ڪتاب جو نالو: جي مون سانڍيا ساهه ۾
مصنف: علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 09 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 687 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 229 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • جي مون سانڍيا ساهه ۾!
  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • ٻه اکر
  • مهاڳ : ساريم پنهنجا سارٿي
  • ڪنڊا مون پيرين.....!
  • سنڌ جاڳي پئي! : نياز همايوني
  • مينهن وساڙي جهڙو ماڻهو : عبدالقادر جوڻيجو
  • سنڌ جو سيلاني : بدر ابڙو
  • جوڳي رمتا ڀلا : جمن دربدر
  • سيد جو ساٿي : حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو
  • مُحبت ۽ دانش جو ڀَنڊار: نِثار هَڪڙو
  • ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا : سيد شاهنواز شاهه ’عارف الموليٰ‘
  • ريگستان جو راهگير : استاد رائچند راٺوڙ
  • سنڌي ثقافت جو سج : غلام سَروَر جتوئي
  • سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو : شهيد نور الله تنيو, شهيد سرائي قربان کهاوڙ ۽ شهيد روپلو چولياڻي
  • آزاديءَ جي اُفق جو چمڪندڙ ستارو : زخمي چانديو
  • نيڻ ننڊاکا ۽ دل گهايل : ماٺيڻو اوٺو
  • سونهن، سچ ۽ ڌرتيءَ جو شاعر : شبير هاليپوٽو
  • سنڌي صحافت جو سُورمو : فقير محمد لاشاري
  • ٺٽي جو بيباڪ صحافي : يار محمد جلالاڻي
  • سنڌ جو ديو مالائي ڪردار : چاچا قاسم سومرو
  • ماڻهو مڙس مٿير : واحد درس
  • روايتِ شڪن: بنو جوڳي

  • جي مون سانڍيا ساهه ۾!

    جي مون سانڍيا ساهه ۾!

    [مضمون ۽ خاڪا]


    ليکڪ:
    علي نواز آريسر


    سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد
    2014ع


    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ


    ڪتاب جو نالو: جي مُون سانڍيا ساهه ۾
    ليکڪ: علي نواز آريسر
    موضوع: مضمون
    ڇاپو: پهريون 2014ع
    ڪمپوزنگ: پرويز نياز
    ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر حيدرآباد
    قيمت: /160


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (308) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.

    آسي زميني مهاڳ م لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“

    هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدر آباد پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري علي نواز آريسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    اُن محبوب ماڻهوءَ جي نالي
    جنهن مون ۾ لکڻ جي سگهه پيدا ڪئي
    ـــ
    مون آ پنهنجي زندگي، تُنهنجي نانءُ ڪئي،
    او شل پنهنجو چئي، مون کي مخاطب ٿئين.

    (آسي زميني)



    - علي نواز آريسر


    ٻه اکر

    سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اَملهه شخصيتون آهن، جن تي ڪيترو لکيو ويو آهي، ڪيتريون وري اهڙيون شخصيتون آهن، جن کي وساريو ويو آهي يا جن تي لکيو ويو آهي، اُنهن جا ڪيترا ئي پهلو اڻ ڇهيا ڇڏيا ويا آهن.
    نوجوان نواز آريسر هن مختصر ڪتاب ۾17 شخصيتن تي خاڪا لکيا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اُنهن شخصيتن بابت رڪارڊ ٿي ويون آهن.
    انهيءَ محنت ۽ پورهئي جو قدر ڪندي سنڌي ساهت گهر طرفان پڙهندڙن جي خدمت ۾ سندس هيءُ ڪتاب حاضر آهي. اُميد ته تِکا توريندڙ اُن جي ڪتيل ٿُلهي ۽ ٿوري کي قدر واري نگاهه سان ڏسندا.

    ناز سنائي
    حيدرآباد سنڌ
    14 ڊسمبر 2014ع
    3946518-0300


    مهاڳ : ساريم پنهنجا سارٿي

    اهو فطرت جو عجب اصول آهي ته ٻه انتهائيون (قربت توڙي دوري) هڪٻئي کي درست انداز ۾ نه ڄاڻي سگهنديون آهن. ڪنهن وجود کي پرکڻ لاءِ نه فقط سندس قربت ضروري آهي، پر دُوري پڻ لازم آهي. دوستي ۽ دشمني ته ٻه ڏکيا مثال آهن، پر آئينو ان جو آسان ۽ چٽو دليل آهي. آئيني ۾ اوهان پاڻ کي نه ته انتهائي قريب جهلي پنهنجو چهرو ڏسي سگهندا، ۽ نه ئي انتهائي پري رکي! اهڙيءَ طرح زندگي ۽ موت (انتهائي قربت ۽ انتهائي دوري) کي سمجهڻ پڻ اهڙو ئي مشڪل آهي. هتي زندگي ۽ موت جي قربت ۽ دوريءَ سان ڀيٽ لغوي معنيٰ ۾ نه، پر اجمالي طور آهي. اهي فطرت جون ٻه اهڙيون سچائيون آهن، جيڪي اسان جي حيات جو حصو هئڻ باوجود کين سمجهڻ نه رڳو نهايت مشڪل پر نامممڪن آهي! لحاظا يورپ جي ڪنهن ڏاهي/ فلسفيءَ کي چوڻو پئجي ويو ته: ”جنهن جيئن محسوس ڪيو آهي، تنهن تيئن بيان ڪيو آهي؛ حقيقت ڇاهي؟ ان بابت آخري ۽ حتمي راءِ جوڙڻ ۽ ساڳئي وقت ان کي هر ڪنهن کان قبول ڪرائڻ ناممڪن آهي.“ ڳالهه توڙي جو ڪافي وزنائتي آهي، پر شاعراڻي ابهام کان وقتي طور پاسو ڪندي جيڪڏهن جاچينداسين، ته زندگي ۽ موت بابت هيٺئين وضاحت ڀل کڻي قابلِ قبول نه به هجي، پر ڌيان ضرور ڇڪائي ٿي:
    ”مرڻ“ اِهو ناهِه، ساهه وڃي جئن بند ٿي،
    مرڻ اِهو آهِه، جيئري مردو ٿِي وڃي!
    يا
    ”جِيئڻ“ اِهو ناهِه، جئن ڪو ساهه کڻي جِيئي،
    جِيئڻ اِهــو آهِه، مري ۽ جيئرو رهي!
    مٿين ٻن بيتن کي نظر ۾ رکندي، جيڪڏهن زندگيءَ ۽ موت جي پرک ڪنداسين ته پتو پوندو ته اڄ به اسان کي پنهنجين زندگين سان وابسته توڙي ناوابسته اهڙا ڪيترا ئي ڪردار ملندا، جيڪي ڏٺل توڙي اڻ ڏٺل هوندي به پنهنجي ڪردار جي روشنيءَ ۾ ڪي زنده هوندي به مرده هجڻ جو ڏيک ڏيندا، ته ڪي اسان ۾ نه هوندي به هر پل پنهنجي موجودگيءَ محسوس ڪرائيندي نظر ايندا! توهان رڳو سندن نانءُ پُڪاريو، هو هڪدم مجسم اوهان جي اڳيان هوندا؛ اوهان سان ڳالهائيندا، اوهان کي کلائيندا ۽ پڻ روئاڙيندا- ۽ ائين ئي ٻئي طرف ان جي اُبتڙ جيئرن جاڳندن، گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن جي چُرپُر تي موت جو گمان محسوس ٿيندو... پنهنجيءَ زنده ذات جي خول ۾ مئل وجود! پر ڪو:
    ماڻهو مري ٿو وڃي، ڇڏي پنهنجيءَ سارَ:
    انهيءَ پر پچارَ، مُئي پُڄاڻان ٿِي رَهي!
    اسان جي پياري يار علي نواز آريسر- (جنهن کي پنهنجي يار جي نالي بنسبت آءٌ سدائين ”نالي چڱو“ چئي پڪاريندو ۽ ساريندو آهيان-) پڻ خاڪن لکڻ مهل گهڻي ڀاڱي هر اهڙي ئي ڪردار جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو سدا حيات آهي ۽ رهندو. سندس اسلوبِ تحرير تي ڪجهه لِکڻ کان اڳ اچو ته انهن يارن سان مِلون، جن مان گهڻا اڄ جسمانيءَ طور اسان ۾ نه هوندي به، هر پل اسان ساڻ آهن. هِن ڪٿا- گهر ۾ موجود هر وڇڙيل ساٿي، (جن مان گهڻن سان ته خود منهنجيون به گهرائيون ۽ روح رهاڻيون رهيون) اهڙو ڪردار آهي، جنهن لاءِ ڪڏهن به ۽ ڪنهن جا به ڪڏهن ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن؛ هو بَس سُٺا هئا ۽ سُٺا آهن. انهن پنهنجيءَ زندگيءَ جو هر پل، پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان اهڙو Committed لاڳاپيل ۽ پيوسته گهاريو، جو مَٿن سندن ديس ۽ ديشي سدا نازان رهندا. نياز همايونيءَ کان وٺي زخمي چانڊيي تائين هر هڪ کي ياد ڪندي، اڄ ائين پيو ڀاسيم، ڄڻ سچ ته اهي مون کي ميارون ڏيندا هجن ته: ”اهو ڪم جيڪو توکي ڪرڻو هو، سو علي نواز ڪري، توکان گوءِ کڻي ويو....!“ ۽ ؟آئون جواباً ڪنڌ هيٺ ڪري ٿو ڇڏيان.... هونءَ به ان ”نالي چڱي“ زندگيءَ ۾ مون کي سدائين مات/ شڪست ڏيئي، سدا گوءِ کنئين آهي-
    اڄ به وئين نالي چڱا! مون کان گوءِ کڻي:
    هينئين منجهه هڻي، خيما سُور ٽِڪائِيَهءِ!
    هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي. اها ڳالهه سؤ سيڪڙو انسان تي لاڳو ٿئي ٿي ته:
    “We can’t trace the GOD, but never a MAN!
    اسان رام/ رحيم کي ته ڄاڻي سگهون ٿا، پر مَنش/ ماڻهوءَ کي هرگز نه! خالق کان وڌ مخلوق کي سمجهڻ مشڪل آهي. تخليق کي ته صحيح معنيٰ ۾ رڳو سندس خالق ئي ڄاڻي سگهي ٿو. هڪ شعر جون سوين تشريحون ٿين ٿيون، پر شاعر ان کي الڳ ئي نموني اظهاريندو آهي.
    سنڌ ڌرتيءَ خوبصورت لينڊ اسڪيپس جي سرزمين آهي. اڇڙي ٿر کان ويندي چُوڙ يا مندر جو سُندر منظر، يا گڊيءَ جي ڀِٽ، ٿر ته سمورو پنهنجيءَ هنج ۾ هزارين لينڊ اسڪيپس رکي ٿو، پر ٻئي طرف رني ڪوٽ، لاهوت، هنگلاج، ڪولاچيءَ جا ڪنارا، سکر- ساڌ ٻيلو يا ڪوهستان کان ويندي روپا ماڙي، گهوڙا ٻاڙي، مڪليءَ جو ماڳ- هر هنڌ ۽ ماڳ مڪان کي پنهنجي زمين سونهن ۽ تاريخي ڪردارن سندي سڃاڻپ آهي. اهڙيءَ طرح ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ واري ماڳ ميرپور ساڪري کي پڻ پنهنجي ڌار سڃاڻپ آهي، جنهن جي مانائتي مٽيءَ ۾ سانڍيل آهي. شهيد مالڪ خشڪ! سن جي سائينءَ جو لاڏلو ۽ يار محمد جلالاڻيءَ جو يار! ڌرتيءَ جي ويرين سان وڙهندي، ڌرتيءَ- ڌڻين کي غلاميءَ جو احساس ڏياريندڙ، سالارِ ڪاروان ۽ مجاهدن جي رٿ جي سارٿي ۽ سَن ۽ سنڌ جي سائينءَ سان ڪيل وَچن پاڙيندي، پنهنجو سِينو گولين سان سجائي، تاريخ ۾ جاءِ ولاريندڙ اُن وِيرَ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري، کيس سلاميءَ ڏيڻ لاءِ ان ڏينهن سموري سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان هزارين هم- وطن اچي ميرپور ساڪري سهڙيا هئا؛ ۽ مون پڻ پهريون ڀيرو ان سونَ ورنيءَ سرزمين جو واس ورتو هو، جتي مون ساڻ ٻين سوين سڄڻن سان گڏ شامل هو يار محمد جلالاڻي! سنڌ جي سڏ تي مون کيس هر هنڌ حاضر ڏٺو هو- ۽ سندس نيڻن ڏٺا هئا نئين سنڌ جا سپنا! جيڪي آخر هڪ ڏينهن ساڀيان ماڻيندا- ۽ اهڙي آشا هر وطن دوست جي من جي زينت آهي.
    منهنجو ويساهه آهي ته جيستائين سانگهڙ جي شهيدن (روپلو چولياڻي، سرائي قربان کهاوڙ ۽ نورالله تنيو) جهڙا جوڌا جوان، پنهنجي رت جا ڏيئا ٻاري، قومي ساڃاهه جي راهه روشن رکندا ايندا، تيستائين ڪوبه ڌارين جو ساٿاري ۽ مايا جي موهه جو ماريل، ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“، توڙي نام نهاد ”انصاف“، ”مذهبي انقلاب“ يا ”تبديلي“ جهڙن هوائي نعرن جي ڦوڪن سان سَن جي فڪري جوت کي جهيڻو نه ڪري سگهندو. هن ڪَٿا- گهر (خاڪن جي مجموعي) جو هر واسي ڪردار، ان فڪر جو ئي فرزند آهي؛ ۽ سندن هڪڙو ئي گڏيل نعرو آهي: ”آزادي يا موت!“، ”وطن يا ڪفن!“
    اسان کي اها به سُڌ آهي ته ”مايا جو موهه“، سنڌ دشمن قوتن لاءِ وڏو هٿيار آهي، جنهن وقتي طور شهيد ڪمال راهمون جهڙي جوڌي جي رت کي به رنگ لائڻ کان اڳ ٿڌو ڪري ڇڏيو؛ پر وقت کان وڏو منصف ۽ فرمانروا ڪوبه ڪونهي، اهو اسان سڀنيءَ کي ياد رکڻ گهرجي. وقت عجيب ۽ مختلف طريقن سان دنيا وارن کي عجيب ۽ مختلف موقعا فراهم ڪري، سندن جِيوَن جي چِترڪاري ڪندو آهي ۽ اهي چِتر ئي آهن، جن کي دوام آهي، بقا آهي. ماڻهو پنهنجو مدو پورو ڪري، وارو وڄائي هليو وڃي ٿو، پر دنيا جي هيڏي وڏي ڪينواس تي جوڙيل وقت جا چِتر باقي رهجيو وڃن- ۽ هر نئون نسل انهن جي معرفت پنهنجي ماضيءَ جي مختلف ڪردارن جي ڪٿ ڪري، کين ڀيٽا يا ملامتن ذريعي ياد ڪندو رهي ٿو.
    هيءُ خاڪن جو مجموعو به اصل ۾ اهڙن ئي چِترن جو هڪڙو البم آهي، جيڪو محترم مصنف، وقت جي عجائب گهر حوالي ڪيو آهي؛ ته جيئن هر دؤر جو نسل، انهن تاريخي ڪردارن جي چترن کي ڏِسي، پنهنجي راهه جو تعين ڪري.
    زيرِ نظر خاڪن ۾ پياري علي نواز آريسر پڻ ماضيءَ جي ڪينواس تي وقت جي جوڙيل اهڙن ئي چترن/ پينٽنگس جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪي بيشڪ پنهنجي وقت جا اُتم ۽ اهم ڪردار هيا/ آهن. سائين عبدالقادر جوڻيجي (مالڪ کيس وڏي ڄمار بخشي) کان ويندي زخمي چانڊئي جهڙي دلبر دلير مڙس تائين سمورا ڪردار لاريب تاريخ جا اهي هاڪاري ڪردار آهن، جن تي سنڌ ڌرتيءَ کي ۽ سنڌ واسين کي سدا ناز رهندو.
    جيستائين علي نواز آريسر (نالي چڱي) جي اسلوبِ تحرير جو تعلق آهي سچ ته مون هن کان اڳ جيئن ته سندس ڪابه تحرير، ڪوبه ڪالم ڪٿي نه پڙهيو هو، تنهن ڪري منهنجو اچرج ۾ پوڻ لاشڪ فطري هو/ آهي. هر خاڪي کي نهايت ڌيان سان پڙهندي، جِتي اڪثر حيرت جي جهان ۾ گم ٿيندو رهيس، اُتي انهن ڪردارن سان (جن مان گهڻا منهنجي به قريب رهيا ڇو ته ”سن يونيورسٽيءَ“ جي ادنيٰ شاگرد هجڻ جو مون کي پڻ اعزاز حاصل آهي.
    اڪثر خاڪن ۾ زمان حال جي ضمير متڪلم واري صيغهء تحرير، سچ ته سمورن ڪردارن کي پڙهندڙ سان ڄڻ ته روبرو، آمهون سامهون ملاقات ڪرائيندي ڀاسجي ٿي؛ ۽ هونءَ به اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ ۾ زنده آهن. انهن سان مخاطب ٿيڻ جو اهو ئي ته اسلوبِ تحرير آهي- ۽ مون کي خبر ناهي ته لکڻ جو اهو انداز هن شعوري طور اختيار ڪيو آهي، يا غير شعوري.... پر نهايت معقول ۽ پُراثر انداز لڳي ٿو.
    آخر ۾ ”چيچ وڍائي شهيدن ۾ شمار ٿيڻ“ واري اصطلاح تحت پنهنجن انهن مهان سرواڻ ساٿين، کي جن سيد جي رٿ جي سارٿي هئڻ جي حيثيت جو مڪمل طور حق ادا ڪيو، هيٺيون بيت ڀيٽا طور پيش ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو:
    ساريم پنهنجا سار ٿي، ڳاڙها ڳل ٿِيا:
    پر پوءِ ڄڻ ته ڏِيئا، ٻَري پِيئڙا ٻاٽ ۾!


    - آسي زميني
    ويلن ٽائين ڊي، 2012ع
    ”سليٽ“ دانش گاهه، منصوريه آشرم،
    ٽنڊو قيصر


    ڪنڊا مون پيرين.....!

    سنڌي ادب ۾ هر هڪ جو پنهنجو پنهنجو مقام ۽ مرتبو آهي، جن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ وسان ناهي گهٽايو. سنڌ ۾ اهڙو ڪو موضوع ناهي بچيو، جنهن تي لکيو نه ويو هجي. البته ڪن پاسن تي گهٽ ضرور لکيو ويو آهي. منهنجي هيءَ محنت ڪا مهانتا لهڻي ٿي يا نه! ان جي دعويٰ ته آءٌ هرگز نٿو ڪريان ۽ نه ئي وري ڪو آئون اديب ئي آهيان. هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي هر هڪ سنڌيءَ مٿان اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري! ان ذميواريءَ کي محسوس ڪندي ڪجهه شخصيتن جي زندگيءَ تان زنگ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ان ۾ ڪامياب به ويو آهيان يا الائجي نه!! پڙهندڙ ئي فيصلو ڪن. ڪنهن به شيءِ لاءِ هام هڻڻ ته ڏاڍو سولو ڪم آهي، پر عملي طور جڏهن ڪجهه ڪجي ٿو ته خبر پئجي ٿي وڃي. مون جنهن موضوع کي هٿ لاتو آهي، ان تي سائين جي.ايم.سيد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عبدالقادر جوڻيجي، ماهتاب محبوب، دين محمد وفائي، يوسف سنڌي، خادم حسين چانڊئي، عبدالجبار جوڻيجي، ناز سنائي، رسول بخش درس ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ تائين انيڪ ڪردار آهن. جن ان موضوع کي باريڪ بينيءَ سان جاچيو آهي. منهنجو هيءُ ڪتاب به ان ڪوشش جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل اهڙيون ڪيتريون ئي شخصيتون آهن، جن جو تاريخ ۾ ته وڏو ڪردار آهي، پر تاريخ جي گمنام گهٽين ۾ گم ٿي ويل آهن. مون هي ڪتاب آڻي، انهن شخصيتن مٿان ڪو احسان ناهي ڪيو، نه ئي وري آتم ڪٿائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا ڪوشش ئي ڪئي اٿم، پر هي ڪتاب آڻي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ضرور اُڇلايو اٿم، جنهن جون لهرون اگر ڪناري کي ڇُهي وٺن ٿيون ته مون لاءِ يقيناً خوشيءَ جي ڳالهه ضرور هوندي.

    وساري ته آءٌ انهن دوستن کي به نٿو سگهان، جن جي ساٿ ۾ سلهاڙجڻ بعد ئي اوهان جي آڱرين جو ڇُهاءُ هن ڪتاب تي پئجي سگهيو آهي.آئون ناز سنائيءَ جو شڪرگذار آهيان، جنهن هي ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ ڇپائي، سنڌ جي هنن ڪردارن کان پڙهندڙن کي واقف ڪرايو آهي. پنهنجي پياري آسي زمينيءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جو نه صرف مُهاڳ لکيو، پر ڪتاب کي ايڊٽ پڻ ڪيو. نواز خان زئور جو به ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکيو ۽ احسان لغاريءَ جو به آءٌ احسانمند آهيان، جيڪو وقتن بوقتن هن ڪتاب کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ آئون تولارام سوٽهڙ جو به شڪر گذار آهيان جنهن هن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي ڏنو. ان کان علاوه آئون پنهنجن پيارن دوستن ساجد چانڊيي، واحد ڪانڌڙي، راجا ڏاهر هڪڙي، احمد نواز، شوڪت چاچڙ، غلام رسول، علي رضا، هرلال، پرويز نياز، دين محمد لاشاري، وفا مولا بخش ۽ راڻي ساند جون به محبتون وساري نه ٿو سگهان، جي پڻ هن ڪتاب آڻڻ ۾ مون سان گڏ سايي وانگر رهيا. محبتون قائم ته جدائي هرگز ناهي!
    ساٿ سلامت، سنڌ سلامت!

    اوهان جي محبتن جو طالب

    علي نواز آريسر

    Cell: 0346-2242883


    سنڌ جاڳي پئي! : نياز همايوني

    آئون نه ڄاڻان ٻولي ٻي، آئون نه ڄاڻان وِرد ورود،
    ذڪر ڪريان ٿو سنڌڙيءَ جو، پڙهان ٿو ان تي لک درود،
    سنڌ موجود حق موجود!
    سنڌ موجود حق موجود!
    هي سٽون ان شاعر جون آهن، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي انقلاب جي آواز کي جهرجهنگ تائين پهچايو. سن جي سيد جي فڪر کي اُجاگر ڪرڻ ۾ هن شاعر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. پر افسوس جو اڄ هن شاعر کي نه صرف سيد فيملي وساري ڇڏيو آهي. پر سيد جي ڏنگن ٻارن به هن شاعر جو ڏهاڙو ملهائڻ گوارا ڪونه ڪيو، نياز همايوني شڪارپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي، همايون ۾ هڪ غريب پورهيت قائم الدين همايونيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. (شڪارپور اسان لئه تمام وڏي معنيٰ رکي ٿو. سنڌ جي ڀٽائيءَ کانپوءِ تمام وڏي شاعر ساميءَ جي مڙهي شڪارپور ۾ آهي، ته شاهه لطيف جي تسلسل شيخ اياز جي جنم ڀومي به شڪارپور آهي؛ ”آڌي رات آزادي“ جھڙو شاهڪار ڪتاب ترجمو ڪندڙ نثار هَڪڙو به شڪارپور جو آهي، ته سنڌ جي آزاديءَ جو منگل پانڊي شهيد قيوم منگي- جيڪو ڪراچيءَ ۾ پنجاب سامراج جي گولين جو کاڄ بڻيو اِهو به شڪارپور جو آهي. ته هارون چني جهڙو مصور به شڪارپور جو آهي، جنهن جي سنگتراس هٿن ۾ جڏهن به قلم آيو آهي ته هُن اهڙا ته چِتر چٽيا آهن، جو ڏسندڙ دنگ رهجيو وڃي)
    نياز همايوني غربت ۽ مفلسيءَ واري زندگيءَ کي ته قبول ڪيو، پر ڪنهن جي اڳيان آڻ نه مڃي. مدد علي سنڌي ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي، ته نياز جڏهن ٻي شادي ڪئي، ته ان مان هڪ ننڍڙي به هئس. هڪ ڀيري گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، ۽ ان ننڍڙيءَ پنهنجي امڙ کي روئندي چيو، ته هن کان ته پاڻ پهرئين گهر ۾ خوش هئاسين؛ ته نياز جي اکين مان لڙڪ نيسارا ڪري وهڻ لڳا، ۽ پاڻ گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ گاڏيءَ کاتي ۾ حمالپو ڪري، ٻارڙن جي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان وٺي آيو. اهڙن مرحلن مان گذري ماڻهو پنهنجو ايمان سلامت رکي، ۽ طِبي ڪاليج جي ڊائريڪٽر جي عهدي کي ٺڪرائي ڇڏي ته ان کان وڌ ٻي ڪهڙي خودداري ٿي سگهي ٿي! اندر ۾ سنڌ جي ڀڙڪندڙ درد، هن کي شڪارپور ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؛ ۽ شڪارپور ڇڏي اچي حيدرآباد وسايائين ۽ سنڌ جي لاءِ هلندڙ قومي تحريڪ جي جدوجھد ۾ ڪاهي پيو. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي نوجوانن جي سينن ۾، جلندڙ باهه کي اڃا وڌيڪ ڀڙڪايو. نياز ان دؤر ۾ هي سِٽون لکيون، جنهن دؤر ۾ سنڌ جو نانءُ وٺڻ، ڪاريهر تي پير ڏيڻ جي برابر هيو:
    جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
    قوم ۾ آڻيو سجاڳي، پاڻ ڀي غفلت ڇڏيو، بيدار ٿيو!
    جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
    نياز همايوني، عبدالواحد آريسر سان روم پارٽنر ٿي رهيو ۽ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي به ويجهو رهيو.
    مون کي الائي ڇو اياز ۽ نياز ٻنهي جي شاعريءَ ۾ هڪجھڙائي محسوس ٿيندي آهي. هڪڙي شهر جا هئڻ ڪري، يا ٻنهي جي نالن جي هم آواز ڪري، يا وري انهيءَ ڪري جو، ٻنهي جي سيني ۾ سنڌ جي لاءِ هڪڙو درد هو، يا ٻئي سن جي سيد جي فوج جا سپهه سالار هئا. ان ڪري، نياز هڪڙي دؤر ۾ سنڌ کان خوبصورت انداز ۾ آسيس ٿو گهري:
    سنڌ، اي سنڌ! منهنجي ايامن جي سنڌ!
    مونکي آسيس ڏي! منهنجي خوابن جي سنڌ!
    تنهنجي گيتن کي سنگيت ڏيندو رهان،
    تنهنجو چارڻ ٿي، هيءُ سين هڻندو رهان:
    سنڌ جاڳي پئي! سنڌ جاڳي پئي!
    نياز هر موضوع تي لکيو، ۽ سنڌ جي هر ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت انداز سان چٽيو آهي. هن ٻاگهيءَ تي لکيو، مارئيءَ تي لکيو، هن هوشوءَ تي لکيو، هيمون تي لکيو، هن ڪارونجهر جبل ۽ روپلي ڪولهيءَ تي لکيو، هن مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت تي لکيو، سنڌ جي سرتاج شاهه لطيف تي لکيو ته سن جي سائين جي.ايم سيد تي لکيو، هن پٺن اگهاڙن هارين تي لکيو، پيٽ بکايل ٻارن تي لکيو، پر هن جيڪو به لکيو، جنهن تي به لکيو، سنڌ تي ئي لکيو. هن جي سنڌ سان اهڙي ته ڪمٽمينٽ (commitment) هئي، جو هن کي ڪير به خريد ڪري نه سگهيو. هو نه وِڪيو، نه جهُڪيو. هميشه اڏول ۽ اِرادي تي مضبوطيءَ سان قائم رهيو. هو جيترو جذباتي هو، اوترو ئي حساس به هيو، جو هن ڌرتيءَ جي عشق ۾ سرتيءَ کي به وساريو ڪونه. هن شعر ۾ کيس ياد ڪري ٿو:
    جڏهن به تنهنجي ياد اچي ٿي، ڏاڍي اوکي نبري ٿي،
    ماڪ جيان ٿا ڳوڙها ڳاڙيون، ميڻ جيان دل پگهري ٿي.
    ـــ
    تنهنجي سٻاجهي صورت سان جي هيڪر اکڙيون چار ٿين،
    برهه اسان جو بوند ٿي برسي، برپٽ تي گلزار ٿين.
    نياز همايوني سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم، اديب، شاعر، محقق ۽ مترجم ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي سنڌي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ، مختلف مدرسن مان فارسي ۽ طِب جي تعليم مڪمل ڪري، حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيو؛ ۽ پنهنجو دواخانو قائم ڪيائين. ڪجهه وقت حيدرآباد جي طِبي درسگاهن ۾ استاد طور پڻ پڙهايائين.
    نياز همايوني شاعريءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب، اردو ۽ فارسيءَ مان ترجما ڪيا؛ جيڪي تمام ناياب آهن. نياز همايوني سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ تي اها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هو نياز جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپرائي، جيئن اسان جي نئين ٽهي، جيڪا نياز همايونيءَ جي نالي کان اڻ واقف آهي، ان کي خبر پوي.
    نياز همايونيءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
    1- فرهنگ جعفري (3 جلد) قديم طِب جو ڪتاب، سڌاري تيار ڪيل، (1960ع)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
    2- ديوانِ مفتون (مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو ڪلام)، ترتيب، (1973ع)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    3- هفت زباني لغت (1974ع)، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
    4- ساڻيهه جي ساک (دودي چنيسر جو داستان: شاعري)، (1975ع)، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي.
    5- سنڌ جي طِبي تاريخ (2 جلد- 1976ع)، سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
    6- ڌرتيءَ جا گيت (قومي شاعري)، 1978ع، پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو انعام يافته (ضبط ٿيل).
    7- ملوڪ الڪلام (خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي ڪلام جو سوانح سميت، منظوم فارسي ترجمو) 1977ع، همايون پبليڪيشن، حيدرآباد.
    8- سندهي نامه (اردو)، 1978ع مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
    9- تاريخ مظهر شاهجھاني (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، 1979ع: ٻيو ڇاپو 1994ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    10- انتخابِ سندهي شاعري: 1987ع، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد.
    11- آهوانِ صحرا (قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ترجمو)، 1988ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
    12- تاريخ طاهري (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، تصّوف جو ڪتاب ۽ شيخ مغل ڀينءَ جي سوانح، 1989ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو.
    13- مفصود العارفين (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو: 1988ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
    14- آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (صوفي درياهه خان جو ڪلام)، 1993ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    15- راهِه عشق (علامه خمينيءَ جي فارسي رومانوي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو)، 2003ع، خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد.
    16- تازن معرڪن جي تاريخ (”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ جو فارسيءَ مان سنڌي ترجمو) 2005ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    17- فرهنگِ همايوني (طِبي لغت) 2004ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
    18- ڪُلياتِ پير محمد اشرف ڪاماري وارو: 1997ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    19- رساله اويسيه (شاهه لطيف ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وچ ۾ خط و ڪتابت: فارسيءَ مان ترجمو) 2005ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز/ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ.
    20- دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت (ساڻيهه جي ساک ۽ ڌرتيءَ جا گيت، گڏيل ٻيو ڇاپو)، 2009ع، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.
    21- مخدوم نوح جو قرآن پاڪ (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)

    اڻ ڇپيل ڪتاب
    1- اذان العارفين (شاهه عبدالڪريم جي بيتن جو مڪمل ۽ منظوم اردو ترجمو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
    2- سنڌي رانديون (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
    3- سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون) سنڌ جي طبيبن جو احوال
    4- اڪ پچيءَ ٿيا انار (سنڌي ڪلاسيڪي شاعري: چونڊ ڪلام)
    5- جتي منهنجا ماروئڙا (يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا ورق)
    6- اردو ۽ فارسيءَ ڪلام جي سنڌي ترجمي جو مسودو، (ترتيب هيٺ)
    7- دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل (مزاحيه شاعري)، ڇپائيءَ جي مرحلي ۾.
    8- ڏکيا سکيا ڏينهن (آتم ڪٿا- اڻ پوري) ۽ ڪالم.
    9- شاهه جو گنج، منظوم اردو ترجمو.
    10- گلبانگِ لطيف (شاهه لطيف جي مختلف سُرن جو منظوم فارسي ترجمو)
    11- اوٺاڻيون اويس جون (انگريز دؤر جي گمنام عوامي شاعرن جو ڪلام)
    12- اڌ صديءَ جو اکين ڏٺو احوال (اخبار ڪٽنگس)
    13- سمندر ڪي سانس (ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو سنڌيءَ مان اردو منظوم ترجمو)
    14- ڪالم، مضمون، مهاڳ (ڪتاب جيترو مواد)
    نياز همايوني هڪ فرد نه، پر اداري جي حيثيت رکندڙ شخص هو، سنڌ جي هن عالم جو پورهيو، ڪاٿي لڳائڻ کان تمام گهڻو آهي. آريسر صاحب خاڪي جويي لاءِ چيو هو ته، خاڪي جويي سنڌ جي نقشي جيترو ڪم ڪيو آهي، ساڳيا لفظ آئون نياز همايونيءَ لاءِ به لکان ٿو ته هُن سنڌ جي نقشي کان به گھڻو ڪم ڪيو آهي. سندس محنتن جو اُجورو اسان ڏيون ته به نٿا ڏئي سگهون. نياز همايونيءَ جو هيءُ پورهيو، شل سنڌي ماڻهن جي جذبن کي جاڳائي. منهنجي خيال ۾ عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويي تي اِها ذميواري ٿي عائد ٿئي ته هو نياز جي پورهيي کي منظر تي آڻي نوجوان نسل کي نياز جي علم ادب لاءِ ڪيل خدمتن کان واقف ڪن. سنڌ جي هن محبِ وطن عالم، نياز همايوني 2 جنوري 2003ع تي راهِه رباني ورتي. پويان ٻن پٽن، ٻن نياڻين سميت، سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي ويو. سندس اولاد ۾ ننڍو پٽ پرويز نياز، هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي؛ سندس نثر تمام سٺو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سندس لکڻيون اخبارن جي زينت پڻ بڻجن ٿيون. وڏو پٽ اويس نياز به ڪنهن پرائيويٽ اداري ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.

    ¤¤¤¤¤


    مينهن وساڙي جهڙو ماڻهو : عبدالقادر جوڻيجو

    سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ترجمي نگار عبدالقادر جوڻيجي، ٿر جي واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺيءَ ضلعي ٿرپارڪر ۾ مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾، پهرين نومبر 1945ع تي اک کولي. ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائيندي، واريءَ جا گهر ٺاهيندي، چڙن جي چُونگار کي هينئين سان هنڊائي وڏو ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن، ۽ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس والد پوليس آفيسر هو. 1962ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پڙهائڻ لڳو. ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهائڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ واريءَ جي ڀٽن، ڏهرن ۾ چرندڙ ڍڳين ۽ ٻڪرين، رڍن سان ڪچهريون ڪندي اسڪول پهچندو هو، ته سندس ذهن ۾ افسانو جڙي پوندو هو. ائين هن افسانا، ڪهاڻيون لکندي سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتابت شروع ڪئي، ۽ پنهنجا افسانا جويي صاحب کي موڪليندو رهيو؛ ۽ جويو صاحب سندس رهنمائي ڪندي، اُهي افسانا مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپائيندو ۽ کيس خط لکي همت افزائي ڪندو رهيو. ايئن هن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندي بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجيءَ جون ڊگريون 1977ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون.
    1976ع تائين پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين ۽ ان دوران نواب حيدر علي لغاري ۽ شوڪت شوري سان خط و ڪتابت به هلندي رهي. جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ته عبدالقادر جي ذهني صلاحيت ۽ ادبي افسانن کي ڏسندي، کيس سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو. ڄامشوري جي افسانوي سرزمين هن جي اندر ۾ ستل ڪهاڻيڪار کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڏات جي ديوي مٿس مهربان ٿي، ۽ جوڻيجو صاحب لکڻ کي عبادت سمجهي پابنديءَ سان فرض ادا ڪندو رهيو. جوڻيجي صاحب جو سنڌ يونيورسٽيءَ وارو دور هڪ شاندار دور چئي سگھجي ٿو، ڇو ته هتي هن جو گھڻو وقت سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ڀلوڙ نثرنويس غلام رباني آگري سان گذريو ۽ سنڌي ادب جي هن ٽمورتي سنڌ کان علاوه پوري دنيا جي ادب تي طويل بحث ڪيا، راتين جون رولاڪيون به سندن حصي ۾ آيون ته خوبصورت نيڻن جا اسير به بڻيا عبدالقادر جوڻيجو سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو، جتي 2005ع تائين فرض نڀايائين؛ ۽ 2005ع ۾ ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجو وقت خوبصورت نموني ۽ خوش اسلوبيءَ سان گذاريائين. منهنجي ساڻس ملاقات سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي.
    ٿيو هيئن جو هڪڙي ڀيري آريسر صاحب ماٺيڻي اوٺي جي ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٿارٽي ويو هو، جتي ڪچهريءَ دوران منهنجي نوڪريءَ جو چيو هئائين؛ جنهن تي جوڻيجي صاحب چيو ته کيس صبح جو موڪلي ڏي. پوءِ ٻن مهينن کانپوءِ آئون حيدرآباد آيس، ۽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ شهيد روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ملڻ ويس؛ پهرين ته ڪيترائي انومان ذهن ۾ ايندا رهيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو الاءِ ملندو يا نه؟ ڪهڙي موٽ ڏيندو، ايئن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندي ترندي جوڻيجي صاحب جي آفيس تائين پهتاسين، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اطلاع جي اندر داخل ٿياسين، ته پاڻ اُٿي بيهي مليو ۽ اسان کي ويهڻ جو چيائين؛ ۽ يڪدم گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي چانهه جو چيائين. پاڻ حال احوال ورتائين، جڏهن ٻڌايو مانس ته سائين آريسر صاحب موڪليو آهي، نوڪريءَ جي لاءِ آيو آهيان ته پاڻ چيائين، پُٽ اِداري جي بجيٽ تمام ٿوري آهي، 3000 روپيا پگهار تي ڪانٽريڪٽ تي آئون توکي ملازمت تي رکي سگهان ٿو. مون چيو سائين مون کي منظور آهي، ته چيائين ڏهن ڏينهن کانپوءِ فون ڪجانءِ، ايئن پنهنجو موبائيل نمبر پني تي لکي ڏنائين ۽ مون کان به نمبر لکائي ورتائين. مون وٽ ان وقت موبائل ڪو نه هو، سو گهر جو نمبر لکي ڏنم. ايئن ان ڏينهن اسان 2 ڪلاڪ مسلسل ڪچهري ڪئي. مون کي هيءُ ماڻهو انتهائي پيارو، نفيس ۽ محبتن جو سمنڊ لڳو. سندس محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌندا رهياسين، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موڪلايوسين.
    اهڙيءَ ريت مون کي هفتو کن حيدرآباد ۾ لڳي ويو، ڇو ته قسمت سان اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري يارن دوستن مان نڪرڻ به ڏکيو هو؛ هفتي کانپوءِ گهر پهتس ته گهروارن ٻڌايو؛ عبدالقادر 5 ڀيرا فون ڪري چڪو آهي! مون فوري طور فون ڪئي مانس، ته پيار مان چيائين بابا ڪٿي آهين؟ ڪيتريون فونون ڪيون اٿمائين! چيو مانس سائين حيدرآباد ۾ ئي هئس، اڄ ئي واپس پهتو آهيان، ته چيائين صبح جو ئي اچ ۽ نوڪري جوائن ڪر! ايئن ٻئي ڏينهن اٿارٽي پهچي نوڪري جوائن ڪيم. ڪم کي لڳي ويس. ڪافي ٽائيم گذري ويو، ساڻس ملڻ لاءِ به نه ويس. هڪ ڀيري آريسر صاحب ملڻ آيو ته شڪايت ڏنائين، ته مون وارو ڀائٽيو ملڻ به ناهي ايندو! آريسر صاحب مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته جوڻيجو صاحب شڪايت پيو ڪري چيومانس سائين! جوڻيجو صاحب چوندو ته آئون روزانو گهر وڃي ڪچهري ڪري ايندس، باقي هتي آفيس ۾ ملندس ته چاپلوسيءَ جو ٺپو لڳندو؛ واقعي ڪنهن آفيسر سان ويجهو رهڻ به وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. هڪ سال تائين ڪچي ملازمت ۾ ڪم ڪيم. هڪ سال کانپوءِ پاڻ مون کي جونيئر ڪلارڪ طور ريگيولر ڪيائين، ۽ ان ڏينهن چيائين ته واعدو ڪر، ته هن آفيس ۾ پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندين ۽ سٺي عهدي تي پهچندين.
    2008ع ۾ پاڻ اٿارٽيءَ مان هليو ويو، سچي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ ماڻهو مون کي ڪامورو بلڪل نه لڳو؛ انتهائي پيار ڪندڙ انسان لڳو. 2009ع ۾ مون جڏهن آريسر صاحب جو ڪتاب ”زندگي آزادي ۽ محبت“ پئي ڇپايو ته جوڻيجي صاحب کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ ويس، دروازي تي پهچي اطلاع ڏنم ته پاڻ نڪري آيو ۽ وٺي وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريائين ۽ دڙڪو ڏيندي چيائين، تون ڌاريو آهين جو دروازي تي بيهي رهين؟ سچ ته آئون پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان جو هُن مونکي ايترو پنهنجو سمجھيو، ڇو ته اسان جي هن سماج مان ڏينهون ڏينهن پنهنجائپ جو تصور ئي ختم ٿيندو وڃي. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪئي سين، چانهه وغيره جو دؤر به هليو. مون جڏهن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته پاڻ مون کي چيائين ته بابا آريسر صاحب کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪتاب جي مهاڳ لکرائڻ جي! توهان دنيا جي وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڙهو، اهي پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکندا آهن؛ پر پوءِ به مون کي خوشي آهي ته آريسر صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي؛ آئون ضرور لکندس. پوءِ هفتي اندر شاندار مهاڳ لکي ڏنائين. ان ڪتاب جو انتساب به آريسر صاحب عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب آريسر صاحب کي تمام گهڻو ڀائيندو آهي. جوڻيجي صاحب سان محبتن جو رشتو اڄ به قائم آهي، جوڻيجي صاحب جون علمي، ادبي خدمتون به تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ لکڻ جھڙيون آهن. سندس ڪهاڻين، افسانن، خاڪن ۽ ترجمي جا 12 کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جنهن جو وچور هن ريت آهي: واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: 1973ع) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: 1979ع) ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون: 1984ع) وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو: 1986ع) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: 1987ع) ڪرسي (ادب، تعليم، ميڊيا ۽ ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: 1998ع) ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو: 1999ع) خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خط: 1999ع) دَرَ در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: 2001ع) وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو: 2002ع) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: 2007ع) ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (2010ع).
    عبدالقادر جوڻيجي جا هي سمورا ڪتاب انتهائي اهم ۽ ناليج تي مبني آهن. جوڻيجي صاحب لکڻ جي شروعات افساني کان ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي صورت ۾ ادب تي ڇائنجڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سُور آهي، جيڪا 1963ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. پاڻ نه صرف سنڌ، پاڪستان ۾ پر ڀارت، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊرامي نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي. پاڻ ريڊيي لاءِ به ڪيترائي ناٽڪ لکي چُڪو آهي. سندس پهريون ناٽڪ 1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيو. هن وقت تائين سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿي چُڪا آهن. 1976ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. هن وقت تائين سندس 16 کان وڌيڪ سنڌي ۽ 16 اُردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿي چُڪا آهن. اردوءَ ۾ سندس 13 ڊراما پي ٽي وي ۽ ٻين چئنلن تي رليز ٿي چُڪا آهن، جن ۾ ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دُک سُک، پرانده ۽ ڌول عالمي شهرت ۽ مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس ٽي وي سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر هيلن باسو (DR. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چُڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چُڪو آهي. سندس سنڌي ڊرامي ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو انهي سيريل جي واکاڻ ڪندي ڍاپن ئي ڪو نه ٿا؛ ۽ ساڳي سيريل اردوءَ ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ اردو ڊرامي نگاريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيائين. ان بعد (B.B.C) چئنل- 4 تان انگريزيءَ ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي پهرين سيريل هئي، جيڪا (B.B.C) تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. ان کان علاوه سندس ڊرامي ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ به مڃتا ماڻي. اهڙيءَ طرح ٽي وي ڊرامو ”پرانده“ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (U.A.E) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿي چُڪو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو نالو ڪهاڻي توڙي ڊرامي جي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي، کيس نه رڳو سڄي سنڌ نالي سان سڃاڻي، پر دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ سندس نالو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ملي چُڪا آهن، جن ۾ 1989ع ۾ پهريون صدارتي ايوارڊ ۽ 2008ع ۾ ٻيو صدارتي ايوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ڪاروان تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي ٽي وي ايوارڊ، 1989ع ۾ پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ، 1988ع کان 1998ع واري ڏهاڪي جو ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان جو 1999ع جو گولڊن جوبلي ايوارڊ (قومي) ملي چُڪا آهن. پر آئون سمجهان ٿو اهي اوارڊ عبدالقادر جوڻيجي لاءِ اعزاز ناهن، بلڪه انهن ادارن ۽ انهن اوارڊن لاءِ اهو اعزاز آهي، جو اُهي عبدالقادر جوڻيجي جي نالي منسوب ٿيا آهن، ڇو ته ڪي ڪي شخصيتون اوارڊن ۽ اعزازن کان مٿانهيون ۽ ماناعتيون هونديون آهن، ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو.
    عبدالقادر جوڻيجو ٽي وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو به ڪري چُڪو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري آهي، پاڻ ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالاجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل 18 کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر به رهي چُڪو آهي. ان کان علاوه پاڻ مختلف ادارن جو سربراهه به رهي چُڪو آهي، پر پوءِ به هيءُ فقير صفت انسان فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو، پاڻ وڏو ماڻهو ته ٿي ويو، پر وڏ ماڻهپو نه ڪري سگھيو؛ ۽ نه ڪامورو ٿي سگهيو. هيءُ بس يارن جو يار رهيو، اهو ئي سبب آهه، جو پاڻ ڪنهن سياسي ۽ ادبي تنظيم جو حصو نه بڻجي سگهيو. هيڏو وڏو عالمي شهرت رکندڙ رائيٽر هئڻ جي باوجود، ادبي سنگت جي لهه وچُڙ ۾ نه آيو، ڇو ته هي سماجي روايتن جو امين آهي، ڪنهن به سياسي ادبي تنظيم جو حصو بڻجي، هن پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائيندي رشتن جو ڀرم رکيو آهي. هي مينهن وساڙي جھڙو پيارو ۽ نفيس انسان آهي، جنهن کي توڙي جو فالج جسماني طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر پوءِ به پاڻ ذهني طور اڃا چُست آهي. پاڻ ڪيترو وقت ڪاوش جو مستقل ڪالم نگار رهيو، ۽ هن وقت روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ سندس لکڻيون هفتيوار ڇپجنديون رهن ٿيون، ٽماهي سارنگا ۾ به سندس يادگيريون ڇپجنديون رهن ٿيون، سندس لهجو اسلوب نهايت ئي وڻندڙ آهي، اسان سندس قلم جي سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهيون.

    ¤¤¤¤¤


    سنڌ جو سيلاني : بدر ابڙو

    سنڌ جي سونهاري سر زمين عظيم ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فنِ مصوريءَ توڙي ٻين عظيم تخليقن سان سنڌ کي ڪنوار وانگر سينگاري سينڌ ۾ سنڌور ڀري، دنيا جي ملڪن جي صف ۾ مٿانهون ڪري بيهاريو آهي. هونئن به هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ الاءِ ته ڪهڙي مڻيا آهي، جو ماڻهو هن مٽيءَ ۾ ٻاروتڻ ۾ کينچل ڪندي ڪندي، ذهن جي ڪينواس تي تخليق جا سرچشما جذب ڪريو ڇڏي. جيڪي عمر جي وڌڻ سان آبشارن جي صورت ۾ وهڻ شروع ڪندا آهن، ۽ ننڍڙن قطرن جو روپ اختيار ڪري سنڌؤ جي مست الست ڇولين جو رُوپ ڌاري، پنهنجا رستا ۽ پنهنجا وهڪرا ٺاهيندا آهن؛ پوءِ ڪنهن جو رستو لسانيات ذريعي ٻوليءَ جا واهڙ واهڻ شروع ٿو ڪري، ته وري ڪنهن جو تنقيد، تحقيق جا پيچرا لتاڙڻ شروع ٿو ڪري؛ ڪي عظيم مفڪر ٿيو وڃن، ته ڪي وري سيلاني.
    انهن سيلانين مان اسان جو سيلاني فقير مست الست، بدر ابڙو به انهن سڀني وهڪرن ۾ وهندو، ٻڏندو، ترندو رهيوآهي. بدر ابڙو سنڌ جو اهڙو سيلاني آهي، جنهن سنڌ ۽ خاص طور کيرٿر جو چپو چپو پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي گهمي ڏٺو آهي. بدر ابڙي جو نالو اسان جي سنڌ جي سنڌي ادب، سنڌي ثقافت، توڙي سنڌي سماج ۽ سياست ۾ ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. کيس ڦُٽيون چونڊيندڙ ڪولهڻ به سڃاڻيندي، ته منڇر تي ٻيڙيون هلائيندڙ ملاحن جا معصوم ٻارڙا به سڃاڻيندا، ته عمرڪوٽ ۽ لاڙ جا جوڳي به کيس گلي لڳائيندا.
    بدر ابڙو سنڌ جي تمام وڏي نالي جمال ابڙي جو وڏو موڀي پٽ آهي. جمال ابڙو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهندڙ منصف (جج) هو، جنهن کان ڪڏهن اتفاق سان به ناانصافي نه ٿي هوندي. ان کانسواءِ جمال ابڙي جي ٻي سڃاڻپ سندس ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ خاص طور ”پشو پاشا“ جهڙي مجموعي ته کيس ڪهاڻيءَ جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو بڻائي ڇڏيو. هيءُ مجموعو نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا ڇپيو آهي ۽ هٿوهٿ وڪاميو آهي، جو هاڻي پبلشرن کي به خبر ناهي ته ڪيترا ڇاپا ڇپجي چڪا آهن؛ پر بدر ابڙو به گهٽ ڪونهي. هيءُ جمال ابڙي جو موڀي پٽ، جنهن جو پيءُ هڪ وڏي ڪُرسيءَ تي ويٺل هجي، ان کي ڪهڙي پرواهه! ان جي باوجود هن نوجوان مزدوريون ڪيون، رڪشو هلائي پنهنجو جيب خرچ ڪڍيو. ائين کڻي چئجي ته هن کي ننڍپڻ کان ئي ذميوارين جو احساس هيو ۽ هن پنهنجي وقت جي هڪڙي پل کي به اجايو وڃائڻ نه پئي چاهيو ۽ نه وڃايو. هن 19 ڊسمبر 1953ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي، خيرپور، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول مان ورتائين. مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان 1969ع ۾ ۽ انٽر کان پوءِ بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1973ع کان هن مختصر ڪهاڻيون لکڻ سان سنڌي ادب ۾ پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريو، ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ پابنديءَ سان شريڪ ٿيڻ لڳو؛ جتي کيس انور پيرزادي ۽ فقير محمد لاشاريءَ جھڙا مخلص دوست مليا. بدر ابڙي جي ٽنڊي الهيار ۾ پڙهڻ دوران نذير عباسيءَ سان ملاقات ٿي. (شهيد) نذير عباسي به ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندو هو.
    نذير جي وڻندڙ سڀاءُ کيس دوستيءَ جي سڳي ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ هي نذير جو گهاٽو يار ٿي ويو. پر وري اوچتو سندس والد جي بدلي ڪراچي ٿي ته هي ٻئي دوست پکين جي ولر جيان هڪٻئي کان وڇڙي ويا. نذير ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ورڪر ٿي ويو، ۽ پاڻ ادبي دنيا جو حصو بڻجي ويو. پر وري اوچتو 1975-1974ع ڌاري بدر کي دوست جي سڪ ستايو ۽ نڪري پيو حيدرآباد جي پنڌ، ۽ ايس آر ٽي سي جي فليٽن ۾ مزدور يونين آفيس ۾ اچي کيس ڳولي هٿ ڪيائين؛ ۽ پوءِ وڇڙيل يار ڀاڪر پائي مليا. ايئن نذير جي سادگي ۽ رهڻي ڪهڻي کيس ايڏو ته متاثر ڪيو جو کيس آڻي ڪميونسٽ لڏي سان گڏ بيهاريو ۽ جڏهن 1980ع ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لاءِ واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائي ٿي، تڏهن کيس ٻين دوستن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو؛ ۽ هنن دوستن تي خاص فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو، جيڪو ڄام ساقي ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترم بينظير ڀٽو صاحبه، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمود امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو ۽ کيس ايمنٽي انٽرنيشنل پاران ضمير جو قيدي قرار ڏنو ويو. جيل مان ٻاهر اچڻ کانپوءِ هن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو ۽ نذير عباسيءَ جي شهادت کان پوءِ انور پيرزادي جھڙي پياري ماڻهوءَ جي صحبت نصيب ٿي. 1958ع کان هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 1990ع ۾ روزاني پڪار سکر جو ايڊيٽر ٿيو، بعد ۾ پڪار ڪراچيءَ مان ڇپجڻ لڳي ته پاڻ اتي به ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايائين. 1993ع ۾ هن ادبي، سياسي ۽ سماجي مخزن روح رهاڻ جاري ڪئي، جنهن جا 9 پرچا جاري ٿيا.1997ع ۾ پاڻ برسات ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ان وقت يوسف شاهين جي ادارت هيٺ نڪرندڙ برسات اخبار جي سرڪيوليشن سڀني کان وڌيڪ هئي، اهڙيءَ ريت هن ٻين اخبارن ۾ سلسليوار مضمون لکيا، جن ۾ ”هي سين“ جي سري هيٺ هلال پاڪستان ”زندگي جدوجهد، اڻٿڪ سفر“، هلال پاڪستان ”سنڌ باد“، هلال پاڪستان ، ”وتايو فقير سوچي ٿو“، برسات ”آئينو سنڌ“، ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾ لکيائين. ان کانسواءِ هن لاتعداد مضمون، فرضي نالن سان به لکيا. ڪڏهن شهباز لطيف، ڪڏهن مترش، احسان الله، بشير عباسي، آديسي، تمر لاهوتي ۽ سندباد جھڙا نالا استعمال ڪيائين. اهڙيءَ ريت بدر ابڙو اڄ به ڪاوش دنيا ۾ يادگيريون لکندو رهي ٿو. هيءُ اڻٿڪ محنتي انسان آهي. سڄي زندگي سفر ۾ رهيو آهي. نه هن وٽ موضوع ٿا کٽن، ۽ نه ئي هيءُ پاڻ ٿو ٿڪجي؛ واقعي هي سيلاني آهي، بنا لوڀ لالچ جي، کوجنا ۾ لڳو رهي ٿو.
    ان کانسواءِ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ تحقيق، تنقيد، ڪهاڻيون، سفرناما ۽ جيل ڊائري اچي وڃن ٿا. بدر صاحب ايترو ته پورهيو ڪيو آهي جو اڄ اسان جي سنڌي قوم سندس اڻکٽ پورهيي جو قرض لاهي ته به ڪيئن؟ سندس ڇپيل پهريون ڪتاب تنقيد نگاري آهي، جيڪو 1985ع ۾ ڇپيو، ان کانپوءِ ٻيا ڪتاب واري واري سان ڇپجندا آيا، جن ۾ ”رني ڪوٽ“ (1989ع)، هنگلاج ۽ لاهوت (تحقيق 1992ع)، رياست جهنگل جي آکاڻي (ڪهاڻيون: 1992ع)، جيل جي ڊائري (1994ع). هن ڊائريءَ ۾ چئن سالن جي مڪمل روئداد آيل آهي. سنڌوءَ جو سفر (1994ع). هن ڪتاب ۾ سنڌوءَ جو مڪمل سفر ڪيل آهي. هن سفر ۾ انور پيرزادو ۽ ڪليم لاشاري به ساڻس گڏ هئا. هن سفر ۾ کيس ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٿڪجي موٽڻ جو پئي سوچيائين، پر وري به اندر جي سيلاني شخص ٻه وکون اڳتي کڻڻ لاءِ اتساهيو. سنڌوءَ جو اهڙو ڪوبه منظر نه رهيو آهي، جيڪو بدر پنهنجي ذهن ۾ سيو (Save) نه ڪيو هجي يا سندس ڪئمرا جي اک کان گُسي ويو هُجي. هن ڪتاب جا ٻه اکر ۾ پاڻ لکيو اٿن ته: ”لکڻ جو مرحلو ستن اٺن مهينن ۾ مڪمل ٿيو آهي. پڙهندڙن کي هي محنت قبول پوي. اها ئي منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه آهي. نه ته موٽ ۾ ڇا ٿو ملي، ۽ ڪم ڇا ٿو ڏئي سگهي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته لکندڙ لکڻ واري عرصي ۾ وقت ۽ ڏوڪڙن سان گڏ ٻيو ڇا ڇا وڃائي چڪو آهي.“
    هڪڙو ماڻهو ستن اٺن مهينن تائين ذهن کي ولوڙي، هڪڙو تاريخ جو سرچشمو اسان جي هٿن تائين پهچائي ٿو، موٽ ۾ ان کي سواءِ رسوائين جي ڪجهه نه ملي، ته ان کان وڌيڪ ٻي بيحسي ڪهڙي چئي سگهجي ٿي! يا وري ساڳئي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”سچ پچ ته مان انهن ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ ٿورائتو آهيان، جن سنڌوءَ جي ڪناري ويهي، مونکي عجيب عجيب ڏند ڪٿائون ٻڌايون ۽ احوال ڏنا. يا وري هتي ڏسو، ”مون وٽ ڪنهن به فني شعبي جي مهارت ناهي، مان نه انجنيئر آهيان، ۽ نه آرڪيالاجسٽ، نه ثقافت جي گهڻن تفصيلن کان واقف آهيان ۽ نه ئي پاڻ ۾ ايڏي سگهه رکان ٿو، جو هن ڪتاب کي تحقيقي ڪم چئي سگهان. بس مون اهو ڪجهه لکيو آهي، جيڪو ڏٺو، پڙهيو يا ٻڌو اٿم. صرف هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿو ته پيار جو پورهيو ڪيو اٿم شال قبول پوي.“
    آئون سمجهان ٿو ته اها ليکڪ جي وڏائي آهي، جو هو آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتي کان وڌيڪ اڪيلي سر ڪم ڪري چڪو آهي. بدر ابڙي، آرڪيالاجسٽ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، فني مهارت اها آهي، جو ڪنهن شڪاريءَ جي بندوق مان نڪرندڙ گوليءَ کان ته ڪو پکي يا جانور بچي سگهي ٿو، پر بدر صاحب جي ڪئميرا جي اک کان ڪو منظر گسي وڃي ۽ اهو بدر صاحب جي ڪئميرا، ڪمپيوٽر ۽ ڪتاب جو حصو نه بڻجي، اهو ممڪن نه آهي. ان کانپوءِ ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفرنانو: 1996ع)، رني ڪوٽ (اردوءَ ۾ 1997ع)، ماڻهو (1998ع)، سنڌ جو شاهه (2000ع) شامل آهن. ان کان علاوه سندس تحقيقي سفرناما به ڇپائي هيٺ آهن، جن ۾ کيرٿر جي سفر جا پنج جلد، ”ڪوهستان جو سفر“ ڇپجي چڪو آهي، هيءُ ڪتاب ڪراچي، ٺٽي، ٿاڻي بولا خان ۽ رني ڪوٽ جي ٽاڪرو علائقن ۾ ڪيل سفرن دوران مشاهدي، مطالعي ۽ تحقيق تي مبني آهي. ”سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي“، ”منڇر گورک گاج دنيا“، ”ڪتي جي قبر ڏانهن سفر“ ۽ سيوهڻ جي تاريخ شامل آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اسڪيم ۾ ڇپائي لاءِ شامل آهن. ان کانسواءِ موضوع وار انسائيڪلوپيڊيا لاءِ به اهم معلومات تي مبني ڪتاب تيار ڪيا آهن، جن مان ”سنڌ جي جهنگلي جيوت“ ۽ ”منڇر گورک گاج دنيا “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان 2009ع ۾ ڇپجي چڪا آهن.
    ان کان علاوه 2002ع ۾ جڏهن اي اين آءِ لاسمو ڪمپني کيرٿر تي هڪ خوبصورت ڪتاب پئي آڻڻ چاهيو تڏهن هنن سيد حاڪم علي شاهه بخاري، انور پيرزادي ۽ بدر ابڙي جي چونڊ ڪئي، پر هنن سان ان بابت جيڪا ڳالهه مُهاڙ ڪيائون ۽ ان سفر بابت هن ڪمپنيءَ جيڪي شرط رکيا هئا، اُهي سچ پچ ته انتهائي بي رحماڻا هئا.
    اسٽامپ پيپر تي لکرايو ويو هو ته آئون فلاڻو پٽ فلاڻي جو لکي ٿو ڏيان، ته جيڪڏهن هن مهم دوران مونکي ڪجهه به ٿيو ته ان لاءِ آئون پاڻ جوابدار هوندس ۽ ان لاءِ لاسمو يا پاسٽيل ڪمپنيءَ کان ڪجهه به دعويٰ نه ڪري سگهندس. هنن کي اهڙي خطرناڪ مهم تي موڪليو پئي ويو، جنهن ۾ ڪنهن به وڏي حادثي جو امڪان هر وقت موجود هو، ماڻهو مري به سگهي پيو، ٽنگ ٻانهن به ڀڄي سگهي پئي، ڦر به ٿي سگهي پئي. سائين حاڪم علي شاهه بخاري ٻڌايو ته واقعي ڦر ٿي به هئي، هي ويچارا مظلوم قوم سنڌ جا فرد ٿي پيا آهن، جي مهاجر يا پنجابي هجن ها، ته هنن کان نه ڪو اسٽامپ لکرايو وڃي ها، نه ٻيو ڪجهه؛ اُلٽو هنن کي ڳرو معاوضو، سيڪيورٽي ۽ پويان خاندان ۽ ٻارن جي سيڪيورٽي به ملي ها. هاڻي توهان اندازو لڳايو ته هيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن سڄي زندگي رِسڪ جي بنياد تي گذاري آهي؛ نه پئسي جي لالچ، نه شهرت جي؛ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجو تحقيقي سفر جاري رکيو اچي، نه ڪنهن تي ڪا ميار، نه ڪنهن تي ڪا الزام تراشي، هر ڪم پنهنجي ذميواريءَ سمجهي نڀائي پيو. پر اسان جي هن قوم جي بي حسي اها آهي جو ههڙن ماڻهن جو قدر نٿو ڪيو وڃي! هڪڙو ماڻهو سڄي زندگي پورهيو ڪري، هن قوم جي لاءِ کوجنا ڪري، پوءِ به جيڪڏهن ان ماڻهوءَ کي اها پذيرائي نه ملي، ته انتهائي ڏک جھڙي ڳالهه آهي.
    هي ڪم جيڪو اسان نوجوانن جو ۽ اسان جي ادارن جو آهي، اهو ڪم هڪڙو سٺ سالن جو ماڻهو ڪري رهيو آهي. سلام آهي سندس مهم جوئيءَ کي، هي سيلاني هر وقت سفر ۾ ڪڏهن کيرٿر ڪوهستان جي سفر تي اُسهيل، ته ڪڏهن وري پيئڻ بلا تي تحقيق لاءِ عمرڪوٽ ۽ لاڙ جو سفر پيو ڪري ۽ جوڳين جي جهڳين ۾ وڃي، انهن کان معلومات حاصل پيو ڪري؛ سچ ته اهڙن ئي ماڻهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي ته:
    اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛
    اَٺَئي پَهَرَ اَٿَنِ، سعيو ڪنهن سَفَرَ جو. (شاهه لطيف)
    نه ته اسان جي موجوده ٽهي بَلا جو نالو ٻڌندي ئي ڇرڪي پوندي آهي، پر هن فقير ماڻهوءَ کي ڪو ڊپ/ خوف ئي ناهي. ان کان علاوه هن آرٽ ڪائونسل مان مجسمي سازيءَ جو ڪورس به ڪيو ۽ ان سال پاڻ سڄي ڪراچيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئائين. 1986ع ۾ شاهه لطيف جو خيالي مجسمو پڻ ٺاهيائين.
    2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سيل جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر به رهيو، ۽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کان علاوه هو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ پاران ”انگريزي- سنڌي“ ڊڪشنريءَ جي سلسلي ۾ پڻ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ پاڻ جڏهن به دل ملول ٿي ويندي اٿس، ته شعر لکڻ شروع ڪندو آهي. شاعري به انتهائي گھرائيءَ واري اٿس، سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
    بدر ابڙي صاحب پنهنجي زندگيءَ جو هڪ پل به اجايو نه وڃايو آهي. کيس چرندڙ پرندڙ انسائيڪلوپيڊيا چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هن پنهنجي سڄي زندگيءَ تحقيق، آرڪيالاجي، مجسمه سازي، سير و سفر، لغات تي تحقيق ڪندي گذاري آهي. هونئن به اسان وٽ سنڌ ۾ تمام ٿورا ماڻهو آهن، جن تحقيق جي ميدان ۾ باقاعدگيءَ سان نڀاءُ ڪيو آهي. لغات ۽ لوڪ ادب تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ ڪجهه قدر عبدالڪريم سنديلي جو ڪم سامهون آيو آهي، هاڻي ان پاسي ماٺار ڇانئجي چڪي آهي. آرڪيالاجيءَ ۾ بدر ابڙي، حاڪم علي شاهه بخاري، اشتياق انصاري، محمد عثمان ميمڻ، انور پيرزادي، انب گوپانگ ۽ چند ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، تنهنڪري سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته ههڙن ماڻهن جي محنت جو قدر ڪري، هنن محبت جي متلاشين کي پورهيي جي موٽ ۾ ٻيو نه، ته به ڳراٽڙي پائي، جَسُ ته ڏيو. هيءُ فقير ۽ سيلاني ماڻهو آهن، هنن ماڻهن لاءِ توهان جي پيار مان پاتل ڳراٽڙي ئي وڏي ۾ وڏو اُجورو آهي.

    ¤¤¤¤¤


    جوڳي رمتا ڀلا : جمن دربدر

    سنڌ جي خوبصورت سَر زمين جي هن خطي ٿر، ڪيترائي ذهين پيدا ڪيا آهن. پد مات جي پٽن تي امراڻي جي ڀرسان روحل واءِ جي ڀٽ تي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ 1943ع ڌاري هڪڙو ٻارڙو جنم وٺي ٿو، جنهن جو مائٽ نالو جمن رکن ٿا؛ ۽ هو اڳتي هلي پوري سنڌ ۽ هنڌ ۾ جمن دربدر طور سڃاڻپ ڪرائي ٿو.
    جمن پرائمري تعليم مقامي طرح پاس ڪري، مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان پاس ڪري ٿو. جڏهن هيءُ پهريون ڀيرو مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ ميرپورخاص ڏانهن اُسهي ٿو، تڏهن سندس وڏو ڀاءُ کيس 3 رپيا خرچي ڏئي ٿو. انهن ٽن رپين مان اچ وڃ جو ڀاڙو به ڪرڻو آهي ته اتي امتحان جي سلسلي ۾ رهائش ۽ کاڌي وغيره جو به پورائو ڪرڻو هو، ائين هي بس ۾ سوار ٿي ميرپورخاص پهچي ٿو، جتي گڏ آيل ڪلاس فيلوز رهڻ لاءِ هوٽل تي ڪمرا وٺن ٿا ۽ جمن کي هڪ پارڪ ۾ بکئي پيٽ تي گذارو ڪرڻو پئي ٿو. جڏهن مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري ٿو، تڏهن کيس پرائمري ماستريءَ جي آڇ ٿئي ٿي. ان وقت هڪ وڏيرو، جمن جي پيءُ کي چئي ٿو ته پرائمري ماستريءَ جي نوڪريءَ تي پُٽ جي زندگي ڇو ٿو تباهه ڪرين؟ هن کي مختيارڪار جي آفيس ۾ ڪلرڪيءَ جي نوڪريءَ آئون وٺي ڏيندس، ڇوڪرو منهنجي حوالي ڪر. ائين جمن جو پيءُ جمن جو هٿ ان وڏيري جي هٿ ۾ ڏئي ٿو ۽ اهو وڏيرو کيس وٺي اچي سندس بنگلي تي حاضري نوڪر رکي ٿو، جتي هيءُ فرمانبرداريءَ سان فرائض سر انجام ڏئي ٿو. اتي هڪ پوڙهو کيس سمجهائي ٿو ته، پٽ هي وڏيرا انتهائي ظالم ۽ قهري هوندا آهن، هتي سڄي زندگي غلام ٿي رهڻو پوندو، هتي ڪابه نوڪري وغيره نه ملندي، چپ چاپ ۾ هتان ڀڄي وڃ؛ ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن هن جي اندر جو باغي انسان جاڳي پئي ٿو ۽ هي وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. هي واپس ڳوٺ اچي ٿو، جتي ڪجهه ڏهاڙا رهي روزگار جي تلاش ۾ ميرپورخاص وڃي ٿو، جتي هڪ هوٽل تي ”ٻاهر واليءَ“ جي نوڪري ملي ٿي ۽ خوش اسلوبيءَ سان ان کي قبول ڪري ٿو؛ ميرپورخاص ۾ ٻاهرواليءَ واري زندگي هن کي مجازي عشق ۾ مبتلا ڪري ٿي.
    ٿيو هئين جو هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو چانهه جو آرڊر ڏنو، ته سندس بيٺڪ تي کڻي اچي. هيءُ چانهه کڻي بيٺڪ ڏانهن وڃي ٿو، ۽ غلطيءَ سان بيٺڪ جي بجاءِ ٻئي گهر جو دروازو کڙڪائي ٿو، ته هڪ حسين دوشيزه دروازو کولي ٿي؛ جئين ئي جمن جي مٿس نظر پئي ٿي، هن جا حواس خطا ٿي وڃن ٿا؛ ۽ هيءُ هن کي ڏسندو ئي رهي ٿو! سندس پورو جسم رڦڻ لڳي ٿو، هٿ ۾ کنيل چانهه هٿن جي رڦڻي سبب هارجڻ شروع ٿئي ٿي. گرم گرم چانهه سندس هٿ ساڙيندي رهي ٿي، پر هن کي ڪو به هوش نٿو رهي، هوش تڏهن اچي ٿو، جڏهن دروازو زور سان بند ٿو ٿئي ۽ هيءُ پنهنجي پاڻ تي ضابطو آڻي، هوٽل ڏانهن موٽي ٿو. هوٽل تي پهچي هي محسوس ڪري ٿو ته سندس جسم مان ساههُ نڪري چڪو آهي ۽ خالي جسم کڻي موٽيو آهي. ائين هيءُ سڄو ڏينهن خيالن کي پچائيندو هوٽل تي ڪم ڪندو رهي ٿو، پر هن جي ڪم ۾ دل نٿي لڳي؛ سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري رات جو رهائش تي اچي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي کٽ تي ڦٽو ڪري ٿو. هونئن ته روزانو کٽ تي ليٽندي ئي پاسو ورائڻ کانسواءِ ننڊ پنهنجي آغوش ۾ آڻي ڇڏيندي هئي، پر اڄ ننڊ نيڻن کان ڏور وڃي چڪي هئي. سڄي رات پاسا ورائيندو رهي ٿو، مسلسل ان دوشيزه جو چهرو سندس اکين اڳيان ڦرندو رهي ٿو. اوچتو ڪنهن ٽائيم اک جهپڪي ٿي، پر جلدئي پکين سان گڏ جاڳ ٿئي ٿي، هيءُ بنا ڪنهن ناشتي ڪرڻ جي ان دوشيزه جي گهر جي گهٽيءَ ۾ ڦيرا ڏيڻ لڳي ٿو. اوچتو ئي ان گهر جو دروازو کلي ٿو، اها ئي دوشيزه ڪتاب هٿن ۾ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي. اکيون اکين سان ملي چار ٿين ٿيون، دليون ڌار ڌار ڌڙڪڻ لڳن ٿيون، هڪ ڀيري کيس لڳي ٿو ته سندس دل جسم جو سينو چيري ٻاهر نڪري رهي آهي، پر وري پنهنجي پاڻ کي سنڀالي وٺي ٿو؛ ۽ ان ڇوڪريءَ جي پٺيان آهستي آهستي هلڻ لڳي ٿو. هن کي اسڪول جي گيٽ جي اندر داخل ٿيندو ڏسي موٽي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو؛ ائين ٿو محسوس ڪري ڄڻ ڪو خزانو ملي ويو هجي. دل ئي دل ۾ گد گد ٿيندي چئي ٿو گهٽ ۾ گهٽ صبح شام اکيون ته ٿڌيون ٿينديون، ۽ پوءِ هر روز صبح جو، اسڪول وڃڻ وقت ۽ منجهند جو موٽڻ وقت چانهه جي ڪٽليءَ سميت اسڪول جي گيٽ تي بيهي رهندو هو؛ ۽ اڻ اظهاريل محبوب جو ديدار ڪري واپس موٽي ايندو هو. اهو سلسلو ڪافي عرصو هلندو رهيو، پر ڪڏهن اظهارِ محبت نه ڪري سگهيو. اوچتو اسڪول کي گرمين جي ٻه مهينا وئڪيشن ٿئي ٿي ۽ هيءُ مايوس ٿي ٿو وڃي ۽ اها دوشيزه ٻن مهينن جي موڪل گذارڻ، پنهنجي والدين جي گهر لاهور هلي ٿي وڃي ۽ هي صفا ويڳاڻو ٿي ٿو وڃي؛ نه ڪم ۾ دل ٿي لڳي، نه اهي رستا ٿا وڻن جن سان هي بيپناهه محبت ڪندو هو، ڇو جو انهن رستن تان سندس محبوب گذرندو هو. ائين هيءُ محبوب تائين پهچڻ جو پڪو پهه ڪري هوٽل تان ٻن مهينن جي پگهار جا پئسا وٺي، ٽرين ۾ چڙهي لاهور ڏانهن روانو ٿئي ٿو، نه ايڊريس نه ڏس پتو، دل جي دلاسي تي سفر ڪندو وڃي ملتان پهچي ٿو، جتي سندس پگهار جا پئسا پورا ٿي وڃن ٿا ۽ هيءُ محبوب سان ملڻ جا سپنا سانڍي ملتان کان لاهور پيرين پنڌ روانو ٿئي ٿو. اڻڄاتل ماڻهو، اڻڄاتل ماڳ، اڻڄاتل راهون، پتو آهي ته صرف محبوب جو مشڪندڙ چهرو، من موهيندڙ اکيون، بکئي پيٽ سان کيسا خالي وڃي داتا درٻار جي درگاهه تي پهچي ٿو، جتي فقير کي چانور کائيندي ڏسي ٿو ته سندس اندر جي بُک جو شدت سان احساس ٿئي ٿو، آنڊا ڇڪ کائين ٿا ۽ هيءُ بنا صلاح جي ان فقير سان گڏ کائڻ شروع ڪري ٿو. فقير سندس اکين ۾ جهاڪي، بُک جي شدت کي محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجا هٿ روڪي ٿو ڇڏي. جڏهن چانور کائي ختم ٿو ڪري ته فقير پُڇي ٿو ته اڃا کائيندين؟ ته هيءُ ڪنڌ سان هائوڪار ٿو ڪري ۽ اک جو پلر جهپڪڻ ٿو لڳي ۽ هيءُ اتي ئي ليٽي ٿو پئي؛ ۽ ننڊ جي ديوي کيس پنهنجي آغوش ۾ آڻي ٿي ڇڏي. صبح جو وڏي اَسر جو ڪويل جي ڪُو ڪُو جو ڪن تي پڙلاءَ پئي ٿو، ته سندس اک کلي ٿي. سامهون ڏسي ٿو ته اهو ئي فقير سندس اوسيئڙي ۾ ويٺو آهي. هيءُ اُٿي هٿ منهن ڌوئي ٿو ته فقير چانهه ۽ بسڪٽ آڻي اڳيان رکي ٿو. ناشتو ڪري بس ٿو ڪري ته فقير حال احوال پڇي ٿو ته هيءُ همدرد سمجهي پوري روءِ داد ٻڌائي ٿو. فقير سندس عشق جي انتها ڏسي حوصلو ڏيندي چئي ٿو ته ڪو مسئلو ناهي، جنهن لاءِ تو هيڏا ڏاکڙا ڏٺا آهن، اهو توکي ضرور ملندو. ائين فقير وٺي وڃي ڪجهه پبلڪ پارڪ ڏيکاري ٿو ۽ چئي ٿو هنن پارڪن ۾ گهمندو رهه، هڪ نه هڪ ڏينهن سڄڻ سامهون ٿيندا. هڪڙو ڏينهن انهن پارڪن جو طواف ڪندي گذري ٿو وڃي، وري ٻيو ڏينهن ٿئي ٿو، هي انهي ئي حوصلي سان ساڳين پارڪن جو طواف ڪندو رهي ٿو. اوچتو سندس نظرون محبوب کي ڳولي لهن ٿيون! سندس محبوب گهر جي ڀاتين سان ان ئي پارڪ ۾ اچي ٿو. اکيون اکين سان ملي روشن ٿين ٿيون. اکين ئي اکين ۾ ڏوراپا ميارون ۽ صبح جو اچڻ جا واعدا ٿين ٿا، ان ڏينهن هيءُ موٽي اچي ان فقير سان خوشي شيئر ڪري ٿو، ۽ 25 ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو کيس سُڪون جي ننڊ اچي ٿي. ٻي شام جو محبوب سان ملڻ جي ويل ٿئي ٿي، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي؛ اوچتو محبوب کي هڪ سهيليءَ سان گڏ پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ٿو ته دل باغ بهار ٿي وڃيس ٿي، ايئن ٻئي پاڻ ۾ ملن ٿا. هو گهڻا دڙڪا به ڏئي ٿي ۽ مسلسل سوال ڪندي رهي ٿي، پر هن وٽ سندس سوالن جو ڪو به جواب نٿو هجي. صرف کيس ڏسندو ئي رهي ٿو. ان ڏينهن هو ڪجهه پئسا ڏئي چوي ٿي، ڪپڙا وغيره ڦاٽي پيا آهن وٺي شيو ٺهرائي، روزانو هتي ملنداسين. جيڪو صرف ڏسڻ لاءِ تڙپندو هجي، ان کي جي گڏ ويهي ڳالهائڻ نصيب ٿئي ته ٻيو ڇا کپي. ائين روز هنن جي ملڻ ۽ ڪچهريءَ جو سلسلو هلندو رهيو- ٻه مهينا پورا ٿيندي دير ئي نه لڳي. ٻئي ساڳي ٽرين ۾ واپس ٿين ٿا. اچي ميرپور خاص جي اسٽيشن تي لهن ٿا. هو پنهنجي گهر جو رُخ رکي ٿي ۽ هي ساڳئي هوٽل جو در؛ ۽ پوءِ ڪيترو ئي عرصو ان محبت جو سلسلو هلندو رهيو. هڪ ڏينهن اها دوشيزه کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جو چئي ٿي، ته هن جي ذهن جا سمورا پردا کلي ٿا پون. هي سوچي ٿو کيس بيروزگاريءَ جا چهڪ اندر ۾ وڍ وجهڻ لڳن ٿا ۽ پويان کان غريب گهراڻو نظر اچي ٿو، هي ان ئي ڏينهن پنهنجي عشق تان دستبردار ٿئي ٿو، ڇو ته هي محبوب خوشحال زندگيءَ کي پنهنجي اُجڙيل زندگيءَ جو حصو نٿو بڻائڻ چاهي. هو سمجهائي ٿو ته منهنجي راهن تي ڪي به نازبوءَ جا ٻوٽا ناهن پوکيل، منهنجون راهون ڪنڊن جي سيج آهن. هوءَ پوءِ به انهن ڪنڊن جي راهن تي هلڻ لاءِ آماده ٿئي ٿي پر هيءُ وري به روايتن ۽ مصيبتن جون ڳالهيون ٻڌائي، هن کي مطمئن ڪري موڪلائي ٿو. وڇوڙي جو منظر ڇا هوندو، هر ڪو محسوس ڪري سگهي ٿو.
    هيءُ موٽي ڳوٺ اچي ٿو. اهي اَباڻا ڪک، اهي واريءَ جون ڀٽون سندس سُواڳت ڪن ٿيون. هيءُ ڳوٺ اچي ته وڃي ٿو پر اندر ڪنڀار جي آويءَ جيان جلندو رهيس ٿو ۽ ايئن اهو درد، شاعريءَ جو رُوپ اختيار ٿو ڪري، ۽ هيءُ مجازي عشق جي شاعري ڪرڻ لڳي ٿو. مال چاريندي وڏي آواز سان اها شاعري ڳائڻ لڳي ٿو. سندس گلي ۾ درد جو سوز ڀرجي اچي ٿو، اهڙو درد ڀريو آواز جيڪو پکين جي اندر ۾ به پيهي وڃي ٿو. هيءُ مسلسل ٻن سالن تائين ذهني طور تي اپ سيٽ رهي ٿو، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر شهر جو رُخ ڪري ٿو؛ ۽ حيدرآباد ۾ پهچي ٽانگو هلائڻ شروع ڪري ٿو، جتي مسلسل اٺن مهينن تائين ٽانگو هلائيندو رهي ٿو. ان دوران ون يونٽ خلاف پوري سنڌ ۾ تحريڪون زور شور سان شروع ٿين ٿيون، ۽ حيدرآباد وري به سڄي سنڌ جي تحريڪن جو مرڪز هجي ٿو. هيءُ ٽانگو هلائيندي انهي تحريڪ جو حصو بڻجي وڃي ٿو، ۽ هڪ ڀيري پنهنجي اسڪولي دوست عبدالواحد آريسر جي تقرير ٻڌڻ جو موقعو مليس ٿو. ايني بيسنت هال ۾، اتي عبدالواحد آريسرکي حسين جي نالي سان اسٽيج تي گهرايو وڃي ٿو، ته هيءُ وائڙو ٿي ٿو وڃي. آريسر تقرير پوري ڪري پنهنجي سيٽ تي اچي ويهي ٿو ته پاڻ سِرڪي ويجهو ٿئي ٿو، هي ٻئي ڀاڪرن ۾ ٻکجي وڃن ٿا. پوءِ هي ٽانگو ڇڏي عمرڪوٽ جو رُخ ڪري ٿو، جتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اسٽڊي سرڪل ۾ پابنديءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪري ٿو؛ هاڻي هيءُ پڪو قومپرست ٿي ٿو وڃي ۽ انقلابي تحريڪن جو حصو بڻجي ٿو. ان وچ ۾ ميرپورخاص مان ايگريڪلچر ۾ ڇهن مهينن جو ڪورس به ڪري ٿو وٺي ۽ سڪرنڊ مان فيمس ۾ ڊپلوما ڪري ٿو وٺي. ان وچ ۾ هڪ ڀيرو ان دوشيزه سان مُکا ميلو ٿئيس ٿو، ان ٽائيم سندس ڪيفيت سائينداد ساند جي هن شعر جھڙي ٿي وڃي ٿي:
    مان اکين تي هٿ رکان
    هُو تنهن کان اڳي، موڙ
    اُڪري وڃي ته ڏاڍو سٺو
    سڪرنڊ ۾ پڙهائيءَ دوران علم دوست ماڻهن سان ڪچهريون ٿين ٿيون، ۽ جمال الدين مؤمن پاران منعقد ڪرايل مشاعرن ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ شاعري پڙهندو رهي ٿو؛ کيس بحر وزن جي ڪا به خبر نٿي هجي، پر پوءِ هڪ ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ کي خط لکي رهنمائي جي گذارش ڪري ٿو. مخدوم صاحب سندس خط جو جواب ڏئي همت افزائي ڪري ٿو، ۽ ڪجهه ٽائيم خطن جو سلسلو هلندو رهي ٿو. پر پوءِ هڪ ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو. مخدوم صاحب سان مليو ته مخدوم صاحب نه صرف سندس رهنمائي ڪئي، پر کيس دربدر جو تخلص به ڏنو ۽ شاعريءَ جي هڪ سٽ لکي ڏنائين، ته هن تي طبع آزمائي ڪر، هفتي تي وري اچجان، اها سٽ هي هئي:
    ”خزان آئي گلستان ۾ ته بهارن جو ڇا ٿيندو“
    ائين مخدوم صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ هن جي شاعريءَ ۾ پختگي ايندي وئي. هيءُ سڪرنڊ مان ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ سجاول ۾ اچي نوڪريءَ کي لڳو، جتي کيس سائين جي ايم سيد سان ملاقات جو شرف مليو. سائين ان وقت بزم صوفياءِ سنڌ جي دوري تي نڪتل هو، ۽ دڙي ۾ ڪانفرنس رکيل هئي، ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان پهرين سجاول ۾ ننڍڙو پروگرام رکيل هو، اتي سائين جي ايم سيد جيڪو خطبو پڙهيو، ان جمن جي ذهن تي تمام گھرو اثر ڇڏيو ۽ هيءُ مجازي عشق مان نڪري حقيقي عشق ۾ داخل ٿيو؛ اهو عشق سنڌ ۽ سيد سان هو.
    سنڌ سان اهڙي جند جُڙي
    جو ٻيا دل وارا سڀ وسري ويا.
    هاڻي جمن جي شاعريءَ ۾ انقلاب اچڻ لڳو، ۽ جمن انقلابي شاعري ڪرڻ لڳو. سندس مجازي عشق واري شاعري ته 1971ع واري جنگ دوران ٿيندڙ لڏ پلاڻ ۾ وڃائجي وئي هئي، هيءُ هاڻي نئين راهه جو پانڌيئڙو بڻيو هو، جتي هن کي صرف سنڌ ئي سنڌ نظر اچڻ لڳي. هيءُ جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو ۽ تنظيم جي پرچار لاءِ سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳڻ لڳو. هيءُ ڳوٺن ۾ جتي به ويندو هو، اُتي انقلابي گيت ڳائيندو هو ته ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون موٽي اينديون هيون. سائين جي ايم سيد به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. هڪ ڀيري عمر ڪوٽ جي ايم پي اي، هاڻوڪي صوبائي وزير سيد حاجي علي مردان شاهه جي مٽياريءَ ۾ شادي هئي، ان ڄڃ ۾ جمن به ويو هو، انهي شاديءَ ۾ سنڌ جي پوري ڪريم پهتل هئي، وزير، ايم پي اي، ايم اين اي، وڏيرا، جاگيردار، ڪامورا، مطلب هر طبقي جو ماڻهو موجود هو؛ انهن ماڻهن کي جمن پاڻي پئي پياريو، ايتري ۾ سائين جي ايم سيد پهچي ويو. سائين ان وقت جيل ۾ هو، ۽ پيرول تي آزاد ٿي آيو هو. سائين جي ايم سيد ان تقريب ۾ جئين اچي پهتو، ته اتي ويٺلن مٿان ڄڻ وڄ ڪڙڪي پئي. سائينءَ کي اسٽيج تي وهاريو ويو هو، ڪجهه دير کانپوءِ سائين جي نظر جمن تي پئي، ته سائين هڪ ماڻهوءَ کي موڪليو ته ان ڇوڪري کي وٺي اچ، اهو ماڻهو جمن کي اسٽيج تي سائين وٽ وٺي ويو، ته جمن احترامن سائين سان جهڪي مليو، ته سائين ڇڪي ڀاڪر پاتو، سيني سان لڳائي ڳراٽڙي پاتائين ۽ پنهنجي ڀرسان ويهاري حال احوال وٺڻ شروع ڪيائين؛ هيءُ حضور شرم ماڻهو، هيترن ماڻهن جي سامهون سائينءَ سان گڏ ويٺي ڦڪو پئي ٿيو، پر سائين سڄي خلقت تان ڌيان هٽائي، هن فقير صفت انسان سان ڪچهري ڪندو رهيو. اڄ به جمن سائينءَ جي اهڙي محبت کي ياد ڪري روئي پوندو آهي. آهي ڪو اهڙو ليڊر، جيڪو هڪ ننڍڙي ورڪر سان اهڙي محبت ڪري؟
    جمن سائين طرفان مليل اهڙي محبت کي دل ۾ سانڍي، سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجھد لاءِ واهڻ وستيون جهاڳيندو، پنهنجي آواز جي ترنم سان ماڻهن کي جاڳائيندو رهيو.
    جمن ٻڌايو ته هڪ ڀيري اسان تنظيمي ڪم ڪار سان رُلندي پنندي رات جو موٽياسين، ٽن ويلن جا بکايل به هئاسين، پر ٻاهر ئي فيصلو ڪري آيا هئاسين ته اهڙيءَ طرح دروازو کولينداسين، جيئن سائين نه جاڳي ۽ جي جاڳي پڇي ماني وغيره جو ته چونداسين کائي آيا آهيون. ائين پيرن جو کڙڪو ڪرڻ بنا اوطاق ۾ داخل ٿياسين، گلم وڇائي ليٽياسين ته سائين هٿ ۾ ٽارچ کنيل مٿان اچي بيٺو، پڇيائين ماني وغيره کاڌي آهي؟ ته اسان چيو ها سائين، تنهن تي پاڻ خاموشيءَ سان موٽي ويو ۽ ڏهن منٽن کانپوءَ مانين جي ڇٻي ۽ کير جي چؤنري کڻي اچي مٿان بيٺو، ته اسان چيو سائين اسان جي ته ماني کاڌل هئي، تنهن تي پاڻ وراڻيائين، بابا ماءُ کان اولاد ڪجهه به لڪائي نٿو سگهي. واقعي ان ٽائيم سائين اسان کي مهربان ماءُ وانگر نظر آيو، جيڪا ٻچن جي اکين ۾ نهاري، پرکي وٺي ٿي ته منهنجا ٻچا ڪيتري وقت جا بُکايل آهن.
    سائينءَ جون اهي محبتون هونديون هيون، جيڪي ميلن جا ميل اسان کي پنڌ ڪرائينديون هيون، اهڙي سفر جو هڪ دلچسپ واقعو جمن ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڀيري سائين جي. ايم سيد مونکي ۽ تاج جويي کي چيو ته ڦلهڏين ۾ عابده پروين ڳائڻ تي آيل آهي، ان کي سالگرهه جي دعوت ڏيئي اچو! اسان نڪري پياسين وڃي، سانگهڙ پهتاسين ته ڀاڙو پورو ٿي ويو، صرف ٻه رپيا بچيا! اتان کان هڪ سوزوڪي ۾ ويٺاسين، سوزوڪيءَ ۾ چڙهندي صلاح ڪئي سون ۽ مون چيو ته آئون جهونگاريندس، تاج تون انعام ڏجان، ائين ڪجهه انعام ملي پوندو ڀاڙو نڪري ويندو، سوزوڪيءَ ۾ ويهندي مون جهونگارڻ شروع ڪيو ته تاج رڙ ڪري چيو ڀائو سُريلو ٿو لڳين، ٿورو وڏي آواز سان ڳاءِ! ۽ پوءِ مون وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪيو ته تاج هڪ رپيو انعام ڏنو، پوءِ ٻيو رپيو به انعام ڏنائين ته ٻين به ويٺلن انعام ڏيڻ شروع ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح اسان کي ڀاڙو ملي ويو ۽ اسين ان ڳوٺ ۾ پهچي وياسين؛ جتي عابده آيل هئي. عابده سان ملي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائين، پوءِ محفل شروع ٿي، عابده ڳائڻ شروع ڪيو 4 ڪلام ٻڌائي پوءِ چيائين ته هاڻي جمن ڳائيندو، ۽ پوءِ مون انقلاب ڳائڻ شروع ڪيو ته وڻ وڄي ويا، اتي 1200 کن انعام مليو، صبح جو اهو ڀاڙو ڪري ٻئي هنڌ پهتاسين.
    هاڻي اندازو لڳايو هنن ماڻهن ڪيڏا پورهيا ڪيا، ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺا، اهو عشق ئي هو، جنهن هنن جو هر سفر آسان پئي بڻايو، اهڙيءَ طرح جمن قومي پروگرامن ۾ قومي گيت ڳائيندو هو، اتي جيڪو انعام ملندو هو، ان جو 10 سيڪڙو حصو تنظيم (جسم) جي فنڊ ۾ جمع ڪرائيندو هو. اهڙا ڪيترائي واقعا جمن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن، جيڪي لکجن ته مڪمل ڪتاب ٿي سگهي ٿو.
    جھڙي ريت هيءُ سنڌي ماڻهن جو محبوب بڻجندو ويو، اهڙي ريت هيءُ رياست جي اک جو ڪنڊو پڻ بڻجندو ويو ۽ رياست هن جو تمام وڏو فائيل ٺاهيو هو. رياست هن جي پويان ۽ هيءُ اڳ ۾ هوندو هو! ڪيترائي ڀيرا مختصر طور پوليس هٿان گرفتار به ٿيو، پر جلد آزاد ٿيندو ويو، رياست جمن جو جيڪو خاڪو جوڙيو هو، جمن ان جي برعڪس صفا ڪجهه به نه هو. هنن جي نظر ۾ هيءُ تمام وڏو ماڻهو، وڏين گاڏين وڏي پروٽوڪول سان هوندو، پر هيءُ فقير صفت انسان جنهن وٽ گاڏيءَ ته ٺهيو، بس جو ڀاڙو به نه هوندو هو. سڄو ڏينهن پيادل سفر ڪندو رهندو هو، هڪ ڀيري جمن عمرڪوٽ مان ڪجهه سامان وٺي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو، ته ڪنهن ماڻهو سڏ ڪيو؛ دربدر هيڏانهن! جمن موٽيو ته اتي ڀرسان ڪو ميجر به ويٺو هو، جنهن اچي پڇيو ته: جمن آپ ہیں؟ ته هن ٺهه پهه وراڻيو: ”ہاں میں ہوں جمن“۔ ته هن وري پڇيو: ”کیا آپ گاتے بھی ہو؟“ ته هن وري چيو: ”ہاں کبھی کبھی گاتا ہوں“۔ وري پڇيائين: ”آپ پاکستان توڑنے کی بات کرتے ہو؟“ هن وري وراڻيو:”ہاں میں پاکستان توڑنے کی بات کرتا ہوں۔“ تنهن تي ميجر جمن کي هيٺ کان مٿي تائين غور سان نهاريو ۽ پوءِ چيو: ”اگر تمہارے کہنے سے پاکستان ٹوٹتا ہے تو ہم کتنے دن بچائیں گے، لیکن ہم نے تمہارے پیچھے پچیس لاکھ کا پئٹرول ضایع کیا ہے، اس کا دُکھ ہے ہمیں۔“
    جمن جي زندگيءَ جو سلسلو قومي تحريڪ سان هلندو رهيو، جمن سڄي زندگي، فڪرِ جي ايم سيد حوالي ڪري ڇڏي، ۽ پنهنجون سموريون خواهشون ترڪ ڪري ڇڏيون هئائين. هن اهڙي زندگي گذاري هئي، جنهن ۾ نه گناهه جي لذت هئي نه عيش و عشرت هئي. هيءُ سڀني مذهبن کان بالاتر ٿي انسانيت جي بنياد تي وت ووڙيندو رهيو، انهيءَ دؤر ۾ هن جي ملاقات سنڌ جي باغي شاعر حليم باغيءَ جي روم تي هڪ نوجوان احسان ميمڻ سان ٿي هئي، احسان ميمڻ جي معصوم شخصيت هن کي صفا موهي ڇڏيو هو. سندس پختن خيالن ۽ مضبوط ارادن هن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هيو، پر ڪجهه ئي ڏينهن بعد احسان ميمڻ کي، پاڪستاني رياست جي هٿڪنڊن، خاڪي ورديءَ وارن ڄامشوري ڦاٽڪ تي گولين جو نشانو بڻائي شهيد ڪري ڇڏيو. شهيد احسان ميمڻ جي بيوقتائي موت هن اڏول شخص جو جيءُ جهوري وڌو هو، جمن ان جهرندڙ جيءَ سان پنهنجيءَ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ هڪ طويل نظم لکيو هو، جيڪو سن جي ڪراڙي شينهن سميت، سڄي سنڌ جي باذوق ماڻهن جي دلين ۾ پيهي ويو هو، اهو نظم هي هو،
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.
    هيءُ نظم جمن سنڌ جي هر ڳوٺ، هر گهٽي، هر واهڻ، هر وستيءَ ۾ ڳائيندو ۽ انقلاب برپا ڪندو رهيو؛ پر جڏهن اهو گيت سن ۾ سائين جي . ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي پهريون ڀيرو ڳايو هئائين، تڏهن سائينءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا؛ ۽ سائين جمن کي ڳراٽڙيون پائي چميون ڏنيون هيون، ان وقت سائين چيو هو ته هي ڳوڙها خوشيءَ جا ڳوڙها آهن، اڄ آئون تمام گهڻو خوش آهيان، اڄ مونکي يقين ٿي ويو آهي ته جنهن ڌرتيءَ جا نوجوان ههڙي شاعري ڪري سگهن ٿا، اُها ڌرتي گھڻو وقت غلام نٿي رهي سگھي، يقينن سنڌ آزاد، خوشحال ۽ سر سبز ٿيندي ۽ آئون ٻيو جنم وٺي موٽندس ۽ آزاد سنڌ ۾ توهان سان گڏ هوندس.
    سائينءَ جا اهي لفظ جمن لاءِ ڪنهن نوبل پرائيز کان گهٽ ڪين هئا، جنهن هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو، مزدوريون ڪيائين، تغاريون کنيائين، ان ماڻهوءَ کي سائين جي. ايم سيد جهڙو سنڌ جو پيغامبر ڳراٽڙيون پائي، چميون ڏئي، ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو؟ جمن جو اهو نظم سڄي سنڌ ۾ ڳائجڻ لڳو، پمفليٽن ۾ لکجڻ لڳو. سچ پچ ته هيءُ نظم جمن جي سڃاڻپ بڻيو هو! هيءُ شعر سنڌ ۾ اڄ به اوترو ئي ٻڌو ۽ ڳايو وڃي ٿو، جيترو ان دؤر ۾ ٻڌو ۽ ڳايو ويندو هو، وري جو استاد شفيع فقير جو آواز ملي ويو ته اڃا وڌيڪ مقبوليت جي مڃتائن کي ڇُهڻ لڳو.
    جمن جي روحل واءِ واري ڳوٺ جي ڀٽ تي قومي ورڪرن جا ميلا مچڻ لڳا، مچ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون، قومي شاعريءَ سرجڻ لڳي، جمن جو اهو سفر جاري هو ته سنڌ جو امام سائين جي. ايم سيد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو! سڄي سنڌ سان گڏ جمن جي دل ۾ به هڪ تڏو وڇائجي ويو هو، ان وقت جمن جي اندر مان سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏک شاعريءَ جو روپ ڌاري نروار ٿيو هو، ۽ هن هڪ خوبصورت وائي لکي سائين کي ڀيٽا ڏني هئي، اها وائي هن ريت آهي:
    سن جو سائين هو الا!
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جهڪيو.
    اهڙو عاشق سنڌ جو ڄمندو ڪين ٻيو-
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جهڪيو.
    علم ادب تاريخ جو ويو ٻاري يار ڏيئو-
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جهڪيو.
    پنهنجي هر ويريءَ کي جنهن مُرڪي معاف ڪيو
    وڻ وڻ واسي ويو-!!!
    ڪڏهن ڪين جهڪيو.
    جمن منهنجي محبوب جا اوهين عاشق سڀ جيئو-
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جهڪيو.
    جمن جي هن وائيءَ مان سائين جي. ايم سيد سان اٿاهه محبت جي جهلڪ پسجي ٿي. جمن هن وائيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي سڀني پهلوئن کي نروار ڪيو آهي. هن وائيءَ جي آخري سٽ ته صفا محبتن جي انتهائن کي ڇُهي ٿي، جتي ڪو به عاشق پنهنجي محبوب جو ٻيو رقيب پسند ناهي ڪندو؛ اتي جمن پنهنجي محبوب سائينءَ جي سڀني عاشقن جي لاءِ دُعاڳو آهي، پر ڏک اهو آهي ته اڄ اهي سمورا عاشق ڇِڙوِڇڙَ آهن... ۽ پوءِ جڏهن سائينءَ جي چاليهي جي موقعي تي انضمام پئي ٿيو ته هن ان ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو هو، ۽ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي ختم ڪري (جسقم) جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو هو؛ ۽ هيءُ ان جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڪارڪن ٿيو هو. جمن سڄي زندگي هڪ مخلص ڪارڪن واري حيثيت سان گذاري. ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي لالچ نه ڪيائين. سائينءَ جي وڇوڙي کانپوءِ به ڪافي عرصو نهايت گهڻي سرگرميءَ سان سلهاڙيل رهيو، پر پوءِ هاڻ، قومي تحريڪ ۾ ٿيندڙ ٽوڙ ڦوڙ کان دل شڪستو ٿي، مايوس ٿي ويو آهي؛ پر پوءِ به هيءُ اڄ تائين ٿڪو ناهي. اڄ به جمن سن جي سائينءَ جي حاضري ڀري ٿو، هر قومي تحريڪ جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو.
    جمن جي وڏي خوبي اها آهي جو هيءُ ڪنهن به ڌڙي جو حصو نه بڻيو آهي، هر ڪنهن جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو آهي، هن وقت به پاڻ قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن کي گڏائڻ واري ڪم ۾ رُڌل آهي؛ خدا کيس ڪامياب بڻائي.
    جمن دربدر واقعي سڄي زندگي جدوجھد ۾ گذاري، پر مون هن ماڻهوءَ کي ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو. هميشه کلندو ۽ کلائيندو رهيو آهي. جمن جي ڌرتيءَ سان محبت ان حد تائين آهي، جو صبح جو سوير پير اُڀراڻا ڪري روحل واءِ جي واريءَ ۾ پسار ڪندو رهي ٿو، ۽ رات جو ته پوري رات جتي پير ۾ ئي نه وجهندو آهي. ان سان کيس سڪون ملندو آهي. جمن جي روحل واءِ واري ڀٽ تي ٺهيل اها جهوپڙي اڄ به سنڌ جي نئين نسل جي ڪچهرين جو مرڪز آهي. پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن انهن ڪچهرين جو حصو بڻجندو رهي ٿو، ۽ شاعريءَ جو سلسلو اڄ به جاري آهي، وٽس هڪ ڪتاب جيتري شاعريءَ موجود آهي، جيڪا جڏهن به ڪتابي صورت ۾ آئي، ته هڪ ڀيرو ٻيهر قومي تحريڪ جي سُتل ضمير کي جنهجهوڙي جاڳائيندي.
    ¤¤¤¤¤


    سيد جو ساٿي : حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو

    هونئن ته سڄي سنڌ سون آهي، پر سنڌ ۾ سن جي مٽيءَ ۾ جيڪا مڻيا آهي، اهڙي مڻيا شايد ڪنهن مٽيءَ ۾ هجي! سن، جنهن کي سنڌ جو سياسي ڪعبو چيو وڃي ٿو. سن، جنهن شاهه حيدر سنائيءَ کان سائين جي. ايم سيد تائين ڪيترن ئي اُملهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، حڪيم محمد صالح ڪانڌڙي به انهي ئي سن جي سنڌوءَ مان سُرڪي پيتي هئي، ۽ انهي ئي سن جي مٽيءَ ۾ بانبڙا پائي وڏو ٿيو هو. حڪيم صاحب ننڍپڻ کان ئي لا اُٻالائي طبيعت جو مالڪ ۽ خودداريءَ جو پيڪر، پر وري جو سن جي سائينءَ جي ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليس، ته صفا ساميوادي سنڌي ٿي پيو.
    محمد صالح 14 جون 1912ع تي سن شهر ۾ مير خان ڪانڌڙي جي غريب گهراڻي ۾ اک کولي. پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهي غربت جي پاڙ پٽڻ ۽ ٻه ويلا گهر جي چُلهه ٻارڻ لاءِ محنت ۽ مزدوريون ڪرڻ لڳو، ۽ مزدوري ڪندي سندس ڪنهن هندو پنساريءَ سان مُکا ميلو ٿيو، جنهن کيس حڪمت جا ڪجهه نسخا ڏنا ۽ هيءُ حڪمت ڪرڻ لڳو؛ ۽ پوءِ اڳتي هلي حڪمت جي ماهرن حڪيم گل محمد، حڪيم سيد حيدر شاهه (قاضي احمد)، مولوي نور محمد نوراني (سکر) حڪيم حبيب ا شاهه (جيڪب آباد واري) کان اڃا ڪجهه وڌيڪ نسخا ورتائين، ۽ پوءِ باقاعدي حڪمت ڪرڻ لڳو، ۽گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪيائين. اهڙيءَ ريت اسلام آباد جي طِبي ڪاليج مان طِب جي ڊگري پڻ ورتائين، ۽ ان سال پاڻ پوري ملڪ ۾ ڏهين نمبر تي پاس ٿيو.
    حڪيم صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين گهر واريءَ مان 10 ٻار 6 پٽ ۽ 4 نياڻيون ٿيس، جيڪي پوري ملڪ ۾ آيل ڪالرا جي بيماريءَ وگهي گذاري ويا، ڏهن ٻارن ۽ سندس ڀاءُ جي وڇوڙي صفا جهوري وڌس. خاندان جو ڏيک ڏيندڙ گهر ۾ صرف پاڻ ۽ سندس امڙ حياتي بچيا. سمجهي سگهجي ٿو ته اهڙي ڪيفيت ۾ ماڻهوءَ جو زنده رهڻ ڪيڏو مشڪل هوندو! پر هيءُ زنده دل انسان اهڙي ڏک واري ڪيفيت کي مُرشد لطيف ۽ راضي شاهه جي بيتن سان وندرائيندو رهيو. هيءُ جڏهن به ڏک جي لهر ۾ وٺجي ويندو هو ته شاهه سائينءَ کي وڏي آواز ۾ ڳائيندو هو. جڏهن سندس امڙ اهڙي ڪيفيت ڏٺي ته کيس ٻي شاديءَ جو مشورو ڏنائين، جنهن تي پاڻ صفا نابري واري ويهي رهيو. حڪيم صاحب ڪو هوس پرست ماڻهو ڪونه هو، جو پنهنجي هوس جي پورائي لاءِ ڏهن عورتن سان به گڏ رهي وڃي؛ پر هيءُ ته خدا ترس ۽ انسان دوست ماڻهو هو، جنهن لاءِ پيار ئي سڀ ڪجهه هو. هيءُ صرف محبت ۾ ڏيڻ سکيو هو، وٺڻ نه؛ پر سندس اَمڙ جي ضد کيس ٻي شاديءَ لاءِ مڃائي ورتو، ڇو ته هيءُ پنهنجي امڙ سان بي پناهه محبت ڪندو هو. اَمڙ ئي سندس زندگي هئي، امڙ ئي سندس آدرش هو. حڪيم صاحب تمام وڏو خوددار ۽ وطن دوست ماڻهو هو. سائين جي ايم سيد سان ته صفا عقيدتمندي ۽ محبت هوندي هئس، ۽ پاڻ سائينءَ جي چوياريءَ جو چوٿون يار هو، ۽ سائين به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. حڪيم صاحب گهٽ پڙهيل هئڻ باوجود سائين جي صحبت ۽ محفلن مان رچي ريٽو ٿي نڪتو هو. تمام وڏي ڄاڻ ۽ دُور رس نگاهه رکندڙ انسان هو. ماڻهوءَ کي ڏسنديئي پرکي وٺندو هو ته هيءُ ڪهڙي طبيعت ۽ مزاج جو ماڻهوآهي. منهنجي حڪيم صاحب سان ڪابه ملاقات نه هئي، پر سندس محبت ۾ رهندڙ عبدالواحد آريسر، تاج جوئي ۽ واحد ڪانڌڙي جي واتان اڪثر ذڪر ٻڌندو رهندو هئس، ۽ هميشه پنهنجي پاڻ کي ڏوهي قرار ڏيندو هئس ته اهڙي انسان سان ملاقات ڇو نه ڪيم؛ پر پوءِ هڪ ڏينهن واحد ڪانڌڙي کي چيم ته يار مونکي حڪيم صاحب متعلق معلومات گهرجي، واحد ڪانڌڙي مونکي حڪيم صاحب جي وڏي پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف جو موبائل نمبر ڏيندي چيو، ته ڊاڪٽر صاحب تمام سٺو ماڻهو آهي، ان کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهين ٿو، ۽ پوءِ ڊاڪٽر لطيف کي فون ڪيم، جنهن شام جو ملڻ جو ٽائيم ڏنو. آئون ڊائري ۽ پين کڻي ڊاڪٽر صاحب وٽ پهچي ويس. ڊاڪٽر صاحب تمام سُٺي موٽ ڏني ۽ خاطر تواضع کان پوءِ حال احوال ڪياسين. ڊاڪٽر صاحب مونکي تفصيلي معلومات ڏني، پاڻ انتهائي پيارو ماڻهو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو قرب، ورتاءُ ۽ پيار ڏسي مونکي يقين ٿي ويو، ته جڏهن پٽ ههڙو پيارو آهي، ته سندس پيءُ ڇا هوندو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته سن ۾ سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه جي تقريب لاءِ هر سال سائين جي. ايم سيد سڄي سنڌ مان ڪهي آيل پانڌيئڙن لاءِ 52 اوطاقن تي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو انتظام ڪرائيندو هو، انهن اوطاقن ۾ حڪيم صاحب جي درياء واري اوطاق به اهم هوندي هئي، جنهن تي 1968ع کان 1996ع تائين هر سال 245 ماڻهن جي رهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. حڪيم صاحب اسان کي پابند ڪندو هو ته مهمانن جي خاطر تواضع ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ نه رهي، ۽ پاڻ پورو ٽائيم مهمانن سان ڪچهريءَ ۾ مشغول رهندو هو. پاڻ ئي مهمانن جا هٿ ڌورائيندو هو. ڪيترائي نوجوان کيس چوندا هئا ته سائين توهان اسان کي گناهگار نه ڪريو، اسان پاڻ هٿ ڌوئينداسين، ته پاڻ کِلي چوندو هو ته توهان ته سنڌ تان قربان ٿيڻ جي جنگ پيا وڙهو، توهان جي خدمت منهنجي لاءِ اعزاز آهي؛ ۽ پوءِ پڙهيل لکيل ۽ باشعور ڪارڪن حڪيم صاحب کي ڳراٽڙيون پائي روئي پوندا هئا. سائين جي. ايم سيد انهن اوطاقن لاءِ هڪ دڪاندار کي پابند ڪيو هو سامان وغيره لاءِ، پر حڪيم صاحب ڪڏهن به ان دوڪان تان سامان نه کنيو ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪندو هو، پر اهو دڪاندار هميشه سائين جي ايم سيد کان حڪيم صاحب جي اوطاق جو بل به وٺندو هو! هڪ ڀيري اهو دڪاندار حڪيم صاحب جي موجودگيءَ ۾ سائينءَ کان بل وصول ڪرڻ آيو ۽ انهي بل ۾ حڪيم صاحب جي اوطاق جو بِل به شامل هو، تنهن تي حڪيم صاحب چيو ته سائين مون ته ڪڏهن به هن دڪاندار کان سامان ئي ناهي ورتو، ته سائين چيو، هيءُ ته هميشه مونکان پئسا وٺي ويندو آهي؛ ۽ پوءِ حڪيم صاحب ۽ سائين جي. ايم سيد ٻنهي ان ماڻهوءَ کي ڪجهه نه چيو، معاف ڪري ڇڏيو! اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون هونديون هيون.
    حڪيم صاحب جو سن شهر ۾ حڪمت جو دڪان (لطيف شفاخانو) هوندو هو، جيڪو 24 ڪلاڪ مهمانن جوآستان هوندو هو. پاڻ انتهائي خوش مزاج ۽ ماٺيڻو هوندو هو. سندس گفتگوءَ جو انداز وڻندڙ هوندو هو. هڪ ڀيري سائين جي. ايم سيد وٽ ڪي مولوي صاحبان آيا، جن سائينءَ کي چيو ته توهين هندن کي پاڻ سان گڏ ٿا کارايو، توهانجي ان عمل سان اسلام کي خطرو آهي، ته سائين ان وفد کي حڪيم صاحب ڏانهن موڪليو، حڪيم صاحب سان ڪافي وقت گفتگو ڪرڻ کان پوءِ انهن اسلام بچائيندڙن جو وفد موٽي سائين وٽ آيو، ۽ سائين کي چيائون ته حڪيم صاحب جي اڳيان اسان جي دال نٿي ڳري، هي ماڻهو ته علم جو درياهه آهي؛ جيڪو اسان کي لوڙهي ڇڏيندو.
    حڪيم صاحب جا ڪيترائي اُصول ڏاڍا سٺا هوندا هئا. حڪيم صاحب پنهنجي شفاخاني تي ايندڙ ماڻهن ۾ استادن، شاگردن ۽ غريب ماڻهن کان دوادرمل جا پئسا نه وٺندو هو. ان وقت سيوهڻ کان ڄامشوري تائين ڪابه اسپتال نه هئي، جنهن ڪري سندس شفا خاني تي تمام گهڻي رَش هوندي هئي؛ پر مجال آهي جو پاڻ ڪنهن سان تلخ لهجي ۾ ڳالهائي. ان کانسواءِ پاڻ سائين جي. ايم سيد، مير بنده علي خان ٽالپر، نواب ولي محمد خان ٽالپر، رئيس غلام رسول انڙ ۽ ٻين جو خاص فيملي حڪيم هو. پاڻ گرميءَ جي موسم جو بهترين شربت (ابريشم) ٺاهيندو هو، ۽ اهو شربت سائينءَ کي مسلسل پهچائيندو هو، جيڪو سائين هر ايندڙ مهمان کي شوق سان پياريندو هو. حڪيم صاحب ۽ رئيس علڻ خان ٿيٻو سائين جي. ايم سيد جا اعتماد وارا ماڻهو هوندا هئا.
    جڏهن 1971ع ۾ شيخ مجيب جي دعوت تي سائين جي. ايم سيد 17 ماڻهن جو وفد بنگلاديش موڪليو هو، ته ان وفد جا مهندار سيد امداد محمد شاهه، رئيس علڻ خان ٿيٻو ۽ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو هئا. اتي حڪيم صاحب جيڪا تقرير ڪئي هئي، ان شيخ صاحب کي تمام گهڻو متاثر ڪيوهو. ان تقريب ۾ مولانا ڀاشاني به موجود هو، حڪيم صاحب ان تقرير۾ مولوين کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو، ۽ پوءِ جڏهن واپس موٽي سنڌ آيو هو ته پاڪستان جا نام نهاد ادارا وٽس اچي ڪڙڪيا هئا، ۽ چيو هئائون ته توهان بنگلاديش ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، ان ۾ توهان مولانا ڀاشانيءَ کي نشانو بڻايو آهي. بهرحال پوءِ حڪيم صاحب انهن گهٽ پڙهيلن کي مطمئن ڪري روانو ڪيو هو.
    حڪيم صاحب راڳ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. عابده پروين ۽ استاد منظور علي خان کي شوق سان ٻڌندو هو ۽ پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف جي شاديءَ ۾ به عابده پروين کي گهرايو هئائين. ان وقت ۾ عابده پروين سان ڏههن هزارن ۾ معاهدو ٿيو ۽ اهو پڻ طئه هو ته جي ڏهن هزارن کان وڌيڪ انعام مليو ته واپس ڪيو ويندو ۽ جي گهٽ مليو ته پورو ڪري ڏنو ويندو. ان تقريب ۾ 12200 رپيا انعام مليو هو، ۽ واعدي موجب عابده پروين 2200 رپيا حڪيم صاحب کي موٽائي ڏنا هئا. جيڪي حڪيم صاحب ان وقت ته رکي ڇڏيا هئا، پر بعد ۾ موڪلائڻ مهل کيس پوتيءَ جا ڪري واپس ڏنا هئا. حڪيم صاحب شاهه سائينءَ جو معتقد هو. اڪثر شاهه سائينءَ جي مزار تي راتين جون راتيون گذاريندو هو.
    ان کانسواءِ سندس علمي ادبي ۽ سماجي ڪم به قابلِ تعريف آهن. پاڻ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جي بنياد وجهندڙن مان هو. هن سوسائٽيءَ طرفان شهر جي سڀني دڪاندارن کان روزانو پنجن پئسن جي حساب سان چندو ورتو ويندو هو. ان چندي جي پئسن مان اتان جي پسگردائيءَ جي غريب شاگردن جي لاءِ يونيفارم، ڪتاب ۽ فيس وغيره جو خرچ ڀريو ويندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن غريب شاگردن جي مدد ٿيندي هئي. اها سوسائٽي اڃا تائين ساڳئي نموني ڪم ڪري رهي آهي. هن وقت ان سوسائٽيءَ کي سائين جي. ايم سيد جو پوٽو سيد ضياء شاهه هلائي رهيو آهي، ۽ ان سوسائٽيءَ طرفان هر سال ڪيترائي شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليا ويندا آهن. حڪيم صاحب جو وڏو پٽ ڊاڪٽر لطيف اڄ تائين سوسائٽيءَ جو ميمبر آهي. حڪيم صاحب ٽي ڪتاب به قلمبند ڪيا آهن: (1) مجربات صالحين (2) تجربات صالحين (3) صحبت صالحين، جيڪي هزار هزار صفحن کان به مٿي ۽ اڻ ڇپپيل صورت ۾ سندس پونئيرن وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب انتهائي اهم معلومات تي مبني آهن، جن ۾ حڪيم صاحب پنهنجي تجربن جو ڳوڙهو اڀياس رقم ڪيو آهي، حڪيم صاحب پابنديءَ سان ڊائري لکڻ جو عادي هو، سندس ڊائريون ۽ ڪتاب ڇپجن ته هڪ ڪُليات ٺهي سگهي ٿو. حڪيم صاحب جي سوچ جو محور سنڌ، سيد ۽ سنڌي قوم جي لاءِ جاکوڙڻ هو! ۽ هُن واقعي سڄي زندگي جاکوڙيندي گذاري.
    حڪيم صاحب پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ به وسان نه گهٽايو. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف حيدرآباد نرسنگ اسڪول ۾ ميل نرسنگ ٽيوٽر آهي. ٻيو نمبر پٽ عبدالستار سيوهڻ ڪاليج ۾ پرنسپل هيو، جيڪو هاڻي جوانيءَ ۾ گذاري ويو. ٽيون نمبر پٽ مظهرعلي سن شهر ۾ اسپيئر پارٽس جو دڪان هلائيندو آهي، ۽ چوٿون نمبر پٽ علي محمد ڪانڌڙو بلوچستان ۾ ياماها ڪمپنيءَ ۾ ڊپٽي پراڊڪشن مئنيجر آهي. حڪيم صاحب کي ٻي گهر واريءَ مان به ڏهن ٻارن جو اولاد ٿيو، جنهن مان چار پٽ ۽ ڇهه نياڻيون اٿس. سندس وڏي نياڻي آپا نذيران حڪيم صاحب سان حڪمت جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي هئي، ۽ پوءِ سن شهر ۾ مڊوائيف طور به ڪافي عرصي تائين غريب عورتن جو علاج ڪيائين. حڪيم صاحب گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سائين جي. ايم سيد سان زندگيءَ جا 52 سال گڏ گذاريائين. 1995ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي وفات کانپوءِ صفا ويڳاڻو ٿي پيو ۽ گهڻو عرصو زنده رهي نه سگهيو ۽ آخر 12 نومبر 1996ع تي وفات ڪيائين. ا کيس جنت ۾ جاءِ ڏي، پاڻ سڄي سنڌ پيرين پنڌ سيلاني ٿي گهمي ڏٺائين، ايران به ويو، عمري جي سعادت به حاصل ڪيائين، حڪيم صاحب جھڙا ماڻهو ورلي جنم وٺندا آهن. سيد فيمليءَ کي گهرجي ته هر سال سن ۾ سندس ورسيءَ جي تقريب ڪوٺائي، سندس خدمتن کان نئين نسل کي آگاهي ڏين. ڇو ته حڪيم صاحب جهڙا ماڻهو قوم جو سرمايو هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ئي تاريخ جي ورقن ۾ زنده جاويد رهندا آهن.

    ¤ ¤ ¤ ¤ ¤


    مُحبت ۽ دانش جو ڀَنڊار: نِثار هَڪڙو

    دنيا ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو جنم وٺن ٿا ۽ ڪيترائي زندگيءَ جو ڏيئو وسائي ويهن ٿا. ڪي ماڻهو پوري زندگي، بنا ڪنهن مقصد جي پنهنجي خفن ۾ گذاري ڇڏين ٿا ۽ تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ مٽجي وڃن ٿا، ته ڪي ماڻهو سڄي زندگي عظيم مقصد جي لاءِ وقف ڪري ٿا ڇڏين ۽ پنهنجي تاريخ پاڻ لکي ٿا وڃن. زندگيءَ جي اهڙي سرشتي ۾ شڪارپور جي تاريخ انتهائي عظيم ۽ محب وطن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن نه صرف پنهنجي تاريخ پاڻ لکي آهي، پر قومن جي تاريخ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. شڪارپور جو سنڌي ادب جي واڌاري ۾ نهايت ڪارائتو ڪردار رهيو آهي. هن ادبي کيتر ۾ ڪيترائي ماڻهو آيا، جيڪي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندا هليا ويا. ڪن کي ورهاڱي جي وڍ کڻي پري ڪيو، ته ڪن کي وري قدرت جي طرفان عطا ڪيل فرشتن هميشه هميشه جي لاءِ خاموش ڪري، ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح آزاديءَ جي اڙانگي سفر ۾ به شڪارپور پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي.
    شيخ اياز، نياز همايوني،، قيوم منگيءَ کان ويندي نثار هڪڙي تائين سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو نڀاءُ ڪيو آهي، نثار هڪڙو قومي تحريڪ جو بهادر ورڪر ۽ سيد جو سچو پيروڪار هو. نثار هڪڙي 12 اپريل 1943ع تي هَڪڙا محلي، جمُاڻي هال، شڪارپور ۾ جنم ورتو. بنيادي مقامي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان گريجوئيشن (MSC Agriculture Department of Plant Breeding and Genetics) ۾ ڪيائين. شاگرديءَ واري دؤر کان ئي جيئي سنڌ جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪيائين ۽ انتهائي بهترين ۽ سچي ورڪر طور فرض نڀايائين؛ ۽ شاگردن جي مسئلن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. تعليم مڪمل ڪري شاگرديءَ واري دؤر کي پڄاڻيءَ تي پهچائي، 16 اپريل 1966ع کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات (Research Officer on Wheat Crop) جي نوڪريءَ طور ڪيائين، جتي 13 سال نوڪري ڪيائين. ان بعد (Officer incharge Cotton Sub-Station) مقرر ٿيو، جتي اٺن سالن تائين پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. بعد ۾ (Assistant Oil Seed Botanist) مقرر ٿيو. پنجن سالن بعد کيس (Sunflower Botanist in P.L.480 Project) طور مقرر ڪيو ويو، جتي ٽن سالن تائين محنت سان ڪم ڪيائين. سندس صلاحيتن کي ڏسندي کيس (Rice Botanist PRI, Dokri) مقرر ڪيو ويو، جتي پنجن سالن تائين نوڪري ڪيائين؛ پوءِ جتان بدلي ڪري (Oil Seed Botanist, ARI, Tando Jam) رکيو ويو، جتي ٽي سال نوڪري ڪيائين. نوڪريءَ جا 37 سال خوش اسلوبي سان فرائض سرانجام ڏئي 11 اپريل 2003ع تي رٽائر ڪيائين. ان بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ِ(Extension) ڏئي کيس (Technical Supervisor of Foundation Seed Cell ARI, Tando Jam) مقرر ڪيو ويو، جتي هن ٽن سالن تائين نوڪري ڪئي ۽ ڪيترائي تجربا ڪيا.
    نثار هَڪڙي نوڪريءَ جي دوران ڪيتريون ئي ٽريننگون پڻ ورتيون، جن ۾ ٻه ڀيرا ٻاهران به ٽريننگ ڪري آيو. پهريون ڀيرو 1992ع ۾ چاليهن ڏينهن لاءِ ريسرچ مئنيجمنٽ جي ٽريننگ لاءِ واشنگٽن ويو. ٻيو ڀيرو 1995ع ۾ اڍائي مهينا ِ (Evolutional Utilization) جي ٽريننگ فلپائن ۾ ڪيائين. ان کان علاوه ملڪي سطح تي ڪيتريون ئي ٽريننگون ڪيائين. نثار هڪڙو خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، سندس ذهن ۾ ڄاڻ جو اڻکُٽ خزانو محفوظ ٿيل هو. نثار نوڪريءَ جو سڄو عرصو فرض سمجهي ادا ڪيو ۽ سنڌ جي زرعي پيداوار تي تحقيق ڪندو رهيو. ڪيترائي تجربا ڪيائين، جن ۾ چانورَن جون 2 جِنسون (ڪنول 95 ۽ آر.ڊي 64) پنهنجي تحقيقي تجربي جي بنياد تي ايجاد ڪيائين، جيڪي اُن وقت پيپلز پارٽيءَ جي گورنمينٽ کي پيش ڪري چيائين، ته هي چانور مارڪيٽ ۾ آندا وڃن ۽ هن چانور تي راجا ڏاهر جو نالو رکيو وڃي، جنهن تي پيپلز پارٽيءَ جي گورنمينٽ اختلاف رکيو ۽ اهو چانور ضايع ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اهو چانور هڪ ٻن ضلعن ۾ جنس طور پوکيو ويو، پيپلز پارٽيءَ جي هن رَوش نثار کي انتهائي وڏو ڌچڪو رسايو ۽ نثار هَڪڙو سڄي زندگيءَ هن گورنمينٽ کان نفرت ڪندو رهيو؛ ڇو ته جنهن گورنمينٽ کي جمهوري گورنمينٽ جو نالو ڏنو وڃي ۽ اها گورنمينٽ آمراڻي رَوَش جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي هيرن جو قدر نه ڪري، ان کان نفرت نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو! ان کان علاوه هن کاڄرو تيل ۽ ڪڻڪ جي داڻن تي تجربا ڪري، وڌيڪ تحقيق لاءِ ٻاهرين ملڪن جي زرعي ماهرن کي موڪليا. اهڙيءَ طرح هن پنج تحقيقي مقالا پڻ لکيا، جيڪي (West Pakistan) زرعي جنرل ۾ ڇپيا ۽ مختلف فصلن جي جديد طرز تي پيداوار بابت سندس ڪيترائي مضمون Agriculture Extension Sindh ۾ وقتن بوقتن ڇپجندا رهيا.
    نثار هَڪڙي پاڪ هند ورهاڱي واري صورتحال تي لکيل انگريز ليکڪن جان نيپيري ۽ ليري ڪولن جي ڪتاب (Freedom of Midnight) جو سنڌيءَ ۾ ”آڌي رات آزادي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپيل آهي ۽ اڃا اڌ مسودو ترجمي جي صورت ۾ سندس پونئرن وٽ محفوظ آهي. اهڙيءَ طرح نثار هَڪڙي جي سڄي زندگي تحقيق ۾ گذري، تحقيق جھڙي ڏکئي فن سان لاڳاپيل هئڻ جي باوجود سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. 1975ع ۾ ”هَڪڙا همدرد جماعت“ شڪارپور جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، پيرو مل شاهه ويلفيئر ايسوسيئشن جو تاحيات ميمبر رهيو. سنڌي ادبي سنگت جو سڄي زندگي ميمبر رهيو. ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي لالچ نه ڪيائين، پاڻ سائين جي. ايم سيد جو عقيدتمند هو، سائين پڻ کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، نثار جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) جي قيام ۾ حصو ورتو، ۽ 1974ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي آئين جي تشڪيل ڏيڻ واري ڪميٽيءَ ۾ شامل رهيو. جڏهن جيئي سنڌ محاذ جو بنياد پيو تڏهن پاڻ سکر ڊويزن جو آرگنائيزر هيو. سائين جي. ايم سيد جي وفات بعد جڏهن جسقم جو بنياد پيو ته کيس جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پاڻ مرڻ گهڙيءَ تائين سيد جي فڪر کي ڦهلائيندو رهيو. نثار هَڪڙو شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ميمبر هو. پاڻ بهترين اداڪار به هو، اسڪولي دؤر ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڪيائين ۽ بيدل مسرور سان به پرفارم ڪيو هئائين.
    نثار هَڪڙو قومي تحريڪ جو روح روان هو، هن سياسي اختلاف هوندي به سماجي واسطا برقرار رکيا. عبدالواحد آريسر جو تمام گھرو دوست هو ۽ کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آريسر صاحب سان ڊرنڪ به ڪري وٺندو هو. مون پهريون ڀيرو آريسر صاحب جي ڀاڻيجي جي شاديءَ ۾ ڏٺو، جتي پاڻ سندس گهرواريءَ سان گڏ آيو هو. مونکي هيءُ انتهائي حساس طبيعت جو مالڪ لڳو، ڪيتري دير ساڻس ڪچهري ڪيم، سندس گفتگوءَ جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ دلڪش هو ۽ وڏي دُور رس نگاهه رکندڙ ماڻهو هو. کيس سياسي، سماجي، جاگرافيائي ۽ زميني تمام وڏي ڄاڻ هئي. ان بعد پاڻ جلد 31 جنوري 2004ع تي وفات ڪيائون ۽ سنڌ جي ڏاهپ جو هيءُ خزانو مَڻين مٽيءَ هيٺان هميشه هميشه لاءِ دٻجي ويو. پونئرن ۾ پنج پٽ ۽ ٽن ڌيئرن سميت سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي ويو. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي گهرجي ته سندس ڇڏيل اڌوري مشن کي اڳتي وڌائين ۽ تحقيق جي ميدان ۾ جيڪي شيون اڌوريون رهجي ويون آهن، انهن کي پورو ڪن. آئون سنڌ جي هن قومي ورثي لاءِ امر جليل جا هي لفظ لکڻ ضرور ٿو سمجهان ته: ”زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو گهاءُ هڪ نسل کي رسندو ۽ رت وري ٻئي نسل جي دل مان وهي نڪرندو آهي.“ اسان جي موجوده ٽهي ڪاش امر جليل جي انهن لفظن کي سمجهي!


    ¤ ¤ ¤ ¤ ¤


    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا : سيد شاهنواز شاهه ’عارف الموليٰ‘

    سنڌ جي سر زمين تاريخ جي هر دؤر ۾ خوشحال، شاداب ۽ زرخيز پئي رهي آهي، هيءَ ڌرتي جيئن قدرتي نعمتن سان مالا مال آهي، تيئن علم جا موتي به هن ڌرتيءَ ۾ پويل آهن، جهڙي ريت سڄي سنڌ ۾ علم ۽ ادب جو درياهه وهندي نظر اچي ٿو، اهڙي ريت سانگهڙ ضلعو به علم جي نُور سان روشن آهي، سانگهڙ ضلعي ڪيترن علم ادب جي آفتابن کي جنم ڏنو آهي، انهن ۾ شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جو نالو به مٿانهون آهي، شاهنواز شاهه هڪڙي اهڙي خاندان ۾ اک کولي، جيڪو خاندان علم جو مرڪز پئي رهيو آهي، سندس والد صاحب پير سيد ڏنل شاهه جيلاني پنهنجي دؤر جو اهل علم ۽ خداشناس بزرگ ٿي گذريو آهي، سيد ڏنل شاهه علم جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان ٻين ٻارن سان گڏ هي ننڍڙو نينگر شاهنواز شاهه عربي، فارسي ۽ فقهه جي تعليم حاصل ڪري فيضياب ٿيو، هن جڏهن شعور جي ڏاڪڻ تي پير رکيا ته چئني پاسي ڪتاب ئي ڪتاب نظر آيس، جي سندس وڏڙن جي عاليشان لئبريريءَ جو ذخيرو هئا. پاڻ انهن ڪتابن جي اندر ۾ جيئن داخل ٿيو ته سندس اندر ۾ ستل شاعر ڀڙڪو ڏيئي جاڳي پيو ۽ پاڻ ڪڏهن عاجز، ڪڏهن عارف ۽ پوءِ هميشه جي لاءِ عارف الموليٰ جي صورت ۾ سنڌ جي علم جو مرڪز بڻجي نروار ٿيو، سندس قلم مان وهندڙ لفظن آبشارن جو رُوپ ورتو ۽ پاڻ ٻوليءَ جا واهڙ واهڻ لڳو، شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جنهن کي دنيا هڪ شاعر جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي، پر جڏهن مون سندس نثر پڙهيو ته دنگ رهجي ويس، جيتوڻيڪ! تمام گهٽ شاعر نثر ۽ نظم ٻنهيءَ صنفن سان نباهه ڪري سگهندا آهن، پر شيخ اياز کان پوءِ اسان جو هي مانجهي مڙس آهي، جنهن نه صرف شاعريءَ کي عقاب جا پر عطا ڪيا، پر نثر کي به شهباز جي اُڏام ڏني آهي، جڏهن سندس نثر ۾ جهاتي پائجي ٿي ته سندس نثر تيز گهوڙي تي سوار نظر اچي ٿو، جنهن جي واڳ شايد سوار جي سنڀال کان به مٿڀري هجي، ۽ گڏو گڏ سندس وسيع مطالعي جي پرک پئي ٿي، آئون حيران آهيان ته پاڻ هيترو مطالعو ڪيئن ڪيائون، سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي، عربي سڀني تي عبور؟ سندس هر لکڻيءَ ۾ هيترين ٻولين جي عالمن جا حوالا؟ سوبه اهڙي دؤر ۾ جنهن دؤر ۾ ٻاهر جو ادب ته ٺهيو، خود پنهنجي ٻوليءَ جو ادب به ناياب هجي، ان دؤر ۾ ايترو وسيع مطالعو سچ ته وڏو ڪمال آهي، مطالعي سان گڏو گڏ سندس مشاهدو به وسيع ٿو ڏسجي، سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته مطالعو ۽ مشاهدو انساني سوچ جون ٻه ٽانڪيون آهن، ٻنهيءَ مان ڪابه هڪ خالي هوندي ته ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ سان نباهه نه ڪري سگهندو، پر اسان جي هن شاعر وٽ مطالعو به وسيع ته مشاهدو به اڻ کُٽ شايد اياز اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته
    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي
    اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
    جا ماڻهوءَ کي جاڳائي ٿي
    جا دنيا کي بدلائي ٿي.
    پاڻ سنڌ جي ڪيترين ئي نامور شخصيتن سان ويجهو رهيو، جن ۾ مخدوم طالب المولا ۽ سائين جي.ايم سيد سان سندس گهري نسبت رهي. سائين جي.ايم سيد جڏهن بزم صوفياءِ سنڌ شروع ڪئي هئي ته ان جو هڪ شاندار جلسو ڊٺڙي شريف ۾ ڪرايو هئائين، جنهن ۾ لاتعداد ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.
    عارف الموليٰ جا جڏهن مضمون پڙهجن ٿا ته ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هو پاڻ سان گڏ پڙهندڙ کي انهن شين مان لُطف اندوز ڪندو هجي، سچ ته سندس لکڻيءَ جو انداز ڪيترن ئي ليکڪن کان منفرد ۽ مفڪراڻو آهي، جنهن ۾ فڪر جي گهرائي، وحدت الوجود جو فلسفو، انسانيت جا سمورا گُڻ، گُناهه ۽ ثواب جي ڀرپور لذت ۽ احساسن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي، سندس مضمون مان هڪڙو بند آئون هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيڪو بند پاڻ هڪ ڇوڪريءَ واتان چوايو اٿس.
    ”هُن بارها پنهنجا چپ منهنجن چپن جي ويجهو آندا، مگر آئون هميشه بچندي رهيس، باقي هيترو ضرور چونديس ته جڏهن هُن جا حسين لب منهنجي لبن جي قريب آيا ٿي ته اُنهن ۾ هڪ قسم جي نهايت لطيف انگيز خلش پيدا ٿِي ٿي ۽ ائين معلوم ٿيو ته منهنجو رُوح ڇڪجي چپن تي اچڻ گُهري ٿو، نيٺ هڪ ڏينهن آئون پنهنجي جذبات کان مغلوب اچي ويس ۽ هُن جا لب منهنجي لبن سان پيوس ٿي ويا، اگرچه ڊسمبر جو مهينو هو مگر منهنجي پيشانيءَ تي پگهر جا قطرا اچي ويا، قلب کي هڪ تڪليف پهتي، ليڪن اُها تڪليف تفريح هئي، ۽ مسرت بخش، تنهنڪري اڄ تائين انهيءَ لُطف کي ياد ڪري پنهنجا چپ چٽي وٺندي آهيان“.
    مٿئين اقتباس مان سندس دور رس نگاهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هونئن به جيڪو ماڻهوءَ ٻئي جي دل ۾ داخل ٿي، ان جي دل جي ڳالهه کي جهٽي نٿو، اهو ماڻهو هڪ سِٽ به نٿو لکي سگهي، نه نظم جي ۽ نه نثر جي. مون هن وقت تائين نثر جا ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ شاعراڻو نثر مونکي تمام ٿورن ماڻهن جي نثر ۾ نظر آيو آهي، جن ۾ شيخ اياز، عبدالواحد آريسر، اعجاز منگي، نواز خان زئور ۽ ايوب کوسي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. ان کانسواءِ برصغير جي عظيم ڏاهي مولانا ابوالڪلا آزاد جي ڪتاب ”غبار خاطر“ ۾ به شاعراڻو نثر استعمال ٿيل آهي، جنهن لاءِ مولانا صاحب پاڻ ترجمي جي منع ڪئي هئي ته هي ڪتاب جي ترجمو ڪيو ويو ته شاعراڻي نثر جو ذائقو ختم ٿي ويندو. ان نهج جو نثر گهڻي عرصي کانپوءِ عارف الموليٰ جو پڙهڻ لاءِ مليو آهي، جنهن سچ ته دل کي فرحت بخشي آهي، آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته شاهنواز شاهه سان هن وقت تائين حياتي ساٿ نڀائي ها ۽ هو ائين نثر لکندو رهي ها ته يقينن سنڌ جو وڏو نثر نويس شمار ٿئي ها، تنهن هوندي به جي سندس پونيئر سندس ڊائرين کي ڪتابي شڪل ۾ آڻين ته سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها اضافو ٿيندو. سندس ڪجهه مضمون، اي جانِ جهان تون ڪير آهين، جوڀن، فلسفه عورت، فطرت عورت، عورت مرد لاءِ نعمت آهي، داستان لب چُمي ۽ ڍول مارو منهنجي نظر مان گذريا آهن، جيڪي جنهن وقت به مون پڙهيا آهن، ته مونکي تر و تازه لڳا آهن، سندس ڪافي مضمون مطالعي جي آڌار تي لکيل آهن ته ڪجهه مضمون مشاهدي تي پڻ آڌاريل آهن، جن ۾ ڍول مارو سندس شاهڪار لکڻي آهي، ڍول مارو جي ڪردار کي جيئن شاهه صاحب کنيو آهي ۽ انهن کي گهمائي ڦيرائي پاڻ ۾ هڪ رُوح ڪرڻ تائين ڪمال ڪيو اٿس، آئون ته ائين چوندس ته اهو مضمون جي ڪو مُصور پڙهي ته هو پنهنجي سنگتراش هٿن سان ڍول مارو جا اهڙا نقش چِٽي، جهڙا شايد ڪنهن چِترڪار ڪڏهن چِٽيا هجن! بهرحال سندس نثر جڏهن به پڙهبو اهو تازو توانو، گل وانگر خوشبوءَ سان معطر محسوس ٿيندو، سندس ڪجهه مضمون چاليهه سال اڳ جا لکيل آهن، جيڪي مون پڙهيا ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ سامهون ويهي سندس گفتگو مان لطف اندوز ٿي رهيو هجان. پاڻ هڪ ئي وقت گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سندس شاعريءَ جي اُڏام ته وسيع هُئي، پر پاڻ ڀلوڙ نثر نويس ۽ اعليٰ پايي جو مقرر به هو. سندس خطابت به ڪمال جي هئي، جو سندس خطبا به جي ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ته انهن جي به ٻوليءَ ۽ اسلوب مضمون جهڙي ٿيندي.
    برصغير جي تاريخ ۾ ٻه ماڻهو اهڙا خطيب هئا، جن جي خطابت پيغمبراڻي هئي. هڪڙو جي. ايم سيد ۽ ٻيو مولانا آزاد (ٻنهيءَ جا خطبا ڇپيل آهن) ان کانپوءِ جي ڪنهنجي خطابت ۾ پيغمبراڻو عنصر شامل هو ته اهو شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جي دماغ ۽ زبان ۾ نظر ايندو هو. اڄ سندس پنجٽيهين ورسي آهي ۽ ورسيءَ جي مناسبت سان هي ڪجهه عقيدت جا گل کيس پيش ڪريان ٿو، توڙي جو پاڻ منهنجي هن تحرير کان گھڻو مٿانهون آهي، پر آئون پنهنجو فرض سمجهي ٻه سٽون کيس ارپيان ٿو.
    توکان پوءِ چارڻ ڪو نه سُجهي
    جيڪو چوري هاڻي چنگ.
    (ماٺيڻو اوٺو)

    ¤ ¤ ¤ ¤ ¤


    ريگستان جو راهگير : استاد رائچند راٺوڙ

    تاريخ تي لکڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي، اهو ته ڪو تاريخدان ئي ٻڌائي سگهي ٿو. اڄ آئون جنهن تاريخ تي لکي رهيو آهيان اها هڪڙي ماڻهوءَ جي تاريخ آهي ۽ اهو ماڻهو هڪڙي دور جي تاريخ آهي. سنڌ جي هن پٺتي پيل خطي ٿر، تاريخ جا ڪيترائي معرڪا فتح ڪيا آهن. انهن فاتحن مان هڪڙو نالو ٿر جي هڪڙي ڳوٺڙي جي غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ استاد رائچند جو به آهي. استاد رائچند جو تعلق چيلهار سان آهي، اهو چيلهار جنهن جي خوبصورتيءَ جا پيامبر اتان جا مور آهن، جيڪي پڻ هن وقت مري رهيا آهن ۽ ان خوبصورتيءَ جو عڪس چيلهار جي نقش تان مٽجڻ لڳو آهي. استاد رائچند انهي ئي خوبصورت ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو هو ۽ ان دور ۾ ٿر جي حالتن کان ماڻهو ڇرڪندا هئا، ڇو ته اتي اُن وقت انساني زندگيءَ جي جياپي لاءِ ڪي به سهوليتون ميسر نه هيون نه روڊ، نه بجلي، نه اسڪول ۽ نه ئي ڪي صحت جو سهولتون. اتي جي ڪو ماڻهو بيمار ٿي پوندو هو ته اتي جي روايتن موجب ڪي سنئوڻ ساٺ ڪيا ويندا هئا ۽ خدا جي قدرت سان ماڻهن کي شفا به ملي پوندي هئي. اهڙي زندگيءَ جيئندڙ ماڻهن مان ڪو اهڙي نموني نڪري اچي ۽ ايڏو وڏو نالو ڪمائي خود تاريخ بڻجي وڃي ته اهو نه صرف ان ماڻهوءَ جي حوصلي جو داد آهي، پر اُهو اُن خطي ۽ اُن قوم جي لاءِ به ڪنهن نوبل پرائيز کان گهٽ ناهي. اهڙين مشڪل حالتن جي باوجود ٿر جي مٽيءَ ۾ هڪڙي عجيب مڻيا آهي، جيڪا اُتان جي ماڻهن جي ذهني آبياري به ڪندي رهي آهي ۽ ڪيترائي تخليق جا سرچشما ڦٽي نڪرندا رهيا آهن. ٿر جيڪو قدرتي نعمتن سان مالا مال آهي، ڇو ته هتي جڏهن به مينهن جون پهريون ڪَڻيون پون ٿيون ته اُن مٽيءَ مان نڪرندڙ خوشبوءَ شايد ڪنهن پرفيوم ۾ هجي، نه صرف زمين جو پيٽ چيري ڏُٿ جا سَلا ڦٽي نڪرندا آهن، پر اُتان جي قلمڪارن جي اندر مان تشبيهون به ڦُٽي نڪرنديون آهن، نه صرف هتان جي قلمڪارن جي اندر مان تشبيهون ڦُٽي نڪرنديو آهن، پر هتي ڪيترن ئي لوڪ داستانن پڻ جنم ورتو آهي، توڙي جو هتي ڄامشوري جي حسينائن جا ٽهڪ نه آهن، پر ها هتي به ڄامشوري جي ڇُڙواڳ هوائن کان به وڌيڪ موسيقيءَ جو رقص ڪندڙ هوائون آهن، ڄامشوري جي حسينائن جي ٽهڪن کان وڌيڪ سوز پيدا ڪندڙ مورن جا ٽهوڪا آهن. آئون يقين سان چوان ٿو ته استاد رائچند جي ذهني آبياري مورن جي ٽهوڪن، ڇيلڙن جي ڇيڳراين، ڍڳين جي چڙن جي چُونگار ڪئي آهي، هو جيڪو واريءَ جي دڙن ۾ بانبڙا پائيندي واريءَ جا گهرڙا ٺاهيندي وڏو ٿيو هو، هن پيرين پنڌ تعليم جي حصول لاءِ جُستجو ڪئي هئي، هو جڏهن ٻاروتڻ ۾ ٿيلهو نه هجڻ واري احساس کان آجو ٿي ڳوٿريءَ ۾ ڪتاب ۽ ڦرهي (پٽي) وجهي اسڪول ڏانهن سفر ڪندو هو ته نه صرف هو وايءَ جي ڀٽن سان ڪچهريون ڪندو هو، پر هو انهن کي پنهنجي ذهين جي ڊائريءَ ۾ قلمبند به ڪندو ويندو هو ۽ پوءِ هو جڏهن اسڪول ماستر ٿيو هو ته هن اسڪول ۾ ٻارن کي اهو ئي سبق پڙهايو هو، جيڪو هن کي انهن ڀٽن پڙهايو هو. هو ذهني طور تي آزاد هو ۽ هن جي خيالن جا پکي دنيا تائين اُڏام ڪندا هئا، پوءِ هن انهن خيالن کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيو هو، ۽ اهو قلم هن پنهنجي مٽيءَ لاءِ کنيو هو، هن ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ شروع ڪيو هو، ڏسندي ئي ڏسندي هو “تاريخ ريگستان” جهڙو ڪتاب لکي ويو. هونئن به ٿر تي هن کان پهرين ڪو خاص ڪم نه ٿيو هو ۽ آئون سمجهان ٿو، هن کان پوءِ به ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي، اسماعيل عرساڻيءَ جي ”سير ريگستان“ ۽ منگھا رام اوجھا جي ”پراڻو پارڪر“ کان پوءِ ٿر تي ڪو مستند ڪتاب آهي ته اهو تاريخ ريگستان آهي، جڏهن هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ادبي بورڊ پاران ڇپيو هو ته ان بعد کيس ڪيتريون ئي نيون تجويزون پڻ مليون هيون ۽ هن پوءِ ”تاريخ ريگستان“ جو ٻيو ڀاڱو لکيو هو. سندس هي ڪم مهانتا لهڻي ڇو ته استاد رائچند هي تحقيق جنهن دور ۾ ڪئي هئي، ان دور ۾ سهوليتن جي اڻاٺ هئي، سوارين کان ويندي لئبريرين تائين هر شئي لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. ان جي باوجود هن اڏول انسان ڪٿي پيرين پنڌ ته ڪٿي اُٺن تي چڙهي پهچي، هن ڪم کي عملي جامو پارايو ۽ سنڌ جي هن خوبصورت خطي جي تاريخ کي قلمبند ڪيو.، هي ڪتاب ٿر جو اتهاس آهي. هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو اُن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جا ادبي بورڊ پاران ٽي ڇاپا ڇپجي منظر تي اچي چڪا آهن، پوءِ به هي ڪتاب املھه آهي. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ”تاريخ ريگستان“ جي ٻئي ڀاڱي جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي ته هي ڪتاب جي آئون پهرين پڙهان ها، جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئس ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊڪيٽ کان منظوري وٺي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏياريان ها. آئون سمجهان ٿو اياز جي اها پيشڪش ئي استاد رائچند جي رُوح لاءِ اعزاز آهي. باقي جيڪو ماڻهو خود تاريخ آهي ته ان کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ جي ضره ڪهڙي ضرورت؟ ڪي ڪي ماڻهو سڄي زندگي لکندا رهندا آهن ۽ قلم جي مس به سُڪڻ ناهن ڏيندا، ان جي باوجود اهي ڪي نالو پيدا ناهن ڪري سگهندا، ۽ ڪي ڪي ماڻهو هڪڙي سٽ به لکندا آهن ته اهي مهانتا جي عظمت کي ڇُهڻ لڳندا آهن ۽ استاد رائچند جو شمار اهڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جنهن صرف هڪڙي موضوع کي هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي پنهنجي وس آهر نباهيو، ٿر جي تاريخ اڃا به وسيع آهي، جنهن تي جيترو ڪم ڪجي ٿورو آهي، هونئن به استاد رائچند جهڙا ماڻهو ئي تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن، جيڪي قصيدي گوئي بدران پنهنجي مٽيءَ کي مقصد بڻائيندا آهن. اُلميو اهو آهي ته ڪنهن سندس ورسيءَ جي موقعي تي به ياد ناهي ڪيو، ناليواري محقق بدر ابڙي به هڪڙي ڀيري پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته ورسيون صرف انهن اديبن جون ملهايون وينديون آهن، جن جا وارث اوترا خوشحال هجن، يا ڪن وڏين ڪرسين تي ويٺل هجن، ٻي صورت ۾ اهڙا ماڻهو ويسر جي ڪٻاڙخاني ۾ اُڇلايا ويندا آهن. پر استاد رائچند جا پونيئر نه ايترا خوشحال آهن ۽ نه ڪنهن وڏي ڪرسيءَ تي ويٺل آهن، ان موقعي تي منهنجي ذهن تي ستيه پال جو هڪڙو نظم تري آيو آهي، جيڪو آئون هتي لکڻ ضروري ٿو سمجهان.

    مئل اديب لاءِ تعزيتي ميڙ
    هي ميڙ
    سڀني اديبن
    گڏجي ڪوٺايو آ
    ته جيئن
    پنهنجن پنهنجن
    Claims جو
    پرچار ڪري سگهون
    ته جيئن
    پنهنجي پنهنجي
    لفظي قوت مڃرائي سگهون
    ته جيئن
    ان رسم کي پڪو ڪري سگهون
    جو جڏهن مرون
    ته اسان جي نالي ته به
    ڪو ميڙ ٿي!
    ¤ ¤ ¤ ¤ ¤


    سنڌي ثقافت جو سج : غلام سَروَر جتوئي

    سنڌ جي ثقافت ۾ مَلهه راند جو به هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. ائين کڻي چئجي ته مَلهه کان سواءِ سنڌ جي ثقافت اڌوري آهي، ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هيءُ اها ئي سنڌ آهي، جنهن شير ميربحر جھڙن پهلوانن کي جنم ڏنو هو، جنهن سنڌ کان ٻاهربه پنهنجي هن پويتر ڌرتيءَ جو نانءُ روشن ڪيو هو. ان ئي سلسلي جو هيءُ قداور ۽ خوبصورت پهلوان غلام سروَر جتوئي، پنهنجو مَٽ پاڻ هو. غلام سروَر جي جنهن به مَلهه ڏٺي هوندي، اهو صدين تائين کيس ياد رکندو؛ ڇو ته هيءُ سڌو ۽ سُريلو رانديگر هو.
    غلام سروَر جتوئي سنڌ جي نامياري مَلهه پهلوان، قلب علي خان جتوئيءَ جو فرزند هو. ابتدائي تعليم مقامي طرح حاصل ڪيائين، ننڍپڻ کان ئي والد کي مَلهه وڙهندي ڏسي شوق جاڳيس، ۽ هن پنهنجي والد محترم کان مَلهه جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي؛ ۽ گڏوگڏ پڙهائي به جاري رکيائين. شاگرديءَ جو ڌاڳو به پنهنجي والد کان ئي ٻڌرايائين، ۽ پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي، سنڌ جي مَلهه پهلوانيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايائين.
    هيءُ سنڌ جو پهريون مَلهه پهلوان هو، جنهن ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي. کيس سنڌي ادب سان گهڻو چاهه هو، انگريزي ادب ۾ سٺي دسترس حاصل هئس. پاڻ 1971ع کان ٽئين جوڙ کان وڙهڻ شروع ڪيائين، ۽ پوءِ سگهو ئي 1972ع ۾ پهرئين جوڙ ۾ پهچي ويو. هن سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن ملاکڙن کان علاوه، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به ملاکڙا ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻي.
    هن ”سنڌ مَلهه ايسوسيئيشن“ جو بنياد رکيو ۽ ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ۽ پوءِ مختلف عهدن تي رهندي آخري وقت تائين ”سنڌ مَلهه ايسوسيئيشن“ سنڌ جو صدر رهيو. ملهه ايسوسيئشن قائم ڪرڻ کانپوءِ هن سنڌ جي مَلهه پهلوانن لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. بيمار ملهن جي علاج لاءِ جاکوڙيو، پهلوانن جي معاوضي کان ويندي نوڪرين تائين هن وڏي جاکوڙ ڪئي؛ ۽ غريب ۽ حقدار مَلهن کي پنهنجو حق ڏياريو.
    غلام سروَر جتوئي وفات جي 10-15 سالن کان مَلهه ته ڇڏي ڏني هئي پر سندس دوست ۽ مداح محبت مان جتي به گهرائيندا هئس، ته هو هر ننڍي وڏي ميلي ملاکڙي ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو؛ ۽ اتي مَلهن جي جج جا فرائض انجام ڏيندو هو. هو گذريل ويهن سالن کان آخر تائين سنڌ اسپورٽس بورڊ ۾ ملهن جو ڪوچ رهيو، کيس ”چيمپيئن سنڌ“ جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو.
    غلام سروَر جتوئي سُٺي پهلوان هئڻ سان گڏوگڏ سٺو انسان به هو. هر ننڍي وڏي جو دل سان آڌرڀاءُ ۽ عزت ڪندو هو. سندس اڳيان امير ۽ غريب جو ڪوبه تفاوت نه هوندو هو. هن سدائين محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو، سدائين سيلاني رهيو ۽ سنڌ جي ثقافت جو خدمت گار رهيو. اهڙي امن پسند، امن ۽ محبت جو پيغام ڏيندڙ ماڻهوءَ کي ”جاگيراڻي- جتوئي“ برادريءَ جي، جهيڙي جي آڙ ۾ قتل ڪرڻ ڏاڍي دل ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، هو ته جهيڙن جهڳڙن کان ڪوهين ڏور ماڻهو هو.
    غلام سروَر جتوئيءَ سان منهنجون ڪي گهڻيون نه پر هڪ ٻه ملاقاتون ضرور هيون. پهرئين ڀيري آئون ۽ دوست احسان لغاري، نوابشاهه ملاکڙي تي سنڌ جي مَلهه پهلوانن کان انٽرويو ڪرڻ وياسين. ملاکڙي ۾ پهتاسين، انتهائي خوشگوار ماحول لڳو پيو هو. اسان جو پهتاسين ته نامور پهلوان سيد جانب علي شاهه اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو؛ ۽ پهلوان دوستن کي سڏي اسان سان ملايائين. جڏهن اسان سندن خدمتن تي ڪتاب آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، تڏهن سندن چهرا ٻهڪي پيا هئا. اسان انٽرويو وٺڻ شروع ڪيا ته احسان وچان اُٿي هليو ويو، سامهون ڏٺم ته هڪ خوبصورت، قدآور شخص، بوسڪيءَ جي قميض، اڇي شلوار، مٿي تي سنڌي ثقافت جو تاج، پٽڪو ٻڌل، احسان ڏانهن ئي گهُوري رهيو هو؛ احسان به وڃي ڀاڪر پائي ساڻس مليو ۽ ڪچهريءَ ۾ لڳي ويا. منهنجي من به ڇڪ کاڌي ته آئون ساڻس ملان. مون مَلهن کان انٽرويو ڪيا پئي ئي ته ڪجهه دير کان پوءِ احسان آيو ۽ چيائين ته، جتوئي صاحب کان ڪجهه انٽرويو مون ڪيو آهي، باقي سوال تون پورا ڪر! بس پوءِ ته منهنجي خواهش پوري ٿي پئي. احسان لغاري اسان ٻنهيءَ جو هڪٻئي سان تعارف ڪرايو، اهو ماڻهو ڪو ٻيو نه پر سڄي سنڌ جو پيارو غلام سروَر جتوئيءَ هو. غلام سروَر سان ڪچهريءَ جو شروع ٿي، ته سمورو ڪم ئي وسري ويو. سندس گفتگوءَ جي انداز ۽ وڻندڙ سڀاءُ ڪيڏانهن چُرڻ پُرڻ ئي ڪونه ڏنو. اهڙيءَ ريت سڄو ڏينهن ڪچهري ڪري موڪلايوسين. اهو ڏينهن منهنجي لاءِ يادگار ڏينهن هو. سچ ته هيءُ ماڻهو مونکي تمام گهڻو اُتم ۽ اعليٰ لڳو. ڇو ته هيءُ ماڻهو حوالي نه هو، عمل پيرا هو، هن جي معصوم ڳالهين مان پتو پيو پئي ته کيس پنهنجو مقصد ڪيترو عزيز هو.
    هيءُ ماڻهو اسان جي نظرن ۾ کڻي هڪ فرد جي حيثيت رکندڙ ڇونه هجي، پر هيءُ ماڻهو ڪنهن اداري کان گهٽ ناهي. ادارا ماڻهن کي جنم ڏيندا آهن، پر هيءُ اهڙو ماڻهو هو، جنهن ملهه راند ۾ هڪ اداري کي جنم ڏنو هو؛ ۽ سندس ڪردار تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه داغ نه هو. اتي موجود سڀني مَلهن کي جڏهن مون ڏٺو، ته سڀني کي ساڻس ڪيتري محبت هئي. سڀئي مٿان ٻَلهار پئي ويا. اهڙي ماڻهوءَ جي اهڙي بيدرديءَ سان قتل جو جڏهن ميسيج پهتو هو، تڏهن منهنجي مٿان اهو ڪنهن اوچتي ايٽم بم جي وار/ نشاني کان گهٽ ڪين هو.
    سچ ته هن خبر منهنجي وجود کي ئي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، نه صرف منهنجو، پر سڄي سنڌ جو جيءُ جهُري چڪو آهي. ڇو ته هيءُ فخرِ سنڌ پهلوان هو. غلام سروَر ۾ ڪيترائي اعليٰ گُڻ هئا. هيءُ پڙهيو لکيو ۽ محبتي ماڻهو هو. هن کي سنڌ جي هن ثقافتي راند جو وڏو اونو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته حڪومت جي بي حسيءَ تي لڙڪ لاڙي ويهندو هو، ۽ چوندو هو: ”يار! جي گورنمينٽ هن ورثي جي سار نه لڌي، ته اسان جو هيءُ ورثو تباهه ٿي ويندو، وڌ مان وڌ ٻه پيڙهيون؛ ان کان وڌيڪ نٿو هلي سگهي!“
    غلام سروَر جھڙي اعليٰ شخصيت جي مالڪ تي لکڻ ويهجي ته ڪيترا پنا ڀرجي وڃن، پر اڄ جيڪا منهنجي ڪيفيت آهي، ان ۾ اڄ منهنجو قلم رت جون اوڇنگارون ڏئي رهيو آهي. هن موقعي تي هن ٻُڏندڙ دل، روئندڙ اکين ۽ ڏڪندڙ هٿن سان بس ايترو ئي لکي سگهيو آهيان، پر افسوس ان ڳالهه جو ضرور رهندو، ته اسان جو انڌو ۽ بي عقل معاشرو الاءِ ڪڏهن ڪردارن کي سمجهي سگهندو؟ غلام سروَر جتوئيءَ جو بيوقتائتو موت، سنڌ جي ڪُک ۾ خنجر جي نوڪ جيان هميشه لاءِ چُڀندو رهندو.
    ¤¤¤¤¤


    سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو : شهيد نور الله تنيو, شهيد سرائي قربان کهاوڙ ۽ شهيد روپلو چولياڻي

    رَت ديش تنهنجي راهه ۾، جي ڦُڙو ڦُڙو ٿِي وَهي وڃي،
    تُنهنجو به قرض لهي وڃي، مُنهنجو به نصيب ٺَهي وڃي.
    سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي، ديش جي راهه ۾ پنهنجو رَت وهائي، ڌرتي ماءُ جو قرض چڪايو آهي. هنن سُورمن سنڌ ماءُ جي ٿڃ ملهائي، پنهنجي رت سان آزاد سنڌو ديش جي پِيڙهه جو پٿر رکيو آهي. 21 اپريل 2011ع جو سانحو اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سبق آهي. اسان جو ايندڙ نسل فخر سان اهو چوندو، ته اسان انهيءَ نسل مان آهيون، جنهن ڪنهن سامراجي دلال اڳيان گوڏا کوڙڻ بجاءِ، ديس مٿان پنهنجي جان گهوري هئي. جنهن سانگهڙ جي سرزمين کي 9 مهينا پهرين هنن سورمن رت جو ريج ڏيئي انقلاب جو فصل پوکيو آهي، آئون يقين سان چوان ٿو ته انهي فصل مان ڦُٽي نڪرندڙ سَلا، سڄي سنڌ ۾ پکڙجندا ۽ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندا. شهدادڪوٽ ۾ 5 جون تي هنن شهيدن جي چاليهي جي تقريب ۾ قومي تحريڪ جي نئين نسل جي سرواڻي ڪندڙ باغي ڪردار حفيظ پيرزادي، پنهنجي تقرير ۾ چيو هو، ته شهيد سرائي قربان، سورهيه بادشاهه جو تسلسل، روپلو چولياڻي، روپلي ڪولهيءَ جو ٻيو جنم ۽ نور الله تنيو دولهه دريا خان هيو. مونکي سانگهڙ جي دوستن ٻڌايو هو ته اسان مهاراجا ڏاهر ۽ دولهه دريا خان جا قصا ڪتابن ۾ پڙهيا هئا، پر هينئر 21 اپريل تي نورالله تنيي جي رُوپ ۾ اسان پنهنجي اکين سان ڏسي چڪا آهيون. سچي ڳالهه اها آهي ته نور الله تنيي جي همت، حوصلي ۽ بهادريءَ تي اسان جي ڪيترن وڏن نالن کي به رَشڪ آيو هوندو. اندر ته انهن دلالن جو به سڙيو هوندو، جن هن نوجوان جي اکين ۾ آزاديءَ جي چمڪ، چپن تي محبوبه سان ملڻ جھڙي مُرڪ ۽ آواز جي گجگوڙ سان آزاد سنڌو ديش جا نعرا ٻڌا هوندا. ڇو ته هُنن پنهنجي طرفان هِنن سُورمن جو نالو نشان مٽائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي ڇاتي گولين سان پروڻ هجي، چيلهه کان هيٺيون جسم سڙي خاڪ ٿيل هجي ۽ ان جي صرف ڍڍر مان آزاديءَ جو نعرو گونجي، ان کان وڌيڪ انهن بزدلن جي منهن تي ڪهڙي چماٽ ٿي سگهي ٿي؟
    نور الله تنيو قومي تحريڪ ۾ ذري گهٽ ٻار هو، هن جي ته وات مان اڃا تائين ماءُ جي ٿڃ جي خوشبوءِ ئي ختم نه ٿي هئي؛ نور الله سان منهنجي انتهائي گهرائيءَ واري نسبت رهي، پر هن جي ڳالهين مان مون ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو، ته ڪو هيءُ اهڙي منزل تي نڪري پيو آهي، جنهن جو انت دولهه دريا خان وارو آهي. هيءُ مونکي انتهائي معصوم لڳندو هو، هن جون حرڪتون به معصوم ٻارن واريون هونديون هيون، پر هُو اهڙو ته ڪم ڪري ويو، جو سنڌ جي تاريخ کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
    قُربان! قرباني ڏئي، جاڳائي تو جُوءِ!
    تُنهنجي رَتِي رُوءِ، راهن کي روشن ڪيو!
    (آسي زميني)
    سرائي قربان کهاوڙ کي ته آئون ڪافي عرصي کان سڃاڻان، ڇو ته هي هر ورڪر لاءِ بڙ جي ڇانوَ وانگر هوندو هو ۽ قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن جا ورڪر اچي هن بڙ جي ڇانوَ ۾ پنک پَساريندا هئا. سرائي قربان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون، توڙي جو هر ماڻهو خامين جي ڀري رهيو آهي، ان جي باوجود هن ۾ خوبيون ئي خوبيون هيون. سرائي قربان سان گڏ هر پل ورڪرن جو جٿو هوندو هو ۽ مون هميشه هن کي انهن سان کينچل ڪندي ڏٺو، جيئن گهر جو ڪو وڏو گهر جي ننڍڙن ٻارڙن سان پنهنجي پاڻ کي وندرائيندو آهي. مونکي هن ۾ ليڊرن واري ڪابه خاصيت نظر نه ايندي هئي، پر هن ۾ هڪ قومي ڪارڪن وارا سمورا گُڻ هئا. هُو بهترين ورڪر، بهترين دوست ۽ بهترين واسطا رکندڙ ماڻهو هو. سرائي قربان جا قومي تحريڪ جي ڪيترن ئي دوستن سان سياسي اختلاف هئا، پر هُن انهن سان ڪڏهن به سماجي واسطا ختم نه ڪيا. ڪيترائي اهڙا ماڻهو مون ڏٺا جيڪي هميشه سندس مخالفت ڪندا هئا، پر هيءُ وري به انهن وٽ لڙي ويندو هو. سرائي قربان شهادت کان ڪجهه ڏينهن پهرين، هر ان ماڻهوءَ جي گهر هلي ويو، جن سان هن جا اختلاف رهيا. سرائي قربان سياست جي شروعات لطيف سنگت ۽ چڻنگ سنگت کان ڪئي. هن جي اندر ۾ ٻاراڻي عمر کان وَٺي ڌرتيءَ جو درد ڪنڀار جي آويءَ جيئان اڌما ڏئي رهيو هو. ان بعد شاگرد جدوجھد ۾ جساف جي پليٽ فارم تان حصو ورتائين ۽ شاگردن جي مسئلن لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيائين، ته شاگردن سندس همت ۽ بهادريءَ کي ڏسندي کڻي مرڪز تي آندو؛ ۽ ايئن هي اڃا وڌيڪ اُڀري آيو. اهڙيءَ طرح هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي پاس ڪئي ۽ شاگرد جدوجھد مان نڪري، عملي جدوجھد ۾ حصو ورتو ۽ پهرئين جسقم جو ميمبر ۽ پوءِ مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو. اهڙيءَ ريت ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيائين.
    سرائي قربان هڪ خوشحال گهراڻي جو فرد هو، سندس 12 سؤ ايڪڙ کان مٿي زمين هئي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي اک جو ڪنڊو به هوندو هو. ڪيترن ئي سردارن سان ٽڪراءُ ۾ آيو. سرائي قربان جي سڄي زندگي ويڙهه ۾ گذري. شهدادڪوٽ ۾ سندس سماجي ڪم تعريف جي لائق آهن. اڄ به کيس شهدادڪوٽ جون گليون سندس راهون تڪين ٿيون ۽ اکين مان آب هارين ٿيون. سرائي قربان کهاوڙ سڀني يارن جو يار هو، پر الاءِ ڇو عبدالواحد آريسر سان انتهائي گھرو لاڳاپو هئس. جڏهن بشير خان ۽آريسر ۾ اختلاف ٿيا هئا، تڏهن پاڻ آريسر صاحب سان بيٺو هو، ۽ پوءِ اڳتي هلي آريسر صاحب کي الوداع چئي، جسمم ۾ شموليت اختيار ڪندي ميدانِ جنگ ۾ لهي پيو هو؛ پر پوءِ به مون کيس هميشه آريسر صاحب جي ويجهو ڏٺو. هڪڙي ڀيري رات جو دير سان فليٽ تي آيو، ڪچهري پئي ڪئي ته ڪچهري هلندي چيائين، يار! اڄ آئون انتهائي ڏکويل آهيان. 4 ڏينهن پهرين آريسر صاحب شهدادڪوٽ آيو هو ۽ منهنجي اوطاق تي ڪونه آيو، ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ترسيو هو. شايد هاڻي آريسر صاحب مونکي پنهنجو نٿو سمجهي، تڏهن ته هو مون وٽ ڪونه آيو! پوءِ به هن ماڻهو آريسر صاحب کان ڀيرو نه ڀڳو، شهادت کان ڪجهه ڏينهن پهرين آريسر صاحب جي ڳوٺ وڃي ڪچهري ڪئي هئائين. هڪ ڀيري مونکي ڳوٺ وڃڻو هو، رات جو دير به ٿي وئي هئي، ڪيترن ئي دوستن جون گاڏيون ذهن ۾ آيون، پر الاءِ ڇو مون سرائي کي فون ڪئي هئي، چيو هئم ته: ”سائين مونکي ڳوٺ وڃڻو آهي، گاڏي کپي!“ ته يڪدم چيائين: ”پُٽ خير ته آهي؟“ چيو هئم: ”ها سائين، خير ئي آهي، ڪجهه بيچيني واري ڪيفيت آهي، ان ڪري ڳوٺ وڃڻ چاهيان ٿو.“ ۽ پوءِ 10 منٽن جي اندر ڊرائيور سان گاڏي موڪلي ڏني هئائين ۽ گڏوگڏ ڊرائيور کي گاڏيءَ جي پئٽرول جا پئسا ۽ منهنجي لاءِ الڳ پئسا ڏنا هئائين، ته متان ڪا ضرورت پوي. آهي ڪو اهڙو ماڻهو، جيڪو ان حد تائين هر ڪارڪن جو خيال رکي؟ رڳو مون سان ايئن ڪو نه هو، پر هيءُ هر قومي ڪارڪن سان اهڙو هوندو هو.
    روپلي جو ٻيو جَنم، هُيو چولياڻِي،
    اڃا سِنڌياڻِي، ڪئين ڄڻيندي رُوپلا!
    (آسي زميني)
    رُوپلي چولياڻيءَ سان ته الاءِ ڪهڙو رشتو هو، جيڪو مونکي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو. ماڻهوءَ جا ڪڏهن ڪڏهن رَت جا رشتا به ويري بڻجي ويندا آهن، پر اسان جو هيءُ رشتو ڪڏهن ٻاڙو به نه بڻيو؛ ايئن هڪٻئي سان سئوٽ چئي مخاطب ٿيندا هئاسين. اڪثر ڪري آڌي مانجهي فليٽ تي ايندو هو ته وڏي آواز سان سڏ ڪندو هو، ”سئوٽ جاڳين پيو؟“ آئون ڊوڙي وڃي دروازو کوليندو هئس، ۽ پوءِ ته بس ڪچهرين جا گفتا شروع ٿي ويندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ڌڻي بخش هوندو هو ۽ ڌڻي، روپلي کي گاريون ڏيندو هو، ته روپلو کِلي چوندو هو: ”سؤٽ ڌنو بيوقوف آهي، عملي جدوجهد مان هٿ ڪڍي وڃي ويهي رهيو آهي، اسان ڏس اڄ به عملي ميدان ۾ سندرو ٻڌي بيٺل آهيون.“ ته آئون مذاق ۾ چوندو هئس، سئوٽ اوهان وارو عملي ميدان مونکي نظر ڪونه ٿو اچي، الاءِ ڪهڙي عملي جدوجھد پيا ڪريو ۽ ٻن ٽن قومپرست پارٽين جا حوالا ڏئي چوندو هئس، ته فلاڻو ڏس لانگ مارچ پيو ڪري، فلاڻو روز جا ڌرڻا، مظاهرا پيو ڪري، اوهان جي ته خاموشي لڳي پئي آهي، اخبار ۾ ڪو بيان به نظر ڪونه ٿو اچي؛ ته کِلي چوندو هو يار اهي سڀ حوالي آهن، ڪوڙيون خبرون پيا ڪن، تون ڏسجانءِ اهي سمورا وقتي اشو آهن، ماڻهن جو حقيقي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ! وڌيڪ چوندو هو ته اسان جو قومي دشمن پنجابي پٺاڻ آهي يا مهاجر؟ ته آئون چوندو هئس پنجابي ۽ پٺاڻ! ته پاڻ چوندو هو ته هاڻ ته سمجهي سگهين ٿو، ڪهڙو لالي پاپ ڏنو ويو آهي، اسان جي يارن کي.
    روپلي چولياڻيءَ به پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لطيف سنگت کان ڪئي هئي، جتان وڌندي وڌندي، جساف، جساف مرڪز، جسقم مرڪز ۽ جسمم تائين پهتو؛ جتي کيس جانثار ٿيڻو هو. مونکي ڪنهن ماڻهو ٻڌايو ته روپلي 1996ع ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقرير پئي ڪئي ته اتي چيو هئائين ته اڄ جيڪڏهن سائين جي. ايم سيد زندهه هجي ها، ته آئون سندس قدمن ۾ ويهي اجازت گهران ها ته سائين! هاڻي اسان کي اجازت ڏيو، اسان هٿيار کڻي عملي طور ميدان ۾ لهون. واقعي روپلو انتهائي جذباتي هوندو هو، سندس آواز ۾ ايڏي ته دهشت هوندي هئي، جو جڏهن به اسٽيج تي ايندو هو ته ٻڌندڙن کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو هو. مونکي سندس چاچي منير چولياڻيءَ ٻڌايو ته روپلو شهادت کان 2 ڏينهن پهرين گهر آيو، ۽ گهر ۾ پيل پنهنجي تصوير کڻي شهر مان فريم ۾ بند ڪرائي اچي ڪمري ۾ لڳايائين. ان تصوير ۾ پاڻ سائين جي. ايم سيد جي قدمن ۾ ويٺل آهي ۽ آخري وقت به اها ئي وصيت ڪري ويو، ته مونکي سيد جي قدمن ۾ دفنائجو. اڄ سانگهڙ جي شهيدن کي 2 سال گذري ويا آهن، پر سنڌي ماڻهن جي اندر ۾ دُکندڙ انتقام جي باهه تي ڇنڊو نه پيو آهي. آئون يقين سان چوان ٿو ته اها باهه آزاد سنڌو ديش جي صورت ۾ ئي جَهڪي ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري منهنجي سنڌ جا وارثو! جنهن رت سان هنن سورمن آزاد سنڌو ديش جو بنياد رکيو آهي، ان کي پنهنجو مقصد بڻائي نڪري پئو ۽ تيسين نه موٽو، جيسين مقصد نه ملي.
    هي ڳهيلي دنيا ڄاڻي ڇا،
    هو سيج ڇڏي ڇو پنڌ پيا؟
    ڇاڪاڻ سڏيائون سوريءَ کي،
    ڪنهن لئه جوانيءَ منجهه مُئا؟
    (نواز خان زئور)
    ¤¤¤¤¤


    آزاديءَ جي اُفق جو چمڪندڙ ستارو : زخمي چانديو

    سنڌ جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته ڪيترائي اڙٻنگ، جانٺا جوان پنهنجي تاريخ پاڻ لکندي، غلاميءَ جي ديوارن کي ٽوڙيندي، آزاديءَ جھڙي خوبصورت مقصد کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي، جدوجھد جي مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺل نظر ايندا. انهن اڙٻنگ جوانن ۾ آزاديءَ جي مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺل نوجوان ويڪري ڇاتي، ڀنڀي ڏاڙهي، اکين ۾ آزاديءَ جھڙو خوبصورت خواب، سيني ۾ ڌرتيءَ دشمنن لاءِ نفرت ۽ ڪروڌ، هٿ ڪنهن به لرزش کان آجا، مسلسل ٽريگر تي ڄميل نظرون، مسلسل ڌرتيءَ دشمنن جون راهون تڪيندي، ڳالهائڻ جي لهجي ۾ شينهن جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ اچي ته پڪ سمجهو اهو ڪو رياست جو جاسوس نه پر پنهنجي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندڙ ديش ڀڳت آهي. هن ديش ڀڳت پهرين مئي 1961ع تي ضلعي شڪارپور جي ڊکڻ شهر ۾ جنم ورتو. مائٽن ته نالو ڄام خان رکيو، پر پاڻ زخمي سڏائڻ لڳو، زخمي پنهنجي نالي پٺيان ڪو به لقب لڳائي سستي شهرت ماڻڻ نه چاهي. هن سنڌي، ديشي وغيره جي بدران زخمي سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ هو جلد ئي ٿورڙي وقت ۾ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽيءَ ۾ زخميءَ جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳو.
    زخمي چانڊيو، سنڌ جي آزاديءَ جو اهو سپاهي هو، جنهن وٽ آزاديءَ کان مٿانهون ڪو به مقصد نه هو. سندس تحرير، توڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل نظر ايندو. هن هر مورچي تي مزاحمت ڪئي آهي، پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، يا سن جو اسٽيج هجي. سن جي پاڻيءَ مان سرڪيءَ ڀَريندڙ هيءُ نوجوان، جيئن جيئن سنڌي ماڻهن ۽ سن جي ڪراڙي شينهن کي ويجهو ٿيندو ويو، تيئن تيئن رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. رياست جا دلال سندس پٺيان پاڻ هميشه اڳيان. ڪٿي ڪنهن مشاعري ۾ مقالو پڙهي نڪتو هوندو ته ڪٿي ڪنهن جشنِ لطيف، جشنِ جي. ايم. سيد جھڙن سيمينارن جي صدارت ڪري نڪتو هوندو ۽ جڏهن رياست جا دلال ڳولهي ڳولهي ان هنڌ پهچن ٿا ته سندس گونجندڙ تقرير جا پڙاڏا، سندس شعرن جي انقلابي خوشبوءِ انهن جو سواڳت ڪري ٿي؛ ۽ انهن جو اندر ڪاراٽجي وڃي ٿو، تيئن هو وڌيڪ باهه جي ڄڀين وانگر ڀڀڙ ٿين ٿا. اهڙيءَ ريت هيءُ پنهنجي منزل طرف تيز رفتاريءَ سان وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس مضبوط ڪلهن تي بار تمام وڏو رکيو ويو هو ۽ وقت تمام ٿورو مليل هو. ان ٿوري وقت ۾ زخمي تمام گهڻو ڪم ڪيو. سندس ڪم جو جي ڪاٿو ڪجي، ته اُتر سنڌ جا چانڊيا پنهنجي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هٿيار، پنهنجن کي مارڻ جي بدران ڌرتيءَ دشمن لاءِ استعمال ڪن، ڇو ته زخمي چانڊيو به ان ئي علائقي مان جنم وٺي نڪتو هو، جتي نسلن جا نسل برادريءَ تڪرار ۾ هڪٻئي کي ماريندي ختم ٿي چڪا آهن؛ پر هيءُ سيد جو ڏِنگو ٻار پرو چانڊيي واري واٽ وٺڻ بجاءِ، دولهه دريا خان ۽ راجا ڏاهر واري واٽ وٺي نڪتو. ۽ پنهنجي ذات کي قوم جي مٿان قربان ڪيائين، آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو اهڙي ماحول مان جنم وٺي نڪري، ۽ ان ئي سماجي روايتن جي خلاف بغاوت ڪري!؟
    زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جي جهروڪي ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته پاڻ نه صرف آزاديءَ جو گوريلو هو، پر پاڻ نهايت ئي ذهين، محنتي ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. زخمي چانڊيي ايم. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپجي قوم جي مستقبل، ٻارڙن جي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ جي تعليم ڏيڻ لڳو. هن اسڪول ۾ پاڪستان جي قومي تراني بدران آزاد سنڌو ديش جو ترانو پڙهائڻ شروع ڪيو. هيءُ مختلف ڳوٺن جي مختلف اسڪولن ۾ مختلف عهدن تي رهيو، پرائمري استاد، آر. پي. هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ سپروائيزر طور پنهنجون ذميواريون نهايت احسن نموني نڀايائين؛ ۽ گڏوگڏ ادبي ميدان ۾ به ڪاهي پيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، هڪ ڀيرو رابطا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو ڪائونسلر رهيو. پاڻ سڄي زندگي جيئي سنڌ محاذ ۽ پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جو ميمبر رهيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جي بنياد وجهندڙن مان هو. استادن جي تنظيم گسٽا جو عهديدار ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر رهيو. زخمي چانڊيي 1984ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. نامور شاعرن نثار بزمي ۽ سرڪش سنڌيءَ کان اصلاح ڪرائي، شاعرن جي اعليٰ صف ۾ شامل ٿيو. جھڙي ريت سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ قوم جو درد سمايل آهي، اهڙيءَ ريت سندس نثر ۾ به فني ڪماليت جا جوهر پَسجن ٿا.
    زخمي چانڊيي ڪيترائي ڀيرا جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجون خوبصورت راتيون گذاريون آهن، اتي به سندس جذبو جوان رهيو. آواز ۾ شينهن واري گجگوڙ برقرار رهي. سندس عشق ۽ ايمان ٻئي سلامت رهيا. هيءُ جڏهن به جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر نڪتو ٿي، تڏهن اڳي کان اڳرو، اڃا به سندس تقرير ۾ ڏهڪاءُ ۽ سندس قلم جي جنبش ماٺي ٿيڻ بدران، باهه جا اُلا وڌيڪ ڀڙڪائڻ لڳي. زخمي چانڊيو سنڌ جو سچو پانڌيئڙو ۽ سن جي سائينءَ جو عقيدتمند هو. زخمي چانڊيو سنڌ جو سپوت شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ للڪار آهي، ڪٿي به آڻ نه ٿو مڃي. سندس گيت جي هن بند ۾ سندس تخيلّ جي اڏام کي محسوس ڪري سگهجي ٿو:

    تُون چاهين ٿو مان ڪين ڪُڇان، تُون ظُلم ڪَرين مان ڪِين لُڇان!
    پَر توکان هِڪڙي ڳالَهه پُڇان، مان ڪِين لِڪايان دِل جِي بُڇان؟
    هِن سِر ۾ جيسين سَاهه اَٿم، آزاديءَ تي ويسَاهه اٿَم،
    هڪ سن جو سيد وارث آ، ٻيو وارث ڀٽ جو شاهه اٿَم،
    ٿو جِيئان زخمي شينهن جِيان، ها! جيسين سنڌ تي ساهه ڏِيان.

    زخمي چانڊيي پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ به وسان نه گهٽايو، سندس وڏو پٽ خالد ريڊيي تي پروڊيوسر آهي ۽ ننڍو پٽ ساجد ادبي لڏي سان سلهاڙيل آهي، هيءُ پڻ مزاحمتي شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ قومي درد ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. زخمي، جنهن سڄي زندگي برادريءَ جي تڪرار خلاف آواز اٿاريو، برادريءَ جي جهيڙن جي خلاف جنگ وڙهڻ وارو هيءُ انسان، انهن ئي جهيڙن جي ڪهاڙيءَ جو کاڄ بڻجي ويو! زخمي چانڊيو 24 آڪٽوبر 2000ع تي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي وڃي پنهنجي محبوب رهبر سان مليو، ا ڄ سندس يارهين ورسي آهي، 12سال گذرڻ باوجود زخميءَ جو نالو ماڻهن جي دل تان اڄ به اُسريو ناهي.

    ¤¤¤¤¤


    نيڻ ننڊاکا ۽ دل گهايل : ماٺيڻو اوٺو

    مون سنڌو تنهنجو گيت لکيو
    ڄڻ سڏڪن جو سنگيت لکيو
    ”ماٺيڻو“

    صوفين جي سرزمين سنڌ، وڏا ذهين ۽ اسڪالر پيدا ڪيا. ٿر جي هن ننڍڙي خطي پڻ اُملهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن نه صرف ٿر جي ڀٽن جو مانُ رکيو آهي پر سڄي سنڌ جو ڪنڌ اوچو ڪيو آهي. ٿر جي ڀِٽن، ڏهرن وچ ۾ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ اسان جو هيءَ شاعر ماٺيڻو اوٺو به انهن مان هڪ آهي. ٿر جو هيءُ ننڍڙو نينگر ايڏو وڏو ذهين ٿيندو، عمر جي ٿوري عرصي ۾ وڏو نالو ڪمائي، اعليٰ تعليم پرائي، دوستن جو ججهو ميڙ ٺاهي، اڻ ڳڻيون محبتون ميڙي، ائين جلدي سنڌوءَ جي ڇولين سان ڀاڪر پائي هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويندو، اهو پَتو سندس چاچي بلاول کي به ڪين هو. هن جي وڇوڙي تي چاچي بلاول جي اکين، هن کي ڏوراپو ڏيندي چيو هو، ماٺيڻا تون ته روپلي جو روحاني وارث هئين، جنهن انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي ڪارونجهر جبل جو تحفظ ڪيو هو، اڄ اهو ڪارونجهر جبل ۽ روپلو تاريخ جا اَمر ڪردار آهن، انگريز سامراج جو نالو نشان ئي هن پويتر مٽيءَ تان مٽجي ويو. ماٺيڻا! تون ته ٿر جو محافظ هئين، تنهنجي اکين ۾ ٿر جي مائرن اُميدن جا خواب پوکيا هئا، تون انهن خوابن کي چڪنا چور ڪري وئين، تون ته ٿر جي تپندڙ واري ۽ ڪاڙهن جو ڪڙهيل هئين، پوءِ ڪيئن محبتن جي هٿان مات کائي وئين...!؟
    ماٺيڻي اوٺي 1954ع ۾ ڳوٺ بلاول اوٺو، (خانور )علي محمد اوٺي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ جا پنج درجا ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ تائين گورنمنٽ هاءِ اسڪول مٺيءَ ۾ پڙهيو ۽ ميٽرڪ ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. پڙهائيءَ سان گڏوگڏ هن مسڪين جھان خان کوسي واري سماجي ڪمن جي صليب پڻ پنهنجي ڪلهن تي کنئي. ماڻهن جي عام ڀلائيءَ جي لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. هن جي ذهن جي پرک ڪندي سندس محسن چاچي عبدالهادي اڳتي پڙهائڻ جو فيصلو ڪري، کيس ميرپورخاص ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني، جتان هن انٽر سائنس 1972ع ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1975ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي؛ ۽ پوءِ سنڌ جي نامياري ڊرامه نويس ۽ ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي جي نظر ماٺيڻي جي تخليقي ذهن جي پرک ڪندي، هن کي مهراڻي جي ڀٽن تان کڻي محبتن جي شهر ڄامشوري آندو ۽ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سان ملايو (جيڪو ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو). شيخ اياز هن جي ذهانت ڏسي، کيس انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ اسسٽنٽ لئبرين“ طور مقرر ڪيو. جتي هن پنهنجي، پاڻ کي مڃايو. هن سنڌالاجي لئبريريءَ کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان سينگاريو ۽ سنواريو. ماٺيڻو سنڌالاجيءَ جو ڪمپيوٽر هو، ان وقت تائين اڃا ڪمپيوٽر عام ڪونه ٿيو هو، ماٺيڻي پنهنجي ذهن جي ڪمپيوٽر ۾ سمورا ڪتاب، ليکڪن جا نالا ۽ المارين جا نمبر سيو (Save) ڪري ڇڏيا هئا. ڪنهن به پڙهندڙ کي لئبرريءَ ۾ ڪتاب ڳولڻ ۾ مشڪلات پيش ڪانه ايندي هئي. اڳتي هلي ماٺيڻي نوڪريءَ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايوننگ ٽائيم ۾ لائبرري سائنس ڊپارٽمينٽ مان ڊپلوما جو ڪورس ڪيو ۽ سڄي سنڌ مان ٽيون نمبر حاصل ڪيائين. ماٺيڻو جينيس ته شروع کان ئي هو، وري جو هن کي هيڏي وڏي لئبرري مطالعي لاءِ ملي، جنهن هن جي تخليقي سگهه کي شاعريءَ جي روپ ۾ نروار ڪيو:
    ياد اچي ٿو مونکي تنهنجو آڌي رات پڄڻ،
    هاڻي روئندو روح رهي ٿو، وسري ويم مرڪڻ!
    تنهنجي چاهه چوايا مونکان، گهايل گيت غزل:
    سانئڻ! تو بن مان ته، ڏهر ۾ روهيڙي جو وڻ!
    ماٺيڻي کي علمي ادبي ڪتاب پڙهڻ سان وڏو چاه هوندو هو، هن لکڻ جي شروعات اسڪول جي زماني کان ڪئي، لاتعداد شاعري، ڪجهه ڪهاڻيون، ڪجهه ريڊيائي فيچر ۽ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيائين جيڪي اُن وقت جي مايه ناز رسالي مهراڻ ۾ ڇپيا. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”وڇوڙي جا گيت“ جيڪو ماٺيڻي جي هميشه ماٺ ٿي وڃڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي شاخ پاران 1983ع ۾ ڇپيو. جڏهن سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا ٿي آيو تڏهن هُن، هِن جي ذهني قوت کي محسوس ڪندي، کيس لئبرريءَ ريسرچ لاءِ ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو؛ ۽ هن جي سي وي فارين يونيورسٽي موڪلي؛ پر بدقسمتيءَ سان هن جي ٻاهر وڃڻ جا ڪاغذ هن جي ڪُمهلي موت کان ٽي مهينا پوءِ ٺهيا. ڇو ته ماٺيڻي سنڌالاجيءَ لاءِ تمام گهڻو پورهيو ڪيو هو، هن ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي 1973ع کان 1979ع تائين ترتيب ڏني، جيڪا سنڌالاجيءَ طرفان 1989ع ۾ شايع ٿي. ماٺيڻي لائبريري سائنس ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا.
    ماٺيڻو گهڻ پاسائين شخصيت هو. هو طبيعت ۾ توڙي جو واقع ماٺيڻو هو، پر هن جي ٽهڪن جي گونج اڄ به سنڌالاجيءَ جي هر ڪنڊ پاسي ۾ گونجي ٿي، هو بهترين سماجي ورڪر ۽ بهترين شاعر هو. هن جي شاعريءَ جا سلا ڦٽا ته مُهراڻي جي ڀٽن تي هئا، پر انجي خوشبوءِ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي هئي. ماٺيڻي جي شاعري پهريون ڀيرو نامياري دانشور عبدالواحد آريسر پنهنجي انقلابي رسالي ”پيغام“ ۾ ڇپي هئي، جنهن رسالي تي ڀٽي جي دؤر حڪومت ۾ پابندي وڌي وئي هئي. آريسر صاحب ماٺيڻي جي هن شعر کان ايڏو ته متاثر ٿيو، جو هن پنهنجي ڪتاب جو نالو ”رُوح جا ريلا“ رکيو.
    رُوح جا ريلا هاءِ اڪيلا، توکي سڏڪي ساريان
    ڍوليا ويٺي واٽ نهاريان!
    ماٺيڻي جي شاعريءَ ۾ مُهراڻي جي مٽيءَ جي خوشبوءِ، ڄامشوي جي حسينائن جا ٽهڪ ۽ سنڌ جو درد آهي، سنڌڙي ماٺيڻي جي جندڙي هئي.
    سنڌڙي منهنجي جندڙي آ، سنڌڙي منهنجي جيجل ماءُ
    پل ۾ مران ٿو پل ۾ جيئان ٿو، پلپل پُور پچايان ٿو،
    ماٺيڻي جي سنڌي ادب جي وڏن نالي وارن ڏات ڌڻين سان دوستي هئي، هن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي سايي ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرايو، هن جي ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري، تاج جويي، نصير مرزا ۽ نياز پنهور سان دوستي هئي، پر افسوس انهن دوستن مان ڪنهن به هن کي ورسيءَ جي موقعي تي ياد ڪرڻ ضروري ڪونه سمجهيو! ياد ته هن کي سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌالاجيءَ وارن به ڪڏهن ڪونه ڪيو، جنهن اداري جو هو خوبصورت حصو هو. وري به شابس آهي زاهد اوٺي کي، جنهن هن جو تخليقي پورهيو سهيڙي ”رُوح رنو اڌ رات“ ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ ماٺيڻي کي ٻيهر زنده ڪيو؛ نه ته ماٺيڻي وانگر سندس شاعري به سنڌوءَ جي پولارن ۾ گم ٿي وڃي ها، ۽ اسان جو ايندڙ نسل هن شاعر جي نالي کان محروم رهجي وڃي ها. ماٺيڻو 15 فيبروري 1981ع تي پنهنجي شاعريءَ جي صليب، پنهنجي چاچي بلاول جي ڪلهن تي رکي، سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو. اسان لاءِ ڇڏي ويو ته صرف يادون ، سندس دوستن جي چوڻ موجب ماٺيڻي خودڪشي ڪئي هئي، ڪن دوستن جو خيال آهي ته ماٺيڻو قومي تحريڪ ۾ سرگرم هيو، جنهن ڪري رياست، کيس راهه تان هٽايو آهي. بر حال جيئن به ٿيو، ماٺيڻي جو موت عشق هٿان ٿيو، پوءِ اُهو عشق ڌرتيءَ جو هجي يا سرتيءَ جو هجي.
    ¤¤¤¤¤


    سونهن، سچ ۽ ڌرتيءَ جو شاعر : شبير هاليپوٽو

    مان دل جي چئي ۾ ۽ دل هن جي چئي ۾ آ،
    بي چين اسين ٻئي هوءَ، هُو خوب مزي ۾ آ.
    مان پاڻ کي جهليان يا ستارن کي سهارو ڏيان،
    آ چنڊ چُڪي پيتي ۽ ڌرتي به نشي ۾ آ.
    اُڀ به ناهي رڳو نيرو، هي سمنڊ پڻ نيرو آ،
    ۽ نيڻ سندس نيرا، هو نيري وڳي ۾ آ.
    هن خط ۾ جملو وري به آ ساڳيو لکيو،
    جو پيار پري ۾ آ، سو ويجهي ۾ ڪٿي آ.

    هيءُ غزل مون 2009ع ۾ امرتا جي ڪنهن شماري ۾ پڙهيو هو، ۽ هي سِٽون پهريون ڀيرو پڙهڻ سان ئي منهنجي حواسن تي ڇانئجي ويون هيون؛ ۽ آئون تنهائي ۾ ويٺو گنگنائيندو رهندو هئس. ائين هڪڙي ڀيري پنهنجي دوست احمد نواز سان راڻي باغ ۾ ويٺو هئس، ته اوچتو هي سٽون منهنجي زبان تي تري آيون ۽ آئون جهونگارڻ لڳس ته احمد نواز پڇيو، ”يار! هي ڪنهن جون سٽون آهن؟ تشبيهون ته صفا بهار ڦٽڻ جي موسم جھڙيون آهن.“ چيم، ها يار! هي غزل مون امرتا رسالي ۾ پڙهيو هو. شبير هاليپوٽو ڪو شاعر آهي.“ ته احمد نواز رڙ ڪري چيو ته، ”يار شبير شاعري به ڪندو آهي ڇا؟“ چيم، ”ها“. چيائين، ”منهنجو سٺو دوست آهي، پر مون کي اها خبر ناهي ته شبير اهڙي سٺي شاعري به ڪندو آهي.“ ائين احمد نواز موبائيل کيسي مان ڪڍي، شبير جو نمبر ڊائل ڪيو. ٻئي پاسي کان شبير ئي ڪال رِسيو ڪئي، ته احمد نواز حجت مان چيو، ”تون شاعري به ڪندو آهين ڇا؟“ ته شبير وڏو ٽهڪ ڏئي چيو، ”ڇو توکي خبر ناهي ڇا؟ منهنجو ڪتاب ڇپجڻ وارو آهي.“ پوءِ وري مون ڳالهايو. ڪجهه ٽائيم فون تي ڪچهري ٿي ۽ شبير چيو ته، آئون ڪجهه ڏينهن ۾ حيدرآباد ايندس ۽ روبرو ڪچهري ڪنداسين، ۽ پوءِ احمد نواز، شبير جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو ته هي نابين آهي، پوءِ به سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي اٿس. ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازم به رهيو، پوءِ وري دادوءَ جي ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي ڪافي عرصو پڙهايائين. سچ پچ ته مون کي يقين نه آيو ته ڪو هيءُ ماڻهو نابين هوندي، پڙهي به سگهي، پڙهائي به سهي ۽ ههڙي خوبصورت شاعري به ڪري؛ جيڪا پهريون ڀيرو پڙهڻ سان ماڻهوءَ جي حواسن تي ڇانئجي وڃي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ احمد نواز رات جو فون ڪئي ته شبير آيو آهي، فارغ هجين ته ملي وٺجي. چيم يار فارغ نه به هوندس ته به ملندس. ان وقت منهنجي خوشيءَ جي انتها اهڙي هئي، جهڙي ڪنهن معصوم ٻار کي 5 روپيا خرچي ملڻ وقت ٿيندي آهي، پر ان کان به وڌيڪ هئي. ايئن اسان گڏجي سنڌ جي هن هومر سان ملڻ لاءِ وياسين. هيءُ پنهنجي بيڊ تي ويٺو هو، آئون احترامن جهُڪي مليس ۽ خوش خيرعافيت ته چيائين، ”بابا علي نواز ته ناهين؟“ چيم، ”ها سائين!“ منهنجي حيرت جي انتها اها هئي ته آئون هن ماڻهوءَ سان پهريون ڀيرو مليو هئس. صرف فون تي ئي هڪ ڀيرو ڳالهايو هيوسين. هن ماڻهوءَ جي حواسن کي سلام ڪيم ۽ پوءِ ڪافي دير تائين ڪچهري ڪئي سين. اتي ڪتاب جو ٽائيٽل ڏيکاريائين. چيائين ته، اسحاق سميجو سارنگا طرفان ڪتاب ڇپرائي پيو، اڃا وڌيڪ خوشي ٿي. دير تائين ڪچهري ڪري هليو آيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ احمد نواز، ڪتاب ”هينئڙو هيرڻ پن“ جي ڪاپي ڏني. ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ته سچ پچ دل خوش ٿي وئي. شبير شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد، سونهن ۽ سچ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. شبير، جيڪو پاڻ ڏکن جو ماريل آهي، هن سان زندگي هر موڙ تي مذاق ڪيا آهن، پوءِ به هن جا ارادا ڪيترا نه مضبوط آهن، سندس هن شعر ۾ ڏسو ته:
    هي جي ڏک سُک، آءُ ورهايون هڪ ٻئي ۾،
    سُک رک تون، ڏک پورا پورا مون کي ڏي!
    هيءُ هتي به سُکن جو تمنائي ناهي، هتي به بدلي ۾ ڏک وٺڻ ٿو چاهي. آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو سک ڏئي ڏک وٺي؟ سندس هن شعر ۾ ڏسو، ڪٿي به سون چانديءَ جو تمنائي ناهي؛ صرف محبوبه جي ٻانهن جي هار کي پنهنجي گلي جي زينت ٿو بڻائڻ چاهي:
    سون، چاندي، نه موتي هيرن جو،
    تنهنجي ٻانهن جو هار ٿو گهرجي.
    هتي هن شعر ۾ ڪيترو نه پُراميد ٿو لڳي. هيءُ شاعر، جيڪو نابين هو ندي به رُوحاني ڪيفيت ۾ پنهنجي محبوبه جي خوش، يا نا خوش هجڻ کان هر پل باخبر آهي:
    لڳي ٿو تون به خوش آهين،
    اهو آ رابطو دل جو،
    جتي آهين، جيئين آهين، خبر پل پل جي پئي ٿي پئي،
    اهو آ فيصلو دل جو،
    پرين پڪ تون به خوش آهين!
    شبير جِتي محبوبه جي لاءِ بي چين آهي، اُتي پنهنجي ديس لاءِ به مضبوط ارادا رکي ٿو، سندس هيءُ شعر ان جي عڪاسي ڪري ٿو ته:
    سنڌ ديس آ منهنجو
    ڊوهه تنهنجا سڀ ڊاهيان،
    سنڌو ديس ٿو ٺاهيان.
    هتي مون کي ٻن بادشاهن جو قصو ياد ٿو اچي، جيڪو لکڻ ضروري ٿو سمجهان:
    شاهجھان ۽ ايڊورڊ ٻئي بادشاهه هئا. ٻنهيءَ جو پنهنجين زالن سان بي انتها پيار هو ۽ ٻنهيءَ جون زالون ساڳي بيماري وگهي فوت ٿيون. انهن جي يادگيريءَ لاءِ ٻنهي بادشاهن جي سوچ مختلف آهي. شاهجھان پنهنجي زال جي ياد ۾ اربين رپيا خرچ ڪري تاج محل ٺهرايو، ۽ ايڊورڊ پنهنجي زال جي ياد ۾ اربين رپيا خرچ ڪري ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرايو، ته جيئن جنهن بيماريءَ سبب هن جي زال فوت ٿي، اهڙين بيمارين کان ٻين کي بچايو وڃي. اهو آهي سوچ جو فرق، جيڪو قومن جي عروج ۽ زوال جو سبب بنجي ٿو. شبير به اهڙي مرحلي مان گذريو آهي، جو هن جي نظر ڪم ڇڏي وئي، پوءِ به هن پنهنجو حوصلو بُلند رکندي اڳتي پڙهڻ جو ڪم جاري رکيو؛ ۽ اسان جي هن قوم ۾ اُتساهه پيدا ڪيو. شبير پاڻ ٻڌايو ته جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ پاس ڪري پروفيسر قاسم ٻگهيي صاحب سان مليو هئس ۽ چيو هئم ته منهنجي نظر ختم ٿي وئي آهي، پوءِ به پڙهڻ ٿو چاهيان، ته قاسم ٻگهيو پنهنجي چيئر تان اٿي مون سان ڳراٽڙي پائي مليو هو، ۽ چيو هئائين ته آئون تازو ٻاهران پي.ايڇ.ڊي ڪري موٽيو آهيان. اتي ته اها ڳالهه نئين ناهي، پر مون کي خوشي آهي ته سنڌ چئن سالن ۾ ايڏي ترقي ڪئي آهي، ۽ پوءِ قاسم ٻگهيي صاحب هر طرح جي مدد جو يقين ڏياريو.
    - ته شبير شاهجھان وارو ڪم ڪرڻ جي بجاءِ، ايڊرورڊ وارو ڪم ڪري، هن قوم جو ڳاٽ فخر کان اُوچو ڪري ڇڏيو آهي. ههڙا ماڻهو قومن جي تاريخ ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن. ٻيو ڀيرو 22 اپريل تي شبير سان ملڻ ويس، ته شبير جو جيءُ جهريل هو؛ انتهائي هيڻائيءَ واري ڪيفيت ۾ هو. اها ڪيفيت ته اسان سڀني مٿان طاري هئي، ڇو ته اڳئين ڏينهن 21 اپريل تي سانگهڙ- کپري روڊ تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن- سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي پاڪستان جي نام نهاد ادارن نه صرف گوليون هڻي شهيد ڪيو هو، پر انهن جي لاشن کي به ساڙي ڇڏيو هئائون. اهو هڪ اهڙو سانحو هو، جنهن عام ماڻهن کي به روئاري ڇڏيو هو، پر جي اهڙو واقعو ڪنهن شاعر جا ڪن ٻڌن ته اڃا وڌيڪ قيامت برپا ڪريو ڇڏين. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪري موٽياسين. صبح جو سوير شهيد روپلي چولياڻيءَ تي شعر لکي ميسيج ڪيائين. شبير جي ڪيفيت ته شاعريءَ جو رُوپ ڌاري ورتو، پر اسان ان ڪيفيت کي ڪهڙي رُوپ ۾ وٺون، جو اڃا تائين دل ٻرندڙ ٽانڊن جيان ٽهڪي ٿي پئي. سو سلام آهي شبير جي حوصلي کي، ۽ جَس هجي اسحاق سميجي کي، جنهن ههڙي فقير صفت انسان جو ڪتاب ڇپرائي، شبير جي ٽٽل وکريل خيالن کي ماڻهن تائين پهچايو آهي.
    ¤¤¤¤¤


    سنڌي صحافت جو سُورمو : فقير محمد لاشاري

    جنهن سون جا سڪا پَٽ اُڇلي، مهراڻ جي مٽي پنهنجي ڪئي
    ســـو ماڻهــو مونکي پيارو آ، سو ماڻهو منهنجو ڍوليو آ.
    (تنوير عباسي)

    سنڌي صحافت کي نوان موڙ ۽ نوان لاڙا ڏيندڙ فقير محمد لاشاريءَ جي پي اهو ڪڏهن به نه سوچيو هوندو ته سندس پٽ پوري سنڌ لاءِ فخر جو باعث بڻجي ايئن شهرت جي بلندين کي ڇُهندو. فقير محمد لاشاريءَ جو تعلق ته هڪ غريب گھراڻي سان هو، پر هن غربت جي گھاڻي ۾ پيڙهجندي سچائيءَ جي ساٿ جي پلئه کي هرگز نه ڇڏيو.صحافتي دنيا ۾ فقير محمد لاشاريءَ جو نالو سڀني کان مٿاهون ۽ اُوچو آهي، فقير محمد سنڌي صحافت کي نوان لاڙا ڏيئي صحافت جي ساک کي بحال ڪيو، دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي تمام مختصر وقت ۾ پنهنجي قد کان به وڏا ڪم ڪري پنهنجي پورهيي جي ڇاپ ڇڏي هميشه هميشه لاءِ منظر تان غائب ٿي ويندا آهن. فقير محمد به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جيڪو تمام ٿوري عرصي ۾ سنڌي صحافت ۾ پنهنجي ڇاپ ڇڏي ويو آهي. ۽ سنڌي صحافت ۾ فقير محمد جو خال صدين تائين نٿو ڀرجي سگھي، ڇو ته فقير محمد جو دامن داغدار نه هو، هن اڇي اُجري ۽ صاف شفاف صحافت ڪئي، فقير محمد جو وڇوڙو هڪ فرد جو وڇوڙو ناهي، پر هڪ اداري جو وڇوڙو آهي. ڇو ته فقير محمد جي وڇوڙي سان جاڳو جهڙو هڪ ادارو بند ٿيو آهي.فقير محمد لاشاري 4 سيپٽمبر 1951ع تي گاجي کهاوڙ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد حسن لاشاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪري، مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول وارهه مان ۽ انٽر ڪامرس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ڪاليج جي تعليم دوران سندس واسطو ترقي پسند تحريڪ سان ٿيو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1972ع ۾ پرائمري ماستر طور ڪئي ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهائيندو به رهيو ته علمي، ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو، سندس گهڻو لاڙو ترقي پسند ادب ڏانهن هو ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ قومپرستن ۽ ڪميونسٽن سان ويجهو رهڻ لڳو، جيڪا ڳالهه ڳوٺ جي وڏيرن کي نه وڻي ۽ انهن فقير محمد جي خلاف تعليم کاتي کي درخواستون موڪليون ته هي ڪميونسٽ آهي، هن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي وغيره، پر هن تي انهن جو ڪو به اثر نه ٿيو، 77-1976ع ڌاري پرائمري ماستريءَ جي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول عزيزآباد ڪراچيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج ٽيچر مقرر ٿيو، ان دوران ايم. اي اڪنامڪس ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. فقير محمد لاشاري 1977ع کان صحافتي دنيا ۾ هلال پاڪستان اخبار جي سب ايڊيٽر طور قدم رکيو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختيارڪاريءَ جو امتحان به پاس ڪيائين، پر ترقي پسند ۽ ڪميونسٽ هئڻ سبب کيس اها نوڪري نه ملي ، فقير محمد لاشاري صحافت جي دنيا ۾ قدم ڇا رکيو، ڀونچال مچائي ڇڏيو، سندس قلم ۾ جنبش هئي، هن صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا، هن صحافت کي سرڪاري حڪمن جي تابعداريءَ کان آزاد ڪيو، کليو کلايو سچ لکڻ شروع ڪيائين، جنهن روايتي صحافت جا هڙئي ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيا. 1981ع ۾ هلال پاڪستان انتظاميا هفتيوار هلال پاڪستان مئگزين ڪڍيو ته فقير محمد کي ان جو انچارج مقرر ڪيو ويو، انهيءَ هفتيوار مئگزين جا ڪل 52 پرچا شايع ٿيا، اڳتي هلي فقير محمد هلال پاڪستان اخبار انتظاميا کان ماهوار ايڊيشن جي طور تي هلال مخزن ڪڍڻ جي منظوري ورتي، انهيءَ مخزن مارشل لا جي ڪاري دور کي سخت لفظن ۾ ننديو ۽ ماڻهن جي اکين تان پردو لاٿو، انهيءَ مخزن سنڌ ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو، جنهن ۾ ڪجهه مستقل سلسلا، ڪجهه عالمي ادب جي چونڊ ڪتابن جو اختصار به ترجمو ڪري هلايائين ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ترقي پسند ادب به ان ۾ باقاعدي ڇپجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ اها مخزن ڏيڍ سال بعد بند ٿي وئي، ڇو ته اخبار جي مالڪن مٿان سرڪاري دٻاءُ وڌو ويو هو ۽ اخبار جي مالڪن ايتري آزادي نه ڏني، هلال پاڪستان اخبار ۾ نوڪريءَ دوران هلال پاڪستان جي ڪارڪنن کيس هلال پاڪستان ورڪرز يونين جو صدر چونڊيو هو، مخزن جي بند ٿيڻ ڪري فقير محمد لاشاري هلال پاڪستان کي الوداع ڪيو ۽ ان ئي دؤر ۾ ڪراچيءَ مان پهرين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ سنڌي اخبار عوامي آواز جاري ٿي، ته فقير محمد به ان سٿ ۾ شامل ٿيو. ۽ ان کي پيرن تي بيهارڻ وارو به فقير محمد ئي هو. فقير محمد عوامي آواز ۾ نئون روح ڦوڪيو.، فقير محمد جا ايڊيٽوريل ڀير تي ڏونڪو هوندا هئا، سندس ايڊيٽوريل عوامي آواز جي جان هوندا هئا. جنهن ۾ سنڌ جي اڪيچار مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل هوندي هئي، ٽن مهينن جي اندر اخبار جي سرڪيوليشن زمين کان آسمان تي پهچي وئي، ۽ پڙهندڙن ۾ فقير جا ايڊيٽوريل ساراهجڻ لڳا. پر هتي به فقير محمد گھڻو ٽڪاءُ نه ڪري سگهيو، ڇو ته سندس ايڊيٽوريلن جي ٻوليءَ سرڪار کي پسند نه هئي ۽ فقير محمد کي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽري به ڇڏڻي پئي ۽ هو بيروزگار ٿي پيو، پر فقير محمد جنهن همٿ سان اخبارن ۾ ويهي سنڌ جو ڪيس وڙهيو هو، ان کيس سنڌ جو سورمو ڪري ڇڏيو هو، ان دوران فقير محمد صحافت سان گڏ سنڌي ادبي سنگت سان به سلهاڙيل رهيو، تقريبن ستن سالن تائين ڪراچيءَ شاخ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. هن سنگت ڪراچيءَ کي هڪ گڏيل پليٽ فارم جي شڪل ڏني ۽ انيڪ اهڙا پروگرام ڪرايا، جن مان بدر ابڙي جو ڪتاب تنقيد نگاريءَ جو ادبي جائزو ۽ محمد ابراهيم جويي سان ملهايل شام جي حوالي سان ڪتاب ’ادبي گڏجاڻي‘ اهم حيثيت رکن ٿا. فقير محمد ادبي سنگت کي ڀرپور ٽائيم ڏنو ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ ادبي سنگت کي پيرن تي بيهارڻ ۾ فقير محمد جو ئي ڪردار آهي.
    فقير محمد عوامي آواز ڇڏڻ بعد ڪجھ دوستن جي سهڪار سان جاڳو اخبار جاري ڪئي هئي، ڀٽائي پبلشنگ هائوس جو بنياد وجهي روزاني جاڳو جو پهريون پرچو پهرين جنوري 1991ع تي جاري ڪيائين. جاڳو اخبار فقير محمد جي زندگيءَ جو اهم مقصد ۽ آزاد صحافت کي هٿي وٺرائڻ هو ۽ فقير محمد هن اخبار کي بلڪل آزاد ڪري هلايو، جاڳو جا ايڊيٽوريل انتهائي سخت ۽حقيقت تي مبني هوندا هئا، جن ۾ سنڌ جي مسئلن جي چٽي نموني اپٽار ٿيل هوندي هئي، جنهن سبب سرڪار جي پت وائکي ٿي پوندي هئي. ان وقت جي وزيراعليٰ ڄام صادق علي طرفان کيس ڪيتريون ئي ڌمڪيون پڻ مليون، ۽ ڪيتريون ئي آڇون به ٿيون، پرفقير محمد پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، ۽ انهن سڀني آڇن کي ٺڪرائي ڇڏيائين، ان وقت جاڳو اخبار سنڌ ۾ گهڻي پڙهي ويندڙ ۽ وڪرو ٿيندڙ اخبار هئي، ڪي ڪي اخبارون ايڊيٽوريل جي ڪري پڙهيون وينديون آهن. جن مان مصر مان نڪرندڙ الاحرام ، جنهن جو ايديٽر حسنين هيڪل هو ،الاحرام جي سرڪيوليشن 400000 تائين حسنين هيڪل جي ايڊيٽوريل جي ڪري پهتي هئي، پاڪستان مان نڪرندڙ اردو اخبار الوحيد دين محمد وفائي جي ايڊيٽوريل جي ڪري گھڻي پڙهي ويندي هئي.۽ سنڌي ۾ يوسف شاهين جي ادارت هيٺ نڪرندڙ اخبار برسات به شيخ اياز جي ايڊيٽوريل جي ڪري گھڻي پڙهي ويندڙ اخبارن ۾ شامل هئي، ان کان علاوه پير پاڳاري جي اخبار مهراڻ به جڏهن شمشير الحيدري جي ايڊيٽري ۾ آئي ته مهراڻ کي به شمشير چار چنڊ لڳائي ڇڏيا،جنهن اخبار جي سرڪيوليشن 800 هئي، انهي اخبار جي سرڪيوليشن شمشيرالحيدريءَ جي ايڊيٽوريل جي ڪري 28000 تائين پهتي هئي. اهڙيءَ طرح جاڳو اخبار به فقير محمد لاشاريءَ جي ايڊيٽوريل جي ڪري گھڻي پڙهي ويندڙ اخبارن ۾ سڀني کان اڳڀري هئي. صحافتي دؤر ۾ فقير محمد گهڻو ڪري ف-م لاشاريءَ جي نالي سان لکيو آهي.فقير محمد جي ايڊيٽوريلن کي اڄ به پڙهڻ سان ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي دؤر تي لکيل هجن. ائين به چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته فقير جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون هر دؤر سان مشابهت رکن ٿا. مثال طور- فقير محمد جي ڪتاب سنڌ: پيپلز پارٽي کان ڄام صادق علي تائين ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”قبلا! اکيون کوليو! هاڻي دؤر بدلجي ويا آهن. قومي اهميت جي معاملن تان رڳو ايم ڪيو ايم خلاف زوردار اخباري بيان ڏيئي ڌيان نٿا هٽائي سگهو. هاڻي ڪاري ڏاند جا مالڪ جاڳڻ جي مرحلي ۾ آهن، جيڪي توهان جي ٻين سان ته ڇڏيو، پر خود توهان کي پنهنجي مرتبن سان به بي انصافي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. ذهنن ۾ رکڻ کپي، ته ماڻهو پنهنجي ووٽ سان جيڪا عزت توهان کي ڏين ٿا، تنهن کي خود توهان جي هٿان نقصان پهچڻ نه ڏيندا. ان شيءِ، ان امانت کي سنڀالڻ سکو، عهدا ماڻڻ جو مطلب رڳو اخبارن ۾ ڦوٽو ڪڍرائڻ ناهي.“ توهان فيصلو ڪيو‏، اڄ جون حالتون هن لکڻيءَ سان ٺهڪن ٿيون يا نه؟ يا وري سندس لکيل تاريخي ايڊيٽوريلن ۾ ؛ (i) سنڌ واسيو غلامين خلاف اٿو: سنڌ تڏهن به غلام هئي ، اڄ به غلام آهي، (ii) سمورا سياستدان ڌيان ڏين ۽ جواب ڏين: سنڌ جا سياستدان ڪلهه به جوابده هئا، اڄ به جوابده آهن، (iii) سنڌ يونيورسٽي بابت سڄي قوم آڏو ڪجهه سوال، سنڌ يونيورسٽي ڪالهه به تعليم دشمن عناصرن جي هٿن ۾ هئي، اڄ به تعليم دشمن قوتون سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڄئورن وانگر چنبڙيل آهن ۽ رت چوسي رهيون آهن. فقير محمد جي اها جاڳو سندس شهادت کان پوءِ جلد ئي بند ٿي وئي، جاڳو اخبار جي ادارت دوران سنڌي اخبارن جي تنظيم ’سنيڪ‘ جو بنياد وڌائين ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بنياد وجهندڙن ۾ به فقير محمد لاشاري نور احمد ميمڻ جو سهڪاري رهيو ۽ ان وقت ڪمپيوٽر تي سنڌي سافٽ ويئر به فقير محمد لاشاريءَ جي محنتن جو نتيجو آهي. فقير محمد گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، فقير محمد لاشاريءَ جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: (1) ’سنڌ جا سور‘ڌرتي جي دانهن (مضمون- 1988ع)، (2) ’سگهارو هماليا، هيڻا ماڻهو‘ (نيپال جو سفرنامو)، (3) ڇپر جا سونهان‘ (شخصيت ۽ چونڊ لکڻيون – 1994ع)، ’رُڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ‘ (ٻه ڀاڱا) ۽ سنڌ ڄام صادق علي کان پيپلز پارٽي تائين، ان کان سواءِ سندس ڪيترائي مضمون ۽ ايڊيٽوريل اڻ ڇپيل صورت ۾ آهن. فقير محمد 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور ويجهو ضلعي گجر خان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ شهيد ٿي ويو، سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. 14 آگسٽ 1994ع تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت طرفان کيس خدمتن جي مڃتا طور ستاره امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو.سندس مرڻ پڄاڻان هر اک آلي آهي، فقير جي فقيراڻي طبيعت هئي، هو ڪڏهن به موه ۽ مايا تي نه وڪاميو. هن جيڪو ڪجهه لکيو وقت جي نبض تي هٿ رکي سچ لکيو. ڪاش سنڌ جي صحافت ۾ ههڙا جرئتمند جوڌا پيدا ٿي پون، ته جيئن زرد صحافت کان سنڌ ۽ سنڌي قوم بچي وڃي. فقير محمد جي هڪ نياڻي نصرت لاشاري پيءُ جي ڇڏيل راه تي گامزن آهي.

    ¤¤¤¤¤


    ٺٽي جو بيباڪ صحافي : يار محمد جلالاڻي

    ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو دل چاهيندي به لکي ناهي سگهندو، منهنجي طبعيت به ڪجهه اهڙي آهي. گذريل ٻن سالن کان سوچي رهيو هئس ته سنڌ جي هن يگاني فقير صفت ماڻهو يار محمد جلالاڻيءَ کي خراج تحسين پيش ڪريان، پر هن جي ڪُمهلي موت تي لکڻ جي لاءِ قلم ڪڏهن به منهنجو ساٿ ڪونه ڏنو، وري اها سوچ ته منهنجو قلم هن بيباڪ انسان سان انصاف ڪري سگهندو الاءِ نه. يار محمد جلالاڻي خوددار انسان هو، بيباڪ صحافي ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هن جي ٺٽي ۽ ٺٽي جي ماڻهن سان اٿاهه محبت هوندي هئي. هيءُ اٺن سالن تائين بنا ڪنهن تضاد جي پريس ڪلب ٺٽي جو صدر رهيو، پريس ڪلب جي چونڊن ۾ صدارتي سيٽ تي هميشه هيءُ يڪراءِ چونڊجي ايندو هو. هيءُ پنهنجي صحافي دوستن کي چوندو هو، يار! هيءَ پريس ڪلب منهنجي ابي ڏاڏي جي ذاتي ملڪيت ته ڪانهي جو هر ڀيري مون کي ئي صدارت جي لاءِ منتخب ڪيو وڃي، پر سڀئي دوست هن فراخدل انسان کي چوندا هئا ته، ”يار! بيهڻ لاءِ اسين به تيار آهيون، پر اسين ياري جھڙي دل ۽ گردو ڪٿان آڻيون، جيڪو اسٽيبلشمنٽ جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي سگهي.“
    ٺٽي جي مڊل ڪلاس ماڻهن جو ته هيءُ ڇپر ڇانوَ هوندو هو. ٺٽي جو غريب طبقو مشڪلات وارين گهڙين ۾ ڪنهن وزير، ايم.پي.اي، ايم.اين.اي جو در کڙڪائڻ بجاءِ هن فقير صفت انسان جي جهوپڙيءَ جو رُخ ڪندا هئا. پوءِ هيءُ پنهنجي موٽرسائيڪل تي، پنهنجي تيل تي، انهن غريبن جي مدد لاءِ نڪري پوندو هو. يارو ۽ ياري جي موٽرسائيڪل چوويهه ڪلاڪ سفر ۾! جڏهن به پريس ڪلب پهچي فون ڪبو هو ته هي چوندو هو، ڪڏهن جهوڪ، ڪڏهن، بٺوري، ڪڏهن دڙي! وري جو ٻڌائيندا هئاسين ته يارا ڪراچيءَ کان موٽياسين، تنهنجي سڪ لڳي، ان ڪري ٺٽي وارو روڊ ورتوسين، ته يڪدم چوندو هو، توهان هلو غريبخاني تي، يارو ڄاڻ پهتو؛ مزي جهڙي ڳالهه ته ياري جي ٺٽي شهر ۾ هڪ ننڍڙي جڳهه هوندي هئي، جنهن کي مون ڪڏهن به تالو لڳل ڪونه ڏٺو ۽ پوءِ اسين ياري جي جڳهه تي پهچندا هئاسين. اڌ مُني ڪلاڪ ۾ هيءُ به اچي پهچندو هو، پوءِ ته بس ڪچهري شروع ٿي ويندي هئي. ٺٽي ۽ آسپاس جي ادبي لڏي سڄي کي فونون ڪري گهرائيندو هو، پوءِ سنڌي ادب ۽ سياست تي بحث شروع ٿي ويندو هو؛ ۽ پوءِ ته بس رات کٽڻ جي ڪندي هئي، پر بحث ڪونه کٽندو هو! اهڙو هو اسان جو يار، يار محمد!
    هن کي هر ڪم ۾ جلدي هوندي هئي، هر ڪم جلدي اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. شايد هن کي خبر پئجي وئي هئي ته ڪم تمام گهڻا، وقت ۽ زندگي تمام ٿوري هئي. هن جي سنڌ ۽ سيّد سان بي لوث محبت هوندي هئي جو هو، قومپرستن ۾ سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ڪهڙي به پارٽيءَ جو جلسو، مظاهرو هجي، هيءُ فوٽوگرافر کڻي وڃي پهچندو هو ۽ صبح جو سنڌ جي مايه ناز اخبار عوامي آواز ۾ چار يا پنج ڪالمي خبر تصويرن سميت لڳل هوندي هئي. هيءُ سترهين جنوري ۽ پنجويهين اپريل ٻئي ڏينهن، سن پهچندو هو. هي ٻئي تاريخون هن کي عيد جي ڏينهن کان وڌيڪ ياد هونديون هيون. هن جون دلي همدرديون سنڌ جي سڀني قومپرستن سان هونديون هيون، پر هي يار صرف رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر جو هوندو هو. هي ٻئي سڄي سنڌ جو ٽوئر ڪري ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ياري جي غريب خاني تي ايندا هئا. هڪڙي ڀيري مون کي ياد آهي ته (آءٌ به آريسر صاحب سان گڏ هئس) اسين ٺٽي وياسين، ياري جي جڳهه تي؛ جڳهه کُليل هئي، يارو غائب هو! فون ڪئي سين. چيائين: ”اوهين ويهو، آءٌ اچان ٿو.“ ايتري ۾ صحافين جي روپ ۾ ايجنسين جو هجوم اچي ڪڙڪيو. آريسر صاحب کي چيائون ته، ”اسين توهان کان انٽرويو وٺنداسون، فلاڻي ٽي.وي چينل جا رپورٽر آهيون.“ آريسر شروع کان ئي سادي طبيعت جو ماڻهو، سو تيار ٿي ويهي رهيو انهن کي انٽرويو ڏيڻ! ايتري ۾ يار محمد اچي پهتو. ايندي ئي هنن جي مٿان چڙهي ويو ۽ هنن کي ڀڄائي ڪڍيائين ۽ پوءِ آريسر صاحب کي به تنبيهه ڪيائين ته، ”هتي توهين صرف ٿڪ ڀڃڻ جي لاءِ ٿا اچو، تنهنڪري هتي ڪير به اچي، توهان انهيءَ سان نه ملو؛ پوءِ اهو صحافي هجي يا ڪامورو.“ واقعي آريسر صاحب پاڻ مون کي هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، ”آئون جڏهن به ٻن جاين تي ويندو آهيان ته سياست کي پوئتي موٽائي ننڊ ڪرڻ ويندو آهيان؛ هڪ يار محمد جلالاڻيءَ وٽ ۽ ٻيو پنهنجي گهر.“
    هُو هڪ ئي وقت سائين جي.ايم.سيد جو پوئلڳ هوندو هو ته ممتاز ڀُٽي ۽ رسول بخش پليجي سان سنڌ ۽ سيد تي بحث ڪندو هو. هي ٺٽي جي شيرازين جو به دوست هو ته سنڌ جي اڳوڻي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو سان به حجت ڪري ڳالهائيندو هو. سسئي پڻ ياري کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي. هڪڙي ڀيري، مائي الهوسائيءَ جي ورسي هئي، اسين به ياري سان گڏجي وڃي پهتاسين. ياري کي ان ڏينهن چشمو پاتل هو. سسئي ياري کي ڏسندي چيو، ”يار محمد اڄ ته صفا ڪامورو ٿو لڳين!“ ياري ٽهڪ ڏيندي چيو، ”اَدي جيڪڏهن ٽوپي ٿو پايان، ته تون چوين ٿي وڏيرو ٿو لڳان، جي ڪيپ ٿو پايان ته تون چوين ٿي، ٺٽي جي روڊ جو بيلدار ٿو لڳان. اڄ وري گرميءَ کان بچڻ وارو چشمو پاتو آهي ته تون چوين ٿي ڪامورو ٿو لڳان!“
    اهڙي هوندي هئي ياري جي حجت سڀنيءَ سان، هو سڀني سان تون ڪري ڳالهائيندو هو، هُو چوندو هو ”تون ڪري صرف پنهنجن سان ڳالهائبو آهي، باقي توهان چئي صرف وڏيرن ۽ آفيسرن سان ڳالهائبو آهي. هيءُ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو عوامي آواز جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر رهيو. هن جي ڪُمهلي موت تي نه صرف ٺٽي جي ڏتڙيل ماڻهن کي صدمو رسيو آهي، پر هن جي موت سڄي سنڌ کي صدمو رسايو آهي. هن جي موت تي نه صرف هن جا يار، محمد علي مانجهي، تاج جويو ۽ اوڀايو خشڪ رُنا هئا، پر هن جي موت تي ڪينجهر ۽ مڪلي به رُنيون هونديون. هن جي موت تي نه صرف سن واري سيّد جي رُوح رڙيون ڪيون هونديون، پر هن جي موت تي سنڌو درياءَ جي مست ڇولين به ماتم ڪيو هوندو. يارو واقعي يارن جو يار هو. هن جون ڪهڙيون ڳالهيون لکي ڪهڙيون لِکجن. اڄ يار محمد جي ٽين ورسي آهي، ياري جي سمورن دوستن آلين اکين سان ٺٽي جو رُخ ڪيو آهي، ياري جي مزار تي گُلن جون چادرون چاڙهڻ لاء، ڇو ته ياري جھڙا يار وسارڻ سان به ناهن وسرندا. منهنجي دُعا آهي ته الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سندس پُٽ کي ايتري همت ڏي، جو هُو يار محمد جي اَڌوري مشن کي پورو ڪري سگهي.


    ¤¤¤¤¤


    سنڌ جو ديو مالائي ڪردار : چاچا قاسم سومرو

    دنيا ۾ روز جو ڪيترا ئي ماڻهو جنم وٺن ٿا ۽ روز جو ڪيترا ئي ماڻهو موت سان منهن مقابل ٿين ٿا. انسان جو جيئڻ ۽ مرڻ هڪ فطري عمل آهي، ڪي ماڻهو زندگيءَ کي بس وقت گذارڻ لاءِ جيئندا آهن، پر ڪي ماڻهو زندگيءَ کي ڪنهن عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ جيئندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو تمام ٿورائي ۾ هوندا آهن. اڄ آئون جنهن شخصيت تي لکي رهيو آهيان، اها شخصيت منهنجي قلم جي نوڪ کان انتهائي مٿانهين ۽ مانائتي آهي. جنهن وٽ جيئڻ لاءِ نه صرف عظيم مقصد هو، پر ان مقصد جي حاصلات جي لاءِ کيس ڪيترا ئي ڏورڻا، ڏورڻا پيا آهن، جنهن جو کيس پهريان ئي پتو هو. پوءِ به هو ان رستي جو پانڌيئڙو بڻيو. هُو ڏسڻ ۾ نهايت ئي سادڙو، هڏ ڪاٺ ۾ به ڪو ايترو مظبوط نٿو لڳي، پر سندس حوصلا ڪارونجهر کان به اڏول آهن. هن ڪارونجهر کان ويندي ڪشمور ۽ ڪراچيءَ تائين ڪيترا پنڌ ڪيا آهن، هن جي پيرن جو پِڻيون ڇالا ٿيل آهن، پر سندس دل ڪنهن اڙٻنگ نوجوان وانگر اڄ به جوان آهن، هُو اڄ به پنهنجي پاڻ کي نوجوانن جي صف ۾ شامل ڪري ٿو. ڪجھه ڏينهن پهرين شايد عيد جوٽيون ڏينهن هو، منهنجي موبائل تي ميسيج آيو هو. سنڌ جي قومپرست اڳواڻ چاچا قاسم سومرو جي طبيعت اوچتو خراب، کيس راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، سنڌ جي سڄڻن کي سندس صحتيابيءَ لاءِ دعا جي اپيل ڪجي ٿي. هي ميسيج نه هو منهنجي دل تي ڄڻ ڪنهن ٻرندڙ سيهو رکي ڇڏيو هو. آئون ان وقت ڳوٺ هئس ۽ مون پنهنجي دوست غلام رسول کي فون ڪري چيو ته جلدي هاسپيٽل وڃ ۽ چاچي جي طبيعت جو حال احوال ٻڌاءِ، جيستائين غلام رسول هاسپيٽل پهچي مونکي خيريت جي خبر ٻڌائي تيستائين آئون بيچينيءَ جي ڪيفيت ۾ هئس ۽ ٻئي ڏينهن ڳوٺان سڌو هاسپيٽل وڃي چاچا جي عيادت ڪيم ته چاچا صفا ناراض لڳو پيو هو، چيائين نواز! ٿري ماڻهو اڳ م ته اهڙا ڪون هوندا هئا، پوءِ جڏهن ٻڌايم ته چاچا ڳوٺ هئس، اڄ اتان سڌو اچان پيو ته تمام گھڻو خوش ٿيو، معافي به ڏنائين ته پيار به ڏنائين. چاچا جو پيار منهنجي جياپي جو هڪ وڏو سرمايو آهي، جيڪو آئون ڪنهن شاعر جي هن سِٽ وانگر پنهنجي ساهه سان سانڍي رکندس.
    سانڍي رکجان ڪورو آهي،
    منهنجو نينهن نڪورو آهي.
    چاچو قاسم! جنهن کي ڪير نه سڃاڻي؟ سڄي سنڌ ساڻس ايئن عشق ڪيو آهي، جيئن لطيف نوري، مارئي. سهڻي ۽ سسئي سان ڪيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته مون جڏهن به لطيف کي پڙهيو آهي ته مونکي ايئن محسوس ٿيو آهي ته لطيف پنهنجي سورمين سان عشق ڪيو آهي، لطيف ئي سندن پنهون آهي، لطيف ئي سندن ميهار آهي، لطيف ئي سندن ڄام تماچي آهي، لطيف ئي ملير آهي، لطيف ئي مارو آهي، لطيف ئي ٿر آهي. چاچا قاسم سومرو جيڪو لطيف جو حافظ آهي، هو ئي رومي آهي، جيڪو هر پل ڀٽائيءَ جي ڪڇ ۾ رهندو هيو. چاچا قاسم سان منهنجون ڪيتريون ئي رهاڻيون رهيون آهن ۽ اڃا به رهنديون. لطيف سان سندس عشق جي انتها اها آهي، جو هڪڙي ڀيري اسان ڪنهن پروگرام ۾ وياسين، چاچو قاسم ته اڪثر پروگرامن ۾ ويندو رهندو هو، پر آئون ان ڏينهن خاص چاچي قاسم جي تقرير ٻڌڻ ويو هئس، جڏهن ڪمپيئر چاچا قاسم کي تقرير لاءِ گھرايو ته هن ڀٽائيءَ جو بيت پڙهيو هو، جيڪو شايد ڪمپيئر غلط پڙهيو هو. جڏهن چاچا قاسم ڊائيس تي تقرير ڪرڻ آيو هو ته سڀ کان پهرين ان بيت جي غلط پڙهڻ تي ڪمپيئر کي ڇنڊ پٽي هئائين ۽ درست صورت ۾ بيت پڙهي چيو هئائين، جيئن ڪنهن مذهبي ماڻهوءَ کي قران شريف جي آيت غلط پڙهڻ تي باهه وٺي ويندي آهي، تيئن اسان کي به ڀٽائيءَ جو بيت غلط پڙهڻ تي اکين مان پاڻي اچي ويندو آهي ته اسان جي قوم هن دور ۾ به لطيف کان غافل آهي.
    چاچا قاسم سومرو سنڌ جو اهڙو ته باڪردار انسان رهيو آهي، جنهن جي دامن تي ڪو به داغ ناهي، هن جو من سنڌوءَ جي پاڻيءَ جيان پويتر، اُجرو ۽ شفاف آهي، سنڌو درياه لاءِ ڪنهن انگريز سياح لکيو آهي ته سنڌي! سنڌو درياهه سان ايئن پيار ڪن ٿا جو هو سنڌوءَ جو ميرو گدلو پاڻي ٻُڪن ۾ ڀري پيئن ٿا. ان انگريز سياح جي اها ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي، پر شايد ان انگريز کي سرسوتي سنڌونديءَ جي پويترتا جي خبر نه هئي. اهڙيءَ طرح چاچو قاسم به ان سرسوتي سنڌوءَ جو لاڏلو پٽ آهي، جنهن جو جنم به ان سرسوتي سنڌونديءَ جي ڪپ تي آباد شهر حيدرآباد جي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ 1943ع ڌاري ٿيو هو، يعني ورهاڱي کان 4 سال پهرين. ورهاڱي سندس ٻاروتڻ تي اهڙو ته اثر ڇڏيو هو جو هو ڪيترو ئي عرصو ان درد ۾ پڄرندو رهيو هو، هن پنهنجي معصوم اکين سان ڌارين جون لوڌون سنڌ جي خوبصورت شهر حيدرآباد ۾ داخل ٿيندي ڏٺيون هيون ۽ حيدرآباد جي حُسن کي بگڙندي ڏٺو هو، هن جي اکين نه صرف حيدرآباد جي حُسن کي تباهه ٿيندي ڏٺو هو، پر هن جي اکين ته ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ٿيندي ڏٺو هو. انهيءَ ٻاروتڻ جي درد کيس اڳتي هلي باغي بڻايو هو. سندس وڏا ٺٽي ضلعي جي شهر دڙي جا ويٺل هئا. سندس والد جو نالو محمد جمن آهي. هي شروعاتي تعليم چار درجا سنڌي ڪراچيءَ ۾ کڏا مارڪيٽ واري علائقي ۾ پڙهيو، ان اسڪول ۾ هي پهريون شاگرد هو جنهن سنڌي مضمون جي چونڊ ڪئي، باقي پوري اسڪول ۾ اردوءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. پنجون درجو حيدرآباد جي اسڪول مان پاس ڪري جامع عربيه ۾ داخل ٿيو، ان دوران سندس والد محمد جمن سومرو وفات ڪري ويو ته کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي ۽ ڏهن سالن جي ننڍڙي عمر م گھر جون ذميواريون مٿس پيون ۽ هي مختلف جاين تي مزدوريون ڪرڻ لڳو، پورهيا ڪندي هي زندگيءَ جي سڀني پهلوئن کي سمجھي ويو ۽ پورهيت جي درد کان آشنا ٿيو. انهيءَ غربت واري زندگيءَ ۾ هلندي 18 سالن جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي ۽ شاديءَ کان پوءِ هن حيدرآباد جي لجپت روڊ تي ”سنڌ ڊرائي ڪلينرس“ جي نالي سان ڌوٻڪو دڪان کوليو، هن کي سنڌ سان والهانه محبت هئي، جنهن ڪري هن پنهنجي دڪان جو نالو به سنڌ سان منسوب ڪيو. 9 سالن تائين چاچا قاسم سومرو ڌوٻڪي دڪان تي استريءَ جي شعلن سان پنهنجو پاڻ کي جلائيندو ۽ من پرڀائيندو رهيو ۽ مرشد لطيف جي هن سٽ کي پنهنجي لاءِ موزون سمجهندي زندگيءَ جي راهه تي هلندو رهيو.
    نِهائين کان نِينهن، سِک منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
    چاچو قاسم انهيءَ نِهائين ۾ پنهنجو نِينهن پچائيندو رهيو، ان دوران ون يونٽ خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ به حصو وٺندو رهيو. 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ جو تشخص بحال ٿيو، ان ئي سال چاچي قاسم کي لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ سينيٽري سب انسپيڪٽر جي نوڪري ملي ۽ پاڻ نوڪريءَ ڪري ٻچن جو گذران به ڪرڻ لڳو ته سنڌ جي حقن لاءِ قومي سياست به ڪندو رهيو. پاڻ شاهه لطيف جو ته شروع کان حافظ هو، پر نوڪريءَ کان پوءِ هن سائين جي.ايم سيد جا ڪتاب پڙهيا ته پنهنجي پاڻ کي روڪي نه سگھيو ۽ وڃي سيد سان مليو ۽ سيد جي قومي قافلي سان ڳنڍيو. جڏهن جيئي سنڌ محاذ حيدرآباد ضلعي جي علائقي دوآٻو ۾ پهريون يونٽ کوليو ته ان جو پهريون ميمبر چاچي قاسم کي مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ چئن سالن تائين سيڪريٽري طور ذميواريون نڀائيندي وڌ کان وڌ ميمبرشپ ڪيائين، جنهن ڪري حيدرآباد ضلعو قومي سياست جو ڳڙهه بڻجي ويو. ان دور ۾ سياسي سرگرميون ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري ناراجيل موڪليو ويو، جتي ڪيتريون ئي صعوبتون سٺائين، سندس جسم کي ته زخمي ڪيو ويو، پر سندس عشق اڃا وڌيڪ پختو ٿي ويو، جيل کان ڇٽو ته سندس سرگرمين ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو. پاڻ سائين جي.ايم سيد سان ڪافي روح رهاڻيون ڪيائين ۽ سيد جو اعتماد وارو ماڻهو رهيو. 1988ع ۾ جڏهن سنڌ جي قومپرستن گڏجي سنڌ قومي اتحاد -ٺاهيو ته پاڻ ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. 30 سيپٽمبر1988ع تي ٿيل لساني فسادن واري مزاحمتي تحريڪ ۾ ڀرپور سرگرميون ڪرڻ تي مٿس ڪيس داخل ٿيو ۽ نوڪريءَ تان برطرف ڪيو
    ويو. پاڻ پنجن سالن تائين روپوشي واري زندگي گذاريندي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي سنڌ جي پرچار ڪيائين، ڳوٺاڻيون ڪچهريون ۽ ليڪچر ڪرڻ سندس عام مشغلو رهيو. روپوشيءَ دوران پاڻ ”دودو سومرو“ جي نالي سان سنڌ جي مسئلن تي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيائين، سندس قلم جي بيباڪيءَ جون ان دور ۾ لکيل سندس لکڻيون ساکي آهن. کيس 1993ع ۾ ڳجهن ادارن کنڀي پنجن مهينن تائين گم ڪري ايترو ته مٿس تشدد ڪيو جو سندس اُٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگھه به ختم ٿي وئي. پنجن مهينن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي اي.ٽي.سي ڪورٽ ۾ چالان ڪري 18 مهينا سزا ڏيئي سينٽرل جيل ڪراچي موڪليو ويو. جيل مان هن قيدين جي مسئلن تي جيل انتظاميا خلاف ڪيترائي ڪالم لکي اخبارن کي موڪليا. ”زندان جي جھروڪي مان“ جي عنوان سان قومي تحريڪ جو تجزيو لکيائين، جيڪو ماهوار ساڃاهه ۾ ڇپيو. (ساڃاهه قومي تحريڪ جو پارٽي ترجمان ۽ روح روان هوندو هيو) ان مضمون قومي تحريڪ ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي قلمڪارن حصو وٺي پنهنجو موقف ۽ رايا پيش ڪيا. 18 مهينن جي سزا ڪاٽي جڏهن هي جيل کان ٻاهر نڪتو ته سڄي سنڌ سندس استقبال لاءِ موجود هئي، سنڌ جي قومي ڪارڪنن جو اهڙو پيار ڏسي سندس جذبا اڃا وڌيڪ جوان ٿي ويا، جيتوڻيڪ! جيل کيس ڏٻرو بڻائي ڇڏيو هو ۽ سندس وارن ۾ چاندي چمڪڻ لڳي هئي، پر هن جا جذبا جوان هئا ۽ هن پنهنجي پاڻ کي ٻيهر متحرڪ ڪري انهيءَ جذبي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پاڻ مستقل مزاج ورڪر آهي، کيس سڄي سنڌ چاچا قاسم جي نالي سان سڃاڻي. مونکي خبر ناهي ته مٿس ”چاچا“ نالو ڪنهن رکيو، پرپاڻ عبدالواحد آريسر کان ويندي بشير خان قريشي تائين سڀنيءَ جو چاچو ئي رهيو، ايتري قدر جو سندس پٽ به چاچا چئي مخاطب ٿيندا آهن. چاچا قاسم جنهن زندگيءَ جا 60 سال شهر ۾ گذاريا آهن، پر پاڻ اڃا تائين شهري زندگيءَ کي اپنائي ناهي سگھيو. هن جو من اڄ به ڳوٺن جو طواف ڪندو رهي ٿو، آئون ساڻس جڏهن به ملندو آهيان ته هو مونکان صرف ئي صرف ڳوٺ بابت پڇندو آهي، ڳوٺ، ڳوٺاڻيون ڪچهريون، ٻهراڙيءَ جون ڇڙواڳ هوائون سندس آئيڊيل رهيون آهن، پاڻ جڏهن به پنهنجي اباڻي ڳوٺ دڙي ويندو آهي ته هن جي دل چوندي آهي ته هو هميشه ڳوٺ ۾ ئي رهي پئي، پر کيس مجبوريون واپس کڻي اينديون آهن. پر جڏهن به ڳوٺان موٽندو آهي ته تازو توانو ٿي موٽندو آهي ۽ ڪيترا ئي ڏينهن ڳوٺاڻي خوشبوءَ جو واس سندس حواسن تي ڇانيل رهندو آهي.
    1995ع ۾ جڏهن سائين جي.ايم سيد هن دنيا مان چالاڻو ڪيو ته سڄي سنڌ سان گڏ هي به ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏئي رنو هو ۽ سيد جي جدائي واري ان صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جڏهن سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي ”مڙي مٺ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي“ ته جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي گڏائڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتائين ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ ٺهيو ته پاڻ ان جو ميمبر ٿيو. واضح ڪندو هلان ته سائين جي حياتيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ الڳ الڳ ڪم ڪري رهيون هيون، پر ٻنهيءَ جو مقصد هڪ هيو ۽ ٻنهيءَ جو رهبر به هڪ هيو. ٻيئي سائين جي.ايم سيد جي فيصلن کي مان ڏيندا هئا. چاچو قاسم جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڪيترائي ڀيرا ضلعي صدر رهيو ۽ مختلف ڪميٽين ۾ به ذميواريون نڀايائين. هن مختلف وقتن تي ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. جن ۾ قاسم آباد کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ طويل جدوجهد هلايائين، سومرا ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وجھي نوجوانن جو سماجي مسئلن طرف ڌيان ڇڪايائين، پر پاڻ ان جو ڪڏهن به حصو نه بڻيو ڇو ته سندس نظر ۾ قومي مفاد وڌيڪ اهم هئا. حيدرآباد نسيم نگر ۾ بلڊ بئنڪ قائم ڪري، ڏورانهن علائقن کان ايندڙ ضرورتمندن کي رت وغيره جي سهوليت مهيا ڪيائين. ٿر ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ مريضن کي اسپتالن تائين وٺي سندن علاج ڪرائڻ، انهن کي پنهنجي گھر ۾ رهائش ڏئي انهن جي خدمت ڪرڻ، ٻهراڙين جي علائقن مان ايندڙ شاگردن کي رهائش جو بندوبست ڪري ڏيڻ، ايڊميشن ڪرائڻ، مختلف ماڻهن جي ڪمن سان پنهنجي خرچ تي آفيسن ۾ وڃي ڪم ڪرائي ڏيڻ، سنڌي ماڻهن جي ڪيسن جي سلسلي ۾ ڪورٽن تائين وڃڻ، انهن جي ضمانت ڪرائڻ، حيدرآباد جي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار تي لڳرائڻ وغيره شامل آهن. آئون جڏهن پهريون ڀيرو حيدرآباد آيو هئس ته ڌڻي بخش سولنگي ۽ چاچو قاسم ئي هئا، جن منهنجي هر طرح جي رهنمائي ڪئي هئي. جيتوڻيڪ! هن وقت چاچا قاسم مونکان گھڻو ناراض آهي، سندس ناراضپو به جائز آهي جو آئون هفتن جا هفتا وٽس ناهيان ويندو، چاچا جو مياري ته آهيان ئي، پر چاچا کان معافي وٺندي! چاچا آئون به توهان وانگر زندگيءَ جي اهڙي ته دَلدَل ۾ ڦاٿل آهيان جو ساهه کڻڻ به وسري ويندو آهي
    چاچا قاسم سومرو مونکي ٿر جي هڪ جاکوڙي ڪردار مسڪين جهان خان کوسي جيان لڳندو آهي، مسڪين کي ته مون ڪڏهن ڏٺو ڪون هو، پر مسڪين جي هن نرالي رُوپ سان منهنجون نه صرف رُوح رهاڻيون ٿينديون رهن ٿيون، پر سندس قرب ڀرئي سڀاءُ جا ڍُڪ مونکي به نصيب ٿيا آهن. چاچا قاسم جو وڻندڙ سڀاءُ مون سميت ڪيترن ئي آدرشي نوجوانن کي پنهنجي لفظن جي مالها ۾ پوئي رکيو آهي. منهنجي دعا آهي ته انهي مالها جا داڻا ڪڏهن به نه ڇڄن. جيتوڻيڪ! پاڻ عمر ۾ مونکان ڪيترو ئي وڏو آهي، هو نه صرف عمر ۾ مونکان وڏو آهي، پر هو پنهنجي ڪردار ۾ به ڪيترن کان ئي وڏو آهي. پر مون هن جي دلپذير شخصيت ۾ ڪٿي به وڏاءُ نه ڏٺو ۽ آئون سمجهان ٿو ته ساڻس جنهن جون به ڪچهريون ٿيون هونديون، هر ڪنهنجو اهو ئي خيال هوندو. هو ڪچهري جو ڪوڏيو، محفل جو مور جتي به ويندو آهي ته ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويندو آهي، اڄ به نسيم نگر چوڪ تي شام جي پهر ۾ هوٽل تي اچي ويهندو آهي ته نوجوانن جا انبوهه گڏ ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ پاڻ حافظي جي زور تي قومي تحريڪ جي يادگيرين کي نوجوانن جي ذهنن ۾ سمائڻ شروع ڪندو آهي، جتي جتي سيد ۽ سنڌ جو ذڪر ايندو آهي ته هو لطيف جي بيتن سان ڀيٽا ڏيندو ۽ جڏهن به هو ڪنهن سفر جو ذڪر ڪندو آهي ته شاهه جي سُر سامونڊي جا بيت ٻڌائڻ شروع ڪندو آهي، ڄڻ لطيف پورو سُر سامونڊي لکيو ئي قومي تحريڪ جي انهن قافلن تي هجي. چاچا قاسم سومري سنڌ سان پنهون بڻجي عشق ڪيو آهي. جيتوڻيڪ! سنڌ جي هن اڙانگي پيچري تي هلندي ڪيترا ئي يار دوست ڇڏي ويا آهن، ڪيترا ئي محبوب منهن موڙي ويا آهن، پر پاڻ وري به مرشد لطيف جي رهنمائيءَ هيٺ انهن سان ناتو ڳنڍيو اچي، هو ڇنڻ جي ڪن پاڻ ڳنڍيندو رهي ٿو.
    ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا
    يا وري مرشد لطيف هيئن ٿو اتساهي ته؛
    ڇِنن توءِ مَ ڇِن،پاءِ اُميري ان سين،
    جي اوڳڻ ڪنئي، اسُونهين! ته تون ڳُڻان ئي ڳِن،
    پانڌ جهليو تون پِن،هن سُونهاري سَڱ ۾.
    چاچا قاسم سڄي زندگي مرشد لطيف جي انهيءَ بيت تي عمل پيرا رهندي دوستن جي نفرت کي محبت ۾ بدلائيندو رهيو، هنن جي اوگڻن کي انهن جا گُڻ سمجهي ڳائيندو رهيو آهي. پاڻ سچ پچ ته آدرشي انسان آهي. هن جا سڄي زندگي ڪنهن سان به اختلاف نه رهيا، جي ڪنهن سان اختلاف رکيائين به ته سنڌ ڪاز خاطر. سندس دوستيون به انهن ماڻهن سان رهيون آهن، جن جو سنڌ سان سنٻنڌ هوندو. هن جي اکين جڏهن به ڪو خواب ڏٺو ته اهو صرف ۽ صرف سنڌ جي خوشحاليءَ جو خواب ڏٺو. پاڻ ڪُل وقتي ڪارڪن آهي، هن وقت عمر رسيده ٿي وڃڻ باوجود ماڻهن جي مسئلن ۾ گھيريل نظر ايندو آهي، طبيعت جي ناچاڪيءَ جو به خيال ناهي ڪندو. هن گھر ۾ هڪ بهترين لائبريري قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ تاريخ، سياست، ادب، شاعري، مذهب ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن جا هزارين ڪتاب موجود آهن، پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ نسيم نگر واري علائقي ۾ رهائش پذير آهي.

    ¤ ¤ ¤ ¤ ¤


    ماڻهو مڙس مٿير : واحد درس

    زندگيءَ ۾ ڪيترن ماڻهن سان ملاقات ٿيندي آهي، انهن مان ڪي ملاقاتون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي آخري ملاقات ثابت ٿينديون آهن، ته ڪي ملاقاتون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي ذهن تي نقش بڻجي چٽجي وينديون آهن. ڪن ماڻهن سان هڪ ملاقات کانپوءِ ٻيهر ملڻ لاءِ دل نه ڪندي آهي، ته ڪن ماڻهن سان بار بار ملڻ لاءِ دل بيتاب هوندي آهي. اسان جو هيءُ يار واحد درس به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جن سان بار بار ملڻ لاءِ دل واجهائيندي آهي. واحد درس سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ واحد آريسر جي فليٽ، نديم ڪامپليڪس ۾ ٿي هئي. ان ملاقات ۾ مون محسوس ڪيو هو، ته هيءُ ماڻهو جھڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو اهڙو آهي بلڪل ڪونه! ڇو ته سندس ڳالهائڻ جو انداز بلڪل ڪنهن عالم کان گهٽ ڪين هو. ڳالهه ڳالهه تي ڪنهن وڏي ليکڪ جو حوالو ڏيڻ، ڪنهن خوبصورت شعر جي رواني به گڏ ته خوبصورت ٽهڪن جي رِڌم جو نه کٽندڙ سلسلو به! سچ ته هن ماڻهو مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. آئون، جيڪو هميشه لا اُٻالائيءَ طبيعت جو مالڪ، ويڳاڻو، نئين ماڻهوءَ سان جلد رلي ملي وڃڻ کان قاصر، هن فقير صفت انسان سان پهرين ڪچهريءَ ۾ رلي ملي ويو هئس، ان کانپوءِ ڪافي ٽائيم گذري ويو، ملاقات نه ٿي سگهي. وري اوچتو 2005ع ۾ منهنجي بابا جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي، ۽ آئون کيس علاج لاءِ حيدرآباد وٺي آيو هئس؛ ۽ عبدالله سينٽر ۾ فليٽ وٺي رهيا هئاسين. واحد درس به، واحد آريسر سان گڏجي اُتي ايندو هو، پوءِ کوڙ ڪچهريون ٿيون.
    هڪ ڀيري آريسر صاحب به ويٺو هو، ته پاڻ به اچي ويو. پوءِ ته بحث جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. ان بحث ۾ مذهب جي حوالي سان ڪا ڳالهه نڪتي ته آريسر صاحب چيو، ته علامه نياز فتحپوريءَ جو ڪتاب
    ”من و يزدان“ ضرور پڙهو، توهان کي مذهب متعلق سٺي ڄاڻ ملندي. پوءِ پاڻ موڪلائي روانو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري موٽي آيو ته مون کانئس پڇيو ته: ”ڪتاب پڙهيئي؟“ ته چيائين: ”ها ڪتاب خريد ڪيم، پڙهڻ شروع ڪيم، اڌ ڪتاب پڙهيم ۽ بند ڪري رکي ڇڏيم.“ مون حيرت وچان پڇيو ته: ”پورو ڇو نه پڙهيئي؟“ ته پاڻ جواب ڏنائين ته ”جي پورو پڙهان ها ته دنيا جي سڀني مذهبن جو انڪاري ٿي وڃان ها.“ اُتي مونکي محسوس ٿيو ته هيءُ ماڻهو جيترو پنهنجي مرشد جو عقيدتمند آهي، ان کان وڌيڪ مذهبن جو به قائل آهي. واحد درس3 جنوري 1969ع تي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو، جنهن وٽ ٻه ويلا پيٽ ڀرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه هو. ان ماحول مان گذرندي هن غربت سان باقاعدي مهاڏو اٽڪايو هو. مزدوريون ڪيون هئائين، لوڻ جي کاڻ مان لوڻ ڪڍڻ کان ويندي ٽريڪٽر جي ڊرائيونگ ڪرڻ تائين، هر ڪم ڪيائين. اهي ٻيئي گورک ڌنڌا آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي ذهن کي مفلوج ڪرڻ کان ويندي، جسم جي کل به لاهي ڇڏين ٿا؛ پر هن ماڻهوءَ جو نه ذهن مفلوج ٿيو، ۽ نه جسم.
    کپري شهر مان مئٽرڪ جو امتحان ڏئي هن حيدرآباد جو رُخ ڪيو هو، جتي هن ڪاوش اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪنهن پروگرام ۾ ڪم ڪري، پنهنجي پڙهائي جاري رکي هئي. ايئن غربت سان جنگ وڙهندي، هيءُ فقير صفت انسان وڪالت جھڙي عظيم پيشي تائين پهتو هو؛ ۽ پهريون ڀيرو جڏهن ڪارو ڪوٽ پائي کپري شهر جي ڄاتل سڃاتل گهٽين مان لانگهائو ٿيو هو، ته انهن ڄاتل سڃاتل گهٽين پهرين ته هن کي سڃاتو ڪو نه هو، پر پوءِ جڏهن سڃاتو هئائون، تڏهن گلن جي ورکا ڪئي هئائون. کپري شهر جو مُک ٻَهڪي اُٿيو هو. شهر جي غريب، پورهيت، بُکن ۾ پاه ٿيندڙ ماڻهن جي چهرن تي خوشيءَ جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون هيون. رقص ڪيئن نه ڪن، جو هنن کي انصاف جو يقين ٿي ويو هو؛ ڇو جو واحد درس جي چهري مان منصف نظر ايندو هو- ۽ پوءِ انهن غريب ماڻهن جي انبوهه سان هيءُ پنهنجي ڳوٺ پهتو هو، جتي سندس وني، سندس پوڙهو پيءُ سندس وڏو ڀاءُ اوسيئڙي ۾ هئا، هيءُ انهن سڀني جي آسن اُميدن جو روشن ڪرڻو هو. پوءِ هن کپري شهر ۾ آفيس قائم ڪئي هئي ۽ باقاعدگيءَ سان وڪالت ڪرڻ لڳو هو. هيءُ پهريون وڪيل هو، جنهن جي آفيس ۾ اندازي کان وڌيڪ پيهه هوندي هئي، توڙي جو کپري ۾ ٻيا به ڪيترائي وڪيل هئا.
    واحد جي آفيس قائم ڪرڻ سان اتان جي وڏيرن، جاگيردارن جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون، ڇو ته هيءُ اهڙو وڪيل هو، جنهن وٽ پيٽ بلڪل ڪونه هو، هيو ته صرف ضمير هو ۽ هيءُ اُصولن جي جنگ وڙهندڙ هو ميرن، پيرن، وڏيرن، جاگيردارن سان ساڻن اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائيندڙ هو. ڪنهن جي اڳيان آڻ مڃڻ سندس ضمير جي مٽيءَ ۾ شامل ڪو نه هو. کيس لکين روپين جون لالچون ڏئي خريد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، پر هي ته مارئيءَ جي ملڪ جو ماڻهو هو، جيڪو ڪنهن مڻيي تي موهجڻ وارن مان بلڪل به نه هو. واحد درس سان منهنجي آخري ملاقات ڪراچيءَ جي سينٽرل جيل ۾ ٿي هئي، جتي منهنجو سئوٽ نظر محمد گرفتار ٿيل هو؛ ۽ پاڻ وڪيل جي حيثيت سان تفصيل ۽ ضروري ڪاغذات وٺڻ آيو هو. مون پهريون ڀيرو کيس ٿري پيس سوٽ ۾ ڏٺو هو، واقعي هيءَ موهيندڙ شخصيت جو مالڪ لڳي رهيو هو، ۽ آئون ڀاڪر پائي مليس. اُتي به مون کيس کِلندي ۽ چرچا ڪندي ڏٺو، چيم يار واحد، هاڻي ته ڪارو ڪوٽ پاتو اٿئي، هاڻي ته ٻارن وارا ٽهڪ ڇڏ، ته پاڻ اڃا به وڏا ٽهڪ ڏئي چيو هئائين: پيارا! واحد جنهن شيءِ کي اپنائي، اِها ڇڏڻ جو سوچي به نٿو سگهي. واقعي جيڪا شيءِ طبيعت ۾ سمائجي وڃي، اها ڇڏڻ انتهائي مشڪل هوندي آهي. ان بعد واحد سان وري ڪڏهن به ملاقات نه ٿي، پر اوچتو 4 مئي 2009ع تي هڪ ميسيج آيو، جيڪو منهنجي لاءِ ڪنهن ائٽم بم کان گهٽ ڪين هو. ان ۾ واحد جي ايڪسيڊنٽ ۾ فوتگيءَ جي خبر هئي. اُن خبر مون سميت سندس سڀني دوستن کي سُن ڪري ڇڏيو هو. کپري شهر جي گهٽين به اوڇنگارون ڏئي رنو هو. علائقي جو ڪو به اهڙو ماڻهو نه هو. مرد، عورتون، ٻار سڀني جي اکين ۾ لڙڪ هئا. سڀني جي اکين ۾ هڪ ميار هئي، هڪ ڏوراپو هو ته تون ايترو جلد ڪيئن هليو وئين!؟ تو ته اسان کي انصاف جو يقين ڏياريو هو، تو ته اسان جي اندر ۾ انصاف لاءِ وڙهڻ جي همت پئدا ڪئي هئي، پوءِ تون ئي اسان جا حوصلا پَست ڪري ڪيئن ٿو وڃي سگهين؟
    اڄ واحد جي وڇڙئي ٻه سال گذري چڪا آهن، پر اڄ به سڀني دوستن جو من ڪنڀار جي آويءَ جيان دُکي رهيو آهي؛ ۽ ان جي ڏک جي ڪيفيت کي گهٽائڻ لاءِ سندس دوست، واحد آريسر ”ڏاها تنهنجي ڏات“ نالي ڪتاب مرتب ڪري ڇپايو آهي، جنهن ۾ سندس دوستن جا تاثر ۽ وقتن فوقتن واحد جي ڪيل شاعري پڻ شامل آهي. مون سميت سندس ڪيترن دوستن کي ته اها خبر به نه هئي ته واحد درس ڪو شاعر به هو... پر سندس ڳالهين ۽ گفتن مان اهو محسوس ٿيندو هو، ته هن جي اندر ۾ ڪو لڪل تخليقڪار به موجود آهي. واحد درس تي مرتب ڪيل هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو ثابت ٿيندو. وري به واحد آريسر کي جس هجي ههڙي شاندار ڪتاب آڻڻ تي، ڇو ته واحد درس جھڙا ماڻهو، ههڙن ڪتابن کان گهٽ ڪين آهن؛ هيءُ به ڪتاب جھڙو ئي بهترين دوست هيو.
    ¤¤¤¤¤


    روايتِ شڪن: بنو جوڳي

    تاريخي روايتن مان پتو پئي ٿو ته جوڳي، هندستان کان آيل هڪ لاڏائو قبيلو آهي، جيڪو هتي سنڌ ۾ اچي سنڌ جو ٿي ويو آهي. ڪيترائي ورهيه گذري وڃڻ جي باوجود هيءُ قبيلو سنڌ جي روايتن، سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌ جي ثقافت جو حصو ناهي بڻجي سگهيو. جوڳي مئل جانور کائڻ ۽ محنت مزدوري ڪرڻ جي بجاءِ پنڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. تعليم جو ريشو (Ratio) ته هن ذات ۾ صفا ڪونهي، توڙي جو هن ذات کي شاهه لطيف کان ويندي شيخ اياز تائين شاعرن ڳايو آهي؛ پر پوءِ به هنن ۾ ڪا خاص تبديلي ناهي آئي. جوڳي ٿر ۾ تمام گهڻو رهي ٿو. هنن وٽ باقاعدگيءَ سان ڪو گهر به ناهي هوندو، هي ڪو گهر وغيره ٺاهڻ جي بدران، ڪنهن کليل ميدان تي خيمو کوڙي ويهي رهندا آهن، مهينو کن گذاري وري ڪنهن ٻئي هنڌ جا راهي ٿيندا آهن. هاڻي ته ڪيترائي جوڳي هر سال ايران به ويندا رهن ٿا، پر اتي به گهڻو عرصو ٽڪاءُ ناهن ڪندا؛ سائيبريا جي پکين وانگر موسم جي مٽجڻ سان سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ کين واپس ڇڪي ايندي آهي. روايت آهي ته هنن هندستان به ان ڪري ڇڏيو هو، جو اُتي هنن کي حقارت ڀريل نگاهن سان ڏٺو ويندو هو؛ ۽ نيچ ڪوٺيو ويندو هو. سنڌ جي مهمان نوازيءَ واري هاڪ ته پوري دنيا ۾ ٻڌجي ٿي، اهڙي هاڪ جڏهن هن قبيلي ٻڌي ته هنن به سنڌ جو رُخ ڪيو؛ کوکراپار جو بارڊر ڪراس ڪري اچي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ آباد ٿيو، جڏهن سنڌ جي ماڻهن هنن کي اميد کان وڌ جيءَ ۾ جايون ڏنيون، ته هنن پوئتي مُڙي به ڪڏهن پنهنجي ماتر ڀوميءَ کي ڪونه ڏٺو. محبتن جي سَر زمين سنڌ ۾ رهڻ کانپوءِ، ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ هڪ غريب جوڳيءَ جي گهر ۾ هڪ ڇوڪر جنم ورتو هو، جنهن جو نالو بنو رکيو ويو. هيءُ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تهذيب کي پنهنجو ڪندو ويو. جوڳي قبيلي ۾ هيءُ پهريون ٻار هو، جنهن کي سنڌ سمجهه ۾ اچڻ لڳي هئي، نه ته هنن جون ڪيتريون ئي پيڙهيون هن ڌرتيءَ تي مَري ختم ٿي ويون، پر سنڌي روايتن جو حصو نه بڻجي سگهيون. بنو جيئن ڪجهه وڏو ٿيو ۽ هلڻ شروع ڪيائين ته سندس والدين گودڙي هٿ ۾ جهلائيندي، کيس پني اچڻ لاءِ چيو، ته هن ٻالڪ صاف انڪار ڪندي چيو، ته آئون ڪونه پنندس. مائٽن کيس گهڻو ئي سمجهايو ته پنهنجي روزي روٽي پني کائڻ آهي، هي راڄ ڀاڳ پنهنجي کيتي آهن، پنهنجا ابا ڏاڏا پني کائيندا رهيا آهن، تنهنڪري توکي به پني کائڻو پوندو؛ پر هن ٻالڪ تي انهن ڳالهين جو ڪو به اثر نه ٿيو. هن جو صرف هڪ ئي جواب هو ته آئون ڪنهن به صورت ۾ نه پنندس. بنو جوڳي لينن جي هن قول وانگر تبديلي پسند ۽ اصول پرست ٿي بيهي رهيو: ”منهنجي زندگي مقدر جي محتاج ناهي، مان تقدير کي بدلائي سگهان ٿو ۽ مان اهو ڪري رهيو آهيان، پر اهو مان پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڪري رهيو آهيان، مونکي ان ڳالهه جو به يقين آهي ته اسان جو ايندڙ نسل قسمت تي نه، پر پنهنجي پاڻ تي يقين ڪندو“(لينن).
    اهڙيءَ طرح بني جوڳي، جوڳين جي سڀني روايتن کي ٽوڙي ڦٽو ڪيو. هن قسمت تي يقين ڪرڻ بجاءِ پنهنجي قسمت پاڻ لکڻ شروع ڪئي. بنو جوڳي ننڍڙي عمر ۾ ان ئي ڏينهن مزدوري ڪري، پنهنجي گهر جو سيڌو وٺي آيو ۽ مزدوري ڪرڻ کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو. گڏو گڏ بين وغيره پڻ وڄائڻ لڳو. اهڙيءَ طرح بنو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، هن جي آواز ۾ درد جو جادو ايندو ويو. بني جوڳيءَ جي آواز ۾ مٺاس جي سحر ڪيترين دلين کي موهي وڌو هو، ۽ ايئين بنو ڪيترين ئي محفلن جي رونق بڻجندو ويو. بنو جتي به ڳائڻ جي لاءِ ويندو هو، اُتي گهڻو ڪجهه انعام ملندو هئس، جنهن مان هن پنهنجي گهر کي بهترين نموني هلائڻ شروع ڪيو. بني جي ذميوارين کي محسوس ڪندي مائٽن بني جي شادي ڪرائي ڇڏي، پر ٿوري ئي عرصي ۾ بني جي سر تان مائٽن جو سايو لهي ويو؛ ۽ بنو صفا اڪيلو ٿي ويو. بني محفلن وغيره ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. جوڳي قبيلي کان ڌار رهڻ ڪري، گهر به اڪيلو محسوس ٿيڻ لڳس. اهڙيءَ طرح بنو ٿر جي ان ڳوٺڙي مان لڏي اچي عمر ڪوٽ جي ڀرسان، ڳوٺ کيت سنگهه ۾ ويٺو، ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اتان جي ماڻهن سان هري مري ويو. بني اتي هارپو ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن کيس پهريون پٽ ڄائو ته ان کي پڙهائڻ شروع ڪيائين. بني جو پٽ اسڪول ۾ پڙهڻ لڳو ته بني کي اميد جي چڻنگ روشن ٿيندي نظر آئي. بني هتي رهندي اصولن کي اڃا وڌيڪ پختو ڪيو. کوڙ ساريون دوستيون ۽ واسطا ٺاهيائين. بنو جوڳي ڪڏهن به گودڙي کڻي پنڻ نه ويو ۽ نه ئي پنهنجي اولاد کي ان رستي تي هلڻ ڏنائين. بنو ڪنهن خيرات تي به بنا دعوت جي ناهي ويندو. ڪير جوڳي سمجهي چانهه پياريندو اٿس ته اها چانهه به نه پيئندو آهي. بنو جي ڪنهن جي چانهه پيئندو آهي، ته ان کي به پياريندو آهي. بنو ڪنهن شادي مراديءَ ۾ به بنا دعوت جي ناهي ويندو. جيڪو به دعوت ڏيندو آهي ته ان کي ٻين دعوتين وانگر پُوو به ڏيندو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته بني جنهن پٽ کي پڙهائي وڏو آفيسر پئي ڪرڻ چاهيو، اهو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو. بني جو آخري سهارو به کسجي ويو آهي، پر پوءِ به بني جوڳي پنهنجي همت ناهي هاري، اڄ به بني جا هڏ چم اوترائي سگهارا آهن، جيترا اڳ هئا؛ بني جوڳيءَ جي همٿ ۽ حوصلي جو داد ڏجي ٿو.
    ¤¤¤¤¤


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399869
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ