ڪتاب جو نالو: سڪون ڪٿي آهي
مصنف: رزاق مهر
ڇپائيندڙ: نئين دنيا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1983
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 26 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 650 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 339 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سڪون ڪٿي آهي“ نامياري ڪهاڻيڪار، ڊارما نگار، شاعر ۽ ليکڪ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
”رزاق مهر جي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • تعارف : انور پيرزادو
  • پيش لفظ : ڪيهر شوڪت
  • ڪهاڻيون

  • سڪون ڪٿي آهي؟
  • پيڙا جي ڪوهيڙن ۾
  • اوور ٽائيم
  • شڪست
  • وئرٿ زندگي
  • هڪ شخص جو موت
  • جنم جلي
  • ڪتاب بابت

  • ڪتاب بابت : بادل جمالي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (316) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ نامياري ڪهاڻيڪار، ڊارما نگار، شاعر ۽ ليکڪ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
    ”رزاق مهر جي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.“
    هي ڪتاب محمد علي پٺاڻ پاران نئين دنيا پبليڪيشن جي سري هيٺ 1983ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون آَصف رزاق مهر جا جنهن پنهنجي والد جي ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    تعارف : انور پيرزادو

    رزاق مهر لاڙڪاڻي لڳ هڪ ننڍڙي شهر مراد واهڻ جو رهندڙ آهي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ جاکوڙ ۽ تخليقي عمل سان لاڙڪاڻي جي ادبي زندگيءَ کي ڪافي متاثر پئي ڪيو آهي.
    رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي.
    رزاق سنڌي هيٺئين / وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاء، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو.
    رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل.
    رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي.
    لاڙڪاڻي جي هڪ مشهور ادبي روايت يعني اسٽيج ڊرامن ۽ ٿيٽرن لاءِ پڻ رزاق مهر ڊراما لکيا ۽ جڏهن زندگيءَ جي طرف کان ڏکايل ۽ سنجيدي اديب جي قلم مان طنز ۽ مزاح جنم ورتو ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڏسندڙ به کلي رهيا هئا ۽ هنن جون اکيون ڳوڙهن سان تر به لڳيون پيون هيون.
    رزاق لاڙڪاڻي ۾ سرگرم ادبي تنظيمن جو خاص ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت جيڪا سنڌي اديبن جي سڀ کان پراڻي ۽ بالغ تنظيم آهي اُن کي لاڙڪاڻي ۾ آرگنائيز ڪرڻ جي سلسلي ۾ رزاق جون خدمتون اهميت واريون آهن. هونئن به لاڙڪاڻي جي نوجوان اديبن ۽ ليکڪن کي اهو Natural Previlege آهي. اتي سوڀي گيانچنداڻيءَ، جمال الدين بخاريءَ ۽ ا – ح – جئسنگهاڻي جهڙا دانشور رهن ٿا. انهن جي صحبت مڪمل زندگيءَ لاءِ اُتساهه ڏياري ٿي.
    رزاق اڄڪلهه لاڙڪاڻي کان گهڻو ڏور لاڙ طرف پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار آهي. رزاق کي اڃان تائين انٽيليڪچوئل ماحول ميسر آهي. هن ۾ لکڻ جو ڏانءُ ۽ فن موجود آهي. جاکوڙ ڪرڻ، مطالعو وسيع ڪرڻ ۽ مشاهدي سان رزاق سنڌي افساني جو بيسٽ سيلر ٿي سگهي ٿو.

    انور
    18هين جنوري 1983ع
    ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ موهن جو دڙو


    پيش لفظ : ڪيهر شوڪت

    شايد هوشو هاسٽل (سنڌ يونيورسٽيءَ) ۾ ئي هڪ اديب ۽ مان جڏهن پهريون ڀيرو ملياسين ته اتي ٻين ڳالهين سان گڏ نون اديبن واجد ۽ رزاق مهر جو به ذڪر نڪتو ۽ٿورڙي عرصي اندر ئي واجد سان گڏ هڪ سهڻي ٺاهوڪي (ٿلهي نظر اچڻ کان اڳ ۾ به رزاق ٺاهوڪو رهي چڪو آهي.) پياري ۽ لڄاري نوجوان سان لاڙڪاڻي ۾ منهنجي واقفيت ڪرائي وئي ۽ اتي هن جي لگن، هن جو جوش، ادب ۽ اديبن سان هن جو چاهه (خاص ڪري امر جليل سان هن جو والهاڻو عشق) ڏسي ۽ هن جون لکڻيون ٻڌي مون کي پڪ ٿي ته هڪ ڏينهن رزاق مهر ضرور سنڌي ادب جي اُڀ تي هڪ روشن ستاري جيان چمڪندو.
    جيتوڻيڪ سنڌ رزاق مهر کي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر جي روپن ۾ سڃاڻي ٿي ۽ هن پيش لفظ ۾ مون کي ڇڙو رسم ۽ روايت طور هن جي ڪهاڻين تي ئي لکڻو آهي پر هن جا ٻيا به روپ آهن. هن سٺيون ۽ خوبصورت ڪهاڻيون ۽ معياري رسالو ”نئين دنيا“ ئي نه ڏنو آهي پر هن تمام سٺي شاعري به ڪئي آهي ته ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ بدحواس هيڊ ڪلارڪ اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي ۽ هڪ وڏو جتن پڻ جنهن سان شايد سنڌي ناٽڪ اُردو سطحي ناٽڪن ۽ فارمولائي پنجابي فلمن جي نقالي ڇڏي وري پنهنجي پراڻي شاندار روايت (ورهاڱي کان اڳ واري) تي هلڻ شروع ٿو ڪري.
    ها پر اِها ڏک جي ڳالهه آهي ته رزاق مهر ڪوتا کي بنهه ڇڏي ڏنو آهي ڇو ته هو ان بدعت جو شڪار ٿي چڪو آهي ته ليکڪ کي جي نثر لکڻ گهرجي ته نظم کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ جي نظم چوڻ گهرجيس ته نثر کان پري ڀڄڻ کپي. رزاق پنهنجي جاءِ تي ڪنهن حد تائين صحيح ضرور آهي پر اهو تڏهن ٿيڻ گهرجي جڏهن ڪنهن کي رڳو هڪ شئي تي پهچ هجي ۽ ٻيءَ شئي تي نه پر جڏهن ڪو ڪلا جي ٻنهي شين تي هڪ جهڙي پهچ رکي ٿو تڏهن هن کي ٻنهي شئين تي ضرور قلم کڻڻ گهرجي. باقي هونئن ته مان به ان جي سخت خلاف آهيان ته جڏهن ڪنهن کي ڇڙي شاعري سُٺي ڪرڻ ٿي اچي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ هُو ٻوڙ ٿو هاري ته هن کي اجايو پنهنجو اميج خراب ڪرڻ نه گهرجي. جئن سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي يا جڏهن ڪنهن کي رڳو ڪهاڻي سٺي ٿي لکڻ اچي پر هن کي شاعريءَ جي پڳ ٻڌي اياز يا شيام ٿيڻ جو خفت آهي ته ان سان هو پاڻ کي ڌڪ پهچائي رهيو آهي. جيئن هند ۾ ٿي رهيو آهي. جتي اهي ٻئي لاڙا نقصانڪار آهن اُتي اهو لاڙو به هاڃيڪار آهي ته قدرت ته ڪنهن ڪلاڪار کي شعر توڙي نثر جي تخليقڻ جي ڏات ڏني آهي پر هو رڳو هڪ صلاحيت کان ڪم وٺي رهيو آهي. رزاق مهر جي اها ناشڪري سنڌ لاءِ ئي نه رزاق لاءِ به هاڃيڪار آهي يا رزاق لاءِ ئي نه سنڌ کي به ڇيهو پهچائيندڙ آهي.
    مٿي مون رزاق مهر جي ايڊيٽر هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. دل ٿي چوي ته ان تي به ڪجهه ڳالهايان. رزاق مهر نه رڳو نئين دنيا جا سادا پر ادب جي لحاظ کان معياري پرچا ڏنا آهن ۽ هن ”نئين دنيا“ جا خوبصورت ۽ معنيٰ ڀريل ايڊيٽوريل لکي پنهنجي وت ۽ ست آهر سنڌي ماڻهن جي شعور وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان سان گڏ هن جيڪو وڏو ڪم ڪيو آهي اُهو اِهو آهي ته هن ڪڏهن به ”نئين دنيا“ جي رسالي توڙي اداري جو ناجائز فائدو وٺي پڙهندڙن ۽ اديبن کان پنهنجي ساراهه جا گيت نه ڳائرايا آهن. رزاق جيڪڏهن چاهي ها ته ائين ڪرڻ نئين دنيا جي رسالي ۽ اداري هئڻ ڪري هُن لاءِ بلڪل سَوَلو هو پر هن ائين نه ڪيو آهي ۽ پنهنجي جاءِ تي اها ڳالهه اڄ جي دور ۾ معجزي کان گهٽ ناهي جڏهن ته اڄ ڪنهن وٽ رسالو يا ادارو هئڻ ته وڏي ڳالهه آهي ۽ ٻئي کان ساراهه جا ڍُڪ ڀرائڻ ته عام ڳالهه آهي پر ماڻهو ته هاڻي پاڻ دلالن جيان هوڪا ڏئي پنهنجي عظيم، ڳنڀير، مهمان ۽ برک ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول ڪار، نقاد ۽ اديب هجڻ جا دهل وڄائي پڙها ڏئي رهيا آهن.
    رزاق مهر به دن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو جڏهن امر جليل جي انداز جو جادو سڄي سنڌ تي ڇانيل هو. جڏهن امر کان متاثر ٿي سندس ڪجهه همعصر به پنهنجو انداز ڇڏي جليلي ڍنگ ۾ لکڻ لڳا هئا تڏهن ڪنهن نئين ڪهاڻيڪار جو امر کان متاثر ٿيڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه ٿي نه ٿي سگهي. هونئن به نئون ليکڪ شروع ۾ ڪنهن نه ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪندو آهي. سو رزاق جي مهڙين ڪهاڻين تي امر جو اثر رهيو پر اڳتي هلي هن نه رڳو امر جي انداز کي ڇڏي ڏنو پر خود هن امر ۽ امر کي ڪاپي ڪندڙن ۽ پاڻ تي طنزيا ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ اڳيان“ به لکي.
    اوور ٽائيم رزاق مهر جي اها ڪهاڻي آهي جنهن پهريون ڀيرو ادبي پارکن جو ڌيان ڇڪائي وڌو ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ سان رزاق پهريون ڀيرو سيکڙاٽ ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ قطار مان ٻاهر نڪري نروار ٿيو ۽ نه رڳو سجاڳ پڙهندڙن جي دل ۾ جاءِ جوڙي ورتائين پر ان ڪهاڻيءَ سان سنڌ جا سڄاڻ ڪلاڪار به هن کي عزت ۽ اُميد جي نظرن سان ڏسڻ لڳا.
    هن مجموعي ۾ رزاق مهر جون تقريبن سموريون ڪهاڻيون ڪنهن نه ڪنهن خيال کان سُٺيون ڪهاڻيون آهن پر انهن مان سڪون ڪٿي آهي، وئرٿ زندگي ۽ هڪ شخص جو موت اهڙيون ڪهاڻيون آهن جيڪي هن کي سنڌيءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ بيهارن ٿيون جن کي واقعي خبر آهي ته ڪهاڻي ڪهڙيءَ شئي جو نالو آهي؟ ڪهاڻيءَ جون ڪهڙيون گهرجون آهن؟ ڪهاڻيءَ ۾ ڇا ڏجي؟ ۽ ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟
    رزاق مهر جي انهن ٽنهي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.

    ڪيهر شوڪت
    1982 – 12 – 25
    اي – 84 يوسف پلازا ايف بي ايريا ڪراچي


    ڪهاڻيون

    سڪون ڪٿي آهي؟

    سول اسپتال جي لسي فرش مٿان ڪجهه ڪمزور ۽ صحتمند انسانن جي اچ وڃ چالو هئي. ورانڊي جي اندرينءَ ڀت ۾ ٺهيل ٽن فوٽن جي اوچائيءَ واري ٿلهي مٿان ڪجهه کليل ۽ ڍڪيل چهرن وانگر عورتون ۽ انهن جا ننڍا ٻار ويٺا هئا.
    انهن کان ڪجهه پرڀرو ميٽوڙي ڄارين واري در جي ڀر ۾ هڪ بئنچ رکيل هئي جنهن مٿان هو گذريل اڍائن ڪلاڪن کان ويٺو هو ۽ پنهنجي واري اچڻ جو شديد اڻ تڻ سان اوسيئڙو ڪري رهيو هو.
    در تي بيٺل ٺوڙهي چپراسيءَ جڏهن به پنهنجي سنهڙي ڳچيءَ مان نڪتل نڙگهٽ کي حرڪت ۾ ٿي آندو ۽ ڪنهن ٻئي جو نالو ٿي ورتائين تڏهن هن جي چهري مٿان هڪ ڪروڌ ڀريو سونڊ ضرور پئجي ٿي ويو ۽ تڏهن جڪ کائي هن سنهڙي چپڙاسيءَ ڏانهن ائين ٿي گهوريو جيئن هن کي اندر نه گهرائڻ ۾ ان جي ئي ڪا سازش هجي.
    پنج منٽ اڳ جنهن شخص کي اندر سڏيو ويو هو اُهو اڃان ٻاهر نه نڪتو هو. هن کي انهيءَ ڳالهه تي سخت چڙ لڳي رهي هئي. وقت جي ائين برباد ٿيڻ تي هن ڪاوڙ مان پاسو بدلايو. هن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو ۽ تڏهن هن جي ذهن ۾ آوازن جو هڪ وڏو طوفان گهڙي آيو جنهن سان هن جي دماغ جي تندن وارو سرشتو ڄڻ ٽٽڻ لڳو. هن جي منهن تي ڪرب جا انيڪ گهنج مڙي آيا. هن گوڏن تي ٻانهون رکي منهن ترين ۾ لڪائي ڇڏيو. عذاب جي انهن سخت لمحن ۾ هو ماڻهن جي موجودگيءَ کي به وساري ويٺو.
    ۽ پوءِ جڏهن اهي لمحا آهستي آهستي مٿان گذري ويا. آوازن جي اها تيز لهر هن جي دماغ جا بنياد لوڏي باقي دائمي آواز ڇڏي هلي وئي تڏهن هن جي منهن تي صدين جي مسافت جهڙو ٿڪ ظاهر ٿي پيو. هن گهرو ساهه کڻي منهن مٿي ڪيو. اسپتال جي مخصوص دوائن جي پکڙيل بوءِ واري ماحول ۾ زندگيءَ ۽ موت جي سرد جنگ جاري هئي. هن جي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو سياست تي ڳالهائي رهيا هئا ۽ لسي فرش مٿان قدم اچي وڃي رهيا هئا. هن پاڻ کي بئنچ سان ٽيڪائي ڇڏيو. ڪي لمحا ائين ئي گذاري پوءِ اکيون کولي هڪ اوٻاسي ڏنائين ۽ تڏهن وري سندس نظرون ورانڊي جي ڀت سان ٺهيل ٿلهي ڏانهن کڄي ويون جت ڪيترين ئي عورتن سان ويٺل ٻار عجيب عجيب نظرن سان نهاري رهيا هئا. انهن کان ڪجهه پرڀرو ميٽوڙي لسي فرش مٿان هڪ ڳوٺاڻي عورت ويٺي هئي. هوءَ ان مسافر جهڙي وياڪل نظر اچي رهي هئي جنهن کي ماڳ ڏانهن وٺي ويندڙ گاڏي ڪنهن گمنام اسٽيشن تي حادثي جو شڪار ٿي وئي هجي. هن جي منهن تي صدين جي پريشانيءَ جا اُهڃاڻ ظاهر هئا. هن جي هڪ ڄنگهه اڌ کليل چاقوءَ جيان وريل هئي ۽ ٻي ڄنگهه وچ ڏانهن سڌي ڪيل هئي.
    ۽ تڏهن هن کي پنهنجن ٽن سالن جي ڌيء ياد اچي وئي جا اڪثر بيمار رهندي آهي، جا ٿڪل ٿڪل ساهه کڻي هن جي اڻپوري حاصلات مٿان ڄڻ ٺٺول ڪندي آهي. انهيءَ لمحي ذهن ۾ ڪنهن ڀوائتي تصور اچڻ تي هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو ۽ ٻار ۽ ان جي ماءُ منجهان نظرون ڪڍي ذهني طور پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن موٽي آيو. بئنچ تي ويٺل پنج ئي ماڻهو اڃان تائين ڳالهائي رهيا هئا. اُهي ٿڪيا نه هئا. ساڳي جوش ۽ جذبي سان هاڻ هو اسپتال جي عملي بابت مختلف رايا ڏئي رهيا هئا. انهن تي راءِ زني ڪندي هڪ پيرسن شخص ڳاڙهو ٿي ويو. هن جا چپ ڪنبڻ لڳا. جوش ۾ اچي هن پنهنجي عمر جو لحاظ به نه ڪيو. هڪ اُگهاڙي گار ايل ايم سي هاسپيٽل جي ان نرس کي ڏئي ڪڍيائين جنهن جي غفلت جي سبب هڪ ٻار جو پير ٻلي چٻاڙي وئي هئي.
    هو خاموش هو. نه پاڻ رايو ٿي ڏنائين نه ٻڌڻ ۾ ڪا دلچسپي هئس. اوچتو هڙٻاٽين نڪتل چپڙاسيءَ هن جو نالو ورتو ۽ تڏهن هن جي اندر ۾ هڪ اهڙي لهر اُڀري آئي جهڙي ڪنهن ڊگهي ٿڪائيندڙ ۽ بور سفر بعد ماڳ رسڻ ويل ٿيندي آهي. هو بنا ڪنهن دير جي اُٿيو ۽ ميٽوڙي در جو هڪ تاڪ ڇڪي اندر لنگهي ويو. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ شاهي ٽيبل رکيل هئي جنهن مٿان ٻه ماڻهو جهڪيل هئا. اهي چيلهه کي چٻو ڪري ڪجهه ڪاغذ اُٿلائي پُٿلائي رهيا هئا. انهن جي آڏو ڦرندڙ ڪرسيءَ مٿان پرڪشش اکين وارو آر ايم او ويٺو هو جنهن جي سامهون ٻين ڪاغذن سان گڏ هن جي آفيس وارو ليٽر پيو هو. هن جي نظر جڏهن پنهنجي انهيءَ ليٽر تي پئي تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي صدين جو ٿڪ لهي ويو هجي. هن کي لڳي رهيو هو ته هن جي زندگيءَ جي ماٺي تلاءَ ۾ بيماريءَ جي ڳوري ڇپ ڪرڻ سان جيڪا هلچل پيدا ٿي هئي اُها هت پهچڻ سان هاڻ ڄڻ ته خاتمي جي آخري حدن ۾ داخل ٿيڻ واري هجي. هو ”ڇا ڳالهائڻ گهرجي“ بابت سوچي پوءِ ساڄي پاسي کان ڦري آيو جت آر ايم او جي ڀر ۾ بيمارن لاءِ رکيل ڪاٺ جي اسٽول تي هڪ نوجوان عورت ويٺي هئي. هوءَ نڪ جي چوٽيءَ تائين برقعي جو نقاب ڏئي هن سان ڳالهائي رهي هئي. ڳالهائي ڇا رهي هئي؟ هن کي پنهنجي اکين سان گهائل ڪرڻ جا سمورا هٿيار هن ڏانهن اُڇلائي هن جي دل کي ڦٽي چڪي هئي. آر ايم او هڪ زخمي مرڪ چپن تي آڻي پني تي ڪجهه لکيو ۽ پوءِ اسٽول تي ويٺل اُن خوبصورت عورت جي اکين ڏانهن ڪنهن شڪست کاڌل فوج جي سپاهيءَ جيان ڏٺائين ۽ هوءَ اکين جي عالمي ٻوليءَ سان هن جو ٿورو مڃي هن جي هٿ مان لکيل ڪاغذ وٺي جيئن اُن اسٽول تان اُٿي تيئن هو وڃي ويٺو. ويٺو نه ڄڻ ڪو ڪريو هجي.
    آر ايم او جي ذهن تي چڙهيل رومانس جو ڇتو نشو ٽُٽي پيو. هن منهن ۾ وجهي هن ڏانهن گهوريو ۽ پڇيائينس ”نالو؟“
    ”منير احمد“ هُن وراڻيو.
    ”هون!“
    ”اڄ کان ڏهه سال اڳ مون ٽيهه گوريون اسپرو جون کاڌيون هيون.“ هو ڳالهائڻ لڳو. ”تڏهن انهن گورين کي ئي موت جو ڪارڻ سمجهيو هئم. مون کي خبر نه هئي ته ننڍن ننڍن حادثن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ مان جو دڳ وٺي رهيو هئس اُهو منهنجي زندگيءَ جو روڳ بڻجي ويندو. مان مري نه سگهيس ڊاڪٽر! پر ٻٽيهن گورين ڏاڍو عجيب ريئيڪشن ڏيکاريو. منهنجي ذهن ۾ اهڙا آواز پيدا ٿي پيا آهن جن جو ٻاهر ڪو به واسطو نه هوندو آهي. اهو عذاب مون کي چُهٽي پيو آهي. اهي آواز مون کي.....“
    ”بيوقوف!“ هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي آر ايم او هن جي مٿان وڏي واڪ چٿر ڪئي. ”او بيوقوف! اها ڪٿا وڃي او پي ڊيءَ ۾ ڪجانءِ!“ هن جي چوگرد ويٺل ۽ بيٺل ماڻهو پنهنجن چهرن تي عجيب عجيب ڀاوَ آڻي هن ڏانهن ڏسڻ لڳا. هن جي منهن جو پنو لهي ويو. ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل ماڻهن جي آڏو هن کي بيوقوف ڪوٺيو ويو هو. هن جي بيعزتي ڪئي وئي هئي. هن کي لڳي رهيو هو ڄڻ هن کي هيترن ماڻهن جي آڏو منهن تي ٿُڪيو ويو هجي. هن کي انهيءَ ڳالهه تي سخت شرم ۽ سخت چڙ اچي وئي ۽ تڏهن هن سخت ضرورت محسوس ڪئي ته هو ڳالهائي. هو پنهنجي ان بيعزتيءَ جو هن کان بدلو وٺي هن مٿان ثابت ڪري ته هو بيوقوف ناهي. اڻ پڙهيل ۽ جاهل ناهي. ايم اي جو اُهو اسٽوڊنٽ آهي جو سفارش نه هئڻ سبب ڪلارڪيءَ جو پٽو ڳچيءَ ۾ وجهي زندگيءَ جي گهاڻي ۾ وهي رهيو آهي. هن پهريان کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪئي ۽ پوءِ ڏسڻي آڱر هن ڏانهن نچائيندي هن چيو ”سرڪار! ڇا توهان کي ڊگري انڪري ڏني وئي آهي ته جيئن توهين ڊاڪٽر بڻجي انساني وهنوار مان ئي نڪري وڃو!“
    آر ايم او ڦرندڙ ڪرسيءَ کي ٿورو ڦيرائي هن جي اکين ڏانهن پنهنجي پُرڪشش اکين کي چُنجهو ڪري گهوريو ۽ پوءِ چپن کي زور سان ڀيچي هن مٿان ٺٺول ڪيائين ”تون هن وقت جنهن جاءِ تي بيٺو آهين پنهنجي اُن سماجي حيثيت کي ذهن ۾ رکي پوءِ اُڀام! تو مون وٽ ان ڪري اچي ڌڪا کاڌا آهن جو توکي خيراتي علاج گهرجي ۽ خيرات پنندڙ ماڻهون جيڪڏهن تو وانگر ائين وڏي واڪ ڳالهائيندا ته ٻئي ڪنهن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا. پنهنجو ئي دٻو گل ڪندا آهن.“ هن ڦرندڙ ڪرسيءَ کي هوا ۾ ٿوري اُڇل ڏني. ٻين کان برتر هئڻ جي احساس هن جي گهنڊ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو.
    تڏهن ڪمري ۾ ويٺل ۽ بيٺل ماڻهو ائين ڇپ هڻي ويا جيئن ڪو ننڍڙو ڪئو ڪنهن متاري ٻليءَ کي پنهنجي سامهون ڏسي هڪدم سسي ويندو آهي ۽ تڏهن منير کي لڳو هو ته واقعي هو ۽ ٻيا هزارين ماڻهو جيڪي خيراتي اسپتالن ۾ اچي ڌڪا کائن ٿا اُهي پينو آهن. اهي ڪنهن نه ڪنهن سفيد ايپران ۾ ملبوس ڊاڪٽر جا محتاج آهن.
    هن کان وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهائڻ نه ٿيو. شايد ان ڪري ته آر ايم او هن کي هيترن ماڻهن آڏو سندس حيثيت جي خسيس هئڻ جو احساس ڏياري ڇڏيو هو. هن ڏڪندڙ هٿن سان ٽيبل تي رکيل پنهنجو ليٽر کنيو ۽ پوءِ ماڻهن ڏانهن هڪ بي معنيٰ گهور وجهي ٻاهر نڪري آيو. در تي بيٺل چپڙاسي وري اندر ويو ۽ ٻي گهڙيءَ وري ڪنهن جو نالو وٺي رڙ ڪيائين ۽ هڪ هڏائون پڃرو در جي ڀر ۾ رکيل بئنچ تان اُٿيو ۽ اندر هليو ويو ۽ هو در جي ٻاهران ئي ڪي گهڙيون بيٺو رهيو. اجايو بنا ڪنهن مطلب جي ڪي پل ماٺ رهيو ۽ پوءِ جڏهن هيڏي ذلت سهڻ جي باوجود جيئڻ جي مجبوري هن کي او پي ڊيءَ ڏانهن گهلڻ لڳي تڏهن هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن هڪ لمحي لاءِ هيڏي هوڏي بيٺل ماڻهن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هٿ جي تريءَ سان ڳوڙها اُگهي درن مٿان ٽنگيل نالن واريون تختيون پڙهندو او پي ڊيءَ جي ٻاهران اچي پهتو.
    در جي اڳيان هشام ماڻهن جا اڳ ۾ ئي موجود هئا. ڏهن فوٽن جي ويڪر واري ورانڊي اندر انساني شڪلن واري ڊگهي قطار ورانڊي کان ٿيندي ٻاهرين ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تائين ڦهليل هئي. جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ اڃان به وڌي رهي هئي. ماڻهو ماڻهوءَ مٿان ڪرندا لوهي ڄارين واري ميٽوڙي در تائين پهچڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. دروازي جي وچ ۾ ٽنگون کولي هڪ ڪرڙوڍ پٽيوالو ٻئي ٻانهون در جي طاقن ۾ وجهي بيٺو هو. هو ماڻهن جي هڪٻئي کي ائين ڌڪا ٺيلها هڻڻ تي اخلاقي درس ڏئي رهيو هو جڏهن ته ماڻهو ماڻهوءَ مٿان ڪري رهيا هئا ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ٺيلها هڻي اخلاقي پابندين جو ڏيوالو ڪڍي رهيا هئا.
    هو هلندو سڀني جي پويان اچي بيٺو جڏهن ته لوهي ڄارين وارو در لائين ۾ بيٺل ڪنهن به شخص لاءِ اڃان نه کليو هو. ڪو به اندر وڃڻ جو شرف حاصل ڪري نه سگهيو هو. انتظار جي سخت بوريت کان ماڻهو آپي مان نڪري ويا هئا. ڪي ڏند ڪرٽي ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهيا هئا ڪي وڏي واڪ نرسن تي ۽ ڊاڪٽرن تي ڇوهه ڇنڊي رهيا هئا. منير جي اڳيان بيٺل هڪ ڪرڙوڍ شخص وري ناقص دوائون ڏيڻ تي اختياريءَ وارن مٿان سخت ڪاوڙيل نظر اچي رهيو هو. هو بار بار ان سور جو روئڻو به روئي رهيو هو جو گذريل پندرهن ڏينهن کان هن جي پيٽ ۾ پيل هو.
    ويهينءَ صديءَ جي بيشمار مسيحائن خلاف منير جي من ۾ به نفرت ڀرجي وئي پر پوءِ به هو هت چپ ڪري بيٺو رهيو. اندر ۾ ڦهليل نفرت جي ڪڙاڻ لهجي ۾ آڻڻ بنا انتظار جو زهر پيئندو رهيو. (ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو دنيا جي هيڏي وڏي ڀيڙ ۾ به اڪيلا رهي ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳين ٿا. هو اهو سڀ ڪجهه ٻين کان الڳ رهڻ جي عيوض ڀوڳي رهيو هو. ڀوڳڻ تي مجبور هو.
    بيٺي بيٺي هن کي هڪ اپٿائي آئي ۽ انهن لمحن ۾ ئي ڪيترا سائن جهڙا آواز هڪ وڏي شور سان هن جي بيمار ذهن ۾ گونجي اُٿيا. آوازن جي شدت کان هن جي ڪنن جا پڙدا ڦاٽڻ لڳا. هن جي مغز جون نسون تنبوري جي تارن جيان شوخ ٿينديون ويون. شديد عذاب کان هُن کي محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي لوندڙيءَ وٽان زور سان ڦرڪندڙ رڳ ٽٽڻ واري هجي. تڏهن سور جي هڪ تيز سٽ سان هن کي ڀانواٽي اچي وئي. اکين اڳيان ساوا ڳاڙها ترورا نچڻ لڳس ۽ پوءِ هو بيهي نه سگهيو. ويهي رهيو. بلڪل ائين ويٺو جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي نئين باس سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪرسيءَ جي ٽيڪ ۾ هٿ وجهي ويهي رهيو ۽ ڪجهه لمحا گذرڻ بعد جڏهن سامت ۾ آيو هو ۽ ٿڪل ٿڪل اکيون کڻي ڳالهائڻ واري ٽٽل سلسلي کي ڳنڍڻ لاءِ هن گهرو ساهه کنيو هو تڏهن سندس آفيسر پنهنجون ڀوائتيون اکيون سندس اکين ڏانهن وڌيون هيون. مٿس همدردي ڪرڻ بدران سخت لفظن ۾ تنبيهه ڪئي هئائين. کيس وارننگ ڏني هئائين ته هو ڊيوٽيءَ لاءِ پاڻ کي اهل بڻائي ۽ سخت نشي واريون دوائون واپرائي آفيس ڊسيپلين جو ٻيڙو نه ٻوڙي ۽ ٻن ڏينهن بعد جڏهن کيس ميڊيڪل ٽريٽمينٽ واسطي ليٽر ڏنو ويو هو تڏهن ائين لڳو هئس ڄڻ ته سندس وجود سان چهٽيل بيشمار پريشانين مان ڪا هڪ پريشاني خارج ٿي وئي هئي. درد جو اهو سفر گذريل لمبي عرصي کان هو ڪري رهيو هو. چند وکن جيترو ڄڻ ته کٽي ويو هو. هاڻ علاج مڪمل ٿيڻ تائين آفيس نه اچڻ جا هن کي مڪمل اختيار هئا. ذهني طور وکريل ماڻهن لاءِ آرام ڪيتري اهميت رکي ٿو؟ ان جو ٺيڪ اندازو فقط اهي ماڻهو ئي ڪري سگهندا جيڪي انهيءَ باهه مان گذريا هجن. هو انهيءَ باهه ۾ هڪ عرصي کان لاڳيتو سڙي رهيو هو. هن کي آرام جي ضرورت هئي. هن جي ٿڪل ۽ مُنتشر ذهن کي سڪون جي ضرورت هئي پر سڪون ڪٿي هو هن وٽ! هن ته شروعاتي ڏينهن ۾ ئي سي ليو ۽ ارنڊ ليو جو بيماريءَ کي ٻليدان ڏئي ڇڏيو هو ۽ ڪالهه جڏهن آفيس پاران ليٽر مليس ته هو سڌو گهر هليو ويو. اهو سڄو ڏينهن هو سخت نشي واريون گوريون کائي ستو رهيو (جيڪي مختلف ڊاڪٽرن مٿس تجربا ڪندي کيس وٺرايون هيون.) ۽ صبح جو جڏهن اک کليس ته هزارها تڏين جهڙن آوازن ۾ هو ڦٿڪي اُٿيو. هن اکيون ٻوٽي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. آوازن جي سخت اذيت کان هن کي لڳو ڄڻ ڪنهن ٻُڪ بارود جو ڀري هن جي ذهن ۾ تيلي ڏئي ڇڏي هئي. هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو. مٿي کي ٻئي هٿ ڏئي اُٿي ويٺو. ساهه تيز تيز کڄڻ لڳس. هن کي لڳي رهيو هو ته ايندڙ ڪجهه غمناڪ گهڙين ۾ هو چريو ٿيڻ وارو هو. هن جا احساس مرڻ وارا هئا. هن تي بي حسيءَ جو ڪڏهن نه کٽندڙ دورو پوڻ وارو هو جنهن ۾ هن جا حواس هن جو ساٿ هميشه لاءِ ڇڏي چُڪا هوندا.
    هن ڦاٽل اکين سان پنهنجي ڀر ۾ ستل ڌيء ڏانهن ڏٺو جا خواب ۾ شايد ڪنهن ننڍڙي خواهش جي پوري ٿيڻ تي مُرڪي رهي هئي. ڌيڻس جي بيمار چهري تي صبح جي هير جهڙي ڌوتل تازي مرڪ اذيت جي اُنهن سخت لمحن ۾ به هن کي ڏاڍي وڻي. ٿورو هيٺ نِوِڙي ڌيڻس جي چپن کي هن چمي ورتو ۽ پوءِ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪي اُداس گهڙيون ائين ئي گذاري ڇڏيائين ۽ پوءِ گهڻي دير بعد جڏهن جوڻس نيرن لاءِ سڏيو هو تڏهن ماني کائڻ بدران هو سڌو اسپتال ڏانهن وڌي ويو هو. او پي ڊيءَ جي آڏو لڳل ڊگهيءَ لائين ۾ سڀني بيٺل ماڻهن جي پويان هو اڃان به هيٺ اوڪڙو ٿي ويٺو هو. عذاب جو هڪ وڏو طوفان جو هن جي ذهن مان لنگهي ويو هو تنهن هن جي جسم مان سمورو ست ڄڻ ته ڪڍي ڇڏيو هو. هن هڪ گهرو ساهه کڻي هيڏي هوڏي ڏٺو. ڪنهن کي به هن ڏانهن ڏسڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿي هئي. لائين ۾ بيٺل هر شخص کي فقط ان ڳالهه جي اُڻ تُڻ هئي ته هن جو وارو ڪڏهن ٿو اچي؟
    هو هاڻي اُٿي بيٺو ۽ ٻين سڀني ماڻهن جيان ميٽوري در ڏانهن ڏسڻ لڳو. اوچتو وچ لائين ۾ بيٺل هڪ ٿلهي شخص جو هڪ هٿ ٻاهر نڪتو. هن اکيون ڦوٽاري در تي بيٺل پٽيوالي ڏانهن گهوريو ۽ پوءِ جوشيلي انداز ۾ هٿ لوڏي اندر ويٺل ڊاڪٽر کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چِلائڻ شروع ڪيائين. احتجاج ڪرڻ جو مڃيل عالَمي طريقو اختيار ڪري هن بيٺل ماڻهن جي ڊگهي لائين ۾ هلچل مچائي ڇڏي. هڪ ماڻهو جو ڪجهه گهڙيون اڳ منير جي پويان بيٺو هو ۽ اڃان تازو توانو هو تنهن نهايت ئي ڪاوڙ وچان هُن ڏانهن گهوريو. ”حرامي ڪالهه تائين جسم جي ڪپڙن وانگر سياسي پارٽيون مٽائيندو رهيو. ڪٿي به ڪنهن ڄمي بيهڻ نه ڏنس. هر هنڌان ڪِڪ لڳي اٿس ته هاڻ رستن تي بيهي ٿو ليڊر بڻجي!“ هن ملائيشيا جي ڪاري سُٿڻ ۽ قميص پهريل ان لمبي ۽ ٿلهي شخص مٿان چٿر ڪئي. تازي تواني شخص جي انهيءَ اوچتي انڪشاف تي ڪنهن به پنهنجي راءِ جي آزاديءَ واري حق کي استعمال نه ڪيو. شايد اِن لاءِ ته انهيءَ مهل لوهي ڄارين وارو اهو ميٽوڙي در جنهن سان سڀني ماڻهن جون نظرون ڄڻ ته ڪنهن کونر سان چنبڙائي ڇڏيون هيون اوچتي کلي پيو هو ۽ ان منجهان هڪٻئي پٺيان ٻه ڊاڪٽر ٻاهر نڪتا. نيوروفزيشن ڊاڪٽر حيدر جنهن جي پٺيءَ جي نڪتل ڪٻ ٿلهي ڪوٽ جو استر به لڪائي نه سگهيو هو تنهن ماڻهن مٿان هڪ نظر وڌي. ليڊر ڪلها مٿي ڪري لائين مان هڪ پير ٻاهر ڪڍيو ۽ ٻئي ڊاڪٽر ات بيهڻ بدران هلندا رستي جي هڪ پاسي کان بيٺل ايمبولنس ۾ وڃي چڙهيا. لائين ٽُٽي وئي.
    ليڊر مطالبن جي ڳنڍ کڻي ايمبولنس ۾ ويٺل ڊاڪٽرن ڏانهن وڌي ويو. هڪ نظر ماڻهن جي بيزار هجوم ڏانهن وجهي دائري جي شڪل ۾ هن جي چؤگرد بيهي رهيا. اڌ کليل شيشن پٺيان ويٺل ٻن ڊاڪٽرن مان هڪ ڊاڪٽر ڪجهه ڳالهايو. انهيءَ جي چيل لفظن جو هن جي هيٺئين چپ تي بيحد اثر ٿيو. ٻاهر نڪتل هيٺئين چپ سان هن ليڊرن جيان ٻه چار گهمرا ڪنڌ کي لوڏي ماڻهن ڏانهن ڏٺو. گول دائري ۾ بيٺل ماڻهن جا چهرا لهي ويا. ايمبولنس هڪ جهٽڪي سان اڳتي وڌي وئي ۽ ليڊر وري ڏاڪڻ جي آخري ڇيڙي وٽ موٽي آيو. هو موٽيو ته پاڻ سان هڪ عدد ڇرڪائيندڙ خبر به کڻي آيو. ”ٻئي ڊاڪٽر ايڪسائيز آفيس ڏانهن ويا آهن.“ نرڙ ۾ گهنج وجهي هو ڳالهائڻ لڳو. ”هو شهر جي اُنهن تباهه ٿيل ماڻهن جو معائنو ڪندا جن جي رت ۾ آفيم جو زهر ملي ويو آهي. انهن جي زندهه رهڻ لاءِ هو آفيم جي هڪ حد مقرر ڪندا. ٿي سگهي ٿو ته ڪلاڪ اندر موٽي اچن.“ ماڻهو بيزار ٿي وڃڻ لڳا.
    ورانڊي جي در وٽ هڪ گول پلر کي ٽيڪ ڏئي منير ڪاوڙ ۾ بيٺو رهيو. هن جي چهري منجهان ائين ٿي لڳو ڄڻ ته سينيما جي ٽڪيٽن واري دريءَ ۾ هن جو وڌل هٿ ڪنهن زور سان ٻاهر ڪڍي اُتي هائوس فل جو بورڊ لڳائي ڇڏيو هو. لاڳيتي بيزار ڪندڙ انتظار ۽ ان مٿان ناڪاميءَ جي وار هن جي اندر ۾ ڪروڌ ڀري ڇڏيو هو، چڙ ڀري ڇڏي هئي. هن جي نس نس ۾ رت بجاءِ ڄڻ گندرف ڊوڙڻ لڳو. انتهائي خار مان ڏند ڪرٽي هو اڌ کليل ان ميٽوڙي در ڏانهن گهوريندو رهيو جتان ٻئي ڊاڪٽر ٻاهر نڪتا هئا ۽ پوءِ اوچتي هن هڪ فيصلو ڪري ورتو. گهر وڃڻ جو فيصلو، اسپتال جي دوائن مليل ڌپ واري ماحول کان نجات جو فيصلو. هو ورانڊي واريءَ ڏاڪڻ تان هڪ هڪ ڏاڪو ڪري هيٺ لٿو ۽ گهر ڏانهن ويندڙ رستي مٿان هلڻ لڳو پر ڇا اهو سک هو گهر وڃي ماڻي سگهندو جنهن لاءِ هو هڪ عرصي کان ڀٽڪندو رهيو، هڪ عرصي کان جنهن جي هن کي ڳولا هئي، جنهن لاءِ هن پنهنجي بيمار ڌيءُ، زال ۽ نوجوان ڀيڻ جو سک ڦٽائي ڇڏيو هو. هن جي اندر جي بيمار ماڻهوءَ پيڙا وچان هڪ دانهن ڪئي. آوازن جي شديد گونج ۾ هن جا گهر جي دڳ ڏانهن کنيل قدم بيهي رهيا ۽ هاڻ هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته جنهن وقتي چڙ ڏياريندڙ بوريت مان هن ڇوٽڪارو ٿي چاهيو، هن جو دڳ ورتو هو سو ته عذاب جو ساڳيو لمبو رستو هو جنهن مٿان هن گذريل ڇهن مهينن کان لاڳيتو سفر ڪيو هو. هن جي سڪون جو ماڳ انهيءَ رستي ۾ نه هو. ڪو به سک جو گهر هن کي انهيءَ واٽ تي ملي نه ٿي سگهيو. هن جي نجات جي هڪ آس به انهيءَ عمارت ۾ بند هئي جنهن جي دوائن واري بوءِ کان هن ڀڄڻ ٿي چاهيو. هو وري هلندو انهيءَ ساڳي هنڌ اچي بيٺو جت ڪجهه گهڙيون اڳ بيٺو هو.
    بيٺي بيٺي اسپتال جي دوائن واريءَ ڌپ کان وري هن کي ڪِرڀ اچڻ لڳي. هن جو کنيل هر ساهه هن جي اندر ۾ هڪ عجيب ڪراهت پيدا ڪرڻ لڳو. هن جي دل ڪچي ڪچي ٿيڻ لڳي ۽ تڏهن وري هن سوچيو ۽ وري هو ورانڊي جي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو. هاڻ هو شهر ڏانهن ويندڙ رستي مٿان هلڻ بجاءِ بيمارن جي هڪ وڏي هجوم مان گذرندو اسپتال جي پوئين پاسي واري باغ ڏانهن وڌي ويو. دوائن جي ڌپ کان آجي هوا ۾ وڻن تي ويٺل پکين جا کنڀ اُڏامي رهيا هئا. اُهي مٺيون مٺيون لاتيون لنوي رهيا هئا. انهيءَ گهلندڙ تازي هوا ۾ هن هڪ گهرو ساهه کنيو ۽ پوءِ پپل جي گهاٽي ڇانوَ ۾ هن وڃي پناهه ورتي. هو پپل جي ٿلهي وڻ کي ٽيڪ ڏئي سامهون گهورڻ لڳو. اسپتال جي احاطي کان ٻاهرا نظر ايندڙ هڪ زبون ٿيل مسجد ڏانهن هو لاڳيتو گهوريندو رهيو جنهن جون اُڀيون اُڀيون ڪر کڻي بيٺل نيلون هُن کي پري کان بيمار ماڻهن جيان ڏاڍيون اُداس ۽ ويڳاڻيون نظر اچي رهيون هيون. هو مسجد ۾ جوڙيل انهن نيلن ۾ انساني زندگيءَ جا چيچلائيندڙ اهنج محسوس ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن هڪ آرس ڀڃي ٻئي پير ڦهلائي اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.
    وقت ٿڪل ٿڪل قدم کڻي هن جي اڳيان گذرڻ لڳو ۽ هو هر شئي کان بي خبر بڻجي اکيون ٻوٽي ويٺو رهيو. پوءِ گهڻيءَ دير کان پوءِ جڏهن فضا ۾ ڦهليل خاموشيءَ جي هيناوَ ۾ هڪ غمناڪ آواز جي بڙڇي کُپي وئي ته هن اکيون کولي سامهون ڏٺو. هن جي نظر ان ڳوٺاڻي عورت مٿان پئي جا ان مسافر جهڙي وياڪل نظر اچي رهي هئي جنهن کي ماڳ ڏانهن وٺي ويندڙ گاڏي ڪنهن گمنام اسٽيشن تي حادثي جو شڪار ٿي وئي هجي. هن جي منهن تي صدين جي پريشانيءَ جا اُهڃاڻ ظاهر هئا. هوءَ پنهنجي ٻارڙي کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي وڃي رهي هئي. ٻارڙو اڀا اڀا ساهه کڻي هاڻي چپ ٿي ويو هو. هن جو ننڍڙو وجود چپ ٿي ويو هو. موت سان هن جي جوٽيل جنگ اسپتال جي مضبوط ديوارن اندر ختم ٿي چُڪي هئي. اها عورت جڏهن هن جي ڀر سان هڪ گهُٽيل اوڇنگار ڏئي وڌڻ لڳي تڏهن هن کي محسوس ٿيو هوا ۾ رڙين جون صدائون شامل ٿي ويون هيون. هن کي پکين جي آوازن ۾ روحن جو روڄ محسوس ٿيو. الائي ڪهڙي جذبي کان هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ڌنڌ ۾ ويڙهيل عورت جي پٺي ڏٺائين. هوءَ آهستي آهستي ٻاهر وڃي رهي هئي ۽ تڏهن وري هن کي پنهنجي ڌيءُ ياد اچي وئي جا اڪثر بيمار رهندي آهي. جا ٿڪل ٿڪل ساهه کڻي هن جي اڻپوري حاصلات مٿان ڄڻ ٺٺول ڪندي آهي. هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. انهيءَ ياد مٿان هن ذهن جا سڀ در بند ڪري ڇڏيا. هن وري زور سان اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هن نه ٿي چاهيو ته ڪو به پريشان چهرو هن جي ذهن ۾ اُڀري هن کي وڌيڪ پريشان ڪري. وڌيڪ تڙپائي. هر عذاب، هر پريشانيءَ مان اڄ هن نجات ٿي چاهي. سڪون ٿي چاهيو.
    ڪي اُداس لمحا ائين ئي گذري ويا. هو گوتم جي مورت وانگر ڪيتريءَ ئي دير تائين سانت ويٺو رهيو. هن جي چهري تي ٿڪ واري سوچ هئي. گوتم جي مورت ۽ هن جي مورت ۾ ٻن دورن جو تضاد حائل ٿي ويو هو. هن جي چهري تي پريشانيءَ جون ريکائون ڦهليل هيون. هن جي آئيندي جا کنڊر هن جي چهري تي بيهي رهيا هئا. هن جي منهن جا پريشان گهُنج وڌڻ لڳا ۽ تڏهن وري هن کي پنهنجي ڌيءُ ياد اچڻ لڳي. نه چاهيندي به پنهنجي نوجوان ڀيڻ جو اُداس ۽ ٿڪل چهرو هن جي اڳيان ڦري ويو جنهن ڏانهن هو ڪڏهن ڪڏهن ائين گهوريندو آهي ڄڻ ته هو انهيءَ اداس ۽ ٿڪل چهري ۾ زندگيءَ جي گم ٿيل رونق ڳوليندو هجي، هن جا ٽهڪ ڳوليندو هجي، هن جا ارمان ڳوليندو هجي جيڪي گهرجن جي دوزخ ۾ سڙي رک ٿي ويا هئا. انهيءَ لمحي هن پنهنجي زال لاءِ سوچيو، زال جي خواهشن ۽ ناڪامين تي سوچيو، هن پنهنجي گهر تي سوچيو، زبون ٿيل گهر جي درين ۽ ديوارن تي سوچيو جنهن ۾ هن جي حيثيت ڇت کي ڏنل ٿنڀي جهڙي هئي. انهيءَ گهر جو ٿنڀو جيڪڏهن ڪري پيو؟ هو ڊهي پيو ته ۽ تڏهن ڪنهن اوچتي انديشي کان هن جي اندر ۾ هڪ ڊپ ڦهلجڻ لڳو. هن جي ذهن جا آواز تيز ٿيڻ لڳا. ”نه نه اهو منهنجو وهم آهي. مان چريو نه ٿي رهيو آهيان. اهو.... اهو سڀ ڪجهه گورين جو ريئيڪشن آهي جو ڪڏهن به منهنجي پچر ڇڏي ٿو سگهي. مان.... مان......“ ۽ پوءِ هو ائين اُٿيو ڄڻ ته کيس ڪو بجليءَ جو شاڪ لڳو هجي. هو ذري گهٽ ڊوڙندو او پي ڊيءَ تائين ويو ۽ اُتي پهتو ته هن جي چهري جا پريشان گهنج اڃان به وڌي ويا. هن جا پير ٿڙڻ لڳا. هو جسم جي سموريءَ سگهه سان بئنچ تي جهوٽا کائيندڙ پٽيوالي ڏانهن وڌي ويو. هن جي ڪُلهي ۾ هٿ وجهي هن کي ڌونڌاڙيائين ۽ اوڏيءَ مهل هن پاڻ کي هوا ۾ لڙڪندو محسوس ڪيو جڏهن ٻنهي ڊاڪٽرن جي واپسيءَ کان پوءِ انهن جي آپريشن ٿيٽر ڏانهن وڃڻ واري خبر ٻڌائين. تڏهن اُداسي ڪنهن ڀت تي چنبڙيل اشتهار جيان هن جي چهري تي بيهي رهي. بند ٿيل در ۾ لڳل تالي ڏانهن هڪ ٿڪل ۽ اداس نظر وڌائين ۽ پوءِ ٿڙندو قدمن سان ٻاهر نڪري آيو. هاڻي هن جا پير وري اُنهيءَ رستي مٿان هلڻ لڳا جنهن جو انت اذيت جي ان ساڳي کاهيءَ وٽ وڃي ٿئي ٿو جنهن منجهان نڪرڻ لاءِ هو گذريل ڇهن مهينن کان هٿوراڙيون هڻندو رهيو.


    پيڙا جي ڪوهيڙن ۾

    سوزوڪيءَ جي هلڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ جڏهن عليءَ کي اسٽريچر ۾ کنيو پئي ويا تڏهن هن ٿڌو شوڪارو ڀري پولار ڏانهن نهاريو هو. خيالن ۾ پنهنجا ننڍا ننڍا ٻار ۽ ٻئي زالون فوٽ پاٿ تي پنندي نظر آيون هينس. هن سوچيو هو ”مان هاڻي ڪنهن به ڪم جو نه رهيو آهيان. اپاهج ٿي ويو آهيان. منهنجو هاڻ ڪو حال، مستقبل ڪونه رهيو آهي.“ سندس آلين اکين آڏو چاليهه منٽ اڳ وارو منظر ڦرڻ لڳو هو جڏهن هو لوهي پلنگ مٿان ليٽيل هو ۽ جڏهن اسپتال ڇڏڻ وارن ڪاغذن کي پاسي ۾ رکي چيو هئائين ”ڊاڪٽر صاحب! منهنجي ڄنگهه جي حالت ساڳي آهي!“ ”ٺيڪ ٿي ويندي!“ نوجوان ڊاڪٽر لاپرواهيءَ منجهان وراڻيو هو. ”ٽن مهينن کان پوءِ جڏهن تنهنجو پلستر کوليو ويندو تڏهن ممڪن آهي تون ٺيڪ ٿي وڃين.“ پوءِ مان هلڻ جهڙو ٿي ويندس نه سائين!“ ”ٽن مهينن کان پوءِ توکي ٻڌايو ويندو ته تون هلڻ جهڙو ٿي سگهيو آهين يا نه؟ نه ته تنهنجي ڄنگهه جو آپريشن ڪيو ويندو.“ لفظ آپريشن ٻڌي علي ڪنبي ويو هو. نظرون ڀر واري مريض ڏانهن کڄي ويون هئس جنهن جي هٿ ۾ ٽي مهينا لاڳيتو پلستر رهڻ سبب ناسور ٿي پيو هو ۽ جڏهن ٽن مهينن کان پوءِ هو موٽي آيو ته ڊاڪٽر هن جو ڳريل هٿ ڏسي ڪرائيءَ وٽان ڪٽي ڇڏيو هو.
    عليءَ هٿ ٻڌي التجا ڪندي چيو هو ”سائين! منهنجي حال مٿان رحم ڪريو! منهنجي حال گهر ۾ وڌيڪ خراب ٿيندي! مون کي هتي رهڻ ڏيو سائين!“ ”ائين ٿي نه ٿو سگهي.“ ڊاڪٽر چيو ”تو کي اڄ ئي هتان وڃڻو پوندو.“
    ”اسپتال مريض تڏهن ئي ته ڇڏيندو نه جڏهن هن جو مرض ڇڏي وڃي!“ اُميد ڀريل لهجي ۾ عليءَ چيو هو. ”تون هاڻي بچي ويو آهين علي! اسان هت اُنهن مريضن کي رهائيندا آهيون جيڪي مرڻ جي ويجهو هوندا آهن.“
    هن جي اُميدن جو آخري ڏيئو به اُجهامي ويو. تڏهن مايوسيءَ وچان چيائين ”پر منهنجي ڄنگهه ته ذرو به ٺيڪ ناهي ٿي. مان ههڙيءَ حالت ۾ هتان ڪيئن وڃان؟“ ڊاڪٽر چيو ”بابا چيم نه اسان جو ڪم مريض کي بچائڻ هوندو آهي سو توکي بچائي ورتوسين.“
    ”منهنجا ننڍا ننڍا ٻار آهن سائين!“ علي روئي ويٺو.
    ”ڀلا ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟“
    ”منهنجا ٻار بک وگهي مري ويندا. ايڏو عذاب سهي نه سگهندس.“
    عليءَ درد ٻڏل لهجي ۾ چيو ”بس هڪ زهر جي انجيڪشن هڻي ڇڏيو. مون کان پوءِ سج اُڀري يا نه اُڀري مان ته نه ڏسي سگهندس نه!“ عليءَ جا لفظ ٻڌي ڊاڪٽر ڏانهُنس ائين گهوريو هو ڄڻ عليءَ کيس ڪا گار ڏني هجي.
    ڊاڪٽر سخت لهجي ۾ چيو ”بيڪار ڳالهيون ڪري منهنجو وقت نه وِڃاءِ. جيڪي چيو اٿم اُنهيءَ تي عمل ڪر.“
    ”پر منهنجي ڄنگهه ته....“
    جملو ڪٽيندي ڊاڪٽر چيو ”مان ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. هاڻي ئي پنهنجي وڃڻ جو بندوبست ڪري وٺ.“ ايترو چئي ڊاڪٽر اُتان اڳتي وڌي ويو هو. ڊاڪٽر جي وڃڻ کان پوءِ عليءَ پنهنجي پٽ سجاد ۽ ڀائٽئي لطيف ڏانهن ڏٺو هو جيڪي ڪنڌ جهڪايون بيٺا هئا. سجاد جي اکين جون پتليون ڳوڙهن سان ڀريل هيون ۽ لطيف ڪنهن ڳوڙهيءَ سوچ ۾ مبتلا هو.
    ”سجاد!“ عليءَ مايوسيءَ منجهان چيو هو ”سجاد! پيسا کڻي آيو آهين نه پٽ!“
    ”ها بابا!“ چوڏهن سالن جي سجاد وراڻيو. هو پيءُ کي اهڙي رحم جوڳيءَ حالت ۾ ڏسي ڳوڙهن تي ضبط ڪري نه سگهيو. ٻارن جيان پيءُ کي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پيو هو ۽ پوءِ وڏي اُڇنگار ڏئي منهن ٻنهي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو هئائين.
    ”نه رو سجاد!“ عليءَ پاڻ تي ضبط ڪندي چيو هو. ”نه ته مان به....“ هن جي آواز ۾ لرزش اچي وئي. جملو پورو ڪري نه سگهيو. هڪدم اکيون ٻُوٽي ڇڏيون هئائين.
    پوءِ ڪجهه گهڙين بعد پٽ جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي ٽٽل ٽٽل لهجي ۾ چيو هئائين ”سجاد وڃو! پٽ سوزوڪي ڪرائي اچو!“
    اسٽريچر مان لاهي جڏهن عليءَ کي سوزوڪيءَ ۾ ليٽايو ويو تڏهن هن جي خيالن جو سلسلو هڪدم ٽٽي پيو. هو پاڻ کي دنيا جو اُهو ٺُڪرايل ماڻهو تصور ڪرڻ لڳو جو اوچتي ئي اوچتي زماني کان ڪٽجي ويندو آهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهن وٽ ڪو چاهه ناهي هوندو جو پنهنجي پاڻ تي ۽ زماني تي هڪ وڏو ٻوجهه بڻجي ويندو آهي. انهيءَ مهل بغير ڇت واري سوزوڪي هلڻ لڳي ۽ تڏهن هن پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جو ڏانهُنس جوهه پائي ڏسي رهيو هو. ڪجهه لمحن لاءِ پٽ ڏانهن وڌل نظرون ڪڍي وري پنهنجي ڀڳل ڄنگهه ۾ کپائي ڇڏيائين تڏهن بيحد دک کان هو سوچڻ لڳو. ”منهنجي حيثيت هاڻي اُن پرزي جهڙي ٿي پئي آهي جنهن جي ڪا به اهميت ناهي هوندي. مان بيڪار ۽ ڀڳل پرزو آهيان.“ تڏهن هن کي پراڻي ماڊل واري اها ڀڳل ٽٽل ڪار ياد اچي وئي جا گهڻي پراڻي هجڻ سبب رستي جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ رهي وڌيڪ فنا ٿي ويندي آهي ۽ جنهن جي ڪو واهر ڪرڻ وارو نه هوندو آهي ۽ نه ئي ان جي وڌيڪ تباهيءَ تي ڪنهن کي اُونو هوندو آهي.
    هن کي پنهنجي دل ۾ وڍ پوندي محسوس ٿيڻ لڳا. سوزوڪي اسپتال جي احاطي مان نڪري سڌي روڊ مٿان ڊوڙڻ لڳي ۽ هو وري خيالن جي صحرا ۾ ڀٽڪڻ لڳو.
    هو پنجويهن سالن کان ڊرائيونگ ڪندو آيو هو. انهيءَ ڊگهي عرصي ۾ هن کان فقط ٻه حادثا ٿيا هئا. هڪ حادثو کانئنس تڏهن ٿيو هو جڏهن ڊرائيونگ ڪندي کيس پنج سال ٿيا هئا. تڏهن واهه جي مٿان بڻايل ڪچي موريءَ تان بس هيٺ لهي وئي هئس. انهيءَ حادثي ۾ ٻه ماڻهون زخمي ٿي پيا هئا. هڪ جي ڄنگهه ڀڄي پئي هئي ۽ ٻئي جي اک نڪري پئي هئي پر هو بچي ويو هو. کيس معمولي ڌڪ رسيا هئا. انهيءَ کان پوءِ ٻيو حادثو ويهن سالن کان پوءِ ٿيو هئس جنهن ۾ هن جي ساڄي ڄنگهه جي هڏيءَ جا ٽي ٽڪر ٿي پيا هئا. سندس ويهن سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو هو. کيس اها گهڙي ياد آئي جڏهن سپر هاءِ وي تي بس هلائيندي ٽائر نڪري وڃڻ ڪري بس مٿان ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ گاڏي ڪلٽي ٿي پئي هئي.
    هن ٿڌو شوڪارو ڀري مٿي آسمان ۾ ڏٺو جت ڪارن ۽ ڀورن ڪڪرن جي سج سان اکٻوٽ راند ٿي رهي هئي. هاڻ هن کي پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچڻ لڳا. جڏهن هو راند ڪندي تيزيءَ سان ڊوڙندو هو ۽ ايترو ته تيز ڊوڙندو هو جو ڇوڪرا سندس ڊوڙ جا مثال ڏيندا هئا. هن کي اسڪول وارو اُهو دؤر ياد آيو جڏهن ٻارن جو ڏينهن ملهايو ويو هو ۽ ان ڏينهن ٻارن جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي هن پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. تڏهن هيڊماستر ڪيئن نه گهڻو خوش ٿي پٺي ٺپي چيو هئس ”تون ته ڀڄڻو گهوڙو آهين!“ انهن ڏينهن جي ياد سندس اکين مان ڳوڙها بڻجي وهڻ لڳي.
    هن پنهنجي ڄنگهه ڏانهن ڏٺو. اڄ هن جي هيٺان ٻه سَوِڙيون وڇايل هيون جن جي مٿان هو سڌو سنئون ليٽيل هو. سندس سڄي ڄنگهه اڇي پلستر سان ويڙهيل هئي ۽ پلستر ڄنگهه کان وٺي سيني تائين ويڙهيل نظر اچي رهيو هو.
    سوزوڪيءَ آهستي آهستي هلندي هڪ ننڍي ناليءَ تان هلڪو ڌِڏڪو کاڌو. ان ڌڏڪي سبب سندس ڀڳل ڄنگهه جوڙ وٽان ٿوري سرڪي وئي. تڏهن بيحد عذاب مان کانئنس دانهن نڪري وئي. هن کي اوڏيءَ مهل ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪنهن تيزاب جو ڀريل شيشو سندس ڦٽن مٿان هاريو هجي. شديد تڪليف کان پوءِ ساهه مُنجهڻ لڳس ۽ جسم جو سمورو رت منهن ۾ مڙي آيس.
    سخت تڪليف وارين انهن گهڙين ۾ ڏاڍي روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين ”سجاد! ڊرائيور کي چئُه ته گاڏي آهستي هلائي!“ پيءُ جي اهڙي حالت ڏسي سجاد جي منهن مان رت ئي ڇڏائجي ويو. هن ڳيت ڏئي ڊرائيور کي سوزوڪي آهستي هلائڻ لاءِ چيو ۽ سوزوڪيءَ جي رفتار وڌيڪ ڍري ٿي وئي ۽ سُست رفتار سان ڪارين، موٽرن، رڪشن ۽ ٽانگن جي درياهه مان هلندي ايلائيٽ سينيما کان ٿيندي صدر روڊ مٿان ڊوڙڻ لڳي. فوٽ پاٿ جي ڀر سان اُٺ گاڏن جي ڊگهي قطار بيٺل هئي ۽ انهن جي ڀر سان دوائن جي هڪ ڪمپنيءَ واري پڪ اپ بيٺل هئي جنهن جي مٿان ٻه امپلي فائر ٿيل هئا جن منجهان انهيءَ ڪمپنيءَ جي مشهوريءَ لاءِ ڪن ڦاڙ آواز گونجي رهيا هئا.
    سوزوڪي هاڻي لاهيءَ تان هيٺ لهڻ لڳي هئي. انهيءَ عرصي ۾ هو پنهنجي ڀائٽئي لطيف جي موجودگيءَ کي ڄڻ ته وساري چُڪو هو. اوچتو لطيف جو خيال ڪنهن بس جي وسريل نمبر وانگر سندس ذهن ۾ آيو. هن لطيف ڏانهن ڏٺو جو سندس پيرن کان چپ چاپ ويٺو هو.
    ”ادي کي بيمار ٿئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟ لطيف!“ عليءَ ڳالهائڻ جي سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ ائين پڇيو.
    ”ٻه هفتا کن ٿيندا چاچا!“ لطيف وراڻيو. ”حادثي جي تار بابا کي وڌيڪ بيمار ڪري ڇڏيو هوندو.“
    علي وري خاموش ٿي ويو. هن شايد وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو. ان لاءِ لطيف منجهان نظرون هٽائي ڇڏيائين.
    لطيف جا گهر وارا جڏهن به عليءَ ڏانهن ايندا هئا ته هو کين ڏاڍو مان ڏيندو هو. رڳو عليءَ جي پهرين زال ساڻن کيٽو ڪندي هئي ۽ جڏهن به کيٽو ڪندي هئي ته علي کيس مارڪٽ ڏئي خاموش ڪري ڇڏيندو هو ۽ هوءَ ساڻن وڙهڻ ڇڏي ڏيندي هئي. مار کائي ماٺ ٿي وڃڻ سندس پراڻي عادت هئي. سو علي کين ڏاڍو مان ڏيندو هو. هو هنن کي راڻي باغ گهمائيندو هو ۽ پنهنجي بس ۾ ڪراچيءَ جا چڪر ڏياريندو هئن ۽ جڏهن هو واپس گهر ڏانهن ورندا هئا ته کين سوکڙيون پاکڙيون ڏئي روانو ڪندو هو. لطيف جن گهڻو ڪري گرمين جي ڏينهن ۾ ايندا هئا. تن ڏينهن ۾ علي هنن لاءِ ميرپور مان خاص انب آڻيندو هو جيڪي ٽوڪرن جا ٽوڪرا هوندا هئا.
    هو خرچ ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. جيڪي ڪمائيندو هو سو کپائي ڇڏيندو هو. انهيءَ سبب هو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي لاءِ ڪا غريباڻي جاءِ به نه اڏي سگهيو هو. هو سرفراز ڪالونيءَ ۾ هڪ کڏ جهڙيءَ جاءِ ۾ رهندو هو جنهن جي مسواڙ ماهوار هڪ سئو رپيا هوندي هئي.
    تلڪ چاڙهيءَ تان لهندي عليءَ جي نظر هڪ گڏهه گاڏي مٿان پئي جنهن تي انبن جا ٽوڪرا سٿيل هئا. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. کيس پنهنجي حيثيت کوٽي سڪي جيتري محسوس ٿيڻ لڳي.
    سوزوڪي تلڪ چاڙهيءَ کان ڦرندي سرفراز ڪالونيءَ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. تڏهن عليءَ هڪ تيز رفتار بس ڏانهن ڏٺو جيڪا زوڪاٽ ڪندي اڳتي وڌي وئي هئي ۽ ذري گهٽ سوزوڪيءَ سان ٽڪرائجي وئي هئي.
    ”لطيف!“ عليءَ ڏانهنس ڏسندي چيو ؟اها بس ڪراچيءَ پئي وڃي نه!“
    لطيف هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”جڏهن ٻئي ڀيري آئين نه لطيف! ته مان توکي پنهنجي بس ۾ ڪراچيءَ وٺي هلندس!“ عليءَ چيو.
    ”ها چاچا!“ لطيف رڳو ايترو چئي چپ ٿي ويو.
    ”۽ ٻڌ لطيف!“ عليءَ چيو ”ڀاڄائيءَ ۽ انور کي به وٺي...“ پر پوءِ لطيف کي پنهنجي ڀڳل ڄنگهه ڏانهن ڏسندي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. پنهنجي اپاهج ٿي وڃڻ جو ڏکوئيندڙ احساس هن کي اندر ئي اندر ڪورڻ لڳو.
    هڪ ڊگهو شوڪارو ڀري مٿي آسمان ڏانهن ڏٺائين جت اڇن مٿان ڪارا ڪڪر تيزيءَ سان پکڙبا پئي ويا. اوچتو ڪڪرن منجهان نڪتل گجندڙ آواز ٻڌي هو پريشان ٿي ويو ۽ تڏهن هن سوچيو ”جيڪڏهن مينهن وسي پيو ۽ منهنجي ڄنگهه جو پلستر پسي ويو ته......“ ان کان اڳتي هو سوچي نه سگهيو. خوف وچان اکيون ٻوٽي ڇڏيائين پر پوءِ به هو ڪڪرن جو گوڙ گهمسان ٻڌي رهيو هو.


    اوور ٽائيم

    آفيس مان ٻاهر نڪري ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ڏانهن ڏٺم. ٽي ٿي چُڪا هئا. ٻاهر گرم جهولا هلي رهيا هئا. منهنجو گهر آفيس کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي ۽ مون کي وري واپس به ورڻو هو. ان لاءِ تڪڙو تڪڙو هلي رهيو هئس. ڪيترا ئي ڀيرا سوچيو هئم ته اها نوڪري ڇڏي ڏيان جنهن ۾ ڪو سُک نه هو. چين نه هو ۽ ٻين وانگر آفيس ٽائيم کان پوءِ جي آزادي نه هئي پر پوءِ به ٻن ڀينرن، هڪ ڀاءُ ۽ پوڙهيءَ ماءُ جو خيال ايندي ئي پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو هئم ۽ وري ساڳيو ماهوار ٻن سو رپين جي عيوض ساڳي پيڙا ڀوڳيندو هئس.
    مان فوٽ پاٿ تي تڪڙو تڪڙو هلي رهيو هئس ۽ ان کان تڪڙو هلي رهيو هو منهنجو ذهن. سوچن جي دڳ مٿان سوچون، مختلف سوچون، گهر، آفيس، دوائون ۽ وري آفيس. اوسي پاسي جي هر شئي مٿان ڌنڌ ڇانئجڻ لڳو. ان مهل منجهند جا ٻارهن ٿي رهيا هئا. منهنجي آڏو هڙٻاڪين نڪتل هيڊ ڪلارڪ ڳجهه جهڙي سنهي ۽ ڊگهي ڳچي هيٺ جهڪائي فائيل جا پنا اُٿلائي رهيو هو. مان پي بل چيڪ ڪري رهيو هئس. ڇت ۾ لڳل پکو جيتوڻيڪ فل اسپيڊ ۾ هلي رهيو هو تنهن هوندي به گرمي ايڏي هئي جو پگهر ۾ شل ٿي ويو هئس. نرڙ تان پگهر جا قطرا اُگهي وري پنن جي مٿان پين ڊوڙائڻ لڳس. اوچتو هيڊ ڪلارڪ جي ڪرسيءَ مان چرڙاٽ ٿيو. مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو. هو ٻئي ڪمري ۾ وڃي چُڪو هو. انهيءَ مهل منهنجي ڀر ۾ انور پنهنجي ڪرسي منهنجي ڪرسيءَ جي ڀر سان آڻيندي چيو ”سڀاڻي پنهنجا ٽپڙ ٽيشڻ تي اٿئي!“
    ”ڪيئن ڀلا؟“
    ”پاڻ کان روز روز جي ڊبل ڊيوٽي زور آهي.“ ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ”مان وڌيڪ هتي رهي نه سگهندس.“
    ”خاموشيءَ سان ڪم ڪندو رهه!“ ڳنڀير ٿيندي چيم ”رڙين ڪرڻ سان عذاب ڪونه گهٽبو آهي.“
    ”سچ پچ مان هيءَ واهيات نوڪري ڇڏي ڏيندس.“ هن هٿ ۾ جهليل پنن کي مروڙي اُڇلائيندي چيو.
    ”جي اها ڪلارڪي به ڇڏي ڏنئي ته ٻيهر پٽيوالي به ڪانه ملندئي.“
    ”مان بس نوڪري ئي نه ڪندس.“
    ”باقي ڇا ڪندين؟“ سندس اکين ۾ گهوري چيو هئم.
    ”ڇٻي ۾ ڀڳڙا يا لائي کڻي ڪونه وڪڻندس.....“
    ”فوٽ پاٿ تي پنڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ!“ جملو ڪٽيندي چيو هئم ”هت انڌن منڊن کي به ڪو ڪونه ٿو کنگهي.“
    ”نه پيارا!“ مرڪندي چيو هئائين. ”هتان جو مال هُت ۽ هُتان جو مال هِت پهچائيندس.“
    چيو هيم ”ملڪ سان غداري ڪرڻ واري کي جيل اُماڻيو ويندو آ!“
    هو منهنجي مٿان کلڻ لڳو ”تون به.......“ پر جملو پورو ڪري نه سگهيو ڇاڪاڻ جو هيڊ ڪلارڪ اچي چُڪو هو ۽ اسان وري پنهنجي پنهنجي ڪم کي جُنبي وياسين. ڪم ڪندي ڪندي انور مُرڪندي سرٻاٽن ۾ چيو ”مان سڀاڻي لاهور ٿو وڃان. خط لکانءِ ته هليو اچجانءِ!“
    ”مان اچي ڇا ڪندس؟“
    ”اچجانءِ ته ڪنهن لاچي واريءَ سان شادي ڪرائيندوسانءِ!“
    ”ان ڪوئي جي شادي ڇو نه ٿو ڪرائين؟“ ڪوئي جهڙي هيڊ ڪلارڪ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هيم.
    انور کان ٽهڪ نڪري ويو. هو ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. هيڊ ڪلارڪ ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. ”هيء مڇي مارڪيٽ ناهي انور!“ پين جي ٽونٽي بند ڪندي چيو هئائين.
    ”سچ ٿا چئو سائين!“ انور چيو هو ”هي مڇي مارڪيٽ نه مڙدا مارڪيٽ آهي. هتي فقط هڙٻاٽين نڪتل مُڙدا ٻانگون ڏيندا آهن ۽ دنبا ٻرڙاٽ ڪندا.“
    ”بدتميز!“ هيڊ ڪلارڪ جملو ڪٽيندي ايڏي ته زور سان رڙ ڪئي جو سندس وات مان ٿڪ نڪري منهنجي قميص جي کيسي ۾ گهري وئي.
    ”بدتميز تون آهين!“ ٽيبل تي مُڪ وهائيندي انور به ساڳي تيزيءَ سان چيو ۽ پوءِ ڪُرسيءَ تان اُٿي فرش مٿان پراڻي بوٽ سان ٽائيپ ڪندو ٻاهر نڪري ويو.
    ”ڪمينو، ذليل، لوفر ڪنهن جاءِ جو!“ هيڊ ڪلارڪ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي خاموش ٿي ويو ۽ مان ساڳيءَ ريت ڪم ڪرڻ لڳس. ڪم ڪندي ڪندي سُڪل چپن کي زبان سان آلو ڪري دروازي جي پاسي ۾ رکيل دلن ڏانهن نهارڻ لڳس ۽ پوءِ ڪُرسيءَ تان اُتي دلن ڏانهن وڌي ويس. انهيءَ مهل منهنجي نظر دروازي جي ٻاهران ايندڙ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ مٿان پئي. هوءَ مون ڏانهن اچي رهي هئي. مون اڳ به ان ڇوڪريءَ کي ڪيترا ئي ڀيرا آفيس جي ٻاهران ايندي ويندي ڏٺو هو. سنس هڪڙي هٿ ۾ سرن وارو ٻهارو ۽ ٻئي هٿ ۾ شيشي جو گلاس پڪڙيل هو. منهنجي ڀر سان ايندي چيائين ”سائين! هيءُ گلاس رکو ته مان سرڪٽ هائوس مان ڪم لاهي کڻي ٿي وڃان.“ مون هن جي تکي گهور کان پنهنجون نظرون جهُڪائي ڇڏيون. هُن وري چيو ”سائين! دروازي جي پويان رکي ڇڏيو. مان ڪم لاهي جلدي کڻي ٿي وڃان.“ هن جي آواز ۾ التجا هئي. سندس چهري ڏانهن ڏٺم. چپن تي هلڪي مُرڪ تري آيس. هن جي خوبصورت چهري جا نقش ڪنهن به مسلمان ڇوڪريءَ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هئا. مون کانئنس گلاس وٺي ڊرائينگ ٽيبل مٿان رکيو ۽ پوءِ هوءَ مُرڪندي اُتان هلي وئي. ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺم. هيڊ ڪلارڪ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ منجهان مون ڏانهن گهوري رهيو هو. مان پاڻي پي اچي ڪرسيءَ تي ويٺس.“
    ”مسٽر شوڪت! هيءَ آفيس آهي.“ تارا ڦوٽاري چيائين. خار منجهان وراڻيم ”مون ڪڏهن چيو ته مسجد آهي؟“
    ”تون ۽ انور حد کان وڌي ويا آهيو. مان توهان جي شڪايت اڄ وڏي صاحب سان ضرور ڪندس.“ هن ڪاوڙ وچان ڪاربان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪندي چيو.
    مون فائيل ۾ نظرون کپائي ڇڏيون. کيس ڪوئي جواب نه ڏنم پر هو ڀُڻ ڀُڻ ڪندو رهيو ۽ مان خاموشيءَ سان ڪم ڪندو رهيس. لڳاتار ڪم ڪرڻ سبب ذهن نستو ٿي ويو هو. ڪر موڙي اوٻاسي ڏئي هيڊ ڪلارڪ ڏانهن ڏٺم. هو چشمو صاف ڪري رهيو هو. مان وري بي دليو ڪم ڪرڻ لڳس. انهيءَ مهل وڏي صاحب جو بندرو پٽيوالو جنهن کي بندري قد هجڻ ڪري ٽيڊي سڏيندا آهن ڪاغذ کڻي هيڊ ڪلارڪ ڏانهن آيو. هيڊ ڪلارڪ ڪاغذ وٺي کيس پاڻي آڻڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ ڪاغذ پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ٽيڊيءَ وڏيءَ تعظيم وچان پاڻي ڀري هيڊ ڪلارڪ کي آڻي ڏنو ۽ هُو اُڃ جي شدت کان تڪڙا تڪڙا ڍُڪ ڀري پيئڻ لڳو. پاڻي پيئندي پيئندي اوچتو کانئنس ائين ڇرڪ نڪري ويو ڄڻ ڪرسيءَ هيٺان ڪو ٻٻر جو وڻ ڦُٽي نڪتو هجي. ”اڙي انڌيءَ جا! هن گلاس ۾ پاڻي ڇو ڏنئي؟ هيءُ ته ڀنگياڻيءَ جو آهي.“ هن فرش تي ٿڪون اُڇليندي چيو.
    ٽيڊي هراسجي ويو ڄڻ ته ڪا چوري ڪندي سڳ سوڌو جهلجي پيو هجي. ڳيت ڏئي نٻل آواز ۾ چيائين ”سائين! ان ۾ منهنجو ڏوهه ناهي.“
    ”نه ته وري پڻهين جو ڏوهه آهي!“
    مسڪين صورت بڻائيندي ٽيڊيءَ وراڻيو ”ڀلا سائين! مون کي ڪهڙي خبر ته اهو گلاس ڀنگياڻيءَ جو آهي؟“
    هيڊ ڪلارڪ مون ڏانهن ڪاوڙ ۾ گهورڻ لڳو ۽ پوءِ گلاس سيمينٽ جي فرش تي زور سان ڦهڪائي ڪڍيائين جنهن سبب پورو ڪمرو ڇڻ ڇڻ جي آواز سان گونجي ويو. تڏهن هراسيل ٽيڊي تڪڙ ۾ ٻئي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
    ”سڄو ڏوهه تنهنجو آهي.“ هيڊ ڪلارڪ مون ڏانهن گهوريندي چيو.
    ”سائين! اهي به ته آخر انسان آهن.“
    ”هڪ غلط ڪم ڪيو اٿئي ۽ مٿان وري انسانيت جو ٺيڪيدار بڻجي مون کي ليڪچر ٿو ڏين.“ ڏند ڪرٽيندي چيائين. ”مان تنهنجي ۽ انور جي شڪايت وڏي صاحب سان ضرور ڪندس. توهان ڇا سمجهيو آهي ڙي؟“
    چيم ”سائين! فرض ڪريو جي اوهان انهيءَ ڇوڪريءَ جي جاءِ تي هجو ها......“
    ”تميز سان ڳالهاءِ!“ تارا ڦوٽاري چيائين. ”مون مسلمان کي ٿو ڀنگي بڻائين. ڀنگين جي اولاد هوندين تون پاڻ!“ ڄڻ ته ککر کي ڀتر لڳي ويو هو. بار بار ساڳي ڌمڪي ٿي ڏنائين. ”تون ائين ڪونه سُڌرندين! مان پنهنجي شڪايت اڄ ئي وڏي صاحب سان ڪندس.“
    مان خاموشيءَ سان فائيل جا پنا اُٿلائڻ لڳس. هن جي اڻوڻندڙ موجودگيءَ سان ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. ٽائيم ڏٺم ته آفيس ٽائيم پورو ٿي چُڪو هو. اُٿندي چيم ”شام وري موٽي ته نه اچان سائين!“
    ”ضرور اچجانءِ!“
    فائيل ٽيبل جي خاني ۾ بند ڪري چيم ”جيڪو ڪم هيو سو ته پورو ڪري ڇڏيم. باقي وري ڇو اچان؟“
    ”جي جو ڍير ايسٽيميٽون رلن ٿيون پيون.“ ٽيبل مٿان رکيل پنن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين. ”اهي ڏسين ئي نه ٿو ڇا؟“
    رت ٽهڪڻ لڳو. جڪ کائي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ”روزانو ڊبل ڊيوٽي ڏيڻ عجيب مصيبت آهي.“ چپن ۾ ڀُڻڪو ڪيم.
    ”انهيءَ ۾ منهنجو ڏوهه ته ناهي. وڏي صاحب جو آرڊر آ!“ مون ڏانهن گهوريندي چيائين. ”همٿ اٿئي ته سامهون چئينس!“
    دل ۾ آيو ته پيپر ويٽ مٿي ۾ هڻي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيانس پر پوءِ ڏند ڪرٽي خاموش ٿي ويس. ان مهل ٽيڊي پٽيوالو آيو جنهن هيڊ ڪلارڪ کي وڏي صاحب جي ياد ڪرڻ جو اطلاع ڏنو ۽ هو تڪڙ ۾ چشمو صاف ڪندو صاحب ڏانهن هليو ويو. مون آرس ڀڃي ٽائيم ڏٺو. اڍائي ٿي رهيا هئا. مون اُٿڻ جي ڪئي. ٻاهر جهولي سبب نم جا پن ڇڻي رهيا هئا. مان ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺس ۽ جيئن ئي اڳتي وڌيس ته ڏٺم. اُها ساڳي ڇوڪري مون ڏانهن اچي رهي هئي. مان دروازي ڏانهن وڌي ويس. جهيڻي آواز ۾ هُن چيو ”سائين! منهنجو گلاس ڏيو! ڏاڍي اُڃ لڳي اٿم!“ هوءَ خشڪ چپن تي زبان ڦيرڻ لڳي.
    هڪ لمحي لاءِ هن جي گلاس ڀڄڻ جي گهٻراهٽ مون ۾ واسو ڪري وئي پر پوءِ سنڀالي ورتم ۽ آفيس واري گلاس ۾ کيس پاڻي ڀري ڏنم. تڏهن هوءَ حيرت وچان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي! چيم ”پاڻي پيءُ! سڀ انسان برابر آهيون.“
    نرڙ تان پگهر اُگهندي چيائين ”توهان جي مذهب ۾ ته....“
    جملو ڪٽيندي چيم ”منهنجو مذهب انهيءَ جي اجازت ڏئي ٿو. گهٻراءِ نه! تون بي ڌڙڪ ٿي پاڻي پيءُ!“ هن ٿوري مڃيندڙ نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو. مون ڪنڌ ڦيري آفيس جي اندرئين دروازي ۾ اکيون کپائي ڇڏيون جتان هيڊ ڪلارڪ اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ڇوڪريءَ جڏهن پاڻي پي گلاس خالي ڪري ڇڏيو تڏهن مون کيس رپيو ڪڍي ڏنو. چيو مانس ”اسان جي هيڊ ڪلارڪ کان تنهنجو گلاس ڀڄي پيو آهي. هيءُ رپيو وٺ! ٻيو وڃي وٺجانءِ“
    کن پل لاءِ غير شعوري طور هن ۾ هلڪي جهجهڪ رهي پر پوءِ رپيو وٺي دروازي کان ٻاهر نڪري وئي. مان پاڻي پيئڻ وارو ئي هئس جو آواز آيو. ”ان گلاس ۾ ڀنگياڻيءَ کي پاڻي ڇو ڏنئي؟“
    پوئتي موٽي ڪرسيءَ تي ويهندي چيم ”سائين! هن کي اُڃ لڳي هئي ۽ توهان هن جو گلاس به ته ڀڃي ڇڏيو هو نه!“
    ”تنهن جو مطلب ته تو مون کان بدلو ورتو!“
    ”نه سائين!“ ڏانهُنس ڏسندي چيم ”اُڃايل کي پاڻي پيارڻ هر مذهب ۾ جائز آهي.“
    هو ڪاوڙ ۾ اُٿيو. گلاس ٻاهر ڦٽو ڪندي چيائين ”وري اهڙي ذليل حرڪت نه ڪجانءِ مسٽر شوڪت! اسان مسلمان آهيون. ڀنگي ناهيون. سمجهئي!“
    مان وڃڻ لاءِ اُٿي بيهي رهيو هئس. ”موٽي ضرور اچجانءِ! نه ته...“
    خيالن جو اهو سلسلو سامهون گڏهه گاڏي ۽ ڪار جي ٿيندڙ ايڪسيڊنٽ ٽوڙي ڇڏيو. منهنجا قدم اوڏانهن وڌڻ لڳا. ڪار منجهان هڪ سوٽ ڪوٽ پهريل ٿلهو شخص هيٺ لٿو جنهن بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي پنجاهه جو هڪ نوٽ ڀڳل گاڏي جي زخمي مالڪ کي ڏنو. هن پيسن جي زبان ۾ گڏهه گاڏي جي مالڪ سان همدردي ڪئي ۽ پوءِ هڪ جهٽڪي سان ڌوڙ اُڏائيندو ڪار ڀڄائي ويو.
    هاڻي منهنجا پير پنهنجي گهر ڏانهن وڌڻ لڳا هئا. گهر ۾ داخل ٿيس. منهنجي ڀيڻ زرينا دال جو وٽو ۽ جوئر جي ماني منهنجي آڏو رکي. پڇيو مانس ”امان ڪاڏي وئي آهي زرينا!“
    ”اياز کي اسپتال وٺي وئي آهي!“
    ”بخار ڪيئن هئس؟“ تڪڙ ۾ کانئنس پڇيم.
    ”ڪجهه فرق مڙئي پيو اٿس.“ وراڻيائين.
    مون اونهون شوڪارو ڀريو. ”چڱو پاڻي ڏي!“ ماني کائيندي چيم.
    هوءَ پاڻي ڀري آئي. مون ماني کائي پوري ڪئي تڏهن چيائين ”ادا! سڀاڻي امتحان جي فيءَ جي آخري تاريخ آهي. پنجاهه رپيا ڏيو!“
    ”پنجاهه رپيا!“ کيسي ۾ هٿ هڻي ڀُڻڪو ڪيم. کيسي ۾ ڪل پنج رپيا پيا هئا. تڏهن نهايت پريشانيءَ وچان مان ڇت ڏانهن گهوري سوچي رهيو هئس. جيڪر ان ڪار جو ايڪسيڊنٽ مون سان ٿئي هان!“
    ”ڇا ٿا سوچيو ادا؟“
    چيم ”شام هيڊ ڪلارڪ صاحب کان ايڊوانس گهرندس!“
    ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيائين ”ادا! توهان جي هيڊ ڪلارڪ جي شادي ٿيل آهي؟“
    حيرت جي ڌوڙ ۾ ذهن لٽجي ويو. اُتاولو ٿي پڇيم ”اهو ڇو ٿي پڇين زرينا؟“
    ”ائين ئي ادا!“ هوءَ لنوائڻ لڳي.
    ”سچ ٻڌاءِ زرينا!“ ڏانهُنس نهاريندي چيم. ”مان وسوسن جي ڄار ۾ ڦاسي رهيو آهيان.“
    هوءَ وائڙن وانگر مون ڏانهن ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ نظرون جهُڪائيندي چيائين ”ادا! مان هن جي زال ۽ ڌيءُ سان ساهيڙپ رکڻ ٿي چاهيان.“
    اطمينان جو شوڪارو ڀريم. چيومانس ”جي هن جي شادي ٿيل هجي هان ته واقعي زرينا تنهنجي تمنا پوري ٿي سگهي هان!“ مان کيس حيران ڇڏي دروازي کان ٻاهر نڪري آيس. منهنجا پير وري آفيس جي دڳ مٿان هلڻ لڳا. ”جي هيڊ ڪلارڪ پنجاهه رپيا نه ڏنا ته پوءِ؟“
    چئواٽي تي اچي پريشان ٿي بيهي رهيس. ”ته پوءِ پنهنجو رت وڪڻي پورت ڪندس.“ مون دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ۽ وري تڪڙو تڪڙو آفيس ڏانهن وڌڻ لڳس. واچ ۾ ٽائيم ڏٺم. پنج ٿي چڪا هئا. آفيس جي ٻاهرين گيٽ منجهان اندر داخل ٿيس. آفيس بند ٿي چڪي هئي. تڏهن پريشانيون واچوڙي وانگر وڪوڙي ويون. مان حيران ۽ پريشان هيڊ برانچ جي نالي ڏانهن گهوري رهيو هئس. انهيءَ مهل غفور چوڪيدار کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺم ته کانئنس پڇيم ”غفور! آفيس بند ٿي وئي ڇا؟“
    ”ها سائين! وڏو صاحب ڪار ۾ ڪيڏانهن ٻاهر ويو. ان ڪري سڀئي هليا ويا.“
    ائين چئي غفور به اڳتي وڌي ويو ۽ مان واپس ورڻ لاءِ سوچي ئي رهيو هئس جو زرينا جي في ياد پئجي وئي.
    مان هيڊ ڪلارڪ کان پنجاهه رپيا ايڊوانس وٺڻ لاءِ سندس ڪوارٽر ڏانهن هلڻ لڳس. وڏيون وڏيون وکون کڻندو تڪڙو تڪڙو هلندو رهيس. ٻين ڪوارٽرن کي ڇڏي هيڊ ڪلارڪ جي آخري ڪوارٽر تي پهچي بيهي رهيس. دروازو اندران بند هو. در کڙڪائڻ لاءِ جيئن ئي ڪڙي ۾ هٿ وڌم ته اندران ڄاتل سُڃاتل آواز ٻڌي هٿ ڪڙي ۾ مضبوط ٿي ويو.
    اندران آواز اچي رهيو هو. ”مون کي پنجاهه رپيا ڏيندين نه؟“
    ”کوڙ پنجاهه رپيا!“
    ڪڙي منجهان هٿ ڪڍي ڏڪندڙ دل سان جيئن ئي دروازي جي وٿيءَ مان جهاتي پاتم ته اندريون منظر ڏسي حيرت جا پهاڙ ڪري پيا.
    هيڊ ڪلارڪ جا چپ اُن ڇوڪريءَ جي چپن کي ڇُهي رهيا هئا جنهن کي معاشري ٻهارو ڏئي ڀنگياڻي بڻائي ڇڏيو هو.


    شڪست

    آچر جو ڏينهن هو. عام موڪل هئي تنهن ڪري هو ڏينهن چڙهيي تائين سُتو پيو هو. نو ٿي ويا هئا پر هن جي ننڊ پوري ڪانه ٿي هئي ڄڻ هن جي ننڊ ڪنهن حريص سرمائيدار جي حريص خواهش هئي. هو سڪون منجهان آهستي آهستي ساهه کڻي رهيو هو ۽ تڏهن شمي مٿانهنس آئي هئي. هن جي ڪاوڙيل چهري منجهان هن جا لڪيل اراڌا ظاهر ٿي رهيا هئا. هوءَ ضبط کان ڪم وٺي رهي هئي. ”اڙي اڃان سُتو پيو هوندين ڇا؟“ کٽ جي ڀر سان بيهي ڏند ڪرٽيندي چيائين پر مجال هئي جو هُو اُٿي! شمي ڪاوڙ وچان ڏانهنس گهورڻ لڳي. ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ ٻوڪڙ ڪيائين. ”اُٿ نواب صاحب! نَوَ ٿي ويا اٿئي!“ پر لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو ٻوڙو ٿي ويو هجي يا ٿي سگهي پيو يا ڄاڻي واڻي نٽائيندو هجي. بهرحال شميءَ جي ڪاوڙ ڪلائيميڪس تي پهچي وئي. ”نه ٿو ٻڌين ڇا؟“ هيٺ جهڪي ڪلهي ۾ هٿ وجهي ڌونڌاڙيائين. انور اکيون کوليون – ڪاوڙيل اکيون. دل ۾ چڀي ويندڙ ڳاڙهيون ڳاڙهيون نظرون هُن تي وڌائين. ”ڇا لاءِ رڙيون ٿي ڪرين بدشڪلي! ڪيترو چيو ٿي مانءِ صبح صبح جو منهن بڇڙو نه ڪندي ڪر!“ چوڻ چاهيائين پر ڏند ڪرٽي ضبط ڪيائين. خاموشيءَ سان ڏانهُنس ڏسڻ لڳو. ”نه اجايو کيٽو چڱو ناهي.“ اهو سوچي دل جي ڳالهه دل ۾ دٻائي ڇڏيائين.
    ”اڄ اُٿڻ جي مرضي ڪونه هيئي ڇا؟“
    هاڻي انور ڦاٽ کاڌو ”ڇو منهنجي سمهي رهڻ سان دنيا جو چرخو رڪجي وڃي ها ڇا؟“
    ”منهنجو ساهه ضرور رڪجي وڃي ها!“
    انور ڪو جواب نه ڏنو. شمي کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي مٿي کي هٿ ڏئي ڪجهه سوچڻ لڳي. ٻئي چپ رهيا. ڪا مهل ڪنهن نه ڳالهايو.
    ”خبر اٿئي؟“ شميءَ وقتي خاموشيءَ کي ٽوڙيو. ”گهر ۾ اٽي جي لپ به ڪونه اٿئي!“
    تپي باهه ٿي ويو ”ڇا ٿي چوين؟“
    ”چيم ته اٽو ڪونهي!“ بيزاريءَ مان وراڻيائين.
    انور کٽ تان اُٿي آرس ڀڃي لڱن مان ٺڙڪاٽ ڪڍيا. پوءِ ڳنڀير ٿيندي چيائين ”ڏس شمي قناعت کان ڪم نه ورتئي ته هيءُ گهر تباهه ٿي ويندو.“ هو شميءَ جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳو جيڪا سامهون ڀت ڏانهن گهوري رهي هئي. ”مڃان ٿو ته منهنجي پگهار تنهنجي ۽ منهنجي گهرجن کان گهڻي گهٽ آهي.“ انور چئي رهيو هو ”ڪيئن به سهي پر اسان کي في الحال انهيءَ تي ئي وقت گذارڻو آهي. جي سنڀالي قدم نه کنيونسين ته دنيا ٿڪون هڻندي.“
    شميءَ ڀت مان نظرون هٽائي انور ڏانهن ڏٺو. چيائين ”هاڻي اٽو به وٺي ايندين يا رڳو ڳالهيون ڪري بک ماريندين.“ ۽ هو اُٿيو. وڌيڪ ڪڇڻ بنا بورچي خاني ڏانهن وڌي ويو. ڊالڊا جو خالي دٻو کنيائين ۽ ڪنڌ جهڪائي ٻاهر هليو ويو. گهڻيءَ دير کان پوءِ جڏهن واپس آيو ته خالي دٻو اٽي سان ڀريل هو. هو سڌو بورچي خاني ڏانهن آيو جتي شمي چُلهه ۾ رکيل ڪاٺين کي ڦوڪون ڏئي رهي هئي. دونهين سبب انور جو ساهه گهُٽجڻ لڳو. هو جلدي ٻاهر هليو آيو ۽ اڱڻ تي پيل کٽ تي ويهي رهيو. هو مٿي کي هٿ ڏئي دڪاندار سان ڪيل گفتگوء، موٽ ۾ رکي جواب، پوءِ ٻانهون ٻڌڻ ۽ ايلاز ڪرڻ واري پنهنجي گهٽتائيءَ بابت سوچي رهيو هو جو اوچتو شميءَ جي آواز هن جي سوچن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. ”هي اٽو آندو اٿئي!“ دٻو ڌرتيءَ تي رکندي ڪاوڙ مان چيائين. ”ميرو جهڙو مٽي – ان کان ته مٽيءَ جي جهول ڀري اچين ها!“
    ”تنهنجي مٿي ۾ وجهان ها ڇا؟“
    ”دڪاندار جي ڏاڙهيءَ ۾ وجهي اچين ها جنهن ههڙو اٽو ٿڦيو اٿئي. ماريو مئو – حرام کائڻو!“
    چماٽون هڻڻ ۽ وارن پٽڻ تي دل چاهڻ لڳس پر مٿي کي هٿ ڏئي هڪ وڏو شوڪارو ڀري خاموش ٿي ويو.
    ”هيء موٽائي ٻيو وٺي اچ! سمجهيئي نه؟“
    انور چيو ”موٽائي ڏنومانس ته حرامي اصل اوڌر ئي نه رکندو. ڪڏهن اهو به سوچيو اٿئي ته ڪيڏو ته ذليل ٿي وٺي اچڻو ٿو پوي. اڄ ته اصل ڏئي ئي نه پيو. ٻانهون ٻڌيون ٿي مانس تڏهن ڏنو اٿائين.“ هو هن جي منهن ڏانهن گهورڻ لڳو. ”هڪ هڪ جي آڏو ذليل ڪرايو اٿئي. اڃان ڇا مرضي اٿئي؟“ ڪاوڙ مان چيائين. ”وس نه ٿو پڄي نه ته جيڪر.....“
    شميءَ وراڻيو ”نه ته جيڪر گهر مان ڪڍي ڇڏين! ائين نه؟“ ”نه مان پاڻ ٿو نڪري وڃان.“ پوءِ ڪاوڙ مان گهران ٻاهر نڪري آيو ۽ اجايو رستن تي رلڻ لڳو. هن آوارن ماڻهن جيان گهمڻ ٿي چاهيو. هن رلڻ ٿي چاهيو. بي مقصد، اجايو ۽ اڄ هن رلڻ جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. هو هلي هلي ٿڪجي پيو. هن جي گوڏن ۾ سور پئجي ويو. هن جو سنڌ سنڌ سور ۾ ڏکڻ لڳو. تڏهن به هن رلڻ کان بس نه ڪئي پر اوچتو هن محسوس ڪيو ته هو هاڻي ڪري پوندو. تڏهن سامهون باغ جي گهاٽن پنن سان ڍڪيل ڊگهن وڻن تي نظر پئي هئس. هن محسوس ڪيو ڄڻ اهي وڻ هن ڏانهن واجهائي رهيا آهن. پنهنجي گهاٽي ڇانوَ ۾ سڪون ڏيڻ لاءِ کيس سڏي رهيا آهن. هن سوچيو ”مون کي باغ ۾ ويهڻ گهرجي.“ ۽ پوءِ هو تجر باغ ڏانهن رڙهي ويو. باغ ۾ ماڻهو ٽولا ٽولا ٺاهي ويٺا هئا. ڪي تاس راند کيڏي رهيا هئا ته ڪي گپ شپ هڻي وقت ڪٽي رهيا هئا. هو ڪنڊ ۾ رکيل هڪ خالي بئنچ ڏانهن وڌي ويو. بئنچ جي ڀر سان ئي سائي ڇٻر تي ماڻهو تاس راند کيڏي رهيا هئا ۽ انهن جي سامهون توت جي وڻ هيٺان هڪ پوڙهو مالشي هڪ ٿلهي شخص کي زور ڏئي رهيو هو. هن هڪ نظر ان مالشيءَ ۾ وجهي منهن ڦيرائي ڇڏيو. پوءِ سست رفتار سان هلندو بئنچ تائين پهچي ويو ۽ اُن مٿان ڄنگهون ڊگهيري ليٽي پيو. هن سوچيو ”ان پوڙهي کي ڇا ملندو؟ انساني آزاديءَ جي سڏجندڙ هن دؤر ۾ هيءُ پوڙهو ڪيترو ته مجبور ۽ بيوس آهي؟ ۽ مان - مان وري ڪهڙو خوش آهيان! مان به ته مجبور آهيان – مان به ته پائيءَ پائيءَ لاءِ محتاج آهيان.“ ٿڌو شوڪارو ڀريائين. اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي وهڻ کان روڪڻ لاءِ اکيون ڇنڀڻ لڳو. پوءِ زوريءَ اکيون ٻوٽي سمهي پيو ۽ جڏهن سج جا پاڇا لڙي ويا ۽ هن جي مٿان پوندڙ ڇانوَ اُس ۾ بدلجي وئي تڏهن هن اکيون کوليون. پنهنجي پسگردائيءَ ۾ ڏٺائين. تاس کيڏڻ وارا وڃي چُڪا هئا پر توت هيٺان پوڙهو مالشي اڃان ان شخص کي زور ڏئي رهيو هو جيڪو جسماني ۽ سماجي حيثيت ۾ پوڙهي مالشيءَ کان آسمان جيان اوچو ۽ ويڪرو هو. هن ڪنڌ ڦيري ڇڏيو. پوءِ اکيون مهٽي اوٻاسيون ڏنائين ۽ وري ساڳيو گهر ڏانهن----
    هن پنهنجو مٿو ڳرو محسوس ڪيو. ”شايد بخار ٿي پيو آهي تڏهن ته مٿي ۾ سور ۽ لڱ به گرم آهن. مٿو ڳورو ٿي لڳو يا دير تائين سمهڻ ڪري.....“ ”پري! پري! بيماري! مري ويندين!“ هڪ گڏهه گاڏي واري رڙ ڪري انور کي ڄڻ ته چوچوڙي لڳائي ڇڏي. ”مري ويندين! ٻچُو! خيال سان هل!“ هن جي ڀر سان گڏهه گاڏو اڳتي وڌائي ٻيهر چيائين. انور جي دل ۾ آيو ته هو گڏهه گاڏي واري کي هڪ اُگهاڙي گار ڏئي ڪڍي پوءِ ڀل ان تي جهيڙو ڇو نه ٿي پوي. ”ذليل، ڀيڻ جو......“ پر فقط ڀڻڪو ڪيائين. ڏند ڪرٽي ڳاڙهيون اکيون ويندڙ گڏهه گاڏي واري ۾ کُپائي ڇڏيائين. ڪجهه گهڙين کان پوءِ پڇتاءَ جو احساس ٿيس.
    ”مان اهڙو چيڙاڪ ڇو ٿي پيو آهيان؟ مون کي هڪدم ڪاوڙ ڇو ٿي اچي وڃي؟ آخر ان گڏهه گاڏي واري......“
    ”کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي ڇا؟“
    ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺائين. پوءِ اوڏانهن وڌڻ لڳو جتان آواز آيو هو. چهري تي زوريءَ مرڪ آڻي آواز ڏيندڙ نثار ڏانهن هٿ وڌايائين. پوءِ ساڻس گڏ بيٺل منير ۽ قمر کي به ڀاڪر پاتائين.
    ”ڪهڙا حال اٿوَ؟“ رسمي خير عافيت.
    موٽ ۾ نثار وراڻيو ”حال اهي آهن جو اڄ اٺون ڏينهن آهي تنهنجي شهر ۾ نازل ٿئي ۽ انهن اٺن ڏينهن ۾ تنهنجي گهر جا گهٽ ۾ گهٽ ايڪويهه چڪر لڳائي چڪا آهيون پر تون ته الائي ڪهڙي سياري تي پيو وسين؟“
    ”مان اسڪول هوندو آهيان پر توهان کان منهنجو اسڪول ڳجهو ته نه هو.“
    ”يار! ايڏانهن ته خيال ئي نه ويو.“ انور هڪدم محسوس ڪيو ته اهو سمورو زٽ هن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ هنيو ويو هو.
    منير جيڪو چپ هيو تنهن به پنهنجا چپ چوريا. ”منهنجي خيال ۾ روڊ تي بيهي ڳالهائڻ کان چڱو آهي ته ڪنهن جاءِ تي هلي ويهون. ٿڪ به لهي ويندو ۽ ....“ نثار هڪدم چئي ڏنو ”ته پوءِ هوٽل تي ٿا هلون!“ پوءِ ٽيئي ڄڻا ڀر سان چوراهي تي ٺهيل نئين هوٽل ڏانهن وڌي ويا. هوٽل اندر سامهون ٽي ڪرسيون هڪ سائيڊ ۾ خالي هيون ۽ هڪ ٽين نمبر لائين ۾. هو ٽئي خالي ڪرسين تي وڃي ويٺا ۽ انور ٽينءَ لائين مان ڪرسي کڻي هنن جي ڀر سان اچي ويٺو.
    ”تنهنجي شاعريءَ جا ڪهڙا حال آهن؟“
    انور وراڻيو ”ڪڏهن ڪڏهن ڪو شعر مڙئي لکي وٺندو آهيان.“
    ”اڙي يار! تون ته هت به شاعري ڪرڻ لڳين!“ ٻاهران ويٺل منير چيو ۽ پوءِ ٽئي کلڻ لڳا پر انور هنن جي کلڻ ۾ هنن جو ساٿ نه ڏنو. بيرو اچي جڳ ۽ گلاس رکي هليو ويو.
    ”ڪڏهن ڪڏهن ڪو شعر.“ نثار ائين چئي وري کلڻ لڳو. ”ڇا آڻيان سائين؟“ بيري پڇيو. هو ٽئي ڪنڌ جهڪائي کلي رهيا هئا ۽ هي ٻاهران ٻاهران خاموش ويٺو هو. ان لاءِ ٽنهي وانگر آرڊر ڏيڻ کان لنوائي نه سگهيو. ”چار چانهيون کڻي آ!“
    ”يار مان ته ڪوڪ پيئندس.“ منير هڪدم کل روڪي ڪنڌ مٿي کڻي چيو. ”مان ته اصل کان چانهن پيئندو ئي ناهيان.“
    ”چڱو!“ ذري گهٽ روئندي انور چيو ”ٽي چانهيون ۽ هڪ ڪوڪا ڪولا کڻي آ!“
    پوءِ جڏهن گپ شپ هڻي گهڻيءَ دير کان پوءِ اُٿيا ته انور فقط اهو ڏيکارڻ لاءِ ته بل هو ڀريندو ڪائونٽر ڏانهن وڌي ويو ۽ هو اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته هو بل نه ڀريندا ڏاڍي مزي سان هوٽل کان ٻاهر وڃي بيٺا. انور جي سڄي جسم ۾ ڪنبڻي اچي وئي.
    ”معاف ڪجو سائين! ائين ٿي نه ٿو سگهي ته اهي پئسا مان سڀاڻي ڏئي وڃانوَ؟“ انور ڪائونٽر تي ويٺل سنهڙي شخص کي چيو.
    ”نه سائين! ائين ٿيڻ ناممڪن آهي. ڏسو! هي ڪو ئي ٻاڪڙا هوٽل ته آهي ڪونه جو ويٺا قرض جون بنديون ٺاهيون. بل توهان کي هاڻي جو هاڻي ڏيڻو پوندو.“
    ”توهان جو ڀاءُ غلام حسين مون کي سڃاڻندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پئسا کُٽي پوندا آهن ته هو قرض رکندو آهي پر يقين ڪريو! اڄ منهنجا پئسا گهر رهجي ويا. مان عزت وارو ماڻهو آهيان سائين! مون تي ڀروسو رکو! مان توهان کي سڀاڻي ضرور ڏئي ويندس.“ هن جي منهن تي پگهر جا ڦڙا چمڪڻ لڳا.
    ”اهو صحيح آهي ته عمر ۾ مان غلام حسين کان ننڍو آهيان پر ڪاروباري معاملي ۾ مان هن کان تمام وڏو آهيان.“ سنهڙي سيپڪ چيو. ”ان لاءِ مان اهڙي قسم جي غلطي ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهيان.“
    ”او هيڏي!“ سيپڪ ڀر سان بيٺل بيري کي سڏ ڪيو. بيرو هن ڏانهن وڌي آيو. ”ڏس! ٻاهر هن ادي جا دوست بيٺا هوندئي. اُنهن کي سڏي آ!“ بيرو ٻاهر هليو ويو. جڏهن هو موٽي آيو ته هو ٽئي هن سان گڏ هئا.
    انور ڪنڌ جهڪائي بيٺو هو.
    ”ڇا ٿيو؟“ سڀ ڪجهه ڄاڻندي نثار اڻڄاڻ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ان کان اڳ جو سيپڪ ڪجهه چوي انور پاڻ ئي ڳالهايو. ”يار پئسن واري قميص گهر رهجي وئي آ سو توهان هت ويهو ته جهٽ پئسا کڻي ٿو اچان.“ ”ڇو ڀلا! اسان پئسا ڪونه ڏٺا آهن ڇا؟“ نثار کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه نوٽ ڪڍيا. ڪائونٽر ۾ لڪي ويل سيپڪ کان بل پڇيائين. پوءِ وڏن نوٽن جي وچ مان ننڍو نوٽ ڪڍي ڪائونٽر تي رکي ٻيا پئسا واپس وٺي ٻاهرئين در ڏانهن وڌي ويو. هن جي پويان ٽئي ٻاهر نڪري آيا.
    ”مان جيڪر هلان!“ هو ندامت جي بار کان جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهيو.
    ”ماني به کائين ته حاضر آهيون! ڪڏهن ڪراچيءَ اچين ته اسان کي به کارائي ڇڏجانءِ! ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ لفظن ۾ لڪيل طنز جا تير هن پنهنجي دل ۾ لهندي محسوس ڪيا. هو محسوس ڪري رهيو هو ڄڻ ته هن کي ڪنهن چئواٽي تي ننگو ڪري ڦٽڪا هنيا ويا هجن. ذلت جي احساس سبب ڪو لفظ اڪلي نه ٿي سگهيس. ڳيت ڏئي رڳو ايترو چيائين ”نه مهرباني!“ پوءِ ٿڪل ٽُٽل قدمن سان آهستي آهستي گهر ڏانهن رڙهڻ لڳو.
    ”سائين! گهر کڻي هلانوَ؟“ هوٽل کان پرڀرو هڪ ڇوڪر جيڪو هن جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هن جي ڀر سان سائيڪل بيهاريندي ادب وچان چيائين. ”مان! ها!“ انور تڪڙ ۾ هاڪار ڪري ويٺو ڄڻ ته ٿوري به دير گذرڻ تي سائيڪل کي پر لڳي وڃن ها ۽ سائيڪل اڏامي وڃي ها. پوءِ هو پاڻ ئي سائيڪل هلائڻ لڳو. شهر جا وڏا وڏا رستا ڪراس ڪري پنهنجي گهر جي ڀر سان پهتو. دروازي تي سائيڪل روڪي ڇوڪر کان موڪلايائين.
    گهر ۾ داخل ٿيو ته نظرون جوڻس مٿان پيون. هوءَ ٿانوَ ملي رهي هئي. زال کي ڏسڻ شرط هوٽل وارو منظر هن جي اڳيان ڦري ويو. ”سڀ هن ذليل جي ڪيل ڌريل آهي.“ نفرت منجهان اکيون ڦيري ڇڏيائين ۽ وڃي اندر کٽ تي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو. ڪجهه گهڙيون ائين ئي ويٺو رهيو. پوءِ ڄنگهون ڊگهيون ڪري ليٽي پيو. ”ماني کڻي آئي ته ڦيرائي ٻاهر ڦٽي ڪندم!“ ٻانهن هيٺان مٿو ڏئي ڇت ۾ گهورڻ لڳو. ”ڪجهه ڪڇيائين ته سڄي بيعزتيءَ جي ڪسر ڪڍي ڇڏيندومانس! ڀلي اچي!“ پر گهڻيءَ دير بعد به جڏهن هوءَ نه آئي ته پاڻ ئي ٻاهر نڪري آيو. هن جي رڳ رڳ ۾ باهه ڀڙڪي رهي هئي. ”کٽ تي جا پين پئي هئي سا ڪاڏي وئي؟“ ڪاوڙ ۾ پڇيائين.
    ”مون کي خبر ناهي!“
    ”نه ته ماڻهين کي خبر هوندي!“
    ”منهنجي ماءُ کي نه پڻ! نه ته مان به پڻيندي سانءِ ماڻهين پڻهين کي!“
    ”ڪتي – ڪميني! مهاڏا ٿي ڏين!“ انور سندس وارن ۾ هٿ وجهي هڪٻئي پٺيان کيس ٻٽي چماٽون وهائي ڪڍيون. روڄ ۽ راڙو مچي ويو. سڏڪن جي وچ ۾ شميءَ چيو ”مان وڃان ٿي پيڪين. هاڻي ويٺو ڪتيون ڌارجانءِ!“
    ”نڪري وڃ ذليل نڪري وڃ! وري نه اچجانءِ هتي! ڏسين ڇا ٿي نڪري وڃ!“ هن ٻه چماٽون ٻيون به وهائي ڪڍيس ۽ هوءَ روئندي سڏڪا ڀريندي ڪوٺيءَ ڏانهن وئي ۽ جڏهن واپس آئي ته کيس برقعو پهريل هو. پوءِ جڏهن در تي پهتي ته ڦاٽ کاڌائين ”منهنجو فيصلو ڪورٽ ڪندي. طلاق نه ورتي مانءِ ته ڪاري ڪتي جو نانءُ رکجانءِ!“
    پوءِ در کي کولي زور سان بند ڪري هلي وئي ۽ هو چپ چاپ اندر هليو آيو ۽ کٽ تي ويهي ٻاهرئين در ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”ذليل نه رهي ته آڱوٺي تي چڙهي – ڪتي – ڪروڌڻ ڪنهن جاءِ جي! الائي ڇا ٿي سمجهي پاڻ کي.“ هن سوچيو. ”طلاق گهريائين ته هڪدم ڏئي ڇڏيندومانس. روز روز جي ڀنڊڻ کان ته جان آجي ٿي ويندي.“ هو کٽ تي ليٽي پيو ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد سوچيائين ”ڪهڙو فرق پوندو هن جي نه هجڻ سان؟ هي جيڪي هزارين پريشانيون آهن اُهي ختم ٿي وينديون ڇا؟“ ٿڌو شوڪارو ڀريائين. کيس ياد آيو شاديءَ جا پهريان ڏينهن قرض کڻي ڪيئن نه سکيا گذاريا هئائين. شميءَ سان ڪيڏو نه چاهه هئس. هوءَ به ته ساڻس بيحد پيار ڪندي هئي ۽ هاڻي معاشي حالتن جي ذليل ٿي وڃڻ سبب پيار نفرت ۾ بدلجي ويو هو. ٻئي هڪٻئي جا منهن ڏسي چڙي ٿي ويا. ڳالهه ڳالهه تي جهيڙو – هو پاڻ کي ڪنهن گندي ڪسيءَ جو ڪيڙو محسوس ڪرڻ لڳو. نظرن آڏو هوٽل ۾ ذليل ٿيڻ وارو منظر اڃان به چٽو ٿي ڦرڻ لڳس. هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. ”اجايو شهر ويس! ڪيڏو ذليل ٿيو آهيان. هو به وڏا ماءُ جا...... آهن ڄڻ ته مون کي ڄاڻي واڻي ذليل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو هئائون. ڀلا غريب جو ٿيس. غريب هجڻ به وڏي ذلالت آهي. انسان جي عمر ڪل آهي ئي گهڻا سال؟ اها به ڏکن ۾ گذارڻ کان سٺو آهي ته پاڻ ماري ڇڏجي. ڀلا مان ڇا لاءِ ٿو جيئان – ڇو ٿو جيئان – ڪهڙيون خوشيون مليل آهن يا اڳتي هلي ڪهڙين خوشين جي اُميد آهي؟ مون جهڙن ذليل ماڻهن کي مرڻ گهرجي. مرڻو ته هڪ ڏينهن آهي ئي پوءِ ڇو معاشي حالتن جي گهاڻي ۾ پيڙبو رهان – ڇو پاڻ کي دنيا آڏو تماشو بڻايان؟ نه سٺو آهي ته پاڻ ماري ڇڏيان! سڀني مصيبتن کان جند ڇُٽي پوندي.“ هن پڪو فيصلو ڪيو. ”مان نه جيئندس – ڪا ضرورت ناهي. هميشه لاءِ اهو معاملو ختم ٿو ڪري ڇڏيان.“ هو اُٿيو. سامهون ڪنڊ ۾ پيل ڇڳوڙي کٽ ڏانهن وڌي ويو جيڪا پئسن نه هئڻ ڪري ٻن مهينن کان اجائي جاءِ والاريون پئي هئي. ”اهو روز جو موت ته ختم ٿي ويندو.“ هو ڇڳل کٽ مان واڏڻ ڪڍڻ لڳو. اوچتو نظرون ڀت تي لڳل تختي مٿان لڳي وينس. ”شاعري ٻاعري به چڙهي آڱوٺي تي.“ واڏڻ اڌ ۾ ڇڏي سامهون تختي تي رکيل ڪتابن ڏانهن وڌي ويو. پوءِ ڪتابن جي وچ مان اها ڊائري ڪڍيائين جنهن ۾ سندس سمورا شعر لکيل هئا. ڊائري کولي هڪ نظر لکيل شعرن تي وڌائين.
    ”سڀ دوکو ، پاڻ سان پاڻ فريب ، پاڻ کي پاڻ ٺڳڻ
    ڊائريءَ مان پنا ڪڍندو ڦاڙيندو ويو. جڏهن سڀئي شعر ڦاڙي ڇڏيائين ۽ ڊائريءَ مٿان چڙهيل ڪور ڦٽي ڪري ڇڏيائين تڏهن هڪ سڏڪو اندر مان ڦاٽ کائي ٻاهر نڪتس. جيئن ڪا ماءُ پنهنجي جوان پٽ جي مري وڃڻ تي درد محسوس ڪندي آهي. ساڳيو ئي درد هو به محسوس ڪرڻ لڳو. ڏند ڪرٽي ساڙ وچان ساڄي هٿ جي مڪ ٺاهي پنهنجي نرڙ ۾ وهائي ڪڍيائين. پوءِ کٽ تي ويهي ڦاٽل پنن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”چڱو ٿيو.“ ڳوڙهيا اُگهيائين. ”جڏهن مان نه هجان ته پوءِ منهنجي شاعري ڪهڙي ڪم جي؟“ هو ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ڏانهن وڌي ويو. اُتان پنو ۽ پين کڻي زندگيءَ جو آخري خط لکڻ لڳو. جڏهن خط لکي پورو ڪيائين ۽ ان هيٺان پنهنجو نالو لکيائين ته وري روئي ويٺو. خط کيسي ۾ رکڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري ڏٺائين. پوءِ ويڙهي سيڙهي کيسي ۾ رکي کٽ تان اُٿيو ۽ ساڳي واڏڻ کولڻ لڳو. ٻن ٽن منٽن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ رسو هن جي هٿ ۾ لڙڪي رهيو هو. هن مٿي شهتير ڏانهن ڏٺو جيڪو هن کان ڏهه ٻارهن فوٽ مٿي هو. ڪجهه سوچيائين. پوءِ سامهون ڪتابن واري تختي ڏانهن ڏٺائين. ”ٺيڪ آهي.“ هو شيخن واري دريءَ تي پير رکي تختي مٿان چڙهي ويو. هاڻي هو آسانيءَ سان شهتير تائين پهچي سگهيو ٿي. هن هٿ ڊگهيري شهتير ۾ رسو وجهي قابو ٻڌي ڇڏيو ۽ وري هيٺ لهي آيو. پوءِ ٻاهريون دريون بند ڪري اندريون به بند ڪيائين. ”هاڻي ته خوش ٿيندا نه – مان هڪڙو ئي بار هيس نه سڀني جي مٿان!“ ڀڳل ٻانهن واري ڪرسي کڻندي سوچيائين. کيس ياد آيو. هڪ ڏينهن شميءَ کي چيو هئائين ”مون سان زندگي نه ٿي گذارڻ چاهين ته مون کان ڌار ٿي وڃ. باقي مون کي اجايو پريشان نه ڪر نه ته مان پاڻ کي پاڻ ماري ڇڏيندس.“
    ”پوءِ مون کي ڇو ٿو سهائين؟ کڻي اڄ ئي مر! مان به وڃي ٻي شادي ڪنديس.“ تڏهن زوردار چماٽ شميءَ جو منهن ڦيرائي ڇڏيو هو.
    ”ذليل ڪميني مان تنهنجو رت پي پوءِ مرندس.“ ۽ اڄ هو مرڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. ”ڀل ماڻهين به شادي ڪري ڇڏي!“ چپن ۾ ڀُڻڪو ڪيائين. پوءِ سرڪڻ ڦاهي ٺاهي ڳچيءَ ۾ وڌائين. اکين ۾ ڳوڙها چمڪڻ لڳس. چپن مٿان خشڪيءَ جا تهه چڙهي ويس.
    ”سڄي زندگي ٺوڪرن ۾ گذاري اٿم. رڳو تڪليفن ۾ - سٺي نوڪريءَ جا ڪوڙا خواب ڏسندي.“ هن کي ياد آيو.
    سڀاڻي انٽرويو آهي. ”ڀلي نالو کڻن ته خبر پوين ته اهو اميدوار ئي مري ويو جنهن کي انٽرويو ڏيڻو هو – اهو اميدوار ئي....“
    ”اڄ پنهنجو گندو وجود ختم ٿو ڪري ڇڏيان. مون کي جيئڻ جو ڪو حق ناهي.“
    ڳوڙها اُگهي سامهونءَ واريءَ ڀت ڏانهن ڏٺائين جتي فريم ٿيل تصوير ۽ ان هيٺان پينٽ ٿيل هڪ جملو لکيو هو جنهن سان هو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڏڍ ڏيندو هو پر اڄ اها تصوير ۽ ساڳيو جملو کيس لڳي رهيو هو. ڄڻ هن تي چٿرون ڪري رهيا هئا. هن کي خار اچي وئي. دل ۾ آيس ته اها تصوير پٽي ڦٽي ڪري ڇڏي ۽ جملو ڦاڙي پرزا پرزا ڪري باهه ۾ ساڙي ڇڏي.
    هن سرڪڻ ڦاهي اڃان به وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هن جو سڏڪن ڀريل آواز ڪمري جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لڳو. هو ڏڪندڙ آواز ۾ آهستي آهستي چئي رهيو هو ”جيتوڻيڪ مان ڪنهن به مذهب کي ناهيان مڃيندو. اڻ ڏٺي شئي تي منهنجو ويساهه ناهي پر پوءِ به هن ڪائنات جو مالڪ جي ڪا لڪيل هستي آهي ته منهنجي هڪڙي خواهش پوري ڪري منهنجي مٿان احسان ڪري.“ هن جو آواز گهٽجڻ لڳو. ”مون دنيا ۾ رڳا ڏک ڏٺا آهن ۽ هاڻي به ڏکن ڪري......“ هن جو آواز گهٽجي ويو. ”منهنجي ننڍڙي خواهش آهي.“ ٽٽل لهجي ۾ چيائين ”تمام ننڍڙي خواهش – جڏهن مان مري وڃان ۽ جڏهن منهنجا مائٽ منهنجي مٿان روئندا هجن تڏهن اها هستي مون کي ٻه گهڙيون زندهه ڪري – زندگيءَ جون ٻه گهڙيون عطا ڪري ته جيئن مان روئندڙن جا چهرا ڏسي سگهان.“ ڳوڙها وهي ڳل آلا ڪري ويس. ”فقط ٻه گهڙيون!“ هن هڪ سڏڪو ڀريو. پوءِ حسرت ڀريل نظرن سان آخري ڀيرو ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو. ساڄي پاسي ڀت ۾ لڳل هينگر ۾ هن جا ڪپڙا ٽنگيل هئا. نيري شنگريلا جا ڪپڙا جيڪي گذريل مهيني اڌ پگهار ڀري سبرايا هئائين هو ڪي گهڙيون انهن ڪپڙن ڏانهن حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندو رهيو. پوءِ پاسي واري ڀت ڏانهن ڏٺائين جتي هن جي سندس زال سان گڏ نڪتل تصوير فريم ٿيل هئي جا شاديءَ کان هڪ هفتي بعد ڇڪرائي هئائين. ننڍپڻ کان وٺي هيل تائين مليل ڏک ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن ڏکن ۾ شامل ٿيندڙ شمي – تصوير ڏانهن گهورڻ لڳو. نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس. ”شميءَ کي به رڳو ڏک ئي ڏنا هيم.“ سوچيائين ”سڄو ڏينهن بک – مارون ڪڍيون مانس – گاريون بجا پوءِ به نڀايائين.“ هن کي ياد آيو. جڏهن هن جي ماسيءَ هن سان جهيڙو ڪيو ۽ هن کي قرض جا پئسا وقت سر نه ڏيڻ ڪري گاريون ڏئي وئي هئي تڏهن شميءَ سندس زخمي دل تي ڪيئن ته پيار جي مرهم رکي هئي. هن چيو هو ”ڀل سڄي دنيا بدلجي وڃي ان جو ڪو ڏک نه ڪر. مان توسان گڏ آهيان. پوءِ غمگين ڇو ٿو ٿئين؟ ڏس! مشڪلاتون سڀ تي اينديون آهن. انهن ساڻ همٿ سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. تون ئي ته چوندو آن زندگي جدوجهد جو نانءُ آهي. پوءِ تون همٿ ڇو ٿو هارين؟ هي ڏس! ٻانهون ٿي ٻڌانءِ! تو کي منهنجو قسم آهي. ڪو غم نه ڪر!“ تڏهن انور مرڪي ڏنو هو. ”اجايو چماٽون هنيون مانس.“ پڇتاءَ جو احساس وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ويس. ”آخر ۾ ته ڪو ڏک نه ڏيانس هان! ڪيئن نه روئندي هلي وئي. هن جي جذبن جو قاتل – هن جي خواهشن جو ويري – اُف! مان ڪيڏو نه ڪريل انسان آهيان.“ شميءَ جي مرڪندڙ چهري پٺيان هن کي غمن جو شهر نظر آيو. هن نظرون ڦيري ڇڏيون.
    ”شل سکي گذارين شمي!“ سرڪڻ ڦاهي تنگ ڪري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. ڪرسيءَ کي لت هڻڻ لاءِ هڪ پير کي ٿورو حرڪت ۾ آندائين ۽ هڪ دفعو ٻيهر نظرون سامهون کڄي ويس. هڪ آرٽ ٿيل تصوير ۽ ان جي هيٺان اُڪريل جملو ”زندگي مسلسل جدوجهد جو نانءُ آهي.“ ۽ تڏهن الائي ڇو ان جملي جو خالق هن جو اپاهج آرٽسٽ دوست هن کي ياد اچي ويو جنهن کي هن هڪ ڀيري همدرديءَ وچان ڪجهه ڏوڪڙن جي آڇ ڪئي هئي ۽ موٽ ۾ جيڪي ڪجهه هن چيو هو ان لاءِ انور سوچيو به ڪونه هو. هن چيو هو ”مون کي فخر آهي ته منهنجو سهارو منهنجون پنهنجون صلاحيتون آهن. مان ڪنهن جي اڳيان جهڪيل ناهيان.“ هن وڏي اعتماد سان ڳالهايو هو. ”هن ڪاليج ۾ منهنجي الڳ انفرادي حيثيت آهي. مان جڏهن پاڻ مان مطمئن آهيان ته پوءِ تون ڪير ٿيندو آن مون کي گهٽتائيءَ واري احساس ۾ مبتلا ڪرڻ وارو؟“ هن جون نظرون آرٽ ٿيل تصوير ۾ کُپي ويون. هڪ ٿوهر جو وڻ جنهن جا ڪنڊا اُڀا اُڀا – ٿوهر مان نڪتل ٿڙ، ان مان نڪرندڙ ٻيا ٿڙ، سڄو ٿوهر ڪنڊن سان ڀريل ۽ ڪنڊن جي ڀر ۾ ٻه اڇا گل نظر ايندڙ – ٿوهر جو وڻ آسمان تائين ڊگهو نظر ايندڙ ۽ آسمان ڳاڙهي ۽ نيري رنگ سان ٺهيل ڪٿي ڪٿي اڇا اڇا ڪڪر نظر ايندڙ – هن تصوير مان نظرون هٽائي ساڳي جملي ڏي ڏٺو. تصوير هيٺان اُڪريل لفظ ڄڻ ڳالهائڻ لڳا. ”زندگي.... مسلسل..... جدوجهد..... جو نانءُ..... آهي.....“ هو ساڳي جملي ڏانهن ساندهه ڏسندو رهيو ۽ تڏهن اوچتو لڳس مايوسين جي اونداهين ۾ هزارين ڏيئا ٽمڪندڙ – روشنيءَ جو درياءُ، مايوسين جي ٻيٽ کي ٻوڙيندڙ درياءُ، موت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندڙ عوام جون لڪيرون چهري مٿان اُڀري آينس.
    اوچتو هن پنهنجي دل ۾ خودڪشي ڪرڻ وارو جذبو ڪنهن زخمي پکيءَ وانگر تڙپندڙ، تڙپي تڙپي ٿڌو يخ ٿي ويل محسوس ڪيو ۽ اها جاءِ زندهه رهڻ واري روشن جذبي والاري ڇڏي. مايوسين جي ٻاٽ اوندهه ۾ هن پاڻ کي صبح جي پهر ۾ ڌوتل پوتل سج وانگر روشن محسوس ڪيو. زندگيءَ لاءِ اُتساهه جاڳيس. وڃايل حوصلو موٽي آيس. سٽ ڏئي ڳچيءَ مان رسو ڪڍيائين. پوءِ ٻانهن ڀڳل ڪرسيءَ کي لت هڻي ٻاهر نڪري ويو. هن جا پير ساهرئين گهر وڌي رهيا هئا.


    وئرٿ زندگي

    انهيءَ کٽ تي جنهن ڏينهن هو ڪريو هو ۽ جنهن ڏينهن سندس پهريون ڀيرو ٻاهرينءَ دنيا ساڻ لاڳاپو ٽٽي ويو هو تڏهن به هن پنهنجي پاڻ کي ايڏو مجبور ۽ ايڏو دکي محسوس نه ڪيو هو پر اڄ جڏهن هو ڳالهائڻ جي سگهه به ساري نه ٿو سگهي تڏهن عجيب بي ڍنگي آواز ۾ روئي پيو. هن جي اندر جو سمورو سور هن جي هيڻي آواز ۾ شامل ٿي ويو. هڪ وڏيءَ ڪوشش سان هن ڪنڌ ورائي پنهنجي سامهون بيٺل ڀاءُ ڏانهن ڏٺو. ڀاڻس جو ڌنڌ ۾ وڪوڙيل وڏين مڇن وارو چهرو تڏهن ڏاڍو ڪريهه لڳو هئس ۽ ڏاڍي ڪرڀ محسوس ڪئي هئائين ان ويل هن جي اندر جي ٽي بيءَ واري سموري گندگي ڀاءُ جي چهري تي چنبڙيل محسوس ٿي هئس. حقارت وچان هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون ۽ تڏهن کنگهه جو هڪ زوردار دورو پيو هو مٿس جنهن هن جي اندر جي سموري ڪائنات کي لوڏي ڇڏيو هو. سندس وات مان ٻاهر نڪتل غلاظت ڪيتريءَ دير تائين هن جي واڇن کان وهي هن جي گدلي هنڌ کي وڌيڪ گدلو ڪندي رهي هئي. تڏهن ڏاڍي بيوسيءَ ۽ ڏاڍيءَ شرمساريءَ وچان پنهنجي ننڍي ڀيڻ ڏانهن ڏٺو هئائين جا هن جي چهري ڏانهن ڏسڻ بنا (پرتي منهن ڪري) هڪ ميري ڪپڙي سان هن جو وات اُگهي رهي هئي ۽ جڏهن ڀيڻس هڪ نظر هن ڏانهن وڌي هئي تڏهن عليءَ ٿڪل ٿڪل اکين سان ڀيڻ جي چهري تي ڏاڍا ئي اڻوڻندڙ ڀاوَ ڏسي ورتا هئا جن پٺيان هن کي رشتن جي ڪلئي لهندي محسوس ٿي هئي.
    ڀيڻس ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ هن وٽان هلي وئي هئي. وڏو ڀاڻس جو کن پل لاءِ ورانڊي جي هڪ ٺلهه کي ٽيڪ ڏيون عليءَ ڏانهن ڏسندو رهيو هو تنهن به وڌيڪ بيهڻ ضروري نه سمجهيو. هو آڳر ۾ پنهنجن ٻارن سان وڃي ويٺو. هاڻ هو وري اڪيلو رهجي ويو. هن جي ارد گرد نظر نه ايندڙ ٽي بيءَ جا جراثيم ۽ هن جي اندر واري بوءِ فقط ڦهليل رهي. هن کي انهيءَ بوءِ کان – انهيءَ اڪيلائيءَ کان سخت وحشت ٿيڻ لڳي..... مسلسل عذاب واري ان ڊگهي بيماريءَ ۾ هن کي پيار جي مٺن ٻولن جي ضرورت هئي – همدرديءَ جي ضرورت هئي پر هن جي اُداس دنيا ۾ ڪنهن به ته جهاتي پائي ڪونه ڏٺو هو - ڪو به ته ڪو نه هو جو هن جي درد کي پنهنجو درد سمجهي – هن کي آٿت ڏئي. هت ته هرڪو هن کان بيزار هو – چڙيل هو. هن جي بيماريءَ جي جراثيمن کان هر ڪنهن پاڻ بچائڻ ٿي چاهيو ته ڇا هو اهڙي حال ۾ ائين ئي چُڙي چُڙي مري ويندو. ستاويهن سالن جي ڄمار ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ بنا ئي هليو ويندو. هن ته اڃان شادي به ڪانه ڪئي هئي. هن جي خوابن جو ڇا ٿيندو؟ ڪيڏا ته خواب ڀريا هئا هن پنهنجي اکين ۾ - بيحد دک کان هن جي ڏرا ڏنل اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن جي منهن جي ڇڪيل چمڙيءَ ۾ گهٻ پئجي ويو. ڊگهن ڊگهن ساهن جي وچ ۾ هڪ وڏو شوڪارو ڀري ڏور پولار ۾ گهوريائين.... پوءِ هو لاڳيتو پولار ۾ ئي گهوريندو رهيو ڄڻ ته ڪجهه ڳولهڻ چاهيندو هجي انهيءَ پولار ۾.... اوچتي هن جي ماضيءَ جا عڪس هن اڳيان ٺهڻ لڳا – چٽا ٿيڻ لڳا – هن جو مري ويل ماضي هن اڳيان زندهه ٿيڻ لڳو. اُهو ماضي جنهن ۾ هو ٻيڙين جو اول درجي جو ڪاريگر مڃيو ويندو هو - جنهن ۾ هو هڪ حيثيت جو مالڪ هو – هڪ ڪٽنب جي جياپي لاءِ لڙندڙ اڪيلي جيو جي حيثيت جو مالڪ – گهر جي هر فرد کي جنهن جي رحم ۽ ڪرم تي جيئڻو پوندو هو. هن جو وڏو ڀاءُ وڏو هوندي به تڏهن وڏو نه ليکبو هو. کيس به ڪتابن ۽ فين جي ضرورت هن ڏانهن گهلي ويندي هئي. تڏهن علي فقط علي ئي تماڪ جي ساهه منجهائيندڙ تيز ڌپ واري ڀانڊي ۾ گهر جي ڀاتين مٿان ايندڙ معاشي طوفانن سان منهن ڏيڻ وارو اڪيلو شخص هو.
    هن زور سان اڌ کليل اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ماضيءَ جا چٽا اڻ چٽا اُهي عڪس اڃا به هن کي ڏکوئڻ لڳا - هن جي موجودهه حيثيت جي خسيس هجڻ جو اڃان به شديد احساس ڏيارڻ لڳا. اڄ ڇا رهي هئي هن جي حيثيت؟ گهر جي فالتو سامان ۽ هن جي وچ ۾ ٿورو فرق به ته رهيو هو. جيئن پراڻو مدي خارج سامان بي ترتيبيءَ سان اسٽور ۾ سٽيو ويندو آهي ساڳيءَ طرح هو به گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ليٽايو ويو هو. (فالتو سامان جيان اُڇلايو ويو هو.) گذريل چئن مهينن کان هڪ کٽ ۽ ان سان لاڳاپيل بوءِ ڦهليل ڪمرو ئي ته هن جي ڪل ڪائنات هو.
    اوچتي هن جي نڙيءَ ۾ اُڃ ڪنڊا بڻجي چڀڻ لڳي. خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري هن ڳيت ڏني پر ڳيت سان هن کان دانهن نڪري وئي. هن کي محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي نڙيءَ مان آهستي آهستي رت سمڻ لڳو هجي. ڏاڍي اُٻاڻڪائيءَ سان ورانڊي ٻاهران ويٺل ڀاتين ڏانهن ڏٺائين پر ڪنهن کي به هن جي اڃايل هجڻ جي پرواهه نه هئي. هيترن سارن ڀاتين هوندي به هو اڪيلو هو. سڄي گهر ۾ هڪ ڀيڻس ئي هئي جا ناگوار فرض نڀائڻ لاءِ هن جي سڌ رکندي هئي پر اڄ انهن بي رحم گهڙين ۾ هوءَ به وٽس موجود نه هئي. ڪنهن ڪم ڪار ۾ رڌل ڀيڻس به ان کان بي خبر هئي ته پاڻيءَ جي چند بوندن لاءِ هو هڪ وڏي عذاب مان گذري رهيو آهي. شديد اُڃ کان هن جو ساهه منجهي رهيو آهي. هن ڀيڻ کي سڏڻ چاهيو پر ڪمزور آواز چنگهه بڻجي هن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو ۽ اوڏيءَ مهل کنگهه جو هڪ بي رحم دورو پئجي ويس. هو زور زور سان کنگهڻ لڳو. کنگهي کنگهي جڏهن بلڪل ئي نستو ٿي ويو تڏهن وري هن جا اُڀا اُڀا ساهه خاموش ڪمري ۾ گونجڻ لڳا جن کان هن جي ڀاءُ کي ڏاڍي ڪراهت اچڻ لڳي هئي. اهڙا ڀاوَ هن جي چهري تي ٺهي بيهي رهيا هئا هئا. ”مري به نه ٿو. سڄي گهر لاءِ آزار ڪيو اٿائين!“
    جيتوڻيڪ اهي لفظ ٻاهر ويٺل ڀاڻس گهڻو ڏاڍيان ڪونه اُچاريا هئا پر تڏهن به سخت ڏکوئيندڙ معنيٰ ۽ مفهوم سميت ڏهن فوٽن جي فاصلي تي ستل عليءَ اهي ٻڌي ورتا هئا. نفرت ۽ ڌڪار ۾ ٻڏل لفظن جو زهر تڏهن هن پنهنجي نس نس ۾ ڦهلجي ويل محسوس ڪيو هو ۽ تڏهن هن کي لڳو هو ڄڻ ته هو پنهنجي گهر ۾ نه هجي - اوپرن ماڻهن سان ڀريل ڪنهن مسافر خاني ۾ هجي. هو پاڻ به ڪو اوپرو شخص هجي جنهن جي اهنج ۽ تڪليف تي سخت دلين وارن مسافرن کي همدرديءَ بجاءِ ڪراهت ايندي هجي – نفرت ٿيندي هجي.
    ”مون کي ته ببليءَ جو اُلڪو ٿي پيو آهي!“ هاڻ ڀاڄاهنس جو ڳڻتيءَ ڀريل آواز آيو.
    ”ٺيڪ ته آهي...... ڇا ٿيو آ ببليءَ کي؟“
    ”صبح جڏهن اسڪول ٿي وئي ڏسينس ته ها. منهنجو ته اصل ساهه ئي سڪائي ڇڏيو هئائين!“ کن لاءِ ڀاڄائنس جو آواز رڪجي ويو ۽ ان ساڳي لمحي ڀاڻس جي من ۾ اُڻ تُڻ جا ڪيئي طوفان آيا ۽ گذري ويا. اهڙي بي چيني هن جي چهري جي ريکائن منجهان ظاهر ٿيڻ لڳي هئي.
    ”ڏاڍي کنگهه ٿي پئي اٿس. صبح ته ادا عليءَ وانگر الٽي به ڪئي هئائين.“ ڀاڻس جي اڻ تڻ هاڻ وڌي وڃي ڪاوڙ جو شديد روپ اختيار ڪيو. ”هاڻي ماٺ ڪر نه ته هڻانءِ نه منهن وارا پادر.... هٿ سان ئي ته ڪيو اٿئيس بيمار!“
    ”نه مان نه بيمار ڪيو اٿس.... منهنجي هٿ وس آخر آهي ئي ڇا؟“
    ”تنهنجي وس ۾ اهو ته آهي ته ٻارن کي ان اندر ستل بيمار ڏانهن وڃڻ کان روڪين. اڙي ٽي بيءَ جهڙي نحوست ٿي پلجي هن گهر ۾. ڪو معمولي مرض ته ڪونهي.“
    ”ٻارن کي ته گهڻو ئي ٿي ڌت ڪريان!“ ڀاڄائينس ميسوڻو منهن ڪري ڳالهائڻ لڳي هئي.
    ”پر ڇا ڪريان ادا عليءَ اڳيان ته ڪجهه هلي ئي نه ٿي. جيئن صبح ٿيو هو.“ هوءَ کن لاءِ وري چپ ٿي وئي ۽ هو بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي خلا ۾ گهوريندو رهيو. ”صبح دوا سان پيو شربت ملائي پئي سو پهريان ته نرميءَ سان جهليومانس پر پوءِ اٽڪي به پئي مانس ته شربت نه پيئجو ڊاڪٽر ٿڌين شئين کان جهلين ٿا.“
    ”پوءِ!“
    ”پوءِ ڇا ڪو مڙيو ٿورو ئي..... سڄو گلاس پي ويو.“ ”هان! شربت پيتائين؟“ ڀاڻس جي جسم کي ڄڻ ته ڪنهن پيٽرول ۾ ٻوڙي تيلي ڏئي ڇڏي هجي. ڪاوڙ ۾ چرين جهڙي چمڪ اچي ويس اکين ۾. ”ڀيسان ڪميڻو – ڪتو – بيهودو – شربت ٿو پيئي – مٽ نه ٿو پيئي.“ مٺيون ڀڪوڙي عليءَ ڏانهن ڪاهه ڪيائين. ستاويهن سالن جي نٻل ۽ نستي عليءَ جڏهن ڇهن فوٽن جي قدآور ۽ جانٺي ڀاءُ ڏانهن ڏٺو - ڀاڻس جي ڳاڙهين ڳاڙهين وحشت ڀريل اکين ڏانهن ڏٺو ته هيسجي ويو. ”اڙي ڪُتا – ڪميڻا! ڇو پيتو هيئي شربت – جڏهن ڊاڪٽر منع ٿا ڪن ته پوءِ ڇو پيتئي؟“ ڀاڻس مٿس الر ڪئي ۽ تڏهن اوچتو هنڀ مچي ويو. ڀيڻس عليءَ تي کڳل هٿ کي جيئن تيئن روڪي گهڻين آزين ۽ نيزارين کان پوءِ وڏي ڀاءُ کي ٻاهر ڪڍي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ مڇريل ڀاڻس هو جو ٻه منٽ به ٻاهر نه ترسيو هو. انهن ئي پيرن تي هن طوفان جهڙي تيزيءَ سان وري عليءَ ڏانهن ڪاهه ڪئي ۽ جهڙپ هڻي هن جي ڀر ۾ رکيل شربت جو شيشو کڻي ورتو. ”آ! وٺ! پيءُ هي شربت!“ ساڳي تيزيءَ سان ورانڊي جي هڪ ٺلهه ۾ زور سان وهائي ڪڍيائين. شربت ڀريل شيشي منجهان هڪ زوردار ٺڪاءُ نڪتو ۽ ان اوچتي ٺڪاءَ کان پوءِ ڪيترين ئي گهڙين تائين ڪمري ۾ هڪ غير فطري خاموشي ڇانيل رهي. ساڳي خاموشيءَ ۾ هڪ لمحي لاءِ عليءَ جون نظرون هڪ پراڻي دوست پاران موڪليل انهيءَ شيشي ڏانهن ويون جنهن منجهان ڳاڙهو ڳاڙهو شربت هارجي فرش تي ننڍڙو دُٻو ٺاهي ويو هو ۽ ٻئي پل سانت کي ٽوڙيندڙ ڀاءُ ڏانهن ڏٺائين جنهن جي وات منجهان گڦ وهي رهي هئي. ”هي ته ڳڻ! لک لعنت اٿئي!“ ڀاڻس جو ڪروڌ هن جي کليل هٿ جي سيٽيل آڱرين ۾ واسو ڪري ويو. ”اڃان شربت ٿو پين! موت به نه ٿو اچئي! ڇا ته شڪل ٿي وئي اٿئي بدشڪلا!“
    گهر جا سڀ ڀاتي چپ هئا. فقط وڏو ڀاڻس رڙيون ڪري ڳالهائيندو رهيو هو ۽ علي بنا ڪجهه ڪڇڻ جي سهندو رهيو. اندر ئي اندر ڪڙهندو رهيو. ڪجهه لمحا ڳالهائڻ کان پوءِ وڏو ڀاڻس ڪاوڙ ۾ سهڪندو ٻاهر وڃي بيٺو. پوءِ آهستي آهستي ٻيا ڀاتي به وڃي ٻاهر بيٺا. هاڻي ڪمري ۾ فقط علي اڪيلو رهجي ويو. هيڏي بيعزتيءَ کان پوءِ به عليءَ لاءِ ڪنهن وٽ همدردي نه هئي. رحم جو ڪو جذبو نه هو. هن جي سيني ۾ بي حد ڏک کان هڪ لاوو دکڻ لڳو جنهن ۾ هو آهستي آهستي اندر ئي اندر غرق ٿيندو ويو. پوءِ هڪ ٽائيم اهڙو به آيو جڏهن ٻاهر ويٺلن جا آواز هن تائين اچڻ بند ٿي ويا. هن جي جسم جون رڳون نستيون ٿيڻ لڳيون. هو جيئن پوءِ تيئن ڪنهن اونهين پاتال ۾ لهندو پئي ويو. اوچتي هن آڏو روشنيءَ جو هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو جنهن کان پوءِ اوندهه ئي اوندهه ڦهلجي وئي هن جي چوطرف.
    پوءِ اهي پل جيڪي سڄي جڳ جي ذلت کڻي عليءَ جي نٻل ۽ نستي سرير ۾ سمائجي ويا هئا انهن ئي لمحن ۾ هن جي ساڻي ساڻي وجود اندر جڏهن موت ۽ جيوت جي ڇتي جنگ ڇڙي وئي ۽ جڏهن شديد عذاب وچان هن جي وات منجهان ڪنهن ڪُسندڙ ڍور جي رنڀ جهڙو آواز نڪتو ته ورانڊي ٻاهران ويٺل اُهي سڀئي ڀاتي جيڪي بيزار هئا سي چڙيل هئا. تيزيءَ سان هن ڏانهن ڌوڪي آيا ۽ سڀئي هن جي چوگرد ميڙ ڪري ايندڙ گهڙين ۾ ڪنهن نئين تبديليءَ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا تڏهن ڌڙڪندڙ دل سان ڪاوڙيل ڀاڻس عليءَ جي سرد ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ پوءِ بند ٿيل نبض واريءَ ٻانهن کي مسلسل اکيون ڇنڀي ڍرو ڇڏي ڏنائين. انهن ساڳين ئي لمحن ۾ هن جي منهن جا ڪاوڙيل گهنج بيحد غم جي ريکائن ۾ بدلجڻ شروع ٿي ويا. پوءِ اوچتو ئي اوچتو ماهوار چئن سَوَ رپين جي عيوض ڳهندڙ ڪلارڪ جو ماسڪ چهري تان لاهي وڏي ڀاءُ جو ماسڪ چاڙهي ڇڏيائين ۽ هڪ وڏي اوڇنگار ڏئي عليءَ جي ڪوريل ماس واري هڏائين پڃري مٿان جهڪي ويو ۽ تڏهن گهر جا باقي ڀاتي جيڪي ڄڻ ته وڏي ڀاڻس جي اهڙي ئي ڪنهن اشاري جا منتظر هئا تن روڄ ۽ راڙي جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو چالو ڪري ڇڏيو. اهو ڏسڻ بنا ته ان اوچتي تبديليءَ تي عليءَ جون ڦاٽل ۽ بي جان اکيون ڄڻ ته حيرت وچان ڏانهُنِ گهوري رهيون هيون.
    ٽُٽل انسان
    سگريٽ جو آخري ڪش هڻي سگريٽ ڦٽي ڪيائين. ڊگهي سوٽي سبب کنگهه جو دورو پئجي ويس. هو زور زور سان کنگهڻ لڳو – اصل ٻٽجي ويو. پوءِ مٿي کي هٿ ڏئي ڌرتيءَ تي اوڪڙون ويهي رهيو. اها ڳالهه بري لڳس ته يڪدم اُٿي بيٺو ۽ وري گهر ڏانهن رڙهڻ لڳو. هلندي هلندي الائي ڇو بيهي رهيو ۽ پٺتي ڏسڻ لڳو. ائين ئي کن پل بيهڻ کان پوءِ وري اڳتي وڌڻ لڳو. هاڻي هو آهستي آهستي کنگهي رهيو هو ۽ ساڳي وقت اڀا اڀا ساهه کڻي رهيو هو. اوچتو سندس نظرون ڌرتيءَ ۾ ڄمي ويون. نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس. ذهني قلابازي محسوس ڪيائين. گنجو ڪلارڪ نظرن آڏو ڦري ويس. آفيس ۾ ٿيل اڄوڪي واقعي تي سوچڻ لڳو. ان سوچ ساٿ نه ڏنس. ذهن ۾ هزارين سوچن جا طوفان محسوس ڪيائين. ٺيڪ اُن مهل سول اسپتال جو ڌنڌ ۾ ويڙهيل خاڪو نظر آيس. هڪدم ڊاڪٽر غلام قادر مٿان چڙ اچي ويس. ”ڀيڻسان ٺڳ!“ ڀڻڪيو. ”ڀيڻسان ٺڳ!“ ٻيهر ڀُڻڪيو.
    رستو پار ڪرڻ لاءِ جيئن ئي وچ رستي تي پهتو ته ڏٺائين هڪ ڪار آئي ۽ ڇوهه منجهان هن جي ڀر سان لنگهي هلي وئي. جان مان رڙيون نڪري وينس. بلڪل موڳن جيان هيڏي هوڏي ڏٺائين. پوءِ روڊ پار ڪري فوٽ پاٿ مٿان هلڻ لڳو.
    ”الائي ڇا پئي سوچيم؟“ سوچيائين. هن منهن ۾ گهنج وجهي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻي هو ريلوي اسٽيشن تي ماڻهن جي انبوهه ۾ پاڻ کي بيٺل محسوس ڪرڻ لڳو.”نه مون کي تڪڙو تڪڙو هلڻ گهرجي!“ ڪنڌ کي هلڪو جهٽڪو ڏنائين. انهيءَ جهٽڪي سبب ذهن هلڪو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو. هاڻي هن جي رفتار پهريان جهڙي سست نه رهي هئي. هو تيز تيز هلي رهيو هو. ڪجهه وکون تڪڙيون تڪڙيون کڻندو رهيو. پوءِ چاٻي ڏنل رانديڪي جيان وري سست رفتار هلندي هلندي اوٻاسي ڏنائين. اوٻاسي ڏيندي آڱرين جي هلڪي ٿڦڪي وات تي هنيائين ته لاشعوري طور هٿ هفتي جي وڌيل ڏاڙهيءَ ڏانهن کڄي ويس. کيسي ۾ هٿ هنيائين. چارانا به ڪونه هئس جو بليڊ وٺي. زندگيءَ کي اُگهاڙي گار ڏئي ڪڍيائين. هاڻي هو اهڙي نموني هلي رهيو هو ڄڻ ٿيڙ کائي رهيو هجي. ڏاڍو ٿڪ پئي محسوس ڪيائين. گوشت مارڪيٽ ٻاهران دستور پٽاندڙ پيهه لڳي پئي هئي. اُتان لنگهيو ته ياد آيس. ڪالهه جوڻس چيو هو ”اڄ ٻارهون ڏينهن آ دال ۽ پٽاٽا کائيندي. اڄ ته گوشت کاراءِ!“ دل ۾ وڍ پيو هئس. فقط ايترو چيو هئائين ”اَڻهوند ۾ اهي فرمائشون نه ڪندي ڪر شمشاد! روح زخمي ٿي پوندو آهي.“ هو پيهه منجهان نظرون ڪڍي گوشت مارڪيٽ ڀر سان نئين ٺهيل سبيل ڏانهن وڌي ويو. ڪُپڙي ڀري پيتائين ۽ وري اڳتي وڌي ويو. ”اڄ پريس تي نه ويندس. ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. اڄ آرام ڪبو!“ فيصلو ڪيائين.
    ڪجهه وکون ساڳي فيصلي تي قائم رهي اڳتي وڌيو.
    ”نه ويندس ته گهر جو خرچ.....“ گهر جي خرچ پوري نه ٿيڻ جي اوني پريشان ڪري ڇڏيس. هڪدم فيصلو بدلائي ڇڏيائين. گذريل رات ٻارهين تائين لاڳيتو ڪم ڪيو هئائين. راتوڪي اوجاڳي سبب دماغ ڳورو ڳورو محسوس ڪري رهيو هو. هن وري اوٻاسي ڏني. اوچتو نئين نڪور ڪار زوڪاٽ ڪري هن جي ڀر سان اچي بيٺي. ڇرڪ ڀري اوڏانهن ڏٺائين. ڪار مان ٻه ننڍڙا سهڻا ٻار نڪتا ۽ اڳينءَ سيٽ تان اُٿي ايندڙ نوجوان سان اڳتي وڌي ويا. ڪار جي پوئينءَ سيٽ ڏانهن ڏٺائين جت ٻه خوبصورت نوجوان ڇوڪريون ويٺيون هيون جن کي اهڙا قيمتي ڪپڙا پهريل هئا جيڪي هن جي گهر وارا فقط خوابن ۾ پائي سگهيا ٿي. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ اڳتي وڌي ويو. الائي ڇو ياد آيس پنهنجا ننڍا ڀائر، ڀينرون، ماءُ، زال ۽ پنهنجا ننڍا ٻار؟ صبح ننڍي ڌيڻس وڏيءَ کنگهه جي دوري سبب اڀا اڀا ساهه کڻي رهي هئي. تڏهن اکين ئي اکين ۾ جوڻس دوا لاءِ چيو هو ۽ هن منهن ڦيري ڏند ڪرٽيا هئا. پوءِ روئي به ڏنو هئائين. ٻاهر آيو ته ماڻس آهستي چيو هو ”ابا! جوڻهين منهنجي ٻچن سان ڏاڍو ساڙ ٿي رکي. ڪڏهن ڏس ته سهين اصل نه ڏيڻ جيترو ٻوڙ ماني ڏيندي اٿن. ڪجهه سمجهائينس.“
    ”گهر مان ڪڍي ڇڏيانس.“ چڙي پيو هو. ماڻس فقط وات پٽي حيرت مان هن کي ويندو ڏسندي رهي هئي ۽ هو توائيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو هو. ”هي چڱو ڪم نه ڪيم.“ گهٽيءَ ۾ اچي سوچيو هئائين ۽ واپس موٽي آيو هو. پوءِ ماءُ کي آهستگيءَ ۾ چيو هئائين ”سمجهائي ڇڏيندومانس امڙ سمجهائي ڇڏيندومانس.“ ۽ وري ٻاهر نڪري آيو ته گهٽيءَ جي منڍ ۾ ننڍو ڀاءُ مليس. چولي جو آڳو ڦاٽل، وار وکريل، منهن تي لينگها لڳل هئس.
    ”ادا خرچي.“ الائي ڇو ڀاڻس ڪنهن پينو فقير جيان لڳو هئس؟ کيسي ۾ هٿ وجهي ڏهه پيسي ڪڍي هئائين. ڏهه پيسي ڏئي هلڻ جي ڪئي هئائين ته پويان چولي کي پڪڙي ننڍي پٽ چيو هئس ”هن کي نه ڏي بابا! هي ڪنو آ. هي مون کان سڀ پيسا ڦري ويندو آهي.“
    ڀاءُ ڏانهن ڏٺائين. ڀاڻس چيو ”نه ادا مان نه ڦريندو آهيان.“ هو ڊڄندي ڊڄندي چئي روئي ويٺو.
    ”نه روء چرياڻ – مان تنهنجو آهيان نه – ڀلا مان توکي ڪجهه چوان ٿو جو روئين ٿو نه روءُ!“ هن ڀاءُ جا ڳوڙها اُگهيا. کيس لڳي رهيو هو ڄڻ هو ننڍي ڀاءُ جو ڏوهي هجي. ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي پيار ڪيائين. پوءِ آخري ڏهه پيسي پٽ کي ڏئي چيائين ”چاچو اٿئي انڌا چاچو اٿئي!“ ۽ آفيس ڏانهن وڌي ويو هو.
    آفيس ۾ جا ٽيبل مليل اٿس اُن کان سخت نفرت ڪندو آهي. ڪا مٿين آمدني ئي ڪانه. رڳو سڪي پگهار ٻه سئو ستر رپيا. نه پنهنجا حال سٺا نه گهر جا. هن کان پوءِ جا ڀرتي ٿيل به موج ۾ آهن. هيءُ سدائين پريشان. گنجو ڪلارڪ روز سئو ٻه هنيون وڃي. هيءُ رڳو ڏسندو رهي. اصل ڪڙهندو رهي. گهر جي حالت خراب کان خراب تر. انهن حالتن پريس تي ڪمپازيٽر بڻائي ڇڏيس. پوءِ به پورت ڪانه. گوشت مارڪيٽ کان ڪجهه اڳڀرو عيد اچڻ ڪري چوڏيل ۽ چيڪلا لڳايا ويا هئا. انهن تي نظر پيس ته کيس ياد آيو. ”ادا اڳينءَ عيد تي به ڪپڙا نه وٺي ڏنئي – ڏس هي ڦاٽي ويا آهن. هن عيد تي وٺي ڏيندي نه؟“ وڏيءَ ڀيڻس چيو هو.
    چپ ڀڪوڙي هڪ نظر پنهنجن ڪپڙن تي وڌائين. قميص ڪالر وٽان ڦاٽل – شلوار چتين هاڻي – منهن ۾ گهنج پئجي ويس.
    ”ڇوڪري ائين مري ويندئي. ڪجهه ته دوا دارون ڪرينس.“ ٽئين ڏينهن جوڻس چيو هو. ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنائين. دماغ ۾ چر چر جا آواز پيو محسوس ڪري. آواز اڻڄاتل آواز جيڪي وڌندا پئي ويا. ”هيءُ ڇا پيو ٿئي؟“ هو پريشان ٿي سوچڻ لڳو. ”هي ڇا پيو ٿئي؟“ هو وڌيڪ پريشان ٿي سوچڻ لڳو. ”هي ڇا پيو ٿئي؟“ مغز کي ڀانواٽي اچي ويس. هيٺ ويهي رهيو. آواز اڃان به وڌي ويا.
    ”مون کي بچايو! مون کان پوءِ منهنجي گهر جو ڇا ٿيندو؟“ هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. ”مان چريو ٿي رهيو آهيان. منهنجو گهر ڪير سنڀاليندو؟ مون کي بچايو!“ ۽ هو زور زور سان رڙيون ڪرڻ پيو چاهي پر هن جو آواز هن جي ساٿ ڏيڻ ۾ ناڪام ويو.


    هڪ شخص جو موت

    پان ٻيڙيءَ جي دڪان آڏو جنهن شخص جو سسيءَ ڪٽيل لاش پيو آهي ۽ جنهن جي ڌڙ کان الڳ ٿيل چهري مٿان ڪهاڙين جا بيشمار گهاوَ آيل آهن تنهن جي چؤگرد ماڻهن جي ڀيڙ اڃان به موجود آهي. هو انهيءَ انگوشي ۽ سندري پهريل شخص مٿان مختلف رايا ڏئي رهيا آهن. انهيءَ هجوم جي وچ ۾ پوليس جا ڪجهه ماڻهو به هاڻ شامل ٿي ويا آهن. جيئن آپريشن ٿيٽر ۾ ڪنهن مريض مٿان ڊاڪٽرن جو ڪو جٿو وڍ ٽُڪ جو ڪم مشيني انداز ۾ جاري رکندو آهي ٺيڪ اهڙيءَ طرح سخت وردين ۾ ملبوس پوليس جا اهي فرد شيرنامو ٺاهڻ ۾ مصروف آهن پر منير لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڄڻ ته ڪنهن ڀوائتي خواب سمان آهي. هن جي اندر ۾ ڪنهن نانگ جيان ڦڻ ڪڍي ويٺل چپ منجهنس ايترو به حوصلو رهڻ ناهي ڏنو جو هو انهيءَ واقعي متعلق ٻين جيان ڪجهه ڳالهائي. هو جنهن جي دل گذريل ٻن مهينن کان هڪ خوف جي دٻاءَ هيٺ چيپجي وئي آهي جنهن جي اندر جو شخص ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو ڄامڙو ٿيندو تنهن جڏهن مٽيءَ مليل گهاٽي گهاٽي رت ۾ هڪ شخص جو سسيءَ وڍيل لاش ڏٺو ته خوف وچان هن جون اکيون ڦهلجي ويون. اذيت جي هڪ تيز لهر هن پنهنجي سرير جي نس نس ۾ ڊوڙي ويل محسوس ڪئي هئي. ڄڻ ته اهو انگوشي ۾ ململ جي سندري پهريل لاش ڪنهن ٻئي جو نه هجي ۽ ڪهاڙين جا بي رحم وار ڪنهن ٻئي تي نه ٿيا هجن. هن جي ئي چهري تي ٿيا هجن. هن جي جسم مان ڌرڙيون نڪري وڃن ٿيون. هو ڊنل ۽ هيسيل من سان ماڻهن جي هجوم مان ٻاهر نڪري اچي ٿو. هن جي ذهن جي هڪ ڪُنڊ ۾ خطري جو الارم مسلسل گونجندو رهي ٿو. کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته انهيءَ ڀيڙ ۾ ڪو شخص اڃان به موجود آهي جو هن کي انهيءَ شخص جيان مارڻ ٿو چاهي.
    هو جيڪو هڪ اسڪول ۾ ڊرائينگ ٽيچر آهي ۽ پنهنجي گهرو پريشانين جا بار ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائين ڪري گهٽائڻ ٿو چاهي تنهن جو پريشان ذهن اڃان به پريشان ٿي ويو آهي. گذريل ٻن مهينن کان هن جي گهرو پريشانين جي ڀر ۾ هڪ ٻيو پريشان چهرو به اچي بيٺو آهي جو هن جو پنهنجو چهرو آهي.
    هو جيڪو جنگ کان شديد نفرت ڪندو آهي. جنگين ۾ تباهه ٿيندڙ انساني وستين کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ ڀڄندي ۽ ڀُرندي محسوس ڪندو آهي جو خوبصورت گلن جو عاشق آهي ۽ جو فطرت جي حسن کي ڪئنواس تي آڻي خوبصورت چٽ ٺاهيندو آهي تنهن گذريل ٻن مهينن ۾ اهڙين چئن انساني جانين کي پنهنجي ئي رت جي دٻي ۾ ليٿڙيل ڏٺو آهي. هن جي مائٽن چار خون ڪيا آهن ۽ انهن جو پلئه وٺڻ جي نتيجي ۾ ايترا ئي خون ٿيا آهن. هن جي مائٽن جا پلئه وٺجي رهيا آهن ۽ ماڻهپي جو خون تاريخ جي ڦِڏن سڌن ورقن تي پنهنجا داغ ٺاهيندو رهيو آهي. هڪ ڌُر ٻيءَ ڌر جا ماڻهون انڌيءَ سوچ جي هٿيارن سان مارڻ ٿي چاهي - ماڻهپي جي سڙيل لاش تي هنبوڇيون هڻڻ ٿي چاهي – ٽهڪ ڏيڻ ٿي چاهي پر هو اهو سڀ ڪجهه نه ٿو چاهي - انهيءَ جنگ ۾ ماڻهوءَ خلاف ٽپي پوڻ نه ٿو چاهي - هو پنهنجي ڪٽنب جو وجود برقرار رکڻ لاءِ فقط معاشي محاذ تي وڙهڻ ٿو چاهي. هن کي زندهه رهڻو آهي – پنهنجي ڌيءُ جا انگل پورا ڪرڻا آهن – انڌيءَ ماءُ جون اکيون ڪرائڻيون آهن ۽ ٽي بيءَ ۾ ورتل زال جو ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻو آهي (جنهن جي اُجهاڻيل اُجهاڻيل اکين ۾ هن موت جهڙي بيوسي ڏٺي آهي.) تيستائين هن کي زندهه رهڻو آهي پر وقت هن تي ٺٺول ڪئي آهي ۽ هن کي انهيءَ جنگ جي منهن ۾ ڪنهن جبري ڀرتي ٿيل فوج جي سپاهيءَ جيان زوريءَ ڌڪي ڇڏيو آهي جو انساني خون جي اهڙي وحشتناڪ هولي ڏسي هراسجي ويو آهي.
    گذريل ٻن مهينن کان هن جو ذهني توازن ڄڻ ته بگڙڻ لڳو آهي – هو اڪيلائين کان ڊڄڻ لڳو آهي – ماڻهن جي ڀيڙ کان هن کي وحشت ٿيڻ لڳي آهي. هو ڪنهن سان ڳالهائيندو آهي ته ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪٿي کوئجي ويندو آهي. لاڳيتو پولارن ڏانهن گهوريندو رهندو آهي. رکي رکي هن کي محسوس ٿيندو آهي ته هن جي سامهون جو شخص ويٺو آهي اُن جي چهري جي اندران ڪو ٻيو شخص هن ڏانهن گهوري رهيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن جون اکيون ڦاهيءَ چڙهيل اکين جيان سامهين شخص ڏانهن گهورينديون آهن بلڪل ئي مئل اکين جيان. هن جي ذهن تي سدائين اهو خوف ڇانيل رهيو آهي ته ڪوئي شخص هن جو مسلسل پيڇو ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن موڙ تان اوچتو ظاهر ٿي هن جي زندهه رهڻ واريءَ آس مٿان ڳاڙهي ڳاڙهي رت جو ليپو ڏئي ڇڏيندو – زندگيءَ جي چرپر کن پل ۾ قبرستان جي ويرانيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو. ساڳي خوفناڪ ويراني جهڙي هو ڪجهه گهڙيون اڳ انگوشي ۽ سندري پهريل شخص جي چهري تي ڏسي آيو آهي جو روڊ جي سخت سيني تي ڪنهن جهور ٿيل ميل جي پٿر جيان ڊٿو پيو هو ۽ موت جي ڀوائتي ويراني جنهن جي کليل وات منجهان ٻاهر گهوري رهي هئي.
    ماڻهن ۾ هن جو شڪ اڃان به وڌي وڃي ٿو. هن جي ڀر مان گذرندڙ هر شخص هن کي دشمن جو بڇيل ماڻهو ٿو محسوس ٿئي. خوف جي ساڳي ڇيت هن جي ذهن ۾ مسلسل چڀندي رهي ٿي. اڻ ڏٺا انديشا وڌڻ لڳن ٿا هن جي من جي پاتال ۾ - اڄوڪي رات هو پاڻ مٿان ڏاڍي ڳوري محسوس ٿو ڪري – وايو منڊل ۾ وحشت ڦهلجي ويل محسوس ٿئيس ٿي. هن کي پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته هو ڪنهن اونداهين گهٽيءَ ۾ ڏاڍي بي درديءَ سان ماريو ويندو ۽ هن جو بي جان جسم روڊ جي هڪ پاسي کان ڊٺو پيو هوندو. تڏهن خوف جي هڪ تيز لهر هن جي پٺيءَ جي ڪنڊي مان اُڀري ٿي وڃي. اونداهان پاسا ڇڏي هو روشنيءَ ڏانهن هليو اچي ٿو.
    گذريل ٻن مهينن کان اهو هن جو دستور بڻيل آهي ته هو سوير گهر پهچي. هو اڪثر سج لهڻ کان اڳي ئي گهر پهچي ويندو آهي پر اڄ هو اهو دستور ٽوڙي ويٺو آهي. هو اسڪول جي هڪ ماستر جي شاديءَ ۾ ويو هو. شاديءَ ۾ وڃڻ کان اڳ ان ڪري به لنوائي نه سگهيو جو ذهن کي نستو بڻائيندڙ اسڪول جي بور ماحول کان نڪري هو ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ماستر آڏو زندگيءَ جا ڪچا چٺا کولي رکندو آهي. هن جي ٿڪل ٿڪل اکين ۾ کيس ڏاڍي پنهنجائپ نظر ايندي آهي. اڄ اها پنهنجائپ ئي هن کي اوڏانهن گهلي وئي هئي ۽ نه چاهيندي به هن کي گهڻيءَ دير تائين اُت ويهڻو پيو هو جا دير هن جي گذريل ٻن مهينن جي سڀ کان وڏي دير هئي.
    بي انداز ماڻهن جي وچ ۾ هن کي اوچتي هڪ اهڙو ماڻهو نظر اچي ٿو جنهن جي مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل آهي ۽ جنهن جي وڏين وڏين مڇن ۽ ڏاڙهيءَ مٿان نظر ايندڙ ڀوائتيون اکيون هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيون آهن. هن جي هڪ هٿ ۾ ڪهاڙي پڪڙيل آهي جنهن جي مٿان اڇن ۽ ساون پٽن وارو وڏو رومال اهڙيءَ طرح ويڙهيل آهي جو فقط ڪهاڙيءَ جو رنگ ڏنل ڪارو ڳن ئي نظر اچي سگهي ٿو.
    ڀوائتين اکين وارو اهو شخص ويهن قدمن جيتري مفاصلي تي هاڻ بيهي رهي ٿو. هن جي اوچتي بيهڻ تي منير جي بُت مان ساهه ئي ڇڏائجي ٿو وڃي – هن جي جسم جا وار ڪجهه لمحن لاءِ اُڀا ٿي وڃن ٿا – خشڪ ٿيل چپ کلي وڃنس ٿا – اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون تڏهن اڌ رنگي جي ڪنهن مريض جيان هن جا پير اڳتي وڌڻ جي شڪتي وڃائي ويهن ٿا. هو پاسي کان بيٺل اليڪٽرڪ پول ۾ هٿ نه وجهي هان ته شايد ڪري پوي هان. تڏهن موت جهڙين انهن سخت گهڙين ۾ راڪاس جهڙو اهو بيٺل شخص سيڌي جي هڪ دڪان اندر گهڙي وڃي ٿو ۽ ٿڪل ٿڪل ساهن سان منير ڪنهن زخمي ٿيل پکيءَ جيان جسم جي سموري سگهه ڪٺي ڪري اڳتي وڌي ٿو وڃي. دڪان ۾ گهري ويل اهو شخص جو ڪنهن کي ڳولڻ واري انداز ۾ رستي تان لنگهندڙ ماڻهن ڏانهن ڏاڍي وحشت وچان ڏسي رهيو آهي تنهن ڏانهن اک ٽيٽ ڪري منير هڪ نظر جيئن ئي وجهي ٿو ته لرزندڙ ٽنگن سان هلڻ جي رفتار اڃان به وڌائي ڇڏي ٿو. هن کي هاڻ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته اهو اوپرو شخص هن کي ئي مارڻ وارو شخص آهي. پنهنجي خون ٿيل مائٽ جو پلئه وٺڻ لاءِ هو هن جو ئي رستو تڪي رهيو آهي. اک ڇنڀ ۾ هن جا زندگيءَ کان لاڳاپا ٽوڙڻ جي ارادي سان ئي انهيءَ دڪان ۾ لنگهي ويو آهي ۽ هن جي پٺيان چپ چپ ڪري هن تي ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏيندو. هڪ هڪ وار سان خوفناڪ گاريون ڪڍندو. هن کي اها به ته خبر ڪانه آهي ته هن جي دشمن جو چهرو ڪهڙو هوندو؟ هي ته بس اهڙي ئي ڪنهن رهزن ماڻهوءَ جي ڪهاڙين جو کاڄ ٿيڻ وارو آهي – اهڙي ئي ڪنهن اڻ ڄاتل چهري منجهان هن کي موت جو خوف آهي جو هن جو ذاتي دشمن نه هئڻ جي باوجود هن جو دشمن هجي. هو اڻ ڪيل دشمنيءَ جي سزا ڪٽڻ تي مجبور آهي.
    هو هاڻ فٽ پاٿ تي هلڻ لڳي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هراسيل نگاهن سان پٺتي به ڏسي ٿو وٺي. هن جي ويجهو هاڻي اُهو شخص نه رهيو آهي. ڪيترا ئي ڄاتل ۽ اڻڄاتل ماڻهو هن جي ڀر مان گذرن ٿا. چهرا ايندا ۽ ويندا رهن ٿا ۽ هو چاهي ٿو ته چهرن جي انهيءَ هجوم ۾ ڪنهن ڪک وانگر گم ٿي وڃي پر هيترن سارن ماڻهن ۾ ڪو به ته هن کي تحفظ ڏئي نه ٿو سگهي. ڪو به هن جي زندگيءَ جي ضمانت جي هام هڻي نه ٿو سگهي. هو چونڪ تي اچي پريشان ٿي بيهي رهي ٿو ۽ هڪ لمحي ته هو موت کي اوچتو سامهون ڏسي وٺندڙ ماڻهوءَ جيان عجيب وحشت ۽ بي وسيءَ وچان رڙيون ڪرڻ وارو ٿئي ٿو - هن جو سڄو جسم ڏڪي وڃي ٿو جڏهن هڪ شخص جي هٿ جو دٻاءُ پنهنجي ڪلهي تي محسوس ٿئيس ٿو.
    ”خير ته آهي منير صاحب اڄ ائين پريشان پريشان پيا لڳو!“
    هو حيرانيءَ وچان ان شخص ڏانهن ڏسي ٿو جو هن جو پراڻو واقفڪار نڪري پوي ٿو. کيس ڪو به جواب نه ڏئي فقط هن ڏانهن ڊنل ڊنل نظرن سان ئي گهوريندو رهي ٿو. ”ڇو يار منهن ائين پيلو پيلو ٿي ويو اٿوَ؟ ڪا ايڏي وڏي پريشاني آهي ڇا؟“ هن جو دوست وري هن جي ڪلهن تي هٿ رکي ٿو.
    منير جي حالت ائين ٿي وئي آهي ڄڻ ته ماڻهن جي هشام وچ ۾ هو سڳ سوڌو پڪڙجي پيو هجي. ائين اوچتو اندر جي چوري پڪڙجي پوڻ تي هو هڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ”نه نه..... اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي..... اصل ۾ هو.....“ ان جملي سان هو کيس مطمئن ڪري نه ٿو سگهي. اهي ڀاوَ ان شخص جي چهري منجهان صاف ظاهر ٿين ٿا.
    ”خير هلو ته مان توهان کي چانهن پياريان. توهان سان ٿوري ڪچهري به ڪرڻي آهي.“
    هو پريشان ٿي وڃي ٿو. ”اصل ۾.... مون کي.... مون....“ ”اچو ته سهين!“ هو هجت وچان هن جي ڏونري ۾ هٿ وجهي ٿو.
    منير جيڪو وقت وڃائڻ نه ٿو چاهي جنهن کي گهر پهچڻ جي ڏاڍي جلدي آهي جو اڄوڪي رات پاڻ تي ڏاڍي ڀاري محسوس ٿو ڪري نه چاهيندي به هن جي ڪڍ ڪڍ هلڻ لڳي ٿو.
    هوٽل جي هڪ خالي ٽيبل تي ويهندي دوست کانئنس پڇي ٿو.
    ”ٻيا ڪهڙا حال اٿوَ؟“
    ”هون!“ هو ڇرڪ ڀري ٿو.
    ”ڀائو سچ ٻڌايو ويچار ڪهڙي ۾ گم آهيو؟ ڪجهه ڳالهايو! ڪم ڪيئن ٿو هليوَ اڄڪلهه؟“
    هو سمجهي ٿو ته اڄ هو ڪجهه به ڳالهائي نه سگهندو. هن جي اندر جو ڊپ هن جي هر لفظ مان ظاهر ٿي پوندو. هو جيڪو دنيا جي هر مسئلي تي ڏاڍو سٺو ڳالهائي سگهندو آهي ادب ۽ آرٽ کان فلم جي سطحي موضوع تائين جيڪو وڏي يخي هڻي ڄاڻي تنهن پنهنجي پاڻ کي اڄ ڏاڍو بيوس محسوس ڪيو آهي. ان کان اڳ جو هن جو دوست ڪنهن اهڙي مسئلي تي ڳالهائي ۽ هو چرين وانگر ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي. هو چوي ٿو ”هون..... هڪ دوست سان ملڻو آهي.“
    لفظن جي کيڏاريءَ سان لفظ ساٿ نه ٿا ڏين. هيسيل هيسيل اکين سان هو هن ڏانهن ڏسي ٿو ”توهان برو نه ڀانيو ته.... ته جيڪر مان اجازت وٺان.... اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي. مان گهر وڃڻ.....“ اوچتو کيس ياد اچي ٿو ته هو صرف هڪ گهڙي اڳ ڪنهن دوست سان ملڻ جو بهانو گهڙي ويٺو آهي ۽ هاڻ جنهن نموني هن ٻيو بهانو گهڙيو آهي اُهو گهٽ ۾ گهٽ هن جي حق ۾ بهتر نه ٿو لڳي. هن کي شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته هو وِڦلڻ لڳو آهي ۽ هو ڪنهن به ڳالهه جو صحيح جواب ڏئي نه سگهندو.
    دوست هن ڏانهن معنيٰ ڀريل نظرن سان ڏسي هلڪو مرڪي ٿو ۽ منير اڃان به وڌيڪ هڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ”سائين مان..... هاڻ اجازت وٺندس ڇاڪاڻ ته.....“ هو اُٿڻ جي ڪري ٿو.
    ”ويهو ته بادشاهه..... چانهن جو هڪ ڪوپ ته پي وڃو..... ڪجهه ڪچهري به ٿي ويندي ان بهاني.“
    ۽ منير اندر جي اُڻ تُڻ اندر ۾ دٻائي پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڍلو ڪري ڇڏي ٿو.
    ”اڙي ها!....“ هن جو دوست اوچتو ڪنهن ڳالهه جي ياد اچي وڃڻ تي ڏاڍي تجسس وچان هن ڏانهن ڏسي چوي ٿو ”يار منهنجو هڪ دوست آهي جو ڪتاب ڇپائڻ ٿو چاهي سو ٽئين ڏينهن رات ٽائيٽل ٺهرائڻ جي سلسلي ۾ توهان جي گهر آيا هئاسين...... پر اڌ ڪلاڪ در تي بيهڻ کان پوءِ به ڪو گهر کان ٻاهر ئي نه نڪتو.... خير..... اصل ۾ هن کي ڪنهن ڪتاب لاءِ ٽائيٽل ٺهرائڻو آهي.... اهڙو ٽائيٽل جنهن ۾ روشنيءَ بدران رت وسائيندڙ سج نظر اچي..... سمجهو ٿا نه منهنجي ڳالهه!“
    ۽ تڏهن اوچتي ياد اچي ٿي هن کي ٽئين ڏينهن واري اها رات جڏهن ڪي نامعلوم شخص هن جي سوٽ پٺيان ڪهاڙيون کڻي ڊڪيا هئا ۽ وڏيءَ مشڪل سان هو زندگي بچائڻ ۾ ڪامياب ويو هو. هراس واري ان ساڳي ئي رات جڏهن وقفي وقفي سان در جو ڪڙو کڙڪڻ لڳو هو ۽ جڏهن رات جي گهري خاموشيءَ ۾ هن جو نالو ورتو ويو هو ته هن کي پنهنجي جسم تي هزارها ڪولين جهڙي چرپر محسوس ٿي هئي. هو جنهن جي هڪ مائٽ کي اهڙي ئي هڪ رات گهران سڏي ڪهاڙين سان ماريو ويو هو تنهن جڏهن در جي ٻاهران اوپرن ماڻهن جو چوٻول ٻڌو ته هيسجي ويو هو. تنهن گهڙيءَ هن جي زال پنهنجو ڪمزور هٿ هن جي ڪلهي ۾ وجهي هن کي زور ڏنو هو. هن جي انڌي ماءُ ٽپ ڏئي اُٿي ويٺي هئي ۽ پنهنجي بي نور اکين کي مسلسل ڇنڀيو هئائين. ”هن آويلي رات ڪير ٿي سگهي ٿو ٻاهر.... نه نڪرجانءِ!“ شديد خوف وچان هن جي ماءُ چيو هو ”نه وڃجانءِ منير ٻاهر نه وڃجانءِ! ڪنهن تي ڪهڙو ڀروسو آهي ابا؟“
    پوءِ جڏهن ان واقعي کي گهڻي دير گذري وئي هئي ۽ جڏهن در تي وقفي وقفي سان ٺڪ ٺڪ جو آواز اچڻ به بند ٿي ويو هو تڏهن هو ڊڄندو ڊڄندو ٻاهر آيو هو ۽ ان لمحي خالي خالي گهٽيءَ ۾ ڪو به ماڻهو نه ڏٺو هئائين ته سک جو ساهه کنيو هئائين.
    هو هڪ ڊگهو ساهه کڻي ٿو ۽ ان رات گهر کان ٻاهر نه اچڻ واري ڊپ کي لڪائي هڪ بهانو گهڙي وٺي ٿو.
    ”سائين! اصل ۾ ان رات مان گهر ۾ هيس ئي ڪونه... نه ته ڀلا گهر ۾ ويهي ٻاهر نه اچان ها؟ سو به توهان جي ايندي.... منهنجو مطلب آهي ته مان گهر ۾ ڪونه هيس. يقين ڪريو مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ائين ناهي ڪيو.“
    ”اڙي ڀائو! منهنجو مطلب هرون ڀرون اهو ڪونه آهي. بهرحال ڇڏيو ان ڳالهه کي.... ها اهو ٻڌايو ته ڪڏهن ٿا ٽائيٽل ٺاهيو!“ اوچتو هن جي دوست جي نظر ڪائونٽر تي بيٺل هڪ هندو شخص تي پوي ٿي جنهن کي ململ جي ڪپڙي جي ڌوتي پهريل آهي تڏهن هن جي چهري تي ڪنهن ڳالهه ياد اچڻ جا ڀاوَ اُڀرن ٿا ۽ هو ٽائيٽل وارو موضوع اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏئي ٿو. ”اڙي يار ها!... واسو مل جي مانڊڻيءَ وٽ اڄ جيڪو خون ٿيو آهي ان جي ته خبر اٿوَ نه؟“
    منير کان وري ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. وڏيءَ مشڪل سان فقط هڪڙو ئي لفظ ڳالهائي سگهي ٿو. ”ها....“
    ”ڀائو! ايترو سو چئبو ته فوتي نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾ هو. هو غريب ته رڳو هڪ ذات مان هئڻ ڪري ماريو ويو. ڀائي مارجي اُن کي جيڪو ڏوهي هجي. باقي اهو ڪهڙو انصاف چئبو چوري ڪر مُڇن وارو پڪڙيو وڃي ڏاڙهيءَ وارو؟“
    منير کي هڪدم ڪاوڙ اچي وڃي ٿي. هٿ ڏڪڻ لڳنس ٿا. جوش کان ڏند ڪرٽي وڏا وڏا ساهه کڻي ٿو.
    ”ماڻهوءَ جو وحشيپڻو اڃان به ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو ڇا؟“ هو ڳالهائڻ لڳي ٿو. ”ته ڪنهن شخص سان دشمنيءَ کي ڇڪي تاڻي ان سطح تي آندو وڃي جو ان کي ماريو وڃي – ان جي هستيءَ کي نابود ڪيو وڃي. اهو سوچڻ بنا ته اهو شخص جو زندهه رهي ٿو اهو رڳو پنهنجي ذات لاءِ نه ٿو جيئي. انهن رشتن لاءِ به هن کي جيئڻو پوي ٿو جن ۾ هو ورهائجي ويل آهي. هاڻ مون کي ڪو ماڻهو جيڪڏهن اوچتي ماري ڇڏي ته ان سان ڇا ملندو هن کي؟ سواءِ ان جي ته مون اڪيلي جو موت انهن سڀني جو موت بڻجي سگهي ٿو جن سان منهنجي رت جون تندون جڙيل هونديون. جذباتي وابستگيون هونديون جن سان ٻڌايو هيڏي وڏي دنيا ۾ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو جو انهن جي زندهه رهڻ لاءِ مون جيان ورهائي ڇڏي پاڻ کي.“ جذبات ۾ اچي هو ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. چپ ڦرڪڻ لڳنس ٿا. اکين ۾ چرين جهڙي چمڪ اچي وڃيس ٿي. ”هڪ ماڻهوءَ جي موت سان جيترا به فرد زندهه مريو وڃن ٿا اوترا ئي ڀيرا اُن خونيءَ کي – انسانيت جي دشمن کي اذيتون ڏئي ڦاهيءَ تي لڙڪايو وڃي. فائرنگ اسڪواڊ آڏو بيهاري گولين سان اُڏايو وڃيس ته به جيڪر ان وحشيپڻي جي تلافي ٿي نه سگهندي.“
    ”هونئن اها خبر ته اٿوَ نه ته اهو خون ڪنهن ڪيو آهي؟“ منير هن ڏانهن فقط خاموشيءَ وچان ڏسندو رهي ٿو جنهن منجهان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هو انهيءَ مري ويل شخص جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو ڄاڻي. نه ان جي ماريندڙن جي باري ۾ ڪا معلومات رکي ٿو. هو ڪنڌ سان ننهنڪر ڪري ٿو.
    تڏهن ڏاڍي رازداراڻي نوع ۾ هن جو دوست چوي ٿو ”ڀائو! مون کان ٿا لڪائڻ چاهيو ڇا؟“
    ”ڇا مطلب؟“ خوف کان هن جي چيٽ نڪري وڃي ٿي.
    ”ته چئبو توهان کي واقعي اها خبر ڪانهي.“ منير فقط ڌڙڪندڙ دل سان ايندڙ لمحن جو وڏي اُڻ تڻ سان انتظار ڪري ٿو.
    ”ڀائو! حد درجي جو ڪو ساڌو آهين.“ هن جو دوست ڳالهائڻ لڳي ٿو. ”تنهنجي مائٽن پلئه ڪري وڌو آ. ڏيهه سڄي کي ڄاڻ پئجي وئي پر تون آهين جو....“
    ”ڇا؟“ ڄڻ ته هن جي ڀر ۾ ڪو زوردار ڌماڪو ٿيو هجي. هن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. شديد خوف وچان هن جو چهرو هيڊو ٿي وڃي ٿو. ”سائين! معاف ڪجو مون کي هڪ تمام ضروري ڪم ياد اچي ويو آهي.... مان.....“ هو جملي کي اڌ ۾ ڇڏي اُٿي ٿو ۽ دوست جي ڪنهن به جواب جو انتظار ڪرڻ بنا هوٽل مان ٻاهر نڪري اچي ٿو.
    ڀوائتين اکين واري شخص بابت هن جو خدشو هاڻ يقين ۾ بدلجي وڃي ٿو جو ڪنهن کي ڳولڻ واري انداز ۾ رستي ڏانهن ڏاڍيءَ وحشت وچان گهوري رهيو هو. هن جي وکن ۾ ان لمحي بيحد تيزي اچي وڃي ٿي جڏهن اُمالڪ ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ڏانهن نظر وڃيس ٿي. ”ٻارهن!“ هرو ڀرو ايڏو اويلو ٽائيم به ڪونهي پر اڄ اهو ٽائيم هن کي محسوس ٿئي ٿو ڪنهن گجگاهه رات جي اويري وقت جيان ڏاڍو ڀوائتو.
    شهر جون حدون لتاڙي هو جڏهن ڊگهن ۽ گهاٽن وڻن سان ڍڪيل سنسان مسجد وٽ پهچي ٿو ته ڊپ وچان هن کان ڌرڙيون نڪري وڃن ٿيون. دور دور تائين ڦهليل گهاٽن وڻن جي وچ مان گذرندڙ اونداهين ۽ خاموش رستي مٿان هلڻ جو خيال هن جي سرير ۾ خوف ڦهلائي ڇڏي ٿو. ڊنل من سان جيئن جيئن اڳيان وڌي ٿو تيئن تيئن زندگيءَ جي چرپر ۾ ٺاپر ايندي وڃي ٿي. فقط سانت جون صدائون رهجي وڃن ٿيون. اوچتي هو وري ڇرڪجي وڃي ٿو. موت جا سرد هٿ هن کي پنهنجي جسم تي ڦرندي محسوس ٿين ٿا. بي پناهه خوف وچان هن جا پير ڌرتيءَ کي چنبڙي پون ٿا. اوندهه ۾ هو اکيون ڦاڙي ڏسڻ لڳي ٿو. سامهون موريءَ تي ڪي اونداهان پاڇا نظر اچنس ٿا جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ٿي رهيا آهن. هن جي دل زور زور سان اُڇلون کائڻ لڳي ٿي. انهن ئي لمحن ۾ کيس لڳي ٿو ته اهي پاڇا هن کي ڏسي هڪ هنڌ ساڪن ٿي ويا آهن. هن کي مارڻ لاءِ هنن جي چرپر رڪجي وئي آهي. ضرور انهن مون کي ڏسي ورتو آهي. هاڻ ته ڀڄڻ جي به ڪا واهه نه رهي آهي. جي ڏٺو اٿئون ته ڪٿي ڇڏيندا؟ ڏاڍيءَ ويچارپ سان جيئن ئي پٺتي ڇڏي آيل رستي ڏانهن ڏسي ٿو ته هن جي جسم جا وار هڪدم ڪانڊارجي وڃن ٿا. جنهن رستي تان هلندو هو هيستائين پهتو آهي اُن رستي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن شخص جو اونداهون پاڇو بيٺل محسوس ٿئيس ٿو. ذهن ۾ گونجندڙ خطري جو سائرن تيز ٿي وڃيس ٿو. کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته رستي تي بيٺل اهو شخص به انهن جو ئي وانگاري آهي جو شهر ڏانهن ويندڙ گهاٽ جهلي بيٺو آهي. موت جهڙي انهيءَ سانت ۾ خوني چهرا ڦري وڃن ٿا هن آڏو. ڪهاڙين جا اوندهه ۾ چمڪاٽ ۽ هن جون آزيون نيزاريون مڏن هٿيان جيان انهن آڏو بي اثر – تيز ڪهاڙين جا چيچلائيندڙ وار – گهٽيل رڙيون – اکيون ٻاهر نڪري آيل – هو پاڻ کي پنهنجي ئي رت ۾ ليٿڙيل محسوس ڪري ٿو. هڪ گهڙيءَ ته هن جون رڙيون نڪرندي نڪرندي رهجي وڃن ٿيون. جڏهن پاسي کان آيل هڪ آوارو ڪتو اوندهه جو سينو چيري ڪمند جي گهاٽي پوک ۾ ڇوهه منجهان گهري وڃي ٿو تڏهن هن جو سڄو جسم لرزي اُٿي ٿو. ڊپ وچان هن جا ساهه پاڻ ۾ وچڙڻ لڳن ٿا ۽ هاڻ جڏهن ٿورو ٿورو سامت ۾ اچي ٿو ته وري روڊ جي هڪ پاسي کان بيٺل پاڇي ڏانهن ڏسي سوچي ٿو. هي شخص جيڪڏهن منهنجي مارڻ لاءِ موڪليو ويو آهي ته هيترو وقت بيهي ڇو رهيو آهي اتي؟ چُري پُري به ته نه ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو پاڇو نه هجي. ڪنهن وڻ جو ڪٽيل ٿڙ هجي. اهو منهنجو وهم به ته ٿي سگهي ٿو نه! مسلسل خوف جي دٻاءَ مان نڪرڻ لاءِ هو پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو ۽ موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇن لاءِ به هو اهڙي قسم جو دل کي ڏڍ ڏيندڙ رايو قائم ڪري ٿو. ”هي ته مون کي سرن جا ڪي ٻوڙا ٿا نظر اچن جيڪي اڳهڻو هوا جي ڪري شايد لڏيا هئا. هن کي پنهنجي پاڻ تي کل اچي وڃي ٿي. مان به ڪيترو ته ڊڄڻو آهيان. اجايو هيترو ٽائيم پاڻ کي رستي تي بيهاري ڇڏيم ۽ هاڻ هن جي اندر جي شڪتي وري موٽي اچي ٿي. هو هاڻ بنا ڪنهن ڊپ جي موريءَ ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو پر جيئن جيئن موري ويجهي ايندي وڃي ٿي هن جي اُميد جي اُبتڙ موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇا ماڻهن جو روپ وٺندا وڃن ٿا. انهن جي سرن هجڻ وارو شڪ جڏهن چئن ماڻهن جي حقيقت ۾ بدلجي وڃي ٿو تڏهن ڀو کان هن جا لڱ ايترا ته ساڻا ٿي وڃن ٿا جو اڳتي هلڻ جو ساهس ئي وڃائي ويهن ٿا. هو ڏڪندڙ قدمن سان بنهين انهن جي ويجهو اچي وڃي ٿو. تڏهن شڪست کاڌل فوج جي ان سپاهيءَ جيان جيڪو زندگيءَ ۽ موت جي ڇتي جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري زندگيءَ جي خيرات لاءِ ٻئي هٿ مٿي کڻندو آهي. ٺيڪ اهڙيءَ طرح خوف وچان ڦاٽي ويل آواز ۾ هو ويٺلن کي سلام ڪري ٿو ۽ ان لمحي ته جسم منجهان ساهه ئي ڇڏائجي وڃيس ٿو. هو بنهه ڪرڻ وارو ٿئي ٿو. جڏهن موريءَ تي ويٺل ماڻهن منجهان هڪ ڄڻو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏاڍي آهستگيءَ ۾ ڪجهه چوي ٿو تڏهن بي پناهه خوف وچان هن جي منهن تي پگهر جا ڦڙا نڪري اچن ٿا. هو وڏيءَ مشڪل سان ساهه کڻڻ لڳي ٿو ڄڻ ته ساهه جي نليءَ ۾ ڪجهه ڦاسي پيو هجيس. ساهن جي انهيءَ بي ترتيبيءَ سان لڙکڙائيندو / ڀانواٽيون کائيندو هو جڏهن ڏهن قدمن جيترو مفاصلو طئه ڪري وڃي ٿو تڏهن امالڪ ئي موت کان زندگيءَ ڏانهن رڙهندڙ ماڻهوءَ جيان جسم جي سموريءَ سگهه سان چرين جيان ڊوڙڻ لڳي ٿو.


    جنم جلي

    هوءَ روئي رهي آهي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، پوڙهي پڦي، ننڍي ڀيڻ ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون آهن. هن جي مڙس جو لاش هن جي سامهون رکيو آهي جنهن کي مري وئي چار ڪلاڪ گذري ويا آهن ۽ انهيءَ سموري عرصي جي هڪ پل ۾ هوءَ زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ هلندڙ هڪ جنگ جهڙيءَ ڪيفيت مان گذري رهي آهي. هن ڀوڳيو آهي. هن جي اندر ۾ لوڇ آهي. ڦٿڪو آهي. ازل کان هڪ روڄ آهي جو وڌي رهيو آهي. ڪٺو ٿي رهيو آهي. هن جي روح ۾ پيل صدين جا پوسرجي ويل ڦٽ هن جي ڪٺي ٿيل روڄ سان وڌيڪ ڪنا ٿي رهيا آهن. هوءَ چئن ڪلاڪن کان لاڳيتو روئندي رهي آهي. روئي روئي هن جي نڙي ويهجي وئي آهي. هن جي اندر جي عورت ڀڄي ڀري ڊهي پئي آهي. هن جو حال، هن جو مستقبل ڊهي موهن جو دڙو ٿي پيو آهي. هوءَ پنهنجي اندر جي تباهه ٿيل عورت مٿان روئي رهي آهي ۽ هن کي لڳي رهيو آهي ڄڻ ته هوءَ صدين کان ائين ئي روئي رهي آهي. هر جنم ۾ صدين جا سور کڻي روئندي رهي آهي. هڪ لمحي لاءِ به هن ماٺ ناهي ڪئي ۽ هاڻي منهن تي ٻانهن ڏئي منهن کٽ جي ٻانهينءَ تي رکي ڇڏي ٿي. سندس روح جي پراڻن ڦٽن مان اُٿندڙ ازلي ايذاءَ جون سٽون هن جي آواز ۾ لهي اچن ٿيون ۽ پوءِ اوڇنگارن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو جنهن گهر جي ديوارن جا ڄڻ ته بنياد ئي لوڏي وڌا آهن.
    هوءَ جنهن گهراڻي سان تعلق رکي ٿي ان جو شمار هيٺئين درجي واري وچولي طبقي ۾ ڪري ٿو سگهجي جت خواهشن جا شمشان گهاٽ ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻي ٿا جيئن جت سندر سپنن جي ڀيانڪ تعبير آهي. تاريڪ گهٽيون آهن ۽ گدلا گدلا گهر جن ۾ رهندڙ ماڻهو انهن گهرن کان وڌيڪ گدلا آهن جت سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ به اڻپوري آهي. بک آهي. لوساٽيل چهرن تي قبرستان جهڙي ويراني آهي. زرينا انهيءَ گهراڻي سان تعلق رکندڙ عورت آهي جت گهر جو سمورو بار ڪنهن اڪيلي جيوَ کي ڍوئي زندگيءَ جي ٿڪائيندڙ ڊوڙ ۾ حصو وٺڻو پوي ٿو ۽ هن جو پوڙهو پيءُ هاڻي وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي. وڌيڪ لاگر ٿي ويو آهي. هاڻي هو ڏاڍيءَ تڪليف سان زندگيءَ جي انهيءَ ڊوڙ ۾ حصو وٺي سگهندو آهي.
    هو جڏهن بوٽن جي هڪ دڪان تي هڪ سو ماهوار پگهار تي زندگيءَ جي گهرجن جو بار اڪيلي سر ڍوئيندو هو تڏهن زرينا سوچيو به ڪونه هيو ته سندس پيءُ جي دڪان تي آيل هڪ گراهڪ هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويل اونداهينءَ کي دور ڀڄائي ڪڍندو. هن جي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ انهيءَ خواب جي ڪا تصوير چٽيل ڪانه هئي. هن گهڻو اڳ اهڙا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا هئا جو وقت جي ڀيانڪ سچائيءَ هن کان اهڙن خوابن جو حق ڦري ورتو هو ۽ هوءَ حقيقي دنيا ۾ هلي وئي هئي جا بک ۽ مفلسيءَ جي ننگي دنيا هئي ۽ انهيءَ رات – ها اها رات جا زرينا آڏو ائين ئي گذري ويندي هئي. ٿڪل ٿڪل سَڪرات واري ماڻهوءَ جي اُڀن اُڀن ساهن وانگر مرڻينگ حالت ۾ پر ان گهڙيءَ ان بي جان مرڻينگ رات ۾ ڄڻ ته زندگيءَ جي بهار اچي وئي هئي ۽ ان گهڙيءَ دنيا جي تمام تر خوبصورتي پنهنجي ڪاري وجود ۾ سموئي ڏاڍي نرالي ۽ ڏاڍي وڻندڙ لڳي هئي کيس. انهيءَ رات هڪ ڪچي گهر جي ڪوٺي ۾ ٻن پراڻين سوڙين مٿان نئين چادر وڇائي سيج ٺاهي وئي هئي ۽ جڏهن انهيءَ سيج مٿان دل جي تيز ڌڙڪڻ سان پورو ڪيو هئائين ان گهڙيءَ جو اوسيئڙو تڏهن ٽڙي پيا هئس دل جي ويرانيءَ ۾ ڪيئي ڪنول. هن جي مئل خواهشن ۾ زندگيءَ جي حرارت ڊوڙي وئي هئي ۽ تڏهن کان هن زندگيءَ کي ڀرپور انداز ۾ ماڻڻ شروع ڪري ڏنو جو سندس مڙس چوندو هو زندگي ماڻ! انهيءَ جي خوبصورتي روڙي وٺ! جو انهيءَ کان اڳتي اوندهه جو نه کٽندڙ پولار آهي ۽ هن پوليس واري جي هڻ وٺ جي ڪمائيءَ مان پراڻن ڏينهن سان ڄڻ ته تعلق ئي ٽوڙي ڇڏيو. خوشيون ئي خوشيون ٽڙيل پکڙيل هن جي چئني پاسن کان. بک، بيماريءَ ۽ محروميءَ جا ڪارا ڀوت ڀڄي ويل هن کان. هفتي جا ست ڏينهن، ٻه يا ٽي ڏينهن هڪ ٻن ويلن جو فاقو – باقي ڏينهن دال پٽاٽا، ڪڏهن ڪڏهن هڪ پاءُ گوشت، پاڻيءَ سان ڀريل ديڳڙي اندر لڙهي ويل، راشن ڊپوءَ تان سستي ۾ سستي ورتل ڳاڙهي اٽي جي مانيءَ سان پاڻيءَ جهڙي بدذائقي رس. بلڪل جيل جهڙي زندگي ۽ ان زندگيءَ مان رهائي ملي ويس. نئون ڪشادو گهر. مانيءَ جي پيسي جي ڪا ڳڻتي ڪانه. رڳو هڪ ڳڻتي ”اڙي نيٺ ڪڏهن ايندي اها ٽي وي؟“ ڏاڍي ناز ڀرئي انداز ۾ مڙس کان پڇندي ۽ مڙسهنس وراڻي ڏيندو ساڳي لهجي ۾. ”بس جاني هاڻ رڳو هڪ ڇڪو لڳي. پوءِ عام ٽي وي ڇا مان توکي رنگين ٽي وي وٺي ڏيندس – رنگين ٽي وي!“
    ۽ هڪ ڏينهن ته ايڏي خوشي ملي هئس – ايڏي خوشي ملي هئس – ڏاڍي خوشي ملي هئس. هوءَ هئي جنهن پاڻ هواءِ کان به هلڪو ٿي محسوس ڪيو. ان ڏينهن مڙسهنس هن اڳيان خواهش جي ڀري کڻي پٽ تي رکي هئي. اسمگلنگ ٿيل ڊبل گهوڙا، بوسڪيءَ جا ٻارهن ٿان هن جي آڏو پيا هئا جي مڙسهنس ڇاپو هڻي پنهنجي حصي ۾ کڻي آيو هو ۽ تڏهن ڏينهن ٻن اندر گهر ۾ ايندڙ نئين ٽي ويءَ جي خوشيءَ ۾ الائي جي ڪيتريون ته چميون ورتيون هئائين مڙس کان. هر غم کان بي نياز هئي تنهن گهڙيءَ ۽ تڏهن کيس اها خبر ئي نه هئي ته ايندڙ هڪ ڏينهن هن جي خوشين جو – هن جي تمنائن جو شهر اُجاڙي قبرستان بڻجي ويندو. دفن هوندا جت خوشين جا، خواهشن جا ۽ سندس اُميدن جا لاشا. کيس خبر نه هئي ته ايندڙ هڪ ڏينهن سپر هاءِ وي ڪنٽرولنگ اسٽيشن تي سندس مڙس ڪنهن بدحواس پٺاڻ جي ٽرڪ جو کاڄ بڻجي ويندو.
    ان ڏينهن ها ان ڪاري ڏينهن مڙسهنس جو لاش اڱڻ ۾ رکيل کٽ مٿان پيو هو ۽ هوءَ انهيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهي هئي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، پوڙهي پڦي، ننڍي ڀيڻ ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون هيون.
    مڙسهنس جي موت سان گڏ سندس زندگيءَ ۾ آيل نئين تبديلي به ختم ٿي وئي ڄڻ سئنيما جي پردي مٿان ٽن ڪلاڪن جي ڪا فلم هڪدم پنهنجي الميا پڄاڻيءَ کي پهتي هجي. پوءِ ساڳي ئي رڙيون ڪندڙ ويراني! هوءَ پٺتي موٽي زندگيءَ جي پراڻن پيچرن مٿان ڏک وستيءَ ۾ هلي آئي. هوءَ هئي ۽ هن جي پيءُ جو پراڻو ڪچو گهر هو پر هن ڀيري هوءَ اڪيلي زرينا نه هئي. ڇوڪريءَ منجهان عورت بڻجڻ واري لمبي سفر دوران هٿ آيل ٻئي ٻار به ساڻ آندا هئائين ۽ هن جي گهر ۾ هئي ساڳي بک، مفلسي ۽ ڪروڌ. ڪا تبديلي ئي ڪانه. سڄي گهر ۾ رڳو هڪ شئي بدليل. پڻهنس پنجن سالن جي عرصي ۾ پوڙهائپ جي سرحدن ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويل. گهر اڳ ۾ ئي اڻپورين خواهشن جو قتل گاهه. هڏ رت پنهنجو هوندي هڪٻئي جا چهرا ڄڻ ڏٺي نه وڻنِنِ. رهندو زرينا، زرينا جا ٻه ٻار پوءِ اهو ڏينهن خالي ڪونه جڏهن ٻارن تي، مانيءَ تي ۽ ڳالهه ڳالهه تي جهيڙو نه ٿيندو هجي ۽ جهيڙي ۾ سوين مهڻا، ڦِٽ لعنت ڄڻ مڙسهنس کي ماريندڙ اهو پٺاڻ هن جو يار هجي.
    ”ڏانئڻ! مڙس مارائي هاڻي پيءُ جو سر کڻندينءَ؟“ جهيڙي ۾ ڏنل طعنا، نه صرف ڀيڻس ۽ پڦهنس هردم هن سان جهيڙي لاءِ آتي بلڪِه ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻس به پنهنجائپ جا ليڪا لتاڙي بلڪل غيرن جيان لڳندڙ ڏاڍي عجيب عورت، ڪڏهن شديد مامتا واري جذبي کان مغلوب ٿي ايترو ته پيار ڏيندس جو لڳندو اهو پيار مرڻ پڄاڻان ئي ٽٽندو ۽ ڪڏهن زندگيءَ کان بيزار ڪندڙ به اها ئي ماڻس ۽ اهو سڀ ڪجهه پٺتي پيل معاشي حالتن سبب پنهنجو پاڻ ٿي ويندڙ – ڪنهن جو به انهيءَ ۾ ڪو ڏوهه نه. گهر ۾ پنهنجن هوندي لڳندڙ غيرن جي وچ ۾. هڪ پڻس ئي اهڙو جنهن وٽ هن لاءِ احساس جو سندس مٿي تي هٿ گهمائي ڪيتريءَ دير تائين پرچائيندو رهندو. باقي گهر جي ٻين ڀاتين جا ڄڻ ته احساس ئي مئل. سندس نازڪ دل تي بي رحميءَ سان طعنن ۽ مهڻن جا سوين تير هڻي کيس زخمي ڪيو ويو ۽ اهو سڀ هن جي سهپ کان ٻاهر ٿيندو ويو. بيزار ٿي پئي انهيءَ گهر مان ۽ پوءِ هڪ رات ٻن ٻارن سميت زندگيءَ جي ان ٻيءَ رات جو اوسيئڙو پورو ڪيائين. پوءِ هوءَ ٻيءَ شاديءَ جي ونگن ۾ ٻڌجي وئي ڄڻ ڪا ڦر سوڌي مينهن ڪنهن نئين هاڏر اڳيان اچي بيٺي هجي. انهيءَ رات هن کي پنهنجو پهريون مڙس ڏاڍو ياد آيو – انهيءَ جون ڳالهيون ياد آيُنس جنهن سان گهاريا هئائين زندگيءَ جا ارڙهن سئو ڏينهن ۽ ڪجهه لمحا.
    هوءَ ساڳي ئي هنڌ ٻن سوڙين مٿان وڇايل نئين چادر تي ڪنوار بڻي ويٺي هئي. ساڳيءَ ئي پهرينءَ رات وانگر عورتون هن جي چوڌاري ميڙو لايون بيٺيون هيون ۽ هن جي ڀر ۾ ويٺل هن جا ٻئي ٻار، عورتن جي ان هل هنگامي سبب هراسجي ويا هئا. هو روئي رهيا هئا ۽ تڏهن زرينا کي ائين لڳو هو ڄڻ هوءَ راڻي باغ اندر لوهين شيخن ۾ ڦاٿل ڪو جانور هجي.
    انهيءَ رات ماءُ جي چوڻ تي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين ته پنهنجي چهري تي نئين نويليءَ ڪنوار جو چهرو چنبڙائي ڇڏي پر هوءَ ائين ڪري نه سگهي ۽ ائين نه ڪري سگهڻ ئي هن جي زندگيءَ جي ڪتاب جو المناڪ باب بڻجي ويو. سندس نئين مڙس هر مرد جيان هن کي به رڳو زال جي روپ ۾ ڏسڻ ٿي گهريو. ان زال جي روپ ۾ جنهن جي من جي مندر جو ديوتا ڪو ٻيو نه سندس مڙس هجي پر هوءَ ٻن ٻارن لاءِ دل جا تاڪ بند ڪري گهڙيءَ کن لاءِ به هن کي ديوتا بڻائي نه سگهي.
    هڪ رات
    ”ڇا ٿي ڪرين؟“
    ”ڇوڪري کي کير ٿي پياريان.“
    ”ڇوري کي کير ڏيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪم به ايندو اٿئي؟“ ڌڪار ڀريو آواز.
    ”بس اجهو آيس! رڳو ٻه منٽ!“
    ”اوهه!“ چڙ – پوءِ سخت ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽي پرتي منهن.
    ڪجهه گهڙين کان پوءِ هڪ کٽ تان اُٿڻ جو آواز ۽ گهڻيءَ دير کان پوءِ زرينا جي گهٽيل گهٽيل آواز رات جي خاموشيءَ کي چيري ڇڏيو.
    ”مٺا!“
    ”هون!“
    ”هڪ ڳالهه چوانءِ!“
    ”هڪ ڇو؟ ڪيئي چئه! هي جو مان سڄو ڏينهن تنهنجي ڳالهائڻ ڪاڻ ترسان ٿو تنهن سان ڇا رڳو هڪ ڳالهه ڪندينءَ؟“
    ”ڏس مٺا! مون کي خوش رکڻو اٿئي ته انهن معصوم ٻارن جو......“ جملي پوري ٿيڻ کان اڳ رات جي خاموشيءَ ۾ زوردار چماٽ جو آواز گونجي ويو. پوءِ ڪاوڙ، زهر جهڙو ڪسارو، ڪڙو لهجو. ”تو کان ته چڪلي جي رنڊي چڱي جنهن وٽ ٻه گهڙيون ته پنهنجي مرضيءَ سان گهاربيون آهن!“
    ۽ هڪ عرصي کان پوءِ هڪ ٻي رات
    ”اهو ڇو ٿو رڙيون ڪري ڇورو؟ چپ ڪرائينس!“
    ”ڪلهه لاڪئون بيمار آهي!“
    ”بيمار آهي ته پيڪن ڏانهن ڇو نه ٿي موڪلي ڏينس. هيءَ ڪا پڻهنس جي اسپتال آهي ڇا؟“
    اوترو ئي لهجي کي ڪسارو بڻائي هن به چيو ”اها ڳالهه ڪرڻ کان اڳ اهو ڇو ٿو وسارين ته مون هيءَ شادي پنهنجي سک لاءِ نه ٻارن جي خوشين لاءِ ڪئي آهي. سمجهئي!“
    ”ته ڇا تون چاهين ٿي ته اسان جي ازدواجي زندگي ڊانوانڊول ٿي وڃي.“
    ”آخر انهن معصومن تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي؟ تون انهن کان ايڏي نفرت ڇو ٿو ڪرين؟ جڏهن ته هڪ پيءُ وٽ جيڪي جذبا هئڻ گهرجن سي هاڻي تو وٽ به موجود آهن. پوءِ انهن ڳالهين جو آخر سبب ڪهڙو آهي؟“
    ”جيڪڏهن مان تو کي سبب ٻڌائي ڇڏيان ته پوءِ ڪيتريءَ دير ۾ ٻارن مٿان هن گهر جا در بند ڪندينءَ؟ ٻڌاءِ!“
    ”مان پهريان سبب معلوم ڪرڻ ٿي چاهيان.“
    ”ته پوءِ ٻڌي ڇڏ! مان تنهنجي ڇورن کي جڏهن به ڏسندو آهيان ته منهنجي اڳيان هڪدم اُهي راتيون ڦري وينديون آهن جيڪي تو انهن جي ذليل پيءُ سان ننگيون ٿي گهاريون هيون. مان غيرتمند آهيان. مان اها ڳالهه برداشت نه ٿو ڪري سگهان.“
    ”جڏهن خبر به هيئي ته مان ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان ته پوءِ ڇو ڪئي هيئي مون سان شادي؟“
    ”مون کي خبر نه هئي ته شاديءَ جي نالي ۾ تنهنجي ڇورن جي شيطان وانگر هر هنڌ موجودگي منهنجي لاءِ دائمي عذاب بڻجي ويندي.“
    ”ته ڇا مان تنهنجي ڪري گهٽو ڏئي انهن کي ماري ڇڏيان؟ تون اهو ٿو چاهين؟“
    ”ڪيئن به سهين. مان انهن کي هن گهر ۾ هڪ پل لاءِ به سهي نه ٿو سگهان!“
    ۽ ٻئي ڏينهن گهر ۾ زبردست جهيڙو ٿيو. مڙسهنس اڳئين مڙس مان ڄاول هڪ ٻار کي ڌرتيءَ کان چار فوٽ مٿي ڪري پوءِ زور سان هيٺ اُڇليو. ٿڏي تي ئي ڇوڪر جي ساڄي ٻانهن ڀڄي پئي. گهر ۾ رڙين جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. رڙيون ڪوڪون – چرين جيان منهن مٿو ڪُٽڻ ”اڙي منهنجو بيمار پٽ...... او ماريا ظولمي..... شل ڪا هن معصوم جي.....“
    ۽ تڏهن ئي ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي ۽ پوءِ ساڳيو ئي پراڻو گهر جت خواهشون ۽ تمنائون محروميءَ جي مضبوط هٿن ۾ تڙپي ڦٿڪي موت جو شڪار ٿيو وڃن. هوءَ انهيءَ گهر ۾ واپس هلي آئي جنهن مان بيزار ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ اڃان هڪ ٽئين ٻار جي ماءُ بڻجڻو پيو هئس ۽ هن جي پيءُ جي گهر ۾ هئي اُها ئي پٺتي پيل ملڪن جي هيٺئين درجي وارن گهرن سان تعلق رکندڙ اُگهاڙي بک – گهر جو ساڳيو ئي نقشو – ڪجهه بدليل نه.
    سياري جا ڏينهن هئا. ٽئي ٻار موسمي بخار جي حملي جو شڪار، کنگهه، زڪام ۽ بخار. هڪڙي کي پيٽ ۾ سخت بخار ۽ هوءَ بيوس – ڏاڍي مجبور – ٽن ٻارن جي پرورش هن لاءِ پيچيدو مسئلو بڻجي ويل – انهن سڀني ڳالهين مڙي حد درجي جي چيڙاڪ بڻائي ڇڏيس.
    هڪ ڏينهن ته هن جي چڙ آسمان جي بلندين کي ڇُهي ورتو. ڪا نئين ڳالهه ڪانه ٿي هئي. اها ئي ڳالهه جا اهڙن گهرن لاءِ ڏاڍي پراڻي هوندي آهي. ايڏي پراڻي جا روز مرهه جي زندگيءَ جو معمول بڻجي ويل لڳندي آهي.
    ان ڏينهن هن جي ماءُ ۽ ڀيڻ گهر کڻي مٿي تي کنيو. ٻيو ڪجهه نه ٿيو. زرينا جي پهرئين مڙس مان ڄاول وڏي پٽ زرينا جي پيءُ لاءِ تختي تي رکيل ماني چورائي کاڌي هئي ۽ پوءِ ته گهر جي ايوان ۾ ڄڻ قيامت لهي آئي هئي ۽ تڏهن زرينا ٻيو ڪجهه نه ڪيو. ماري ماري شموءَ کي اڌ مئو ڪري ڇڏيائين. ايترو جو هن جي ٻانهن جي هڏيءَ جو جوڙ هڪ ڀيرو وري ٽٽي پيو ۽ پوءِ رات جي تاريڪيءَ ۾ هن جي وجود اندر انڌي مامتا واسو ڪري وئي ۽ تڏهن شموءَ کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي ڪيتريءَ ئي دير تائين پيار ڪيو هئائين ۽ رات جي خاموشي هن جي سڏڪن جي آواز سان چيربي رهي هئي.
    انهيءَ سموري عرصي ۾ زرينا لاءِ ٽي مِٽيون اچي چڪيون هيون پر زرينا هئي جنهن کي نفرت ٿي وئي هئي شاديءَ جي نالي کان. هڪ ڏينهن ته مٽيءَ جو پيغام کڻي ايندڙ عورت کي الاهي ساريون گاريون ڏئي ڀڄائي ڪڍيو هئائين ۽ ان ڏينهن جنهن ڏينهن گهر ۾ مانيءَ واري چوريءَ جو واقعو ٿيو هو تنهن جي ٻئي ڏينهن ساڳي ئي گارين کاڌل مائي زرينا لاءِ ساڳي ئي چاليهن کان ٽپيل مرد جي مائٽيءَ جو نياپو کڻي آئي جنهن کي زرينا جي ماءُ زرينا جي مرضي نه هئڻ سبب وري به موٽائڻ چاهيو پر زرينا کيس پاڻ ڏانهن سڏ ڪري مامتا جي انڌي جذبي کان مجبور ٿي پنهنجي لاءِ بڻايل اصول پاڻ ئي ٽوڙي ڇڏيا ۽ هن کي هڪ ڀيرو وري انهن ٻن سوڙين مٿان وڇايل چادر مٿان ويهڻو پيو. انهيءَ رات هن جي چهري تي بيٺل پاڻيءَ جهڙو ٺهر مڙي ويو هو. هن پنهنجي پاڻ سان جنگ ڪئي هئي. پنهنجي اصولن کي مامتا جي بندوق ساڻ زخمي ڪرڻ بعد ئي انهن ٻن سوڙين مٿان اچي و يٺي.
    ”مان سڀ کان پهريان هن کان ٻارن جي حقن جي ضمانت وٺنديس. هن کي ٻڌائي ڇڏينديس ته مون هيءَ شادي پنهنجي تمنائن کي دفنائي ٻارن جي زندگيءَ لاءِ ڪئي آهي.“ ۽ تڏهن هن جي چهري تي مڙي ويل بيٺل پاڻيءَ وارو ٺهر پاڻيءَ ۾ اڇلايل وزني پٿر کان پوءِ جي پيدا ٿيل هلچل ۾ تبديل ٿي ويو. نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس. اڻ ڏٺل انديشا سندس وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويا. ”۽ جي هو اڳتي هلي ٻارن کي ڪنهن به صورت ۾ گهر ۾ رهائڻ تي راضي نه ٿو ٿئي.... ته پوءِ.....“ ۽ اڃان هوءَ سوچن جي سوريءَ تان لٿي ئي نه هئي جو سندس ٽيون مڙس هن جي اڳيان اچي ويٺو. شاديءَ ۾ جيتريون به رسمون ٿينديون آهن انهن جي ٽينءَ پتيءَ جيتريون مس پوريون ڪيون ويون. (شايد پهرين شادي نه هئڻ ڪري.) بهرحال آهستي آهستي ڪوٺيءَ ۾ آيل سڀ ماڻهو ٻاهر هليا ويا تڏهن سندس ٽيون مڙس هن جي ويجهو – اڃان به ويجهو سرڪي ويٺو.
    زرينا جي ذهن ۾ سوچن جا سٽ الجهي پيا. بي آواز روئڻ ۽ سوچڻ ۽ وري سوچڻ – هڪ خوف هو جنهن سندس ساهه ٿي ٻوساٽيو. اُتڻ تُڻ – ڳوڙها هن جي اکين کان ٻاهر.
    هن کي روئندو ڏسي هن جي ٽئين مڙس ڳالهايو ”پنهنجن کان جدا ٿيندڙ ڇوڪريون اڄوڪيءَ رات مائٽن کي ياد ڪري ضرور روئنديون آهن پر مون کي خبر آهي ته تنهنجا اهي ڳوڙها انهيءَ جدائيءَ واري احساس کان نه ٿا وهن. تو سان ننڍيءَ وهيءَ ۾ جيڪي وهيو واپريو آهي مون کي انهيءَ جو سمورو علم آهي. مون کي ايتري به خبر آهي ته تنهنجي پهرئين مڙس مان ڄاول هڪ ٻار جي ٻانهن تنهنجي ٻئي مڙس ڀڃي وڌي هئي.“ کن لاءِ هو چپ ٿي ويو. ”مون کي اهي سموريون ڳالهيون پنهنجي ماسيءَ وٽان معلوم ٿيون آهن.“ هو وري ڳالهائڻ لڳو. ”جنهن جو ڪم آهي پراون گهرن ۾ وڃي ڳالهيون هٿ ڪرڻ ۽ وري ڪنهن گهر جي ڀاتيءَ آڏو انهن ڳالهين جا دفتر کولي ڇڏڻ. سڀاڻي جڏهن تون هن گهر جي ڀاتياڻي بڻجي ويندينءَ تڏهن هوءَ تو کي بنا ڪجهه سوچڻ جي گهر جي هر فرد سان تعلق رکندڙ ڪونه ڪو داستان کولي ٻڌائي ڇڏيندي. هوءَ شايد تو کي اهو به ٻڌائي ته منهنجي هيءَ تو سان ٻي شادي آهي.“
    لفظ ٻيءَ شاديءَ تي زرينا جو منهن ائين لهي ويو جيئن ڪنهن اجنبي شهر ۾ ڪو ماڻهو ڪنهن ڄاتل شخص جو در کڙڪائي پر در کلڻ تي کيس خبر پوي ته اهو ڄاتل شخص هڪ عرصي کان اهو شهر ڇڏي ڪنهن اڻڄاتل هنڌ وڃي چڪو آهي. هن جي منهن ۾ ڏک ۽ اچرج جون انيڪ ليڪون اُڀري آيون. تڏهن ڳيت ڏئي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. شايد تبديل ٿيندڙ حالتن سان ٽڪر کائڻ جي پاڻ ۾ همٿ ساري نه سگهي هئي.
    زرينا جو نئون مڙس سري اڃان به هن جي ويجهو ٿي ويٺو ۽ وري ڪجهه لمحن لاءِ ڪمري ۾ گهڙي آيل خاموشيءَ کي پنهنجي هستي وڃائڻي پئي.
    ”پر تو کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي!“ هن چيو. ”منهنجي پهرين زال هڪ حادثي ۾ اڄ کان پنج سال اڳ مون کان وڇڙي چڪي آهي.“ هن هڪ گهرو ساهه کنيو ۽ پوءِ پراڻين سوڙين مٿان وڇايل نئين چادر تي پير ڊگهيري ليٽي پيو. هن جون نظرون زرينا جي چهري ۾ کتل هيون. زرينا روايتي ڪنوار بڻي هزارها ڳالهين جا طوفان سيني ۾ سانڍي ڪنڌ جهڪائي ويٺي هئي. چاهيائين ته مڙس سان ڳالهائي ساڻس ٿيل هڪ هڪ پل جي ناانصافين ۽ زيادتين جو سمورو داستان کيس يڪ ساهي ٻڌائي ڇڏي پر روايتي ڪنوارپڻي کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو. سندس نئين مڙس هن منجهان نظرون ڪڍيون ۽ پوءِ لالٽين جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ دونهاٽيل ڀت ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    ”زرينا!“ هو پهريون ڀيرو نالو وٺي ساڻس مخاطب ٿيو. ”زرينا هي جيڪو مان تنهنجي سامهون ليٽيو پيو آهيان تنهن جي ڳالهين کي عام ماڻهن جي ڪُند ذهن جي پيداوار نه سمجهجانءِ! مان تو کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مون وٽ سوچڻ جو انداز ٻين جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف آهي. مان چاهيان هان ته هن وقت پندرهن سالن جي ڪا نوجوان ڇوڪري تنهنجي بدران منهنجي سامهون ويٺي هجي هان ۽ اهو سڀ ڪجهه ممڪن به هو. ڪتابن جي اسٽال تان جيترو ڪمايان ٿو انهن انگن اکرن کي ٿورو وڌائي ٻڌائڻو پوي ها ۽ بس! پر مون کي اهو سڀ ڪوڙهه ورتل نوجوان ڇوڪريءَ جي چهري وانگر لڳندو آهي.“ هو وري چپ ٿي ويو ۽ ڪا گهڙي زرينا جي خاموش نگاهن ڏانهن گهوريندو رهيو.
    ”زرينا!“ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”زرينا تون پاڻ ئي سوچ! هڪ ٽن ٻارن واري عورت جنهن پنهنجي خوبصورتيءَ جي ٽيهن ٻٽيهن سالن ۾ ٻن مڙسن کي ماڻيو هجي تنهن جي حصول لاءِ هڪ ماڻهون آخر ايڏي جاکوڙ ڇو ٿو ڪري؟ جڏهن ته انهيءَ جي مائٽي کڻي ويندڙ عورت کي هڪ ڏينهن انهيءَ گهر مان بيعزتو ڪري ڪڍيو به ويو هجي.“ کن لاءِ هو وري چپ ٿي ويو ۽ پوءِ ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ دونهين سان ڪاراٽيل ڀت ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”هي ڪو ان بيعزتيءَ جو بدلو ڪونهي.“ هن چيو ”مون بڪ اسٽالن تي ويهي بي جان ڪتابن ۾ زندگي ڏٺي آهي ۽ هاڻي ان زندگيءَ کي اڃان به ويجهو – اڃان به سامهون ڏسڻ ٿو چاهيان. اُٿ زرينا! پنهنجا ٽئي ٻار اندر وٺي آءُ! اڄوڪي رات اسان انهن جي بهتر مستقبل جي نانءِ ٿا ڪري ڇڏيون!“
    ۽ تڏهن روايتي ڪنوارپڻو ٽوڙي هن جي هنج ۾ منهن ڏئي ايڏي خوشي ملڻ کان پوءِ به سڏڪا ڀري روئڻ لڳي هئي ۽ ڪالهه جڏهن گڏجاڻيءَ کان پوءِ پيڪن وٽان واپس ورڻ واري هئي تڏهن سندس سوٽ جي ننڍي ڌيءُ ڪن ۾ ڪجهه چيس ۽ تڏهن زرينا جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. منهن ٽامڻي هڻي ويس ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ته زهر اوتجي ويو هئس. ڪاوڙ هئي جا رت ۾ شامل ٿي سڄي وجود ۾ ڊوڙي وئي هئس. هوءَ جنسي ٽانڊا بڻجي وئي هئي. جيستائين مڙسهنس اچي تيستائين هن جو ڪروڌ، اندروني ولوڙ ويو شدت اختيار ڪندو. وقت ڪٽڻ ڏکيو ٿي پيس. لڳو هيس وقت ڄڻ هماليا هيٺان دٻجي چپجي بيهي رهيو هجي. ٽي ٻار موڪلي چڪي هئي پنهنجي مڙس ڏانهن – هن جي ڪتابن جي اسٽال تي پر هو آيو ان ساڳي ٽائيم تي جو هن جي ڪاروباري زندگيءَ جو هڪ حصو هو ۽ هوءَ ٽن ٻارن موڪلڻ جي باوجود مڙس جي ساڳي ٽائيم اچڻ تي زال جي حيثيت ۾ ڪاوڙ ۽ رسامي جو حق جو هن وٽ موجود هو سو پاڻ وٽ محفوظ رکيائين ۽ تڙ تڪڙ ۾ اُهي لفظ جن هن جي اندر جي دنيا ۾ ڀنڀٽ ٻاري ڇڏيا هئا سي ڪڍي مڙس آڏو رکيائين. پوءِ خاموشيءَ ساڻ مڙس جي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. مڙسهنس ڪوٽ لاهي هينگر ۾ ٽنگڻ لڳو. هن جي چهري تي اها ئي ڳنڀيرتا ڇانيل هئي جا ڏيڍ سال اڳ شاديءَ واريءَ رات نظر آئي هئس.
    ”زرينا!“ هن جذبات کان خالي لهجي ۾ چيو. ”زرينا! جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي اشتعال انگيزي محض ان لاءِ وڌي وڃي جو هن جي طلاقيل زال هن جي ئي شهر ۾ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري ان جي غلط ماحول طرفان مليل اصولن کي قبول نه ٿي ڪري ۽ انهيءَ ڪري هو ڇتو ٿي ڌمڪين تي به لهي ٿو اچي ته پوءِ انهيءَ مٿان سڀاڻي پوليس ۾ رپورٽ درج ڪجي! هن کي اُبتو ٽنگرائي پادر سان هن جي پٺي رت ۾ ڳاڙهي ڪرائي ڇڏجي! تنهنجي چوڻ تي جيڪڏهن مان ائين ڪريان ته ڇا اهو فعل نندڻ جوڳو نه ليکبو؟“ هن زرينا ڏانهن ڏٺو جنهن جي اکين ۾ سڄي ڪائنات جي وحشت لهي آئي هئي.
    ”زرينا!“ هن ڳالهائڻ کان چپ نه ڪئي. ”زرينا! هڪ ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن اندروني ايذاءَ کان رات جي خاموشيءَ ۾ رڙيون ٿو ڪري ته ڇا هن کان انهن رڙين جو حق ان ڪري ڦري وٺجي جو هو ستلن جي ننڊ ۾ خلل وجهڻ جو ذميوار آهي؟ ڇا هن کي انهيءَ ڏوهه جي سيکت هن کان زندگي ڦري وٺڻ جي صورت ۾ ڏجي يا اثر رسوخ ۽ پئسي جي زور تي هن کي اڌ مئو ڪرائي ڇڏجي ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مئل زندگي گهارڻ تي مجبور ڪجيس؟ ڇا تون اهو ٿي چاهين زرينا؟“
    ۽ تڏهن زرينا کي پنهنجي مڙس جي باهه جهڙي انتقامي جذبي کان خالي سرد ۽ مئل سوچ مٿان دلي صدمون رسيو هو. هوءَ حد کان وڌيڪ مايوس ٿي وئي هئي. هن سوچيو هو ته هن جو مڙس هن کي مليل ڌمڪيءَ جو ٻڌي هڪ پل ۾ پنهنجي زندگيءَ جا بڻايل سڀ اصول ٽوڙي ڇڏيندو. ان شخص کان ڀرپور بدلو وٺندو جنهن هن جي زال جي ماضيءَ وارن زخمن جون ڪڙيون مستقبل ۾ وري پٽڻ ٿي چاهيون پر مڙس طرفان جڏهن سکڻي آٿت به نه مليس ته ڏاڍي ڏکايل لهجي ۾ چيائين ”مان جيڪو چاهيان ٿي توهين اُهو ڪرڻ نه ٿا چاهيو جو اوهان جي اندر ۾ ڏاڍ کي ٻوڙيندڙ انتقامي جذبن تي اوهان جي اصولن جا بند ڏنل آهن. نه ٿا ڀڃي سگهو اهي بند ته مرڻ ڏيو مون کي!“
    ۽ انهيءَ ڪالهوڪي رات هن پهريون ڀيرو مڙس جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيل اصولن خلاف احتجاج ڪيو ۽ هن سان ڏيڍ سال جي سڄي عرصي ۾ پهريون ڀيرو ڪاوڙجي ٽن ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي سمهي پئي هئي ۽ اڄ هن جي زندگي اُجڙي ويل نمائش گهر جي خالي ميدان ۾ تبديل ٿي وئي. سامهون بڪ اسٽال تي ويهندڙ شخص جو لاش اڱڻ ۾ رت سان وهتو پيو آهي. صبح زرينا جي اڳئين مڙس ساڙ جي باهه ۾ جاقوءَ جا ڪيئي وار ڪيا هئس ۽ هن جو زندگيءَ سان لاڳاپو ڇني پاڻ ماحول طرفان مليل زندگيءَ جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿي ويو هو. تڏهن بڪ اسٽال تي رکيل ڪيترا ئي ڪتاب جن ۾ هن زندگي ڏٺي هئي – زندگيءَ جو فلسفو سمجهيو هئائين هن جي ئي رت سان رنڱجي ڳاڙها ٿي ويا هئا ۽ هاڻي هوءَ لاش مٿان بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙي روئي رهي آهي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، پوڙهي پڦي، ننڍي ڀيڻس ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون آهن. هن جي مڙس جو لاش هن جي سامهون رکيو آهي جنهن کي مري وئي چار ڪلاڪ گذري چڪا آهن ۽ انهيءَ سموري عرصي جي هڪ هڪ پل ۾ هوءَ زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جهڙي ڪيفيت مان گذري آهي – هن ڀوڳيو آهي – هن جي اندر ۾ لوڇ آهي – ڦٿڪو آهي – ازل کان هڪ روڄ آهي جو وڌي رهيو آهي – ڪٺو ٿي رهيو آهي. هن جي روح ۾ پيل صدين جا پوسرجي ويل ڦٽ هن جي ڪٺي ٿيل روڄ سان وڌيڪ ڪنا ٿي رهيا آهن. هوءَ چئن ڪلاڪن کان لاڳيتو روئندي رهي آهي. روئي روئي هن جي نڙي ويهجي وئي آهي. هن جي اندر جي عورت ڀڄي ڀري ڊهي پئي آهي. هن جو حال، هن جو مستقبل ڊهي موهن جو دڙو ٿي پيو آهي. هوءَ پنهنجي اندر جي تباهه ٿيل عورت مٿان روئي رهي آهي ۽ هن کي لڳي رهيو آهي ڄڻ ته هوءَ صدين کان ائين ئي روئي رهي آهي. هر جنم ۾ صدين جا سور کڻي روئندي رهي آهي. هڪ لمحي لاءِ به هن ماٺ ناهي ڪئي ۽ هاڻي منهن تي ٻانهن ڏئي منهن کٽ جي ٻانهينءَ تي رکي ڇڏي ٿي. سندس روح جي پراڻن ڦٽن مان اُٿندڙ ازلي ايذاءَ جون سٽون هن جي آواز ۾ لهي اچن ٿيون ۽ پوءِ اوڇنگارن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو جنهن گهر جي ديوارن جا ڄڻ ته بنياد ئي لوڏي وڌا آهن.


    ڪتاب بابت

    ڪتاب بابت : بادل جمالي

    اسان وٽ اهڙا کوڙ تبصري نگار آهن جيڪي جڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ تي عالماڻي راءِ ڏيندي اهو لکن ٿا ”اڄ جي سنڌي ڪهاڻي دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڪهاڻيءَ کان گهٽ ناهي.“ تڏهن مون کان ٽهڪ نڪري ويندا آهن ۽ اُهي ٽهڪ اڃان به اُن وقت ٻٽا ٿي ويندا آهن جڏهن ان مضمون ۾ اهڙن همراهن جا نالا ڳڻايا ٿا وڃن جيڪي يا ته ڪهاڻيڪار ئي ڪونه آهن يا وري اهڙا ڪهاڻيڪار آهن جيڪي پاڻ لکي پاڻ ڇاپي مفت ۾ ڪاپيون ورهائي پڙهرائن ٿا ۽ اهڙن همراهن کي ٿورڙو پبلڪ رليشنگ جو شعور به هوندو آهي ته ٻه چار ڪاپيون اخبار کي به موڪلي ڏيندا آهن. پوءِ جي ادبي صفحي جي انچارج کي ڳالهه وڻي ٿي ته اهو همراهه سنڌي ادب جو برک ليکڪ به ٿيو وڃي ته آئيندي جو عظيم فنڪار به ۽ جي صاحب موصوف کي ڳالهه نه ٿي آئڙي ته ويچاري ليکڪ کي ڪچي، ڪوري، ٻار يا فارمولا رائيٽر جو سرٽيفڪيٽ ڏئي روانو ڪيو ٿو وڃي.
    حيرت جي ڳالهه آهي ته هن گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ڪربلا ۾ جيڪي راتيون جاڳي، نور نچوئي، رت ولوڙي ڪهاڻيءَ جي لڄ رکيون اچن تن جا نالا مضمونن جي فهرست مان هميشه نڪتل هوندا آهن پر تاريخ شاهد آهي ته ”آڱر ڪپي شهيدن ۾ پاڻ ڳڻائڻ“ وارن جا نالا ڪڏهن به محفوظ نه رهيا آهن.
    اڄ جي سنڌي ادب ۾ جيڏانهن به ڪو نئون ليکڪ ٿو اُڀري ته هڪ ئي موضوع کنيون ٿو اچي جيڪو عشق آهي. گهڻو ڪري ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪنهن شاگردياڻيءَ سان عملي يا خيالي گهاريل گهڙين کي جذباتي رنگ ۾ پيش ڪري ذهني سڪون ٿو حاصل ڪري يا وري ڪنهن گريجوئيٽ مگر ڪنگلي انٽيليڪچوئل کي کنيون ٿو وڃي جيڪو اعليٰ تعليم ۽ سمورين خوبين ۽ صلاحيتن هوندي به رڳو غلط نظام جي ڪري معاشري ۾ ڪو مقام حاصل نه ٿو ڪري. لڳاتار ناڪاميون کيس چرس پيئڻ ۽ آپگهات لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿيون ڪن. انهن ٻنهي موضوعن کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي – ڪو موضوع ڇڏيو ئي ڪونه اٿس جنهن تي قلم کڻجي! پر ائين ڪونهي. اڄ به چند اهڙا ليکڪ موجود آهن جيڪي جڏهن به ميدان ۾ اچن ٿا ڪانه ڪا نئين شئي کڻي اچن ٿا. اهڙن ئي ليکڪن مان هڪ رزاق به آهي.
    رزاق جي سڀ کان پهرين ڪهاڻي ”سڪون ڪٿي آهي؟“ سنگت ۾ پڙهي هئم. تڏهن کان ئي مون کيس ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ لسٽ مان ڪڍي الڳ ڪري بيهاريو. ان کان پوءِ سندس ڪجهه پراڻيون ڇپيل ڪهاڻيون نظر مان گذريون ته هو مون کي وڌيڪ وڻڻ لڳو ۽ هينئر مان بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهان ٿو ته رزاق اڄ جي انتهائي ايماندار، مخلص ۽ نمائيندن ليکڪن مان آهي. هو ڏيڍ پيج جي ڪهاڻي لکي رڳو نالي ڳڻائڻ وارن مان ناهي ۽ نه وري سماجي ڪارج، ڪلاس، اسٽرگل، پارٽي لائين، بورجوا يا پرولتاريا جي چڪر ۾ آهي ۽ نه ئي سندس ٻولي، ڪلا، رچنا، ڪوتا، ڪارڻ / اڪارڻ، سڀاويڪ / اسڀاويڪ جهڙن غير سنڌي لفظن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. هو سچو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين مان سنڌ جي مٽيءَ، ماڻهن، وڻن، ٻوٽن، هوائن، موسمن، بادلن، برساتن، بکن، بيمارين، مجبورين، محرومين، پيڙائن ۽ خوشين جا رنگ ۽ عڪس صاف صاف بِکن ٿا. هن کي اهو چوڻ جي ڪائي ضرورت ناهي ته هو سنڌ جو ڪهاڻيڪار آهي. سندس سڃاڻپ ٻولي، موضوع ۽ ڪردار خود ڪرائن ٿا.
    ڪن ليکڪن کي پنهنجن ڪن ڪردارن سان بي انتها محبت هوندي آهي. هو زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي انهن کي وساري نه سگهندا آهن. اهڙا ڪردار سندن فن ۾ مستقل حيثيت رکندا آهن. رزاق جي ڪهاڻين جو مستقل ڪردار هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو معاشري ۾ مناسب مقام حاصل ڪري نه ٿو سگهي. هو جيڪو ڪمائي ٿو سو سندس ضرورتن جي پورائي لاءِ ناڪافي آهي. مٿان وري ظلم اهو آهي ته سڄي گهر جي ڪفالت به هو ئي ڪري ٿو جنهن ۾ ڪڏهن پوڙهي ماءُ، جوان ڀينرون ۽ ننڍڙا ڀائر اٿس ته ڪڏهن وري جوان زال ۽ ابهم ٻارڙا. انهن سڀني جون معصوم ۽ نماڻيون خواهشون سندس دل کي جهير وجهيو ڇڏن. اهڙن جذبن، اُمنگن ۽ پيڙائن جي صحيح ۽ چٽي عڪاسي ئي ليکڪ کي امرتا بخشي ٿي ۽ رزاق وٽ اهڙا عڪس هر وقت نظر اچن ٿا.
    مون هميشه سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ جي دانهن ڪئي آهي پر ان تي توجهه گهٽ ڏنو ويو آهي. پنهنجي حال آهر ان ڏس ۾ وک وڌائيندي هڪڙو ڪتاب ”چار ڪهاڻيڪار چار نقاد“ ترتيب ڏيان پيو پر هڪڙو ڪتاب ته ڪافي ناهي. ٻيا ليکڪ ۽ ادارا به هن سلسلي ۾ ڪجهه ڪن ته شايد تنقيدي ڏڪار ۾ ڪجهه ڪمي اچي وڃي. منهنجيءَ نظر ۾ تنقيد تخليق کي زندگي بخشي ٿي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اها اڃان تائين غير مانوس ۽ اجنبي آهي. اهو تنقيد جي کوٽ جو ئي نتيجو آهي جو اسان جا سٺا سٺا ليکڪ به پنهنجي فن سان پورو انصاف نه ٿا ڪري سگهن يا ته موضوع کي اڌورو ڇڏيو ڏين يا وري ڏورڻي ڇوڙ آزادي سمجهي سموري الا بلا ڪهاڻيءَ ۾ ٽنبيو ڇڏين. پوءِ ان جو تعلق ڪهاڻيءَ سان هجي يا نه هجي. اهڙي ڪهاڻي پڙهڻ به عذاب بڻجيو وڃي ۽ پڙهندڙ هڪ ٻن صفحن کان پوءِ يا ته ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏيندو آهي يا وري ڪا ٻي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ٿو ڪري. ڪهاڻيءَ جي ڊيگهه ۽ ويڪر تي ڪا پابندي ته نه ٿي لڳائي سگهجي پر شرط اهو آهي ته ان مان هرون ڀرون ڪا شئي ڪڍي ڇڏجي ته ان جي ڪمي ضرور محسوس ٿئي. دراصل ڪهاڻيءَ مان ضروريءَ ۽ غير ضروريءَ جو فرق تنقيد ذريعي ئي واضح ٿي سگهي ٿو ۽ تنقيد جي اڻهوند جي ڪري اسان سڀني جي ڪهاڻين ۾ ڪوتاهيون نظر اچن ٿيون.
    ڪهاڻي جيتري ڊگهي نڀائڻ ۾ اوتري ڏکي هوندي آهي. شايد ان ڪري ئي اسان وٽ فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي ليکڪ آهن جيڪي مڪمل ۽ طويل ڪهاڻيون لکندا آهن. انهن جي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ تشنگيءَ جو احساس نه ٿو رهي. نه ته اڌوريون ۽ اڻ پوريون ڪهاڻيون لکڻ ته ٻاراڻي راند ٿي پئي آهي. ان راند جو فائدو وٺي هاڻ نه رڳو مني شارٽ اسٽوري لکجڻ لڳي آهي. ڪهاڻي شارٽ ته اڳي ئي هئي پر هاڻي خير سان مني به ٿي وئي آهي. اها ته سنئين سڌي ڪهاڻيءَ سان مذاق آهي. لکڻ کان فرار آهي. هن سلسلي ۾ يورپ جي مني شارٽ اسٽوريءَ جو مثال ڏيڻ اجايو آهي. اُتي پڙهندڙ کي وقت گهٽ ٿو ملي جڏهن ته اسان وٽ اڃان اهڙي صورتحال ڪانهي. ان ڪري ڀرپور ڪهاڻي لکجي. رڳو ڪلائيميڪس واريون پنج ست سٽون کڻي لطيفو لکڻ جي رسم کي روڪڻ گهرجي.
    هن افراتفريءَ ۽ فراريت جي دور ۾ به جيڪي چند فنڪار سنڌي ڪهاڻيءَ کي زندهه رکيو اچن بيشڪ رزاق مهر جو نالو به انهن ۾ شامل آهي البت منهنجو کيس مشورو آهي ته پنهنجي انفراديت کي قائم ۽ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهي. جيتري قدر ٿي سگهيس گروهي دائرن کان پاڻ بچائي نه ته سٺا سٺا فنڪار به مخصوص ۽ محدود دائرن ۾ اچي پنهنجي شناخت وڃائي ويٺا آهن.


    بادل جمالي
    ڪراچي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 535
    ڪتابن جو مشاهدو: 556873
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213953
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ