ڪتاب جو نالو: گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)
مصنف: سعد الله ”سپاهي“ ابڙو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1961
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 24 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 437 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 268 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)“ نصرپور سان تعلق رکندڙ استاد، شاعر، اديب ۽ قلمڪار محترم سعد الله ”سپاهي“ ابڙو جو لکيل ناول آهي جيڪو 1961ع ۾ ڇپايو ويو.
سائين محمد خان خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، سندس ٿورائتا آهيون جو پاڻ هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • گلبهار عرف ٻه معصوم مکڙيون
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • انتساب
  • پنهنجي پاران
  • حاجي سعدالله ”سپاهي“ ابڙو
  • ناول

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15

  • گلبهار عرف ٻه معصوم مکڙيون

    گلبهار

    عرف

    ٻه معصوم مکڙيون

    (ناول )


    سعد الله ”سپاهي“ ابڙو


    ڪمپوزنگ : خادم گهراڻو


    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (314) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)“ نصرپور سان تعلق رکندڙ استاد، شاعر، اديب ۽ قلمڪار محترم سعد الله ”سپاهي“ ابڙو جو لکيل ناول آهي جيڪو 1961ع ۾ ڇپايو ويو.
    سائين محمد خان خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، سندس ٿورائتا آهيون جو پاڻ هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿن.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    اهو فطرتي اصول آهي، جو ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون انسانن کي ڏاڍو مزو ڏينديون آهن. ڪٿي ڪا ڪچهري لڳندي آهي ته اتي ڪانه ڪا ڪهاڻي شروع هوندي آهي. انهن ۾ به خاص ڪري بادشاهن جون ڳالهيون زياده بيان ڪيون وينديون آهن پوءِ اهي ڪوڙيون هجن يا سچيون.
    انهيءَ خيال سان هڪ بالڪل سچو تاريخي،دردناڪ داستان هن ناول ۾ آڻي رهيو آهيان، جنهن ۾ مزو ۽ رس هڪ طرف ته نصيحت ۽ عبرت ٻئي پاسي موجود آهي.
    ڪنهن پارسي واري ڪهڙو نه سٺو چيو آهي :
    تازه خواهي داشتن گر داغهائي سينه را
    باز مبجزان دمبدم اين قصه پارينه را
    ترجمو : جي سيني جو درد تازو ڪرڻ گھرين ٿو ته پراڻا تاريخي قصا وري پيو پڙھ تاريخ ۾ اسانجي سلف صالين جا سچا ۽ عبرتناڪ قصا موجود آهن، جن جي پڙهڻ سان اسين به پنهن جي وڏن وانگر بهادر، بي ڊپا ۽ ڏک سک ۾ صابر ٿي سگھون ٿا. هڪ سج ٻه پاڇا آهي اهي ساڳيا جي عالم شاھ هئا، سي اڄ گدا آهن. انڪري اهڙي بيوفا دنيا تي ڀروسو ڪرڻ اجايو آهي.


    انتساب

    منهنجي ٻن معصوم مکڙين زليخا ۽ اقبال جي نالي جي غنچه بنجڻ کان مرجھائجي ويون.

    باغ دنيا ۾ سدائين گل ڪئين آيا ويا،
    آھ ارمان تن مٿي جي بن کلئي ڪومائيا
    ڪين ورتو واس جن جو بلبلين ۽ باغبان
    موت تي انهن سندي ٿو رت روئي آسمان.


    پنهنجي پاران

    هي ناول نصرپور جي استاد، شاعر، اديب ۽ قلمڪار محترم سعد الله سپاهي ابڙو جن جو لکيل آهي. جيڪو سائين جن 1961 ع ۾ لکيو هو. هن ناول تي ڪنهن به ڇپائيندڙ جو نالو لکيل نه آهي جنهن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته سائين جن اهو ناول پاڻ ڇپايو هو. هن ناول جي باري ۾ هڪ محترم استاد ٻڌايو. ان سان گڏ هڪ ٻئي ڪتاب جي باري ۾ به ٻڌايو جنهن جو نالو عروس القرآن آهي، جيڪو قرآن شريف جي سورة الرحمان جو منظوم ترجمو آهي. جنهن جي ڳولا ڪريان پيو جيئن اهو ڪتاب مليو ته اهو به سنڌ سلامت جي دوستن ذريعي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪبو. هڪ ڪتاب مليو هو جيڪو تمام ضعيف هو جنهن مان ڪابه عبارت صحيح نموني پڙهڻ ۾ نه اچي رهي هئي. هن ناول جو ذڪر سائين جن جي فرزند محمد وسيم عرف شرجيل ابڙو سان ڪيم. جنهن هن ڪتاب کي ڳولڻ ۽ ڪجھه وقت ڏيڻ جي حامي ڀري. جيئن هيءُ ڪتاب مليو ته مون کي ٻه ڏينهن موڪل به هئي جنهن جو فائدو وٺندي هن کي ڪمپوزنگ ڪرڻ شروع ڪيم. هيءُ هڪ بهترين ناول آهي جنهن ۾ محترم سعدالله سپاهي جي شاعري به موجود آهي. جيئن ته ڪتاب تمام پراڻو آهي ان جي ڪمپوزنگ بلاڪ اکرن تي ڪيل آهي جنهن ڪري ڪٿي ڪٿي لفظ مشڪل پڙهڻ ۾ آيا ٿي هن ۾ جيڪي شاهه سائين جا بيت آهن انهن کي محترم شيخ اياز جو ترتيب ڏنل شاھ جي رسالو جيڪو سنڌيڪا وارن ڇپايو ۽ محترم ڪلياڻ آڏواڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جيڪو ثقافت کاتو حڪومت سنڌ طرفان شايع ٿيل آهي ڏسي لکيم پر ڪجھه بيت نه مليا جيڪي سائين جي ناول وارا ساڳيا ڪمپوز ڪيا ويا آهن. منهنجي ڪوشش آهي ته نصرپور جا جيڪي پراڻا اديب شاعر هئا انهن جا ڪتاب هٿ ڪري اڳيان آڻجن هن کان اڳ گل نصرپوري جو ناول درياءَ جي ڪپ تي اپلوڊ ٿي چڪو آهي هيءُ ٻيو ناول آهي. هيءُ ناول دوستن کي ڪيئن لڳو دوستن جي راين جو انتظار رهندو .


    خادم گھراڻو
    مٽياري چؤنڪ نصرپور
    فون نمبر 03113272427


    حاجي سعدالله ”سپاهي“ ابڙو

    نصرپور جو شاعر اديب، استاد ۽ ناول نگار
    حاجي سعدالله ”سپاهي“ ابڙو


    نصرپور سنڌ جو هڪ اهڙو تاريخي شهر آهي جنهن جي سر زمين تي هر دور ۾ عالم اديب شاعر مفڪر جنم وٺندا رهيا آهن.جن جي ادب جي ميدان ۾ روشن ڪيل لاٽ اڄ به چمڪاٽ ڪري رهي آهي اهڙن نالي وارن اديبن شاعرن مان پرائمري استاد حاجي سعد الله سپاهي ابڙو به هڪ آهي. سندن والد جو نالو گل محمد ابڙو هو سندن جنم نصرپور ۾ 07 جنوري 1925 ع تي ( شناختي ڪارڊ موجب ) ٿيو سندن وفات 23 جون 1997 ع ۾ ٿي. پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان 1937ع ۾ پاس ڪيو ان بعد 1943 ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا ٽريننگ اسڪول مير پور خاص ۽ سانگھڙ ۾ به ملازمت ڪيائون. جتي سائين جن هڪ بهترين استاد هئا اتي پاڻ ادب سان به وابسطه رهيا آهن. پاڻ مين سنڌي اسڪول نصرپور ۾ گھڻو وقت درس تدريس ڏيندا رهيا. سائين جن گھڻو ڪري پنجون ڪلاس پڙهائيندا هئا. ڪلاس تمام مشڪل هوندو هو اهو سائين جن ڪافي عرصو مين سنڌي اسڪول نصرپور جا هيڊ ماستر به ٿي رهيا.. سائين جن وٽان علم جو جام پيئڻ وارا وڏن عهدن تي پهتا،سائين جن 1985 ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيا. سائين جن ادب جي ميدان ۾ 1941ع ۾ آيا ان سال شاعري جي شروعات ڪيائون پنهنجي شاعري جي اصلاح علي محمد عاجز کان ورتائون. سائين جن نظم سان گڏ نثر ۾ به تمام گھڻو لکيو آهي . سائين جن شاهي بازار ۾ هڪ ننڍڙو دوڪان به هلائيندا هئا جتي ادب سان ذوق رکندڙ ساٿي سائين جن وٽ ايندا هئا پنهنجي اصلاح ڪرائيندا هئا. مشهور شاعر سليم گل ابڙو سائين سعدالله سپاهي جو تعليم جي ميدان ۾ به ته شاعري ۾ به شاگرد آهي سليم گل موجوده وقت جو بهترين شاعر آهي. 1961ع سائين جن هڪ ناول لکيو هو جنهن جو نالو گل بهار عرف ٻه معصوم مکڙيون جيڪو تمام مشهور ويو هو جنهن جي هڪ ڪاپي سائين جن جي فرزند شرجيل ابڙو وٽ محفوظ آهي. سائين جن عروس القرآن جي نالي سان سورة الرحمان جو پڻ منظوم ترجمو ڪيو هو. سائين جن هڪ پيار ڪندڙ ماڻهو هوندا هئا. سائين جن وٽ جيڪي به ايندا هئا ڪجھه نه ڪجھه حاصل ڪري ويندا هئا. سائين ادبي تنظيمن ۾ گھڻو حصو وٺندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جا جيڪي اجلاس ٿيندا هئا انهن ۾ پنهنجي فرزند مرحوم خليل خرم سان گڏ شامل ٿيندا هئا سائين جن جو فرزند خليل خرم هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هوندو هو. هن وقت سائين جن جو فرزند امان الله ابڙو پڻ هڪ بهترين شاعر آهي. سائين جن جو هڪ ڪتاب ناٽڪن جو ڪتاب ٽيپو سلطان به لکيل هو. سائين جن جيڪي مضمون لکيا انهن ۾ معلومات جو خزانو هوندو هو جيئن نصرپور جو پهريون فوجي عملدار، هوش محمد شيدي، کيسانا موري، وتايو فقير، سنڌ جي تاريخ جو هڪ جھونو ورق، ملڪئه سلطانه فخرالنساء زينب وغيره. سائين جا لکيل مضمون ۽ شاعري جيڪڏهن سائين جن جي وارثن وٽ محفوظ هجي ته اها انهن کي ڇپائڻ گھرجي جيئن اڄ جي دور جي ماڻهن کي انهن بابت ڄاڻ مهيا ٿي سگھي. سائين جن جتي نثر ۾ پاڻ ملهايو اتي شاعري ۾ به پاڻ ملهايو. سندن شاعري ۾ قرب محبت جو ثمر ڀريل هوندو هو جيئن هڪ الوداعي نظم ۾ چيو اٿن ته

    وڃو پيا موڪلائي ملڻ لاءِ پيا اچجو
    وساري ڪين ڇڏجو اها اسان جي استدعا آهي

    سائين جن هڪ حمد به لکيو هو جيڪو ڪيترائي سال اسڪول جي اسيمبلي ۾ پڙهيو ويندو هو جنهن جا ڪجھه حصا هي آهن

    مرحوم سائين سعدالله سپاهي ابڙو



    حمد شريف

    تنھنجو حمد ڪريون ٿاخدايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    کڻي عرض اِلاهي آيا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (1)
    قَمر ڪَتيون قُطبَ تو بنايا
    هيٺ فرش زَمردِي وِڇايا
    تنھن ۾ واهه نديون تو وهايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (2)
    آب آگ جي هڪٻئي جا دشمن
    گڏ ڪڪر ۾ ڪيئن ٿا پلجن
    مٺا کارا تو گڏجي وهايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (3)
    خالي جھولي کڻي اڄ آيا
    هٿ خالي اچي ڦھلايا
    اسين آهيون علم جا اُڃايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (4)
    اسين بنداگنھگار آهيون
    تنھنجي در تي سداٿا دانھيون
    ڪر بخش بديون تون اِلاها
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (5)
    هاڻي هادي هدايت ڏي تون
    چڱي خُلق جي عادت ڏي تون
    گُھرون تو کان ٿا علم جي مايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون

    (6)
    هي شھر قديمي نصرپور
    تنھن کي موٽي آباد به تون ڪر
    تون ڪي ڏانءَ ڏِيار سَوايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (7)
    سنڌ، سنڌي ، سنڌو، سنڌي ٻولي
    جئي مھراڻ جي شل ڇولي
    سڀ سام تنھنجي اسين آيا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (8)
    چونڊي گل اميد جا آيا
    اچي نغما منا جاتي ڳايا
    ڪر رحمت جا هر دم سايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (9)
    گُل ٻار ته مَڪتب گُلشن
    سڀ استاد مالھي ٿا سڏجن
    سڀ عرض ڪرڻ اڄ آيا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (10)
    اسين سنڌ ديس جا سپاهي
    ڏي ڪو جوش جذبو اِلاهي
    اڳ تو ئي فضل فرمايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون

    نصرپور مان نڪرندڙ ماهوار رسالي رهاڻ جڏهن سنڌ جي سورهيه سپھ سالار هوش محمد شيدي جي نالي سان هوشو نمبر ڪڍيو ته ان جي لاءِ سائين جن پنهنجي شاعري تخليق ڪئي جيڪا هي آهي.


    گيت

    مرحوم سعدالله سپاهي ابڙو

    هوشو شيدي، ٿيو نه گيدي، مڙس جو پٽ هو مڙس بنيو،
    سنڌوءَ جو پاڻي پيتل هوندس تڏهن سڀ کان سرس بنيو.
    مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، نعرو هن هڪڙو ئي هنيو،
    سنڌ بچائڻ خاطر ان هو چمي چاھ مان کَنُو کنيو،
    جيڪي چيا ۽ ڪري ڏيکارئين، نيپيئر بي ترس بنيو.
    نيپيئر چيو ! مارو!! هوشوءَ آ کيو ڪريو وارو!
    سنڌي تاريخ ۾ لکيل آهي اهو نظارو سارو پيارو،
    پر انگريز جو ڍريو ڍارو، هوشوءَ شھادت جام چکيو.
    ڪاھ ڪري قنبراڻي آيو انگلش فوج جو ٿڏو پٽايو،
    هيڏانهن هڪڙو هوڏانهن هزارن کي به ڇڏيا ڀَوَ ڀڄايو،
    نيٺ اهو ئي ٿيو ازل کان جيڪي هو تقدير لکيو.
    مير صوبدار بنجي مخالف بارودن ۾ بوھ وڌو،
    گھر جو چاغ ٿو گھر کي ساڙي اهو پهاڪو صاف سڌو،
    نوڙجي پڳ ٻڌايس نيپيئر ناحق نسورو نحس بنيو
    اڄ به سنڌ تي آيو آهي وقت ڏکيو،
    سنڌي سپوٽ ته ڪڏهين ناهي پوئتي هٽڻ ۽ ڀڄڻ سکيو
    سر سان ڪفن ٻڌي ”سپاهي “ هوشوءَ وانگر ڪين هٽيو.

    (بشڪريه رهاڻ هوشو نمبر 1986 )
    جڏهن مون سلسليوار ڄاڻ جي طرفان استاد نمبر ڪڍيو هو ته ان وقت هڪ دوست مون کي سائين جي شاعري ڏني هئي جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي
    مرحوم استاد سعدالله سپاهي ابڙو جي طويل نظم مان ڪجھه حصو پيش ڪجي ٿو:

    اٿ ماستر خدارا ڇڏ ننڊ تون نڀاڳي
    ڪجھه قوم جي مدد ڪر اي يار هاڻ جاڳي
    اجڙيل چمن جي اندر آڻج ادا سجاڳي
    سستي ۽ تن آساني ڇڏ اوج آڻ ساڳي
    تون ڳوٺڙن جي خاطر آهين ادا پيمبر
    تعليم جا مبلغ پهچاءِ علم گھر گھر
    ……….
    معمار قو م جو تون ۽ مهندار قوم جو تون
    ابرار قوم جو ۽ اسرار قوم جو تون
    دلدار قوم جو ۽ آڌار قوم جو تون
    همدرد ۽ معين سالار قوم جو تون
    ٿي منتظر جھان جون تو ڏي اکيون نهارن
    ۽قوم جون زبانون توکي پيون پڪارن
    …………..
    قسمت چڱي آ تنهنجي جو ماستر ٿئين تون.
    مرشد ٿئين سڀن جو ۽ راهبر ٿئين تون
    ۽ اڻ پڙهيل جي وچ ۾ پر ڊاڪٽر ٿئين تون .
    ساري دنيا ۾ نامي ۽ نامور ٿئين تون
    جھر جھنگ ۽ شھر ۾ توکي ملي ٿي عزت
    پوءِ ڀي هر هر چئين ٿو ٽيچري آهي ذلت
    ………
    تسليم ٿو ڪريان هڪ نادار تون ئي آهين
    پورو نه توکي کاڌو لاچار تون ئي آهين
    تنخواهه نا هي پوري بيگار تون ئي آهين
    ليڪن علم جي ڪري سردار تون ئي آهين
    تنهنجي ٽجوڙين ۾ آهي علم جو خزانو
    جنهن کي نٿو چورائي ڪو چور ۽ بيگانو
    ….....
    احساس ڪمتري ڇڏ خودار ٿي خدارا
    تعليم ڏي ٻچن اهڙي عجب پيارا
    خوديءَ روح ڦوڪج ٻارن ۾ تون سچارا
    گلزار ٿئي وطن شل بنجي مثل بهارا
    اخلاق جو بطل ٿي اي قوم جا پيارا
    محنت ۽ اورچائي خوش خلقي ڌار پيارا
    .................
    ڪر قوم جي ڀلائي استاد ٿي ٻچن جو
    گلڙا سنڀال پنهنجا ٿي باغبان چمن جو
    سستيءَ جو وقت نه آهي اي قوم جا سهارا
    اعلى ٿئي جھان ۾ پڻ شان شل وطن جو
    ٽامي کي سون ڪر تون پارس مثال پيارا
    اخلاق تون سُڌارج آئيده جي ابن جو
    ...................
    آباد ڪي وطن کي گلزار علم جي سان
    ۽ شاد ڪر چمن کي سهڪار علم جي سان
    سينگار هر بشر کي دُستار علم سان
    تون انقلاب آڻج پرچار علم جي سان
    قومي سڌار ڪن جو سردار تون ئي آهين
    ريسريچن جو سچ پچ سالار تون ئي آهين
    ................
    بندو ڪندو جي همت مدد خدا به ٿيندو
    دورو جھاليت جو آخر دنيا مان ويندو
    ٿيندي خزان ختم ۽ آخر بهار ايندو
    عيوض ڏکن جي ڏاتر سک پڻ ضرور ڏيندو
    ڏس ان مع العسرن يسعران قرآن ۾ آهي
    اقراء جي ساري آية تنهنجي ئي شان ۾ آهي
    .................
    اکر سڌار پنهنجا ان کان بعد ٻچن جا
    اڌ علم اکر آهن سي تون سڌرتن جا
    صحيح ڪر تلفظ گلزار هي گلن جا
    اخلاق جي نشاني سهڻا اکر انهن جا
    محبت پيار سان تون ننڍا وڏا سڌارج
    ڇڏ زود زنجي عادت معصوم ڪين مارج
    ...............
    ڪاليج ماستر لاءِ هڪ فيض عام آهي
    جاري ان ۾ علمي منبع مدام آهي
    جيڪو ٿيو تنهنجو طالب تمام آهي
    سو ٿيو ادا هميشه پڻ نيڪ نام آهي
    سيراب ٿا ٿين هت ڪئين علم جا اڃايا
    هر سال ٿا اچن هت ڪئين جھل جا اجھايل
    ..................
    تعليم جا طريقا اعلى هت سکن ٿا
    هر سال سنڌ مان ڪوڙئين ڪهي اچن ٿا
    سنڌي زبان ٻي اردو ٻيو انگلش سي پڙهن ٿا
    تاريخ جاگرافي ليسن ڏيئي ڏسن ٿا
    اچ تون به وٺ ٽريننگ ڪر زندگي سجائي
    ٿي انٽريڊ ٻارن جي ڪر عمر نه اجائي
    ..............
    پرواھ نا ھ بلڪل مسڪين تون ئي آهين
    پورو نه کاڌو توکي غمگين تون ئي آهين
    پر فخر قومي قابل تحسين تون ئي آهين
    ڪر نظر ٻنهي پاسي امين تون ئي آهين
    هاڻي نه چئج هئي هئي ماستر ڇو ٿيس مان
    پر چئو ته شڪر آهي راهبر جو ٿيس مان
    .............
    سڌري سڄو جھان ويو تو ۾ نه ڦير آيو
    سستيءَ سبب تو پنهنجو آهي شان ڇو وڃايو
    جنهن جي ڪري لهي ويو تو تان خدا جو سايو
    ڪر وقت جو قدر ۽ پورهيو به ڪر سجايو
    هت بهادري ۽ اخلاق ۽ ٻي محنت
    حب الوطني جو مادو ٻارن ۾ آڻ حشمت
    ............
    مکڙيءَ مثل سنڀالي پيارن ٻچن کي پالج
    عالم اديب اعلى پيدا ڪري ڏيکارج
    سبق سي فروشي سڀني کي تون سيکارج
    هر هڪ ٿئي سپاهي اهڙو ڪو ورق وارج

    سائين سعدالله سپاهي جي جيڪڏهن اسان شاعري ۽ نثر کي پڙهون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته سائين جن تمام بهترين لکيو آهي. اسان کي اهو افسوس رهندو ته سائين جن جي اهڙي محبت کان محروم رهيا آهيون. مون کي هڪ دفعي جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سائين جن تمام رحمدل انسان هوندا هئا. هڪ دفعي نصرپور ۾ رورول هيلٿ سينٽر نصرپور ۾ ڪرسچن اسپتال جي طرفان مصري شاهه جي ميلي تي هڪ مفت اکين جي ڪئمپ لڳي هئي جنهن ۾ سائين جن به اکين جي آپريشن ڪرائڻ آيا هئا اسان جي پنهنجي سماجي تنظيم جي طرفان اتي والنٽيئر جي ڊيوٽي لڳل هئي جڏهن آئون سائين سان مليس سائين کي ڪرسي تي ويهاريو ته اتي جي ڪئمپ جي اڳواڻ ڊاڪٽر مون کان پڇيو ته هي ڪير آهي؟ مون چيو ته هي هڪ استاد آهي هن جڏهن استاد جو نالو ٻڌو ته سائين جن جي بيحد عزت ڪرڻ لڳا جڏهن سائين جن جي آپريشن ٿي ته ڊاڪٽر سائين جن کي وارڊ ۾ نه رهايو پر پنهنجي ڪمري ۾ شفت ڪيو جيڪو ڊاڪٽر جي لاءِ هو اتي هڪ غريب نالي ڪارو ماڇي به هليو پئي جنهن وارڊ ۾ سائين کي ڏٺو ته چيو ته توهان بزرگ آهيو منهنجو ڪير به ڪونهي دعا ڪريو ته منهنجي اک صحيح ٿئي سائين هن کي دعائون ڪيون پنهنجي وڏي پٽ احسان الله کي چيو ته هن کي به اتي رهايو جتي آئون رهندس. پر سڀ ماڻهو وارڊ ۾ هئا صرف سائين الڳ ڪمري ۾ هو جڏهن انچارج سان مون ڳالهه ڪئي ته ان چيو ته سائين جي خواهش آهي اهو ماڻهو به سائين سان گڏ رهندو سائين ان جي تمام گھڻي پرگھور لڌي اهو پوءِ سائين وٽ ايندو رهندو هو. اها هئي سائين جي رحمدلي سائين جو ايترو ته مان هوندو هو جو ان ڪئمپ جو انچارج ۽ ٻيا ڊاڪٽر ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ سائين وٽ ايندا هئا پوءِ سائين سان ملي ڪئمپ شروع ڪندا هئا. سائين کي چوندا هئا ته اسان جي لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي ته اسان هڪ استاد جي خدمت ڪري رهيا آهيون اسان ڀاڳن وارا آهيون. سائين سعدالله سپاهي ابڙو هڪ کليل ڪتاب آهي جنهن تي جيترو به لکجي ته ٿورو آهي اسان اها خواهش رکون ٿا ته سائين تي تحقيق ڪري سائين جي ڪيل محنت تي ڪتاب شايع ڪرايو وڃي.


    خادم گھراڻو


    ناول

    1

    سڀيئي سبحان جي ،ڪر حوالي ڪم،
    ٿي تحقيق تسليم ۾ لاهي غم وهم،
    قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.

    گنگا نديءَ جي کاٻي ڪناري تي، ڀاڳلپور جي اڀرندي پاسي، ڪلڪتي کان 25 ميل اتر طرف منگھير نالي شهر آهي، ان کان ٿورو پرڀرو سگھير جو قلعو آهي. جنهن جو اوج ڪنهن سمي ڏاڍو هو، پر هينئر ڀڳو ٽٽو مرمت کان سواءِ اجڙ ٿيو پيو آهي. قلعي جي سامهون گنگا نديءَ جي ڪناري تي هڪ گھاٽ جي پاسي ۾ اڄ تائين هڪڙي سرنگھه آهي جا اندران ئي اندر ڪيستائين ويئي آهي، ۽ منجھانئس ڪهڙن طرفن ڏي واٽون وڃن ٿيون، ان جي خبر بالڪل ڪي ٿورا ماڻهو ڄاڻندا هوندا يا ته هاڻي خبر ئي ڪانه هوندين.
    هن ننڍڙي ناول ۾ جنهن عجيب اسرار جو اظهار ٿيل آهي، ان سان هن سرنگھه جو گھڻو لاڳاپو آهي، ان ڪري قارئين ڪرام کي هيءَ سرنگھه ياد رکڻ گھرجي.
    هندستان جي تاريخ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته بنگال جي نواب سراج الدولھ تمام عاليشان نموني سان حڪومت هلائي. کيس ملڪ جي واپار ۽ مالي حالت سڌارڻ جو ايترو ته خيال هو، جو انگريزن ۽ فرينچن کي اول اول پنهنجي ملڪ ۾ واپاري ڪوٺيون کولڻ جي اجازت ڏنائين، نه رڳو ايترو بلڪ انهن جي مال تان محصول به معاف ڪيائين ۽ سندن سڄو بچاءُ جو ذمو به پنهنجي سر تي کنيائين، پر انگريزن جي نيت صاف نه هئي “ آئي ٽانڊي لاءِ ٿي ويٺي بورچياڻي ” جي مصداق اٽلو قلعا ٺهرائڻ لشڪر ۽ جهاز گڏ ڪرڻ لڳا ۽ ڏيهي واپارين کان رشوتون وٺي، کين به بنا محصول پنهنجي نالي مال گھرائي ڏيڻ لڳا.
    ( ڀارت ۾ انگريزي راج جلد ص 40 )نواب سراج الدولھ انگريزن کي ڪيترائي دفعا اهڙن ڪمن کان باز اچڻ لاءِ تنبيهه ڪئي. مگر هو اٽلو کيس ڪمزور سمجھي، وڌيڪ ارڏايون ڪرڻ لڳا، تنهن ڪري لاچار سراج الدولھ لشڪر وٺي سندن قاسم بازار واري ڪوٺيءَ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ انگريز پيش پيا ۽ معافي ورتائون ، جنهن ڪري نواب واپس آيو ۽ انگريزن جي ڪوٺيءَ وارو سڀ سامان سئيءَ سڳي سوڌو کين واپس ڪيائين ۽ کانئن ڪو جنگي ڏنڊ به نه ورتائين. فقط هن خيال سان ته هي ويچارا واپاري آهن ۽ پيڙهجي نه وڃن.
    ان بعد انگريزن هڪ نئين چال چلي، جو پنهنجا جاسوس موڪلي نواب جي لشڪر جا ڪيترائي وڏا عملدار خود نواب جو مامو، سهرو ۽ سپھ سالار مير جعفر خان به لالچ ۽ رشوت سان مخالف بنائي ڇڏيائون ۽ پڻ کيس انجام ڏنائون ته “ سراج الدولھ ” بعد کيس گاديءَ تي وهاريو ويندو ”
    سنه 1757 ع ۾ خود انگريزن نواب تي ڪاهيو ۽ پلاسيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. جنهن ۾ مير جعفر پنهنجو لشڪر وٺي وڃي انگريزن سان مليو ۽ نواب کي شڪست آئي. ان بعد انگريزن مير جعفر کي اڳڙيءَ جو گڏو بنائي تخت تي ويهاري کانئس نذر و نياز ۾ من مانيون رقمون حاصل ڪري “ مال مفت دل بي رحم ” جي مثال وانگر سارو سراج الدولھ جو خزانو خالي ڪري ڇڏيو.
    مير جعفر جڏهين اها حالت ڏٺي تڏهين کيس ڪجھه هوش آيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته “ مون پنهنجو تن من ڌن ۽ عزت انگريزن وٽ ان حڪومت جي عيوض وڪيو آهي، جا اصل اسان جي آهي. مون کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو، ڇو ته انگريز اسان جا پڪا دشمن آهن سندن منحوس پاڇي کان پنهنجي وطن هند کي عام طرح ۽ سر زمين بنگال کي خاص طرح آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ کپي ”
    مير جعفر جھڙي سونيءَ جھرڪيءَ کي هٿن مان ويندو ڏسي انگريزن وري سندس مخالفت ۾ سندس ناٺي مير قاسم کي کڙو ڪيو ۽ نيٺ مير جعفر تي ڪوڙيون تهمتون رکي، کيس تخت تان لاهي مير قاسم کي تخت ڏنائون. حڪومت کسجڻ بعد مير جعفر انگريزن خلاف گھڻيئي سازشون سٽيون پر چوندا آهن ته “ اب ڪيا ڪري هوت – چڙيان چگ گئين کيت ” سندس مراد پوري نه ٿي ۽ وڃي قبر داخل ٿيو.
    ڪيترن ڏينهن بعد مير قاسم به محسوس ڪيو ته آئون سڄو غلاميءَ جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪو آهيان انڪري سندس دل ۾ آزاديءَ جا امنگ پيدا ٿيا ۽ هو به بنگال، بهار ۽ اوڙيسا مان انگريزن کي ڪڍڻ جا اپاءُ سوچڻ لڳو. ڳجھه ڳوھ ۾ ڪوششون ڪندي ڪندي، آخر هڪ ڏينهن ظاهر ظهور انگريزن خلاف جنگ جو بگل وڄايائين. جيڪڏهن مير جعفر شروعاتي نواب سراج ا لدولھ سان غداري نه ڪري ها ته انگريزن جا پير هندوستان ۾ هرگز کپي ڪين سگھن ها.
    ڪنهن شاعر ان بابت چيو آهي ته :
    جعفر از بنگال و قاسم از دکن – ننگ دين و ننگ اخلاق و ننگه وطن


    2

    پوئين رات پهي سامين سفر چتائيو
    آڻي الوهيت ۾ جوڳين جاٽ هنئي
    وحدت جي ولات ويا ويراڳي وهي
    رام سهي
    ڪنوتيا ڪهي پريا پورب پار ڏي
    “ مصري ”

    مرشد آباد ۾ ڀاڳيرتي ندي جي ڪپ تي، مير قاسم جو عاليشان محلات سج جي روشنائي پوڻ سبب گويا تجلا ڏيئي رهيو آهي. اڳيان شاهي باغ ۾ سرو و سنبل، رابيل ورتن، موتئي ۽ گلاب جا ڌار ڌار چمن آهن.هر چمن وٽ ڦوهاري مان گويا موتي پيا ڇٽڪارجن. شاهي محلات جا سڀ ڪمرا به ڪشادا ۽ سينگاريل آهن. ڀتين تي گلڪاري ۽ نقشڪاري ۽ چٽسالي ٿيل آهي. ڇت ۾ عاليشان جھاڙ ٽنگيل آهن. فرنيچر به سڀ سهڻو ۽ صاف رکيل آهي. هر هنڌ عاليشان قالين ۽ غاليچا وڇايل آهن. درن ۽ درين تي سنها ۽ سهڻا پردا ٽنگيل آهن. پر انهن ايترين دلچسپين هوندي به سڄي محلات جو درو ديوار اداس ڏسڻ ۾ پيو اچي.محل ۾ خادمن ۽ ٻانهن جي ڪا چهل پهل ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. هڪ عاليشان شاهي ڪمري ۾ عمدي مخملي پلنگ تي هڪ تمام نازنين ۽ حسين پر ضعيف عورت بيمار حالت ۾ ڪنجھي رهي آهي. ان جي سيرانديءَ کان هڪ زرنگار ۽ جواهرن جڙيل ڪرسيءَ تي مير قاسم پڻ مغموم حالت ۾ ويٺو آهي. هڪ سهڻيءَ ٽپائيءَ تي دوائن جا شيشا گلاس ۽ چمچا رکيل آهن.
    اها بيمار راڻي آهي مير جعفر جي نورِ نظر نياڻي ۽ مير قاسم جي جان جگر بيبي “ مينا بيگم ” جا ڪيترو عرصو بيمار گذارڻ بعد هينئر گويا موت جي ملائڪ سان ملاقات ڪري رهي آهي، يعني سندس آخري وقت آهي. ۽ فاني دنيا کي ڦٽو ڪري باقي جهان ڏي وڃڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
    سڪرات جي سختيءَ سبب سندس چنڊ جھڙي چهري مٿان گرهڻ وانگر ڦڪائي ڇائنجي ويئي آهي ۽ سندس اکين مان آنسون جاري آهن. مينا بيگم جو هٿ مير قاسم جي هٿ ۾ آهي. هو به پنهنجي پياري بيگم جي پڄاڻيءَ جو وقت ڏسي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. پاسي ۾ ٻه معصوم ٻار پنهنجي ماءُ کي ههڙي حال ۾ پيل ۽ پيءَ کي روئندو ڏسي روئي رهيا آهن. انهن ٻارڙن مان هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري آهي. اهي ٻئي ٻار جاڙا ڄاول آهن، رنگ ۽ روپ، عمر اوستا، خال وخد ۽ چال چلت ۾ سڀڪنهن طرح هڪ جھڙا آهن. ڇوڪر جو نالو “ بهار ” ۽ ڇوڪري جو نالو “گل ” آهي سندن عمر ٽي سال کن ٿيندي. جنهن محل ۾ مينا بيگم سمهي پيئي آهي ان جي پاسي واري ڪمري ۾ نواب جا ڪيترا نوڪر چاڪر، وزير وڪيل ،مصاحب ۽ حڪيم ويٺل آهن.پر اهي سڀ مغموم ۽ چپ چاپ ايندڙ آپدا تي آنسون وهائي رهيا آهن.
    ٿوري وقت کان پوءِ ماٺ جي مهر ٽوڙي تمام هيڻي ۽ جھڪي آواز ۾ مينا بيگم مير قاسم جو هٿ جھلي روئي چوڻ لڳي :
    “ پيارا ! هاڻي هيءَ ڪنيز..... موڪلائي ٿي.........دل شاهدي ڏيئي رهي آهي...... جنت ۾ پاڻ ٻنهي جي اها دائمي ملاقات ٿيندي، جنهن کي وري ڪڏهن به جدائي جي باھ جلائي نه سگھندي...... افسوس صد افسوس ان ڪري هن ٻانهيءَ جي گناهن کي درگذر فرمائجو........... پيارا ! مان وڏي ڪم بخت عورت آهيان مگر منهنجي آخرين التجا آهي ته “ جڏهين منهن جا هي ٻئي ٻچا اما اما ڪري مون لاءِ روئندا. تڏهين توهين انهن ٻنهي بي سمجھه ٻالڪن کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي دلداري ڏجو ”....... هي ٻئي معصوم مکڙيون اوهان جون ئي آهن، ان ڪري وڌيڪ آئون اوهان کي ڇا چوان ؟........ پر خيال رکجو، جيئن هنن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي، ڇو ته هي ٻئي اوهان وٽ منهن جي امانت ۽ نشاني آهن، بس وڌيڪ هوءَ ڪجھه به ڪڇي نه سگھي ۽ ايترو چوندي چوندي کيس ٻه هڏڪيون آيون ۽ هن دنيا کي الوداع ڪري ويئي، پر مير قاسم جهڙي سورهيه دل کي به پاڻي پاڻي ڪري ويئي.
    نواب، “ انا لله و انا اليھ راجعون ” جا لفظ اچاري مرحومه مٿان چادر وجھي ڳوڙها ڳاڙهيندو ٻاهر نڪتو پيءُ کي روئندو ڏسي ٻئي ٻار به سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. نواب جي اشاري تي دائي ٻنهي ٻارن کي اتان وٺي ويئي ۽ پوءِ تياري ڪري مينا بيگم کي قبرستان ڏي نيو ويو جتي شاھ لطيف رحه جي چوڻ موجب :

    سڄڻ سينگاري ڪيائون منهن مقام ڏي
    کڻي کٽولو هليا لوڪان نظاري
    لائي رکيائون لطيف چئي قبر ڪناري
    سنئون سمهاري ڌڙ لٽيائونس ڌوڙ ۾.

    اها حسين نو خيز ۽ نو عمر عورت جنهن جي نازڪ بدن تي بوندون به ڪنڊن وانگر چڀنديون هيون، جا بجليءَ جي چمڪ ۽ بادل جي ڪڙڪ کان ڊڄي محل جي اندرئين ڪمري ۾ وڃي لڪندي هئي، انتي هاڻي ڀلي موسلا ڌار مينهن وسندو رهي ته به پرواهه نه اٿس. اها نازڪ ۽ نفيس عورت، جنهن جي بدن تي ڪڏهن ڪا دز به نه پيئي سا اڄ لکين مڻ مٽيءَ هيٺ مدفون هوندي به ماٺ جي مهر هڻيو پيئي آهي.
    سچ آهي ته :

    ڪڏهين ڳاڙهو گھوٽ، ڪڏهين مڙه مقام ۾
    واريءَ سندو ڪوٽ اڏي اڏبو ڪيترو.
    .........
    فاني ني فاني ! دنيا دم نه هڪڙو
    لٽي لوڙهه لتن سين جوڙيندءِ جاني
    ڪوڏر ۽ ڪاني آهي سِر سڀڪنهين

    (شاھ )


    3

    درين دنيا ڪسي بيغم به باشد
    اگر باشد بني آدم نه باشد

    بيگم جي غم ۾ مير قاسم جو حال ابتر ٿي ويو. نه ويٺي در ونهن ۽ نه اٿئي آرام ٿي آيس ”ماڙيون ڀانيان ماتام، اندر آرام مون کي ناهي“ جي مثال موجب کيس محلات جون درو ديوار ڄڻڪ کائڻ پئي آيا. گذريل پيار و محبت جون ڳا لهيون ياد ڪري، سندس ڳچ ڳريو ٿي پيا، جنهن ڪري حڪومت جي ڪمن ۾ به حصو وٺڻ ڇڏي ڏنائين. روئڻ ۽ راڙي سواءِ ٻي وائي وات نه هيس.
    پياري بيبيءَ جي وصيت ۽ معصوم ٻچڙن جو خيال ڪري ٻي شادي ڪرڻ کان به بنهه بس ڪري ڇڏيائين سندس مغموم ۽ دکي دل جو آڌار ۽ ڀروسو، وندر ۽ ورونهن فقط اهي ٻه ٻارڙا هئا. جيسين انهن کي نٿي ڏٺائين تيسين حياتي زهر ٿي ڀانئيائين . سمجھڻ ۾ ائين ٿي آيو ته انهن جي پگھر جي قطري مٿان پنهنجي خون جو درياءَ وهائڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو. معصوم ٻچڙن کي به ماءُ جي محبت هر هر ياد اچي رهي هئي. جيتوڻيڪ کين ٻانهي نپائيندي، کائيندي ۽ کيڏائيندي رهي ٿي.تاهم ماءُ جي محبت ۽ مامتا سولي وسرڻ جي نه هئي. هو جيتوڻيڪ ننڍڙا ابهم ٻار هئا ته به خدا کين سڀڪجھه عقل ڏنو هو. ماءُ کي گھر ۾ نه ڏسي پيءُ کان پڇڻ لڳا : ابا جان ! اما ڪٿي آهي ؟
    اهو ٻڌي مير قاسم جي جان تي جيڪي ٿي گذريو هوندو انجو تصور اهي ڪري سگھندا، جن تان اهڙا حادثا گذريا هوندا.
    ڄڻ ته کيس جگر ۾ ڊبل ڊبل خنجر چڀي رهيا هئا. خيال آيس ته دانهون ڪري روئي مگر ٻالڪن جو خيال ڪري دل ڏاڍي ڪري کين جواب ڏنائين، “ پٽ ! اوهان جي ماءُ اتي ويئي آهي جتي اسان سڀني کي هلڻو آهي ۽ جيڪو اتي ويندو سو وري نه ورندو. پاڻ جڏهين اتي هلندسون تڏهين هلي کيس ڏينداسين ”
    اهي لفظ جيتوڻيڪ ابهم ٻچن جي سمجھه کان ٻاهر هئا ۽ سندن دل کي انهن لفظن کان ڪابه تسڪين ڪانه ٿي آئي ته به لاچار ماٺ ڪرڻي پين. زماني جو مرهم سندن ماءُ جي جدائيءَ جي زخم کي آهسته آهسته ڇٽائيندو رهيو.
    مير قاسم پنهن جو سڄو ڏيان انهن جي نپائڻ ۽ تاتڻ تي ڏنو. کارائڻ، پيارڻ، وهنجارڻ، سهنجارڻ وغيره ته سڀ دائيءَ جي حوالي هوته به پاڻ انتي وقت بوقت نظرداري رکندو هو. تعليم ۽ فوجي هنرن سکڻ لاءِ کين اعلى استاد کي ڏنائين ۽ شهزادي گل جو من موسيقي ڏي مائل ڏسي کيس اهو استاد به مهيا ڪري ڏنائين.جتي به ويندو هو ته کين پاڻ سان گڏ نيندو هو. آهسته آهسته زمانو گذرندو رهيو ۽ ان سان گڏ ٻئي ٻالڪ به وڌندا رهيا جيئن ته.

    گل جھڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن
    سڄي جڳ جا ٻارڙا واڌ ائين ئي ڪن
    پلڪن مان پهر ٿي ڏينهڙا ٿا گذرن
    لنگھيو ورھ وڃن پاڻيهي پوندا پيش مون
    ( زمان شاھ )

    مٿين ڳالهه کي تيرهن سال گذري ويا. اهي ٻئي ٻالڪ اهو سارو عرصو مير قاسم جي ڳچيءَ جو هار ٿي رهيا، علم ۽ فوجي رانديون سکي ڀڙ ٿيا. شهزادي گل موسيقيءَ ۾ به ماهر بنجي ويئي. خاص ڪري بين وڄائڻ ۾ ته ملڪو حاصل هوس جو کلندڙن کي روئاڙي، روئندڙن کي کلائي رکندي هئي. مير قاسم جي هن دنيا ۾ ڪا قيمتي چيز هئي ته اهي ٻئي شهزادو ۽ شهزادي ۽ بس ! هاڻي اهي سورهن سالن جا جوان اچي ٿيا هئا.
    عمر سورهن يا سترهن جو سن
    گل ٽڙيا گلزار ۾ چمڪيو چمن.
    جيتوڻيڪ ٻئي هم عمر آهن تڏهين به ڇوڪر جي بنسبت ڇوڪري بالڪل بي سمجھه ۽ ڀورڙي آهي. ايتري قدر جو هوءَ اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ڳالهه کي نه ڄاڻندي هئي. هو ٻئي هڪ جھڙا هئا، ايتري قدر جو جيڪڏهن ٻنهي کي ساڳي مرداني پوشاڪ پهرائبي هئي ته ڪير به کين سڃاڻي نه سگھندو هو ته هنن ۾ ڪهڙي گل ۽ ڪهڙو بهار آهي. اهڙو ساڳيو حال ٻنهي کي زناني پوشاڪ پهرائڻ تي به ٿيندو هو.
    انگريزن جون سختيون روزانيون وڌندڙ ڏسي مير قاسم مرشد آباد اچي منگھير ۾ لشڪر جي ڀرتي ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجي فوج کي قواعد سيکاري اهڙو سڌارڻ لڳو. جو لڙائيءَ جي وقت ڪنهن به قسم جي گھٽتائي رهجي نه وڃي. قواعد وقت نواب جو لشڪر گڏجي سُر سان هي جنگي ترانو ۽ نغمو ڳائيندا هئا، جنهن کان نه رڳو سندن پر ٻڌندڙن جون دليون به جوش جهاد کان ٽمٽار ٿي وينديون هيون.
    چپ راست ،چپ راست - چپ راست، چپ راست
    لفٽ رائيٽ، لفٽ رائيٽ – چپ راست، چپ راست
    جنگي بگل پيو وڄي سينه ۾ جوش ٿو لڳي
    اسلامي جيش پيو اچي جھنڊو هلالي ٿو سڏي
    چپ راست............
    ورديون عجيب رنگه رنگه گڏجي هلون ٿا سنگه سنگه
    آهي دلين ۾ هي امنگه جنگه جنگه جنگه جنگه
    چپ راست...........
    تلوار آه بي نيام عّد و لئي موت جو پيام
    جنگي ميدان ۾ قيام آهي اسان جو صبح شام
    چپ راست...........
    ميدان جنگ ۾ کٽون ۽ ڏند گورن جا ڀڃون
    سارو هندستان وٺون ايها اميد ٿا رکون
    چپ راست.........
    ڪمر ۾ ڪوه شڪن ڪٽار ۽ گرز ڪلهن تي اپار
    فولادي زره تابدار ڪي پيارا ڪي سوار
    چپ راست..........
    آهيون سپاهي شير مرد ۽ مجاهد جوانمرد
    موسم هجي گرم يا سرد ناه پرواه ڪابه جلد
    المدد يا المدد
    چپ راست، چپ راست – لفٽ رائيٽ، لفٽ رائيٽ
    قواعد سان گڏ نواب پنهن جي پر جوش تقريرن سان سپاهين ۾ روح ڦوڪڻ لڳو.
    حاصل مطلب ته مير قاسم دنيا جي سڀني سکن کان منهن موڙي، ڪهڙي ڪوشش سان سينا سڌارڻ لڳو. گورگان نالي هڪ ماڻهو هو جنهن تي نواب ايتريقدر مهربان هو، جو مٿس اعتبار رکي کيس سپھ سالار عسڪر بنايائين ويچاري مير قاسم کي اها خبر ڪانه هئي ته هيءُ منهن ۾ موسى اندر ۾ ابليس آهي نه ته اهڙو خام خبيث گھڻو اڳ ڪڍي ڇڏي ها. سچ چيو اٿن ته :
    اولڙو سج جو پوي ڪائي مٿي
    ڪيئن پوندو سو ڪني ڪاري مٿي.
    مير قاسم کي گورگان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه هو، ان ڪري ساڻس گڏجي قلعي بچائڻ جو پورو پورو بندوبست ڪيائين. کيس هيءَ ڳالهه ته خواب خيال ۾ به ڪانه هئي ، ته ڪو گورگان ڳجھيءَ طرح ڪلائيو سان ساز باز آهي
    صورت گھڻو سهڻا ٽاڻا سندن ٽوھ
    ريلو ڏئي روح جو کائي ،سو کامي مري ( شاھ )
    جي مصداق جيڪڏهن سندس سپھ سالار گورگان ويساھ گھاتي نه ڪري ها ته انگريز ڪڏهوڪا بسترو گول ڪري وڃي ولايت کان نڪرن ها.
    جيتوڻيڪ مير قاسم کي رات ڏينهن اهائي اون هئي ته ڪهڙيءَ طرح انگرين کي بنگال مان تڙي ڪڍان، پر ان اهڙي نازڪ وقت ۾ به هن گل ۽ بهار جو ذري ماتر خيال به دل مان نه ڀلايو. اهوئي سبب هو جو ههڙي خوفناڪ وقت ۾ به کين ۽ سندن دائيءَ کي ساڻ وٺي منگھير آيو هو. ان کانسواءِ ٻي ڪابه عورت ساڻس ڪانه هئي ڇو ته هن پنهن جي پياري راڻي مينا بيگم جي وصيت موجب ۽ پيارن ٻچن جي خاطر ٻي شادي ڪانه ڪئي هئي.


    4

    بهادر گڏيا بهادرين کڙڳ کلول ڪن،
    وجھن ڌڙ ڌڙن تي هاڪارين هڻن
    ڪرن ڪنڌ نچن رڻ گجيو راڙو ٿيو ( شاھ )

    ان وقت ( 62- 1763 ع ) ۾ انگريزن پاران بنگال جو مکيه حاڪم ڪلائيو هو، تنهن ڪيترن مير قاسم جي عملدارن ۽ خود سپھ سالار گورگان کي ڳجھي طرح رشوتون آڇي پنهنجي طرف ڪري ڇڏيو . ازانسواءِ ڪلائيو جا جاسوس خود نواب جي دوستن ۽ مصاحبن مان هئا، جي ذري ذري جي خبر ڪلائيو کي رسائيندا رهندا هئا. مير قاسم جي تيارين ۽ سرگرمين جي ساري خبر به انهن ذريعي ڪلائيو تائين پهچي ويئي. جنهن ڪري ڪلائيو ان بابت مير قاسم کان سبب طلب ڪيو. مير قاسم ڪلائيو جي چٺيءَ جو جواب اهڙو سخت ڏنو، جو ڪلائيو جھڙي سنگدل انسان ( جو پاڻ تي گوليون هلائيندي به نه گٿو ) واسطي تمام اڻ وڻندڙ هو. بس ! پوءِ انگريزي فوج نواب جي گرفتاريءَ لاءِ منگھير رواني ٿي. اهو ٻڌي مير قاسم به انگريزي فوج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ منگھير ۾ ئي مورچا بندي ۽ جٿا بندي شروع ڪري ڏني. ڏسندي ڏسندي منگھير قلعي جي سامهون انگريزي فوج ڪلائيو جي ڪمان ۾ اچي ڇانوڻي نصب ڪئي. لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ ڪلائيو هڪ چٺي مير قاسم ڏي انگريزن سان وفادار ٿي رهڻ واسطي لکي، پر مير قاسم ان جو هن طرح جواب ڏيئي گويا آزاديءَ جي جنگ جو اعلان ڪيو :
    “ هندستان منهن جو مادر وطن آهي ان جي حفاظت ڪرڻ منهن جو فرض آهي اوهان ڌارين انتي قبضو ڪري سندس دل ڏکوئي آهي. اوهان کي گھربو هو ته بنا پڇا ڳاڇا پنهنجي ملڪ هليا وڃو ها، نه ته به جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ۾ آهي ان تي اڪتفى ڪريو ها، مگر اوهين اٽلو اڳرائي ڪري مون تي چڙهائي ڪري آيا آهيو. ان ڪري منهن جي هيءَ جنگ، جنگ آزادي سڏي ويندي. ان ۾ جي مون کي شهادت نصيب ٿي ته به لک کٽيم ۽ جي نه ته غازي بنجي دنيا ۾ پنهن جو نام اڃا به زياده روشن ڪندس.
    “ اميد ته انصاف پسند تاريخ نويس مون کي ته آزاديءَ جو املهه ماڻڪ ۽ توکي غاصب ۽ ظالم جي پليد لقب سان ياد ڪندا ”
    ٻئي ڏينهن انگريزن جو لشڪر لڙائيءَ جو بگل وڄايو ۽ قلعي جي سامهون تيار ٿي بيٺو ۽ قلعي اندر نواب جي فوج قلعي جي حفاظت لاءِ ان جي قيصل جي ٿوري ٿوري مفاصلي تي تيار ٿي بيٺي. اول انگريزي فوج توب ڇوڙي لڙائي شروع ڪرڻ جي خبر ڏني، جنهن جو جواب نواب وٽان به توب ڇٽڻ مان مليو. پوءِ ته سخت لڙائي شروع ٿي ويئي.
    انگريزي فوج قلعي تي اتر ۽ اڀرندي طرفن کان حملو ڪيو هو. قلعي جي اندر اتر پاسي کان گورگان سپھ سالار ۽ اڀرندي طرف مير قاسم خود پنهنجي لشڪر سان مدافعت لاءِ تيار بيٺا هئا. مير قاسم جي پاسي ۾ گھوڙي تي چڙهيل شهزادو بهادر فوجي لباس ۾ ملبوس تيار بيٺو هو ۽ گل قلعي جي هڪڙي اتاهين برج تي دائيءَ سان گڏ ويٺي لڙائيءَ جو مزو ڏٺو.
    ويٺي ويٺي گل کي ڪو دل ۾ خيال آيو سو هن طرح خداوند پاڪ کان مناجات رستي دعا ۽ مدد گھرڻ لڳي :
    مناجات
    اي ڪار ساز مالڪ توکان گھرون دعائون
    توکان گھرون دعائون
    بنده گنده به تنهن جا تون سڻ سدا صدائون
    تون سڻ سدا صدائون
    هرگز نه ڇڏ تون خالي، آهين ملڪ جو تون والي،
    آهين ملڪ جو تون والي
    تو در آياسون سوالي، ڪر پوريون مدعائون
    اي ڪار ساز تو کان گھرون دعائون.
    مطمئن دل نه آهي، غم کان ڇٽل نه آهي ( دوبار )
    آرام پل نه آهي، ڳڻتين کان ڪر پرانهون
    اي ڪار ساز توکان گھرون دعائون
    ڪشتي ڪنن ۾ ساحل، سائين تون ڪر سو نهايل ( دوبار )
    نيڪين ڏي ڪر تون مائل، ڪر رحم جون نگهاهون
    اي ڪارساز توکان گھرون دعائون
    ڏي شوق تون شرع سان، ڏاتار هر طرح سان ( دوبار )
    آزاد ڪر طمع کان، ٻيو حرص ۽ هوائون
    اي ڪار ساز توکان گھرون دعائون
    شيطان جي شرن کان، دنيائي دشمنن کان ( دوبار )
    بڇڙن توڙي برن کان، پرور تون ڏي پناهون
    اي ڪار ساز توکان گھرون دعائون
    جنگ آزادي آهي، انگريز آيا ڪاهي ( دوبار )
    تن کي ڀڄائي، پرور تون ڪر پرانهون
    اي ڪارساز توکان گھرون دعائون
    جي ٿو گھرين سپاهي، ملئي اجر الاهي ( دوبار )
    تون جنگ ڏي ٿي راهي، ڪر هنڌ ڏي هلائون
    اي ڪارساز مالڪ توکان گھرون دعائون.
    اوڀر پاسي کان مير قاسم اهڙيءَ طرح توبون ڇوڙيون ۽ اهڙي جوش و خروش سان جنگ ڪئي جو انگريزي فوج پسپا ٿي پوئتي موٽي ۽ اتر پاسي واريءَ فوج کي مدد ڏيڻ واسطي وڃي انهن سان شامل ٿي.
    هي حال ڏسي نواب گھٻرائجي بهار کي چيو ٻچا ! تون جلدي ڊوڙي وڃي گورگان خان کي چئو ته “ هو انگريزن سان بالڪل گھڻي همت ۽ ڪوشش سان مقابلو ڪري جو ان پاسي ڊبل فوج وڃي شامل ٿي آهي.اميد ته سوڀ پنهن جي آهي ”
    پيءُ جو حڪم مڃي سورهن ورهين جو بهار شهزادو گھوڙي کي اڙي هڻي ترت ئي وڃي گورگان وٽ پهتو. اتي هن جيڪو دردناڪ منظر ڏٺو. تنهن سندس ننڍڙي دل کي سخت صدمو رسايو. ۽ موٽي اچي مير قاسم کي چوڻ لڳو “ بابا جان ! گورگان خان ته ماٺ ڪيو ويٺو آهي ۽ فوج کي به توبن ڇوڙڻ کان منع ڪري ڇڏي اٿس.توهان جي حڪم موجب : مون جڏهين کيس انگريزن سان سخت مقابلو ڪرڻ واسطي چيو تڏهين جواب ڏنائين ته :
    “ هاڻي ڪهڙي ضرورت آهي جو اجايو گولا ۽ باروت زيان ڪريون ؟ ڇاڪاڻ ته اڃا تائين مان وڙهڻ جي ڪابه ضرورت نٿو ڏسان ؟ اهو ٻڌي نواب سمجھيو ته “ گورگان شايد مون سان غداري ڪئي آهي ” ان ڪري سندس اکين ۾ خون ڀرجي آيو ۽ ڪاوڙجي چوڻ لڳو “ نمڪ حرام ! احسان فراموش بد ذات گورگان !افسوس !! موذيءَ جي موقعي تي دغا ڏني. خير هن وقت هتي منهن جو ڪو وفادار سچو دوست آهي ؟ جيڪڏهين ها ! ته يڪدم وڃي هينئر جو هينئر بد نيت دغا باز گورگان جو سر ڪپي اچي.
    اهو ٻڌي نواب جا چار پنج نمڪ حلال سپاهي هٿ ٻڌي اچي اڳيان حاضر ٿيا ۽ سڀيئي يڪ زبان چوڻ لڳا جھان پناھ ! غلام : حضور جي حڪم بجا آڻڻ جي اجازت گھرن ٿا ”
    مير قاسم چيو ؛ اي پيارا سپاهيو وڃو ۽ يڪدم هن خونخوار موذيءَ جو سر ڪپي منهن جي روبرو کڻي اچو.
    اهو ٻڌي چارئي پنجئي سپاهي گھوڙا ڊوڙائيندا وڃي گورگان جي مٿان اچانڪ ڪڙڪيا ۽ سندس سر ڪپي جلدئي نواب جي سامهون کڻي آيا. نواب ڪاوڙ ۾ ڀرجي غدار گورگان جي سر کي ٿڪون هنيون ۽ پوءِ پير جي ٿڏي سان بال وانگر قلعي جي ٻاهران کڻي اڇلايائين.
    سچ چيو اٿن ته : جو ٻئي لاءِ کڏ کوٽي سو اول ان ۾ ڪري.
    شاھ صاحب فرمايو آهي ته ؛
    ڪشي ڪان ڪمان ۾ ميان مارم مون
    مون ۾ آهين تون متان تنهن جو ئي توکي لڳي
    ايتري ۾ بهار جو هر هر گھوڙي تي چڙهي قلعي جي اتر طرف آيو ۽ ويو پئي، سو گھٻرائجي پيءُ کي چوڻ لڳو ؛ ابا جان ! نمڪ حرام گورگان جي دغا بازي سبب انگريزن اتر واري ڦاٽڪ تي پنهنجو قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ان طرف واري سموري فوج وڃي گورن سان ملي آهي، تنهن ڪري جيستائين ناگريز اسان کي گرفتار ڪن تنهن کان اڳ يڪدم هتان نڪري هلڻ گھرجي. پوءِ جي حياتي هوندي ته خدا ٻيو ڀيرو عزت ۽ حڪومت بخشيندو.
    سوئي راه رد ڪري سوئي رهنماءُ
    و تُعز من تشاءُ وتُذل من تشاءُ.
    گستاخي معاف ڪجو هاڻي به نڪرڻ جو موقعو هٿان نه ويو آهي.
    اهو ٻڌي مير قاسم اتر طرف ڏي نظر ڦيرائي ۽ سڀ ڪجھه ڏسي بهار کي چوڻ لڳو ؛ سچ آهي پيارا بهار ! اوهان اولاد جي بقا خاطر نڪري هلڻ ٺيڪ ٿيندو ۽ هتي ترسڻ سراسر نا مناسب، باقي وفادار ۽ نمڪ حلال سپاهي پاڻيهي منهن ڏيندا. ائين چئي بهار کي ساڻ وٺي گھوڙو قلعي جي اوڀر پاسي ڊوڙائي پوءِ ڏکڻ ڏي ويو، سؤ کن قدم هلڻ کان پوءِ هڪڙي سرنگھه وٽ پهتو. گھوڙا اتيئي ڇڏي بهار کي ساڻ وٺي اندر سرنگھه ۾ گھڙيو. اها سرنگھه ڪيترن گھاٽن وڻن جي اندر لڪل هئي ۽ ان وقت اتي ٻيو ڪوبه ڪونه هو. نواب سرنگھه جي اندران ئي اندران هڪڙي سنگ مرمر جي قبر وٽ پاڻ پهچايو، ۽ قبر جي وچ ۾ هڪڙي ڪاري چورس پٿر تي بيهي پيرن سان هيٺ زور ڏنو، جنهن کان جلد ئي ان ڪاري پٿر جي ڀر وارو هڪ ٻيو اڇو پٿر ڌرتيءَ اندر دريءَ وانگر کلي پيو ۽ ان جي اندر وڃڻ واسطي هڪ عمدي ڏاڪڻ ڏسڻ ۾ آئي. نواب بهار کي ساڻ وٺي ان ڏاڪڻ تان لهندو، ان سفيد پٿر کي بند ڪندو هيٺ هڪ تهه خاني ۾ پهتو، جتان ٽن طرفن ڏي رستا ويا ٿي.
    انهن مان هڪ واٽ ان برج ڏي ويئي ٿي جتي “ گل ” پنهنجي دائيءَ جي محبت ۾ دعا ۽ مناجات ۾ مشغول هئي . ٻي واٽ اندران ئي اندران سرنگھه وانگر گنگا جي ڪناري ڏي ويئي ٿي ۽ ٽين واٽ هڪ قديم مدفون خزاني ڏانهن ويئي ٿي، جو قبرستان جي نالي سان مشهور هو.
    تهه خاني ۾ پهچي نواب بهار کي چيو ته پٽ توکي هتي جي هرهڪ دروازي کولڻ جو ڀيد معلوم آهي يا نه ؟
    بهار هائو بابا سائين ! مون کي اوهان جون سمجھايل سڀ ڳالهيون چڱيءَ طرح معلوم ۽ ياد آهن.
    مير قاسم ٻچا تڏهين تون گل ۽ دائيءَ کي ساڻ وٺي ، سرنگھه جي رستي درياءَ جي ڪناري تي پهچي ڪا چڱي ٻيڙي ڀاڙي ڪري ان ۾ چڙهي منهن جو منتظر رهج. ته مان به جلدئي ڪجھه ناڻو ۽ جواهر پاڻ سان کڻي اچي ٿو پهچان. ڇاڪاڻ ته هتان نڪري هلڻ ئي بهتر آهي.
    مان هرگز پٺي نه ڏيکاريان ها. جيترو ٿي سگھي ها. اوترو هن جنگ آزاديءَ ۾ دشمن تي سوڀارو ٿيان ها يا آخر پنهنجي جان وطن تان صدقي ڪريان ها، پر توهان جي والده جي آخرين وصيت مون کي مجبور ڪيو آهي ۽ توهان ٻنهي ٻچن خاطر دشمن کي پٺي ڏيئي نڪري وڃڻو پيو.
    ان ڪري اي بهار جلد پنهنجي ڀيڻ کي وٺي ٻيڙي تي سوار ٿي منهن جا منتظر رهو ۽ مان به جلد اچان ٿو.
    ائين چئي نواب خزاني واري واٽ کان هلڻ لڳو ۽ بهار برج ڏي وڃي گل ۽ دائيءَ کي وٺي گنگا جي ڪناري تي پهچڻ لاءِ ان واٽ کان روانو ٿيو.


    5

    گھوڙن ۽ گھوٽن جئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجھه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا ( شاھ )

    بهار، والد جي فرموده موجب جلد از جد گل ۽ دائيءَ کي ساڻ وٺي سرنگھه رستي گنگا ڪناري پهتو. جا سرنگھه جي ٻئي پاسي بالڪل لڳ پئي وهي. اتفاق سان اتي هڪ ڇوٽي ٻيڙي به ٻڌل هئي. بس! پوءِ گل ۽ دائيءَ سوڌو ان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ مير قاسم جي واٽ نهارڻ لڳو.
    هن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندو ڏسي هڪ مهاڻو جوان ٻيڙيءَ جو مالڪ هو سو به ڊوڙندو اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ هنن کي سڃاڻي، اول نئڙي سلام ڪيائين ۽ پوءِ هن طرح کويا ٿيو.
    حضور سلامت جلدي ڀڄو چئو ته توهان کي ڪٿي پهچايان ؟ اوهان جي والد محترم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چو طرف انگريزي جاسوس گھمي رهيا آهن. بهار اکين ۾ پاڻي آڻي چيو ته : ٿورو صبر ڪر !منهن جو پيءُ اجھو ٿو اچي ! ائين چئي وري سرنگھه طرف ٽڪٽڪي لڳائي نهارڻ لڳو. اجھو آيو اجھو آيو ڪندي هڪ ڪلاڪ گذري ويو پر نواب نه آيو. پوءِ ته بهار کي هڪ پل به سال برابر گذرڻ لڳو. نزديڪيءَ ۾ قلعي جي ٻئي پاسي انگريزن جا سوڀ جا نقارا وڄي رهيا هئا، ۽ توبون ڇٽي رهيون هيون. سپاهين جي نعرن هل ۽ گوڙ کان ڪن ئي ٻوڙا ٿي، ٿي ويا. اهڙي وقت ۾ ويچارو بهار ڀيڻ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو نواب جون راهون تڪي رهيو هو.
    دير ٿيڻ ڪري مهاڻو جاسوسن جي ڊپ کان ٻيڙي هلائڻ لڳو. ان وقت بهار جي نازڪ دل تي اها سخت چوٽ لڳي جنهن جو اندازو فقط اها دل ڪري سگھندي جنهن کي اهڙو واقعو پيش آيو هوندو.
    اول تي هن نوابي جوش ۾ اچي مهاڻي کي ٻيڙي هاڪارڻ کان روڪيو مگر جڏهين مير بحر نه مڃيو لاچار کيس منٿيون آزيون ڪيائين پر مهاڻو سڀ ڪجھه ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪشتي ڪاهيندو رهيو.
    مهاڻي کي ڊڄڻ لاءِ سبب به هو، ڇاڪاڻ ته فتح جو نقارو وڄائيندي ڪيترا انگريز گنگا جي ڪناري ڏي وڌي رهيا هئا. اها جي ٻيڙيءَ ۾ سوارٿيلن کي ڏسي وٺن ها نه ضرور کين شڪ ۾ گرفتار ڪن ها ۽ جيڪڏهين کين خبر پئجي وڃي ها ته هي نواب جا ٻار آهن ۽ مهاڻو کين ڀڄايو پيو وڃي، ته هنن معصوم ٻارن کي شايد ڪجھه به نه کڻي ڪن ها پر ويچاري مهاڻي تي ضرور ڪا وڏي مصيبت اچي ڪڙڪي ها.
    اهو سڀ سوچي سمجھي مهاڻي بهار جي دانهن ڏي ڪجھه به ڌيان نه ڏنو ۽ ساھ جي ڊپ کان ٻيڙيءَ کي جلد وٺي وڃي وچ درياءُ ۾ پهتو.پر افسوس! اڃا مير قاسم جو ڪوبه پتو ڪونه هو ۽ بهار جي نظر اڃا سرنگھه ۾ لڳل هئي.


    6

    خوش رهو اهل وطن هم تو سفر ڪرتي هين
    درو ديوار پي حسرت سي نظر ڪرتي هين

    مير قاسم بهار کان جدا ٿي قديم قبرستان واري واٽ وٺي، درو ديوار تي حسرت سان نگاه ڪندو هلندو رهيو. کيس هڪڙا خيال آيا ٿي ته ٻيا ويا ٿي. تانجو هڪ جھوني قبرستان جي چوديواري ڏسڻ ۾ آئي انتي نظر پوڻ سان مير قاسم ڄڻ ته ڪنهن اگھور ننڊ مان سجاڳ ٿيو. ۽ تڪڙا قدم کڻندو قبرستان ۾ داخل ٿيو. جتي چوطرف خاردار وڻن ۽ ٻوٽن جي پنهن جو ديرو دمايو هو. انهن مٿان چٻن، چمڙن، ڳجھن ۽ ٻين مڪروه پکين اچي آکيرا جوڙيا هئا. ڪنڊن کان ڪپڙن کي بچائيندو نمندو نئڙندو، هڪ چوڪنڊي جاءِ ۾ داخل ٿيو جنهن کي ڇت ڪانه هئي. اها چوڪنڊي اصل ته ڪا چن، چيرپلي سان لنبيل هئي پر ايامن گذرڻ ۽ وري مرمت نه ٿيڻ ۽ اس ۽ برسات جون سٽون سهڻ سبب ڪاري ٿي ويئي هئي. ۽ پڻ منجھس ڪيتريون سيرون پئجي ويون هيون، چوڪنڊيءَ ۾ اندر خودرو ۽ گاهه ڦٽي فرش کي ئي ڍڪي ڇڏيو هو. چوڪنڊيءَ جي ديوار مان ٻه ٽي پٿر ڪري اچي مير قاسم جي قدمن تي پيا ۽ پنهن جي زبان حال سان گويا محبوب بادشاھ جي سلامتي ڏيئي ۽ قدمن ۾ نذرانو رکي رهيا هئا.
    مير قاسم اندر گھڙي گاهه مان رستو ٺاهي پاڻ کي وچ تي بيٺل هڪ قبر وٽ پڄايو، مصلو ( ڪتبو ) واري سر کي پاڻ ڏي ڇڪي ٻه ٽي لوڏا ڏنائين ته قبر جي وچواري تاڪي ٺڪاءُ ڏيئي اندر کلي پيئي ۽ اندر ڏ اڪڻ ۽ هڪ آباد تهه خانو ڏسڻ ۾ آيو. مير قاسم ڪجھه وقت ترسيو ته مسموم هوا نڪري وڃي ۽ تازي هوا سان تهه خانو ڀرجي وڃي، پوءِ بسم الله ڪري اندر گھڙيو. تيئن ڏاڪي تي پهچي وري به وچين تاڪي بند ڪري ڇڏيائين، اندر اهڙا ته ڪي زبردست هيرا جواهر رکيل هئا. جن جي جلوي ۽ جھڳمڳ کان سڄو تهه خانو تجلا ڏيئي رهيو هو.
    اٺ ڏاڪا هيٺ لهڻ کان پوءِ هڪ چورس ڪوٺي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون صندوقون سليقي سان رکيل هيون، مير قاسم وڏي هڪ پيتيءَ جو ڍڪ کولي ڪوٽ جا کيسا سونن سڪن سان ڀريا ۽ وري ٻي صندوق کولي ان مان چند گوهر بي بها چونڊي رومال ۾ کنيا. وري به پيتيون بند ڪري پوئتي موٽيو. ڏاڪڻ چڙهي ڀت ۾ لڳل هڪ پٿر کي ٻاهر زور ڏنائين ته وري به تاڪي کلي پيئي، ٻاهر نڪري ساڳيءَ طرح بند ڪري ساڳين پيرن تان واپس هلندو پهرئين تهه خاني ۾ پهتو.
    اتي بيهي ڪجھه ڪنسرو ڏيڻ بعد گنگا ڏي ويندڙ رستو وٺي هليو. جلد ئي اچي دروازي وٽ پهتو، جو به هڪ ڇپ سان بند ٿيل هو. ان کي به ڪنهن اٽڪل سان هٽائي، سرنگھه جي ڪناري تي هڪ پٿر جي اوٽ ۾ اهڙي طرح بيٺو جو سامهون ويندڙ ٻيڙيءَ وارا کيس ڏسن. بهار جنهن جي نظر سرنگھه طرف هئي ان کيس ڏٺو ۽ ٻيو ڪوبه کيس ڏسي نه سگھيو.


    7

    تدبير ڪند بنده – تقدير ڪند خند
    آهسته آهسته جڏهين ٻيڙي وچ سير کان اڳتي هلڻ لڳي تڏهين بهار ڏٺو ته مير قاسم سرنگھه جي منهن وٽ بيٺو نهاري رهيو آهي. اهو ڏسي مهاڻي کي وري ٻيڙي ڪناري ڏي وٺي هلڻ لاءِ چيائين پر هن هڪ نه مڃي. ان وقت نواب جو ڪومائل منهن ڏسي، سلڇڻو پٽ بهار شينهن وانگر ڀڀڪي اٿيو ۽ من ۾ سوچڻ لڳو ته “ هي حرامزادو پنهن جي ساهه جي ڊپ کان ٻيڙي ڪناري تي نه کڻي هلندو پر هن ڪميني جي نسبت ۾ منهن جي والد جي جان هن وقت نهايت قيمتي ۽ وڌيڪ خطري ۾ آهي، اهو خيال ڪري ڪمر مان تلوار ڪڍي ان هٺيلي مير بحر جي گردن تي اهڙي زور سان هنئي جو هڪ ئي ڌڪ سان ٻه اڌ ٿي وڃي گنگا ۾ پيو.
    ان وقت ٻيڙي ٻئي ڪناري کي نزديڪ وڃي پهتي هئي. هوڏانهن گنگا جي ڪناري واري سرنگھه ۾ نواب بيٺي سڀ رنگ ڏسي رهيو هو. هاءِ ! هڪ دفعي مينا بيگم جي موت وقت هن بهادر جي اکين مان آنسو وهيا هئا. ٻيو دفعو اڄ پنهنجي سپوٽ ۽ شير دل شهزادي بهادر جي سعادتمندي ڏسي هن جي اکين مان آب اڇلون ڏيئي اچڻ لڳو. ڪشتيءَ تان بهار ٽڪٽڪي لڳائي نواب طرف نهاري رهيو هو. ۽ هوڏانهن مير قاسم به پنهنجن ٻچڙن ڏي هڪ ٽڪ ڏسي رهيو هو. موٽي ٻيڙي قلعي طرف آڻڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي جيتوڻيڪ بهادر بهار ڄاتو ٿي ته جي مان پڪڙ جي پيس ته ٻنهين ڀاءُ ڀيڻ جي جان ۽ عزت سخت خطري ۾ پئجي ويندي. پر هينئر هو پياري پيءُ لاءِ جان ڏيڻ لاءِ به تيار هو، تنهن ڪري ٻيڙي ورائي واپس مير قاسم ڏي اچڻ لڳو. جيتوڻيڪ پاڻ ٻيڙي هلائڻ جي هنر ۾ ايترو ماهر نه هو ته به “ ويچارن واري وڌا ڪم ڪريم تي ” جي مصداق هيٺيان لفظ چئي ٻيڙيءَ کي هاڪاريندو رهيو.

    آڏو چڪڻ چاڙهه منهن جي موج نه سهي
    مڪڙي ميري مٺابن جو بيحد چاڙهيم بار.
    چوڻ چارو ناهه ڪو بَديون بيشمار.
    ڪپر ڪارو نڀار اڪارئين احسان سين (شاھ )

    قدرتاً هوا ڪا سڻائي لڳي جو اک ڇنڀ ۾ ٻيڙي سير اڪري ڪناري کي ويجھي پوندي ويئي.

    سڙهه سنوان لا ڄو نوان، مهاڻا سندن مير
    ساٿي سفر هليا، ٿيا سڻا وا سير
    جي اچن ساڻ اڪير سي ٻيڙا رکين ٻاجھه سين ( شاھ )

    اچانڪ ان وقت ڪيترا گورا سرنگھه جي ڏسڻ ۾ آيا، جي هيڏانهن هوڏانهن چتائي نهاري رهيا هئا. پر مير قاسم اهڙي هنڌ بيٺل هو جو هنن سڀني کي ڏسي رهيو هو ۽ کيس گورن نه ڏٺو. گورن کي پاڻ طرف ايندو ڏسي نواب سيٽي وڄائي رومال لوڏي بهار کي ڪجھه اشارو ڪيو. انجو مطلب سمجھي بهار ٻيڙيءَ کي واپس پوئتي ڦيرايو ۽ نواب جاسوسن جي اچڻ کان اڳيئي سرنگھه ۾ اندر گھڙي ويو. جاسوسن سيٽي جو آواز ٻڌو پر ان ڏي ڪو خيال نه ڏنائون : جيڪڏهين هو ڪنهن ماڻهوءَ جو پاڇوئي ڏسي وٺن ها ته به جاچنا ۽ کوچنا ڪن ها هنن سرنگھه ۾ گھڙي ڏٺو ته اها هڪ غار وانگر ڏسڻ ۾ آئي. جنهن ۾ ڪنهن رستي يا ڪوٺيءَ جو نشان نه ڏسڻ ۾ آين جنهن ڪري هو واپس هليا ويا ۽ ٻيڙيءَ تي به سندن نظر ڪانه پيئي.
    جڏهين ٻيڙي ڪناري کان گھڻو پري نڪري ويئي ته اندر جي ڀڙاس ڪڍڻ لاءِ “گل ” هيٺيون دردي ترانو ڳائي پاڻ به رنو ۽ ٻين کي به رئاڙيائين
    اي الوداع! جنم ڀون اي الوداع حڪومت
    اڄ دربدر ڪيو آهه پنهن جن جيئي حڪومت
    پنهنجي وطن کان وڇڙيو بي گھر ٿيو وڃون پيا
    مولا ڄاڻي ته اهڙي آئي ڪٿان نحوست
    ويو تاج تخت ڦرجي اقبال اوج عزت
    هئي هئي حصي ۾ آئي هيءَ رات ڏينهن جي ذلت
    جيئن موج ۾ هي دريا،دل ۾ به تيئن طلا طم
    غم جون اتن ٿيون لهرون سيڪنڊنه آهه سڪونت
    معلوم ناهي منزل، همدرد ڪوبه ناهي
    ڪاٿي مٿو لڪايون سائين ڪري سهولت.
    ڪلهه جن رڪاب بوسي خود لاءِ فخر سمجھيو
    اڄ ٿي پياسي ويري دل ۾ رکن ڪدورت
    گل جو هي عرض آهي سائين سگھو اگھائج
    جن ڏينهن هي ڏيکاريو تن سان به ٿئي عقوبت.
    خدا پاڪ جي فضل وڪرم سان بهار، گل ۽ دائيءَ کي وٺي بنا خوف و خطر ي وڃي پار نڪتو. ملاح جي جان اجائي ويئي جيڪڏهين بهار جي چوڻ تي هو بد نصيب ٻيڙي واپس ڪناري تي وٺي اچي ها ته گل، بهار ۽ مير قاسم جي ههڙي حالت نه ٿئي ها ۽ نڪي سندس سر وڃي ها، پر چوندا آهن ته
    توڙي هلين تڪڙو توڙي هلين وک
    لکئي منجھان لک ذرو ضايع نه ٿئي


    8

    بک وڌائون بگرئين جوڳي ڪندا جڃ
    طلب نه رکن طعام جي اوتيو پيو اڃ
    لاهوتين لطيف چئي من ماري ڪيو مڃ
    سامي جھاڳي سڃ وڃي وسنئون کي ويجھا ٿيا ( شاھ )

    ٻيڙي خير سان ڪناري اچي لڳي ڪناري کان ٿورو پر ڀرو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. ٻيڙيءَ کي گنگا ڪناري ٻڌي بهار، گل ۽ دائي ءَ کي ساڻ وٺي ان ڳوٺ ڏي وڃڻ جا ويچار ڪرڻ لڳو، پر هڪ دفعو وري به سرنگھه ڏي نيڻ کڻي نهاريائين. جتي ٿورو وقت اڳ مير قاسم بيٺو هو، اتي هينئر ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هئا.
    آديسي اٿي ويا پيئي اڏامي رک
    سامي کڻي سک وڄائي واٽ ٿيا.
    نواب جي پڪڙڻ واسطي انگريزن ٻارنهن ٻيڙيون گنگا ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلائڻ شروع ڪري ڏنيون هيون. اهو حال ڏسي، دائيءَ بهار کي چيو ته ٻچا ٻيڙيون لامارا ڏيئي رهيون آهن ان ڪري هتان هڪدم روانا ٿيو. هاڻي هتي ترسڻ ٺيڪ نه ٿيندو هلي ڪٿي پاڻ کي پوشيده ڪريو.
    بهار،: اما منهن جو پيءُ جيڏانهن ويو آهي مان به اوڏانهن وڃڻ گھران ٿو.
    دائي :، ٻچا ڊپ نه ڪر ! تنهن جو پيءُ جيئرو آهي. پوءِ تون ڇو ناحق انگريزن جي هٿ ۾ پاڻ کي ڦاسائڻ گھرين ٿو ؟ جي تو پاڻ کي انگريزن جي هٿ ۾ هئڻ چڱو ٿي سمجھيو ته پوءِ اتان ڀڄي وري ڇو آئين ؟ دائيءَ جي چانڪ تي بهار کي هوش آيو ۽ هن گل ۽ دائيءَ کي وٺي هڪڙي ڪنگال ڳوٺاڻي ڪڙميءَ جي جھوپڙيءَ ۾ وڃي ديرو دمايو. ان غريب ڳوٺاڻي گل ۽ بهار کي نه سڃاتو پر هنن کي ڪنهن شاهوڪار جا ٻار سمجھي انعام جي لالچ تي پنهنجي حال سارو سندن خدمت ڪرڻ لڳو. پوءِ جڏهين دائيءَ کان سڄو سماچار پيس تڏهين ته پاڻ کي خوش نصيب سمجھي بهار بهار ٿيڻ لڳو ۽ دل وَ جان سان خدمتون ڪرڻ لڳو.
    الله اڪبر يا ته جنهن گل ۽ بهار کي مخملي سيج تي به سک ننڊ نه ايندي هئي يا ته اڄ هڪ غريباڻي ڪکن جي جھوپڙيءَ ۾ ڀڳل ٽٽل کٽولڙيءَ تي سمهڻو پين ۽ جن کي شاهاڻا کاڌا به ليکي ۾ ڪين هئا، انهن کي اڄ ڪچي ڦڪي جوئر يا ٻاجھر جي روٽي کائي صبر ڪرڻو پيو.
    پر ۾ پڇيائون عشق جي اسباب کي دوران هن درد جو ڏاڍو ڏسيائون
    ، آخر والعصر جو آئين اتائون تنها پوءِ سڪان ٿي سلام کي ( شاھ )
    اي بي پرواهه قادر مطلق تنهن جي قدرت تان قربان وڃان تون جيڪي گھرين سو ڪرين ٿو. جنهن کي وڻيئي تنهن کي عزت ڏئين ٿو ۽ جنهن کي چاهين تنهن کي دولت ڏئين تون هر شيءِ تي وسوارو آهين.

    پريان سندي پار جي ، مڙيئي مٺائي
    ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري ( شاھ )

    سمهڻ وقت گل پنهنجي بانسري وڃائي ڏکويل آواز ۾ هي غزل ڳائڻ لڳي :

    منهن جو بابو اڃا نه موٽيو
    ڪهڙي روڪ اندر وڇي روڪيو.
    ويو جاڻ و حشم ۽ حڪومت
    وڌي ماڻهن آهه خصوصيت
    اڄ پنهن جو پاڻ نه موکيو
    ڪهڙي روڪ..............
    ڪيو ملڪ تي قبضو ڌارين
    ڪڍيو بلبل کي باغ مان ڪانگن
    جن ٻج غداريءَ جو پوکيو
    ڪهڙي روڪ........
    منهن جي مانيءَ جو ٽائيم آهي
    هتي گڏجي کير کارائي
    مون کي قسمت آهي روليو
    ڪهڙي روڪ............
    هت سا نه آهن سرتيون
    سڀ سرتيون رب کي پرتيون
    هلي پنهن جي پنهل کي ڳوليو
    ڪهڙي روڪ...........
    اڄ وس کان بيوس ٿياسون
    ڌارين جي پناري پياسون
    اهڙو اونڌو نصيب ڇو ٿيو ؟
    ڪهڙي روڪ ..............
    “ گل ” هيءَ اميد رکي ٿي
    ۽ عرض خدا کي ڪري ٿي
    اچي بابو سلامت موٽيو
    ڪهڙي روڪ.........

    اهو غزل هر هر ڳائي نه رڳو پاڻ زار زار روئڻ لڳي پر بهار، دائيءَ ۽ ڪڙميءَ کي به روئاڙيائين آخر غريب پير مرد جي سمجھائڻ تي ڪجھه کائي سمهي پيا. ڪڙميءَ کي يڪدم ننڊ کڻي ويئي پر هنن غمزدن کي ننڊ ڪانه آئي. نيٺ دل وندرائڻ لاءِ بهار، گل کي چيو ته ڪو نغمو ٻڌاءِ ته دل کي اطمينان اچي گل وري هيءُ غزل ڳائڻ شروع ڪري ڏنو .

    باغ دنيا ۾ ڪڏهين تنهن جو هو آشيانو بلبل
    هر بشر جي دل تي هو سندءِ فسانو بلبل.
    هڪ گل کان ٻئي گل ڏي اچڻ تنهنجو هو عجب
    هڪ ٽاري ڇڏي ٻيءَ تي ڪيئي آشيانو بلبل.
    گل کلي اڄ به ٿيا تيار اٿئي وارو
    درد سان چئي ڪو نغمو يا ترانو بلبل.
    ڇا هيو ۽ ڇا ٿيو ؟ آيو انقلاب عظيم
    ڦرندو رهي ٿو ان طرح سان زمانو بلبل.
    گلزار ۾ اڄ پير پائڻ جي نه اجازت آهه
    آشيانو ڦري ٿيو سندءِ بوم خانو بلبل
    صياد جي پڃري ۾ رهڻ تنهن جو اڄ ٿيو
    حوالي ٿيو ڌارين جي تنهن جو آبدانو بلبل
    گلچين ٿيو خوش جنهن کي اڳ تو ٿي روڪيو
    پڃري ۾ قصو تنهن جو ٿيو پرانو بلبل
    پڃري مان ڪڍي توکي وجھي چيلهه ۾ ڌاڳو
    مالڪ اڄ تنهن جو ٿيو هڪ بيگانو بلبل
    حلوو جي ڏين هت يا کڻي شربت پيارين
    وڌ ملڪ سندو آزاديءَ ۾ هڪ داڻو بلبل
    برباد ڪري شال خدا صياد و قفص کي
    آباد رهي تنهن جو مگر ميخانو بلبل
    پن گل جا ڪري هٿ ۽ بنائي ڪاغذ
    لک ان تي “سپاهي ” تون هيءُ فسانو بلبل.
    راڳ ۽ ٻين جي آواز تي پوڙهو به ننڊ مان جاڳي پيو پر روئڻ ۽ رعب کان ڪجھه به ڪڇي پڇي نه سگھيو.


    9

    اٿياري اٿي وئا منجھان مون آزار
    حبيب ئي هڻي وئا پيڙا جي پچار
    طبيبن توار هڏ نه وڻي هاڻ مون

    رات ڪنهن مشرقي محبوب جي ڪارن وارن وانگر اونڌاهي هئي. چو طرف سناٽو ڇانيل هو، پر ڪنهن وقت رکي رکي گدڙ، سوئر، ڪتا ۽ ٻيا جانور پنهن جي آوازن سان ان ماٺ جي مهر کي ٽوڙي رهيا هئا. ڳوٺاڻو جو غزل ۽ بين جي آواز تي جاڳيو هو سو به گل ۽ بهار کي دلاسا ۽ دلبريون ڏيئي وري به سمهي پيو، پر هنن مصيبت جي ماريلن کي ننڊ اصل نه آئي.
    اوچتو بهار ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ گل کي چيائين “ پياري گل جاڳين پيئي ”

    گل – هائو بهار
    بهار – گل تون مون سان هلندينءَ
    گل – ضرور هلنديس بهار
    بهار – مگر تو اهو ته ڪونه پڇيو ته ڪٿي هلڻو آهي ؟
    گل – هائو بهار
    بهار – گل تون ڏاڍي ڀورڙي آهين
    گل – اي بهار
    ايترو چوندي گل جي اکين مان ماڻڪن جھڙا لماس ( آنسون ) ڳڙي اچي هيٺ پيا، مگر اونڌاهي هئڻ سبب بهار اهي نه ڏٺا.
    گل جي روئڻ جو سبب چوٽ کاڌل دل ئي معلوم ڪري سگھندي، باقي بيدرد جي سخت دل ان راز جي سمجھڻ کان قاصر آهي. سچ چيو اٿن ته “ لڳي هو وئي ته ڪل پوئي ، نه ته پڇ لڳيان واليان ڪنون ”
    جتي باهه ٻري سا جاءِ جلي
    ڪهڙو سيڪ اچي پاڙي واليان نون.
    بهار چيو گل ! منهنجي دل چوي ٿي ته بابو اڃا تائين قلعي واريءَ سرنگھه ۾ موجود هوندو. هن مون کي رومال جي اشارن سان هيءَ ڳالهه سمجھائي ته مان قبرستان واري پوشيده تهه خاني ۾ تنهن جو انتظار ڪندس ۽ هيءُ به يقين آهي ته جيستائين انگريز سندس ڳولا کان بس نه ڪندا تيسين هو پاڻ کي اتي پوشيده رکندو. ان ڪري مان سندس واسطي کاڌي پيتي جي شيءِ کڻي وڃڻ گھران ٿو. ڪيئن تون هلندينءَ ؟
    گل – هائو بهار
    بهار – آهه افسوس صد افسوس ! افسوس اڄ پنهنجي پياري پيءُ جي وات ۾ هڪ داڻو به اَن جو نه ويو آهي. پروردگار ! تون اسان جو مددگار ٿيءُ.
    گل – تڏهين هل بهار جلدي هل. بابا سائين جي ڏسڻ لاءِ منهن جي دل به تڙپي رهي آهي.
    بهار – چڱو گل : ٻڌاءِ ته اسين ان جاءِ تي ڪيئن پهچي سگھون ٿا ؟
    گل – جيئن تنهن جي مرضي تيئن هل پر جلد هل جو بابو بلڪل بکيو هوندو.
    بهار- واهه ! ڀورڙي واهه ! توکي ذرو به عقل نه آهي ٻڌ پياري گل : مون اوستائين پهچڻ جي هڪ اٽڪل سوچي آهي. خير تون بين کڻ ۽ مون سان هل بهار کي دائيءَ گھڻو ئي سمجھايو : والد جي محبت سبب ان هدايت ڏي ڪن نه ڪيائين لاچار دائيءَ کي به ساڻن گڏ وڃڻو پيو. سچ آهي ته “ ڄم کان نيپاج وڌيڪ آهي ” پوءِ ته جھوپڙيءَ مان بهار هڪ شينهن جي کل کڻي، گل جو هٿ وٺي، دائيءَ سان گڏ ٻاهر نڪتو.
    گنگا جي ڪناري تي پهچي ساڳي ٻڌل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺا ۽ الله توهار ڪري ٻيڙيءَ کي پاڻيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيائون ۽ رب کان هن طرح دعا گھريائون :
    غوراب غريبن جو پاڻيءَ ۾ پرتوءِ
    سائين ساٿ سندوءِ پار بندر پهچائيين ( شاھ )
    ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي هيءُ معصوم جوڙو دنيا و مافيها کان بي خبر ٿي هلندو رهيو. قدرت جي ڳود ۾ دريا ءَ جون لهرون نفيس هوا ٿپڪي هڻي مٺي سر سان لولي ڏيئي کين سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. مالڪ جي مهر سان ماٺ ئي ماٺ ۾ ٻيڙي هلندي ڪن ڪپيندي،سير مان سر ٿي نچندي، ٽلندي اچي قلعي واري سرنگھه وٽ پهتي. پوءِ بهار، گل ۽ دائيءَ کي وٺي، ٻيڙي ڪناري سان اٽڪائي، اڳ سکيل اٽڪل سان سرنگھه جي دروازي وارو پٿر هٽائي اندر گھڙي وري دروازو بند ڪري اڳتي روانو ٿيو.
    جڏهن ٽيئي ڄڻا کاڌو کڻي نواب وٽ پهتا تڏهين نواب ٻنهي ٻالڪن کي ڇاتيءَ سان لائي سندن بدحاليءَ تي لڙڪ ڳاڙي دل جو بار ڪي قدر هلڪو ڪيو. پوءِ بهار جي زور ڀرڻ تي ڪجھه کاڌو کائي، پاڻي پيتو ۽ خدا وند ڪريم جو شڪر بجا آندو. ان بعد رئڻهارڪي آواز ۾ چوڻ لڳو :
    پيارا بهار! هاڻي ڇا ٿيندو ؟ ويچارو بهار ڪهڙو جواب ڏئي، سواءِ آنسون وهائڻ جي ٻيو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگھيو
    آخر سج اڀرڻ کان ڪلاڪ کن اڳ ٽيئي ڄڻا گنگا ڪناري پهچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ساڳيءَ جھوپڙيءَ ۾ پهتا. بدنصيب نواب قبرستان ۾ ئي رهيو .
    هاڻي بهار جو اهو روزانه جو دستور ٿي ويو جو روز سج لهڻ بعد ڪجھه کاڌو کڻي، گل دائيءَ کي وٺي قلعي واري سرنگھه اندر پيءُ وٽ ويندو هو ۽ سج اڀرڻ کان ڪلاڪ کن اڳ واپس ان جھوپڙيءَ ۾ ايندو هو. پوڙهي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه کڻي ايندو هو جنهن ڪري هو به ماٺ ۾ رهيو.


    10

    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾
    اڀا ايئن چون،مڇڻ پاند پسائيين ( شاھ )

    ڪجھه ڏينهن کان پوءِ منگھير ۾ هيءَ ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته آڌيءَ رات جو قبرستان جي طرف کان ڏاڍو مٺو بين جو آواز ۽ ان سان گڏ ڪڏهين ڪڏهين هيءَ سريلي ۽ مڌر مصرع به ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.

    بهار آيو ته گل آيو، بهاري وئي ته گل ويندو،
    نه گل ڌاران بهاري ٿئي، بهاريءَ ري نه گل ٿيندو.

    بين وڄائڻ ۽ مصرع ڳائڻ وارو ڪير آهي ؟ ان ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ڏاڍا مٿا مونا هنيا، پر ڪوبه اهو عجيب راز سمجھي ڪونه سگھيو .
    ان کان وٺي منگھير جي هندن ۽ وهمي مسلمانن جنن ۽ ڀوتن جي ڊپ کان قبرستان ڏي اچڻ بند ڪري ڇڏيو. انگريزي پهريدار جو رات وقت ان طرف پهري تي بيٺل هوندو هو سو به ڊپ سبب پيو ڪنبندو هو. اهو ڊپ ايتري قدر وڌي ويو جو ماڻهن قلعي مان لڏڻ جو پڪو خيال ڪيو.
    ڳالهه جو ڳالهه ۾ سمورو بيان ڪلائيو جي ڪنن تائين پهتو. ان کي خيال ٿيو ته ان خبر جو انت لهان. آخر رات جاڳي پهريدار سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار ٿيو.
    ڪلائيو جنگي پوشاڪ پهريل، رائيفل سان تيار ٿيل، پهريدار کان ٿورو پرڀرو بيٺو هو. هو رات راڻيءَ جي انڌيري سڀني کي پنهنجيءَ ڪاريءَ چادريءَ ۾ لڪائي ڇڏيو هو. نوائي ۽ ماٺ مٺوڙو اهڙو هو، جو پن ڪرڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. آڌيءَ مهل سرنگھه وٽان مٺي وهاڳ راڳڻيءَ جو من موهيندڙ آواز بين جي سوراخن مان نڪري فضا ۾ آهسته آهسته پکڙجڻ لڳو ۽ ان سان گڏ ڪنهن عجيب سريلي گلي جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو.

    تون ٿو سال سنڀرين دنيا خواب آهي
    لڏي ويا ڇڏي ويا مٽي آب آهي
    سڪندر ۽ دارا هليا ويا هزارا
    پورس پرس پارن کنيو ڇا ته ناهي.
    تنهن جا پيءُ ۽ ڏاڏا، هليا ويا و آڏا،
    ڪٿي يار جيڏا تو احباب آهي
    ڇڏي بدشاھ تخت تختي تي آيا
    چکيوموت جو تن تکو تاب آهي.
    چڙهي باد صر صر تي جن ڪئي سواري
    ڪٿي اڄ انهن جو به اسباب آهي.
    خدا جن سڏايو بهشت جن بنايو
    نه تن جو دنيا ۾ بقا باب آهي.
    گذر ٿيو زمانو رهيو بس فسانو
    قاروني خزانو به غرقاب آهي.
    نبي امتي سڀ مري ٿيا مٽي سڀ
    ڪٿي تن جو منبر ۽ محراب آهي.
    چڙهي بور اباق تي راڻا هليا جي
    انهن جو ڪٿي سرخو سجاب آهي.
    “ سپاهي ” صبر ڪر فنا جو فڪر ڪر
    نه اڳتي ذڪر ڪر پورهيو ساب آهي.

    بين ۽ راڳ جو آواز ٻڌي پاڻ کي بهادر سڏائيندڙ ڪلائيو جو ڪليجو به ڪنبڻ لڳو پر نيٺ پنهن جي بزدلي وڃائڻ لاءِ دل کي لعن و طعن ڪري پاڻ کي بي ڊپو ظاهر ڪيائين. ٿوري دير بعد سچ پچ ڪنهن جي قدمن جي آهٽ محسوس ٿيڻ لڳي. جھٽ پٽ ڪلائيو انڌيريءَ ۾ ئي رخ تي بندوق ڇوڙي ڏني، رات جي سناٽي کي چيريندي گولي فرڙاٽ ڪندي آسمان ۾ گم ٿي ويئي ۽ ان سان گڏ پيرن جي آهٽ ۽ بين جو آواز به سناٽي ۾ گم ٿي ويو. ترت لالٽين کڻي چوطرف جاچ ڪئي ويئي پر ڪجھه به ڏسڻ ۾ نه آيو اها حالت ڏسي ڪلائيو جي اچرج جي حد نه رهي پر وري ٻيءَ رات هن عجيب اسرار جي پتي ڪڍڻ جو خيال ڪري وڃي سمهي پيو.
    ٻيءَ رات آسمان ڪڪرن سان ڍڪيو پيو هو. هر هر بجلي پئي چمڪي بادلن جي گجگوڙ کان پهلوانن جي دل في الحال ڏڪيو ٿي ويئي. مگر مغرور ڪلائيو انهيءَ ڌن ۾ لڳل هو ته ڪيئن به ڪري انهيءَ راز کان واقف ٿيان.
    اهو خيال ڪري وري به بندوق ۽ بارود سان ليس ٿي ساڳئي هنڌ وڃي بيٺو. آڌيءَ رات ٿيڻ سان وري به بين جو سريلو آواز سڻڻ ۾ آيو ۽ ان سان گڏ پيرن جي آواز تي ڪن ڏيندو قلعي جي ڏکڻ طرف آهسته وڌڻ لڳو، پر پيرن جو آواز قبرستان وٽ وڃي بند ٿي ويو. ڪلائيو به اکيون ڦاڙي چوطرف چڱيءَ طرح جانچڻ لڳو پر ڪوبه نشان ڏسڻ ۾ نه آيس. جنهن ڪري گھڙي کن واسطي وري به سندس دل زورسان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. سرنگھه جي اندر وڃڻ جي به ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪيائين پر وڃي نه سگھيو. آخر خيال پچائيندو واپس پنهن جي جاءِ طرف هلڻ لڳو.اڃا اڌ رستي ۾ مس پهتو ته هن اهو ساڳيو آواز پنهنجي پوئتان ٻڌو. اول ته ڏڪي ويو پر وري به منهن ورائي چوطرف ڏسڻ ۽ لالٽين گھرائي ڳولڻ تي به ڪجھه به ڏسڻ ۾ نه آيس ان ڪري آسرو لاهي سيٽيون وڄائيندو پنهن جي جاءِ ڏي هلڻ لڳو. ته ايتري ۾ بجليءَ جي چمڪاٽ تي ڪلائيو پاڻ کان چند قدمن تي هڪ شينهن کي ڏسي ورتو. هڪدم نشان ٻڌي فائر ڪيائين. وري به بجليءَ جي چمڪي تي ڏٺائين ته شينهن زمين تي ڪري ڦٿڪي رهيو آهي. بس! پوءِ بگل وڄايائين ته ڪيترائي يورپي هٿن ۾ لالٽين ۽ مشعل کڻي اتي پهچي ويا. اتي پهچي هنن جيڪي ڏٺو تنهن کين تعجب ۾ وجھي ڇڏيو ۽ سڀني جي زبان مان اچانڪ نڪتو ؛
    اڙي هاءِ هي ڇا ؟! هيءُ ڪهڙو اسرار آهي ! ڪلائيو پنهن جي سامهون ڌرتيءَ تي هڪ تمام سهڻو سورهن سترهن جو ٻالڪ رت ۾ ٻڏل ڏٺو.جنهن جي ڇاتيءَ ۾ گولي لڳي هئي ۽ گولي لڳڻ سان وات مان برابر رت جو ڦوهارو نڪري رهيو هوس. ۽ پاسي ۾ هڪ وڏي شينهن جي کل پيئي هيس. ڦٿڪندڙ سندر ٻالڪ جو چهرو ڏسي ڪلائيو جھڙي پٿر دل کي به سخت چوٽ لڳي ۽ هو چپ چاپ اتي بيٺو رهيو. پر پوءِ جلدئي ان معصوم کي گود ۾ کڻي علاج لاءِ پنهن جي جاءِ تي آيو. ڊاڪٽر مرشن صاحب کي آندو ويو. پر هن جي پهچڻ کان اڳيئي هن ٻار معصوم روح عنصري پڃري مان پرواز ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون
    ناظرين هن ٻالڪ کي سڃاتو هوندو اهو هن ناول جو هيرو “ بهار ” هو. جو دنيا جي سڀني بهارن کي ساڻ وٺي هن طرح بي موت مري ويو. سچ آهي ته “ لکيو منجھه نراڙ قلم ڪياڙيءَ نه وهي ” ڪنهن کي طاقت نه آهي جو ازل جي انگ کي مٽائي سگھي. مگر اهڙن معصوم مکڙين جي کلڻ کان اڳ موت تي ضرور ارمان ٿئي ٿو.
    باغ دنيا ۾ سدائين گل ڪيئن آيا ويا
    آهه ارمان تن مٿي جي بن کلئي ڪومائيا.
    ڪين ورتو واس جن جو بلبلن ۽ باغبان
    موت تي انهن سندي ٿو رت روئر آسمان.


    11

    گلون سي لگي ساري گلشن ۾ آگ
    الاهي ڪهان جائي بلبل غريب

    جنهن رات بهار ڪلائيو جي گولي لڳڻ سان پنهنجي جان ڏني. ان رات گل ۽ بهار نواب کان موڪلائي هن پار جھوپڙيءَ ۾ وڃڻ واسطي پاڻ کي اوندهه جي سياهه چادر ۾ لڪائي وڃي رهيا هئا. ان ڏينهن دائي جھوپڙيءَ ۾ ترسي پيئي هئي. ان ڪري نواب ٻنهي جگر جي ٽڪرن کي ٻيڙيءَ تائين اماڻڻ لاءِ سندس اڳيان هلي رهيو هو. پهريون آواز جو ڪلائيو ٻڌو هو سو مير قاسم جي ئي قدمن جو هو. ان جي پٺيان ئي بهار شينهن جي کل ڍڪي پئي ويو. اوچتو سندس دشمن وڄ جي چمڪي سان ڪلائيو کي شينهن جي شڪل ڏيکاري ۽ هن به ڊپ ۾ اچي بندوق ڇوڙي ڏني. پڪي نشان باز ڪلائيو جي گولي هوا ۾ لهرون اٿاريندي بهار جي ڇاتيءَ کي ٽنگ ڪري ٻئي پاسي نڪري ويئي.
    هي ڏسي مير قاسم پڪڙجڻ جي ڊپ کان بيهوش گل کي ( جا گوليءَ جي آواز ۽ بهار جي ڪرڻ سان گڏ بيهوش ٿي ڌرتيءَ تي ڪري پيئي هئي ) کڻي سرنگھه ڏي هليو ويو. انهي ڪري جڏهين ڪلائيو اتي بيٺو ته بهار کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي نه ڏٺائين.
    ٻئي ڏينهن بهار جي مرڻ ڪري شهر ۾ ڏاڍو هل ۽ گوڙ پکڙ جي ويو، ڪي چوڻ لا ته هي فرشتو آهي ڇاڪاڻ ته ههڙا خوبصورت انسان نه، بلڪ ملائڪ ٿيندا آهن. پر پوءِ ڪن سڃاتي چيو ته “ هي نواب جو پٽ آهي ” ۽ هن جي پوشاڪ مان به سڀني کيس مسلمان سمجھيو ان ڪري کيس دفن ڪرڻ لاءِ مسلمانن جي حوالي ڪيو ويو.
    ان ڏينهن دفن جي وقت کان وٺي شام تائين برابر توبون ڇٽنديون رهيون ۽ ماتمي بئنڊ وڄندي رهي. سڄي فوج افسوس جي پوشاڪ پهري بهار جي قبر تي آنسن جي گلن جو مينهن وسائيندي رهي.
    هي آنسن جي گلن جا هار ٺاهي
    منجان معصوم ڏي سهرا بنائي.
    ڪلائيو به هن معصوم شهزادي جي موت جو گناهه جي گردن تان لاهڻ لاءِ پنهن جي خانگي ملڪيت مان رپيا ڪڍي فقيرن کي کاڌو، ڪپڙا ۽ روڪڙا خيرات طور ڏنا ۽ اها شينهن جي کل بهار جي قبر مٿان پڙ ڪري وڌي ويئي.سچ آهي ته :
    شير جي هڪ ڏينهن جي زندگي
    گدڙ جي سو ساله زندگيءَ کان بهتر آهي.


    12

    سوريءَ سڏ ٿئو، ڪا هلندي جيڏيون
    وڃڻ تن پئو، نالو نيھ ڳنهن جي ( شاھ )

    هن حالت جي ڪيترن ڏينهن بعد وري ساڳيءَ جاءِ تان آڌيءَ رات وقت بين جو مٺو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڪڏهين ڪڏهين هيٺين مصرع به ڪنن ۾ گونجڻ لڳي.
    بهاري چمن ۾ کلائي ٿي ڇا ڇا ؟
    مٽي رنگ ٿو آسمان ڪهڙا ڪهڙا

    پوءِ ته ماڻهو وري ڏاڍا حيران ٿيا ۽ پاڻ چوڻ لڳا ته ڇا بهار سچ پچ فرشتو آهي ؟ ڇا بهار قبر مان نڪري اڳئين وانگر مٺي تان هڻي ۽ بين وڄائي ٿو ؟ اهڙيءَ طرح ماڻهو وري به قسمين قسمين جون ڳالهيون ٺاهي تيليءَ مان ٿنڀ بنائڻ لڳا. جنهن ڪري پهريدارن جو ڪليجو وري به ڊپ سبب ڪنبڻ لڳو. آخر سموري ڳالهه وري به ڪلائيو جي ڪنن تائين پهتي.
    اهو ٻڌي هن کي پڪ ٿي ته هن معاملي ۾ ڪو وڏو ۽ ضروري راز پوشيده آهي. اهو ويچار ڪري هن ڪيتريون ئي راتيون جاڳي ان هنڌ کوجنا ڪئي. پر بين جي آواز ۽ تان کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جو پتو نه ڪڍي سگھيو. اٺ ڏهه ڏينهن گذري ويا هڪ ڏينهن ڪلائيو پنهن جي ڪمري ۾ ويٺو ڪا چٺي پڙهي رهيو هو ته ايتري ۾ قلعي جي ٻاهرئين ڀاڱي ۾ وڏو گوڙ مچي ويو . اهو ٻڌي ڪلائيو سمجھيو ته شايد مير قاسم ٻيو ڀيرو فوج ڪٺي ڪري قلعي تي حملو ڪيو آهي. اهو خيال ڪري قلعي جي ديوار وٽ اچي ٻاهرئين طرف ڏسڻ لڳو ته ڇا جو گوڙ اهي پر فوج کان سواءِ ڪجھه به ڏسڻ ۾ نه آيس ايتري ۾ هڪ سپاهي ڏڪندو سهڪندو اتي ايو ۽ ڪلائيو کي اچي چيائين ته :
    “ جناب عالى : توهان پنهن جي هٿن سان جنهن خوبصورت ڇوڪر کي قبر ۾ دفن ڪيو هو. اهو ساڳيو ڇوڪر قبر مان نڪري ان جي پاسي ۾ سائي نرم گاهه تي ليٽيو پيو آهي. جي يقين نه ٿئيو ته پاڻ هلي ڏسو اهو ٻڌي ڪلائيو کي به عجب لڳو ۽ يڪدم ان سپاهي سان گڏجي قبر وٽ پهتو. ڇا ڏٺائين ته برابر ان ساڳئي ڇوڪر جھڙو ڇوڪر اکيون بند ڪري، قبر جي پاسي ۾ ستو پيو آهي. هي عجيب تماشو ڏسي في الحال ته ڪلائيو جو هوش به اڏامي ويو پر پوءِ پاڻ سنڀالي آهستي ان ڇوڪر جي مٿي تي هٿ گھمايو. معلوم ٿيس ته مٿو برف جھڙو ٿڌو آهي. ۽ نڪ اڳيان هٿ جھلڻ تي به خبر پيس ته ساهه ڪونه ٿو هلي، تڏهين پڪ ٿيس ته هيءُ مردو آهي. پر عجب لڳس ته هن کي قبر مان ڪنهن ٻاهر ڪڍيو ( جيتوڻيڪ قبر ساڳيءَ طرح مضبوط لنبيل هئي ) ڊاڪٽر کي گھرايو ويو، جنهن جانچي چيو ته هي ڇوڪر جو نه ڇوڪريءَ جو لاش آهي. جيتوڻيڪ کيس مرداني پوشاڪ پيل آهي.
    مطلب ته ٻئي ڏينهن سويري وري ماتمي باجو وڄڻ لڳو ۽ ڪلائيو فوجي رسم موجب ان ڇوڪريءَ کي پورڻ لاءِ بهار جي قبر وٽ آيو ۽ سندس حڪم سامن مسلمانن جنازه نماز پڙهي، بهار جي قبر ڀرسان دفن ڪيو ۽ سڀني ماڻهن لڙڪن جا گل وهائي خوب ٻنهي قبرن کي سينگاريو.
    ڪلائيو جي حڪم سان ان ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ جي يادگيريءَ واسطي روز ٽي دفعا توب ڇٽندي هئي. جلد ئي ڪلائيو ڪلڪتي روانو ٿيو. ان جي وڃڻ بعد توب جي سلامي به بند ٿي ويئي.


    13

    اونهي ۾ اوهري ، جڏهن وئا جي
    موٽي ماڳ نه آئيا ماءُ ساموونڊي سي
    کارو تني کي جڪس وه وري وئو ( شاھ )

    اها ڇوڪري هن ننڍڙي ناول جي هيروئن “ گل ” هئي جھڙيءَ طرح ڪن ماڻهن بهار کي سڃاڻي چيو هو ته هيءُ نوابزادو اهي. تهڙيءَ طرح ڪن گل کي به سڃاڻي چيو ته هيءَ نوابزادي آهي. ٻنهي جي هڪجھڙي شڪل ڏسي ڪلائيو توڙي ٻين سڀني به انهيءَ ڳالهه تي ويساه ڪيو.
    ڪلائيو هيءُ به دل ۾ سمجھيو ته مير قاسم به ضرور هتي ڪٿي لڪل آهي. هيترو وقت جيئرو رهي نه سگھندو.آخر ٿيو به ائين هن ويچاري جو به پنهنجي معصوم ۽ سندر ٻالڪن جي غم ۾ اوچتو خاتمو ٿي پيو.
    اسان مٿي لکيو آهي ( باب 12 ۾ ) ته مير قاسم بيهوش ٿيل گل کي کڻي سرنگھه ڏي هليو ويو.سا ڳچ وقت کان پوءِ هوش ۾ آئي، مستانن وانگر بهار بابت سوالن پٺيان سوال پڇڻ لڳي.ان وقت مير قاسم جي جيڪا حالت ٿي هوندي سا سڀڪو پنهن جي دل تي هٿ رکي معلوم ڪري سگھي ٿو. پنهن جي پٽ جي غم ۾ چريو ٿي پيو ۽ گل کي اتي ڇڏي ڪنهن طرف نڪري هليو ويو. ۽ اڄ تائين ڪنهن به هن جهان ۾ وري ڪونه ڏٺو. شايد هن ههڙي سخت ۽ افسوسناڪ چوٽ لڳڻ سبب بيوس ٿي پنهن جي جان جو پاڻيهي فيصلو ڪري ڇڏيو هجي والله اعلم بالصواب

    سڪندر رهيو نه زمين تي نه سام هت رهيو
    مردن جو هن جهان ۾ فقط نام هت رهيو


    14

    پڳهه پاسي ويهه آيل سامونڊين جي
    تون ويسري وک کڻين، هو پوريندا پرڏيهه
    سمنڊ جن ساڻيهه ڪوهه نه ويئينءَ تن سين ( شاھ )

    ٻئي ڏينهن جڏهين دائيءَ بهار ۽ گل کي موٽندو نه ڏٺو، تڏهين گھٻرائجي ٻنپهرن ڌاري ڪنهن به طرح گنگا اڪري منگھير آئي.
    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي
    تون تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا ( شاھ )

    منگھير ۾ اچي بهار جي حالت روبرو ڏٺائين ته کيس اهڙو صدمو پهتو جهڙو سچي ماءُ کي پٽ جي مري وڃڻ تي ٿيندو آهي سچ چيو اٿن ته
    “ ڄم کان به نيپاج وڌيڪ آهي ”
    پوءِ پاڻ کي لڪائي گنگا جي ڪناري واري رستي کان سرنگھه ۾ گھڙي. اندر وڃي گل کي اڪيلو ۽ بيهوش پيل ڌٺائين. دائيءَ جي ڪوشش سان گل وري به هوش ۾ آئي ۽ هن جي ڳچيءَ ۾ چنبڙي بهار ۽ مير قاسم بابت هر هر پڇڻ لڳي. ويچاريءَ دائيءَ کي اڀاڳي مير قاسم جي حال جي ته ڪجھه به خبر ڪانه هئي. ان ڪري ان بابت ڪجھه به نه ٻڌايائين. باقي بهار بابت جيڪي اکئين ڏٺو يا ڪنين ٻڌو هئائين سو سڀ چئي ٻڌايائين. اهو احوال ٻڌي گل پاڳل ٿي پيئي ۽ اکيون ڦاڙي دائيءَ جي طرف نهاريندي هن کان گھڙيءَ گھڙيءَ پڇندي رهي ته “ بابو ڪٿي آهي ؟” ۽ ادو ڪٿي آهي ” دائيءَ جي هزار بار سمجھائڻ تي به هن سوالن پڇڻ کان بس نه ڪئي. ڏسندي ڏسندي ان جي اکين جون پتليون چڪر کائڻ لڳيون ۽ منهن تي ڪاراڻ ڇائنجي ويس. چهرو ڳنڀير ٿي لڱ سڪي ويس ۽ پٿر وانگر اتيئي ويٺي رهي.
    هاءِ ظالم ڪلائيو هيءُ تو ڇا ڪيو ؟ بهار جي جيوت جي جوت سان گڏ تو ويچاريءَ گل ! ڀالي ڀولي گل ! معصوم گل ! جي زندگيءَ جو ڏيئو به گل ڪري ڇڏيو –افسوس صد افسوس !
    واءِ صد حسرت متاع ڪاروان جا تارها
    ڪاروان والون سي احساس زيان جانار ها
    ائين ڪيترائي ڏينهن گذري ويا دائيءَ جي بار بار سمجھائڻ تي به گل وري ڪڏهين ان پاڻي نه ورنايو ڪڏهين ڪڏهين آڌيءَ رات هوءَ وري بين وڄائي ڳائيندي هئي، پر ان ڳائڻ ۾ اهو سوز ۽ درد هو جو قلعي وارا ٻڌي عجب ۾ پئجي ويندا هئا.
    هڪ دفعي آڌيءَ رات مهل گل دائيءَ کي سرنگھه ۾ ڇڏي اڪيلي گنگا جي ڪناري ٽلهڻ لڳي ته ايتري ۾ جيئن چقمق رڪ کي ڪشش ڪندو آهي تيئن هوءَ به ڇڪجي اچي بهار جي قبر وٽ پهتي ۽ پوءِ ان جي پاسي ۾ ئي سمهي پيئي ۽ اتيئي سندس پروان پکيئڙو پرواز ڪري ويو.
    انا لله و انا اليھ راجعون
    زندگي ڪيا ڪسي مفلس ڪي قبا مئي جس مين
    هر گھڙي درد ڪي پيوند لگي جاتي هين
    قصو ڪوتاهه ته گل جنهن مصرع کي هر هر ڳائيندي هئي سا سندس پيشن گوئي نيٺ بالڪل سچي ٿي ته :
    بهار آيو ته گل آيو بهاري وئي ته گل ويندو
    نه گل ڌاران بهاري ٿئي، بهاريءَ ري نه گل ٿيندو
    صبح ٿيندي ئي قلعي جي رهندڙن گل کي به بهار جي قبر ڀرسان مئل ڏٺو پوءِ جيڪي ٿيو سو اسين مٿي لکي چڪا آهيون
    گل جو دفن به دائيءَ پنهنجي اکين سان ڏٺو، پر ماڻهن جي گھڻائي سبب کيس ڪنهن به نه سڃاتو. نيپاج جو موت اکين سان ڏسي دائي به بي موت مري ويئي. ٻئي ڏينهن هوءَ به گل ۽ بهار جي قبرن جي پاسي ۾ مئل ڏسڻ ۾ آئي. ڪن ماڻهن ان کي به سڃاتو ۽ سدائين گڏ رهڻ ۽ گل ۽ بهار جي پالڻ جي سلي ۾ کيس به انهن جي قبرن جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. شاھ صاحب فرمايو آهي ته :
    ٻڏندي ٻوڙن کي هاتڪ هٿ وجھن
    توڙي ڪنڌيءَ ڪن يا ته ساڻ وڃي سير ۾
    اي موت توتي شل موت اچي جو هن سڄي گھر کي هن طرح پنهن جو تک بنايئي


    15

    ويا سي وينجھار هير ولال ونڌين جي
    تنين سندا پويان سيهي لهن نه سار
    ڪٽين ڪٽ لهار هاڻي انين ڀيڻيين (شاھ )

    هي سڀ ٿي گذريو پر وري ڪنهن به ماڻهوءَ مير قاسم جي صورت به ڪانه ڏٺي، گل ۽ بهار جي ههڙي دردناڪ قضئي کان پوءِ وري به آڌيءَ رات جو قبرستان جي طرف کان بين ۽ تان جو مڌر آواز قلعي وارن کي برابر ٻڌڻ ۾ ايندو رهيو. جنهن ويتر سڀني کي ڏڪائي ڇڏيو. ڪلائيو ڏي ڪلڪتي ۾ لکيو ويو اهو آيو پر ڪيتري کوجنا بعد به خبر نه پئجي سگھي ته آخر اهو آواز ڪٿان ٿو اچي.
    اهڙي طرح مير قاسم جو سڄو گھر، وطن تان قربان ٿي راهه – عد م روانو ٿيو ۽ هندستانين جي حق ۾ جا غلامي لکيل هئي،سا نيٺ ئي ۽ آهسته آهسته انگريزن ساري هندستان تي قابض ٿي ويا.
    چوندا آهن ته “ هٿان ڪئيءَ جو نه ويڄ نڪو طبيب ” جيڪڏهن گورگان وطن سان غداري ڪري انگريزن جو طرف نه وٺي ها ته نڪي هندستان کي هي ڏينهن ڏسڻا پون ها. ۽ نڪي مير قاسم ۽ سندس ٻه معصوم گل ائين ڌارين هٿان بي گناهه برباد ٿين ها پر ڪري هڪڙو ڀرين هزار سو سچ آهي
    “ جعفر از بنگال و قاسم از دکن
    ننگ دين ننگ اسلام و ننگه وطن
    وري به شڪر آهي جو اڄ اسان کي انهن معصوم هستين جي خون جي محابي پاڪستان نصيب ٿيو ۽ اهو انگريز جو بورچيءَ مان بادشاھ بنيو ويٺو هو...نيٺ ٽپڙ گول ڪري وڃي لنڊن کان نڪتو.
    ان ڪري اسان کي گھرجي ته اهو پاڪستان ( جنهن جي ٻج کي معصومن جي خون جو پاڻي ڏنل آهي ) دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ هر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار رهون ۽ ڪوشش ڪري اسين سڀئي پاڪستاني سچ پچ پاڪ بنجي وڃون.
    ڪنهن شاعر سچ چيو آهي ته :
    خون مسلم جو نه وڃڻو آهه هرگز رائگان
    فتح نصرت جو ٿي ڏئي پيغام هر هڪ ڪربلا
    پاڪستان زنده باد والسلام
    شب گريزان هو گي آخر جلوه خورشيد سي
    يهي چمن معمور هوگا نغمئه توحيد سي
    تازه خواهي داشتن گر داغهائي سينه را
    بار ميخوان دمدم اين قصئه پارينه را

    ختم شد


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399853
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ