ڪتاب جو نالو: نئين دؤر جا نوان سبق
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 27 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 633 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 267 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي محترم ادل سومري پنهنجي ٻاراڻي دور کي ياد ڪندي ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب ”نئين دور جا نوان سبق“ ٻارن لاء لکيل ڪهاڻين تي مشتمل آهي۔
هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري پاران ڪمپوز ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • نئين دؤر جا نوان سبق
  • مُهاڳ
  • سبق پهريون الف ـ اک
  • سبق ٻيون ب ـ بنگلو
  • سبق ٽيون ٻ ـ ٻارُ
  • سبق چوٿون ڀ ـ ڀَت
  • سبق پنجون ت ـ تاجُ
  • سبق ڇهون ٿ ـ ٿورو
  • سبق ستون ٽ ـ ٽوپي
  • سبق اٺون ٺ ـ ٺڳ
  • سبق نائون ث ـ ثوابُ
  • سبق ڏهون پ ـ پاڻي

  • نئين دؤر جا نوان سبق

    نئين دؤر جا نوان سبق

    ادل سومرو

    (ٻارن جي لاءِ ڪهاڻيون ۽ اسڪيچ)


    س.ا.س سٽي سکر .سنڌويب.ڪام
    ڊجيٽل بوڪ پبلشر
    www.sascitysukkur.sindhweb.com

    ڪمپوزنگ : عبداللطيف انصاري


    مُهاڳ

    اسين دنيا جي ٻن دروازن تي ويٺل اديب ۽ شاعر آهيون. هڪ ادل سومرو ۽ هڪ آءٌ.
    جڏهن انسان دنيا جي دروازي ۾ داخل ٿين ٿا، ته ادل سومري کي ٻُڌن ۽ پڙهن ٿا، هن کان واقف رهن ٿا ۽ جڏهن دنيا کي ڇڏڻ جي لاءِ ٻئي دروازي مان واپس ورن ٿا ته مونکي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
    اسين جيڪي ٻه دوست، ٻالپُڻ کان هڪ ٻئي سان واقف آهيون، هڪ ئي پاڙي ۾ پلجي وڏا ٿيا آهيون. اسان هڪٻئي کان واقف هوندي به ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هياسين ته ڪو اسين ليکڪ يا شاعر آهيون. ادل سومري جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته آءٌ سوچيندو هوس، اهو سکر ۾ ادل سومرو ڪير آهي؟ توهان کي مُنهنجيءَ ڳالهه تي ضرور حيرت ٿيندي، پر خود مُنهنجي حيرت جي ان وقت انتها نه رهي جڏهن هڪ دفعي عبدالڪريم سومرو، جنهن کي آءٌ ان نالي سان سُڃاڻِيندو هوس، مون وٽ آيو ۽ هڪ مشاعري جو دعوتنامو هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته، ”آءٌ ادل سومرو آهيان.“ آءٌ هن کان پهريون ئي واقف هوس. اهو لڳ ڀڳ 1976ع وارو زمانو هيو ۽ آءٌ ماضيءَ ڏانهن سوچڻ لڳس. هڪ نوجوان جيڪو ڪتاب کنيون هاءِ اسڪول ڏانهن گھنٽاگھر کان مٿي پهاڙي ڀتين واري چاڙهي چڙهندي نظر آيو هو. اهو شخص جيڪو سکر جهڙي عجيب ۽ غريب شهر جون ڏاڪڻيون چڙهندي ۽ لهندي نظر آيو هو. هو جيڪو تن ڏينهن ۾ مُنهنجي سؤٽ جو گھرو دوست هيو. جنهن سان هن جا، لب مهراڻ تي، سنڌوءَ ڪناري فوٽو گرافڪس اڃا به مُنهنجي ذهن تي نقش آهن. اهو ادل سومرو هيو. آءُ ته هن کي سُڃاڻا پيو ۽ ادل مونکان پڻ چڱيءَ ريت واقف هيو.
    1976ع کان پوءِ اسان گڏجي پنهنجو ادبي سفر شروع ڪيو ۽ ادل سومرو اڄُ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو تمام اهم نالو آهي. ٻاراڻي ادب ۾ ته هن جو ڪو ثاني ڪونهي. مُنهنجي ذاتي راءِ آهي ته موجوده دؤر جو سنڌي ٻاراڻو ادب ادل سومري جي نالي سان ئي سُڃاتو ويندو. هن جهڙو سُٺو ۽ گھڻو ٻاراڻو ادب شايد ئي ڪنهن لکيو هُجي. ان ڪري آءٌ چوان ٿو ته ادل سومرو دنيا جي داخلا واري دروازي جو اهو دربان آهي جيڪو پنهنجي هٿ ۾ قلم بلند ڪيون بيٺو آهي ۽ هن جون لکڻيون ڄڻ ته دنيا ۾ داخل ٿيندڙ اگھاڙي ٻار جي پُٺيءَ تي پاتل اهي لڪيرون آهن جيڪي دنيا جي پڙهيل سنڌي ٻار جي وجود ۾ هن جي سُڃاڻپ جي نشانيءَ طور هميشه موجود رهنديون. اديب دوستن ۾ آءٌ ادسل سومري سان سڀني کان ويجھو رهيو آهيان. دنيا ۾ جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان جي زندگي زهر ڪرڻ جي لاءِ رات ۽ ڏينهن ويٺوپنجن ئي آڱرين جو زور لڳائي ٿو ۽ ڪوبه اهڙو موقعو هٿن مان نه ٿو وڃڻ ڏئي جنهن سان هو ٻئي کي ذهني يا جسماني تڪليف پهچائي، هروڀرو مطمئن ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهڙي ماحول ۾ ادل سومري سان ملي دل کي اها آٿت اچي ته دنيا اڃا به جيئڻ جي قابل آهي، جتي ڪجھه وقت رهي سگھجي ٿو. ادل شخصي طور هڪ بردبار ۽ سهپ جو مادو رکندڙ انسان آهي. هو صحيح معنى ۾ دوست آهي، جنهن سان ملي دل کي خوشي نصيب ٿئي ٿي.
    زندگيءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾، جتان آءُ ۽ ادل لنگھي رهيا آهيون، جتي اسان ٻالپُڻ مان وڌي نوجوانن جي ٽَهيءَ مان لنگھي، جوانن جي ٽَهيءَ مان اڳتي پوڙهائپ جي منزل ڏانهن وڌي رهيا آهيون، جتي اسان جي جسمن جي چُستي ۽ ڦُڙتي اها نه رهي آهي، اسين اڌ ٿڪيل اڌُ هاريل انسانن جيان پوئتي پنهنجي قدمن جي نشانن کي اُٻاڻڪين اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته اسين اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون ته اسان آخر ڇا حاصل ڪيو، انهن ويهن سالن جي ادبي سفر ۾ ڪٿي پهتاسين. اسين جيڪي اڌ عمر کان گھڻو گھاري چڪا آهيون ۽ هڪ ڏينهن موت ڏانهن موٽي ويندا سُون. اسين جيڪي سنڌ جا علاقائي اديب آهيون، جنهن صوبي جي اڌ کان گهٽ آدمشماري سنڌي ٻولي نه ڳالهائي ٿي ۽ نه ئي پڙهي ٿي. جتي باقي آدمشُماريءَ جو معمولي سيڪڙو پڙهيل لکيل آهي ۽ انهن معمولي لکيل پڙهيلن ۾ به ڪو ڪو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کان واقف آهي، اهو سوچي سچُ ته ڏاڍي مايوسي ٿئي ٿي. پر اسين جيڪي جهالت جي انڌيرن ۾ گُم ٿي ويل روشنيءَ جي چڻنگ ڳولي رهيا آهيون. آخر اسان ان پيڙا ۽ ڀوڳنا مان ڇا حاصل ڪيو؟ ڪهڙيءَ سرڪار اسان سنڌ اديبن کي پاڪستاني اديب ڪوٺيو، اسان کي سنڌ جي سرحدن کان کڻي پاڪستان ۽ عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي ترقي پسند اديب کي ڪهڙا ميڊيا فراهم ڪري ڏنا ويا، جتان اهو اڳتي وڌي دنيا ۾ متعارف ٿي سگھي. سنڌي اديبن لاءِ ڪهڙا مطالعاتي دورا مهيا ڪري ڏنا ويا، ترقي پسند سنڌي اديب کي سرڪاري طرح دنيا جي ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا؟ سنڌي اديبن جي سنگت جو سرڪاري طرح ڪهڙو آڌرڀاءُ ڪيو ويو؟
    اسين جيڪي جهالت ۽ ناانصافين جي انڌيرن ۾ چڻنگ دُکائڻ جي لاءِ پاڻُ پتوڙي رهيا آهيون، ڇا اسين پنهنجي رهيل زندگيءَ ۾ به ائين ئي اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻِي هڪٻئي سان ٽڪرائجي گُذاري، اوندهه ۾ دفن ٿي وينداسون. ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، اوندهه ايتري ڪانه آهي، شايد اسان جون اکيون بند آهن. سنڌي ادب لکڻ وڏي قرباني ڏيڻ جي برابر آهي، اسان وٽ جيڪر ادب روزگار جو ذريعو هجي ها؟ اديب لکي سُکيو ستابو ٿي پوي ها. سياستدان ته گھڻو ڪُجھه حاصل ڪري وٺن ٿا پوءِ به بي امني ۽ بيچيني عوام جي ڳچيءَ ۾ اچي پوي ٿي.
    جيڪر ائين ٿئي ها جو عوامي سوچ جو رُخ بدلجي پوي ها. شاعر اسٽيج تي ڪو سٺو شعر پڙهي ها ۽ ان آڌار تي هن کي داد بجاءِ ووٽ ملي پون ها. هڪ اهڙِي حڪومت وجود ۾ اچي ها جنهن جا سرواڻ اديب ۽ شاعر هُجن ها، سياستدان، ماستر ۽ بيروزگاري هُجن ها.
    هن ڪتاب ۾ ادل سومري جا ڏهه سبق ڏنل آهن، جيڪي سڀُ نثر ۾ آهن، ادل نثر تمام گھٽ لکيو آهي، پر هو مضبوط قسم جو نثر نگار پڻ آهي، جيئن توهان کي هن جا هي سبق پڙهي محسوس ٿيندو. هن جي لکڻ جو ڪمال اهو آهي ته هو ڳالهه مان ڳالهه ٺاهي وڃي ٿو ۽ ائين خيالن جو هڪ مسلسل وهڪرو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏُ وهايون کنيو وڃي ٿو. جنهن ڏينهن ادل مهاڳ لکڻ لاءِ اهي سبق منهنجي حوالي ڪيا ته آءٌ ذهني طور تي پريشان هيس پر انهن کي پڙهندي آءٌ مُرڪيس پئي، جيئن ادل سومرو پنهنجي مخصوص انداز ۾ مون اڳيان ڳالهائيندو هُجي، جيئن هو ڪڏهن مزاحيا ۽ طنزيا جملا ڳالهائي ويندو آهي. ادل سومري جي چوڻ موجب هُن اهي سبق ٻارن لاءِ لکيا آهن، پر هن جي انهن لکڻين ۾ ايتري ته گھرائپ موجود آهي جو شل اهي وڏن کي به سمجھه ۾ اچن.
    الف ـ اک وارو پورو سبق پنهنجي گھرائپ سان موجود آهي، ان کي هر عمر وارو پنهنجي ذهني معيار مطابق سمجھي لطف اندوز ٿيندو.
    ٻ ـ ٻار ۾ ادل سومرو ٻارن جا قسم بيان ڪندي لکي ٿو، هر ڪو ٻار پنهنجي ڌرتيءَ جي حوالي سان سُڃاتو ويندو آهي. جنهن ٻار جي ڪا ڌرتيءَ نه هوندي آهي، اهو انٽرنيشنل ٻارُ سڏبو آهي.
    ادل سومري جا هي لکيل سبق اهڙن ئي ڪيترن فقرن ۽ جملن سان ڀريا پيا آهن، جن ۾ طنز، مزاح ۽ سچائي آهي.
    ٽ ـ ٽوپيءَ واري سبق ۾ سليماني چانهه ۽ سليماني ٽوپيءَ جو ذڪر، اهڙن سبقن کي ڏاڍو پر مزاح ۽ دلچسپ بنائي ٿو، اڳتي هلي سليماني ناچُ تائين پوري مُرڪ هڪ ٽهڪ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
    ٺ ـ ٺڳُ ۾ ماڊرن ٺڳ جي وضاحت سُٺي نموني ٿيل آهي انهيءَ ئي سبق ۾ ادل گھريون ڳالهيون ڪيون آهن هو سوال پُڇي ٿو ته دل جي بيمارين جو دولت سان ڪهڙو تعلق آهي، نوان لفظ ۾ هن لکيو آهي، روڊ = ٺيڪيدار جو خوابُ.
    ادل پنهنجي شاعراڻي صفت کان نثر ۾ به منهن نه موڙيو آهي.
    ث ـ ثواب ۾ لکي ٿو، جنهن ماڻهوءَ کي ڀاڳُ لڳندو آهي اهو ساڳ نه کائيندو آهي پر هو ڪُڪُڙ کائي راڳ ڳائيندو آهي.
    اميد ته ادل سومري جو هي ڪتاب به سندس ٻين ڪتابن جيان پڙهندڙن ۾ ضرور پسند پوندو.

    تاريخ 02.08.1990
    رسول ميمڻ
    سامي هائوس
    بشير آباد، ملٽري روڊ
    سکر


    سبق پهريون الف ـ اک

    ڏاهن جو قولُ آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي. اُهي انسان بنهه بدنصيب آهن، جن کي ٽين اک ناهي. هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هن کي ٽين اک به هُجي پَر پاپي پيٽ ۽ قسمت جا رولا گھڻن انسانن کي ٽين اک کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. جن کي ٽي اکيون هونديون آهن، انهن جي ذهنن جا روشندان کُلي ويندا آهن ۽ اهي ذهي طور تي عرش تي اڏامڻ لڳندا آهن. پنهنجي علم جو فائدو حاصل ڪندي، ڪي ٽن اکين وارا اٽڪلي بڻجي پوندا آهن ۽ ٻن اکين وارن ماڻهن جي اکين ڪڍڻ جي فڪر ۾ هوندا آهن. جن کي اکيون نه هونديون آهن انهن کي انڌو چيو ويندو آهي، پر ڪي ڪي اکين هوندي به انڌا هوندا آهن. ڪي اکيون آسَ ۽ اوسيئڙي جون عادي هونديون آهن. ان ڪري انهن اکين کان ننڊ رُٺل هوندي آهي. ڪي اکيون خواب ڏسنديون آهن ته ڪن جي نصيب ۾ فقط روئڻ هوندو آهي. اها پنهنجي پنهنجي نصيب جي ڳالهه آهي. ڪن جي وري نصيب کي به اکيون ناهن هونديون. جيڪڏهن ڪنهن جي نصيب کي اکيون آهن ۽ فقط هڪ اک آهي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي، سندس دَرَ تي ڪيترائي ٽن اکين وارا سلام ڀريندا رهندا.
    اکين جون ڪيتريون ئي عادتون آهن. اکيون ڪڏهن ڪڏهن اٿي به پونديون آهن، پوءِ انهن کي ويهارڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آهي. جن ٻارن کي ٽين اک حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو آهي، اهي ڪتابن سان سنگت رکندا آهن، پر ڪي ٻار والدين جي اک ڏيکارڻ تي زوريءَ ٽين اک حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ٻار کي حد جي اندر اک ڏيکارڻ گھرجي. والدين جي تمام گھڻي اک ڏيکارڻ جي ڪري ڪي ٻار نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿي ٽين اک حاصل ڪري نه سگھندا آهن.
    ڪن اکين ۾ شرم حياءُ هوندو آهي ته ڪي وري شرم حياءَ کان خالي هونديون آهن. جن اکين ۾ شرم حياءُ نه هوندو آهي اهي کُليل هوندي به ٻوٽيل هونديون آهن. ان ڪري اهڙين اکين وارن کي اکين ٻُوٽ چئبو آهي. (هڪڙي وري اک ٻوٽ راند به ٿيندي آهي). جنهن جون اکيون کليل هوندي به ٻوٽيل هونديون آهن، ان ۾ ڪنهن کي به چڱائي جي اُميد نه رکڻ گھُرجي پر اهڙي اکين ٻُوٽ کان پاسو ڪرڻ گھُرجي.
    هڪڙين اکين جو ذڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به ڪيو آهي. اهي اکيون جيڪي پنهنجي حقيقي پرينءَ کانسواءِ ٻئي طرف نهارين، اهي ڪڍي ڪانگن کي ڏجن، پوءِ اها ڪانگن جي مرضي ته اهي اُنهن کي کائين ٿا يا فقط ٺونگو هڻي پري ڪن ٿا. ڪن اکين ۾ آرسيون به لڳل هونديون آهن. جن اکين ۾ نظر ڌنڌلي ٿي ويندي آهي، انهن کي عينڪ جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. ڪن ماڻهن جون اکيون ننڍيون ۽ فليٽن وانگر سوڙهيون هونديون آهن، انڪري انهن ۾ ٻين لاءِ جاءِ گھٽ هوندي آهي ۽ اهي بي مُروت اکيون سڏبيون آهن. شاعرن جون اکيون ڳوٺ جي گھرن وانگر ڪُشاديون هونديون آهن. جيئن شاهه لطيف فرمايو آهي ته :

    ”اکيون ۾ ٿي ويههُ ته آءٌ واري ڇپر ڍڪيان“

    اکين جي ڦڙڪڻ ۽ ڦرڪڻ ۾ فرق آهي. وڏن جي چواڻي جڏهن ڪو عزيزُ اچڻ وارو هوندو آهي ته اک ڦڙڪندي آهي، وري جڏهن اک ڦرڪڻ لڳندي آهي ته ڪنهن نقصان ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. اکيون جسم جو اهم حصو آهن، انهن کان سواءِ جسم کي گھڻو محتاج ٿيڻو پوي ٿو. شيخ اياز اکين کي جسم جا ڏيئا سڏيو آهي :

    ”اکيون ڏيل ڏيئا، ٻرنديون رهنديون ٻاٽ ۾.“

    شالَ اوهان جي اکين ۾ هردم حيا جو رنگ ۽ پنهنجن جي سُڃاڻپ رهي ۽ انهن ۾ ڪڏهن ڪَکُ نه پَوي.

    *مشق*

    سوال نمبر 1 : ڇا شاعرن جي اکين ۾ صوفا سيٽ رکيل هوندا آهن؟

    سوال نمبر 2 : ٽين اک حاصل ڪرڻ ۾ ڪهڙيون رُڪاوٽون آهن؟

    سوال نمبر 3 : اکيون جسم جا ڏيئا آهن، انهن ۾ ڪهڙو تيل استعمال ٿيندو آهي؟

    نوان لفظ
    ڪکُ = جنهن جي هيٺان لکُ هُجي
    عينڪ = عينُ + نَڪُ
    عين = اکِ
    نَڪُ = جيڪو ڪپيل نه هُجي.
    عينڪ = نڪ جي ناني يا اک جي امڙ
    فليٽ = جنهن مان آسمان نظر نه اچي.


    سبق ٻيون ب ـ بنگلو

    بنگلي جو جمع بنگلا ٿيندو آهي ۽ ڪنگلا ماڻهو بنگلا ٺهرائي نه سگھندا آهن. بنگلن ۾ رهندڙ ماڻهن جا ڪنڌ بنگُلن وانگر اڀا هوندا آهن. جيڪي مزور تمام گھڻو پورهيو ڪري بنگلا ٺاهيندا آهن، اهي بنگلن ۾ رهي نه سگھندا آهن. تنهن ڪري اها چوڻي ئي غلط آهي ته: ”جيڪو پچائي سو کائي.“
    بنگلن ۾ بادشاهه ماڻهو رهندا آهن ۽ ڪنگلا ماڻهو انهن جي رعيت هوندا آهن. ڪنگلا يعني مسڪين ماڻهو بنگلن جي بادشاهه کان پنهنجون ڪکيون بچائي، ڪکن جي جھوپڙين ۾ گھڙيون گھاريندا آهن. بنگلن جا بادشاهه جنهن وقت به چاهين ڪنگلن کي ڪاٺ ۾ هڻِي سگھن ٿا ۽ انهن جو داڻو پاڻي بند ڪرائي سگھن ٿا. هڪڙو وري بادشاهه عمر سومرو به هيو، جنهن کي به هڪ ماڙي يعني بنگلو هو. بادشاهن کي شڪار جو ڏاڍو شوق هوندو آهي، سو هڪ ڏينهن عمر بادشاهه به ٿر جي هڪ مارئيءَ کي شڪار ڪري پنهنجي بنگلي ۾ قيد ڪيو ۽ کيس پنهنجي راڻي بڻجڻ جي آڇ ڪئي. جھوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهو اٽڪلي نه پر اٻوجھه هوندا آهن. مارئي جھوپڙين جي رهواسڻ هُئي ان ڪري هُن اڄُ جي دؤر جي حساب سان بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏيندي، عمر بادشاهه جي راڻي بڻجڻ کان انڪار ڪندي بادشاهه کي چيو :

    ”عمر مون نه وڻن تُنهنجون ماڙيون الا
    اسين ماروئڙا مال چاريون الا.“

    بادشاهن جا شوق عجيب ته هوندا آهن پر غريب نه ــ جيڪو شوق بادشاهه ڪندا آهن، انهن کي بادشاهي شوق چئبو آهي. بادشاهي شوق گھڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪُتا پالڻ به بادشاهي شوق آهي. پُراڻي خيال جا بادشاهه ڪُتن کي رڇن سان وڙهائيندا آهن ۽ رتُ وهندو ڏسي خوش ٿيندا آهن. جديد قسم جا بادشاهه ڪُتن کي ڪارن ۾ ويهاري ڪلفٽن، ايلفي ۽ طارق روڊ گھُمائيندا آهن.
    جيڪڏهن ڪو ڪنگلو ڀُل ۾ ڪنهن بنگلي جي ڀَر ۾ جھوپڙي جوڙي ويهندو آهي ته بادشاهه پنهنجي بنگلي جي سُونهن تي جھوپڙيءَ جو داغ برداشت نه ڪري سگھندو آهي ۽ هڪ ئي ڦوڪ سان جھوپڙِيءَ کي اڏائي، پاڙيسريءَ جو حق ادا ڪندو آهي، اهو بادشاهه سلامت جي ڦوڪ جو اثر هوندو آهي. هڪ ڦوڪ وري نانگ به ڏيندو آهي. ڪنگلن جي واتان ڦُوڪون نه پر بُک جون اوٻاسيون نڪرنديون آهن.
    ٻارو! اوهان شوق سان پڙهي وڏا ٿي بنگلا ڀَلُ ٺهرائجو پَر دل ۾ انسانيت جي لاءِ به ڪُجھه جڳهه جوڙجو. ڪارن ۾ ڪُتن گھُمائڻ بدران مسڪين ۽ لاوارث ٻارن جي سارَ سنڀال لهجو.

    *مشق*

    سوال نمبر 1 : ڪنگلا ماڻهو بنگلا ڇو نه ٺهرائي سگھندا آهن؟

    سوال نمبر 2 : بادشاهه ۽ نانگ جي ڦوڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

    سوال نمبر 3 : بادشاهي شوق ڪهڙا آهن؟

    نوان لفظ
    ڪنڌُ = جنهن ۾ ڪِلو نه هُجي
    ڪنگلي جي ڪُک = خالي ڀانڊو
    جھوپڙي = ڪنگلن جي جنت


    سبق ٽيون ٻ ـ ٻارُ

    ٻار جو جمع ٻارڙا به آهي. ياد رکڻ گھرجي ته ٻاراڻي وهي بادشاهي وهي هوندي آهي ۽ اها بادشاهي هڪ ڀيرو وڃائڻ کان پوءِ ٻيهر حاصل ڪري نه سگھبي آهي. ٻارَ گھرَ جو سينگار هوندا آهن. تنهنڪري گھرَ جي سينگار لاءِ ٻار جو هئڻ ضروري آهي. جن ٻارن جو ڪو گھرُ نه هوندو آهي اُهي فوٽ پاٿ جو سينگارُ هوندا آهن.
    ٻارن جا ڪيترائي قسم آهن. هر ڪو ٻار پنهنجي ڌرتيءَ جي حوالي سان سُڃاتو ويندو آهي. جنهن ٻارَ جي ڪا ڌرتي نه هوندي آهي اهو انٽرنيشنل ٻار سڏبو آهي.
    ٻار اوهان کي جت ڪٿ نظر ايندا. جيڪي ٻار بنگلن ۾ ڄمندا آهن، انهن جي سار سنڀار گُلن وانگر ڪئي ويندا آهي، جنهنڪري اهي گُلن جهڙا ٻارڙا هوندا آهن. ضروري ناهي ته سڀ ٻار گُلن جهڙا هُجن، جيڪي ٻار جھُوپڙين ۾ ڄمندا آهن ۽ گندگيءَ جي ڍيرن تي ڦاٽل ڪپڙا پائي رانديون رهندا آهن، اُهي ماءُ پيءُ لئه هرون ڀرون کڻي گُلن جهڙا هُجن پر هونئن اُهي ڪنڊن جهڙا ٻارڙا هوندا آهن.
    جن ٻارن کي ماءُ پيءُ نه هوندا آهن انهن کي عام طور تي يتيم چيو ويندو آهي، پر ڪي ٻار ماءُ پيءُ هوندي به يتيم هوندا آهن. سڀ يتيم، يتيم خاني ۾ داخل نه ٿيندا آهن. جن ٻارن جو الله کان سواءِ ڪوبه نه هوندو آهي، اهي يتيم خاني جي هوا کائيندا آهن.
    ڪي وري سڪيلڌا (لاڏلا) ٻار هوندا آهن. غريب جو عدد واحد ٻارُ به سڪيلڌو نه ٿي سگھندو آهي، پر سرمائيدار جا سڀُ ٻار سڪيلڌا هوندا آهن. اڄڪلهه ٻارن کي ڄمڻ کان روڪيو ٿو وڃي ۽ انهن جي خلاف هڪ نعرو ٿو هنيو وڃي :

    ”ٿورا ٻارَ پيار ئي پيارُ
    گھڻا ٻارَ گھڻو آزارُ“

    جيڪڏهن سڀُ ٻار گُلن جهڙا هُجن ها ته اهو نعرو هرگز نه هنيو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته گُل جيترا گھڻا هوندا اوتري خوشبو

    وڌيڪ ٿيندي. اهو نعرو صرف ڪنڊن جهڙن ٻارڙن جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ٻن ڪنڊن جو سور ته سهي سگھجي ٿو پر گھڻن ڪنڊن جي تڪليف برداشت ڪرڻ ڏکئي آهي. بنگلن ۾ ڄمندڙ گُلن جهڙا ٻار ڪيترا به گھڻا ڇو نه هُجن، تڏهن به آزار نه بڻبا آهن.
    گُلن جي سار سنڀار به گھڻي ڪئي ويندي آهي. اٽليءَ جي هڪ مائيءَ، ماريا مانٽيسوريءَ به ٻارن جي تعليمي ترقيءَ لاءِ تعليم جو هڪ نئون نظريو ڏنو. اهو تعليمي سرشتو رڳو گُلن جهڙن ٻارڙن جي لاءِ آهي نه ڪي کمڻ هاريءَ جي پُٽ پُنهونءَ لاءِ، جيڪو صبح جو ساجهري راتوڪا پاروٿا چانور ڏُڌ سان کائي پيرين اگھاڙي ٽي ميل پنڌ ڪري هڪ پُراڻي اسڪول ۾ پَٽَ تي ويهي پڙهندو آهي. انهيءَ ڳالهه کي، پنهنجو پنهنجو ڀاڳ چئي لنوائي سگھجي ٿو، بهرحال :

    ”انسانيت جو آهي نعرو
    دنيا جو هر ٻار آ پيارو“

    ڇاڪاڻ جو ڪنڊن ۽ ٿوهرن کي به ڪونڊين ۾ سجائي بنگلن جي سونهن وڌائي سگھجي ٿي.


    *مشق*

    سوال نمبر 1 : خانگي ۽ انٽرنيشنل ٻار ۾ فرق ٻُڌايو؟

    سوال نمبر 2 : يتيم خاني جي هَوا ڪهڙن ٻارن کي نصيب ٿيندي آهي؟

    سوال نمبر 3 : ٻارن کي ڄمڻ کان ڇو ٿو روڪيو وڃي؟

    نوان لفظ
    يتيم خانو = الله وارن جو آخري اَجھو
    نعرو = جيڪو صرف هڻي سگھجي (وات سان)
    انسانيت = اٽي ۾ لوڻ.


    سبق چوٿون ڀ ـ ڀَت

    ڀتُ ٺيٺ ديسي کاڌو آهي ۽ ان جي تاريخ به گھڻي پُراڻي آهي. ڀتَ جي وصف وغيره به تمام سولي ۽ مختصر آهي، جنهن ڪري ان جي تياريءَ ۾ ڪنهن خاص ترڪيب جي مد وٺڻي نه پوندي آهي. عام طرح ٻه ڀت مشهور آهن هڪُ ڀُريل ڪڻڪ (ڏارو) جو ڀتُ ۽ ٻيو ڀُريل چانورن جو ڀتُ. ڀتُ ڀريل ڪڻڪ يا ڀُريل چانورن جو مجموعو هوندو آهي، تنهنڪري معاشي طور ڀُريل ماڻهو ئي ڀتُ کائيندا آهن. سڄا چانور برياني ۽ چاشنيءَ جي روپ ۾ رڳو خوشحال ماڻهن لاءِ هوندا آهن. جن جا ڀِڀِ وڏا هوندا آهن. اهي ڀت کا ڀڄي ويندا آهن.
    وڏن شهرن جي وڏن هوٽلن ۾ ڀتُ اڻلڀُ هوندو آهي. ان کانسواءِ بنگلن ۾ به ڀت لاءِ ڪا جاءِ نه هوندي آهي، تنهنڪري ڀتُ ويچارو صرف ڀونگيءَ ۾ ئي رهي سگھندو آهي. ائين کڻِي چئجي ته ڀونگي ڀَتَ جي ڀرجهلي آهي. ڪي ماڻهو وري ڀَتَ تي چِڙندا آهن. حالانڪ ڀتُ نهايت سادي سودي شيءَ آهي، جنهن تي ڪنهن کي به چڙڻ نه گھُرجي.
    ڀتُ آهي کير سان ـ جڏهن ڳوٺن ۾ کير سهانگو ۽ گھڻو هوندو هو تڏهن شادين ۾ هي ڳيچُ ڳائبو هو :

    ڳوٺ لڌيون لائون
    تون ۽ آئون
    گھوٽ جي گھر هلي
    کير ڀتُ کائون

    وري جڏهن کير جي پاڻيءَ سان سنگت وڌي ۽ وڪرو جام ٿيڻ لڳو ته ڀتُ ويچارو اڪيلو رهجي ويو ۽ شادين تي هي ڳيچُ ڳائڻ شروع ٿيو :

    آيا سُڃي شهر مان
    گھـــــوٽ پرڻــــائي
    سڄي ڄڃ ويٺي
    رُکو ڀتُ کائي.

    ڪي ماڻهو بيٺي بيٺي ڀتُ کائيندا آهن ته ڪي وري ڀت تي چڙهي ڀتُ کائيندا آهن. جيڪي انسانن جو رتُ پيئندا آهن انهن کي ڀتُ نه وڻندو آهي. سکر ۾ کرڙيءَ جو مشهور تاريخي جنگي ميدان آهي. کرڙي جيئن ته رتُ تي هريل هُئي، ان ڪري هُن مشهور شاعر خليفي نبي بخش لغاري جي لفظن ۾ ڀتُ وات ۾ نه وڌو:

    کرڙي کائي رتُ، ڀتُ نه وجھي وات ۾

    ڳوٺاڻا ٻار جيئن ته ڀتَ جا گھڻا هيراڪ هوندا آهن. تنهنڪري هي گيت انهن ڀَتَ ـ کائو ٻارن جو آهي :
    ڳيچُ ڳائيندو وتُ
    ڀتُ کائيندو وتُ

    ڪوڙ کي رکُ تون سٽي
    ساڙ جي پاڙ پٽي
    پيار جو هر هنڌ پرين!
    رنگ لائيندو وتُ
    ڀتُ کائيندو وتُ
    غم ۾ جان نه ڳار
    سُور سڀُ پنهنجا وسار
    جمالو ڳائي مٺا
    جھُمر پائيندو وتُ
    ڀتُ کائيندو وتُ


    *مشق*

    سوال نمبر 1 : وڏن هوٽلن ۾ ڀتُ ڇو نه ملندو آهي؟

    سوال نمبر 2 : کير جا ڀت کان جُدائيءَ جا سبب بيان ڪريو؟

    سوال نمبر 3 : کرڙيءَ ڇاجي ڪري ڀتُ وات ۾ نه وڌو؟

    نوان لفظ

    ڀِڀُ = جيڪو ڪڏهن نه ڀرجي
    خوشحال = جيڪو ڀتُ نه کائي
    کير = جنهن ۾ پاڻي نه هُجي.


    سبق پنجون ت ـ تاجُ

    تاج کي ڇَٽُ به چئبو آهي. تاج گھڻو ڪري بادشاهه پائيندا آهن. پر ڪي بي تاج بادشاهه به هوندا آهن. جديد دؤر جا بادشاهه تاجُ نه پائيندا آهن.
    ڪي تاج سون جا، ڪي چانديءَ جا ۽ ڪي وري ڪپڙي جا تاج ٿيندا آهن، جن ۾ هيرا موتي جُڙيل هوندا آهن. ڪي وري گھُمندڙ ڦرندڙ انسانن جي روپ ۾ تاج هوندا آهن جيئن: تاج صحرائي، تاج بلوچ ۽ تاج جويو، اهي ٽيئي تاج اديب ۽ شاعر آهن. انڪري ٻارو! ياد رکڻ گھرجي ته تاج، شاعر ۽ اديب به ٿيندا آهن. تاج بلوچ جي شاعريءَ جو مجموعو ”درد جو صحرا“ ڇپجي چُڪو آهي، جيڪو حقيقت ۾ تاج صحرائيءَ جو هئڻ گھُربو هو. صحرا درد جا هوندا آهن ۽ سهرا (ڳيچ) وري خوشيءَ جا هوندا آهن. اڙدوءَ ۾ وري سهرا، موڙن کي چئبو آهي. رستي جا موڙ نه پر مٿي جا موڙ يعني گُل ڦل وغيره. موڙ مٿي جا هار ڳچيءَ جا. هڪڙي هار يعني شڪست هوندي آهي. جن جي هار ٿيندي آهي، اهي هار پائي نه سگھندا آهن. تاج بلوچ کي پنهنجي شعرن جي مجموعي ۾ هار ٺهرائڻا ڪين هُئا. تنهنڪري هن سڀني جا هٿ زخمي ڏيکاري، پڙهندڙن کي اداس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهين:

    ڪر گُلن جا پوئي هار
    هٿ سڀن جا زخمي زخمي.

    زخمي هٿ هار پوئي نه سگھندا آهن ۽ اٽو ڳوهي نه سگھندا آهن.
    قديم دؤر جا بادشاهه يا راجا پنهنجن تاجن ۾ کنڀ اٽڪائيندا هُئا. هينئر اهي بيوقوف راجا ڪونه آهن جيڪي ڪانوَ جي کنڀ عيوض ٻگھي گھوڙو ڏين. تنهنڪري ٻارن کي هي ٻول وسارڻ گھرجن ته :

    ڪانوَ ڏنو کنڀُ
    کنڀُ ڏنم راجا کي
    راجا ڏنو گھوڙو
    چڙهي گهُم چڙهي گھُم.

    انڌير نگريءَ جي راجا کي چرٻٽُ چئبو آهي. چرٻٽ راجا کاڄا کائيندا آهن ۽ واڄا وڄائيندا آهن ڇو ته انهن جي نگريءَ ۾ ڀاڄي ۽ کاڄا ساڳئي اگھه تي وڪامبا آهن.
    بادشاهه تاج پائيندا آهن ۽ تخت تي ويهندا آهن. جنهن جو بخت ٺهندو آهي اهو تخت ماڻيندو آهي ۽ جنهن کان بخت رُسندو آهي اُن جا تختا نڪري ويندا آهن. گُذريل دؤر ۾ ڪيترائي بادشاهه زوريءَ پنهنجي بخت بڻائڻ لاءِ پنهنجن ڀائرن، چاچن ۽ مامن جو قتل ڪرائي تاج ۽ تخت حاصل ڪندا هُئا. ان کي اقتدار جي هَوس چئبو آهي. تاج تخت ۽ دولت جي هَوس انسان کي انڌو بڻائي ڇڏيندي آهي. تنهنڪري ٻارو! اوهان کي حرص ۽ هَوس کان پري ڀڄڻ گھُرجي.

    *مشق*

    سوال نمبر 1 : بخت ۽ تخت جو پاڻ ۾ تعلق بيان ڪريو؟

    سوال نمبر 2 : جن ماڻهن جي هار ٿيندي آهي، اُهي هار ڇو نه پائيندا آهن؟

    سوال نمبر 3 : چرٻٽ راجا جون مشغوليون ڪهڙيون هونديون آهن؟


    نوان لفظ

    شاعر= شهرت جي شڪري جو شڪاري
    اٽو = جيڪو پيٽ ۾ سور نه ڪري
    تخت = بخت جو وڏو ڀاءُ


    سبق ڇهون ٿ ـ ٿورو

    لفظ ٿوري جو عام طور ٻه معنائون نڪرن ٿيون. ٿورو معنى احسان يا ڀلائي وغيره ۽ ٿورو معنى گھٽ. ٿورن جا ڪيترائي نمونا ٿيندا آهن پر هت ٿورڙن جو ذڪر ڪجي ٿو:

     بدهاضمي جي شڪايت سبب يا پنهنجي وزن گھٽائڻ لاءِ ڪي ماڻهو ٿورو کائيندا آهن ۽ ملڪ جو انُ بچائي ملڪ تي ٿورو ڪندا آهن.
     ڪي ماڻهو ٿورا ٻارَ پيدا ڪري، خانداني رٿابنديءَ وارن ۽ عزرائيل تي ٿورو ڪندا آهن.
     ڏاڍا ماڻهو هيڻن کي مارائي، سندن لاش گُم ڪرائي هن جي مائٽن کي ڪفن دفن جي خرچ کان بچائي مٿن ٿورو ڪندا آهن.
     ذخيره اندوز، گُدامن ۾ انُ لڪائي، مُلڪ ۾ انُ ٿورو ڪري گُدام جي ڪوئن تي ٿورو ڪندا آهن. گُدام جا ڪوئا انُ کائي مچي پوندا آهن ۽ ذخيره اندوزن کي دُعائون ڪندا آهن. ذخيره اندوز به ناجائز ڪمائيءَ ۽ ڪوئن جي دُعائن سبب مچي پوندا آهن.
     ڪو ٿورو وري ڳورو ٿي پوندو آهي، يعني ڳچي وٺندو آهي. ماسي ٻليءَ ڄٽَ شينهن تي ٿورو ڪري کيس پڙهائي اڪابر ڪيو ته موٽ ۾ ٻليءَ کي کائڻ آيو. تنهنڪري ٻارو، ڳوري ٿوري کان هميشه پاسو ڪرڻ کپي.
     ڪي ماڻهو، ڪنهن تي ٿورو ڪري، ڍنڍورو ڏيندا آهن، جيڪا ڪني عادت آهي. ڪنهن ماڻهوءَ تي ٿورو ڪري (بشرطيڪ اهو ڳورو نه هُجي) ڍنڍورو نه ڏجي. عظيم انسان ڪنهن تي ڏکئي وقت ۾ ٿورو ڪري وساري ڇڏيندا آهن.
     ڪي ماڻهو ڏاهن جي قول تي عمل ڪندي ڪچهريءَ ۾ ٿورو ڳالهائي ڪچهريءَ وارن تي ٿورو ڪندا آهن ۽ ٻين جون لٻاڙون صبر سان ٻڌندا آهن.
     هوٽلن وارا ماڻهن کي بيمار جانورن جو گوشت کارائي، ڊاڪٽرن تي ٿورو ڪندا آهن. انهيءَ ٿوري جي ڊاڪٽرن کي خبر نه هوندي آهي. ان ڪري ان کي ”غائبانه ٿورو“ چئبو آهي.
     اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڳالهيون ۽ واقعا غائبانه نموني جا ٿيندا آهن. نه گھوٽ کي خبر ته ڪنوار ڪاڻي آهي ۽ نه وري ڪنوار کي خبر ته گھوٽ منڊو آهي، بس شادي ٿي ويندي. ان کي ”غائبانه شادي“ چئبو آهي.

    ٻارو! ياد رکڻ گھرجي ته ٿورا ٿڦيا به ويندا آهن. ايڊيٽر صاحب ليکڪن جون لکڻيون شايع ڪري، مٿن ٿورو ٿڦيندا آهن. مورو حالانڪ ٿورو ناهي پوءِ به عورتون زوريءَ مورو ڳائي ڍولڻ تي ٿورو ٿڦينديون آهن :

    مـــــــورو ناهــــــــي ٿورو
    او ڊولڻ مورو ويٺي ڏيان.

     پيارا ٻارو!
    اسان سڀني تي گھڻي کان گھڻا ٿورا اُنهيءَ مالڪ جا آهن، جنهن اسان کي مختلف نعمتن سان نوازيو آهي. سندس ٿورن جي موٽ ۾ اچو ته سندس ڳُڻُ ڳايون. اوهان تي والدين جا ٿورا آهن. انهن ٿورن جي موٽ ۾ اوهان جو فرض آهي ته محنت ڪري ڪامياب انسان بڻجو، جيئن وطن ۽ والدين لاءِ فائديمند ثابت ٿيو.

    *مشق*

    سوال نمبر 1 : ڳوري ٿوري جا نقصان بيان ڪريو؟

    سوال نمبر 2 : ظاهري ٿوري ۽ غائبانه ٿوري جي ڀيٽ ڪريو؟

    سوال نمبر 3 : گُدام جي ڪُوئن جي صحت تي گھران نوٽ لکي ايندا.

    نوان لفظ

    ڄٽُ = جيڪو ملوڪُ نه هُجي
    لٻاڙَ = جنهن جي ٻُڌڻ سان ڪن پچن
    ڪنوار = جيڪا روئي نه.


    سبق ستون ٽ ـ ٽوپي

    ٽوپي جنس مؤنث آهي ۽ ٽوپ يا ٽوپلو مذڪر آهي. ٽوپين جا ڪيترائي قسم آهن. قوال، تجليدار صدري ۽ ڳوٿريءَ نما ٽوپي پائيندا آهن. انهن کي قوالڪي ٽوپي چئبو آهي. هڪ قسم جي ٽوپي محمد علي جناح صاحب به پائيندو هيو، ان کي جناح ڪيپ (ٽوپي) چوندا آهن. ترڪيءَ جا ماڻهو جيڪي ٽوپي پائيندا آهن، ان کي ترڪي ٽوپي چئبو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڳاڙهي رنگ ۽ ڪاري پُڇ واري اها ٽوپي هتان جا جھونا ماڻهو به پائيندا آهن. ڪي وري سرڪاري ٽوپيون هونديون آهن. سنڌي ٽوپي خانگي ٽوپي آهي.
    حضرت سليمان عليه السلام جي جادوئي ٽوپيءَ کي سليماني ٽوپي چئبو آهي. چون ٿا ته اها ٽوپي جنن وٽ آهي. انهيءَ ٽوپي پائڻ سان ماڻهو گُم ٿي ويندو آهي. هو سڀني کي ڏسي سگھندو آهي. اهو سليماني ٽوپيءَ جي جادوءَ جو اثر آهي. هڪڙي وري سليماني چانهه ٿيندي آهي. سليماني چانهه جي تاريخ جي پوري ريت خبر نه پئجي سگھي آهي. کوجنا ڪندڙ ڪن ماهرن جي جاچ پڙتال مان خبر پئي آهي ته سکر ۾ سليمان نالي ڪنجوس وٽ هڪ ٻڪري هوندي هُئي. هُو انهيءَ ٻڪريءَ جو کيرُ چانهه ۾ وجھندو هيو. جڏهن هن جي ٻڪري مري ويئي ته هو بنا کير جي چانهه پيئڻ لڳو، جنهن کي سڀني سليماني چانهه چوڻ شروع ڪيو.
    سليمان شاهه پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، ٽي ـ ويءَ تي گيت چوندي ناچ ڪندو آهي، ان کي سليماني ناچُ چئبو آهي. سليماني ناچُ ٻارن کي ڏاڍو وڻندو آهي. تنهنڪري ٻارَ سليماني چانهه پيئندي سليماني ناچُ ڏسندا آهن ۽ تاڙيون وڄائيندا آهن.
    ڪي ماڻهو هرون ڀرون ٽوپي پائيندا آهن. ڪي ماڻهو پنهنجي ٽڪڻ جي تجلي لڪائڻ لاءِ ٽوپي پائيندا آهن. ڪي هيرو ڪٽ نوجوان ٽوپي پائڻ ۾ عيب محسوس ڪندا آهن. نماز پڙهڻ مهل سڀني کي ٽوپي پائڻي پوندي آهي. ڪي ماڻهو مسيت ۾ مٿي اگھاڙا ايندا آهن ۽ مسيتي ٽوپي استعمال ڪندا آهن. مسيتي ٽوپي کجيءَ جي ڦرهن جي ٺهيل هوندي آهي، ان ڪري اها ماڻهو صرف الله جي گھرَ ۾ پائيندا آهن. مسيتي ٽوپي مسيت کان ٻاهر پائڻ ۾ ماڻهو پنهنجي گھٽتائي مهسوس ڪندا آهن. گھٽتائي محسوس ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

     موٽرن ڪارن تي هريل ماڻهو پنڌ گھُمڻ ۾ گھٽتائي محسوس ڪندا آهن.
     وڏا وڏا ليکڪ ٻارن جي لاءِ لکڻ ۾ گھٽتائي محسوس ڪندا آهن.
     دولت جا ديوتا، ڪنهن ڪنگلي جي دَر تي وڃڻ ۾ گھٽتائي محسوس ڪندا آهن.

    عام چوڻي آهي ته : ”ٽوپي ڪري ٽانءِ، ته به پڳ برابر نانهه.“
    انهيءَ چوڻيءَ جي اثر ڪري، ڪُجهه ماڻهو ڄاڻي واڻي پڳ پائيندا آهن. پڳ جو نمونو معاشي حالتن تي مدار رکي ٿو. معاشي طرح چچريل ماڻهن جون پڳون، ميريون ۽ ليڙون ليڙون هونديون آهن.
    پڳ يا ٽوپي ماڻهن جي عزت هوندي آهي. محنتي ماڻهو ڪاميابيون حاصل ڪري معاشري ۾ عزت ۽ مانُ حاصل ڪندا آهن پر سستُ، دوکيباز ۽ بُرن لڇڻن وارا ماڻهو پنهنجي ٽوپي لاهرائي پاڻ کي خُوار ڪندا آهن.
    شال توهان پنهنجي پڳ ۽ ٽوپيءَ جو ڀرم رکو ۽ سماج ۾ محنت ڪري عزت ڀريو مقام ماڻيو.

    *مشق*

    سوال نمبر 1 : توهان کي سليمان ٽوپي هٿ اچي وڃي ته ڇا ڪندؤ!

    سوال نمبر 2 : سنڌي ٽوپي سرڪاري ٽوپي ڇونه ٿي سگھي آهي؟

    سوال نمبر 3 : ٻارن کي ڪهڙو ناچُ وڌيڪ پسند آهي؟

    نوان لفظ

    قوال = جنهن جي نڙي ويٺل هُجي
    ڪنجوس = ڪن + جوس
    ڪن = ڪن
    جُوس = رسُ
    ڪنجوس = ڪن جي رسُ يعني گندگي يا ميرُ
    رسالو = ايڊيٽر جي خُدائي


    سبق اٺون ٺ ـ ٺڳ

    ٺڳ ڪا مختلف مخلوق ناهي، نه ئي انهن جي مٿي تي ڪي سڱ وغيره هوندا آهن، پر اهي بلڪل اسان توهان جهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي چالاڪيءَ ۽ حرفت سان سادن سودن انسانن کي بيوقوف بڻائي ٺڳيندا آهن. ڪنهن به قسم جي ٺڳي ڪندڙ کي ٺڳ چيو ويندو آهي. ٺڳن جي لاءِ ڪو خاص علائقو يا هنڌُ مخصوص نه هوندو آهي، پر هر هنڌ آباد هوندا آهن. ڪي علائقا ٺڳن جي حوالي سان سُڃاتا ويندا آهن ڇو ته انهن علائقن جا ٺڳ تمام مشهور هوندا آهن.
    جيئن ته اڳئين دؤر جا ماڻهو سادا ۽ اٻوجھه هوندا هُئا، ان ڪري ان دؤر جي ٺڳن کي ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ ڪا گھڻي محنت نه ڪرڻي پوندي هُئي ۽ اهي تمام سولائيءَ سان ماڻهن کي ٺڳي ۽ ڦري ويندا هُئا. مثال طور ڪو ٺڳُ، ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس رقم ٻيڻي ڪري ڏيڻ جي لالچ ڏئي، رقم يا سون ڦٻائي ويندو هو. اهڙي ريت ڪو ٺڳُ، ملاوت کان پاڪ خالص مرچ، ڪنهن سيٺ يا مالدار جي اکين ۾ هڻِي سندس دولت هن کان ڌار ڪري هليو ويندو هو ۽ ٺڳَ جي ٺڳيءَ جو شڪار ٿيل دولتمند مرچ لڳل اکين مان چهرا ڳوڙها ڳاڙهي آخرڪار ماٺ ڪري ويهندو هو.
    جديد دؤر جي ٺڳن جي ٺڳيءَ جا طريقا به جديد آهن. اڳئين دؤر جا ٺڳ پاڻ مڃيندا هُئا ته اهي ٺڳ آهن پر ماڊرن ٺڳَ تمام مُهذب ۽ مانائتا آهن، تنهنڪري هو پاڻ کي هرگز ٺڳ مڃڻ جي لاءِ تيار ناهن. هنن جي ٺڳڻ جا طريقا به نهايت حيرت انگيز ۽ مخفي آهن جو ٺڳجڻ واري ماڻهوءَ کي في الحال پتو ئي نه پوندو ته هو ڪيئن ٺڳجي ويندو. ماڊرن ٺڳ ڏيک ويک ۾ نهايت شريف ۽ معزز هوندا آهن، جنهنڪري انهن خلاف ڪنهن کي آڱر کڻڻ جي به جرئت نه ٿيندي آهي. ان ڪري ٺڳجي ويل ماڻهن لاءِ سواءِ صبر جي ڪوبه رستو نه هوندو آهي.
    ماڊرن ٺڳن وٽ دولت جو جادو هوندو آهي، جنهنڪري هو پنهنجو سڀُ ڪم سولائيءَ سان ڪري ويندا آهن ۽ ڪٿي به سندن ٺڳيءَ جا نشان، ثبوت طور نه ملندا آهن. هو پنهنجي حرفت ۽ جادوگريءَ سان ماڻهن جي زمينن، جاين ۽ ملڪيتن جا کاتا پنهنجي نالن تي تبديل ڪرائي ڇڏيندا آهن.
    ماڊرن يعني جديد ٺڳ روڊن رستن کي فقط نقشن ۾ ٺاهي انهن جا پئسا منظور ڪرائيندا آهن ۽ اهڙن رستن کي وري ٻوڏ ۾ لوڙهي ڇڏيندا آهن. هُو ماڻهن کي قبرن مان اٿاري انهن کي قرضن جي دستاويز تي صحيحون ڪرائي، سندسن نالن ۾ پاڻ قرض وصول ڪندا آهن. ماڊرن ٺڳ مختلف کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ملاوٽ ڪري، وڌيڪ منافعو ڪمائي ماڻهن جي صحت خلاف سازش ڪندا آهن. هُو سادن ماڻهن کي ٻاهرين دنيا جا خواب ڏيکاري، دُبئيءَ جا دلاسا ۽ عرب ڏانهن اماڻڻ جا آسرا ڏيئي، ٺڳيندا آهن. ماڊرن ٺڳ، وڌيڪ وياج جي لالچ ڏيئي حرصي ماڻهن جي ٽجوڙين کي خالي ڪري، کين دل جون بيماريون تحفي ۾ ڏيئي گُم ٿي ويندا آهن.
    مطلب ته اسان جي سماج جي هر شعبي ۾ انهن ماڊرن ٺڳن جا اثر آهن ۽ اهي سڌي يا اڻ سڌي طرح مختلف ماڻهن کي ٺڳين ٿا. پيارا ٻارو! توهان مستقبل جا اڏيندڙ آهيو. توهان پنهنجي پختي ارادي ۽ ڏاهپ سان انهن دوکيبازن ۽ ٺڳن جي پاڙ پٽيندا ۽ اهڙو معاشرو تعمير ڪندا، جنهن ۾ اهڙن ٺڳن لاءِ ڪا جاءِ نه هُجي.


    *مشق*

    سوال نمبر 1 : روايتي ٺڳن ۽ ماڊرن ٺڳن ۾ فرق بيان ڪريو؟

    سوال نمبر 2 : دل جي بيمارين جو دولت سان ڪهڙو تعلق آهي؟

    سوال نمبر 3 : ماڊرن يعني جديد ٺڳن جي جادوگريءَ تي گھران نوٽ لکي ايندا.


    نوان لفظ

    لالچ = ڪاريهر جي ڀيڻ
    ٽجوڙي = سيٺ جي ساههَ واري پيٽي
    روڊ = ٺيڪيدار جو خوابُ.


    سبق نائون ث ـ ثوابُ

    ثواب ڪنهن کائڻ پيئڻ جي شيءَ جو نالو ناهي، پر ثواب انهيءَ دِلي سُڪون، آٿت ۽ اجوري جو نالو آهي، جيڪو ڪنهن نيڪيءَ جي بدلي ۾ ملي ٿو. ثوابن کي وزن به ٿيندو آهي. ڪي ثواب ڳورا هوندا آهن ۽ ڪي وري هلڪا.
    ثواب جيئن ته نيڪين جي عيوض ملندا آهن، انڪري نيڪي ڪندڙ کي نيڪُ چيو ويندو آهي. ڪي صرف نيڪ هوندا آهن ۽ ڪي وري نيڪ بخت هوندا آهن. اڄوڪي زماني ۾ صرف بخت کي ڏٺو ويندو آهي. ڪو ماڻهو جيڪڏهن بَد آهي پر سندس بختُ، نيڪ آهي ته هر ڪو انهيءَ جي مُرڪي آجيان ڪندو. بدبخت کي ڪوبه ڀرسان بيهڻ نه ڏيندو آهي. توڙي ڀلي هو پاڻ نيڪ ڇو نه هُجي. اهو اڄوڪي دؤر جو دستُور آهي. ٻارو! توهان کي اهو دستور ختم ڪرڻو آهي.
    بخت کي ٻين لفظن ۾ ڀاڳُ به چئبو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ڀاڳُ لڳندو آهي، اهو ساڳُ نه کائيندو آهي، پر هو ڪُڪُڙ کائي راڳُ ڳائيندو آهي. ڪي ماڻهو ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ نيڪيون ڪندا آهن جيئن ماڻهو کين نيڪُ سمجھن، سندن ناموس ٿئي ۽ کين وڏا وڏا لقب ملن، پر اصل ۾ اهي نيڪ نه هوندا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجي اوڻاين کي لڪائڻ جي لاءِ نيڪين جو نماءُ ڪندا آهن. اوهان کي اهڙن ماڻهن کان هرون ڀرون متاثر نه ٿيڻ گھُرجي. اڄوڪي دؤر ۾ نيڪن ۽ اشرافن کي ڪنهن به قسم جي ٽيڪ ناهي. هو ڪنهن به وقت هيٺ ڪري ڊهي سگھن ٿا.
    ظاهري طرح سماج ۾ نيڪن کي گھڻي اهميت ڪانهي. اٽلندو ڀلائي ڪندڙ جي ڳچيءَ ۾ رسو پوي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته نيڪي يا ڀلائي ڳچي به وٺندي آهي. پر اوهان کي گھٻرائڻ نه گھُرجي، اوهين بنا ڪنهن نمائش جي نيڪيون ڪندا رهو، اهي رسا آخر پنهنجو پاڻ ٽُٽِي ويندا.
    پرائمري اسڪول جو استاد معمولي پگھار تي هڪ ئي وقت پنجاهه ٻارن کي سنڀاليندو، پرچائيندو ۽ پڙهائيندو آهي. هُو ڪلاس ۾ پڙهائيءَ دوران ذهن تي هٿوڙا کائيندو آهي. انهن هٿوڙن کائڻ جي دوران ان کي ثواب ملندو آهي. هُو نيڪ ته آهي پر نيڪ بخت ناهي، ڪن ماڻهن جو ڪن خاص ثوابن تي قبضو هوندو آهي ۽ اهي پنهنجي مرضيءَ مطابق انهن ثوابن کي ورهائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ثواب جي آسري تي ماڻهو پنهنجون کلون به لاهرائي ايندا آهن. اهڙن ثوابن کان پاسي ڪرڻ گھرجي. ثوابن ڪمائڻ جا دؤر ۾ نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي تمام سستي ۽ سولي نموني بنا ڪنهن نقصان جي، ثوابن جو ذخيرو ٺاهي سگھجي ٿو.
    پاڻي پيارڻ ثواب جو ڪم آهي. اڳئين وقت جا اٻوجھه انسان سنگ مرمر جون وڏيون سبيلون ٺهرائي. تمام گھڻي خرچ کان پوءِ پاڻي پيارڻ جو ثواب حاصل ڪندا هُئا. پر هن جديد دؤر جي هوشيار ماڻهن سبيلن جي جاءِ تي ڪاروباري دوڪان کولي ڇڏيا آهن. هُو دوڪانن جي آڏو برف جي پاڻيءَ جوفي گلاس اٺين آني جي حساب سان وڪرو ڪري ثواب حاصل ڪن ٿا. واٽهڙن کي هڪ ته تمام گھڻي گرميءَ ۾ پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ملندو آهي ۽ ٻيو ته سندس کيسن جو بار به هلڪو ٿيندو آهي. يعني ٻيڻو ثواب! ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪوبه حجاب نه ڪرڻ گھُرجي.


    *مشق*

    سوال نمبر 1 : ڇا ثواب کي وزن ٿيندو آهي؟

    سوال نمبر 2 : جنهن کي ڀاڳُ لڳندو آهي، اهو ساڳُ ڇو نه کائيندو آهي؟

    سوال نمبر 3 : ثواب ڪمائڻ جي جديد طريقن تي روشني وجھو.

    نوان لفظ

    گرمي = اونهاري جي اولاد
    بخت = جيڪو دال کي سرو ڪري
    اشراف = ڊڄڻو.


    سبق ڏهون پ ـ پاڻي

    پاڻيءَ جي ڪهاڻي تمام پُراڻي آهي. پاڻيءَ سان اسان سڀني جي پڪي دوستي آهي ۽ ان کان سواءِ اسان جو چاڙهو ڪونهي. جڏهن اُڃ لڳندي آهي تڏهن پاڻي پيئبو آهي. ڪي ماڻهو وري خوامخواهه پاڻي پيئندا آهن ۽ هاريندا آهن. پاڻي جيئن ته قدرت طرفان اسان کي مفت عنايت ٿيل آهي، تنهنڪري اسان کي ان جو قدر ڪونهي. مفت جي شين جو قدر ڪونه ٿيندو آهي.
    پئسي وارا ماڻهو، اونهاري ۾ اڃ لڳڻ مهل قسمين قسمين ٿڌا رنگين شربت واپرائيندا پنهنجي اُڃ اُجھائيندا آهن. گرميءَ سبب برف پوش پهاڙن ڏانهن تفريح ڪرڻ هليا ويندا آهن ۽ ڏوڪڙن کي پاڻيءَ وانگر خرچُ ڪندا آهن. پورهيت ماڻهو ڪارين اُسن ۽ هڏ هڻندا آهن ۽ پگھر ۾ پاڻي ٿي ويندا آهن. اڃ لڳڻ مهل کين ٻاڙو پاڻي نصيب ٿيندو آهي. گھڻي محنت ڪرڻ ڪري انهن جي حالت اسان جي پرائمري اسڪولن جهڙي ٿي ويندي آهي. پورهيت وانگر پرائمري اسڪول به هر قسم جي سهولت کان محروم هوندو آهي. پرائمري اسڪولن ۾ اڪثر ڪري بجلي نه هوندي آهي تنهنڪري ٻارڙا ويچارا اونهاري ۾ پگھر ۾ غوطا کائيندي سبق پڙهندا آهن، جنهن ڪري کين ڪُجھه به سمجھه ۾ نه ايندو آهي. وري جڏهن ٻارڙا اسڪول جي سينور لڳل مَٽن مان ٻاڙو پاڻي پيئندا آهن تڏهن سندن ڪچڙي نڙي وڌيڪ خشڪ ٿي ويندي آهي ۽ هو سبق پڙهي نه سگھندا آهن.
    سياري جي مند ۾ پرائمريءَ جا شاگرد، اسڪول جي چؤطرف کليل ۽ زبون جاءِ ۾ سيءَ کان ٿڙڪائيندا رهندا آهن. سندن هٿ ڏڪندا آهن. تنهنڪري هو لکي نه سگھندا آهن. هو اسڪول ۾ تريون مهٽيندا رهندا آهن ۽ سندن تعليم جو معيار بلند ٿيندو رهندو آهي.
    ننڍڙو ٻار ٻوٽي مثال آهي. جيڪڏهن کيس پيار جو پاڻي ڏبو رهبو ته هو وڌندو. جيڪڏهن مٿس سختي ڪبي ته هن کي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ڪلر وٺي ويندو ۽ هُو وڌي نه سگھندو. پرائمري ماستر پنهنجي گھر ۾ جيتوڻيڪ پنهنجن ٻارن کي پيار ڏئي نه سگھندو آهي، تڏهن به هو ڪوشش ڪري اسڪول جي شاگردن کي پيار سان پڙهائيندو آهي.
    پاڻيءَ ۾ ٿورو کيرُ ملائي، ان کي کيرُ ڪري کپائي سگھجي ٿو. اهڙي قسم جي ڪمائيءَ کي پاڻيءَ جي ڪمائي چئبو آهي. جن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ڪمائي هوندي آهي، اهي ڪُڪڙ قورما ۽ ٻيا سُٺا سُٺا طعام واپرائيندا آهن. جن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ڪمائي نه هوندي آهي، انهن جا رُڳو وات پاڻي پاڻي ٿيندا آهن. وات پاڻيءَ پاڻي ٿيڻ کان پوءِ اُنهن جي اکين ۾ به پاڻي تري ايندو آهي. جن ماڻهن جي اکين ۾ پاڻي هوندو آهي، انهن جي قسمت ڪُراڙي ۽ ڪمزور هوندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ کي به ڪاوڙ ايندي آهي، پوءِ هو بچاءُ بندُ ڀڃي وسنديون ۽ کيتَ ٻوڙي ڇڏيندو آهي. ماڻهو پاڻيءَ جي انهيءَ ڪاوڙ کي ٻوڏ چوندا آهن. ٻوڏ جو شڪار گھڻو ڪري گنجي ۽ گوڏ وارا ڳوٺاڻا ٿيندا آهن. ٻوڏ ۾ سندن ڪَچا گھَر ۽ ڍور ڍڳا لُڙهي ويندا آهن ۽ پوءِ اهي ويچارا ڳوٺاڻا پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، ٻوڏ جا ستايل بڻجي، بندن تي امداد جي آسري تي اکيون واٽن تي وڇائي ويٺا هوندا آهن.
    ڪُجهه وقت کان پوءِ شهر جا ’معزز شهري‘ اکين تي ڪاري عينڪ چاڙهي، ڪيمرائون کڻي، ڪارن ۾ چڙهي ايندا آهن. اٺ سير امدادي اٽو ورهائي دردناڪ پوزُ (فوٽو) ڪڍرائي هليا ويندا آهن. گھر وڃي، پنهنجي ڦوٽوءَ ڏسڻ لاءِ ٻئي ڏينهن جي اخبار جو انتظار ڪندا آهن.
    معزز شهري شهر جا ٿنڀا هوندا آهن. پيٽ کان وٺي هُنن جي هر شيءَ غير معمولي هوندي آهي. ماستري معزز پيشو کڻي آهي، پر ماستر ڪڏهن به معزز شهرين ۾ شامل ٿي نه ٿو سگھي. اهڙي ريت ڍڪَ منشي، ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ ٻيا پورهيت وغيره معزز شهري نه هوندا آهن. انڪري اهو ضروري ناهي ته معزز شهريءَ جو پيشو به معزز هُجي. اڄوڪي دؤر ۾ حرام، حلال تي حاوي آهي. حلال جي ڪمائيءَ تي حرام ڪي ڪمائيءَ پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.
    شال ائين نه ٿئي جو اسين حرام جي ڪمائي تي پلجي جوان ٿيون!!

    *مشق*

    سوال نمبر 1 : تعليم جو معيار ڪهڙي نموني بلند ٿي رهيو آهي؟

    سوال نمبر 2 : ڪهڙن ماڻهن جي قسمت ڪُراڙي ۽ ڪمزور هوندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي آهي؟

    سوال نمبر 3 : ماستر معزز شهري ڇو نه ٿو ٿي سگھي؟

    نوان لفظ

    ڪاوڙ = بهادر ماڻهوءَ جي خوراڪ
    معزز شهري = جنهن جي پُٺ مضبوط هُجي
    پٽيوالو = جنهن کي پٽو نه هُجي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567557
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216108
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ