ڪتاب جو نالو: سياسي تعليمي نصاب (قومپرستي، سيڪيولرزم ۽ جمهوريت)
مصنف: ڊاڪٽر مير عالم مري
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 16 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 918 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 610 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب، سنڌ جي سياسي ڪارڪنن، بِالخصوص سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن جي نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي تربيت جي نقطه نگاهه کان لکي ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ جيئي سنڌ هلچل جي بنيادي نظرياتي پروگرام جي نقطن جهڙوڪ قومپرستي، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم تي ڌار ڌار مضمون شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سياسي تعليمي نصاب
  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • 1. قوم پرستي
  • 2. سيڪيولرازم
  • 3. جمهوريت

  • سياسي تعليمي نصاب

    سياسي تعليمي نصاب

    (قومپرستي، سيڪيولرزم ۽ جمهوريت)



    ڊاڪٽر مير عالم مري


    پبلشر: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري


    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سياسي تعليمي نصاب-I
    ڪتاب نمبر : 04
    ڇاپو : جنوري 2013ع
    ڳاڻيٽو : 1000
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري.
    ٽائيٽل : مرتضى ميمڻ- ڪاتب پريس لاڙڪاڻو


    مُلھه : 60 روپيه


    Name of Book : Siyasi Taleemi Nisab-I
    Book No : 04
    Edition : First January 2013.
    Quantity : One Thousand
    Published by : Sarswati Saahat Ghar-Dokri
    Title : Murtaza Memon Katib Press Larkano




    هي ڪتاب مسيح ڪالاڻي، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران
    ڪراچي مان ڇپرائي سن مان پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    انهن سياسي ڪارڪنن جي نانءِ
    جيڪي آزاديءَ جي پنڌ ۾ نه اڃان جهڪيا،
    نه وڪيا ۽ نه اڃان ٿڪا آهن.
    اڄ به انهن جو منزل ڏانهن سفر
    جيئن جو تيئن
    جاري آهي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (312) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سياسي حوالي سان گهڻي ڀڃ ڊاهه ٿي آهي. اهڙي وقت ۾ نوجوانن کي سياسي نظرين جي ڄاڻ هجڻ ضروري ٿي پئي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي گهڻ طرفي پڙهيل لکيل دانشور ڊاڪٽر مير عالم مري پاران سياسي ڪارڪنن جي تربيت جي حوالي سان ڪجهه اڳ ۾ لکيل ۽ ڪجهه نئين سر سان لکيل هي سياسي تربيتي نصاب في الحال ”نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ جمھوريت“ جي سمجهاڻيءَ طور سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو.

    هي ڪتاب، سنڌ جي سياسي ڪارڪنن، بِالخصوص سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن جي نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي تربيت جي نقطه نگاهه کان لکي ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ جيئي سنڌ هلچل جي بنيادي نظرياتي پروگرام جي نقطن جهڙوڪ قومپرستي، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم تي ڌار ڌار مضمون شامل آهن.

    ٿورائتا آهيون سائين عيسى ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سويت يونين جي زوال کانپوءِ خاص ڪري سنڌ ۾ سياسي پارٽين وٽ معيار کان وڌيڪ مقدار تي زور ڏيڻ سبب سنڌ م فڪري بحث مباحثا ناپيد ٿي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سياسي پارٽيون، خود معياري ليڊرشپ جي بحران مان گذري رهيون آهن. جدليات مطابق جھڙو مواد هوندو آهي صورت به اهڙي ٺهندي آهي. سياسي پارٽين جي موجوده ورڪرن جي سياسي بصيرت مان ڀليءَ ڀت اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سياسي پارٽين جي شڪل صورت ڪهڙي هوندي. ان فڪري بحران کي سامهون رکندي سرسوتي ساهت گهر پاران اهو فيصلو ڪيوسين ته ڇو نه ان رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پيش قدمي ڪجي. ان ڏس ۾ سنڌ جي گهڻ طرفي پڙهيل لکيل دانشور ڊاڪٽر مير عالم مري کي گذارش ڪئي سين، جنهن سياسي ڪارڪنن جي تربيت جي حوالي سان ڪجهه اڳ ۾ لکيل ۽ ڪجهه نئين سر سان ڪم هٿ ۾ کڻي اداري جي حوالي ڪرڻ جي هامي ڀري آهي.
    هي سياسي تربيتي نصاب في الحال ”نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ جمھوريت“ جي سمجهاڻي طور تي ڏنل آهي، ان کان بعد ۾ مختلف تربيتي نصاب جا سبق، سوال- جواب ۽ ٻيو جيڪو مواد ضروري سمجهيو ويو ان کي پڻ جلد کان جلد شايع ڪرائي، پنهنجي فرض جي ادائگي ڪنداسين. هن ڪتاب جي مواد ڏيڻ جي سلسلي ۾ اسان اداري پاران ڊاڪٽر مير عالم مري جو شڪريو ادا ڪريون ٿا جنهن اسان کي مثبت موٽ ڏئي، حوصلو بخشيو آهي. ڪتاب شايع ڪرائڻ جي مد ۾ قومپرست اڳواڻ محترم امير”آزاد“ پنهور ۽ محترم منور بليديءَ جا پڻ ٿورائتا آهيون، جن هڙان وڙان ڏئي اداري جي مالي سهائتا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
    اسان کي اميد اهي ته اسان جي محبت ۾ محنت اوهان کي قبول پوندي.

    ادارو
    سرسوَتي ساهت گهر- ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو.
    تاريخ: 2012-12-21


    مهاڳ

    هي ڪتاب، سنڌ جي سياسي ڪارڪنن، بِالخصوص سنڌ جي آزادي پسند قومپرست ڪارڪنن جي نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي تربيت جي نقطه نگاهه کان لکي ترتيب ڏنو ويو آهي.
    هن ۾ جيئي سنڌ هلچل جي بنيادي نظرياتي پروگرام جي نقطن جهڙوڪ قومپرستي، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم تي ڌار ڌار مضمون شامل آهن. اهي مضمون اسان 2006ع ۾ ڌار ڌار ڪتابڙن جي صورت ۾ جيئي سنڌ اسٽڊي سرڪل جي پاران ڇپرايا ويا هئا. جيئي سنڌ هلچل جي منشور جي چوٿين نقطي يعني سوشلزم تي اڃا تائين مضمون تيار نه ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ جو سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ بطور هڪ عالمي بلاڪ جي، سوشلسٽ بلاڪ جي غير مئوثر ٿيڻ بعد سوشلزم جي حق ۽ رد ۾ وڏو بحث اٿي پيو آهي. ٻي ڳالهه ته سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ جو هن وقت گھڻو ڌيان ۽ معروضي حالتن جي گھرج قومي جدوجهد آهي نه ڪي طبقاتي جدوجهد. انهيءَ خيال سان قومي تحريڪ جي مختلف جماعتن ۾ سوشلزم ۽ طبقاتي جدوجهد جي حوالي سان مختلف ۽ متضاد رجحان موجود آهن. انهن مڙني سببن جيڪري سوشلزم جي مضمون کي في الوقت روڪيو ويو آهي حالانڪ مهنجي سمجهه موجب قومي آزادي جي جدوجهد دوران طبقاتي تضاد بابت چٽو موقف ۽ رويو رکڻ سان ئي قومي تحريڪ عوامي طاقت بڻجي اڀري سگھي ٿي. بهرحال هن وقت هن ڪتاب ۾ قوم پرستي، جهموريت ۽ سيڪيولرازم جي عنوانن تحت ڌار ڌار ۽ اڳواٽ ڇپيل ڪتابن کي شامل ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ جو هڪ ته اڳوڻن ڇاپن جون ڪاپيون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ٻيو ته ڪارڪنن پاران ان مواد کي ٻيهر ڇپائڻ جي مسلسل گھر ٿيندي رهي آهي.
    جيئن مون چيو ته هن ڪتاب جو بنيادي مقصد سياسي ڪارڪنن ۽ خاص طور تي آزادي پسند قوم پرست ڪارڪنن جي نظرياتي ۽ تنظيمي تربيت ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ جو 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ 1995ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي وفات بعد نه رڳو عالمي سياسي صورتحال ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن پر خود پاڪستان اندر به قومي تحريڪن جي صورتحال ۾ تبديليون آيون آهن، ان عرصي دوران ڪارڪنن جي سياسي تعليم لاءِ جنهن پيماني ۽ جنهن تيزيءَ سان سياسي مواد ڏيڻ جي ضرورت هئي بدقسمتيءَ سان مختلف سببن جي ڪري اها ضرورت پوري ٿي نه سگھي آهي. سواءِ محترم عبدالواحد آريسر، خاڪي جويو، دلشاد ڀٽو سينيئر ۽ مرحوم مجتبيٰ شاهه راشدي جي ڪجهه تحريرن جي. جيڪي پڻ ڪل ملائي ان ضرورت جو پورائو ڪرڻ لاءِ نا ڪافي آهن. تنهن ڪري قوم پرست سياسي ڪارڪنن جو تمام وڏو تعداد فڪري تربيت جو گھربل ۽ مربوط نظام ۽ مواد نه هجڻ سبب مختلف فڪري مونجهارن جي ور چڙهيل آهي. يا وري نظرياتي ۽ تنظيمي معاملن کان بي خبر بڻجي فقط ناري بازي، ياري دوستي، ذاتي مفادن يا وري ) جي ور چڙهيل آهي تنهنڪري نه رڳو انهن مان نظرياتي پختگي جو عنصر گهٽجيissue politicsسطحي قسم جي مسئلن جي سياست (
    ويو آهي پر گڏوگڏ جدوجهد ۽ تنظيم جي انقلابي اصولن کان اڻواقفيت هجڻ سبب ڪيترائي منفي لاڙا پيدا ٿي پيا آهن.
    انهن سڀني سببن جي باوجود سنڌ اندر موجود سنڌ ۽ پنجاب جي قومي تضاد ۽ قومي تحريڪ جي وڌندڙ عوامي مقبوليت ۽ فعاليت جي گهرج آهي ته قومي ڪارڪنن جي نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي تعليم ۽ تربيت طرف جوڳو ڌيان ڏنو وڃي. هي ڪتاب انهيءَ ضرورت جي پورائي ڪرڻ جي هڪڙي ڪوشش آهي ۽ اها ڪوشش ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگھي آهي تنهن بابت پڙهندڙن جي رائي جو اوسيئڙو رهندو.
    آخر ۾ انهن سمورن دوستن جو ٿورو مڃڻ لازمي آهي جو انهن جي ساٿ ۽ سهڪار کان سواءِ هي ڪتاب شايد توهانجي هٿن تائين پهچي نه سگھي ها.
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا (شاهه)

    ڊاڪٽر مير عالم مري
    20 ڊسمبر 2012ع ڪراچي
    dr_meeralammari@yahoo.com
    0301-2385088
    0347-3453337


    1. قوم پرستي

    قومپرستي يا قومپرست تحريڪ، تاريخ جي هڪڙي مخصوص دئور جي پيداوار آهي. قومپرستي جا رجحان، ڪنهن به قوم جي اندر ان وقت ظاهر ٿيندا آهن جڏهن اها قوم تشڪيل واري مرحلي ۾ يا ته داخل ٿي چڪي هجي يا انجي قومي تشڪيل مڪمل ٿي هجي. قومپرستي جو لاڙو، غلام قومن جي اندر قومي جدوجهد جي رجحان جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي جڏهن ته آزاد قومن ۾ وري حب الوطني جي رجحان ۾ ظاهر ٿيندو آهي، هڪدفعو قوم جي تشڪيل ٿيڻ کانپوءِ قومپرستي جو رجحان قوم اندر ڪنهن معنيٰ ۾ فنا نٿو ٿئي چاهي قوم غلام رهي يا آزاد. ڇو ته جيڪي شيون تاريخ جي مخصوص دور ۾ پيدا ٿينديون آهن، انهن جي فطري عمر به تاريخ پاڻ ئي طئي ڪندي آهي، اهي تاريخ جي هڪڙي ٻئي ۽ مخصوص دور ۾ ئي ختم ٿينديون آهن. مثال طور قومپرستي جو رجحان قومي تشڪيل جي مرحلي ۾ جنم وٺندو آهي ۽ ان وقت فنا ٿيندو آهي جڏهن قومون پنهنجي فطري ڄمار پوري ڪري بين الاقواميت جي تشڪيل ڪنديون آهن.
    سنڌ جي اندر بين الاقواميت جو اصطلاح بي تحاشا استعمال ٿيو آهي پر انکي صحيح جوهر ۾ ڪڏهن به پيش نه ڪيو ويو آهي. اسانکي هڪ يوناني ڏاهي جا اهي لفظ ياد ٿا اچن ته ”لفظن جو غلط استعمال سڀ کان وڏو گناهه آهي“. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي لفظن ۽ اصطلاحن جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي، انڪري اهو ضروري ٿئي ٿو ته بين الاقواميت جي اصطلاح جي وضاحت ڪئي وڃي.
    عالمگيريت ۽ بين الاقواميت ٻه الڳ الڳ اصطلاح آهن، جن کي سنڌ ۾ اڪثر ملائي جلائي پيش ڪيو ويو آهي.
    اهو رجحان آهي جن ۾ طاقتور قومون، ٻين قومن کي غلام بنائي وڏيون وڏيون رياستون قائم GLOBALIZATION عالمگيريت ڪنديون آهن. طاقتور قومن جون قائم ڪيل اهي وسيع سلطنتون ۽ بادشاهتون جبر ۽ تشدد جي بنياد تي قائم ڪيون ويون آهن، انهن کي قائم رکڻ لاءِ به تشدد ۽ طاقت جو استعمال ڪيو ويندو آهي. عالمگيريت جو رجحان انهيءَ جبر ۽ تشدد جي پيداوار آهي.
    : اهو مرحلو آهي جتي قومون پنهنجي راضپي سان هڪڙي عالمي برادري کي قائم ڪرڻ/ رکڻ INTERNATIONALISM بين الاقواميت لاءِ رضاڪارانا طور تي پنهنجي شناخت کي ختم ڪرڻ لاءِ راضي ٿينديون آهن. اهو عمل ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين پوري دنيا جي اندر آزاد قومن جي تشڪيل مڪمل ٿئي، ڇو ته بين الاقواميت قائم رکڻ لاءِ آزاد قومن جو وجود انتهائي لازمي آهي. بين الاقواميت لفظ ان کي ظاهر ٿو ڪري ته قومن جي وچ ۾ ڳانڍاپو آهي، ان ڪري بين الاقواميت کي جوڙڻ لاءِ پهريون قومن جي تشڪيل ۽ قومن جي آزادي اهم ۽ لازمي آهي ۽ پوءِ ٻيو، انهن جو رضاڪارانا ميلاپ بين الاقواميت جو اهم جز آهي ان جي برعڪس جبر ۽ تشدد جي ذريعي عالمگيريت جي قائم ٿيل سلطنت، قومن کي بين الاقواميت جو نالي ڏيڻ ۽ اها پرچار ڪرڻ ته اهو قومن جي وچ ۾ ڳانڍاپو ۽ بين الاقواميت جو طريقو آهي، اهو تاريخ سان سڀ کان وڏو مزاق آهي. جيڪو دليري سان ڪيو پيو وڃي. جيئن ته بين الاقواميت لاءِ قومن جي تشڪيل ۽ قومن جو آزاد هجڻ ضروري آهي انڪري قومي تشڪيل ۽ قومي آزادي کانسواءِ بين الاقواميت جو تصور ئي بي معنيٰ آهي. بلڪه ائين چوڻ کپي ته بين الاقواميت جو مقصد ئي آهي ته پهرين قومن جي تشڪيل ۽ آزادي کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن بين الاقواميت ڪري سگھجي.
    جيئن ته اسان مٿي چئي چڪا آهيون ته قومپرستي جو رجحان تاريخ جي هڪ مخصوص دور جي پيداوار آهي بلڪل ائين جيئن قوم تاريخ جي هڪ مخصوص دور جي پيداوار آهي. اهو ئي سبب آهي ته قومن جي تشڪيل ۾ قوم جو پنجون جزو تاريخي روايتن کي قرار ڏنو ويو آهي. تاريخي روايتن مان مراد آهي ته ڪا به قوم تاريخ جي هڪ ڊگھي عرصي ۾ گذري جنم ورتو هجي ڇو ته قومن جي تشڪيل ۾ مختلف وقتن تي مختلف عنصر ڪار فرما رهيا آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾. مختلف رنگ، نسل ۽ مذهبن جي ماڻهن قوم جي تشڪيل ۾ حصو ورتو آهي، ان ڪري ڪنهن دور ۾ قوم جي تشڪيل ۾ رنگ، نسل ۽ مذهب کي پڻ قوم جي جزي طور تسليم ڪيو ويندو آهي پر ”جديد قومپرستي“ جي فلسفي، انهن جزن (رنگ، نسل، ۽مذهب)کي قومي تشڪيل مان خارج ڪري ڇڏيو آهي، ڇو جو جنهن وقت۾ اهي جزا ڪار فرما هئا، ان وقت ۾ قومي شڪل مڪمل قوم واري نه پر قبائلي شڪل هئي، ان کي اسان قوم جي ارتقائي شڪل چئي سگھون ٿا. قبائلي شڪل مان ارتقا ڪري قبيلا قوميت جي شڪل ۾ تبديل ٿيا. جڏهن قبلين، قوميت جي تشڪيل ڪئي ان وقت ۾ رنگ ۽ نسل قومي ارتقا مان خارج ٿي ويو ڇو جو مختلف رنگ ۽ نسل جي ماڻهن ملي قوميت کي تشڪيل ڏنو. قوميت، ارتقا ڪري قوم جي شڪل ۾ مڪمل ٿيندي آهي.
    جڏهن قوميت جي تشڪيل ٿيندي آهي، ان وقت مخصوص جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيندو آهي، جيڪي قبيلا مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ هوندا آهن اهي ملي، جڏهن قوميت جي تشڪيل ڪندا آهن تڏهن جاگرافيائي طرح هڪ سياسي وحدت جي به تشڪيل ٿيندي آهي. مثال طور؛ جنهن وقت سنڌ اندر قوميت جي تشڪيل ٿي رهي هئي ان وقت سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي تشڪيل به لازمي ٿي ويئي هئي، ۽ ان وقت قوميت جي تشڪيل لاءِ مختلف تحريڪن جنم ورتو ۽ آخرڪار ڪلهوڙا حڪمران، سنڌ جي جاگرافيائي، جيڪا مختلف نوابين ۾ ورهائجي ۽ ٽٽي پئي هئي، ان کي هڪ سياسي وحدت ۾ آڻي، سنڌ سرڪار جو نالو ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا. اصل ۾ اها قوميت جي تشڪيل کانپوءِ، جاگرافيائي وحدت جو هڪ ٿيڻ تاريخي ضرورت ٿي ويئي هئي، جنهن کي ڪلهوڙن عملي طرح عمل ۾ آندو. ڪلهوڙن جي ان عمل سان ”سنڌي قوميت“ جي تشڪيل مڪمل ٿي ويئي، ان جي ڪري قوميت جي تشڪيل ۾ بنيادي طور چار جزا ڪم ڪندا آهن. ساڳي ٻولي، ساڳيو ڪلچر، مشترڪه تاريخي روايتون ۽ مخصوص جاگرافيائي وحدت. اهي، چار جزا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قوميت مڪمل ٿي ويندي آهي.
    قوميت، ارتقا ڪري، قومي تشڪيل ۾ داخل ٿيندي آهي قوم ۽ قوميت ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته قوميت جي تشڪيل ۾ چار جزا ۽ قوم جي تشڪيل ۾ پنج جزا ڪم ڪندا اهن. جيسيتائين اهي پنج جزا، مڪمل نٿا ٿين، تيسيتائين قوم مڪمل نه ٿيندي آهي. چئن جزن جو ذڪر ته اسان مٿي ڪري چڪا آهيون يعني ٻولي، ڪلچر، تاريخي روايتون ۽ جاگرافيائي وحدت. پنجون جزو، جيڪو قوم جي تشڪيل ۾ جڙندو آهي اهو آهي سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي. قوميت ۾ اهو پنجون جزو موجود ته هوندو آهي پر اهم نه جا وسيلا محدود هوندا آهن. Communicationهوندو آهي ڇو ته قوميت ۾ اقتصاديات ورهايل هوندي آهي. قوميت وٽ ڪميونيڪيشن هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين وڃڻ جي لاءِ ڏينهن جو سفر ڪرڻو پوندو آهي. آمدورفت جا وسيلا، غير ترقي يافته هجڻ جي ڪري، ماڻهن جو واهپو ۽ ميل ميلاپ گھٽ ٿيندو آهي. پيداواري وسيلا ترقيافته نه هجڻ جي ڪري، پيداوار محدود ٿيندي آهي، انڪري هر علائقو پنهنجون ضرورتون پنهنجن حدن ۾ ئي پوريون ڪندو آهي. ان کي پنهنجي علائقي مان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. انڪري ڪنهن به هڪ علائقي ۾ زلزلو، آفت يا ڏڪار اچڻ سان ٻيا يا ته متاثر نه ٿيندا آهن يا وري تمام گهٽ متاثر ٿيندا آهن. نتيجي طور، قوميت ۾ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي لڳ ڀڳ نه هجڻ جي برابر هوندي آهي. جيئن ته اقتصادي مفاد، سموري جدوجهد جو بنياد آهن، انجي ڪري قوميت ۾، جدوجهد ۾ هڪجهڙائي به پيدا ٿي نه سگهندي آهي.
    جڏهن پيداواري وسيلا ترقي ڪندا آهن ته آمدرفت جا وسيلا به وڌي بهتر ٿيڻ شروع ڪندا آهن تڏهن لازمي طور ٻه شيون سامهون اينديون آهن. 1. ته پيداوار جا وسيلا ترقي ڪرڻ سان پيداوار ۾ مسلسل اضافو ٿيندو آهي ۽ اها پيداوار ان سطح تي پهچي ويندي آهي جيڪا ڪنهن مخصوص علائقي اندر وڪامڻ کان گھڻي ٿي ويندي آهي، ان وقت ضرورت پوندي آهي ته ان وڌيل پيداوار کي ٻين علائقن تائين پهچائجي. ان وقت آمدرفت جي وسيلن کي ترقي ڏيارڻ جي ضرورت ٿيندي آهي ته جيئن اهي شيون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين آساني سان پهچائي سگهجن ۽ ٻين علائقن تائين پيداوار پهچائڻ جي ڪري خود ان شي جي به ضرورت ايندي آهي ته پيداوار کي اڃا به وڌائجي تاڪه اها قوميت جي تشڪيل ڪيل سموري جاگرافيائي حد تائين پهچ ڪري سگھي. اهڙي وقت ۾ جڏهن پيداوار، علائقائي حدن کي ٽوڙي ٻاهر نڪرندي آهي، ان وقت قوميت جي اندر مشترڪ قومي منڊي جو جڙڻ لازمي ٿي ويندو آهي، جيڪا منڊي پوري قوميت کي مال جو وڪرو ڪري سگھي. ڇو ته جڏهن پيداواري وسيلا مشترڪه قومي منڊي کي جنم ڏيندا آهن. ان وقت 2. انهن پيداواري وسيلن کي هلائڻ لاءِ سمورن علائقن مان ڪچي مال کي به خريد ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. جڏهن مختلف علائقن کان سمورو ڪچو مال هڪ جڳهه تي اچڻ شروع ٿئي ۽ تيار ٿيل مال، سمورن علائقن ۾ وڪرو ٿيڻ شروع ٿئي ان وقت، قومي منڊي جي تشڪيل ٿيندي آهي. هي اهو مرحلو آهي جتي قوميت پنهنجو جوهر تبديل ڪري، قوم بڻجڻ شروع ٿي ويندي آهي. يا ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ گھرجي ته مخصوص جاگرافيائي حدن اندر رهندڙ آبادي، هڪ قوم جي وحدت ۾ گڏجڻ شروع ٿي ويندي آهي يا قوم جي تشڪيل ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. ان جي ڪري فلسفي اندر، قومن جي تشڪيل جي سوال جو جائزو وٺڻ وقت، اها ڳالهه سائنسي طرح ثابت ٿي ته سرمائيداري جي اسرڻ وقت، قومن جي تشڪيل شروع ٿيندي آهي ۽ سرمائيداري جڏهن پنهنجي تشڪيل مڪمل ڪري ترقي يافته سرمائيداري ۾ داخل ٿيندي آهي ان وقت ۾ پيداوار ايتري انداز ۾ ٿيندي آهي جو اها قومي حدن کي ٽوڙي بين الاقوامي منڊي قائم ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. انڪري سرمائيداري پنهنجي ارتقا ۾ قومن کي جوڙيندي آهي ۽ پنهنجي انتها ۾ قومن کي ڊاهيندي آهي.
    جيئن ته ترقي جي سطح هموار نه هوندي آهي، ڪي علائقا تمام گھڻا ترقي يافته هوندا آهن ته ڪي علائقا گھٽ. عالمي سطح تي سرمائيدارانا ترقي هڪ ڪري ٿيندي ئي نه آهي. انڪري تمام ترقي يافته علائقن ۾ قومي منڊيون ٽٽنديون آهن ۽ غير ترقي يافته علائقن ۾ قومي منڊيون جڙنديون آهن. انڪري انهن علائقن جي ترقي جي سطح کي نظر ۾ رکي جن جي پيداوار قومي سرحدن کي ٽوڙڻ جي حد تائين پهچي ويئي آهي اهڙن علائقن جي اندر جتي سرمائيداري جي سطح اسرندڙ آهي ۽ قومي تشڪيل ٿي رهي آهي، اتي قومي منڊي جي جڙڻ کي رد ڪرڻ ۽ بين الاقواميت جي ڳالهه ڪرڻ، تاريخي ارتقا ۽ ترقي جي غير هموار سطح کان نه صرف انڪار ڪرڻ جي برابر آهي پر اهڙي ڏاهپ، تاريخ سان مذاق ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙي قسم جي ڏاهپ، سماجي ۽ تاريخي ارتقا ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به نتيجو نٿي ڏيئي سگھي، ڇو جو جيسيتائين ڪنهن به علائقي جي پيداوار جيڪڏهن پنهنجي قومي منڊي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ٻاهر وڪرو ڪئي ويندي ته اها اقتصادي ترقي جي بجاءِ ان قوم ۾اقتصادي بحران جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندي.
    انڪري يورپي يونين کي بنياد بڻائي انهن علائقن ۾ مشترڪه منڊي قائم نٿي ڪري سگھجي، جيڪي اڃا ترقي جي سطح ۾ تمام گھڻا هيٺ بيٺا آهن. مشترڪه منڊيون ان وقت ئي قائم ٿينديون آهن جڏهن پيداوار قومي ضرورتون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ان اهل ٿي وڃي جو ان کي کپائڻ لاءِ مشترڪه منڊي جوڙڻ لازمي ٿي وڃي. جڏهن ترقي جي سطح ايتري هيٺ هجي جو پيداوار قومي منڊي جي تشڪيل جي لاءِ ئي مس ڪافي هجي، ته ان وقت مشترڪه منڊي جو فلسفو، خام خيالي کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. اهڙي ڏاهپ کي لينن، “انقلابي لفاظي” ڪوٺيو آهي. جنهن جو مقصد هوندو آهي ته انقلاب صرف لفظن ۾ هجي. جڏهن ته عملي طرح شيون تاريخ ۽ حالتن جي مخالف رخ ۾ بيٺل هجن ۽ جيڪي فلسفا تاريخ ۽ مادي حالتن جي ابتڙ هوندا اهڙن سمورن لفاظين ۽ فلسفن کي تاريخ ماري، فنا ڪري ڇڏيندي آهي. ارتقا صرف اهي شيون ڪنديون آهن. جيڪي تاريخ ۽ حالتن سان گڏ هلڻ جي اهليت رکندڙ هجن.
    علم اقتصاديات ۾ منڊي مان مراد اها جڳهه آهي جتي خريد فروخت ٿئي ۽ منڊي ڪنهن به علائقي ڪنهن به مخصوص جڳهه تائين محدود نه ٿيندي آهي ڇو ته جڏهن قومي منڊي جي تشڪيل ٿيندي آهي. ان وقت ان جو ڦهلاءُ سموري قومي علائقي ۾ هوندو آهي ڇو ته مخصوص جاگرافيائي حدن اندر رهندڙ هڪ قوم جا ماڻهو خريد فروخت لاءِ هڪٻئي سان واهپي ۾ ايندا آهن.
    اسان مٿي به ذڪر ڪري چڪا آهيون ته قومي منڊي جي خصوصيت اها هوندي آهي ته اها پنهنجن پيداواري وسيلن کي هلائڻ لاءِ سموري علائقي مان ڪچو مال کڻندي آهي ۽ پيدا ٿيل پڪو مال سموري علائقي ۾ وڪرو ڪندي آهي. جيئن ته قوم جا سمورا ماڻهو، خريد و فروخت ۾ شريڪ هوندا آهن. انڪري قومي منڊي جو ڦهلاءَ پوري قوم تائين هوندو آهي.
    قومي منڊي جي ٻي خصوصيت اها هوندي آهي ته اها شهري علائقن کي ترقي ڏياريندي آهي ڇاڪاڻ جو سرمائيداري ۾ وڏا شهر قومي منڊي جا وڏا مرڪز هوندا آهن، انڪري اهو سمجھڻ ته قومي منڊي صرف ان علائقي يا شهر جو نالو آهي جتي پيداوار ٿيئ ٿي يا جتان ٻين شهرن ڏانهن وڪري لاءِ وڃي ٿي ته اهو مفهوم علم اقتصاديات ۾ غلط ثابت ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته علم اقتصاديات جي روشني ۾ شهر منڊي جا مرڪز ضرور هوندا آهن پر منڊي ۾ اهي سمورا ماڻهو شامل هوندا آهن جيڪي خريد فروخت ۾ شامل هجن، انڪري قومي منڊي جي اها خصوصيت ٿيندي آهي ته اها پوري قوم کي هڪ وحدت ۾ ڳنڍي ڇڏيندي آهي. جيئن ته اسان ذڪر ڪيو آهي ته قوميت ۾ پيداوار محدود هجڻ جي ڪري خريد فروخت ۽ ڏي وٺ مخصوص علائقن ۾ هجڻ جي ڪري قوميت ۾ فقط ”علائقائي منڊيون“ ٿينديون آهن پر جيئن ته قومي منڊي جو ڦهلاءُ پوري قوم ٿائين هوندو آهي، انڪري مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ قوم جي ڪنهن به علائقي ۾ ڪن به سببن جي ڪري جيڪڏهن ڏڪار سوڪ يا ڪنهن علائقي ۾ ڪيڙي جي سبب فصل کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته ان جو اثر پوري قومي منڊي ٿي پوي ٿو.
    جيئن ته قومي منڊي سمورن علائقن مان ڪچو مال کڻي ٿي ان ڪري ڪنهن به علائقي ۾ پيداواري کوٽ سبب، منڊي جون ضرورتون پوريون نه ٿيڻ سبب شين جي قيمتن تي اثر پوندا آهن جڏهن ڪنهن به بحران ۾ شين جون قيمتون وڌنديون آهن ته وڌيل قيمتن جي اثرکان سموري قوم متاثر ٿيندي آهي. قومي منڊي ۾ ڪنهن به قسم جو بحران، جيئن ته پوري قوم کي متاثر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو، جيڪي به منڊي سان خريد فروخت ۾ لاڳاپيل آهن، انهن جو متاثر ٿيڻ لازمي آهي. انڪري اها قومي منڊي جي بنيادي خصوصيت آهي ته اها قوم جي اقتصادي مفادن ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن ڪنهن مخصوص جاگرافيائي حدن اندر رهندڙ آبادي جا، اقتصادي مفاد هڪجهڙا ٿي وڃن ته ان وقت قوم جو جنم ٿيندو آهي ۽ اهو پنجون عنصر يعني سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي، جيڪو قوميت ۾ موجود نه هوندو آهي، اهو قومي منڊي جي تشڪيل سان مڪمل ٿي ويندو آهي.
    قومي منڊي جي ٻي خصوصيت اها آهي ته جيئن ته سموري قوم جا ماڻهو، قومي منڊي اندر هڪٻئي سان واهپي ۾ ايندا آهن انڪري مختلف علائقن جي ڪلچر جا فرق، ٻولي جي لهجن جا فرق، هڪٻئي سان واهپي ۾ اچڻ جي ڪري آهستي آهستي ختم ٿيڻ شروع ڪندا آهن، انڪري مشترڪه تهذيب جنم وٺندي آهي.
    قومي منڊي جي ٽين خصوصيت اها آهي ته اها سمورن علائقن کي هڪ جاگرافيائي وحدت ۾ ڳنڍي ڇڏيندي آهي. قوم جا پسمانده ترين علائقا، قومي منڊي جي پهچ کان پري رهي نه سگھندا آهن. مثال طور ٿر، ڪميونيڪيشن جي لحاظ کان انتهائي پسمانده علائقو آهي، ان ۾ جانورن جي پالنا جو انحصار ان شي تي آهي ته قومي منڊي ۾ جانورن جي طلب ڪيتري آهي...........؟ ٿر ۾ پاليا ويندڙ جانور، شهري علائقن جي خوراڪ طور ڪم اچن ٿا، نتيجي طور، ڪنهن به علائقي ۾ ٿورڙي به بحران جي نتيجي ۾، پوري قومي منڊي ۾ قيمتن جو متاثر ٿيڻ لازمي آهي ۽ ان جا اثر پوري قوم تي پوندا آهن. قومي منڊي، اقتصادي وحدت ۾ ملي هڪ ٿي ويندا آهن. انڪري پوري قوم جا سياسي ۽ اقتصادي مفاد هڪ ٻئي سان ڳانڍاپجي ويندا آهن.
    قومي منڊي جي چوٿين خصوصيت اها هوندي آهي ته اها ٻولي جو تعين ڪندي آهي. فلسفي جي اندر اها ڳالهه طيءَ ٿيل آهي ته سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر هجڻ جي ڪري ڪراچي، قومي منڊي جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي. پر اسان واضع لفظن ۾ مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته قومي منڊي ڪنهن هڪ علائقي يا هڪ شهر جو نالو نه آهي. قومي منڊي ان سموري علائقي تي مشتمل هوندي آهي جتي ان مخصوص قوم جا ماڻهو جيڪي خريد و فروخت ۾ لاڳاپيل هوندا آهن، قومي منڊي، انهن سڀني ماڻهن تي مشتمل هوندي آهي.
    قومي منڊي، واپارين جي زبان جي تابع نه هوندي آهي ته واپاري ڪهڙي زبان ٿا ڳالهائين پر واپاري ان جي تابع هوندا آهن ته جن ماڻهن کان اهي ڪچو مال خريد ڪن ٿا ۽ جن ماڻهن کي تيار ٿيل مال اهي وڪرو ڪن ٿا، اهي ماڻهو انهن جي مفهوم کي سمجهي سگھن. جيئن ته قومي ٻولي جو ڪردار قومي منڊي ۾ اهم ۽ بنيادي هوندي آهي ۽ ٻولي جي خصوصيت اها به هوندي آهي ته ٻولي، رابطي جو ڪم ڏيڻ سان گڏوگڏ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جو وسيلو به هوندي آهي. ان وقت واپارين جو اهو گروهه، جيڪڏهن پنهنجي مال جي خريد فروخت لاءِ ڪميونيڪيشن ڪرڻ جي اهل نه هجي شين کي سمجهائڻ جي اهل نه رهي، پنهنجي پيداوار جي خصوصيت کي ٻڌائڻ جي اهل نه رهي ته ان جي پيداوار جو وڪرو متاثر ٿيڻ لازمي آهي، اهو ئي سبب آهي ته قوم جي اڪثريتي آبادي جي ٻولي لازمي طور تي حاوي ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، ڇاڪاڻ جو واپاري ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي پر آبادي جي اڪثريت سان رابطي لاءِ ان کي ان ٻولي جو سهارو وٺڻو پوندو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي پيداوار کي سٺي نموني بيان ۽ وڪرو ڪري سگھي. چاهي ڪراچي جي واپاري منڊي جي ٻولي ڪهڙي به هجي پر پوري قوم سان واهپي لاءِ قومي منڊي جي ٻولي اها ئي طي ٿيندي جيڪا اڪثريتي آبادي جي ٻولي هوندي. ان جو ننڍڙو دليل اهو آهي ته اڄ کان چاليهارو سال کن اڳ ۾، جڏهن ڪراچي جي اندر سنڌي ٻولي جو هڪ لفظ به نه سمجھيو ويندو هو، ان جي برعڪس اڄ، ڪراچي جا واپاري ۽ دڪاندار خاصي تعداد ۾ سنڌي ٻولي سمجھن به ٿا ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا ڇاڪاڻ جو ڪالهه تائين ڪراچي جي منڊي جو واهپو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تائين محدود هو پر قومي منڊي جي وسعت ڪرڻ سبب هاڻي انهن واپارين جو واهپو انهن ماڻهن سان به آهي جيڪي بلڪل دور دراز علائقن جا ڳوٺاڻا آهن، جيڪي اردو ٻولي نه ڳالهائي سگھن ٿا ۽ نه سمجھي سگھن ٿا. انڪري ڪراڄي جي واپاري جي اها مجبوري آهي ته اهو پنهنجي پيداوار کي وڪرو ڪرڻ لاءِ اڪثريتي آبادي جي زبان کي قبول ڪرڻ شروع ڪري.
    ارتقا جي تاريخ ۾ شين کي ان نظر سان ڪڏهن به نه ڏسبو آهي ته ڪهڙي شي ڪمزور آهي ۽ ڪهڙي شي سگهاري آهي پر ارتقا جي تاريخ ۾ شين کي ائين ڏسبو آهي ته ڪمزور شيون، جيڪڏهن آهستي آهستي وڌڻ شروع ڪن ته سمجهبو ته اهي حاوي ٿيڻ شروع ٿي رهيون آهن. ۽ جڏهن طاقتور شيون طاقتور هوندي به، ڪمزور شين لاءِ جڳهه خالي ڪرڻ شروع ڪنديون ته سمجهبو ته اهي فنا جي طرف مائل ٿي رهيون آهن.
    تاريخ ۾ قومي منڊي جي ارتقا جو عمل، اسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌي ٻولي ڪمزور هجڻ جي باوجود اردو ٻولي کي قومي منڊي مان آهستي آهستي بي دخل ڪري رهي آهي ۽ اردو ٻولي، طاقتور هجڻ جي باوجود پنهنجي بي دخلي کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته مستقبل ۾ ڪهڙي ٻولي قومي منڊي تي حاوي ٿيندي......؟ ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪا به ڌاري آبادي ٿيڻ تاريخي طور تي اڻٽر ٿي پوندو آهي. اهو ضروري آهي تهDeculture مستقل طور تي، ڪنهن به علائقي ۾ آباد ٿي وڃي ته ان جو ارتقا جو عمل آهستي ٿيندو آهي ۽ تاريخ جڏهن ڪمزور قوتن کي اسرڻ جا موقعا ڏي ته سگھارين قوتن جو فنا ٿيڻ به لازمي آهي. ٻين لفظن ۾ اسين ائين چئون ته ڪمزور قوت، جڏهن اسرڻ شروع ڪري ته اهو سمجھبو ته اها آهستي آهستي مضبوط ٿي رهي آهي، ارتقا جي طرف مائل ٿي رهي آهي ۽ طاقتور شيءِ جڏهن پنهنجي پوري طاقت جي باوجود ڪمزور ٿيڻ شروع ٿئي ته اهو سمجھبو آهي ته اها تنزل طرف مائل آهي. ۽ جيڪي شيون تنزل طرف مائل هونديون آهن اهي تاريخ ۾ گھڻو وقت زنده رهي نه سگھنديون آهن. ۽ جيڪي شيون ارتقا ڪنديون آهن اهي، سگھاريون ٿي انهن شين جي جڳهه والارينديون آهن، جيڪي تنزل طرف مائل ٿينديون آهن.
    جاگرافيائي وحدت مان مراد زمين جو ڪو عام ٽڪر نه آهي پر جاگرافيائي حدن مان مراد، ان زمين ۾ موجود اهي پيداواري وسيلا آهن جيڪي اتي رهندڙ آبادي کي پالڻ ۾ ڪم اچن ٿا. تاريخي روايتن جي روشني ۾ ڪنهن به مخصوص علائقي ۾ رهندڙ ڪنهن به آبادي کي، جيڪا صدين کان وٺي اتي آباد هجي، اهو تاريخي حق حاصل هوندو آهي ته اهي انهن پيداواري وسيلن کي پنهنجي جياپي لاءِ استعمال ڪن ۽ انهن پيداواري وسيلن مان ڌارين کان دفاع به ڪن. جيئن ته اسين اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته قومپرستي جو رجحان، غلام قومن جي اندر آزادي جي تحريڪ جي صورت ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ آزاد قومن ۾ اهو جذبو حب الوطني جي شڪل ۾ موجود هوندو آهي. جڏهن ڪا ڌاري آبادي، ڪنهن ٻي مخصوص قوم جي حدن ۾ موجود پيداواري وسيلن کي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي يا انهن پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ ڪري، پنهنجن ماڻهن کي خوشحال بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته اهڙي وقت ۾، انهن جاگرافيائي حدن ۾ صدين کان رهندڙ آبادي جو متاثر ٿيڻ لازمي هوندو آهي ۽ انهن جي اقتصادي مفادن کي ڌڪ پهچڻ جي سبب، انهن جي اندر جيڪي جوابي رجحان پيدا ٿيندا آهن اهي پاڻ کي قومپرست رجحان جي شڪل ۾ ظاهر ڪندا آهن. جڏهن به ڪا ڌاري آبادي مستقل طور تي، ڪنهن به ٻي قوم جي جاگرافيائي حدن تي مستقل قبضو ڪري ويهي رهي ته قومپرستي جو اهو رجحان بتدريج شديد ٿيندو آهي ۽ پوري قوم کي متاثر ڪندو آهي.
    جيئن ته اسين مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته قومي منڊي جي تشڪيل کانپوءِ، مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ قوم جا، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ڳانڍاپجي ويندا آهن ۽ قوم جي ڪنهن به علائقي ۾ ڦرلٽ سان پوري قومي منڊي ۽ قوم متاثر ٿيندي آهي انڪري ان ڦرلٽ جي نتيجي ۾ قومپرستي جو رجحان به پوري قوم اندر پيدا ٿيندو آهي. ان ڳالهه جي وضاحت انتهائي ضروري آهي ته قومپرستي صرف غلام قوم جي اندر پيدا ٿيندي آهي ۽ غلام قومن ۾ قومپرستي جو رجحان پيدا ٿيڻ کانپوءِ، ان وقت تائين ختم نه ٿيندو آهي جيسيتائين اهو تضاد حل نه ٿو ٿئي، يا ڌاري آبادي جي قبضي کي اها پنهنجي جاگرافيائي حدن مان ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿئي.
    قومپرستي جي هڪ ٻي خصوصيت اها به ٿيندي آهي ته قومپرست لاڙي کان ماڻهو سڌي ريت پاڻ متاثر ٿيندا آهن. قومي ڦرلٽ ۽ قومي تضاد جي خلاف هڪ شعوري جنگ وڙهندا آهن ۽ ماڻهو شعوري طور ان جدوجهد ۾ شامل ٿيندا آهن. جيئن ته قوميت ۾، سياسي ۽ اقتصادي مفاد سلهاڙيل نه هجڻ ڪري جيڪڏهن، ڪنهن علائقي ۾ تاريخ ۾ ڪڏهن ڪا ڌاري يلغار ٿي به آهي ته ان يلغار کان ان علائقي جا ماڻهو ئي متاثڙ ٿيندا آهن. ۽ ان علائقي جا ماڻهو ئي مزاحمت ڪندا آهن. ان مزاحمتي جنگ ۾ ان علائقي جا ماڻهو جيڪڏهن ٻين قبيلن کان ڪا مدد طلب ڪندا آهن ته ٻين قبيلن جا ماڻهو ان لحاظ کان ان مزاحمت ۾ شريڪ نه ٿيندا آهن ته ڪو اهي ان تضاد کان متاثر هوندا آهن بلڪه اهي ان مزاحمت ۾ ان ڪري شريڪ ٿيندا آهن ڇاڪاڻ جو اهو انهن جي قبيلي يا قبيلائي سردار جو گڏيل فيصلو هوندو آهي. جڏهن ڪي ماڻهو قبيلي ۽ قبيلائي سردار جي فيصلي تحت ڪا مزاحمت ڪن ته ان کي قومپرست تحريڪ نه چئبو آهي قومپرست تحريڪ ان کي چئبو آهي جنهن ۾ ماڻهو تضاد کان شعوري ريت متاثر ٿي، مزاحمت ۾ شعوري طور شامل ٿين ڇو ته جڏهن ماڻهو قومي تضاد کان متاثر ٿي سڌي ريت شريڪ ٿيندا آهن ته اهي ڪنهن به سردار قبيلي جي فيصلي تحت ان تحريڪ يا مزاحمت مان ڪڏهن به الڳ نه ٿيندا آهن پر جيڪي ماڻهو ڪنهن قبيلي يا سردار جي حڪم تي مزاحمت ڪندا آهن ته اهي قبيلي يا سردار جي فيصلي تحت مزاحمت مان الڳ به ٿيندا آهن تنهنڪري قوميت جي اندر قوم پرست رجحان جنم نه وٺندو آهي، انڪري قومي تشڪيل ٿيڻ کان پوءِ جيئن ته پوري قوم جا سياسي ۽ اقتصادي مفاد ملي هڪ ٿي ٿا وڃن انڪري غلام قومن جي اندر، قومپرست رجحان جو پيدا ٿيڻ اڻٽر ۽ لازمي آهي ۽ جيڪي شيون تاريخي طرح جنم وٺنديون آهن اهي، ڪنهن قوم يا ڪنهن خاص علائقي سان وابسته نه رهنديون آهن پر دنيا جي هر غلام قوم جي اندر قومپرست رجحان پيدا ٿيڻ اڻٽر ۽ لازمي آهي.
    قوم ۽ قوميت ۾ بحث ڪرڻ وقت اها ڳالهه سمجھڻ ضروري آهي ته قوميت جي اندر مزاحمتي جنگيون بار بار وڙهيون وينديون آهن. ڪنهن هڪ آبادي کي نيڪالي ڏيڻ کان پوءِ وري ٻي آبادي يلغار ڪندي آهي ان ڪري قوميتن کي بار بار دفاعي جنگيون ۽ مزاحمتون وڙهڻيون پونديون آهن. انجي برعڪس، قومي تشڪيل کانپوءِ جڏهن قوم شعوري طور قومپرست رجحان کان متاثر ٿي قومي جنگ وڙهندي آهي ته اها قومي غلامي جي خلاف آخري جنگ هوندي آهي ڇو جو محڪوم قوم، جيڪا آزادي وٺي سگهي ٿي اها پنهنجي آزادي جو دفاع ڪرڻ جي به اهل هوندي آهي. تاريخ ۾ اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته جن به قومن، قومي غلامي خلاف قومي آزادي جي جنگ وڙهي قومي آزادي ورتي آهي اهي قومون اڄ به آزاد آهن ۽ اهو تاريخ جو فيصلو آهي ۽ تاريخ جا فيصلا ڪڏهن به غلط نه ٿيندا آهن.
    اسان مٿي بحث ڪري چڪا آهيون ته قومي تشڪيل کانپوءِ، قومپرست رجحان جو پيدا ٿيڻ اڻٽر ۽ لازمي آهي. اهو رجحان پيدا ٿيڻ کانپوءِ، ان وقت تائين قائم رهندو آهي جيسيتائين قومي تضاد حل نٿو ٿئي ۽ ان جو چٽو، واضع حل، مڪمل قومي آزادي کانسواءِ ٻيو ڪو به نه آهي. اسان جيڪڏهن لفظن جي قلابازين ۾ نه پئون ته تاريخي طور اهو تضاد قومي غلامي جي خاتمي ۽ قومي آزادي کانسواءِ حل ٿيو ئي نه آهي.
    قومي آزادي جي سياست يا فلسفي جي اندر تاريخي طرح، صرف هڪ ئي وصف آهي ته “اهي عنصر جيڪي قوم جي تشڪيل ڪن ٿا جيسيتائين اهي سڀ عنصر آزاد نٿا ٿين تيسيتائين قومي آزادي مڪمل نٿي ٿئي”. مڪمل قومي آزادي ان وقت ئي حاصل ٿئي ٿي جڏهن قوم جا پيداواري وسيلا يعني اقتصادي مفاد آجا هجن.
    قوم جو ڪلچر، ڪنهن ڌاريي اثر ۽ غلبي کان آجو هجي ۽ قوم پنهنجي ڪلچر جي تشڪيل پاڻ ڪري. غلام قومن ۾ قومي ڪلچر جي ارتقا رڪجي ويندي آهي ڇو ته قومي غلامي جي اندر، قوم جي تخليقي صلاحيتن کي اسرڻ جو موقعو نه ملندو آهي آزاد قومون پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو استعمال ڪري بهترين ايجادات جي وسيلي دنيا جي اندر پنهنجو عزت ۽ وقار قائم ڪري سگھن ٿيون انجي ڪري هڪ قوم جو مڪمل طرح ثقافتي طرح آزاد هجڻ انتهائي لازمي آهي تاڪه اها قوم پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي ڀرپور طرح استعمال ڪري سگھي ۽ پنهنجي ڪلچر جي ارتقا ڪري سگھي.
    قوم جو ٽيون عنصر قومي ٻولي هر لحاظ کان آزاد هجڻ کپي. جيئن ته ٻولي قومي منڊي جي تشڪيل ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي ان ڪري ان ٻولي مٿان ڪنهن به قسم جو ڌاريو غلبو قومي تشڪيل ۽ تڪميل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري سگھي ٿو. ٻولي نه صرف منڊي ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي پر ٻولي، ادب، صحافت ۽ تعليمي نقطه نگاهه کان قوم جي روحاني ارتقا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي آهي انڪري قومي غلامي جي خاتمي لاءِ اهو لازمي آهي ته قومي ٻولي کي اسرڻ جا ڀرپور موقعا ميسر هجن ۽ اها هر قسم جي ڌاري غلبي ۽ اثر کان آزاد هجي.
    ڪنهن به قوم جي مڪمل آزادي ان وقت ئي مڪمل ٿيندي آهي جڏهن اها قوم جاگرافيائي طرح مڪمل آزاد هجي ۽ ان جي پنهنجي الڳ جاگرافيائي شناخت هجي ٻين لفظن ۾ ائين چئون ”عليحده ۽ آزاد رياست جي قيام سان ئي قومي آزادي مڪمل ٿئي ٿي“.
    تاريخي روايتون ڪنهن قوم جي ڳانڍاپي جو بنيادي جز هونديون آهن ڇو ته قوم، تاريخ جي هڪ ڊگهي ارتقا جي پيداوار هوندي آهي ۽ تاريخي روايتون ئي ڪنهن به قوم کي ڳنڍڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن تاريخي روايتن مان مراد، صرف ماضي جي حڪمرانن جا قصا ناهن، بلڪه تاريخي روايتن مان مراد، قوم جا اهي هيروز آهن جيڪي تاريخ جي ڊگهي عرصي ۾ جڙندا ايندا آهن. جڏهن ڪنهن به آبادي جا تاريخي هيروز هڪ ٿي وڃن تڏهن اها قوم مڪمل ٿيندي آهي انهن تاريخي هيروز ۾ اهي بهادر جرنيل به هوندا آهن جن وطن جي دفاع لاءِ شهادت ماڻي هجي ۽ اهي اديب ۽ شاعر به هوندا آهن، جن سان اها قوم محبت ڪندي آهي ۽ جن تي فخر ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به آبادي جا تاريخي هيروز هڪجهڙا نه آهن ته اها ڪڏهن به هڪ قوم ٿي نٿي سگھي، ان ڪري مڪمل قومي آزادي لاءِ قوم جا پنج ئي عنصر هر ڌاريي اثر ۽ غلبي کان آزاد هجڻ گهرجن.


    2. سيڪيولرازم

    سيڪيولر سوچ جي ارتقا:
    سيڪيولرازم، بنيادي طرح ڪا مستقل فلاسافي ناهي پر پنهنجي جوهر ۾ هڪڙي تحريڪ آهي جنهن جا بنياد، تاريخ جي ڊگھي عمل مان ئي ملي سگھن ٿا. لغوي اعتبار کان ”سيڪيلرازم“ جي سادي معنيٰ اها آهي ”سياست کي مذهب کان الڳ ڪرڻ“ سيڪيولرازم جو اصطلاح جديد يورپ ۾ سڀ کان پهرين جارج جيڪب هولي اوڪ پيش ڪيو، جنهن جو مقصد، رياست جي اندر ڪليسائيت جي ڪردار کي گھٽائڻ يا ختم ڪرڻ ۽ رياست کي ڪليسائيت جي اثر کان آزاد ڪرائڻ هو. معاشري جي اندر ڪي به اصطلاح، سوچون يا نظريا، ان وقت ڪاميابي حاصل ڪري سگھندا آهن جڏهن معاشري ۾ انهن جي لاءِ اڳواٽ جڳهه موجود هوندي آهي ۽ ماڻهو سماجي طرح بي چيني ۽ انتشار جو شڪار هوندا آهن.
    اصل ۾ يورپي معاشري جي اندر ڪليسا جي حَد کان وڌيڪ رياستي ۽ سماجي ڪنٽرول جي خلاف، انتشار ۽ بي چيني موجود هئي. يورپي معاشري ڪليسائي ڪنٽرول کان ڪنهن به ڪنهن شڪل ۾ آجو ٿيڻ پئي چاهيو ان وقت ۾ اڀرندڙ اهڙيون تحريڪون ۽ اصطلاح ماڻهن جي توجه جا مرڪز بڻيا ۽ انهن کي عوامي حمايت حاصل ٿي.
    سيڪيولرازم کي اڪثر طور مذهب مخالف تحريڪ جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ڪافي ماڻهن جي راءِ موجب، مذهب جو مڪمل انڪار ۽ انساني معاشري مان مذهب کي بي دخل ڪرڻ ئي سيڪيولرازم جو مقصد آهي. پنهنجي جوهر ۾ ڪفر، الحاد ۽ دهريت الڳ تحريڪون آهن جڏهن ته سيڪيولر معاشري، سماج مان ڪٿي به مذهب کي مڪمل طرح بي دخل ناهي ڪيو. يورپي معاشرو، جيڪو سيڪيولر تحريڪ جو سڀ کان وڏو چئمپين رهيو آهي، ان جي اندر به مذهب جو ڪردار انسان جي نِجي زندگي ۾ اڄ به باقي آهي.. سيڪيولر تحريڪ جو مقصد اهو آهي ته مذهب کي، سياست ۽ معاشري جي سمورن پهلوئن تي زبردستي لاڳو نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي معاشري کي مجبور ڪيو وڃي ته هُو مذهب جي ٻڌايل طريقن تي زندگي گذاري ۽ نه ئي رياست کي تابع ڪيو وڃي ته اُها فيصلن ڪرڻ وقت مذهب جي ماتحت يا ان جي آڏو مجبور هُجي.
    سيڪيلورازم جو اصطلاح ڀلي ئي کڻي جديد يورپ جي دئور جي پيداوار هجي پر مذهب جي بالادستي جي خلاف جنگ تاريخ جي ڊگھي عرصي کان جاري آهي تاريخ جي اوائلي دئور ۾، مذهب، رياست ۽ سياست تي مڪمل طور حاوي رهندو آيو آهي. ان حد تائين جو اوائلي تاريخي دئور ۾، اسانکي رياست تي حڪمراني ڪندي، اهي خاندان يا شخصيتون ملنديون جيڪي خود مذهب جو سرچشمو رهيون آهن ۽ عام رعيت انهن جي پوڄا ڪندي رهي آهي مثال طور قديم مصر ۾ فرعونن جو دئور، جيڪي نه صرف ان دئور جا سياسي حڪمران هئا پر مذهبي طور تي، مصر جي فرعونن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. قديم هندستان ۾ رام ۽ ڪرشن مذهبي شخصيتن سان گڏ حڪمران قوتون به هئا، جن جي فيصلن کي نه رڳو معاشرو قبول ڪندو هو پر انهن جي پوڄا به ڪندو هو ۽ يونان ۾ حڪمران گھراڻي کي ديوتا جي حيثيت حاصل هئي. هي تاريخ جو اهو اونداهو دئور هو، جڏهن مذهب ۽ سياست تي هڪ ئي فرد يا ٽولو قابض هوندو هو جيڪي نه صرف سياسي اقتدار رکندا هئا پر انهن جي فيصلن کي مذهبي عبادت جو به درجو حاصل هو. ان وقت جي حڪمرانن جي فيصلي کان انڪار، سياسي جرم سان گڏ مذهبي جرم به هو اهو سياست ۽ مذهب جو بدترين ڳٺ جوڙ هو، جنهن ۾ سياست ۽ مذهب هڪڙي ئي فرد جي تابع هئا تاريخ جي ان اونداهي دئور ۾ سنڌ جي اندر اهڙا ڪي به بنياد نه ٿا ملن ته سنڌ ۾ حڪمرانن جي پوڄا ڪئي وئي هجي سنڌ جي تاريخ جا اوائلي اهڃاڻ موجود ته ناهن پر پوءِ به جيتري معلومات ملي ٿي ان جي روشني ۾ سنڌ جو قديم مذهب ”فطري مظاهر پرستي“ هو يعني سنڌ ۾ فطري مظاهرن جي پُوڄا ڪئي ويندي هئي جهڙوڪ وڻ، سمنڊ، درياءَ خود سنڌو ماتا، اوائلي معلومات جي روشنيءَ ۾ بجا طور تي اها دعوا ڪري سگھجي ٿي ته سنڌ جو قديم مذهب، حاڪمن جي پوڄا نه پر فطري مظاهر جي پوڄا هو سنڌ ان دئور ۾ به مذهبي جوهر جي لحاظ سان دنيا کان ڪجهه وڌيڪ سيڪيولر ۽ اڳتي وڌيل هئي، ڀٽائي جي شاعري سنڌ جي قديم مذهبي روايتن کي ڪافي جاين تي اُجاگر ڪري ٿي مثال طور سُر سامونڊي جو هي بيت:

    اُڀيون تڙ پُوڄين، وَهون وڻجارن جون،
    آڻي آکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.
    (شاه)

    فلسفي جي سائنس ۾، هر سماج جون پنهنجون سياسي ۽ ثقافتي تقاضائون ٿينديون آهن سماج جي تبديلي سان گڏ، سياسي بنياد ۽ ثقافتي روايتون به تبديل ٿيندون آهن جنهن دئور ۾ مذهب ۽ سياست هڪ ئي فرد يا مخصوص خاندان جي ڪنٽرول ۾ هئا اهو دئور، سماجي لحاظ کان آقا ۽ غلامدار جو دئور هو ان دئور جي تقاضا اها هئي ته غلام جيڪو ان معاشري ۾ رعيت جي حيثيت به رکي پيو اهو نه صرف آقا جي سياسي طرح تابع هجي پر ان حد تائين به ضابطي جي هيٺ هجي جو آقا جي راضپي کي عبادت ۽ پُوڄا سمجهي. سماجي تقاضائون تبديل ٿيڻ کانپوءِ معاشري جي سماجي نفسيات پڻ تبديل ٿيڻ شروع ٿيندي آهي آقا ۽ غلامدار سماج جي ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ جڏهن جاگيردار سماج اُڀرڻ ۽ اُسرڻ شروع ڪيو ته ان وقت سماجي تبديلي سان گڏوگڏ سياسي تقاضائون به تبديل ٿيڻ شروع ٿيون جاگيردار سماج جي تقاضا اها هئي ته مذهب ۽ سياست ڪنهن حد تائين الڳ ٿيڻ کپن، گھٽ ۾ گھٽ سياسي حڪمران قوت، مذهبي خُدا جي حيثيت نه رکي ان دئور ۾ سماجي لاڙي تبديل ٿيڻ سبب، مقامي مذهبن جي جاءِ تي آفاقي مذهبن جڳهه والارڻ شروع ڪئي ڇو ته غلامدار سماج ۾ هر علائقي کي پنهنجو حڪمران پنهنجو مذهب ۽ پنهنجو خُدا هو ۽ هر علائقي جو ماڻهو پنهنجي پنهنجي حڪمران جي پُوڄا ڪندو هو جاگيرداري سماج جون تقاضائون تبديل ٿيڻ کانپوءِ عالمگير مذهبن اسرڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ ته سماجي لحاظ کان ان شيءِ جي ضرورت هئي ته وقت جي حاڪم کان مذهب ۽ خدا جي حيثيت کسي، ان جي جاءِ تي عالمگير ۽ آفاقي خدا جي حيثيت مڃرائي وڃي مذهب کي سياست کان هڪ درجو الڳ ڪرڻ ان دئور جي تقاضا هئي.
    ان دئور ۾ مشرق وسطيٰ ۾ اسلام، يورپ ۾ عيسائيت ۽ برصغير ۾ ٻڌ مذهب جي تعليمات مذهب ۽ سياست کي الڳ ڪرڻ جي ۽ حڪمرانن کان مذهبي خدا جو درجو کسڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو انهن مذهبن انسان جي پوڄا ڪرڻ کان ۽ سياسي حڪمرانن کي مذهبي خدا جي درجي ڏيڻ کي رد ڪندي آفاقي خدا جو تصور ڏنو، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ پوري ڪائنات جو خالق قرار ڏنو ويو. ڪجهه مذهب اهڙا به هئا مثلن ٻڌ ڌرم، جن روحانيت کي ته تسليم ڪيو پر آفاقي خدا جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو مجموعي طور انهن مذهبن جي فلاسافي، مذهب ۽ سياست کي هڪ نئون رخ ڏنو، جنهن ۾ حاڪم وقت تخليق ڪندڙ خدا جو نمائندو هو، بذات خود خدا نه هو پر جيئن ته جاگيرداري سماج غلامدار سماج وانگر پيداواري لحاظ کان فطرت جي تابع هو انڪري مذهب کي سماجي زندگي مان مڪمل طرح بي دخل ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگھيو جيئن ته اسان چئي آيا آهيو ته سماج پيداواري لحاظ مجبور هو ته بارشن جو انتظار ڪري سيلابي ٻوڏن ۽ آفتن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري شديد طوفانن ۽ وڄ جي ڪِرڻ کان پنهنجن باغن، فصلن ۽ ٻيلن کي بچائي، پيداواري اوزار جديد نه هئڻ سبب، ان دئور جي انسان وٽ سواءِ ان جي ٻيو ڪو به چارو نه هو ته هو ان قوت کي راضي ڪري، جنهن جي تابع اهي سڀ شيون هيون، جيڪو ٻوڏن کي هٽائي، فصلن جي پچڻ لاءِ برساتون ڪري ۽ سيلابي طوفانن کان انسان کي تحفظ مهيا ڪري سگھي ان ڪري عالمگير مذهب هڪ حد تائين سياست ۾ ته سياسي حڪمرانن جي مذهبي اختيارن کي گھٽايو پر سماجي زندگي ۾ مذهب کي سماج مان بي دخل ڪرڻ ان جي لاءِ ممڪن نه هو ان ڪري عالمگير مذهبن جي تعليمات ۾ انسان جي پوري زندگي مذهب جي تابع هئي ۽ انساني معاشري جي ڀلائي ۽ آجپو ان ۾ ئي شامل هو ته اهو زندگي مذهبي قانونن جي تابع گذاري.
    غلامدار ۽ جاگيردار سماج جي سياست ۾ فرق صرف اهو رهيو ته غلامدار سماج ۾ مذهب اهو هو جيڪو حڪمرانن جي مرضي ۽ خواهش هئي جاگيردار سماج ۾ جيئن ته مذهب عالمگير حيثيت ورتي ۽ ان مڪمل طور تي سماجي زندگي کي پنهنجي ضابطي ۾ آندو ان ڪري جاگيردار سماج جي سياسي حڪمران لاءِ اهو ضروري هو ته هُو ان مذهب کي اختيار ڪن جنهن کي معاشري جو وڏو حصو قبول ڪرڻ لاءِ تيار هو پهريون صورتحال اها هئي جو عوام ان مذهب کي قبول ڪندو هو جيڪو حاڪمن جو مذهب هجي، پوءِ تبديلي اها آئي جو حڪمران ان مذهب کي قبول ڪندا هئا جيڪو عوام جو مذهب هجي. ان صورتحال ۾، معاشري کي مڪمل طور ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ حاڪم وقت لاءِ اهو ضروري هو ته هُو مذهب سان گهري ڳٺ جوڙ پيدا ڪري. ان جي ڪري ان دئور ۾، يورپ جي اندر ڪليسائيت ۽ رياست ۾ گهري ڳٺ جوڙ پيدا ٿي مشرق وسطيٰ ۾ جتي اسلام تيزي سان اُڀريو اتي مذهبي امامن، مفتين ۽ قاضين سان رياست کي گهري ڳٺ جوڙ پيدا ڪرڻي پئي جنهن اسلامي رياست ۾ “ملان ازم” کي جنم ڏنو اسلامي رياستن ۾ مفتين قاضين ۽ مُلن کي ۽ اڳتي هلي پيرن کي درٻار ۾ وڏا وڏا عهدا ۽ ڪُرسيون ڏنيون ويون. انهن جي راءِ ۽ مرضي کانسواءِ نه ئي درٻارن جا فيصلا ٿيندا هئا ۽ نه ئي انهن تي عمل ٿي سگھندو هو. حڪمرانن جي غلط ڪارين کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ مذهبي ملان پنڊت ۽ پادري مذهبي بنيادن جا بَکيا اُڊيڙي، شريعت جا قانون تبديل ڪري ڇڏيا اهو حشر اسلامي رياستن ۾، ملان مذهب سان ڪيو يورپ ۾ ڪليسا جي پادرين ساڳي جُٺ عيسائيت سان ڪئي ۽ هندستان ۾ رام جو دور ختم ٿيڻ کانپوءِ پنڊت ايترا مضبوط بڻيا جو انهن نيون تعليمات ”پراڻ“ جي صورت ۾ ڏيڻ شروع ڪيون جنهن هندو ڌرم ۾ ويدڪ بنياد جا بَکيا اُڊيڙيا، ڪليسا جي پادري انجيل ۽ مسلمانن جي ملان قرآني تعليمات سان ساڳيو حشر ڪيو ان حد تائين جو ٻُڌ ڌرم جيڪو دنيا جو انتهائي پُر امن مذهب هو، جنهن پنهنجي سر زمين تي ڪڏهن به حڪمراني جي خواهش نه ڪئي پر اهو به جڏهن عالمگير مذهب جي حيثيت ۾ ڏکڻ_اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ ڦهليو ته ان ۾ به سياسي حڪمرانن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ لاما کي تحفظ ڏنو ويو ۽ مهاتما بُڌ جيڪو هر قسم جي پُوڄا جي خلاف هو ان جا بُت ٺاهي پوڄيا ويا.
    تاريخ جي اندر ڪجهه فڪري رجحان مقداري انداز ۾ ڪَٺا ٿيندا آهن، اهي فڪري رجحان ڪنهن مخصوص ذهن جي پيداوار نه هوندا آهن بلڪه اهي معاشري جون آزاد سوچون هونديون آهن جيڪي معاشري جي اندر موجود غلط ڪارين جي خلاف هر معاشري جي سگهارن ذهنن ۾ مزاحمتي فڪر جي شڪل ۾ اُڀرنديون آهن ۽ معاشري جي اڪثريت انهن رجحانن خلاف دٻيل سوچ ته رکندي آهي پر چٽي واٽ نه هجڻ ڪري ان وقت تائين مزاحمتي انداز اختيار نه ڪندي آهي جيستائين معاشري جا ڪي سگھارا ذهن، انهن تضادن کي چٽو نه ڪري وجھن بلڪل ايئن جيئن جاگيرداري سماج جي اوسر وقت معاشري جي اڪثريت حڪمرانن جي ديوتا هئڻ واري حيثيت کي رد ڪندي عالمگير مذهبن جي آجيان ڪئي، تيئن جڏهن عالمگير مذهبن جي اصلي تعليمات جي روح کي تبديل ڪري مُلن پنڊتن ۽ پادرين معاشري کي مذهب جي نالي ۾ يرغمال بڻائي ڇڏيو تڏهن معاشري جي اندر مذهبي ٺيڪيدارن جي هڪ هٽي خلاف نون رجحانن جي اوسر ٿيڻ شروع ٿي ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هڪ نئين فڪري جنگ جي شروعات جا بنياد پوڻ شروع ٿيا. اها آزاد سوچ اسلامي رياستن ۾ ملان ازم جي خلاف تصوف جي شڪل ۾، هندستان جي پنڊت خلاف ويدانيت جي شڪل ۾ ۽ يورپ ۾ پادري جي خلاف سيڪيولرازم جي شڪل ۾ اڀري.
    اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته جاگيرداري سماج ۾ پيداواري قوتون، فطرت جي تابع هجڻ جي ڪري هڪ لحاظ کان مجبور هيون ته فطرت جي ڏسيل قانونن مطابق عمل ڪن، تنهن سبب ملان، پنڊت ۽ پادري جي هڪ هٽي خلاف دٻيل بغاوت جي باوجود، مذهبن جي خلاف کُليل بغاوت نه ٿي سگھي، ڇو ته پيداواري رشتن جي بيهڪ ان بغاوت جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هئي پر يورپ ۾ سرمائيداري جي اوسر کانپوءِ پيداوار جا رشتا تبديل ٿيڻ شروع ٿيا. جيئن ته سرمائيداري سماج ۾ پيداواري قوتون، فطرت جي ماتحتي کان گھڻي ڀاڱي آزاد ٿي وينديون آهن، انڪري مذهب عملي زندگي ۾ پنهنجي سگهه وڃائي ويهندو آهي جاگيرداري سماج ۾ هڪ هاري لاءِ ان جو فصل سٺو نه ٿيندو ۽ فصل جي اسرڻ کانپوءِ برسات پوڻ جي حالت ۾ ان جو سمورو فصل ناس ٿي سگھي ٿو، انڪري هاري فصل پوکڻ کان وٺي لَهڻ تائين مجبور آهي ته هو فطرت کي موسمن جي تبديلي لاءِ ٻاڏائيندو رهي يا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هُو فطرت جي حڪمران قوت خدا کي ٻاڏائيندو رهي ان جي ابتڙ سرمائيداري سماج ۾ هڪ مزدور لاءِ بارش جو شديد يا گهٽ پوڻ ان لحاظ کان بي معنيٰ آهي جو هُو چارديواري ۾ محفوظ پنهنجي پيداوار کي جاري رکي سگھي ٿو موسمي تبديلين سان ان جي روزگار تي يا ان جي پيداوار تي ڪو خاص فرق نٿو پوي ان ڪري سرمائيداري سماج ۾ مذهب جو اثر بتدريج ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندو آهي اهڙي وقت جڏهن يورپ جي اندر سرمائيداري سماج جي اوسر ٿي رهي هئي ان وقت اها حالتن جي تقاضا هئي ته ڪليسا جي هڪ هٽي کي معاشرو گھڻو وقت برداشت نه ڪري ۽ ان جي خلاف مزاحمتي ويڙهه جو آغاز ڪري اسان اڳ ۾ ئي چئي آيا آهيون ته مذهب جي اصلي تعليمات کي مسخ ڪرڻ کانپوءِ خود جاگيردار سماج ۾ ملان پنڊت ۽ پادري خلاف آزاد سوچون اڀرڻ ۽ اسرڻ شروع ٿي ويون هيون ان ڪري پيداواري رشتن جي تبديلي سان جڏهن معاشرا آزاد ٿيڻ شروع ٿيا ته ان مزاحمتي ويڙهه جو تيز ٿيڻ لازمي هو. اهي آزاد سوچون، جيڪي معاشري جي آزاد ذهنن ۾ گھڻِي وقت کان وٺي پرورش پائي رهيون هيون اهي جديد يورپ اندر سيڪيولرازم جي صورت ۾ ظاهر ٿيون جيتوڻيڪ سيڪيولرازم جي اصطلاح يورپ اندر سڀ کان پهرين جارج جيڪب هولي اوڪ ڏني پر جارج جيڪب جي پنهنجي فڪري سوچ خود ان ڌارا جو تسلسل هئي جيڪا صدين کان وٺي تاريخ اندر سرجي رهي هئي ان ڪري اسان سيڪيولرازم کي بجا طور تي ڪا نئين فڪري ڌارا نه پر تاريخ جي اندر اُسرندڙ هڪ مزاحمتي ۽ فڪري سوچ کي مخصوص اصطلاح ڏيڻ جي معنيٰ ۾ سمجهي سگھون ٿا اها الڳ ڳالهه آهي ته جارج جيڪب ۽ ان جي همعمر دانشورن، سيڪيولرازم کي وڌيڪ سهڻي طريقي گھڙيو ۽ وڌيڪ مزاحمتي بنياد فراهم ڪيا، جن ۾ پهريون بنياد اهو هو ته ڪليسا جي بالادستي کي ختم ڪري رياست کي ڪليسائي اثر کان آزاد ڪيو وڃي ٻيو جيئن ته معاشرو فطرت جي پابندين کان ڪافي حد تائين نجات ماڻي چڪو هو انڪري معاشري کي ڪليسا جي ٺاهيل مذهبي قانونن کان آجو ڪري آزاد بنيادن تي اُسرڻ جا موقعا ڏنا وڃن ٻين لفظن ۾ ”معاشري کي عقيدي بدران عقل جي بنياد تي هلايو وڃي“.
    سنڌ جي سياسي مفڪر سائين جي ايم سيد سيڪيولرازم جي ڏاڍن سهڻن لفظن ۾ وضاحت ڪئي آهي سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ ۾ مذهبي ۽ سماجي تفريق کي واضع ڪندي لکيو آهي ته ”موجوده دئور ۾ انسان ايترو باشعور ٿي ويو آهي جو هن کي پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن به آفاقي مذهبي نظريي جي ضرورت باقي نه رهي آهي. هاڻي انسان شعور جي ان سطح تي آهي جتي پنهنجي بهتري لاءِ پاڻ قانون ٺاهي سگھي ٿو“. سائين جي ايم سيد جا اهي لفظ تاريخ جي ان ڪري به سائنس آهن ڇو جو جاگيرداري سماج جي ڪمزور ٿيڻ ۽ سرمائيداري سماج جي اُسرڻ کانپوءِ ڪو به نئون آفاقي/عالمگير مذهب نه اچي سگھيو آهي ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته سرمائيداري ۾ آفاقي/عالمگير مذهبن جو ڪردار ختم ٿي ويو جيڪڏهن سرمائيداري دئور ۾ مذهب باقي به رهن ٿا، تڏهن به اهي بندي ۽ خدا جي ذاتي تعلق جي شڪل ۾ باقي وڃي بچن ٿا. جڏهن ته عملي معاشرتي زندگي ۽ رياستي سياست ۾ انهن جو عمل دخل ختم ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جون وڏيون وڏيون مذهبي رياستون هزارين اختلافن جي باوجود پنهنجي سياسي نظام ۾، سيڪيولر نظام کي قبول ڪن ٿيون جيڪڏهن اهي مڪمل طرح سيڪيولرازم تي عمل نه ٿيون ڪن تڏهن به ان جي اڪيڊمڪ مخالفت ڪنهن به رياست اندر کُلي عام ڪو نه ٿي ٿئي.

    قومي تشڪيل ۾ سيڪيولر سوچ جو ڪردار:
    اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته تاريخ جي اوائلي دئور ۾ مذهب ۽ رياست ۾ ايترو گھرو ڳانڍاپو رهيو آهي جو هڪ ئي فرد يا خاندان، هڪ ئي وقت مذهبي ديوتا ۽ رياست جي حڪمران جي حيثيت رکي آهي. قومي تشڪيل جي لحاظ کان اهو دئور قبائلي سرشي جو دئور هو. ان وقت هڪ ئي قبيلي جا ماڻهو مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندي هڪ ئي رنگ، نسل سان تعلق رکندڙ ۽ هڪ ئي مذهب جا مڃيندڙ هئا. ان ڪري ڪن به بنيادن تي انهن ۾ ڪو به ويڇو يا تفاوت ڪونه هو. جنهن بعد غلامدار سماج جي ٽٽڻ کانپوءِ ۽ جاگيرداري سماج جي اوسر وقت جتي مذهبي ۽ سياسي بنيادن تي تبديليون آيون اتي قبائلي سرشتي ۾ به تبديليون آيون، شروعاتي تبديلي اها آئي ته مخصوص علائقي ۾ جتي ساڳئي ئي رنگ، نسل ۽ مذهب جو قبيلو آباد هو اتي پيداواري وسيلن جي ڦهلاءَ سبب مختلف رنگ، نسل ۽ مذهب سان تعلق رکندڙ مختلف قبيلا لڏپلاڻ ڪري اچي آباد ٿيا مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ مختلف قبيلن جي آباد ٿيڻ سان نوان سوال اُڀريا. جن مان سڀ کان اهم سوال اهو هو ته هڪ ئي علائقي ۾ ڪَٺا ٿيندڙ اهي مختلف قبيلا پاڻ ۾ ڪهڙي طريقي سان گڏجي رهن؟ عالمگير مذهبن جتي ماڻهن کي انسان کي انسان جي پوڄا کان آجو ڪيو اتي سماج کي به مختلف مذهبن ۾ ورهائي ڇڏيو. مذهبي ورڇ جي ان تفريق کي ملان، پنڊت ۽ پادري پنهنجي ذاتي بقا ۽ معاشري تي پنهنجي مذهبي اثر کي قائم رکڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ گهرو ڪيو جيئن ته هر قبيلو پاڻ سان گڏ مختلف عقيدا ۽ مختلف مذهب کڻي آيو هو ان ڪري مختلف مذهبن جي مذهبي شخصيتن پنهنجي پنهنجي گرفت کي مضبوط رکڻ لاءِ سماج کي شديد مذهبي ڪٽر پڻي جو شڪار بڻائي ڇڏيو اهو مذهبي ڪٽر پڻو ان حد تائين شديد هو جو مختلف مذهبن جا ماڻهو هڪ ٿالهي ۾ گڏ کائڻ لاءِ تيار نه هئا هڪ مذهب جو ماڻهو جيڪڏهن ٻئي مذهب جي ماڻهو سان هڪ ٿالهي ۾ گڏ کائي به وجهي ته ان کي مذهبي جرم سمجهيو ويندو هو ان جا اثر اڄ جي سڌريل سماج ۾ به باقيات جي شڪل ۾ ملن ٿا پر تاريخ جي ان دئور ۾ اهي تضاد معاشرتي زندگي تي خطرناڪ شڪل ۾ حاوي هئا ان وقت مختلف مذهبن جا ماڻهو هڪٻئي جي سماجي تقريبن ۾ شريڪ ٿيڻ کي جرم جي حد تائين غلط سمجھندا هئا ان مذهبي ڪٽر پڻي هڪ طرف مختلف قبيلن جي ميلاپ ۽ سماجي ارتقا جي عمل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ته ٻئي طرف قومي تشڪيل جي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي ويو، ڇو ته مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ مختلف قبيلن ۾ جيستائين ڳانڍاپو پيدا نه پيو ٿئي ان وقت تائين نه ئي قوميت جي تشڪيل ممڪن هئي ۽ نه ئي قومي ارتقا جو عمل اڳتي وڌي ٿي سگھيو قومي۽ سماجي ارتقا ۾ پيدا ٿيل انهن رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ مختلف قبيلن جي وچ ۾ مذهبي رواداري ۽ مذهبي ڀائيچاري جي فضا کي قائم ڪرڻ انتهائي ضروري عمل هو اهو مذهبي ڀائيچارو ان وقت ئي ممڪن هو ته شديد مذهبي ڪٽر پڻي جو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ خاتمو ڪيو وڃي ان مذهبي ڪٽرپڻي جي خاتمي لاءِ انهن قوتن جي مخالفت انتهائي ضروري هئي جيڪي ان ڪٽرپڻي کي پيدا ڪرڻ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ جا ذميوار هئا ٻين لفظن ۾ ملان پنڊت ۽ پادري جي مضبوط مخالفت کانسواءِ ۽ انهن جي مذهبي حيثيت ۽ رياست ۾ عمل دخل کي ڪمزور ڪرڻ کانسواءِ مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا پيدا ڪرڻ ممڪن نه هو.
    عين انهيءَ وقت برصغير ۾ ويدانيت ۽ تصوف جي فڪري رجحانن ارتقا ڪئي ويدانيت ۽ تصوف جون فڪري تعليمات لڳ ڀڳ اهي ئي هيون جيڪي يورپ جي اندر سيڪيولرازم جا فڪري بنياد هئا ٻين لفظن ۾ تصوف انهيءَ فڪري ڌارا جي پيداوار هئي جنهن جي تسلسل ۾ يورپ اندر سيڪيولرازم جنم ورتو تصوف ۽ ويدانيت فڪري لحاظ کان معاشري جي اندر مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻ ۽ معاشري کي مذهبي ٻنڌڻن کان آزاد ڪرڻ جي پرچار ڪئي ان سان گڏوگڏ تصوف ۽ ويدانيت سياست جي اندر مذهبي قوتن جي عمل دخل گھٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو سيڪيولرازم ۽ تصوف جي وچ ۾ فرق صرف اهو هو ته سيڪيولرازم سرمائيداري دئور جي پيداوار هئي جتي قوميتي تشڪيل مڪمل ٿي چڪي هئي ان جي ڪري سيڪيولرازم کي مذهبي رواداري ۽ مذهبي ڀائيچاري جي نقطي جي ڀرپور پرچار ڪرڻ جي ڪا خاص ضرورت نه هئي جڏهن ته تصوف ۽ ويدانيت جاگيردار معاشري جي فڪري سوچ هجڻ جي ڪري ان شئي جي معاشرتي لحاظ کان ضرورت محسوس ڪئي ته معاشرتي زندگي کي مذهبي ٻنڌڻن کان آزاد ڪرڻ سان گڏوگڏ مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي به پرچار ڪري سيڪيولرازم۽ تصوف ۾ ٻيو بنيادي فرق اهو هو ته سيڪيولرازم جنهن معاشري جي پيداوار هئي اتي خدا جي تصور کي سيڪيولر سوچ سان سلهاڙڻ يا ان جي آفاقي خدا جي آڙ وٺڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي جڏهن ته تصوف ۽ ويدانيت ان معاشري جي پيداوار هئا جتي فطري لحاظ کان معاشري کي تخليقي خدا جو سهارو وٺڻو پيو.
    جيتوڻيڪ تصوف پنهنجي جوهر ۾ مختلف اسلامي رياستن ۾ اُڀريو ۽ اُسريو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پر جيئن ته جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ، برصغير جو حصو آهي ان ڪري تجزياتي لحاظ کان تصوف جو برصغير ۾ ڪردار اسان جي تجذيي ۾ نمايان جڳهه والاري ٿو اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته برصغير اندر انهي شديد مذهبي ڪٽرپڻي جيڪو مختلف قبيلائي ميلاپ ۾ رڪاوٽ بڻيل هو ۽ خود سماجي ارتقا ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، ان جي خلاف ٻه وڏيون فڪري ڌارائون نمودار ٿيون هڪ تصوف ۽ ٻي ويدانيت اهو صحيح آهي ته تصوف مذهب کي سياست کان الڳ ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪرادار ادا ڪيو ڇو ته برصغير ۾ جنهن وقت اهي فڪر نمودار ٿيا ان وقت گڏيل هندستان تي مذهبي لحاظ کان مسلمان سلطانن جو راڄ هو ۽ سياست تي پنڊت کان وڌيڪ ملان حاوي هئا جنهن سب لازمي طرح ويدانيت جي ڀيٽ ۾، تصوف ئي بهتر انداز ۾ ملان جي سياسي تسلط خلاف ٽَڪر کائي سگھيو ٿي ان جي ڪري ويدانيت ۽ تصوف ٻنهي گڏجي گڏيل هندستان ۾ معاشرتي لحاظ کان ماڻهن کي مذهبي ڪٽرپڻي کان آجو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي مذهبي ٻنڌڻن کان آزاد ڪرڻ ۽ مختلف قبيلن جي ميلاپ ۽ قومي تشڪيل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
    اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته معاشرتي لحاظ کان اُن دئور ۾ مذهبي ڪٽرپڻو ايترو شديد هو جو مختلف مذهبن ۽ مختلف قبيلن جي ماڻهن جا نه ئي سماجي لاڳاپا بهتر نموني جڙي سگھن پيا ۽ نه ئي انهن جي وچ ۾ ڪا ڀائيچاري جي فضا پيدا ٿي پي سگھي ان دئور ۾ صوفي بزرگن جي تعليم ايتري پُر اثر ۽ ڪار گر ثابت ٿي جو انهن مختلف مذهبن جي ماڻهن کي نه صرف سماجي طرح هڪ خانقاهه ۾ گڏ ڪيو پر ان خانقاهه اندر انهن کي ڀائرن وانگر رهايو ۽ ان شديد ڪٽرپڻي جي ماحول ۾ صوفي بزرگن جي اوتارن تي مختلف مذهبن جي ماڻهن کي هڪ ٿالهي ۾ گڏ کارايو ويو. ملان ۽ پنڊت جا اهي مذهبي بنياد جنهن معاشري کي مذهبي تفريق ۾ ورهائي ڇڏيو هو، صوفي ۽ ويدانتي بزرگن جي تعليم انهن بنيادن جي پاڙ اکوڙي ڇڏي شاهه عنايت شهيد کان وٺي شاهه لطيف ۽ سچل تائين جيڪي به اُن ڪَڙيءَ جا صوفي بزرگ هئا انهن جي خانقاهن ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو هڪ ٿالهي ۾ گڏ کائيندا ۽ هڪ ئي بستري تي گڏ سمهندا هئا انهن صوفي بزرگن جي تعليم مذهب کي ان حد تائين سماج ۾ بي عمل ڪري ڇڏيو جو مختلف مذهبن جا ماڻهو انهن بزرگن کي پنهنجو پيشوا ۽ رهبر ڪري تسليم ڪندا هئا جيتوڻيڪ تصوف معاشرتي لحاظ کان جاگيرداري سماج جو فڪر هو، جتي آفاقي خدا جي حيثيت کي مڪمل رد ڪرڻ نا ممڪن هو پر پوءِ به سنڌ جي صوفي بزرگن تي، شاهه عنايت کان وٺي سچل سرمست تائين. ”هم اوست“ ۽ ”ان الحق“ جو اثر غالب رهيو. فڪري لحاظ کان “انالحق” جو نعرو حُسين ابن منصور حلاج جي پيداوار هو پر ان نعري جي پسمنظر ۾ آفاقي خدا جي حيثيت جو اڻ سڌي طرح انڪار موجود هو، تصوف جو انالحق وارو پهلو تصوف جي ٻين فڪري ڌارائن کان وڌيڪ انقلابي هو سنڌ جي اندر صوفي بزرگن طرفان “همه اوست” ۽ انالحق” نعري جي حمايت انهن جي ڪردار کي اڃان وڌيڪ انقلابي رُخ ۾ نمايان ڪري ڇڏيو.
    جنهن وقت سنڌ ۾ قوميت جي تشڪيل ٿي رهي هئي ان وقت سنڌ سياسي ۽ اقتصادي طرح زبون حالي جو شڪار هئي سياسي طرح سنڌ، دهلي درٻار جي ماتحت هئڻ جي ڪري سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ دهلي جي درٻار مان نواب مقرر ٿيندا هئا. دهلي جي سرڪار پنهنجي سهوليت لاءِ سنڌ کي مختلف نوابن ۾ ورهائي ڇڏيو هو نتيجي طور سنڌ جي سياست مختلف نوابين سبب علائقائي سياست ۾ ورهايل هئي دهلي مان آيل نواب، سنڌ جي اقتصادي ترقي کان وڌيڪ ان شيءِ ۾ دلچسپي رکندا هئا ته ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سنڌ جي پورهيت ماڻهن کان ڍَل جي اوڳاڙي ڪري دهلي درٻار کي حصو پهچائين ۽ پنهنجي نوابانا عياشين جا خرچ پُورا ڪن سنڌ مان اوڳاڙي ٿيندڙ ماليات کي ڪڏهن به سنڌ جي اقتصادي وسيلن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي نوابن کي خرچ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي نتيجي طور نوابن جي وڌندڙ خرچن ۽ دهلي درٻار جي وڌندڙ ضرورتن ۽ وسيلن جي گھٽ ترقي يافتا هجڻ سبب، سنڌ جي عام ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي وئي........... جيئن ته ڏينهون ڏينهن حاڪمن ۽ نوابن جي وڌندڙ ضرورتن جي پورائي لاءِ وڌيڪ اوڳاڙي جي ضرورت هئي ۽ وسيلن جي ترقي يافتا نه هجڻ سبب وڌيڪ ماليات جو ٺهڻ مشڪل هو ان جي ڪري ماليات کي وڌائڻ لاءِ عام ماڻهن کي اضافي ڍَلن ٽيڪسن جو بار برداشت ڪرڻو پيو پوي جيڪو انهن جي سهپ کان گهڻو هو. سنڌ جي اقتصادي زبون حالي کانسواءِ سياسي زبون حالي اها هئي جو سنڌ جي مذهبي قوتن جهڙوڪ پيرن (گادي نشينن) وڏيرن ملن ۽ مذهبي عالمن کي درٻار ۾ وڏا وڏا عهدا ۽ خاص ڪرسيون مليل هيون ٻين لفظن ۾ سنڌ جي سياست تي مذهبي قوتن جي گرفت پير ملان ۽ مفتي جي شڪل ۾ حاوي هئي. قرآني تعليمات جي ابتڙ، ملن ۽ عالمن جا پنهنجا ٺهيل فقهي قانون، رياستي قانون جي حيثيت رکندا هئا سڀ کان وڏي زيادتي اها هئي ته اسلامي شريعت جو سرچشمو ته قرآن کي قرار ڏنو ويو هو پر فقهي قانون جا بنياد ارسطو جي علم منطق تي رکيل هئا ۽ پوري ديده دليري سان اسلامي مدرسن ۾ علم منطق کي نصاب طور پڙهايو ويندو هو وڏي افسوس سان چَوڻو ٿو پوي ته ان خدا جا پوئلڳ جيڪو اسلامي فلسفي موجب هن ڪائنات جو خالق هو، ان جي فلسفي کي سمجهڻ جي لاءِ ارسطوءَ کان عقل حاصل ڪيو پئي ويو اصل ۾ علم منطق کي انڪري بنياد بڻايو ويو ته جيئن فقهي قانونن کي حڪمرانن جي غلط ڪارين کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ عقلي بنيادن تي ثابت ڪري سگھجي ان وقت سنڌ اندر تصوف پهريون جهيڙو ملان جي مدرسي جي علم سان ڪيو ۽ ان کي مڪمل طور رد ڪندي سچل ان حد تائين چيو:

    مُلان ڇوڙ دي علم ڪتابان دا،
    ڪيون چايَئِي بار عذابان دا.

    معنيٰ صوفين مڪمل طور ان شيءِ کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪو مُلان جو ڏنل علم آفاقي شريعت جو حصو آهي بلڪ انهن ”ملان ازم“ کي مڪمل طور تي رد ڪندي ان شيءِ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملان پنهنجي علمي بنيادن تي عوام کي بيوقوف بڻائي حڪمرانن کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن.
    جيتوڻيڪ سنڌ جي صوفي بزرگن جو نمايان ٽڪراءُ، ملان ۽ پير سان رهيو ڇو جو سياسي لحاظ کان سنڌ جي سياسي درٻار تي اهي ئي قوتون قابض شڪل ۾ هيون پر سماجي لحاظ کان معاشري کي مذهبي ٻنڌڻن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ انهن بزرگن ملان سان گڏ پنڊت جي به پنهنجي تعليمات ۾ اوتري ئي مخالفت ڪئي ڇاڪاڻ جو رياست تي نه سَهي پر معاشري تي مذهبي لحاظ کان پنڊت جو به خاصو اثر موجود هو ان ڪري پنڊت کي رد ڪرڻ کانسواءِ معاشري کي مڪمل طرح مذهبي قيد کان آزاد ڪرائي نه پيو سگھجي بزرگن جي انهن تعليمات هڪ طرف ملان ۽ پنڊت جي سماجي ڪردار کي ڌڪ رسايو ته ٻئي طرف مختلف مذهبن جي ماڻهن کي هڪ ئي جڳهه تي ڪٺي ڪرڻ سان هڪ نئين انقلابي تحريڪ کي پڻ جنم ڏنو سنڌ جي شروعاتي صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد جنهن سنڌ ۾ نه صرف ملان ۽ پير جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ ۾ “انالحق” جا رجحان متعارف ڪرايا ۽ ان جي تعليمات جي نتيجي ۾ مختلف مذهبن مان پيدا ٿيندڙ پوئلڳن جي گروهه سنڌ اندر هڪ انقلابي قوت جي شڪل ۾ پنهنجو اظهار پڻ ڪيو ان قوت نه صرف زباني تعليمات وسيلي پر عملي طرح، سنڌ ۾ ٿيندڙ نوابن پيرن ۽ وڏيرن جي اقتصادي ڦرلٽ جي خلاف عملي جدوجهد جو آغاز پڻ ڪيو جنهن اڳتي هلي هڪ وڏي جنگي ٽڪراءَ جي شڪل اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ اُن مزاحمت کي دٻائڻ ۾ حڪمران ڪامياب ويا ۽ شاهه عنايت جي شهادت کانپوءِ اها تحريڪ جيڪا مضبوط شڪل ۾ اُسري رهي هئي انتشار جو شڪار ٿي وئي پر پوءِ به اُها فڪري لحاظ کان ايتري مضبوط رهي جو اهڙي قسم جون تعليمات جنهن به صوفي بزرگ ڏنيون ان کان حڪمران قوتون هميشه خوفزده رهيون شاهه لطيف کان وٺي سچل تائين حڪمران قوتون سنڌ جي انهن صوفي بزرگن کان ڪناره ڪش ۽ خوفزده رهندا هئا ان جو بنيادي سبب اهو هو ته اها عوامي قوت جيڪا ملن ۽ گادي نشِن پيرن جي وسيلي درٻاري حاڪمن جي هٿ هيٺ هئي جنهن کي هو پنهنجن مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال پئي ڪندا رهيا اها قوت ملان ۽ پيرن جي ڪنٽرول مان نڪري انهن صوفي بزرگن جي اثر ۾ وڃي رهي هئي ۽ اهي صوفي بزرگ ايڏي وڏي عوامي حلقي جي حمايت جي باوجود رياستي قوتن سان نه ئي ڪنهن شڪل ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۽ نه ئي انهن جي درٻار ۾ عهدا قبول ڪري عوامي قوتن کي انهن جي مفادن وٽان استعمال ڪرڻ لاءِ تيار هئا اهي صوفي بزرگ هڪ اهڙي آزاد قوت هئا جيڪي هڪ دفعو شاهه عنايت شهيد جي قيادت ۾ انقلابي قوت طور پنهنجو مظاهرو ڪري چڪا هئا تنهن ڪري حڪمرانن کي اهو سدائين خوف هو ته اهڙي قسم جو ٻيو ڪو انقلابي ٽڪراءُ انهن جي حڪمران حيثيت لاءِ چئلينج بڻجي نه اڀري انهن صوفي بزرگن سان سنڌ جي عام ماڻهن جي ايتري محبت ۽ لڳاءُ هو جو اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو ماڻهو انهن بزرگن جي تعليم کان متاثر ۽ انهن سان اوتري ئي شديد محبت ڪري ٿو جيتري انهن جي زندگي ۾ انهن سان ڪئي هئي اڄ به انهن جون تعليمات سنڌ جي ماڻهن ۾ رهنمائي جو بنياد بنيل آهن انهن صوفي بزرگن ڀلي سياسي طرح ڪو وڏو انقلاب نه آندو هجي پر سماجي طرح انهن ذهنن ۾ ايڏو وڏو انقلاب آندو آهي جنهن مذهبي منافرت ۽ ڪٽرپڻي جو خاتمو ڪري مختلف مذهبن ۽ قبلين جي وچ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي اهڙي فضا پيدا ڪئي جنهن سنڌ اندر قوميت جي تشڪيل ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ به انهن جو پيدا ڪيل اهو ذهني انقلاب سنڌي سماج جي اندر ايتري سطح تي ته موجود آهي جو ان جي اهميت ۽ ڪارج کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
    ان کانسواءِ به ان دئور جي عوامي شاعرن ۾ ڪافي حد تائين تصوف جو رنگ غالب نظر اچي ٿو ايئن کڻي چئجي ته ان وقت جي ڏاهن، تصوف کي هڪ ترقي پسند تحريڪ جي شڪل ۾ عوام سان متعارف ڪرائڻ لاءِ شاعري وسيلي ان جي تعليم ڏني، ڇاڪاڻ ته درسي اسڪولن (مدرسن) ۾ فارسي زبان ۾ درٻاري علم جي تشريح ۽ تعليم ڏني ويندي هئي جيئن ته هيءُ بزرگ، باضابطا اسڪول نه پئي قائم ڪري سگھيا ان ڪري عوام کي پنهنجي ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ جو سادو طريقو اهو هو ته شاعري وسيلي تصوف جي ترقي پسندانا پهلوئن جي ملان جي مذهبي ڪٽرپڻي خلاف ۽ مذهبي ڀائيچاري جي تعليم ڏني وڃي انهيءَ تحريڪ ۾ جيترو ڪردار سنڌ جي صوفي شاعرن جو آهي اوتروئي ڪردار ڀٽن ۽ ڀانن جو پڻ آهي جن انهن بزرگن جي تعليم کي موسيقي وسيلي عام ماڻهن تائين پهچايو اهڙي ريت سنڌ اندر مذهبي ڪٽرپڻي ۽ منافرت کي ختم ڪرڻ لاءِ مذهبي ڀائيچاري جي فضا پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر تصوف ۽ ان جي شاعراڻِي اظهار جي سلسلي ۾ ٽي وڏا نالا اچن ٿا، جيڪي شاهه، سچل ۽ سامي آهن.

    موجوده حالتن ۾ سيڪيولرازم جو ڪردار:
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي تخليقي ذهن، ايڏي وڏي تاريخي سچائي بيان ڪري ويندا آهن، جنهن جي اهميت تاريخي عمل وڌيڪ گهرائي سان ثابت ڪندو آهي بلڪل ايئن سائين جي ايم سيد جا اهي لفظ تاريخ جي سڀ کان وڏي سچائي آهن ته ”موجوده حالتن ۾ آفاقي نظرين جو دئور گذري چڪو آهي ۽ اڄ جو انسان پنهنجي رهنمائي لاءِ پاڻ نظريا ٺاهي جوڙي سگھي ٿو“. ٻين لفظن ۾ ايئن چئون ته سرمائيداري جي اوسر کانپوءِ آفاقي نظرين جي ضرورت باقي ناهي رهي ۽ انسان ايڏو باشعور ٿي ويو جو هُو انساني سماج لاءِ آفاقي نظرين کان وڌيڪ بهتر نظريا ڏئي سگھي ٿو انهن لفظن جي تاريخي سچائي ان وقت ثابت ٿي جڏهن سرمائيداري جي اوسر کانپوءِ ٻه وڏا نظريا اسان جي سامهون آيا جيڪي پنهنجي نوعيت ۾ عام مادي حالتن جي پيداوار ۽ آفاقي ڌارا کان مڪمل طور تي ڇڳل هئا سرمائيداري جي اوسر کانپوءِ پهريون نظريو جمهوريت جي شڪل ۾ دنيا جي سامهون آيو جنهن کي لڳ ڀڳ دنيا جي هر ملڪ قبوليو ۽ ان جي ڪنهن به رياست ۾ ظاهري مزاحمت ڪا نه ٿي. ٻيو نظريو، ڪارل مارڪس، ڪميونزم جي فلاسافي جي نالي ۾ پيش ڪيو جيڪو سوشلسٽ تحريڪ جي صورت ۾ سڄي دنيا تي ڇائنجي ويو جن ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب نه به آيا ٿي، اتي به سوشلسٽ تحريڪون ايتريون مضبوط هيون جو انهن کان حڪمران قوتون هر وقت خائف رهيون انهن نظرين جي ڪاميابي ان ڳالهه جي چٽي ثابتي ڏئي ٿي ته سرمائيداري ۾ آفاقي مذهبي نظريا پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳا ۽ خود انسانن جا پنهنجا زندگي لاءِ ٺاهيل نظريا، آفاقي نظرين کان وڌيڪ عالمي مقبوليت حاصل ڪري ويا.
    جمهوريت بنيادي طور هڪڙو سياسي نظام هو، جيتوڻيڪ ان جا انساني زندگي تي جامع اثر پون پيا پر ان جو سمورو زور، رياست جي سياسي شڪل جي جوڙجڪ تي هو ان جي ڪري جمهوري ملڪن ۾ آفاقي نظرين جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ جمهوريت سان گڏ سيڪيولرازم جي به ضرورت پئي ۽ اهي ٻئي نظريا گڏ گڏ هلي هڪڙو بهترين انساني سماج تشڪيل ڪرڻ جي اهل ٿي سگهيا. ان جي ابتڙ سوشلزم، پنهنجي جوهر ۾ ته اقتصادي نظام هو پر ان جي عمل جو دائرو پوري معاشرتي زندگي تي حاوي هو سوشلسٽ معاشرو سياسي ڍانچي سان گڏ سماجي ڍانچو به کڻي هلي پيو سوشلزم پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر هجڻ جي ڪري پنهنجي تعليمات ۾ مذهب کي بنياد کان ئي رد ڪري ٿو ان ڪري سوشلسٽ معاشري اندر سيڪيولرازم کي الڳ رکڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪونه هئي اهوئي سبب آهي جو جمهوري ملڪن ۾ سيڪيولرازم جي اهميت باقي رهي پر سوشلسٽ ملڪن ۾ سيڪيولرازم جي عليحده ضرورت باقي نه رهي.
    جيئن ته اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته سرمائيداري جي اوسر ۾ بهترين انساني نظريا آفاقي نظرين جو نعم البدل ٿيندا آهن انڪري جيترو وقت دنيا اندر سوشلسٽ فلاسافي عُروج تي هئي ۽ سوشلسٽ تحريڪون پوري دنيا کي ڌوڏي رهيون هيون، ان وقت تائين مذهبي قوتون، نظرياتي سگھه جي باوجود انتهائي ڪمزور حالت ۾ پنهنجو دفاع ڪري رهيون هيون. ان وقت ٽين دنيا جي سياسي پسمنظر تي نه مذهبي قوتن جي تضاد جو ڪو سوال اُڀريل هو ۽ نه ئي معاشرو مذهبي قوتن جي گھڻي اثر هيٺ هو، ڇو ته هڪ طرف سوشلسٽ تحريڪن جي انقلابي پروپيگنڊا ۽ ٻئي طرف جمهوري قوتن جي سيڪيولر تحريڪ، مذهب کي انتهائي ڪمزور ۽ بي اثر بنائي ڇڏيو هو، پر عالمي سياسي ڇڪتاڻ سبب جڏهن سوشلسٽ تحريڪن کي عالمي منظر تي مات ملي ۽ سوشلسٽ تحريڪون سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيون ته ڪو مضبوط سماجي نظريو نه هجڻ جي حالت ۾ ماڻهو ٻيهر ويڳاڻپ جو شڪار ٿيا ان ويڳاڻپ لامحاله انهن کي وسيع نظرياتي خال کي پُر ڪرڻ لاءِ وقتي طرح مذهبي آفاقي نظرين جي سهاري وٺڻ تي مجبور ڪيو.
    سوال صرف مذهبي آفاقي نظرين جي ڪردار جو ناهي، ڇو ته مذهب خدا ۽ بندي جي وچ ۾ تعلق جو نالو آهي جيڪڏهن ان تعلق کي ان حد تائين رهڻ ڏنو وڃي ته سماج گھڻن وڏن فسادن کان بچي سگھي ٿو پر موجوده حالتن ۾ مذهبي نظرين جي پوئلڳن جيڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ڪئي آهي اُها آهي بنياد پرستي جي اوسر. بنياد پرستي اڄ جي دئور ۾ خطرناڪ رجحان طور سامهون آئي آهي بنياد پرست نه صرف معاشري کي مذهبي قانونن جي تابع هلائڻ گھرن ٿا پر رياست کي به مذهب جي تابع ڪرڻ چاهين ٿا ٻين لفظن ۾ بنياد پرست مذهبي رياستن جي نئين سري سان تشڪيل چاهين ٿا. موجوده بنياد پرست قوتون ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي عالمي بنيادن تي مذهبي بلاڪ جوڙڻ چاهين ٿيون جيڪا صورتحال عالمي امن ۽ پوري انسانيت لاءِ خطرناڪ بڻجي سگھي ٿي.
    فطرت ۾ عام طور جيڪي سگهاريون قوتون، ڪمزور ٿينديون آهن، اهي ارتقا ڪرڻ جي اهل نه رهنديون آهن اهو سچ آهي ته آفاقي نظرين جي ڀيٽ ۾ انهن کان وڌيڪ مضبوط نظرين جي ضرورت هئي جيڪي آفاقي مذهبي نظرين جي جاءِ والاري سگھن ۽ تاريخ اهو ثابت ڪيو ته جمهوريت سيڪيولرازم ۽ سوشلزم آفاقي نظرين کي ڪمزور ڪري انهن جي جڳهه والاري پر سوشلسٽ تحريڪن جي ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اهو تسلسل ٽٽو ته هڪ دفعو ٻيهر مذهبي قوتن کي اُسرڻ جا موقعا مليا اتي اهو سوال باقي رهي ٿو ته مذهبي قوتون جڏهن مضبوط حيثيت مان ڪمزور حالت ۾ ويون ته فطري طرح انهن کي ٻيهر اُسرڻ جا بنياد نه ملڻ کپن ها.
    ڏٺو وڃي ته مذهبي قوتن جي اوسر ٽين دنيا جي انهن ملڪن ۾ ٿي آهي جيڪي گھٽ ترقي يافتا يا پوئتي پيل ملڪ آهن انهن ملڪن ۾ اڃان تائين سرمائيداري نظام مضبوط نه ٿي سگھيو آهي ۽ صنعتي ترقي جي دوڙ ۾ اهي ملڪ ڪافي پوئتي رهيل آهن مضبوط صنعتي ترقي نه هئڻ سبب انهن ملڪن ۾ جاگيرداري پنهنجا اثر اڄ به قائم رکيو ويٺي آهي. جڏهن ته جاگيردار سماج ۾ مذهب جو ڪردار ختم نٿو ٿئي انڪري انهن مذهبي قوتن جو اهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ وري اُڀري اچڻ اتان جي فطري ماحول جي عين مطابق آهي ڇو ته جيستائين جاگيرداري مڪمل فنا نه ٿي ٿئي ان وقت تائين مذهب جو سماجي ڪردار نفي مائل نٿو ٿئي مذهبي ۽ بنياد پرست قوتون دنيا جي انهن پوئتي پيل ملڪن ۾ جمهوري ۽ سوشلسٽ تحريڪن جي اُڀار سبب وقتي طرح دٻجي ته ويون هيون پر سماج ۾ انهن جي فطري عمر پوري ڪو نه ٿي هئي انهن جي فطري عمر ان وقت ئي پوري ٿي سگھي ٿي جڏهن سماج جاگيرداري سماج کي ٽوڙي مڪمل طرح صنعتي ترقي ۽ سرمائيداري ۾ داخل ٿئي انهن ملڪن اندر صنعتي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ خود اهي عالمي جمهوري قوتون آهن جيڪي اڄ بنياد پرستي جون سڀ کان وڏيون مخالف نظر اچن ٿيون ڇو ته پاڻ کي عالمي جمهوري قوت سڏرائيندڙ دنيا جا ترقي يافتا سرمائيدار ملڪ انهن پوئتي پيل ملڪن جي صنعتي ترقي رڳو انهن بنيادن تي روڪيو ويٺا آهن ته جيڪڏهن دنيا جا اهي پوئتي پيل ملڪ ترقي يافتا ٿي ويا ته سندن صنعتن ۾ ٺهندڙ مال جو وڪرو انهن پوئتي پيل ملڪن جي منڊين ۾ نه ٿي سگھندو. اسان تسليم ڪريون ٿا ته دنيا اندر ترقي جي سطح ناهموار هوندي آهي ڇو ته ڪا به سماجي تبديلي هڪ ئي وقت پوري دنيا ۾ نه ٿي اچي سگھي اها ترقي ڪجهه علائقن کان شروع ٿيندي آهي ۽ ٻين علائقن تائين ڦهلجي ويندي آهي ان ڪري ترقيءَ جي رفتار دنيا اندر جيستائين بتدريج ڦهلجي تيستائين ڪي ملڪ وڌيڪ ۽ ڪي ملڪ گھٽ ترقي يافتا هوندا آهن پر جيڪڏهن سماجي ترقيءَ جي ان سطح کي مخصوص مفادن جي ڪري گھڻو وقت ناهموار رکبو ته موٽ ۾ نوان رجحان ۽ نوان ٽڪراءَ اُڀرڻ لازمي آهن بنياد پرستي به انهيءَ ناهمواري کي غير ضروري ڊيگھه ڏيڻ جي پيداوار آهي. اهو سچ آهي ته جمهوري تبديلي بنياد پرست قوتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي ڇو ته جمهوريت سرمائيدار سماج جو سياسي سسٽم تشڪيل ڏئي ٿي. پر رڳو جمهوريت جي پروپيگنڊا ڪرڻ سان يا جمهوريت کي مٿان ئي مٿان ٿاڦڻ سان نه ئي غير صنعتي ملڪ، مڪمل جمهوري قدر اپنائي سگھن ٿا ۽ نه ئي ان طريقي سان بنياد پرست قوتن جو انهن سماجن ۾ مڪمل خاتمو ٿي سگھي ٿو جمهوريت هڪ اهڙو سسٽم آهي جيڪو سرمائيداري جي اوسر کانپوءِ عوام مان هيٺيان کان اُڀرندو آهي. جيڪي تبديليون هيٺيان عوام مان اُڀرنديون آهن اُهي پراڻن فڪرن ۽ سرشتن جا بنياد اکوڙي پوءِ اُڀرنديون آهن جيڪي تبديليون هٿرادو طور مٿان ئي مٿا ٿاڦيون ويندون آهن اهي گهربل نتيجا ڏيڻ ۾ يقيني طور ناڪام ٿينديون آهن مثال طور: يورپ جي سرمائيدار ملڪن ۾ جتي عوامي سگھه وسيلي جمهوري انقلاب آيا اتي اڄ به سيڪيولر قوتون ايتريون مضبوط آهن جو بنياد پرستي اُسري نه سگھي آهي نه ئي يورپ جي ملڪن ۾ سيڪيولرازم کي بنياد پرستن طرفان ڪا چئلينج آهي نه ئي يورپ جي وڏين طاقتن ۾ مذهبي بنيادن تي ڪو عالمي بلاڪ جوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ان جي ابتڙ ٽين دنيا جي پوئتي پيل ملڪن ۾ بنياد پرست قوتون نئين سري سان منظم ٿي رهيون آهن ۽ مذهبي بنيادن تي عالمي بلاڪ ٺاهڻ جون ڪوششون به ڪري رهيون آهن ڇو ته انهن ملڪن ۾ عوامي سطح کان جمهوريت جون پاڙون مضبوط نه هجڻ سبب اهڙن ملڪن ۾ جمهوريت پنهنجو ڦهلاءُ مضبوط انداز ۾ نه ڪري سگھي آهي نتيجي طور ٽين دنيا جي پوئتي پيل ملڪن ۾ بظاهر جمهوري حۡڪومتون هوندي به بار بار آمريت اُڀري اچي ٿي دنيا جي عالمي صنعتي ملڪن ۾ ٺهيل مال مثال طور: ايئر ڪنڊيشنر، ريفريجريٽرس، بسون، ڪارون ۽ ٻيون اهڙيون شيون ۽ جديد سامان واپرائڻ سان ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ڪنهن حد تائين ”ثقافتي تبديليون“ ته آيون آهن پر رڳو ثقافتي تبديلين سان سماج جو پورو شعور تبديل نٿو ڪري سگھجي سياست ۽ مذهب انساني شعور جا ٻه وڏا جُز آهن انڪري رڳو ثقافتي تبديلين سبب نه ئي سياسي نظام ۽ جمهوريت کي استحڪام ملي سگهي ٿو ۽ نه ئي مذهبي قوتون ثقافتي تبديلي سان سماج مان مڪمل طور رد ٿي سگهن ٿيون.
    مذهبي بنياد پرستي جا هي رجحان اڄ جي حالتن ۾ مضبوط ضرور ٿيا آهن پر اهي اڄ جي حالتن کان پهرين به موجود هئا. 1970ع واري ڏهاڪي کان وٺي دنيا اندر مذهبي عالمي بلاڪن جوڙن جون ڪوششون جاري هيون پر سوشلسٽ تحريڪن جي موجودگي ۾ ۽ عالمي سوشلسٽ بلاڪ جي دٻاءَ هيٺ، سوشلزم جي خلاف انهن بنياد پرست ملڪن عالمي جمهوري قوتن سان وقتي طور مفاهمت ڪئي موجوده حالتن ۾ جڏهن سوشلسٽ بلاڪ منظر عام تان هٽي چڪو آهي ان وقت هنن قوتن جو سڌو تضاد عالمي جمهوري قوتن جي خلاف ٿي بيٺو آهي ان تضاد کي عالمي جمهوري قوتون پنهنجي سياسي اختيار ۽ طاقت جي استعمال سان وقتي طرح دٻائي ته سگھن ٿيون پر ان رجحان جو مڪمل خاتمو ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن پوئتي پيل ملڪن ۾ ترقي جي سطح کي ان حد تائين مٿي آندو وڃي جو سياسي طور اهي ملڪ جمهوري قوت بڻجي سگھن جيستائين انهن ملڪن کي مضبوط جمهوري ۽ سيڪيولر رياستن ۾ تبديل نٿو ڪيو وڃي. جيستائين انهن ملڪن ۾ جاگيرداري اثرن کي ختم ڪري مضبوط صنعتي سماج نٿو اڏيو وڃي ان وقت تائين مذهبي ۽ بنياد پرست قوتن جو فطري ۽ سائنسي خاتمو نا ممڪن آهي.
    خاص ڪري اهڙا ملڪ جيڪي مذهبي بنيادن تي جُڙيا آهن يا جن کي مذهبي بنيادن تي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي اتي بنياد پرستي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ آهي اسين ڪشمير ۽ فلسطين جي بحيثيت قوم جي آزادي جا سڀ کان وڏا حامي آهيون پر ڪشمير ۽ فلسطين جي قومپرست تحريڪن کي جيڪڏهن مذهبي بنيادن تي دنيا سان ويڙهائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته اها شيءِ ڪنهن به معنيٰ ۾ قابل قبول ناهي ڇو ته مذهبي بنيادن تي هلندڙ جنگ خود انهن قومن اندر گهرو ويڙهه پيدا ڪري پئي بنياد پرستي جو اهو رجحان صرف ڪشمير ۽ فلسطين جي تحريڪن تائين محدود ناهي پر اهو رجحان دنيا جي اندر عالمي مسلم بلاڪ جي تشڪيل جي حمايت ڪري ٿو، جيڪا صورتحال عالمي سطح تي ته دنيا کي هڪ وڏي جنگ ۾ اُڇلائي سگھي ٿي پر دنيا اندر ٻين مذهبي معاشرن کي مذهبي ٽڪراءَ ۾ آڻي پوري انساني معاشري جي تباهي جو سامان پيدا ڪري سگھي ٿي. هڪ انقلابي جنگ جو ڪڏهن به مخالف نه هوندو آهي پر انقلابي صرف اها جنگ وڙهندو آهي جيڪا نتيجا ڏئي سگھي. جيڪا جنگ انسانذات کي تباهه ڪري اها انقلابي جنگ نه پر جنوني جنگ ڪوٺي ويندي آهي اسين ڪشمير ۽ فلسطين جي موجوده بنياد پرست جنگ جي حمايت انڪري نٿا ڪريون ڇاڪاڻ جو اها انقلابي نتيجا ڏيڻ بدران پوري انسانذات لاءِ مذهبي ويڙهه جا سامان فراهم ڪري رهي آهي سنڌ جي بدقسمتي اها آهي جو اُها هڪ اهڙي وفاق جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جيڪو مذهبي بنيادن تي ئي جُڙيل آهي ۽ پاڪستان جي بدقسمتي اها آهي جو اهو مذهبي تضادن تي جُڙيو ۽ مذهبي تضاد تي ئي قائم رهي سگهي ٿو. انڪري هن ملڪ جو جياپو ئي مذهبي منافرت ۽ مذهبي ويڙهه تي آهي. پاڪستان مذهبي بنيادن تي قائم ٿيو اهو هڪ الميو آهي پر پاڪستان جيڪو عالمي مسلم بلاڪ جوڙڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي اُهو وري ٻيو الميو آهي. دنيا اندر هلندڙ هر قومي تحريڪ جي مذهبي بنيادن تي حمايت ڪرڻ ۽ قومي تحريڪن کي مذهبي ويڙهه ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پاڪستان شروع کان بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي اُها تحريڪ ڀلي کڻي بوسنيا جي هجي، چيچنيا جي هجي، ڪشمير جي هجي يا فلسطين جي هجي ان حد تائين جو هي فلپائن جي ننڍي ملڪ مورو ۾ به پنهنجا ماڻهو زبردستي گھيڙي قومي جنگين کي مذهبي جنگين ۾ تبديل ڪرڻ ۾ رُڌل آهن ۽ اهو بنياد پرستي جو خطرناڪ رجحان ڪنهن به معنيٰ ۾ عالمي امن لاءِ سٺو اهڃاڻ ڪونهي. انڪري عالمي جمهوري قوتون، جيڪا بنياد پرستي جي مخالفت ڪن ٿيون، اسين ان جي حمايت ان بنياد تي ڪريون ٿا ته اها جنگ اسان جي جنگ آهي ڇو ته سنڌ ۾ بنياد پرستي جنهن طريقي سان پنهنجا پليد پنجا کوڙيا آهن، اهو خود اسان جي سياست جو هڪ وڏو الميو آهي.
    سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ جي اندر سوشلسٽ تحريڪ جي ڪمزور ٿيڻ سان، انقلابي تحريڪن کي ڌڪ رسيو. هزارين نظرياتي اختلافن جي باوجود ان مادي سچائي کي قبول ڪرڻو پوندو ته بنياد پرستي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي سوشلسٽ تحريڪ قومپرست انقلابي قوتن لاءِ گھٽ خطرناڪ هئي خود سوويت يونين جي ٽٽڻ سان قومپرست تحريڪن کي به ڌڪ رسيو ڇاڪاڻ ته عالمي سامراج جي خلاف سوشلسٽ بلاڪ، عالمي سطح تي انقلابي قوتن جو اتحادي رهيو نتيجي طور سنڌ جي سياست تي ان جا گهرا اثر پيا سڀ کان وڏو اهو اثر پيو ته سوشلسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ کانپوءِ سوشلسٽ تحريڪ، سياست جون گھٽيون خالي ڪري هڪدم غائب ٿي وئي ٻيو قومپرست تحريڪون ايتريون مضبوط نه هيون جو اُن خال کي پُورو ڪري سگھن پيون ان پيدا ٿيندڙ خال جو فائدو وٺندي مذهبي قوتون رياست جي حمايت سان نوجوانن ۾ گھڙي آيون ۽ جنهن طريقي سان مذهبي قوتن سياست اندر يلغار شروع ڪئي ان کي قومپرست قوتون مڪمل طرح روڪڻ ۾ ناڪام ويون نتيجي طور رياست جي پالتو مذهبي تحريڪن ان سڄي صورتحال جو فائدو وٺي نوجوانن کي جهاد جي آڙ ۾ هٿياربند ڪرڻ شروع ڪيو سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها هئي ته انهن مذهبي تنظيمن ۾ به سياسي اختلاف ۽ فرقيواراڻا تضاد موجود هجڻ جي ڪري ان ڳالهه جو هر وقت خطرو رهي پيو ته اهي هٿياربند تنظيمون پاڻ ۾ نوجوانن کي ويڙهائي گهرو ويڙهه ڪرائي سگھن ٿيون ۽ رياست ان گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سڀ کان وڏي حامي نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته انهي ئي طريقي سان سنڌ جي نوجوانن کي مذهبي جهيڙي ۾ اُلجهائي قومپرست تحريڪ کي سبوتاز ڪري سگھجي پيو پر عالمي جمهوري قوتن جي بروقت مداخلت نه صرف سنڌ کي هڪ خطرناڪ گهرو ويڙهه کان بچايو پر قومپرست تحريڪ کي پنهنجي سگھه وڌائڻ جا موقعا به ملي ويا ان سڄي صورتحال جي پيش نظر بنياد پرستي جي خلاف هلندڙ ڪا به تحريڪ سنڌ جي قومي انقلاب لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي.
    بنياد پرستي جي مخالفت جو مقصد ڪنهن به معنيٰ ۾ مذهب جي مخالفت ناهي ڇو ته دنيا جو ڪو به انقلابي مذهب ۽ مذهبي آزاديءَ مخالف نه رهيو آهي خود سوويت يونين ۽ سوشلسٽ ملڪن اندر ماڻهن کي مذهبي طريقن سان پنهنجي عبادت ڪرڻ ۽ عبادتگاهن ۾ وڃڻ جي مڪمل آزادي هئي معاشرو شادي ۽ فوتگيءَ جون رسمون مذهبي طريقن سان ادا ڪرڻ ۾ مڪمل آزاد هو اسان بار بار چئي آيا آهيون ته مذهب بندي ۽ خدا جي وچ ۾ تعلق آهي جيستائين اهو تعلق بندي ۽ خدا جي وچ ۾ رهي ٿو تيستائين ان سان ڪو به جهيڙو ناهي پر جهيڙو ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن ان تعلق کان ٻاهر نڪري مذهبي قوتون پنهنجي مفادن جي حاصلات لاءِ سياست ۽ معاشري تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون جڏهن به مذهبي قوتن کي سگھاري ٿيڻ ۽ اڀرڻ جي وٿي ملندي ته اها لازمي طرح رياست ۽ معاشري تي مذهب کي حاوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ اهوئي رجحان مذهبي رياستن کي جنم ڏيڻ جو ذميوار آهي انهيءَ رجحان تحت، موجودهه رياستن کي مذهبي رياستن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ مذهبي تحريڪ وسيلي نيون مذهبي رياستون قائم ڪرڻ جو رجحان بنياد پرستي جو بنيادي موقف بڻجي اڀريو جنهن ڪري هڪ طرف ڪشمير ۽ فلسطين ۾ بنياد پرست قوتون مذهبي رياستون قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن ته ٻئي طرف ايران جيڪو بنيادي طرح جمهوري انقلاب جي پيداوار هو اهو بنياد پرستي کي ايران اندر مضبوط ڪري رهيو آهي بنياد پرست قوتن جي آڏو، افغانستان هڪ اهڙو مثال هو جيڪو انهن کي پنهنجي ڪاميابي جو يقين ڏياري پيو انهن جي سرگرمين کي افغانستان جي مذهبي رياست اُتساهه ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اهو سچ آهي ته عالمي جمهوري قوتن جي بروقت مداخلت، بنياد پرست قوتن جي انهيءَ اڏي کي ختم ڪري ڪنهن حد تائين اُن جي سگهه کي ڌڪ هنيو آهي پر اڃان به ان شيءِ جي ضرورت باقي رهي ٿي ته بنياد پرستي جي ان وڌندڙ رجحان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ مضبوط تبديليون ضروري آهن رڳو جمهويت ۽ سيڪيولرازم جي پروپيگنڊا ڪرڻ سان ۽ نمائشي طور جمهوريت کي ٿاڦڻ سان بنياد پرستي جو اهو رجحان شڪست کائي نٿو سگھي، جيستائين دنيا اندر حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري ۽ سيڪيولر حڪومتون قائم نٿيون ٿين.
    اڄڪلهه مذهبن جا وڏا وڏا عالم خود اهي فتوائون ڏئي رهيا آهن ته دهشتگرد جو ڪو به مذهب نٿو ٿئي عالمي راءِ عاما جي دٻاءَ ۾ پاڪستان حڪومت کي بظاهر اهڙو ئي موقف اختيار ڪرڻو پيو آهي جڏهن ته عملي طور اڄ به پاڪستان جي حڪمران قوتن بنياد پرست قوتن جي حمايت تان هٿ ناهي کنيو عالمي مذهبي قوتن جي اها فتويٰ اڄ جي مخصوص حالتن جي ضرورتن تحت آئي آهي جڏهن ته انقلابي قوتن جو شروع کان ئي اهو موقف رهيو آهي ته دهشتگردي جي ڪنهن به معنيٰ ۾ حمايت نٿي ڪري سگھجي ڀلي کڻي اُها مذهب رنگ يا نسل يا اهڙي ڪنهن به نعري تحت ڪئي وڃي ان مان اهو نه سمجهڻ گھرجي ته اسين عالمي مذهبي قوتن جي حمايت ٿا ڪريون بلڪه عالمي مذهبي قوتن ان فتويٰ تحت انقلابي قوتن جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
    موجوده حالتن ۾ بنياد پرستي کي منهن ڏيڻ لاءِ خود دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ تصوف تي تحقيقي مرڪز جُڙي رهيا آهن ۽ ترقي يافته ملڪن جا بهترين دماغ صوفي ازم تي تحقيق ڪري ان کي جديد انداز ۾ پيش ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن سنڌ لاءِ اها سڀ کان وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي قومي صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تعليمات کي انهن تحقيقي ادارن ۾ بنيادي پيٽرن جي حيثيت ڏني وئي آهي اسان جو ان تي ڪو به بحث ناهي ته دنيا جا اهي تحقيقي ادارا، بنياد پرستي جي خلاف صوفي تعليمات کي تسليم ڪن ٿا ۽ اُن تعليمات کي بنياد پرستي خلاف ويڙهه ۾ ڪارگر سمجھن ٿا يا نه ٿا سمجھن پر سنڌ اندر انهن صوفي بزرگن جي تعليمات جي ان وقت تائين خاص اهميت رهندي جيستائين سنڌ اندر قومي آزادي جو انقلاب مڪمل نٿو ٿئي ڇو ته قومي آزادي جو انقلاب ئي سنڌ جي قومي تشڪيل کي مڪمل ڪري سگھي ٿو ۽ سنڌ جي قومي تشڪيل مڪمل ٿيڻ تائين سنڌ جي صوفي بزرگن جي تعليمات (۽ مذهبي ڀائيچاري) جي اهميت باقي رهي ٿي.


    3. جمهوريت

    ”جمهور“ لفظ جي معنيٰ آهي ”عوام“ ۽ ”جمهوريت“ جي معنيٰ آهي ”عوامي راڄ“. آمريڪي صدر ابراهام لنڪن جي لفظن ۾ ”جمهوريت“ مان مراد ”هڪ اهڙي حڪومت آهي جيڪا عوام جي عوام لاءِ ۽ عوام پاران هجي“. علم سياست ۾ جمهوريت جي مطالعي کانپوءِ سياسي مفڪرن جمهوريت کي ٻن قسمن ۾ بيان ڪيو آهي. هڪ قسم سڌي ۽ ٻيو قسم اڻ سڌي جمهوريت. دنيا اندر، جمهوريت جا ٻئي قسم، وقتن فوقتن مروج رهيا آهن پر دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ گھڻي ڀاڱي اڻ سڌي جمهوريت جو نظام رائج رهيو آهي، سڌي جمهوريت مان مراد آهي ته عوام، سڌيءَ ريت، حڪومتي فيصلن ۾ شريڪ رهي ۽ حڪومتي ادارا جيڪي به فيصلا ڪن، ان تي عوامي راءِ وٺي عمل ڪيو وڃي. جيڪڏهن عوامي راءِ انهن فيصلن جي حق ۾ هجي ته انهن فيصلن کي عملي شڪل ۾ آندو وڃي ۽ جيڪڏهن عوامي راءِ انهن فيصلن، کي رد ڪري ته آهي عمل ۾ نه آندا وڃن پر جمهوريت جو اهو طريقو، انتهائي ڏکيو هجڻ جي ڪري عملي طرح هلائڻ ۾ مشڪلاتون ۽ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. هر فيصلي تي عوامي راءِ وٺڻ هڪ ته عملي طور مشڪل هو ۽ ٻيو ته فوري نوعيت جي فيصلن تي جيستائين عوامي راءِ اچي تيستائين فوري طور عمل ڪرڻ ممڪن نه هو. ان ڪري دنيا اندر سڌي جمهوريت جي ڀيٽ ۾، اڻ سڌي جمهوريت ۾، عوام پنهنجا فيصلا، اڪثريت راءِ سان ڪندا آهن، جيئن ته انهن نمائندن کي عوامي اڪثريت جي حمايت حاصل هوندي آهي، ان ڪري انهن ادارن جا ڪيا فيصلا، عوامي فيصلا تصور ڪيا ويندا آهن. جمهوريت جي ان طريقيڪار ۾ حڪومتي معاملن کي اڪلائڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي آهي. البت ڪڏهن ڪڏهن انتهائي سنجيده ۽ گڏيل قومي مفادن جي مسئلي تي، جتي عوام جي سڌي راءِ جي خاص ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي اتي انهن مسئلن تي عوام جا چونڊيل ادارا، جيڪڏهن ضروري سمجھن ته ريفرينڊم وسيلي، سڌي عوامي راءِ حاصل ڪري سگهن ٿا. جمهوريت ۾ عوام پنهنجي مرضي ۽ ارادي سان پنهنجن نمائندن جي چونڊ ڪندو آهي عوام جا چونڊيل اهي نمائندا ضروري ناهي ته سماج جي مختلف شعبن جهڙوڪ: سياسيت، اقتصاديات ۽ بين الاقوامي تعلقات وغيره جا ماهر هجن، ان ڪري عوام جا چونڊيل اهي نمائندا، عوامي ادارن ۾ پهچڻ کانپوءِ ملڪي معاملات هلائڻ لاءِ جيڪي فيصلا ڪندا آهن. انهن ۾ فني اعتبار کان ڪن غلطين ٿيڻ جا امڪان موجود ٿي سگھن ٿا. انهن فني غلطين کي درست ڪرڻ ۽ غلطين جا امڪان
    نالي سان هڪ الڳ ادارو به قائم ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ تجريبڪار (Senate)روڪڻ لاءِ اڪثر جمهوري ملڪن ۾ ايوان بالا
    ملڪي مسئلن کي هلائيندڙ سياسي مسئلن جا ماهر ميمبر طور Techcrotates سياستدان، اقتصاديات جا ماهر ۽ پنهنجن شعبن جا ماهر
    چونڊيا ويندا آهن، جن جو مقصد عوامي نمائندن جي طرفان ڪيل فيصلن جو تنقيدي جائزو وٺي انهن فيصلن مان پيدا ٿيندڙ فني غلطين جي نشاندهي ڪرڻ هوندو آهي. انهيءَ اداري جو مقصد اهو هوندو آهي ته عوامي نمائندن کان ڪي اهڙا فيصلا نه ٿي وڃن جيڪي اڳتي هلي فني غلطين سبب ملڪي معاملن ۾ انتشار يا ڏکيائين جو سبب بنجن، جيئن ته جمهوريت ۾ سمورا اختيار عوام جي هٿن ۾ هوندا آهن ۽ عوام پنهنجا اهي اختيار پنهنجي چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪندو آهي. ان ڪري ايوان بالا جا فيصلا، عوامي نمائندن جي فيصلن تي ڪنهن به معنيٰ ۾ فوقيت نه رکندا آهن، ايوان بالا جو ڪم، صرف ايوان نمائندگان جي ڪيل فيصلن جو جائزو وٺڻ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ فني غلطين جي سڌاري لاءِ پنهنجون سفارشون ايوان نمائندگان ڏانهن موڪليندو آهي ته جيئن ايوان نمائندگان انهن سفارشن جي روشني ۾ جيڪڏهن ضروري سمجھي ته پنهنجن فيصلن ۾ تبديلي ڪري. هر لحاظ کان فيصلن ۾ تبديليون ڪرڻ يا ساڳئي فيصلي کي قائم رکڻ جو اختيار وري به ايوان نمائندگان کي ئي هوندو آهي.
    هر سماج کي عليحده اقتصادي نظام سان گڏ عليحده سياسي نظام به ٿيندو آهي. جمهوريت پنهنجي جوهر ۾ سرمائيداري جو سياسي نظام آهي، جڏهن ته جاگيرداري جو سياسي نظام شهنشاهيت وارو آهي. جاگيرداري سماج جي اوسر وقت، شهنشاهيت جو سياسي نظام، يقينن پنهنجي دئور جو ترقي پسند نظام هو. پر وقت گذرڻ کانپوءِ سماجي زندگي جي پيچيده ٿيڻ، آبادي جي وڌندڙ دٻاءُ ۽ پيداواري رشتن جي بتدريج ترقي، شهنشاهيت ۽ سماج وچ ۾ اختلافن جي شروعات ڪئي اهي اختلاف اڳتي هلي سماجي بغاوتن ۽ شهنشاهي نظام جي غلطڪارين خلاف احتجاجن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا، جيئن ته ان وقت ڪو متبادل سياسي نظام ڪو نه هو، ان ڪري ان وقت جي ڏاهن، ان نظام جي سياسي غلطين کي درست ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، 16 ۽ 17 هين صدي ۾ برطانيا جي اندر شهنشاهيت جي خلاف ٿيندڙ طويل خانا جنگين جو سلسلو انهن اختلافن جي ڪڙي هو. برطانيا ۾ ٿيندڙ انهن خانا جنگين کي ڪن سياسي مفڪرن، شهنشاهيت جي اختيارن جي محدوديت ۽ جمهوري سرشتي وڌڻ ڏانهن ابتدائي ڏاڪو قرار ڏنو. برطانيا ۾ ٿيندڙ انهن خانا جنگين جي نتيجي ۾ ان وقت جي سياسي مفڪر ٿامس هابس جيڪو نظريو پيش ڪيو، ان کي “پهرئين سماجي عهد نامي طور” علم سياست ۾ تسليم ڪيو ويو جيئن ته ان وقت متبادل سياسي نظام لاءِ گھربل لوازمات ڀرپور انداز ۾ موجود ڪونه هئا، ان ڪري ٿامس، برطانيا جي خانا جنگين کي روڪڻ لاءِ پنهنجي “سماجي عهد نامي واري نظريي” ۾ شهنشاهيت کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿامس جي سماجي عهد نامي موجب جڏهن سماج پنهنجا اختيار وقت جي حاڪم ڏانهن منتقل ڪيا ته اختيارن جي اها منتقلي مسقل هئي ۽ سماج انهن اختيارن کي واپس وٺي نٿي سگھيو، جيئن ته سماج پنهنجا سمورا اختيار رضاڪارانه طور حاڪم جي حوالي ڪيا هئا، ان ڪري وقت جي حاڪم کي انهن اختيارن کي استعمال ڪرڻ جو پورو حق حاصل هو.
    ان جي برعڪس 18 هين صدي ۾ تجارتي سرمايو تمام گھڻي اوسر ڪري آيو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ يورپي قومن طرفان ڪالونيون قائم ڪرڻ جي ڪري هڪ طرف ته تجارتي سرمايو مضبوط ٿيو ۽ ٻئي طرف ان سياسي طرح پنهنجي حيثيت کي مڃرائڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي تجارتي سرمايي جي مضبوط ٿيڻ سان صنعتي سرمايي جي اوسر به يورپ اندر شروع ٿي ان کان علاوه تجارتي سرمايي جي اوسر سان، يورپ جي معاشري ۾ وچولي طبقي جو به ظهور ٿيڻ شروع ٿيو. وچولو طبقو نه صرف ننڍڙي واپاري جي حيثيت ۾ پر لکيل پڙهيل طبقي جي حيثيت سان به وجود ۾ آيو، ان لکيل پڙهيل طبقي قانونداني ادب ۽ فلاسافي جي اندر انقلابي تبديليون آڻڻ شروع ڪيون، اهي انقلابي تبديليون پوري سماج تي اثر انداز ٿيڻ شروع ٿيون. وچولي طبقي ۽ تجارتي سرمايي جي جڙڻ سان هڪ اهڙي قوت وجود ۾ آئي جيڪا سياست اندر پنهنجو عمل دخل چاهي پئي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته متبادل سياسي نظام لاءِ گھربل لوارزمات جڙڻ شروع ٿي ويا، عين انهيءَ دئور ۾، جان جيڪس روسو، ”سماجي عهدنامي جو نئون نظريو“ پيش ڪيو. جنهن ۾ هن اها راءِ پيش ڪئي ته سماج پنهنجي گڏيل راءِ سان، حاڪم وقت جي چونڊ ڪرڻ وقت جيڪي اختيار هن کي تقويض ڪيا هئا، اهي اختيار حاڪم، ان وقت تائين استعمال ڪرڻ جو اهل آهي، جيستائين سماج، انهن اختيارن کي استعمال ڪرڻ جي گڏيل رضامندي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن سماج چاهي ته گڏيل راءِ سان ڏنل اهي اختيار، گڏيل راءِ سان واپس به وٺي سگھي ٿو. سماج جي گڏيل راءِ وارو حق ڪڏهن به ”گڏيل راءِ عاما جو نظريو“ قرار ڏنو ويو. روسو جي گڏيل راءِ عامه جي انهي-Theory of general willختم نٿو ٿئي. ان کي رُوسو جي
    نظريي، سياست جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو انقلاب فرانس روسو جي انهن سياسي نظرين کان گھرو تاثر ورتو ۽ فرانس جي انقلاب يورپ جي قومن لاءِ سوچ جا نوان دروازا کولي ڇڏيا. سڀ کان پهرين گڏيل راءِ عامه سان گڏ بنيادي جمهوري حق، آمريڪا جي ”آزادي واري پڌرنامي“ ۽ فرانس جي ”شهري حقن“ جي پڌرنامن ۾ تسليم ڪيا ويا بنيادي جمهوري حقن ۾ قانون جي برابري سڀني شهرين لاءِ سڀني شهرين جي جان ۽ مال جي قيمت قانون جي نظر ۾ برابر هجڻ کان علاوه اظهار راءِ جي آزادي، جنهن ۾ تحرير ۽ تقرير جي آزادي شامل هيون.
    انهن بنيادي جمهوري حقن، خصوصن اظهار راءِ جي آزادي جي حق جو اصل مقصد اهو هو ته معاشري جا اڪابر ماڻهو جن ۾ اديب، دانشور، فلسفي ۽ تجربيڪار سياستدان پنهنجي تجزيي ۽ ڏاهپ جي روشني ۾ حۡڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ڪندي نه صرف بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجا رايا ۽ تخليقي خيال پيش ڪن جن جي روشني ۾ نه صرف حڪومت پنهنجي پاليسين کي بهتر بڻائي سگهي پر ان سان گڏوگڏ انهن راين جي روشني ۾ سماج کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ان ڏس ۾ موجوده دئور ۾ خصوصن صحافت ۽ پريس جو ڪردار اهم جڙي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهن راين ۽ تخليقن جي تشريح ۽ ترويج ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار بنيادي آهي. جيڪڏهن ميديا، سماج ۽ رياستي پاليسين کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ايمانداري سان ادا ڪرڻ جي بجاءِ ڌر بڻجي ڪنهن خاص نظريي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ته معاشرو اصلاح جي بجاءِ وڌيڪ انتشار ۽ بگاڙ جو شڪار ٿيندو. ڳالهه صرف پڌرنامن ۾ بنيادي جمهوري حق طئي ڪرڻ جي ناهي، پر ڳالهه انهن بنيادي جمهوري حقن جي صحيح استعمال جي آهي. جيڪڏهن انهن جو استعمال غلط ٿيو ته جن مقصدن لاءِ اهي بنيادي جمهوري حق معاشري کي ڏنا ويا، اهي مقصد ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگھندا.
    جيسيتائين گڏيل راءِ عامه ۽ بنيادي جمهوري حن جو تعلق آهي ته اهي حق معاشري کي پڌرنامن لکڻ سان فورن ڪو نه مليا پر ان لاءِ مسلسل ۽ طويل جدوجهد جاري رهي. ان حد ٿائين جو شروعاتي دئور ۾ گڏيل راءِ جو جمهوري حق، بورزوا ۽ وچولي طبقي پاڻ تائين محدود رکيو ۽ عام ماڻهو کي ان ۾ شامل نه ڪيو. آمريڪا سميت، جيڪو جمهوريت جو سڀ کان وڏو چيمپئن آهي، لڳ ڀڳ يورپ جي سڀني ملڪن ۾ راءِ جو حق صرف انهن ماڻهن کي حاصل هوندو هو جن کي ملڪيتون هونديون هيون ۽ اهي انهن ملڪيتن تي حڪومت کي ڍل يا ٽيڪس ڀري ڏيندا هئا. 1880ع تائين آمريڪا ۾ اهوئي نظام رهيو ۽ 1880ع ۾ آئيني ترميم ڪرڻ کانپوءِ گورن سان گڏ ڪارن، صاحب ملڪيت ماڻهن کي به راءِ ڏيڻ جو حق حاصل ٿيو پر پوءِ به اهو حق صرف معاشري جي مردن تائين محدود هو. آمريڪا ۾ 1920ع ۽ فرانس ۾ 1944ع ۾ عورتن کي حق راءِ دهي ۾ شامل ڪيو ويو ٻين لفظن ۾ 20هين صدي جي وچ تائين عورت کي سماج جو شهري ئي تسليم نه ڪيو ويو. بالڪل ساڳي ريت بنيادي جمهوري حق، مختلف پڌرنامن ۽ ٺهرائن ۾ منظور ته ڪيا ويا آهن پر انهن جي حق جي مڪمل استعمال تي پابنديون اڃا لاڳو آهن، جن جي مڪمل آجپي لاءِ سماج جدوجهد ڪندو اچي ٿو ۽ جدوجهد ڪندو رهندو.
    بر صغير ۾ جمهوري عمل جي شروعات برطانوي راڄ ۾ ٿي. 1857ع جي جنگ آزادي کانپوءِ تاج برطانيا بغاوت کي ته ڪنٽرول ڪري ورتو پر هڪ ڳالهه برطانوي حاڪمن کي خاص طور محسوس ٿيڻ شروع ٿي ته مقامي ماڻهن کي حڪومتي معاملن ۾ شريڪ ڪرڻ کانسواءِ جيڪڏهن هندستان تي راڄ ڪيو ويو ته اهڙي قسم جي بغاوت ٻيهر ڀڙڪي سگهي ٿي. ان ڪري برطانوي راڄ کي ڊيگھ ڏيڻ ۽ هندستاني ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ تاج برطانيا 1861ع ۾ هڪ ايڪٽ پاس ڪري ان ڳالهه جي منظوري ڏني ته هندستانين کي حڪومتي ۾ نمائندگي ڏني وڃي. 1880ع ۾ هڪ ٻيو ايڪٽ منظور ڪري هندستان(Provinical Councils)۽ (Executive Council)معاملن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ
    ۾ سياسي پارٽين کي ٺهڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هندستان اندر ٻه وڏيون سياسي جماعتون، پهرين انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ وجود ۾ آيون. حڪومت اندر نمائندگي جي ان سرشتي ۾ ووٽ جو حق صرف ملڪيت رکندڙ ماڻهن کي ڏنو ويو، جيڪي سرڪار کي ڍل يا ٽيڪس جي شڪل ۾ مخصوص رقم ڀري ڏيندا هئا. ان دئور ۾ جيئن ته تجارتي سرمايو ۽ صنعتي سرمايو ٻئي برطانوي ڪنٽرول ۾ هئا، انهي ڪري مقامي سطح تي نمائندگي گھڻي ڀاڱي جاگيردار کي ملي. جيئن ته جمهوري نظام جاگيرداري مزاج مطابق نه هو، ان ڪري برصغير ۾ نه ئي صحيح جمهوري قدر ترقي وٺي سگھيا ۽ نه ئي صحيح طرح بنيادي جمهوري حق بحال ٿي سگھيا. 19هين صدي جي آخر 20هين صدي جي شروعات ۾ برصغير اندر مقامي سرمائيدار اڀرڻ شروع ڪيو. مقامي سرمائيدار جي اڀرڻ سان جاگيردار کي حڪومتي ادارن اندر پنهنجو وجود خطري ۾ اچڻ محسوس ٿيو. گڏيل هندستان ۾ مقامي سطح تي سرمائيدار جي اوسر گھڻي ڀاڱي هندو آبادي ۾ ٿي ڇو ته هندستان تي مسلسل مسلمانن جي بادشاهت مسلط رهڻ ڪري وڏيون وڏيون جاگيرون مسلمان آبادي جي هٿ هيٺ هيون. هندو گھڻي ڀاڱي نوڪري پيشا، هلڪي قسم جي زمينداري يا واپار تائين محدود هئا هندو آباديءَ جي سرمائيداريءَ ۾ اوسر سان گھڻي ڀاڱي مسلمان جاگيردار متاثر ٿيو. انڪري مسلمان جاگيردار پنهنجي سياسي وجود کي بچائڻ لاءِ انگريز کان هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ هندستان پاڪستان جي نالن سان ٻه الڳ الڳ ملڪ وجود ۾ آيا، جيئن ته هندستان ۾ سرمائي جي اوسر شروع ٿي چڪي هئي ان ڪري هندستان جي آزادي کانپوءِ مقامي سرمائيدار جو سياست ۾ عمل دخل وڌڻ شروع ٿيو. هندستاني سياست ۾ سرمائيدار جي وڌيل اثڙ رسوخ جو نتيجو اهو نڪتو جو سرمائيداري جي مضبوط ٿيڻ سان هندستان اندر جمهوري قدر به مضبوط ٿيا، اهو ئي سبب آهي جو هندستان جي 65 سالا تاريخ ۾ هندستاني سياست ڪڏهن به مارشل لا نه ڏٺي آهي ان جي برعڪس پاڪستان جي سياست تي جيئن ته جاگيردار جو قبضو رهيو ۽ جمهوريت جاگيرداري مزاج وٽان نه هجڻ جي ڪري پاڪستاني سياست پنهنجي 65 سالا عرصي ۾ گھڻي ڀاڱي جمهوري دئور جي بجاءِ فوجي دئورن ۾ پئي پناهه ورتي آهي. ڇاڪاڻ ته فوجي حۡڪومتون پنهنجي جوهر ۾ آمر هجڻ جي ڪري شهنشاهي نظام جي متبادل هجڻ جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪرڻ جي اهل هونديون آهن، شهنشاهيت جي هڪ خامي اها به آهي ته حڪومت جا سمورا اختيار عدليا، انتظاميا ۽ مقننا سميت هڪ فرد واحد جي هٿ ۾ هوندا آهن، فوجي آمرانه حڪومتن ۾ به هڪ فرد ملڪ جي آئين ۽ قانون جون جڏهن به جنهن وقت چاهي ڌڄيون اڏائي سگي ٿو جڏهن ۽ جنهن وقت چاهي عدليا کي پنهنجي حڪم عدولي تي برخواست ڪري سگھي ٿو. سڌي يا اڻ سڌي ريت عدليا، انتظاميا ۽ مقننا، فوجي آمرن جي محلن جون لونڊيون ٿي رهن ٿيون.
    اهو الميو صرف پاڪستان جي سياست جو ناهي پر ٽين دنيا جي سمورن اهڙن ملڪن جو آهي.جيڪي جاگيرداري نظام جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن. انهن ملڪن جي سياست ۾ مشترڪ قدر اهو به آهي ته انهن ملڪن ۾ بار بار اڀرندڙ فوجي آمريتون پنهنجي مزاج ۽ سوچ جي لحاظ کان لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ٿي رهيون آهن. مثال طور 1977ع ۾ پاڪستان جي فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جيڪي واعدا پاڪستاني عوام سان ڪيا هئا ۽ انهن تي مرڻ گھڙي تائين عمل نه ڪيو هو. ساڳيا ئي لفظ چلي جي آمر جنرل پنوشي پنهنجي عوام کي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ چيا هئا، جنرل پنوشي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”اليڪشن ٽن مهينن اندر ٿيندي“ ٻي تقرير ۾ جنرل پنوشي تي عوامي دٻاءُ پيو ته جنرل پنوشي کليل لفظن ۾ چيو ته “مان مري ويندس، منهنجو جاءِ نشين مري ويندو پر چلي ۾ چونڊون نه ٿينديون”. اهو الميو صرف چلي ۽ پاڪستان جو ناهي پر مشرق وسطيٰ ۾ يا شهنشاهتون آهن يا جمهوريت جي نالي ۾ طويل آمريت، انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو کي هٽائي سوهارتو طرفان آمريت قائم ڪرڻ ۽ بنگلاديش ۾ نئين ڄاول جمهوري حڪومت جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان کي قتل ڪري پوري بي حيائي سان جنرل ضياءُ پاران ملڪ مٿان فوجي آمريت مڙهڻ، ٽين دنيا جي سياسي پسماندگي ۽ جاگيرداري نظام جي جمهوري ڏيوالپڻي جا ڪجهه مثال آهن.
    پاڪستان اندر جمهوري عمل ڪڏهن به مضبوط نه رهيو آهي. پاڪستان ۾ نالي ماتر جيتريون به جمهوري حڪومتون جوڙيون ويون آهن، سواءِ چند حڪومتن جي باقي حڪومتون فوجي سربراه جي ڇانوَ هيٺ ئي جڙيون آهن، مثال طور ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ پاڪستان ۾ ٿيندڙ بنيادي جمهوريت جو تجربو خود هڪ اهڙي صدر کي چونڊڻ جو بنياد بڻيو جنهن ڪڏهن به وردي نه لاٿي.
    1947ع کان 1970ع تائين ووٽ جو حق صرف هڪ اهڙي مراعات يافته طبقي کي هو جيڪو ملڪيت رکندڙ ۽ سرڪار کي ٽيڪس ڀريندڙ هو. 1970ع تائين عام ماڻهو کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم رکيو ويو، 1970ع ۾ پهريون ڀيرو بالغ راءِ دهي جي بنياد تي عام چونڊون ڪرايون ويون. جن جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت به پنهنجي شروعات سويلين مارشل لا سان ڪئي ۽ ملڪ جي عوامي چونڊيل وزير اعظام ذوالفقار علي ڀٽو، چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور ملڪ جو صدارتي عهدو سنڀاليو، ان کانپوءِ قائم ٿيندڙ سموريون جمهوري حڪومتون فوجي ادارن کان ڊڪٽيشن وٺنديون رهيون. علم سياست ۾ ته اهو ئي سمجھايل آهي ته “جمهوريت ۾ طاقت جو سرچشمو عوام هوندو آهي” پر پاڪستان ۾ عملي طرح طاقت جو سرچشمو فوج رهي آهي هن ملڪ ۾ عوام جي چونڊيل ايوانن جو ڪو به تقدس ڪونهي فوجي آمر جڏهن ۽ جنهن وقت چاهين عوام جي چونڊيل نمائندن کي برخواست ڪري اقتدار جو ڌڻِي ٿي ويهي رهن ٿا هونءَ به پاڪستان جمهوري مزاج رکندڙ ملڪ ئي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هي ملڪ قومي جبر ۽ تشدد تي قائم آهي هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي قومن جا بنيادي جمهوري حق ڪڏهن به تسليم نه ڪيا ويا آهن.
    پاڪستان ٺاهڻ وقت پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي 1940ع جي ٺهراءُ ۾ آزاد رياستن جي حيثيت جو دلبو ڏئي شامل ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1940ع جي ٺهراءَ کي آئيني حيثيت ڏيڻ جي بجاءِ برطانوي آقائن جي ٺهيل 1935ع واري ايڪٽ کي ملڪ جي عبوري آئين طور تسليم ڪيو ويو، جنهن ۾ شامل ٿيندر قومن جي رياستي حيثيت جي بجاءِ انهن جي “صوبائي حيثيت” تسليم ٿيل هئي. پاڪستان جي پهرين قائم ڪيل آئين ساز اسيمبلي 1947ع کان 1954ع تائين آئين سازي جو واعدو پورو نه ڪري سگهي. 1954ع ۾ جڏهن خواجه ناظم الدين جي قيادت هيٺ (جنهن جو تعلق بنگال سان هو) آئين ساز اسيمبلي آئيني مسودو تيار ڪرايو ته پنجاب جي گورنر جنرل غلام محمد، خواجه ناظم الدين سان گڏ آئين ساز اسيمبلي کي به برخواست ڪري ڇڏيو. 1954ع جي پهرين چونڊن ۾ پاڪستان اندر قومي تضاد شدت سان اڀري آيو. جنهن جي نتيجي ۾ بنگال جيڪو 1947ع ۾ مسلم ليگ جو ڳڙهه هو، اتي مسلم ليگ کي چونڊن ۾ بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ان جي جڳهه تي اوڀر بنگال ۾ يونائيٽيڊ فرنٽ ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪو صوبائي خودمختياري جو حامي هو، پاڪستان جي آقائن پهرين ٿيندڙ چونڊن جي نتيجن يا ٻين لفظن ۾ پاڪستان جي اندر پهرئين جمهوري عمل کي قبول ڪرڻ جي بجاءِ بنگال تي گورنر راڄ مڙهي ڇڏيو. ان کانپوءِ پاڪستان ۾ نالي ماتر جمهوريت صرف فوجي آمرن جي ڇانو هيٺ پلجندي رهي 1970ع جي ٻين عام چونڊن ۾ قومي تضاد کي ايتري شدت سان واضع ڪري وڌو جو بنگال ۾ عوامي ليگ جي ڀاري اڪثريت سان ڪاميابي، پنجابي اسٽيبلشمينٽ جا حواس بتال ڪري ڇڏيا، پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٻئي جمهوري عمل کي به آقائن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. 1970ع جي چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان کي اقتدار ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. هڪ دفعو ٻيهر فوجي آمر ٽڪا خان جي ذريعي بنگال تي گورنر راڄ مسلط ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ٻه ٽڪر ٿيڻو پيو، پنجابي اسٽيبلشمنيٽ جي بدنيتي اها آهي ته 1940ع جي قرارداد ۾ ته برابري جي اصول کي قبول ڪيو ويو پر برابري جو (Party) اصول اوڀر ۽ اولهه پاڪستان تي لاڳو ڪرڻ جي باوجود اولهه پاڪستان جي قومن، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي ڪڏهن به
    جي بنياد تي برابر جي نمائندگي نه ڏني وئي. بنگال جي ٽٽڻ کانپوءِ اهو ڪنڊو مستقل طور تي پنجاب جي دل مان نڪري ويو. ان کانپوءِ ڪڏهن به برابري جي بنياد تي چونڊون ڪرائڻ جي اصول کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي آهي. 1970ع کانپوءِ ٿيندڙ آبادي جي بنياد تي سموريون چونڊون به پنجاب جي نڙي ۾ اڻڀي گرهه وانگر اٽڪنديون رهيون آهن، خود 1985ع ۾ ٿيندڙ غير جماعتي چونڊون به پنجابي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ قومي تضاد کي دٻائڻ ۾ سازگار نه ٿي سگھيون پنهنجي پسند جا نمائندا چونڊڻ جي ايوارڊ جو مسئلو، پوري شدت سان اُڀري آيو، نتيجي طور مرڪز سميت صوبائي اسيمبليون ۽ ان وقت جيNFCباوجود سنڌ اسيمبلي ۾ شريف ترين وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جيڪو پنجاب جي لاءِ ڳورو ثابت ٿيو، کي برخواست ڪري گھر موڪلڻو پيو. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جو شريف ترين وزير اعظم به قومي تضاد جي حوالي سان پنجاب کان برداشت نٿو ٿئي ظفر الله خان جمالي جي مثال اهو ثابت ڪيو ته ننڍي صوبي جو ڪوبه وزير اعظم پنجاب کان برداشت ٿيڻ مشڪل آهي، چاهي اهو ڪيترو به فرمانبردار ڇو نه هجي. 1988ع جي چونڊن قومي تضاد کي ايتري شدت سان ظاهر ڪيو جو ڪالا باغ ڊيم جي سوال تي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ پنجاب جي حصن ۾ باضابطا طور ورهائجي وئي. اهو تضاد جڏهن سادي نموني حل ٿيندي نظر نه آيو ته بنا ڪنهن جواز ۽ بنا ڪنهن پيشگي اشاري جي، 1988ع جي چونڊيل اسيمبلين کي راتورات برخواست ڪيو ويو. ان کانپوءِ پنجابي اسٽيبلشمينٽ چڱي ريت سمجھي ڇڏيو آهي ته جڏهن به غير جانبدارنه ۽ منصفانا بنيادن تي چونڊون ٿيون تڏهن اسيمبليون قومي تضاد جي بنياد تي قومن کي ورهائڻ جو سبب بڻجي ويندون ان تجزيي کانپوءِ ملڪي ايجنشين جي اها ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته پيپلز پارٽي کي ڪنهن به طريقي سان سنڌ ۾ متبادل سياسي قوت جوڙي ڪائونٽر ڪيو وڃي پر پنهنجي ڀرپور ڪوششن جي باوجود اڃان تائين اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي جي ووٽ بئنڪ کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سائين جي ايم سيد جو چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ وارو فيصلو ان معنيٰ ۾ درست نظر اچي ٿو ته باوجود پنجاب سان ڀرپور وفادارين جي جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي عوامي ايوانن ۾ جڳهه نٿي ڏني وڃي ته يقينن قومپرستن کي ڪنهن به معنيٰ ۾ پارليامينٽ اندر برداشت نه ڪيو ويندو. اهو ملڪ جتي جمهوريت خود ملڪي ڪر تائن ڌرتائن جي محتاج هجي، اتي جمهوري طريقي سان قومي حق حاصل ڪرڻ جيڪڏهن ناممڪن ناهي ته بيحد مشڪل ضرور آهي. جمهوريت سٺو نظام سهي پر پاڪستان ۾ ڪو به ڦل ڏئي نٿو سگھي، البت آزاد سنڌو ديش ۾ جيڪڏهن ان کي پنهنجي روح جي سچائي سان عمل ۾ آندو وڃي ته ڪي بَهتر نتيجا نڪري سگھن ٿا.
    اتي هڪ ٻيو بحث ضرور پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پاڪستان اندر قومي تضاد کي جمهوري عمل ذريعي حل ڪرڻ جو ڪو امڪان باقي رهي ٿو يا نه؟ جيستائين امڪان جو تعلق آهي ته فلسفي جي علم ۾ ٻن قسمن جا امڪان ٿيندا آهن، هڪ امڪان صادقا ۽ ٻيو امڪان مجرد. امڪان صادقا اهو امڪان هوندو آهي ته حالتون ان امڪان جي ڀرپور حمايت ڪنديون آهن ۽ ان جي صداقت ٿيڻ ۾ ڪو ٿورو وقت باقي رهيل هوندو آهي مثال طور ڪنهن ڳورهاري عورت جي ڳورهاري ٿيڻ کانپوءِ ان جو امڪان يقيني ٿي ويندو آهي ته ان کي ٻار ڄمندو ۽ 99 سيڪڙو اهڙا امڪان صداقت جو روپ به وٺندا آهن، جڏهن ته هڪ سيڪڙو اهو امڪان به هوندو آهي ته ٻار ڄمڻ کان اڳ ڇڪي اچي وڃي، ٻار ڄمڻ جي امڪان کي امڪان صادقا ۽ ڇڪي اچڻ کي امڪان، مجرد ڪوٺي سگھجي ٿو امڪان مجرد مان مراد اهو امڪان هوندو آهي جيڪو حالتن ۾ الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلو هوندو آهي ۽ انکي حالتن اندر ڪا به سازگار حمايت حاصل نه هوندي آهي پر جيڪڏهن امڪان مجرد کي سازگار حالتون مهيا ٿي وڃن ته اهو امڪان صادقا ۾ بدلجي ويندو مثلن ڪنهن ڳورهاري عورت کي اهڙيون علامتون اچڻ شروع ٿي وڃن جنهن سان ڇڪي اچڻ جي پڪ ٿي وڃي ته ڇڪي وارو امڪان (امڪان مجرد) امڪان صادقا بنجي ويندو ۽ ٻار جو بچي وڃڻ ۽ صحيح حالت ۾ ڄمڻ امڪان مجرد بڻجي ويندو، بالڪل ساڳي ريت پاڪستان اندر جمهوري عمل وسيلي قومي تضاد جو حل ٿيڻ امڪان مجرد ته ٿي سگھي ٿو پر گذريل 65 سالن ۾ ڪڏهن به امڪان صادق جي شڪل ۾ ظاهر نه ٿيو آهي. اڃا تائين قومي تضاد جي پارلياماني ذريعي حل ٿيڻ جي لاءِ پاڪستاني سياست ۾ ڪي به سازگار حالتون نطر ڪونه ٿيون اچن، جيڪي ان کي يقيني بڻائي سگھن. ان جي برعڪس پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ هميشه اهڙيون پاليسيون جوڙيون آهن، جن ۾ جمهوري عمل وسيلي قومي تضاد جي حل ٿيڻ جون راهون بند ٿينديون رهيون آهن مثال طور قومن جي آزاد رياستن جو انڪار ڪري انهن کي صوبن جي حيثيت ڏيڻ 1940ع جي قرارداد ۾ مڃيل برابري جي نمائندگي کي پنهنجن مفادن تحت تبديل ڪري آدمشماري جي بنياد تي نمائندگي ڏيڻ واري اصول کي ملڪي آئين ۾ جڳهه ڏيڻ، اهڙيون ڳالهيون آهن جو جيڪڏهن قومپرست ڀرپور اڪثريت سان پرليامينٽ ۾ کٽي به اچن، تڏهن به پنجاب جو واحد صوبو ٽنهي صوبن جي گڏيل فيصلي کي رد ڪرڻ جيتري اڪثريت رکي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايوانن اندر جمهوريت جي اڪثريتي راءِ واري اصول تحت قومي مسئلن کي جمهوري ايوان ۾ حل ڪرڻ جو امڪان، ڀاري اڪثريت حاصل ڪرڻ جي باوجود به امڪان مجرد ئي رهي ٿو. خود اوڀر بنگال ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي ته بنگال وٽ اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کان وڌيڪ اڪثريت هجڻ جي باوجود ان کي جمهوري ايوانن ۾ ويهي، جمهوري طريقي سان قومي سوال حل ڪرڻ جوبه موقعونه ڏنوويو.ان صورتحال۾جمهوري طريقي سان قومي سوال حل ڪرڻ جوامڪان پاڪستان اندر امڪان مجرد ئي نظر اچي ٿو.ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سياسي دوست ان جو متبادل رستو ٻڌائن ٿا ته ملڪ اندر آئين ساز اسيمبلي جي چونڊن جو مطالبو ڪيو وڃي جيڪا ملڪ جو نئون آئين ٺاهي ۽ سڀني قومن کي برابري جي بنياد تي ايوانن ۾ نمائندگي ڏياري وڃي. ان طريقي سان جڏهن سڀئي قومون برابري ۾ هونديون ته اهي اسيمبلي اندر قومي تضاد کي اڪثريتي راءِ وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگھن ٿيون.
    اهڙي قسم جو فارمولا ۽ ان کان به وڌيڪ مضبوط فارمولا 1970ع جي چونڊن ۾ شيخ مجيب الرحمان عوامي ليگ جي پليٽ فارم تان ڏنو هو، پنجابي اسٽيبلشمينٽ ان فارمولا تحت چونڊون ڪرائڻ جي باوجود عوامي ليگ کي انهن بيادن تي نئين آئين سازي ڪرڻ کان انڪار جي صورت ۾ ان تي فوجي طاقت (Deal) ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ اقتدار ڏيڻ کان اڳ ۾ شيخ مجيب الرحمان سان اها استعمال ڪئي. سوال صرف اهو ناهي ته اسيمبلين ۾ برابري قائم ڪرڻ سان، سياست اندر توازن قائم ٿي ويندو. پر سوال اهو آهي ته ملڪ جا اهي سگھارا ادارا جيڪي ملڪي سياست کي هميشه پنهنجي تابع رکيو آيا آهن، انهن ۾ توازن قائم ڪرڻ کانسواءِ ادارا مفلوج ۽ بي معنيٰ ٿي ويندا آهن پنجابي اسٽيبلشمينٽ جي طاقت اسيمبلين کان وڌيڪ فوجي قوت اندر آهي، هونئن به سياست جي علم ۾ سياست اندر اختيار سڀ ڪجهه نه هوندو آهي پر ان سان گڏ اٿارٽي ۽ اقتدار اعليٰ جي به ضرورت پوندي آهي برابري جي بنياد تي جڙيل اسيمبلين ۾ پهچڻ سان قومن کي سياسي اختيار ته ملي سگھي ٿو پر ان اختيار کي عملي شڪل ۾ نافذ ڪرڻ لاءِ اٿارٽي جي ضرورت پوندي آهي. اٿارٽي سگهارن ادارن جي شڪل ۾ پنجاب وٽ آهي ۽ سواءِ مڪمل اٿارٽي جي ملڪي فريم ورڪ کي تبديل ڪرڻ هڪ سٺو خيال ته ٿي سگھي ٿو پر ان جي عملي شڪل شايد ممڪن نه رهي، ڇو ته پنجابي اسٽيبلشمينٽ مظلوم قومن جو جيڪو به استحصال ڪري ٿي اهو موجوده فريم ورڪ جي وسيلي ئي ڪري ٿي جيڪڏهن اهو فريم ورڪ ٽٽي پوي ته استحصال جا سڀ بنياد ختم ٿي ويندا آهن ان ڪري ان فريم ورڪ کي ٽوڙڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو ملڪ کي ٽوڙڻ ڇو ته قومي جبر ۽ تشدد جو هي فريم ورڪ صرف پاڪستان ۾ قائم ناهي پر دنيا جي سمورن اهڙن (گھڻ قومي) وفاقن ۾ قائم آهي جن ۾ قومي جبر ۽ تشدد ٿئي ٿو. هن مهل تائين دنيا ۾ ”قومي تضاد“ جو حل سواءِ رياست جي فريم ورڪن کي تبديل ڪرڻ جي نه ٿيو آهي ڇو ته دشمن تضاد ڪڏهن به افهام تفهيم سان حل نه ٿيندا آهن جيئن ته ”قومي تضاد دشمن تضاد“ آهي، ان ڪري افهام و تفهيم وسيلي هن تضاد کي حل ڪرڻ جا سمورا طريقا سائنس جي روشني ۾ امڪان مجرد آهن ۽ اهي موقعي پرستي ڏانهن وٺي ويندا، تنهن ڪري دنيا اندر قومي سوال ڪڏهن به افهام ۽ تفهيم ذريعي حل نه ٿيو آهي ۽ هتي به نه ٿيندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567571
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216109
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ