ڪتاب جو نالو: تصوف جي چير ڦاڙ
مصنف: نجم عباسي
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: تصوف
شايع ٿيڻ جو سال: 1987
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 13 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1227 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 647 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”تصوف جي چير ڦاڙ“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ڪتاب، تصوف جي باري ۾ موجود جاهلانه تصورن جي سائنسي ۽ عقلي دليلن وسيلي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک تي مشتمل مضمونن تي آڌاريل آهي.
نجم عباسي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ صوفين جو ديس آھي، پر تصوف ھاڻي مدي خارج ٿي چڪو آھي. ھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي. سياسي ۽ سماجي نظريا به اھي ترقيءَ جي واٽ وٺرائن ٿا، جن جو بنياد سائنس تي آھي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٽيڪ وٺن ٿا. مدي خارج واٽون اسانکي اوڙاھ ۾ وڃي ھڻنديون. مونکي نفرت آھي اسانجي ڌرتيءَ تي ڌارين کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌاري سڀيتا ۽ ڌاري ٻوليءَ کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌارين غير سائنسي نظرين ۽ ويچارن کان، ۽ مون ھنن صفحن اندر انھن نفرتن جي ڀرڀور نموني وائکائي ڪئي آھي؛ ۽ مان چاھيان ٿو ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ به انھن نفرتن سان ايترو ڀرجي وڃن جو جوالامکيءَ وانگر ڦاٽي پون.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • تصوف جي چير ڦاڙ (۽ ٻيا مضمون)
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر : ناز سنائي
  • منھنجو ويھون ڪتاب : نجم عباسي
  • ارپنا
  • مضمون

  • تصوف جي چير ڦاڙ
  • ڪارخانا
  • گانڌيءَ جا اوگڻ ۽ جناح جا گڻ
  • زبان ۽ زمين
  • ذرڙا ذرڙا (ذاتي نوٽ بڪ مان)
  • لطيف سائينءَ جي سنڌيت
  • دروازا
  • سنڌ اسان جي ننڌڻڪي ناھي
  • سنڌ تي عرب ڪاھه جا ڪي ڪردار
  • لئبرري تحريڪ
  • سنڌ جو ”ساٿي“
  • سنڌ جي تاريخ پڙھندي

  • تصوف جي چير ڦاڙ (۽ ٻيا مضمون)

    تصوف جي چير ڦاڙ

    (۽ ٻيا مضمون)

    نجم عباسي

    پبلشر: سنڌي ساهت گهر، حيدر آباد


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (310) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ”تصوف جي چير ڦاڙ“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ڪتاب، تصوف جي باري ۾ موجود جاهلانه تصورن جي سائنسي ۽ عقلي دليلن وسيلي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک تي مشتمل مضمونن تي آڌاريل آهي. تصوف ۾ دلچسپي رکندڙ دوست مهرباني ڪري اهو ڪتاب به پڙهي ڏسن جنهن جي رد ۾ نجم عباسي صاحب اهو ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب جو نالو آهي ”تصوف ڪِي حقيقت“ (اردو) ليکڪ: غلام احمد پرويز ... اردو بازار ڪراچيءَ مان اهو ڪتاب بلال بڪ شاپ تان ملي سگهي ٿو.
    نجم عباسي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”سنڌ صوفين جو ديس آھي، پر تصوف ھاڻي مدي خارج ٿي چڪو آھي. ھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي. سياسي ۽ سماجي نظريا به اھي ترقيءَ جي واٽ وٺرائن ٿا، جن جو بنياد سائنس تي آھي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٽيڪ وٺن ٿا. مدي خارج واٽون اسانکي اوڙاھ ۾ وڃي ھڻنديون. مونکي نفرت آھي اسانجي ڌرتيءَ تي ڌارين کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌاري سڀيتا ۽ ڌاري ٻوليءَ کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌارين غير سائنسي نظرين ۽ ويچارن کان، ۽ مون ھنن صفحن اندر انھن نفرتن جي ڀرڀور نموني وائکائي ڪئي آھي؛ ۽ مان چاھيان ٿو ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ به انھن نفرتن سان ايترو ڀرجي وڃن جو جوالامکيءَ وانگر ڦاٽي پون.“
    هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدر آباد پاران 1987ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر : ناز سنائي

    سنڌ جي مشهور اديب، ڊاڪٽر نجم عباسيءَ، سنڌي ادب ۾ لاڳيتو جنهن نموني، پنهنجي نظرين ۽ اصولن جو پرچار ڪندي لکيو آهي، ان رفتار کان، سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ پوريءَ طرح واقف آهن. ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته نجم عباسيءَ جو هي ويهون ڪتاب آهي ۽ اسان جي اداري جو اوڻويهون ڪتاب، يعني اسان جي اداري جي هيستائين ڇپيل ڪتابن کان به ڊاڪٽر جا ڪتاب وڌيڪ ڇپيل آهن ۽ اڃا وٽس شايد ايترا ڪتاب هجن، جو ان انگ کان به وڌيڪ چرهي وڃن.
    مضمون لکندڙ اسان وٽ تمام گهٽ آهن. ڊاڪٽر خود به هيستائين اسان وٽ مڃيل ڪهاڻيڪار آهي، پر سندس مضمونن جو هيءُ ڪتاب پڙهي، پڙهندڙ اندازو لڳائي ويندا ته مضمونن لکڻ جو، ڊاڪٽر وٽ اصل مقصد ڪهڙو آهي.
    اسان جي اداري کي خوشي آهي جو ڊاڪٽر جي مضمونن جو پهريون ڪتاب اسان ڇپي رهيا آهيون. اسان آئيندي به نجم عباسيءَ جا سٺا ۽ معياري ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

    ناز سنائي


    منھنجو ويھون ڪتاب : نجم عباسي

    سنڌ صوفين جو ديس آھي، پر تصوف ھاڻي مدي خارج ٿي چڪو آھي. ھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي. سياسي ۽ سماجي نظريا به اھي ترقيءَ جي واٽ وٺرائن ٿا، جن جو بنياد سائنس تي آھي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٽيڪ وٺن ٿا. مدي خارج واٽون اسانکي اوڙاھ ۾ وڃي ھڻنديون.
    منھنجو اندر نفرتن سان ٻرندو رھي ٿو. ھيءَ نفرتن جي چلھه نه آھي، ھي نفرتن جو کورو نه آھي، ھي نفرتن جو جوالامکي آھي. مونکي نفرت آھي غير سائنسي سوچ ۽ وھم پرستيءَ کان، مونکي نفرت آھي مڪارن ۽ منافقن کان، مونکي نفرت آھي وڏيرن، پيرن، پرمارن ۽ سامراجين کان، مونکي نفرت آھي مڪارن ۽ منافقن کان، مونکي نفرت آھي اسانجي ڌرتيءَ تي ڌارين کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌاري سڀيتا ۽ ڌاري ٻوليءَ کان، مونکي نفرت آھي اسان تي مڙھيل ڌارين غير سائنسي نظرين ۽ ويچارن کان، ۽ مون ھنن صفحن اندر انھن نفرتن جي ڀرڀور نموني وائکائي ڪئي آھي؛ ۽ مان چاھيان ٿو ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ به انھن نفرتن سان ايترو ڀرجي وڃن جو جوالامکيءَ وانگر ڦاٽي پون.
    مون اھو به ڄاڻايو آھي ته انھن نفرتن جي ڪارڻن کان ڇوٽڪاري جي واٽ قومي آجپائي ۽ غير طبقاتي سماج ۾ آھي ۽ انھيءَ ڇوٽڪاريءَ لاءِ اھڙي پارٽيءَ جي لوڙ آھي، جا پورھيت انقلابي نظريي جي بنياد تي وجود ۾ اچي، اڳتي وڌي ۽ وڙھي.
    ڪتاب جي پٺيان سنڌ جي نقشي جي صورت ۾ خط صحبت جمال جو لکيل آھي... جيئي سنڌ!

    نجم عباسي
    10 ڊسمبر 1987
    95 بي، يونٽ نمبر 2
    لطيف آباد، حيدرآباد


    ارپنا

    اڻ ڏٺل ساٿي؛
    گل محمد جکراڻيءَ جي نالي،
    جنھن
    سنڌ جي سرويچ
    ساٿين سان گڏجي،
    ثابت ڪيو آھي؛
    ”اسانجي سنڌ نڌڻڪي ناھي!“

    نجم عباسي


    مضمون

    تصوف جي چير ڦاڙ

    وحدت الوجود، وحدت الشھود، ڪشرت ۾ وحدت، وحدت ۾ ڪثرت ۽ ٻين لفظن ۾ اصلاحن پڙھندي، مونکي ڏاڍي ڪوفت پئي ٿيندي رھي آھي. ان سلسلي ۾ عام فھم ٻوليءَ ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي چاھيم. تازو غلام احمد پرويز جو ڪتاب ”تصوف جي حقيقت“ پڙھي پورو ڪيو اٿم – ھن اھو ڏيکاريو ۽ ثابت ڪيو آھي ته تصوف جو تصور غير اسلامي آھي ۽ اسلام ۾ ان جي گنجائش ڪانھي ۽ نه اھو اسلام جو حصو آھي – ڪتاب پڙھندي، جيڪي ويچا منھنجي ذھن ۾ اڀرندا رھيا، سي ڪجھه ھن ريت آھن:
    تصوف اسلام جو حصو نه آھي جو مطلب ٿيو ته تصوف، مذھب اندر بغاوت ھو. ڪن سوچيندڙن کي، جڏھن خدا جو تصور سمجھه ۾ نه آيو، ۽ غير عقلي ۽ غير سائنسي لڳو ۽ سوچي سوچي ٿڪجي پيا، تڏھن بيزار ٿي چوڻ لڳا ۽ ان چوڻ ۾ طنز جو جزو به شامل ٿي سگھي ٿو، ته مان ئي خدا آھيان، يا خدا مون ۾ جذب ٿي ويو آھي، يا مان خدا ٿي ويو آھيان، يا ھر چيز خدا آھي، يا ھر چيز خدا جو پاڇو آھي. جنسيات (Sex) تي مذھب جون سخت پاپنديون ھيون. سوچيندڙن ان کي غير سڀاويڪ ڏسي چوڻ شروع ڪيو ته مجازي عشق، حقيقي عشق تائين پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ آھي. مجازي عشق جو مطلب آھي: سھڻين ڇوڪرين سان ميلاپ جنھن لاءِ نڪاح جو شرط ضروري نه آھي، يا ڇوڪرن سان ھم جنس پيار. انڪري گھڻن صوفين جا ھم جنس پيار جا قصا مشھور آھن. پرويز جي لکڻ موجب: سڄي دنيا جي صوفي شاعرن جي لٺ سردار مولانا جلال الدين روميءَ جي معشوق ڇوڪرن جي ته پوري لانڍ ھئي. ”ظاھر ۾ زاني، فنا منجھه فڪر ٿيا“ جھڙيون صوفين جون چوڻيون به طنز آھن ته پنھنجو بچاءُ پڻ.
    جيڪي صوفي شاعر آھن، تن جو شعر شراب ۽ جنسيات سان ٽٻٽار آھي، جام ۽ ساقي ھر سٽ ۾ موجود آھن. ھنن جو جنسيات کي ته مجازي عشق جو مراقبو پھرايو پيو وڃي ۽ شراب کي شايد ”روحاني شراب“ جو. صوفين جي ڪردارن ۽ قولن جو فرائيڊ جي نفسياتي ۽ جنسياتي نظرين جي روشنيءَ ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندي – ويچاري پرويز ھن ڪتاب ۾ صوفين، ولين ۽ مجددن جون جنسياتي ڳالھيون لکي بار بار توبھه توبھه، معاذالله، ۽ استغفرالله پڙھيو آھي.
    ناچ ۽ راڳ کي مذھب، زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو ھو. صوفين انھن کي مستي، وجد، جذبي ۽ جنون جو نالو ڏيئي ايترو ڳايو ۽ نچيو ۽ اڪثر مڌ ۾ مست ٿي ڳايو، جو راڳ ۽ ناچ عبادت جو روپ وٺي ويا. اھڙي طرح سوچيندڙن رسمي عبادتن کي نظر انداز ڪري، پرينءَ کي پسڻ جا پھه پچايا آھن. پڌرو آھي ته ھي پرين ڪو انسان آھي. جي خدا کي پسڻ جي نيت ھجين ھا ته عبادت کي اھميت ڏين ھا. اھڙي طرح طريقيت ۽ باطنيت جو ڍڪ وٺي، اسلامي عبادتن جھڙوڪ نماز، روزو، حج وغيره کان لنوائي ويا. مثال طور ھنن چيو؛ ” نمازون ۽ روزا اي پڻ چڱو ڪم، پر اھو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.“ ظاھر آھي ته ھي پرين مجازي آھي، جي ھي پرين خدا ھجي ھا ته نماز روزي کي اھميت ڏني وڃي ھا.
    اھڙي ريت ھنن حج لاءِ پڌرو ڪيو ته: ” قلب اندر جو ڪعبو ڏٺوسين، مڪي وڃڻ جو ڪھڙو ضرور!“
    ھن مامري ۾ پنجابي صوفي شاعر به پوئتي نه آھن. نموني طور پنجابي صوفي شاعر سلطان باھوءَ جو ھڪ شعر؛

    نفل نمازون ڪم زنَانو،
    روزا رکن سي جن کي ناھي روٽي،
    مڪي مديني اھي ٿا وڃن،
    جي آھن سست ۽ ٽوٽي.
    بلند ٻانگون اھي ٿا ڏين،
    جن جي نيٽ آھي کوٽي.

    اھڙي طرح ڏسجي ٿو ته تصوف، سوچيندڙ ڏاھن جو مذھب خلاف موٽ عمل آھي، رد عمل آھي، احتجاج آھي، بغاوت آھي. ھنن مذھب جي اوٽ ۾ مذھب جي مخالفت ڪئي. مذھب جي نالي ۾ مذھب کي رد ڪيو ۽ مذھب جي طريقي مذھب جي مذاق اڏائي. ائين به ٿي سگھي ٿو ته انقلابي ڏاھن، حالتن ۽ ماحول جو ڪاٿو ڪري، مذھب جي آڙ ۾ پنھنجا ترقي پسند، بغاوتي ۽ انقلابي ويچار پيش ڪيا ۽ ان طريقي کي تصوف جو نالو ڏنو. ائين به ٿي سگھي ٿو ته ھنن ڏاھن، انسان ذات جي ڀلي خاطر مذھب جي ڪٽرپڻي ۽ اھميت کي گھٽايو ۽ چيو ته سڀني مذھبن ۾ خاص خاص ڳالھيون ۽ عقيدا ساڳيا آھن، انڪري مذھب جي بنياد تي پاڻ ۾ نه وڙھو ۽ نه ويڇا رکو. اھڙي طرح صوفين مذھب جي نالي ۾ مذھبي ڪٽراپڻي کان ڇوٽڪارو پائڻ ۽ انسان کي فقط انسانيت جي نقطي نگاھ کان سوچڻ سيکارڻ جو جتن ڪيو.
    ھنن ڏٺو ته مذھب ئي انسان کي انسان جو دشمن بنائي ٿو. جيتوڻيڪ ھنن جي اھا سوچ پوري طرح صحيح نه ھئي. طبقاتي سماج ۽ سامراجيت ئي انسان کي انسان جو دشمن بڻائن ٿا، ۽ مذھب اھڙي پرمار نظام جو ھڪ ھٿيار بنجي وڃي ٿو. ھنن اھو به محسوس ڪيو ته مذھب انسان جي اوسر ۽ واڌاري ۾ وڏي رڪاوٽ بنجي رھيو آھي. ھتي به ھو پوري طرح صحيح نه ھئا. انسان جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ ھو جاگيرداري نظام. بھرحال صوفين مذھب جي باري ۾ جيڪي محسوس ڪيو، ان احساس کان ھنن مذھب جو زور گھٽائڻ چاھيو ۽ چوڻ شروع ڪيو ته ھڙئي مذھب ھڪ آھن. جيتوڻيڪ ائين ھرگز ناھي. مذھبن جا باھمي بنيادي توڙي مٿاڇڙا وڏا وڏا اختلاف آھن. خود خدا جي باري ۾ ھر مذھب جو تصور الڳ ۽ ٻين کان ابتڙ ھوندو آھي. ھنن جو کوڙ رسمون ھڪ ٻئي کان صفا جدا ۽ ابتڙ آھن، انڪري ھنن جي پاڻ ۾ خونزيزي پئي ٿيندي آھي. اھا به حقيقت آھي ته ملا، مولوي ۽ مفتي سدائين وقت جي حاڪمن، بادشاھن، وزيرن، لشڪري مھندران، ظالمن، جاگيردارن، پرمارن، سرمائيدارن ۽ سامراجين جي سرپرستيءَ ۾ پئي پليا آھن ۽ انھن جا دادلا ۽ دلال ٿي پئي رھيا آھن ۽ موجون ڪيون آھن. ان جي ابتڙ صوفين جو ساٿ عوام سان رھيو آھي ۽ ھو سدائين مٿين طبقن جي عتاب جو شڪار رھيا آھن ۽ سور سختيون ۽ ڦاسيون کاڌيون آھن.
    ائين به ٿي سگھي ٿو ته ڪن ملڪن ذھني ۽ تھذيبي طرح اسلام کي قبول نه ڪيو ھجي. جنگ جي ميدان تي اسلام کان ھارائڻ ڪري ھنن کي حاڪمن جو مذھب اختيار ڪرڻو پيو. اسلام اچڻ وقت عربستان جا ماڻھو بيحد جھنگلي ۽ جاھل ھئا، ۽ ذھني ۽ تھذيبي طرح ايران، سنڌ يا ھندستان کا گھڻو پوئتي ھئا. شڪست کائڻ ڪري ھنن ملڪن جي ماڻھن کي مسلمان ٿيڻو پيو، پر ذھني ۽ تھذيبي طرح پنھنجي ملڪ جا رھيا. انڪري ھنن جو اسلام، ديسي اسلام بنجي پيو. يعني ايران جو اسلام ايراني اسلام بنجي ويو، سنڌ جو اسلام سنڌي اسلام بنجي ويو ۽ ھندستان جو اسلام ھندي اسلام بنجي ويو. اھڙي اسلام جو ئي تصوف حصو بنجي ويو ھجي.
    صوفي چون ٿا ته ٻين ماڻھن کي علم يا ڄاڻ حواسن ذريعي حاصل ٿئي ٿي، پر کين خدا وٽان سنئين سڌي ڄاڻ ملي ٿي. جنھن طريقي ھنن کي خدا وٽان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، ان طريقي کي ھو آسماني ساڃھه (Religious Experience) چون ٿا. ساڳيءَ شيءِ کي ڪشف يا الھام به چيو وڃي ٿو. نبيءَ جي حالت ۾ انھيءَ ئي شيءِ کي پرويز ” وحي“ ڪوٺي ٿو.
    ”وحي“ جي چٽائي پرويز ھن ريت ڪئي آھي رواجي ماڻھو حواسن وسيلي علم يا ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. اڳي ڪن خاص ماڻھن کي، جن کي نبي يا پيغمبر ٿو سڏيو وڃي، تن کي علم سڌي طرح خدا وٽان حاصل ٿيندو ھو. علم جي اھڙي نموني جي حاصلات کي ”وحي“ چئبو آھي. علم حاصل ٿيڻ جو اھو طريقو ھاڻي ختم ٿي ويو آھي، ڇو ته اسلام جو رسول آخري پيغمبر ھو ۽ ھاڻي ڪنھن به انسان کي خدا وٽان سڌي طرح علم حاصل نٿو ٿئي يا ھن تي وحي نه ٿو لھي. انڪري ئي، پرويز جو چوڻ آھي، ته صوفين جي اھا دعوى غلط آھي ته ھنن کي خدا وٽان سڌي طرح ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، پوءِ ھو ان جو نالو وحيءَ بدران ڪشف ۽ الھام ڇو نه کڻي رکن. پرويز جي چوڻ جو مطلب ھي وڃي ٿيو ته علم جو اھو ذريعو ڪيئي صديون اڳ ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي رڳو حواسن وسيلي علم حاصل ڪري سگھجي ٿو.
    مان سوچيان ٿو ته ڊارون جو ارتقا جو نظريو (Theory of Evolution) ، مارڪس جو سائنسي سوشلزم (Scientific Socialism) ، جو نظريو ۽ سگمنڊ فرائيڊ جو نفسياتي ڇنڊڇاڻ (Psycho_Analysis) جو نظريو: انھن جي ڄاڻ مون حواسن وسيلي حاصل نه ڪئي، پر وڻ پڪل ميوي وانگر اھو علم حاصل ڪري ورتم. ھاڻي مان ھي پڪل ميوو حاصل ڪرڻ کي ڇا چوان ۽ انھن سائنسدانن ۽ دانشورن کي ڪھڙي حيثيث ڏيان؟... .ھتي خدا، صوفي ۽ سائنسدان جي ڀيٽ يا مشابھت ڪرڻ مقصد نه آھي، پر ڳالھه ڪرڻي آھي علم جي ذريعن جي. ھونءَ ته علم ۽ ڄاڻ جا ذريعا وڌڻ ۽ ويجھڻ، اڀرڻ ۽ اسرڻ کپن، بند ڇو ٿيڻ کپن!
    پرويز جي لکڻ موجب: جبرئيل جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان گھر ويٺي ئي گھڙيءَ ۾ علم حاصل ٿي ويندو ھو.
    علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر ماڻھن کي سالن جا سال ۽ ڪڏھن پوري حياتي ڏينھن رات ھڪ ڪري، ذھني ۽ جسماني تڪليفون سھي، دولت ۽ وقت جي قرباني ڏئي، جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. چارلس ڊارون کي ارتقا جي اصول جي ڄاڻ يا علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي سڄي حياتي وقف ڪرڻي پئي، ڏينھن جا ڏينھن، راتين جون راتيون سانده اوجاڳو ڪڍي لئبارٽرين ۾ تجربا ۽ ڪم ڪندو رھيو. سمنڊ جھاڳيائين، جهنگلن، جبلن ۽ ويرانين ۾ وڃي تحقيق ڪيائين. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سائنسدانن ۽ دانشورن سان وڃي خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين، ايتري قدر جو پنھنجي جان جي بازي لڳائي آفريڪا جي گھاٽن ٻيلن ۾ وڃي اتي جي خوفناڪ جانورن ۽ زھريلن جيوڙن جي چڪاس ڪيائين. اھڙي طرح اسان جي سائين حسام الدين راشديءَ سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ واسطي پنھنجي پوري ڄمار جستجو ۽ جاکوڙ ڪئي ان لاءِ ھو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ويو، عالمن ۽ تاريخدانن سان مليو، قديم آثار ۽ تاريخي اھڃاڻ چڪاسيائين، انھن جو تفصيل لکيائين ۽ تصويرون ورتائين، ڪتابن جا پراڻا نسخا ۽ مسودا ھٿ ڪيائين. ايران، انگلينڊ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏي ويو ۽ اتي لئبررين ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ ڪتابن جا اڀياس ڪيائين، ۽ اتي جي سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻن وٽان معلومات حاصل ڪيائين. ڪيتريون ٻوليون سکيائين ۽ انھن ٻولين ۾ سنڌ جي باري ۾ لکيل ڪتابن جو اڀياس ڪيائين. اھڙي طرح پنھنجي جيون جو وڏو حصو اھو علم حاصل ڪرڻ لاءِ پورھيو ڪيائين: ڏينھن رات، نور نچوڙي، ذھن ولوڙي.
    ان مان پڌرو آھي ته علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر سالن جا سال، صدين جون صديون، حياتين جون حياتيون ڏونگر ڏورڻا ٿا پون، بحر ولوڙڻا ٿا پون. علم يا ڄاڻ سان جستجو ۽ جاکوڙ لازمي شيون آھن. انھن حالتن ۾ جي چيو وڃي ته علم گھر ويٺي گھڙيءَ ۾ ڪنھن جي ڦوڪ ڏيڻ سان حاصل ٿي ٿو وڃي ته ان چيز کي مڃڻ جھڙو بنائڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ علم کانسواءِ ٻيو ڪو نالو ڏنو وڃي. خود حضرت صلعم جن جو چوڻ آھي ته علم حاصل ڪرڻ واسطي چين وڃڻو پوي ته اوڏانھن به وڃو ۽ ان زماني ۾ چين وڃڻ ڏکئي ۾ ڏکئي مھم ھئي.
    ھتي ھڪڙي ڳالھه جو وزنن ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو: جڏھن مان ڪراچي ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھندو ھوس، تڏھن ھر ھفتي آچر ڏينھن، پرويز جو قرآن جو تفسير ٻڌڻ ويندو ھوس. سائنسي ذھن ھنجي ڳالھين کان ڏاڍو متاثر ٿيندو ھو. ھن جو ھڪڙو طريقو ھي ھوندو ھو جو ڪنھن جڳ مڃيل سائنسدان يا دانشور جي نظريي يا ويچار جو تفصيل سان وستار ڪري، ان جي سمجھاڻي ڏئي ۽ چٽائي ڪري، پڇاڙيءَ ۾ قرآن جي ڪا آيت ٻڌائي چوندو ھو: ” پر اھا ڳالھه قرآن ۾ اول ئي موجود آھي.“ ان تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي ۽ فخر کان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو ھو. مثال طور ڊارون جو ارتقا جو نظريو. عام طرح ملا ان کي قرآن جي خلاف چوندا ھئا ۽ ڊارون کي دھريو سڏيندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ مون اھو نظريو پنھنجي ڪورس جي ڪتابن ۾ پڙھيو ھو ۽ پاڻ ۾ وڏو ذھني ڦيرو محسوس ڪيو ھوم. ڪتابن ۾ نظريي جي ڳالھه علمي ھئي ۽ ثبوت پڻ ڏنل ھئا، پر ملن جون ان باري ۾ فتوائون ٻڌي، منھنجي ذھن ۾ ڇڪتاڻ ۽ تضاد اڀرندا رھندا ھئا. ھڪ ڀيري ليڪچر ۾ پرويز ڊارون جو نظريو کنيو ۽ ان جو پورو تفصيل ٻڌايائين جو مان اول ئي ڪتابن ۾ پڙھي چڪو ھوس. پڇاڙيءَ ۾ قرآن جون ٻه ٽي آيتون پڙھي ٻڌايائين، جي مونکي ھن وقت ياد نه آھن، ۽ چيائين ته اھو نظريو اول ئي قرآن اندر موجود آھي. اھو ٻڌي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ھئي ۽ ذھن تان وڏو بار لھي ويو ھو. اھڙي طرح ھو مارڪس، برٽرينڊ رسيل ۽ موجودھ دور جي ٻين مفڪرن جي ويچارن ۽ نظرين سان ڪندو ھو. ٻين واتان پڻ ڪڏھن ڪڏھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌبيون آھن. جيئن چوندا آھن ته سوشلزم اسلام ۾ اولي ئي آھي ۽ ” اسلامي سوشلزم “ جو اصطلاح به گھڙيو ويو. پوءِ مون سوچيو ھو ته جي ايئن آھي جيئن پرويز چوي ٿو ته پوءِ چوڏنھن سؤ سال اھي ويچار ۽ نظريا ڇو نه پڌرا ٿيا ۽ ڇو نه سامھون آيا. ٻين اھي نظريا ڳوليا ۽ پڌرا ڪيا ۽ انھن جي ڪري سوچ ويچار، سائنس، سياست ۽ اقتصاديات جي دنيا ۾ وڏا وڏا انقلاب آيا، ته انھن کي آفرين ۽ شاباس کان وانجھو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻيو اھو به سوچيم ته ھڪ ماڻھو منھنجي سڄي عمر صَرف ڪري، ذھني ۽ جسماني تڪليفون سھي، جستجو ۽ جاکوڙ ڪري، علم جا سڀ وسيلا ڪتب آڻي، ثبوت ۽ شاھديون ڪٺيون ڪري، ھڪڙو نظريو پيش ڪري ٿو، جنھن کي پوري دنيا عظيم نظريو مڃي ٿي، تنھن کي ھڪ سٽ چئي، ھن جي ساري محنت ۽ ڪاوش تي منڌيئڙو ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي!... ان کي ھلڪڙائپ ۽ ٽرڙائپ سان گڏ ٻچاپڙائيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگھجي؟
    نبي بخش کوسي، پنھنجي ڪالم ”ڳالھه ٻولھه“ (ھلال پاڪستان) ۾ لکيو آھي: ”دنيا ۾ جيڪي قومون تاريخي سببن ڪري ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رھجي وينديون آھن، تن ۾ وري ٻٽاڪ جي عادت ٿي پوندي آھي، ھو دنيا جي سمورن ترقي يافته نظرين کي ھروڀرو پنھنجي بزرگن جا نظريا ڪري پيش ڪنديون آھن ۽ اسين سنڌي پڻ ان سوچ کان آجا ڪو نه آھيون. ھر نظريو ھڪڙي مخصوص سماجي ۽ تاريخي حالتن جي پيداور ھوندو آھي، انڪري جاگيردانه دور جي سوچ ڪڏھن به ۽ ڪنھن به صورت ۾ صنعتي سماج جي سوچ کان بھتر ٿي نه ٿي سگھي ۽ جيسين اسين ان تاريخي فرق کي نه سمجھنداسون، تيسين پيا انڌيري ۾ ٿاڦوڙا ھڻنداسون.“
    پرويز اھا تمام پراڻي ڳالھه چئي آھي ته علم يا ڄاڻ جو ذريعو حواس ئي آھن. نئون نظريو ان باري ۾ گھڻو ڪجھه وڌيڪ چوي ٿو: رڳو حواسن سان علم حاصل نه ٿو ٿئي يا اڻپورو علم حاصل ٿئي ٿو. علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ واسطي ذھن ۽ پوري جسم کي حصو وٺڻو پوي ٿو. حواسن وسيلي مليل معلومات کي ذھن ولوڙي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، ضرورت پوڻ تي حافظي کي ڪتب آڻي، ڪنھن فيصلي، ڪنھن فڪر، ڪنھن ويچار تي پھچي ٿو. اھو فيصلو، اھو تخيل، اھو ويچار به تيسين عام نه آھي، جيسين ان کي تجربي جي عملي ڪسوٽيءَ تي نه پرکيو وڃي. عملي تجربي جو مطلب آھي ته ماڻھو جسماني طرح اھو تجربو ڪري يا ان تجربي جو حصو بنجي يا ان تجربي جو مشاھدو ڪري. مطالعي سان به علم حاصل ٿئي ٿو. مطالعي ۾ حواس يعني اکيون ذريعو آھن، ۽ ذھن ان پڙھيل مواد کي جذب ڪري سمجھي ٿو، پر ان علم جي تڪميل ايستائين نه ٿيندي جيستائين انجو عملي تجربو نه ڪجي.... ڊاڪٽريءَ جو علم رڳو ڪتابن پڙھڻ سان پراپت نه ٿيندو، پر ڪتاب پڙھي، لئباريٽري ۽ اسپتال ۾ تجربا ڪرڻا پوندا. ننڍڙي ٻار کي ٻڌائبو ته باھ ساڙيندي آھي ته ھن کي ڄاڻ يا علم حاصل ٿيندو، پر جي باھ جي ويجھو ويندو يا ڪڏھن اتفاق سان باھ ۾ ھٿ پئجي ويس ته ھن کي باھ ساڙڻ واري ڄاڻ جو تجربو ٿي ويندو ۽ ائين ھنجي ڄاڻ تڪميل تي پھچندي. تجربي ۾ حواسن ۽ ذھن سان گڏ جسم ۽ انسان جي پوري شخصيت به علم جو ذريعو بنجن ٿا. ھي آھي علم حاصل ڪرڻ جو شخصي تجربو (Practice) دنيا جي ٻين انسانن جو تجربو يا سماج جو تجربو (Social Practice) . پڻ علم يا ڄاڻ جو وسيلو ٿيندو آھي.
    يعني تجربو به اھڙو جنھن ۾ ساري دنيا کي شريڪ ڪري سگھجي، ۽ ھر شخص ان سچائيءَ کي پنھنجي ذاتي تجربي سان پرکي سگھي.
    يعني علم جي ٽي ذريعا ٿيا: (1) حواس (2) تخيل (3) تجربو. انھن ٽنھي جو ھڪ ٻئي تي مدار آھي، ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر ٽنھي جو پاڻ ۾ ڳنڍيل ھجڻ ضروري آھي. علم يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ واسطي ماڻھوءَ کي خواھش ھجي يا اڃابه ائين چئجي ته جنون ھجي ۽ پوءِ ھو مٿين ٽنھي ذريعن ذريعي جستجو ۽ جاکوڙ ڪري.
    علم جي گھٽتائي ڪرڻ ۽ مذاق اڏائڻ جي ٻي ھيءَ ترڪيب اختيار ڪئي ويندي آھي: جاگيرداري سرشتي ۾ جاگيردار طبقي جي ڪوشش رھندي آھي ته عوام علم کان پالھو رھي، ڇو ته علم شعور ٿو پيدا ڪري ۽ اھو شعور طبقاتي سماج خلاف بغاوتي ۽ انقلابي آگ ٿو ڀڙڪائي. ان سازش ھيٺ ئي جاگيردار علم جي گھٽتائي ڪرڻ جو جتن ڪندا آھن ۽ سازش ھيٺ مشھور ڪيو ويندو آھي ته حضرت محمد صلعم جن اُمي يا اڻ پڙھيل ھئا ۽ ماڻھن جي ذھن ۾ اھا ڳالھه وڌي ويندي آھي ته ھو ان تي فخر ڪن ته رسول اڻ پڙھيل ھو، جيتوڻيڪ اھا ڳالھه ڪنھن به پھلوءَ کان فخر نه پر ڪنڌ جھڪائڻ جھڙي آھي. ساڳيءَ ريت لطيف سائينءَ کي پڻ اڻپڙھيل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. اصل ۾ نه حضرت محمد صلعم اڻپڙھيل ھو ۽ نه لطيف سائين.
    ” تصوف جي حقيقت“ جي ليکڪ غلام احمد پرويز کي اعتراض آھي ته حواسن کانسواءِ ۽ سڌو سنئون خدا وٽان ڄاڻ رڳو نبين کي ملندي ھئي، جنھن کي وحي چئبو آھي، ۽ صوفين تي وحي ڪو نه لھندي آھي. وحيءَ لاءِ پرويز اھو لکيو ته انساني عقل ان کي سمجھي نٿو سگھي ته اھو ڪيئن ٿو لھي؟
    اھو ته ٿيو پرويز ۽ سندس مذھبي ڳالھيون. ان سلسلي ۾ مون پنھنجي ڇنڊڇاڻ ڪئي.... ڄاڻ سان لاڳاپيل چار سلسلا آھن: (1) حواسن ذريعي ڄاڻ (2) ڄاڻ جو نچوڙ (3) سوچ جي ولوڙ ۽ اٿل پٿل (4) تخليق.. اکين ذريعي ڏسڻ سان، ڪنن ذريعي ٻڌڻ سان، نڪ ذريعي سنگھڻ سان، ڄڀ ذريعي چکڻ سان، ۽ چمڙي ذريعي ڇھڻ سان دماغ ۾ ڄاڻ پھچي ٿي. اھي جدا جدا ڄاڻون دماغ ۾ گڏجن ٿيون ۽ انھن جو نچوڙ تيار ٿئي ٿو. دماغ جو پنھنجيون سوچڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جو قوتون آھن ۽ اھو ڄاڻ جي نچوڙ تي سوچي، سوچ جي ولوڙ ۽ اٿل پٿل ڪري، نوان ويچار ۽ نوان نظريا پيدا ڪري سگھي ٿو. سوچيندڙ دماغ کي ذھن چئجي ٿو. ذھن تخليق جو ڪم ڪري ٿو ۽ اھا تخليق حواسن رستي مليل ڄاڻ کان صفا نئين ۽ نرالي ٿي سگھي ٿي. اھڙي تخليق کي دماغ وٽان مليل ڄاڻ چئي سگھجي ٿو، جا سوچيندڙ انسان کي حاصل ٿئي ٿي. اھڙي تخليق تي تنقيد به ٿي سگھي ٿي، تنقيد سان انجي ڇنڊڇاڻ ڪري سگھجي ٿي. ان ۾ تبديلي آڻي بھتر بنائي سگھجي ٿو ۽ اھڙي طرح ان ۾ تخليق جي ارتقا جاري رھي ٿي.
    مونکي ياد آھي ته جنھن ڏينھن منھنجو ايم بي بي ايس جي پڇاڙڪي سال جو نتيجو پڌرو ٿيو ھو ۽ ھڪڙي بزرگ کي پنھنجي پاس ٿيڻ جو ٻڌايو ھوم ته ھن ھڪدم چيو ھو : ” خدا جو شڪر آھي.“ مون فورن وراڻيو ھو: ” واھ چاچا واھ، محنت مون ڪئي ۽ شڪر خدا جو!“
    فنڪارن ۽ دانشورن لاءِ چيو ويندو آھي ته ڏات خدا طرفان ڏنل اٿن. ڇا اھڙين روايتي چوڻين ڪري، انسان جي محنت ۽ عظمت جي گھٽتائي نه ٿي ٿئي؟
    ڪجھه به ”آخري سچ“ نه ٿيندو آھي. ڪا به ” مطلق حقيقت“ نه ٿيندي آھي. ”سچ“ ۾ ڦيرو اچي سگھي ٿو ۽ ان ۾ ارتقا ٿئي ٿي. ”حقيقت“ ۾ تبديلي اچي سگھي ٿي ۽ ان انقلاب جو امڪان آھي. اسلام جي اولين ڪتاب جو فڪر يونان، مصر، يھوديت ۽ عيسائيت جي فڪر جي ارتقائي صورت آھي، ڇو ته ان زماني ۾ ان طرف انھن تھذيبن جو ئي اثر ھو، ھونءَ به ڪنھن به ڪتاب جي ھر ڪا ڳالھه اصلي ڪانه ٿيندي آھي.
    صوفين پاڻ کي خدا جو جزو سڏايو. ھڪڙو صوفي، جو شاعر به ھو، تنھن شايد انھيءَ حساب سان شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جزو ڪوٺيو. پر پيغمبر نياپو پھچائيندڙ ٿيندو آھي. ھو ٻئي ڪنھن جي سوچ، تخليق يا حڪم پھچائيندو آھي. پر شاعر جي پنھنجي سوچ، پنھنجو رايو ۽ پنھنجي تخليق ٿيندي آھي. ھو پاڻ خالق ھوندو آھي.
    جيڪڏھن اھو ڪاٿو درست آھي ته شروعاتي صوفي ترقي پسند، باغي ۽ انقلابي ھئا ته پوءِ ھو صحيح واٽ سوچي نه سگھيا. ھنن کي مذھبن جو فرق مٽائڻ بدران سماجي طبقن جو فرق مٽائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گھرجي ھا. ان طرف سوچين ھا ته ھو معاملي جي تھه تائين به پھچي سگھن ھا ۽ ھو پروڙي وڃن ھا ته مذھب پرمار طبقي جو ھٿيار آھي ۽ اھو طبقاتي سماج جي پيداور آھي. پر تصوف جي اصولن ۽ عملن مان ڏسجي ٿو ٿو ته انجي دائري ۾ اقتصاديات ۽ سماجيات جو دخل ڪونھي.
    ھن وقت جيڪي ماڻھو آسماني ڳالھين مان کٽا ٿين ٿا ۽ بغاوت ڪن ٿا تن لاءِ قوميت، سوشلزم، جدلي ماديت ۽ تاريخي ماديت جا نظريا ٺھيا ٺڪيا رکيا آھن. پر شروعاتي صوفي، جيڪي مذھب کان باغي يا بيزار ٿي ٿيا تن واسطي ان وقت اھي نعمتون موجود ڪونه ھيون. ائين به ٿي سگھي ٿو ته ھنن وٽ ڪا پنھنجي تخليقي سوچ به ڪانه ھئي، تنھنڪري ڪو ھاڪاري قدم کڻي ڪونه سگھيا.
    اڄوڪا صوفي پنھنجي اصولن ۽ عملن جون ٽي خصوصيتون ڳڻائن ٿا: (1) خدا سان سڌي لھه وچڙ (2) روحانيت (3) باطنيت.
    صوفين جي چوڻ موجب: خدا سان مليا ٻيا آھن يا خدا جو حصو آھن. ھن سان ڳالھائن ٿا ۽ ھن وٽ رسائي ۽ اثر رسوخ اٿن. ھنن جو چوڻ آھي ته عام انسان سڌي طرح خدا کان ڪجھه گھري يا پني نه ٿوسگھي. اھو گھرڻ يا پنڻ سندن ذريعي ئي ٿي سگھي ٿو، جيئن اڄڪلھه ڪامورن وٽان ڪم ڪرائڻ لاءِ سفارش ۽ دلاليءَ جو تصور آھي.
    صوفين جي روحانيت جو مطلب آھي اڳڪٿيون ڪرڻ ۽ ڪرامتون ڏيکارڻ: فلاڻي ھنڌ زلزلو ايندو، فلاڻي جاءِ طوفان لڳندو، پٽ وٺي ڏيڻ، ڪيس ۾ ڇٽائڻ، سڪل ۽ ناس ٿيل فصل مان ٻٽي پيداور ڪرائڻ، ھڪ ئي وقت ڏھن يا وڌيڪ ھنڌن تي موجود رھڻ، مصيبت وقت ھڪل سان اچي حاضر ٿيڻ.
    پرويز جي چوڻ موجب: روحانيت اصل ۾ اھا آھي جنھن کي اڄوڪي دور ۾ نفسيات (Psychology) ۽ نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ (Psychoanalysis) چيو ٿو وڃي.
    تصوف ۽ سائنس جي ناتي جي سلسلي ۾ پرويز ٻڌايو آھي ته صوفين جي ڪرامتن ۽ نفسيات جي ماھرن جي ھپناٽزم جو بنياد ساڳيو ئي آھي ۽ اھو آھي ارادي جي سگھه کي يڪجا ڪرڻ (Concentration of will-power) .. صوفي مراقبي، رياض ۽ چلي رستي؛ ويدائتي يوگ، تپسيا ۽ گيان ڌيان ذريعي ۽ نفسيات جو ماھر ڪاليج ۽ اسپتال ۾ سائنسي سکيا جي سھاري، ارادي جي سگھه يڪجا ڪرڻ جو فن سکي ٿو. ھو پنھنجي ارادي ۾ مضبوطي پيدا ڪرڻ سکي وڃن ٿا ته اڳلي تي حاوي پئجڻو آھي. ارادي جي يڪجھائيءَ ڪري مريد يا مريض کي ھن جي چھري تي جلال، اکين ۾ جوت ۽ روش اثر انگيز محسوس ٿئي ٿي ۽ نفسياتي طرح ھو ان ڊاڪٽر يا مرشد جي غلبي ھيٺ اچيو وڃي. غلبي ھيٺ اچڻ جو مطلب آھي ته ھنجو شعور ختم ٿيو وڃي. يعني ھو نه پنھنجي پوري ھوش ۾ ٿو رھي ۽ نه پنھنجي پوري وس ۾، پوءِ حاوي پوندڙ ھن کي جيڪي خيالي ڳالھيون ڏيکاري يا ٻڌائي، سي ھن کي سچ پچ سامھون ٿيندي نظر اينديون، حالانڪ حقيقت ۾ انھن جو وجود ڪو نه ھوندو آھي. شعور جو ڪنٽرول ختم ٿيڻ ڪري ھڪ ته اھو مريد يا مريض پڇڻ تي پنھنجي اندر جون ڳالھيون ۽ دل جا راز ٻڌائيندو ۽ ٻيو ته سندس ڊاڪٽر يا مرشد ھن کي جو حڪم ڏيندو سو مڃيندو، پوءِ چاھي اھو حڪم ڪنھن کي خون ڪرڻ جو ئي ڇونه ھجي. پر ھھڙي نفسياتي غلبي لاءِ ضروري آھي ته مريد يا مريض پنھنجي جھالت، وھم يا ذھني ڪمزرويءَ ڪري، پنھنجي حاوي ٿيندڙ ۾ مڪمل اعتماد ۽ عقيدتمندي رکندڙ ھجي ۽ ذھني طرح پاڻ کان گھڻو برتر سمجھندو ھجي،...... ڊاڪٽرن ته ھپناٽزم کي سائنسي سطح تي ترقي ڏئي، ان کي ذھني روڳن ۽ آپريشن لاءِ سُن ڪرڻ لاءِ پئي ڪتب آندو آھي، پر اڄڪلھه جي صوفين پنھنجي طريقي کي ڪاروباري ڪرامتن، بازيگري، مدارپڻي ۽ ذاتي مقصدن لاءِ پئي استعمال ڪيو آھي.
    صوفين جي ”باطنيت“ جو مطلب آھي ظاھر کان مختلف ھجڻ. مثال طور قرآن جي جيڪا لفظي معنى آھي اھا نه آھي پر باطني معنى ٻي آھي يا ھو ظاھري طرح جيڪي ڪم ڪندا نظر اچن ٿا، جھڙوڪ ڇوڪري بازي يا ڀنگ پيئڻ، اھي روحاني رمزون ۽ باطني طرح ڀلي مقصد ڪارڻ ھوندا آھن..... گھڻا ماڻھو لطيف سائينءَ جي شعر جو ظاھري مطلب ھڪڙو بيان ڪندا آھن ۽ باطني طرح ٻيو. باطنيت جي باري ۾ پرويز کي شڪايت آھي ته ھي ماڻھو پاڻ کي نه ٿا بدلائن پر قرآن کي بدلايو ڇڏين.
    پرويز جو چوڻ آھي ته پيري فقيري ۽ مريدي مرشديءَ جي دڪانداري چمڪائڻ خاطر صوفين جي خدا سان لھه وچڙ، روحانيت ۽ باطنيت جو مانڊاڻ ٺاھيو ٿو وڃي؛ ولي، مرشد، مجدد، خيراتون ۽ ختما، ٽيجھا ۽ چاليھا، نذر ۽ نياز، خانقاھون ۽ درگاھون، قبر پرستي ۽ مردي پرستي، رياض ۽ چلو، مراقبو ۽ ڏھو، تعويذ ڦيڻو، باس باسڻ ۽ ڏن ڏيڻ، وھم ۽ وسوسا، معجزا ۽ ڪرامتون، عرس ۽ ڌمالون، ناچ ۽ قواليون، يارھيون ۽ ورسيون سڀ تصوف جو نتيجو آھن.
    انھن ڳالھين ۽ رسمن ۾ ته نوانوي سيڪڙو ماڻھو ورتل آھن. پرويز جي چوڻ موجب، جي تصوف اسلام جو جزو نه آھي ته پوءِ سؤ مان فقط ھڪ ڄڻي کي مسلمان ڳڻي سگھبو.
    مزي جي ڳالھه ھيءَ آھي ته سر ڊاڪٽر محمد اقبال جنھن کي انگريزن ”سر“ جي لقب سان نوازيو، جنھن پنھنجي اقتصادي بدحاليءَ جي دور ۾ روزگار ڏيڻ لاءِ انگريزن کي ٻاڏايو، جنھن پنھنجي مادي زبان کي نظرانداز ڪري ٻين ٻولين ۾ شاعري ڪئي، جنھن واسطي چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جي تصور جو خالق آھي؛ تنھن لاءِ پرويز سندس شاعريءَ مان ئي ثابت ڪيو آھي ته ھو شروع ۾ تصوف جي خلاف ۽ ان کي غير اسلامي سمجھندو ھو، پر اڳتي ھلي تصوف جو مڃيندڙ بنجي ويو.
    پرويز واسطي چيو ويندو آھي ته ھو حديثن جو منڪر آھي. ھن جو چوڻ آھي ته اسلام مڪمل طرح قرآن ۾ ڏنل آھي. حديثون گھڻيون ھٿ جو ٺھيل آھن، ھن جي چوڻ موجب حديث اھا صحيح آھي جا قرآن مطابق ھجي. ائين چوندي ھو وري به اھا سائنسي سوچ وساري ويھي ٿو ته غلط ۽ درست جي پرک علم ۽ عقل ھجن گھرجي. جيتوڻيڪ پاڻ ئي ھن ڪتاب ۾ پنھنجي باري ۾ پڌرائي ڪئي اٿائين ته؛ مونکي تنقيدي نگاھ عطا ڪئي ويئي آھي ۽ ان جو نتيجو اھو ٿيو آھي ته مان ڪنھن به ڳالھه کي ايستائين مڃڻ لاءِ تيار نه آھيان، جيستائين منھنجا قلب ۽ دماغ مطمئن نه ٿي وڃن.... اھڙيون ٻيون به ڪي ابتڙايون پڙھندڙ جو ڌيان ڇڪائن ٿيون. ھن صوفين کي چيو آھي ته ھو روحانيت جو مطلب ڪرامتون ڪرڻ ٻڌائن ٿا. ھن جي چوڻ موجب روحانيت، موجوده دور جي نفسيات (Psychology) ۽ نفسياتي ڇنڊڇاڻ (Psychoanalysis) جي سائنس آھي. پر وري ٻئي ھنڌ لکي ٿو ته موت وقت انسان جو جسم ختم ٿئي ٿو، پر ھن جو روح آخرت جي زندگي گذارڻ لاءِ موجود رھي ٿو. جيتوڻيڪ موجوده علمي ۽ عقلي تحقيق اھا آھي ته روح يا ذھن يا psyche جو مدار مادي تي آھي. روح يا ذھن يا psyche مغز مان ڦٽي ٿو يا انجي پيداور آھي. جڏھن انسان مري ٿو تڏھن ھن جو دماغ به ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ان انسان جو روح يا ذھن يا به ختم ٿي وڃي ٿي.... ھن ڪتاب ۾ اھا ڳالھه پڙھي ته روح، رياح ۽ ريح ساڳي جڙ ۽ معنى وارا لفظ آھن، مان بي اختيار مرڪي ويٺس. ريح يا رياح جا اکر ٻڌڻ سان اسان ڊاڪٽرن جو ڌيان ھروڀرو ٽٽ ڦوس ڏانھن ھليو وڃي.
    جئن مون مٿي چيو آھي ته پرويز جو صوفين سان خدا ڪارڻ بغض آھي، انڪري تصوف جي وصف ۾ ھن کي ان ۾ خدا سان سڌي طرح لھه وچڙ ۾ اچڻ واري ڳالھه نظر آئي ۽ پنھنجي تنقيد جو سارو مانڊاڻ ان ھڪ ڳالھه تي ئي اڏيو. بغاوت وارو ڪردار، ھو شايد ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري ويو آھي.
    تصوف جي حوالي سان سنڌ بابت ڪي ويچار ھي آھن؛ چوندا آھن سنڌ صوفين جي ديس آھي. ھتي ويدانيت ۽ تصوف جو گھڻو ۽ گھرو اثر رھيو آھي. انڪري ئي ھتي ايترو مذھبي ڪٽرپڻو ڪڏھن به نظر نه آيو آھي. ساڳئي سبب ڪري ورھاڱي وقت ھندستان جي ٻين پرڳڻن ۾ خونريز مذھبي فساد ٿيا، پر سنڌ ۾ ائين ڪو نه ٿيو. ھتي ان سلسلي ۾ جو ڪجھه ٿيو سو ٻاھرين اچي ڪيو ۽ نه سنڌين.
    تصوف جي گھڻي ۽ گھاٽي اثر ڪري سنڌ ۾ پيري مريديءَ جو بيحد وڏو دخل رھيو آھي ۽ پيري مريديءَ سنڌين جي ترقي ۽ ارتقا ۾ رڪاوٽ ۽ پراڻ پسند جو مکيه ڪارڻ رھي آھي. پيري مريديءَ جو ڪامياب ۽ نفعي بخش ڌنڌو ڏسي، ڪيترا ڌاريا ھتي پيرن، ولين، ۽ قلندرن جي روپ ۾ پئي آيا آھن۽ ھتي جي عوام جي پرماريت پئي ڪئي اٿائون. انھيءَ تصوف ڪري ئي سنڌين پنھنجي سماجي ۽ معاشي مسئلن ۽ مشڪلن جي ڪارڻن جو بنياد ڳولڻ جي جاکوڙ نه ڪئي ۽ نه طبقاتي سماج کي ڊاھڻ جو اونو ڪيو، ڇو ته ھنن لاءِ سماجي شعور ۽ طبقاتي شعور جون راھون ٻين پرمارن سان گڏ پيرن ۽ مرشدن پڻ بند پئي رکيون آھن. جاگيرداري دور جا مکيه ڪردار؛ وڏيرو، پير ۽ مُلو، سنڌي قوم لاءِ ڪئنسر ثابت ٿيا آھن.
    جيئن ته پرويز تصوف کي اسلام کان خارج ٿو سمجھي، ان ڪري ھن کي صوفين خلاف خدا ڪارڻ وير ٿو ڏسجي. ھن صوفين جي روش جي روح کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي آھي ۽ نه ان روش کي بغاوت ڳڻيو آھي ۽ ان بغاوت جي ڪارڻن کي به نظرانداز ڪري ويو آھي. ھن صوفين مان روڳو وڏون ۽ اوڻايون ڪڍيون آھن يا ھنن جي چڱين ڳالھين کي به وڏن ۽ اوڻاين جي روپ ۾ پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن ھو سائنسي سچائيءَ سان لکي ھا ته صوفين جي ڪردار جون ھن کي خوبيون پڻ نظر اچن ھا. مثال طور سنڌ جي شاه عنايت صوفيءَ جا ڪارناما. ڏسجي ٿو ته شاه عنايت ۾ سماجي ۽ قومي ٻئي شعور ھئا. ھن پنھنجن مريدن ۽ تر وارن ھارين کي جاگيردارن خلاف جاکوڙ ڪرڻ لاءِ ميدان تي آندو ۽ ڌرتيءَ تي ڌارين جي غلبي خلاف جنگ جوٽيائين.
    پرويز جي ھن ڪتاب جي لکڻيءَ ۾ ھڪ خاص ابتڙائيءَ ھيءَ آھي: ھڪ طرف ھن جو چوڻ آھي ته قرآن ۾ شروع کان پڇاڙيءَ تائين بار بار اھو چيو ويو آھي ته عقل،فڪر ۽ سوچ کان ڪم وٺو،۽ ھن صوفين کي ٽوڪيو آھي ته وٽن سندن روش جي پٺڀرائيءَ ۾ نه ڪو دليل آھي ۽ نه سند. ٻئي طرف ھو چوي ٿو ته وحيءَ جي ھر ڳالھه کي اکيون ٻوٽي مڃڻو آھي. جي پرويز پاڻ عقل ۽ سوچ کان ڪم وٺي ھا ته ھو ضرور پروڙي سگھي ھا ته صوفين جي روش ۽ بغاوت جو سبب ئي ھو عقل ۽ سوچ استعمال ڪرڻ.
    تصوف جي باري ۾ منھنجي ڪڍيل نتيجن جو تت ھي آھي: شروعاتي صوفي باغي ته ضرور ھئا، پر ھو انقلابي بنجي ڪونه سگھيا. ڪارڻ اھو ٿو ڏسجي ته مذھب کاب بغاوت ڪرڻ کان پوءِ ان وقت ھنن جي سامھون سائنسي سوشلزم يا اھڙي ڪا ٻي سماجي انقلاب جي واٽ ڪانه ھئي. ھنن وٽ جذباتي يوٽو پيائي ويچار ھئا پر سائنسي سوچ ڪانه ھئي. ان ڪري ھو ذھني ڦڙڦوٽ (Anarchy) جو شڪار ٿي ويا. ھاڻي انھن جو وارث سڏائيندڙن: پير، مرشد ۽ گادي نشين جي روپ ۾ ڏاڍو ڪِن ڪيو آھي ۽ ھنن جو ڪردار مڪار ۽ مداريءَ وارو وڃي رھيو آھي.

    (8 اپريل 1982)


    ڪارخانا

    اسان جي پرڳڻي ۾ ڪو وڏو ڪارخانو لڳڻ ڪري ڏاڍي خوشي ٿيندي آھي،يا ٿيندي ھئي. ڪارخاني جو ھلڻ، صنعتي دور طرف وک آھي. اتي اسانجا ماڻھو ڪم ڪندا ۽ اسانجي صنعتي مزورن (Proletariat) جو ڳاڻيٺو وڌندو. صنعتي مزورن ۾ تنظيم ھوندي آھي ۽ ھنن ۾ سماجي ساڃھه ۽ سياسي سجاڳي پيدا ٿيندي آھي ۽ ھو انقلاب جو مُک حصو بنجي ويندا آھن. بھرحال خوشي جا سنوان سڌا ڪارڻ ھي ھوندا آھن: ھڪ ته اسان جي ڏتڙيل ماڻھن کي روزگار جو موقعو ملندو؛ ٻيو ته اھا شيءِ ھتي ئي پيدا ٿيندي، ان ڪري ملندي به آسانيءَ سان ۽ اگھه به گھٽ ٿيندس.
    ڪپڙي، کنڊ، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ لوھ جا ۽ ٻيا ڪارخانا ڏاڍي تيزيءَ سان ھتي اڀرڻ لڳا. پر جيئن جيئن ڪارخانا جڙندا ۽ چالو ٿيندا ويا ته پڌرو ٿيندو ويو ته انھن ۾ ملازمتون ۽ روزگار ڏيڻ ۾ ھتي جي ماڻھن کي صفا نظرانداز ٿي ڪيو ويو. روزگار ته ٺھيو پر ڪٿي ڪٿي ته ھنن جي اجهن ۽ ڳوٺڙن تي بلڊوزر ٿي گھمايا ويا ۽ ٻنين کان وانجهو ٿي ڪيو ويو. ڪاغذ تي ڪھڙا به واعدا ۽ وچن ٿي ڪيا ويا، پر عملي طرح ذري گھٽ ھڙئي مزور ۽ ملازم ٻاھريان ٿي آندا ويا. اھو به ڏٺو ويو آھي ته اتفاق سان اسان جي ڪن ماڻھن کي ڪنھن ڪارخاني ۾ ملازمت ملي ٿي ته ٻاھريان ھنن کي پنھنجي بيجا روش سان تنگ ڪن ٿا، ۽ ھنن جي ترقي ۽ پروموشن کي ميٽيو وڃي ٿو. ان ڪري تَرَ جا ڳچ ماڻھو اھڙي نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿا. اھي حالتون سرڪاري ڪارخانن ۾ به آھن ۽ خانگي ڪارخانن ۾ پڻ. خانگي ڪارخانن جا مالڪ گھڻو ڪري تَرَ جا نه ھوندا آھن. انھن ڏاڍاين خلاف دانھون به ٿينديون رھيون آھن، اھڙا احتجاج اڃا اثرائتا نه ٿيا آھن.
    ان جو سياسي ۽ قومي سطح تي ڇيھو اسان کي اھو ڏسڻو پيو آھي جو اسان جي صنعتي مزور (Proletariat) طبقي جي وجود ۾ اچڻ، تيار ٿيڻ ۽ وڌڻ جي رفتار ڏاڍي ڍلي آھي. تنھن کان سواءِ انھن ڪارخانن ۾ جيڪي ٻاھريان مزور ۽ ملازم رکيا وڃن ٿا، سي ھتي دبئيءَ کان به وڌيڪ سڻايون حالتون ڏسي، دائمي طرح ھتي پير کوڙڻ لڳن ٿا. ھو پنھنجي مٽن مائٽن کي به اتي ئي نوڪريون وٺي ڏين ٿا ۽ پوءِ ھر ڪو پنھنجا ٻار ٻچا به ھتي آڻي گھر بنايو وھي. اھڙي ريت اھا ڪاروائي اسان کي ٿوڙائيءَ ۾ آڻڻ جو جزو بنجيو وڃي، ۽ اسان جي ذھنن ۾ فلسطينين جو حشر ڦرڻ لڳي.
    ھن ڌرتيءَ مان تيل نڪتو. اسان کي خوشي ٿيڻ کپي ۽ خوشي ٿي به، پر اھا خوشي قائم ڪيئن رھي؟ اھو سمجھي آيو ته اتي ٻاھرين کي آڻي نوڪريون ۽ ملازمتون ڏنيون وينديون ۽ ھو ان بھاني سان ھتي کپ کوڙي رھي پوندا ۽ تَرَ جي ڏتڙيل ماڻھن واسطي پاڻ نوان مسئلا ڪَرَ کڻندا.
    ھتي ڪارخاني جي کلڻ جي خوشيءَ جو ٻيو ڪارڻ اھو ھوندو ھو جو آسرو ٿيندو ھو ته انھن شين جي قيمت گھٽبي. پر اھي شيون تيار ٿي، جڏھن بازار ۾ ٿي آيون ته پتو ٿي پيو ته انھن جي قيمت ذري گھٽ ساڳي ولايتي شين جيتري آھي. البت اھو فرق ٿيو جو ولايتي شيون وڌيڪ مھانگيون ٿي ويون. معيار کي پيو ڏسجي ته ملڪي شيءِ نه ڏسڻ ۾ اھڙي وڻندڙ، نه چوڙڻ ۾ جٽادار ۽ نه استعمال ۾ تسلي بخش.
    ”ملڪي شيون واپرايو“ جو نعرو تمام پراڻو آھي، پر ملڪي شيون اھي واپرائيندا آھن جن کي ولايتي شيون خريد ڪرڻ جي بچت ڪانه ھوندي آھي.
    سرمائيداري سرشتي ۾ ملڪي شيون خريد ڪجن يا ولايتي، فائدو سرمائيدار يا سامراج کي ٿيندو آھي ۽ نه پورھتين ۽ عوام کي. سرمائيدار ديسي ھجن يا ولايتي، دولت ڪنھن نه ڪنھن نموني ٻاھرين ملڪن ڏي کنيو وڃن.
    جي کيسو اجازت ڏيندو آھي ته مان پنھنجي لاءِ ھر گھربل شيءَ ولايتي وٺندو آھيان. پر جيڪڏھن مونکي ڪا ملڪي چيز ڳنھڻي پوندي آھي ته پوءِ مان ”ملڪي“ کان به اڳڀرو ”صفا ملڪي“ بنجي ويندو آھيان. ھن مان منھنجو مطلب آڳي ته جيڪڏھن ساڳي چيز پنھنجي پرڳڻي واري ڪارخاني جي موجود ھوندي ۽ پرڳڻي کان ٻاھر واري ڪارخاني جي به، ته مان پنھنجي پرڳڻي واري ڪارخاني جي ٺھيل شيءِ ئي خريد ڪندس، نه رڳو ايترو پر جي پنھنجي پرڳڻي ۾ پنھنجي تَرَ ۾ ڪو ڪارخانو ھوندو ته انجو مال پسند ڪندس. مطلب آھي ته مان ھينئر حيدرآباد ۾ آھيان، انڪري جي مونکي گھربل شيءِ حيدرآباد يا انجي آسپاس جي فئڪٽريءَ جي ملي ويندي ته ڪراچي يا سکر جي فئڪٽرين ۾ ٺھيل ساڳي شيءِ نه وٺندس. مثالطور اسپتال واسطي دوائون، جي حيدرآباد جي ڪارخانن جون ٺھيل ملنديون آھن ته اھي ئي خريد ڪندو آھيان. ان وقت ويچار اھو ئي ھوندو آھي ته من ڪنھن نه ڪنھن نموني، ڪجھه نه ڪجھه فائدو پنھنجن پورھتين کي پوي.
    مونکي اھو ٻڌائڻ وسري ويو ته جي مونکي ملڪي شيءِ وٺڻي پوندي آھي ته ترجيح انھن شين کي ڏيندو آھيان، جن جا اشتھار سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ ايندا آھن يا ريڊئي ۽ ٽي وي تي سنڌي ۾ اشتھار ڏنا ويندا آھن.
    دوائن سان منھنجي جيون جي وڏي حصي جو سائنسي، سماجي ۽ اقتصادي واسطو رھيو آھي. ولايتي دوائن ۽ ديس جي ڪارخانن ۾ ديسي ڪمپنين جي ٺھيل دوائن جي اثر ۾ فرق جي تجرباتي ڄاڻ پلئه پئي اٿم. پاڻ لاءِ ۽ پنھنجي گھر جي بيمارن لاءِ، يا اھڙن بيمارن لاءِ جن جي باري ۾ خبر ھوندي اٿم ته مالي حالت مناسب اٿن، تن لاءِ دوا تجويز ڪرڻ وقت ھي طريقو اختيار ڪندو آھيان: ان بيماريءِ واري دوا، جي ولايت مان ٺھيل ھتي ملندي آھي ته اھا لکندو آھيان. ٻي حالت ۾ ان ولايتي ڪمپنيءَ جي دوا لکندو آھيان، جنهن جو دوائن ٺاھڻ جو ڪارخانو ھن ملڪ ۾ ھوندو آھي. ديسي ڪمپنين جي دوا اھڙن مسڪين مريضن لاءِ لکندو آھيان، جن کي مھانگيون دوائون وٺڻ جي بچت ڪانه ھوندي آھي جيئن ڪجھه نه ڪجھه ڀرجھلو ٿئين.
    ڊاڪٽرن وٽ دوائن جي ڪمپنين جا عيوضي ايندا رھندا آھن. ھو پنھنجي ڪمپنيءَ جي اشتھاربازي ڪندا آھن. ھڪڙي ديسي دوائن جي ڪمپنيءَ جو عيوضي جڏھن به مون وٽ ايندو ھو ته پنھنجي دوائن جي اجائي واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ ان ڳالھه تي زور ڏيندو ھو ته اسان جي ڪمپني پنھنجي ملڪ جي ڪمپني آھي ۽ اسان جو قومي فرض آھي ته ملڪي صنعت کي ھٿي ڏيون. ھو منھنجي اسپتال جي ويجھو واري دوائن جي دڪان تان به پڇندو ھو ۽ اھو دڪاندار ٻڌائيندو ھوس ته ھي ڊاڪٽر تنھنجي ڪمپنيءَ جي دوائن جا نسخا ڪونه ٿو لکي، جڏھن ٻه ٽي ڀيرا مونکي ھن اھا ميار ڏني ته ھڪ ڏينھن پڇيومانس:
    ” مان توکان ھڪ سوال پڇان ٿو، جواب ايمانداريءَ سان ڏجانءِ. تو واري ڪمپني به مدي جي تپ جي دوا ٺاھي ٿي، جنھن جي قيمت چار رپيا آھي۽ فلاڻي ولايتي ڪمپني به ساڳي دوا ٺاھي ٿي، جنھن جي قيمت ڏھ رپيا آھي. ھاڻي سچي ٻڌاءِ ته جي تنھنجي پنھنجي ٻار کي مدي جو تپ ٿي پوي ته تون ھن کي پنھنجي ڪمپنيءَ واري دوا پياريندين يا ان ولايتي ڪمپني واري؟“
    ڏٺم ته ھو ککو وکو ٿي ويو ۽ ڦڪي مرڪ مرڪي چيائين:
    ” سائين، انجو ڪھڙو جواب ڏيان، پنھنجي ٻار جو ته وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو.“
    مونکي ھن سان بحث ڪرڻو ڪونه ھو.
    ياد ٿو اچيم ته ڳچ سال اڳ وھنجڻ جاءِ لاءِ سامان خريد ڪرڻ لاءِ ھڪ دڪان تي چڙھيو ھوس. ولايتي سامان به ھو ۽ ملڪي سامان به. دڪاندار چيو ھو: ” اگھه وڌيڪ آھي پر ولايتي سامان ڳنھي وڃو، جو سٺو به آھي سستو به. ملڪي سامان وٺندا ته ڏاڍو تنگ ٿيندا. اھو سامان ته سرڪاري ٺيڪيدار، سرڪاري جڳھين ۾ فٽ ڪرڻ لاءِ وٺندا آھن، پر سرڪار کان ولايتي سامان جي مُلھه وارو بل اڳاڙيندا آھن.“
    اھڙي ريت ملڪي ڪمپنين جون دوائون به گھڻو تڻو سرڪاري ۽ خيراتي اسپتالن ۾ ھلنديون ھونديون ۽ بل ولايتي دوائن جي قيمت وارا وصول ڪيا ويندا ھوندا.
    ڪي عيوضي بيمارن جي ڄاڻ ۽ رھنمائيءَ لاءِ ڪمپنيءَ جا اڙدو ۾ ڇپايل چارٽ يا پوسٽر کڻي ايندا آھن. مان اھي نه وٺندو آھيان يا جي وٺندو آھيان ته اھي ٽنگيندو نه آھيان ۽ ھنن کي چوندو آھيان ته منھنجا گھڻا مريض سنڌي آھن، انڪري پنھنجي ڪمپنيءَ وارن کي چئو ته اھي سنڌي ۾ ڇپرائن. ھو قومي ٻوليءَ جي حوالي سان دليل بازي ڪرڻ چاھيندا آھن. مان ھنن کي چوندو آھيان ته ھتي بيمارن جي ٻولي جو سوال آھي.
    ٿوڙي وقت کان ڪن ڪمپنين دوائن جي دٻين ۽ بوتلن تي دوا ۽ ڪمپني جو نالو ۽ بيمار لاءِ ھدايتون اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيون آھن. اھڙي ڪمپنيءَ جي عيوضيءَ کي چيم: ” انگريزي دوا جي دٻي يا شيشيءَ تي اڙدو لکت ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته اھا دوا ڪنھن اشتھاري نيم حڪيم جي آھي. مريضن تي به پڪ اھڙو نفسياتي اثر پوندو ھوندو، انڪري مان مريضن لاءِ اھڙي دوا تجويز نه ڪندو آھيان.“
    سوچيان ٿو ته جي اھڙي لکت سنڌي ۾ ھجي ته منھنجا احساس ڪھڙا ٿيندا؟“

    (16 آگسٽ 1982)


    گانڌيءَ جا اوگڻ ۽ جناح جا گڻ

    مان جڏھن به گانڌي جي باري ۾ ڪو ڪتاب يا ھن جي جيون چرتر پڙھندو آھيان ته ھر ڀيري ھن جي شخصيت واسطي وڌيڪ اڻوڻندڙ جذبا پيدا ٿيندا اٿم. ھن جو سڄو ڪردار ٻچا پڙائي، مڪاري ۽ منافقت سان ڀريل محسوس ٿيندي اٿم، صفا سنڌ جي پيرن جھڙو، فرق اھو آھي ته سنڌ جا پير مذھبي پير آھن ۽ گانڌي مذھبيءَ سان گڏ سياسي پير پڻ بڻجي ويو ھو.
    مڪاري ھن جي لباس مان به پڌري ھئي، ھو مختصر ڪپڙا پھريندو ھو. اھو سڀ سنئون سڌو ڏيکاءَ خاطر ھو. ڇا ھو ڪڏھن ڪپڙن جي ڪمي جي ڪري سيءَ ۾ ڏڪيو يا سرديءَوگھي مئو؟ ڇا ضرورت وقت ھن کي گرم ڪپڙا يا گرم بسترو، گرم گھر يا گرم کاڌا نه ٿي ملي سگھيا يا نه ملندا ھئا؟ مون وٽ جيڪڏھن ڪو کنگھه جو مريض اچي ۽ مان ھن جو علاج ڪرڻ بدران پاڻ به ويھي جڙتو کنگھه کنگھڻ لڳان ته پوءِ ڇا ٿا ڀانيو.
    نالي ۾ ته ھو ريل گاڏي جي ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو ھو، پر چيلا ۽ پوئلڳ اتي ھن لاءِ جيڪي سک سھولتون ميسر ڪندا ھئا، سي ھن وقت جي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏن وارن کي به نه ٿيون ملن.
    ھو ڀنگي ڪالونيءَ ۾ گھر ٺھرائي اتي رھندو ھو. ھڪ ڀيري ھڪڙي انگريز پرڏيھي سياح، ھن کي اتي رھندي ڏٺو ته گانڌيءَ جي ساراھ ڪندي چيائين ته ھو غريبن سان غريب ٿي رھي ٿو. ان تي سروجني نئڊوءَ چيو: ” توھان کي خبر نه آھي ته گانڌيءَ کي ”غريب“ رکڻ لاءِ اسان کي ڪيڏو نه خرچ ڪرڻو پوي ٿو!“
    گانڌي پنھنجي سياسي زندگي ڏکڻ آفريڪا کان شروع ڪئي. ڏکڻ آفريڪا جي سلسلي ۾ اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته ھندستاني ھتي ائين اچي کپ کوڙي ويٺا ھئا، جئي پناھگير ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ اچي کپ کوڙي ويٺا آھن. اتي به گانڌيءَ ڪو اتي جي اصلي رھاڪن، شيدين، جي سڌاري يا سامراجين کان ڇوٽڪاري جي ھلچل نه ھلائي. پر جي ھندستاني ان ملڪ ۾ اچي آباد ٿيا ھئا، انھن لاءِ تحريڪ ھلائي ۽ سامراجين سان مقابلو ڪيو. ھن اھو ستياڳڙھ ان لاءِ ڪيو ته جئن انھن ڌارين ھندستانين کي ڏکڻ آفريڪا ۾ سياسي ۽ سماجي سھولتون ملن ۽ ھو اتي دائمي طرح رھي سگھن. نتيجو اھو ٿيو جو اھي ڏکڻ آفريڪا ۾ رھندڙ ھزارين ھندستاني نه رڳو شيدين جي پرماريت ڪندا رھيا، پر سامراج جي پڻ دلالي ڪندا رھيا. انھن ھندستانين نه اتي جي ٻولي سکي ۽ نه اتي جي سڀيتا اختيار ڪئي، ۽ پنھنجو الڳ ٿلڳ وجود قائم رکيو. گانڌيءَ انھن کي ان ساڳئي ڪردار اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪو ڪردار گانڌيءَ جي ھم وطنن ملڪ جي ورھاڱي کانپوءِ لڏي اچي ھتي سنڌ ۾ اختيار ڪيو آھي. ھو به اسان مٿان پنھنجي زبان ۽ تھذيب مڙھي رھيا آھن ۽ پنھنجي الڳ قوميت جا نعرا ھڻي رھيا آھن.
    تازو اسان انھن ڏکڻ آفريڪا ۾ رھيل ھندستانين جو حشر به ڏٺو. جڏھن ان ڌرتيءَ جا وارث سجاڳ ٿيا آھن ۽ سياسي ۽ قومي شعور سان مالامال ٿيا آھن تڏھن ھنن انھن ڌارين ھندستانين کي اگھاڙين پيرين پنھنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو ۽ ھنن کي ھڪ پائي به اتان کڻڻ نه ڏنائون، جيتوڻيڪ ھو اتي اسي نوي سالن کان رھيا پيا ھئا ۽ وڏا سرمائيدار بنجي ويا ھئا. ٻيو ته ٺھيو پر اسي سالن کان اتي جو ”گانڌي آشرم“ ٺھيل ھو، ان کي ٽوڙي ڦوڙي، تباه ڪري ڇڏيائون.
    گانڌيءَ جي ان سياست جو اثر آھي جو ڏکڻ آفريڪا اڃا غلام آھي، جيتوڻيڪ ڀر وارا ٻيا آفريڪي ملڪ انقلابي ۽ نظرياتي پارٽيون ٺاھي، جاکوڙ ۽ جنگ ڪري، قومي آزادي وٺي ويا آھن، ۽ ھاڻي سوشلزم کي پختو ڪرڻ ۾ رڌل آھن.
    گانڌيءَ غريبن جي غريبيءَ جو علاج ڪونه ڪيو، غريبيءَ کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو بنيادي نسخو ڪونه ٻڌايو، طبقاتي شعور پيدا ڪونه ڪيو، طبقاتي جنگ لاءِ تيار نه ڪيو، سوشلزم جو سبق نه ڏنو. باقي ڏيکاءَ خاطر غريبن جي وچ ۾ وڃي رھڻ سان سندس ساري حياتيءَ ۾ توڙي آزادي ملڻ سان نه ھنن جي غريبي ختم ٿي ۽ نه اڇوتڻو. ھنن جي حالتن ۾ ته وقتي طور به گانڌيءَ سڌارو آڻي نه سگھيو. اڇوتن کي ” ھريجن“ جھڙو مقدس نالو ته ڏنائين پر ھنن ۾ سماجي سجاڳي اصل نه آندائين، ۽ ھنن جي نسلي غلامي به ساڳي جي ساڳي رھي.
    گانڌي ذھني ۽ نظرياتي طرح پڪو ھندو ھو. ھو ساسي سياڻو به ھو. ھو ڀانئي ويو ھو ته ھندستان ۾ اڇوتن جي تمام وڏي آدمشماري آھي ۽ ھندن جي اوچين ذاتين کان، سندن روش ڪري بيزار آھن، ۽ اڳتي ھلي ھندن جي متان مخالفت ڪن، يا ھندن جي مخالفت ۾ مسلمانن جو پاسو وڃي وٺن. انڪري اڇوتن جا ووٽ پاڻ وٽ محفوظ رکڻ لاءِ ھن ھنن جي ھمدرديءَ جو ناٽڪ رچايو ھو.
    گانڌيءَ جي ڪردار جو ھڪڙو دلچسپ آئينو ھي آھي: گانڌيءَ ڪيترائي ڀيرا مرڻ ورت رکيو يعني مرڻ گھڙيءَ تائين بک ھڙتال ڪئي. ٿيڻ ائين کپندو ھو ته جيستائين اھو مقصد حاصل نه ٿئي يا اھو مطالبو پورو نه ٿئي تيستائين ھڙتال رکجي، ٻيءَ حالت ۾ موت قبول ڪجي. پر اڪثر ائين ٿيو جو گانڌيءَ ڏٺو ته ھڙتال جو مقصد پورو ڪونه ٿو ٿئي ته ڪو نه ڪو بھانو بنائي ورت ٽوڙي ڇڏيائين، ۽ موت کان ڊڄي ويو. تازو آئرلينڊ جي گوريلا اڳواڻ بابي سئنڊس مرڻ تائين بک ھڙتال ڪئي. ھن جو مقصد پورو نه ٿيو ته مرندي مري ويو ۽ 66 ڏينھن پنھنجي ارادي ۾ پختو رھيو، پر بک ھڙتال ختم نه ڪيائين. اھا به غير دلچسپ ڳالھه نه آھي ته گانڌيءَ جو ورت يا روزو به دلچسپ ھوندو ھو. ان ۾ ٻڪريءَ جو کير، ميون جي رس، ۽ جون جو پاڻي استعمال ڪندو رھندو ھو.
    گانڌيءَ قومي آزادي جو نعرو ته ھنيو پر سوشلزم کي نظرانداز ڪيائين. انڪري ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوءِ به ھارين ۽ پورھتين کي پنھنجي رھڻي ڪھڻي ۽ اقتصادي حالت ۾ ڪو فرق ڦيرو محسوس نه ٿيو. ھنن جا فقط مالڪ مٽيا ھئا، باقي پرماريت پاڻ سرس ٿي وئي ھئي.
    اھنسا گانڌي جو فلسفو ھو. ان ۾ ھو سچو ھو يا نه، پر ھن صديءَ جي قومي انقلابن ثابت ڪيو آھي ته اھو صحيح نه ھو. ڏسجي ٿو ته پنھنجي مکيه مخالفن مسلمانن کي بي اثر ۽ بي عمل بنائڻ لاءِ ھن ان فلسفي جو پرچار ڪيو. مسلمانن ۾ سياسي ساڃھه ۽ تنظيم به نه ھئي، پر ھو ان زماني جي لحاظ کان وڙھڻ ۾ تکا ھئا. ھونءَ به ثابت ٿي چڪو آھي ته ھن جي حياتيءَ ۾ به ھندستان اندر ڏاڍو تشدد ٿيو ۽ آزادي ملڻ کانپوءِ 33 سال پوءِ به اڄ تائين به ڀارت اندر بيحد تشدد آھي.
    مطلب اھو ته گانڌيءَ جي اھنسا جي فلسفي ۽ طريقي جو اثر ابتو ٿيو، جھڙي طرح ھنجي ”ھريجنن“ سان ھن وقت عقوبتون پاڻ وڌيل آھن.
    گانڌيءَ جي ”چرخو ھلايو“ تحريڪ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مخالفت برابر ھئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مخالفت ڪرڻ معنى عوام کي پٺتي وٺي وڃڻ. ڪارخانن جي مخالفت ڪرڻ معنى پورھتين کي ٽريڊ يونينين کان پري رکڻ. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ذريعي پيداور گھڻي کان گھڻي وڌائجي. ھڪ صحيح سياسي اڳواڻ کي گھڻي کان گھڻا ڪارخانا کولرائڻ کپن ھا ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙن پورھتين جي سياسي تنظيم ڪري ھا، جي انقلابي قوت بنجي وڃن ھا.
    گانڌيءَ پنھنجي سياست ۾ به ناڪامياب ويو. ھو ھندستان کي گڏيل رکي نه سگھيو. ھن جي سياست جي ناڪاميءَ جو ھڪڙو ڪارڻ اھو ھو ته ھو دلي طرح پڪو ھندو ھو ۽ اندروني طرح ھن ڪانگريس کي ھندو رکيو، جيتوڻيڪ ٻاھرين طرح ڪانگريس کي غير مذھبي ۽ پاڻ کي مذھبي طرح آزاد خيال سڏائڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. انھن ابتڙاين ڪيترن مسلمانن ۾ شڪ پيدا ڪيا. وري ھن ظاھري طرح جيڪا اسلام کي ٿوري اھميت ٿي ڏني، تنھن ڪٽر ھندن کي ڏمرايو ۽ ھن کي قتل ڪري ڇڏيائون.
    گانڌيءَ جي ناڪاميءَ جو ٻيو ڪارڻ ھو محمد علي جناح. جناح صاحب ڪانگريس ۾ ھو ۽ ھندو مسلم اتحاد جو پڪو حامي. گانڌي، قائداعظم جي ذھانيت ھوشياري، قابليت، روشن خيالي، ترقي پسندي، اصول پرستي ۽ مقصد سان سچائي ڏسي گھٻرائجي ويو. گھٻرائجي انڪري ويو جو ڏٺائين ته ھي کانئس وڌيڪ لائق ليڊر ۽ وڌيڪ خوبين جو مالڪ آھي ۽ اڳتي ھلي ھنکان گوءِ کڻي، ڪانگريس جي اڳواڻي ھٿ ڪري ويندو. انڪري ڪانگريس جي پاليسي اھڙي رخ ۾ ڪئي وئي جيئن جناح محسوس ڪري ته اھا فرقيورانه پارٽي آھي ۽ ھندن جي غلبي ھيٺ آھي. پوءِ قائداعظم ڪانگريس ڇڏي ويو.
    ائين چوڻ ته گانڌيءَ جا ھيترا پوئلڳ ھئا ۽ لکين ماڻھو ھنجي اشاري تي سر ڏيڻ لاءِ تيار ھئا، سو ڪو اثرائتو دليل ڪونھي. ڪانگريس ۽ گانڌيءَ ته ته وري به قربانيون ڏنيون، پر مسلم ليگ ۽ قائداعظم اھري قسم جون قربانيون ڪونه ڏنيون، تڏھن به لکين ڪروڙين ماڻھو ھنجا سرويچ سپاھي بنجي ويا ھئا. ”مھاتما“ جي لقب مليل گانڌيءَ جي شخصيت ۾ مذھب جو رنگ به شامل ھو. سنڌ ۾ ڪونه ڏٺو اٿو ته ھڪ جاھل ۽ بيڪار پير جي اشاري تي ھزارين مريد ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائيندا آھن، سر جي بازي لڳائيندا آھن.
    گانڌيءِ جي جنسياتي زندگي Sexual Life حيرتناڪ آھي. ھن جو پيءُ سخت بيمار ھجي. ھڪ رات جو ھن کي زور ويٺي ڏنائين ته زال واسطي شوق جاڳي پيس. ھو پيءُ کي ڇڏي، ٻي ڪوٺيءَ ۾ زال سان وڃي ستو. اتان ھلڪو ٿي جڏھن پيءُ وٽ واپس پھتو ته ڏٺائين ته ھو لاڏاڻو ڪري چڪو ھو. انڪري ھنکي ايڏو صدمو رسيو جو سدائين جنسياتي جذبي کي ننديندو رھيو. پاڻ وري پنھنجي زال سان ھمبستري نه ٿيو ۽ پنھنجي زال کي ماتا ڪري سڏيندو رھيو. ھڪ شخصي اتفاق ڪري انسان جي حسين جذبي کي برو چوڻ سياڻپ ۽ سنجيدگي ڪانه ٿي لڳي.
    پوءِ گانڌيءَ پنھنجي جنسي جذبي کي آھستي آھستي ڪري مات ڪري ڇڏيو. نه رڳو ايترو پر پنھنجي پوٽيءَ کي پاڻ وٽ اھڙي تربيت ڏني، جو سامائجڻ سان ئي ھو پنھنجي جنسي خواھش دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ھوءَ جوان ھوندي به ٻڍي گانڌيءَ سان گڏ سمھندي ھئي ۽ ٻنھي جي چوڻ موجب ھو ڪنھن به قسم جي جنسياتي خواھش محسوس ڪونه ڪندا ھئا ۽ ڪيئي سال اھڙي نموني گڏ گذاريا.
    ڪتابن ۾ اھو ڄاڻايو ويو آھي ته جوانيءَ کان وٺي گانڌيءَ ڏھاڙي پنھنجو پاڻ کي حلقو ڪندو ھو. ظاھري طرح ته ھنجو چوڻ ھو ته اھو پيٽ ۽ آنڊي کي صاف ڪرڻ لاءِ ھو، پر جنسيات سان ان عمل جي ناتي جي امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگھجي.
    مان جڏھن به ڪنھن غير پاڪستانيءَ جي قائداعظم جي باري ۾ لکڻي پڙھندو آھيان ته ھر ڀيري ھن لاءِ عزت وڌندي آھي. ڪي ساٿي قائداعظم ۽ ڀٽي سان سخت اختلاف ڪندا آھن ۽ ھنکي گھٽ وڌ به ڳالھائيندا آھن، پر مان اختلاف رکڻ جي باوجود به ھن کي برو ڀلو چوڻ لاءِ پاڻ کي تيار نه ڀائيندو آھيان. سنڌين لاءِ مون ۾ نرالا جذبا پروش پائي چڪا آھن. مان پنھنجي دوست ڊاڪٽر سفيع شيخ سان پاڻ کي سھمت سمجھندو آھيان، جو پنھنجي تجربي ۽ تاريخ جي حوالي سان چوندو آھي ته گھٽ ۾گھٽ سنڌ اندر نيچ ۾ نيچ سنڌي، اوچي ۾ اوچي غير سنڌيءَ کان بھتر آھي، ۽ خراب ۾خراب غير مسلم سنڌي به سٺي ۾ سٺي غير سنڌي مسلم کان سنڌ لاءِ سٺو آھي.
    قائداعظم جا گڻ ته ھيٺ لکان ٿو پر ڀٽي جي باري ۾ رڳو ايترو لکندس ته ھو سامراج آڏو ڪونه جھڪيو، ان لاءِ ڦاسي قبوليائين ۽ شاه عنايت وانگر ”سنڌي موت“مئو.
    قائداعظم جي رھڻي ڪرڻي سکين ستابن واري، لباس شانَ مانَ وارو ۽ اٿڻي ويھڻي آڪڙ واري ھئي. ان سماج ۾ ملڪيت وارا ماڻھو ھئا ۽ قائداعظم پيسي وارو ماڻھو ھو. ھو لِڪ ۽ ڏيکاءُ جو مڃيندڙ نه ھو. ھو تمام ذھين ۽ ھوشيار ماڻھو ھو، انڪري ھن جي سوچ اوچي ھئي. ھو سجاڳ ماڻھو ھو، انڪري پنھنجن جي توڙي پراون جي غلامي، سامراجيت، ۽ بيٺڪيت برداشت ڪري نه ٿي سگھيو. ھو تمام ذھين ۽ ھوشيار شخص ھو ۽ ھن جي سوچ اوچي ھئي، انڪري ڪامياب اڳواڻ ٿي سگھيو. ھو آزاد خيال ھو، انجي جيون ۾ مذھبي جنون ۽ مذھبي رجعت پسنديءَ جو دخل ٿي ئي نه ٿي سگھيو ۽ نه ھن ڪڏھن اھڙو ڍونگ رچايو. ھن جو نه روزي نماز سان شوق رھيو ۽ نه حج يا مذھبي شخصيت پرستيءَ سان. ۽ نه ھن ڪڏھن اسٽيج تي عربيءَ ۾ قرآن جون آيتون پڙھي ماڻھن کي مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن شراب پيئڻ جو به ڪڏھن لڪ لڪاءُ نه ڪيو، پر عقلي ۽ سائنسي حدن انر شراب نوشي ڪندو رھيو. ھن جو ذھن سيڪولر ھو ۽ مُلن جي حساب سان ھن کي مسلمان چوڻ، ٿيندو ھن کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ.
    ھن جي پھرين شادي ان وقت ٿي ھئي جڏھن ھن جي ڪنوار معصوم اڻ ساماڻل ھئي ۽ سامائجڻ کان اڳ ئي مري وئي. شايد ان صدمي ۽ سماج جي اھڙي رسم ھن ۾ شاديءَ خلاف نفرت پيدا ڪئي، جو نظر پئي آيو ته ھن پرڻجڻ جو خيال ئي لاھي ڇڏيو آھي، پر پوءِ ھن پيار جو پرڻو ڪيو. ڇوڪري غير مسلم پارسياڻي ھئي ۽ عمر ۾ قائداعظم کان ڪافي ننڍي. پيار عمر ۽ مذھب جي فرق جا پھاڙ پار ڪري ويندو آھي. ٻئي ھڪ ٻئي جي خوشي ۽ راضپي سان ھن رشتي ۾ ڳنڍجي ويا. جيستائين اھو رشتو ھليو، ھو ان ڳانڍاپي ۾ مگن رھيا. نڪاح جو ناتو ٽُٽو پر پيار جو ناتو نه کٽو. پوءِ ھو جلد ئي مري وئي اھو صدمو سڄي عمر قائداعظم کي رھيو. ھن بمبئي نه ڇڏي. اھا ھن جي پيار جي سرزمين ھئي. جيستائين اتي ھو، پيار نڀائڻ جي ظاھري رسم کي ھٿان نه ڇڏيائين. مھيني ۾ ھڪ ٻه ڀيرو ھن جي قبر تي ويندو ھو ۽ ھر ڀيري ھي انسان، جو ٻين دنيوي معاملن ۾ پٿر دل ھو، تنھن جا نيڻ ڳوڙھن سان ڀرجي ويندا ھئا. اھو ته ٿي نه ٿو سگھي ته ھن ان سرزمين کي سدائين لاءِ ڇڏڻ جو سوچيو ھوندو، پر ھو اھا سرزمين ڇڏڻ کان اڳ پڇاڙڪو ڀيرو ان قبر تي ويو ۽ خوب ھنجون ھاريائين. ڪھڙي خبر ھن جي اندر جي درياھ ۾ ڪھڙا طوفان آيا، ڪھڙا بند ٽٽا، ڪھڙي اٿل آئي!.... قائداعظم پيار ڪيو ھو ۽ پيار ڪندڙ ماڻھو ”ويڪائو مال“ نه ٿيندو آھي، نه انساني رشتن ۾ ۽ نه سياسي ميدان ۾، پيار خود آزادي آھي ۽ طبقاتي سماج، قومي غلامي ۽ مذھبي نظام، ان جو نمبر ھڪ دشمن قوتون آھن. پيار لاءِ سماجي غلامي (طبقاتي سماج) ڪوڙڪي آھي. پيار لاءِ سياسي غلامي (سامراجيت) زھر آھي. پيار لاءِ ذھني غلامي (مذھب) ڌٻڻ آھي.
    ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته جناح خودسر ۽ سرڪش انسان ھو. ائين ٿي سگھي ٿو. پر اھي ماڻھو جي ھن کي خودغرض ڪوٺين ٿا، سي ايترو صحيح ٿي نه ٿا سگھن. ھنن جو اشارو ان ڳالھه ڏانھن ھوندو آھي ته ھن ملڪ جو سربراھ يا گورنر جنرل بنجڻ جي شوق ۾ ورھاڱي جي اڳواڻي ڪئي. ھڪ ته گڏيل ھندستان لاءِ به ڪانگريس توڙي انگريزن ھن کي پوري ملڪ جو اھڙو عھدو ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جا آڇ ھن بنا دير ٺڪرائي ڇڏي. ٻيو ته ورھاڱي کان سال کن اڳ ھن جي بيماري جي سڃاڻپ ٿي ھئي ته ڦڦڙن جي سلھه اٿس. ان وقت تائين سلھه جي اثرائتين دوائن جي اڃا کوجنه ڪانه ٿي ھئي، تنھنڪري ھن کي خبر پئجي وئي ھئي ته ھن جي حياتي باقي سال ٻه آھي، انڪري عھدو ماڻڻ جو گھڻو موقعو ملڻ جو امڪان ئي ڪونه ھو.
    جناح جي ھن بيماريءَ جي سلسلي ۾ Larry Collins پنھنجي ڪتاب Freedom at Midnight ۾ ڏاڍيون دلچسپ ڳالھيون لکيون آھن: ھن لکيو آھي ته ايڪسري ڪڍڻ ۽ مرض جي سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ ھن جي بيماريءَ کي مخفي رکيو ويو، ايتري قدر جو قائداعظم ۽ سندس پارسي ڊاڪٽر کان سواءِ، دنيا جي ٻئي ڪنھن به انسان کي ان جي ڄاڻ نه پھچي سگھي. خود قائداعظم جي مائٽن ۽ ساڻس سدائين گڏ رھندڙ ڀيڻ فاطما جناح، جا پاڻ ڏندن جي ڊاڪٽرياڻي ھئي، تن کان به اھا ڳالھه ڳجھي رکي وئي ۽ قائداعظم ڄاڻي واڻي ڪنھن مصلحت ھيٺ ائين ڪيو.
    ڪتاب جي ليکڪ جو چوڻ آھي ته جي وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن کي اھا سڌ پئجي وڃي ھا، ته ھندستان جي آزادي جو نقشو ٻيو ھجي ھا. مائونٽ بيٽن اندازو ڪري وڃي ھا ته بيمار جناح جي حياتي سال ٻن کان وڌيڪ نه ٿيندي، ايستائين ھو ھندستان جي آزاديءَ کي ملتوي ڪندو اچي ھا ۽ قائداعظم کان پوءِ مسلم ليگ ۾ ڪو به اھڙو اڳواڻ ڪونه ھو جنھن جو ھو مقابلو نه ڪري سگھي ھا يا پنھنجي ڳالھه مڃرائي نه سگھي ھا.
    قائداعظم روشن خيال ۽ ترقي پسند اڳواڻ ھو، پر انقلابي اڳواڻ نه ھو. روشن خيال ۽ ترقي پسند انڪري جو ذھني طرح ھو سيڪولرزم، جديد قوميت، جمھوريت ۽ سوشلزم کي مڃيندڙ ھو. انقلابي اڳواڻ ان ڪري نه ھو ته جن مٿين نظرين کي ذھني طرح مڃائين ٿي، پنھنجي پارٽي کي انھن تي نه ھلايائين.
    ڳالھه ڪرڻي ھي آھي ته قائداعظم جمھوريت، سوشلزم، سيڪيولرزم ۽ جديد قوميت جو مڃيندڙ ھو. ھو جمھوريت جو مڃيندڙ ھو، ان تي ڪنھن به مخالف يا موافق جو اختلاف ڪونھي. ھو سوشلزم جو خواھان ھو، ان لاءِ پپلس پارٽي وارن پنھنجي حڪومت جي دور ۾ جناح جي ڪيترن ئي تقريرن ۽ تحريرن جا حوالا پئي پيش ڪيا. انڪري ورجاءَ جو ضرور ڪونھي. باقي اھو ته سيڪيولرزم ۽ جديد قوميت جو حامي ھو، انجي پٺڀرائيءَ ۾ ڪجھه ڳالھيون ڪبيون.
    جناح سيڪولر ذھن وارو شخص ھو. اھڙي پڌرائي ھو پنھنجي تقريرن ۽ بيانن ۾ ڪندو رھيو. سيڪيولرزم جو مطلب آھي ته حڪومت يا رياست جي ڪاروبار ۾ مذھب جي دست اندازي نه ھجي. يعني مذھب ۽ رياست جدا جدا شيون آھن. يورپ ۽ آمريڪا جي عيسائي حڪومتن ڳچ عرصي کان مذھب ۽ سياست کي الڳ ڪري ڇڏيو آھي. پوپ کي وئٽيڪان (Vatican) جي ھڪ شھر جي حڪومت ٺاھي ڏنائون ته اتي ويھي پنھنجو فرمان ھلاءِ، باقي انکان ٻاھر جي حڪومتن تي مذھب يا تنھنجي دخل اندازي جي ضرورت ڪانھي. ھو انکي چرچ ۽ رياست کي الڳ ڪرڻ چوندا آھن.
    جي الانا پنھنجي ڪتاب ” اسان جي آزادي جا اڳواڻ“ ۾ اي اي – رئوف جي حوالي سان صفحي 317 تي لکيو ٿو: ”قائداعظم جا سياسي نظريا دادا ڀائي نوروجي، گوڪل، سريندر ناٿ بئنرجي ۽ سي آر داس تشڪيل ڪيا ھئا، جن کي ھن پنھنجو سياسي مرشد ڪري ورتو ھو ۽ جن لاءِ کيس بي انتھا عزت ھئي.“
    مطلب آھي ته جناح انھن ئي مٿين ماڻھن کان متاثر ھو ۽ انھن جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪيائين. ۽ انھن ۾ ڪو به مسلمان ڪونه ھو.
    مان سمجھان ٿو ته سيڪيولرزم جي جذبي ھيٺ ئي قائداعظم ڪانگريس کان الڳ ٿيو ھو. ھن محسوس ڪيو ھو ته گانڌي دل جي گھراين ۾ ڪٽر مذھبي ماڻھو آھي ۽ ڪانگريس کي مذھبي بنيادن تي ھلائي رھيو آھي، ۽ گانڌي ۽ ڪانگريس، جا آزاد ھندستان ۾ حڪومت ٺاھيندا سا گھٽ ۾ گھٽ اندروني طرح مذھبي حڪومت ھوندي. پوءِ ھن مسلم ليگ ۾ شامل ٿي، مسلم قوميت جي ان ريت پٺڀرائي ڪئي جيئن ھندن کي احساس ٿئي ته جي ھڪ طرف مذھبي حڪومت ٺاھي ھندو غالب ٿي سگھن ٿا ته ساڳي ڪسوٽيءَ تي ٻئي طرف ھندو مغلوب پڻ ٿي ويندا. انڪري ڪانگريس کي ترقي پسند سوچ اختيار ڪرڻي پوندي. ۽ ٿيو به ائين. آزادي ملڻ تي ڀارت پنھنجي حڪومت جو بنياد سيڪيولرزم تي رکيو. ٻئي پاسي قائداعظم پاڪستان جي جوڙجڪي اسيمبليءَ ۾ 11 آگسٽ 1947 تي پنھنجي پھرين تقرير ۾ چيو:
    ” توھان ڪھڙي مذھب، عقيدي ۽ نسل جا ھجو، رياست جو ان سان واسطو ناھي. اسان جي آڏو ھينئر آدرش اھو ھجڻ گھرجي ته ھندو ھندو نه رھندو ۽ مسلمان مسلمان نه رھندو، مذھبي لحاظ کان نه، ڇو ته اھو ھر ڪنھن جي ذاتي عقيدي جو معاملو آھي، پر سياسي لحاظ کان ۽ ھڪ رياست جي شھريءَ جي حيثيث ۾.“
    ” ويُو پئائنٽ: 14 سيپٽمبر 1980 “
    مان سمجھان ٿو ته قائداعظم جي تقرير جي مٿيئن ٽڪري کان بھتر ”سيڪيولرزم“ جي ٻي وصف ٿي نه ٿي سگھي.
    ٻئي ڀيري 1948 ۾ قائداعظم آمريڪا جي عوام ڏانھن ھڪ پيغام ۾ چيو:
    ”پاڪستان ڪنھن به حالت ۾ مذھبي سلطنت ڪونه ٿيندو، جنھن ۾ مُلا، خدائي حاڪميت ھلائڻ جي نالي ۾ حاڪم بنجي وڃن.“
    اھڙي ريت قائداعظم سيڪيولرزم کي جا اھميت ڏني ٿي، سا پڌري آھي.
    ھونءَ به ھيءَ سوچڻ ۽ پنھنجو پاڻ سان ايماندار ٿيڻ جي ڳالھه آھي..... مون به قائداعظم کي ڏٺو ھو ۽ ھن کي تقرير ڪندي ٻڌو ھو. ھن ملڪ جي موجوده ڪيترن ماڻھن ھن کي روبرو يا سئنيما ۽ ٽي وي جي پردن تي جيئرو جاڳندو ڏٺو ھوندو، ان کان به انڪار ناھي ته جناح جي ڪردار ۾ گانڌيءَ واري منافقت ۽ ٻڄاپڙائي ڪانه ھئي، گھڻن ھنجي جيون چرتر پڙھي ھوندي.... ھاڻي جناح جو منھن مھانڊو، ھلت چلت، رھڻي ڪرڻي، گفتگو، تحرير ۽ ھن جي سوچ ويچار ذھن ۾ رکي ڪو به پنھنجو پاڻ سان ايماندار ٿيندي، اھو مڃي سگھي ٿو ته ھو ڪنھن مذھبي ملڪ کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ مذھبي خيال کان اڳتي وڌيو ھوندو، يا ھو ڪنھن مذھبي رياست جو سربراھ بنجي ٿي سگھيو!... .
    لاري ڪالنس Larry Collins) جي ڪتاب آڌي رات جو آزادي (Freedom at Midnight) جي صفحي 104 تي ڏٺو ويو آھي ته پنجاب ۽ بنگال کي ورھائڻ خلاف دليل ڏيندي قائداعظم محمد علي جناح وائسراءِ لارڊ مائونٽ بئٽن کي چيو:
    ”سائين جن اھو سمجھي نٿا سگھن ته ھڪ ماڻھو پھرين پنجابي يا بنگالي آھن ۽ پوءِ ھندو يا مسلمان. ھنن جي تاريخ ساڳي آھي، تھذيب ساڳي آھي، ٻولي ساڳي آھي، ۽ معشيت ساڳي آھي. توھانکي ھن کي ورھائڻ نه گھرجي نه ته وڏو ممڻ مچندو ۽ رت جا درياه وھندا.“
    مان سوچيندو آھيان ته ھن ملڪ کي انگريزن کان آزادي وري به انھن ٻن اڳواڻن ھٿان حاصل ٿئي، جن جي خمير ۾ سنڌ جي مٽي سمايل ھئي. جناح ته سنئون سڌو سنڌي ھو. گانڌي ڪاٺياواِڙي ھو ۽ گھڻا ڪاٺياواڙي اصل سنڌ جا ھئا ۽ ھتان لڏي ويا ھئا. سنڌ جي ۽ ڪاٺياواڙ جي ٻولي ۽ سڀيتا ۾ به گھڻي ويجھائي آھي.
    ھن مضمون ۾ سري موجب، گانڌيءَ جا اوگڻ ۽ جناح جا گڻ ڳائڻا ھئا. ڪڏھن مناسب موقعي تي گانڌيءَ جا گڻ ۽ جناح جا اوگڻ بيان ڪيا ويندا.

    (20 مئي 1981)


    زبان ۽ زمين

    اڙدو ڪا ٻولي نه آھي. اھا فقط ھندي زبان جي، پارسي لپيءَ ۾ لکيل صورت آھي. جڏھن مغل مسلمان، ھندستان جا حاڪم ٿيا ۽ انھن جي پنھنجي ٻولي پارسي ھئي ۽ سرڪاري زبان به اھا ڪَيَن، انڪري ھتي جي، خاص ڪري مسلمانن، ھنديءَ کي پارسيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. ظاھر ھو ته ان ڪري ان ٻوليءَ جا گھڻا لفظ ملايا ويا. تنھن کانسواءِ، جيئن ته، مسلمانن جي حيثيث ۾ ھنن جو عربيءَ سان جهجھو واسطو ھو، انڪري عربي زبان جا به کوڙ لفظ ان ٻوليءَ ۾ ڪتب اچڻ لڳا. پوءِ، حاڪمن جي ٻولي ھجڻ ڪري، ڪيترن ھندن به اھا ٻولي اختيار ڪئي. اھا آھي اڙدوءَ جي حقيقت.
    ھنديءَ ۾ تخليق ادب ( ڪھاڻي ۽ شاعري) اڙدوءَ جي تخليقي ادب کان بھتر ۽ وڌيڪ معياري آھي. جيڪي اھي ٻئي ٻوليون ڄاڻن ٿا، تن جو اھو ئي چوڻ آھي. ورھاڱي کان اڳ جيڪي به ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا، تن مان گھڻائي بنگاليءَ ٻوليءَ جي ڪتابن جي ھئي ۽ ٻئي نمبر تي ھئا ھندي ڪتاب. اڙدوءَ جو ان دور ۾ ته ٺھيو، پر ھن وقت به شايد ئي ڪو ناول يا ڪھاڻين جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو ھجي. ٻي ڳالھه ھيءَ به آھي ته ھاڻي ته حالتون ئي ٻيون آھن، پر ورھاڱي کان اڳ، اڙدوءَ ۾ انقلابي تخليقي ساھت ڳاڻاٽي جھڙو ڪونه ھو، يا گھٽ ۾ گھٽ ھندي ۽ بنگاليءَ کان گھڻو ۽ وڌيڪ معياري ڪونه ھو. يا سنڌيءَ ۾ ترجمي لائق نه ٿي سمجھيو ويو.
    اڙدوءَ کي ھندي جي حوالي سان شمار ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي ” زمين واري“ ٻولي ( ھندستان جا ڪي صوبا) ڳڻي سگھجي ٿو، ورنه ان کي ”ٻي زمين“ ٿيڻ کان ڪابه ڳالھه بچائي نه ٿي سگھي.
    سنڌ کي ته پنھنجي اسريل ۽ مڪمل ٻولي آھي. بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي پنھنجي پنھنجي ٻولين طرف سجاڳ ٿيڻ لڳا آھن، ۽ ان سجاڳيءَ جي منزل آھي پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ کي، پنھنجي پنھنجي پرڳڻي ۾ قومي ۽ تعليمي ٻولي بنائڻ. پوءِ اڙدو، جا ھتي ڌاري آھي ۽ ”سامراجي ٻولي“ جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، سا ائين غائب ٿي ويندي جيئن بنگلاديش مان.
    سامراج تي ياد اچي ٿو ته سامراجي ريڊيا جھڙوڪ: بي بي – سي ۽ وائس آف آمريڪا، اڙدو پروگرام نشر ڪرڻ وقت پاڪستان، ھندستان ۽ بنگلاديش جو ٽائيم ائين ٻڌائيندا آھن، ڄڻ ته اھا ٻولي انھن ٽنھي ملڪن جي مکيه ٻولي آھي. جيتوڻيڪ حقيقت اھا آھي ته 1971 کان پوءِ، بنگلاديش ۾ اڙدو ڳالھائڻ وارو ڳوليو نه لڀندو ۽ پبلڪ ۾ جو اڙدو ڳالھائيندو سو پنھنجي سر تان آسرو لاھي، پوءِ اھا ٻولي ڳالھائيندو. اتي باقي بچيل اڙدو ڳالھائيندڙ (بھارين) جي حالت اھا آھي، جو لِڪَڻ جي جاءِ ڪانه ٿي ملين ۽ ان ملڪ مان کين ڪڍڻ لاءِ، دنيا وارن کي ڏينھن رات وينتيون پيا ڪن، يا لڪ ڇپ ۾ اھو ملڪ ڇڏي، ھيڏانھن پيا پھچن.... پاڪستان ۾ ته ھڪ اڙدو ڌاري زبان آھي ۽ ٻيو ان جا ڳالھائيندڙ تمام ٿوڙائيءَ ۾ آھن، انڪري ھتي ان جي آئيندي ۾ ڪا وڏي اميد رکڻ، صرف سامراجي ذھنيت جو ثبوت ٿي سگھي ٿو. اڙدوءَ لاءِ ٿوڙي گھڻي جاءِ ھندستان ۾ ٿي ٿي سگھي، پر اتي به خوامخواه ان کي مذھبي رنگ ڏيڻ ڪري، خود سندن ئي چوڻ موجب، اڙدوءَ کي اتي جوڳي جاءِ نه ملي آھي ۽ دانھون پيا ڪن ته اتي اڙدوءَ جو آئيندو اونداھو آھي.
    بي بي سي ۽ وائس آف آمريڪا جي اڙدوءَ جي باري ۾ اھا روش سمجھه ۾ نه ٿي اچي؛ ريڊيو ماسڪو وارا ته ائين ڪونه ڪندا آھن.
    ٻولي ۽ تخليقي ادب، سماج ۽ ڌرتيءَ مان اڀرندا آھن. ھر ٻولي پنھنجي زمين تي ٿي سونھي، ۽ ان مان ڦٽندي ٿي سونھي. لفظ ڌرتيءَ مان ئي اسرندا ۽ نسرندا آھن. اھو به ھڪڙو سبب آھي جو ھتي پيدا ٿيندڙ سنڌي ساھت، اڙدو ادب کان سواءِ سؤ بار سٺو ۽ معياري آھي. ساڳئي وقت ھيءَ به حقيقت آھي ته ھندستان ۾ جو سنڌي ساھت پيدا ٿئي ٿو، اھو به سٺو ۽ معياري آھي. جيتوڻيڪ اھي سنڌي ليکڪ، پنھنجي ڌرتيءَ تي نه آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي ته ھنن جو پنھنجي سنڌ جي ڌرتيءَ سان گھرو لگاءُ آھي ۽ ھو آزاديءَ سان ان جو اظھار به ڪري سگھن ٿا. ھتي جي اڙدوءَ وارن سان وري ويڌن اھا آھي ته ھو اسلام جي نالي ۾ پنھنجي ڌرتي ڇڏي آيا آھن، ۽ ھاڻي کليو کلايو اتي جي ڌرتيءَ کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ ۽ اتي جي مٽيءَ کي وڌيڪ مانائتو چوڻ نه رڳو سياسي راڄڊوھي سمجھن ٿا، پر مذھبي ڪمزوري پڻ. انڪري چاھيندي به ھو ھندستان جي ڌرتيءَ سان پنھنجي لڳاءُ جي پڌرائي ڪري نه ٿا سگھن. ٻئي طرف ھن زمين سان ته ھنن جو لڳاءُ آھي ئي ڪونه. اھو لڳاءُ ته صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آھي يا گھٽ ۾گھٽ ڪن پيڙھين کان پوءِ، سو به ان زمين جي ٻولي ۽ سڀيتا اختيار ڪرڻ سان.
    ٻي به ھڪڙي ٻولي آھي، ٻي به ھڪڙي قوم آھي، جن کي ڪنھن به ڌرتيءَ تي ٽڪاءُ نه رھيو آھي. اھا آھي يھودي قوم ۽ ھنن جي عبراني ٻولي. ھو مذھب جي حوالي سان ئي ان ٻوليءَ کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عبرانيءَ جي حقيقت ۽ معيار جي مونکي ڄاڻ ڪانه آھي، باقي اڙدوءَ جو مڙئي چڱو خاصو اڀياس اٿم. انڪري اڙدوءَ جي باري ۾ پنھنجيون ڪجھه جاچنائون آسانيءَ سان لکي سگھان ٿو: وري به مان تخليقي ساھت (شاعري ۽ ڪھاڻي) جي حوالي سان ڳالھيون ڪندس. اڙدوءَ جي باري ۾، اڙدوءَ وارن جون خاص ٻه دعوائون آھن: ھڪ ته ھيءَ ٻولي، گھٽ ۾ گھٽ ننڍي کنڊ ۾ ٻين ٻولين کان اوچي آھي ٻيو ته پاڪستان ۽ اسلام جي حوالي سان ان کي اھميت ڏيڻ لاءِ اڙدوءَ کي، گھٽ ۾گھٽ ھنديءَ جي مقابلي ۾، مسلمانن جي ٻولي چيو وڃي ٿو. انھن دعوائن کي ڪجھه وقت لاءِ کڻي درست سمجھيو وڃي ته ان جو مطلب ٿيو ته جن ليکڪن جي اڙدو مادري زبان آھي، سي ان ٻولي جا بھترين ليکڪ ھجڻ کپن، ۽ ٻيو مسلمان ليکڪ، غير مسلمان ليکڪن کان بھتر ليکڪ ھجڻ کپن. پر حقيقتون ان جي ابتڙ ثبوت پيش ڪن ٿيون. ان ٻوليءَ جي تخليقي ساھت جا چوٽيءَ جا مڃيل ليکڪ يا ھندو آھن يا اھڙا ليکڪ آھن، جن جي مادڙي زبان اڙدوءَ نه آھي، ۽ نه اتي ڄاوا آھن جتي جي ڌرتيءَ کي اڙدوءَ جي زمين چئي سگھجي ٿو. ڪھاڻي(افساني ۽ ناول) جي کيتر ۾ اڙدوءَ جا چوٽيءَ جا ليکڪ آھن: منشي پريم چند، سعادت حسين منٽو ۽ ڪرشن چندر. منشي پريم چند ھندو ھو. ھن جي مادري زبان ھندي ھئي. سعادت حسين منٽو پنجاب جو ۽ اصل ڪشميري ھو ۽ ھن جي مادڙي زبان اڙدو نه ھئي. ڪرشن چندر پنجاب جو ھو ۽ھن جي مادري زبان پنجابي ھئي. اھڙيءَ ريت ھن دور جا برک ۾ برک ۽ ترقي پسند اڙدوءَ جا چوٽيءَ جا شاعر فيض احمد فيض ۽ اقبال سمجھيا وڃن ٿا ۽ ٻئي پنجاب جي پئدائش آھن ۽ ٻنھي جي مادري زبان پنجابي آھي.... تنھن ڪري اھو پنھنجائي سان پڌرو ڪري سگھجي ٿو ته انھن ڪھاڻيڪارن ۽ شاعرن جي خوبي اڙدو زبان ڪري نه آھي، پر ان خوبيءَ جو بنيادي ڪارڻ ڪو ٻيو ئي آھي. جي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي ڇڏي، ٻي ٻولي ۾ ساھت جي تخليق ڪن ٿا، تنھن ڳالھه سان مون کي متڀيد آھي، پر ان تي ٽيڪاٽپڻي ھن مضمون ۾ ڪونه ٿو ڪريان.
    مان جڏھن به اڙدوءَ ۾ ڪا تمام سٺي يا تمام معياري تخليقي لکڻي پڙھندو آھيان ۽ ان جي ليکڪ جي اصل نسل جي ڄاڻ نه ھوندي اٿم ته اھوئي ويچاريندو آھيان ته اھو ليکڪ ضرور اھڙو ھوندو، جنھن جي مادري زبان اڙدو نه آھي ۽ جنھن جون پاڙون ھن سر زمين ۾ آھن.
    جوش مليحه آبادي لاءِ شايد دعوى ڪئي وڃي ته ھو اڙدوءَ جي چوٽي جي شاعرن مان ھو، ۽ ھو اڙدوءَ جي ڌرتيءَ جو ھو، ۽ ھن جي مادري زبان اڙدو ھئي. ھڪ ته ھن جي شاعري جي اوج جو زمانو اھو ھو جڏھن اڃا تائين پنھنجي ڌرتيءَ تي ھو. ٻيو ڪن ماڻھن جو ڪردار اھڙو ھوندو آھي، جو ھنن جي شخصيت لاءِ ڏاڍا اڻوڻندڙ جذبا جنم وٺندا آھن. جوش مليحه آبادي اھڙن شخصن مان ھو. ھو مذھب ۽ پاڪستان جو مخالف ھو. پر پوءِ پنھنجي ڌرتيءَ ماتا کي ڇڏي، ان مذھبي رياست ۾ اچي آباد ٿيو. حسرت موھانيءَ لاءِ وڻندڙ جذبا اڀرن ٿا. ھن پاڪستان جي نطريي جي حمايت ڪئي. اھو ملڪ ٺھڻ تي، ھن پنھنجي ماتر ڀومي نه ڇڏي ۽ ھندستان ۾ ئي رھيو. پر لياقت علي خان جي حالت ۾ وڻندڙ جذبا پيدا نه ٿا ٿين. ھن پاڪستان لاءِ ڪم ڪيو، ۽ اھو ملڪ ٺھڻ تي پنھنجي ڌرتيءَ کي خيرباد چئي، ھتي اچي عھدا ماڻيائين. مولانا آزاد لاءِ وڻندڙ جذبا پيدا ٿين ٿا. ھن پاڪستان جي نظريي جي مخالفت ڪئي، ان تي قائم رھيو ۽ نئون ملڪ ٺھڻ تي، پنھنجي ئي سرزمين تي ٽڪيو. پر مولوي مودوديءَ جي مامري ۾ ڏاڍا اڻوڻندڙ جذبا اڀرن ٿا. ھن پاڪستان جي مخالفت ڪئي، پر جڏھن اھو ملڪ وجود ۾ آيو ته ھڪدم ان جو سڄڻ ۽ رکپال بنجي، لڏي اچي ان ۾ ديرو ڄمايائين. مان ننڍي ھوندي نياز فتحپوريءَ جا ڪتاب ڏاڍي شوق سان پڙھندو ھوس. ھڪڙي ڀيري، جڏھن مان ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙھندو ھوس، تڏھن منھنجو عربيءَ جو استاد، مولوي علي محمد جمالي، ھاسٽل ۾ منھنجو مھمان اچي ٿيو. اتي مونکي نياز فتحپوريءَ جو ڪتاب ” من و يزدان“ پڙھندو ڏسي، مونکي چيائين: ”جڏھن تون ھي ڪتاب پڙھي پورو ڪندين، تڏھن تنھنجا مذھبي خيال، جي اول ئي ڦريل آھن، سي صفا ڦري ويندا، ۽ تون آسماني ھستين جو منڪر ٿي ويندين.“ ان ليکڪ، نياز فتحپوريءَ لاءِ جڏھن ٻڌم ته ھندستان مان لڏي ڪراچيءَ ۾ اچي گھرٻار ڪيو اٿائين ته منھنجي نظرن ۾ ھو ھڪدم صفا ڪري پيو.
    ڪرشن چندر جي نالي ائين نه ٿو چئي سگھجي ته ھو پنھنجي ڌرتيءَ پنجاب ڇڏي ھندستان لڏي ويو، ڇو ته ھو ورھاڱي کان اڳ ئي فلمي دنيا سان ڳنڍيل رھڻ ڪري، بمبئيءَ ۾دائمي طرح پنھنجو گھر بنائي ويٺو ھو.
    اھو مامرو کوجنا جو گھرجائو آھي ته ڪن قومن کي ڪنھن به ڌرتيءَ تي ٽڪاءُ نه ايندو آھي ۽ ھنن جو ڪنھن به ڌرتيءَ سان دائمي لڳاءُ ڪونه ٿيندو آھي، ۽ اھڙيون قومون سامراج يا سامراج جون دلال ٿي وينديون آھن، ۽ پوءِ دنيا جو يا گھٽ ۾گھٽ ڪن ملڪن جو امن خطري ۾ پوندو رھندو آھي.
    ڪي ماڻھو چوندا آھن ته پاڪستان، اڙدوءَ لاءِ ٺھيو ھو. مان ان ڳالھه کي ھلڪڙائي سمجھان ٿو. اھڙن ماڻھن لاءِ اھو ئي جواب آھي ته جي پاڪستان اڙدوءَ لاءِ ٺھيو ھو ته پوءِ دھلي، يو پي، سي پي، بھار ۽ دکن ۾ بنجڻ کپندو ھو.
    اڙدوءَ کي ھتي قومي ۽ سرڪاري ٻولي چيو ٿو وڃي. قومي ٻولي قوم جي ٿيندي آھي، ۽ قوم ماڻھن جي ٺھيل ٿيندي آھي. انڪري قومي ٻولي ان ملڪ جي اصلي رھاڪن يا رھاڪن جي گھٽتائيءَ جي مادري ٻولي ئي ٿي سگھي ٿي. ڌاري ٻولي، قومي ٻولي ٿي نه سگھندي آھي. قومي ٻولي ان ڌرتيءَ جي قوم واري ٿيندي آھي. سرڪاري يا درٻاري ٻولي حاڪمن ۽ سامراجين جي ٿيندي آھي، جي ان ڌرتيءَ تي ڌاريا ھوندا آھن. غلام قوم جي سرڪاري ٻولي ڌاري ٿيندي آھي، جيئن ھندستان ۾ پارسي يا انگريزي ھئي.
    ڏسجي ٿو ته اڙدوءَ نه گھر جي رھندي نه گھاٽ جي. بنگلاديش ۾ جيڪو ان جو حشر ٿيو سو لڪل ڪونھي. ھن ملڪ مان به ان کي تڙيو ويندو، ۽ پنھنجو ملڪ ھندستان ڇڏي، ان اول ئي اتي پنھنجو آئيندو اونداھو ڪري ڇڏيو آھي.

    (24 اپريل 1983)


    ذرڙا ذرڙا (ذاتي نوٽ بڪ مان)

    (1). آرنڀ: ميڙن ۽ ميٽنگن، ڪانفرنسن ۽ ڪچھرين جو آرنڀ، ڪنھن آيت جي تلاوت سان ڪرڻ جو رواج ٿي ويو آھي. آرنڀ جي مراد ھجڻ گھرجي ته موجود ماڻھن کي، اتي گڏ ٿيڻ جو مقصد ۽ ايندڙ ڪاروائيءَ واسطي ذھني طرح تيار ڪيو وڃي.
    عربيءَ مان اڻڄاڻ ھجڻ ڪري، ٻڌندڙ اھي آيتون سمجھي ڪونه ٿا سگھن. انڪري اھڙي قسم جو آرنڀ بي مقصد رھجيو وڃي.
    منھنجي نيت آھي ته ان مقصد واسطي، اسان لاءِ لطيف سائينءَ جو ڪو شعر يا ٻيا ڪي شعر پڙھڻ کان وڌيڪ سٺي ڪا ڳالھه ٿي ئي نه ٿي سگھي؛ ۽ ھر موقعي ۽ مھل جي مناسبت سان، لطيف سائينءَ جو، ڪونه ڪو، موزون کان موزون، سٺي کان سٺو شعر ملي سگھي ٿو. انڪري اسانکي، ھر ميڙ جي شروعات، لطيف سائينءَ جي ڪنھن ڄاڻوءَ کان، لطيف سائينءَ جو ڪو موزون ۽ سٺو شعر پڙھائي ڪرڻ گھرجي.

    (2). ٻاليشاھي: جپان ۾ ”بُراڪو“ نالي، ٽيھه لک ماڻھن جو، ھڪ ٽڙيل پکڙيل ۽ مظلوم طبقو آھي. ڌنڌي ۽ حالتن جي لحاظ کان ھنن جي ڀيٽ، سنڌ جي ”ٻاليشاھين“ سان ٿي سگھي ٿي. ھنن کان پڇان ڪئي ويندي آھي ۽ ھنن کي نيچ ليکيو ويندو آھي. ان طبقي جي ھڪ شاعر ماڪوٽو جو 8 جنوري 1973 واري ”ٽائيمس“ مئگزين ۾ ھڪ شعر شايع ٿيو آھي.
    ان جو ترجمو:
    ٻَر، منھنجا پٽ، ڪاوڙ ۾ ٻَر
    ھنن اوچي ذات وارن کي ڌڪار،
    ھنن کان نفرت ڪر،
    جيستائين ھو گيسيون ڪندا اڳتي اچن،
    معافي گھرڻ، پيڙا ۾ ڪيھون ڪندا اچن،
    پر ھنن کي معاف نه ڪجان،
    ڪڏھن به نه، ھرگز نه!

    (3). ناتو: ٻه انسان، ھڪ ٻئي کي ايترو چاھين ٿا، ھڪ ٻئي جي پيار ۾ ٻڏل آھن، ھڪ ٻئي جي ساٿ ۾ اڻ مئي خوشي محسوس ڪن ٿا، اھڙي خوشي، جا ھنن دنيا جي ڪنھن به ٻي چيز ۾ ماڻي نه ھجي.... انھن کي ڇو نه ھميشه لاءِ، يا جيستائين ھو چاھين، گڏ گذارڻ ڏنو وڃي.

    (4). ڦڙا ۽ سمنڊ: دل ۽ دماغ ۾ خيالن جو ساگر لھرون پيو ھڻي، انھن کي لفظن جا ڦڙا، پنھنجو پاڻ ۾ ڪٿي ٿا سمائي سگھن.

    (5). عقيدي جي ھڪ وصف: ڪنھن شيءِ کي اٽل سمجھڻ، جنھن جو بنياد، علم ۽ عقل تي ھجڻ ضروري نه آھي.

    (6). دروازو: سنڌ ۾ آيل پناھگير ان ڳالھه تي زور ڏيندا آھن ته سنڌ ”باب السلام“ (اسلام جو دروازو ) آھي. ھي، جي چون ٿا ته اسين اسلام خاطر سنڌ ۾ آيا آھيون ۽ سنڌ اسلام جو دروازو آھي ته انھن کي اھو سمجھڻ گھرجي ته دروازو لنگھي وڃڻ واسطي ٿيندو آھي. دروازي ۾ ويھي ڪونه رھبو آھي، ٿڪي ڪونه پئبو آھي، دائمي طور قبضو ڪونه ڪبو آھي. دروازي مان لنگھي ھليو وڃبو آھي، چائنٺ اورانگھي اڳتي وڌبو آھي.
    جي اسلام خاطر لڏي اچڻ ھنن جو مقصد آھي ته ھو وڃي اسلام جي گھر ۾ رھن، ڇو ته رھبو گھر ۾ آھي، ۽ اسلام جو گھر عربستان آھي.
    جي ھو پنھنجي وطن، جتي ھو ڄاوا ۽ نپنا ۽ جتي ھنن جا ابا ڏاڏا ۽ گھر گھاٽ ھئا، اھو ڇڏڻ ئي چاھين ٿا ته سنڌ جي اسلام واري دروازي مان لنگھي، وڃي عربستان ۾ رھن. اسلام خاطر سنڌ ۾ رھڻ جي دعوى منافقت ۽ ٻچاپڙائي آھي. سنڌ سندن چوڻ موجب اسلام جو دروازو آھي، سنڌ اسلام جو گھر نه آھي. ھو فقط ھتان لنگھي سگھيا ٿي، ھتي ھنن کي رھڻ جو حق نه آھي.

    (7). دوستي ۽ دشمني: سنڌ جو دشمن، اسانجو دشمن. سنڌ جو دوست، اسانجو دوست.

    (8). وفاداري: پناھگير، پاڪستان سان سچا ڪيئن ٿي سگھندا؟ ھڪ ڀاءُ ھتي ته ٻيو ھندستان ۾، چاچو ھتي ته ڀائيٽو ھندستان ۾. ھي ٻنھي ملڪن سان ساڳئي وقت وفادار ڪونه رھي سگھندا. البت جاسوسي ڪرڻ جو پورو موقعو اٿن، ۽ اسلام ۽ ڪليم جي نالي ۾ خوب پيا جاوا ڪن.

    (9). زمين جا پٽڙا: ھيءَ عالمگير حقيقت وري وري ورجائڻ جھڙي آھي ته ملڪ جا اصل رھاڪو ۽ ان زمين جا پُٽڙا (Sons of the Soil) پھرين درجي جا شھري (First Class Citizens) آھن. ٻاھران ايندڙ، ڌاريا، پناھگير، پرديسي يا غير ملڪي ٻئي درجي جا شھري (Second Class Citizens) آھن. جتي عملي طرح اھو اصول نه ٿو مڃيو وڃي، اتي فتنو ۽ فساد، بلوو ۽ پکيڙو ٿئي ٿو، ۽ ان ديس جي ترقي رڪجي وڃي ٿي.

    (10). ڏنڊو: انسان جو ڪجھه حاصل ڪري ٿو، پنھنجي سگھه ۽ ڏنڊي جي زور سان.

    (11). ختم نبوت: ختم نبوت جو مطلب آھي ته مذھب جو دور (Age of religion) پورو ٿيو.

    (12). انقلاب: جڏھن ملڪ ۾ قانون نه رھندو آھي، جڏھن ملڪ ۾ انصاف نه رھندو آھي، تڏھن عوام قانون پنھنجي ھٿ ۾ کڻندو آھي، انصاف پنھنجي ھٿ ۾ کڻندو آھي ۽ ڏنڊي جي زور تي قانون ۽ انصاف جا ٻھروپي ۽ پرمار ادارا ختم ڪري ڇڏيندو آھي.... اھو آھي انقلاب.

    (13) سوچ ۽ تعليم: پنھنجي لاءِ نه، سنڌ لاءِ سوچيو... تعليم، پنھنجي لاءِ نه، سنڌ لاءِ پرايو.

    (14) سوال ۽ سڃاڻپ: سنڌيءَ جي حيثيث ۾ اسان جي منزل ڪھڙي آھي؟ سنڌيءَ جي حيثيث ۾ اسان جا دشمن ڪير آھن؟ سنڌيءَ جي حيثيث ۾ اسان جا دوست ڪير آھن؟... جڏھن اسان پنھنجي منزل مقرر ڪئي، جڏھن اسان پنھنجو دشمن سڃاتو، جڏھن اسان پنھنجو دوست پرکيو... تڏھن اسان ۾ پتوڙ جو اڻموٽ جذبو اڀرندو، ۽ اسان پنھنجي ”سنڌي راھ“ تي ھلڻ لڳنداسين.

    (15) مذھب جي ھڪ وصف: آسماني طاقتن جو ڊپ ڏئي، انسانن جي پرماريت (Exploitation) ڪرڻ.

    (16) سنڌ جي ڌرتي: مون کي اھو ڄاڻڻ جي جستجو رھي آھي ته سنڌ جي زمين تان ڪھڙو دين يا ڌرم شروع ٿيو؟ ھتي ڪھڙو پيغمبر يا اوتار پيدا ٿيو؟ مان ڪنھن نج سنڌي مذھب ۽ نج سنڌي پيغمبر جي ڄاڻ پراپت ڪرڻ جو خواھشمند رھيو آھيان. پر ڏسجي ٿو ته ھتي ڪنھن به مذھب جي شروعات ڪانه ٿي، ھتي ڪوبه پيغمبر پيدا ڪونه ٿيو.... ڌرتي ئي ھتي جي عقيدتمندي، ذھن، پيار ۽ پورھئي جو مرڪز ۽ محور پئي رھي آھي.

    (17) گھڻائي: جتي عبادتگاھ گھڻا ھوندا آھن، گناه به گھڻا ٿيندا آھن. جتي ٿاڻا گھڻا ھوندا آھن اتي ڏوه به گھڻا ٿيندا آھن. جتي اسپتالون گھڻيون ھونديون آھن، اتي بيماريون به گھڻيون ٿينديون آھن.

    (18) يھوديءَ جي ھڪ وصف: يھودي اھو آھي جنھن کي ھڪڙي ملڪ، ھڪڙي ديس، ھڪڙي ڌرتيءَ تي ٽڪاءُ نه اچي يا اتان تڙيو وڃي.

    (19) رياست ۽ عدالت: اسين جنھن سرشتي جا مخالف آھيون، اسين جنھن سرشتي کي غلط سمجھون ٿا، ان سرشتي جي عدالت ۾ ڪيئن ڀروسو رکي سگھون ٿا، ان مان انصاف جي اميد ڪيئن رکي سگھون ٿا !

    (20) ياسر عرفات چيو: ڪڏھن به ھار قبول نه ڪجو، علائقا واپس نه ڪجو، فتح تائين وڙھو، پڇاڙڪي گوليءَ تائين دشمن سان وڙھو!

    (20) نظريا: طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ قومي جنگ لاءِ ضروري آھي ته ستايل طبقي ۽ ستايل قوم جي ستائيندڙ خلاف ھلچل ھلائڻ جو بنيادي نظريو، ستائيندڙ طبقي يا ستائيندڙ قوم جي نظريي کان بنيادي طرح الڳ ھجي. ستائيندڙ طبقو ۽ ستائيندڙ قوم جاگيرداري، سرمائيداري ۽ مذھب جو سھارو وٺندا آھن. ستايل طبقي ۽ ستايل قوم جي جاکوڙ ۽ جياپي لاءِ سائنسي ۽ آزمايل نظريو آھي سوشلزم ۽ مارڪسزم.
    ھلچل ھلائڻ لاءِ، انقلاب آڻڻ لاءِ، قومي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ غير طبقاتي سماج قائم ڪرڻ لاءِ مظلوم طبقي ۽ غلام قوم کي ظالم طبقي ۽ سامراجين جي نظريي کان مختلف نظريو اختيار ڪرڻو پوندو.

    (21) نعرو: نعري ھڻڻ واري کي فئشن طور يا سوچڻ سمجھن بنا نعرو ھڻڻ نه گھرجي. پر ھن کي سخت کان سخت آزمائشن لاءِ تيار ٿي پوءِ چپن مان نعرو بلند ڪرڻ گھرجي... نعرو انقلابي طوفان جي پھرين گجگور آھي.
    نعري ھڻندڙ کي، نعرو ھڻي ماٺ ناھي ڪرڻي، ۽ دل سان نعرو ھڻندڙ ماٺ ڪري ويھي ڪونه سگھندو، نعرو پتوڙ جو ارادو ۽ انجام آھي. پنھنجي سر نعرو منزل نه آھي.
    گھير ۾ گھڙي، باھ ۾ ٽپي، طوفان ۾ ڌوڪي ۽ نعري جي لفظن، خيالن ۽ جذبن کي عملي شڪل ۾ پراپت ڪرڻو آھي. نه ته اھڙي نعري کي جنم ئي نه ڏجي، اھڙي نعري کي بلند ئي نه ڪجي.

    (22) حڪومت ۽ مذھب: ميڪاولي چيو آھي: ”حڪومت لاءِ مذھب ضروري آھي. ماڻھن کي نيڪ ۽ ڀلاڙو بنائڻ لاءِ نه، پر کين فرمانبدار رکڻ ۽ مٿن حڪومت ڪرڻ واسطي... حڪمران لاءِ مذھب جي طرفداري ڪرڻ ضروري آھي ته ظاھري طرح نيڪ ۽ ڀلارو نظر ۾ اچي، پر اقتدار تي رھڻ لاءِ اھو به ضروري آھي ته وعدي خلافيون ڪجن.“

    (23) اقتصادي غلامي: اھو ئي اسلام، جنھن کي پاڪستان ٺاھڻ لاءِ ھندن خلاف استعمال ڪيو ويو ھو، ساڳئي اسلام کي سنڌين کي ڇيپاٽڻ ۽ غلام بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
    اسان جنھن پاڪستان لاءِ نعرو ھنيو ھو، ان ۾ لڏپلاڻ جي گنجائش ڪانه ھئي. اسانکي اھو نه ٻڌايو ويو ھو ۽ نه اسان اھو سوچيو ھو ته پناھگير، پٺاڻ، پنجابي ۽ ٻيا غير سنڌي، سنڌ تي مڪڙن وانگر يلغار ڪندا ۽ ھندن وارو ڪردار ادا ڪندا، ۽ سنڌي ساڳيا اقتصادي مظلوم ۽ سياسي غلام رھندا.
    اسانکي ھندن کان نفرت ضرور پئدا ٿي ويئي ھئي، پرھاڻي محسوس ٿئي ٿو ته اھا نفرت مذھب ڪري نه، پر اقتصادي پرماريت ڪري ھئي. ھو سرمائيداري طبقي جا ھئا ۽ سنڌي مسلمان پورھيت طبقي جا ۽ جاگيرداري دور ۾. ھنن کان طبقاتي نفرت ھئي، جنھن کي مذھبي نفرت جو رنگ ڏئي، اسان ۾ غلط نظريو پئدا ڪيو ويو.

    (24) ادب جو ڪارج: جيون جئن آھي ان جو اڀياس، ۽ جئن ٿيڻ کپي ان لاءِ اتساه پئدا ڪرڻ.

    (25) انسانيت: ھو فخر سان چوندو ھو: ” منھنجو مذھب انسانيت آھي. عام مذھب ته انسانن جي وچ ۾ ويڇا پئدا ڪندو آھي.“
    ھاڻي ھو ڪڙاڻ مان چوندو آھي: ” ھنن پناھگيرن جي روش ته منھنجو انسانيت مان ايمان ئي ڪڍي ڇڏيو آھي. انسانيت جي جذبي ھيٺ اسان ھنن کي، جي پاڻ کي ستايل، ڦريل ۽ مظلوم ظاھر ڪري رھيا ھئا، تن کي پناھ ڏني ۽ ھر سھائتا ڪئي، پر ھي ڪليمي ته اسان جي اھڙي لٽ مار ڪندا رھيا ۽ اسان تي اھڙو ظلم ڪندا رھيا جو اسان مجبور، مسڪين ۽ مظلوم بنجي ويا آھيون. ھاڻي جي ڪو چوي ٿو ته ھنن ھتي آباد ٿيلن کي ھتان ڪڍڻ ۽ تڙڻ انسانيت جي ابتڙ آھي ته پوءِ اھڙي انسانيت ۾ ڪھڙو ويساھ پئدا ٿيندو!.. . ھاڻي ته مان مذھب ۽ انسانيت کان وڌيڪ قوميت کي مڃڻ لڳو آھيان.“
    ھن جو فيصلو: انساني اخلاق جو مطلب آھي اھڙي پتوڙ، جنھن سان سماجي، قومي يا گڏيل ڀلو ٿئي، ۽ جو طبقاتي سماج ۽ سامراجيت خلاف ھجي، اھڙي پتوڙ ئي ”انسانيت“ آھي. اھڙي طرح انسانيت خود مطلبي ۽ شخصي ڀلي واري پتوڙ جي ابتر آھي.

    (26) بت: ٽي – ويءَ تي ڪعبي تي حملو ڪندڙ باغي ۽ عربستان جا حڪمران شھزادا ڏسي، منھنجو ڊاڪٽري جو حس جاڳي اٿيو. عربستان تي حڪم ڪندڙ ھڪڙو ئي خاندان آھي. ھو پاڻ کي شھزادا سڏائيندا آھن ۽ وزير به ھڙئي انھن منجھان آھن. ھنن وزيرن مان ڪن ڪعبي جي پاسبان جي حيثيث ۾ باغين جي بغاوت جو تفصيل ٽي – ويءَ تي ٿي ٻڌايو.
    مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته شھزادن جا بُت ٺلھا متارا، رت سان ٽمندر ۽ سردي گرميءَ جي اثرن کان محفوظ ۽ ضرورت کان زياده کائڻ Over Eating جا مجسما ھئا. ۽ باغين جا جسم سڪل سڙيل، ڏٻرا ۽ ڪاراٽيل ھئا، جن کي نه پورو کاڌو (Complete Food) مليو ھجي، جنھن ۾ نشاستو، پروٽين، سڻڀ، وٽامن ۽ معدني جزا ھجن، ۽ نه وري ضروري کاڌو (Balanced Diet) حاصل ٿيو ھجي، جنھن ۾ مٿيان جزا بدن لاءِ گھربل مقدا ۾ ھجن، نه وري ھي جسم موسم جي اثرن کان بچيل ٿي ڏٺا. ھي جسم بک ۽ بيماريءَ جا چرندڙ ڦرندڙ اشتهار ھئا. ( 15 نومبر 1979)

    (27) ونواھ ۾ : زيبيءَ چيو ” مان ونواھ ۾ به تنھنجو ڪتاب پڙھندي رھيس.“
    ”ڪيئن ڀلا؟“
    ” مون ونواھ ۾ وھڻ نه ٿي چاھيو، پر گھر ۽ خاندان جي پوڙھين ڪونه ڇڏيو. ڪمري ۾ زوريءَ واڙي اڪيلائي جو قيد ڏنائون. بتي به ٻارڻ نه ٿي ڏنائون. مونکي خبر پئجي ويئي ته تنھنجو نئون ڪتاب ”ناچڻي“ اچي ويو آھي. ڏاڍين اٽڪلن سان اھو گھرايم ۽ پوءِ مخالفت جي باوجود به بتي ٻاري ونواھ وارن ڏينھن ۾ تنھنجو اھو ڪتاب پڙھندي رھيس.“

    (28) سياسي سوچ: ھي پوڙھو پناھگير وڪيل جو منشي، مون واري ڪمپائونڊر وٽ، جو به پناھگير ھو، اچي وھندو ھو ۽ ڪچھري ڪندو ھو. ان ڏينھن اچڻ سان ئي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ھن کي چيائين:
    ”اي بھائي، ھڪڙو ووٽ ٻيو به گھٽيو.“
    مون به ھن جو اھو گفتو ٻڌو، پر سمجھه ۾ ڪونه آيم. شايد ڪمپائونڊر پڻ نه سمجھيو ھو... ھي ڀٽي جي حڪومت جڳ دور ھو ۽ سنڌ ۾ تازو ٻولين جا فساد ٿيا ھئا، ۽ اسيمبليءَ ۾ سنڌين ۽ غير سنڌين جا تضاد چٽا ٿي بيٺا ھئا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪل سٺ ميمبر ھئا، جن مان پنجاھ سنڌي ھئا ۽ ڏھ غير سنڌي.
    ”ڇو، ڇا ٿيو ڀائي؟“ مون ڪمپائونڊر کي پڇندي ٻڌو.
    ”منير چوڌري، جو پنھنجو حيدرآباد مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيل ھو، سو اڄ موٽر جي حادثي ۾ مري ويو. “
    ھاڻي مونکي سمجھه ۾ آيو ته ھنن کي ماڻھوءَ جي دردناڪ موت تي ڏک ڪونه ٿيو ھو، پر ڏک ان تي ٿيو ھو ته اسيمبليءَ ۾ ھنن جي ڌُر جو ھڪڙو ووٽ گھٽيو ھو.

    (29) اخبارن جا فوٽو: اڄ اخبار ۾ خان خداداد خان، جو ون يونٽ ۾ صحت جو وزير ھو، تنھنجي موت جي خبر پڙھيم. منھنجي ذھن تي ھڪڙي يادگيري تري آئي... ان وقت مان ٺٺي جي اسپتال جو انچارج ھوس. ھڪ ڏينھن،ٽپھريءَ جو اوچتو خان خداداد خان اچي نڪتو. ھو سنڌ جي وڏيرن وانگر اڌ پڙھيل ٿي ڏٺو. ان وقت اسپتال جو ٽائيم ڪونه ھو، فقط وارڊن ۾ داخل ٿيل مريض ھئا. مون ھن کي اسپتال جو چڪر ڏياريو. ورانڊي ۾ اٺن ڏھن سالن جڳ ھڪ چڱو ڀلو ٻھراڙيءَ جو ڇوڪرو، ڦاٿل ساٽل ڪپڙن ۾ بيٺو ھو، جو شايد رھيل بيمارن مان ڪنھن جو مائٽ ھو. وزير ھروڀرو کڻي ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو ۽ پڇيائين: ”ڪھڙو حال آھي؟“ ڇوڪري ته ھن جي ٻولي به ڪانه سمجھي. ان وقت وزير سان گڏ آيل فوٽو گرافر تڪر ڪري فوٽو ورتو. بس ايترو ئي ٿيو. ڇوڪري ته ڪو جواب ئي ڪونه ڏنو. ھو ته ھيسجي ويو ھو... .
    ٻئي ڏينھن اھو ڏسي اچرج لڳم ته اخبار ۾ وزير جو ان ڇوڪري جي ڪلھي تي ھٿ رکيل وارو فوٽو ھو ۽ ان جي ھيٺان لکيل ھو ته وزير صاحب ٺٺي جي اسپتال ۾ ھڪ بيمار ڇوڪري سان ھمدرديءَ جو اظھار ڪري رھيو آھي.

    (30) ٻولي: لاھور ۾ ھن مھيني جي 23 ۽ 24 تاريخ پنجابي ادبي سنگت پاران ادبي ڪنوينشن رکي وئي آھي. مونکي ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوتنامو اڙدوءَ ۾ موڪليو ويو آھي. ھونءَ ته مان ھنن کي جواب ڪونه ڏيان ھا، پر ھنن جي دعوتنامي سان گڏ، جوابي ڪارڊ پڻ موڪليو آھي. ان ڪري مون ھنن کي ھيٺيون جواب سنڌيءَ ۾ لکي موڪليو آھي:
    ... پنجابي ادبي سنگت جو ھي دعوتنامو توڙي ٻي لکپڙھ پنجابيءَ ۾ ھجڻ کپي ھا. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي برتري ھجي، پنجاب ۾ پنجابيءَ ٻوليءَ کي برتري ھجي، سرحد ۾ پشتو ٻوليءَ کي برتري ھجي، بلوچستان ۾ بلوچي ٻوليءَ کي برتري ھجي. توھان جي ھن ادبي ڪنوينشن لاءِ منھنجو اھو ئي پيغام آھي...

    (31) ڪليمي: ورھاڱي وقت ھندستان مان ھتي ڀڄي ايندڙ مسلمان، ھاڻي ڏسجي ٿو ته بزدل ۽ ڀاڄوڪڙ ھئا. ھنن اچي چيو ته اسان ھندن جي ظلم کان ڀڄي ھتي پناھ وٺڻ آيا آھيون. ھنن پاڻ کي پناھگير ٻڌايو، دنيا پڻ ھنن کي پناھگير سڏيو ۽ اسان به ھنن کي پناھگير سمجھي ھنن جي روايتي مھماننوازي ڪئي. جڏھن سخت مينھن پوندو آھي ۽ ڪنھن گھر جي ڇت وھندي آھي يا اھا ڪرڻ جو انديشو ھوندو آھي، تڏھن ان گھر وارا پاڙيسريءَ جي گھر وڃي وقتي پناھ وٺندا آھن، ۽ جڏھن مينھن وسي بس ٿيندو آھي ته واپس پنھنجي گھر ھليا ويندا آھن. اھڙي ريت اسان سمجھيو ته ٺاپر ٿيڻ تي ھي پناھگير واپس پنھنجي وطن پنھنجي گھرن ڏي ھليا ويندا. پر ٺاپر ٿيڻ تي به ھنن واپس وڃڻ جو نالو نه ورتو، پاڻ پنھنجن عزيزن، دوستن ۽ ٻين ديس واسين کي ھيڏانھن اچڻ تي ھرکائيندا رھيا. عملي طرح ھو پاڻ کي پناھگير ڪوٺي فائدا حاصل ڪندا رھيا ۽ ھتي پير پختا ڪرڻ لڳا ۽ اھو تاثر ڏيڻ لڳا ته ھنن ھن ملڪ حاصل ڪرڻ خاطر جاکوڙ ڪئي ھئي ۽ ھو ھن ملڪ جا فاتح ھئا ۽ ھو پنھنجن گھرن ۾آيا آھن.
    ھاڻي ھو پاڻ کي مھاجر سڏڻ لڳا، جيئن ته اھو لفظ اسلامي تاريخ سان ڳنڍيل آھي، انڪري پاڻ کي اھو لقب ڏئ، ھو ھتي جي رھاڪن جي مذھبي جذبن جي پرماريت ڪرڻ لڳا.
    پوءِ باقاعدي ڪليمن جو سلسلو شروع ٿيو: ملڪ تي ڪليم، مذھب تي ڪليم، زبان تي ڪليم، تھذيب تي ڪليم، واپار تي ڪليم، نوڪرين تي ڪليم، روزگارن تي ڪليم ۽ سڀ کان وڌيڪ ھتي جي جائدادن، ملڪيتن، زمينن ۽ ڪارخانن تي ڪليم، ھنن جا اھي ڪليم ڪيتري قدر سچا آھن، اھا ڳالھه ھاڻي لڪل نه رھي آھي.
    انڪري ھو ڪليمي آھن ۽ ھنن کي ”ڪليمي“ سڏيو وڃي.

    (32) مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ: مقصد حاصل ڪرڻ ۽ ماڳ تي پھچڻ لاءِ گھرجي لاڳيتي جاکوڙ ۽ ڊگھي جنگ.

    (33) منھنجي پنھنجي ڳالھه: مان سونھن جو عاشق، سچ جو ڳولائو ۽ پيار جو بکيو آھيان.

    (34) منھنجي موت تي: مان چاھيان ٿو ته منھنجي موت تي جمعاڻو ۽ ٻيون مذھبي رسمون نه ڪيو وڃن، ڪجھه ڪرڻو آھي ته ادبي ڪچھري ڪئي وڃي ۽ قرآن خوانيءَ بدران شاھ جو رسالو خواني ڪئي وڃي.

    (35) منھنجيون لکڻيون: موجوده دور ۾ سنڌي ھجڻ جي پيڙا جو تجربو.

    (36) ھڪلڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ: اڳواڻي ڪرڻ ۾ اڳواڻ اڳيان ھوندو آھي ۽ قوم يا ماڻھو پٺيان، ھڪلبو رڍن جي ڌڻ کي آھي. رڍون اڳيان ھونديون آھن ۽ ھڪلڻ وارو ريڍار پٺيان انھن کي ھڪليندو ھلندو آھي. اسانجي ملڪ ۾ سياسي اڳواڻ قوم جي اڳواڻي نه ڪندا آھن، پر ان کي ھڪليندا آھن، ھو وڙھندڙن جي پٺيان ھوندا آھن ۽ ڀڄندڙن جي اڳيان.

    (37) سامراج جا جانشين: انگريز سامراج جي شڪايت ھئي ته اھي اسان جي ملڪ کي بيٺڪ بنائي ھتان جي دولت پنھنجي ملڪ ڏانھن کڻي ٿا وڃن، آزادي کان پوءِ ڏسجي ٿو ته ھتي جو سرمائيدار، جاگيردار، زميندار ۽ پرمار طبقو ھتان جي دولت ٻاھرين ملڪن ۾ سيڙائي ٿو، پئسو اتي بئنڪن ۾ رکائي ٿو، اتي وڃي عيش تي ڏوڪڙ کپائي ٿو، ۽ علاج ۽ پنھنجن ٻارن جي تعليم لاءِ اوڏانھن خزانو کڻي وڃي ٿو.

    (38) ظلم جو خاتمو: ماڻھو چوندا آھن: ” ظلم قائم آھي، ظالم ختم ٿيو وڃي.“ ائين چوندي ھو سمجھندا آھن ته ھو ڪا وڏي حقيقت بيان ڪري رھيا آھن، ۽ ھڪڙي نموني پاڻ کي تسلي ڏيندا آھن ته ظلم جو اھو ئي علاج آھي ۽ ان باري ۾ انسان کي ڪجھه ڪرڻو نه آھي.
    ان چوڻي ۾ جا جھالت، بزدلي ۽ احمقپائي ڀريل آھي، سا ان جو پاسو ڦيرائي چوڻ سان پڌري ٿي پوي ٿي، يعني: ”سچ قائم آھي، سچار ختم ٿيو وڃي.“
    بھتر آھي ته سماجي انقلاب پئدا ڪرڻ لاءِ پنھنجو گفتو ھيءُ مقرر ڪجي: ظلم ختم ڪجي، ظالم قائم نه رھندو.

    (39) ڪتاب ۽ دعا: دعا گھرندڙ کي ڏسي، خيال ٿيو ته ھٿ ڪتاب وانگر جھليا اٿس. چپ به پيا چرنس، ڄڻ ڪتاب پيو پڙھي. انھن ٻنھي جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو آھي ڇا؟ دعا وقت ھٿن جھلڻ جو ڍنگ ڏسي، ڪتاب جي صورت بنائي وئي ھئي يا ڪتاب جي پڙھڻ واري نموني جو تصور ڪري، دعا لاءِ ھٿ ملايا ويا.

    (40) آزاديءَ جي ھڪ وصف: ملڪي پئدائش جي وسيلن تي ملڪي پورھتين جو اختيار، ۽ تحرير ۽ تقرير ۽ لکڻ پڙھڻ جي عام آزادي.

    (41) پڙاڏو: پنھنجي وجود لاءِ سڏ جو محتاج ھوندو آھي.

    (42) چمنيءَ جو دونھون: ڪارخاني جو دونھون چمنيءَ جو گھٽ ۽ غلاميءَ مان نڪرندو آھي ته جھومندو ۽ نچندو، فضا جي بلندين ۾ ڦھلجي ويندو آھي.

    (43) اوچو ڳاٽ: اسان کي ھر حالت ۾ ڳاٽ اوچو رکڻ کپي، جيئن بندوق ڇوڙڻ وارو نشانو وٺڻ وقت ڪندو آھي. جي ڪنڌ ھيٺ ڪيون ته به ان تياريءَ جي نيت سان جيئن ويڙھو ڍڳو، وڙھڻ کان اڳ ڪنڌ ھيٺ ڪندو آھي.

    (44) ٻوليون: سنڌي اسان جي مادري زبان آھي ۽ ترقي يافته ٻولي آھي. اھا اسان کي ھر حالت ۾ لکڻي، پرھڻي ۽ ڳالھائڻي آھي. انگريزي، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ۽ عالمي ٻولي آھي. اھا سکڻ به نھايت ضروري آھي. ٻيون ٻوليون، جيڪي اسان تي مڙھيون وڃن ٿيون، انھن تي مڙھيل حد کان وڌيڪ توجھه ڏيڻ وقت ۽ قوتن جو زيان آھي.

    (45) قوم جو جياپو: قوم تڏھن سلامت رھندي جڏھن ھنن جي ڪھاڙي سلامت رھندي.

    (46) سنڌ لاءِ: منھنجون سوچون، منھنجا خواب، منھنجا خيالي پلاءُ، منھنجا ھوائي قلعا، سڀ گھڻو ڪري سنڌ لاءِ ٿي ويا آھن.

    (47) سنڌ ۽ مان: مان سنڌ ۾ رھان ٿو....ھاڻي مونکي لڳندو آھي ته سنڌ مون ۾ رھي ٿي، سنڌ منھنجي دل ۾ رھي ٿي، سنڌ منھنجي ذھن ۾ رھي ٿي، سنڌ منھنجي دماغ ۾ رھي ٿي.

    (48) جياپي جي دليري: جيون جا عذاب ۽ جيون جون بي عزتيون، ماٺ ۾ صبر سان سھڻ بدران، انھن جو مڙس ماڻھو ٿي مقابلو ڪجي.

    (49) پورھيو: پورھيو ئي نيڪي آھي.... ۽ بدي!... ٻئي جي پورھئي جو ڦل ھڙپ ڪرڻ.

    (50) ساھت: ساھت اھو لکجي جو ذھن کولي، حوصلو پيدا ڪري ۽ پتوڙ لاءِ اڀاري.

    (51) مرڻ ۽ مارڻ: ”سنڌ لاءِ مرنداسين“ بدران پڪو پھه پچائجي ته ” سنڌ لاءِ مارينداسين.“

    (52) سائنس ۽ عقيدو: ھر عقيدي کي سائنس جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي يعني عقل، دليل، تنقيد، ڇنڊڇاڻ ۽ تجربي سان.

    (53) واکاڻ ۽ پوڄا: جنھن شيءِ جي واکاڻ ڪبي آھي، ان جي واکاڻ جا ڪارڻ ٻڌائي، ان جي خوبين سان گڏ خامين جي ڇنڊڇاڻ ڪبي آھي يعني ان ۾ تنقيد جي گنجائش ھوندي آھي. پر پوڄيندڙ، نقاد نه ٿيندو آھي. پوڄيل شيءِ ۾ انڌي عقيدتمندي ھوندي آھي.

    (54) ظلم: ظلم سھڻ پاپ آھي. ( گيتا جي چوڻي)

    (55) شاعري: سونھن پرکڻ جي صلاحيت، نظرن سان ۽ ذھن سان، ۽ ان پرک جو خوبصورت لفظن ۾ اظھار.

    (56) گوريلو ٿيڻ جو گس: گذراني مسئلا ۽ بيروزگاري پڻ نوجوانن کي گوريلو ٿيڻ جو گس وٺرائيندا آھن.

    (57) اسان جي تاريخ: اسان پنھنجي تاريخ، جنھن جي اسان کان ڇنڻ جي شروعات عربن ڪئي ھئي، تنھن کي وري پنھنجو ڪنداسين، ۽ پنھنجي بازن جي قوت سان پنھنجو ڪنداسين.

    (58) توحيد: مان توحيد کان انڪري به باغي آھيان، جو ھي دور اجتماعيت Collectivism جو آھي.

    (59) بيبي شو: بيبي شو Baby show ٿين ٿا ۽ صحتمند ۾ صحتمند ٻار کي انعام ملي ٿو. پر اھڙا بيبي شو ٿيڻ کپن، جن ۾ ڏٻري ۾ ڏٻري ٻار کي انعام ملي، جيئن نه رڳو ھنجي مالي مدد ٿئي، پر اھڙي ڏٻرائيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ به ٿئي ۽ ماڻھو ان جي ڪارڻن تي پڻ سوچين.

    (60) انقلاب جي واکاڻ: ٻين ملڪن جي انقلاب جي واکاڻ مقصد ناھي، پنھنجو پاڻ، پنھنجي زمين تي انقلاب آڻڻو آھي.

    (61) اسين اصل کان ويڙھو آھيون: ٻڌڻ ۾ آيوآھي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عرب شاگردن، سنڌي شاگردن تي حملو ڪيو آھي... ٻيا ته ٺھيو پر ھي جيڪي علم حاصل ڪرڻ خاطر، چين بدران ھتي آيا آھن، ۽ رھڻو به ٿوري وقت لاءِ اٿن، سي به اسان سان وڙھن ٿا!... ڇا اھا سوچڻ جھڙي ڳالھه نه آھي ته اسان ۾ ڪوتاھي ڪھڙي آھي؟ اسان جي ڪھڙي ڪمزوري آھي؟ اسان ڪنھن جو ڇا بگاڙيو آھي، جو جيڪي به ڌاريا اچن ٿا، جيڪي به غير سنڌي ھتي رھن ٿا، ھتي جو کائن پين ٿا، سي ئي اسان جي مخالفت ڪن ٿا، اسان جا ويري بنجن ٿا، اسان کي گھٽ سمجھن ٿا، اسان کان نفرت ڪن ٿا، اسان جون ملڪيتون ناس ڪن ٿا، اسان تي حملا ڪن ٿا... ۽ صدين کان ائين ٿيندو آيو آھي، ڇو؟ آخر ڇو؟... اسين ويڙھ ۽ مقابلي جا به ماھر آھيون. انڪري ئي اڄ تائين پنھنجو وجود قائم رکي سگھيا آھيون. اسين سنڌي موھن جي دڙي ۾ دٻجي وري به جيئر ٿي اٿندا آھيون. دنيا جا پھريان پھريان انسان، سنڌ جي سرسبز زمين تي اچي آباد ٿيا. دنيا جي پھرين پھرين تھذيبن مان، سنڌ جي تھذيب پڻ ھئي. ويڙھ ۽ مقابلو ان تھذيب جو اھم جزو پئي رھيا آھن. انڪري ئي اسانجي سنڌ ۽ اسين سنڌي اصل کان دنيا جي نقشي تي دائم ۽ قائم آھيون، ۽ اھا ئي تھذيب اڳتي پڻ اسانکي دائم ۽ قائم رکندي.

    (62) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي: دنيا ۾ سياسي ۽ سماجي تبديليون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اثر ھيٺ پڌريون ٿي رھيون آھن. اسان کي آمريڪا کان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سکڻ گھرجي. رشيا کان اسانکي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏ سياست ۽ اقتصاديت به سکڻ جڳائي.

    (63) حق ۽ انصاف: ماڻھوءَ کي اوترو ئي ”حق“ ملندو، جيتري ھن ۾ ھمت ھوندي. ماڻھو کي اوترو ئي انصاف ملندو، جيتري ھن ۾ سگھه ھوندي ۽ اھا سگھه استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ھمت ھوندي. پڌرو آھي ته قوم جي گڏيل سگھه ۽ گڏيل ھمت استعمال جي سان بھتر نتيجا نڪرندا.

    (64) پلاند: جڏھن قانون ۽ انصاف نه ھوندو آھي، يا ماڻھن جو قانون ۽ انصاف جي ادارن تان اعتماد کڄي ويندو آھي، يا انصاف جي ايوان تائين پھچي نه سگھندا آھن، ۽ ماڻھو وير ۽ بدلو وٺڻ واسطي قانون ۽ انصاف پنھنجي ھٿ ۾ کڻندا آھن، تڏھن خانداني دشمنيون، پوئين پيڙھين جو پلئه يا پلاند وٺڻ جون روايتون جنم وٺنديون آھن.
    خاندان جو بدلو! خانداني دشمني!.. . انڪري جو انصاف جي اميد ڪانه ھوندي آھي. ائين پلاند جو سلسلو شروع ٿي ويندو آھي. قانون ۽ ڪورٽ جي اوڻاين ڪري، قاتل ڇٽي ويندو آھي ته مقتول جا پونيئر ھن کي خون ڪري ڇڏيندا آھن.

    (65) عمل: اسانجي سوچ عملي ھجڻ کپي ۽ عمل جو ئي سوچيون ۽ عملي سنڌي بنجون.

    (66) ساھت جي پيڙھ: واسطيداري Commitment ۽ سماجي ذميواري (Social Responsibility) جو احساس.

    (67) سيڪيولرزم: سيڪيولرزم Secularism جو مطلب آھي ته رياست جي ڪارگردگيءَ ۾ مذھب جي ٽنگ اڙيل نه ھجي.

    (68) شاھ جو شعر: لطيف سائينءَ جو شعر سنڌ جي تھذيبي تاريخ آھي، سنڌ جي پنگتي تاريخ آھي، سنڌ جي راڄنتيي تاريخ آھي. پر جن جو ذھن سنڌي نه آھي، تن کي اھي سڌيون ۽ ساديون سنڌي ڳالھيون نظر نه ٿيون اچن، ۽ ھو ان شعر کي تصوف جو بحر بنائي، آڏيون ابتيون ٽٻيون پيا ڏين.
    شاھ جو شعر، سنڌ جو ڄاڻيٽو (Encyclopedia) آھي. ان ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، نفسيات، سماجيات، ٻولي، ادب، مذھب، عقيدا، ۽ فلسفو آھي: سڀڪجھه سنڌيت جي حوالي سان.

    (69) خواب: خواب، طبقاتي سوچ جي پئداوار آھن. سپنا، سماجي اڻ برابريءَ جو نتيجو آھن. ھڪڙو ماڻھو، ٻين ماڻھن کي موجون ماڻيندي ۽ عيش ڪندي ڏسي ٿو ۽ پاڻ اھي حاصل ڪري نه ٿو سگھي ته پوءِ پاڻ کي ڪوڙي تسڪين ڏيڻ خاطر، جاڳندي ئي خواب ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ انھن سوچن ۽ خيالن جي ڪري ننڊ ۾ اھي سپنا اچنس ٿا. ان کانسواءِ ھنن ۾ جيڪي وھم ۽ خوف وٺن ٿا... پرمار طبقي وارا اڃا به وڌيڪ دولتمند ۽ پورھتين جي اڃا به وڌيڪ پرماريت ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا. آسماني ھستين جي نالي جيڪي وھم پئدا ڪيا ويا آھن،اھي ڪڏھن ڪڏھن پرمارن ۾ پڻ خيالي خوف ۽ ضمير جي چھنڊڙي پئدا ڪن ٿا، جي ڊيڄاريندڙ خوابن جي صورت وٺن ٿا.

    (70) پڙھڻ ۽ لکڻ: ائين ڇو ٿو پڇيو وڃي: ڪانئون درجو ٿو پڙھين؟ يا ڪيترو پڙھيل آھين؟... ائين ڇو نٿو پڇيو وڃي: ڪانئون درجو ٿو لکين؟ يا ڪيترو لکيل آھين؟

    (71) وک اڳتي وڌندي رھندي: ارتقا (Evolution) ۽ جدليات (Dialectics) جي لحاظ کان ڪنھن شيءِ جو ” آخري“ ھجڻ جو تصور ختم ٿي ٿو وڃي. ”آخري“ ”آخري سھارو“ ”آخري زمانو“، ”آخرت“ ۽ ٻين اھڙن ويچارن جو وجود ڪونھي. دنيا جو ۽ انسان جو قدم اڳتي ئي وڌندو رھندو. نيون اميدون، نوان سھارا ۽ نئون زمانو اسان واسطي سدائين موجود رھندو ۽ پئدا ٿيندو رھندو. نه وري ”ڪامل انسان“ وارو نظريو يا تصور صحيح ٿي سگھي ٿو. انسان اڃا به پاڻ ۾ خوبيون پئدا ڪري پيو، انسان اڃا به ڪمال حاصل ڪري پيو.
    تبديلي، ترقي ۽ نواڻ سماجي ارتقا جو لازمي حصو آھي...ھر شيءِ فاني نه آھي، ھر شيءِ دائمي آھي، مادو (Matter) ناس نه ٿيندو آھي، فقط صورت بدلائيندو آھي. مادو امر آھي.
    ڪا به شيءِ، ڪو به نظريو، ڪو به ويچار نه قطعي آھي نه آخري آھي، نه لافاني.
    نئين شيءِ پراڻي ٿيندي رھندي ۽ ان پراڻي شيءِ جي ڀيٽ مان نئين شيءِ پئدا ٿيندي رھندي، جا بھتر ھوندي، وڌيڪ بلند ھوندي.
    ڪنھن به وٽ يا خيال جا باري ۾ ڄاڻ وقتي آھي، عارضي آھي. اھا ڄاڻ قطعي، مڪمل يا پڇاڙڪي ناھي. اڳتي ھلي ان ڄاڻ ۾ تبديلي ٿيندي، واڌارو ٿيندو.
    سچ وقتي ۽ عارضي ٿيندوآ ھي. قطعي ٻيا آخري سچ نه ٿيندوآ ھي... سچ ”پنھنجي دور جو سچ“ يا ”پنھنجي زماني جو سچ“ ٿيندو آھي... سچ دائمي، لازوال ۽ قطعي نه ٿيندو آھي.

    (72) پوڙھپڻو: عمر سان پوڙھو نه ٿيو آھي. ذھني طرح جوان ھججي. ذھني طرح ڪميونسٽ يا مارڪسٽ ڪڏھن پورھو نه ٿيندو. ماديت (Materialism) ۽ جدليات (Dialectics) ذھن کي سدا جوان رکن ٿيون. اھي نظريا ارتقا ((Evolution) ۽ نواڻ جا مڃيندڙ آھن. ارتقائي نئين تبديلي ۽ ارتقائي نئين سوچ، جي وقت (Time) ۽ وٿيءَ (Space) جو ساٿ ڏين ٿيون، تن کي پنھنجو ڪندڙ ذھن ڪڏھن به پوڙھو ٿي نه ٿو سگھي.

    (73) ذھني دولت: چوندا آھن، دولت اچڻي وڃڻي آھي. اڄ آھي، سڀاڻي ڪانھي، چوري ٿي وڃي يا آسماني آفتن جو شڪار بنجي، يا واپار ۾ ڏيوالو نڪري؛ پر علم، ذھن ۽ دماغ جي دولت دائمي آھي، جا نه چوري ٿي سگھي ۽ نه ڪو کسي سگھي.
    پر حافظي ۽ ذھن سميت دماغ جون قوتون پڻ برباد ٿي سگھن ٿيون: حادثي ۾ دماغ تي ڌڪ لڳڻ ڪري، ذھني صدمي ڪري، ذھني ۽ دماغي روڳن ڪري. ان لحاظ کان ذھن جي دولت به دائمي دولت ٿي نه ٿي سگھي.

    (74) سماج ۽ حڪمران: اسان جي جاکوڙ، سماج تبديل ڪرڻ لاءِ ھجي ۽ نه رڳوحڪمران تبديل ڪرڻ واسطي.

    (75) ملڪيت: مارڪس چيو، ملڪيت جي ھر صورت چوري آھي. All property is theft

    (76) لقب: ڪجھه وقت اڳ ڊان اخبار ۾ پڙھيو ھوم ته انگلينڊ ۾ انگريز، پاڪستانين کي نفرت وچان باڪي ڪري ڪوٺيندا آھن. نه رڳو ايترو پر ڪيترن ھنڌ، عير انگريز کي پاڪي سڏيندا آھن.
    بنگلاديش ۾ بھارين جو لٽڻ ڦرڻ جو ڪردار اھڙو رھيو جو بنگاڪي، اتي رھندڙ ھر غير بنگالي کي بھاري سڏڻ لڳا.
    پوئين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي، پنجابين سنڌ ۾ آباد ٿيڻ شروع ڪيو. ڪجھه عرصو اڳ تائين ۽ ٻھراڙيءِ ۾ اڃا تائين سنڌ ۾ ھر غير سنڌيءَ کي پنجابي سڏيو ويندو آھي.

    (77) سنڌ ۽ ٻاھريان: پنھنجا ته پنھنجا آھن، سنڌ نه رڳو ھينئر پر صدين کان، سوين نه پر لکن جي ڳاڻاٽي ۾ ٻاھرين لاءِ به پيٽ ۽ پناھ موجود ڪندي رھندي آھي ... اڳي جيڪي ٻاھريان ايندا ھئا، سي سنڌ جا ٿي ويندا ھئا. ورھاڱي کان پوءِ ايندڙ تاريخ ۾ پھريان پناھگير آھن، جيڪي چاھن ٿا ته سنڌ سندن ٿي وڃي!

    (78 ) ”سنڌي“ جي وصف: اھي غير سنڌي، جي سنڌين جي راضپي سان ھتي اچن ۽ سنڌين کي ھنن جي سنڌ ۾ رھڻ تي اعتراض نه ھجي ۽ ھنن جون گھٽ ۾ گھٽ ٽي لاڳيتون پيڙھيون ھتي رھن ۽ گھر کان اندر توڙي ٻاھر سنڌي ٻولي ڳالھائين ۽ سنڌي تھذيب اختيار ڪن، سي ئي پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ جا حقدار آھن.

    (79) ادب ۽ فن جي ھڪ وصف: جيون جي گھڙين ۽ سوچن کي محفوظ ڪرڻ.

    (80) جواني سونھن ۽ زندگي:
    اسين نوجوان آھيون،
    زندگيءَ سان ڀرڀور،
    سونھن سان سرشار.
    زندگي سونھن آھي،
    سونھن زندگي آھي،
    اسين زندگيءَ جي زندگيءَ آھيون،
    اسين سونھن جي سونھن آھيون،
    اسين زندگيءَ کي سونھن ڏيئي سگھون ٿا،
    اسين سونھن کي زندگي ڏئي سگھون ٿا،
    مرنداسين زندگيءَ لاءِ،
    موت اھڙو، سونھن آھي!

    (81) راڳ ۽ ڳوٺ: راڳ، روح جي زندگي آھي، ڳوٺ زندگي جو بنياد آھي. راڳ ۽ فن جا ڏسڻ ۾ نه ايندڙ پَرَ، ڳوٺن جي لوڪ موسيقي ۽ چراگاھن جي سُرن مان اڀرن ٿا.

    (82) فن ۽ ڏوھ: کوڙ فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو آھي ته سمگلر پنھنجن اڏن ۽ خاص ھوٽلن ۾ نھايت خوبصورت پئماني تي ناچ ۽ راڳ جو بندوبست ڪندا آھن. اتي راڳ ۽ ناچ جي ڍڪ ۾ سمگلنگ جو ڪاروبار ڪندا آھن، سمگلنگ جي سوديبازي ڪندا آھن، پنھنجن مخالفن کي بليڪ مئل ڪندا آھن، پنھنجن دشمنن کي قتل ڪندا آھن، ڪامورن لاءِ ڄار پکيڙيندا آھن ۽ پوليس کي رشوت ڏيندا آھن.
    ان مان خيال اڀري ٿو ته فن کي ڪيئن نه ڏوھن واسطي ڪتب آندو ٿو وڃي.

    (83) اخلاقي ۽ اقتصادي ڏوھ: طبقاتي سماج ۾ اخلاق، قانون، ڪورٽ ۽ سزا جا باني جاگيردار سرمائيدار ھوندا آھن، پر انھن جي عملي صورت اھڙي ھوندي آھي جو اھي وٿون فقط مظلوم طبقي يعني ھارين ۽ پورھتين سان لاڳو ٿينديون آھن.
    ڏوھ ٻن قسمن جا ٿيندا آھن: اخلاقي ۽ اقتصادي. زنا، چوري، خون اخلاقي ڏوھ آھن، سياسي ڏوھ به ھن قطار ۾ شمار ٿيندا.
    سمگلنگ، بلئڪ مارڪيٽ، گھوٻي ھڻڻ، رشوت، نفعي خوري، پرماريت، اھي اقتصادي ڏوھ آھن.
    طبقاتي سماج ۾ طبقاتي رياست ۾ جيئن ته پوليس قانون، ڪورٽ ۽ نوڪر شاھي سڀ جاگيردار آھن ۽ سرمائيدار طبقي جي بچاءُ لاءِ وجود ۾ آندا ويا آھن. تنھنڪري ھو ڏوھن ڪرڻ جي حالت ۾ وٺ پڪڙ کان بچي ويندا آھن.
    اقتصادي ڏوھ گھڻو ڪري جاگيردار ۽ سرمائيدار جو پرمار طبقو ئي ڪندو آھي، انڪري انھن جي سزا اھڙي سخت نه رکي ويئي آھي. طبقاتي سماج ۾ سماجي سرشتو اھڙو ھوندو آھي جو اخلاقي ڏوھ گھڻو ڪري ھاري ۽ پورھيت جو مظلوم طبقو ئي ڪندو آھي. حقيقت ۾ اھي اخلاقي ڏوھ جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو وڌيڪ ڪندو آھي، پر ھو گرفت کان بچيل رھندا آھن.
    اخلاقي ڏوھن لاءِ نھايت سخت سزائون مقرر ڪيون ويون آھن: چوريءَ لاءِ ھٿ وڍڻ، زنا لاءِ سنگسار، خون لاءِ ڦاسي، سياست لاءِ ڦٽڪا وعيره. اقتصادي ڏوھن لاءِ، جيڪي ڦورو طبقي جا ڏوھ آھن، تن لاءِ سزائون ھلڪيون آھن.

    (84) ٻاھرين سامراجيت ۽ اندروني سامراجيت: سامراجيت جو مطلب آھي ته ڪا ڌاري قوم، ڪو ڌاريو ملڪ، ڪو ڌاريو علائقو ڪنھن ٻي قوم، ڪنھن ٻئي ملڪ، ڪنھن ٻئي علائقي کي غلام بنائي اتي جي پئدائش ۽ روزگار جي ذريعن تي قبضو ڪري، اتان جي دولت لٽي، پنھنجي ملڪ ڏانھن کڻي وڃي.
    اڳي سامراج ڪنھن ملڪ کي بيٺڪ بنائي يا سياسي غلام ڪري ڦرلٽ ڪندو ھو. ھاڻي ظاھري طرح آزاد ملڪن کي سامراج اقتصادي غلام بنائي، ساڳيو مقصد ماڻي ٿو. اقتصادي غلامي قرضن، اقتصادي امداد ۽ گھڻ قومي ڪارپوريشنن جي واپار ذريعي مڙھي وڃي ٿي. ھندستان، انگريزن جي بيٺڪ ھو ۽ سياسي طرح ھنن جو غلام. ھن وقت پاڪستان، آمريڪا جي اقتصادي غلامي ۾ آھي. اھي ٻاھرين سامراجين جا مثال آھن.
    اندروني سامراجيت اھا آھي جو ھڪ ملڪ ۽ گھڻيون قومون رھنديون ھجن، پر انھن مان ھڪڙي قوم تمام وڏي گھڻائيءَ ۾ ھجي ۽ اھا گھڻائي واري قوم، اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ خاطر، ننڍين قومن کي سياسي، قومي ۽ اقتصادي غلام بنائي، انھن جي علائقن جي پيداور ۽ روزگار جي ذريعن تي قبضو ڪري، اھا دولت پنھنجي علائقي ڏي پھچائيندي رھي، اھا گھڻائيءَ واري قوم گھڻو ڪري مذھب جو سھارو وٺندي آھي. ھوءَ دنيا وارن جي ۽ گڏيل قومن جي اداري جي مڃيل اصول ته قوميت جو بنياد جاگرافي، تاريخ، تھذيب ۽ ٻولي آھي؛ ان کي پٺي ڏيئي مذھب کي قوميت جو بنياد ٻڌائيندي آھي ۽ پنھنجي ملڪ جي ننڍين قومن کي پاڻ کان الڳ قومون مڃڻ لاءِ تيار نه ھوندي آھي، ۽ انھن ننڍين قومن جي علائقن ۾ وڃي، اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ پنھنجو حق سمجھندي آھي.
    سنڌ اڄڪلھه ٻاھرين سامراجيت سان گڏ، اندروني سامراجيت جو شڪار به آھي.

    (85) ڏک ۽ سک: چوندا آھن: ڏک، سکن جي سونھن آھن، يا ڏکن پٺيان سک؛ يا سکن جو قدر تڏھن پوندو جڏھن ڏک ڏسبا، يا رڳو سک ماڻڻ ڪري بيزار ٿي پئبو، يا سکن جو مزو ماڻڻ واسطي وچ ۾ ڏکن جو ھجڻ ضروري آھي... اھي سڀ جاگيرداري دور جون پئدا ڪيل چوڻيون آھن، پيڙيل طبقي کي ڀرڀائڻ خاطر. باقي پرمار طبقو پاڻ به سدائين سکن ۾ ھوندو آھي، جيئن چيو ويندو آھي ته خيرات ۽ زڪوات لاءِ غربت ھجڻ ضروري آھي. ساڳيو سُرتال آھي انھيءَ چوڻيءَ جو ته ڏک نه ھوندا ته سکن جو قدر ڪيئن پوندو....البت ائين آھي ته ساڳئي قسم جو سک، ساڳئي قسم جي تفريح، ساڳئي قسم جي وندر لاڳيتو ھجڻ ڪري انسان ٿڪجي يا بيزار ٿي سگھي ٿو....اصل ۾ سک جو مزو ماڻڻ واسطي، وچ ۾ ڏکن جو ھجڻ ضروري ڪونھي، پر سک ۽ وندر جا ذريعا قسمين قسمين (Variety) ھجن. ڪڏھن راند روند، ڪڏھن گھمڻ، ڪڏھن ڪتاب پڙھن، ڪڏھن دنيا جو سير سفر، ڪڏھن سئنيما، ڪڏھن پيار محبت. ۽ ھر ڌنڌي ۽ ان جي ماحول کي اھڙو دلچسپ بنايو وڃي، جو ڪم ڪندڙ لاءِ سڀ ڪجھه دلچسپ ٿي پوي. ماڻھو ڌنڌو پڻ دلپسند ڪري ۽ ھر ماڻھو ھڪ کان وڌيڪ ڌنڌا ڪري، ڪي جسماني ڪم وارا ۽ ڪي ذھني ڪم وارا، يڪسانيت ئي ٿڪاوٽ ۽ بيزاري پيدا ڪري ٿي. تبديلي ۽ نواڻ سان دلچسپي قائم رھي ٿي. باقي ڏک، پيڙا ۽ بيماريءَ جو انساني سماج ۽ دنيا مان ئي خاتمو ڪرڻو آھي.

    (86) فطرت: ائين چوڻ ته فلاڻي ڳالھه فلاڻن ماڻھن يا فلاڻي قوم جي فطرت ۾ آھي، بدران چئجي ته ھنن جي لاشعور (Sub-Conscious) ۾ اھا ڳالھه آھي. فطرت = لاشعور = (Sub-Conscious)

    (87) پاڪائي: اھو زمانو ويو، جڏھن مذھب شين کي تقدس يا پاڪائي بخشيندو ھو. ھاڻي ته مذھب جي نالي ۾ پليتائي پئي پکڙجي. ھاڻي پاڪائي بخشڻ لاءِ ٻيا ماپا آھن. ھاڻي پاڪائيءَ جو ماپو پورھيو ۽ محبت ٿيڻ کپي.

    (88) انسانيت جو ماپو: جاگيرداري ۽ سرمائيداري دور ۾ انسانيت جو معيار ٻيو ھو: آزادي، برابري ۽ ڀائپي. طبقاتي سماج ۾ اھڙي قسم جي انسانيت رڳو سکڻو نعرو ثابت ٿي، عملي طرح وجود ۾ اچي ڪانه سگھي آھي.
    ھاڻي انسانيت جو ماپو اھو آھي يا ٿيندو ٻيو وڃي ته انسان پورھئي سان انسان بنجي ٿو. انسانيت اھا آھي ته انسان کي پنھنجي پورھئي جو پورو ڦل ملڻ کپي. ڪنھن انسان جي پورھئي جو ڦل ڦٻائڻ يا ان ڦل کان وانجھو ڪرڻ انساينت نه آھي. انسانيت جو گڻ ان ۾ آھي جو پورھيو ڪري ٿو.

    (89) جنسياتي خواھش: جسماني خواھشون ۽ جذبا پورا ٿيڻ کپن، جيئن دماغ تائين پھچي بار نه بنجي پون، ڪو خلل پئدا نه ڪن. جنسياتي خواھشن کي جتي پورو ٿيڻو آھي، اتئي پوري ٿي وڃڻ کپي، انکي دماغ تائين رسڻ جو موقعو نه ڏجي.

    (90) بک ۽ آزادي: بکيو ماڻھو آزاد نه ٿيندو آھي.

    (91) چڻنگ، ڀڙڪو ۽ ڀيڙ: اھا اطمينان جوڳي حقيقت آھي ته اسانجو سنڌي سماج رڳو رک جو ڍير نه آھي. ان ۾ ڪجھه چڻنگون آھن، جي ڀڙڪي رھيون آھن ۽ ڀيڙ مچائينديون.

    92) تعداد جي سگھه: دنيا ۾ ٻه طبقا آھن:
    ظالم ۽ مظلوم.
    ظالم: زميندار، جاگيردار، سرمائيدار ۽ سامراج.
    مظلوم: ھاري، مزدور ۽ پورھيت.
    ظالم طبقو، مظلوم طبقي تي راڄ ڪري ٿو، ان جي محنت جو ڦل کائي ٿو، ان کي ننگو ۽ بکيو رکي ٿو، ان کي بيوس ۽ ٽڙيل پکڙيل بنائي ٿو. ظالم طبقي وٽ دولت آھي، ھٿيار آھن، پوليس آھي، لشڪر آھي، ڪورٽون آھن۽ ٻيون ڪيئي طاقتون ۽ وسيلا آھن.
    مظلوم طبقي وٽ نه دولت آھي، نه وسيلا آھن ۽ ھٿيار... ھنن وٽ فقط ھڪ ھٿيار آھي ۽ اھو آھي ته ”تعداد جي سگھه“. ھو ظالمن کان ڳاڻاٽي ۾ ھزاروڻا لکوڻا آھن، جي ھنن ۾ طبقاتي شعور جاڳي پوي ۽ متحد ٿي وڃن ته نه رڳو ظالمن جو مقابلو ڪري سگھن، پر ھنن کان دولت، وسيلا ۽ ھٿيار کسي، ھنن جو جڙون پٽي، دائمي طور ھنن جو طبقو ئي ختم ڪري ڇڏين.

    (93) اڳوڻو ۽ اڄوڪو ساھت: ملڪ جي ورھاڱي کان اڳ وارا ڪتاب ۽ رسالا پڙھجن ٿا ته ائين ٿو لڳي ته اسان سياسي ۽ سماجي طرح اڃان ان دور ۾ آھيون. اسان جا نعرا ۽ مطالبا ھينئر پڻ ساڳيا آھن، اھي سياسي ۽ سماجي ڪھاڻيون، ناول ۽ تقريرون انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ خاطر ھيون يا طبقاتي سماج خلاف. ان وقت سنڌي ساھتڪارن جيڪي ڪتاب پاڻ لکيا يا ٻين ٻولين تان ترجمو ڪيائون ته انھن جو موضوع گھڻو ڪري ھوندو ھو سنڌين ۾ سياسي جاڳرتا پئدا ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ خاطر جاکوڙڻ ڪرڻ، ۽ سياسي چيتنا ۽ نظرياتي سجاڳي اڀارڻ. انڪري باشعور ۽ ترقي پسند ۽ انقلابي ليکڪ اھڙو ساھت لکندا ۽ پيش ڪندا ھئا. ھينئر پڻ اسان جي جاکوڙ ساڳي آھي، اسان جو نعرو ساڳيو آھي، گھُرون ساڳيون آھن، ضرورتون ساڳيون آھن.
    ان وقت جي سامراج تي جھڙي نموني کلي طرح ڪتابن ۾ تنقيد ڪيل آھي ۽ ظلمن ۽ زيادتين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آھي، ان مان محسوس ٿئي ٿو ته ھينئر ان جي پتي به اظھار جي آزادي موجود نه آھي.

    (94) ظالم ۽ مظلوم: مان سوچيان ٿو ته قانوني سزا ظالم کي ملي يا مظلوم کي؟ سزا چور کي ملي يا ڀاڳئي کي؟... ڀاڳئي پنھنجي گھر جي سنڀال ڇو نه ڪئي؟... سزا پرمار زميندار کي ملي يا ڏتڙيل ھاريءَ کي... ھاري پنھنجي ٻانھن جي ٻل سان پنھنجو حق، جو ھن جو زمين تي آھي، ڇو نه ٿو وٺي؟ وڏيري جو مقابلو ڇو نه ٿو ڪري، ھاري گڏجي ڇو نه ٿا زميندار جي ظلم کي روڪين... تنھنڪري ھارين کي سندن ڪمزوريءَ جي سزا ملڻ کپي!

    (95) پاڪ ھستيون: جن کي مذھبي ۽ مقدس ھستيون چيو وڃي ٿو، تن جي ڪارنامن، ڪردار ۽ جيون چرتر بيان ڪرڻ مان پورو لاڀ حاصل ٿي نه ٿو سگھي، ڇو ته انھن تي تنقيد ڪرڻ منع آھي. انڪري ھنن جي ڪردار جي پوري ڇنڊڇاڻ ٿي نه ٿي سگھي. ھنن جي رڳو واکاڻ ٿيندي آھي. اھا به اھڙي نموني جو ان واکاڻ جي بنيادي سببن جي تھه تائين پھچڻ به ضروري نه سمجھيو ويندو آھي.

    (96) سونھن: عورت جي سونھن رڳو جسماني يا منھن مھانڊي جي سونھن آھي، پر جڏھن ھوءَ (Action) (چرپر) ۾ ھوندي آھي، جڏھن ھلندي چلندي آھي، جڏھن ڪم ڪار ڪندي آھي ته ھن جي چر پر ۾ جيڪو حسن اڀرندو آھي، سو وڌيڪ ڇڪيندڙ ۽ وڌيڪ وڻندڙ ھوندو آھي. بيحس جسم جي سونھن ته بيجان ٻوٽي جي سونھن آھي.

    (97) ھڪ خط جو جواب: ساٿي شڪيل نظاماڻي! توھان جو ڪاٿو درست آھي. منھنجي ذھن ۾ سنڌيت ايترو سمائجي وئي آھي، جو غير سنڌي آسماني ھستين غير سنڌي پيغمبرن ۽ غير سنڌي مذھبن کي اوليت ڪونه ڏيان. توھان علامه مشرقي جي ڪتاب”مولويءَ جو غلط مذھب“ جي واکاڻ ڪئي آھي. منھنجو چوڻ آھي ته نه رڳو مولويءَ جو مذھب غلط آھي، ھن زماني ۾ مذھب ئي غلط آھي؛ خاص ڪري ھڪ ڌرتيءَ جو مذھب ٻي ڌرتيءَ تي غلط آھي. ھندو مذھب، جيڪو ھندستان ۾ پئدا ٿيو ھو، سو ھيترين صدين گذرڻ کان پوءِ به جيئرو آھي ۽ ھندستان تائين محدود آھي. ھندو مذھب جو ھندستان تائين موجود ھجڻ جو مکيه ڪارڻ اھو آھي جو ھندستان معاشي ۽ اقتصادي طرح پاڻ ڀرو ھو ۽ ھندستانين کي بک جا چڪ ھڻڻ خاطر ٻين ملڪن ۾ سامراجي اکيون وجھڻ جي ضرورت ئي ڪانه ھئي. عربستان ۾ جي ان وقت تيل نڪري ھا ته عربن کي سنڌ ۽ ٻين ملڪن تي ڪاھ ڪرڻ جي لوڙ ئي ڪانه پوي ھا. انھن ڪاھن جو بنياد؛ عربن جي اقتصادي ضرورت ھئي.

    (98) سامراجيت جو بنياد: جيئن سھڻي ڇوڪريءَ لاءِ سندس سونھن مصيبت بنجي پوندي آھي، ھرڪو ھن ۾ اکيون وجھندو آھي، طاقتور ھن کي زوريءَ ھٿ ڪندو آھي، اھڙي طرح سرسبز ملڪ لاءِ آبادي ۽ سکي قوم لاءِ خوشحالي، ھن واسطي ڏچي جو ڪارڻ بنيا آھن. ٻيا ڌاريا ديس، ان ملڪ ۾ اکيون وجھندا آھن ۽ ان جي آبادي ۽ دولت تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آھن، جنھن کي سامراجيت چئبو آھي. ان سبب ڪري ئي سنڌ صدين کان سامراجيت جو نشانو پئي بڻبي آھي.

    (99) جوڻ: جسماني طرح ته ماڻھو جوڻ ڪونه ٿو مٽائي، ذھني طرح ماڻھو يا ڪي ماڻھو جوڻ ضرور مٽائين ٿا. جڏھن پراڻي نظريي کي ڇڏي، ھو ذھن جي اونھاين مان نئون نظريو مڃڻ لڳندا آھن ته اھو ذھني طرح جوڻ مٽائڻ آھي. پراڻو نظريو مري ويندو آھي ۽ نئون سچو نظريو ھنن جي ذھن ۾ جنم وٺندو آھي، ھنن جو ذھن نئون روپ اختيار ڪندو آھي.


    لطيف سائينءَ جي سنڌيت

    جيڪڏھن ڪو اھو ڄاڻڻ چاھي ته ”سنڌيءَ“ ڇا ٿيندو آھي، يا سنڌي ڪنھن کي چئجي ته ھن کي لطيف سائينءَ جي ڪردار ۽ شعر جو اڀياس ڪرڻ گھرجي. ان باري ۾ ڪي اشارا ھيٺ ڏجن ٿا:

    (1) پنھنجي زبان سان پيار: تن ڏينھن حاڪماڻي ٻولي پارسي ھئي. انڪري ھتان جا گھڻا شاعر ۽ ليکڪ ان زبان ۾ پنھنجو فن پڌرو ڪندا ھئا. پر لطيف سائينءَ جو ”سنڌيت“ جو جذبو ۽ مصلحتن جو محتاج نه ھو. ھن شعر ۾ پنھنجي اظھار جو ذريعو پنھنجي مادريءَ زبان سنڌيءَ کي بڻايو، انھن سنڌين تي پڌري ڦٽ لعنت ڪيائين، جي سنڌي ھوندي به ڌاري فارسي ٻوليءَ ۾ لکندا ھئا، يا اھا زبان استعمال ڪندا ھئا.
    نه رڳو ايترو، پر ھن سنڌي زبان کي اوج ۽ ترقي وٺرائڻ ۽ سدا حيات بڻائڻ لاءِ شعوري ڪوشش ڪئي. اھو ھن طرح ته ھن پنھنجي شعر ۾ گھڻي کان گھڻا ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا. ٻھراڙين، ڳوٺن، جھنگن، جبلن، واريءَ جي ڀٽن، درياه ۽ سمنڊ جي ڪناري تي رھندڙن سان ھن وڃي گڏ گذاريو ۽ انھن ماڻھن جي واتان ٻڌل نج سنڌي زبان ڪتب آندائين. ان کانسواءِ ھن جو شعر اصطلاحن، چوڻين، پھاڪن ۽ ٻين خوبين سان ٽمٽار آھي. ھو سنڌيءَ ٻوليءَ جو سانڍيندڙ ۽ سنڀاليندڙ آھي.

    (2) پنھنجي ڌرتي سان پيار: لطيف سائينءَ جام سير سفر ڪيو. پر ھن رڳو سنڌ جي ڌرتيءَ تي سفر ڪيو. ايتري قدر جو پوري اعتماد سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جون سرحدون آھن ئي اھي، جتي جتي لطيف سائين سير سفر سانگي ويو ھو.
    ھن عمر جي آخري ڏينھن ۾، سنڌ کان ٻاھر ڪربلا وڃڻ جو سانباھو ڪيو. پر جڏھن ڪنھن اھو احساس ڏياريس ته متان تنھنجو مڙھ پرديس جي پڻيءَ ۾ پورجي تڏھن ھن ان سفر جو خيال ئي لاھي ڇڏيو. ھن موت کانپوءِ به سنڌ جي مٽيءَ ۾ ملڻ چاھيو.
    ٻي ڌيان ڇڪائڻ جھڙي حقيقت ھيءَ آھي ته شاھ سائين اڻانگا سفر ڪري، ڏونگر ڏوري، درياھ جھاڳي، پنھنجي سنڌ جي ڪڇ رڻ، ڪيٽي بندر، پوربندر، کاري ڇاڻ، مھراڻي، ڍٽ، پارڪر، ڪاڪ، لڍاڻي، ھنگلاج ۽ ٻين جڳھين تي ويو، پر حج تي ڪونه ويو. ھو مڪي مديني ڪونه ويو. ھن جوته مڪو مدينو، ڪعبو قبلو سنڌ ھئي.
    ھن رڳو سنڌ جا ڏيک چٽيا آھن. سنڌ جا بيابان، سنڌ جا پھاڙ، سنڌ جو درياھ، سنڌ جو سمنڊ، سنڌ جون ڍنڍون، سنڌ جا فصل، سنڌ جا ڪڪر، سنڌ جي بارش، سنڌ جي زمين، سنڌ جو آسمان ھن جي ڪلام جو روح آھن. ھن رڳو سنڌي لباس، سنڌي رھڻي ڪرڻي، سنڌي ريتن رسمن ۽ سنڌي ماڻھن کي تفصيل سان شعر جي ھارن ۾ پويو آھي.

    (3) پنھنجي تاريخ ۽ سڀيتا سان ڳانڍاپو: ھن جن به قصن، ڪھاڻين ۽ گھٽنائن کي پنھنجي شعر جو موضوع بڻايو آھي، تن جو واسطو سنڌ جي سرزمين ۽ سنڌ جي تاريخ سان آھي. ھن ڪنھن به غير سنڌي واقعي، غير سنڌي ڪردار ۽ غير سنڌي سورمي کي پنھنجي شعر ۾ نه آندوآھي.
    مومل، راڻو، نوري ڄام تماچي، مورڙو، وڻجارا ۽ وڻجاريون، سسئي، پنھون، عمر، مارئي، ھڙئي سنڌي سورما، سنڌي سورميون ۽ سنڌي ڪردار آھن. ھن ڀلجي به ڪنھن مذھبي ھستي، مذھبي معجزي يا عربي تاريخ جي واقعي جو بيان ڪونه آندو آھي. سائين آءِ آءِ قاضيءَ شايد انڪري پنھنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ سر ڪيڏارو شامل نه ڪيو آھي.
    لطيف سائينءَ سنڌ جي جنھن طبقي کي گھڻي کان گھڻو ڳايو آھي، سي آھن سنڌ جي ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ماروئڙا، سانگيڙا، جھانگيئڙا، ھاري ۽ پورھيت. ھو ھنن کي ئي سنڌ جو اصلي مالڪ سمجھي ٿو. پر چوي ٿو ته ھو غريبي، جھالت، ظلم، ڏاڍائي ۽ پرماريت جو شڪار آھن. ساڳئي وقت ھن اھو به ڏٺو ته اھي سنڌي محنتي، ايماندار، غيرتمند، سخت جان ۽ بھادر به آھن. ھن اھو به ڏٺو ته ھنن جو پنھنجي وطن سان ايترو پيار آھي، جو دنيا جي وڏي ۾ وڏي نعمت کي ان جي ڀيٽ ۾ تڇ سمجھن ٿا. ھو سون تي ساڻيھه مٽائڻ وارا نه آھن.
    انھن خوبين ڪري ھو ٻڌائي ٿو ته ھو پنھنجي قسمت جا مالڪ پاڻ ٿيندا. ھو مستقبل جا انقلابي آھن.
    ھن سنڌ ۾ ڌارين جو ڪردار به چڪاسيو ھو. ھن ڏٺو ھو ته سنڌ ۾ ڌاريا سنڌ کي لٽڻ ڦرڻ اچن ٿا ۽ جيءُ ڀري لٽ ڦر ڪري موٽي وڃن ٿا. ھن جو خيال ھو ته اھي ڌاريا ڪڏھن به سنڌين جا سڄڻ ڪونه ٿيندا. اھڙي نموني ھو سامراجي حيثيث اختيار ڪن ٿا، جن جي پورھيت انقلاب ئي پاڙ پٽي سگھي ٿو.
    ھن ڏٺو ته جي ڌاريا سنڌ ۾ سنڌ جا ۽ سنڌي ٿي نه ٿا رھن، سي سدائين نمڪحرامين ۽ شرانگيزين ۾ رڌل رھن ٿا ۽ ھنن جو رويو سامراجي صورت اختيار ڪري ٿو.
    ان ڪري سنڌ ۾ ايستائين صلح، سانت، ترقي، خوشحالي ۽ انصاف جو دور نه ايندو، جيستائين اھڙن نمڪحرامين، شرانگيزن ۽ سامراجين جو ھتان تڏو نه پٽيو ويو آھي. ھن ڪنھن به مڙھيل غير سنڌي نظريي ۾ دلچسپي نه ورتي.
    (4) مذھب، روحانيت ۽ تصوف سان ناتو: ھو سڀ کان پھرين سنڌي ھو ۽ پوءِ ٻيو ڪجھه. غير سنڌي ھستين ۽ ڌارين نظرين جي حيثيث ھن جي نظر ۾ ٻئي درجي تي ھئي.
    لطيف سائينءَ عام ماڻھوءَ جو شاعر ھو. ھن عام حياتيءَ جون خوبيون، خاميون، ڪچايون، ڦڪايون ۽ ڪششون عام ٻوليءَ ۾ ٻڌايون آھن. ان ڪري ھن جي شعر کي ھروڀرو تصوف ۽ روحانيت جي روغن لڳائڻ سان، اسين ھن کي ۽ ھن جي شعر کي آگرين جي ڳڻڻ جيترن ماڻھن تائين محدود ڪري ٿا ڇڏيون. ڇو ته تصوف ۽ روحانيت سمجھڻ جي ھام ھڻندڙ، لکن ۾ ھڪڙو مس ھوندو.
    ھتي جا بزرگ شاه صاحب کي صوفي سڏي، پوءِ ھن جي شعر جو اھڙيون تشريحون ڪندا آھن، جي ممڪن آھي ته کين سمجھه ۾ اينديون ھجن، پر عام ماڻھن کي ڪجھه به سمجھه ۾ ڪين ايندو آھي.
    حالانڪه تصوف جي سمجھاڻي ڏاڍي سولي آھي، گھٽ ۾ گھٽ ھندستان ۾ ان جو پيدا ٿيڻ آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو. ان ڪري اھو عربي تصوف نه، پر سنڌي تصوف سمجھڻ گھرجي.
    جڏھن اسلام ھندستان ۾ ڦھليو، تڏھن ڪن سمجھدار شخصن ڏٺو ته ھتي جا مسلمان، ھندستان ۾ رھندي به عربستان جي زمين کي وڌيڪ پاڪ پيا سمجھن، ۽ ھنن کي پنھنجي وطن کان وڌيڪ مڪو مدينو زياده پيارو ٿي لڳو، ۽ ھو پنھنجي ديس تان قربان ٿيڻ کان، عرب ملڪ مٿان سر صدقو ڪرڻ جون صدائون ھڻندا ھئا. اھا ڳالھه سطحي ۽ غير سڀاويڪ ھئي. انھيءَ منورتيءَ کي بدلائڻ لاءِ ۽ مذھبي جنون ۽ تعصب کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، انھن سمجھدارن، جو طريقو سوچيو، ان کي تصوف چئجي ٿو.
    يا مذھب جي نالي ۾ مذھبي ڪٽرپڻي کان ڇوٽڪارو پائڻ، ۽ انسان کي فقط انسانيت جي نقطي نگاه کان سوچڻ سيکارڻ کي تصوف چيو ويو.
    شاه سائينءَ جي شعر ۾، جيڪڏھن تصوف جي قسم جي ڪا شئه لڀي سگھي ٿي ته اھا ان قسم جي ئي آھي.
    انھن دانشورن کي اھو طريقو خدا ۽ مذھب جي خلاف ۾ پيش ڪرڻو پيو، ورنه ٻيءِ صورت ۾ عام ماڻھو ۽ ملا ان طريقي طرف ڪنھن به صورت ۾ نه نمن ھا. اصل ۾ مذھب سان ھنن جو نالي ماتر لڳاءُ ھو.
    منھنجي مٿين سمجھاڻيءَ جو ثبوت اھو آھي ته اھڙن صوفين اڪثر سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح مذھب ۽ خدا کان بغاوت ڪئي آھي. ڪن پاڻ کي خدا سڏايو، ڪن روزن نمازن ۽ ٻين عبادتن کي غير اھم قرار ڏنو.
    شاه ڀٽائيءَ ۽ سچل سائينءَ جا شعر ان جي شاھديءَ ۾ پيش ڪري سگھجن ٿا.
    ان ڪري صوفين جو سبق اھو ئي رھيو آھي ته انسان سڀ ڀائر آھن ۽ ھر انسان کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکجي. ھنن آسماني ھستين کي راضي ڪرڻ کان وڌيڪ انسان جي سک، سونھن، صلح ۽ ساڻيھه جي سڪ جي پرچار لاءِ پاڻ پتوڙيو.
    ھنن جو چوڻ ھو ته ماڻھو اھي پاڻ ۾ ميٺ محبت ۽ صلح سانت ۾ رھي سگھن ٿا جن ۾ زبان، زمين سڀيتا ۽ صدين جي تاريخ جو ناتو آھي. ھنن جو صاف اعلان ھوندو ھو ته ھنن جو ڪوبه دين ڌرم ڪونھي.
    شاه جو شعر پڙھندي، جڏھن ان ۾ طريقيت معرفت يا ٻيا ڪي ڌاريا ۽ غير سنڌي نظريا، خيال ۽ جملا سامھون ايندا آھن، تڏھن پڙھندڙ کي ھڪدم محسوس ٿيندو آھي ته اھي بيت خواه مخواه اتي ٽُنبيا ويا آھن ۽ شاه صاحب جي سنڌي ذھن جي پيداور نه آھن.
    شاه ڀٽائيءَ جو بيان اھڙي نموني ڪيو ويندو آھي. ڄڻ ھو ھڪڙو ملو، يا روايتي مسلمان، يا ڪرامتون ڪندڙ ھو. پر اصل ۾ ھو مذھبي تعصب، تنگدلي ۽ ڪٽرپڻي کان آزاد ھو.
    ان باري ۾ حقيقتون ھنڊائڻ جھڙيون آھن: لطيف سائينءَ نماز روزي کي اھميت ڪانه ڏني. ڳائڻ ۽ نچڻ ھن جي زندگي ھئا.
    ايم اي عالماڻيءَ جي تحقيق موجب شاه جي سڄي رسالي ۾ ”اسلام“ جو لفظ فقط ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي.
    ھن ڪنھن به معجزي يا ڪرامت ڏيکارڻ جو ڍونگ ڪونه رچايو.
    ھن محبت ۽ جنسيات جي جذبن جي باري ۾ کليو کلايو شعر چيا آھن.
    ھن ڪڏھن به عرب يا سنڌ کان ٻاھر جي ڪنھن ملڪ جي باري ۾ نه ڳايو. ھن ڪنھن به پير، ولي، يا مسلمان مھندارن جي ساراه نه ڪئي آھي. خود سنڌ تي ڪاھيندڙ محمد بن قاسم کي به اھڙي عزت ڪانه بخشيائين. ھن فقط سنڌ جو ڳايو ۽ سنڌين جو ڳايو.
    ھن سنڌي ھندو جوڳين، سنياسين ۽ ڪاپڙين جو ته تفصيل سان بيان ڏنو آھي، ۽ انھن جي، مڙھين ۽ مھاڳن جو ذڪر ڪيو آھي، پر ھن مسلمان خليفن، محدثن ۽ ولين کي ڀلجي به ياد ڪونه ڪيو آھي. ھو ھنگلاج، مڙھين ۽ ٻين ھندو آستانن تي ويو، پرحج ۽ مڪي مديني جو ارادو ڪونه ڪيائين ۽ نه قلندر تي ويو.
    ھن ڪنھن به اھڙي ڪٿا يا ڪھاڻيءَ کي نه کنيو آھي، جنھن جو مکيه ڪردار ڪو ولي، پير، ڪرامتن جو صاحب، ملو يا مولوي ھجي.
    شاه سائينءَ پنھنجي راڳ ۾ ھندو سرن ۽ ھندو موسيقيءَ جو سھارو ورتو، ۽ ھندو قصا ئي ھن جي شعر جو موضوع آھن: ھنجي شعر ۾ عربي يا پارسي لفظن کان وڌيڪ ھندي ۽ سنسڪرت جا لفظ آھن.
    مان ڀانيان ٿو ته ڪنھن به ملي جي نظر ۾ ھي ڳالھيون ڪنھن به مسلمان کي مسلمانيءَ جي دائري مان خارج ڪرڻ لاءِ کوڙ آھن.
    شاه جو شعر ماديت سان ڀرڀور (Materialist) آھي، ان ۾ ملاوٽ ڪري؛ غلط رنگ ڏئي ۽ کل جھڙيون معنائون پھرائي، لطيف سائينءَ کي زوريءَ خيال پرست بنايو ٿو وڃي.
    ائين چوڻ ته شاه جي شعر ۾ رڳو روحانيت، تصوف ۽ خدا سان عشق جون رمزون آھن، سو علم ماڻھن کان ھن جي شعر کان پري ڪرڻ آھي. ان ڪري ھو انھن شعرن کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي ڪونه ڪندا ڇاڪاڻ ته ھو ڏسن ٿا ته منجھن اھڙا روحانيت، تصوف ۽ خدا جي عشق جا جذبا ته آھن ئي ڪونه، ھنن جا جذبا ته عام انسانن وارا جذبا آھن.
    جيڪڏھن ھنن کي ٻڌايو وڃي ته شاه جي شعرن ۾ سندن ئي روزمره جي حياتيءَ جا مسئلا ۽ جذبا ڏنل آھن، يعني رھڻي ڪرڻي ۽ روزگار جا مسئلا، پيار ۽ الفت جا جذبا، گذراني ۽ سماجي مسئلا، کيتي ٻاڙي ۽ وطن جي محبت جون رھاڻيون، مھاڻن ۽ ميھارن جون ڳالھيون، مارن ۽ پورھتين جون حالتون، راڳ جون راحتون، سازن جا سرور، سياسي ۽ قومي جذبا، پنھنجي سنڌ جي اپٽار، ته جيڪر عام ماڻھو نه رڳو راڳ ۾ پر انھن جي پڙھڻ ۽ سمجھڻ ۾ پڻ بي انت چاه وٺن.
    لطيف سائينءَ انسانن جي خوشي ۽ خوشحاليءَ جو خواھان ھو، ۽ نه انھن کي تصوف ۽ روحانيت جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائڻ جو پرچارڪ.
    ماڻھن کي پڪ ئي پڪ اھو شاه وڌيڪ پسند ايندو. جو انسان آھي، انسانيت جو درد رکندڙ آھي، سنڌي آھي، سنڌ جو عاشق آھي، ۽ جو سنڌي سماج ۾ انقلاب چاھي ٿو.

    (5) سنڌي عمل جي راهه: سنڌي سدائين امن پسند ۽ مھمان نواز رھيا آھن. ھنن ڪنھن به قوم سان اڳرائي نه ڪئي آھي. ھنن ڪنھن به ٻئي ملڪ تي حملو نه ڪيو آھي.
    لطيف سائينءَ ڌارين ۽ ڌاريائپ جي پنھنجي ڌرتيءَ تان پاڙ پٽڻ لاءِ پوري طرح جذبو اڀاريو آھي، جيئن صدين کان وٺي سنڌي، غير سنڌين جي والار ۽ حملن جو ڀرڀور نموني، مڙس ٿي مقابلو پئي ڪندا رھيا آھن.

    (28 سيپٽمبر 1974)


    دروازا

    ھڪڙو پناھگير ھرڀرو مونکي اڙدوءَ ۾ چوڻ لڳو:
    ” اسان کي ۽ توھان کي سنڌ ۾ ئي رھڻو آھي، ھتي ئي جئڻو آھي، ھتي ئي مرڻو آھي، ھتي ئي ڪمائڻو آھي، ھتي ئي خرچ ڪرڻو آھي. اسانکي پاڻ ۾ ويڇو وجھڻ نه گھرجي. ھي پنجابي ۽ پٺاڻ ھتي ڏاڍو تيزيءِ سان وڌندا وڃن. ان باري ۾ اسان کي گڏجي سوچڻ گھرجي ۽ ٻڌي ڪرڻ کپي.“
    مون سنڌيءَ ۾ وراڻيو: ”گھٽ ۾ گھٽ اھا ڳالھه ته سنڌي ۾ ڪرين ھا ته پوءِ شايد ڪجھه اثر ٿيڻ جي ھلڪي اميد به رکي سگھين ھا.“
    ھن منھنجا لفظ سمجھيا يا نه، پر مطلب ضرور سمجھي ويو ۽ ڏاڍو ڦڪو ٿيو ۽ وڌيڪ ڊيگھه ڪرڻ کانسواءِ ھليو ويو.
    تازو ٻڌم ته ڪاليجن ۾ سنڌي شاگردن ۽ پنجابي شاگردن جو جھڳڙو ٿيو ته پناھگير شاگرد، جي ھيل تائين ھر مامري ۾ پنجابي شاگردن جو ساٿ ڏئي، سنڌي شاگردن جا مخالف پئي رھيا آھن، تن بنا دعوت اچي اڙدوءَ ۾ نعرا ھڻڻ شروع ڪيا: ” سنڌي مھاجر ڀائي ڀائي... ھيءَ ٽين قوم ڪٿان آئي!“ جڙتو جوش ۾ ھو اچي به وساري ويٺا ته پنجابين کي قوم سڏي، ھو پنھنجي اسلام جي قوميت واري بنياد کي نظرانداز ڪري رھيا آھن.
    ھڪڙو يونيورسٽيءَ جو شاگرد ملڻ آيو. ڳالھين ڪندي چيائين:
    ”ھنن پناھگيرن ۾ اوچتو ڇو اچي سنڌين لاءِ عشق ڦاٽو آھي؟“
    ” تون ڇا ٿو سمجھين؟“ مون ورندي پڇيو.
    ” ھوندن ڪو پنھنجو مطلب. ايترو ته ھنن کي اسين به سمجھي ويا آھيون. ورنه اسان جا بنيادي پرمار ته اھي ئي آھن. زمين، جائداد، ملڪيت، تعليم، روزگار ۽ نوڪرين جي سلسلي ۾ ته شروعاتي پرماريت انھن ئي ڪئي ۽ ڪن پيا. ٻيو ته ٺھيو پر پنھنجي ٻولي ۽ سڀيتا به اسان تي مڙھي رھيا آھن. پنجابين کان ڪم ازڪم ٻولي ۽ سڀيتا مڙھڻ واري شڪايت ته ڪانھي.“
    ” بنيادي ڳالھه ھيءَ آھي ته سنڌ جي سرزمين تي ڪوبه آباد ٿيندڙ غير سنڌي، سنڌين جو سڄڻ ٿي نٿو سگھي. ھو ھتي وڏا اقتصادي فائدا حاصل ڪن ٿا ۽ سنڌين جي پرماريت ڪن ٿا. ان ڪري ھو پنھنجي ڀلائي ان ۾ ٿا سمجھن ته سنڌين کي چٿي چيپاٽن ۽ وس پڄندي دٻيل رکن. اڳي پرماريت جو وڏو حصو پناھگيرن کي ملندو ھو، ھاڻي پنجابي ۽ پٺاڻ پڻ بيحد وڏي تعداد ۾ ھتي اچي ويا آھن. اھي ان پرماريت ۾ پناھگيرن جا حصيدار ٿي پيا آھن. سنڌي ته اڳي به وانجھيل ھئا، ھاڻي به وانجھيل آھن. سو پناھگيرن کي پيٽ ۾ اھو سور آھي. ھو سنڌين کي پاڻ سان ملائي پنھنجو مطلب سڌو ڪرڻ چاھين ٿا. پرمار ۾ پاڻمرادو لٽ مار تان ھٿ کڻڻ جو خيال پئدا نه ٿيندو آھي. اسان واسطي سڀئي پرمار آھن ۽ وقت اچڻ تي پاڻ ۾ ٻٽ ٿي اسان جا لاھ ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.“

    (21 ڊسمبر 1981)

    (2)

    سردار شوڪت حيات پنجاب جو جاگيردار ۽ سياسي اڳواڻ آھي. ھو مسلم ليگي آھي ۽ پاڪستان جي بانيڪارن مان آھي. ھنن تازو دانھن ڪئي آھي ته لياقت علي خان کوکراپار جو دروازو پناھگيرن لاءِ کولي، ھزارين براين جو دروازو کولي ڇڏيو. ھن جو چوڻ آھي ته لياقت علي خان پاڻ ھتي لڏي آيو ۽ ھن کي پاڻ کي چونڊائڻ لاءِ تڪ کپندو ھو، ۽ جئن ته ھو پناھگير ھو، ان ڪري ھن کي پناھگيرن وٽان ئي ووٽن ملڻ جي اميد ٿي ٿي سگھي ۽ انھي ڪري ھن پناھگيرن لاءِ کوکراپار جو دروازو کولي ڇڏيو.
    اھا ڳالھه سنڌ جي اڳواڻ ٽيھه سال اڳ ڪئي ھئي ۽ ھو اڃا تائين نظربند آھي. ھن اھا ڳالھه ٽيھه سال اڳ ان ڪري ڪئي ھئي جو بروقت ئي پناھگيرن جو سنڌين جي مفاد سان ٽڪر ٿيو ھو. ان وقت پناھگيرن جي مفاد پنجابين جي مفاد سان ٽڪر نه کاڌو ھو. ان ڪري پنجاب جي اڳواڻ سردار شوڪت ان وقت اھڙي ڳالھه نه ڪئي ھئي. ھن وقت سنڌ ۾ پنجابين جو تعداد وڌندي وڌندي بيحد وڌي ويو آھي ۽ سنڌ ۾ پنجابين جا مفاد، پناھگيرن جي مفاد سان ٽڪر کائڻ لڳا آھن۽ پنجابي اڳواڻ سردار شوڪت حيات کان دانھن نڪري وئي آھي. پناھگير چوڻ لڳا آھن ته شوڪت حيات غدار آھي، ھن کي گرفتار ڪيو وڃي.
    پنجابين ۽ پناھگيرن جي مفادن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿيو آھي ته ھاڻي بيگم لياقت علي خان کي به ياد آيو آھي ۽ ڳجھه وائکو ڪيو اٿائين ته سندس مڙس لياقت علي کي مارائڻ ۾ گرماني ۽ غلام محمد جو ھٿ ھو. گورنر گرماني ۽ گورنر جنرل غلام محمد پنجابي ھئا ۽ بيگم لياقت علي پناھگيرڻ آھي. گرماني ۽ غلام محمد مري ويا آھن، ان ڪري بيگم انھن جا نالا ورتا آھن، جئرا جوابدار به ھوندا، پر بيگم انھن جا نالا اڃا نه ٻڌايا آھن.
    سنڌين ريتيءَ جو دروازو کولڻ تي به احتجاج ڪيو ھو ۽ 35 سالن کان ڪري رھيا آھن. پنجٽيھه سال اڳ جڏھن ورھاڱو ٿيو ھو تڏھن ريتيءَ جو دروازو کوليو ويو ھو. ريتي، سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي، سنڌ جي پڇاڙڪي ٽيشڻ آھي. ريتي جو دروازو کولڻ تي پنجابي اڳواڻ سردار شوڪت حيات دانھن نه ڪئي ھئي ۽ نه اڃا تائين ڪئي اٿائين، ڇو ته ان مان پنجابي سنڌ اندڙ گھڙي ايندا آھن. ھن کوکراپار کلڻ جي دانھن به 35 سالن کان پوءِ ڪئي آھي. ھن ڊاڪا جي دروازي ڏانھن گھڙندڙ ھزارين براين جي به دانھن نه ڪئي ھئي. بنگلاديش ٺھي ويو، تڏھن به اھا دانھن نه ڪيائين. ورھاڱي کانپوءِ ريتيءَ وارو دروازو ٿورو گھڻو ٻيڪڙيل رھندو ھو، پر ون يونٽ ٺھڻ کانپوءِ اھو دروازو دائمي طرح کليل رکيو ويو ۽ ھاڻي ته اھو دروازو اکوڙي ڦٽو ڪيو ويو آھي. پر سردار شوڪت حيات کي ريتيءَ جي دروازي مان گھرندڙ ھزارين براين جو احساس نه ٿيو آھي، يا جي ٿيو آھي ته اعتراف نه ڪيو اٿائين، دانھن نه ڪئي اٿائين. پر سنڌي دانھون ڪندا رھيا آھن. سنڌي منڍ کان ئي دانھون ڪندا رھيا آھن.

    (18 فيبروري 1982)


    سنڌ اسان جي ننڌڻڪي ناھي

    سائين مارڪس جي چوڻي: ”دنيا جا مزورو! ھڪ ٿي وڃو!“ جئين مون سمجھي آھي، اھا پڌري ڪرڻ چاھيان ٿو. ٿورن جملن ۾ ان جو تت ھي آھي ته ھر ملڪ ۽ ھر قوم جا مزور پنھنجي پنھنجي ملڪ يا علائقي ۾ تحريڪ ھلائي يا طبقاتي جنگ جوٽي، طبقن جو خاتمو ڪن، جئن ظلم ۽ مظلوم طبقا نه رھن، ۽ ڦريندڙ ۽ ڦرجندڙ طبقن جو خاتمو ٿي وڃي ۽ سڀ ڪو سوشلزم جا سک ۽ فائدا ماڻي سگھي. پوءِ اھڙن ملڪن جا سوشلسٽ مزور، دنيا جي ٻين ملڪن، جتي مزور اڃا غلام ۽ مظلوم آھن، تن جي مالي، اخلاقي ۽ جنگي مدد ڪن، جئين ھو به پنھنجي پنھنجي ديس ۾ طبقاتي سماج جو انت آڻي ڇڏين ۽ اھڙي ريت پوري دنيا سوشلزم جا سک ماڻي ۽ ملھائي.
    ھاڻي مان ھتي جو مثال وٺان ٿو. ھتي چار قومون يا چار علائقا آھن: سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان. سنڌ ۾ لکين پنجابي مزور ۽ ھاري، ۽ لکين پٺاڻ پيا ڪم ڪن، ان جي نتيجي ۾ لکين سنڌي مزور ۽ لکين سنڌي ھاري بيروزگار ٿي پيا آھن، ۽ بکيا، اگھاڙا ۽ بي اجھا پيا جيون جا ڏينھن گذارين. مطلب اھو ٿيو ته پنجابي مزورن ۽ پنجابي ھارين، ۽ پٺاڻ مزورن، سنڌي مزورن کي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي زمينن ۽ کيتن تان بيدخل بنائي، بيروزگاريءَ جي حالت ۾ ڀٽڪڻ تي مجبور ڪيو آھي. ظاھر آھي ته جي باھ ۽ پاڻي پاڻ ۾ ھڪ ٿي سگھن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ آيل پنجابي ۽ پٺاڻ مزور ۽ ھاري سنڌين سان ھڪ ٿي سگھن ٿا.
    پڌرو آھي ته سائين مارڪس، اھڙي ٿوري سمجھه وارو ته ڪونه ھو جو اھڙي ڳالھه ڪري ھا. ھو ته دنيا جي تمام وڏن ڏاھن مان ھڪ ھو.
    ظاھر آھي ته سنڌ ۾ ھيترا لک پنجابي ۽ پٺاڻ مزور ۽ ھاري، چوڌرين، خانن ۽ ڪارخانيدارن لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ انھن کي ڪروڙين اربين رپيا ڪمائي ڏين ٿا. ان طرح ھو سنڌ ۾ سرمائيداري سرشتي کي وڌائي رھيا آھن. اھي پنجابي ۽ پٺاڻ انھن ڪارخانيدارن خلاف طبقاتي ھلچل به ھلائي نٿا سگھن. انھن ڪارخانيدارن ئي ھنن کي ھتي آندو آھي ۽ روزگار سان لڳايو آھي، ورنه ھو پنھنجي ملڪ ۾ ڳڀي ڳڀي لاءِ محتاج ھئا. ھاڻي جي اھڙا مزور، پنھنجن مالڪن خلاف ڪو احتجاج ڪن ٿا ته اھي پنجابي ۽ پٺاڻ ڪارخانيدار ھڪدم ھنن کي دڙڪو ڏين ٿا ته جي توھان ڪجھه به گوڙ ڪيو ته سنڌي اڳيئي سڙيا ويٺا آھن ۽ بيروزگار آھن، اھي بنا دير اچي توھان جون مزوريون ۽ ملازمتون ڀريندا ۽ توھان کي واپس پنھنجي وطن وڃي بک مرڻو پوندو. ان ڪري اھي مزور به ماٺ ۾ آھن ۽ سنڌ جي ڦرلٽ ۾ پنھنجي مالڪن سان ڪنھن نموني حصيدار آھن. انڪري ئي ته چيو ويو آھي ته پرمار رڳو شخص نه ٿيندا آھن، پر قومون به پرمار ٿينديون آھن. انھيءَ نموني پنجابي ۽ پٺاڻ قومون، سنڌين واسطي پرمار ۽ ظالم آھن.
    ھاڻي انھي حالتن ۾ ڪيئن چئي سگھبو ته سائين مارڪس اھڙن مزورن لاءِ چيو آھي ته ھڪ ٿي وڃو.
    پٺاڻ ۽ پنجابي مزورن جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري نه رڳو بيروزگاريءَ جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ۽ سرمائيداري نظام کي ھٿي ملي ٿي، پر لساني، تھذيبي ۽ ٻيا تضاد پڻ پئدا ٿين ٿا ۽ سامراجي ذھنيت ڪري ماڻھن تي سياسي ظلم وڌن ٿا. ان ڪارڻ ھتي سدائين ڪانه ڪا ڳڙٻڙ رھي ٿي.
    جيئن ته سنڌ ۾ آيل پنجابي ۽ پٺاڻ پورھيت ۽ ھاري ڪابه طبقاتي ھلچل نه ٿا ھلائين ۽ پرمارن خلاف ڪوبه احتجاج ڪري به ٿا سگھن،، انڪري طبقاتي سماج وڌيڪ پختو ٿئي ٿو ۽ پرمار طبقي کي وڏي ھٿي ملي ٿي. وري ٻي ڳالھه به ٿئي ٿي. جيئن ته مزور ۽ ھاري طبقو، پنجاب ۽ سرحد مان سنڌ ڏانھن ھليو اچي، انڪري انھن علائقن ۾ مزورن ۽ ھارين جو تعداد گھڻو گھٽجي وڃي ٿو، انڪري ھو اتي ڪا انقلابي تحريڪ يا احتجاجي ھلچل ھلائڻ جو سوچين به ڪونه ٿا. ساڳئي وقت پنجاب ۽ سرحد جي چوڌرين خانن، سردارن ۽ ڪارخانيدارن جو بار ۽ مخالفت ھلڪي ٿي وڃي ٿي ۽ ظالمن ۽ مظلومن جي وچ ۾ تضاد ڪونه ٿا وڌن. انڪري اھي پرمار يعني چوڌري، خان۽ ڪارخانيدار پنھنجيون پنج ئي آڱريون گھه ۾ ڏسن ٿا ۽ پنھنجا گھر ۽ خزانا ڀريندا رھن ٿا، ۽ جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام پاڙون پختيون ڪندو وڃي ٿو ۽ اھي ملڪ انقلابي طرح وکون پوئتي کڻندا وڃن ٿا.
    اھڙي طرح پنجابي ۽ پٺاڻ پورھيت، مزور ۽ ھاري سنڌ ۾ اچڻ ڪري پٺاڻ ۽ پنجابي زميندارن، ڪارخانيدارن ۽ سرمائيدارن کي ٻٽو فائدو پھچي ٿو.
    انھن ڳالھين ڪري مان سمجھان ٿو ته سائين ڪارل مارڪس جو ” دنيا جا مزورو! ھڪ ٿي وڃو!“ مان ھرگز اھو مقصد نه ھو ته پنجابي ۽ پٺاڻ مزور سنڌ ۾ اچي، سنڌي مزورن ۽ پورھتين کي بيروزگار ۽ بيڪار بنائي پاڻ سنڌ جي ڪارخانن ۾ نوٽن جون جھوليون ڀرين ۽ ھتي جا اصل رھاڪو سنڌي مزور ۽ پورھيت پيٽ بکيا، انگ اگھاڙا ۽ بنا اجھي مرندا رھن. مان يقين سان چوان ٿو ۽ ڳالھه پڌري پڻ آھي ته سائين ڪارل مارڪس جو اھو مطلب نه آھي ته سنڌ ۾ ايندڙ پنجابي ۽ پٺاڻ مزور ۽ ھاري مظلوم آھن، انڪري ٻئي علائقي يعني سنڌ ۾ ڀلي اچي ڪم ڪن ۽ سنڌ جا مزور بيڪار ۽ بيروزگاريءَ ۾ ٻاٿون کائيندا وڌن، پر بک ۽ اڻھوند ۾ پاڻ کي اھو آٿٿ ڏين ته ھو به مظلوم مزور آھن ۽ سائين ڪارل مارڪس جو چوڻ آھي ته ”دنيا جا مزورو! ھڪ ٿي وڃو!“
    پر ماڻھن کي ڇا چئجي؟ ھو ته پنھنجي مطلب خاطر ڌرمي ڪتابن کي به ڦيرائي ڇڏيندا آھن. البت ھنن کي اھو ياد رکڻ کپي ته ڌرمي ڪتابن۾ ماڻھن جي انڌي عقيدت آھي، انڪري ھو سوال جواب ڪونه ڪندا آھن، پر سائين ڪارل مارڪس جي چوڻي سائنس جي بنياد تي آھي ۽ سائنس تي دليل بازي، تنقيد ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لازمي آھي، سائين ڪارل مارڪس جي ھن چوڻي: ”دنيا جا مزورو ھڪ ٿي وڃو!“ مان ھنن جي اھائي مراد ظاھر ٿئي ٿي ته جامان مٿي ٻڌائي چڪو آھيان.
    جڏھن سڀ مزور پنھنجي پنھنجي علائقي ۾ طبقاتي جنگ لڙندا ۽ پرمار طبقي کي ختم ڪندا ۽ اتي سوشلزم جو راڄ اچي ويندو ته ھرڪو علائقو خوشحال ۽ سکيو ستابو ٿي ويندو. جپان ۾ ھڪ چوڻي آھي ته جي ھر ڪو خاندان پنھنجو گھر ۽ پنھنجي گھر جي سامھون رستي جوٽڪر صاف رکي ته سارو شھر سدائين صاف سٿرو رھي. اھڙي طرح ھر ملڪ ۽ ھر پرڳڻو پاڻ وٽ سوشلزم آڻي ته سڄي دنيا سوشلسٽ ٿي وڃي.
    پنجابي ۽ پٺاڻ مزور پنھنجن علائقن ۾ ڀلي مظلوم ھجن، پر جيئن ئي ھو مزوريءَ لاءِ سنڌ ۾ اچن ٿا ۽ مزروي ۾ لڳي وڃن ٿا ته ھو گھٽ ۾ گھٽ سنڌين لاءِ ظالم ۽ سامراجين جا ساٿي بنجي وڃن ٿا.
    ٻي حقيقت به ٻڌائي ڇڏيان. ھر قوم پرست (نئشنلسٽ) نظرياتي ۽ عملي طرح سوشلسٽ ٿيندو آھي. نئشنلزم جو مقصد رڳو ڌارين کي پنھنجي ديس مان ڪڍڻ ۽ سامراج کان آجپائي حاصل ڪرڻ نه آھي. آزادي وٺڻ کان پوءِ اھو به ڏسڻو آھي ته قوم سکي ۽ پرماريت کان ڇٽل ھجي. آزاديءَ کان پوءِ به جي سماج طبقاتي رھيو ته ان مان عام پورھيت، ھاري ۽ عوام کي ڪو لاڀ ڪونه پھچندو. ھن لاءِ وڏيري، سيٺ، سرمائيدار ۽ ڪارخانيدار جون اھي ئي غلامي جون زنجيرون ھونديون. انڪري آزادي حاصل ڪرڻ وقت طبقاتي سماج جو به خاتمو ٿيڻ کپي، پرماريت جو نالو به نه ھجي. ان حالت ۾ ئي عوام آزادي جي خوشحالي محسوس ڪري ۽ ماڻي سگھندا. ان سبب نئشنلسٽ چئبو ئي ھن کي آھي جو سوشلسٽ به آھي.
    باقي نئشنلزم کان سواءِ سوشلسٽ ٿيڻ گمراھي آھي يا خود فريبي يا منافقت. ھڪ ته ڌاري ڌرتيءَ تي سڀئي مزور ھڪ ڪونه ٿيندا. ھنن جا قومي تضاد پڌرا ۽ سگھارا آھن. ڪو پنجابي آھي، ڪو پٺاڻ، ڪو پناھگير ۽ ڪو سنڌي، ان کان سواءِ سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڌارين مزورن جا مالڪ يعني چوڌري، خان ۽ ڪارخانيدار، ھنن کي پرائي زمين تي ھجڻ جو ڊپ ڏئي ڊيڄاريندا. وري لساني، تاريخي، تھذيبي ۽ ٻيا تضاد آھن. وڏي ڳالھه ته سنڌين کي ھينئر باھيون آھن ته چاليھه سال غير سنڌين سندن ڏٺو وائٺو اسلاميت ۽ پاڪستانيت جي نالي ۾ پرماريت ڪئي آھي ۽ ھينئر ھو ھنن جي ڪنھن به ڳالھه تي اعتبار يا اعتماد نه ڪندا، ۽ ھنن کي آزمائڻ جو ھاڻي ڇيھه ٿي چڪو آھي.
    ھتي مون کي ياد ٿو اچي ته چاليھه سال غير سنڌين، سنڌين کي اسلاميت ۽ پاڪستانيت جي نالي ۾ بيوقوف بنايو آھي، لٽيو ڦريو آھي، تباھ ڪيو آھي، سنڌ جون زمينون، جائدادون، ملڪيتون، ڪارخانا، گھر ۽ دڪان ھڙپ ڪيا آھن. سنڌين پنھنجي سادگي ۽ مھمان نوازيءَ ڪري پاڻ بکيا، بي اجھي ۽ اگھاڙا رھي اھو سڀ پئي سٺو ته ھي به مسلمين ڀائر آھن، ھي به پاڪستاني ڀائر آھن، پھرين اھي پوءِ اسين. چاليھن سالن کانپوءِ مس مس وڃي محسوس ڪيو اٿن ته مذھب ۽ پاڪستان جي نالي ۾ اھوسارو دوکو ھو، ساري منافقت ھئي، ساري سازش ھئي اسان کي ڦرڻ ۽ نابود ڪرڻ واسطي... ھا ته اسان جي سنڌي عوام، چاليھن سالن کان پوءِ ان دوکي ۽ سازش کي مس سمجھڻ شروع ڪيو آھي ته وري ھتي جي ڪن گمراھ يا نقلي ڪامريڊن اسان جي سنڌي عوام کي نئين نعري سان دوکو ڏيڻ شروع ڪيو آھي، ۽ اھو ھي آھي ته ھاري ۽ مزور مظلوم آھن يعني پنجابي ۽ پٺاڻ مزور ۽ ھاري به مظلوم آھن، سنڌي مزور ۽ ھاري به مظلوم آھن، ۽ مظلوم پاڻ ۾ ڀائر آھن ۽ گڏجي ظالم جو مقابلو ڪن. يعني پنجابي ۽ پٺاڻ مزور ۽ ھاري ڀلي پيا سنڌ جي ڪارخانن ۾ ۽ کيتن تي ڪم ڪن، توھان سنڌي ڀلي بک مرو، پر انھن ڌارين مزورن ۽ ھارين جي ھتي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ تي اعتراض نه ڪريو. اھڙا ڪامريڊ ھنن کي ايئن ڪونه ٿا چون ته پنھنجن پرڳڻن پنجاب ۽ سرحد موٽي وڃو.
    مطلب ھي ٿيو ته اھڙن ڪامريڊن جي دوکي يا نعري کي سمجھڻ لاءِ اسان جي سنڌي عوام کي وري ٻيا چاليھه سال گھرجن. پر شايد ائين نه ٿئي، ھو ڌڪا ٿاٻا کائي، گھڻو ڪجھه وڃائي، باشعور ٿي ويا آھن، ھو ان نعري کي ڏھن سالن اندر سمجھي وڃن يا شايد پنجن سالن اندر، يا شايد فورن سڀ ڪجھه تاڙي وڃن!
    ھاڻي ڪجھه انٽرنئشنلزم تي ڳالھائجي. ھتي مون ملڪ جي بدران قوم جو لفظ استعمال ڪيو آھي، ڇو ته ھڪڙي ملڪ ۾ ھڪ کان وڌيڪ قومون ٿي سگھن ٿيون، جن جا مزور ۽ ھاري ھڪ ٻئي جا پرمار ۽ دشمن ٿي سگھن ٿا. ڳالھه سنئين سڌي پئي آھي. ھر قوم جي مزورن ۽ ھارين ۽ پورھتين کي انقلابي ھلچل ھلائي، پرماريت جو مڪمل طرح خاتمو ڪري پنھنجي ديس اندر غير طبقاتي سماج قائم ڪرڻ گھرجي، پوءِ پنھنجي ديس مان ئي انھن قومن جي مزورن ۽ ھارين جي انقلابي تحريڪن جي اخلاقي، مالي ۽ جي ضرورت پوي ته جاني سھڪار پڻ ڪن. باقي پنجابي، پٺاڻ ۽ پناھگير مزورن ۽ ھارين وانگر سنڌ ۾ اچي اتي پنھنجي چوڌرين، خانن، سردارن ۽ سرمائيدارن جو ساٿ ڏئي، ھتي جي کيتن ۽ ڪارخانن تي قبضو ڪن ۽ سامراجي ڪردار ادا ڪن، ۽ ھتي جي ھارين ۽ مزورن کي بکيو، اگھاڙو ۽ بي اجھي بنائين، ۽ پوءِ نعرو ھڻن ته اسانجي مخالفت نه ڪريو، اسان کي ھتان ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو يا ھلچل نه ھلايو ڇو ته اسين سڀ مظلوم آھيون، سنڌي توڙي غير سنڌي مزور ۽ ھاري پاڻ ۾ڀائر آھيون، ته اھو سڀ دوکو آھي. تنھنڪري ان ڳالھه جي پھرين ضرورت آھي ته اھڙن غير سنڌين کي پوءِ اھي زميندار ھجن يا سرمائيدار، ھاري ھجن يامزور، ھتان ٽپڙ کڻايا وڃن، جئن ھو پنجاب يا سرحد يا جتي جي به کرڙ آھن، اوڏانھن ھليا وڃن ۽ جي انقلابي شعور اٿن ته اتي وڃي طبقاتي جنگ لڙن ۽ ھتي اسين سنڌي سوشلزم لاءِ ڀرڀور ھلچل ھلايون.
    ڪارل مارڪس اھو محسوس ڪيو يا نه، لينن جو انھي طرف توجھه ويو يا نه، پر مان توھانکي پنھنجي سوچ ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته ڌرتيءَ تي ڌاريا مزور ڪڏھن به سوشلزم آڻي نه سگھندا آھن، پاڻ انھي واٽ ۾ رڪاوٽ بنجندا آھن.
    پنجابي مظلومن جي ڳالھه ڪندڙ سنڌي ڪامريڊ، اھا ڳالھه سمجھي نه ٿا سگھن يا ڄاڻي واڻي اڻڄاڻ ٿا بنجن، ته اھا خود مارڪسزم جي تقاضا آھي ته پنجابي ۽ پٺاڻ مزورن ۽ ھارين کي سنڌ جي ڪارخانن ۽ ٻنين تان ڪڍيو وڃي، جئن ھو پنجابي ۽ پٺاڻ پرمارن جا دلال بنجي سنڌي مزور ۽ ھاري برادريءَ لاءِ مسئلا نه پئدا ڪن، ۽ پنھنجن پرڳڻن ۾ وڃي اتي سائنسي سوشلزم جي بنياد تي طبقاتي جنگ لڙن، ۽ انقلابي ڪم ڪن.
    انٽر نئشنلزم جو دور اڃا دور آھي. اڃا ته روس خود به سوشلزم جي دور ۾ آھي. سوشلزم جي اوسر ذريغي ھو ڪميونزم جي دور ۾ پھچندا. جڏھن ڪميونزم نه رڳو روس ۾ پر پوري دنيا ۾ پچي راس ٿيندي، تڏھن ئي انٽرنئشنلزم جو دور ايندو!
    مونکي اھو وڌيڪ چٽائي ڪندڙ ٿو لڳي ته سنڌي ھارين، سنڌي پورھتين ۽ سنڌي صنعتي مزورن کي مظلوم بدران ”غلام“ ڪوٺجي. انڪري جيڪي ڪامريڊ پنجابين کي به مظلوم ڪوٺي مونجھارو ٿا پئدا ڪن، تن جي ڳالھين کي سنڌي ماڻھو سولائي سان تاڙي ويندا. ھونءَ به پنجابي سامراجي قوم، سنڌ کي بيٺڪ بنايو ويٺي آھي.
    ڪي ڪامريڊ دليل ڏيندا آھن ته سنڌ ۾ پنجابي ھاري ۾ مزور، انڪري سامراجي نه آھن جو ھو مٿين ڪمائي (Surplus Value) ڪونه ٿا ڦٻائن. زميندار ۽ سرمائيدار، ھارين ۽ مزورن جي مٿين ڪمائي کائيندا آھن. (Surplus Value) يا مٿين ڪمائي، رشوت جي مثال مان سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو. ھڪ ڪاموري کي پنھنجي پورھئي جو اجورو پگھار جي صورت ۾ ملي ٿو، پر رشوت ھن جي مٿين ڪمائي يا سرپلس وئليو آھي.
    سنڌ ۾ پنجابي مزور ڪيئن ٿو Surplus Value يا مٿين ڪمائي کائي؟ ھڪ ته سنڌي مزور کي بيروزگار بنائي، جو پنجابي مزور کي نوڪري ڏني وڃي ٿي، سو ھڪ نموني پنجابي مزور جي ساري پگھار يا مزوري سڄي جي سڄي مٿين ڪمائي ۾ شمار ڪري سگھجي ٿي. ٻيو ته ساڳئي ئي ڪارخاني ۾، ساڳئي ڪم لاءِ پنجابي مزور کي، سنڌي مزور کان سرس اجورو ڏنو وڃي ٿو. اھو وڌيڪ اجورو مٿين ڪمائي ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. ٽيون پنجابي مزور کي رھائش، علاج معالج جي سھوليت ۽ ٻيون سھوليتون ۽ وڏي ڳالھه ته سولائي سان نوڪري ملڻ، اھي سڀ شيون مٿين ڪمائي يا Surplus Value ليکي سگھجن ٿيون.
    جيڪڏھن حقيقي طرح (Objectively) سوچبو ته ڏسڻ ۾ ايندو يا محسوس ٿيندو ته گھٽ ۾ گھٽ ٽين دنيا ۾ ھن وقت ”قوميت“ جو جذبو سگھاري ۾ سگھارو جذبو آھي. ائين برابر آھي ته اصل ۾ انٽر نئشنلزم، سوشلزم ۽ ڪميونزم جا جذبا، ”قوميت“ جي جذبي کان مٿانھان آھن، پر ٽين دنيا جي رھاڪن جي ذھني ارتصا ايتري آھي، يا گھٽ ۾ گھٽ ھو لاشعوري طرح ”قوميت“ جي جذبي سان ڏاڍو گھرو ڳنڍيل آھن. ھنن جو ذھن اڃا تائين سوشلزم ۽ انٽرنئشنلزم جي سطح تائين پھتو ئي نه آھي. زباني طرح ڀلي ھو سوشلزم ۽ ڪميونزم جي دعوا ڪندا ھجن، پر دلي طرح ۽ ذھني طور ۽ عملي طور ھو قوميت جو جذبو رکن ٿا. پنجاب جي ڪامريڊ عبدالله ملڪ جھڙو گڻنگ ڪميونسٽ، حج تي وڃي ٿو ۽ اسلام کام متاثر ٿئي ٿو ۽ ان باري ۾ ”حديث دل“ نالي سفر نامو لکي ٿو. حقيقت ۾ اھو ھن جو پنجابيت جو جذبو آھي، ڇو ته ھنکي خبر آھي ته اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾، ھن جي قوم ٻين قومن جي آسانيءَ سان ۽ ڀرڀور پرماريت ڪري سگھي ٿي ۽ ڪري پيئي. ساڳيو حال ھو فيض احمد فيض جو، جنھن کي ”اسلامي سوشلزم“ کپندي ھئي ۽ جو ھر حڪومت جو دادلو ٿي رھيو.
    دنيا ۾ڏکن، پيڙا ۽ بيروزگاري، بدامني، نسلي ۽ لساني فساد، جھيڙي ۽ جنگ جو بنيادي ڪارڻ ”ڌاريائپ“ آھي.
    ڌاريائپ جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪبي ته قصو وڃي سامراجيت جو روپ وٺندو. آمريڪا جو ويٽنام، ڪيوبا نڪارا گوا ۽ ٻين ملڪن تي حملا ڪرڻ. آمريڪا جو افغانستان، ايران ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ دست اندازي ڪرڻ، انگريزن جو ڏکڻ آفريڪا تي غلبوڪرڻ ۽ ٿورائيءَ ۾ ھوندي به گھڻائيءَ کي غلام رکڻ، آمريڪا جو ھر ملڪ ۾ ملڪي ايجنٽن ذريعي جاسوسيءَ جو ڄار پکيڙڻ، ھر ملڪ ۾ گھڻ قومي ڪارپوريشن جا سرمائيدار دلال پئدا ڪرڻ، پاڪستان جو افغان ڀڳوڙن کي رکڻ، سنڌ ۾ غير سنڌين کي آباد ڪرڻ ۽ کوڙ ٻيا ”ڌاريائپ“ جا قھر ۽ ڪلور آھن.
    ھئڻ ايئن گھرجي ته ڪنھن قوم يا علائقي کي، پنھنجا ڪم ڪرائڻ لاءِ ماڻھن جي ضرورت آھي ته ان علائقي جي قوم ۽ حڪومت جي اجازت ۽ راضپي سان ڌاريا پورھيت اتي وقتي طور اچي سگھن ٿا، پر انھن کي نه ووٽ جو حق ھوندو، نه ملڪيت خريد ڪرڻ جو ۽ نه دائمي طور آباد ٿيڻ جو.
    سريلنڪا ۽ فجي ٻه ننڍڙا ملڪ آھن ۽ سمنڊن وچ ۾ ٻيٽ آھن. سريلنڪا ۾ انگريز سامراج ڌارين تاملن کي، چانھه جي باغن ۾، سستي مزوريءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ آڻي آباد ڪيو. اھي تامل، جڏھن ججھي ڳاڻاٽي ۾ ٿي ويا ته ان ڌرتيءَ تي پنھنجو حق جتائڻ لڳا ۽ اڄڪلھه اتي باھ ۽ رت جي راند کيڏجي رھي آھي، ۽ سريلنڪا جي اصلي رھاڪن لاءِ امن، سک ۽ ترقي تباھ ٿي رھيا آھن. اھڙي ريت فجي ٻيٽ ۾ انگريز سامراج، ڪمند جي کيتن ۾، سستي پورھئي لاءِ ھندستاني مزورن کي آندو. ھندستاني وڌندي وڌندي، اتي جي اصلي رھاڪن ملانشين قوم کان گھڻائي ۾ ٿي ويا آھن ۽ اتي حاڪم ٿيڻ جو حق ڇڪين ٿا. نتيجي ۾ ان ۾ملڪ ۾ جنگ ۽ فساد جو راڄ برپا ٿي ويو آھي.
    دنيا جي دائمي سک، امن ۽ ترقيءَ لاءِ ضرورت آھي ته ڌارين کي پنھنجي اصلي ڌرتيءَ ڏانھن موٽايو وڃي، پوءِ چاھي ھو سؤ سالن کان ڇو نه پرائي ڌرتيءَ تي کپ کوڙي ويٺا ھجن. اھڙي قسم جي ڌاريائپ اصل ۾ سامراجيت جو ھٿيار آھي. ان ذريعي به سامراج دنيا جي ٻين قومن ۾ ڦيٽاڙو وجھي ٿو ۽ پرماريت ڪري ٿو. اسرائيل ان جو چٽو پٽو مثال آھي.
    جيڪي ڌاريا سنڌ ۾ اچي کپ کوڙي ويٺا آھن، انھن ۾ خاص ٽولا ھي آھن: ھندستاني پناھگير، بھاري، پنجابي، پٺاڻ، افغان ڀڳوڙا ۽ ايراني. ھندستاني پناھگير ھتي اچي پنھنجي درباري اڙدو ٻولي ۽ درباري تھذيب مڙھي، ڪوڙن ڪليمن جي نالي ۾ بنگلا، ملڪيتون، زمينون، جائدادون، ڪارخانا ۽ پئداور جا ھڙ ذريعا ھڙپ ڪري، سنڌين کي ڀينگو ڪري ڇڏيو، ساڳئي وقت روزگار، نوڪريون، آفيسون، وزيريون ۽ سياسي عھدا به ھٿ ڪري ويا، واپار ۽ ڪاليج جي داخلائن تي قبضو ڪري ويا. تڏھن به ھنن جي رڙ پئي پوي ته اسان سان ظلم آھي، اسان ۾ محروميءَ جو احساس آھي. بھاري، بنگالين جا خوني ۽ قاتل آھن، ۽ ھتي اچي اھا ئي واٽ ورتي اٿائون. بم ٺاھڻ ۽ ھڻڻ ۽ ڇرا ٽنبي مارڻ، ھنن جي خصوصيت (Specialty) آھي. پنجابي ھتي زمين، واپار، وڏين وڏين نوڪرين ۽ گذران جي ذريعن تي قبضو ڪيو ويٺا آھن. مارشل لا جي روپ ۾ ملڪ کي غلاميءَ جي غار ۾ ڌڪي ڇڏيو اٿن. سنڌي عوام کي ڌاڙيل سڏي، گولين جو شڪار پيا بنائين، ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪن ۽ فوجي ڇانوڻيون ٺاھن ۽ ٿرين تي رينجرن جي روپ ۾ قھر ڪن. پٺاڻن ھتي اچي سمگلنگ، آفيم ۽ ھيروئن پھچائڻ، ٻار کڻي وڃڻ ۽ ڀڄائڻ ۽ خرڪار ڪئمپن جو روايتون شروع ڪيون. افعان ڀڳوڙن ھيروئن ۽ خطرناڪ ھٿيارن جو رواج ھتي وڌو آھي ۽ بمن سان دھشتگرديءَ جي ڪارنامن ۾ رڌل آھن. ايراني ھتي موتمار ھٿيارن ۽ بمن سان پنھنجو جواھر ڏيکاري رھيا آھن.
    ھن وقت سنڌ ۾ پناھگير ۽ پٺاڻ، ھڪ ٻئي جو رت وھائي رھيا آھن. ھنن جي وڙھڻ جو اصل سبب سنڌ جي ڦرلٽ ۾ حصيداري آھي. سڀني غير سنڌين کي مجبور ڪيو وڃي ته ھو جتي جي کرڙ آھن، اوڏانھن ھليا وڃن ۽ پنھنجي پنھنجي ڌرتيءَ تان وڃي ھڪ ٻئي سان حساب چڪتو ڪن، اسان جي ڌرتي اھڙي ننڌڻڪي نه آھي، جو ڌاريا انجا خزانا لٽڻ ۽ پاڻ ۾ ورھائڻ خاطر ان کي بيروت ۽ لبنان بڻائين!


    سنڌ تي عرب ڪاھه جا ڪي ڪردار

    وليد بن عبدالمالڪ، حجاج بن يوسف ۽ محمد بن قاسم سنڌ تي مسلمان جي حيثيث ۾ ڪاھ ڪئي يا عرب جي حيثيث ۾؟
    وليد بن عبدالمالڪ بادشاھ ھو ۽ وراثت ڪري بادشاھ ٿيو ھو. اسلام ۾ بادشاھت ڪانھي. اسلام جمهوريت جو علمبردار آھي. ان ڪري وليد بن عبدالمالڪ ”مسلمان بادشاھ، نه پر ”عرب بادشاھ“ ھو. ان ڪري ھن جي سنڌ تي حملو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، عرب حيثيث ۾ ھئي ۽ نه مسلمان جي حيثيث ۾.
    تاريخن موجب، محمد بن قاسم ۽ حجاج، خليفي وليد کي سنڌ مان ڦر مار جو تيرنھن ڪروڙ رپين (ان وقت جو ملھه) جو مال ۽ سون موڪليو. ان کانسواءِ ٽيھه ھزار غلام ۽ ٻانھيون موڪليون.
    ھن مان ظاھر آھي ته سنڌ تي خليفي جي ڪاھ اسلام خاطر نه ھئي، پر دولت ھٿ ڪرڻ لاءِ، ماڻھن کي غلام بنائڻ لاءِ ۽ عياشيءَ لاءِ عورتون ھٿ ڪرڻ واسطي.
    ھاڻي ٻين جي مال ملڪيت تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ اھا ڦٻائڻ، انسانن کي غلام ڪرڻ ۽ غير عورتن کي پنھنجي عياشيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ ڇا اسلام آھي؟ ڪنھن کي به ان جو جواب”ھا“ ۾ ڏيڻ جي ھمت نه ٿيندي. پوءِ پڌرو آھي ته سنڌ تي اھا ڪاھ ”اسلامي ڪاھ“ نه پر ”عربي ڪاھ“ ھئي. يعني سنڌ تي عربن جي ڪاھ جو ڪارڻ اسلام مذھب جي خدمت نه، پر دولت حاصل ڪرڻ ۽ سياسي طاقت وڌائڻ ھو.
    جھازن ڦرجڻ وارو واقعو، جدا جدا تاريخن (خاص ڪر تاريخ معصومي) جي بيانن ۽ عقل جي روشنيءَ ۾، ۽ ان وقت جي عرب حاڪمن جي ڪردار (عياش طبيعت ۽ سامراجي ذھنيت) کي ڌيان ۾ رکي، سمجھجي ٿو ته اھو واقعو ڪجھه ھن ريت ٿيو ھوندو:
    عرب خليفي، سنڌ جي عورتن جي سونھن جي ھاڪ ٻڌي. ھن پنھنجا دلال موڪليا ته وڃي لنڪا ۽ سنڌ مان ٻانھين جي صورت ۾ سھڻيون ڇوڪريون ڳنھي اچن. دلالن پھرين اچي لنڪا مان ٽڪن تي ڇوڪريون خريد ڪيون، پوءِ اچي سنڌ مان خريد ڪيائون. ڪن سنڌين کي اھا سُڌ پئجي وئي، ۽ غيرت ۾ اچي، ديول بندر تي، ھنن عربن جي جھازن تي حملو ڪري، پنھنجي ديس جون ڇوڪريون ڇڏرايائون. ان تي انھن دلالن پنھنجي حاڪمن کي وڃي دانھن ڏني ته سنڌي ڦورن اسان جو جھاز ڦريو آھي.
    ھن واقعي جي سلسلي ۾ چيو ويو آھي ته ان جھاز ۾ عرب عورتون ھيون، جن مان ھڪڙي حجاج کي پڪاري چيو، ” اغٿني يا حجاج!“
    ھڪ ته ان وقت لنڪا ۽ سنڌ ۾ ايترا مسلمان ھئا ڪونه، جو ايتري وڏي تعداد ۾ جھاز ۾ چڙھيا ھجن. ٻيو ته ھڪ مسلمان عورت کي جيڪڏھن پڪارڻو ھو ته خدا يا رسول کي پڪاري ھا، يا وقت جي خليفي کي پڪاري ھا. ھوءَ حجاج ڪي ڪيئن پڪاريندي، جو فقط گورنر ھو!
    ٻيو ته ھن واقعي کي بھانو بڻائي، عربن جو سنڌ تي حملو ڪرڻ به اعتبار جوڳي ڳالھه ڪانھي. اھي ئي عرب، ھن واقعي کان اڳ ۾ 14 ڀيرا سنڌ تي چڙھائي ڪري چڪا ھئا. ان وقت سنڌين ڪھڙو جھاز ڦريو ھو ؟
    تاريخ ”طبقات ناصري“ جي صفحي 189 تي ھن خليفي وليد بن عبدالمالڪ جي باري ۾ لکيل آھي: ھو بدزبان، بدنظر ۽ خيث عملن وارو شخص ھو. ھن جي ڏينھن ۾ فتح ڪيل لڙاين ۾ اسلام وارن کي جو ڪجھه مليو ان ۾ رڳو ٻانھيون ۽ غلام ھڪ لک ھئا.
    سنڌ تي ڪاھ جو مکيه ڪردار گورنر حجاج بن يوسف ھو. ھن لاءِ تاريخن ۾ جيڪي لکيل آھي، ان مان ڪي ڳالھيون ھيٺ درج ڪجن ٿيون:
    حضرت عمر بن عبدالعزيز چيو ته سڄي دنيا جا خبيث ھڪ طرف ۽ حجاج ٻئي طرف، تڏھن به ھو خبيثائيءَ ۾ دنيا جي مڙني خبيثن جي گڏيل خبيثائيءَ جي مقابلي ۾ گوءِ کڻي ويندو.
    ھن ھڪ لک اسي ھزار انسانن کي عدالتي فيصلي کانسواءِ، بيگناھ قتل ڪرايو. ھن جي موت وقت، ھن جي قيدخانن ۾ اسي ھزار بي قصور مسلمان قيدن ۾ سڙي مري رھيا ھئا. ھن حضرت عبدالله بن زبير کي ھروڀرو ڦاھيءَ تي چاڙھيو ۽ حضرت عبدالله بن عمر کي مارايو.
    ھو مديني کي تباھ ڪرڻ لاءِ اسھيو. اتي ھن ظالم، مسلمان عورتن ۽ ٻارن جو عام ڪوس ڪرايو، اتي جي ماڻھن کي سخت سزائون ڏنائئن. صحابين جي ھٿن تي، شيھو گرم ڪرائي، داغ ڏيندو ھو ته جئن تاريخ ۾ ھن جو نالو باقي رھي ۽ ايندڙ نسل ياد رکي ته ھنن جو ھڪ نسل ايترو ته ڪميڻو ۽ ذليل ھو، جنھن حجاج کي پيدا ڪيو، ۽ ان کي برداشت ڪيو. ٻن مھينن ۾ عرب جي ھن ڪميڻي، گھڻين مدني عورتن کي بيعزت ڪيو، انھن کي گاريون ڏنائين، انھن جا لباس ڦاري ڇڏيائين ۽ انھن جي منھن تي ٿڪون اڇلائيندو ھو.
    حجاج سوين حافظن ۽ صحابين کي ماريو، وڏن وڏن متقين ۽ پرھيزگارن تي پنھنجو عتاب نازل ڪيو، ھنن کي وارن مان جھلي لوڏا ڏيندو ھو. ھو خوفناڪ جلاد ھو. انسان جي رت سان ھولي کيڏندو ھو، انھيءَ سان ھٿ ڌوئندو ھو، انساني رت جي تلاءَ ۾ پير وجھي تماشو ڏسندو ھو.
    ھاڻي ھھڙو خبيث، ظالم، عياش، رھزن ۽ ڪميڻو انسان، مسلمان يا مسلمان حاڪم ٿي سگھي ٿو؟ ان ڪري ھن جو سنڌ تي ڪاھ جو حڪم، اسلام خاطر نه ھو، پر ھن جي ظلم، وحشانيت ۾ ڦرلٽ جو کليل ثبوت ھو.
    چيو وڃي ٿو ته حجاج سنڌ تي ڪاھ ان ڪري ڪرائي جو سنڌين، عربن جو جھاز ڦريو ھو. ھي به ھڪڙو سفيد ڪوڙ ۽ منافقاڻو بھانو آھي. ڇو ته عرب ان کان اڳ چوڏنھن ڀيرا سنڌ تي ڪاھ ڪري چڪا ھئا. ھنن پھرين ڪاھ سن 15 ھجريءَ ۾ ڪئي ھئي ۽ جھاز جي ڦرجڻ وارو واقعو سن 86 ھجريءَ ۾ چون ٿا ۽ محمد بن قاسم سن 91 ھجريءَ ۾ سنڌ تي ڪاھ ڪئي.
    انھيءَ وچ ۾ ئي عربن ھروڀرو ھڪڙو نه ٻيو بھانو بنائي 14 ڀيرا سنڌ تي ڪاھون ڪيون ۽ چوڏنھن ئي ڀيرا سنڌين ھٿان ذليل شڪستون کاڌائون، جئن اوائلي تاريخون عربن يا سندن دلالن ۽ چاپلوسن لکيون آھن، تنھنڪري ھنن محمد بن قاسم واري لڙائيءَ کي نمايان نموني تاريخن ۾ لکيو آھي. باقي چوڏنھن لڙاين، جن ۾ عربن شڪستون کاڌيون، تن جو يا ته احوال ئي ڪونه ڏنو آھي يا رڳو اڻ چٽي طرح ٻه چار لفظ چيا آھن. ھاڻي اھو سنڌي مورخن جو فرض آھي ته تحقيق ۽ کوجنا ڪري، انھن لڙاين جو تفصيل سنڌين ۽ دنيا سامھون آڻين.
    سنڌ تي ڪاھ جو ٽيون مکيه ڪردار آھن محمد بن قاسم: محمد بن قاسم جي حقيقت ڇا آھي؟
    پھرين ته ھو حجاج جھڙي ظالم، ذليل، خبيث ۽ خونيءَ جو دلال بنجي اچي سنڌ ۾ وڙھيو. ھن کي خبر ھئي ته سنڌين سان سامھون ميدان تي وڙھڻ ۾ ھو پڄي ڪين سگھندو، جئن ھن کان اڳ وارين جنگين ۾ عرب سپھه سالار سنڌين کان ھار کائي ويا ھئا. ان ڪري ھن حرفت،چالبازي ۽ منافقت سان سنڌ جي ڪن نجومين، ننڍن راجائن ۽ ٻُڌ حاڪمن کي رشوت ڏئي، ڳجھي طرح پنھنجي طرف ڪيو. انھن غدار سنڌين جي مدد سان ئي لڙائي کٽيائين.
    محمد بن قاسم کي اھا به ڄاڻ ھئي ته عربن کي سنڌ تي چڙھائي ڪرڻ جو ڪو سبب ڪونھي ۽ فقط دولت جي ھوس جي ڪري ئي اھا ڪاھ ڪئي ٿي وڃي. تڏھن به ھن انسانن جي قتل ۾ حصو ورتو.
    ھن سنڌ ۾ حد کان وڌيڪ لٽ مار ڪئي، قتل ڪيا، ماڻھن کي غلام بنايو، عورتن کي ڦاسايو، ڪتب خانا ۽ لئبرريون ساڙايون.
    ھاڻي اھڙو ظالمن جو ٻانھن ٻيلي، بي ضمير، حرفتبار، چالباز، ڦرلٽ ڪندڙ، ڪتاب ساڙيندڙ، علم جو دشمن ۽ پرامن سنڌ تي حملو ڪندڙ، مسلمان ٿي سگھي ٿو؟
    انڪري ھن جي سنڌ جي فتح، اسلامي ڪارنامو نه، پر عربي ڪارنامو ھو.
    ھزارن ميلن تان اچي، ڪنھن قوم کي غلام بنائڻ ۽ ان جي اقتصادي پرماريت ڪرڻ، جيئن عربن سنڌ سان ڪيو، ان کي اڄڪلھه جي اصطلاح ۾ سامراجيت چئجي ٿو. عربن جي فتح عربي سامراجيت ھئي ۽ نه اسلامي جھاد.
    ٻيا سامراجي ته اقتصادي پرماريت ڪندا آھن ۽ سياسي غلام بڻائيندا آھن، پر عربن اسان کي مذھب جي نالي ۾ ذھني غلام ۽ روحاني ٻانھو پڻ بڻائي ڇڏيو. اھا ذھني غلامي به اھڙي، جو 13 صديون گذرڻ کان پوءِ به اسين ان غلامي مان جند ڇڏائي نه سگھيا آھيون. اڄ به غير سنڌي مسلمان،ان مذھب جي نالي ۾ ئي اسان سنڌين جي پرماريت ڪن پيا ۽ اسان کي اڃا تائين آزاديءَ جو ساھ کڻڻ نه ڏنو اٿائون.
    انگريزن جي سامراجيت ۾ مذھب شامل نه ھو، ان ڪري، انھن جي غلاميءَ مان سؤ سالن اندر ئي ڇوٽڪارو پاتوسين. پر مذھب جي ڪري تيرنھن سؤ سالن کان اسين عربن جا غلام آھيون، گھٽ ۾ گھٽ ذھني غلام. ھنن جي عربي ٻوليءَ کي به سنڌي زبان کان وڌيڪ اھميت ڏني وڃي ٿي، ڇو ته اھا سڳوري ٻولي سمجھي وڃي ٿي. ان ڪري ڪانفرنسن ۽ ريڊئي ذريعي ۽ حڪومت طرفان جيترو عربي زبان لاءِ ڪم ڪيو وڃي ٿو، اوترو سنڌي زبان لاءِ نه. ڪا به ٻولي جا ھن ڌرتيءَ تي ڌاري آھي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَجي ميدان ۾ اسان جي مددگار نه ٿي ٿئي، ان جو پڙھڻ ۽ پڙھائڻ وقت، پيسي ۽ ذھن جو زيان آھي. ان ھوندي به عربيءَ کي ايتري اھميت ڏيڻ يا منافقت آھي يا ذھني غلامي ۽ روحاني ٻانھپ جو اھڃاڻ.
    ھر سامراجي طاقت وانگر، عرب سامراجي به رڳو سنڌ جي پرماريت ڪندا رھيا، ان ڪري سنڌ جو اڳيون اوج آھستي آھستي گھٽجندو رھيو.
    حقيقت ھيءَ آھي ته عربن جي فتح کان اڳ سنڌ وڏي اوج تي ھئي. سنڌ جي سڀيتا ۽ معاشرت ملڪان ملڪ مشھور ھئي. سنڌ سڄي دنيا لاءِ علم جو مرڪز ھئي. يونان ۾ به سنڌ جو علم ۽ فن پھتو.
    پر عربن جي قبضي کان پوءِ سنڌ جي ترقيءَ جون راھون بند ٿي ويون، ۽ جيئن پوءِ تيئن پستيءَ جي پاتارن ۾ پھچي ويئي ۽ ھڪ نه ٻي قوم جي غلام بنجندي رھي.
    ھونءَ به اھا حقيقت آھي ته عربن، مذھب جي نالي ۾ جيڪي ملڪ ۽ ديس فتح ڪيا، سي اڀري نه سگھيا. اڄ ايشيا ۽ آفريڪا ۾ سڀ کان پٺتي پيل ملڪ اھي ئي آھن، جتي عربن پير پاتو. يورپ ۾ اڄ ترڪي ۽ اسپين ٻين يورپي ملڪن کان گھٽ ترقي يافته آھن. ان کنڊ ۾ اھي ئي ٻه ملڪ ھئا، جتي عربن جو غلبو ٿيو. تنھن مان به اسپين مان ته خير سان ھنن جو نالو نشان ئي مٽجي ويو آھي.
    عربن جو سنڌ تي ڪاھ جو اصل مقصد اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ ھو. ھنن جو پنھنجو ملڪ ويران، وارياسو ۽ غير آباد ھو، ھو بکيا ھئا.
    ھاڻي عربن وٽ تيل ڪري دولت جا درياھ وھڻ لڳا آھن. صدين کان وٺي مذھب جي نالي ۾ اسان کي کي عربن جو ذھني ۽ نظرياتي طور غلام بنايو ويو آھي. ھاڻي عربن جي امداد سان ھتي ڪارخانا، اسپتالون ۽ ٻيون رٿائون وجود ۾ اچي رھيون آھن. ڪيترن ئي رٿائن ۾ عرب پيسي جي سيڙپ ٿي رھي آھي.
    سنڌ جو جھونيون تاريخون عربن يا سندن ڇاڙتن يا چاپلوسن جون لکيل آھن. ان ۾ ڪيترا من گھڙت قصا لکيا ويا آھن. خود محمد بن قاسم جي موت جي باري ۾ به ڪوڙو قصو درج ڪيو ويو آھي. اھڙي ريت عربن جي ڪاھ جو سبب جھاز کي ڦرڻ وارو واقعو بنائڻ به ھٿ ٺوڪيو آھي، ساڳي طرح راجا ڏاھر جي ڀيڻ سان شاديءَ واري ڳالھه به انھن تاريخ نويسن جو ھٿ ٺوڪيل ڪوڙ آھي، راجا ڏاھر تي بھتان آھي.
    جڏھن سنڌي، سنڌ جي تاريخ ۾ عربي سامراجيت کي نندين ٿا، تڏھن، ھتي جا پناھگير سنڌين کي يھودين جا ايجنٽ سڏين ٿا.
    حقيقت ۾ اھو سندن مجرم ضمير جو لڪل آواز آھي، ڇو ته ھنن پناھگيرن جو عمل ۽ ڪردار، اسرائيل جي يھودين جھڙو پئي رھيو آھي.
    يھودين وانگر ھي به قوميت ۽ رياست جو بنياد، مذھب ٻڌائن ٿا. جھڙي طرح يھودين ڌارين ملڪن مان اچي اسرائيل ۾ اتي جي اصل رھاڪن جي جائدادن تي قبضو ڪري انھن (فلسطينن) کي بي گھر بنايو آھي، اھڙي ريت ھي پناھگير به ھندستان مان ھتي اچي لڏي ويٺا آھن، ۽ ھتي هي اصل رھاڪن جا حق ڦٻايو ويٺا آھن.
    جھڙي طرح ظلم، مڪاري ۽ منافقت سان اسرائيل ۾ يھودي، فلسطين جي ڪارخانن ۽ زمينن تي قبضو ڪري، سامراجي ۽ سرمايي دار بنجي ويٺا آھن، اھڙي طرح ھي پناھگير به ھتي جي روزگار ۾ پيدائش جي وسيلن تي قبضو ڪري سامراجي ڪردار ادا ڪري رھيا آھن ۽ ھتي جي اصل باشندن کي غلام سمجھن ٿا.
    چوڻو ھي آھي ته جي عرب، اسلام جي خدمت خاطر ۽ مسلمان جي حيثيث ۾ سنڌ تي حملو ڪن ھا، ته اڄ جا سنڌي مسلمان، عقيدتمنديءَ وچان، اکيون ٻوٽي، ھنن کي حق تي سمجھن ھا. پر صاف پڌرو آھي ته ھنن عرب جي حيثيث ۾ ۽ عرب مفادخاطر ھي جنگ ڪئي. انڪري سنڌين کي ھنن جي ان عمل جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ۽ تاريخي تحقيق ڪري، صحيح نتيجا ڪڍڻ ۾ ڪا ھٻڪ محسوس ڪرڻ نه گھرجي.
    ھن سلسلي ۾ ڳچ سوال ذھن ۾ اڀرندا رھيا آھن. انھن مان ڪي سوال ھيٺ لکان ٿو:

    (1). مذھب ڇا آھي؟
    (2). تھذيب ڇا آھي؟
    (3). مذھب ۽ تھذيب ۾ ڪھڙو فرق آھي؟
    (4). ڪوبه مذھب عالمگير ٿي سگھي ٿو؟ يا مذھب جي حيثيث علائقيت کان نه وڌي آھي؟
    (5). ڪا به تھذيب، عالمي تھذيب ٿي سگھي ٿي؟ يا تھذيب، صرف علائقائي تھذيب ھوندي آھي؟
    (6). مذھب، تھذيب جو حصو آھي، يا تھذيب مذھب جو؟
    (7). مذھب ۾ تھذيب شامل ٿي سگھي ٿو؟
    (8). اسلام، جيڪو سنڌ ۾ آيو، سو رڳو مذھب ھو يا ان ۾ عربي تھذيب جي ملاوت به ھئي؟
    (9). ھڪ سنڌي، جو اسلام قبول ڪري ٿو، ان لاءِ عربي تھذيب جي پوئواري ڪرڻ به لازمي آھي ڇا؟
    (10). جيڪو اسلام سنڌ کي ڏنو ويو، ان ۾ ڪھڙيون ڳالھيون نج مذھب جون ھيون ۽ ڪھڙيون ڳالھيون عربي تھذيب جون؟
    (11). جي تھذيب علائقائي يا ڏيھي وٿ آھي ته مذھب جي نالي ۾ ڏورانھين ڏيھه جي تھذيب ٻئي ملڪ تي مڙھڻ جو اثر ڇا ٿيندو ۽ نتيجا ڪھڙا نڪرندا؟
    (12). ڪميونزم ۾ اھا لچڪ ۽ گنجائش ڇو رکي وئي آھي ته ھر ملڪ جي حالتن مطابق ان ۾ ڦير گھير ڪري سگھجي ٿي؟
    (13). اسلام، مذھب مان ڦري، عربي تھذيب ته نه بنجي ويو؟
    (14). قوميت ڇا آھي؟
    (15). مذھب ۽ قوميت ۾ فرق؟
    (16). مذھب ۽ قوميت جو ناتو؟
    (17). اسلام ۽ قوميت جو لاڳاپو؟
    (18). ڇا اسلام، عرب قوميت آھي؟
    (19). اسلام ۽ عربي قوميت جو لاڳاپو؟
    (20). اسلام، عرب قوميت جو ٻيو روپ ته نه آھي؟


    لئبرري تحريڪ



    ”ساھتي لئبرري خانواھڻ“ جي مھورت جي موقعي تي ڪيل تقرير
    18 آڪٽوبر 1985

    لئبرري تحريڪ

    ساٿيو ۽ ڳوٺ واسيو! جيئي سنڌ!
    تحريڪون سياسي به ٿينديون آھن، سماجي به ٿينديون آھن ۽ ادبي پڻ. پر ٿوري سمي کان سنڌ ۾، ۽ خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ ھڪ نئين تحريڪ شروع ٿي آھي، جنھن کي مان ”لئبرري تحريڪ“ چوندس. تحريڪ جو مطلب آھي ھلچل يا چُرپرُ. سو ھن تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ چرندڙ ڦرندڙ ۽ چُست ھوندا آھن. انھن ۾ ٻار ۽ وڏا پڻ آھن، پر گھڻي گھڻائي نوجوانن جي آھي. ڇوڪريون به ان تحريڪ ۾ پاڻ ملھائي رھيون آھن، پر گھڻو ڪري وڏن شھرن ۾.
    ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن جا نوجوان ڇوڪرا گڏجي پھه ڪن ٿا ته پنھنجي ڳوٺ ۾ لئبرري قائم ڪجي ان لاءِ ھو لئبرري ڪاميٽي ٺاھن ٿا، جا ان ڪم کي ھٿ ۾ کڻي ٿي. ھو جاءِ يا دڪان جو بندوبست ڪن ٿا؛ ڪٻٽ، ڪرسيون، بينچون ۽ ميزون ھٿ ڪن ٿا، ۽ ڪتاب ڪٺا ڪن ٿا، ان ڪارج ۾ ھٿ ونڊائڻ لاءِ ھو ڳوٺ وارن وٽ وڃن ٿا ۽ وري وري وڃن ٿا. غريب توڙي سرندي وارا پڄت آھر ھنن جو سھڪار ۽ سھائتا ڪن ٿا. ڪيترن ھنڌ ائين به ٿيو آھي ته ڪنھن پنھنجو دڪان يا ڪمرو بنا مسواڙ لئبرري لاءِ ڏنو آھي ۽ ڪن فرنيچر مھيا ڪيو آھي. ڏوڪڙ به چڱا ملي پوندا اٿن. پوءِ ڇوڪرا ڳوٺ جي گھر گھر مان رکيل ۽پراڻا ڪتاب ڪٺا ڪرڻ نڪرندا آھن. انھن جو به چڱو ڳاڻاٽو حاصل ٿي ويندو اٿن. اھڙي طرح لئبرري شروع ٿي ويندي آھي.
    آھستي آھستي لئبرريءَ جي ڪم ۾ باقاعدگي پئدا ڪئي ويندي آھي. ڪتابن جو لسٽون ٺاھيون وينديون آھن. لئبرريءَ جا ميمبر ڪبا آھن. ڪن ھنڌ ڪو اھڙو ڪارڪن ملي ويندو آھي، جو پنھنجو وقت بچائي بنا اجوري لئبرري سنڀاليندوآ ھي يعني لئبرري جي کليل ھئڻ وقت اتي موجود رھندو آھي، ڪتابن جي ڇنڊڦوڪ ڪندو آھي، نوان آيل ڪتابن جي داخلا ڪندو آھي ۽ ميمبرن کي ڪتاب ڏيندو وٺندو آھي. ٻين ھنڌن تي پگھاردار ڪارڪن رکيا ويندا آھن. جيئن ڏوڪڙن جي گنجائش وڌندي آھي ته اخبارون ۽ رسالا به گھرايا ويندا آھن. ڪي سرندي ۽ جذبي وارا پنھنجي طرفان لئبرريءَ تي اخبارون وٺي ڏيندا آھن.
    جيئن مون چيو آھي ته ” لئبرريءَ تحريڪ“ جا ڪارڪن چرپر ۾ رھندا آھن، ھو نه رڳو پنھنجي ڳوٺ وارن وٽ ويندا آھن، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا پنڌ ڪندا آھن، ڳوٺن ڏانھن توڙي شھرن ڏانھن اتي ھو سرندي وارن کان نقد سھائتا وٺندا آھن، ڪتاب پڙھڻ جي شوقينن کان رکيل ۽پراڻا ڪتاب حاصل ڪندا آھن ۽ ليکڪن کي سندن ڇپيل ڪتابن جون ڪاپيون ڏيڻ لاءِ چوندا آھن. ڪن ليکڪن کي ھو خط رستي به ڪتاب موڪلڻ واسطي وينتي ڪندا آھن، اخبارن ذريعي به ھو ليکڪن ۽ عام ماڻھن کي ڪتاب ۽ نقد موڪلڻ جي ايپل ڪندا آھن. جن وٽان ھنن کي ڪتاب ۽ ڏوڪڙ ملندا آھن ته اھا خبر پڻ اخبارن ۾ ڏيندا آھن.
    نقد اوڳڙ مان ٻيو خرچ پکو پورو ڪرڻ کانپوءِ نوان ڪتاب خريد ڪندا آھن. اھڙي ريت آھستي آھستي ان لئبرريءَ ۾ ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود ٿي ويندو آھي.
    ھي سڀ ڳالھيون مان توھان کي پنھنجي شخصي ڄاڻ مان ٻڌائي رھيو آھيان ۽ ٻيون به جيڪي ٻڌايان ٿو، تن جي پڻ مونکي ذاتي طرح سڌر آھي. مونکي اھا خبر آھي ته ھنن لئبررين ۾ گھڻو ڪري ڪھڙي قسم جا ڪتاب رکيا ويندا آھن. ڳچ اھڙن لئبررين وارا خط ذريعي يا روبرو اچي مون کان صلاح وٺندا آھن ته لئبرريءَ لاءِ ڪھڙا ڪتاب خريد ڪيا وڃن؟
    ڪن لئبررين وارا رڳو سنڌي ۽ انگريزيءَ جا ڪتاب رکندا آھن، ٻي ڪنھن ٻولي جا نه، ٻيا ھر ٻوليءَ جا ڪتاب رکندا آھن. ھنن جو خيال ھوندو آھي ته علم ڪھڙي به ٻوليءَ ۾ ھجي، حاصل ڪرڻ گھرجي. جيڪي ڪتاب مفت ۾ تحفي ۾ ملندا آھن، اھي ڪھڙي به ٻوليءَ ۾ ۽ ڪھڙي موضوع تي ھوندا آھن ته اھي رکيا ويندا آھن. پر جڏھن ڪتاب ڏوڪڙن سان خريد ڪرڻا پوندا آھن ته لئبرري ڪاميٽي صلاح مصلحت ڪري ڪتابن جي چونڊ ڪندي آھي. رڳو سنڌي ڪتاب خريد ڪيا ويندا آھن ۽ موضوع جي لحاظ کان گھڻو ڪري اھي ترقي پسندي، سنڌيت قوميت ۽ انقلابيت سان لاڳاپو رکندڙ ھوندا آھن. جي ٻين ٻولين جا ڪتاب خريد ڪيا ويندا آھن ته اھي اھڙن ملڪن جا ھوندا آھن جتي انقلاب اچي چڪو آھي، جن جو موضوع انقلابي ھوندو آھي، ۽ جن ۾ انقلاب جي واٽ ڏسيل ھوندي آھي، قومي ۽ طبقاتي انقلاب جي جنگ ۽ جاکوڙ ڏيکاريل ھوندي آھي. اھڙا ڪتاب گھڻو ڪري ترجمو ٿيل ھوندا آھن.
    لئبرريءَ جي اھميت جو ڪاٿو ان مان به ڪري سگھجي ٿو ته اڳئين زماني ۾ جڏھن ڌاريا ڪنھن ملڪ تي ڪاھ ڪندا ھئا ته ڦرلٽ ڪرڻ کانسواءِ ڪتبخانا به ساڙيندا ھئا. ان ۾ ڌارين جو مطلب اھو ھوندو ھو ته ملڪي ماڻھن جي ذھني ۽ نظرياتي اوسر ۾ رڪاوٽ پوي. عربن جڏھن سنڌ تي حملو ڪيو ھو ته ھنن به ڪتاب گھر جلايا ھئا. ٿورا سال اڳ جڏھن ھتي سنڌي ۽ اڙدوءَ وارن جا ھنگاما ٿيا ھئا ته اڙدوءَ وارن سنڌالاجي جي لئبرريءَ کي باھ ڏني ھئي.
    ھاڻي لئبرريءَ جي ڪارج تي ڪجھه ڳالھائجي: لئبرريءَ جي اھميت ڪتابن ڪري آھي. پڙھڻ ته اسڪول ۾ ٿو سکجي، پر ذھني ۽ نظرياتي اوسر عوامي ساھت پڙھڻ سان ٿي ٿئي. نصابي ۾ سرڪاري ڪتابن پڙھڻ مان اھڙي اوسر جي اميد رکڻ اجائي آھي. عوامي ساھت ئي ذھني سجاڳي، نظرياتي ساڃھه، قومي احساس، سياسي جاڳرتا ۽ عملي جذبو پئدا ڪري ٿو.
    ڪن ڪتابن ۾ ۽ خودنصابي ڪتابن م ڪي غير سائنسي وٿون ڏنيون ويون آھن، ۽ اسان جي تاريخ کي ڪن ھنڌ صحيح نموني پيش نه ڪيو ويو آھي. انھن غلط ڳالھين جي حقيقت ۽ رد، ادبي ڪتابن ۽ قومي ساھت ۾ ھوندو آھي. انڪري اھي ڪتاب پڙھڻ ضروري ھوندا آھن، نه رڳو وڏن لاءِ پر ٻارن لاءِ پڻ. اھڙائي ڪتاب ھنن عوامي لئبررين ۾ رکيا وڃن ٿا.
    ھنن عوامي ڪتابن ذريعي نه رڳو سنڌ جي حالتن کي سمجھي سگھجي ٿو پر انھن ۾ انھن حالتن کي ڦيرائڻ جي واٽ پڻ ٻڌايل آھي.
    سنڌي ڪتاب جي ھڪ خاص اھميت آھي: ھن وقت سنڌ ۾ جيڪا سماجي، سياسي، قومي ۽ نظرياتي سجاڳي آھي، ان ۾ سياستدانن کان وڌيڪ ساھتڪارن جو ھٿ آھي. ھتي جبر ۽ پاپندين جا ڪھڙا به دور آيا آھن، پر سنڌي ڪتاب لاڳيتو نڪرندا رھيا آھن، ۽ اھي به ڪنھن وڏيري، سرمائيدار يا سرڪار طرفان نه، پر سنڌيت جو جذبو رکندڙ مسڪين شاگردن ۽ ٻين نوجوانن ۽ انھن جي تنظيمن طرفان، جھڙي طرح موجودھ ”لئبرريءَ تحريڪ“ پٺيان ڪو لکاپتي يا ڪروڙ پتي نه آھي، پر سياسي ۽ سماجي ساڃھه رکندڙ نئين ٽھي آھي.
    سنڌيءَ ۾ ڪتاب گھڻو ڪري اھي ڇپجن ٿا جي قومي، نظرياتي ۽ ترقي پسند آھن. اسان جي پرھندڙن جو لاڙو پڻ ان طرف آھي. ٻيا ڪتاب ھو گھڻو ڪري نه پسند ڪن ۽ نه خريد ڪن.
    ”لئبرريءَ تحريڪ“ اھا وڏي ضرورت پوري ڪئي آھي جو اھي ڪتاب جيڪي ڳوٺن تائين نه پھچي سگھندا ھئا ۽ نه اتي ملي سگھندا ھئا، سي ھاڻي لئبررين جي ذريعي پھچي وڃن ٿا ۽ غريب ڳوٺاڻو، جنھن کي ڪتاب خريد ڪرڻ جي پڄت ڪانھي، سو پڻ اھي پڙھي سگھي ٿو.
    ھي لئبرريون ماڻھن ۾ پڙھڻ جي به عادت پئدا ڪن ٿيون...
    جيئي سنڌ!


    سنڌ جو ”ساٿي“

    (ايم اي – عالماڻيءَ جي انعام کٽندڙ ڪتاب ”ساٿي“ جو اڀياس)

    سنڌ جو ”ساٿي“

    ڪنھن به ڪتاب تي ٻن پھلوئن کان روشني وجھي يا ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگھجي ٿي. ھڪڙو ليکڪ جي لکڻ جي ڍنگ تي ۽ ٻيو لکيل مواد جي مضمون تي.
    عالماڻي جي ڪتاب ”ساٿي“ ۾ سندس لکڻ جو ڍنگ صفا نئون ۽ نرالو آھي. انکي نظماڻو نثر يا نثراڻو نظم چئجي، يا اڃا به ڪو ٻيو نالو ڏجي(مان پنھنجي سھوليت خاطر ھنن لکڻين کي شعر چوندس) پر انجون ھي خوبيون تمام چٽيون آھن!
    (1). لکڻي سادي، سنئين سڌي ۽ سولائيءَ سان سمجھه ۾ ايندڙ آھي.
    (2). ھو عام پرھندڙ لاءِ لکي ٿو ۽ پرھندڙ کي ھنجي پيغام سمجھڻ ۾ دير نه ٿي لڳي. چوي ٿو:
    اھو لکڻ اجايو
    جو
    وڏي سمجھه وارو
    سمجھي.
    انھي وٽ ته
    پنھنجو لکيو ئي
    ڪافي ھوندو،
    ٻئي جو پڙھي
    ڇا ڪندو!
    (صفحو 194)
    علامتن اشارن ۾
    چئجي
    جي جان جو خطرو
    ھجي،
    نه ته
    سنئين سنڌي
    سولي سنڌيءَ ۾ چئجي
    حقيقت کان فرار ۾
    ڇا حاصل؟
    (صفحو 197)
    (3) ھنجا جملا ننڍا ۽ لفظن جي چونڊ چڱي آھي.
    (4) ھنجا ڪيترا ننڍڙا شعر پوري ڪھاڻي لکن ٿا:
    چور:
    رات ڍڳا
    چور ڇوڙي ويا.
    صبح جو
    پاٿاريدارن پير وڃايا،
    ڌڻيءَ سان به
    سنسک ٿيا.
    پوليس کي پتو پيو،
    ڌڻيءَ وٽ
    ٽيجھو ڪري ويا،
    چوٿين ڏينھن
    ٿيو چورن سان حساب ڪتاب،
    پنجين ڏينھن
    ڍڳا ڪُسي ويا،
    ڌڻيءَ کي ڄاڻ ٿيو،
    فاتح پڙھي ويھي رھيو
    (صفحو 125)
    (5). فلسفي ۽ ڏاھپ جا ڳوڙھا نڪتا، سولائيءَ سان سمجھه ۾ ايندڙ نموني پيش ڪيا ويا آھن.

    مواد جي موضوع جي لحاظ کان ھن جا شعر کوڙ موضوعن جو گھيرو ڪن ٿا، جھڙوڪ فلسفو، من وديا، ٻولي، تاريخ، سياست، سائنس، ادب، سنڌ ۽ ٻيا. مان رڳو ھنجي سنڌ ۽ سنڌين جي باري ۾ چيل ڪجھه شعرن جي ڇنڊڇاڻ ڪندس:
    ھونءَ ته ھنجي سڄي لکڻي سنڌي ماحول ۽ سنڌي پس منظر واري آھي، پر جتي جتي سنڌ ۽ سنڌين جو خاص حوالو ڏنل آھي، مان انجي باري ۾ ڪجھه چوندس:
    ھن جن سنڌي شخصيتن کي ھن ڪتاب ۾ آندو آھي سي آھن: لطيف، سچل، سامي، غلام محمد گرامي، وتايو فقير ۽ ڀٽو.
    ھو پڪ ٿو ڏياري ته ڌرتيءَ جي ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ به ڦيرو يا تبديلي رھي ٿي جيئن مارڪس جي جدليات (Dialectics) جو نظريو آھي ته دنيا جي نه رڳو مادي شين ۾ پر سماج ۽ سياست ۾ به ھروقت تبديلي، ترقي ۽ ارتقا ٿيندي آھي:
    رڳو
    سنڌڙي
    نه ٿي ڦري،
    سڄي ڌرتي
    ٿي ڦري،
    نه ته
    سج نه اڀري،
    ڏينھن نه ٿئي.
    (صفحو 15)
    عالماڻيءَ ھتي جي ھارين کي خبردار ڪيو آھي ته ھي اديب ۽ دانشور تنھنجي لاءِ واڳونءَ وارا ڳوڙھا ڳاڙي، توکي ڪوڙي ھمدردي ڏيکاري رھيا آھن:
    ادا ڙي ھاري!
    ھي جي ڳوڙھا
    آءُ تولاءِ ٿو ڳاڙيان،
    اھي واڳون جا ڳوڙھا اٿئي!
    جي اڃا
    رت ست اٿئي،
    ھمت اٿئي نه
    اٿ!
    اچي منھنجي ڳچيءَ ۾
    ھٿ وجھه،
    منھنجا ڪپڙا لاھي
    پاڻ ڍڪ!
    ڪيستائين
    منھنجي رحم ڪرم تي رھندين،
    اھڙو جي چڱو ھجان ھا
    ته اڄ
    تنھنجو ھي حال نه ٿئي ھا
    (صفحو 15)
    پر عالماڻيءَ، ھاريءَ کي عمل جي صحيح راھ نه ٻڌائي آھي. ھو ھن کي چوي ٿو ته تون گمراھ ڪندڙن يعني دانشورن کي ڳچيءَ ۾ ھٿ وجھه، جيتوڻيڪ ھاريءَ جو ڇوٽڪارو انھي ۾ آھي ته ھو سڌي طرح پنھنجي طبقاتي دشمن ۽ پرمار وڏيرن سان مقابلو ڪن. ساڳي طرح ھن پورھتين کي به صحيح صلاح نه ڏني آھي. ھن ائين ڏيکاريو آھي ته ليکڪ يا دانشور پورھيت جو رت چوسيندڙ ۽ رت وھائيندڙ آھي:
    او پورھيت !
    مون تو لاءِ
    ڪيو ئي ڇا آھي،
    جو اڃا پيو
    مون لاءِ مرين !
    ڪرسي مون کي ملندي،
    طاقت مون کي ملندي،
    اڏامندس آءُ،
    نالو منھنجو ٿيندو،
    توکي ڇا ملندو؟
    آءُ ته وري به
    تنھنجو رت چوسيندس
    تنھنجو رت وھائيندس
    جڏھن به ضرورت پئي... !
    (صفحو 16)
    جيتوڻيڪ ائين نه آھي. پورھيت جو رت چوسيندڙ ۽ رت وھائيندڙ سرمائيدار ٿيندو آھي. دانشور، ان سرمائيدار جو دلال ۽ ان ظلم ۾ ھمنوا ٿي سگھي ٿو. ھو پورھيت کي پرماريت جو احساس ته ڏياري ٿو پر ھن کي ان کان بچڻ جو ڪو قدم کڻڻ ته ٺھيو پر صلاح به ڪونه ٿو ڏئي.
    عالماڻيءَ سچل جي فلسفي کي مارڪس جي فلسفي سان ڀيٽيو آھي. سچل دوزخ کي دڙڪو ۽ بھشت کي دلاسو سڏيو آھي ۽ مارڪس مذھب کي آفيم سان مشابھت ڏني:
    دوزخ دڙڪو
    بھشت دلاسو،
    ڊاھ ويا ڊھي ڊھي،
    پنھنجي ادب ۾،
    ڀرڀور انداز ۾،
    سچل سرمست کانسواءِ
    ٻئي ڪنھن
    اھڙو سچ نه چيو،
    نه چئي سگھندو.
    مارڪس جو سڄو فلسفو،
    ڪميونزم جو پورو مانڊاڻ،
    سوشلزم جو سڄو سانگ،
    سچل جي انھيءَ سچ تي
    بيٺل آھي،
    باقي سڀ
    دلاسا ۽ دڙڪا.
    (صفحو 10)
    عالماڻيءَ جو چوڻ آھي ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ کي مذھب جي نالي ۾ لٽيو ۽ ڦريو پئي ويو آھي. سنڌين به انھيءَ نعري جي وھڪري ۾ وھي، پاڻ کي ڌارين کان پئي ڦرايو ۽ مارايو آھي. پر ھاڻي ھنن ۾ ان فريب جو احساس جاڳي چڪو آھي ۽ ھنن نعرو بلند ڪيو آھي:
    تاريخ شاھد
    جڏھن ڪڏھن
    سنڌ
    مذھب جي نالي ۾،
    مذھب جي نالي تي
    قربان ٿئي، مُئي،
    پو ڇو نه....
    سدا ”جيئي سنڌ“... !
    صفحو (9)
    ھن انھن سنڌين تي ڀرڀور طنز ڪئي آھي، جي قوميت جو دم ته ڀرين ٿا پر ٻولي ٻين واري ڳالھائن ٿا.
    ڇرڪين ڇو ٿو،
    ڳل نه لڳائيندين؟
    ھليو آھين،
    قوميت جو دم ڀرڻ،
    ڳالھائين ٻولي ڌاري،
    ڪير چوندو:
    آھي توکي ڌرتيءَ سان پيار،
    نه ٿو چوان
    تون ٻولي ٻي نه سک
    چيني سک، جپاني سک.
    پر ڪم پنھنجي کان وٺ،
    پيار پنھنجيءَ سان ڪر.

    (صفحو 26)
    شاھ جي رسالي ۾ عالماڻيءَ کي تصوف جا راز ۽ روحانيت جون رمزون نظر ڪونه ٿيون اچن پر ھنجو چوڻ آھي ته لطيف سائينءَ جو رسالو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تھذيب جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ڪتاب آھي. لطيف اسان لاءِ ٻولي، لفظن، اصلاحطن ۽ تشبيھن ۽ سماجي ۽ تھذيبي تاريخ جا بي بھا خزانا محفوظ ڪري ڇڏيا آھن:
    لطيف وڏو آھي،
    تمام وڏو.
    لطيف اسان لاءِ
    ٻوليءَ جا خزانا ڇڏيا،
    اصلاحطن ۽ علامتن جا
    انبار ڇڏيا،
    پنھنجي وقت جي
    ادب، ثقافت
    ۽ ڪلچر جي
    سچي سچي تصوير
    چٽي ڇڏي.

    (صفحو 39)
    عالماڻيءَ چيو آھي ته سنڌي ادب ۽ سنڌي صحافي جي عام پورھيت کان به سرس پرماريت ٿئي ٿي. ان کان بچڻ لاءِ اھو رستو ٻڌايو اٿس ته اھي پاڻ ۾ ٻڌي قائم رکن:
    سنڌي صحافي،
    سنڌي اديب
    جو جيترو استحصال
    ٿو ٿئي،
    ڪنھن ڪوري موچي
    جو به نه ٿو ٿئي،
    مٿان وري مصيبت ھيءَ
    جو ھڪ ٻئي کي به ڪونه سھن !
    (صفحو 42)
    عالماڻيءَ سوچي ٿو ته سنڌي اديب ٿيڻ جو نه سوچجي خاص ڪري پيرسنيءَ ۾، ڇو ته قدر ڪونه ٿيندو:
    اڇي ڏاڙھي
    اٽو خراب،
    اڇو مٿو
    اڇو منھن
    ڪيئن ٿو ٿئي
    خبر اٿم،
    اديب ٿيان،
    اھو به
    سنڌي ۾
    ڪير ٿو ڏسي
    ڪير ٿو پڇي!
    (صفحو 52)
    مان سمجھان ٿو ته عالماڻيءَ کي اھڙو مايوس ٿيڻ نه گھرجي. سنڌي اديبن پنھنجي قوم ۽ ساڻيھه لاءِ واکاڻ جوڳو ڪم پئي ڪيو آھي. ان جو اجورو قومي شعور، وطن دوستي ۽ سياسي سجاڳي وڌڻ جي صورت ۾ سامھون پئي آيو آھي. ڇا اھو قدر گھٽ آھي؟... ھاڻي ته پھرين ڪتاب تي ئي انعام ملڻ کانپوءِ عالماڻي کي احساس ٿيو ھوندو ته ٻيلي اديب جو قدر ٿئي ٿو.
    ھڪڙي شعر ۾ لکيو اٿائين ته اردو ادب درٻاري آھي، ۽ سنڌي ادب ماٺيڻو، ھيڻو ۽ ھيسيل:
    جي اڙدو ادب
    درٻاري آھي
    جنھن ۾
    ڪو شڪ ڪونھي
    ته سنڌي ادب
    ماٺو، ماٺيڻو،
    ھيڻو، ھيسيل
    ٻار جھڙو.

    (صفحو 138)
    اردو ادب ته برابر درٻاري ادب آھي، پر سنڌي ادب تي ماٺيڻو، ھيڻو ۽ ھيسيل ھجڻ جو الزام صحيح نه آھي. ڪافي سالن کان ڇپجندڙ سنڌي ادب گھڻي ڀاڱي طوفاني، انقلابي ۽ عوامي آھي. ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ ڪھاڻين، شعرن ۽ مضمونن جو وڏو حصو قومي، سياسي ۽ انقلابي ويچارن سان ڀرڀور ھوندو آھي. اھي لکڻيون ذھنن کي تڙپائي ۽ احساسن ۾ ولولو مچائي ڇڏينديون آھن. اڄڪلھه سنڌين ۾ جيڪا قومي، سياسي ۽ انقلابي سجاڳي ڏسجي ٿي سا سياستدانن جي سياست کان وڌيڪ اديبن جي لکڻين جي پيدا ڪيل آھي.
    عالماڻي شايد سنڌي ادب گھڻو ڪونه ٿو پڙھي نه ته کيس خبر ھجي ھا ته ھاڻوڪو سنڌي ادب: نئون ادب، آزاديءَ جو ادب ۽ جديد دور جو آئينو آھي ۽ ان ۾ پنھنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جو رنگ آھي. تحريڪ سھڻي، پيغام، اڳتي قدم، روح رھاڻ، ملير ڊائجسٽ، ڪارونجھر، وطن دوست ۽ برسات جھڙن رسالن ۽ رسول بخش پليجي، جي ايم سيد، محمد ابراھيم جويي، شيخ اياز، تنوير عباسي، ابراھيم منشي ۽ مجيديءَ جي لکڻين ۽ ڪتابن پڙھڻ وارو ڪڏھن به ائين ڪونه چوي ھا ته سنڌي ادب ماٺو، ماٺيڻو، ھيڻو ۽ ھيسيل آھي.
    عالماڻي پنھنجي شعر ”ڪراس بريڊنگ“ ۾ چيو آھي:
    وڻ وڻ جي ڪاٺي
    پئي گڏ ٿئي،
    ڪراس بريڊنگ
    پئي ٿئي،
    نئين نسل جي،
    نئين ٽھي
    پئي ٺھي
    نئين سنڌ پئي ٺھي
    اميد اھا ئي ڪبي
    ته وڌيڪ مٺاس
    ۽ محبت ڀري ٿيندي.

    (صفحو 148)
    جي ھن شعر ۾ عالماڻيءَ سنڌين ۽ غير سنڌين جي پاڻ ۾ سڱابندي جي پٺڀرائي ڪئي آھي ته پوءِ اھو سندس ئي ان زباني چوڻيءَ جو رد آھي جنھن ۾ ھو چوندو آھي ته غير سنڌين جو پنھنجو تعداد، پنھنجي زبان ۽ پنھنجي تھذيب وڌائڻ جو ھڪ محاذ اھو به آھي ته سنڌين مان شاديون ڪجن.
    ”سنڌي ماڻھو“ شعر ۾عالماڻي چوي ٿو ته سنڌي ماڻھو رڳو پاڻ ۾ ئي وڙھندا آھن۽ ٻاھرين جي خوشامد ڪندا آھن:
    سنڌيءَ کي
    جي وڙھڻ تي
    دل ٿيندي ته
    پنھنجن سان وڙھندو
    ٻين جي ته پاڻ
    خوشامد ڪندو، آءُ ڀڳت ڪندو.

    (صفحو 178)
    ھرڀرو ائين نه آھي. سنڌي سڄي تاريخ جي دور ۾ ڌارين سان خوب وڙھندا رھيا آھن. ھر حملي آور ۽ ھر ڌارئي جو سورھيائيءَ ۽ سرويچيءَ سان مقابلو ڪيو اٿئون. پوءِ ڪڏھن شڪستون ٿيون ته سوڀون ان کان وڌيڪ ٿيون آھن. ھاڻي ته ٻاھرين جي مھمان نوازيءَ ۽ آڌر ڀاءُ ڪرڻ جي اوور ڊوز جو مزو چکي چڪا آھن ۽ شعوري طرح ان جو نتيجو ڏٺو اٿن. انڪري قومي احساس سان گڏ پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ جي اھميت کان به واقف ٿيا آھن. پڇاڙيءَ ۾ عالماڻيءَ جو اھو شعر لکندس، جو اھميت جي لحاظ کان مونکي پھرين لکڻ کپندو ھو ۽ جنھن ۾ ھُن سنڌين کي ھن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور سان وک ملائڻ تي زور ڏنو آھي:
    ٻڌو مشين جي گڙ گڙاھٽ،
    مصنوعي سيارن جي سرسراھٽ،
    خلاوردن جي آھٽ،
    ۽ انھن جي ڌُنَ تي
    ھم آھنگ ڪريو پنھنجا ساز،
    جي تاريخ سان اڳتي ھلڻو اٿو،
    جي وقت سان ساٿ ڏيڻو اٿو... (صفحو 9)

    (22 سيپٽمبر 1978)


    سنڌ جي تاريخ پڙھندي

    ھي مضمون ويٺي لکيم ته ڏيپلائي اچي ويو. ھن کي ڏيکاريم. پھريون ٻه چار سٽون پڙھي ئي رڙ ڪيائين ته ”ڊاڪٽر صاحب، ھي ته منھنجي دل وٽان مضمون لکيو اٿو، مان ته انھيءَ تاڙ ۾ ھوس ته ٻيو به ڪو اھڙا خيال ظاھر ڪري ته پوءِ مون جو ڪجھه ان باري ۾ لکيو آھي اھو ڇپايان ۽ وڌيڪ پڻ لکان. ان ڪري مان ھي ھينئر ئي کڻي ٿو وڃان ۽ ھن ھفتي جي ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ شايع ٿو ڪريان.“
    مون گھڻو ئي اعتراض ڪيو ته اڃا اھو مضمون پورو ڪونه ڪيو اٿم ۽ ان تي ٻي نظر وڌي اٿم ۽ نه ان جي ٻي ڪاپي مون وٽ آھي؛ پر ھن چيو ته مان ان کي قسطن ۾ شايع ڪندس، حفاظت سان رکندس۽ پروف توکان اچي صحيح ڪرائيندس، ۽ ھي شايع ڪري پوءِ جئن توھين وڌيڪ لکندا ويندا تيئن توھان وٽان کڻندو ويندس.



    ڏيپلائي پھرين قسط 5 آڪٽوبر 1970 واري ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ ڇپي ۽ منھنجي مضمون اڳ پنھنجي طرفان نوٽ لکيائين، جو ھن ريت آھي:
    ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جو اھو سپوت آھي، جو پنھنجي بي انداز ڊاڪٽري مصروفتين وچان به نھايت مفيد سنڌي ادب کي وقت ڏيندو رھي ٿو. ھن وقت سندس توجھه سنڌ جي تاريخ کي پوري غور ۽ قومي نقطه نظر سان مطالعو ڪرڻ ڏي مبذول ٿيو آھي، ۽ ان مان جيڪي تاثرات اڀرن ٿا سي قلمبند ڪندو وڃي ٿو. انھن تاثرات جي ھيءَ پھرين قسط آھي. ڊاڪٽر صاحب جو ارادو آھي ته معصوميءَ جي مطالعي بعد، چچ نامو ۽ پوءِ ٻيون تاريخون پڙھندو ويندو ۽ اسان کي اشاعت لاءِ ڏيندو ويندو.
    غلط قسم جي تاريخن اسان جي جوان ۽ بزرگ طبقي تي اھڙا اثر ڇڏيا ھئا، جو ھنن جي دل مان وطن جي محبت ڄڻ ته نڪري ويئي ھئي، ۽ نتيجي طور، جڏھن سنڌ جي آزادي ختم ڪري کيس پنجاب جي غلاميءَ ۾ ڏنو ويو ته به سنڌي عوام سان بلڪل احا حالت ھئي، جو ”اس نگر ۾ مورک وسي، چتر وسي نه ڪوء، ڪانگا موتي چگ گيا پر ڪوڪ نه ڪري ڪوءِ!“ وارو قصو ھو.
    خدا جو شڪر آھي جو چند بزرگ، جوان ۽ ان وقت جا نوجوان اڃا اھڙا ھئا، جن کي پنھنجي پياري وطن جي ھن نئين غلاميءَ تي سخت صدمو رسيل ھو، ۽ ڊاڪٽر نجم صاحب به انھن مان ھڪ ھو، جو انھي وقت کان ڪجھه نه ڪجھه لکندو ۽ وطن دوست فردن ۽ جماعتين کي ھمتائيندو رھي ٿو.
    ھن وقت اگرچه سنڌ، پنجاب جي غلاميءَ مان ڪجھه ته آزاد ٿي آھي، مگر اڃا به ڪن پنجابي سامراجين ۽ جماعتن جو سنڌ جي اڪثر اٻوجھن تي ايڏو اثر آھي، جو ھو پنھنجي وطن جي نامور محبن ۽ شھيدن کي ته ڪافر ۽ اڻ سڌريل سمجھي گاريون ڏيندا رھن ٿا، پر جي سنڌ ۾ اچي سندن ھزارين نياڻيون ۽ نوجوان قيد ڪري سنڌ کان ٻاھر تين وال ڪيا، تن جا الٽو ڏينھن به پيا ملھائجن، ۽ پنھنجن وڏن رستن ۽ قومي ادارن تي سندن نالا به پيا رکجن! انا الله وانا اليھه راجعون.
    ھن باري ۾ ھڪ دلچسپ واقعي جو ذڪر ڪرڻ به دلچسپيءَ کان خالي نه رھندو. آءُ (ڏيپلائي) ڇھين سنڌيءَ ۾ پھريون نمبر پاس ٿيو ھوس. ان ڪري مون کي ”ھندستان جي تاريخ مان سوليون آکاڻيون“ ڪتاب انعام ۾ مليو ھو. ظاھر آھي ته انعامي چيز ھر ڪنھن کي وڻندي آھي، ان ڪري مون ان کي گھڻو پڙھيو. ان ۾ سنڌ جي حصي ۾ ميرن جي بدامنيءَ بابت اھڙا ته غليظ لفظ ھئا، جو سچ پچ ته ان وقت جي ٻارھن ورھين جي عمر کان وٺي 57 ورھين جي عمر تائين، يعني اٽڪل 45 ورھيه خود منھنجي دل تي به اھا غلط فھمي ڇانيل ھئي ته ميرن جو حڪومتي انتظام وحشيانو ھو، ۽ جيڪڏھن سڌريل انگريز نه اچن ھا ته ھي ملڪ اڃا به اڻ سڌريل ھجي ھا.
    پر 1964 ۾ ھڪ مشھور انگريزي ناول ” ٽيل آف ٽو سٽيز“ ( ٻن شھرن جي ڪھاڻي) جو اردو ترجمو ٿيو، جو منھنجي مطالعي ۾ انقلاب فرانس تي لکيل پھريون ضخنيم ناول ھو. ان ڪتاب جيڪي ٻيا تاثر ڇڏيا، سي ته ٺھيو، پر محسوس ٿيو ته ميرن جي حڪومت جي جنھن زماني ۾، يعني 18 صديءَ جي پوئين اڌ کي انتھائي بدنظمي جو زمانو ٿي سڏيو ويو، ان ۾ خود انگلينڊ جو نظام ان کان به بدتر ھو!
    پر جيئن عام طرح ”ولايت جي ڪٻر“ سنڌ ۾ ”مينا“ ليکبي آھي. تيئن بي پناھ پروپئگدا سبب عام سنڌي نه فقط پنھنجي ماضي بلڪه حال کي به ٻين کان ڪمتر ٿو سمجھي. پر ھن وقت سندس اکيون پنجاب، عربستان ۽ ٻين پاسن جي اڳواڻن ڏي واجھائينديون وتن، ۽ ھر ڪو ٻاھريون کين ڀوڪ بنائي پيسا ڪڍندو، دماغ غلام بنائيندو رھي ٿو!
    سڀ کان حيرت جي ڳالھه ته سنڌ جي ڪن ”عوامي تحريڪ“ جي ليڊرن تي آھي، جي ڪڏھن پيا ڊاڪا ڏي رلن ته ڪڏھن ٽوبگ ٽيڪ سنگھه ڏي. حالانڪه انھن ٻنھي ھنڌن جو اصلي شڪار گاھ به سنڌ ئي آھي ۽ ٻنھي ھنڌن جا ليڊر صرف اھوئي سوچيندا رھن ٿا ته سنڌ جي گھڻي کان گھڻي زمين، نوڪرين، ڌنڌن وغيرھ تي ”غريب“ بنگالين ۽ ”سڌريل“ پنجابين جو قبضو ڪيئن ڪرائجي. اھو ناممڪن آھي جو ھو ڪڏھن به سنڌي عوام جي ڀلي لاءِ سوچين به. اھو نظارو ھن ٽوبه ٽيڪ سنگھه ۾ به ڏٺو ھو. ”کيت وڊيرون سي ليلو“ ته چئي رھيا ھئا، پر ”کيت چوڌريون سي ليلو“ چوندي سندن زبان ۾ ڪيڙا پي پيا!
    سنڌ ڪھڙو سڌريل ملڪ ھو، ان جا روز روشن کان به وڌيڪ گواھ “موھن جو دڙو“ ۽ ”رني ڪوٽ“ آھن، پر اٻوجھه سنڌين کي فخر فقط عربن جي ٺاھيل ڦٽل مسجدن تي آھي! انا الله وانا اليھه راجعون.
    افسوس آھي جو ڪن سخت مالي مشڪلاتن سبب آءُ اڃا پنھنجو ناولن جو سلسلو شروع ڪري نه سگھيو آھيان نه ته جڏھن منھنجو ”سانگھر“ جھڙو ضخيم ناول ”ڏاھر“ عرف ”اروڙ“ ميدان تي آيو، تڏھن سنڌين جي اکين تان ٻاھراين سامراجين جا چڙھايل گھڻا پردا ھٽي ويندا.
    اھو ھو ڏيپلائيءَ جو نوٽ، ھاڻي ھي آھي منھنجو مضمون
    (سنڌ ٽائيمس 05.10.1970)



    سنڌ جي تاريخ پڙھندي، جي خيال ۽ جذبا منھنجي دل ۾ اڀرندا ويا، سي لکندو ويس.

    (1)

    جنھن ڳالھه کي عربن سبب بنائي، سڌ تي حملو ڪيو ان جي باري ۾ ”تاريخ معصومي“ ۾ ھن طرح لکيل آھي:
    عبدالمالڪ جي خلافت جي وقت ۾ خليفي، ھندستاني ٻانھين ۽ ٻئي سامان خريد ڪرڻ لاءِ، پنھنجا ڪي نوڪر سنڌ ۾ مقرر ڪيا ھئا. شام جا ڪي واپاري انھن ماڻھن سان گڏجي سنڌ ملڪ ۾ پھتا، ۽ ٻانھيون ۽ گھربل سامان ھٿ ڪري درياھ جي رستي سان موٽيا. جڏھن ديبل بندر وٽ، جو ھاڻي ٺٺي جو بندر ۽ لاھوريءَ جي نالي سان مشھور آھي پھتا ته ڦورن جي ھڪ جماعت مٿن حملو ڪري گھڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ڪن کي قيد ڪري مال ۽ شيون ٺٺي کڻي ويا. (تاريخ معصومي صفحو 42)
    ڃنڊڇاڻ: ھن مان خليفي جي عياشي جي جھلڪ ڏسي سگھجي ٿي. پنھنجي دولت ۽ عھدي جي زور تي ھو ايترو پري کان کان فقط پنھنجي عياشي لاءِ معصوم ڇوڪريون ڦاسرائي، ھنن کي پنھنجن مائٽن ۽ پيارن کان، پنھنجي ملڪ ۽ زمين کان ڇني، گھرائي ٿو.
    ۽ ھي سنڌي وري ڦورو ڪيئن ٿيا؟
    ھنن پنھنجي سنڌياڻين نياڻين ۽ لڄن کي سر جون سٽون ڏيئي موٽايو. ھنن کي ڌارين وحشين ۽ ظالمن جي چنبي مان آزاد ڪرايو. ھي ته ھنن جي جوانمردي، سنڌيت ۽ انسانيت جو ڪارنامو ھو.
    تاريخ جي ھن ٽڪري مان خليفي جو پست ڪردار ۽ سنڌين جو بلند ڪردار صاف نظر اچي رھيو آھي.

    (2)

    خليفي وليد بن عبدالمالڪ، جنھن جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ تي عربن حملو ڪيو، ان جي باري ۾ لکيل آھي:
    ڪن تاريخ نويسن جي چوڻ موجب وليد ھڪ ظالم حاڪم ھو، پر گھڻن مورخن جي اعتقاد موجب ھو بني اميه جي گھراڻي مان ڀلي ۾ ڀلو خليفو ھو؛ ڇاڪاڻ ته دمشق واري جامع مسجد، جا ”جامع بني اميه“ جي نالي سان مشھور آھي، انھي ٺھرائيءَ ھئي. (تاريخ معصومي صفحو 41)
    ڇنڊڇاڻ: ھڪڙو ماڻھو، جو ھزارين بيگناھن کي مارائي، غريبن تي ساري عمر ظلم ڪري، معصوم عورتن کي پنھنجي ھوس جو شڪار بنائي؛ سو صرف ڪي مسجدون جوڙائڻ ڪري ڪيئن ڀلو انسان ۽ جنت جو حقدار چئي سگھبو؟ مسجدون به ھو پرائي پيسي تي ۽ غريب پورھتين کان مفت ۾ مزوري ڪري ٺھرائي ٿو!

    (3)

    ھڪ سنڌي راجا جو موت ھن ريت بيان ڪيو ويو آھي: ھڪ تير سيھرس جي نڙيءَ ۾ لڳو، جنھن ڪري سندس روح جو پکي وڃي جھنم جي وچ ۾ قراري ٿيو. (تاريخ معصومي – صفحو 45)

    ڇنڊڇاڻ: ھڪ سنڌي معزز شخص جي شان ۾ اھڙا گٿا لفظ پڙھي ڏاڍو ڏک ٿيم. مون وٽ ھن تاريخ جو ھڪ انگريز جو انگريزي ترجمو به آھي. سو ڪڍي ڏٺم. ان ۾ beiD لکيل آھي. پوءِ ڀلا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ وقت مٿيان لفظ ڇو ڪتب آندا ويا؟ اِھا اھا گندي ذھنيت آھي جا صرف تعصب ئي عطا ڪري ٿو. عجب آھي ته انھي ساڳئي راجا واسطي انھي ساڳئي ڪتاب جي اڳئين صفحي تي ڏنل آھي:
    ”راجا سيھرس راءِ نيڪوڪار ۽ عدالت پسند ھو، ۽ عام جون گردنون سندس قسمين قسمين مھربانين ۽ طرحين طرحين احسانن جي بار ھيٺان سدائين جھڪيل ھونديون ھيون.“ (تاريخ معصومي – صفحو 44)

    (4)

    راجا ڏاھر سنڌيت جو پھريون شھيد سمجھيو وڃي ٿو. ڪن تعصيبن ھن کي لوئڻ ۽ نندڻ لاءِ ان ڳالھه جو سھارو ورتو آھي، ته ھن پنھنجي ڀيڻ سان پنھنجو نڪاح پڙھايو.
    لکيل آھي: ڏاھر چيو، ” ملڪ ۽ بادشاھي ڇڏڻ ڏکيو آھي، تنھنڪري منھنجي مرضي آھي ته مان پنھنجي ڀيڻ نڪاح ۾ آڻيان، ته جيئن منھنجي حڪومت قائم رھي، ۽ ملڪ ۾ ڪوبه قصور ۽ سستي پيدا نه ٿئي!“ (تاريخ معصومي – صفحو 53)
    ڇنڊڇاڻ: ھي ڳالھه تاريخن مان صاف ثابت آھي ته راجا ڏاھر پنھنجي ڀيڻ سان شادي پنھنجي جنسي خواھش پوري ڪرڻ لاءِ ڪانه ڪئي ھئي. خود ھن ئي تاريخ ۾ اڳتي ھلي لکيل آھي:
    ”ساري رات گڏ گھاريائون، پر مباشرت کان پاسو ڪيائون. ڏينھن ٿيڻ تي ٻائي راڻي جنھن گھر (محل) ۾ رھندي ھئي، کيس اتي وٺي ويا. (تاريخ معصومي – صفحو 54 55)
    نوٽ: راڻي پدما ٻائي اھا دلير عورت ھئي، جنھن سنڌ تي ڌارين جي قبضي ٿيڻ وقت کين پاڻ سپارڻ بدران ڪيترن ئي ٻين سان گڏ پاڻ کي جلائڻ پسند ڪيو. اھڙن واقعن تي خود عربي ۽ پارسي شاعرن به ڏندين آڱريون ڏنيون آھن.
    ھن ڳالھه تي ڏاھر جو ڀاءُ ڏاھرسين ھن کان ڪاوڙيو ۽ لشڪر وٺي ھن سان وڙھڻ آيو. پر روبرو اچي حالتن جو جائزو وٺڻ تي ھن کي يقين ٿيو ته ڏاھر ڪنھن بري نيت سان ڀيڻ سان نڪاح نه پڙھايو ھو. ان ڪري ڏاھرسين جو غصو به لھي ويو، ۽ ڀاءَ جي خلاف ڪابه ڪاروائي ڪانه ڪيائين. خود ڏاھر جي ماءُ کي به ڏاھر جي نيت تي شڪ ڪونه ھو. لکيل آھي:
    نيٺ شام جو سندس ماءُ شھر جي مکيه ماڻھن سان گڏ ڏھرسين وٽ وئي، ۽ وڃي نصيحتن ۽ ھدايتن سان کيس تسلي ڏيئي چيائين ته ڏاھر ھيءَ ڪم نفساني خواھش پوري ڪرڻ لاءِ نه ڪيو آھي، بلڪه نجومين جيڪي منحوس ڳالھيون راڻي ٻائي جي ستاري ۾ معلوم ڪيون ھيون تن جي وھم دفع ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو اٿس. عام ماڻھن وٽ ھي عذر قبول آھي، تون پڻ ڀاءُ جي مخالفت کان باز اچ، ۽ گذريل دستور مطابق اطاعت ۽ موافقت ڪندو رھ.“
    ڏھرسين ماءٌ ۽ قريبن جو عرض اگھايو. (تاريخ معصومي – صفحو 55)
    پوءِ سوال ٿو اٿي ته ڏاھر ڀيڻ سان شادي ڇو ڪئي؟ ان واقعي جي بنيادي جوابداري نجومين تي آھي. ان وقت نجومين جي ڳالھه کي سورنھن آنا سچ سمجھيو ويندو ھو. نه صرف ھندو، بلڪه مسلمان خليفن ۽ گورنرن جي حالتن ۾ به اھڙا ذڪر پيا ايندا آھن ته ”نجومين کان ساعت سعيد پڇي، پوءِ ھي ڪم ڪيو ويو.“
    ھاڻي نجومين جي ڳالھه تي ڀروسو رکي، ان تي عمل ڪرڻ لاءِ راجا ڏاھر کي ٻه سبب ٿي سگھن ٿا، ھڪ سنڌ جو صلح ۽ ٻيو پنھنجي راجائي جو بچاءُ.
    سنڌ سان ھن کي جو پيار ھو، سو ته ان مان ئي ظاھر آھي ته ھيءَ سرزمين ڌارين جي ھٿ ۾ ڏيڻ کان بچائڻ لاءِ بي پناھ بھادريءَ سان وڙھندي وڙھندي نيٺ شھيد ٿي ويو، ۽ پاڻ کي سنڌ تان قربان ڪيائين. انھيءَ بھادريءَ کي عرب تاريخ نويسن به قبول ڪيو آھي.
    نجومين جي ڳالھه ٻڌي، جيئن ھن پاڻ به اظھار ڪيو، ته متان ٻائيءَ جي مڙس سان ورھڻو پوي ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ ٿئي ۽ سنڌ جي صلح ۾ خلل پوي، ان ڪري ھن ٻائيءَ سان نڪاح پڙھايو.
    ٻيو سبب ٿي سگھي ٿو ته ھن پنھنجي راجائي بچائڻ جي لالچ ۾ اھڙو قدم کنيو. ھر قيمت تي پنھنجو عھدو ۽ ملڪيت بچائڻ به سڀاويڪ آھي. ڏاھر جو اھو قدم وڌ ۾ وڌ ايترو عيبدار ٿي سگھي ٿو، جيترو اڄڪلھه جي وڏيرن ۽ زميندارن جو پنھنجي ملڪيت جو حصو ٻئي جي ھٿ چرھڻ کان بچائڻ لاءِ پنھنجي ڀينرن جو حق بخشائي گھرن ۾ وھارڻ جو. ھي ته سڌريل زماني ۾ به ائين پيا ڪن، راجا ڏاھر جو قصو ته تيرھن سؤ سال اڳ جو آھي، جڏھن دنيا اڃا ايترو سڌريل ڪونه ھئي.

    (سنڌ ٽائيمس : 12 10 1970)

    (5)

    سن 92 ھجري ۾ حجاج بن يوسف جو سوٽ ۽ ناٺي محمد بن قاسم اسلام جو لشڪر وٺي، بدلي وٺڻ لاءِ سنڌ ڏانھن روانو ٿيو. (تاريخ معصومي – 56 57)
    ڇنڊڇاڻ: بدلو ڇا ھو؟ شايد خليفي غير ملڪ مان غير عورتون خريد ڪري، پنھنجي عياشيءَ لاءِ غريب، بيوس ۽ معصوم ڇوڪرين کي مجبور بڻائي پاڻ وٽ گھرائڻ ۾ ڪو ثواب جو ڪم تي ڪيو!
    پوءِ جڏھن سنڌين پنھنجي ديس جي نياڻين جي عزت بچائڻ لاءِ، ھنن کي، خليفي جي انھن بدمعاش ۽ دلال نوڪرن جي قبضي مان آزاد ڪرايو، ته انھن سنڌي سورھين کي ڦوروءَ جو نالو ڏيئي، ڦر جو الزام لڳائي آيا جنگ ڪرڻ، ان کي ڪوٺين بدلو وٺڻ!
    واھ جو حق تي ھئا، ۽ واھ جي اسلام جي خدمت ڪيائون!
    ٻه ٽي صفحا اڳتي لکيل آھي:
    باھ جي ڀڙڪڻ تي ھاٿي ٽھي ڪافرن جي لشڪر جون صفون ھيٺ مٿي ڪري ڇڏيون، جنھن تي انھن ذليلن ڇاڻ کي پاڻيءَ ۾ اڇلايو. (تاريخ معصومي – صفحو 60)
    ھي ”ڪافر“ ۽ ”ذليل“ سنڌين کي سڏيو ويو آھي. ايمانداريءَ سان سوچي ڏسو، ته جنھن ڳالھه کي ھو بدلي جوبھانو بنائي ڪاھ ڪري آيا ھئا، تنھن مان ڪافر ۽ ذليل سنڌي ٿا ثابت ٿين يا اھي جي پاڻ کي مسلمان سڏائي، اسلام جي نالي تي سنڌ جھڙي صلح پسند ملڪ جي دولت ۽ امن امان لٽڻ آيا ھئا؟
    ھن مان ڏسجي ٿو ته ھيءَ تاريخ لکندڙ تعصيبي ۽ طرفدار ھو. ان ڪري تاريخ نويسيءَ جو نه کيس حق ھو ۽ نه منجھس اھڙي لياقت ھئي.

    (6)

    فتح کان پوءِ، قلعي ۾ گھڙڻ سان بتخاني جي صحن ۾ ممبر رکي خطبو ۽ جمعي جي نماز پڙھيائون.
    (تاريخ معصومي – صفحو 62)
    ڇنڊڇاڻ: اڃا به چيو وڃي ٿو ته عرب ٻين جي مذھب ۽ عبادتگاھن سان کؤنس ڪونه ڪندا ھئا!

    (7)

    تنھن کان پوءِ محمد بن قاسم شوال مھيني جي ابتدا ۾ خزانن، مال، شين ۽ قيدين جي لکپڙھ ڪري، اھي ٻن سون سوارن جي نظرداريءِ ۾، قيس جي ھٿان، ڪيچ مڪران جي رستي دارلسلام بغداد ڏانھن موڪليو. (تاريخ معصومي – صفحو 72)
    ڇنڊڇاڻ: ڪم ئي ھاڻوڪن ٻين پرڳڻن جي رھاڪن وارا. ھتان ڪمايو، لٽيو ڦريو، رشوتون وٺيو، دولت کنيو وڃن سنڌ کان ٻاھر پنھنجن پرڳڻن ڏي.
    عجب آھي ته ان ھوندي به دعوى ڪندا ته اسلام جي خدمت خاطر سنڌ ۾ آياسون يا ڪاھ ڪئي سون!
    (نوٽ: ھن مان خود مصنف جي تاريخ دانيءَ جو حال به روشن ٿئي ٿو. ان وقت اڃا بغداد جو نالو به موجود ڪونه ھو، ۽ دارالحڪومت به دمشق ھو.)

    (8)

    سن 94 ھجري جي اوائل ۾ احنف بن قيس کي اروڙ جو حاڪم بنائي، پاڻ محمد بن قاسم ملتان جي فتح ڏانھن متوجھه ٿيو. ملتان جا مکيه ماڻھو استقبال ڪري اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ ھن بھانو ڪري، مال ۽ ڍل ٻڌي، دائود بن نصير کي ملتان جي حڪومت تي مقرر ڪيو.
    (تاريخ معصومي صفحو 64)
    ڇنڊڇاڻ: اڄوڪا پنجابي ته پھلوان ۽ جنگي جوڌا آھن، ۽ سندن گھڻو تڻو زور فوج ڪري آھي،،گر ان وقت جا پنجابي ته بنھه گيدي ٿا ڏسجن جو بنا مقابلي ئي آڻ مڃي ويٺا. سنڌين ته مڙس ٿي مقابلو ڪيو ۽ پنھنجا سر ڏنا، خود سنڌي راجا ڏاھر سنڌ لاءِ لڙندي لڙندي سنڌ تان صدقي ٿي ويو.

    (9)

    دارالخلافت ڏانھن قيدين ۾ ڏاھر جون ٻه ڌيئر به موڪليون ھئائين. ھڪ رات خليفي انھن ٻن ڀينرن کي حرمسراءِ ۾ گھرائي حويليءَ جي ٻانھين جي حوالي ڪيو... خليفي جي حڪم سان ٻنھي سنڌي قيدياڻين کي حاضر ڪيائون... سندن منھن تان جيئن نقاب ھٽايائون ته خليفي ھڪ ئي نظر سان انھن ٻنھي پرين جي حسن تي حيران ٿي ھنن کان نالا پڇيا – خليفي ھڪڙيءَ کي بستري تي اچڻ جو حڪم ڏنو. ان تي ھن عرض ڪيو ته آءُ بادشاه جي خوابگاه جي لائق ٿي نه ٿي سگھان، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم اسان ٻنھي ڀينرن کي ٽي ڏينھن پاڻ وٽ رکي پوءِ بادشاه ڏانھن موڪليو آھي. خليفو غصي ۽ غيرت کان باه ٿي ويو. حڪم فرمايائين ته ھن بي ادبيءَ جي پاداش ۾ محمد بن قاسم کي ڳئونءَ جي کل ۾ بند ڪري ھتي حاضر ٿئي. (تاريخ معصومي صفحو 65 66)
    ڇنڊڇاڻ: اھو ئي ھو مسلماني اخلاق، جنھن جو اڄ تائين دنيا ۾ ڍنڍورو گھمايو ٿو وڃي، ۽ سو به اسلام جي شروعاتي دور ۾! ۽ انھيءَ اخلاق ۽ مقصد ھيٺ ئي سنڌ کي جنگ جو ميدان بنائي، ھن سرزمين تي رتوڇاڻ ڪرائي وئي، ھزارين بي گناه عام ماڻھن جو خون ڪيو ويو، ۽ سنڌ جي صلح سانت واري فضا ۾ فساد برپا ڪيو ويو.
    ۽ ھن خليفي صاحب کي چڙ ڇو آئي؟ ۽ ان کان به وڌيڪ ھن محمد بن قاسم کي اھڙي سخت سزا ڇو ڏني؟ ڄڻ ته اھي ڇوڪريون سندس نڪاح ۾ ٻڌل ھيون!

    (10)

    وري اڳتي لکيل آھي:
    راجا ڏاھر جي ڌيئرن چيو ته اسان جي محمد بن قاسم سان دشمني ھئي، تنھنڪري ھن تي تھمت رکي ھئيسون ڇاڪاڻ ته اسان جو پيءُ ھن جي ھٿان قتل ٿيو، ملڪ ۽ دولت اسان جي خاندان مان نڪري ويا ۽ اسان قيدي ۽ گرفتار ٿي ڌارئي ملڪ ۾ پھتاسون ھنن ڳالھين ٻڌڻ تي خليفو ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ سندس سيني ۾ ڪاوڙجي باھ لڳي. آخر سندس حڪم ڪرڻ تي ڏاھر جي انھي ٻنھي ڌيئن کي گھوڙن جي پڇن سان ٻڌي، شھر جي چوڌاري ڦيرائي وڃي دجله ۾ اڇلايائون. (تاريخ معصومي صفحو 67)
    ڇنڊڇاڻ: ھي ھو خليفي صاحب جو ڪردار، قابليت ۽ لياقت ! بنا جاچ ۽ پوري پڪ ڪرڻ جي، اھڙي سخت سزا ۽ اھڙي اھم شخصيت کي ڏياري مارائي ڇڏيائين. رڳو رقابت جي انڌ ۾.
    ھوڏانھن وري عورت ذات جو به خيال ڪونه ڪيائين ۽ پرديسي نياڻين کي اھڙي وحشياني نموني مارايائين. حالانڪه ڏوه سندس ھو، جو واقعي جي پوري جاچ ڪونه ڪيائين. راجا جي ڌيئن جي روش ته بلڪل سڀاويڪ پئي لڳي. (سنڌ ٽائيمس 6 11 1970)

    (11)

    جن سنڌي راجائن جي ڏينھن ۾ عربن سنڌ تي حملا پئي ڪيا، انھن راجائن۽ سنڌ جي باري ۾ ھڪ عرب جي لکيل ڪتاب ”چچ نامو“ ۾ ھن ريت بيان آھن:

    (1). راجا راءُ سيھرس بابت لکيل آھي:
    اروڙ جو شھر، جو ھند ۽ سنڌ جو تختگاه آھي، سو سنڌو نديءَ تي قسمين قسمين ماڙين، چراگاھن، باغن، حوضن، نھرن، باغيچن ۽ گلڪارين سان سينگاريل، ھڪ وڏو شھر ھو. ھن رونقدار شھر ۾ راءُ سيھرس بن ساھسي راءِ نالي ھڪ راجا رھندو ھو، جنھن وٽ گھڻا خزانا ۽ بيحد پوريل ناڻا ھئا، ۽ جنھن جو عدل دنيا ۾ مشھور ۽ سخاوت جھان ۾ پکڙيل ھئي. (صفحو 21)

    (2) ساڳئي راجا جي باري ۾ اڳتي ڏنو ويو آھي:
    پنھنجي نائب حڪمرانن مان ھر ھڪ کي لڙائيءَ جي تياري، گھوڙن، ھٿيارن ۽ ٻئي جنگ جي سامان بابت ڏاڍو تاڪيد ڪيو ھئائين؛ ساڳئي وقت ملڪ ۾ حفاظت، رعيت جي دلجوئي ۽ حڪومت جي سرسبزيءَ متعلق پڻ حڪم جاري ڪيو ھئائين، جيئن ھو ولايت جي سرحدن کي محفوظ رکندا اچن، ۽ سندن ساري ملڪ ۾ اھڙو ڪو به ظالم ڪونه ھو، جو سندس ملڪ جي ڪنھن به طرف کان ڇيڙڇاڙ ڪري. (صفحو 22)

    (3) راجا سيھرس جو لشڪر ذليل شڪست کائي ڀڄي ويو، مگر سيھرس پنھنجي عزت ۽ نالي خاطر بيٺو رھيو ۽ ڪسي وڃڻ تائين جنگ ڪندو رھيو. (صفحو 23)

    (4)ٻئي راجا راءِ ساھسي بابت ھن طرح لکيو ويو آھي:
    وڏي راءِ ساھسي جي سموري بادشاھي، ھن جي اثر ۽ اقتدار ھيٺ ھئي، ۽ رعيت سندس عدل ۽ انصاف کان آسودي ھئي. (صفحو 24)

    (5) ان کانپوءِ چچ راجا ٿيو. ھن بابت ھي ٽڪرو به ڏنل آھي:
    جنھن تي سھرس، متي کي چيو ته: چچ ھڪ وڏو بادشاه ۽ ڪشادي ملڪ جو مالڪ ھو. سندس مري وڃڻ کان پوءِ جڏھن اھا بادشاھي وٺي پنھنجي حڪم ھيٺ آڻيندس، تڏھن اسان جي ڏاڍي مشھوري وڌندي: (صفحو 69)

    (6) ھاڻي راجا ڏاھر بابت پڻ ڏسو:
    سندس بادشاھيءَ جي ھاڪ ۽ ڌاڪ انھيءَ حد کي پھتي، جو سندس شھنشاھيءَ جي تعريف، دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ سندس حڪومت جي تنبوءَ جون طنابون سنڌ ۽ ھندستان جي ملڪن ۾ مضبوط ٿيون، ۽ چئني طرفن جي بادشاھن کي عموما ۽ رمل جي راجا کي خصوصن سندس مال ۽ ھاٿين جي حقيقت معلوم ٿي. (صفحو 93)
    ڇندڇاڻ: پوءِ ڀلا ھھڙي صلح، سلامتي ۽ سک واري سنڌ ديس کي عربن ڇو اچي جنگ جو ميدان بنايو؟
    مان سمجھان ٿو ته ھر دور جي ڪن قومن نئين ڪنھن نظريي کان متاثر ٿي، يا ڪنھن اڳواڻيءَ جي اثر ھيٺ متحد ٿي، طاقت پئي حاصل ڪئي آھي، ۽ پوءِ ان طاقت ذريعي پنھنجي اقتصادي ۽ مالي حالت سڌارڻ لاءِ ٻين ملڪن سان ھروڀرو به ڇيڙڇاڙ ڪري مال ۽ دولت لٽيا آھن. ان جو ثبوت اھو به آھي انھن طاقتن جو نشانو گھڻو ڪري سنڌ، ھندستان ۽ مصر جھڙا سرسبز، ساوا، آباد ۽ مالدار ملڪ پئي رھيا. اھي ملڪ فتح ڪري، پوءِ اھي ڌاريا اتان ڦرلٽ ڪري، ناڻو ۽ داڻو پنھنجي ملڪ ڏي کڻي ويندا ھئا.
    عرب پڻ ھڪ ويران ۽ سڃو ملڪ ھو. طاقت ۾ اچڻ بعد ھنن به پنھنجي مالي ۽ معاشي حالت سڌارڻ لاءِ ٻين ملڪن سان ھاسڪاري جنگيون جوٽيون. ھنن جي طرز عمل مان اھا ڳالھه مڃي نه ٿي سگھجي ته ھنن فقط اسلام جي خدمت خاطر ائين ڪيو.

    (12)

    ھن ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي ته محمد بن قاسم جي حملي کان اول به عربن سنڌ تي ڪاھون ڪيون ھيون، پر شڪستون کاڌيون ھين. ڪي ڪاھون ھي ھيون:
    (الف) مغيره بن ابي العاس جي سرداريءَ ھيٺ لشڪر بحرين موڪليائين. انھيءَ لاءِ ته ھو انھيءَ رستي کان ديبل روانا ٿين. انھيءَ وقت سنڌ جو راجا چچ بن سيلائج ھو، ۽ سندس حڪومت کي 35 سال گذري چڪا ھئا. ديبل جا رھاڪو واپاري ماڻھو ھئا. راجا چچ جي طرفان سامه بن ديوائچ نالي اتي حاڪم ھو. لشڪر جڏھن ديبل پھتو ته ھن قلعي کان نڪري لڙائي شروع ڪئي... جڏھن ٻئي لشڪر ھڪ ٻئي جي سامھون ٿيا، تڏھن مغيره ابي العاص ترار ڪڍي... ۽ شھيد ٿيو. (صفحو 98)
    (ب) اسلام جو لشڪر عبدالله جي جھنڊي جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو... اتي ڪيڪانين (سنڌين) جو سمورو لشڪر نڪري آيو. آخر اسلامي لشڪر شڪست کاڌي. سارو جبل مئل لشڪر سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيو، پءِ مسلمان مڪران موٽي آيا. (صفحو 106 107)
    (ٻ) ٽين شڪست جو احوال ھن ريت آھي:
    جڏھن راشد بن عمرو سنڌ ملڪ پھتو ۽ ڍل وصول ڪري ڪيڪانان ويو ۽ اتي وڃي اڳين ۽ پوئين ڍل وصول ڪرڻ سان گڏ غنيمتون ۽ بي فرمان غلام، جيڪي ڦرجي ويا ھئا، تن تي قبضو ڪيائين. تڏھن ھڪ سال اتي رھڻ کان پوءِ موٽي سيستان جي رستي کان پنڌ ڪري اچي ڪوه مندر ۽ بھرج وٽ پھتو. انھيءَ جبل جي ماڻھن لشڪر گڏ ڪيو، ۽ اٽڪل پنجاه ھزار ماڻھن جمع ٿي رستو بند ڪيو، صبح کان ٻپھريءَ جي نماز تائين جنگ ڪندا رھيا، نيٺ راشد شھيد ٿي ويو. (109 111)
    ڇنڊڇاڻ: تاريخن سنڌين جي ھنن سوڀن کي نمايان نموني پيش ڪين ڪيو آھي. حالانڪه اھي سوڀون وڏي اھميت رکن ٿيون.

    (13)

    چچ نامو روايتن جي ريت ۾ لکيو ويو آھي:
    مثال: تاريخ جي مصنفن، مھلب کان ھن ريت روايت ڪئي آھي، ۽ ھن ھذلي کان ٻڌو ۽ ھذلي قاسم کان نقل ڪيو، جنھن چيو ته : مان نصر بن سيفان کان ٻڌو آھي ته... (صفحو 104)
    ڇنڊڇاڻ: ھن قسم جي پٽاڙ، پڙھندڙ لاءِ بار ۽ بيزاري بنجڻ کانسواءِ، ھڪ ٻي ڳالھه پڻ ثابت ڪري ٿي. اھا ھيءَ ته اھا قوم ايترو ڪوڙي ھئي، جو ھنن کي اھو پورو ڀروسو ڪونه ھوندو ھو، ته ٻيا ھنن جي ڳالھه تي اعتبار ڪندا. ان ڪري ثبوت لاءِ سچ پچ يا ھروڀرو به ڪي نالا ڏيئي پنھنجي ڳالھه کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا.
    ھن حقيقت جو ٻيو ثبوت بي شمار ڪوڙيون حديثون آھن. ڊاڪٽر غلام جيلاني برق جا ڪتاب ”دو قرآن“ ”دو اسلام“ ۽ غلام احمد پرويز جا ڪتاب “معارف القرآن“ ”مقام حديث“ ”طلوع اسلام“ رسالو ۽ ٻيا ڪتاب پڙھڻ سان پتو پوي ٿو ته ھزارين حديثون ڪوڙيون لکيون ويون آھن. شايد ٻئي ڪنھن به مذھب جي ڪتابن ۾ ايترو ڪوڙ موجود نه ملندو. جھالت واريون ڳالھيون ھونديون، پر ڪوڙيون نه.

    (14)

    ان وقت جي ھندو راجائن مان، راجا ڏاھر کي تمام گھڻو لويو ۽ ننديو ويندو آھي، ھن تي چٿرون ڪيون وينديون آھن، ۽ ھن کي ذليل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي ويندي آھي.
    ان ئي راجا جي جرات، بھادري ۽ انسانيت بابت ھن عرب تاريخ لکندڙ کي به اعتراف ڪرڻو پيو، ۽ تنگدليءَ کان ڪم وٺڻ جي باوجود به ھن جي خوبين کي ڪٿي ڪٿي مڃڻو پيو.
    انھن لکڻين مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته راجا ڏاھر بيحد طاقتمند، بھادر، غيرتمند، سنڌ جو عاشق، سنڌيت جو شھيد ۽ ھڪ بلند ڪردار وارو انسان ھو. چچ نامي مان ڪي ٽڪرا ھيٺ ڏجن ٿا؛
    (الف) ڏاھر جي بادشاھي جي ھاڪ ۽ ڌاڪ انھيءَ حد کي پھتي جو سندس شھنشاھيءَ جي تعريف دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ سندس حڪومت جي تنبوءَ جون طنابون سنڌ ۽ ھندستان جي ملڪن ۾ مضبوط ٿيون. (صفحو 93)
    (ب) ڏاھر چيو ته؛ ”منھنجي نزديڪ ٻئي جي خدمت ۾ ذلت نموني سر جھڪائڻ کان موت پيارو آھي ۽ ھيءَ ذلت آئون ڪيئن کڻي سگھندس.“ (صفحو 95)
    (ٻ) اتي ھڪ شامي شخص، جو تيراندازيءَ ۾ ماھر ۽ ھٿ جو ملوڪ ھو، چاھيو ته گھوڙو پاڻيءَ ۾ ھڻي تير وسائي، پر سندس گھوڙو پاڻي کان ٽھي رھيو ھو، ۽ ھيٺ نه ٿي لٿو. اتي راجا ڏاھر پنھنجي ڪمان گھري. سندس ڪمان وڏي، مضبوط ھئي، جنھن تي کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه زھ چاڙھي نه سگھندو ھو. انھي تي زھ چاڙھي، تير رکي، جيترو ٿي سگھيس اوترو ڇڪي، شڪست وٺي تير ھنيائين، تير انھي سوار جي چوٽيءَ ۾ ھنيائين، جو مٿي مان لنگھي وڃي سندس دُن ۾ ويٺو، ۽ ھو گھوڙي تان ڪري پيو. (صفحو 208)
    (پ) راجا ڏاھر چيو ته؛ منھنجي راءِ جي تقاضا آھي ته ھن سان سامھون ٿي جنگ ڪريان، ۽ جنگ پوري ڪوشش ۽ سعيي سان ڪريان. جيڪڏھن انھن تي غالب ٿيس ته پوءِ ھو سڀ ذليل ٿيندا ۽ منھنجي بادشاھي مضبوط ٿيندي ۽ جيڪڏھن ننگ ناموس خاطر ڪٺو ويس، تڏُھن به ھيءَ خبر عرب خواه ھندستان جي ڪتابن ۾ لکي ويندي ۽ بزرگن جي واتان دنيا جي بادشاھن ڪن پوندي ته راجا پنھنجي ملڪ خاطر دشمن جي مقابلي ۾ پنھنجي پياري جان فدا ڪئي.“
    (صفحو 221)
    (ڀ) ڏاھر چيس ته: بُري خبر ڏنئي اٿئي. ۽ ھن کي پنھنجي ويجھو سڏي، ڪاوڙ مان سندس پٺيءَ تي مڪ ھنيائين. ڏاھر جو ھٿ ڳوڙو ھو، جنھنڪري اھو ماڻھو انھيءَڌڪ کان مري ويو.
    (صفحو 228)
    (ت) حبشي مشڪي گھوڙي تي سوار ھو. اڳتي وڌي لڙائي شروع ڪيائين. ڏاھر کي ٻڌايائون ته؛ توسان جنگ ڪرڻ ٿو اچي. راجا ڏاھر ساڻس سامھون ٿيو، ۽ ھاٿي مٿس ھڪليائين. حبشيءَ گھوڙو تڙي ھاٿيءَ جي اڳيان آندو. حبشيءَ جو گھوڙو ھاٿيءَ کان ٽھي پاسو ڪري رھيو ھو. ھڪدم مٿي تان پڳ لاھي، گھوڙي جون اکيون ٻڌي، ھاٿي ٿي ڪاھيائين، ۽ ھاٿيءَ جي سونڍ تي زخم وسايائين ھوڏانھن راجا ڏاھر به ڪنچيءَ جھڙو دو شاخو تير، ڪمان تي رکي، پنھنجي مخصوص استاديءَ ۽ ڏاھپ سان ڇڪي ھنيو، ۽ ھن جو سر ڪلھن کان اڏائي ڇڏيائين، باقي ھن جو ڌڙ گھوڙي تي رھجي ويو.
    (صفحو 259)
    (ث) پوءِ انھن زالن چيو ته؛ ”اي راءِ! اسان اوھان جون زالون آھيون، جيڪي عرب لشڪر ھٿان گرفتار ٿي قيد ٿيون آھيون.“
    ڏاھر چيو: ”اڃا مان زنده آھيان، توھان کي ڪنھن گرفتار ڪيو آھي؟ ۽ ڏاھر اسلامي لشڪر تي ھاٿي ھڪليون.
    (صفحو 262)
    (ن) مسلمان تير اندازن تير کوليا ۽ ھوا مان تير مينھن وانگيان وسڻ لڳا. ھڪ عرب جو ھٿ ڏاڍو سڌو ھو، تنھن تير ڪشي ڏاھر جي دل تي ھنيو، جنھن جي لڳڻ کان ھو ھاٿيءَ جي مٿان پالڪيءَ ۾ منھن ڀر ڪري پيو.... (زخميل حالت ۾ ھوندي به) ڏاھر ھاٿيءَ تان لھي ھڪ عرب سان مقابلو ڪيو. (صفحو 263)
    (ڀ) ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته راجا ڏاھر جي بھادريءَ جو عربن تي ڏھڪاءُ به اھڙو ھو، جھڙو ھٽلر جو سندس دشمن تي، جو ھٽلر جي موت بعد ھو ڊڄندا رھيا ته شايد ھٽلر اڃا جيئرو آھي، ۽ ڪنھن به وقت اوچتو اچي نه پرگھٽ ٿئي. اجھو چچ نامو ھن طرح لکي ٿو:
    ”پوءِ محمد بن قاسم نظر ڪئي ته جيش کي ڏٺائين. چيائين ته: ”اي اخي عامر جا پٽ، مامرين کي پڙھو ڏيئي چؤ ته راجا ڏاھر غائب آھي: متان ڪنھن ڪنڊ مان نڪري حملو ڪري، تنھنڪري ھوشيار رھجو.“ جيش چيو ته: ”امير! منھنجي دل شاھدي ٿي ڏئي ته ڏاھر ڪسي ويو.“ محمد بن قاسم فڪر ۾ رھيو، ۽ ھر ھڪ کان ٿي پڇيائين ته: ”ڏاھر جي ڪا خبر اٿئي؟ ھو گم آھي.“ (صفحو 264 265)
    (د) ھڪ ڏينھن راجا ڏاھر شڪار جي سامان ۽ ھٿيارن سان شڪار گاه ۾ ويو. جڏھن شھر جي آسپاس ھڪ طرف ڪتا، چيتن، ۽ بگھڙن ھرڻن تي ڇڏيائين، ۽ ٻئي طرف شاھين باز ۽ شڪرا ھوا ۾ اڏامڻ لڳا، ته اوچتو ھڪ گجندڙ شينھن جي پيدا ٿي ماڻھن جو رستو روڪي ڇڏيو، جنھنڪري شڪارين جي لشڪر ۾ ھيبت ۽ دانھون مچي ويئي. ڏاھر گھوڙي تان لھي پيادو ٿي شينھن جي سامھون ٿيو، ۽ شينھن پڻ جنگ جو ارادو ڪيو. راجا ڏاھر چادر ھٿ تي ويڙھي، شينھن جي وات ۾ وجھي ترار ھڻي سندس ٻئي ٽنگون قلم ڪري ڇڏيون. تنھن کانپوءِ ھٿ ڪڍي ترار ھڻي سندس پيٽ ڦاڙي وڌو، ۽ شينھن ڪري پيو. (صفحو 345 346)
    ڇنڊڇاڻ: ھڪ سنڌي راجا جي لياقتن جو ايترو اعتراف ته ھڪ عرب تاريخ نويس کي به ڪرڻو پيو. ان جو مطلب ته حقيقت ۾ راجا ڏاھر ان کان سوين دفعا وڌيڪ خوبين جو مالڪ ھوندو.
    ھاڻي اھڙي شخص کي سنڌ جو ھيرو لکيو وڃي ته اھا ھڪ فخر ۽ حقيقت شناسيءَ جي ڳالھه ٿي. پوءِ ان تي سنڌين کي ائين چئي ڇو ٿيون چٿرون ڪيون وڃن ته ڏاھر جو اولاد! يا ڏاھر جا پوئلڳ! وغيره.
    سنڌين مان ڪي ڏاھر جي اولاد مان به ٿي سگھن ٿا، ۽ ڏاھر جي سنڌيت، قوميت ۽ جرات جي جذبي جا پوئلڳ به ٿي سگھن ٿا. ان ۾ اعتراض جي ته ڪا به ڳالھه ڪانھي!

    15

    مٿي بيان ڪيل شڪستن کان سواءِ، عربن ھڪ ٻي لڙائيءَ ۾ به سنڌين کان ھارايو.
    لکيل آھي؛
    صبح کان شام ٽڙڻ تائين، ٻنھي طرفن ۾ لڙائي چالو رھي. عربن لڙائي ھلندي، سوارن جي غلبي ۽ ھاٿين کان (عرب مھندار) بديل جو گھوڙو ٽھڻ لڳو. بديل دستار لاھي، گھوڙي جون اکيون ٻڌي حملو جاري رکيو، ۽ تنھن کانپوءِ به آسي ڪافرن کي جھنم ۾ موڪلي، پاڻ شھيد ٿيو. (صفحو 128)
    بديل جي قتل ٿيڻ کانپوءِ حجاج، خليفي وقت وليد ڏانھن خط لکيو....” ڇو ته جڏھن به لشڪر وڃي ٿو ته مسلمان ھلاڪ ٿين ٿا؛ تنھنڪري ڪا مصلحت سوچچ.“
    (صفحو 128)
    ڇنڊڇاڻ: ڏسجي ٿو ته سنڌين جي ھٿان ايتريون شڪستون کائڻ کان پوءِ به، عربن آخري جنگ واسطي زبردست تياريون ڪيون، ۽ انھن تيارين ۾ ھنن جون حرفتون ۽ اٽڪلون به شامل ٿيون ڏسجن. مان سمجھان ٿو ته انھن حرفتن ۾ ھنن جي ھڪڙي حرفت اھا پڻ ھئي ته نجومين سان رسائي ڪري، راجا ڏاھر ۽ سندس مددگارن ۽ قوم ۾ اھا ڳالھه مشھور ڪئي وئي ته سنڌ مسلمان فتح ڪندا. ان جو نفسياتي اثر راجا ڏاھر توڙي سندس لشڪر ۽ قوم تا ڪافي خراب پيو ۽ ھنن جا حوصلا ھروڀرو به پست ٿي پيا.
    ڪي مثال ھي آھن:
    ڪاڪي وراڻيو ته ”توھان کي معلوم آھي ته مان بھادري، مردانگي، ھمت ۽ دانائيءَ ۾ مشھور معروف آھيان۽ توھان وٽ رھي ڪيتريون مشڪلاتون حل ڪيون اٿم. ليڪن ٻڌ مذھب وارن ڪتابن ۾ نجوم جي حساب سان ائين حڪم ٿيل آھي ته ھندستان اسلامي لشڪر جي ھٿان فتح ٿيندو، تنھنڪري مون کي سندن استقبال ڪرڻ جو ارادو آھي.“
    (صفحو 174)
    نجومين تعريف،وصف ۽ ثنا کان پوءِ عرض ڪيو ته ؛ ”راجا سلامت رھي! گذريل تاريخ جي پراڻن ڪتابن ۽ جا ما سپ حڪيم جي نجوم مان ائين معلوم ٿيو آھي ته سن 92 ھجري ۾ نيرون جو قلعو اسلامي لشڪر جي حوالي ٿيندو، ۽ سن 93 ھجري ۾ پورو ھندستان. (صفحو 187)
    ڇنڊڇاڻ: عرب، سنڌي راجائن جي نجومين جي باري ۾ ڪمزوريءَ کان واقف ھئا، ۽ ممڪن آھي ته ھنن پنھنجا ڇاڙتا ڇڏي نجوميت جون اھڙيون اڳڪٿيون مشھور ڪرايون ھجن.

    (16)

    ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي سورمين ۽ سنڌي عورتن جي ھمت ۽ حوصلي جون ڪٿي ڪٿي جھلڪون نظر اچن ٿيون:
    (الف) پوءِ چچ راڻيءَ وٽ آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته: ھي دشمن گھر جي در تي اچي پھتو آھي، ۽ ملڪ ۾ ميراث جي دعوى ڪري ٿو، ھاڻي ڪھڙي صلاح آھي؟ ساھسيءَ جي زال کلي چيو ته: مان پردي نشين عورت آھيان، جيڪڏھن مون کي جنگ ڪرڻي آھي ته پوءِ تون منھنجا ڪپڙا پائي گھر ۾ ٿي ويھه۽ پنھنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته ٻاھر نڪري وڃي جنگ ڪريان. بزرگن جو چوڻ ڪونه ٻڌو اٿيئي ته ڪنھن ڪم لاءِ جيڪڏھن ڪو ماڻھو مقرر ٿئي، ۽ مقرر ٿيڻ کانپوءِ اھو ماڻھو عقل ۽ تجربي کان ڪم وٺي ته ھو ضرور انھيءَ ڪم ۾ ڪامياب ويندو ۽ وڃي پورو ڪندو... تيار ٿيءَ ۽ گجندڙ شير وانگيان ميدان ۾ وڃي، دشمن جي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، ڇاڪاڻ ته عزت ۽ نالي سان مرڻ، پاڻ جھڙي آڏو ذلت برداشت ڪرڻ کان بھتر آھي.“ (صفحو 37)
    (ب) ڪعب چيو ته: ”ان وقت آءُ جوان ھئس، ڏاھر جي ڀاڻيجيءَ کي نيئي زال بنايم، ۽ گھڻو ڪري زالون وٽس اچي کانئس دانائيءَ جون ڳالھيون ۽ نصيحت پرائينديون ھيون.“ (صفحو 279)
    (ٻ) ڏاھر جي ڀيڻ زالن کي گڏ ڪري چيو:
    ”جيسينا اسان کان ڌار ٿي ويو، ۽ محمد بن قاسم اچي رسيو، بيشڪ اسان کي ھنن ڳئن کائڪ چنڊالن کان ڇوٽڪارو ڪونه ٿيندو. اسان جي عزت برباد ٿي چڪي ۽ مھلت پوري ٿي. جڏھن ڇوٽڪاري جي اميد ڪانه آھي، تڏھن ڪاٺيون، ڪپاه ۽ تيل گڏ ڪرڻ گھرجن. منھنجي راءِ جي تقاضا آھي ته پاڻ کي باه جي نذر ڪري ھلي پنھنجي مڙسن سان ملون. جنھن کي به وڃي امان وٺڻي ھجي ته ڀلي وڃي. ممڪن آھي ته کيس نجات ملي وڃي.“ پوءِ سڀ گھر ۾ اندر ويون ۽ باه ٻاري پاڻ کي ساڙيائون.
    (صفحو 282 283)
    (پ). جڏھن برھمڻ آباد جو قلعو ھٿ آيو تڏھن ڏاھر جي زال لاڏي، جا ڏاھر جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ڏاھر جي پٽ سان برھمڻ آباد ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺي ھئي. چيو ته: ھي مضبوط قلعو ۽ عيال ڪيئن ڇڏينداسون؟ اسان کي لاچار ھتي رھڻ گھرجي، جيئن دشمن تي غلبو حاصل ڪريون ۽ اسان جو ملڪ ۽ گھر سلامت رھي. پر جيڪڏھن عرب جو لشڪر غالب ٿيو ته پوءِ ڪاٻي تدبير ڪنداسون.“
    ائين چئي مال ۽ خزانو ٻاھر ڪڍي لشڪر جي بھادرن کي پئي ڏٺائين، ۽ اھي ٻئي دروزاي تي جنگ ڪندا ٿي رھيا. لاڏي جي ھي تجويز ھئي ته” جيڪڏھن قلعو فتح ٿيو ته مان پاڻ کي ٻارن ۽ پوئلڳن سميت ساڙيندڙ باه جي خوراڪ بنائيندس.“
    (صفحو 301)
    ڇنڊڇاڻ: سنڌ جي سورمين؛ ھن دور وانگر، ھر دور ۾ پاڻ ملھايو آھي، جيئي سنڌ!

    (17)

    سڄي چچ نامي اندر سنڌين کي ڪافر ڪوٺيو ويو آھي، ھر ھنڌ ”سنڌين“ جي بدران ”ڪافر“ لفظ ڪتب آندو ويو آھي، سنڌين جي شان ۾ ٻي به ھر قسم جي گستاخي ۽ بي ادبي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي، جھڙوڪ ڪنھن جي موت جو ذڪر ڪرڻ وقت لکيو ويو آھي ”جھنم پھتو.“
    بدزبانيءَ جا ڪي مثال:
    چچ اروڙ جي تختگاه ڏانھن موٽي ويو، ۽ تيستائين اتي رھيو جيستائين ساه کان موڪلائي، جھنم ڏانھن روانو ٿيو. (صفحو 63)
    اي مھاجرين ۽ انصارن جا فرزندو! ڪافرن کان منھن نه موڙيو، متان توھان جي ايمان ۾ خلل اچي.
    (صفحو 172)
    ھو وڃي ڏاھر، سندس لشڪرن ۽ جنگي جوڌن جي سامھون ٿيو، ۽ ڪافرن جي ھڪ فوج سان جا ھن سان وڙھڻ لاءِ ٻاھر نڪتي، جنگ جوٽيائين. نيٺ انھن مان گھڻن کي دوزخ ۾ موڪليائين. (صفحو 256)
    ڏاھر لعين جي ڪسڻ جي خبر (صفحو 316)
    ڳالھه ٿا ڪن ته قابل بن ھاشم، ڏاھر لعنتي ۽ ڪافرن جي مارجڻ واري ڏينھن سورنھن زخم کاڌا.
    (صفحو 364)
    جڏھن راجا ڏاھر لعنتي دوزخ ڏانھن روانو ٿيو. (صفحو 286)
    ڇنڊڇاڻ: عربن جي فضيلت، فصاحت ۽ بلاغت جون وڏيون ڳالھيون ٻڌندا ھئاسون. پر ھن ڪتاب مان حقيقت معلوم ٿي. ھو اسلام مذھب ۾ اچڻ کان پوءِ به جھنگلي جا جھنگلي ۽ بدزبان ئي رھيا.

    (18)

    پوءِ محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته : ” لڙائي ڪندڙ ماڻھو اگرچ فرمانبداري لاءِ ڪنڌ جھڪائين ته به کين نه ڇڏيو وڃي. جنھن تي لاڏيءَ چيو ته: ” ھن ملڪ جا ماڻھو رازا آھن، ۽ ڪي واپاري آھن. ھيءَ شھر انھن جي ڪري ئي آباد ۽ سرسبز آھي. سندن ئي ڪمائي ۽ کيتيءَ ڪري خزانيءَ ۾ مال موجود رھي ٿو. جيڪڏھن انھن کي قتل ڪندين ته تنھنجو مال ھليو ويندو.“
    محمد بن قاسم چيو: ”راڻي لاڏيءَ ھيءُ فيصلو ڪيو، ته انھن سڀني کي ڄڻ امان ڏنائين.“ (صفحو 333 334)
    ڇنڊڇاڻ: سنڌي نياڻين نه رڳو سونھن جي، پرھنن جي سياڻپ ۽ دور انديشي به عربن کي مڃڻي ٿي پيئي.

    (19)

    عربن جو سنڌ تي حملي ڪرڻ ڪو مقصد ڄاڻڻ بابت، چچ نامي جا ھيٺان ٽڪرا غور سان پڙھجن:
    سيوھڻ جو قلعو ھٿ ڪري حجاج ڏانھن فتح جو احوال لکيائين... غنيمت ۽ غلام موڪلي ڏنائين. (صفحو 771)
    جڏھن اروڙ جو قلعو فتح ٿيو، ۽ جيسينا سان گڏ جيڪي ويو، تنھن کانسواءِ ٻيا خزانا، مال، ۽ ھٿيار ھٿ آيا، تڏھن اھي سڀ محمد بن قاسم جي اڳيان آڻي حاضر ڪيائون. جڏھن ٻانھا شمار ڪيائون ته ته ڏٺو ويو ته ٽيھه ھزار ھئا، جن مان ٽيھه راجائن جون ڌيئون ھيون. راجا ڏاھر جي ڀاڻيجي حسنا نالي پڻ انھن ۾ ھئي، جي سڀ حجاج ڏانھن موڪليائين. پوءِ ڏاھر جو سر ۽ ٻانھن جون پنجون حصو ڪعب جي ھٿان عراق موڪليائين. جڏھن ڏاھر جو سر، زالون ۽ مال حجاج وٽ پھتا، تڏھن حجاج سجدي ۾ سر رکي شڪراني جون ٻه رڪعتون ادا ڪيون، گھڻي تعريف ڪرڻ بعد چيائين ته: بيشڪ سڀ خزانا، دنيا، مال ۽ دنيا جو ملڪ مون کي ملي چڪو. (صفحو 83 284)
    ڇنڊڇاڻ: ھن مان صاف ڏسجي پيو ته سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ ۾ مسلمان حاڪمن جو مقصد محض مال ۽ دولت جي ڦرلٽ، عياشي لاءِ عورتون ھٿ ڪرڻ ۽ انسانن کي غلام بنائڻ ھو.
    ھاڻي جيڪڏھن ائين مڃجي ته ھو اسلام خاطر سنڌ سان اڙيا ته پوءِ چئبو ته مٿين مقصدن ۾ ھنن کي مذھب جي پٺڀرائي حاصل ھئي. جي ھو اسلام خاطر سنڌ سان نه لڙيا ته پوءِ مسلمانن کي به حق آھي ته انھن واقعن جي انسانيت جي نقطي نگاه کان ڇنڊڇاڻ ڪن، ۽ سنڌين کي حق آھي ته سنڌيت جي زبان سان انھن ظلمن کي نندين.
    انھن حالتن ھيٺ اھو فيصلو ڪرڻ ڏکيو نه آھي ته ڪافر، جھنمي ۽ لعنتي ڪير ھئا؟
    رڳو حق چوڻ جي ھمت ھجي.

    (20)
    عرب، سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ گھٽ ۾ گھٽ 14 دفعا سنڌين کان جنگين ۾ شڪستون کائي چڪا ھئا. ھيءَ حقيقت عام تاريخ نويسن چٽائي ۽ اھميت سان نه لکي آھي، تنھنڪري گھڻن ماڻھن جو اوڏانھن ڪين ڇڪيو آھي.
    ”تحفتاالڪرام“ تاريخ البت مٿين حقيقت کي ڪجھه نه ڪجھه چٽائيءَ سان ۽ اھم ۽ نمايان نموني درج ڪيو آھي.
    ھن ڪتاب ۾ عربن جو سنڌين ھٿان پنجن شڪستن جو احوال ھن ريت آھي:

    پھرين شڪست:
    صحيح روايتن ۾ آيو آھي ته حضرت عمر جي زماني ۾، جڏھن عثمان بن ابي العاص ثقفي، بحرين تي مقرر ٿي اچي عمان پھتو، تڏھن لشڪر جا ڪي جھاز تيار ڪري، پنھنجي ڀاءَ مغيره بن ابي العاص سان گڏ، ديول تي چاڙھي موڪليائين انھن ڏينھن ۾ چچ جي پاران، سندس ڀاءُ سامه بن سيلائج اتي حڪومت ڪري رھيو ھو. ھو اسلامي لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتو. آخر گھڻيءَ خون خرابيءَ کان پوءِ مغيره بن ابي العاص شھيد ٿي ويو ۽ گھڻي جماعت قتل ۽ قيد ٿي. (صفحو 24 25)

    ٻي شڪست:
    جڏھن امير معاويه مستقل خليفو ٿيو، تڏھن عبدالله بن سوار کي چار ھزار ماڻھو ساڻ ڏيئي، سنڌ تي مقرر ڪيائين. تقريبن ھو ڪيڪانان جبل ۾ پھچي، ڪافرن ھٿان شھيد ٿيو. اسلامي لشڪر شڪست کاڌي ۽ باقي بچيل ماڻھو موٽي اچي مڪران پھتا. (صفحو 26)

    ٽين شڪست:
    انھيءَ وقت امير معاويه جي طرفان زياد، جو ٻنھي عراقن جو حاڪم ھو، جنھن ڏانھن لکيائين ته ”راشد بن عمرو کي سنڌ ڏانھن روانو ڪر.“ ھن وڃي جبل جي دامن تي قبضو ڪيو، ۽ اڳين ڍل وصول ڪيائين. اھڙي طرح پوري انتظام ۽ بندوبست سان، ڪيڪانان کان اڳتي وڌي، مندر جبل ۽ بھروچ وٽ پھتو. اتي جبل جا اٽڪل پنجاھ ھزار ماڻھو گڏ ٿي، گھٽ جھلي بيٺا ھئا، صبح کان ظھر جي نماز تائين سخت لڙائي ڪيائون. راشد شھيد ٿي ويو، ۽ اسلامي لشڪر کي شڪست آئي. (صفحو 26)

    چوٿين شڪست:
    انھيءَ شڪست جي تدارڪ لاءِ، سنان بن سلمه انھيءَ مھم تي مقرر ٿيو. ھو ڪيڪانان فتح ڪري اچي بودھيه تائين پھتو، جتي ٺڳيءَ سان شھيد ٿيو. (صفحو 26)

    پنجين شڪست:
    حجاج بن يوسف، مسلمان قيدين جي تدارڪ واسطي ھڪ پاسي خليفي کي عرض ڪيو، ٻئي پاسي ھڪ قاصد ڏاھر ڏانھن موڪلي، کيس دڙڪو کڙڪو ڪيو. خليفي غفلت ڪئي، ۽ ڏاھر چيو ته ” مون کي ڪابه خبر ڪانھي. انھن کي چور کڻي ويا ھوندا، جي منھنجي حڪم ۾ پڻ ناھن، وڃي توھان پاڻ سمجھو.“
    ھن جواب پھچڻ تي، حجاج دوباره خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪري، اجازت وٺي، عبدالله سليمي کي مڪران تي مقرر ڪيو، ۽ بديل کي مڪران پھچي ٽي ھزار ماڻھو وٺي، سنڌ ڏانھن وڃڻ جو حڪم ڏنو. بديل، نيرون ۾ پھچي، ديول جي طرف وڌيو. ڏاھر ھيءَ خبر ٻڌڻ سان جيسيه نالي پنھنجي پٽ کي، گھڻو لشڪر ساڻ ڏيئي ديول موڪليو. صبح کان شام تائين سخت لڙائي ھلي جنھن ۾ خوب حملن کان پوءِ بديل شھيد ٿي ويو، ۽ گھڻا مسلمان قيد ٿيا. (صفحو 22)
    ڇنڊڇاڻ: مٿي ڏنل حقيقتن مان ٻه نھايت اھم ڳالھيون ثابت ٿين ٿيون.
    ھڪ ته محمد بن قاسم جي سنڌ کٽڻ واري لڙائيءَ کان اڳ ۾، عرب سنڌين ھٿان گھٽ ۾ گھٽ پنجين جنگين ۾ ھارائي چڪا ھئا. ھي ڏيکاري ٿو ته سنڌي، عربن کان وڌيڪ بھادر ۾ مضبوط ھئا. جي مڃجي کڻي ته عربن مذھبي جذبي ھيٺ جنگ ٿي لڙي، ته سنڌين کي پنھنجي مادر وطن جي محبت جو قومي جذبو ھو، ۽ قوميت جو جذبو، مذھب جي جذبي کان وڌيڪ جٽادار، حقيقي ۽ زور وارو ٿئي ٿو. ان ڪري ئي سنڌي ڪامياب ٿيندا رھيا.
    محترم مولائي شيدائيءَ پنھنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ ڏيکاريو آھي ته محمد بن قاسم کان اڳ عربن سنڌ تي چوڏنھن گھمرا ڪاھون ڪيون، ۽ چوڏنھن ئي گھمرا ھارايائون.
    (صفحو 79 86)
    ٻي ڌيان جوڳي ڳالھه، جا مٿين لڙاين ۾ آھي، اھا ھيءَ ته عربن کي سنڌ تي ڪاه ڪرڻ لاءِ ڪھڙو سبب ھو؟ ھو ڇو سنڌ مٿان ھڪ ٻئي پٺيان ڪاھون ڪندا رھيا؟
    تاريخ ۾ ان جا ڪي به سبب يا سمجھاڻي ڏنل ڪين آھي. ڪي مسلمان ڳالھه ٺاھڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چوندا ته ھو اسلام پکيڙڻ لاءِ ائين ڪري رھيا ھئا، پر پوءِ جي حالتن ٻڌايو ته عربن ھتان جي دولت ۽ مال لٽي پنھنجي ملڪ موڪليو، ماڻھن کي ٻانھا بنايائون، عورتن کي پنھنجي عيش لاءِ استعمال ڪيائون، ھتي زمين ۽ واپار ۽ نوڪرين تي قبضو ڪري ھتي جي اصلي رھاڪن کي انساني حقن کان محروم ڪيائون. اھڙي ھلت کي ڪوبه اسلام ڪين چوندو. اسين انھن کان بيزار آھيون، اسلام جي نالي ۾ مٿيئن قسم جو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن.

    (21)

    تحفت الڪرام تاريخ پڙھندي، مان انھيءَ کوج ۾ لڳو رھيس ته ڏسان ته سنڌين جي محمد بن قاسم ھٿان شڪست کائڻ جا ڪھڙا ڪارڻ ھئا؟
    عام طرح ائين چيو ويندو آھي ته مسلمانن فتح ان ڪري حاصل ڪئي جو ھنن ۾ ايماني قوت ۽ اسلامي جوش ھو. مون کي اھا ڳالھه دل سان ڪونه ٿي لڳي. ھڪ ته جي ائين ھجي ھا ته اھي ئي عرب، مسلمان ھوندي چوڏھن دفعا سنڌين کان ذليل شڪستون ڇو کائين ھا؟ ۽ ٻيو ته وطن جي محبت يا قوميت جو جذبو، مذھب جي جذبي کان وڌيڪ جٽادار ۽ سگھارو ٿئي ٿو.
    ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عربن، سنڌين کان چوڏنھن لڙايون ھارائڻ کان پوءِ، ڀرڀور حملي جي پوري تياري ڪئي. ھنن کي اڳئين آزمودي مان سنڌين جون ڪمزوريون معلوم ٿي ويون ھيون. ھنن کي پتو پئجي ويو ھو ته سنڌين کان کٽڻ لاءِ ضروري آھي ته ھنن ۾ ڦوٽ وجھي ڪجھح اثر رسوخ وارا ۽ غدار پنھنجا ڇاڙتا بنائجن، ۽ ٻيو ته جوتشين ذريعي سنڌين کي وھمن ۾ مبتلا ڪجي. ھنن اھي ٻئي وسيلا ڪم آندا، جن ھنن کي ڪاميابيءَ ۾ وڏي ھٿي ڏني. پنھنجي ھن بيان جي ثبوت ۾ تحفت الڪرام مان ڪي ٽڪرا ھيٺ نقل ڪريان ٿو.
    (1). چون ٿا ته نيرون ڪوٽ جي حاڪم، جنھن جو نالو سمني ھو، تنھن کي اچي خوف ورايو ته ”مان عربن جي لشڪر جي رستي تي آھيان. اڄ ھنن سنڌين عربن سان دشمني جو رستو کوليوآھي، متان مان مفت وچ ۾ پامال ٿي وڃان“ سو ڇا ڪيائين، جو اعتماد جو ماڻھو حجاج ڏانھن موڪلي، اطاعت قبول ڪري، امان نامون وٺي ڇڏيائين. (صفحو 23)
    (2) اڃا گاه جي تنگي باقي ھئي، ته خوش قسمتيءَ سان، سمني (پروھت) به پنجن ڏينھن کان پوءِ اچي نيرون ڪوٽ ۾ پھتو. اعتماد جوڳن ماڻھن کي، امان جي پرواني سان، محمد بن قاسم خدمت ۾ موڪلي، چيائين ته ”اطاعت گذار بندو آھيان، ۽ منھنجي نه ھجڻ ڪري، قلعي وارن جيڪو در بند ڪري قصور ڪيو آھي، تنھنجي معافي ٿو گھران، جيڪڏھن ڪرم فرمائي، گناه معاف ڪندا ۽ اھڙو يقين ڏياريندا، ته پوءِ اچي قدمبوسي ڪندس.“
    محمد بن قاسم ھن جي قاصدن کي واجبي ترغيب ڏيئي فرمايو ته ”قلعي وارن جن دروازا بند ڪيا ھئا، تن کي سزا ڏيڻ لازمي ھئي، پر جنھن صورت ۾ انھن جي سفارش ٿو ڪرين، تنھنڪري معاف ڪيوسين، اچي ملاقات ڪر، ۽ دروازا کول.“
    سمني(پروھت) قلعي جو دروازو کولي، ڪنجون ھٿ ۾ کڻي، لائق تحفن سان اچي قدمبوسي ڪئي ۽ انعام لھي سڀ ضروري شيون پھچايون، تنھن کانپوءِ اسلامي لشڪر قلعي ۾ داخل ٿي....(صفحو 33)
    (3) ٻودھيه ۽ بجھرا جا ماڻھو لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺا. ٻودھيه چني جي پيءُ ڪلڪي کي وڃي چيو ته ” اسان کي اجازت ڏي ته اسلام جي لشڪر تي راتاھو ڏيون.“
    ڪاڪي چيو ته ” مون نجومين کان ٻڌو آھي ته ھيءَ ملڪ اسلام جو لشڪر فتح ڪندو، ۽ انھيءَ جو وقت به ھي وقت آھي، ھيءُ خيال دل ۾ ھرگز نه آنيو.“ (صفحو 35)
    (4) قصو ڪوتاه، محمد بن قاسم حجاج جي اشاري موجب موٽي، راور ۽ جيور قلعن جي حد ۾ پتڻ تي پھچي، اتي جي حاڪم ماڪو پٽ وسايي ڏانھن، اچي حاضر ٿيڻ جو حڪم موڪليو. ھن چيو ته ” جيڪڏھن ائين ئي ھليو ايندس، ته ڏاھر جي عتاب ھيٺ ايندس، باقي مان فلاڻي وقت، ڪجھه فوج ساڻ وٺي، نڪري فلاڻي ھنڌ ايندس. توھان پنھنجي لشڪر کي مون کي ڪاه ڪرڻ جو حڪم ڪريو، مان ٿورو جنگ جو نمونو ڪري، آخر عاجز ٿي گرفتار ٿيندس.“
    نيٺ ماڪو اھڙي طرح سان خدمت ۾ حاضر ٿي، نوازش جوحقدار ٿيو ۽ رستي جو رھبر بنيو. (صفحو 38)
    (5) ٻئي ڏينھن، ڏاھر ماڪوءَ جي ڀاءَ راسل کي مقرر ڪيو، جنھن محمد بن قاسم ڏانھن مخفي پيغام موڪليو ته ”مون کي پڻ پنھنجي ڀاءَ وانگيان، جنگ مان گرفتار ڪري وٺي وڃو“... ۽ ائين ٿيو. (صفحو 42)
    (6) ساڳئي وقت ڪافرن جي ھڪ جماعت امان وٺڻ لاءِ آئي، ۽ اچي چيائون ته ” ڏاھر جي فوج بيپرواه ۽ غافل آھي، توھان ڪجھه فوج اسان سان گڏي رواني ڪريو ته اسين پويان ڦري، اڳين جي رعب تاب کي ڌڪ ھڻون.“
    ائين ڪرڻ سان دشمنن جي لشڪر شڪست کاڌي. (صفحو 43 44)
    (7) محمد بن قاسم جي پھچڻ تي، ڪافرن ڪنھن به خوف خطري کان سواءِ، ثابت قدم رھي، جنگ جو نغارو وڄايو. اھڙي طرح ڪي ڏينھن گذريا ته ھڪ برھمڻ قلعي مان نڪري اچي امان گھري، ۽ محمد بن قاسم وٽ حاضر ٿي چيو ته ”مون کي پنھنجن ڪتابن مان معلوم ٿيو آھي ته ھي ملڪ اسلام جو زيردست ٿيندو، ۽ انھيءَ جو فتح ڪندڙ تون ئي آھين، تنھنڪري تنھنجي رھنمائي ڪرڻ آيو آھيان. اڳين، ھن بتخاني جي جھنڊي ۾ ھڪ طلسم ٻڌو آھي. جيستائين اھو نه ڀڄندو، تيستائين ھيءُ قلعو ھرگز فتح نه ٿيندو.... پھريائين انھيءَ جي ڀڃڻ جي تدبير ڪر.“ (صفحو 30 31)
    ڇنڊڇاڻ: اڄ به ڌاريا، انھن ھٿيارن سان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، يعني ڀاڙيا سنڌي ۽ مذھبي وھم پرستي.

    (اڌ ۾ ڇڏيل)
    02 آڪٽوبر 1970


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465552
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186490
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ