ڪتاب جو نالو: عڪرا مان مليل مسودو
مصنف: پائولو ڪوئلهو / فهيم اختر ميمڻ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 11 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 922 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 813 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پبلشر جو نوٽ
  • سنڌيڪار جو نوٽ
  • ليکڪ جو نوٽ
  • باب 1
  • باب 2
  • باب 3
  • باب 4
  • باب 5
  • باب 6
  • باب 7
  • باب 8
  • باب 9
  • باب 10
  • باب 11
  • باب 12
  • باب 13
  • باب 14
  • باب 15
  • باب 16
  • باب 17
  • باب 18
  • باب 19
  • باب 20
  • باب 21
  • باب 22

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (108) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “عڪرا مان مليل مسودو” نامياري ناول نگار پائلوڪوئلهو جي انگريزي ناول Manuscript found in Accra جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب جو سنڌيڪار محترم فهيم اختر ميمڻ آهي، جنهن جو هن کان اڳ به ساڳئي ئي ليکڪ جي ناول الڪيمسٽ جو سنڌي ترجمو، ڪيمياگر جي نالي سان سنڌ سلامت تي موجود آهي.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا محترم فهيم اختر ميمڻ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي ڊجيٽل ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    منال جي نانءِ
    ۽
    سائين عرفان علي شاه
    هڪ جوڌو سنڌي جوان جنهن جي اُتساهه
    منهنجين لکڻين ۾ ساهه ڦوڪيو.

    فهيم اختر ميمڻ


    پبلشر جو نوٽ

    نئون نياپو شروع کان ئي پنهنجي هر ادبي ڳالهه ٻولهه ۾ ناول جي گهٽتائيءَ ۽ ان جي پورائي بابت ڳالهائيندو رهيو آهي ۽ رڳو ڳالهيون ئي نه پر ان حوالي سان نئون نياپو اڪيچار چڱا ۽ موچارا ڏيهي ۽ پرڏيهي ناول پڌرا پڻ ڪيا آهن ۽ ڪي ٿورا ڏينهن ئي ٿيندا جو نئون نياپو مانواري نواز خان زئور جو ترجمو ڪيل پائلو ڪوئلهو جو ناول “يارنهن منٽ” پڌرو ڪيو ۽ هاڻي هڪ ٻيو پائلو جو ناول ۽ نڪور ناول “عڪرا مان مليل مسودو” اوهان جي هٿڙن تائين پڄائي سرهائي محسوس ڪري رهيوآهي...
    هي ناول ترجمو آهي. نئون نياپو جي نئين نڪور دوست فهيم اختر ميمڻ جنهن پائلو جو شاهڪار ناول “الڪيمسٽ” پڻ ترجمو ڪري نئون نياپو کي ڏنو آهي ۽ ٻيا پڻ چڱا ڀلا ناول ضرور سندس هٿ هيٺ هوندا ۽ اڄ نه ته سڀاڻي اهي به اوهان جي هٿڙن تائين پهچڻ جي راهه ڪڍي وٺندا...
    هي ناول پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان نئون نياپو کي آگاهه ڪيو ته جيئن اسان پنهنجي نئين نڪور مترجم کي اوهان جي راءِ کان آگاهه ڪري سگهون. سڀ کان وڏو نقاد ۽ پارکو اهو آهي جيڪو 10 رپيا خرچ ڪري سنڌي ڪتاب بازار مان خريد ڪري ٿو ۽ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پڙهي ٿو ۽ ان تي سوچي ۽ ويچاري ٿو ۽ بس...

    اوهان جودوست
    انعام عباسي


    سنڌيڪار جو نوٽ

    هن ڀيري به ائين ئي ٿيو، جيئن هميشهه ٿيندو ٿي آيو. پائلو ڪوئلهو جو هڪ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سندس ٻئي ڪتاب جو انتظار. اهو ساڳيو انتظار جيڪو ننڍڙو ٻار پيءُ جي رانديڪي وٺي ڏيڻ واري واعدي کانپوءِ ڪندو آهي. سندس پوئين ڪتاب “الف - Aleph” جو انتظار به ائين ئي ڪيو هئم. “الف” ۾ پائلو ڪوئلهو پنهنجي وجود جي ڳولا (Self Discovery) لاء ڪيل دنيا جي ڊگھي ۾ ڊگھي ريل جي پٽڙيءَ (Trans-Siberian Railway) تي سفر دوران سفري وارتائن بابت پنهنجي ئي خاص انداز ۾ اهڙي ته نموني بيان ڪيو آهي جو پڙهڻ واري کي پيو لڳندو ته هو ڪو ساڻس گڏ هجي. “الف” پڙهي پورو ڪرڻ کانپوءِ نئين ڪتاب جي اچڻ تائين پاڻ کي پائلو ڪوئلهو جي دنيا ۾ غرق رکڻ لاءِ سندس ئي هڪ ڪتاب “ڪيماگر” The Alchemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو شروع ڪري ڏنم. (جيڪو پڻ ڪتابي صورت ۾ ترت پڌرو ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو ڪجهه وقت اڳ دل گھرين دوستن جي مدد سان اِي-بُڪ انٽرنيٽ تي موجود آهي.) جيئن ئي اهو ترجمو پورو ٿيو ته خبر پئي ته سندس هڪ نئون ڪتاب “عڪرا مان هٿ آيل مسودو” Manuscript found in Accra اصل پُرتگالي ٻوليءَ ۾ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. آٿت ٿيو ته بس اِجھو ئي ٿو ان جو انگريزي ۾ ترجمو ڇپجي. ان ڳالهه کي ڪجهه ئي مهينا گذريا ته ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو، جيڪو “مارگريٽ جل ڪوسٽا” Margaret Jull Costa ڪيو، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پڌرو ٿي ويو. اچي مَنَ ۾ مانڌاڻ مَتو ته بس ٻي گھڙي نه ٿئي ۽ اهو ڪتاب مون وٽ هجي. گھڻائي هٿ پير هنيم پر ڪتاب نه مليو، جڏهن ته اهو ڪتاب اميزن Amazon تي ته دستياب هو پر شپمينٽ ڪتاب جي قيمت کان تقريبن پنجوڻ تي هئي.
    آخرڪار، هارپر ڪولن وارن اهو ڪتاب برطانيه ۾ پڌرو ڪري ڇڏيو. برطانيه ۾ ڪو به ڪتاب هارپر وارا اڃا مَسَ رِليز ڪن ۽ انڊيا نه پهچي، ائين ٿي ئي نه ٿو سگھي. هفتي کن ۾ هي ڪتاب انڊيا به پهچي ويو، جتان وري “يُو رِيڊ ڊاٽ ڪام uread.com تان آن لائن آرڊر ڪيم. انڊيا کان شپمينٽ سستي ٿي پئي سو بس هفتي کن ۾ ڪتاب مون وٽ دمام اچي پهتو، تڏهن وڃي ڪا اندر جي باھ جھڪي ٿي.
    حقيقت ۾ مصنف جي مهاڳ ۽ ڪتاب جي ٽائيٽل مان اها ڳالهه چٽي پئي آهي ته هي ڪتاب مصنف جو پنهنجو لکيل ناهي. هي ڪتاب قبطيءَ (Copt - قديم مصري عيسائين کي Copts سڏيو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ لفظ Copt هڪ شخص جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪتاب ۾ صرف هڪ تاريخدان ڪري ڄاڻايو ويو آهي، باقي Copt عقيدي ڏانهن سندس ڪو لاڙو نظر نه ٿو اچي، يا ڪنهن دور ۾ رهيو به هجي جنهن ڪري شايد کيس Copt يا قبطيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي.) جي خُطبي جي مُسَوِدي جو ڇاپو آهي جيڪو 1974ع ڌاري قديم آثارن جي ماهرَ سَر والٽر وِلڪنسن کي Sir Walter Wilkinson مصر کان ڀر واري هڪ شهر عڪرا مان مليو هو. اهو مسودو اصل عربي، عبراني ۽ لاطيني ٻولين ۾ لکيل هو، جيڪو دنيا گُهمندو اچي پائلو ڪوئلهو جي هٿ لڳو. سَر والٽر ولڪنسن جي پُٽَ جي پائلو ڪوئلهو سان ياري دوستي هجڻ سبب هن ان مُسودي جو هڪ نسخو 2011ع ڌاري سندس حوالي ڪيو. پوءِ ظاهر آهي ته پائلوڪوئلهو کي ان مسودي جي لفظ لفظ تي تحقيق ڪندي، ترجما ڪندي، ڇپرائڻ لاءِ اجازتناما ۽ قانوني ڪارروايون ڪندي ٻه کن سال لڳي ويا ۽ آخرڪار ڪتابي صورت ۾ 2013ع پهريان پُرتگالي زبان ۾ ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو.
    ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم. پهرئين ئي باب ۾ پڙهندي لڱ ڪانڊارجي ويا. اها پَڪَ ٿي ويم ته ان ڪتاب جو انتظار ۽ ڀڄ ڊُڪ اجائي نه هئي. “ڪيماگر” جي ٽَڪَرَ جو ڪتاب مونکي هٿ لڳي ويو هو. بس پوءِ ته فيصلو ڪري ڇڏيم ته هي ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪبو هلبو.
    خير سان ترجمو به شروع ٿيو. هر ورق کي پڙهندي ائين ٿي لڳو ڄڻ منهنجي دماغ ۽ روح تي جيڪا ورهين جي دَزُ چڙهيل هئي سان هاڻ صاف ٿيندي پئي وڃي. جيئن جيئن اڳتي وڌندو ٿي ويس تيئن ئي اهو گمان يقين ۾ بدلجندو ٿي ويو ته واقعي ڪٿي هي ڪتاب “ڪيمانگر” جي جاءِ نه وٺي وڃي.
    هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. مٿي بيان ڪيل اهي سڀ سماجي پهلو اسانجي جي روزمرھ جي زندگيءَ تي ڪڏهن ناڪاري ته ڪڏهن هاڪاري انداز ۾ اثرانداز ٿيندا رهن ٿا. جن کي منهن ڏيڻ دوران انهن جي شدت سبب يا ته اسين سنئين راھ ڀُلجيو پئون يا وري همت هاري هر شئي کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيندا آهيون. پر هن ڪتاب ۾ انهن مڙني پهلوئن سان گڏ زندگي گھارڻ جو اهڙو ته درس ڏنو ويو آهي جو پڙهڻ واري جا چارئي طبق روشن ٿيو پون. زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ننڍڙين ننڍڙين اوکائين کي منهن ڏيڻ به هڪ فَنُ آهي. اهو فن انهن کي هٿ اچي ٿو جيڪي ان جا طلبگار آهن. ۽ اهو فن جيئن ته ڪتابن ۾ ڪو نه ملي تنهنڪري اسانکي ساڃهه وندن جي ڀر وٺڻ جي ضرورت پوندي آهي. جيڪي اڄڪلهه ورلي ملن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ساڃهه وند شخص جون سمجھاڻيون موجود آهن جنهن پنهنجي ساڃهه کي اڳتي وڌائڻ پنهنجو فرض سمجھيو. پوءِ ڪير ان مان سبق پرائي ٿو يا نه اهو سندس نصيب آهي. جيئن آءٌ هميشهه اهو چوندو آهيان ته “پڙهڻ وارا ته جام آهن پر سمجھڻ وارو ڪو ڪو آهي.”
    آخر ۾ هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته، ڪجهه پڙهندڙن کي هي ڪتاب پڙهندي شايد اهو وهم ٿي پوي ته هي ڪتاب ته قبطيءَ جي پنهنجي عقيدن تي ٻڌل آهي ۽ ڪٿي ان کي پڙهڻ سان اسانجي عقيدي کي ڪو ڇيهو نه رَسي. پر حقيقت ۾ ائين ناهي، هن ڪتاب جو مذهب يا عقيدي سان ڪو تعلق ئي ناهي. جيئن ڪتاب جي پهرئين ئي باب ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته، قبطيءَ جي ان خُطبي کي ٽنهي وڏن مذهبن جا عالم به دل وجان سان ٻُڌي رهيا هئا ۽ قبطي پاڻ اها ڳالهه ڪئي آهي ته هو ان علم بابت ڳالهائي رهيو آهي جيڪو ڪتابن ۾ نه پر ساڃهه وندن جي دلين ۾ موجود آهي. جيئن هن ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي اهو لکيل آهي ته، “اهو علم زندگي ۽ موت جي حقيقت بابت نه پر روز مرھ جي مامرن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي علم اهو ناهي جيڪو اسين ڪتابن مان پرائيندا آهيون، جنهن جو مقصد صرف حال ۽ مستقبل ۾ ٿيڻين ۽ اڻ ٿيڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ آهي، پر هي علم اهو آهي جيڪو ساڃهه وندن جي دلين ۾ موجود هوندو آهي.”
    تنهنڪري ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.

    فهيم اختر ميمڻ


    ليکڪ جو نوٽ

    1945ع ڌاري مٿانهين مصر جي “حَمرَات دَومُ” واري علائقي جي هڪ غار ۾ آرام لاءِ ترسيل ٻن ڀائرن کي هڪ ٻوٽَي مان ٺهيل ڪاغذن (Papyruses-قديم مصر ۾ لکت لاءِ ڪتب ايندڙ ڪاغذ) تي لکيل مواد سان سَٿيل گُندي هٿ آئي. اُتان جي قانون مطابق لاڳاپيل انتظاميه کي آگاهه ڪرڻ بدران حڪومت جو ڌيان هٽائڻ لاءِ انهن اها لکت قديم آثارن جي بازار ۾ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندن ماءُ اَڀاڳَ جي علامت سمجھي ان دريافت جا ڪيترائي حصا ساڙي ڇڏيا.
    ٻئي سال ٻنهي ڀائرن ۾ ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو، ڪجهه سببن جي ڪري اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي نه سگھي. پر اُن دريافت جي اَڀاڳي هجڻ کي ئي سندن وچ ۾ تڪرار جو بنياد سمجھي سندن ماءُ اهي لکڻيون هڪ پادريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون، جنهن وري اهي لکڻيون قاهره جي قبطي عجائب گھر کي وڪرو ڪري ڇڏيون. اُتي انهن قديم لِکڻين کي هڪ نالو ( نجع حمادي واريون لکڻيون) ڏنو ويو جيڪو اڄ تائين هلندو ٿو اچي. نجع حمادي اصل ۾ انهن قديم لکڻين جي دريافت واري غارن کان ڀر ۾ هڪ شهر جو نالو آهي، جنهن جي حوالي سان اڄڪلهه اهي لکڻيون مشهور آهن. اُن عجائب گھر جي هڪ ماهر ۽ مذهبي تواريخدان جين ڊوريس Jean Doresse انهيءَ دريافت جي اهميت کي سمجھندي 1948ع پهريون ڀيرو هڪ مخزن ۾انهن بابت ذڪر ڪيو.
    انهن مان ڪجهه لکڻيون وري چور بازار مان ظاهر ٿيڻ لڳيون. مصري حڪومت انهن لکڻين کي ملڪ کان ٻاهر ڪنهن جي وَر چڙهي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ پڻ ورتا. 1952ع واري انقلاب کانپوءِ، ان مواد جو ڳچ حصو قومي ۽ تاريخي ورثي جو حصو ڄاڻائي قاهره ۾ موجود قبطي عجائب گھر جي حوالي ڪيو ويو. انهن قديم لکڻين جو صرف هڪ نُسخو بيلجيم جي ثقافتي ورثي جي سامان وڪرو ڪندڙ هڪ هَٽَ جي ور چڙهي ويو. نيويارڪ ۽ پيرس ۾ اُن نسخي کي وڪرو ڪرڻ جي ڪيترين ئي ناڪام ڪوششن کانپوءِ 1951ع ۾ اهو ڪارل جُنگ Carl Jung جي هڪ اداري جي هَٿ لڳو. جڳ مشهور نفسيات جي ماهر ڪارل جُنگ جي لاڏاڻي کانپوءِ اهو نُسخو جنهن کي جنگ ڪوڊيڪس Jung Codex ڪوٺيو وڃي ٿو، قاهره واپس پهتو، ۽ هاڻ نجع حمادي مان هٿ آيل انهن قديم لکڻين جا هزار کن ورق ۽ ٽڪرا ملي سگھن ٿا.

    اهي لکڻيون يوناني ٻوليءَ جي لکت جو ترجمو آهن جيڪي پهرين صدي قبل مسيح جي پڇاڙيءَ ۽ 180 عيسوي سن ۾ لکيون ويون هيون، جن جو ڳچ حصو غير مُستند صحيفن جو حصو بڻجي ويو، پر انجيل جي نئين عهدنامي جي شروعاتي چئن صحيفن ۾ ان جو ڪو ذڪر موجود ناهي. پر ائين ڇو آهي؟
    170 عيسوي ۾ اعلى منصب جي پادرين اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجاڻي ڪئي ته انهن قديم لکڻين مان ڪهڙيون انجيل جي نئين عهدنامي ۾ شامل ڪيون وڃن. انهيءَ چونڊ جو معيار هن ريت هو ته؛ نئين عهدنامي ۾ هر اها لکڻي شامل ڪئي ويندي جيڪا عيسائيت جي عقيدن جي مخالفت ۽ انهن عقيدن جي نظرياتي گروهه بنديءَ جو مقابلو ڪري. ائين انجيل جي نئين عهدنامي جي چئن ئي صحيفن کي نئين ترتيب ڏني وئي، اهڙي ريت ئي انهن پادرين حضرت عيسىؑ جي حوارين جي لکڻين کي پڻ پنهنجي نظرين ۽ عقيدن جي معيار پٽاندر عيسائيت جي عقيدي جو حصو بڻائي ڇڏيو. پادرين جي ان گڏجاڻيءَ جي حوالي سان ڇپيل مُستند ڪتابن جي فهرست موراٽورين ڪينن Muratorian Canon ۾ حاصل ڪري سگھجي ٿي. ڪجهه ٻيون لکڻيون جيڪي پڻ نجع حمادي مان حاصل ڪيون ويون، تِن کي خارج ڪيو ويو، جنهن جو سبب اهو هو ته يا ته اهي ڪنهن عورت لکيون هيون (جيئن، ميري ميگدلين Mary Magdalene جو صحيفو) يا وري انهن لکڻين ۾ عيسىؑ جو اهڙو خاڪو پيش ڪيو ويو هو جيڪو پنهنجي روحاني مقصد کان چڱي ريت آگاهه هو ۽ سندس آخري وقت وارين پيڙائن کي واضح نه ڪيو ويو هو.

    1974ع ڌاري هڪ قديم آثارن جي ماهر انگريز سَر والٽَر وِلڪِنسن Sir Walter Wilkinson هڪ ٻيو صحيفو دريافت ڪيو، جيڪو ٽن ٻولين عربي،عبراني ۽ لاطيني ۾ لکيل هو. کيس ان علائقي ۾ اهڙي قسم جي دريافت جي سنڀار لاءِ لاڳو قانون جي آگاهي هجڻ سبب هن اهو صحيفو قاهره جي عجائب گھر ۾ موجود آثارِ قديمه جي اداري جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪجهه ئي وقت کان پوءِ ان صحيفي جون لڳ ڀڳ 155ڪاپيون پوري دنيا ۾ ڦهلجي ويون، (جن مان ٽي ڪاپيون ته عجائب گھر جي ملڪيت به هيون) جيڪي سڀ جون سڀ هڪجهڙيون ٿي لڳيون. ڪاربان-14(نامياتي مُرڪبن جو دور يا مُدو ٻڌائڻ جي مُشاهدي ۾ ڪتب ايندڙ ٽيسٽ) مان اهو ظاهر ٿيو ته اهو صحيفو ويجھڙائيءَ واري دور، گھڻو ڪري 1307 جي ويجھي اوڏي دور جو آهي. ۽ انجي ملڻ واري هنڌ ( عڪرا) جي نشاندهي ڪرڻ به آسان ڪم هو، جيڪو مصر جي حدن کان ٻاهر هو. تنهنڪري ئي ان صحيفي کي ملڪ کان ٻاهر نيئڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه هئي. ان ريت سَر والٽر کي 23 نومبر 1974ع ڌاري مصري حڪومت کان ان صحيفي کي برطانيه کڻي وڃڻ جو اجازتناموRef. 1901/317/IFP-7 ملي ويو.

    1982ع ڌاري ويلس پورٿمڊاگ Wales Porthmadog ۾ ڪرسمس جي موقعي تي آءٌ سَر والٽر جي پُٽَ سان مليس. مونکي ياد آهي ته ڪجهه وقت اڳ ۾ ڪنهن موقعي تي هُن سندس پيءُ جي ان دريافت جو ذڪر اسان سان ڪيو هو، پر ان وقت اسان مان ڪنهن به ان ڳالهه ڏانهن توجهه نه ڏنو هو. تنهن کانپوءِ سالن تائين ساڻس ناتو جڙيو رهيو ۽ هڪ ٻن موقعن تي ملاقات به ٿي جڏهن آءٌ پنهنجي ڪتابن جي مشهوريءَ لاءِ ويلس ويل هئس.
    30 نومبر 2011ع ڌاري مونکي ان صحيفي جي هڪ ڪاپي ملي جنهن جو هُن پهرين گڏجاڻيءَ ۾ ذڪر ڪيو هو. ۽ آءٌ ان صحيفي جو نقل هن ڪتاب ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

    پائلو ڪوهئلو


    باب 1

    آءٌ پنهنجو هي ليک هيئن شروع ڪرڻ چاهيان ٿو:
    “ هن وقت آءٌ حياتيءَ جي پَڇاڙڪي حصي ۾ آهيان، ۽ آءٌ پنهنجي پونئيرن لاء اهو سڀ ڪجهه ڇڏي وڃڻ واريو آهيان جيڪو مون پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ پِرايو ۽ اميد ٿو ڪيان ته اهي ان جو صحيح استعمال ڪندا.”
    هن وقت آءٌ اڃا ايڪويهن ورهين جو آهيان، منهنجي ابي امڙ مونکي تمام گهڻو پيار ڏنو، وڏي تعليم ڏني ۽ وڏو ٿي مون ان عورت سان شادي ڪئي جنهن کي مون چاهيو، ۽ هن پڻ مونکي قرب ڏنو. انهن ڳالهين جي باوجود به اهو سوچيندي ڏُک ٿو ٿئي ته، سڀاڻي زندگي اسان کي ڌار ڪري ڇڏيندي ۽ اسانکي پنهنجو گس، ڀاڳ يا مرتيي کي مُنهُن ڏيڻ جو طريقو پاڻ ئي ڳولڻو آهي.
    اسانجي آڪهه مطابق، اڄ 14 جولاءِ 1099 آهي. يعقوب، منهنجي ننڍپڻ جو سنگتي آهي، جنهن سان يروشلم جي گھٽين ۾ مون ڪُڏندي وقت گُذاريو، سندس آڪهه مطابق هيءُ 4859 جو سال آهي؛ جيڪو هو هوڏ سان ٻڌائيندو آهي ته سندس يهودي مذهب منهنجي مذهب کان تمام گھڻو پُراڻو آهي. ابن الاثير جنهن پنهنجي سموري حياتي تواريخ سهيڙڻ لاءِ ارپي ڇڏي، اها تواريخ جيڪا هاڻ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پُڄڻ واري آهي، ان مطابق، سال 492 هه پنهنجي پُڄاڻيءَ تي آهي. اسين تواريخ يا ٻانهپ جي مامرن ۾ ڀلي هڪٻئي سان سهمت نه هُجون، پر زندگيءَ جي ٻين مڙني مامرن ۾ اسين سڀ هڪٻئي جا سُونهان آهيون.
    هڪ هفتو اڳ اسانجي سپهه سالار هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي. جنهن ۾ فرانس جي ويڙهاڪن جي شهر تي ڪاهه جي حوالي سان سندن سگهه، بهترين جنگي صلاحيتن ۽ هٿيارن پنهنوارن بابت ٻڌايو ، جيڪي اسان کان هر حال ۾سَرسُ آهن. ان گڏجاڻيءَ ۾ اسانکي ٻن مان ڪا هڪ شئي چونڊڻ لاءِ چيو ويو؛ هڪ، يا ته شهر ڇڏي ڀڄي وڃون يا مُڙسيءَ سان مرڻ گھڙيءُ تائين مهاڏو اٽڪايون. ڇاڪاڻ جو اسانکي شڪست ته ملڻي ئي آهي.
    اهو ٻڌي به اسان مان ڪيترن ئي ترسڻ جو فيصلو ڪيو.
    مسلمان ڳاهٽ ڪيو مسجد الاقصى وٽ موجود آهن، جڏهن ته يهودين پنهنجا ويڙهاڪ دائودؑ جي محراب وٽ گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ عيسائي جيڪي مختلف طبقن ۾ رهن ٿا، تن کي شهر جي ڏاکڻئين حصي جي دفاع لاءِ موڪليو ويو آهي.
    شهر کان ٻاهران، دشمنن جا، ڀڳل ڀريل ٻيڙين مان ٺاهيل مورچا به ڏسي سگھجن ٿا. سندن چرپر مان ته ائين لڳي رهيو آهي ته هو سڀاڻي تائين حملو ڪري “پوپ”، “آزادي” ۽ “خدا جي مرضيءَ” جي نالي تي اسان کي رتو ڇاڻ ڪندا.
    انهيءَ ساڳئي چوڪ ۾ جتي هزار سال اڳ رومي گورنر پونٽِيَس پِلاٽيءَ Pontius Pilate عيسىؑ کي صليب چاڙهڻ لاءِ ماڻهن جي هُجوم حوالي ڪيو هو، اڄ شام انهيءَ ئي چوڪ ۾ هر عمر جي ماڻهن جو انبوهه هڪ يونانيءَ کي ٻُڌڻ لاءِ ويل آهي، جيڪو قبطيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    قبطي به عجيب شخص آهي. اڃا سامايو ته پنهنجو اباڻو شهر ايٿنس ڇڏي ڌن دنيا جي ڳولا ۾ نڪري پيو، ۽ بُک اڃ ڀوڳيندي اسانجي شهر جي در تي اچي ڇيهه ڪيائين، ۽ جڏهن کيس چڱو موچارو ڪم مليو ته پوءِ هن وڌيڪ رلڻ جو ارادو ترڪ ڪري هت ئي ويڙهو وسائي ڇڏيو.
    کيس هڪ موچيءَ وٽ ڪم ملي ويو. ۽ پوءِ هن به ابن الاثير وانگر هر اکين ڏٺي، ڪنين ٻڌي شئي پونئيرن جي رهنمائيءَ لاءِ لکڻ شروع ڪري ڏني. نه ئي هو ڪنهن مذهب جو پوئلڳ هو ۽ نه ئي وري ڪنهن کيس ان پاسي لاڙڻ جي ڪوشش ئي ڪئي. هن مطابق اسين نه ته سال 1099 يا 4859 ۾ ۽ نه ئي وري 492 جي ڇيڙي تي آهيون. قبطيءَ جو عقيدو صرف زمان حال تي ۽ ان اَڄاتل خدا تي هو جنهن کي هُو “مُوائرا” Moira يا “ڀاڳ” ڪوٺيندو هو، ۽ ان روحاني طاقت جو صرف هڪئي قانون آهي، ۽ جڏهن به اهو قانون ٽوڙيو ويو ته دنيا جو خاتمو ٿي سگھي ٿو.
    قبطيءَ جي ڀر ۾ يروشلم ۾ موجود ٽنهي مکيه مذهبن جا پيشوا به موجود هئا. ان گڏجاڻيءَ ۾ ڪو به حڪومتي نمائندو موجود نه هو؛ ڇاڪاڻ جو هو هلان آڏو بند ٻڌڻ وارن انتظامن ۾ رُڌل هئا.
    ۽ جڏهن ته اسان جي نظر ۾ اهو سڀ ڪجهه اجايو هو.
    قبطيءَ چيوته، “صديون اڳ، هن ئي چوڪ ۾ هڪ شخص کي فيصلي ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن رستي تان هو پنهنجي موت ڏانهن وڌي رهيو هو ان جي ساڄي پاسي ڪجهه عورتن کي روئيندو ڏسي ان چيو هو: “افسوس مون لاءِ نه پر يروشلم جي لاءِ ڪيو.”
    سندس اها اڳڪٿي اڄ سچ ثابت ٿي رهي آهي. سڀاڻي کان، هتان جون محبتون ۽ ايڪتا ختم ٿي ويندي، سُک ڏکن ۾ مٽجي ويندا، امن هڪ اهڙي جنگ ۾ مٽجي ويندو جنهن جو ترت ۾ ڪو انت نظر نه ٿو اچي.”
    ڪنهن به ڪجهه نه ڪُڇيو، ڇاڪاڻ جو اسان مان ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته، اسين اتي ڪهڙي مقصد لاءِ موجود هئاسين. شايداسانکي انهن ڪاهه ڪندڙن بابت هڪ خطبو ٻڌڻو هو، جن پاڻ کي صليبي جنگجو ٿي سڏرايو.
    هڪ گھڙيءَ لاءِ قبطيءَ چئوڦير ماحول ۾ پکڙيل نراسائيءَ جو مشاهدو ڪندي، هڪ ڊگهي خاموشيءَ کانپوءِ پنهنجو بيان جاري رکيو:
    “هو هن شهر کي ته تباهه ڪري سگھن ٿا، پر اُهو سڀ ڪجهه تباهه نه ٿا ڪري سگھن جيڪو هن شهر اسانکي سيکاريو آهي، اُها ڄاڻ ۽ اُهو علم ڏاڍو سگهارو آهي، ۽ انکي اسانجي شهر جي ڀِتيُن، گھرن ۽ گھٽين وانگي ڊاهي ڪو هاڃو نه ٿو رسائي سگھي. پر اها ڪهڙي ڄاڻ آهي، اهو ڪهڙو علم آهي؟”
    جڏهن ڪنهن ڪجهه نه وراڻيو ته هن پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائي:
    “ اِهو علم زندگيءَ ۽ موت جي حقيقتن بابت کڻي نه به، پر پنهنجي ڏهاريءَ جي ڪاروهنوار ۾ مکاميل ٿيندڙ مامرن ۽ اوکاين کي منهن ڏيڻ ۾ سهائتا ڪري ٿو. هي اهو علم ناهي جيڪو اسين ڪتابن مان پِرائيندا آهيون، جنهن جو مقصد صرف حال ۽ مستقبل ۾ ٿيڻين ۽ اڻٿيڻن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ آهي، پر هي اهو علم آهي جيڪو ساڃاهه وندن جي دلين ۾ موجود هوندو آهي.”
    قبطيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو: “قديم آثارن جي سنڀال جو فن، تواريخ درج ڪرڻ ۽ سياست جهڙن ميدانن ۾ ڳچ سال ارپڻ کانپوءِآءٌ انهن مڙني شين جو سُڄاڻُ آهيان، پر تنهن هوندي به مونکي خبر ناهي ته اوهان سان ڇا ڳالهائجي. پر آءٌ ان روحاني قوت کان پنهنجي دل جي پختگيءَ لاءِ دعا ٿو گهرا. تنهن کانپوءِ اوهان مون کان سوال ڪندئو ۽ آءٌ جواب ڏيندس. قديم يونان جي استادن جو به اهو ئي طريقيڪار هو؛ سندن شاگرد کانئن مختلف مامرن بابت سوال ڪندا هئا ۽ هو کين جواب ڏيندا هئا.”
    “تنهنجي جوابن کي اسان ڇا ڪنداسين؟” ماڻهن جي انبوهه مان هڪ پڇيو.
    “اوهان مان ڪجهه منهنجون ڳالهيون لکندا ۽ ڪجهه وري ياد ڪندا ويندا. پر اهم ڳالهه اها آهي ته اڄ رات تائين اوهان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويندئو، ۽ جيڪي ڪجهه به اوهان ٻڌو سو ٻين سان اوريندئو. اهڙي ريت يروشلم جو روح محفوظ رهندو. ۽ هڪ ڏينهن اسين يروشلم کي ٻيهر نه صرف هڪ شهر پر علم جو هڪ مرڪز ڪري اڏينداسين، ۽ هت هڪ ڀيرو ٻيهر امن قائم ٿيندو.”
    “اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي.” انبوهه مان ٻئي شخص وراڻيو. “ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته جنگ جي تياريءَ ۽ امن برقرار رکڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي؟”
    قبطي ڀر ۾ ويٺل هڪ مُکيه ڏانهن نهاريو ۽ جھٽ ئي ماڻهن جي انبوهه ڏانهن مڙيو.
    “اسان مان ڪنهن کي به ڪا خبر ناهي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڇاڪاڻ جو هر ڏينهن پاڻ سان ڪي نه ڪي وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ گھڙيون آڻي ٿو. تنهنڪري جڏهن اوهان سوال پڇڻ لڳو ته شهر جي بندن تي ويڙهاڪن ۽ من اندر جي ڊپ کي وساري ڇڏيو. اسانجو مقصد پونئيرن لاءِ اهو لکڻ اهم ناهي ته اڄوڪي ڏينهن تي ڇا ٿي گذريو هو، تواريخ پاڻ ئي انهن شين کي ياد رکندي. اسين صرف پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ دوران آڏو ايندڙ اوکاين بابت ڳالهائينداسين. ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي جيڪو سڀاڻي ۾ دلچسپيءَ جو باعث بڻبو، ڇاڪاڻ جو ايندڙ هزار سالن تائين منهنجي خيال ۾ ته ڪجهه به تبديل ٿيڻ وارو ناهي.”
    ***


    باب 2

    منهنجي پاڙيسري يعقوب پڇيو:
    “ اسانکي شڪست بابت ڪجھ ٻڌايو.”

    قبطيءَ وراڻيو:
    ڇا سياري ۾ پوندڙ پارن ڪري وڻ مان ڇڄي ڪرندڙ پَنَ کي به شڪست جو احساس ٿيندو آهي؟
    وڻُ ته تڏهن به پَنَ کي آٿت ڏيندي چوندو آهي ته:
    “تنهنجي خيال ۾ تنهنجو هڪ نه هڪ ڏينهن انت ٿيڻ وارو آهي، پر اهو ئي زندگيءَ جو وهنوار آهي. تون ته منهنجي وجود جو حصو آهين. تنهنجي ڪري ئي آءٌ زندهه آهيان ۽ ساهه کڻي سگھان ٿو. تنهنجي ڪري ته، ئي ٿڪلَ مسافرَ منهنجي ڇانوَ کي پسند ڪن ٿا. تون منهنجي سگهه آهين ۽ آءٌ تنهنجي سگهه آهيان. اسين ٻئي هڪ آهيون.”
    سالن جا سال دنيا جي اوچي ڏونگر جي چوٽيءَ تي چڙهڻ جون تياريون ڪرڻ کانپوءِ، جڏهن هڪ شخص، ان ڏونگر تي قدرت جو ويڙهيل طوفانن جو لَباتوڏسندي ئي ڇا هو شڪست تسليم ڪري وٺي ٿو؟ ان ويلي اهو شخص ڏونگر کي چئي ٿو ته: “هن مهل تون نه ٿو چاهين ته آءٌ تنهنجي چوٽيءَ کي ڇهان، پر هڪ ڏينهن مند مٽبي ۽ آءٌ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندس. تيسيتائين تون اتي ئي منهنجو انتظار ڪر.”
    ڇا هڪ نوجوان پنهنجي پهرئين محبت ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ محبت تي ئي، اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي؟
    اهو نوجوان پوءِ به، پاڻ کي پيو آٿت ڏيندو آهي ته: “آءٌ اڃا وڌيڪ بهتر محبوب ڳولي لهندس، جيڪو منهنجي احساسن کي سمجھي سگھي. ۽ پنهنجي باقي حياتي آءٌ ساڻس خوش گذاريندس.”
    قدرت جي وهنوار ۾ سوڀ يا ناڪاميءَ جهڙي ڪا به شئي موجود ناهي، جيڪڏهن ڪا شئي آهي ته اها آهي هميشهه چُر پُر ۾ رهڻ.
    سيارو به پنهنجو پاڻ مڃائڻ لاءِ، جتن ڪندو رهي ٿو، پر آخرڪار کيس بهار آڏو آڻ مڃڻي پوي ٿي، جيڪو پاڻ سان گڏ گُل ڦل ۽ سُرهايون آڻي ٿي.
    آرهڙ پنهنجي گرميءَ کي هميشه لاء قائم رکڻ گھري ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس اهو خيال آهي ته گرمي زمين لاءِ فائديمند آهي، پر آخرڪار، کيس به سرءُ آڏو آڻ مڃڻي پوي ٿي، جيڪو ڌرتي کي سک ۽ سامت ڏئي ٿو.
    ننڍڙو ۽ سهڻو هرڻ ته گاهه کائي ٿو، پر هو وري شينهن جو کاڄ بڻجي ٿو. سوال اهو ناهي ته ڪير وڌيڪ سگھارو آهي، پر اهي سڀ شيون زندگي ۽ موت جي وهنوار کي اسان آڏو وائکو ڪرڻ لاءِ اپائڻهار جا وَڙَ آهن. ۽ زندگيءَ جي ان وهنوار ۾ نه ته ڪير سوڀارو آهي ۽ نه ئي وري ڪير هيڻو آهي، اهي صرف زندگيءَ جا ورَ وڪڙَ آهن جن مان لنگھي پار پوڻو آهي. جڏهن انساني دل ان ڳالهه کي سمجھڻ جي قابل ٿيو پوي تڏهن اها اوکاين کي مڃڻ لڳي ٿي ۽ سوڀ وارن پَلن ۾ ڀٽڪڻ کان بچيو پوي.
    ڏک ۽ سک هڪٻئي جي پويان گذريو وڃن، ۽ زندگيءَ جو اهو وهنوار ايسيتائين جاري رهي ٿو، جيسيتائين اسين پنهنجي بت کان ڇڄي ڌارٿي هڪ روح ۾ مٽجي ٿا وڃون.
    تنهنڪري، هڪ ويڙهاڪ جڏهن جنگ جي ميدان ۾ لهي ٿو، پوءِ ڀلي اهو سندس ڀاڳ هجي يا اَڀاڳ ٻنهي صورتن ۾ جنگ وڙهڻ ئي سندس وَڙُ هجڻ گھرجي. ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي ان وَڙَ تي قائم رهي ٿو ته پوءِ جنگ هارڻ جي صورت ۾ به کيس هارائڻ نا ممڪن ٿيو پوي، ڇاڪاڻ جو سندس روح سالم ٿيو پوي. هو ساڻس ٿيندڙ ويڌن جو ڏوهه به ڪنهن جي مٿان نه مڙهيندو. پنهنجي پهرين محبت ۾ ناڪاميءَ کانپوءَ هو اهو ڄاڻي وٺي ٿو ته اها ناڪامي سندس محبت ڪرڻ واري صلاحيت کي ختم نه ٿي ڪري سگھي. ڇاڪاڻ جو محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي.
    هڪَ جنگ هارائڻ کانپوءِ يا اها هر شئي جيڪا اسان وٽ موجود هئي سا وڃائڻ کانپوءِ واري صورتحال اسان لاءِ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جون گھڙيون آڻيو ڇڏي، پر اهي گھڙيون گذرڻ کانپوءِ به، اسان پاڻ ۾ موجود هڪ لڪل سگهه ڳولي لهون ٿا، اها سگهه اسان لاءِ خوشين جو ڪارڻ بڻجي ٿي ۽ اسانجي مان مريادا کي جيئندان ڏئي ٿي. تنهن کانپوءِ اسين پاڻ کي سَرهائيءَ منجھان مخاطب ٿيندي اهو چئون ٿا ته: “آءٌ تَڳي ويس.” پر جيڪي ان ڳجھي سگهه کي محسوس نه ٿا ڪري سگھن اهي اَرها ٿيو چوندا وتن ٿا ته: “مون آڻ مڃي.”
    پر جيڪي هارَ جي پيڙا مان گذري رهيا هوندا آهن ۽ سوڀارن جي ارڏاين تي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندا آهن. اهي ٻه به، نير ته ضرور وهائيندا آهن، پر ڪڏهن به خودترسيءَ وگھي زير نه ٿيندا آهن. کين خبر هوندي آهي ته اِهو جنگ ۾صرف ٿوري گھڙيءَ جي ساهي آهي. هو پنهنجي دل جو دهڪو به ٻڌي سگھن ٿا. کين اها به ڪل هونديآهي ته هو اٿانيڪا ۽ ڊنل آهن. پر جڏهن هو پنهنجي جيون تي ويچارن ٿا ته ڊپ بدران سندن روح ۾ کين هڪ آس ۽ ويساهه نظر ايندو آهي، ۽ جيڪو کين اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏيندو آهي.
    انهن هارَ وارين گھڙين ۾ کين آرام ڪرڻ، ڦٽن ڀرجڻ، پنهنجي صحيح يا غلط فيصلن تي ويچارڻ ۽ وڌيڪ بهتر رٿابندي ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو.
    ائين هڪ ڏينهن وري هڪ نئون سج اُڀري ٿو ۽ نئين جنگ مٿن اچي ڪڙڪي ٿي. هو اڃا به ڊنل رهن ٿا پر کين يا ته منهن ڏيڻو آهي يا وري هميشه لاءِ هارَ مڃڻي آهي. هو پنهنجي انهن پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي جيڪي هو ڏسي چڪا هئا ٻيهر ورجاءَ کان روڪڻ لاءِ دشمنن مان مهاڏو اٽڪائيندا رهن ٿا.
    سندن پهرين شڪست جو مطلب اهو آهي ته، هن ڀيري کين ضرور ڪامياب ٿيڻو آهي، ڇاڪاڻ جو هو ٻيهر ان پيڙا ۾ پيڙجڻ نه ٿا چاهن.
    پر جيڪڏهن فتح هن ڀيري به سندن قسمت ۾ ناهي ته، اها ٻئي ڀيري ضرور کين نصيب ٿيندي، ٻئي ڀيري نه ته ٽئين ڀيري. اصل ڳالهه پيرن تي بيهڻ آهي.
    هارَ ته، رڳو انهن کي پڙ پئي ٿي جيڪي آڻ مڃن ٿا، باقي سڀ ته سوڀارا آهن.
    اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ٻڌڻ وارا انهن پيڙائن ۽ ڀوڳنائن وارين گھڙين کي صرف آکاڻين ۾ ڌيان سان ٻڌندا ۽ انهن مان ٽي شيون پرائيندا:
    صحيح وقت جو انتظار، موقعي کي جَھٽڻ، ۽ پنهنجن ڦٽن جي سڪل نشانن تي فخر ڪرڻ.
    گهائن جا نشان گوشت تي اُڪريل تمغا (ٻِلا) آهن، ۽ توهانجو دشمن انهن کان هميشه ڊنل رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻِلا توهانجي لڳاتار جنگين وڙهڻ جي تجربي جو ثبوت آهن. دشمن انهن گهائن جا نشان ڏسي ڳالهه ٻولهه ذريعي جھيڙو ختم ڪرڻ تي مجبور ٿيو پوي.
    انهن گهائن جو اثر ان تلوار کان وڌيڪ تيز آهي جيڪا انهن جو ڪارڻ بڻي.
    ***


    باب 3

    “هارايَلَن بابت ڪجھ بيان ڪيو.” هڪ واپاريء قبطيء جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان پوء کانئس پڇيو

    قبطيءَ وراڻيو:
    هارايَلَ ڪڏهن به ناڪام ناهن ٿيندا.
    ناڪامي (ف) ث . ناڪام ٿيڻ واري حالت، ناڪاميابي، نامرادي، نااُميدي، نِراسائي، مايوسي، محرومي، بدنصيبي.
    ڪا اهڙي شئي جيڪا اسانکي هر حال ۾ گُھرجي، ۽ اسين انکي حاصل نه ڪري سگھون ته اها شڪست چئبي. پر ناڪامي اسانکي خواب ڏسڻ کان ئي روڪيو ڇڏي. ان بابت هڪ چوڻي به آهي ته: “ڪنهن مان ڪا به اميد نه رکندئو ته ڪڏهن به نراس نه ٿيندئو.”
    پهرئين ناڪاميءَ کانپوءِ نئين جنگ ۾ لهڻ ساڻ ئي شڪست جو انت اچيو وڃي. پر ناڪاميءَ جو ڪو به انت ناهي؛ اها سڄي زندگي پنهنجي لباتي ۾ ويڙهيو ڇڏي.
    هارَ انهن جي لاءِ آهي جيڪي ڊنل هوندي به بُردباريءَ ۽ يقين سان پنهنجي حياتي گھارين ٿا. هارَ به سُورمَن جو وَڙُ آهي، رڳو انهن کي ئي هارَ جي پد ۽ سوڀ جي سرهائيءَ جو اندازو هوندو آهي.
    آءٌ اهو نه ٿو چوان ته هارَ زندگيءَ جو حصو آهي؛ پر اسان مان مڙني کي خبر آهي ته صرف ناڪام شخص کي ئي محبت جو صحيح ڪاٿو هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو محبت جي ڪارڻ ئي اسين جنگيون شروع ڪندا آهيون ۽ ناڪام به ويندا آهيون.
    آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائڻ گھران ٿو ته اهڙا به ماڻهو آهن جن کي ڪڏهن شڪست نه ملي. ڇاڪاڻ جو هنن ڪڏهن ڪا ويڙهه ئي نه وڙهي. هو انهن ڦٽن، هيڻائي ۽ دَرماندو ٿي وڃڻ واري احساس کان لنوائيندا رهيا. هو انهن گھڙين کان به لنوائيندا رهيا جن ۾ هڪ ويڙهاڪ اهڙي حالت ۾ پهچي ويندو آهي جو کيس خدا جي وجود تان پڻ يقين کڄي ويندو آهي.
    اهڙا ماڻهو آڪڙ وچان چوندا آهن ته؛ “ مون ڪڏهن به ڪا جنگ ناهي هارائي.”پر ٻئي پاسي هو اهو به چوڻ جي قابل ناهن هوندا ته؛ “مون ڪنهن جنگ ۾ ڪا فتح به ماڻي.”
    انهن ڪڏهن به “الله واهي” يا “آءٌ اچي ويس، مونکي اُڪيرَ منجھان ڳراٽڙي پاءِ جيئن ڪنهن وڇوڙي کانپوءِ ميلاپ ٿئي ٿو.” جهڙا لفظ نه ٻڌا.
    اهي جن کي ڪڏهن به شڪست نه ملي، اهي ظاهر ۾ ته سَرها ۽ سوڀارا نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ جو کين ڪا به شئي حاصل ڪرڻ لاء آڱر به نه ٿي کڻڻي پوي. پر هو هميشه ڏاڍن ڀر هوندا آهن، ۽ هاتارُن وانگي شينهن جي اوبر کائيندا وتندا آهن. هو پنهنجي اولاد کي به اهائي تربيت ڏيندا آهن ته، “جھيڙن جھٽن کان پاسو ڪيو، پنهنجا اُڌما پاڻ تائين رکندئو ته ڪڏهن به ڏکيو وقت نه ڏسندئو. جيڪڏهن ڪير توهان تي حملو به ڪري ته کيس جواب نه ڏيو يا گند سان گند نه بڻجو، اوهانکي زندگيءَ ۾ ٻيا به ڪيئي اهم ڪم ڪرڻا آهن.”
    رات جي سانت ۾ هو خيالي ويڙهيون جوٽيندا وتن ٿا. سندن ڪوڙن خوابن ۽ ساڻن ٿيل ناانصافين تي هو پنهنجيون اکيون ٻوٽيو ڇڏين. اها بزدلي هو لوڪ کان ته لڪايو وڃن پر پاڻ کان نه لڪائي سگھندا آهن. ۽ اهو پيار ۽ پاٻوهه جيڪا اُپائڻهار سندن ڪاڻ موڪلي، جيڪا پنهنجي اکين ۾ هڪ روشني کڻي سندن گس جھليو بيٺي آهي، هو ان کي ڳراٽڙي پائڻ جي به همت نه ٿا رکن.
    هو پنهنجو پاڻ سان ئي اهو عهد ڪندا آهن ته؛ “سڀاڻ ضرور مختلف ۽ نئون ڏينهن ٿيندو.” پر ٻئي ڏينهن سندن ذهنن ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته ؛ “ جيڪڏهن اڄ به ڪجهه نه ڪري سگھيس ته پوءِ ڇا ٿيندو؟” نتيجي ۾ هو ڪجهه به نه ڪري سگھندا آهن.
    افسوس آهي انهن تي جن ڏکيو وقت نه ڏٺو. هو ڪڏهن به فاتح بڻجي نه ٿا سگھن.
    ***


    باب 4

    “اسانکي هيڪلائيءَ بابت ڪجھ ٻڌايو.”
    هڪ نوجوان عورت، جنهن جي شادي اجهو شهر جي هڪ سرنديءَ واري جي پٽ سان ٿيڻ واري هئي، پر هاڻي جنگ جي ڪري کيس وڃڻ جي اجازت هئي، تنهن پڇيو.

    قبطيءَ وراڻيو:
    هيکلائيءَ کانسواءِاوهان محبت کي نه ٿا سمجھي سگھو. ڇاڪاڻ جو محبت کي سانت جي طلب رهي ٿي، ته جيئن اها پنهنجا روپ مٽائي آسمانن مان اڏارون ڪندي توهان تائين پهچي سگھي.
    هيکلائيءَ کان سواءِ نه ٻوٽن کي جياپو آهي نه ئي جانورن کي، نه مٽي اپائيندڙ ٿي رهي نه وري ڪو ٻار زندگيءَ بابت ڪجهه پرائي سگھي ٿو، نه ئي ڪو فنڪار پنهنجي ڪا شئي تخليق ڪري سگھي ٿو، مطلب ته هيکلائيءَ کانسواءِ ڪنهن به شئي جي اوسر ممڪن ناهي.
    هيڪلائي محبت جي اڻ هوند جي سببان ناهي پر اها ان محبت جو پورائو ڪرڻ لاءِ آهي.
    هيکلائي ڪنهنجو ساٿُ ڇُڏڻ سببان ناهي پر اِها اُها گھڙي آهي جنهن ۾ اسانجو روح اسان سان ڳالهائڻ لڳي ٿو ۽ اسانکي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
    تنهنڪري، ڀاڳن وارا آهن اهي جيڪي هيکلائيءَ ۾ سَندي ساٿ کان ڊڄندا ناهن ۽ جيڪي هميشه پنهنجي وندر لاءِ يا پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ اڻتڻ ۾نه ٿا رهن.
    هيکلائيءَ پاڻ سڃاڻ ممڪن ئي ناهي. ۽ جن پاڻ نه سڃاتو اهي ان خال کان ڊنل رهن ٿا. پر اهڙي ڪنهن به خال جو ڪو وجود ئي ناهي. اسانجي روحن ۾ هڪ وسيع دنيا موجود آهي، جيڪا پنهنجي ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ رهي ٿي. اها دنيا اتي پنهنجي پوري سگهه سان قائم رهي ٿي، پر ڇاڪاڻ جو اها هڪ نئين ۽ سگھاري دنيا هجي ٿي، ان ڪري اسين انجي وجود کي ڄاڻڻ کان ئي ڊنل رهون ٿا.
    پاڻ سڃاڻ وارو عمل اسانکي ان ڳالهه تي قائل ڪري ٿو ته اسين پنهنجي سوچن کان به گھڻو اڳتي وڃي سگھون ٿا. اها ئي ڳالهه اسانکي ڊيڄاريندي رهي ٿي ۽ اسين ڪو به جوکم جو ڪم ڪرڻ کان لنوايون ٿا. ۽ اهو چوندا رهون ٿا ته، “ آءٌ اهو نه ڪري سگھيس جيڪو مونکي ڪرڻ گھربو هو، ڇاڪاڻ جو ڪنهن مونکي ڪرڻ نه ڏنو.” اها ڳالهه اسانکي اطمينان ڏئي ٿي ۽ اسين انهيءَ ۾ ئي پنهنجي سلامتي محسوس ڪيو ٿا، پر حقيقت ۾ انهن جي اها ڳالهه پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻڻ جي برابر آهي.
    افسوس آهي انهن تي جيڪي پنهنجي سڄي زندگي اهو چوندي گذاري ڇڏن ٿا ته، “ مونکي ڪو موقعو نه مليو!” جنهن سبب هو هر ڏينهن پنهنجي ئي ٺاهيل حدن جي کوهه جي اونهائيءَ ۾ ٻڏل رهن ٿا، تان جو اها گھڙي اچي وڃي ٿي جڏهن وٽن ايتري به سگهه باقي نه ٿي رهي جو هو ان کوهه مان نڪري پنهنجي چئوڦير پکڙيل اوجر پسي سگھن.
    سڀاڳا ته اهي آهن جيڪي اهو چون ٿا ته، “ آءٌ بردبار ناهيان.” ڇاڪاڻ جو انهن اها خبر آهي ته اها ڪنهن ٻئي جي خطا ناهي، ۽ اڳي پوءِ کين اُها وتُ ۽ ويساهه ملي وڃي ٿو جيڪو کين هيکلائيءَ ۽ انجي ڳُجھن کي سمجھڻ ۾ سهائتا ڪري ٿو.
    اهي جيڪي هيکلائيءَ کان ڊنل ناهن، انهن لاءِ هر شئي مختلف سواد رکي ٿي. هيکلائيءَ ۾ هو اها محبت ڳولي لهن ٿا جنهن جي وجود جي کين ڄاڻ ئي نه هئي. هيکلائيءَ ۾ هو ان محبت کي سمجھڻ ۽ ان جو احترام ڪرڻ سکن ٿا. هيکلائيءَ ۾ هو ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿي پون ٿا ته رُسي ويل محبت سان پرچاءُ ڪرڻ گھرجي يا انکي ڇڏي ڪو نئون گس وٺجي.
    هيکلائيءَ ۾ هو اهو به سکن ٿا ته ڪنهن ڳالهه کان “نهڪر” ڪرڻ ۾ هميشه وڏيءَ دل جي نفي ناهي هوندي ۽”هاڪار” ڪرڻ به ڪو هميشه جو وڏو وَڙُ ناهي.
    جيڪي هن وقت هيکلا آهن، کين شيطان جي انهن ڳالهين کان به مايوس نه ٿيڻ گھرجي ته، “ توهان پنهنجو وقت وڃائي رهيا آهيو.” يا “توهانجي ڪنهن کي به پرواهه ناهي.”
    ماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا هيکلائيءَ ۾ ٻنهي صورتن ۾ هڪ روحاني قوت اسانکي ٻڌي رهي هوندي آهي. ان گھڙيءَ ۾ ان روحاني قوت جي روشني اسانکي پنهنجي اهميت ۽ ڌرتيءَ تي پنهنجي وجود جوڪارڻ سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جنهن وقت اسين ان متوازن صورتحال ۾ اچي وڃون ٿا ان وقت اسانکي پنهنجي گُھرج کان وڌيڪ حاصل ٿيو پوي.
    جيڪي هيکلائيءَ کان لنوائيندا رهن ٿا، اهي ياد رکن ته زندگيءَ جي سڀ کان اهم گھڙين ۾ به اسين هميشه هيکلا رهون ٿا. هڪ ٻار جو مثال وٺو جيڪو ماءُ جي پيٽ مان نڪري ٿو؛ ان وقت ڀلي ڪيترا به ماڻهو سندس چوڌاري بيٺل هجن پر آخرڪار زندگي گذارڻ جو فيصلو ته ان ٻار کي اڪيلي سِر ئي ڪرڻو آهي.
    هڪ فنڪار ۽ سندس فن جو مثال وٺو؛ پنهنجي فن يا ڪاريگريءَ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ کيس هيکلائيءَ ۾ فرشتن جي ٻولي ٻڌڻ جي ضرورت پوي ٿي.
    پنهنجو مثال وٺو، جنهن وقت اسين اڻ گھريي مهمان، “موت” جي آمهون سامهون ٿيندا آهيون؛ ان اهم ۽ ڀوائتي گھڙيءَ ۾ به اسين هيکلا ئي هوندا آهيون.
    جيئن محبت هڪ روحاني ڪيفيت آهي، تيئن ئي هيڪلائي هڪ انساني ڪيفيت آهي. جيڪي زندگيءَ جي معجزن کي سمجھي سگھن ٿا انهن لاءِ اهي ٻئي ڪيفيتون هڪٻئي سان ٻٽ رهن ٿيون.
    ***


    باب 5

    هڪ نينگرُ، جنهن کي شهر ڇڏڻ لاء چيو ويو هو، پنهنجا لَٽَا ڦاڙيندي چوڻ لڳو:
    “شهر وارا چون ٿا ته آءٌ وڙهڻ جي قابل ناهيان، ۽ آءٌ بيڪار آهيان.”

    قبطيءَ کيس وراڻيو:
    ڪجهه ماڻهو اهو چوندا وتندا آهن ته، “ڪنهن کي به مون سان محبت ناهي.” پر محبت ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ به هميشه اها اميد رکڻ گھرجي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اها ضرور حاصل ٿيندي.
    ڪي وري پنهنجي روزنامچي ۾ اهو لکندا آهن ته، “ منهنجي قابليت کي ڪنهن نه سڃاتو، منهنجي هنر کي ڪنهن نه ساراهيو، منهنجي خوابن کي حقير سمجھيو ويو.” پر انهن کي پڻ نااميد نه ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو محنتن ۽ ڪوششن جو ڦل ضرور ملندو آهي.
    ڪي وري ماڻهن جا دروازا کڙڪائيندا ۽ چوندا آهن ته، “مونکي نوڪري گھرجي.” کين اها خبرهوندي آهي ته سندن صبر جي ڪري هڪ نه هڪ ڏينهن کين ڪم ملي ويندو. پر ڪي وري اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڏينهن جي شروعات ئي نراسائيءَ سان ڪندا آهن.کين محبت، پنهنجي سڃاڻپ، يا ڪنهن به ڪم جي ڪا پرواهه ناهي هوندي. هو پاڻ کي اهو چوندا آهن ته، “ آءٌ بيڪار آهيان، آءٌ بس گذر سفر ڪرڻ لاءِ جيئرو آهيان، هت ڪنهن کي به منهنجي پرواهه ناهي.”
    ٻاهر سج پنهنجي پوري جوڀن سان چمڪي رهيو هوندو آهي، ۽ هو پنهنجي ڪٽنب ۾ گِھريل رهندا آهن، هو خوشين جو لباتو ويڙهي ٻين تي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندا آهن ته وٽن اهو سڀ ڪجهه موجود آهي جنهن جو هنن خواب ڏٺو هو. پر پوءِ به هو ان ئي ڳالهه تي آماده رهندا آهن ته ڪنهن کي به سندن جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ جو هو يا ته اڃا ٻار آهن ۽ سندن وڏن کي سندن پرواهه ڪرڻ کان علاوه ٻيا به ڪم ڪاريون آهن، يا وري هو ايترا پوڙها ٿي چڪا آهن جو سندن ڪٽنب جي نوجوان ڀاتين کي سندن ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ئي ناهي.
    هڪ شاعر ڪجهه سٽون لکي پوءِ اهو سوچي ڦِٽي ٿو ڪري ڇڏي ته، “ ڪير به انهن ۾ دلچسپي وٺڻ وارو ناهي.”
    هڪ مزدور کي سندس ڪم تي پڄڻ کانپوءِ اهو ئي ڪم ورجائڻو پوي ٿو جيڪو هن پوئين ڏينهن ڪيو هو. کيس اهو به يقين رهي ٿو ته جيڪڏهن کيس ڪم تان لاٿو به ويو ته سندس غير موجودگيءَ جو ڪنهن تي ڪو به اثر ٿيڻ وارو ناهي.
    هڪ نوجوان عورت پنهنجو چولو سبڻ دوران چولي جي هر ٽاڪي تي گهري نظر رکڻ وقت تڪليف سهي ٿي، پوءِ جڏهن هوءَ اهو چولو پهري ڪنهن ڏڻ يا محفل ۾ پهچي ٿي ته کيس ماڻهن جي نظرن مان اهو پيغام ملي ٿو ته، “تون هت موجود ٻين عورتن جي مقابلي ۾ نه خوبصورت آهين نه ئي وري بدصورت. تُنهنجو چولو به دنيا ۾ هن وقت ٿيندڙ محفلن يا ڏڻن ۾ موجود لکين عورتن کي پهريل چولن جهڙو ئي آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن محل ۾ يا ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪٻئي جي وڳن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيون آهن. پر ڪير به سندس چولي بابت ڪا راءِ نه پيو ڏئي. اهو نه ته ايترو چڱو آهي نه ئي وري ايترو خراب؛ اهو بس هڪ عام چولو آهي.
    نوجوانن جو اهو خيال آهي ته هيءَ دنيا مامرن ۽ مونجهارن جو ڪُن آهي، هو اهي حل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا، پر ڪير به سندن خيالن ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي. کين اهو ٻڌڻو پوي ٿو ته، “ توهان کي دنيا جي باري ۾ ڪا خبر ناهي ته اها ڇا آهي، پنهنجي وڏڙن جي ڳالهين تي غور ڪيو، سندن ڳالهين مان توهانکي رهنمائي ملي سگھي ٿي.”
    وڏڙن وري زندگيءَ جي اڙانگھن گسن تي هلندي جيڪو تجربو ۽ گيان پرايو، اهو جڏهن ڪنهن کي سيکارڻ جو وقت اچي ٿو ته ڪير به انهن ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي، ۽ کين اهو چيو وڃي ٿو ته، “زمانو مَٽجي چڪو آهي، توهانکي نئين زماني جي وهنوار کي سمجھڻ لاءِ نوجوانن جي ڳالهين کي ٻڌڻ گھرجي.”
    اَڪارت هجڻ جو عمر سان ڪو تعلق ناهي، اهو احساس ڪنهن به عمر ۾ ڪنهن به گھڙيءَ بنا پُڇڻ جي اچي حاضر ٿي ماڻهن جي روحن کي ساڳي ساڳي ڳالهه ورجائيندي زنگيو ڇڏي ته، “توهان ۾ ڪنهن جي به دلچسپي ناهي، توهانجي ڪا حيثيت ناهي، دنيا کي توهانجي ضرورت ئي ناهي.”
    ان مايوسيءَ واري حالت ۾ پنهنجي زندگيءَ کي ڪا معنى ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جو لاڙو مذهب ڏانهن ٿيو پوي، ڇاڪاڻ جو عقيدي جي نالي تي ڪنهن به قسم جي جاکوڙ هميشه دنيا ۾ تبديلي آڻڻ واري ڪنهن انقلاب جو تاثر ڏيندي آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اهو چوندا آهن ته، “ اسين اپائڻهار جي راهه ۾ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون.” تنهن کانپوءِ پهريان هو ديندار بڻجي وڃن ٿا ۽ پوءِ دين جا مبلغ ۽ آخر ۾ شدت پسند.
    پوءِ کين اها سمجهه نه ٿي رهي ته مذهب صرف زندگيءَ جي ڳُجھن کي سمجھڻ ۽ عبادت ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، نه ڪي ڪنهن کي ڏاڍائيءَ سان پاڻ ڏانهن لاڙڻ لاءِ. زندگي خدا جو هڪ وڏي ۾ وڏو معجزو آهي. اڄ رات آءٌ يروشلم شهر لاءِ لُڙڪ وهائيندس، ڇاڪاڻ جو ايندڙ هزارين سالن تائين اهو روحاني ايڪو مِيسارجڻ وارو آهي.
    ڪنهن ٻاريءَ ۾ موجود ڪنهن گُلَ کان پڇندئو ته، “ هڪ گُلَ مان وري ٻيو گُلُ پيدا ڪرڻ کانسواءِ تنهنجو ٻيو ڪهڙو ڪم آهي؟ ڇا پوءِ به تون پاڻ کي ڪارگر سمجھين ٿو؟”
    گُلُ وراڻيندو ته، “آءٌ خوبصورت آهيان، ۽ منهنجي خوبصورتي ئي منهنجي جياپي جو سبب آهي.”
    هڪ نديءَ کان پڇندئو ته، “ تون بس هڪ ئي پاسي جي وهڪري سان وهندي رهين ٿي، ڇا پوءِ به تون پاڻ کي ڪارگر سمجھين ٿي؟”
    ندي وراڻيندي ته،” آءٌ ڪارگر ٿيڻ جي بدران صرف هڪ ندي بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان.”
    خدا پاڪ جي نظر ۾ هن دنيا ۾ ڪير به اَڪارت ناهي. نه ئي اهو پن اَڪارت آهي جيڪو وڻ مان ڇڻي هيٺ ڪري ٿو، نه ئي اهو وار اَڪارت آهي جيڪو توهانجي مٿي مان ڇڻي ٿو، نه ئي وري ڪو جيت جڻو اَڪارت هجڻ سبب مري ٿو. هر شئي جي وجود جو ڪو نه ڪو سبب آهي.
    توهان پاڻ، جيڪي سوالَ پڇي رهيا آهيو، پاڻ کي اهو ئي چئي رهيا آهيو ته، “ آءٌ اَڪارت آهيان.” سگهوئي اهو جواب زهر بڻجي توهانکي زندهه لاش بڻائي ڇڏيندو، ان هوندي به توهان هلندئو ڦرندئو، کائيندئو پيئندئو، سمهندئو ۽ جڏهن به ممڪن ٿي سگھيو تفريح جو ڪو نه ڪو وکر ڳولي لهندئو.
    ڪارگر بڻجڻ بدران اوهان جيڪي آهيو سو بڻجڻ جي ڪوشش ڪريو. بس اهوئي ڪافي آهي، ۽ ان سان ئي وڏي ۾ وڏو فرق پئجي سگھي ٿو.
    پنهنجي روح کان نه گھڻو اڳتي نڪري وڃو نه وري انجي پويان هلو. ڇاڪاڻ جو توهانجو روح ئي توهانجي هر وِکَ تي رهنمائي ڪري ٿو.
    ڪڏهن ته وڏين جنگين وڙهڻ سان تواريخ مَٽجيو وڃي، پر ڪڏهن وري گھٽيءَ مان لنگھندڙ هڪ واٽهڙوءَ ڏانهن بنا ڪنهن سبب جي مُرڪي ڏسڻ سان به اهو عمل ٿيو پوي. جيئن اوهان ڪنهن اوپري جي جان بچائي، جيڪو پاڻ کي اقڪارت سمجھي آپگھات ڪرڻ وارو هجي، پر توهانجي هڪ مُرڪ کيس نئين اميد ۽ اعتماد ڏيو ڇڏي.
    جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگيءَ جو ڳنڀيرتا سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي هر ان پل کي ٻيهر به جيئو جيڪو اوهان لاء وڏي پيڙا جو ڪارڻ بڻيو هو، ته به اوهانکي ان ڳالهه جي پروڙ نه پوندي ته ڪڏهن اوهان به ڪنهن سان ڪا چڱائي ڪئي هئي. هيءَ زندگي بالڪل به بي مقصد ناهي، هر اهو روح جيڪو زمين تي لاٿو ويو آهي انجو ڪو نه ڪو مقصد ضرور آهي.
    اهي ماڻهو جيڪي مشڪلاتن ۾ ٻين جو سهارو بڻجن ٿا، اهي پاڻ ڪارائتا بڻجڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن، پر هو ڪارائتي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو صلاحون ڏيڻ جي بدران عملي طور تي ڪارائتو بڻجي پنهنجو مثال قائم ڪن ٿا.
    توهان صرف هڪ ڪم ڪيو، پنهنجي حياتي ائين گھاريو جيئن اوهان خود گھارڻ چاهيو ٿا. ٻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بدران پنهنجي خوابن جي ساڀيان تي ڌيان ڌريو. ٿي سگھي ٿو ته اها ڳالهه توهان جي لاءِ اهميت نه رکندي هجي پر، خدا پاڪ، جيڪو هر شئي تي قادر آهي، هو ڄاڻي ٿو ته جيڪو مثال توهان قائم ڪندئو اهو ضرور نظام ۾ سڌارو آڻڻ ۾ لاڀائتو ثابت ٿيندو. جنهن کانپوءِ هو پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن سان توهانکي نوازي ڇڏيندو.
    ۽ جنهن وقت اڻوڻندڙ مهمان (موت) اچي پهچي ٿو ۽ توهانکي چئي ٿو ته، “ اهو سوال جائز آهي ته، ’ منهنجا رب، تو مونکي پنهنجي رحمت کان ڇو پري ڪري ڇڏيو؟‘ پر هاڻ تنهنجي زندگيءَ جي هن آخري گھڙيءَ ۾ آءٌ توکي اهو ٻڌايان ٿو ته مون ڇا ڏٺو؛ تنهنجي گھر جو ڪار وهنوار موچارو هو، تنهجون ٻنيون کيڙيل ۽ انهن ۾ پوکون پڪل هيون، مطلب ته مون تنهنجي هر ڪِرت ۾ سٺي سنوت ڏٺي. تون اهو ڄاڻي چڪو هئي ته ڪو به ننڍو عمل ڪنهن وڏي تبديليءَ جو سبب بڻجي ٿو. ۽ هاڻ ان جي ڪري آءٌ توکي جنت ڏانهن نئڻ آيو آهيان.”
    ***


    باب 6

    هڪ درزياڻي، جنهن جو نالو الميرا هو، تنهن چيو:
    “ آءٌ شهر تي ڪاهه لاء ايندڙ جنگجوئن جي اچڻ کان اڳ شهر ڇڏي وڃي ٿي سگھيس، ۽ جيڪڏهن آءٌ ائين ڪيان ها ته هن وقت مصر ۾ هجان ها، پر آءٌ هميشه کان ڪنهن به قسم جي تبديليءَ کا ڊنل رهي آهيان.”

    قبطيءَ کيس وراڻيو:
    اسين گھڻو ڪري تبديلين کان ڊنل رهون ٿا، ڇاڪاڻ جو اسانجو اهو خيال آهي ته ڪيترين ئي ڪوششن يا قربانين کان پوءِ به هن دنيا مان ڪجهه ناهي ورڻو. پر، اسين اهو به ڄاڻون ٿا ته هي دنيا ڀلي باقي دنيائن کان بهتر نه به هجي ۽ اسين ان مان ڀلي مطمئن نه به هجون، پر گھٽ ۾ گھٽ اها دنيا اسانکي ڪي اوچتا صدما نه رسائيندي. ۽ اهو ئي خيال اسانکي سنئين راھ ڏيکاري ٿو.
    پنهنجي ضرورت مطابق اسين پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڪجهه تبديليون ڪري زندگيءَ کي جيئن جو تيئن گذارڻ گھرون ٿا.
    اسين جبلن کي هميشه پنهنجي ساڳي جاءِ تي موجود ڏسون ٿا. اسين وڻن جي پوري اوسر ٿيندي ڏسون ٿا، پر جڏهن انهن ئي وڻن کي پاڙا پٽي ٻي جاءِ تي رکجي ٿو ته سندن اوسر ئي ختم ٿيو وڃي.
    پوء اسين اهو چوندا رهون ٿا ته؛ “ اسين جبلن ۽ وڻن وانگر مستقل مزاج ۽ مضبوط بڻجڻ چاهيون ٿا.” راتيون جاڳي اسين اهو سوچيندا رهون ٿا ته؛ “جيڪر! آءٌ پکي هجان ها ته، دمشق هجي يا بغداد جڏهن به دل چوي گھميو موٽي اچان ها.” يا وري ؛ “جيڪر! آءٌ هوا هجان هان، ڇاڪاڻ جو ڪنهن کي ان جي خبر ناهي ته اها ڪٿان آئي آهي ۽ ڪيڏانهن ويندي، ۽ اها بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جيڏانهن به چاهي پنهنجو رُخ موڙي سگھي ٿي.”
    پر وقت سر ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان تي اها حقيقت وائکي ٿئي ٿي ته، پکي به هميشه شڪارين جي اک ۾ رهندا آهن؛ ۽ هوا به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن تيز واچوڙي ۾ وچڙي پنهنجي چوڌاري هر شئي کي ناس ڪري ڇڏيندي آهي.
    اهو خواب ڏسڻ پڻ هڪ سُٺي ڳالهه آهي ته، سڀاڻي سيلان لاءِ اسان وٽ ڳچ وقت موجود آهي ۽ اڳتي هلي هڪ نه هڪ ڏينهن اسين سيلان تي روانا ٿيندا سين، ۽ ان ڳالهه سان اسانکي خوشي ملي ٿي ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجي وَسَ کان وڌيڪ ڪري ڏيکارڻ جي صلاحيت رکون ٿا. خواب ڏسڻ ڪو مسئلو ناهي. پر انهن خوابن کي ساڀيائون ڏيڻ وارو عمل ضرور خطرناڪ آهي.
    پر هڪ نه هڪ ڏينهن قسمت اسانجو در ضرور کڙڪائي ٿي. پوءِ اهو کڙڪو ڪنهن ڀلائيء جي فرشتي جو به ٿي سگھي ٿو يا وري اڻ گھريي مهمان “موت” جو به ٿي سگھي ٿو. ٻئي هڪئي ڳالهه ڪن ٿا؛ “هي تبديليءَ جو پَل آهي،” نه مٿئين هفتي، نه مٿئين مهيني نه مٿئين سال. فرشتا چون ٿا؛ “هن وقت، هن ويلي، هاڻ جو هاڻ!”
    اسين هميشه اڻ گھريي مهمان “موت” جي ڳالهه ٻڌندا آهيون. ۽ سندس ڊپ کان اسين هر شئي کي تبديل ڪري ڇڏيندا آهيون؛ جيئن پنهنجو ڳوٺ، عادتون، کاڌو پيتو، رَوَيا، پر پوء به اسين ان اڻ گھريي مهمان کان مهلت وٺڻ ۾ ناڪام ٿيو وڃون. ڇاڪاڻ جو انجي ۽ اسانجي وچ ۾ بحث مُباحثي جو ڪو امڪان ڪا اميد ئي ناهي.
    اسين ڀلائيءَ جي فرشتي جي به ڳالهه ٻڌندا آهيون، ۽ کانئس اهو سوال ڪندا آهيون ته؛ “ ان ڀلائيءَ جي پُڄاڻي آخر ڪاٿي ٿيڻي آهي؟” جواب اچي ٿو ته؛ “ نئين زندگيءَ تي.”
    پوءِ اسين اهو سوچيندا آهيون ته؛ “ زندگيءَ ۾ ڪجهه اوکايون ۽ ڳاراڻا آهن، پر اهڙو ڪو مسئلو ناهي جنهنجو وقت سِر ڪو حل نه ملي سگھي. سنئين راهه تي هلندي اسانکي پنهنجي مِٽن مائٽن، پنهنجي اُستادن، پنهنجي اولاد لاءِ هڪ مثال بڻجڻ گھرجي. اسانجي چوڌاري موجود هر شخص اسان مان اها اميد رکي ٿو ته اسين مشڪلاتن ۾ ثابت قدم رهڻ جو درس ڏيندا رهون.”
    پوء اسين پاڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا. پنهنجي ان ويساهه کي ساراهيون ٿا، ۽ بجاءِ ان جي جو اسان ان ڏسا ۾ هلون جيڪو ڀاڳ اسان لاءِ چونڊيو آهي اسين ان پراڻي دَڳَ تي اڳتي وڌن ٿا. جيڪو غلط آهي. قدرت جو گس صحيح گس آهي، جيڪو ريگستان ۾ واريءَ جي دڙن جيان لڳاتار مٽجندو رهي ٿو.
    جيڪي اهو سمجھن ٿا ته جَبَلَن ۾ مت سٽ نه ٿي ٿئي، اهي غلط آهن. جبل زلزلن جي نتيجي ۾ پڌرا ٿين ٿا، هوا ۽ پاڻيءَ ڪري اهي هوريان هوريان گاٺ کائيندا رهن ٿا، ۽ هر روز انهن ۾ ڪا نه ڪا تبديلي ايندي رهي ٿي جيڪا اسين محسوس نه ڪري سگهون.
    جبل به ان مٽ سٽ تي ٻلهار ٿين ٿا، ۽ هڪٻئي کي اهو چوندا رهن ٿا ته؛ “ تبديلي سُٺو سنوڻ آهي.”
    جيڪي اهو سمجھن ٿا ته وڻن ۾ ته ڪا تبديلي ئي نه ٿي اچي، ته اهي پڻ غلط آهن. کين سياري جي مند ۾ بنا پنن جي ۽ آرهڙ ۾ پنن سان رهڻ واري عمل کي قبول ڪرڻو پوي ٿو. پکي ۽ هوا سندن ٻج پنهنجي اصلوڪي پوک واري جاءِ کان پري ڪنهن ٻئي هنڌ تي پهچائن ٿا ۽ ان ريت وڻ به پنهنجي اصلوڪي جاءِ مٽائيندا رهن ٿا، ۽ خوشيءَ وچان وڻ به اهو چون ٿا ته؛ “ مون سوچيو ته آءٌ بس اڪيلو آهيان، پر هاڻ مون مان ٻيا به ڪيترائي وڻ ڦُٽي چڪا آهن.”
    قدرت اسانکي مٽ سٽ جو سنيهو ڏيندي رهي ٿي. جيڪي ڀاڳ تي ويساهه رکن ٿا، اهي پنهنجي ڊپ، اَويساهي، بهتان بازين ۽ ڌمڪين جي باوجود اڳتي وڌندا رهن ٿا. هو پنهنجي ذاتي تقاضائن ۽ فيصلن مان رَسڻ واري هاڃي کي به منهن ڏين ٿا. پنهنجي پيارن جون صلاحون به ٻڌن ٿا، جيڪي کين چون ٿا ته؛ “ ائين ڇو ٿو ڪرين؟ تنهنجي ضرورت جي هرشئي تو وٽ موجود آهي، مٽن مائٽن جو پيار، زال، اولاد ۽ اهو هنر جيڪو سکڻ ۾ توکي ورهيه لڳي ويا. اوپرن جي ديس ۾ اوپرو بڻجڻ جو جوکم نه کڻ.”
    ان هوندي به، هو يا ته ذاتي چاهه منجھان يا پڪي پهه منجھان پهريون ڏاڪو چڙهڻ جو جوکم کڻن ٿا، پر ان جو ڪارڻ گھڻو ڪري اهو بي لغام مهم جوئي وارو جذبو ئي ٿئي ٿو. پنهنجي رستي جي هر موڙ تي هو سراپجن به ٿين ٿا پر، ان هوندي به هو پاڻ کي ان لاءِ راضي ڪندا رهن ٿا ته هو مضبوط ۽ سَرَها آهن.
    سَرهائي مڙني نعمتن مان هڪ اهم نعمت آهي. جيڪڏهن اسين سَرَها آهيون، ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسين سنئين راهه تي آهيون. ڊپ به هوريان هوريان گھٽجندو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڊپ جو سبب ايترو اهم نه هو جيترو اسان انکي محسوس ڪيو ٿي.
    پنهنجي منزل ڏانهن پهرين وِکَ وڌائڻ وقت هڪ سوال جنم وٺي ٿو ته؛ “ ڇا منهنجو اهو تبديليءَ وارو فيصلو ڪنهن جي لاءِ ڏک ۽ تڪليف جو ڪارڻ بڻبو؟”
    پر جڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪريو ٿا، ته توهان محبوب کي خوش ڏسڻ چاهيو ٿا. شروع ۾ توهان کانئس وڇوڙي کان ڊنل رهندئو، پر پوء، جلد توهانکي اهو ڏسي خوشيءَ جو احساس ٿيندو ته توهانجو محبوب اهو ئي گھري ٿو جيڪو اوهان ڪرڻ گھرو ٿا، ۽ هو اوهانکي پنهنجي خواب پويان ويندو ڏسڻ چاهي ٿو. ڪجهه وقت کانپوءِ اسان ۾ وڇوڙي ۽ درماندو ٿيڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. پر سيلاني رستي ۾ ماڻهو ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان ملي ٿو جيڪي پڻ هن وانگي محسوس ڪن ٿا. پر جيئن ئي هو هڪٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا ته کين احساس ٿئي ٿو ته هو اڪيلا ناهن؛ هو هڪٻئي جا سونهان بڻجيو پون ۽ سفر ۾ ايندڙ اوکاين جا حل هڪٻئي سان ونڊي وٺن ٿا. اهڙي نموني هو پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ سياڻو ۽ زندگيءَ سان ڀرپور سمجھڻ لڳن ٿا.
    ڏک ۽ پشيمانيءَ ڪري هُو پنهنجي خيمن ۾ سک سان سُمهي به نه سگھندا آهن. ۽ هو پاڻ سان ئي ڳالهائيندا رهندا آهن ته؛ “سڀاڻي آءٌ پنهنجي سفر جي ٻي وِکَ کڻندس. آءٌ پوئتي به هٽي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ جو مونکي رستو به معلوم آهي، پر هڪ ٻي وِکَ اڳتي وڌائڻ سان ڪو خاص فرق به نه پوندو.”
    پوءِ آخر هڪ ڏينهن، بنا ڪنهن چتاءَ جي، اهو رستو سيلانيءَ جو امتحان وٺڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ مٿس آسانيون پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سيلانيءَ جو مُنڌل روح رستي ۾ ايندڙ خوبصورت منظرن ۽ اوکاين مان مزو ماڻڻ لڳي ٿو. ۽ ان وقت هر وِکَ جيڪا اڳ ۾ لاشعوري هئي، هاڻ شعوري بڻجيو پوي. ۽ پوءِ اها ئي ڳالهه ڏڍ ڏيڻ جي بجاءِ کيس نون اهنجن کي منهن ڏيڻ سيکاري ٿي.
    سيلاني پنهنجو سفر جاري رکي ٿو. ۽ هاڻ هو چڙ جي دانهن ڪرڻ جي بجاءِ ٿڪاوٽ جي دانهن ڪري ٿو. پر ان وقت هو ڪجهه ساهي کڻي، پنهنجي چئوڦيرجي نظارن مان مزو ماڻي وري اڳتي وڌي ٿو. بجاءِ انجي جو هو پنهنجي سڄي زندگي سندي ماڳ ڏانهن ويندڙ رستي کي تباهه ڪري، جنهن رستي تي هلڻ کان هو ڊنو ٿي، هاڻ هو ان رستي تي هلڻ ۾ سرهائي محسوس ڪري ٿو.
    جيتوڻيڪ، سندس منزل جو کيس ڪو پتو ئي ناهي، ۽ ڪنهن وقت کانئس غلطيون به ٿين ٿيون، پر، خدا سندس همت ڏسي کيس صحيح ڏسا ڏانهن وڌائي ڇڏي ٿو.
    هو رستي ۾ ايندڙ اوکاين کان منجهي نه ٿو، کيس صرف هڪئي ڳالهه سفر ۾ منجهائي ٿي ته انهن اوکاين کي ڪهڙي ريت منهن ڏجي. هڪ ڀيرو جڏهن هو پنهنجي چونڊيل رستي تي هلڻ شروع ڪري ٿو ۽ ان رستي تي هلڻ کانسواءِکيس ٻيو ڪو گَسُ نظر ئي نه ٿو اچي ته ان صورت ۾ هو پنهنجي ارادي جي سگهه کان واقف ٿي وڃي ٿو ۽ آڏو ايندڙ هر رڪاوٽ سندس فيصلي جي آڏو تڇ ٿي وڃي ٿي.
    “اوکائي” هڪ قديم اوزار جو نالو آهي جيڪو خاص اسانکي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
    مذهبَ به اهو سيکارن ٿا ته، عقيدي ۽ تبديليءَ جو عمل، اپائڻهار جي ويجھو آڻين ٿا.
    عقيدو اسانکي اهو سيکاري ٿو ته اسين اڪيلا ناهيون.
    تبديليءَ جو عمل ڳُجھن کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
    جڏهن هر شئي اَڻ چٽي نظر اچي ٿي، ۽ اسين پاڻ کي دَرمَاندو محسوس ڪيون ٿا، تڏهن اسانکي پوئتي مُڙي پنهنجي روح ۾ ٿيندڙ مٽ سٽ کي ڏسڻ جي بجاءِ اسانکي اڳتي ڏسڻ گھرجي. سڀاڻي جيڪي ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ان کان اسانکي سراپجڻ نه گھرجي، ڇاڪاڻ جو ڪالهه اسانکي ڪير ڏسي رهيو هو. ۽ سڀاڻي به انجي نظر اسان تي رهندي. ۽ اهو ئي اسانکي مونجهارن ۽ پيڙائن ۾ سهارو ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سگهه ڏيندو. اسين پنهنجي سوچ کان به اڳتي وڃي سگھون ٿا. اسين اها جاءِ به ڳولي سگھون ٿا جتان صبح جو پهريون تارو اُڀري ٿو. اتي پهچڻ کانپوءِ اسين ان اچرج ۾ پئجي وينداسين ته اتي پهچڻ ڪيڏو نه آسان هو.
    اڻ گھريو مهمان “موت” ته انهن وٽ به پهچندو جيڪي پاڻ کي تبديل نه ٿا ڪرڻ چاهن ۽ انهن وٽ به جن پنهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي. پر، اهي جن پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آندي، ان وقت هو چئي سگھندا ته؛ “ منهنجي زندگي دلچسپ هئي. ۽ مون نعمتن کي اجايو وڃڻ نه ڏنو.”
    ۽ اهي جيڪي چون ٿا ته مهم جويون ۽ تبديليون خطرناڪ آهن، ته هو پنهنجي معمول سان هلندا رهن؛ اهوئي سندن ترت موت جو ڪارڻ بڻبو.
    ***


    باب 7

    ڪنهن پُڇيو ته:
    “جڏهن آڏو ايندڙ هر شئي بڇڙي نظر اچڻ لڳي ته ان وقت پنهنجي سُرتِ سنڀالڻ جي ضرورت هوندي آهي. تنهنڪري اسانکي سُونهن بابت ڪجھ ٻڌايو.”


    هن وراڻيو:
    هميشه چيو ويندو آهي ته: “ٻاهرين سونهن کان اندرين سونهن وڌيڪ اهم آهي.”
    پر ائين ناهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته، گُلَ ٻوٽا مَکين کي پاڻ ڏانهن ڇو ٿا ڇِڪين ها؟ ۽ مينهن جون ڪڻيون سج آڏو ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي انڊلـٺ ۾ ڇو ٿيون تبديل ڪن ها؟ قدرت جو دارومدار به سونهن تي آهي. ٻاهرين سونهن اندرين سونهن جو ڏيک آهي، ۽ اها سونهن اسانجي اکين مان نڪرندڙ چمڪ مان پنهنجو اولڙو پيش ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي تمام سادڙو لباس پهريل آهي ۽ هو اسانجي نزاڪت جي معيار تي پورو نه ٿو لهي، يا انکي ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي ته، اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي. اکيون روح جو آئينو آهن ۽ هر ان شئي جو اولڙو ڏين ٿيون جيڪا اندر ۾ لڪل رهي ٿي؛ ۽، هڪ آئيني وانگي انهن منجهه جھاتي پائڻ واري کي پڻ سندس اولڙو ڏين ٿيون. تنهنڪري، جيڪڏهن ڪنهن جي اکين ۾ جھاتي پائڻ واري شخص پاڻ اندرَ ڪارو آهي، ته کيس پنهنجي غليظ وجود جو ئي اولڙو نظر ايندو.
    ڪائنات جي هر تخليق ۾ سونهن موجود آهي، پر خطرناڪ حقيقت اها آهي ته، اسين انسانذات گھڻو ڪري روحانيت کان ڪٽجيو وڃون، ۽ پاڻ کي ٻين ماڻهن جي سوچ جي تابع ڪريو ڇڏيون. اسين پنهنجي اندرين سونهن جا انڪاري بڻجيو ٿا پئون، ڇاڪاڻ جو ٻيا ان سونهن جا نه ئي قائل بڻجي سگھندا آهن نه ئي بڻجڻ چاهيندا آهن. بجاءِ ان جي جو اسين پاڻ کي جيئن جو تيئن مڃي وٺون، اسين اهو سڀ ڪجهه اپنائڻ لڳندا آهيون جيڪو اسين پنهنجي چوڌاري ڏسي رهيا هوندا آهيون. اسين پاڻ کي ٻين ماڻهن جي سونهن بابت نظريي مطابق ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ۽ اهڙي نموني هوريان هوريان اسانجو روح لڙاٽجڻ لڳندو آهي ۽ اسانجا ارادا ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن، ۽ اسانجي اها توانائي جيڪا دنيا کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي ڪم اچي ها، تنهن جو انت ٿيڻ لڳندو آهي.
    اسين اهو وساري ويهون ٿا ته، هيءَ دنيا ائين ئي ٿي پوي جيئن اسان ان کي تصور ڪيون ٿا. چانڊوڪي بڻجڻ جي بجاءِ اسين پاڻ انکي اولڙو ڏيڻ وارو پاڻيءَ جو تلاءَ بڻجي پوندا آهيون. جنهن ۾ ٻئي ڏينهن سج جي تِک تي پاڻي سُڪيو وڃي. ۽ اهو سڀ ڪجهه صرف ان ڪري ٿيو جو ڪنهن اسانکي چيو ته: “تون بدصورت آهين.” يا “هوءَ خوبصورت آهي.” بس انهن ٽن لفظن سان هُنن توهانجو پاڻ تي ويساھ ختم ڪري ڇڏيو. ۽ اسين بدصورت ۽ سخت مزاج بڻجي وياسين.
    اهڙي صرتحال ۾، اسين هٿ ٺوڪي ڏاهپ مان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. بجاءِ زندگيءِ جي ڳُجهن کي سمجھڻ جي، ماڻهو اها ئي هٿ ٺوڪي ڏاهپ جيڪا سندن ئي گھڙيل هوندي آهي دنيا کي سمجھڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. اها ڏاهپ مڙوئي ردي قائدن، قانونن ۽ پيمانن تي ٻڌل معياري رويا قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ان بناوتي ڏاهپَ جي مطابق اسانکي خوبصورتيءَ جو ايترو مائل نه هجڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو اها صرف هڪ پسجندڙ لقاءُ/ ڏيکاءُ ۽ گهڙي پل جي وٿ آهي. پر ائين نه آهي. دنيا جي هر شئي، پکين کان جبلن تائين، گُل ٻُوٽن کان ندين تائين، قدرت جي معجزن جو ڏيک ڏئي ٿي.
    جيڪڏهن اسين ٻين کان پنهنجي واکاڻ ٻڌڻ واري اُنَ نفساني هٻڇ تي ضبط ڪيون ته هوريان هوريان اسان جو روح سج جيان روشن ٿي ويندو. تنهن کانپوءِ جيڪر محبت اسانجي ويجھو گذري به ته چوندي، “منهنجو ڌيان الائي ڇو اڳ ڪڏهن به تو ڏانهن نه ويو.”
    روح وراڻيندو،”هوش کان ڪم وٺ آءٌ هت ئي آهيان. هاڻ جيڪڏهن هوا جي هڪ گھوگھٽ تنهنجي اکين تان ڌنڌ لاٿو آهي ۽ تو مونکي سڃاتو آهي ته هاڻ مونکي ائين هيکلو نه ڇڏجانءِ ڇاڪاڻ جو اسين سڀ خوبصورتيءَ جا خواهشمند آهيون.”
    خوبصورتي هڪجهڙائيءَ ۾ نه پر مٽ سٽ ۾ آهي. ڪڏهن ڪنهن ڊگھي ڳچيءَ بنا زراف يا بنا ڪرنگھي جي ٿوهر جو تصور ڪيو آهي؟ اسانجي چئوڏس جبلن جي چوٽين جي هيٺائين ۽ مٿائين ئي انهن کي ڏسڻ وٽان بڻايو آهي. جيڪڏهن اهي هموار هجن ها ته شايد انهن کي ڪير به نه ڏسي ها. اهو “نُقص” ئي آهي جيڪو اچرج ۾ به وجھي ٿو ۽ پاڻ ڏانهن ڇِڪي به ٿو.
    جڏهن اسين ديال جي وڻ کي ڏسندا آهيون ته اسين اهو نه سوچيندا آهيون ته، “ان جون ٽاريون هڪ ئي ماپ جون هجڻ گھرجن.” اسين اهو سوچيندا آهيون ته، “ هي وڻ ڪيڏو نه مضبوط آهي.”
    جڏهن اسين نانگ ڏسندا آهيون ته، اسين اهو نه چوندا آهيون ته، “ هي نانگ ريڙهيون پائيندو رهي ٿو، جڏهن ته آءٌ پنهنجو ڪنڌ اوچو ڪيو هلندو وتندو آهيان.” پر اسين اهو سوچيندا آهيون ته،” هي نانگ ڀلي کڻي ننڍو آهي، پر ان جي چمڙي ڪيڏين نه رنگا رنگي آهي، ۽ ان جي چال به ڪيڏي نه موهيندڙ آهي، ۽ هي مون کان وڌيڪ طاقتور پڻ آهي.”
    ريگستان لتاڙيندي جڏهن اُٺ اسانکي پنهنجي منزل تي پهچائيندو آهي ته اسين اهو ڪڏهن به نه چوندا آهيون ته، “ هي اُٺ ڪُٻو آهي ۽ کيس غليظ ڏند آهن.” پر اسين اهو سوچيندا آهيون ته، “ هي اُٺ وفاداريءَ ۽ سهڪار پٽاندڙ مون مان به اهو ئي ڪجهه لَهڻي. هن کان سواءِ آءٌ سير سفر ڪرڻ جهڙو ئي نه هئس.”
    سج لٿي جو منظر هميشه تڏهن وڌيڪ من موهيندڙ لڳندو آهي جڏهن سج گهاٽن ڇڊن ڪَڪَرن سان ڍڪيل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ان وقت ئي ان منظر مان ڪيترن ئي رنگن جا اولڙا اڀرندا آهن، جن مان خوابَ ۽ شاعري جنم وٺندا آهن.
    ڪَهَلَ ايندي آهي انهن تي جيڪي اهو سوچيندا آهن ته، “ آءٌ خوبصورت ناهيان. اهو ئي سبب آهي جو محبت اڄ تائين منهنجو دروازو نه کڙڪايو آهي.” حقيقت ته اها آهي ته محبت انهن جو دروازو به کڙڪايو هوندو آهي، پر ان وقت محبت کي ڀليڪار ڪرڻ لاء هو تيار ئي نه هوندا آهن. هو پاڻ کي پهريائين خوبصورت بڻائڻ ۾ مصروف هوندا آهن، جڏهن ته، حقيقت ۾، هو پنهنجي اصل حالت ۾ ئي چڱا لڳندا آهن. جڏهن محبت ڪنهن فطري شئي جي ڳولا ۾ هوندي آهي تنهن وقت هو ٻين جهڙو بڻجڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هوندا آهن. هو هٿ ٺوڪي سونهن جو اولڙو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رُڌَلَ هوندا آهن، ۽ کانئن اهو وسري ويندو آهي ته اها چمڪاٽ ڪندڙ روشني ته، اندر ۾ اڳ ئي موجود آهي.
    ***


    باب 8

    هڪ نوجوان جنهن کي ان رات شهر ڇڏي وڃڻو هو،
    تنهن چيو: “ مونکي خبر ناهي ته آءٌ ڪهڙي ڏسا ۾ وڃان.”

    قبطيءَ کيس وراڻيو:
    سج وانگي، زندگي به پنهنجي روشنيءَ جا ڪرڻا چوڏس پکيڙيندي آهي.
    جنم کانپوءِ، اسين هڪ ئي مهل هر شئي حاصل ڪرڻ جا پور پچار ڪندا آهيون ۽ ان هٻڇ کي پنهنجي هٿ وس نه ڪري سگھندا آهيون.
    پر، باھ ٻارڻ لاءِ اسانکي سج جي مڙني ڪرڻن کي هڪ جاءِ تي ڪَٺو ڪرڻو پوندو آهي. ۽ روحاني قوت جو اهو وڏي ۾ وڏو ڳُجهه جيڪو دنيا تي وائکو ٿيو، اهاباھ ئي آهي. اها باھ صرف ساڙڻ لاءِ ناهي پر اها اَن کي ڀوڄڻ ۾ تبديل پڻ ڪري ٿي.
    ۽ پوءِ اها گھڙي اچي ٿي جڏهن اسانکي پنهنجي اندر جي باھ تي ويچار ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي ته، جيئن اسانجي زندگيءَ کي ڪا معنى ملي سگھي. پوءِ اسين قدرت کان اهو سوال ڪيون ٿا ته، “آخر ڪهڙي معنى؟”
    اسان مان ڪي اهو سوال ترت وساريو ڇڏين: اهو سوچيندي ته، اهو ته مونجھاري وارو سوال آهي، ۽ اهو سوال ننڊون حرام ڪريو ڇڏي، ڇاڪاڻ جو ان جو جواب ڪو ايترو آسان ناهي. اِهي ته اُهي آهن جيڪي پوءِ، پنهنجي سڄي ڄمار ائين ئي گهاريندا آهن جيئن اڳ گذاريندا ٿي آيا. ۽ پوءِ جڏهن اُهو اڻ گھريو مهمان(موت) اچي مٿن ڪڙڪندو آهي، تنهن وقت هو چوندا آهن ته: “منهنجي زندگي ته، تمام مختصر هئي ۽ مون نعمتن کان منهن موڙي ڇڏيو هو.”
    ٻيا وري ان سوال کي سيني سان لايو ڇڏين، پر ڇاڪاڻ جو هو ان جو جواب ڪونه ڄاڻن، تنهنڪري هو اُنهن جي لکتن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪيو ڇڏين جن اڳ ۾ ان سوال جي جواب جي ڳولا دوران ايندڙ اوکاين سان مهاڏو اٽڪايو هو. سِگھو ئي کين جواب مليو وڃي جيڪو سندن حساب ۾ صحيح جواب هوندو آهي. جڏهن ائين ٿيندو آهي ته ان وقت هو ان جواب جا باندي بڻجيو پون. ۽ هو زندگيءَ جي مقصد بابت پنهنجي اڏيل انهن خيالي مفروضن تي ٻين کي به يقين ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهن ٿا ۽ ثابتيون ڏيڻ لاءِ پنهنجا ئي خيالي محل اڏيندا وتن ٿا ۽ اهي جيڪي سندن انهن خيالي مفروضن جو انڪار ڪن ٿا، تن کي سهمت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجون ئي پنچائتون جوڙيندا وتن ٿا.
    آخر ۾، هڪڙا وري اهڙا ماڻهو ٿين ٿا جيڪي ان سوال کي هڪ ڪوڙڪي سمجھن ٿا: ڇاڪاڻ جو ان جو ڪو جواب ئي ناهي. وقت ضايع ڪرڻ ۽ ان ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ جي بجاءِ هو اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪن ٿا. پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين مان پنهنجي وڏڙن جي نصيحتن کي وساريندي هو صرف اُتساهيندڙ ڳالهين کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڇاڪاڻ جو “اُتساھ” هڪ مُقدس باھ آهي.
    هوريان هوريان هو اهو لهي وٺن ٿا ته سندن ڪارگُذاريون هڪ ڳُجھي جذبي سان ڳانڍاپي ۾ آهن جيڪو انساني علم کان مٿانهون آهي. ۽ هو احترام خاطر ان ڳُجھي جذبي جي آڏو پنهنجو سِر نوايو ڇڏين ٿا ۽ سنئين راهه تان ڀٽڪڻ بچاءِ لاءِ دعائون پڻ ڪندا رهن ٿا، اُهو سڌو رستو جيڪو هنن سندن سينن ۾ ڀڙڪندڙ اُلي ڪارڻ چونڊيو هو. ضرورت جي وقت ۾ هو پنهنجي انترگيان/الهام جو استعمال ڪن ٿا، ۽ جنهن وقت کين سندن انترگيان به ڪم نه ٿو اچي ان وقت هو مصلحت وارو رستو اختيار ڪن ٿا. هو ڏسڻ ۾ بيوقوف لڳندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بيوقوفيون ڪندا به آهن. پر حقيقت ۾هو بيوقوف ناهن هوندا. کين سچي محبت ۽ ارادي جي قوت حاصل ٿي چڪي هوندي آهي. ۽ اهي ٻئي شيون کين سندن مقصد ۽ صحيح ڏسا ڏيکارين ٿيون. سندن ارادي جي قوت مضبوط، سندن محبت پوتر ۽ قدم اَڏول ٿين ٿا. اوکاين ويل کين اهو ڪڏهن به نه ٿو وسري ته،” آءٌ ته بس هڪ ذريعو آهيان. ۽ مونکي هڪ ذريعو ئي رهڻ ڏنو وڃي جيڪو خدا جي مرضيءَ مطابق ڪم ڪري ٿو.” هنن پنهنجو رستو ته چونڊي ڇڏيو آهي، پر کين سندن منزل جي خبر شايد تڏهن پوي جڏهن اڻ گھريو مهمان (موت) سندن سامهون اچي وڃي. جيڪو ٻلهارپ مان اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ زندگيءَ جي ڳُجھن کي پنهنجو رهبر بڻائي ٿو ان جي لاء اهو ئي بهترين رستو آهي، اهو ئي رستو خوبصورت به آهي ۽ آسان به.
    ڪو به مقصد وڏو به ٿي سگھي ٿو ۽ ننڍو به، ڏور به ٿي سگھي ٿو ۽ اوڏو به، پر هو ان جي ڳولا ۾ مانَ ۽ شانَ سان نڪريو پون. کين هر وِکَ تي ڪيل ڪوشش، مشقَ ۽ تڪليفن جي قيمت جو اندازو رهي ٿو.
    سندن ڌيان صرف منزل تائين پهچڻ ڏانهن نه هوندو آهي، پر ان دوران پيش ايندڙ هر واقعي کان به هو واقف رهن ٿا. همت جي جواب ڏيڻ جي صورت ۾ کين ڪيئي ڀيرا رڪڻو به پوي ٿو. پر ان موقعي تي، محبت سندن آڏو اچي کين چوي ٿي ته،”اوهانجي خيال ۾ ته، اوهان هڪ مخصوص منزل ڏانهن وڌي رهيا آهيو، پر اوهانجي منزل جي موجودگيءَ جو حقيقي اندازو اوهانجي ان منزل ڏانهن وڌڻ جي چاھَ تي آهي. ٿورو آرام ڪريو، پر جيترو جلد ٿي سگھي اُٿو ۽ پنهنجو سفر جاري رکو. ڇاڪاڻ جو جيئن ئي اوهانجي منزل کي اهو اندازو ٿيو ته اوهان ان ڏانهن وڌي رهيا آهيو، ته اها منزل پڻ اوهان سان ملڻ لاءَ آتي ٿي پوندي هوندي.”
    اُهي جيڪي ان سوال کان پنهنجو منهن ئي موڙي ٿا ڇڏن، ۽ اهي جيڪي ان جو جواب ڄاڻن ٿا، ۽ اهي جيڪي اهو سمجھن ٿا ته ان سوال کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ سان ئي حل ڪري سگھجي ٿو، انهن سڀني کي هڪ جهڙين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ کين خوش به هڪ جهڙيون شيون ڪري سگھن ٿيون. پر صرف اهو شخص ئي ڄاڻي ٿو ته هو صحيح رستي تي سفر ڪري رهيو آهي جيڪو اپائڻهار جي راضپي کي نهٺائيءَ ۽ همت سان قبول ڪري وٺي ٿو.
    ***


    باب 9

    هڪ عورت جيڪا اڌ وهيءَ جي لڳي ٿي
    ۽ اڃا تائين کيس وَرُ نه ملي سگھيو هو، تنهن چيو:” محبت هميشه مونکي نظر انداز ڪندي رهي آهي.”

    قبطيءَ کيس وراڻيو:
    محبت جا ٻول ٻڌڻ لاءِ، توهانکي محبت کي پاڻ وٽ اچڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي. پر پوءِ جيئن اها ويجھو اچي ٿي تنهن وقت اسين ٿورو سراپجي ٿا وڃون ته متان ڪجهه چئي نه وجھي، ڇاڪاڻ جو محبت ته آزاد آهي ۽ اها اسانجي مرضيءَ مطابق ته نه ٿي هلي.
    سمورا عاشقَ ان ڳالهه کان واقف آهن، پر ان حقيقت کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهن. سندن سوچ اها آهي ته هو محبت کي طاقت، حسن، دولت، لُڙڪن ۽ مُشڪُن سان ڌُتاري سگھن ٿا. جڏهن ته سچي محبت اها آهي جيڪا خود ڌُتاريندي آهي ۽ ٻين کي ڌُتارڻ جو موقعو ناهي ڏيندي.
    محبت هر شئي کي تبديل ڪريو ڇڏي، زخم ڀريو ڇڏي. پر، ڪڏهن وري اهڙن ماڻهن کي پنهنجي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسايو تباھ ڪريو ڇڏي جيڪي پنهنجو تَن مَن مڪمل طور تي ان جي حوالي ڪريو ڇڏين. هڪ اهڙي قوت جيڪا پوري ڪائنات جو نظام هلائي رهي آهي، اُها هڪ ئي وقت ۾ خالق ۽ غارتگر ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟
    اسين وٺڻ جي بدلي ڏيڻ واري وهنوار جا عادي ٿي چڪا آهيون، اُهي جن جو وَڙُ محبت جي بدلي محبت آهي سَي حقيقت ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهن.
    محبت ڏي وٺ نه پر هڪ عقيدو آهي. انڪار محبت جي واڌ ويجهه ڪري ٿو ۽ تڪرار محبت کي اوهانجي طرف مائل رهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. “ مونکي تو سان محبت آهي” جهڙا اَمُلهه لفظ دل ۾ سانڍي رکڻ لاءِ هيءَ حياتي تمام مختصر آهي. پر موٽ ۾ ساڳيا لفظَ ٻڌڻ جي اميد نه رکڻ گھُرجي. اسين محبت ڪيون ٿا ڇاڪاڻ جو محبت ڪرڻ اسانجي ضرورت آهي. جي ائين نه هجي ته پوءِ محبت پنهنجو قدر وڃائي ويهندي ۽ سج روشني ڏيڻ ڇڏي ڏيندو.
    هڪ گُلاب جي گُل کي ماکيءَ جي مکن سان گڏ رهڻ ۾ ئي لُطف ملندو آهي، پر جيڪڏهن ڪا ماکيءَ جي مک وٽس نه ٿي اچي ته ان ويلي سج کانئس سوال ڪري ٿو ته،” تون مَکن جي انتظار ۾ ٿڪجين نه ٿو؟” ۽ گُلاب جو گُل وراڻي ٿو ته، “ ها! ٿڪجان ٿو، پر، جيڪڏهن آءٌ پنهنجون پنکڙيون بند ڪيان ته آءٌ ڪُومائجي ختم ٿي ويندس.” ساڳئي ئي نموني، جڏهن محبت اسان وٽ نه هوندي آهي تڏهن اسين ان جي انتظار ۾ رهندا آهيون. ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته هيڪلائي هر شئي کي تباھ ڪري ڇڏيندي، پر ان ڀڃ ڊاھ کان بچڻ جو هڪڙو ئي رستو، محبت کي جاري رکڻ جو رستو آهي.

    زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مقصد محبت ڪرڻ آهي. ان کان علاوه ٻي ڪابه شئي ناهي. محبت ڪرڻ اسانجي ضرورت آهي، پوء ڀلي اها اسانکي هڪ اهڙي ڏيهه ۾ وٺي وڃي جتي ڍنڍون به لُڙڪن سان ڀريل هجن – اُها ڳُجھي جاءِ لُڙڪن جو ڏيهه آهي!
    لُڙڪ پاڻمرادو ڳالهائيندا رهن ٿا. جڏهن اسين اهو محسوس ڪري وٺون ٿا ته اسان جام روئي ورتو آهي، ان حالت ۾ به لُڙڪ ايندا رهن ٿا. ۽ ان وقت جڏهن اسانکي ان ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ٿو ته، اسانجي زندگيءَ کي ڏُکن جي ماٿرين مان ڊگھو پنڌ ڪرڻو آهي، ان وقت اوچتو لُڙڪَ وهڻ بند ٿيو پون. ۽ اسان پِيڙائن جي هوندي به پنهنجي دل کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ڇڏيون ٿا. ڇاڪاڻ جو اسانکي اهو احساس ٿي ويندو آهي ته جيڪو شخص اسانکي هيڪلو ڪري ويو اهو پاڻ سان گڏ سج جي روشني ته نه کڻي ويو. هو بس هليو ويو، ۽ هر موڪلاڻيءَ سان گڏ هڪ لِڪلَ اُميد جنم وٺي ٿي.
    محبت نه ڪرڻ کان محبت ڪرڻ ۽ پوءِ اها وڃائڻ ئي بهتر آهي.

    اسانجو هڪ صحيح انتخاب اُن اَجَھل قوتَ جي ڳُجَهه ۾ داخل ٿيڻ آهي. ڪنهن وقت اهو به چيو ويندو آهي ته، “ مون اڳ ۾ ئي ايڏا ڏُک ڏاکڙا ڏٺا آهن، ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو ته اهي ختم ٿيڻ وارا ناهن،” ۽ تنهن کانپوءِ اسين محبت کي الوداع ڪري ٿا ڇڏيون، پر ان صورت ۾ اسين هڪ زنده لاش بڻجي ٿا پئون.
    فطرتَ خدا پاڪَ جي محبت جو ڏيک آهي. اسانجو ڪهڙو به وهنوار هجي پر فطرت اسان سان محبت جاري رکي ٿي. تنهنڪري ، اچو ته فطرتَ جي سَبَقَ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون.
    اسين محبت انڪري ڪيون ٿا جو اها اسانکي آزاديءَ سان اهو ڪجهه چوڻ جي همت ڏئي ٿي جيڪو اسين ڪڏهن پنهنجي منهن پاڻ کي نه چئي سگھيا آهيون.
    محبت ۾اسين اهي فيصلا ڪيون ٿا جنهن کان لنوائيندا ٿي آياسين.
    اسين “نَهَڪَارَ” ڪيون ٿا، اهو سوچڻ جي بغير ته اهو هڪ منحوس لفظ آهي.
    اسين نتيجي جي ڄاڻڻ بنا “هائو” ڪرڻ لڳون ٿا.
    اسين محبت بابت پِرايل هر سبق وسارڻ لڳون ٿا، ڇاڪاڻ جو هر ڀيري مختلف نتيجا پنهنجون ڀوڳنائون ۽ موجون ساڻ ڪيو اچن ٿا.
    ڀلي کڻي محبوب اسان جي ڳائڻ ۽ سرٻاٽن تي ڌيان نه به ڌري پر پءِ به جڏهن محبوب پري هجي ٿو ته اسين تيز آواز ۾ ڳائيندا رهون ٿا ۽ جڏهن هو ويجھو هجي ٿو ته اسين سرٻاٽ ڪندا رهون ٿا.
    ڪائنات لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪري اسين اها شڪايت به نه ڪندا آهيون ته، “ اها اونداهي آهي.” پر اسين پنهنجيون اکيون ان روشنيءَ کي پَسَڻَ لاء کُليون رکندا آهيون جيڪا اسانکي اهي ڪارناما ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي جن جو اسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. اهو سڀ ڪجهه محبت جو حصو آهي. اسانجي دل محبت لاءِ آتي هوندي آهي، ۽ اسين پاڻ کي بي اونا ٿي ان جي حوالي ڪريو ڇڏيندا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ ڪجهه وڃائڻ لاءِ باقي ناهي هوندو.
    پوء اسين گھر موٽندا آهيون جتي ڪير ساڳن ئي اُڌمن ۽ ڀوڳنائن کي منهن ڏيندي اسانجو منتظر هوندو آهي.
    ڇاڪاڻ جو محبت ان پاڻيءَ جيان آهي جيڪو پاڻ کي ڪَڪَرَن ۾ تبديل ڪري آسمانن ڏانهن نِيو وڃي ٿو، جتان هو هر ڏورانهين شئي کي ڏسي سگھي ٿو، اهو ياد رهي ته، هڪ ڏينهن، ان پاڻيءَ کي زمين ڏانهن واپس ورڻو هوندو آهي.
    محبت به ان ڪَڪَرَ وانگي آهي جيڪو مِينهَن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي واپس زمين ڏانهن موٽي زمين تي سُڪار آڻڻو هوندو آهي.
    محبت تيسيتائين صرف هڪ لفظ ئي رهي ٿي جيسيتائين اسين انکي سندس نيڪ نيت سان قبول نه ڪيون.
    محبت تيسيتائين صرف هڪ لفظ ئي رهي ٿي جيسيتائين ڪو اچي ان کي ڪا معنى نه ڏئي.
    ياد رکو ته ڪُنجين جي ڇُڳي ۾ هميشه آخري ڪُنجي ئي دروازو کوليندي آهي. تنهنڪري ڪڏهن به هارَ نه مڃڻ گھرجي.
    ***


    باب 10

    هجومَ مان هڪ نوجوان اختلاف ڪندي چيو:
    “ توهان جون ڳالهيون ڀليون آهن، پر حقيقت اها آهي ته اسان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي. اسانجي قسمت بابت اسانجي زندگي ۽ علائقي جي ماڻهن اڳ ۾ ئي رٿابندي ڪري ڇڏي آهي.”
    هڪ پوڙهي پنهنجي راء شامل ڪندي چيو ته، “ آءٌ به ماضيء ۾ گھاريل گھڙين کي واپس نه ٿو وٺي اچي سگھان.”

    قبطيءَ وراڻيو:
    جيڪي ڪجهه به آءٌ چئي رهيو آهيان، ٿي سگھي ٿو ته حملي واري رات ۾ اهو سڀ ڪجهه بي فائدو هجي. پر تنهن هوندي به منهنجي لفظن تي ڌيان ڏيو ته جيئن هڪ ڏينهن، هر ڪنهن کي يروشلم ۾ اسانجي رهڻي ڪهڻيءَ بابت اندازو ٿي سگھي.
    ٿوري سوچ ويچار کانپوءِ قبطيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
    اسان مان ڪو به هاڻ پُٺتي نه ٿومُڙي سگھي، هر ڪنهن کي اڳتي ئي وڌڻو آهي. ۽ سڀاڻي جو سج اُڀرندي ئي اوهانکي پاڻ سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي ته: اڄوڪي ڏينهن کي آءٌ پنهنجي زندگيءَ جو پهريون ڏينهن سمجھي گذاريندس.
    اُن ڏينهن شايد آءٌ پنهنجي ڪُٽُنبَ جي ڀاتين کي اچرج ۽ پاٻوھ منجھان پاڻ سان گڏ ڏسي خوش ٿيان، ۽ خاموشيءَ سان اها شئي جنهن بابت ڳالهايو گھڻو ۽ سمجھيو گھٽ وڃي ٿو ساڻن ونڊيان جنهن کي محبت سڏجي ٿو.
    اُن ڏينهن شايد آءٌ زمين تي نظر ايندڙ پهرين سواريءَ ۾ سوار ٿي پوان، اهو پڇڻ بنا ئي ته اها ڪيڏانهن پئي وڃي. ۽ آءٌ ان سواريءَ مان ان وقت لهي پوان جنهن وقت مونکي ڪا دلچسپ شئي نظر اچي وڃي.
    اُن ڏينهن شايد آءٌ هڪ پينوءَ جي ڀر مان گُذران جيڪو مونکان خيرات گھري، پوءِ ٿي سگھي ٿو آءٌ کيس خيرات ڏيان ۽ اهو به ٿي سگھي ٿو ته آءٌ سندس ڀر مان اهو سوچيندي گذري وڃان ته خيرات جا پئسا ته هي شراب پيئڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندو، ان دوران ٿي سگھي ٿو ته آءٌ خيرات نه ڏيڻ سبب سندس پاراتا به ٻُڌان ۽ اهو ڌيان ڪري اڳتي نڪري وڃان ته اها ته سندس عادت آهي.
    اُن ڏينهن شايد آءٌ ڪنهن اهڙي شخص کي ڏسان جيڪو ڪنهن ڪُڌي ڪمَ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هجي، ۽ ٿي سگھي ٿو آءٌ کيس اهو ڪرڻ کان روڪيان به يا ٿي سگھي ٿو منهنجي ذهن ۾ اهو خيال اچي ته هو اهو انڪري ڪري رهيو آهي جو پويان ڪير به سندس انتظار ڪرڻ وارو ناهي. ٿي سگھي ٿو ان سبب ڪري ئي هو پنهنجي هيکلائيءَ ۾ وندر سمجھي اهو سڀ ڪجهه ڪندو هجي.
    اُن ڏينهن شايد آءٌ هر ڪنهن ڏانهن ۽ هر شئي ڏانهن ائين تڪيان جيئن پهريون ڀيرو تَڪي رهيو هجان، خاص ڪري اهڙين ننڍڙين ۽ عجيب شين کي جن سان گڏ منهنجو ننڍپڻ گذريو. جيئن ريگستان جي واريءَ جا ذرڙا، جيڪي ڪنهن اهڙي قوت هيٺ حرڪت ۾ اچن ٿا جيڪا منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ جو جنهن هوا جي زور تي اهي ذرڙا حرڪت ۾ اچن ٿا انکي ڏسڻ جي مونکي سگهه ئي ناهي.
    اُن ڏينهن شايد آءٌ ڪجهه اهڙيون اڻوسرندڙ ڳالهيون جيڪي آءٌ هميشه وانگي پاڻ سان گڏ چمڙي جي ٽُڪري تي لکندو ويندو هئس، پر هاڻ ان تي لکڻ جي بجاءِ انهن کي شاعريءَ جي صورت ڏيان. ڀلي مون اڳ ڪڏهن به شاعري نه ڪئي هجي ۽ نه ئي آئنده ڪيان ، پر گھٽ ۾ گھٽ آءٌ اهو ته چئي سگھندس ته مون پنهنجي احساسن کي لفظن جي صورت ڏني.
    اُن ڏينهن شايد آءٌ ڪنهن اهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهچان جنهن کان آءٌ اڳ ۾ ئي سُونهون هجان پر ان ڏينهن ان ڳوٺ ۾ ڪنهن ٻئي گَسَ کان مرڪندي داخل ٿيان. ۽ ڳوٺ جا رهواسي مونکي ڏسي چون ته: “ جنگ جي تباهيءَ اسانجي ڳوٺ جي زمين کي بنجر ڪري ڇڏيو آهي پر هي ته ڪو پاڳل آهي جو مرڪندو ٿو وتي.”
    پر تنهن هوندي به آءٌ مشڪندو رهندس، ڇاڪاڻ جو مونکي خوشي ٿيندي آهي جڏهن مونکي ڪير پاڳل سمجھندو آهي. منهنجي مرڪ اِهو بيان ڪري ٿي ته، “ منهنجي جسم کي ته تباھ ڪري سگھجي ٿو پر منهنجي روح کي نه.”
    اُنَ رات شهر ڇڏڻ کان پهريان آءٌ پنهنجو وقت ڪجهه اهڙين ڳالهين ۽ مونجھارن کي حل ڪرڻ ۾ گھاريندس جن کي حل ڪرڻ لاءِ مون اڳ ڪڏهن به همت نه ڪئي. انهن ڳالهين ۾ مونکي پنهنجو ماضي ملي ويندو. اُهي سڀ خَطَ، چٺيون، رسيدون وغيره منهنجي آڏو اچي منهنجي ماضيءَ ۽ مستقبل جا عجيب قصا، دنيا بابت مُختلف احوال، اُهي پيچرا جن تي مون سفر ڪيو، منهنجي زندگيءَ جا سڀ اندر داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وارا رستا مون سان اورينديون.
    آءٌ اُها قميص پهريندس جيڪا اڳ ۾ گھڻو پهريندو هئس، پر پهريون ڀيرو، آءٌ اها ڳالهه پنهنجي مُشاهدي ۾ آڻيندس ته اِها ڪيئن ٺهي، ۽ انهن هٿڙن جي بابت سوچيندس جن ڪَپهه جي اُڻَت ڪري ڪپڙو ٺاهيو ۽ اُن نديءَ جو تصوُر پڻ ڪندس جنهن جي ڀر ۾ ڦُٽين جي پوک ٿي. تنهن کانپوءِ مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي اهي سڀ شيون جيڪي هاڻي نظر نه ٿيون اچن اهي اُن قميص جو حصو آهن.
    اُهي شيون پڻ جن جو آءٌ هيراڪُ بڻجي چڪو آهيان، جيئن، منهنجو جوتو، جنهن جي گھڻي استعمال ڪري هاڻ اهو منهنجي پيرن جو حصو بڻجي چُڪو آهي، اهو پڻ پنهنجي دريافت جي ڳُجھن ۾ وڪوڙجي ويندو. هاڻ ڇاڪاڻ جو آءٌ مُستقبل ڏانهن وڌي رهيو آهيان ته، منهنجي اُن جوتي تي آڱرين جا نشانَ مونکي پنهنجي ماضيءَ ڏانهن وٺي ويندا.
    ڪاش! هر اها شئي جيڪا پنهنجي نوعيت ۾ ته ساڳي هجي پر ڇُهَڻَ ۽ ڏسڻ ۾ مُختلف ٿي پوي. ان سان اهي سڀ شيون مون لاءِ نيون ٿي پونديون، ۽ ڳچ وقت کان مون سان هجڻ جو سبب بيان ڪرڻ جي بجاءِ اُهي مون لاءِ اهڙن احساسن جا مُعجزا آڻينديون جيڪي منهنجي روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪا رنڊڪ نه آڻين.
    آءٌ اها چانهه پيئندس جيڪا مون اڳ ڪڏهن نه پيتي، ڇاڪاڻ جو ماڻهو چوندا هئا ته ان جو ذائقو تمام ڪَوڙو آهي. آءٌ ان گھٽيءَ ۾ ويندس جنهن ۾ اڳ ڪڏهن به نه ويو هئس، ڇاڪاڻ جو مونکي ٻڌايو ويو هو ته ان گھٽيء ۾ اهڙي ڪا دلچسپيءَ واري شئي آهي ئي ڪانه. پر اُتي وڃڻ کانپوءِ ئي مونکي ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ته ٻيهر ان گھٽيءَ ۾ وڃجي يا نه.
    سُڀاڻي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو آءٌ سج جو چڱي طرح مشاهدو ڪرڻ چاهيان ٿو. ۽ جيڪڏهن جُهڙالو آهي ته آءٌ ڪَڪَرن کي ڏسڻ چاهيان ٿو ته اهي ڪهڙي طرف وڃن ٿا. آءٌ هميشھ اهو سوچيندو رهيس ته مون وٽ انهن ڳالهين جي مُشاهدي جو وقت ناهي. پر، سُڀاڻي آءٌ ڪَڪَرن جي چُرپُر ۽ سج جي ڪِرڻن تي غور ڪندس.
    مٿي هڪ آسمان به آهي، جنهن جي ڇانوَ هيٺ هزارين سالن تائين انسانذات ڪيتريون ئي حِڪَايتون اُڻيون آهن. آءٌ تارن جي علم بابت سکيل هر شئي کي وساري ان وقت پنهنجون نيون وضاحتون گَهڙيندس.
    وقت ۽ زندگيءَ مونکي هر شئي کي سمجھڻ لاءِ جام منطقي وضاحتون ڏنيو آهن، پر منهنجي روح جي خوراڪ ڳُجھن ۾ آهي. ڳُجَهه منهنجي ضرورت آهن. آءٌ کِنوڻ ۽ گاج ۾ هڪ ناراض خُدا جو آواز ٻُڌڻ چاهيان ٿو، ان هوندي به ته توهان مان ڪيترائي ان ڳالهه کي عقيدي جي خلاف سمجھندا. آءٌ ٻيهر پنهنجي زندگيءَ ۾ موهه آڻڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو ناراض خُدا مون لاءِ اجنبي ۽ ڀوائتو آهي، ۽ ڏاهن جي ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ دلچسپ آهي.
    پهريون ڀيرو آءٌ ڪنهن به پشيمانيءَ بنا مُشڪَندُس، ڇاڪاڻ جو خوش ٿيڻ ڪو ڏوھ ناهي.
    پهريون ڀيرو آءٌ ان شئي کان لنوائيندس جنهن سان مونکي تڪليف پهچي ٿي. ڇاڪاڻ جو تڪليف به ڪو مستقل وَڙُ ته ناهي.
    آءٌ اهو چوندي زندگيءَ بابت ڪا شڪايت نه ڪندس ته: “ هر شئي هيمشه ساڳي رهي ٿي ۽ آءٌ انکي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگھان.” پر آءٌ اڄوڪو ڏينهن ائين گھاري سگھان ٿو جيئن اهو منهنجو پهريون ڏينهن هجي، ۽ ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون منهنجي آڏو اينديون جن جي اڳ مونکي ڪا ڪل نه هئي. ان هوندي به انهن ساڳن ماڳن تان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا منهنجو گُذر ٿيو آهي ۽ ساڳن ئي ماڻهن کي مون سلام به ڪيو آهي، پر هن ڀيري اهو سلام مختلف هوندو. هاڻ اهو صرف هڪ عاجزاڻو سلام نه پر هڪ دعا جي صورت اختيار ڪري وٺندو، ان اُميد سان ته، جنهن سان به آءٌ ڳالهايان اُهو زندھ هجڻ جي اهميت کي سمجھي وڃي، پوءِ ڀلي اسين خطري جي منهن ۾ ڇو نه هجون.
    آءٌ گھٽيءَ ۾ صدائون هڻندڙ جوڳيءَ جي صدائن تي ڌيان ڏيندس، پوءِ ڀلي خوف وچان انکي ٻيو ڪير به نه ٻُڌي. سندس صدائن ۾ هي لفظ هوندا، “محبت حڪمراني ڪري ٿي، پر ڪنهن کي ان جي تختگاھ جي پروڙ ناهي؛ ان ڳُجھي ماڳ جي ڳولا لاءِ توهانکي پهريائين محبت ڪرڻي پوندي.”
    آءٌ پنهنجي روح جي ڪليسا جو دروازو کولڻ جي همت ڪندس.
    آءٌ پاڻ ڏانهن ائين نهاريندس جيئن پهريون ڀيرو پنهنجي جسم ۽ روح سان رابطي ۾ آيو هُجان.
    آءٌ پاڻ کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس ته آءٌ به اهڙو ئي شخص آهيان جيڪو ٻين وانگي آهي، اهو شخص جيڪو خاميون هجڻ جي باوجود به بردبار آهي.
    آءٌ پنهنجي سادگيءَ مان لُطف اندوز ٿيندس، جهڙوڪ آءٌ هڪ اجنبيءَ سان مُخاطب هجان؛ آءٌ پنهنجي احساسن مان لُطف اندوز ٿيندس، ۽ اهو محسوس ڪندس ته جيئن بغداد مان اُڏندڙ وارِي منهنجي چهري سان ٽڪرائجندي هجي؛ انهن من موهيندڙ لمحن مان لُطف اندوز ٿيندس، جن ۾ آءٌ پنهنجي زال کي ننڊ ۾ سُتَل ڏسندو هجان ۽ سندس خوابن جو تصور ڪندو هجان. ۽ جڏهن آءٌ اڪيلو هجان تنهن وقت ڳِڙکيءَ ڏانهن وڃي آسمان تي نظر ڦيرائي اها پَڪَ ڪيان ته اڪيلائي بس هڪ ڌوکو آهي، ڇاڪاڻ جو سموري ڪائنات مون سان گڏ آهي.
    ان وقت آءٌ هر لمحي کي حيرت ڀريل لمحو سمجھي گھاري چڪو هوندس، ۽ اهو ئي “آءٌ”، جنهنکي نه پنهنجي پيءُ پيدا ڪيو نه ماءُ، نه وري انکي ڪنهن اسڪولَ ٺاهيو، پر اهو “آءٌ” هر ان شئي مان ٺهيو جيڪا مون اڄ تائين ڏٺي، ۽ اوچتو وساري ڇڏي ته جيئن ٻيهر ان کي هڪ نئين انداز ۾ دريافت ڪري سگھان.
    هاڻ جيڪڏهن اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن به هوندو ته، آءٌ ان مان ڀرپور لطف اندوز ٿيندس، ڇاڪاڻ جو آءٌ انکي هڪ معصوم ٻار جيان ٿي گھاريندس، ائين جيئن آءٌ هر شئي پهريون ڀيرو ڪري رهيو هجان.
    ***


    باب 11

    “اسانکي جنسي خُواهش بابت ڪجھ ٻڌايو.”
    هڪ واپاريءَ جي زال چيو.

    قبطيءَ وراڻيو:
    مردَ ۽ عورتون شرم وچان هڪٻئي سان سَرٻاٽَن ۾ ڳالهائيندا رهن ٿا ڇاڪاڻ جو هُنن هڪ پاڪيزه عمل کي هڪ ناجائز عمل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
    هي اُها دنيا آهي جتي اسين رهون ٿا، ۽ ان جي حقيقت ڀري ڪنهن به هڪ لمحي کي چورائڻ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو. نافرماني پڻ هڪ سٺو سوڻ ٿي سگھي ٿي، پر صرف ان صورت ۾ ته اسانکي انجي استعمال جي ڄاڻ هجي.
    جڏهن ٻه جسمَ پاڻ ۾ ملن ٿا ته اها جنسي خواهش ناهي، اها صرف هڪ تسڪين آهي. جڏهن ته جنسي خواهش تسڪين کان تمام گھڻو اُتم آهي.
    جيئن تڪليف ۽ خوشي، شرم ۽ بردباري گڏ گڏ هوندا آهن تيئن ئي جنسي خواهش ۾ سُڪون ۽ بي سُڪوني هڪٻئي جون حدون اورانگھڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن. پر اهي سخت مُتضاد حالتون هڪٻئي سان گڏ ايترو پُرسڪون حالت ۾ ڪيئن ٿيون رهي سگھن؟ اهو صرف هڪئي صورت ۾ ٿي سگھي ٿو: پاڻ کي انهن جي حوالي ڪري ڇڏجي. ڇاڪاڻ جو پاڻکي حوالي ڪرڻ جو مطلب هڪٻئي تي ويساھ ڪرڻ آهي.
    پر اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ لاءِ صرف ٻن جسمن نه پر ٻن روحن جو ميلاپ پڻ ضروري آهي.
    اچو ته گڏجي پاڻ کي ان پيچري جي حوالي ڪري ڇڏيون. ڀلي اهو پيچرو خطرناڪ ڇو نه هجي، پر اهو هڪ ئي پيچرو آهي جنهن تي هلڻو پوندو. ڀلي کڻي ان سان توهانجي دنيا ۾ وڏيون تبديليون ڇو نه اچن، پر اسان وٽ وڃائڻ لاء ته ڪجھهه به ناهي، ڇاڪاڻ جو جسم ۽ روح جي ميلاپ کانپوءِ حاصلات ۾ صرف محبت آهي.
    اچو ته اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيون جيڪي ڪجهه اسان سکيو هو، ته ڏيڻ هڪ عظيم ۽ وٺڻ هڪ شرمساريءَ وارو عمل آهي. ڇاڪاڻ جو گھڻن ماڻهن لاءِ سخاوت جو مطلب صرف ڏيڻ آهي. پر وٺڻ به ته هڪ عمده عمل آهي. ڪير اوهان کي خوشيون ڏيڻ چاهي ٿو ته اهي خوشيون قبول ڪرڻ ۾ ڏيڻ واري کي به خوشي ملي ٿي.
    جڏهن جنسي خواهش واري عمل دوران اسين گھڻو سخي ٿي ويندا آهيو ۽ اسانجو پهريون مقصد پنهنجي ساٿيءَ کي خوش ڪرڻ هوندو آهي، ان وقت اسانجي پنهنجي خوشي تباھ ٿيڻ جو انديشو پڻ هجي ٿو.
    پر جنهن وقت اسين ساڳي قوت سان ڏيڻ ۽ وٺڻ جا قابل ٿي وڃون ٿا ته ان وقت اسان جو جسم هڪ ڪمان جي ڏوريءَ وانگي تاڻجي وڃي ٿو، پر اسانجو ذهن تِير وانگي سُڪون ۾ رهي ٿو. ان وقت دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ لاشعور ئي اسانجي رهنمائي ڪري ٿو.
    جنهن وقت جسم ۽ روح جو ميلاپ ٿئي ٿو، ته ان وقت روحاني قوت نه صرف جسم جي جنسي حصن ۾ شامل ٿيو وڃي پر هڪ هڪ وارَ ۽ کَلَ جي هڪ هڪ حصي ۾ شامل ٿي، مختلف رنگن جي روشني جي صورت ۾ نمودار ٿيو پوي، ۽ ٻه نديون پاڻ ۾ ملي هڪ نهايت ئي خوبصورت ۽ مضبوط ندي ٺاهيو وجھن. هر باطني شئي پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لڳي ٿي ۽ هر ظاهري شئي پاڻ کي باطني قوت ۾ تبديل ڪريو ڇڏي.
    ڪڏهن ڪڏهن محبت پنهنجي ئي نرم مزاجيءَ مان تنگ اچيو وڃي. تنهنڪري، کيس سج جي تپش جيان ٻيلن جا ٻيلا ساڙڻ واري جلال ۾ اچڻ ڏيو.
    جيڪڏهن ڪو هڪ عاشق پاڻ کي مڪمل طور تي حالات جي حوالي ڪريو ڇڏي، ته ان کي ڏسي ٻيا عاشق به ائين ئي ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو ڦِڪائي شوق ۾ تبديل ٿيو پوي، ۽ شوق اسان بابت ئي اهي ڳالهيون ڳولڻ ۾ اسانجي مدد ڪري ٿو جن بابت اسانکي ڄاڻ ناهي.
    جنسي خواهش کي هڪ تحفي طور ۽ هڪ تبديلي آڻڻ واري ڏُڻَ طور ڏٺو وڃي. ان ڏُڻَ ۾ بهترين انت آڻڻ لاء وَجد شامل ٿيو پوي، پر اصل مقصد اهو ناهي. وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ هڪ نامعلوم ماڳَ جي سفر تي نڪري وڃون ٿا جتي اسانکي سونُ، هُڳاءُ ۽ چاھُ ملن ٿا.
    لفظَ “پوترتا” کي پنهنجي مڪمل معنى ڏيو. ۽ جڏهن بي يقينيءَ وارو ماحول پيدا ٿيڻ لڳي، ان وقت هميشھ اهو ياد رکو ته: اهڙين گھڙين جو کاڄ صرف اسين نه ٿا بڻجون پر اسان سان گڏ اسان جو ساٿي پڻ انهن گھڙين جو کاڄ بڻجي پوي ٿو.
    پوري اعتماد سان پنهنجي خيالي دنيا جي صندوقَ کوليو. ڪنهن به هڪ شخص جي همت ٻئي جي همت بڻجي گڏيل ويساهه جو احساس بڻجي اُڀري پوندي.
    پوءِ سچا عاشق سونهن جي باغيچي ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي داخل ٿيڻ جي قابل ٿيو پون. تنهن کانپوءِ اُهي صرف ٻه جسمَ ۽ ٻه روحَ نه ٿا رهن پر هڪ چشمو بڻجي ٿا پون جنهن مان آبِ حيات وهي ٿو.
    تارا به ٻن پيار ڪندڙن جا اُگھاڙا بُتَ ڏسندا رهن ٿا، انهن عاشقن کي ڪو شرم محسوس نه ٿو ٿئي. پکي به سندن ويجھو اُڏامندا رهن ٿا ۽ اهي ٻه پيار ڪندڙ وري انهن پکين جا گيت ڳائندا رهن ٿا. وحشي جانور ته سندن ويجھو وڃڻ کان ڪيٻائيندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو هو جيڪو ڪجهه ٿيندي ڏِسي رهيا هوندا آهن اهو کانئن کان به وڌيڪ وحشي هوندو آهي، ۽ اهي جانور به احترام ۾ سندن آڏو پنهنجو سِر نوائن ٿا.
    ان ويلي وقت رُڪجيو وڃي، ڇاڪاڻ جو سچي محبت مان جنم وٺندڙ راحت واري ديس ۾ هر شئي لامحدود آهي.
    ***


    باب 12

    هڪ ويڙهاڪ جيڪو ٻئي ڏينهن جنگ وڙهندي مرڻ جي تياريء ۾ هو، پر تنهن هوندي به هو قبطيءَ جون ڳالهيون ٻڌڻ لاء آيل هو، چيائين:
    “جنهن وقت اسانکي اتحاد سان رهڻ جي ضرورت هئي، تنهن وقت اسين ورهائجي وياسين. اهي شهرَ جيڪي حملا آوَرن جي گَسَ ۾ ٿي پيا، جن جنگ نه ٿي چاهي سي به جنگ جي وَر چڙهي ويا. هاڻ ان صورتحال کانپوءِ بچي ويندڙ پنهنجي ٻَچَن کي ڪهڙا قصا ٻڌائن؟”

    قبطيءَ وراڻيو:
    اسين اڪيلا هن دنيا ۾ آيا آهيون ۽ اڪيلا ئي هيءَ دنيا ڇڏي وينداسين. پر، جيسيتائين اسين ڌرتيءَ تي موجود آهيون تيسيتائين اسانکي پنهنجي عقيدن کي قبول ڪري انهن جو مانُ رکڻو پوندو.
    اتحاد ۾ ئي زندگي آهي: ان ۾ ئي اسانجي جياپي جو آسرو آهي. قديم غارن واري وقت ۾ به ائين ئي ٿيندو هو، ۽ اڄ به ائين ئي ٿي رهيو آهي.
    انهن جو احترام ڪيو جيڪي سکيا واري عمر دوران اوهان سان گڏ ننڍا ٿي وڏا ٿيا، ۽ انهن جو پڻ احترام ڪيو جن اوهانکي سکيا ڏني. ۽ اهو ڏينهن به ضرور ايندو جڏهن اوهان ٻين کي سکيا ڏيندئو ۽ پنهنجا قصا ٻڌائيندئو؛ اهڙي نموني سان ئي اتحاد جاري رهندو ۽ اسانجي ثقافت زندھ رهندي.
    جيڪو به شخص ٻين سان پنهنجي خوشين ۽ نراساين وارا لمحا نه ٿو ونڊي اهو ڪڏهن به پنهنجي خامين ۽ خوبين بابت نه ٿو ڄاڻي سگھي.
    پر ان دوران، هڪ خطري کان محتاط رهڻ گھرجي جيڪو اتحاد جو دشمن آهي: ماڻهن کي سندن ئي حد بندين، خوف ۽ تعصُبَ جي تقاضائن تحت اخلاق جي هڪ معياري رَوَيي ڏانهن آندو وڃي ٿو، جنهن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ جو مڃتا حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن کي خوش رکڻ جي ضرورت پوي ٿي. اها اتحاد جي نه پر محبت جي گھٽتائيء جي علامت آهي.
    توهان جو مان تڏهن رکيو ويندو ۽ توهان سان محبت تڏهن ڪئي ويندي جڏهن اوهان پنهنجو مان پاڻَ رکندئو ۽ پاڻ سان محبت ڪندئو. ڪنهن کي به خوش ڪرڻ جي ضرورت ناهي؛ جيڪڏهن ائين ڪندئو ته اوهانجي عزت ڪير به نه ڪندو.
    اهڙا دوست ۽ ساٿي بڻايو جن کي پاڻ تي ۽ پنهنجي عمل تي ڀروسو هجي.
    آءٌ اهو نه ٿو چوان ته:” اهڙا دوست بڻايو جن جي سوچ اوهانجي سوچ سان ملندي هجي.” منهنجو مطلب اهو آهي ته:” اهڙا دوست بڻايو جيڪي اوهانجي سوچ کان مختلف سوچ رکندا هجن ۽ جن کي اوهان ڪڏهن به پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھو.” ڇاڪاڻ جو دوستي به محبت جي ڪيئي روپن مان هڪ روپ آهي، محبت کي صرف ڳالهين آڌار تي ڌُوڻي نه ٿو سگھجي؛ محبت پنهنجو ساٿي غير مشروط طور قبول ڪري ٿي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي طريقي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
    محبت پاڻُ حوالي ڪرڻ جو نه پر هڪٻئي تي اعتماد جو عمل آهي. ڪا قيمت ڏئي محبت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪيو. ڇاڪاڻ جو محبت جي ڪا به قيمت ناهي.
    اوهانجا دوست اهڙي قِسم جا ناهن جيڪي هر ڪنهن جي نظر ۾ هجن ۽ ڪنهن کي به متاثر ڪن ۽ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندا وتن ته،” پوري يروشلم ۾ توهان جهڙو بهترين، سخي ۽ عزتدار ماڻهو ڪو ٻيو ناهي.”
    توهان جا دوست ته ان فطرت جا آهن جيڪي پنهنجي روين جي اظهار لاءِ ڪنهن موقعي جي انتظار ۾ ناهن هوندا، پر هو سُتَت ئي ڪنهن به موقعي تي پنهنجو فيصلو مڙهي ڇڏڻ وارا آهن، ڀلي پوءِ انجو ڪهڙو به نتيجو نڪري. هو ته آزاد روحَ آهن جيڪي زندگيءَ جي رُخَ تي پنهنجو رُخ به موڙيو ڇڏين. هو نون نڪور پيچرن جي کوجنا ۾ رهن ٿا، پنهنجي بهادريءَ جو مسلسل مظاهرو ڪندا رهن ٿا، ان نموني هو پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن جو نالوروشن ڪن ٿا.
    جيڪڏهن ڪنهن وقت هو ڪنهن غلط ۽ خطرناڪ رستي تي نڪري پيا ته هو ڪڏهن به توهان کي اهو نه چوندا ته،” ائين ڪڏهن به نه ڪجانءِ.”
    هو پاڻ به اهو نه چوندا ته:” هڪ ڀيري مون هڪ غلط رستي جو انتخاب ڪيو هو.”
    اهو انڪري جو هو اوهانجي آزاديءَ جو قدر ڪن ٿا، جيئن اوهان سندن آزادءَ جو قدر ڪيو ٿا.
    انهن کان هر قيمت تي پاسو ڪيو جيڪي مشڪل گھڙين ۾ اوهانکي آٿت ڏيندا آهن. آٿت ڏيڻ جي آڙ ۾ هو حقيقت ۾ پاڻ کي اهو چئي رهيا هوندا آهن ته،: “آءٌ مظبوط آهيان، آءٌ سياڻو آهيان، آءٌ ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻان هان.”
    انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي اوهانجي خوشين ۾ اوهان سان گڏ آهن، ڇاڪاڻ جو هو اوهان لاءِ پنهنجي دلين ۾ بغض ۽ ڪينو نه ٿا رکن، پر صرف اوهانکي سَرهو ڏسي پاڻ به سَرَها ٿين ٿا.
    انهن کان پاسو ڪيو جيڪي اهو سمجھن ٿا ته هو اوهان کان وڌيڪ مضبوط آهن، ڇاڪاڻ جو هو صرف پنهنجي ڪمزوريءَ کي لڪائي رهيا هوندا آهن.
    انهن سان لاڳاپي ۾رهو جيڪي بي وسيءَ کان نه ٿا ڪيٻائين، ڇاڪاڻ جو کين پاڻ تي اعتماد هوندو آهي ۽ اها خبر هوندي آهي ته، زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي اسين سڀ ٿَيڙُ کائيندا آهيون؛ ۽ وٽن اها ڳالهه ڪمزوريءَ جو نه پر انسانيت جو سوڻ آهي.
    انهن کان پاسو ڪيو جيڪي وڏيون هامون هڻندا رهندا آهن، هو ڪڏهن به ڪو اهڙو قدم نه کڻندا آهن جنهن جو کين يقين نه هجي ته ان سان کين مانُ ملندو.
    انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي، جڏهن به اوهان ڪا غلطي ڪيو ته اوهانکي اهو نه چون ته،” آءٌ ان کي ڪنهن ٻئي طريقي سان سرانجام ڏيان هان.” کانئن اها غلطي ڪڏهن به سرزد ناهي ٿي، سو هو ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ جي قابل ئي ناهن.
    انهن کان پاسو ڪيو جيڪي دوستي صرف انڪري ڪندا آهن ته جيئن پنهنجو سماجي رُتبو برقرار رکي سگهن يا وري دوستيءَ جي ذريعي پاڻ لاءِ ڪجهه اهڙا دروازا کولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جن تائين ڪنهن ٻي صورت ۾ پهچڻ ناممڪن هجي ٿو.
    انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي هڪ خاص دروازو- دل جو دروازو کولڻ ۾ دلچسپي رکندا هجن. ڇاڪاڻ جو هو ڪڏهن به اوهانجي مرضيءَ بنا اوهانجي روح تي حملو نه ڪندا، نه وري ان کليل دروازي مان اوهان تي ڪو تير هلائيندا.
    دوستي هڪ نديءَ جيان آهي: جيڪا پٿرن جي چوڌاري وهي ٿي ۽ پاڻ کي جبلن ۽ وادين جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي، ۽ زمين تي ڪا وڏي کڏ ڏسي پاڻ کي ان ۾ جمع ڪري ٿي ۽ کڏ ڀرجي وڃڻ جي صورت ۾ اڳتي وهندي رهي ٿي. جيئن هڪ نديءَ جو مقصد صرف ۽ صرف سمنڊ تائين پهچڻ ٿئي ٿو، تيئن ئي دوستيءَ جو به صرف هڪ ئي مقصد “محبتون ونڊڻ” ٿئي ٿو.
    انهن کان پاسو ڪيو جيڪي اهو چوندا آهن ته،” بس، ايترو ڪافي آهي، آءٌ وڌيڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگھان.” ڇاڪاڻ جو هو اهو سمجھڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته زندگيءَ ۽ موت جو ڪو انت ناهي؛ اهي بس دائمي بقا تائين پهچڻ جا مرحلا آهن.
    انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي اهو چوندا آهن ته، “ هر شئي جيئن آهي تيئن ئي ٺيڪ آهي، ۽ اسانکي اڳتي نڪرڻو آهي.” ڇاڪاڻ جو هو مقرر حدن کي اورانگھي اڳتي وڌڻ جي اهميت کي سمجھن ٿا.
    انهن کان پاسو ڪيو جيڪي برادريءَ جي فيصلن ۾سُگھڙائپ ڏيکارڻ لاء گڏجاڻيون ڪندا وتندا آهن. کين سياست جي پڻ ڄاڻ هوندي آهي؛ هو ٻين کي متاثر ڪندا رهندا آهن ۽ اهو پڻ ظاهر ڪندا رهندا آهن ته هو ڪيڏا داناءَ آهن. پر هڪ ڳالهه جيڪا سندن سمجهه کان به ٻاهر هجي ٿي ته مٿي مان ڇڻندڙ وارن کي روڪڻ نا ممڪن آهي.
    نظم و ضبط ضروري آهي، پر ان جي لاءِ انترگيان ۽ اچرج ۾ وجھندڙ شين لاءِ دريون ۽ درواز کولي رکڻا پوندا.
    انهن جي ويجھو رهو جيڪي گيتَ ڳائيندا وتن ٿا، قصا ٻڌائيندا وتن ٿا ۽ زندگيءَ مان لُطف اندوز ٿيندا رهن ٿا، ۽ جن جون اکيون سَرهائيءَ منجھان چمڪنديون رهن ٿيون. ڇاڪاڻ جو سَرهائي پکڙجندي رهي ٿي ۽ هميشهه هر مسئلي جو حل ڏيندي رهي ٿي، جڏهن ته عقل غلطين جي صرف وضاحت ڪري سگھي ٿو.
    انهن جي ويجھو رهو جيڪي بنا ڪنهن رُڪاوٽ، سوچ سمجهه ۽ ڦل جي محبت جي روشني ڦهلائيندا رهن ٿا، پوءِ ڀلي کين ڪو غلط ڇو نه سمجھندو هجي.
    ڀلي اوهانجي طبيعت ڪيئن به هجي، پر هر صبح جو پاڻ کي پنهنجي روشني ڦهلائڻ لاءِ تيار رکڻ گھرجي. اهي جن وٽ اوهانجي اها روشني ڏسڻ واريون اکيون آهن سي اوهانجي روشني ڏسندا ۽ ان مان موهجندا رهندا.
    ***


    باب 13

    هڪ نوجوان عورت جيڪا ان ڪري ڪڏهن گھر کان ٻاهر نه نڪتي هئي جو سندس خيال هو ته ڪير به منجھس دلچسپي نه ٿو رکي، تنهن چيو:
    “ اسانکي نِزاڪَتَ بابت ڪجهه ٻڌايو.”
    اهو سوال ٻڌي ميڙاڪي ۾ هڪ سَرٻاٽ شروع ٿي ويو،”اسان تي حملو ٿيڻ وارو آهي ۽ گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿيڻ واري آهي، ان موقعي تي هي ڪهڙي قسم جو سوال آهي؟”
    جڏهن ته، قبطي ان عورت جي همت ڏسي مُشڪيو، ۽ وراڻيائين:

    نزاڪت کي ظاهري نمائش جي طور تي غلط سمجھيو ويو آهي. پر ان حقيقت کان وڌيڪ ٻي ڪا شئي ناهي ته: ڪجهه لفظن ۾ به نزاڪت هجي ٿي، پر ڪجهه لفظ وري نقصان پڻ پهچائيندا آهن، پر حَرفَ ته مڙني لفظن جا ساڳيا هجن ٿا. گُلَ ٻوٽن ۾ نزاڪت هجي ٿي، ڀلي پوءِ اُهي گاھ هيٺ به لڪل ڇو نه هجن. هرڻيءَ جي ڇيڏڪن ۾ به نزاڪت نظر اچي ٿي، پوءِ ڀلي اها شينهن جو کاڄ بڻجڻ کان بچڻ لاءِڇو نه ڊُڪندي هجي.
    نزاڪت ڪا نمائشي شئي ناهي، پر اها روح جو حصو آهي جيڪو ٻين لاءِ ظاهر ٿئي ٿو. ۽ جڏهن جذبا اوج تي هجن ٿا، تنهن وقت نزاڪت ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڳانڍاپي کي ٽُٽَڻ کان بچائي ٿي.
    نزاڪت ڪپڙن پهرڻ ۾ ناهي، پر ڪپڙن پهرڻ جي انداز ۾ آهي. شان وشوڪت تلوار جي استعمال ۾ نه پر ڳالهين جي ذريعي جنگ ٽارڻ ۾ آهي.
    نزاڪت نمائشي شين کي تَرڪ ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي، تنهن کانپوءِ ئي اسانکي سادگي ۽ يڪ سوئي نصيب ٿئي ٿي. جيئن شخصيت ۾ سادگي هڪ سٺو سنوڻ آهي؛ تيئن ئي خوش مزاجي خوبصورتيءَ کي ظاهر ڪري ٿي. سادگي ڇا آهي؟ سادگي زندگيءَ جي اعلى معيارن جو يڪجا هجڻ آهي. آسمان مان پوندڙ برف جي خوبصورتيءَ جو ڪارڻ ان جو هڪ رنگ جو هجڻ آهي. سمنڊ جي خوبصورت لڳڻ جو ڪارڻ انجي هموار سطح آهي. رڻ جي سونهن جو ڪارڻ ان ۾ موجود وارِي ۽ پَٿرَ آهن.
    جڏهن ته، انهن شين کي وڌيڪ غور سان ڏسجي ته، اهو محسوس ٿيندو ته اهي شيون پنهنجي خاصيتن ۾ ڪيتريون ته مڪمل ۽ ڳنڀيرتا سان ڀريل آهن.
    زندگيءَ ۾ هر عام ۽ سادي شئي ئي اهميت واري ٿئي ٿي. اهڙين شين تي سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي.
    نرگس جي گُل جي ڦُٽڻ واري عمل جو ئي مثال وٺو؛ نه ته اهو وروڪڙ کائي ٿو نه ئي هوريان هوريان ڦُٽي ٿو.
    دل جيڏي سادگيءَ جي ويجھو هوندي اوڏي ئي آزاديءَ سان ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي محبت ڪرڻ جي قابل ٿيندي. ۽ جيڏي بي ڊپي ٿي محبت ڪندي، اوڏي ئي اها پنهنجي نزاڪت کي هرنازو انداز ۾ دنيا آڏو ظاهر ڪندي.
    نزاڪت ذوق سان به تعلق نه ٿي رکي. هر ثقافت ۾ خوبصورتيءَ جو پنهنجو پنهنجو انداز آهي؛ اهو ڪڏهن ته وري اسانجي اندازن کان بنهه مختلف به ٿئي ٿو.
    پر هر قبيلي يا هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجا الڳ معيار آهن جيڪي نزاڪت جي زمري ۾ اچن ٿا، جيئن؛ خدمت، احترام ۽ سُٺو اخلاق.
    هَٺُ: نفرت ۽ بُغض پيدا ڪري ٿو. جڏهن ته نهٺائي: محبت ۽ احترام جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
    هَٺُ شرمساريءَ جو سبب بڻجي ٿو. نهٺائي روشن رستي تي هلڻ جو درسُ ڏئي ٿي.
    هَٺُ لفظن کي منهجھائيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هٺيلي انسان جي سوچ هميشهه اها ئي هوندي آهي ته علم ۽ عقل صرف ڪجهه چونڊ انسانن لاءِ ئي آهي. نهٺائي مشڪل شين کي آسان ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي ته جيئن هر ڪو انهن کي سمجھي سگھي.
    جڏهن اسين پنهنجي ئي چونڊيل رستي تي هلڻ لڳندا آهيون ته اسين نزاڪت سان روشنيون پکيڙيندا ثابت قدميءَ ۽ عقلمندءَ سان هلندا رهندا آهيون. تان جو سخت تڪليفن ۾ به اسانجي دشمن کي اسان ۾ ڪا ڪمزوري محسوس نه ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ جو نزاڪت اسان جي حفاظت ڪندي آهي.
    نزاڪت کي قبول ڪرڻ ۽ ساراهڻ کانپوءِ معتبر بڻجڻ لاءِ ڪنهن ٻي ڪوشش جي ضرورت نه ٿي پوي.
    محبت اسانجي خوابن کي ساڀيا ڏيندي آهي. ۽ نزاڪت ان ساڀيا کي دنيا آڏو ظاهر ڪندي آهي.
    ***


    باب 14

    هڪ شخص جيڪو هميشهه صُبح ساجھر اُٿي پنهنجي ڌَڻَ کي چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو، تنهن چيو:
    “اوهان ته اهي خوبصورت لفظ ڳالهائڻ لاء علم حاصل ڪيو آهي. پر اسان وٽ ته ايترو علم ناهي ڇاڪاڻ جواسانکي ته پنهنجي ٻچن جي گذر سفر لاء مزدوري ڪرڻي آهي.”

    قبطيءَ وراڻيو:
    خوبصورت لفظَ شاعرَ ئي لکندا آهن. هڪ ڏينهن، ڪير نه ڪير ائين لکندو:
    زندگي آ هڪ خوشي، اهو خواب هو مون ڏٺو .
    اک کُلي ته مون پَسيو زندگي ته هڪ فرض آ.
    اهو فرض جڏهن ادا ڪيم، تِهان پوء ملي زندگيء جي خوشي.
    محنت مزدوري به محبت جو هڪ ڏيک آهي جيڪو ماڻهن کي هڪٻئي سان ڳانڍاپي ۾ رکي ٿي. ان جي ذريعي اسان تي اهو واضح ٿئي ٿو ته اسين ٻين ماڻهن کانسواءِ زندگي نه ٿا گذاري سگھون، کين اسانجي ۽ اسان کي انهن جي سخت ضرورت آهي.
    محنت مزدوريءَ جا ٻه قسم آهن. هڪ ته اها محنت مزدوري جيڪا اسان کي پنهنجي پيٽ گُذر لاءِ هر حال ۾ ڪرڻي آهي. ۽ ان جي ڪري ماڻهو پنهنجو وقت وڪرو ڪندا رهن ٿا، اهو سوچڻ جي بغير ئي ته اهو وقت ٻيهر خريد نه ٿو ڪري سگھجي. هو پنهنجي سموري حياتي ان آسري ۾ گھاريو ڇڏين ته کين به هڪ ڏينهن سُڪون نصيب ٿيندو. جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي ته، هو ان وقت ايترا ته ضعيف ٿي چڪا هوندا آهن جو زندگيءَ جا مَزا ماڻڻ سندن هٿ وَسَ ناهي رهندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن ان ڳالهه جي ذميواري قبول نه ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته، “ مونکي موقعو ئي نه مليو.”
    جڏهن ته هڪ ٻئي قسم جي مزدوري پڻ آهي جنهن ۾ ماڻهو پيٽ گذرسان گڏوگڏ پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو ٻين لاءِ محبتون پکيڙڻ ۾ پڻ گھاريندا آهن.
    ان ٻئي قسم جي محنت مزدوريءَ کي ٻليدانُ پڻ سڏيو وڃي ٿو. مثال جي طور تي جڏهن ٻه ماڻهو هڪئي وقت ساڳي نموني جو رَڌُ پَچاءُ ڪري رهيا هجن، پر انهن مان هڪ ان ۾ چاهت جي چَسَ استعمال ڪري رهيو آهي ٻيو وري رُڳي پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ هِيلو ڪري رهيو آهي، ته نتيجو هميشهه مختلف نڪرندو، ان هوندي به ته چاهتَ يا محبت اهڙي شئي آهي جنهن کي ڏسي يا ان جي پيمائش نه ٿي ڪري سگھجي. ٻليدان ڏيڻ وارو شخص هميشهه سُرخُرو ٿيندو آهي. جيترو هو پنهنجي پريت کي ونڊيندو رهي ٿو، اوتري ئي سندس پريت وڌندي رهي ٿي.
    جڏهن روحاني قوت ڪائنات جي تخليق ڪئي، تنهن وقت سڀ گرھ ۽ تارا، سمنڊ ۽ ٻيلا، نديون ۽ جبل ان تخليق جو حصو بڻايا ويا هئا. ساڳيو ئي عمل وري انسانذات سان پڻ ٿيو.
    هڪڙن چيو: “نه، اسين اهو نه ٿا ڪري سگھون. اسين غلط کي صحيح يا انصاف کي ڦاهي نه ٿا چاڙهي سگھون.”
    ٻين چيو: “پنهنجي ڀِرُن مان ٽِمندڙ پگھر سان آءٌ ڌرتيءَ کي ريج ڏيندس، ۽ اپائڻهار جا ٿورا پل پل ڳائيندو رهندس.”
    تنهن کانپوءِ شيطان اچي سندن ڪنن ۾ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ سرٻاٽ ڪندي چئي ٿو ته،”توکي هڪُ پٿر ٽَڪريءَ جي چوٽيءَ تائين پُڄائڻو آهي، ۽ جڏهن تون اتي پهچي ويندي ته اهو پٿر ٿِڙي رڙهندو اچي واپس هيٺ پوندو.”
    ۽ اهي سڀ جن جو شيطان تي يقين هو تن چيو، “زندگيءَ جو اصل مقصد ساڳئي ئي ڪم کي ورجائڻ ۾ آهي.”
    ۽ اهي جن جو شيطان تي يقين نه هو، تن وراڻيو، “ائين آهي ته پوءِ آءٌ ان پٿر سان محبت ڪيان ٿو جيڪو مون کي جبل تي کڻي پُڄائڻو آهي. اهڙي طريقي سان ان سان گڏ گھاريل هر لمحو ڪنهن محبوب سان گھاريل لمحي جيان ٿي پوندو.”
    ٻليدان بنا ڪڇڻ جي عبادت آهي. ۽ هر عبادت وانگي ان لاءِ به ضابطي جي ضرورت پوي ٿي -غلاميءَ وارو ضابطو نه بلڪه پنهنجي مرضي جو ضابطو.
    اهو چوڻ جو ڪو جواز ناهي ته، “منهنجي قسمت ئي خراب هئي. جنهن وقت ٻيا پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي رهيا هئا، ان وقت آءٌ صرف ڳڀي جي ڳولا ۾ هئس.”
    قسمت ڪڏهن ڪنهن سان به ناحق ناهي ڪندي. اسين سڀ محبت ۽ نفرت ڪرڻ لاءِآزاد آهيون.
    جڏهن اسين محبت ڪندا آهيون ته اسانکي روز مرھ جي ڪِرت مان اهو ئي لُطف ملندو آهي جيڪو پنهنجي خواب جي ساڀيان پويان ڊوڙڻ وارن کي ملندو آهي. ۽ انهن جي عظمت جو اندازو ڪير به نه ٿو لڳائي سگھي. ۽ ان ۾ ئي ٻليدان جي راز جي حقيقت موجود آهي. هي اهو ئي مقصد آهي جيڪو اسانکي سونپيو ويو، ۽ نتيجي ۾ اسانکي به ان مقصد جو مان رکڻو آهي.
    هاري پوکي ته ڪري سگھي ٿو پر ڪڏهن به سج کي اهو نه ٿو چئي سگھي ته، “اڄ ٿوري وڌيڪ روشني ڪجانءِ.” ڪَڪَرَن کي به اهو نه ٿو چئي سگھي ته، “اڄ شام سَجھي وسڪارو ڪجو.” هاريءَ کي ته رڳو پنهنجي ڪرت ڪرڻي آهي، جيئن، زمين کي هَرُ ڏيڻ، ٻج ڇَٽَڻ ۽ صبر سان انتظار ڪرڻ. ان دوران جڏهن هو پنهنجي لاباري کي تباھ ٿيندو ۽ پنهنجي محنت ضايع ٿيندي ڏسي ٿو ته کيس نا اُميديءَ کي پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. پر اهو شخص جيڪو پنهنجي خوابن جي ساڀيا جي ڳولا ۾ نڪتل آهي اهو به ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجي فيصلي تي پشيمان ضرور ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوء هو واپس وَري پنهنجي گُذر سَفر لاءِ ڪو نه ڪو بندوبست ڪري ٿو.
    پر ٻئي ڏينهن ان هاري يا مزدور يا مهم جُو جي دل ٻيهر ان اعتماد ۽ جذبي سان ڀرجي ويندي آهي ۽ هو ٻليدان جي نتيجي ۾ مليل ميوو ڏسي خوش ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو سڀ سندن مقصد جي ڳولا دوران خوشيءَ جو هڪ ئي گيت ڳائي رهيا هوندا آهن.
    جي ڌنار نه هجن ته شاعرَ بُکَ وِگھي مَري وڃن، ۽ جي شاعر نه هجن ته ڌنارَ ويڳاڻپ وگھي هلاڪ ٿي وڃن.
    ٻليدان جي ذريعي اوهان پاڻ کي ٻين لاءِ محبت جي قابل بڻايو ٿا ۽ محبت جو سبق ڏيو ٿا.
    ***


    باب 15

    اهو شخص جنهن محنت مزدوريءَ بابت سوال ڪيو هو، تنهن هڪ ٻيو سوال ڪيو:
    “ ڪجھ ماڻهو ٻين کان وڌيڪ ڀاڳَ وارا ڇو ٿين ٿا؟”

    قبطيءَ وراڻيو:
    ڪاميابي ان ۾ ناهي ته ڪنهن جي ڪم جي واکاڻ ٿئي. ڪاميابي ته ان ٻج جو ثمر آهي جيڪو اوهان وڏي چاھ سان پوکيو آهي. جڏهن ان جي لاباري جو وقت ايندو آهي، تنهن وقت پاڻ کي اهو چوندا آهيو ته، “آءٌ ڪامياب ٿي ويس.” اوهان پنهنجي محنت مزدوريءَ جي نتيجي ۾ ڪامياب ٿيو ڇاڪاڻ جو اوهان صرف جياپي لاء محنت مزدوري نه ڪئي پر ٻين جي لاءِ پنهنجي محبت جو ثبوت پڻ ڏنو. ڪيترين ئي اوڻاين جي باوجود اوهان پنهنجو ڪم پورو ڪيو. ۽ انهن اوڻاين جي ڪري جڏهن اوهانجو جذبو گھٽجڻ لڳو تڏهن اوهان ضابطي کان ڪم ورتو. ۽ جڏهن ٿڪاوٽ جي ڪري ضابطو ختم ٿيڻ لڳو ته اوهان اطمينان وارين گھڙين ۾ مستقبل بابت سوچيندا رهيا. جوکم کڻڻ دوران ايندڙ ناڪاميون به اوهان کي روڪي نه سگھيون. ۽ اوهان انهن ناڪامين تي ويهي روئڻ پِٽڻ کي ترجيح نه ڏني. اوهان ڪاميابيءَ جي لمحن کي ڏسي به ڪو وقفو نه ڪيو، ڇاڪاڻ جو اوهان ڄاڻو پيا ته اوهان پنهنجي مقصد تائين اڃا نه رَسيا آهيو.
    مشڪلاتن دوران اوهان ڪنهن کان مدد وٺڻ ۾ به ڪو عار محسوس نه ڪيو. ۽ جڏهن اوهان ڪنهن ٻئي کي مدد لاءِ واجھائيندي ڏسو ته اوهان بنا ڪنهن اَونَ ۽ نتيجي جي پرواھ جي سندس مدد ڪيو.
    اهي جيڪي دروازو کڙڪائن ٿا، تِن لاءِ دروازو کُلي ٿو.
    ڪير به جڏهن ڪنهن شئي جي طلب ڪري ٿو ته کيس ملي ٿي.
    ۽ نا اُميديءَ جي وقت جيڪو آٿَت ڏئي ٿو ته کيس به اهڙن موقعن تي آٿَت ملي ٿي.
    پر جيڪڏهن اوهان بدلي ۾ ڪا اُميد رکي ويٺا آهيو ۽ اُها ڳالهه پوري نه ٿي ٿئي، ته دير سوير اوهانکي انجو ثَمَر ضرور ملندو جيڪا اوهان وڏيءَ دل سان ٻين تائين رَسائي آهي.
    ڪاميابي انهن لاءِ ناهي جيڪي پنهنجو وقت پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ ۾ ضايع ڪندا رهن ٿا؛ ڪاميابي ان شخص جي گھر ۾ داخل ٿئي ٿي جيڪو هر ڏينهن اهو چوندو رهي ٿو ته، “آءٌ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو رهندس.”
    اهي ماڻهو جيڪي ڪاميابيءَ جي ڳولا ۾ رهن ٿا، تن کي ڪاميابي نه ٿي ملي، ڇاڪاڻ جو ڪاميابي انت نه پر هڪ نتيجو آهي.
    سوداءُ ڪڏهن به ڪارآمد ثابت نه ٿو ٿئي؛ پر اهو اسانکي صحيح رستي جي ڳولا دوران مُنجھائيندو رهي ٿو ۽ آخرڪار زندگيءَ جا مزا ئي کَسيو ڇڏي.
    ڪنهن شخص وٽ ڀلي سَونَ جو جَبل هجن، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته هو امير آهي. حقيقت ۾ ته امير اهو آهي جيڪو پنهنجي وجود جو هر لمحو پيار جي قوت سان گذاري ٿو.
    اوهانجي ذهن ۾ ڪونه ڪو مقصد ضرور هوندو، پر، جڏهن اوهان پنهنجي مقصد جي پويان ڊوڙو ٿا ته ڪنهن به ويلي پنهنجي چئوڦير نظارا ڏسڻ لاءِ اوهانکي ڪنهن قسم جو خرچ نه ٿو ڪرڻو پوي. پوءِ جيئن اوهان اڳتي وڌندا رهو ٿا ته وِکَ وِکَ تي اوهانکي اهڙا نظارا ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو جيڪي اوهان اڳ ڪڏهن به ڏسي نه سگھيا آهيو. ان وقت، پاڻ کان اهو پڇڻ ضروري آهي ته،”ڇا منهنجون شخصي تقاضائون سالم آهن؟ ڇا آءٌ ٻين کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان ۽ سندن اميدن تي پورو لهان پيو، يا ڇا آءٌ پنهنجي ڪم کان مطمئن آهيان ۽ ڇا منهنجو ڪم منهنجي روح ۽ جذبي کي ظاهر ڪري ٿو؟ ڇا مونکي هر قيمت تي ڪاميابي گھرجي يا آءٌ ڪامياب صرف ان ڪري ٿيڻ چاهيان ٿو ته مون پنهنجي زندگيءَ جي هر لمحي ۾ محبت اوتي ڇڏي؟”
    دراصل ڪاميابيءَ جو مطلب پنهنجي ٽجوڙين کي سون سان ڀرڻ نه پر پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ آهي.
    ڪو شخص اهو به چئي سگھي ٿو ته، “آءٌ پنهنجي پئسي جو استعمال ڪندي پوکي ڪري، اناج اُپائي، لابارو ڪري پنهنجين گُندين کي اناج سان ڀري ڇڏيندس ته جيئن مون وٽ اناج جي ڪا گھٽتائي نه رهي.” پر جنهن ويلي اَڻ گُھريو مهمان(موت) اچي پهچي ٿو ته انسان جي ڪيل هر ڪوشش بيڪار ٿيو وڃي.
    جنهن وٽ ٻُڌڻ وارا ڪن آهن انکي ٻُڌڻ ڏيو.
    رستي کي مختصر ڪرڻ بجاءِ اهڙي نموني سفر ڪيو جو ان دوران اوهانجو هر عمل زمين کي زرخيز ڪري ڇڏي ۽ چوڏس ماحول ۾ خوبصورتي اوتي ڇڏي.
    وقت کان اڳي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان ڪو ميوو وقت کان اڳ ئي ٽوڙي ڇڏيو ته انجي ڪچي هجڻ سبب اهو ڪنهن جي به فائدي جو نه رهندو. جيڪڏهن ڪنهن ڊپ وچان يا ڪنهن ٻُڏ تَر ۾ اچي ٻليدان ڏيڻ کان ڪيٻايو ته ميوو سڙي خراب ٿي ويندو. تنهنڪري پوکي ۽ لاباري جي وچ واري وقت جي اهميت کي سمجھڻ گھرجي. ۽ تبديليءَ جي معجزي جو انتظار ڪرڻ گھرجي. جيسيتائين ڪڻڪ کي پِيهي چُلهه تي پچائجي نه تيسيتائين انکي ماني نه ٿو چئي سگھجي. جيسيتائين لفظن کي ادا نه ڪيو وڃي تيسيتائين ان کي شاعري نه ٿو سڏي سگھجي.
    جيسيتائين ڪير ڌاڳن کي اُڻي نه ٿو تيسيتائين انهن کي ڪپڙو نه ٿو چئي سگھجي.
    جڏهن پنهنجو ٻليدان ماڻهن آڏو ظاهر ڪرڻ جو وقت اچي ٿو، ته ماڻهو اچرج منجھان هڪٻئي کي چوندا وتن ٿا ته: “هي آهي اهو ڪامياب انسان، هر ڪنهن کي سندس محنتن جو ثمر گھربل هو.”
    ڪير به ان ثمر جي حاصلات جي لاءِ ادا ڪيل قيمت بابت پڇا نه ٿو ڪري، ڇاڪاڻ جو پنهنجو ڪم چاھَ سان ڪندي ان ۾ اهڙي تاثير اچي وڃي ٿي جو ڪير به ان دوران ڪاٽيل ڪشالن کي ظاهري اکين سان پَسي نه ٿو سگھي. جيئن هڪ بازيگر هوا ۾ آسانيءَ سان ڪلابازيون کائي ٿو، جنهن ۾ بظاهر ته ڪا مُشَقَت نظر نه ٿي اچي، تيئن ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي به ائين لڳندو آهي جيئن اها به ڪا فِطري شئي هجي.
    پر پوءِ جيڪڏهن ڪنهن پُڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته جواب اهو هوندو ته : مون هارَ مڃڻ کي ترجيح ڏني هئي، مون سوچيو ته اپائڻهار مونکي نه پيو ٻُڌي، مون پنهنجي ڏسا پڻ تبديل ڪئي هئي، ۽ ڪجهه موقعن تي رستو پڻ ڀُلجي ويٺُس. پر انهن سڀني شين جي باوجود به مون ٻيهر رستو ڳولي ورتو ۽ اڳتي وڌندو رهيس، ڇاڪاڻ جو آءٌ ان ڳالهه جو قائل ٿي چڪو هئس ته زندگي گذارڻ جو ڪو به ٻيو طريقو ناهي. ان دوران اهو پڻ منهنجي علم ۾ آيو ته ڪهڙين پُلين تان گُذرڻ گھرجي ۽ ڪهڙين پُلين کي ساڙڻ گھرجي.
    آءٌ هڪ شاعر آهيان، هڪ هاري آهيان، هڪ هُنَرمَند آهيان، هڪ سِپاهي آهيان، هڪ پيءُ آهيان، هڪ واپاري آهيان، هڪ دُڪاندار آهيان، هڪ اُستاد آهيان، هڪ سياستدان آهيان، هڪ دانشور آهيان ۽ هر اُهو شخص آهيان جيڪو پنهنجي گھر ۽ ٻَچن جي ورلي ڪا سار سنڀار لهي ٿو.
    آءٌ ان ڳالهه کان به چڱي ريت واقف آهيان ته مون کان وڌيڪ به ڪي احترام لائق ماڻهو آهن ۽ هو ان جا مُستحق پڻ آهن. ٻين صورتن ۾ اهو سڀ ڪجهه يا ته خود نمائي آهي يا وري حرصُ آهي ۽ وقت جي آزمائش تي ڪڏهن به پورو نه لهندو.
    ڪاميابي ڇا آهي؟
    ڪاميابي هر رات روحاني راحتَ سان سُمهڻ جو نالو آهي.
    ***


    باب 16

    الميرا، جنهن کي اڃا به اهو يقين هو ته آسمان تان فرشتن جي فوج لهندي ۽ هن پَوِتَر زمين جو دفاع ڪندي، تنهن چيو: “ اسان کي معجزن بابت ڪجھ ٻُڌايو.”

    قبطيءَ وراڻيو:
    معجزو ڇا آهي؟
    معجزي جي وضاحت ڪيترن ئي طريقن سان ڪري سگھجي ٿي. جيئن، اهڙي ڪا شئي جيڪا فطرت جي قانونن جي اڀتڙ ٿيندي هجي؛ جيئن سخت بُحران واري حالت کا ڇوٽڪارو؛ مثال طور، زخمن جو ڀرجڻ ۽ نَظَرَ؛ اڻ ٿيڻي ڳالهين کي منهن ڏيڻ؛ يا آخري وقت ۾ اَڻ گُهريي مهمان (موت) کان بچي وڃڻ.
    اهي سڀ وضاحتون صحيح آهن، پر معجزو انهن سڀني کان اڃا مٿانهين ڳالهه آهي: معجزو اوچتو اسان جي دلين کي محبت سان ڀريو ڇڏي. جڏهن ائين ٿيندو آهي، تڏهن اسين اپائڻهار جي نعمتن جي بدلي ۾ سندس آڏو پنهنجو سِيس نوائيندا آهيون.
    اي اسانجا معبود! اسانکي اڄ به هر ڏينهن جيان ڪو معجزو عطا ڪر. پوءِ ڀلي اسين ان تي وڏين وڏين نعمتن جي لالچ ۾ غور نه ڪريون. پوءِ ڀلي اسين روز مرھ جي معاملن ۾ ايترو ته وٺجي وڃون جو اسانکي اهو اندازو به نه رهي ته ان معجزي اسانجي زندگين ۾ ڪهڙي تبديلي آندي.
    اُداسيءَ واري حالت ۾ اسانجي چئوڦير زندگيءَ جي نشانين کي پَسَڻَ ۾ اسانجي ڪر: جيئن گُلن جو ٽِڙڻ، تارن جو آسمان ۾ ٽِمڪڻ، پکين جو ٻولڻ يا ٻارن جو چَهڪڻ. اهو سمجھڻ ۾ اسانجي مدد ڪر ته اسانجي چوڌاري ٻيون به ڪيتريون ئي اهم شيون آهن جن جو اسين ڪنهنجي مدد بنا مشاهدو ڪري سگھون ٿا، اهو پڻ سمجھڻ ۾ اسانجي مدد ڪر ته اسين دَرماندا ناهيون، ڇاڪاڻ جو تنهنجي ذات هر پل اسان سان گڏ آهي ۽ اسانکي ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ کان پنهنجي پناھ ۾ رکي ٿي.
    ڊپ هوندي به اڳتي وڌڻ ۽ وضاحتون ڏيڻ ۽ هر شئي جو علم رکڻ بجاءِ اسانکي ناقابلِ توضيح شين کي قبول ڪرڻ ۾ اسانجي مدد ڪر.
    اهو سمجھڻ ۾ اسانجي مدد ڪر ته محبت انڪار کانپوءِ وڌيڪ سگھاري ٿيو پوي، ۽ اهو پڻ سمجھڻ ۾ اسانجي مدد ڪر ته محبت هميشهه زندھ رهي ٿي، ڇاڪاڻ جو اها نَيُن آزمائشن کي مُنهن ڏيندي بدلجندي رهي ٿي.
    ان معجزي کي پڻ سمجھڻ ۾ اسانجي مدد ڪر جڏهن هڪ نماڻو شخص هوڏي ٿيو پوي ۽ هڪ هوڏي شخص نماڻو ٿيو پوي.
    اهو سمجھڻ ۾ پڻ اسانجي مدد ڪر ته ٽنگن ٿڪجڻ باوجود به اسين دل جي سگهه سان اڳتي وڌي سگھون ٿا، دل جي ٿڪجي پوڻ جي صورت ۾ ايمان جي طاقت اسانکي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
    اهو به سمجھڻ ۾ اسانجي مدد ڪر ته رڻ جي واريءَ جي هر ذرڙي ۾ به هڪ تفاوت وارو معجزو آهي، ۽ شَلَ اهو معجزو اسانکي پنهنجي پاڻ کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ڇاڪاڻ جو جيئن ٻه واريءَ جا ذرڙا هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿا تيئن ئي ٻه انسان به هڪٻئي کان سوچ ۽ سمجهه ۾ مختلف ٿين ٿا.
    عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ اسانجي مدد ڪر.
    اهو سمجھڻ ۾ اسانجي مدد ڪر ته دانائي انهن جوابن ۾ ناهي جيڪي اسانکي ملن ٿا، پر دانائي انهن ڳُجھن سوالن ۾ آهي جيڪي اسانجي زندگيءَ جو حصو بڻجن ٿا.
    انهن ڳُجھن ۾ ڦاسي پوڻ کان بچڻ لاءِ اسانجي مدد ڪر جيڪي اسين سمجھون ٿا ته اسانجي علم ۾ آهن، ڇاڪاڻ جو قسمت بابت اسانجي ڄاڻ تمام ناقص آهي. اسانکي پنهنجي رَوَيَن ۾ مثالي بڻاءِ ۽ چئن اعلى وَڙَن، بهادُري، نزاڪت، محبت ۽ دوستيءَ جي سگهه عطا ڪر.
    اي اسانجا معبود! اسانکي اڄ به هر ڏينهن جيان ڪو معجزو عطا ڪر.
    جيئن ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ ڪيترائي اڙانگھا پيچرا ٿين ٿا، تيئن ئي اسانکي پنهنجي مقصد تائين پهچڻ لءِ به ڪيترائي اهڙا پيچرا آهن. انهن پيچرن مان ڪو اهڙو پيچرو ڳولڻ ۾ اسانجي مدد ڪر جيڪو آسان هجي ۽ جنهن تي محبت پڻ ملي سگھي.
    ان کان اڳ جو اسين ٻين ماڻهن کي محبت جي تلقين ڪيون اسانجي اندر سُتَلَ محبت کي جاڳائڻ ۾ اسانجي مدد ڪر. صرف ان ريت ئي اسين پريت، جذبو ۽ مانُ حاصل ڪري سگھون ٿا.
    اسانکي انهن جنگين ۾ فرق ڪرڻ ۾ مدد ڪر جيڪي اسانجون پنهنجيون آهن، ۽ جن ۾ اسانکي پنهنجي مرضيءَ خلاف ڌِڪيو ويو آهي، ۽ اهي جيڪي قسمت اسانجي مٿان مڙهيون آهن جيڪي هر حال ۾ اسانکي وڙهڻيون آهن.
    شَلَ اسانجون اکيون کُليون رهن ته جيئن اسان اهو پَسي سگھون ته اسانجا ڏينهن به هيمشھ هڪجهڙا نه ٿا رهن. هر ڏينهن پاڻ سان گڏ اسانجي جياپي لاءِ هڪ نئون معجزو آڻي ٿو.
    اسانکي اها روشني عطا ڪر جيڪا دوستن جي ناڪاري صلاحن کي سمجھڻ ۾ اسانجي رهنمائي ڪري، جيتوڻيڪ اسان کانئن ڪا صلاح نه به پُڇي هئي ۽ کين اها خبر ئي ناهي ته ان وقت اسانجي مَنَ ۾ ڪهڙو مانڌاڻ مَتَلَ هئو.
    ۽ جڏهن اسين ڪجهه به ڳالهايون ته، نه صرف اسين عام رواجي ڳالهايون پر ڏاهپ واريون ڳالهيون ڪندي اهو چوندا رهون ته، “معجزا ڪڏهن فطرت خلاف ناهن ٿيندا، پر هميشهه اسين ائين ان ڪري سوچيندا آهيون جو اسانکي فطرت جي قانونن جي ڄاڻ ناهي هوندي.”
    اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسين پنهنجو سيس نوائي اهو چئون ته، “آءٌ انڌو هئس، پر هاڻ ڏسي سگھان ٿو. آءٌ گونگو هئس پر هاڻ ڳالهائي سگھان ٿو، آءٌ ٻوڙو هئس پر هاڻ ٻُڌي سگھان ٿو. ڇاڪاڻ جو خُدا پاڪ مونکي پنهنجي معجزي سان نوازيو آهي، ۽ هاڻ هر شئي جيڪا مون سمجھيو ٿي ته منهنجي هٿن مان نڪري وئي آهي سان واپس اچي چُڪي آهي.
    معجزا هر شئي کي تبديل ڪري ان تان پڙدا هٽايو ڇڏن ٿا، پر اسانکي پردي جي پويان ڪا شئي ڏسڻ نه ٿا ڏين.
    معجزا اسانکي موت جي پاڇولن کان بچائيندا آهن پر سرهائيءَ ۽ روشنيءَ جو رستو ناهن ڏيکاريندا.
    معجزا بنا ڪُنجين جي استعمال جي، بند دروازا کوليو ڇڏين.
    معجزن جي ڪري ئي تارا گرهن جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا ته جيئن اهي ڪائنات ۾ هيڪلائي محسوس نه ڪن، اهي ئي تارا گرهن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي تباھ ٿيڻ کان بچائڻ لاء هڪٻئي کا مفاصلي تي رکن ٿا.
    معجزا اناج کي ڪجهه محنت کانپوءِ کاڌي ۾، انگورن کي ڪجهه صبر کانپوءِ شراب ۾، ۽ ميسارجي ويل خوابن جي واپس اچڻ کانپوءِ موت کي زندگيءَ ۾ تبديل ڪن ٿا.
    تنهنڪري، اي اسانجا معبود! اسانکي اڄ به هر ڏينهن جيان ڪو معجزو عطا ڪر. ۽ انهن معجزن کي اسين پوءِ به جيڪر سُڃاڻي نه سگھون ته به اسانکي پار اڪارِ.
    ***


    باب 17

    هڪ شخص جيڪو شهر ٻاهران ايندڙ جنگي گيتَن جا آواز ٻُڌي پنهنجي ڪُٽُنب لاء فڪرمند هو، تنهن چيو:
    “ اسانکي ڳَڻتيءَ بابت ڪجھ ٻُڌايو.”

    قبطيءَ وراڻيو:
    ڳَڻتي ڪرڻ غلط ناهي. جيتوڻيڪ، اسين اپائڻهار جي مُقرر ڪيل وقت ۾ هير ڦير نه ٿا ڪري سگھون. انساني فطرت آهي ته هو جنهن به شئي جي طَلبَ ڪري اها کيس سُتَت ئي ملي وڃي. يا وري ان شئي مان جند آجي ٿي وڃي جيڪا ان لاءِ خوف جو ڪارڻ آهي.
    اهو عمل ننڍپڻ کان ئي جاري رهي ٿو، ايسيتائين جو اسين ان عمر ۾ پهچي وڃون ٿا جنهن ۾ اسين زندگيءَ کان لاپرواھ ٿيو پئون. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن اسين لڳاتار حالَ ۾ اٽڪيل رهنداسون ته اسانکي ڪنهن نه ڪنهن شخص يا ڪنهن نه ڪنهن شئي جو هميشھ انتظار رهندو.
    هڪ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور دل ، بي اوني، بي ڊَپي ٿي سانت ئي سانت ۾ قدرت جي معجزن جو مُشاهدو ڪيئن ٿي ڪري سگھي؟
    ڳَڻتي محبت جو حصو آهي. تنهنڪري ڳڻتيءَ جو ڪارڻ محبت کي نه سمجھڻ گھرجي.
    هڪ اهڙي شخص کي آٿت ڪيئن ڏئي سگھجي ٿو جنهن پنهنجي ميڙي چونڊي ۽ پنهنجي زندگي پنهنجن خوابن جي ساڀيا ماڻڻ ۾سيڙائي ڇڏي، پر اڃا به کيس ڪو ڦَلُ نه مليو. هڪ هاري پوک جي پَچڻَ لاء مُندُن ۾ ڦير گھير ته نه ٿو ڪري سگھي، پر هو بي صبريءَ سان لاباري جي مُند جو انتظار ڪندو رهي ٿو.
    هڪ ويڙهاڪ کي ويڙهه کان پهريان ڪيئن آٿت ڏجي؟ ان گھڙيءَ جي لاءِ ته هن جيءُ جھوريندڙ مَشقون ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو آهي، پوءِ ايتري تياري هوندي به کيس سندس ڪوششن جي اَڪارت وڃڻ جو اُلڪو رهي ٿو.
    ڳَڻتيءَ جو جنم به ان مَهَلَ ئي ٿيو هو جنهن مَهَلَ انسانذات جو جنم ٿيو هو. هاڻ ڇاڪاڻ جو اسين ڪڏهن به انکي وَسَ ۾ نه ٿا ڪري سگھون، تنهنڪري اسانکي ان سان گڏ رهڻ سکڻو پوندو بالڪل ائين جيئن اسان طوفانن سان گڏ رهڻ سکيو آهي. جيڪي اهو نه ٿا سکي سگھن، انهن لاءِ زندگي هڪ ڀوائتو خواب بڻجي وڃي ٿي ۽ ڏينهن جي هڪ هڪ گھڙي عذاب بڻجيو پوي جنهن لاءِ کين هر وقت شڪر گذار رهڻ گھرجي. هو اهو ئي چاهين ٿا ته وقت تيزيء سان گذرندو رهي، پر کين اهو به ڌيان نه ٿو رهي ته ان سان هو موت کي پڻ ويجھو ٿيندا وڃن ٿا.
    اڃا به وڌيڪ خراب صورتحال تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ڳَڻتين کان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ هو ڪو نه ڪو اهڙو عمل ڪري ويهندا آهن جيڪو کين وڌيڪ ڳَڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري وجھندو آهي.
    پٽ جي گھر ورڻ جي اوسيئڙي ۾ هڪ ماءُ جي مَنَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن وَسوِسا پيدا ٿيندا آهن.
    هڪ عاشق سوچيندو آهي ته، “منهنجو محبوب منهنجو آهي ۽ آءٌ ان جو آهيان. پر جڏهن مون کيس گھريو ته هو مونکي حاصل ٿي نه سگھيو. هر ماڻهو منهنجن سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ويو، تڏهن منهنجي ڳَڻتي آنڌ مانڌ ۾ تبديل ٿي وئي.”
    هڪ مزدور جڏهن مزدوري ملڻ جي اوسيئڙي ۾پاڻ کي ٻين ڪمن ۾ مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿوته اها ڳالهه هن لاءِ وڌيڪ اوسيئڙي جو باعث بڻجيو پوي. هڪ ننڍڙي ڳَڻتي پالڻ هن لاءِ سولو هو، پر جڏهن هو پاڻ لاءِ وڌيڪ ڳڻتيون پالڻ شروع ڪري ٿو ته هو اگهاڙي آسمان هيٺان تارن ۽ پنهنجن ٻچڙن کي کيڏندي ڏسڻ کان به محروم ٿيو پوي. پوءِ اها ماءُ، اهو عاشق، ۽ مزدور، نا اُميدين سبب زندگي گھارڻ جو حوصلو ئي وڃايو ويهن؛ هو صرف افواهُن تي پنهنجي اوسيئڙن جون شڪايتون ڪندا رهن ٿا. دوستن، گھر وارن ۽ گڏ ڪم ڪندڙن سان سندن رويو به رُکو ٿيو پوي. سندن کائڻ پيئڻ جون عادتون پڻ مَٽجيو وڃن، پوءِ يا ته هو ضرورت کان وڌيڪ کائڻ لڳن ٿا يا وري کين ڪجهه به نه ٿو وڻي. سندن راتين جون ننڊون ڦِٽيو پون. هي اهو ئي وقت آهي جڏهن ڳڻتيون هڪ اهڙو نقاب اُڻن ٿيون جنهن مان صرف روح جون اکيون ئي پَسي سگھن ٿيون. ۽ ان وقت روح جو اکيون ٿڪاوٽ سبب لُڙاٽجيو پون. ان موقعي تي انسانذات جو ازلي دشمن “سوداءُ” نازل ٿئي ٿي. چوي ٿو ته، “هاڻ اوهانجي قسمت منهنجي هٿ ۾ آهي. آءٌ اوهانکي اهڙيون شيون ڏيکاريندس جن جو وجود ئي ناهي. اوهانجون خوشيون به هاڻ منهنجي هٿ ۾ آهن. هاڻ کان اوهانجي دل بي سُڪون رهڻ لڳندي، ڇاڪاڻ جو ان مان اُتساھ کي ڪڍي آءٌ انجي جاءِ وٺندُس. آءٌ پوري دنيا ۾ ڊپ ۽ هراس پکيڙي ڇڏيندُس پوءِ اوهان هر وقت بنا ڪنهن سبب جي ڊِنَل رهندئو. اوهانکي ان ڊپ جو سبب ڄاڻڻ جي به ضرورت ناهي، اوهانکي بس ڊنل رهي پنهنجي ڊپ کي اڃا وڌائڻو آهي. اوهانجي ڪِرتِ جيڪا اڳ ۾ ٻليدان هئي، تنهن کي پڻ مون پنهنجي وَسَ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو اوهانجي جَفاڪَشي ڏسي اوهانجا مثال ڏيندا، ۽ اوهان وري مُرڪندي سندن شڪريو ادا ڪندا رهندئو. پر اوهانجي دل ۾، آءٌ اهو چوندو رهندس ته اوهانجي ڪِرتِ هاڻي منهنجي وَسَ ۾ آهي، ۽ آءٌ ان کي استعمال ڪندي اوهانکي هر شئي ۽ هر ماڻهوءَ، دوستن توڙي اولاد کان ايتري تائين جو اوهانکي پنهنجي پاڻ کان به پري ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهانکي پنهنجي وَسَ کان وڌيڪ جفاڪَشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندس ته جيئن اوهانکي ٻيو ڪجهه سوچڻ جو موقعو نه ملي، ۽ اوهان ملي جُلي رهڻ ئي ڇڏي ڏيو.
    اوهانجي محبت، جيڪا اڳ ۾ روحاني قوت جو ڏيک هئي، سا به هاڻ منهنجي وَسَ ۾ آهي. هاڻ اوهانجي محبوب لاءِ هڪ لمحو به پري رهڻ ناممڪن ٿي پوندو، ڇاڪاڻ جو آءٌ اوهانکي سندس بابت سوداءَ ڏئي ڇڏيندس. اوهانجو پُٽ، پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گھاري رهيو هو، سو به هاڻ منهنجي وَسَ ۾ آهي. آءٌ اوهانجي دل ۾ سندس لاءِ اجايو وَهَم ڀري ڇڏيندس ته جيئن اوهان کيس پنهنجي ويجھو رکو، جنهن سان هن جي دل مهم جوئين ۽ جوکم جا ڪم ڪرڻ تان کڄي ويندي. جڏهن هو اوهانکي ناخوش ڪندو تڏهن هو اوهانجي اميدن تي پورو نه لهڻ جي ڪري پاڻ کي ڏوهي سمجھندو رهندو.
    تنهنڪري، ڀلي کڻي ڳڻتي زندگيءَ جو حصو ڇو نه هجي، پر ان کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏيو.
    جڏهن ڳَڻتي اوهانجي ويجھو اچي ته کيس چئو ته،” آءٌ سُڀاڻ لاءِ فڪرمند ناهيان، ڇاڪاڻ جو خدا پاڪ منهنجي مدد ڪندو.”
    جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي ان ڳالهه تي آمادھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هڪ کان وڌيڪ نوڪريو ڪرڻ سان زندگي خوشگوار گُذرندي، ته کيس چئو، “آءٌ تارن کي تَڪي سُڪون وٺڻ چاهيان ٿو ته جيئن پنهنجي نوڪري صحيح نموني ڪري سگھان.”
    جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي بُکُن جي ديوَ کان ڊيڄارڻ لڳي، ته کيس چئو، “زندگي گذارڻ لاءِ صرف ڳڀي جي ضرورت ناهي، پر هر ان حڪم جو آڌر ڪرڻ جي ضرورت پڻ آهي جيڪو اپائڻهار اسان لاءِ فرمايو آهي.”
    جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي چئي ته اوهانجو محبوب واپس نه ايندو، ته کيس چئو، “منهنجو محبوب منهنجو آهي ۽ آءٌ هن جو آهيان. هوءَ نديءَ ڀر پنهنجو ڌَڻُ چاري رهي آهي، ۽ آءٌ پري کان به سندس گيت ٻُڌي رهيو آهيان. جڏهن هوءَ گھر موٽندي ته ٿَڪَلَ ۽ خوش هوندي، ۽ آءٌ هن جي لاءِ ماني ٺاهيندُس ۽ کيس سُمهندي ڏسندس.
    جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي چئي ته اوهانجي پُٽ کي اوهان جي محبت جي بدلي ۾ اوهان لاءِ ڪو مانُ ناهي ته کيس چئو، “حد کان وڌيڪ سنڀار روح ۽ دل کي تباھ ڪريو ڇڏي، ڇاڪاڻ جو زندگي گھارڻ هڪ جُرائت وارو ڪم آهي، ۽ جرائت وارو ڪم هميشھ محبت سان سرانجام ڏئي سگھجي ٿو.”
    اهڙي طريقي سان اوهان ڳڻتين کي پاسيرو ڪري سگھو ٿا. اهي ڪڏهن ختم ته نه ٿينديون پر، زندگيءَ ۾ وڏي کان وڏي دانائي ان ڳالهه کي سمجھڻ ۾ آهي ته اسين انهن شين کي وَسَ ۾ ڪري سگھون ٿا جيڪي اسانکي وَسَ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.
    ***


    باب 18

    “ اسانکي مستقبل بابت ڪجھ ٻڌاءِ.”
    هڪ نوجوان پڇيو.

    قبطيءَ وراڻيو:
    اسين سڀ اِهو ڄاڻون ٿا ته مستقبل ۾ ڪير اسانجو انتظار ڪري رهيو آهي؛ اهوئي اَڻ گُھريو مهمان(موت)، جيڪو ڪنهن به وقت بنا ڪنهن چتاءَ جي پهچي چوندو،”مون سان گڏيو اچ.” پوءِ نه چاهيندي به اسانکي ساڻس وڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو ان وقت اسان وٽ ٻي ڪا واھَ نه هوندي. ان ويلي اسانجي وڏي کان وڏي خوشي يا وڏي کان وڏو غَمُ به ماضيءَ ڏانهن وڃي ان سوال جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو ته، “ڇا مون پنهنجي حصي جو پيار ونڊيو؟”
    اسانکي محبت ضرور ڪرڻ گھرجي. آءٌ صرف هڪ انسان جي ٻئي انسان لاءِ محبت بابت نه ڳالهائي رهيو آهيان. اها محبت جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي، معجزن، کَٽَڻ يا هارائڻ، مطلب ته هر اها شئي جيڪا روز اسان سان پيش اچي ٿي، جي حوالي ڪري ڇڏجي.
    اسان تي چار ڳُجھيون قوتون هميشهه اثر انداز رهن ٿيون: محبت، موت، طاقت، ۽ وقت.
    محبت ضرور ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو اپائڻهار به اسان سان محبت ڪري ٿو.
    جيڪڏهن اسين زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ تيار آهيون ته اسانکي موت جي حقيقت جي ڄاڻ پڻ هجڻ گھرجي.
    اڳتي وڌڻ لاءِ اسانکي جفاڪشي به ڪرڻ گھرجي، پر ان مان حاصل ٿيندڙ طاقت جي ڪوڙڪيءَ مان پڻ بچڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو اهڙي طاقت ڪنهن به ڪم جي ناهي.
    آخر ۾، اسانکي اها حقيقت پڻ تسليم ڪرڻ گھرجي ته، اسانجو روح جيتوڻيڪ دائمي آهي، پر هن گھڙيءَ اِهو وقت جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي.
    اُها خواهش، جيڪا اسانجو خواب آهي، ۽ روح ۾ لِڪل آهي، پر ٻاهر اچي نه سگھي؛ اُنَ خواهش کي اُتي رکيو هو. ۽ اها پوتر مُحبت آهي جيڪا اسانجي خوشي چاهي ٿي. انڪري جو هن اسانکي پنهنجي خوابن جي ساڀيا ۽ خواهشن جي تڪميل ڏيڻ چاهي .
    جڏهن اوهان ڪنهن مشڪل وقت مان گذري رهيا هجو ته اهو ياد رکجو ته؛ ڀلي اوهانکي ڪنهن وڏي جنگ ۾ شڪست ڇو نه ملي هجي، پر اوهان اڃا به زندھ آهيو ۽ موجود آهيو. اها ئي ڪاميابي آهي، هاڻ اڳتي وڌي پنهنجو مقصد حاصل ڪري ڏيکاريو.
    پنهنجي چوڏس هر شئي کي محبتن جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. اهو ظاهر ڪري ڏيکاريو ته اوهان مسڪينن جو ڪيترو خيال رکو ٿا، ڇاڪاڻ جو هو اوهانجي سخاوت جي وَڙَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهن. انهن اميرن جو پڻ خيال رکو جن جو ڪنهن به شئي تي ڀروسو ناهي، اناج سان ڀريل گُنديون ۽ مال ملڪيت سان سَٿيل ٽجوڙيون هجڻ جي باوجود به هو هيڪلائين کان آجا ناهن.
    اهي جيڪي اوهانجي ويجھو آهن انهن کي پنهنجو قرب ڏيڻ جو موقعو ڪڏهن به هٿان وڃڻ نه ڏيو، ڇاڪاڻ جو اسين هميشهه کين خوش ڏسڻ چاهيندا آهيون.
    محبت ڪيو، ڇاڪاڻ جو انجو فائدو پهريون اوهان کي ئي پهچڻو آهي. اوهانجي چوڌاري دنيا اوهانکي ان جو ثمر ڏيندي، پوءِ ڀلي اوهانکي اهو ڇو نه چوڻو پيو هجي ته،” دنيا منهنجي محبت کي سمجھي نه سگھي.”
    محبت کي سمجھڻ جي نه پر ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    تنهنڪري مستقبل ۾ جيڪي ڪجهه به آهي ان جو سمورو دارومدار اوهانجي محبت ڪرڻ جي صلاحيت تي آهي. ۽ ان لاءِ اوهانجو پاڻ تي ڀرپور اعتماد هجڻ پڻ ضروري آهي. ٻين کي اهو چوڻ جي موقعو نه ڏيو ته، “هي رستو صحيح آهي يا هو پيچرو صحيح آهي.”
    اپائڻهار جو اسان لاءِ وڏي ۾ وڏو تحفو اسانجي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت آهي.
    اسانکي ننڍپڻ کان ئي اهو ٻُڌايو ويو آهي ته جيڪي اسين چاهيون پيا سو ناممڪن هو. پوءِ جيئن وڏا ٿياسين ته اسان وٽ ساڙ، ڊپ ۽ پڇتاءَ بنا ٻيو ڪجهه نه هو. پاڻ کي انهن شين کان آجو ڪري ڇڏيو، سڀاڻي نه، اڄ رات نه بَلڪِ هاڻي جو.
    جيئن مون چيو هو ته؛ اسان مان ڪيترائي ان ڳالهه جا قائل آهن ته پنهنجي خوابن جي ساڀيا پويان ڊوڙندي اسين انهن کي ڇِيهو رسايو وجھون جن سان اسين محبت ڪريو ٿا. پر اُهي جيڪي اسان جي بهتري ۽ اسانجي خوشي چاهيندا، هاڻ اسانکي ڪڏهن به اڳتي وڌڻ کان نه روڪيندا، اڳ ڀلي هنن اسانکي طعنن ، واعدن ۽ ڳوڙهن سان روڪڻ جي ڪوشس ڪئي هجي.
    ايندڙ وقت جون مُهم جويون رومان سان ڀرپور هجڻ گھرجن، ڇاڪاڻ جو دنيا کي ان جي ضرورت آهي، تنهنڪري، پنهنجي گھوڙي تي ويٺي سفر دوران پاڻ کي آزاد تصور ڪيو ۽ پنهنجي مُنهن تي ٿڌڙي هير محسوس ڪيو.
    اهو نه وسارجو ته اوهان کي تمام وڏو پنڌ اڪرڻو آهي. پر جيڪڏهن اوهان پوري طرح ان جي رومان ۾ گُم ٿي ويئو ته اوهان ڪِري پوندئو. جيڪڏهن اوهان پاڻ کي ۽ پنهنجي گھوڙي کي وقتي طور آرام نه ڏيندئو ته اوهان جو گھوڙو بُکَ ۽ اُڃَ وِگھي مري پوندو.
    ٿڌڙي هيرَ مان ڀلي لُطف وٺو پر پنهنجي گھوڙي کي نه وساريو.
    ۽ جڏهن اوهانکي اهو لڳي ته هر ڪم بهتر ٿي رهيو آهي ۽ اوهان جو خواب اوهان جي هٿن ۾ اچڻ وارو آهي، ته هيءَ ئي اُها گھڙي آهي جنهن ۾ اوهان کي وڌيڪ مُحتاط ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو جڏهن اوهانجو خواب اوهانجي وَسَ ۾ اچڻ وارو هوندو آهي ته ان وقت اوهان تي ڪنهن نه ڪنهن پڇتاءَ جو زوردار حملو ٿيندو آهي.
    اوهان اهو مشاهدو ڪندئو ته اوهان ان جاءِ تي پهچي چڪا آهيو جِتِ ورلي ڪو پهچي سگھيو هوندو، ۽ ان وقت اوهانکي اهو خيال ايندو ته جيڪو ڪجهه زندگيءَ اوهانکي ڏنو آهي اوهان ان جا مُستحق ئي ناهيو. اوهان کان اهي سڀ رُڪاوٽون، اُهي قربانيون ۽ مشڪلاتون وسري وينديون. ۽ ان پڇتاءَ ڪارڻ اوهان پنهنجيون سڀ محنتون برباد ڪري سگھو ٿا جن جي سبب اوهان ايڏو ڏُور پهچي سگھيا آهيو.
    اها ئي سڀ کان وڏي رُڪاوٽ آهي، ڇاڪاڻ جو ڪاميابيءَ کي ڌُتارڻ وارن جو وري اڃا ڪو ٻيو پاڪيزھ مقام آهي.
    پر جيڪڏهن ڪو شخص اهو سمجھي ٿو ته هو ان شئي جو مستحق آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جهجهو لوڙيو آهي، ته کيس ضرور اهو احساس ٿيندو ته هو ان مقام تي اڪيلي سر نه پهتو آهي پر ان ۾ اپائنهار جي به مرضي شامل هئي.
    صرف اهو ئي شخص پنهنجي اهميت سمجھي سگھي ٿو جنهن کي پنهنجي کنيلَ هر وِکَ جي اهميت جو اندازو هوندو.
    ***


    باب 19

    هڪ شخص جيڪو ليکڪ هو ۽ قبطيءَ جي هر ڳالھ کي غور سان ٻُڌندو لکندو ٿي ويو، گھڙي کن لاء ساهي پٽي ڪنهن سوچ ۾ غرق ٿي ويو، ائين ٿي لڳو ڄڻ هو ڪو خواب ڏسي رهيو هجي. چونڪَ ۾ اُٻاڻڪا چهرا ۽ مذهبي رهنما جيڪي اهي ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا، سڀ سندس ان خواب جو حصو ٿي لڳا. هو واقعي اهڙي قسم جو ڪو مشاهدو ڪري رهيو هو يا نه اها ڳالھ سندس هن سوال مان ثابت ٿي وئي:
    “وفاداريءَ بابت اسانکي ڪجھ ٻڌايو.”

    قبطيءَ وراڻيو:
    وفاداريءَ کي هڪ نفاست سان سجايل گُلدانن جي هَٽَ سان ڀَيٽي سگھجي ٿو، اهڙو هَٽُ جيڪو صرف محبت جي ڪُنجيءَ سان کُلي ٿو. هَٽَ جي الماڙيءَ ۾ رکيل هر گُلدان خوبصورت لڳي ٿو، ڇا ڪاڻ جو اتي موجود سڀ گُلدانَ انسانن وانگي، مِينهَن جي ڦُڙن وانگي، ۽ جابلو پٿرن وانگي هڪٻئي کان مختلف آهن.
    وقت گُذرڻ سان يا وري ڪنهن ٻئي ڪارڻ سبب جيڪڏهن ان الماڙيءَ ڪو نقصان پهچي ٿو ۽ گُلدانن ۾ ڏَرَڙَ اچيو وڃن ته ان وقت هَٽائيءَ جي مَنَ ۾ اها ئي ڳالهه اچي ٿي ته: “مون پنهنجي حياتيءَ جا ڳچ ورهيه ۽ پنهنجي محبت ان کي جوڙڻ ۾ صَرف ڪري ڇڏِي، پر هاڻ انهن گُلدانن مون سان ويساھ گھاتي ڪئي آهي.”
    پوء هَٽائي پنهنجو هَٽُ وڪڻي هليو ٿو وڃي. هو هيڪلو ۽ جيءَ مان بيزار اهو خيال ڪندو وتي ٿو ته هاڻ هو ڪنهن تي به ويساھ نه ڪندو.
    ٺيڪ آهي ته ڪجهه گُلدانن کي نقصان رسيو - وفاداريءَ جو هڪ واعدو وفا نه ٿيو. پر ان صورت ۾ بهتر اهو ئي رهندو ته انهن ٽُڪرن کي ٻُهاري اُڇلائي ڇڏجي ڇاڪاڻ جو اهي ٽُڪرا ٻيهر پنهنجي اصل حالت ۾ ته اچي ڪونه سگھندا.
    پر ڪڏهن ته الماڙيءَ کي نقصان پهچڻ جو سبب انسان جي سوچ سمجهه کان چڙهيو وڃي: اهو هڪ زلزلي جي سبب به ٿي سگھي ٿو، ڪنهن دشمن جي ڪاھ سبب، يا هَٽَ ۾ داخل ٿيندڙن مان ڪنهن جي ڪوتاهيءَ سبب به ٿي سگھي ٿو.
    پاڻ سان پيش ايندڙ مسئلن جو الزام اسين هڪٻئي تي مڙهيندا رهندا آهيون، ۽ اهو پڻ چوندا آهيو ته: “ڪير ته ان ڳالهه جو خيال رکي ها ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.” يا “جيڪڏهن ذميواري مون تي هجي ها ته مسئلا ئي پيدا نه ٿين ها.”
    پر حقيقت ته حقيقت آهي. اسين سڀ وقت جا قيدي آهيون، ۽ اسانجو ان تي ڪو وَسُ ناهي.
    ڪجهه وقت کانپوءِ اها الماڙي جنهن کي نقصان رسيو هو سان ٻيهر جُڙي تيار ٿئي ٿي. گُلدانن کي ٻيهر ان ۾ رکيو وڃي ٿو. نئون هَٽائي اها ڳالهه سمجھي ٿو ته ڪُجهه ختم نه ٿيو آهي، ۽ مُشڪندي چوي ٿو ته؛”ان حادثي مون لاءِ هڪ موقعو پيدا ڪيو، ۽ آءٌ ان موقعي مان ڀرپور فائدو وٺندُس. آءٌ فَنَ جا اهڙا نمونا دريافت ڪندس جن جو اڳ وجود ئي نه هو.”
    نفاست سان سجايل گُلدانن جي وڪرو ڪندڙ هَٽَ جي خوبصورتيءَ جو سبب ئي اهو آهي ته هر گلدان منفرد آهي ۽ جڏهن انهن کي هڪٻئي سان گڏ رکجي ٿو ته انهن ۾ هڪجهڙائي لڳي ٿي ۽ هر گُلدان مان ڪُنڀرَ جي محنت ۽ چَترڪارَ جي فَنَ جو اولڙو اچي ٿو.
    فَنَ جو هر نمونو اهو چئي ٿو ته: “آءٌ هتان ٻاهر نڪري ماڻهن جي توجهه چاهيان ٿو.” پر جنهن وقت هو اها ڪوشش ڪري ٿو ته کيس نقصان پهچي ٿو ۽ هو پنهنجي قيمت وڃايو ويهي. ۽ اهو عمل گُلدانن جيان اسان انسانن سان پڻ ٿئي ٿو. قبيلن ۽ ٻَيڙيُن ۽ وڻن ۽ تارن سان پڻ اهوئي ساڳيو عمل ٿيندو رهي ٿو.
    جڏهن اها ڳالهه اسانکي سمجهه اچي وڃي ٿي ته پوءِ اسين پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڀر ۾ ويهي سندس ڳالھيون اطمينان سان ٻڌئون ٿا ۽ پاڻ به اهڙيون ڳالهيو ڪيون ٿا جيڪي هو ٻڌڻ چاهي ٿو. ۽ اسان مان ڪير به هڪٻئي تي پنهنجي ڳالھ نه ٿو مڙهي.
    انهن جبلن کان ڏور جيڪي قبيلن کي جُدا ڪن ٿا، انهن فاصلن کان ڏور جيڪي جسمن کي جدا ڪن ٿا، هڪ جذبن جي دنيا آهي ۽ اسين ان دنيا جو حصو آهيون. جنهن ۾ ماڻهن جي ڀُڻُ ڀُڻُ سان ڀريل ڪي به ڳَليون ناهن، اُتي صرف وڏا وڏا اعوان آهن جيڪي ڏورانهين شين کي ڳنڍين ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن شين کي پهتل نقصان جي مرمت پڻ ڪن ٿا.
    تنهنڪري، ناڪام عاشق کي ڪڏهن به اَويساهيءَ مان نه ڏٺو وڃي، ڇاڪاڻ جو سندس هر وِکَ ۾ وفاداري هجي ٿي.
    ۽ اهو شخص جيڪو اسان تي مڙهيل جنگ سبب ڪالهه دشمن ٿي لڳو هاڻ اهو سڄڻ لڳندو، ڇاڪاڻ جو جنگ ختم ٿي چڪي آهي ۽ زندگي اڳتي وڌڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
    اولاد جيڪا ڪالهه زندگي جا مُشاهدا ۽ نوانن تجربا ڪرڻ لاءِ گھران رواني ٿي هئي، آخرڪار موٽي ٿو. سندس پيءَ سندن آجيان ڪندي پنهنجي نوڪرن کي چوي ٿو ته بهترين لَٽا، مُنڊي ۽ نوان جوتا کڻي کيس پهرايو. ڇاڪاڻ جو منهنجي پٽ کي ٻيهر جيئندان مليو آهي ۽ هاڻي مون ساڻ آهي.
    ***


    باب 20

    هڪ شخص جنهن جا ڀِرئون سندس عمر وائکي ڪري رهيا هئا، ۽ سندس جسم تي موجود ڦَٽَن جا نشان سندس ويڙهاڪ هجڻ جو داستان ٻُڌائي رهيا هئا، تنهن چيو: “اسانکي ڪجھ اهڙن هٿيارن بابت ٻڌايو جيڪي سڀ ڪجھ ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪَتَب آڻي سگھجن.”

    قبطيءَ وراڻيو:
    جتي وفاداري هوندي آهي اُتي هٿيار استعمال نه ٿيندا آهن. هٿيار شيطان جا اوزار آهن، ڪو به سياڻو ماڻهو هٿيارن جو استعمال ناهي ڪندو.
    وفاداريءَ احترام مان جنم ورتو، ۽ احترام محبت جو ثمر آهي، ۽ محبت اهڙن شيطاني خيالن کي ختم ڪيو ڇڏي جيڪي هر شئي ۽ هر انسان مان ويساھ کڻايو ڇڏين، ۽ نتيجي ۾ اسان جو روح پَوِتَر ٿيوپوي.
    جڏهن ڪو سياڻو شخص ڪنهن کي ڪمزور ڪرڻ چاهيندو آهي ته، پهريائين هو اڳلي کي سندس سگھاري هجڻ جو يقين ڏياريندو آهي. تنهن کانپوءِ اُهو شخص پاڻمرادو ئي ان يقين جي ڪوڙڪيء ۾ ڦاسيو پوي ۽ هو پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن سگھاري شخص سان مُهاڏو اٽڪائي برباد ٿيو پوي.
    جڏهن سياڻو شخص ڪنهن کي هيٺانهون ڏيکارڻ چاهيندو آهي ته هو پهريائين انکي ان ڳالهه تي سهمت ڪندو آهي تو هو دنيا جي اُوچي چوٽي تي به چڙهي سگھي ٿو جيڪا ڳالهه کيس سگھاري هجڻ جو اولڙو ڏيندي آهي. پر انکانپوءِ کيس اهو گُمان ٿيندو ته هو اڃا به اُوچو وڃي سگھي ٿو، ۽ ان صورت ۾ هو پاڻ ئي اچي کڏ ۾ ڪِرندو آهي.
    جڏهن سياڻي شخص جي نظر ڪنهن اهڙي شئي جي لاءِ واجھائيندي هجي جيڪا ڪنهن ٻئي وٽ هجي ٿي، تڏهن سياڻو شخص کيس ڪيترائي تحفا ڏيو ڇڏي. پوءِ اهو شخص انهن تحفن جي سنڀار ۾ پاڻ وٽ موجود باقي هر شئي وساري ويهندو آهي ۽ بس انهن خوش فهمين ۾ ئي غرق رهندو آهي ته وٽس ڇا ڇا نه آهي.
    جڏهن ڪو سياڻو شخص ان ڳالهه جو اندازو نه لڳائي سگھي ته سندس مُخالف ڪهڙيون رٿابنديون ڪري رهيو آهي، تڏهن هو حملي جو ڍونگ ڪندو آهي. ۽ جيئن ته اسين هميشهه پنهنجي دفاع لاءِ تيار هوندا آهيو، ۽ اسين سڀ ان خوف وچان زندگي گھاريندا رهندا آهيون ته اسين ڪنهن ٻئي کي ڪونه وڻون.
    سندس مُخالف وري ان وقت هوشيار ٿي ويندو آهي، پر ٿي سگھي ٿو ته هو سندي دفاع لاءِ ڪو قدم کڻي وٺي. ان صورت ۾ هو پنهنجا هٿيار ظاهر ڪريو ڇڏي، ۽ سياڻو شخص ان وقت سندس مخالف جي طاقت ۽ ڪمزورين جو اندازو لڳايو ڇڏي. رد عمل جي چڱيءَ ريت ڄاڻ هجڻ کانپوءِ سياڻو شخص يا ته حملو ڪريو ڏئي يا پنهنجي دفاع لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺي ٿو.
    اهڙي ريت ڪمزور ۽ نماڻا نظر اچڻ وارا سگھارن کي زَير ڪيو ڇڏين.
    تنهنڪري ڪڏهن سياڻا ويڙهاڪن کي به شڪست ڏيو ڇڏين، ۽ ڪڏهن وري ويڙهاڪ سياڻن کي شڪست ڏيو ڇڏين. پر ان صورتحال کان بچڻ لاءِ اَمُن واري راھَ اختيار ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي ۽ انسانن جي وچ ۾ نفرتن جو باعث بڻجندڙ اختلافي ڳالهين کي حل ڪرڻ ۾ ئي سياڻپ آهي.
    زخمي شخص کي پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گھرجي ته، “ڇا پنهنجي دل کي نفرتن جي وزن هيٺ کڻي هلڻ ڪا مناسب ڳالهه آهي؟” هو ان سوال جي صورت ۾ محبت جي هڪ خاصيت جو استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جو نالو آهي درگُذر ڪرڻ، جيڪا کيس جنگ جي گرما گرميءَ دوران ٿيل ويڌنن کا مٿانهون ڪريو ڇڏي. بي عزتي وقت سان گڏ جلد ميسارجيو وڃي ٿي، بالڪل ائين جيئن هوا واريءَ تي وِکُن جا نشان ميساريو ڇڏي.
    جڏهن اوهان درگذر ڪيو ٿا، ته بي عزتي ڪرڻ واري شخص کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ تنهن کانپوءِ هو وفادار بڻجيو پوي.
    پوءِ اچو ته انهن قوتن کي سمجھون جيڪي اسانکي هلائن ٿيون.
    اصل سُورمو اهو ناهي جيڪو عظيم ڪارناما سرانجام ڏئي ٿو، پر سورمو اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي چوڌاري اعتماد ۽ وفادارين جي هڪ مضبوط ڀِتِ اڏي ٿو. ساڳئي نموني جڏهن هو پنهنجي دشمن کي موت کان يا ڪنهن ٻئي حملي کان بچائي ٿو ته سندس اُهو عمل هميشھ ياد رکڻ جهڙو بڻجيو پوي.
    سچو عاشق اهو ناهي جيڪو اهو چوي ٿو ته، “توکي مون سان گڏ هجڻ گھرجي ته جيئن آءٌ تنهنجي سار سنڀار رکي سگھان، ڇاڪاڻ جو اسان جو هڪٻئي تي اعتماد آهي.” ، پر سچو عاشق ته اهو آهي جيڪو اها سوچ رکي ٿو ته “وفاداري”، “آزادي” سان هٿُ هٿَ ۾ ڪيو هلي ٿي. ۽ محبت تي يقين رکندي هو بنا ڪنهن ڌوڪي جي ڊپ کان محبوب جي خوابن جو مان رکي ٿو.
    سچو دوست اهو ناهي جيڪو چوي ٿو ته، “تو اڄ مونکي تڪليف پهچائي آهي ۽ ان ڪري آءٌ ڏکايل آهيان.” پر سچو دوست چوندو، “تو مونکي تڪليف پهچائي آهي، جنهن جو سبب آءٌ نه ٿو ڄاڻان، شايد تون به نه ڄاڻندو هجين، پر ڪڏهن ته تون ضرور منهنجي مدد ڪندي.”
    سندس دوست کيس وراڻيندو ته، “تون وفادار دوست آهين، ڇاڪاڻ جو تو پنهنجي مَنَ جي ڳالهه ڪئي آهي. ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڪا ڳالهه ناهي ته جڏهن ڪو دوست وفاداريءَ جو غلط استعمال ڪري ٻئي جا عيب قبول ڪندو آهي.”
    سڀ کان خطرناڪ هٿيارُ نيزو يا توپَ ناهي، جيڪي زخمي ڪري سگھن ٿا يا ڪا ڀِت ڪيرائي سگھن ٿا. پر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار “لفظَ” آهن، جيڪي بنا رت وهائڻ جي سڄي زندگي تباھ ڪريو ڇڏين، جن جا زخم ڀرجڻ جهڙا به ناهن هوندا.
    پوءِ اچو ته اسين پنهنجي زبان کي پنهنجي وَسَ ۾ ڪيون ۽ پاڻ کي لفظن جو غُلام ٿيڻ کان بچايون. ڀلي پوءِء اهي لفظ اسانجي مخالفت ۾ ئي ڇو نه استعمال ٿيندا هجن، ان جنگ ۾ گھڙڻ ئي نه گھرجي جنهن جو ڪو انت ئي ناهي. اها گھڙي جنهن ۾ اسين پاڻ کي پنهنجي دشمن جي برابر رکندا آهيون ان وقت حقيقت ۾ اسين اونداهيءَ ۾ وڙهي رهيا هوندا آهيون، ان وقت فاتح صرف اونداهين جو خُدا ئي هوندو آهي.
    وفاداري واريءَ جي ذرڙن ۾ هڪ موتيءَ جيان آهي. جيڪي ان جو مطلب سمجھن ٿا اهي ئي انکي ڏسي سگھن ٿا. انڪري جھيڙي جو ٻج ڇَٽَڻَ وارو ان جاءِ تان ڀلي هزار ڀيرا گذريو هجي پر کيس اهو ننڍڙو موتي ڪڏهن به نظر نه ايندو جيڪو اتحاد جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
    وفاداري ڪڏهن به طاقت، خوف، يا ڌمڪيءَ سان پيدا نه ٿي ڪري سگھجي. اها ته بس هڪ سندي چونڊ آهي جيڪو جذبن کي مضبوط ڪري ٿو.
    ۽ ڇاڪاڻ جو اها هڪ سندي چونڊ آهي انڪري ان ۾ ڌوکي جي گنجائش ناهي هوندي، پر اهو غلطين جو هميشھ مانُ رکي ٿو.
    ۽ ڇاڪاڻ جو اها هڪ سندي چونڊ آهي انڪري اهو وقت سان گڏوگڏ هلندو رهي ٿو ۽ ڪُلفَتُن کي نظر انداز ڪندو رهي ٿو.
    ***


    باب 21

    ميڙاڪي مان هڪ نوجوان جيڪو سج لٿي جو منظر ڏسڻ سان گڏ ان سوچ ويچار ۾
    هو ته قبطيءَ سان هيءَ گڏجاڻي ڄاڻ ختم ٿي، کانئس پڇيائين:
    “ دشمنن بابت اوهان جي ڪهڙي راء آهي؟”

    قبطيءَ وراڻيو:
    سياڻا ماڻهو ڪنهنجي جيئڻ يا مرڻ تي ڪو ڏک ڪونه ڪندا آهن.
    تنهنڪري، ان جنگ کي قبول ڪيو جيڪا ٻئي ڏينهن اوهان جو انتظار ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ جو اسين دائمي روح مان ٺهيل آهيون تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن اهو روح اسان لاءِ اهڙي قسم جون آزمائشون پيدا ڪندو رهندو آهي. اهڙن موقعن تي اجايا سوال پڇڻ نه گھرجن ڇاڪاڻ جو اهڙا سوال ويڙهاڪن جي جذبن کي پست ڪيو ڇڏين.
    جنگ جي ميدان ۾ هڪ ويڙهو پنهجو ڀاڳ آزمائي رهيو هوندو آهي، کيس پاڻ کي ڀاڳ جي آڌار تي ڇڏي ڏيڻ گھرجي. حيرت آهي انهن تي جيڪي چوندا آهن ته مَرو يا مَاريو! پر روحاني قوت کي ڪڏهن به ختم نه ٿو ڪري سگھجي؛ اها ته صرف پنهنجي صورت مٽائيندي آهي.
    پراڻي زماني جي ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي ته:
    “ان ڳالهه کي هڪ اعلى مقصد سمجھي قبول ڪيو ۽ اڳتي وڌندا رهو ته، رڳو زميني جنگين سان انسان جي بهادريءَ جو اندازو نه ٿو لڳائي سگھجي، ڇاڪاڻ جو ڀاڳُ ۽ سوڀ به هوا جي رُخ جيان تبديل ٿيندا رهن ٿا. اڄ جو ناڪام شخص سڀاڻي جو ڪامياب شخص بڻجي سگھي ٿو، پر ان لاءِ مانَ سان وڙهڻ ضروري آهي.
    جيئن ڪو نئون ويس پهريندو آهي ته پراڻي کي اُڇلائي ڇڏيندو آهي، تيئن ئي روح به پراڻن جسمن کان آجو ٿي نوان جسم پهريندو آهي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ڪري اوهان ڪڏهن به پنهنجي جسم بابت ڪو اونو نه ڪيو.
    هيءَ اها ئي جنگ آهي جيڪا اڄ رات يا سڀاڻي صبح اسانکي وڙهڻي آهي. جيڪي به ٿيو تاريخ ۾ لکجي ويندو. پر هاڻ جيئن ته اسين پنهنجي هيءَ گڏجاڻي ختم ڪرڻ وارا آهيون، انڪري اسين ان ڳالهه تي پنهنجو وقت ضايع ڪو نه ڪنداسين.
    آءٌ اهڙن دشمنن بابت ڳالهائڻ چاهيان ٿو جيڪي اسانجي وچ ۾ آهن.
    اسان سڀني کي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي دشمنن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر سڀ کان وڌيڪ مشڪل اهڙن دشمنن کي مات ڏيڻ آهي جن کان اسين ڀوءُ محسوس ڪندا آهيون.
    اسانکي زندگيءَ جي هر ڪِرتِ ۾ هر موڙ تي دُشمَنَ ملندا. پر سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته هي اُهي ئي آهن جن کي اسين پنهنجو سڄڻ سمجھندا آهيون.
    اسين سڀ ان وقت سخت تڪليف محسوس ڪندا آهيون جڏهن ڪير اسانجي مَانَ مرتبي کي ڇيهو رسائيندو آهي، پر اصل تڪليف جو ڪارڻ اُهي بڻبا آهن جن کي مثال بڻائي اسين سندن هر عمل جي پيروي ڪندا آهيون.
    اسان مان ڪير به اهڙن ڌوڪيباز ۽ بهتان بازن کان بچي ته نه ٿو سگھي، پر، اهڙي قسم جي پيدا ڪيل صورتحال کان بچي سگھجي ٿو.
    حد کان وڌيڪ مُخلص رويو رکندڙ ڪنهن وقت پٺ ۾ ڇُريءَ جو وار ڪري سگھي ٿو.
    مخلص مرد يا عورت کي سندس خُلوص ڏيکارڻ جي ضرورت نه پوندي آهي، ڇاڪاڻ جو اڳيون مخلص شخص سندن خوبين ۽ خامين کان چڱيءَ ريت واقف هوندو آهي.
    ڪنهن اهڙي شخص کان به محتاط رهڻ گھرجي جيڪو هر وقت اوهانکي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي.
    ان تڪليف کان به محتاط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن جو باعث اوهانجي بزدل ۽ مڪروھ دل بڻجي ٿي، جيڪا اوهانجي دنيا جو حصو اوهانجي مرضيءَ سان ئي بڻي. هيڪر ڪو ڪُڌو ڪم ٿي ويو ته پوءِ ڪنهن تي به ان جو الزام نه ٿو هڻي سگھجي، ڇاڪاڻ جو گھر جو دروازو ته گھر جو مالڪ ئي کوليندو آهي نه.
    بهتان باز جيترو ڪمزور هوندو آهي اوترو ئي خطرناڪ هوندو آهي. اهڙن ڪمزور انسانن جي آڏو پاڻ کي عاجز نه بڻايو جن ۾ مضبوط انسانن سان منهن ڏيڻ جي همت نه هجي.
    جيڪڏهن ڪير اوهانجي خيالن کي شَھَ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ته ان سان اڙجي وڃو ۽ جھيڙي کي قبول ڪيو، ڇاڪاڻ جو جھيڙا ته اسانجي زندگين جي هر لمحي ۾ موجود آهن.
    پر اهو جھيڙو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجا خيال ٻين تي مڙهڻ لاءِ نه ڪيو. صرف ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ اڙجي وڃو ته اوهانجي نيت صاف ۽ روح پوتر آهن. پوءِ جڏهن جھيڙو ختم ٿي ويندو ته ته ٻئي ڌُريون فاتح بڻجي وينديون ڇاڪاڻ جو ٻنهي پنهنجي حدن ۽ قابليتن کي آزمايو.
    ڀلي انهن مان ڪير به اڳرائي ڪري چوي ته، “منهنجي جيت ٿي،” ۽ ٻيو ٿورو نراس ٿي سوچي ته ، “مون هارايو.” هاڻ ڇاڪاڻ جو ٻنهي هڪٻئي جي همت ۽ روشن خياليءَ جو احترام ڪيو ۽ هاڻ اهو وقت ضرور ايندو جنهن ۾ هو ٻئي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويندا، پوءِ ڀلي ان گھڙيءَ لاءِ کين هزار سال انتظار ڇو نه ڪرڻو پوي.
    پر ان دوران جيڪڏهن ڪير اوهانکي ڀڙڪائي رهيو آهي ته ان تي ڌيان نه ڌريو ۽ اڳتي وڌو. ۽ ڪنهن قابل دشمن سان جنگ جوٽيو، ڪنهن اهڙي شخص سان جنگ نه جوٽيو جيڪو بس هيلن بهانن سان ختم ٿيل ڳالهه کي وڌائي رهيو آهي. اهڙيون حماقتون انهن ويڙهاڪن کان به نه ٿينديون آهن جن کي پنهنجي جنگ ۾ هجڻ جو صحيح مقصد معلوم هوندو آهي، هي ته انهن جا ڪم آهن جن کي ڪاميابي ۽ شڪست جي معنى جي به خبر ناهي هوندي.
    دشمن اهو ناهي جيڪو اوهانجي آڏو تلوار جھليو بيٺو آهي. دشمن ته اهو آهي جيڪو پويان خنجر لڪايو اوهان سان گڏ موجود آهي.
    اهم جنگ اها ناهي جيڪا وڏي هوڏ سان وڙهي وڃي يا ڀاڳ سمجھي وڙهي وڃي. پر اهم جنگ ته اها آهي جيڪا هن وقت هلي رهي آهي جڏهن اسين ڳالهائي رهيا آهيو، جنهن ۾ جنگ جو ميدان اسانجا جذبا آهن جتي نيڪي ۽ بدي، مردانگي ۽ بزدلي، محبت ۽ ڊپ هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿين ٿا.
    ڪدورت جي بدلي ڪدورت نه پر انصاف سان پيش اچو. دنيا دشمنن ۽ دوستن ۾ نه پر هيڻن ۽ سگھارن ۾ ورهايل آهي، جتي سگھارن کي هميشهه ڪاميابي ملي ٿي. جڏهن ته هيڻا بزدلن جي گروھ تي ٻڌل هجن ٿا، ۽ ان ڳالهه کان بي خبر رهن ٿا ته شڪست ته هڪ عارضي شئي آهي. انهن بزدلن مان وري اهڙا ماڻهو چونڊيا وڃن ٿا جيڪي لاچار هجن ٿا. پر جيڪڏهن اوهان ان گروھ ۾ هجو ته ڇا اوهان اهڙن عتابن کي قبول ڪيو ها؟
    جيڪڏهن جواب “ها” آهي ته اوهان پنهنجي ان چونڊ مان پوري حياتي آجا ٿي نه سگھندئو ۽ همت وارن فيصلن ۾ منهن ڏيڻ دوران اوهان پاڻ شڪار بڻجي پوندئو. اوهان ڀلي پوءِ هڪ فاتح جيان ڳالهايو، پر اوهانجي اکين ۾ شڪست هر ڪنهن کي نظر ايندي.
    جيڪڏهن جواب “نه” آهي ته، پوء جُٽي وڃو. مقابلو ڪرڻ ئي بهتر آهي ڇاڪاڻ جو مقابلي دوران آيل زخم جلد ڀرجيو وڃن، پوءِ ڀلي ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو هجي.
    اوهان ڪجهه راتيون اوجاڳا ڪري اهو سوچيندي گذاريندئو ته، “مون سان ائين ٿيڻ نه گھرجي ها.”
    يا اهو سوچيندا رهندئو ته هيءَ دنيا ڪيڏي نه بيڪار آهي، ڇاڪاڻ جو ان اوهانجو اهو آڌر ڀاءَ نه ڪيو جنهن جي اوهان اميد رکي ويٺا هئائو، ۽ دوستن، محبوب ۽ مائٽن جي آڏو اوهانکي شرمندگيءَ کي منهن ڏيڻو پيو.
    جيڪڏهن اوهان ثابت قدم رهيا ته چَراخَن جو جُهڳٽو اوهان کان اڳتي نڪري ڪنهن ٻئي شڪار جي ڳولا ۾ لڳي ويندو. ۽ اهڙن شڪارن کي به پنهنجي ڪِيتَي مان سبق سکڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو کين ان مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ ڪير به سندن ويجھو نه ايندو.
    حقيقي دشمنَ ته اوهانجي بهادريءَ جي پرک ڪندا آهن، پر هي ته بزدل آهن جيڪي اوهانجون ڪمزوريون ڳوليندا رهن ٿا.
    ***


    باب 22

    رات ٿي چڪي هئي. قبطي اُتي ويٺل ٽنهي مذهبي پيشوائن ڏانهن مُڙيو جيڪي سندس ڳالهيون ڌيان سان ٻُڌي رهيا هئا، هُنَ کين سندن راءِ ڏيڻ لاء چيو.
    ٽِنهي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

    ربيءَ (يهودين جو مذهبي رهنما) هڪ قصي سان شروعات ڪئي:
    جڏهن رَبيُن جي سردار يهودين سان ٿيندڙ ويڌن ڏٺي ته هو هڪ ٻيلي ۾ هليو ويو، جتي هن پوتر باھ ٻاري خدا کان ماڻهن جي تحفظ لاءِ هڪ خاص دعا ڪئي. پوءِ خدا وٽن هڪ معجزو موڪليو.
    پوءِ سندس هڪ شاگرد ان ساڳئي ئي ٻيلي ۾ ساڳي جاءِ تي ويو ۽ چيائين ته، “اي ڪائنات جا مالڪ، مونکي خبر ناهي ته اها پوتر باھ ڪيئن ٻرندي، پر آءٌ اها خاص دعا ڄاڻان ٿو؛ ان جي صدقي منهنجي التجا ٻُڌُ.” ۽ اُهو ئي معجزو ٻيهر ٿيو.
    هڪ پيڙهي گذرڻ کانپوءِ هڪ ٻيو ربي پنهنجي ماڻهن جي مٿان ٿيندڙ ظلم ڏسي ان ئي ٻيلي ۾ ويو ۽ چيائين،”مونکي اها پوتر باھ به ٻارڻ نه ٿي اچي نه ئي وري مونکي اها خاص دعا ياد آهي، پر هيءَ جاءِ ته مونکي ياد آهي، تنهنڪري اي اسانجا رب اسانجي واهر ڪر!” ۽ سندن واهر ٿي.
    پنجاھ سالن کانپوءِ هڪ ٻيو ربي جيڪو معذور هو، تنهن خدا کان التجا ڪئي ته، “مونکي اها پوتر باھ به ٻارڻ نه ٿي اچي، نه ئي اها دعا ياد آهي ۽ نه ئي ٻيلي ۾ اها ساڳي جاءِ، اي اسانجا رب هي پريشانيون تنهنجي آڏو ان اميد سان رکيون آهن ته تون ضرور ٻڌندين.” ۽ وري اهو ئي معجزو ٿيو. هاڻ اوهان به وڃو ۽ کيس اڄوڪو قصو ٻُڌايو.

    مسجد الاقصى جو امام جيڪو احترام سان ربيءَ جي ڳالهه ٻُڌي رهيو هو ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هو، تنهن چيو:
    هڪ شخصَ مدد لاءِ پنهنجي هڪ بَدُو دوست جو دروازو کڙڪايو ۽ کيس چيائين، “مونکي پنهنجو قرض ادا ڪرڻ لاءِ چار هزار دينارن جي سخت ضرورت آهي، ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگھين ٿو؟” سندس دوست پنهنجي گھرواريءَ کان پئسن جي پورائي لاءِ گھر جو سڄو سامان ڪڍرايو، پر پوءِ به پئسا پورا نه ٿي سگھيا. هُنَ پاڙي مان پِنَ سَٽ ڪري پئسا پورا ڪري اچي پنهنجي دوست کي ڏنا.
    جڏهن سندس دوست پئسا وٺي روانو ٿيو ته هو اچي روئڻ ۾ پيو. سندس گھرواريءَ کانئس پڇيو ته، “تون غمگين ڇو ٿو ٿئين؟ ڇا توکي اهو ڊپ آهي ته اسين پاڙي وارن جو قرض لاهي ڪونه سگھنداسين؟”
    “ نه، اها ڳالهه ناهي. آءٌ انڪري روئي رهيو آهيان ته هو منهنجو تمام گھاٽو دوست آهي، ۽ آءٌ اها خبر نه رکي سگھيس ته هو ڪهڙين پريشانين ۾ آهي. ۽ اها خبر مونکي تڏهن پئي جڏهن هن مدد لاءِ منهنجو دروازو کڙڪايو.”
    هاڻ اوهان به وڃو ۽ اڄ شام وارو قصو هر ڪنهن سان اوريو ته جيئن اسين به ڪنهن ڀاءُ جي سندس چوڻ کان اڳ مدد ڪري سگھون.
    جڏهن امام پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ته، عيسائي پادريءَ پنهنجي ڳالھ شروع ڪئي:
    هڪ شخص ٻجَ ڇَٽڻ لاءِ نڪتو. ۽ جيڪو پوکيو هئائين سو پَچي راس ٿيو. پر ڪجهه ٻجَ رستي تي ڪري پيا هئا، پکين وري اُڏامندي اُڏامندي انهن ٻجن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو. انهن مان ڪجهه ٻج هڪ اهڙي پٿريلي زمين تي اچي پيا جتي پوکيءَ جو ڪو امڪان نه هو، ۽ اُتي بس اُڇلون کائيندا رهيا. پر جڏهن سج اُڀريو، ته ان جي گرميءَ سبب ٻجَ ڪومائجي سُڪي ويا. ڪجهه ٻجَ وري ڪَنڊَن ۾ وڃي پيا، پوءِ جڏهن ڪنڊا وڌي وڏا ٿيا ته ٻجن جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ اچي وئي ۽ ٻج ڪو ميوو ڏئي نه سگھيا. پر جيڪي وري زرخيز زمين تي ڪريا هئا سي وڌي وڏا ٿيا ۽ ميوو ڏيڻ لڳا ۽ وڌندي وڌندي هزارن جي تعداد ۾ ٿي ويا.
    تنهنڪري، اوهان جيڏانهن به وڃو پنهنجا ٻجَ ڇَٽيو، ڇاڪاڻ جو ڪا خبر ناهي ته ڪهڙو ٻج وڌي ايندڙ پيڙهين جي هدايت جو باعث بڻجي.

    رات يروشلم جي شهر کي وڪوڙي چڪي هئي، قبطيءَ هر ڪنهن کي پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي سمورو حال احوال درج ڪرڻ لاءِ چيو، پر اهي جن کي لکڻ پڙهڻ نه ٿي آيوتن کي اهي ڳالهيون پنهنجي هنيانءَ سان هنڊائي ڇڏڻ جي تلقين ڪيائين. ميڙاڪي ۾ موجود ماڻهن جي وڃڻ کان اڳ هن چيو:
    “اهو نه سمجھو ته آءٌ زمين تي امن قائم ڪرڻ آيو آهيان. نه! اڄوڪي رات کانپوءِ، اسين هٿن ۾ ڳُجھي تلوار کنيو سموري دنيا جو سفر ڪنداسين ته جيئن بي صبريءَ ۽ غلط فهمين جهڙن ديون سان وڙهي سگھون. اها تلوار جيترو ڏور ٿي سگھي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪيو، ۽ جڏهن اوهانجي همت اڳتي وڌڻ کان جواب ڏئي ڇڏي ته هن ڳجھي تلوار ( مُسَودي) کي مناسب هٿن ۾ سونپي ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ڳوٺ يا شهر اوهانجو آڌرڀاءَ نه ڪري ته زور نه ڀرجو. ساڳئي رستي کان واپس موٽجو ۽ نراس نه ٿجو. ڇاڪاڻ جو ان غلطيءَ جي ڪري پيڙهين جون پيڙهين تائين مٿن ڦٽڪار وسندي رهندي. خوش قسمت آهن اُهي جن هي لفظ ٻُڌا، يا هي مُسودو پڙهيو، ڇاڪاڻ جو ان کانپوءِ مَٿَن کان تَري تائين هر ڳالهه تان پردو کڄي ويندو، ۽ ڪا اهڙي ڳالهه نه رهندي جيڪا کانئن ڳُجھي هجي.”
    “شل سلامت رهو.”
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259771
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ