ڪتاب جو نالو: سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ
مصنف: خالد چانڊيو
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 10 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 837 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 299 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ
  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مرتب پاران
  • سراج ميمڻ: مختصر تعارف
  • علم جو روشن چراغ-سراج ( هڪ ياد، هڪ تاثر) : گل محمد عُمراڻي
  • سراج، منهنجو بهترين دوست : سوڀو گيانچنداڻي
  • سراج ميمڻ هڪ ٻھڳڻي شخصيت : هيرو ٺڪر
  • سراج سان لاڳاپيل يادگيريون : عبدالحميد آخوند
  • سراج جو جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار : جي اين مغل
  • سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان! : مدد علي سنڌي
  • سراج الحق ميمڻ _ سنڌ جو حقيقي قومي هيرو : آفتاب ابڙو
  • سراج منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ: امر جليل
  • سراج جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار : نصير اعجاز
  • تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول : عمر قاضي
  • سراج الحق ميمڻ : اعليٰ اديب ۽ قدآور شخصيت : بيدل مسرور
  • سراج الحق ميمڻ: جديد سنڌي صحافت جو باني : محمد خان سيال
  • سراج الحق ميمڻ: جي زندگيءَ تي هڪ نظر : تاج جويو
  • سون جهڙو ماڻھو، سراج : غلام نبي مغل
  • سراج هليو ويو : ڊاڪٽر سليمان شيخ
  • سراج جون ڪجھه ڳالهيون ڪجھه يادون : شيخ عزيز
  • سنڌ کي غير معمولي ناول ڏيندڙ سراج : رکيل مورائي
  • سنڌي ادب جو ديومالائي ڪردار سراج : نصير سومرو
  • سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمتگار سراج : وزير فرهاد سولنگي
  • اچو ته سراج صاحب جي زندگيءَ کي ملهايون : ڊاڪٽر ايوب شيخ
  • سراج ۽ سندس ڪم جي ڇنڊ ڇاڻ : اسحاق مڱريو
  • سنڌي لسانيت جي ماهر سراج کي سلام : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
  • سراج الحق ميمڻ: روشن خيال تحريڪ جو سونهون : رئوف عباسي
  • سُورج، روشنيءَ جو معاوضو ناهي وٺندو

  • سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

    سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

    ترتيب:
    خالد چانڊيو

    پبلشر: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ
    مرتب : خالد چانڊيو
    ڇاپو : پھريون-اپريل 2013ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري.
    ڪمپوزنگ : شيخ رفيق - آزاد ڪمپيوٽر ڪميونيڪيشنز لاڙڪاڻو
    ٽائيٽل : غلام مرتضى ميمڻ- ڪاتب پرنٽرس لاڙڪاڻو
    مُلھه : 100 روپيه


    Name of Book : SIRAJ– Sindhi Boli & Adab Jo Uhjan
    Compiler : Khalid Chandio
    Edition : First, April 2013.
    Quantity : One Thousand
    Published by : Sarswati Saahat Ghar-Dokri
    Composed by : Azad Computer Communications Larkano.
    Title : Ghulam Murtiza Memon-Katib Printers Larkano


    ڪتاب ملڻ جو هنڌ:
    رابيل ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو.
    مھراڻ ڪتاب گهر، گهنٽي ڦاٽڪ، لاڙڪاڻو.
    ضمير سوهو بوڪ اسٽور، ڏوڪري.
    ۽ سنڌ جا سمورا بوڪ اسٽال.
    رابطي لاءِ: خالد چانڊيو-3340090-0346
    عيسى ميمڻ-3952571-0347


    هي ڪتاب عيسى ميمڻ، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران حيدرآباد مان ڇپرائي لاڙڪاڻي مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    سيد مظھر جميل
    جي
    نانءِ
    جنهن ”جديد سنڌي ادب“ جھڙو ڪتاب
    لکي
    سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اهم خدمت
    سرانجام ڏني.


    خالد چانڊيو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (309) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.

    هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
    ”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڊسمبر 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عيسى ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سراج سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو مختلف پھلوئن تي ڪم ڪيو آهي اهو ڪڏهن به فراموش ڪرڻ جھڙو نه آهي. سراج جا گهڻا حوالا آهن، جيڪي روشن سج جيان عيان آهن. سراج جو سڀ کان وڏو ڪم ”سنڌي ٻولي“ کي جديد ۽ تاريخي دليلن جي روشنيءَ ۾ هڪ نئون بحث کولڻ آهي. جنھن کان پوءِ سنڌ جا اڪثر اڪابر ۽ ڏاها سراج جي ڏنل دليلن کان منھن موڙي ئي نه سگهيا. ٻيو سندس وڏو ڪم ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“ ۽ ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ آهي. جيڪي سنڌ جي نوجوانن ۾ قومي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪتاب جي حيثيت رکن ٿا. سنڌ ۾ جتي سائين جي ايم سيد جو فڪري پورهيو ۽ شيخ اياز جي انقلابي شاعري پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي اتي سراج جا مٿيان ناول پڻ اهم جڳهه والارين ٿا. ٽيون سراج جو وڏو ۽ اهم ڪم آهي صحافت جي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ. هن 1972ع کان 1977ع جي قليل عرصي ۾ ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جيڪي رنڊا روڙيا آهن؛ اهي قابلِ فخر، قابل داد ۽ قابل رشڪ آهن. انھن مڙني ڪمن کان وڌيڪ سندس محبت ۽ نفرت جو مرڪز سنڌ وارو نقطو هميشه ياد رهندو. هن جڏهن آخري خطاب ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ ڪندي چيو هو ته، ”نوجوانو! سنڌ جي پارت اٿوَ“ تڏهن سندس اکين ۾ ڇلڪندڙ محبت وارو جذبو ڏسي نوجوانن ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو هو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سن جي سيد واري ڇڏيل فڪري ڪم ۽ محبت کي سراج ڪيئن نه خاموش نموني پايه تڪميل تائين پھچائڻ لاءِ ڪوشان هو!
    اڄ جڏهن قومي دانشور ۽ اديب استاد خالد چانڊيو، سراج جي پورهيي کي نئين نسل تائين سھيڙي پھچائڻ جي ڳالهه ڪئي ته اسان اداري پاران اهو پنھنجو تاريخي اعزاز سمجهيو ۽ ترجيحي بنيادن تي هي ڪتاب اوهان تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئون. اميد ته اسان جو هي پورهيو قبول پوندو. هن سڄي ڪم ۽ استاد خالد چانديو جي ڏنل پيار ڀري موٽ لاءِ ادارو سندس احسان مند رهندو.

    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو.

    تاريخ: 4- اپريل 2013ع


    مرتب پاران

    سراج الحق ميمڻ جنھن سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت پنھنجو تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لکي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇليو ۽ هڪ نئين بحث جي شروعات ڪئي. کانئس اڳ گريئرسن رچرڊ برٽن، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڪاڪي ڀيرو مل، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين عالمن به سنڌي ٻولي بابت پنھنجا نڪته نظر پيش ڪيا هئا ۽ سنڌي ٻولي جي سنسڪرت يا عربي مان ڦٽي نڪرڻ جا نظريا ڏنا. پر سراج پنھنجي نھايت عالماڻي تحقيق سان سنڌي ٻولي بابت اڳ ۾ ڏنل نظريا رد ڪيا ۽ سنڌي ٻولي جي دراوڙي نسل وارين ٻولين مان هجڻ جو نظريو مربوط ۽ مضبوط نموني پيش ڪيو. ان کان سواءِ سراج پنھنجي ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ سنڌي قومپرست جدوجھد جي حوالي سان سنڌي فڪشن کي مالا مال ڪيو ۽ نئين ٽرينڊ جي شروعات ڪئي. سنڌي ناول نويسي ۾ پھرين ٽريالاجي به سراج ئي لکي.
    ان کان سواءِ سندس ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽري وارو دور به سنڌي صحافت ۾ جديد ٽرينڊ سيٽ ڪرڻ جي حوالي سان نھايت اهم آهي. جنھن ۾ هن امرجليل جھڙي ڪالم نگار کي به ڊسڪور ڪيو ۽ سندس ڪالم ”تنھنجون منھنجون ڳالهيون“ تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ مون ’سراج‘ جي وفات تي لکيل مختلف اديبن، صحافين ۽ دانشورن جا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل آرٽيڪل سهيڙيا آهن جن ۾ غلام نبي مغل، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، تاج جويي، هيري ٺڪر، نصير اعجاز، امر جليل، مدد علي سنڌي، تاج جويو، اسحاق مڱريو، گل محمد عمراڻي، بيدل مسرور، جي اين مغل ۽ ٻين ڏاهن جا مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جن ۾ سراج جي خدمتن ۽ تخليقي ڪم تي روشني وڌي وئي آهي. جڏهن ته منھنجي گذارش تي سائين گل محمد عمراڻي، پنھنجو شاندار مضمون موڪليو جنھن لاءِ سندس ٿورائتو آهيان. ان کانسواءِ نامياري صحافي اسحاق مڱرئي جو تنقيدي ڪالم پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿم.
    سراج ميمڻ جديد سنڌ جي انتھائي اهم ۽ قابل احترام دانشورن مان هيو. جنھن سواءِ ڪنھن لٻاڙ ۽ پاڻ پڏائڻ جي خاموشيءَ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. هيءُ ڪتاب کيس ڀيٽا طور سھيڙيو اٿم. اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو.

    خالد چانڊيو
    لاڙڪاڻو
    2013-04-15


    سراج ميمڻ: مختصر تعارف

    نالو : سراج الحق
    ولد : محمد يعقوب ميمڻ.
    جنم : 24- آڪٽوبر1933ع ٽنڊو ڄام.
    وفات : 2- فيبروري 2013ع.
    تعليم : بي.اي (آنرس) بمبئي يونيورسٽي، ايم.اي، ايل ايل.بي

    پيشي جي لحاظ کان خدمتون:

    1952ع محمد عثمان ڏيپلائي جي پريس ۾ پروف ريڊر ٿيو.
    پھرين نوڪري 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ .
    1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو.
    1957ع ۾ سي ايس ايس ڪري انڪم ٽئڪس کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو.
    1969ع ۾ يحيى خان پاران. کيس جبري رٽائرمينٽ ڪرائڻ کانپوءِ انڪم ٽيڪس جي وڪالت شروع ڪيائين.
    1972ع کان 1977ع تائين ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر رهيو، ضيائي آمريت جي ڪري اخبار ڇڏي باضابطا وڪالت شروع ڪيائين.

    ادبي خدمتون:

    ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ (ناول/ ترجمو) 1953ع
    چونڊ آمريڪي افسانا (ترجمو) 1958ع
    سنڌ جي اقتصادي تاريخ (اقتصاديات/ترجمو) 1958ع
    گهاتو گهر نه آيا (ڊرامو) 1960ع
    اي دَرد هلي آءُ (ڪھاڻيون) 1961ع
    جر ۾ ڦوٽو جيئن (ڊرامو) 1963ع
    پوچا ڏٺم پير (ڊرامو) 1963ع
    سنڌي ٻولي (لسانيات) 1964ع
    علم معاشيات (معاشيات) 1964ع
    ڏاهپ ڏانھن (ڪھاڻيون) 1965ع
    پڙاڏو سو ئي سڏ (ناول) 1979ع
    اٺون ماڻهو (ڪھاڻيون) 1985ع
    مرڻ مون سين آءُ (ناول) 1988ع
    منھنجي دنيا مرگهه ترشناI- (ناول) 1988ع
    تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانولII- (ناول) 1989ع
    منھنجي دنيا هيڪل وياڪل III- (ناول) 1990ع


    علم جو روشن چراغ-سراج ( هڪ ياد، هڪ تاثر) : گل محمد عُمراڻي

    پنھنجي سانڀر ۾ پهريون ڀيرو مون سراج الحق ميمڻ جو نالو هڪ درسي ڪتاب جي اندرين صفحي تي هٿن سان اُڪريل ڏٺو هو، جيڪو ڪتاب هن پاڻ سندس هڪ عزيز دوست ”پياري دين محمد“ کي پنهنجي دستخط سان ڏنو هو. اُهو ”پيارو دين محمد“ منهنجو هڪ ويجهو عزيز (Brother-in-Law) هو ۽ اُن ڪتاب جو نالو هئو ”دلپسند قصا“ (Tales from Shakespeare) جيڪو مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل هو. انگريزي ۾ اهو ڪتاب چارلس ۽ ميئري لئمب (Charles and Mary Lamb) (19 صديءَ جي مشهور ليکڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ) لکيو هو ۽ هاڻ اهو ڪتاب انگريزي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ يادگار ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. سراج کي پوءِ مون اسڪول جي لائبريري ۾ ”مهراڻ“ ٽه ماهي ۾ بطور نوجوان اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ڪهاڻيڪار جي ڏٺو ۽ پڙهيو. اُن وقت 62، 1963ع واري دور ۾ مان نور محمد هاءِ اسڪول جي اٺين ڪلام ۾ پڙهندو هئس، ان ڪري منهنجي مطالعي جي سطح ”گل ڦل“ کان چَڙهي، اِبن صفي جي جاسوسي دنيا ۾ شرلاڪ هومز تائين وڃي پهتي هئي. ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾پهتس ته سراج جون ڪهاڻيون پڙهيم ۽ پَروڙيَم ۽ ائين لڳو ته هڪ گهڻ پڙهيل ۽ سَنجيده ڪهاڻيڪار ۽ مترجم (آمريڪي ڪهاڻيون) هاڻ پنهنجي حيثيت مڃرائي چڪو آهي. سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جي بابت چوٻول گهڻو ٻڌم ۽ نيٺ 1970ع ۾ هڪ ڏينهن سنڌي ڊپارٽمينٽ جي استاد، محترم ڊاڪٽر عبدالجبار ”شام“ جي هٿ ۾ ڏسي هن کان ڪجهه ڏينهن اُڌار وٺي گهر کڻي ويس. غور فڪر بعد منهنجي ذاتي راءِ اُن وقت اِها هئي ته سراج ريسرچ جي ميدان ۾ گوءِ کڻي ويو آهي ۽ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سامي سٿ واري نظريه کي چيلنج ڪيو آهي. گهڻو وقت پوءِ جڏهن وري مون ڊاڪٽر صاحب (بلوچ صاحب) جي اصل مَتن کي سنجيدگيءَ سان ٻيهر پڙهيو ته مونکي ائين لڳو ته حَتمي راءِ ٻنهي صاحبن جي ان نظرين (Hypotheses) بابت ڪا پٿر تي ليڪ واري نه آهي. ٻنهي پنهنجا پنهنجا Hypotheses (مفروضا) پنهنجي خيال مطابق پيش ڪيا آهن ۽ انهن ٻنهي عالمن جا نظريا جامد ۽ اڻ ٽر (Inevitable) (اڻ مِٽ) نه آهن. انهن ٻنهي جي Paradigms (نظرياتي جوڙ جڪن) کي هڪ ٻئي سان هاڻ Reconcile (ملائي) سگهجي ٿو. ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ۽ ان کان اڳ Orientialists (مُستشرقين) ارنيسٽ ٽرمپ (Ernest Trumph) ۽ گريئرسن (Grierson) (Linguistic Survey of India) (هندوستان جي ٻولين جو جائزو) ۾ اهو اعلان ڪيو. سنڌي ٻولي اصل ۾ سنسڪرت مان ئي نڪتل آهي۽ اها هڪ آريائي زبان آهي. ڪاڪي ڀيرومل ۽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ به هڪ علمي خاڪو ۽ Hypotheses ڏنو ته سنسڪرت مان، پراڪرت، ان مان شورسيني، ان مان اپڀرنش ۽ ان مان ورا چڊ ۽ ان مان سنڌي ٻولي Evolve ارتقا پذير (وڌي ويجهي) نِروار ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1962ع ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ لکي جيڪو وري 1980ع ۾ وَڌائي ڇپايائين. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ غور سان پڙهو:
    ”سنڌي ٻولي سِڌوسنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دؤر جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي. لهندا (سرائيڪي، بهاولپوري، ملتاني، ديري والي، هِندڪو) ڪشميري ۽ اُترئين سنڌو ماٿر جون ”دادري ٻوليون“ ان جون ڀينرون آهن. بودو باش جي لحاظ کان اُهي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون Indo-Aryan هند آريائي ٻوليون آهن. پر سٽاءِ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان اُهي هن براعظم جي ٻين هند آريائي ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ هِند_ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين کي دخل آهي.“
    هاڻ اچون ٿا سراج صاحب جي نظريي تي. سراج صاحب 1964 ۾ هڪ ڪتاب ساڳي موضوع تي ”سنڌي ٻولي“ لکيو. جنهن ۾ هن جيئن ڪارل مارڪس (Karl Marx) هيگل جي جدليات Dialectics کي اونڌو (Invert/up-side down) ڪيو هو. تيئن هن سڀني اڳ وارن مُروج نظرين کي ڄڻ رد ڪري، مٿي واري حصي کي هيٺ (Invert) ڪري هن اونڌي ▲ (Triangle) کي سڌو ڪري ▲ اعلان ڪيو ته ”سنڌي، سنسڪرت جي ڄائي نه پر سنسڪرت، سنڌي جي ڄائي آهي.“
    سراج صاحب ائين به لکيو ته ”سنڌي جيڪڏهن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي، ته سنسڪرت تي سنڌي جو ان کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت هڪ طرح سان سنڌي جي ڄائي آهي، سڌي طرح نه سَهي، اڻ سڌي طرح سهي.“
    هاڻ توهان پاڻ اندازو لڳايو ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ سراج ميمڻ ڪا به حتمي راءِ ڏين ٿا يا فقط Hypothetical مفروضا تي بحث ڪن ٿا، ۽ ٻه مختلف پر پاڻ ۾ ٺهڪي ايندڙ Paradigms (ماڊل) ڏين ٿا. مان فقط مثال طور تي ٻنهي دانشورن جي ٻن Paradigms جو حوالو ڏنو آهي. ذاتي طرح مون کي خبر آهي ته سراج صاحب جن CSS ڪرڻ کان اڳ ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي هر آچر جي ڏينهن ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ صبح جو مارننگ شو ۾ گڏجي فلم ڏسڻ ويندا هئا. ۽ سندن گهر اولڊ ڪئمپس ۾ گاڏي کاتي ۾ گڏ هوندا هئا. سندن اختلاف علمي ادبي حد تائين جائز ۽ مُباح هئا پر ذاتي طور تي سراج صاحب ڊاڪٽر صاحب جو دلي طرح احترام ڪندو هو ۽ آخر تائين اِهو برقرار رهيو. مان توهان کي ٻڌايان ته عام تاثر اِهو هوندو هو ته سراج صاحب گهٽ ڳالهائيندو آهي ۽ اُن ۾ ڪو شڪ به نه آهي هو اسان جي عام اديبن ۽ شاعرن وانگر اَجايو لٻاڙي ۽ Garrulous ۽ گهڻ ڳالهائو ڪو نه هو، پر هن جي مونسان هڪ دفعو خلاصي ڪچهري ٿي جنهن ۾ هن مون سان مُسلسل 15 منٽ ڊاڪٽر بلوچ جي طبيعت ۽ مزاج متعلق ڳالهايو. اِهو موقعو هو جڏهن لياقت نيشنل لائبريري ڪراچي ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس وارن مرحوم غلام رباني آگري جي وفات تي هڪ ادبي ريفرنس (Reference) مُنعقد ڪيو هو . اوهان کي اِهو ٻڌي حيراني ضرور ٿيندي اُن سڄي تقريب ۾ سڄي ڪراچي مان رڳو 15کن ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ انهن مان سراج صاحب به هڪ هو. مٿي اسٽيج تي ڊاڪٽر محمد علي صديقي ۽ آفاق صديقي به ويٺل هئا. سراج صاحب آهستي مونکان ڊاڪٽر بلوچ متعلق حال احوال وٺندو رهيو. انهي مان هن جي دل ۾ ڊاڪٽرصاحب لاءِ احترام ۽ عقيدت ظاهر ٿي رهي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي جڏهن مون اِها ڪهاڻي ٻڌائي ته هو به نهايت گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين ته سراج تمام لائق انسان ۽ اورچ عالم آهي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪي ويڇا پيدا ڪيا ويا هئا، اُهي ڪجهه وچ وارن ”دوستن“ جي ”مهرباني“ هئي. سراج صاحب اسانجو اهڙو ”ڪم گو“ محقق هو جنهن وٽ وقت جو گهڻو قدر ۽ احساس هو ۽ هو به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيان هميشه توري تڪي ڳالهائيندو هو. باقي اسين سڀ اجايو سطحي گفتگو ڪري، وقت کي ائين وڃايون ٿا، جنهن جو احساس اسان کي ڪونهي، ڊاڪٽر صاحب جي وفات اپريل 2011 ۾ ٿي ۽ سندس دکدائڪ وڇوڙي تي گهڻا ئي ادبي ميڙاڪا ٿيا پر سڀ کان يادگار ريفرنس ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل طرفان سڏايو ويو. ان ۾ امرجليل، سنڌي ۾ ڳالهايو، پر سراج صاحب جي انگريزي ۾ لکيل پنهنجي هڪ يادگار Obituary (شرڌانجلي) ڊاڪٽر بلوچ تي اهڙي انداز ۾ پيش ڪئي ڄڻ افلاطون پنهنجي استاد محترم سقراط جي جيون ڪٿا جي باري ۾ خراج عقيدت پيش ڪري رهيو هجي. اهڙي تقرير مون گهڻي وقت کان پوءِ ٻڌي هئي ۽ مونکي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ ڊاڪٽر بلوچ جو روح اسان حاضرين سان گڏ پٺيان ويٺل هجي. سراج صاحب کي انگريزي ادب ۽ ٻولي تي مڪمل دسترس (Command) هئو. هنجي انگريزي رواني محمد ابراهيم جويو صاحب جي معيار جي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڪثر چوندو رهندو هو ته اسانکي انگريزي ۾ لکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جي شناخت بيشڪ مادري سنڌي ۾ آهي، پر اسان کي قومي ۽ بين الاقوامي مڃتا انگريزي ٻولي ۾ ملندي. هاڻي اقبال، غالب، مير تقي مير، ٽيگور، رُومي ۽ خليل جبران انگريزي جا حوالا آهن.
    سراج صاحب جي ڪهاڻين ۽ ناولن تي ٻين دوستن لکيوآهي ۽ لکندا رهندا. پر مان فقط اهو چوندس ته تاريخ کي Narrate طور پيش ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. ارغونن جي دور تي ڇو لکائين ۽ حُر جي تحريڪ کي ڇو نظر انداز ڪيائين؟ اهي اهڙا سوال اهن ته ڄڻ شيڪسپيئر (Shakespeare) کان پڇجي ته هن Juliet Romeo تي ڇو لکيو (جيڪي اطالوي عاشق معشوق هئا) ۽ انگريزي يا آئرش جوڙن کي ڇو نظر انداز ڪيائين؟ جن جا انيڪ قصا انگريزي لوڪ ادب۾ کوڙ آهن. اديب جو موضوع Subject (مضمون) هن جي ذاتي (Subjective) پسند تي هوندو آهي. مان سمجهان ٿو ته پير حسام الدين راشدي جي تجويز تي ئي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ لکيو ويو هوندو. باقي ”حُر تحريڪ“ بابت واقعي اڃان به گهٽ ادبي Fiction لکيو ويو آهي. جنهن جا ڪارڻ سياسي جانبداري سبب به آهن.سرفروش حُرن جي تاريخ تي لکڻ وارا شايد اُن اصل مواد تائين رسائي ڪري نه سگهيا آهن ۽ Genuine فڪشن ۾ ناول نگاري هونئن به هاڻ اسان وٽ هڪ Dying Art (مرڻندڙ فن) آهي. سراج جي منظر نگاري ۽ ٻولي جي سٽاءُ (Diction) تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر اڄ مان فقط سراج جي بحيثيت هڪ Cultural مُهذب ۽ سلڇڻي انسان هجڻ با بت ئي لکندس. سندس گهٽ ڳالهائڻ ۽ توريل تڪيل گفتگو، نشست برخواست، منطقي ۽ عقلي (Logical and Rational) انداز، اخباري صحافت ۾ جدت (Innovation) ۽ نواڻ ۽ عام Routine انداز کان هٽي اداريه نويسي، ۽ ڪافي ڏکئي وقت (Marital Law) ۾ پيپلز پارٽي جي پاليسي کي عوامي انداز ۾ تز ۽ ٺيٺ ٻولي ۾ پيش ڪرڻ اڃان اهڙا موضوع آهن، جيڪي متنازعه ته آهن پر مُنفرد ۽ دلپزير پڻ آهن. سراج جي بهترين وڪالت ۽ قانونداني جي هاڪ ۽ ساک ڪراچي جي هاءِ ڪورٽ ۾ بالڪل مڃيل هئي. هو خاص طرح سان انڪم ٽيڪس قانون ۾ ڀڙ هو، پر اُن سان گڏ عوامي هلچلن ۾ غريب ۽ مظلوم ڪارڪنن جي مفت قانوني مدد ڪرڻ ۽ انھن کي بغير ڪنهن اُجوري جي Dictation ٺاهي ڏيندو هو ۽ اهو بغير ڪنهن مشهوري ۽ خاموشي سان. اهڙين وصفون اسان مان هاڻ نڪرنديون وڃن. سراج جو پنهنجي خاندان لاءِ پيار ۽ خاص طرح سان پيارين ڀيڻن جي پڙهائي لاءِ، جتي اهڙا موضوع آهن جنهن تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جو، سراج جي وفات تي حيدرآباد ۾ پڙهيل Moving مضمون ٻُڌي مان ٿوري دير لاءِ الائي ڪهڙي عالم لاهوت ۾ پهچي ويس، سندس سڏڪن وارا رنجور جُملا ٻڌي، بيحد ڏک ۽ رنج ٿيو ۽ احساس ٿيو ته سراج ڀائرن ۽ ڀـينرن کي هڪ شفيق پيءُ جيان پاليو ۽ نپايو تاتيو هئو. هن بابت ان ريفرنس ۾ پيش ڪيل دل تي اثر ڪندڙ خيال ٻڌي، اهو به احساس ٿيو ته ڪيترو نه خوش نصيب انسان ۽ شفيق پيءُ، ڀاءُ، سراج صاحب هو. جنهن کي اهڙي پيار ڪندڙ فيملي ملي آهي. سندس لائق فرزند ڊاڪٽر امجد سراج کي ڏسي ٻڌي ڏاڍو سڪون مليو ته واقعي سراج پنهنجي چمن جي آبياري پنهنجي رَتُ ۽ سَتَ سان ڪئي آهي. ڪجهه ڏينهن پوءِ ”سراج ۽ سنڌي ٻولي“ واري سيمينار جي رپورٽ پڙهي اهو خيال ٿيو ته ڇا سراج کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ٻين بزرگن جي لاءِ احترام کي وساري ائين ڳالهائجي؟ جيڪڏهن بقول محسن جويو جي اصل ۾ اهڙي ڪا به گفتگو نه ٿي هئي ته پوءِ قابل مقرر کي اهڙي وضاحت ڪرڻ گهرجي ها. ڊاڪٽر بلوچ جي حياتي ۾ ڪافي دوست سندس متعلق رکي رکي ”عجيب رمارڪس“ ڏيندا رهيا هئا. پر ڊاڪٽر صاحب ۾ درگذر، عفو ۽ برداشت جو جذبو ۽ حوصلو تمام گهڻو هوندو هو. سراج صاحب به درگذر، برداشت ۽ سهپ جي وصفن واري زندگي گذاري، هلال پاڪستان جي دور ۾ صحافين سان ڪيئن گذاريائين انهي متعلق اسلم آزاد ٻڌائيندو آهي. هن ڪڏهن به ورڪر يا صحافي کي ڪڏهن به اردلي يا پٽيوالي جي معرفت ڪو نه گهرايو. جنهن ۾ ڪم هوندو هئس، پاڻ خود وڃي انهي جي ميز تي هن سان ڳالهائيندو هو. سندس ادارتي زور ٺيٺ سنڌي لکڻ تي هوندو هو ۽ ان جي ڪري هلال پاڪستان جي زبان هاڻ به هڪ Standard معياري حوالي طور تي پيش ڪئي وڃي ٿي.
    سراج جا ڪجهه اداريه (Editorial) مون کي ذاتي طرح ڪو نه وڻيا ۽ ان جو برملا اظهار مون حيدرآباد جي S.L.A واري ادبي ريفرنس ۾ ڪيو هو. خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي واري Convocation 1973 کانپوءِ جيڪا سخت زبان استعمال ڪئي هئائين! پارٽي پاليسين جي ڪري ڪجهه متنازع (Controversial) فيصلن جي تائيد ڪندو رهيو.“
    هاڻ موجوده دور واري سرڪار ۾ ته هو بلڪل هلي نه سگهي ها ۽ اڳ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دوستي ڪري، تمام ڏکئي دور ۾ اخبار کي صحيح دڳ تي هلائيندو رهيو. امر جليل جھڙي ڪالم نگار کي Discover (ڳولهي) ڪري ڄڻ سنڌي صحافت کي پنھنجو ابراهيم جليس ۽ مجيد لاهوري ڏنائين. اردو ۾ فڪاهيه ڪالم ته 19صدي کان هلندو اچي، اسان وٽ هاڻ مزاحيه ڪالم نويسي ”دُشنام نويسي“ (گارگند) ۽ بداخلاقي جي درجي تي وڃي پهتي آهي. جتي ذاتيات، هجو ۽ ٽوڪبازي جا به بدترين نمونا ڏسجڻ ۾ اچن ٿا. سراج بحيثيت ايڊيٽر، ٻولي جو مان مٿانهون ڪيو هو. هو هڪ شانائتو انسان هو ۽ اهــڙا مـاڻـهـو واقعي روز روز پيدا ڪو نه ٿيندا آهن. سراج روشن چراغ هو.


    سراج، منهنجو بهترين دوست : سوڀو گيانچنداڻي

    سراج الحق ميمڻ وڏي پائي جو اديب هو. هن جيڪي به ناول لکيا. اهي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن. هن ڪيترن ئي ڪارائتن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي گهڻو مالا مال ڪيو. ڪهاڻي جي ميدان ۾ پڻ سراج جو مقام تمام گهڻو مٿانهون آهي. ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. ائين ئي سراج جي ڪهاڻي ”ٻـهڻي“ کي به ساڳيو ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ کي ناولن ۾ سولو ڪري ۽ فڪشنائيز ڪري هن سنڌ جي اڌ پڙهيل ماڻهن کي تاريخي شعور سان روشناس ڪرايو. هن جون صحافتي دنيا ۾ پڻ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. 1970ع وارو ڏهاڪو ”هلال پاڪستان“ جي حوالي سان سنڌي صحافت ۾ مان، سراج جو ڏهاڪو شمار ڪندو آهيان ۽ ان سموري عرصي ۾ هن سنڌ ۾ جيڪا روشن خيالي جي لهر پکيڙي، اسان اڄ سوڌو ان جو ئي کٽيو کائي رهيا آهيون. هينئر پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صحافتي سجاڳي جون پاڙون جيڪي وڌيڪ مضبوط نظر اچن ٿيون. ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ سراج ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ هن جي طفيل ئي اها جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ترقي ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ بابت سراج جيڪو ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب لکيو. ان کي مان مثالي انڪري چوندو آهيان. جو ان کان اڳ ۾ اهڙو حقيقت پسند ٿي ڪنهن به محقق، تحقيق نه ڪئي هئي. ان جو اعتراف اڄ باشعور ۽ روشن خيال ماڻهن سان گڏ محقق پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو به محقق قلم کڻي ٿو. اهو سراج جي تحقيق مان استفادو ضرور حاصل ڪري ٿو. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان پنهنجو نالو ڪمايو. منهنجي هن سان سنگت اڌ صدي تائين رهي. جڏهن مان سال 1953ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي ۽ لا ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت سراج، محمد ابراهيم جويي جي سربراهي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور پنھنجا فرائض نڀائي رهيو هو.سراج ڪجهه عرصو سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتو. مون کي ياد ٿو اچي ته هو سنڌي ادبي سنگت جي جلسن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو هو. منهنجون هن سان تمام گهڻيون ملاقاتون ٿيون جن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن.جيڪي اڄ سراج کي ياد ڪندي منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن. جيڪي ڪڏهن تفصيل سان ڪنهن مضمون ۾ ساربيون. هڪ ڀيري سراج بيمار ٿي پيو هو ته مان ان جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي هئي. هڪ دفعو وري هندوستان کان جڏهن هتي سنڌي اديب آيا هئا ته مان انهن کي سراج سان ملائڻ لاءِ هن جي گهر وٺي ويو هيس. سراج جي ثقافتي ماڳن ۾پڻ گهري دلچسپي هوندي هئي ۽ مونسان جڏهن به ملندو هو ته اڪثر ڪري اڳ ۾ موهن جي دڙي جي سلامتيءَ بابت پڇندو هو. 1990ع جي ڏهاڪي جي اڌ ڌاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران منٺار سولنگي ۽ ادل سومري جي ڪوششن سان مونسان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا سنڌ سطح تي رهاڻ رچائي وئي هئي. ان موقعي لاءِ سراج جيڪو جاڳو اخبار ۾ مونکي وڏو مان ڏيندي ڪالم لکيو هو. اهو اڄ به منهنجي اکين اڳيان گذرندو آهي ته مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندو آهيان. هن جو وڇوڙو مون لاءِ هن عمر ۾ وڏي صدمي جو باعث بڻيو آهي ۽ هن جي وڃڻ واري نقصان جي تلافي ناممڪن آهي.


    سراج ميمڻ هڪ ٻھڳڻي شخصيت : هيرو ٺڪر

    سراج الحق ميمڻ صاحب جي وفات جي خبر بيحد ڌڌڪو ڏيندڙ خبر هئي.جنهن جيءُ کي جهوري ڇڏيو. ڪي گهڙيون ته ان ڳالهه تي اعتبار ئي ڪو نه پئي آيو ۽ سندس پياريون پياريون يادون من تي ڇانئجنديون رهيون. سندس تندرستيءَ جي علالت جي ڄاڻ هئم. صحت جو مسئلو کيس ڪافي وقت کان رهندو پئي آيو، پاڻ خود سنڀال وارو شخص هو ۽ سندس ڪٽنب پريوار وارا خاص طور منهنجي ڀاڀي سيما ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر امجد سراج، ڀيڻ فهميده حسين ۽ ٻيا گهر جا ننڍا وڏا ڀاتي پوري طرح سندس سار سنڀال لهي رهيا هئا. ان ڪري اهڙو انديشو مور نه هو ته هيئن ويٺي ويٺي هٿ کس ٿي ويندي.
    سنڌ ۽ هند جي سنڌين جو اهو درڀاڳ آهي. جو تازو گذريل وقت ۾ اسان جا ڪيترائي پيارا مهان اديب اسان کان وڇڙندا رهيا آهن. بين الاقوامي حيثيت واري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نوجوان تخليقي اديبن حسن درس ۽ طارق عالم ابڙو، عظيم شاعر شمشير الحيدري ۽ پرڀو وفا ۽ ٻين ڪن اديبن جي وڇوڙي جا ڦٽ ۽ هاڻ وري سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي جو ڏهاڳ اسان کي مليو آهي.
    سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.
    سراج صاحب جي نالي سان منهنجي واقفيت سال 67_1965ع ڌاري ٿي انهن ڏينهن ۾ سندس نالو وڄندڙ هو. ڀارت جي به سنڌي ادبي کيتر ۾ به خاص طور لسانيت ۾ چاهه رکندڙن ۾ ڪافي چوٻول متل هو”سنڌي ٻولي“ جي اشاعت کان اڳ سنڌي ٻوليءَ بابت مکيه ٻه رايا مروج هئا. پهريون ۽ گهڻائيءَ ۾ اهو رايو هو ته سنڌي، سنسڪرت مان نڪتل آهي ۽ ٻيو اهو ته سنڌي ٻولي سامي سٿ واري ٻولي آهي. دراوڙي ٻولين سان سنڌيءَ ۾ وابستگيءَ وارو نظريو ان وقت تائين اڃا مروج نه بڻيو هو ۽ عام طرح اهو ئي مڃيو ويندو هو ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ٻولي آهي. پر سراج صاحب ان رواجي ڍنگ سان وهندڙ پاڻيءَ ۾ جيڪو سروٽو اڇليو ته الٽو سنسڪرت، سنڌيءَ مان نڪتل آهي تنهن سبب وڏو ڌماڪو ٿيو.
    ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب جون ڀارت ۾ جي ٿورڙيون ئي ڪاپيون پهتل هيون ۽ هر ڪو اديب ان ڪتاب ۾ درج ٿيل ان انقلابي سوچ ۽ نظرئي کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ منتظر هو. مان تن ڏينهن الهاس نگر (ڪئمپ) ۾ رهندو هوس ۽ هڪ پراڻي اسي کن ورهين جي عمر واري اديب ۽ ٻولي ۾ گهرو چاهه رکندڙ چوهڙ مل هندوجا ۽ پنهنجي بزرگ متر نارائڻ ڀارتيءَ سان منهنجو نيازمنديءَ وارو رستو هو. انهن مڙيئي وڏي ڪوشش سان ڪٿان اهو ڪتاب هٿ ڪيو هو ۽ منهنجي عرض ڪرڻ تي مونکي به ڪتاب پڙهڻ جوموقعو ڏنائون. مون تازوئي هنديءَ جو وڏي ۾ وڏو امتحان ”ساهتيه رتن“ پاس ڪيو هو ۽ سنسڪرت سان به ڪجهه شناسائي هئم. تنهن ڪري انهن ٻولين ڏانهن منهنجي ڪافي رغبت هئي مون کي اهو به قبول ڪرڻ گهرجي ته ان وقت علم لسانيات جو مون کي گهڻو علم نه هو. اهڙين حالتن ۾ مون جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو ته سراج صاحب وارو نئون نظريو ته سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل آهي سو ته مون کي مطمئن ڪري نه سگهيو. جيڪو بهرحال ٻين پڙهندڙن جو به خيال هو. پر سراج صاحب ڪتاب لکڻ کان اڳ جيڪو حد درجي جو مطالعو ڪيو هو ۽ جنهن ڍنگائتي نموني هن پنهنجي نظرئي کي پيش ڪيو هو. تنهن جي مدنظر هن جي علميت اڳيان منهنجو سر جهڪي ويو ۽ مون سبق به حاصل ڪيو ته ريسرچ جي ڪم ۾ ڪيتري نه جاکوڙ ۽ اڀياس جي ضرورت ٿئي ٿي.
    سراج صاحب سان منهنجي وڌيڪ واٽ تڏهن جڙي جڏهن هن ”مھراڻ“ 1979ع جي 3-4 شماري ۾ مون ڏانهن هڪ لکيل خط ”قاضي قادن جو ڪلام“ ڪتاب جي حوالي سان لکيو. خط ۾ هن منهنجي ڪم جي دل کولي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته خاص طور ادب جا ڳولائو اوهان جا ٿورائتا رهندا ۽ اڄ جي زماني ۾ جڏهن عربيءَ لپي ئي اسان لاءِ اهم بڻي آهي. تڏهن قاضي قاضن جي نالي کي واقعي ئي نهال ڪري اوهان پاڻ کي ”سنڌي ادب جو هيرو ثابت ڪيو آهي“ (مهراڻ 1979 شمارو 3_4)
    بهرحال ايتريءَ ساراهه جي باوجود به هن کي ڪتاب ۾ ڄاڻايل جيڪي ڳالهيون قابل اختلاف لڳيون. تن ڏانهن پنهنجي ليک ۾ چٽيءَ طرح اختلاف ظاهر ڪيائين. سندس ان ليک مان سندس علميت چٽيءَ طرح پيئي بکي. ڇو جو ان ليک ۾ هن برٽش ميوزيم ۾ وڃي اتان حاصل ڪيل سنڌي شاعريءَ وارن حوالن جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي. سو ڏيکاري ٿو ته هو ڪيڏو نه وڏو عالم ۽ جاکوڙي هو.
    سراج صاحب صرف لسانيات جو ماهر ۽ محقق ئي نه هو، پر دنيا جي تاريخ، خاص طور سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ معاشي حالتن تي پوري نظر ۽ پوري دسترس رکندڙ هو. هن پنهنجي ڄاڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ ڏانهن پنهنجي تخليقن ۽ افسانه نويسيءَ واري فن ۾ پنهنجي مهارت کان ڪم ورتو. ان ڏس ۾ هن جو ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“ ۽ ٽريالاجي_ ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ واريون تصنيفون هڪ يگاني حيثيت رکن ٿيون.
    هو دعوتن ۽ ڪچهرين جو به ڪو ڏيو هو. جڏهن به سنڌ اچبو هو ته سندس شاندار دعوتن جو لطف ماڻڻ جو موقعو ملندو هو. جتي يادگار ڪچهريون به ٿينديون هيون.هڪ ڀيري اهڙي ڪچهريءَ ۾ سر ڳواسي هري موٽواڻي ۽ پڻ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي صحبت ماڻڻ جو به موقعو مليو. تازو جڏهن جنوري 2012ع ۾ سنڌ جي مشهور شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي 268هين عرس جي موقعي تي مان، ومي سدارنگاڻي، اندرا شبنم وغيره اتي آياسين ته هڪ شاهي دعوت پنهنجي بنگلي تي رکيائون. جنهن ۾سندن سمورو راڄ پريوار به شامل هو. جن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. ان دعوت ۽ ڪچهريءَ کي اسين سڀ ڏاڍو ياد ڪندا آهيون. ان دعوت ۾ سراج صاحب سڀني مهمانن جو شخصي طرح اونو رکندو رهيو. هر ڪنهن کي چوي ڀلا هي کائي ڏسو، ڀلا هي ٽيسٽ ڪئي اٿو، ڪچهري به ڪيائين ۽ حال احوال به ڏنائين ۽ ورتائين. ان ئي دعوت جي پڇاڙي واري وقت سندس فرزند ڊاڪٽر امجد صاحب مون کي پاڻ سان پاسيرو ويهاري ٻڌايو ته بابا جن جي ڦڦڙن جو پرابلم مڙيئي ڪجهه وڌيل آهي ۽ اسان ٻڌو آهي ۽ NAT تي معلومات حاصل ڪئي آهي ته دهلي (انڊيا) ۾ ان جو سٺيرو علاج ميسر آهي. ان ڏس ۾ مون کان به راءِ پڇيائين ۽ مون کيس ٻڌايو ته برابر دهليءَ جي بلڪل ويجهو گڙگان ۽ ميدانتا اسپتال ۾ ان جي Specialization آهي ۽ دنيا ڀر مان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا ۽ کين به ان جو ضرو فائدو وٺڻ گهرجي. مون کين چيو مان ته دهليءَ ۾ رهان ٿو ۽ مون کي ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ ۾ فقط خوشي ئي حاصل ٿيندي پر منهنجن هنن ڀائرن مون کي ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ موقعو نه ڏنو.ڪا به تڪليف ڏيڻ واجب نه سمجهائون ۽ اوچتو هڪ ڏينهن امجد صاحب جو فون آيو ته بابا جن ميدانتا ۾ علاج ڪرائي رهيا آهن ۽ ٺيڪ طرح سڀ ڪجهه هلي رهيو آهي. خير مان ٻئين ڏينهن صبح جو ئي ميدانتا اسپتال پهچي ويس ۽ حالي احوالي ٿياسين. اتي ٻن ٽن هفتن جي علاج بعد هو مطمئن ٿيا ۽ مون به کين پنهنجي غريب خاني ۾ پڌارجڻ جي دعوت ڏني هڪ ٻن ڏينهن بعد مون کي ٻڌايائون ته سڀاڻي صبح جو ڪجهه وقت لاءِ تو وٽ اچي رهيا آهيون.
    مون لاءِ اها ڏاڍي خوشي ءَ جي ڳالهه هئي ته منهنجو وڏو ڀاءُ خوش چڱو ڀلو ٿي مون وٽ ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. مون پڻ سراج صاحب جي بين ڪن دوستن ڊاڪٽر مرلي ڌرجيٽلي، لڇمڻ ڀاٽيه، ڪومل، موهن همٿاڻي، دل سنڌ جي ايڊيٽر مهيش ڇاٻڙيا، آنند کيماڻي وغيره کي مانيءَ جي دعوت ڏني. پنج ڇهه ڪلاڪ ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. سڀ دوست سراج صاحب ۽ امجد صاحب جي صحبت ماڻي دلي طرح خوش ٿيا. اهو اڳئين سال فيبروري جو آخر وارو سمو هو. ان دوران معلوم ٿيو ته ٻئي ڄڻا علاج مان مطمئن هئا۽ اسان کي به دلي سڪون رسيو ته ڀاءُ چاڪ چڱو ڀلو ٿي واپس گهر ويندو.


    سراج سان لاڳاپيل يادگيريون : عبدالحميد آخوند

    جن کيس سڃاتو. مٿس موهت ٿي پيا. جن هن بابت ڄاتو. تن تي سندس شخصيت جو روپ ڇانئجي ويو. سراج هڪ نهايت متاثر ڪندڙ شخصيت هو. هو اکين جو ٺار ۽ ذهنن کي تازو توانو ڪندڙ هو. پڪي پختي توريل تڪيل ڳالهه ڪرڻ واري ۽ عملياتي شخصيت هو. سندس حقيقي قد ڪاٺ ۽ وزن سندس خيالن ۾ آهي. هن ڪڏهن به غير معمولي جذبات نه ڌاريا. سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ ٻوليءَ لاءِ سندس پيار لفاظي نه هو. پر هن سنڌي ٻولي تي پنهنجي ڪتاب جي صورت ۾ ان کي سدا بهار يادگار ڏنو. سراج انهي ميدان ۾ ان جي باني واري حيثيت رکندي هو نوجوان نسل لاءِ اتساهه جو ذريعو هيو. ڪراچي جي سنڌ فري ميسن لاج جي هڪ ڪمري ۾ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار دوران سراج مون کي تقرير پويان تقرير ٺاهيندي نظر آيو. اهي تقريرون انهن ڪيترن ماڻهن کي ڪرڻيون هيون. جيڪي مختلف سيشن جي صدارت لاءِ آيل هيا. پرکين موضوع بابت ڄاڻ گهٽ هئي. مون کيس اهڙي ڪمانڊ سان تقريرون ٺاهيندي ڏٺو جيڪا مون ٻين ۾ تمام گهٽ ڏٺي آهي. اسان مان گهڻن جي ابتڙ، هو جهڙو تهڙو اجايو ڳالهائڻ، يا منافقت ۾وقت ضايع نه ڪندو هو. پر سدائين هاڪاري ۽ همٿائيندڙ هوندو هو. سراج ڪنهن جي گلا ۾ يقين نه رکندو هو، ڪنهن جي بدنامي ۾ دلچسپي نه وٺندو هو. اسان سڀ کيس سندس سڄڻائپ، عقلمندي ۽ علم سبب عزت ڏيون ٿا. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي تي سندس بنيادي ڪم 40 سال اڳ لکيل ڪتاب آهي. هن وقت تائين ان ميدان ۾ گهڻي تحقيق نه ڪئي وئي آهي. سندس دل ۾ ابراهيم جويو لاءِ گهڻي نرمي هئي ۽ هو سندس سڄي زندگي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته هن هڪ ڀيري هڪ عجيب درخواست ڪئي ۽ جڏهن مون سندس ڌيان ڇڪايو. هن ٻڌايو ته هو مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جوئي صاحب جي احترام جي ڪري چئي رهيو آهي. اها ڳالهه مان 1990 جي وچ جي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تنهن وقت سنڌ جي گورنر، سراج کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿيڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا هن تنهن وقت جي علمي ادارن جي ماحول سبب قبول نه ڪئي . الائي ڪڏهن اسان انهيءَ اداري کي امن سان هلائينداسين. سراج، مهتا پيلس ميوزيم لاءِ ”ٽرسٽ ڊيڊ“ جو مسودو ٺاهڻ ۾ حيلو وسيلو هو ۽ هو ان جي باني ٽرسٽيز مان هڪ هو.
    سندس بيماريءَ دوران جيڪا کيس دهليءَ وٺي وئي. سندس جذبا جوان هئا ۽ هو هر صورتحال لاءِ تيار هو. ڇو ته هن هڪ ڀرپور زندگي گهاري هئي ۽ مطمئن هو. هو پنهنجي ڊگهي بيماريءَ دوران به پراميد هو. پر آخرڪار لڳو پئي ته هو (زندگيءَ جي) قيد کان ٿڪجي پيو هو ۽ اميد جو ڪرڻو گم ٿي چڪو هو. ساڻس آخري گفتگوءَ ۾ هن مون کي چيو هو ته امر جليل کي سندس تازي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ياد ڏياريان ۽ ساڳئي وقت افسوس ڪيائين ته سندس صحت وڃي ٿي ڪرندي.
    سراج هيءَ دنيا ان حالت ۾ ڇڏي جو هن پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ پنهنجي ڪٽنب جي خدمت ڪئي هئي ۽ کيس اطمينان هو. سندس روانگي شخصي نقصان آهي ۽ مون کي اميد آهي ته سندس خاندان ۽ دوست ريسرچ اسٽڊيز جو هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري کيس ڦل ڏيندا. رڳو نانءُ جي صورت ۾ نه پر آدرشن کي بلند ڪرڻ جي صورت ۾ به.


    سراج جو جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار : جي اين مغل

    سائين سراج الحق ميمڻ اديب هو. بيوروڪريٽ هو. زبان جو ماهر هو ۽ صحافي به هو. اڄوڪي مضمون ۾ اسين گهڻو ڪري سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار جو ذڪر ڪنداسين سراج صاحب صحافت پيپلز پارٽي طرفان ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ترجمان اخبار ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان شروع ڪئي. هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کان اڳ سراج صاحب جو شايد باقائدي صحافت جي پيشي سان ڪو تعلق نه رهيو هو. پر جنهن ڏينهن کان هن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري سنڀالي ڪڏهن به ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو ته هلال پاڪستان جي چارج ڪنهن اڌوگابري صحافي وٽ آهي. ان جي برعڪس جنهن به هلال پاڪستان پڙهي ته محسوس ڪيائين ته سندس هٿن ۾ سنڌي زبان جي هڪ اهڙي اخبار آهي جنهن ۾صحافت جي مڙئي معيارن جو خيال رکيو ويو آهي.
    سراج صاحب جيترو وقت به هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو هلال پاڪستان نه فقط پاڪستان جي بهترين اخبارن ۾ شمار ٿيندي آهي پر سندس ايڊيٽرشپ ۾ هلال پاڪستان سنڌ جي زبردست خدمت ڪئي. سنڌ جو اهڙو ڪهڙو اشو هوندو جنهن تي هلال پاڪستان جامع حقيقت تي ٻڌل ۽ بي باڪ موقف نه پيش ڪيو هجي. حالانڪ هلال پاڪستان حڪمران پارٽي جي ترجمان اخبار هئي پر ان سموري عرصي ۾ نه هلال پاڪستان، سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ۽ نه حڪمران پارٽيءَ ڪڏهن ان قسم جي ادارين، خبرن، سرويز ۽ ٻئي مواد تي اعتراض ڪيو. جن به سراج صاحب سان هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيو آهي ان ڳالهه جي شاهي ڏيندا ته هو هڪ انتهائي سنجيده شخصيت هو نه هن جي لکڻين مان ۽ نه هن جي رويي مان ڪڏهن غير سنجيدگي لڳندي هئي. هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل سراج صاحب پاڻ لکندو هو. اهي ايڊيٽوريل جتي سنڌ جي اشوز تي هوندا هئا ته اتي ٻين قومي اشوز، بين الاقوامي اشوز ۽ اقتصادي اشوز تي به هوندا هئا. اها ڳالهه به پوري ذميداريءَ مان چئي سگهجي ٿي ته سراج صاحب جو لکيل ڪو به ايڊيٽوريل لڳل هوندو هو ته ان ۾ انداز ۾ موقف به رکيو هوندو هو ته ان ۾ واسطيدار انگ اکر به هوندا هئا. شايد تمام گهٽ ۾ ماڻهن کي خبر هجي ته سراج صاحب اقتصاديات جو به ماهر هو. اقتصاديات هن جو پسنديده مضمون هو سراج جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار هلال پاڪستان هر لحاظ کان مڪمل اخبار هئي. اخبار ۾ خبرون، ايڊيٽوريل ۾ قطعي، مزاحيه ڪالم، سياسي ۽ اقتصادي موضوعن وارن ڪالم کان سواءِ هفتي دوران ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو نه ڪو خاص صفحو به شايع ٿيندو هو.انهن ۾ خاص عورتن جو صفحو تمام مشهور هوندو هو جيڪو سندس مشير ادي فهميده حسين جي ادارت ۾ نڪرندو هو. ان کان سواءِ پورهيتن، هارين ۽ شاگردن جا صفحا به هر هفتي شايع ٿيندا هئا. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هر صفحو پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو.
    اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي ته سراج صاحب زبان جو به ماهر هو. سراج صاحب جي ان صلاحيت جو هلال پاڪستان ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان تي تمام زبردست اثر پيو. سراج صاحب جون هدايتون هونديون ته هروڀرو اهڙا انگريزي، اردو ۽ ڌاريا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن، جن جا نعم البدل سنڌي لفظ موجود آهن. اهڙي طرح هلال پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻين سنڌي اخبارن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي. ان جو هڪ سٺو اثر پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سنڌي خبرن جي معيار تي به پيو ڪجهه هيئن ٿيو ته جيڪا ٽيم ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تي سنڌي خبرون لکڻ جي انچارج هئي اها هلال پاڪستان جي تيار ڪيل ٽيم هئي جنهن ۾ خاص طور محترم انور پيرزادي، محمد خان سيال ۽ ٻين اهڙن دوستن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن سراج صاحب، هلال پاڪستان کان ڌار ٿيو ته نه فقط ٻين سنڌي اخبارن پر خود هلال پاڪستان مان به سراج صاحب واري سنڌي گهڻي حد تائين ناپيد ٿي وئي. اهو سراج صاحب جو ڪريڊٽ آهي ته هن ڪجهه ممتاز بين الاقوامي سياسي ٽرمنالاجي ۽ معاشي ٽرمس جا اهڙا نعم البدل ٺيٺ سنڌي لفظ پيش ڪيا جن کي نه فقط سنڌي اخبارن ۽ سنڌي اخبارن جي قارئين پر سنڌي زبان جي ماهرن به قبول ڪيو. ان سلسلي ۾ مون کي هن وقت هڪ ٻه مثال ياد اچن ٿا. مثال طور. انوقت فرانس جو صدر ڊيگال هو، ڊيگال ڪيئي اهم بين الاقوامي ٽرم سامهون آندا. ان وقت بين الاقوامي ٽڪراءَ کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ هن جيڪي قدم کنيا تن کي ديتانت چيوويندو هو. لفظ فرينچ هو پر انگريزي زبان کي اهو فرينچ لفظ پنهنجو ڪرڻو پيو. اهڙي طرح اردو پريس به لفظ ديتانت استعمال ڪندي هئي پر سراج صاحب ديتانت لاءِ نج سنڌي لفظ ”سرچاءُ“ ڪيو ۽ ڪيتري عرصي تائين نه فقط هلال پاڪستان مگر اڪثر سنڌي اخبارون ديتانت لاءِ سرچاءُ استعمال ڪنديون هيون. اهڙي طرح اقتصاديات جو هڪ ٽرم آهي جنهن لاءِ پڻ سراج صاحب ٽرم ناڻي جي واڌ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري ڪنهن تائين اهو ٽرم سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندو رهيو.
    سراج صاحب زبان جي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ ان راءِ جو هو ته سنڌي زبان موجوده رسم الفظ بدران رومن رسم الفظ ۾ لکي وڃي. ان سلسلي ۾ هن هلال پاڪستان ۾ ڪيترن حوالن سان ڪيئي جامع ڪالم لکيا. پر آخرڪار سراج صاحب کي اهو موقف ختم ڪرڻو پيو. شايد ان جو هڪ سبب اهو هو ته سندس ڪيترن همعصر سنڌي دانشورن ۽ زبان جي ماهرن به سراج صاحب سان اتفاق نه ڪيو.هنن جو موقف هو ته موجوده رسم الخط ۾ ايترو سنڌي لٽريچر جو خزانو ڦهليل آهي جيڪو سڄي جو سڄو رومن رسم الخط ۾ منتقل نه ٿي سگهندو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته رومن رسم الخط ۾ سنڌي لکڻ وارو سراج صاحب جو خاص طور اهو موقف هو ته جيڪڏهن سڀ سنڌي پوءِ ڀلي دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجن انھن پاران رومن رسم الخط استعمال ڪرڻ سان سنڌي زبان ختم نه ٿيندي ۽ پاڪستان هندستان توڙي دنيا جي هر حصي ۾رهندڙ سنڌي قوم متحد ٿي سگهي ٿي.
    سراج صاحب جي حوالي کان منهنجون ڪجهه ذاتي ساروڻيون ڪنهن حد تائين دلچسپ آهن جن مان هن جي وڏائي لکي ٿي. هلال پاڪستان ۾ رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن جي ڀرتي لاءِ هلال پاڪستان ۾ اشتهار شايع ٿيا. مون به رپورٽر بڻجڻ لاءِ درخواست ڏني. سراج صاحب مڙئي درخواست ڏيندڙن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي جيڪا سي ايس پي واري معيار واري هئي. جيڪي ان ۾ پاس ٿيا انهن کان زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سراج صاحب مون کي سامهون صوفه سيٽ تي ويهڻ جي لاءِ چيو. مون ڏٺو ته سندس هٿن ۾ مون وارو ٽيسٽ جو لکيل پـيـپر هو. سراج صاحب چيو ته سٺو لکيو آهي پر مون کي يقين آهي ته تون گهڻو وقت صحافين ۾ نه رهندين. تو جهڙا ماڻهو جلد سٺي جاب ملڻ تي صحافت ڇڏي ويندا جڏهن ته صحافت کي توجهڙي سنڌي صحافي جي ضرورت آهي مون چيو ته نه سائين آئون صحافت نه ڇڏيندس. چيائين واعدو ته صحافت نه ڇڏيندين مون به چيو واعدو. مون هلال پاڪستان ۾سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هلال پاڪستان ۾ انٽرويو ڏيڻ کان چار مهينا اڳ زرعي ترقياتي بئنڪ جي آفيسر جي لاءِ انٽرويو ڏنو هو. مون کان اها ڳالهه وسري وئي، هڪ ڏينهن مون کي ليٽر مليو جنهن ۾ چيو ويو ته توکي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي، تون ٻن هفتن اندر فيصل آباد واري تربيتي اداري ۾ رپورٽ ڪر جتي توکي ڪجهه مهينن لاءِ ٽريننگ ڏني ويندي. آئون ڏاڍو خوش ٿيس مون کي اها ڳالهه وسري وئي ته هلال پاڪستان ۾ مقرري وقت مون سراج صاحب سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو. آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ مقرريءَ وارو ليٽر سندس ٽيبل تي رکندي چيم ته منهنجي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ بطور آفيسر مقرري ٿي وئي آهي. هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته توهان کان موڪلايان. سراج صاحب مون ڏانهن گهوريندي چيوته تون وڃڻ چاهين ٿو ته ڀلي وڃ پر پنهنجو واعدو ياد اٿئي. مون کي سچ پچ پهرين ڪا به ڳالهه ياد نه آئي پر پوءِ فوري طور سڄي ڳالهه ياد اچي وئي. آئون شرمسار ٿيندي اُٿيس ۽ سندس ٽيبل تي رکيل مون واري مقرري وارو ليٽر لفافي سوڌو کڻي سندس اڳيان ڦاڙي سندس ڀر ۾ پيل ڪچري واري دٻي ۾ وجهندي چيم ته سائين واعدو بالڪل ياد آهي صحافت نه ڇڏيندس. آئون اڄ ڏينهن تائين جهڙو تهڙو صـحـافـت سـان جـيـڪـو نڀائيندو اچان، ان جو ڪريڊٽ سراج صاحب کي ڏيان ٿو.
    هڪڙي مرحلي تي اسان هلال پاڪستان جي ڪارڪنن يونين ٺاهي.ساڳئي وقت آئون ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري به هيس. هلال واري يونين جو جيتوڻيڪ آئون سينيئر وائيس پريزيڊنٽ هوس پر يونين جي پويان جيڪي وڌيڪ متحرڪ هئا انهن ۾ آئون پيش پيش هوس. اسان 100 مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ ٺاهيو جنهن تي انتظاميا سان مذاڪرات ٿيا. انتظاميا جي نمائندگي سراج صاحب ڪري رهيو هو. ٻئي طرف يونين جي مذاڪراتي ٽيم ۾ منهنجو ڪردار هو. ان دور ۾ شايد سراج صاحب ۽ ان ۾ ڪي نارضگيون به پيدا ٿي ٿيون. پر بعد ۾ جڏهن جنرل ضياءَ مارشلا لڳائي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي ته هلال پاڪستان کي به ڪراچي جي آرمي ڪور اوور ٽيڪ ڪيو. ان دوران هڪ مرحلي تي اسان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي پليٽ فارمن تان سڄي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڪراچي ۾ صحافين جون گرفتاريون شروع ٿي ويون. پريس ڪلب ۾ جيڪي بک هڙتال تي ويٺا انهن ۾ آئون به شامل هوس. رات جو اسين گرفتار ٿي وياسين. پر ڪجهه ڏينهن دوران اسان کي آزاد ڪيو ويو ۽ مساوات ۽ هلال پاڪستان جي اشاعت بحال ٿي وئي. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ مون کي ساٿين ٻڌايو ته توهان جي جيل ۾هئڻ دوران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ احتجاجي ميڙاڪن ۾ روزانو سراج صاحب خود شرڪت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مغل ۽ ٻيا ساٿي جيل هليا ويا آهن ته هنن جي ڪنهن حد تائين اخلاقي حمايت ڪرڻ لازمي آهي. سراج صاحب اصول پرست هو. هن سڄي زندگي پنهنجي اصولن جي مفاهمت ڪئي. سراج صاحب صحافت ۾ منهنجو استاد آهي ۽ جيسين جان ۾ جان آهي سندس احترام ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي. ڪاش سنڌ ۾ سئو ٻه سئو سراج پيدا ٿي پون ته سنڌ ڏکن کان آجي ٿي پوي ۽ سڪون واري زندگي گذرڻ لڳي.


    سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان! : مدد علي سنڌي

    سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، محقق صحافي ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙي شاندار ڪتاب جو ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ اسان جي لاءِ سدائين سراج صاحب ئي رهيو. سندس طبيعت ۾ انتهائي ڳنڀيرتا شامل هئي. شايد اهو ئي ڪارڻ هو. جو هو گهڻن ماڻهن سان ويجهڙائپ نه رکي سگهيو. پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سراج صاحب کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هڪ عشق هو. اهو عشق هن ۾ شروع کان وٺي هو. ٿي سگهي ٿو ان عشق جي وڻ کي اڀارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي جنهن جي ڪري سندس سنڌ جو عشق وڌي وڻ ٿيو هجي. پر ادب جي خوشبو ته سراج صاحب کي پنهنجي والد مرحوم محمد يعقوب ”نياز ميمڻ“ کان حاصل ٿي. مرحوم محمد يعقوب پاڻ هڪ وڏو تعليم دان ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. حافظ شيرازيءَ جي ”ديوان جا خط“ جو سنڌي ۾ سندس ڪيل ترجمو ثابت ڪري ٿو ته کيس سنڌي ۽ فارسيءَ تي هڪ ئي وقت مڪمل عبور حاصل هو. اهڙي علم پرور ۽ علم دوست والد جو ساٿ کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڏانهن ڇڪي آيو. سال 1933 جي 24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ سراج صاحب جو اسٽار لبرا هو. يعني ميزان اهو اسٽار رکندڙ شخص انتهائي ماٺيڻو ۽ انصاف پسند پر شرميلو به هوندو آهي. حيدرآباد جي مشهور نور محمد هاءِ اسڪول مان جڏهن هن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان وقت ساڻس گڏ مظهر الحق صديقي ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير رٽائرد جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو سندس هم ڪلاسي هوندا هئا. ان وقت ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. جتان هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. 1953 ۾ هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي علمي اداري ۾ اچي ملازمت ڪئي. 1955 ۾ محمد ابراهيم جويي کيس بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر ڪيو. ان وقت سنڌي ادبي بورڊ سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر شمس العلما عمر دائود پوٽي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي جهڙن عالمن جي سهڪار سان هلندڙ هو. 1957 ۾ هن سي ايس پي جو امتحان ڏنو ۽ بورڊ کي خيرآباد چئي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. پر ان نوڪري دوران به هن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي هن هڪ شاندار ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي 1964 ۾ شايع ڪرايو. هن جو موقف هو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءِ جي ڄائي ڪونهي. بلڪ سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي پراڻي ٻولي آهي. جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت آهي. اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو. ڇاڪاڻ ته ڪن ماهرن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي آهي ته ٻيا وري ان کي ڇڪي وڃي عربن سان ملائيندا هئا. هڪ ئي وقت ان ڪتاب جي حمايت ۽ مخالفت شروع ٿي ويئي. خصوصي طور ڀارت ۾ رهندڙ هڪ سنڌي اديب ۽ لسانيات جي ماهر گنگارام سمراٽ ان ڪتاب تي ڏاڍي ڇتي ۽ بيرحماڻي تنقيد ڪئي. اهو مضمون حيدرآباد جي مشهور مئگزين ”سھڻي“ ۾ محترم طارق اشرف شايع ڪيو. نتيجي ۾ سراج الحق ميمڻ مشهور قومي رسالي روح رهاڻ ۾ انجو مدلل جواب ڏنو. ٻئي طرف سنڌ جي ترقي پسند فڪر سان تعلق رکندڙ اديب به سراج صاحب جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا. گنگارام سمراٽ ڇاڪاڻ ته اصل سن جو رهواسي هو. ان ڪري سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳوٺائي کي خط لکي ميار ڏني ته سراج، سنڌي ٻولي جو نوجوان محقق آهي. اوهان کي ان تي ان قسم جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپندو هو. گنگارام سمراٽ جواب ۾ جيڪو خط لکيو آهي. اهو سيد صاحب جي خطن واري ڪتاب ۾ شامل آهي. ان مان اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو سراج سان ڪيڏي نه محبت ڪندا هئا.
    ساڳئي وقت هن 1969 ڌاري هڪ ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ لکيو. اهو ناول سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو. ان وقت سنڌ ون يونٽ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئي. ان ناول کي جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن نعريبازي قرار ڏنو. پر سنڌ جي نوجوان نسل ۾ اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو.

    1972 ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سراج صاحب کي سيد قمر الزمان شاه جي صلاح سان روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو . پهرين مئي 1972 کان ڪراچيءَ مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان هڪ جديد سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو بنياد سراج صاحب جي هٿن سان پيو. يقينن ان ڳالهه کان ڪوئي شخص انڪار نه ڪري سگهندو ته سراج صاحب جي ايڊيٽرشپ ۾ نڪتل روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌي صحافت ۾ هڪ انداز، هڪ نئون موڙ هئي. ان اخبار سنڌي ٻوليءَ جا اصلوڪا لفظ ڪتب آندا، گرامر جو خصوصي طور خيال رکيو ويندو هو. تنهن کان سواءِ اعليٰ قسم جي پروف ريڊنگ جو رواج به سراج صاحب، هلال پاڪستان ۾ وڌو، ساڳئي وقت ان وقت جي مشهور اديبن جهڙوڪ امر جليل ۽ قمر شهباز کان ڪالم لکرائي کين معاوضو ڏيڻ جو رواج به سراج صاحب وڌو نه رڳو اهو بلڪ ان وقت کان وٺي اخبار جي وڪرو ٿيڻ تائين هلال پاڪستان واحد اخبار هئي جنهن ۾ ورڪرس کي ويج بورڊ پگهارون ملنديون هيون. 1977 جي مارشل لا کان پوءِ علي احمد بروهيءَ هلال پاڪستان ۽ ان جي پيپلز فائونڊيشن کي مارشل لا وارن جي حڪومت جي حوالي ڪرائي ڇڏيو ۽ پاڻ شيخ سلطان ٽرسٽ (پيپلز فائونڊيشن، جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر ٿي سراج صاحب کي مجبور ڪيوته هو مارشل لا جي فرمانبرداري ڪري. پر سراج صاحب استعيفيٰ ڏني ۽ اخبار کي الوداع ڪري ويو. شايد گهٽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي ته هلال پاڪستان کي ان وقت جيڪا جديد آفسيٽ پرنٽنگ مشين هئي اها جنگ اخبار وٽ بعد ۾ آئي. اهو ڪم سمورو ڪم سراج صاحب جي صلاح سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سر انجام ڏنو هو. ساڳئي وقت شهيد ڀٽو، پيپلز فائونڊيشن کي سول لائينس ۾، پي آءِ ڊي سي بلڊنگ ڪراچي وٽ ٻه شاهي پلاٽ به ڏنا. جن ۾ اها جديد پريس لڳل هئي. ٻن بلڊنگ جي ان وقت مسواڙ اداري کي لکين روپيا ملندي هئي. پر بروهي صاحب آخري 1992 جي آخر ڌاري اها جديد مشين اخباري ورڪرس کي وۡڪڻي ڇڏي. ان سموري ڳالهه تي سراج صاحب ڏاڍو ڏک ظاهر ڪندو هو.

    سراج صاحب بنيادي طور تي هڪ اصول پرست اديب هو. شيخ اياز سان سندس دلي قرب هوندو هو. منهجي ذاتي ڏيٺ ويٺ سراج صاحب سان نومبر 1970ع ۾ ٿي شيخ اياز وٽ. اياز فاران هوٽل ۾ رهيل هجي. اتي اوچتو سراج صاحب اچي نڪتو، سندس بهترين پوشاڪ يعني ٿري پيس فل سوٽ ۾هو وڏي رعب ۽ تاب وارو شخص ٿي اچي اسان جي سامهون بيٺو وات ۾ خوشبودار تماڪ سان ڀريل پائيپ. اياز منهنجي واقفيت ساڻس ڪرائي يڪدم چوڻ لڳو. نوجوان اڳتي قدم بند ڪري ڇڏيئي ڇا؟ مان سمجهي ويس ته هن منهنجي رسالي اڳتي قدم جو پهريون پرچو پڙهيو آهي. وڌيڪ مون سان ڪو نه ڳالهايائين، اياز سان ڪچهري ڪيائين. بعد ۾ ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته عزت ۽ محبت سان ملندو هو. 1990 ۾ آئون جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر ٿيس ته پاڻ مون کي فون ڪري مبارڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته خبرداري سان اخبار کي هلائجان.

    اسان اسلام آباد ۾ ملياسين جتي هو مون کي لائونج ۾ ٺهيل هالي ڊي ان اسلام آباد هوٽل جي جيسمين ڪافي شاپ ۾ وٺي ويو. اتي ڪافي جو آرڊر ڏيئي پاڻ پائيپ ڇڪڻ لڳو. مون کي ان وقت ڏاڍو اداس لڳو. شيشي جي دري مان شام جي مهل وسندڙ برسات کي ڏاڍي غور سان ڏسي رهيو هو، جڏهن ڪافي پي اٿياسين ته هن بل جي پيئمينٽ ڪري ڇڏي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان هوٽل ۾ حڪومت جا گيسٽ هئاسين. پر سندس خوددار طبيعت جي ڪري هن بل تي صحيح ڪرڻ بدران پنهنجي کيسي مان بل ڀري ڇڏيو ۽ مون کي خدا حافظ چئي واپس پنهنجي روم ۾ هليو ويو.

    ساڻس آخري ملاقات پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل سال ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽي طرفان سڏايل شاهه لطيف ڪانفرنس جي هڪ سيشن ۾ پاڻ آيو هو. ملاقات ٿي ته مان پاڻ ساڻس جهڪي وڃي مليس چوڻ لڳو ”مدد ! تو رباني تي ڏاڍو سٺو مضمون لکيو آهي. دراصل لکڻ ته مون کي کپندو هو پر تو سٺو نڀايو آهي. تو منهنجي ادبي بورڊ مان ڇڏڻ واري تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيو. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته تو اهو مواد ڪٿان هٿ ڪيو؟“
    مون سندس ٿورو مڃيندي محسوس ڪيو ته سراج صاحب سنڌي ادب کي باقائدگي سان پڙهي رهيو آهي هن ڌرتي هن ٻولي ۽ هن مظلوم قوم سان ڪيل پنهنجو وچن آخري دم تائين قائم رکيائين وفات کان اڳ ۾ سندس ٻه لکيل انگريزي ڪتاب

    History of Sindhi Language
    Biography of an unknown Sindhi

    سندس انهي وچن ۽ ڪمٽمينٽ جو اظهار آهي. سنڌي ادب ۽ سنڌ جي آسمان تي هو ٻين ڪيترن ستارن وانگر چمڪندو رهندو، سندس ٻيا تارا مرڻ مون سين آءُ، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، منهنجي دنيا هيکل وياڪل، سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون ۽ سنڌي ٻولي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن. اڄ شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون.

    سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيئن انسان
    وڙهندي مڙس مـَھان، مِٽيءَ منجهه سمايا.


    سراج الحق ميمڻ _ سنڌ جو حقيقي قومي هيرو : آفتاب ابڙو

    سنڌ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ليکڪ ۽ محقق پيدا ڪيا آهن. جن پنهنجي صلاحيتن سان سنڌ جو نالو جڳ ۾ روشن ڪيو آهي. سراج الحق ميمڻ صاحب اهڙن چونڊ اديبن ۽ عالمن مان هڪ هو. هن ڪيترن ئي شعبن مثلاََ تحقيق، تنقيد، فڪشن، صحافت، وڪالت ۽ لسانيات ۾ پاڻ مڃايو، هن هر شعبي ۾ ايتري گهري دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو. جو ان شعبي جا ماڻهو کيس داد ڏيڻ کان سواءِ نه رهيا. هن ڪڏهن به سرڪاري داد (ايوارڊ ۽ تمغا) قبول نه ڪيا. سرڪاري نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ کيس ڪيئي ڀيرا ادبي بورڊ ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جي چيئرمين شپ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائون هو نهايت خوددار ۽ ذميوار شخص هو.
    مانوارو سائين سراج اڻ ڳڻين صلاحيتن جو مالڪ هو. بجاطور کيس Indigenous (اصلوڪو سنڌي) ليکڪ چئجي سگهجي ٿو. حالتن مطابق کيس جيڪو به ڪم سونپيو ويو. هن ان کي اوج تي رسايو. جنهن جو واضح مثال ”صحافت“ آهي. پاڻ جڏهن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر بڻيو ته هن سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ سنڌي ماڻهن کي صحافت جي اهميت کان آگاهه ڪيو. پاڻ بين الاقوامي حالتن تي مضمون ۽ هفتيوار ”رتي جي رهاڻ“ لکندا هئا، جنھن جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا. سندس دور ۾ هلال پاڪستان ٽن هزارن جي اشاعت مان 80 هزار کان هڪ لک ويهه هزار سرڪيوليشن تائين وڃي پهتي، ان دور ۾ اها حد درجي واري ڪمال جي ڳالهه هئي.
    سراج الحق ميمڻ بنيادي طور افسانوي ادب جو ماڻهو هو. سندس فهم ۽ فڪر ۾ رومانيت رچيل هئي. جنهن جو اظهار هن پنهنجي ناولن ۾ ”پڙاڏو سوئي سڏ“ (1970ع) ”مرڻ مون سين آءُ(1980ع)، پياسي ڌرتي رمندا بادل“، ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ (1988ع) ۽ تُنهجي دنيا سڀ رنگ سانول (1989ع) ۾ ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جي ڪردار سازيءَ تي کيس قدرت حاصل هئي. جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن افسانا نگارن، جمال رند، نسيم کرل، غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ امر جليل به ڪيو آهي. سراج صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ثقافت سان ايمان جي حد تائين لڳاءُ هو.هن جيڪو لکيو، پڙهيو ۽ ڳالهايو. ان جو محور سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي.
    ڪراچي ۾ ”سنڌ صدين کان“ بين الاقومي سيمينار ڪوٺائڻ ۽ ان جو مانائتو بندوبست ڪرڻ ۾ سراج جو اهم ڪردار رهيو. ان دور ۾.جيڪو بروشر ڇپيو. ان جي ترتيب پڻ سراج صاحب ڏني هئي. جيڪو ڪيترن ئي حوالن کان سانڍڻ جوڳو رهيو آهي.
    سراج صاحب اقتصاديات بابت درسي ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪري. ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ۾ ترجما هن ريت ڪيا آهن. سراج صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو ته هن سنڌي ٻوليءِ جي جوڙ جڪ ۽ بيهڪ جي نشانين جي قاعدن ضابطن بابت اهم ۽ مثالي ڪم ڪيو. جن تي اڄ به عالم عمل ڪري رهيا آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بابت سندس لکڻ هڪ عجيب حادثو هو. 1959ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ تفصيلي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن جو مول متن اهو هو ته ”سنڌي ٻولي پنهنجي تاڃي پيٽي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان سامي ٻولين، عربي، عبراني ۽ توراني جي مرهون منت آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو عربي کان ورتل آهي.“ اهڙي مؤقف سنڌ سان اُتاهه پيار ڪندڙ ترقي پسند ليکڪن جون متيون منجهائي ڇڏيون. يارن ۾ هلچل پيدا ٿي. پر ان جو جواب لکڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه هو. پوءِ سائين محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي حد کان وڌيڪ اصرار تي سراج کي سندرو ٻڌڻو پيو. هن لڳاتار پنج ورهيه گوڏو ڀڃي، ان موضوع تي مطالعو ڪري، ڇهه ست ڀيرا موهن جي دڙي جا ڀـيرا ڀڳا ۽ راتين جون راتيون رهي مختلف اهڃاڻن تي ڪم ڪندو رهيو. سندن عشق جي حد اها هئي، جو رات جو خواب ۾ موهن جي ديس جا مٽي هاڻا، چاپئين ڏاڙهي وارا ماڻهو ساڻس ڪچهريون ڪندا هئا. ائين جيئن سسئي کي وندر جي واٽ وڻن ٿي ڏسي!
    سراج صاحب آڏو سنڌي ٻوليءَ جي پڻ بنياد وارو ڪيس انتهائي ڳنڀير بڻجي ويو نه صرف کيس هتي جي روايتي عالمن کي جواب ڏيڻو پيو پر انگريز محققن جيڪي غلطيون ڪيون هيون. انهن کي به درست ڪرڻو پيو اها سڄي وارتا سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سراج صاحب تاريخي حوالن سان ثابت ڪيو ته ”سنڌي ٻولي“ هن ڌرتيءَ جي پيداوار آهي، سنسڪرت ۽ ٻيون پراڪرتون هن مان ڦٽي نڪتيون آهن، سنڌو لکتIndus Script مان ”براهمي خط “وجود ۾ آيو ۽ جنهن مان پوءِ سنسڪرت لپي جڙي، جڳ مشهور قديم آثار ۽ لسانيات جا ماهر جي.آر. هنٽر. سي جي گئد ۽ مسٽر سڊني سمٿ به ان راءِ جا هئا.
    سنڌي ٻوليءَ جي بـڻ بنياد بابت سراج صاحب پنهنجي راءِ بلڪ ايئن چئجي ته مڪمل ٿيسز Thesis تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان 1964ع ۾ شايع ڪرائي جنهن جا موضوع آهن، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي تمدن ۽ موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي سندس اسلوب ۽ پيشڪش جو انداز بنهه نرالو آهي. هڪ وڪيل وارو! سنڌ جي ادبي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته: ”سنڌ جي ثقافت اصل آهي يا ڌاري ! موهن جي دڙي وارو خط (لپي) هتان جو آهي يا ڪن ٻين لوڪن جو.“
    سراج صاحب ڪيس جي سڀني پهلوئن تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو، سندس سامهون وڪيلن جو هڪ وڏو ۽ اثرائتو گروپ هو، جنهن کي سول سوسائٽي، ڪتابي دنيا جي اديبن ۽ مذهبي پيشوائن جي سپورٽ حاصل هئي ۽ هيڏانهن هي تن تنها ادبي عدالت ۾ڪيس وڙهي رهيو هو، سندس شاهديون اولهه اوڀر جي ملڪن ۽ مڪاني عدالتن ۽ ماحول مان ورتل آهن سندس ڪيس لڳاتار پنج ورهيه هليو، آخر جيت حق جي ٿي ۽ سڀني ساڃهه وندن اعتراف ڪيو ته سراج صاحب جا دليل وزنائتا ۽ ٺوس ثبوتن تي ٻڌل آهن ڪو به ذي فهم انسان انهن کان انڪار ڪري نه سگهندو.
    سراج صاحب موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق هڪ عاشق محقق جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، ڏونگر ڏورڻ سڌائتن ماڻهن جو ڪم نه آهي، ان لاءِ اندر ۾ جهير هئڻ لازمي آهن! اهو ڪم پروفيشنل محققن کان گهڻو مٿي آهي. مصري، سميري، فينيشن وغيره قديم لپـين جي انگڙين کي هڪٻئي سان ڀيٽي، ڪي مفروضا يا هٿ ٺوڪيا لفظ ٺاهڻ سان. اصل نتيجا ڪو نه نڪرندا آهن، انڊن ڀرڻ سان آلجبرا جا ڏکيا حساب حل ڪري ڪو نه سگهبا آهن، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جو ڀورو اهو ڀڃندو. جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي اصولن، نحوي ترڪيبن، اڳياڙين (Prefixes) ۽ پڇاڙين (Suffixes) لڳائڻ جي بنيادي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هوندي. ان کان سواءِ ان عالم لاءِ بنهه ضروري آهي ته کيس سنڌ جي تمدني اهڃاڻن ۽ لاڙن جي چڱي پر ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ ته تاريخي طور سنڌ پنهنجي تمدني روايتن کي هر حال ۾ برقرار رکيو آهي، اهڙو ڪو به سمو نه آيو آهي جو اسان جي تمدني ڌارا ۾ ڪا وڏي وٿي آئي هجي، اسانجي کائڻ پيئڻ، ڄمڻ مرڻ، ڪچهريون ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو سلسلو اڄ به تقريباََ اهو ئي آهي.
    دِلن، مٽن، دکين، چاڏين، پارن، تونرن، ڪُونرن وغيره جي گهڙت تقريباََ ساڳي آهي،جيڪا موهن جي دڙي مان لڌل مٽيءَ جي ٿانون جي آهي، انهن تي اڄ سوڌو ساڳيا چٽ چٽيا وڃن ٿا. ڏاندن جي جُهلن، اُٺن جي مهارن وغيره جي گهاڙ پڻ اها ئي آهي شهري عالم توڙي ٻاهريان اسڪالر سنڌ جي انهن نرالين وٿن کي آساني سان نه سمجهي سگهندا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جي انهن ثقافتي اهڃاڻن کي انهن جي اصلي ماهيت مطابق سڃاڻجي.
    ڪاش! سراج صاحب جي اها ٿيسز 1970-80ع واري ڏهاڪي ۾ انگريزيءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته هوند سنڌو لکت بابت تحقيق ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪافي اڳ ڀرائي ٿي چڪي هجي ها. اوندهه ۾ لٺيون هڻڻ وارن کي سُهائي ملي وڃي ها! وري به چڱي خبر اها آهي ته گذريل سال ان جو انگريزي ترجمو “The Story of Sindhi Language” جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.
    سراج صاحب جي دلي خواهش هئي ته ”شاهه جي رسالي“ جي معياري ۽ جامع لغت جوڙجي، جنهن ۾ هر لفظ جو ڌاتو عام رواجي معنيٰ ۽ شاهه سائينءَ جي مخصوص معنيٰ ڏجي، ان ڪم لاءِ مون کي اسسٽنٽ طور مقرر ڪيائون مون ڪجهه وقت سندن نگراني ۾ ڪم ڪيو. پر پوءِ هڪ ته سندن مصروفيتون وڌي ويون، ٻيو ته ڪم جي نوعيت تمام مٿاهين هئي جنهن تائين مان پُڄي نه ٿي سگهيس! ان کان پوءِ ساڳي آڇ فقير محمد لاشاري کي به ڪيائون پر هيءُ به هام ڀري نه سگهيو.
    سراج صاحب جو سنڌي ٻوليءَ سان انتهائي جذباتي لڳاءُ هو، کيس سنڌي لفظن جي تاريخي پسمنظر جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. انڪري پاڻ اڪثر سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندي آبديده ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سڏڪي سڏڪي اڌ ۾ تقرير ختم ڪري ڇڏيندو هو، منتظمين کي چوندو هو ته ”سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب بابت کانئس سنڌي ۾ نه ڳالهرايو وڃي. جو انهن لفظن جي ورجاءَ سان سندس هنيانءُ هُڄي ٿو وڃي.“ سچ پچ ته اڄ اسين سنڌي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي هڪ عاشق،يگاني ليکڪ، منفرد مترجم ۽ عظيم صحافيءَ کان محروم ٿي ويا آهيون، اهڙي گهڻ رخي شخصيت جي پيدا ٿيڻ ۾ واقعي وقت گهرجي تمام گهڻو وقت!!

    ڏني جادم جکري جت نه پيا چڙهن،
    نه ڪي کوهه کجن، جهه سـَرُ لڀي سپرو.
    (شاهه)


    سراج منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ: امر جليل

    مون کي ٺيڪ سان ياد ناهي ته اپريل 1972ع جي اها ڪهڙي تاريخ هئي. سراج مونکي چورائي موڪليو هو ته سڀاڻي شام جو ستين لڳي شيزان ۾ اچ، چانهه پيئنداسين ۽ لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.
    مون اچرج ٿيو هو. اچرج ان ڪري ٿيو هو جو دوستن هلائي ڇڏيو هو ته سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان مليو آهي ۽ نه ڳالهائيندو اهي ڪنهن سان به ڊيگهه نه ڪندو آهي. سندن دوستيءَ جي دائري ۾ شامل هوندا هئا، گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر رشيد ڀٽي جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام گرامي، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري ۽ نور الدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو اچرج اجايو نه هو ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو يارن دوستن مشهور ڪري ڇڏيو ته مان ملحد هوس منڪر هوس. نظريه پاڪستان جي بنيادي ۽ قومي ٿيوري جو مخالف هوس. سندن رائي ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو ان وقت تائين مون تصوف جي تڏي تي هميشه لاءِ سرجهڪائي ڇڏيو هو ....
    مون پهرين ڪهاڻي 1956ع ۾ لکي هئي ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي بيچيني هئي زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت ويڙهه ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مون کي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هئا.
    ورهين جا ورهيه اڪيلائپ ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا در منهنجي لاءِ کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مون کي نه مُنجهايو. هڪ راهه تي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندي آهي پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جي راهي ٿيڻ کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي امڪان بابت ڪڏهن ڪو نه سوچيو ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي مون کي موٽي اچڻو ناهي مان موٽي نه ايندس.
    راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل لکندو رهيس جيڪو وڻيو. جيئن وڻيو تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم جو رويو مونکي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مليو آهي امن جي اسهڻ کان پوءِ لاڳيتو لکندو رهيس ڪنهن کي وڻيس- ڪنهن دعا ڏني، ڪنهن بددعا ڏني، ڪنهن گاريون ڏنيون، ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي ڪنهن مان ڏنو. ڪنهن ڀـر مان اٿاري ڇڏيو.
    اهڙي نيم پاگل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو ته فلاڻي تاريخ شام جو صدر واري شيزان ۾ ملنداسين. لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.
    تاريخ مون کي ياد ناهي مهينو اپريل جو هو ۽ سال هو 1972ع ان دور ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني ۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. انهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه هوندي هئي بس اوچتو ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو ۽ اڃا به اهو ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي کلندو ته اصل ڪونهي، مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه سپيرئر سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو. ٻڌائيندا آهن ته آفيسري دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو.سندس رعب تاب اهڙو جو ڪو به جهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو هو.
    ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيو اهڙا ته لاها چاڙها آيا جو لکپتي ڀنواٽيون کائي ڪکپتي ٿي ويا ۽ ڪي ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو، پڪڙ ٿي، ڇنڊڇاڻ ٿي سراج واندو ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾ اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو، وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو.
    الائي ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو ۽ هو پيپلز پارٽيءَ جو ٿي ويو. سن هو 1972ع مولانا ابوالڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان 1971ع ۾ اڌ ٿي چڪو هو. مشرقي پاڪستان ٿي پيو هو بنگلاديش ۽ رهيل حصي مغربي پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هي وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو سو پاڪستان 1971ع کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو وجود نه هيو. موجوده پاڪستان 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي 1947ع ۾پنجن صوبن ۾ فيڊريشن واري ملڪ کي پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري موجوده پاڪستان جي عمر 37 سال آهي. 61 سال ناهي پنجن صوبن وارو پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته ان جي عمر 61 ورهيه هجي ها.
    1971ع ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان فيصلا ڪندو. انهن فيصلن جو وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ماڻهڻ ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيد ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي. جڏهن ماڻهن ۾ خود داريءَ جو احساس پيدا ٿي پوندو آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو سنڌيءَ ۾ انگريزي اخبار ڊان جهڙي ڪڍڻ. مقصد ساڳيو هو. سنڌ جي ماڻهن ۾ آگاهي آڻي چٽا ڀيٽي واري دور ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ ٽرسٽ ٺاهيائين پاڻ سربراهه ٿيو، اخبار جو نالو هلال پاڪستان رکيائين، تجربيڪار ۽ پراڻا ايڊيٽر ڇڏي سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين سراج سنڌي ٻوليءَ جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن شرطن ۾ هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن، ميمبرن ڪارڪنن ۽ ڪامورن طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت سراج جا سمورا شرط مڃيا ويا.
    سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن سان ملندو چونڊي چونڊي ماڻهو کڻندو. اسٽنٽ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر ۽ نمائندا کڻندو ويو. جڏهن مون کي ملڻ جو سڏ موڪليائين تڏهن ڳالهه مونکي بنهه سمجهه ۾ نه آئي هئي هڪ ته صحافي ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، نه اڄ تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس. بهرحال منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو جو سراج مونکي چانهن جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو هو.
    صدر ۾ شيزان ريسٽورينٽ عبدالله هارون روڊ تي بي. وي. ايس. پارسي اسڪول جي سامهون هوندي هئي. هينئر اتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن. پيهه ايڏي ڄڻ مال مفت پيو ورهائجي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اهو پاڪستان 1947 وارو هجي يا 1971ع وارو. سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان محروم ٿي ويئي آهي. ڪاڏي ويئي ٻولي ! ڪاڏي ويئي تهذيب ! ڪاڏي ويو تمدن ! آئيني ۾ ڏسون ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ جي بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽آگاهي جا ڀنڊار هوندا آهن ڪتاب، يارن ڪتابن جي جنس مٽائي ڪتابن کي مذڪر مان مؤنٽ ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب منهنجو هوندو هو. هينئر منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي. بدنيتي واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦيرگهير ۾ ايئن ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي ڇڏينديون آهن.
    مان شيزان ريسٽورينٽ ۾داخل ٿيس ايڪڙ ٻيڪڙ هيڏانهن هوڏانهن ويٺا هئا. آخريءَ دري وٽ سراج ويٺو هميشه وانگر وهنتل سهتل ۽ هينڊسم. هڪ ته شخصيت ۾نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو ته هزارن ۾ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کي چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن. پر سراج سان پهرين ملاقات، پهرين تجربي ۽ پهرين آزمائش وانگر مونکي اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورينٽ جي سڀ کان پرئين دري وٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي ويٺو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾پائيپ هوس ڪتاب پڙهندي پڙهندي پائيپ مان سوٽو پئي ورتائين.
    مان وڃي سامهون بيٺو،مانس ڪنڌ مٿي مون ڏانهن ڏٺائين منهن تي مرڪ تري آيس ڪتاب رکي اٿي مونکي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين. ٻئي هٿ ۾ پائيپ هوس. کِلي چيائين ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين“.
    چيم ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪيان پيو.“
    ”ويهه“ مونکي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين.
    اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف کلندڙ شيزان ريسٽورينٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل هوندا هئا. مان ويهي رهيس.
    پڇيائين ”ڇا پيئندين ؟“
    چيم ”چانهه“
    منهنجي لاءِ چانهه ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين . ان وچ ۾ ويٽر پيٽيس، پيسٽريز ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي هليو ويو. پُڇيائين ”ڇا پيو پڙهين اڄڪلهه ؟“
    ٻڌائيندي هٻڪ ٿي پر ٻڌائي ڇڏيومانس. ”پنج ڇهه ڪتاب پيو پڙهان.“
    ”پنج ڇهه ڪتاب!“ مُنهن تي مرڪ اچي ويس.
    الاء ڪيئن ۽ ڪڏهن کان مونکي هڪ مهل چار پنج ڪتاب پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ هن عمر تائين هلندي پئي اچي ٻڌائيندي مونکي پشيماني محسوس ٿيندي آهي.
    چانهه آئي، ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. سپريئر سروسز جي آفيسر ۽ وڏي وڪيل وانگر ٽو دي پوائنٽ to the point سڌي سنئين ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي گهيرائي نه ڪندو آهي.
    ”اخبار پيا ڪڍون“ پڇيائين ”خبر اٿئي ؟“
    چيم ”ها“
    هڪدم چيائين ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک“
    ”ڪالم“ مان هٻڪيس.
    چيائين ”ڊيلي ڪالم روزانو هڪ هفتي ۾ ڇهه دفعا. هڪ ڏينهن جي موڪل.“
    مونکي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ سو به روزانو ۽ هفتي ۾ ڇهه دفعا.
    ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان. چيائين ”ته پوءِ فيصلو ٿيو ته هفتي ۾ ڇهه ڪالم لکندي. ائين؟“
    هٻڪندي هٻڪندي ”پر“ مس چيم جو فيصلو ڪندڙ لهجي ۾ چيائين ”ڪهاڻيون لکجانءِ. ڪٿا لکجان، جيڪي وڻئي لکجان توتي ڪا پابندي ڪونهي.“
    پهرئين مئي 1972ع تي اخبار جو افتـتاحي اجراءُ ٿيو ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزادي ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو. پر هي آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري هئي جو هلال پاڪستان پيپلزپارٽي جي اخبار هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير هئا، صلاحڪار هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا.
    مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردارن کي سنڌ جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا دشمن آهن اڻ پڙهيل ۽ نادان، هاري ناري، ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بينڪ آهي. جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ ڪنديون هيون. سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو.
    ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان چونڊ ايڊيٽرن جو جٿو کڻي نڪرندو هو. ان ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران هوائي جھاز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال وٺندو هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين دوران ڀٽو صاحب، سراج سان پيرن، ميرن ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو ذڪر ڪندي منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي تو ڇوٽ ڏنو آهي؟
    سراج کيس سمجهائيندو هو. قبلا پهرين اکر کان آخري اکر تائين اخبار پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽ ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي ان ۾ جيڪڏهن هڪ شخص کي اختلاف راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي جواب ٻڌي ذوالفقار علي ڀٽو کلي چپ ٿي ويندو هو.
    هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سنڌو سنئون رابطو سراج سان هوندو هو. پهرين شماري کان ضياءُ الحق جي مارشلاءِ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي گرفتاري تائين. سراج مون سان توڙ نڀايو اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو هئائين. جنهن جو فقط تصور ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ دروهي ۽ بلاسفيمي جون انڪوائريون هليون. تڏهن به سراج مونکي اخبار مان نه ڪڍيو، بلڪ اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان منهنجون ڪهاڻيون شايع ڪندو هو ۽ پارٽي جو ڏمر سهندو هو.
    هلال پاڪستان ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون 1972ع کان 1977ع واري دور جون آهن، سمجهو کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر پروف پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن، سواءِ قيمتن جي واڌ جي، توهان کي هاڻي اهو سڀ ڪجهه پڙهندي اوپرائتي محسوس ٿيندي. جڏهن ڏهين رپئي واري سٺي قميص ۽ پنجويهين رپئي واري عاليشان بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ ويهه روپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپ ڏيئي ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري جي زوال پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ وانگر عام آهي راڄ ۽ ڪاڄ ۾ داداگيري جام آهي قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ وانگر چور ڀاڳيا، ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن نه کوٽي جي خبر، نه کري جي خبر! اڳ وانگر سڪي جا ٻيئي پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان لاءِ ڪونهي جو انڊر ورلڊ جا ڊان اپر ورلڊ ڊان تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي زور تي يتيم حڪمرانن جي سامهون روبرو هلائي رهيا آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار، هيروئن ۽ قيمتي گاڏين جا سمگلر ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي بيٺا آهن، هنن جي ڪاروبار ۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير ملڪي ناڻي جا واپاري. اهڙي ملڪ ۾ معاشري کان علم، آگاهي ۽ روحانيت رسي ويندي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن. گذريل پنجاهه سالن کان.


    سراج جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار : نصير اعجاز

    ”منهنجي اهڙي حيثيت ڪانهي جو ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“ ۽ ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ جھڙن ناولن جي خالق ۽ سنڌي ٻولي ۽ اقتصاديات تي تحقيق ڪندڙ ۽ اهڙن ڪتابن جي ليکڪ سائين سراج صاحب تي ڪجهه لکي سگهان مون کيس هڪ ايڊيٽر، قانوندان، بهترين متنظم ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سنڌي اخبار کي مڪمل اداري جي شڪل ڏيڻ واري جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ ذري گهٽ پوڻا ٻه سال سندس ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪيو. ان ٿوري عرصي ۾ ماڻيل مشاهدو سراج صاحب لاءِ ڀيٽا طور پيش آهي.“
    ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ مون اڃا پير ئي ڪو نه پاتو هو ته سائين سراج الحق ميمڻ جو نالو سنڌي ادب ۽ صحافت جي افق تي روشن تاري جيان اُڀريل هو. سندن وڏو نالو هو ۽ سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ڳڻيو ويندو هو جن سنڌ جي نوجوانن کي نه رڳو اُتساهه ڏنو پر اسان جهڙن بانبڙا پائيندڙن کي انهيءَ دڳ تي هلڻ سيکاريو.
    اهو 1972ع جو زمانو هو جڏهن مان انٽر ڪامرس جو شاگرد هئس، اخبارون ۽ رسالا خريد ڪرڻ منهنجي وس ۾ ڪو نه هئا پر تڏهن به لطيف آباد کان گهران سچل ڪاليج ايندي ويندي اسٽالن تي يا ميونسپلٽيءَ جي لائبريرين ۾ نه رڳو اخبارون ۽ رسالا پڙهي وٺندو هوس پر ڪڏهن ڪڏهن کيسي خرچي بچائي اخبار يا رسالو خريد ڪري وٺندو هوس. منهني ذهن تي هڪ اخبار ۽ ٽن رسالن ايترو ته اثر وڌو هو جو مون ڪامرس پڙهڻ باوجود صحافت کي پنهنجو مستقبل بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. اها اخبار هئي ”هلال پاڪستان“ ۽ رسالا هئا ”سهڻي“ ”برسات“ ۽ ”سوجهرو“ انهن چئني جي اشاعت سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو هو.
    مرحوم طارق اشرف جو رسالو ”سهڻي“ سنڌ جي ناليوارن اديبن شاعرن کي گڏ کڻي انقلابي ادب جي سرواڻ طور اڳتي وڌي رهيو هو، جنهن ۾ امر جليل جو ”سرد لاش جو سفر“ جهڙيون ڪهاڻيون، رجعت پسند سماج توڙي حڪمران طبقي کي ڌوڏي ڇڏينديون هُيون ته ٻئي پاسي يوسف شاهين ”برسات“ رسالي جي ابتدا ڪري اردو جي ”اخبار جهان“ رسالي کي مات ڏئي ڇڏي هُئي، تاج بلوچ ۽ ٻين اديبن جي سٿ وري ”سوجهرو“ جهڙو خوبصورت رسالو شروع ڪيو هو، برسات ۽ سوجهرو ڪراچيءَ مان ۽ سهڻي حيدرآباد مان شايع ٿيندا هُئا.
    هلال پاڪستان اخبار هئي ته پاڪستان کان اڳ جي ۽ تحريڪ پاڪستان جي حوالي سان سندسن ڪردار رهيو هو، پر آزاديءَ کان پوءِ بس اها اخبار ايئن ئي روايتي نموني ڇپجندي رهي هئي، ڪو وقت اها اخبار حيدرآباد جي منشي خاندان جي ملڪيت رهي. هن اخبار جي قسمت تڏهن بدلي جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو بنياد وجهڻ کان پوءِ هلال پاڪستان کي خريد ڪيو، شروع ۾ اها اخبار حيدرآباد مان ئي پراڻي نموني شايع ٿيندي رهي پر شهيد ڀٽي ان کي جديد زماني جي جديد اخبار ٺاهڻ ٿي گهريو تنهنڪري ان کي حيدرآباد کان ڪراچي آندو ويو.
    مئي 1972ع ۾ هلال پاڪستان سنڌين جي جديد ۽ نمائنده اخبار طور ڪراچي مان شايع ٿيڻ شروع ٿي. هاڻي هن اخبار جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ هو. جنهن پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان اخبار کي اوج تي پهچايو. جديد ڇپائي لاءِ وڏي قيمتي پرنٽنگ پريس لڳائي وئي. ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن لاءِ هفتيوار رنگين صفحا ۽ رسالا شروع ڪيا ويا. سراج صاحب حيدرآباد مان تجربيڪار صحافين جي ٽيم کي آڻي ٿوري وقت ۾ ئي هلال پاڪستان کي ايترو ته مقبول ڪري ڇڏيو هو جو هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اها اخبار نظر ايندي هئي. پيپلز پارٽي جي ترجمان اخبار سڏجڻ جي باوجود هلال پاڪستان ۾ سرڪاري ڇاپ نظر ڪانه ايندي هئي ڇو ته سراج صاحب جي ايڊيٽوريلن، امر جليل جي ڪالمن، قمر شهباز، آغا سليم ۽ اهڙن ٻين ناليوارن اديبن جي لکڻين، نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن سان گڏ سنڌ جي فنڪارن کي ملندڙ نمائندگيءَ جو هن اخبار کي منفرد رنگ ڏئي ڇڏيو هو. اخبار جي مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته مرحوم سائين حفيظ قريشي (سينئير) ڪڏهن ڪڏهن جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي ڪاوڙ وچان چوندو هو، “توهان ته هلال پاڪستان کي ايترو ٿا پڙهو جو صفا چوپاڙي ٿا وڃو.“
    مون کي خبر ڪانه هئي ته مان اڳتي هلي انهيءَ اخبار جو هڪ ادنيٰ ڪارڪن بڻجي ويندس. مون ڪامرس پڙهندي مرحوم طارق اشرف جي رسالي ۾ انگريزي ادب مان ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڏيڻ شروع ڪيون هيون، 1975ع تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. جڏهن نومبر ڌاري بي ڪام جو امتحان ڏئي فارغ ٿيس ته نوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪيم. هڪ ڏينهن هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪريءَ جو اشتهار ڏٺم ته درخواست موڪلي ڇڏيم، پر ساڳي وقت الائيڊ بينڪ ۾ سيڪنڊ آفيسر جي پوسٽ لاءِ به درخواست ڏنم. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هلال پاڪستان مان انٽرويو ليٽر اچي پهتو. ڊسمبر 1975ع جي ڪنهن تاريخ تي انٽرويو رکيل هو. ڪراچي منهنجي لاءِ نئون شهر هو، پر پُڇائون ڪندو وڃي پُهتس. بندر روڊ تي سٽي ڪورٽ جي سامهون ڪورٽ وِيُو بلڊنگ (اڳواڻي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ) جي ٻي ماڙ تي هلال پاڪستان جي آفيس هئي. جتي ڪنهن زماني ۾ شهيد ڀٽي جي وڪالت واري آفيس هئي.
    ڪراچي ۾ نئون صحافت جو تجربو به ڪو نه ۽ مٿان وري بي ڪام جي رزلٽ به اڃا ڪانه نڪتي هئي سو ڪنهن حد تائين هيسيل هُيس. اهو ذهن ۾ هو ته سراج الحق ميمڻ جهڙو وڏو اديب انٽرويو وٺندو. مون سميت ڏهه اميدوار هئا. جن مان ڪي ايم اي پاس ته ڪي ايل. ايل. بي هُئا. اهي جڏهن سراج صاحب وٽان داٻا کائي ٻاهر ٿي نڪتا ته مون پاڻ کي انٽرويو کان اڳ ئي رد سمجهي ورتو هو. اسان کي انٽرويو لاءِ گهرائڻ کان اڳ انگريزي رسالن ٽائيم ۽ نيوز ويڪ مان ترجمو ڪرايو ويو هو ۽ اهو ترجمو سراج صاحب جي آڏو رکيل هو. مان جڏهن سندس آفيس ۾گهڙيس ته هن هڪ نظر مون تي وجهي مون کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي ڪيل ترجمي کي ڏسندي چيو :”توهان پهرين جنوري 1976ع تي اچي نوڪري تي چڙهو. ٽپال ذريعي نوڪريءَ جو آرڊر توهان کي موڪلبو پر ٽپال نه پهچي ته به هليا اچجو“ ڏهن اميدوارن مان هن مون کي چونڊيو، جنهن تي ٻيا اميدوار توڙي مان پاڻ حيران هوس.
    سراج صاحب سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. انڪم ٽيڪس کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي رهڻ سبب سندس انداز ڪامورڪو ضرور هو پر نهايت سنجيده ۽ متاثر ڪندڙ شخصيت جو مالڪ هو. مون کي شايد سهڻي رسالي لاءِ ڪهاڻين جي ترجمي وارو تجربو ڪم اچي ويو ۽ ايئن سراج صاحب ”ميرٽ“ ۾ منهنجي ايمان کي تازو ڪري ڇڏيو.
    سندس چوڻ موجب مون کي هلال پاڪستان ۾ نوڪريءَ جو آرڊر حيدرآباد م گهر جي ايڊريس تي پهچي ويو ۽ حيرت جي ڳالهه ته الائيڊ بينڪ جو آفر بينڪ جو آفر ليٽر به اچي پهتو. ٻئي ليٽر منهنجي هٿ ۾ هئا. هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور پگهار 755 رپيا ۽ بينڪ ۾ سورهين گريڊ جي سيڪنڊ آفيسر طور 625روپيا آڇيا ويا هئا. فيصلو مون کي ڪرڻو هو. بينڪ جي پگهار گهٽ پر مستقبل روشن هو. جڏهن ته هلال پاڪستان جي پگهار وڌيڪ پر مستقبل جي ڪا به خبر ڪا نه هئي. سواءِ انهيءَ جي ته مان پنهنجي پسند جي شعبي ۾وڃي رهيو هوس. مون هلال پاڪستان جي آڇ کي ئي قبول ڪيو ۽ پهرين جنوري 1976ع تي وڃي نوڪريءَ تي چڙهيس.
    هن سڄي تمهيد ٻڌائڻ جو اهو مطلب آهي ته ڪهڙي طرح مان ان اداري ۾ پهتس جيڪو جديد سنڌي صحافت جو علمبردار هو ۽ جيڪو سنڌي صحافت جو پهريون ۽ آخري ادارو هو جنهن کي ٺاهڻ جو سمورو ڪريڊٽ سراج صاحب کي وڃي ٿو. مان هلال پاڪستان کي هڪ ادارو انهيءَ ڪري سڏيو، جو ان کان اڳ توڙي پوءِ قائم ٿيل سنڌي اخبارون وڏيري جي اوطاق کانسواءِ ٻي ڪا به حيثيت نه ٿيون رکن.
    مون کي ڪنهن اخبار ۾ نوڪريءَ جو تجربو اڳي ڪو نه هو پر هلال پاڪستان ۾ رهڻ کانپوءِ خبر پئي ته اهو واحد سنڌي ادارو هو جنهن کي سراج صاحب باقاعدي ۽ قانون تحت هلائي رهيو هو. پارٽي جي اخبار هئڻ سبب هو ڪنهن به سفارشي ماڻهو کي ملازم رکي سگهيو ٿي پر هن اشتهار ذريعي درخواستون گهرائي ٽيسٽ ۾ انٽرويو ذريعي سليڪشن ڪئي ٻي ڳالهه ته هر ملازم جو سروس رڪارڊ رکيو ويو هو ۽ اپائنٽمينٽ آرڊر جاري ڪيو ٿي ويو. جيڪو ان کان اڳ يا پوءِ ڪنهن به سنڌي اخبار ۾ اڄ تائين نه ٿيو هو. هر ملازم جو جنرل پراويڊنٽ فنڊ (جي پي فنڊ) ڪٽبو هو ته جيئن رٽائرمينٽ تي يا نوڪري ڇڏڻ مهل ملازم کي اهي پئسا ملي سگهن. ان سان گڏ گريجوئٽي به ملندي هئي ته گروپ انشورنس به متعارف ڪرايل هئي، اتفاقي موڪلن کانسواءِ ڪمايل موڪل (Earned Leave) هڪ سال ۾ هڪ مهينو ملازم جو حق هو ۽ ان تي ڇڏيل هو ته موڪل وٺي يا موڪل بدلي پئسا وٺي.
    تن ڏينهن ۾شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي اخباري ملازمن لاءِ پهريون ويج بورڊ جو ايوارڊ لاڳو ڪيو هو ۽ هلال پاڪستان واحد سنڌي اخبار هئي جنهن ۾ سراج صاحب ان ايوارڊ تي باقاعدگيءَ سان عمل ڪيو هو. هتي هڪ ڀيرو وري چوڻو ٿو پوي ته اڄ تائين ٻي ڪنهن به سنڌي اخبار ان ايوارڊ تي عمل نه ڪيو آهي ۽ ڪي سنڌي اخبارون سال ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائڻ جي باوجود قانون جي خلاف ورزي ڪندي اخباري ڪارڪنن جا حق ماري رهيون آهن.
    شهيد ڀٽي جي ڏنل ويج بورڊ ايوارڊ تحت اخبار جي سب ايڊيٽر جي پوسٽ سترهين گريڊ جي آفيسر جي برابر هئي ۽ انهيءَ ڪري مون کي يا ٻين سب ايڊيٽرن، سينئر سب ايڊيٽرن شفٽ انچارج، نيوز ايڊيٽر ۽ ڪمپازيٽرن کي گريڊن تحت پگهار ملي رهي هئي. جنهن ۾ ساليانو انڪريمينٽ لڳندي هئي.
    هڪ بهترين منتظم جي حيثيت ۾ سراج صاحب ملازمن کي حق ڏيڻ ۽ کين خوش رکڻ سان ڪم جا سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ ڄاڻندو هو. اهوئي سبب هو جو هن هلال پاڪستان ۾ بونس ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به سنڌي اخبار ۾ اڳي نه ڪڏهن ٿيو ۽ نه ئي وري ٿيڻ جي ڪا اميد آهي. ڪير يقين ڪندو ته سراج صاحب جي زماني ۾ هلال پاڪستان جي هر ملازم کي چار بونس يعني چار مڪمل پگهارون بونس ڏنيون وينديون هيون. اڄ اهي سڀ ڳالهيون خواب لڳن ٿيون ڇو ته اڄ اها هلال پاڪستان اخبار ئي نه رهي آهي.
    قاعدي قانون تي عمل ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ هئڻ جي باوجود ڪن ”شرپسندن“ اتي ورڪرس يونين جو بنياد رکيو. پر ان وقت صحافي ليڊر منهاج برنا ۽ سندس ساٿين پنهجي ليڊري چمڪائڻ خاطر ڪجهه ماڻهن کي (جن جا نالا ڏيڻ نه ٿو چاهيان) هَشيون ڏئي اها يونين ٺهرائي هئي جنهن ذريعي اخبار جي انتظاميه تي اجايو دٻاءُ وڌو ويندو هو. يونين جا عهديدار ڪمپازيٽرن مان هوندا هئا ۽ سندن پٺيان منهاج برنا جا هڪ اڌ ڇاڙتا صحافي. سراج صاحب ان هوندي به ڪنهن يونين عهديدار جي خلاف ڪو قدم نه کنيو. سندس اصولي ۽ قدآور شخصيت جو ئي نتيجو هو جو اڳتي هلي جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران بحرانن ۾ سمورا ملازم سراج صاحب سان سهڪاري هئا.
    ٻاهران اخروٽ وانگر نظر ايندڙ سراج صاحب اندر ۾ نرم ۽ ٻين جو احساس رکندڙ ۽ همٿائيندڙ انسان هو. ڳنڀيرتا جي پيڪر هن شخص وٽ ڪمري ۾ وڃڻ کان هر ڪو لنوائيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي گهرائي ته اهو ڏڪي ويندو هو ته خدا خير ڪري، اسسٽنٽ ايڊيٽر محمود يوسفاڻي ۽ ڏينهن واري شفٽ جي انچارج هاشم ميمڻ ذريعي اسٽاف کي هدايتون ملنديون هيون. مون کي به سڄو سارو سال ٿي ويو هو جو مون سراج صاحب جي شڪل وري نه ڏٺي. نيٺ ڊسمبر جي مهيني ۾ مونکي سڏ ٿيو. مان پريشان ٿي ويس. مون کي اڪثر ڀٽي صاحب جون تقريرون يا چيني اڳواڻن مائوزيتنگ ۽ چُو اين لائي جي تقريرن کي ترجمو ڪرڻ جو ڪم ملندو هو. سوچيم ته پڪ ڪا غلطي ٿي هوندي سندس آفيس ۾ويس ته سراج مون کي ويهڻ جو اشارو ڪري چيو: ”مان تنهنجي ڪم مان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. مان چاهيان ٿو ته تون هاڻ رپورٽنگ ڪر. شروعات ۾ پي پي ليڊرن جا انٽرويو ڪري اچ ته سالياني خاص اشاعت ۾ هلايون. خرچ جو فڪر نه ڪجانءِ جيڪو به ڀاڙو لڳي توکي ڏنو ويندو.“
    منهنجي پيٽ ۾ ساهه پئجي ويو ۽ خوش ٿي ٻاهر نڪتس. سندس همٿائڻ تي مان اڳتي هلندو رهيس. 1977ع سياسي بحرانن جو سال هو. پهريان مهينا چونڊ مهم جون سرگرميون هيون ۽ چونڊن کانپوءِ مخالف پارٽين جي اتحاد تحريڪون شروع ڪري ڇڏيون. اهڙي غير يقيني واري ماحول ۾ به هلال پاڪستان سراج صاحب جي سرواڻيءَ ۾ وڏي ذميواري سان ڪردار نڀايو. هي اهو زمانو هو جو پيپلز پارٽي جي سويلين حڪومت هوندي به فوج سرگرم هئي. اها خبر شايد ڪن ٿورن ئي ماڻهن کي هوندي ته ان وقت به حڪومتي اخبار هوندي هلال پاڪستان جي ڪن خبرن کي فوج وٽان ڪليئر ڪرائي پوءِ شايع ڪرائڻو پوندو هو.
    ممتاز علي ڀٽو تڏهن وفاقي وزير هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڀروسي جوڳو ساٿي ۽ سؤٽ هئڻ ڪري مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ جلسن جلوسن تي نڪتل هو. ان زماني ۾ جوشيلين تقريرن ۾ ممتاز ڀٽي ”دما دم مست قلندر“ جو نعرو هنيو هو. فوج کي سندس تقريرن تي اعتراض هو ۽ هلال پاڪستان کي حڪم ڏنو ويو ته سندس تقريرون ڪليئر ڪرائڻ کانپوءِ ڇاپيون وڃن. سراج صاحب ان جون ذميواريون مون تي رکيون هيون سندس هدايتن تحت مان روزانو رات جو ممتاز علي ڀٽو جون تقريرون کڻي ڪور هيڊ ڪوارٽر ويندو هئس ۽ فوجي آفيسرن کي سنڌي مان ترجمو ڪري ٻڌائيندو هئس.
    گهڻو وقت ڪو نه گذريو جو فوج راتاهو هنيو ۽ آمر ضياءَ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. هلال پاڪستان لاءِ نهايت مختلف ۽ اهم دور شروع ٿي ويو. رات جي پيٽ ۾ حالتون بدلجڻ ڪري اها حڪومت مخالف بلڪ مارشل لا مخالف اخبار ٿي اڀري. ان مهل به سراج صاحب هڪ مدبر اصول پرست اديب ۽ صحافي جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. هلال پاڪستان سڄي سنڌ جو آواز ٿي اڀري ۽ سندس اشاعت ايترو ته وڌي وئي جو آرڊر وٺڻ ۽ پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو هو. اخبارون ڍوئيندڙ وڏي وئن هيٺان مٿان بنڊلن سان سٿجي اندروني سنڌ روانو ٿيندي هئي ۽ هر شهر ۾ ساجهر ٿيندي ئي اسٽالن تي ماڻهن جي قطار اخبار وٺڻ جي انتظار ۾ هوندي هئي. اسان پنهنجي قومي فرض ۽ سراج ساحب سان ساٿ نڀائڻ لاءِ رات جو پوئين پهر به ڊيوٽي ڪندا هئاسين. اخبار وٺڻ تي رش جي ڪري اڪثر لٺبازي جا اطلاع ملندا هئا. سراج صاحب جي سرواڻي ۾ هلال پاڪستان سڄي سنڌ ۾ مارشل لا خلاف باهه ڀڙڪائي ڇڏي هئي. تنهن ڪري اها آمرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چُڀجَڻ لڳي.ڪجهه مهينن اندر ئي فوجي حڪومت اخبار کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو. هڪ رات جڏهن اخبار جي ڪاپي کڻي شيخ سلطان ٽرسٽ جي بلڊنگ ۾ واقع پريس تي پهتاسين ته وردي پوش هٿياربند پريس تي قبضو ڪري چڪا هئا. سراج صاحب هڪ ڀيرو وري اصولي فيصلو ڪيو. مارشل لا جي ماتحت اخبار جي ايڊيٽري قبول نه ڪئي ۽ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. شهيد ڀٽي پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن دورانديشي کان ڪم وٺندي پنهنجي دوست عرب امارات جي حڪمران شيخ زيد بن سلطان النهيان کان مليل فنڊن مان شيخ سلطان ٽرسٽ قائم ڪري هلال پاڪستان کي ان جو حصو بڻائي ڇڏيو هو ته جيئن اخبار کي ڪڏهن به مالي نقصان نه ٿئي ۽ نه ئي ڪارڪن بيروزگار ٿين. جيئن ئي مارشل لا اختيارين هلال پاڪستان ۽ شيخ سلطان ٽرسٽ تي قبضو ڪيو ته کين اخبار جو شفٽ انچارج هاشم ميمڻ ئي ايڊيٽر طور بهتر نظر آيو جيڪو بظاهر شريف ماڻهو هو پر فوجين جي حڪمن تي هلڻ لاءِ تيار هو. هاشم ميمڻ ”منهن ۾ ملان ۽ اندر ۾ ابليس“ ثابت ٿيو. سندس ڪا خاص اهليت ڪا نه هئي ۽ سراج صاحب جي جتيءَ جي برابر به ڪونه هو. هن اخبار کي مارشل لا جو ترجمان ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر نيوز ايڊيٽر اسلم آزاد، مون ۽ڪجهه ٻين ساٿين سندس حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڀيري ته اسان کيس ايڊيٽر واري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. فوجي حڪومت اچڻ شرط علي احمد بروهي (مرحوم) کي سندس ڀٽو دشمني ءَ سبب سنڌ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو ۽ سال ٻن اندر اتان رٽائر ٿيڻ تي شيخ سلطان ٽرسٽ جو ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري رکيو. مرحوم بروهي صاحب هونئن ڀلو ماڻهو هو، پر هلال پاڪستان اخبار لاءِ سٺو ثابت نه ٿيو. هن ورڪرس يونين ذريعي (ان کي استعمال ڪري) ان اداري کي تباهه ڪيو. جنهن کي سراج صاحب وڏي محبت سان ٺاهيو هو. اڄ هلال پاڪستان ڊمي اخبار جي شڪل ۾ موجود آهي. پر منهنجو اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته: اڄ نه سراج صاحب حيات ۽ نه ئي اها هلال پاڪستان آهي ٻئي تاريخ جو اڻمٽ حصو بڻجي چڪا آهن. سراج صاحب کانپوءِ جهوني صحافي ۽ مدبر شيخ عبدالرحيم مرحوم جي شڪل ۾ هلال پاڪستان کي هڪ بهترين ايڊيٽر مليو هو جنهن ڀٽي صاحب جي ڦاسي تي اخبار جو مهاڙ واري صفحي تي ڪاري بارڊر سان ۽ هلال پاڪستان جو لوگو تري ۾ رکي ڇاپيو ۽ غم جو اظهار ڪيو هو. سراج صاحب جي استعيفيٰ کانپوءِ وارو دور به هڪ مڪمل تاريخ آهي جنهن تي لکڻ سان گهڻائي مهانڊا وائکا ٿيندا.


    تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول : عمر قاضي

    سنڌي ساهت ۽ صحافت جي ڪارونجهر جهڙي انسان سراج ميمڻ جي موت جي خبر کي ٽي ويءَ جي ان ٽِڪر وڌيڪ افسوس جوڳو بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چاچو ۽ سنڌي دانشور سراج ميمڻ گذاري ويو“.
    جي ها! هن وقت اسان اهڙي دور ۾ جيئڻ جي سزا مان گذري رهيا آهيون. جنهن ۾ ادب ۽ دانش کان وڌيڪ اهميت ان بازاري سياست جي آهي، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ اقتداري سياست يعني Power Politics ڪوٺيو ويندو آهي. پر سراج ميمڻ پاور پاليٽڪس جي پُرڪشش ڄار جو قيدي شخص نه هو. هن جي دل ان سنڌ سان اڙجي وئي هئي. جيڪا صدين کان وٺي غلام رهي آهي. هو سنڌ سان ائين محبت ڪندو هو جيئن ڪوئي باغي پنهنجي قيدي محبوبا سان ڪندو هجي. ان تصوراتي محبت جي طلسماتي ڪيفيت ۾ رهندي هُن جيڪو به لکيو سو اُن دور جي پڙهندڙن جي دلين تي چِٽجي ويو. هن سنڌ سان پيار ڪرڻ جي سفر ۾ صرف هن ديس جي تاريخ جا طوفانن ۾ اڏامي ويل ورق تلاش ڪري نه پڙهيا. پر هن موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن سنڌ جو سياسي ماحول هُن جي تصور سان تال ميل کائڻ جھڙو نه هو ته هن پنهنجي لاءِ الڳ دل جي دنيا جوڙي اها دنيا جيڪا هن جي ناولن ۾ آهي. هي وقت نه آهي جو مان سندس ناولن جي فني ۽ فڪري پهلوئن تي بحث ڪريان. پر ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه ڪندو ته، سراج جيڪو ڪجهه به لکيو سو مڃتا جي لاءِ نه، پر سنڌ سان محبت جي لاءِ لکيو. هن جا اهي ناول جيڪي سنڌ جي تاريخ کي موجوده دور ۾ منفرد انداز سان پيش ڪري رهيا هئا. انھن تي جيڪڏهن ڊراما ٺاهيا وڃن ته ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جهڙو سنڌ جو ڪيس ڪافي حد تائين سِير تي اچي سگهي ٿو. پر سوال آهي ته اهو ڪم ڪير ڪري؟ اسان جي سنڌي چينلن جي مالڪن کي پنهنجي شهرت حاصل ڪرڻ مان فرصت ڪونهي. پر اهو ڪم ”هم ٽي وي“ جي مالڪ سلطانا صديقي به ته نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته هوءَ اها سنڌي خاتون آهي. جنهن جي دل ۾ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ هڪ احساس محسوس ٿيندو آهي ۽ هن جو چينل آهي به ڊراما چينل! ان ڳالهه جو ذڪر مان ان ڪري ٿو ڪريان ته منهنجي خيال ۾ سراج ميمڻ کي ان کان وڌيڪ ڀرپور ڀيٽا ٻي ڪا به نه ٿي ڏئي سگهي جو هن جا ناول ڊراماٽائيز ڪيا وڃن.
    پر سراج صرف اديب نه هو. هن جو سڀ کان وڏو ڪنٽريبيوشن بلڪ هڪ حدتائين هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو صحافت جي کيتر ۾ هڪ سرڪاري اخبار کي سڀ کان مٿي کڻي اچڻ هو. جنهن وقت سراج ميمڻ ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر ٿيو. تنهن وقت ۾ اها اخبار پيپلزپارٽيءَ جي ملڪيت هئي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي دور اقتدار ۾ هن پنهنجي صحافت کي ايترو ته متوازن رکيو جو اڄ ڏينهن تائين ان اخبار جو تذڪرو ٿيندو رهندو آهي. جنهن اخبار جو انتظار سنڌي ماڻهو پنهنجي شهرن جي اسٽيشن تي بيهي ڪندا هئا. ڇو ته ان دور ۾ ٽيڪنالاجيءَ ايتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ هلال پاڪستان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي ۽ ان ريل رستي ايندي هئي. جيڪا سانجهيءَ جو سنڌ جي مٿانهن علائقن ۾ پهچندي هئي. پر اها اخبار ٻئي ڏينهن تائين پراڻي نه سمجهي ويندي هئي. ڇو ته ان اخبار ۾ اهڙا مضمون شايع ٿيندا هئا، جن کي پڙهي سنڌي ماڻهو عالمي معاملن کان آگاهه ٿيندا هئا. اها اخبار سنڌي ماڻهن جي ذهني تعليم ۽ تربيت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هئي. ان اخبار ۾ امرجليل جا اهي ڪالم به هوندا هئا جن کي سنڌ جا نوجوان اعجاز منگيءَ جي ڪالمن وانگر عشق سان ڀريل دل واري ديد سان پڙهندا هئا. هاڻي به سنڌ ۾ اهو نسل موجود آهي. جنهن کي ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ پنهنجي روح مان نڪتل رڙين وانگر محسوس ٿينديون هيون . اهي ڪالم اخبار مان ڪٽي سنڌي نوجوان پنهنجين ڊائرين ۾ سنڀالي رکندا هئا ۽ پنهنجين محبوبائن کي پيار سان پڙهائيندا هئا. ان اخبار ۾ سراج ميمڻ جيڪي ايڊيٽوريل لکندو هو انهن ۾ هن خاص طور تي سنڌ جي غريب ماڻهن جا درد بيان ڪيا ۽ اسان ان دور ۾ پهريون ڀيرو مظلوم قوم جي انساني حقن جو شعور حاصل ڪيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ هڪ ماڻهوءَ جا هٿ وڍيا ويا هئا. ان تي سراج ميمڻ جو لکيل ايڊيٽوريل ارتقاءَ جي سفر ۾ انساني هٿن جو ڪردار جهڙي انداز سان پيش ڪيل هو. تنهن جو مثال اڄ ڏينهن تائين حاصل ڪري نه ٿو سگهجي. ان دور ۾ ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سراج ميمڻ پنهنجا لفظ دل جي گهري سمنڊ مان موتين وانگر ڪڍي سٽن ۾ پوئيندو ويندو هو.
    اڄ اسان وٽ سراج ميمڻ به آهي، پر صرف ۽ صرف هن جي لفظن جا پڙاڏا آهن. هو جنهن ”پڙاڏوئي سوئي سڏ“ جهڙو ناول لکي سنڌ جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو سراج ميمڻ جنهن ڪيترن ئي سنڌي ليکڪن کي اتساهيو ۽ هن جي لفظن ڪيترن ئي قلمڪارن کي جنم ڏنو. هو پوري دور جو وڏو ليکڪ هو. هن کي يقين هو ته اها سنڌ ضرور اکيون کوليندي. جنهن کي ”غلامي جي ڪوما“ ۾ ڌڪيو ويو آهي. هن پنهنجي ديس کي دل سان پڪاريو ۽ سنڌ ۾ هن وقت جيتري به سجاڳي آهي. ان ۾ سراج ميمڻ جي حصي کي فراموش ڪرڻ هڪ تمام وڏو ڏوهه هوندو، ڇو ته سراج ميمڻ هڪ دور جو سڀ کان وڏ واتو سچ هو . هو جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکندو هو تڏهن اسان جي ذهنن ۾ پوري عالمي ادب جا ڪتب خانا کلي پوندا هئا. سنڌ سان اهو هڪ وڏو هاڃو رهيو آهي ته سنڌ ۾ تمام ٿورڙا اديب گهڻو پڙهيل رهيا آهن. سراج ميمڻ انهن مان هڪ هو. هن جو ذوق تمام بلند ۽ هن جو مطالعو تمام وسيع هوندو هو. هن جي خواهش هئي ته سنڌي ادب جو معيار عالمي معيار کي رسي ۽ ان سلسلي ۾ هن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. هو جنهن به نوجوان سان ملندو هو، تنهن کي انگريزي ادب پڙهڻ تي اتساهيندو هو ۽ مون کي ياد آهي ته اهڙا انسان سنڌ ۾ صرف ٻه هئا: هڪ اياز ۽ ٻيو سراج. انهن جي ڪري سنڌي نوجوانن عالمي ادب کي پڙهيو ۽ انهن جي ذهنن ۾ تمام گهڻي ڪشادگي آهي.
    سراج ميمڻ کي زندگيءَ جي پوئين دور ۾ ان ڳالهه جو احساس ٿيو هو ته جيڪڏهن سنڌ کي جيئارڻو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ بهترين تعليم جو بنياد رکڻو پوندو. ان سلسلي ۾ هن بنگال جي عظيم شاعر ٽيگور وانگر هڪ مثالي نوعيت جو تعليمي ادارو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن محمد ابراهيم جوئي کي پنهنجي پاران حيدرآباد ۾ هڪ عمارت به ڏني ۽ ڏوڪڙ به ڏنا ته هو اهڙو تعليمي ادارو ٺاهي. پر ادارن جي پويان صرف انساني ڪاوشون هونديون آهن. جيڪڏهن ادار صرف پئسن ۽ جڳهن سان ٺهن ها ته پوري دنيا ۾ لکين مثالي تعليمي ادارا موجود هجن ها. ان ڪري سراج ميمڻ جي تمام گهڻي آرزوءَ جي باوجود به اهو تعليمي ادارو ٺهي نه سگهيو. مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته جيڪڏهن اهو ڪم سراج ميمڻ پنهنجن هٿن ۾ کڻي ها ۽ اهو تعليمي ادارو پاڻ ٺاهي ها ته اسان وٽ تعليم جي حوالي سان ”شانتي نڪيتن“ جهڙو ادارو هجي ها.
    سراج ميمڻ جي دل جي دنيا ۾ شعور ۽ احساس جا سمورا رنگ ڀرپور انداز سان موجود هوندا هئا. اهي سمورا رنگ ڪالهه رسي ويا ۽ سنڌ کي روح جي رنگن سان رڱيندڙ آرٽسٽ اسان کي ان دنيا ۾ ڇڏي ويو، جيڪا دنيا اسان کي هن جي لاڏاڻي جو اطلاع به ائين ٿي ڏئي ته ”سُڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چاچو ۽ سنڌي دانشور سراج ميمڻ گذاري ويو ! “


    سراج الحق ميمڻ : اعليٰ اديب ۽ قدآور شخصيت : بيدل مسرور

    جڏهن روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ طرفان 2002ع ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جي اڻهترين جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ ۾ خاص صفحو شايع ٿيو ته ان ۾ ڪيترن ئي ناليوارن اديبن جا ليک شامل هئا، پر منهنجو ليک يا ته منهنجي ميل باڪس ۾ رهجي ويو هو يا عوامي آواز اخبار جي ميل باڪس ۾ ! جنهن کان پوءِ سراج صاحب متعلق منهنجو هڪ طويل ڪالم 26 آڪٽوبر 2007ع شايع ٿيو. ان ڪالم ۾ مون مٿس ڪافي تفصيل سان لکيو هو.
    اها خبر ته هر ڪنهن کي آهي ته سراج صاحب جو نالو سنڌ جي ڪن مڃيل ڪهاڻيڪارن/ناول نگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ناول ”مرڻ مون سين آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“، ”پڙاڏوئي سوئي سڏ“، ”پياسي ڌرتي“،” رمندا بادل“ يا سندس ماسٽريس ڪهاڻيون ”ٻهڻي“، ”انسان ۽ ديوتا“، ”هڪ مرد ٽي لاشا“ يا سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”اي درد هلي آءُ“، ۽ ”اٺون ماڻهو“ پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيا آهن.
    ترجمي جي حوالي سان به سراج صاحب جو ڪافي معياري ڪم ڪيل آهي. مون کي پوريءَ طرح ياد ناهي، بس ايترو ياد آهي ته نئين زندگيءَ جي ڪنهن آڳاٽي پرچي ۾ سندس هڪ ترجمو ٿيل ناٽڪ شايع ٿيو هو. جيڪو ٻن قيدين جي وچ ۾گفتگو تي ٻڌل هو. ان کان علاوه هڪ ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ (1953ع) ، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ ۽ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ (1958ع) ترجمي جي ڏس ۾ سندس يادگار ڪارناما آهن. مون ڪنهن ڪتاب ۾پڙهيو هو ته سراج جي ڪهاڻي ”اي درد هلي آءُ“ به جيمس جوائس جي ڪهاڻي “The Dead” جو ترجمو آهي ۽ سندس ڪهاڻي ”پاتال“ غالبن البرٽ ڪامئو جي ڪنهن ادب پاري تان ترجمو ٿيل آهي. جنهن جو نالو ڪهاڻيءَ جي شروع ۾ ورتل آهي. منھنجي خيال ۾ اهي اشارا شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي ٿيسز ۾ لکيا آهن. گڏوگڏ عرساڻي صاحب سندس ٻين ڪهاڻين ”فراڊ“ ۽ ”دل جا پاڇولا“ جي لاءِ به اها راءِ ڏني آهي ته شايد اهي به ترجمو ٿيل ڪهاڻيون آهن.
    شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي پي ايڇ ڊي واري مقالي: ”آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۾ سراج صاحب لاءِ لکيو آهي ته:
    “سراج الحق ۽ غلام رباني ٻنهي جي ذهني اوسر، تربيت ماحول ۾ ڪيترائي قدر مشترڪ شامل آهن، تعليم ۽ ملازمت جا کين ساڳيا ئي ابتدائي موقعا هٿ لڳا ۽ هنن ٻنهي گڏوگڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار بيٺڪن ۾ شرڪت ڪندي هنن ۾ ادب لاءِ قلمي رغبت پيدا ٿي ۽ جتان ٻئي ميدان ۾ لٿا، فڪري باليدگيءَ ۽ ادبي مطالعي جي وسعتن ۾ به گهڻي ئي زاوين جي لحاظ کان ٻنهي ۾ يڪسانيت محسوس ٿئي ٿي. سندن فڪري پرورش ۽ ادبي ذوق به شروعات ۾ محترم محمد ابراهيم جويي جھڙي ڪهنه مشق اديب ۽ يگاني عالم جي سنگ ۾ پروان چڙهيو. ان شخصي تعلق ۽ رفاقت جي سنگ ميل جو عڪس ڪي قدر ٻنهي فنڪارن جي ڪهاڻين ۾ به نظر اچي ٿو. غلام رباني توڙي سراج جي مختصر ڪهاڻين ۾ مغربي فن جو استفادو ۽ ان جا متفرق تجربا خلط ملط نظر اچن ٿا. استحصال کان پاڪ معاشري جي خواهش ۽ ضمير جي آزادگيءَ جي عالمگير سوچ جو احساس ٻنهي فنڪارن جي ڪهاڻين جو اڪثر خاصو بڻيل آهي. ٻنهي فنڪارن جي تخليقي ماپي تي هڪ انفرادي رنگ چڙهيل آهي. هو ٻئي هڪ ئي منزل جا پانڌيئڙا معلوم ٿين ٿا. ليڪن واٽون ٻنهي جون جدا جدا آهن.
    جتي ٻين ڪهاڻيڪارن وٽ مقاميت جو زوردار رنگ جھلڪا ڏئي رهيو آهي. اتي سراج جي ڪهاڻين ۾ وري پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن جي شعور سان گڏ، هاڻوڪي دور جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوان جو شديد ردعمل جو اظهار به ملي ٿو . ته هو بين الاقوامي فڪري رجحانن کان متاثر ٿي ڇا سوچي رهيو آهي؟ غلام رباني ۽ جمال ابڙي سماجي زندگيءَ جا عڪس هوبھو پيش ڪيا آهن. ليڪن سراج جي اسٽائيل مان وري اهو گمان ٿئي ٿو ته هن سچي پچي زندگيءَ جي ڄڻ ته رومانيت جي فضا جي مصوري ڪئي آهي.
    پنهنجي تجزيي سان گڏ عرساڻي صاحب ڪجهه ٻين ليکڪن جا تجزيا به ان ٿيسز ۾ شامل ڪيا آهن جهڙوڪ: شيخ اياز لکي ٿو ته: “ سراج جا ڪردار فقط انسان نه آهن، پر ادبي ڪردار به آهن، هنن جي نگارش ۾ نه فقط زندگيءَ جي معاشرتي ۽ نفسياتي پهلوءَ جي هم آهنگي آهي. پر انهن فن جو هڪ مخصوص رنگ روپ به ڏنو آهي. جو پنهنجي تخليق جي انفراديت جو ثبوت ڏئي ٿو، سندس ”چنڊ گرهڻ“، ”ٻھڻي“ ۽ ”اونده جو وڻ“ هن جا ادبي شھپارا آهن.“
    ثميره زرين لکيو آهي ته ”محترم سراج جو ”ٻهڻي“ سندس شاهڪار افسانو آهي، هن افساني ۾ او هينريءَ جي ڪامياب ٽيڪنڪ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ناولن ۾جيئن سندس ناول ”پڙاڏوسوئي سڏ“ کي تمام گهڻي پذيرائي ملي، تيئن سندس ترجمو ڪيل ”چونڊ آمريڪي افسانن“ به پڙهندڙن کي تمام گهڻو اتساهيو، خاص طور ان ڪتاب مون کي ايترو ته فيسينيٽ ڪيو هو جو ٽي.وي تي ان ناول کي ڊرامائي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي وڏي ڪوشش به ورتيسين، پر حالتن ۽ پابندين جي ڪري اها خواهش پوري ٿي ڪانه سگهي.“
    هاڻي جي خبر ناهي البت سراج صاحب جو 1964ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ بابت ڇپيل ڪتاب ايم اي سنڌيءَ جي ڪورس لاءِ رڪمنڊ ٿيل آهي يا نه پر اسان 1974 ڌاري پيپرن ۾ سراج صاحب جي ڪتاب جا ئي حوالا ڏئي آيا هئاسين، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ متعلق سراج صاحب اتساهيندڙ دليل اهو هو ته ”سنڌي آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي“ ۽ جنهن اسان جي دل وڏي ڪري ڇڏي هئي، ساڳئي سال 1964ع ۾ سندس ”علم معاشيات“ متعلق به ڪتاب شايع ٿيو هو.
    مون جيستائين کيس روبرو نه ڏٺو هو ته منهنجي ذهن ۾ سندس خاڪو هڪ برجستي ليکڪ ۽ سنجيده شخصيت جو ئي جڙيل هو، ۽ جڏهن 19 نومبر 1972ع ۾ ٿيندڙ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد تنظيم ”مهراڻ ميڊيڪوز“ پاران ملهايل ”سنڌي شام“ ۾ قومي گيت ڳائڻ لاءِ آيو هوس ته واقعي سراج الحق ميمڻ صاحب نهايت پروقار شخصيت جو مالڪ نظر آيو.
    ان پروگرام کانپوءِ ڪراچيءَ جي شاعرن اديبن پنهنجو منڊل مچايو ته ان لاءِ مون کي روڪي ورتائون. جنهن ڏينهن فش هاربر تي بلالي صاحب جي دعوت هئيته مون کي. جهانگير ڪوارٽر تان پنهنجي موٽرڪار تي کڻي وڃڻ جو ذمو به سراج صاحب تي هو. ۽ جڏهن سراج صاحب پنهنجي موٽرڪار تي مون کي وٺڻ آيو هو ته مشتاق احمد شوري حيرت وچان معصوم صورت ٺاهيندي چيو هو: ”يار سراج صاحب ته چڱي ڀلي کي لفٽ نه ئي نه ڪرائيندو آهي. سخت مغرور ماڻهو آهي. توکي پنهنجي ڪار تي ڪيئن وٺڻ آيو آهي !“
    واقعي ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته سراج صاحب جيترو ذهين ماڻهو هو اوترو ته سنجيده به هوندو هو. هر معاملي ۾ حصو نه وٺندو هو. ۽ نه ئي اجايو بحث ڪندو هو. ڪنهن اهم معاملي تي به پنهنجي راءِ ڏئي خاموش ٿي ويھندو هو. مون کي اهو وقت به ياد آهي ته جڏهن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ پروڊيوسرن جون ويڪنسيون انائونس ٿيون هيون ته مون کي شيخ اياز مرحوم چيو ته ڪراچيءَ ۾ سراج سان ملجانءِ، ذوالفقار علي ڀٽي هن کي پنهنجي اخبار جو ايڊيٽر ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ”طلوع“ رسالي جي ايڊيٽر اشتياق اظهر سان هن جا ڪافي گھرا تعلقات آهن. اشتياق اظهرشايد اسلم اظهر جو ڀاءُ آهي.“
    مان به هوا تي پئي اڏاميس، ته سراج صاحب جي سفارش سان ٽي ويءَ جي نوڪري بس پليٽ تي مٺائيءَ وانگر رکي آهي ۽ ڪراچي وڃي رڳو مون کي کائڻي آهي. ڀلا شيخ اياز جو نياپو سراج صاحب کي ملي ۽ سراج صاحب انڪار ڪري. ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تمام ويجهن ماڻهن مان هجي ته نوڪري نه ملڻ جو ته سوال ئي نه ٿي اٿيو!
    سو شڪارپور کان راتورات ريل تي چڙهي اچي ڪراچيءَ پھتس، بسن۽ ٽرامن جا چڪر ڪاٽيندي وڃي بندر روڊ تي هلال پاڪستان اخبار جي آفيس م سراج صاحب تائين پھتس. اخبار ۾ ان وقت منظور قريشي، راز ناٿن شاهي، حسام سومري سان ملاقات ٿي. منظور قريشيءَ چانهن نه پياري پر سگريٽ مون کان گھري ڇڪڻ شروع ڪيائين ۽ پاڪيٽ وٺي پنهنجي ڊسٽ بن ۾ اڇلايائين تنهن تي چيومانس ته :بنده خدا جا پاڪيٽ سڄو سگريٽن سان ڀريل هو. تو اهو ڊسٽ بن ۾ ڇو اڇلائي ڇڏيو ؟“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳو ۽ پنهنجي اڳيان رکيل پروفن جاچڻ وارو ليک کڻي اٿيو ۽ اهو تازو دکايل سگريٽ ايش ٽري ۾ وسائي. اتي ئي رکي چوڻ لڳو: ”تون ويهه مان سراج صاحب کي تنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪري اچان“ ائين چئي هو سراج صاحب جي آفيس ڏانهن هليو ويو. مون سوچيو اطلاع ڪرڻ کانسواءِ سراج صاحب جي ڪمري ۾ وڃبو ته ڏسي خوش ٿيندو. سو مان به اٿي سراج صاحب جي ڪمري هليو ويس، ڏٺم ته منظور قريشي هٿ ٻڌي سندس اڳيان بيٺو آهي. جنهن شايد اڃا منهنجي اچڻ جو اطلاع نه ڪيو هوس. سو مون تي جو نظر پيس واقعي ڏاڍو پاپوهه مان ويٺي ويٺي هٿ ڊگھو ڪري مليو. پروفن وارو ڪاغذ پڙهندي مون ڏانهن به پئي نھاريائين. پروف ڏسي واندو ٿيو ته حال احوال پڇڻ لڳو، تڏهن مون شيخ اياز جو حوالو ڏيندي ٻڌايو، ته سنجيده ٿي ويو، پوءِ ٿوري دير کانپوءِ پائيپ جو ڪش هڻي چپن ۾ مرڪي چوڻ لڳو: “اشتياق اظهر،برابر ”طلوع“ جو ايڊيٽر آهي، پر هو اسلم (تڏهوڪي ايم ڊي پي ٽي وي ) جو ڀاءُ نه آهي ۽ نه ئي هن جي ايتري هلندي پڄندي آهي جو توکي ٽي ويءَ تي نوڪري وٺي ڏئي، ڇو ته ٽي ويءَ جي نوڪري وٺڻ ايترو آسان نه آهي. پر بيدل ائين توکي ٽي ويءَ جو پروڊيوسر ڪيئن ڪري ڇڏيندا.“
    مون چيو: ”مان ايم اي سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پوري سنڌ مان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.“
    “اها ته فهميده به ڪئي آهي (ڊاڪٽر فهميده حسين سندس ڀيڻ)، هٿ ۾ جهليل پائيپ مان ڪش هڻندي وري چوڻ لڳو: ”پر يار بيدل ! آئون تنهنجي سفارش نه ڪندس.“ الائي ته ڇو انوقت مون کي مشتاق شوري جو جملو ياد اچي ويو.
    پر بهرحال مون کي ٽي ويءَ جي نوڪري ملي وئي. درخواست مرحوم شمشير الحيدريءَ لکي ڏني. مانواري ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي، لوڪل مينيجمينٽ ۾ پروگرامز مئنيجر جي پوسٽ تي ويٺل مرحوم عبدالڪريم بلوچ کي پارت ڪئي، جيڪا هن هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان لنوائي ڇڏي هئي، پر پوءِ به نوڪريءَ دوران ڪڏهن ڪڏهن ڀيڻ مھتاب اڪبر راشديءَ جي سفارش جو طعنو ڏيندو رهندو هو، پوءِ حيدرآباد جي ڪجهه دوستن چيو ته بيدل کي اسان نوڪري وٺي ڏني آهي. ڪنهن چيو ته بيدل کي نوڪري سچل سائينءَ جي سجاده نشين سائين خواجه عبدالحق فاروقي وٺي ڏني آهي. بهرحال، نوڪري منهنجي مالڪ وٺي ڏني هئي.جنهن ۾ سفارشي خواجه عبدالحق به هو، سائين بيدل سرڪار به هو ته فقير مسرور به هو، پر مون ڪنهن جي به دل آزاري ڪا نه ڪئي ۽ سڀني سان ها ۾ ها ملائي ڇڏي ۽ پنهنجي قومي جذبي جي ڪري شيخ اياز جا گيت به دل سان ڳاتا ته ادبي ناتي سان سراج صاحب سان وٽس هلي وڃي ملندو هوس. حالانڪ هو ڪنهن ادبي جلسي ۾ پهرين قطار ۾ ويٺل هوندو هو. پر ائين حجت پائي ساڻس وڃي ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. پنهنجي قومي شعور سبب شيخ اياز جي قومي گيتن ڳائڻ جي حوالي سبب وڏي پاٻوه مان ڳرهاٽڙي پائي ملندو هو ۽ ڪراچيءَ جي روشن خيال اديبن جي نجي گڏجاڻين ۾منهنجي آرٽ سان وابستگيءَ سبب هن پنهنجي شفقت ۽ ٻين اڳيان تعريف جي عمل کي آخر تائين قائم رکيو ۽ جڏهن به مليو ته پنهنجي شبنمي هٿن چمڻ کان محروم نه رکيائين.
    سراج صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ جا يادگار ڳالهه آهي. اها هيءَ آهي ته 1994ع ڌاري شيخ اياز دعائون لکڻ شروع ڪيون هيون ته مون به ان جي رد ۾ ڪجهه دعائون لکيون هيون. جنهن تي سراج صاحب “خاص طور ”رتيءَ جي رهاڻ“ جي عنوان سان هڪڙو ڪالم لکيو جيڪو روزانو جاڳو ڪراچيءَ جي 15 جون 1994ع تي شايع ٿيو هو، ان ۾ سراج صاحب تمام اهم ڳالهين سان گڏ منهنجي متعلق به ڪامينٽس ڏنا هئا. اهو ڪالم مون وٽ محفوظ آهي، انڪري ان جو ڪجهه مختصر جھلڪيون پڙهندڙن جي آڏو رکان ٿو، لکيو اٿس:
    “ڪنهن زماني ۾ ڀٽائي، پنهنجي لاءِ سنڌ لاءِ ۽ اسان جي لاءِ دعائون گھرندو هو، سندس هڪڙي دعا کي ٻڌي، اسانجن ۽ هنن جي ”دانشور“ هن کي سندس آفاقي ۽ عالمي شاعر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ پئي ڏنو. اها دعا اوهان کي الائي ياد آهي يا نه: مون کي ته ياد ئي ڪانه رهندي آهي، ۽ هينئر به گربخشاڻيءَ واري رسالي منجهان ڳولهي ڪڍي اٿم:
    سائين مَ سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    هن جي هڪڙي ٻي ذاتي دعا تي هڪڙي مولوي صاحب سڄو سارو ڪتاب لکي ڇپايو هو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته شاه لطيف اسان سنڌ وارن لاءِ اها دعالکي هئي:
    ”عدلَ ڇٽان آنءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو“
    ڀٽائي کانپوءِ تازو وري دعائن جو هڪڙو باب کليو آهي، جنهن جي لاءِ ٻڌو اٿم ته اسان جي يار اياز شروعات ڪئي آهي. منهنجي بدقسمتي آهي جو رسول بخش پليجي جي صلاح باوجود، مون اڃا اهي ڪونه پڙهيون آهن. البت اياز جي ريس ۾ اسان جي ٻئي هڪڙي يار تاجل بيوس به دعائن جو هڪڙو سلسلو شروع ڪيو آهي. انهن منجهان ڪجهه دعائون پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿي اٿم. ڀٽائي کانپوءِ ٻن ”مهان“ شاعرن دعائن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي. اها لانڍ ته الائجي ڪٿي وڃي توڙ ڪندي. مون جهڙا ڪم عقل ماڻهو هنن جي ”مهانتا“ کان ايڏا ته مرغوب آهن، جو جيڪڏهن ڪڇنداسون ته ڀانت ڀانت جا ڏينڀو چنبڙي وڃن ته عيب ڪونهي.
    هاڻ وري هڪڙي ٻئي شاعر جيڪو ايترو ”مهان“ ته ڪونھي، پر هن جي وڏائيءَ جو هڪڙو ثبوت ڪافي آهي ته هن جي نالي ۾ ٻه تخلص شامل آهن، هڪڙو ”بيدل“ ٻيو ”مسرور“ تنهن دعائون لکڻ ۽ گھرڻ شروع ڪيون آهن. البت هن جون دعائون اسان جي ٻنهي ”مهان“ شاعرن کان مختلف آهن. هي شايد اهڙيون پهريون دعائون آهن. جيڪي چڙ، ڪاوڙ، ڀوڳ ۽ ٽوڪ طور گهريون اٿس. ائين اسان جي ”ادب“ ۾ دعائن جي هڪڙي نئين صنف ۽ وصف شامل ٿي آهي. ۽ ڀانيان ٿو ته اها روايت به اڳتي هلي ٻين به ڪيترن شاعرن کي ڪنهن وچڙندڙ بيماريءَ وانگر لڳندي ضرور !
    بيدل لاءِ منهنجي دل ۾ ڏاڍو پيار آهي. هن جي اصل سڃاڻپ هڪڙي سٺي موسيقار ۽ راڳيءَ جي آهي. جڏهن اڃا دعائن جھڙو ڪراڙو ڪو نه ٿيو هو، تڏهن کان خاص محفلن ۾ مون هن کي ٻڌو هو. ان فن ۾ هن ڏاڍي محنت ۽ رياض ڪيو آهي. جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي راڳين ۽ موسيقارن جي سٿ سان هن اياز جو گيت ”مان ڏوهي هان“ پيش ڪيو ته مون سميت ٻڌندڙن کي بدن ۾ سيسراٽ وجهي ڇڏيا هئائين. ۽ آءُ ته اوڇنگارون ڏئي رنو هوس!“
    سراج صاحب جي ان محبت جو هڪڙو وڏو مثال آهي ته تازو انڊين سنڌي ڊيليگيٽس جي سنڌ اچڻ تي جڏهن سنڌ جي ثقافت کاتي، سندن مان ۾ چيف منسٽر هائوس ۾ آجياڻو منعقد ڪيو هو، مان پنهنجي وضع مطابق هر ڪنهن سان سندن جاين تي ملڻ ويس. جڏهن سراج صاحب وٽ پهتس ته هن اٿي ڀاڪر پاتو ۽ منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي چوڻ لڳو: ”بيدل يار مان هاڻي هڪڙي ڏينهن پنهنجي سڄي ڪهول سان، سڀني پوٽن ڏوهٽن سميت تنهنجي گهر ايندس ۽ اتي اچي تنهنجي آواز ۾ قومي گيت ٻڌندس.“
    مون چيو: سائين اوهان هيترا ڄڻا گڏ ٿي. منهنجي گهر نه اچي سگهندا. ان ڪري اها تڪليف توهان نه ڪريو، مان هڪڙي هارمونيم ڪلھي تي رکي اچي اوهان جي در تي ويھندس.
    کلڻ لڳو، کلندي ڪرسيءَ تي ويھي رهيو. کيسي مان پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڪڍي ڏنائين، چوڻ لڳو: ”پوءِ تون مون کي ٻڌائجانءِ ته ڪڏهن ٿو اچين؟“ سچ ته اهو آهي ته نه مون کي وقت مليو سراج صاحب کي فون ڪرڻ جو، نه ئي سراج صاحب کي مھلت ملي اسپتالن مان فارغ ٿيڻ جي ۽ بس ڄڻ هڪڙو افسوس رهجي ويو.
    ٽي ويءَ جي حوالي سان مون کي ياد نه ٿو اچي ته سراج صاحب کي ڪنهن خاص پروگرام کانسواءِ مدعو ٿيندي نه ڏٺوسين. پر ايندو هو ته اسان کيس در تان ئي ڀليڪار ڪري، جنرل مئنيجر جي آفيس ۾ وٺي ايندا هئاسين. يا جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ متعلق ڪامينٽس وٺڻا هوندا هئا ته کانئس ٽائيم وٺي وٽس وڃي گفتگو رڪارڊ ڪري ايندا هئاسين، خاص طور مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي متعلق جيڪي ڪامينٽس ڏنا هئائين. سي هاڻي جيئن جو تيئن ته ياد ناهن پر سندس گفتگو مان معلوم ٿيو ته سراج صاحب جي ادب ۽ صحافت طرف رغبت ڏيپلائي صاحب جو به وڏو هٿ رهيو آهي. اهو پروگرام مون کي ان ڪري به ياد آهي جو هڪ ته اهو هلال پاڪستان اخبار واري آفيس ۾ رڪارڊ ٿيو هو، ٻيو ته رڪارڊنگ کان اڳ ۾ ۽ پوءِ به منهنجي ٽي وي پروڊيوسر ٿيڻ تي وڏي خوشيءِ جو اظهار ڪيو هئائين ۽ مبارڪ ڏني هئائين.
    سراج صاحب کي مون مختلف وقتن تي جيئن ڏٺو انهن جو مختصر بيان هن ريت ڪري سگهھجي ٿو ته هو هڪ ذهين، بردبار ۽ محنتي شخص هو، ادب، صحافت يا ٻوليءَ متعلق جديد فڪري لاڙن تي سوچيندڙ مفڪر هو. قومي نظرياتي طور سائين جي ايم سيد، محترم رسول بخش پليجو ۽ سائين محمد ابراهيم جويو جيان آدرشي اديب هو، چون ٿا ته وڪيل به ڏاڍو سٺو هو پر اتفاق سان مون کيس وڪالت ڪندي نه ڏٺو، پر ڪنهن وڏي ايرسٽوڪريٽ جيان پائيپ ڇڪڻ، سندس وقار سان ملڻ، ڌيرج سان ڳالهائڻ، درويشن وانگر چپن ۾ مرڪڻ، عالمن وانگر تدبر سان هلڻ، کي ڏسي هميشه منهنجي خواهش اها ئي رهي آهي ته اسان جي سنڌي ماڻهن کي سراج صاحب جھڙو هئڻ گهرجي. ٻين کي عزت ڏيندڙ ۽ پنهنجي عزت ڪرائيندڙ.


    سراج الحق ميمڻ: جديد سنڌي صحافت جو باني : محمد خان سيال

    جديد سنڌي صحافت جي باني ٻوليءَ جي ماهر ۽ دانشور سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي سنڌي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي ڀرڻ ڪو سولو ڪم ناهي!
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، مئي 1972ع کان هلال پاڪستان جو ڪراچيءَ وارو ايڊيشن شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ايڊيٽر مقرر ڪرڻ جو ڪم، سينيٽر قمرالزمان شاهه جي حوالي ڪيو، جنهن وري سراج الحق ميمڻ کي اهو ڪم سونپيو، جنهن پڻ ايڊيٽر جي ڳولا ڪئي پر صحافت جو تجربو رکندڙ ڪو اهڙو ماڻهو راضي ڪو نه ٿيو. آخر قمرالزمان شاهه سراج الحق ميمڻ کي چيو ته توهان ايڊيٽر ٿيو، جنهن تي هن شروع ۾ هٻڪ کان ڪم ورتو ۽ چيائين ته کيس صحافت جو تجربو ڪونهي پر قمرالزمان شاهه جي زور ڀرڻ تي ايڊيٽر ٿيو ۽ اهڙو ذڪر سراج پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو هو. هلال پاڪستان ڪورٽ ويو بلڊنگ (پراڻي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ) بندر روڊ کان نڪتي جيڪا ان وقت جي هڪ معياري اخبار هئي ۽ ڏسندي ڏسندي ماڻهن ۾مقبول ٿيندي وئي. اخبار ڪراچيءَ کان ته نڪتي پر سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ دير سان پهچڻ جي باوجود ان اخبار جو ايڊيٽوريل پيج هو جنهن ۾ نهايت ئي معياري مضمون ڇپندا هئا. جنهن ۾ ايڊيٽوريل کانسواءِ مضمون، پراڻي صحافي عبدالڪريم سعديءَ جو ڪالم ”جهاتيون“، امرجليل جو ڪالم ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ به شامل هو. انهيءَ صفحي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تقريرن جا متن، بين الاقوامي مخزن نيوز ويڪ، ٽائيمس تان کنيل آرٽيڪل، ترجمي سان شايع ٿيندا هئا. انهيءَ کانسواءِ وڏن ليکڪن جا آرٽيڪل وقت به وقت ايندا رهندا هئا. سراج صاحب هر آچر ڏينهن پاڻ انگريزيءَ ۾ به ايڊيٽوريل لکندو هو ۽ سنڌي اخبارن ۾ باقائدگيءَ سان انگريزي ايڊيٽوريل لکڻ جو رواج هن وڌو.
    سراج الحق رات جو دير تائين آفيس ۾ ويهي پاڻ ڪم ڪندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته هر مضمون هو خود پاس ڪري. جڏهن ته ڪنهن تڪراري خبر جي باري. اسان کانئس ڪليئرنس وٺندا هئاسين ۽ آخر ۾ ڇپجڻ کان اڳ ڪاپي پاڻ ڏسندو هو ۽ ڪا اختلافي خبر هوندي هئي ته ڪڍرائي ڇڏيندو هو. اخبار جڏهن شايع ٿيندي هئي ته ٻئي ڏينهن انهن جو تنقيدي جائزو وٺي، غلطيون ٻڌائيندو هو.
    اخبار ۾ چار شعبا هئا، جن ۾ صبح جي شفٽ جو انچارج منظور قريشي شام واري شفٽ جو انچارج محمود يوسفاڻي، ڪمپوزنگ سيڪشن جو انچارج محمد يونس ۽ سرڪيوليشن جو انچارج اشوڪ گنگواڻي هو سراج الحق هڪ ڀيري لکيو هو ته “جڏهن ڪراچيءَ کان سنڌي اخبار ڪڍڻ جي باري ۾ هو يونس (فورمين) سان مليو هو ۽ کيس سنڌي اخبار ڪڍڻ جي باري ۾ ٻڌايائين ته هُن هيٺان کان مٿي تائين کيس ڏٺو ۽ پوءِ چيائين ته ”چريو ته نه ٿيو آهين“بهرحال سراج الحق اهو به لکيو هو ته يونس ڪڏهن ڪڏهن کيس دڙڪا به ڏيندو آهي.هلال پاڪستان مئي 1972ع کان نڪتي ته تن ڏينهن ۾ مان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ سنڌي نيوز ٽرانسليٽر طور ڪم ڪندو هوس۽ اسان جو ساٿي عبدالمنان عاقلاڻي ميمڻ مون کي به هلال پاڪستان ۾ وٺي ويو. جتي اسان ٻئي سب ايڊيٽر هئاسين. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هلال پاڪستان ڪراچي جي نڪرڻ کان اڳ سنڌي اخبارون، اردو اخبارن جو مڪمل چرٻو نڪرنديون هيون. جنهن جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته تن ڏينهن ۾ رات واري شفٽ جي انچارج لکيو ته ”جهاز کي ماري ڪيرايو ويو“ اردو خبر جو هُوبهو ترجمو هو جيڪا هئي: ”جهاز ڪو مارگراديا“ مون انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪم ڪيو ۽ منهنجو ٻانهن ٻيلي عبدالمنان ميمڻ ٿيو. گهڻو وقت پوءِ انور پيرزادو، هلال پاڪستان ۾سب ايڊيٽر ٿي آيو ۽ سندس چواڻي صحافت ۾ اهو سندس پهريون ڏينهن هو. تنهن پڻ انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪئي.
    ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان ٽيليويزن جي ڪراچي سينٽر ۾ اعجاز عليم عقيلي (جنرل مئنيجر پي ٽي وي نيشنل) جي آفيس ۾ مان عقيلي صاحب ۽ جي اين مغل (جيڪو تن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ هاڻ عوامي آواز جو ايگزيڪيٽو ايڊيٽر به آهي). تنهن اعجاز عقيليءَ کي چيو ته اڳ سنڌي اخبارون اردو اخبارن جو مڪمل چرٻو نڪرنديون هيون ۽ مون (ليکڪ) هلال پاڪستان ۾ اچي سنڌي صحافت کي ان کان ڇوٽڪارو ڏياريو، تنهنڪري منهنجي اها خدمت ڪئي ته ڪٿي رڪارڊ ٿيڻ گهرجي. حقيقت ڪٿي نه ڪٿي رڪارڊ ٿيڻ گهرجي. حقيقت ۾ هلال پاڪستان جو هڪ وڏو ڪارنامو، ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ جي راضپي کانسواءِ ممڪن نه هو.
    روزاني هلال پاڪستان ۾ هرهڪ جذبي تحت ڪم ڪندو هو ته جيئن اخبار کي ڪامياب ڪجي جنهن جو هڪ مکيه سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪراچيءَ کان سنڌي اخبار گهڻي وقت کانپوءِ نڪتي هئي ۽ ڪيترا ماڻهو اضافي ڪم به رضاڪاراڻي طور ڪندا هئا. مثال: تن ڏينهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ريڊيو خبرن جي مانيٽرنگ ٿيندي هئي. سا مان ڪنهن به اضافي اجوري کانسواءِ ڪندو هوس جڏهن ته اردو اخبار ۾ مانيٽرنگ لاءِ الڳ ملازم رکيل هوندو آهي.
    اسان اخبار جي آخر ڪاپي رات جو بي بي سي جون هڪ بجي انگريزي خبرون ٻڌي پوءِ ڇپائي لاءِ موڪليندا هئاسين. ڇپائي تن ڏينهن ۾ مشرق پريس ۾ ٿيندي هئي ۽ اخبار سان شامل مخزن به باقائدگيءَ سان نڪرندي هئي جن جي ڇپائي شاندار هوندي هئي.
    هلال پاڪستان جيڪي سنڌي صحافت ۾ لاڙا رائج ڪيا. تن ۾ انويسٽيگيٽنگ رپورٽنگ به شامل هئي. تن ڏينهن ۾ اسان جو فوٽوگرافر ظفر احمد هو. جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ننڍڙو قد ۽ ڦڙتيلي هئڻ سبب ويٽڪانگ سڏيندو هو. تن ڏينهن ۾ ويٽڪانگ گوريلا ويٽنام ۾ آمريڪي هاٿيءَ کي ڊاهڻ ۾ رُڌل هئا. جن آخرڪار سال 76_1975ع ۾ آمريڪي فوجن کي ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ظفر احمد ۾ اها خوبي هئي ته هو نه رڳو فوٽوبهتر ڪڍندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان سان خبر به پاڻ لکندو هو ته اها به جامع هوندي هئي. هڪ ڀيري ڪراچي پورٽ ۾ اناج جون هزارين ڳوڻيون کلي آسمان هيٺان سڙي رهيون هيون. سو ظفر احمد کي موڪليائين جيڪو مال گاڏيءَ جي دٻي ۾ لڪي ويو ۽ فوٽو ڪڍي آيو ۽ پوءِ تصويرن سان ساري خبر، اخبار جي پهرين صفحي تي شايع ٿي. حيدرآباد شهر جي ٻاهران ڪولهين لاءِ شهيد ڀٽي خاص طور فليٽ ٺهرايا هئا. جن جي ڀتين ۾ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڏار پئجي ويا. سا خبر هلال پاڪستان ۾ ڇپي. جنهن تي تن ڏينهن ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ڄام صادق علي مڇرجي پيو ۽ پرپُٺ کين گهٽ وڌ ڳالهائيندي رهندو هو جنهن جو مان پاڻ به ذاتي طرح گواهه آهيان.
    هڪ ڀيري کاڌ خوراڪ واري صوبائي وزير سيد بشير احمد شاهه (ٺٽو) جي باري ۾ تفصيلي خبر شايع ڪيائين ته ٻوڏ جي ستايلن ۾ امدادي سامان ڪو نه ورهايو ويو ۽ الڳ فوٽو سيشن ڪيو ويو هو. تن ڏينهن ۾ وزيرن خلاف اهڙي خبر شايع ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي!
    ڪراچي شهر مان ورهاڱي کان اڳ ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون نڪرنديون هيون سي بعد ۾ بند ٿي ويون ۽ روزاني الوحيد اخبار جنهن پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو سا پڻ 1994ع ڌاري بند ٿي وئي.
    ٻه سنڌي اخبارون نواءِ سنڌ جيڪا اڳوڻي وڏي وزير خان بهادر ايوب کهڙي جي هئي ۽ ٻي اخبار روزاني مهراڻ پير پاڳاري جي هئي. سي 1963ع ڌاري ڪراچيءَ کان شفٽ ٿي حيدرآباد هليون ويون ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪا به سنڌي روزاني اخبار نه رهي. البت مولانا دين محمد وفائيءَ جي فرزند علي نواز وفائي مرحوم جي هفتيوار اخبار پاڪستان چوڪ کان نڪرندي هئي. جڏهن ته ايڪڙ ٻيڪڙ مخزن ۽ ڪتابي سلسله ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ کان شايع ٿيندا رهيا. جيڪي نه هئڻ جي برابر هئا.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زوردار مطالبي تي ڪراچيءَ کي سنڌ سان ٻيهر شامل ڪرڻ کان پوءِ ان کي سنڌ جي گاديءَ وارو شهر بڻايو ويو. جنهنڪري ڪراچي توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ سنڌين ۾ جان پئجي وئي ۽ هنن ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو، نه ته امر جليل ڪنهن هنڌ لکيو هو ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن ٻه سنڌي پاڻ ۾ ملندا آهن ته ڪيتري دير تائين هڪ ٻئي کي ڏسندا رهندا آهن نئين صورتحال ۾ هلال پاڪستان جو ڪراچيءَ وارو ايڊيشن نڪرڻ وڏي ڳالهه هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ روزاني هلال پاڪستان معياري صحافت پيش ڪري پاڻ ملهايو ۽ سنڌين ۾ احساس پيدا ٿيو ته سنڌي صحافت اردو اخبارن جي چرٻي جو نالو ناهي پر انهن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي.
    سراج الحق بنيادي طور اديب هو ۽ صحافي نه هو. تنهنڪري سندس ايڊيٽوريل ۾ ادبي رنگ وڌيڪ هوندو هو. جيتوڻيڪ اُهي صحافتي انداز ۾ نه هئا. پر انهن ۾ جاندار دليل ڏنل هوندا هئا. جن کي نظر انداز ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. سراج الحق ڪميشن ذريعي انڪم ٽيڪس آفيسر بڻيو ۽ جنرل يحيٰ خان جن 303بيوروڪريٽس کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ ملازمت کان ڪڍيو هو. تن ۾ سراج الحق ميمڻ جو به نالو هو. جنهن بعد ۾ انڪم ٽيڪس پريڪٽيشنر طور پرائيويٽ ڪم ڪيو. بهرحال ڪالهه دوستن کي اها شڪايت رهي ته اخبار ۾ سراج الحق جو بيوروڪريٽس وارو رويو رهيو ۽ ملازمن کي يونين ٺاهڻ ۽ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي.
    مون فيبروري 1977ع ۾هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پي آءِ اي جي پي آر او جي نوڪري ڪئي ته منهنجي استعيفيٰ قبول نه ڪيائين ۽ چيائين ته اوهان جهڙا ماڻهو به سنڌي صحافت کي ڇڏي ڏيندا ته باقي ڇا بچندو؟ بعد ۾ پي آءِ اي جي جنرل مئنيجر پبلڪ رليشن صلاح الدين صديقي مون کي ذاتي طور ٻڌايو هو ته سراج الحق جي ڪوشش هئي ته مان سنڌي صحافت ۾ رهان، ان کي نه ڇڏيان. بعد ۾ اسان جي ساٿي جي اين مغل مون کي ٻڌايو ته جڏهن کيس سرڪاري نوڪري ملي ته سراج الحق ميمڻ سندس استعيفيٰ به قبول نه ڪئي ۽ چيو هو ته اوهان جهڙن نوجوانن جي سنڌي صحافت کي وڌيڪ ضرورت آهي شايد هُن چاهيو ٿي ته نوجوان سنڌي صحافت ۾ رهن.
    جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي تاريخي سنڌ ٿرو سينچريز (سنڌ صدين کان) ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي سيمينار ڪرايو ته انهيءَ لاءِ سوينئر ڪاميٽي ٺهي. تنهن ۾ سراج الحق ميمڻ جو به نالو هو. جڏهن ته انهيءَ موقعي تي روزاني هلال پاڪستان ڪراچي تاريخي ايڊيشن ڪڍيو هو.
    سراج الحق ميمڻ جيڪو ”س م لاهوتي“ جي نالي سان اخبار ۾ ڪالم لکندو هو تنهن سنڌي ٻوليءَ کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي به مهم هلائي هئي پر ان کي ڪا گهڻي موٽ ڪو نه ملي.
    مختصر ته سراج الحق ميمڻ کي جديد سنڌي صحافت جو باني ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ سندس صحافتي خدمتن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته سندس ادبي، لساني ۽ٻين خدمتن تي ٻيا دوست روشني وجهندا. مون سندس صحافتي خدمتن جو ذڪر ڪيو آهي.


    سراج الحق ميمڻ: جي زندگيءَ تي هڪ نظر : تاج جويو

    2-فيبروري 2013ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچ عشق رکندڙ ڏاهي دانشور، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن 24-آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ”ديوان حافظ“ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنھنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين، سندس تعليم بي.اي (آنرس)، ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي هئي. پيشي جي لحاظ کان 1953ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ 1955ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1957ع ۾ سي.ايس.ايس جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. جتان 1969ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. 1971ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جواجراء ٿيو، جنھن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. 1977ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مھارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا“ چيو ويندو هو.
    سراج سنڌي ادب جي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪھاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ”اٺون ماڻهو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پھريون سنڌي ليکڪ آهي جنھن ٽن ناولن تي ٻڌل ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پھريون جڳ مشھور ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ 1979ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ”مرڻ مون سين آءُ“ 1988ع ۾ ڇپيو، ان کانسواءِ ”منھنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ”رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ“ ۽ جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظرنامو“ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ”ڪراچي“ نالي سان تاريخ ۽ اهم نظم لکيو.
    لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ”سنڌي ٻولي“ 1964ع ۾ ڇپي جنھن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب م پھريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران انعام پڻ مليو ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي.
    هن زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ انگريزيءَ ۾ به ڪتاب (1) History of Sindhi Language ۽ (2) Biology of an unknown Sindhi مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، 2-فيبروري 2013ع، رات جو ساڍي ٽين وڳي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ دل جي عارضي سبب وفات ڪئي .


    سون جهڙو ماڻھو، سراج : غلام نبي مغل

    سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ ٻي مشعل اجهامي وئي. فيبروري جي 2 تاريخ تي جيڪو سج لٿو ۽ اُڀ ۽ ڌرتي تي جيڪا اوندهه ڦھلجي وئي سا اسان سنڌي وارن لاءِ ۽ سندن مجموعي ڏاهپ لاءِ اهڙو نقصان آهي جيڪو شايد صدين ۾ به پورو ٿئي ته وڏي ڳالهه آهي. سراج الحق ميمڻ اسان منجهان ويو هليو، هو سائين جو سائين ۽ هو، علم ادب جو مخدوم ، هو ڏاهپ جو ڏيئو هو- روشن ڏيئو!
    سراج سائين ويهين صدي جو پوئين اڌ جو اهو اُسريل انسان هو، جنھن کي پنھنجي زماني ۽ مستقبل جي علمي ۽ ادبي گهرجن جي ڄاڻ هئي، سراج سائين نئين ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو. سندس ڪھاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾ پيڙهه جو پٿر هيون. سندس ڪھاڻيون نه رڳو جديد پر بين الاقوامي ادب جي معيار مطابق هيون. ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا ۽ سراج سائين جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گهرج هو ۽ سنجيده هو. سندس پھريون ناول پڙاڏو سو ئي سڏ، تي جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن طرفان تنقيد ٿي پر اِهو ناول نه رڳو Larger than life هو پر وقت جي هلندڙ قومي تحريڪن لاءِ هٿي هو. سندس ٻيا ناول پڻ سنڌي ادب جا شاهڪار ناول هئا.
    سراج سائين جي سنڌي ٻولي جي بنياد ۽ ارتقا پڻ، علم جي شاگردن لاءِ هڪ نئون فڪر ۽ املهه کوجنا هئا ۽ عالمن لاءِ سنڌي ٻولي بابت وڌيڪ کوجنا ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي دعوت هئي. سراج سائين سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ هڪ نئون معيار مقرر ڪيو، جيڪو ٻين عالمن لاءِ پڻ هڪ سوچ جو گس آهي. هلال پاڪستان اخبار سنڌي زبان جي اڌ مئي صحافت جي نشان هئي. پر سال 1973-1972ع ۾ جڏهن سراج سائين انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر طور مقر ٿيو ته سنڌي صحافت ۾ جديد دنيا جو ساهه پيو ۽ سنڌي صحافت جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين ترقي ڪندو اچي اخبار ۾ خبرون ۽ تجزيا نئين دور جي طور طريقي ۾ اچڻ لڳا. سراج سائين جڏهن سياسي تجزيا نگاري ڪئي ۽ سياسي منظرنامو لکڻ شروع ڪيو ته اسان جي اخباري طريقن ۾ نئين جدت ۽ زماني مطابق معاملا شروع ٿيا. 1973ع ۾ مون جي.اين مغل کي هلال پاڪستان جي آفيس ۾ سراج سائين سان ملايو ۽ ٻڌايم ته هن ۾ سٺي صحافي ٿيڻ جا اهڃاڻ موجود آهن. سراج سائين، جي اين مغل جي ٿــورڙي پــرک ڪئـي ۽ پوءِ پاڻ وٽ سب ايڊيٽر ڪري رکيائين. قابليت پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ اڄ مغل، پاڪستان جي سينئر اعلى صحافين منجهان آهي.
    سراج صاحب ٿور ڳالهائو ۽ نھايت سنجيده شخص هو، جنھن پلازه ۾ آئون رهندو هئس اُت ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ڪنھن دوست سان ملڻ ايندو هو، پر مون وٽ اچڻ لاءِ تيار نه هو. مون هڪ دفعي چيو مانس ته ڪڏهن مون وٽ به ايندا ڪريو، جواب مليو ته تو ڪڏهن سڏيو ئي ڪونه پوءِ هر هفتي ايندو هو، وڏيون ڪچھريون ٿينديون هيون. شيخ اياز، علي احمد بروهي، سليمان شيخ به انھيءَ پلازه ۾ رهندا هئا. اهي ڪچھريون مون کي ياد آهن، سندس شخصيت کي به مون کي ويجهو ٿي پرکڻ جو موقعو مليو. آءٌ سراج سائين جو ادب جي ميدان ۾ همعصر ته هئس پر گهڻو جونيئر هئس. سراج صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عالم هو،
    سراج صاحب وچولي طبقي جو وڏو ۽ اعلى شخص هو. سراج صاحب پنھنجين عادتن ۽ رهڻي ڪھڻي ۾ پختو شخص هو، هن صدي ۾ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ ڪھڙي نه املهه ماڻڪ شخص وڃائي ويٺا آهيون. آخر ۾ مون کي سندس هڪ جملو هميشه ياد ايندو رهندو آهي ته ”غلام نبي تنھنجو ناول اوڙاهه پڙهي مونکي خواهش ٿي ته اهو ناول آئون لکان ها!“
    اهو جملو ۽ اهو شخص مون کي هميشه ياد رهندو.


    سراج هليو ويو : ڊاڪٽر سليمان شيخ

    سٺ وارو ڏهاڪو پرجوش سمون هو، شاگرديءَ وارو زمانو سڄي حياتيءَ جو سڀ کان پيارو دور هوندو آهي. منھنجي سانڀر ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ سنڌڙي سورن ۾ هئي. اسان جو نسل جيئن سِرجيو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت کي للڪاريو ويو، ون يونٽ خلاف دستخط مھم هجي يا وري سنڌي شام جي نالي ۾ ادبي ثقافتي ميڙاڪا هجن، سڀني جو بنياد سنڌ جي سرهاڻ کي واپس ورائڻ جو وچن ڪرڻ هو. مشاعرا ۽ ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا. جشن روح رهاڻ اسان لاءِ روحاني تسڪين جو هڪ اهڙو ميڙاڪو هوندو هو، جنھن جو انتظار ڪبو هو. اهڙي ئي ڪنھن ميڙاڪي ۾ سائين سراج الحق ميمڻ صاحب جن سان ساڃاهه ٿي. سائين ان وقت سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد تي تحقيق ڪري هڪ نامور ليکڪ طورسڃاتو ويندو هو. ان کانپوءِ باقاعده سڃاڻپ تڏهين ٿي جڏهن سراج صاحب روزانه هلال پاڪستان 1972ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرڻ شروع ڪئي. ڪورٽ ويو بلڊنگ جي ٻي منزل تي سندن آفيس اسان لاءِ رهنمائي جو مرڪز هئي.
    پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ الوحيد ڪراچيءَ مان بند ٿيڻ کانپوءِ سنڌي اخبار ڪراچيءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏي للڪار هئي. 1970ع جولاءِ تائين سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو، ان کانپوءِ سنڌ صوبو وري قائم ٿيو ۽ ڪراچي 1947ع کانپوءِ پھريون ڀيرو سنڌ جي گاديءَ وارو هنڌ بڻيو. ان ڊگهي عرصي ڪراچيءَ جي سماج کي اوپرو بڻائي وڌو هو. ان ماحول ۾ سنڌي صحافت کي پنھنجي جاءِ ۽ رتبو وٺي ڏيڻ هڪ ڪٺن مرحلو هئو. هن ڏکي منزل کي سراج صاحب جي بردباري ۽ اڳواڻ واري صلاحيت ڪامياب تجربو بنايو، جنھن جو نتيجو اڄ جي ڪراچيءَ جي صحافتي دنيا آهي. ذاتي طور سراج صاحب مونکي اخباري ڪالم لکڻ تي همٿايو ۽ مون پھريون ڀيرو 1972ع کان هلال پاڪستان ۾ جز وقتي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. انسان جا پراسرار دشمن، لکڻ وقت مون کي ميڊيڪل سائنس جي لفظن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڏکئي مرحلي ۾ پڻ سائين رهنمائي ڪئي. سگا جي بنياد وجهڻ وقت پڻ سائين سراج صاحب جي رهنمائي حاصل رهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي خادمن جي جماعت سرونٽس آف سنڌ جو بنياد پيو، سائين غلام مصطفى شاهه، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج صاحب بنياد وجهندڙ بانيڪار هئا. سراج صاحب هن سوسائٽي جو بنيادي خيال “Vision” لکيو جيڪو هتي جيئن جو تيئن نقل ڪريان ٿو.
    “We, as human beings, believe that Sindh is our home, Pakistan is our country and earth is man kind’s only habitat in the Universe. We believe it is our natural duty to love our home, and expect those who live in it and consider it their home, also to love it. We believe that it is our human duty to build life-assets , physical as well as spiritual, of our home, and to protect them from misuse and from suppression and usurpation. We believe that with continuous supplanting of democracy and repeated subversion of constitutions of the country, and the resultant ethical impoverishment of society all around-social, economic, and political– the question of the reordering of our national and intra-national affairs has assumed fresh relevance and urgency to the squarely met and settled de-settled de-novo within the frame work of the Foundation Resolution of March, 1940.We believe that a society based on justice, including economic justice, and rule of law in which might as determinant of right is eliminated, are essential pre-requisites for man in modern society to evolve into a better human being. We believe that man has no commitment in life higher and nobler than service of man. With above beliefs, convictions and ideals, we, who have subscribed the following Memorandum of Association have joined together as Founder Members, and formed our-selves into a Society, called ‘The Servants of Sindh Society’ for the service of Sindh and its people.”
    هن سوسائٽي اٽڪل 25 سال سرگرميءَ سان سنڌ جي سياسي سماجي، معاشي، ثقافتي حقن تي پنھنجي وزندار راءِ جو برملا اظھار ڪيو، جيڪو بجا طور تي سنڌ جي ساڃاهه جو روشن ستارو هو، سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جي سُڌ ڪرڻ وارن لاءِ اڄ به ان سوسائٽيءَ جا ٺھراء ۽ بيان مشعل راهه آهن. انھن سڀني بيانن ۾ علمي پورهيو اسان جي ٽن معزز رهنمائن جو هو. جن هن جو بنياد وڌو هو. سراج صاحب اها خدمت بيحد خاموشيءَ سان سنڌ جي عشق نڀائڻ لاءِ ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي روئداد ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
    سائين سراج صاحب هڪ ناميارو قانوندان هو، ان حيثيت ۾ به سائين قانوني طور ڪيترن نوڪرين ۽ ڪوٽا جي مسئلن ۾ رهنمائي ڪئي. شريعت بينچ، ڪوٽا سسٽم خلاف هڪ ”شرعي“ فيصلو ڏنو جنھن مطابق ڪوٽا سسٽم کي غير شرعي قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حڪم جي خلاف سنڌ جي مجاهد علماء ڪرام جو هڪ وفد ڪراچيءَ آيو. سائين سراج صاحب جي صلاح سان ان فيصلي خلاف شرعي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي سامھون اپيل داخل ڪئي وئي. ان ڪري في الحال شرعي ڪورٽ جو فيصلو رڪجي ويو پر ڪيس جو اڃان به فيصلو نه ٿيو آهي.
    سراج صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ شفيق مھربان دوست ۽ پرجوش سنڌ جو عاشق هو. سندن قلمي پورهيو ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو پر اڄ جي دور ۾ پڻ سندس لکڻين کي وري پڙهڻ سان سنڌ جي محبتن جو هڪ نئون حوالو جاڳي سگهي ٿو. سندن سماجي، قانوني ڪردار پڻ قابلِ تحسين آهي.
    انسان مختصر حياتي ماڻي ٿو پر سندس حياتي جي ڪيل جدوجھد جو لاڀ پويان ماڻين ٿا. سراج صاحب جي محبتن ۽ محنتن جي سڳنڌ، سدا سنڌ کي سرهاڻ بخشيندي رهندي.

    عشق سلامت سنڌ سلامت.


    سراج جون ڪجھه ڳالهيون ڪجھه يادون : شيخ عزيز

    هي تن ڏينھن جي ڳالهه آهي جڏهن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. هر ماڻهو، ڀلي اهو ڪنھن وستيءَ واهڻ جو رهاڪو هجي يا وڏن شھرن ۾ وڏي تقدير جو مالڪ هجي. هن کي اها ڳالهه سھڻ ۾ ڪانه پئي آئي ته نابلد ليڊرن، اڳ پٺ سوچڻ بنا، انڌ جي گهوڙي تي سوال ٿي سنڌ جي قسمت سوين ڪوهه پري وڃي اڇلي.
    سنڌ ۾ پڙهيل طبقو، خاص ڪري نوجوان انھيءَ مامري کان ڀليءَ ڀت واقف ئي نه هو، پر هن چاهيو ٿي ته اهو غلاميءَ جو طوق لاهي ڦٽي ڪري. اها ڳالهه هن ڪري وڌيڪ قيمتي هئي جو نوجوان ڏاڍو سجاڳ ٿي چڪو هئو. اهو ڏسي اڳوڻي نسل کي اطمينان ٿيندو هئو ته هڪ ڏينھن اها پاڃاري لاهي ڦٽي ڪندا.
    اُنهيءَ ئي نسل جو هڪ نوجوان سراج هو، جنھن جي خاندان ٽنڊي ڄام مان لڏي اچي حيدرآباد وسايو هو ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪنھن سڦلي ڪم سان لڳڻ ٿي گهريو. محمد عثمان ڏيپلائي تن ڏينھن ۾ نه صرف پاڻ ڪامريڊن وانگيان ڪم ڪندو هو پر، پرعزم نوجوانن لاءِ همت جو ذريعو به هُئو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد ماحول مهيا ڪندي هئي ته ٻئي طرف ڏيپلائي، غلام محمد گرامي جھڙا ماڻهو هنن ۾ اتساهه پيندا ڪندا هئا. تنوير عباسي ڊاڪٽري جو شاگرد هو، نياز همايونيءَ اچي حيدرآباد ۾ خيما کوڙيا هئا. شاعريءَ سان گڏ حڪمت به هلائيندو هو، محمد ابراهيم جوئي، تعليم کان سنڌي ادبي بورڊ اچي وسايو هو، ادبي بورڊ ابتدائي مرحلن مان مس مس نڪري آيو هو ته ابراهيم جويي جھڙو ماڻهو اچي ڀرجهلو ٿيو. سراج جھڙي محنتي نوجوان کي ڏسي کڻي پاڻ سان کنيائينس، اچي سنڌي ادبي بورڊ ۾ وهاريائينس، جتي غلام رباني آگرو، اڳئي ڪر کنيو ويٺو هو. ٿورو بعد ۾ شمشير الحيدري به اچي گڏين.
    سراج ۽ آگري گڏجي انگريزي ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ جو طئي ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي چونڊ آمريڪي افسانا جھڙو ڪتاب تيار ٿي ويو. سراج بورڊ ۾ اچڻ کان اڳ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جھڙو ڪتاب لکي ورتو هو، سو بورڊ ۾ ساراهه ملڻ سان ويتر وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو. اتي ئي کيس سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سوگِهڙي پيو، لسانيات جھڙي ڳوڙهي مضمون ۾. ان وقت جرمن اسڪالر ٽرمپ جو نظريو گهڻو هلي رهيو هو. ڪاڪي ڀيرو مل به گهڻو ڪجهه لکيو. سراج به پنھنجي مٿاڪٽ کانپوءِ ”سنڌي ٻولي“ نالي ڪتاب لکيو، هن ڪتاب سنڌي ٻولي وارن ماهرن ۽ ڄاڻن ۾ گهڻي چو پچو پيدا ڪئي.
    بورڊ ۾ ويٺي ئي سراج چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو سو انڪم ٽيڪس جھڙي کاتي ۾ هنيائونس، اتي به ڏاڍو نالو ڪمايائين پر لکڻ جي پچر ڪونه ڦِٽي ڪيائين. سو ويو ڪتاب لکندو سنڌ تي ارغونن وارو دور حڪومت ڏاڍو ظالماڻو دور هو، هن دور ۾ ٿيل هاڃن کي هن پنھنجو موضوع بڻائي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ لکي پنھنجي تاريخي معلومات کي افسانوي رنگ ۾ اهڙو رنگي ڇڏيو جو اهو ناول ڏاڍو مقبول ٿيو. سراج جي لکڻ واري شوق آڏو سرڪاري نوڪري به ڪا رڪاوٽ ڪانه بڻي ۽ هو لکندو ويو. سندس انهيءَ لکڻ جي پاداش ۾ هن ڀوڳيو به جڏهن فوجي حڪمران جنرل يحى ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته اچڻ شرط تطهير جي نالي ۾ هن 303 آفيسرن کي سرسري اعلان ذريعي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، سراج به انهيءَ انڌ واري چڪيءَ ۾ پيسجي ويو، پر سچ هيءُ آهي ته سراج، انهيءَ جي انجام کان بي نياز ٿي انڪم ٽيڪس جي وڪالت شرع ڪري ڏني، جنھن ۾ هن گهڻو ناماچار ڪمايو. انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي پارٽي سميت ميدان تي لٿو، ڀٽي جي شخصيت اهڙي هئي جوهن جي پارٽي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي. پارٽي کڻي حيدرآباد جي منشي برادران واري اخبار هلال پاڪستان خريد ڪري ان کي پارٽي جي اخبار بڻايو. سراج کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين، ٿورن ئي ڏينھن ۾ اخبار ملڪ جي مشهور ۽ مقبول اخبار بڻجي وئي. هن اخبار ذريعي هن نون نون لکندڙن کي اڳتي آندو پر سندن صلاحيتن کي پوريءَ ريت ڪتب آندو، پنھنجي ڀيڻ انيس، مشهور ڪھاڻيڪار امر جليل، فقير محمد لاشاري ۽ ٻيا ڪيئي کڻي گڏ ڪيائين. نيون ڳالهيون، نوان موضوع ۽ نت نوان لاڙا، اخبار هلال پاڪستان جديد صحافت ۾ ڪيئي سٺيون ڳالهيون ميدان ۾ آنديون. خود سراج جو پنھنجو قلم ڪنھن کان ڊڄڻ وارو ڪونه هو. تنھن ادارتي تحريرن جو ڏاڍو مڻيادار لاڙو ڏنو.
    سندس ڪتابن ۾ سنڌي ٻولي، ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ”اي درد هلي آءُ“، ”منھنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منھنجي دنيا مرگهه ترشنا“ جھڙا قابل تعريف ڪتاب ڏنا.
    سراج تمام ٿورو ڳالهائڻ وارو ۽ ملنسار ماڻهو هو، هن ۾ نھٺائي گهڻي ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي خصلت تمام گهڻي هئي، اها ئي سندس شخصيت جو خاصو هئي.


    سنڌ کي غير معمولي ناول ڏيندڙ سراج : رکيل مورائي

    سنڌ جي تاريخ کي، سنڌين جي ڌارين هٿان ٿيل قتلن کي. ۽ مسلسل سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندڙ سنڌي سورمن کي پنهنجي سنڌي تاريخ تي لکيل پهرئين ڪتاب پڙاڏو سوئي سڏ ۾ فڪشنائيز ڪندڙ سنڌ جي محب وطن. سنڌ جي حقن لاءِ الڳ محاذن تان پنهنجو آواز سنڌي توڻي انگريزي ۾ اٿاريندڙ. سراج الحق ميمڻ ۽ ادبي دنيا ۾ فقط ”سراج“ لکندڙ اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو سنسڪرت کان به قديم ٻوليءَ سمجهندڙ ۽ “سنڌي ٻولي“ جهڙو جديد ڪتاب لکندڙ سراج ڪلهه اوڻاسي ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ جي حوالي ڪري پاڻ مٽيءَ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو. ۽ اهو آرام اهڙو آهي. جيڪو هر ان شيءِ لاءِ ضروري طئه ڪيل آهي. جيڪا ساهه کڻي ٿي. ائين سراج صاحب به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو. جو سندس دل شايد ساڻس ان ڪري بيوفائي ڪري وئي جو هن اها دل ڪنهن آفاقي قوت بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان لڳائي هئي. دلين جون ادائون به عجيب آهن. شايد سراج جي دل اهو قبول نه ڪيو هوندو ۽ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. پر اهو پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهو توڻي سنڌي ادب، سندس نالي ۽ سندس تخليق سان پيار ابد تائين ڪندو رهندو. جيستائين آخري سنڌي به هن ڪائنات ۾ هوندو. سراج صاحب سنڌي ادب ۾ زندهه رهندو اهڙيون سندس تخليقون ضمانت ڏين ٿيون.
    سراج صاحب پنهنجو غير معمولي تاريخي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ لکيو ۽ ان ۾ جيڪي ڪردار تخليق ڪيا. اڄ اهي ڪردار تخليق توڻي عمل جي روپ ۾ تاريخ جو حصو آهن. ستر واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سراج صاحب جو لکيل هيءُ ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ آهي. جنهن ۾ ان وقت تائين سنڌ جي ويڙهه جي سموري تاريخ اينٽي ون يونٽ جي تحريڪ تائين سندس آڏو هئي ۽ جڏهن هي ناول ڇپيو ته ان کي اهڙي دلچسپيءَ سان پڙهيو ويو جو گمان ٿيندو آهي ته شايد ئي ڪو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کان اڳ ڇپيو هجي، جنهن کي نوجوانن ايڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو هجي. خاص طور شاگردن جي حصي ۾ هيءُ ناول پڙهڻ لاءِ آيو. جنهن ۾ هنن ۾ هڪ بيحد ئي ويڙهاڪ وطن دوستيءَ وارو جذبو پيدا ڪيو ۽ حيرت جي حد تائين هيءُ ناول 1983ع جي تحريڪ وقت پنهنجو عملي روپ ظاهرڪري بيٺو. اڄ تائين ائين محسوس ٿئي ٿو ته ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول ڄڻ ٽياسيءَ جي تحريڪ جو مينيفيسٽو هيو. سنڌي ماڻهو جنهن حڪمت عمليءَ ۽ بهادريءَ سان وڙهيو ان جو مثال ويجهي سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن ناول سنڌي پڙهندڙن کي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي سموري تاريخ گڏ ڪري ڏني. ائين هي ناول سنڌ جي تحريڪ جو هڪ باب آهي جيڪو هن ناول جي روپ ۾ اسان کي سراج صاحب ڏنو. سراج صاحب ٻيو اهم ناول سنڌي ٻوليءَ کي ”مرڻ مون سين آءُ“ جي نالي سان ڏنو. جيڪو گهڻي حد تائين شاهه عنايت جي ويڙهه واري پسمنظر ۾ آهي. هيءُ ناول به تاريخ جي هڪ دور کي پاڻ ۾ سمائي بيٺو آهي. جنهن ۾ هيروازم گهٽ پر ويچار، اڳئين ناول کان وڌيڪ آهي. سنجيدگي وڌيڪ آهي. ٻوليءَ جي گهرائي وڌيڪ آهي. مان سمجهان ائين ٿو ته هيءُ ناول پڙاڏو سوئي سڏ کان ڪيتريون وکون اڳتي وڌي آيل آهي. تخليقي طور ۽ تاريخي طور به! ائين هي ٻئي ناول اسان کي پنهنجي تاريخ جي لڳ ڀڳ ٻن صدين کان واقف ته ڪري ويا پر هڪ حوصلو به ڏئي ويا. جنهن کان پوءِ سراج صاحب اسان کي هڪ خوبصورت ٽريالاجي ڏني. جيڪا به پنهنجو مثال پاڻ آهي. جيتوڻيڪ ٽريالاجيءَ کي مٿين ناولن کان وڌيڪ ادبي مرتبو ڏيڻ جي حق ۾ نه آهيان. پر هيءَ ٽريالاجي اهو طئه آهي ته سنڌي ادب ۾ پهرئين ناول ٽريالاجي آهي. جنهن تي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو. ۽ هنن سڀني ناولن جي وچ ۾ اهي ڪهاڻيون به آهن. جيڪي الڳ الڳ وقتن تي سراج صاحب جي قلم مان سرجي نڪتيون. انهن جو هڪ ڪتاب نيوفيلڊس پاران، ”اٺون ماڻهو“ جي نالي سان شايع ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپو هجڻ وقت سراج صاحب آمريڪي ناميارن ليکڪن جون ڪجهه ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون. جيڪي اڳتي هلي. هڪ ٻئي نامياري ڪهاڻيڪار غلام رباني آگري صاحب جي ترجمو ڪيل آمريڪي ڪهاڻين سان گڏ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيون. هن ڪتاب جو نالو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ آهي. پر اهو وڏو سچ آهي ته سراج صاحب ادب ۾ هڪ اعليٰ ناول نويس وارو مرتبو ئي رکي ٿو. تحقيق ۾ سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ پهريون ڪتاب هئو. جنهن ۾سراج صاحب اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻولي هتان جي آسپاس ڳالهائجندڙ ٻولين جي سلسلي جي ٻولي آهي جنهن جو سامي نسل جي ٻولين سان واسطو گهٽ آهي. ۽ ائين سراج صاحب جي ان ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي کوج جي لاءِ نه رڳو هڪ نئين بحث جي شروعات ڪئي پر تحقيق لاءِ نوان دروازا به کوليا. جنهن کان پوءِ ايندڙ محققن ڪي ٻيا طرف به ڏسڻ شروع ڪيا. جيڪي اڳ ۾ ڏسڻ لاءِ نه مليا هئا. سراج صاحب جو منهنجي آڏو اهو ادبي سلسلو به آهي جيڪو سندس روح جو اظهار هئو. جنهن کي هن گهڻي عرصي تائين ”جاڳو اخبار“، ”رتيءَ جي رهاڻ“ نالي سان هلايو. هونئن شاهه سائين جي ٻوليءَ سندس ناولن جي به سونهن بڻي آهي. پر هنن ڪالمن جي سلسلي ۾ جيڪا ٻولي هن استعمال ڪئي آهي ان جو مثال شايد ئي ملي. آغا سليم صاحب جي ناولن کانسواءِ !.
    رتيءَ جي رهاڻ ۾ سراج صاحب جو جيءُ جڏهن کان سنڌ ۽ سنڌي ادب توڻي ماڻهن سان اڙيو ته اهو ناتو هن آخري ساهه کڻڻ تائين پنهنجي پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان نڀايو. هن ڪٿي به ان ۾ ڪمپرومائيز نه ڪيو. هو پنهنجي شخصيت ۾ جيڏو قداور ۽ باوقار هئو. ادب ۾ اوتروئي قداور ۽ باوقار رهيو. ادب کانسواءِ هن سنڌ کي ڇا ڏنو اهو به ڊگهو داستان آهي. جنهن لاءِ ڪو ڪتاب گهرجي.
    عملي طور سراج صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي پهرين نوڪريءَ کان شروعات ڪئي ۽ هڪ اعليٰ قانوندان طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. ادب، صحافت ۽ وڪالت. هن جي زندگيءَ جا ٽي الڳ الڳ پهلو آهن. جن مان هر هڪ پهلوءَ تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکيا به ويندا. هلال پاڪستان اخبار سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پوري رهندي. ائين ڪيئي ادارا سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پورا رهندا ۽ اڄ کان پوءِ شايدميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر امجد سراج، ارشد سراج ۽ نويد سراج به دلي طور اڻپورا آهن ڇو ته منجهن هاڻ سراج صاحب موجود نه رهيو آهي. ٻيءَ طرف سنڌي ادب پڻ سندس کوٽ محسوس ڪندو جيتوڻيڪ هو پوئين عمر ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجهه لکي نه سگهيو هئو. پر سنڌ جي مسئلن بابت گهڻي عرصي کان هو انگريزي ۾ لکندو رهندو هئو. سرونٽ آف سنڌ پاران نڪرندڙ انگريزي ڪوارٽرلي مئگزين ۾ اهي لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون نه رڳو پڙهي سگهجن ٿيون پر انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ به آڻڻ کپي. سراج صاحب انگريزيءَ توڻي سنڌيءَ ۾ ڪجهه به لکڻ کانسواءِ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو هئو. ڇاڪاڻ ته سنڌ به اڃا اڻ پوري آهي. جنهن کي پورو ٿيڻو آهي. سراج صاحب 24 آڪٽوبر 1933ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو ۽ 2فيبروري 2013ع تي سنڌ جي راڄڌاڻي واري شهر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. هن پڙاڏو سوئي سڏ سنڌ، ناول، مرڻ مون سين آءُ ، ناول، سنڌي ٻولي ، محقق سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ اٺون ماڻهو ، ڪهاڻيون، پياسي ڌرتي رمندا بادل، ناول ٽريالاجي، چونڊ آمريڪي افسانا ۽ اڻ ڳڻيا مضمون، مقالا ۽ ليک سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن.


    سنڌي ادب جو ديومالائي ڪردار سراج : نصير سومرو

    هن رڳو ”سراج“ نالي لکيو. پورو نالو نه لکڻ به سندس طرفان ناديده بدعتن خلاف احتجاج هو شڪايتن، ڏوراپن ميارن ڏيڻ بدران پنهنجي تخليقي ڏات کي ادب جو روپ ڏنائين. هن ادب ۾ ”تخيلاتي تحقيق“ جو رخ اجاگر ڪيو. تخليق ۽ تحقيق جي دائري جون ٽيهٽ ئي ڊگريون سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن.
    انقلاب فرانس کان پوءِ ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ڪيترائي اصطلاح متعارف ٿيا. پارليامينٽ ۾ ساڄي پاسي ويٺل ”ساڄي ڌر“ ۽ کاٻي پاسي ويٺل ”کاٻي ڌر“ طور سڃاتا ويا. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌريون رهنديون آيون آهن. خاص طور! انهن ڏينهن جون باقيات سمجهيون وينديون آهن، جڏهن دنيا ٻن بلاڪن جي پاور ۾ ورهايل هئي. سرمائيداراڻو ۽ سوشلسٽ سماج جيڪو طرز حڪومت ۾ هينئر يوني پولر آهي ۽ جوهر ۾ الڳ الڳ فڪري ڌارائن وارو آهي ون يونٽ خلاف اديبن ۽ شاگردن جي جدوجهد هجي، يا ايم آر ڊي تحريڪ جا اثرات هجن. ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعري ۾ انهن جا چٽا عڪس ملن ٿا. هي زور اسي ڏهاڪي تائين شدت وارو رهيو. سراج کاٻي ڌر جي اهڃاڻ جو علمبردار هو.
    تحقيق هر دور جو ادب آهي. لسانيات يعني سنڌي ٻولي جي کوجنا ۾ سراج الحق پنهنجو گهڻو تڻو وقت صرف ڪيو. تحقيق ۾ سندس رويو ”غيرروايتي“ هو. روايت آهي ته ”ميمڻ“ لفظ مومن مان ماخوذ آهي پاڻ تحقيق ڪري ٻڌايائين ته ان جو ڌاتو مئيندڙ يعني ماپڻ تورڻ وارو آهي. هيءَ دريافت ميمڻي لوڪ ادب جي متن ۾ ڄاڻايل آهي.ميمڻ اصل ۾ سنڌي آهن، واپار، ڌنڌي ۽ ڪرت سان سڃاڻپ هتان جي روايت رهي آهي، ٺيڪ آهي ته سنڌي پنهنجي جهوني تاريخ سانڍي نه سگهيا پر هنن جي مڪاني ۽ ڌرتيءَ ڌڻي هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته سنڌي ٻولي، لاڏائو ۽تاريخي اٿل پٿل وارين حالتن ۾ برقرار رکي اٿائون. سنڌي ٻوليءَ کي ٻن ودوانن سنسڪرت جي ڌيءُ ڪوٺيو ته سراج چيو ته سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل زبان آهي مروج آهي ته ”شاعري پيغمبري جو جزو آهي“ پاڻ چيائين ”پيغبري شاعري جو جزو آهي“.
    هو تخيلاتي تحقيق جو وڏو نالو هو. هو روشن دماغ ۽ چٽي بصيرت وارو ليکڪ هو. ورهاڱي کان پوءِ هو قليچ ثاني هو. لسانيات ۾ يادگار ڪم ڪيائين، وڌ کان وڌ ناول لکيائين. پرڏيهي ادب مان افسانا ترجمو ڪيائين ۽ انگريزي ۾ به ترجما ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي سندس ڪتاب ڪي ڇپيا ۽ ڪي اشاعت هيٺ آهن.
    محمد عثمان ڏيپلائي جي پريس ۾ پروف ريڊر طور علمي سفر جو آغاز ڪيائين. محمد ابراهيم جويي جي اک کيس سڃاڻي ورتو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ کيس نوڪري ۾ رکيائين هن اقتصاديات بابت ڪتاب به ترجمو ڪيو. جيڪو بورڊ طرفان ڇاپيو ويو.
    سراج الحق جي ناولن جي ڪردارن تي تفصيلي لکڻ جي ۽ تنقيدي تجزيي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جي سوچ ڌارائن جو احاطو هن بنهه ننڍڙي ليک ذريعي نٿو ڪري سگهجي. هن جي آخري ڏينهن وارين تصويرن مان لڳي ٿو ته هن جي ٻڌيمان ۾ وڏي ڪاوڙ ۽ ”گهڻو چوڻ“ جي دٻايل قوت بي چين آهي. هن جي فرزند امجد چواڻي ته سراج صاحب آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي هاڻوڪين حالتن بابت متفڪر ۽ مايوس ڏسڻ ۾ آيو.
    سراج صاحب وڏن وڏن عهدن تي فائز رهيو. هو طرز فڪر ۾ اڳتي طرف ڏسندڙ ۽ سچائي جو متلاشي هو. قوم، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي قلم ذريعي مثالي خدمت ڪيائين هو ورچي ڪو نه ويٺو، اورچ قسم جي ديومالائي ”ڪردار“ کيس امرتا ڏيندو.
    ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“
    هن پنهنجي نظرين جي قيمت چڪائي پر دڳ ڪو نه مٽيائين سنڌي قومي ۽ مزاحمتي ادب لکڻ جي پاداش ۾ کيس انڪم ٽيڪس جي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. صحافت جو سفر شروع ڪيائين. روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ضياءَ الحق جي مارشل لا جي دور ۾ سرڪاري پاليسين سان مطابقت ۾ اچڻ بدران ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفى ڏنائين.
    سراج الحق ميمڻ 24 آڪٽوبر سن 1933ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ سنڌيڪار ”ديوان حافظ شيرازيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم.اي، ايل.ايل.بي ڪيائين وهندڙ درياهه جي پاڻيءَ وانگر متحرڪ ذهن وارو رهيو. پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ڪاميابيون ماڻيائين. 2 فيبروري سن 2013ع تي فان جھان ڇڏيائين. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    آخر ۾ علامه اقبال جو شعر ڏئي اجازت وٺندس؛

    تیرے آزاد بندوں کی نہ یہ دنیا نہ وہ دنیا،
    یہاں مرنے کی پابندی وہاں جینے کی پابندی۔


    سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمتگار سراج : وزير فرهاد سولنگي

    ٻين فيبروري ڇنڇر جي رات سوا اٺين وڳي اهو اڀاڳو وقت جنهن اسان کان ۽ سنڌ کان هڪ تمام ڏاهو ۽ وڏو ماڻهو کسيو، صبح جو سوير ٽي وي کولي تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ ڳاڙهي پٽيءَ تي نظر ڊوڙايم ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب سراج الحق ميمڻ 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو“ مون کي انهيءَ وقت محسوس ٿيو ته هي ڪهڙي قسم جي ادبي کيپ هئي جن سڄي سنڌ جي ادبي ٻولي، سياست، صحافت، تحقيق، شاعري، ثقافت وغيره تي ايترو ته وڏو ڪم ڪيو. هي هيڏا سارا ماڻهو ڪهڙن استادن تيار ڪيا. جن 1950ع کان هن وقت تائين واندڪائيءَ کان رسي مسلسل قلم کڻي ٻولي لاءِ سنڌ لاءِ، سنڌي ٻولي ۽ ماڻهن لاءِ لکيو ۽ ايترو لکيو جو پاڻ به تاريخ ٿي ويا. منهنجو انهن ماڻهن ڏانهن اشارو آهي جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، الهداد ٻوهيو، ابراهيم منشي، تنوير عباسي، استاد بخاري، نجم عباسي، تاجل بيوس، شمشير الحيدري ۽ هاڻي وري سراج الحق ميمڻ. هيءَ اها لسٽ آهي جن تي مان سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جي مستقبل ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو سنڌي کي ملي سگهندا؟ ڇو ته مذڪوره ماڻهو 19 ويهين صديءَ جي نظام جي پيدائش هئا. ۽ ويهين صدي جي نسل کي اهڙي قسم جي تربيت تعليم ۽ ماحول ملي سگهيو آهي يا نه. مذڪوره مٿي ڏنل انهن سنڌ جي گهڻ گهرن، اديبن، شاعرن ۽ قلم ڌڻين جي ڇڏيل خال کي ڪير ڀريندو ؟ ڇا موجوده حالتن ۾ اهڙا سگهارا نالا جڙي سگهن ٿا ؟ ۽ اهي سوال منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. ۽ سنڌ جي هن ڏاهي سراج جي وڇوڙي تي کن پل لاءِ منهنجو ذهن اهو سوچيندو رهيو. ۽ وري آچر 3-فيبروري جي اخبارن ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل سراج بابت ڇپيا. جن جو مرڪزي موضوع سراج هيو، ها! مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ هفتيوار ٻارڙن جي پروگرام ”روشن تارا“ جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم سان ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ملڻ ويو هوس. ۽ مون ساڻس سان ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي ۽ پوءِ روشن تارا پروگرام جي تاريخ لکي هڪ هفتيوار مئگزين ۾ ڇپرائي هيم. ۽ انهي ڊگهيءَ ڪچهري ۾ پهريون دفعو منهنجي ڪنن سراج الحق ميمڻ جو نالو ٻڌو ۽ جنهن جو تذڪرو عبدالحق عظيم پاڻ مون سان ڪيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي ۽ ان کان پوءِ محترم سراج الحق ميمڻ جي شخصيت ۽ ادب کي ويجهڙائي کان جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هي تمام وڏين ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو. ادب، تاريخ، تحقيق، ٻولي ۽ صحافت جهڙا شعبه سندس قلم هيٺ آيا. ادب م سندس ناولن ۽ ترجمي هيٺ آيل ڪتاب کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي چڪي هئي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق تي سندس آيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ قابل تعريف آهي. جنهن ۾ هن سنڌي ٻولي جي پنهنجي وجود جو مڪمل دليل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻاهرين يا ڌاري ٻولي جي نه پر خالص پنهنجي وجود جي پاڻ پيداوار آهي. تاريخ جي حوالي سان پاڻ سنڌ تي ڌارين جي چڙهاين، حملن ۽ ڪاهن بابت تفصيلي تاريخ ناولن جي روپ ۾ ڏئي جيڪا سندس لکڻين ۾ انفراديت جو اهڃاڻ آهي. صحافت ۾ سندس ڪيل خدمتن کي به نٿو وساري سگهجي. سندس ئي دور ۾ روزنامه اخبار هلال پاڪستان سنڌي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي سندس ڪالم، اقتصاديات تي لکيل آرٽيڪل حالات حاضرا ۽ ان وقت جي سنڌ جي سياسي پس منظر ۾ لکيل ڪالم سنڌي صحافت ۾ پنهنجو منفرد مقام رکن ٿا.
    مٿين سڀني خوبين ۽ صلاحيتن سان سرشار ذهن جي تربيت، تعليم ڪنهن ڪئي؟ يقيناََ هڪ ڪامل استاد جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو. ۽ ها اهو استاد محمد يعقوب ميمڻ ئي هيو. جنهن پنهنجي ٻچن جي اهڙي تربيت ڪئي جو کين سڄي سنڌ پيار ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو. استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ 24 آڪٽوبر 1933ع ۾ پيدا ٿيندڙ سراج الحق جيڪو اڳتي هلي استاد، انڪم ٽيڪس آفيسر، صحافي، ناولسٽ، تاريخدان،ايڊيٽر، محقق ۽ سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار ثابت ٿيو. اڄ سندس يادگار ڪتابن ۾ پڙاڏو سوئي سڏ، پياسي ڌرتي، مندا بادل، علم معاشيات، سنڌي ٻولي، اٺون گهر، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگ ترشنا، ڏکڻ مان سج اڀري، چونڊ آمريڪي افسانه ۽ مرڻ موسين آءُ آهن جيڪي سندس سنڌ، سنڌين ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ناياب سوکڙيون آهن. هو ۽ پنهنجون يادگار لکڻيون ڇڏي پنهنجي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي اُٻاڻڪائي محسوس ڪرڻ لڳا. شال اسان جو ايندڙ نسل به اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي طرح خدمت ڪري جيئن سراج الحق ميمڻ پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ٻوليءَ جي خدمت ڪري ويو.


    اچو ته سراج صاحب جي زندگيءَ کي ملهايون : ڊاڪٽر ايوب شيخ

    24 آڪٽوبر 1933ع کان 02-فيبروري 2013ع تائين جا 79 ورهيه جيڪي سنڌ جي محنتي سڄاڻ ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ ٻوليءَ جي ماهر ۽ ايڊيٽر محترم سراج الحق ميمڻ گذاريا آهن. سي قيمتي ۽ املهه آهين. انهن ۾ ندامت ۽ پريشاني ڪانهي. انهن ۾ اورچائي ۽ مڙس ٿي بيهڻ جي ڳالهه موجود آهي. انهن ورهين ۾ سندن پاران جيڪا محنت ڪئي ويئي. جيڪي ڪتاب لکيا ويا. جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا. جيئن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري ڪئي، ڪالم لکيا، ڪيئي اديب پيدا ڪيا، ڪيترن کي سهارو ڏنو ۽ انهن ڳالهين سان گڏ وڏي ڳالهه ته روشن خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند دانشور طور پنهنجي زندگي گذاري ۽ آخري دم تائين ايمان جي حد تائين روشن خيالي کي پُٺي نه ڏني. اهڙي املهه ماڻڪ جي حياتيءَ کان پوءِ ڏک بدران اهڙي حياتي گذارڻ تي خوشي ڪجي ۽ اهڙي سورمي جي حياتيءَ کي ملهائڻ گهرجي.
    سراج صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو ته وقت جي جوتشين ان دور جي پوليس وارن، ميرن ۽ پيرن کي خبردار ڪيو ته سندن علائقي ۾ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهي جيڪو عورتن جي تعليم جو حامي آهي، جيڪو سندن ڪُند ذهن روايتن جو مخالف آهي. جيڪو انگريزن ۽ انهن جي آپيشاهين جي خلاف آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ انگريزن توڙي بمبئي وٽ گروي ٿيل هئي. ٽنڊو ڄام هڪڙو ڳوٺ هو. جناب سراج اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هو جتي علم بدران جوتشين وسيلي زندگيءَ جا دڳ ڳوليا ويندا هئا. پر هن جي لاءِ وڏو سهارو سندس والد جناب محمد يقوب ميمڻ، جيڪو پاڻ تعليم جي شعبي سان راڳيل هجڻ ڪري فارسي جو ماهر هو ۽ هن پاڻ ايران جي مشهور شاعر ”حافظ شيرازي“ جي ڪُل دانش مايا ”ديوان حافظ“ جو ترجمو ڪيو هو، سراج صاحب ننڍي هوندي والد جي تربيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو تخلص رکيو ”بسمل“ (مئل) * ان تخلص يا قلمي نالي مان ئي ان زماني جي تصوير جا نقش سندس ذهن تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. سراج صاحب 19ورهين جي ڄمار ۾ننڍي کنڊ جي مشهور اديب ڪرشن چندر جو ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ جو ترجمو جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي چوڻ تي ڪيو هو. ان ڪتاب تي پڻ سنڌيڪار جو نالو “سراج الحق بسمل“ لکيل آهي هڪ ڏينهن سراج صاحب جي تخلص تي سندس والد صاحب اعتراض واريندي چيو هو ته ”جيئرن کي مئل نه هجڻ گهرجي“.
    مسٽر يعقوب ميمڻ صاحب کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون گهر ۾ مسئلو پٽن جو نه پر نياڻين جي تعليم جو پيدا ٿيو. مائٽن ۾ شور اٿيو. روايتن جا ”امين“ ۽ ”روايت شڪن“ اٽڪي پيا. محمد يعقوب ميمڻ سراج صاحب جي تعليم کي ڳوٺ ۾ پورو ڪرائي پنهنجي پنجن نياڻين جي تعليم ۾ جهنڊو اوچو ڪيو. چوڌاري رڙ پئجي ويئي هڪ ڏينهن سراج صاحب پنهنجين ڀينرن سان گڏجي نياڻين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي جنم ڀومي، ڳوٺ ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي حيدرآباد پهتو. انهن نياڻين مان ٻن کان اوهان واقف آهيو. جن ۾ هڪ ادي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻي انيسه حسين آهي.
    نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرس) ايم. اي ۽ ايل.ايل.بي ڪيائين. اها تعليم پڙهي هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين نوڪري 1953ع ۾ ڪئي. اتي ئي ٻن سالن کان پوءِ 1955ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ”ون يونٽ“ جي ڪري سنڌ جو هاڪارو رسالو ”مهراڻ“ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو. اهڙين حالتن ۾هن وڌيڪ پڙهڻ جو خيال ڪيو.
    1957ع م سي ايس ايس جي امتحان ۾ سندس زباني امتحان دوران هڪ ڄڻي کانئس پڇيو هيو ته ”سرڪار ماڻهن کي ڪنهن جلوس خلاف ڇڙوڇڙ ڪري ته هو انهن تي ايڪشن کڻندو؟ ”تنهن جي جواب ۾ هن چيو هو ته ”سنڌ خلاف هو ڪو به ڪم ڪري نه سگهندو“ سي ايس ايس جو چٽا ڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جنرل يحى جي زماني ۾ هن جي ”سراسري هلت“ ون يونٽ انتظاميا جي حق ۾ نه هئي. تنهنڪري هو آفيسرن جي لاٽ ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو سنڌ جا آفيسر مختلف ڪچهرين ۾ ان ايڪشن کي Three knot Three (303) جي اصطلاح سان ياد ڪندا آهن وري اچي ساڳي ڊگري سان انڪم ٽئڪس جي وڪالت شروع ڪيائين.
    سراج صاحب جي زبردست زندگيءَ جو هڪ نئون باب جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاران جاري ڪيل اخبار ”هلال پاڪستان“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ ايڊيٽر هو صحافت جي ان دور ۾ هن ”اخبار“ کي ”عوام“ سان ڳنڍي عوام جي حالتن، فتحن، شڪستن، ترقين ۽ شعور جي زبردست تصوير پيش ڪئي. هن پنهنجي ڀائٽي غفران ميمڻ جي تربيت ڪئي، جيڪو ننڍي هوندي ”غفران عاقلاڻي“ سڏائيندو هيو تنهن سنڌي ٻارڙن لاءِ شاندار رسالو ”گلن جهڙا ٻارڙا“ جاري ڪيو هو، ان رسالي جي ڪري سنڌ ۾ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو لشڪر تيار ٿيو هو. ڪتابن پڙهڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ مقابلي جو لاڙو وڌيو هيو.
    1977ع ۾ جنرل ضيا پنهنجي پوري مڪروهيت سان ڪاهي آيو. جمهوريت جا تختا اونڌا ڪري هن جناب ڀٽي پاران جيڪا شعور واڌ ٿي هئي. جيڪو به درسي ۽ غير تدريسي علم وڌيو هو، تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اخبارن، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ تي بندش وجهي ڇڏي. جنرل ضيا الحق اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت ۾ اهي جٿا تيار ڪيا جيڪي جمهوريت، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ جي خلاف هئا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ جي شاگرد تنظيمن جتي ”مقابلي ۽ دليل“ جو ميدان حاوي هوندو هو، اتي ”جهيڙن“ ۽ ”غنڊه گردي“ واسو ڪيو. عوام پاڻ وڙهيل هجي ته آمريت جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي! اهڙي حالت ۾ سراج صاحب فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي آخري دم تائين ان سان واڳيل رهيو.
    ادبي خدمتون: سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ”اٺون ماڻهو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو.
    ”اٺون ماڻهو“ ايم آر ڊي تحريڪ جي پس منظر ۾ هڪ شاندار لِکي ويندڙ ڪهاڻي آهي.هن جو پهريون ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ 1979ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ضيا دور ۾ اچڻ ڪري پرڏيهي قبضن جي ڳالهه هوندي به ان جو اثر مڪاني پيو هيو. اصل ۾ ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي ناول ۾ لکڻ آهي. ٻيو ناول ”مرڻ مون سين آءُ“ 1988ع ۾ ڇپيو ان کان سواءِ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ سندس اهم ناول آهن. ٻوليءَ جي حوالي سان سندس اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ 1964ع ۾ ڇپيو.
    جديد سنڌي ادب ۾ سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. هڪ سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مٿي ڪرشن چندر جي ناول جي ترجمي جو ذڪر آيو آهي. ان کانسواءِ ترجمن ۾ چونڊ ”آمريڪي افسانا“، ۽ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. هن جي ڪالمن ۾ ”رتيءَ جي رهاڻ“، ۽ ”ملان جي ڊوڙ“ ۽ جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظر نامو“ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ”ڪراچي“ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب 1. History of Sindhi Language ، 2. پنهنجي آتم ڪهاڻي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا.

    ڪجهه يادون:
    اسان سراج صاحب کي 1980ع ۾ روبرو ڏٺو هو. جڏهن هن قنبر ۾ ”جشن لطيف“ جي پروگرام ۾ صدارت ڪئي هئي. هن شاهه لطيف تي پنهنجي عاليشان تقرير ڪئي هئي. هن عورتن جي سجاڳيءَ تي خاص ڳالهيون ڪيون هيون.
    محترمه بينظير ڀٽو صاحبه (پنهنجي آخري جلاوطنيءَ کان اڳ) آخري اجلاس سراج صاحب جي گهر ۾ ڪيو هو. جنهن ۾ ناميارا ماڻهو موجود هيا. انهن ۾، جناب ايم ايڇ پنهور، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، آپا شمس، محترم محمد ابراهيم جويو، سيد نويد قمر، سراج صاحب، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا.
    سراج صاحب پنهنجي ڄمار جي آخري شرڪت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ 31جولاءِ 2012ع تي سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني اديب شمشير الحيدريءَ جي مرتئي تي ”ادبي ريفرنس“ ۾صدارت طور ڪئي هئي. هن کي صدارتي خطبو ڏيڻو هو، پر شمشير جي ياد ۾ هن جو هانءُ هن سان گڏ نه هلي سگهيو. مون کي اسٽيج تي سڏيندي چيائين: ”آئون ڳالهائي نه سگهندس، ڳالهائيندس ته روئي پوندس، روئڻ نه ٿو چاهيان، آئون بس شمشير تي ماڻهن جا رايا ٻڌي رهيو آهيان.“
    گذريل سال فيبروري 2012ع ۾ جاويد سومرو ۽ مان سراج صاحب جي آفيس ۾ وياسين. جاويد کين پنهنجو ناول ”فاتح مرڪ“ ڏيئي عرض ڪيو ته هو اچن ۽ پنهنجي راءِ ڏين، ان وچ ۾ ڦڦڙ جي ڪئنسر سبب سراج صاحب کي انڊيا وڃڻو پيو، جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا.
    ٻه مهينا اڳ، آئون سندن گهر ملڻ ويس. مون کي ڪرشن چندر جو اهو ساڳيو 1952ع ۾شايع ٿيل ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جي فوٽو ڪاپي ڏنائون. ان ۾ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق بسمل“ لکيل هو. ايشيا جي ڏکڻ ۾، پاڪستان جي ڏاکڻين علائقي سنڌ ۾ سراج صاحب پنهنجي سڄي زندگي ”بسمل“ جي خلاف گذاري، هن محنت، علم، تعليم ۽ جمهوريت توڙي روشن خيالي جو جهنڊو بلند ڪيو.

    نوٽ: فاضل مضمون نگار ”بسمل“ جي معنى ”مئل“ لکي آهي، جڏهن ته بسمل جيڪو فارسي جو لفظ آهي ان جي معنى آهي ”ڪُٺل“ يعني ذبح ڪيل . (مرتب)


    سراج ۽ سندس ڪم جي ڇنڊ ڇاڻ : اسحاق مڱريو

    هونءَ ان ڳالهه ۾ ڪنهن قسم جو ڪو شڪ ناهي ته سراج ميمڻ سنڌ جو گهڻو پڙهيو ڳڙهيو، دانشور هو. هن صحافت، ادب، ٻولي، سول سروس ۽ وڪالت ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڄاڻايل شعبن ۾ وڏو نالو ڪمايو. پر هن جي وڏي بدنصيبي اها چئبي جو هن جي ڪيل ڪم کي سطحي انداز ۾ ورتو ويو ۽ تنقيدي انداز ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو، خوشامدڙين ۽ واه واه ڪندڙن هن جي ڪم کي تفصيلي انداز ۾ ڏسڻ جي بدران مٿاڇرو ڏٺو ۽ رڳو واه واه ڪئي وئي. اسان جي معاشري ۾ ڪنهن کي تباهه ڪرڻ جو اهو سولو طريقو آهي. جيڪو سراج ميمڻ سان اختيار ڪيو ويو. هن وقت سراج ميمڻ جي ڪٽنب پاران سراج ميمڻ جي ڪم کي سهيڙڻ ۽ وڌائڻ لاءِ سراج انسٽيٽيوٽ جوڙيو ويو آهي. ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سراج جي ڪم کي تنقيدي ۽ گهڻ رخي انداز ۾ ڏٺو وڃي.
    جڏهن ته سراج مختلف شعبا جاتي انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. پهرين هو سول سرونٽ هو، جنهن کي صدر يحي ٰ واري زماني ۾ ڪرپٽ ملازمن واري لسٽ ۾ شامل ڪري نوڪري مان خارج ڪيو ويو هو. ان ڪري ڏسڻو اهو آهي ته، ان دور ۾ خارج ڪيل سول سرونٽ ملازمن کي سياسي بنيادن تي تعصبانه طور تي يا وري مخالفت جي بنياد تي نوڪري مان خارج ڪيو ويو هو. ايوب خان، يحي،ٰ ڀٽو، ضياءُ الحق، نواز شريف ۽ مشرف جي دور ۾ اهڙن الزامن ۾ سرڪاري ملازمن کي خارج ڪيو ويندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪو سراج ميمڻ پهريون ماڻهو نه هو. پر اسان کي ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين سراج ميمڻ جي نوڪري وارو پروفائيل سامهون آڻڻو پوندو. هو ڪهڙي انداز وارو سول سرونٽ هو، هن تي ڊپارٽمينٽ پاران لڳايل الزام ڪهڙي نوعيت وارا هئا. انهن الزامن جو جواب سراج ڇا ڏنو هو، ان سڄي معاملي ۾ اهو جواب ته ” مڙئي سنڌين کي نوڪري مان خارج ڪرڻو هون.“ هڪ سطحي قسم جو جواب آهي. سراج بابت سامهون ايندڙ جواب ته صدر يحيٰ سنڌين کي ساڙ ۾ نوڪريءَ مان خارج ڪيو. اهو جواب به ڪو گهڻو مطمئن ڪندڙ ناهي، ساڳي ريت ايم. ايڇ. پنهور تي پڻ ڪرپشن جو الزام هڻي، مڪينڪ چيف انجنيئر (ايگريڪلچر) جي عهدي تان هٽايو ويو هو، جڏهن ته اسان جي اديب قمر شهباز کي پڻ گيهه ڪارپوريشن ۾ ڪرپشن ڪرڻ واري ڏوهه ۾ نوڪري تان هٽائي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو.
    ڄاڻايل اديب ۽ دانشور قوم جو وڏو سرمايو آهن. انهن بابت سطحي طور تي صدر ايوب خان، يحيٰ خان يا وري شيخ رشيد کي گهٽ وڌ ڳالهائي معاملي کي مٽي پايو نٿو چئي سگهي ”ان سلسلي ۾ ايم ايڇ پنهور سان پڻ مختلف وقتن تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ان موضوع تي پڻ ڳالهيون ٿيون. پر ان جو ايم ايڇ پنهور ڪو معقول جواب نه ڏنو هو. هن پڻ اصل جواب ڏيڻ جي بدران پنهنجو ڪيل ڪم ٻڌايو ته هن 6 بلڊوزرن سان ايگريڪلچر انجينئرنگ جو ڪم شروع ڪيو هو ۽ نوڪري مان وڃڻ دوران 15 سئو بلڊوزر ڇڏي ويو هو. جنهن سان سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي زمين ليولنگ ڪرائي پوکي لاءِ تيار ڪرائي هئي. ساڳي ريت قمر شهباز سان پڻ هن جي قيد هئڻ دوران اسپتال ۾ ساڻس ملاقات ٿي هئي، جتي کائنس ساڳيو ڪرپشن جي الزام وارو سوال پڇيو ويو هو. هن پڻ جواب ۾ جيل جو واقعو ٻڌايو هو. جتي هن تي جيل ۾ گرفتار سنڌي شاگرد اڳواڻن مٿس ”سڻڀي ڌر“ نالو رکيو هو. هن ٻڌايو ته اهي شاگرد مون ڏانهن منهن ڪري چوندا هئا ته ”مال کائجي ته ائين ڪروڙن ۾ کائجي، باقي هرون ڀرون هٿ خراب ڇو ڪجن“. هن پڻ سوال جو جواب ڏيڻ بدران چيو هو ته مون کي شيخ رشيد پاران لڳايل الزامن تي ڪو به ڏک ناهي. پر پنهنجن پاران اهڙي ڳالهه چوڻ تي تڪليف ٿئي ٿي. ظاهر آهي. هومنهنجي سوال جو جواب ڏيڻ جي بدران معاملي کي جذباتي انداز ۾ وٺي ويو هو. تنهن ڪري ساڻس ٻئي موضوع تي ڳالهه شروع ڪرڻي پئي.“ اهڙي ريت سراج جي سنڌي ٻولي واري ڪتاب تي پڻ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان زماني ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج ميمڻ جي وچ ۾ ڪجهه اختلافي معاملو سامهون آيو هو. پر ان کان وڌيڪ معاملو اڳتي ڪونه وڌيو. جڏهن ته انڊس اِسڪرپٽ بابت بحث، جيڪو سائنسي انداز ۾ ٿيڻ گهرجي ها، اهو ته اڳتي وڌي ئي نه سگهيو. سائنسي خيال موجب جيئن جيئن وڌيڪ تحقيق ٿيڻ سان ظاهر آهي ته نئين تحقيق موجب اڳئين تحقيق کي رد ڪرڻو پوندو. ان ڪري انڊس اسڪرپٽ تي عالمي سطح تي هلندڙ بحث جي روشني ۾ سراج جي انڊس اسڪرپٽ واري نظرئي موجب فقط عطا محمد ڀنڀري ئي قلم کنيو آهي. عطا محمد ڀنڀري ته ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي انڊس اسڪرپٽ واري ٿيوري تي پڻ پنهنجي راءِ کي سامهون آندو آهي. پر ان جي راءِ جي جواب ۾ ڪنهن به محقق جو جواب سامهون نه آيو آهي. ان جو فقط هڪڙو نتيجو سامهون آيو آهي جو جن عالمي محققن کان متاثر ٿي سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽرن الانا انڊس اسڪرپٽ بابت ٿيوري سامهون آندي. انهن عالمن جا ترجمو ڪيل ڪتاب ٻولي اختياري واري اداري هڪ خاص مقصد سبب ڇاپي سامهون آڻڻ جي بدران گوڏي هيٺ ڏئي رکي ڇڏيا. (محض ان سبب جي ڪري ته اهڙي ڄاڻ عام نه ٿئي ته سراج، شنڪر آنند جي ڪتاب کان متاثر هو ۽ آسڪر پروڀولا جي ڪتاب کان متاثر ٿي، ڊاڪٽر الانا پنهنجي ٿيوري سامهون آندي آهي) انڪري نه رڳو سراج جي ٻولي بابت ٿيوري پر ڊاڪٽر الانا جي ٿيوري تي گهٽ ۾ گهٽ عطا محمد ڀنڀري جي انڊس اسڪرپٽ بابت ڪيل تحقيق جي روشني ۾ ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت سراج جي ناولز ۽ ڪهاڻين تي پڻ گهڻ رخي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڏسڻو اهو آهي ته آخر سراج کي ارغونن، ترخانن ۽ مغل دور جي سنڌ تي ٿيل قبضي وارو دور ڇو ٿو متاثر ڪري؟ بهرحال! ليکڪ کي ان ڳالهه جو صوابديدي حق حاصل آهي ته ڪنهن به موضوع تي لکي. پر ان جي باوجود اهو سوال ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته مزاحمتي ادب طور سورهيه بادشاهه جي شهادت، جولاسنگهه جو قتل، ليوڪس جون ڪاروايون، ليمبرڪ جوآپريشن، حرن جا لوڙها، حر تحريڪ، حر تحريڪ ۾ عورتن جو ڪردار، رحيم هڱورو، بچو بادشاهه، پيرو وزير، جهڙا ڪردار آخر مزاحمتي ادب طور نظر ۾ ڇو نه اچي سگهيا. ساڳي ريت سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ايم آر ڊي تحريڪ، چوٿين مارچ، هاري تحريڪ جهڙيون عوامي نوعيت جون تحريڪون، مزاحمتي اديبن جي اک تي ڇو نه چڙهي سگهيون آهن. ان ڳالهه جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا. انهن تحريڪن بابت تعصبي سوچ جو هجڻ يا وري اهي تحريڪون ويجهي دور جون آهن ان ڪري حاڪم گهراڻا ناراض ٿي سگهن ٿا. نامياري صحافي ارد شير ڪائوسجي کان ڪنهن پڇيو هو ته ”تو ڀٽي جي دور تي ته ڀرپور لکيو پر ضياءَ جي دور تي ڇو نه؟ جواب ۾ هن چيو هو، سالا ماريگا“
    ساڳي ريت سراج جي صحافتي ڪم جي پڻ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ جي ضرورت آهي. سراج هلال پاڪستان جو مالڪ نما ايڊيٽر هو. هن اخبار ۾ ٻولي جو خيال رکڻ، اردو ۽ فارسي اکرن جي متبادل طور تي سنڌي تز اکر آندا. سٺن اديبن امر جليل، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻين کي اخباري ڪالمن لاءِ آماده ڪرڻ.اهو سراج ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو. پر ان دور ۾ هلال پاڪستان پ پ جي حڪومتي اخبار هئي. ڪنهن به اخبار کي رڳو سٺي ٻولي، ايڊيشنز ۽ ميگزين جي روشني ۾ ڏسڻ سان گڏوگڏ اخبار بابت اهو پڻ ڏسڻو پوندو ته ان اخبار ۾ ان دور جي اپوزيشن جو آواز، انساني حق ۽ ٻيا معاملا ڪيئن رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. انڪري گهٽ ۾ گهٽ ان دور جي ماهوار سهڻي ڏسڻ سان به ان دور جي اپوزيشن واري صحافت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، ان دور ۾ سنڌي ڪتابن تي وڌل پابندي. سنڌي شاگردن جون گرفتاريون ۽ حرن جو سانگهڙ ۾ پوليس هٿان ٿيل قتل، ۽ حرن جون ڊي پي آر تحت گرفتاريون، روزاني مهراڻ اخبار، سهڻي رسالي تي پيل پابندي وارين خبرن جي روشنيءَ ۾ سراج ميمڻ جي صحافتي ڪم کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. (ان دور ۾ ڊي سيز کي مليل ڊي پي آر واري اختيار تحت رڳو پ پ مخالفن کي ٻڌڻ جو رواج عام هو. پر سانگهڙ جي ان دور جي ڊي سي امداد الله انڙ، سانگهڙ جي سيشن جج کي پڻ ڊي پي آر ۾ ان ڪري گرفتار ڪيو هو ته هو ڊي پي آر جي گرفتارن جون ضمانتون ڇو کڻي رهيو آهي). ان ڪري سراج جنهن اخبار جو ان دور ۾ ايڊيٽر هو. ان اخبار ۾ اهي ڳالهيون رپورٽ نه ٿينديون هيون. ان کان علاوه سراج ميمڻ ايڊيٽر طور تي فقط هلال پاڪستان ۾ پ پ جي حڪومتي دور ۾ ڪم ڪيو ان کان پوءِ اپوزيشن واري دور ۾ سراج واري صحافتي ڪم ۾ فقط جاڳو اخبار ۾ رتيءَ جي رهاڻ ۽ سياسي منظر نامون وارا هن جا يادگار ڪالم ڳڻي سگهن ٿا. ان دور ۾ ڄام صادق علي جي وڏ وزارت ۾ پاڻي ٺاهه ٿيو. ان تي جاڳو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان لاءِ جيترو فقير محمد لاشاري ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو اوترو سراج ڏانهن پڻ وڃي ٿو. پر سراج جاڳو اخبار ۾ وڏي اهميت رکندڙ هئڻ جي باوجود جاڳو اخبار کي بچائڻ ۾ خاص ڪردار ادا نه ڪيو، هلال پاڪستان ان دور ۾ پ پ جي پارٽي آرگن هئي. ان دور ۾ هلال پاڪستان جا 100 پيجن جا ايڊيشن ته نڪتا. پر اهي حڪومتي پروپيگنڊا جو حصو رهيا. ان ڪري سراج جي انهيءَ صحافتي ڪم تي تنقيد ٿيندي رهندي.
    اسان جي دانشورن کي سراج جي ناول پڙاڏو سوئي سڏ تي رڳو واه واه ڪندي ڏٺو ويو آهي، ان سلسلي ۾ مونکي پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان جو انهيءَ ناول تي تبصرو وڌيڪ اهم لڳو، جڏهن کيس مون اهو ناول پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. هن اهو ناول پڙهڻ کان پوءِ ان جي ٽائيٽل کان اندرين خالي پيج تي نوٽ هڻي واپس ڪندي انهيءَ ناول کي سلطان راهي جي فلم سان ڀيٽيو هو.


    سنڌي لسانيت جي ماهر سراج کي سلام : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني “ٻولي“ ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته انهن لفظن جون ڌار ڌار معنائون آهن. لينگوئج جي معنيٰ ٻولي، زبان، ڀاشا. 1. ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري آثارن ۽ آوازن ذريعي رابطو. 2. رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال ٿيندڙ لاڙو يا طريقو. 3. ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي. 4. ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي لهجو وغيره.
    لنگئسٽڪس جي معنيٰ آهي ”لسانيت 1: ٻوليءَ جو علم يا سائنس 2: ڪنهن خاص ٻوليءَ جو اڀياس (سنڌيڪا ڊڪشنري) سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار آهي. ٻوليءَ جي ماهرن ۾ به شاهوڪار آهي. پر لسانيت جي ماهرن ۾ ڏاڍي غريب آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لسانيت جا ماهر آهن. انهن ماهرن جي جيڪڏهن تاريخ ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي انگريزن کان شروع ٿيندي. انگريزن کان جيڪڏهن ڳڻپ ڪجي ٿي ته انگريزن عالمن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، آفتاب ابڙو ۽ شايد ڪجهه ٻيا شامل آهن. انهن سڀني ۾ رڳو ٽي عالم اهڙا آهن. جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجا نظريا ڏنا آهن. انهن عالمن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ اچي وڃن ٿا.
    سراج الحق ميمڻ کان اڳ ۾ جيڪي نظريا آيا اهي هئا.
    سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لهجي وراچد، اپـڀرنش مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنسڪرت مان ڄائي آهي. (ڀيرو مل چند آڏاواڻي).
    سنڌي ٻولي سامي سٿ جي ٻولين مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنڌي ٻولي، عربي، عبراني ۽ ٻين لفظن مان ڄائي (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ).
    انهن ٻنهي نظرين جي حق ۾ مختلف عالمن جا رايا دليل ۽ حوالا ڏنا ويا آهن. سراج صاحب اهو پهريون ماڻهو هو. جنهن انهن ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي پنهنجي تحقيق وسيلي ثابت ڪيو ته سنڌي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڄائي ناهي. اها پاڻ هڪ مڪمل ٻولي آهي. ان تي سامي سٿ جي ٻولين سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين جا گهرا اثرآهن. هنن ٻولين هڪ ٻئي کي لـفـظ ڏنــا ۽ ورتا آهن. ان حوالي سان هن وڏي کوجنا ڪري مختلف مثال ڏنا آهن.
    سراج صاحب جي ان نظريي کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ مڃتا ملي. خاص طور تي جڏهن اسان دعوا ڪندا آهيون ته هزارين سال قديم تهذيب جا وارث آهيون. ماضيءَ ۾ سنڌي قوم تمام گهڻي قابل، مهذب، ترقي يافته ۽ عظيم هئي وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون. موهن جي دڙي جي آثارن مان اسان کي جديد نظام جون اهي سموريون سهولتون ۽ رٿابنديون مليون آهن. جڪي اسريل ملڪن ۾ هن وقت رائج آهن. ڊرينج سسٽم، آبهوا مطابق اڏاوت، مارڪيٽ، تعليمي ادارا، عبادتگاهون، ڦيٿو (گاڏي) وغيره وغيره پنج ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جي دنيا ۾ اها حيثيت هئي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو عروج هوندو ؟ ان لاءِ تاريخون خاموش آهن. موهن جي دڙي مان مليل نشانيون. مهرون ٺپا وغيره پنڊ پهڻ لڳا پيا آهن. انهن کي دنيا وارا پڙهي نه پيا سگهن. سرجان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري اسان جي تهذيب کي مڃتا ڏياري. جڏهن سراج ميمڻ ٻوليءَ جي پڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏئي. سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا بخشي ته جيئن سنڌو تهذيب ڪنهن ٻيءَ تهذيب مان ڦٽي نه نڪتي آهي. تيئن سنڌي ٻولي به ڪنهن ٻيءَ ٻولي جي ڪک مان نه نڪتي آهي.
    هن موهن جي دڙي مان مليل مهرن کي پڙهڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي، لڌل نشانين جون پڙهڻيون به مقرر ڪيون. هو سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هڪ طرف ته هو تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. جيڪو مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾عوام تائين پهچندو رهيو. سندس اهو پورهيو ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: تحقيق، ناول، ڪهاڻي، مضمون، مقالي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ آهي.
    ٻئي طرف هو نوجوانن کي خاص طور تي لسانيات جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ همٿائيندو رهيو. مون کي ياد آهي ته سراج صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان سنڌي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ تحقيق جو ڪم شروع ڪندو ته آءُ ان کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پر بدقسمتيءَ سان نوجوان انهن موضوعن کان پري ڀڄن ٿا. اسان جي تعليمي ادارن جھڙوڪ: سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾سنڌي لسانيات ۾ ايم اي نه ڪرائي ويندي آهي. لسانيات هڪ سائنسي علم آهي. جنهن لاءِ ليباريٽري به ضروري آهي. يونيورسٽين جي سنڌي شعبن وٽ ان قسم جي ڪا به سهولت ناهي، نيتجي ۾ لسانيات تي جيڪو ٿورو ڪم ٿئي به ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي غير سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو. تنهن کان سواءِ يونيورسٽين ۾ لسانيات جي ماهرن جي به کوٽ آهي.
    سراج صاحب جي ڪيل ڪم مان سکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. سراج صاحب جو وڇوڙو سنڌي لسانيات لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي. خدا ڪري ته اسان سراج صاحب کي خراج پيش ڪرڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ سنڌي لسانيات لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون.


    سراج الحق ميمڻ: روشن خيال تحريڪ جو سونهون : رئوف عباسي

    سنڌ ۾ ٻه چار ماڻهون، جن پنھنجي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان روشن خيال تحريڪ جي ڏياٽي پکيڙيندي، سرهاڻ پکيڙي.
    محترم سراج الحق ميمڻ به انھن مان هڪ هو هُو، انتھائي قابل ماڻھون، ذهين ۽ صلاحيتن سان ٽمٽار شخص هو، جنھن ادب، صحافت ۽ ٻوليءَ جي حوالي کان مٿانھون ڪم ڪيو. جنھن جي مڃتا کيس پاڪستان کا ٻاهر به ملي.
    سراج الحق ميمڻ جي ڪوشش جي ڪري، امرجليل ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪالمن لکڻ جي ابتدا ڪئي ۽ سراج الحق ميمڻ جي ڪريڊٽ تي اها به ڳالهه آهي ته هُو، صحافت توڙي ادب جي ٻه واٽي تي سنڌ جي مامرن کي اهميت ڏيندو رهيو.
    سندس ڪالم ”رتيءَ جي رهاڻ“ جيڪي فقير محمد لاشاريءَ جي اخبار ”جاڳو“ جي سونھن هئا، اُهي ڪالم توڙي فقير محمد لاشاري جي ادارت ”جاڳو“ لاءِ سون تي سھاڳ هئا. سراج الحق ميمڻ جي ادبي اوسر ۾ مولانا غلام محمد گرامي، سائين محمد ابراهيم جويو ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جو هٿ رهيو. ”هلال پاڪستان“ کي صحافت جي جديد لاڙن ۽ سنڌ اِشوز کي نمايان ڪرڻ ۾ سراج الحق ميمڻ جي ڪارگذاريءَ کي وساري نه ٿو سگهجي.
    جديد مزاحمتي ادب ۾ قبول ابڙو، آغا سليم، علي بابا، ڊاڪٽر نجم عباسي، طارق اشرف، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي سان گڏ و گڏ سراج الحق جو پڻ ان رُخ ۾ نمايان ۽ يادگار ڪم ٿيل آهي.
    هُو، سنڌ جو يگانو ۽ يڪتا ليکڪ هُو، جيڪو عام طور ڪن ٿورن ادبي سيمينارن، مُذاڪرن کان سواءِ ورلي ڪٿي نظر ايندو هو. اختر بلوچ جي جيل ڊائري قيدياڻي جي ڊائري جو مُھاڳ، سراج الحق جي سنڌيت واري جذبي، جنون کي نشانبر ڪرڻ ۾ ٻه قدم اڳتي آهي.
    هُن جي ڪھاڻي ”اٺون ماڻهو“ ايم.آر.ڊي جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ اهڙي ڪھاڻي آهي، جيڪا دير تائين پنھنجو اثر برقرار رکي ٿي.
    سراج الحق ميمڻ، روشن خيال تحريڪ کان سنڌ دوستيءَ تائين پاڻ کي وابستگيءَ جي حوالي کان مٿانھون ۽ پختو رکيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس وفات تي نڌ جي هر مڪتبه فڪر جي ماڻھوءَ ڏک جو اظھار ڪيو هو.


    سُورج، روشنيءَ جو معاوضو ناهي وٺندو

    علمي جستجو ۽ جاکوڙ جڏهن شخصي اڏاوت جون حدون اورانگھي ڪائناتي ٿيندي آهي ته انسان دوستي جي ڪُلي مفهوم کي پاڻ سان سلهاڙيندي آهي. اهڙيءَ طرح هوءَ تنگ نظري جي طعني ۽ محدود مغزي جي لقبن کان پاڻ کي بچائي ويندي آهي. سنڌ جي ادبي دنيا جو بي لغام گھوڙو جيڪو منافقيءَ جي آڏتراشي رستن تان به تيز ڊوڙندو آهي جتي روشنيءَ جي ديوتا جي دعويدار اهڙي شعبي ۾ رواداريءَ جون ريتون ٿر جي ڏُڪاريل ڏيھه جو ڏيک ڏيندي زندگيءَ جا آخري پساهه کڻنديون هجن، اُتي چؤياري قائم رکڻ ۽ قوت برداشت جو آرٽ موکيءَ جي مٽن وانگي ٿي پوي ته اهو چمتڪار ڪنهن نشاة الثانيه جي نشاندهي ڪندو آهي. چوڌاري ڦهليل سياست ۽ انقلاب جي خشڪ دنيا جنھن ۾ تاڙين ۽ نعرن جو روايتي رڌم ڪنهن جي سُڀاوَ کي مروٽي ۽ زخمي نه ڪري سگھي، اهڙي قيمتي فن جي دوڪان مٿان لڳل بورڊ هرڪو پڙهڻ چاهيندو آهي. ڪنهن به شخصيت جي اندروني انا جي اعلانيل عالمي اصولن جي ثابتي ۽ مڃتا سان گڏ ان جي اطلاق جي انساني آبادين کان انتهائي پري هجڻ جي گواهي به تاريخي رڪارڊ تي موجود آهي. پوءِ اهڙي انا اندر جي اونداهين ۾ چمڙن وانگر پر ڦڙڪائڻ کان وڌيڪ نقصانڪار ناهي هوندي. پنهنجي لفظن کي رات جي راڻيءَ جي مهڪار جيان خوشبودار ۽ خوبصورت بڻائي، ارپڻ چاهيندي ۽ انگريزي اصطلاحن ۽ ادبي ڊائيلاگن جي ڀرمار ۽ مصنوعي رياڪارانه خطابن جي ڇٽي ڇانوري طور مٿان جھلڻ بجاءِ جنهن کي وچ روڊ تان زندگيءَ ڏانهن سفر ڪرڻ جي صلاح ڏيندس ۽ جنهن جي سڃاڻپ مان ڪتابن جي تعداد بجاءِ دوستن جي تعداد تي رکندس. اهو آهي منهنجو پيارو دوست خالد چانڊيو .


    اصغر سنڌي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 536
    ڪتابن جو مشاهدو: 564126
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 214825
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ