ڪتاب جو نالو: قاضي فيض محمد (سوانح حيات)
مصنف: رڪ سنڌي
ڇپائيندڙ: قاضي فيض محمد اڪيڊمي
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 04 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 658 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 229 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي هاري تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو‘.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • شروعات
  • ننڍپڻ ۽ تعليم
  • سياسي زندگيءَ جي شروعات
  • مسلم ليگ ۾ شموليت
  • هاري ڪاميٽي ۽ ان بعد
  • ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ
  • عوامي ليگ ۽ نعپ
  • الاٽي تحريڪ
  • ايوبي مارشل لا
  • عوامي ليگ ۾ اهم ڪردار
  • سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ جنگ
  • زندگيءَ جا آخري ڏينهن
  • ادبي ۽ ثقافتي زندگي
  • حوالا ۽ سمجهاڻيون
  • ماخذات

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (306) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ ۾ هاري هلچل جي هڪ اهم ڪردار ”قاضي فيض محمد“ جي سوانح حيات تي لکيل هن ڪتاب جو مصنف رڪ سنڌي آهي. ڪتاب 2010ع ۾ قاضي فيض محمد اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو.
    هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي هاري تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو‘.
    ٿورائتا آهيون سائين رڪ سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    سنڌي ٻوليءَ ۾ سوانحي ادب تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. اڄ تائين سنڌ ۾ ڪنهن سياستدان، شاعر يا اديب جي باضابطا طور تي ڪابه جامع ۽ مستند سوانح ڪانه لکي وئي آهي. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهربو هو جو اسان پنهنجي نوجوان نسل کي پنهنجن رهبرن ۽ اڳواڻن جي ڪارڪردگين، فتحن ۽ شڪستن کان واقف ڪرڻ لاءِ انهن جون سوانح عمريون ترتيب ڏيون ها.
    ائين ڪرڻ سان هڪ ته اسان جي قومي اڳواڻن جا ڪارناما ۽ ڪارروايون محفوظ ٿي تاريخ جو حصو بنجي وڃن ها ۽ ٻيو ته اسان جو نوجوان نسل ماضيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن مان سبق پرائي مستقبل لاءِ صحيح رٿابندي ڪرڻ جو اهل ٿي سگهي ها.
    مان جڏهن سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ته مٿيون حقيقتون ذهن ۾ رکي پنهنجي پروگرام ۾ سنڌ جي همعصر دور جي عظيم شخصيتن جي سوانح حيات مرتب ڪرڻ جو ڪم پڻ شامل ڪيو.
    ان پروگرام هيٺ ابتدا ۾ سنڌ جي 6 قومي اڳواڻن (1) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي (2) جي ايم سيد (3) شيخ عبدالمجيد سنڌي (4) مولانا عبيدالله سنڌي (5) قاضي فيض محمد ۽ (6) ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي سوانح حيات لکڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن سلسلي جو پهريون ڪتاب ”قاضي فيض محمد“ توهان جي هٿن ۾ آهي. باقي پڻ جلد ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا.
    قاضي فيض محمد، سنڌ وطن جو سچو خادم ۽ پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو. پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به، هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي ۽ هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هيا، زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جاءِ والاريندا.
    اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح حيات لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي. ان جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو. مان ڪا ٻٽاڪ هڻڻ نه ٿو گهران، پر ايترو ضرور چوندس ته اڄ تائين سنڌ جي سنڌي ادب ۾ ههڙي جامع ۽ مستند سوانح حيات شايد ڪا لکي وئي هجي. مان ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ تصديق ٿيل مواد ڪتب آڻيندي، تمام ٿورن صفحن ۾ قاضي صاحب جي زندگيءَ جي هر پهلو سميت سندن دور جي سياست جو مختصر نقشو پڻ چٽيو آهي. جيئن پڙهندڙ نه صرف قاضي صاحب جي زندگي، پر ان دور جي اهم سياسي لاهن چاڙهن ۽ واقعن کان پڻ واقف ٿي سگهن.
    مون کي اميد آهي ته منهنجي هيءَ محنت سنڌ جي سڄڻن کي پسند پوندي.


    رڪ سنڌي
    25 مئي 1985ع


    قاضي فيض محمد
    (سوانح حيات)


    جنم: 23 نومبر 1908ع هالاڻي تعلقو ڪنڊيارو
    وفات: 13 آڪٽوبر 1982ع هالاڻي تعلقو ڪنڊيارو


    ڪنــڌي اُڀيـــــون ڪـــــيتــــــريــــــون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
    ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
    ساهـــــــــڙ سندو تـــــن، سر سهـــــائي جي گهــــــڙيـــــــــون!

    (شاهه لطيف)


    شروعات

    20 صدي پوري انسانذات لاءِ انقلابي ۽ تيز رفتاري جي صدي رهي آهي. هن ئي صدي جي پيٽ ۾ ٻن عالمي جنگين جنم ورتو. غلام قومن پنهنجيون آزاديون ٻيهر حاصل ڪيون. پورهيتن پنهنجيون پهريون ڀيرو عالمي نقشي تي سماجوادي رياستون قائم ڪيون. دنيا ٻن نظرياتي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. هن صدي پنهنجي ڪک مان جتي ڪيترن جابرن، ظالمن ۽ انسانيت جي تباهيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ وحشي انسانن کي جنم ڏنو. اتي ڪيترائي مظلوم قومن ۽ انسانن، پيڙيل پورهيتن ۽ مزدورن جا همدرد ۽ هڏڏوکي، رهبر ۽ سرواڻ جنم وٺي، سڀ لاڳاپا لاهي، زندگي جي آسائشن ۽ آرائشن کي خيرباد چئي ميدان عمل ۾ نڪري آيا. پاڻ هيڻن جا همراهه ۽ ڏکويلن جا ڏڍ بڻيا.
    هن ئي صدي ۾ لينن، مائو، چي گويرا، هوچي منهه، فيڊل ڪاسٽرو ۽ ٻين بي انتها عظيم انقلابي انسانن جنم ورتو. جن مظلوم پورهيتن ۽ مظلوم قومن جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ، خوشحاليءَ ۽ آبياريءَ لاءِ ڪٺن جدوجهد ڪئي. منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪري، پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ سيکاريو. هن ئي صدي ۾ اسان جي سنڌ، اسان جي هن سرزمين به پنهنجي ڪک مان اهڙن ارڏن ۽ اڙٻنگ انسانن کي جنم ڏنو. جن پنهنجي امڙ جي سينڌ ۾ سينڌور ڀرڻ کان وسان ڪين گهٽايو. جن سنڌ جي حيثيت مڃرائڻ ۽ سنڌين کي هڪ مستقل ۽ ترقي يافته قوم بنائڻ لاءِ سڄي برصغير جي ذهنن کي ڌونڌاڙيو. پنهنجي قومي وقار بحال ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. پنهنجي ڀٽڪندڙ قوم کي صحيح ۽ سائنسي سچائي سان ٺهيل واٽ وٺائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون.
    20-صديءَ جي سنڌ ۾ اسان کي اهڙا ڪيترائي نالا ملندا، جن کي ڏيهين ته ڇڏيو پر پرڏيهه وارن به مڃيو ۽ سندن جذبي ۽ ڪم جي واکاڻ ڪئي. اڄ به انهن عظيم هستين جي عالمي سياست ۾ ادا ڪيل ڪردار کي زندهه دل قومون عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿيون. اهڙن ماڻهن مان قاضي فيض محمد به هڪ آهي. سندس مڙئي ڪارناما ۽ عمل سنڌ توڙي پوري عالم جي 'عوامي تاريخ' ۾ نهايت اهم جاءِ والاريندا.
    قاضي صاحب جي زندگيءَ جي مطالعي بعد ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان پوءِ قاضي فيض محمد ٻيو شخص هو، جنهن سنڌي قوم ۽ هتان جي پورهيت عوام جي خوشحاليءَ لاءِ هلندڙ هر جدوجهد جو ساٿ پئي ڏنو آهي ۽ اهڙين سنڌ دوست تحريڪن ۾ قاضي صاحب جو ڪردار نرالو پئي رهيو آهي. جڏهن به، جتي به سنڌ ۽ هتان جي پورهيتن جي مفادن سان هٿ چراند ٿي آهي، يا ڪنهن ميري اک سان هن سرزمين کي تڪيو آهي ته اهو قاضي صاحب جي تيزڌار واري تلوار جو نشانو بڻيو آهي. پاڻ وقت جي هر جابر ۽ ظالم سان ٽڪر کائيندا ۽ ان اڳيان سينو ساهيندا آيا آهن. اهڙي مرد مجاهد جي زندگي جو مطالعو بلاشڪ وڏي ڪارج وارو ٿيندو.
    قاضي صاحب جن بااصول سياستدان، اعليٰ دانشور، ماهر تعليم، برک قانوندان، ترقي پسند اديب، ڪلاسيڪي راڳ جا ڄاڻو ۽ پورهيتن جا بهترين ساٿي هئا. سندن حياتي جو پل پل نهايت مصروف ۽ قومي ڪاز لاءِ صرف ٿيندڙ هو. پاڻ اصولن تي سودي بازي ڄاڻيندا ئي ڪونه هئا. ڪنهن به ڳالهه تي سچ کي لڪائي مصلحت ڪانه ڪيائون، ڪڏهن به وڏيرڪي سياست جي چڪر ۾ ڪين آيا. هميشه هيڻن جا همراهه ۽ پورهيتن جا پاسبان رهيا. سندن سياست اليڪشن رستي ظالم سامراج جي مشنري ۾ گهڙي، ان جي پرزي طور ڪم ڪرڻ جي نه هئي، پر رت جي راند هئي، سر جو سودو هيو. ”سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي“ واري ڪار هئي. پاڻ سياست کي وڏيرڪي وندر جو ذريعي ۽ شغل نه پر مڪمل سائنس سمجهندا هئا. پاڻ لکن ٿا ته، ”سياست هڪ اهم سائنس ۽ زندگي جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو عمل آهي.“ (1)
    پاڻ پنهنجي دور جي جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه طرز جي سياست ۽ ان قسم جي سياستدانن جي ڪٽر دشمن ۽ مخالف رهيا. برصغير ۾ غلاميءَ وقت جيڪا وزارتن وٺڻ ۽ سياسي تنظيمن رستي فيصله ڪن جنگ ڪري جدوجهد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ بجاءِ سامراج جي چمچاگيري ڪري ڪجهه رعايتون ۽ منافعا حاصل ڪرڻ واري سياست هلندڙ هئي. پاڻ ان سياست بابت فرمائن ٿا ته، ”سياست قومن جي نه پر سڄي انسانذات جي زندگي آهي، خبر ناهي ته ماڻهو سياست کي ڇا ٿا سمجهن، ڪن وري ان کي بازيگري تصور ڪيو آهي. مگر انهن سڀني روپن وارا ماڻهو جاهل آهن. جن سياست جو جنازو ڪڍي، انسانذات کي تباهي جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياست هڪ تمام اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي طور تي انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم آڻڻي آهي. مگر افسوس جو هتي، خاص طرح مسلمانن جي ملڪن ۾ خودپرستيءَ جي لاءِ سياست هڪ اوزار آهي. جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته تباهه ڪري ڇڏيائون پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهي جو ڪارڻ هي سياسي سورما بنجي رهيا آهن.“ (2)
    قاضي فيض محمد، شخصيت پرستي ۽ خودپرستي کان مٿانهون رهيو. پاڻ هميشه چوندو رهندو هو ته، ”ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجي نالي کي قائم ڪجي ۽ ڪجهه ڪري وڃجي. پر پاڻ اهڙي منزل تي پهتا آهيون، جو سمجهان ٿو ته اهڙو خيال به وڏي نفس پرستي آهي.“ (3) ٻئي هنڌ لکن ٿا ته، ”شخصيت پرستي کان مان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. عوامي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. عوام جي هر هڪ ماڻهو کي موتي ۽ هيرو بڻائجي ....... شخصيت پنهنجي ليکي ڪابه شيءَ نه آهي. انهيءَ کي بت بڻائي پوڄا پاٺ شروع ڪجي. خود تخليق جي پوڄا ڪرڻ بيماري آهي، ماڻهو انهن وسوسن ۾ گهٽجيو مريو وڃن. هر هڪ شخصيت پنهنجي وقت ۽ سندس جفاڪشين جو نتيجو آهي.“ (4)
    برطانوي سامراج جي ڇتپڻي جي ڏينهن ۾ پاڻ کلئي عام انقلابي رنگ ۽ ڍنگ سان غلام قومن ۽ پيڙيل طبقن جي حمايت ڪري، سياسي فضا ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي. انگريز سامراج جي غصي ۽ غضب جو هميشه شڪار رهندا آيا. پر ته به ”آهه نه سليائون عام سان.“ ڪنهن سان شڪايت ڪونه ڪيائون، ۽ نه وري ايئن ئي دانهون ڪيائون ته مان هيترو ڪي هيترو سٺو، هيڏيون تڪليفون ۽ عذاب ڀوڳيا آهن. پاڻ خاموشيءَ سان پنهنجي فرض جي بجا آوري ڪندا رهيا. سندن سچائي ۽ خلوص، بهادري ۽ بي باڪي جا دوست توڙي دشمن مداح رهيا آهن. ڪوبه سندن انقلابي ڪردار تي پردو وجهي نه ٿو سگهي.
    قاضي صاحب، جنهن پيشي سان تعلق رکندو هو، اهو پيشو مال ملڪيت ميڙڻ لاءِ، بنگلا ۽ ماڙيون ٺهرائڻ لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. وڪيل هن ملڪ ۾ سڀ کان سکيا ستابا، پنهنجن ڪارن موٽرن وارا امير ليکيا ويندا آهن. هن ملڪ ۾ وڪيلن جون ڇنون ڏسندي ڏسندي بنگلن ۾ تبديل ٿي ويون. پر قاضي صاحب جي جڳهه ۽ مال ملڪيت ارتقا ڪري نه سگهي. پاڻ وڪالت صرف پيٽ پالڻ لاءِ ڪندا هئا، نه ڪارن ۽ بنگلن جي حاصلات لاءِ، پاڻ هميشه سادي زندگي گذاريندا رهيا.
    قاضي صاحب جن جيڪي ڪجهه ڪمايو، سو سياست ۾ اچي ملڪ ۽ قوم لاءِ خرچ ڪري ڇڏين. پاڻ جهڙا اڳ هئا، آخري گهڙي تائين اهڙا ئي رهيا. پاڻ جيڪي ڪجهه وڪالت مان ڪمائيندا هيا، ان مان ڪجهه پيٽ قوت لاءِ ڪڍندا هئا، باقي ڪتابن ڇپائڻ، پمفليٽ ڪڍي ورهائڻ، هارين، مزدورن ۽ ٻين پارٽي جي سياسي قيدين جا ڪيس لڙڻ، انهن جون جيل ۾ مددون ڪرڻ، پارٽي فنڊ ۾ چندا ڏيڻ، غريبن ۽ گهرجائن جي مدد ڪرڻ تي خرچ ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي آخري زندگيءَ جي معاشي حالتن جو نقشو هن طرح چٽيو اٿن، ”مان هن وقت بلڪل فقير ٿي چڪو آهيان، يعني جيڪي سموري عمر ۾ وڪالت جي ڌنڌي مان لکن روپين جي انداز ۾ ڪمايو، سو سڀ وطن ۽ وطن جي ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ سياست ۾ اچي خرچ ڪري ڇڏيم. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سچي سياست جي ميدان ۾ پنهنجي جان، مال، سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو پوي ٿو. وقت سر زماني جون حڪومتون گهر ۽ زمينون به سياست ۾ عداوت ڪري کسي کنيو وڃن. هن وقت مون وٽ 15 سو روپيه ۽ گندي ڪپڙا اٿم.“ (5)


    ننڍپڻ ۽ تعليم

    قاضي صاحب جن سنڌ جي ضلعي نواب شاهه جي ننڍڙي پر اهم تاريخي شهر هالاڻيءَ ۾ 23 نومبر 1908ع تي قاضي نبي بخش صديقي جي گهر ۾ جنم ورتن.
    قاضي صاحب، جن اڃا ڇهن مهينن جا مس ٿيا ته سندن والد صاحب فوت ٿي ويو. ان بعد سندن وڏي ڪٽنب ۾ اچي موتن جو سلسلو شروع ٿيو. چند مهينن ۾ گهر جا مڙئي ڀاتي فوت ٿي ويا. گهر ۾ صرف قاضي صاحب اڪيلو ۽ چند عورتون ئي وڃي بچيون. (6)
    پاڻ تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ جي سرڪاري سنڌي اسڪول ۾ گهڙڻ سان ڪئي. اڃان 10 سالن جا مس ٿيا ته 1918ع ڌاري پهرين عالمي جنگ ڇڙي وئي ۽ 1919ع ڌاري برصغير ۾ خلافت ۽ ڪانگريس هلچل پڻ زور ورتو. ان وقت قاضي ٻين هندو شاگردن ۽ ڪانگريسي ڪارڪنن جي صحبت ۾ اچي قومي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اهڙي طرح پاڻ 11 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي قومي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيائون. جڏهن پاڻ ٽيون درجو پڙهندا هئا ته پاڻ کاڌي پائڻ، چرخو ڪتڻ، اَسر وقت ڦيريون ڪڍڻ ۽ قومي ترانا ڳائڻ شروع ڪين.
    قاضي صاحب جن مختلف اسڪولن مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون. پهريان هالاڻي ۾، بعد ۾ 1922ع ۾ خيرپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺا. ان بعد وري پاڻ نوشهري فيروز جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. جتان ئي سندن سياسي زندگيءَ جو صحيح معنيٰ ۾ آغاز ٿيو ۽ پاڻ 1927 کان عملي سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيا. پاڻ ”ڪئٽ انڊيا“ (انڊيا خالي ڪريو) واري تحريڪ جي وچ وارن مرحلن ۾ ”سائمن گوبيڪ“ (سائمن ڪميشن واپس وڃ) تحريڪ ۾ حصو ورتن. (7)
    1927ع ۾ انگلينڊ جي پارليامينٽ سر جان سائمن جي اڳواڻي هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪري جاچ لاءِ موڪلي ته هندستان جي حڪومت جي انتظام ۾ ڪهڙي بدل سدل ڪجي، جو اتان اڀرندڙ آزادي جون تحريڪون ڪجهه وقت لاءِ ٿڌيون ٿي وڃن ۽ ”انڊيا خالي ڪريو“ هلچل دٻجي وڃي. (8) جڏهن هيءَ ڪميشن ڪراچي ۾ آئي ته هتان جي عوام سندن اڳيان سنڌ جي بمبئي سرڪار کان علحدگي جو مطالبو رکيو ته هن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ۽ هتان جي عوام جي ان گُهر کي ٺڪرائي ڇڏيو. ان لاءِ ملڪ جي ٻين حصن وانگر سنڌ جي سامراج دشمن ترقي پسند سنڌين پروگرام رٿيو ته ”سائمن ڪميشن“ جي ميمبرن جي اچڻ تي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا وڃن. ۽ اها ڳالهه سندن ذهنن تي آندي وڃي ته بر صغير جو عوام آئيني سڌارا يا آزاديءَ جي هلچل کي نقصان رسائيندڙ ٻيا سڌارا برطانوي سامراج جي غلامي هيٺ رهي وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري سائمن ڪميشن جا سڌارا اسان کي منظور ناهن. عوامي ردعمل ڪري سائمن ڪميشن ناڪامي جو منهن ڏسي واپس ٿي وئي.
    ان وقت قاضي صاحب جن نوشهري ۾ پڙهندا هئا. پاڻ سنڌ جي قومي اڳواڻن جي فيصلي کي اثرائتي موٽ ڏيندي، پنهنجي هم عمر ساٿين کي ان ڳالهه تي متفق ڪيو. پنهنجي اسڪول ۾ تقريرون ڪري، هٿ لکيل پمفليٽ ورهائي، بينر لڳائي ڪافي دوست تيار ڪري پنهنجي اڳواڻيءَ هيٺ وٺي وڃي، پڊعيدن اسٽيشن تي نڪتا. جتان سائمن ڪميشن جا ميمبر ريل گاڏيءَ رستي اڳتي لنگهي رهيا هئا. پاڻ مڙني ساٿين سان گاڏي اچڻ وقت ”سائمن گو بيڪ“ جا نعرا هڻايا، (9) ۽ ميمبرن جو ڪارين جهنڊين سان استقبال ڪيو.
    قاضي صاحب کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس نوشهري اسڪول ۾ آئي ۽ استاد عثمان علي انصاري سان ملي ته هو قاضي صاحب جي ٻانهن ڏئي. پر هڪ شفيق استاد نه گهريو ته ائين سندن موجودگي ۾ هڪ ننڍي نيٽي نينگر کي گورن جا دلال پوليس وارا کنڀي کڻي وڃن. سو هن قاضي فيض محمد کي ڪنهن طريقي سان اسڪول جي حدن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. (10) پوليس سڄو اسڪول ڳولي ناڪام ٿي واپس هلي وئي.
    قاضي صاحب جن 1929ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ساماري ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. پر کين سرڪاري نوڪري ڀانءِ ڪانه پئي، سو پاڻ ماءُ جي مدد سان علي ڳڙهه ۾ داخلا ورتن. جيڪا ان وقت برصغير جي سياست جو اڏو بڻيل هئي ۽ مختلف قومي اڳواڻن جو آمجگاهه پڻ هيو. علي ڳڙهه ۾ رهڻ ڪري پاڻ ڪافي ڪجهه پراين ۽ سندن ذهني سوچ ۽ فڪر ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ٿي. پاڻ علي ڳڙهه ۾ 2 سال رهڻ بعد اتان واپس اچي ڪراچي انجنيئرنگ ڪاليج ۾داخلا ورتن، ان بعد اتان ڇڏي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتن. ڪراچي ۾ پڙهائي واري عرصي دوران سندن ملاقاتون پنڊت نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين سان ٿيون. ڪراچي ۾ جڏهن اهڙن رهنمائن جو اچڻ ٿيندو هو ته پاڻ دوري دوران قاضي صاحب کي گڏ کڻندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سباش چندر بوس جي جلسن ۾ وڃڻ ۽ سندن پُراثر تقريرون ٻڌڻ جو موقعو ملين. پاڻ سباش بوس کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ سندن جلسن ۾ وڃي، اتي پوليس جا ڏنڊا ۽ مارون پڻ کاڌن. (11)
    پاڻ ننڍي هوندي کان ئي وطن دوست ۽ پورهيت دوست هوندا هئا. جتي به وطن ۽ ان جي ڏتڙيل عوام جي آزاديءَ جي چڻنگ دکندي ڏسندا هئا، اتي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا هئا. سندن شاگرديءَ واري دور ۾ شهيد الهه بخش سومري، مذهبي قومي نظريي جي مخالفت ڪندي، قومن جي لساني ۽ جاگرافيائي خطن جي بنياد تي آزاديءَ جو نعرو بلند ڪيو ۽ سنڌ کي مڪمل قومي خودمختياري وٺي ڏيڻ لاءِ ميدان هموار ڪرڻ لڳو، ته قاضي صاحب جن کانئن ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ الهه بخش جا حمايتي بنجي پيا. الهه بخش شهيد، مسلم ليگ کي انگريزن جي ڪٺپتلي جماعت ڪوٺيندو هو. جنهن طرفان مليل مذهبي بنيادن تي آزادي کي پاڻ حقيقي آزادي ڪونه سمجهندو هو ۽ ان جي شديد مخالفت ڪرڻ لڳو. سال 36-1935ع ڌاري ”خالق ڏني هال“ ۾ شهيد الهه بخش جي حمايت ۾ هڪ جلسو ٿيو. جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي پڻ شريڪ ٿيو. قاضي فيض محمد ۽ محترم جي ايم سيد ان جلسي ۾ وڏي شد مد سان بهرو وٺڻ لڳا. جلسي جي انتظام ڪندڙن، قاضي فيض محمد کي علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪرسي پويان محافظ ڪري بيهاريو. ڇو جو حڪومت جي ڪارندن ۽ مسلم ليگي غنڊن جي حملي جو خطرو هيو. نيٺ اهو ئي ٿيو، جنهن جو شڪ هيو. جلسي هلندي حڪومت جي ڪارندن ۽ مسلم ليگين جلسي ۾ مداخلت ڪري، ان کي درهم برهم ڪيو ۽ ماڻهن کي مارڪٽ ڪرڻ لڳا. قاضي فيض محمد ۽ ٻين محافظن کي غنڊن مارڪٽ ڪري ڌڪي، جلسي گاهه کان ٻاهر ڦٽو ڪيو. (12) جنهن ڪري کين جسم تي اونها زخم رسيا ۽ پاڻ رت ۾ رڱجي ويا.
    قاضي صاحب 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان بي ايس سي (B.Sc) جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ بي. ايس. سي ڪرڻ بعد مختلف نوڪرين ڪرڻ ۾ لڳي ويا، 1933ع کان 1940ع تائين تعليم کاتي ۾ ملازم رهيا. ان بعد 1940ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان ايل ايل بي (L.L.B) جي ڊگري ورتن ۽ 1941ع کان باقاعدي وڪالت شروع ڪيائون. اهڙي طرح قاضي صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مرڻ گهڙي تائين سينئر وڪيل رهيا.


    سياسي زندگيءَ جي شروعات

    قاضي فيض محمد، جڏهن پڙهي ڳڙهي باشعور ٿيو ته سندن ذهن ۾ سوچن جا سلا اُسريا. پاڻ پنهنجي زمين تي ڌارين ڦورن کي ڏٺائون. پنهنجي وطن جي اپمان ٿيندي ڏٺائون. مارن جي منهن تي مايوسي ۽ نراسائي ڏٺائون. قوم جي مٿئين طبقي کي لقب القاب وٺندي ڏٺائون. جاگيردارن ۽ پيرن کي اسيمبلين ۾ هڪ ٻئي جون پڳون لاهيندي ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ انگريز سامراج سان وفاداريءَ جي بدلي انعام اڪرام وٺندي ڏٺائون. غريب جيئن پوءِ تيئن غريب تر ٿيندو رهيو. امير وڌ کان وڌ امير ٿيندو رهيو. غريبن سان زور آوريون ۽ ڏاڍايون، پورهيتن جي ڦرلٽ پاڻ ڏسي نه سگهيو. ڀلا هڪ حساس دل انسان ڪيستائين ٿي برداشت ڪري سگهيو ته هيئن ٻڪرين جيان عوام جا ولر روز بروز جيلن ۾ سٿبا رهن، ڪامورا پنهنجن پيٽن کي اڃا به ڦوڪيندا رهن. ست سمنڊ پار جو گورو پنهنجي فوجي بوٽن سان پنهنجي جنم جو حق گهرندڙ کي چٿيندو ۽ چيڀاٽيندو رهي. پرائي پئسي تي هڪ ننڍڙي ٻيٽ کي دنيا جو شاهوڪار ۽ امير ترين گريٽ برٽين بڻائيندو رهي. قاضي صاحب جڏهن انهن مڙني ڳالهين جي تهه تائين پهتو ته پاڻ سڀ لاڳاپا لاهي، دنيا جي دستور کي ڌڪو ڏيندي، ٻين آزادي لاءِ وڙهندڙ سرويچن سان گڏجي پيو. پاڻ شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست ۾ گهڙيا ۽ آخري گهڙي تائين مختلف هنڌن تان مظلومن جي حمايت ۽ ڏاڍ خلاف جنگ وڙهندا رهيا.
    کين سياست ۾ پير پارائڻ ۾ وڏو عمل دخل وڪالت جو پڻ رهيو. ڇو جو وڪيل ئي ان وقت اهڙو طبقو هيو، جيڪو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ سان گڏ باشعور پڻ هيو. وڪيل قانون جي ڄاڻ هجڻ ڪري پنهنجي قوم جو بچاءُ آئيني طريقن سان بهتر نموني ڪري ٿي سگهيا. هو دنيا جي لاهن چاڙهن، قومن جي عروج ۽ زوال جي سببن، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي لاڙن کان واقف هيا. پاڻ به پنهنجي غلامانه حيثيت ختم ڪرائي، انگريز سامراج جو ڳٽ پنهنجي ڳاٽ مان ڪڍڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهيا.

    خاڪسار تحريڪ
    قاضي صاحب، باقاعدي ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان وابستگي 1933ع ڌاري ڪئي. اها پهرين پارٽي هئي، علامه مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ. پاڻ هن تحريڪ ۾ 1933ع کان 1945ع تائين رهيا. (13) 1936ع ڌاري جڏهن سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي ۽ خاڪسار تحريڪ زور ورتو ته سنڌ مان خاڪسار تحريڪ ۾ قاضي صاحب، عبدالرحيم ميمڻ ۽ الهداد شجراهه پهريان ماڻهو هئا، جيڪي خاڪي وردي پائيندا هئا ۽ ٻين دوستن کي ساڻ ڪري بيلچا کڻي ڪراچي شهر ۾ مارچ پاسٽ ڪندا هئا. (14)
    پاڻ جڏهن خاڪسار تحريڪ ۾ هئا ته 1942 ڌاري بنگال ۾ سخت ڏڪار پيو ته کين ۽ ٻين پارٽي ڪارڪنن کي مشرقي صاحب حڪم ڪيو ته پاڻ والنٽيئر ٿي ڪلڪتي وڃن. قاضي صاحب جن پارٽي حڪم تي ڪلڪتي پهتا ۽ اتي ٻه مهينا رهي متاثر ٿيلن جي مدد ڪندا رهيا. (15) بنگال مان موٽڻ وقت پاڻ سنڌ جي روايتي مهمانوازيءَ جو ثبوت ڏيندي هڪ بنگالي ڪٽنب جا 8 ڀاتي ۽ 3 يتيم ٻار پاڻ سان سنڌ آندا. انهن کي هتي نه صرف پنهنجي خرچ تي رهاين، پر ننڍن ٻارن کي تعليم پڻ ڏياريائون. جن مان ڪي هتان پڙهي ڳڙهي ڊگريون حاصل ڪري بنگال واپس ويا. (16)

    سنڌ هاري ڪاميٽي
    هيءُ سياست جو اهو دور هيو، جنهن ۾ ملڪي اڳواڻ جيڪي مٿئين طبقي سان واسطو رکندڙ هئا، سي سياست کي پنهنجي نالي ۽ ناموس، ٻاهرين وٽ عزت ۽ وقار حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهندا هئا. ملڪ جي ججهي آبادي جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ پرڏيهي ڦورن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار هئي. هاري ۽ مزدور پنهنجن توڙي پراون جي ٻٽي ظلم جو شڪار هيا. سنڌ ۾ ظلم ۽ ستم جي بازار گرم هئي، سرڪار ۽ هتان جا ڪامورا انڌ جي گهوڙي تي سوار هئا. سنڌ ۾ ڪا به اهڙي تنظيم يا پارٽي ڪو نه هئي، جا هيٺين طبقي جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري، ڇڙوڇڙ هارين ۽ مزدورن کي گڏ ڪري کين پنهنجا حق ڇڪائڻ جو صحيح شعور عطا ڪري. اهڙي ئي ڪاري دور ۾ سنڌ جي ڪن سڄڻن 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ جو اجلاس سڏايو. جنهن ۾ ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ جو بنياد وڌو ويو.
    سنڌ اندر مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي ئي هئي. جيڪا صحيح نموني انقلابي بنيادن تي ڪم ڪري رهي هئي. قاضي صاحب کي هاري ڪاميٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي دعوت 1941ع ۾ نواب شاهه ۾ ڊاڪٽر هاسانند، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ جمال الدين بخاري ڏيڻ آيا. پاڻ جيئن ته هاري ڪاميٽي جي ڪم ۽ ان جي مقصد کان اڳ ئي متاثر هيا. ان ڪري اها دعوت خوشيءَ سان قبول ڪيائون ۽ هاري ڪاميٽيءَ ۾ باقاعدي ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. (17) قاضي صاحب سنڌ جي هارين کي بيدار ڪرڻ ۽ سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙن سان گڏجي پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪرڻ لڳو. کين پنهنجي آدرش کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ سنڌ هاري ڪاميٽي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. پاڻ انتهائي سچائي ۽ خلوص سان هارين ۽ پورهيتن جي خدمت ڪندا رهيا. ان فرض بجا آوري ڪندي کين جيڪي جسماني ۽ مالي تڪليفون پهتيون ۽ مٿن جيڪي مٿئين طبقي جي ڪارندن طرفان عذاب نازل ٿيندا رهيا، سي پاڻ کلندي ۽ خوش ٿيندي سهندا رهيا. ڪڏهن به پڻ انهن جو ذڪر ڪونه ڪيائون. پاڻ هڪ هنڌ لکن ٿا ته: ”قربانيءَ کان سواءِ نجات ملڻ نهايت مشڪل آهي.... هن زمين کي صحيح قرباني جي تمام گهڻي ضرورت آهي. منزل مقصود جي گاڏي قرباني آهي، قرباني ڏجي ته گاڏي هلي.“ (18)
    انگريزن جي دور ۾ قاضي صاحب 46-1945ع ڌاري هاري ڪاميٽي طرفان بٽئي تحريڪ شروع ڪئي. ان موجب هاريءَ کي زمين جي اپت مان 3 حصا ۽ زميندارن کي 2 حصا کڻڻا هئا ۽ خرچ، لاپن ۽ پاڻي وغيره جو پڻ زميندار کي حصو ڏيڻو هو. (19) ان تحريڪ، قاضي صاحب جي نگراني هيٺ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
    1945ع ڌاري سنڌ اسيمبلي جون چونڊون ٿيون ته هاري ڪاميٽي طرفان پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ قاضي صاحب کي ڪنڊيارو تڪ مان اميدوار بيهاريو ويو. ان دور ۾ جلسن جي لحاظ کان هاري ڪاميٽي، ڪانگريس کان پوءِ ٻيو نمبر ڪاميابي حاصل ڪئي. پر پوءِ به وڏيرن ۽ حڪومت جي ملي ڀڳت سان هاري اميدوارن کي چونڊن ۾ شڪست نصيب ٿي. کين پولنگن تان کڻايو ويو، سندن ووٽرن کي ماري ڀڄايو ويو. (20)
    قاضي فيض محمد، هاري ڪاميٽي ۾ 1941ع کان پوءِ سڄي زندگي رهندا آيا. ان وچ ۾ مخلتف پارٽين ۽ تحريڪن ۾ پڻ حصو ورتن. پر ان هوندي به بددستور هاري ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن رهندا آيا. هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي پاڻ لڳ ڀڳ 40 سال ڪم ڪندا رهيا ۽ ڪيتريون ئي مختلف تحريڪون ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهدون سندن هٿ هيٺ هلي فتحياب ٿيون. جڏهن پاڻ خاڪسار تحريڪ ۾ هيا، تڏهن به هاري ڪاميٽي جا ميمبر رهيا ۽ پوءِ جڏهن مسلم ليگ کان ويندي عوامي ليگ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي بچاءَ جي جنگ لڙيا، ان وقت به پاڻ هارين سان گڏ رهيا.


    مسلم ليگ ۾ شموليت

    مسلم ليگ، جيڪا ڪافي وقت کان ملڪ ۾ ٻه قومي نظرئي تحت برصغير جي ورهاڱي لاءِ تحريڪ هلائي رهي هئي. ان جي سياسي فڪر ۽ نظرئي ڪافي ماڻهن تي اثر وڌو. ڪيئي ماڻهو ان طوفان ۾ گهلجي ويا ۽ وڃي هندو مسلم ٻه قومي نظرئي جي حمايت ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. ان وقت جي سياسي فضا تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ڇائنيل هيون. بدقسمتيءَ سان ٻنهي پارٽين ۾ خودپرست جاگيردار ۽ سرمائيدار ئي ڪم ڪري رهيا هئا. جيڪي انگريزن جي اشاري تي هلي، صحيح نموني ڪم ڪندڙ، ڪمزور جماعتن تي حملا ڪري انهن کي نيست نابود ڪري رهيا هئا.
    قاضي فيض محمد ۽ سندن ٻين هم خيال ساٿين جڏهن ڏٺو ته ماڻهو مذهبي وهڪري ۾ وهي مسلم ليگي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ انگريز پڻ برصغير کي مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. انهي ڪري مڙني وقت جي تقاضائن کي سامهون رکندي فيصلو ڪيو ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي، ان جي قيادت رت چوس جاگيردارن ۽ زميندارن جي خوني چنبن مان ڇڏائجي ۽ نئين ٺهندڙ ملڪ جي واڳ ائين سولي طرح مٿئين طبقي جي هٿ ۾ وڃڻ نه ڏجي. پورهيت دوست اڳواڻ عوام جي رهنمائي ڪندي، نئين ٺهندڙ ملڪ جي واڳ پاڻ سنڀالن. ان خيال سان قاضي صاحب ۽ ٻيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. سندن اهو منطق ڪيتري قدر درست هيو، اهو فيصلو تاريخ ئي صحيح طرح ڪري سگهي ٿي. باقي ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته پاڻ پورا صحيح ڪو نه هيا. ڇو جو نئين جڙندڙ ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ رڳو مسلم ليگ جو پليٽ فارم ئي ڪين هو، ٻيا به طريقا هئا.
    پر پوءِ به پاڻ مسلم ليگ جي هڪ اهڙي گروپ ۾ شامل ٿيا، جيڪو محمد علي جناح جي مسلم ليگ گروپ کان وڌيڪ ترقي پسند هيو. اهو گروپ هو، سوشلسٽ خيال رکندڙ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويجهو رهندڙ مولانا حسرت موهاني جو گروپ. (21) اهڙي طرح قاضي صاحب 1946ع ۾ مسلم ليگ جي مولانا حسرت موهاني واري گروپ ۾ شامل ٿيا. مولانا، کين سنڌ جو اڳواڻ مقرر ڪيو. مولانا پنهنجي گروپ رستي سڄي هندستان جي سوشلسٽن کي گڏ ڪري رهيو هو ته جيئن مسلم ليگ جي ٻئي ڌڙي، جنهن تي وڏيرا ۽ پير قابض هئا، اقتدار انهن جي چنبي ۾ اچڻ نه ڏجي ۽ نه ئي وري کين اهڙو موقعو ئي ڏجي، جو هو انگريزن جي مدد سان اڇي ڪاري جا پاڻ مالڪ ٿي وهن. پر پوءِ تجربن ثابت ڪيو ته ايئن ڪو نه ٿي سگهيو، جو اهڙي طرح رجعت پسندن جي قيادت هيٺ رهندي، ڪو چڱو ڪم ڪري سگهجي.
    ”نانگ مئو ته ڇا، دشمن مئو ته ڇا“- جي اصول تحت برطانيه سرڪار سنڌ ۾ آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجهد کي هتان جي مسلم ليگي وزيرن هٿان ڪچلائڻ پئي گهريو. سنڌ جا مسلم ليگي وزير عهدن جي لالچ ۾ اچي سنڌ جي فرزندان آزاديءَ جي سينن ۾ سنگينون ٽنبي رهيا هئا. ”حر تحريڪ“ جيڪا ان وقت برصغير ۾ نرالي نموني آزادي لاءِ هٿياربند جدوجهد هلائي رهي هئي. ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ مسلم ليگي وزيرن وسان ڪين گهٽايو. مارچ 1942ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان ”حر ائڪٽ“ پاس ڪرائي، هزارين حرن ۽ هنن جي همدردن کي ڪوٽن ۾ قابو ڪرائي اذيتون ڏياريون، (22) ۽ جون 1942ع تي سنڌ سان مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. جيڪو 12 مهينا هليو. ان ئي دور ۾ مسلم ليگي وزيرن جي سامهون سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ اڳواڻ صبغت الله شاهه کي 1 مارچ 1943ع تي شهيد ڪيو ويو.
    جڏهن 21 جنوري 1946ع تي نيون چونڊون ٿيون ته ان بعد برطانيه جي انگريز گورنر سنڌ جي هڪ جاگيردار سر غلام حسين کي نئين وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي. سر غلام حسين وزير اعليٰ ٿيو، ان سان گڏ ايوب کهڙو به وزير ٿيو. انهن ٻنهي ماڻهن سنڌ ڌرتي جي سرفروش حرن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ کان وسان ڪين گهٽايو. اهڙيون حالتون ڏسي قاضي صاحب جي دل ڪڙهڻ لڳي. قاضي صاحب پنهنجي گروپ جي ڪارڪنن کي ان ظلم خلاف جدوجهد لاءِ تيار ڪيو. مسلم ليگ ڪائونسل سندن اڳواڻي ۾ ڪائونسلرن جو هڪ جٿو ٺاهيو ۽ ان تي اهو ڪم رکيو ته هو محمد علي جناح سان ملي ان جو ڌيان سندس مسلم ليگي وزيرن جي ڪرتوتن ڏانهن ڇڪائين. قاضي صاحب کي ان جٿي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جڏهن پوري ”سنڌ ڪابينه“ گڏ ٿي ۽ جناح ان جي صدارت ڪئي ته قاضي صاحب اتي پنهنجن ميمبرن سان گڏ پهتو. قاضي صاحب جناح سان وزيرن خلاف سخت لفظن ۾ ڳالهايو ۽ ان جو ذميوار جناح کي بڻايو. پاڻ ان بابت لکن ٿا ته ”ان وقت منهنجي روش ايڏي سخت هئي، جو جيئن هاڻي هتي ٿئي ٿو، مون کي جيل ۾ اماڻيو وڃي ها، پر منهنجي خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو. کهڙو صاحب ۽ ٻيا ان تي راضي ٿيا ته زيادتين جو ازالو ڪيو ويندو.“ (23)
    انگريزن جي سازش ۽ برصغير جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي عوام دشمن سازش ڪري 1947ع وارو مشهور ورهاڱو ٿيو. جنهن برصغير جي مڙني قومن جي اتحاد ۽ ڀائپي کي وڏو هاڃو رسايو. ان ورهاڱي سنڌ کي ڪافي نقصان رسايو. سنڌي قوم، سنڌي زبان، سنڌي ڪلچر وڃي اونهي غار ۾ ڪريو. هتان ڪيئي ڏيهي هجرتون ڪري هندستان ۾ وڃي شرنارٿي بڻيا ۽ اتان جا وري هتي مهاجر بڻجي آيا.
    قاضي صاحب تي انهن ڏينهن ۾ مسلم قومپرستي جو جنون چڙهيل هو. جنهن جو اظهار پاڻ ڪيو اٿن، ”خير اسان ڏاڍا جذباتي ماڻهو هئاسين. قاضي صاحب (آءِ آءِ قاضي) پڻ چوندو هو ته پاڪستان جي بنجڻ ڪري انديشو آهي ته ماڻهو دربدر ٿين.... پر پاڻ کي ليگ جي اهڙي پٽ چڙهي وئي، جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه ڏنوسين.“(24)
    ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ هندن جي لڏپلاڻ ۽ قتل و غارت ڏٺائون ته سندن دل رجهڻ لڳي. پاڻ هندن کي هجرت ڪرڻ کان روڪڻ لڳا ۽ اهڙي تحريڪ شروع ڪين. هندن کي سنڌ نه ڇڏڻ لاءِ اپيلون ڪندا رهيا ۽ کين هر طرح جون آڇون ۽ مددون ڪيائون. هندن ۽ مسلمانن جا گڏيل جلسا ڪين، گانڌي کي اچڻ لاءِ تارون ڪين. ان تحريڪ کان مفاد پرست مسلم جاگيردار ۽ سرمائيدار ڏاڍا خفا ٿيا ۽ قاضي صاحب کي حڪومت دڙڪا ڏنا ته تحريڪ بند ڪريو نه ته جيل ۾ موڪليا ويندؤ. ان هوندي به پاڻ سنڌ جي دوري تي نڪري پيا ۽ هندن کي تقريرن ۾ چوڻ لڳا ته- ”بابا هيءُ ملڪ توهان جو ۽ اسان جو گڏيل آهي. سنڌ اسان سڀني جي آهي، توهان پنهنجو وطن نه ڇڏيو.“(25)
    جڏهن حالتون خراب ٿيڻ ڪري سنڌي هندو هندوستان ويا ته انهن جون زمينون جن جا اصل وارث هتان جا سنڌي هاري هئا، سي سرڪار ٻاهران آيلن کي ڪوڙن ڪليمن رستي ڏيڻ لڳي. سرڪار اهڙا قانون به پاس ڪيا. جن مهاجرن وٽ هند ۾ ڪي ڪين هيو، انهن ڪوڙا ڪليم لکرائي ڪيئي جايون ۽ زمينون هٿ ڪرڻ شروع ڪيون.
    سرڪار طرفان سيٽلمنٽ جي قانون ۾ اهو فقرو شامل ڪيو ويو ته هر اهو گهر جنهن جي قيمت 10 هزار روپين کان وڌيڪ آهي، سو ڪنهن به مقامي ماڻهو کي نه ڏنو ويندو. دڪانن جي باري ۾ اهو فقرو رکيو ويو ته ڪو به دڪان ڪنهن مقامي ماڻهو کي نه ڏنو ويندو. سنه 1949ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ هيءُ ٺهراءُ پاس ٿيو ته سنڌ ۾ مسلمانن جون هندن وٽ جيڪي گروي رکيل زمينون آهن، سي اصل مالڪن (سنڌي مسلمانن) کي واپس ڪيون وڃن. اهو ٺهراءُ منظور ٿيو، پر گورنر جنرل ان تي صحيح نه ڪئي. جنهن ڪري اهو ٺهراءُ قانوني صورت اختيار ڪري ڪو نه سگهيو. حالانڪ پنجاب اهو قانون نافذ ٿيو ۽ ان تي پوري ريت عمل ٿيو ۽ گروي رکيل زمينون مالڪن کي مليون. (26)
    سنڌي هندن جي زمينن تي وڏيرا، زميندار ۽ ڌاريا ماڻهو قبضا ڪري، هارين کي بي دخل ڪرڻ لڳا. قاضي فيض محمد هندن جون ڇڏيل زمينون هارين کي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. جيڪا اڳتي هلي ”الاٽي تحريڪ“ جي نالي سان مشهور ٿي. ان تحريڪ جو مقصد هو ته اڌ زمين مقامي هارين کي ملي. ان ڪري زميندارن ۽ ٻاهرين نوآبادڪارن کي اچي ڦڦڙي لڳي ۽ کين ان تحريڪ ۾ پنهنجا مفاد مٽيءَ ۾ ملندا نظر آيا. سو رجعت پسند طبقن ۽ سرڪار سازباز ڪري وزيراعليٰ کهڙي تي بار آڻي، قاضي صاحب کي 107 جي ڪيس ۾ قيد ڪرايو.
    هندڪيون زمينون سنڌي هارين کي وٺي ڏيڻ واري تحريڪ کي پڻ وڏيرن ئي نقصان پهچايو. نواب شاهه ضلعي ۾ اتان جي ڊي سي مسعود کدر پوش، هارين جي تحريڪ کي غلط موڙ ڏئي، هارين کي هندڪين زمينن تي زوري قبضا ڪرائڻ شروع ڪرايا. ان دور جو هڪ مايوس ڪن حادثو اهو ٿيو جو هاري ورڪرن هڪ اهڙي هتي رهيل هندو جي زمين تي قبضو ڪيو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ هارين جي نمائندگي ڪندو هو. (27) ان ڪري خطرو جاڳيو ته متان اها تحريڪ پڻ هندو مسلم نفرتن جو روپ نه وٺي وڃي. ان ڪري جلد ئي هي تحريڪ ناڪام ٿي وئي. تحريڪ جي ان غلط موڙ قاضي صاحب کي ڏاڍو رنجايو. پاڻ مفاد پرستن جي ان چال کان واقف ٿيڻ بعد هاري ڪاميٽي جي ورڪرن تي ڪڙي نظر رکڻ لڳا ۽ ڪن ماڻهن کي هاري ڪاميٽي مان نيڪالي ڏنن.

    ڪراچيءَ جي جدائي
    سنڌ جا مسلم ليگي وڏيرا ۽ ڌاريا هميشه ان سوچ جا رهيا آهن ته سنڌي پورهيتن جي ايڪي ۽ اتحاد کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وطني حيثيت ختم ڪري، سنڌي قوم کي اقليت ۾ آڻي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا وڃن. سندن حريص نگاهن جو پهريون شڪار سنڌ جو آسودو ۽ اڪيلو بندرگاهه ڪراچي بڻيو. جتان ڪروڙين روپين جي آمدني ٿيندي آهي. ان آمدنيءَ کي ڦٻائڻ لاءِ هنن هٿ پير هڻي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو. اهو سنڌ کي ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ طرف پهريون قدم هيو.
    1948ع ۾ پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مرڪزي حڪومت جي ان سنڌ دشمن چال جي مڙني طبقن ۽ خيالن جي ماڻهن طرفان مخالفت ٿيڻ لڳي. حڪومت جي ان فيصلي خلاف سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ٺهراءُ پاس ڪري وزيرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪراچي جي معاملي تي سخت ٿين ۽ ضرورت پوڻ تي وزارتن تان استيعفائون به ڏين. پوءِ ڪراچي جي مسئلي تي ٻيهر چونڊ لڙن. ڪراچي جي علحدگيءَ جي فيصلي جي سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي پڻ مخالفت ڪئي. (28)
    سنڌ جي محب وطن ڪارڪنن، ڌارين آبادڪارن جي ان چال کي ننديندي عمل جي ميدان ۾ لهي آيا. مرڪزي سرڪار تي زور آندن ته اهو حڪم واپس وٺي، ڪراچي کي ٻيهر سنڌ ۾ شامل ڪري، وڌندڙ بي چيني دور ڪري. ان تحريڪ ۾ ٻين سان گڏ قاضي فيض محمد به حصو ورتو. قاضي صاحب، ان وقت جي وڏي وزير ايوب کهڙي کي ڌارين جي ان سڄي سازش کان واقف ڪري، سندس حمايت حاصل ڪئي. سنڌ اسيبملي جي ميمبرن ۽ وزيرن کي سنڌ جي ان قسم جي ورهاڱي خلاف اُڀاري اهڙو بل پاس ڪرايو. (29) ڌارين جي ان چال کان سنڌ جي عوام کي واقف ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ نڪري پيو. تقرير ۽ تحرير جو سلسلو جاري رهيو.
    کهڙي تي قاضي صاحب جي بحث مباحثي ايترو ته اثر ڪيو جو پاڻ صوبي سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبي سنڌ جي مسلم ليگ جي صدر هوندي به پنهنجي وزيرن سميت ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مرڪز سنڌ صوبي جي گورنر سر غلام حسين جي مدد سان مير غلام علي ۽ پير الاهي بخش کي کهڙي جي مخالفت ۾ اٿاري، سنڌ ۾ ميمبرن کي ان راءِ جو ڪرڻ ۽ مخالفت کان باز اچڻ لاءِ موڪليو. پر هو اڪثريت حاصل ڪري نه سگهيا. (30) مرڪز سر غلام حسين کي حڪم ڪيو ته کهڙي جي وزارت ڊسمس ڪئي وڃي ۽ ان جي جاءِ تي پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو وڃي. جنهن ڪري اپريل 1948ع تي کهڙي کي وزيراعليٰ جي عهدي تان هٽائي مٿس ”سنڌ اسپيشل ڪائونسل“ جي آرڊيننس نمبر 2 هيٺ ڪيس هلايو ويو. (31)
    پير الاهي بخش وزيراعليٰ ٿيڻ شرط سنڌ اسيمبلي جي منظوري کان سواءِ ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪري ڇڏيو. (32) ۽ عارضي طرح سنڌ دشمن پنهنجي چال ۾ ڪامياب ويا.
    ڪراچيءَ جي جدائي جي قاضي صاحب سخت مخالفت شروع ڪئي. جنهن ڪري پير الاهي بخش وزرات اعليٰ جو عهدو سنڀالڻ سان ئي قاضي صاحب ۽ سندس چئن ٻين عزيزن تي ڌاڙي جو ڪيس داخل ڪرائي، کين جيل ۾ اماڻي ڇڏيو.
    قاضي صاحب جن جڏهن جيل مان آزاد ٿي آيا ته وري اچي پنهنجي ڪم کي لڳا. زميندارن ۽ ڌارين پنهنجي راهه مان هيءَ رنڊڪ هٽائڻ لاءِ ۽ هميشه آرام ۽ سڪون سان ملڪ جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ قاضي صاحب کي مارائڻ جو منصوبو سٽيو. 1948ع جي آخري مهينن ۾ سندن گهر ۾ ڌاڙيل موڪليا ويا. جن کي حڪم ڪيو ويو ته ڌاڙي جي بهاني سان وڃي، قاضي فيض محمد کي قتل ڪري اچو. هڪ رات ڌاڙيل قاضي صاحب جي گهر ۾ گهڙيا. پر اتفاقاً قاضي صاحب جن بچي ويا. ڌاڙيلن گهر ۾ گهڙي ڦر ڪئي، زيور کنيا. قاضي صاحب جي ماءُ کي لٺين جا ڌڪ هنيا ۽ سندن ڀاڄائيءَ کي ايترو ماريو جو سندس پيٽ ۾ ٻار مري ويو. قاضي صاحب جي زال کي پڻ سخت مارڪٽ ڪئي وئي. هي واقعو انهن ڏينهن ۾ ٿيو، جڏهن قاضي صاحب جن اڃا مسلم ليگ جي سينٽرل ڪاميٽي جا ميمبر هيا. قاضي صاحب جن لکن ٿا ته: ”منهنجو ڏوهه صرف اهو هيو ته، مون گهريو ٿي ته هندڪيون زمينون سنڌي هارين کي ملن.“ (33)

    مسلم ليگ کان علحدگي
    مرڪزي حڪومت جي اهڙين چالبازين ۽ مسلم ليگ جي وڏيرن جي اهڙن سنڌ دشمن سازشن کان قاضي صاحب جن ڏاڍو بيزار ٿيا ۽ پاڻ مسلم ليگ ڇڏي ڪنهن ٻئي پليٽ فارم تان ڪم ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳا.
    قاضي صاحب، جن مڪمل طرح مسلم ليگ ان وقت ڇڏي، جڏهن 1950ع ڌاري پير الاهي بخش جي خالي ٿيل جاءِ تي ضمني چونڊ ٿيڻ واري هئي. ۽ صوبي سنڌ مسلم ليگ جو صدر کهڙي پنهنجي سالي عبدالطيف پنهور کي بنا مقابلي چونڊائڻ لاءِ مخالفت ۾ بيٺل اميدوارن ڪامريڊ جتوئي، شفيع محمد آخوند ۽ ٻين کي غير قانوني نموني فارم ڀرڻ نه ڏنو. (34) پاڻ ليگ بابت لکن ٿا ته، ”جلد سنڌ جي ظالم وزيرن جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري ليگ ڇڏڻي پئي ۽ جيلن جي دروازن کي کڙڪائڻو پيو.“ (35)
    مسلم ليگ مان سندن نڪرڻ ان ڳالهه جو واضع اعلان هيو ته پاڻ ڪنهن به قيمت تي مسلم ليگ جي قومي تصور سان متفق نه هيا ۽ پاڻ ايمانداريءَ سان ڄاڻي رهيا هئا ته مسلم ليگ جو هيءُ فلسفو ۽ خيال، سازشون ۽ مڪاريون، چالاڪيون ۽ چالبازيون سنڌ ديس کي اڳتي هلي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي اونهي غار ۾ اڇلي ڇڏينديون. جتي اسان مڙني سنڌين کي هٿ مهٽڻا پوندا. قاضي صاحب جي اڳين خيالن ۽ نظرين ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ پاڻ پنهنجي ماضيءَ ۾ ڪيل ڪم تي نهايت پڇتايو. پاڻ پنهنجن نظرين ۽ خيالن ۾ ڦير اچڻ کان پوءِ لکن ٿا ته، ”اسان نه ته ڪنهن پروگرام واسطي ۽ نه اهڙي ليڊر شپ هيٺ ۽ اهڙي قربانيءَ سان آزادي حاصل ڪئي. جيئن دنيا جي ٻين ملڪن آزادي حاصل ڪئي. ڇو ته هنن وٽ مخصوص پروگرام هو. جنهن کي هنن مروج ڪرڻ گهريو ٿي. ٻيو ته ليڊرشپ سچي ۽ باهه مان نڪتل هئي ۽ ٽيون ته هنن وڏين قربانين سان يعني رت ڏئي آزادي ورتي. پر هتي ان جي ابتڙ ڳالهه هئي. هتي شروعات تعصب سان ڪئي وئي ۽ انگريزن پنهنجي نقطي نگاهه سان ايترو ته اسان کي گمراهه رکيو، جو نالي خاطر آزادي اسان جي ڳاٽي مان ظاهري انگريزن جي غلاميءَ جو زنجير ڪپي اهڙي ته اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيو، جو اڄ ڏينهن تائين اسان سڙندا ۽ پچندا رهون ٿا.“(36)
    ليگ ڇڏڻ بعد قاضي صاحب جي سياسي نظرين ۾ وڏو انقلاب آيو. پهريان پاڻ مسلم قومپرستيءَ جا حامي هئا، پر پوءِ جديد نظرئي قومپرستيءَ جا حامي بنجي پيا. هتي جڏهن هندو مسلم ٻه قومي نظرئي تي اردودانن اهو تاثر ڏيڻ شروع ڪيو ته سنڌ، بنگال، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب جي زمين مسلم قومپرستيءَ ۽ مسلم ملڪ جي بنياد تي هندستان مان آيل مهاجرن جي ملڪيت آهي ۽ اردو هن ملڪ جي واحد قومي زبان آهي. جنهن کي ٻين زبانن کي ختم ڪري پاڻ کي قائم ۽ دائم رکڻو آهي. قاضي صاحب جن اردو ڳالهائيندڙن جي ان نظرئي جي شديد مخالفت ڪئي ۽ پاڻ اردو دانن جي انهن دعوائن کي ڪوڙ، فريب ۽ ڌوڪو سڏيو. (37)
    پاڻ پنهنجي مضمون ۾ پاڪستان جي جوڙجڪ ۽ ورهاڱي بابت تفصيلي لکن ٿا ته؛ ”جناح جي 14 نڪتن موجب هندستان جي مسلمانن لاءِ حق گهريا ويا هئا ۽ نه علحده وطن. جيڪي هندن قبول نه ڪيون. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ هندن مسلمانن جي گڏيل صلح ڪانفرنس ٿي، مگر جدائيءَ جي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي. فقط مسلمانن جي حقن جي حفاظت جو مسئلو هو. آخر 1932ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي، جتي پاڪستان جو تخيل پيش ٿيو ۽ وري لاهور ۾ اهڙو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. ڪٿي به، ڪهڙي به هنڌ، ڪنهن به ڪاغذ تي اهڙو ذڪر ڪونه آهي ۽ نه هئو ته هندن، سکن کي پنجاب، بنگال، سنڌ ۽ ٻين صوبن مان ڪڍي هندستان جي مسلمانن کي پاڪستان ۾ آباد ڪبو. آهي ڪو خدا جو بندو! جو هنن اردو اخبارن وارن کي سمجهائي ته پاڪستان، هندستان جي سڀني مسلمانن جو گهر ڪونه آهي...... جيڪڏهن پاڪستان فقط مسلمانن جو گهر هئو ته ورهاڱي کان اڳ هيءَ لڏپلاڻ ڇو نه ڪرائي وئي.“ (38)
    اهو هو قاضي صاحب جو پاڪستان بابت بعد ۾ تخيل، اهو هو سندن نظريو ۽ اهو هو سندن پروگرام جو نقطي نگاهه. پوءِ پاڻ ان نقطي نگاهه سان ئي اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ لڳا.


    هاري ڪاميٽي ۽ ان بعد

    مسلم ليگ ڇڏڻ بعد، قاضي فيض محمد اڳيان سنڌ هاري ڪاميٽي ئي اهڙو پليٽ فارم هيو، جتان پنهنجي نظرين جي پرچار ڪري ٿي سگهيو. پنهنجي آدرشن کي عملي جامو پهرائي ٿي سگهيو. پاڻ هاري ڪاميٽيءَ ۾ ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهيا هئا. جڏهن پاڻ وري هاري ڪاميٽيءَ ۾ سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ لڳا ته ڪاميٽيءَ جي ڪارڪنن، سندن اعلى صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ کين 1951ع ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو. پاڻ ان عهدي تي 1953ع تائين ٻه سال ڪم ڪندا رهيا. (39) ان عرصي ۾ هارين جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ ڪيئي ڪم سرانجام ڏنن. هاري ڪاميٽيءَ ۾ رهڻ دوران کين سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي 1951ع ۾ قيد ڪرايو ۽ کين ڪنڊياري تعلقي جي لاڪپ ۾ باندي رکيو. (40) جيئن پاڻ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد کان باز رهن. پنهنجي صدارت جي دور ۾ پاڻ هندن جون ڇڏيل زمينون، جن تي زميندار ۽ ڌاريا قبضو ڪري رهيا هئا، اهي هارين کي الاٽ ڪرائي ڏنائين. سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان بي زمين زمين هارين کي زمينون ڏيارڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيائين. جڏهن هاري ڪاميٽي طرفان اڌواڌ بٽئي جي تحريڪ شروع ٿي ته ان کي ڪامياب بنائڻ ۾ ٻين سان گڏ قاضي صاحب جو پڻ وڏو هٿ هيو. ان کان سواءِ ٽيتسي ايڪٽ جو قانون پاس ڪراقئڻ واري عمل دوران ڪامريڊ جتوئي سان گڏ، قاضي صاحب ٻانهن ٻيلي رهيو.
    قاضي صاحب، ان دور ۾ سانگهڙ ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ هاري حقدار تحريڪ شروع ڪئي. هارين کي صحيح، صاف بٽيون ۽ ٻيا هارپ جا حق ڏياريائين. جڏهن پاڻ هاري ڪاميٽي جا صدر هيا ته ”سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن“ ٺاهي وئي. ان جي سب ڪاميٽي تي قاضي صاحب سان گڏ جي ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه ميمبر طور کنيا ويا.
    هن سب ڪاميٽي مٿان ڪم رکيو ويو ته هو سنڌ جي خانه بدوش قبيلن، هارين، مزدورن، پناهگيرن ۽ ٻين رولو ماڻهن جي مستقل آبادڪاري لاءِ ۽ کين هميشه دائمي ڳوٺن ۾ رهائڻ لاءِ بل تيار ڪري.
    قاضي صاحب، جڏهن هاري ڪاميٽي ۾ هئو ته سندن اختلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به ٿي پيا هئا. جيڪي مذهبي نوعيت جا هئا. قاضي صاحب جيئن ته مذهبي قسح جو ماڻهو هئو ۽ پاڻ مڪمل سوشلسٽ خيالن جو ڪونه ٿي سگهيو هو. ان ڪري پورهيتن لاءِ ڪم ڪندي، کائنس اڻ ڄاڻائي ۾ ڪيئي غلطيون به ٿي ويون. سندن سوچ ۽ فڪر تي علامه آءِ آءِ قاضي جي فڪر ۽ فلسفي جو وڏو اثر هو. ان ئي اثر ڪري پاڻ پورهيتن جو حامي ۽ مددگار ته هئو پر پاڻ سندن ڇو ٽڪاري لاءِ مارڪسي-ليتي نقطي نگاهه وارو سائنسي ڊڳ وٺي ڪونه سگهيو هو. علامه صاحب سان گهڻو رهڻ ڪري پاڻ ذهني مونجهارن جو شڪار رهندو آيو. انهن مونجهارن هاري ڪاميٽي ۾ پڻ پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو. (41) پاڻ ڪلجهه وقت لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سان اختلاف ڪري علاءَ الدين سمي سان گڏجي وڃي، ”اسلامي هاري ڪاميٽي“ ٺاهين. پر ترت ئي کين سمجهه اچي وئي ۽ اسلامي هاري ڪاميٽي جا پرڪار پڌرا ٿيڻ لڳا. پاڻ پنهنجي غلطي جو ازالو ڪندي وري اچي ڪامريڊ جتوئي سان شامل ٿيو. (42) ان بعد ڇاڻ ڪڏهن به ڪامريڊ سان اختلاف ڪونه ڪين ۽ نه ئي ڪو ماڻ۾هو کين ان حڪمت عملي تان ڦيرائي سگهيو.
    آل پاڪستان عوامي جماعت:- قاضي صاحٻ جن جڏهن هاري ڪاميٽي ۾ هيا ته ان وقت عوامي جماعت مرڪزي سياست ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري رهي هئي ۽ حڪمران پارٽي جي مخالفت ۾ وطن جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙي رهي هئي. جڏهن قاضي صاحب جن ڏٺو ته هي جماعت جديد قومي نظرئي جي جماعت ڪندڙ هئي ۽ صوبن کي صوبائي خدمختياري وٺي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي. ۽ ٻيو ته هن پارٽي جو اقتصادي ۽ معاشي پروگرام پورهيتن جي ڀلائي وٽان هو. ان ڪري پاڻ هن تنظيم ۾ شامل ٿيا ته جيئن مڙني صوبن جا ترقي پسند گڏجي ملڪ ۾ وڏيرا شاهي ۽ جاگيردار طبقي جو تختو اونڌو ڪري هڪ سوشلسٽ معاشرو تعمير ڪري سگهجي.
    قاضي صاحب، بجثيت هڪ ميمبر جي، عومي جماعت ۾ سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي علائقي ۾ عوامي جماعت کي خاصو مقبول ڪيو. پر جلد ئي سرڪار، عوامي جماعت جي وڌندڙ مقبوليت کي نقصان رسائڻ ۽ ترقي پسندن جي اتحاد کي ٽوڙڻ لاءِ عوامي جماعت جي ليڊرن کي ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو.
    انهن ڏينهن ۾ ميان افتخاري الدين ”آزاد پاڪستان پارٽي“ ٺاهي. ميان افتخار مڙني قومپرست ڪارڪنن کي هن پارٽي ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو ته ٻين ڪارڪنن سان گڏ قاضي فيض محمد به ميان افتخار جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڪم ڪرڻ لڳو. (43) ڇو جو ان وقت عوامي جماعت جو ڪم مڪمل نموني بند ٿي چڪو هو ۽ سرڪار، عوامي جماعت جي ڪارڪنن کي اک ۾ رکيو ويٺي هئي.
    سنڌ عوامي محاذ:- جڏهن اپيرل 1953 ۾ ٽين ليجسليٽيو اسيصمبلي جي چونڊ ڪرائي وئي ته 17 مارچ 1953 تي چند ڪارڪنن حڪمران پارٽي مسلم ليگ جي مخالفت ۾ هڪ گڏيل پروگرام جي بنياد تي ٻين سنڌ جي ترقي پسند جماعتن سان گڏجي ”سنڌ عوامي محاذ“ قائم ڪري چونڊ لڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن محاذ جي قائم ڪرڻ جو مقصد سنڌ ۽ پاڪستان اندر جمهوري حڪومت جي قيام لاءِ ڪوشش ڪرڻ هئي. (44) ننڍن صوبن کي صوبائي خود مختياري وٺرائي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي هئي. جيڪي نقطا قاضي صاحب جي بنيادي اصولن ۽ سياسي پاليسي توڙي سنڌ هاري ڪاميٽي جي پروگرام سان ملندڙ جلندڙ هئا. ان ڪري قاضي صاحب، پنهنجي پارٽي سنڌ هاري ڪاميٽي سان گڏ هن متحده محاز ۾ شريڪ ٿيو. هن محاز ۾ عوامي جماعت، آزاد پاڪستان پارٽي ۽ عويم ليگ جي سنڌ شاخن پڻ شموليت اختيار ڪئي ۽ گڏجي اليڪشن ۾ اميدوار بيهاريا. (45)
    قاضي فيض محمد هن محاذ ۾ سرگرم ڪارڪنن جيان ڪم ڪندورهيو ۽ پاڻ محاذ جي پروگرام کي وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳو. مڙني مخلص ڪارڪنن جي همت سان عوامي محاذ جي ٽڪيٽ تي 7 ميمبر چونڊجي آيا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف بئنچن تي ويٺا. (46) هنن ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي سنڌ جي حقن جي بچاءُ لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ مخالفن کي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ متحرڪ ڪيو. هنن ميمبرن سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ، ڪراچي جي واپسي لاءِ ۽ ٻين سنڌ جي اهم مسئلن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايا.
    عوامي محاذ ڪنوينشن:- اليڪشن ٿيڻ بعد قاضي صاحب عوامي محاذ جي پهرين ڪنوينشن نواب شاهه ۾ سڏائي. ان ۾ محاذ جو دستور ڪرايو ويو ۽ محاذ کي جماعتي صورت ڏياري وئي. ان ڪنوينشن ۾ شيخ الميج سنڌي کي محاذ جو صدر ۽ قاضي صاحب کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو. (47) هي ڪنوينشن 26-27 آڪٽوبر 1953 ۾ نواب شاهه ۾ سڏائي وئي ۽ قاضي صاحب کي ڪنوينشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
    هن ڪانفرنس سڏائڻ جو اصل مقصد سنڌ کي آئيني حق ڏيارڻ ۽ سنڌ صوبي جي خودمختياري بحال ڪرائڻ هئي. هن ڪنوينشن ۾ پوري ملڪ مان ڪافي وڏا وڏا ليڊر ڪارڪن پهتا. سنڌ ۽ پاڪستان جي مسئلن تي کلي دل سان ڳالهايو ويو ۽ ڪيئي قراردادون پاس ڪيون ويون. (48) هي ڪنيونشن ڪرائڻ ۽ ان جو مڪمل انتظاسم رکڻ ۽ ان کي ملڪي سطح تي ڪامياب بنائڻ قاضي صاحب جو وڏو ڪارنامو هو.


    ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ

    پاڪستان جي حڪمران ڌر، هميشه کان پنهنجي طبقاتي مفادن کي بچائڻ لاءِ ۽ عوامي احتجاج کي روڪڻ لاءِ ملڪ مٿان بدترين قسم جي آمريت مڙهندي آئي آهي. خاص ڪري ننڍن صوبن جي پيڙيل ۽ پوئتي پيل ذهني طرح اڳتي وڌيل عوام جي سجاڳي، سندن ايڪي ۽ اتحاد ۽ پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جنگ رجعت پرست طبقي جي ننڍ حرام ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري رجعت پسند طبقا ۽ انهن جا ساٿياري وڏي صوبي ۽ هڪ مخصوصو قسم جي اقليت جا مفاد سلامت رکڻ ۽ کين ننڍن صوبن جو کلئي نموني استحصال ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي لاءِ قانوني جواز ڳوليندا رهيا آهن. هنن ننڍن صوبن جي استحصال کي وڌيڪ هم گير ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهيو ته صوبن جا سڀ اختيار پاڻ وٽ هٿيڪا ڪري، انهن جي معيشيت تي ڪنٽرول ڪري، ملڪ ۾ انتظامي طرح مضبوط مرڪز قائم ڪيو وڃي ۽ ڏنڊي جي زور تي ننڍين قومن کي پنهنجون بيٺڪيتون سمجهي، اتي بدترين قسم جي آمريت مڙهي وڃي، جيئن ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان ۾ عوامي احتجاج نه وڌي سگهي. ۽ ان ئي مقصد لاءِ حڪمران ڌر 1954 ۾ اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي ملائي ونيونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان مان حڪمران ڌر کي هڪ فائدو اهو ٿيو جو مغربي پاڪستان ۾ سمورا صوبا مرڪزي انتظاميه جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا ۽ کين دٻائڻ ۽ سندن ڦرلٽ ڪرڻ آسان ٿي پئي. ٻيو ته اولهه ۽ اوڀر پاڪستان هڪ جهڙي يونٽن ۾ ورهائي، اوڀر پاڪستان جي عددي اڪثريت کي ختم ڪرڻ ۽ اتي جي جمهوري ۽ عوامي هلچل کي ڪچلڻ لاءِ جواز پيدا ڪيو ويو. حڪمران ڌر ونيونٽ قائم ڪري، ننڍن صوبن جي ڌار قومي وجود، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ختم ڪري، مسلم قوم جي بنياد تي انهن کي وڏي صوبي ۽ ٻاهران آيلن جي استحصال لاءِ کليو ڇڏي ڏنو. خاص ڪري سنڌ جي وطني حيثيت ختم ڪري اتي ٻاهريان ماڻهو آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ شروع ڪيو. سنڌ جي بيراجن جون زمينون، هتان جو نوڪريون، ڪارخانا پنهنجي هٿ وس ڪري انهن تي ڌارين کي مسلط ڪرڻ شروع ڪيو.
    ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن هن ظلم خلاف دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون، رڙيون ۽ واڪا ڪيا، پر ڪنهن به ڪجهه ڪين ٻڌو، سنڌ دنيا جي تختي تان ختم ڪئي وئي سنڌ جي وزير اعليٰ پير زادي عبدالستار ونيونٽ جي بل جي سخت مخالفت ڪئي. ان کي سنڌ مٿان ظلم ۽ ڏاڌ تصور ڪيو. مرڪزي سرڪار خود آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، وزيراعليٰ جي ايمبلي ۾ اڪثريت هوندي به هن جي حڪومت ۽ وزارت کي زوري ختم ڪيو. (49) ونيونٽ دشمن اسپيڪر مير غلام عليص ٽالپر کي گرفتار ڪري ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ باندي بڻايو ويصو. (50)
    پيرزادي عبدالستار جي جاءِ تي سنڌ جي هڪ جاگيردار محمد ايوب کهڙي کي وزيراعليٰ بڻائي ونيونٽ جو بل 11 ڊسمبر 1954 تي زوري پاس ڪرايو ويو. (51)
    ونيونٽ جي خلاف سڄي ملڪ اندر تحريڪ شروع ٿي. سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد ۾ مخالفتي جلوس نڪتا، مذمتون ٿيون، ايڪشن ڪاميٽيون ٺهيون. قاضي فيض محمد 1954 کان ونيونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ شموليت اختار ڪئي. ان وقت وزيراعليٰ کهڙو ونيونٽ جي مخالفن کي سختي سان دٻائي ۽ چيڀاٽي رهيو هو. پوليس جو تشدد، غنڊن هٿان حملا ۽ ايذاءَ رساني، قيد بند جون تڪليفون، چڱن ڀلن کي مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا هئا. ڪوبه ءڙڪ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نه هو. ان وقت قاضي صاحب، جي ايم سيد، شيخ سنڌي ۽ ڪامريڊ جتوئي ونيونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي.
    جي ايم سيد ۽ قاضي صاحب، ونيونٽ خلاف عوامي سهڪار هٿ ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جي دوري جو پروگرام بڻايو. پر سرڪار پتي لڳڻ شرط جي ايم سيد کي پنهنجي بنگلي تان گرفتار ڪري ورتو. قاضي صاحب ان هوندي به مايوس ڪونه ٿيو. هيڪل پروگرام مطابق ڪم کي جاري رکندي، پهريون جلسو ڪراچي ۾ ڪيائين. ان بعد پاڻ جيپ ۾ سوار ٿي ساري سنڌ اندر ونيونٽ خلاف پرچار شروع ڪين. قاضي صاحب ونيونٽ خلاف ڪراچي، ٺٽي، ڪوٽڙي، حيدرآباد، نواب شاهه، دادو، قمبر، رتيديري ۽ لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو. سندن جلسن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيڻ لڳا. جن جو جوش ۽ جذبو، همت ۽ ولولو ڏسي حڪومت جا وار ڪانڊارجي ويا. قاضي صاحب جي تحريڪ سنڌ دشمنن جون متيون منجهائي ڇڏيون. جڏهن پاڻ لاڙڪاڻي پهتا ته لاڙڪاڻو ايوب کهڙي جو شهر هوندي به سندن جلسي ۾ پلٽجي پيو. هزارين ماڻهو ڪٺي ٿي ويا. ونيونٽ خلاف فلڪ شگاف نعرا لڳندا رهيا. سندن جذباتي تقرير ونيونٽ جي قهري ڪوٽن کي لوڏي ڇڏيو. حڪومت جي مشنري ٿرٿلي ۾ اچي وئي. حڪومت اتي ئي قاضي صاحب جي دوري کي ختم ڪرائڻ ۽ کين ڪاٺ ۾ هڻائڻ جو منصوبو سٽي ورتو. وزيراعليٰ کهڙي، لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر انور عادل کي سڌو حڪم ڪيو ته قاضي صاحب کي گرفتار ڪيو وڃي.
    ڪليڪٽر رات جو 11 بجي پبلڪ سيفٽي ايڪٽ تحت کين قيد ڪيو. (52) قاضي صاحب کي رات جو گرفتار ڪري لاڙڪاڻي کان سکر نيو پئي ويا. پوليس سنڌ جي هن عظيم سپوت کي تڪليفون ڏئي جهڪائڻ لاءِ سياري جي ڇتي موسم ۾ ٽرڪ جي مٿان کلي هوا ۾ وهاريو. سفر ڪندي رستي ۾ هڪ وڻ جو ڏار اچي سندن مٿي سان ٽڪرايو. جنهن ڪري کين مٿي ۾ اونهو زخم رسيو ۽ پاڻ رت ڳاڙيندا سينٽرل جيل پهتا. (53)
    قاضي صاحب، جڏهن قيد هو ته دوران سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ ٿي ته پاڻ جيل ۾ هوندي به ان جا ميمبر چونڊجي ويا. قاضي فيض محمد، پنهنجي گرفتاري خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي. پوءِ کين هاءِ ڪورٽ جو حڪم تي آزاد ڪيو ويو. جيل مان آزاد ٿي آيا ته وڪالت جو ڌنڌو هيٺ مٿي ٿي چڪو هو. ان ڪري پاڻ ٽن مهينن لاءِ سنڌ کان ٻاهر انگلنڊ، جرمني، فرانس، اٽلي، يونان، ترڪي ۽ مصر جو دورو ڪرڻ ويا. (54)
    ونيونٽ کي ڪنهن اثرائتي عمل تحت ختم ڪرائڻ لاءِ ۽ سنڌ جعي ملڪي حيثيت وري بحال ڪرائڻ لاءِ سنڌ جا وطن دوست اڳواڻ سرگرم عمل رهيا. 29-30 آڪٽوبر 1955 ۾ ڪامريڊ جتوئي، جي ايم سيد ۽ قاضي صاحب جي گڏيل ڪوشش سان ”سنڌ ائنٽي ونيونٽ فرنٽ“ ٺاهيو ويو. هن فرنٽ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جتوئي کي مقرر ڪيو ويو ۽ قاضي صاحب ۽ ٻيا ان جا سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ونيونٽ خلاف راهه هموار ڪرڻ لاءِ پاڻ دوري ڪرڻ جو پروگرام رٿين. (55) اهڙي طرح ونيونٽ خلاف قاضي صاحب ۽ ٻين سنڌ جي عظيم اڳواڻن فيصله ڪن جدوجهد ڪري سنڌ دشمنن جي ناپاڪ سازشن کي عوام آڏو اگهاڙو ڪري، عوامي سهڪار هٿ ڪري ورتو.


    عوامي ليگ ۽ نعپ

    قاضي فيض محمد، ونيونٽ خلاف، پاڪستان جي وڏي صوبي بنگال جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي ليگ سان ڳالهيون. جيئن بنگالين کي پنهنجو همدرد بڻائي، تحريڪ کي هم گير ڪري سگهجي. ان وقت عوامي ليگ جو صدر شهيد حسين سهروردي ۽ جنرل سيڪريٽري محمود الحق عثماني هيو. ان لاءِ قاضي صاحب، عوامي ليگ جي سيڪريٽري جنرل جي دعوت تي 1955 ڌاري پنهنجن ٻين ساٿين غلام محمد لغاري ۽ مير رسول بخش ٽالپر سان گڏ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. (56)
    پاڻ عوامي ليگ ۾ وڃڻ شرط سنڌ ديس جا مفاد بنگال جي ليڊرن آڏو آندا ۽ کين اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن جي مسئلن کان وقف ڪيو. عوامي ليگ، هتان جي ليڊرن جي اثر هيٺ اچي، پهريان ونيونٽ جي مخافت ڪئي ۽ ونيونٽ خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ ننڍن صوبن سان ڀرپور تعاون ڪيو. قاضي صاحب کي عوامي ليگ جي مرڪزي اڳواڻن سنڌ لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو. (57)
    قاضي صاحب سڄي سنڌ ۾ عوامي ليگ طرفان ونيونٽ جي مخالفت ۾ جلسن جو انتظام ڪيو. مير پور خاص ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي تعاون سان عاليشان ڪانفرنس ڪين. (58)
    سن 1955 ۾ جڏهن قاضي صاحب جن عوامي ليگ ۾ هيا ته ان وقت ونيونٽ جي حامي، سنڌ دشمن جاگيردار محمد ايوب کهڙي پاڻ کي سانگهڙ ۾ هڪ خالي ٿيل جاءِ تان سنڌ اسيمبلي جي ميمبري لاءِ چونڊائڻ لاءِ فارم ڀرايو. ان وقت کهڙي جو ملڪ ۾ اهڙو دٻاءُ قائم هيو، جو ڪوبه ماڻهو سندن سامهون اميدوار بيهڻ لاءِ تيار ڪونه هو. پر اهو قاضي صاحب جو جگر هيو. جو ان وقت جي فرعون آڏو جرئت ۽ همت سان اچي عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي فارم ڀرائڻ لاءِ سانگهڙ پهتو. (59) پاڻ کهڙي سان مقابلي ۾ بيهڻ بابت لکن ٿا ته، ”دل ۾ چيم ته هي سنڌ جو دشمن بنا ڪنهن مقابلي جي ڇونڊجي وڃي ۽ سڄي دنيا کي ٻڌائي ته هي سنڌ جو مقبول ليڊر آهي ۽ سنڌ ونيونٽ جي فائدي ۾ آهي، هي اسان جي وڏي بي عزتي ٿيندي.“ (60)
    قاضي صاحب نامينشن پيچر ڀرائڻ لاءِ اتي پهتو. کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي آءِ جي عيساڻي کي چئي قاضي صاحب کي پوليس هٿان اغوا ڪرايو. پوليس قاضي صاحب کي اغوا ڪري مٿن تشدد ڪيو ۽ کين هڪ گاڏي ۾ ويهاري 15-50 ميلن جي مفاصلي تي شهر کان ٻاهر جهنگ ۾ ڦٽو ڪري آيا ۽ اهڙي طرح کهڙو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو. (61)
    قاضي صاحب، ڪنهن به طاغوني طاقت کان نه ڊڄي، وزير اعليٰ کهڙي تي شهداد پور ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو. جڏهن قاضي صاحب، ڪورٽ ۾ شنوائي تي حاضر ٿيڻ لاءِ اچي رهيو هو ته کهڙي شهداد پور جي سڄي شهر کي پوليس جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن ڪري پوليس قاضي صاحب کي شهر جي ٻاهران روڪي ڇڏيو. پاڻ ڪورٽ تائين پهچي نه سگهيا ۽ ڪيس کي نيڪال ڪيو ويو. ان بعد قاضي صاحب ان ظلم خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اچي اپيل داخل ڪئي. ان وچ ۾ کهڙو، قاضي صاحب سان مليو ۽ کيصن ڌمڪي ڏني ته، ”قاضي، تون مون تي ڪيس ڪرڻ کان نه ٿو مڙين، مان توکي سخت تڪليف ۾ وجهندس.“ (62)
    کهڙي، قاضي صاحب تي هڪ ڪوڙو ڪيس ڪرايو ته، قاضي صاحب جن نواب شاهه ۾ هڪ غير قانوني جلسو ڪرايو هو ۽ ان ۾ چيو هئائين ته، ”خان عقار خان هوڏانهن تيار ٿي پيو اچي، هيڏانهن حُر اٿي رهيا آهن. اچو ته پاڪستان کي ختم ڪرڻ لاءِ جهاد ڪريون.“ (63) پوليس فريادي ڪئي وئي. بنا شرح جي وارنٽ نڪتا، قاضي صاحب جن پاڻ کي هاءِ ڪورٽ جي حوالي ڪري ضمانت جي گهر ڪئي ۽ سندن ضمانت ٿي وئي. ڪيس ڪوڙو نڪتو ۽ قاضي صاحب جي جند ڇٽي.
    انهن ڪيسن دوران عوامي ليگ جي مرڪزي اڳواڻن شهيد سهروردي ۽ شيخ مجيب الرحمان جو سندن سان مڪمل سهڪار5 ۽ تعاون رهيو. عوامي ليگي ڪارڪنن پنهنجي جنرل سيڪريٽري جي کلي مدد ڪئي. هوڏانهن کهڙو نه صرف سڄي پاڪستان پر ذري گهٽ سڄي دنيا ۾ بدنام ٿيو. آمريڪا جيص اخبارن کهڙي کي ”گئنگسٽر آف پاڪستان“ ڪوٺيو. (64)
    پاڻ جڏهن عوامي ليگ ۾ هيا ته سندن ان جي رهنمائن سان ان ڳالهه تي اختلاف ٿي پيا ته هو ونيونٽ جا حامي بڻجي پيا هئا. سندن عمل ۽ فعل مان هتان جي ننڍن صوبن کي شديد نقصان پهچي رهيو هو. عوامي ليگ جو اڳواڻ سهروردي، جيڪو ان وقت ملڪ جو وزير اعظم هيو. اهو ونيونٽ جي حامي اسڪندر مرزا جي ڳاليهن ۾ اچي ۽ سندن مغربي پاڪستان جي وحدت جي نظرئي جو قائم بنجي، ونيونٽ جو حمايتي بڻجي پيو. (65) قاضي صاحب ۽ ٻيا مغربي پاڪستان جا ليڊر عوامي ليگ ۾ ان لاءِ شامل ٿيا هئا ته بنگال جي حمايت حاصل ڪري، ونيونٽ ٽوڙائي صوبائي حق ۽ حيثيتون بهال ڪرائجن. ان ڪري کين عوامي ليگ جي ان پاليسي ڏاڍو رنجايو ۽ پاڻ عوامي ليگ ۾ وڌيڪ رهڻ مناسب نه ڄاتن.
    سهروردي پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽي جي 25 مصيمبرن جي گڏجاني پنهنجي وزير اعظم هائوس ۾ ڪوٺائي. جيئن ته قاضي صاحب ان ڪاميٽي جو ميمبر هو، ان ڪري گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو. سهروردي پنهنجي بچاءَ ۾ هڪ گڊگهي تقرير ڪئي. (66) هن آمريڪا جي طرفداري ڪئي ۽ ونيونٽ جي حمايت ڪئي. (67) ان وقت ڀاشاني جهڙا چوٽي جا ليڊر به موجود هئا، پر ڪنهن کي به همٿ نه ٿي جو وزيراعظم جي گهر ۾ هوندي، ان ان جي مخالفت ۾ تقرير ڪري، نيٺ قاضي صاحب کان اهو برداشت نه ٿي سگهيو ۽ پاڻ سهروردي کي جواب ڏنن. ان بعد ئي پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪين. ان تقرير بابت قاضي صاحب جن لکن ٿا ته، ”منهنجي گروهه مون کي سهروردي کي جواب ڏيڻ لاءِ چيو. مان پنهنجي تقرير ۾ ڏاڍو تلخ هوس.“ (68)
    آل پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي:- جڏهن مولانا ڀاشاني ۽ ٻيا حسين شهايد سهروردي سان اختلاف ڪري عوامي ليگ مان ٻاهر نڪري اچي، پاڪستان نيشنل پارٽي وارن سان ڳالهيون هلائڻ شروع ڪيون. مولانا ڀاشاني، جي ايم سيد، خان عقار ۽ شيخ سنڌي سان ڳالهيون هلايون ته نئين پارٽي ٺاهجي، بعد ۾ هم خيال ليڊرن ڊاڪا ۾ ميٽنگ رکي. ان ۾ قاضي صاحب پڻ شريڪ ٿيو. ان ميٽنگ ۾ ”آل پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي“ ٺاهي وئي. جنهن جو صدر ڀاشاني، سنڌ صوبي جو صدر شيخ عبدالميج سنڌي ۽ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري قاضي فيض محمد کي مقرر ڪيو ويو. (69)
    پارٽي طرفان بنگال جي پلٽڻ ميدان ۾ وڏو جلسو ڪيو ويو. جنهن کي عوامي ليگ جي ورڪرن اچي ڦٽايو. جن جي بنگال ۾ حڪومت هئي. پوليس ۽ عوامي ليگ جي ورڪرن ليڊرن کي گهيري ۾ ورتو ۽ جلسي کي درهم برهم ڪيو. سنڌ ۽ ٻين صوبن جا ليڊر جلسي گاهه مان آفيس ڏي روانا ٿي رهيا هئا ته انهن مٿان پوليس حملو ڪيو. ٻين سان گڏ قاضي صاحن کي به بندوق جا ڪنڌاڪ هني زخمي ڪيو ويو. (70)
    نعپ جي بنياد وجهرائڻ ۾ قاضي صاحب جو به وڏو هٿ هو. داڪا جي ڪنوينشن ۾ قاضي صاحب اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن جي خاص وڪالت ڪئي. پاڻ جڏهن ڊاڪا کان سنڌ پهتا ته هتي دوري جو پروگرام ٺاهي نڪري پيا. سنڌ جي مڙني وڏن شهرن ۾ جلسا ڪين. خيرپور ميرس ۾ هڪ ڪانفرنس ڪين، جنهن ۾ جي ايم سيد، شيخ سنڌي، عثماني، مولانا ڀاشاني، خان عقار ۽ غوث بخش بزنجو وغيره شريڪ ٿيا. ان بعد وري قاضي صاحب جن نواب شاهه ۾ جلسو ڪيو. جنهن ۾ پڻ مٿيان ليڊر آيا. شهر ۾ ٽرڪن تي هڪ وڏو هارين جو جلوس ڪڍيو ويو. ان وقت عوامي ليگ، مسلم ليگ ۽ حڪومت نعپ جي وڌندڙ مقبوليت کان گهٻرائجي، انهن جي جسلي کي ڦٽائڻ، انمهن مٿان مسلم حملم ڪرڻ شروع ڪيا. نواب شاهه جي جسلي ۾ پڻ انهن ماڻهن مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. پر ٻهراڙي جي هزارين هارين آڏو هنن جي دال نه ڳري سگهي، ۽ جلکسو پنهنجي اوج سان هلندو رهيو. جلسي ۾ ونيونٽ خلاف ۽ ننڍن صوبن جي حقن ۾ بي خوف ٿي ڳالهايو ويو. ان بعد وري نعپ طرفان هڪ وڏي هاري ڪانفرنس لنڊي شهر ۾ ڪئي وئي. هن ڪانفرنس ۾ پٻ مولانا ڀاشاني شرڪت ڪئي. (71)
    جڏهن 9 نومبر 1957 تي مولانا ڀاشاني صدر نعپ سنڌ ۾ نواب شاهه جي دوري تي آيو ته قاضي فيض محمد پنهنجي آجيائي تقرير ۾ ڀاشاني جي سامهون سنڌ جي بلائي ۽ بهتري لاءِ ڪجهه سوال رکيا ۽ ڀاشاني کي چيو ته سندس پارٽي سنڌين جي حقن ۽ گهرجن لاءِ آواز اٿاريندي ته سنڌ جا ماڻهو هن پارٽي کي قبول ڪندا ۽ ان جو ساٿ ڏيندا ته اسان ڪنهن به حالت ۾ ان پارٽي ۾ نه رهنداسين، جيڪا سنڌين جي مفاسدن کي ڇيهو رسائي.
    قاضي صاحب، پنهنجي آجيائي خطبي ۾ ونيونٽ گورمينٽ طرفان سنڌ جون زمينون سنڌي هارين کان کسي ڪوڙن ڪليمن وارن کي الاٽ ڪرڻ واري پاليسي خلاف پڻ ڳالهايو ۽ ان قدم کي ننديو. ۽ نعپ جي ليڊرن کي سنڌ ۾ ٿيندڙ ان ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي. (72)
    عالمي امن ڪانفرنس:- قاضي صاحب، جن جڏهن بعپ سنڌ جا جنرل سيڪريٽري هيا ته ان وقت ڪولمبو (سيلان) ۾ عالمي امن ڪانفرنس گهرائي وئي. ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي کاٻي ڌر جي پارٽين کي دعوت ڏني وئي. نعپ کي به شموليت جي دعور ملي. قاضي صاحب کي پڻ پارٽي طرفان دعوت ملي. سنڌ مان قاضي صاحب، جي ايم سيد ۽ شيخ سنڌي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڀريا. پر قاضي صاحب جي نڪري وڃڻ بعد حڪومت کي يادگيري اچي وئي ته اهو ته سندن خلاف ڪم پيو ٿئيص. سو ان باقي ٻين جي وڃڻ تي بندش وجهي ڇڏي. ان ڪري ڪولمبو ۾ نعپ جي اڳواڻي سميت پوري پاڪستان جي کاٻي ڌر جي پارٽين جي اڳواڻي قاضي صاحب کي اڪيلي سر ڪرڻي پئي.
    قاضي صاحب، ڪانفرنس جي هر پروگرام ۾ سٺي نموني نهايت جوش خروش سان بهرو ورتو ۽ اتي انگريزي ۾ اعليمي امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪين. تقرير جي آخر ۾ دنيا جي هزارين ترقي پسندن اڳيان پنهنجي پياري ٻولي سنڌي ۾ هي شعر پڙهي تقرير پوري ڪين. جنهن جو بعد ۾ انگريزي ترجمو ڪري سامعين کي شاهه لطيف جي فڪر روشناس ڪين.
    ”ڪڍي ڪان ڪمان مان، ميان مارج نه مون؛
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي روکي لڳي.“
    قاضي صاحب جي هن تقرير ويٺلن تي سٺو اثر ڇڏيو سڄي دنيا جي ليڊرن تقريرون ڪيون. انهن مان 6 تقريرون بهرترين قرار ڏنيون ويون. جن مان هڪ قاضي صاحب جي به هئي.
    قاضي صاحب، ڪولمبي ۾ ڪيترن سنڌي هندن سان مليو. انهن جا دک درد معلوم ڪيائون. انهن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حالتن کان وقف ڪيائون. کين سندن مستقبل بابت ليڪچر ڏنن. ڪيترن ئي اتان جي سنڌين قاضي صاحب جون دعوتون ڪيون. (73)


    الاٽي تحريڪ

    برصغير جي ورهاڱي کان ڪجهه اڳ سنڌي هارين پنهنجي همت ۽ جدوجهد رستي سنڌ اسيمبلي مان اهو بل پاس ڪرايو هو ته سنڌي هندن، هارين جون جيڪي زمينون وياج ۽ قرض جي واپسي جي بنا تي پنهنجي قبضي ۾ ڪيون هيون، سي هارين کي واپس ملڻ گهرجن. اڃان ان بل قانوني شڪل ئي نه ورتي هئي جو ورهاڱو ٿي ويو. هتان جي هارين نئين حڪومت آڏو پنهنجو مطالبو دهرايو. پر هتان جي حڪومت هارين جي ان جائز مسئلي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ هندن جون ڇڏيل زمينون، سنڌي هارين کي ڏيڻ بجاءِ، ٻاهران گهرايل مهاجرن جي حوالي ڪرڻ شروع ڪيون. جنهن جي خلاف هتان جي هارين زبردست تحريڪ شروع ڪئي. جنهن ڪري نئين حڪومت ڊڄي، ڪجهه زمينون هتان جي هارين کي الاٽ ڪري ڏنيون. هارين تحريڪ دوران پنهنجي ڦريل زمينن تي قبضا ڪيا ۽ حقدارن کي ڪجهه حق ملڻ لڳا. جيڪا ڳالهه ٻاهران آيلن ۽ هتان جي مقامي جاگيردارن کي ڏکي لڳي ۽ هارين جي طاقت ڪري سندن دائمي ۽ موروثي حاڪميت کي ڌڪ لڳو. هارين جي ”هاري حقدار تحريڪ“ ڪري لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو هاري، ”جيڪو کيڙي سو کائي“ واري اصول تي ڪاربند ٿي راهه تي هلڻ لڳا. (74) اٽڪل چار پنج سال هارين الاٽ ٿيل زمينون پنهنجون سمجهي سڌاريون ۽ انهن مان ڪافي ڪجهه ڪمايو. نيٺ ستن سالن بعد جنهن وقت سنڌ ۾ غلام محمد بئريج ٺهي ويو ۽ گڊو بئريج جو ڪم شروع ٿيڻ وارو هو ته اتان جي لکين ايڪڙ زمين سرڪار غيرسنڌين جي حوالي ڪرڻ لاءِ ونيونٽ مڙهي ته ٻاهرين ڦورن الاٽي هارين کان به پنهنجو پراڻو وير وٺڻ جو سانباهو ڪيو. ۽ سنڌي هارين جي الاٽمينٽ جا اڳيان آرڊر منسوخ ڪري، مرڪزي حڪومت اهي زمينون غيرسنڌين کي زوري الاٽ ڪرڻ شروع ڪيون. جن سنڌي هارين کي زمينن تان بي دخل ڪيو، انهن جي ڳوٺن کي تباهه ڪيو ۽ لڏايو ويو. ونيونٽ جي پاڇي ۾ نئين قيامت برپا ٿي وئي.
    الاٽ ٿيل زمينن کان سواءِ سنڌ جي بئراجن جون زمينون، جن تي سنڌي ماڻهن جو پئسو ۽ پگهر استعمال ٿيو هو. اهي زمينون به سنڌين بجاءِ، مهاجرن، پنجابي فوجين ۽ چوڌرين، ڪشميرين ۽ پٺاڻن ۾ مفت ورهايون ويون يا کين ٿوري معاوضي تي ڏنيون ويون.
    حڪومت جي ان کلئي ڏاڍائي ۽ استحصال خلاف سنڌ جا مڙئي ساڃهه وند ماڻهو اٿي پيا، احتجاج ٿيا، تحريڪون هليون. هن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف هتان جي مڙني ليڊرن جدوجهد ڪئي. هن تحريڪ ۾ قاضي صاحب جي ڪردار تي اڳتي لکڻ کان اڳ انهن ڦريل ۽ مفت ۾ ڌارين جي حوالي ڪيل زمينن جا انگ اکر ڏجن ٿا:
    ان وقت جي سرڪاري رپورٽن مطابق سنڌ جي صرف ڏاکڻين حصي ۾ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک روپين جي غيرقانوني جائداد جو پتو لڳايو ويو، جيڪا غيرقانوني طور مهاجرن کي الاٽ ڪئي وئي هئي. (روزانه ڪاروان حيدرآباد- 18 ڊسمبر 1958)
    حيدرآباد ۽ خيرپور جي اسپيشل آبادڪاري ڪمشنر اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٽن مهينن اندر 8650 مهاجر دعويدارن کي 2 لک ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ۽ گذريل 11 سالن ۾ مهاجرن کي 4 لک ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. (ساڳيو حوالو تاريخ 23.1.1959)
    ڪوٽڙي بئراج جي ڏهه هزار ايڪڙ زمين آزاد ڪشمير جي ماڻهن ۾ ورهائي وئي. (ساڳيو 3.2.1959)
    ڪوٽڙي بيراج ججي چاليهه هزار ايڪڙ زمين ڪراچي جي مهاجرن لاءِ رکي وئي آهي. ضلع سانگهڙ ۾ هڪ هزار فوجي خاندانن کي آباد ڪيو ويو آهي. انهن خاندانن کي 50 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. (ساڳيو 31.12.58)
    مکي ڍنڍ ۾ هڪ لک ايڪڙ زمين تي فوجي خاندان آباد ڪيا ويندا. (ساڳيو 24.4.54)
    ڪوٽڙي بئراج کان سواءِ گڊو بئراج جي به لکين ايڪڙ زمين ساڳي غير مستحق ۽ غير حاضر زميندارن جي حوالي ڪئي وئي. ايتري قدر جو جتي سوين سالن کان مقامي ماڻهو ڳوٺ ٺاهي ٻارن ٻچن سوڌو ويٺا هئا. اهي زمينون به ڌارين کي ڏنيون ويون ۽ اصل رهواسين کي پنهنجن اباڻن پڊن تان ڌڪي ڪڍيو ويو.
    مٿين انگن اکرن مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ون-يونٽي حڪومت کي هتان جي ماڻهن جي سلامتي جو ڪيترو نه اونو ۽ الڪو هو. اهڙن ئي حالتن هيٺ، اهڙي ئي ماحول ۾ قاضي فيض محمد سنڌ جي پورهيتن جي بچاءَ ۽ انهن جي حقن جي حفاظت لاءِ الاٽي تحريڪ هلائي. پاڻ هي تحريڪ نعپ جي پليٽ فارم تان هلاين، ڪجهه سنڌ هاري ڪاميٽي جي ورڪرن ۽ ڪميونسٽن به سندن مدد ڪئي. (75)
    پاڻ پهريان لنڊي اسٽيشن ۾ هارين جو وڏو جلسو ڪوٺايو. جنهن ۾ مولانا ڀاشاني، خان عبدالصمد خان ۽ ٻِين چوٽي جي ليڊرن شرڪت ڪئي. (76)
    قاضي فيض محمد، جيئن ته بي انتها جذباتي ۽ حساس دل انسان هيو. تنهنڪري پاڻ هارين جي بربادي سهي ڪين سگهيو. هارين تي ٿيندڙ ظلم ڪري احتجاجي طور مرڻ گهڙي تائين نواب شاهه ۾ بک هڙتال ڪين. اٺڻ ڏينهن بعد به جڏهن حڪومت جي ڪن تي جون به ڪا نه سُري ته مڙني ساٿين ڪنهن ٻئي نموني تحريڪ هلائڻ جو سوچيو ۽ هارين جو جلسو ڪرائي قاضي صاحب کان بک هڙتال ختم ڪرائي وئي. (77)
    ان بعد پاڻ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪين. اها تحريڪ تعلقي ڪنڊياري جي شهر محرابپور کان شروع ڪيائون. پاڻ ڪنڊياري ۽ نوشهري تعلقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي ’هاري جيپ‘ ۾ چڙهي هارين تائين پهتا. ان بعد محرابپور ڀرسان هڪ غريب هارياڻي جي ڳوٺ ۾ ڪئمپ هنئي. ڪئمپ تي ڪامريڊ جمال الدين بخاري ساڻن گڏ رهيو. گورنمينٽ شهر سان 144 جو سيڪشن لاڳو ڪيو. جيستائين پوليس اتي کين گرفتار ڪرڻ آئي ته ان کان اڳ پاڻ ڪئمپ پٽي شهر کان اڌ ميل جي فاصلي تي هنئي. جيڪو هنڌ 144 قلم جي حدن کان ٻاهر هو. اتي 10-15 ليڊر رهڻ لڳا. پاڻ 144 قلم کي جٿن جي صورت ۾ ٽوڙائڻ لڳا. روز هارين جو گرفتاري ڏيڻ ويندو هو. اهڙي طرح 111 هاري قيد ٿي ويا. (78) حڪومت ان هوندي به هارين سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ کين حق ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿي. ان بعد قاضي صاحب اعلان ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار هاري گڏ ٿين ته پاڻ به ساڻن گرفتاري ڏيندا. پر ان ڏينهن فقط سو هاري گڏ ٿيا ۽ پاڻ اهو تعداد اثرانداز ٿيڻ جوڳو نه سمجهين، ان ڪري پاڻ جيل ۾ ڪو نه ويا.
    حڪومت به هارين تي ظلم ۽ تشدد جي بازار گرم ڪري ڏني. جيڪي هاري گرفتاريون پيش ڪري رهيا هئا. حڪومت نه صرف انهن کي جيلن ۾ اذيتون ڏئي رهي هئي پر انهن جون ملڪيتون به ڪرڻ ضبط ڪرڻ لڳي. جيئن هاري جهُڪي ماٺ ڪري وڃن ۽ تحريڪ وڌيڪ اپڙي نه سگهي. ڇو جو ان تحريڪ جو ڪامياب وڃڻ ڌارين ۽ ڏيهي ڦورن لاءِ موت جو پيغام بنجڻو هو. سو حڪومت جي سڄي مشنري ڪمزور ۽ نٻل ۽ بي هٿيار هارين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي وڌا. هارين جي ججهي انداز ۾ گرفتاري ۽ ملڪيتن جي ضبطي تحريڪ کي نقصان رسائي رهيون هيون. ان ڪري قاضي صاحب ۽ ٻين تحريڪ جي مکيه ڪارڪنن فيصلو ڪيو ته تحريڪ کي باقي رکڻ ۽ پورهيتن جا حوصلا بلند رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائجي ۽ ملڪيتون واپس ڪرائجن نه ته هارين ۾ مايوسي ۽ بي چيني ڦلهجندي. ان بعد پاڻ ڊپٽي ڪمشنر وٽ اپيلون وڌن ۽ سڀني هارين کي آزاد ڪرايائون ۽ سندن ڏنڊ به معاف ڪرايائون. (79)
    جنهن وقت قاضي صاحب محرابپور ڀرسان سول نافرماني جي هي تحريڪ هلائي رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ نعپ جي ميٽنگ حيدرآباد ۾ ٿي. پاڻ ڪئمپ ۾ هجڻ ڪري ميٽنگ ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. ان ميٽنگ ۾ پارٽي جون چونڊون ٿيون. قاضي صاحب جيئن ته اڳئي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري هيو. ان ڪري دوستن سندن غير موجودگي ۾ کين جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ بيهاريو. سندن مقابلو ڪامريڊ غلام محمد لغاري ڪيو. جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جي ورڪ ڪئي ۽ سندس پٽ امداد محمد شاهه ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي قاضي صاحب جي ورڪ ڪئي. اليڪشن ۾ قاضي صاحب چونڊجي ويو ۽ پاڻ ٻيهر سنڌ نعپ جا جنرل سيڪريٽري ٿي ويا. (80)
    جڏهن سول نافرماني تحريڪ ناڪام ٿي ته قاضي ۽ سندن دوستن فيصلو ڪيو ته مرڪزي حڪومت تي حملو ڪيو وڃي. جيئن ڪراچي وارن کي خبر پوي ته سنڌي هارين سان ڪيڏا ويل وهايا پيا وڃن. پاڻ پنهنجن ساٿين سان سڄي سنڌ جو دورو ڪين. هارين کي ڪراچي ۾ مظاهري ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا.
    پاڻ 1958 جي آڪٽومبر مهيني ۾ ڪراچي جي گوليمار علائقي ۾ هڪ وڏي هاري ڪانفرنس ڪين. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين هاري شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس جي صدارت سنڌ نعپ جي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪئي. ڪانفرنس ۾ پاڻ گهر ڪين ته الاٽي هارين کي الاٽ ٿيل زمينون، مناسب اگهن تي وڪرو ڪري ڏنيون وڃن. ڪانفرنس بعد ڪراچي ۾ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ويو. جنهن جي هڪ پوڙهي هارياڻي سرواڻي ڪئي. ڪيترن ئي عورتن پڻ جلوس ۾ شرڪت ڪئي. (81) وري ٻئي ڏينهن صدر جي علائقي ۾ جلسو رکيو ويو. جنهن ۾ پڻ هزارين هاري شريڪ ٿيا.
    هارين جي هن قدم حڪومت جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا. حڪومت سنڌي پورهيتن جي صحيح طاقت جو اندازو لڳائڻ بعد هاري ليڊرن سان ڳالهيون ڪرڻ قبوليو. صدر اسڪندرمرزا سان قاضي فيض محمد جي اڳواڻي هيٺ هڪ وفد ملاقات ڪئي. هن وفد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، عثماني ۽ ڪامريڊ عبدالقادر شامل هئا. (82) صدر اسڪندر مرزا قاضي صاحب جي رٿن سان متفق ٿيو. پر پاڻ چيائين ته جيستائين سنڌ جا وزير ۽ هتان جي هڪ طبقي جا ماڻهو متفق نه ٿيندا، تيستائين حڪومت ڪو به قدم کڻي نه سگهندي.
    اڃان اهي ڳالهيون هلي ئي رهيون هيون جو جلد ملڪ سان مارشل لا لڳائي وئي. سول حڪومت ختم ٿي وئي، سڀ وزارتون ڊهي ويون. جمهوري طريقي ڪم ڪرڻ جا سڀ رستا بند ٿي ويا. تحريڪ اڌ ۾ رهجي وئي. مارشل لا حڪومت قاضي صاحب کي جيل ۾ رکيو. (83)
    مارشل لا بعد سنڌي هارين ظلم ۽ زور آوريون وڌنديون رهيون. سنڌ جي سون اپائيندڙ زميند سنڌي هارين کان ڏنڊي جي زور تي ڦري ٻين جي حوالي ڪئي وئي. هاري دربدر ٿي ويا.
    قاضي صاحب ان صورتحال هوندي به مايوس ڪو نه ٿيو، پر لڳاتار عمل جي ميدان ۾ رهيو. نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڪم ڪرڻ جا طريقا ڳولهڻ لڳو. ڇو جو عارضي شڪستون دائمي فتحن لاءِ راهه هموار ڪنديون آهن. ائين سمجهڻ ته ڪجهه نه ٿيندو، اهو وڏو ڪوڙ آهي. سڀ ڪجهه ٿيندو. هاري نيٺ هڪ ڏينهن سوڀارا ٿيندا، غلام قومون هڪ ڏينهن آزادي جا جهنڊا جهولائينديون. ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو لڳاتار عمل ۾ رهجي، مايوس نه ٿجي، ٿڪجي نه پئجي.


    ايوبي مارشل لا

    ون يونٽ جي خلاف جيئن پوءِ تيئن عوامي رد عمل وڌڻ لڳو. ملڪ ۾ خاص ڪري ننڍن صوبن ۾ بي چيني وڌڻ لڳي. سنڌ جا سياستدان ان ظلم ۽ ستم جي نظام کي ختم ڪرائڻ لاءِ مسلسل متحرڪ رهيا، هنن ونيونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ”سنڌ ائنٽي ونيونٽ فرنٽ“ جي ڪم کي تيز ڪيو. هن فرنٽ جي ڪوششن سان 1957 ۾ مغربي پاڪستان اسيمبلي ونيونٽ خلاف بل پيش ڪيو ويو. جيڪو 300 ميمبرن مان 296 ميمبرن جي وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويو. هاڻ حڪومت وٽ هن نظام کي اڃان برقرار رکڻ لاءِ ڪو به جواز ڪو نه هيو. پر ڦورو طبقا پنهنجي ڦر لٽ ائين سولي نموني ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. جڏهن سپٽمبر 1958 ۾ ملڪ جي مڙني ليڊرن گڏجي ونيونٽ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ته فوجي جنتا ايوب خان جي اڳواڻي هيٺ آڪٽومبر تي ملڪ تي قبضو ڪري اقتدار پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. دستور ساز اسيمبلي ختم ڪئي وئي، وزراتون ختم ڪيون ويون، جمهوريت ختم ڪري ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. اهي سڀ قدم ونيونٽ کي بچائڻ، عوامي هلچل ختم ڪرڻ ۽ استحصالي طبقي جي ڦرلٽ کي جاري رکڻ لاءِ کنيا ويا.
    فوجي جنتا سنڌ ۽ باقي ملڪ جي جمهوريت پسند ليڊرن کي ڳولهي ڳولهي پنهنجي انتقام جو نشانو بنائڻ لڳي. نعپ جي ٻين ليڊرن سميت قاضي فيض محمد کي پڻ جيل ۾ موڪليو ويو. (84)
    قاضي صاحب کي قيد ۾ رکڻ لاءِ 108 ڪرمنل ڪوڊ هيٺ ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. اهو ڪيس نواب شاهه ۾ ڪيو ويو ۽ سندن مٿان ٻيو ڪيس ٽنڊي آدم ۾ داخل ڪيو ويو. کين جڏهن به ڪورٽ وٺي ويندا هئا ته سندن هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ چيلهه ۾ رسا وجهندا هئا. (85) آخرڪار ڪيس ڪوڙا ٿيا ۽ کين 6 مهينن بعد آزاد ڪيو ويو.
    پاڻ ايوبي دور ۾ ونيونٽ جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ڪرڻ لڳا. پاڻ ونيونٽ سنڌ مٿان مڙهڻ جو جوابدار سنڌ جي اقتدار پرست وڏيرن ۽ پيرن کي بڻايو. جن پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۽ سنڌي عوام جي طبقاتي سوچ ۽ سمجهه کي نابود ڪرڻ لاءِ مٿائنن اها ڇپ ڪيرائي. پاڻ سنڌ جي بحالي لاءِ ٻين صوبن جي اشتراڪ سان تحريڪ هلائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. پاڻ ان ڳالهه ۾ پختو يقين رکندا هئا ته جيڪڏهن سنڌي ۽ ٻيا ننڍن صوبن جا ماڻهو متحد ٿي ڪوشش ڪندا ته ونيونٽ ضرور ٽٽندو. ان بابت لکن ٿا ته: ”ونيونٽ ڊاهڻ ڪا ماکي لاهڻي ڪانه آهي، جو لاهي وٺبي. اها قبر اسان جي سنڌ جي وڏن ماڻهن سنڌين کي پورڻ لاءِ کوٽي آهي..... هن قبر کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ اسان جي همدرد پنجابين ۽ بنگالين کي ڪوشش ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪوشش ڪئي وئي ته ونيونٽ ضرور ختم ٿيندو.“ (86)
    ونيونٽ واري دور ۾ جڏهن ڀاڙيتو اديب ۽ دانشور ونيونٽ کي تاريخي تقاضا سمجهي ۽ ان کي حق تي ڄاڻي، ان لاءِ پنهنجا ذهن ۽ ضمير استعمال ڪرڻ لڳا ۽ قومن جي جديد وصف کي رد ڪري پنهنجن مفادن خاطر مسلم قوم جو راڳ آلاپڻ لڳا. ته قاضي صاحب انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي، کين اگهاڙو ڪري عوامي عدالت ۾ پيش ڪيو. ونيونٽ بابت سنڌ دشمن ٽولي کي جواب ڏيندي چوندا هئا ته اها هڪ سازش آهي، سنڌين کي ختم ڪرڻ جي ۽ ٻاهران آيلن کي هڪ جدا وطن بنائي ڏيڻ جي. سندن ٻولي کي وڌڻ ۽ ويجهڻ جي لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏيڻ جي. ان ڪري جي ونيونٽ ختم نه ڪئي وئي ته سنڌي ختم ٿي ويندا. پاڻ ان بابت لکن ٿا ته: ”هي به اردودانن جي ڪجهه ليڊرن جو منصوبو آهي ته سنڌ جا بارڊر کولجن ۽ جنهن وقت سندن آدمشماري سنڌين کان وڌي وڃي. انهي وقت دربند ڪري سنڌ کي ختم ڪيو وڃي..... هي سڀ سنڌ کي ختم ڪرڻ جا منصوبا آهن. اسان سنڌ کي هرگز هرگز قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. سنڌ جو خاتمو يعني هڪ ڪروڙ زنده انسانن جو خون، پنج ڏهه هزار سال پراڻي تهذيب ۽ زبان جو خون. ڌرتي جي غائب ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سڳنڌ سنڌين جي روحن سان دائم ۽ قائم رهندي.“ (87)
    ايوب شاهي جي دور ۾ قاضي فيض محمد فوجي آمريت جي خاتمي، جمهوريت جي بحالي ۽ بنيادي انساني حقن جي حاصلات لاءِ هر پليٽ فارم تان جنگ لڙندو رهيو. پاڻ اهڙي اونداهي دور ۾ نواب شاهه ۾ مڙني سياسي پارٽين جو گڏيل اجلاس گهراين. شهر ۾ سياسي سرگرمين تي پائبندي هوندي جلسو ڪرايو ويو. جنهن ۾ وڏن وڏن ليڊرن شرڪت ڪئي ۽ ايوبي مارشل لا جي خلاف آئينده جو پروگرام تشڪيل ڏنو ويو.
    1964 ۾ ايوب خان پاڻ کي سول صدر چونڊائڻ لاءِ صدارتي چونڊن جو اعلان ڪيو. جئين مارشل لا جاري رکڻ لاءِ قانوني جواز هٿ ڪيو وڃي. ۽ پنهنجي آمريت کي وڌيڪ مضبوط ڪري جمهوري قوتن ۽ ننڍن صوبن جي خودمخيتاري گهرندڙن کي ڪچليو وڃي. نيشنل عوامي پارٽي سندس مقابلي ۾ محترما فاطمه جناح جو نالو تجويز ڪيو. جيئن هن آمر جنرل کي شڪست ڏياري وڃي. فاطمه جناح جي اليڪشن ورڪ ۾ نعپ خاص مدد ڪئي. (88) قاضي فيض محمد پڻ پارٽي فيصلي موجب نواب شآهه ضلعي ۾ محترما فاطمه جناح جي سٺي ورڪ ڪئي. پمفليٽ، اشتهار ۽ اپيلون شايع ڪرائي عاوم کي ايوب خان جي خلاف ڀڙڪايو. پاڻ سڄي ضلعي جي هڪ هڪ ووٽر تايئن پنهنجي موٽرتي چڙهي پهتو. (89) پاڻ هيٺين بنيادن تي ”بنيادي جمهوريتن جي ووٽرن“ کي ايوب خلاف ووٽ وجهڻ جي اپيل ڪئي: (99)
    (1) ون يونٽ کي حل ڪرڻ بدران ايوبي دور ۾ حڪومت ڏنڊي جي زور تي يونٽ هلائي رهي آهي.
    (2) اسان جي ڳچين ۾ آمريڪا جي غلاي جا زنجير وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن.
    (3) سنڌ جون زمينون، سنڌ جون نوڪريون، سنڌ جا قدرتي ذخيرا اسان کان کسيا ويا آهن.
    پاڻ انهن ڳالهين کي بنياد بڻائي فاطمه جناح جي زبردست ورڪ ڪين. پر ايوب خان پنهنجي طاقت جي زور تي اليڪشن ڌانڌليون ڪرائي پاڻ کي صدر چونڊرايو. ان هوندي به صدارتي چونڊن ۾ فاطمه جناح 80 هزار مان 30 هزار ووٽ کنيا. (91)
    لاهور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪئي وئي. پاڻ ان ۾ شريڪ ٿيا. هتان ونيونٽ خلاف پمفليٽ ڇپائي اتي وڃِ ورهاين. اتي مارشل لا خلاف مظاهرن ۾ حصو ورتن. سنڌ جي سياستدانن ان ڪانفرنس ۾ قاضي صاحب کي سبجيڪٽ ڪاميٽي تي کڻايو. (92) اهڙي طرح پاڻ هر هنڌ سنڌين جي حقن جو ڪيس نهايت ثابت قدمي سان لڙندا رهيا.


    عوامي ليگ ۾ اهم ڪردار

    1967 ۾ قاضي صاحب، جن وٽ قمر الزمان ڪنوينر عوامي ليگ جن شيخ مجيب الرحمان جو پيغام کڻي آيا ته پاڻ عوامي ليگ ۾ شامل ٿئي ته عوامي ليگ ونيونٽ جي خلاف نڪتو پنهنجي پروگرام ۾ رکندي. قمرالزمان، قاضي صاحب کي ڊاڪا ۾ عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ کين چيو ته ان ميٽنگ ۾ ونيونٽ خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو ويندو. پاڻ ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ هتان جي ٻين دوستن سميت شريڪ ٿيا. ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ ونيونٽ خلاف نه صرف ٺهراءُ پاس ٿيو پر عوامي ليگ جي ليڊرن گڏجاڻي ۾ وڌ کان وڌ اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن جي خودمختياري ۽ حقن جي حمايت ۾ ڳالهايو. جنهن ڪري قاضي صاحب جن عوامي ليگ ۾ ٻيهر شامل ٿيا. (93) ان بعد پاڻ عوامي ليگ جي ليڊرن سان گڏ سڄي بنگال جو دورو ڪين.
    عوامي ليگ، ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ صوبائي خودمختياري جي حاصلات لاءِ ٻين جمهوريت پسند پارٽين سان گڏيل محاذ قائم ڪيو. جيئن گڏجي فوجي آمريت خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. ان گڏيل محاذ ۾ قاضي فيض محمد کي مغربي پاڪستان جي ’ڊئڪ‘ جي ڪائونسل تي عوامي ليگ پاران کنيو ويو.
    گڏيل محاذ جي ميٽنگ ۾ ونيونٽ خلاف رٿ پيش ٿي. ٻين مڙني پارٽين اهو فيصلو بنگالين تي رکيو. بنگالين قاضي صاحب سان صلاح مشوري بعد ونيونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪئي. ميٽنگ ۾ پنجاب وارن بلوچستان جي آزادي تي اعتراض واريو ته بلوچستان ننڍو صوبو آهي، ان ڪري اهو نه صرف پنهنجو انتظام هلائڻ جو اهل نه آهي، پر اقتصادي طرح اڳتي نه هجڻ ڪري خودمختيار رهي نه ٿو سگهي. ان نقطي تي شيخ مجيب الرحمان، قاضي صاحب کان ان متعلق راءِ ورتي. قاضي صاحب بلوچن جي وڪالت ڪندي. ضروري انگ اکر پيش ڪيا ۽ بلوچستان جي خودمختياري تي زور ڏنو. جنهن جي بنياد تي بلوچستان کي پڻ ڌار صوبي بنائڻ واري رٿ منظور ٿي. (94)
    مارچ 1969ع ۾ عوامي تحريڪ جي دٻاءُ کان مجبور ٿي، ملڪ جي فوجي آمر ايوب خان حڪومت جون واڳوين هڪ ٻئي فوجي جنرل يحييٰ خان جي حوالي ڪيون ۽ پاڻ منظر عام تان هٽي ويو. يحييٰ خان حالتن کان مجبور ٿي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ليڪشن جي اعلان ٿيڻ شرط قاضي فيض محمد، بنگال جي دوري تي روانو ٿي ويو. پاڻ پياسي، جيسور ۽ بوگرا وغيره ويو. ان بعد شيخ مجيب الرحمان، آل پاڪستان عوامي ليگ جي هڪ وڏي ڪانفرنس ڊاڪا ۾ گهرائي. ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قاضي صاحب سنڌ مان هڪ وڏو جٿو وٺي اتي پهتو. جنهن ۾ امداد شاهه، غلام نبي پٺاڻ ۽ ٻيا شامل هئا. ان ڪانفرنس ۾ عوامي ليگ جو دستور پڻ پاس ڪيو ويو. ان دستور ٺاهڻ ۾ قاضي صاحب جو پڻ وڏو هٿ هو. ان ئي ڪانفرنس ۾ قاضي صاحب کي عوامي ليگ جو مرڪزي سينئر وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. (95)
    قاضي فيض محمد، سنڌ ۾ اچڻ شرط عوامي ليگ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان جون شاخون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کولڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳو. 15 سيپٽمبر 1969ع تي ڄام صادق علي جي رهائش گاهه تي عوامي ليگ جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ڪئي وئي. جنهن جي صدارت قاضي صاحب جن ڪئي. ان گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ پارٽي جون آفيسون کولڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. 28 سيپٽمبر 1969ع تي حيدرآباد ۾ عوامي ليگ جي صوبائي آفيس کولي وئي. جنهن جو افتتاح قاضي صاحب کان ڪرايو ويو.
    ونيونٽ ٽوڙائڻ، صوبائي حق بحال ڪرائڻ ۽ جمهوريت جي واپسي لاءِ اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن گڏجي جدوجهد هلائڻ جو پروگرام رٿيو. سنڌ، بلوچستان، سرحد متحد محاذ ٺاهڻ لاءِ ننڍن صوبن جي سياستدانن ڪوشش وٺڻ شروع ڪئي. انهي محاذ ٺهرائڻ واري عمل ۾ قاضي صاحب جو پڻ وڏو هٿ رهيو. ان سلسلي ۾ بلوچستان متحد محاذ طرفان 30 سيپٽمبر 1969 تي هڪ ڪنوينشن ڪوئيٽه ۾ رکي وئي. جيئن گڏيل محاذ قائم ڪيو وڃي. ان ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ جي ايم سيد، آغا غلام نبي پٺاڻ ۽ قاضي صاحب کي دعوت ڏني وئي. (96)
    ان ڪنوينشن ۾ ٽنهي صوبن جي اٽڪل 2 هزار سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ۽ هنن گڏجي هڪ ٺهراءَ ذريعي ونيونٽ ٽوڙي صوبا بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ 1956 جي آئين ۽ زونل فيڊريشن جي رٿ جي مخالفت ڪئي. (97)
    هن ڪنوينشن ۾ قاضي فيض محمد، تقرير ڪندي، ننڍن صوبن جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو عوامي ليگ جي 6 نقطن جي حمايت ڪن ڇو جو انهن نقطن جي بنياد تي ئي ننڍا صوبا نه صرف پنهنجو وجود بچائي سگهن ٿا پر روز روز جي فوجي آمريت کان پڻ پنهنجي جان آجي ڪرائي سگهن ٿا. پاڻ تقرير ڪندي چين ته: ”بنگالي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اتي هو ونيونٽ جي خاتمي لاءِ به ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. ليڪن اسان پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيا آهيون.“ (98)
    1970 جي اليڪشن عوامي ليگ پنهنجي 6 نڪاتي پروگرام تحت لڙڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن موجب نه صرف بنگال پر پاڪستان جي ٻين ننڍن صوبن جي حقن جي پڻ حفاظت ڪرڻي هئي. اهڙي خاطري عوامي ليگ طرفان ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي اڳواڻن کي ڏياري وئي هئي. ان ڪري قاضي فيض محمد عوامي ليگ جا 6 نقطا سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين ننڍن صوبن جي عوام تائين پهچائڻ لاءِ سخت جاکوڙ ڪئي. جيئن انهن جي بنياد تي بنگالين سان گڏجي پنهنجي خودمختياري حاصل ڪري سگهجي. عوامي ليگ جي انهن نقطن جي هتان جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڌارين جي دلالن کان سواءِ ٻي ڪنهن به ڌر مخالفت نه ڪئي. پر عام راءِ بيدار نه هجڻ ڪري ۽ ڌارين جي دلالن جي سازشن ۽ مڪارين ڪري ماڻهو عوامي ليگ جي پروگرام کي پنهنجو ڪري نه سگهيا. سنڌ ۾ مجيب جي 6 نقطن جي مخالفت صرف ذوالفقار علي ڀٽي، محمد ايوب کهڙي ۽ اي ڪي بروهي جهڙن ڌارين جي دلان ۽ وطن فروش وڏيرن ئي ڪئي. قاضي صاحب انهن ٽنهي ماڻهن کي عوام آڏو ننگو ڪري نروار ڪري ۽ مٿن پريس بيانن ۾ الزام لڳايو ته اهي ماڻهو بنگالي عوامي، سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جي وچ ۾ اتحاد جي فضا کي خراب ڪري رهيا آهن. قاضي صاحب ان متعلق پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ چيو ته، ”انهن ٽن صاحبن کان سواءِ ننڍن صوبن جي ٻي ڪنهن به سياسي اڳواڻ بنگال جي 6 نڪاتي گهرن جي مخالفت نه ڪئي آهي. باوجود انهن جي، جو هو ٽئي صاحب هڪ ٻئي جا سخت مخالف آهن. پر پنجاب جي دوري ڪرڻ کان پوءِ انهن ٽنهي صوبن ۽ بنگال جي عوام ۾ سياسي يڪجهتي جي مخالفت ڪئي آهي ۽ جيڪي ماڻهو بنگال جي 6 نڪاتي پروگرام جي مخالفت ڪن ٿا، اهي اڻ سڌي طرح ونيونٽ جي حمايت ڪري رهيا آهن. عوام کي هنن جي منافقانه چالن کان آگاهه ٿيڻ کپي.“ (99)
    ڊسمبر 1970 جي عام چونڊن ۾ قاضي فيض محمد عوامي ليگ جي پليٽ فارم تان نواب شاهه تڪ مان قومي اسيمبلي جو اميدوار بيٺو. سندن مقابلي ۾ مکيه اميدوار شبير احمد شاهه (قيوم مسلم ليگ) ۽ حاڪم علي زرداري (پيپلز پارٽي) بيٺا. (100) جي ايم سيد جهڙي قومپرست ليڊر قاضي فيض صاحب جي حمايت ڪرڻ بدران سيد پرستي جي بنياد تي قيوم ليگ جي اميدوار شبير احمد شاهه جي حمايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ ۾ عوامي ليگ ۽ متحد محاذ گڏجي اليڪشن اميدوار بيهاريا هئا ۽ قاضي صاحب، عوامي ليگ ۽ سنڌ متحد محاذ جو گڏيل اميدوار هو. ٻيو ته قاضي صاحب 6 نڪتن جي بنياد تي اليڪشن لڙي رهيو هو. جيڪي نقطا قومپرستن ۽ سنڌ دوستن لاءِ ڪشش وارا ۽ فائديمند هئا. جي ايم سيد کي چيائون ته: ”سائين! وڏيرا، وڏيرن جا يار اسان ڪيتريون به قربانيون ڏيون، مگر اسان جو قدر نه ٿيندو.“ (101)
    ان اليڪشن ٿيڻ کان اڳ اليڪشني سياست جو تجزيو مير امداد علي پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت ڪري ٿو. هو قاضي صاحب بابت لکي ٿو ته: ”قاضي فيض محمد ، بي داغ، باهمت ۽ ونيونٽ جي مخالفت ۾ جهاد ڪندڙ مرد مجاهد آهي. مقامي وڪيل، نيشنل عوامي پارٽي ۽ جي ايم سيد جو دوست آهي. جيڪڏهن ونيونٽ جي خلاف علم جهاد بلند ڪرڻ واري جهاد کي ٿو ڏسجي ۽ سنڌ خاطر بيداغ خدمت ڪندڙن جو جائزو ٿو وٺجي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مان قاضي فيض محمد به هڪ آهي. ڪن ڳالهين ۾ ته جي ايم سيد کان به زور آهي. ڇو جو جي ايم سيد جي سيد پرستي، سنڌ پرستي کان ڪجهه مٿي آهي ۽ قاضي صاحب جي سنڌ پرستي مسلم پرستي کان به مٿي آهي.... پر نالي چڙهيو چور سزا کائي، نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي، سو پيپلز پارٽي جي آهي سرسي ۽ ماڻهن جي ذهني قوت به بنهه ڪمزور آهي. سو سڀ لڪير جا فقير ٿيو وتن. ان ڪري سخت مقابلو حاڪم علي زرداري ۽ شبير احمد شاهه ۾ ٿيندو.“ (102) ۽ اڳتي هلي قاضي صاحب اليڪشن ۾ هارايو.
    اليڪشن وارن ڏينهن ۾ قاضي صاحب وٽ پي پي جو سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو ڪيترا دفعا آيو ۽ کين آڇ ڪيائون ته نواب شاهه واري سيٽ اوهان ئي ڏياري ويندي ۽ پارٽي ۾ پڻ اهم عهدو ڏنو ويندو. اوهان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. پر قاضي صاحب کين جواب ڏنو ته مان توهان جي پارٽي پروگرام سان متفق نه آهيان ۽ اوهان پنجاب ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ ۽ انهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍن صوبن جي مفادن کي داءَ تي لڳائي رهيا آهيو. جڏهن ته عوامي ليگ جي ڪاميابي ننڍن صوبن جي عوام لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيندي.
    اليڪشن جي ڏينهن ۾ شيخ مجيب الرحمان، اولهه پاڪستان جي دوري تي آيو. هن قاضي صاحب سان گڏجي سنڌ جي ٽن شهرن ۾ عام جلسن کي خطاب ڪيو. پهريان ڪراچي پوءِ نواب شاهه ۽ آخر ۾ شڪارپور ۾. سندن نواب شاهه وارو جلسو نهايت ڪامياب ويو. (103)
    اولهه پاڪستان ۾ پنجاب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀٽي صاحب ۽ مسلم ليگين، عوامي ليگ جي 6 نڪتن جي سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. کين ان مخالفت جو جواب قاضي فيض محمد ئي اڪيلي سر ڏيندو رهيو ۽ قاضي صاحب پيپلز پارٽي جي ٻه چاپڙائي واري پاليسي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ 6 نڪتن جو تحفظ ڪيو. پاڻ اولهه پاڪستان ۾ عوامي ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ پناجب ۽ سرحد جا دورا ڪين. بهاولپور ۽ ملتان ويا، جتي وڪيل برادريءَ سان مليا. لاهور ۾ هڪ وڌي ڪانفرنس سڏاين. اتي ڀٽي صاحب تي سخت نڪتچيني ڪندي، کيس پاڪستان جي عوام جو دشمن ٺهراين. ان بعد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ڀٽي جي پاليسي تي سخت تنقيد ڪين. پاڻ ڀٽي جي مخالفت بابت لکن ٿا ته: ”ڀٽي صاحب سان ڪو به شخصي اختلاف ڪو نه هو. سنڌ جو مسئلو هو. مان سمجهيو ٿي، خودمختياري جيتري شيخ صاحب ۽ عوامي ليگ جي پاور ۾ اچڻ سان ملندي، اها ڀٽي صاحب کان ملي نه ٿي سگهي.“ (104)
    يحييٰ خان ڊسمبر 1970 ۾ ان لاءِ چونڊون ڪرايون ته عوامي دٻاءُ کي جهڪو ڪري، ساڄي ڌر جي پارٽين کي کٽائي، انهن جي فوجي ڇٽي هيٺ حڪومت قائم ڪري ان جو پاڻ اڳواڻ ٿي وهي. هن کي پورو پورو يقين هو ته ٻنهي حصن ۾ ڪا به پارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي ۽ نه ئي ڪا پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي. ان ڪري هو مڙني پارٽين کي خوش ڪر اڪيلو پاڻ ئي حڪومت هلائيندو. پر چونڊن بعد عوامي ليگ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن ڪري يحييٰ خان جا اهي خاوب چڪنا چور ٿي ويا. ۽ فوجي جنتا چونڊن جي مثبت نتيجن نه نڪرڻ ڪري اقتدار ڏيڻ کان نابري وارڻ لڳي. عوامي ليگ گهر ڪئي ته مارشل لا ختم ڪري اقتدار چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن عوامي ليگ 6 نڪاتي فارمولي هيٺ آئين ساز طرف قدم وڌائي. جيڪا ڳالهه فوجي جنتا ۽ پنجاب جي مستقل مفاد کي ڏکي لڳي ۽ ان ۾ هنن کي پنهنجو موت نظر آيو. ٻيو ته عوامي ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان، ان جا 6 نڪتا اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن کي ايترا اختيار بخشين ها جو ڪڏهن به فوجي ٽولو اقتدار تي قابض ٿي، جمهوريت جو جنازو نه رلائي ها ۽ نه ئي وري ننڍن قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳي سگهن ها. ان ڪري فوجي جرنيلن، عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ بدران ان تي ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اوڀر پاڪستان جي جمهوري قوتن کي ڪچلڻ لاءِ اوڏانهن فوج موڪلڻ شروع ڪئي. فوج جي پوري طرح تيار ٿيڻ تائين، صدر يحييٰ، شيخ مجيب کي ڳالهين ۾ رڌل رکيو.
    24 مارچ 1971 تي آخري ميٽنگ رکي ويئي. ان ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ شيخ مجيب الرحمان، سنڌ مان قاضي فيض محمد کي ڊاڪا گهرايو. پاڻ قاضي صاحب کي سڄي صورتحال کان واقف ڪيائون. 24 مارچ تي سڄي پاڪستان جا ليڊر سواءِ پيپلز پارٽي جي شيخ مجيب وٽ آيا. ان گڏجاڻي ۾ قاضي صاحب به شامل ٿيو. گڏجاڻي ۾ ولي خان، مفتي محمود، شاهه احمد نوراني ۽ غوث بخش بزنجي ڳالهين ۽ شيخ مجيب کي صحيح قرار ڏنو. فيصلو ٿيو ته مڙئي ليڊر يحييٰ خان سان ملندا ۽ شيخ صاحب جون گهرون قبول ڪرائيندا. پر يحييٰ خان گهرون قبول نه ڪيون. (105)
    آخري دفعو ڳالهين ناڪام ٿيڻ کان پوءِ شيخ مجيب الرحمان، قاضي فيض کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چيو ته: ”ڳالهيون ناڪام ويون آهن. ڏينهن پورا ٿيا آهن. سڀاڻي يا پرينهن هتي بندوق بازي ٿيندي، هاڻ توهان کي موٽي واپس وڃڻ گهرجي. جي وڃڻ جي ڪا واهه نه مليو ته مان توهان کي ڪنهن بنگالي جي گهر رهائيندس.“ (106)
    قاضي صاحب، شيخ مجيب کان پارٽي جي ٻين ساٿين جو پڇيو ته، ”اهي ڪٿي آهن؟“ ته پاڻ چيائون ته: ”اهي هندستان هليا ويا آهن ۽ مان بنگالين جو اڳواڻ آهيان. مون کي ڀڄڻو نه آهي. مون کي هنن سان گڏ مرڻو آهي.“ (107)
    قاضي صاحب کي هڪ جهاز ۾ جڳهه ملي وئي ۽ پاڻ ٻين ڪيترن ئي اولهه پاڪستان جي سياستدانن ۽ وڏن آفيسرن سان گڏ اچي ڪراچي پهتا.
    25 مارچ 1971 جي آڌي رات جو پاڪستان جي فوج بنگالي عوام جو قتل عام ڪرڻ شروع ڪيو. ٽينڪن، جنگي جهازن ۽ مشين گنن سان مظلوم عوام کي ابدي نند سمهارڻ جو ناٽڪ شروع ٿيو. 30 لک ماڻهو گولين جو کاڄ بنجي ويا. هزارين عورتن جي عصمت دري ڪئي وئي. لکين ماڻهو اباڻا پڊ ڇڏي سرحدون ٽپي ڀڄڻ لڳا. شهر ۽ ڳوٺ بمن ۽ ٽينڪن جي گولن سان رک بنجي ويا. ۽ ان سان گڏ پاڪستان ٽٽي ٻن حصن ۾ وهائجي ويو. اوڀر پاڪستان، هڪ نئين آزاد ۽ خود مختيار رياست بنگلاديش جي صورت ۾ ٻيهر دنيا جي تختي تي نروار ٿيو.


    سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ جنگ

    قاضي فيض محمد جي زندگي جتي سياسي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو مظهر رهي، اتي پاڻ سنڌي زبان جي بقا ۽ بچاءَ جي جنگ ۾ پڻ پٺتي ڪين رهيا. پاڻ پنهنجي مادري ٻوليءَ سان ازلي عشق ڪندا هئا ۽ جڏهن به سنڌي زبان تي ڪي ڏکيا ڏينهن آيا ته پاڻ خاموش ويهي ڪين سگهيا. تقرير، تحرير، بک هڙتال، جيل ۽ خوني حملن کي منهن ڏيڻ تائين جدوجهد ڪندا رهيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاهرين غير مقامي باشندن جي زبان سان جنگ هلندي آئي. ان بقا ۽ بچاءَ جي جنگ ۾ ڪيترن ئي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، هارين ۽ مزدورن، شاگردن ۽ عورتن حصو ورتو. سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو 1954ع جي آئين ٺهڻ وقت ۽ ان کان پوءِ وري 1956ع ۾ آئين ٺهڻ جي موقعي تي اڀريو. ان بعد ان مسئلي 1961ع ۾ ان وقت شدت اختيار ڪري ورتي، جڏهن ايوب خان جي دور حڪومت ۾ تعليمي سڌارن لاءِ قائم ڪيل ڪميشن 1962ع ڌاري پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. انهن سفارشن تحت سنڌي ٻوليءَ کي مليل حقن ۽ سهوليتن کان انحراف ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي گهٽايو ويو. ان کي گهٽائي نصاب ۾ پنجين درجي تائين لازمي قرار ڏنو ويو. سنڌي پڙهندڙن جي ذريعي تعليم کي اردو بڻايو ويو. اردو ٻارن لاءِ سنڌيءَ جو لازمي پيپر ختم ڪيو ويو وغيره.(108) سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ان ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف سنڌ سميت سڄو ملڪ اٿي کڙو ٿيو ۽ مڙني ان فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي شرمناڪ قدم ڪوٺيو. ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن، سياستدانن، شاگردن، اديبن ۽ ٻين طبقن ان جي مخالفت ڪئي. نه صرف سنڌ واسين ان خلاف احتجاج ڪيو، پر اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش)، بلوچستان ۽ سرحد جي ليڊرن به تعليمي ڪميشن جون سفارشون سنڌين سان ناانصافي قرار ڏنيون. ان ڏس ۾ قاضي فيض محمد به پٺتي ڪين رهيو. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي ليڊرن جيڪو حڪومت کان گڏيل مطالبو ڪيو، ان تي جن 21 اهم ليڊرن صحيحون ڪيون، انهن ۾ قاضي صاحب به هڪ هيو. قاضي صاحب ان دور ۾ هر پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليءَ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. نيٺ وقت جي حاڪمن عوام جي دٻاءَ کان مجبور ٿي، سنڌي ٻوليءَ جي ساڳي حيثيت کي برقرار رکيو.

    ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ ڪاڻ جدوجهد
    1970ع جي اليڪشن ٿيڻ واري هئي، ان لاءِ حڪومت اعلان ڪيو ته ووٽرن جون لسٽون صرف اردو ۽ بنگالي زبان ۾ ٺهنديون. حڪومت جو اهو اعلان سنڌي زبان سان ٻه اکيائي ۽ دشمني تي مبني هو. ڇو جو هن کان 22 سال اڳ انگريزن جي دور ۾ لسٽون سنڌي ۾ ڇپيون هيون. ان بعد ون يونٽ جي شروعاتي دور ۾ به لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپيون هيون، پر هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪري ان سنئين سڌي مسئلي تي حڪومت اڙي ڪري بيٺي. حڪومت جي ان غلط فيصلي کي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ننديو ۽ پنهنجي جائز حق جي گهر ڪئي. اخبارن ايڊيٽوريل لکيا. ٺهراءَ پاس ٿيا، بيان نڪتا ۽ احتجاج ٿيا، پر حڪومت ان تي ڪا به توجهه نه ڏني. ان ڪري سنڌي شاگردن ان مسئلي جي حل واسطي تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي ته لسٽون سنڌي ۾ به ڇپجڻ گهرجن. 8 نومبر 1969ع تي شاگردن مظاهرا ڪيا. ان بعد شاگرد ليڊر لالا قادر بک هڙتال تي ويٺو. سڄي سنڌ ۾ علامتي بک هڙتالون شروع ٿي ويون. جلوس ڪڍيا ويا ۽ جلسا ڪيا ويا.(109) شاگردن سنڌي ۾ لسٽون ڇپرائڻ کانسواءِ ٻيا به هيٺيان مطالبا ڪيا ته:
    (1) ون يونٽ ٽوڙيو وڃي. (2) سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن خلاف ڪيس واپس ورتا وڃن. پر اهم مطالبو سنڌي لسٽن جو ئي هو. شاگردن جي انهن مطالبن جي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سنڌ متحد محاذ جي صدر جي ايم سيد پڻ حمايت ڪئي. قاضي فيض محمد جيڪو ان وقت آل پاڪستان عوامي ليگ جو مرڪزي نائب صدر هو. ان پڻ حڪومت جي ان هٺ ڌرمي کي ننديو ۽ شاگردن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪئي. 11 نومبر 69ع تي پاڻ حمايتي پريس بيان سان گڏ اهو به اعلان ڪيو ته گهرجون پوريون نه ٿيون ته پاڻ به مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندا.(110) شاگردن جي انهن مطالبن جي صحيح معني ۾ عملي پٺڀرائي عوامي ليگ ئي ڪئي ۽ سندن مرڪزي نائب صدر شاگردن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. شاگردن جي تحريڪ بابت قاضي صاحب جن لکن ٿا ته ”هي سنڌي لسٽن جي گهر سياستدانن کي ڪرڻ گهربي هئي، نه ٻچن شاگردن کي.“(111)
    قاضي صاحب جن کي 10 نومبر 69ع تي ”شام سنڌ“ وارن جي دعوت پهتل هئي، اهو فنڪشن شاگرد ڪرائي رهيا هئا. پاڻ ان فنڪشن ۾ شريڪ ٿيا. ان ۾ پاڻ تقرير ڪندي چيائون ته ”اسان جا ٻچا سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ بک هڙتالون ڪري رهيا آهن. اسان کي به انهن جي همدرديءَ ۾ ڪجهه قرباني ڏيڻ گهرجي.“(112) فنڪشن ختم ٿيڻ بعد پاڻ بک هڙتالي شاگردن وٽ ويا ۽ کين گلن جا هار پارايا. پاڻ ٻئي دفعي شاگردن سان ملڻ ويا ته شاگردن جي حالت ڏسي جوش ۾ اچي ويا ۽ اعلان ڪيائون ته ”جيڪڏهن شاگردن جون گهرجون قبول نه ڪيون ويون ته مان به مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندس.“(113) نيٺ پاڻ 14 نومبر 69ع تي اچي بک هڙتال تي ويٺا. سندن بک هڙتال سبب هيءَ تحريڪ وڌي عوامي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري وئي. عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پڻ تحريڪ جي حمايت ڪئي. جڏهن تحريڪ زور وٺڻ لڳي ۽ سڄي سنڌ ان جي حمايت ۾ اٿي پئي ته وڏن وڏن ليڊرن جي دڪانداريءَ کي ڌڪ لڳڻ لڳو. جنهن ڪري جي ايم سيد ان جي مخالفت ڪندي، ان کي ختم ڪرڻ جي صلاح ڏني. ان بابت قاضي صاحب جن لکن ٿا ته؛ ”جي ايم سيد هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي ۽ قانوني طرح حق وٺڻ لاءِ جدوجهد تي زور ڏنو، پر اها رٿ اسان کي ناپسند هئي.“(114) جي ايم سيد جي مخالفت سبب ڪيترائي بک هڙتالي شاگرد بي دليا ٿي پيا ۽ بک هڙتال ختم ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳا. پر قاضي صاحب شاگردن کي سمجهايو ته اها اسان جي بي عزتي آهي، جو بنا مطالبن مڃرائڻ جي خودبخود تحريڪ ختم ڪيون. دشمن اسان کي ٽوڪيندا، بزدل ۽ ڀاڙيو سڏيندا. پوءِ ڪير اسان جي پويان لڳندو. ان بعد شاگرد بک هڙتال جاري رکڻ تي راضي ٿيا. بک هڙتالين جي همت افزائي لاءِ سندن وٽ فلسطيني، بنگالي ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشنن جا شاگرد به اچڻ لڳا. قاضي صاحب بک هڙتال دوران هيٺيون بيان ڪڍيو؛ ”سنڌ عظيم ۽ قديم ملڪ آهي. سنڌي زبان ۽ ثقافت جون پاڙون عوام جي دلين ۾ پختگيءَ سان کتل آهن. بدقسمتي سان غير ملڪي ثقافت جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌين کي تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پر اسين ان جي خلاف جدوجهد ڪري شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جي تصور مطابق هڪ نئين سنڌ وجود ۾ آڻينداسين.“(115) قاضي صاحب سنڌ جو پهريون سياستدان هو، جنهن عملي طرح ان تحريڪ ۾ ٽپي پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌين جو سچو خادم تسليم ڪرايو. تحريڪ جو سڄو ڪريڊٽ جيڪو اڳ چند بيان باز ۽ لٻاڙي ليڊرن جي کنڌي ۾ اچڻو هو، سو قاضي صاحب، عوامي ليگ ۽ محب وطن شاگردن جي کاتي ۾ اچي ويو.
    قاضي صاحب جي تحريڪ ۾ ٽپڻ سان سنڌ دشمنن طرفان وڏي پئماني تي مخالفت شروع ٿي چڪي هئي. ڌاريا هن تحريڪ جي دشمنيءَ تي لهي آيا. مخالفت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا ويا. مهاجر اڳواڻ نواب مظفر هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته؛ ”سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ بک هڙتالين جي ڪري امن امان جون ڪوششون ڪمزور ٿي ويون آهن ۽ پاڪستان عوامي ليگ جي نائب صدر قاضي فيض محمد جي بک هڙتال ۾ شامل ٿيڻ بعد شهر جي فضا بيحد خراب ٿي وئي آهي. قاضي فيض محمد سياسي فائدو وٺڻ ٿو چاهي.“(116) ٻئي ڏينهن سورنهن نومبر تي قاضي صاحب نواب صاحب کي جواب ڏيندي پريس بيان ۾ چيو ته؛ ”آئون حيدرآباد جي هڪ فوٽ پاٿ تي پيو آهيان. انهيءَ مان جهيڙا يا لاقانونيت شروع ٿيڻ جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. اسان پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ جي مقصد سان پُرامن جدوجهد شروع ڪئي آهي.“(117) 17 نومبر تي ڪامريڊ غلام محمد لغاري به بيمار هوندي پاڻ کڻائي اچي بک هڙتال ٿي ويٺو. بک هڙتالين وٽ هاري، شاگرد، هارياڻيون، ڪارڪن ۽ ليڊر اچڻ لڳا. تحريڪ جيئن پوءِ تيئن تيز ٿيندي رهي. جيڪا ڳالهه سنڌ دشمنن کان سٺي نه ٿي. حڪومت ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان هن حق جي آواز کي ختم ڪرڻ لاءِ 18 نومبر جي رات جو هڪ وڳي بک هڙتالي ڪارڪنن جي ڪيمپ تي حملو ڪيو. پوليس ۽ مهاجر غنڊن بک هڙتالين تي لٺين، ڌڪن، ڪنڌاقن جي برسات وسائي ڏني. هنن سڀني جا هڏ گُڏ ڀڃي وڌائون. ڪامريڊ لغاري کي ڏاڍا ڌڪ لڳا، سندن مٿو ڦاٽي پيو. پوليس سڀني کي کڻي اچي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رکيو. ان جي ٻئي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ بک هڙتالين جون گرفتاريون شروع ٿي ويون.(118) قاضي فيض محمد ۽ ٻيا ڪارڪن جيل ۾ به بک هڙتال تي رهيا. پنجن ڏينهن بعد ڀٽو صاحب به بک هڙتالين سان ملڻ آيو. قاضي صاحب ڀٽي کي چيو ته اسان جا مطالبا پورا ڪيا وڃن ته تحريڪ بند ڪنداسين. پهريون مطالبو ون يونٽ ٽوڙيو وڃي ۽ ٻيو ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪيون وڃن. جيل ۾ 8 ڏينهن ٻيا به گذري ويا. سڄي سنڌ ۾ بک هڙتالين جي حمايت ۾ مظاهرا ٿيڻ لڳا. هڪ ڏينهن ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين اچي جيل ٻاهران ڌرڻو هنيو ته بک هڙتالين کي طبي امداد ڏني وڃي. جنهن بعد قاضي صاحب ۽ سندس ساٿين کي تپاسڻ لاءِ هڪ ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي. جيل ۾ قاضي صاحب ۽ غلام محمد لغاري کي شاگردن کان الڳ رکيو ويو. ڪيترائي شاگرد روز گرفتار ٿيندا رهيا ۽ بهادر نياڻي اختر بلوچ پڻ گرفتار ٿي آئي. قاضي صاحب هن نياڻيءَ جي همت افزائي لاءِ ڏانهس روز چٺيون لکندو هو. 26 نومبر تي قاضي صاحب جي حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي ۽ پاڻ بستري تي موت جو انتظار ڪرڻ لڳا. نيٺ حڪومت جدوجهد ڪندڙن جي آڏو گوڏا کوڙيا ۽ سنڌي عوام جي سالن کان هلندڙ جدوجهد رنگ لاتو. 28 نومبر تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 29 نومبر تي لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 30 نومبر تي ايڪشن ڪاميٽي طرفان بک هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ٿيو.(119) ان بعد قاضي صاحب ۽ سندس ساٿين بک هڙتال ختم ڪئي. جنهن بعد پاڻ 8 ڊسمبر تي جيل مان سنڌ جي نئين وجود ۽ سنڌي ٻولي جي حيثيت جي مڃتا جو تحفو کڻي آزاد ٿيا.

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ
    سنڌ ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي وري ان وقت ڇڪتاڻ وڌي، جڏهن 1973ع جي آئين ٺهڻ وقت سنڌين جي پراڻي جائز مطالبي کي نظرانداز ڪندي حڪومت 8 سيڪڙو اقليت جي ٻولي اردوءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻايو. حڪومت جي ان قدم کي ناجائز ۽ غير واجبي ڪوٺيندي سنڌي عوام جدوجهد جي ميدان ۾ لهي آيو. هر طبقي سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌي کي به پاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان کي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان بڻايو وڃي.(120) صرف اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ سنڌين جي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ لساني حقن جو کليو کلايو استحصال آهي. صرف اردوءَ کي قومي ٻولي بنائڻ سان سنڌين جا حق غضب ٿيندا ۽ اردو جي آڌار تي ڌاريان ماڻهو سنڌ ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي داخل ٿي سنڌين کي اقليت ۾ آڻي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪندا.(121) جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ ٻين اڳواڻن ان ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ۽ حڪومت جي ان قدم جي سخت مذمت ۽ مخالفت ڪئي.(122) انهن ڏينهن ۾ صدر ذوالفقار علي ڀٽو ڪراچي ۾ دوري تي آيو. اتي ڀٽي صاحب قاضي صاحب سميت ٻين سياستدانن کي گهرايو ۽ کانئن راءِ ورتي ته بنگلاديش ۽ هندستان سان ڪهڙا لاڳاپا رکجن؟ ان گڏجاڻيءَ ۾ قاضي صاحب ڀٽي کي پاسي تي وٺي چيو ته سنڌي زبان جو مسئلو خوامخواهه اڇلي، اجايو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي. صدر ڀٽي قاضي صاحب کي سنڌي ٻولي جي حق ۾ اهڙو نوٽ لکي ڏيڻ لاءِ چيو.(123) جيڪو قاضي صاحب انگريزيءَ ۾ لکي کين اماڻيو. ان نوٽ ۾ قاضي صاحب سنڌي ٻولي جي تسليمي لاءِ واضح ۽ وزندار دليل ڏئي ثابت ڪيو ته سنڌ پاڪستان جي واحد ترقي يافته ۽ سڌريل زبان آهي، جيڪا زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابي سان استعمال ٿي سگهي ٿي.(124) پاڻ ان نوٽ ۾ صدر ڀٽي کي سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کان واقف ڪندي مطالبو ڪيو ته؛
    1- سنڌي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي.
    2- سنڌي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان تسليم ڪئي وڃي.
    قاضي صاحب صدر ڀٽي کي گذارش ڪئي ته جي انهيءَ لاءِ حالتون سازگار نه آهن ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌيءَ کي انهيءَ حالت ۾ ڇڏيو وڃي، جيڪا پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ رهندي اچي. ان نوٽ ۾ پاڻ ذوالفقار ڀٽي کي خبردار ڪيائون ته سنڌ صوبي ۾ ٻن زبانن جو سرڪاري ٿي رهڻ سنڌي ٻولي لاءِ تباهي ٿيندي، جا ڳالهه سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص ڪري سنڌ جو نوجوان طبقو ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪندو. 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻوليءَ وارو بل پيش ڪيو ويو. جيڪو وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويو. صرف 11 غير سنڌي ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ ۾ هنگاما ڪرائڻ شروع ڪيا، جن جو ڪو به جواز ڪونه هو. اردو پاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ٿي چڪي هئي، پر هو سنڌي کي صرف سنڌ اندر به انڌو منڊو مقام ملڻ تي ارها هئا. ٻوليءَ جي مسئلي کي بنياد بڻائي غير سنڌين ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊو الهيار ۾ سنڌين مٿان حملا ڪري کين قتل ڪيو. انهن جون جائيدادون تباهه ڪيون، گهر ساڙيا ۽ کين پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. صدر ڀٽي رجعت پرستن ۽ اردو شاونسٽن جي انهن هنگامن کان متاثر ٿي 10 جولاءِ تي راولپنڊيءَ ۾ ”لساني ڪانفرنس“ سڏائڻ جو اعلان ڪيو. سرڪاري طرح 5 سنڌي دانشورن ۽ 20 اردو دانشورن کي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو ڏنو ويو. سنڌ مان شروعات ۾ جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ان ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ سنبريا. قاضي صاحب جن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نواب شاهه کان ڪراچي روانا ٿيا، اتي پهچي کين خبر پئي ته جي ايم سيد ۽ حسام الدين راشدي ڪانفرنس ۾ هلڻ کان انڪار ڪيو آهي. مجبورن قاضي صاحب کي اڪيلي سر سنڌين جي نمائندگي لاءِ راولپنڊي روانو ٿيڻو پيو.
    جڏهن پاڻ ڪانفرنس هال ۾ پهتا ته اتي 20 کن اردو دانشورن جي وچ ۾ پاڻ اڪيلا سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ هئا. پاڻ محسوس ڪيائون ته جيڪڏهن اردو جي 20 حمايتن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اتي مون هڪ ڄڻي جو آواز نقار خاني ۾ طوطي جو آواز ثابت ٿيندو. تنهن ڪري پاڻ صدر ڀٽي کان مطالبو ڪيائون ته کين سڀ کان پهرين تقرير ڪرڻ ڏني وڃي. صدر صاحب سندن اها گهر مڃي ۽ قاضي صاحب جن سڀني کان اول تقرير ڪئي ۽ سنڌي ٻولي جو ڪيس پيش ڪيو. اسان سندن ان تاريخي تقرير جا ڪي اهم ٽڪرا ماهوار ملير ڊائجسٽ آگسٽ 1972ع جي پرچي تان ڏئي رهيا آهيون: ”سنڌي صرف زبان نه آهي، مگر هيءَ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي صورت آهي، هي شخصيت آهي، سنڌ جي روح جي پوشاڪ آهي، جان آهي.... سنڌي زبان جي مرڻ سان سنڌ مري ويندي، باقي هن زمين جي ٽڪري جي ڪابه معنيٰ نه رهندي.... اسان سنڌ جي ماڻهن جي اها گهر آهي، جا حق ۽ انصاف تي مبني آهي ته سنڌي زبان کي به قومي زبان ٺهرايو وڃي ۽ نئون آئين جڏهن ٺهي تڏهن پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سنڌي زبانن کي قومي زبانون تسليم ڪيو وڃي. اردو کي به قومي ۽ رابطي جي زبان بنايو وڃي ته اسان اعتراض نه ڪنداسين. صدر صاحب! توهان جو هي ’لساني بل‘ حقيقتن اسان سان انصافي آهي، ناحق آهي، گهربو ته ائين هو ته اسان سنڌي پنهنجي حق لاءِ قرباني جي ميدان ۾ گهڙي پئون ها ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي حقي جڳهه وٺائي ڏيڻ لاءِ قربانيون ڏيون ها، مگر اسان ائين نه ڪيو، جنهن لاءِ اسان وٽ سبب آهن. صدر صاحب! هي چار صوبا توهان جي طفيل گڏ رهي سگهن ٿا. مگر جيڪڏهن توهان کي ڪنهن فوجي ڪوپ جي معرفت ڪڍيو ويو ته پوءِ هن پاڪستان جو بچڻ محال آهي، نه فقط محال آهي، مگر جيڪو هتي ڪوس ٿيندو ۽ ظلم ٿيندو، تنهن جو تصور ڪندي دل دهلجيو وڃي ٿي. اهو ٻيو سبب آهي جو اسان ماٺ ڪري ويٺا آهيون. انهيءَ ڪري اسان جي صبر کي غلط طرح تعبير نه ڪيو وڃي. اسان توهان جي بل کي پاڻ تي ظلم ٿا سمجهون، جيڪڏهن بل ۾ ڪا ردوبدل ڪئي وئي ته پوءِ اسان جا نوجوان پنهنجون جانيون جلائي ڇڏيندا ۽ اها هڪ ننڍي قيامت ٿيندي. اسان جي گهر آهي ته سنڌ ۾ صرف سنڌي واحد سرڪاري زبان ٿيڻ گهرجي ۽ اسان نه ٿا چاهيون ته اردو ۽ سنڌي ٻئي گڏ سرڪاري زبانون ٿين.... مگر ڇا چئجي اردو جي آڙ ۾ سڄا 25 سال سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. جيڪي هندو وياج خورن هڪ سئو سالن ۾ اسان کي نيوڙيو، انهيءَ کان وڌيڪ 25 سالن ۾ اردودان سرمائيدارن اسان کي ڦريو آهي. سڀ ڪجهه کڻي ويا. هاڻي اردو کي آڙ ڪري پاڻ حڪمران قوم بڻجي، اسان تي حڪومت ڪرڻ گهرن ٿا ۽ انهيءَ ڪري سنڌين کي حڪومت مان ڪڍڻ گهرن ٿا. سنڌ کي اسان هرگز ختم ڪرڻ نه ڏينداسين. پهريان اسان سڀني سنڌين کي مون سميت ڪهي عربي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي، پوءِ سنڌ ختم ٿي سگهي ٿي. اسان سنڌ کي پاڪستان ۾ عزت وارو ۽ خود دار صوبو بڻائڻ گهرون ٿا. اسان ڀائرن واري زندگي گذارڻ چاهيون ٿا.“(125)
    حڪومت تي هنن دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪو اثر ڪونه ٿيو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ۽ پارٽي، وڏي صوبي ۽ هڪ مخصوص اقليت جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي موت واري دستاويز تي صحيح ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو بڻايو. جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم هو. اڄ تائين سنڌي عوام پنهنجي ان قومي جمهوري مطالبي جي مڃتا لاءِ مختلف محاذن تي جنگ ڪري رهيو آهي. جنهن ڏينهن اسان جدوجهد ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت تسليم ڪرائي ۽ ان کي پاڪستان جي قومي ۽ سنڌ جي واحد سرڪاري زبان مڃرايو. ان ڏينهن اسان جي مٿين جدوجهد پنهنجي ڪاميابي تي پهچندي.


    زندگيءَ جا آخري ڏينهن

    بنگلاديش جي قيام کان پوءِ باقي بچيل پاڪستان جون حالتون نهايت خراب ٿي ويون. يحيٰ خان باقي پاڪستان جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪيون. جنهن هندستان ۽ بنگلاديش سان لاڳاپا سڌارڻ ۽ نئين پاليسي اختيار ڪرڻ خاطر ڪراچيءَ ۾ مڙني سياستدانن کي گهرايو. قاضي صاحب پڻ ان ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو. مهاجر ۽ پنجابي سياستدان بنگلاديش ۽ هندستان سان ڪنهن به قسم جا لاڳاپا رکڻ جا خواهان نه هيا ۽ هو مجيب کي ڪافر ۽ غدار ڪوٺي رهيا هئا. هنن ڀٽي کي صلاحون ڏنيون ته بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو وڃي. جنهن تي قاضي مٿانهن تنقيد ڪندي، ڀٽي صاحب کي فورن بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ ۽ هندستان سان سٺا لاڳاپا قائم رکڻ جي صلاح ڏني. پاڻ ڀٽي صاحب کي صاف لفظن ۾ چين ته، ”بنگلاديش کي هڪدم مڃڻ گهرجي ۽ هندستان سان دوستي رکجي. هندستان سان اسان جا ناتا آهن. اسين پاڪستاني ۽ هندستاني هڪ ئي زمين مان پيدا ٿيا آهيون.“ (126) ڀٽي صاحب تي قاضي صاحب جي صلاحن جو سٺو اثر ٿيو ۽ پاڻ قاضي صاحب جي موقف کي صحيح تسليم ڪين.
    جيئن ته قاضي صاحب، شيخ مجيب الرحمان جو سٺو دوست ۽ ساٿي هيو. ان ڪري ڀٽي، شيخ مجيب جا خيالات معلوم ڪرڻ لاءِ قاضي صاحب سان رابطو قائم ڪيو. قاضي صاحب ان رابطي کان اڳ حڪومت کي درخواست ڪئي هئي ته کيس شيخ مجيب سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. حڪومت سندن اها درخواست ان بنياد تي قبول ڪئي، جيئن شيخ مجيب جا خيالات معلوم ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي صاحب وٽ نواب شاهه آيو ۽ کين لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏنائين. قاضي صاحب، شيخ مجيب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ لنڊن پهتو. شيخ مجيب الرحمان کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ڏاڍي پيار ۽ محبت سان مليو. شيخ مجيب، قاضي صاحب کي لنڊن ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي. پر قاضي صاحب جن لنڊن ۾ صرف 3 هفتا رهڻ بعد واپس پاڪستان موٽي آيا. (127)
    بنگال جي ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ ۾ حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. هڪ مخصوص اقليت،مجيب الرحمان جي حامين ۽ صوبائي خودمختياري گهرندڙ ليڊرن پويان باهه ٻاري ڏني. قاضي صاحب کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳا ۽ سندن هر چر پر تي نظرداري ٿيڻ لڳي. وري جو ٻوليءَ وارا فساد ٿيا ته، سنڌي ٻوليءَ جي حقن لاءِ قاضي صاحب جيڪو تحرڪ ورتو. ان سنڌ دشمنن کي هيڪاري قاضي صاحب کان ڊيڄاري وڌو. حڪومت پڻ قاضي صاحب جي سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. انهن مڙني ڳالهين قاضي صاحب جي جيءَ کي جهوري وڌو ۽ پاڻ ڪجهه وقت وطن کان ٻاهر رهڻ جو فيصلو ڪين. هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجي گهر واريءَ سميت سعودي عرب وڃڻ لاءِ هوائي اڏي تي پهتا ته حڪومت سندن ٻاهر وڃڻ تي بندش وجهي، کين هوائي اڏي تان واپس گهر روانو ڪيو.
    حڪومت جي انهن قدمن کين سخت صدمو رسايو. حڪومت جي ڪارندن ۽ مخصوص اقليت کان قاضي صاحب جو وجود برداشت ٿي نه سگهيو. ڇو جو قاضي صاحب، سنڌ لاءِ پڻ اهي حق گهري رهيو هو، جيڪي حق مجيب بنگالين لاءِ گهريا ٿي. ان ڪري سنڌ دشمنن قاضي صاحب کي مارائڻ جو منصوبو سٽيو. جيئن هيءُ حق ۽ سچ جو آواز هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.
    جڏهن قاضي صاحب کي اهي خبرون پهتيون ۽ پاڻ ڏٺن ته هتي رهي، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو به ڪم ڪري نه ٿو سگهجي، ته پاڻ غيرقانوني طور تي هن ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪين. سپٽمبر 1974ع جي هڪ ڏينهن پاڻ بنا ڪنهن ٻڌائڻ جي ٿر پارڪر کان هندستان روانا ٿيا. رستي ۾ ڪيترين تڪليفن سهڻ کان پوءِ وڃي هندستان جي سرحد تي پهتا، جتي کين هندستاني فوج گرفتار ڪيو. جڏهن هندستان سرڪار کي سندن خبر پئي ته کين آزاد ڪري پاڻ وٽ مهمان جي حيثيت سان رهايو. هندستان سرڪار سندن آمد جو اطلاع شيخ مجيب کي ڏياري موڪليو. پاڻ ڪجهه هفتا دهلي ۾ رهڻ کان پوءِ بنگلاديش پهتا. اتي سندن اچڻ مخفي رکيو ويو ۽ کين بنگلاديش جو خاص مهمان ڪري رهايو ويو. شيخ مجيب، قاضي صاحب کي بنگلاديش حڪومت جي خرچ تي ڊاڪا ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ويو ته اوهان جا ٻار ٻچا پڻ هتي گهرايا ويندا. جي پاڻ هتي رهڻ بجاءِ لنڊن رهندا ته به سندن سمورو خرچ عوامي ليگ برداشت ڪندي. پر جيئن ته ان وقت بنگلاديش جي معاشي حالت سخت خراب ٿي چڪي هئي، ان ڪري قاضي صاحب، انهن مٿان بوجهه بنجڻ سٺو نه ڄاتو. ان ڪري قاضي صاحب جن لنڊن وڃڻ لاءِ ڪابل پهتا. جتي سندن ٻن ڏينهن جو خرچ، عوامي ليگ وارن برداشت ڪيو. جتان پاڻ لنڊن روانا ٿي ويا.
    پاڻ لنڊن ۾ سال کن رهائش اختيار ڪين. اتي رهندڙ سنڌي شاگردن سان لاڳاپا وڌاين. اتان جي تعليمي ادارن جي نظام جو ڳوڙهو مطالعو ڪين. پاڪستان سرڪار، قاضي صاحب مٿان غير قانوني طور ٻاهر وڃڻ جو ڪيس داخل ڪيو ۽ سندن شيخ مجيب سان ملاقات کي خراب نظرن سان ڏٺو. وزيراعظم ڀٽي گهڻي ڪوشش ڪئي ته قاضي صاحب جن پنهنجي وطن واپس موٽي اچن. وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ غلام مصطفى جتوئي کين واپس اچڻ لاءِ نياپا موڪليا. ان بعد جڏهن جتوئي لنڊن ويو ته اتي به قاضي صاحب سان مليو ۽ کين واپس هلڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
    قاضي صاحب جن جڏهن ڏٺو ته ملڪ کان ٻاهر رهي سنڌ وارن جي خدمت ڪري نه ٿي سگهجي، ان ڪري پاڻ واپس موٽڻ لاءِ تيار ٿيا. هڪ دفعي برٽش ايئر لائينس ذريعي هڪ غير ملڪي جي حيثيت سان ڪراچي هوائي اڏي تي پهتا. جتان ٻه ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت حاصل ڪري، اچي گهر نڪتا. سندن پهچڻ کان پوءِ هڪ مهيني گذرڻ بعد حڪومت کين هالاڻي مان گرفتار ڪيو ۽ کين ڪلفٽن پوليس لاڪ اپ ۾ رکيو ويو. جتان پوءِ کين ضلعي ٺٽي جي گهاري بنگلي ۾ قيد رکيو ويو. ٻه ٽي هفتا پڇا ڳڇا ٿيندي رهي. ان بعد 4 مهينن گذرڻ کان پوءِ کين گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. (128) جتان پڻ ڪجهه مهينن کان پوءِ آزاد ٿيا.
    ان بعد قاضي صاحب جن عملي سياست تان رٽائر ٿيا ۽ باقي زندگي سنڌي ادب جي جهولي ڀرڻ لاءِ وقف ڪري، پنهنجا لکيل ڪتاب ڇپرائڻ طرف توجهه ڏنن. ان سان گڏ وڪالت پڻ ڪندا رهيا.
    پاڻ سياست کان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سنڌي هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي خيال کان ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ جي ويجهو رهيا. واندڪائي واري وقت ۾ پاڻ ٻهراڙين ۾ نڪري ويندا هئا ۽ اتي وڃي هارين سان ڪچهريون ڪندا هئا ۽ کين سندن مسئلن کان آگاهه ڪندا هئا.
    وفات کان ڪجهه هفتا اڳ سندن ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ ٻانهن ڀڄي پين. اها اڃان مس ٺيڪ ٿي ته سندن ٻڌڻ جي حواسن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ پاڻ نواب شاهه کان هالاڻي پهتا. اتي کين دل جو دورو پيو. جنهن مان پاڻ چڙهي ڪو نه سگهيا ۽ 13 آڪٽومبر 1982ع تي وفات ڪري ويا. کين هالاڻي جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

    وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ته ڀنڀور ۾.


    ادبي ۽ ثقافتي زندگي

    1. ادبي زندگي
    قاضي فيض محمد جن بااصول سياستدان ۽ قومي ورڪر هجڻ سان گڏ سٺا اديب، شاعر ۽ فنڪار پڻ هيا. پاڻ سياسي لٽريچر ۽ فلسفي جي ڏکين مسئلن تي لکڻ سان گڏ بامقصد ناول ۽ شاعري پڻ لکي اٿن. سندن لکڻيون سنڌي سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن ۾ هتان جي پورهيت عوام، هاري ۽ مزدور جو دک درد سمايل آهي. سندن قلم طبقاتي سماج جي ڏاڍ ڏهڪاءَ، ظلم ۽ زورآوري، مذهبي نفرت ۽ ڪدورت خلاف منظم جهاد ڪيو آهي. پاڻ پنهنجي لکڻين وسيلي نه صرف معاشري جي ڪچاين ۽ خامين کي ننديو ۽ اگهاڙو ڪيو اٿن، پر ان سان گڏ هڪ سوشلسٽ ۽ سيڪيولر معاشري جي تعمير لاءِ گس ۽ گهيڙ پڻ ٻڌايا اٿن. يعني سندن لکڻيون نه صرف اسان جي سماج جي خرابين ۽ قباحتن جون زنده تصويرون آهن، پر انهن ۾ هن سماج کي بدلائڻ ۽ نئين سماج جي اڏاوت جو پڻ نقشو ڏنل آهي.
    پاڻ سنڌي ادب کي ٽن ضخيم ناولن سان مالامال ڪيو اٿن. اڄ تائين سنڌ ۾ هنن ناولن جهڙا اصلوڪا، ضخيم ۽ بامقصد ناول ڪنهن ڪو نه تخليق ڪيا آهن.
    پاڻ پنهنجون مڙئي تصنيفون جيل اندر يا وطن کان ٻاهر هجڻ وقت لکيون اٿن. ٻاهر وٺ پڪڙ واري سياست، رات ڏينهن ڊڪ ڊڪان ڪري سواءِ ننڍن پمفليٽن، مضمونن ۽ پريس بيانن جي ٻيو ڪجهه لکي نه سگهندا هئا. جڏهن وقت جا حاڪم کين جيل موڪليندا هئا ته اتي پاڻ ٻاهرين دنيا کان دور هجڻ ڪري پنهنجو اهو وقت لکڻ پڙهڻ تي صرف ڪندا هئا. پاڻ پنهنجو ناول ”اڻ ڄاڻ“ ۽ ”جنسار“ ۽ پنهنجي جيون ڪهاڻي ”منهنجو سفر“ جيل ۾ لکيائون. باقي ٻيا ڪتاب ”ٻاويهه سو ٻاويهه ع“، ”لطيفي سنڌ ان سرچ آف ٽرٿ“ ۽ ”دردن سندو داستان“ (ٻه حصا) شاعري سنڌ کان ٻاهر لنڊن ۾ جلاوطن هئڻ واري عرصي ۾ لکين.
    پاڻ مستند ڪتاب لکڻ کان سواءِ ڪافي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا اٿن. جيڪي گهڻو ڪري سنڌ ۾ اٿندڙ ڪرنٽ مسئلن تي ان دور جي اخبارن ۾ لکيا اٿن. جيڪڏهن سندن مضمون، تقريرون، پمفليٽ، دوستن ڏانهن لکيل خط ۽ آيل خط گڏ ڪري شايع ڪجن ته هوند سنڌي ادب ۾ پنجن ڇهن ضخيم تصنيفن جو واڌارو ٿي پوي ۽ سندن اهي اهم تخليقون محفوظ ٿي تاريخ جو حصو بنجي وڃن. هيٺ اسان قاضي صاحب جي تصنيفن جو تفصيل ڏيون ٿا.

    جنسار
    سندن هي ناول حيدرآباد مان ٻيو دفعو 1980 ۾ شايع ٿيو. جيڪو ڪرائون سائيز جي 348 صفحن تي مشتمل آهي. پاڻ هيءُ ناول 1954 ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکين . پاڻ هن شاهڪار ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي سماج جو نقشو چٽيو اٿن. ناول ۾ پاڻ سنڌ ۾ جاگيردارن جا ظلم ۽ انهن طرفان سنڌ جي هندو مسلم عوام ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارن ڪوششن جو ذڪر ڪيو اٿن.

    ٻاويهه سو ٻاويهه ع
    سندن هي ناول حيدرآباد مان 1979 ۾ شايع ٿيو. جيڪو ڊيمي سائيز جي 309 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي صاحب دنيا جي مستقبل جو نقشو چٽيو اٿن ۽ سائنسي ترقي جي فائدن جو تذڪرو ڪيو آهي. پاڻ جنهن سماج جا خواهشمند هيا، ان سماج جي تهذيب ۽ تمدن، قدرن ۽ ماپن بابت لکيو اٿن ۽ انسانذات جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو اٿن.

    سورن سندي سيج
    هيءُ ڪتاب پاڻ نواب شاهه مان 1970ع ۾ شايع ڪراين. جنهن ۾ ٽي مضمون اڳ ڪتابچن جي صورت ۾ ڇپيل ۽ باقي ٻه نوان مضمون ڏنل آهن. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 251 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي پهرين حصي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جا سندن ڏانهن لکيل خط آهن، ان بعد علامه صاحب جي وفات تي قاضي فيض محمد جا تاثرات ڏنل آهن. ان بعد سندن ڀاءُ قاضي محمد لائق جا ڪجهه شعر ۽ قاضي فيض محمد جا والده جي وفات تي تاثراتي خط شامل آهن.
    ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ”منهنجون مون سان ٻه ٽي ڳالهيون“ (حصو:1) ڇپيل 1964ع نواب شاهه جيئن جو تيئن ڏنل آهي. هن مقالي ۾ ڪائنات، زندگي، موت‏، انسان ۽ ٻين فلسفي جي بنيادي مسئلن تي بحث ڪيل آهن. هن ساڳي مقالي جي حصي ٻئي ۾ (ڇپيل نواب شاهه 1965ع) ۾ پڻ تحريڪ، سماج، وطن، قانون، منزل، راڳ ۽ ان جا مختلف سر ۽ ٻين نقطن تي بحث ڪيل آهي.
    ڪتاب جي چوٿين حصي بعنوان ”ڳوڙهيون ڳالهيون“ ۾ سندن مختصر سوانح حيات 1970ع جي دور تائين ڏنل آهي. ڪتاب جي پنجين حصي بعنوان ”شاگردن جي هلچل“ ۾ سندن سنڌي ٻولي جي تسليمي خاطر 1969ع ۾ ووٽرن جون لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ واري مطالبي جي حمايت ۾ ڪيل بک هڙتال جو تفصيل ڏنل آهي.

    (4) علامه آءِ آءِ قاضي
    سندن هي ڪتاب حيدرآباد مان 1981 ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڪرائون سائيز جي 60 صفحن تي مشتمل آهي. سندن هيءُ ڪتاب سنڌ جي عظيم انسان علامه آءِ آءِ قاضي سان وابستا يادن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي همعصر دور جي سياست ۽ سماج تي سٺي روشني وڌل آهي.

    (5) هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ
    سندن هيءُ ڪتاب حيدرآباد مان 1984ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل آهي. سندن هيءُ ڪتاب سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ هارين جي الاٽي تحريڪ جي ڪارنامن ۽ ڪارگذارين تي مشتمل آهي. جديد دور جي تحقيق ڪندڙن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ طبقاتي تحريڪ تي لکندڙن لاءِ هيءُ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ سنڌي هارين جي طبقاتي جدوجهد تي سٺي روشني وڌل آهي.

    (6) دردن سندو داستان
    هي سندن شاعري جو ڪتاب آهي. جيڪو ٻن حصن ۾ نواب شاهه مان 1980 ۽ 1982 ۾ شايع ڪراين. هي ٻئي حصا ڪرائون سائيز جي 1000 صفحن تي مشتمل آهن. پاڻ پنهنجي شاعري ۾ لطيفي سنڌ جون روحاني منزلون، مارئي جي وطن لاءِ حب، سسئي جي جدوجهد ۽ جستجو، سهڻي جي مقصد لاءِ فنائي جهڙن موضوعن کي اظهار جو ذريعو بنايو آهي.
    سندن شاعري نه فن ۽ نه وري مقصد جي لحاظ سان ايتري پختي آهي. جهڙيون سندن ٻيون نثري تصنيفون آهن.

    (7) Lateefee Sindh in Search of Truth
    پاڻ هيءُ ڪتاب نواب شاهه مان 1979ع ۾ شايع ڪرايو. جيڪو ڊبل ڊيمي سائيز جي 134 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ خاص قسم جي فلاسافي جو ذڪر ڪيو اٿن. پاڻ هن ڪتاب ۾ ڪيترن فلاسافيڪل نقطن تي بحث ڪيو اٿن. جيئن مادو، وجود، سمجهه، خودي دماغ، سوچ، عمل، سياست، پيار، حسن ۽ راڳ وغيره.
    پاڻ هن ڪتاب ۾ لطيفي سنڌ جو روحاني مترلون، لطيف سائين جي مکيه سورمين مارئي، سسئي، سهڻي جي حوالي سان ٻڌايون آهن. جن ۾ سنڌ سان محبت ۽ ان جي وجود لاءِ جدوجهد اهم عنصر آهي.

    (8) منهنجو سفر
    سندن هي اڻ ڇپيل ڪتاب، سندن جيون ڪٿا آهي.(جيڪو هن ڪتاب لکجڻ کان پوءِ شايع ٿي چڪو آهي.) پاڻ هن هڪ هزار صفحن جي ضخيم ڪتاب ۾ پنهنجي دور جي سياست، سنڌ جي حالتن، سياستدانن جي ڪارنامن ۽ ڪرتوتن سميت پنهنجي زندگيءَ جي اهم سياسي واقعن ۽ تحريڪن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سندن هيءَ تصنيف موجوده دور تي لکندڙن لاءِ هڪ اهم ماخذ هجڻ سان گڏ 20 صدي جي تاريخ جو اهم دستاويز آهي.

    (9) اڻ ڄاڻ
    سندن هيءُ ناول پڻ اڻ ڇپيل آهي، جيڪو 200 صفحن تي ڦهليل آهي. سندن هيءُ ناول پڻ اڳين ٻن ڇپيل ناولن جهڙو وزندار ۽ ڪارائتو آهي. جنهن جو ڇپجڻ وقت جي اهم ضروت آهي.
    ان کانسواءِ سندن ٻيا به ڪيترا ننڍا ڪتابچا ڇپيل آهن ۽ ڪيئي مضمون، مقالا (ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل) مختلف رسالن ۾ ۽ ماڻهن وٽ محفوظ آهن. جيڪي ايترا ئي اهم آهن. جيترا مٿي ڏنل ڪتاب.

    2. راڳ سان محبت
    قاضي فيض محمد جن اديب هجڻ سان گڏ سٺا فنڪار پڻ هيا. سندن آواز ڏاڍو سريلو ۽ من موهيندڙ هوندو هيو. پاڻ پنجن ڇهن سالن جي عمر کان وٺي پوڙهپڻ تائين راڳ سان لاڳاپيل رهيا. پاڻ پنهنجي وقت جي برصغير جي اتم راڳيندڙن الهڏني نوناري، استاد بڙي غلام علي خان ۽ برڪت علي خان جا دوست هئا. پاڻ انهن سان گڏ محفلون ڪندا هئا ۽ کين گهرائي راڳ جون محفلون به مچرائيندا هئا. سندن چوڻ مطابق ته پاڻ گهڻو اثر استاد بڙي غلام علي خان کان ورتو ۽ سندن راڳ ۾ استاد الهڏنو نوناري هيو. پاڻ پنهنجي استاد سان درٻاري، ڀيروي ۽ ميان جي ٽوڙي راڳ گڏ ڳائيندا هيا ۽ انهن راڳڻين جي فن مان پڻ واقف هيا.
    پاڻ ننڍي هوندي ڪاليجي دور ۾ سرن کي ٺاهڻ لاءِ اسر جو تنبورو کڻي سمنڊ جي ڪناري تي ويندا هئا ۽ وڃي رياض ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي آخري عمر ۾ حيدرآباد وڃي پنهنجي راڳ جون ٻه ڪيسٽون ڀراين. جيڪي ڪلاسيڪل ڪلام تي مبني هيون. راڳ جي فن تي ڪيترا مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا اٿن. ان کانسواءِ راڳ تي هڪ خاص انٽرويو کانئن آخري ڏينهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وارن پڻ ورتو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ ۾ راڳ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي سٺي نموني ڳالهايو اٿن.
    جڏهن 1971ع ۾ پاڻ سياست کان پري ٿيا ته ان بعد راڳ کي ئي اظهار جو ذريعو بڻاين. پاڻ هارمونيم کڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا. پهريان هاري ناري گڏ ڪري کين راڳ ٻڌائيندا هئا، ان بعد هارين سان سندن مسئلن تي ڳالهائيندا هئا ۽ کين صحيح سماجي شعور ڏيڻ ۽ منجهن عوامي هلچل هلائڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندا هئا.
    پاڻ پنهنجي آخري عمر ۾ ڪوشش ڪين ته سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳ کي وري جيارجي ۽ سنڌ ۾ راڳ سيکارڻ ۽ ان کي صحيح نموني اظهار جو وسيلو بنائڻ لاءِ هڪ اڪيڊمي کولجي. پر سندن عمر وفا ڪين ڪئي، پاڻ پنهنجون حسرتون ۽ ارمان دل ۾ سانڍي هتان رمندا ر هيا.
    کين سنڌ جي موجوده راڳ متعلق ڏاڍو فڪر هوندو هو ۽ چوندا هئا ته سنڌ مان راڳ ختم ٿي ويو آهي. سندن چئي مطابق ته حقيقي راڳ ڪلاسيڪل راڳ آهي، جيڪو خود هڪڙي سائنس آهي. جنهن کان هن دور جا فنڪار وانجهيل آهن. پاڻ هن دور جي ڳائڻن بابت چوندا هئا ته هنن کي نه ڳائڻ جو رياض ۽ نه فن جي خبر آهي. هينئر ڪو به ڳائڻو تانون، پلٽا ۽ سرگم ڪو نه ٿو پڙهي. هن وقت جي موسيقي ڀڳل دلي جا ٺڪاءَ آهن.
    مطلب ته پاڻ هڪڙي نه ته ٻئي پليٽ فارم تان پنهنجو حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندا رهيا ۽ ههڙي ڪاري ٻاٽ اونڌاهيءَ ۾ به مايوس ڪونه ٿيا، پر جاڳ جي جوت جلائيندا هليا ويا.


    حوالا ۽ سمجهاڻيون

    جي جوت جلائي ويا، ص-81
    ساهتي پبليڪيشن، ص-59
    ظفر عباسي: ”ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو“
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-27
    جنسار، ص-8
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل)، ص-3
    منهنجو سفر، حصو پهريون
    اسان جي آزادي جا اڳواڻ، ص-325-326
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-115
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-32
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل)، ص-7
    آءِ آءِ قاضي، ص-23
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-35
    آءِ آءِ قاضي، ص-25-26
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-115-116
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل)، ص-8
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-35
    سورن سندي سيج، ص-47-48
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-36
    ساڳيو
    اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ، ص-291 ۽ 302
    جي جوت جلائي ويا، ص-15
    ساڳيو، ص-84
    آءِ آءِ قاضي، ص-29-30
    ساڳيو ص-31
    سنڌ ۾ بيچيني جا اسباب، ص-85
    نبي بخش کوسو: ”قاضي فيض محمد هڪ مطالعو“
    سنڌ ۾ بي چيني جا اسباب، ص-81-82
    جي جوت جلائي ويا، ص-85
    سنڌ جو سيد، ص-55
    جي جوت جلائي ويا، ص-22
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-198
    آءِ آءِ قاضي، ص-28
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-116
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل)، ص-10
    هي زمين ڪيئن سڌري (اڻ ڇپيل)
    ”پاڪستان ڪجهه حقيقتون ڪجهه شڪايتون“، ص-3
    ساڳيو
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-116
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-42-43
    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ص-30-31
    ”قاضي فيض محمد- هڪ مطالعو“
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-116
    چونڊ سياسي مضمون،
    روبرو، ص-149
    سنڌ جو سيد، ص-56
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-116-117
    هن ڪنوينشن بابت ججهو مواد مون هٿ ڪيو آهي. هت ڊيگهه سبب نه ڏنو ويو آهي.
    سنڌ جو سيد، ص-56
    سنڌ ۾ بيچيني جا اسباب، ص-89
    اهي ڏينهن اهي شينهن-3، ص-413
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-117
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل)، ص-10-11
    منهنجو سفر-4، ص-419 کان 437 تائين
    اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ص-295-296
    منهنجو سفر-4، ص-441
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-117
    منهنجو سفر-4، ص-442
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل)، ص-11-12
    منهنجو سفر-4، ص-446
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل)، ص-12
    ساڳيو
    منهنجو سفر-4 ص-467
    ساڳيو، ص-470
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-117
    منهنجو سفر-4، ص-444
    جي جوت جلائي ويا، ص-88
    ساڳيو
    هوندا سي حيات، ص-40 ۽ 93
    منهنجو سفر-4، ص-471-473
    ساڳيو، ص-506-509
    Welcome Address to Bashani
    عالمي امن ڪانفرنس بابت سڄو مواد ”منهنجو سفر“-4 تان ورتل آهي.
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-43
    منهنجو سفر-4، ص-487-493
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-43
    ساڳيو، ص-64-65
    منهنجو سفر-4، ص-496-500
    سورن سندي سيج (شاگردن جي هلچل) ص-14-15
    منهنجو سفر-5، ص-502-504
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-75-76
    منهنجو سفر-4، ص-487-493
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-80
    جنب گذاريم جن سين-2، ص-118
    سورن سندي سيج،(شاگردن جي هلچل)، ص-16 ۽ 17
    هيءَ زمين ڪيئن سڌري، (اڻ ڇپيل)
    پاڪستان ڪجهه حقيقتون- ڪجهه شڪايتون، ص-4
    روبرو، ص-94
    منهنجو سفر، ص-565
    عوام ۽ بنيادي جمهوريتن جي ميمبرن کي اپيل، ص-3-8
    ليڊران ڪرام، ص-20
    منهنجو سفر-5، 595-596
    سورن سندي سيج، (شاگردن جي هلچل)، ص-17
    منهنجو سفر-5، ص-591-592
    ساڳيو، ص-564-565
    روزانه عبرت حيدرآباد، 22 سيپٽمبر 1969ع
    ساڳيو، 7 آڪٽوبر 1969ع
    ساڳيو، 14 آڪٽوبر 1969ع
    ساڳيو، 16 سيپٽمبر 1969ع
    سنڌ جي سياست، ص-168
    منهنجو سفر-5، ص-580
    سنڌ جي سياست، ص-168-169
    صبح سنڌ، هفتيوار ڪراچي، 12 جولاءِ 1970ع
    منهنجو سفر-5، ص-609-613
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-51
    منهنجو سفر-5، ص-587
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، ص-51-53
    ٽماهي مهراڻ، حيدرآباد، 2-1962ع، مهاڙي
    موت جي پاڇي هيٺان، ص-39
    مڙيا مٿي مچ، ص-22
    ساڳيو، ص-22
    موت جي پاڇي هيٺان، ص-39
    سورن سندي سيج، (شاگردن جي هلچل)، ص-20-21
    منهنجو سفر-5، ص-566-567
    ساڳيو
    ساڳيو
    مڙيا مٿي مچ، ص-31
    ساڳيو، ص-32
    ساڳيو، ص-33
    موت جي پاڇي هيٺان، ص-39
    سورن سندي سيج، (شاگردن جي هلچل)، ص-27
    ساڳيو، ص-28-29
    منهنجو سفر-5، ص-591-594
    Note on Language to President Bhutto
    ملير ڊائجيسٽ، آگسٽ 1972، ص-20
    منهنجو سفر-5، ص-591-592
    ساڳيو، ص-595-596
    ساڳيو، ص-615 کان 805


    ماخذات

    قاضي فيض محمد جا ڪتاب

    سورن سندي سيج، نواب شاهه، 1970ع
    ٻاويهه سو ٻاويهه ع، حيدرآباد، 1979ع
    جنسار، حيدرآباد، 1980ع
    دردن سندو داستان-1، نواب شاهه، 1980ع
    دردن سندو داستان-2، نواب شاهه، 1982ع
    علامه آءِ آءِ قاضي، حيدرآباد، 1981ع
    هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ، حيدرآباد، 1984ع
    Latiefi Sind in Search of Truth, Nawabshah, 1979
    منهنجو سفر (اڻ ڇپيل)
    اڻ ڄاڻ، (اڻ ڇپيل)

    قاضي فيض محمد جون ٻيون لکڻيون

    فطرت کي جيئن مون ڏٺو، (مضمون) سڪرنڊ، 1979ع
    ڪرمن سندي دلڙي، (ڪتابچو) نواب شاهه
    سنڌين لاءِ پيغام، (مضمون)، جي جوت جلائي ويا، حيدرآباد، 1981ع
    راولپنڊي ٻولي ڪانفرنس، (تقرير)، ماهوار ملير ڊائجيسٽ، ڪراچي، آگسٽ 1972ع
    ڇنڊڇاڻ، (مضمون)، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، 9 آگسٽ 1970ع
    اسلام ڪجهه حقيقتون- ڪجهه شڪايتون، (مضمون)، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، 1970ع
    پاڪستان ڪجهه حقيقتون- ڪجهه شڪايتون، (مضمون)، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، 14 آگسٽ 1970ع
    يونٽ ڪونه ٽٽو آهي، (مضمون)، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، 14 آگسٽ 1970ع
    مون وٽ سودو سچ جو، (انٽرويو)، ساهتي پبليڪيشن، ’رڪيل لڙڪ‘ ڪنڊيارو، 1980ع
    قاضي فيض محمد جو سنڌ الاجي کي ڏنل انٽرويو، (ڪيسٽ)
    شيخ عبدالمجيد سنڌي، (مضمون)، ماهوار پارس، مئي ۽ جون 1984ع
    عوام ۽ بنيادي جمهوريتن جي ميمبرن کي اپيل، نواب شاهه
    هيءَ زمين ڪيئن سڌري، (مضمون) اڻ ڇپيل
    ننڍ ۽ سجاڳي (مضمون)، اڻ ڇپيل
    ايل ايم سي ڄامشورو ۾ سال 1981ع ۾ ڪتابن جي نمائش وقت ڪيل تقرير، (انگريزي) اڻ ڇپيل
    هڪ نامعلوم هنڌ ۽ تاريخ تي ڪيل تقرير (انگريزي) اڻ ڇپيل
    محمد علي ايم اين اي ڏانهن 3 جون 1966ع تي لکيل خط
    هڪ اعلى اڳواڻ جو موت، (مضمون) هوندا سي حيات، حيدرآباد، 1978ع
    Welcome Address to Bashani on Nov: 1957
    A note on Language to President Bhutto

    قاضي فيض محمد ڏانهن آيل خط

    علامه آءِ آءِ قاضي جا خط، (ڇپيل)، سورن سندي سيج
    شيخ مجيب الرحمان جا 8 خط (اڻ ڇپيل)
    قمر الزمان (عوامي ليگ) جا 9 خط (اڻ ڇپيل)
    شمس الحق (عوامي ليگ) جا خط (اڻ ڇپيل)
    ذوالفقار علي ڀٽو جا خط (اڻ ڇپيل)
    ممتاز علي ڀٽو جا خط (اڻ ڇپيل)
    جي ايم سيد جا خط (اڻ ڇپيل)
    مختلف سياستدانن جا خط (اڻ ڇپيل)

    قاضي فيض محمد تي لکيل مضمون ۽ مقالا

    جي ايم سيد، ”جنب گذاريم جن سين-2“ حيدرآباد، 1967ع
    ظفر عباسي، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 5 ڊسمبر 1982ع
    نبي بخش کوسو، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 15 آڪٽوبر 1982ع
    پير علي محمد راشدي، روزانه جنگ ڪراچي، 20 آڪٽوبر 1982ع
    ناز سنائي، ماءُ کاهوڙي هليا“ حيدرآباد، 1984ع
    صوفي غلام مصطفى، روزانه آفتاب حيدرآباد
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ٽماهي مهراڻ، 4-1984ع

    ٻيا مددي ڪتاب
    جي الانا، اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ، ڪراچي، 1980ع
    مير امداد علي، سنڌ جي سياست، حيدرآباد، 1970ع
    علي محمد راشدي، اهي ڏينهن اهي شينهن-3، حيدرآباد، 1981ع
    منصور سارنگ (مرتب)، جي جوت جلائي ويا، حيدرآباد، 1981ع
    خان محمد پنهور (مرتب)، هوندا سي حيات، حيدرآباد، 1978ع
    محمد امين کوسو، سنڌ جو سيد، نواب شاهه، 1969ع
    رياض بٽالوي (مرتب) ليڊران ڪرام، لاهور، 1970ع
    محمود شام (مرتب)، روبرو، ڪراچي، 1970ع
    جي ايم سيد، جنب گذاريم جن سين-2، حيدرآباد، 1967ع
    جي ايم سيد، چونڊ سياسي مضمون، ڪراچي، 1975ع
    جي ايم سيد، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، حيدرآباد، 1977ع
    جي ايم سيد، ڪجهه خط، حيدرآباد، 1985ع
    رڪ سنڌي، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، حيدرآباد، 1984ع
    رسول بخش پليجو، مڙيا مٿي مچ، ڪراچي، 1983ع
    غلام محمد لغاري، موت جي پاڇي هيٺان، (مضمون) ماهوار سچ ڊائجيسٽ، ميرپورخاص مارچ، اپريل 1970ع
    ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 2-1962ع
    روزانه عبرت حيدرآباد، سپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1969ع جا مختلف پرچا
    محمد موسى ڀٽو، سنڌ ۾ بي چيني جا اسباب، حيدرآباد، 1975ع
    ناز سنائي، ماءُ کاهوڙي هليا، حيدرآباد، 1984ع
    حيدر بخش جتوئي، هاري انقلاب، حيدرآباد، 1985ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393394
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159178
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ