ڪتاب جو نالو: جيتن جي ڪانفرنس
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 25 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 477 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 204 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ادل سومري ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب ”جيتن جي ڪانفرنس“ ٻارن لاء لکيل آکاڻين تي مشتمل آهي۔ هن ڪتاب ۾ 9 دلچسپ ۽ نصيحت آموز ڪهاڻيون شامل آهن۔
هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر پاران آندو ويو آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڦرهيءَ کان فيئر بوڪ تائين وارو زمانو
  • ڪهاڻيون

  • شرارتي ڪُئو ڪرچولي
  • چار چور ۽ سانوڻ ڊکڻ
  • جيتن جي ڪانفرنس
  • نيڪدل طوطو
  • شهباز خان ۽ فقير
  • ڊگهو ۽ بندرو ــ ٻه دوست
  • مُرڪ پري ۽ دودو درزي
  • مڪار گڏهه جو انجام
  • واپاري وليداد

  • ڦرهيءَ کان فيئر بوڪ تائين وارو زمانو

    ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ ائين آهي، جيئن پنهنجي گھر جي اڱڻ ۾، رنگا رنگ سُڳنڌ ڀريا سوين گل پوکڻ، مرڪ جي موٽ مرڪ سان ڏيڻ يا هڪ وهيءَ ۾ ٻي وهيءَ جو قرض لاهڻ. ۽ ائين به آهي ته ٻارن لاءِ لکڻ، نه صرف ڏکيو آهي، پر ڏاڍو ڏکيو آهي، بوتل ۾ ديوَ کي بند ڪرڻ وانگرــ ٻالپڻ جا جذبا، خواهشون، ٻاتا ٻول، روئڻ کلڻ، ضد ڪرڻ، رُسڻ ۽ پرچڻ (ڦرهيءَ کان فيئر بوڪ وارو زمانو) گھڻو گھڻو پوءِ جي عمر ۾، جيئن جو تيئن سڀني رنگن ۽ سڀن احساسن سان موٽائي ڏيڻ، يقيناً هڪ ڪارنامو آهي ۽ اهو ڪارنامو ڪنهن جهڙي تهڙي جو ڪم ناهي ۽ اهو ئي اهم ڪارڻ آهي، سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جو.

    اهڙي وقت ۾ جڏهن وڏا وڏا ليکڪ، شاعر ٻارن جو ادب تخليق ڪرڻ کان ونئون ٿا وڃن، تڏهن ادل سومري جو ٻارن لاءِ ايڏي تسلسل ۽ سنجيدگيءَ سان لکڻ، هڪ وڏو ڪمال به آهي ته سندس ٻارن سان بيحد محبت جو چٽو پٽو ثبوت به ــ ايسيتائين چوڻ سچ ٿيندو ته هن دؤر جو ٻاراڻو ادب، ادل سومري جي حوالي کانسواءِ اڻپورو رهجي ويندو. ادل جو جملي پنجون ۽ نثر جو ٻيو ڪتاب ”جيتن جي ڪانفرنس“ جن نَون ڪهاڻين تي مشتمل آهي، تن جو فني سٽاءُ لوڪ ڪهاڻين وارو آهي. لوڪ ڪهاڻيون ــ جيڪي شهري ماحول جي جادوءَ ۾ ۽، نانين ڏاڏين کي وڏي ڄمار نه ملڻ جي حادثي کانپوءِ، آهستي آهستي پنهنجي اهميت ۽ اثر وڃائي رهيون آهن. روشنيءَ جي رفتار کان تيز رفتار جهازن ۽ راڪيٽن جي دؤر ۾، حقيقتن جي تيز اُس ۾ لوڪ ڪهاڻين جا غير حقيقي واقعا جادوئي ماحول ۽ اچرج ۾ وجھندڙ ڪردارن جا رنگ، آهستي آهستي اڏامي رهيا آهن. هن دؤر ۾ ٻارن کي رڳو جڙتو ۽ هٿرادو، غير حقيقي ڳالهين جي رانديڪن سان پرڀائڻ غلطي ٿيندي. کين ذهني سجاڳيءَ جو سبق ڏيڻ، ڪوڙ ۽ سچ جي پرک ڪرڻ جو طريقو ڏسڻ، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس سان پيار ڪرڻ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ٻارن سان مقابلي جي ڊوڙ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ همٿائڻ، بهتر حال ۽ آئيندي جي بقا لاءِ ضروري ٿي پيو آهي.

    ادل جي شاعريءَ ۾ ته اهي سڀُ گڻ ڀرپور نموني ۾ موجود آهن، پر هنن ڪهاڻين ۾ انهن مان گھڻين شين جي کوٽ نظر اچي ٿي، جنهن جو پورائو ضروري هو. (ڪهاڻيون ٻارن جي چؤڌاري ڦهليل، ڏٺل وائٺل ماحول ۽ ڪردارن کي کڻي، نون نون موضوعن تي لکيون وڃن ها ته بهتر هو.) هنن نوَن ئي ڪهاڻين جو تاڃي پيٽو، سٽاءُ ۽ موضوع لڳ ڀڳ هڪ جهڙا آهن، ٽِي ـ ويءَ تي هلندڙ ڪنهن سلسليوار ڊرامي وانگر ــ هنن ڪهاڻين جي بنيادي ڳالهه آهي، ٻارن کي انساني، اخلاقي قدرن کان واقف ڪرائڻ ۽ سٺي انسان بنجڻ جي منزل ڏانهن ويندڙ راهه ڏيکارڻ، جنهن ۾ ادل گھڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آهي. سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪونه ڪو نصيحت ڀريو نقطو سمايل آهي.

    ڪهاڻي، ’نيڪدل طوطو‘ ۾ آزاديءَ جي اهميت بيان ڪيل آهي ۽ گڏوگڏ اهو به سمجھايل آهي ته احسان جو بدلو ضرور ملي ٿو، جو فائدي وارو آهي.

    ’جيتن جي ڪانفرنس‘ ۾ سڀني ساهه وارن جي ظلم خلاف گڏيل جدوجهد لاءِ راهه سڌي ڪيل آهي ۽ اهڙو سبق سيکاريل آهي، جنهن جي ذريعي مظلوم، ظالم لاءِ شڪست مقدر بڻائي سگھي ٿو. ’شرارتي ڪوئو ڪرچولي‘ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، سونهن، سٺن لڇڻن بنان بيڪار آهي، جا مورڳو ڪنهن نه ڪنهن مصيبت جو ڪارڻ بڻجي ٿي.

    ’چار چور ۽ سانوڻ ڊکڻ‘ ۾ حق حلال جي ڪمائي کائڻ تي زور ڏنل آهي.

    ’شهباز خان ۽ فقير‘ ۾ خدا جي مخلوق سان محبت کي عبادت جو درجو ڏنل ڏيکاريو ويو آهي ۽ سمجھايو ويو آهي ته دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، ان تي وڏا.ئي ڪرڻ بيڪار آهي.

    ’ڊگھو ۽ بندرو ٻه دوست‘ ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي کي گهٽ سمجھي، وڏائي ڪرڻ جي عمل کي ننديو ويو آهي، ڇوته ڪابه شيءِ بنان ڪارج جي ۽ وقت اچڻ تي مُلهائتي ٿئي ٿي.

    ’مرڪ پري ۽ دودو درزي‘ــ اڌُ ڇڏي سڄي پويان ڊڪڻ ۽ اڌ کان به رهجي وڃڻ واريءَ جُٺ کي نئين ويس ۾ ڍڪي پيش ڪيو ويو آهي.

    ’مڪار گڏهه جو انجام‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻي لاءِ کڏ کوٽيندڙ، پاڻ ان ۾ ڪري ٿو، پنهنجي ڀلائي ان ۾ آهي ته ٻئي لاءِ برو نه سوچجي.

    ’واپاري وليداد‘ به مٿئين ئي قسم جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ برائيءَ جو انجام برائي ڏيکاريل آهي.

    ادل، پراڻي انداز ۾، پراڻيون پوڙهيون نصيحتون، نون لفظن ۾، نون ڪردارن ذريعي، نيون راهون ڏيکارڻ لاءِ، نئين سئين ڪيون آهن. هو ٻارن کي هر قسم جي براين کان پاڪ صاف ڏسڻ جو خواهشمند آهي، ٻارن ذريعي هو اهڙي معاشري جو پيڙهه وارو پٿر رکڻ ٿو چاهي، جنهن جي عمارت ڪنهن به قسم جي ملاوٽ واري مٽيريل مان جوڙيل نه هجي. اهڙو ماحول تخليق ڪرڻ ٿو چاهي، جنهن ۾ سونهن هجي، سگھه هجي، سچ هجي ــ ۽ انهن سڀني شين کي جڏهن ڇنڊي ڦوڪي، توري تڪي، سوئي سنواري، صاف ڪري هڪ روپ ٿو ڏجي، ته ظاهر ٿي ٿو پوي سندس ”پيار“ ٻارن سان بي انتها پيار ــ بنان لالچ لوڀ جي، اڇو اجرو پيار.

    پنهنجي ”ٻارن جي لاءِ ڪتاب“ ۾ ڪي لفظ لکيا هئم، سمجهان ٿو، ٻارن لاءِ ادب سرجيندڙ سڀني ليکڪن/شاعرن وٽ ٻارن کي ارپڻ لاءِ اهي ساڳيا لفظ آهن، جي هتي ادل پاران لکان ٿو: ........

    ’ٻار منهنجي ڪمزوري آهن، ٻارن جو ٻيو نالو پيار آهي ۽ مون کي ’پيار‘ سان پيار آهي!!!‘

    اياز گل


    ڪهاڻيون

    شرارتي ڪُئو ڪرچولي

    هڪ رنگريز جي دوڪان ۾، ڪوئن جا ڪيترائي ٻِر هوندا هئا. شام جو جڏهن رنگريز دوڪان بند ڪري گھر ويندو هو، ته سڀيئي ڪوئا، پنهنجن ٻرن مان ٻاهر نڪري، پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا ۽ رانديون رونديون ڪندا هئا. سڀني ڪوئن جي چڱي مڙس يعني سردار جو نالو، ڪوڪٽو هو. سردار ڪوڪٽوءَ کي هڪ سڪيلڌو پٽ ڪرچولي نالي هوندو هو، جيڪو تمام گھڻو شرارتي هوندو هو. شام جو جڏهن سڀ ڪوئا پاڻ ۾ گڏجاڻي ڪندا هئا ته ڪرچولي ٺينگ ٽپا ڏئي عجيب حرڪتون ڪندو هو. سردار جي پياري پٽ هئڻ جي ڪري، سڀ ڪوئا سندس شرارتون برداشت ڪندا هئا، پر کيس ڪجھه ڪين چوندا هئا.

    هڪڙي شام، عادت موجب ڪرچولي، گيت ڳائي، ٺينگ ٽپا ڏيئي ٻين ڪوئن کي چيڙائي رهيو هو ته اوچتو رنگريز جي ڳاڙهي رنگ سان ڀريل وڏي ڪونڊي ۾ ڪريو. ڳاڙهي رنگ ۾ غوطا کائي، نيٺ ٻاهر نڪتو. پر هو ٻين ڪوئن کان مختلف ڳاڙهي رنگ جو ٿي پيو هو. جڏهن گھر ويو ته ماڻس سندس اهو حال ڏسي کيس گھڻو ئي سمجھايو ته اهي ڏنگايون ڇڏي ڏي. پر ڪرچوليءَ ماءُ جي نصيحتن تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو.

    ڪرچولي جڏهن آرسيءَ ۾ نهاريو ته پاڻ کي ٻين ڪوئن کان مختلف ڏٺائين هو ڊوڙندو ماءُ وٽ ويو.

    ”امڙ او امڙ ! ڏس ته آءُ ڪيترو نه خوبصورت ٿي پيو آهيان.“
    ماءُ کيس وري به سمجھائيندي چيو : ”پٽ ! تون ظاهري طور ڪيترو به خوبصورت ڇو نه هجين، پر جيڪڏهن تنهنجا لڇڻ خراب آهن ته تنهنجي سموري سونهن بيڪار آهي.“

    ڪرچوليءَ کي ماءُ جي نصيحت نه وڻي ۽ هو ٽپُ ڏيندو هليو ويو. ڪرچولي جڏهجن محسوس ڪيو ته هو ٻين ڪوئن کان وڌيڪ سهڻو ۽ رنگ ۾ مختلف آهي ته هن ۾ وڌيڪ تڪبر پيدا ٿين لڳو. هو هر جاءِ تي پنهنجي سونهن جي ساراهه ڪندي هي گيت ڳائيندو هو:

    سهڻو آهيان آءٌ سڀن کان
    منهنجي مٽ نه ڪوئو ڪو.

    ڪرچوليءَ جي پيءُ سردار ڪوڪٽي، جڏهن ڏٺو ته سندس سڪيلڌو پٽ وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن حرڪتي ٿيندو، ته هن ڪرچوليءَ جي شادي ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. جنهن لاءِ پنهنجن دوستن ۽ زال سان صلاح ڪيائين. سڀني، سردار ڪوڪٽي کي ڪرچوليءَ جي شادي ڪرائڻ لاءِ چيو.

    ڪرچولي جڏهن راند ڪري گھر آيو ته ماءُ چيس : ”پيارا پٽ ڪرچولي! تون هاڻ جوان ٿي ويو آهين، سو تنهنجو پيءُ تنهنجي شادي ڪرائڻ ٿو چاهي.“

    ڪرچولي حيران ٿيندي پڇيو: ”منهنجي شادي! پر ڪنهن سان؟“ ماءُ وراڻيس، ”تنهنجي مامي مي ڌيءَ پوشيءَ سان.“

    ڪرچولي ڪاوڙ ڪندي چيو: ”مان پنهنجي برادريءَ مان شادي ڪونه ڪندس، جو آءُ سڀني کان سهڻو آهيان. منهنجي شادي پونم پريءَ سان ٿيندي.“

    ڪرچوليءَ کي ماءُ تمام گھڻو سمجھايو، پر هو پنهنجو هوڏ تان نه هٽيو. سردار ڪوڪٽي کي جڏهن پنهنجي پُٽ جي ڪروڌ جي خبر پئي ته سخت ناراض ٿيو. کيس چورائي موڪليائين ته : ”شادي ڪر يا منهنجي گھر مان نڪري وڃُ.“

    ڪرچولي وري به پنهنجي ضد ۽ تڪبر تي قائم رهندي، پيءُ ماءُ کي ناراض ڪيو ۽ گھر مان نڪري ويو. ڪرچوليءَ جي ماءُ گھڻو ئي رُني، پر ڪرچوليءَ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو ۽ هو ٽپ ڏيندو هليو ويو. ڪرچولي هاڻي مختلف جاين تي ڏکي حالت ۾ رهڻ لڳو. پر سندس تڪبر اڃا نه گھَٽيو. هو جت ڪٿ پنهنجي سونهن جي ساراهه پيو ڪندو هو. ٻين ڪوئن کيس گھڻيون ئي سمجھاڻيون ڏنيون، پر ڪرچوليءَ ڪنهن کي به اهميت ڪونه ڏني.

    هميشه وانگر ڪرچولي، هڪ شام جو حرڪتون ڪري ٽپ ڏيئي رهيو هو. ته اوچتو بيخياليءَ ۾، رنگريز جي ڪاري رنگ جي ڀريل وڏي ڪونڊي ۾ وڃي ڪريو. ڪاري رنگ ۾ غوطا کائي کائي جڏهن ٻاهر نڪتو ته هاڻ ٻين ڪوئن کان بنهه مختلف ڀوائتو ڪارو ڪوئو ٿي پيو هو. ڪرچوليءَ جڏهن آرسيءَ ۾ پنهنجو ڪارو خوفناڪ روپ ڏٺو ته روئڻ لڳو.

    ڪرچوليءَ جي ڀوائتي شڪل بڻجي وڃڻ جي ڪري، هر ڪو ڪوئو هن کان پاسي ڀڄڻ لڳو. ڪرچولي اداس ۽ پريشان ٿي ويو ۽ سندس سمورو تڪبر ختم ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏينهن شرمسار ٿي پنهنجي گھر آيو ۽ ماءُ جي پيرن تي ڪري پيو: ”منهنجي مٺي امڙ، مونکي معاف ڪر، مون هوڏ ڪئي، جو اوهان جو چوڻ نه ورتم، جنهن جي سزا مونکي ملي. هاڻ توبهه ٿو ڪريان ته ٻيهر اهڙيون حرڪتون نه ڪندس.“

    ماءُ ڪرچوليءَ کي معاف ڪري سيني سان لاٿو. سردار ڪوڪٽي به پنهنجي پياري پٽ جو ڏوهه بخشي کيس پيار ڪيو.

    ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڪرچوليءَ جي شادي ٿي، جنهن ۾ سڀني ڪوئن وڏو جشن ڪيو. اهڙي ريت ڏنگايون ڇڏي ڏنيون ۽ پنهنجي زال سميت، ماءُ ۽ پيءُ سان خوش گذارڻ لڳو.


    چار چور ۽ سانوڻ ڊکڻ

    ڊکڻن جي ڳوٺ ۾ سانوڻ نالي هڪ تمام ذهين ۽ علم جو چاهه رکندڙ ڊکڻ رهندو هو، جيڪو نه صرف پنهنجي هنر ۾ ڀڙُ هو، پر ڪچهرين ۽ ڏاهپ وارين ڳالهين ڪرڻ ۾ پڻ هوشيار هو. سندس دلچسپ شخصيت ۾ گھڻي ڪشش هئي، انڪري سڀ ڳوٺاڻا کيس ڀائيندا هئا. هو جتي به ويندو هو، اتي کيس عزت ملندي هئي.

    زال جي وفات کان پوءِ هن ٻي شادي ڪانه ڪئي. کيس ڪو اولاد به ڪونه هو. پنهنجي لانڍيءَ ۾ ڊکاڻڪي ڪم جي واندڪائي ۾ قديم نسخا ۽ ڪتاب کولي پڙهندو هو. شام جو ڪيترائي ڳوٺاڻا اچي سندس لانڍيءَ ۾ جمع ٿيندا هئا. پوءِ هلندي هئي ڪچهري، جن ۾ قصا ۽ بيت به بيان ٿيندا ۽ ڳجھارتون ڏنيون وينديون هيون. اهڙين ڪچهرين ۾ سانوڻ ڪتاب به پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ ڳوٺاڻن کي سٺيون سٺيون نصيحتون به ڪندو هو.

    هڪ دفعي سانوڻ کي خيال ٿيو: ”ڇو نه سفر ڪري الله جو جهان گھمي نوان نوان مشاهدا ماڻجن.“

    سو سانوڻ انهيءَ ارادي سان ڳوٺاڻن کان موڪلائي ڪجھه ڪتاب ۽ ٿوري گھڻي رقم ساڻ ڪري سفر تي روانو ٿي ويو. هڪ بستيءَ کان ٻي بستيءَ جي ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو سانوڻ هلندو رهيو.

    هڪڙي ويران واٽ تي هلندي سج لهي ويو، پر سانوڻ هلندو پئي ويو. اوچتو سامهون چار گھوڙيسوار ظاهر ٿيا، جيڪي تيزيءَ سان گھوڙا ڊوڙائيندا پئي آيا. ويجھو اچي چارئي گھوڙيسوار سانوڻ جي چؤڌاري گھيرو ٺاهي بيٺا.

    ”ڪير آهين، هن سڃي رستي تي ڪيڏانهن پيو وڃين؟“

    ”منهنجو نالو سانوڻ ڊکڻ آهي، سير سفر ۽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان.“ سانوڻ وراڻيو.

    ”علم حاصل ڪرڻ لاءِ.........ها ها ها......“ چارئي سوار ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ”اها هڙ اسان جي حوالي ڪر، اسين توکي اهڙو علم ٿا سيکاريون جو ڳوٺ ياد اچي ويندءِ.“

    سانوڻ ڪلهي تي رکيل هڙ سندن حوالي ڪئي.

    ”هن ۾ ته رُڳا ڪتاب آهن!“

    ”نه سائين ڪجھه رقم به آهي.“

    ”چڱو سانوڻ مسافر! تون ويٺو سُڃَ ۾ صدائون ڪر، اسين هلون ٿا.“ ائين چئي چارئي چور وڃڻ لڳا.

    ”اها ڳالهه ته نه ٺهي“ سانوڻ هٿ لوڏيندي چيو، ”توهان چيو ته مونکي ڪجھه علم به سيکاريندا، سو ته اوهان ڪونه سيکاريو. مان توهان کان ڪجھه سکڻ ٿو چاهيان. مونکي پاڻ سان گڏ وٺي هلو.“

    چارئي چور حيران ٿي ويا.

    ”اسين سڄي حياتي ڪجھه ڪين سکياسين تون اسان مان ڇا سکندين؟ اسان سان هلندين ته مصيبتن ۾ ڦاسندين.“

    آخر سانوڻ جي گھڻي زور ڀرڻ تي، چورن کيس پاڻ سان گڏ کنيو، چور سانوڻ کي هڪ غار ۾ وٺي ويا، جتي هو رهندا هئا. چورن سانوڻ کان اڳواٽ انجام ورتو هو، ته هنن سان گڏ چوريون به ڪندو. تنهنڪري هو رات جو چورن سان گڏ چوريءَ تي به ويندو هو.

    چورن جي سنگت ۾ رهندي به سانوڻ پنهنجي طبيعت ۾ ڦيرو نه آندو. پر آهستي آهستي چورن تي سندس اخلاقي ڳالهين جو اثر ٿيڻ لڳو. چوريءَ تي وڃڻ کان اڳ سانجھيءَ ڌاري ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن ۾ سانوڻ اخلاقي آکاڻيون ٻڌائيندو هو.

    ”ٻين کي ڏک پهچائڻ، طاقت ذريعي ٻين جا حق ڦٻائڻ. اهي سڀ ڳالهيون انسانيت جي خلاف آهن.“

    پهريان ته چور سانوڻ جي ڳالهين تي کلي لنوائي ڇڏيندا هئا، پر پوءِ ڪجھه ڪجھه ڌيان ڏيڻ لڳا. ۽ انهن کي احساس ٿيڻ لڳو ته چوري ڪرڻ خراب ڪم آهي.

    پوءِ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چور چوندا هئا :
    ”ڀائو سانوڻ! اسين کسي کائڻ تي هري ويا آهيون، هاڻ محنت مزدوري اسان کان ڪانه ٿيندي.“

    چورن جي انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ به سانوڻ مايوس ڪونه ٿيو، پر پنهنجو عمل جاري رکندو آيو. هو چورن کي چورن جون آکاڻيون به ٻڌائيندو لڳو، جن ۾ چورن جي پڇاڙي ڏاڍي خراب ٿيندي هئي انهن سان گڏ اهڙن نيڪ انسانن جون به ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو، جن پنهنجي سموري حياتي انسانن جي خدمت ۾ گذاري ۽ سندن نالو هميشه زنده رهيو.

    هڪ رات، سانوڻ ۽ چار چور، جيئن ئي هڪ گھر ۾ کاٽ هڻي اندر گھڙيا ، ته ساڳئي گھر جي ڀر واري ڪوٺيءَ مان کين ڪجھه آواز ٻڌڻ ۾ آيا :

    ”سونيءَ جا پيءُ! منهنجي ته ننڊ ئي ڦٽي وئي آهي. ڪجھه ڳهه ۽ ڪپڙا ته گڏ ٿيا آهن، باقي تون ڪٿان اوڌر سوڌر ئي کڻي وٺُ، ته سونيءَ جي شادي ڪرائي ڇڏيون. جوان ڌيءَ آخر گھر ۾ گھڻا ڏينهن ويٺي هوندي!؟“

    ”سونيءَ جي ماءُ! چئين ته سچُ ٿي، پر مان به مجبور آهيان. اوڌر جي ڪنهن ۾ اميد ئي نه رهي آهي. گھٻراءِ نه، ڌڻي مڙئي چڱي ڪندو. تڪڙو بندوبست نه ٿيو ته پوءِ کڻي مينهيون وڪڻنداسين.“

    سانوڻ ۽ چئني چورن اهي آواز ٻڌا، چارئي چور ته ماٺ رهيا پر سانوڻ تمام جھَڪي نموني ڳالهايو:

    ”ڀائو! غريب جي گھر ۾جوان ڌيءُ ويٺي آهي. هنن تما گھڻي محنت سان ڪجھه پونجي جمع ڪئي آهي. سندن چوري ٿي ته مري ويندا.“

    چئني چورن کي اها ڳالهه دل سان لڳي. پوءِ چوري ڪرڻ بنا ئي واپس موٽي آيا. ان رات سڀُ خاموش هئا، ڪنهن به ڪنهن سان ڪونه ڳالهايو. ان واقعي هنن جي دلين تي گھڻو اثر ڪيو.

    صبح جو سوير اٿي هڪ چور چيو:

    ”سانوڻ تون سچُ چوندو آهين. هيءَ به ڪا زندگي آهي! ٻين جون خوشيون کسي، اسين ڪيسيتائين پاڻ کي خوش رکندا سون، ٻين جي هٿن مان گرهه کسي پنهنجو پيٽُ ڀرڻ ڪٿان جي شرافت آهي؟“ ٻئي چور به انهيءَ جي ڳالهه کي صحيح مڃيندي چيو:

    ”تون سچُ ٿو چوين دوست ! اسان جو اندر سڄو وڍيو پيو آهي. اسان کان ته اهي پينو فقير چڱا، جيڪي پني ته کائن ٿا پر ڪنهن کي رنجائين ڪونه ٿا.“

    اهڙي ريت سڀني چورن چوريءَ کان نفرت جو اظهار ڪيو. سانوڻ ته انهيءَ مهل جي انتظار ۾ هو، سو موقعو ڏسي ڳالهائڻ لڳو:

    ”ڀائرو! اچو ته سڀُ هن ذلالت جي ڌنڌي کان توبهه ڪريون. وچن ڪريون ته هاڻ اسان پگھر جي پورهئي ڪري، حق حلال جي روزي ڪمائي کائيندا سين.“

    پوءِ سڀني چورن هميشه جي لاءِ چوري نه ڪرڻ جو قسم کنيو. سانوڻ پنهنجي چئني ساٿين کي پاڻ سان گڏُ پنهنجي ڳوٺ وٺي آيو. جتي سڀني ڊکاڻڪو هنر سکيو ۽ باقي حياتي عزت سان گذارڻ لڳا.


    جيتن جي ڪانفرنس

    هڪڙي جهنگ ۾ جيتن پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ ننڍا وڏا اُڏامندڙ ۽ زهريلا سڀُ جيت اچي ڪٺا ٿيا. ڪانفرنس ڪوريئڙي جي تجويز تي ڪوٺائي وئي هئي ته جيئن ان ۾ نه فقط هرڪو پنهنجا مسئلا ٻڌائي سگھي، پر آئنده لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي برقرار رکي سگھجي.

    ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ گھريتڙين، سخت محنت ڪري مٽيءَ جي هڪ اسٽيج تيار ڪئي، ٽنڊڻن ۽ ماڪوڙن ڪانفرنس واري ميدان کي سڌو ۽ هموار ڪيو. ڀنڀورين پنهنجي پرن سان صفائي ڪئي. مطلب ته سڀني جيتن ڪانفرنس جي انتظامن ۾ گھڻي دلچسپي ورتي.

    ڪانفرنس واري ڏينهن تي سڀُ جيت اچي مڙيا. ڪانفرنس جي صدارت نانگن جي سردار ڪئي ۽ پوپٽن جو چڱو مڙس رنگو پوپٽ اسٽيج سيڪريٽري ٿيو. سڀُ جيت پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهي ويٺا.

    رنگو پوپٽ سڀَ کان پهريان مکين جي نمائندي، مڻ مڻ مک کي سڏ ڪيو ته هو اچي پنهنجا مسئلا بيان ڪري، مکين ۾ ڀُڻ ڀُڻ پئجي وئي ۽ پوءِ مکين جي اڳواڻ هڪ خوبصورت رنگين مکِ، اسٽيج تي اچي ڳالهائڻ لڳي.

    ”پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو! اڄ اسان لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، جو سڀ هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا آهيون. ڪمزور جيت کان وٺي زهريلي جيت تائين اسين سڀ هڪ آهيون. اسان ۾ مڪمل اتحاد هئڻ گھرجي. پر افسوس جو اسان مان ڪيترن جو گُذران پنهنجي ئي برادريءَ جي ميمبرن تي آهي. اسان مکين کي ڏسو وکَ وکَ تي اسان لاءِ ادن ڪوريئڙن جا ڄار اڻيا پيا آهن.“

    ڪوريئڙن ۾ سُس پُس ٿين لڳي. نانگ صدارتي اختيار استعمال ڪندي ڪوريئڙن کي ماٺ ڪرائي ته مک پنهنجي تقرير وري جاري رکي. ”اسان ڪوريئڙن جي انهيءَ روزيءَ بند ڪرڻ جو مطالبو نه ٿا ڪريون، پر روزي حاصل ڪرڻ جي انهيءَ طريقي ۾ ڪجھه تبديلي چاهيون ٿا. يعني هر هنڌ ڪوريئڙن ۽ مکين جو پاڻ ۾ معاهدو ٿيڻ گھرجي جنهن موجب مکيون، پنهنجي قبيلي جي مئل مکيون ڪوريئڙن کي طوراڪ طور پهچائينديون رهنديون. ڏهاڙي هزارين مکيون مرن ٿيون ۽ ڪوريئڙن جو تعداد بنهه ٿورو آهي.“

    اڳواڻ مک جي انهيءَ تجويز تي مکيون ۽ ٻيا سنها سنها جيت پنهنجي پرن سان تاڙيون وڄائڻ لڳا.

    مک کان پوءِ پوپٽ، ڪوريئڙي جي چڱي مڙس کي ڳالهائڻ جي لاءِ چيو. ڪوريئڙن جو چڱو مڙس، ڪانڀو ڪوريئڙو تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج تي اچي ڳالهائڻ لڳو:

    ”سائين صدر صاحب ۽ جيت برادريءَ جا سڀئي ڀائرو ڀينرو! ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. شڪر جو هن ڪانفرنس ۾ سڀ اچي گڏ ٿيا آهيون. آئون مڻ مڻ مک جي تجويز جي حمايت ٿو ڪريان. جيڪڏهن مکين پنهنجو واعدو نڀايو ته اسين به پاڻ کي ان معاهدي جو پابند سمجهندا سين.“

    ان کان پوءِ ڪرڙيءَ، ماڪڙ، ڏينڀوءَ، وڇونءَ، ڪاڪروچ ۽ ٻين جيتن تقريرون ڪري، پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ۽ چيو ته ڪوشش ڪري، ڪوبه جيت ڪنهن ٻئي جيت کي نقصان نه رسائي پر ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جي مدد ڪريون.
    ڪانفرنس جي پُڄاڻيءَ کان اڳ رنگو پوپٽ، صدر صاحب جي اجازت سان پريم پور ڳوٺ جي ڳوٺاڻن پاران، جيتن جي تنظيم ڏانهن لکيل درخواست پڙهي ٻڌائي:

    جيت برادريءَ جي خدمت ۾ اپيل

    توهان سڀني کي سُڌ هوندي ته اسين ڳوٺ پريم پور جا رهواسي، سالن کان هڪ ظالم شخص جي ڏاڍ جو شڪار آهيون. هن ظالم پنهنجي ڏاڍائيءَ سان اسان جي زمينن تي قبضو ڪري، اسان کي بيگار ۾ وهائي بيشمار دولت گڏ ڪئي آهي. هن اسانجو رتُ پيتو آهي، پر سندس اڃ ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي. اسان توهان کي سهڪار لاءِ گُذارش ڪندي چئون ٿا ته هن ظالم جي چنبي مان اسان جي جان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪريو.

    اميد ته توهان مايوس نه ڪندا.
    فقط
    پريم پور جا ڳوٺاڻا.

    رنگو پوپٽ درخواست پڙهي پوري ڪئي ته سڀني جيتن ۾ سُس پُس شروع ٿي وئي. نانگ سڀني کي راءِ ڏيڻ لاءِ چيو.

    وڇن جي اڳواڻ چيو: ”ماڻهو پنهنجا معاملا پاڻ نبيريندا، اسان کي سندن وچ ۾ نه پوڻ گھرجي.“

    هڪ ماڪوڙي ڳالهايو؛ ”پوري ڪائنات ۾ رهندڙ سڀ ساهوارن جا هڪٻئي تي ڪجھه حق ۽ فرض آهن. اسان جڏهن اتحاد ۽ محبت جون ڳالهيون ٿا ڪريون ته اسان تي اهو به لازم آهي ته اسان مسڪين ڳوٺاڻن جي وس آهر واهر ڪريون.“
    ڀؤنر ڀڻڪار ڪندي چيو: ”اسان کي ان ڳالهه کان لنوائڻ نه کپي. مان ساڳئي ڳوٺ ۾ رهندو آهيان، ويچارن ڳوٺاڻن سان وڏي ويڌن آهي.“

    ماڪڙ جي اڳواڻ ڳالهايو: ”سردار نانگ جيڪڏهن حڪم ڪري ته اسين ان ظالم شخص جو سڄو فصل کائي ڇڏيون.“

    پوپٽ سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو: ”فصل ته غريب هارين جي محنت آهي، جيڪو هنن کي ملڻ گھرجي. فصل تباهه ناهي ڪرڻو پر ظالم شخص جو خاتمو آڻڻو آهي.“

    اهڙي ريت گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ جيتن جو صدر نانگ ڦڻ ڪڍي ڳالهائڻ لڳو: ”پيارا دوستو! درخواست بابت، توهان سڀني جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ اها ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻي آهي. حالانڪ ان معاملي ۾ اسان جو ڪو واسطو ڪونهي، پر انسانن جي مجبوري ۽ اڪثريت جي فيصلي کان لنوائي نه ٿو سگھجي. پر هاڻ ان ظالم جي خاتمي لاءِ ڪهڙا ٽولا تيار ٿيندا؟“

    ڏينڀن چيو:

    ”ان ظالم واسطي اسان جو ننڍڙو ٽولو ئي ڪافي آهي.“

    وڇن وراڻيو:

    ”اسان جا ٻه ٽي وڇون ان ظالم کي قبر تائين پهچائي ڇڏيندا.“

    مڇرن چيو:

    ”تاريخ ۾ نمرود جو واقعو ڪنهن کان وسريون ڪونهي. ڪيئن نه اسان جي برادريءَ جي هڪ منڊڙي مڇر ظالم نمرود جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. اسان به هن موجوده دؤر جي نمرود سان ساڳيو حشر ڪري سگھون ٿا.“

    اهڙي ظالم شخص جي خاتمي لاءِ مختلف جيتن پاڻ کي وڃڻ لاءِ پيش ڪيو.

    سڀني جون ڳالهيون ٻڌي آخر ۾ نانگ چيو: ”توهان سڀني جي جذبن جو آءٌ قدر ٿو ڪريان، پر انهيءَ نيڪ ڪم لاءِ آءٌ اڪيلي سِر ويندس، رڳو ڳوٺ تائين پهچائڻ ۽ رستو ڏيکائڻ لاءِ ڀائو ڀؤنر منهنجي رهنمائي ڪندو.“

    نانگ جا خيال ٻڌي سڀُ جيت سندس ساراهه ڪرڻ لڳا.

    نانگ ۽ ڀؤنر انهيءَ ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا. سج لهڻ تي هو، جو ٻئي ڄڻا ڳوٺ ۾ انهيءَ ظالم جي حاويليءَ وٽ پهتا. هو اڃا پهتا ئي مس ته گھوڙي تي سوار اهو ظالم شخص بندوق ڪلهي تي کنيون حاويليءَ جي شاهي در مان اندر وڃي رهيو هو. ڀؤنر ڀڻڪار ڪري نانگ کي چيو: ”سائين! اهو آهي ظالم شخص، جنهن ڳوٺاڻن جو رتُ پيتو آهي.“

    نانگ، ڀؤنر کان موڪلائي، ڪنڊن وٽان لڪندو لڪندو پوري هوشياريءَ سان، حاويليءَ جي ان ڪمري ۾ وڃي لڪو، جتي ان ظالم شخص جو پلنگ رکيل هو. ڪجھه دير کانپوءِ ظالم شخص پنهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ جُتي لاهي سمهي پيو. نانگ آهستي آهستي وڃي سندس جتيءَ ۾ ويٺو. اڌ رات جو اهو ظالم شخص اٿيو ۽ جيئن ئي جُتي پائڻ وارو هو ته نانگ سندس پير ۾ ڏنگ هنيا. ظالم شخص رڙيون ڪندي پٽ تي ڪري پيو. سندس رڙين تي نوڪر چاڪر ڊوڙندا آيا. تيسيتائين نانگ ڦڙتيءَ سان اتان نڪري، باغ ۾ وڃي لڪو ۽ صبح ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. هوڏانهن ظالم شخص کي بچائڻ لاءِ بروقت ڪيترائي جوڳي، مانڊا، حڪيم ۽ طبيب گھرايا ويا، پر هو سج اڀرن کان اڳ ئي مري ويو.

    ڳوٺاڻن جڏهن صبح جو ظالم شخص جي موت جي خبر ٻڌي ته سڀني سک جو ساهه کنيو. پوءِ سڀ ڳوٺاڻا بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي خوش خوش پنهنجون حياتيون گذارڻ لڳا.


    نيڪدل طوطو

    هڪڙو ماري، هڪ ٻوليندڙ طوطي کي پڃري ۾ بند ڪيون، بازار مان هوڪا ڏيندو پئي ويو:

    ”وٺو وٺو، پيارو ڳالهائيندر طوطو
    ســــستو آهــــــــي ســـودو“

    طوطو پڃري مان پريشان ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيو هو، ۽ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ماريءَ سان مخاطب ٿي ٿيو:

    ”پيارا ماري! مونکي آزاد ڪر ته وڃي پنهنجن ٻچن سان ملان، هو منهنجي انتظار ۾ هوندا. مان توکي ان جو بدلو ضرور ڏيندس. تون هڪ آزاد ماڻهو آهين، پر ٻين جي آزاديءَ جي قيمت ٿو وصول ڪرين!“

    پر، ماريءَ هر ڀيري اهو چئي لنوائي ٿي ڇڏيو ته:

    ”مان تنهنجي ڳالهين ۾ ڦاسڻ وارو ڪونه آهيان.“

    سج لهڻ تي هو، ته ماريءَ کان اهو طوطو هڪ شخص خريد ڪيو. طوطو هاڻ وري ان شخص کي ٻاڏائڻ لڳو.

    ان شخص طوطي کي چيو:

    ”سهڻا طوطا! مون توکي پنهنجي ننڍڙي پٽَ لاءِ خريد ڪيو آهي جو هو ڪيترن ڏينهن کان طوطي جي طلب ڪري رهيو آهي.“

    طوطي وراڻيو:

    ”تون پنهنجي پُٽ جي خوشيءَ واسطي، منهنجن ٻچن جي خوشي کسي رهيو آهين! هو منهنجي راهه نهاريندا هوندا، مونکي ڇڏ ته کين وڃي ملان. مان تنهنجو احسانمند رهندس.“

    طوطي جا درديلا جملا ٻڌي، هن شخص جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هن ان وقت ئي طوطي کي آزاد ڪيو ۽ طوطو سندس ٿورا مڃي، ”ٽيون ٽيون“ ڪندو اڏامي ويو.

    طوطو، درياهه جي ڀرسان، انب جي وڻ جي ڏار ۾ پنهنجن ٻچن سان رهندو هو. طوطو دير سان پهتو ته ٻچن جي ماءُ طوطِي ۽ ٻچا کانئس پڇڻ لڳا. طوطي سموري ڳالهه کين ٻڌائي. سڀئي گھڻو خوش ٿيا ۽ ان شخص کي دُعائون ڏيڻ لڳا، جنهن طوطي کي آزادي بخشي.

    ان ڳالهه کي ڪيترائي ڏينهن گُذري ويا. طوطي جا ٻچا به هاڻي اڏامڻ لڳا هئا.

    هڪ ڏينهن، طوطو انب جي وڻ تي ويٺو ٻولي رهيو هو ته اوچتو سندس نظر سامهون درياهه ڪَپ تي ويٺل هڪ شخص تي پئي، جيڪو تمام اداس ٿي لڳو. طوطو اڏامي ٿورو ان جي ويجھو ويو. اهو ساڳيو ئي شخص هو، جنهن کيس آزاد ڪيو هو.

    طوطي ويجهو وڃي کيس سلام ڪري ٻڌايو ته، هو، اهوئي طوطو آهي، جنهن کي هن ڪجھه ڏينهن اڳ آزاد ڪيو هو. پوءِ طوطي ان شخص کان اداسيءَجو سبب پڇيو، ته هن وراڻيو:

    ”مونکي هڪڙوئي پُٽ آهي، جيڪو اڄڪلهه هڪ عجيب بيماريءَ ۾ مبتلا آهي. گھڻائي علاج ڪيا آهن، پر ڪو فائدو ڪونه ٿو ٿئي. ڪجھه هوشيار حڪيمن جو چوڻ آهي ته، جيڪڏهن ڇوڪر کي شينهڻ جو کيرُ پياربو ته چاڪ ٿي ويندو. هاڻ آءٌ پريشان آهيان ته شينهڻ جو کيرُ ڪٿان ايندو!“

    طوطي کيس دلداري ڏيندي چيو:

    ”گھٻراءِ نه، توهان جا مون تي احسان آهن. مان شينهڻ جو کيرُ حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. منهنجو هڪ ڳيرو دوست آهي، هو ان سلسلي ۾ اسان جي ضرور مدد ڪندو.“

    ٻئي ڏينهن تي طوطي ان شخص کي پنهنجو گھرُ ڏيکاريو ۽ کيس کيرَ واسطي هڪ ٿانءٌ ڏنو: طوطو ٿانءٌ پنهنجي چهنب ۾ کڻي اُڏاڻو ۽ پنهنجي دوست ڳيري وٽ اچي پهتو. ڳيري سان سموري ڳالهه ڪيائين، ڳيري چيس:

    ”شينهڻ تائين پنهنجي رسائي ڪينهي، پر منهنجو دوست ڪانگ اسان جي مدد ضرور ڪندو.“

    طوطو ۽ ڳيرو ٻئي اڏامي وڃي ڪانگ وٽ پهتا ۽ ساڻس سموري ڳالهه ڪيائون. ڪانگ چين:

    ”ڪٿي اسان ڪٿي شينهڻ! باقي اسان جو گدڙ دوست اسان جي مدد ڪري سگھي ٿو، جو هڪ شينهڻ کيس ڀاءُ بڻايو آهي.“

    پوءِ ٽيئي طوطو، ڳيرو ۽ ڪانگ، اڏامي وڃي گدڙ وٽ پهتا ۽ کيس اچڻ جو سبب ٻڌايائون. گدڙ پهريائين ته لنوائڻ لڳو. پر پنهنجي پياري دوست ڪانگ ۽ ٻين مهمانن جو چوڻ ٽاري نه سگھيو ۽ ٿانءٌ کڻي شينهڻ جي غار ڏانهن روانو ٿيو. ٽيئي پکي انتظار ڪرڻ لڳا.

    ڪجھه دير ۾ گدڙ، ٿانءَ ۾ شينهڻ جو کيرُ کڻي اچي پهتو. ٽيئي پکي خوش ٿيا ۽ گدڙ جو ٿورو مڃڻ لڳا. سڀني کان وڌيڪ خوشي طوطي کي ٿي. آخر سڀُ هڪ ٻئي کان موڪلائي، پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا.

    طوطو کير کڻي سڌو ان شخص جي گھر ڏانهن اڏاڻو ٿيو ۽ واٽ تي ڪٿي به ڪونه ترسيو. اهو شخص ۽ سندس ڀاتي طوطي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ کير آڻڻ تي سندس ٿورا مڃڻ لڳا. پر طوطي کين چيو:

    ”اهو منهنجو اوهان تي احسان ڪونهي، پر هڪ اوهان جي ڪيل نيڪيءَ جو ننڍڙو بدلو آهي ۽ آئينده به اوهان جو احسانمند رهندس. هن شخص مونکي آزادي بخشي، ۽ آزاديءَ کان وڌيڪ ڪابه نعمت ڪونهي.“

    طوطي موڪلائي هليو ويو. ڇوڪر چاڪ چڱو ڀلو ٿيو. پوءِ اهو شخص ۽ سندس ڀاتي ان نيڪدل طوطي کي سدائين پيا ياد ڪندا هئا.


    شهباز خان ۽ فقير

    هڪ وڏي شهر ۾ شهباز خان نالي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو، پنهنجي خوبصورت بنگلي ۾، هڪ زال ٻن پٽن ۽ ٻين نوڪرن چاڪرن سان گڏ رهندو هيو. شهباز خان کي دولت سان گھڻي محبت هوندي هئي، انڪري هو هميشه ان فقر ۾ هوندو هو ته ڪهڙن طريقن سان دولت وڌائي سگھجي ٿي. دولت ميڙڻ جي چڪر ۾ هن کي پنهنجي ٻنهي پٽن جي تعليم ۽ تربيت جو به خيال نه رهيو. نتيجي ۾ هن جا ٻئي پٽ هر قسم جي پابنديءَ کان آزاد ٿي ڇڙواڳيءَ واري زندگي گُذارڻ لڳا. شهباز خان سڄو ڏينهن نون ڌنڌن ۽ دولت جي پٺيان گُذاري، شام ڌاري ٿڪجي پنهنجي موٽر ۾ گھر ورندو هو. ذهني سُڪون نه هئڻ سبب رات جو دير تائين بستري تي جاڳي پاسا پيو بدلائيندو هو پر ننڊ کيس تمام ٿوري نصيب ٿيندي هئي.

    هڪ ڏينهن معمول موجب ڪمن ڪارين مان واندو ٿي شهباز خان شام جو پنهنجي موٽر ۾ واپس پئي آيو ته پنهنجي بنگلي جي ٻاهرين لوهي دروازي جي ڀرسان ڇٻراٽي تي ڪکن ڪانن ۽ ميرين اڳڙين جي هڪ ننڍڙي جھوپڙي جُڙيل ڏٺائين. شهباز خان ڪاوڙ مان دروازي وٽ ئي موٽر بيهاري ٻاهر نڪتو ۽ جھڳيءَ جي ڀرسان بيهي وڏي آواز سان ڳالهائڻ لڳو.

    ”اڙي ڪهڙي نالائق هتي هيءَ گندگي پکيڙي آهي، ڪير آهي؟ نڪري اچي ٻاهر.“

    ايتري ۾ انهيءَ جھڳيءَ مان، ڳچيءَ ۾ مڻڪن جا هار پاتل هڪ گودڙي پوش، ٻانهون ٻڌي ٻاهر نڪتو. ”بابل سائين! ناراض نه ٿيءُ. مسڪين کي ڏينهن پورا ڪرڻ ڏي، اچي رسيا آهيون. ڪجھه گھڙيون تنهنجي محلات جي پاڇي ۾، ڪجھه وري ٻئي هنڌ. ائين ئي وقت گُذري ويندو.“

    ”اڙي! بند ڪري پنهنجي بڪواس. مان چوان ٿو هاڻ جو هاڻ کڻ پنهنجون اڳڙيون ۽ هليو وڃُ. تون لکن رپين جي بنگلي جي سموري خوبصورتيءَ تي ٽڪو هڻي ڇڏيو.“

    شهباز خان ڪاوڙ مان فقير کي چيو. ايتري ۾ در جي اندران ويٺل چوڪيدار به ٻاهر نڪتو ۽ چوڻ لڳو ته هن به فقير کي گھڻي منع ڪئي هُئي پر هو ڪانه مڙيو.

    ”ٻُڌُ ڙي! ٺڳ فقير، مان صبح ساڻ جيئن تنهنجي منحوس شڪل وري نه ڏسان.“
    ائين چئي شهباز خان ڪاوڙ مان موٽر ڪاهي بنگلي ۾ هليو ويو.

    شهباز خان بستري تي سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ننڊ هميشه جيان سندس اکين کان ڏُور هئي ۽ هو پاسا ورائيندو رهيو. آخر بستري تان اٿي ڪمري ۾ گھمڻ لڳو. ان وقت رات گھڻي گُذري چڪي هُئي. ائين گھُمندي گھمندي هو بنگلي جي ٻاهرين در وٽ اچي پهتو. چوڪيدار قدمن جي آواز تي جاڳي پيو. شهباز خان چوڪيدار کان ٻاهريون درُ کولرايو ۽ پوءِ اچي ٻاهر روڊ تي گھُمڻ لڳو. فقير جي جھُڳيءَ مان کونگھرن جو آواز پئي آئيو. هن کي فقير تي خارَ اچڻ لڳا:

    ”نڀاڳو ڪيتري نه سُڪون سان سُتو پيو آهي!“

    شهباز خان ان رات ننڊ نه ڪري سگھيو. صبح جو جڏهن هو بنگلي مان نڪتو ته فقير پنهنجا ڪکَ ڪانا ۽ اڳڙيون سهيڙي رهيو هو.

    فقير کيس ڏسي پري کان ٻانهون ٻڌيون ۽ اداس نيڻ کڻي نهارڻ لڳو. ڄڻ ته چئي رهيو هجي: ”سائين! لک احسان جو توهان مون مسڪين کي پنهنجي خوبصورت محلات جي پاڇي ۾ هڪڙي رات گُذارڻ ڏني.“

    شهباز خان جا ٻئي پُٽ ڪابه تعليم پرائي نه سگھيا.

    آهستي آهستي هنن جو لاڙو براين ڏانهن وڌندو ويو. هو پنهنجي پيءُ جي ميڙيل دولت جوئا ۽ ٻين عياشين ۾ کپائڻ لڳا.

    جڏهن شهباز خان جي زال وفات ڪري وئي ته وڌيڪ اداس رهڻ لڳو. زال جي جُدائي، پٽن جي نافرماني ۽ خراب هلت شهباز خان جي بيچينيءَ ۾ اضافو آڻي ڇڏيو.

    ڪجھه ڏينهن کان پوءِ شهباز خان جي نالائق پٽن جي عياشي انتها کي وڃي پهتي. هنن پيءُ جي سموري ملڪيت جوئا ۽ ٻين براين ۾ کپائي ڇڏي. پڇاڙيءَ ۾ رهائشي بنگلو به زبردستي وڪرو ڪري ڇڏيائون ۽ ٻئي خون جي ڏوهه ۾ جيل اماڻيا ويا.

    رهائشي بنگلو خالي ڪرڻ کانپوءِ شهباز خان تمام مسڪينيءَ واري حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن پريشان ڀٽڪڻ لڳو.

    هن سوچيو به نه هو ته ساڻس اهڙي حالت ٿيندي. سڀ دوست کيس ڇڏي هليا ويا ۽ هو هن دنيا ۾ اڪيلو ويڳاڻو رهجي ويو. هاڻ هو هڪ بيگھر فقير هو، جنهن کي اها به خبر ڪونه هئي ته سندس ڏينهن ڪٿي ۽ رات ڪٿي گُذرندي.

    هڪ ڏينهن شهباز خان گھاٽي جهنگ مان پئي گُذريو. آسمان تي ڪڪرن جي گجگوڙ هئي. اوچتو طوفان سان گڏ تيز برسات شروع ٿي وئي. شهباز خان پاڻ کي برسات کان بچائڻ لاءِ ڪنهن اوٽائتي جاءِ جي تلاش ڪرڻ لڳو. ڪجھه پنڌ اڳتي وڃڻ کانپوءِِ کيس پريان هڪ جھوپڙي نظر آئي، جنهن۾ ڪجھه جھَڪي روشني به هُئي. شهباز خان تڪڙو تڪڙو ان جھوپڙِيءَ طرف وڌيو. جھوپڙيءَ طرف پهچي هن ڏٺو ته هڪ ماڻهو جھوپڙيءَ ۾ باهه جي ڀرسان ويهي ڪجھه کائي رهيو هو. شهباز خان کيس سلام ڪيو. جھوپڙيءَ ۾ ويٺل شخص آڌر ڀاءُ ڪندي کيس پاڻ سان گڏ ماني کائڻ لاءِ چيو. شهباز خان کي بُک به گھڻي لڳي هئي. سو هن سان ماني کائڻ لڳو. ماني کائڻ سان گڏُ، جھوپڙيءَ وارو شخص ساڻس ڪچهري به ڪرڻ لڳو.

    ٻاهر برسات جھَڪي ٿي وئي هُئي.

    باهه ڪجھه گھڻي ٻري ته ان جي روشنيءَ ۾ شهباز خان ڏٺو ته جھوپڙيءَ وارو شخص، اهو ساڳيو ئي فقير هو، جنهن ڪجهه وقت اڳ سندس بنگلي جي ڀرسان جھوپڙي جوڙي هُئي ۽ پوءِ سندس اعتراض تي هو اتان هليو ويو هو.

    شهباز سان دل ۾ ڏاڍو پشيمان ٿيڻ لڳو. هن چاهيو ته اتان جلد هليو وڃي، پر فقير کيس روڪيندو چيو:

    ”ٻاهر برسات آهي. هن مهل توهان ڪيڏانهن ويندا؟ رات هتي آرام ڪريو، پوءِ صبح جو ڀلي هليا وڃجو.“ شهباز خان، فقير جي زور ڀرڻ تي رات اتي ترسي پيو. ڪچهريءَ دوران شهباز خان پشيمان ٿي فقير کي چيو:

    ”فقير سائين! مونکي معاف ڪريو. مان اهوئي مغرور دولتمند آهيان، جنهن پنهنجي بنگلي ڀرسان اوهان جي وجود کي برداشت نه ڪيو هو.“

    فقير کي اهو واقعو ياد آيو.

    ”انسان خطا جو گھر آهي. هو پنهنجي دولت تي مغرور ٿي الله تعالى جا سڀُ احسان وساري، الله جي مخلوق کي رنجائي ٿو.“ فقير افسوس ڪندي چيو: ”پر دولت ته اچڻي وڃڻي شيءَ آهي. ان تي ڪهڙو ڀروسو! انسان کي پنهنجو ڪردار بلند رکڻو آهي. الله جي مخلوق سان محبت به عبادت آهي.“

    ”وکر سو وهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿئي“

    فقير جون ڳالهيون ٻڌي شهباز خان روئڻ لڳو. فقير کيس دلداري ڏيندي چيو:

    ”الله وٽ تنهنجون خطائون معاف ٿي وينديون. گھٽ ۾ گھٽ تون پنهنجي خطائن تي پڇتائين ته ٿو. انسان کي هن ڌرتيءَ تي وڏائي ڪرڻ بدران، نياز ۽ نئڙت سان رهڻ گھرجي.“

    فقير جون سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌي شهباز خان جي دل تان ڪجھه بار جھَڪو ٿيو ۽ هو سڪون محسوس ڪرڻ لڳو.

    پوءِ شهباز خان سڄي حياتي فقير سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو.


    ڊگهو ۽ بندرو ــ ٻه دوست

    هڪ ننڍڙي شهر ۾ ٻه ماڻهو اهڙا رهندا هئا، جيڪي سڀني ماڻهن جي ٽونڪن ۽ طنزن جو نشانو بڻيل هئا. هڪ هو تمام ڊگھو ماڻهو ۽ ٻيو هو تمام بندرو ماڻهو. ڊگھي ماڻهوءَ جو نالو اربابُ هيو، پر ماڻهو کيس چيڙائڻ خاطر اربابُ اٺُ سڏيندا هئا. بندري ماڻهوءَ جو نالو دائم هوڪ، پر ماڻهو کيس ستائڻ خاطر دائم دٻو سڏيندا هئا. ٻئي ويچارا ماڻهن جا ستايل هئا، ڪوبه سندس دوست نه هو، ان ڪري هو ٻئي هڪ ٻئي جا دوست ۽ حال ڀائي هئا. دوستيءَ کان اڳ ڌار ڌار گھمندا هئا ته به ماڻهو ڀوڳ هڻي کين پريشان ڪندا هئا. وري جڏهن سندن دوستي ٿي ۽ گڏ گھمڻ لڳا ته اڳ کان وڌيڪ ماڻهو کين چيڙائڻ لڳا. هي ٻئي شهر مان ڪٿان به گُذرندا هُئا ته ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويندو هو. وڏا توڙي ننڍا، سڀُ مٿن ٽونڪن جو وسڪارو لائي ڏيندا هئا، پر هي ٻئي ٻڙڪ نه ڪڍن ٻاهر، ماٺڙي ڪيون هليا ويندا هئا.

    هڪڙي شام جو، شهر جي باغ ۾ ڪچهري ڪندي ڊگھي ماڻهوءَ ڇوڪارو ڀريندي چيو: ”دوست! هن شهر ۾ هاڻ پنهنجو گُذارو نه ٿيندو، ماڻهن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي صلاح آهي ته ڪنهن ٻئي هنڌ لڏي هلجي.“

    بندري ماڻهوءَ موٽ ۾، سندس صلاح مڃيندي وراڻيو: ”تون سچُ چئي رهيو آهين. آءٌ پاڻ هن شهر مان بيزار آهيان، ڪو قرب ۽ مزو نه رهيو آهي. بهتر آهي ته سفر تي هلجي ۽ قسمت آزمائجي.“

    ٻنهي دوستن شهر ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪيو. آخر هڪ ڏينهن ٻئي ڄڻا، ڪجھه رقم ۽ ضرورت جوڪجھه سامان ساڻ ڪري سفر تي روانا ٿي ويا. جھنگ جھَرُ لتاڙيندا، هڪ بستيءَ کان ٻي بستيءَ سفر ڪندا رهيا.

    ڊگھو ماڻهو ڪجھه مغرور طبيعت جو هو. هر ڳالهه ۾ پاڻ کي مٿيرو سمجھندي، هو وقت به وقت بندري ماڻهوءَ کي اهو احساس ڏياريندو هو ته هو سمجھه ۾ توڙي طاقت ۾، هن کان وڌيڪ آهي.

    هڪڙي ماڳ تي سندن کاڌو ختم ٿي ويو ۽ کين بک به اچي تپايو هو، سو ڊگھي ماڻهوءَ بندري کي چيو: ”تون ته ڪوبه ڪم نه ڪري سگھندو آهين، اڄ ڪٿان کائڻ جو بندوبست ته ڪري اچُ، آءٌ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.“

    ائين چئي ڊگھو ماڻهو ليٽي پيو.

    بندرو ماڻهو سوچڻ لڳو ته ”ڇا ڪجي؟“ آخر کاڌي جي ڳولا ۾ ڀرپاسي نڪري ويو. هڪ جاءِ تي ڄمن جا ڪجھه وڻ بيٺا هئا، پر بندرو شخص، ڄمن تائين پهچي نه سگھيو، سو واپس اچي ڊگھي ماڻهوءَ سان ڳالهه ڪيائين. ڊگھو شخص ناراض ٿي بندري شخص کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو: ”مونکي تنهنجي دوستيءَ مان ڪوبه فائدو ڪونهي. سڀُ ڪم آءٌ ٿو ڪريان. تنهنجو وجود منهنجي دم سان آهي. جي آءٌ نه جهان ها ته هوند تون بک مري وڃين!“

    پوءِ ڊگھو ماڻو پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪندو، بندري ماڻهوءَ سان گڏ، ڄمن جي وڻن ڏانهن ويو. ڊگھي ماڻهوءَ وڻن مان هٿن سان ڄمون پٽيا، پوءِ ٻنهي گڏجي کاڌا.

    هنن جو سفر وري جاري رهيو.

    پنڌ ڪندي هڪ جاءِ تي هڪ ننڍي ندي آئي. نديءَ مٿان ڪابه پُل ڪانه هُئي. بندري ماڻهوءَ تار پاڻي ڏسي پريشان ٿيندي چيو: ”مان ته يار، هيءَ ندي ٽپي ڪين سگھندس. هڪ ته اٿم قد ننڍو، وري ترڻ به نه ٿو ڄاڻان.“

    ڊگھو شخص وڏا ٽهڪ ڏيندي چوڻ لڳو: ”تڏهن ته مان هر دفعي چوندو آهيان، تنهنجو وجود منهنجي ڪري آهي. تون بنهه بيڪار، ڪنهن ڪم جو ناهين. منهنجي لاءِ هيءَ ندي ته بنهه ننڍي آهي، مان وڏن وڏن درياهن کي پار ڪري چڪو آهيان!“

    بندري ماڻهوءَ کي، ڊگھي جي ڊاڙن تي ڪاوڙ ته گھڻي ٿي آئي پر مجبوريءَ سبب ماٺ رهيو. ڊگھي شخص، بندري شخص کي بيزاريءَ مان پنهنجن ڪلهن تي واهاري، ڇڙٻون ڏيندي ندي پار ڪرائي. پوءِ سڄي واٽ پنهنجي ساراهه سان گڏُ، بندري ماڻهوءَ تي ڪيل احسانن جو ذڪر ڪندو هليو.

    هلندي هلندي جھنگ ۾ کين رات پئجي وئي. ٻئي سوچڻ لڳا ته هاڻي ڪٿي سُمهجي؟ زمين تي سمهڻ سان، جهنگلي جانورن جو خطرو هو. ٻنهي خيال ڪيو ته ڪنهن مٿانهين هنڌ تي رات گُذارجي ته بهتر. چؤڌاري نهارڻ سان، کين ٿوري پنڌ تي هڪ پهاڙ نظر آيو. ٻئي، پهاڙ تي رات رهڻ جو فيصلو ڪري اوڏانهن وڌڻ لڳا.

    بندرو ماڻهو پريشان ٿي ويو، جو هو پهاڙ تي چڙهڻ نه ڄاڻندو هو. هو، ذهني طور تي اڳواٽ، ڊگھي ماڻهوءَ جي دڙڪن ٻُڌڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن ڊگھي ماڻهوءَ کي جڏهن اهو ٻڌايو ته هن کي ڄڻ وارو ملي ويو: ”آءٌ تومان ته هاڻ بيزار ٿي پيو آهيان، مهرباني ڪري مونکا ڌار ٿي وڃُ. تنهنجو وجود هن ڌرتيءَ تي بار آهي. آءٌ نه هجان ها ته هوند تون ذليل ۽ خوار ٿي وڃين.“

    بندرو ماڻهو سڀ ڪجھه ماٺ رهي سَهندو رهيو. ڇو ته ماٺ کانسواءِ هن لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. ڊگھي شخص پاڻ کي اهميت ڏيندي، بندري ماڻهوءَ کي دڙڪا ڏيئي جڏهن ڍؤُ ڪيو ته پوءِ کيس بيزاريءَ مان پهاڙ تي چڙهن ۾ مدد ڪئي. بندري ماڻهوءَ اها رات پهاڙ تي نهايت صبر سان گُذاري. هن دل ۾ ارادو ڪري ڇڏيو ته صبح ٿيڻ تي ڊگھي ماڻهوءَ کان ڌار ٿي ويندو.

    صبح جو بندري ماڻهوءَ جڏهن ٿڌيءَ دل سان سوچيو ته: ”ڊگھي ماڻهوءَ کان ڌار ٿيڻ سان، هن لاءَ مونجهارا پيدا ٿي سگهن ٿا“، هن پنهنجو ارادو بدلائي، ساڻس گڏُ رهڻ جو فيصلو ڪيو.

    ڊگھي جو ورتاءُ بندري سان، جيتوڻيڪ تمام خراب هو، پر مجبوريءَ بندري کي، ڊگھي کان ڌار ٿيڻ نه ڏنو. ٻئي ائين سفر ڪندا هليا.

    هڪ ڏينهن هو هڪ ننڍڙي شهر ۾ پهتا.

    گھڻي ڳولها کان باوجود به ٻنهي کي اتي ڪا نوڪري ڪانه ملي. آخر مايوس ٿي، ڪجھه کاڌي جو سامان ۽ روشنيءَ لاءِ ميڻ بتيون خريد ڪري، اڳتي روانه ٿيا.

    سج لهڻ مهل، هو هڪ پهاڙي علائقي ۾ پهتا. هنن، رات اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ڊگھي شخص باهه واسطي ڪاٺيون وغيره ڳولڻ لاءِ ڀرپاسي ويو ته کيس هڪ غار ڏسڻ ۾ آئي. هو، غار جي منهن وٽ پهتو. غار جو منهن تمام سوڙهو هو، جنهنڪري ڊگھو شخص اندر وڃي نه ٿي سگهيو. هو جيئن ئي ڪنڌ هيٺ ڪري، غار ۾ اندر نهارڻ لڳو ته سندس ڳچيءَ ۾ پاتل سوني دٻليءَ واو تعويذ هيٺ ڪري پيو. هو رڙيون ڪرڻ لڳو: ”اڙي! منهنجو تعويذ هيٺ ڪري پيو، هاڻي ڇا ٿيندو!“

    سندس رڙيون ٻڌي. بندرو شخص ڊوڙندو وٽس آيو: ”ڇا ٿيو دوست! تون پريشان ڇو آهين؟“

    ڊگھي روئي وراڻيو: ”منهنجو سونو تعويذ هيٺ ڪري پيو، هاڻي ڇا ڪريان؟ مان غار ۾ گھڙي به نه ٿو سگھان.“

    بندري ماڻهوءَ کيس دلداري ڏيندي چيو: ”گھٻراءِ نه دوست! مان هيٺ وڃي تنهنجو تعويذ ڳولي ٿو اچان.“

    بندرو ماڻهو، ميڻ بتي ٻري هيٺ غار ۾ لهي ويو. مٿي غار جي منهن وٽ ڊگھو ماڻهو سندس انتظار ڪرڻ لڳو.

    گھڻي دير کان پوءِ بندري ماڻهو، هيٺان، غار مان رڙ ڪئي: ”دوست! تنهنجو تعويذ ملي ويو.“

    پوءِ تعويذ کڻي غار کان ٻاهر آيو. ڊگھو ماڻهو تمام گھڻو خوش ٿيو. پر دل ۾ ڪجھه شرمسار به ٿيڻ لڳو، جو هو هميشه بندري ماڻهوءَ کي بيڪار سمجھي، کيس ڦٽڪار ڪندو رهندو هو. پر هاڻ هو، ان جي اهميت محسوس ڪرڻ لڳو. ڊگھي ماڻهوءَ سوچيو: ”ڪڏهن به ڪنهن کي گھٽ ڄاڻي، تڪبر ۽ وڏائي نه ڪجي.“ پوءِ هن بندري ماڻهوءَ کان گُذريل ڪوتاهين جي معافي ورتي. بندري کيس معاف ڪيو.

    ان کان پوءِ هو ٻئي سدائين قرب ۽ دوستي سان گذارڻ لڳا.


    مُرڪ پري ۽ دودو درزي

    ڪنهن ڳوٺ ۾ دودي نالي هڪ درزي رهندو هو، جنهن جي زال تمام لالچڻ هئي ۽ چاهيندي هئي ته سندس مڙس گھڻي کان گھڻي دولت آڻي. ويچارو درزي پنهنجي محنت جي سموري ڪمائي پنهنجي زال جي آڏو رکندو هو، پر سندس زال ڪڏهن به خوش نه ٿي ۽ هميشه مڙس تي ڪاوڙ ڪندي کيس چوندي هُئي ته: ”تُون سست ۽ لاچار آهين، گھٽ محنت ٿو ڪرين، جنهن ڪري ٿورا پئسا ٿو آڻين.“

    درزي ويچارو پنهنجي لالچڻ زال جون ڇڙٻون پيو ٻڌندو هو، پر موٽ ۾ زبان مان هڪ اکر به ڪين ڪڇندو هو. هڪ ڏينهن درزيءَ کي، زال ڪاوڙ ڪندي چيو: ”مونکي هڪ سؤ سونين گينين جي ضرورت آهي. ڪٿا به آڻي ڏي، نه ته مان زهر کائي مرندس.“

    ويچارو دودو درزي، زال جي فرمائش ٻڌي گھڻو پريشان ٿي پيو. دوڪان تي ڪپڙا به سبي نه ٿي سگھيو ۽ روئندو رهيو. سانجھيءَ مهل، هو پنهنجي دوڪان ۾ اداس ويٺو هو ته اوچتو روشني پکڙجي وئي. درزيءَ ڏٺو ته هڪ خوبصورت پري سندس آڏو بيٺي آهي.

    پريءَ مٺڙي آواز ۾ ڳالهايو:

    ”پيارا! دودا درزي! منهنجو نالو مرڪ پري آهي. مان ماڻهن ۾ خوشيون ورهائيندي آهيان، مونکي ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙو ڏک آهي؟“

    مرڪ پريءَ جي همدردي ڏسي دودو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس پنهنجي پريشانيءَ جو سبب ٻڌايائين. مرڪ پريءَ چيس: ”ٿورو ٽهڪ ڏي“ دودي درزيءَ ٽهڪ ڏنو ته هڪ سوني گيني سندس اڳيان اچي ڪري. اهڙيءَ طرح درزيءَ هڪ ٻئي پويان پورا سؤ ٽهڪ ڏنا ته وٽس سؤ گينيون ٿي ويون. سؤ گينيون ڏسي درزي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو. مرڪ پريءَ درزيءَ کان واعدو ورتو ته اهو راز ڪنهن سان نه سليندو. مرڪ پري، دودي جو مسئلو حل ڪري اڏامي هلي وئي. دودو تمام گھڻيءَ خوشيءَ مان سؤ گينيون سنڀالي گھر ڏينهن روانو ٿيو.

    لالچي زال جڏهن سؤ گينيون ڏٺيون ته حيران ٿي چوڻ لڳي: ”پيارا دودا! مونکي اعتبار نه ٿو ا چي، ڄڻ ته مان خواب ڏسي رهي آهيان. سچ ٻڌاءِ! ته هي گينيون ڪٿان انديون آهن؟“

    دودو، پريءَ سان ڪيل واعدي موجب حقيقت ٻڌائڻ کان لنوائي، زال سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، پر زال اعتبار نه ڪندي، ضد ٻڌي بيٺي ته هو سچي ڳالهه ڪري. گھڻي چوڻ جي باوجود به جڏهن دودي زال کي اهو راز نه ٻڌايو ته، زال اونڌي منجي ڪري ويهي رهي ۽ چوڻ لڳي ته، جيڪڏهن کيس صبح تائين اصل ڳالهه جي خبر نه پئي ته هوءَ پاڻ کي گھوگھو ڏيئي ماري ڇڏيندي.

    زال جي ضد آڏو، دودي نيٺ هار کاڌي ۽ هو مرڪ پريءَ سان ڪيل واعدو ٽوڙي، زال کي اصل ڳالهه ٻڌائي ويٺو. لالچي زال کي، اصل حقيقت معلوم ڪري گھڻي خوش ٿي پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس کي زوريءَ ڪتڪتايون ڪري کلائڻ لڳي. جڏهن دودي ٽهڪ ٿي ڏنو ته هڪ سوني گيني ٿي ڪري ۽ هوءَ وئي ٿي جمع ڪندي. دودي کي زال ايترو ته کلايو جو آخر هو ساڻو ٿي ڪري پيو.

    ٻئي ڏينهن تي زال، دودي کي دوڪان تي به نه وڃڻ ڏنو ۽ کيس زوريءَ کلائڻ لڳي. دودو آخر بيزار ٿي زال کي چوڻ لڳو:

    ”هاڻ ته کلي کلي آءُ بيهوش ٿيڻ وارو آهيان خدا جي واسطي مونتي رحم ڪر، ايتري لالچ سٺي ناهين.“

    پر، دودي جي ايلازن جو زال تي ڪو اثر ڪونه ٿيو.

    زال جي لالچ ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. آخر هن دودي کي گھر ۾ ٻڌي ويهاري ڇڏيو۽ گھڙي گھڙي کيس کلائي ٽهڪ ڏياري، گينيون جمع ڪرڻ لڳي. دودو ويچارو زوريءَ کلي، ساڻو ٿي، پنهنجي حالت تي روئڻ لڳندو هو. هوڏانهن زال جي لالچ کٽن واري ڪين هئي.

    هڪ ڏينهن دودي درزيءَ کي گھر ۾ ٻڌي، زال ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر هلي وئي، ته پويان دودو، تمام گھڻو روئي مرڪ پريءَ کي ياد ڪرڻ لڳو.

    اوچتو روشني پکڙجي وئي ۽ مرڪ پري اچي حاضر ٿي. دودي گھڻو روئي، مرڪ پريءَ کان واعدي ٽوڙڻ جي معافي ورتي ۽ هن مصيبت مان جان آجي ڪرائڻ جي گُذارش ڪئي. مرڪ پريءَ کي درزيءَ جي حالت تي ڏاڍو رحم آيو هن کيس معاف ڪندي چيو: ”دودا درزي! جي تون پنهنجي زال سان ڳالهه نه ڪرين ها، ته هوند هي ڏينهن نه ڏسين ها! دولت جي لالچ مصيبت پيدا ڪندي آهي. تون گھٻراءِ نه تنهنجي لالچي زال کي لوڀ جي سزا جلد ملندي ۽ تنهنجي جند آزاد ٿيندي.“

    ائين چئي مرڪ پري غائب ٿي وئي.

    لالچي زال ڏيهاڙي دودي کي کلائي گينيون جمع ڪندي وئي، تان جو وٽس سونين گينين جي هڪ پيتي ڀرجي وئي.

    هڪڙي رات جو، اوچتو رڙين جي آواز تي دودو درزي جاڳيو، ڇا ڏسي ته پيتيءَ مان تيزيءَ سان گينيون نڪرنديون، سندس زال جي جسم سان چنبڙنديون ٿي ويون. ائين سموريون گينيون کيس چنبڙِي ويون. درزي پنهنجي زال جي جسم کان گينين کي ڌار ڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي، پر هڪ به گيني جسم کان ڌار نه ٿي، نيٺ درزيءَ جي زال رڙيون ڪندي ڪندي مري وئي. مرڻ کانپوءِ به گينيون سندس جسم کان ڌار نه ٿيون. اهڙي ريت اهي گينيون لالچي زال سان گڏ قبر ۾ دفن ٿي ويون.

    جڏهن ماڻهن کي لالچي عورت جي انهيءَ انجام جي خبر پئي ته سڀ توبهه توبهه ڪرڻ لڳا.


    مڪار گڏهه جو انجام

    هڪڙي جھنگ ۾ گھاٽن وڻن جي ڀرسان هڪڳ چُر ۾ گاگو نالي گدڙ رهندو هو. انهيءَ چُر کان ٿوري پنڌ تي هڪ ندي هئي، جتي گاگو ڏهاڙي مڇين جي شڪار تي ويندو هو. گاگوءَ جي ڪرڪٽي نالي هڪ ڪانگ سان دوست هُئي. ڪانگ به روز اچي ان نديءَ وٽ گدڙ سان ملندو هو. پوءِ ٻئي ڄڻا ڪچهريون به ڪندا هئا، ته مڇيءَ جو شڪار ڪري پنهنجي پيٽ پوڄا به ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪانگ پنهنجي سُريلي آواز ۾ راڳ ڳائي گدڙ جي دل به وندرائيندو هو. اهڙي ريت ٻئي دوست پاڻ ب سان پيا وقت گُذاريندا هئا.

    هڪ ڏينهن، هڪ سست رولو گڏهه، گھمندو گھمندو گدڙ جي چُر وٽ اچي نڪتو. چؤڌاري ساوڪ ئي ساوڪ ۽ ٿوري پنڌ تي وهندڙ ندي ڏسي، گڏهه جي دل هرکي، ۽ هن اتي رهڻ جو ارادو ڪيو. گھاٽن وڻن جي وچ ۾ بيهي، گڏهه هينگون ڪرڻ لڳو. گڏهه جي هينگن جي آواز تي گاگو گدڙ پنهنجي چُر مان ٻاهر نڪتو. گدڙ کي ڏسي، گڏهه ڏانهنس وڌي آيو. ”ڪهڙا حال آهن پيارا گدڙ، مان سورن جو ستايل، تمام ڏتڙيل آهيان. شهر جي ڇوڪرن مونسان وڏا ويل وهايا آهن.“ گڏهه نهايت ڏکاريل لهجي ۾ چيو، ”سو، گوڙ گھمسان کان ڀڃي هتي آيو آهيان ته جيئن پڇاڙيءَ جا ڏينهن آرام سان گذاري سگھان. ان لاءِ تنهنجي مدد ۽ ساٿ جي ضرورت آهي.“

    موٽ ۾ گدڙ به هن کي کيڪاريندي وراڻيو:

    ”ڀاءُ! سدائين آئين. ملڪ مولا جو آهي، ڀلي هت رههُ. گڏجي رهنداسين ته ڪچهري ۾ وقت سٺو پيو گذرندو.“ اهڙي ريت، هاڻ گڏهه به اتي رهڻ لڳو.

    گدڙ ۽ گڏهه جي طبيعت ۾ وڏو فرق هو. گدڙ ۾ نياز نئڙت هُئي پر گڏهه نهايت هوڏي ۽ مغرور هو. هو هر ڳالهه ۾ پاڻ کي مٿانهون سمجھي، گدڙ کي ٽوڪيندو رهندو هو. ان ڪري گدڙ جي گڏهه سان سنگت ٿي نه سگھي. گڏهه سائو گاهه کائي، ڍؤ ڪري هينگون ڏيندو هو، گدڙ کي گڏهه جون هينگون بنهه ڪين وڻنديون هيون. رات جو به گڏهه بي سريون هينگيون ڏئي، گدڙ جي ننڊ ڦٽائيندو هو، پر گدڙ صبر سان وقت پيو گُذاريندو هو.

    هڪ شام، گدڙ وٽ سندس دوست ڪانگ آيو. ٻئي ڄڻا ڪچهري ڪرڻ لڳا. ڪجھه دير رکي گدڙ ڪانگ کي چيو، ”يار! گھڻا ڏينهن ٿيا آهن جو تنهنجو راڳُ ڪونه ٻڌو آهي. اڄُ ڀلا ٻُڌاءِ ڪو پيارو گيتُ ته دل جو بارُ هلڪو ٿئي.“

    ڪانگُ گيتُ ڳائڻ لڳو:

    ڪڻڪن جا لابارا لهندا
    هاري ناري خوشيون ڪندا
    مٺڙا مٺڙا لولا پچبا
    پوءِ ٻارن کان لولا کسبا.

    پريان گڏهه، ڪانگ ۽ گدڙ جي ڪچهري پئي ڏئي. جڏهن ڪانگ ڳائڻ لڳو ته، گڏهه ساڙ وچان وڏيون وڏيون هينگون ڏيڻ شروع ڪيون. گڏهه جي هينگن ۾ ڪانگ جو راڳ دٻجي ويو، تنهنڪري، ڪانگ، راڳ بند ڪيو. گدڙ، ڪاوڙ مان گڏهه جي ويجھو اچي چيو: ”ادا گڏهه! اها ڳالهه ٺهي ته ڪانه ٿي. هر هر هينگن ڏيڻ جو آخر مقصد ڪهڙو آهي؟“

    گڏهه رُکائيءَ مان وراڻيس: ”اها ته منهنجي مرضي، جڏهن به وڻيم ڳايان. تون ڪير ٿيندو آهين مونکي روڪڻ وارو؟“ گڏهه جي اڳرائي ڏس، گدڙ به جوش ۾ اچي ويو، پر ڪانگ وچ ۾ پئي جھيڙو ٽارايو. انهيءَ جھيڙي کان پوءِ گڏهه جي نيت خراب ٿي وئي ۽ هو هروقت سوچيندو رهندو هو ته ڪهڙي ريت گدڙ کي ختم ڪجي. آخر گڏهه پڪو فيصلو ڪيو ته: ”گدڙ کي مارائي پوءِ هت اڪيلو مزي سان رهان.“

    گدڙ جھيڙي واري ڳالهه وساري ڇڏي ۽ هميشه گڏهه سان سٺو ورتاءُ ڪندو هو، پر ان جي ابتڙ گڏهه جي دل ۾ کوٽ هئي. پنهنجي سوچيل منصوبي کي حقيقت بڻائڻ واسطي، نيٺ گڏهه هڪڙي ڏينهن سوير روانو ٿي ويو. ڪجھه پنڌ ڪرڻ کانپوءِ ، هو هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتو، جتي سندس ملاقات چئن بکايل ڪتن سان ٿي. هن، ڪتنکي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي چيو: ”مون توهان لاءِ هڪ ٿلهي متاري گدڙ جو شڪار ڳوليو آهي. جنهن کي تمام آسانيءَ سان ماري سگھجي ٿو. هلو ۽ هلي مزي سان ڍؤ ڪيو.“ ڪتا به ٻن ڏينهن جا بکايل ها، سو گڏهه جي ڳالهه ٻڌي، ساڻس گڏ روانا ٿي ويا. بک سبب ڪتا پنڌ نه ٿي ڪري سگھيا، پر گڏهه کين همٿائيندو، ورتيون پئي هليو.

    هوڏانهن، گدڙ ۽ ڪانگ نديءَ تان شڪار ڪري کائي پي، وڻن وٽ ڪچهري ڪري رهيا هئا ته اوچتو گدڙ کي پريان ڌوڙ اڏامندي نظر آئي. ڪانگ، گدڙ جي چوڻ تي، وڻ تي چڙهي پريان نظر ايندڙ ڌوڙ جو جائزو ورتو. جھٽ کان پوءِ ڪانگ مٿان وڻ تان رڙيون ڪري چيو: ”ڀاءُ گدڙ! هوشيار ٿيءُ، تو وارو پاڙيسري گڏهه چئن ڪتن سميت هيڏانهن اچي رهيو آهي. سندس ارادا ڪجھه ٺيڪ نظر نه ٿا اچن.“

    گدڙ به ڳالهه کي سمجھي ويو ته اڄ مڙئي ڪجھه خطرو آهي، سو تڙ تڪڙ ۾ گدڙ ۽ ڪانگ هتان هلي ويا.

    ڪجھه دير کان پوءِ گڏهه ۽ چار ڪتا سهڪندي اچي پهتا. ڪتا اڳي ئي ها بُکايل. ويتر گھڻي پنڌ انهن کي ڇتو ڪري وڌو هو. گڏهن ۽ ڪتن هيڏانهن هوڏانهن گھڻوئي ڳوليو پر گدڙ کين نظر ڪين آيو. هڪڙي ڪتي ڪاوڙ مان گڏهه کي چيو: ”ماما گڏهه تون اسان سان دوکيبازي ڪئي آهي. ڪوڙ ڳالهائي اسان کان هيترو پنڌ ڪرايو اٿئي. هتي گدڙ ته آهيئي ڪونه. پڪ تو اسان سان چرچو ڪيو آهي.“ گڏهه گھڻيئي وضاحت ڪئي ۽ کين سمجھايو ته هتي گدڙ هيو. پر بکايل ڇتن ڪُتن تي، هن جي ڪنهن ڳالهه جو اثر نه ٿيو. آخر بکايل ڪتن گڏجي، گڏهه تي حملو ڪري کيس چيري ڦاڙي ڇڏيو. گڏهه پنهنجي خراب نيت جو حساب ڏنو. ڪتن کيس کائي ڍؤ ڪيو.


    واپاري وليداد

    سڪي ميوي جو واپاري وليداد، شهر جو مکيه شاهوڪارن مان هڪ هو. هن جا شهر ۾ پنج دوڪان ۽ ٽي وڏا گودام هئا. سمورو ڪاروبار سندس نوڪر هلائيندا هئا، هو فقط نگراني ڪندو هو. گودامن ۾ رکيل سُڪي ميوي جو ڪجھه حصو ڪوئا خراب ڪري، يا کائي ويندا هئا، جنهن ڪري وليداد گھڻو فڪرمند رهندو هو. هن ڪوئن جي خاتمي لاءِ، گودامن ۾ ڪوئا مار دوائون هارايون پر پوءِ به ڪوئن جي تعداد ۾ ڪمي نه آئي.

    هڪ ڏينهن وليداد، پنهنجي هڪ گودام ۾ ويو، جتي بوهي مڱن جون ڳوڻيون رکيل هيون. هن ڏٺو ته ڪيترائي ڪوئا گودام ۾ پئي ڦريا. گھمندي گھمندي وليداد جي نظر هڪ اهڙي ڪوئي تي پئي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ هار پاتل هو. هار وارو ڪوئو، ڳوڻ ٽڪي، ڏاڍي مزي سان بوهي مڱ کائي رهيو هو. هن اهو محسوس به نه ڪيو ته گودام ۾ ڪو ماڻهو موجود آهي. وليداد جي ان ڪوئي ۾ دلچسپي وڌي وئي. هن دل ۾ چيو: ”ڪيئن به ڪري هار وارو ڪوئو پڪڙڻ گھرجي.“ اهو ارادو ڪري، وليداد آهستي آهستي ڪوئي ڏانهن وڌيو. اوچتو جڏهن وليداد جو ڳرو هٿ ڪوئي جي مٿان وڃي پيو ته ڪوئو وائڙو ٿي ويو. سندس وات مان بوهي مُڱ ڪري پيو.

    ”اڙي سائين! ڇڏ مونکي ساهه ٿو نڪريم“ ڪوئو دانهون ڪرڻ لڳو. ”توکي ڇڏي ڏيان! توهان ته منهنجي گودامن جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، مان توکي، هاڻي جو هاڻي ٻليءَ جي حوالي ٿو ڪريان.“ ائين چئي وليداد ڪوئي جي ڳچيءَ مان ننڍڙو هار لاهي ورتو. ”اڙي اڙي...... منهنجو سونو هار ته نه لاهه“ ڪوئو روئي چوڻ لڳو: ”هار موٽائي منهنجي ڳچيءَ ۾ پاراءِ.“

    ”هاڻي وري روئڻ لڳو آهين! ٻين جي نقصان ڪرڻ مهل، خيال ڇو نه ٿا ڪريو؟“

    ”مونکي هار موٽائي ڏي اها منهنجي مرهيات ماءُ جي نشاني آهي.“ ڪوئي منٿ ڪندي چيو. ”سائين واعدو ٿو ڪريان ته تنهنجي گودام مان نڪري ويندس. هار ڏي ۽ مون کي آزاد ڪر، مان هاڻي جو هاڻي هليو ٿو وڃان.“

    ”هار ائين ڪيئن ملندو!!“ وليداد لالچي نظرن سان ڪوئي ڏانهن نهاريندي چيو، ”هي جو منهنجو هيترو سارو نقصان ٿيو آهي، سڄو گودام اوهان چٽ ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڪير ڀريندو؟“

    ”سائين هار موٽائي ڏي، پوءِ جيڪو نقصان ڀرائڻو اٿئي سو ڀراءِ، آءٌ ڀري ڏيندس.“ ڪوئي نماڻائيءَ سان عرض ڪيو.

    وليداد جون واڇون خوشيءَ کان ويڪريون ٿي ويون. هن دل ۾ سوچيو ته: ”هار جي بهاني ڪوئي مان ڪيترائي ڪم وٺي سگھجن ٿا.“ سو ڪوئي کي چيائين:

    ”مونکي ڪجھه رقم آڻي ڏي ته، پوءِ توکي هار واپس ڪندس.“، ڪوئي وراڻيس، ”ٺيڪ آهي مان توکي ڪجھه نوٽ آڻي ڏيندس، پر تيسين منهنجي هار کي حفاظت سان رکجانءِ.“

    وليداد، ڪوئي کي پنهنجو بنگلو ڏيکاري، اهو چئي ڇڏي ڏنو ته: ”ٽن ڏينهن جي اندر رقم مون وٽ پهچڻ گھرجي.“

    ڪوئي گودام ۾ موٽي اچي. پنهنجن دوستن سان سموري ڳالهه ڪئي. سندس هڪ دوست کيس دلداري ڏيندي چيو: ”جتي گودام جي مالڪ جو بنگلو آهي. ان ساڳئي پاڙي جي هڪ گھر ۾، اڪيلو ڪنجوس سيٺ رهندو آهي. مان پهريائين اتي رهندو هوس. اهو سيٺ پنهنجا نوٽ هڪ وڏي ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ وجھي، گھر جي ڇت ۾ ٽنگي ڇڏيندو آهي. اتان آسانيءَ سان رقم حاصل ڪري سگھجي ٿي.“

    سوني هار واري ڪوئي کي پنهنجي دوست ڪوئي جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي.

    ٻي رات ٻئي ڪوئا، ان ڪنجوس سيٺ جي گھر وڃي پهتا. نوٽن واري ڳوٿري ڇت ۾ ٽنگيل هئي ۽ ڪنجوس سيٺ کونگھرا پئي هنيا. ٻئي ڪوئا هري هري ڇت جي شهتيرن کي چنبڙندا، وڃي ڳوٿريءَ تائين پهتا. پوءِ نوٽن جي هڪ دستي قابو ڪري واپس هيٺ لهي آيا ۽ ڦڙتيءَ سان گھر مان نڪري ويا.

    ٻاهر نڪري سوني هار واري ڪوئي، ٻئي دوست کي چيو:

    ”دوست تون ڀلي هل مان وليداد واري بنگلي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڏينهن ٿيڻ جو انتظار ڪندس، هاڻي هو ننڊ ۾ هوندو. صبح جو هي نوٽ ڏيئي، کانئس پنهنجو سونو هار وٺندس.“

    سج اڀريو ته ڪوئي نوٽن واري دستي کڻي، وليداد واپاريءَ جي ڪمري ۾ پهتو. وليداد ان وقت بستري تي وڏا وڏا رجسٽر کولي، ڪجھه لکي رهيو هو. ڪوئي ويجھو وڃي، وليداد کي سلام ڪندي چيو: ”سائين! آءٌ واعدي موجب حاضر آهيان. هي وٺو نوٽ ۽ مونکي پنهنجو هار موٽائي ڏيو.“

    وليداد، ڪوئي کي نوٽن سميت سامهون ڏسي وائڙو ٿي ويو. ”اڙي واهه! تون ته واقعي نوٽ کڻي آيو آهين.“ ائين چئي وليداد ڪوئي کان نوٽن جي دستي کسي ورتي. وليداد جي نيت بدلجي وئي، هن ڪوئي کي هار ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو: ”پيارا ڪوئا! نوٽن جي دستي هڪ ٻي به آڻي ڏي ته هار ڏيندوسانءِ.“

    ڪوئي وليداد کي گهڻو ئي چيو ته هو واعدي تان ڦري رهيو آهي، پر وليداد ڪجھه نه ٻڌس. ان جي ابتڙ ٻليءَ کي سڏ ڪري ڪوئي کي ڊيڄارڻ لڳو. ڪوئي، ٻي ڪا واهه نه ڏسي، لاچار هڪ دفعو وليداد کان واعدو وٺي هليو ويو.

    سوني هار واري ڪوئي، روئي اچي پنهنجي دوست ڪوئي کي سموري ڳالهه ٻڌائي. دوست هڪ دفعو وري به آٿت ڏيندي چيس:

    ”گھٻراءِ نه، اسين لالچي وليداد جي هٻڇَ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري هلي ان ڪپڙي واري ڳوٿريءَ مان نوٽن واري دستي کڻنداسين.“

    وري ٻئي ڪوئا، رات جو ساڳئي ڪنجوس سيٺ جي گھر پهتا، اڳ جيان ڇت جي شهتيرن کي چنبڙي، ڳوٿريءَ وٽ پهچي، هڪ دستي نوٽن جي کڻي نڪري آيا. دوست ڪوئو گودام ڏانهن هليو ويو ۽ سوني هار وارو ڪوئو واپاري وليداد جي بنگلي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڏينهن ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

    ڏينهن ٿيڻ تي ڪوئو وليداد جي ڪمري ڏانهن ويو.

    وليداد بستري تي چانهه پي رهيو هو. ڪوئي، سلام ڪري اڳ وانگر نوٽن جي دستي پيش ڪندي ، پنهنجي هار جي گھُر ڪئي. هن ڀيري به وليداد جي نيت ۾ کوٽ پيدا ٿي. هن ڪوئي کي نوٽن جي اهڙِي ٽين دستي به آڻڻ جي لاءِ چيو. ڪوئي وري به کيس گھڻو ئي سمجھايو ته هو ساڻس نا انصافي ڪري رهيو آهي. پر وليداد کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو:

    ”نوٽن جي دستي نه آڻيندين، ته هار به ڪونه ملندءِ. مان سڀاڻي اهو هار سوناري کي وڪڻڻ ويندس.“

    ڪوئو وليداد جي ڏاڍائي ڏسي روئڻ لڳو، پر وليداد تي ڪو اثر ڪونه ٿيو. ڪوئي سوچيو ته هاڻ واپاري وليداد هر دفعي هار ڏيڻ جي بهاني، هن کان نوٽن جي گھُر ڪندو رهندو، پر هارُ موٽائي ڪونه ڏيندو، سو هن ٽيهر نوٽن آڻڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

    واپاري وليداد جڏهن ڏٺو ته ڪوئو بنهه انڪار ڪري رهيو آهي ته هن ٻليءَ کي سڏ ڪيو، ”پشمي پشمي..............“

    ايتري ۾ ٻلي ”ميائون ميائون“ ڪندي، ڊوڙندي آئي.

    ڪوئي جو ٻليءَ کي ايندي ڏٺو، ته هو ويچارو ڀڄي ويو ۽ ساهه وڃي گودام تي پٽيائين.

    گودام تي پهچي سونو هار نه ملڻ تي، پنهنجي ماءُ کي ياد ڪري روئن لڳو. سندس روئڻ جو آواز ٻڌي، سڀ ڪوئا اچي ڪٺا ٿيا. ڪوئا سندس حال تي افسوس ڪرڻ لڳا. دوست ڪوئي وري به کيس سمجھائيندي چيو:

    ”دوست! روئڻ مان ڪجھه ڪونه ورندو، همت ٻَڌُ. اسان دغاباز وليداد کي سندس دوکيبازيءَ جي سزا ضرور ڏينداسين.“

    پوءِ ٻنهي دوستن وليداد کي سندس دوکيبازيءَ جي سيکت ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو.

    پوءِ رات جو سوني هار وارو ڪوئو ۽ سندس دوست ڪوئو، ٻئي گڏجي ساڳئي ڪنجوس سيٺ جي گھر ويا. ساڳئي شهتيرن کي چنبڙي ڳوٿريءَ تائين پهچي، نوٽن جون ٻه دستيون کڻي هيٺ لهي آيا. ٻنهي دوستن نوٽن جي دستيءَ کي ٽوڙي سڀ نوٽ ڌار ڌار ڪيا. پوءِ اهي نوٽ ڪنجوس سيٺ جي ڪمري کان وليداد جي گھر تائين هاريندا ويا. سڀ نوٽ اهڙِي ريت هاري، ٻئي گودام ۾ سُتا.

    ٻئي ڏينهن صبح جو، جڏهن ڪنجوس سيٺ اٿيو ته پنهنجي ڪمري ۾ نوٽ هاريل ڏسي، حيران ٿي ويو. ڳوٿري به ڏٺائين ته نوٽ کٽل هئا. پوءِ هاريل نوٽ کي جاچيندي جاچيندي وليداد واپاريءَ جي بنگلي ٻاهران وڃي پهتو.

    ڪنجوس سيٺ کي پڪ ٿي وئي ته سندس چوري وليداد واپاريءَ ڪئي آهي يا ڪرائي آهي. سو هن پوليس ٿاڻي تي وليداد جي خلاف بيان داخل ڪرايو. پوليس وليداد کي چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪري وئي، اها خبر ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ آئي، ڪوئا اخبار ۾ خبر پڙهي خوش ٿيا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471362
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ