي سگھن ٿا. ميان، سرڪاري ملازم آهين، نوڪري تيل ٿي ويندئي!“ پر هن ڪنهن به درخواست تي غور نه ڪيو، جتي به ملازمت ڪندو هو، اتي سندس رهائشگاهه هڪ ئي وقت شاهه جمال جي مئخاني ۽ جيئي سنڌ جي آفيس جو ڏيک ڏيندي هئي، جتي يڪتارو، ڍولڪ، گھاگھر ۽ کڙتال وغيره رکيل هوندي هئي. تر جا فنڪار ۽ مڱڻهار فقير ڳائيندا وڄائيندا به رهندا هئا ته قومي ڪارڪنن جو ٿاڪ به هئي. جساف جا شاگرد به مدد لاءِ ايندا هئس ته انهن سان جھيڙن کان وٺي ڀتين تي چاڪنگ تائين هر ڪم ۾ گڏ هوندو هو. 1986ع ۾ ميرپورخاص ۾ اين ايس ايس او سان تعلق رکندڙ هٿياربندن جساف جي شاگردن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ رضا محمد بنگلاڻي شهيد ٿي ويو ۽ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي رت ڳاڙيندا سندس جاءِ تي پهتا هئا. ان وقت هن جو ڀاءُ اڪن پيرزادو به وٽس رهيل هو، زخمي نوجوان پاڻيءَ جي گھر ڪري رهيا هئا، جن کي هن پاڻي پيئڻ نه ڏنو ۽ جانيئڙي کي چيو ته ”کير وٺي هنن کي پيار!“
    جانيئڙو سنڌي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي گيت ڳائڻ سان گڏ ڀت ورهائڻ واري ڊيوٽي به ڏيندو هو، جنهن جو چيئرمين ڪنڌڪوٽ وارو اصغر سهرياڻي هوندو هو. نوجوان مستيءَ ۾ اچي ڊسيپلين ٽوڙيندا هئا ته اصغر ساڻن چڙي پوندو هو پر هي همراهه نچندي، ڪڏندي، کلندي کلائيندي، ڊيوٽي ڏيندو هو. ان وقت قومپرست اڳواڻ جٿا ٺاهي ڳوٺن ۾ نڪري پوندا هئا، جتي تقريرون به ڪندا هئا ته قومي گيت به ٻڌائيندا هئا ۽ ڳوٺاڻن سان حال احوال به ڪندا هئا. هي ڳوٺ هجي يا ميرپورخاص، ٺٽي هجي يا سجاول، اهڙن جٿن ۾ شامل هوندو هو، هن جي گيتن ۽ عوامي انداز سبب اهڙا پروگرام مزيدار ۽ ڪامياب ٿيندا هئا. مون به ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ ساڻس گڏ اهڙا پروگرام ڏٺا. ڪنهن نوجوان قومي ڪارڪن جو ڪاڄ ٿيندو هو ته ان ۾ به کيس مدعو ڪيو ويندو هو. هي اتي به اهي ئي گيت ڳائيندا هئا ۽ اتان جيڪا گھور پوندي هئن ان مان پهو ڏئي واپس ورندا هئا.
    ضياءُ دور ۾ سندس دوست قمر لاڙڪ پنهنجي هڪ شعر ۾ جنرل صاحب کي هيئن صلاح ڏني:
    توکي ڪرسي تان هاڻي لهڻ کپي، توکي ڦاهي تي هاڻي چڙهڻ کپي
    جي شمرا توکي شرم هجي، هڪ منٽ نه توکي رهڻ کپي.
    جانيئڙي جي آواز ۾ اهو ڪلام ٻڌي کيس پنهنجي روپوش ڀاءُ چيو: ”ادا، مان وري به بچي ويندس پر جيڪڏهن هي ڪلام ضياءُ الحق ٻڌو ته توکي ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيندو،“ جنهن تي سندس چوڻ هو ته ”اهڙو ڪو اعزاز ٻيو ٿي ئي نٿو سگھي، اهو ته چاهيان ٿو ته سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڦاهيءَ تي چڙهان.“ سياسي حوالي سان جانيئڙو سنڌي ڪڏهن به گرفتار نه ٿيو، البت پنهنجي روپوش ڀاءُ جي ڪري سرڪاري مهمان بڻجندو رهندو هو. ستر واري ڏهاڪي ۾ به گرفتار ٿيو ۽ لاڪپ ۾ رهيو. 1983ع ۾ سوڀو ديرو پوليس سان جھيڙو ٿي پيو، جنهن بعد اسان گھر خالي ڪري ٻئي هنڌ ٿي ويٺاسين. اوچتو هي ميرپورخاص کان ڳوٺ پهتو ته ڏهن گاڏين ۾ پوليس به پهچي وئي، هنن جو هڪ ساٿي علي مردان پيرزادو لوڙهو ٽپي ڀڄي ويو، هي ٻن ساٿين سان ساڻن وڙهي پيو. پوليس کين ڏنڊا هڻي رتورت ڪري ڇڏيو ۽ کيس گرفتار ڪري لاڪپ ۾ رکيو ويو، جتي 40 ڏينهن رهيو. ان کان ڪجھه ورهيه اڳ سڳين جي هڪ سيٽلر سان جھيڙي ۾ پڻ گرفتار ٿيو هو، جنهن ۾ به هفتو کن لاڪپ جو مزو ماڻيو هئائين. 1986ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ 3 مهينا لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رهيو. 1992ع ۾ پڻ کيس گرفتار ڪري مٿس تشدد ڪيو ويو هو. 1988ع کان پوءِ هي پنهنجي تعلقي ڏوڪري ۾ بدلي ٿي آيو، جتي سندس پروموشن ٿيو ۽ هو رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو، پوءِ به جيئي سنڌ جي اسٽيج تان ساڳيا قومي گيت ڳائيندو رهيو. جانيئڙو سنڌي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻلهڙيجيءَ جو چار ورهيه سيڪريٽري به رهيو آهي.
    شادي اٽڪل 40 ورهين جي عمر ۾ ڪيائين، کيس ست پٽ ڏاهر، ٻيجل، راءِ ڏياچ، جھونجھار، وينجھار، سنگھار ۽ خمار آهن ۽ ٻه نياڻيون سنڌو ۽ لطيف خاتون اٿس. سندس سمورو اولاد قومي تحريڪ ۾ شامل آهي.
    جانيئڙي جي طبيعت انتهائي مزيدار آهي. هي وڏن سان وڏو، جوانن سان جوان ۽ ٻارن سان ٻار هوندو آهي. ڪو به سندس ڪچهريءَ مان ڪڏهن به بيزار نه ٿيندو آهي. نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جي ڪري سڀني جي اکين جو تارو آهي. هن وقت اچي عمر جي ستر ورهين کي پهتو آهي ته به سندس گيت ۽ جھمريون جاري آهن. اڄ به هو ڪچي جو ست ڪلوميٽر پنڌ ڪري پنهنجي زمين تي ويندو آهي ۽ اتي به سندس اوطاق تي راڳ ورونهن هلندي رهندي آهي. ڪجھه وقت اڳ سندس جماعت ”جسقم“ کيس تعلقي جي بزرگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو پر هن اهڙي عهدي قبولڻ کان معذرت ڪندي چيو ته :”مان بزرگ نه پر نوجوان آهيان!“


    لطف پيرزادو : پينگهي ۾ سورن سان پيچ پائيندڙ

    ٻلهڙيجيءَ کي ترقي پسندي جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ جيڪا سڃاڻپ حاصل آهي، ان ۾ لطف جي ڪردار کي ڪنهن به ريت فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪن، صحافي، موهن دڙي جي آواز، لطيف شناس ۽ ٽريڊ يونينسٽ طور لطف کي سڄي سنڌ ڄاڻي سڃاڻي پرهن جو هڪ پاسو فقراءَ وارو به آهي جنهن جي ممڪن آهي ته گهڻن ماڻهن کي خبر نه هجي .
    هي جي سور سُڄن، سي مون پينگهي منجهه پرائيا
    لطف شاهه سائين جي مٿين سٽ جي هوبهو تصوير آهي. هن کي پنهنجي امڙ جي ٿڃ ئي نصيب نه ٿي. 8 جنوري 1952ع تي لطف کي جنم ڏيڻ کان پوءِ هوءَ بستري تان اٿي ئي نه سگهي ۽ ٽن مهينن اندر وڃي ڀونءَ ڀيڙِي ٿي. لطف کي پنهنجي نانيءَ ۽ پڦين پاليو جيڪي ساڳي وقت سندس ماميون به ٿين. پنهنجي هڪ پڦيءَ کي امان ۽ ٻين کي ادي چئي مخاطب ٿيندو هو، ڇاڪاڻ جو فقير يار محمد جي گهرواري هن کي ٿڃ پياري هئي. لطف جو پيءُ سائين در محمد پنهنجي طبعيت وارو ماڻهو هو، هن کي پنهنجي گهرواري سان وڏي محبت هئي. ان پڄاڻا هن ٻي شاديءَ جو سوچيو ئي نه پر جيئن ته هو سرڪاري ملازمت سبب ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو، ان ڪري پنهنجي پٽ کي وقت نه ڏئي سگهيو. لطف جي اها ڪمي سندس ڏاڏي ميان غلام حسين پوري ڪئي، جيڪو راڳ جو نه رڳو شوقين هو پر راڳ جي باريڪين کان به واقف هو، ان سان گڏ کيس شاهه، سچل، بيدل ، خليفي ۽ حمل فقير جي شاعري سان گڏ حافظ، رومي ۽ ٻين فارسي شاعرن جو ڪلام به ياد هو.
    لطف کي 1957 ع ۾ ڳوٺ جي مسلم پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي کيس هوشيار شاگردن ۾ ڳڻيو ويندو هو پر ان سان گڏ هنجي ويسر ۽ غائب دماغي جا قصا به مشهور هئا. 1962 ع ۾ شهدادڪوٽ جي هاءَ اسڪول ۾ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو، جتي هو پنهنجي پيءَ جي قرب وارن ۽ درگاهه سخي شاهه جمال جي مريد سيلرن وٽ رهندو هو. 1965 ع ۾ اٺين جماعت پاس ڪري واپس اچي ٻلهڙيجي ۾ ويهي رهيو.
    همراهه ننڍي لاڪون عاشق مزاج ۽ حسن پرست هو. توڙي جو پاڻ به خوبرو ۽ ڳاڙهو ڳٽول هو. تنهن هوندي به سهڻن ڇوڪرن کي ڏسي غيرحاضر دماغيءَ جي آخري حد به اورانگهي ويندو هو. جيئن ته عشق بازيءَ ۾ جان ۽ کيسي جو خيال هرگز به نه رکبو آهي، سو همراهه جا ويا خرچ وڌندا ۽ قرض چڙهندا. قرض لاهڻ لاءِ پاڙي مان سائيڪل چورايائين، همراهه جي واردات ظاهر ٿي پئي، اهڙي خبر ٻڌڻ شرط سائين در محمد چوريءَ جي ڪيس ۾ چالان ڪرائڻ سان گڏ پوليس وارن کان کيس ٺاهوڪي سٽڪي به ڪڍرائي. 15 ڏينهن کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. چوريءَ کان ته بس ڪيائين پر پئسي کي، جو ازلي ويري سمجهي ويٺو ته اڄ تائين ڏوڪڙن سان ڪاريهر وارو وير اٿس، جي ڏوڪڙ کيسي ۾ هوندس ته همراهه کي هٿن ۾ خارش هوندي. فقير فقراءَ تي اڪرامن جي بارش هوندي. هڪڙي چانهه جي ڪٽلي لهندي ته ٻي چڙهندي. جڏهن ڏوڪڙ ختم ٿي ويندس ته پاڻ کي به آرام اچي ويندس.
    ريءَ لانگوٽيءَ لب ، پاڇي کڻن نه پاڻ سين ( شاهه )
    هاڻي لطف جو گهڻو وقت پنهنجي وڏي مامي فقير يارمحمد جي خدمت ۾ مئخاني اندر گذرندو هو. فقير سائين جي پنهنجي طريقت هئي، هن وٽ مئي حرام نه هئي. هو لوڪ جي خدمت کي ئي افضل عبادت قرار ڏيندو هو. راڳ ئي فقير جو دين ڌرم هو، مئخاني ۾ ساز ۽ سرود جي محفل متل هوندي هئي پر لطف ان کان بي نياز، مهمانن جي خدمت ۾ مصروف هوندو هو جو هڪ ڏينهن سيد مصري شاهه جي ڪافي ”کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي، ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي“ تي پار ڪڍي روئڻ لڳو. فقير يار محمد کي ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته همراهه عشق جي اري ۾ اچي ويو آهي ۽ حضرت حسن جي حملي جا گهاءَ کيس سک سمهڻ نٿا ڏين. پوءِ فقير هن کي پاڻ سان گڏ نشي جي اجازت ڏئي ڇڏي. اڄ به لطف جو حال ”روئڻ ۽ راڙو، مون نماڻيءَ جي نجھري“ جيان آهي. ڪنهن سان ظلم جي ڳالهه ٻڌندو ته به روئي ويهندو پر جي خوشيءَ جو ميڙ ڏسندو ته به اکين مان لڙڪ لاڙي ويهندو. ان جي ڪري ڪنهن تقريب ۾ به ڳالهائي نه سگھندو آهي.
    1968ع ۾ جڏهن ڪامريد سوڀي گيانچنداڻي جي صحبت جو اثر انور پيرزداري تي پيو ته لطف به ان کان متاثر ٿيو. لطف شهيد صوفي شاهه عنايت جي ”جو کيڙي سو کائي“ واري نعري کان ته اڳ ئي آشنا هو ۽ شاهه سائين جي بيت ”نڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾“وارو ماحول هن کي مارڪسي نظرئي ۾ نظر آيو. ايئن هن جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان پيچ پئجي ويا. توڙي جو هو سي پي يا ان جي ڪنهن به ذيلي جماعت جو ميمبر نه رهيو، پر هن پارٽي ميمبرن کان به وڌيڪ ڪم ڪيو.
    لطف 1970ع ۾ ڪراچي آيو، جتي سندس ٻيو نمبر مامو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو رهندو هو، هن ڪراچي بورڊ مان پرائيويٽ ۽ 1972ع ۾ انٽر پاس ڪئي.
    لطف جيئن ته سيلاني طبعيت رکندڙ آهي، ان ڪري هڪ هنڌ سندس ٽڪاءُ مشڪل آهي. 1970ع کان 1979ع تائين هو ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن شهدادڪوٽ ته ڪڏهن ٻلهڙيجي رهيو. ان دوران هن ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، ساڳي وقت هو پارٽي جي هدايتن تي به هلندو رهيو ته فقراءَ سان به ناتو نڀائيندو آيو. هن سنڌي اخبارن ۾ لکڻ به شروع ڪيو ته هلال پاڪستان جو مهين دڙي کان عيوضي به ٿيو. ان دور ۾ مهين دڙي بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ لطف اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هتان جي لوڪن کي ٻڌايو ته”مهين دڙي جي سر سر ڪعبي جي سر وانگر مقدس آهي ۽ مهين جي مٽي خاڪ شفا جيتري اهم ۽ اتم آهي،“ ان جو اهو نتيجو نڪتو جو ماڻهن ۾ ڪجهه سجاڳي پيدا ٿي ۽ مهين دڙي جي ڪجهه ڀيل گهٽ ٿي. مهين دڙي کان جيترو هي واقف آهي، ايترو آرڪيالاجي وارا شايد هجن. جيڪڏهن ان دور ۾ لطف صحافي نه هجي ها ته اهي آفيسر مهين دڙي جو وجود ئي وڃائي ڇڏين ها. هي جڏهن هلال پاڪستان جو نمائندو ٿيو، تڏهن سنڌ جي صحافت جو سج لٿل هو. صحافي ٿاڻي تي ويهي وڏي منشيءَ جي صلاح سان، صوبيدار کي چنڊ جهڙو پٽ ڄمڻ واريون خبرون فائل ڪندا هئا. ان دور ۾ لطف اهڙيون خبرون ڏنيون جو وڏيرن، پوليس اهلڪارن توڙي راشي آفيسرن ۾ ڦڦڙي مچي وئي.
    لطف سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجي شاخ قائم ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان دور ۾ هن شاعري به ڪئي ته ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا پر افسوس جو اهو سڄو رڪارڊ ضايع ٿي ويو. لطف ڪراچي سنگت جو به ميمبر ٿي رهيو.
    ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران لطف جي جاءِ ڄڻ ته فقير يار محمد جو مئخانو هوندي هئي، جتي ڳوٺ جا فقراءَ، مريض، ڪم ڪار سان ايندڙ ماڻهو به اچي رهندا هئا ته ڪامريڊن جو آسڻ به اهائي جاءِ هوندي هئي. سڀني جي ڳڀي ٽڪر ۽ ٻيڙي ماچيس کان وٺي ڀاڙي جو بندوبست به لطف کي ڪرڻو پوندو هو. لطف ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر نه هوندي به انور پيرزادي جو ڄڻ ته اڻ اعلانيل سيڪريٽري هو. ان ڪري کيس سمورا ڪميونسٽ اڳواڻ سڃاڻيندا هئا. انور کي مليل پارٽيءَ جو ڪم به لطف کي ڪرڻو پوندو هو. جيئن ته ڪراچيءَ اندر سي پي ورڪر گهڻو ڪري ڀارت مان آيل هئا، جيڪي سنڌ جي ڪلچر، شاعري، قصن ڪهاڻين ۽ تاريخ کان اڻ واقف هئا. اهو لطف پيرزادو ئي هو، جنهن فيض ۽ جالب جي شاعري سان گڏ سرخ پرچم ۽ ٻين پمفليٽن ۾ پورهيت جدوجهد جي حوالي سان ڀٽائيءَ جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا. حقيقت اها آهي ته ڀٽائيءَ جي حوالي سان انور پيرزادي جو وڏو ذريعو لطف ئي هو.
    لطف پيرزادو پهرين جنوري 1979ع تي ملير هالٽ ۾ چاڪنگ ڪندي گرفتار ٿيو. ان وقت ڪراچيءَ واسي نئين سال جو جشن ملهائي رهيا هئا، لطف هڪ نوجوان سان گڏ ”مارشل لا مرده آباد“ جو نعرو ڀت تي لکي رهيو هو جو پوليس موبائل پهچي وئي. پوليس اهلڪارن کيس چتاءُ ڏنو ته ”هتان نڪري وڃو نه ته توهان کي گرفتار ڪنداسين.“ پوليس وارا اهو چئي اڳتي هليا ويا پر هن همراهه پنهنجو ڪم جاري رکيو. اڌ ڪلاڪ بعد جڏهن موبائل واپس پهتي ته کيس ساڳي ڪم ۾ مشغول ڏسي گرفتار ڪيو ويو. صبح جو کيس هوم سيڪريٽري وٽ پيش ڪين، جنهن کيس نَوَ مهينا ڊٽينشن جي سزا ٻڌائي، جنهن مان ستين مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت آزاد ٿيو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ ”چري ڪيئن؟ چي: ويران وير وڌ“ همراهه اڳي کان به سرگرم ٿي ويو، سندس جاءِ ڪامريڊن جي آماجگاهه هئي. روسي ادب، پارٽي ترجمان سرخ پرچم ۽ ٻيو مواد هتان ئي تقسيم ٿيندو هو. ان کان علاوه وڏي آواز ۾ بحث مباحثا به ٿيندا رهندا هئا، سو دير ئي نه ٿي. هن جي ڊرگ ڪالوني واري جاءِ تي فوج ڇاپو هنيو. ان وقت لطف، ڀائو ذلف، سندس والد ڪاڪو عبدالرحيم، زلف جو ننڍو ڀاءُ اعجاز پيرزادو، ڪامريڊ غلام حسين شر، ان جو ننڍو ڀاءُ لياقت علي شر وڪيل ۽ ‎ڄام ساقي جو ڀاڻيجو سڪندر جھنجھي گرفتار ٿيا. لطف جي جاءِ تان اهلڪارن کي 400 ڪتاب هٿ آيا، جن ۾ 100 ڪاپيون ”سويت روس ڪي مسلمان“ جون به شامل هيون، جيڪو ڪتاب ان وقت تائين اڃا ڪنهن به نه پڙهيو هو. ان سان گڏ کين ڊي ايس ايف جي روپوش اڳواڻ نذير عباسي جو 4 مارچ جي حوالي سان پيغام هٿ آيو، جنهن جي مٿان ڀٽائي جو هي بيت لکيل هو.
    ڪٽ ڪڙهي لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن
    مترڪن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن
    اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهه مچ تي.
    لطف کان انهيءَ بيت جو ترجمو ٻڌي ميجر جي منهن ۾ ست وڪڙ پئجي ويا. اتي لطف ۽ ذلف جوابداري قبول ڪندي باقي همراهن کي بي خبر ڳوٺاڻا قرار ڏنو. بهرحال همراهه 15 ڏينهن سي آءِ اي سينٽر ۾ پڇا ڳاڇا هيٺ هئا، پر جس آهي جوانن کي جن پنهنجو منجهه نه ڏنو. نيٺ لطف ۽ ذلف کان سواءِ ٻيا سمورا ماڻهو آزاد ڪري ڇڏيائون. پوءِ جڏهن کين خبر پئي ته آزاد ٿيندڙن ۾ روپوش ڪميونسٽ اڳواڻ غلام حسين شر به شامل هو، تڏهن هنن کي چوچڙي اچي وئي ۽ مارشل لا ڪورٽ جيڪا ايم پي هاسٽل ۾ هلائي ويندي هئي، اتي ذلف ۽ لطف کي 10 ڪوڙن سان گڏ هڪ سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي وئي. جيل گهڻن قيدين کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو آهي پر لطف ته جيل کي ساهراڻو گهر ئي سمجھيو. ان دور ۾ وڏا وڏا ليڊر ته اي ڪلاس ۾ ٺٺ سان هئا پر غريب سياسي ڪارڪنن جي حالت ڏاڍي خراب هئي پر لطف ان حوالي سان خوش قسمت هو. پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس ۾ ڪم ڪندڙ سندس دوست ڊيوٽي فري شاپ مان امپورٽيڊ سامان خريد ڪري لطف ڏانهن جيل ۾ موڪليندا هئا، جن ۾ سگريٽن ۽ دوائن سميت کاڌي پيتي جو سامان به شامل هوندو هو، سو هن کي اهڙي ڪابه ڏکيائي پيش نه آئي بلڪ هُو ڪيترن ئي قيدين جو ڀرجھلو هوندو هو، ڄڻ ساڳيو ئي فقير يار محمد جي مئخاني تي فقراء جي خدمت ڪري رهيو هجي.
    لطف کي ڪوڙن جي سزا جو ٻڌي سندس ناني شاهه خاتون جو ته صدمي ۾ ئي دم پرواز ڪري ويو. جيل توڙي ڳوٺ ۾ اها پچار هئي ته ”هي سنهڙو، چهي جهڙو ڪمزور شخص 15 ڦٽڪا ڪيئن سهندو؟ “قيدين کي به هن لاءِ ڳڻتي هئي ۽ ڳوٺاڻا به پيا سور پچار ڪندا هئا ته لطف ڪڏهن لڱن تي لحم ئي نه چاڙهيو آهي. اهو ظالمن جا اهي درا ڪيئن جھليندو؟! نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن سندس ڪمزور جسم تي ڦٽڪن جو وسڪارو ٿيڻو هو. سڄي جيل جو ساهه مٺ ۾ هُو. هن کي باريڪ مان ٻاهر ڪڍي، ضيائي اسلامي قانون تي عمل جو سرعام نظارو پسايو پئي ويو. ڦٽڪن هڻڻ تي مامور شخص ڊوڙ پائي، گوڏو کوڙي، پوري طاقت سان مٿس ڦٽڪا وسائڻ شروع ڪيا ۽ ڪجهه پرڀرو بيٺل هڪ اهلڪار وڏي آواز ۾ هڪ هڪ ڦٽڪو ايئن ڳڻي رهيو هو، جيئن فصل جي بٽئيءَ تي ڇليون ڳڻيون وينديون آهن. پندرهن جو هوڪو ٻڌڻ کان پوءِ لطف ماٺ ٽوڙيندي چيو:”ڏٺاسين توهان جا ڦٽڪا به، انهيءَ کان ته اسڪول ۾ سائين خليفي جي مار گهڻي هوندي هئي!“ پوءِ هو بنا اسٽريچر جي پيرين پنڌ باريڪ پهتو هو. ها گهڻو عرصو پوءِ اهڙي سهپ جو راز سليندي لطف مون کي ٻڌايو هو ته ”28 ورهين ۾ 16 سال نشا ڪيا هئم. جسماني طور تي به ڪڏهن ڳر نه ڪيم. سمجھيم ته ڦٽڪا ماري وجھندا پر اهو مرشد لطيف ئي هو جيڪو ڦٽڪي ڦٽڪي سان آٿت ڏئي رهيو هو: واجهه مَ وجھه وڍ ڏي... ۽ مان پنهنجو درد وساري ڀٽائيءَ جي حضور هيءُ بيت پڙهي رهيو هئس،”جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.“
    لطف جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿيو. ڳوٺ سڌار سنگت قائم ٿيڻ سان اسان جو ڳوٺ ڪجهه ڏسڻ جھڙو ٿيو، جو سنگت ڳوٺاڻن جي مدد سان مٽي وجھرائي گهٽيون مٿي ڪري ڇڏيون هيون، جن ۾ اڳ مهينن جا مهينا مينهن جو پاڻي بيٺل هوندو هو. ڳوٺ سڌار سنگت جي ئي ڪوشش سان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ بجلي آئي. ڳوٺ سڌار سنگت کوڙ سارا پروجيڪٽ هلايا، عوام جي سهولت لاءِ ڊاڪٽر زبيده ميموريل ڊسپينسري قائم ڪئي ۽ ڳوٺ جي ڀلائي وارن ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ هڪ مڇي جي کڏ به خريد ڪئي پر ان جي غلط استعمال ۽ خرچ جو حساب ڪتاب نه رکڻ تي لطف ڳوٺ سڌار سنگت کان ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو. سندس استعيفيٰ کان پوءِ ڳوٺ سڌار سنگت عملي طور ختم ٿي وئي.
    1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ مهين دڙي کي درياهي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بچاءَ بند تي پٿر جو اسپر ڏنو پئي ويو، جنهن لاءِ پنجاب مان پورهيت گهرايا ويا هئا. لطف مقامي پورهيت گڏ ڪري اهڙي انياءَ خلاف جدوجهد هلائي. مقامي پورهيت سائيٽ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ته هتي پورهئي ڪرڻ جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي. جيڪڏهن انهن کي ڪم نه ڏنو ويو ته ڪوبه ولايتي هتي ڪم نه ڪري سگهندو. ان وقت ٺيڪيدار لطف سان ڳالهين ۾ چيو ”اوهان مون کان ڏوڪڙ وٺو، ڇو جو هتان جا ماڻهو پنجاب جي پورهيتن جيان ڪم نه ڪري سگهندا ۽ هي منصوبو ناڪام ٿي ويندو.“ پر لطف پنهنجي موقف تي اٽل رهيو. اهڙي نموني مقامي پورهيتن ئي اهو منصوبو توڙ تائين رسايو ۽ انتهائي معياري ڪم ڪري ڏيکاريو.
    1984ع ۾ مهين جي دڙي جي ايراضيءَ مان زير زمين سم جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مهين دڙي ماسٽر پلان پاران واپڊا اسڪارپ جي سهڪار سان ٽيوب ويل منصوبو جوڙيو، جنهن تحت مهين دڙي جي چوڌاري 56 ٽيوب ويل لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين فيز ۾ 28 ٽيوب ويل لڳايا ويا. لطف اتي ٽيوب ويل آپريٽر جي نوڪري ورتي ۽ پورهيت يونين (سي بي اي) قائم ڪرائي پر پنهنجي قلندرانه ۽ رندانه طبعيت جي ڪري اتي گهڻو وقت ڪم نه ڪري سگهيو ۽ يونين اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ويهي رهيو جن پنهنجا مفاد حاصل ڪري يونين کي ڌڙن تخته ڪرائي ڇڏيو. ڪيترائي ملازم معاشي تنگ دستيءَ ۾ وڪوڙجي ويا. هت اهو ڄاڻائڻ به ضروري آهي ته جڏهن ٽيوب ويل نصب ڪيا پي ويا، تڏهن اهو ڏٺو به نه پئي ويو ته ڪو مهين دڙي جا آثار متاثر ٿي رهيا هئا. اهو لطف پيرزادو ئي هو جيڪو آثارن جي نشاندهي ڪندو هو. هن انتظاميه سان جھيڙو ڪري آثارن کي بچايو. ان لاءِ هن آرڪيالاجي کاتي سان لک پڙهه ڪري ڪيترن ئي ٽيوب ويلن جي جاءِ تبديل ڪرائي.
    استاد در محمد کي پٽ جي آوارگيءَ جي ڳڻتي ورائي وئي. هن سمجھيو ته جي لطف شادي نه ڪندو ته سندس پيڙهي اتي ئي پوري ٿي ويندي! ان ڪري سائين کيس سنگت ساٿ ذريعي شادي لاءِ ستائڻ شروع ڪري ڏنو. يارن دوستن، مائٽن مٽن، رٽائر ڪامريڊن لطف کي شادي ڪرڻ لاءِ متيون ڏيڻ شروع ڪيون پر هن جي ”نه مان نه مان“ پئي پئي. نيٺ همراهن جي ايلازن ۽ ميڙن منٿن ڪم ڏيکاريو ۽ لطف مشروط طور شاديءَ لاءِ راضي ٿيو. هن سنگت معرفت سائين در محمد اڳيان جيڪي شرط رکيا انهن ۾ مکيه شرط اهو هو ته هو گهر جي ذميواريءَ کان بنهه آجو هوندو. سندس توڙي سندس ٻارن ٻچن جو سمورو خرچ سائين در محمد کي ڏيڻو پوندو. سائين در محمد سندس سمورا شرط قبول ڪري کيس رڳو سوير ڀرو گهر اچڻ جي گذارش ڪئي.
    80ع وارو ڏهاڪو لطف لاءِ انتهائي مهانگو هو. علائقي ۾ ڌاڙيوالي عروج تي هئي. وڏيرن سرڪاري زمين تي ڌڙا ڌڙ قبضا شروع ڪري ڏنا هئا. پوليس آفيسر ڌاڙيلن ۽ وڏيرن سان سازباز ۾ هئا ۽ دڙي جي آثارن کي سارين جي پوک سبب نقصان پئجي رهيو هو. هن بيباڪ ٿي سمورن مسئلن تي لکيو. جنهن ڪري ڌاڙيل، پوليس ۽ وڏيرا سندس دشمن ٿي بيٺا پر هن ڪنهن کي چکي به نه ڪيو ۽ قلم رت ۾ ٻوڙي لکندو رهيو. سارين جي پوک بابت خبرن تي سيڻ به کيس ويڻ ڏيندا رهيا پر هن جو حال هي هو ته:
    ماڻهو ڏيئي مهڻا، مون کي ڪندا ڪوهه
    جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه، سا پٿون ٿيندي پير تي.

    لطف جي ويسر ۽ غيرحاضر دماغيءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته لفافي بدران پوسٽ جي دٻي ۾ قلم وجھڻ وارو عمل ته ڏهاڪو ڀيرا ورجائي چڪو آهي. لفظن کي ابتو پڙهڻ واري عادت به اٿس. جيئن پنهنجي هم عمر فيضل ماڇيءَ کان تڪڙ ۾ پن جي ٻيڙي هيئن گهريائين: ”ٻيڙل او ٻيڙل، اها فيضي ته ڏئي وڃ! “ اهڙي ئي نموني هڪ تقريب ۾ مشهور صحافي صادق جعفري جو تعارف جعفر صادقيءَ جي نالي سان ڪرائي ويو. هڪ ڏينهن اليڪشن جي موقعي تي سٺو وڳو پائي، ڪچهريءَ جو قرب قائم رکڻ وارو ”توشو“ کڻي سنگت سان مليو. لطف کي ڏسندي سندس ننڍپڻ جي دوست غلام شبير پيرزادي اتي ويٺل ڏاڏي هادن کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پاڻ سگريٽ وٺڻ لاءِ دڪان تي هليو ويو. ڏاڏي هادن لطف کي پنهنجي منهن سان سڏي آهستي چيو: ”لطف تون ابتي شلوار پائي آيو آهين، اها ته سبتي پاءِ!“ لطف ٺهه پهه جواب ڏنس: ”ڏاڏا، اهو تنهنجو عقل ناهي، توکي ڪنهن سپورنج ٻڌايو آهي.“
    1990ع واري ڏهاڪي ۾ لطف ڪراچي ويو. جتي روزاني عوامي آواز ۾ سب ايڊيٽر ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي پروف ريڊر ٿيو، پرگهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ کيس نوڪريءَ تان جواب ڏنو ويو، جنهن ڪري هن کاتي کي درخواست ۾ لکيو ته ڦلاڻن ڦلاڻن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو به اوهان جي کاتي ۾ پڪا ٿي ويا آهن ۽ مون کي اجايو برطرف ڪيو ويو آهي. لطف جي اهڙي درخواست تي منهنجو پيارو دوست ارشد خشڪ بي گناهه سٽجي رهيو هو. ان وقت انور پيرزادي وچ ۾ پئي اها درخواست واپس ڪرائي. لطف جي ان عمل مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، نه ته همراهه سراسر سون آهي. ڪجهه سالن کان پوءِ پتو پيو ته ارشد هن کي هڪ اخبار ڏيکاري هئي. جنهن ۾ پروف جي غلطي سبب هڪ ڏوهاريءَ جو نالو ارشد خشڪ ٿي ويو هو، جنهن کي ڀائو لطف موقعي تي استعمال ڪيو.
    لطف جڏهن سياسي حوالي سان سرگرم هو، تڏهن به پير فقير جي عزت ۽ احترام سان گڏ ڪرامتن تي به يقين رکندو هو پر ڪميونسٽ پارٽي ٽٽڻ کان پوءِ ته همراهه جلالي فقير بڻجي ويو آهي. سيد ذات کي باقي ذاتين کان اتم ۽ اعليٰ سمجھندو آهي. توڙي جو هو ٻين فقيرن وانگر ڏاڙهي، مڇون، ڀرون ۽ پنبڻ ڪوڙائي ڪنهن جو به طالب نه ٿيو آهي پر اڻ پڙهيل سيدن کي پيرين پئي ملندو رهندو آهي. سندس ڪوشش هوندي آهي ته سيد جي مخصوص ڪيل بستري تي ٻئي ڪنهن جو پير نه پئي! انهن ڳالهين تي ساڻس اختلاف رهندو آهي. راڳ ته لطف جي به روح جي غذا آهي پر هُو تبري بازيءَ کي به سراسر حق پرستي سڏيندو رهندو آهي.
    لطف سيوهڻ جي لال باغ کان لاهوت لامڪان تائين ڪيترائي ڀيرا پنڌ ڪاهيو آهي، ان پنڌ جي چپي چپي تي سندس واقفيت آهي. اسان سان سدائين شاهه، سچل، قلندر لال شهباز جھوڪ ۽ ٻين ميلن تي هلندو رهيو آهي. اتي ئي هن جي ڳڻن جي خبر پوندي آهي. همراهه سڄو سڄو ڏينهن فقراءَ جي خدمت ۾ هوندو آهي. سنگت جي پاڻي ڪانجھي، ماني ٽڪي، نشي پتي ۽ آرام جو انتظام سندس ذمي هوندو آهي. جيستائين پنهنجي کيسي ۾ ڏوڪڙ هوندس، اول اهي ختم ڪندو. اهڙن موقعن تي جيڪو به کيس ڏسندو ان کي پڪ پئجي ويندي ته همراهه ماڻهو نه پر ڪو ملائڪ آهي، جيڪو نه ٿڪجي ڪڏهن پاسو کوڙي ٿو ۽ نه وري بيزاري سندس منهن مان بکي ٿي! سنگت جي ننگر پاڻيءَ سان گڏ ٿڪلن کي زور به ڏيندو آهي. سندن مساج ڪري کين نوبنو بڻائي ڇڏيندو آهي. کٽل ٽُٽل فقراء کي ڀاڙا ڪرايا ڏيندو آهي. اهڙي خاطر تواضع جو ناجائز فائدو وٺندي ڪيترائي اڻواقف ماڻهو به اتي سيد ٿي ويندا آهن.
    ڀائو لطف سڄو ڏينهن کشٽ به آهي. ٻارن پرچائڻ ۾ ته ماهر آهي. هن سان ڪمپني ۾ ٻار ته ڪڏهن به بور نٿو ٿي سگهي. ماچيس ۽ سگريٽن جي پاڪيٽ مان ڪڏهن سهي جا ڪن ٺاهيندو ته ڪڏهن گل. ٻارن سان اهڙا ته گفتا ڪندو ۽ بيت ٻڌائيندو جو اهي کلي کلي کيرا ٿي ويندا. ڳوٺ جا ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جن لاءِ لطف پڙي آهي. ساڻن اهڙا ته گفتا ڪڍندو آهي، جو ظرافت جون حدون اورتي رهجي وينديون آهن.
    ها، لطف کي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ به ايندي آهي، ان وقت ٻئي کي ايئن محسوس ٿيندو ته هاڻ ياعمر تعلق ختم ٿي ويندو پر ڪاوڙ ۾ جڏهن هُو ڀلبو آهي ته اتي ئي اتي ٽهڪ گونجي پوندا آهن پر جي لطف ڳالهائڻ ۾ نه ڀُلو ته اها ئي گهڙي سڀ وساري ويهندو. وڏي سهپ وارو شخص آهي. اهڙن اهڙن ماڻهن سان پلئه پيل اٿس، جن سان نڀائڻ آدم جي اولاد لاءِ ته انتهائي مشڪل آهي پر لک شابس آهي لطف کي جو سڀن سان هلائيندو ۽ نڀائيندو ٿو اچي. ڪيڏي به ناجائزي تي پهر ۾ ڪنهن کيس نه پرچايو ته هي پاڻ ئي ان سان پرچي ويندو:

    رٺي هوند رهان، پر سرتيون سرندم ڪين ڪي
    پاڻهي ٿي پرچان، ڏس نرڄايون نينهن جون.

    لطف کي ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن. ٻارن سان سندس تعلق دوستيءَ وارو آهي. هن پنهنجي ٻارن کان ڪجهه به نه لڪايو. سائين در محمد جي وفات کان پوءِ پنهنجي خانداني حصي واري ڪچي جي زمين به صدين کان هارپو ڪندڙن کي سستي اگهه ۽ قسطن تي وڪڻي ڏنائين. اڄ سندس ٻار جوان ٿي ويا آهن، جيڪي محنت ڪري پاڻ ڪمائن ٿا ۽ ”ٿوري قوت قراريا“ واري رمز رکندڙ آهن. هاڻ جڏهن لطف جي فضول خرچي ۽ رلڻ تي سندس گهر واري ٽيڪا ٽپڻي ڪندي آهي ته سندس ٻار کيس روڪي چوندا آهن ”مائي ڀاڳن واري آهين، جو ابوءَ جهڙو ور مليو ٿي!“
    ڀائو لطف جي سورن سان سنگت هونئن ته بنهه پراڻي آهي پر کيس گھٽ وارو گھاءُ 2014ع ۾ ان وقت لڳو جڏهن سندس ٻئي نمبر پٽ سرويچ کي جسمم سان وابستگيءَ جي ڪري ڪراچيءَ مان کنڀي گم ڪيو ويو. لطف پٽ جي گمشدگيءَ خلاف ڪنهن ٻئي در ٻاڪارڻ بدران ڀٽائي سرڪار کي دانهن ڏيڻ ويو پر سندس ان عمل کي سياسي نظر سان ڏٺو ويو. سرويچ کي پهرين آگسٽ 2014ع تي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ 80 ڏينهن کانپوءِ سندس لاش اڇلايو ويو. ان ڏينهن ڄامشوري ۾ ميڊيا وارن جي پڇڻ تي لطف پنهنجي پٽ جي شهادت تي فخر جو اظهار ڪندي ان کي شاهه عنايت شهيد جي بي مثل قربانيءَ جو تسلسل قرار ڏنو هو. ڪوتاهه نظر دانشورن لطف جي ان ڳالهه کي سياسي ڪنن سان ٻڌو هو. پوءِ هو پنهنجي جگر جي ٽڪر جو مڙهه کڻائي ڳوٺ پهتو. ان وقت تڏي تي ويٺل ماڻهو بنهه خاموش هئا. لطف کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪنهن کي لفظ ئي نٿي سجھيا. جسمم اڳواڻ حفيظ پيرزادي کان وٺي تر جا سمورا سياسي ڪارڪن ۽ ڳوٺ واسي هڪ اکر به ڳالهائي نه پئي سگھيا. تڏهن لطف ان ماٺ کي هيئن ٽوڙيو:” يار مان ته لطيف سرڪار کان پستي پني رهيو هئس، هُن ته مونکي ٻُلندي عطا ڪري ڇڏي: جيڏيون هن جھونجھار، سڀ اجاري اڇا ڪيا!“
    صبح جو جڏهن شهيد جي مڙهه کي غسل ڏئي رهيا هئاسين ته ان وقت لطف هن جي پيشانيءَ ڏانهن اشارو ڪندي ڀٽائيءَ جو بيت پڙهيو: ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون گل جيئن.....“ مون ڏٺو ته لوندڙيءَ کان وهيل رت سرويچ جي ڏاڙهي ۽ ڏندن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ جڏهن هن جي مڙهه کي لحد ۾ لاهڻ لاءِ کڻون پيا ته مونکي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو:”اقرار! هن نظاري تي ڀٽائي سرڪار ڇا ٿو فرمائي؟
    ”جھمنديون اچن، جھوليون جھونجھارن جون.... “
    مان انهيءَ سٽ کان اڳتي نه پڙهي سگھيس، پوءِ ڀائو لطف اهو بيت پاڻ مڪمل ڪيو.


    گلاب پيرزادو : سوڀي جي سنگت ۾ رچي ريٽو ٿيل ڪميونسٽ اڳواڻ

    ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ڪجھه ڪردار اهڙا به آهن جن جي، سياست زندگي تبديل ڪري ڇڏي. اهڙن ماڻهن مان احمدبخش عرف گلاب پيرزادو به هڪ آهي. گلاب جيڪڏهن پورهيت سياست وارو رستو اختيار نه ڪري ها ته يقينن هڪ نه هڪ ڏينهن پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃي ها. هيءُ، جوانيءَ ۾ ٺاهوڪو چور هو، اصل رات خالي نه هوندي هيس. ڪيترائي دفعا گرفتار ٿيو، پوليس جون مارون کاڌائين پر ڪڏهن نه ساڳي سليائين.
    گلاب پيرزادو 1946ع ۾ ٻلهڙيجيءَ ۾ علي گوهر پيرزادي جي گھر پيدا ٿيو. فقط پرائمري پنج درجا پڙهيو ۽ پوءِ چوراڻڪي واٽ ورتائين. گھڻو وقت تر جي چورن سان مقابلو ڪندي گذريس. هن جي دوستي واري ٽوليءَ ۾ وڏيرو بالڻ پيرزادو، خان محمد سومرو ۽ ٻيا شامل هئا، جن جي به وڏي ڳالهه هئي پر گلاب هنن کان گھڻو تيز هو. سندس خيالن ۾ تبديلي تڏهن آئي، جڏهن هن جي صحبت انور ۽ مير محمد سان ٿي. انور پيرزادو 60ع واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري ڪامريڊ سوڀي جي صحبت ۾ آيو، جيڪو ان وقت پنهنجي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ نظربند هو ۽ ڳوٺ کان ٻاهر انبن جو باغ سندس مسڪن هو. انور پيرزادو ساڻس ڪچهريءَ لاءِ رات جو سندس باغ ۾ ويندو هو. هونئن ته کيس ٻنڊيءَ تائين پهچڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو، پر هن لاءِ ديهه لانياري ۾ ويٺل ٻروچن جا ڪتا وڏو مسئلو هئا، جن کان کيس ڊپ ٿيندو هو ۽ انهن ڪتن جي خوف ڪري انور گلاب کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. اهڙي نموني ڪامريڊ جي صحبت ۾ اچي هيءُ به رچي ريٽو ٿي ويو.
    1975ع ۾ گلاب پيرزادو ايئرپورٽ ڊولپمنٽ اٿارٽي موهن جو دڙو اسٽيشن تي ڪچي ملازم جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. ان وقت موهن جو دڙو هوائي اڏي تي ”اي ڊي اي“ پاران لينڊ اسڪپ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت کين ايئرپورٽ جي ڀرپاسي وڻ پوکڻا هئا، جتي في ملازم روزانو ست رپيا ڏنا ويندا هئا. جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ تي اهڙا ملازم 9 رپيا ڏهاڙي کڻِي رهيا هئا. گلاب پيرزادي روزانو 2 رپيا وڌائڻ لاءِ اي ڊي اي ۾ هڙتال ڪرائي، جنهن تي کيس گرفتار ڪري ڏوڪري ٿاڻي تي رکيو ويو پر پورهيتن جي هڙتال ايئرپورٽ اتنظاميا کي منجھائي ماريو ۽ نيٺ انتظاميا مجبور ٿي سندن مطالبا مڃيا ۽ پهرين ڏينهن کان وٺي کين ڪراچيءَ جي حساب سان پئسا ادا ڪيا ويا ۽ گلاب پيرزادي کي گلن جا هار پارائي ڏوڪري ٿاڻي کان موهن جي دڙي آندو ويو. اهڙي ڪاميابيءَ کانپوءِ گلاب پيرزادي جي يونين لاڙڪاڻو ليبر فيڊريشن ۾ شامل ٿي وئي. هنن ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ احتجاج شروع ڪيو، جنهن ڪري ايئرپورٽ مئنيجر سريلنڪا جي سفير کي اغوا ڪرڻ جي سازش تيار ڪرڻ واري الزام هيٺ گلاب کي گرفتار ڪرايو. هن جي گرفتاري تي لاڙڪاڻي جي پورهيتن سخت احتجاج ڪيو پر هن ڀيري ساڻس ڏوڪري ٿاڻي تي اهڙي حالت ٿي جيئن پتڻ تي اٺ سان ٿيندي آهي پر هاڻ ڪو ٻيو گلاب هو ۽ سندس ڀرجھلا سمورا پورهيت هئا جن انتظاميا کي ڳالهين ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ ايس ڊي ايم جي سربراهيءَ هيٺ ٻنهي ڌرين جي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ گلاب موقف رکيو ته ”ليبر لا مطابق ڪچا ملازم پڪا ڪيا وڃن.“ ايئرپورٽ انتظاميا جو چوڻ هو ته اسان وڻ لڳائي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري اسان کي ايئرپورٽ تي ملازمن جي ضرورت ناهي. نيٺ ليبر لا مطابق 46 ملازمن کي اي ڊي ايم ۾ پڪو ڪيو ويو، جن کي بعد ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۾ ضم ڪيو ويو. 1980ع ۾ شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل ملز جي تالابندي ۽ صحافي منهاج برنا جي بک هڙتال جي حمايت ۾ ڳوٺ جي هڪ شاگرد علي مردان پيرزادي ۽ پورهيتن حسن ابڙي، حاڪم علي پيرزادي، لعل بخش ماڇيءَ سان گڏ گرفتاري ڏيندڙن ۾ منهنجو ٺپ اڻپڙهيل مامو غلام سرور پيرزادو به شامل هو، جنهن گرفتاري ڏيڻ وقت پلي ڪارڊ به ابتوجھليو هو. پوليس گاڏيءَ ۾ چڙهڻ وقت ساڍا ڇهه فوٽ قد رکندڙ منهنجي مامي وڏي واڪ نعرو هنيو، ”ڀيڄ پاڳارا، جيئي گلاب!“ اهڙي نموني گلاب پورا چار مهينا ڊسٽرڪٽ جيل خيرپور ۾ گھاريا.
    گلاب پيرزادو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو تڏهن کان ميمبر آهي، جڏهن پارٽي ڳجھي نموني ڪم ڪندي هئي ۽ پارٽيءَ جا ڪيترائي اڳواڻ روپوش هوندا هئا. چئني ايڪائن جا سمورا ڪميونسٽ اڳواڻ گلاب پيرزادي جا مهمان ضرور بڻيا آهن. ڄام ساقي، مير ٿيٻو، شهيد نذير عباسي، امداد چانڊيو، گھنشام پرڪاش، امر لال، حميده گھانگھرو، پروفيسر جمال نقوي ۽ اعزاز نذير تائين، ڪيترائي ڪميونسٽ اڳواڻ گلاب جي غريب خاني ۾ ڪجھه گھڙيون گذاري چڪا آهن.
    سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ سمورا ڪميونسٽ وکري ويا پر گلاب جيئن جو تيئن ئي رهيو. سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ به هي لاڳيتو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پولٽ بيورو جو ميمبر رهندو آيو آهي. همراهه پارٽي طرفان روس، سينگاپور ۽ بنگلاديش جا دورا ڪري چڪو آهي. ڍاڪا کان واپسيءَ تي ٻڌايائين ته ”ڍاڪا ۾ اسان کي هڪ ميوزيم ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ رڳو ماڻهن جون کوپڙيون ۽ انساني عضون جا هڏا پيل هئا ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته 1971ع ۾ البدر ۽ الشمس سان گڏجي پاڪستاني بندوق بازن سندن ايترا ماڻهو ماريا جو دفنائي دفنائي ٿڪجي پياسين... پوءِ انهن لاشن جي باقيات کي هن ميوزيم ۾ رکيو ويو.
    گلاب پيرزادي ڪميونسٽ پارٽي، ٽريڊ يونين، سنڌ هاري ڪاميٽي سان گڏ سماجي تنظيم ڳوٺ سڌار سنگت ۾ به ڪم ڪيو. ڪيترائي ورهيه ان جو صدر رهيو. ساڻس ڪم ڪندڙ ساٿي اها شڪايت ضرور ڪندا آهن ته هي سي پي جي سيڪريٽري جنرل وانگر سمورا اختيار پاڻ وٽ ٿو رکي ۽ کين فيصلن ۾ شامل نٿو ڪري. اهڙن افعالن جي ڪري ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جي رجسٽريشن ختم ڪئي وئي ۽ هاڻي مهراڻ ويلفئير ايسوسيئيشن ٻلهڙيجيءَ جو قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين پريزيڊنٽ آهي ۽ اتي به ڪارڪنن کي ساڻس ساڳي شڪايت آهي. ڪجھه ماڻهن لاءِ گلاب اوتار جهڙي حيثيت رکندڙ آهي، البت ڪجھه ماڻهو ساڻس اختلاف رکندا آهن پر انهن کي به کانئس ڪا سڌي شڪايت نه هوندي آهي. گلاب جا سڀ ٻار جوان ۽ پنهنجي گھر تڙ وارا آهن. توڙي جو 68 ورهيه وهائي چڪو آهي، تڏهن به جوانن کان جوان لڳندو آهي. اڄ به ڪميونسٽ پارٽي ۽ سماجي تنظيم جي ڪم کان سواءِ سڄو ڏينهن ويساند نه هوندي اٿس، تنهن هوندي به اخبار ۽ ريڊيو لاءِ ٽائيم ڪڍي وٺندو آهي.


    محب پيرزادو

    محب حسين پيرزادي جي بيان کانسواءِ ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ڳوٺ کي ٺاهڻ، جوڙڻ، سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ هن شخص جون وڏيون محنتون شامل آهن، جن کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. محب حسين پيرزادو سياستدان، سماجي ورڪر، ڀلوڙ رانديگر ۽ بحث مباحثي جو شوقين آهي. هيءُ ئي اهو شخص آهي، جنهن جي طفيل منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ کي نئين سڃاڻپ ملي.
    ڳوٺ جي ترقيءَ ۾ ته هن جو وڏو ڪردار آهي پر آسپاس جي ڳوٺن لاءِ به ڇپر ڇانوَ آهي. اسان جي يونين ڪائونسل بگيءَ جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ترقياتي اسڪيمون هن شخص ڏياريون آهن. همراهه جو سڄو ڏينهن اهڙن ڪمن ۾ گذرندو آهي. ڪنهن شخص سان ڪو مسئلو ٿيو ته هن جو آرام ڦٽي ويندوآهي. تيستائين ننڊ حرام هوندس، جيستائين سندس مسئلو حل نه ڪري.
    ڳوٺ ۾ ڪنهن جو ڪاڄ هوندو ته هي شخص وچ ۾ هوندو آهي، جتي به ڪا انتظامي کوٽ محسوس ڪندو ته ان جو پاڻ مرادو نگران ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو قضيو ٿيندو آهي ته به همراهه سرگرم ٿي ويندو آهي. سامي کوٽڻ وارا هٿ ڪري، کين ڪوڏرون ۽ چنجور ڏئي ڪم سان لائيندو ۽ پاڻ سندن چانهه پاڻيءَ جي بندوبست ۾ هوندو. همراهه ڪم ۾ جنبيل هوندا ۽ هي مٿن پکو جھليندو رهندو.
    محب حسين پيرزادو پنهنجي تر ۾ ”ڀائو محب“ جي نالي سان مشهور آهي. هن 1954ع ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ علي در پيرزادي جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو ميان جان محمد پيزادو ڪلاسيڪل فنڪار ۽ مذهبي عالم هو. ڀائو محب پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ ميٽرڪ ڏوڪري هاءِ اسڪول مان ڪئي. 1974ع ۾ ايئرپورٽ تي پرائيويٽ نوڪري ڪئي، تڏهن ايئرپورٽ جا انتظام ايجنسيءَ حوالي هوندا هئا ۽ اها ايجنسي لاڙڪاڻي جي نبي بخش شيخ وٽ هوندي هئي. جيئن ته ملڪ جو وزير اعظم لاڙڪاڻي جو هو، ان ڪري وزير وڙا، ڪامورا ڪڙا لاڙڪاڻي ڏانهن ڀيرو ڀريندا هئا ۽ ساڳئي وقت امن امان جي صورتحال ڪجھه بهتر هئڻ ڪري موهن جو دڙو گھمڻ لاءِ پرڏيهي سياحن جا هشام ايندا رهندا هئا. اهڙي ريت ڀائو محب جا ملڪ جي سياستدانن، وڏيرن، ڪامورن، پارليامينٽ ميمبرن سان لاڳاپا قائم ٿيا. 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. هي ليکڪ ته بڻجي نه سگھيو البت منجھس سياسي شعور ضرور پيدا ٿيو. 1979ع ۾ لوڪل باڊيءَ جي چونڊن ۾ کيس ٻلهڙيجي تڪ تي ميمبر طور اميدوار بيهاريو ويو، سندس مقابلي ۾ اڳوڻي ايم پي اي موسيٰ خان ٻگهئي جو پٽ اڪرم ٻگھيو هو. هيءُ ڄڻ سير جو مڻ سان مقابلو هو. اڪرم ٻگھيو تر جو ڊنگ وڏيرو هو، ٻهلڙيجيءَ ۾ سندس راڄ هو. تر جا چڱا مڙس، چور، پاٿاريدار، سڀ وڏيرن جي ورڪ ۾ هئا. وڏيرن ماڻهن کي داٻا دڙڪا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. ان باوجود ڀائو محب وڏيري اڪرم کي 100 ووٽن جي فرق سان شڪست ڏني. محب جي انهيءَ ڪاميابي تر جي سياسي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ڪيو ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڏيرن جي مزاحمت ٿيڻ لڳي.
    ضيائي مارشل لا واري دور ۾ ڀائو محب کي هڪ منٽ به ويساند نه هوندي هئي. هڪ طرف ڌاڙيل خان هئا ته ٻئي پاسي پوليس سڳوري هئي، ٻنهي جو عوام سان هڪجهڙو ورتاءُ هو. ڌاڙيلن سان مقابلي بدران پوليس ماڻهن جو مال ماري ويندي هئي ۽ ڌاڙيلن جي ذات سان تعلق جي ڪري ماڻهن کي ٻڌي کڻي لاڪپ ۾ هڻندي هئي. ڪيترا وڏيرا وڙا ان ڪم ۾ مڊل مين جو ڪردار ادا ڪندا هئا، جيڪي ماڻهن کان پوليس لاءِ پئسا گھري اتان پنهنجو به حصو ڪڍي وٺندا هئا پر اهو ڀائو محب هو جيڪو مفت ۾ ماڻهو ڇڏائيندو هو ۽ ٿاڻي تي پاڻي به نه پيئندو هو. 1980ع کان 90ع تائين سندس تعلق سنڌ هاري ڪاميٽي سان رهيو. ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جو به صدر ۽ سيڪريٽري رهندو آيو. ايئرپورٽ تي نوڪري ڪرڻ دوران هن جون محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون، محترمه کيس نالي سان سڃاڻيندي هئي. پهرين ۽ ٻِي حڪومت دوران ڀائو محب کي محترمه، گيس ۽ پي آءِ اي ۾ بطور آفيسر جا آرڊر ڏنا پر هن يار سرڪاري نوڪري ۽ شادي کان قسم کڻي ڇڏيو هو، جنهن تي هڪ دفعو محترمه ساڻس چڙي به پئي هئي، پر هن نوڪري نه ڪئي.
    ڀائو محب جي ڪم وٺڻ جو انداز به نرالو آهي. جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀائوءَ جو ڪم پيو اهو ڄڻ ته ڦاٿو. هاڻي ته موبائل فون هن جو ڪم آسان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ سندس ڪم هوندو، ان کي ڪال مٿان ڪال هوندي. همراهه جيئن ئي فون کوليندو هي بنا بريڪ شروع ٿي ويندو.
    هڪ آفيسر ته هيئن چيس: ”محب صاحب مون کي اوهان جي ڪم جي وڏي ڳڻتي آهي، هي فقير اڳ ۾ اوهان جو ڪم ڪندو پوءِ موبائل آن ڪندو.“ ۽ ٿيو به ايئن، اڳ ۾ هن ڀائو محب جو ڪم ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو موبائل نمبر کوليو.
    اهڙي زوراوريءَ سان ڀائو محب ڪيترن ئي ڳوٺن کي بجلي، گيس ۽ نيڪال جون اسڪيمون ڏياريون آهن. ڪيترائي اسڪول منظور ڪرايا آهن ۽ ڪيترن ئي نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏنيون آهن. ڀائو محب جي اسڪيمن جون تختيون وري ڳوٺاڻا ڪنهن نه ڪنهن وڏيري، ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي نالن سان هڻائي کانئن افتتاح ڪرائيندا آهن پر هي يار ان تي به ارهو نه ٿيندو آهي. جڏهن اهڙي نامناسب رويي جو ساڻس ذڪر ڪندا آهيون ته چوندو آهي:
    ”يار هنن جي مجبوري به ڏسو، هي مسڪين ماڻهو ڪٿي وڏيرن جو ڏمر سهي سگھندا.“
    اهڙي نموني جڏهن ڪو چور پڪڙجي پوندو آهي ۽ ان جي ماءُ هن وٽ ڀلو سونهارو کڻي پڄي ويندي آهي، پوءِ ته همراهه جون ڀاڳين سان چڪريون پيون هلنديون آهن:
    ”توهان آسودا آهيو، الله سڀ ڪجھه ڏنو اٿوَ. هو غريب، اپاپيپ آهي، گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھه ناهيس، معاف ڪيوس، ان ۾ توهان جي گھٽتائي نه ٿيندي.“ ... ۽ جي پنجاهه ورهين ۾ ان همراهه سان ڪا اهڙي چڱائي ٿي هوندي ته ان جو به ور ور ذڪر ڪندو:
    ”توهان سان به ته ڦلاڻي ڀلائي ڪئي هئي، توهان کي به اهڙي پر پاڙڻ گھرجي.“
    سندس اهڙين ڳالهين تي کوڙ سارا ماڻهو ناراض هوندا آهن. هڪ ڀيري علائقي جي هڪ ڊنگ وڏيري جي مدد سان ڳوٺ جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي همراهن قبضو ڪيو. ڳوٺ جا سمورا نوجوان اهڙي بي واجبيءَ تي جذباتي هئا. هوڏانهن وڏيرن پنهنجي همراهن کي چئي ڇڏيو هو ته ”اوهان هڪ ٻه مڙس ماري اچو، توهان جي مدد ضرور ڪنداسين.“ اهڙي هُشيءَ تي همراهه هٿيار کڻي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پهچي ويا. نوجوان به جھيڙي لاءِ تيار ٿي ويا. ڀائو محب نوجوانن کي جھيڙي کان منع ڪري رهيو هو پر نوجوان به مڙڻ جا نه هئا. ايتري ۾ هڪ وڏيري جي ڇاڙتي ڀائو محب کي ٻه هٿڙيون سونٽيون وهائي ڪڍيون. مٿو ڦاٽي پيس، رت ريلا ڪري وهڻ لڳس. ڀائو محب کانئس ڏنڊو کسي سڌو سندس مٿي تان ورائيندي چيو:
    ”ڀيڻ جا... اهڙو هڻانءِ جو مري وڃين پر ٻچڙا ٿي ننڍڙا، سو ڇڏيانءِ ٿو!“ اهڙن گڻن جي ڪري ساڻس ڪير ليکو ئي نه ڪندو آهي. ڀائو محب 1988ع وارين چونڊن ۾ فارم ڀرايو ۽ سنڌ قومي اتحاد جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ زور ڏنو پر اها سيد مظفر علي شاهه کي ملي جنهن وڏيري جي دٻاءُ ۾ اچي هٿ کنيو. جڏهن ته ڀائو محب حسين ان کان اڳ هٿ کڻي چڪو هو.
    مشرف دور ۾ يونين ڪائونسل بگيءَ جو ناظم چونڊيو، هن مهراڻ اتحاد جي نالي سان فارم ڀريو هو، پيپلزپارٽي سندس مدد ڪئي هئي. نه محب جي وڏيرن سان لڳي ۽ نه وري وڏيرن جي محب سان پئي، جنهن ڪري محب جي پ پ ۾ شموليت تي وڏيرا ارها هئا. توڙي جو ڀائو محب مرحوم ذوالقفار علي ڀٽي تي تنقيد ڪندو آهي پر محترمه تي هيءُ جائز تنقيد به برداشت نه ڪري سگھندو آهي. 2004ع ۾ پ پ ۾ شموليت ڪيائين. کيس هڪ دفعو ٻيهر يوسي ناظم طور اميدوار بيهاريو ويو پر اليڪشن ۾ هارايائين. ڀائو محب بلدياتي اليڪشن ۾ ڪڏهن کٽيندو آهي ته ڪڏهن هارائيندو آهي پر هن ٻين وانگر مال ميڙيو ناهي. نه ته کيس پنهنجي اوطاق آهي، نه ئي وري موٽر سائيڪل ئي اٿس. همراهه گندي ۽ گراهه جو فڪر ئي ناهي ڪندو. ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ به نڪري پوندو آهي. هن جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته اڄ ڪروڙن سان کيڏي ها پر هن جو اصول آهي:
    گندي ۽ گراهه، جنهن سنياسيءَ سانڍيو
    انهيءَ کان الله، اڃا اورانهون ٿيو.

    ڀائو محب بحث براءِ بحث جو قائل آهي. ڳوٺ جو ڪو ماڻهو ڪهڙي به ڳالهه ڪندو، ڀائو محب ان کي دليلن سان رد ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن ڪنهن نوجوان اعجاز منگيءَ جي لکڻيءَ جي تعريف ڪئي ته هيءُ انعام شيخ جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندو. نوجوان ڪرڪيٽ ميچ ۾ ٽنڊولڪر جي ساراهه ڪندا ته هي برائن لارا جي تعريف ڪندو ۽ جيڪڏهن ڪٿي لارا جي تعريف هلندي ته هي اتي ان جي گلا ڪري رڪي پونٽنگ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندو. جيڪڏهن ڪنهن چيو ته هي ٻڪري ڪاري آهي ته ڀائو چوندو ”هن ٻڪريءَ جو رنگ اڇو چئبو آهي.“ اهڙي نموني سڄو ڏينهن هن جو بحث مباحثو جاري رهندو آهي. اها ڀائو جي خوبي آهي ته هي پنهنجي سمورن ووٽرن کي نالي سان سڃاڻي. ڀائو محب والي بال جو سٺو کيڏاري آهي پر اسان جي ڳوٺ جي ٽيم جي هارائڻ ۾ وڏو هٿ به هن صاحب جو هوندو هو، ڇاڪاڻ جو ستن ئي رانديگرن جا بال پاڻ کڻندو هو. اهڙي نموني اسان جي ڳوٺ ۾ تاس تي ٻارهي تيرهي راندي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ ڳوٺ ۾ چوڻي عام آهي ته : ”سياست، راڳ ۽ ٻارهي تيرهي راند ڏکي آهي.“ ڀائو محب ٻارهي تيرهي راند جو به سٺو کيڏاري آهي. پاڻ کيڏندو ته ٻين کي ڳالهائڻ ئي نه ڏيندو پر جي پاڻ نه کيڏندو ته چئني رانديگرن کي ڏسيندو، معنيٰ ته ڀائو چئني ڄڻن جي راند پاڻ کيڏندو آهي.
    اهڙي نموني سنڌ هاري ڪاميٽي هجي، ڳوٺ سڌار سنگت هجي يا ڪو ٻيو پليٽ فارم، ڀائو تي اها تنقيد ٿيندي آهي ته هي پنهنجي ٽيم سان صلاح نه ڪندو آهي ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو آهي.
    ڀائو محب شروع ۾ سائي ٻوٽي واپرائيندو هو. هونئن ته پنهنجو کاڌو به ٻين کي ڏئي ڇڏيندو آهي پر هن معاملي ۾ بنهه ابتڙ آهي. جيڪڏهن ڪنهن گلاس اڌ جي گھر ڪيس ته ڄڻ ڏنڊو وهائي ڪڍيائينس. سائي ٻوٽيءَ کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو، پوءِ اها ڇڏي ڏنائين ۽ متارو بڻجي ويو. سڄو ڏينهن پيو سمهندو پر شام جو پيئڻ کانپوءِ وياج سميت قرض لاهيندو. اسان جي ڳوٺ ۾ ڪاڄن تي يادگار محفلون ٿينديون آهن پر انهن مان ڪي ٿوريون ڀائو محب ٻڌي سگھيو هوندو، ڇاڪاڻ جو راڳيءَ کان اڳ پاڻ راڳ ڪري ويهندو آهي.


    ڪامريڊ ٺارو ماڇي : ٿي تند وڙهي تلوارن سان

    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي صحبت سراسر سراڻ وانگر آهي. جيڪا ماڻهو جي ذهن جي تلوار تان ڪٽ لحظي ۾ لاهي ڇڏي ٿي. هونئن ته سنڌ جي ترقي پسند سياست تي ڪامريڊ سوڀي جا لکين ڀال ۽ ڀلايون آهن، پر سندس منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي تي ٿورا به ڪي ٿورا ناهن. سوڀي جي ئي صحبت انور ۽ گلاب کي نئين سڃاڻپ ڏني. اهڙي نموني ٺارو ماڇي به ڪامريڊ سوڀي جي اسڪول جو شاگرد آهي ۽ ان اسڪول جي ليول ملڪ جي هاڻوڪين يونيورسٽين کان مٿانهين آهي.
    ڪامريڊ ٺاري ماڇي 1952ع ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ جي هاري عرس ماڇي جي گھر ۾ جنم ورتو. غربت ۽ حالتن جي تنگيءَ سبب فقط پنج درجا سنڌي پڙهي سگھيو ۽ پوءِ پنهنجي اباڻي ڪرت سان لڳي ويو. همراهه قد بت جو به پورو سارو، ڪمزور ۽ نٻل. کيس ڏسي هرڪو اهو اندازو هڻندو ته هن کان هر ۽ ٻيو محنت وارو ڪم ته ٿي ئي نه سگھندو پر مڙس وڏو محنتي هو. ٻني، هر، گاهه، لابارا، مال متاع.... پنهنجي وس کان گھڻي محنت ڪيائين. ٺاري ماڇي جو خاندان سالن کان ڪامريڊ سوڀي جي خاندان جو هر هاري هو. ان تعلق جي ڪري ئي هن کي ڪامريڊ جي صحبت نصيب ٿي. ٻلهڙيجيءَ جو هيءُ خاندان صوفي ولايت شاهه هنباهه واري جو مريد آهي. سال ۾ ٻه ڀيرا اهي صوفي گھوڙن ۽ گڏهه گاڏن جي قافلي سان اچي ٻلهڙيجي ۾ پرگھٽ ٿيندا هئا ته سڄو ماحول حق موجود جي نعرن سان ٻري اٿندو هو. صوفي ولايت شاهه جي هڪ ڪافيءَ جا ٻول آهن:
    پيدا ٿيو آ آدم، صورت منجھان الاهي
    سمايو آ سڀن ۾، زياده نواب ڪهڙو
    آيو پرين اندر ۾ باقي حجاب ڪهڙو
    پردو پيو پڌر ۾ باقي نقاب ڪهڙو
    اهي صوفياڻا رندي ٻول ماڻهوءَ کي مذهب، رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ڪري پيش ڪن ٿا. هتي مايا ۽ مڏيءَ ذريعي ڪو به انسان ٻئي کان مٿانهون نٿو بڻجي. جتي ماڻهو پيار ۽ پريت سان ئي ڪنهن جو مطيع بڻجي سگهي ٿو. انسانن کي محبت جي هڪ لڙهه ۾ پوئڻ ۽ لٽ مار کان آجي نظام لاءِ جدوجهد به سنڌ ڌرتيءَ تي سوشلسٽن کان گھڻو اڳ صوفين هلائي. ”ونڊ کاءُ، سک پاءِ“ جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڌاڄا ڪپڙا ڪندڙ صوفين جھوڪ ۾ ميڙِي خورن سان ملهالا ڪيا ۽ هزارين سرن جا نذرانا پيش ڪيا. اهڙي ئي صوفين جي تصور واري سنڌ ٺاري ماڇيءَ کي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي سوشلسٽ نظرئي ۾ نظر آئي، جنهن کان تر جا وڏيرا، ننڍيرا ۽ سرڪاري نوڪر ائين ٽهندا هئا، جيئن ڪانَو ڀڄي ڪمان کان. ڇاڪاڻ جو کين خبر هئي ته حق جي هوڪي ڏيڻ سبب هن سدائين سر تي سختيون سٺيون آهن. ٺارو ماڇي اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو.
    1983ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامريڊ ٺاري ماڇي جي حصي وٺڻ واري اعلان گھڻن ماڻهن جون متيون منجھائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ جو ڪامريڊ سوڀي جو ننڍو ڀاءُ ڪيول رام به ان ڳالهه تي ارهو هو ۽ ماڇي برادري ڪڏهن به وڏيري موسيٰ خان ٻگھئي کان ڪنڌ نه ڪڍايو هو. هنن سدائين وڏيرن جون ڇيڙون ۽ بيگرون وهيون هيون. هنن ٻئي ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ جو سوچيو ئي نه هو پر هاڻي ته سندن پنهنجو رت وڏيرن سان مقابلو ڪري رهيو هو!! ۽ اهو به سمجھي رهيا هئا ته ٺاري جي مقابلي وارو سور وڏيرا ڪڏهن به نه وساري سگهندا ۽ کين ضرور ڪو نقصان رسائيندا. انهيءَ ڪري سڄي برادري کيس متيون ڏيڻ لڳي پر هن سڀني کي چئي ڇڏيو: ”وس پنهنجي ۾ ناهيان.“
    هوڏانهن ماڻهن ۾ اها پچار هئي ته هي گوڏ گنجيءَ وارو هيڏن وڏن وڏيرن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندو جيڪو صبح جو اٿي بوڇڻ ڪلهي تي ڪري گاهه تي وڃي ٿو. ٺاري ماڇي جي پيءُ عرس کيس ست سريون ٻڌايون ته هوُ هٿ کڻي وڃي. جڏهن پٽ کي راضي نه ڪري سگھيو ته وڏيرن وٽ وڃي هيٺ ويهي رهيو ته پٽ منهنجي ڪئي ڪمائي وڃائي ڇڏي آهي ۽ منهنجي چوڻ ۾ نه آهي. ان اليڪشن ۾ ماڻهن کي ويڙهائڻ لاءِ ڳڻپ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ڪامريڊ جي سڄي پينل بائيڪاٽ ڪيو پر 1987ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ڪامريڊ ٺاري ماڇي وڏي اڪثريت سان ڳوٺ مان کٽيو ۽ پورا ست سال ڪائونسلر رهيو. ڪائونسلر ٿيڻ کانپوءِ به ڏاٽو ڪلهي تي هوندو هئس. همراهه شڪل شبيهه توڙي لٽي ڪپڙي ۾ سادو هوندو هو. ان ڪري نئون ڏسندڙ اعتبار ئي نه ڪندو هو ته ڪو هي ٺارو ماڇي آهي!
    1987ع ۾ ايف سي اهلڪارن ٻلهڙيجي بچاءَ بند تي ڪئمپ قائم ڪئي. اهي مقرر ته عوام جي حفاظت لاءِ ٿيا هئا پر عوام کان وڌيڪ کين پنهنجي سلامتيءَ جي ڳڻتي ورائي وئي. متان ڌاڙيل حملو ڪري کين نقصان نه پهچائين. اها ڳالهه ڳڻي هنن ڪئمپ جي چوڌاري مورچا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ ڪوڏارن ۽ مزدورن لاءِ ڳوٺ جي ڪائونسلر سان ملڻ لاءِ آيا. ٺارو خان معمول جي ابتڙ ويس وڳي ۾ هو. ايف سي اهلڪارن پنهنجو مسئلو بيان ڪري کيس چيو ته ”سڀاڻي ڪوڏرن ۽ چنجورن سميت پنج ست مزدور وٺي اچو.“ ڪامريڊ کين هاڪار ۾ جواب ڏنو.
    صبح جو ڪامريڊ پراڻو انگوڇو ٻڌي ڪوڏر کڻي اڪيلو ايف سي ڪئمپ تي پهتو. اتي مقرر آفيسر کي چيائين:“ مان هن ڳوٺ جو ڪائونسلر آهيان. ڳوٺ جو ڪو به پورهيت بنا اجوري جي ڪم نه ٿو ڪري. مان انهن کي مجبور نٿو ڪري سگھان. باقي مان حاضر آهيان. مونکي ٻڌايو ته ڪٿي کڏون کوٽڻيون آهن؟”
    ايف سي اهلڪارن جا تاڪ لڳي ويا ۽ هنن ڪامريڊ ٺاري کي سليماني چانهه پياري سندس مهرباني مڃي کيس واپس ڪيو.
    سوويت يونين جي ٽُٽڻ، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي مسجد وسائڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ڀڃ ڊاهه ڪامريڊ ٺاري کي ڪجھه وقت مايوس ضرور ڪيو پر پوءِ وري مقامي سياست ۾ سرگرم ٿيو. سندس گھر واري گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ عورتن جي سيٽ تي ڪائونسلر چونڊبي آئي آهي.


    مامو رمضان : ڏور ڏُکندا ڀڄ، مِهريءَ منهن ڏيکاريو

    منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي سنئين نڪ ۽ سنهيءَ لڪ وارو مامو رمضان ساريو بظاهر هڪ عام دڪاندار ۽ پاڙي جي مسجد جو پيش امام آهي پر هن جي نظر ۾ افضل عبادت خدا جي بندن جي خدمت آهي. ان ڪري ئي هي اگھن، بيمارن ۽ معذورن جي تيمارداري ڪندي اڪثر نمازون قضا ڪري ڇڏيندو آهي. ٻيٽ چهي جهڙو سنهڙو سيپڪڙو مامو رمضان شاهه سائين جي سٽ ”اڻ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار“ جي هوبهو تصويرآهي. عمر جا 60 ورهيه وهائي چڪو آهي پر جواني ديوانيءَ کان وٺي اڄ تائين ڪنهن سان به ڪڏهن ٻاڙو نه ٻوليائين. بدلي وٺڻ بدران معاف ۽ درگذر ڪرڻ واري رمز ۾ ريڌل، ننڍي وهيءَ کان ئي خير ڏي مائل ۽ شر وارن ڪمن کان ڪوهين ڏور. تڏهن ئي ته سندس جيڏا ۽ سرتا کيس سڏين ئي رمضان شريف!
    مامي رمضان سارئي 1954ع ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ملان وريام جي گھر ۾ اک کولي، جيڪو به رڳو نالي جو ملان هو. فقط نمازي ۽ مسجد جو خدمتگار هو ۽ مسجد جي نالي ۾ ڪنهن به قسم جي ونڊ وٺڻ بدران حال آهر ان تي پاڻ خرچ ڪندو هو. کيس ننڍڙو دڪان ۽ ان جي ڀر ۾ ننڍڙي اوطاق هئي، جتي مسافر مڙي کي لسي پاڻي پياري سرهو ٿيندو هو.
    1965ع ۾ مامو رمضان ساريو پنج درجا پرائمري پاس ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو. هو پهرين ئي ڏينهن پنهنجي هم جماعتي دوست صالح شاهه سان گڏ سائيڪل تي اسڪول وڃي رهيو هو ته همراهه ڦورن جي هٿ چڙهي ويو، جن هن کان سائيڪل کسي ورتي. توڙي جو اهي ڦورو ڳوٺاڻن سائيڪل سميت پڪڙي ورتا، تڏهن به وڏڙن هن کي ايڏي پنڌ تي اسڪول وڃڻ کان منع ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت مامو رمضان ساريو رڪارڊ ۾ فقط پرائمري سرٽيفڪيٽ رکندڙ آهي پر هن صحت ۽ تعليم جي حوالي سان ايترو ڪم ڪيو آهي جو سوين ڊگريون رکندڙ گڏجي به ايترو ڪم نٿا ڪري سگھن.
    ماما رمضان سارئي سماجي ڪمن ۾ تڏهن کان هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو، جڏهن 1988ع ۾ هو بيماريءَ جي بستري تي ڪري پيو. مڙس اڳ ۾ ئي نٻل ۽ ڪمزور، ويتر بيماريءَ نهوڙي ڇڏيس. همراهه جي مالي حالت به ٺيڪ نه هئي، گھر ۾ هڪ ننڍڙو ڀاءُ محبوب هئس، جيڪو هاءِ اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. ان وقت لطف پيرزادي ۽ ٻين دوستن کيس جناح اسپتال پهچايو. اتي ئي مڙس واعدو ڪري ڇڏيو ته صحت ماڻڻ کان پوءِ هي ماٺ ڪري ويهڻ بدران اگھن کي سگهائي ڏيڻ وارو ڪم جاري رکندو. پوءِ هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. هي اڀري ڏيل وارو انسان علائقي جي هزارين ماڻهن کي بڇڙين بيمارين کان بچائي آيو آهي. مامو رمضان پاڻ ته نرڌن آهي پر هن کي ڪيترائي ڌنوان سڃاڻن، جيڪي خير جي ڪم ۾ پنهنجي حال سارو سندس مدد ڪندا رهندا آهن. مامو رمضان اڳ ۾ پاڻ مريض ڳوليندو هو، انهن کي دلاسا ڏئي آپريشن لاءِ راضي ڪندو هو ۽ هاڻ کيس مريض ڳولي لهن ٿا ۽ هي شهيد ڪنور ڀڳت وارو ٽولو ٺاهي اچي ڪراچيءَ جون اسپتالون ڀيٽيندو آهي. اهڙي ريت هڪڙا اگھا سگھا ٿي ايندا آهن ۽ ٻي ٽولي تيار ٿي ويندي آهي. مريض جي دوا کان وٺي ڀاڙي ڀتي ۽ کاڌي پيتي تائين سمورو خرچ مامو رمضان پاڻ ڪندو آهي ۽ مريض جو ٽڪو به خرچ نه ايندو آهي. مريض جي خدمت به ايئن ڪندو آهي جو سندن عزيز قريب به اهڙي خدمت نه ڪري سگهن.
    مامي رمضان کي پاڙي وارا ڪوٺن به جاني دڪاندار. همراهه دڪان مان ڪڏهن نه ڪمايو. کٽيو ته پنهنجي جاءِ تي پر مور به نه موٽي سگھي. همراهه جي دڪان تي جيڪا به شيءِ هوندي ۽ ڪو گراهڪ اوڌر تي گهر ڪندس ته بنا چوڻ جي اها شيءِ سندس حوالي ڪندو ۽ اها ڳالهه ئي وساري ڇڏيندو. ڪڏهن به قرضيءَ کان قرض جي تقاضا نه ڪندو. پنهنجي مرضيءَ تي ڪنهن ڇهه ماهي يا سال تي ڏنو ته ڏنو، نه ته مڙيو ئي ٿيو خير.
    ڳوٺ ۾ بجلي، نالين جي صفائي توڙي بي پهچ ماڻهوءَ جو هر جائز ڪم مامي رمضان کي ڪرڻو پوندو آهي. مامي رمضان جو وڏي ۾ وڏو هٿيار ٻانهون ٻڌڻ آهي. هن نياز ۽ نوڙت ذريعي مسڪين ماڻهن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا آهن. هو جڏهن ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ اختيار ڌڻين ڏي ويندو آهي ۽ اهي ان ڪم لاءِ جيترا عذر ڏيندا، مامو رمضان هر عذر تي کين رڳو ٻانهو ٻڌندو ۽ نيٺ اهي هار مڃي مامي جو ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا آهن. مامو رمضان ملڻ جلڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هوُ نياز ۽ نوڙت سان ڪيترن ئي ماڻهن کي جڪڙي ڇڏيندو آهي. اهي ماڻهو مامي رمضان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ارهائي بدران سرهائي محسوس ڪندا آهن. مامو رمضان ننڍي توڙي وڏي سان ڳراٽڙي پائي ملي، هٿ تي چمي ڏئي چوندو: ”ماما، صدقو وڃانءِ نانوَ تان!“
    2001ع جي بلدياتي چونڊن ۾ مامو رمضان جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺو. سمورن اميدوارن ۾ مامو رمضان ئي اهڙو ماڻهو هو جنهن وٽ سوزوڪي ڀاڙي تي ڪري ورڪ ڪرڻ جيتري به سگھه نه هئي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا اميدوار پاڻ ڀرا ۽ خوشحال هئا، جن جي حمايت لاءِ ايم اين اي ۽ ايم پي ايز به پئي چڪر ڪاٽيا پر مامي رمضان سڀن کي مات ڏئي ڇڏي. ان عرصي دوران هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سماجي ڪم ڪرايا، ماڻهن سان ڏک سک ۾ شامل رهيو ۽ جڏهن ٻيهر اليڪشن ۾ ساڳي سيٽ تي بيٺو ته ٻيا اميدوار جتي پنهنجي حمايت لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا اتي مامو رمضان ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن کي منٿون ڪري رهيو هو ته مون بدران ”ڦلاڻي“ کي ووٽ ڏيو، ڇاڪاڻ ته مونکي ڳوٺ مان ئي ايترا ووٽ ملندا جو وڌيڪ ووٽن جي ضرورت ناهي. ان جي باوجود مامي رمضان سڀني اميدوارن کي مات ڏئي ڇڏي. هن جيترا ووٽ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ مان کنيا، ان کان وڌيڪ ٻين ڳوٺن مان کنيائين.
    مامو رمضان هيتري ڀڄ ڊڪ ۽ هڻ وٺ باوجود جتي مسجد جي جھاڙو ٻهاريءَ واري ڊيوٽي ادا ڪندو آهي، اتي ميلن، ملاکڙن، موسيقيءَ جي پروگرامن، صوفياڻي راڳ جي محلفن، 12 ربيع الاول جي عرس ۽ 10 محرم جي پروگرامن ۾ به شامل رهندو آهي. هي مذهبي ڀيد ڀاوَ جو قائل ناهي. هندو-مسلم کي ڌڻيءَ جو پرتوو سمجھي سندس سيوا ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھندو آهي.
    مامو رمضان ساريو توڙي جو پاڻ گھڻو پڙهيل لکيل ناهي پر هوُ علم جي اهميت کان چڱي طرح واقف آهي. هن جي ڪوششن سان ڳوٺ جي ڪيترين ئي نياڻين کي تعليم نصيب ٿي آهي. مامي رمضان پنهنجي گھر جو هڪ حصو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران هلندڙ گرلز اسڪول کي ڏئي ڇڏيو آهي، جتي سڄي ڳوٺ جون نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ اچن ٿيون. جيڪڏهن اهو گرلز اسڪول ڪنهن ٻئي هنڌ تي هجي ها ته يقينن ايترو ڪامياب هرگز نه ٿئي ها پر اهو مامي رمضان تي ماڻهن جو اعتماد آهي، جو اهو اسڪول ٻارن سان ڀريل آهي ۽ مامي رمضان جي گھر واري مامي غلام سڪينه ڪڏهن به ٻارن جي گوڙ تي ارهي نه ٿيندي آهي ۽ اتي مقرر ماسترياڻين سان هر طرح جي مدد ڪندي آهي. مامو رمضان ساريو ايس اِي ايف جي قائم ڪيل توڙي سرڪاري اسڪولن جا دورا ڪري ٻاررڙن کي همٿائيندو آهي. مختلف اسڪولن وچ ۾ تقريري، تحريري ۽ ٻيا چٽاڀيٽيءَ وارا پروگرام ڪرائيندو آهي ۽ ٻارن کي انعام به ڏيندو آهي. مامو رمضان ٻارڙن جي غيرنصابي سرگرمين ۾ به مددگار رهندو آهي ته ساڳئي وقت والدين ۽ استادن کي به هٿ جوڙي ٻارڙن کي پڙهائڻ جي وينتي ڪندو آهي.
    مامو رمضان نه رڳو زماني جي سڌ سماءُ لاءِ باقاعدي اخبارون پڙهندو آهي پر ايڊيٽوريل پيج جو به پاٺڪ آهي. مامي رمضان سوين ليکڪن جي مضمونن جون ڪٽنگس گڏ ڪري انهن جا فائيل ٺاهي رکيا آهن. شروعات ۾ مامي رڳو ڳوٺ جي ليکڪن جا اهي فائيل رکيا ۽ پوءِ سڄي سنڌ جي سٺن ليکڪن جي لکڻين کي سانڍڻ شروع ڪيو آهي. هاڻ ان ڪم ۾ به سندس دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو. هُو سياسي پارٽين جو به رڪارڊ ٺاهي رهيو آهي.
    مامو رمضان پُٽاڻي اولاد لاءِ سڪايل آهي پر هن پنهنجي نياڻين کي به پٽن جيترو پيار ڏنو آهي ۽ کين تعليم ڏياري آهي. هو هر ٻار کي پنهنجو پٽاڻو اولاد سمجھي ٿو. سندن مٿي تي هٿ رکي ڪاميابي جي دعا ڪندو آهي ته اوهان ئي منهنجو اولاد ۽ پٽ آهيو ۽ منهنجا وارث اوهان ئي هوندا. دعا آهي ته مامي رمضان کي رب پاڪ هر جهان ۾ صحت مند رکي ته جيئن هو عوام جي خدمت جاري رکي سگهي.


    دريائي چورن جي دنيا

    سنڌ ۾ چوريءَ جون وارداتون سدائين ٿينديون رهيون آهن. برهمڻ دور کان وٺي انگريزن ۽ هاڻوڪي پياري پاڪستان تائين ڪو به اهڙو دور نه هوندو، جنهن ۾ چوريءَ جو نالو نشان ئي نه هجي. سنڌ ۾ گھڻن ئي قسمن جي چوري ٿئي ٿي. کاٽ هڻي گھر جو سامان ۽ ڳهه ڳٺا به چورايا وڃن ٿا. ٻڪري ٺڪري ۽ ڍور ڍڳي جي چوري ته عام جام ٿئي ٿي پر سنڌوءَ ذريعي ڀليون ڀٽاريون مينهون ٻڌڻ واري چوري ٻين چورين کان ڪجهه نرالي آهي، جو اها درياهه ۽ ڪچي واري علائقي سان مخصوص آهي. ڪجھه اهڙا چورآ هن جيڪي ٽنهي قسمن جي چوريءَ جي مهارت رکن ٿا پر ڪي اهڙا به هاڻو آهن، جيڪي فقط سانوڻيءَ ۾ ئي درياهه جي لهرن تي سوار ٿي پنهنجو شڪار ڪن ٿا.
    اسان جي تر مهين جي دڙي جي ڀرپاسي ماضيء جا ڪيترائي چور هئا، جيڪي هينئر پنهنجي عمر گذاري چڪا آهن. ڪي ته وڃي ڀونءِ ڀيڙا ٿيا ۽ ڪجھه همراهه اهڙا به آهن جيڪي حال حيات آهن، جن مان ڪريم بخش ۽ محمد خان پيزادو اهڙين ڪيترين ئي وارداتون جا قصا ايئن بيان ڪن ٿا، ڄڻ اهي انهيءَ مهارت جي نسل در نسل منتقليءَ جا خواهشمند هجن.
    ساڻن ڪچهري ڪندي آئون پڇان ٿو ته ”ٻنهي قسمن مان ڪهڙي قسم جي چوري اوکي آهي؟“
    تڏهن همراهه ٻڌائين ٿا ته ”ٻنهي قسمن جون چوريون ڏکيون آهن پر سُڪي تي پيرا کڄن ٿا، جيڪي لڪائڻ لاءِ گوهيون ڏيڻيون پونديون آهن، اجھي ٻُجھي رهڻو پوندو آهي. ننڊ ڦٽائڻي پوندي آهي. پيرين/پيراڍن کي منجھائڻو پوندو آهي. هوڏانهن وري درياهه بادشاهه سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. ٻئي پار ڳورا آهن. ڪيئن چئجي ته ڪهڙا چور آرام ۾ هوندا آهن!“
    هو ٻڌائين ٿا ته جوانيءَ ۾ اهي فقط سيڻهه، کجيءَ جي پکن واري ڇٻيءَ ۾ لڪائي مهين جي دڙي ريلوي اسٽيشن تي پهچي، سکر يا ان کان به مٿي هليا ويندا هئا ۽ اتي يارن دوستن وٽ وڃي رهندا هئا. پوءِ چڻا (ڀڳڙا) ۽ ڇوهارا وٺي واردات جي ارادي سان منجھند جو درياهه جو پاسو اچي وٺندا هئا. صورتحال جو جائزو وٺي اتان ڇهه ست ڍور وڳ مان ڇني وٺندا هئا. اهڙي نموني 20-25 ڪلوميٽر درياهه جهاڳي سُڪي تي چڙهندا هئا. مال کي چاريندا به ايندا هئا ۽ ڪيڏي مهل وري مال کي سنڌوءَ ۾ لاهيندا هئا. اهڙي ريت ڪامياب واردات بعد ٽن چئن ڏينهن اندر پنهنجي جُوءِ ۾ پهچي ويندا هئا. گھڻو ڪري ته خيريت سان پهچي ويندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن کين درياهه جي درهڙ ۽ دهشت کي به منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو.
    محمد خان ٻڌائي ٿو ته ”ڪيترائي ڀرا چڪڻ ۾ ايندي ايندي بچياسين. درياهه ڪٿي ڪٿي چڪڻ هڻندو آهي. اتي هڪ پاسي تانگهو پاڻي هوندو آهي پر ڏاڍو تيز ۽ ڇوهو هوندو آهي ۽ ٻئي پاسي وري وڏا وڏا کڏا يا گُھور هڻندوآهي ۽ چڪڻ جي مهڙ وٽ ڪانو هڻندو آهي. ڪا به شيءِ ان ڪاني مان ٽپي ته ٺيڪ نه ته ان جو بچڻ مشڪل آهي، جو اتان درياهه شاهه ان کي زور سان هيٺ هڻندو آهي. چڪڻ جي منهن وارو ڪانو ٻن فوٽن جو مس ٿيندو آهي. ڪي شاهه تارو ئي پاسي ڀر پاڻ ڇڏي اتان نڪري سگھن ٿا پر جي انهن ترڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جو بچڻ ناممڪن آهي.“
    هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”سوئر، گڊ، ڦاڙهي ۽ مينهن جهڙو ٻيو ڪو جناور سٺو تارو نه آهي، ان ڪري انهن کي پري کان پتو پئجي ويندو آهي ته درياهه ۾ چڪڻ آهن. اهڙي صورتحال کي تاڙيندي مينهن ان وقت اهڙي رنڀ ڪندي آهي جو ماڻهوءَ جو ڏيل ڏڪي ويندو آهي. جيڪڏهن سياڻو ۽ سچيت چور هوندو ته بچي ويندو، نه ته ٺپ مرندو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪُن جي ڦيري ۾ به اچي ويندو آهي، پر ان ۾ بچڻ جي اميد بهرحال هوندي آهي. ڪُن هڪ قسم جو گھيريدار کوهه هوندو آهي، جنهن ۾ پاڻي لاٽونءَ وانگر ڦرندو رهندو آهي. اهو سِير کان شروع ٿي ڪپر يا ڪنڌيءَ تي اچي ختم ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وڻ به ڪُن ۾ اچي ويندا آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي مارڻ جهڙا هوندا آهن. هڪ ڀيري اڪن ۽ حسن سرگاڻي هڪ وڇير سميت ڪن ۾ ڦاسي پيا. اسان کانئن پوئتي هئاسين. اسان مدد لاءِ ميربحرن کي سڏيو ته انهن به چيو ته الله کان دعا گھرو، باقي اسان ڪجھه نٿا ڪري سگھون. پورا 5 ڪلاڪ همراهه ڪن جي ڦيري ۾ هئا. پوءِ ڪيڏي مهل ڪُن کين ڪناري تي اڇلايو. حسن سرگاڻي ته هلڻ چلڻ جهڙو به نه هو. ڀٽاري وڇير به پاڻيءَ ۾ گھوماٽا کائيندي خوف وچان ڍِڪون پئي ڪيون.“
    دريائي چورن مطابق ڪڏهن ڪڏهن درياهه جو کينجھو به ماڻهوءَ لاءِ ملڪ الموت بڻجي ويندو آهي. کينجھو اصل ۾ سڄو سارو وڻ هوندو آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ لڳاتارر لڙهندو لڙهندو ڄڻ هڪ وڏو بال بڻجي ويندو آهي ۽ اهو سڌو لڙهڻ بدران الٽ پلٽ ترندو ويندو آهي، جيڪو ماڻهو ءَ کي ڦاسائي ماري سگھي ٿو.
    محمد خان پيرزادو ٻڌائي ٿو ته ”آئون ۽ يوسف موچي چوريءَ جي ارادي سان درياهه پئي ٽپياسين ته اسان کي هڪ ماڻهو سانداري تي ترندو ڏسڻ ۾ آيو. ويجھو وڃي ڏٺوسين ته همراهه ۾ ساهه ئي نه هو. کيس هڪ چهنباري ڪاني پيٽ مان آرپار ٿيل هئي. لاش ڪڍي پوليس کي اطلاع ڪيوسين. ڏهن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته همراهه ”هيٺ“ جو مئو (ذات) هو. ”هيٺ“ ۽ ”مٿي“ درياهه جا اصطلاح آهن. جيئن ته سنڌو اتر کان ڏکڻ ڏانهن وهندو آهي، سو، اتر مٿي ۽ ڏکڻ هيٺ سڏبو آهي.“
    هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”ڪيترائي ڀيرا ڀاڳيا به پاڻيءَ ۾ ڪڍ پوندا هئا پر اهي اسان جي سنگت مان ڪنهن کي به ڪڏهن پڄي نه سگھيا. ڇو ته ان وقت درياهه وڏو، تيز ۽ تکو هوندو هو. اصل ريل گاڏيءَ جيتري رفتار سان وهندو هو. تڏهن جھنگ به هئا ۽ جھنگ ننگ آهي. اسان پاڻيءَ مان نڪري جھنگ جو ڪجھه وقت سفر ڪري، وري سنڌوءَ ۾ لهندا هئاسين. ڪجھه درياهه ڀر جا چور گھران ئي مٺا لولا ۽ ڀڳل چڻا کڻي نڪري پوندا هئا ۽ درياهه جي وٽ وٺي مال ٻڌندا، پنهنجي دوستن وٽ ڇڏيندا يا جھنگ ۾ ٿميندا مٿي هليا ويندا هئا ۽ اتان موٽندي ٻڌل ڍور ڪاهيندا ڪاهيندا نيٺ پنهنجي جوءِ ۾ اچي پهچندا هئا.“
    هينئر سنڌوءَ جي اها موج مستي نه رهي آهي، پر جي پنجن ڏهن ورهين کانپوءِ سنڌو موج ۾ اچي به ٿو ته اهي ٻيلا ۽ جهنگ نه رهيا آهن. اتي ماڻهن آبادي ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري هاڻ چورن کي سنڌو گھڻو مهانگو پئجي وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڌٻڻ به چورن لاءِ مسئلو ڪري وجھندي آهي. ڌٻڻ اها گپ آهي جتان تازو تازو پاڻي لهي چڪو هوندو آهي. اها زمين ڏسڻ ۾ سخت لڳندي آهي پر جڏهن ان تي پير رکبو آهي ته ماڻهو گوڏن تائين گپ ۾ گچي ويندو آهي.
    محمد خان ماضيءَ کي ڦلهوريندي کِلندي ٻڌائي ٿو ته ”اسان جي تر جو مشهور چور کِدر (خضر) هڪ ڀيري ڳئون ٻڌيون پئي آيو ته اوچتو ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو. ڳئون ڀٽاري ته جيئن تيئن ڪري نڪري وئي پر کِدر جيئن ئي نڪرڻ لاءِ زور ڏنو تيئن ويو ٿي گچندو، پوءِ ته کيس ڀاڳين اچي ڌٻڻ مان ڪڍيو.“


    اڪن پيرزادو : جي هاڻُو هُونئي مِٽ

    ويڪري پيشاني، ڳاڙهيون لال اکيون، مٿو ويٺل، ڀريل بت، چاپئين ڏاڙهي، وڏا شهپر، مٿي تي پٽڪو يا سنڌي ٽوپي، هٿ ۾ تسبيح؛ اهو هو منهنجو پيءُ اڪبرعلي عرف اڪن پيرزادو، جيڪو سرڪاري رڪارڊ ۾ چور، ڌاڙيل ۽ هاڻوءَ طور مشهور هو ۽ سندس گرفتاريءَ تي سرڪار سڳوري 35 لک رپيا انعام به رکيو هو پر تر ۾ سندس ٻِي سڃاڻپ مهمان نواز، اوطاقي مڙس، ڀاڳئي ۽ ديندار شخص واري هئي.
    ڳالهائڻ جو انتهائي نرم ۽ مٺو. ملڻ جلڻ جو ڍنگ به نيارو هئس. ننڍي توڙي وڏي سان جھڪي ڳراٽڙي پائيندو هو ۽ ٻئي هٿ جوڙي هميشه هي شبد اچاريندو هو: ”ماما، مان تنهنجو ٻيلي!“ ان ڪري تر ۾ پاڻ به ”مامو اڪن“ سڏبو هو.
    اڪن پيرزادو 1948ع ڌاري ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ڄائو ۽ ان ئي سال سندس پيءُ شاهه مراد پيرزادو پنهنجو نجھرو ناٺيءَ حوالي ڪري ٻلهڙيجيءَ کان 10 ڪلوميٽر اوڀر طرف درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي پنهنجي زمينن ۾ ٿي ويٺو. ڪچي ۾ چوراڻو راڄ هو، انهن ئي ڀاڳين جو مال محفوظ هو، جيڪي يا ته پاڻ چور هوندا هئا يا مٿن وڏيرن جو هٿ هوندو هو.
    پيرزادا پنهنجي ٻني ٻاري ۽ مال رزق هئڻ باوجود شريف، سادا هوندي به وڏيرن جي سلامي ڀرڻ وارا نه هئا، ان ڪري سندن مال چورن کي سستو پوندو هو ۽ هي سدائين سندن نشاني تي هوندا هئا. ڪي ڍور نڪرڻ تي قرآن شريف گھمائيندا هئا ته ڪي وري سور سهي، ماٺ ڪري ويهي رهندا هئا. اڪن جو نانو عمر خان پيرزادو تر جو وڏو ڀاڳيو هو پر کيس همراهه نه هئا. هن جا پٽ ۽ ڏوهٽا ننڍڙا هئا، جن کي پنهنجي ٿيل چورين جا تفصيل ٻڌائيندو رهندو هو. سندس اهڙا احوال ٻڌي اڪن جي ڪچڙي ذهن، تڏهن ئي چور ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
    اڪن پيرزادي کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد قاسم سان گڏ پڙهڻ لاءِ ٻلهڙيجيءَ موڪليو ويو پر هيءُ ماءُ کان سواءِ رهي نه سگھيو ۽ نه ئي سندس ماءُ کي هن کان سواءِ قرار ٿي آيو. ان ڪري هن جو پڙهڻ بند ڪرائي ٻني ٻاري ۽ مال متاع جي ڪم سان لاتو ويو.
    اڪن پهرين چوري 12 ورهين جي عمر ۾ ڪئي. هن، تر جي ٺاهوڪي چور جمال خشڪ جي وڇ ڇوڙي اچي اُن کٽ سان ٻڌي، جنهن تي سندس پيءُ ستل هو. وڇ جي ڇِڪائڻ تي همراهه جاڳي پيو، پوءِ ته کيس ٺاهوڪي سٽڪي ڪڍي وڇ ڌڻين کي واپس ڪري آيو... پر جڏهن ٽن ورهين کانپوءِ پيءُ وفات ڪئي ته هن ڌم چوري شروع ڪئي. اُن سان گڏ پنهنجي اوطاق به ٺاهي، جيڪا لاڙڪاڻي- خيرپور ميرس ۽ نوابشاهه (هاڻي نوشهرو فيرزو) جي دنگ تي فتحپور ۽ ڪنڀر ٻلهڙيجي پتڻ جي وچ تي هئي. ٻنهي پتڻن کان ايندڙ مسافر اچي اتي لسي پاڻي ضرور ڪندا هئا. سندس اوطاق تر جي واحد تفريح گاهه پڻ هئي، جتي ڀڳت، ڳائڻا، نٽ ۽ سازيندا محفلون مچائيندا رهندا هئا. سياري جي سڄي رات مچ تي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ ڳالهير قصا ۽ نظير بيان ڪندا هئا. تر جا ڀوڳائي جھنڊو ممڻاڻي، چنگل ميربحر ۽ ٻيا به محلفن ۾ موجود هوندا هئا ۽ سڄي سڄي رات پيا ٽهڪ ٻُرندا هئا. عيد نماز به سندس اوطاق تي ٿيندي هئي، جتي سڄي تر جا ماڻهو اچي مڙندا هئا ۽ اتي سڀني جي مانيءَ جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس اوطاق تي 100 ماڻهو به هوندا هئا. همراهه پتڻ تي ويندڙ ڄڃن کي روڪي کين ماني کارائيندو هو.
    چوريءَ ۾ سندس استاد قادر بخش ممڻاڻي هو پر اوطاقي هئڻ ڪري هن جو تر جي سمورن ڪلاسيڪل چورن خميسي بروهي، جمال خشڪ، گامڻ ماڇي، ولو پهنور، علي خان گبول، موسيٰ چهواڻ، سليمان گاڏهي، غلام رسول گاڏهي، يوسف موچي، گاجي شيخ ۽ ٻين سان واسطو ٿيو، جن جو اصول هو ته ڀلي ڀاڳيو بندوق هڻي ڪڍي پر کيس جواب ۾ بندوق هڻڻ بدران اتان ڀڄي نڪرڻو آهي، ڇو ته بندوق هڻڻ جو حق بهرحال ڀاڳئي کي آهي. قرآن پاڪ کڻڻ واري ڀاڳئي جي چوري به هرگز ناهي ڪرڻي ۽ اهو به ته چوري ٽين ڊوهيءَ مان ڪرڻي آهي.
    اڪن پيرزادو چوراڻڪي ڌات جو ماهر هو. ڪيڏو به سرڪش ڍور ڇڏائي نه سگھندو هئس. بار کڻڻ ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ هن جهڙو سڄي جوءِ ۾ ٻيو نه هو. رات جو 40 کن ڪلوميٽر پنڌ ڪندو هو تڏهن به ٿڪجندو نه هو. درياهه جو به شاهه تارو هو. سانوڻيءَ جو درياهه ٻانهن تي پار ڪندو هو. علائقي جي وک وک کان واقف هو. لئي لئي جي خبر هئس. پورو ڌڻ ڪاهيندو هو ته به ڀاڳين کي پيرا نه ڏيندو هو. سرت وند چور سمجھي ويندا هئا ته اهڙي واردات فقط اڪن ئي ڪري سگھي ٿو. چوندو هو: ”پنڌ ڪرڻ ۽ ترڻ لاءِ جنهن ورزش جي ضرورت آهي، اها منهنجي روز جي ڪرت هوندي هئي. مان صبح جو سوير اٿي ڏڌ ولوڙيندو هئس، جنهن منهنجي ٻانهن کي ٻل ڏنو. ان ڪري پاڻيءَ ۾ هڻندي هٿ ڪڏهن نه ٿڪا آهن. صبح شام ڪُتر واري مشين هلائيندو هئس، جنهن منهنجي ڄنگھن کي طاقت ڏني ۽ مان پنڌ ڪندي ڪڏهن ٿڪجي نه ويٺس.“
    سڄي حياتي هنگامي حالتن ۾ گذريس، ڪڏهن چورن سان ملهالا هئس ته ڪڏهن ڀاڳين سان معرڪا. سندس اڌ عمر جيلن ۽ ٿاڻن ۾ گذري. هن کي ته ڪنهن به قسم جو اونو ڪونه هو پر سندس امڙ سڄي سڄي رات ڌڻيءَ در ٻاڏائيندي رهندي هئي. دورد تاج ۽ دعائن سان جهيڙو هوندو هئس. اڪن سامائجندي ئي پنهنجي مِٽن مائٽن ۽ پاڙي وارن کي چئي ڇڏيو هو ته: ”ڍور نڪرڻ تي نه ڀلو سونهارو کڻڻو آهي ۽ نه ئي وٿاڻ جو ڳلو بند ڪرڻو آهي.“
    هن ٻه مينهون ثابت ٿيڻ تي خشڪن ۽ بڙدين جون پنجاهه مينهون ٻڌي تر جي چور کجي هُلئي جي حوالي ڪيون. خشڪن ۽ بڙدين جي فيصلي ۾ هن کي ٻن مينهنِ جي عيوض چار مينهون مليون، باقي 46 مينهون کيس واپس ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هيءُ کجيءَ هلئي کان مينهون واپس وٺڻ ويو ته اُن مينهن کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيس. پوءِ اڪن جي ناني عمر خان اهي 46 مينهون ڀري ڏنيون. هاڻ هن جي کجي هلئي سان دشمني شروع ٿي وئي. هن جي ڀيٽ ۾ کجي هليو ٻئي قسم جو چور هو. کجي هليو ڪوشش ڪري ان ڀاڳئي جي چوري ڪندو هو، جنهن جي قرآن پاڪ گھمائڻ جي پڪ هوندي هئس. قرآن پاڪ کڻي ايندڙ ڀاڳين کي زالين مردين ڊنگهر هڻي سڄائي ڇڏيندا هئا. کجي هليو هو ته ڪي ٻه چار درجا پڙهيل پر عدالت ۾ ڪڏهن به ڪو وڪيل نه ڪيائين ۽ پاڻ ڪيس وڙهندو هو. سڄي ڄمار هڪٻئي جي ڍورن تي هٿ صاف ڪيائون پر سندن وچ ۾ خوني دشمني پيدا نه ٿي. ٻئي پاسي هلين ۽ پيرزادن ۾ ڀائپي ۽ پيار وارو رشتو برقرار رهيو. اهڙي نموني تر جي چورن هيسباڻين، چنن، بڙدين ۽ خشڪن سان جھيڙا جاري رهيس.
    ان دور ۾ ڪِين جهڙن مامرن تي پيرزادن جي ٻن ڌرين ۾ ڦڏو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڌر جي اڳواڻي وڏيرو بالڻ پيرزادو ۽ گلاب پيرزادو ڪري رهيا هئا ۽ ٻِي ڌر جي اڳواڻي اڪن ۽ محمد خان پيرزادو ڪري رهيا هئا. ٻنهي ڌرين هڪٻئي سان گهٽ نه ڪئي. ان جھيڙي ۾ هن مٿان تر جي سمورن ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿي ويا. هڪ ٿاڻي تان آزاد ٿي گھر پهچندو هو ته ٻئي ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهچندي هئس. هونئن به نالي چڙهيو هئڻ ڪري ڏوڪري، باقراڻي، باڊهه، سڳين، سوڀي ديري، گمبٽ، ڪنڊياري، خانواهڻ، محبت ديري ۽ راڌڻ ٿاڻن جي پوليس گرفتار ڪندي رهندي هئس. سندس شاديءَ واري ڏينهن به پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي ۽ عيوضي ۾ سندس ٻن مامن ميهر ۽ بچل خان کي گرفتار ڪري وئي هئي. اهو ڪو پهريون موقعو نه هو، پر خوشيءَ توڙي غميءَ ۾ پوليس کيس ضرور ياد ڪندي رهندي هئي. پيرزادن جي چڱن مڙسن وڏيري امام بخش پيرزادي، ميان علي حيدر پيرزادي ۽ يار محمد پيرزادي (ڳيريلو ڪناسرا) قرآن پاڪ تي ٻنهي ڌرين جو ٺاهه ڪرائي دشمني ختم ڪرائي.
    1974ع ۾ ڀاڳين سان مقابلي ۾ محمود چنا ڳوٺ ۾ هن جو گھاٽو يار گل محمد جوڻيجو مارجي ويو. هيءُ ۽ سليمان گاڏهي ڌڪجي پيا. ڳوٺ ته سندس موت جو اطلاع مليو هو. همراهه بيل گاڏي ڪاهي لاش کڻڻ ويا ته کين خبر پئي ته اڪن ۽ سليمان ۾ ڪجھه ساهه باقي آهي پر گل محمد مارجي ويو. هنن ٻنهي کي وڏا ڌڪ لڳل هئا پر گل محمد کي فقط هڪ لوندڙيءَ واري لٺ ئي پورو ڪري ڇڏيو هو. ان واقعي بعد اڪن کي اسپتال مان ئي جيل موڪليو ويو ۽ پورا ست مهينا تُرم ۾ رهيو. ان کان اڳ سندس هڪ ساٿي نصير ميربحر به ڀاڳين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو.
    جيئن ته اهو وڏيرڪو دور هو ۽ وڏيرا پنهنجي مخالفن کي مات ڏيڻ لاءِ چورن جو سهارو وٺندا هئا. وڏيرن هن کي به استعمال ڪيو. عام طور چور، پاٿاريدار توڙي سفيد پوش ان وڏيري جو پاسو کڻندا آهن، جنهن وٽ اقتدار هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ٿاڻو وڏيري جي هٿ هيٺ هوندو آهي ۽ وڏيرن جي جياپي جو وڏو وسيلو ٿاڻو ئي هوندو آهي. اڪن پيرزادو پنهنجي مخصوص مزاج جي ڪري سدائين انهن وڏيرن جي ڀر وٺندو هو، جيڪي اقتدار کان ٻاهر هوندا هئا. هي ته وڏيرن جي گھڻي ڪم ايندو هو پر اهي کيس ڏکيءَ مهل بچائي نه سگھندا هئا ۽ اقتدار ڌڻي وڏيرا هن کي پوليس کان مارائيندا رهندا هئا.
    1960ع کان 1970ع تائين هن جو اوٿپ هو. ان دور ۾ ڏوڪري تعلقي جي اڇي ڪاري جو مالڪ وڏيرو موسيٰ خان ٻگھيو هو پر ڀٽي جي جمهوري حڪومت ۾ ايم پي اي واحد بخش خان ٻگھيو ٿيو، تڏهن اڪن، موسيٰ خان جي پٽ سڪندر جو ساٿ ڏنو، جنهن ڪري اقتداري وڏيرن کيس پوليس کان ڏاڍو مارايو ۽ مٿس سوين ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا پر هن ٻين چورن وانگر وفاداريون تبديل نه ڪيون. جمهوري دور ۾ لاڙڪاڻو ضلعو ٺپ اڻپڙهئي ايس پي محمد پڃل جوڻيجي جي حوالي هو. پي ايم سان قربت هئڻ ڪري کانئس هر طرح جو پڇاڻو معاف هو. عدالت کان مٿانهن قتلن جو بنياد هن صاحب وڌو. ان دور ۾ ايس پي پڃل ڪيترن ئي سرڪار مخالف سياسي ڪارڪنن توڙي چورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا هئا. اهڙن ئي واقعن ۾ سيد ميهر شاهه ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ بعد گوليون هڻي ماريو ويو هو. اڪن پيرزادي کي به گرفتار ڪري گوليون هڻڻ تي هئا جو اُن اسڪواڊ ۾ شامل سندس هڪ پاڙيسري پوليس اهلڪار غلام احمد مڱرئي وردي لاهي ڦٽي ڪندي چيو: ”ٿڪ آ اهڙي نوڪريءَ تي، جنهن ۾ اسان جي سامهون اسان جي ٻچن کي گوليون هڻي ماريو وڃي!“ اهڙي صورتحال بعد کيس مارڻ بدران جيل حوالي ڪيو ويو. اهو 1976ع وارو دور هو، جيل ۾ ڏيڍ سال ڪچي قيديءَ جي حيثيت ۾ رهيو. ان وقت جيئي ڀٽو نه چوندڙ ڪيترائي سياسي ڪارڪن به واڙيل هئا. لاڙڪاڻي جيل ۾ سندس هنڊيوال اڳوڻو قومپرست ڪارڪن حافظ رجب سولنگي هو، جيڪو هن وقت پ پ اڳواڻ آهي. حافظ رجب ان وقت جيل ۾ بند سمورن قيدين کي قرآن کڻائڻ چاهيو ته ”اهي جيل مان نڪري چوري نه ڪندا.“ ڪيترن ئي قيدين اهڙو قسم کنيو پر اڪن پيرزادي انڪار ڪندي چيو ته ”مون ماٺ ڪئي ته وڏيرا مون کي مارائي ڇڏيندا.“ اها ڳالهه سمورن قيدين کي به سمجھه ۾ آئي، ڇاڪاڻ جو جڏهن ٿاڻي کان جيل پهتو هو ته سندس ڪو به سَنڌ سلامت نه هو. باقراڻي ٿاڻي تي کيس ڪيترائي ڏينهن اونڌو ٽنگي پيرن جي ترين ۾ لٺيون هنيون ويون. ان کانسواءِ مار جا سڀ طريقا استعمال ڪري آخر ۾ هن جي هٿن جي ترين تي کٽ جا پاوا رکي کٽ تي پنج پوليس اهلڪار ويهاريا ويا ۽ هن کي چون پيا ته ”دانهن ڪر ته توکي ڇڏي ڏيون“ پر هن دانهن نه ڪئي.
    ڀُٽي صاحب جي گرفتاري ۽ ڦاهيءَ کانپوءِ هي چوري ڇڏي چڪو هو پر نالي چڙهيو هئڻ ڪري سدائين سرڪاري مهمان بڻيو رهندو هو. 81-1980ع ۾ به کيس ڇهن مهينن لاءِ ڊٽين ڪيو ويو، جيڪو سڄو عرصو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتي سياسي قيدين ۾ تاج جويو، ناز سنائي ۽ ٻيا به موجود هئا. اتي هن سياسي ڪارڪنن سان گڏ ڪامياب بک هڙتال ڪئي هئي. مٿس 109-110 ۽ ٻيا قلم هڻڻ سان گڏ ڊي پي آر ۽ سنڌ ڪرائم تحت داخل ڪرايل ڪيسن ۾ اڙايو ويندو هو، جيڪي سياسي ڪارڪنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ هوندا هئا پر وڏيرا پوليس کي ڏوڪڙ ڏئي اهڙن ڪيس ۾ به چورن کي اڙائي پنهنجي جان ڇڏائي ويندا هئا.
    ضياء دور جا شروعاتي ٽي ورهيه هيءُ وڏيرن سان ساٿ ۾ هو. 1981ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ هن ڳوٺ سڌار سنگت جي اميدوارن جي مخالفت ڪئي پر 1983ع ۾ وڏيرن جو ساٿ ڇڏي چڪو هو ۽ هن سنگت جي اميدوار جي حمايت ڪئي. ان جو سبب هي هو جو گُڏ ڳوٺ جي زميندار ٻگھين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان تڪرار ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا هاري ٻرڙا هئا، جيڪي هڪٻئي جا ويجھا عزيز هئا. جھيڙي ۾ ٻرڙا برادري هڪٻئي جا خون ڪري وڌا. اهڙي نموني پرائي ٻنيءَ تي ٻنهي ڌرين هڪٻئي جا ڪيترائي ماڻهو ماري ڇڏيا پر جڏهن وڏيرن تي عدالتي دٻ آئي ته هنن پاڻ ۾ ٺهڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. اها ڳالهه ڳڻي هي ڳوٺ سڌار سنگت جي ويجھو ٿيو، جنهن ۾ سندس سمورا عزيز ۽ واسطيدار هئا پر همراهه کي اهي تحفظات هئا ته ڳوٺ سڌار سنگت وارا لادين ۽ دوزخي آهن! تڏهن ته هي ٻلهڙيجيءَ کي ڪوفو سڏيندو هو. 83-82ع ۾ هن جون سرگرميون اوطاق هلائڻ ۽ ديني اجتماعن ۾ شرڪت تائين محدود هيون. تر ۾ ٿيندڙ سمورن ميلن ملاکڙن ۾ سهائتا ڪندو هو. قلندر جي ميلي تي هر سال فقراء کي ڇيلو ڏيندو هو. اهڙي نموني نانگي شاهه، محبڻ شاهه، سيد ملوڪ شاهه، سخي شاهه جمال ۽ ٻين درگاهن تي ميلن ۽ ٻارهن لاءِ ڌڻ مان پهرو ڏيندو هو.
    اڪن پيرزادي تي1984ع ۾ ستن خونن جي تهمت هنئي وئي. ان دور ۾ ڌاڙيلن هٿان ست بي گناهه ڳوٺاڻا ماريا ويا هئا. فوتين جي وارثن کان وٺي سڄي تر کي خبر هئي ته قاتل ڪير هئا پر پاڪستان جو قانون اهو آهي ته جنهن کي ڦاهي پوري اچي! اصل ۾ اهي همراهه ڌاڙيلن کان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي ڇڏائڻ لاءِ اچي رهيا هئا، وٽن فقط 40 هزار رپيا به هئا. اڪو ٻرڙي، صوفي ڏاهاڻي ۽ ٻين لالچ ۾ اچي، پنهنجي ساٿين سان غداري ڪري فقط 40 هزارن لاءِ ست مڙس ماري وڌا. ان ڳالهه جي خبر پوڻ تي ڌاڙيل قادن سرگاڻي انهن مغوين کي به مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اها خبر پوڻ شرط اڪن، قادن وٽ هلي ويو ۽ کيس چيائين ته ”هنن جا ست مڙس بي گناهه مئا آهن ۽ تون هنن کي به مارين ٿو، ڪجھه خدا جو خوف ڪر!“ جنهن بعد قادن انهن کي ڇڏي ڏنو. مغوين کي بچائڻ واري همدرديءَ کي غلط رنگ ڏيئي، ستن ماڻهن جي قتل جو الزام هن سميت گھڻن بيگناهن تي هنيو ويو. هن جي گھر تي پوليس ڇاپو هڻي سندس ڪراڙي امڙ کي گرفتار ڪري ورتو. انهي ورادات جتي ستن خاندانن جي جگر جا ٽڪرا جدا ڪيا، اتي پوليس سڄي تر کي گرفتار ڪري لکين رپيا ڪمايا.
    جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ڪجھه مهينا اڳ جھڪي ٿي وئي هئي. وڏيرا ڪن ٻوساٽيون پي وتيا. ترقي پسند ۽ قومپرست ڪارڪن به لڪڻ ۾ پورا هئا. سڀني هن کي في الحال نڪري وڃڻ جو چيو. گرفتار ماءُ وٽان به اهڙو نياپو مليس. پوءِ همراهه دوستن جي ذريعي سعودي عرب هليو ويو ۽ پويان ويا مٿس ڪيس چڙهندا. ان وچ ۾ فوجي ڪورٽ سندس غيرموجودگيءَ ۾ کيس 14 سال سزا ڏئي ڇڏي. سعودي عرب ۾ لاڳيتو ٻه سال حج پڙهي 1986ع ۾ واپس وطن پهتو. هن جا گھڻا سنگتي ساٿي جيل ۾ بند هئا. تازو تازو سکر سينٽرل جيل ٽوڙي ٽيهارو کن همراهه نڪري ٻيلن ۾ پهتا هئا، جن مان گھڻا هن جا گھاٽا يار هئا. ان دوران پوليس ۽ فوج هن جا گھر ۽ اوطاق وارا مَنهه ساڙي ڇڏيا هئا. هن جي اوطاق جي آڳر ۾ ٻٻرن جا ٻه شاهي وڻ هئا، جن مان هڪ ٻٻر اهلڪار ڪٽي ڪاٺ کڻائي ويا ، باقي هڪ ٻٻر موجود هو. هن جي رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ به اهلڪار ٽرڪن ۾ وجھي کڻي ويا. سو، هي همراهه ٽولو وٺي باقي بچيل ٻٻر وٽ ويهي رهيو. 1986ع کان 1994ع تائين سرگرم رهيو. ان عرصي ۾ مهينن جا مهينا ڪراچيءَ ۾ به اچي رهندو هو. هاڻ سندس عمر 40 ورهين کي اچي پهتي هئي. ٻين ڌاڙيلن جي ابتڙ هن جا تر جي ماڻهن سان سٺا لاڳاپا هئا. ساڳيو ئي پنڌ جو گھوڙو، بار کڻڻ ۾ ڀڙ. هن جي ڇهين حس غضب جي هئي. خطري جي بوءِ محسوس ڪندي اتان نڪرڻ جي ڪندو هو. ڪيترائي ڀيرا ايئن ٿيو جو هيءُ، همراهه وٺي جيئن نڪرندو هو ته مدعي پهچي ويندا هئا. هن جي کاٻي اک ڦرندي هئي يا گوڏي ۾ ٿڙڪڻي ٿيندي هئي ته جاءِ تبديل ڪندو هو. ڪي ماڻهو چوندا هئا ته هن کي ٻانهن ۾ تعويذ ٻڌل آهي، ڪي چوندا هئا ته کيس ماءُ جي دعا آهي. ڌاڙيل کيس سُڪيءَ جو ملائڪ سڏيندا هئا. ڪيترا ڀيرا پنهنجي حڪمت عملي سبب کين وڏن وڏن آپريشنن مان ڪڍي ويو. هن جي ياري هر طبقي جي ماڻهن سان هئي، ان ڪري تر جا ڌنار پهنوار، هاري ناري به سندس مدد ۾ هوندا هئا پر جيڪڏهن هن جي ڪري ڪنهن ماڻهوءَ کي تڪليف ايندي هئي ۽ ان کي پوليس جو خرچ ڀرڻو پئجي ويندو هو ته هي نقصان ڀري ڏيندو هو. اهڙن اهڙن ماڻهن وٽ اچي رهندو هو، جن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي نه وڃي. ماڻهو هن لاءِ هر قسم جي رسڪ کڻندا هئا. هڪ دوست پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿي پيس، جنهن کي 40 ڪلوميٽرن تائين ڪلهي تي کڻي نڪري آيو. هڪ ڀيري فوج وڏو آپريشن ڪيو. تر جا سمورا ڌاڙيل قادن سرگاڻي، جمعو خشڪ، وزير خشڪ، يعقوب چانڊيو، حضورو رند، لائق چانڊيو، طاهر نقاش تنيو ۽ ٻيا موجود هئا. سخت مقابلي کانپوءِ هي فوج جو گھيرو ٽوڙي نڪري ويا. هن سان 12 ڄڻا هئا، جن ۾ قادن سرگاڻيءَ جو پٽ پنهل به شامل هو ۽ ان جو هڪ سنگتي هو جانوري. ان وقت جانورين ۽ چانڊين ۾ جهيڙو هلي رهيو هو. يعقوب چانڊئي ان کان تعارف پڇيو. ٻڌائڻ تي چانڊئي جون رڳون تاڻجي ويون. اِن خدشي کي نظر ۾ رکندي ته متان چانڊيا مڙس ماري وجھن، ان ڪري 12 ڄڻا هنن کان ڌار ٿي ويا. توڙي جو چانڊين اُن وقت اهو به چيو ته هتي اسان پاڻ ۾ وڙهڻ نه آيا آهيون، ان ڪري هي همراهه به هنن سان گڏ رهي پيو. هن کان سواءِ ڪو به تارو نه هو. ٻيلي جي ٻاهران پوليس، فوج، رينجرز ۽ حر مجاهد ويٺل هئا. ڪچي جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھرن ۾ هئا، سخت پهري ۾ اک بچائي ڳوٺاڻا کيس ماني پهچائي ويندا هئا. هن هڪ هڪ ڪري 15 ڏينهن اندر سمورن همراهن کي حفاظت سان درياهه پار پهچايو ۽ پوءِ پاڻ پورو مهينو ڪچي ۾ رهيو پيو هو.
    اڪن پيرزادو پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ نه ايندو هو پر آسپاس جي سمورن ڳوٺن ۾ رهندو هو. ڪنڊياري جي خشڪن جا سمورا ڳوٺ هجن يا ڪلهوڙن، ڪورين، ممڻاڻين ۽ چنن، گاڏهين جا، هيءُ بنا سڏ ڪرڻ جي ڪنهن به گھر ۾ هليو ويندو هو. ننڍا وڏا سڃاڻيندا هئس ۽ سندس هر طرح جي مدد ڪندا هئا. مون کيس ڪڏهن به نماز ڇڏيندي نه ڏٺو. ڪٿي به هجي، ڪهڙي به حال ۾ هجي، ڪوشش ڪري نماز پڙهندو هو. پنجن وقتن کان گھڻي نماز پڙهندو هو. اشراق ۽ تهجد به پڙهندو هو. باقي نفلن جو ته شمار ئي نه هئس. ڪا ڏک جي خبر ٻڌندو هو ته ٻه رڪعتون نفل پڙهندو هو. ڪا خوشيءَ جي خبرٻڌندو هو ته به ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪندو هو. عام نمازيءَ کان گھڻو وقت وٺندو هو. همراهه پوليس مقابلن دوران به نماز پڙهي. اصل گھر کي به مسيت بڻائي ڇڏيو هئائين. هن جي موجودگيءَ ۾ سواءِ منهنجي، سمورا گھر ڀاتي خدائي فرض ادا ڪندا هئا. مان کيس چوندو هئس ته اسان جي سُڃائي جو سبب به گھر کي مسيت بنائڻ وارو عمل آهي. پوءِ ته همراهه جو موچڙو ۽ منهنجو منهن هوندو هو. نماز واري معاملي ۾ صفا پٺاڻ هو. چوري ڪجي يا ڌاڙو هڻجي، سڄي رات گناهن ۾ گھاري صبح جو تڙ ڪري نماز ضرور پڙهڻي آهي. ساڻس گڏ سعودي عرب ۾ رهندڙ دوست ٻڌائيندا هئا ته اتي به هن جي نماز ٻين نمازين کان ڊگهي هوندي هئي ۽ مسجد جا تالا بردار بيزار ٿي چوندا هئس: ”صلي يا مصيبت“ تنهنجي نماز آ يا مصيبت! ميان هاڻ بس ڪر ته اسان مسيت کي تالو هڻون.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته همراهه کي رڳو سورت فاتحه ۽ نيت ڪرڻ ايندي هئي. مون کيس التحيات ياد ڪرائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر همراهه کي ياد نه ٿي سگهي. اهڙي ڪوشش ڪراچيءَ ۾ مُلن به ڪئي پر اهي به کيس التحيات ياد نه ڪرائي سگھيا ۽ اجازت ڏنائون ته ڀلي پنهنجي مرضيءَ سان نماز پڙهه. همراهه جهڙو نماز جو پابند هو اهڙو روزيدار به هو. رمضان شريف جا 30 روزا ته رکندو هو پر شوال جا 6 روزا به نه ڇڏيندو هو پر ملن سان نه پيس. هڪ ڀيري ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون ۾ رهيل هو، جتي هن کي گھڻي نماز پڙهندي ڏسي مسجد ڪاميٽي جو ميمبر ڪيو ويو. هڪ ڏينهن رمضان شريف ۾ آيل سمورو کاڌو هن روزيدارن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن جي اهڙي عمل پيش امام کي چيڙائي وڌو. ڇاڪاڻ جو اڳوڻو ميمبر ۽ پيش امام سازباز ڪري گھڻو مال هڻي ويندا هئا. ان تي هي همراهه مولوي صاحبان سان چڙي پيو ۽ ٽٽل ڦٽل اڙدوءَ ۾ کين چيائين ته ”ڀٽائي صاحب ني بلڪل سچ بولا هئي.“
    تر جي سمورن عالمن سان واسطو هئس. هڪ ئي وقت مولوي محمد قاسم مشوري صاحب، تنين جي سومرن فقيرن، حسين شاهه قمبر واري، ڊڀري واري پير ڦوٽل، لوڙهائي فقيرن سان به ڏاڍي پريت هيس ته ديوبند عالم حافظ صديق آف ميرڪ سان به قرب هئس. هي فرقي پرستي کان پري هو. محرم ۾ نياز به ڪندو هو ته ربيع الاول ۾ ميلاد جي محفل به رچائيندو هو. بادشاهه پير جي يارهين به ڪندو هو. جڏهن کانئس پڇندو هئس ته ”بابا! توهان جا هي عالم سڳورا ته هڪٻئي جا ڪٽر دشمن آهن، توهان انهن سڀني سان ڪيئن ٿا هلو؟“ جواب ۾ چوندو هو، ”سڀئي ڳالهه ته ساڳي ڪن ٿا: ڏاڙهي رکو، نماز پڙهو، باقي سڀ ڪو پنهنجي قبر ۾ پاڻ ويندو. اسان جو انهن اختلافن سان ڇا!“
    ڪراچيءَ ۾ ساڻس گڏ رهيم. ڪڏهن ته هوندا ئي ٻه ڄڻا هئاسين. رمضان ۾ سحريءَ جي وقت اٿاري روزي رکڻ لاءِ چوندو هو. مان ساڻس سحري ڪري روزيدار جهڙو ٻوٿ ٺاهي هن جي سامهون ويٺو هوندو هئس پر هن جي پرپٺ کائيندو رهندو هئس. هڪ دفعي آنو تريندي پڪڙي وڌائين.
    چيومانس ته ”بابا ڀل ٿي وئي. چوندا جو آهيو ته ڀلئي کي ڀئه ناهي.“
    تڏهن چيائين: ”دڪان تان وڃي آنو ورتئي، اهو پچايئه! اهو سڀ توکان ڀل ۾ ٿيو؟“
    ان کانپوءِ ڪڏهن روزي لاءِ ڪونه اٿاريائين. البت جيڪي به ديندار دوست ايندا هئس، انهن کي منهنجي مسلمان ٿيڻ لاءِ دعا گھرڻ جو ضرور چوندو هو.
    ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعو پوليس جو ڇاپو لڳس. هو مونکي پنهنجي سنگت سان ملائڻ لاءِ ڪورنگي وٺي پي ويو. قائد آباد ۾ اوچتو مون کي پئسا ڏيئي موٽي وڃڻ لاءِ چيائين. مان واپس اورنگي ٽائون هليو آيس. صبح تي خبر پئي ته رات پوليس جو ڇاپو لڳس، جنهن ۾ هن جو هڪ دوست ولي محمد ٻٽ مارجي ويو، ٻه ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيا ۽ هي اتان نڪري آيو. اچڻ سان ٻڌايائين ته اورنگي جي هڪ ٽڪريءَ تي دوستن جي جاءِ تي تاش کيڏي رهيا هئاسين جو اچتو اسان مٿان گوليون وسڻ شروع ٿي ويون. منهنجي ٽنهي دوستن رڙيون ڪري ٻڌايو ته اسان کي گولي لڳي آ ۽ مون به چيو ته مان به زخمي آهيان. ايتري ۾ هڪ اهلڪار اچي منهنجي سيني تي گن رکي. مان ڦڙتيءَ سان هن کي ٻنهي ٻانهن کان پڪڙي کڻي پٽ تي اڇلايو. هٿ مان گن ڪري پيس. ديوار بلاڪن بدران ڪشميري سان واڻيل هئي. اها ڇني نڪتم. پٺيان سوين گوليون وساين، جنهن ۾ 15 علائقي واسي به زخمي ٿيا هئا. اهو 1988ع جو درو هو.
    هن يار جي ڪري مان مئٽرڪ ريگيولر نه پڙهي سگھيم. اهڙي طرح نه رڳو اسان گھر جي سمورن ڀاتين جيل ڏٺا پر ويجھن ۽ پري جي مائٽن توڙي سنگت ساٿ به گھڻو سَٺو. ڪراچيءَ ۾ مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيل ساٿي به پورهيت هئا، جيڪي ڏهاڙي تي ڪم ڪندا هئا پر هن سان ورهين جو واسطو هئن ۽ اهي پراڻي پريت پاڙيندا رهندا هئا. هن جي ڪري اسان جي برادريءَ جو چڱو مڙس ڪمال خان پيزادو به ٿاڻي تي ويو ۽ اتان جو بيهوش ٿيو ته آخري گهڙيءَ تائين هوش نه آيس. ڪيترن عزيزن جي عورتن کي به ٿاڻن تي ويهاريو ويو... ان جي باوجود اسان سڀ سندس سلامتيءَ لاءِ پريشان هوندا هئاسين.
    کائڻ پيئڻ جو به سڄر هو. اڪن جون ڦلڙيون، نموريون، ٽوهه ۽ ٻيون بنهه ڪڙيون ۽ اُگريون شيون ائين کائيندو هو ڄڻ انب کائي رهيو هجي.
    ڌاڙي گيريءَ واري دور ۾ تر جا سمورا وڏيرا ته سندس مخالف ٿي پيا پر ڌاڙيلن سان به جھيڙا ٿي پيس. احمد بڙدي، پنهون ڪوري ۽ ٻيا ڪيترائي مخالف هئس. هن جا ويجھا ۽ جگري يار جمعو خشڪ، سانوڻ خشڪ، قادن سرگاڻي مارجي ويا هئا. اسان کيس ملڪ مان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ ٻيهر منٿون ڪيون. نيٺ هي وري سعودي عرب روانو ٿي ويو. 1994ع کان 1998ع تائين سعودي عرب ۾ رهيو ۽ ان کانپوءِ 10 ورهيه ايران جي سرحدي شهر بندرچهبار ۾ رهيو. اتي به ڄڻ ته سندس اوطاق پئي هلندي هئي. ماڻهن جا هشام گڏ هوندا هئس. ايران جو پاڻي کيس ڀانءِ نه پيو ۽ سندس صحت وئي خراب ٿيندي. 2007ع جي آخر ۾ سندس دوست کيس لانچ وسيلي ڪراچيءَ کڻي آيا. ايران ۾ هن وٽ سنڌ جا حڪيم ۽ سنياسي به ايندا هئا جن جي پُڙين، دوائن ۽ پيڄن هن جي صحت تباهه ڪري ڇڏي. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته همراهه کي ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون آهن.
    زندگيءَ جا آخري ٽي ورهيه ڪراچيءَ ۾ گذاريائين. اڳي مان ساڻس گڏ رهندو هئس ته مون کي سختيءَ سان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هو. ڪنهن به ماڻهوءَ سان نه ملندو هو. اتفاق سان جي جُوءِ جو ڪو ماڻهو ڪٿي نظر ايندو هئس ته اها جُوءِ ئي مٽي ويندو هو، پر آخري ٽن ورهين ۾ ماڻهن سان ملڻ بند نه ڪيائين. ڪڏهن اک نه ڦريس. انهن ماڻهن کي به گھرايائين، جن سان ٿوري گھڻي رنجش هئس. اسان سڀ کيس منع ڪندا هئاسين ته ايئن نه ڪر پر اسان جي ڳالهه تي ڪن ئي نه ڌريائين. ڪراچيءَ ۾ منهنجي سڀني ويجهن دوستن شان ڏهر، معصوم سنديلي، علي حسن چانڊئي، اي ڊي رانجھاڻي، يوسف جوکئي، زاهد راڄپر، وحيد ابڙي، نور مصطفيٰ ۽ ٻين سان به مليو . بابا جي ڌوپار دوستن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن پر منهنجي سنگت ۾ کيس الائي ڪهڙي خوبي نظر آئي جو ساڻن ملڻ کان پوءِ ٻه ٽي ڀيرا اها ڳالهه چيائين ته ”دوستن ۾ مون کي تون ماري وئين!“
    بابو راڳ ويراڳ جو به شوقين هو. راڻو سندس پسند جو راڳ هو. ٽاڪ منجھند جو به راڻي جي فرمائش ڪندو هو. راڳ ٻڌڻ، يا سريلي آواز ٻڌڻ سان ئي روئي ويهندو هو. ڏوهن جي دنيا ۾ پير پائڻ جو سبب پڇبو هئس ته اهو ئي چوندو هو ته ”جي مان چوري نه ڪيان ها ته اسان کي جيئڻ ئي نه ڏنو وڃي ها، باقي توهان چوري ڪڏهن به نه ڪجو ۽ منهنجو حق حساب ڪنهن کي نه ڇڏجو.“
    هن پهرين مارچ 2010ع تي ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي وارڊ ۾ وفات ڪئي. رات جو ٻارهين وڳي سندس تدفين ڪئي وئي. ان مهل به هزارين ماڻهو سندس آخري ديدار لاءِ پهتا هئا، جن ۾ تر جي ڪيترن ئي ڳوٺن جون عورتون به شامل هيون.


    محمد خان پيرزادو : شڪاري، هاڻُو ۽ ماهر پيراڍو

    محمد خان پيرزادي جي پنهنجي جُوءِ ۾ سڃاڻپ شڪاري، هاڻو ۽ پيراڍي واري آهي ۽ هو پنهنجي ٽنهي ڪمن ۾ مهارت رکي ٿو. 1946ع ڌاري مهين جي دڙي جي سامهون سنڌوءَ جي کاٻي ڀر واري ڪچي ۾، پيءُ جي نالي سان قائم ڪيل ڳوٺ عمر خان پيرزادو ۾ پيدا ٿيو. ٻاروتڻ ۾ کيس ٻلهڙيجيءَ جي مسلم پرائمري اسڪول ۾ سائين خليفي وٽ داخل ڪرايو ويو پر همراهه پنجن ورهين ۾ پهريون درجو پاس نه ڪري سگھيو. هن پنهنجي گليلي بردار ٽولي ٺاهي، جيڪي سڀ جا سڀ اسڪول کان ڀڄي جھنگ ۾ جھرڪيون، ڳيرا ۽ ٻيا پکي ماريندا رهندا هئا. سائين خليفي جي مار سڄي تر ۾ مشهور هئي. سائينءَ کي ”ل“ لڪڻ جي نموني سان انگوڙي واري لٺ هوندي هئي، جيڪا ٻار کي ڪنڌ ۾ وجھي پاڻ ڏي ڇڪيندو هو ته ٻار ڍيري ٿي اچي پٽ تي پوندو هو . ٻار جا ٻئي هٿ پنهنجي ڄنگھه ۾ هوندا هئا ۽ سندس رڙيون سڄي ڳوٺ جي ڪن پونديون هيون. سائين ٻارن کي اهڙي سٽڪي ڪڍندو هو جو سندن هڏ گُڏ ڀڄي پوندا هئا. سائين خليفي جي مار گھڻن ٻارن کي سڌو ڪيو پر محمد خان جي ٽولي سان هن جي پوري نه پئي. ان ٽولي ۾ ڀائو حاجو گدني، محمد خان جيسر ۽ ڪجھه ٻيا همراهه شامل هئا. سائين خليفو کين وڻ سان ٻڌي ماڪوڙا بڇائڻ کان وٺي ابتو ٽنگي پيرن ۾ لٺيون هڻڻ تائين مار جا سڀ طريقا آزمائي، نيٺ ايئن هار مڃي ويٺو جيئن ڪو ڏنگو صوبيدار ڪنهن ڪاٽڪوءَ کي ماري ماري ٿڪجي چوندو آهي: ”هي مار سان ڪجھه به نه باسيندو.“ پوءِ سائين خليفي محمد خان پيرزادي جي پيءُ کي گھرائي چيو ته ”بابا هن جو پڙهڻ وارو ذهن ئي ڪونهي، ان ڪري کيس ڪنهن ڪم ڪار سان وڃي لاءِ.“ نيٺ محمد خان جيئن ڳوٺ کان اسڪول ويو هو تيئن ئي موٽي ڳوٺ پهتو.
    هاڻ ڪچي ۾ شڪار جي ڪا به جھل پل نه هئي. جسماني طور ڦڙت ۽ پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جو تازي ڪتن کان به اڳ ڪڍي ويندو هو. ميلن جا ميل ڊوڙڻ باوجود ٿڪجندو هرگز به نه هو. شڪار به هر قسم جو ڪندو آهي. هن وٽ ڪتن جي لوڌ آهي، خفتي رڳو سوئر جي شڪاري ڪتن جو آهي. رڇ وارو ڪتو ڪڏهن نه ڌاريائين. پکين ويچارن لاءِ ته پويون ڏينهن هو. ڳيرا، تتر، وها، آڙيون، نيرڳيون، سانو، ٻاٽيئر، ڪانئر، ڪوڪڙاٽ، پيڻ، سوڀ پيڻ ۽ سهن لاءِ ته سراسر اجل هو. ڪڏهن ڪڏهن ڦاڙهو به هٿ اچي ويندو هئس. مڇي به اڪثر ماريندو هو. وٽس مڇيءَ جي شڪار جو سمورو سامان ڄاريون، رڇ، ڪنڍيون، ڪڙهيون موجود هونديون هيون. هٿ جو ڏاڍو سڌو آهي. بندوق ته ڪڏهن به نه گسندي اٿس پر گليلي ۽ ڇاپڙ سان به پکي ڪيرائي وجھندو آهي. باقي اڏامندڙ پکيءَ جو ڪڏهن به نشانو نه وٺي سگهندو آهي. سوئر بڇ جو ته وڏو شوقين آهي. تر جا مشهور واڍا، ڏتو ڪنڀر، بيگو موچي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هوندا هئا، جيڪي پنجوڙن وسيلي سوئر ڦاسائي وڏيرن جي ڪوٽ تي ڇڏيندا هئا.
    محمد خان پنهنجي وقت جو چور به ٺاهوڪو هو. ٽوليءَ سان چوريءَ تي وڃڻ کان لنوائيندو هو ۽ اڪثر اڪيلو ئي شڪار تي ويندو هو. ايئن به نه هو ته سدائين اڪيلو چوري ڪندو هو پر هن جي ڪوشش هوندي هئي ته گھٽ ۾ گھٽ ماڻهو ساڻس واردات ۾ شامل هجن. روايتي ڪاٽڪن وانگر لئه باز نه هو. پاڻ نڪري ويندو هو پر سندس واردات سڄي تر کي سٽرائي ڇڏيندي هئي. هيءُ اهو درو هو جڏهن ٻه چار پوليس اهلڪار ڪچي ۾ لهندا هئا ته ڪيترائي ڪڪڙ، ڇيلا، ماکي مکڻ ۽ سچي گيهه جا ٽين ڀرائي ٿاڻي تي کڻي ويندا هئا ۽ ان سان گڏ ٻه چار ماڻهو به ٻڌي ويندا هئا، جن کان روڪڙ وٺي ڇڏيندا هئا پر اهي پوليس وارا ڪڏهن به محمد خان کي پڄي نه سگھيا. هيءُ سدائين کين ڇاپڙون هڻي ڀڄي ويندو هو. البت همراهه ٻه ٽي ڀيرا سياڻي ڪانءُ وانگر ٻه ٽنگو ڦاٿو. پوليس ۽ رينجرز هٿان مارون کاڌائين. سينٽرل جيل سکر ۽ ضلعي جيل لاڙڪاڻي پهتو پر اتي به هن جو طريقو روايتي ڪاٽڪن کان مختلف هو. مار تي سچي ڪڏهن به نه ڪيائين، باقي رڙين سان سڄو شهر مٿي تي کڻندو هو. ان لاءِ جواز اهو پيش ڪندو آهي ته:
    ”پنهنجي جتي هٿ ۾ کڻڻ ڪهڙي گھٽتائي آهي؟ اسان جا ڪيترائي دوست معمولي ڳالهه تي ضد ڪندا آهن، پوءِ کين ڏنڊا ٻيڙيون به لڳنديون آهن ته آڙاٻيڙا به لڳندا اٿن. اهلڪارن جون گاريون ۽ مارون به کائڻيون پونديون آهن. اصل وڏي ويڌن ٿيندي اٿن. ان ڪري اسان ماحول جي گرمي محسوس ڪري جتي هٿ ۾ کڻي ماڙي ٽپندا آهيون ۽ اتي به ڪم کان بچڻ لاءِ ڪو نه ڪو عزت وارو طريقو ڳولي وٺندا آهيون.“
    1990ع کان چوري ڇڏيائين پر هيرا ڦيري جاري رهيس. ڪنهن سان به ساڳي ڳالهه هرگز نه ڪبي، هڪ وقت ٽن ماڻهن سان ٽي ڳالهيون ڪبيون. ڳالهه ڳالهه تي قسم کڻبو. جملي جملي ۾ گار ڏبي. ڪوڙ به اهڙو ته پير کوڙي هڻندو جو مرحوم قيصر لنڊ جو روح به کيس داد ڏيڻ کان رهي نه سگھندو.
    محمد خان پيرزادو منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو مامو ٿئي، جنهن ڪري اسان کيس نانا چوندا آهيون. ننڍپڻ ۾ اسان ساڻس سوئر جي بڇ تي هلڻ لاءِ ضد ڪندا هئاسين. ٻه چار گاريون ڏئي وٺي هلندو هو. آئون جڏهن ستن اٺن ورهين جو ٻالڪ هئس تڏهن نانا محمد خان سوئر جا ٻه ٻلهر ڌاريا هئا، جن جي ماءُ ڪتن جو کاڄ بڻجي وئي هئي ۽ هي رحم ڪري سوئر جي ٻچڙن کي گھر کڻي آيو هو. ٻلهر هري مِري ويا ۽ هڏڪارون پيا ڪندا هئا. سگبان جو سڳ سمجھي ڪتا انهن کي نه ڏاڙهيندا هئا. بابا کي ان ڳالهه تي سخت اعتراض هو. بابا پرپٺ ڳالهائيندو رهندو هو:
    ”مامو به بادشاهه آهي! صبح جو نماز لاءِ مسجد وڃان ٿو ته سوئر منهن ۾ پون ٿا. عبادت جو ثواب ته گھوريو، ويتر گناهگار ٿيڻو پوي ٿو.“ اها ڳالهه بابا سندس سامهون ڪڏهن به نه چئي.
    هڪ ڏينهن بابا جا ڪجھه مداحي ۽ مولوي دوست اسان جي اوطاق تي آيا. انهن خدا جي مخلوق کي ڏسندي ئي ڪنڌ هيٺ ڪيو ته وري مٿي نه ڪيائون. بابا لڪڙي کڻي سوئرن کي تڙيو. مولوين ان وقت ڏنڊ ۾ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪيون. مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ بابا هن کي چيو:
    ”ماما! اڄ مولوي صاحب تنهنجي مِرُن جي ڪري ماني ئي نه پيا کائين. وڏا قسم وجھي کين ماني کارائي اٿم. مهرباني ڪري انهن کي گم ڪر.“ پوءِ نانا محمد خان اهي سوئر پنهنجي هڪ خفتي دوست کي ڏئي آيو، جنهن جو مونکي ڏاڍو افسوس ۽ ارمان ٿيو هو.
    محمد خان ماهر پيراڍو آهي. اسان جي تر ۾ پوليس، چورن ۽ پيراڍن جي ٽياڪڙي ٺهيل آهي. پيراڍا پير سڃاڻي ڪوشش ڪري چوري موٽرائي ڏيندا آهن پر وس پڄندي چور جو نالو نه کڻندا آهن. هي يار به ان سسٽم جو حصو آهي، ان ڪري اسان سمجھندا هئاسين ته هن کي پيرن بابت ڪا به ڄاڻ ڪانهي پر هڪ ڏينهن مونکي سندس انهيءَ صلاحيت جو معترف ٿيڻو پيو. ٿيو هيئن جو پير بخش پيرزادي جي گھر مان بندوق چوري ٿي وئي. بندوق گھر جي هڪ ڪمري اندر ڀت سان ٽنگيل هئي، جنهن تي چڙهي چور بندوق لاهي کڻي ويا. ڪمري ۾ پڪو فرش ٿيل هو، ان ڪري چور جا پير ظاهر نه ٿيا پر جڏهن چور ٽيبل تي چڙهيو ، جنهن تي تيل هاريل هو، جنهن ڪري هن جي پٻ جي گسي جو نشان ظاهر ٿي پيو. ڌڻين کي واردات جي خبر پندرهن ڏينهن کانپوءِ پئي جو سمورا گھر ڀاتي ڪراچيءَ ۾ هئا ۽ سندن جاءِ بند پئي هئي. همراهن محمد خان کي پير ڏيکاريو. هن ٺهه پهه هڪ نوجوان جو نالو کنيو. پوءِ واقعي اها بندوق ان همراهه وٽان ئي ملي. مان سمجھان ٿو ته پيراڍا سچا ٿين ته چوري ڳولڻ ڪو مسئلو ئي ناهي پر همراهن کي اڳ پٺ ڏسڻي پوي ٿي ۽ اهي به سر بچائڻ جي سنت تي عمل ڪندا رهندا آهن. هڪ دفعي مون کانئس پڇيو:
    ”نانا، سدائين ٻين چورن کي مارايئي، ڪڏهن پاڻ به مار کاڌئي؟“
    ٻڌايائين ته ”مان ۽ واحدو آگرو ڪنڊياري مان ڪورٽ جي حاضري کائي واپس اچي رهيا هئاسين. جيئن ئي بچاءُ بند کان هيٺ لٿاسين ته اسان کي هڪ گابو ڏسڻ ۾ آيو. اسان اڃا گابي کي پڪڙيو ئي مس ته هڪ همراهه اسان سان جنبوٽجي ويو. هن واحدو کي اهڙيون منهن تي لپاٽون هنيون جو سندس نڪ مان رت وهي پيو. مون ڀاڳئي کي ڏنڊو وهائي ڪڍيو . پوءِ کيس پڪڙي چيم ته تون اهو گابو پڪڙي ڏيکار ته توکي ٻڪري ڏيندس. تون اجايو اسان سان وڙهيو آهين ۽ اسان به توکي ڌڪ هنيو آهي. همراهه ٺهي پنهنجي گھر روانو ٿيو ۽ اسان به پنڌ ڇڪيو. ٿورو پنڌ مس ڪيوسين ته پٺيان هڪلون ٿيون ۽ اسان پيرن تي زور رکيو. واحدو منهنجي اڳيان هو. ٿورو اڳتي هلي واپس مون ڏانهن موٽ کاڌائين ۽ ٻڌايائين ته آڏو به ماڻهو بيٺا آهن ۽ اسان گھيري ۾ آهيون. اسان اتي ئي هڪ لئي جي اوٽ ۾ ويهي رهياسين. اوچتو منهنجي نظر هڪ پوڙهي تي پئي، جنهن جي هڪ هٿ ۾ڪارتوسي پستول هو ۽ هو اسان جا پير ڏسندو اچي اسان جي مٿان بيٺو هو. مون ڇال ڏئي هن کي ڪيرائي وڌو ۽ سندس هٿ مان پستول ڪري پيو، جيڪو کڻي سامهون بيٺل همراهن کي هڪل ڪيم ته رستو ڇڏيو نه ته مري ويندو.مان هوائي فائر ڪرڻ وارو هيس جو ”ايئن نه ڪر“ چئي واحدو مونکي ڄنگھن کان وٺي ڪيرائي وڌو. ايتري ۾ ڀاڳيا به پهچي ويا، جن في الحال ته ٻنهي کي ٺاهوڪي مار ڏني. پوءِ واحدوءَ کي ڇڏي مونکي ڏنڊا هڻي رتو واهه ڪري هٿ ڪڍيائون. هفتي کن کانپوءِ مان سندن جوءِ مان وڇير ٻڌي آيس. ساڳيا همراهه پيرا کڻندا اچي اسان جي اوطاق تي پهتا. اڪن ساڻن حال احوال ڪندي چيو ته اسان جو اوهان ڏانهن حساب ڪتاب آهي. اوهان بي گناهه اسان جي مامي سان وڙهيا آهيو، جنهن تي هُنن چيو ته: ”ٻنهي ڌرين کان اڻڄاڻائيءَ ۾ اهو سڀ ٿيو آهي. هن مهل تائين جيڪو اسان ڪيو اهو اسان کي ڦٻيو ۽ جيڪو توهان ڪيو اهو توهان کي ڦٻيو. هاڻ ٺاهه ڪيون.“ اڪن جيسين جواب ڏئي، مون چيو: چڱو ادا هاڻي ٺاهه آهي.“
    محمد خان پنهنجي ابي امڙ جي موت تي به ايترو نه رنو هوندو جيترو پنهنجي لوڌ جي ڪتن مرڻ تي روئيندو آهي. هڪ ڪتي جو ته ڄڻ تڏو ڪيائين. آسپاس جا سمورا شوقين ساڻس ڪتي جي موت تي افسوس ڪرڻ آيا.
    واقعي ڪتا وفادار ٿيندا آهن. هڪ سال ٻوڏ کانپوءِ ڪچي ۾ اسان جي گھرن ۾ هڪ ازدها آيو جيڪو 8 فوٽ ڊگهو ۽ هڪ فوٽ موڪرو هو. محمد خان جي ڪتن ان سان مقابلو ڪيو، ڪتا ته ڪلاڪ جي اندر مري ويا پر ڪتن به بلا کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اسان جي ويڙهي جي عورتن ان کي ڏنڊا هڻي ماريو. جيڪڏهن ڪتا ان سان مقابلو نه ڪن ها ته اها بلا ضرور ڪنهن نه ڪنهن انسان کي اجل ڏئي ها. انهن ڪتن جي موت تي اسان جو پورو ويڙهو رنو هو.
    محمد خان پيرزادو اچي ستر ورهين کي پهتو آهي ته به ساڳي ڪار اٿس. اڄ به روزانو 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ٿو. توڙي جو شگر جو مريض آهي، تڏهن به سانوڻيءَ جو درياهه پلاسٽڪ جي دٻي تي تري پار ڪندو آهي. اڄ به ڪتن جي لوڌ اٿس. اوهان ساڻس ڀائپي ختم ڪرڻ چاهيو ته هن کان رڳو ڪتي جي گُھر ڪري ڏسو.


    عبدالڪريم عدلو ممڻاڻي : ڌاڙيلن ۽ پوليس جو دشمن

    عبدالڪريم عرف عدلو ممڻاڻي 1942ع ۾ موهن جي دڙي ڀرسان فتي جي ڀاڻ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو سندس پيءُ جي نالي تي آهي. جوانيءَ ۾ ملهه جو سٺو رانديگر هو. چور به ٺاهوڪو هو. درياهه جو به شاهه تارو هو. اها مهارت ٻاروتڻ ۾ئي ان وقت حاصل ڪري ورتي هئائين جڏهن 1950ع ڌاري ٻلهڙيجي ڳوٺ جي مسلم اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو پر استاد جي مار کان اسڪول مان ڀڄي نڪتو. سڄو اسڪول ڪڍ لڳس پر هن ڪنهن کي به پڄڻ نه ڏنو ۽ درياهه ۾ گهڙي پيو. ان کان پوءِ وري اسڪول جو منهن نه ڏٺائين.
    توڙي جو عبدالڪريم ممڻاڻي ٺپ اڻ پڙهيل هو پر گفتي جو گوهر هو. ان ڪري سندس دوستن جو دائرو وسيع هو، جن ۾ ڪامورا به شامل هئا ته وڏيرا به، چور به هئا ته ساڌ ۽ سگهڙ به شامل هئا.
    اصل ڪچهريءَ جو مور هو. کيس سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو وڏو ذخيرو ياد هو جيڪي موقعي جي مناسبت سان ڦهڪائيندو رهندو هو. ڪچهريءَ ۾ تمثيل مطابق قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي وٺندو هو. گهڻو پوءِ جڏهن مون مولانا روميءَ جي مثنويءَ جا ترجما پڙهيا ته خبر پئي ته انهن مان ڪجهه حڪايتون روميءَ جون به هيون. سگهڙن سان ڪچهريون به ڪندو آيو. ڏور ۽ ڳجهارتون به ڏيندو رهيو. هُو تمام سٺو بئنسري نواز به هو ته ڪڏهن ڪڏهن الغوزو به وڄائيندو هو ۽ بنا سازن جي جهونگاري به وٺندو هو. سر ڪوهياريءَ مان شاهه سائينءَ جي وائي ”منهنجو مالڪ تون، تون ئي تون، ٻيو ور ڪنديس ڪين ڪي...“ اڪثر جهونگاريندو رهندو هو.
    وڏيرڪو راڄ هو، ڪچي جو علائقو هو، جتي ڏاڍو ئي گابو هوندو آهي. سندن ذات جا ڪجهه ماڻهو علائقي جي ڊنگ وڏيرن جا ڪمدار هئا، جيڪي تر جي غريبن لاءِ خدائي آزار بڻيل هئا. اهي سلام نه ڀريندڙ ماڻهوءَ کي پڪڙي، ماري ڪٽي ”گُڏ“ کڻي ويندا هئا، جتي کين وڏيرن کان مارائي پوءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. پوليس کين 110-109 ۽ سنڌ ڪرائيم ڪنٽرول هيٺ چالان ڪري جيل اماڻي ڇڏيندي هئي.
    عبدالڪريم کي به ڪيترائي ڀيرا پڪڙي اڌ مئو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو پر هُن به ساڻن گهٽ نه ڪئي. ساڻن اهڙو جهيڙو جوٽيو جو اصل ٽين کڙڪائي ڇڏيا. هي همراهه جيئن ته طاقت ۽ مال ملڪيت ۾ گهٽ هو، ان ڪري هن ويڙهه جو سائنسي طريقو ”گوريلا وار فيئر“ اختيار ڪيو.
    عدلو ممڻائي ڏکڻ سنڌ لڏي ويندو هو، ٽن چئن مهينن کان پوءِ اچي ڪچي ۾ ڪڙڪندو هو ۽ پنهنجي مدعين جا مٿا ڦاڙي سندن مال ڪاهي سنڌوءَ ذريعي اچي سيوهڻ کان نڪرندو هو. هن جيل مان گهڻو ڪجهه سکيو. ٿورو گهڻو پڙهڻ لکڻ به جيل ۾ سکيو ته قرآن شريف به جيل ۾ پڙهيو. کيس زندگيءَ جو وڏو تجربو هو. درياهه جو به اهڙو تارو هو، جو سڄي علائقي ۾ کيس ڦاڙهو سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ جو سڀني جانورن ۾ ڦاڙهو شاهه تارو آهي، جيڪو نڪ سامهون درياهه ترندو آهي.
    عبدالڪريم ممڻاڻي جو پنهنجي ذات وارن سان چوٽان چوٽ جھيڙو هوندو هو. هي اڪيلو مڙس هو جڏهن ته سندس مخالفن جو انگ سرس هو. هي کين هٿ ايندو هو ته اهي کيس ڏنڊا هڻي ڪيرائي وجھندا هئا ۽ هفتن جا هفتا مڙس کي ٻڌي ڇڏيندا هئا. ان ڪري هن گوريلا ويڙهه وارو طريقو اختيار ڪيو: ڌڪ هڻو ۽ جُوءِ ڇڏيو. هي هالا، نصرپور ۽ ڀٽ شاهه وڃي مهينن جا مهينا رهي پوندو هو ۽ اتان ماڻهو وٺي مائٽن تي ڪاهه ڪندو هو ۽ سندن پنجاهه سٺ مينهون درياهه ۾ لوڙهي ويندو هو ته پنج ست مڙس به ڌڪي ويندو هو. اهڙي قسم جون پنج ڇهه ڪامياب واداتون ڪيائين. ڪيترائي ڀيرا جيل ويو، پوليس جون مارون کاڌائين. جيل ۾ گھڻو تجربو حاصل ٿيس. هن جي ڪچهريءَ ۾ لوڪ ادب جي وڏي معلومات ملندي هئي. هي ڳجھارتون به ڏيندو هو ته ڀڃندو به هو. قصا، نظير ۽ حڪايتون به بيان ڪندو هو، جيڪي هن جيل ۾ سکيون هيون. ڳالهائڻ جو وڏو فن هئس. ڪچهريءَ ۾ سڀني تي حاوي ٿي ويندو هو. آواز به سٺو ۽ وڏو هئس. ڪڏهن ڪڏهن جھونگاريندو به هو. شاهه جون ٻه چار وايون ڏاڍي وڻندڙ انداز ۾ ٻڌائيندو هو، البت ڪڏهن ڪڏهن پيرن فقيرن جون ڪرامتون بيان ڪندي پنهنجون ڪرامتون به ٻڌائي ويندو هو، جنهن تي سندس ذات وارا ڪجھ ماڻهو طنز ۾ کيس واصل با الله سڏيندا هئا.
    عدلو ممڻاڻي جهنگ ۾ وڃي تتر جي ٻولي ڪندو هو ته تترن جا ننڍڙا ٻچا سندس پويان ڀڄندا ايندا هئا ۽ هو انهن کي پڪڙي وٺندو هو. اها خبر مونکي تڏهن پئي جڏهن مون ٻاراڻيءَ ۾ کيس تتر جا ٻچا وٺي ڏيڻ جو انگل ڪيو ۽ هن اتي ئي ٻولي ڪئي ۽ مون کي تتر جا پنج ٻچا پڪڙي ڏنا.
    90ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ اسان جي علائقي تي ڌاڙيلن جو ڄڻ ته قبضو هو. شروع ۾ اهي اُتان جي مقامي ماڻهن سان بهتر رويو رکندا آيا، سندن عزت ۽ مال جو به تحفظ ڪندا رهيا پر آهستي آهستي انهن مقامي ماڻهن کي تپائي ڏنو. ماکي لاهيندڙ کي به مار ته ڪاٺي ڪلي ڪندڙ کي به ڪٽڪو. اهڙين ڳالهين عدلو ممڻاڻيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر باغي بڻائي ڇڏيو. نه ته هن کان اڳ هو پاڻ ڪيترائي ڀيرا سندن ڪري جيل ڪاٽي آيو هو ۽ پوليس ۽ فوج جون مارون سَٺيون هئائين.
    عبدالڪريم ممڻاڻي پنهنجي ذات جي نوجوانن کي ڌاڙيلن سان جهيڙو جوٽڻ جي مت ڏني ۽ ڌاڙيلن سان وڙهڻ جي پلاننگ ڪئي. هن جي پلاننگ تحت جهيڙو ٿئي ها ته سڄو ٽولي جو ٽولو ناس ٿي وڃي ها پر همراهن جي اٻهرائپ جي ڪري فقط ٻه ڌاڙيل ماريا ويا، جن جي پلاند ۾ 1995ع ۾ ڌاڙيلن ممڻاڻين جي ڳوٺ تي هلان ڪري 13 ماڻهو ماري وڌا، پر پوءِ علائقي ۾ ٺاپر اچي وئي. عبدالڪريم جي ئي ڪوششن سان مارجي ويل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو مليو ۽ سندن ڪيترائي نوجوان پوليس ۾ کنيا ويا.
    عبدالڪريم ممڻاڻيءَ ٻه شاديون ڪيون جن مان کيس ڇهه پٽ ۽ ڇهه ڌيئر آهن. هن پنهنجي پٽن کي پڙهائڻ لاءِ ڪوٽڙيءَ ۾ وڃي پورهيو ڪيو. ريڙهي تي سبزي کپائي، هوڪا ڏنا. نتيجي ۾ پنهنجي پٽن کي نه رڳو پڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿيو پر هو کين ڪچي واري ماحول مان به ڪڍي ويو.
    عمر جي آخري حصي ۾ هو گلي جي ڪئنسر ۾ وٺجي ويو، جنهن ڪري سندس آواز گهگهو ٿي ويو هو. عبدالڪريم پنهنجي پوري حياتي غربت ۾ گذاري پر پنهنجا اصول نه ڇڏيا. اڄ سندس پٽ مڇي مانيءَ وارا آهن پر سندن اصول پسند پيءُ اها خوشحالي ڏسڻ کان اڳ ڀونءِ ڀيڙو ٿي چڪو هو.


    ابراهيم عرف ابو ممڻاڻي : ڪچي جي سڃن ڍورن جو ڌڻي

    ابو ممڻاڻي موهن دڙي جي بلڪل سامهون درياهه پار ڪچي جو ويٺل هو. تر جو وڏي ۾ وڏو ڀاڳيو هو. کيس مينهن ۽ ڍڳين جا سوين ڍور هئا، جيڪي ٻيلي ۾ ڇيڪ چرندا رهندا هئا. ان وقت اڃا کير کپائڻ جو رواج نه هو پر هي هر هفتي سچي گيهه جا ٽين ڀري کپائڻ لاءِ لاڙڪاڻي کڻي ويندو هو. پئسا ڳڻڻ به نه ايندا هئس. جيئن شڪارپور جو عظيم ويدانتي شاعر ڀائي چين راءِ سامي پنهنجا سلوڪ لکندو، مٽَ ۾ وجهندو ويندو هو، تيئن هي به پنهنجا پئسا هڪ وڏي گهاگهر ۾ وجهندو رهندو هو . ڏوڪڙ کپائڻ سکيو ئي نه هو. ابو ممڻاڻيءَ کي سوين ڍور هئا تڏهن به جهنگ ۾ ڪو سڃو ڍور هٿ ايندو هئس ته ان کي ڪاهي پنهنجو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ڪچي جي علائقي ۾ ڪيترائي غريب ماڻهو مال ٻجهڻ تي ڀلو سونهارو گهمائيندا هئا، پوءِ ڪو چور شناس وارو هوندو هو ته اهو قرآن شريف تي واپس ڪري ڇڏيندو هو. ڪجهه چور ته اهڙا به هوندا هئا، جيڪي چوري ئي ان ڀاڳئي جي ڪندا هئا، جيڪو قرآن شريف گهمائي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ پلاند ڪرڻ يا جهيڙي ڪرڻ جي طاقت نه هوندي هئي. ابراهيم عرف ابو ممڻاڻيءَ جو به جڏهن ڍور چوري ٿيندو هو، ته ڀلو سونهارو کڻي نڪري پوندو هو. قرآن شريف مٿي تي هوندو هئس پر ڪو سڃو ڍور ڏسندو هو ته وڃي رسو وجھندو هئس. جڏهن جهنگ مان واپس ورندو هو ته ماڻهو پڇندا هئس ته کين چوندو هو، ”يار سڳ ۾ اهو مليو آهي.“ اهڙي نموني هڪ ڍور جي عيوض چار ڍور ٻڌي وٺندو هو. اها ڪرت عمر جي آخري ڏينهن تائين جاري رکيائين.
    هن گلڻ ممڻاڻيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. شاباس آهي سندس ونيءَ کي، جنهن اهڙي ماڻهوءَ سان زندگي گذاري. گلڻ جا پٽ ڪچو ڇڏي ڪراچيءَ لڏي ويا، جتي ڪجهه وقت اخبارن ۾ به ڪم ڪيائون. علي نواز ٻگهئي پنهنجي اخبار به جاري ڪئي. انهن جو ابراهيم سان ساٿ هوندو هو. هي ته ڪچي مان ٻاهر نه نڪرندو هو پر سندس ڪيسن جي پوئيواري سندس اهي سالا ڪندا رهندا هئا.
    جڏهن اڪيلو هو ته قرآن شريف جو سهارو وٺي چوريون ڪندو هو پر جڏهن پٽ جوان ٿيس، تڏهن قرآن پاڪ مٿي تي کڻڻ کانسواءِ اوڙي پاڙي جو مال ٻڌڻ لڳا. اهڙي ئي نموني هڪ دفعي ڪلهوڙن جي ٻڪري ٻڌيون پئي ويا، جو سندس ٻئي نمبر پٽ ڀلوءَ کي ڀاڳين پڪڙي ٻڌي ڇڏيو. ان کي ڇڏائڻ لاءِ سندس وڏو پٽ عطر بندوق کڻي ويو، خدا جي قدرت جو ٻڌل همراهه ته بچي ويو پر کيس ڇڏائڻ لاءِ ايندڙ عطر مارجي ويو. پوءِ ڪلهوڙن جي پاڻ ۾ دشمني ٿي، ان دشمنيءَ جو فائدو وٺندي هنن هڪ ڪلهوڙو ماري وڌو. نيٺ ڪلهوڙن سان قرآن پاڪ تي ٺاهه ڪيائون. ڌاڙيلن مان جان ڇڏائڻ جي آڙ ۾ پاڪستاني فوج ٻيلا وڍڻ شروع ڪيا، جنهن جو فائدو وٺندي ٻيلا وڍي زمين ٺاهي ويا. سندس سڀ پٽ ڌم چوري ڪرڻ لڳا، هاڻ جيڪڏهن ڪو ڀاڳئو ڀلو سونهارو کڻي وٽن ويندو هو ته ابو ممڻاڻي ان کان قرآن شريف وٺي چُمي پوءِ ان ڀاڳئي کي اچي لٺين سان وٺندو هو.
    پوليو ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ لاءِ صحت کاتي جا ڪارڪن جڏهن ٻارن کي ٽڪا هڻڻ لاءِ ويندا هئا ته انهن جي به سٺي مرمت ڪندو هو: چي، ”اوهان اسان جي ٻارن کي زهر پيارڻ آيا آهيو.“
    هڪ دفعي سندس پٽن قرآن شريف جي ختم لاءِ تر جي حافظن کي سڏايو، جيڪي ڪجهه سيپارا ته گهران پڙهي آيا هئا، باقي رهيل سيپارا پڙهي جڏهن کانئن ڇيلي جي گهر ڪيائون ته ابراهيم مٿن مڇرجي پيو ۽ لٺ کڻي ٻن ٽن حافظ سڳورن جا پٺا چاڙهي ڇڏيائين. پوءِ ته پٽن به کيس اهڙيون ئي لٺيون هيون.
    ابراهيم عرف ابو ممڻاڻي درياهه ڪنڌيءَ جو ويٺل هو. سڄي عمر درياهه سان مقابلا ڪندي گذري هئس. 2010ع واري مهاٻوڏ ۾ به هي درياهه ترندو رهيو. صفائي نه ڪرڻ ڪري هن کي خارش جي بيماري ٿي وئي هئي پر علاج صفا نه ڪرايائين.
    2011ع جي معمولي ٻوڏ ۾ درياهه تري ٻلهڙيجي آيو ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڇڏائي وري وڃي سنڌوءَ ۾ گهڙيو. سڄي ڄمار سنڌوءَ سان مقابلا ڪندڙ ابو ممڻاڻي 70ورهين جي ڄمار ۾ دادلي درياهه جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ سنڌوءَ جو پاڻي کيس لوڙهي ويو. ٽن ڏينهن کانپوءِ سندس لاش هٿ آيو. سندس پٽن پهريان ته ملاحن کي داٻا ڏيڻ شروع ڪيا ته اوهان اسان جي پيءُ کي ٻيڙيءَ تي نه چاڙهيو، ان ڪري ٻڏي ويو پر پوءِ هنن کي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي.


    استاد ربنوا ز چنو : ملهه پهلوان، قصاگو ۽ اوطاقي مڙس

    استاد ربنواز عرف ربن چنو آسڻ اجهائي وڃي ڀونءِ ڀيڙو ٿيو. هو پهرئين جوڙ جي ملهه پهلوان هئڻ سان گڏ لوڪ ادب جو عاشق، قصا گو، سنڌ جي ريتن رسمن سان محبت ڪندڙ ۽ ماهر نشاني باز هو. استاد گفتار، لباس توڙي ڪردار ۾ سراسر سنڌي هو. هو انهن انسانن منجھان هو جيڪي پيار ۽ پاٻوهه مان اوطاقن ۽ اوتارن ۾ رس رهاڻيون ۽ قرب ڪچهريون قائم ڪري محبتي ميڙي وٺندا آهن ۽ جڏهن پرانهين پار اسهندا آهن ته هر ڪنهن کي آتڻ اجهاڻل محسوس ٿيندو آهي.
    اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين جوڙ
    ساري سنياسين کي، کامي ٿيس کوڙ
    من جنين سين موڙ، سي لاهوتي لڏي ويا.
    اوطاقن جي اهڙين محلفن ۾ سنڌ پنهنجي جوڀن ۽ جمال سان نکري نروار ٿي بيهندي آهي. انهن ڪچهرين ۾ سنڌ جي ڪلچر جا مختلف رنگ نظر ايندا آهن. جتي ڳجھارت، ڏٺ ۽ پرولي به ملندي ته پيار ۽ پريت جا قصا ۽ ڪهاڻيون به بيان ٿينديون آهن. چنگ، بين، بوڻينڊي، بانسري ۽ مرليءَ جا مڌر سُر به ڪن پوندا آهن ته صوفين جون سرمستيءَ سان ڀريل ڪافيون ۽ ڪلام به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. اهڙين اوطاقن ۾ استاد ربن جي عمر گذري هئي. اها انهن اوطاقي، صالح ۽ سڄاڻ انسانن جي تربيت هئي جو ٺپ اڻپڙهيل استاد ربن جڏهن ڪنهن به مسئلي ۽ موضوع تي ڳالهائيندو هو ته دانشور به دنگ رهجي ويندا هئا.
    ملهه پهلوان هئڻ ڪري استاد ربنواز چني کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمڻ جو ته موقعو مليو پر هو سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان تان به ڀيرا ڪندو رهيو. هن روايتي ملهه پهلوانن وانگر چلولايون ڪندي وقت نه گذاريو پر هر هنڌ تان، ڪٿان ماسو ته ڪٿان تولو ميڙي پنهنجي سيني ۾ لوڪ ادب جو خزانو سانڍيو هو. استاد ربن چنو اهڙين محفلن ۾ مومل راڻو، سسئي پنهون، هير رانجھو، ليلان چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، عمر مارئي ۽ دودي چنيسر سميت ڪيترائي قصا کڻندو هو ته رات وهامي ويندي هئي. هر قصي ۽ موقعي جي مناسبت سان شاهه سائين، سانوڻ فقير، حمل فقير، حفيظ تيوڻي ۽ ٻين سگھڙن ۽ شاعرن جا بيت به پڙهندو ويندو هو.
    استاد ربنواز چنو 1946ع ڌاري خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ پنهنجي پيءُ جي نالي تي قائم ڪيل ڳوٺ ”ولڻ جا ڀاڻ“ ۾ پيدا ٿيو. اهو ڳوٺ سڳين ۽ موهن دڙي جي وچ تي سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي محمود چنا ٿاڻي جي ڀرسان هو، جتان هو 1980ع ۾ لڏي درياهه جي ساڄي ڀر تي مهين جي دڙي جي پيرانديءَ کان ڳوٺ ڀليڏنو بهڻ ۾ اچي ويٺو. سندس والد ولڻ چنو تر جي مشهور ڀاڳئي ۽ ملهه پهلوان سان گڏ مشهور شاعر ۽ راڻيپور جي بزرگ سيد ابو صالح شاهه جو خليفو به هو. استاد 14 ورهين جي عمر کان ملهه وڙهڻ شروع ڪئي. ملهه اها واحد راند آهي جيڪا سرڪاري سرپرستي نه هجڻ باوجود ترقي ڪندي رهي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ جي عوام بک ڏک تي رهندي به هن راند کي بچايو آهي. ان دور ۾ اسان جي تر ۾ ٿيندڙ شادين جي ڪاڄن توڙي خيراتن ۾ ملاکڙو ٿيندو هو، جنهن ۾ سڄي تر جا پهلوان حصو وٺندا هئا. استاد ربن شروعات ۾ اهڙن مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ سنڌ جي تمام سريلي پهلوان استاد غلام قادر لغاريءَ کان ڌاڳو ٻڌرائي ان جي شاگرديءَ ۾ آيو. جيئن ته همراهه روايتي ملهه پهلوانن وانگر سماجي براين جو شڪار نه هو، جنهن ۾ نشو، جوا وغيره شامل هوندا آهن، تنهن ڪري هن سڄو ڌيان پنهنجي صحت ۽ فن تي ڏنو. ان ڪري هو ٻئي جوڙ جو اهڙو پهلوان ٿي اڀريو، جنهن جو سندرو جھلڻ ئي ملهن لاءِ مسئلو ٿي پيو.
    مون کي مرحوم مولابخش ڏهر هڪ دفعي ٻڌايو هو ته ”اسان جڏهن سرائيڪي وسيب جي علائقن ۾ ملاکڙن تي ويندا هئاسين ته ڪوشش ڪري ربن کي ضرور ساڻ کڻندا هئاسين، ڇو جو ان وقت سرائيڪي پهلوان چوندا هئا ته ”ماني مک نال، ملهه ڌڪ نال“ تنهن ڪري اسان کي ڪاريگرن کان وڌيڪ اهڙن ٿلهن متارن پهلوانن جي ضرورت هئي جيڪي پنجابين جي سندري جي ڇڪ به برداشت ڪري سگھن ۽ ڌڪ به پچائي وڃن.“
    سڄي دنيا ۾ ملهه راند ٿوري گھڻي فرق سان اڄ به موجود آهي پر سنڌ واري ملهه ٻين جي ڀيٽ ۾ باقاعدي آرٽ ۽ ماهراڻي وندر آهي، جنهن ۾ سندرا ٻڌي ملهن کي مضبوط هٿ وجھرائي مقابلو ڪرايو ويندو آهي. سندري ڇڪڻ تان مون کي ياد آيو ته جڏهن دادو ضلعي جي مشهور پهلوان علي نواز ڊکڻ جو مرحوم غلام سرور جتوئي سندرو ڀريو ته ڊکڻ جهڙو پهلوان پيرن تي بيهي نه سگھيو ۽ هن ان ئي ڏينهن رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ننڍي قد جا علي نواز ۽ منير ڊکڻ اهڙا ته جادوگر پهلوان هئا جيڪي ڪاريگريءَ سان اجگر جيڏن پهلوانن کي دسڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا. ملهه ۾ حرفت سان گڏ طاقتور هجڻ به ضروري آهي.
    استاد ربنواز چني هونئن ته شاهه سائين، قلندر لال شهباز، سچل سرمست، سمن شاهه ۽ ٻين ميلن ۾ ملهه جا جوهر ڏيکاريندي ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون حاصل ڪيون پر سندس يادگار ملاکڙو بهاولپور ۾ ٿيو، جتي پهرئين جوڙ جي پهلوانن رستمِ سنڌ سيد شمن شاهه، غلام سرور جتوئي، بکر شيدي، جان محمد صابري ۽ قمبر حاجاڻي جهڙا پهلوان مارجي ويا. فقط استاد ربنواز چنو ئي اهڙو پهلوان هو جيڪو چئن سرائيڪي پهلوانن کي ماري فائنل ۾ پهتو هو. فائنل ۾ هن جو مقابلو پهلوان بشير احمد ڌانڌي سان ٿي رهيو هو. بشير ڌانڌو هر لحاظ کان استاد ربنواز کان زبرو هو ۽ هو سيد شمن شاهه ۽ سرور جتوئيءَ جهڙن پهلوانن کي وارا ڪري ماري چڪو هو. ان ڪري سنڌ واسي سوني ٻلي جي اميد لاهي ويٺا هئا. بس هٿ پوڻ جي دير هئي. استاد ربن ٻنهي ملهن ۾ ساڳيو ئي وارو ڪري بشير ڌانڌي کي سوگھو ڪري، منڍي منڍيءَ سان ملائي اهڙي ته چٿ ڏني جو نعرا لڳي ويا. ايئن سنڌ جا پهلوان بهاولپور مان سونو ٻلو ماڻي سرخرو ٿي سنڌ وريا. استاد ربن ٻڌايو ته ”مان بشير ڌانڌي جون ملهون ڏسي، ڄاڻي ورتو هو ته هيءُ ئي وارو کيس ڪيرائي وجھندو.“
    اڳوڻي ملهه پهلوان ۽ تمام وڏي شوقين وڏيري نواب خان ابڙي مرحوم جڏهن ٻلهڙيجيءَ جي سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه تي 1982ع ۾ ملاکڙا لڳرايا، تڏهن استاد ربنواز چنو جواني گھاري چڪو هو. ان وقت ٻئي جوڙ جا تمام سٺا پهلوان هوندا هئا پر پهرئين جوڙ ۾ استاد ربن، استاد سومر ميربحر، استاد سومر مرکنڊ ۽ ڪجھه ٻيا جھونا پهلوان هوندا هئا، جن جو وزن وڌي چڪو هو. تڏهن مان سيد شمن شاهه جي استاد سومر مرکنڊ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڌڻي در ٻاڏائيندو هيس، ڇاڪاڻ جو ملهه مارڻ کانپوءِ استاد سومر مرکنڊ جسماني شاعري يعني ملهه پهلوانن جي پنهنجي انداز واري جُھمر جا اهڙا ته جوهر ڏيکاريندو هو جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. 60 ورهين جي ڄمار ۾ به هن جو انگ انگ وڄ جيان وراڪا ڏيندو هو پر چئن ملهن مان ڪا هڪ ملهه استاد سومر مرکنڊ کي هٿ ايندي هئي. اهڙي ئي هڪ ميلي ۾ رستم سنڌ سيد شمن شاهه ٻلهڙيجي پهچي استاد ربن کي ملهه لاءِ للڪاريو. ان وقت سيد شمن شاهه جي ملهه ۾ اها حيثيت هئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ باڪسر محمد علي ڪلي کي باڪسنگ ۾ حاصل هئي. خبر پئي ته سوڀي ديري ڀرسان هڪ ميلي ۾ استاد ربنواز، سيد شمن شاهه کي ملهه ماري هئي، جنهن ڪري سيد صاحب ٻيا سمورا ملهه نظرانداز ڪري، استاد ربن سان پلاند لاءِ ڪيترن ئي ميلن ۾ ويو ۽ استاد ربن جي نه ملڻ تي سندس پڇائون ڪندي اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجي پهتو هو. هتي هنن ٻنهي پهلوانن ۾ سخت مقابلو ٿيو. استاد ربن پڪو ٿي ساڻس وڙهيو. توڙي جو ٻئي ملهون سيد شمن شاهه استاد ربن کي ماري ويو، تنهن هوندي به سيد سڳوري جي دل نه ٺري.
    استاد ربنواز چنو”سنڌ ملهه ايسوسيئيشن“ جو بنيادي ميمبر ۽ 10 سال لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر ٿي رهيو. سندس شاگردن ۾ علي حسن شيخ، غلام سرور چني، غلام سرور بهڻ، غلام حيدر چني، شفيع محمد چني، محمد سِهڙي ۽ سڪندر قريشي جهڙا پهلوان شامل آهن. استاد ربنواز ڪرڪيٽ راند جو به وڏو شوقين هو. 1999ع واري ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جون ميچون ٽي وي تي ڏسندو هو پر عالمي ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي ڏسي ڪرڪيٽ ڏسڻ تان ارواح ئي کڄي ويس پر پوءِ به لوڪل رانديگرن جي راند ڏسڻ لاءِ ضرور ايندو هو ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪندو هو.
    استاد ربنواز چنو جوانيءَ ۾ پکين جو به وڏو شڪاري ۽ ماهر توبچي هو. کيس دونالي بندوق هوندي هئي. جڏهن ته ميلن ملاکڙن ۾ هاڪي هٿ ۾ کڻندو هو. عمر جا آخري ٻه ورهيه معذوريءَ ۾ گذاريائين. شگر جي مرض سبب سندس هڪ پير ڪٽيو ويو، جنهن ڪري سندس گھڻو وقت گھر ۾ رهڻ ٿيندو هو پر ميلن ملاکڙن ۽ مهمانن جي اچڻ ڪري ويل چيئر تي ٻاهر ايندو هو. اهو ئي مٺو سريلو آواز، ساڳيون قرب ڪچهريون، قصا ۽ ڪهاڻيون هونديون هيس. افسوس اهو آهي جو سندس قصا رڪارڊ ٿي نه سگھيا ۽ ساڻس گڏ دفن ٿي ويا.
    هن ڏک سک ۽ بيماري بڙيءَ ۾ دوستن مهربانن ۽ قدردانن جي پرگھور لهڻ ۾ ڪڏهن به وسان نه گھٽايو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ناچاڪيءَ واري وقت ۾ کيس وساريو ويو.
    استاد ربنواز چني 10 مئي 2013ع تي شام جو پساهه پورا ڪيا ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو (11 مئي تي) جنهن وقت سندس مڙهه کي لحد ۾ لاٿو پئي ويو ته ان وقت قوم انهن ماڻهن کي چونڊڻ ۾ مصروف هئي جن پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي هيرن جهڙن ماڻهن لاءِ ڪجھه به ناهي ڪيو. افسوس جو اخبارن هن گولڊ ميڊلسٽ جي لاڏاڻي جي سنگل ڪالم خبر به هلائڻ گوارا نه ڪئي. ربنواز کي هڪ پٽ آهي، جنهن وٽ سندس سونو ٻلو محفوظ آهي، باقي شيلڊون ۽ ٽرافيون زنگجي ويون آهن. استاد ربن جي لاڏاڻي بعد اسان جي تر ۾ اوطاقي ڪچهرين جو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي.

    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.
    (شاهه)


    نواب خان ابڙو : پاڻئون ڏاڍن کي للڪاريندڙ پهلوان

    نواب خان ابڙو ٻلهڙيجيءَ جي دلچسپ شخصيت هو. هن جي زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ ۽ روپ هئا. هن کي سڄي ڳوٺ نوابي رنگ ۾ به ڏٺو ته فقيري رنگ ۾ به ڏٺو. ڪڏهن ڪميتن تي سواري ڪندي ڏٺو ته ڪڏهن پيرين پنڌ هلندي به ڏٺو. ڪڏهن فقيرن سان مجلسون ڪندي ڏٺو ته ڪڏهن ڏاڍن مڙسن وانگر جھيڙا ڪندي به ڏٺو ته وري ڪڏهن رٺلن کي پرچائيندي به ڏٺو. بلڪل سچل سائينءَ وانگر ”آهي يار ته منهنجو هيئن، ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن!“ هيءُ اسان جي تر ۾ ملهه جو سٺو رانديگر هو پر هن پنهنجي اڌ وهيءَ ۾ ملهه پهلوانن جي سرپرستي به ڪرڻ شروع ڪئي. اسان جي تر ۾ ملهه راند جي ترقيءَ ۾ وڏيري نواب ابڙي جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگھجي.
    نواب خان ابڙي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ 1940ع ڌاري جنم ورتو. سندس والد وڏيرو خاڪو ابڙو ۽ چاچو عثمان ابڙو سکيا ستابا هئا. هنن وٽ پنهنجو کير مکڻ به جام هو ته ٻني ٻارو به جھجھو هو. جيئن ته وڏيري عثمان ابڙي کي پٽاڻو اولاد نه هو، ان ڪري نواب ابڙو پنهنجي والد خاڪي کان وڌيڪ پنهنجي چاچي عثمان جو لاڏلو هو.
    نواب ابڙو جوانيءَ ۾ ملهه پهلوان ٿيو، جيئن ته هيءُ قد جو پورو پنو هو ۽ جسم ۾ به سٻر نه هو، تنهن هوندي به سندس ملهون اهڙيون ٿينديون هيون جو ٻانهينءَ ۾ هوڪرا پئجي ويندا هئا. هي اڪثر پاڻ کان ڏاڍي ملهه سان، للڪاري وڙهندو هو، جنهن ڪري کيس ڌڪ به کائڻا پئجي ويندا هئا. اهاڳالهه ساڻس عام زندگيءَ ۾ به لاڳو هئي، جو وچٿري واٽ وٺڻ جو قائل نه هو ۽ ٻن ڄڻن جي معاملي ۾ به ڌر بڻجي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن جي حمايت ڪندو هو ته وڏي واڪ ڪندو هو ۽ جي ڪنهن جي مخالفت ڪندو هو ته به وڏي واڪ ڪندو هو، جنهن ڪري کيس ڪافي نقصان به کڻڻو پئجي ويندو هو.
    وڏيرو نواب خان ابڙو ڪچهريءَ جو به مور ماڻهو هو. جيتوڻيڪ هيءُ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو هو، تنهن هوندي به سندس اها هٻڪ ڳالهه کي وڌيڪ حسناڪ بڻائي ڇڏيندي هئي. هيءُ اسان سان اڪثر پنهنجي ماضيءَ جا قصا بيان ڪندو هو. جڏهن هيءُ جوانيءَ ۾ ملهه وڙهندو هو، تڏهن هڪ دفعو خير محمد آريجا ۾ ملاکڙو وڙهڻ ويو ، جتي هڪ پهلوان سان سندس مقابلو ٿي رهيو هو ته تر جي بهترين پهلوان چنيسر ماڇيءَ کيس هڪ داءُ ڪرڻ جو ڏس ڏنو. هن ان ئي مهل چنيسر کي چيو: توکي ملهه جي ڪهڙي خبر، تون وڃي مڇي کپاءِ!“ ان تي چنيسر کيس ملهه وڙهڻ جي لاءِ للڪاريو، جنهن ڪري هن کي ساڻس ملهه وڙهڻي پئجي وئي.چنيسر هن لف جهڙي پهلوان کي سندري ۾ ئي سُڪ ڪري، جانٺا هڻي کڻي مٿي ڀر دسيو. ڌڪ ڏيڻ کانپوءِ چنيسر چيس: ”هاڻي مڇي ڪير کپائي؟“ هيءُ کيس جھٽڪو ڏئي اٿيو ۽ ڪپڙا پائي نانگي آريجي جي اوطاق تي پهتو. نانگو آريجو چرچائي مڙس هو. هن وڏيري نواب ابڙي کي ڏسندي چيو: ”چوندا آهن ته مهمان پنهنجو رزق پاڻ سان کنيو ايندو آهي ۽ هي ته .... لوڏيندو پهتو آهي.“ نواب خان ابڙو جيڪو ملاکڙي کان وٺي دئونس ۾ هو، سو نانگي جو اهو چرچو سهي نه سگھيو ۽ ڪاوڙ ۾ خيرمحمد آريجي کان پنڌ هلي ٻلهڙيجي اچي پهتو، جيڪو گھٽ ۾ گھٽ سورهن ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي.
    پنهنجي والدين جو دادلو ٻار هئڻ سبب جوانيءَ ۾ هن گھڻو ڪجھه وڃايو به، جنهن جو سبب هن جو هوڏ ۽ ضد هو. 1980ع ۾ وڏيري نواب خان پنهنجي ڳوٺ ۾ هر اٺين ڏينهن ملاکڙو ڪرائڻ شروع ڪرايو، جنهن ۾ اول ته ڳوٺ جا ڇوڪرا ملهه وڙهندا هئا. پوءِ آهستي آهستي ان ملاکڙي ۾ وڏا پهلوان به شريڪ ٿيڻ لڳا. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهو ملاکڙو سڄي تر جي هفتيوار تفريح بڻجي ويو. اهڙي نموني پوءِ هن سيد ملوڪ شاهه جو ميلو به لڳرائڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ مزو رڳو ملهه جي ڪري ئي هوندو هو. ڇاڪاڻ جو هيءُ پاڻ به ملهه هو ۽ ان دور ۾ ”سنڌ ملهه ايسوسيئيشن“ اهو طئي ڪيو هو ته ”ملهه ۾ سرسي رڳو ان پهلوان جي ٿيندي جنهن کي گھڻا پئسا پوندا“ تنهن ڪري ظاهر آهي ته هتي ٿيندڙ ملاکڙي ۾ تر جي پهلوانن کي ئي وڌيڪ پئسا پوندا هئا ۽ جنهن پهلوان جي ڳوٺ ڀرسان ميلو ملاکڙو ٿيندو هو اهو فائنل تائين ڪرندو ئي ڪونه هو. جڏهن ته کيس ملندڙ ڏوڪڙ سڀني پهلوانن ۾ حصي موجب ورهايا ويندا هئا. وڏيري نواب ابڙي اهڙي عمل جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ پري پري جي ملهه پهلوانن کي پنهنجي کيسي مان ڀاڙا ڏئي انهن کي ميلي تي گھرايو، جنهن سبب ملوڪ شاهه جي ميلي تي يادگار ملاکڙو ٿيڻ لڳو، جنهن سان پنهنجي تر ۾ ڪڏهن به نه ڪرندڙ پهلوان بلڪل ئي وائکا ٿي ويا. وڏيرو نواب ابڙو سائين ولايت شاهه هنباهه واري جو طالب به ٿيو هو، جتان کيس گيڙُو ويس به عنايت ٿيو هو. هيءُ راڳي فقيرن جي سنگ سان به شامل ٿيندو هو ۽ ڇير وارو ڏنڊو وڄائيندو هو پر ڪجھه سالن اندر کيس ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته ”هي اوکو ڪم آهي ۽ اسان نفسا نفسيءَ وارا ماڻهو رڳو نقل ڪري رهيا آهيون.“ پوءِ هن اهو ويس لاهي ڇڏيو.
    وڏيري نواب خان ابڙي کي ٻه ڀائر، قادر بخش ۽ انور علي هئا. جن مان قادن ڪجھه سال اڳ سکر جي سينٽرل جيل ۾ قيد دوران گذاري ويو، جڏهن ته انور علي حال حيات آهي. نواب ابڙي کي پنج پٽ اعجاز، پرويز، زاهد، امتياز ۽ خالق آهن، جن مان اعجاز ۽ پرويز پنهنجي والد وانگر ملهه ٿيا پرويز جهڙو ملهه ته شايد ئي ڪو ٿي سگھي پر بعد ۾ اهي ٻئي ڄڻا چرس جا موالي ٿي پيا ۽ ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏنائون. ان ڳالهه جو ڏک نواب ابڙي کي مرڻ گھڙي تائين رهيو، باقي سندس ننڍو پٽ خالق ڏنو عرف ڪراڙو ٻئي جوڙ جو پهلوان آهي.
    هن جو ڀاءُ قادر بخش عرف قادن ابڙو ڏوهارين جي صحبت ۾ اچي ڌاڙيل ٿيو، جنهن کانپوءِ وڏيري نواب ابڙي تي ڏکيا ڏينهن آيا. کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ جيل ۾ به بند ڪيو ويو. بعد ۾ قادن پوليس کي هٿ اچي ويو، ان بعد به نواب لاءِ ساڳيو ئي آزار برقرار رهيو. هاڻي وٽس پئسو به نه رهيو هو، جنهن ڪري هن پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏائڻ لاءِ ڪچي واري زمين جو ڪجھه حصو وڪرو ڪيو پر اهو ارمان دل ۾ ئي رهجي ويس، ڇاڪاڻ جو قادن سکر سينٽرل جيل ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
    وڏيرو نواب خان ابڙو ڪچهريءَ جو مور ۽ ڳالهين جو ڳهير هو. هيءُ آخري وقت تائين وڏن سان گڏ نوجوانن سان به ساڳئي جذبي سان ڪچهريون ڪندو هو. والي بال راند هجي يا ڪا ٻي سرگرمي، وڏيرو نواب ابڙو سڀني جي وچ ۾ هوندو هو. جيئن ته هو رانديگر به هو ۽ رانديگر کيس پسند هئا، ان ڪري سندس دوستي به رانديگرن سان ئي رهندي هئي.
    عام چونڊن واري موقعي تي وڏيرو نواب تمام گھڻو سرگرم هوندو هو. اڳ به لکي چڪو آهيان ته هيءُ جنهن به ڌر جي حمايت ڪندو هو ته اها وڏي واڪ ڪندو هو ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي مخالفت ڪندو هو ته اها به وڏي واڪ ڪندو هو. پوءِ سندس آڏو وارو کڻي ڪيڏو به ڏاڍو مڙس يا وڏيرو ڇو نه هجي. هيءُ ائين ان ڪري ڪري سگھندو هو جو هيءُ بهادر به ڏاڍو هو.
    وڏيري نواب خان ابڙي 2006ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. سندس زندگيءَ جا آخري لفظ هيءُ هئا ته :”شل! مان ملوڪ شاهه جو هيءُ ميلو لڳرائڻ کانپوءِ مران!“ ان سلسلي ۾ هن پنهنجي اولاد کي به وصيت ڪئي هئي ته ”اهي به ملوڪ شاهه جي ميلي ۾ ضرور حصو وٺن،“ اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ملوڪ شاهه تي ميلو لڳندو آهي ته ملاکڙي جو انتظام سندس پونئير ئي سنڀاليندا آهن.


    استاد محمد عيسيٰ بهڻ : خوبرو، يارويس ۽ هردلعزيز ملهه پهلوان

    هو جڏهن ملهه وڙهڻ کان پوءِ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ نلڪي تي ايندو هو ته پندرهن ويهه ماڻهو پنهنجي هٿن ۾ صابڻ ۽ ٽوال کنيو بيٺا هوندا هئا. هر ڪنهن جي خواهش هوندي هئي ته اهو سهڻو جوان سندس صابڻ ۽ ٽوال استعمال ڪري. پوءِ جنهن جو به صابڻ ۽ ٽوال هن استعمال ڪيو، ان جا ڄڻ ته نصيب ٺهي ويا ۽ اهو ماڻهو پاڻ کي دنيا جو خوش نصيب انسان تصور ڪندو هو. اُن هردلعزيز شخص جو نالو استاد محمد عيسيٰ بهڻ هو. موليٰ جهڙي سهڻي صورت ڏني هيس، اهڙو ئي نياز نوڙت ۽ اخلاق هئس، جنهن ڪري ڄڻ ته سڄو تر سندس مطيع هو.
    استاد محمد عيسيٰ بِهڻ 1950ع ڌاري ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ڀليڏنو خان بهڻ علائقي جو چڱو مڙس ۽ اوطاقي ماڻهو هو. سندس اوطاق هر وقت ماڻهن سان ڀريل نظر ايندي هئي، جن جي خدمت ڪندي سرهائي محسوس ڪندو هو. بهڻ پنهنجي ٻنيءَ ٻاري ۽ مال متاع وارا هئا. کير مکڻ ججهو هئن. سندن اوطاق تي سدائين ٽهڪ ٻُرندا رهندا هئا. توڙي جو بهڻن جو ويڙهو وڏو هو پر ايئن لڳندو هو ڄڻ هڪ گهر هجي.
    محمد عيسيٰ بهڻ پرائمري تعليم مسلم اسڪول ٻلهڙيجي ۽ مئٽرڪ ڏوڪري هاءِ اسڪول مان ڪئي.
    خوبرو ۽ سهڻي سڀاءُ جي ڪري استادن توڙي شاگردن جي اکين جو تارو هو ۽ سڀئي کيس ڏسيو پيا ڏسندا هئا. سندس وڏو ڀاءُ محمد موسيٰ بهڻ ملهه پهلوان ۽ وڏي اُٿي ويٺيءَ وارو ماڻهو هو، اُن کي ملهه وڙهندي ڏسي هِن کي به ملهه وڙهڻ جو شوق ٿيو. ايئن هيءُ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي نواب ابڙي کان ڌاڳو ٻڌرائي سندس شاگرديءَ ۾ آيو. جيئن ته وڏيرو نواب ابڙو قد بت ۾ پهلوان لڳندو ئي نه هو پر همراهه ۾ هئا وِڄ جا پاڻي؛ پاڻ کان ڏاڍن پهلوانن سان پڙها ڏيئي وڙهندو هو ۽ اهي ان سنهڙي سيپڪڙي پهلوان مان اچي ڦاسندا هئا. عيسيٰ بهڻ جو قد بت ۽ ويڙهه هوبهو سندس استاد جهڙي هئي. هٿ پوڻ کان پوءِ مقابلي ۾ ڪيترو به ڏاڍو پهلوان هجي پر پهريون وارو محمد عيسيٰ جو ٿيندو هئس. اسان جي تر جا ڪيترائي ماڻهو فقط محمد عيسيٰ بهڻ جي ڪري ملهه ڏسندا هئا، نه ته کين ملاکڙي جو ڪو به شوق نه هوندو هو. ملهه کان پوءِ هن تر ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏڻ شروع ڪئي. هن جو شمار تر جي بهترين رانديگرن ۾ ٿيڻ لڳو. همراهه ڳرن پهلوانن جا ڌڪ کائي کين قابو ڪري ڇڏيندو هو ۽ جنهن راند ۾ عيسيٰ بهڻ شريڪ هوندو هو، ان ۾ ڏسندڙ شوقينن جو انگ وڌي ويندو هو.
    استاد عيسيٰ بهڻ پنهنجي برادريءَ جو پهريون شخص هو جنهن مئٽرڪ تائين تعليم ۽ سرڪاري نوڪري حاصل ڪئي. ان کان اڳ بهڻ برادريءَ مان فقط هڪ ڄڻي فائنل جو امتحان پاس ڪيو هو. محمد عيسيٰ جن جو خاندان 1975ع ۾ ٻلهڙيجي مان لڏو کڻي سامهون ڪچي ۾ پنهنجي ٻنين تي اچي ويٺو. اهو ڳوٺ سندس والد ڀليڏني بهڻ جي نالي سان سڏبو هو. ڏهن سالن کان پوءِ ڌاڙيلن جي ڪاروائين سبب هي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ٻلهڙيجيءَ جي اتر ۾ اچي ويٺا. اهو ڳوٺ هاڻي ڀليڏنو بهڻ جي نالي سان سڏجي ٿو.
    استاد محمد عيسيٰ بهڻ سٺي رانديگر سان گڏ ڪڪڙن جو خفتي به هو. چئن ضلعن جا خفتي ڪڪڙ جي ٻچي ۽ آني وٺڻ لاءِ سندس ڪڍ هوندا هئا. همراهه ٻين خفتين وانگر اک جو پڪو نه هو. سواليءَ جو عرض اگهائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو هو، جنهن تي سندس خفتي دوست ارها هوندا هئا پر سڀ ڪنهن جو پنهنجو ظرف ٿئي ٿو. هن ساري حياتي قرب ڪمايو هو، ان ڪري پنهنجي دوستن کي جواب نه ڏيئي سگهندو هو. لاڙڪاڻي، نوشهروفيروز ۽ خيرپور ضلعن ۾ سندس گهڻا دوست هئا، جن سان هر حال ۾ نڀائيندو رهيو. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ هر قسم جا ماڻهو شامل هئا. سنڌ اطلاعات کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر قربان پيرزادي صاحب جهڙو نفيس ماڻهو به سندس چاهيندڙ دوستن ۾ شامل هو، جنهنجي ميلن ملاکڙن سان هرگز نه پوندي هئي پر محمد عيسيٰ کيس اهو چئي ملاکڙي تي هلڻ لاءِ سنبرائي وجهندو هو ته ”ملاکڙي ۾ هلي منهنجي لئي ڏس!“ پر اتفاق اهڙو ٿيندو هو جو جڏهن به قربان صاحب ساڻس گڏ ملاکڙي تي ويو ته محمد عيسيٰ کي سرسي حاصل نه ٿي، بلڪ اُن ڏينهن هن کي سنڌائتا ڌڪ کائڻا پيا.
    موڪل واري ڏينهن موٽر سائيڪل کڻي نڪرندو هو ۽ سڄو ڏينهن سنگت سان ڪچهريون ڪري، چڪر ڏيئي رات جو دير سان گهر ورندو هو. ان دوران ڪنهن وٽ به ماني نه کائيندو هو. سڄو ڏينهن نشا پتا به ڪندو رهندو هو. اهڙي هاڃيڪار معمول سندس صحت کي تباهه ڪري ڇڏيو. ها، ايترو ضرور هو ته ٻلهڙيجيءَ ۾ اسان کي بنا صلاح جي به ماني آڻڻ لاچوندو هو، ڇاڪاڻ جو اسان سان سندس واسطا وڏن کان وٺي هئا ۽ هن ننڍي کان وٺي کان وٺي ڪڏهن حجا ب نه ڪيو. محمد عيسيٰ گهڻو دير سان ان وقت شادي ڪئي، جڏهن سندس عمر چاليهه ورهي ٿي چڪي هئي. هن جي شاديءَ جو ڪاڄ به يادگار هو، جنهن ۾ سندس سڄي سنگت شريڪ ٿي هئي. محمد عيسيٰ بهڻ 2002ع ۾ ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويو، جنهن سندس صحت کي صفا ختم ڪري ڇڏيو. ماڻهو هن کي ڏسي اکين مان لڙڪ لاڙي ويهندا هئا پر همراهه جي حوصلي کي سلام آهي جنهن هيڏي درد کي برداشت ڪيو. استاد کي ٽن پٽن جو اولاد آهي ۽ ٽيئي سعيد احمد، مسعود احمد ۽ اياز احمد منهن مهانڊن ۾ پيءُ جون سڪون لاهين ٿا. استاد محمد عيسيٰ بهڻ 2003ع ۾ وفات ڪئي. هن جي وفات کان پوءِ بهڻن کان ڄڻ ڀاڳ موڪلائي ويو. اڳي منجهن ڪو به فرق ۽ ويڇو نه هوندو هو. اڄ گهر گهر کان جدا آهي. اڳي سندن اوطاق تي ماڻهن جا انبوهه هوندا هئا پر اڄ اتي سڃ واڪا ڪري رهي آهي. ننڍن ننڍن اختلافن ماڻهن کي هڪ ٻئي کا پري ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ وٽن محمد عيسيٰ جهڙو ڪو به ڳنڍيندڙ نه رهيو آهي، جيڪو مدايون ڪندڙن سان به سڄايون ڪري!


    پهلوان سرور چنو : پڙ تي پرزا ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار

    جنگ توڙي ملاکڙي ۾ سورهيه اهو سڏائيندو آهي جيڪو سسيءَ ۽ ساهه جو سانگو لاهي پِڙ مٿي پرزا ٿيڻ لاءِ تيار هجي. پهلوان غلام سرور چنو به اهڙو ئي سورهيه هو، جيڪو سر سهائي پڙ جي سلامي ڪندو هو. همراهه قد جو هلڪو هو پر ٻٽيهه دليون هيس. پنهنجي جوڙ جي ڪنهن به پهلوان کان نه ڪيٻائيندو هو ۽ پاڻ کان ڏاڍي سان ملهه چاهه ۽ چاڳ سان وڙهندو هو. هن جي هر ملهه ڌڪ واري ٿيندي هئي. هي ميدان ۾ هوندو هو ته ملاکڙو ٻوڙان ٻوڙ ٽوڙان ٽوڙ ٿي ويندو هو. ملاکڙي جي ڪمينٽري ڪندڙ کيس ڪنڌار پهلوان سڏيندا هئا ۽ اها هئي به حقيقت، ڇاڪاڻ جو هن ۾ ڪجھه اهڙا مڙساڻا اکر هئا، جيڪي گھڻن ملهه پهلوانن ۾ نه ٿيندا آهن. سرور چنو دوستيون ناتا ميدان کان ٻاهر نڀائيندو هو ۽ پڙ ۾ فقط پهلوان هوندو هو. ملاکڙي ۾ پنهنجي ويجھن دوستن جا مٿا چٿي ڇڏيندو هو پر ملاکڙي کان ٻاهر هن جو اٿڻ ويهڻ انهن سان ئي هوندو هو.
    سرور چني کي پهريون ڀيرو ”ڪنڌار“ جو لقب سرائيڪي وسيب ۾ ان وقت مليو جڏهن سنڌ جي اٺن پهلوانن مان هڪ کي لاهيءَ لاءِ طلب ڪيو ويو. جيئن ميل ۾ خفتي ڪڪڙ لاهي ڏيندا آهن ته ڀلي اوهان ان کي ڏسي وائسي ساڻس مقابلي ۾ ڪو پکي لاهيو. سنڌ جي پهلوانن لاءِ ملاکڙي جي حوالي سان اها نئين ڳالهه هئي. ڪير به لاهيءَ ۾ اچڻ لاءِ تيار نه هو پر جڏهن سرور ڪڏندي ميدان ۾ پهتو ته ڪمپيئر کان بي خود ”واهه ڪنڌار“ جا لفظ نڪري ويا ۽ جيڪي پوءِ سندس نالي جو حصو ٿي ويا.
    سرور چنو 1962ع ڌاري لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ضلعن جي دنگئي ڳوٺ محمود چنا ڀرسان پيدا ٿيو، جيڪو سڳين ۽ ٻلهڙيجيءَ جي وچ تي ڪچي ۾ درياهه جي کاٻي ڀر تي آهي. سندس والد ارباب چنو تر جو مشهور ڀاڳيو ۽ ملهه جو شوقين هو. پنهنجي لسي ماني، کير مکڻ ۽ گيهه هئڻ ڪري هن تر جا چنا پيڙهين کان ملهه پهلوان ٿيندا آيا آهن. سندن گذر معاش جو ذريعو چوپايو مال آهي. ڪچي ۾ اسڪول نه هجڻ ڪري تعليم وٺڻ بدران ٻارڙا مال سان جھنگ ۾ موڪليا ويندا هئا جتي مال چارڻ سان گڏ ملهه جي سکيا به جاري رهندي آهي. اهڙي نموني سرور چنو به مال چاريندي چاريندي، ملهه پهلوان بڻجي ويو. 1980ع ۾ 18 ورهين جي ڄمار کان هن تر جي ميلن ۾ وڙهڻ شروع ڪيو. سندس استاد ربنواز عرف ربن چنو هو. ان وقت اسان جي تر ۾ بخشل اعواڻ، مجيد اعواڻ، سرور چنو، الهبچايو شيخ، ابراهيم بهڻ ٽئين جوڙ ۾ وڙهي رهيا هئا جن جِي وڏي جھيڙي واري ملهه ٿيندي هئي. ماڻهن کي پهرئين جوڙ بدران ٽئين جوڙ جي پهلوانن جي ملهه مان لطف ايندو هو. سمورن پهلوانن کان مجيد اعواڻ قداور ۽ زور وارو هو. ٻيا پهلوان ساڻس مقابلو ڪرڻ کان ڪيٻائيندا هئا پر سرور سدائين ساڻس اڌو اڌ پوندو هو.
    ان دور ۾ اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ پراڻو پهلوان ۽ شوقين وڏيرو نواب خان ابڙو درگاهه ملوڪ شاهه تي هر اٺين ڏينهن ملاکڙو ڪرائيندو هو جنهن ۾ يادگار ملهون ٿينديون هيون ۽ اتر سنڌ ۾ ان وقت شاهنواز مهاڻو، ارباب ڀٽي، جبار ڦل، محرم مجيداڻو، ڳوڌو ڦل، مجيد اعواڻ، سرور چنو، الهبچايو شيخ، اڪبر لاکير، دادن ملاح ٽئين جوڙ جا تمام سٺا پهلوان بڻجي چڪا هئا، جن مان ٽئين جوڙ جا پهلوان تنگ ٿي چڪا هئا. ٻي جوڙ ۾ علي نواز ڊکڻ، منير ڊکڻ، خدا بخش هالو، واصل پٺاڻ، سڪندر قريشي، ماستر عبدالقادر ميتلو، امام بخش لانگاهه ، مولا بخش ڏهر، حاڪم سپريو، انور سپريو، عارف راهو جهڙا پهلوان موجود هئا، جيڪي نون ايندڙ پهلوانن کي مهميزون ڏئي رهيا هئا. ان ڪري نوان پهلوان کانئن ڪجهه لهرائيندا هئا پر سرور ڪنهن به پهلوان کي ليکي ۾ نه آندو. هڪ ڏينهن ٻلهڙيجيءَ جي ميلي ۾ پهلوان منير ڊکڻ، مجيد اعواڻ سان ملهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو پر مجيد ساڻس وڙهڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ان وقت مجيد ٽئين مان تازو ٻئي جوڙ ۾ آيو هو ۽ منير ڊکڻ ٻئي دور جو بهترين پهلوان هو. نوان پهلوان اهڙي موقعي لاءِ سڪندا آهن پر مجيد الائي ڪهڙي مصلحت کان ڪم ورتو. ان وقت سرور چني ڪمينٽري ڪرڻ واري کان کان مائيڪ کسي منير ڊکڻ کي ملهه جو چيلنج ڏنو. سرور جي اهڙي للڪار تي منير ڊکڻ چيو ته ”اسان جا قد ننڍا آهن، ان ڪري اسان سان هر ملهه مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو پر جن پهلوانن سان اسان مقابلو ڪيون ٿا، انهن کي به للڪاريو وڃي. جيڪڏهن سرور خدا بخش هالي سان ملهه وڙهي ته مان به ساڻس مقابلو ڪندس.“ منير جي اهڙي اعلان تي سرور چنو هالي سان مقابلي لاءِ نچندو پهچي ويو. هي ڄڻ ڍڳي ۽ هاٿي جي وچ ۾ مقابلو هو پر سرور چنو هالي کي ڏاڍو ڏکيو پيو ۽ ان کان هڪ ملهه به وٺي ويو. اهڙي نموني هڪ ميلي تي سرور چني پهلوانن جي گذارش باوجود هڪ ملهه کي سوگھو ڪري پنهنجي استاد ربن چني جي پيرن کان اڇلايو، جنهن تي سندس استاد به ساڻس ناراض ٿي ويو. پوءِ علي حسن شيخ کي سرور سان مقابلي لاءِ تيار ڪيائين. اها ملهه جنهن به ڏٺي هوندي اهو اها راند ڪڏهن به وساري نه سگھندو. علي حسن شيخ جهڙو قداور مڙس، ايترو ئي ملهه جو ڪاريگر ۽ سرور چنو ننڍڙي قد جو! هٿ پوڻ سان ئي علي حسن کيس مٿي کنيو ۽ کڻڻ سان ئي ڪتري هڻي سندس چپ چيري وڌا. سرور چنو مٿي ئي هو جو سندس رت وهندي سمورن ماڻهن ڏٺو. پوءِ علي حسن کيس گھمائي گھمائي مٿو مٿي سان ملائي پٽ تي هنيو. همراهه کي ڄڻ ته ماڙي سانَ جو ٽڪر لڳو هجي. ڪلاڪ کن ته بيهوش هو. ٻانهينءَ ۾ ويٺل سمورن ماڻهن سوچيو ته سرور چنو هاڻي پوئين ملهه نه ڪندو پر هن، هوش ۾ ايندي ئي پوئين ملهه ڪرڻ جي تقاضا ڪئي. پوئين ملهه به اهڙي ئي ٿيس. ٻئي ڪنهن پهلوان کي اهڙا ڌڪ اچن ها ته مهينو کن ته گھران ئي نه نڪري ها پر سرور چنو ڳوٺ ئي نه ويو ۽ علي حسن سان ٻه ملهون ڪرڻ لاءِ ٻئي ميلي تي وڃي پهتو. اهڙي نموني سان سرائيڪي ديس جي پهلوان واصل پٺاڻ به نواڙي جي ڀرسان دادلي پير تي هن کي ڌڪ ڏئي ٻئي ملهون ماريون. ٻنهي ملهن ۾ ٻه ڪلاڪ کن بيهوش هو ۽ سَنڌ سَنڌ ڏکي رهيو هئس پر همراهه کي قرار تڏهن آيو جڏهن واصل پٺاڻ کي ماريائين. اهڙي نموني هن جو به ڪنهن کي ڌڪ ايندو هو ته اهو سک سان نه سمهي سگھندو هو ۽ نه ئي ماني کائي سگھندو هو. هفتو کن ته کيس پٽڙو ڀت کائڻو پوندو هو.
    منير ڊکڻ جادوگر پهلوان هو، قد جو هلڪو هو پر کيس ملهه جو وڏو ڏانءُ هو. همراهه پنهنجي ڪاريگري ۽ ڏانءُ سان وڏن وڏن پهلوانن کي وارا ڪري ماريندو هو، جنهن کي ڪنهن به ملهه ٻه ڏينهن لاڳيتو نه ماريو پر اهو سرور چنو هو، جنهن منير کي لاڳيتو ٽي ڏينهن ٻئي ٻئي ملهون ماري اهڙو اعزاز حاصل ڪيو.
    محرم مجيداڻو ۽ سرور هم عمر هئا. ٻئي هڪ ٽائيم تي ٻئي جوڙ ۾ پهتا. محرم مجيداڻو کانئس قديلو مڙس هو. ٻنهي هڪٻئي کي چئلينج ڏنو ته جنهن ٻلهڻ ڪري ماريو، اهو ئي استاد آهي ... پوءِ پاڻ کان ٻيڻي قد واري مجيد کي سرور ٻئي ملهون ماريون، جنهن کيس استاد تسليم ڪيو ۽ کيس استادن واري تعظيم ڏيندو هو.
    سرور چني کي جيترو انعام مليو، جي اهو بچائي ها ته لکا پتي هجي ها، پر ان معاملي ۾ هو پنهنجي برادري جي ٻين پهلوانن کان مختلف هو. هن رڳو سنگت ٺاهي هئي. ميلي کان ڳوٺ پهچندو هو ته کيسا خالي ٿي ويندا هئس. استاد ربن، غلام حيدر چني، ارشاد بهڻ ۽ ٻين جي ابتڙ همراهه مڌ چُڪو به چاڙهيندو هو. سرور چني جي مهماني ماڻهوءَ کي مهانگي پئجي ويندي هئي جو سدائين ويهه پنجويهه همراهه ساڻ هوندا هئس. پاڻ به اوطاقي مڙس هو.
    هن پهلوان سنڌ گيمز ۾ چانديءَ جو ٻلو ۽ 1996ع ۾ بدين جي ڪل سنڌ ملاکڙي ۾ سونو ٻلو حاصل ڪيو. هن سڄي سنڌ جي ميلن ۾ جيڪي ملهون ڪيون اهي شوقينن کان ڪڏهن به وسري نه سگھنديون. همراهه ترت ٻئي جوڙ مان پهرئين جوڙ جو پهلوان ٿي ويو پر شگر جي مرض ساڻو ڪري ڇڏيس. ان جي باوجود همراهه وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلا ڪندو هو. 2000ع ۾ ڀٽ شاهه جي ميلي تي هن خدابخش هالي سان ملهه ڪئي، جنهن تي ملاکڙي جي امين پهلوان غلام سرور جتوئي ٻنهي کي چيو ته هيءُ صلاح واري ملهه آهي، جنهن کي اڄ ڪلهه ميچ فڪسنگ چيو ويندو آهي. سرور چنو ميدان مان ٻاهر نڪري ويو ۽ قرآن کڻي واپس ملاکڙي ۾ پهتو ۽ جتوئي کي چيائين ته ”هي ملهه ٺاهه واري نه هئي.“
    قرآن تي غلام سرور جتوئي ماٺ ڪئي پر هن جي دل نه پئي مڃي. ملاکڙي کانپوءِ مون پڇيس ته ” قرآن کي وچ ۾ ڇو آندئي؟“ جواب ۾ چيائين ته ”ڀٽائيءَ جي ميلي ۾ صلاح سان وڙهڻ گار آهي، جتوئي کي شڪ پيو ۽ توهان سميت سمورا ماڻهو اها ٺاهه جي ملهه سمجھي رهيا هئا. ان ڪري ڀلو سونهارو آندم. هن تي ته اعتبار اٿوَ!“ هن مون کي چيو ته هڪ ڏينهن ڀٽائيءَ جي ميلي تي وري اهڙي ملهه ڪري ڏيکاريندو پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽ هو سيپٽمبر 2002ع ۾ وفات ڪري ويو. سرور چني جي وفات کانپوءِ ابراهيم بِهڻ ملهه ڏسڻ ئي ڇڏي ڏني آهي، جنهن جي ٽئين جوڙ ۾ نانگي شاهه جي ميلي تي ڄاڙي ڀڄي پئي هئي. هو چوي ٿو ته ”ماما سرور جي مرڻ کانپوءِ تر جي ميلن تي پهلوان ملهه نه پر بازيگر ڪرتب ڏيکاري ماڻهن کان پئسا ڪڍي رهيا آهن.
    سرور چني کي ٻه پٽ نواب ۽ عبدالقادر آهن. عبدالقادر پيءُ جيان پهلوان آهي ۽ هاڻ پهرئين جوڙ ۾ وڙهندو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399866
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ