ڪتاب جو نالو: پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)
مصنف: جي ايم سيد
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 08 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1836 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 875 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پرهه جو پيغمبر
  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مرتب پاران
  • سائين جي ايم سيد جو مختصر تعارف
  • سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب
  • تقريرون

  • نئين سنڌ جو سفر
  • روشن مستقبل جي تلاش
  • ترقي پسند سنڌ اڏڻ جو خواب
  • آزاد پاڪستان ۾ آزاد سنڌ
  • امن سڄيءَ دنيا لاءِ
  • ڀٽ شاهه: سنڌي ثقافت جو مرڪز
  • سنڌي ادب ڇو ۽ ڇالاءِ؟
  • ون يونٽ: سنڌ جي وجود تي وار
  • سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا
  • مظلومن قومن جو استحصال
  • سنڌو ديش جو قيام
  • سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان جي آزادي
  • موجوده رياستي ڍانچو سنڌ لاءِ زهرِ قاتل
  • بلند اخلاق بهتر سياست
  • دنيا کي تباهيءَ کان بچائـڻو آهي
  • الوداعي تقرير
  • سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري پاران ڇپيل ڪتاب

  • سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري پاران ڇپيل ڪتاب:

  • پرهه جو پيغمبر

    پرهه جو پيغمبر

    (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

    مرتب:
    مسيح ڪالاڻي

    پبلشر: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : پرهه جو پيغمبر! (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)
    تقريرون : جي.ايم.سيد
    مرتب : مسيح ڪالاڻي
    ڇاپو : پھريون ڊسمبر- 2012ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري.

    امدادي قيمتي : 50 روپيه


    Name of Book : PIRH JO PEGAMBER
    (Speeches of G.M. Syed)
    Speeches : G.M. Syed
    Compiled by : Masieh Kalani
    Edition : First December-2012.
    Quantity : One Thousand
    Published by : Sarswati Saahat Ghar-Dokri


    ڪتاب ملڻ جو هنڌ:
    رابيل ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو.
    مھراڻ ڪتاب گهر، گهنٽي ڦاٽڪ، لاڙڪاڻو.
    ضمير سوهو بوڪ اسٽور، ڏوڪري.
    ۽ سنڌ جا سمورا بوڪ اسٽال.
    رابطي لاءِ: 03473952571

    (هي ڪتاب منظور ميراڻي، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران
    ڪراچي مان ڇپرائي ڏوڪريءَ مان پڌرو ڪيو)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (307) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
    سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڊسمبر 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عيسى ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ڪيرت ٻاٻاڻي
    عبدالواحد آريسر
    ۽
    عطا محمد ڀنڀرو

    جي نانءِ

    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
    (شاه)


    اداري پاران

    سرسوَتي ساهت گهر ڏوڪري پاران سنڌ جي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ جي نالي سان اوهان وٽ کڻي حاضر ٿيا آهيون. هن کان اڳ اداري پاران ٻه ڪتاب ”مھين جو باغي“ ۽ ”اڻپوري ڪويتا“ ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچاياسين. جيتوڻيڪ اداري وٽ محدود وسيلا آهن، مالي طور تي اسان کي تمام گهڻيون دشواريون درپيش آهن. پر تنهن باوجود به پنهنجي حال آهر هڪ سال ۾ 3-ڪتاب ڇپائي سگهيا آهيون. جنهن ۾ اسان کي ڪهڙا لاها چاڙها سامهون آيا انهن انهن جو اوهان ڀليءَ ڀت اندازو ڪري سگهو ٿا.
    سائين جي ايم سيد جي تقريرن جو هي ڪتاب پهريون دفعو ڇپائڻ جو اعزاز پڻ اسان جي اداري کي حاصل ٿيو آهي. سائينءَ جون هي 16- تقريرون اڳ م مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتاب شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻي ڪئي آهي. ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ هر نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
    توهان ساٿين جو سھڪار ۽ صلاحون اسان جي رهنمائي جو ڪم ڪنديون رهنديون. هن ڪتاب کان پوءِ جا ٻئي ڪتاب پڻ اوهان جي هٿن ۾ هوندا.
    ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ جن دوستن مالي مدد ڪئي، انهن ۾ نوجوان اديب ناصر زهراڻي ۽ قومي ڪارڪن منور بليدي جا خاص ٿورا آهن. ادارو انهن جو شڪريو ادا ڪري ٿو.

    ادارو
    سرسوَتي ساهت گهر- ڏوڪري.


    مرتب پاران

    سائين جي ايم سيد جي تقريرن جو پھريون ڪتاب ”خطبات سيد“ جي نالي سان سَٺ جي ڏهاڪي ۾ بزم صوفياءِ ۽ سنڌ جي پليٽ فارم تان ون يونٽ جھڙي قھري ڪوٽ خلاف ۽ سنڌ جي ثقافت جي تحفظ لاءِ شروع ڪيل تحريڪ جي دؤر ۾ ڇپيو. جنهن کان پوءِ يا اڳ ۾ سائين جي ايم سيد جون تقريرون مختلف ڪتابن، رسالن ۽ فردن وٽ ته محفوظ هيون پر انھن جي ڪا ڪتابي شڪل نه هئي، جنهن ڪري جڏهن سائين جي ايم سيد جي ڪنهن به تقرير کي ڏسڻ ۽ حوالي ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي پئي ته ان وقت ڪو ڪتاب وغيره مهيا نه هئڻ سبب ڏکيائي محسوس ٿي رهي هئي. ان ڪري اسان ان ضرورت کي محسوس ڪندي سائين جي ايم سيد جون 1943ع کان وٺي 1995ع تائين ڪل 16 تقريرون گڏ ڪري سگهياسين. جڏهن ته ”خطباتِ سيد“ مان ڪابه تقرير کڻي هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ مناسب نه سمجهيو سين ڇاڪاڻ ”خطبات سيد“ ڪتاب جي تاريخ ۾ الڳ اهميت ۽ ضرورت آهي.
    هي ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سائين جي ايم سيد جي 52 سالن جي جدوجھد، ڏاهپ ۽ دانائي جو عڪس پيش ڪري ٿو. سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ جدوجھد جي جهلڪ مختلف تقريرون ۾ مختلف انداز ۾ پسي سگهجي ٿي. هي ڪتاب جتي سائين جي ايم سيد جي سياسي اٿل پٿل جو اولڙو پيش ڪري ٿو، اوترو ايندڙ وقت جي لاءِ رهنمائي جو پڻ تاريخي دستاويز آهي، جيڪو صدين تائين ايندڙ هر نسل جي رهنمائي لاءِ بنيادي ڪتاب طور تي ڪتب پئي ايندو.
    هن ڪتاب جي ڇپائڻ جي سلسلي ۾ جن ساٿين اهم ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ ناليواري ڪهاڻيڪار ناصر زهراڻي ۽ قومي ڪارڪن منور بليدي کي وساري نه ٿو سگهجي. هن ڪتاب جي ڇپائڻ جو پهريون خيال به حقيقت ۾ سائين ناصر زهراڻي جو هو. جنهن جي بيحد اصرار تي سائين جي ايم سيد جون هي يادگار تقريرون گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان ڏس ۾ قومي ڪارڪن هدن جيسر جو سھڪار پڻ وساري نه ٿو سگهجي. ڪتاب جي ٽائيٽل ٺاهڻ ۾ سنڌ ناليواري مصور ۽ ڪهاڻيڪار ممتاز لوهار جا پڻ خاص ٿورا، جنهن اسان جي حجت کي مان ڏنو.
    آخر ۾ ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاءِ نوجوان ساٿي ظفر ٻٻر جا به خاص وڙ، جنهن اوليت جي بنياد تي جلد جلد ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو. پنھنجي ساٿي خان غفار خان جا به قرب جيڪو هن خفي ۾ صلاحڪار رهيو.
    اوهان جا رايا اسان لاءِ هميشه رهنمائي جو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. اميد ته ان ڏس ۾ اوهان اسان کي محروم نه رکندؤ.

    مسيح ڪالاڻي
    ڪلچرل سيڪريٽري
    جيئي سنڌ قومي محاذ (مرڪز)
    تاريخ: 13- ڊسمبر 2012ع


    سائين جي ايم سيد جو مختصر تعارف

    سائين جي ايم سيد جو مختصر تعارف


    سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب

    سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب



    تقريرون

    نئين سنڌ جو سفر

    ”جناب صدر!
    آءٌ هن ايوان جي سامهون هيءُ ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ اٿيو آهيان! ”هيءَ اسيمبلي سنڌ سرڪار کي سفارش ٿي ڪري ته وائسراءِ هند جي معرفت بادشاهه سلامت جي حڪومت کي صوبي سنڌ جي مسلمانن جي جذبات ۽ خواهشن کان واقف ڪري. جيئن ته هندستان جا مسلمان مذهب، فلسفي حيات، معاشرتي رسمن، ادب روايات، سياسي ۽ اقتصادي عقيدن جي جدا هئڻ سبب هڪ جداگانه قوم آهن؛ ۽ هڪ جدا قوم هئڻ جي حيثيت ۾ هندستان جي جنهن خطه زمين ۾ هو اڪثريت رکن ٿا اتي هو آزاد ۽ خودمختيار قومي حڪومتن قائم ڪرڻ جا حقدار آهن.
    تنهنڪري صوبي سنڌ جا مسلمان پر زور طريقي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا ته کين ڪو به اهڙو آئين قبول نه ٿيندو جو کين هڪ مرڪزي حڪومت ۾ ٻي اڪثريت واريءَ قوم جي ماتحت رهڻ لاءِ مجبور ڪري ۽ ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ سندن آزادانه زندگي گذارڻ ۽ علحده نظريه حيات مطابق ترقي ڪرڻ لاءِ اهو ضروري امر آهي ته کين پنهنجون قومي حڪومتون قائم ڪرڻ ڏنيون وڃن. تنهنڪري ڪا به اهڙي ڪوشش، جا کين زبردستي هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکندي، سا کين قبول نه آهي.
    بلڪ اهڙي ڪوشش لازمي طور ملڪ ۾ خانه جنگيءَ ۽ ٻين خوفناڪ نتيجن جي صورت ۾ نمودار ٿيندي.“
    جناب صدر!
    آءٌ هن ٺهراءَ ذريعي، سنڌ جي مسلمانن جي عيوضيءَ جي حيثيت ۾، هندستان جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي، “مطالبه پاڪستان“ کي هن عزت ماب ايوان ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. اهو مطالبو قومن جي بنيادي حق خوداراديءَ جي اصول مطابق مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ ضمانت جي صورت رکي ٿو. دنيا اڄ سياست جي انهيءَ ارتقائي دؤر مان گذري رهي آهي، جو دؤر هر قوم کي هڪجهڙن موقعن ۽ هڪجهڙن حقن سان آزاديءَ جي نعمت ماڻڻ لاءِ اميدون ڏياري رهيو آهي. اها آزاديءَ جي تمنائي هئي جنهن هندن ۽ مسلمانن کي خلوص دل سان جدوجهد ڪرڻ، تڪليفن سهڻ ۽ قربانين ڏيڻ لاءِ آماده پئي ڪيو آهي.
    سائين منهنجا! آءٌ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته مسلمان قوم، جنهن انگريزن جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ اٺ سؤ ورهيه حڪومت ڪئي هئي، تن کي سندن نفسياتي ساخت، قومي ڪردار ۽ روايات موجب هندستان جي آزاديءَ لاءِ ايتري ئي خواهش ۽ جذبو پئي رهيو آهي، جهڙو ٻين هندستان جي رهاڪن کي رهيو آهي.
    پاڪستان جي گهر مسلمانن جي هڪ جدا قوم هئڻ جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. برصغير هندستان جاگرافيائي طرح هڪ ملڪ شمار نه ٿو ڪري سگهجي.
    هندستان جي جاگرافيائي وحدت جو اڪثر ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ليڪن ان کي هڪ ملڪ سڏڻ حقيقتن جي برعڪس ٿيندو. انگلينڊ ته ڇڏيو، جيڪڏهن يورپ کي انهيءَ نقطه نگاهه کان هڪ ملڪ سڏبو، ته مثال ٺهڪي ايندو پر يورپ هينئر به مختلف قومن جو مجموعو آهي. جي اڃا گڏجي فيڊريشن جي درجي تي ئي پهچي نه سگهيون آهن.
    هتي جيڪڏهن گجرات ۽ سنڌ جي صوبن جا مثال وٺبا ته حقيقتن تي پوري روشني پئجي ويندي، باوجود ٻنهي جي سرحدون مشترڪ هئڻ جي، هڪ صوبي مان ٻئي ۾ پهچڻ تي 28 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ جو سندن وچ ۾ هڪ وڏو رڻ حائل آهي. ٻئي طرف فرانس ۽ جرمنيءَ جو مثال وٺبو ته معلوم ٿيندو ته فرانس مان جرمنيءَ پهچڻ ۾ صرف 5 منٽ لڳندا. مٿئين مثال مان ئي پتو پئجي سگهندو ته جاگرافيائي وحدت جو دليل ڪيتري قدر غلط ۽ بي بنياد آهي.
    هندستان برصغير ٿي سگهي ٿو يورپ، آفريڪا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جا مثال ئي ساڻس پوري مشابهت رکي سگهن ٿا. انهيءَ هندستاني جاگرافيائي وحدت واري دليل جي بنياد تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا حق بجانب رهندي جيڪڏهن اها هيءَ تقاضا ڪري ته ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو جي جاگرافيائي طور هن سان مليل آهن. سي هن سان شامل ڪيا وڃن. اهڙي طرح ارجنٽائين، پيرو ۽ چليءَ کي هڪ ٻئي کان جدا رهڻ جا به سبب ڪو نه رهندا.
    ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جا رهاڪو نه صرف ساڳئي نسل جا آهن، پر ٻولي به هڪ ڳالهائين ٿا، مذهب هڪ اٿن، لباس رسمون ۽ رواج سندن ساڳيا آهن. ادب ساڳيو اٿن، ۽ پاڻ ۾ مٽي مائٽيءَ رستي گڏجي سگهن ٿا. جاگرافيائي طرح پڻ هڪٻئي سان لاڳو ۽ مليل آهن، ليڪن باوجود انهن ڳالهين جي، ڪئناڊا پنهنجي جداگانه قومي هستي قائم رکيو ويٺو آهي. ساڳيءَ طرح ڏکڻ آمريڪا جون مٿي ذڪر ڪيل قومون جي هڪ ئي جاگرافيائي خطي ۾ رهن ٿيون سي گهڻو ڪري اسپيني نسل جون آهن. ٻولي ساڳي اٿن. ويس ساڳيو اٿن. مٽيءَ مائٽيءَ ۾ گڏجي سگهن ٿيون. انهن ۾ ظاهري ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي جا هڪ کان ٻئي ۾ مختلف هجي ته به هو پنهنجي نموني جدا رهڻ کي پسند ڪن ٿا ۽ منجهن ڪا به اهڙي نشاني ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي جو هو فيڊريشن ٺاهڻ يا گڏجڻ لاءِ تيار هجن. ساڳي حالت چين ۽ سائيبريا جي آهي. جاگرافيائي طور هڪ ٻئي سان نزديڪ آهن، نسل به ساڳيا تڏهن به سائيبريا چين سان گڏجي رهڻ جي عيوض يورال جبلن جي ٻئي طرف واري ملڪ رشيا سان ئي ڳنڍيل آهي.
    انهن مثالن کي نظر ۾ رکندي جاگرافيائي وحدت کي متحده قومي وجود لاءِ دليل ٺهرائي نٿو سگهجي.
    هاڻي اچو ته خود لفظ ”نيشن“ جي معنيٰ تي غور ڪريون لفظ نيشن ”نيٽنس“ ڌاتوءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ ”ڄاول“ ٿيندي. جنهن جو لاڳاپو ۽ واسطو ”اصل نسل“ سان آهي. اهو ثابت ٿيل امر آهي ته جرمن ۽ سلووڪ ماڻهو ساڳئي نسل جا آهن، شارليمين جي فرانس ۾ ٻئي شامل هئا. مٿي آءٌ ٻڌائي آيو آهيان ته فرانس ۽ جرمن جاگرافيائي طور هڪ ملڪ ٿيڻ گهرجن، ساڳي حالت سندن نسل جي بنسبت به آهي. زبان جي نقطه نگاهه کان، سندن زبانون انڊو جرمنڪ يا انڊو يورپين گروپ مان آهن. انهن ٻنهي ملڪن جي هڪ گڏيل جمهوري حڪومت ٺهي سگهي ٿي، پر جرمن توڙي فرانس ڪڏهن به اها ڳالهه قبول ڪندا. وڌيڪ اوهان کي ياد ڏياريندس ته فرينچ ادب ٻن صدين تائين جرمنن پڙهيو ۽ پسند ڪيو، جرمن زبان جي ادب کي ترقي ڏيارڻ ۾ فرينچ ادب جو وڏو حصو آهي.
    جهڙي طرح فرينچ ادب جرمنيءَ ۾ عام جام پڙهيو ويندو هو، اهڙي طرح جرمن فلاسافي فرانس جي يونيورسٽين ۾ صديءَ تائين پڙهائي ويندي هئي. هو مٽي مائٽيءَ ۾ گڏجن ٿا، رسم رواج اڪثر ساڳيا اٿن، انهيءَ هوندي به جيڪڏهن جمهوري طريقي حڪومت ۾ انهن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته ٽن ڪروڙ فرينچن کي 8 ڪروڙ جرمن ويڙهي ويندا ۽ ٿوري وقت کان پوءِ فرينچ جدا هستي وڃائي ويهندا ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو هيءُ ٻن باهمي مخالف قومن جو مثال ٺيڪ نه سمجهن، ته کين هالينڊ، بيلجيم، سويڊن ۽ ناروي جو مثال ياد ڏياريندس.
    يورپ جي تاريخ تي هڪ سرسري نظر ڊوڙائڻ سان پتو پئجي سگهندو ته جمهوريت ۽ نيشلزم ان کي اتحاد ۽ ميلاپ طرف ڇڪڻ جي عيوض، جدائيءَ ۽ جداگانه هستين قائم ڪرڻ طرف پئي گهليو آهي.
    نيشنل ۽ جمهوري حڪومتن ۾ زوريءَ جو ڳانڍاپو ڪا معنيٰ ئي نٿو رکي. صرف باهمي سمجهوتي ۽ مسلسل لاڳاپن جي ذريعي ئي دائمي اتحاد قائم ٿي سگهي ٿو.
    نيشلزم جي اثر هيٺ ملڪن ۾ معاشرتي لاڳاپا به پوري طرح قائم نه ٿي سگهيا آهن. هم جنسيت ۽ هڪ قوميت ته اڃا پري رهي.
    فطرتي قانون پٽاندر انساني اتحاد جي ترقي مقرر حد کان مٿي تيز نه ٿي سگهندي، جيڪڏهن انهي درمياني عرصي کي، جو قومن ۾ ميلاپ ۽ سمجهوتي لاءِ ضروري آهي مصنوعي طريقن سان گهٽ ڪبو ته فائدي جي بجاءِ نقصانڪار رد عمل پيدا ڪندو.
    ميوي کي درخت ۾ پهچڻ کان اڳ کٽو ٿيڻو پوي ٿو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان کي قبل از وقت مٺو ۽ پڪ ڪرڻ گهرندو ته اهو سندس فطري مٺاس کي ماري ڇڏيندو.
    اختلاف جيتوڻيڪ اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي، ليڪن ترقيءَ جي راهه ۾ مقابلي جو هئڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. کليل مقابلي کان سواءِ مصنوعي اتحاد جو پيدا ڪرڻ قومي زندگيءَ ۾ جمود ۽ موت پيدا ڪرڻ جي برابر ٿيندو.
    مٿي ذڪر ڪيل جاگرافيائي، معاشرتي، اقتصادي، مذهب ۽ سياسي طور هڪجهڙن ماڻهن جي تاريخ تي سرسري نظر ڊوڙائڻ بعد معلوم ٿيو ته باوجود نسلي هم جنسيت جي به، هو هڪ قومي قالب ۾ سمائجي نه سگهيا آهن.
    هاڻ اچو ته هندستان جي حالتن تي نظر ڊوڙايون. مون اڳ ۾ هندستان جي صرف ٻن صوبن گجرات ۽ سنڌ جو مثال پيش ڪيو هو ته هنن کي هڪ جاگرافيائي خطو ليکي هڪ قوم شمار ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي، تو پوءِ بنگال، وچن علائقن، مدراس وغيره جي مشابهت ڪرڻ تي اجائي زياده مشڪل مسئلو ٿي پوندو، جتي جا رهاڪو هڪ ٻئي جي زبان به سمجهي نٿا سگهن. هاڻ جيڪڏهن اسان انهن جي مذهبي نقطه نگاهه کان ڀيٽ ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته انهن مان هڪ فرقو ٻئي سان سوشل تعلقات به رکڻ نٿو گهري. گجراتي برهمڻ جو نه صرف لباس مسلمان کان علحده آهي پر جيڪڏهن مسلمان جو هٿ يا صرف پاڇو ان جي کاڌي تي پوي ٿو، ته هو اهو کائڻ جي عيوض اڇلائي ڇڏڻ کي زياده پسند ڪري ٿو، پاڻ ۾ مائيٽيون ڪرڻ ته وڏو مشڪل ڪم آهي. پنگتي جدائي هنن ۾ هڪ عام قبول ڪيل اصول ٿي ويل آهي. ان ۾ ئي هن وقت سندن باهمي امن امان جي ضمانت آهي. منجهن هڪ ٻئي جي ويجهي اچڻ يا پنگتي ملاوت جي ڪوشش، رد عمل جي طور، پاڻ منجهن باهمي فسادن جي صورت پئي اختيار ڪئي آهي. ڪو پڇي ته سندن اختلافن جو بنيادي وجهه ڪهڙو آهي ته ان جو جواب ملڻ ڏکيو ڪو نه ٿيندو. هن زماني اسان جن ڳالهين کي نظرين جي نالي سان سڏيون ٿا، تن کي اڳئين وقت ۾ مذهب نالو ڏنل هو. جماعتون به اڳي مذهبي نقطه نگاهه کان ٺهنديون هيون. يورپ جا ترقي پسند عناصر ۽ جديد خيالن جا حامل، گهڻين تڪليفن ۽ قربانين کانپوءِ انهيءَ مذهبي تنگ خياليءَ جي ڀيد ڀاون کان مس پاڻ ڇڏائي سگهيا آهن. ليڪن پٺتي پيل ملڪن جا قدامت پسند فرقا اڃا تائين فرقه بنديءَ ۾ پنگتي ڀيد ڀاون ۾ ڦاٿا پيا آهن ۽ دنيا جي ارتقائي رفتار ۾ پوئتي رهجي ويا آهن.
    هتي جي قدامت پسنديءَ جو ثبوت ان مان ملندو ته ٻڌ ڌرم جو هندن جي مذهب ۾ هڪ ارتقائي قدم هو جو سوسائٽيءَ جي گهڻين خامين کي مٽائي اڳتي وڌائي سگهيو ٿي، تنهن کي هتان جي قدامت پسند گروه قبولڻ جي عيوض مخالفت ڪري ٿڏي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ان وڃي سيلون، برما، چين ۽ ٿيٻٽ ۾ پناهه ورتي. جاهل برهمڻ اڃا چون ٿا ته گوتم ٻڌ هندو ڌرم کي ختم ڪرڻ آيو هو بنيادي طرح برهمنزم نان مشينري ۽ قدامت پسند مذهب رهيو آهي. سندن چوڻ مطابق برهمڻ صرف ڄمي پيدا ٿيندو آهي. ٻين مذهبن مان شڌ ٿي، برهمڻ بڻجي نٿو سگهي.
    ڪو به ماڻهو ڪيتريون به سروتيون يا سمرتيون کڻي ڄاڻندو هجي ۽ نسل به آريه مان ڇو نه هجي پر برهمڻ ٿي سگهي ٿو ته کتري، البت ويش يا شودر بنجڻ لاءِ رستا کليل اٿس.
    جڏهن ڪنهن نسل يا فرقي جو جوڙجڪ اهڙو محدود ۽ سخت ٺهيل هجي، جو ان ۾ ڪنهن به ڦير ڦار جي گنجائش نه هجي ته جيستائين انهن حالتن ۾ تبديلي نه آئي آهي تيستائين اتي جمهوري ۽ نيشنل حڪومت ۽ آسانيءَ سان ان تي عملدرآمد ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي.
    هاڻ اچو ته هندستان جي ٻن مکيه مذهبن – هندو ڌرم ۽ اسلام تي بحث ڪري ڏسون ته اهي پنهنجن پوئلڳن کي گڏي هڪ قوم بنجڻ لاءِ ڪيتري قدر پاڻ وٽ گنجائش رکن ٿا. موجوده حالتن ۾ هو هڪ ٻئي کان زندگيءَ جي ڪيترن مسئلن ۾ اختلاف رکن ٿا، انهن جا رسم رواج، ادب ۽ اقتصادي نظريا علحده آهن، مسلم فلاسافي انسان کي آزاد فرد تسليم ڪندي هن کي زندگيءَ جي راهه ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪشادي ميدان ۽ آزاد عمل جو سبق ڏئي ٿي. ٻئي طرف هندو فلاسافي ”ڪرم“ جي نظريي ۾ اعتقاد رکندي، فرد جو دائره عمل محدود رکندي اچي ۽ کيس گذريل ڪرمن جي محتاج رهڻ جو درس ڏئي ٿي. مسلم فلاسافي جماعت ۽ فرد جي فردن سان مساوات ۽ برابريءَ جي اصول تي تعلقات قائم ڪرڻ جي حامي آهي.
    هندو فلاسافي انسان ذات ۾ مختلف ارتقائي درجن جي حقيقت کي تسليم ڪندي، انهن کي ڪاروبار ۽ عمل ۾ سهولت خاطر چئن درجن يا جاتين ۾ ورهائڻ کي وڌيڪ ڪارآمد سمجهي ٿي ايتري قدر جو ڀڳوت گيتا جهڙو ڪتاب لکي ٿو ته جڏهن جاتين جا فرق ختم ٿيندا (يعني ڪلاس ليس سوسائٽي (Classless Society) ٺهندي) ته ڌرم ختم ٿي ويندو.
    مذهبي فلاسافيءَ جي نقطي نگاهه کي هڪ طرف ڇڏي جيڪڏهن پنگتي خيال سان ان مسئلي تي غور ڪنداسون ته باوجود هڪ هزار سال هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ جي اهي پنگتي طور هڪٻئي کان جدا ٿيو بيٺا آهن. نه پاڻ ۾ مٽي مائٽي ڪن ٿا نه کائين پين ٿا، مسلمان جو پاڇو به اڃا ڪن جي بدن يا کاڌي کي پليت ڪريو ڇڏي. سندن کاڌي جي اها حالت آهي جو هڪ شيءَ جي هڪ ڌر وٽ اجازت آهي ته ٻي ڌر وٽ منع آهي.
    اهي اختلاف سندن روز مره جي زندگيءَ تي اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن، سو جيستائين ٻنهي مذهبن جي عوام سان مذهبي ڪٽرپڻو گهٽ نه ٿيو آهي، ان وقت تائين انهن جو گڏجي هڪ قومي قالب ۾ سمائجڻ مشڪل نظر پيو اچي. پروفيسر رينان جونيشلزم جي موضوع تي ماهر سمجهيو وڃي ٿو، تنهن جو چوڻ آهي ته ”قوميت هڪ روحاني ۽ نفسياتي جذبات تي ٻڌل حقيقت ٿئي ٿي. هم جنسيت جو خيال ئي مختلف فردن کي هڪٻئي جي نزديڪ آڻي ٿو. اها هم جنسيت ٻه ڌاري تلوار مثال آهي جا جيڪڏهن ڪن کي حقيقتن جي بنياد تي گڏي ٿي ته ڪن کي هڪٻئي کان ڌاريو ثابت ڪري جدا ڪري ٿي.“
    عام طرح اڄڪلهه ايئن به چوڻ ۾ پيو اچي ته عوام لاءِ اقتصادي مسئلو بنسبت مذهبي ۽ پنگتي نظرين جي زياده اهميت رکي ٿو ۽ انهي مسئلي کي پوريءَ طرح سلجهائڻ سان فرقيوار سوال ازخود ختم ٿي ويندا ليڪن سماج جي موجوده ذهني ۽ پنگتي پست حاليءَ ۾ انهيءَ مسئلي جو ترت حل نظر ڪو نه ٿو اچي. جيڪڏهن اسان جو آخري مقصد هڪ آزاد ۽ ترقي يافته متحد قوم بنائڻ جو آهي ته ان جو بهتر ذريعو هيءُ آهي ته هندن ۽ مسلمانن کي سندن اڪثريت وارين ايراضين ۾ سندن ڪلچر، فلاسافيءَ ۽ روايات جي مد نظر، ترقي ڪرڻ لاءِ مناسب موقعا ۽ سهولتون ملڻ گهرجن، ته پوءِ اڳتي هلي هو خوشنما مرڪب جو مجموعو بنجي پوندا. ليڪن ڪو به عارضي ۽ زبردستيءَ جو مڙهيل اتحاد نه صرف کين قبول پوندو، بلڪ رد عمل پيدا ڪري منجهن زياده اختلاف پيدا ڪندو.
    مسلم اڪثريت کي هندو سوسائٽي جي تنگ خياليءَ سبب هميشه خطرو لاحق رهي ٿو ته هندو اڪثريت سندن ڪلچرل ۽ اقتصادي نشو و نما لاءِ موقعا پيدا ڪري ڏيڻ ۾ رڪاوٽون وجهندي رهندي.
    جمهوريت جي معنيٰ عوام جي حڪومت آهي. پر انهيءَ عوام جو هم جنس هئڻ سڀ کان ضروري ڳالهه آهي. انهيءَ لاءِ آزادانه طور ۽ بنان خوف خطري جي ڪم ڪرڻ لاءِ درميانه عرصي جي ضرورت آهي. ڪا به حڪومت صحيح معنيٰ ۾ عوامي حڪومت سڏي نه سگهبي جيستائين انهيءَ جي عوام جون مرادون ۽ مقصد ساڳيا نه هوندا. موجوده حالتن ۾ جڏهن ٻنهي فرقن جا اختلاف ايترا نمايان آهن، تڏهن جمهوري حڪومت ۾ هميشه اڪثريت جا مفاد اقليت مٿان غالب رهندا ۽ اقليت کي آزادانه نشونما جو موقعو ملي نه سگهندو. اسان اڄ ڪلهه هٽلر ۽ ٻين ڊڪٽيٽرن کي ڏوهه ٿا ڏيون ته هو پنهنجي راءِ ماڻهن مٿان زوريءَ مڙهين ٿا، ليڪن ذرا غور ڪري ڏسندا ته هندستان ۾ جڏهن 30 ڪروڙ هندو بنا سمجهوتي جي حڪومت جي واڳ هٿ ۾ وٺندا ته 10 ڪروڙ مسلمانن جي ڪهڙي حالت ٿيندي! هن وقت جڏهن هي ٻئي مکيه مذهبي گروهه سياسي طاقت جي حصول لاءِ مقابلو ڪري رهيا آهن تڏهن انهيءَ لاءِ ٻه طريقا کليل آهن. هاڻي هندستان جي آبادي هڪ ارب کان مٿي آهي جن ۾ 30 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ مسلمان آهن. هڪ ته وڏو گروهه ننڍي گروهه کي هضم ڪري پاڻ ۾ ملائي وڃي يا ٻنهي کي عارضي طور جداگانه نشونما ڪرڻ لاءِ موقعا ميسر ڪيا وڃن. ڪي ماڻهو اهي دليل ٿا ڏين ته مسلم اڪثريت وارن صوبن جا ماڻهو اقتصادي طرح پٺتي پيل هئڻ سبب آزاديءَ بعد ترقي ڪري ڪين سگهندا. ليڪن اهو دليل ڪا به قوم پنهنجي آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿي سمجهي. ڇا پکي صرف داڻي خاطر جهنگل جي آزادي کي ڇڏي، پڃري ۾ رهڻ قبول ڪندو؟ هر گز نه. ان وانگر ڪا به قوم ٻين جي ماڙين تي هرکجي پنهنجي جهوپڙي ڊاهڻ لاءِ تيار نه ٿيندي.
    ڇا افغانستان پنهجي آزاديءَ تان دست بردار ٿي هندستان جي زرخيزيءَ مان فائدي وٺڻ خاطر ان سان ملي وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو؟
    ان ڪري پاڪستاني رياستن لاءِ اقتصادي پستيءَ جو ڊپ پيدا ڪرڻ بي معنيٰ ڳالهه آهي.مون کي اميد آهي ته اسان جو هندو ڀائر، جي آزاديءَ جي حصول لاءِ هر طرح جون قربانيون ڪري رهيا آهن سي ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، مسلم ليگ جي لاهور واري ٺهراءَ موجب مسلمانن کي سندن اڪثريت وارن صوبن م آزاد رياستن ڏيڻ جو اصول قبول ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح هندستان جي سياست کي سلجهائي، آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪندا.
    جناب صدر! آءٌ پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ هڪ اتفاقي واقعي جو هتي ذڪر ڪندس. اڄ 3 تاريخ هندستان جي عظيم هستي مهاتما گانڌيءَ جي فاقه افطار ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جنهن ساري زندگي هندو مسلم اتحاد کي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد پئي ڪئي آهي. مون کي اميد آهي ته مهاتما کي هيترين ڪوششن بعد محسوس ٿيو هوندو ته ملڪ جي پست حاليءَ سبب ترت وحدت هندستان جي پيدا ٿيڻ جو آسرو نه آهي. جيستائين ڪي ڪجهه عرصي گذرڻ بعد، ان لاءِ حالتون سازگار نه ٿيون آهن.
    هندستان جي ڌارين جي غلاميءَ کان آزادي ۽ سامراجي حڪومت کان نجات تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندي جڏهن مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ مسلمانن جي علحده حڪومت برپا ڪرڻ جو اصول قبول ڪيو ويندو ۽ هرڪا اها ڪوشش جا باهمي سمجهوتي کانسواءِ سڌو انگريزن سان مسئلي حل ڪرڻ ذريعي ڪئي ويندي. سا معاملي کي درست ڪرڻ جي عيوض پاڻ بگاڙيندي ۽ ملڪ ۾ انگريزي سامراج جي حڪومت جي عرصي کي گهٽائڻ بدران ان جي وڌڻ جو باعث بڻبي.


    (هي تقرير سائين جي ايم سيد 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ پيش ڪرڻ وقت ڪئي)


    روشن مستقبل جي تلاش

    قائداعظم: خواتين و معزز حضرات!
    آءٌ آل انڊيا مسلم ليگ جي 31- اجلاس جي استقباليه ڪاميٽيءَ طرفان واديءَ سنڌ ۾ آيل حضرات جي خوش آمديد ۽ مرحبا ٿو ڪريان.. واديءَ سنڌ مان منهنجي مراد براعظم ايشيا جي سنڌو درياءَ ۽ انهيءَ جي متعلق ندين تي مشتمل ملڪ آهي.
    گهڻي زماني کان ٻاهر وارن ماڻهن سنڌ ۽ هند کي علحده پئي شمار ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪشمير، سرحدي پرڳڻو، پنجاب، بلوچستان ۽ موجوده صوبه سنڌ شمار ڪيا ويندا هئا. پر جيئن وقت گذرندو ويو تيئن اهو نالو آهستي آهستي ٿي وڃي انهيءَ ٽڪري زمين تي پيو جو سنڌو درياءَ جي پڇڙيءَ مان سيراب ٿئي ٿو.
    دوستو! فطرت هن زمين جو ماضي نهايت شاندار ڪيو هو ۽ اسان کي اميد آهي ته ان جو مستقبل به اهڙو ئي روشن ٿيندو. ڪيترين ڳالهين ڪري هن زمين جي تاريخ بي نظير پئي رهي آهي. اها قديم تهذيبن جو آشيانو هئي، جنهن جي ثابتي موهن جي دڙي ۽ ٽيڪسيلا جي آثار قديمه مان ملي سگهي ٿي. هي ئي سر زمين آهي، جتي دنيا جا ڪيئي نسل گڏجي، ملي جلي ويا. دراوڙ، آريا، سامي، منگول نسلن جا نشان هتي آسانيءَ سان ڳولي سگهبا. نه صرف نسلن جو ميل جول هن زمين ۾ ٿيو ليڪن مختلف مذهبن ۽ انهن جي فلاسافين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ ميلاپ پڻ هتي جهڙو ٻيءَ جاءِ تي ڇٽو ٿيو. ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ وچ هندستان ۾ پيدا ٿيو ليڪن اهو وڌيو ويجهيو هن سر زمين ۾. هتي جي رهاڪن مهاتما گوتم جو نفيءَ وارو سبق اڃا نه وساريو آهي. جڏهن اسلام هن سر زمين تي پير پاتو ته ٻڌ ڌرم اڃا مروج هو. اسلام فقط اڳينءَ تعليم ۾ اثبات جو اضافو ڪيو. ويدانيت ۽ وحدانيت جا فلسفا ۽ متا هتي ئي هڪٻئي تي اثر انداز ٿيا. هڪ طرف وحدانيت هندو يوگيءَ تي اثر وڌو ۽ بت پرستي کي گهٽايو ته ٻئي طرف مسلم درويشن سنياس مان سبق ورتا ۽ راڳ کي تصوف جو جزو بنايو.
    هندو مسلم عقيدا باهمي سمجهه ۽ رواداريءَ سان هڪ ٻئي جي نزديڪ اچڻ لڳا. گرونانڪ جي سکيا انهيءَ ميل جول جي نچوڙ جو مکيه مثال ۽ نتيجو آهي.
    مسلم صوفين هن ملڪ ۾ شاهه عبداللطيف جي سرڪردگيءَ هيٺ مذهبن جي بنيادي اتحاد جو پرچار ڪري مختلف مذهبن جي پوئلڳن ۾ محبت ۽ رواداري پيدا ڪئي. جنهن جو عملي ثبوت هتي جي هندو مسلم رهاڪن جي باهمي خوشگوار تعلقات مان ملي سگهندو. هندستان جي ٻين حصن وانگر ڇوت ڇات جو مرض ڳوليو به نه لڀندو.
    قدرت هن ملڪ کي واپار جي ذريعي، جنهن جو مرڪز سامونڊي رستي ديبل جو بندر هو ۽ خشڪيءَ جي رستي بخارا ۽ سمرقند هو، دنيا جي گهڻي حصي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. جنهن ڪري واپار سان گڏ مختلف ملڪن جون تهذيبون هڪ ٻين تي هن ملڪ ۾ اثر انداز ٿيون.
    هن ملڪ جي زرخيزيءَ گهڻن ئي نسلن کي هتي لڏي اچڻ لاءِ ترغيب ڏني جن اچي ان کي پنهنجو وطن بنايو. ان بابت آثار قديم ۽ تاريخي ڪتاب ڪافي ڪجهه معلومات ڏين ٿا.
    سياسي نقطه نگاهه کان هيءَ زمين ڪيترين ئي ڌرين جي، ان تي قبضي حاصل ڪرڻ لاءِ، ميدان ڪارزار پئي رهي آهي.
    هن سر زمين جي شادابيءَ جي ڪيترن ئي طاقتور قبيلن کي هن طرف اچڻ لاءِ حرصايو. پوءِ ان کي ڦري لٽي موٽي ويا ٿي ته ڪي وري اتي رهي پيا ٿي ۽ موٽي وڃڻ تي دل نه ٿين. اهڙيءَ طرح هر دور ۾ هتي نوان نسل تازي رت ۽ تازي ولولي سان آباد ٿيندا پئي رهيا آهن.
    سرسري نظر وجهڻ سان هتي بابل، مصر، ايران، يونان، عرب ۽ افغانستان جا سياسي ۽ ڪلچرل اثر زياده نمايان صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا.
    مون هن زمين جي قديم شان شوڪت جو ذڪر صرف معزز مهمانن جي حافظي تازي ڪرڻ جي ارادي سان ڪيو آهي.ليڪن منهنجو اصل مقصد هن سر زمين جي روشن مستقبل بابت چند تجويزون پيش ڪرڻ جو آهي.
    انسان ذات ابتدائي زمان کان وٺي مختلف ارتقائي دور طئه ڪندي پنهنجي آخري مقصد، انساني وحدت، خيال ۽ عمل طرف وڌي رهي آهي ۽ انهيءَ جي مختلف گروهن جي مذهبي، سياسي، اقتصادي تحريڪن ۽ ڪوششن ان منزل مقصود کي پهچڻ لاءِ جدا جدا طريقن ۽ واٽن جو ڪم پئي ڏنو آهي.
    تاريخ جو هر ورق ان ارتقائي جدوجهد جي مثالن سان ڀريو پيو آهي. شروعات ۾ ماڻهو ننڍن ننڍن ڪٽنبن ۾ ورهايل هئا. ٿوري وقت گذرڻ بعد اهي ڪٽنب وڌي ويجهي، قبيلن جي صورت اختيار ڪري ويا. آخر ۾ اهي قبيلا ڦري قومون بڻيون. ماڻهن جي وچ ۾ باهمي اتفاق ۽ ميلاپ جا مختلف بنياد پئي رهيا آهن. جاءِ رهائش زبان، زندگيءَ جو طريقو ۽ خيالات انهن مان مکيه آهن.
    جيئن وقت گذرندو ويو تيئن هن باهمي اتفاق ۽ ميلاپ جي پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ مادي طريقن جي بنياد جي اهميت گهٽ ٿيندي وئي ۽ مختلف نمونن ۾ باهمي اتفاق لاءِ خيالات جي بنياد جي اهميت وڌندي ويئي. سگهوئي عرب جي سر زمين مان پيدا ٿيل آواز نئين سر خيالات جي بنياد تي انساني اتحاد جي تعمير ۾ تازو روح ڦوڪيو. انهيءَ ڪري نسل، رنگ، طريقه زندگي، جاءِ رهائش، زبان وغيره پنهنجي طاقت وڃائڻ لڳا. پر جيتوڻيڪ ابتدائي جوش ۾ اهو آواز دنيا جي مختلف حصن ۾ پکيڙي اثر پذير ٿيڻ لڳو ليڪن ٿوري وقت گذرڻ بعد ماڻهو بهرحال قديم مادي طريقن ڏانهن موٽڻ لڳا.
    ٻين کي ڇڏي، خود مسلمانن ۾ به ساڳين مادي تفاوتن ويڇو وجهڻ شروع ڪيو. وقت بوقت مسلمانن ۾ انهيءَ سلسلي جي وساريل سبق کي وري ياد ڏيارڻ لاءِ ڪيئي بزرگ پيدا ٿيا. جن مان آخري دور ۾ شاهه ولي الله دهلوي ۽ جمال الدين افغانيءَ جا نالا مکيه آهن.
    اڄ ڪلهه ڊاڪٽر محمد اقبال وري انهيءَ ساڳئي آواز کي نئين صورت ۾ پيش ڪري مسلمانن ۾ نئون جذبو پيدا ڪيو آهي.
    ٻئي طرف مغربي ملڪ به مادي بنياد پيدا ڪيل نيشنلزم جي باهمي جنگ و جدال مان ڪڪ ٿي، امن عالم قائم ڪرڻ جي خيال کان ڪنهن بين الاقوامي جوڙ جڪ جي ڳولا ۾ آهن. جنهن جومدار مادي طريقي اتفاق کان مٿي چڙهي ڪن نظرياتي طريقن تي منحصر هجي.
    ”آئيڊيالاجيز“ يعني ”نظريات“ اڄ ڪلهه چؤطرف فيشن بڻيا وڃن پر اهي نظريا اهڙا ناقص آهن جو اهي امن آڻڻ جي عيوض مورڳو زياده فساد جا ڪارڻ بڻجي پيا آهن. جزوي حل، جدا جدا نالن ۾، عارضي عرصي لاءِ مشتعل رهڻ کان پوءِ تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ بعد ازخود بيڪار بنجيو پون. جيتوڻيڪ عالمگير برادري ۽ اتحاد جي ابتدا شروع ٿي چڪي آهي. ليڪن جيستائين مختلف سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي نظرين جي اختلاف مٽائڻ لاءِ حل ڳولي نه لڌو ويو آهي. دنيا ۾ دائمي امن ۽ ماڻهن ۾ حقيقي اتحاد قائم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي. انهيءَ حل ڳولي لهڻ لاءِ خاص ماحول ۽ تاريخي روايتن هيٺ ذهني تربيت جي حاصلات هڪ لازمي شرط آهي.
    انهيءَ مشن جي سر انجاميءَ لاءِ سنڌو ديش جا رهاڪو زياده موزون آهن. قديم تاريخ جا دفتر ان جا گواهه آهن ته ڪيئن نه هتي مختلف نسل، تهذيبون، مذهبي فلسفا ۽ سياسي طريقا ملي جلي يڪ رنگي اختيار ڪري سگهيا آهن.
    دنيا جي نئين تعمير لاءِ جنهن ۾ مشرق ۽ مغرب جا ويڇا مٽجي، هڪ وحدت ۾ گڏجڻا آهن، سر زمين سنڌ کي خاص پروگرام پيش ڪرڻو آهي. مون کي هن انڌوڪار جي زماني ۾ به ڪي روشنيءَ جا تروار نظر اچي رهيا آهن.
    هن جسماني ولوڙ بعد، ذهني مکڻ هتان ئي نڪرڻو آهي. جيڪڏهن رشيا ۽ آمريڪا، باوجود مختلف سياسي ۽ اقتصادي مقصدن ۽ مرادن جي گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا ته ان ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي ته ملڪ خضر حيات خان ۽ چوڌهري ڇوٽورام گڏجي ڪم ڪري سگهن.
    اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌو ديش کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن، هندو خواهه مسلمانن جا هتي جي رهاڪن تي نفرت ۽ جدائي بابت غلط اثر پوندا وڃن. تاريخ کان غير واقف ماڻهو انهيءَ ڦندي ۾ ڦاسي پون ٿا. اڄڪلهه بنا سمجهوتي جي عارضي اتحاد پيدا ڪرڻ جي ارادي سان هندستان جي متحده قوميت جو خام آواز اٿاريو وڃي ٿو.
    سنڌ جا رهاڪو نه صرف هندستان جي اتحاد جو طالبو آهن، بلڪ هو اتحاد عالم ۾ اعتقاد رکندڙ آهن پر انهيءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ طريقا عارضي ۽ مصنوعي ڪتب آڻڻ بدران باهمي سمجهوتي تاريخي حالات ۽ ضروريات پٽاندر اختيار ڪرڻا آهن. خدا اسان کي شل سنئين راهه ڏيکاري پر جيڪڏهن سر زمين سنڌ جا رهاڪو هندستاني صوبن جي تنگ نظريءَ کان پاڻ بچائي ڪو حل ڳولي نه سگهيا ته ان جو نتيجو باهمي نفاق ۽ خطرناڪ صورتن ۾ رونما ٿيندو.
    مون کي اميد آهي ته سنڌ جي رهاڪن جي ڪثرت بيدار آهي ۽ هو دنيا جي تعمير نو ۾ حصي وٺڻ خاطر انهن غلط ۽ نقصان ڪندڙ خيالن کان پاسو ڪندا.
    آءٌ پنهنجي غير مسلم وطني ڀائرن کي عرض ڪندس ته اهي اسان سان ملي، سنڌو ديش کي آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪن. ليڪن ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ته ڪن هندو ڀائرن طرفان پٺتي پيل مسلم عوام جي ترقيءَ لاءِ هر قدم کي غلط نقطه نگاهه سان ڏسڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي ان جو مثال هن مان ملي سگهندو ته اسان مان ڪن مسلمانن کي واپار طرف گهٽ توجهه ڏيندي ڏسي ڪيترن ماڻهن کي همٿايو ته واپار ۾ دلچسپي وٺن پر پيسي جي تنگيءَ ۽ غير تجربيڪاريءَ سبب کليل مقابلي ۾ جڏهن مسلمان واپارين کي ناڪاميءَ ۽ دل شڪستگيءَ جو در ڏسڻو پيو، ته انهيءَ جي مدد ۽ همت افزائي ڪرڻ لاءِ ٻهراڙيءَ جي مسلمان کي اپيل ڪئي ويئي ته انهن نون دڪاندارن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هو انهن کان سودو خريد ڪن. هن سنئينءَ سڌيءَ ڳالهه کي به فرقيوار رنگ ڏيئي، اخبارن ۾ خوب ننديو ويو.
    ليڪن ان سوال جو ٻيو طرف نه ڏٺو ويو ته ان مان سندن پاڙي وارن ڀائرن تي ڪهڙو اثر پوندو. ڇا متحده قوم بنجڻ لاءِ اهڙا رستا ۽ رد عمل اقليت وارن ۽ پٺتي پيل جاتين کي اڀاري يا آماده ڪري سگهندا.
    اهڙين حالتن ۾ مثالن کي مد نظر رکندي سنڌ جي مسلمانن لاءِ به ٻيو ڪو چارو نٿو بچي ته مجبور ٿي هندستان جي مسلمانن جي همدردي حاصل ڪري پاڪستان جي صورت ۾ پنهنجي آزادي حاصل ڪن. اڄ هن اجلاس ۾ اسان صرف ٺهراءُ پاس ڪرڻ لاءِ ڪو نه گڏ ٿيا آهيون پر حالتن کي نظر ۾ رکي ساري هندستان جي گڏ ٿيل مسلم عيوضين کي عرض ڪنداسون ته سندن هر هڪ مرد ۽ عورت جي مدد جي ان مقصد جي حصول لاءِ اسان کي ضرورت ٿيندي.
    هتي اسان جي خطي ۾ رهندڙ مسلمان واپار جي ميدان ۾ ۽ سياسي زندگيءَ ۾ ڪارڪنن جي قلت محسوس ڪن ٿا. انهيءَ واسطي اوهان جي مدد ۽ خدمت جي ضرورت ٿيندي. اڳي اوهان سيد بريلوي ۽ اسماعيل شهيد هن طرف موڪلي هتي جي ستل مسلمانن کي بيدار ڪرڻو گهريو. ڇا هاڻ اوهان اهڙا ماڻهو پيدا ڪري نٿا سگهو؟ مون کي يقين آهي ته اوهان وٽ قومي ڪارڪنن جي ڪا به ڪمي ڪا نه آهي پر اهي ملڪ ڇڏي هتي اچي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ڏسجن.
    ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ته اوهان جو مستقل هن ملڪ جي ماڻهن جي مستقل سان ملڻ وارو آهي تنهنڪري هن ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ اوهان جو نفعو به سمايل آهي. مسلمانن کي متحد ڪرڻ لاءِ هيٺين ٽن ڳالهين جي ضرورت آهي.
    مسلمانن جي منتشر ۽ غير منظم نظام کي اتحاد ۽ اتفاق جي رشتي ۾ پوئڻ.
    سندن اقتصادي حالت درست ڪرڻ ۽
    مستقبل لاءِ سندن سياست جو بنياد مساوات ۽ اخوت جي اصولن تي رکڻ.
    پهرين خاميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ رضاڪارن جا جٿا نڪري کين منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ٻيءَ خاميءَ جي دور ڪرڻ لاءِ هندستاني مسلمان واپاري هتي اچي واپار ڪرڻ لڳن ۽ مڪاني مسلمان واپارين جي همت افزائي ڪن.
    ٽين خامي اها آهي ته مسلمانن ۾ غريب گهڻا ۽ پيسي وارا ٿورا آهن. پيسي وارا سندن غريب ڀائرن جي حالت درست ڪرڻ لاءِ ڪجهه نٿا ڪن. انهن حالتن جو فائدو وٺي ڪي هوشيار ماڻهو طبقاتي جنگ لاءِ ميدان هموار ڪري مسلم شيرازي کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا.
    انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته اسان مسلم ليگ لاءِ عوام جي غربت دور ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيون. ان مان عام مسلمانن کي محسوس ٿيندو ته آزاديءَ جي حاصلات جو مقصد عوام جي غربت دور ڪرڻ آهي ۽ نه چند جاگيردار ۽ ڪامورا ڪلاس جي حڪومت قائم ڪرڻ جو.
    دوستو! تاريخي نقطه نگاهه کان هن ڪانفرنس کي وڏي اهميت حاصل آهي. مسلمانن متحد ٿيڻ شروع ڪيو آهي هاڻ اميد آهي ته هو پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي حقن جي حفاظت ڪري سگهندا.
    پڇاڙيءَ ۾ آءٌ وري اوهان سڀني آيل صاحبن جي شڪر گذاري ادا ڪري عرض ڪندس ته اسان کان جيڪڏهن اوهان جي مهمانداري ۽ آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ٿي هجي ته پنهنجي ڪشاده دليءَ ۽ محبت واريءَ نظر سان انهن ڪوتاهين ۽ خامين کي در گذر ڪري معافي ڏيڻ فرمائيندا.


    (هي تقرير سائين جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ جي 31 اجلاس منعقد ٿيڻ وقت 24،25،26 ڊسمبر 1943ع تي ڪراچيءَ ۾ افتتاح ڪندي ڪئي.)


    ترقي پسند سنڌ اڏڻ جو خواب

    دوستو – آءٌ اوهان جو نهايت شڪر گذار آهيان جو باوجود هيترن شڪستن ۽ مشڪلاتن جي، دل نه هاري، سنڌ جي سوالن تي غور ڪرڻ لاءِ هيتري تعداد ۾ اچي منهنجي خسخاني تي ڪٺا ٿيا آهيو.
    عزيزو – سنڌ جي قوم پرست فرزندن جي حقيقي آزمودي جو وقت نزديڪ اچي ويو آهي. کين سندن وطن عزيز سنڌ جي سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي خوشحالي لاءِ گڏجي رهڻو سهڻو ۽ جدوجهد ڪرڻي آهي.
    سنڌ جي ترقي پسندن جي حمايت مسلم ليگ جي رجعت پسندانه پاليسين خلاف هڪ کليل بغاوت ۽ انقلابي نعرو آهي. اوهان سنڌ جي مفاد عام جي بنياد تي سنڌي نيشنلزم جو سنگ بنياد رکي رهيا آهيو. اسان کي بخوبي معلوم ٿي چڪو آهي ته مسلم ليگ جا ليڊر اسلام جي آڙ ۾ مسلماني اتحاد جي نالي ۾ سنڌين جي حق تلفي ڪرڻ جي پٺيا آهن.
    اوهان کي معلوم آهي ته ملڪ جي منجهائيندڙ آئيني مسئلن جو حل هندستان جي ورهاڱي جي صورت ۾ نڪتو آهي.
    3 جون جي اعلان مان پڌرو ٿي چڪو آهي ته برٽش حڪومت هندستان کي ورهائي ڀارت ۽ پاڪستان جي صورت ۾ آزادي ڏيڻ واري آهي. اسان مان موجوده ڦير گهيرين جي نموني ۽ تفصيل بابت ڪن کي کڻي ڪي اختلاف به هجن جنهن صورت ۾ گهڻيءَ ڪشمڪش بعد ملڪ جي مکيه جماعتن باهمي رضامندي سان هندستان جو ورهاڱو، هندو مسلم اختلافن جي بند ڪرڻ لاءِ هڪ اڻ ٽر فيصلو سمجهي قبول ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه کي برطانيا حڪومت به قبول ڪري فيصلو ڏيئي چڪي آهي ته ان حالت ۾ مزيد اپٽار ڪرڻ کانسواءِ ان ورهاڱي تي وڌيڪ بحث مباحثو نٿا ڪريون.
    ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جماعتون هنگامي ۽ عارضي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ برپا ڪيون ويون هيون. ملڪ جي آزاديءَ بعد تعميري جوڙجڪ لاءِ هاڻ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته انهن جماعتن کي ختم ڪري اقتصادي ۽ سوشل اصولن جي بنياد تي نيون جماعتون ٺاهيون وڃن. پاڪستان جي حصول لاءِ جيتوڻيڪ مسلم عوام جي حق خودارادي جي جذبي ۽ طاقت هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ليڪن بنيادي طور اها مسلم جاگيردار، زميندار ۽ ڪاموري جي طاقتور ايڪسپلائيٽيشن کان ڊڄي پنهنجي استعمال غرضي لاءِ پاڪستان جي صورت ۾ جدا خطه زمين ۾ اتي جي زرعي پيداوار ۽ کاڻين کي ڪتب آڻن ۽ سوشلزم جي وڌندڙ سيلاب کي روڪڻ لاءِ، پنهنجا اڏا قائم ڪرڻ ٿي گهريا. اڃا به خطرو آهي ته پنهنجي انهيءَ پاليسيءَ کي زور وٺائڻ خاطر سامراجي طاقتون پاڪستان ۾ سندن ايجنٽن جي معرفت پئن اسلامزم جي نالي هيٺ وچ مشرق جي رجعت پسند گروهن کي ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. مذهب اسلام کي هو عوامي مفاد جي هر ڳالهه ۽ ترقي پسند گروهه جي هر ڪوشش خلاف ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪندا مسلم ليگ ۽ سامراجين جي اهڙين خطرناڪ سازشن ۽ ارادن مان واقف ٿيڻ بعد، ممڪن آهي ڪي جذباتي ترقي پسند خيال جا ماڻهو مورڳو ”اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني“ جي مثال کي سامهون رکندي خود پاڪستان جي مخالفت ڪن. ليڪن اهو وڏو غلطيءَ جو ڪم ٿيندو. انهيءَ طرح سان هو مسلم عوام جي همدردي وڃائي ويهندا. هندستان يا ايشيائي ملڪن جو اتحاد هاڻ صرف سوشلسٽ سوسائٽي جي بنياد تي ٿي سگهندو. عوام جي بي پناهه قوت کي منظم ڪرڻ سان، ايڪسپلائٽ ڪرڻ وارن مڪاني طبقن ۽ سندن سامراجي مددگارن کي شڪست ڏيئي سگهجي ٿي.
    اڳتي هلي، هي رجعت پسند طبقو عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ وري سندن مذهبي جذبات کي اڀاري، سندن حقيقي مسئلن کان توجهه هٽائڻ لاءِ کين گمراهه ڪندو. انهيءَ خطري کي منهن ڏيڻ ۽ سندن اهڙيءَ چال کي ختم ڪرڻ لاءِ قوم پرستيءَ ۽ سوشلزم جي بنيادن تي عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي.
    عوام جي غربت، جهالت، عام بدامنيءَ جي حالت ۽ مٿين طبقن جي استعمال غرضيءَ، رشوت خوريءَ ۽ هر طرح جي لوٽ کسوٽ حالتون اهڙيون سازگار بنايون آهن جو مزدور ۽ هاريءَ کي سندن حقن جي حفاظت لاءِ آسانيءَ سان هڪ هنڌ گڏ ڪري سگهجي ٿو. عوام جو بي پناهه جذبو سندن مستقبل جي خوشحاليءَ لاءِ ڪافي ضمانت آهي. بشرطيڪ کين مذهب جي نالي ۾ ٺڳجي ڌوڪي کائڻ کان بچائي هڪ جاءِ تي منظم ڪري سگهجي. گهڻي تجربي ۽ حقيقتن جي آڌار تي آءٌ مسلمانن جي جداگانه قومي نظريي مان اعتقاد وڃائي ويٺو آهيان ۽ جديد قومي نظريي يعني ملڪ، اقتصادي مفاد، ڪلچر، زبان ۽ قومي ڪردار جي بنياد تي قوم جي تشڪيل ۾ ويساهه ڪرڻ لڳو آهيان . اڄڪلهه دنيا جي هر حصي ۾ قومي نظريي جو وجود انهن اصولن تي ٻڌو وڃي ٿو. انهيءَ نقطه نگاهه کان سنڌي هڪ جداگانه قوميت جي حيثيت رکن ٿا. تن ۾ قومي شعور پيدا ڪري حق خودارادي حاصل ڪرڻ لاءِ کين منظم ۽ تيار ڪرڻو آهي. انهيءَ قومي شعور پيدا ٿيڻ بعد سندن گڏيل عزم ۽ ارادو سندن روشن مستقبل جي لاءِ ڪافي ضمانت ٿيندو، جيتوڻيڪ کين عارضي طرح لاهن ۽ شڪستن جي ڪيترا دفعا منهن مقابل ٿيڻو پوندو. طبقاتي مفاد اول ۾ انهيءَ نظريي کي قبول ڪرڻ ۾ پس و پيش ڪندا ۽ ان جي مخالفت ڪندا. ليڪن نيٺ عوام جو مستقل عزم کين انهيءَ تاريخي حقيقت کي قبولڻ لاءِ مجبور ڪندو خود انهي حقيقت کي قبول ڪن اوترو چڱو ملڪ ۽ ماڻهن جي حقيقي بهتري به انهيءَ ۾ آهي.
    اسان جي جماعت مسلم ليگ جي رجعت پسند طبقي جي خلاف هڪ چئلينج آهي. جنهن جو بنياد هن قديم خطه زمين جي باشندن جي قوميت تي رکيو وڃي ٿو. هن کي پنهنجي قومي مفاد جي محافظن جي حيثيت ۾ هيٺين خطرن کان خبردار رهڻو آهي.
    سنڌ جا جملي پيداوار جا ذريعا ان جي سياست ۽ جماعتون (غير سنڌي مفاد خاطر) مختلف نقصان ده نظرين جي آڌار تي ڪتب آڻي، کين اقتصادي، ذهني ۽ سياسي غلاميءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
    اسان جي سياست يا اقتصادي ذريعن تي اڳيئي زميندار ۽ ڪاموره طبقي جو قبضو آهي. ٻاهر جا طبقاتي مفاد مڪاني ماڻهن سان ملي، عوام کي پاڻ وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
    طبقاتي مفاد جو گروهه گهرندو ته پنهنجي تسلط قائم رکڻ خاطر ملڪ جي سياست جو بنياد عقلي اصولن جي عيوض جذباتي ۽ فسطائي طريقن تي رکي عوام جو توجهه سندن حقيقي مسئلن کان هٽائيندو رهجي.
    صدين کان سامراجي سرمائيدارن جو ملڪ جي پيسي ۽ سياست تي قبضو رهيو آهي. آئينده به هو پنهنجو مفاد ان ۾ سمجهندا ته مڪاني رجعت پسندن کي طاقت ۾ رکڻ لاءِ مدد ڪندا رهن.
    اهي خطرا آهن جو مقابلو اڳتي هلي سنڌين کي پنهنجي سندن سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن جي حفاظت لاءِ ڪرڻو آهي. انهن مشڪلاتن کي ٽارڻ لاءِ نئين سنڌ جي تحريڪ جي بانين کي پنهنجا ذهن صاف رکڻا پوندا. کين انهيءَ واسطي ڪي واضح مقاصد نظر ۾ رکي عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪري، انهن جي حصول لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. منهنجي سمجهه موجب هيٺيان مقصد آهن، جن اسان جو توجهه لهڻو آهي:
    5. اندروني ۽ بيروني طبقاتي مفاد جي تسلط کان سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزادي حاصل ڪرڻ.
    6. ماڻهن جي مشڪلاتن دور ڪرائڻ ۽ گهرجن جي سر انجام ڪرائڻ واسطي عوام سان گهرا تعلقات پيدا ڪرڻ ۽ کين ملڪ کي سوشلسٽ ريپبلڪ بنائڻ جي فائدن کان واقف ڪرڻ. اهو ئي محرڪ جذبو ٿيندو، جنهن سان هنن کي سندن قسمتن بدلائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ واسطي منظم ڪرڻو پوندو. کين اڳين بيڪار طريقن، جهڙوڪ چونڊن يا آئيني ذريعن رستي ملڪ جي حالتن کي بدلائڻ عيوض انقلابي طريقن ۽ عوام جي کليل بغاوت جي ذريعن استعمال ڪرڻ طرف توجهه ڏيارڻو پوندو.
    7. سنڌ جو ثقافتي ورثو غير فرقيوارانه بنياد تي هندو مسلم اتحاد جي جذبي کي زور وٺائڻ لاءِ ڪتب آڻڻو پوندو.
    8. سنڌ ۽ ڀر وارن ملڪن جي ترقي پسند گروهن جي اتحاد لاءِ ڪوشش ڪري کين بي انصافيءَ ۽ استعمال غرضي کان بچڻ لاءِ هڪ متحده محاذ تي آڻڻو پوندو.
    آخر ۾ آءٌ پنهنجي هندو سنڌين کي عرض ڪندس ته هو بزدل ٿي ڀڄي وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏين. هي سندن حقيقي آزمائش جو موقعو آهي. انهن جو فرض آهي ته سنڌي مسلمانن سان گڏجي مادر وطن کي آزاد ۽ فرخنده حال بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪن.
    جيڪڏهن هو گهرن ٿا ته موجوده فرقيوار اختلاف دور ٿين ۽ انهيءَ جي جاءِ تي سنڌي قوميت والاري ته هنن کي ورهاڱي کانپوءِ بدليل حالتن مطابق پنهنجي ذهنيت کي بدلائي نئون رنگ ڏيڻو پوندو کين پنهنجو سمورو توجهه سنڌي عوام ۾ سياسي شعور ۽ قومي جذبي پيدا ڪرڻ طرف لڳائڻو پوندو.

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد، سنڌ ترقي پسند جماعت قائم ڪرڻ وقت 23 جون 1947ع ۾ سن ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ ڪئي).


    آزاد پاڪستان ۾ آزاد سنڌ

    آءٌ سنڌ جي عوام طرفان اوهان سڀني آيلن جو شڪريو ادا ٿو ڪريان، جي هن قديم مهراڻ جي ماٿري ۾ پاڪستان جي سياست تي غور فڪر ڪرڻ ۽ نئين ترقي پسند جماعت ٺاهڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا آهيو. هيءَ سر زمين سنڌ ۽ ان جو مکيه شهر ڪراچي پاڪستان جي نوزائيده رياست ۾ مکيه جڳهه والاري ٿو.
    هيءَ ئي اها جاءِ آهي جتي پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف قسم جي ماڻهن جي قسمت جا فيصلا ٿيڻا آهن. انهيءَ ئي جاءِ تان عوام جو آواز پوري زور سان ظاهر ٿيڻ گهرجي. جيئن نئين آئين ٺاهڻ وقت سندن موجوده حالت ۾ مستقبل ۾ ايندڙ نسلن لاءِ انصاف ۽ جمهوري مساوات جو خيال رکيو وڃي.
    دوستو! سنڌين جون بي نظير تاريخي روايتون رهيون آهن. تنهنڪري اها سندن فطري خواهش هئڻ گهرجي ته هو سندن مستقل جي روشن ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن. خصوصاً ان حالت ۾ جڏهين ان بابت کين خطري جا آثار نظر اچي رهيا هجن.
    سنڌ قديم سڀيتا جو مرڪز رهي آهي، موهن جو دڙو ان جو ثبوت آهي. ڪيئي نسل، ڪيئي عقيدا هتي مليا جليا، ڪيئي لاها چاڙها ڏٺائين ليڪن باوجود ان جي هزارها سالن کان هن جي علحده ۽ جداگانه هستي قائم پئي رهي آهي. دراوڙن، آرين، سامي نسل وارن ۽ منگولن جي ملاوت جا نشان آسانيءَ سان هتي لڀي سگهندا، ليڪن انهيءَ کان وڌيڪ هتي جدا جدا مذهبن ۽ فلاسافين جي ميلاپ جا آثار ملي سگهندا.
    ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ هندستان جي وچ ۾ جنم ورتو ليڪن وڌيو ويجهيو هتي. ”تعليم نروان“ جا اثر اڃا باقي هئا ته اسلام هتي پير پاتو. اسلام صرف ان ۾ ”اثبات“ جو اضافو ڪيو. ويدانيت ۽ وحدانيت هن ئي زمين تي هڪ ٻئي سان روشناس ٿيون. جيڪڏهين هندو يوگين وحدانيت جي اثر هيٺ بت پرستيءَ کان ڪناره ڪشي ڪئي ته مسلمان درويشن سنياس ۽ راڳ کي تصوف جو جذبو بنايو. هندو مسلم ڪلچر هتي مليا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعر مان جو شاهه ولي الله دهلويءَ جو همعصر ۽ سندس شاگرد محمد معين ٺٽويءَ جو دوست هو. ان جو ثبوت ملي سگهي ٿو. اهڙي اتحاد جو مقابلو هندستان جو ٻيو ڪو به حصو نه ڪري سگهندو. هي سڀ سنڌين جو ماضي رهيو آهي، جنهن کي بد قسمتيءَ سان گڏيل چند مهينن کان مخصوص خطرا سامهون ٿي رهيا آهن. ساري بر صغير هندستان ۾ نهايت افسوسناڪ فرقيوار فساد واقع ٿيا ۽ سنڌ به انهن واقعن کان محفوظ نه رهي آهي.
    پر دنيا ڄاڻي ٿي ته هتي به سنڌي سپوتن سندن امن پسنديءَ ۽ فراخدليءَ جو ثبوت اهڙي تاريڪ دور ۾ به ڏيکاريو، جيڪڏهن انهيءَ بدامنيءَ جي دور ۾ اسان جا هندو ڀائر مجبور ٿي ملڪ ڇڏي ويا، ته انهن غير اسلامي ۽ بي انصافيءَ جي ڪارنامن لاءِ سنڌي مسلمان جوابدار ڪو نه هئا. بلڪ انهن سنڌي قوميت ۽ ان جي گڏيل ڪلچر جو اظهار ڪندي، سندن هر طرح مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سنڌي تاريخ جي گهڻن ئي دورن مان لنگهندي، ڪيترن ماڻهن جي تصادم جو ميدان رهي آهي. ايران، يونان، عرب، افغانستان ۽ دهليءَ جي مغل شهنشاهيتن هن ملڪ تي تسلط ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪي وقت اهڙا به آيا، جو ظاهري طرح سندن بخت جو ستارو هميشه جي لاءِ لٿل ڏسڻ ۾ پئي معلوم ٿيو، پر تاريخ شاهد آهي ته انهن سارين مشڪلاتن مان پار پئي، سنڌ هميشه پاڻ جهليندي رهي. سنڌي بهترين پاڙيسري ٿي رهڻ جا ڪوڏيا آهن، پر ڌارين جو بي انصافانا ۽ آمرانه تسلط گهڻي وقت تائين برداشت ڪري نه سگهيا آهن.
    ٻاهرين کان بهترين ڳالهين حاصل ڪرڻ کان ڪڏهن عار نه ڪيو اٿن. پر پنهنجو علحده وجود ۽ هستي ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه هئا. قومي جذبو ۽ آزاديءَ جي خواهش اسان جي روايت جو مکيه جزو پئي رهيا آهن.
    دوستو! معاف ڪندا جو اوهان جو وقت سنڌين جي هن مختصر احوال ڏيڻ لاءِ ورتو اٿم. پر آءٌ سمجهان ٿو ته پاڪستان جي تعمير ۽ مضبوطيءَ جي سوالن تي غور ڪرڻ لاءِ سندس مختلف رياستن جي باشندن جي احوال کان واقف ٿيڻ نهايت ضروري امرآهي. اهڙين ڳالهين کي صوبائي تنگ نظري يا انتشار پسنديءَ سان تعبير ڪرڻ نهايت غلط ٿيندو. قوميتن جي قديم ورثن ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڪوششن کان انڪار ڪرڻ تاريخي حقيقتن جو انڪار ٿيندو. جڏهين پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ايماندارانه ۽ جمهوري طريقي سان حاصل ڪرڻ جو ارادو اٿئون، ته هن طرح مختلف قوميتن جي وطن پرستيءَ کي انهيءَ لاءِ مانع نه سمجهڻ کپي بلڪ باهمي عزت ۽ مساوات جي جذبي مان جدا صوبائي قوميتن کي هڪ گڏيل ملڪ ۾ هڪ ٻئي جي فائدي لاءِ ملائي مضبوط بنائي سگهون ٿا.
    ساري ارتقائي دور ۾ عالمگير برادري، وحدت خيال ۽ عمل انسان جو منزل مقصود رهيو آهي. سڀئي مذهبي، سياسي، اقتصادي جدوجهد انهيءَ مقصد جي حصول جا ذريعا پئي رهيا آهن. تاريخ جا ورق انهيءَ ڪوشش جي واقعن سان ڀريل نظر ايندا.
    ماڻهو بنياد ۾ ننڍن ڪٽنبن ۾ ورهايل هئا. ڪٽنب گڏجي قبيلا بنيا جي آهستي آهستي ٿي، قومن جي صورت اختيار ڪرڻ لڳا انهيءَ سندن اتحاد لاءِ جاءِ رهائش، ڪلچر، زبان ۽ اقتصادي مفاد بنيادي جزا بنيا. انهيءَ ئي نقطه نگاهه کان يورپ جا رهاڪو ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن جي خيال کي قطع نظر ڪري، قومن ۾ ورهائجي ويا.
    13 سؤ سال اڳ سر زمين عرب مان هڪ آواز نڪتو هو جنهن انسان ذات جي جدا قومن کي بنا تميز، رنگ، نسل ، ملڪ ۽ زبان جي هڪ عالمگير برادريءَ ۾ ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿوري وقت گذرڻ بعد خود انهيءَ پيغام ۾ ويساهه رکندڙ مسلمان به وري مٿين قسمن جي قومي گروهن ۾ ورهائجي ويا. اسلام جو آواز صرف بطور آئيڊيل جي رهجي ويو. ملڪ ۽ ماڻهن جي ضرورتن ۽ حقيقتن انهيءَ خواب جو تعبير ٿيڻ نه ڏنو. جيڪڏهن اسلام ڪن بنيادي اصولن جو حامل آهي ته اهي انسان ذات جي عالمگير برادريءَ ۽ وحدت خيال ۽ عمل جا آهن.
    ليڪن عالمگير برادري انساني سوسائٽي جي مختلف قوميتن ۽ پنگتي انصاف ۽ سياسي مساوات رائج ٿيڻ کان اڳ ٺهڻ نهايت مشڪل سوار آهي.
    اسلام سياست ۽ اقتصاديات کي مذهب کان جدا ڪرڻ نٿو گهري بلڪ هو ماڻهن مان مصنوعي اوچ نيچ جا فرق مٽائڻ، ظلم ۽ ڏاڍائي کي ختم ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو. ان آزادي، مساوات ۽ اخوت جو سبق سيکاريو. ان جو جهاد انسان ذات جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ نئين سوسائٽي بنائڻ جو هو.
    اسلام دين فطرت آهي جو ماڻهن جي وچان مصنوعي ويڇا ۽ نفرت دور ڪري کين محبت جي ڏوريءَ ۾ پوئڻ جو مقصد سامهون رکي ٿو. ان ڪري مخصوص گروهن يا مذهبن جي هڪ هٽي نه آهي سچي مسلمان بنجڻ لاءِ انسان کي ارتقائي دورن مان لنگهي وحدت خيال ۽ عمل ڏي پهچڻو آهي. اها نعمت صرف نالي جي مسلمان گهر ۾ جنم وٺڻ يا ظاهري مذهبي رسمن جي ادا ڪرڻ سان حاصل ٿي نٿي سگهي. صحيح زندگي گذارڻ ئي حقيقي مسلمان ٿيڻ جي نشاني آهي. شرابين، زانين، ظالمن، ڦورن، راشين، نفرت جي پوئلڳن ۽ ڊڪٽيٽرن جي ٽولي کي جن جي ساري زندگي اسلامي تعليمات جي خلاف هڪ کليل بغاوت آهي. اسلامي قوم جي نالي سان سڏڻ ڪيتري قدر صحيح ٿيندو. اهو هر ذي عقل سمجهي سگهي ٿو.
    اهو نهايت آسان امر آهي ته پاڻ کي مسلمان سڏائجي. پر ان اوچي درجي جي پد تي پهچڻ لاءِ وڏي محنت ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.
    مسلمان درويش ۽ فيلسوف خود اها حقيقت محسوس ڪري چئي ويا آهن ته ”اي خدا، اسان کي مسلمان ڪري مارج.“ جيڪڏهن اخلاق ۽ علمي اوج تي رسڻ جي باوجود هنن انهيءَ مسلماني معراج تي پهچڻ جي هام نه هنئي، ته پوءِ اهو ڪيتري قدر صحيح ٿيندو ته ڪن بد ترين ماڻهن جو گروهه غريب عوام کي ڌوڪو ڏيئي، پنهنجي طبقاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي ۽ پاڻ کي گڏيل قوم سڏائي.
    حقيقت ۾ هي پارسي مقولو انهيءَ ڳالهه تي پوري روشني ٿو وجهي ته
    ”مسلمانان در گور، مسلماني در ڪتاب“
    مسلمانن جي انهيءَ تنزل لاءِ ڪي تاريخي اسباب هوندا، پر مکيه سبب هندستان جي مسلمانن لاءِ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي زبان ۾ پيش ڪريان ٿو:
    ”هندستاني مسلمان جي ذهن ۾ سندس شخصيت بنسبت هڪ وهمي تصور ويٺل آهي، جنهن جو عملي دنيا ۾ وجود ئي ڪو نه آهي. اسان ڪنهن زماني کان هڪ اهڙي اسلامي جماعت جو نالو وٺي رهيا آهيون، جنهن بابت نه اسان جي ذهنن ۾ ڪو صحيح نقشو آهي ۽ نه اها دنيا ۾ ڪٿي وجود ۾ آهي. اسان پاڻ کي هڪ اهڙي خيالي دنيا ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو نه رڳو اسان ٻين اسلامي ملڪن جي تاريخ سندن ترقي ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد کان غير واقف رهجي ويا آهيون. پر خود پنهنجي ملڪ ۾ به اسان اڳيان ڪو مقرر ٿيل جهڙا مسلم ملڪ پاڻ کي جدا قومن جي صورت ۾ ، زبان، وطن، ڪلچر جي بنيادن تي شمار ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪڏهن به هو هڪ ٿيڻ قبوليندا ته ان لاءِ بنيادي اصول سياسي برابري ۽ حق خودارادي ۾ وفاقي صورت جا هوندا. انهيءَ ڳالهه کي اهو اسلامي تعليمات خلاف نٿا سمجهن. اسلام جيتوڻيڪ عالمگير برادريءَ جو سبق ڏئي ٿو. ليڪن هو قومن جي وجود کان انڪار نٿو ڪري.
    قوم گڏيل ماحول، زبان، مالي گهرجن جي بنياد تي ماڻهن جي ارتقائي منزل جو فطري درجو آهي.
    اسلام البت قومن جي وچ ۾ انسانذات ۾ تفرقي ۽ نفاق پيدا ڪرڻ جي ڳالهين کان منع ڪري ٿو. اهو ايئن نٿو گهري ته قومي، نسلي، ڏاڍائي ڪري وڏيون ۽ ترقي يافته قومون ننڍين ۽ پٺتي پيل قومن جا حق غضب ڪن.
    نئين پاڪستان رياست ۾ سنڌي، پٺاڻ، بلوچ، پنجابي ۽ بنگالي مٿي ذڪر ڪيل بنياد تي جداگانه قوميتون آهن، جي پنهنجي حقن جي حفاظت ڪندي، پاڪستان جي تعمير ۽ مضبوطيءَ لاءِ حصو وٺي سگهن ٿيون.
    ليڪن اهڙي سهڪار لاءِ کين سندن ڪلچر ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ اندروني آزاديءَ جو يقين ڏيارڻ ضروري آهي. ڪا به مرڪزي حڪومت ملڪ کي مضبوط ڪري ترقي وٺائي نه سگهندي، جنهن جا وفاقي حصا سدائين مرڪزي حڪومت تي قابض ٽولي جي دست درازين کان نالان ۽ ان جي ظلم کان بچڻ لاءِ ڪشمڪش ۾ مشغول هوندا.
    انهن حقيقتن کي سامهون رکندي عوامي جماعت جو انهن بنيادي اصولن تي وجود ۾ اچڻ پاڪستان لاءِ نيڪ فال آهي. انهن اصولن کي تسليم ڪرڻ بعد ملڪ جا اندروني خطرا، جي ننڍن پٺتي پيل صوبن کي وڏن ترقي يافته صوبن کان، يا غريبن کي شاهوڪارن کان رهن ٿا، سي نه رهندا ۽ هرڪو صوبو يا طبقو اطمينان سان ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ باهمي سمجهوتي سان ڪوشش ڪندو رهندو.
    صوبن کي اندروني آزادي ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ جي هيٺين پاس ڪيل ٺهراءَ (23 مارچ 1940ع) تي، جو پوءِ ”پاڪستان ٺهراءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. عمل ڪرڻ لازمي آهي:
    ”(ٺهراءَ جو حصو ٽيون) ٺهراءُ ٿو ڪجي ته هن آل انڊيا، مسلم ليگ جو غور شده رايو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪو به آئيني مسودو لائق عمل ٿي نه سگهندو يا مسلمانن کي قابل قبول نه ٿيندو، جيستائين اهو هيٺين بنيادي اصولن تي نه ٺاهيو ويو آهي، جيئن جاگرافيائي طور هڪٻئي سان گڏيل خطا اهڙيءَ طرح ملائي، ضروري ڦيرين گهيرين سان ٺاهيا وڃن جو مسلمان اڪثريت وارن حصن جهڙي طرح اتر مغربي هندستان کي جدا آزاد ۽ خود مختيار رياستن ۾ آندو وڃي.“
    اها هڪ وڏي تاريخي ڌوڪيبازي ٿيندي، جيڪڏهن مسلم ليگ طاقت ۾ اچڻ بعد پنهنجا واعدا ۽ ٺهراءَ وساري ڇڏي، جن جي آڌار تي مختلف صوبن جي رهاڪن پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري، مدد ڏني هئي.
    پاڪستان جي سڀني صوبن مان سنڌ کي ٻاهران آيل ڦورو ٽولن ۽ وڏن ماڻهن جي چراگاهه طور ڪتب آڻڻ ۽ ان جي سياست اقتصاديات ۽ ذهني ورثن تي تسلط ڄمائڻ وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جنهن کي هتي جا رهاڪو خوشيءَ سان برداشت ڪري نه سگهندا.
    ٻاهران ستائجي آيل غريب مهاجرن جي مدد لاءِ سنڌ جا رهاڪو پنهنجي قديم روايات مهمان نوازيءَ ۽ سخاوت موجب هٿ ڊگهيرڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪندا. انهن ٻاهران آيل ماڻهن جو فرض آهي ته هو ماضيءَ کي وساري، سنڌي قوم جو جزو ٿي سنڌي ڪلچر ۽ زبان اختيار ڪن ۽ سنڌ جا مفاد پنهنجا مفاد ڪري سمجهن. کين فاتح يا چونڊيل قوم قبول ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪڏهن به تيار نه ٿيندا. جڏهن سنڌي مسلمان پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ 1938ع کان ڪوشش شروع ڪئي، جا هنن لاهور واري ٺهراءَ کان گهڻو اڳي شروع ڪئي هئي ته ان مان سندن مراد انگريزي سامراج ۽ هندو طبقاتي مفاد کان سنڌي عوام جي آزادي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ هئي ۽ نه ٻيءَ غلاميءَ ۾ ڦاسڻ جي هئي.
    1945ع کان وٺي آءٌ ۽ اسان جي خيال جا سنڌي، انهيءَ خطري کان ڊڄندا رهياسين ته متان هندو طبقاتي مفاد جي چنبي کان نڪري مسلم طبقاتي مفاد جي تسلط هيٺ نه اچي وڃون. اسان هن ڳالهه جو کليل اظهار پي ڪيو ته اسان آزاد پاڪستان ۾ آزاد سنڌ ڏسڻ گهرون ٿا. انهيءَ راءِ جي اظهار ڪرڻ سان اسان سنڌي عوام جي ترجماني ڪري رهيا هئاسون خود سنڌ جي ڪٽر مسلم ليگين اهو سودو ڪرڻ نٿي گهريو ته هڪڙي جي غلاميءَ مان نڪري ٻين جي غلاميءَ ۾ گرفتار ٿين.
    اها ڳالهه تسلي بخش ٿي نه ٿي سگهي ته هندن جي طبقاتي غلاميءَ مان نڪري مسلمان طبقن جي غلاميءَ هيٺ اچجي غلامي نيٺ غلامي آهي، پوءَ اها ڪنهن جي به هجي جيستائين اها قائم آهي تيستائين اهو هر هڪ قوم جي جنم جو حق ٿئي ٿو ته انهيءَ بند کان آزاد ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري.
    جيڪڏهن اسان اڄ سنڌين کي پاڪستان جي ابتدائي دور ۾ خوفزده ۽ ناراض ڏسون ٿا ته اسان کي نهايت باريڪ بينيءَ ۽ منصفانه طور ان جي اسبابن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته بنا سمجهه ۽ ويچار جي ان کي صوبائي تنگ نظريءَ جو بهتان مڙهي، پٺن پويان اڇلائي ڇڏجي اهو طريقو هڪ نئين برپا ٿيل رياست کي جنهن ۾ جدا جدا ٻولين ۽ طريقه زندگي وارا ماڻهو رهن ٿا، مضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ تي رسائڻ جو نه آهي، انهن قوميتن جي گڏيل امداد صرف ايماندارانه طور تي سندن اختلافن کي تسليم ڪري حل ڳولڻ سان حاصل ڪري سگهبي، نه تلوار وانگر انهن حقيقتن کان منهن ڇپائڻ سان اڄڪلهه ڪي ماڻهو ايئن چئي رهيا آهن ته جنهن صورت ۾ پاڪستان مسلمانن جي رياست آهي ان ڪري ان جي مفاد وٽان اها ڳالهه ٿيندي ته ان جي حڪومت وحداني طريقي جي هجي ۽ ان جو نظام صوبائي حدن ۽ تفاوتن کي ختم ڪري، بنايو وڃي.
    جيتوڻيڪ اهڙي قسم جو تجربو دنيا جي ڪنهن به حصي يا خود مسلمان ملڪن ۾ به ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ليڪن بحث خاطر اسان سوال پڇنداسون ته آيا پاڪستان صحيح طور تي مسلماني رياست ۽ اسلامي اصولن تي هلندڙ ملڪ آهي؟
    ان جو جواب صاف پيو آهي ته جنهن صورت ۾ ان ۾ پيغمبر جي ٻڌايل آئڊل سوسائٽيءَ جو وجود قائم ڪو نه ٿيو آهي ته پوءَ هن کي اسلامي اصولن تي هلندڙ ملڪ ڪيئن سڏي سگهجي ٿو؟ انهن شخصن مان ان سوسائٽيءَ جي ٺهڻ جو امڪان ڪو نه آهي. جن جا ذاتي ۽ طبقاتي مفاد عام ماڻهن جي مفاد کان جدا آهن.
    هي جي رشوت خوري، ظلم، ڏاڍائي جا ڪم پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ وجود ۾ آيا آهن تن جي اسلامي روح سان تعبير ڪئي وڃي، ته صاف معلوم ٿيندو ته اسلام جي سهڻي نالي ۾ ٺڳن ۽ ظالمن جو گروهه عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ اسلام جو نالو وٺي رهيو آهي.
    دوستو! اسان هڪ عبوري (پاتڻي) دؤر مان گذري رهيا آهيون. جيتوڻيڪ حڪمران طبقو صحيح حقيقتن تي غور فڪر ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، ليڪن عوام ۾ سندن مشڪلاتون ۽ ڏاکڙا بيداري پيدا ڪري رهيا آهن. انهن کي پاڪستان سان وفاداري ڌارڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي، ليڪن حڪمران طبقي کي معلوم هئڻ گهرجي ته عوام سان انصاف ۽ مساوات جي برتاءُ کانسواءِ صرف چند شخصن مان سندن وفاداريءَ جي توقع رکڻ نه مناسب آهي ۽ نه ممڪن.
    اسان کي هينئر ئي هن ڳالهه تسليم ڪرڻ کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي، ته اسان جي نوزائيده رياست کي گهڻن مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو آهي. ان مان کيس ڪڍڻ لاءِ صبر ۽ استقلال جي ضرورت آهي ان کانپوءِ ئي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ امڪان پيدا ٿي سگهندو.
    ليڪن اسان کي هينئر ئي پنهنجي لائح عمل بابت ذهن صاف ڪرڻا پوندا ته ڪهڙي قسم جي سوسائٽي هتي برپا ڪرڻ گهرون ٿا.
    هن ڳالهه کان ته ڪنهن کي به انڪار نه هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت قائم ٿيڻ گهرجي. جنهن ۾ سڀني رهواسين کي هڪ جهڙا حق ۽ موقعا ملڻ گهرجن. صحيح جمهوريت تيستائين قائم ٿي ڪين سگهندي، جيستائين ماڻهن کي راءِ جي اظهار ڪرڻ ۽ جماعت سازيءَ جي آزادي نه هوندي. جنهن ۾ عوام سندن مفاد سان واسطي رکندڙ مسئلن تي آزاديءَ سان راءَ جو اظهار ڪري سگهن.
    ليڪن صرف پارليامينٽري جمهوريت ڪو گهڻو فائدو پهچائي نه سگهندي. جيستائين اقتصادي طرح ان کي عوام جي فائدي لاءِ ڪتب نه آندو ويو آهي. اسان جي پارٽي جيڪڏهن واقعي عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪرڻ گهري ٿي، ته کيس کليءَ طرح سوشلسٽ سوسائٽي قائم ڪرڻ لاءِ اعلان ڪرڻ گهرجي. اها ئي ڳالهه صحيح طور تي اسلامي احڪامن پٽاندر ٿي سگهي ٿي. اهو سوشلزم ئي آهي جو غريبن کي حق پلئه وجهائي سگهندو ۽ ملڪ جي پيداوار جي ذريعن کي باضابطه منصوبن ماتحت اسان جي پوئتي پيل ملڪ جي ترقي لاءِ ڪتب آڻي سگهندو. هن وقت اسان جي جملي ملڪيت چند نوابن، زميندارن ۽ سرمائيدارن جي هٿن ۾ محدود ٿيل آهي جي ان کي ذاتي مفاد لاءِ ڪتب آڻي، عوام کي غربت جي حال ۾ رکيو ويٺا آهن غربت کي تڙي ڪڍڻ لاءِ موجوده غير مساوي ملڪيتن جي شڪل کي بدلائي استعمال غرضي بند ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان موجوده حالتن کي ڪافي وقت تائين رهڻ ڏنو، ته عام ناراضگي ۽ تڪليفون خوني انقلاب ذريعي انهن کي بدلائڻ لاءِ رستو ڳولينديون. هن وقت ڪو به ملڪ دنيا جي انقلابي هوائن کان محفوظ نه آهي، تنهنڪري دانشمندي جي تقاضا اها آهي ته عوام جي ناراضيءَ جا ڪارڻ دور ڪريون.
    اسان کي خبر آهي ته موجوده حاڪم طبقي جا ماڻهو اهڙين تجويزن کي ناپسنديءَ جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ انهن جو اهو مشغلو ٿي ويو آهي ته اهڙن خيالن جي ظاهر ڪندڙن کي غدار قوم ۽ اسلام جو دشمن، ڪميونسٽ وغيره جا لقب ڏئي عوام کي سندن خلاف برغلائڻ جي ڪوشش ڪن. پر کين ياد رکڻ گهرجي ته ملڪي سياست سدائين جذباتي ۽ تعصب جي اصولن تي هلائڻ مشڪل ڳالهه آهي.
    اسان جا اهي ليڊر هر وقت اهو راڳ ڳائيندا رهن ٿا ته اندروني يا بيروني طرح اسان جو ملڪ سخت مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي اهڙي حالت ۾ ته پاڻ اهو وڌيڪ ضروري آهي ته هن وقت سوچ ۽ ويچار سان ملڪ جي سياست کي هلايو وڃي، جيئن ان جا بنياد پخته پاين تي رکي سگهجن، ڪيترو وقت اسان انهي ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيڻ بدران، ٽاريندا رهنداسون؟
    اسان جي پارٽي عام طرح جي پارٽين مان نه آهي جن جو مقصد چونڊون لڙي، سازشون سٽي، طاقت هٿ ڪرڻ پئي رهيو آهي.
    اسان جي جماعت جو ملڪ ۽ عوام جي ڀلي جي اصولن تي بنياد ٻڌل آهي. انهن مقصدن جي حصول لاءِ اسان عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پوءِ ان لاءِ ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي. عهدن جي طلب، اقتدار جو حصول، اسان جي روايات جي خلاف آهي. اهي انهن کي نيبهه هجن، جن جو گذارو انهن ڳالهين تي هوندو ۽ انهن کانسواءِ سندن زندگي تلخ ٿيو ٿي پوي. اسان جو عوام سان واسطو آهي، سندن خادم آهيون سندن آڌار تي سندن حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪمرڪشي اٿئون. اسان هر هڪ ان ماڻهو ۽ گروهه کي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. جن جو عوام لاءِ هڏ ڏکندڙ هوندو پر اسان عوام جي دشمن ۽ خود مطلب سياستدانن جي سختيءَ سان مخالفت ڪندا رهنداسون، پوءِ کڻي هو ڪيڏيءَ به پوزيشن وارا هوندا.
    اسان گذشته جدوجهد جي اختلافن کي ڀلائي ڇڏيو آهي. اسان کي ڪنهن جي خلاف شخصي شڪايت نه آهي، کڻي اسان کي انهن هٿان ڪيترا به نقصان پهتا هجن، اسان وٽ عوام جي ڀلي جو مقصد شخصن کان مٿي آهي، انهيءَ مقصد سان هيءَ جماعت ٺاهي خدمت ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.
    دوستو! آخر ۾ وري به اوهان صاحبن جي ڪراچي آمد جو شڪريو ادا ٿو ڪريان، ۽ مون کي اوهان جي ذات ۾ اميد آهي ته جماعت جو دستور العمل تيار ڪرڻ ۽ پروگرام بنائڻ سان اوهان ملڪي عوام جي زندگيءَ لاءِ هڪ نئين سياسي دور جو آغاز ڪندا.

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد پاڪستان عوامي جماعت منعقده ڪراچي ڪنوينشن 8-9-10 مئي 1948ع تي افتتاح ڪندي ڪئي. هن ڪنوينشن جي صدارت سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان ڪئي.)


    امن سڄيءَ دنيا لاءِ

    جناب چيئرمين ۽ اجلاس ۾ شريڪ ساٿيو!
    پاڪستان کان آيل هڪ عيوضي (Delegate) جي حيثيت ۾ توهان سان مخاطب ٿيندي، آءٌ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي عمر پنج سال مس آهي، ان ڪري آءٌ ڪوشش ڪندس ته توهان کي ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان.
    14 آگسٽ 1947ع کان اڳ پاڪستان ۾ برصغير هند جو هڪ حصو هو ۽ ممڪن آهي ته توهان منجهان ڪيترن کي ان جي قيام جي سببن ۽ تاريخ جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ نه هجي. ان امڪان جي مد نظر آءٌ ضروري ٿو سمجهان ته ان نئين ملڪ بابت ڪجهه حقيقتون توهان جي آڏو رکان. بر صغير هند ۾ ٻه تمام وڏا مذهبي گروهه رهندا هئا. هڪڙو هندو ۽ ٻيو مسلمان. هندستان ۾ انگريز راڄ قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ان جي اڪثر علائقن تي مسلمان حڪومت ڪندا هئا. انگريزن پنهنجي سامراجي پاليسيءَ تحت مسلمانن کي دٻائڻ ۽ هندن کي همٿائڻ شروع ڪيو ۽ هندو، تعليمي، اقتصادي ۽ سياسي طور تي طاقتور ٿيڻ لڳا. طاقت ۾ اچڻ سان فطري طور انهن ۾ قومي معاملن تي دسترس حاصل ڪرڻ جو جذبو جاڳڻ شروع ٿيو. (ان وقت) انگريزن پنهنجي پاليسيءَ ۾ فوراً تبديلي آندي ۽ مسلمانن جي سرپرستي ڪرڻ شروع ڪئي. واضح رهي ته مسلمان تعداد جي لحاظ کان هندن جي چوٿين حصي جي برابر هئا. انگريزن جي ان پاليسيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو ته ٻنهي گروهن وچ ۾ مذهبي تعصب ۽ سياسي اختلافن جنم وٺڻ شروع ڪيو ۽ ڪشيدگي ڏينهن به ڏينهن وڌندي رهي، تان جو هڪ اهڙو مرحلو آيو، جو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائڻ کانسواءِ ڪو چارو نه رهيو. هڪ حصي يعني پاڪستان ۾ اقتدار مسلمانن جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ کي ڏنو ويو ۽ ٻئي حصي يعني ڀارت ۾ اقتدار انڊين نيشنل ڪانگريس جي حوالي ڪيو ويو.
    آگسٽ 1947ع واري ان فيصلي وقت توقعات هيون ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان سمورا مذهبي اختلاف ختم ٿي ويندا ۽ ٻنهي برادرين جا ماڻهو ترقيءَ ۽ باعزت قومي بقا جي راهه تي پنهنجو پر امن سفر جاري رکي سگهندا، پر افسوس، اهو ئي ورهاڱو فرقيوارانه هنگامن جي باهه ڀڙڪائڻ جو سبب بڻيو ۽ ان سان ٻنهي برادرين (Communities) لاءِ ڏکن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿيو.
    خواتين و حضرات!
    انهن ڏکن جو اندازو توهان ان حقيقت منجهان لڳائي ٿا سگهو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ غير دانشمندانه لڏ پلاڻ دوران اٽڪل ڏهه لک ماڻهن کي نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجا صدين جا اباڻا ڪک ڇڏي، مختلف علائقن ڏانهن هجرت ڪرڻي پئي. تقريباً اڍائي لک عورتن کي اغوا ڪيو ويو. ڪروڙين رپين جون ملڪيتون لٽيون ويون تباهه ڪيون ويون يا مالڪن کي ڇڏڻيون پيون. ڪيترن ماڻهن کي اها اميد هئي ته اهڙي زبردست تباهيءَ کان پوءِ ماڻهو ڪجهه سبق حاصل ڪندا ۽ امن گڏيل ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪندا، پر مون کي نهايت ڏک سان اهو تسليم ڪرڻو ٿو پوي ته قومي زندگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ترقي ڪرڻ جي بجاءِ اسان ٻنهي ملڪن جا ماڻهو اڃا تائين خوني جهيڙن ۾ ڦاٿا پيا آهيون. اهو امن، جنهن لاءِ اسان منجهان گهڻن کي آس هئي، سو اڃا تائين حاصل نه ٿي سگهيو آهي. اهڙا ڪيترا مسئلا، جيڪي اصل ۾ سمورن اختلافن ۽ دشمنين جو سبب آهن، انهن جو اڃا تائين معقول حل نه ٿي سگهيو آهي. مهاجرن جي بحالي، آبادڪاري، درياهي پاڻيءَ جو مسئلو، ڇڏي ويلن جي ملڪيت جو نيڪال، مواصلات جي پر امن ۽ عام رواجي بحاليءَ ۽ واپار جهڙا مسئلا اڃا تائين حل نه ٿي سگهيا آهن ۽ سڀ کان ڏکيو ۽ منجهيل ڪشمير جو مسئلو آهي، جنهن مان خطرو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ تباهه ڪن جنگ ۾ ڦاسي سگهن ٿا. انهن مسئلن جي موجودگي، ٻنهي حڪومتن جي عقل تي پردو وجهي ڇڏيو آهي ۽ اهي چرين وانگر پنهنجا پنهنجا قومي خزانا دفاع جهڙي اجائي ڪم تي وڃائي رهيا آهن. نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن اختلافن سبب ٻئي ملڪ سامراجي طاقتن جي منصوبن جو شڪار بڻجي رهيا آهن، جيڪي ٻين جي تڪليفن مان فائدو وٺڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃائيندا آهن. خير جناب چيئرمين! ايترو چوڻ کانپوءِ آءٌ هتي موجود ٻڌندڙن جي آڏو پنهنجي ملڪ جي ڪجهه حقيقتن بابت وضاحت ڪندس:
    پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهايل هڪ ملڪ آهي. ٻنهي حصن جي وچ ۾ اٽڪل 1500 ميلن جو مفاصلو آهي ۽ اهو سڄو سارو فاصلو مملڪت ڀارت ۽ وچ ۾ اچي ٿو. اوڀر پاڪستان ورهاڱي کان اڳ واري صوبي بنگال جي هڪ حصي ۽ آسام جي ضلعي تي مشتمل آهي. ان جي ايراضي 53920 چورس ميل ۽ آبادي، 41,930,000 آهي. ورهاڱي کان اڳ واري پنجاب جو حصو، سنڌ جو صوبو، صوبو سرحد، بلوچستان ۽ ڪجهه هندستاني رياستون (قلات وغيره) گڏجي اولهه پاڪستان کي ٺاهن ٿا. اسان جي ملڪ جي ان حصي جي پکيڙ 310,298 چورس ميل ۽ آبادي 33,710,000 ماڻهن تي مشتمل آهي ملڪي آباديءَ جو 52 سيڪڙو زراعت تي دارومدار رکي ٿو ۽ مٽيءَ ۽ ڪکن جي جهوپڙن ۾ رهي ٿو. 88 سيڪڙو اڻ پڙهيل آهن. پاڪستان ۾ 3461,870 شاگرد پرائمري اسڪولن ۾، 1014,348 سيڪنڊري اسڪولن ۾، 41027 ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا. اسان وٽ هر پنجاهه هزار ماڻهن لاءِ، هڪ ڊاڪٽر ۽ اسي هزار ماڻهن لاءِ هڪ نرس آهي. اسان جي 364,218 چورس ميل ايراضيءَ لاءِ رڳو ڏهه هزار ميل روڊ ۽ چار هزار ميل ريل جي پٽڙي آهي. اسان جي ماڻهن جي ماهانه في ڪس آمدني چار رپيا آهي. اسان جي ملڪ ۾ تقريباً هڪ ڪروڙ اهڙا ماڻهو آهن، جن جو ڪو به مستقل اجهو ناهي.

    جناب چيئرمين!
    ورهاڱي وقت انگريزن حڪومت جو اختيار مسلمانن جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي مسلم ليگ کي منتقل ڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اقتدار انهن وٽ آهي. پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر اڃا تائين اسان جي ملڪ ۾ نه ته آئين ٺهيو آهي ۽ نه ئي اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ٿيون آهن. مسلم ليگي حڪمران سمجهن ٿا ته مذهبي عقيدن جي ڪري سڄي دنيا جا مسلمان هڪ قوم آهن ۽ خدا مسلمانن کي دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو مشن سونپيو آهي. دنيا ۾ رڳو سرمائيداري ۽ ڪميونزم جا ٻه نظريا نه آهن، پر عالمي اهميت رکندڙ هڪ ٽيون نظريو به آهي ۽ اهو آهي اسلامي نظريو، ان ئي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي قرارداد مقاصد پاس ڪئي، جنهن ۾ چيل آهي ته:
    ”شروعات الله جي نانءَ سان جيڪو مهربان ۽ رحم ڪرڻ ورو آهي.“ جيئن ته سموري دنيا تي اختيار الله تعاليٰ جو آهي ۽ اختيار جيڪو هن وقت پاڪستان جي رياست ڏانهن ان جي عوام جي معرفت منتقل ڪيو آهي ته جيئن اختيار کي سندس (الله) ٻڌايل حدن اندر استعمال ڪيو وڃي، سو هڪ مقدس امانت آهي.
    پاڪستاني عوام جي نمائندگي ڪندڙ هيءَ اسيمبلي پاڪستان جي آزاد ۽ خودمختيار رياست لاءِ آئين ٺاهڻ جو عزم ڪري ٿي، جتي رياست پنهنجا اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن جي معرفت استعمال ڪندي.
    جتي اسلام جي ٻڌايل جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري ۽ سماجي انصاف جي اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو.
    جتي مسلمانن کي اهي موقعا فراهم ڪيا ويندا ته اهي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي پنهنجيون زندگيون اسلام جي تعليم ۽ گهرجن مطابق بڻائي سگهن جهڙي نموني قرآن شريف ۽ سنت ۾ ٻڌايو ويو آهي.
    جتي مناسب بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن اقليتن جا ماڻهو آزادانه نموني پنهنجي پنهنجي مذهبن مطابق عبادت ڪري سگهن ۽ پنهنجي ثقافتن کي ترقي وٺرائي سگهن.
    جيڪي، علائقا هينئر پاڪستان ۾ شامل آهن يا ان سان گڏ آهن ۽ اهي پڻ جيڪي آئنده پاڪستان ۾ شامل ڪيا ويندا يا ان سان گڏبا، اهي گڏجي هڪ اهڙو وفاق ٺاهيندا، جنهن ۾ وحدتون (Units) خودمختيار هونديون، پر سندن اختيارن تي اهڙيون پابنديون هونديون، جن جو تعين وقت به وقت ڪيو ويندو.
    جتي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، جن ۾ حيثيت ۽ موقعن جي برابري، سماجي، اقتصادي ۽ سماجي انصاف، قانون ۽ عوامي مفادن جي دائري ۾ رهندي سوچ، اظهار، عقيدي، عبادت ۽ تنظيم سازي جي آزادي هوندي. جتي اقليتن، پوئتي پيل ۽ دٻايل طبقن جي مفادن جي تحفظ لاءِ مناسب گنجائش رکي ويندي ۽ جتي عدليه جي آزاديءَ کي مڪمل طرح يقيني بڻايو ويندو.
    جتي وفاق ۾ شامل علائقن جي سالميت، ان جي آزادي ۽ زمين، سمنڊ ۽ هوا تي ان جي خودمختياريءَ سميت سمورن حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.ته جيئن پاڪستان جو عوام ترقي ڪري سگهي ۽ دنيا جي قومن ۾ عزت ڀريو مقام حاصل ڪري سگهي ۽ عالمي امن، ترقي ۽ انسانذات جي خوشحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي.“
    موجوده وقت ۾ پاڪستان جي قيادت اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي انگريزن واري سيڪيولر جمهوريت ۾ يقين رکن ٿا، پر جن اصولن جي بنياد تي پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ اهي اصول جن تي مسلمانن جي علحده قوم وارو فيصلو ٻڌل هو ۽ ان سان گڏوگڏ قرارداد مقاصد جا لفظ ۽ روح انهن سڀني گڏجي لازمي طور مسلم ليگ جي اندر ۽ ان کان ٻاهر ماڻهن جا اهڙا گروهه پيدا ڪيا آهن، جيڪي صاحب اقتدار ماڻهن تي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن، جن جو لازمي نتيجو هڪ بنياد پرست رياست (Theocratic State) ۽ ڀارت سان جنگ جي صورت ۾ نڪرندو. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن وقت تائين اهي رجعت پسند ٽولا پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن ۽ صاحب اختيار انهن جي مطالبن آڏو جهڪيا ناهن. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته عام ماڻهن جي غربت ۽ نظر انداز ٿيڻ سبب وڌندڙ بيروزگاري، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ بدگمانين ۽ اختلافن جي ان صورتحال مان عوام خوش ناهي. تمام گهڻا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي حڪومت طرفان کنيل غير دانشمندانه قدمن کان مايوس آهن. ان ڳالهه جو تمام گهڻو امڪان آهي ته رجعت پسند ۽ نيم مذهبي گروهه ان صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪن ۽ ٿي سگهي ٿو ته (ان سان) اهي اقتدار ۾ اچي وڃن. ان جو مطلب ٿيندو ته ان سان ترقيءَ بجاءِ تنزل ڏانهن وينداسين. جيڪي ماڻهو مذهب جي نالي مان فائدو وٺي رهيا آهن. انهن مان اڪثريت جو خيال آهي ته اسان کي قانون ۽ انصاف جا رومن ۽ انگريز ۽ آمريڪي طريقا ترڪ ڪرڻ کپن ۽ انهن جي جاءِ تي قانون جو هڪ پراڻو ۽ مدي خارج نظام رائج ڪرڻ گهرجي، جنهن مطابق چورن جا هٿ وڍيا ويندا، زانين کي سنگسار ڪيو ويندو ۽ مذهبي معاملن ۾ اختلاف رکندڙن کي قتل ڪيو ويندو. حڪومت جون واڳون نام نهاد الله جي ٻانهن – ملن جي هٿن ۾ هونديون ۽ ان کي مذهبي ڪتابن جي تشريحن مطابق هلايو ويندو، جمهوريت ۽ راءِ جي آزادي لاءِ ان مذهبي جوڙجڪ ۾ ڪا به جڳهه نه هوندي، مذهب بابت سندن تشريح مطابق اهي اڳ ۾ ئي زمينداري ۽ قومي دولت جي غير مساوي ورهاست ۽ طبقاتي فرق کي جائز قرار ڏئي چڪا آهن. اهي چاهين ٿا ته موجوده سمورين عدالتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ مذهبي عدالتن هٿان انصاف مهيا ڪيو وڃي ۽ پڻ بئنڪن کي ختم ڪيو ويندو. اسلام جي بالادستي ۽ دنيا جي اڳواڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اهي ”جهاد“ جي ڳالهه ڪندا ۽ مسلمانن کي هڪ جنگجو ۽ شاونسٽ قسم جي معاشري ۾ تبديل ڪيو ويندو. اهي سموريون بين الاقوامي پاليسيون ۽ حڪمت عمليون، جيڪي پئن اسلام ازم ۽ وچ اوڀر جي ايڪتا کي همٿائي رهيون آهن. سي دراصل انهن مذهبي گروهن جي اميدن ۽ خواهشن کي هٿي ڏيئي رهيون آهن، جيڪي اسان جي قومي زندگيءَ کي تباهه ڪرڻ ٿا چاهين. اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته بين الاقوامي سطح تي اهڙيون قوتون به آهن، جيڪي مسلمانن ۽ مسلم ملڪن کي ان ايندڙ جنگ ۾ صرف هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جيڪا سندن خيال ۾ نه رڳو اڻٽر آهي پر سندن سامراجي مقصدن جي ڪاميابي لاءِ شايد ضروري پڻ.
    مون کي نهايت ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ کي پڻ دنيا جي مسلم ليڊرن جي چمڪندڙ وعدن تي هرکايو ٿو وڃي ۽ انهن غير ملڪي طاقتن جو آله ڪار بڻايو پيو وڃي، جن کي مسلمان ملڪن ۾ سياسي ۽ اقتصادي غلبو حاصل آهي. جيئن آءٌ اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته اسان جا حڪومتي اڳواڻ اڃا تائين انهن مذهبي گروهن جي مطالبن آڏو ناهن جهڪيا، پر خوف آهي ته پئن اسلام ازم جي مطالبن ۽ قرارداد مقاصد جي پاس ٿيڻ سان رجعت پسندن جي پروپئگنڊا پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ۽ اهي نام نهاد مذهبي گروهه پنهنجي انهن مطالبن ذريعي صاحب اقتدار همراهن کي ڊيڄاري ۽ جهڪائي وجهن ۽ کين پنهنجي مقصدن تي هلائڻ لاءِ مجبور ڪري وجهن.

    جناب چيئرمين!
    هن ڪانفرنس جو مقصد دنيا ۾ امن جي قيام کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي. آءٌ هن ڪانفرنس جي عيوضين کي عام طور ۽ برطانيا توڙي آمريڪا کي خاص طور چوان ٿو ته مسلمان ملڪن کي انهن جي نام نهاد مذهبي عقيدن جي بنياد تي گڏ ڪرڻ واريون برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتن جون ڪوششون خطرناڪ امڪانن سان ڀريل آهن. انهن کي معلوم هجڻ کپي ته انهن طاقتن جي سرپرستيءَ جي ڪري ئي مذهبي تعصب، ڪٽرپڻي ۽ فاشسٽ رجحانن کي هٿي ۽ تقويت ملي رهي آهي ۽ اها ئي سرپرستي آهي، جنهن جي ڪري وچ اوڀر جا ملڪ جمهوريت ۽ هڪ منظم سماج جي تصور کان ڏينهن به ڏينهن پري ٿيندا ٿا وڃن. مون کي اهو چوندي پڻ تمام گهڻو افسوس ٿو ٿئي ته ڪيترائي مسلمان ملڪ سامراجي طاقتن جي فوجن لاءِ پنهنجي ملڪ جا اڏا وڪڻي رهيا آهن. اسان جي ”قومي حڪومتن“ جي اهڙن معاهدن جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، تنهن جو اندازو ڪرڻ ڪو مشڪل ڪونهي ڌارين طاقتن جي فوجن جي سندن قومي خودمختياري ختم ٿي ويندي. اسان کي اهو ڏسي تمام گهڻو شرم ٿو محسوس ٿئي ته اسان جي ملڪن جون حڪومتون قومي عزت ۽ وقار جو سودو ڪري رهيون آهن.
    بهرحال، خواتين و حضرات! انهن سمورن رجحانن جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته اسان جا حڪمران ملڪ ۾ آئيني حدن اندر مخالفت جي به اجازت نٿا ڏين. اهڙن خيالن ۽ جذبن جي اظهار جي پاداش ۾ ماڻهن کي جيلن جي حوالي ڪيو ٿو وڃي، جيڪي حڪمرانن جي (خيالن جا) مخالف آهن، اهي نام نهاد مذهبي گروهن جي ناراضگيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم مثال صوبي سرحد مان عبدالغفار خان ۽ بلوچستان مان عبدالصمد خان اچڪزئي آهي جيڪي پنجن سالن کان بغير ڪنهن ڪيس جي جيل ۾ سڙي رهيا آهن.
    جناب چيئرمين ۽ شريڪ ساٿيو!
    آءٌ توهان کي ياد ڏيارڻ چاهيندس ته اهي ئي اهي شخصيتون آهن، جن سالن تائين انگريز سامراج سان ٽڪر کاڌو ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ صف اول جا رهنما هئا ۽ ڌارين حڪمرانن جي هٿان هنن کي ڪيڏيون نه مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون!
    اسان جو ملڪ پنهنجي زندگيءَ جي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اسان کي دنيا جي امن پسند قومن جي همدردي ۽ مدد جي ضرورت اهي. آءٌ هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني عيوضين کي گذارش ڪندس ته مذهب جي نالي ۾ گڏ ٿيندڙ اوندهه جي طاقتن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن.
    خواتين و حضرات!
    امن جون ڪاميابيون جنگ جي ڪاميابين کان ڪنهن به طرح گهٽ ناهن. هيءَ امن ڪانفرنس، دنيا جي قومن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. آءٌ پنهنجي ملڪ جي امن پسند ماڻهن پاران تعاون جو يقين ڏياريان ٿو.
    امن زنده باد!

    (1952ع ۾ ويانا ۾ ”عالمي امن ڪانفرنس“ ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾، سائين جي ايم سيد جي ڪيل هيءَ تقرير، پاڪستان ۾ موجوده دهشتگردي ۽ مذهبي فرقي پرستيءَ بابت ان وقت اظهاريل خدشن جو نقشو پيش ڪرڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت تي روشني وجهي ٿي.)


    ڀٽ شاهه: سنڌي ثقافت جو مرڪز

    دوستو!
    مون کي هيءَ ڳالهه معلوم ڪري نهايت خوشي حاصل ٿي آهي، ته سنڌ جي موجوده وزارت هتي ڀٽ شاهه جي ڳوٺ ۾ شاهه عبداللطيف جي اعزاز ۾ ”ثقافت جو مرڪز“ کولڻ جو ارادو ڪيو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ان مرڪز کي مدراس جي ٿياسافيڪل مرڪز، اديار، يا ڪلڪتي جي ڀر واري ڊاڪٽر ٽئگور جي مرڪز، شانتي نيڪيتن، وانگر اعليٰ نموني جو ادارو بنائڻ جو ارادو رکن ٿا.
    آءٌ حزب مخالف جو رڪن آهيان، جن جو مقصد هميشه حڪومت جي عيبن جي اپٽار ڪرڻ، ملڪ جي اهنجن ۽ ايذاون کي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ پيش ڪرڻ، ۽ رشوت خورن، خود مطلبن، بلئڪ مارڪيٽرن جي اوگهڙ ڪرڻ رهندو آهي. هنن جو ڪم وزارت جي تعريف ڪرڻ ۽ ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪم لاءِ وزيرن وٽ ثناگوين جي ڪا کوٽي ڪا نه رهندي آهي. ليڪن هيءُ هڪڙو اهڙو چڱو ڪم هو ڪن ٿا، جو جيڪڏهن ان جي ساراهه نه ڪري سندن همت افزائي نه ڪبي، ته ان کي خود حزب مخالف جي بدديانتيءَ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن وقت هر ڪنهن کي معلوم آهي ته ٻين ملڪن مان لکها ماڻهن جي اچڻ ڪري، جن جي زبان، تهذيب، لباس وغيره اسان کان جداگانه آهي ۽ ان کان علاوه ڪيترن ٻين سببن ڪري اسان جي سنڌي زبان، تهذيب، روايات ۽ ٻين ثقافتي ڳالهين کي نقصان پهچڻ جو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي. اهڙي نازڪ موقعي تي حڪومت جو سجاڳ ٿي ههڙو اهم قدم کڻڻ کين بيشڪ مبارڪ جو مستحق بنائي ٿو. آءٌ مسٽر عبدالستار پيرزادي، وزيراعظم سنڌ، کي ان نيڪ ڪم لاءِ سنڌين طرفان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
    ان بعد ان مرڪز جي ٺاهڻ بنسبت جيڪي تجويزون منهنجي خيال ۾ آيون آهن، سي هن مجلس اڳيان مناسب ويچار لاءِ پيش ڪريان ٿو. هن مرڪز لاءِ انهن تجويزن کي ٽن ڀاڱن ۾ روهائي پيش ڪندس.
    هن سنڌي ثقافت جي مرڪز جا غرض ۽ مقصد
    انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا
    هن مرڪز جي اسڪيم جو تعميري پروگرام

    (1) سنڌي ثقافتي مرڪز جا غرض ۽ مقصد:
    سمجهدار ماڻهن جو اهو دستور هوندو آهي ته هر نئين تجويز جي رٿڻ ۽ بنائڻ کان اڳ انهيءَ بنسبت واضح مقصد سامهون رکي پوءِ ان کي شروع ڪرڻ جو ارادو ڪندا آهن. ڪا به تجويز ڪيڏي به خرچ ۽ محنت سان تيار ڪجي، پر جيسيتائين ان جا مقصد صحيح ۽ سالم نه هوندا آهن، ته ان مان ڪنهن خاص فائدي حاصل ڪرڻ جي اميد نٿي اڀري سگهي. ان لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته هن مرڪز جي بنائڻ کان پهرين ان جي مقصدن کي ذهن ۾ رکيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ آءٌ پنهنجا خيال هن مجلس جي سامهون پيش ڪريان ٿو، جن مان ممڪن آهي ته مقصدن جي مقرريءَ ۾ اهي ڪجهه مدد ڏيئي سگهن.
    پهرين خود ”سنڌي ثقافت“ لفظ جي تشريح ڪرڻ ضروري ڳالهه آهي. ثقافت لفظ جي وسعت ۾ انساني زندگيءَ جي اندروني خواه ظاهري آراستگي ۽ صلاح جملي اچي وڃي ٿي. ثقافت در حقيقت علم، مذهب ۽ اخلاق محسنه جو نچوڙ آهي. پيدائش ڪائنات جا راز معلوم ڪرڻ، فطرت جي هر شيءَ ۾ حسن پرکڻ، ڪثرت ۾ وحدت کي ڏسڻ، محبت ۽ عشق کي مذهب جو جوهر سمجهڻ، حق جي ڳولا ۾ زندگي صرف ڪرڻ، دائمي خوشيءَ جي ذريعن ۽ وسيلن جي سڃاڻپ ۽ حاصلات، ملڪ کي آراسته ڪري بهشت وانگر بنائڻ- اهي سڀ ڳالهيون ثقافت ۾ سمائجي وڃن ٿيون. ادب، فلسفو، نفسيات، سائنس، شعر، مصوري، موسيقي، رقص، ڊراما سڀ ثقافت جا جزا آهن. ثقافت هڪ اڻ کٽ اظهار خيال ۽ خواهش ڪمال جو نالو آهي، جنهن لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو.
    ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ مِلان هوت،
    من اندر جي لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.
    جهڙي طرح سج جي روشني جملي انسان ۽ حيوان ذات کي فائدو پهچائي ٿي، اهڙيءَ طرح ثقافت به جملي انسان ذات جي اندروني خواه ظاهري اصلاح ۽ آراستگيءَ لاءِ ڪارآمد آهي. ليڪن جيئن ساري انسان ذات، شناخت ۽ نظام خاطر، فردن ۽ قومن ۾ ورهايل آهي، اهڙيءَ طرح تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي ته هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هزارين ورهين جي تجربي ۽ معلومات بعد ثقافتي ورثا ڪٺا ٿين ٿا، جن کي هو پنهنجو قيمتي ذخيرو سمجهي، محفوظ رکندا آهن ۽ انهن کي هو پنهنجي ترقيءَ جي رستي ۾ مشعل راهه ڪري منزل مقصود کي پهچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ نقطي نگاهه کان سنڌي ثقافت به هڪ مستقل جداگانه هستي رکي ٿي.
    انهيءَ ثقافت جي ٺاهڻ ۾ گذريل چئن هزارن ورهين کان وٺي سنڌ جي ڪروڙها رهاڪن حصو ورتو آهي. هينئر اسان وٽ اها صدين جو ورثو ۽ امانت آهي. جنهن ۾ سسسئيءَ جهڙين سلڇڻين پنهنجي پنهل لاءِ جهنگ ۽ جبل جهاڳيا هوندا، مومل جهڙين گجرين پنهنجي راڻن لاءِ رات وهائي ڏينهن ڪيا هوندا، مارئيءَ جهڙين محب وطن عورتن پنهنجن پکن ۾ وڃي محلن جي مر لاهڻ لاءِ روڄ ۽ رياض ڪيا هوندا ۽ سهڻيءَ جهڙين سرويچين پنهنجن ميهارن لاءِ ڪاريءَ رات ڪن گهڙيا هوندا ۽ ڪيترن عالمن، صوفين، نقاشن، ڳائيندڙن، پهلوائن وغيره جو حصو آهي. پر ان جو تاج تحقيق اسان جي شاهه لطيف جي سر تي ٿو سونهي، جنهن انهن سنڌ جي قديم قصن ۽ ڪهاڻين کي گڏ ڪري سنڌ جي روايات ۽ تهذيب کي زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ملڪ جي ڪنهن به گوشي کي نه وساريو آهي. جيڪڏهن هڪ طرف سندس نظر جهونا ڳڙهه ۾ راءِ ڏياچ جي سرويچيءَ تي پيئي، ته ٻئي پاسي اتر سنڌ جي سهڻيءَ ميهار کي به وساريو اٿس؛ جيسلمير طرف کان مومل ۽ راڻي جو قصو چونڊيو اٿس، ته اولهه طرف مڪران جي پنهل کي ياد فرمايو اٿس، سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن، درياءَ ۽ سمنڊ، ٿر ۽ بر، جهنگ ۽ جبل، ڪونجن ۽ ڪانگن، پهن ۽ مينهن سڀ جي تصوير چٽي اٿس. انهن سڀني ملڪ جي ڀاڱن ۽ شين کي سنڌ جي سوکڙي سمجهي، وڏي فخر سان وڏيءَ محبت سان انهن جو ذڪر ڪيو اٿس، ۽ پوءِ ديس کي دعا ڪري چوي ٿو ته:
    سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
    دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
    انهيءَ وطن جي حب ۽ اڪير کي ايمان جو جزو سمجهي، ان جا گيت ڳايا اٿس.
    ”سندي جا ساڻيهه، کهه کٿوري ڀانيان.“
    سنڌ ۾ گهڻي وقت کان هر صديءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، سنڌو نديءَ جي ڦيرين گهيرين، ٻوڏن ۽ سوڪن جي واقعات، آبپاشيءَ جي ذريعن جي پوري انتظام نه هئڻ، بارش گهٽ پوڻ ۽ اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن ڪري (پوءِ اهي حاڪمن طرفان هئا يا ڊاڪن طرفان) حالتون غير تسلي بخش پئي رهيون آهن. شهري زندگي ڇٽي پئي رهي آهي. ماڻهن جي گهڻي تعداد جي زندگي بدويانه پئي رهي آهي. ان جي مقابلي ۾ دهلي، گجرات ۽ پنجاب طرف حالتون مختلف هيون. بارش گهڻي، آبادي جام ۽ خانه بدوش زندگي گهٽ هئڻ ڪري امن امان وڌيڪ هو، جنهنڪري شهري زندگي اتي زياده هئي. اتي جا رهاڪو علم ۽ آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ هئا ۽ انهيءَ ڪري، هر آيل ماڻهو مشهور مثال وانگر ”ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“ ڪجهه وڏي شيءَ شمار ٿيڻ ٿي لڳو. سنڌ جي مٿئين طبقي جي اڪثر ماڻهن، پاڻ وساري، ابن الوقتيءَ جي پاليسي اختيار پئي ڪئي آهي. انهن مان گهڻن ماڻهن کي قومي تهذيب، زبان ۽ آزاديءَ جون ڳالهيون وسري ويل هيون. پر شاهه صاحب نهايت درد دل سان اهي ڳالهيون محسوس ڪيون هيون. کيس خبر هئي ته سنڌ جا اصل رهاڪو غريب، خانه بدوش، بدويانه زندگي گذاريندڙ، دنياوي ساز ۽ سامان کان بي بهره، ۽ ٿرن، برن، جهنگن ۽ پٽن تي گذاريندڙ، سمنڊ ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي رهندڙ، پهون ۽ مينهون چاريندڙ کٿا ۽ لويون پهريندڙ، ڏٿ ۽ پيرن تي گذارو ڪندڙ هئا. ليڪن باوجود ان جي به کيس پنهنجي ان بدويانه تهذيب تي فخر هو. انهيءَ ۾ سادگي، سچائي، فطرت کي ويجهائي، محبت، سخاوت، سرويچي، حليمائي، حب الوطني، سوز ۽ گداز سڀ ڏسڻ ۾ آيا هئس. تنهنڪري پنهنجي ڪلام ۾ انهن صفتن جو چونڊي ذڪر ڪيو اٿس. هو ڌارين جي بنگلن ۽ ماڙين، عمدن طعامن، پٽيهرن، شاهي دٻدٻي ۽علم عقل ڀر هيسجي، انهن جي تابعداري ڪرڻ نٿو گهري، ۽ چئي ڏئي ٿو ته:
    ”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا!“
    هو انهن سنڌين کي، جي خود مطلبيءَ يا ڌارين جي رعب هيٺ اچي وڃڻ ڪري، پاڻ وساري ويهي رهن ٿا چوي ٿو ته:
    ”ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي !“
    مارئيءَ جي قصي کي جهڙي طرح شاهه پيش ڪيو آهي، ان تي جيڪڏهن نظر ڪجي ته معلوم ٿيندو ته مارئي محب وطن هئي، عمر ڌاريون حڪمران هو، ۽ عمرڪوٽ کي غلاميءَ جي زندگيءَ سان مشابهت ڏني اٿس. ملير کي آزاديءَ جي دنيا ڪري سمجهيو اٿس. جڏهن پنهنجي مارن کي ڌارين جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل ڏسي ٿو ته چوي ٿو ته:
    مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميها!
    منهنجي آس اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي!
    تنهنڪري جيڪڏهن اسان کي شاهه صاحب جي پيغام جي پوئلڳي ڪرڻي آهي، ته پوءِ هن مرڪز جا هيٺيان مقصد ٿيڻ گهرجن:
    سنڌين ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو پيدا ڪري، منجهن قومي بيداري آڻڻ.
    سنڌي ادب، موسيقي، شاعريءَ ۽ ٻئي فن لطيف کي زور وٺائڻ.
    سنڌي ثقافت جي معيار بلند ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش وٺڻ؛ جيئن سنڌي دنيا جي ٻين مهذب قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهڻ جا لائق بنجي سگهن.
    اسان سنڌي تاريخ جي نهايت نازڪ دور مان لنگهي رهيا آهيون. هن وقت سنڌي زبان، تهذيب، روايات، اقتصادي ۽ سياسي آزادي سڀ خطري ۾ آهن. گذريل ٽن هزارن ورهين جي اندر اهڙو وڏي پئماني تي خطرو سنڌي ثقافت کي ڪڏهن ڪو نه پيدا ٿيو، جهڙو اڄڪلهه پيدا ٿيو آهي. اٽڪل 12 لک کن قديم سنڌي جن ۾ ڪيترا پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، ادب ۽ فن لطيف جا ماهر هئا، جن مان ڪيترن شاهه لطيف، سچل، بيدل وغيره تي بي مثل ڪتاب لکيا هئا، سي اسان کان جدا ٿي ويا آهن. انهن جي عيوض اٽڪل 15 لک ٻاهريان ماڻهو جدا گانه زبان ۽ تهذيب جا مالڪ فاتحانه انداز ۾ اچي وارد ٿيا آهن. انهن اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جو سنڌي زبان، تهذيب ۽ روايات جي نالي وٺڻ يا ان جي حفاظت ڪرڻ جي سعيي کي به صوبائي تعصب سڏي، ان کي سٺو نٿو وڃي. اهو دنيا جي فاتح ۽ اڳرائي ڪندڙ قومن جو دستور ٿيندو آهي ته جڏهن پٺتي پيل قومن کي غلام بنائڻو هوندو اٿن، ته پهريون وار انهن جي ثقافت تي ڪندا آهن. اهو حملو نهايت هوشياريءَ سان ڪندا آهن، جنهن ۾ طرح طرح جي نظرين جو ايجاد ڪرڻ (جي انهيءَ ملڪ جي قوميت ۽ ثقافت لاءِ نقصانڪار هوندا آهن) ۽ انهيِءَ قوم جي صاحب اقتدار طبقي کي لالچ ۽ ڊپ ڏيئي هيسائڻ، انهن جا خاص حربا هوندا آهن. اسان کي نهايت خبرداريءَ سان هن آيل سيلاب جي زد کان پاڻ کي بچائڻو آهي.
    ستين ڪهڙيءَ سار، وڄ کنونديئي ويسرا،
    تو جيڏا تو يار، لهرين لهوارا ڪيا.
    اسان جي قومي هستي صرف پنهنجي ثقافت کي زور وٺائڻ سان ئي سلامت رهي سگهي ٿي. اسان کي سنڌ جي هر شيءَ کي ڌارين جي شين تي ترجيح ڏيارڻي پوندي. هشيار ۽ باهمت محب وطن ڪنهن به ڦندي ۾ ڦاسي، گمراهه نه ٿي سگهندو آهي. هو وطن ۽ قوم جي محبت کي ايمان جو جزو ڪري سمجهندو آهي. محبت سان رقابت لازم ملزوم شيءَ آهي. ٻين شين جي محبت هڪ وقت رکڻ دوئي آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
    اکڙيون پرين ري، جي ڪي ٻيو پسن،
    ته ڪڍي کي ڪانگن، نيوالا نيڻ ڏيان.
    وري چوي ٿو ته:
    ”ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.“
    شاهه صاحب چوي ٿو ته:
    ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين:
    وري چوي ٿو ته:
    ڌريائي ڌاريان، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا!
    مون کي ته سنڌي قوميت اهڙو رنڱي ڇڏيو آهي، جو ان کانسواءِ ٻئي طرف نگاهه ڪرڻ تي دل ئي نٿي ٿئي. هينئر آءٌ ان حالت تي پهتل آهيان، جو اسلام، پاڪستان، مسلماني وغيره جي سهڻن الفاظن ۽ نظرين جي نالي ۾ به مون کي پنهنجي اصليت کان ڪير جدا ڪري ڪين سگهندو. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
    الست بربڪم، جڏهين ڪن پيوم،
    ”قالوبليٰ“ قلب سين، تڏهين تت چيوم،
    تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.
    مون کي سنڌي ثقافت جي آخري ڪاميابيءَ جو مڪمل يقين آهي. ان کي عرب، پارسي ۽ انگريز مٽائي نه سگهيا، ته هاڻي ڪيئن مٽجي سگهندي؟ آخر ان جو رنگ ڪچو نه آهي، جو ظاهري حڪومت جي ڊپ ۽ ٻاهران آيلن جي سيلاب ڪري ڦٽي وڃي. شاهه فرمائي ٿو :
    رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،
    کنڀ نه کاري، ان کي جوهالاري هوءَ،
    توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي نه لهي.
    اهڙي قسم جون مصيبتون ۽ آزمائشون اڪثر قومن مٿان اينديون آهن. پر اهي قومون اتحاد، ايمان ڪامل ۽ همت جي وسيلي حل ٿي سگهن ٿيون. اهڙين حالتن هيٺ آيل ماڻهن کي شاهه صاحب دلاسو ڏيئي چوي ٿو ته:
    ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
    ڪامڻ انهن جي ڪري جي، ايءَ آڏو ڏائي آهه،
    ستي سيل نباهه، ملير ويندينءَ ماروئي.
    صرف ثقافتي مرڪزي کي کولڻ ڪافي نه ٿيندو. اسان کي وڏن مقابلن سان منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ جي گذريل ٽن هزارن ورهين جي ورثي ثقافت کي بچائڻ جو ذمو ۽ امانت اسان تي آهي. کٽون يا هارايون مهل اها اٿئون. اهي مقصد آهن، جن کي مشعل راهه بنائي هن مرڪز کي زور وٺائي سگهون ٿا.

    (2) انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا
    هاڻ آءٌ مٿين مقصدن جي حاصل ڪرڻ جي طريقن جو مختصر ذڪر ڪندس. منهنجي نظر ۾ سنڌي ثقافت کي زندهه رکڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ اسان هيٺيان ٽي طريقا استعمال ڪري سگهون ٿا.

    (الف) علم کي زور وٺائڻ:
    ڪا به قوم ترقي ڪري ڪين سگهندي ۽ نه ڪا سندن ثقافت سلامت رهي سگهندي، جيستائين انهن وٽ سندن مادري زبان ۾ دنيا جي هر علم، معلومات ۽ فن جو ذخيرو ڪتابي صورت ۾ پيدا نه ڪيو ويو آهي، جو سندن هر فرد سولائي سان پڙهي سگهي. ان واسطي ادب، تاريخ، سائنس، فلسفي وغيره علمن تي نوان يا ٻين ٻولين مان ترجما ڪري ڪتاب لکائڻا پوندا آهن، اڳوڻن قلمي ڪتابن جي اشاعت ڪرڻي پوندي آهي، ملڪ جي قديم قصن، ڪهاڻين، پهاڪن، شعر، موسيقيءَ ۽ ٻئي فن لطيف کي زندهه ڪري پنهنجي ڪتابي ذخيري کي وڌائڻو پوندو آهي، جيئن اعليٰ تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ حاصل ڪري سگهجي.

    (ب) موسيقي کي زور وٺائڻ:
    قومي ثقافت جي زور وٺائڻ جو ٻيو ذريعو موسيقي آهي. راڳ روح جي راحت ۽ دماغي تراوت جو باعث بڻجي ٿو. ان کي اندر اجارڻ، همت ۽ قومي جذبي پيدا ڪرڻ، مرده دلين کي جيارڻ جو ذريعو بنائي سگهجي ٿو. فطرت جي هر تحريڪ ۾ تار ۽ سر سمايل آهي پاڻيءَ جي وهڪري، هوا جي جهوٽن، پکين ۽ جانورن جي ٻولين ۾ تار ۽ سر شامل آهن. در حقيقت زندگيءَ جو مدار ئي تحريڪ تي آهي ۽ تحريڪ راڳ جو جزو آهي. راڳ کي سمجهڻ ۽ زور وٺائڻ زندگي جي راز کي سمجهڻ ۽ زندهه رکڻ جي برابر آهي. موسيقي ثقافت جو روح آهي. سنڌ ساز ۽ سرود کان خالي نه پئي رهي آهي، اگرچ ڪٽر مذهبي خيالن جي ماڻهن ۽ قومي پست حاليءَ ڪري ان جي ترقيءَ جي راهه ۾ گهڻيون رڪاوٽون پئي پيون آهن. هينئر وقت آهي، جڏهين اسان موسيقيءَ کي زور وٺائي، قوم ۾ بيداري ۽ زندهه دلي جو باعث بنايون.

    (ج) نقاشيءَ کي زور وٺائڻ:
    خدا خود حسين آهي ۽ حسن کي پسند ڪري ٿو. جتي سچو نيڪ حسن آهي، اتي خدا جو نور آهي. عشق حسن کانسواءِ پيدا ٿي نه ٿو سگهي. صوفين جو چوڻ آهي ته ”عشق سمورو اسلام آهي.“ قرآن ۾ آهي ته ”اسلام دين فطرت (لا آف نيچر) آهي.“ انهيءَ اصول پٽاندر عشق قانون فطرت ٿيندو، ۽ حسن ان جو محرڪ جذبو تنهنڪري هر قوم جي مهذب ۽ زندهه دل هجڻ جو ثبوت سندس حسن پرستيءَ ۽ فطرت نگاريءَ تي مدار رکي ٿو. ثقافت ملڪ جي ترقي وٺائڻ جو ٽيون طريقو مصوري آهي. شاعر جو رتبو به ان ڪري وڌيو آهي، جو هو فطرت نگاري ڪري ٿو. انهيءَ فن لطيف جي زور وٺائڻ لاءِ ملڪ جا واڍا، رازا، معمار، نقاش، ڪمانگر، فوٽو گرافر، انجنيئر، مصور، بت تراش ۽ درزي سڀ ڪارآمد ٿي سگهن ٿا. تهذيب ۽ ثقافت انسان کي حيوان مان فرشتو بنائي ٿي. نه صرف ماڻهن کي آراسته ڪرڻ ان جي مقاصد ۾ داخل آهي ليڪن انهن جي ماحول جي آرايش به ثقافت جو جزو آهي.
    ڪنهن به ملڪ جو ثقافتي مرڪز ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو جيستائين ان ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٽن ڳالهين جي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪو انتظام نه ٿيل هوندو. تنهنڪري اسان جيڪڏهن سنڌ جي ثقافتي مرڪز کي واقعي ڪارآمد بنائڻ گهرون ٿا، ته پوءِ انهن ذڪر ڪيل ڳالهين جي ترقيءَ واسطي ضرور انتظام ڪرڻ گهرجي.
    ان واسطي منهنجي تجويز آهي ته هن مرڪز ۾ هيٺين ادارن جو انتظام ڪرڻ گهرجي،
    راڳ جي ترقي لاءِ اسڪول کولجن،
    مصوري ۽ بت تراشي لاءِ اسڪول کولجن،
    اديبن، شاعرن، نقاشن ۽ مصنفن جي رهائڻ لاءِ مرڪزي جڳهه ٺهرائجي، جتي هو فراغت سان ويهي علمي تحقيق ۽ ادبي ۽ فني تخليق جو ڪم ڪري سگهن.
    ان کانسواءِ درگاهه تي جو هر هفتي راڳ ٿئي ٿو، ان کي ترقي ڏياري بهترين نموني تي راڳ ڪرائڻ جو انتظام ڪجي. راڳ ٿيڻ واري جڳهه تي لائوڊ اسپيڪرن جو انتظام ٿيل هجي، جيئن هرڪو سولائيءَ سان ٻڌي سگهي. اڳتي هلي ممڪن آهي ته هن هفته وار راڳ جي مجلس کي ريڊئي تان نشر ڪرائڻ جو انتظام ڪرائي سگهجي. هر ٻارهي جي ميلي جي موقعي تي اتي راڳ جي ڪانفرنس ۽ فنون لطيفه جي نمائش جو انتظام ڪجي.

    (3) مرڪز جي اسڪيم جو تعميري پروگرام
    هن وقت ڀٽ شاهه جو ڳوٺ ڦٽو ۽ زبون ٿيو پيو آهي. منجهس گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن. ان کي اسان موجوده حالت ۾ رکي سنڌي تهذيب جو مرڪز ڪري نٿا سگهون. جيڪڏهن اسان ان کي واقعي صحيح طريقي تي سنڌ جو ثقافتي مرڪز بنائڻ گهرون ٿا، ته پوءِ ڳوٺ کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ان جي ازسر نو تعمير ڪرڻي پوندي. هڪڙو عام ماڻهن جي رهڻ جو حصو ڪبو ۽ ٻيو ثقافتي مرڪز جو حصو.

    (الف) ماڻھن جي رهڻ وارو حصو:
    درگاهه جي اتر ۽ اولهه طرف کي عام ماڻهن جي رهڻ لاءِ ڳوٺ واسطي مخصوص ڪجي. موجوده ڳوٺ ڊهرائي، ان کي نئين مثالي نموني تي تعمير ڪرائجي، جنهن ۾ ننڍا، هوادار، صاف ۽ پڪا گهر ٺهرايا وڃن. ڳوٺ جون گهٽيون ڪشاديون ۽ سڌيون چونڪن سان هئڻ گهرجن، جي پڪين سرن يا سيمنٽ سان ٻڌل هجن. ڳوٺ جي روشنائيءَ لاءِ بجليءَ جو انتظام ڪيو وڃي. ان ۾ تفريح گاهه، ابتدائي اسڪول، اسپتال، پاڻيءَ جي نيڪال جو انتظام ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سٺو بندوبست رکيل هجي. وچ ڳوٺ ۾ ننڍا دڪان ٺهرايل هجن. ازنسواءِ ميلي جي ڏينهن ۾ گهڻي تعداد ۾ ايندڙ زائرين جي رهڻ لاءِ مسواڙ تي رهڻ لاءِ بندوبست پڻ هجي. مناسب جاءِ تي سئنيما امفي ٿئٽر (ملاکڙي واسطي) ٺهرائڻ جو انتظام پڻ ڪرڻ گهرجي.

    (ب) ثقافتي مرڪز وارو حصو:
    درگاهه ۽ ان جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارو حصو، جنهن ۾ ڪراڙ جي ڍنڍ به اچي وڃي ٿي، ثقافتي مرڪز واسطي مخصوص ڪرڻ گهرجي. درگاهه تي اندر وڃڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جا ٻه دروازا هجن. درگاهه جي ٻاهرئين صحن واري ساري ميدان تي فرش ٻڌائڻ گهرجي. ان جي چو طرف ويهڻ لاءِ گئلريون ٺهرائڻ گهرجن. درگاهه تي هيٺان اچڻ لاءِ ٻه رستا ثقافتي مرڪز جي طرف کان هئڻ گهرجن. هڪ اوڀر طرف، ٻيو ڏکڻ طرف. هر هڪ رستي کي ٻه طرفو رستو آمدرفت لاءِ بنائڻ گهرجي. ڍنڍ ۽ درگاهه جي وچ واريون جايون ڊهرائي، انهن ۾ باغ رکائڻ گهرجي. ڪراڙ جي ڍنڍ کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ان جي وچ م هڪ عمدو ڦوهارو رکائجي. ڍنڍ کي چو طرف پڪو ڪري عمدي نموني ٺهرائڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنول جا گل ۽ عمده پکي هئڻ گهرجن. انهن تلاون جي چو طرف لوهه جي ڄاري پکين جي حفاظت لاءِ لڳل هجي. ڍنڍ جي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف هڪ عمدو پارڪ ٺهرائجي. وچ ۾ هڪ عاليشان مهمانسراءِ ”داراالتهذيب“ جي نالي سان ٺهرائي وڃي، جنهن ۾ ڏهه کن روم هجن، جتي چونڊ مصنفن، شاعرن ۽ مصورن جي رهائڻ جو انتظام هجي. ان جڳهه ۾ هڪ عمدي لئبرري هئڻ گهرجي. انهن عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي کاڌي جو انتظام حڪومت طرفان ٿيڻ گهرجي. اتي رهڻ ۽ آسائش جو اهڙو پورو انتظام ٿيل هجي، جو جيڪڏهن ڪنهن وزير يا عملدار کي رپورٽ لکڻي هجي يا ڪا اسڪيم تيار ڪرڻي هجي، ته هو فتح مبارڪ ۾ رهڻ جي عيوض هن جڳهه تي وڌيڪ آسائش ۽ آرام سان رهي سگهي. اهي صاحب هتي ڏينهن جو ڪم ڪري رات جو راڳ ٻڌي سگهن ٿا.
    ڳوٺ جي ٻاهران هڪ سٺو انسپيڪشن بنگلو ٺهرائڻ گهرجي، جتي وزير، وڏا عملدار، ٻاهرين ملڪن جا ڊپلوميٽ اچي رهي سگهن. آهستي ڪري ڳوٺ کان ڪجهه پري ائروڊروم به ٺهرائجي.
    جيڪڏهن انهن تجويزن تي عمل ڪيو ويو، ته پوءِ اسان سنڌ جا ٻه مرڪز دنيا جي ٻاهران آيل مهمانن کي ڏيکارڻ لائق ٿي سگهنداسين. هڪ قديم تهذيب جو يادگار موهن جو دڙو ۽ ٻيو جديد ثقافتي مرڪز ”ڀٽ شاهه.“
    آهستي ڪري اسان انهيءَ مرڪز جون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شاخون کولي سگهون ٿا.
    جيڪڏهن ارباب حڪومت کي منهنجون اهي تجويزون يا ان جو ڪو حصو قبول هجي، ته انهن کي ان مرڪز جي انتظام کي هڪ بورڊ جي حوالي ڪرڻ گهرجي، جنهن جو چيئرمين ڪو وزير هجي. ان تي هڪ انجنيئر، هڪ آرٽسٽ، هڪ عورت ۽ پنج ٻيا ميمبر هئڻ گهرجن. ڀٽ شاهه جي سموري ڳوٺ ۽ ثقافتي مرڪز جو انتظام انهي بورڊ جي خرچ جي پورائي لاءِ ميلي جي ٽئڪس، سرڪاري گرانٽ، ۽ ڪجهه وقف جي جائداد ۽ ٻيا اهڙا مستقل ذريعا مقرر ڪيا وڃن.

    (هيءَ تقرير سائين جي ايم سيد ڀٽ شاهه تي ڪانفرنس ۾ 1954ع ۾ ڪئي.)


    سنڌي ادب ڇو ۽ ڇالاءِ؟

    پيارا ڀائرو!
    جڏهين به آءٌ سنڌين کي سندن زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو ڏسان ٿو ته نهايت خوش ٿو ٿيان. هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ، خيالن جي ڏي وٺ جذبن جي اظهار، گذريل واقعن جي بيان ڪرڻ وغيره واسطي هڪ عام ٻولي هوندي آهن. اها ٻولي پنهنجي ابتدائي زماني ۾ خام ۽ اڻ پوري ٿيندي آهي. ليڪن وقت گذرڻ ۽ ملڪي رهاڪن جي ترقي ڪرڻ سان انهيءَ زبان ۾ لفظن، ڪهاڻين ۽ پهاڪن وغيره جو هڪ وڏو ذخيرو ڪٺو ٿئي ٿو، جنهن جي ڪل مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب يا ساهت سڏيو وڃي ٿو. ساڳئي وطن ۾ رهي هڪ زبان ڳالهائڻ ۽ هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ وسيلي ماڻهن ۾ هڪ قسم جي هم جنسيت جو مادو پئدا ٿئي ٿو، جنهنڪري منجهن هڪ قسم جو خاص ڪلچر يا تهذيب ۽ قومي ڪردار پيدا ٿين ٿا، جن جي بنيادن تي هو قوم بنجيو پون. هر قوم جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندن ادب ذريعي محفوظ ٿئي ٿو. ڪو به ماڻهن جو مجموعو زبان ۽ ڪلچر کانسواءِ قوم سڏائڻ جو لائق نٿو ٿئي. ساڳيءَ طرح ڪا به زبان ۽ ڪلچر قوم جي وجود کان عليحده رهي نٿا سگهن.
    دنيا جو هر ڪم ضرور ڪنهن نه ڪنهن مقصد ۽ مراد سان ٿيندو آهي. ادب به انهي عام قانون کان جدا ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن اوهان سنڌي ادب کي زور وٺائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ اوهان کي مقصد ۽ مرادون مقرر ڪرڻيون پونديون. هن ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته ڪا به قوم سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزاديءَ کانسواءِ ترقي ڪري نٿي سگهي. ساڳي ڳالهه ادب سان به لاڳو آهي. ادب جي ترقي ۽ تنزل قومن جي قسمت سان وابسته رهي ٿو.
    دنيا ”وڙهي جيئڻ“ جو ميدان آهي، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح ماڻهو يا قومون سلامت ۽ زندهه رهن ٿيون ۽ ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن. جي قوم جو وجود سلامت آهي ته ادب به سلامت رهي سگهندو، پر جي قوم خطري ۾ آهي ته پوءِ کڻي سئو ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائجن، مشاعرا ڪجن، ڪتاب لکجن پر ادب بچي ڪين سگهندو. حاڪم جي قلم جي هڪ نوڪ محڪوم جي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿي.
    پاڪستان هن وقت ننڍين ۽ وڏين قوميتن لاءِ پاڻ ۾ ”وڙهي جيئڻ“ جو ميدان ڪارزار بڻيل آهي. ڪي ماڻهو ان ۾ سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ جي درپي آهن. سنڌ جي برسراقتدار طبقي جي خود مطلبي ۽ ڪمزوريءَ ڪري، هو سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. سندن ٻيو وار سنڌ جي ڪلچر ۽ ادب تي ٿيڻ وارو آهي. آئينده سنڌي زبان ۽ ادب کي موت ۽ حياتيءَ جا مقابلا ڪرڻا پوندا. ريڊئي، سئنيما، اخبارن ۽ حڪومت جي سرپرستي کي سندن برخلاف ڪتب آندو ويندو. هن وقت نه صرف سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان تان لاٿو ويو آهي ليڪن اڳتي هلي شايد ان جي ذريعي ابتدائي تعليم ڏيڻ کان به سنڌين کي محروم ڪيو وڃي.
    اهڙين حالتن هيٺ سنڌي زبان ۽ ادب کي بچائڻ ڪو معمولي ڪم ڪو نه آهي. اوهان جا سياسي ”عيوضي“ سنڌ کي ڌارين جي ماتحت ٿيڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. هاڻ اديبن جي آزمائش جو وقت آيو آهي. جيڪڏهن اوهان ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿيڻ گهرو ٿا ته اوهان کي ڪن خاص بنيادي اصولن جي آڌار تي سنڌي ادب کي تعمير ڪرڻو پوندو. منهنجي سمجهه ۾ هيٺيان ٽي نقطا انهي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري نظر اچن ٿا.

    سنڌين جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ.
    سنڌي ادب کي سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جو محافظ ڪري سمجهڻ، ۽
    سنڌي ادب کي جذباتي ۽ مذهبي بنيادن جي عيوض عقل ۽ علم جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ:

    1. سنڌ جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ:
    سڀ کان اول اديبن کي هن مسئلي بابت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو ته آيا سنڌ جا رهاڪو وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفاد جي بنيادن تي جدا قوم آهن يا نه؟ جي سنڌي قوم نه آهن ته پوءِ سندن جداگانه زبان ۽ ادب هئڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ان حالت ۾ ساري پاڪستان جي ملڪ جي زبان ۽ ادب کي گڏي هڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ۽ سنڌين جي جدا زبان ۽ ادب کي قائم رکڻ ”قوم“ ۾ انتشار ۽ ڪمزوريءَ جو باعث شمار ڪيو ويندو. پر جي اسين سنڌين کي سندن قديم روايات، تاريخي ۽ فطري حقيقتن جي لحاظ کان وطن، زبان ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفاد جي بنيادن تي جدا قوم تسليم ڪنداسون، ته پوءِ سندن اهو بنيادي حق ٿيندو ته پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب جي حفاظت ڪن ۽ اها ڳالهه به پڌري پئي آهي ته انهن جي صحيح معنيٰ ۾ حفاظت تيستائين ٿي ڪين سگهندي، جيستائين انهيءَ قوم جي ماڻهن کي سياسي ۽ اقتصادي آزادي نصيب نه هوندي. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”وڪاڻل گهوڙن جا ملهه ڪو نه چڪائبا آهن.“ ان وانگر جا قوم پاڻ غلام هوندي سا پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي ڪهڙي طرح محفوظ رکي سگهندي؟ ون يونٽ ڪرڻ سان صوبي سنڌ جي جداگانه حيثيت ختم ڪري ان کي اهڙي نموني رکيو ويو آهي، جنهن ۾ هتي جا رهاڪو ڀرواري وڏي صوبي جا تابع ٿي چڪا آهن، جنهن صوبي جي رهاڪن جا مفاد اسان جي مفادن کان علحده آهن. موجوده حالت ۾ اسان ڪيڏي به ڪوشش ڪنداسون، سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻ مشڪل ڪم آهي. ان جي بچائڻ جو راز سنڌ کي وري جداگانه صوبي جي حيثيت ۾ آڻڻ منجهه آهي. هن وقت جنهن صورت ۾ سنڌ ديس جي ڪا جدا هستي ڪا نه آهي،ان صورت ۾ سنڌ جو ادب ڪهڙن بنيادن تي قائم ۽ سلامت رهي سگهندو، سو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.
    ڀائرو! جيڪڏهين سنڌ جي ادب ۽ زبان کي بچائڻو آهي، ته سنڌي ادب جي مقصدن ۾ هڪ ڳالهه داخل ڪرڻ لازمي آهي ۽ اها هيءَ آهي ته عوام ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪري منجهن آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ ادب جو لازمي مقصد آهي. اسان جو مٿيون طبقو مردار ۽ نڪمو ٿي چڪو آهي. ڪن صاحبن ته حالتن جي بدلجڻ ڪري گهرن ۾ به سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪن وري ٻين صوبن مان شادين ڪرڻ يا انهن کي سڱ ڏيڻ پسند ڪيو آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته آهستي آهستي ٿي انهن ماڻهن جي گهرن مان به سنڌي زبان غائب ٿي ويندي. تنهن ڪري جيڪڏهن ملڪ ۾ قومي بيداري پيدا ڪرڻي آهي ته پوءَ اسان جا شعر، مضمون، افسانا ۽ ڪتاب سمورا حب الوطنيءَ ۽ قومي غيرت جي جذبي سان ڀرپور هئڻ گهرجن. هاڻ اسان جو توجهه سنڌي دب کي عشقيه مضمونن جي عيوض ان جي بلاغت ۽ وضاحب کي قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي ۽ قوم مٿان پروانه وانگر قربانيءَ جي ڳالهين ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي. زندهه قومن جي ادب ۾ روح ۽ زندگي ٿئي ٿي. مرده ۽ پست پيل قومن جو ادب ۽ مرثيه خواني، دنيا جي فاني هجڻ، آخرت جي قصن ۽ محض درد فراق ۽ معشوق جي ساراهه سان ڀريل ٿئي ٿي.
    تازو آءٌ اڀرندي بنگال مان ٿي آيو آهيان. اتي سياسي بيداري ٿيڻ ڪري ادب جي نثر ۽ نظم جو گهڻو حصو قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي، عوام جي ڀلي، هاريءَ ۽ مزدور طبقي جي همت افزائي لاءِ صرف ڪيو وڃي ٿو. اتي معشوق جي نازن نخرن، بلبل ۽ گل، چنڊ ۽ تارن جي ساراهه وغيره جهڙا موضوع پنهنجا اثر گهڻي قدر وڃائي ويٺا آهن. ايئن پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ هڪ جوان قوم نئون پيغام ساڻ ڪري صفحي هستيءَ تي ظاهر ٿي رهي آهي. اسان کي انهيءَ مان سبق وٺڻ گهرجي. هنن جا مسئلا گهڻي قدر اسان جي مسئلن جھڙا آهن. هنن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري نئين حڪومت طاقت ۾ آندي، ته انهي کي ڊسمس ڪري گورنري راڄ قائم ڪيو ويو ۽ ملڪي ڪارڪنن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. جڏهين اتي جا عيوضي پاڻ ۾ لڙي، مرڪزي حڪام جي تابع ٿيا، ته کين وري طاقت ۾ آندو ويو. بنگال سان ٻولي، اقتصادي مفاد، نوڪرين وغيره ۾ ماٽيلي ماءُ وارو برتاءُ ورتو ويو آهي. پر هاڻي هو سجاڳ ٿيا آهن. گهڻو وقت هو پنهنجي قومي بي عزتي برداشت ڪري نه سگهندا. هاڻ اوهان جو وارو آهي، اسان سان ڪافي بي انصافيون ٿي چڪيون آهن.
    سنڌ جي وجود کي ختم ڪيو ويو آهي. اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ ٻوساٽيو ويو آهي. سنڌي زبان کي سرڪاري زبان تسليم نه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نون براجن جي زمينن تي ٻاهرين جي ڪالونين بنائڻ جا سانباهه آهن. سنڌ جي تعمير جي جملي نين تجويزن کي بند ڪيو ويو آهي. نوڪرين واپار ۽ ڪارخانن ۾ سنڌين سان ماٽي جي ماءُ وارو برتاءُ اختيار ڪيو ويو آهي. اوهان جا سياسي عيوضي قومي غيرت وڃائي، طوق غلاميءَ پائڻ لاءِ رضامند ٿي چڪا آهن. هاڻ اديبن تي ڇڏيل آهي ته قوم کي خواب غفلت مان بيدار ڪري، منجهن آزاديءَ جو امر جذبو پيدا ڪري.
    تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ميان عبدالڪريم گدائيءَ جا چند بيت نظر مان گذريم، جي پڙهي نھات خوشي ٿيم. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هتي به شاعرن ان طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي. پر حقيقي خوشي تڏهن ٿينديم، جڏهين سنڌيءَ جو هر شعر ۽ هر مضمون ۽ افسانو انهيءَ جذبي سان لکيل ڏسان. هن وقت سنڌي ڪلچر ۽ زبان واقعي خطري جي گهيري هيٺ آيل آهن. انهن جي بچائڻ جو راز ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اسان پنهنجي ادب کي قومي خوشناسيءَ، آزاديءَ جي جذبي فردن جي قوم لاءِ قربانيءَ، ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت جي ذخيري سان ڀري ڇڏيون.
    اسان جي سنڌي زبان ۽ ڪلچر چئن هزارن ورهين جي روايت جا حامل آهن. سنڌي زبان انڊو آرين جي نسل ۾ خاص حيثيت رکي ٿي. اها سنسڪرت جي وڏي ڀيڻ آهي. اڄ ڪي ڪم فهم ماڻهو اردوءَ جهڙي بي وطن ۽ بي قوم زبان جي ڄار ۾ ڦاسي پنهنجي زبان جي اهميت کي وساري رهيا آهن. انهيءَ مرض کان انهن کي بچائڻو پوندو. پنهنجي ماڻهن کي ”سون تي به سيڻ نه مٽڻ“ جو سبق سيکارڻو پوندو. هتي ته پتل تي سيڻ مٽجڻ جا سعيا ٿي رهيا آهن! اسان کي پنهنجي ۽ پرائي جي تميز ڌارڻي آهي ۽ ٻين جي محلن، زربفتن، ست رڇي طعامن کان پنهنجي جهوپڙين، کٿن ۽ لوين، ڏٿ ۽ پيرن کي وڌيڪ سمجهڻ جي تعليم ڏيڻي آهي.
    اها ڳالهه ڪنهن کان مخفي نه آهي ته ڪي ماڻهو سنڌي زبان کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي اردو زبان کي رائج ڪرڻ گهرن ٿا. اهي هينئر سنڌي زبان ۽ ڪلچر تي مسخريون ڪري رهيا آهن. ڪي ته منجهائن ايتري قدر جوش ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ظاهر ظهور چيو ڏين ته ”خود پاڪستان به انهيءَ مقصد خاطر ٺاهيو هو؛ جي اهو مقصد حاصل نه ٿيو ته پو پاڪستان ڪهڙي ڪم جو ٿيندو؟ تنهنڪري اردو سنڌي جي پهاج بنجي چڪي آهي. سنڌي ۾ مثل مشهور آهي ”ٻن ترارين جاءِ ڪانهي هڪ مياڻ ۾“ ٻنهي ٻولين جي محبت هڪ دل ۾ رکڻ بيڪار آهي. اسان کي سنڌيءَ جي زور وٺائڻ جو قطعي فيصلو ڪرڻو پوندو. ڪتابن جي زخيري، شعر اخبار، سئنيما ۽ راڳ جي جملي ذريعن کي ان جي زور وٺائڻ لاءِ ڪتب آڻڻو آهي. سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جي درجي تي آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي.
    ڀارت ۾ لڏي ويل هندن جي سنڌيءَ لاءِ جدوجهد مان اسان کي سبق وٺڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي گذشته تاريخ مان به سبق وٺڻ گهرجي. هڪ وقت جڏهن ملن ۽ مولوين مذهب کي تنگ دائري ۾ آڻي ڇڏيو هو، ته سوين صوفي ۽ شاعر نڪري نروار ٿيا، جن هزارها ڪلام مذهبي تنگ دليءَ جي بر خلاف چيا، ۽ هر هنڌ راڳ جي مجلس ۾ انهن ڪلامن کي ڳارايو ويو. سوين سيلاني فقير ۽ راڳيندڙ پيدا ڪيا ويا، جن گهٽين، بازارين ۽ مجلسن ۾ انهن کي ڳائي، سندن تعليم جو پرچار ڪيو. اسان کي به نئين قسم جا شعر مجلسن ۾ ڳائڻ لاءِ فقيرن ۽ راڳيندڙن کي سيکارڻ گهرجن. سنڌي فلم ۽ رڪارڊ وغيره ڏسڻ ۽ ٻڌڻ گهرجن. سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کي زياده پڙهجي. جيستائين اسين اهو جذبو نه رکنداسون، ان وقت تائين نه اسان جي اديبن جو قدر ٿيندو، نه راڳيندڙن جي همت افزائي ٿيندي، نه قومي غيرت ئي اسان جي دلين ۾ پختي ٿيندي.
    اڄڪلهه پاڪستان ۾ قوميت جي ٽن نظرين ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهو موجود آهن. هڪ نظرئي وارا پاڪستان جي جملي مسلمانن کي اعتقاد جي بنياد تي جدا قوم ٿا مڃين. ٻيا وري اهي آهن، جي پاڪستان جي جملي رهاڪن کي بنا تميز مذهب جي هڪ يڪي پاڪستاني قوم مڃڻ جا حامي آهن. ٽيان وري اهي آهن، جي وطن، قوم، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفاد جي بنيادن تي پاڪستان کي بنگالي، سنڌي، پنجابي ۽ بلوچ ۽ پختون قومن جا وطن ٿا سمجهن. انهن ٽنهي نظرين ۾ اعتماد رکندڙ حضرات کي پنهنجا جدا فلسفا، دليل ۽ رايا آهن ۽ منجهائن هر هڪ پنهنجي پنهنجي نظرئي جي ثبوت ۾ ڪافي ڪتاب لکي، ادب کي خاص رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي اديبن ۽ عالمن کي به انهن ڳالهين بنسبت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو. جماعت اسلامي، اسلامي ليگ، علامه اقبال ۽ ڪيترن پنجاب ۽ يوپيءَ جي حضرات جي ڪتابن ۽ مضمونن جي سموري ڪوشش ادب کي پهرئين نظرئي جي رنگ ۾ رڱڻ طرف رڌل آهي: ”اسلام“، ”پاڪستان“ ۽ ”مسلمان قوم“ جي حربن کي هو پنهنجي جدوجهد ۾ استعمال ڪن ٿا. سنڌي قوم، ان جي ڪلچر، زبان ۽ ادب جا سوال ساڳئي وقت مٿئين قسم جي تعليم سان گڏ هلي ڪو نه سگهندا. جيڪڏهن پاڪستان جي مسلمانن کي هڪ قوم ڪري قبول ڪبو، ته پوءِ انهن جو ڪلچر، زبان ۽ ادب به هڪ ئي ڪرڻو پوندو. جي سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻو آهي ته سنڌين جي جداگانه قوميت جي اصول کي مڃڻو ئي پوندو.
    مٿي ذڪر ڪيل جماعتن جا حضرات جي تعليم، سنڌي قوميت جي منافي آهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو سنڌ جا خيرخواهه ٿيڻ گهرجن ٿا، تن کي اهڙين جماعتن ۽ حضرات جي جذباتي ڳالهين جي ڌوڪي کان خبردار رهڻو پوندو. سنڌين کي اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ گهڻو ڌوڪو ڏنو ويو آهي. ان ڪري سنڌي ادب کي وطن جي محبت ۽ ماروئڙن جي سڪ سان ڀرپور ڪرڻو پوندو. ان کي اهڙيءَ هر ڳالهه کان پاسي رکڻو پوندو، جا اسان کي سنڌ جي محبت کان دور ڪري.
    سنڌي شعر تي تصوف، درد، فراق، مرثيه خواني، گل ۽ بلبل جهڙا موضوع ۽ طرز بيان گهڻو حاوي آهن. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ ڪمزوري، بزدلي، گوشه نشيني، عياشي تقليد ۽ نقاليءَ جون عادتون پيدا ٿين ٿيون. هاڻ وقت آيو آهي ته ماڻهن کي بهادريءَ، سرفروشيءَ،آزاديءَ جذبي، قربانيءَ ۽ قومي غيرت جي تعليم ڏني وڃي. ان ڪري سنڌي ادب کي انهيءَ رنگ ۾ رڱڻو آهي.
    منهنجي دعا آهي ته اوهان اديب ۽ شاعر اسان جي يعني سنڌ جي مستقبل کي درست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو!
    انهن لفظن سان هن ڪانفرنس جو افتتاح ٿو ڪريان.

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد 28 جنوري 1956ع ۾ ميرپور بٺورو ۾ ادبي ڪانفرنس جو افتتاح ڪندي ڪئي)


    ون يونٽ: سنڌ جي وجود تي وار

    برادرانِ عزيز!
    باوجود ان فيصلي جي ته آئينده عملي سياست ۾ حصو نه وٺڻو اٿم، پر وقت جي ضرورتن ۽ اوهان جي محبت، عارضي طرح ڇڪي آڻي پبلڪ پليٽفارم تي اوهان سان شامل ڪرايو آهي.
    منهنجو عملي سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو فيصلو قطعي اڻٽر ۽ آخري آهي. ان جا ڪارڻ طبيعت جي ناسازي ۽ سياست عمليءَ جي محرڪ جذبن؛ جهڙوڪ شهرت جي بک، عزت جي اڃ ۽ اقتدار جي حصول جي اهميت، قدر ۽ قيمت گهٽجڻ آهن. تنهنڪري عمرجي تقاضا ۽ طبعي رجحان جي ڪري زندگيءَ جو باقي حصو قومي اخلاق، تزڪيه نفس ۽ صحيح تعليم جي فروغ ۽ تبليغ لاءِ صرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، جنهن لاءِ ڪتابن جو مطالعو ۽ تصنيف هڪ مشغلو هو.
    ليڪن هن وقت جڏهن ته اسان جو ملڪ ۽ قوم، نازڪ دور مان گذري رهيا آهن ته اهڙي وقت ان جي خدمت ۽ مشوره کان انڪار ڪرڻ کي ڪفران نعمت ۽ فرض ناشناسيءَ سان برابر سمجهندي، اوهان جي سڏ تي لبيڪ چئي اٿم ۽ باوجود طبيعت جي مخالف لاڙي جي، اوهان جي درميان حاضر آهيان.
    سنڌ کي 1843ع ۾، انگريزن فتح ڪري، انتظامي سهوليت خاطر سنڌين جي هزارها سالن جي روايات ۽ قومي عزت جي خلاف، 1847ع ۾ بمبئي علائقي سان گڏي ڇڏيو. آخر 1935ع ۾ گهڻين ڪوششن کانپوءِ، سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرايو ويو. مون ان جي مختصر تاريخ، ”بمبئيءَ کان سنڌ جي آزادي“ نالي، پنهنجي هڪ شايع ٿيل ڪتاب ۾ ڏني آهي.
    1938ع ۾، سنڌ جي جدا اسيمبلي قائم ٿي ۽ سنڌي وزارت وجود ۾ آئي، ۽ 1954ع تائين باوجود وزارتن بدلجڻ جي ان جو جدا وجود قائم رهندو آهي. ان کانپوءِ، هڪ وڏي صوبي جي مستقل مفاد خاطر، سنڌ کي زبردستيءَ سان ون يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو.
    ان دؤر ۾ سنڌي ميمبرن اقتدار جي حصول، شخصي اختلافن ۽ مختلف سببن ڪري جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪنهن کان به لڪل نه آهي، ون يونٽ جو ٺهڻ، باهمي اختلافن ۽ ميمبرن جي خود مطلبيءَ ڪري هو.
    هن وقت شاگردن، قومي ڪارڪنن ۽ عوام جي بيداريءَ، حالتن مان تبديلي آڻي ڇڏي آهي ۽ وڏا بت ڊهڻ کي نزديڪ اچي بيٺا آهن. مرڪزي اسيمبليءَ ۾ تبديلي اچڻ واري آهي ۽ مڪاني سياست ۾ نئين دور جو آغاز ٿيڻ وارو آهي. هيستائين اسان سڀني کان گهڻيون غلطيون ٿيون آهن، تنهنڪري گذشته ڪمزورين کي درگذر ڪري، نئين دؤر جو اهڙو آغاز ڪرڻو آهي جو وري اسان کان ساڳئي قسم جون غلطيون سرزد نه ٿين.
    هن وقت تائين اسيمبلين ۾ ملڪي سياست ۾ اسان جي مٿانهين طبقي ذاتي اقتدار، عزت جو ڪارڻ ۽ ملڪيت ٺاهڻ جو ذريعو سمجهي پئي حصو ورتو آهي. پر هينئر اسان کي اڳين طريقن کي ڇڏي خدمت خلق، ملڪي سلامتي، عوامي فلاح ۽ بهبوديءَ جي بنيادن تي حصو وٺڻ گهرجي. ان لاءِ جيڪڏهن آئون ڪجهه صاف گوئيءَ کان ڪم وٺان ته مون کي معاف ڪندا، ڇاڪاڻ ته هينئر ملڪي سياست ۾ هيٺين مقصدن کي مشعله راه طور ڪم آڻڻو آهي:
    سنڌ کي مغربي پاڪستان (ون يونٽ) کان آزاد ڪرائي، اڳوڻا صوبا بحال ڪرائڻا آهن.
    ملڪي سياست کي آئينده لاءِ حتيٰ لامڪان اقتدار جي بکين، عزت جي طالبن ۽ حصول املاڪ جي خواهشمندن کان پاڪ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
    آئينده لاءِ سياسي پارٽين جي واڳ، بي لوث قومي ڪارڪنن، قربانيءَ جي پتلن ۽ درد دل رکندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيڻي آهي.
    اسان کي شخصي پارٽيبازي، گذشته اختلافن، اڳوڻين ڪيل غلطين جي انتقامي جذبي ۽ اڳوڻن ۽ نون سنڌين جي تفاوتن کان برتر ۽ بالا رهڻو آهي. هر اهو سنڌي جو اسان جي مٿي ذڪر ڪيل مقصدن لاءِ بنا ڪنهن شرط شروط جي ون يونٽ جي خلاف شامل ٿيڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي، اسان کي ان جي مدد حاصل ڪرڻي آهي.
    هن وقت جن ماڻهن کي ڪن سببن ڪري شريڪ ڪري نه سگهيا آهيون ۽ ڪن ڪوتاهين ڪري کين دعوت نه موڪلي سگهيا آهيون، يا باوجود موڪلڻ جي هو مختلف وجوهات سببان هن مجلس ۾ شريڪ نه ٿيا آهن، تن کي هن قومي محاذ کان ٻاهر رکڻ جو ڪو به ارادو ڪو نه آهي. غلطيون هر هڪ کان ٿين ٿيون، انهن کي درگذر ڪرڻ قومي مفاد ۽ مصلحت وقت جي اهم تقاضا آهي.
    سنڌ جي آزاد ڪرڻ بعد، اسان جي محاذ جا مکيه ۽ بنيادي اصول: قوم پرستي، معاشي انصاف ۽ جمهوريت رکڻا آهن.
    آخر اسان کي مستقبل ۾ ملڪ جي سياسي ليڊر شپ، عوام جي هٿن ۾ آڻـڻي آهي؛ ليڪن ون يونٽ جي ڊاهڻ تائين اهڙا اختلافي مسئلا پيدا نه ڪرڻا آهن، جن جي ڪري اسان ۾ اختلاف پيدا ٿئي ۽ مقصد جي حصول ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻجن.
    1. جي صاحب اسان سان هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ گهرن ٿا، تن کي شاهه لطيف عليھ رحه جي هيٺين بيت کي پنهنجي ذهن ۾ ضرور رکڻو پوندو:
    سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مونسين هلي،
    پاڻي ناهه پٽن ۾، رائو سجهي رڃ،
    متان مري اڃ، ڪا ڏئي پاراتو پنهونءَ کي.
    2. خدا جي مهربانيءَ ۽ مخلص ڪارڪنن جي همت ۽ قربانيءَ سان ڏکيا ڏينهن جلد دور ٿيڻ وارا آهن ۽ سنڌ کي وري آزاد ڪري، ان جي از سرنو تعمير ڪرڻي آهي.
    3. اسان کي آئينده، ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻو آهي ته هو کري ۽ کوٽي جي شناخت ڪري سياسي اقتدار، ذاتي وقار، عزت ۽ املاڪ جي طالبن جي پوئلڳن کان پاڻ کي پاسي رکن، ۽ خدمت خلق، اصولن جي پابندن ۽ قربانين جي پتلن کي پنهنجو رهبر بنائين.
    4. مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين سياسي معاملن ۾ اوهان سان شامل رهندس، اسيمبليءَ جي ميمبريءَ ۽ وزارت وغيره ۾ پاڻ نه ڦاسائيندس. اسان کي هن وقت سنڌ ۾ هر گروهه ۽ هر شخص جي مدد جي ضرورت آهي، ليڪن اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته آءٌ هميشه اهو خيال مد نظر رکندس ته ڪي ماڻهو يا گروهه، اسان کي ڪنهن به صورت ۾ هٿيو بنائي، استعمال نه ڪن.
    5. هن وقت جن ماڻهن کي صدر صاحب جي ڍاڪا وارين مصلحتن ۾ شرڪت ڪرڻ، سندن دور وزارت ۾ ون يونٽ قائم رکڻ يا ان جي حمايت ڪرڻ وارن کي شامل نه ڪري سگهيا آهيون ته ان جو مقصد عارضي آزمائش آهي. جڏهن انهن مان ڪي به شخص بنا شرط شروط جي اسان جي مقصد جي حصول لاءِ شامل ٿيڻ گهرندا، تڏهن انهن کي شامل ڪرڻ ۾ ڪو به اعتراض ڪرڻ نه گهرجي.
    6. اسان جي هن محاذ جا ٽي مکيه مقصد رهندا.
    (الف) ون يونٽ ڊاهرائي، ننڍن صوبن کي مڪمل آٽونامي وٺائي ڏيڻ.
    (ب) سنڌ جي ٻيهر آزاد ٿيڻ بعد، سنڌي سياست کي پاڪ صاف ڪري، عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي تعمير لاءِ ڪتب آڻڻو آهي.
    (ج) معاشي انصاف هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن وسيلي عوام جي زندگيءَ جو معيار بلند ٿي، ملڪ مان بک، بيروزگاري، جهالت، بيماري، بداخلاقي دور ٿي سگهن ٿيون.
    7. ون يونٽ جي کلم کلا مخالفت ڪرڻ وارن کي، هن محاذ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هنن کي 1956ع جي آئين جي بحالي ۽ زونل فيڊريشن ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪرڻا آهن. جيڪي ماڻهو اهل پنجاب جي رضامنديءَ خاطر ون يونٽ جي خلاف آواز اٿارڻ جي باوجود مٿي ذڪر ڪيل ٻن شرطن سان شامل راءِ آهن، سي اسان سان شامل نه ٿين.
    8. مون کي خبر آهي ته اسان جي جن نوجوان شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن هن انقلاب آڻڻ ۾ حصو ورتو آهي، تن کي چند شخصن ۽ گروهن جي ابنالوقتيءَ واري پاليسيءَ خلاف سخت رنجيدگي آهي. ليڪن آءٌ کين سندن قربانين، همت ۽ صداقت جو واسطو وجهي، عرض ڪندس ته ون يونٽ ڊاهڻ تائين ذرا ٿڌائيءَ کان ڪم وٺن. ڇاڪاڻ ته ون يونٽ جي ڊاهڻ ۾ اسان کي هر سنڌيءَ جي مدد جي ضرورت آهي. اسان جي عوام ۾ اڃا ايترو شعور پيدا نه ٿيو آهي، جو انهن قومي ڪارڪنن ۽ خادمن کي ڪثير تعداد ۾، اسيمبلين ۾ چونڊي موڪلين. پئسي، ذاتي اقتدار، لڳ لاڳاپي، زميندار، پير ۽ مولويءَ کي اڃا اسان جي معاشري ۾ گهڻو اثر آهي، ٻه ڪم هڪ ئي وقت ٿي نه سگهندا. تنهنڪري ون يونٽ ڊاهڻ تائين اختلافي مسئلا ڇيڙڻ، دانشمندي نه آهي.
    9. اسان جي نوجوان قومي ڪارڪنن کي ملڪ ۽عوام جي مستقبل درست ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکڻو پوندو؛ ليڪن حال ۽ مستقبل جي مسئلن جي وچ ۾ تميز ڪرڻ لازمي ٿيندي. سنڌ جي جدائيءَ کانپوءِ اقتصادي ۽ اخلاقي مسئلا ڇيڙي، فضا صاف ڪرائي سگهن ٿا.
    10. شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ آئون پوڙها ٿي چڪا آهيون، آئينده جي رهبريءَ جي واڳ نوجوانن کي وٺڻي آهي. پر آئون ڪافي عمر سياست جي ميدان تي رهندي ۽ مختلف تجربن ۽ معلومات جي بنياد تي ڏسي رهيو آهيان ته گهڻن نوجوانن ۾ صداقت، جذبه ايماني ۽ دلي همت جي باوجود، هوش کان وڌيڪ جوش غالب پئجيو وڃي. جوش ۽ جذبو لازمي آهن، پر حقائق دهر کي سامهون رکي، قدم کڻڻ، سياسي ڪاميابيءَ لاءِ تمام ضروري آهي.
    11. نيشنل اسيمبليءَ جي جن ميمبرن همت ڪري، ون يونٽ جي مخالفت ۾ آواز کڙو ڪيو آهي، تن کي آءٌ مبارڪباد ڏيان ٿو. اميد اٿم ته هو آئينده به ساڳي راهه اختيار ڪندا ايندا ۽ ذاتي لالچ يا ڪنهن ڊپ جي ڪري موجوده اختيار ڪيل رويه کان ڦري نه ويندا.
    12. هن محاذ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ بلوچستان ۽ سرحد جي صوبن ۾ به اهڙا محاذ قائم ڪرائي، ان کانپوءِ سڀني صوبن جو متحده محاذ قائم ڪرڻو پوندو، ته جيئن وڏن صوبن، خاص ڪري بينگال جا سياستدان، اسان جي مدد ڪرڻ ۾ پنهنجو به فائدو سمجهن.
    13. آخر ۾ آئون عوامي ليگ جي ليڊر، شيخ مجيب الرحمان ۽ اهل بينگال جي انهن سڀني پارٽين جو شڪريو ادا ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان، جن بنا ڪنهن شرط شروط جي ون يونٽ ڊاهڻ ۽ مغربي پاڪستان جي ننڍن صوبن کي مڪمل آٽو نامي ڏيارڻ جو آواز اٿاريو آهي.

    آخر ۾ آئون اوهان سڀني صاحبن جو شڪريه ادا ڪريان ٿو، جو اوهان سنڌ جي هر گوشي کان ڪهي، هتي اچي، اسان جي همت افزائي ۽ مدد لاءِ گڏ ٿيا آهيو.

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد، حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوٺايل، ائنٽي ون يونٽ ڪانفرنس جي موقعي تي 9 مارچ 1969ع تي ڪئي)


    سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا

    جناب صاحب، صدر، متحده محاذ بلوچستان، ۽ هن قديم سر زمين جا جانباز فرزندؤ!
    اسلام عليڪم: آءٌ اوهان جي سنڌي ڀائرن طرفان، اوهان ڏانهن، محبت جو پيغام عرض رکڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان!
    هيءُ موقعو هڪ نهايت اهم ۽ غالباً تاريخي موقعو آهي. آءٌ پنهنجي لاءِ هيءُ هڪ وڏو اعزاز تصور ڪري رهيو آهيان، جو اوهان مون کي ياد فرمايو آهي ۽ موقعو ڏنو آهي ته اوهان سان گڏجان ۽ اوهان جي خدمت ۾ پنهنجو نقطه نظر عرض رکان. آءٌ سمجهان ٿو ته اوهان ان طريقي، هيءَ اعزاز سڄيءَ سنڌ کي بخشيو آهي. اها سنڌ، جا اوهان جي تمام ويجهي ۽ ايامن کان پاڙيسري سر زمين آهي.
    هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سوَ ها سالن کان، اوهان ۽ اسان جي قسمت هڪجهڙي، بلڪ ايئن چئجي ته گڏيل پئي رهي آهي. تاريخ جي هر دؤر، اڳتي قدم وڌائڻ کان اڳ، اوهان ۽ اسان ٻنهي درين جي دروازن ٿي هڪ ئي وقت ڪڙو کڙڪايو آهي. انهيءَ قديمي خصوصيت سببان، هن وقت به هيءَ صورتحال موجود آهي ته تاريخ جو ڪو به شاگرد جيسين ٻنهي علائقن جي تاريخ کي هڪ ئي وقت پنهنجي سامهون نه رکندو، تيسين هو ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جي تاريخ کي سمجهي ئي ڪين سگهندو.
    اڃا به وڌيڪ حقيقت جي نگاهه سان ڏسبو ته اوهان ۽ اسان جي مفادن جي ايتري قدر هڪجهڙائي پئي رهي آهي، جو جڏهن اوهان جي طرف جي هڪ خاندان، سنڌ کي پنهنجن هٿن ۾ ورتو، تڏهن سنڌ جي عوام نه فقط ان کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو، پر خود انهيءَ جي حمايت ۾ گڏجي لڙڻ پڻ گوارا ڪيو ۽ جيسين ڪنهن ٻاهرئين غنيم چڙهائي نه ڪئي، تيسين هن جي حڪومت قائم رهندي آئي. غالباً، اوهان هيءَ حقيقت تسليم ڪرڻ فرمائيندا ته هن سر زمين جي ماڻهن ايتري رواداري، ٻيءَ ڪنهن به ٻاهرينءَ طاقت جي فائدي ۾ ڪا نه ڏيکاري آهي. اوهان کي معلوم آهي ته جڏهن ارغونن، سنڌ ۾ داخل ٿيڻ چاهيو، تڏهن اسان، اوهان جي برادرانه مهمان نوازيءَ جو فائدو وٺندي، پنهنجون فوجون اوهان جي علائقي ۾ موڪليون هيون ته جيئن ارغونن سان اوهان جي سر زمين تي لڙي، کين سنڌ ڏانهن قدم وڌائڻ کان روڪيو وڃي. اسان جي فوج جو سپهه سالار، اسان جو قومي هيرو، نواب مبارڪ خان عرف دولهه درياهه خان هو.جيڪڏهن انهيءَ اهم موقعي تي اوهان جون همدرديون، اسان سان شامل حال نه هجن ها ته جيڪر اسان جي اها مهم ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿي سگهي ها.
    بهرحال اسان، اوهان جي ٽالپرن سان ايتري قدر پنهنجي خلوص ۽ محبت جو ثبوت ڏنو، جو اهڙو ٻيو مثال اوهان کي، اسان جي تاريخ ۾ ڪٿي به نظر ڪين ايندو اسان جي تاريخ جو خاص نچوڙ هيءُ آهي ته جڏهن به زماني جي حالتن اسان جي مٿان ٻين کي مسلط ڪيو آهي. تڏهن اسان هڪدم تلوارون سنڀالي، آخري دم تائين مقابلو ڪندا رهيا آهيون ۽ اهڙن موقعن تي هميشه انهيءَ انتظار ۾ رهيا آهيون ته اجهو اڄ نه ته سڀان، زمانو ضرور پاسو بدلائيندو ۽ سنڌ جو شير وري اٿي کڙو ٿيندو!
    اسين سواءِ ڪنهن فخر جي هيءَ دعوا ڪريون ٿا ته جيڪڏهن اسان ۾ اها صلاحيت نه هجي ها ته پنجن هزارن سالن جي طويل عرصي کان پنهنجي مخصوص روايتن، ثقافت ۽ پنهنجيءَ زبان کي ڪيئن قائم رکندا اچون ها؟
    اسان ۽ اوهان ٻنهي ڌرين جي برادرانه محبت سان ڀرپور تعلقات جو هڪ خوشگوار پهلو هيءُ به آهي ته اوهان جي علائقي جي ماڻهن جي هڪ چڱي خاصي عنصر، اسان جي سر زمين کي پنهنجو وطن بنايو آهي. اسان جا اهي ڀائر، اسان جي معاشري ۾ اهڙيءَ ريت ٺهڪي ويا آهن جو اسان ٻنهي ۾ ڪو به فرق ڪو به اختلاف، اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي. در حقيقت، اسان ٻنهي ڌرين هڪٻئي جي چڱين چيزن کي، پنهنجو ئي ورثو ڄاتو آهي. اسان مان ڪنهن به اڄ تائين، اها ڪوشش نه ڪئي آهي ته برتريءَ جو احساس جتائي، خود پنهنجي خلاف نفرت جي جذبي کي ڀڙڪائي. اسان کي، اوهان جي ڪيترين ئي چيزن مان حاصلات ٿي آهي، مثلاً اوهان جي رزميه شاعريءَ ۽ بهادريءَ جي قصن ڪهاڻين مان، اوهان جي غيرتمنديءَ مان، جنهن جو تصور دنيا جي ڪيترين همعصر سوسائٽين ۾ اڻلڀ آهي، اوهان جي مهذبانه روايتن مان، جهڙوڪ: مهمان نوازي، جنگي قانون، پناهه وٺندڙ کي سام ڏيڻ، در تي هلي آيا دشمن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ پاڙيسريءَ سان مدد ۽ همدردي ڪرڻ، وغيره، وغيره. مطلب ته اهي سموريون خوبيون، جي اوهان جي قومي وقار ۾ شامل آهن، اسان نه فقط انهن جو احترام ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا پئي رهيا آهيون.
    مون کي هن ڳالهه جو ڪافي احساس آهي ته اسان اوهان جي انهن احسانن جو پورو حق ادا ڪري نه سگهيا آهيون. ليڪن، اسان انهيءَ ڳري ٻوجهه کان پاڻ کي آجي ڪرڻ لاءِ ڪي قدر ڪوشون ضرور ڪيون آهن. اهي هن طرح آهن ته اسان جو پنهنجي سسئيءَ جي ذريعي، اوهان سان عشق ۽ محبت جو هڪ لافاني رشتو قائم ڪيل آهي. اوهان خراج عقيدت جي هن ادائگيءَ جي طريقي کي ڀل ڪيترو ئي غير اهم تصور فرمايو، پر آءٌ اهو عرض ڪندس ته خدا جي مڙني عنايتن مان محبت جو جذبو، جيڪو انسان ۾ وديعت ڪيو ويو آهي، سڀني کان وڌيڪ اهميت واري عنايت آهي، ۽ جيڪو خراج اهڙيءَ جنس جي صورت ۾ ادا ڪيو وڃي، ان کان وڌيڪ خراج هڪ انسان، ٻئي انسان جي خدمت ۾ پيش نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته محبت جي جنس، هڪ اهڙي جنس آهي جا دائمي به آهي ۽ غير فاني به. بقول هڪ فارسي گو شاعر جي، ”حسن بي بنياد باشد، عشق بي بنياد نيست.“
    مون کي اڄ هن ڳالهه تي فخر آهي ته مان سسئيءَ جي وطن مان پنهونءَ جي وطن ڏانهن محبت جو پيغام کڻي آيو آهيان! مون کي معلوم آهي ته اڄ ڀنڀور برباد آهي، مون کي اها به خبر آهي ته اڄ درياهه جو رخ اتان بدلجي چڪو آهي، پر محبت اها چيز آهي جا نڪي ته ڪڏهن برباد ٿي آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪو ان جو رخ ئي بدليو آهي! انهيءَ ڪري، محبت جو اهو رشتو، هن وقت به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي ۽ اڳتي به هميشه قائم رهندو. هن وقت ضرورت فقط انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسين ان کي محسوس ڪريون، ان کي جلا بخشيون ۽ زندگي جي هڪ حقيقت طور، ان جو احترام ڪريون!
    منهنجا عزيز ڀائرو! اسين اڄ، ون يونٽ جي نحوست جي پاڇي هيٺ گڏ ٿيا آهيون. آءٌ هينئر عرض ڪري چڪو آهيان ته قدرت اسان ٻنهي ڌرين جي قسمتن کي هڪٻئي سان سلهاڙي ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسين پاڻ کي ون يونٽ جي هڪ ئي زنجير ۾ جڪڙيل ڏسي رهيا آهيون.
    ون يونٽ جو تجربو، شروع کان ئي ناڪامياب ۽ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي چڪو آهي. جنهن طريقي سان ون يونٽ کي ننڍن صوبن جي مٿان مڙهيو ويو ۽ پوءِ تيرهن سالن تائين هلايو ويو، خود ان مان ئي ظاهر آهي ته هيءَ ڪو اهڙو ڪارنامو نه آهي جو اسين دنيا جي اڳيان پنهنجي تدبر، پنهنجي حب الوطنيءَ، پنهنجي جمهوريت جي جذبي يا پنهنجن اهلڪارن جي ديانتداريءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ، هڪ دليل يا مثال طور پيش ڪري سگهون. سچ ته ايئن آهي ته اسان جا سمورا مقصد ۽ اعليٰ قدر، ون يونٽ سببان مجروح ٿي چڪا آهن.
    اصل ۾، انهيءَ منصوبي جو بنياد ئي غلط سوچ ۽ بدديانتيءَ تي رکيو ويو هو. اوهان کي ”ايڪس دستاويز“ جي حقيقت معلوم آهي ته انهيءَ ۾ بلڪل رازدارانه نموني جن مقصدن جي نشاندهي ڪئي ويئي هئي، خاص انهن ئي مقصدن جي سر انجاميءَ لاءِ ون يونٽ کي بنايو ويو. اهو مخفي دستاويز، اسان جي موجوده مرڪزي وزير داخله، سردار عبدالرشيد، وڏيءَ ڪوشش سان ڳولي، هٿ ڪري، اسيمبليءَ جي اڳيان رکيو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سموري راز کي فاش ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ، جن لائينن تي ون يونٽ جي سرشتي کي هلايو ويو، ان مان فقط انهن ئي مقصدن جي آبياري ٿيندي رهي آهي.
    آءٌ خود حيران آهيان ته ملڪي استحڪام کي زور وٺائڻ لاءِ اهو ڪهڙو طريقو عمل ۾ آنيو ويو جو صدين کان قائم ٿيل علائقائي سرحدن کي، جن جي تحفظ جي ضمانت خود پاڪستان جي بنيادي ٺهراءَ ۾ ڏنل هئي، تن کي ختم ڪري، ملڪ جي سموري مغربي حصي کي، هڪ وسيع چراگاهه جي صورت ۾ آڻي، نوڪر شاهيءَ جي بکايل ڍڳن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو، ته جيئن هو لاپرواهيءَ سان چرندا، جمهوريت، قاعدي قانون ۽ مقامي ماڻهن جي دلي خواهشن ۽ نيڪ تمنائن کي وڏيءَ بيدرديءَ سان پنهنجن کرن هيٺ لتاڙيندا ۽ ناس ڪندا رهن. انهيءَ افسوسناڪ صورتحال کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها صورتحال پيدا نه ٿئي ها ته موجوده حڪومت کي اها ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ها ته نوڪر شاهيءَ کان سندن ذاتي ملڪيتن جا انگ اکر طلبي ها. اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته صدر، آغا محمد يحيٰ خان، جي حڪومت جي چڱن ڪمن مان هڪ اهو به وڏيءَ اهميت لائق آهي.
    جيستائين جمهوري قدرن جو تعلق آهي ته انهن جو نڪي ون يونٽ بنائڻ وقت ڪو لحاظ رکيو ويو ۽ نڪي ون يونٽ کان پوءَ انتظامي ڪاروبار ڏانهن ڪو توجهه ئي ڏنو ويو. مثال طور، اوهان کي اهو واقعو ياد هوندو، جيڪو لاهور ۾ ٿي گذريو هو. هڪ سرڪاري آفيسر، مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ هال ۾ گهڙي ويو ۽ وڃڻ سان ئي اسيمبليءَ جي هڪ ميمبر کي ٽاءِ کان جهلي، ڌڪو ڏيئي، سخت بدشد لفظ ڳالهايا. ويچاري ميمبر روئندي، سڏڪا ڀريندي، اسيمبليءَ اڳيان دادرسيءَ لاءِ التجا ڪئي. اسيمبليءَ انهيءَ مظلوم ميمبر جي سموري روئداد ٻڌي، ٺهراءَ پاس ڪيو ته انهيءَ آفيسر کي نوڪريءَ اتان ڊسمس ڪيو وڃي. پر نتيجو اهو نڪتو ته حڪومت، آفيسر کي ڊسمس ڪرڻ بدران خود اسيمبليءَ جي انهيءَ ٺهراءَ کي ئي ڊسمس ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت، دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته مغربي پاڪستان کي ڪهڙي نموني جي جمهوريت سان نوازيو ويو آهي!
    حقيقت ۾، انهيءَ مسئلي جو توجهه لائق پهلو هيءُ آهي ته جڏهن خود ون يونٽ جي مرڪز ۾، هڪ عوامي نمائندي جو اهڙو عبرتناڪ حشر ٿيندو هجي، ته پوءِ هيٺين سطح تي، يعني ڊويزن ۽ ضلعن ۾ غريب عوام سان ڪهڙا ناحق ٿي رهيا هوندا!!
    ون يونٽ جي مڙني براين مان، سڀ کان وڏو نقصان، قومي اتحاد کي پهتو آهي. اوهان ڏسي سگهو ٿا ته مغربي پاڪستان ۾، نفاق، نفرت ۽ شديد اختلاف ڪيتريءَ حد تائين پيدا ٿي چڪا آهن؟ اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهڙيءَ افسوسناڪ صورتحال جو ملڪي اتحاد ۽ سالميت جي بنيادي مقصد تي ڪهڙو اثر پئجي رهيو آهي؟ جڏهن اوهان ملڪ جي هڪ خاص عنصر هٿان، ٻين مڙني عناصرن کي بدگمانين ۽ بد دعائن جو نشانو بنائيندا، ته اهڙيءَ حالت ۾، اوهان جي خيال ۾، سموريءَ حڪومت جي صحت، مضبوطيءَ ۽ واڌاري جي ڪا اميد به رکي سگهجي ٿي؟
    اسين ماڻهو، جن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي هئي، شروع کان ئي اها ڳالهه محسوس ڪري رهيا هئاسون ته پاڪستان جو وجود اسان جي خوشگوار خوابن جو تعبير آهي؛ جيڪڏهن پاڪستان مضبوط آهي ته سڀ سلامت آهيون ۽ پاڪستان کي طاقتور بنائڻ جو فقط اهو ئي هڪ طريقو آهي ته ملڪ ۾ اهڙو انتظام هجي جو وفاق ۾ شامل ٿيندڙ هر علائقو، ايئن محسوس ڪري ته سندس وجود پنهنجيءَ جاءِ تي محفوظ آهي ۽ سندس حقن جو احترام ڪيو پيو وڃي. هو آزاديءَ جي نعمتن ۾ برابريءَ جي ليول تي شريڪ آهي ۽ کيس اهو اختيار آهي ته هو پنهنجي علائقي جو اندروني ڪاروبار، پاڻ هلائيندو رهي. جڏهن اسين ايئن چئي رهيا هئاسون تڏهن ان وقت به انساني فطرت جون تقاضائون، اسان جي سامهون هيون. اسان ڄاتو ٿي ته انسان جي اها ئي فطرت آهي ته هن جي محبت ۽ وفاداري، فقط انهيءَ حالت ۾ ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن هن جي دل جي رضامنديءَ جو خيال رکيو وڃي. هن کي يقين ڏياريو وڃي ۽ هو خود ايئن محسوس ڪري ته آءٌ انهيءَ ڪم ۾ برابريءَ جي بنياد تي شريڪ آهيان.
    اسان جي طرفان ون يونٽ جي مخالفت فقط حب الوطنيءَ جي جذبي، يعني پاڪستان سان وفاداريءَ جي بنياد تي ٻڌل هئي. اسان ايئن نٿي چاهيو ته ون يونٽ جي ڪري، پاڪستان جي سالميت کي ڪو خطرو لاحق ٿئي. اسان جي دلي خواهش هيءَ هئي ته پاڪستان اندروني جهڳڙن ۽ رقابتن جو خواه مخواه آکاڙو نه بنجي ۽ اسان وٽ اهڙو انتظامي سرشتو رائج نه ڪيو وڃي، جنهن سببان بکايل ڪامورا شاهي، پاڪستان جي استحڪام کي اندران ئي اندران، اڏوهيءَ جي روپ ۾ چهٽي، ناس ڪري ڇڏي. ڪامورا شاهيءَ متعلق اهو اڻٽر امڪان انهيءَ ڪري ڄاتو ٿي ويو ته اولهه پاڪستان جو انتظامي ڍانچو، ايتري قدر وسيع ٿي رهيو هو، جو ڪامورا شاهيءَ تي عوامي نمائندن جو ڪنٽرول ٿيڻ ناممڪن هو. اسان جي اها مراد هئي ته پاڪستان کي ڪنهن به اهڙيءَ ڇڪتاڻ ۾ نه وڌو وڃي جو، جن عظيم مقصدن خاطر وجود ۾ آندو ويو هو، اهي پورا ڪري نه سگهجن.
    پر، ٿيو ايئن جو الٽو اسان جي نيڪ نيتيءَ ۾ شڪ آڻي، اسان جي خلاف غلط بيان بازين ۽ جڙتو پروپئگنڊائن جو سخت طوفان کڙو ڪيو ويو. اسان جي خلاف ڪيئي شرمناڪ الزام لڳايا ويا. اسان کي ”وطن غدار“ جي لقب سان نوازيو ويو، نظر بندين ۽ ٻين آزمائشن ۾ وڌو ويو ۽ آخر سواءِ ڪنهن نياءَ جي جيلن ۾ اڇلايو ويو. ايئن چئجي ته ”ڏهه – سالا اصلاحات“ اسان جي حق ۾ ”ڏهه – ساله انتقام“ جي روپ ۾ ثابت ٿيا، ته انهيءَ ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو.
    سرڪاري مشينريءَ جي ايترين ڪرم فرمائين کان علاوه، ملڪي اخبارن اسان جي نقطئه نظر کي شايع ڪرڻ کان هڪ طرف انڪار ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف انهن ئي ساڳين اخبارن پاڻ کي انساني بنيادي حقن تقرير ۽ تحرير جي آزادانه پيشڪش جو علمبردار چوائيندي، ڪو به عار محسوس ڪو نه ٿي ڪيو. اسان کي هٿ وٺي ذهني تشدد جو شڪار بنايو ويو ۽ اسان تي جيڪي الزام لڳايا ٿي ويا، تن ۾ لوڻ مرچ ملائي، انهيءَ حد تائين به چيو ويو ته زندگيءَ جي پوئين گهڙيءَ هوندي به پنهنجي پياري وطن سان بيوفائي ڪري، انهن طاقتن جا ايجنٽ بنجي ويا آهيون، جن سان لڙندي، اسان پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو خرچ ڪيو هو. افسوس جو مقام آهي ته مخالفن اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي، اسلام سان اسان جي ذهني ۽ روحاني وابستگيءَ کي به مشڪوڪ ڄاڻايو. اها نازيبا حرڪت، هن حقيقت ڄاڻندي به ڪئي ٿي ويئي ته دنيا جي هن حصي (سنڌ) ۾، اسلام جي اشاعت، اسان جي بزرگن جي ئي ذريعي ٿي هئي ۽ هن وقت به اسان جي زندگي جي هر رخ تي مذهب جو ئي روح ڇانيل آهي.
    اسان اهڙو ڪو به گناهه ڪو نه ڪيو هو، جنهن جي پاداش ۾ اسان تي ايتري قدر ظلم ڪيا وڃن، انسان، انسان سان بي رحميءَ جو سلوڪ ته ڪري سگهي ٿو، پر ايتري قدر مسلسل نه ۽ نڪي خدا ترسيءَ کان ايتري حد تائين بي نياز رهي!
    اسان کي جنهن ڳالهه خاص طور ذهني تڪليف پهچائي، اها هيءَ هئي ته اسان جي نيت، اسان جي حب الوطنيءَ ۽ ايماني جذبي متعلق فيصلو، انگريزن جا اها اڳوڻا نمڪخوار ملازم ڪندا ٿي رهيا، جن جو پنهنجو ماضيءَ هيءُ هو ته جڏهن اسان، سندن آقائن سان لڙهي رهيا هئاسون ۽ انهن کي پنهنجي وطن مان لوڌي، هڪالي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئاسون، تڏهن اهي ساڳيا انگريزن جا نمڪخوار نوڪر، انتهائي ضمير فروشيءَ سان، پنهنجن آقائن سان وڏيءَ وفاداريءَ جو عملي ثبوت پيش ڪندا ٿي رهيا. غالباً، اهڙن ماڻهن لاءِ، انهيءَ راهه اختيار ڪرڻ کانسواءِ، ٻيو ڪو چارو به ڪو نه هو. هنن پوءِ، ”ون يونٽ جي.... ٻار“ کي، جائز اولاد ثابت ڪرڻ جي مقصد سان، ان جو هڪ خانداني شجرو پڻ تيار ڪري ورتو، جو هيٺين ريت هو:

    اسلام
    /
    پاڪستان
    /
    ون يونٽ

    انهيءَ شجري تيار ڪرڻ جو خاص مقصد هيءُ هو ته جيڪڏهن ڪو شخص، ون يونٽ جي مخالفت ڪري ته ان کي آسانيءَ سان ”اسلام دشمن“ لقب لڳارائي، اسلامي دائري مان خارج ڪري سگهجي. يعني آٽي مان گهوٻاٽو مراد ورتي وڃي!
    ڪنهن ناجائز ٻار کي ايڏي مقام ڏيڻ جي اهڙي ترڪيب يورپ ۾، جاگيرداري دور جي اليگزينڊر ڇهين نالي پوپ کي به ذهن ۾ ڪا نه آئي هئي.
    جيڪي ماڻهو يورپ جي ”نشاط-ثانيه“ واري دور جي تاريخ کان واقف آهن، انهن کي معلوم آهي ته اليگزينڊر ڇهون، ڪيترن ئي ناجائز ٻارن جو پيءُ هو. هو، انهن سان بيحد محبت ڪندو هو، پر انهيءَ هوندي به هن ڪڏهن به ايئن ڪين ڪيو ته ناجائز اولاد جي حق ۾ مذهب کي استعمال ڪري. هن ۾ ايتري شائستگي هئي ۽ هن پنهنجي مذهب جو ايتري قدر احترام ٿي ڪيو. هن پنهنجن ٻچن جي مفاد ۽ مذهب، مادي ۽ روحاني معاملن کي هڪٻئي سان ملائي، دنيا جي سامهون اهڙي کچڻي پيش ڪا نه ڪئي. بهرحال، اهو ماضيءَ جو ذڪر هو. هن وقت اسين انهيءَ خيال ۾ هئاسون ته تيرهن سالن جي تلخ تجربن بعد، انهن ماڻهن جو هوش ضرور ڪنهن صحيح ٽڪاڻي تي آيل هوندو ۽ هو سواءِ ڪنهن ٽال مٽول، حجت ۽ انڪار جي قلبي وسعت ۽ حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺندي، ون يونٽ جهڙيءَ عظيم غلطيءَ جي تلافي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا هوندا، ته جيئن:
    گذريل عرصي جا سمورا زخم مڙي اچن،
    گذريل سموريون تڪليفون ۽ تلخ يادگيريون وسري وڃن ۽ اولهه پاڪستان جي مڙني هاڪن جي وچ ۾ باهمي اعتماد ۽ خوشنوديءَ واري فضا بحال ٿي وڃي ۽
    اسان جو عزيز وطن پاڪستان، انهن سمورين تڪليفن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، جيڪي اندروني اختلافن، رقابتن ۽ علائقائي ڇڪتاڻ سببان، عام منظر تي اچي چڪيون آهن.
    پاڪستان کي اسان سڀني ۾ وڏيون اميدون آهن، اهي اميدون بلڪل جائز آهن ۽ اهي فقط انهيءَ صورت ۾ پوريون ٿي سگهن ٿيون. جڏهن اسان سڀني جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ محبت جي عملي صورت، عام منظر تي اچي.
    پر، مون کي اهو ڏسي بيحد ڏک پهتو آهي ته ون يونٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪي تجويزون اڄڪلهه پيش ٿي رهيون آهن، تن مان اها ڳالهه ثابت ئي ڪا نه ٿي ٿئي ته اسين اڄ به پنهنجي تدير، سچائيءَ، حب الوطنيءَ، حقيقت پسنديءَ، معاملي فهميءَ ۽ جرات کي عملي صورت ۾ آڻڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهيون، يا اسان جي سوچ جي گهرائيءَ ۾، ملڪي استحڪام ۽ اتحاد جي طرفداريءَ جو اعليٰ جذبو ڪم ڪري رهيو آهي. مثال طور، آءٌ انهيءَ مسئلي متعلق پيش ٿيل چند تجويزن تان پردو هٽائڻ چاهيان ٿو، ته جيئن هر هڪ محب وطن ماڻهو، حقيقت کان واقف ٿي، ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچي سگهي.
    هڪ مڪتبه خيال وارن جي هيءَ تجويز آهي ته پهريائن 1956ع وارو آئين زندهه ڪيو وڃي، يعني ”مساوات“ جي بنياد تي اسيمبلي قائم ڪرائي وڃي، جنهن ۾ هڪ گروهه اهڙن ميمبرن صاحبن جو به قدم رنج فرمائي اچي، جيڪو جرڳن جي بنياد تي ڊپٽي ڪمشنرن جو چونڊيل هجي ته جيئن مهل سر، ون يونٽ جي مسئلي جي باري ۾ پراڻن سياسي واپارين کي ٻيهر سوديبازي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۽ جيستائين اهڙا انتظامات مڪمل نه ٿين، تيسين ون يونٽ جي مسئلي کي گندي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، ڪنهن سردخاني ۾ اڇليو وڃي.
    ٻئي مڪتبه خيال وارا، هن تجويز تي زور ڏيئي رهيا آهن ته جيئن اسان جن زخمن ۾ وڌيڪ لوڻ ٻرڪڻ جي نيت سان، موجوده انتظاميه کي وڌيڪ اختيارات سان نوازيو وڃي. يعني جنهن انتظاميه، هيءَ سموري باهه لڳائي آهي ۽ جنهن کان خود ذاتي ملڪيتن جا انگ اکر (گوشواره) طلبيا پيا وڃن، انهن جي ئي گرفت ۽ اڳئين کان به وڌيڪ جڪڙيل رهجي.
    ٽئين مڪتبه خيال وارن، هيءَ نسخو تجويز فرمايو آهي ته ون يونٽ جي سرشتي هيٺ رخميل ماڻهن جي ڦٽن تي، ”ليفٽيننٽ گورنرن جي مرهم پٽي ڪئي وڃي.“
    اهڙيءَ ريت، سياسي طبيبن جو هڪ چوٿون گروه، شروع کان ئي زبردست سرجريءَ (وڍ – ٽڪ) جو قائل آهي. هيءَ گروه چاهي ٿو ته اسان جن علائقن کي اندروني طور وڍي، سنڍيون سنڍيون ڪري، هر هڪ سنڍيءَ کي ”رياست“ جو لقب ڏيئي، الڳ گورنر، الڳ وزارت ۽ الڳ سيڪريٽريٽ جي ڳري بار هيٺان دٻائي رکجي. انهيءَ علاج جي ترڪيب پٺيان خطرناڪ دشمنيءَ جو مهلڪ جذبو، ڪارفرما نظر اچي رهيو آهي.
    اهي چوٿين گروه وارا سيلسي طبيب، حق پلئه وجهڻ درڪنار، مورڳو سخت سزا ڏيڻ چاهين ٿا ۽ اها ئي سزا تجويز ڪئي پئي وڃي ته اسان جن علائقن کي هر صورت ۾ اندروني طور ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي. انهيءَ حالت ۾، اسان جا پاڻ ۾ هڪٻئي سان اندروني تعلقات، اسان جي ثقافت، اسان جي زبان، اسان جي تاريخ ۽ اسان جي گڏيل مفادن کي ڇڙوڇڙ ڪري، ڪک – پن وانگر هوا ۾ واءُ وکر ڪيو وڃي، ته جيئن اسان جي علائقائي اندروني يڪشتي ۽ سياسي گرمجوشي آهستي، آهستي، بنياد کان ئي ٽٽي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي.
    منهنجو هيءُ اندازو آهي ته جن دماغن مان اهڙيون کلم کلا انتقامي بدلي وٺڻ جون تجويزون پيش ڪيون وڃن ٿيون، اهي دماغ سالم نه آهن؛ بلڪ ايئن چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته اهڙا دماغ، هر چڱيءَ چيز جي ساڃهه پاڻ مان وڃائي چڪا آهن. بهرحال، پوءِ به مون کي اها ئي اميد آهي ته اهڙن غير سالم دماغ ماڻهن جو تعداد، فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترو هوندو، جي پاڻ کي ايتري افسوسناڪ حد تائين ڪيرائي، اهڙي زهريلي سوچ جا عادي بنجي چڪا هجن.
    آخر ۾، هڪ ٻيو به طريقو آهي، ۽ اهو ٻين تجويز بازن جي ڀيٽ ۾، غالباً زياده چالباز ثابت ٿيو آهي. انهيءَ طبقي جي هيءَ منشا آهي ته ون يونٽ کي هٿ لائڻ بجاءِ، زونل فيڊريشن جي مضبوط لفافي ۾ وجهي، ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي، ته جيئن اڳوڻا ساڳيا مقصد، جيڪي ون يونٽ ٺاهڻ جا خاص محرڪ هئا، آئينده به فيڊريشن جي ذريعي حاصل ڪبا رهجن.
    افسوس جي جاءِ آهي ته ڪنهن به پارٽيءَ ۾ ايتري ذهني ديانتداري ۽ اعليٰ حوصلو نه رهيو آهي ته هوءَ، علي اعلان ايئن چئي ڏئي ته جيڪي غلطيون، 1955ع ۾ ڪيون ويون هيون. انهن کي دل جي خلوص ۽ ايمانداريءَ سان درست ڪيو وڃي. ته جيئن 1955ع کان وٺي اڄ تائين ، تيرهن سالن جي طويل عرصي کان زخميل دلين ۾ ٻيهر محبت پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي ڏانهن صحيح اعتماد ۽ ڀروسي جي صورت، نئين سر قائم ٿي وڃي.
    آءٌ پنهنجي طرفان صاف طور ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اڃا تائين انهن ماڻهن ۾ ڪو صحيح عقل نه آيو آهي ته ڀل نه اچي، پر ڪم از ڪم اسين اڄ، اڳئين کان وڌيڪ باخبر ٿي چڪا آهيون.
    اسين اڄ، هر چالبازيءَ جي تهه، ان جي نتيجن ۽ خطرن کان پوريءَ ريت آگاهه ٿي چڪا آهيون. ڇاڪاڻ ته زماني جي گردشن، اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو آهي.!
    منهنجا عزيز ڀائرو! آءٌ اڄ علي اعلان هيءَ حقيقت ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسين ڪک پن نه آهيون جو ڪير اسان کي هوا ۾ اڇلي، واءُ وکڙ ڪري سگهي. اسان جو ملڪ ٽن مضبوط ٿنڀن تي بيٺل آهي: (1) اوڀر پاڪستان، (2) پنجاب ۽ (3) اسين ٽيئي سرحدي علائقا: پاڪستان جي عظمت ۽ سر بلنديءَ کي چمڪائڻ ۽ مضبوط رکڻ ۾، اسان ٽنهي جو هڪجهڙو حصو آهي، جيئن ته.
    اوڀر پاڪستان کي تعليم، سياسي سجاڳي ۽ ملڪي ملازمتن ۾ اڳرائي حاصل آهي ۽
    اسان ٽنهي سرحدي علائقن(سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد) جي ايراضي ٻئي سموري پاڪستان جي ايراضيءَ کان وڌيڪ آهي. اسان جي ايراضي ٻه لک، ٽي هزار چورس ميلن ۾ آهي ۽ باقي پاڪستان هڪ لک، ست هزار چورس ميل آهي.
    نقشي ڏانهن نهاريو ته ايئن ڏسڻ ۾ ايندو ته اسان کي گويا اهو اعزاز حاصل آهي ته اسين پاڪستان کي پنهنجيءَ گود ۾ جهليون بيٺا آهيون. دفاعي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اسان غير معمولي اهميت حاصل آهي ۽ اسين پنهنجي عزيز وطن جي سرحدن جا نگهبان آهيون.
    اسان وٽ زرخيز ماٿريون ۽ اهڙا پهاڙ موجود آهن، جن ڏانهن جيڪر پورو توجهه ڏنو وڃي ته بيشمار معدني دولت حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسين هڪ عظيم تمدن جا محافظ آهيون. اسان جي هنر، فن ۽ ڪلچر جي سڄيءَ دنيا ۾ شهرت آهي. اسان جي هنر ۽ فن جون ڪيتريون چيزون، يورپ ۽ آفريڪا جي نشستگاهن جي زينت بنيل آهن ۽ اسان جي پوشاڪ جون ڪيتريون چيزون، دنيا جون حسينائون وڏي فخر سان استعمال ڪري رهيون آهن. اسين انڊس، گنڌارا ۽ ڪوشان جهڙين عظيم تهذيبن جا وارث آهيون ۽ انهيءَ ئي سببان اسان جي تاريخ کي پنجن هزارن سالن جي قدامت حاصل آهي!
    منهنجا ڀائرو! اوهان پاڻ ئي انصاف ڪريو ته هوا ۾ واءُ وکڙ ڪرڻ لائق ڪک، پن، ايتريءَ اهميت ۽ الاهي عنايت جو ايترو بوجهه ڪهڙيءَ طرح پنهنجن ڪلهن تي کڻي سگهن ٿا؟
    اسان جي هيءَ دعوى آهي ته اسين ”ننڍا صوبا“ نه آهيون. اسان کي ”ننڍا صوبا“ ڪوٺڻ، هڪ وڏي غلطي آهي. آءٌ اڄ، انهيءَ غلط بيانيءَ جي پر زور ترديد ڪريان ٿو.
    منهنجا عزيز ڀائرو! انهن باهمي جهڳڙن ۽ فسادن هوندي به اسين سمورا پاڪستاني آهيون. اسين سڀيئي ملڪ جا خدمتگذار آهيون. اسين ملڪ جا شهري آهيون ۽ ملڪ جا جانباز سپاهي آهيون. اسان جو هيءَ عزم آهي ته ملڪ خاطر، اسين پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪنداسين، ته جيئن ملڪ جي سالميت ۽ ان جو وقار ۽ ناموس، دنيا جي قومن ۾ قائم ۽ دائم رهي.
    اسين پنهنجي لاءِ فقط ايترو چاهيون ٿا ته اسان جن صوبن کي اصلوڪيءَ صورت ۾ بحال ڪيو وڃي، ته جيئن پنهنجن اندروني معاملن جو انتظام اسين پاڻ هلائي سگهون، اسان جو اهو حق، سواءِ ڪنهن ديرمدار ۽ ٽال مٽول جي فوراً تسليم ڪيو وڃي.
    معزز حضرات! آءٌ پنهنجي گذارش ختم ڪريان، ان کان اڳ اوهان اهو ضرور چاهيندا ته آءٌ تنظيمي معاملن متعلق به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريان. سڀ کان اول، آءٌ اوهان جي خدمت ۾ هيءُ مبارڪ پيش ڪندس ته اوهان پنهنجي صوبي ۾ متحده محاذ قائم ڪيو آهي، جنهن جو نتيجو هيءَ آهي ته مان اڄوڪي مجلس ۾ بلوچستان جي سوسائٽيءَ جو لب و لباب پنهنجن اکين سان ڏسي، بيحد مسرت محسوس ڪري رهيو آهيان. مون کي معلوم آهي ته انهيءَ ڪوشش ۾ اهو ئي جذبو محرڪ آهي، جنهن کان اسان متاثر ٿي، سنڌ ۾ متحده محاذ قائم ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح، اسان جا سرحدي ڀائر به پنهنجي صوبي ۾، اهڙي محاذ قائم ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن. آءٌ اوهان کي يقين ڏريان ٿو ته اوهان بلڪل صحيح لائين تي سوچيو آهي. اڄ جي زماني ۾ جيڪڏهن اتحاد نه آهي ته طاقت نه آهي ۽ جيڪڏهن طاقت نه آهي ته پوءَ ڪير به ڪنهن جي ٻڌڻ نٿو چاهي.
    هاڻي رهيو آئيندي جو سوال، ان متعلق منهنجي هيءَ راءِ آهي ته جڏهن هي ٽيئي محاذ گڏجي ڪم ڪن، تڏهن سندن وچ ۾ وفاقي طريقي جو تعلق پيدا ڪيو وڃي ته جيئن ٽيئي محاذ، هم آواز بنجي، پنهنجا جذبات مشرقي پاڪستان جي ڀائرن ۽ ٿي سگهي ته اولهه پاڪستان جي ڪن سياسي پارٽين جي خدمت ۾ پيش پيش ڪيا وڃن. مون کي خوشي آهي ته اوڀر پاڪستان جي قريباً سڀني سياسي پارٽين، اسان جي مطالبي کي ڌيان سان ٻڌندي، پنهنجي ”نڪات“ ۾ شامل ڪيو آهي. آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ سندن نهايت ئي شڪر گذار آهيان ۽ منجهن اها ئي اميد رکان ٿو ته هو اسان سان آخر دم تائين تعاون ڪندا رهندا. منهنجي هيءَ به دلي تمنا آهي ته سندن مڙني جائز مطالبن جي تڪميل جو پڻ خاطر خواه بندوبست ٿي وڃي.
    آءٌ، پنجاب جي سياسي قيادت کان نااميد نه آهيان. مون کي يقين آهي ته چرڪي يا سگهي، هو ءَ به ضرور هڪ ڏينهن اسان جي همدردي ڪرڻ لاءِ آماده ٿيندي ۽ انهيءَ همدرديءَ کي دل جي انتهائيءَ ڪشادگيءَ سان ڪم آڻيندي.
    حضرات! اوهان جي حق ۾ منهنجي هيءَ دلي دعا آهي ته شال اوهان جي تنظيم زياده کان زياده وسيع ۽ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ طاقتور ٿيندي رهي ۽ اوهان جا اهي ڀائر، جيڪي اڃا تائين پنهنجي شموليت متعلق سوچي رهيا آهن، اهي به جلد اوهان جي حلقي ۾ شامل ٿي وڃن!
    اوهان مون کي معاف ڪرڻ فرمائيندا، جيڪڏهن آءٌ اوهان جي خدمت ۾، هيءُ مشورو پيش ڪريان ته جن ڀائرن اوهان جي صوبي ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي يا اوهان جي وطن کي پنهنجو وطن بنايو آهي، انهن کي اوهان بلوچستان جي سوسائٽيءَ جو هڪ جزو تصور فرمايو. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪڏهن به نه الجهو ته هو ڪٿان آيا آهن. مطلب ته هر اهو شخص، جيڪو بلوچستان جي سر زمين تي آباد آهن. ان کي بلوچستاني سمجهيو وڃي ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪنهن به قسم جي فرق کي برداشت نه ڪيو وڃي. سڀني کي هڪجهڙا حق حاصل هجن ۽ سڀني سان ساڳيو سلوڪ اختيار ڪيو وڃي. ٻين لفظن ۾ اوهان جو ”اپروچ“ محبت تي هجي، نه نفرت تي. نفرت جو جذبو انسان جي بد ترين ڪمزوري آهي، جنهن مان مڙني انساني قدرن ۽ اعليٰ مقصدن کي وڏو ڇيهو رسي ٿو.
    آخر ۾ آءٌ، ٻيهر دعا لاءِ هٿ کڻندي، هنن لفظن سان پنهنجي عرضداشت ختم ڪريان ٿو ته الله تعاليٰ اوهان کي ڪاميابي عطا فرمائي، ته جيئن اوهان نه فقط پنهنجي صوبي لاءِ، پر سموري ملڪ لاءِ طاقت ۽ فخر جو باعث ثابت ٿيو.


    (هي تقرير سائين جي ايم سيد ڪوئيٽا – بلوچستان متحده محاذ جي مرڪزي آفيس جي افتتاحيه موقعي تاريخ 5- آڪٽوبر 1969ع تي ڪوئيٽا ۾ ڪئي).


    مظلومن قومن جو استحصال

    محترم مهمانو! شيخ مجيب الرحمان صاحب، صدر، پاڪستان عوامي ليگ ۽ ان جا معزز ساٿيو!
    اسان سر زمين پاڪستان جي ان حصي ۾ اوهان صاحبن کي دل جي خلوص ۽ گهراين مان خوش آمديد چئون ٿا، جنهن کي ”سنڌ“ جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو. آءٌ ان جي باري ۾ وڏيءَ انڪساريءَ سان اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته هيءَ سر زمين ڪيترين خصوصيتن جي بناءَ تي ممتاز حيثيت جي مالڪ آهي. اسين هن علائقي جي تاريخ ۽ هتان جي باشندن جي انهن خوبين ڏانهن اوهان صاحبن جو ڌيان ڇڪائڻ مناسب سمجهون ٿا:
    سنڌ اها سر زمين آهي، جنهن جون ”فرحت بخش هوائون“، اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم، عرب ڏانهن گهلندي محسوس ڪيون هيون.
    هن برصغير ۾ فقط سنڌ کي ئي ”باب الاسلام“ هئڻ جو شرف حاصل آهي.
    دنيا جي هن حصي ۾، اسلامي تبليغ جي سلسلي ۾، سنڌ نمايان پارٽ ادا ڪيو آهي.
    سنڌ کي نبي ڪريم صلعم جي ڪيترن اصحابن سڳورن جي ابدي آرام گاهه هئڻ جو شرف حاصل آهي.
    سنڌ جي ماٿريءَ کي ڪيترن ئي مذهبي ۽ روحاني عظيم رهنمائن جي جاءِ ولادت هئڻ جي سعادت حاصل آهي، مثلاً: مخدوم بلاولرح، مخدوم نوحرح، ميان مير رح، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح ۽ سچل سرمست، انهن مان چند بزرگ آهن. ان کانسواءِ، حضرت شهباز قلندررح ۽ سيد محمد مڪيرح جهڙا عالمي شهرت جا مالڪ، هن سڳوريءَ سر زمين ۾ آرامي آهن.
    سنڌ جي سر زمين قائداعظم، ملا مبارڪ (ابو الفضل ۽ فيضيءَ جو والد) ۽ سر آغا خان جهڙن تاريخ ساز شخصيتن کي جنم ڏنو آهي.
    اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي سمورين اسلامي تحريڪن ۾، سنڌ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سامراجي اصطلاح ۾، جنهن انقلابي تحريڪ کي ”غدر“ (1857ع) جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو، ان جي شروعات، هندستان جي ٻين سمورن صوبن کان اڳ، سنڌ مان ٿي هئي. انهيءَ انقلابي تحريڪ کان به اڳ، هيءَ ئي سر زمين هئي جنهن سيد احمد بريلويءَ جهڙي مجاهد اعظم کي جهاد شروع ڪرڻ لاءِ پئسا، ماڻهو ۽ هٿيار موجود ڪري ڏنا هئا. اهڙيءَ طرح، بعد جتي سياسي تحريڪن، مثلاً خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، مسلم ليگ تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ، انهن مڙني ۾ سنڌ جي سر زمين غير معمولي خدمتون بجا آنديون آهن. انهن مان ڪيترين تحريڪن کي هن سر زمين، جليل القدر صدر ۽ رهنما پڻ پيش ڪيا آهن، مثلاً قائداعظم، سر آغا خان، مسٽر غلام محمد ڀرڳڙي، سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا عبيدالله سنڌي، رئيس جان محمد جوڻيجو ۽ عالي قدر مولانا امروٽي، انهيءَ زمري ۾ اچن ٿا. پاڪسان جي عظيم تحريڪ جي سلسلي ۾ انهيءَ ڌيان ڇڪائڻ جي ايتري ضرورت نه آهي ته سنڌ جون خدمتون ڪيتريءَ اهميت جون لائق آهن. افسوس جو مقام آهي ته اسان پروپيگنڊا ۽ پنهنجي پذيرائيءَ جي سطحي ڳالهين کي ڪا به اهميت ڪا نه آهي، ورنه اسان وٽ اهڙي لٽريچر جو انبار موجود هجي ها، جنهن ۾ تحريڪ پاڪستان جي مهم جي سلسلي ۾ هتان، جي ماڻهن جي عظيم خدمتن ۽ قربانين جي اهم واقعن سان ڀرپور نظر اچي ها. مثال طور: منزل گاهه (سکر) جي تاريخي جدوجهد کي ڏسجي ته ان موقعي تي، مسلم ليگ پنهنجي تاريخ ۾ پهريون دفعو سول نافرمانيءَ جو رستو اختيار ڪيو. هندن ۽ حڪومت جي گڏيل مخالفانه طاقت جو مقابلو ۽ هر طرح جي جسماني ۽ ذهني تڪليفن ۽ عذابن برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ خون جون پڻ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون.
    مسلمانن جي تعليمي سلسلي ۾، سر سيد احمد خان مرحوم جي آواز تي لبيڪ چوڻ وارن مان، علي ڳڙهه کانپوءِ يا ايئن چئجي ته بنگال کانپوءِ، سنڌ جو نمبر آهي. هتان جو تاريخي تعليمي ادارو، ”سنڌ مدرسته السلام“ هتان جي مسلمانن جي تعليمي دلچسپيءَ جي سلسلي ۾ هڪ زندهه يادگار آهي. هن اداري مان مستقبل جو قائد، محمد علي جناح مرحوم جهڙو عاليٰ رتبي وارو شاگرد پڻ تعليم وٺي چڪو آهي.
    پاڪستان تحريڪ جي سلسلي ۾، سنڌ ئي هڪ اهڙو علائقو هو، جنهن برصغير هند پاڪ جي تاريخ ۾ سڀني کان اول، هندستان جي ورهاڱي ۽ مسلمانن لاءِ جدا وطن قائم ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ پاس ڪيو. اهو ٺهراءَ، لاهور واري تاريخي قرارداد کان به ٻه سال اڳ، سنڌ مسلم ليگ، آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پاس ڪيو هو.
    ساڳيءَ ريت، ملڪي ورهاڱي کان اڳ، هندستان جي مڙني قانون ساز ادارن جي تاريخ ۾، سنڌ علائقي جي قانون ساز اسيمبلي ئي هڪ پهريون ادارو هو، جنهن قيام پاڪستان جي مطالبي جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. اهو ٺهراءُ مون پيش ڪيو هو ۽ مارچ 1943ع ۾ پاس ڪيو ويو هو. ان وقت، پاڪستان جي حمايت ۾ هندستان جي ٻي ڪا به صوبائي قانون ساز اسيمبلي، انهيءَ حد تائين اڳتي قدم کڻي نه سگهي هئي.
    هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ، نئينءَ حڪومت جي گاديءَ لاءِ سنڌ ئي پنهنجي صوبائي سيڪريٽريٽ جون عمارتون پيش ڪيون ۽ گڏوگڏ هندستان مان لڏي ايندڙ مهاجرن کي وڏيءَ دل سان خوش آمديد چئي. هتان جا مقامي ماڻهو، مهاجرن سان هر هنڌ هڪ سچي انصاف واري جذبي سان پيش آيا ۽ اڄ به هو انهيءَ ئي جذبي سان تعاون ڪندا رهن ٿا.
    جيڪڏهن سنڌ جي تاريخي وسعتن جو مختصر جائزو ورتو وڃي ته هيءَ حقيقت ڏسڻ ۾ ايندي، ته هن سر زمين جي ماڻهن، انسانيت جي اعليٰ قدرن تي نه رڳو يقين رکيو آهي، پر هو وڏيءَ مضبوطيءَ سان انهن تي عمل به ڪندا پئي رهيا آهن. مثال طور، امن ۽ رواداريءَ کي ڏسبو ته عصبيت ۽ جارحيت جي عزائم کان پاڪ نظر ايندي. اهڙيءَ طرح حب الوطني، پاڙيسرين سان تعلقات، انصاف، آزادي ۽ ٻيا اهڙا سمورا اخلاقي اصول، جيڪي انسان ذات جي روحاني ۽ دينوي ورثي جو نچوڙ رهيا آهن، تن تي اهل سنڌ هميشه کان عمل ڪندا رهيا آهن. هتان جي ڪيترين ئي اعليٰ روايتن مان هيءَ به هڪ روايت آهي ته اسان پنهنجي مانيءَ جي ڳڀي ۾ ٻين کي ته شريڪ ڪندا رهيا آهيون، پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي شخص جي وات جو گرهه نه کسيو آهي.
    سنڌ جي تاريخ جو ٻيو روشن پهلو هيءَ آهي ته هتان جا رهواسي، فطري طور جمهوريت پسند رهيا آهن. سمورو اقتدار ڪنهن هڪ شخص جي هٿ ۾ هجي، هر انهيءَ اصول سان هميشه کان نفرت ڪندا رهيا آهن. جيسين ڪنهن جابر، حملي آور، سنڌ کي ڀيلي، قبضي هيٺ نٿي آندو، تيسين ملڪي اقتدار هميشه هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي هٿن ۾ رهيو؛ يعني مقامي قبيلا، جماعتون ۽ برادريون اقتدار ۾ شريڪ رهيون. مثال طور، جنهن دور ۾ فرينچ، ”هڪ شخص“ جي اقتدار کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا ٿي رهيا، تڏهن هتي، ان کان به اڳ، حڪومت جو سرشتو وسيع بنيادن تي بيٺل هو. ملڪي اقتدار هڪ ئي ”چؤياري“، يعني چئن ڀائرن جي قبضي ۾ هو، ۽ گڏوگڏ ان ۾ مقامي قبيلن کي به شريڪ ڪيل هو. جيتوڻيڪ اڄ ان دور جي حڪومتي سرشتي کي غير مڪمل ۽ گهٽ اهميت وارو تصور ڪيو ويندو، پر پوءِ به ماضيءَ جا رجحان انهن ئي مکڙين جي ابتدائي صورت جو پتو ڏين ٿا، جيڪي اڳتي هلي جمهوريت جي گلن ۽ ٻوٽن جي شڪل ۾ ٽڙيا ۽ ٻهڪيا. جيڪڏهن اسين انهن رجحانن کي اڄوڪي زماني جي حالتن جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسون ته اهي اسان کي واقعي قيمتي معلوم نه ٿيندا، پر پوءِ به اهي رجحان هتان جي ماڻهن جي مزاج جي ساخت جو نشان پتو ضرور ميسر ڪن ٿا.
    اسان جو علائقو اڪثر ڪري اهڙن ماڻهن سان آباد رهندو آيو آهي، جن جون دليون هميشه حب الوطنيءَ جي عظيم جذبي سان ٽمٽار رهيون آهن. سندن تاريخ، مسلسل جدوجهد جي هڪ اهڙي تاريخ آهي، جنهن ۾ پنهنجي آزاديءَ جي تحفظ ۽ وطن جي ناموس کي بچائڻ لاءِ وقت بوقت ٻاهرين حملي آورن سان مقابلو ڪندا رهيا آهن. بد قسمتيءَ سببان سنڌ جي سر زمين، عالمي تجارتي شاهراه تي هئڻ ڪري وقت بوقت ان تي قبضي لاءِ ڪاهون ٿينديون رهيون آهن. جيڪڏهن هتان جي رهاڪن ۾ اها خوبي نه هجي ها ته پنجن هزارن سالن جي طويل تاريخ ۾، سنڌ پنهنجي وجود جو تسلسل قائم رکڻ ۽ حملن جي مد وجزو ۾ پاڻ کي زندهه رکڻ جي قابل نه رهي ها. هينئر جڏهن ته حب الوطنيءَ جون فطري حدون، تاريخ جي وسيلي ايتريون وسيع ٿي چڪيون آهن جو پاڪستان کي پنهنجي دائري ۾ شمار ڪندي به ان کي نسبتاً وڌيڪ اهميت بخشي آهي. اسان جي ديسواسين جي ڪردار جي اها تاريخي خصوصيت، مصيبتن ۽ آزمائشن جي هر موقعي ۽ مهل تي سموريءَ قوم لاءِ هڪ قيمتي سرمايو ثابت ٿيندي رهي آهي.
    عاليجناب شيخ صاحب! اسان جي سر زمين، خوشقسمتيءَ توڙي بدقسمتيءَ جي ڪيترن ئي دؤرن مان گذري آهي. انگريزن، اسان جي صلح پسنديءَ ۽ واعدي وفائيءَ واري عظيم جذبي مان ناجائز فائدو وٺندي، 1843ع ۾، سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. قبضي وارن شروعاتي ڇهن سالن جي عرصي اندر، پنهنجي سهوليت خاطر اسان جي تاريخي جداگانه وجود ۽ وقار کي ختم ڪرڻ ۽ آزاديءَ جي احساس کي ناس ڪرڻ لاءِ، سنڌ کي بمبئيءَ علائقي جو پوئلڳ بڻائي ڇڏيو. آخر لمبيءَ جدوجهد کانپوءِ، جنهن ۾ مسلم ليگ، خلافت ڪميٽي، مسلم ڪانفرنس ۽ جميعت اللعلماءَ هند جهڙين تحريڪن اسان جي همت افزائي ڪئي ۽ قائداعظم، مولانا محمد علي ۽ سر آغا خان جهڙن اعليٰ اڳواڻن اسان جي رهنمائي ڪئي، تڏهن وڃي اسين سنڌ کي بمبئيءَ جي غلاميءَ کان ڇوٽڪاري ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. ان کانپوءِ، ٻن ڏهه سالن جي عرصي اندر، اسين پاڻ کي نئينءَ حڪومت سان ٺهڪائڻ، پنهنجن ڪوششن جي نتيجن کي سهيڙڻ ۽ نئين دور جي مشنريءَ (1935ع جي قانون جي پيداوار) سان پاڻ کي مانوس ڪرڻ ۾ پورا ڪيا. اسين تسليم ڪريون ٿا ته انهيءَ مدت جو زياده عرصو نون تجربن، غلطين ۽ غلطين جي سڌارڻ ۾ گذاري ڇڏيوسين. ليڪن، برصغير جو ٻيو اهڙو ڪهڙو صوبو آهي، جيڪو انهن مرحلن مان نه گذريو آهي يا ڪهڙي صوبي شروع کان ئي سياسي پختگيءَ جي پائدار راهن تي وک وڌائي آهي؟ دراصل، تاريخ جو اهو دؤر مجموعي طور سڄيءَ دنيا لاءِ هڪ غير معمولي قسم هو. پهريائين ته انهن ڏينهن ۾، عالمي جنگ جا انديشا، ڀيانڪ خطرن جي روپ ۾ هر ڪنهن جي دماغ تي ڇانيل رهيا، ۽ ايئن ئي ڏسندي ڏسندي هڪ عالمي جنگ شروع ٿي ويئي، بدقسمتيءَ سان هندستان جي سياسي فضا ۾ اڳيئي مهاسڀائي هندن ۽ مسلمانن، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، ۽ ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب، باهه جون چڻگون دکي رهيون هيون. ساڳئي وقت اسان پاڻ، مقامي طور پنهنجن ئي حدن اندر اقتصادي ۽ فرقيوارانه فسادن سان دوچار هئاسون، جي شروع کان ئي قانوني تعطل ۽ اختلافن ڏانهن وٺي ٿي ويا. بهرحال، هيءَ ڳالهه لازمي هئي ته اهي حالتون اسان جي زندگيءَ جي معاملن تي اثر انداز ٿين ۽ اسان کي وڏيءَ ڇڪتاڻ ۾ الجهائي وجهن. ان بعد اسان هڪ بهتر وقت ۽ مضبوط آئيني زندگيءَ جي اميدن سان ٽئين ڏهه سالي طرف نگاهون کنيون. ليڪن، ان کان اڳ، اهو ٽيون ڏهه سالو اسان کي ميسر ٿئي ئي ٿئي، تنهن کان اڳ اسين ”ون يونٽ“ جي بار هيٺ دٻجي وياسين.
    اسين نهايت انڪساريءَ سان اوهان صاحبن ۽ سمورن هموطن ڀائرن کي هيءَ حقيقت گوش گذار ڪرڻ چاهيون ٿا ته ”ون يونٽ“ هڪ سوچيل سمجهيل بي رحمانه ۽ ناقابل عمل آئيني چالبازي هئي؛ جا خود انهن مقصدن مان ئي ثابت ٿئي ٿي جي ان جا محرڪ هئا ۽ جن جو اظهار بدنام زمانه، خفيه دستاويز ”ايڪس“ ۾ ڪيو ويو آهي، يا جنهن نموني تيرهن سالن کان هلندو رهيو آهي، ان مان ئي ظاهر آهي.
    اسان جي ون يونٽ جي سرشتي کان نفرت، ڪيترن مختلف سببن جي بنياد تي آهي، جن مان فقط چند پيش ڪريون ٿا:

    (1) هيءَ سرشتو تيرهن سالن جي عرصي کان مختلف حڪومتن ۽ مختلف قانوني سرشتن هيٺ رهندو آيو آهي. اڄ سڀني اڳيان هيءَ حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي ته ون يونٽ جو سرشتو ڪامياب ثابت نه ٿيو آهي. ان مان جيڪي نتيجا پيدا ٿيا آهن، سي خود ان جي بانين جي اميدن جي بلڪل خلاف ويا آهن.
    (2) اهو سرشتو اولهه پاڪستان جي باشندن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو هڪ خاص سبب بڻيو آهي ۽ ان قومي اتحاد جي نشو و نما کي وڏو ضرر رسايو آهي. اسين سچيءَ دل سان سموري ملڪ جي ڀلائي چاهيون ٿا؛ ڇاڪاڻ ته اسين سمورا ان سان محبت ڪريون ٿا ۽ ان جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجين عزيز حياتين قربان ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آهيون. اسين هڪ محب وطن جي حيثيت سان چئون ٿا ته ملڪ جي اندروني رنجشن ۽ رقابتن کي وڌيڪ وقت جاري رکڻ ۽ طاقت جي زور سان موجوده انتظامي سرشتي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڪنهن به صورت ۾ دانائپ وارو ڪم نه آهي. هيءَ حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته ون يونٽ جي سرشتي هيٺ ملڪي ڍانچي جا ڪيترا جزا پاڻ کي هيسايل، ڪمزور، ڏتڙيل، ناراض، ذهني طور شڪست خورده، بيمار ۽ بي يارو مددگار محسوس ڪري رهيا آهن.
    (3) تفصيلوار شڪايتن جي وضاحت کي في الحال هڪ طرف رکندي، ايئن چوڻو پوندو ته ون يونٽ، سنڌ جي ماڻهن جي خودداريءَ جي احساس کي مجروح ڪرڻ سان گڏوگڏ، کين آزاديءَ جي نعمت کان پڻ محروم ڪري ڇڏيو آهي. در حقيقت موجوده صورت ۾ آزاديءَ جي ڪا به معنيٰ ڪا نه ٿي رهي. جڏهن صورتحال هيءَ هجي ته هڪ علائقي جي آزاد شهرين کي اهو موقعو به حاصل نه هجي ته هو فقط پنهنجا ميونسپل معاملا پاڻ هلائڻ جو اختيار رکندا هجن!
    (4) ون يونٽ جي سرشتي، بيشمار انتظامي براين ۽ خرابين کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان جي حڪومت، وڏي پيماني تي ۽ نهايت بريءَ طرح رشوت خوريءَ، لالچ، ڪامورن جي غرور، غير ذميداريءَ، نااهليءَ ۽ طاقت جي غير دانشمندانه استعمال مان پيدا ٿيندڙ براين سببان داغدار ٿي چڪي آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته بدنصيب سنڌ، ”ننڍڙيءَ ليول جي ڪم عقل ۽ خودسر آفيسرن لاءِ هڪ جنت“ بڻجي ويئي آهي. انهيءَ جو ڪارڻ هيءَ آهي ته هتي مقرر ٿيل ڪارندا، وڏي بيپرواهيءَ سان ڪم ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت عوامي نمائندن جي نظر داريءَ ۽ بازپرس کان محفوظ آهن.
    (5) هن نظام جو وجود، جمهوريت جي بنيادي روح کان ٿي انڪار آهي. سنڌ جا باشندا هن سرشتي کي متفقه طور دل سان رد ڪري چڪا آهن.
    (6) هن سرشتي هيٺ، سنڌ جي حيثيت انگريزن جي دور واري ”هوم رول“ جي درجي کان به گهڻو هيٺ ڪري چڪي آهي، جنهن جو هنڌ ۽ پاڪ جي ماڻهن، اڄ کان ستر سال اڳ مطالبو ڪيو هو.
    (7) هيءَ انتظامي سرشتو خود ويهين صديءَ جي انهن تقاضائن کان ئي انڪاري آهي، جيڪي خوداختياريءَ واري حق جي بنياد تي، سموري طاقت عوام جي حوالي ڪرڻ جو تاڪيد ڪن ٿيون ۽ ان ۾ ڪنهن جي به مداخلت برداشت ڪرڻ نٿيون چاهين.
    (8) ون يونٽ جو ٺاهڻ، انهيءَ بنيادي مقصد جي پڻ بلڪل خلاف هو، جنهن مقصد لاءِ هيءَ ملڪ وجود ۾ آندو ويو هو. هيءَ ”صنعت“ لاهور ۾ (1940ع) پاس ڪيل ”قرار داد پاڪستان“ جي لفظن ۽ معنيٰ جي ئي بنهه ابتڙ آهي.
    (9) ون يونٽ جي تخليق، 1943ع واري پاڪستان ريزوليشن جي روح کان ئي انڪاري آهي، جيڪو سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو هو.
    (10) ون يونٽ جي تخليق، 1947ع واري آزاديءَ جي ائڪٽ، جي لفظن ۽ معنيٰ جي پڻ قطعي خلاف آهي، جيڪو برطانوي پارليامينٽ پاس ڪيو هو ۽ جنهن موجب پاڪستان وجود ۾ آيو.
    (11) ون يونٽ جو وجود، اقوام متحده جي بنيادي اصولن جي پڻ ڀڃڪڙي ڪندڙ آهي، جن ۾ ننڍين قومن کي ملڪي مرحلن، زبان، ثقافت ۽ سياسي تحفظ جي بنياد تي خوداختياريءَ جو حق ڏنل آهي.
    (12) ون يونٽ، انهن اصولن جي پڻ برخلاف آهي، جيڪي 1930ع ۾، قائداعظم محمد علي جناح طرفان پيش ڪيا ويا هئا.
    (13) ون يونٽ جي تخليق، قائداعظم محمد علي جناح طرفان 1930ع ۾ پيش ڪيل، 14 نقطن واري پروگرام کان پڻ انڪاري آهي.
    (14) ون يونٽ جي تخليق، هندستان جي مڙني مسلم پارٽين طرفان 1930ع ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جي انهيءَ مطالبي جي پڻ برخلاف آهي، جنهن جي سنڌ ۽ هندستان جي مڙني مسلم اڳواڻن گڏجي حمايت ڪئي هئي.
    (15) ون يونٽ جي تخليق، ”قرارداد مقاصد“ جي معنيٰ ۽ مفهوم کان ئي انڪاري آهي، جيڪو 1949ع ۾، پاڪستان جي پهرينءَ دستور ساز اسيمبليءَ، قائد ملت لياقت علي خان جي صدارت ۾ پاس ڪيو هو. انهيءَ کان علاوه، انهيءَ آئين جي بنيادي اصول جي پڻ ڀڃڪڙي ڪندڙ آهي، جيڪو ان وقت جي اسيمبليءَ منظور ڪيو هو.

    آخر ۾، ون يونٽ جي سرشتي جو قائم رکڻ، 1957ع ۾، اولهه پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءَ جي لفظن ۽ معنيٰ جي پڻ خلاف آهي، جنهن ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، ۽ انهيءَ ٺهراءَ جي فائدي ۾ مجموعي طور اولهه پاڪستان جا سمورا چونڊيل ميمبر ۽ مرڪز جا نمائندا متفق هئا.
    شيخ صاحب ۽ ٻيا دوستو! اسان انهيءَ برائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ 1956ع ۾، ٽن ننڍن صوبن جو ”ائنٽي ون يونٽ محاذ“ بنايو. ڪجهه عرصي گذرڻ کانپوءِ، اهو محاذ، ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ جي صورت ۾ وڌيو ۽ آخر اڳتي هلي، ”نيشنل عوامي پارٽي“ جي نالي سان ڪوٺجڻ لڳو.
    جناب شيخ صاحب! اوهان کي بخوبي معلوم آهي ته اسان ڪيترائي دفعا اوهان جي پارٽيءَ ڏانهن انهيءَ مقصد سان رجوع ٿياسون. اوهان جي اعليٰ مرتبي واري رهنما، جناب سهرورديءَ، ملڪ سان ايوب مارشل لا جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ، ڪراچيءَ ۾ منهنجي بنگلي تي، جتي هو پاڻ ۽ سنڌ جا ٻيا سمورا ليڊر موجود هئا، اسان جي جائز مقصد جي حمايت ڪئي هئي ۽ واعدو ڪيو هو ته اسان جا علائقا ۽ علائقائي خودمختياري واپس ورائي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو. ليڪن بدقسمتي چئجي جو هو اڄ اسان وٽ موجود نه آهي.
    اسين، اڄ اوهان کي مرحوم جا لائق جانشين سمجهندي، ٻيهر اوهان ڏانهن رجوع ڪريون ٿا ۽ اوهان جي معرفت، اوڀر پاڪستان جي پنهنجن وڏن ڀائرن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو پنهنجي مرحوم ليڊر جي واعدي کي ضرور پورو ڪن.
    اسين هيءَ حقيقت بلڪل صاف طور واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته 1956ع جو آئين اسان جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ٿيندو. انهيءَ ڪري ته اهو قطعي غير جمهوري طريقي سان وجود ۾ آيل دستور ساز اسيمبليءَ، تيار ڪيو هو. اسين هيءَ ڳالهه به صاف ڪرڻ چاهيون ٿا ته هڪ نئين قائم ٿيل سياسي جماعت جا ڪي ليڊر، ون يونٽ کي برقرار رکڻ ۽ اوڀر پاڪستان کي ان جي جائز حقن کان محروم ڪرڻ جي نيت سان، اهڙي اثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن 1956ع جو آئين بحال نه ڪيو ويو ته چونڊون ٿي نه سگهنديون ۽ پاڪستان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. اسين انهن ماڻهن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انهيءَ آئين جي بحالي ئي اهڙا مسئلا پيدا ڪندي، جن کان هو خود بچڻ گهرن ٿا. جسٽس فضل اڪبر، جيڪو دي سينٽرلائيزيشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين آهي، تازو علي اعلان چيو آهي ته ننڍن صوبن جا 97 سيڪڙو ماڻهو نه فقط ون يونٽ جي برخلاف آهن پر هو ان کان سخت نفرت ڪن ٿا اهي ماڻهو جيڪي 1956ع جي دستور جا حامي آهن ۽ چاهين ٿا ته 1956ع جي دستور هيٺ چونڊون ٿين ۽ ننڍن صوبن جا ماڻهو ساڳيءَ طرح ون يونٽ جي عذاب هيٺ تڙپندا رهن ته انهيءَ حالت ۾ چونڊن وقت، ماڻهن جي نفرت جا جذبا وڌيڪ ترقي ڪين ڪندا؟ ڇا، هو ايئن سمجهن ٿا ته اوڀر پاڪستان ۾، 1956ع جي دستور هيٺ (يعني مساوات جي بنياد تي نمائندگي ۽ دستور ۾ ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي شرط سان گڏ) چونڊون ٿين ته ان حالت ۾ چونڊن جي موقعي تي، انتها پسندانه جذبات کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ جو هٿ وٺي موقعو پيدا نه ڪندا؟
    آءٌ انهن ماڻهن کي هن حقيقت کان ضرور آگاهه ڪندس ته اسلام يا حب الوطنيءَ جي ٺيڪيداري اوهان حاصل ڪا نه ڪئي آهي. آخري ڳالهه هيءَ آهي ته اهي ماڻهو، جن پنهنجي زياده زندگي، برطانوي ملازمت ۾ گذاري آهي، تن کي ايئن نٿو سونهين ته هو قوم جي انهن خادمن تي پٿر اڇلائين، جن برطانوي سامراج سان لڙائي ڪئي ۽ پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي تڪليفون ڀوڳيون.
    شيخ صاحب، ننڍن صوبن ۽ اوڀر پاڪستان جي مڙني مسئلن جو حل، اسان جي اتحاد ۾ پوشيده آهي.اوهان جي بيانن ۽ اوهان جي سياسي مضبوطيءَ مان ننڍن صوبن جي ماڻهن جي دلين ۾ اوهان جي شخصيت ۽ پارٽيءَ ۾ چڱيون اميدون پيدا ٿيون آهن. مشرقي پاڪستان کي آباديءَ جي بنياد تي نمائندگي ۽ مڪمل طور اندروني خوداختياريءَ (آٽونامي) جا مطالبا؛ سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي اهڙا جائز ۽ درست آهن، جهڙا اسان جا. اسان اوهان سان گڏ هڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، ان ڪري اوهان سان هر طرح ثابت قدم رهنداسين. اميد آهي ته اوهان به اسان جي نصب العين جي حمايت جاري رکيو ايندا ۽ اسان جو ساٿ هرگز نه ڇڏيندا.
    آءٌ اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن ۾ اها ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته زياده کان زياده هم خيال فردن، گروهن ۽ جماعتن تي مشتمل محاذ، وجود ۾ آندا وڃن.
    جيڪڏهن پاڪستان جون سموريون هم خيال سياسي جماعتون ڪنهن سمجهوتي تي آماده ٿي وڃن ته ان مان ننڍن صوبن ۾، اسان جي ڪم ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي.
    آءٌ وري هڪ دفعو اوهان سڀني صاحبن کي مرحبا چوان ٿو ۽ پنهنجي طرفان يقين ڏياريان ٿو ته اسين اوهان جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد رکون ٿا ۽ اوهان جي ذات گراميءَ جي معرفت، پنهنجي اوڀر پاڪستان جي ڀائرن کي دل جي انتهائيءَ گهراين ۽ محبت مان سلام پيش ڪريون ٿا.

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد، شيخ مجيب الرحمان صدر پاڪستان عوامي ليگ کي ڏنل آجياڻي ۾ 10 آگسٽ 1969ع انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ڪراچيءَ ۾ڪئي)


    سنڌو ديش جو قيام

    عزيز دوستو!
    اوهان سان شام ملهائڻ ياقوتي کائڻ جي برابر آهي. ههڙن موقعن تي ضروري ٿئي ٿو ته ڪجهه ٻڌجي ۽ ڪجهه ٻڌائجي.
    مون اوهان کي 4 مارچ 1973ع تي آگاهه ڪيو هو ته سگهو ئي وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن ممڪن آهي ته اوهان تي وڏين جوابدارين جو بار پوي. ان لاءِ اوهان کي تيار ٿيڻو آهي. صرف صالح ۽ لائق ماڻهو ان امتحان مان ڪامياب ٿي نڪرن ٿا. جيل ۾ وڃڻ، لٺيون جهلڻ، سولو ڪم آهي، پر جوابداريءَ جو بار سنڀالڻ اولوڪو آهي. ان ڪم جي سر انجاميءَ لاءِ اوهان کي مخلص ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪرڻو پوندو. جي ڪارڪنن سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجهي سگهن ۽ پنهنجي ذهن صاف ڪرڻ بعد هم خيال دوستن جو تعداد وڌائين.
    اوهان کي هيٺين مسئلن تي غور ۽ فڪر بعد صحيح نتيجن تي پهچڻو آهي:

    1). قومي نظرئي جي مختلف تصورن جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد هڪ نظرئي کي قبول ڪرڻو آهي.
    آئون غور، فڪر ۽ تجربي بعد هن نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ جا رهاڪو زبان، ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي سندن سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچر آزاديءَ، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن.
    2). سنڌو ديش: برصغير پاڪ ۽ هند ۾ هزارن ورهين کان جدا تاريخي ملڪ رهيو آهي ۽دنيا جي ٻين ملڪن وانگر کيس پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو هرڪو حق آهي.
    3. سنڌي زبان: قديم زماني کان سنڌ جي زبان سنڌي رهي آهي. اها پاڪستان ۾ سڀ کان زياده جهوني ۽ شاهوڪار زبان آهي. ان ڪري ان کي ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي زبان بنجڻ جو هرڪو حق آهي.
    4. ملڪي آئين: آئين سازيءَ جي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ پهرين هن ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين هڪ قوم جي بنياد تي ٺاهيو وڃي ٿو، يا چئن قومن جي بنياد تي، پهرئين نظرئي مطابق سنڌي اقليت ۾ ٿي، ٻئي اڪثريت واري صوبي جي ڪثرت جا محتاج ٿي پوندا. ٻئي نظرئي مطابق ڪو به آئين سنڌين جي رضامندي کانسواءِ ٺهي نه سگهندو.

    (الف) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي اڪثريت وارو صوبو (پنجاب) سندس تعداد، پئسي، ملٽري ۽ سول سروس جي آڌار تي سنڌ تي حاوي رهندو، جنهن ڪري سنڌ جي پئسي، وسيلي، سنڌ تي حڪومت ڪندو.
    (ب) ان نظرئي جي آڌار تي سنڌ جي پيدائش، زمين، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي ٻين صوبن جي رهاڪن جو استحصال رهي سگهندو.
    (ت) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي نظرئي پاڪستان، اسلامي آئين، مضبوط مرڪز جي چنبي مان سنڌي نڪري نه سگهندا.
    (ث) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جا رهاڪو هن صوبي مان پيسا ڪمائي، ٻاهر کڻي، صوبي جي معيشت کي نقصان پهچائي سگهندا.
    (ج) ان نظرئي جي آڌار تي ٻاهرين مٽا سٽا، واپار، بئنڪن، ريلوي، پوليس، ٽيليگراف، ريڊئي، ٽيليويزن، کاڻين ۽ اقتصادي ادارن تي مرڪزي حڪومت جو قبضو رهندو.
    (ح) ان نظرئي جي آڌار تي دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ ڪرنسي کانسواءِ ٻين کاتن تي به مرڪز کي اختيار هوندو.
    (خ) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌين کي ساري پاڪستان جي آباديءَ جي لحاظ کان نمائندگي ملندي.
    (د) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي حڪومت جي نوڪرين ۾ سنڌين کي هن وقت وانگر صرف هڪ سيڪڙو نوڪريون ملنديون.
    (ذ) ان نظرئي جي آڌار تي سول سروس مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ رهڻ ڪري صوبائي خودمختياري بيڪار بڻجي ويندي.
    (ر) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ جي قوم زبان، غير ملڪي اردو زبان ٿيندي.
    (ز) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ ۾ مذهب ۽ سياست گڏيل رهندا.
    (س) ان نظرئي جي آڌار تي ڀر وارن ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي جاري رهندي.
    (ش) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي ڇوٽ رهندي.
    (ص) ان نظرئي جي آڌار تي سوشلزم پوريءَ طرح رائج ٿي نه سگهندي.

    (5) سنڌي ڪلچر:
    سنڌ کي گذريل چئن هزار ورهين جي تاريخ آهي. جنهن جي بنياد تي هن پنهنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر ٺاهيو آهي. اهي سندن قومي ورثا آهن. انهن کي وساري، نون آيل ماڻهن جي ڪلچر ۾ مٽائجڻ سنڌين لاءِ پاڻ وسارڻ جي برابر ٿيندو.

    سامراجي مفاد جو استحصال:
    سنڌين کي ان ڳالهه بابت ذهن صاف ڪرڻا آهن ته اهي ڪهڙا مستقل مفاد آهن، جي سندن استحصال ڪن ٿا. ٿوري غور بعد پتو پوندو ته مهاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سياسي آزادي سلب ڪيو ويٺا آهن، سندن اقتصادي ذريعن تي قابض آهن، سندن ڪلچر تي غلبو ڪري ويا آهن. ان جي سدباب لاءِ ويچار ڪرڻو اٿن.

    قومپرستي ڇا کي چئجي ٿو؟
    مٿي چئي آيو آهيان ته اسان سنڌين جي جداگانه قوم کي مڃون ٿا. پر ڏسڻو آهي ته سنڌي قومپرستيءَ جي بنيادي متا ڪهڙا آهن؟ منهنجي نظر ۾ اهي هيٺيا ٿي سگهن ٿا:

    (الف) سنڌ جي جدا ملڪ ۾ ويساهه رکڻ.
    (ب) پاڪستان هڪ ملڪ نه آهي، بلڪه چئن جدا ملڪن جو مجموعو آهي، ان ۾ اعتماد رکڻ.
    (ت) سنڌي وطن، زبان،ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن.
    (ث) سنڌي جدا قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
    (ج) سنڌي قومپرستيءَ جي راه ۾ رڪاوٽون، نظريه پاڪستان اسلامي نظام حڪومت، مضبوط مرڪز ۽ پاڪستان جا مجموعي مفاد آهن.

    (8) سيڪيولر نظام حڪومت:
    ساري دنيا ۾ حڪومتي نظام سيڪيولر بنيادن تي ٻڌل آهي، پر هتي پاڪستان ۾ هڪ سامراجي مستقل مفاد عوام جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان هٽائڻ لاءِ اسلامي نظام حڪومت جو راڳ اچاري رهيا آهن. ان جو مقصد عقل جي عيوض مذهب جي نالي ۾ ملا جي اٿارٽيءَ هيٺ حڪومت هلائڻ آهي. جي ملا گهڻي قدر سرمائيدار ۽ حاڪم جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.

    (9) صحيح جمهوريت ڇا آهي؟
    صحيح جمهوريت ۾ هيٺين ڳالهين جو هئڻ ضروري آهي.
    (الف) ان ۾ هڪ قوم جو ٻيءَ قوم تي سندس اڪثريت، قابليت، تشدد، پئسي ۽ هنر جي آڌار تي تسلط قائم نه رهندو.
    (ب) جنهن ۾ هڪ گروهه يا طبقو ٻئي گروهه يا طبقي جو اقتصادي استحصال ڪري نه سگهي ۽ ملڪ جي جملي ماڻهن کي هڪ جهڙا حق ۽ موقعا حاصل هجن.
    (ت) جنهن ۾ شاهوڪار، ڪارخانيدار، ملا ۽ پير کي سياست ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ تي بندش هجي.

    (10) سوشلزم ڇا آهي؟
    ان جو مقصد ملڪ جي جملي پيداواري ذريعن، ورهاست ۽ پئسي تي عوامي حڪومت جو تسلط هئڻ آهي. جا ان تسلط کي ماڻهن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندي. ان ۾ شخصي ۽ طبقاتي استحصال جا رستا بند ڪيل هوندا آهن. ان جو بنياد زماني جي حقيقتن ۽ عقل جي آڌار تي ٿئي ٿو. مذهبن ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي بچاءُ ڏنل آهي. جنهنڪري سوشلسٽ معاشري جي حصول ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. اسلامي سوشلزم ٿيندو ئي نه آهي.
    (11) اسلامي آئين ۽ اسلامي نظام حڪومت:
    ملڪ جو آئين معاشري جي حالتن جي آڌار تي هلايو وڃي ٿو. تنهنڪري اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت ٿيندا ئي ڪو نه آهن. جيڪي ماڻهو اهڙي گفتگو ڪن ٿا، سي يا ته ڌوڪيباز آهن يا ته بيوقوف آهن.
    (12) سنڌو ديش جي معنيٰ ڇا آهي؟
    سنڌو ديش جي معنيٰ سنڌو طاس جي موجوده سنڌ ملڪ واري ايراضي آهي. ان ملڪ هزارن ورهين کان پنهنجي علحده حيثيت قائم رکي آهي. سنڌ ۽ سنڌو ديش ۾ تفاوت هي آهي ته سنڌ ۾ ساري انڊس ويليءَ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو، پر سنڌو ديش ۾ صرف موجوده سنڌ جي ايراضي آهي. جيئن بينگال جي معنيٰ اڀرندو ۽ الهندو بنگال آهي ۽ بنگلاديش جي معنيٰ صرف اڀرندي بنگال وارو آزاد ملڪ آهي. سنڌو ديش نالي وٺڻ مان اسان جو مقصد ان خطه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقي ٿئي ٿو، جا هن وقت صوبي سنڌ تي مشتمل آهي.
    (13). سنڌي قوم جي تڪميل:
    اها حقيقت آهي ته سنڌ جا رهواسي علحده قوم سڏائڻ جا حقدار آهن. پر ان ڳالهه کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته هڪ فعال، باغيرت ۽ يڪجهت قوم بنجڻ لاءِ جنهن قومي عصيبت جي ضرورت ٿئي ٿي، سا اڃا سنڌ جا رهاڪو پوريءَ طرح پيدا ڪري نه سگهيا آهن. ان جي راهه ۾ رڪاوٽون آهن، تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. مثلاً پير، وڏيرو ۽ غلام صفت مڊل ڪلاس جي اڪثريت ان ۾ رڪاوٽون آهن.
    (14). پاڪستان ۽ سنڌ:
    سنڌ پاڪستان کانسواءِ رهي سگهي ٿي، پر پاڪستان جو سنڌ کان سواءِ قائم رهڻ مشڪل آهي. پاڪستان جي قيام جو مدار حڪمران طبقي جي سنڌ سان برتاءُ تي آهي. جيڪڏهن سندن موجوده ذهنيت ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي تسليم نه ڪيو ۽ سنڌين کي سندن واجبي حق نه ڏنا، ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگهندي.
    (15). پاڪستان جون موجوده سياسي پارٽيون:
    پاڪستان ۾ موجوده سياسي پارٽيون سواءِ “جيئي سنڌ” ۽ “خدائي خدمتگار” جي سڀ آل پاڪستان جماعتون آهن. اهي بنيادي طرح نظرئي پاڪستان جي آڌار تي ٺهيل آهن. جنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي جداگانه حيثيت جو انڪار ڪيل آهي. انهن ۾ سنڌي قومپرست جو داخل ٿيڻ، سنڌ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪرڻ جي برابر آهي.
    (16). حڪومتن جي پاليسي:
    سنڌين کي هر حڪومت جي پاليسي رکڻ لاءِ ڪي ڪسوٽيون مقرر ڪري، ان مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو. منهنجي نظر ۾ هيٺيون ڳالهيون آهن، جن جي آڌار تي اوهان حڪومتن جي پاليسيءَ بابت راءِ ظاهر ڪري سگهو ٿا:
    نظرئي پاڪستان ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت، سنڌين کي ڪڏهين به فائدو پهچائي نه سگهندي.
    مضبوط مرڪز ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌ جي دشمن ٿيندي.
    اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت ۾ مڃيندڙ سرڪار سنڌ لاءِ هاڃيڪار ٿيندي.
    اصولن تي هلڻ جي بجاءِ اقتدار جي قيام کي ترجيح ڏيندڙ حاڪم سنڌ جا خيرخواه ٿي نٿا سگهن.
    سنڌين جي جدا گانه قوم ۽ سنڌو ديش جي آزاديءَ جي اصولن کان انڪار ڪندڙ حڪومت، سنڌ دشمن شمار ڪري سگهجي ٿي.

    (17). سنڌين لاءِ مفيد خارجا پاليسي:
    ٻاهرين ملڪن مان آمريڪا اسرائيل تان بار جهڪو ڪرائڻ خاطر پاڪستان کي ڀارت سان ويڙهائڻ گهري ٿي. آمريڪا هٿيارن جي نيڪال لاءِ جنگجويانه پاليسيءَ جي حامي آهي. آمريڪا روس جي دشمنيءَ خاطر پاڪستان جي مهاجر پنجابي مستقل مفاد تسلط قائم رکڻ جي حامي آهي. چين، ڀارت جي طاقت کي ايشيا ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ، ڀارت دشمني اختيار ڪئي آهي. انهيءَ ڪري پاڪستان جي معاملي ۾ هو آمريڪا جي پوئلڳيءَ ۾ هلي ٿو. تنهنڪري سنڌين لاءِ ڪنهن به حڪومت جي آمريڪا ۽ چين سان دوستي، سنڌي حقوق لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ڀارت، روس، افغانستان، ايران ۽ عرب ملڪن سان دوستي سنڌي مفاد وٽان آهي.
    (18). پئن اسلامزم:
    هيءُ نظريو فرسودو ۽ بيڪار بنجي چڪو آهي. آئيندي مختلف ملڪن سان تعلقات سيڪيولر بنيادن تي پيدا ڪرڻ گهرجن. انهيءَ نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سان اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج ۽ انهن جي مددگار آمريڪا ۽ چين سامراجين جي سازشن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو.
    (19). سياسي اخلاق:
    سياست ۾ جهڙيءَ طرح اصول مقرر ڪرڻ ضروري آهن، اهڙيءَ طرح انهن اصولن تي عمل ڪرڻ به لازمي آهي. جي ماڻهو شخصي اخلاق برقرار رکي نٿا سگهن، انهن کان اصولي يا سياسي اميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ابن الوقتي ۽ ڦرڻي گهرڻي پاليسي عارضي طور ڪن شخصن کي وقتي فائدو ڏئي سگهي ٿي. ليڪن اهڙي پاليسي قومن ۽ ملڪن جي دير يا مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.

    (20). ذهني قابليت ۽ صلاحيت:
    ڪي به افراد، گروهه يا قومون حڪومت هلائڻ جون اهل ٿي نه سگهنديون، جيڪڏهن انهن ۾ ذهني صلاحيت پيدا نه ٿي آهي. انهيءَ کانسواءِ حاصل ڪيل اقتدار پآڻيءَ جي ڦوٽي جي مثل آهي، جو هوا جي جهوٽي سان ختم ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جا وارث ٿيڻ گهرو ٿا، ته سياسي اخلاقي ۽ ذهني صلاحيت جا حامل ٿيو.

    (21). سياستدانن جا قسم:
    هڪڙا پرئڪٽيڪل پاليٽيشن آهن، جي سياست عمليءَ ۾ اعتماد رکندي، عارضي ڪاميابي يا اقتدار جي حصول لاءِ اصولن کي قربان ڪن ٿا. ٻيا آئڊيلسٽ سياستدان آهن، جي ملڪ ۽ قوم جي مجموعي مفاد لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري، ان مطابق هلن ٿا ۽ بين کي ان تي هلڻ جي ترغيب ڏين ٿا. انهن وٽ عارضي ڪاميابي يا اصولن کي قربان ڪرڻ بعد اقتدار جو قيام بي معنيٰ شيون آهن.
    اهي ۽ ٻيا اهڙا سوال آهن، جن بابت اوهان کي ذهن صاف ڪرڻا پوندا. بجاءِ ان جي جو اوهان ٻاهر نڪري حڪومت جي پاليسيءَ يا ڪن پارٽين جي فائدي يا مخالفت لاءِ ڪم ڪريو. بهتر ايئن آهي ته شاگرد برادريءَ جي ذهنن صاف ڪرڻ واسطي، سندن تعليم ۽ ترغيب لاءِ وقت صرف ڪيو. اوهان کي دعوت ڏجي ٿي ته 12 شاگردن جا گروپ هفتي کن لاءِ موڪل وٺي، ملڪي مسئلن، سياسي نظرين ۽ اخلاقي ڳالهين جي وچ ۾ تميز حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ سن ۾ اچي، ڪچهري ڪري، تربيت حاصل ڪن.

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد 31 مارچ 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ ڪئي)


    سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان جي آزادي

    بخدمت فخر ايشيا، آزاديءَ هند جا علمبردار، قائد حريت جناب والا!
    اوهان ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جا علمبردار رهيا آهيو. اوهان ان وقت پختونستان جي اوچن جبلن ۾ برطانوي سامراج کي للڪاريو هو، جڏهن ان جي حڪومت مٿان سج ڪڏهن به نه لهندو هو. پر اهو اوهان جي شاندار جدوجهد، بي مثال قربانيءَ ۽ لازوال ايثار جو نتيجو آهي جو اڄ ان سامراج تي سج اڀري ئي نه ٿو. سامراج خلاف هيءَ عظيم ۽ اذيت ناڪ جنگ، اوهان سادگيءَ، سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ بي ڊپائيءَ جي مجسم تصوير بنجي وڙهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهان اڄ جي دنيا ۾ سچائيءَ ۽ سادگيءَ جي تصوير آهيو. اوهان ننڍي کنڊ جي سياست ۾ سچائي، سادگي، بيڊپائيءَ ۽ عدم تشدد جي زرين اصولن کي نه صرف متعارف ڪرايو، پر ان تي پاڻ به عمل ڪيو ۽ گڏوگڏ پنهنجي قوم کان به عمل ڪرايو. ان ڪري ئي مون کي يقين آهي ته اڄوڪيءَ سموري دنيا ۾ مهاتما گانڌيءَ جا حقيقي جانشين اوهان ئي آهيو ۽ هيءَ دنيا، جيڪا اڄ بارود جي ڍير جي مٿان بيٺي آهي ۽ جنهن جي ڦاٽڻ جي ڊپ کان ڪروڙين مائرون ۽ معصوم ٻار، امن جي آس ۾ دنيا جي اڳواڻن ڏانهن واجهائي رهيا آهن، انهن کي دائمي امن ۽ لازوال مسرتون، صرف عدم تشدد جي اصول تي عمل ڪرڻ سان ئي ملي سگهن ٿيون، جنهن جي شارح هن دؤر ۾ صرف اوهان جي ذات آهي. اوهان عدم تشدد جي ذريعي ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان ڪري ئي ننڍي کنڊ جي ماڻهن اوهان کي پيار ۽ عقيدت مان ”سرحدي گانڌي“ جو تاريخي خطاب ڏنو آهي.
    عزت ماب!
    آزاديءَ جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن خطي جي قومن کي گوري انگريز کان ته نجات ملي ويئي، پر انهن کي حقيقي حق ۽ آزاديون نه ملي سگهيون، ڇاڪاڻ ته انگريز ويندي ويندي پنهنجي ازلي ۽ ابدي وفادارن کي هن خطي جي ماڻهن جي ”اڇي ڪاري“ جو مالڪ بنائي ويو. اهو ئي سبب آهي جو انگريز جي نڪري وڃڻ کان پوءِ اوهان جي جدوجهد ختم نه ٿي آهي پر اوهان کي مظلوم قومن جي نجات لاءِ نئين سر جدوجهد ڪرڻي پئي ۽ مختلف مرحلن تي مختلف قسم جي غلامين کان هتان جي عوام کي ڇوٽڪارو حاصل ٿيو.
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن کي ”ون يونٽ“ ذريعي پنجابي استحصالي سامراجين جي غلاميءَ ۾ جڪڙيو ويو پر اها اوهان جي ئي جدوجهد هئي جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي ون يونٽ کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيو. ون يونٽ خلاف اوهان جي مدبرانه ۽ دليرانه جدوجهد ۽ ان جي نتيجي ۾ ون يونٽ جي خاتمي، اوهان کي هن خطي جي مظلوم قومن جي امام ۽ حقيقي سردار جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ مظلوم قومن جي ماڻهن کي اوهان جي شاندار ماضيءَ کي ڏسندي اهو يقين آهي ته مستقبل ۾ به اوهان جي عظيم ۽ بي لوث قيادت ۾ قومن جي آزاديءَ جي جيڪا به جدوجهد هلندي. اها يقينن ڪامياب ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اوهين حقيقي معنيٰ ۾ مظلوم قومن جي ڪشتيءَ جا ناخُدا آهيو.
    جناب والا!
    اوهان هن عمر، بيماريءَ ۽ پيريءَ جي عالم ۽ اسان جي نماڻي دعوت تي هتي رونق افروز ٿي اسان کي جيڪو اعزاز بخشيو آهي، ان لاءِ اسان جون پيشانيون، اوهان جي شخصيت جي عظمت جي محرابن ۾ شڪراني جا سجدا ادا ڪن ٿيون ۽ آئون پنهنجي رفيقن، پوئلڳن ۽ سموريءَ سنڌي قوم پاران اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو:
    اي که آمدنت باعث سعادت ما
    (توهان جو اچڻ اسان لاءِ نيڪ بختيءَ جو سبب آهي)
    ۽ دعا ڪريان ٿو ته:
    عمرت دران بادکه تادور مشتري،
    ما ازم توبر خوريم و تواز عمر برخوري.
    (جيسين تائين ستارن جي گردش باقي آهي، تيستائين زندهه هجو! توهان عمر جو ڦل کائيندا رهو ۽ اسان اوهان مان فائدو حاصل ڪندا رهون.)
    آقائي محترم!
    اوهان جهڙي عظيم شخصيت جي شايان شان استقبال ڪرڻ کان اسان قاصر آهيون، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان مظلوم ۽ غلام قوم جا فرد آهيون.
    پاڪستان جي 39 ساله تاريخ ۾ اسان مسلسل جبر ۽ ڦر لٽ جو نشانو بنايا ويا آهيون. اسان جي جداگانه سنڌي قومي وجود کان انڪار ڪيو ويو آهي. سنڌ ملڪ جي جاگرافيائي حدن کي گهٽايو ويو آهي. اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد (ڪالونائيز) ڪيو پيو وڃي. هندستان جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ غير سنڌين جو تعداد ٻه لک هو، جيڪو ان وقت ڪل آباديءَ جو پنج سيڪڙو هو، جڏهن ته اڄ اهو انگ وڌي 98 لک ٿي ويو آهي ۽ جيڪو ڪل آبادي جو 48 سيڪڙو آهي. مجموعي طرح هر سال سنڌ ۾ ست لک ماڻهو ٻاهر کان اچي آباد ٿين ٿا. اسان کي پنهنجي قومي وجود جي شناخت کان محروم ڪرڻ لاءِ اسان جي جداگانه قومي تشخص کي ڪچليو ويو آهي. اسان جي ديس کي، جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ پنجن هزارن سالن کان وٺي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ موجود پئي رهيو آهي، غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي، برابريءَ جي حق کان محروم رکي، هڪ وڏي ۽ جارحيت پسند صوبي ( پنجاب) جي هٿ هيٺ رکيو ويو آهي، اسان جي قديم ۽ پنج هزار سال پراڻي زبان جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ ان جي ترقيءَ جي راهن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون آهن. ان کي قومي زبان جو درجو نه ڏنو ويو آهي، اسان کي انسانيت جي درجي کان ڪيرائڻ لاءِ اسان جي محبت واري دين کي محدود ڪري نفرت جي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. سنڌي قوم کي سنڌ جي آمدنيءَ کان محروم ڪرڻ لاءِ اسان جي ديس جي پيداواري ذريعن، ڪسٽم، ايڪسائيز ڊيوٽي، انڪم ٽيڪس، ڪارپوريشن ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، ملڪي ۽ ٻاهرئين واپار وغيره کي مرڪز جي ڪنٽرول ۾ ڏيئي. سموريءَ قوم کي مفلس ۽ نادار بڻايو ويو آهي. اسان جي انڊسٽريز، کاڻن ۽ سمورن اهم کاتن ۾ ملازمتن تي ڌارين کان قبضو ڪرايو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌو درياهه ۽ ان سان لاڳاپيل درياهن جي پاڻيءَ تي غاصبانه قبضو ڄمائي، سنڌ جي زمينن کي بٺ بڻايو پيو وڃي ۽ اسان جو لاتعداد بنجر زمينون، جن کي آباديءَ لائق بنائڻ جي دڙن ۽ ڪلر جي نذر ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي سڌاري لاءِ مخصوص ڪيل رقم ون يونٽي دور ۾ هضم ڪئي وئي. ان وقت ۽ اڄ به سنڌ جي اجازت کانسواءِ پنجاب ۾ ڪيترائي ڊيم بنايا ويا آهن ۽ بنايا پيا وڃن. سنڌ مان لڀندڙ معدنيات، ڪوئلي، گيس ۽ تيل وغيره تي قبضو ڪري، انهن مان حاصل ٿيندڙ سموري آمدني اسان کان کسي وئي آهي.
    سنڌ وطن ۾ جيترا به ڪارخانا آهن، انهن مان 95 سيڪڙو تي غير سنڌين جو قبضو آهي. ڪارخانن، کاڻين ۽ ٽرانسپورٽ ۾ 95 سيڪڙو ملازمتون غير سنڌين کي ڏنيون ٿيون وڃن. سموريون بئنڪون مرڪز جي تحويل ۾ ڏئي، پئسي تي هڪ مخصوص ٽولي جو ڪنٽرول مضبوط ڪيو ويو آهي. فوج ۾ هڪ سيڪڙو به سنڌي نه کنيا ويا آهن. ٻئي طرف هندستان ۽ افغانستان جي موهوم ۽ مصنوعي خطري جو هل هلائي، سامراجي طاقتن کان بي انداز هٿيار حاصل ڪري پنهنجي ماڻهن کي سکيا ڏياري، اسان جي غلاميءَ لاءِ ڪم آندو ٿو وڃي. خارجي معاملن ۾ اسان کي ڪو به حصو نه ڏنو ويو آهي. مجموعي طرح 80 سيڪڙو آمدني سنڌ مان وصول ڪرڻ جي باوجود سنڌ تي ٻه سيڪڙو به خرچ نه ٿو ڪيو وڃي.
    مسلم قوم جي نعري جي آڙ ۾ سنڌي قوم کي 21 سيڪڙو نمائندگي ڏئي، اقليت بنائي، 46 سيڪڙو نمائندگي رکندڙ وڏي ۽ جارح صوبي جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ان حالت ۾ اسان جي آواز کي غير موثر بنائڻ لاءِ اخبارن، رسالن، ڪتابن ۽ اظهار لاءِ ٻين ذريعن کي جن وسيلي سنڌي شعور وڌي سگهي ٿو، محدود ۽ مسدود ڪيو ويو آهي. هر اها ڳالهه جيڪا سنڌي قوم جي مفاد لاءِ ڪئي وڃي، ان تي اسلام دشمني، ملڪي سلامتيءَ جي خلاف ۽ صوبائي تعصب جا الزام لڳائي دٻايو وڃي ٿو.
    اها ته آهي اسان جي معاشي ۽ ذهني حالت، ٻئي طرف جسماني طور پاڪستان جي پوريءَ تاريخ ۾ پنهنجي ديس کي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري ٻڌل رکيو ويو آهي. آئون 24 سالن کان قيد ۽ نظر بند آهيان. ڪوڙا، گوليون، ڦاسيون ۽ ٻيون اذيتون اسان جو مقدر بنجي ويون آهن. منهنجي قوم جي بهادر پٽن ۽ غيرتمند نياڻين کي پنهنجي عمرين جو هڪ بهترين حصو جيل خانن ۽ اذيت گاهن ۾ گذارڻو پيو آهي. منهنجي تحريڪ(جيئي سنڌ تحريڪ) جي بهادر فرزندن کي فوجي درندن منهنجي اکين آڏو گولين جو بک بنايو ۽ کين ڌاڙيل ۽ چور جي لقبن سان نوازيو. اڄ به سنڌ جا فرزند جيلن ۾ سڙي رهيا آهن. سموري پاڪستان جا سياسي قيدي آزاد ڪيا ويا آهن. پر ان آزادي جو سج مون لاءِ ۽ منهنجي ڌرتيءَ جي فرزندن لاءِ اڃا اڀريو نه آهي. ويجهي ماضي ۾ سنڌي قوم جي گهرن تي جهازن رستي بمباري ڪئي ويئي. ڳوٺن ۽ فصلن کي باهيون لڳايون ويون، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي هفتن تائين پاڻي ۽ خوراڪ کان محروم رکيو ويو. قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندڙ ماڻهن جي مٿان پوليس ۽ فوج جون ٽرڪون چاڙهيون ويون. ان صورتحال ۾ اسان محسوس ڪريون ٿا ته اسان تي اسان جا ڀائر نه پر ڪو غير ملڪي ۽ غير قومي سامراجي حڪومت ڪري رهيو آهي.
    جڏهن ته غير ملڪي سامراج به اسان سان ايئن نه ڪيو، هن وقت وري اسان کي جمهوريت جي نالي تي بيوقوف بڻائي، پنجاب جي بي رحم اڪثريت جي ماتحت رکيو ويو آهي. جيڪا اسان کي ڏينهون ڏينهن ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ اسان جي قومي تشخص کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ تي بضد آهي. ان حالت ۾ 40 ورهين جي تجربي جي روشني ۾ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هتان جو حڪمران ٽولو ”صم، بکم“ انڌي ٻوڙي ۽ گونگي، جي منزل تي پهچي ويو آهي. اهو نه ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ۽ نه سمجهڻ لاءِ تيار آهي. ان ڪري آئون ان نتيجي تي پهچي چڪو آهيان ته رياست جو موجوده ڍانچو تبديل ڪري، قومن کي آزاد ۽ خودمختيار بنائي، اڪثريت جي ظلم کان، نجات ڏياري وڃي ۽ ان مقصد جو حصول موجوده آمرانه ۽ غير جمهوري حڪومت جي دؤر ۾ وڌيڪ ممڪن آهي. بنسبت ان غاصب چونڊيل جمهوري حڪومت ۾، جيڪا منظم منصوبي بنديءَ هيٺ اسان کي ريڊ انڊين بنائي سگهي. آئون سمجهان ٿو ته هن آمرانه ۽ غير جمهوري صورتحال کي دنيا جي قومن جي عدالتن ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. هن وقت اسان کي ۽ ٻين سمورين مظلوم قومن کي اميد ۽ سهارو صرف اوهان جي ذات جو آهي ۽ اوهان بخوبي مختلف طريقن سان پنهنجو ڪيس دنيا جي قومن آڏو پيش ڪري انهن جي مدد سان هن ظالمانه اشڪنجي مان مظلومن کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهو ٿا.
    اوهان ڀارت ۽ افغانستان ۾ اها حيثيت رکون ٿا جو انهن کي مظلوم قومن جي مدد لاءِ متحرڪ ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن فلسطين ۽ ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ لاءِ آواز بلند ڪري سگهن ٿا ته اسان لاءِ ڇو نه ٿا آواز اٿاري سگهن. اسان گذريل پنجن هزارن سالن کان بر صغير هنڌ جو تهذيبي، لساني ۽ وطني حيثيت سان حصو رهيا آهيون. اشوڪا، وڪرماجيت ۽ اڪبر ننڍي کنڊ (هند) کي متحد رکڻ لاءِ جيڪي تاريخي ڪوششون ڪيون هيون، تن کي انگريزن سامراجي مقصدن لاءِ ٻه ٽڪر ڪري تاريخ جي عمل جي خلاف فيصلو ڏنو ۽ موجوده دور ۾ هن رياستي ڍانچي ۾ اسلام جي موهوم پرچار وسيلي شري ڪرشن، مهاتما ٻڌ، ڪبير، شاهه عنايت، معين الدين اجميري، شاهه لطيف، بلا شاهه، رحمان بابا، غلام فريد، شاهه باهو، مست توڪلي ۽ گرو نانڪ جي سموري ايڪتا جي ڪوشش جي نفي ڪئي پيئي وڃي ۽ انسان کي صالح ۽ غير صالح بدران مصنوعي شريعتن ۽ مذهبي قانونن جي نالي ۾ ورهايو پيو وڃي. انسانن کي هن قرآني آيت ”ان الذين آمنوا هادواو النصاريٰ والصائبين من آمن باالله واليوم الاخر و عمل صالحاً، ولا خوف عليهم ولاهم يحزنون“ جي خلاف مذهبن جي نالي ۾ ورهائي اتحاد انسانيءَ کي نقصان پهچايو پيو وڃي.
    جناب والا!
    آخر اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي پاداش ۾ اسان کي مختلف طريقن سان محڪوم ۽ غلام بنائي، پنهنجي وطن ۾ ريڊ انڊين جي درجي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي؟ پاڪستان جي اڪثريتي جارحيت اسان کي ايترو تنگ ۽ مجبور ڪيو آهي جو هاڻي اسان سموريون اميدون ختم ڪري، سر سان ڪفن ٻڌي، اوهان جي قيادت ۾ قومي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪريون.
    اسان عدم تشدد جا قائل آهيون.
    محبت اسان جو مذهب آهي پر ايتري قدر ته لٽيو ڦريو ويو آهي، جو هاڻي اسان جو نعرو آهي ڀيڄ ڀٽائي!
    ۽ اسان جي منزل آهي سنڌ،بلوچستان ۽ پختونستان جي مڪمل آزادي.

    (هي تقرير 17 مارچ 1986ع تي خان عبدالغفار خان جي اڳيان پيش ڪئي هئي)


    موجوده رياستي ڍانچو سنڌ لاءِ زهرِ قاتل

    معزز خواتين حضرات!
    آءٌ اوهان سڀني معزز دوستن، سياستدانن، قومي ڪارڪنن، سنڌي قوم جي فرزندن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي ڌيئرن جو نهايت شڪر گذار آهيان جو اوهان منهنجي 84 هين سالگرهه جي موقعي تي، هتي سن جي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾، مون کي عزت ڏيڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آهيو!
    آءٌ ننڍپڻ کان وٺي پنهنجي وطن سنڌ سان محبت رکندو آيو آهيان ۽ هميشه ان جي خوشحاليءَ، اتحاد، امن، سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ پور پئي پچايا اٿم. 1935ع ڌاري لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جي ميمبر ٿيڻ جي وقت کان وٺي، آءٌ ڌن ۾ مشعول رهيو آهيان. مختلف سياسي جماعتن، خلافت تحريڪ، ڪانگريس، جميعت علماءِ هند، خاڪسار جماعت، مسلم ليگ ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ وغيره سان منهنجي لاڳاپن جو محرڪ جذبو پڻ اهو هو. 1937ع ڌاري سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي هارين جي ٽيننسي حقن جي بحال ڪرائڻ، قرضن معاف ڪرائڻ ۽ آبادگارن لاءِ زمينن محفوظ ڪرائڻ جون ڪوششون به ان ئي جذبي هيٺ ڪيون هئم. ان بعد وزارتن جي ردوبدل ۽ اسيمبلين ۾ جماعت بندين ۾ منهنجي دلچسپيءَ پويان پڻ منهنجو اهو ئي ساڳيو جذبو ڪارفرما هو.
    بدقسمتيءَ سان انهيءَ راهه تي هلندي ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ رنڊڪون پيش آيون، زميندار طبقي جي اقتدار ۽ عهدن جي حاصلات لاءِ خود مطلب ڪردار، هندو سيٺين جي پنهنجي مستقل مفاد (Vested interests) جي حفاظت واري جذبي، ڪاموري طبقي جي هڪدم شاهوڪار بڻجڻ جي خواهش، سردارن، پيرن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ملن جي بزدليءَ جي معذوريءَ ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن جي مخالفت وارين ڳالهين منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ پئي وڌي ۽ ان کان سواءِ تجربي جي گهٽتائيءَ طبيعت جي جذباتي پڻي ۽ شاطر ماڻهن جي سازشين مون کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.
    مون ۽ منهنجي رفيقن انهن سڀني خرابين جو مکيه ڪارڻ، سنڌ جي بمبئي سان گڏ هجڻ کي سمجهي، سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي، پر جدا چونڊن جي طريقه ڪار، گورنر جي مٿئين طبقي جي مستقل مفاد رکندڙ گروهن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽين ۽ ٻين ڳالهين، اسان کي نئين آل انڊيا جماعتن جي جهوليءَ ۾ اڇلايو.
    هوڏانهن وري انگريزن، هندستان جي ڪجهه صوبن ۾ هندن جي گهڻائيءَ کي مد نظر رکي، هندن ۽ مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ڪري سندن اختلافن جو فائدو وٺي، ملڪ تي پنهنجي حڪمرانيءَ جو سلسلو برقرار رکيو. انگريزن ۾ ٻه گروهه هئا، هڪڙا سامراجي ذهنيت جا مالڪ ۽ ٻيا انسان دوستيءَ ۾ يقين رکندڙ جهڙوڪ: فئبين سوسائٽيءَ وارا، هڪڙن جو خيال هو ته تاريخ کين هندستان تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، ان ڪري ان موقعي مان فائدو وٺي، پنهنجي علم ۽ فن ذريعي هندستان کي سڌارڻ ۽ هندستاني عوام جو ذهني معيار مٿانهون ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ کپي، ٻيا ان خيال جا هئا ته انگريز چونڊيل ۽ برتر قوم هئا، ان ڪري هن ملڪ ۾ رهي، حڪومت ڪرڻ سندن حق هو.
    هندستاني سياست ۾ شروع کان وٺي ٻه رجحان يا لاڙا پئي رهيا آهن. هڪ رجحان جا حامي، هندستان کي محبت جي بنياد تي متحد ڪري، امن ۽ سلامتيءَ جي ذريعي ترقيءَ جي راهه تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند هئا ۽ ٻيا طبقاتي، نسلي، مذهبي ۽ خود مطلبيءَ جي بنياد تي مخصوص ايراضين تي قابض ٿي، هندستان کي مختلف ٽڪرن ۾ ورهائڻ جو ڪارڻ بنيا ٿي. پهرئين رجحان جي حامين مان اشوڪا، وڪرماجيت، اڪبر اعظم ۽ انگريزن سياسي ميدان ۾ ۽ ڪرشن مهراج، مهاتما ٻڌ، مهاوير (جين) گرونانڪ، ڀڳت ڪبير، خواجه معين الدين اجميري، شاهه عنايت، شاهه لطيف، بلا شاهه، سچل سرمست، شاهه باهو، رحمان بابا، مست توڪلي ۽ ٻين بزرگن فڪري ۽ ذهني ايڪتا ۽ محبت جي بنياد تي هندستان کي متحد رکي. امن قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ته ٻئي رجحان جا حامي، قبائلي جڳهڙن، اقتصادي ڦر لٽ ۽ سياسي استحصال ۽ نفاق پکيڙي، هندستان کي متحد ڪرڻ جي عيوض ڀاڱن ۾ ورهائڻ پئي ڪوشان رهيا آهن. اهو سلسلو اوائل کان جاري پئي رهيو آهي. محبت ۽ ايڪتا هڪ طرف پنهنجو ڪم ڪندي پئي رهي آهي، ته ٻئي طرف نفرت، نفاق ۽ اختلاف ڪارفرما پئي رهيا آهن.
    اسان 1937ع ڌاري جڏهن سنڌ ۾ اتحاد پارٽي ٺاهي، سياسي ميدان تي ڪم شروع ڪيو هو، ان وقت اسان جي خواهش هئي ته هندو ۽ مسلمان، پنهنجي صوفيانه ۽ وحدانتي روايتن موجب گڏجي پنهنجن مستقل مفادن جي قيد مان آزاد ٿي سنڌ جي اتحاد ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندا. پر بدقسمتيءَ سان ايئن ٿي نه سگهيو ۽ اسان جيڪي صوفي بزرگن جي روايت موجب محبت جا پرچار هئاسون، سي شاطر سياستدانن جي چالاڪين جو شڪار ٿي؛ اسلام جهڙي امن، سلامتيءَ ۽ ماڻهن کي مساوات جي بنياد تي متحد رکندڙ دين جي غلط تشريح ۾ ويساهه نه ڪري قرآن ۽ احڪام الاهيءَ جي هنن واضح هدايتن:
    تو برائي وصل کردن آمدي،
    ني برائي فصل کردن آمدي.
    ۽ مصري شاهه هن ظرح فرمايو آهي ته:
    عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين عبادت!
    جي ابتڙ اسلام کان قطعي اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ ۽ فاشي خيالن جي ترجمان ۽ يهودين جي پيروي ۽ مسلمانن کي چونڊيل ۽ علحده قوم سڏيندڙ اقبال جي غلط فڪري ڄار ۾ وڃي ڦاٿاسون، قرآن جي واضح تعليمات: ”ان الذين آمنواهادوا – والنصاريٰ وصابين من آمن باالله واليوم اخر و عمل صالحا.“ – ”ولاخوف عليهم ولاهم يعزنون“ ۽ هزارين ورهين جي تاريخي حقيقتن جي خلاف، اشوڪا کان انگريز دور تائين ڪيل سياسي محنت ۽ ڪرشن کان وٺي شاهه لطيف جي فڪري رهنمائيءَ خلاف، هندستان کي ورهائي، ٻه ڀاڱا ڪرڻ واري عالمي سامراجي سازش جي شطرنج جا مهرا بڻجي وياسون.
    هن وقت آءٌ مذهبي معلومات، سياسي تجربي ۽ مستقبل تي غور ڪرڻ بعد هن نتيجي تي پهتو آهيان ته 1947ع جي ڪيل سامراجي فيصلي مان فائدو پهچڻ بدران نقصان پهتا آهن، ننڍي کنڊ جي مختلف قومن ۾ شڪ شبها وڌيا آهن ۽ مختلف سامراجي طاقتن جي اثر هيٺ اچي تباهيءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي اچي پهتا آهيون. هن وقت اسان کي اهو ماڻهو اسلام جي نالي ۾ بيوقوف بنائي رهيا آهن. جن جو محبت، انسانيت ۽ اخلاق سان ڪو به واسطو ناهي ۽ جيڪي انسانيت ۽ روحانيت جي بنيادي مقصدن کي ڇڏي، ذاتي غرضن ۽ گروهي مفادن کي اخلاقي ۽ انساني مفادن تي ترجيح ڏيئي، قومن جي آزادي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
    هن وقت اسان وٽ ڪيتريون پارٽيون ۽ سياسي ڌڙا پيدا ٿي چڪا آهن، جيڪي هڪ ٻين جي خلاف پروپيگنڊا ۾ مصروف آهن.
    مادر وطن سنڌ جو هزارن ورهين کان جاگرافيائي حدن جدا زبان ۽ ڪلچر، جدا تاريخي روايتن ۽ سياسي ۽ اقتصادي بنيادن تي جدا قومي حيثيت ۽ وجود رهيو آهي. پر پنجاب جي سامراجي گروهه، هندستان جي مستقل مفاد مسلح طبقي طرفان پيش ڪيل غلط نظرين جي آڌار تي اسان سنڌين جي قومي حيثيت، سر زمين سنڌ جي جدا جاگرافيائي ۽ تاريخي وجود ۽ حدن کان انڪار ڪندي، اسان جي زبان ڪلچر، روايتن، قومي تشخص ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفادن کي نقصان پهچائڻ ۽ ختم ڪرڻ واري عمل ۾ مصروف آهي. اهو گروهه اڪثريت جي طاقت، اسلام جي غلط تشريح، سوشلزم جي غلط تاويلن ۽ اقتدار جي ڏنڊي وسيلي اسان سنڌين کي ڊيڄاري، بزدل بيوقوف بنائي، غلام ڪريو ويٺو آهي. سنڌ جي قومي حقن جي حفاظت لاءِ آواز اٿارڻ تي اسلام دشمنيءَ علاقائي تعصب، پاڪستان دشمني، غير ملڪن جي ايجنسيءَ جي الزامن هيٺ اسان کي محڪوم ۽ مجبور رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
    هن وقت اسان مان ڪيترا ماڻهو اهڙين دوکي بازين ۾ اچي گمراهه ٿيندا رهن ٿا ۽ سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن جي ڌڙا ڌڙ آباد ڪاري جي سيلاب ذريعي سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ واري سازش تي اکيون ٻوٽي خاموش رهن ٿا.
    اي قومن جي وجود جا منڪرئو! آءٌ وڏي واڪ چوان ٿو ته اسان سنڌ جا نمڪ حلال فرزند ان سموري سازش کان باخبر آهيون ۽ سنڌين کي اقليت ۾ بنائڻ واري ڪنهن به منصوبي تي خاموش ٿي ويهڻ وارا ناهيون. اسان تي اسلام ۽ پاڪستان جا هرکائيندڙ نظريا، سوشلزم جون هٿرادو تاويلون، طاقت ۽ ڏنڊي جو استعمال، ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جا الزام جيل ۽ بند جون صعوبتون، اقتدار ۽ اختيار جون لالچون اثر انداز ٿي نـٿيون سگهن. اسان ڪافي تجربا ڪري ڏٺا آهن. ون يونٽ کي ڊهرايوسين، سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪئي سين، پر پاڪستان جي سامراجي حڪمران ٽولي جو صمم بڪمم عمي (انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن) وارو حال آهي. هاڻي اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته پاڪستان جو وجود ۽ موجوده رياستي ڍانچو سنڌ لاءِ زهر قاتل جي برابر آهي. مسلمان هڪ قوم نه ٿيندا آهن، اسلام جي پنجابي تشريح اسان کي قبول ناهي. ڌوڪي بازيءَ جي حد اها آهي ته پاڪستان جو حڪمران طبقو ۽ انهن جا ڀليل پوئلڳ، افغانستان، ڪشمير، فلسطين، نميبيا ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ قومن جي آزاديءَ لاءِ داهون، پڪارون ۽ احتجاج ته ڪري رهيا آهن، پر پاڪستان جي رياستي ڍانچي ۾ قومن جي حقن جي ڳالهه يا سنڌ ۽ ٻين قومن (بلوچن ۽ پٺاڻن) جي پاڪستان کان آزاديءَ جي گفتگو ۽ جدوجهد کي ڪفر کان به بدتر سمجهي ڏنڊي ۽ فوج جي ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا! هاڻي اسان جي لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه رهيو آهي ته نااميديءَ جي حالت ۾ (جنهن کي حڪمران طبقو احساس محروميءَ جو نالو ڏئي ٿو) صاف صاف چئي ڏيون ته اسان کي اهو سون ئي نه کپي، جيڪو ڪنن جو وٽاهه ٿئي. اسان کي اهو پاڪستان ئي نه کپي جنهن ۾ اسان جو سنڌ ملڪ هجي ۽ سنڌي قوم جي سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي آزادي سلب ٿيندي هجي.
    اسان جڏهن 1946ع ۾ جناح ۽ ان جي سياست کان بيزاري اختيار ڪئي هئي، ته ان وقت دهلي ۾ ستن جماعت، خاڪساري جمعيت العماءَ اصرار، مومن ڪانفرنس، شيعه ڪانفرنس، سنڌ عوامي محاذ ۽ نيشنل ڪانفرنس جي گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي، برٽش گورنمينٽ جي آڏو اها تجويز رکي هئي سون ته هندستان ۾ ڪنفيڊرل نظام لاڳو ڪيو وڃي. هر جاگرافيائي يونٽ کي خودمختيار بنائي، ملڪ کي ٽن فيڊريشنن جي حيثيت ڏيئي هڪ متحده انڊين ڪنفيڊريشن قائم ڪئي وڃي. برٽش ڪئبينيٽ جي تجويز به ذري گهٽ ان قسم جي هئي. پر جناح ۽ ان جي حوارين ان رٿ کي رد ڪري، پنهنجي مستقل مفادن جي حفاظت ۽ چراگاهه لاءِ هندستان جي غير فطري ورهاڱي کي قبول ڪري، اسان کي موجوده ڪسمپرس حالت ۾ آڻي پهچايو آهي.
    عزيزو! اسان عالمي طاقتن کي مشوري ڏيڻ جي حيثيت ۾ ته ڪو نه آهيون پر آءٌ تاريخ جي آڏو پنهنجي هيءَ راءِ ظاهر ڪندي نٿو هٻڪان ته:
    ”سرمائيدار ملڪ ۽ سوشلسٽ ملڪ، ٻئي هڪ ئي مغربي تهذيب جا جزا آهن، جن جو بنياد مٽيريلزم (ماديت) تي آهي. سندن مفاد ان ڳالهه ۾ آهي ته اهي پاڻ ۾”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ (Co-existence) جي بنياد تي هڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪن.“
    آءٌ سمجهان ٿو ته هندستان، سنڌ ۽ مڊل ايسٽ (جتان روحانيت جي ابتدا ٿي هئي) کي اڳتي وڌي انهن ٻنهي طاقتن کي ويڙهائڻ کان باز رکي متحد ڪرڻ جو ڪم سر انجام ڏيڻو آهي. سنڌ جي آزاديءَ کانپوءِ هندستان سان ڪن شرطن جي بنياد تي سمجهوتو ڪري اهو ڪم سنڌ جي وسيلي سر انجام ٿيڻ جو امڪان آهي. مغربي ملڪن لاءِ تيل ۽ تونائي جا مرڪز وڏي اهميت ۽ ڪشش جا حامل آهن. جڏهن ته هندستان سنڌ ۽ وچ اوڀر کي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ مغربي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي بنيادي ضرورت آهي. ان ڪري مغرب ۽ مشرق جي انهن ٻنهي اهم ضرورتن جي مٽاسٽا ان وقت ئي ممڪن آهي، جڏهن اهو ڪم هندستان، سنڌ ۽ وچ اوڀر جي ذريعي سر انجام ٿي سگهي.
    هٿيارن جي بي تعاشا ڊوڙ، افغانستان ۾ خانه جنگيءَ واري صورتحال کي قائم رکڻ، ننڍي کنڊ جي ملڪن ۽ اختلاف ۽ شڪ وڌائي ويڙهه واري فضا قائم رکڻ صحيح واٽ ناهي.
    پاڪستان جو موجوده حڪمران طبقو ۽ اهل پنجاب جي اڪثريت منهنجي سمجهه موجب شاهه باهو، بلا شاهه ۽ گرونانڪ جي محبت واري پيغام کي وساري، اقبال جي فستائي تعليم کي پنهنجو ڪري چڪي آهي ان ڪري سندن پاران صحيح رستي اختيار ڪرڻ جو ظاهري امڪان ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي تنهنڪري:
    اي سنڌ جا باشندئو! اوهان کي غور ڪري ان نتيجي تي پهچڻو آهي ته آيا اوهان غلام سنڌ ۾ اسلام جي غلط تشريحن ۽ سوشلزم جي من گهڙت تاويلن ۾ ڦاسي سنڌ کي تباهه ڪرڻ گهرون ٿا، يا صاف چئي ڏيو ته: اسان کي سنڌ کي آزاد ڪرائي، هندستان سان اتحاد ۽ محبت پيدا ڪرڻي آهي، مغربي طاقتن جي اختلافن مان ڪو به فائدو نه وٺندي اسان کي کين گڏائڻ لاءِ في الامڪان پل جو ڪم ڏيڻو آهي.
    اها ئي راهه آهي، اهو ئي رستو آهي، جيڪو آءٌ اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو!
    جيئي سنڌو ديش!

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد 17 جنوري 1987ع جو پنهنجي 84 هين سالگرهه تي ڪئي)


    بلند اخلاق بهتر سياست

    ڀائرو ۽ ڀينرو، جيئي سنڌ.
    مون کي خوشي ٿي آهي جو اوهان اندروني سنڌ ۽ ڪراچي شهر جي مکيه ماڻهن کي گهرايو آهي. هي به هڪ طريقو آهي، ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ حال اورڻ جو. اهڙن پروگرامن تي خرچ به اچي ٿو، پر شهر مرڪز ٿين ٿا ۽ مرڪز ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، سو اخبارن ۾ اچي ٿو ۽ اهڙين ڳالهين جو ماڻهن تي اثر به ٿئي ٿو.
    جيئن ته اسان جو مقصد آهي ته قومي شعور وڌي، جنهن مان اسان سمجهون ٿا ته اسين قوم آهيون. اسان کي به ٻين قومن وانگر رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو حق آهي. جيڪي ماڻهو ڪن به طريقن سان سنڌ کي وفاق جي طرف هلائڻ گهرن ٿا، سي اسان جا سڄڻ نه آهن پر اسان جا دشمن آهن. بدقسمتي اها آهي ته تازو جيڪا اليڪشن ٿي هئي، ان ۾ ايتري محنت، جدوجھد ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي باوجود سنڌي ماڻهن پنهنجي جداگانه قوم جي تصور کي ڦـٽو ڪري، انهن ماڻهن کي ووٽ ڏنا، جن سنڌ کي وڪڻڻ لاءِ ڌارين کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن ڪثرت تعداد ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، ان جو هڪڙو گروهه پنجاب وارو چئي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي ۽ سنڌ وارو گروهه چئي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهي، هاڻي ته بينظير جيڪا پيپلز پارٽي جي ليڊر آهي چئي ٿي ته اهڙي ڪا ڳالهه قبول نه آهي، جيستائين ان جي مرڪز اجازت نه ٿو ڏئي. هاڻي مرڪز معنى پنجاب پر جيڪڏهن اها حالت آهي جو ماڻهو ساڳي شعور واري حد تي بيٺا آهن ته اهو شعور نه چئبو، شعور ان کي چئجي، جيڪو هر اها شيءِ جيڪا سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ڪنهن به ڌارئي مرڪز، آباديءَ جي ڪثرت، فوج يا (گهڻي) تعداد، يا سوچ جي تابع ڪري، اها اسان جي لاءِ غلاميءَ جو باعث بنجندي پر همت کي نه ڇڏيو. قرآن ۾ آهي ته: ”جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو.“
    اوهين سمجهو ٿا ته هيءُ جيڪو مرڪز آهي، جنهن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي ۽ انهيءَ طرف ماڻهو پيا هلن، ڇاڪاڻ ته اقتدار اتي ملندو اها ڪوشش هڪڙي قسم جي اڻ سڌي طرح اسان جي جداگانه قوم، ان جي حق ۽ آزادي جي منافي ۽ مخالف آهي. اوهان کي ذهن صاف ڪرڻا پوندا ته جيڪڏهن مرڪز جي غلاميءَ ۾ رکي، ان ذريعي ٻاهريان ماڻهو بنگال کان، پنجاب کان يا ٻين ملڪن کان آڻڻ جي اجازت هجي، پاڻي بند ڪرڻ جي اجازت هجي، اسان جي لٽ ڦر ڪرڻ جي اجازت هجي ۽ جيڪي سنڌي ماڻهو سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجھد ڪن انهن کي جيل وجهڻ جي اجازت هجي، ڇا اها آزادي آهي؟ مھرباني ڪري ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪريو جنهن سان مرڪز جو محتاج ٿجي ۽ مرڪز جي محتاجي ملي. اسان جداگانه قوم آهيون، سنڌ جدا وطن آهي، اسان کي پنجن هزارن سالن کان مٿي جي تاريخ آهي. اسان کي حق آهي ته جيئن دنيا ۾ ٻيا ملڪ آزاد آهن تيئن اسان به آزاد هجون.
    مون پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي ته دنيا ۾، اقوام متحده جا اهڙا ملڪ به آزاد ميمبر آهن جيڪي سنڌ کان آباديءَ، ايراضيءَ ۽ پيدائش جي لحاظ کان گهٽ آهن. اوهان سوچيو اسان کي اڃا به آزادي وٺڻ جو حق نه آهي!؟
    هڪڙي مها پاڪستاني تقرير ڪندي سرڪار کي چيو آهي ته، ”جي ايم سيد جي بيانن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.“ نوٽيس ڇا جو؟ آزادي اسان جو پيدائشي حق آهي، تون ڪير ٿيندو آهين جو چوين ٿو ته سرڪار نوٽيس وٺي؟ سرڪار معنى طاقت، سرڪار معنى ملٽري، سرڪار معنى دوکي باز نظريا، تن کي سئو دفعا چئو ته اسان آزادي وٺنداسين، توهان کڻي سئو دفعا اسان کي ڊيڄاريو، هيسايو سڀ ڪجهه ڪريو پر آزادي اسان وٺي رهنداسون. پر هڪ ٻه ڳالهيون اوهان کي آئون ٻڌايان ته، اهي سڀ ڳالهيون ڏکيون نه آهن. اوهان جي قوم جو بنياد ٽن چئن ڳالهين تي آهي اوهان هڪ قوم آهيو، اوهان کي حق آهي، جدا رهڻ ۽ جدا جيئڻ جو. اندروني معاملن ۾ خودمختياري ۽ خود ارادي جو. اسان اها ڳالهه عدم تشدد جي ذريعي حاصل ڪنداسين ۽ تشدد جي ذريعي نه. اسان وٽ لشڪر نه آهي ان ڪري اوهان تشدد ڪندؤ ته اوهان سان اهو حشر ٿيندو جيڪو هاڻي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ۽ سرڪاري ايجنسيون ڪري رهيون آهن. ان ڪري تشدد جي ويجهو نه وڃو تشدد اوهان کي تباهه ڪندو، تشدد کان پري رهو!
    ڪجهه وقت اڳ تائين ڪجهه ڪميونسٽ يا ٻيا ملڪ تشدد سان آزاد ٿيا آهن. سو اسان جي نوجوانن ۾ به اها ڳالهه اچي پيدا ٿي آهي ته تشدد کان سواءِ آزادي ملندي ڪانه، اها ڳالهه غلط آهي، مهاتما گانڌيءَ دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هندستان جي 50 يا 70 ڪروڙ ماڻهن تشدد کان سواءِ عدم تشدد جي بنياد تي آزادي وٺي ڏيکاري. هينئر به اوهان آزاد ٿي سگهو ٿا پر تشدد نه هجي.
    ٻي ڳالهه اوهان کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اخلاق کانسواءِ ڪابه قوم ترقي نه ڪري سگهندي. اوهان بداخلاقي ڪندؤ، چوريون ڪندؤ، ڌاڙا هڻندؤ، ته اوهان ترقي ڪري نه سگهندؤ ۽ سياست جو بنياد اخلاق تي آهي. بدقسمتي آهي جو اسان جا نوجوان اخلاق جي طرف گهٽ ڌيان ڏين ٿا. جيڪڏهن اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان آزاد ٿيو. توهان هڪ قوم بڻجو ته اوهان ۾ اخلاق هئڻ گهرجي ۽ توهان کي پئسن جي لاءِ يا اقتدار لاءِ، بداخلاقيءَ جو ڪم ڪرڻ نه گهرجي. اوهان اخلاق جي ذريعي ڪامياب ٿي سگهو ٿا. اسان جي پيغمبر يا ٻين پيغمبرن اخلاق تي زور ڏنو آهي. اخلاق کانسواءِ ڪابه طاقت ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي. عدم تشدد سڀ کان وڏو اخلاق آهي ۽ توهان جيڪڏهن ڀانيو ته ڪامياب ٿيو ته پاڻ مان برايون ڪڍي ڇڏيو. توهان جي ڳوٺن ۾ ڌاڙيل ڌاڙا هڻن ٿا، پنهنجن سنڌين کي کڻي پئسا وٺي وڪرو ڪري ڏين ٿا، ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي.
    تازو هڪ ڳالهه ٿي آهي ته ٻه ٽي ڄڻا جيئي سنڌ جا ورڪر هڪ ماڻهو کي اغوا ڪري ويا. اغوا ٿيلن جا مائٽ منهنجي پٽ امير حيدر شاهه وٽ آيا. اغوا ٿيلن ماڻهن ۾ هڪ بئنڪ جو مئنيجر هو. انهن ماڻهن جي موٽائڻ لاءِ چار ڄڻا مکيه ليڊر موڪلياسين. اغوا ڪندڙ اهي ماڻهو هئا جن جي مائٽن کي اڳ ۾، جڏهن فوج ۽ پوليس ٻڌو هو ۽ انهن تي تشدد ڪيو هو ته انهن لاءِ منهنجي پٽ امداد محمد شاهه، جيڪو ان وقت سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هيو، بک هڙتال ڪئي هئي.
    جڏهن انهن ڇوڪرن وٽ مک ليڊر ويا ته انهن چيو ته ”20 لک روپيا ڏيو.“ جنهن تي کين چيو ويو ته ”سائين جي ايم سيد چيو آهي ته هنن کي ڇڏيو.“ انهن جواب ۾ چيو ته ”سائين جي ايم سيد ڪير ٿيندو آهي؟ اسان ڌاڙا هڻنداسين چوريون ڪنداسين ۽ سنڌ کي به آزاد ڪنداسين!!.“ جڏهن مون وٽ ليڊر موٽي آيا تڏهن مون کين چيو ته ”هي ته هئا جيئي سنڌ جي نالي ۾ ڌاڙيل، جن جواب ڏنو هاڻي مون کي ٻڌايو ته اوهان مان ڪيترا آهن جيڪي اهو ڪم ڪن ها؟“
    اوهان کي تعجب لڳندو ته انهن مان چڱي تعداد (Confess) تسليم ڪيو ته اسان ڌاڙا هڻون ٿا ۽ چوريون به ڪريون ٿا. هاڻ ڪهڙن کي سزائون ڏجن.
    ”ملڪ مڙوئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.“
    (ٽهڪڙو پئجي ويو) مون کين چيو ته آئون اوهان کي سزا ڪونه ٿو ڏيان پر قسم کڻو ته آئيندي اهڙا ڪم نه ڪندؤ ۽ انهن سڀني قسم کنيو. پر کين چيم ته اوهان کي جن ورڪرن جواب ڏنو آهي تن کي تنظيم مان ڪڍي ڇڏيو. هنن انهن کي ڪڍي ڇڏيو پر تازو جڏهن آئون حيدرآباد آيس ته واٽ تي جيئي سنڌ جا ورڪر سامهون آيا ۽ چيائون ته انهن کي نه ڪڍو ۽ انهن جو ڌاڙا هڻڻ پيدائشي حق آهي!!
    هڪڙا ماڻهو پلي ڪارڊ کڻي آيا ته هنن کي ڇڏيو، هي به ڪو اخلاق آهي؟ ڇا آهي؟ ٽيون ڏينهن هڪ ورڪر جيل مان هڪ ٻئي جيئي سنڌ جي ورڪر جو خط کڻي آيو جنهن منهنجي به تعريف ڪئي ۽ چيائين ته ”اهو گناهه نه ڪر منصور لغاري ۽ نور حسين ڀٽي کي ڇو خارج ڪرايو اٿئي. هنن کي ڇڏ ته ڀلي وڃي اهڙا ڪم ڪن.“ هاڻي ليڊر جيل ۾ ويٺو آهي منهنجي تعريف به ڪري ٿو ۽ ڇا ٿو چوي اوهان پاڻ سوچيو!
    هاڻي جيڪڏهن اها حالت رهي ٿي ته پوءِ اوهان ڇا به ڪريو. ڪيتريون نمازون پڙهو پر اوهان جون قبول نه ٿينديون، جيستائين اخلاق نٿا سڌاريو توهين اخلاق کي درست ڪريو چڱي مـٺي کي سڃاڻو ۽ ائين چوريون ۽ ڌاڙا نه هڻو.
    هڪ طرف مان چوان ٿو ته جيڪو قومپرست آهي، ان کي پنهنجو ڪريو ۽ جيڪي وفاق پرست آهي ان کي ٿڏي ڇڏيو. پر ووٽ سڀني ڏنا، وفاق پرستن کي، وفاق معنى ”غلامي“ اهي سڀ ڳالهيون صاف هئڻ گهرجن شاهه صاحب چيو آهي ته:
    خودي ۽ خدا، ڪين ماپندا من ۾،
    ٻن ترارن جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.
    مرڪز جي محبت ۽ سنڌ جي محبت هڪ ئي وقت هلي نه سگهنديون! سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿو ته اخلاق سڌاريو پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو مڙي مٺ ٿيو.
    ٽين ڳالهه، توهان جو ورڪر جيل ۾ پيو آهي. ڪافي قرباني ڏني اٿس، سٺو ماڻهو آهي ۽ ان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي جو چوري ڪندڙن ۽ ڌاڙا هڻندڙن کي ڪڍي ڇڏڻ جي فيصلي لاءِ چوي ٿو ته انهن کي ڪڍو ته ڀلي ڌنڌا ڪن، آئون عرض ٿو ڪريان مهرباني ڪري هي ڳالهه سمجهو ته اوهان تڏهن آزادي حاصل ڪري سگهندؤ جڏهن پنهنجو اخلاق سڌاريندؤ.
    اوهان ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندؤ. جيستائين اوهان ۾ اخلاق موجود نه آهي. جيستائين اوهان کي چڱي مٺي جي خبر نه پوي. سڀني پيغمبرن اخلاق تي زور ڏنو آهي اسان اڳ ۾ چوندا هئاسون ته اسان وٽ گهڻا ماڻهو اچن. ماڻهو ته گهڻا اچي ويا پر انهن ۾ اخلاق، عمل ۽ عقل نه هوندو ته اهي ماڻهو ڪهڙي ڪم جا ٿيندا. مهرباني ڪري پاڻ ۾ اخلاق ڌاريو جيڪي چئو سو ڪريو ۽ پاڻ ۾ توڙي ٻين ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ڪريو. چورين ۽ ڌاڙن کي ويجهو اچڻ نه ڏيو.
    اڳي چوندا هئا ته گهڻين ماڻهئين ڇپر کڄي وڃي، پر گهڻا ماڻهو ڪتن ۽ ڪانگن جھڙا لالچي، مفاد پرست ۽ بداخلاق نه هجڻ گهرجن پر اهڙا هجن جن لاءِ ابراهيم منشي چيو آهي ته:
    جھڙو ماڻهو تھڙو ناڻو،
    هرڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو،
    جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو،
    سو ئي ماڻهو موتي داڻو.
    آئون اوهان جو شڪر گذار آهيان جو مون کي گهرايو اٿوَ ۽ منهنجا خيال ٻڌا اٿو.
    جيئي سنڌ.

    (28-اپريل 1991ع تي سنڌي پورهيت سنگت پاران، تاج محل هوٽل ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين چونڊجي آيل مرڪزي باڊيءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جنهن ۾ سيد صاحب پاران هيءَ صدارتي تقرير ڪئي ويئي.)


    دنيا کي تباهيءَ کان بچائـڻو آهي

    ڀينرو ۽ ڀائرو
    جيئي سنڌو ديش!!
    آئون اڄ پنهنجيءَ زندگيءَ جا 88 سال پورا ڪري 89 سال ۾ پير رکي رهيو آهيان ۽ اوهان سڀ هيڏي وڏي تعداد ۾ سنڌ جي راڄڌاني، ڪراچيءَ ۾ منهنجي سالگرهه جي موقعي تي اچي گڏ ٿيا آهيو. ان لاءِ آئون اوهان جو دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان.
    گذشته زماني تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو دنيا جي قديم تهذيب جي مالڪ سر زمين سنڌ سان واسطو هئڻ سبب مون کي فطري طور پنهنجي مادر وطن سان بي انتها محبت رهي آهي ۽ ان لازوال محبت جي ناتي ئي مون کي سنڌ جي سياست، سنڌ جي ڀلائيءَ، خوشحاليءَ ۽ آزاديءَ وارن معاملن ۾ دلچسپي وٺڻي پئي آهي. ان واٽ تي هلندي انگريز سامراج کان وٺي پنجاب سامراج جي سنڌ تي موجوده تسلط تائين، مون مختلف وقتن تي جيلن ۽ نظربندين ۾ گهاريو آهي ۽ حڪمران ۽ سنڌ مخالف ماڻهن جا الزام ۽ طعنا برداشت پئي ڪيا آهن.
    اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا!
    هن صديءَ جي ابتدا ۾ مون سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان لاڳاپيل ڏٺو، جيڪو لاڳاپو يا الحاق تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اڳ نه رهيو هو. سنڌ (بمبئي پرڳڻي) جي گاديءَ جو هنڌ بمبئي ۾ هجڻ ڪري نهايت پري هو، جنهن تائين پهچڻ لاءِ سمنڊ، ڪڇ جو رڻ ۽ راجستان جو پٽ لتاڙڻا پيا ٿي. انگريزن پنهنجن سامراجي ۽ تجارتي مفادن کي آڏو رکي، بمبئيءَ کي هر طرح ترقي وٺائڻ ۽ مضبوط بنائڻ پئي چاهيو. ان ڪري سنڌ کي مڪمل طرح نظر انداز ڪيو پئي ويو. اها معلومات حاصل ٿيڻ بعد محسوس ڪيو ويو ته سنڌ جو بمبئي سان لاڳاپو غير فطري هو ۽ سنڌ جي ان کان آزادي لازمي هئي. ان ڪري اسان سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي ۽ وڏيءَ جدوجهد بعد 1936ع ۾ وڃي سنڌ، بمبئيءَ جي محڪوميءَ مان آزادي حاصل ڪئي. پر ڏٺو وڃي ته اسان کي انهيءَ آزاديءَ لاءَ تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. سکر بئراج جي قرضن واري سوال تي سنڌي هندن جي مفاد پرست مٿئين ڪلاس جي مخالفت ۽ انگريزن جي مفادن سان ٽڪراءَ سبب اسان کي هندستان جي ڪجهه اهڙين بنياد پرست جماعتن کان مدد حاصل ڪرڻي پئي، جن جي اثر کان اڃا تائين نڪري نه سگهيا آهيون ۽ مستقبل ۾ الائي ڪيترو وقت ان اثر هيٺ ڀوڳڻو پوي.
    هندستان هڪ برصغير هو، جنهن جي مختلف علائقن جي آبهوا هڪ ٻئي کان مختلف هئي ۽ ان ۾ مختلف نسلن، ٻولين ۽ مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا، ان جي ڪن حصن ۾ هندن جي ۽ ڪن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي. ڪٿي پوک، بارش تي ٿيندي هئي ۽ ڪٿي جديد آبپاشي نظام موجود هو. ڪن علائقن جي آبادي گنجان ۽ ڪن جي مختصر هئي. ڪن قومن جو دراوڙ نسل سان واسطو هو ۽ ڪي آريا نسل مان هيون، برصغير هندستان ۾ هندو مذهب کي مڃيندڙ دراوڙ، آريا ۽ ٻين نسلن جا ماڻهو ڪثير تعداد ۾ رهندا هئا، پر ان جي باوجود مسلمان (عربن، مغلن ۽ افغانن وسيلي) ان جي ڪافي حصن تي پنهنجو قبضو ۽ اقتدار قائم ڪري ورتو هو،اڳتي هلي انگريزن مسلمانن کان قبضو ڇڏائي، سڄي هندستان تي پنهنجو تسلط ڄمائي ورتو. قديم دور ۾ هندستان کي متحد رکڻ لاءِ مهاراجا اشوڪ، وڪرماجيت ۽ شهنشاهه اڪبر به ڪوششون ڪيون هيون، پر اهي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيا. پر انگريزن پنهنجي سامراجي قبضي دوران هندستان کي متحد رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اڳتي هلي هندستان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿيون ۽ تحريڪون هليون، جن جي نتيجي ۾ انگريزن کي رضا خوشيءَ يا مجبوريءَ سان هندستان کي آزادي ڏيڻي پئي.
    سنڌ، تاريخ جي هڪ وڏي عرصي تائين آزاد ۽ خودمختيار ملڪ رهي آهي ۽ خود انگريزن سنڌ کي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ محڪوم بنايو هو. پر جيئن آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته سنڌ تي اجتماعي قبضي ڪرڻ کانپوءِ انگريزن سنڌ کي جبري طور بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو، ان ڪري اسان مجبورًا سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري جدوجهد وقت ڪن بنياد پرست جماعتن (مسلم ليگ وغيره) کان ڪن اهڙن شرطن کي قبول ڪندي، مدد حاصل ڪئي هئي، جن اسان جي مستقبل کي اونداهو ڪري ڇڏيو. انهن شرطن ۾ هڪ مسلم ليگ جو ”مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو“ هو، جنهن موجب ملڪن جي جمهوري حق ۽ سندن جداگانه قومن واري حيثيت ختم ٿي وئي ٿي. ٻيو شرط ”جداگانه چونڊن جو سرشتو“ هو، جنهن موجب مذهب کي سياست ۾ گڏڻ، مسلمانن کي مذهب جي بنياد تي جدا قوم مڃڻ ۽ اسلامي شريعت جي نفاذ جهڙيون بدعتون قبول ڪرڻيون پيون ٿي. مٿان وري بدقسمتي اها، جو باوجود سيڪيولر روايتن جي حامي ۽ ترقي يافته هجڻ جي انگريزن پڻ پنهنجي سامراجي مفادن خاطر مذڪوره بدعتن جي مڃيندڙ جماعت (مسلم ليگ) جي سرپرستي ڪئي. نتيجي طور هڪ طرف هندن جي مفاد پرست مٿئين ڪلاس جي مخالفت سبب اسان کي سکر بئراج جي قرضن جي سوال تي گورنر جي مخصوص اختيارن جو شڪار ٿيڻو پيو ته ٻئي طرف تاريخ جي منافي ”مسلم قوميت“ جي نظريي مڃڻ سبب، سنڌ جي جداگانه قومي حيثيت ختم ٿي وئي، جنهنڪري اڳتي هلي اسان کي وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو ۽ پاڪستان جي نالي ۾ ”پنجاب سامراج“ جي غلاميءَ ۾ رهڻو پيو. جنهن غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ مصروف آهيون، پر اڃا آزادي حاصل نه ڪري سگهيا آهيون.
    هن وقت گذريل ٻن مهاڀاري لڙاين جي نتيجن کانپوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون ته دنيا کي ”نئين ورلڊ آرڊر“ (New World Order) جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. هن وقت تائين جمهوريت، سوشلسٽ ملڪن جو بلاڪ، سرمائيدار ملڪن جو بلاڪ ۽ اقوام متحده پنهنجا تصور وڃائي چڪا آهن. ڪميونزم جا داعي ملڪ، قومپرستيءَ جي لهر آڏو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهن. جڏهن ته سرمائيدار ملڪ، اقوام متحده تي مڪمل طور اثر انداز ٿي، دنيا تي پنهنجي هڪ هٽي (Monopoly) قائم ڪرڻ جي شروعات ڪري چڪا آهن. پر بدليل عالمي حالتون، ان ڳالهه جي بالڪل مخالفت ۾ آهن. جتي سوويت يونين جهڙي مضبوط عالمي قوت، حالتن ۽ تضادن جي سٽ نه سهي، پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي، اتي هي سرمائيدار ملڪ ڪهڙيءَ طرح دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجون هٿ ٺوڪيون حڪومتون قائم رکي، باقي بچيل غلام ملڪن کي آزادي حاصل ڪرڻ کان روڪي سگهندا؟
    سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم، اقوام متحده جي ستر سيڪڙو ميمبر ملڪن ۽ قومن کان آباديءَ، ايراضيءَ ۽ پيدائش ۾ وڌيڪ ۽ اڳڀري آهي. اها آخرڪار ڏنڊي ۽ غلط نظرين جي زور تي ڪيترو وقت غلام رهي سگهندي؟ جتي برونائي، بحرين ۽ مالديپ جهڙا ننڍڙا ۽ جيتامڙا ملڪ، آزاد ملڪن جي حيثيت ۾ اقوام متحده جا ميمبر آهن، اتي سنڌ اڃا وڌيڪ عرصو غلاميءَ هيٺ رهي، ناممڪن آهي!
    هينئر نيو ورلڊ آرڊر جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ اقوام متحده جا ڪيترائي ملڪ ان ”نيو ورلڊ آرڊر“ ۾ شامل سمجهيا وڃن ٿا. معلوم هجڻ گهرجي ته اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ، ٻن مهاڀاري لڙاين جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ ڪئي وئي هئي ۽ ان ۾ بنا ڪنهن ڳڻ ڳوت جي، حالتن جي مد نظر ابتدا ۾ دنيا جي چئن وڏين طاقتن ۽ بعد ۾ پنجين طاقت چين کي ”ويٽو پاور“ ڏنو ويو هو، جنهن موجب ڪن ملڪن کان اقوام متحده جو ميمبر بنايو ويو ٿي ۽ ڪن ملڪن کي ان جي ميمبر شپ کان محروم رکيو ويو ٿي. پر اها اقوام متحده هن وقت هڪ غير موثر ۽ ناڪاره ادارو بنجي چڪو آهي. در حقيقت ان ۾ ويٽو پاور چند مخصوص ملڪن کي ڏيڻ بدران ملڪن جي چند ”وڏن گروپن“ جهڙوڪ: سوشلسٽ ملڪن جي گروپ، سرمائيدار ملڪن جي گروپ، روحاني پسمنظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، ڪثير آباديءَ واري ملڪن جي گروپ (Thickly populated countries) ۽ گهٽ آباديءَ وارن ملڪن جي گروپ (Irid countries group) کي ڏيڻ کپي ها. هن وقت اقوام متحده تي پنجن خاص ملڪن يعني آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين ۽ رشيا (سوويت يونين جي ٽٽي وڃڻ واري حالت ۾) جي هڪ هٽي قائم آهي ۽ ڪيترا وڏا ملڪ جهڙوڪ: هندستان، انڊونيشيا ۽ بنگلاديش، جن جي آدمشماري ڪروڙن ۾ آهي، ويٽو جي پاور کان محروم آهن. ان کانسواءِ اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ موجب، جنهن صورت ۾ ان جي اختيارن تي ملڪن جي گروپن بدران ”مخصوص ملڪ“ قابض آهن. ان ڪري نون آزاد ٿيل ۽ پوئتي پيل ملڪن کي دنيا جي هن سائنسي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ واري ترقي يافته دور ۾ ڪيترين ڳالهين ۽ ترجيحن کان محروم رکيو ويو آهي. ان ڪري، موجوده تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن کي مد نظر رکي، هن وقت مناسب اهو ٿيندو ته اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ کي تبديل ڪري، ان کي پنجن ”مستقل مفاد“ ملڪن جي قبضي (ويٽو پاور جي لحاظ کان) مان ڪڍي، مٿي ڄاڻايل ”ملڪن جي پنجن گروهن“ سوشلزم جو پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، سرمائيداري نظام هيٺ هلندڙ ملڪن جي گروپ، روحاني پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، ڪثير آبادي وارن ملڪن جي گروپ (Group of thickly populated countries) ۽ گهٽ آباديءَ وارن ملڪن جي گروپ (Group of thinly populated countries) جي نظرداريءَ ۾ ڏنو وڃي. اقوام متحده جي ان نئين جوڙ جڪ کي عمل ۾ آڻڻ کان اڳ، دنيا جي سمورين محڪوم قومن - ملڪن کي آزادي ڏياري، کين آزاد ڇڏيو وڃي ته اهي پنهنجيءَ خواهش ۽ سوچ پٽاندر مٿي ڄاڻايل ”ملڪن جي گروپن“ مان ڪنهن جا به ميمبر بنجي، بعد ۾ نئين جوڙجڪ واري اقوام متحده جي ميمبرشپ حاصل ڪن.
    ان سان گڏ، انگريزن ۽ سندن حوارين جي مفادن وٽان قائم ڪيل غير فطري ملڪ پاڪستان توڙي هندستان جي جوڙجڪ به نئين ٿيڻ گهرجي، جنهن موجب سنڌ، بلوچستان، پختونخوا ۽ سرائيڪي ديس کي آزاد ملڪن جي حيثيت ڏئي، کين اهو موقعو (Chance) فراهم ڪيو وڃي ته انهن مان هر ملڪ افغانستان، عراق، ايران، ترڪي، شام، فلسطين، مصر، اردن ۽ ٻين عرب ملڪن تي مشتمل ”روحاني پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ“ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو يا هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا، ڀوٽان، نيپال ۽ برما تي مشتمل ملڪن واري گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙيءَ صورت ۾ آزاديءَ بعد سنڌي ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن به گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو حق محفوظ رکن ٿا.
    منهنجي خيال ۾ هن وقت دنيا جنهن جنگ ۽ ائٽمي تباهڪاريءَ جي خطري کان بچڻ گهري ٿي ۽ دائمي امن، اتحاد، ڀائيچاري ۽ بقائيءَ باهميءَ (Co-existance) جي جنهن ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي، ان کي صرف ۽ صرف مٿي ڄاڻايل تجويز موجب ممڪن بنائي سگهجي ٿو.
    اڄوڪيءَ منهنجي سالگرهه جي موقعي تي مون وٽ هر قسم جي استحصال، خطري ۽ غلاميءَ کان آزاد سنڌ ۽ دنيا لاءِ اهو ئي عالمي پيغام آهي، جنهن کي پنهنجي سمجهه ۽ فهم موجب اوهان جي آڏو پيش ڪرڻ جي جسارت ڪئي اٿم.
    جيئي سنڌو ديش! جيئي عالم انسانيت!

    (هي تقرير سائين جي ايم سيد پنهنجي 89هين سالگرهه جي موقعي تي 17 جنوري 1992ع ۾ ڪئي)


    الوداعي تقرير

    عزيز ڀائرو ۽ ڀينرو!
    آءٌ توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو توهان منهنجي 92هين سالگرهه تي اچي شريڪ ٿيا آهيو. مون کي اهو احساس آهي ته اڄ سنڌ مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جي آماجگاهه بڻيل آهي ۽ هرڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت کي وڌيڪ سقيم بنائڻ لاءِ سرگردان آهي.
    عزيزو! جڏهن به ڪا قوم، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن وسيلن کان لاتعلقي ۽ بيپرواهي اختيار ڪندي آهي ته ان قوم جي سر زمين، ثقافت، ٻولي، اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعليٰ سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي ڪجهه اڄڪلهه سنڌ سان ٿي رهيو آهي.
    آءٌ عمر عزيز جو تمام وڏو حصو، سنڌي قوم جي وسيلن ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي ڌارين جي قبضي خلاف وڙهندو ۽ ڦورن ٽولن جي مڪروهه ارادن ۽ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان. اها جدوجهد اڃا به جاري آهي ۽ جاري هندي. پر ان لاءِ لازمي آهي ته سنڌي قوم هن لاتعلقيءَ ۽ بيپرواهيءَ واري روش کي ختم ڪري ۽ پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجي مالڪيءَ جي دعويٰ لاءِ، مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌي جدوجهد ڪري، ڇو ته آزادي ۽ انصاف، ڪڏهن به پنڻ وسيلي ۽ بيپرواهي سان پلئه نه پوندا آهن. جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه ٻڌي ۽ ان تي ايمان آڻي، عمل ڪيو ته آءٌ پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ يقين سان چوان ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم، هن مشڪل وقت مان ضرور پار پئجي ويندي.
    اوهان مان گهڻن پڙهيو هوندو ته رسول ڪريم صلعم، مڪي جي پهاڙ تي چڙهي عربن کي اهو چيو ته “پهاڙ جي هن طرف وڏو لشڪر اوهان کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي جيڪڏهن توهان منهنجيءَ ان ڳالهه کي سچ سمجهو ٿا ته پوءِ منهنجي چوڻ تي هلو، نجات اوهان جو مقدر آهي.“
    آءٌ به اڄ سن جي هن جابلو ۽ اتاهين ڌرتيءَ تان اوهان کي پڪاريان ٿو ته جيڪڏهن توهان ايندڙ خطرن ۽ طوفانن جي ان ادراڪ ۽ احساس کي پنهنجي دل ۾ ايئن محسوس ڪيو، جيئن مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي ته پوءِ توهان ڪامياب ۽ ڪامران هوندؤ. ٻيءَ صورت ۾ غافل، ڪاهل ۽ لالچي قومن فردن جو انجام تاريخ جي صفحن ۾ عبرتناڪ ٿيندو آهي. منهنجي دعا آهي ته شال، سنڌي قوم اهڙي انجام سان دوچار نه ٿئي ۽ سنڌ سدائين آزاد ۽ خوشحال ملڪ رهي!

    ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
    ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن!
    (اياز)

    عزيزو! هيءُ ڊگهو بحث آهي ته قومون ڪيئن ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن ۽ نسل ڪيئن هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيندا ويندا آهن. ان جي باوجود آءٌ هن موقعي تي، سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ايترو چوندس ته هيءَ ڌرتي، مختلف مذهبن، نظرين ۽ تهذيبن جو خوبصورت گلدستو رهي آهي. قدرت توهان کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان ڌڪجڻ کانپوءِ هڪ اهڙي سر زمين جي گود نصيب ڪئي آهي، جيڪا پيار، محبت، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري جو مثالي مرڪز رهي آهي. ان ڪري توهان کي تاريخ جي ان سونهري موقعي جو فائدو وٺي هتي جي اصلوڪن رهاڪن سان کير کنڊ ٿي، هتي جو حصو ٿي وڃڻ گهرجي.
    آءٌ هن موقعي تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي چوڻ چاهيان ٿو ته وڏي ماڻهپي، ليڊري، خسيس مفاد پرستيءَ ۾ گروهه بازيءَ کان بالاتر ٿي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي “ذرو” بنائي ڇڏيو. اسان جي قوم تحريڪ جون روايتون صوفيانه رهيون آهن. اسان وٽ تاج، تخت، لشڪر، سپاهه دولت، دٻدٻي، نمائش ۽ ڏيکاءَ جي حيثيت ذري برابر به نه رهي آهي.
    آئون هن وقت عمر جي اهڙيءَ منزل تي آهيان جو ان کي چراغ سحري چئي سگهجي ٿو. پوءِ به مون نه همت هاري آهي، نه منهنجي ارادي ۾ ڪا ڪمي آئي آهي ۽ نه ئي مون اميد جو دامن هٿ مان ڇڏيو آهي. منهنجي جدوجھد ته جنمن جي جدوجھد آهي. جنمن تائين جاري رهندي ۽ مون کي اسان جي هڪ قومي ڪارڪن جو هيءُ شعر ڏاڍو اتساهه ڏياريندو آهي ته:

    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چنيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
    (جمن دربدر)

    آئون هڪ ڀيرو وري اوهان جو ٿورو مڃان ٿو ۽ سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي دعا ڪريان ٿو.
    غلام مرتضيٰ سيد


    (هي تقرير سائين جي ايم سيد 17-جنوري 1995ع تي پنهنجي 92 هين سالگره جي موقعي تي سن ۾ ڪئي. جيڪا سندس زندگيءَ جي آخري تقرير ثابت ٿي.)


    سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري پاران ڇپيل ڪتاب

    سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري پاران ڇپيل ڪتاب:

    سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري پاران ڇپيل ڪتاب:


    ”اڻپوري ڪويتا“
    موضوع: شاعري
    شاعر: رسول بخش ”منتظر“
    قيمت: -/150 روپيه


    ”مهين جو باغي“ (ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو)
    موضوع: شخصيت
    مرتب: مسيح ڪالاڻي
    قيمت: -/150 روپيه


    اداري پاران ايندڙ ڪتاب:


    سياسي تعليم (سياست) ڊاڪٽر مير عالم مري
    مگر مان نه هوندس (مضمون، ڪهاڻي، ڊرامو، شاعري) سرور منگي/ عيسى ميمڻ
    سياست، سماج ۽ آزادي (سياست) خالد چانڊيو
    فلسفو ۽ زندگي (فلسفو) جوڻيجو عبدالخالق
    مقالا ۽ مضمون (سياست - ادب) عيسى ميمڻ
    خانا بدوش لفظن جا قافلا (شاعري) ادل سولنگي
    هڪ شخص، هڪ تاريخ- حيدر جويو (شخصيت) مرتب: مسيح ڪالاڻي
    ڏات جو سفر (شاعري) عبدالحق ساريو
    درد جون راحتون (شاعري) خير چنا/ عيسى ميمڻ
    اکڙين جي ڀاڪر ۾ (شاعري) شھمير سومرو
    درد جو دارون (شاعري) موريل زهراڻي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567579
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216110
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ