ڪتاب جو نالو: مسافر محبتون
مصنف: نثار کوکر
ڇپائيندڙ: موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2002
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 28 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 2910 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 618 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”مسافر محبتون“ نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر جي صحافتي لکڻين، ڪالمن ۽ مقالن جون پهريون مجموعو آهي.
نثار جون هي لکڻيون صحافتي آهن، الائي ادبي پر اڪثر ماڻهو هنن لکڻين کي نثار جي نثري شاعري سڏين ٿا، جڏهن ته عبدالقادر جوڻيجو ان کي صحافتي ادب سڏي ٿو. نثار پاڻ ئي لکي ٿو ته :
”ھي اھڙيون لکڻيون آھن جن کي صحافتي حلقن ۾ صحافت نٿو سمجھيو وڃي ۽ ادبي حلقن ۾ ادبي ڪم نٿو مڃيو وڃي. اصل ۾ ھي لکڻيون ٻنھي شعبن جي سنگم مان تخليق ٿيل آھن. صفا ”جيد“ صحافي دوست ھن پورھئي کي ”آشنائون نراشائون“ چئي ڊسڪريچ ڪندا رھيا آھن، جڏھن ته اصل تي وڏي اديبن انھن لکڻين کي ادب کانسواءِ الاءِ ڇا ھجڻ وارا لقب ڏنا. اھا ته شابس ھجي اسان جي يار عبدالقادر جوڻيجي کي جنھن مختلف اسٽيجن تي اچي ان منجھيل سُٽ جي ڳنڍ سلجھائي ته بابا اھو صحافتي ادب آھي. ان جو جٿي ڪٿي ڌاڪو ڄميل آھي اھڙين لکڻين جي آجيان ڪرڻ گھرجي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مھاڳ : تخليقي انداز ۾ صحافت ڪندڙ ”آزاد“ رپورٽر
  • ٽڪيٽ سجائي ٿي الاءِ نه ؟ ( ليکڪ جا ٻه لفظ )
  • حصو پھريون

  • اداسيءَ جي ڏينھن ۾ لکيل خط
  • انقلابين جا اداس گيت
  • وفائن جي تلاش ۾ ڀٽڪيل وجود !
  • وھ عشق جو ھم سي روڻھه گيا
  • انقلابين جي ايش ٽري
  • شراب چيز ھي ايسي ھي
  • حصو ٻيون : غير رسمي پروفائيل

  • نانگن سان ڪھڙو پيار او جوڳي !
  • امان الله سومرو : ميرپورخاص جو مزاحمتي مھم جُو !
  • ڪميونسٽن جھڙو حُر
  • جپسي ليکڪ
  • ٽڙياسين دامن صحرا، نواز کوسو : ٿري انسائيڪلوپيڊيا
  • ٿر ٻاٻيھو : يوسف فقير
  • ميلي جي موٽ : ٻڍو فقير
  • ھڪ غير رسمي پروفائيل
  • ڌاڙيل ماري سڪون جي ننڊ سمھندڙ شخص
  • حصو ٽيون : رولاڪيون

  • گاجي شاھ : جبل ۾ جنن ۽ عاشقن جو آستانو
  • راڳ جون يادون : حاڪم شاھ ڀٽ وارو
  • مرادون پڄائيندڙ سسئي ۽ گم ٿيل عشق جو آواز
  • گندا واھ جو ٺرو، چيزل شاھ جون ڏاچيون ۽ بلوچستان جو درد
  • تجل جا ڪھڙا تجلا !
  • برھ جي بوند ۽ دردونديءَ جو ديس
  • ڪاڇي جو البم ۽ اڻ لکيل ڪھاڻيون
  • سعدي موساڻي: ڪرامتن ۽ محبتن جي ميلاپ جو مرڪز
  • نينھن ٻڍل نروار ڪَيڙو
  • عشق جو يارو، درازن ۾ عجب اسرار ھو!
  • حصو چوٿون : اوجاڳا

  • ڪوڙن سچن ميرن واري خيرپور
  • لڙڪن ۾ وڃايل رومانس وارو شھر
  • ٿڪل شام جھڙو شھر !
  • جان جيڪب ڇو ٿو روئي؟
  • رُڪ اسٽيشن: آخري ٽرين جي انتظار ۾!
  • اڙي شھر جانان..... ..!
  •   ڀٽي جي لاش جو سفر ۽ ڳڙھي خدا بخش جو خوف
  • لاڙڪاڻو : آقا جي تئي کان موسي جي سُوٽي تائين
  • ڌنڌ ۾ گم ٿيل ڳوٺ جا عجيب ڪردار!
  • حصو پنجون : ڪارنھن جو ڪاروبار

  • خانڳڙھ جي خانگي عدالت
  • عروج تي پھتل اڻ لکيل قانونن جو ڪاروھنوار
  • ڪارنھن جو ڪاروبار
  • ذلت جون ماريل عورتون
  • حصو ڇھون : ڇڙوڇڙ ڳالھيون

  • پاپندين جي پھاڙ تان پيچرا ٺاھيندڙ پيار
  • گھران ڀڄي نڪتل ڇوڪرين جي ڪھاڻي
  • انوکو پيار ۽ زماني جي روڪ ٽوڪ
  • سھڻو ساڻ ضروري آ
  • پيرن جي نشانن جي تاڙ ۾ ھلندڙ پيري
  • سنڌ : جتي محبتن کان محروم ٻار رھن ٿا!
  • جيڪب آباد جا رھجي ويل رف نوٽس
  • صحرا ۾ پلجندڙ پيار
  • فقيرن جي يارھين پيڙھي تائين ڦھليل ڀٽائيءَ سان عشق
  • خزاني جي تلاش ۾ شھدادڪوٽي ڀائر

  • ارپنا

    ارپنا


    انھن سڀني پيار پناھن جي نالي،
    جتي زندگيءَ جي نٽھڻ اُس جھڙن لمحن ۾
    ٿڌي گھاٽي ڇانو نصيب ٿي.


    نثار کوکر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (318) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”مسافر محبتون“ نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر جي صحافتي لکڻين، ڪالمن ۽ مقالن جون پهريون مجموعو آهي.
    نثار جون هي لکڻيون صحافتي آهن، الائي ادبي پر اڪثر ماڻهو هنن لکڻين کي نثار جي نثري شاعري سڏين ٿا، جڏهن ته عبدالقادر جوڻيجو ان کي صحافتي ادب سڏي ٿو. نثار پاڻ ئي لکي ٿو ته :
    ”ھي اھڙيون لکڻيون آھن جن کي صحافتي حلقن ۾ صحافت نٿو سمجھيو وڃي ۽ ادبي حلقن ۾ ادبي ڪم نٿو مڃيو وڃي. اصل ۾ ھي لکڻيون ٻنھي شعبن جي سنگم مان تخليق ٿيل آھن. صفا ”جيد“ صحافي دوست ھن پورھئي کي ”آشنائون نراشائون“ چئي ڊسڪريچ ڪندا رھيا آھن، جڏھن ته اصل تي وڏي اديبن انھن لکڻين کي ادب کانسواءِ الاءِ ڇا ھجڻ وارا لقب ڏنا. اھا ته شابس ھجي اسان جي يار عبدالقادر جوڻيجي کي جنھن مختلف اسٽيجن تي اچي ان منجھيل سُٽ جي ڳنڍ سلجھائي ته بابا اھو صحافتي ادب آھي. ان جو جٿي ڪٿي ڌاڪو ڄميل آھي اھڙين لکڻين جي آجيان ڪرڻ گھرجي.“
    هي ڪتاب موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مھاڳ : تخليقي انداز ۾ صحافت ڪندڙ ”آزاد“ رپورٽر

    اخباري رپوٽرن جي دنيا ۾ ٻن قسمن جي مخلوق ھوندي آھي. ھڪڙا اھي جيڪي نيوز ڊيسڪ سان سٺي ورڪنگ رليشن شپ برقرار رکندي ڪم ڪرڻ جا حامي ھجن ٿا ۽ نيوز ڊيسڪ پاران لاڳو ڊسپلين کي غلط نه ٿا سمجھن. پر ھڪڙا اھڙا رپوٽر صاحب به ھجن ٿا، جن جو نصب العين نيوز ڊيسڪ جي ڊسپلين کي ٽوڙي ڪم ڪرڻ ھجي ٿو. سندن خيال ھجي ٿو ته ڊيسڪ جي روڪ ٽوڪ ”اجائي“ ھجي ٿي ۽ ايڊيٽر يا نيوز ايڊيٽر پاران لاڳو ڊسپلين جنھن کي اھي صاحبان ”ھيڊ ماستر“ جو نالو ٿا ڏين. سا انھن صاحبن جي تخليق متاثر ٿئي ٿي! ! جڏھن ته نيوز ڊيسڪ پاران اھڙن رپوٽرن کي وري ”دانشور“ يا ”خليفي“ جھڙا نالا ڏنا ٿا وڃن. روزاني ڪاوش ۾ مختلف وقتن تي اھڙا ڪيترائي ”دانشور“ رپوٽر رھندا آيا آھن، جن جي لسٽ ٺاھبي ته ان ۾ نثار کوکر جو نالو نمايان طور شامل ڪرڻو پوندو. موسوف کي ڊسپلين يا اسائنمينٽ جھڙن لفظن سان ڄڻ ته وير آھي. سندس خيال ۾ آفيس ۾ اچي ويھڻ يا روٽين (عام رواجي) رپوٽنگ ڪرڻ سان سندس کي زنگ لڳيو وڃي، تنھنڪري کيس آزاد ڇڏيو وڃي! !
    ”نثار! آخر تون چاھين ڇا ٿو؟ ڇا اھو چاھين ٿو ته ھر پڇاڻي کان آزاد ھجين ۽ جڏھن تنھنجو موڊ ٿئي مھيني، ٻن ۾ ڪا ھڪڙي اڌ اسٽوري يا ڪالم دفتر ۾ اڇلائي وري ڪلھي تي ٿيلھو رکي ھليو وڃين؟ گذريل 7 سالن ۾ اھڙو سوال بطور ايڊيٽر مون نثار کان خدا کي خبر ڪيترا ڀيرا پڇيو ھوندو ۽ ھو ھر ڀيري مون کي مستقبل ۾ تبديل ٿيڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ به پنھنجي طبيعت کان مجبور ٿي ساڳئي ريت کان آجي ”ايڪسڪلوز“ خبرون ڏيڻ ۾ کيس گھٽ دلچسپي ھجي ٿي. بلڪه سندس شوق سدائين اکين ڏٺو احوال ڏيڻ ۾ ھجي ٿو، پوءِ اھو احوال ڪنھن سياسي جلسي جو ھجي يا ڪنھن ادبي گڏجاڻي جو يا ڪنھن پير، فقير جي ميلي جو. آئون سمجھان ٿو ته سنڌي صحافين ۾ اکين ڏٺو احوال لکندڙ رپوٽرن ۾ جيڪي ڪجھه نالا مشھور آھن انھن ۾ نثار کوکر سرفھرست آھي. کيس قدرت اھا ڏات ڏني آھي ته ھو اھڙي سھڻي نموني لکي ٿو جو پڙھندڙن کي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ھو پاڻ ان جلسي يا ميلي ۾ موجود آھن ۽ سمورا منظر پاڻ ڏسي رھيا آھن.
    ڪنھن به رپوٽر لاءِ ڪنھن واقعي جي سنئين سڌي رپوٽنگ ڪرڻ ايتري ڏکي نٿي ھجي، پر ڪنھن واقعي کي اکين سان ڏسندي ان جا ھڪ سوء ھڪ پاسا ڏسڻ ۽ سمجھڻ ۽ پوءِ ڪاغذ تي سولن لفظن ۾ لاھي ڇڏڻ ھڪ تمام ڏکيو ڪم آھي ۽ ان لاءِ ڪنھن رپوٽر ۾ ٽن ڳالھين جو ھجڻ تمام ضروري ھجي ٿو. ھڪ مشاعري جي قوت ٻيو وسيع مطالعو ۽ ٽيون بي رحم ھجڻ. نثار کوکر ۾ اھي ٽئي شيون موجود آھن، تنھنڪري سندس لکڻيون گھڻيون پڙھيون به وڃن ٿيون ۽ اڪثر تڪراري به بڻجيو وڃن ۽ روزاني ڪاوش کي ھڪ ٻن موقعن تي مختلف ڌرين جو ڏمر به سھڻو پيو، جنھنجي پويان نثار جو ھٿ نه به ته قلم ضرور ھيو. ھاڻي وري ڪتاب ڇپرائي ورتو آھي، انھيءَ ڪتاب شايع ٿيڻ تي مان خوشي جو اظھار ڪرڻ سان گڏ اھا دعا به ضرور ڪندس ته جن اھو ڪتاب ڇپرايو آھي، شل اھي ڪنھن جي ڏمر جو شڪار ٿيڻ کان بچي وڃن. بھرحال ڪجھه به ھجي، اخباري آفيس جا ڊسپلين پنھنجي جاءِ تي ۽ انھن ڊسپلين جي ڀڃڪڙي پنھنجي جاءِ تي، پر ان ڳالھه کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته نثار کوکر نه رڳو رپوٽر آھي، پر بھتر مشاھدو ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو ۽ سٺو رپوٽر ٿي به اھو سگھندو آھي، جيڪو سٺو مشاھدو ڪرڻ ڄاڻيءَ سگھندو آھي. رڳو اسان وٽ نه، پر عالمي طور به سڄي صحافتي دنيا ۾ اھي ئي سٺا رپوٽر ثابت ٿيا آھن، جيڪي سٺو مشاھدو ڪرڻ جي سگھه رکندا ھئا. مان سمجھان ٿو ته سنڌيءَ ۾ جيڪي رپورٽر آھن، انھن مان جيڪڏھن نثار منفرد آھي ته اھو رڳو انھيءَ ڪري ئي جو ھو انھن جي ڀيٽ ۾ مشاھدي جي وڌيڪ سگھه رکي ٿو نه ته اھو ممڪن ئي نه ھو جو ھو رپوٽنگ ڪرڻ سان گڏ چڱي نموني سان ڪي ڪالم، فيچر يا آرٽيڪل لکي سگھي ھا. توھان چئن رپورٽرن کي ڪنھن ھنڌ قتل جي وڏي واردات جي رپورٽنگ لاءِ موڪليو، انھن مان اھو رپورٽر ئي بھتر نموني سان واقعي جي رپورٽنگ ڪري سگھندو، جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس ۽ مشاھدي جي سگھه رکندو ھوندو. ڳالھه رڳو چئن ماڻھن جي قتل ۽ ان قتل جي جوابدارن جي معلومات ڏيڻ نٿي ھجي، پر ڳالھه انھيءَ سڄي منظر کي محسوس ڪرڻ جي به ھجي ٿي، جتي ماڻھو قتل ٿي ويا ھوندا آھن. اسان وٽ ميلي جو رپورٽون ته گھڻي وقت کان شايع ٿينديون رھنديون آھن، پر ميلو رڳو ماڻھن جي گڏ ٿيڻ جو نالو ته ناھي، ان جا ٻيا به ڪيترائي پھلو ھجن ٿا، جن کي ظاھر ڪرڻ جي ضرورت ھئي، بلڪل ايئن جيئن نثار گاجي شاھ تي ورھين کان لڳندڙ ميلي بابت لکي ھڪ نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايو ته ڪنھن ميلي جي رپورٽنگ ڪيئن ٿيڻ گھرجي. ملاکڙو ته ھر ميلي ۾ ٿيندو آھي، ڀلا جيڪڏھن ڪير رڳو اھا ڳالھه ئي لکندو ته پوءِ ڪيئن چئجي ته اھا رپورٽنگ ۾ ڪا نئين تخليق آھي. تخليقي ڪم رڳو ڪھاڻي يا شاعريءَ ۾ ناھي ٿيندو، پر تخليقي ڪم صحافت ۾ به ٿي سگھي ٿو، اھو نثار ثابت ڪري ڏيکاريو.

    علي قاضي
    ايڊيٽر روزانو ڪاوش حيدرآباد


    ٽڪيٽ سجائي ٿي الاءِ نه ؟ ( ليکڪ جا ٻه لفظ )

    ھي اھڙيون لکڻيون آھن جن کي صحافتي حلقن ۾ صحافت نٿو سمجھيو وڃي ۽ ادبي حلقن ۾ ادبي ڪم نٿو مڃيو وڃي. اصل ۾ ھي لکڻيون ٻنھي شعبن جي سنگم مان تخليق ٿيل آھن. صفا ”جيد“ صحافي دوست ھن پورھئي کي ”آشنائون نراشائون“ چئي ڊسڪريچ ڪندا رھيا آھن جڏھن ته اصل تي وڏي اديبن انھن لکڻين کي ادب کانسواءِ الاءِ ڇا ھجڻ وارا لقب ڏنا. اھا ته شابس ھجي اسان جي يار عبدالقادر جوڻيجي کي جنھن مختلف اسٽيجن تي اچي ان منجھيل سُٽ جي ڳنڍ سلجھائي ته بابا اھو صحافتي ادب آھي. ان جو جٿي ڪٿي ڌاڪو ڄميل آھي اھڙين لکڻين جي آجيان ڪرڻ گھرجي. جوڻيجي جھڙو گھڻ پاڙھو ماڻھو ڄاڻي پيو ته مختلف ملڪن جا وڏا وڏا صحافي ان فيلڊ ۾ پنھنجو وارو وڄائي چڪا آھن پر جيڪڏھن سنڌيءَ ۾ ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ان ۾ اسان جو ڏوھ ھرگز ھرگز نه ھئڻ کپي.
    ھي لکڻيون نئون يا انوکو ڪارنامو به ناھن ڇو ته اھڙو ڪم اڳ ۾ به ٿيندو ھيو، ٿيندوآھي ۽ آئندھ به ٿيندو رھندو ۽ نه ئي ھي لکڻيون پڙھندڙن کي ادب کان صحافت طرف موڙڻ جو ڪو منصوبو آھن. جيئن اسان جو تيز مزاج وارو نماڻو يار نصير مرزا مذاق ۾ ئي سمجھندو آھي. نصير ھڪ دفعي پنھنجي آفيس ۾ ئي ڪچھري دوران چيو ھو ته ”انھن لکڻين کي سانڍي رکو، سچ پچ ته اھي ناول جا ٽڪڙا آھن. توھان ته ھاڻي اسان جي ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن کي به کاري وڌو آھي. ھاڻي اھي به اھڙا نثري ٽڪرا لکڻ ٿا چاھين.“ اھڙي صحافتي ادب کي مڃيل ادبي ۽ صحافتي حلقن ڏاڍو دير سان ساراھيو ۽ مڃيو ھو پر ان کان اڳ ئي جناح باغ لاڙڪاڻي واري گيٽ آڏو ويٺل مانڊڻي واري، ميرپورخاص ۾ سيڙجي ملڻ لاءِ آيل ڀرڀاسي وراي ڀيل ۽ راڌڻ اسٽيشن تي ٽرين مان لاھي زبردستي فوٽو ڪڍائيندڙ اخباري ھاڪر جھڙن عام پڙھندرن پنھنجي محبت ذريعي اھو پسنديدگي وارو منھنجو الڪو اڳواٽ ئي لاھي ڇڏيو ھو.

    ھي لکڻيون جن ۾ بلاڪس ھاسٽل جي ڪڙاڻ کان وٺي سکر جي بي رحم گرمين تائين ڦھليل اوجاڳا ۽ تنھائيون شامل آھن. تن کي ڇپڙائڻ جو مشورو سمورن سلجھيل دوستن ڏنو ھو، پر اھا رسڪ لاڙڪاڻي جي پبلشر مظھر ميمڻ پھرين ملاقات ۾ کڻي ڇڏي. ھن ڪتاب جو سفر توھان لاءِ ھي پنو اٿلائڻ کانپوءِ شروع ٿي ويندو. مختلف اسٽيشنن ٿا ٿيندا جڏھن اوھان آخري صفحي تي پھچو ته اھو ضرور ٻڌائجو ته توھان جي ٽڪيٽ سجائي ٿي الاءِ نه؟


    نثار کوکر
    10.10.2002
    حيدرآباد


    حصو پھريون

    اداسيءَ جي ڏينھن ۾ لکيل خط

    تازو جڏھن ھڪ سمينار کانپوءِ ھو ٻئي سمنڊ ڪناري مليا ته ائين مليا ڄڻ سندن معمولي دعا سلام ھجي ۽ ڪجھه گھڙيون گڏ گذارڻ خاطر ھنن پنھنجي اڳوڻي محبت واري دور کي ڳالھه ٻولھه جو موضوع بڻايو ۽ پنھنجي عاشقيءَ وارن ڏينھن جو خوب مذاق اڏايو. ”سچي ھاڻي به مان سوچيندي آھيان ته ڪيڏا نه چريا ھوندا ھئاسين، ڪيڏو نه فالتو وقت ھوندو ھو جو ڊگھا ڊگھا خط لکندا ھئاسين. خبر اٿئي اھي تنھنجا سمورا طويل خط مان ھن ئي سمنڊ ۾ اڇلي ويئي ھيس.“ پنھنجي اڳوڻي محبوبا جي اھڙي ڳالھه ٻڌي ھو به کلي پيو ۽ کيس مذاق ٻڌايائين ته ھن به سندس سمورا خط ساڙي ڇڏيا ھئا. ھو ٻئي ڪڏھن سندن ھيلو ھاءِ ٿي ويندي آھي ته ان دور تي کلي دل سان ڳالھائيندا آھن جنھن دور ۾ ھڪ ٻئي لاءِ ديوانا ھوندا ھئا. انھن ٻنھي مان ڇوڪريءَ جي ته شادي ٿي وئي آھي پر ھن ھمراھ اڃان شادي نه ڪئي آھي، جنھن تي ھوءَ کيس چيڙائيندي چوندي آھي ته ” منھنجي بددعا لڳل اٿئي، ائين رشتو ڪو سولو ملندئي.“
    ھنن ته دنيا جي جنجھٽن ۾ اچي ھڪ ٻئي کي خط لکڻ ڇڏي ڏنا آھن پر اڄ جڏھن انٽرنيٽ تي عشق جي فوبيا ڦھلجي وئي آھي تڏھن به ڪيترائي عاشق پنھنجي محبوبن ڏانھن محبت ڀريا خط لکن ٿا. انھن خطن ۾ سندن ذھني سطح موجب ئي محبت جو اظھار ۽ لفظن جي چونڊ ھوندي آھي
    ”اڄ مان تڏھن خط لکي رھي آھيان جڏھن ياد ڏاڍو ستايو آھي ۽ مون کي پڪ آھي ته تون به مون کي ھن ئي گھڙي ايترو ياد ڪيو ھوندو. ائين ته نه ڪندو ڪر نه! ۽ ھا خبر ٿئي ھاڻي ريڊيو تي ڪلام ھلي رھيو آھي ” ڪڏھن ولسو سھڻا سانولا وطن غريبان دي“ مان اھو ڪلام به ٻڌان ٿي ۽ تو کي خط به لکي رھي آھيان.“ ھڪ اڳوڻي ريڊيو ڪمپيئر پنھنجي پنج سئو ميل پري رھندڙ محبوب کي خط لکيو ھو. سندس خط تمام طويل ھو جنھن ۾ ھن کيس اھا به ھدايت ڪئي ھئي ته تون خط احتياط سان لکندو ڪر، آخر گھر ۾ ٿا اچن، ڪير به پڙھي سگھي ٿو ۽ ٻڌي ڇڏ ته ڪو به ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ لاءِ ماءِ ڊيئر جا لفظ برداشت نٿو ڪري سگھي ته تنھنجي خط ۾ وري ملڻ جون ڳالھيون! ! گھر ۾ باجيءَ کي ھمراز بڻايو اٿم. ھوءَ پڇي پئي ته اڳتي لاءِ به ارادا نيڪ آھن يا صرف دوستي رھندي، چيومانس اھا ته مونکي به خبر ناھي. ھاڻيءَ اھو تون ٻڌاءِ ته محبت مون سان ۽ شادي ڪنھن ٻيءَ سان ڪندين ڇا؟ ڏس جاني مان تنھنجو انتظار ڪري سگھان ٿي ۽ شاديءَ جي مونکي به ھروڀرو ڪا تڪڙ ناھي.“
    ھڪٻئي کان به پري پري رھندڙ ان اڳوڻي جوڙي جي شادي ته ڇا محبت ۽ دوستي به ھاڻي نه رھي آھي ۽ اھي پراڻا خط به ھو ڪڏھن ڪڏھن کولي پڙھندا آھن جيڪي ٻنھي وٽ اڃا به سانڍيل آھن ۽ انھن ئي خطن مان ھڪ ۾ ڇوڪريءَ کيس لکيو ھو ته، ” رات مون ھڪ خواب ڏٺو ھو جنھن ۾ اسان ٻئي ٽرين ۾ چڙھي ڪيڏانھن سفر ڪريون ٿا. مان تو سان ڳالھايان ٿي پر تون رڳو ويٺو اخبار ٿو پڙھين ۽ منھنجي ڳالھين جو ھون ھان ۾ ئي جواب ٿو ڏين. تون ٻڌاءِ ته اھو خواب ائين ڇو ھيو؟ “ اھو خواب ته جيئن به ھيو پر ھاڻي اھي ھڪ ٻئي مٿان گذريل حادثا به شيئر نٿا ڪن ڪن جيڪي خواب ۽ خيالن جون ڳالھيون به ھڪٻئي سان ڪندا ھئا. انھن جو تعلق ان ھڪ صفحي واري آخري خط سان ئي ختم ٿي ويو ھو جنھن ۾ اڳوڻي ريڊيو ڪمپيئر اھو لکيو ھو ته ” تون ھڪ سٺو ۽ شريف ڇوڪرو آھين، مان ڏاڍي خراب ڇوڪري آھيان، مان تو سان شادي نٿي ڪري سگھان، مون تو کي ڏاڍو پريشان ڪيو آھي، تون پنھنجو پاڻ کي سنڀال ۽ خدارا مون کي معاف ڪري ڇڏ. ائين سمجھه ڄڻ مان تنھنجي زندگيءَ ۾ آئي ئي ڪونه ھيس. آئيندھ مون سان ڪو رابطو نه رکجانءِ. “ ۽ آخر ۾ فقط تنھنجي پياري ۽ سونھن بجاءِ ھن لکيو ھو ”فقط ذليل ڇوڪري“
    عاشقيءَ ۾ لکيل اڪثر طويل خط ۽ بظاھر معمولي ڳالھين سان ڀريل ھوندا آھن، جن م ھڪٻئي کان عجيب فرمائشون ۽ سوال ڪيل ھوندا آھن ته ” تون ڪھڙي پرفيوم پسند ڪندي آھين يا موسيقي ڪھڙي ٻڌندي آھين.“ خطن جو سھارو اڪثر ڪري اھي عاشق حضرات وٺندا آھن جيڪي ھڪٻئيءَ کان ڏور گذاريندا ۽ روزانو ملي نه سگھندا آھن ۽ ڪجھه وري ڪنڊياري جي ان فقير جھڙا به سادھ دل ھوندا آھن جيڪي ھڪ اکر به پنھنجي جذبن جي اظھار طور لکي نه سگھندا آھن ۽ فون تي ھيلو ھاءِ کان ڳالھه اڳتي نه وڌائي سگھندا آھن، جڏھن ته ڪجھه عاشق پنھنجي دل جي ڳالھه جڏھن زبان تي آڻي نه سگھندا آھن ته ھو خطن جو سھارو وٺندا آھن ۽ ڪجھه ماڻھو ته خطن ۾ سانوري شاعر وانگر محبت جو اظھار ڪرڻ ۾ شرمائيندا آھن جنھن پنھنجي وڻندڙ شاعرھ کي خط جي آخر ۾ لکيو ھو ”فقط تنھنجو محبوبن جھڙوءَ!“ ھونئن ته خط قيدين لاءِ به وڏي غنيمت ھجن ٿا ۽ بار بار پڙھيا وڃن ٿا ۽ ڪجھه دوست به ھڪٻئي کي خط لکي پنھنجي ڪيفيتن کان آگاھ ڪن ٿا جيئن گرمين جي موڪلن تي ڳوٺ ويل ھڪ شاگرد پنھنجي دوستن کي لکيو ھو ته ”ڳوٺ گھمڻ ڀلي اچو پر وڏن ڪاون واري سنڌي ٽوپي ۾ نه اچجو ڇو ته اھڙي ٽوپي پائيندڙ چور تازو اسان جي ڳوٺ مان مينھون چورائي ويا آھن ۽ پوليس ھر ان شخص کي گرفتار پئي ڪري جنھن کي اھڙي ٽوپي پاتل آھي.“ ڪجھه ماڻھو خطن ۾ سياسي صورتحال تي بحث ڪن ٿا ۽ انھن جا خط به طويل ٿين ٿا پر اھي سڀ خطن ائين انتظار نٿا ڪن جيئن عاشق پنھنجي نالي ايندر خطن جو باقائدھ انتظار ڪن ٿا. ”ڪالھه منھنجي روم جي ٻاھران بوٽ جو اھڙو ئي کڙڪو آيو جھڙو ٽپاليءَ جو بوٽ ھوندوآھي، مون پڪ سمجھيو ته تنھنجو خط ھوندو ڇو ته تنھنجا پيار ڀريا خط وصول ڪندي ڪندي مان اھي خط آڻيندڙ جي پيرن جو کڙڪو سڃاڻي ويو آھيان، پر اھو ٽپالي منھنجي روم تي خط اڇلڻ کان سواءِ ئي اڳتي وڌي ويو ۽ مان در کولي انکي ڏسندو رھيس، پر نڙيءَ ۾ ڦاٿل اھو سوال نه ڀڃي سگھيس ته چاچا منھنجو خط ناھي ڇا؟ تون ائين ڇو ٿي ڪرين؟ خط لکڻ ۾ ته ڪنجوسي نه ڪر.“ سنڌ يونيورسٽي جي ھاسٽل ۾ رھندڙ ھڪ شاگرد پنھنجي گرل فرينڊ کي لکيو ھو. ڪجھه محبتي ماڻھن ۾ پنھنجي پيارن جا خط وصول ڪرڻ جا ٻه انوکا طريقا آھن. ”خبر آھي تو کي ته تنھنجو خط مان ڪيئن وصول ڪيو؟ ٽپاليءَ کان وٺي پھريان اکين تي رکيم ۽ ان کي چمي ڏئي آھستي آھستي کوليم ۽ پڙھندي ويس.“ لطيف يونيورسٽيءَ جي ھڪ شاگردياڻيءَ پنھنجي محبوب کي لکيو ھو جنھن ملڻ واري محبوب جي مطالبي جي موٽ ۾ اھو به لکيو ھو ته ”مون سان ملڻ لاءِ ضد نه ڪندو ڪر. مان پنھنجي وس ۾ ناھيان ھوندي ۽ نه ئي مان بھادر آھيان جيڪا اڃان تائين ڪنھن ٻار کان سواءِ اڪيلي سر ٻاھر گھمڻ به نه سکي سگھي آھيان.“ اھڙن پيار ڀرين خطن ۾ اڪثر روئڻ جي ڳالھه به شامل ھوندي آھي، جيئن ھڪ نوجوان پنھنجي پري رھندڙ محبوبا کي لکيو ته ”ڪالھه مان ڏاڍو اداس ھئس ۽ تنھنجي ڪمي به گھڻي پئي محسوس ٿئي. دل چاھيو پئي ته تو وٽ اچي تنھنجي ھنج ۾ منھن رکي روئان ۽ ايترو روئان جو تون پرچائي پرچائي ٿڪجي پوين. رات ھڪڙو خواب به ڏٺم. توکي ٻڌايان؟ ٺيڪ آ، نٿو ٻڌايان تو لاءِ ڏنل سڀ خواب مون گڏ ڪيا آھن ۽ اھي تو کي شاديءَ جي پھرين رات ٻڌائيندس.“ پر اھا رات ڪڏھن به نه اچي سگھي ۽ چڱيءَ موچاري شخصيت بڻجي ويل اھو شخص ھاڻي جڏھن به پيگ نڙيءَ کان ھيٺ لاھيندو آھي ته روئي ڪنھن اردو اديب جو سٽون ٻڌائيندو آھي ته ”جب اچھ اور لذيذ ڪھانوڻ ميڻ ڪسي بچھڙ ھوئي شخص ڪي اداسي گھل جائي، جب سارا سالن آنسو اور ساري روٽي انتظار ھو جائي تو پھر ڪيا ھوتا ھي ؟“ پر وري دوستن جي دلداريءَ ۽ ٽوڪن کان پوءِ اختر بروھي جون سٽون دھرائيندو ته؛
    مڃان ٿو سدائين اسان ئي رنا ھون
    اوھين ٽھڪ آھيو اسين ڳل ڀنا آھيون
    مگر نيٺ ھاڻي روئڻ ئي ڇڏيوسين
    ڳوڙھن سان ڳلڙن کي ڌوئڻ ڇڏيوسين

    شعرو و شاعري ۽ ادب سان چاھ رکندڙ عاشقن جو وڏو تعداد رات جو ئي پنھنجي پيارن پيارن کي خط لکي ٿو ۽ اھي انھن خطن ۾ وقت به لکي ڇڏيندا آھن، جيئن ڪوششن جي باوجود شاعر نه ٿي سگھندڙ ھڪ نوجوان پنھنجي محبوبا کي لکيو ته ”ھاڻي جڏھن رات جو وقت ٻن کان به گھڻو اڳتي ٽپي ويو آھي ته مان سوچيان ٿو ڪاش تون ڪٿان اچي وڃين! منھنجي ساھن جي پھريدار، ھاڻي جڏھن دنيا جي سموريون ڪميڻون نظرون بند آھن تڏھن تون مون کان ايڏي ڏور ڇو آھين؟ تون ئي منھنجي لاءِ ھڪ آٿٿ آھين. اھڙي آٿٿ، جنھن جي سھاري جيان پيو. مان ھن مادي پرست دنيا ۾ اڃان شايد ايترو مادي پرست نه ٿي سگھيو آھيان جو ٻٽاڪ ھڻان ته مان بنا ڪنھن سھاري جي به ھلي ويندس نه........ ائين ته مان ٽٽي پوندس. تو ئي ته منھنجي سدا بيچين رھندڙ دل تان وھمن وسوسن جي چڙھيل ڌوڙ لاھي سندس اجرو روپ ظاھر ڪيو. ھا اھا تون ئي آھين جنھن منھنجي چين کي چمين جي تقدس ۽ محبت جي پاڪائيءَ کان آگاھ ڪيو.“
    محبتن جي جذبات سان ٽمٽار اھي خط جوانين جا ڳجھا دستاويز آھن جيڪي اڪثر عاشق ساڙڻ يا پاڻيءَ ۾ لوڙھڻ چاھيندا آھن ۽ تمام ٿورن ماڻھن وٽ عمر جي آخري حصي تائين اھي خط محفوظ رھن ٿا. بي خوديءَ واري ڪيفيت ۾ لکيل اھي خط اڪثر ڪري اڳواٽ سوچيل ڳالھين کان سواءِ ئي لکيا وڃن ٿا. انھن خطن ۾ کي پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اھي سدا سائو رھندڙ زخم به ڪجھه ماڻھن لاءِ ٿين ٿا جيڪي انھن جي ڪيفيت متعلق ٻڌائين ٿا. ھڪ اڳوڻي شاعرھ جي ان خط جيان جنھن ھن پنھنجي وڇڙندڙ محبوب کي لکيو ھو ته ”منھنجي محبت ۾ آخر تو کي ڪھڙي ڪمي ٿي؟ تو....... ھا تو ئي ته چيو ھو ته تون منھنجي ڪل ڪائنات آھين، سڀني سوچن، مستين البيلاين جو محور، ۽ ڪنڌ لاڙي ( شايد وقتي طور ) تو ئي چيو ھو ته زندگيءَ تو بنا ڪيئن گذرندي....؟ ڇا جي ڪبو؟.... تو کانسواءِ زندگيءَ ۾ مزو ئي ڪھڙو....؟ تون ئي ته منھنجي زخمن جو مرھم ھئين، پوءِ تو اھو خنجر ڪٿان آندو جنھن مونکي رتو رت ڪري ڇڏيو؟ تنھنجو ئي پسنديدھ غزل ھاڻي مان ٻڌان ٿي ته؛
    مين ئي لکا ٿا، مگر يه مجھي معلوم نه ٿا،
    مين تمھين روح ڪي جاگير نھين لک سڪتا،
    ڀُول جانا ڪه خطا ھو گئي ناداني مين،
    ڪونه جاني ڪه تمھين ياد ڀي ھين يا ڪه نھين

    ھاڻي به جڏُھن ڪو چوٽ کائي ٿو ته پريشاني ۾ خط ئي لکي ٿو پر اھا ڳالھه سندس ذھني سطح تي ڇڏيل آھي. معصوماڻي انداز ۾ سچائيءَ سان محبت ڪندڙ ميڊيڪل جي آخري سال جي شاگرد کي جڏھن محبوبا جي دوکي جي خبر پئي ھئي ته ھن ڏاڍو جذباتي ٿي ۽ روئي جيڪو طويل خط لکيو ھو ان ۾ ھن ھڪ ھنڌ لکيو ھو ته ”مون کي اھا خبر ئي نه ھئي ته ھتي ( دنيا ۾ ) رھڻ لاءِ مڪاري ۽ منافقي جي سخت ضرورت پوندي؟ اھو ته ھاڻي شدت سان محسوس ٿئي ٿو جڏھن تو جھڙي معصوم ڇوڪريءَ به ايڏو انوکو پيار ڏئي انوکو ڌوڪو ڏنو آھي. سچ پڇين ته مان صفا چڪنا چور ٿي پيو آھيان. مون تو کي اڳ ۾ ٻڌايو ھو ته سدائين محبتن ئي منھنجي ڪيريئر کي تباھ ڪيو آھي. ھاڻي پاڻ سنڀالي کڻڻ جي پاڻ کي ئي ھمت نٿي ٿئي. دل چوي ٿي ته ٻه ٽي ڏينھن اوباش ٿي وڃجي. وڃي شيشيون کڙڪائجن ۽ گندين گھٽين جا چڪر ڏجن، زندگيءَ جي منھن ۾ ڌوڙ ملجي. بيغيرت، اسان کي ايئن رلايو اٿائين ته ان کي به ته ٿورو ذليل و خوار ڪجي، ڪڏھن مونکي ئي سڀ ڪجھه سمجھندڙ ھاڻي تون به تقدير جي ڳالھه ڪرين ٿي؟ مون کي اھا تقدير ڪٿي ملي وڃي ته ڄنڍن کان وٺي منھن ۾ گھروڙي بجو ڏيانس ته ڪميني تنھنجو اسان ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو جو ھينئن بيابانن ۾ ڦٽي ڪري ھلي وئينءَ ته وري اچي ڪا سنڀال نه لڌئي.“
    خطن ۾ وڏيون ڪھاڻيون ۽ وڏا داستان لڪل ھجن ٿا ۽ خطن ۾ سچائي سان پنھنجي جذبن جو اظھار ڪندڙ ماڻھن جا اھي خط پنن تي وکريل پروفائل ھجن ٿا. محبت جي شروعاتي ڏينھن ۾ لکيل خطن ۾ شديد محبت، ملڻ جي آس ۽ آيل سنڀارن جو ذڪر ھجي ٿو. جڏھن ته افيئر جي آخر ۾ اھڙا جذباتي منظر خطن ۾ پڙھڻ لاءِ ملن ٿا جھڙا ھڪ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پر باوقار شخص جي خطن ۾ ملن ٿا. جڏھن سندس محبوبا سندس سياسي سرگرمين کان تنگ ٿي کيس ڇڏائي ايئر ھوسٽس ٿي وئي ھئي ته کيس پھريان ڌيمي لھجي وارو خط لکيو ھو ته ”اسان جنھن معاشري ۾ رھون ٿا ان ۾ محبت جي اڳواٽ ئي کوٽ آھي. تون ان مختصر ڪوٽا کي اڃان به مختصر نه ڪر.“ پر پنھنجي طويل خطن ۾ ھن به کيس لکيو ته ”اسان به عجيب ديوانا ثابت ٿياسين جو ھن دور ۾ زھر ۽ ماکيءَ جو دڪان گڏ کولي ويٺاسين. ماڻھو زھر عيوض ماکي اسان وٽان کڻندا ويا ۽ اھا ايتري مقدار ۾ کڻي ويا جو ھاڻي پنھنجو دڪان زھر سان ڀرجي ويو آھي ۽ انھن ستم ظريفن مان ڀلجي به ڪو پڇڻ نٿو اچي ته توھان کي به ٻه قطرا ماکيءَ جا کپن ڇا ؟....“ پنھنجي عجيب غريب تشبيھن واري خط ۾ ھن وڌيڪ لکيو ھو ته ”... اسان جي پيرن جي نصيب ۾ اڃا ڪي ڊگھا ۽ اڻانگا پنڌ لکيل آھن. اسان کي اڃا ته ڪي گھگھه اونداھيون ڏسڻيون آھن. اسان جي ڳلن تي چمين جي بارش نه پر سج جي تپش جوقرض اڃان رھيل آھي ۽ اسان جي سينن طرف ڪي غبار ھلڪا ڪندڙ مسيحائي ھٿ نه پر اڃا ڪي سنگينون وڌڻ واريون آھن. اھڙي ماجرا ۾ تو کان محبتن جي ڪھڙي خيرات گھرجي؟ پر ھاڻي منھنجو خيال ڇڏ، تون قطعي پريشان نه ٿي ۽ نه ئي تون پنھنجي خدا آڏو شرمساري محسوس ڪر. نمازن ۾ به روئڻ بند ڪري ڇڏ، ڇو ته مان تو کي اھڙي روحاني عذاب ۾ مبتلا نٿو رکڻ چاھيان. منھنجون سموريون دعائون تنھنجي پيرن ۾ وڃايل رھنديون. صرف تون اعتماد سان ھلڻ سکي وٺ.“
    تري فراق ڪي راتين ڀي ڪڀي ڀولين گي ؟
    مزي ملي انھين راتون مين عمر ڀر ڪي مجھي.

    خطن ۾ خوشبو ۽ ھٻڪار آڻڻ خاطر ڪيترائي ماڻھو خط خوشبو وارين پينن سان لکن ٿا ۽ ڪجھه وري لفافن ۽ پنن کي پرفيوم ھڻن ٿا. ڪجھه خطن سان گڏ گلن جون پنکڙيون به روانيون ڪن ٿا. ٽپال کاتي جي عام رواجي دٻن ۾ پوندڙ خط ٽپالين لاءِ ته عام خطن جيان ھجن ٿا پر انھن لاءِ ( جيڪي خط لکن ٿا ۽ جن ڏانھن لکيا وڃن ٿا ) اھي خط عام رواجي نه پر گھڻا مقدس ھجن ٿا. ڪجھه خطن ۾ خودڪشين جون اڻپوريون خواھشون اماڻيل ھونديون آھن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ھاڻوڪي ھڪ آفيسر به ته چوڏھن صفحن تي ٻڌل اھڙي خواھش پنھنجي محبوبا کي موڪلي ھئي ۽ اھا ٻنھي ڌرين جي دوستن لاءِ کل جھڙي ڳالھه ھئي ته اھو طويل خط بس اسٽينڊ تان لکيو ويو ھو. اھڙي خواھش ان معصوم ڇوڪريءَ به ته پوسٽ ڪئي ھئي جنھن پنھنجي فراخدلي ۽ محبت جي سچائي سان ھڪ ڇوڪري کي ڀاءُ سمجھي چمي ڏني ھئي ۽ ھو مرڳو ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو لتاڙڻ لاءِ بضد ٿي ويو ھو. سيڪنڊ ايئر جي ان شاگردياڻيءَ نيٺ دوادوء مان وڃي کيس طويل خط لکيو ھو جنھن ۾ ھن لکيو ھو ته ”ھاڻي محسوس ٿئي ٿو ته ھتي ڪو به مرد عورت جي حفاظت نه ڪندوآھي. ھتي حفاظت صرف رشتن جي ٿيندي آھي، عورت جي نه. ڪاش، منھنجو ڪو وڏو ڀاءُ ھجي ھا! ڪاش، اسان وٽ خوني رشتن کي ايڏي اھميت نه ھجي ھا. روح جا رشتا ته ڪا معني ئي نٿا رکن شايد. ٻين جي ڏاڍاين تي ته توھان جي سامھون رنم پر اوھان جيڪو گھاءُ ڏنو اھو ڪنھن کي ڏيکاريان؟“ ھن خودڪشي جي تمنا ڪندي لکيو ھو ”.... يا خدا. مون کان تنھنجي انسانن جون ڏاڍايون برداشت نٿيون ٿين. مون کي تنھنجي بنايل ڌرتيءَ تي پناھ نه ملي سگھي آھي. مون کي پنھنجي پناھ ۾ وٺي ڇڏ، مون کي پاڻ وٽ گھرائي وٺ.“

    " محبت جو جنم ڏينھن "
    اڄ محبت جو جنم ڏينھن آھي،
    اڄ اداسيءَ جي ڪاتيءَ سان،
    پنھنجي دل کي وڍينداسين،
    اڄ اسان پنھنجي ڇپڙن تي،
    ٻرندڙ ميڻ بتي رکي،
    ھڪ تار مٿان گذرنداسين،
    اسان کي ڪو به ڪو نه ڏسندو،
    پر اسين ھر بند دريءَ ڏانھن ڏسنداسين،
    ھر دروازيءَ آڏو گل رکنداسين،
    ڪنھن نه ڪنھن ڳالھه تي،
    اسين روئنداسين ۽ پنھنجي روئڻ تي
    اسين کلنداسي
    اڄ محبت جو جنم ڏينھن آھي،
    اڄ اسين ھر وڻ آڏو گذرندي،
    ٽوپي لاھي کيس سلام ڪنداسين،
    ھر ڪڪر کي ڏسي ھٿ لوڏينداسين.


    انقلابين جا اداس گيت

    ھاڻي ھو اوستي (استاد) ابراھيم واري سيلون تي ويھي چرس ڀريل سگريٽ جا سوٽا ھڻندو آھي ۽ سامھون ڀت تي پنھنجي اڳوڻي ليڊر جي پراڻي پوسٽر ۾ لڳل اھا اڌ ظاھر تصوير ڏسندو آھي جنھن مٿان استاد جي ڇوٽوءَ ”شاھ رخ خان“ جو پوسٽر ھڻي ڇڏيو آھي. ”سنڌي جي نئين نسل جو ھاڻي ڪو چي گويرا يا ابوجھاد ھيترو نه ٿئي استاد! اھي فلمي ھيرا ئي وڃي سندن ھيرا ٿيا اٿئي.“ عھو نشي جي سرور مان ڳالھائيندي چوي ٿو. ھي نه لڙھندڙ نسل آھي نه اداس نسل آھي، ھي ته واريءَ جي ذرڙن جيان سنڌ جي مٺ مان کسڪي ويل نسل اھو نسل آھي جنھن خواب اڻيا، ھو انھن خوابن پٺيان ڊوڙيا ۽ کين سراب مليا. ”اسان ته عشق واري عمر جيلن ۾ يا روپوشيءَ ۾ گذاري ڇڏي، ھاڻي وري ڪا عشق ڪرڻ لاءِ تيار ناھي“ گنجو ٿي ويل اڳوڻو پارٽي سربراھ رات جي محفل ۾ افسوس سان چوي ٿو. حيدرآباد جي ريشم بازار ۾ ڪلف لڳل ڪاٽن پائي مڇن تي ھٿ ڦيرائي ھاڻي ھو رڳو بازاري عورتون تاڙي ٿو. ھو ڪنھن وقت ۾ پنھنجي تنظيم جي مليٽنٽ ونگ جو سربراھ ھوندو ھو. حيدرآباد جي ھوائن ان شخص کي به ته ڄڻ ونگ وجھي ڇڏيا آھن، جنھن کي ڀرسان ئي پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪڏھن آرام ناھي آيو. سياست کان ٿڙي اچڻ کانپوءِ ھن پناھ اچي ڇوڪرين سان فون تي ڳالھائڻ ۾ ورتي ۽ ان ۾ به ھو ڀٽائي جا شعر ٻڌائيندو اٿن. ٽيليفون بوٿ تان ھڪ نئين ڇوڪريءَ کي فون ڪندي ھن چيو؛ ”ھلو مان منير ٿو ڳالھايان.“ پريان آواز اچڻ کانپوءِ وري چيائين ”اھو منير جنھن لاءِ ڀٽائي چيو آھي، ڏٺو ماھ منير....“ ھو اڄ به فرسٽريشن مارڻ لاءِ ٽيبلٽس کائيندو آھي. شايد ھر پاڙي جي ڌوٻيءَ وٽ سندس ڪپڙا پيا ھوندا آھن. رلي رلي ڪٿي نه ڪٿي رات رھي وري سڄو ڏينھن رلڻ. بيقراري ته ڏوڪريءَ ۾ سائيڪلن جو دڪان ھلائيندڙ حبيب سنڌيءَ کي به آھي جيڪو اڃا سکر سينٽرل جيل وڃڻ جي رومانس ۾ آھي ۽ ساٿين کان پڇندو آھي ته جدوجھد ڪڏھن ٿا ھلايو؟ دادوء جي اھا نوجوان عورت جنھنکي سندس ساٿي مذاق مان ” ڪراڙي ڪامريڊياڻي“ چوندا ھئا، ھاڻي لاڙڪاڻي واري سائڪياٽرسٽ وٽ اچي روئي ٿي، ”ڊاڪٽر صاحب مون کي الاءِ ڇا ٿي ويو آھي، سج لھي ٿو ڳڻتي ٿي پئي ٿي، سوچان ٿي ته اھو سج نه لھي، جو ھجي جيڪو ان سج کي لھڻ نه ڏئي، پر جڏھن سج لھي وڃي ٿو ته مون کي روئڻ اچي ٿو. اھو مون کان برداشت نٿو ٿئي.“ ھاڻي ھوءَ ان پرس ۾ انڊيرال ٽيبليٽس رکي ٿي جنھن ۾ ھوءَ ڪنھن دور ۾ ڪتاب ۽ پسٽل گڏ کڻي گھمنديءَ ھئي. ”سنڌ مان ڄڻ ته اھي اوجاڳا ئي ختم ٿي ويا آھن، جيڪي ذھين اکيون نئين صبح لاءِ ڪنديون ھيون، ھاڻي يا ته چور جاڳن ٿا يا شراب پي فحش فلمون ڏسندڙ حوس پرست.“ ھڪ ڪھاڻيڪار چوي ٿو، ”ھو فيض، ڀٽائيءَ ۽ اياز کي طوطي جيان رٽيندڙ ته ڄڻ ڪيڏانھن ٽٻي ھڻي ھليا ويا آھن جيڪي سڪل ماني ۽ پڪوڙن تي پلجندي به ذھني طور صحتمند ھئا، سڀ ٽائون آھن، اھڙو گروپ ٺاھيو جيڪو سڀني کي سڌو ڪري ڇڏي“ ڪچي ۾ پنھنجي ڳوٺ رھندڙ اڳوڻو سياسي ڪارڪن ڪرياني جي دڪان تي ويٺلن کي چوي ٿو. ھو ڪٿي به سپاھي کي ڏسي پوزيشن سنڀالي ويھي رھندو آھي ۽ چوويھه ڪلاڪ پاڻ کي گوريلا وار ۾ شامل سمجھندو آھي. رات جو چرس پي انگلش ايڪشن موويز ڏسي سمھندو آھي. ان طوفان ۾ سڀ ڪو گوزي جي ان بيقرار اکين واري نوجوان وانگر ته پاڻ نٿو سنڀالي سگھي جنھن سياست ڇڏي پر ايبنارمل نه ٿيو آھي ۽ حيدرآباد جو اھو انقلابي جوڙو جن کي ھڪٻئي سان شديد محبت ھئي. جيڪي سمھندا ته گڏ ھئا پر حوصلو ايترو بلند ھئن جو امانت ۾ ڪنھن خيانت نه ڪئي، انھن کي سندن نام نھاد پارٽي اصولن شادي ڪرڻ نه ڏني. ھاڻي ھو اچي چاليھن کي پھتا آھن پر شادي ٻنھي مان ڪنھن ناھي ڪئي.
    تازو انٽرنيشنل ميگزين وارن طرفان ايڪويھين صديءَ جي آجيان طور ڇھه اھڙا اسپيشل پرچا ڪڍيا ويا آھن جن ۾ ويھين صديءَ جي سياست، انقلاب، راندين، ادب ۽ آرٽ ۾ پاڻ مڃائيندڙ شخصيتن کي محفوظ ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ گانڌي تي سلمان رشدي کان به لکرايو ويو آھي. اھڙا پرچا ڏسي منھنجي ھڪ ذھين ڊاڪٽر دوست چيو.”ڇا سنڌ ۾ ڪو اشاعتي ادارو اھڙو ڪم ڪري سگھي ٿو، سنڌ ويھين صديءَ ڪيئن گذاري اھو ڪو ٻڌائڻ وارو ناھي؟. تازو ڏکڻ آفريڪا جي محققن پاران نسل پرستي واري دور ۾ ڪيل انساني حقن جي ڀڃڪڙِين واري پڌري ڪيل رپورٽ جنھن ۾ وني منڊيلا تي به الزام لڳل آھن، بابت حيدرآباد جو ھڪ صحافي چوي ٿو؛ ”ڇا سنڌ جا عالم ۽ مدبر ڪو اھڙو ڪم ڪري سگھن ٿا“ ھو پنھنجي سوال جو پاڻ ئي جواب ڏئي چوي ٿو ”سنڌ جي ڏاھن جي تحقيق سنڌ ۾ پلجندڙ پکين، مڇين ۽ گاھن جي قسمن تائين محدود ٿي وئي آھي، اھي انھن جوانين تائين ڪيئن پھچن جن کي ٽارچر سيلن ۾ پيشاب پياريا ويا، راھ ويندي گوليون ھنيون ويون يا ذھني طور مفلوج بڻائي موالي ڪيو ويو“ ھو شڪايت ڪري ٿو ته سنڌ ۾ اڄڪلھه منافقن ۽ چرسي نوجوانن جي گھڻائي ٿيندي پئي وڃي جيڪي ڪنھن به ڪميٽمينٽ کان ڪوڙا آھن. ھاڻي گھرن ۾ گھٽين ۾ انھن جي نڪمائيءَ تي تبصرا ٿين ٿا ۽ ھو ڪنھن اڻ ڪيل گناھن جھڙي سزا ڀوڳين ٿا.“
    موري جي ان نوجوان جيان جنھن کي سخت تنقيد سبب پارٽي اڳواڻ ايجنسين جو ماڻھو ھجڻ جو ليبل ھڻي پارٽي مان خارج ڪري ڇڏيو ھو. ان سميت اڄ به ڪيترا ئي نوجوان ڀنگ پيئڻ ۽ اخباري بيانن تي تنقيد ڪرڻ ۾ وقت گذارين ٿا. روھڙيءَ جي نوجوان پنھنجي ان ناول لکڻ جي اڃا شروعات نه ڪئي آھي جنھن ڪراچي ۾ ٿيل مرڪزي ڪانگريس مان خارج ۽ خوار ٿيڻ کانپوءِ جڏھن ٽرين ۾ چڙھيو ھو ته شھر وٽان فليش بيڪ ۾ کيس يادن جو وڏو وھڪرو گھيري ويو ھو. ھو چوي ٿو ”اھو وقت اڄ به مون وٽ قيمتي آھي جڏھن اسان ڪوٽڙيءَ ۾ چاڪنگ ڪندي پڪڙجي پيا ھئاسين. جڏھن حيدرآباد ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي محبوبا وٽ وڃي سوپ پيئڻ جو تجربو ٿيو ھو ۽ ان ۾ مرچ گھڻا وجھي ڪيڏو پڇتايو ھيم ۽ سڄي رات جو لطيفو ٺھيو ھو. ”ھو چوي ٿو. “ ناول ۾ اھو به ڏيندس ته ڪيئن نام نھاد ويڙھو اڳواڻ ھڪ دوست جي گھر ۾ ھفتو ترسي کانئس ويھه ھزار رپيا اڌارا وٺي ڪوئيٽا فرار ٿي ويو ھو. منھنجي دل چوي ٿي ته اسان جي نسل جون سن ٿيل سڀ ويساھ گھاتيون رڪارڊ تي اچڻ کپن.“ ھو ڄڻ ته اديب ملڪ آگاڻيءَ جي ان خيال سان متفق ٿئي ٿو ته ”ڪو جوان جو پٽ اھو ڇو نٿو ٻڌائي ڪالھوڪو منھنجو ليڊر جيڪو ڦاٽل جورابن ۽ ڪوٽ سان منھنجي ڳوٺ ۾ ڪچھرين لاءِ ايندو ھو اھو ھاڻي لينڊ ڪروزر ۾ باربار اسلام آباد جي روڊن تي ڪيئن ٿو گھمي“ ھو دوستن تي سر ڏيڻ وارا ھاڻي دوستن جو احتساب گھرن ٿا. اسان تڏھن چريا ھوندا ھئاسين جڏھن دوستن جي ڪري وڃي ڊي ايس پي کي ڦوھاڙو ڪري آياسين. ھڪ مليٽنٽ ونگ جو اڳوڻو سرگرم ڪارڪن پر ھاڻي ڪتن پالڻ جو شوقين ھمراھ چوي ٿو. ھو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه سندن گروپ جي سربراھ کي معمولي ڳالھه تان پوليس مقابلي ۾ مارائي ڇڏيو. جھمپير ۽ جاتيءَ کان وٺي جوھيءَ تائين ايترا ڪيئي نوجوان ٽڙيا پکڙيا ملن ٿا جن واتان ٻاھرين ملڪن جي دورن کان وٺي انقلابي ويڙھ وارن مھمن تائين سمورا قصا ٻڌي نئون ماڻھو حيران ٿي وڃي ٿو. ھو ھاڻي ڪنھن جلسي گاھ ۾ يا جلوس ۾ نظر نٿا اچن ۽ نه ئي رات جو ڪٿي اسٽڊي سرڪل ھلائيندي يا چاڪنگ ڪندي نظر اچن ٿا. ھو ته درگاھن، چرس، ميلن، ملاکڙن ۽ بازاري عورتن سان ملي ويل ذرڙا بڻجي پيا آھن جن کي ڪو پڇڻ يا جاڳائڻ وارو ناھي.


    وفائن جي تلاش ۾ ڀٽڪيل وجود !

    جنھن سماج ۾ محبتون، ڪتابن اندر رکيل سڪل گلاب بڻجي ويون ھجن، تنھن ۾ ڪي ديوانا، دنيا داريءَ جي حساب سان اڇو مٿو ٿي وڃڻ جي باوجود، وفائن ۽ جفائن تي پھرين پيار جيان ڳالھائن ٿا. وڏين ۽ ٿڌين ھوٽلن کان وٺي ٻاڪڙا ھوٽلن ۽ فوٿ پاٿن تائين ڦھليل انھن ديوانن وٽ رات جي پوئين پھر ۾ پسنديدھ موضوع بيوفائي بڻجي وڃي ٿو. ڪڙو پيگ بڻجي ويل پنھنجي ڇاتين ۾ ھو بيوفائين جو ذڪر سوڍا جيان روز ملائين ٿا. ھيلوڪين گرمين ۾ به شاعراڻي طبيعت وارو اھو بينڪار پنھنجي ان پريميڪا کي ڀرڀور ياد ڪري ٿو جيڪا وفائون ۽ بيوفايون ڪرڻ ۾ ڏاڍي تڪڙي ھئي. ھوءَ ڪنھن تڪڙي مسافر جيان ھميشه ان آسري تي ٽرينون مٽائيندي رھي ته سندس منزل ويجھو اچي ويندي. پر اھا خبر کيس به نه پئي ته ھوءَ ٽرينون مٽائيندي رھي يا صرف بوگيون، جو ھاڻي ڪنھن ويران اسٽيشن تي اڪيلي رھجي وئي آھي. ان تڪڙي مسافر جو روح رکندڙ ڇوڪريءَ سان ڪافيءَ جا مگ ڀري ھن جڏھن ڪچھري ڪئي ھئي ته کيس ان ڇوڪريءَ جي ماضيءَ جي ڏاڍي اڻ تڻ ٿي پئي ۽ اھا اڻ تڻ مارڻ لاءِ ھن جڏھن سڀ سچ پڇڻ شروع ڪيو ته ھو تمام گھڻو چڙي پئي ۽ کيس ڇڙٻيندي چيائين ته” تون ڪو الله ناھين جو تنھنجي آڏو سڀ سچ ڳالھايان.“ بينڪار کي اھا خبر ته ناھي ته اھا ڇوڪري ھاڻي ڪٿي گم ٿي وئي آھي، پر سندس اھي جملا وٽس ھميشه لاءِ رھجي ويا آھن ۽ اھي جملا جڏھن بار بار سندس ڪنن ۾ گونجندا آھن ته ھو؛
    مين رانجھا نه تھا تو ھير نه تھي
    ھم اپنا پيار نڀا نه سڪي
    جھڙي شاعري ٻڌڻ شروع ڪندو آھي. جيتوڻيڪ اڪثر ماڻھن ( اھل دل ) وٽ وفائن جي ڪا واضع تشريح موجود ناھي ۽ نه ئي ڪي گھڙيل يا ڪنھن دستاويز تي لکيل وفائن جا ڪي سنھري اصول وٽن موجود آھن يا ٿين ٿا. پر ھو انھن وفائن جو انتظار اپسرائن کان به وڌيڪ شدت سان ڪن ٿا جن کي ڏسي يا ڇھي نٿو سگھجي. صرف ھڪ احساس وانگي محسوس ڪري سگھجي ٿو. وفا جا متلاشي رڳو پيگ، پيالي يا ڏنڊي ڪونڊي وارا موالي ناھن پر سياسي ويڳاڻپ ۽ مايوسي ۾ گذاريندڙ اھي سڀئي محروم ماڻھو به بيوفائن جا ڏنگيل لڳن ٿا، جيڪي سياسي وفائن جي آسري پنھنجو سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائي ويٺا پر ٽي ڏھاڪا گذري ويا کين رڳو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان ملي نه سگھيو. ھو پنھنجي انفرادي زندگين ۾ ته ذلتن ۾ گھارين ٿا ۽ ڪنھن پراڻي ڪميونسٽ چواڻي طبقاتي سماج ۾ ھيٺيئن طبقي جي ماڻھن کي ننڍيون وڏيون ذلتون انجواءِ ڪرڻ گھرجن، پر جڏھن انفرادي ۽ اجتماعي زندگين جون ذلتون گڏجي پون ته، ھر پر اميد وجود مٿان ھڪ پھاڙ ڪري پوي ٿو ۽ انھن مان ٿورڙائي اھو صلاح نما ڪلام ٻڌي پنھنجي دل ريجھائن ٿا ته؛
    وفا ڪٿي نه رھي آ، وفا تلاش نه ڪر
    وفائن کان محروم ماڻھن جا الميا به ان ڇوڪريءَ جي ڊائريءَ جيان ڇپجڻ کان ھميشه رھجي وڃن ٿا. جيڪا ھنڌان ھنڌان ٽٽن کان پوءِ صفا ڍيٽ ٿي وئي ۽ سورن ڀري ڊائري لکيائين پر اھا ڇپجڻ کان رھجي وئي. وفا جي آس ته ڪراچي جي ان برگر ڇوڪري جي اکين ۾ ٻه آکيرا ٺاھي ورتا جيڪا پنھنجي ڦرڻي گھرڻي طبيعت واري محبوب سان محبت واري مجبوريءَ سبب مائٽن سان گڏ ٻاھر نه وڃي سگھي آھي. ھو اڪيلي گھر ۾ سڏڪا ڀري ٿي پر سندس ”ھن“ کي ته ”پارٽين“ کان فرصت ئي ناھي. ھوءَ انھن پارٽين ۾ وڃي ٿي ته وڌيڪ ٽٽي پوي ٿي تڏھن ته ھو پاڻ کي گھر ۾ پاڻمرادو نظربند ڪري اھو شعر دھرائيندي رھي ٿي ته ”شيشي ڪا بدن ليڪي، ڦرتي نھين راھون مين، پٿر بھي ڇُپي ھوتي ھين، لوگون ڪي نگاھون مين.“ عشق محبت ۽ سياست کان وٺي مٽين مائٽين ۾ جذباتي وابستگين کي ٽيڏي اک سان ڏسندڙ ۽ ڪنھن جو ڪو گھڻو يا ايڪسٽرا خيال نه رکندڙ ماڻھو وفائن ۽ جفائن واري سموري قصي کي ئي وڏي بيوقوفي سمجھن ٿا، سندن چوڻ آھي ته جيستائين جنھن جو مفاد پيو پورو ٿيندو اھو توھان سان نڀائيندو ايندو. مفاد ختم وفا ختم. اھو دنيا جو دستور ٿي ويو آھي ھاڻي اھي زمانا ئي نه رھيا آھن جو ماڻھو زندگيءَ ڀر وفاداري جا قسم کڻي ۽ انھن کي نڀائي سگھي. ھو چرچي طور چون ٿا جنھن ملڪ جا سربراھ ئي ملڪي وفاداري جي کنيل قسمن جي باوجود ملڪ ۽ قوم سان وفا نه ڪندا ھجن ته اتي عام ماڻھو مان ڪھڙي وفاداري جي اميد رکجي! پر شايد کين خبر ناھي ته وفا جو لفظ جڏھن گھڻ پاسائون استعمال ٿئي ٿو ته اھو رڳو ٻن پريمين جو معاملو نٿو رھي. اھو پيءُ به ته پنھنجي اولاد سان وفا ئي ڪري ٿو جيڪو عمر جي آخري حصي ۾ پنھنجي سموري ميڙي چونڊي وڪڻي به ان بيمار پٽ جو علاج ڪرائي ٿو جنھن حياتيءَ ۾ ھڪڙو پل به سک جو کيس نه ڏيکاريو ۽ جيڪڏھن اھو پٽ ساڻس وفا ڪري ھا ته پنھنجي حيثيث ۾ اڃا به اڳڀرو ھجي ھا.
    وفائن ۽ جفائن تي زماني جي تبرن کان بي نياز اھو فقير به شھر ۾ گھمي ٿو، جيڪو ڪنھن دور ۾ خوبصورت نوجوان سمجھيو ويندو ھو. بھتر مستقبل جا خواب اکين ۾ سجائي گھمندڙ ان شخص کي جڏھن عشق جي ابتي لپاٽ لڳي وئي ته ھو پنھنجو توازن ئي وڃائي ويٺو ۽ نشي جي سھارن ۾ ھلندي ھاڻي ھيرونئي بڻجي ويو آھي. ھو ڪنھن بيوفا کي ڪي پاراتا ته ڪو نه ٿو ڏئي پر پنھنجي پنڪين ۾ جڏھن اھو گانو ” قسمين وعدي پيار وفا سب باتين ھين، باتون ڪا ڪيا!“ ٻڌندو آھي ته سندس ننڍڙيون اکيون آليون ٿي ڪي ميارون ڏينديون آھن. بيوفائين جا ڏنگيل ماڻھو ڀلي ته پنھنجو غم روئيندا رھن پر ٽين ايجرز اڃان به وفائن. قسمن ۽ وعدن تي اعتبار ڪن ٿا. سندن عاشقي جي ميدان ۾ اڃا به رت سان لکيل خطن جي وڏي اھميت آھي. توڻي جو اھي خط وفا جي ڪا ضمانت نٿا ڏين ڇو ته لاڙڪاڻي جي ان جوڙي به ھڪٻئي ڏي ڏاڍا رت سان ڀريل خط لکيا ھئا ۽ انھن ۾ رت ايتري ته گھڻي ھوندي ھئي جو اھا مرد عاشق کي ليبارٽريءَ مان چيڪ ڪرائڻي پئي ھئي، جيڪا ڪنھن ٻڪر يا ڪڪڙ جي نه پر انھي ڇوڪريءَ جي ھئي جنھن سان سندس پيار واري شادي ٿي. ٻن ٻارن ڄڻڻ کان پوءِ ھو عليحدگيءَ واري زندگي گذارين ٿا. اھا خبر ناھي ته انھن رت ڀريل خطن کي ھنن تيلي ڏني يا نه پر اھڙا ڪيس به سامھون ايندا رھن ٿا جن مان پتو پوي ٿو ته نوجوانن ۾ اڃان به وفائن جي اميد آھي. جنھن جو اظھار ٻانھن تي بليڊ سان جھير ڏئي نالا لکڻ کان وٺي پڪنڪ پوائنٽن جي وڻن تي چاقن سان نالا لکڻ تائين ڪيو وڃي ٿو. سينئر عاشق اھڙين حرڪتن کي ٻاراڻيون چون ٿا ۽ اھو چون ٿا ته وفا جي تلاش وارو احساس ئي اڙانگو آھي. جنھنڪري ھنن کي خود وفا جي مفھوم ئي سمجھه ۾ نه ايندو، ڇو ته وفائن جي تلاش زندگيون تباھ ڪري چڪي آھي. جنھن کي ھڪ ڀيرو اھو احساس اچي وڃي اھو سڄي عمر جو منتظر ئي رھي ٿو.
    اڄ ڪلھه وفائن ڏانھن ماڻھو جو لاڙو ائين آھي جيئن چڱاين ڏانھن آھي. ھر ڪو اھا توقع ڪري ٿو ته چڱو ڪم ڪو ٻيو ڪري، ائين ئي اڪثر ماڻھو ٻي ڌر مان وفائن جي تقاضا ڪن ٿا، جنھن ڪري وفاداريءَ جي سخت کوٽ ٿيندي پئي وڃي. ھڪ صوفي عاشق چواڻي ته ھر ڪو پاڻ به ڪجھه وفائون ڪرڻ شروع ڪري ته اھو ڏڪر لھي سگھي ٿو ۽ وفائن جي ايڏي کوٽ پيدا نه ٿيندي پر جيئن اڪثر ماڻھو پاڻ سٺو ٿيڻ بجاءِ ٻين کي سٺو ٿيڻ جو ڀاشڻ ڏين ٿا، تيئن ئي پاڻ وفا ڪرڻ بدران ٻين مان وفائن جي توقع گھڻي ڪن ٿا. سادھ دل عاشق واقعي ڪڏھن ڪڏھن ان حد تائين توقع ڪري وجھن ٿا جو لاپرواھ محبوب جي بيوفائي سندن جان به وٺي ڇڏي ٿي. پر ڪجھه ماڻھو بيوفائين کان تنگ اچي توائي ۾ اھو شعر دھرائين ٿا ته ”بيوفا يار ڪنون ڪتا يار ڪريجئي“ ڪجھه بيوفائيون مصلحتن به ٿي وڃن ٿيون ۽ ماڻھو شڪارپور جي ان ليڪچرار جيان بلڪل لاچار ٿي پوي ٿو جنھن پنھنجي زال ۽ ڀيڻن جي مستقبل خاطر پنھنجي پھرين پيار کي بي رحم بيابانن ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. شايد شڪارپوري ليڪچرار جي زندگيءَ جو اھو وڏو الميو ھجي ڇو ته کيس اھو نياپو ملي چڪو آھي ته ”وفا تي تنھنجي اي بيوفا اھي اعتبار ويا ھليا، وئي دل جي باھ وسامجي اھي انتظار ھليا ويا“ اھل دل حلقن اندر اڄ به وفائن جي بدلي ڪجھه به نه طلبڻ وارو درس ڏنو وڃي ٿو ۽ اھو درس والدين جي پيار جيان ڏنو وڃي ٿو ته جيئن والدين اولاد جي سڌرڻ کان بي نياز ٿي کيس پيار ۽ شفقت ڏين ٿا تيئن بدلي ۾ بيوفائين کان بي نياز ٿي وفائون ڪرڻ گھرجن. پر اھو حلقو ۽ انھن جو درس تمام محدود ماڻھن تائين پھتل آھي. ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته وفائون محبتن جيان سماج ۾ اڄ به موجود آھن رڳو انھن کي پرکڻ جي ضرروت آھي ۽ اھي جيڪي وفائن جي کوٽ جون دانھون ڪن ٿا اھي ”گلاس اڌ خالي آھي“ واري نظر رکن ٿا جڏھن ته کين ”گلاس اڌ ڀريل آھي“ وارو اصول اپنائڻ گھرجي. پر اھي ڳالھيون ھوءَ ڪيئن مڃي جنھن جي سمورين سچاين ۽ محبتن کي ٺڪرائي مڙس وڃي ٻي شادي ڪئي آھي ۽ ھوءَ عذابن ۾ به وفائون جن کي نصيب ٿيون اھي خوش نصيب سمجھيا وڃن ٿا. پر وفائن جو اصل قدر بيوفائين جي ماريل ماڻھن وٽ ئي ملي ٿو. اھو ڪلارڪ به ته بيوفائين جي ماريل ماڻھن جو قدر ڪري ٿو جنھن کي ھن ھڪ چٺي لکي پر پوسٽ نه ڪئي. سادھ دل ڪلارڪ ان ۾ سچي ڳالھه لکي ھئي ته ”تون ڏاڍي پياري آھين پر ڏک اٿم ته بيوفا به آھين.“


    وھ عشق جو ھم سي روڻھه گيا

    ھاڻي اھو زمانو ڀلي ته عام خلق جي ياد تان ڌنڌلو ٿيندو وڃي. اھو ڪئبل ڪلچر ۾ پلجي جوان ٿيل نسل کي سمجھه ۾ ئي نه ايندو ھجي پر انھن ماڻھن کي کان اھو زمانو ڪيئن ٿو وسري سگھي جيڪي انقلاب جي آجيان خاطر ڪنڊن جي سيج تي سمھي پيا. جن پنھنجون سموريون عاشقيون، محبتون ۽ دل لڳيون انقلاب کي ارپي ڇڏيون ۽ سموري سچائي سان اھا جدوجھد ڪئي ته ”ھي نظام آ خراب – انقلاب انقلاب.“ اھي ديوانا وستين، واھڻن، گھٽين ۽ گھڙن ۾ اھي اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندا رھيا پر انقلاب ڪڏھن ڀلجي به سندن سڏ ڪو نه ورنايو. ”اھو انقلاب ھو يا ڪو سراب يا خواب جنھن تتل ڏينھن ۾ پيرين اگھاڙي رڻ جھاڳايا، اکين کي اوجاڳا مليا پر انقلاب نه مليو.“ ھڪ اڳوڻي سياسي ڪارڪن ۽ شاعر چيو. اھو بحث سنڌ جي اڪثر پڙھيل لکيل ماڻھن جي محفلن ۾ ٿيندو رھندو آھي ته انھن انقلاب جي ٻچڙن تي ڪو ناول ڪير لکندو ڪا آرٽ فلم ڪير ٺاھيندو؟ جيڪي صرف ۽ صرف انقلاب جي رومانس ۾ حسين ٻانھن جي گھيري کي ڇڏي آيا ۽ انھن ڪڏھن گرم ڀاڪرن جي تمنا ته نه ڪئي پر اھڙي عاشقي کان ذري گھٽ نفرت وارو ڪلچر پيدا ڪيو. اھا الڳ اسٽوري آھي ته سياسي سرگرمين وارن سالن دوران عورتاڻي عشق کان نفرت ڪندڙ، انھن سالڻ پڄاڻان ڪيئن ماين جي پويان فرسٽريٽ ٿي رليا ۽ تباھ ٿيا. انھن ماڻھن جو الميو ته انھن سان ڪيل ڪچھرين دوران معلوم ٿئي ٿو جن کي سمورين سچاين سان پنڌ ڪرڻ جي باوجود نه انقلاب مليو نه محبت. اھي ته ھاڻي منافقيءَ جي عروج واري زماني ۾ ذلتن ۽ ملامتن جا صليب ڪلھن تي سجائي گھمندڙ کل جوڳا وجود بڻجي ويا آھن. عجيب طعنن ۽ طنزن کان پوءِ ھو پنھنجوپاڻ کان ھاڻي ڌرتيءَ تي به بار سمجھڻ لڳا آھن. ھو پنھنجيون محروميون مارڻ لاءِ چرس پيئن ٿا ته به ٽوڪون. مزارن تي وڃي ڀنگ پيئن ٿا ته به ملامتون. ھو اڪيلائي ۾ شراب پي غم مارڻ جھڙي ”عياشي“ ته افورڊ ئي نٿا ڪري سگھن ته ڪيڏانھن وڃن؟ ڏينھون ڏينھن بيحس ٿيندڙ سماج ته انھن متحرڪ فردن کان ڄڻ لاتعلقي جو اظھار ڇپرائي ڇڏيو آھي. سياسي سرگرميءَ جو دور ڇا گذريو آھي ڄڻ ته ڪو ھيرن جو ھار ڀريءَ بازار ۾ ٽٽي پيو آھي جنھن جو ڪو داڻو ڪنھن جي پيرن ۾ ته ڪو داڻو ڪنھن ناليءَ ۾ ڪو وري ڪنھنجي ڪار ۾ ڪري پيو آھي. پر اھي سمورا گمنام ماڻھو ڇا واقعي به نفرت لائق ھئا / آھن جن کان ھاڻي سندن اولاد به چڙڻ لڳو آھي يا اھي حقيقي طور سنڌ جي سونھن ھئا ؟ ڇا ڪنھن دور جو اھو محنتي قومي ڪارڪن نفرت جوڳو آھي جيڪو ھر ڪم محبت سان ڪرڻ سبب دوستن جي حلقي ۾ قومي گڏھ سڏبو ھو، جنھن کي سدائين ھڪ وکري ٽائيپ ڏاڙھي رکيل ھوندي ھئي ۽ جڏھن ڪير ڏاڙھي ڪوڙائڻ جي صلاح ڏيندو ھوس ته ڏاڍي محبت سان ان کي ورندي ڏيندو ھو ته ڏاڙھي کي وڌڻ ڏي، مان آزاد سنڌ جون گھٽيون ڏاڙھي سان صاف ڪندس. اھو آدرشي ماڻھو اڃان به جيئرو آھي پر سياست کان پاسيرو ٿيل آھي. الائي ڇو انقلابين ۽ جنگين ۾ گمنام ماڻھو / سپاھي ئي سچا ثابت ٿين ٿا. نوابشاھ جو اھو گمنام ڪارڪن به ته سچائيءَ جي بلندين کي وڃي پھتو ھو جنھنجي گھر جڏھن سندس تنظيم جي ضلعي گڏجاڻي ھلي رھي ھئي ته سندس سخت بيمار پٽ ميٽنگ ھلندي فوت ٿي ويو. پر اھڙو اطلاع ھن دوستن کي نه ڏنو ۽ گھر وارن کي به في الحال روئڻ کان منع ڪري ڇڏيائين. گھڻا سال اڳ ان ميٽنگ ۾ شريڪ اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ موجب گڏجاڻيءَ ۾ ماني ۽ چانھه به ڏني وئي ۽ آخر ۾ ھن دوستن کان اجازت ورتي ته سندس پٽ گذاري ويو آھي ان جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪرڻ خاطر کيس اجازت ڏني وڃي. ”ان زماني ۾ انقلاب ۽ آدرش ئي سڀني کي سڀ کان وڌيڪ عزيز ھئا.مفاد پرستي گھٽ ھئي.“ خاموش ويٺل ھڪ اڳوڻي تنظيم جي مرڪزي اڳواڻ چيو. ان زماني ۾ ڊسيپلين تي ھر تنظيم اندر خصوصي ڌيان ڏنو ويندو ھو. ان حد تائين ڊسيپلين رکيو ويندو ھو، جو قوم پرست تنظيمن جي ھاڻوڪي ھڪڙي مرڪزي اڳواڻ کي بي اصولي سبب ھڪ سوء ڀيرا ڪن ڪوشي ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي، جنھن شڪارپور ۾ ٿيل ان گڏجاڻي ۾ پنھنجي ڪن ڪوشي ”الا ڏاھي م ٿيان“ وارو شعر پڙھي شروع ڪئي ۽ لاڳيتو پنجاھ دفعا ڪن ڪوشي ڪرڻ کانپوءِ ھو بيھوش ٿي ڪري پيو. ڊسيپلين برقرار رکڻ خاطر سزا ته گذريل ٽن ڏھاڪن کان مرڪزي اڳواڻ رھندڙ ھڪ ٻئي معزز سياستدان کي به ڏني وئي ھئي. پر ان ۾ رعايت اھا ٿي ته ھو مھمان ھئڻ جي باوجود دير سان اچڻ واري سزا خاطر ميٽنگ ۾ صرف پنج منٽ اٿي بيٺو رھيو. ”بنا سزا جي بيھوش ته اھو اڳواڻ به ٿي ويو ھو جنھن شھدادڪوٽ ۾ عيد ملن پارٽي دوران پنھنجي ڪيريئر جي پھرين تقرير ڪئي ھئي. بعد ۾ اھو شخص وڏو اڳواڻ ٿي اڀريو. پنھنجي الڳ ھڪ انقلابي تنظيم ٺاھيائين ۽ اجڏھن انقلاب نه آڻي سگھيو ته اھڙو ڪريو جو مسلم ليگ جي آخري حڪومت دوران نوڪريون وڪڻڻ شروع ڪيائين. ”ان دور ۾ ڪارڪنن خاطر تعليمي تربيت جو ھڪ بھترين نظام ھوندو ھو ۽ لڳ ڀڳ ھر تنظيم پنھنجا اسٽڊي سرڪلز ھلائيندي ھئي، جنھن لاءِ تنظيم جا سٺا پڙھيل لکيل ۽ قابل ماڻھو ليڪچرر مقرر ٿيل ھوندا ھئا ۽ ڪارڪنن لاءِ باقاعدي ھڪ انقلابي نصاب ترتيب ڏنل ھوندو ھو“ سياسي سرگرميءَ واري دور جي ھڪ انقلابي ليڪچرار ٻڌايو جيڪو ھاڻي ڪنھن کي به ليڪچر ڪو نه ٿو ڏئي پر ٻين جا بور ليڪچر پاڻ ٻڌي رھيو آھي. ان دور جي متحرڪ ڪيترين ئي تنظيمن جا ميمبر ٿيڻ لاءِ لکيل پڙھيل ماڻھون خواھشمند ھوندا ھئا پر اھي تنظيمون پنھنجن ھمدردن کي اھو انقلابي نصاب پڙھائينديون ۽ آزمائشيون وٺنديون رھنديون ھيون. انھن جي نصاب مڪمل ڪرن کان پوءِ سندس صلاحيتين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ميمبر ڪيو ويندو ھو. انھن تنظيمن جي حلقن ۾ اھو دليل عام ھوندو ھو ته ”عدد، صلاحيتون نه پر صلاحيتون ئي عدد پيدا ڪنديون آھن.“ ۽ ان دور جي باصلاحيت ڪارڪنن جڏھن پنھنجا رستا سياسي سرگرمين کان الڳ ڪيا ته ھو پنھنجي فيلڊ جا ماھر بنجي ويا.
    سمورين اڳوڻن تنظيمن جي ذھين ڪارڪنن تي نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي ته انھن مان ٿورا پنھنجون ” صلاحيتون “ استعمال ڪري ھميشه لاءِ پرڏيھه ھليا ويا جتي ھو پوڙھين گورين عورتن جي گپ ۾ اھڙو ته گپجي پيا جو کين ھاڻي سنڌ ڪڏھن خمارن ۾ ياد ايندي آھي. انھن ذھين ڪارڪنن جي ٻي کيپ چٽاڀيٽيءَ جو امتحان بيوروڪريسيءَ ۾ اھڙو گم ٿي وئي آھي جو ھاڻي پنھنجي سموري ماضي مٿان روزانو شام جو ٻه پيگ پيڻ کان پوءِ ٿوري ٿوري مٽي ملڻ شروع ڪندا آھن. انھن گڙنگ موالي ٿي ويل بيوروڪريٽن سميت اڳوڻا ڪارڪن لاڙڪاڻي جي ان کلمک ڪنسلٽنٽ جھڙا ٿوڙئي آھن، جيڪي ان ماضي تي فخر ڪن ٿا. ”تازو جڏھن امداد چانڊئي، ڪارل مارڪس جي نظريي کان عليحدگي جو اعلان ڪيو ته مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇو ته ڪا شئي اسان نه ڪري سگھياسين ته ان ۾ اسان جو ڏوھ آھي، نظريي جو ڏوھه ته ناھي.“ ڪجھه وقت اڳي ان ڊاڪٽر ڪچھري دوران ٻڌايو.
    ھو سمجھي ٿو ته اڄ جيڪي ڪجھه ھو ڳالھائي سگھي ٿو اھو انھن سياسي سرگرمين وارن سالن جي تربيت جو نتيجو آھي ۽ ھو اڃا تائين انھن اڳوڻن انقلابي ليڪچرارن کي سچ پچ پنھنجو استاد مڃي ٿو جيڪي اسٽڊي سرڪلز ۾ کين ليڪچر ڏيندا ھئا. اھڙيئي ھڪ انقلابي استاد کي سندس وڏي ڀاءَ اھو چئي اوطاق مان ڪڍي ڇڏيو ھو ته ”ننڍي ڀاءُ کي ڪافر ئي تو ڪيو آھي.“ اھو سمورو دور بک، ڏک ۽ انقلاب لاءِ جبل جھاڳڻ وارو دور ھو جنھن ۾ ڪارڪن ته ڇڏيو اڳواڻن وٽ به ڪي پيسا نه ھوندا ھئا جنھن ڪري تنظيمي اڳواڻن جو اھو مشھور ڪلچر ھوندو ھو ته ھڪ شھر جي ڪارڪنن کان ڪرائي جا پيسا وٺي ھو ٻئي شھر پھچندا ھئا. ڪيترن اڳواڻن کي ته سگريٽ، ڪپڙا ۽ بوٽ به ڪارڪن چندي مان وٺي ڏيندا ھئا ۽ اھو چندو نيٺ وڃي اڳواڻن جي گاڏين وٺڻ تائين پھتو. ان دور ۾ سياست اڃا ايترو ڪمرشلائيز نه ٿي ھئي ۽ نه ئي کليل سياست ڪئي ويندي ھئي. اڪثر سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جون سرگرميون انڊر گرائونڊ ھئڻ ڪري ”يو جي“ جھڙو ٽرم سياسي حلقن ۾ اچي ويو، جنھن تي ھاڻي ڪيترائي لطيفا مشھور ٿي ويا آھن، ڪجھه شرارتي ڪارڪن پنھنجي اڳواڻن تي به”ڪامريڊ يو جي“ نالو رکي ڇڏيندا ھئا. ان دور جي سياسي سرگرمين ۾ پريس خرچ پڻ گھٽ ھوندو ھو ڇو ته صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن جو رابطو تمام محدود سطح تائين ھوندو ھو. وڌ ۾ وڌ خرچ ورسين ۽ جشن لطيف جي پروگرامن ۾ ٿيندو.
    سنڌ اندر سياسي سرگرمين وارن سالن اندر مليٽنسي، ھٿياربند جدوجھد (ويڙھو) ۽ گوريلا جھڙن لفظن جي اھڙي ته مٽي پليت ڪئي ويئي ھئي ڪارڪنن آخري سالن دوران ھٿياربند جدوجھد کي ڏوھاري سرگرمين جو متبادل سمجھي ورتو. ڪجھه سال اڳ اسان جي ھڪ جسماني طور ڪمزور نظر ايندڙ سياسي اڳواڻ جڏھن پنھنجي نئين انقلابي پارٽي ٺاھي ھٿياربند ويڙھ جي ڀرڀور وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي ته خيرپور ناٿن جي کشٽي اڳواڻن سرگرم سياسي ڪارڪنن پنھنجي حلقي ۾ اھو چرچو مشھور ڪري ڇڏيو ته ”ادا انگريزن واري دور جي ڀڳل سڳل بندوق يا ڪو ڪارتوسي پستول اٿئي.“ ٻئي پڇيو ڇو ؟ جواب مليو ” يار اسان جو اڳواڻ ھٿياربند جدوجھد ھلائيندو. ان لاءِ ھٿيار ته اسان کي ئي گڏ ڪرڻا پوندا.“ سندن اھو چرچو ان اڳواڻ ٻڌي ورتو، يا ڪا ٻي ڳالھه ٿي، ڪجھه مھينن کان پوءِ پنھنجي پارٽي ئي ختم ڪري ڇڏيائين.
    انقلاب جي نالي ۾ ھٿياربند جدوجھد سان مذاق ته ان دور کان شروع ٿيو جڏھن ھڪ تنظيم پاران 15 ميمبرن تي مشتمل ” گوريلا سنگت “ ٺاھي وئي ھئي ۽ ڪنھن ٻاھران گھرايل ھمراھ کين آمريءَ واري ٻيلي ۽ جبلن ۾ ٽريننگ ڏيڻ شروع ڪئي. پر گوريلن جي اھا پھرين کيپ ئي ٽريننگ سخت ھئڻ ڪري مڇرن جي آزار جو بھانو بڻائي ٽريننگ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي وئي. ان دور ۾ انقلابي ۽ قومي تنظيمن جي نام نھاد مليٽنسي ايتري بدنام ٿي جو سنڌ يونيورسٽي جو ھڪ ڦورو ڪارڪن گرفتار ٿيو ته حساس ادارن جي اھلڪارن پاران پڇا ڳاڇا جو سمورو زور ٽريننگ تي ھيو ته ” ٽريننگ ڪٿان ٿا وٺو ؟ “ ماڙ موچڙي کان تنگ ٿي ڀنگ جي ان پراڻي مواليءَ بيزارگيءَ مان کين چيو. ”صاحب ٽريننگ ٻريننگ جي پاڻ کي خبر ناھي نه ئي اسان گوريلا آھيون، پاڻ رڳو سونا ھار ۽ منڊيون ڦريندا آھيون.“ ھٿياربند ويڙھ واري نعري ھيٺ سياسي تنظيمن سان واڳيل ڪارڪنن جي اھڙي کيپ به پيدا ٿي جيڪا تعلقي ۽ ضلعي سطح جي ڪاليجن ۾ ٻين تنظيمن کي يونٽ کولڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ وارن مامرن تان به خوني جھيڙا ڪندي ھئي. تعليمي ادارن جي اھڙن جھيڙن سنڌ جي جھوليءَ ۾ ڪيترائي شھيد ڪيرايا. پر ڪيترائي سال گذرڻ کان پوءِ اھا اخلاقي جرئت ( عزيز ڀنگوار کانسواءِ ) ڪنھن ۾ پيدا نه ٿي سگھي آھي ته ھو انھن غلطين جي سزا ته نه ڪاٽين، پر معافي وٺي ڇڏين. ”اسان ڪنھن کان معافي وٺون، اسان ته انقلاب جي نالي ۾ ڪارون ڦريون ۽ بينڪن کي ڌاڙا ھنيا. اسان سمجھيو پارٽيءَ کي پئسا ٿا ڏيون. پر پوءِ خبر پئي ته اڳواڻن جا گھر ٿا ڀريون.“ ھٿياربند گروپ جي ھڪ اڳوڻي ميمبر چيو ته جنھن جي اکين آڏو اڃا نه منظر اڪثر ڦري ايندو آھي جڏھن ڪراچي ڊفينس مان ھن انقلاب جي ٻارڻ خاطر ھڪ اھڙي وچولي عمر واري ھمراھ کان ڪار ڦري ھئي جيڪو گھر ٻاھران گاڏي ڌوئي رھيو ھو ۽ گاڏي ڦرجڻ کانپوءِ ھن لائنسس موٽائي ڏيڻ لاءِ ايلازيو ھو. اھا گاڏي ڪوئيٽا ۾ وڪڻڻ کان پوءِ پارٽي جڏھن يارنھن سوء رپيا کيس جيب خرچي ڏني وئي ھئي ته ھو اھي پيسا وٺندي به خراب پيو محسوس ڪري ته اھي يارنھن سوء رپيا جيڪر پارٽي کي ڪم اچن ھا. ان دور ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ھمراھ ھاڻي ڪروڙ پتي ٿي ويو آھي پر ھي اڃا تائين بيروزگار آھي ۽ ھاڻي سياسي طرح پڻ بيروزگار ٿي پيو آھي.
    سياسي تنظيمن جي ھٿياربند ويڙھ دوران اھڙا فطري گوريلا نه ھوندا ھئا جيڪي پارٽيءَ کي پيسا فراھم ڪرڻ سان گڏ سياست ۾ دلچسپي وٺندا ۽ پنھنجي ڪارڪنن جي مالڪي به ڪندا ھئا. اھو ڏينھن ان غريب ڪارڪن کان اڃا نه وسريو آھي، جڏھن پاڙي جي ھڪ امير ماڻھو پاران ساڻس بدتميزي ڪرڻ کانپوءِ پارٽي جي مليٽنٽ ونگ جو ھڪ ھمراھ ھٿيارن سميت اچي پھتو ۽ پاڙي ۾ اعلان ڪيائين ته فلاڻو امير ماڻھو اسان جي ڪارڪن سان بدتميزي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اڄ ماريو ويندو. جذباتي ٿي ويل ان ھمراھ کي سمجھايو ويو ته ڳالھه ھروڀرو ماڻھو مارڻ واري سطح جي ناھي، تڏھن به سزا خاطر امير ماڻھو کي پاڙي وارن سامھون گھٽيءَ جي مٽي کارائي معافي گھرڻ لاءِ چيو ويو. اھي ۽ ان جھڙا ٻيا ڪيترائي ھمراھ جڏھن پارٽين کي پئسا ڏيئي ڏيئي ٿڪا ۽ انقلاب به نه آيو ته ھنن پنھنجيون ڏوھاري سرگرميون سياست کان اھو چئي الڳ ڪري ورتيون ته جيڪڏھن گھر ئي ڀرڻا آھن. ته پوءِ پارٽي اڳواڻن جا ڇو، پنھنجا گھر ڇو نه ڀريون ؟ بعد ۾ اھي ڏوھن جي دنيا ۾ ائين گم ٿي ويا جيئن شھدادڪوٽ جو ھندو ڪامريڊ مانڌل، جنھنجي ڀيڻ جڏھن ھڪ مسلمان سان پيار جي شادي ڪئي ته سندس پورو خاندان ھندستان لڏي ويو. پر ھو اڪيلو ئي سنڌ ۾ انقلاب جي اوسيئڙي ۾ ترسي پيو. سياست جي بي رحم راھن تان ٿيندو بعد ۾ ھڪ اھڙو مڪمل ڏوھاري بڻجي ويو، جنھن کي جڏھن نواب شاھ ۾ ماريو ويو ته سندس لاش وصول ڪرڻ ۽ ڪريا ڪرم ڪرڻ وارو ڪير به نه ھو ۽ سندس لاش لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو. مانڌل جھڙا ڪيترا مليٽنٽ لاش لاوارث ڄاڻائي دفنائي چڪا آھن. پر سياسي ڌارا کان ٽٽڻ کانپوءِ اھو شاعر ته پاڻ کي جيئري ئي لاوارث سمجھي ٿو جيڪو ھر انقلابي محفل ۾ گيت ٻڌائڻ ھليو ويندو ھو. کيس پرواھ نه ھوندي ھئي ته سندس قميص ڦاٽل آھي، وٽس ڪرايو ڀاڙو ناھي ۽ چپل ڇڳل آھي. بس ھو پنھنجي عشق سان سچو ھوندو ھو. انقلاب جي عشق سان سچا ته اھي شھري ڇوڪرا به ھوندا ھئا جيڪي رنگ جا دٻا ۽ برش ھٿن ۾ کڻي کلندي کلندي سڄي شھر ۾ چاڪنگ ڪري ايندا ھئا ۽ صبح جي چانھه پنھنجي پسنديدھ ھوٽل تان پي سمھڻ لاءِ ھليا ويندا ھئا. سياسي سرگرميءَ وارن سالن دوران شديد محنت ڪندڙ ڪارڪن جي اڪثريت اڃا به بيروزگار آھي. ھو گذريل ڪيترن ئي سالن کان واندا ويٺا آھن. سياسي ويڳاڻپ کي مارڻ لاءِ ھو ڄڻ ته اڪيلائيءَ جا سوء سال گذارين ٿا. انھن اڪيلاين ۾ ھو اوتارن تي به وڃن ٿا، چرس به پيئن ٿا ۽ ڀنگ جا ڍڪ به ڀرين ٿا. تبصري نگارن لاءِ شايد اھا ڳالھه دلچسپي جو سبب بڻجي ته انھن جي اڪثريت واندڪائيءَ جي باوجود سنڌ اندر اٿندڙ مذھبي جنون واري لھر جو حصو به بڻي آھي. انھن وٽ ڳالھائڻ لاءِ اڻ کٽ موضوع پنھنجو ماضي ئي آھي جنھن تي ھو اڃان به دلچسپي ٽ تفصيل سان ڳالھائين ٿا. ھو ائين اڪيلا ڇو ٿي ويا آھن؟ وارو سوال جڏھن انھن گمنام سپاھين کان پڇجي ٿو ھو اھڙين اکين سان سوال پڇندڙ ڏانھن نھارين ٿا جن ۾ اھو شعر واضع لکيل نظر اچي ٿو ته ” امنگ دل جي ڏري پئي آ – لڇون ڀلا ڪيئن ڪڇون ڀلا ڪيئن؟ زبان رت سان ڀري پئي آ.“ ھو پنھنجي اڳواڻن جي اڻ ڳڻين ويساھ گھاتين تي به انڪري نٿا ڳالھائي سگھن جو سندن زبان رت سان ڀرجي اچي ٿي. ھو اڄ به سماج کان نفرت ڪن ٿا، نظام کي خراب چون ٿا، پر ڪنھن انقلاب لاءِ سڏ نٿا ڏين. خدا جي خلق سان ٿيندڙ زيادتين تي ھو اڄ به تڙپي پون ٿا، پر ھو ڪجھه ڪري نٿا سگھن. ھو ته پنھنجي ھار ۽ جيت جو به حساب نٿا ڪري سگھن، ڇو ته ھو ڪنھن ٽٽل ھار جا وکريل موتي بڻجي ويا آھن.


    انقلابين جي ايش ٽري

    اھو محض اتفاق ئي آھي ته ھاڻي ھوءَ ڪراچي جي ان جڳھه ۾ رھي ٿي جتي ٽي ڏھاڪا اڳ ايران جي اھا سياسي پناھگير عورت رھندي ھئي جيڪا ايران ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کانپوءِ ڪنھن عتاب کان بچڻ لاءِ پاڪستان ھلي آئي ھئي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪو انقلاب ته اڃا نه آيو آھي پر سياسي سرگرميءَ وارا سال گذرڻ کانپوءِ ھن ڪراچي جي ان جڳھه ۾ ڄڻ ته ھڪ قسم جي سياسي پناھ وٺي ڇڏي آھي. شڪارپور جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ کان سفر ڪر انقلاب جي رستي تي پھچندڙ اھا عورت ڪنھن دور ۾ تمام جذباتي تقرير ھئي. خانداني مخالفتن جي باوجود ھن جڏھن سياست ۾ پير پاتو ته پارٽي اندر سندس وڏي آجيان ٿي. ھوءَ پنھنجي صلاحتين آڌار ۽ مقابلي ۾ گھٽ ڇوڪريون ھئڻ ڪري ٿورڙي وقت اندر گھڻو اڳتي نڪري آئي. ھوءَ ھفتن جا ھفتا سياسي ڪم ڪار سانگي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ مرد ڪارڪنن جيان رلندي ڦرندي ھئي. پنھنجي جوانيءَ وارن ڏينھن ۾ اھڙا خواب ھن ڪڏھن نه ڏٺا جھڙا اڪثر ڇوڪريون ڏسنديون آھن ته ڪو شاھ رخ خان ٽائيپ ھيرو اچي سندن گھونگھٽ مٿي ڪري ٿو ۽ شادي ڪري ٿو. اھڙن خوابن جي ابتڙ ھوءَ ھميشه اھڙا خواب ڏسندي ھئي ته ڪو انقلابي ڪم ڪندي ھوءَ گرفتار ٿي آھي ۽ کيس طرح طرح جا عذاب ڏنا وڃن ٿا ۽ ھوءَ مشھور انقلابي عورتن جيان سر ته ڏئي ٿي پر آڻ نٿي مڃي. اھڙا ڪيترائي خواب ھن ڏٺا، پر انھن جي ساڀيان نه ٿي. ھوءَ پنھنجي زندگيءَ جو معمول اھڙو ٺاھيندي پئي وئي جنھن ۾ سندس عورتاڻي اٿڻي ويھڻي ختم ٿيندي وئي ۽ ھو مرداڻين ڪچھرين ۾ وڌيڪ کلي ڳالھائڻ لڳي. اھڙي ريت عورتن کان ڪٽجي ھن جڏھن مردن سان گھرو واسطو رکيو ته مرد ڪارڪنن واريون سگريٽ ۽ ڪڏھن ڪڏھن چرس پيئڻ واريون عادتون ھن به اپنائڻ شروع ڪيون. ھن پنھنجي سڄي جواني سنڌ جي گھٽين ۾ نعرا ھڻندي ۽ اسٽيجن تي تقريرون ڪندي ڳاڙي ڇڏي. راتين جو اوجاڳا ڪري ننڍن وڏن ڳوٺن جي ڇوڪرين کي به ليڪچر ڏنائين. پوءِ به جڏھن انقلاب نه آيو ته عام ڪارڪنن ۾ ڦھليل ويڳاڻپ ھن ڏانھن به وڌڻ شروع ڪيو ۽ ھوءَ به ٽٽڻ لڳي. ٽٽندڙ وجود سان ھن جڏھن پٺتي مڙي نھاريو ته مٽ مائٽ کيس ايترو پري بيٺل نظر آيا جو ڪوششن جي باوجود ھو انھن سان ملي نه سگھي. سياسي ويڳاڻپ جي انھن سالن دوران حيدرآباد جو ھڪ پروفيسر نما دانشور سندس ڪجھه وقت جو سھارو بڻيو. ھن کيس پنھنجيون سموريون محروميون لکڻ جي نه رڳو صلاح ڏني، پر ھمٿايو به. ھن سٺيون ڊائريون، پين ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ سان گڏ کيس سٺا ڪپڙا ۽ پرفيوم به خريد ڪري ڏنا. ھوءَ اڃا لکڻ سکي رھي ھئي ته ھن کيس دنيا جي مشھور ليکڪن جي ذاتي زندگين مان کنيل ٽڪڙا پڙھي ٻڌايا ته خمارن ۾ اچڻ کانسواءِ ڪير به سٺيون سٽون لکي نٿو سگھي. اھڙي طرح جڏھن ھوءَ پھريون ڀيرو پيگ پيالي کان واقف ٿي ته کيس ڏاڍي ڪراھت ورتو ھو، پر آھستي آھستي ھوءَ پاڻ کي ھلڪو محسوس ڪرڻ لڳي. انھن مدھوشيءَ وارن سالن دوران به جڏھن ھوءَ ڪجھه نه لکي سگھي ته سندس استاد کيس فحش فلمون ڏيکارڻ شروع ڪيون ۽ گڏوگڏ اھو مشورو به ڏنو ته رڳو انقلاب ئي دنيا ۾ سڀ ڪجھه ناھي، سيڪس به ھڪ الڳ دنيا آھي جنھن کان واقف ٿيڻ گھرجي. جيتوڻيڪ ھوءَ سيڪس به ھڪ نظرياتي ۽ عملي طور گھڻو ئي واقف ٿي چڪي ھئي. پر سيڪس سندس مجبوري ڪڏھن نه بڻيو. مختلف ڪردارن سان ھوءَ بسترو ته شيئر ڪندي رھي پر ڪو معقول مڙس ڳولي نه سگھي ۽ نيٺ اچي ڪراچي وسايائين. گھڻن ئي سالن کان گمناميءَ واري حياتي گذاريندڙ ان اڳوڻي سرگرم سياسي ڪارڪن سان تازو جڏھن سندس ھڪ دوست ملاقات ڪئي ته ھوءَ کيس ڪمزور ۽ ڏٻري محسوس ٿي. ھن پنھنجي دوست کي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن کيس ھڏن ڀُرڻ واري بيماري ٻڌائي، جنھن تي سندس دوست اھو اخباري طبي نسخو مذاق طور ٻڌايو ته ڪڏھن ڪڏھن شراب پيئڻ سان ھڏن جو ڀُرڻ بند ٿي وڃي ٿو. پر ھن جواب ڏنس ته شراپ پي پي ته ھڏا ڀُري ويا آھن. جيتوڻيڪ ھوءَ سمورين خاتون سياسي ڪارڪنن جو رول ماڊل ناھي ۽ نه ئي ھوءَ مجموعي سنڌي عورت جو عڪس آھي پر تنھاين ۾ گذاريندڙ ان عورت جو ڏک ڪو انفرادي ڏک به ناھي. پنھنجي دوست سان ملاقات دوران ھن فوٽن جو البم کوليو جنھن ۾ ڪيترين ئي معزز سياسي شخصيتن سان نڪتل فوٽو ھن سانڍي رکيا آھن. ھن اھي ڊائريون به کوليون جيڪي ڪيترائي اھم راز لڪايو ويٺيون آھن. جڏھن گئلري بيئر جي خالي بوتلن سان کڙڪڻ لڳي ته ھنن پنھنجو ماضي ھڪٻئي آڏو کولي رکيو ۽ ھن ٻڌايو ته ڪيئن نه سندس پارٽيءَ جي ھڪ اڳوڻي اڳواڻ ڪينجھر ھٽس ۾ رات گڏ نه گذارڻ تان ڪاوڙجي کيس عھدي تان ھٽائي ڇڏيو ھو. ڪراچي جي گھمجي ويل رات ۾ سگريٽ جو دونھون ڇڏيندي ھن پنھنجي دوست کي گار ڏيندي چيو ته ” توھان مرد آھيو ئي اھڙا......... ڪير به ھجي، سياسي اڳواڻ يا دانشور سڀ سيڪس جا بکيا. تو کي خبر آھي ته پاڻ وارو ليڊر مون سان چوٿين شادي ڪرڻ پيو چاھي، پر ڀائي پنھنجو به ڪو اسٽينڊرڊ آھي ٻئي نمبر تي ته اچي سگھجي ٿو، ھاڻي چوٿين نمبر تي ڪيئن لھي وڃان ؟“ ھن ٽھڪ ڏئي چيو ھو. پنھنجي اھڙن دوستن کان مليل تحفن ذريعي ئي ھوءَ زندھ رھي ٿي ۽ گذاري خاطر ھلڪي ڦلڪي نوڪري به ڪري ٿي. ھاڻي جڏھن سياست تي ڳالھائجي ٿو ته ھوءَ سخت چڙي پئي ٿي ۽ انھن سمورن ڪردارن کي گاريون ڏئي ٿي، جيڪي ڪنھن دور جا سرگرم سياسي اڳواڻ ھئا. ”انھن جي انقلابيت ۾ ڪھڙي سچائي جيڪي ھڪ وڏي قومي جلسي ۾ به ان ڳالھه تي وڙھندا ھجن ته فلاڻي ھمراھ جي سنگتياڻي اسٽيج تي ويھندي يا ڪمپيئرنگ ڪندي ته مون واري سنگتياڻي به ائين ڪندي؟“ ھوءَ پنھنجي دوست کي ٻڌائي ٿي. اڳوڻي انقلابي ڇوڪري اھا ڊائري به کولي ٿي جنھن جي ڪيترن ئي پنن تي ان حيدرآبادي دانشور جا نالا ۽ ريمارڪس لکيل آھن. ڪجھه پنن تي ڇوڪريءَ پاران اھو ئي لکيل آھي ته ”..... مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته مان ڇا لکان؟“ ائين ئي جڏھن کيس سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڳالھايان ته آذانن اچڻ کانپوءِ ھوءَ سمھي پوي ٿي ۽ صبح جو پاڪ صاف ٿي نماز جون ٻه رڪعتون پڙھي نوڪريءَ لاءِ رواني ٿي وڃي ٿي.


    شراب چيز ھي ايسي ھي

    خبر ناھي اھو ڪھڙو سرور ۽ سرمستي جو عالم ھو جڏھن ٺٺي شھر جي گھٽين ۾ وسندڙ برسات دوران ٻه نوجوان عورتون، اخباري رپورٽن موجب مدھوشي جي عالم ۾ نڪري آيون. ايندڙ ويندڙ ماڻھن جھومي جھومي گھمندڙ عورتن کي ”بھري برسات مين پي ليني دو،“ وارو گانو ڳائيندي ٻڌو. اھا خبر ته کين ئي ھوندي ته ھو ائين ڀري بازار ۾ ڇو نڪري آيون، پر انھيءَ ننڍڙي خبر سنڌ اندر لڪ چوري ۾ روان دوان ھڪ اھڙي لائيف اسٽائيل تان پردو کڻي ورتو آھي جنھن ۾ مرڪزي حيثيث صرف مڌ کي آھي ۽ ان ۾ جنس جي ڪا تفريق ناھي. اھو قصو توھان کي ته ھاڻي ڪاليجي ڇوڪرا ٻه ٻڌائي سگھن ٿا ته ڪيئن ھو پنھنجي گرل فرينڊز کي ھلڪا پيگ پيش ڪن ٿا ۽ جنسي لذت جا بقول انھن جي ته بي بھا خزانا وصول ڪن ٿا. پنھنجي روايتي اصولن ۽ اخلاقيات کان اڻڄاتل ماڊرنائيزيشن طرف رڙھندڙ سنڌي سوسائٽي ۾ روزانو ڪيترو شراپ واپرايو وڃي ٿو. اھو ته وائن شاپس وارا ئي ٻڌائي سگھن ٿا، پر ھاڻي اھا مڃيل حقيقت بڻجي وئي آھي ته شام جون ڪيتريون ئي سياسي، صحافتي، ادبي، فنڪاراڻيون ۽ نجي ڪچھريون ”ڀريل بوتل“ کانسواءِ پنھنجو رنگ نٿيون ڄمائي سگھن. ”رات گذاري لاءِ ايندڙ طوائفن کي شراپ پيارڻ ته منھنجي لاءِ نئين ڳالھه ناھي پر ڇا تون اعتبار ڪندين ته منھنجي نئين ٿيندڙ ھر محبوبا مون سان پيگ شيئر ڪرڻ واري تجربي لاءِ ضد ڪري ٿي. اھي وڏن کان مڊل ڪلاس گھراڻن جون اھڙيون ڇوڪريون آھن جن ڪڏھن دارون چکيو به نه ھوندو آھي، پر پوءِ به ضد ڪنديون آھن.“ گذريل 16 سالن کان روزانو وھسڪي سان گڏ ڪيل جنسي تجربا ته ڪنھن ٻئي ڀيري ٻڌائبا پر ھو ان ڇوڪريءَ جو قصو ٻڌائيندي ھاڻي به بغير ڪوشش جي ٽھڪ ڏيئي ٿو وجھي جيڪا ھاڻي ھڪ وڏي اين جي او ۾ ڪم ڪري ٿي، موبائيل ۽ فلائيٽ کان سندس ھٿ پير ھيٺ ناھن، پر ان جڏھن سندس ڪراچي واري فليٽ تي پھريون مڌ گلاس پنھنجي لپ اسٽڪ کان وانجھيل چپن سان ٽڪرايو ته کانئس اھا رڙ نڪري وئي ھئي ته ”ائي..... ھي ته ڏاڍو ڪڙو آھي....“ ڪيئن چئجي ھاڻي اھا اين جي او عورت اھڙين خماريل شامن جي ھيراڪ نه ٿي وئي آھي. شراپ اھڙي شئي آھي، جنھن سان لنئون لڳي ته پھرئين پيگ مان ئي لڳي ٿو نه ته ماڻھو کري ٺرڪي پياڪ ٿي وڃي ٿو.“ ھڪ پياڪ پوليٽڪل ورڪر پنھنجو تجربو ٻڌايو. پياڪن جي دنيا ۾ ان کي اناڙي سڏيو وڃي ٿو جيڪو ڪجھه پيگ پيئڻ کان پوءِ ”آئوٽ“ ٿي وڃي ٿو. پياڪن جي آدابن جو مذھبي رسمن جيترو احترام ڪندڙ سکر جو صحافي ته پنھنجي انھن دوستن سان به وڙھي پوندو آھي جيڪي چانھه جي ڪوپن کي ٽڪرائي ”چيئرز“ ڪن ٿا ۽ ھو انھن اناڙين کان به ٻارڙن جيان ڪاوڙجي وڃي ٿو جيڪي محفل ۾ گلاس وٺڻ کانسواءِ ئي شريڪ ٿين ٿا.
    سکر جو صحافي شبير ڀٽو ته اجايو بدنام ٿي ويو آھي. باقي ته سندس گلاس ڀائي گھڻا ئي ٿي ويا آھن، شبير ته انھن اناڙين کي اڃا سنڀاليو ھوندو جيڪي ساڻس گڏجي پيئڻ کانپوءِ گند ڪن ٿا. ” گند ۾ پيئڻ شبير جھڙن کي ته الاءِ ڪيئن ٿو وڻي.“ حيدرآباد جو ھڪ سوبر پياڪ چئي ٿو جنھن کي پياڪن جي اھڙين گڏجاڻين ۾ ھلندڙ گارين جي دورن ۽ اگھاڙين فلمن کان سخت نفرت آھي. ھو حليم بروھي جي ان اصول تي ھلي ٿو ته ھميشه سڪون ۽ سانت واري ماحول ۾ ڪجھه گھڙيون فرحت واريون گذارڻ لاءِ پيئڻ کپي. ماڻھو تخليقون صلاحيتون نکارڻ لاءِ ڀلي پيئي. اھو پيئڻ ئي ڪھڙي ڪم جو جنھن کان پوءِ ماڻھوءَ کي شناس ھوش نه رھي. اھڙا جملا پياڪن جي ھر محفل ۾ ٻڌايا وڃن ٿا. پر لاڙ جي ڪولھي وھسڪي کان جيڪب آباد ۾ جکراڻين جي ٺري تائين سڀني ديسي دارونئن ۾ ولائتي وھسڪي مڪس ڪندڙ سنڌ جو درد دل رکندڙ سياسي اڳواڻ به جھانگارا باجارا ۾ الاءِ ڪيئن آئوٽ ٿي ويو ھو. گھڻو دارون پيئڻ سبب ھو ھڪ قومي ڪارڪن جي شادي واري ڪاڄ لاءِ لڳل تنبوئن ھيٺان سمھي پيو ھو جنھن جي آسپاس کيڏندڙ ٻارن کي ھڪ وات ڦاٽوڙي ڪارڪن ائين ھڪل ڏيئي ٽاريو ھو ته ”ڇورا شرم نٿو اچيو قومي تحريڪ پيا ٿا لتاڙيو، ھلو ھتان.“ ائين آئوٽ ته ميرپورخاص ۾ به ھڪ سياسي اڳواڻ ٿي ويو ھو جنھن کانئس انٽرويو وٺڻ لاءِ ويل ھڪ مقامي صحافي کي ايش ٽري مٿي ۾ وھائي ڪڍي ھئي ۽ ان انٽرويو بجاءِ سر بچائڻ ۾ ئي عافيت سمجھي. واپس سر بچائڻ ۾ ته سکر جا اھي صحافي به ڪامياب ٿي ويا ھئا جن پنھنجو ڀرڀور ”موڊ“ ٺاھڻ کانپوءِ روھڙي ۾ بيدل جي راڳ ٻڌڻ جي راءِ ڏيکاري ھئي. فنڪارن کي ويجھو ئي ويٺل صحافين تيستائين به جھومي جھومي فنڪارن کي داد پئي ڏنو، جيستائين سندن ھڪ ساٿي دارون سان جھيڙي واري سٽ به سھي سگھيو ۽ فنڪار جي باجي ۾ ئي الٽي ڪري ڏنائين. الٽي پئجي وڃڻ شرط ھارمونيم جا سر ڪھڙي نه کلڻ ھاپ طريقي سان بدلجي ويا ھوندا، اھو ته ھر پياڪ ۽ بي پياڪ اندازو لڳائي سگھي ٿو. قصو جڏھن پياڪن جي آئوٽ ٿيڻ جو ئي ھلي ٿو ته پوءِ سنڌ جي ان ڪلين شيو وزير اعلي کي ڇو وسارجي جيڪو لاڙ جي ھڪ ماڊرن فروٽ فارم تي مھانگيون مڌ جو بوتلون پيئندي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويو ھو. ساڻس پيئڻ جي شرط ھڻندڙ ان زميندار، جنھن وزير اعلي جي پگھار جيتري مھانگي ھر بوتل گھرائي ھئي، تنھن ٻاھر اچي انتظار ۾ ويٺل ڪمشنر کي اشارو ڪري چيو ھو ته ”کڻو پنھنجي صاحب کي ته وڌيڪ گند نه ڪري“ اھا ڪھڙي خبر ته صبح جو دير سان وزير اعلي آفيس ۾ اچي ڪھڙا فائل ڪيئن صحيح ڪيا.
    حيدرآباد جي ان بيروزگار ڀنگوڙي نوجوان جيان ڪيترن ئي پياڪن کي اھا پڪ ھوندي آھي ته ھو پيئڻ کان پوءِ ئي سٺو سوچي، سٺو لکي ۽ سٺو ڳالھائي سگھن ٿا. ان ڀنگوڙي نوجوان اخبار ڪڍڻ واري خام خيالي جي منصوبي دوران اھا صلاح ڏني ھئي ته اخبار کي مالي سھڪار بينظير ڀٽو جو ھجڻ کپي ۽ بينظير سان ڊائلاگ لاءِ مونکي تڏھن ئي موڪلجوجڏھن ڀنگ جا 3 گلاس چاڙھي چڪو ھجان. اھا الڳ ڳالھه آھي ته نه سندس اھو ڊائلاگ ٿي سگھيو نه ئي ڪا نئين اخبار نڪري مارڪيٽ ۾ پھتي. پيئڻ کانپوءِ روئڻ ڪجھه پياڪن جو اڃان تائين اڻ لکيل اصول بڻيل آھي جيڪي پاڻ پنھنجي نامراد عشق کي ياد ڪري روئيندا آھن يا وري تازي وڇوڙي کي پر اسلام آباد جي ”ڪمپنين“ ۾ شايد اھو اڪيلو سنڌي صحافي ھوندو ھو. جيڪو ٻن پيگن کانپوءِ سنڌ کي ائين ياد ڪري روئيندو ھو ڄڻ ته کيس آفريڪا ۾ جلاوطن ڪر موڪليو ويو ھجي.
    زوزانو شام جو پيئڻ ته ڀلي کڻي اڪثر پياڪن جو معمول ھجي پر ڪمال ته اھي به پياڪ ڏيکارين ٿا جيڪي نيراني ئي وات ڪڙو ڪرڻ جا ھيراڪ آھن. ھاڻي ان اوپن سيڪريٽ کي وڌيڪ ڪيترو ئي اوپن ڪجي ته خيرپور جي ھڪ بااثر پيراڻي گادي جو انتظار ۾ ويٺل گادي نشين ھوش ۾ ئي تڏھن ايندو آھي جڏھن ٻه چار گلاس چاڙھي ويھندو آھي. سندس ھٿ پير ھاڻي ئي ڏڪڻ شروع ٿي ويا آھن ۽ ماڻھو چون ٿا ھو ”الڪو ھلڪ“ ٿي ويو آھي، جنھن جياپي لاءِ شراپ ائين ضروري آھي جيئن ڄام صادق دارون دوا طور استعمال ڪندو ھو. اھو ئي دارون پي سگھڻ جي جي سگھه وڃائي ويٺل لاڙ جو زميندار ته ھاڻي ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪوما واري حالت ۾ پيل آھي پر ھن نرسن جي مدد سان نلين ذريعي جسم اندر دارون داخل ڪرڻ واري عادت اڃا نه ڇڏي آھي. پڇڻ تي ھو اشارن ۾ اھو ئي چوي ٿو ته ”الاءِ ڇا حياتي ڪجھه ته پي وٺون..“
    پنھنجو پاڻ کي مھذب ثابت ڪندڙ ايليٽ ڪلاس کان وٺي ھيٺئن ڪلاس جي ڪچھرين تائين مڌ کي مڌھوشي لاءِ بي تحاشا استعمال ڪيو وڃي ٿو. سنڌ اندر شراب جي وڪري جا سرڪاري انگ اکر ڏسي اياز امير جھڙي پياڪ ڪالمسٽ به لکيو ھو ته مونکي سنڌ جي ”اڃ“ ھاڻي سمجھه ۾ اچي ٿي. پياڪن جي اڪثريت کي ڀلي ولائتي وھسڪي جي سدا آس ھجي پر ٽنڊو آدم جو اھو جھونو ڪاڪو اڃا به ٺرو پيئي ٿو جيڪو سندس جوانيءَ ۾ نه محبوب مشروب ھو. اڇن وارن واري ديوان وٽ ٺري پيئڻ لاءِ اھو فلسفو آھي ته مقامي سطح تي ٺھندڙ ٺري ۾ جڙي ٻوٽيون آھن، ٻين بوتلن ۾ ته الاءِ ڇا ملائي ڏين ٿا. ڪراچي ۾ گتن خلاف قانوني وٺ پڪڙ تيز ڪندڙ ھڪ پوليس عملدار جڏھن ڪجھه ساڃھه وند ماڻھن جي ڪچھري ۾ ويو ته اتي کيس ولائتي نه سھي بيئر وٺڻ جي صلاح ڏني وئي پر ھن جڏھن سنگت سان سلھاڙجڻ لاي پيپسي جو گلاس ڀريو ته کيس عجيب مٿڀرائپ ۽ معترائپ محسوس ٿي. ھن پيپسي جو ڌڪ ڀري ٻين تي رحم پئي کاڌو جن بدلي ۾ کيس اھڙن ئي نگاھن سان داد پئي ڏنو. ملڪي قانونن ۽ روايتي اخلاقي قدرن جي ڪچي ديوار اندر گھاريندڙ سنڌي سوسائٽيءَ جو اھو به عجيب الميو ٿي پيو آھي ته ھوش واري زندگي گذاريندڙ کي پياڪن مٿان رحم اچي ٿو جڏھن ته مدھوشي جي عالم ۾ گذاريندڙ ان ئي ڳالھه تي اتفاق ڪن ٿا ته؛
    ”ھوش والون ڪو خبر ڪيا بيخودي ڪيا چيز ھي.“


    حصو ٻيون : غير رسمي پروفائيل

    نانگن سان ڪھڙو پيار او جوڳي !

    ھن کي ڪي ڪنٺا ڪولاپا ۽ وڏا جبا پاتل ڪونه ھوندا ھئا نه ئي سندس ھٿ ۾ بيراڳڻ ڳچيءَ ۾ مڻيا، بغل ۾ گودڙي ۽ گودڙيءَ ۾ نانگ ھوندو ھو. شمن ته جوڳين جو خوش پوشاڪ نمونو ھوندو ھو. تيل ڏنل ھلڪي ڏاڙھي، اترادي سنڌي ٽوپي پاتل اھو جوڳي اکين ۾ سرمون پائي جڏھن پھريون ڀيرو مليو ھو ته جوڳيءَ جي بدران ھو اھڙو عاشق نامراد پئي لڳو، جنھنجي محبت برپٽن ۾ ئي ڪٿي رھجي وئي ھجي ۽ ھو پنھنجا کيسا نانگن سان ڀري نڪري آيو ھجي. شمن جي قميص جي ٻنھي کيسن ۾ ھميشه نانگ ائين پيا ھوندا آھن، جيئن ٻارڙا والدين جي جھولين ۾ پيا ھوندا آھن. ھن عام جوڳين جيان نانگن کي پنڻ جوذريعو ڪڏھن به نه بڻايو ۽ ان کي صرف پنھنجو شوق ۽ پيار ڄاڻايو، سندس ھن انوکي شوق ئي کيس گھڻو مقبول ۽ معتبر بڻايو نه ته ڪيترائي رڳو نالي جا جوڳي ھڪ اڌ نانگ بغل ۾ وجھي روپئي روپئي لاءِ پيا ٿا گھٽين ۾ ڦرندا وتن. انھن کي ته گھٽين جا ٻار ئي ڪڏھن بوريت ۾ ياد ڪن ٿا، پر شمن ڪنڌڪوٽ ۽ آسپاس جي انھن نوجوانن کان ڪيئن وسرندو، جيڪي ھر ھفتي جي موڪل واري ڏينھن سندس ننڍڙي ڳوٺ گولي مار ۾ اچي گڏ ٿيندا ھئا.
    شاگردن ۽ واپارين ته ڄڻ سندس ڳوٺ واري اوطاق کي پنھنجي لاءِ پڪنڪ پوائنٽ بڻائي ڇڏيو ھو. سندس غريباڻي ۽ ڪکائين اجھي ۾ ويھڻ واري جاءِ ڏاڍي سليقي سان ٺھيل ھئي. ھو مھمانن کي پنھنجي ڪچي اوطاق ۾ ان واحد ڪمري ۾ تڏن تي وڇايل رلين ۽ چادرن تي ويھاريندو ھو جنھن جي ھيٺان زمين کوٽي نانگ رکيل ھوندا ھئا. مھمانن کي قربائتي نموني ڊراءِ فروٽ، نمڪو، ۽ بسڪوٽ ڏيڻ کان پوءِ جڏھن ھو زمين اندر ٺھيل نانگن واري ڪمري جو در کولي نانگ ڪڍڻ شروع ڪندو ھو ته مھمانن ۾ افراتفري مچي ويندي ھئي، ڪنھن جي اڳيان ڪاريھر پيو ويندو ھو ته ڪنھن جي پيرن تي لنڊي چڙھي ويندي ھئي. مھمان ته اھڙي آجيان مان لطف وٺندا ھئا يا نه پر مھمانن جي حالت ڏسي شمن تمام گھڻو کلندو ھو ۽ کين ٽوڪيندو ھو ته بابا نانگ ڏسڻ آيا آھيو ته ڏسو نه نانگ. حراسيل مھمانن جو وڌيڪ پاڻي ڪڇڻ بدران ھو نانگن کي واپس زير زمين جاين ۾ موڪلي مھمانن کي چانھيون پياري تازو توانو ڪري ڇڏيندو ھو. ٿي سگھي ٿو شروعاتي طور شمن پنھنجي شوق ۽ دوستن جي تفريح لاءِ ايترا نانگ گڏ ڪيا ھجن، جو ھر وقت وٽس چئن کان ٻارنھن سو نانگ موجود ھوندا ھئا پر گذريل دفعي جڏھن ھو لاڙڪاڻي آيو ته ھن اھا انوکي ڳالھه ٻڌائي ته ھاڻي ڪينسر جي مريضن ۽ نانگ ڏنگلين جو علاج به شروع ڪيو پيو وڃي جنھن لاءِ ھن اوٻاوڙو جي مسمات نسيم خاتون ميراڻي جو مثال ڏنو جنھن کي ڄنگھه ۾ ڪينسر ھو. ڊاڪٽرن پاران جواب ڏيڻ کانپوءِ ھن شمن کان علاج ڪرايو ۽ ھوءِ صحتياب ٿي وئي. ممڪن آھي ته خود شمن جون اکيون ان تجربي کوليون ھجن ته ھو نانگن ذريعي علاج به ڪري سگھي ٿو. ھن ٻڌايو ته استاد محمد خان لغاري کيس مريضن کان علاج جا پئسا وٺڻ کان منع ڪئي ھئي. ڳالھين ڳالھين دوران ھن ٽوڪ ھنئي ته اسان جي يارن جي گھڻائي صحافين ھوندي به سندس انٽرويو نه ٿا وٺن. منھنجي ھائوڪار تي ھن کيسي مان پنھنجو اھو انٽرويو ڪڍيو جيڪو ڪنڌڪوٽ جي ھڪ صحافيءَ کان لکرائي ھن فوٽن سميت حيدرآباد جي ھڪ خاتون رپورٽر ڏانھن اڳواٽ ئي موڪلي ڏنو ھو پر اھو شايع نه ٿيڻ سبب جڏھن ساڳيو انٽرويو منھنجي ھٿ ۾ ڏنو ته مون به سندس طبيعت مطابق مذاق ڪندي چيو ته، ”سھڻا ماڻھو توھان جي ڪنھن ڪم نه ايندا. ڀلي آزمايو پوءِ اسان فقير ته ھونئن ئي ويٺا آھيون.“ شمن اھڙي مذاق سبب جلديءَ ۾ اھڙي دفاعي پوزيشن ۾ ھليو ويو جھڙي لاڙڪاڻي جي ھڪ شاعرھ جي معاملي تي چيڙائڻ مھل ھليو ويندو ھو.
    شمن جوڳي پنھنجي فن ۾ فخر جي حد تائين مھارت رکندو ھو ۽ ان فيلڊ ۾ چئلينج کي قبول ڪرڻ ڄڻ ته لازمي سمجھندو ھو. ھن ملتان ان نام نھاد جوڳڻ زرقا راڻيءَ سان به اھا چئلينج واري شادي ڪرڻ جو ديصلو ڪيو ھو جنھن ۾ زرقا چيو ھو منجھس ايترو زھر ڀريل آھي جو ساڻس شادي ڪندڙ مرد پھرين رات ۾ مري ويندو. پر زرقا شمن سان شادي نه ڪئي ۽ ھوءَ ائين ئي چيلينج تان ڦري وئي جيئن ٺٺي وارو جمن نانگائي ڦري ويو. شمن جيتوڻيڪ گھڻو نه ڳالھائيندو ھو پر ڪڏھن ڪڏھن نانگن جون ڳالھيون افسانوي قصن جيان ٻڌائيندو ھو ته ھڪ تخت نانگ ٿئي ٿو جيڪو نانگن جو سردار ھجي ٿو. اھو تخت نانگ ھوندو ته ڇھن انچن جو آھي پر چانڊوڪي رات ۾ جڏھن ڪاريھر مٿان چڙھي سواري ڪندو آھي ته سندس حفاظت لاءِ ھر پاسي کان نانگ گڏ ٿي ويندا آھن. اھڙا نانگ ۽ انھن جا نظارا ته الائي ڪٿي ھوندا، پر شمن اھي قصا وڏي شوص سان ٻڌائيندو ھو. جڏھن به نانگن پالڻ متعلق ڪو سوال ڪندو ھوس ته ھو جلدي چوندو ھو نانگن سان مون کي پيار آھي. ھو نانگن لاءِ شوق لفظ استعمال نه ڪندو ھو. نانگن کي گوشت کارائيندڙ ۽ کير پياريندڙ شمن کان اھو سوال پڇڻ ھر ڀيري رھجي ويندو ھو ته ”نانگن سان ڪھڙو پيار او جوڳي!؟“ پنھنجي آخري لکرايل انٽرويو ۾ جڏھن کانئس ڪنھن ماڻھوءَ سان محبت وارو سوال پڇيو ويو ته ڳجھو رھندڙ شمن صرف اھو شعر پڙھيو ته؛
    ڪڻا منجھه قرار، ھڻا ھيڪاندا سنگ ۾،
    ڳاھي ڳاھ فراق جي، ڪيا ڌارئون ڌار،
    نه ڄاڻان ٻيھار، ڪير ملندو ڪنھن سان (ڀٽائي)
    شمن پنھنجي شوق ۽ انسانن جي زھريلن عادتن سبب ئي وڃي نانگن سان سنگت رکي پر کيس اھا خبر ئي نه ھئي ته نانگن ۽ انسانن جي ناتن ۾ ٿورڙو ئي فرق ٿئي ٿو. ٻنھي مان ڪير به ڪھڙي وقت به ڪيترو به قريب ۽ پاليل ھجڻ جي باوجود ڏنگي سگھي ٿو پر ڏنگيندڙ انسان ضروري ناھي ته ائين تڏي تي مري وڃي جيئن شمن کي ڏنگيندڙ پدم نانگ مري ويو. اھا ته خبر نه آھي ته پدم پشيماني ۾ مئو يا شمن جي جسم واري زھر سبب پر ھن پنھنجي بي وفائي ائين ڏيکاري ڇڏي جيئن ڪي مغرور محبوب ڏيکاريندا آھن.


    امان الله سومرو : ميرپورخاص جو مزاحمتي مھم جُو !

    ميرپورخاص شھر ۾ گندگي ھاڻي به اھا ئي آھي ته ڪتن جو آزار به ساڳيو آھي. جنھن خلاف سالن کان ھو پنھنجي انوکي انداز واري ھلچل ھلائيندو آيو آھي پر ھاڻي سندس سيلف اسٽائيلڊ سياست جون ترجيحات تبديل ٿي ويون آھن. ھاڻي ميرپور جي چونڪن تي اڪيلي سر مظاھرو ڪندي ۽ پمفليٽ ورھائيندي ھن کي ڪافي وقت کان ڪنھن نه ڏٺو آھي ڇو ته امان الله سومرو ھاڻي نجي جيلن اندر قيدين تي تشدد خلاف آواز اٿارڻ ۾ مصروف آھي ۽ سندس جدوجھد جو مرڪز حيدرآباد شھر بڻجي ويو آھي. ميرپورخاص شھر اندر گندگيءَ جي آزار کان تنگ ٿي ھن شھر جي مختلف پاڙن ۾ جايون تبديل ڪيون پر تڏھن به کيس صاف سٿڙو ماحول نه ملي ته ھن روڊن تي پيل گند ۽ مينھن جا ڇيڻا کڻي تڏھوڪي ڊي سي جي گھر اڳيان وڃي اڇلايا. اھا گھڻا سال اڳ جي ڳالھه آھي ته ھن پنھنجي ھڪ ڇوٽوءَ سان گڏجي اھو گند جڏھن ڊي سي ھائوس ٻاھران اڇلڻ شروع ڪيو ته پھريان پٽيوالن ۽ چوڪيدارن کيس منع ڪئي پر ھو نه مڙيو نيٺ ٽئين ڏينھن پوليس اھلڪارن کيس لٺيون ھڻي موٽائي ڇڏيو. اھو امان الله سومري ايڊوڪيٽ، اسٽامپ وينڊر، ۽ اوٿ ڪمشنر جي احتجاج جڳ ھڪ ننڍڙو نمونو آھي.
    ان ۾ امان الله جو ڏوھ ته ناھي، جيڪڏھن ھو طبيعتن صفائي پسند آھي. گندگي کي موضوع بڻائي ھن ڪيترائي پمفليٽ لکيا، ڇپرايا ۽ پاڻ ورھايا پر شھر ۾ اڃان به گندگي موجود آھي. ”ماڻھو بي حس ٿي ويا آھن. انھن ان طرف سوچڻ ڇڏي ڏنو آھي.“ ھو پنھنجي آفيس ۾ ڀنگ جي ھلڪن خمارن دوران ٻڌائي ٿو. شھر ۾ جڏھن رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ته امان الله کي مارڪيٽ چونڪ تي عبدالرحمان رند سميت سوين ماڻھن تقرير ڪندي ڏٺو. ان وقت امان الله جي ھڪ ھٿ ۾ جھليل اھو رولو ڪتو به ھو جنھن ھن کي چڪيو ته ھو، پر تقرير ڪرڻ کانپوءِ ھن اھو ڪتو وڃي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر جي گھر آڏو ٻڌي ڇڏيو. سندس ھلچل کي سال گذري ويا آھن. پر احتجاج اڃا به سندس اصول بڻيل آھي. جنوري جي پھرين تاريخ 1942ع ۾ پيدا ٿيل امان الله سومرو پيشي جي لحاظ کان ته اسٽامپ وينڊر، وڪيل ۽ اوٿ ڪمشنر آھي پر سندس سڃاڻپ اھڙي احتجاجي مھم واري آھي جيڪو ھر ڏاڍ ۽ ظلم تي اٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ پنھنجي انداز ۾ احتجاج جي ھڪ اھڙي مھم ھلائي ٿو جو مخالف ڌر بيزار ٿي يا ته مٿس حملو ڪري ٿي يا پوئتي ھٽي وڃي ٿي. امان الله پنھنجي حياتيءَ ۾ ھڪ ڏينھن کان ھڪ سال جي عرصي تائين اھڙن ڪيسن ۾ جيل ويندو رھيو آھي. جيڪي ھروڀرو به سندس ذاتي مفاد وارا نه رھيا آھن. ”بغاوت پنھنجي طبيعت ۾ شامل آھي. مان ظلم ۽ تشدد ڏسي نه سگھندو آھيان.“ ھن چيو ۽ رازداريءَ سان اھو به ٻڌايو ته ”ننڍپڻ ۾ پيءُ ۽ ڀائرن منھنجي مٿان ڏاڍو تشدد ڪيو انڪري ننڍپڻ کان ئي مان ظلم ۽ تشدد جي خلاف ٿي ويس.“ ھن جي احتجاج جا ڪيترائي انداز آھن. ھر مسئلي جي نوعيت ڏسي ھو ان کي اھڙي طرح کڻي ٿو ته جيئن ڪاميابي يقيني ملي. ننڍين عدالتن کان ھاءِ ڪورٽن تائين ڪيس ڪرڻ، اڪيلي سر احتجاجي مظاھرا ڪرڻ ۽ پمفليٽ لکي ورھائڻ سندس احتجاج جا مک نمونا آھن. ڏھ پندرھ سال اڳ جڏھن ڊگھڙي پاسي جي سيتا ڪولھڻ، غلام مصطفي نوحاڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو ھو ته ھزارين ڪولھين ان کي سيتا جي اغوا جو ڪيس بڻائي احتجاج ڪيو ھو. ھزارن جي تعداد ۾ جيڪي ڪاوڙيل ڪولھي ميرپور جي گھٽين ۾ ٽن ڏينھن کان ڦري رھيا ھئا انھن جي اڳواڻي امان الله سومري ڪئي ھئي. ”انھن ڪولھين کي ڪرشن ڀيل وٺي آيو. مون کين منع ڪيو ھو ته ڊي سي آفيس اڳيان مظاھرو نه ڪريو پر ھو نه مڙيا پوليس به فائرنگ ڪئي ۽ 17 احتجاج ڪندڙ ماڻھو مري ويا.“ ھو ان کي معمولي ڪيس جيان ٻڌائي ٿو. ان ڪيس ۾ کيس اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو ھو بقول سندس ته ايترو تشدد ڪيو ويو جو 15 ڏينھن تائين اٿي به نه سگھندو ھئس. اھو الڳ قصو آھي ته جنھن ۾ ڊي ايس پي کيس تشدد جو نشانو بڻايو اھو بعد ۾ امان الله اڙجي ويو. ھر ٽئين ڏينھن ”حرامخور ڊي ايس پي جا ڪرتوت“ ”مون کي بچايو“، ”ڊي ايس پي ماري ڇڏيندو“ جھڙن عنوانن وارا پمفليٽ لکي ورھائيندو ھو. ڊي ايس پي ان احتجاجي مھم کان تنگ ٿي بدلي ڪرائي ھليو ويو. انٽرويو دوران ھو پنھنجي اڇن وارن کان لڳ بي نياز ٿي ويل مٿي ۾ لڳل انھن ٽانڪن جا نشان ڏيکاري ٿو جيڪي بادشاھ خان زميندار جي حملي کان پوءِ کيس لڳايا ويا ھئا. بادشاھ خان جي زمين تي قيد ھارين کي آزادي ڏيارڻ لاءِ امان الله ڏينھن رات محنت ڪئي. عدالتن ۾ ڪيس ڪيا ۽ حملا برداشت ڪيا. ان مھم دوران ھن سڄي ڪيس جو دستاويز ”گھوڙا ڙي گھوڙا“ نالي ڪتاب لکي ورتو، جنھن ۾ ھن نجي جيلن جي حوالي سان مشھور بڻيل تنظيم ايڇ آر سي پي کي به تنقيد جو نشانو بڻايو آھي. ھن کي شڪايت آھي ته جج ھارين جا ڪيس نٿا ھلائين ۽ چون ٿا ته فراڊ آھي پر ھو چوي ٿو ته توھان ويس مٽائي ھلي ڏسو ته ڪيترا زميندار ھارين سان حساب ڪتاب نٿا ڪن. ھنن کي غلام بڻايو ويٺا آھن. پر ڪير چوي! شام جي ٿڌڙين ھوائن ۾ اھو چئي تلخي ڀري ڇڏي ٿو. امان الله سومرو جڏھن عدليا کان مايوس ٿيو ته ھن ”ججن کي وارننگ“ نالي پمفليٽ لکي ورتو ته جيئن کين ڪيس ھلائڻ تي مجبور ڪري سگھي ”ھو ڪيئن نه ڪيس ھلائيندا ھنن کي ڪيس ھلائڻا پوندا.“ ھو پنھنجي احتجاجي مھم واري يقين سان چوي ٿو. امان الله سومري جو ڏينھن صبح سوير شروع ٿئي ٿو ۽ موڊ آھر ڀنگ جو چڪو پي نڪري ٿو. ڇھه ست اخبارون پڙھڻ سندس ائين معمول آھي جيئن ڊائري لکڻ. روزانو جي روئداد ھو ڊائري ۾ لکي ٿو، پر ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو پمفليٽ به لکي وٺندو آھي. جيئن اسان جي سماج ۾ ظلمن جو ڪو انت ناھي تيئن ئي ھن جي پمفليٽن جي موضوعن جو ڪو دنگ ئي ناھي. ھو ٻڌائي ٿو ته ”ھر ھفتي ھڪ پمفليٽ ضروري لکندو آھي. نه ته ضمير سمھڻ ئي ڪو نه ڏيندو.“ امان الله ٻڌايو ته اڳ ۾ ھو شھري مسئلي تي چونڪ تي بيھي تقريرون ڪندو ھئس پر جڏھن ماڻھن ”پاڳل پاڳل“ جا آواز ڏيڻ شروع ڪيا ته دل ٽٽي پئي انڪري پمفليٽ لکڻ شروع ڪيم. سٺ سالن جي عمر ۾ اھي سڀ ڪم ڪيئن ممڪن آھي؟ واري سوال تي ھو چوي ٿو ته ”مون ۾ جذبو آھي. اسپرٽ آھي ان ڪري، ڪري ٿو وڃان. انھن مصروفيتن سبب ئي مون کي اڄ ڏينھن تائين مٿي ۾ سور يا بخار نه ٿيو آھي.“ لڳ ڀڳ 9 ڪتاب ۽ لاتعداد پمفليٽ لکندڙ امان الله سومرو وڏو ليکڪ ٿي پئي سگھيو ڇو ته سندس لکڻين ۾ سچائي ھوندي آھي. ٻين ڪتابن سان گڏ ھن ھڪ ڪتاب ڀڙوت تي به لکيو. جنھن کي وڏي ريڊر شپ ملي. ان ڪتاب ۾ ھن ٻن کي ملائڻ واري ان پروفيشن بابت ته لکيو پر ان ۾ پنھنجو ذاتي تجربو به لکيائين ته ڪيئن ھو پنھنجي ھڪ (بقول سندس) سياھ ڪار زال کي شھر جي معزز ڏانھن وٺي ويو جتي ھو ٻئي ڪمري ۾ ھليا ويا ۽ ھو ٻاھر ويٺا رھيو. اھا فلم ختم ٿيڻ کانپوءِ ان معزز کيس اڍائي سوء روپيا ھٿ ۾ ڏنا جيڪي ھن شھر جي چونڪ تي اچي تڏھن ساڙيا جڏھن بقول امان الله سندس رڳن ۾ غيرتمند پيءُ جو رت ڊوڙي آيو.“ اھو ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿئي ھا ته ” بيسٽ سيلر “ ٿي سگھي ٿو ھڪ گھڻ پاڙھو اديب راءِ ڏني. امان الله پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل کي جيتو ڻيڪ غير مھذب عمل ڪوٺي ٿو، پر ھو پنھنجي ڪتابن ۾ ھميشه پنھنجا ذاتي ۽ گھرو معاملا بحث ھيٺ آڻيندو رھيو آھي. اھي به ڏينھن امان الله تي آيا جڏھن ھڪ ئي ڏينھن تي کيس ٻن جدا جدا عدالتن ۾ طلبيو ته ھڪ ڪيس سندس اڳوڻي زال پاران خرچ ڏيڻ وارو ھو ته ٻيو ڪيس ھارين جي بازيابي جو ھو.
    امان الله ھن وقت تائين يارھن شاديون ڪري چڪو آھي ۽ ٻارھين شادي جي تيارين ۾ آھي. سندس يارھين شادي مس ڪرن عرف مسمات ڏاھي نالي ان ڇوڪريءَ سان ٿي جنھن کي ھو زميندار جي نجي جيل مان بازياب ڪرائي آيو ھو. جيئن اڪثر ماڻھو ٻين جي ذاتي زندگين ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا آھن. تئين ئي امان الله جي گھڻين شادين جو به چرچو ھر ھنڌ عام آھي. ڪنھن وٽ سندس بدڪاري جي ٿيوري آھي ته ڪو اھو راز کولي ويھي ٿو ته امان الله شادي کانپوءِ پنھنجين عورتن جا آپريشن ڪرائي ٿو ڇڏي. تنھنڪري ئي کيس صرف ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون آھن. ”ذاتي زندگي جي باري ۾ ڪوڙ ڇو ڳالھايان، اڳي پوءِ ڳالھيون ته کلي پون ٿيون. پوءِ ماڻھو ڪوڙ ڇو ھڻي؟ ڪلنٽن به پھريان ڪوڙ ڳالھايو پر پوءِ پڪڙجي پيو.“ ھن ٻڌايو ۽ وڌيڪ چيو ”زندگي ۾ عشق ضروري آھي. عشق کانسواءِ زندگي بيڪار آھي.“ ھي اکر اھو امان الله چئي رھيو ھو. جنھن پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو ھو ته ڇا به ٿي پوي، مان انقلابي ئي رھڻ چاھيان ٿو. ھو چوي ٿو ”ماڻھو مون کي ڏاڍو پسند ڪندا آھن. ھو چي منھه جيتري عزت ڪندا آھن. ھو وڏي احترام ۽ عزت سان ملندا آھن ۽ شھر ۾ ايس پي کان به وڏو پروٽوڪول ملندو آھي. شھري چاھين ٿا ته مان شھر جو ميئر ٿيان پر ھڪ سازشي ٽولو اھو نٿو چاھي.“ ھن ٻڌايو ته باقي جيڪي مون کي چريو چون ٿا اھي بداخلاق ۽ اھڙا آوارھ آھن جن ڪڏھن ڪجھه ڏٺو ئي ناھي. امان الله جوا ۽ شراپ کان جيترو پري ڀڄندو آھي، ايترو ئي ڀنگ کي ويجھو آھي. صبح شام ڀنگ ضرور پيئي ٿو. اھڙن ئي ٿڌن نشن جي خمارن ۾ ھن چيو ته ”ڀٽي واري دور تائين ڀنگ جا گتا ھلندا ھئا. ميرپورخاص ۾ ٻه ٽي گتا ھوندا ھئا. ڀٽي اھي بند نه ڪرايا پر ضياءَ الحق ھڪ سازش تحت ڀنگ جا گتا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ جيئن ھيروئن جو وڪرو عام ٿئي.“ ڀنگ جا اھي گتا جن تي آفيم ڏوڏي ۽ ڀنگ عام ملندي ھئي. انھن جي بند ٿيڻ کي ھو سنڌ خلاف سازش سمجھي ٿو ڇو ته ھاڻي گريجوئيٽ نوجوان به ھيروئن ٿا پيئن. خبر ناھي اھو خيال امان الله کي ڪيئن ۽ ڪھڙين حالتن ۾ آيو جو ھن ھڪ پٽيشن ڀنگ جا گتا کولرائڻ لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي. جج صاحب کيس ڪھڙو جواب ڏنو ھوندو اھو ھر ڪو سمجھي سگھي ٿو. پاڻ کي اشتراڪيت پسند چوندڙ امان الله جو چوڻ آھي ته ھاڻي قيدين ۽ ھارين جي ڀلائي لاءِ اسان پاڻ ارپي ڇڏيو آھي. کيس اھو گمان به آھي ته عوام مون سان گڏ آھي، پر ان حقيقت تي به روشني وجھي ٿو ته ڪارڪن نٿا ملن. ڪارڪن اھڙا فراڊي ۽ پيداگير ٿا ملن جو بس..... ايماندار سياسي ڪارڪن ته ملن ئي نٿا. ھاڻي رڳو پئسن سان ڪارڪن ملن ٿا. جي رڳو پئسو ھجي ته اھڙي پارٽي ٺاھيون جو ڳالھه ڇڏي ڏي. اھو عجيب اتفاق ئي چئجي جو يارھن شاديون ڪندڙ امان الله کي گھر جو سک ڪڏھن نصيب ئي نه ٿيو آھي. ھن کي ياد ناھي ته گھر جي پڪل تازي ماني ۽ ساڳ جي خوشبو ڇا ٿيندي آھي. ماني ھو اڪثر ھوٽلن تي کائي ٿو. ڪپڙا ڌوٻي کان ڌوئاري ٿو. روزاني واري زندگي ۾ ھلڪا ڦلڪا ڦڏا ڪرڻ، گاريون ۽ ذلتون برداشت ڪرڻ ھاڻي ڄڻ ته سندس معمول بڻجي ويو آھي. پر ھو پنھنجي انداز واري انقلابي جي واٽ اڃا ورتيون پيو ھلي.
    زندگي جي عجيب و غريب لاھن چاڙھن مان چڙھي امان الله کي پنھنجي گذاريل زندگي تي ڪو پڇتاءُ ناھي ۽ جيئن ھو محاورتاَ چوندو آھي ته گھوڙا وڪڻي ننڊ ڪري ٿو. اولاد کي آزاد ڇڏيواٿائين ته اھي ڊاڪٽر ٿين، مصور، انقلابي يا عاشق سندن مرضي. جيڪڏھن انھن مان ڪو انقلابي ٿيو ته ھو جھنڊو کڻي ان جي پويان ھلندو. باقي ٻارھين شادي جو ھو خواھشمند ضرور آھي ته اھڙي خاتون سان شادي ڪري جيڪا ھن معزز شھري ۽ قانون پسند وڪيل جي جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ اخلاقي مدد ڪري. باقي ھن اڌ پڪل اشتراڪي ۽ انقلابي کان ڀنگ ڇڏرائڻ ان جي ڪا ذميواري نه ھوندي.


    ڪميونسٽن جھڙو حُر

    مسلسل سرگرميءَ ۾ يقين رکندڙ وزير لاکي جو جيتوڻيڪ آن دي رڪارڊ چوڻ اھو ھو ته سياسي سرگرمين کانسواءِ منھنجي لاءِ جيئرو رھڻ مشڪل ٿي پوندو آھي، پر اڄڪلھه سندس ڪا به سياسي سرگرمي ناھي. ھن جو آخري سياسي سرگرميون 1992ع ۾ انقلابي جمھوري پارٽي لاءِ ھيون، جنھن ۾ بقول سندس مٿين سطح تي ٿيل ڀڃ ڊاھ کانپوءِ ھو خاموش ٿي ويو. پنھنجي حياتي جا لڳ ڀڳ ٻه ڏھاڪا ڪميونسٽ سياست کي ڏيندڙ وزير لاکي جھڙي ڪارڪن لاءِ مايوسين ۾ شبير سولنگي جيان چريو ٿي ڇيريون پائي پاڻ تي ماڻھو کلائڻ جا سمورا جواز موجود ھئا. پر سندس گھراڻي ۽ حر پسمنظر کيس پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتو ۽ ھو جيد حرن ڏانھن ائين موٽي آيو آھي، جيئن ڀٽڪي جمھوريت (ڀٽو اقتدار کي حر ڀٽڪي جمھوريت سڏين ٿا) دوران ھي ساڻن شامل ھو ۽ وچ وارا سال ڄڻ ته ھو کانئن انقلابين جي ھجوم ۾ وڃائجي ويو ھو.
    چوڏھين ورھين جي عمر ۾ سنجھوري تعلقي جي ڳوٺ ٺارو خان لغاري وٽان مال چارڻ کان تنگ ٿي، جڏھن ھو گھران ڀڄي نڪتو ھو ته سندس کيسي ۾ پنجين درجي جو سرٽيفيڪٽ ھو ۽ ننڍڙي بيگ ساڻ ھئس. ھو ان حيدرآباد ڏانھن اچي رھيو ھو، جتي ڪو به سندس سڃاڻو نه ھو ۽ ٽرين ۾ سموري سفر دوارن ھو ان خوف کان آيت الڪرسي پڙھندو آيو ته ڪٿي لليجا نه کڻي وڃن. لطيف آباد ۽ ھير آباد جي مختلف گھرن ۾ سستي نوڪر جيان ڪم ڪرڻ دوارن ھن تعليم به پرائي. اخبارون به شوق سان پڙھڻ شروع ڪيون ۽ پراون پنھنجن سياسي جلسن ۾ تقريرون ٻڌي نعرا ھڻڻ به سکيو. انھن ئي ڏينھن ۾ ڀٽي واري جمھوريت دوران مشھور حر ڪيس ٿيو. سانگھڙ جي ڪانھڙ موري وٽ بظاھر پوليس مقابلي ۾ 6 حر مارجي ويا، جن مان ھڪ سندس مامو ھو، اھا خبر ۽ فوٽو اخبار ڏسڻ کانپوءِ ھو پنھنجي حياتي جي پھرين ھلچل ھلائڻ لاءِ سانگھڙ ھليو ويو. ڪجھه دوستن سان گڏجي ضلعي ۾ يوم سياءِ ملھايائين ۽ سانگھڙ ۾ ھزارين ماڻھن جي جلسي ۾ پھرين پرجوش تقرير به ڪيائين. ان جذبي جي وھڪري ۾ ئي ھن حيدرآباد واپس اچي حر اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن ٺاھي. پر بقول وزير لاکي جي ته جماعت جي خليفن سان روشن خيال ۽ پڙھيل لکيل حرن جو اختلاف ۽ ٽڪڙاءَ ٿي پيو، تنھنڪري کين اھڙي آرگنائيزيشن ھلائڻ کان منع ڪئي وئي.
    ھو اڄ به پاڻ کي حرن جو باغي ڪردار سڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته ”مان پير پاڳاري سان نظرون نظرون سان ملائي ڳالھائيندو آھيان.“ ھو سياسي ڪارڪن ۽ حر ھجڻ ڪري عجيب ڪاڪ ٽيل بڻجي ويو آھي ۽ پنھنجي ڳالھه ٻولھه دوران ھو پاڳاري کي پاڳارو ۽ ڀٽي کي شھيد ڀٽو چوندو رھي ٿو. تنھن زماني ۾ ھو اڃان حرن ۾ شامل وڏيرن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ پرساھي رھيو ھو ته تاج مري ۽ امر لال (جيڪو ان وقت خادم حسين مري ھوندو ھو) جھڙا ڪميونسٽ کيس پنھنجن چنبن ۾ چائي ويا. راج مري جي ڳوٺ ۾ ٻه ٽي راتيون رھڻ کانپوءِ ھن سانگھڙ ۾ اچي ايس اين ايف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ وزير لاکو حر مان ڦري سرخو ٿي پيو. امداد چانڊيو، شبير محمد مڱريو، صادقين ۽ ٻيا سندس اسٽڊي سرڪل جا انچارج ٿيا. ان دوران ئي ھن پنھنجي خاندان کي ڳوٺان لڏائي حيدرآباد ۾ اچي آباد ڪيو ڇو ته ھو جڏھن ٽرين ۾ پھريون ڀيرو اچي حيدرآباد ۾ رھيو ھو ته ھن دل ئي دل ۾ عزم ڪيو ته ھاڻي علي محمد جو ڪو به پٽ ھاري نه ٿيندو. وزير اھڙو ڪارڪن ٿي اڀريو، جيڪو ھر مرض جي دوا ٿي پوندو ھو. چندا گڏ ڪرڻ، بينر ٺھرائڻ، پوسٽر ڇپائي ڀتين تي لڳائڻ، چاڪنگ ڪرڻ ۽ اڳواڻن کي لڪائڻ سندس کاٻي ھٿ جو کيل ٿي پيو ۽ ھو ڊي ايس ايف جو مرڪزي پريس سيڪريٽري به ٿي ويو. تنھن زماني جي کاٻي ڌر لاءِ ديومالائي ڪردار طور پيش ڪيل ڄام ساقي انھن ڏينھن ۾ جيل ۾ بند ھو ۽ وزير ”ڄام رھائي ڪاميٽي“ حيدرآباد ۽ ڄامشوري زون جو صدر به ٿي ويو. ان ڪميٽي لاءِ چندا گڏ ڪرڻ واري مھم ۾ اڳيان اڳيان رھيو. ان ۾ اھڙو ڦڙت ٿي ويو جو اڳتي ھلي ڄام جي آزاد ٿيڻ بعد ھن 15 منٽن ۾ ڄام کي 50 ھزار گڏ ڪري ڏنا. ”مون ته ڪامريڊن جي ميٺ محبت ڏسي انھن کي ھڪ ڪٽنب جيان پنھنجو ڪيو.“ ھو ڊگھو ساھ کڻي چوي ٿو ۽ اھو ته پوءِ ھلي ٻڌائيندو ته ڪامريڊن ڪيئن سندس احسانن ۽ ارمانن کي چيپاٽي ڇڏيو. وزير لاکو جڏھن مارچ 1980 ع جي آخري تاريخ واپڊا ڪالوني ڄامشوري مان پمفليٽ ڪيس ۾ امداد چانڊيو، محمد خان، شير محمد ۽ ٻين سان گڏ گرفتار ٿيو ته سندس امڙ يونين جي عورت اڳواڻ زھري مڱريو سان گڏجي ڪنگري ھائوس وئي ۽ تيستائين پنھنجي مرشد وٽ ترسي پيئي جيستائين سندس پٽ آزاد نه ٿيو. بعد ۾ وزير مٿان تڪڙي آزادي سبب ڪميونسٽ ڪلچر موجب ايجنسين جو ھجڻ وارا الزام به لڳا. پر ھو چوي ٿو ته ان ڪيس مان آزادي منھنجي ماءُ جي ڪوششن سبب ٿي. ان ۾ ڪنھن به طرم خان، ڪامريڊن يا خليفي جو ڪو به ڪردار ناھي. وزير کي جيتو ڻيڪ پنھنجا گھر ڀاتي ان زماني ۾ به دھريو ۽ ڪافر چوندا ھئا پر وزير جو گھر ڪامريڊن جي محفوظ پناھگاھ ھوندي ھئي، جتي ھو گھر ڀاتين کي رات جو ننڊ مان اٿاري به مانيون ۽ چانھيون پچرائي، ڪامريڊن جي خدمت ڪندو ھو. ڄام ساقي جو مھينن تائين اسپتال ۾ اٽينڊنٽ به رھيو ته آزادي کانپوءِ ڄام جي ملڪي دوري ۾ سندس باڊي گارڊ به ٿي رھيو.
    پراڻي انڊس ھوٽل ۾ تنھن زماني ۾ ھو بيرو ھوندو ھو، جڏھن مصطفي قريشي جي شادي ان ھوٽل ۾ روبينا سان ٿي. ھو ذاتي توڙي سياسي زندگي ۾ محنت ڪندو ھو ۽ ساٿين سان محبت ڪندو ھو. پر اوچتو کيس پنھنجن ڪامريڊن ۾ اوپرائپ جو احساس ٿيو. کيس محسوس ٿيو ته ڪامريڊن ھڪ ٻئي جا عيب ڪڍڻ شروع ڪيا آھن، کين ھڪٻئي جون شڪلون نه نٿيون وڻن. ھو انھن ڪارڪنن مان نٿو لڳي جيڪي اڄ به اھو دھرائين ٿا ته فلاڻا فلاڻا نظرياتي اختلاف فلاڻي ڪانگريس ۾ ظاھر ٿي پيا ته اسين ڌار ٿي وياسين، پر وزير کي اڃا به اھو ڏک ٿئي ٿو ته ھو جنھن جمال نقوي کي پنھنجي گھر ۾ ترسائي وڏي پروٽوڪول سان بس تائين ڇڏيندا ھئا تنھن ڪراچيءَ ۾ کين تڏھن مايوس ڪيو جڏھن علي حسن چانڊيو ۽ وزير جو ڪرايو کٽي پيو ۽ ڪامريڊ امر لال کي گھر جي ان پاسي وڃڻ کان منع ڪيو ھو، جنھن پاسي ڪميونسٽاڻي ڪوٽا تي چيڪو سلوا ڪيا مان پڙھي آيل سندس پٽ پنھنجي ٻارن سان ويٺل ھو. ھو ھاڻي به عجيب غريب سوال پڇي ٿو ته ”اھو ڪير ٻڌائيندو ته نذير عباسي جو قاتل برگيڊيئر امتياز آھي يا جمال نقوي.“ ھو پڇي ٿو ته ”آخر نذير عباسي جي ڪيس کي ڇو نه کنيو ويو. ان جا اسان سڀ مجرم آھيون.“ ھو جڏھن پنھنجي پھرين پيار جھڙن انقلابين جي ڳالھين جو ڳنڍيون کولي ٿو ته ڳالھيون اچي پارسائي ۽ ڪردار تي بيھن ٿيون. وزير اجرچ سان چوي ٿو ته اسان ماڪريڊ ٻي شادي جا ھميشه مخالف رھياسين پر پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا مير ۽ حميدھ انھن آدرشن کي نڀايو؟ مير کي اسان ڏاھو سمجھندا ھئاسين. ڄام سنڌ ڪميونسٽ تحريڪ جو ديومالائي ڪردار ٿي اڀريو ھو پر پوءِ خبر پئي ته اھي ”مثالي ڪردار ناھن، انھن تمام گھڻو مايوس ڪيو.“ وزير چيو ان زماني ۾ ڪنھن ڪامريڊ کي چيم ته ھي ڇا پيو ٿئي ته ھن سمجھائيندي چيو ڪامريڊ پنھنجي ڊڪشنري ۾ پارسائيءَ ۽ مسيحائي موجود ناھي ته مون چيومانس اھو مڃون ٿا، پر انسان جو ڪردار به ته ڪا شئي ھوندي آھي.ڪردار ئي دنيا بدلائيندي آھي، انھن جوته ڪو ڪردار ئي ناھي. ڪيترن نام نھا مھا انقلابين جا ھٿ ڌوئيندڙ ڪالھوڪو مسڪين ڪارڪن وزير ھاڻي ان نتيجي تي پھتو آھي ته سياستدان ته سوداگر آھن. اھي پنھنجي پيٽ خاطر ڪنھن جو به سودو ڪري سگھن ٿا. ھو جيڪو جيلن ۾ ساٿين جا حوصلا بلند رکڻ لاءِ؛
    ظلم ضياءَ جو زور ٿي ويو، اوندھ ڇا ئي ڪاري ٻاٽ
    ڪارا چڪر پاڳل خانه، ڦري ڏٺاسين اھي گھاٽ
    جھڙا گيت ڳائيندو ھو. سو وزير ھاڻي پنھنجي ننڍڙي ڀائيٽي کي گيت ٻڌائي پنھنجي ۽ ھن جي دل وندرائي ٿو. ھو ھاڻي انقلابين کان وڌيڪ ان ننڍڙي جي وڌيڪ ڊيوٽي ڏيئي ٿو. جنھن کي ھو گوريلو چوي ٿو. کيس 3 پٽ ۽ 3 نياڻيون آھن. پاڻ ۾ 5 ڀائر ۽ 5 ڀينرون آھن.
    پوري جھان کي پنھنجو سمجھندڙ ۽ دنيا جي مزدورن کي ھڪ ڪرڻ وارن نعرن جي صحرا ۾ سالن تائين ڀٽڪڻ کانپوءِ وزير ھاڻي پنھنجي نظر کي ڪٽنب تائين محدود رکي اطمينان سان چوي ٿو ته ”حيدرآباد ۾ اڪيلو آيو ھئس ھينئر وڏي ولر سان آھيان“ ڪٽنب وارا ۽ ٻيا واسطي وارا کيس نڪمو چون ٿا. پر ھو چوي ٿو مان امان کي به چوندو آھيان ته مان وزير نه پر سفير آھيان. ھو پنھنجي لاءِ چوي ٿو آءُ پنھڻجو پاڻ کي اڄ به گھڻن حوالن سان ڪامياب ماڻھو سمجھان ٿو. صوفين، چورن ۽ چرسين سان به سنگت نڀائيندر وزير ھاڻي جڏھن ليکو ڪرڻ ويھي ٿو ته ڪامريڊن جي کاتي رت جون اھي 38 بوتلون به ڪڍي ٿو. جيڪي ھن مختلف موقعن تي ڪامريڊن کي ڏنيون. 30 سال اڳ ريگيولر چرس پيئندڙ وزير چوي ٿو ته ڪامريڊ ته ڇا منع ڪن ھا، جماعت ۾ به صادق فقير ۽ اسان لاءِ چرس پيئڻ منع ناھي. ڪميونسٽن کان ھو آھستي آھستي ائين ٽٽي ويو ڄڻ سئيءَ منجھان ڌاڳو نڪري ويو. سنڌ سرڪار ۾ جڏھن پير پاڳاري جو پٽ راجا سائين وزير ٿيو ته ھي غريب جو ٻار ان جو وڃي او ايس ڊي به ٿيو. ان دوران ئي ھن نذير عباسي جي بيواھ کي ڪراچي ۾ نوڪري ۽ گھر به وٺرائي ڏنو. شايد تڏھن ئي کيس ارمان ٿئي ٿو ته ڄام ساقي جي پھرين زال ”سکان“ حيدرآباد ۾ جنھن محمودھ خاصخيلي جي گھر سجاد ظھير کي جنم ڏنو. ھاڻي ڄام ان محموده کي به نٿو سڃاڻي. وزير سنڌ جي اھڙن ھزارين ٻارن منجھان ھو، جن جي ڪير به باقائدھ تربيت ناھي ڪندو. پر ھو ڪجھه اڳتي نڪري آيو ۽ چوي ٿو ته ” ھڪڙي اندروني جنگ آھي جيڪا اڃا جاري رھندي.“ ھن قومپرستن ۽ ڪميونسٽن سان اڃان سماجي ناتا نه ٽوڙيا آھن. پر پنھنجي فوٽو البمن ۾ ڪامريڊن کان وڌيڪ پير پاڳاري جا فوٽو رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته پاڳاري خاندان مان اڃان به اميد رکان ٿو ته متان اتفاقي طور ئي انھن منجھان چڱائي ٿي پوي. ماڻھو سٺي مسيحا جي ڳولا ۾ آھن ۽ پير پاڳاري جو ڪردار وڻندر آھي. جڏھن کانئس ھڪ ھڪاڻي ڪرڻ لاءِ پڇجي ٿو ته ھو چوي ٿو ته ”مون کي ڪميونسٽن کان حر ھجڻ تي وڌيڪ فخر آھي. نوجوان حر ڪميونسٽ نظريي کي پنھنجو ويجھو سمجھن ٿا ڇو ته ھو جدوجھد ڪندڙن کي سٺو سمجھندا آھن.“


    جپسي ليکڪ

    بظاھر ھن جا ڪيترائي گھر ۽ ٺڪاڻا آھن پر خورشيد جي اڃان به ڪنھن شئي ۾ دل نٿي لڳي. ڪنھن ھڪ جاءِ تي کيس ٽڪاءُ نٿو اچي. ھو ڀٽڪندو رھڻ ۾ پنھنجي روح جي راحت محسوس ڪري ٿو ۽ رلندو رھي ٿو. جنھن لاءِ ھن وٽ مضبوط دليل اھو آھي ته ”بي مقصد ڪو نه ٿو ڀٽڪان مصقد تحت رلان ٿو.“ ھن سڄي زندگي ڪي به روايتون قبول نه ڪيون آھن، تنھنڪري ھو روايتي زندگي ۾ ڪوفت محسوس ڪري ٿو. جيڪڏھن کيس خانداني ملڪيت جو ڪجھه حصو مليل نه ھجي ھا ته شايد ھو به جوڳين جي ڪنھن ٽوليءَ سان گڏ در در ڀٽڪندو رھي ھا. خورشيد قائمخاني، جنھن ورھاڱو پنھنجي اکين سان ڏٺو آھي. ورھاڱي کان پنج مھينا اڳ خورشيد پنھنجي ڀيڻ سان گڏ پنھنجي ان فوجي پيءُ سان موڪلڻ ۾ ملڻ آيو ھو، جنھن جي ان وقت پوسٽنگ رسالپور ۾ ھئي ورھاڱي کانپوءِ سندس خاندان اچي ٽنڊو الھيار ڀرسان ترسيو. خورشيد نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ، گورنمينٽ ڪاليج مان ايف ايس سي ڪري فوج ۾ ڪميشن ذريعي چونڊيو ويو ۽ ڪيولري فوج ۾ميجر ٿي ويو پر اتي به سندس دل نه لڳي ۽ ڪاڪول اڪيڊمي ۾ ٽريننگ وارن سالن سميت 15 سال سروس ڪري رٽائرمينٽ ورتائين. ان وقت بنگال وارو سانحو ٿيڻ وارو ھو ۽ خورشيد لاھور ۾ جنرل نيازي جي ڪمانڊ ۾ ڪم ڪري رھيو ھو، جتان استعيفا ڏيئي ڇڏيائين. جنھن تي جنرل نيازي کيس طعنو به ڏنو ھو ھڪ پاسي جنگ ٿي رھي آھي ۽ تون فوج چڏي ڀڄي رھيو آھين. پر ترت ئي خورشيد کيس درست ڪيو ته بنگال ۾ جنگ نه پر خانه جنگي پئي ھلي، پنھنجي ماڻھن سان وڙھڻ فوج جو ڪم ناھي. خورشيد کي جيتوڻيڪ اڃا به دلين، ڌرتين، دوستين ۽ رشتن جي تقسيم پسند ناھي. پر ھاڻي ھو پنھنجي ڳوٺ واپس وڃڻ لاءِ ايترو آتو ناھي، جيترو شروعاتي ڏينھن ۾ ھوندو ھو. خورشيد موجب ”اباڻي وطن جي باري ۾ اڪثر سوچيندو رھندو ھئس، ڳوٺ جا خواب ڏسندو ھئس ۽ ان ڏانھن وڃڻ جون مسافريون ڪندو ھئس، خواھش ڪندو ھئس ته رلي ڀٽڪي واپس وڃي پنھنجي ڳوٺ جي قبرستان ۾ ائين دفن ٿيندس، جيئن ڀٽڪيل ٻار ماءُ جي ھنج ۾ واپس ويندو آھي.“ ھو چوي ٿو ”سنڌ کان يا ان جي ڪنھن ماڻھوءَ کان به ڪا شڪايت ناھي. پر اھو سمجھه ۾ نٿو اچي آخر منھنجي ڳوٺ ۾ ڪھڙي خرابي ھئي مون کي اتي دفن ناھي ٿيڻو، ڇو ھروڀرو سنڌ ۾ اچي دفن ٿيڻو آھي؟“ ھو چوي ٿو ته ”مون کي پنھنجو پاڻ کان شڪايت آھي ڇو ته اھڙيون حالتون جو مان اچي سنڌ تي بار بڻيس ۽ ڇو اچي سنڌي ڀائرن جو احسان کنيم. ڇا منھنجو ڪو ديس نه ھو؟ جيڪڏھن ھئو ته ان ۾ ڪھڙي خرابي ھئي؟“ شروع شروع ۾ ڳوٺ واپس وڃڻ جا خواب ڏسندر خورشيد سان ھاڻي وري عجيب الميو اھو ٿي پيو ته تازو جڏھن کيس پنھنجو ڳوٺ ڏسي اچڻ جو موقعو مليو ته حالتن جي تبديلي سبب خورشيد جو اھو ڳوٺ ئي نه رھيو ھو. جتي ھن پوڙھپڻ گذارڻ جو موڊ ٺاھيو ھو. ڳوٺ جي حالتن کان مايوس ھن جپسي ليکڪ جو ھاڻي اھو ئي فيصلو آھي ته باقي عمر به خانه بدوشيءَ ۾ گذاربي.
    خورشيد سالن تائين انقلابين، شيدين، ڀيلن، جوڳين ۽ ڪولھين سان گڏ ڀٽڪيو آھي. انھن جپسي قبيلن جي صحبت ۾ کيس عجيب سڪون ۾ اتساھ مليو ٿو. شايد تنھن ڪري ئي ھن ٽنڊوالھيار ڀرسان پنھنجو آشرم نما گھر انھن ڀيلن جي جھوپڙن جي وچ ۾ ٺاھيو آھي، جن کي ھن پنھنجي زمين تي ڳوٺ اڏائڻ جي اجازت ڏني. ھو ڳوٺ ۾ جڏھن سردين جا ٻه ٽي مھينا ترسڻ اچي ٿو ته انھن ڀيلن مان بالو ڀيل يا حيدرآباد جي مامو فيضو شيدي سان ڪچھرين ۾ وقت گذاري ٿو ۽ کيس لکڻ جو موقعو به ان گھر ۾ ئي ملي ٿو. گرمين دوران ھو پنھنجي محدود سنگت کي ساڻ ڪري اترين علائقن طرف نڪري وڃي ٿو ۽ جبلن سان انسيت ۽ ڪوھ پيماڻي واري ”ٺرڪ“ پوري ڪري اچي ٿو. خورشيد جي دل ورھاڱي کان ٽٽي ته وري ڪٿي نه لڳي. نه ڪٿي سندس دل لڳي نه کيس ڪو وطن ملي سگھيو. ورھاڱي واري غم کي غلطان ڪرڻ خاطر ھن خانه بدوش قبيلن ۾ وڃي پناھ ورتي. کيس خانه بدوشن ۾ پنھنجو عڪس نظر اچڻ لڳو. جيڪي ھن جيان ئي بي گھر بي در ڦرندا رھن پيا. ھو چوي ٿو ته ”مون کي ته پنھنجو گھر ياد آھي. پر ھنن مان ڪنھن کي اھو به ياد ناھي ته سندن ڪو گھر يا وطن ھوندو ھو. انھن جي مسلسل ھلندي رھڻ ۾ به عجيب درد، پيڙا ۽ اپيل لڪل آھي. ھو ائين ڦرندا رھن پيا رھن ڄڻ ته سندن ڪا شيءِ وڃائجي ويئي آھي. منھنجي به ڪا شيءِ وڃائجي ويئي آھي انڪري مان به انھن سان گڏجي پيس.“ ھن شيدين جي ملڪ وڇرڻ واري درد سان پنھنجو درد شيئر ڪيو ۽ مگرمان تي ساڻن گڏ نچيو. بي گھر ڀيلن کي ڪير به ڀرسان نه ويھاريندو ھيو. پر ھو انھن سان اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ لڳو. انھن ڀٽڪندڙ ماڻھن ۽ انھن جي عورتن کي مسلسل ظلم جي چڪي ۾ پيڙجندو ڏسي ھن انھن طبقن مٿان لکڻ شروع ڪيو. جيئن سٺي شئي تڪڙ ۾ نٿي لکي سگھجي تيئن ئي خورشيد آھستي آھستي لکڻ شروع ڪيو. انھن خانه بدوش قبيلن جي رڳ رڳ مان واقف ٿي وڃڻ کانپوءِ جڏھن خورشيد لکڻ شروع ڪيو ته اخبارون سندس ڪالم ۽ تصويرون ڇپينديون رھيون. 1990ع کان ھن سنجيدگي سان لکڻ شروع ڪيو. سندس ٻه ڪتاب ” ڀڻکتي نسلين“ ۽ ”سييپيان اور پٿر“ نئين ترجمي واري ڪتاب سان گڏ اچي چڪا آھن. جڏھن ته ٻن ڪتابن جا مسودا مڪمل ڪري ھن پبلشر کي ڏيئي ڇڏيا آھن، جنھن ۾ ھڪ سندس آتم ڪھاڻي وارو ڪتاب به شامل آھي. ھو پيشي ور ليکڪ ناھي، پر پاڻ کي ” امپريشنسٽ رائيٽر“ طور سڏي ٿو، جيڪو جيئن ڏسي ٿو تيئن لکي ٿو ”جيڪو به لکان ٿو سو مقصديت وارو لکان ٿو ۽ جيڪو ڪجھه لکيو اٿم ان تي ڪاگھڻي تنقيد به نه ٿي.“ شرميلو خورشيد ايترو چئي ڀيلن جي ٻارن واري گوڙ ڏي ڌيان ڏيندي چوي ٿو ”يار پنھنجي منھن ميان مٺو ڪيئن ٿيان، پنھنجي تعريف ڪيئن ٿو ڪري سگھان؟“ ھو کلي ڳالھه کٽائي ٿو. بالو ڀيل ۽ فيضو شيدي سندس دوست به آھن ته ڪردار به آھن، جن سان ھو رھاڻيون ڪري ٿو. رھاڻيون ته خورشيد انھن انقلابي ڪارڪنن سان به ڊگھيون ڪيون، جن سان گڏجي ھو پاڪستان ۾ مارڪسٽ انقلاب آڻڻ لاءِ جتن ڪندو ھو. ان ھلچل دوران ھو ھارين جي ڳوٺن ۾ سندن جھوپڙين ۽ پلال ۾ وڃي ويھندا ۽ ڪچھريون ڪندا ھئا. ھو چوي ٿو ته ” انقلاب لاءِ ڏاڍو پراميد ھئس اڪثر سوچيندو ھئس ته ھندستان وڏو ملڪ آھي اتي متان انقلاب دير سان اچي باقي پاڪستان ۾ ته سويل اچي ويندو.“ 10 سالن جي سرگرمي کان پوءِ ھو ان سراب مان به نڪري آيو ۽ ھن مھل چوي ٿو ته ” ھاڻي انقلاب نه پر امن لاءِ ڪوششون ڪرڻ کپن. ھٿيارن جي ڊوڙ ختم ٿيڻ کپي نه ته وڏي تباھي ايندي، سٺا پاڙيسري ٿي ته رھو.“ خورشيد جيئن ته پنھنجي حياتي جو ھڪ ڏھاڪو انقلابي سرگرمين جي حوالي ڪري چڪو آھي، تنھن ڪري ھو اڄ به ان ڳالھه تي قائم آھي ته مارڪسزم نظريو يا عقيدو ناھي پر ھڪ سائنس آھي. جيستائين سماج ۾ طبقاتي ڪششمش جاري رھندي اھا سائنس لاڳو رھندي ۽ امن به نه ٿيندو.“ ھو چوي ٿو ته ” پاڪستان ۾ نام نھاد ڪميونسٽ قسم جون پارٽيون ھيون، جيڪي اصل ۾ ”ٽانگا پارٽيون ھيون“ ۽ وڏين پارٽين تي وري سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جو قبضو ھو.“ خورشيد سياست واري صحرا کان پوءِ ڀٽڪندڙ قبيلن سان گڏجي ويو پوءِ انھن ۾ رلي ملي ويو ھو. ھو جپسين جي عالمي ڪانفرنسن ۾ ڪئناڊا به ويو، آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ وڃي ھن جپسين کي ڳولي لڌو. ڊاسوڙي ڀرسان ڀيلن جي گھرن جي وچ ۾ ٺھيل سندس گھر اندر آفريڪي، آمريڪي، ڀارتي ۽ ٻين ملڪن جي جپسين کان مليل سوکڙيون ڪتابن سان گڏ سينگاريل آھن. جڏھن ٿورو گذري ويل حياتي جي سالن کي ڪاميابي واري نظر سان ڏسڻ لاءِ چئجي ٿو ته ھو شڪايت ڪندي چوي ٿو ”بس زندگيءَ جا 50 سال ضايع ٿي چڪا آھن، جيڪي ڪڏھن به واپس نٿا ٿي سگھن.“ خورشيد جي راجستاني روايت موجب ھڪ ئي شادي ٿيل آھي، جنھن مان کيس ٻه پٽ ۽ ھڪ ڌيءُ آھي. پر ھو چوي ٿو ته ”راجستاني روايت موجب ننڍپڻ ۾ ئي شادي ٿي وئي انڪري چئي نٿو سگھجي ته اھا خوشگوار رھي يا نه، بس رھي آھي.“ ھو انھي موضوع مان جان ڇڏائيندي چوي ٿو. جڏھن کائنس عشق محبت جي باري ۾ پڇجي ٿو ھو شرمائيندي چوي ٿو ته ”اصل ۾ راجستاني پنھنجي عشق محبت جون ڳالھيون سرعام نه ڪندا آھن.“ ۽ ان ۾ واڌارو ڪندي مزاحيه انداز ۾ چوي ٿو ته ” شايد سنڌ کي اڄ تائين دلي طور تسليم نه ڪيو اٿم تڏھن ئي چئن شادين ۽ پنجن عشقن واري عادت اڃا نه پئي آھي.“
    خورشيد ھاڻي پاڻ کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام لاءِ ارپي ڇڏيو آھي ۽ ھو پاڪ انڊيا فورم جو بنيادي ميمبر آھي. ھو چوي ٿو ته ” انڊيا ۽ پاڪستان جا ماڻھو امن ٿا چاھين انھن وچ ۾ نه ته اڳ ڪا دشمني ھئي نه ھاڻي آھي. پر ان دشمني ۾ ٻنھي پاسن جي اقتداري ڌرين جا مستقل مفاد آھن. ان ڪري مان ھاڻي امن لاءِ ڪوششون ڪرڻ چاھيان ٿو ته جيئن ملڪ ۾ وڌيڪ ورھاڱن کان بچي سگھي. ڇو ته ھڪ ڀيرو ورھاڱي جي اصول کي مڃيوسين ته پوءِ اھو سلسلو ھلندو رھندو رڪنجندو ڪو نه.


    ٽڙياسين دامن صحرا، نواز کوسو : ٿري انسائيڪلوپيڊيا

    ھاڻي اھو پيرسنيءَ جي ان حد کي اچي پھتو آھي جتان اڪثر مايوسين جو سفر شروع ٿئي ٿو، پر ھو توھان کي اڃا به مايوس نظر نه ايندو. بلڪه ننگر پارڪر جي نواز کوسي جون ڳالھيون ٻڌي ڪيترن ئي جوان ماڻھن جي مايوس دلين کي اتساھ ملي سگھي ٿو. جيئن به ڪنھن اڻانگي سفر کان اڳ اھا تياري ڪري ڇڏبي آھي ته ڪٿي ڪٿي ترسڻو ۽ ڇا ڇا ڏسڻو آھي تئين ئي ٿر جي سفر ۾ ننگر وڃڻ لازمي شامل ٿئي ٿو ۽ نواز کوسو ته ننگر پارڪر جي وڏي اٽريڪشن (ڇڪ) آھي. جنھن رات اسان ساڻس ملياسين ان رات ھو ڪجھه مايوس ھو بلڪه ھمسفر دوستن بار بار اھو پئي چيو (جيڪو مونکي محسوس نه ٿيو) ته چاچو نواز ھن ڀيري بلڪل مايوس آھي. ھن اسان کي اھا به دانھن ڏني ته کيس پنھنجي ئي برادريءَ جي ماڻھو لٺيون ھڻي سندس ڪلھي وارو ھڏو ڀڃي ڇڏيو آھي. ”اھو جھيڙو ان رستي تان ٿيو، جيڪو بند نه ڪرڻ لاءِ مون کين چيو ته ابا رستو بند نه ڪريو پر ھنن مڃيو ئي ڪو نه، چيائون تنھنجو ڇا وڃي! “ ھن جھيڙي جو اصل سبب ٻڌايو. سندس ھمذات کوسن کي شايد نواز متعلق ائين ئي ڪا خبر ناھي جيئن ھنن کي مسڪين جھان خان بابت ڪا ڄاڻ نه ھئي. اتفاق سان اھو پڻ سنگتي ھو. کوسا ٻنھي کي چريو سمجھندا آھن. نواز کوسو اڄڪلھه ان ڪري به پريشان آھي ته حڪومت سندس من پسند ڊاڪٽرن ميوارام، سيتل، پريو ۽ شنڪر وغيرھ کي بدلي ڪري ڇڏيو آھي. ھو پنھنجي مخصوص انداز ۾ نون بدلي ٿي آيل ڊاڪٽرن لاءِ چوي ٿو ته ”اھي بئراجي علائقن مان جھلجي آيا آھن، انھن کي آزاد ڪرايو ۽ اسان کي ساڳيا ڊاڪٽر ڏياريو.“ ھو جنھن انداز ۽ جنھن سطح جو ماڻھو آھي تنھن سان ڪچھريون ڪرڻ لاءِ توھان کي ڪيئن ڏينھن کپن، باقي مختصر ڪچھريءَ ۾ ته ھو چئلينج ڪري ٿو ته ”توھان الائي ڪھڙي مقصد سان آيا آھيو، الائي ڪھڙي موضوع تي ٻڌڻ چاھيو ٿا ؟“ نواز کوسو فوڪ وزڊم جڳ انڪري به اڻميو خزانو آھي جو ڪا به رواجي تعليم وٺڻ کانسواءِ ھن کي مختلف مامرن تي ماھرن کان وڌيڪ ڄاڻ آھي. کيس پنھنجي ڳالھه کي سليقي، اھميت ۽ ترتيب سان رکڻ جو فن آھي. ھن جي پنھنجي مخصوص ٽرمنالاجي آھي جنھن ۾ ھو آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کي وراڻيو سڏي ٿو. فوجي حڪمرانن کي چڱا مڙس ۽ راشي ڪامورن کي ڏڪار سڏي ٿو. ھو توھان کي پوري ٿر جو اھڙو تعارف ڪرائي سگھي ٿو، جيڪو ڪنھن به ڪتاب ۾ ملڻ ۾ مشڪل آھي ”ھتي سائين ٽن قسمن جا ماڻھو رھن ٿا، ھڪڙا ڪجھه سرمائيدار پئسي وارا، ٻيا وچولي طبقي وارا جيڪي ٻارن ٻچن سميت ڏڪار وارن ڏينھن ۾ سنڌ لڏي وڃن ٿا، جتي کين مڇر کائين ٿا. مليريا ٿئي ٿي، ٻار مرن ٿا ۽ سندن پيٽ وڌن ٿا.“ اھو نواز جي ڳالھه ڪرڻ جو ھڪ انداز آھي. ڪارونجھر جي ھڪ ھڪ چوٽي سان منسوب سموريون ڪھاڻيون توھان کي ٻڌائي سگھي ٿو. ھن ٽڪري تي ٺاھيل دڪي تي ڪرنل تروٽ ويھندو ھو ۽ ھن ٽڪري تي ڪولھين جي جھونجھار مڏو ڪولھي کي ماريو ويو ھو. کيس لوڪ ڪھاڻيون اصل شڪل ۾ ياد آھن. اوھان کي مارئي جو قصو به مختصر ڪري ٻڌائيندو ته ڪيئن اندران ڪوري خالي ڇانھينءَ (ھنداڻي) وارو طعنو ڀريو مھڻو ملڻ کانپوءِ مارئيءَ وڃي ڳوٺ ڌاڙريندرو، ڀڳي سر ۽ راجوڙي جي واٽ واري ٽه واٽي تي قائم کوھ ۾ پاڻ اڇلائي آپگھات ڪيو ھو. ھن کي ته پراڻي دور واري ڊبل گھوڙو بوسڪي، مصري، سون ۽ چانورن جي مڻن جا اگھه به ائين ياد آھن جيئن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تاريخ. ھو توھان کي ورھاڱي کان اڳ واري زماني جو خبرون به اھڙي تفصيل سان ٻڌائيندو جھڙيون موجودھ حالتن بابت ھن وقت آھن. ھو ھميشه پنھنجي ڄاڻ کي تازو توانو ڪندو رھي ٿو. ھو ھڪ ئي ساھيءَ ۾ ورھاڱي کان اڳ واري ننگر بابت ٻڌائي ٿو ته ”اسان کان ڪڇ (ڪڇ ڀڄ عرف گجرات واري رياست) ٽيڪس نه وٺندي ھئي. روزانو گجرات ڏانھن مير محمد جي ڊاج بس ويندي ھئي. جنھن جڳھه ۾ پاڻ ويٺا آھيون، ان ۾ رات جو بس بيھندي ھئي، جيڪا صبح جو گجرات ويندي ھئي ۽ شام جو پاسينگر (مسافر) کڻي موٽندي ھئي. تنھن زماني ۾ گجرات تائين چار روپيا ڀاڙو ھو.“ ھونئن نواز کوسو سپاھي طور سرڪاري نوڪري ۾ ڀرتي ٿيو ۽ جمعدار ٿي ريٽائر ڪيائين پر سندس سڃاڻپ سندس سگھڙائپ آھي.
    بر ۾ ويٺل ھن جھوني سان حسن مجتبي ۽ وسعت الله خان جھڙا رولاڪ صحافي به ايتري اڪير مان ملن ٿا، جيتري اھميت سان معين حيدر ۽ جاويد جبار جھڙا سياستدان ۽ حڪومتي ڪرتا ڌرتا ساڻس ملن ٿا. ھو پنھنجي ڳالھين ۾ راين ۾ اھڙو غير سرڪاري صلاحڪار به ھجي ٿو. جيڪو بنا پگھار وٺڻ جي مفيد مشورا ڏئي ٿو. ھو توھان کي نھرو، گانڌي، جناح ۽ ڀٽي جا احوال ائين ٻڌائيندو جيئن ٿري لوڪ ڪھاڻيون ھجن يا ھندو ديوتائن بابت ڏند ڪٿائون. ڪبير جا دوھا ھجن يا ڀٽائي جا بيت. ھو توھان کي مايوس نه ڪندو. ورھاڱي واري حالتن ۽ پوءِ وارين جنگين کي اکين سان ڏسندڙ نواز کوسو چوي ٿو ته ورھاڱو اکين سان ڏٺو. ” 71 ع ۽ 65 ع وارين جنگين ۾ ڏيپلي ۽ ڇاڇري وارن محاذن تان وڙھياسين. اسان کي 65 واري فتح جو ڀوت مغز ۾ ھو انڪري 1971ع واري جنگ ۾ پنھنجو بچاءُ به نه ڪري سگھياسين.“
    نواز کوسو ھر ڳالھه جا توھان کي ايترا ننڍڙا تفصيل به ٻڌائيندو، جيڪي شايد ڪتابن ۾ به لکيل نه ھجن. ھو چوي ٿو ته اسان وٽ ھندو مسلم جو ڪو فرق ناھي. ويچارن مولوين ۽ ٻانڀڻن (پنڊتن) گھڻي ئي ڪوشش ڪئي آھي پر اسين پاڻ ۾ ڪو نه ٿا وڙھون. ھو ٿر جي ريتن رسمن بابت به ائين ٻڌائي ٿو جيئن ھو ٿر جي مختلف حصن ۾ ڳالھائي ويندڙ ٻولين جي لھجن بابت ٻڌائي ٿو ته ڪٿ گجراتي مڪس پارڪري ڳالھائي وڃي ٿي ۽ ڪٿي ڍاٽڪي ڳالھائي وڃي ٿي. ھو حڪومت پاران ھنيل ڪنڌ ڀڳي زرعي ٽيڪس ۽ پاڻي ءَ جي کوٽ جا اصل سبب ٻڌائڻ کان پوءِ اسان سان افسوس ڪندي چوي ٿو ته ” جنھن سنڌ ٻيا ملڪ ٿي پاليا ۽ ٻاھريان ماڻھو اچي ھتان کائي ويندا ھئا ان کي ڪيترو نه نظرانداز ۽ ڪمزور ڪيو ويو آھي.“ ھو چونڊ نظام کان به تبديلي نه اچڻ ڪري مايوس آھي. ”اسان ووٽ آخر ڪنھن کي ڇو ڏيون؟ اسان جن کي ووٽ ڏناسين انھن ڇا ڪيو؟ اسان جي ته ووٽن جو قدر ئي ناھي. اسان جو الله کانسواءِ ڪو به ڌڻي سائين ڪونھي.“ ٿرين جي سموري مايوسي سھيڙيندي ھو چوي ٿو ( ڪجھه ساھي پٽڻ کان پوءِ ياد ڪندي چوي ٿو) ته ”باقي ھڪڙو ماڻھو ( محمد خان ) جوڻيجو ھو جنھن ملڪ جي حالت ٺيڪ ڪئي. باقي امداد ته ايڏانھن (مٿان ئي مٿان) ئي غريب (ڪامورا ڪڙا) کائي وڃن ٿا.“ ھو طنز مان چوي ٿو.
    سنڌ جي گورنر ھائوس ۾ اڳوڻي گورنر معين حيدر کي چانھه تي مشورا ڏئي آيل ھي جھونو موجودھ حڪمرانن ۾ چڱا مڙس ڪوٺيندي چوي ٿو ته ”چڱا مڙس آھن پنھنجي مرضي وارا، ڪنھن جي ٻڌن ئي ڪون، پر نظام ھلائڻ کان اڳ ملڪ ۽ ماڻھن جي ڄاڻ ھئڻ کپي.“ ھن کي ڪچھريءَ جي شروعات ۾ ئي خبر پئجي ويئي ھئي ته ھو ڪنھن سان ڪچھري ڪري رھيو آھي ۽ ان جا مقصد يا دلچسپي ڪھڙن موضوعن ۾ آھي ھو جيئن اين جي اوز وارن کي ڪارونجھر وٽ ڊيم ٺاھڻ جا مشورا ڏئي ٿو تيئن اسان (صحافين) کي چوي ٿو ته ”جيڪڏھن توھان سچ ثابت ڪرڻ چاھيو ٿا ۽ توھان ۾ مڙسي آھي (اھو ڪم ڪرڻ جي) ته پوءِ توھان روپ مٽائي انتظاميا، عدليا، پوليس، صحت ۽ ٻين کاتن ۾ گھڙي ڏسو. انھن تي نظر وجھي ڏسو ته ڪيئن اسان ترقي جي راھ تي گامزن آھيون ۽ اسان جي ڪيتري نه مرحبائي ٿي رھي آھي. باقي اسان ڪھڙيون دانھون ڪريون. دانھن ٻڌڻ وارن صحابن تائين پھچڻ لاءِ ڀاڙو ته ڇڏيو، کائڻ لاءِ ماني به ڪونھي ته ڪھڙي دانھن ڪريون. تنھن ڪري ئي حڪومت به اسان کي بيڪار (بي فائدھ) سمجھي سھولتون نٿي ڏئي. ھن وٽ حڪمرانن کي چوڻ لاءِ تمام گھڻا مشور ا آھن پر ننگر پارڪر جي ھن رٽائرڊ جمعدار جون بظاھر ”اجايون“ ڳالھيون ٻڌڻ جي ڪنھن کي وقت ئي ڪٿي آھي!


    ٿر ٻاٻيھو : يوسف فقير

    ٿر جا اھڙ ا ماڻھو بظاھر گمناميءَ جي زندگي گذارين ٿا، جن ۾ گھڻو ڪجھه ڪري ڏيکارڻ جي ٽيلينٽ ھجي ٿو. اھو ٽيلينٽ توھان کي ٿر جي خوبصورت شھر نما ڳوٺ ڪاسٻي ۾ يوسف فقير نابين جي صورت ۾ ملي ويندو. جيڪو پنھنجي آلاپن کي ڳوڙھن ۾ پسائي ڪڍي ٿو. جيئن ٿر جو ٻاٻيھو پکي ڏڪار وارن ڏينھن ۾ پاڻي نه ھجڻ جو دانھون ڪري ڪري نيٺ ٿر ۾ ئي مري وڃي ٿو، تيئن ھي ٿر جو ٻاٻيھي جھڙو راڳي راڳ آلاپي پنھنجي نڙي خشڪ ڪري ڇڏي ٿو. يوسف فقير ٽيھن پنجھٽين سالن جو اھڙو نابين نوجوان آھي، جنھن کي قدرت پرسوز آواز ته ڏنو آھي پر ان کي اڃا گھڻي تربيت ۽ پالش ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيڪا ڪاسٻي ۾ ته شايد کيس ڪڏھن به نصيب نه ٿئي. مڱھڻار فقيرن جي گھر ۾ پيدا ٿيل ھن نوجوان جي مائٽن شادي به ڪرائي ڇڏي آھي. جنھن مان کيس ٻه ٽي ٻارڙا به پيدا ٿيا آھن. يوسف فقير نابين مختلف ڳوٺن ۾ وڃي محفلون ڪري پيٽ گذر جو بندوبست ڪري ٿو، جنھن ڪري ھو عوامي فنڪار ته آھي پر کيس اڃا سرڪاري مڃتا نه ملي سگھي آھي. مارئيءَ جي ميلي تي ثقافت کاتي واري سرڪار، سندس وظيفي جاري ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ھو پر کيس اڃا وظيفو ملڻ جو انتظار آھي، شايد ھن وقت کيس پيسن جي ان ڪري به ضرورت آھي جو سندس ھارمونيم ٽٽي پيو آھي.
    ڳائڻ سان گڏ بھترين ھارمونيم وڄائيندڙ يوسف فقير ٺٺي واري پاسي پنھنجي مائٽن جي گھر ۾ ترسيل ھو ته اھا ڪوٺي ڪري پئي، جنھن ۾ سندس ھارمونيم پيل ھو. ھاڻي ھو اڌار وارو ھارمونيم وٺي ڳائي ٿو. ڳائڻ جو ان حد تائين عشق اٿس جو مارئي واري ميلي ۾ ڊسمبر جي سردين دوران به ھو ڪاسٻي کان ڀالوا تائين ھڪ ٻارڙي سان پنڌ آيو ھو. مارئي جي حوالي سان ھو ان ڪري ھو ته جنھن مارئي کي ھن ٿر جي ڀٽن ۽ ڳوٺن ۾ ڳايو آھي، ان جي ميلي مان غير حاضر ڪيئ رھي؟ ڪاسٻي ايندڙ ماڻھو ڪا اوطاق نه ھجڻ جي صورت ۾ کيس ڀرڀاسي جي ٻنين ۾ وٺي وڃي به ڳارائين ٿا. خبر ناھي ته مظھر الاسلام کي يوسف فقير جي ڪھڙن آلاپن موھي وڌو ھجي پر ٿرين کي ته ھو مارواڙي ۽ گجراتي لوڪ گيت ڳائي روئاڙي وجھي ٿو، جنھن ۾ وڇوڙن جو درد وڻجارن کي نه وڃڻ يا ساڻ وٺي ھلڻ جو عاجزانه اپيلون ٿيل آھن. يوسف فقير نابين توھان کي ٿر ۾ ڀٽڪندڙ مورن جي ٽھوڪن جي به موسيقيءَ واري معني ٻڌائيندو ته مور اصل ۾ ”مي آوء“ چون ٿا. مارواڙي ۾ مينھن کي ”مي“ ۽ اچڻ کي آوء چئون ٿا. تنھن ڪري يوسف فقير موجب اسان ته موسمي مينھن گھرون ٿا پر مور ته ٻاھروئي مينھن لاءِ پڪاريندا رھن ٿا، پر سندن آلاپن جو قدر نٿو ڪيو وڃي.


    ميلي جي موٽ : ٻڍو فقير

    جيئن مٺي جي جھوني فنڪار ٻڌو فقير جو ھاڻي ڪو قدر ناھي. ھو چوي ٿو ته اسان ھاڻي ڪھڻ واري ڍور جي اگھه تي پيا وڪامجون، اڄڪلھه ڏھڻ (کير ڏيڻ) واري ڍورن جو اگھه وڌيڪ آھي. ريڊيو ۽ ٽي وي تان ”قرب واري ڪئي ڪچھري سا مٺا وسري نٿي.“ جھڙا عوامي مقبوليت وارا ڪلام ڳائيندڙ ٻڌو فقير ڪنھن زماني ۾ اڄ کان وڌيڪ پاپولر ھو پر جيئن ھو چوي ٿو ته ڳائڻ بيوفا فن آھي جيڪو مقبوليت تائين وفا ڪري ٿو.
    شوق ۽ خانداني ڪرت سبب ٻڌي فقير 16 سالن کان راڳ جي سکيا، مراد فقير کان وٺڻ شروع ڪئي ۽ پراڻي دور جي شاعرن کي وڌيڪ ڳايو. ھو چوي ٿو ته ٿر ۾ اڃان به فنڪارن کي موٽ ملي ٿي، ڪٿي به محفل ڪرڻ وڃون ته ٻڪري ٺڪري ڏيئي ڇڏين ٿا. ڳوٺن ۾ راسوڙا ۽ ڀٽائي جون وايون گھڻيون ٻڌيون وڃن ٿيون. شايد ڀٽائي ٿرين جو درد جو وڌيڪ بھتر نموني اظھار ڪري سگھيو آھي. ٻڌي فقير کي ھڪ ئي شادي مان چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون آھن. اھو سڄو عيال ھو ڳائڻ ذريعي پالي ٿو. فن جي بيوفائيءَ جو شڪايتون ڪرڻ باوجود جڏھن کانئس پيرسنيءَ ۾ ڪنھن پڇتاءَ متعلق پڇجي ٿو ته ھو چوي ٿو ”ڳائڻ سان ڪھڙو پڇتاءَ، سچي ڳالھه ته اھا آھي ته جڏھن برسات پوندي آھي ته بيمار ھوندي به کٽ تي پيو ھوندس تڏھن به جھونگاريندو رھندو آھيان.“ جڏھن کانئس راڳين پاران برساتون وسرائڻ وارن معجزن بابت پڇجي ٿو ته ھو مزاحيه انداز ۾ ڳالھه ڪري ٿو ته ”اھي زمانا ئي ويا، ھاڻي ته سڄو سال ميگھه ملھار ڳايوسين پر برسات جو نالو نشان ئي ظاھر ڪو نه ھو الٽو اھڙو اچي ڏڪار پيو جو 15 روپين ۾ ٻڪري پيون وڪامجن.“


    ھڪ غير رسمي پروفائيل

    اھا خبر ته سنڌ جي ستن ضلعن ۾ پکڙيل سندس محدود سنگتين کي به اڃان مڪمل طور پئجي نه سگھي آھي ته گذريل جولاءِ ۾ پنھنجي پنجھٽين سالگرھ جي موقعي تي ھن آخر ڇو خودڪشي ڪري ڇڏي! سندس خواھش جي ابتڙ سندس خودڪشي ءَ واري خبر شھر ۾ جھنگ جي باھ جيان ڪو نه پکڙي ھئي ۽ نه ئي سندس ڪنھن پراڻي چاھيندڙ آھ ڀري اھو ڊائيلاگ ھنيو ھو ته ”اف! چري ڇوڪري خودڪشيءَ ڪري ڇڏي.“سدائين پنھنجي اميراڻي سنگت تي نازان رھندڙ ان ھٺيلي ڇوڪري جو موت وڙي اھڙي غربت ۾ ٿيو جو اسپتال ۾ سندس لاش تي ٻه ڳوڙھا ڳاڙڻ ته ڇڏيو سندس پيشاني تي پيار ڀري آخري چمي ڏيڻ وارو به ڪو موجود ڪو نه ھو. سندس شاعر دوست جي اڳڪٿي ھئي ته ان منھن جي معصوم ۽ اندر جي پٿر ٿي ويل ڇوڪريءَ جي موت تي گھڻو نه تڏھن به ھڪ ڪڪري ضروري وسندي پر ان ڏينھن شھر ۾ شديد گرمي ھئي. سدائين وڏين گاڏين جي تمنا رکندڙ اھا ڇوڪري جڏھن پنھنجي ننڍڙي فليٽ ۾ حد کان وڌيڪ زھريليون گوريون کائي مري وئي ته سندس لاش کڻڻ به ھڪ ننڍڙي ايمبولينس آئي ھئي.
    ھونئن ته ھوءَ پاڻ به ھڪ اھڙي غريب جو اولاد ھئي جنھن سان ھوءَ ھوش ۾ ھوندي ٺھندي ڪو نه ھئي پر جڏھن انھن غريب والدين کان ڏور ڪنھن امير شخص سان بليڪ ڊاگ شيئر ڪندي ھئي ته ھوءَ ٿڙڪندڙ لھجي ۾ اھو ضرور چوندي ھئي ته ”آءِ ايم پرائوڊ آف ماءِ فادر.“ ھو پنھنجي ان پيءُ تي لفظي فخر ڪندي ھئي جنھن جي ڀائيٽي سان شادي کان انڪار ھن وڏي حقارت واري لھجي ۾ ڪندي چيو ھو ”مان ھن ڄٽ جي پٽ سان شادي ڪنديس جنھنجي ڪا حيثيث ڪو مستقبل ناھي. جيڪو سڄي حياتي ريل جي آڏو بتيون جھليو بيٺو ھوندو! “ سندس سئوٽ ريلوي ۾ معمولي ملازم ھو ۽ ھوءَ ان دور ۾ وڏا خواب رکندڙ انقلابي اڳواڻ ٿي پيئي ھئي. ھوءَ لاڙ جي ڳوٺن ۾ وڃي ڳيچ ڳائي عورتن کي جاڳائڻ وارو جنون تڏھن وساري ويٺي جڏھن ھڪ ايم اين اي جي پٽ سندس تقريرون ٻڌي ۽ کيس ٽينس کيڏندي ڏسيءَ شادي جي آڇ ڪئي ھئي. سندس رضامنديءَ سان ٿيل ان مڱڻي جي رسم ڪنھن شاھي وليمي کان گھٽ ڪو نه ھئي پر سندس ضدي طبيعت اھو مڱڻو ٽوڙايو جنھن جي رسم واري وڊيو ڪيسٽ ھوءَ آخر تائين پاڻ سان گڏ رکندي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڏسندي رھندي ھئي. ” ھو ڏاڍي ضدي طبيعت واري ھئي. ھن جو پاڻ کانسواءِ ڪنھن سان به پيار نه ھو. ان خود غرضي کيس وڏا عذاب به ڏنا پر ھن پاڻ کي تبديل نه ڪيو ۽ ٽٽي پئي.“ سندس شڪارپوري دوست ٻڌايو جيڪو اڪيلائيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ساڻس ملڻ آيو ھو ته ھن گٿا لفظ ڳالھائي کيس گھران ڪڍي ڇڏيو ھو. ڪنھن شاعر جي مغرور محبوبا رھيل اھا ڇوڪري پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي اثر سبب ڪڏھن ڪڏھن شاعري به ڪري وٺندي ھئي پر جڏھن ايم اين اي جي پٽ کان سندس مڱڻو ٽٽو ته ھن وڃي ڀڳت ڪنور جي قتل واري جاءِ وسائي ۽ پنھنجي ڊائريءَ ۾ شاعري بدران ان شڪارپوريءَ جاني جا قصا لکڻ لڳي جنھن کيس شادي جو پڪو آسرو ڏنو ھو. ”شادي کان اڳواٽ ئي جيڪڏھن توھان زال مڙس ٿي زندگيءَ گذاريو ته ھڪ شادي شدھ مرد اھڙي عورت سان آخر شادي ڇو ڪندو ؟“ سندس تعلق کان واقف ان لکي غلام شاھ جي ھڪ ماستر ٻڌايو جتي ان مغرور ڇوڪريءَ بس ۾ چتائي ڏسندڙ کي ڀونڊو ڏنو ھو ۽ ھن به لھڻ کانپوءِ دري وٽان اچي کيس امانت موٽائي ڏني ھئي.
    پرفيوم جون خالي شيشون پنھنجي ڊريسنگ ٽيبل تي شوق سان سجائيندڙ اھا ڇوڪري جيتوڻيڪ آخري ڏينھن پاڻ به ”اوپيم“ جي خالي شيشي بڻجي ويئي ھئي پر سندس حياتيءَ جي ويھين ورھين کان پوءِ ھر پل ۾ ڪيئي افسانا لڪل ھئا. مرداڻو مزاج رکندڙ اھا ڇوڪري ھر اھو ايڊونچر ڪرڻ جو رسڪ کڻندي ھئي، جيڪو ھوءَ ڪنھن جي واتان ٻڌندي يا اسڪرين تي ڏسندي ۽ ڪنھن رسالي ۾ پڙھندي ھئي. اسڪولي زماني کان ئي مٿس مرداڻو مزاج حاوي ھو. جنھنڪريءَ ھوءَ ڇوڪرن جيان ڪڏھن ڪڏھن فحش حرڪتون به ڪندي ھئي. پنھنجي ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن جي طھرن تي به ھن وڏا فحش چرچا ٺاھيا. ڇوڪرا وڌي کيس چوندا ھئا ”آپي توھان صفا بي شرم ٿي ويا آھيو.“ ” مھرباني ڪري ھن کي ڪا انقلابڻ يا شاعرھ ڪري پيش نه ڪريو. اھو اسان جي نياڻين تي ظلم ٿيندو. ھوءَ ھڪ چري ڇوڪري ھئي جنھن کي دماغ ۾ الاھي خلل ھئا. اھي دماغي خلل ھوءَ پاڻ نه سلجھائي سگھي ۽ وڃي اونداھيءَ کڏ ۾ ڪري ته ان ۾ ٻئي ڪنھنجو ڪھڙو ڏوھ ٿي سگھي ٿو!“ خيرپور جي ھڪ استاد چيو جنھن جي شادي شدھ دوست سان ان پھرين باقاعدھ شادي ڪئي ھئي ۽ اھا شادي ويھن ڏينھن ۾ ٽوڙي ھن خلع جي درخواست ڏيئي ڇڏي ھئي. ”ھن کيس ھر آسائش بنگلو، گاڏي، ڪپڙا، زيور، ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه ڏنو، جنھنجو ھن قدر نه ڪيو ڇو ته ھو جنسي مريض ھئي ۽ اھڙو پورائو ته اڌڙوٽ عمر وارو پروفيسر مشڪل سان ئي ڪري سگھي ٿو.“ سندس اڳوڻي مڙس جي دوست ٻڌايو. سندس طلاق ھڪ ماڊرن جرڳي ۾ ٿئي ھئي جتي سندس اڳوڻي مڙس جڏھن اھا دانھن ڪئي ته مان کيس شريف ڇوڪري سمجھي آندو پر بيڊ روم اندر ھوءَ ڪال گرل ٿي بيھي رھي ته ھن تپي باھ ٿيندي ڀرئي فيصلي ۾ اٿي بيھي، پنھنجي اڳوڻي مڙس کي چيو ھو ”پھرين رات ئي پٺي ڏئي سمھي پئي ھيس ۽ ٻئي ڏينھن ٿري ايڪس فلمون تو آنديون ھيون يا مان ؟“ اھو فيصلو ڊيگھه وٺندو پئي ويو جنھن جي خاتمي لاءِ ھن وڃي ھڪ سي ايس پي آفيسر سان سندس سرڪاري گھر تي ھفتو کن ”ڪمپني“ ڪئي ۽ حق مھر سميت طلاق وٺي اچي ڪراچي وسائي پنھنجي خودغرضي، ضدي، چيڙاڪيءَ سبب جڏھن ھوءَ ايڏا اھم فيصلا به پاڻ ڪرڻ لڳي ته سندس سلجھيل ڀائرن ۽ ڀينرن سميت سڀني مائٽن به ڄڻ ته کيس دلين تان لاھي ڇڏيو. نه رڳو دلين تان لاھي ڇڏيو پر پنھنجي گھرن ۾ به کيس اھڙي مھمان جي حيثيث ڏئي ڇڏي جنھن مان بيزار به ھججي ۽ کيس گھر اچڻ کان منع به نه ڪري سگھجي.“ ماڻھو اجايو ٿا چون ته ھوءَ ڪنھن سان پيار نه ڪندي ھئي ھوءَ ته پنھنجي ان ڀائيٽي سان به ڏاڍو پيار ڪندي ھئي جنھن کي پنج سال ته ھن پاليو پر سندس ڀاڄائي آخري سالن ۾ ھن جي ساڻس ملڻ تي پاپندي ھڻي ڇڏي.“ ھوءَ تمام نفيس ۽ اھڙي حساس ھئي جنھن کي جڏھن سندس ننڍي ڀيڻ اھو جملو چيو ته ” آپي توھان وري شادي ڪندو؟ ته ھوءَ روئي پئي ھئي.“ ساڻس ھمدري رکندڙ ھڪ شاعر چيو جنھن کيس شاعريءَ جا ڪتاب تحفي طور ڏئي پڇتايو ھو ڇو ته کيس وھم رھندو آيو ته ھن جنھن به ڇوڪري کي تحفي ۾ ڪتاب ڏنا ھئا ان ساڻس وفا نه ڪئي ھئي. ايئن ئي ھيءَ ھٺيلي ڇوڪري به سندس تحفي وارا ڪتاب کڻي اھڙو ته گم ٿي وئي جو وري نه کيس ملي سگھي. ڪجھه مھينا اڳ ڪراچيءَ جي ھڪ ايراني ڪيفي ۾ ان شاعر سميت ڪجھه اھڙن اوپرن ماڻھن جي پاڻ ۾ اوچتي ملاقات ٿي وئي جيڪي سمورا ڪجھه گھڙين کان پوءِ ان ھٺيلي ڇوڪري جا اڳوڻا سنگتي نڪري پيا.“ ھن کي سيڪس جي وڏي بک ھئي. ھوءَ مردن وانگر بي واچ، ايم ٽي وي جا گرئنڊ شو ۽ ٿري ايڪس فلمون شوق سان ڏسندي ھئي. پر سندس سيڪس بليڪ ليبل سان مشروط ھئي جيڪا مھانگي پوندي ھئي.“ ان ڪچھريءَ رتوديرو جي اڳوڻي ايس ڊي او ٻڌايو ۽ اھو به چيو ته ھوءَ پنھنجي تعلق به سنڌي مردن سان رکندي ھئي ۽ گاريون به انھن کي ڏيندي ھئي ته اھي ماڊرن بڻجي ويل سنڌي ڇوڪرين کي انڪريج نٿا ڪن. پريان ويٺل ھڪ انسپيڪٽر کين چيو ته اھا شڪايت کيس ان بلڊر کان نه ھجڻ کپي ھا جنھن نه رڳو کيس انڪريج ڪيو پر ھو کيس وڌيڪ ماڊرن بڻائڻ لاءِ ھانگ ڪانگ به وٺي ويو ھو، جتان کيس پنھنجي جسم تي ھاريل پيگ پيارڻ کان وٺي بريسٽ مساج تائين سڀ ٽريننگون ڏياري آيو پر واپسي جي ٻن مھينن دوران ئي ھن ساڻس جھيڙو ڪري عليحدگي اختيار ڪئي. ايراني ڪيفيءَ واري ڪچھري ۾ ويٺل سنڌي شاعر ڏاڍو مايوس ٿي ويو ۽ ھن ان ڇوڪري جو دفاع ڪرڻ شروع ڪيو جيڪا ھن کي لکيل خطن ۾ سدائين پاڻ کي نالائق محبوبا لکندي ھئي. ھن دفاعي تقرير ڪندي چيو ته ” مرداڻي سماج ۾ ھڪ اڪيلي ۽ بيوس ڇوڪريءَ لاءِ توھان عذاب پيدا ڪيا آھن ۽ کيس ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇايا. ھوءَ ته ھميشه چوندي ھئي ته؛
    جسي جب تڪ ملي دل سي ھي ملي
    دل جو بدلا تو فسانا بدلا
    توھان سڀني سان ھوءَ جيترو وقت تعلق ۾ رھي توھان کي چاھت ڏنائين ھاڻي ان جي مئي پڄاڻان گلا ڪرڻ سٺي ڳالھه ناھي ڇو ته ھوءَ ته ان شعر وانگيان ھئي ته؛
    ڪڇ طبيعت ھي ملي ٿي ايسي،
    ڪه چين سي جيني ڪي صورت نه ھوئي
    جسي چاھا اسي اپنا نه سڪي
    اور جو ملا اس سي محبت نه ھوئي
    پر حساس دل شاعر کي اڃان به يقين نه اچي ته سندس نالائق محبوبا آخري سالن دوران صفا نالائق ٿي ويئي ۽ ايتري تائين جو ڪال گرل کان سپلائير ٿيڻ وارا ايڊونچر به ڪري ڏٺائين ۽ ايئن سندس اکيون پيسن جي چمڪ ۾ انڌائپ جي حد تائين پورجي ويون. ھوءَ موبائيل کڻي اھڙي ته فاتحانه انداز سان پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويھندي ھئي ته ڄڻ ته دنيا فتح ڪري موٽي ھجي.
    ھن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاھ ۾ معمولي پگھارن تي ڪم ڪندڙ نوجوان ڇوڪرين کي لالچائي بينڪن جيان ”خوشحالي پيڪيجز“ ڏيڻ شروع ڪيا. سندس اھڙن پيڪيچز مان ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنھنجي جدا فليٽ جو مالڪ بڻجي ويون ۽ ڪجھه پنھنجي ڀينرن جون شاديون ڪرائي سگھيون، پر سندس شادي نه ٿيڻي ھئي سان نه ٿي سگھي. ھو ھر اجنبيءَ سان ان آس تي تعلق رکندي ھئي ته ھو ساڻس شادي ڪندو پر اڳتي ھلي ھو يا ته شادي شدھ نڪري پوندو ھو يا صفا ڪنگلو. پنھنجي رھائش جي ھڪ خاص اسٽيٽس کي برقرار رکڻ لاءِ ھوءَ گھٽ محنت ۽ وڌيڪ پيسا ڪمائڻ واري پاليسي اختيار ڪرڻ لڳي. پيسا ته وٽس اچي ويا، پر ھوءَ انھن پيسن ھوندي به غريب ٿي وئي. سندس ڪو اھڙو تعلق نه رھيو جنھن کي ھو دوست چوي ۽ سندس ھنج ۾ منھن رکي روئي سگھي. ”مان ڏاڍو رني آھيان بس ھاڻي وڌيڪ روئڻ مون ڇڏي ڏنو آھي.“ ھڪ روئيندڙ دوست کان جدا ٿيندي ھن چيو ھو، جنھن کيس ياد ڏياريو ته تيار ٿيڻ مھل پرفيوم ھڻي ”سھڻا تيار ڪري ته موڪليانءِ “ وارو جملو به تو چيو ھو ۽ ڪيئن بنگلي جي لان ۾ ستي چنڊ پيارو لڳو ھو. پر ھوءَ انھن حسين منظرن جي منڪر ٿي کيس ھميشه لاءِ ڇڏي ھلي وئي ھئي. آخري ڏينھن ۾ ھن پنھنجي ھڪ اردو ڳالھائيندڙ صحافي دوست کي ٻڌايو ھو ته مون کي منافقي نه وڻندي آھي ۽ سنڌي مردن ۾ وڏي منافقي آھي انڪري ھاڻي فيصلو ڪيو اٿم ته ڪنھن به سنڌي مرد سان شادي نه ڪندم. سندس صحافي دوست پاران پڇڻ ته ھن کيس ٻڌايو ته مان پنھنجي ٻولي وڃائڻ وارو ايڊونچر صرف سنڌي مردن جي ڏنل ڌوڪن سبب ڪري رھي آھيان ۽ جنھن جو ڏک به آھي. منھنجي خوابن جو شھزادو پشتو اسپيڪنگ ھوندو. پنھنجي چپ اسٽڪ کي پنھنجو فيڊر سمجھي سدائين سيرانديءَ رکندڙ بي چين روح واري ڇوڪريءَ کي ڪٿي به سڪون نه ملي سگھيو. ھوءَ ڀٽائي جي درگاھ تي وڃي فقيرن جي آلاپن جون ڪيسٽون رڪارڊ ڪرائي آئي. پر حياتي ۾ ھر بار کيس ”رھجي“ وڃڻ جو احساس شديد ٿيندو رھيو، ھو ڪڏھن پاڻ کي شفقت کان رھجي ويل ڪڏھن محبت کان رھجي ويل سمجھندي رھي. ڪڏھن پيسن کان رھجي ويل ته ڪڏھن اسٽيشن کان رھجي ويل سمجھندي رھي. ھن گھڻو ئي مخالف رخ ۾ صرف اھو تاثر ڏيڻ لاءِ سفر ڪيو ته ڏسو مان رھجي نه وئي آھيان پر ھوءَ زماني کان پوئتي ئي رھجي وئي.
    ھن جيتوڻيڪ پنھنجي عملن ۾ بداخلاقيءَ جي حد تائين پاڻ کي ماڊرن بڻائي اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھوءَ زماني کان به اڳتي آھي پر پوءِ به قسمت جي ھٿ مان برپٽن ۾ ڇڏائجي ويل ڪنھن نازڪ ٻج جيان رھجي وئي جيڪو موافق موسم نه ھجڻ ڪري سڙي سڪي لٽجي ويو. ٿوري ڦير گھير سان ھوءَ خشونت جي ناول وارو موھن ڪمار به ٿي سگھي ٿي پر سندس پياڪ دوست جيئن ماھوار گيدرنگ ۾ جام سندس نالي ڪن ٿا، ايئن ھوءَ گراھم واري ناول ”اينڊ آف دي افيئر“ جي ھيروئن به ٿي وڃي ٿي. ھوءَ گھڻن ئي سنگتين جي يادن مان ھاڻي کسڪندي پئي وڃي پر اھو شاعر ته شھر جي گھٽين ۾ آوارا عاشقن جيان اڃان به گل کڻي گھمندو رھي ٿو جنھن کي سندس نالائق محبوبا جي قبر جو به ڪو پتو نٿو ٻڌائي.


    ڌاڙيل ماري سڪون جي ننڊ سمھندڙ شخص

    ھونئن ته نئون ڳوٺ ۾ اڄڪلھه ھو عام رواجي کان به ھيٺانھين ڪمسپرسيءَ واري زندگي گذاري رھيو آھي، پر انھن ڏينھن ۾ وارث سولنگيءَ جي وڏي ھاڪ ھوندي ھئي، جڏھن سنڌ اندر ڌاڙيلن جون ڪاروايون پنھنجي عروج تي ھونديون ھيون. ڌاڙيلن خلاف ڪا به ڪاروائي ڪرڻ کان اڳ فوجي اھلڪار وارث سولنگيءَ سان مشورو ضرور ڪندا ھئا، جيڪو لاڙڪاڻي، دادو ۽ نوشھرو فيروز ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ رھندڙ ڌاڙيلن لاءِ موت جو ٻيو نالو ھوندو ھو، جنھن ڪري ڏوھاري ماڻھن مٿس وارث خچر جو نالو رکي ڇڏيو ھئو. شروع ۾ وارث پاڻ به سنھيون سڪيون چوريون ڪندو ھو ۽ ڍڳيءَ ٻڪري جو چور ھوندو ھو، پر ماڻھو مارڻ کان کيس ڊپ لڳندو ھو. ”پر ڪچي ۾ ڌاڙيل جڏھن ماڻھو ماري ڇڏيندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن انھن لاشن کي گم ڪرڻ واري ڊيوٽي به مون تي رکندا ھئا ته مئل ماڻھن جا نڪتل ميڄالا کڻندي ڏاڍي نفرت ٿيندي ھئي.“ وارث ٻڌائي ٿو. اھڙين وارداتن کان چڙيل وارث کي جڏھن دادو پوليس پھريان پيريءَ طور پاڻ سان کنيو ته ھو ڏاڍو خوش ٿيو. سندس ڪارگردگي سٺي ڏسي 1986ع ۾ کيس باقاعدھ پيري سپاھي طور ڀرتي ڪيو ويو. اھو زمانو ڌاڙيلن جي عروج وارو ھو ۽ پوليس توڙي فوج ڪچي وارو بند به اڪري نه سگھندي ھئي. پر وارث ڪچي ۾ ئي نه رڳو رھندو ھو. پر ڌاڙيلن جا پيرا کڻي کين اڪيلي سر يا ساٿي سپاھين سان گڏ ماريندو ھو، انھن ڏينھن کي ساريندي ھو چوي ٿو ته ”ھٿيار کڻي راتين جون راتيون ڌاڙيلن پويان ھليو ويندو ھئس.“ ان دور ۾ ڌاڙيلن جي ڪارواين سبب ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۾ ايترو نه ڏھڪاءُ پکڙيل ھوندو ھو جو نئين ڳوٺ ۾ آپريشن لاءِ آيل اھلڪار گھرن ۽ مسجدن جي ڇتين تي چڙھي ويھندا ھئا ۽ بقول ھڪ ڳوٺاڻي جي ته ڪچي واري بند کان پريان بيھي پڇندا ھئا” ڪچي ۾ پري (پرو چانڊيو) آيا ھي ڪيا؟“ اھڙي ڏھڪاءُ واري دور ۾ ڪچي جو ٿاڻو سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ڀانيو ويندو ھو ۽ ڪو به آفيسر اھڙي مقرريءَ کان استعيفي کي ترجيح ڏيندو ھو. اھڙي صورتحال کي ڏسندي تڏھوڪن پوليس ۽ فوجي آفيسرن اڻپڙھيل وارث کي ترقي ڏياري اي ايس آءَ ڪرايو ۽ کيس نئون ڳوٺ ٿاڻي جو انچارچ مقرر ڪيو ويو. ” ان دور ۾ سوين گوليون کڻي ڌاڙيلن جي پويان اڪيلو به نڪري پوندو ھئس.“ جھونو ٿي ويل وارث ٻڌائي ٿو. ھو چوي ٿو ته ” پنھنجي ان نوڪري دوران پورا سوء ڌاڙيل مئا ھئم. ڪو به اڪيلو ڌاڙيل نه ماريندو ھئس.“ ھو انھن ٽولن جا نالا ڄاڻائيندي چوي ٿو ٿو ”ماڪوڙي ڌاڙيل جو ٽولو، حيدرو چانڊيو وارو ٽولو، ديدار پتافي، جوسو سيال، عرس ۽ نبو جوڻيجي وارا ٽولا مون ختم ڪيا باقي ٽه منٽي ڌاڙيل کي گرفتار ڪرايو. اھڙين ڪارواين سبب ڌاڙيلن منھنجي سر تي 15 لک روپيا انعام رکيو ھو. پر جيئن ته ڪنھن بيگناھ کي نه ماريو ھو ۽ قرآن شريف جو ڪٺل آھيان، ان ڪري بچايو به انھن قرآنن آھي.“ ڌاڙيلن خلاف آپريشن واري دور ۾ وارث ڪرنل باجواھ، ڪرنل مشتاق، ڪرنل مغل، ڪرنل ذوالفقار ۽ ڪرنل زاھد جھڙن فوجي عملدارن سان گڏ ڪم ڪيو ۽ سندس ڳوٺ ۾ اڃا به اھا ڳالھه وڏي طمطراق سان ڪئي ويندي آھي ته ”وارث جو زمانو ھوندو ھو ته ھمراھ ھيليڪاپٽر ۾ گھمندو ھو.“ آپريشن دوران ڪجھه آفيسرن پاران وارث کي ھيليڪاپٽر ۾ کڻي وڃڻ ۽ ڇڏي اچڻ کان پوءِ اھي ڳالھيون مشھور ٿيون. ان دور ۾ ڪچي جي سونھون ھجڻ ڪري سندس چوڻ آکڻ به گھڻو ھلندو ھو، جنھن لاءِ ھو چوي ته اھو ڌاڙيل ھوندو ھو ۽ جنھن لاءِ وارث چوي اھو بيگناھ ھوندو ھو. ان دور ۾ کانئس ڪيتريون ئي غلطيون به ٿيون ھونديون. پر ھو چوي ٿو ته ”مان بيگناھن کي نه اجايو ڪيسن ۾ ڦاسائيندو ھئس ۽ نه ئي ڌاڙيلن جي مائٽن کي ڪجھه چوندو ھئس.“ پر ماڻھو چون ٿا ته وارث ڪجھه غلط ماڻھن کي به ڦاسرايو ھو ۽ ڪجھه ڏوھي ماڻھن کان پيسا وٺي کين آزاد ڪرايو ھو. وارث چوي ٿو ته ” پيسا مان ڪنھن کان ڪو نه وٺندو ھئس، باقي ماريل ڌاڙيلن کي پاتل سون ۽ انھن جا پيسا ضرور کڻندو ھئس.“ ان دور جي ۽ ھاڻوڪي دور جي وارث سولنگيءَ ۾ وڏو فرق آھي “ نئون ڳوٺ کان ايندي ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌايو، جنھن جو چوڻ ھو ته اڳ ۾ وارث کي ھٿيار ڪلھن ۾ ھوندا ھئا، پر سون ۽ پيسا به ججھا ساڻ ھوندا ھئس.
    ھاڻي خبر ناھي ڪير اڃا تائين کيس بددعائن ۾ ياد رکيون ٿو اچي جو وارث ڏاڍو ھيڻو ۽ ويچارو ٿي پيو آھي. پوليس سندس پروموشن رد ڪري کيس ٻيھر سپاھي بڻائي ڇڏيو آھي ۽ تازو جڏھن گيسٽرو وگھي بيمار ٿي پيو ته سندس گھر ۾ علاج جيترا به پيسا نه ھئا ۽ سندس پٽن نئين ڳوٺ مان چندو ڪري سندس علاج ڪرايو. ھوڏانھن ڌاڙيلن جا ساٿي پڻ سندس پويان ڦرندا وتن ٿا. ڪجھه ڌاڙيلن کيس نئون ڳوٺ جي سيلون ۾ ئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ھو پاڻ چوي ٿو ته ” تازو ڌاڙيل نبو جوڻيجي جا مائٽ به مارڻ آيا ھئا، پر بچي ويس.“ پريشانين ۾ گھيريل ۽ پيرسني طرف تيزي سان ويندڙ وارث ٻڌائي ٿو ته ”ٻچن جي بيروزگاري به ڪريڪ (چريو) ڪري وڌو آھي. ابي جي جاءِ ۾ ڀائر گڏ رھندا آھيون، پر ھاڻي اھي به گھر مان تڙي ڪڍن ٿا، ڪيڏانھن وڃان.“ وارث جون ٻه شاديون ٿيل آھن، سندس اولاد جو تعداد نو آھي. ھو پنھنجي عملن تي پشيمان ناھي پر پنھنجي پوليس کاتي کي ڄڻ ته پاراتا ڏئي ٿو جيڪو سندس واھر نٿو ڪري. ھن کي اھو به ڏک آھي ته ڏکين وقتن ۾ اھي پوليس ۽ فوجي آفيسر کيس ڇڏي ويا آھن، جن سان گڏجي ھن سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڌاڙيل ماريا ھئا.
    وارث کي ته ڀلي اھو ارمان ھجي ته سندس ” قربانين“ عيوض سندس مالي سھائتا نٿي ٿئي، پر نئون ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ اھو چرچو عام آھي ته وارث پنھنجي حيثيث پاڻ وڃائي آھي. پنجن کان وڌيڪ ماڻھن سان ڪيل ڪچھرين مان پتو پيو ته وارث جڏھن حيثيث ۽ پيسو ھوندو ھو تڏھن ھمراھ جوا ۽ رنڊي بازي جي علت کان ٻاھر نه ويندو ھو، تنھن ڪري سندس سمورا ڪمايل ڏوڪڙ انھي ٻنھي عادتن ۾ دڦ ٿي ويندا ھئا. ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ دوستي، دشمني جي پل جھڙي عجيب ڪردار کان جڏھن ان باري ۾ پڇجي ٿو ته ظاھر آھي ھو نھڪار ۾ جواب ڏئي ٿو، پر انٽرويو کان پوءِ جڏھن ھادي سندس ٻيھر فوٽو ڪڍڻ وڃي ٿو ته ھو ان حالت ۾ به ھڪ اھڙي عورت سان ويٺل ئي ملي ٿو، جنھن سان گڏ ھو فوٽو ڪڍائڻ گوارا نٿو ڪري.


    حصو ٽيون : رولاڪيون

    گاجي شاھ : جبل ۾ جنن ۽ عاشقن جو آستانو

    ” الا توھار.... الا توھار“ عورتاڻي آواز ۾ اونداھي رات جو اھي ھڪلون اسان تڏھن ٻڌيون جڏھن بڊي جبل ڀرسان ھڪ ٽڪڙي تي اڏيل گاجي شاھ جي مزار طرف تمام وڏي رش ۾ ڌڪبا وڃي رھيا ھئاسين. مزار اڃا ڪجھه ڏاڪا مٿي ھئي پر ھيٺانھين واري قبرستان ۾ ئي ھر طرف سرندي، بينن ۽ الا توھار جي آواز کي ٻڌي اسان مٿي ويندڙ ھيٺ لھندڙ ماڻھن واري وھڪري کان ڌار ٿي ھڪ ڪوٺڙيءَ جي در وٽ ئي بيٺل ماڻھن جي رش کي چيريندي اندر وياسين ته ڏاڙھي، مڇن ۽ پٽڪي واري ھڪ ھمراھ جي جھوليءَ ۾ سرندو نظر آيو، جيڪو پنھنجي بينن واري ساٿيءَ سان گڏ وڄائي ر ھيو ھو، جيڪو پڻ ساڳي شبيھه جو ھو. وڏن چوٽن واريون ٻه اڌڙوٽ عمر جو عورتون انھن سروزائين (سازندن) اڳيان ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان ڪنڌ ( لھر) ھڻي رھيون ھيون، جنھن کي اھي فقير موج ڪرڻ چئي رھيا ھئا. سندن ھڪ ٻيو ڪارو رنگ ڪيل ڏاڙھيءَ وارو ساٿي ساوا ڌاڳا پڙھي ”جن“ ورتل عورتن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي رھيو ھو. ڌاڳن واري روشن فقير جي پنھنجي ڳچيءَ ۾ ڪاري چادر ( لوئي) پيل ھئي. ( جنھن کي ھو آذي چون ٿا) جنھن جا نعرا ھڻي رھيو ھو. روشن فقير سڄي ڪمري ۾ ڦري رھيو ھو ۽ ڪنڌ ھڻڻ جي انتظار ۾ قطارون ٺاھي ويٺل عورتن جي مائٽن کي اھو چئي تسلي ڏئي رھيو ھو ته ھي موج ڪري وٺن پوءِ توھان جو وارو آھي. پنھنجا فوٽو وڏي شوق سان ڪڍرائيندڙ ان فقير جھڙا ڪي ٿورا خوشنصيب ھئا، جن کي اڳواٽ بڪنگ تحت محفل ڪرڻ لاءِ اھي ڪوٺڙيون ملي ويون ھيون، نه ته سون جي تعداد ۾ اھڙا فقير گاجي شاھ جي مزار جي آسپاس توڙي ھيٺيئن قبرستان ۾ پنھنجيون چوڪڙيون کلي آسمان ھيٺ ھڻي تمام ڏورانھين ھنڌن تان ڪاڇي جا بيڪار ترين رستا پار ڪري آيل چيلين ۽ چيلن جا جن ڪڍي رھيا ھئا.
    ( چيلي جن ورتل عورت ۽ چيلو جن ورتل مرد کي چون ٿا). ”گاجن سائين جنن جو بادشاھ آھي، ھتي ھر جن ٻارھو (ٻارھين مھيني) اچي موج ضرور ڪندو آھي.“ اڇي ڏاڙھيءَ واري جھوني جنائي فقير ابراھيم شاھ ٻڌايو. قبرن وچ ۾ چوڪڙي ٺاھي ويٺل سندن سروزائي ساٿين اڳيان ھڪ نوجوان ڇوڪري گھڻي وقت کان پنھنجي وڏن ۽ کليل وارن کي ڦيرائي لھر ھڻي رھي ھئي. سندس پويان موج ڪرڻ جي انتظار ۾ ڪيتريون ئي عورتون پنھنجيون ڳتون (چوٽا) کولي ويٺيون ھلڪا ھلڪا ڪنڌ ھڻي رھيون ھيون. پھاڙن جيان مظبوط جسم واري ھن ڇوڪري ڀرسان لھر ھڻي ٿڪجي پيل ڇوڪري پنھنجو ڪنڌ فقيرن جي ڀرسان رکي ھيٺان وڇايل رليءَ رلھيءَ تي ئي ڪنھن گڏيءَ جيان ھيڏي ھوڏي ڪري رھي ھئي. سروزائين موج جي انتظار ۾ ويٺل عورتن جي قطار کي ڏسي اچي پنھنجي ڪاري چادر واري آذي ٻنھي ڇوڪرين کي ھنئي ”پيالو وٺندين فقير يا اڃا موج ڪندين“ تيزي سان ڪنڌ ھڻندڙ ڇوڪري کان فقير پڇيو، ٻه ٽي دفعا ساڳيو سوال پڇڻ کان پوءِ ڇوڪريءَ چيو ”اڃا موج ڪنديس.“ چڱو بابا تون وري سڀاڻي موج ڪجانءِ.“ فقير کيس فارغ ڪرڻ چاھيو پر ڇوڪري مسلسل ڪنڌ ھڻي رھي ھئي. جنن جي ڳالھائڻ ۽ چرپر بابت ابراھيم شاھ سان اسان جو بحث اڃا ھلي رھيو ھو ته ھن گھڻي موج ڪندڙ ڇوڪريءَ طرف سرڪندي چيو ” چڱو ھاڻي ڏسجانءِ ھي ڪيئن ٿو ڳالھائي“ ڪراڙي فقير ڇوڪريءَ جي وڏن وارن کي چوٽيءَ وٽان پنھنجي مٺ ۾ پڪڙيندي سندس لھر بند ڪرائي ڇڏي ۽ زور سان سندس وارن کي پوئتي ڇڪيندي چيو، ” ٻڌائين ڇو نه ٿو ڪير آھين نالو ڇا اٿئي؟“ فقير جي مٺ کان بچي ويل وار سياري ۾ به پگھرجي ويل ڇوڪريءَ جي منھن مٿان لڙڪي رھيا ھئا. ٻه ٽي دفعا ساڳيو سوال ورجائڻ کان پوءِ ھن خشڪ ٿي ويل نڙيءَ ۾ ڳيت ڏيندي وڏي ڪرب وچان چيو ”قادر بخش ھون“ ”...... ذات جو ڪير آھين؟“ ”ڍيڍ....“ ڇوڪري آھستي چيو، ”ھي چھڙو اٿئي پير فقير مڃي ئي ڪو نه“ ابراھيم شاھ مون ڏانھن فاتحانه انداز ۾ ڏسندي چيو ۽ قادر بخش ڍيڍ کي پيالو پي وري سڀاڻي موج ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ڇوڪريءَ پنھنجي پويان ويٺل ڪراڙي مائٽياڻي جي گود ۾ پنھنجو پاڻ کي اڇلي ڇڏيو، کيس پيالو پياريو ويو ۽ ھوءَ ڪافي دير تائين ساڻي ٿي اتي ئي پيل رھي. ” موج ڪرڻ کانپوءِ فقير (جن ) پيالو گھرندا آھن.“ ميوو فقير ٻڌائي ٿو. ھر ھڪ فقير جو پنھنجو انداز ھوندو آھي.م ڪو پيالي ۾ ٽانڊو گھري ٿو، ڪو وڻ جا پن ۽ ڪو مٽي. گاجي شاھ تي ھر سال شوال مھيني جي 24 تاريخ اچي جن ۽ جن ورتل ماڻھو لھڻ شروع ٿيندا آھن. جن کي ھونئن رواج موجب ته ٽن ڏينھن تائين ترسڻو ھوندو آھي، پر وڏي مسافري سبب ماڻھو ٻه ڏينھن ميلي کان پوءِ به رھي پوندا آھن. پھاڙي جي چوٽيءَ کان وٺي ھيٺ تري تائين ھزارن جي تعداد ۾ آيل ماڻھن جون ھر طرف چوڪڙيون لڳل آھن. ڪٿي ماني پچي ٿي ته ڪٿي موج ٿئي ٿي. ھڪ ٻي چوڪڙيءَ جي ڀرسان جڏھن ويٺاسين ته ڪاون وارو ٽوپ پاتل نوجوان مڙس، فقير کي دانھن ڏيئي رھيو ھو ته ”اسان کي ڪا تڪيلف ناھي پر چيليءَ کي ڏاڍي تڪليف ڏيئي ٿو. ھفتن جا ھفتا ماني نٿو کائڻ ڏئيس“ ھر طرف ٿوري گھڻي تبديلي کانسواءِ اھڙيون ئي چوڪڙيون متل آھن جتي نوجوان ڇوڪريون پنھنجا روا (پوتيون) چيلھه ساب ٻڌي وھاڻي يا رلھيءَ تي گوڏا اونڌا ڪري سروزائين اڳيان لھر ھڻن ٿيون. حق گاجن ۽ الا توھار جا نعرا اوچتو اٿن ٿا. ڪجھه جاين تي مرد به جن ڪڍائين ٿا ته ڪٿي وري مينديءَ لڳل کٿل وارن واريون ضعيف عورتون به لھر ھڻن ٿيون. ميلي جي وچين ڏھاڙي ڌمال ھجڻ ڪري سروزائي به واندا نظر نٿا اچن. ماڻھو کين ھڪ چوڪڙيءَ کان ٻي چوڪڙيءَ طرف وٺي وڃن ٿا. سروزائي نه ملڻ ڪري ڪجھه ماڻھو پاڻ سان گڏ آندل ٽيب رڪارڊ ۾ سرندي ۽ بينن واري ڪيسٽ ھلائي پنھنجي جن ورتل عورتن کي گاجي شاھ جي پڙ ۾ موج ڪرائين ٿا. جن ريجھائيندڙ ھر فقير جي ڳچيءَ ۾ ڪاري چادر پيل آھي، جيڪا جن ورتل عورت يا مرد کي ھڻي ھو جن سان مخاطب ٿين ٿا. ان چادر بابت ميوو فقير تفصيل سان ٻڌائي ٿو ته ” ڪاري چادر پيل بازار مان وٺي گاجن سائين جي روزي اندر ھفتو کن رکي وڏيون آزيون ڪندا آھيون، جنھن کان پوءِ فقيريءَ جي اجازت ملندي آھي ته نذراني ۾ ڇيلو يا ڪا ٻي شئي ڏيندا آھيون.“
    گاجي شاھ جي مزار طرف مٿي وڃڻ لاءِ اڃا ٻه ڏاڪا مس ٽپياسين ته ساڄي پاسي واري ڪمري جي در تي تمام گھڻي رش نظر آئي. در ٽپي اندر ٿياسين ته ھمراھن رڙيون ڪيون، ”بوٽ ٻاھر لاھيو.“ اسان کي در ٻاھران بيھاري ٻڌايو ويو ته ھتي گاجي شاھ جو روٽ پچي رھيو آھي جيڪو وٺڻ لاءِ ماڻھو رش ڪيو بيٺا ھئا. شھرن جي بيڪرين تان ملندڙ پاپن کان به ننڍو اھو روٽ ڪڻڪ، ٻاجھر ۽ چانورن جي اٽي ۾ مٺاڻ ملائي تيار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو رش ۾ لتاڙجي وٺڻ کان پوءِ جن ورتل عورتون، مرد ۽ ساڻن گڏ آيل مٽ مائٽ کائي فرحت محسوس ڪن ٿا. روٽ واري ڪمري جي سامھون واري ڪمري ۾ گاجي شاھ جي انھن عقيدتمندن پاران آندل ڇيلا ۽ ٻڪريون واڙيا وڃن ٿا، جن جي من جي مراد پوري ٿي وئي ھجي. ھيتري رش ۽ عقيدتمندن پاران سالن کان ملندڙ نذرانن جي باوجود گاجي شاھ جي مزار مٿان مقبرو به اڏيل ناھي، سندس قبر ھڪ پڃري ۾ بند آھي ۽ اھو پڃرو مٿان بند آھي. باقي حصو بنا ڇت جي آھي. مزار جي پويان وارن ڪوٺڙين مان پراڻي دور جي آثارن کي به نه مٽايو ويو آھي ۽ ڇت کي لڳل چونو ائين ڪارو ٿي ويو آھي ڄڻ ان کي ڪنھن باھ ڏئي ڇڏي ھجي. مزار جي چوديواريءَ اندر ئي ھڪ وڻ آھي جنھن کي اٺن، ٻڪرين جي ڳچين وارا چڙا چڙيون ۽ پاڃاريون ٻڌي سوگھو ڪيو ويو آھي. ھونئن ته مزار اندر ايندڙ ھر ماڻھو ان وڻ کي ھٿ ھڻي ٿو، پر دل ۾ ڪا ٻي نيت کڻي آيل ھمراھ جڏھن سامھون ڪا سھڻي صورت ڏسن ٿا ته وڻ کي زور سان لوڏي چڙا وڄائي نعرا ھڻن ٿا، ”حق گاجن....جيءُ گاجن!“ مزار ڀرسان ئي گاجي شاھ جي ڏاچيءَ جي ڊگھي قبر پڻ آھي جنھن لاءِ اھو مشھور ٿيل آھي ته جيڪو به سوالي بنا ساھ کڻڻ جي ست چڪر ان قبر جي چوڌاري ڦيرا ڏيندو ان جي من ڪي مراد پوري ٿي ويندي. گاجي شاھ واري پٿريلي قبرستان ۾ اچي پڙاءُ ڪندڙ ھزارين ماڻھن جي اڪثريت پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪري ٿي. دادو، جوھي، ڀان، سيوھڻ ۽ ٻين آسپاس جي وڏن شھرن کان پڻ سوين ماڻھو ميلي ۾ صرف اکيون ٿڌيون ڪرڻ اچن ٿا. ھونئن ته گاجي شاھ جي ميلي تي بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن کان ھزارين ماڻھو ميلي وارن ڏينھن دوران ٻارين ٻچي اچن ٿا پر خود ڪاڇي جي ٽنڊو رحيم ۽ واھي پانڌي جھڙن علائقن جا ماڻھو ھن ميلي کي ڪنھن ٻي معني ۾ وٺن ٿا. ”نالي ۾ ته جن نڪرن ٿا پر ٻيو به گھڻو ڪجھه جھان ٿئي ٿو.“ واھي پانڌيءَ جي ھڪ زماني ساز جھوني ٻڌايو. ”ايڏو وڏو ميلو آھي ته پوءِ عورتون ۽ صرف جن ئي ان ميلي تي ڇو اچن ٿا.“
    اسان مزار کان ھيٺ لھي کليل آسمان ھيٺ ننڊ پئجي ويل ۽ جاڳندڙ عورتن ۽ مردن کان ائين احتياط سان گذرون ٿا، جيئن ڪنھن جھنگ ۾ سڀ حواس گڏ ڪري گھمجي. ”ھيٺ ڏسي ھلجانءِ متان ڪو ھمراھ لتاڙي وجھين.“ ميلو گڏ گھمندڙ دوستن مان ھڪ چيو. ڪجھه ماڻھن خيما کوڙيا ھئا ۽ ڪجھه ماڻھن ھٿرادو خيما ٺاھيا ھئا. ٽرڪن، مزدا گاڏين ۽ ٽريڪٽر ٽرالين ۾ آيل زيارتي انھن سوارين کي ئي ڪمرا بڻائي سمھي پيا ھئا. مٿان ڪاري جبل تان آيل چشمي واري پاڻيءَ جي واھي ٽپي جڏھن ٻئي پاسي وياسين ته اھا ڄڻ سروزائين لاءِ ڏورانھين بستي ھئي، جنھن ڪري ھو ان طرف ڪو نه ويا ھئا ۽ ماڻھو ٽيپ رڪارڊر ھلائي عورتن کي موج ڪرائي رھيا ھئا پر ھڪ ملتاني چوڪڙيءَ وٽ مجبوريءَ ۾ دھل وڄائي عورت کان موج ڪرائي پئي وئي. شايد اھو عمل ڪافي دير کان جاري ھو. ڇو ته اسان جي پھچڻ وقت ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي م ستل ھمراھن اٿي اچي دھلاري کي چيو ”فقير بابا خدا کي مڃ ننڊ به ڪرڻ ڏيندين يا نه!“ ان چوڪڙيءَ کان پريان ٽارچ ھٿ م ڪري ھڪ ھمراھ ڪنھن عورت سميت ميلي جون حدون ٽپي پريان واري پھاڙيءَ طرف وڃي رھيو ھو. ميلي جي ڪوريج لاءِ صحافين جون ”ٽيمون“ ته آيل ھيون الائي نه پر سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي وارا ڪامورا فوٽو گرافرن ۽ وڊيو گرافرن سميت پھتا ھئا. جنريٽر ھلائي ڪيمرا جون لائٽون جڏھن روشن ڪيون ويون ته ڪيتريون ئي لھر ھڻندڙ عورتون به اجرڪن ۾ ويڙھجي ويون ۽ ڪئميرا اڳيان فقط مرد لھر ھڻڻ لڳا. مرد نه رڳو ويھي لھر ھڻي رھيا ھئا پر اٿي بيھي تاڙيون وڄائي لھر ۾ ڪجھه جھمر جو حصو به شامل ڪري رھياھئا. ” ڊرامو ته ڏسينس جيئن ٽي وي ٿو ڀرجي تيئن کڻي ھٿناٿ شروع ڪيا اٿائين.“ منھنجي ڀرسان بيٺل ھڪ اڌڙوٽ عمر جي ھمراھ چيو. اوچتو ثقافت کاتي وارن جي پھچڻ تي ھڪ دوست چيو ته ”ڇاھي بينن تي ڪنڌ ھڻڻ وارين عورتن مردن جو موويز ڏيکاري سنڌي ثقافت کي نکاري وجھندا؟ ماس ھسٽريا کي ختم ڪرڻ بدران ھي ان کي ثقافت جو چولو پارائي پروموٽ ڪرڻ چاھين ٿا.“
    جيئن مزار واري پھاڙيءَ جو سڄو قبرستان سروزائين، جنن، عاشقن ۽ زيارتين جي چوڪڙين سان آباد ھو تيئن ئي ھيٺانھين وارو ميدان روايتي ميلن جي رنگن سان رنڱيل ھيو جتي موج کان وانديون ٿي آيل جابلو عورتون پلاسٽڪ جون چوڙيون، ڳانا، سنھڙا لاڪيٽ، سرخيون ۽ ڪجھه رانديڪا وڏي شوق سان خريدي رھيون ھيون. جڏھن ته ميلي تي آيل مرد ڄميل گيھه ۾ اڇي ٿي ويل مٺائي ۽ چانھه وڏي چاھ سان کائي پي رھيا ھئا. ھن ميلي تي ملاکڙو ۽ رڇ ڪتي جي بڇ نه ٿيندي آھي. چون ٿا اھي ٻئي عمل گاجي شاھ ناپسند ڪري ٿو. باقي ته موت جي کوھن ۽ چڙيا گھرن جا تختا، ريما جھڙيون نيم عريان ڊريسون پائي نچندڙ کدڙن فقيرن سان آباد ھئا. جنھن جابلو ٽڪريءَ جي آسپاس ميلو لڳي ٿو ان جي چوڌاري ڪاري جبل کان نڪتل ڪاري چشمي جو پاڻي مسلسل وھندو رھي ٿو جنھن ڪري دڪاندارن ۽ زيارتين کي پاڻي جي ڪا تڪليف نٿي ٿئي. ميلو ڏسڻ لاءِ اسان واھي پانڌي کان موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي ھليليءَ وارو پاسو ڏئي پھتا ھئاسون. ان مسافريءَ ۽ ميلي جي رش ڏسڻ سبب ٿڪجي رات اچي ڀرسان واري شھر ٽنڊو رحيم ۾ ترسياسين. ”ھتان صبح جو سوير نڪري چشمي تي ھلندوء ته توھان کي ماحول سڄو يورپين نظر ايندو.“ جوھي وارو فارين رٽرنڊ، ٽيلر ماسٽر قادر پنھور چوي ٿو. پر صبح جو موٽر سائيڪل نه ملڻ ڪري اسان ڪچڙي منجھند جو ان چشمي طرف وياسين جيڪو گاجي شاھ جي ٽڪريءَ کان سوا ٻه ڪلاڪ اڳتي پنڌ تي آھي. چشمي جو شفاف پاڻي وڏي آواز سان جبل تان ٺاھيل رستي تان ھيٺ لھي رھيو ھو. جبل چڙھڻ جا ٽي اسٽاپ ڪري جڏھن مٿي پھتاسين ته قادر واري ڳالھه ڪجھه ديسي اسٽائيل ۾ مليل نظر آئي. عورتون واقعي ئي واٽر باٿ ۽ سن باٿ ڪري رھيون ھيون پر ڪپڙن سميت. ڪاري جبل جي ھڪ غار مان جنھن جاءِ تان اھو چشمو نڪري ٿو اتي مردن جو قبضو ھو. چشمي جو پاڻي تازي پاڻي کان وڌيڪ گرم ھو. جبل مٿي ان چشمي جيئن ته ڪنھن تلاءِ جي صورت اختيار نه ڪئي ھئي، تنھن ڪري پاڻي ھڪ نالي ٺاھي ھيٺ وڃي ٿو جنھن جي وڏن ڪپرن جي اوٽ وٺي عورتون به ان ۾ لھي پون ٿيون. ”صبح جو سوير اڃا وڌيڪ مزو ھوندو آھي، جيڪو ڏسڻ لاءِ ڇوڪرا دوربينيون کڻي وڃي مٿين پھاڙين تي ويھندا آھن.“ جوھيءَ جي ھڪ عاشق مزاج نوجوان ٻڌايو. منجھند جو چشمي مان وھنجي نڪتل عورتون سموري رش جي باوجود صرف ھڪ پاسي کان پنھنجي پوتي جي اوٽ ڏئي ڪپڙا تبديل ڪن ٿيون، ھو جڏھن وھنجي نڪرن پيون ته پنھنجي ھڪ يا ٻن مائٽياڻين جي مدد سان پوتي يا چادر جو پلئو ڏياري ڪپڙا مٽائي وٺن پيون اھڙي ماحول ۾ تڙ ڪرڻ کان گھٻرائجي اسان چشمي وٽ چانھه پي ھيٺ اچي گاجي شاھ وٽ ڏينھن جو نظارو ڏسڻ لڳاسين. مزار جي ڏاڪڻين ته ڪجھه شڪاري عورتون ۽ مرد بگھڙ جي کل جا ٽڪرا 10 ۽ 20 روپين ۾ وڪڻي رھيا ھئا. بگھڙ جي کل جا ھھڙا ٽڪرا وٺندڙ ۽ کپائيندڙ ٻنھي جو چوڻ ھو ته اھا پائڻ سان ٻار، عورتن يا مردکي ڊپ نه ٿيندو آھي. جنن جو موجون ڏينھن جو به جاري ھيون پر مزار جي آسپاس مڱڻھار فقيرن به اچي واڄٽ وڄايا. ڪجھه عورتون سھرا چونديون پنھنجين انھن ننڍڙن پٽن کي پاڃارين ۾ وجھي مزار طرف وٺي وڃي رھيون ھيون، جيڪي بقول سندن کين گاجي شاھ جي دعا سان ڄاوا ھئا. ” تاريخ جو ڪيڏو نه وڏو الميو آھي ته ميانوال تحريڪ جا گوريلا اڳواڻ ھاڻي ماڻھن کي پٽ ڏين ٿا ۽ عورتن جا جن ڪڍن ٿا.“ تاريخ جي ھڪ نوجوان شاگرد ٻڌايو. ھن چيو ته ”گاجي شاھ ذات جو کوسو ھو ۽ ميانوال تحريڪ ۾ ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو ڪمانڊر ھو، جنھن تي جبل جو اھو گھٽ (رستو) سنڀالڻ جو فرض سونپيل ھو.“ ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ”جيڪا آذي اڄڪلھه جن ڪڍڻ لاءِ فقير استعمال ڪ ٿا اھا کٿي، فلسطيني ويڙھاڪن جي رومال جيان ان وقت جي گوريلن جو خاص اھڃاڻ ھوندي ھئي ۽ جنھن دعا تي جن ريجھايا وڃن پيا اھو قسم نامو ھوندو ھو، جنھن تي ميان نصير محمد ۽ سندن سمورن ڪمانڊرن جا نالا اڄ به شامل آھن.“
    ميلي ۾ ھڪڙي انوکي ڳالھه نڙ بيت وارن جي چوڪڙي ھئي، جتي نڙ بيت چيا پئي ويا. ان ڪچھريءَ ۾ جھونن جي اڪثريت ھئي. ڪجھه ماڻھو اھي بيت رڪارڊ ڪري رھيا ھئا. ميلي جي سروزائين ۽ ٻين اھڙن فنڪشنن کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻھن وٽ ڪاٺوڙين باڊين وارا سانيو ٽيپ به ساڻ ھئا. ڏينھن جو عورتون خريداريءَ ۾ اڃا به وڌيڪ مصروف نظر آيون. پنھنجي پنھنجي روايتي ڪپڙن ۾ ملبوس وڏن ڪاون سان ڀرت ڀريل گھگھن واريون ڇوڪريون به ھر ھنڌ تجلا ڏيندي پئي مليون ته وري نڪ وارو وڏو بولو مٿي جي وارن سان ھڪ خاص مڻين واري ڀريل ڌاڳي ( ڏانوڻي ) ذريعي ملائي ھلندڙ ڇوڪريون به ميلي جي دوڪاندار سان اگھن تي نيم ماڊرن عورتن جيان بارگينگ ڪندي مليون. ھتي عشق جي ڪي شاعراڻا اظھار نه پر اشارن جي زبان ۽ کھرو ورتاءُ پئي ھليو. ھن ڏورانھين جابلو علائقي ۾ به پوليس پنھنجو ”اصلي ڪاروبار“ جاري پئي رکيو. انھن جوئا جي ريڙھن کان وٺي راڳ ڪرائيندڙ ھوٽلن تائين ھر شئي تي پنھنجي ٽيڪس رکي ڇڏي ھئي. ”پوليس کي به منھن ڏيئي وينداسين پر مسواڙ جي نالي ۾ رقم وٺڻ لاءِ ٽن ٽن کوسن فقيرن جو چٺيون مليون آھن.“ ھڪ ھوٽل واري ٻڌايو ”ھاڻي اسان منجھي پيا آھيون ته اصلي فقير ڪھڙو آھي ۽ پيسا ڪنھن کي ڏيون.“ ڏينھن جو انھن زيارتين جي تڪليف ڪجھه وڌيڪ چٽي ڏسڻ ۾ آئي جن سان ٻارن جا لشڪر به ساڻ ھئا. ڪو ٻار ڪنھن ضد تان پٿرن تي ليٽيو پئي ته ڪنھن کي وري جھنگ جو خيال اچي ويو. پر مائي منجھند جي ماني ۽ ٽئين ٻار کي ٿڃ پيارڻ ۾ مصروف ھئي. گاجي شاھ جي مزار کان ھيٺ وارو سمورو قبرستان صبح تائين عوامي بيت الخلا ۾ تبديل ٿي چڪو ھو. پر مزار جي صحن کان به ھيٺ چمپل يا بوٽ پائڻ جي اجازت نه ڏيندڙ فقيرن کي ان جو ڪو خاص اونو ڪو نه ھو. ھن پاسي ڏکيو سفر ڪري اچڻ جي مقصد بابت پڇڻ تي پڙھيل ڳڙھيل نوجوانن جو اھو رايو ھو ته ٻھڙاري جي عورت کي گھر ۾ ھميشه گھٽ ٻوشٽ وارو ماحول ملي ٿو، ان ڪري کيس سال ۾ جيڪڏُھن ھڪ دفعو ڪا تفريح ملي وڃي ٿي ته ھوءَ ان کي ترت حاصل ڪري وٺي ٿي. پر ميلي مان نڪرڻ کان پوءِ به اھو سوال ذھن ۾ سوال ئي رھيو ته ھي تفريح آھي يا ڪاماس ھسٽريا.


    راڳ جون يادون : حاڪم شاھ ڀٽ وارو

    ھونئن ته شھدادڪوٽ ڀرسان حاڪم شاھ ڀٽ واري جي ميلي جي ڏاڍي ھاڪ ھوندي ھئي. پر ڪجھه سالن کان ميلي ۾ اھو مزو ناھي رھيو. ماڻھو چون ٿا ته بدامنيءَ ميلي کي ڦٽائي ڇڏيو آھي. جڏھن ته گادي نشين جو چوڻ ھو ته ميلو گرمين سبب ڦٽي ويو. ھن سال ميلي تي ڪجھه رش وڌيڪ ھئي شايد ڏينھن ڪجھه ٿڌا ھئا يا وري امن امان جي صورتحال بھتر ٿي ھئي. بھرحال ڀٽائيءَ جي ميلي کان اڳ لڳندڙ ھن ڏورانھين علائقي واري ميلي ۾ ماڻھن چواڻي ته ”ڪجھه مزو ھو.“
    اسان جڏھن شام ڌاري ميلي جون تقريبون ڏسڻ لاءِ درگاھ وٽ پھتاسين ته ھڪ نوجوان فقير پنھنجي آڏو رکيل نغارن کي زور زور سان وڄائي رھيو ھو. جنھن جي ڌن تي ڪجھه فقير ڌمالڙي ھڻي رھيا ھئا. حاڪم شاھ جي مزار گذريل 14 سالن کا زير تعمير آھي جنھن جي اندر اڃا تائين پڪو فرش يا ٽائليس به نه لڳي سگھيا آھن ۽ نه ئي ھڪ پکي کان سواءِ ٻيو ڪو پکو ھو. جنھن ڪري جڏھن ماڻھن جي رش وڌي پي ته سڀني کان پگھر نڪري ٿي ويا. اسان مزار اندران ٿي اڱڻ ۾ تڏن تي رليون وڇائي ويٺل گادي نشين واري پاسي وياسين. جتي گادي نشين ته پنھنجي فقيرن سان ئي ملڻ ۾ مصروف ھو. جنھن ڪري سندس پٽ تقي شاھ سان ڪجھه ڪچھري ٿي، ڪچھري اڃا ھلي رھي ھئي ته فقيرن اچي ٻڌايو ته ميندي پٽي اچي اھا ميندي جي رسم ميلي جي سمورا ڏينھن ادا ڪئي ويندي آھي. جنھن ۾ شام جو ميندي حويليءَ تان کڻي درگاھ تائين آندي ويندي آھي. جڏھن ته ميلي جي آخري ڏينھن تي حاڪم شاھ جي استعمال ھيٺ آيل ڪپڙن، جتي،ڪولابي، يا ٻين شين جي نمائش ھڪ کٽ تي رکي ڪئي ويندي آھي. ميندي وارو جلوس دھلن ۽ شرنائين سان اچي اڱڻ ۾ پھتو. جتي فقيرن جي رش وڌنڌي وئي ۽ پوءِ مزار اندر وڃي رسمون ادا ڪيون ويون. ھن رسم ۾ميندي ته ھوندي ناھي پر گلاب جي پاڻيءَ سان ڇڻڪاريل چادر چاڙھي ويندي آھي. ھن رسم جي وڊيو ته ڪئي ويئي پر ميلي تي پراڻي دور کان ايندڙ ماڻھن جو چوڻ ھو ته ميندي کڻڻ جو اھو مزو ڪٿي، جيڪو ”سيان چوڌري“ واري دور ۾ ھوندو ھو. حاڪم شاھ ڀٽ واري جي ميلي جي بھترين سالن جون يادون انور ڏنگڙائي جھڙن جھونن وٽ به سيان چوڌري ۽ غلام علي جا وڏا قصا آھن. اھي چون ٿا ته اھو جلوس ڏسڻ وٽان ھوندو ھو سيان چوڌري جون يادون ھن ميلي سان گھريون لاڳاپيل آھن. جيتوڻيڪ تقي شاھ چواڻي ته ”ھاڻ سيان ايڏي ته ٿلھي ٿي وئي آھي جو ھلڻ کان ھلاڪ آھي پر ماڻھو ته ڄڻ به سندس سحر ۾ ورتل آھن.“ عام ناچڻين سان حرڪتون ڪندڙ ٻروچن لاءِ ٻڌائن ٿا ته اھي سيان جي حفاظت ڪنھن سياسي ليڊر جيان ڪندا ھئا ۽ ھوءَ ڳائيندي پوري اڱڻ مان پئسا اوڳاڙيندي وتندي ھئي. گادي نشين جو چوڻ آھي ته حاڪ شاھ جي ميلي تي بڙي غلام علي خان کان وٺي سلامت علي خان تائين سڀ گويا راڳ ڳائي ويا آھن. ھي غزل جو سريلو راڳي غلام علي ته ڪجھه سال اڳ تائين به باقاعدھ ميلي تي ايندو ھو ۽ بنا ٽڪيٽ محفل ھڻي ماڻھن کي جھومائيندو ھيو پر ھاڻ حاڪم شاھ جي اڱڻ ۾ ڪنھن سريلي راڳي جي چوڪڙي به نظر نه ٿي اچي. اڱڻ ۾ سلفيون ڇڪيندڙ آدماڻي فقير تڏن تي ليٽيا پيا آھن. ڀرسان عزاداري ھلي ٿي ۽ بس، نه اھو راڳ ۽ نه اھو غلام علي خان جو ڪو آلاپ ۽ نه ئي سيان جي ڌمال، سڀ ڪجھه غائب آھي. صرف موت جي کوھن ۽ ٻين ٿيٽرن اڳيان تختا ڀڃيندڙ کدڙا ۽ ڪجھه ناچڻيون وڃي بچيون آھن. اڱڻ ۾ سلفي پيئندڙ ڪاريھر فقير وٽ به گھڻيون يادون آھن. ھو پنھنجي مرشد حاڪم شاھ سان ان حد تائين عقيدت رکي ٿو جيڪڏھن سندس عقيدت جي اظھار کي ڇپيل لفظن ۾ آندو وڃي اھو وڏو ڀنڀٽ ڀڙڪائي سگھي ٿو. ”مرشد سائين آکيا برٽ وچ ندي به آسي گڏھڙي ( يعني گاڏي ) به آسي.“ ھو ڀرسان وھندڙ وارھ برانچ ۽ ٽرين بابت چوي ٿو ته اھي ٻئي شيون حاڪم شاھ کين اڳ ۾ ئي ٻڌائي ويو ھو ته اچڻيون آھن.
    حاڪم شاھ کي پٽ وارو به ان ڪري چيو وڃي ٿو جو سندس درگاھ اھڙي برپٽ ۾ ھئي جتي وڃڻ ئي اوکو ھو. ھاڻ ڪجھه آبادي ٿي آھي. تنھن ھوندي به عام ڏينھن ۾ اھو علائقو برپٽ ئي سمجھيو وڃي ٿو. سندس گھڻا فقير ان برپٽ ۾ ڏيکاريل ڪرامتن جا تفصيل ٻڌائن ٿا ۽ گادي نشين جا نوجوان ڇوڪرا چون ٿا ان دور ۾ سائين ھتي آيو. جڏھن ھن علائقي ۾ ظالمن جو راڄ ھوندو ھو ۽ اھي اوپرن رستي ويندڙ ماڻھن کي وٺي وڃي ڪانڊيرن جو گاھ ڪرائيندا ھئا. ڪاريھر فقير آدماڻي جي احوالن کي ڇڏي اسان ميلي طرف وياسين ته ھڪ عام ڳوٺ يا درگاھ تي لڳندڙ ميلي کان نرالي ڪا شي ڪو نه ھئي. اھي ئي گيھه ۾ ڄمي اڇيون ٿي ويل مٺايون، دڪاندارن جا گراھڪن کي ايلاز ۽ تختن تي نچندر کدڙن آڏو ماڻھن جي رش. ھڪ جڳھه تي پنجن ستن ناچڻين کي گڏ ڪري اسٽيج تي ڊانس ڪرايو ٿي ويو. جنھن ۾ ھال اندر ڪرسيون رکي ماڻھن کان ٽڪيٽ جا پئسا ورتا پي ويا. ان تنبو ٻاھران لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيو پي ويو ته ”اسٽيج تي ببلي اچي وئي آھي.“
    انھن ببلين سبلين کي ڇڏي لوھي پل وٽ آياسين ته عام ڏينھن ۾ شام جو ئي بند ٿي ويندڙ ھوٽلن ۾ ماڻھن جي پيھه لڳي پئي ھئي. ڪنھن ۾ ناچو ٿي نچيا، ته وري ڪنھن ھوٽل ۾ ناچڻيون. ”ھي ايترن ننڍڙن ٻارن کي ٿا نچائين ڇا اھو چائلڊ ليبر ناھي؟“ منھنجي ھڪ دوست مذاق نما سنجيده سوال ڪيو. ان علائقي ۾ مقامي ناچڻيون گولا ٻاري ڇيرون ٻڌي يا ٽيپ رڪارڊر تي ھلندڙ گانن تي ڊانس ڪري رھيون ھيون. يا وري قرض ۾ وھائڻ جھڙي راڳي کان ڪلام چورائي جيڏانھن آين پي تيڏانھن ٽنگون ٻانھون ڦھلائي ڊانس ڪري رھيون ھيون. اھڙين چوڪرين ۾ ھڪ ٻئي سان پئسن ڏيڻ تي رکيل ريس به ڏسڻ وٽان ھئي. پر گھڻو خيال ان اڌڙوٽ عمر واري ھمراھ طرف ويو. جيڪو ناچڻي کي 5 روپيا ڏيئي سندس ھٿ کي ٿورو پنھنجي ھٿن ۾ وٺي ڊڄي ڊڄي ان کان نالو ۽ ايڊريس پڇي رھيو ھو. سندس ٻن ڪوششن جي باوجود جڏھن ناچڻي نخرا وڌائي ڇڏيا ته سندس ئي ھڪ دوست کيس ھڪل ڪئي ته ” اڙي ڇڏينس يار، ڪھڙو سڀاڻي تون ماني پھچائي اينديس.“ ھن پل تي ئي مقرر ٿيل پوليس وارن جا وڏا ٺٺ لڳا پيا ھئا. ھڪ ٽولي اڃا پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيو ته پوليس اچي ٽولي جي مک کي پڪڙي پاسي تي وٺي وئي ۽ کانئس ڊش ڪش (خرچي) گھرڻ لڳي ته ھمراھ ڏاڍيان ڳالھائي کين ٻڌايو ته پريان وارو به بنا پئسن جي فنڪاري ڪري رھيو آھي ته پوءِ اسان پئسا ڇو ڏيون؟ ڪنگلن سپاھين کيس اھو سمجھائڻ جي ڪوشش پي ڪئي ته اڳ ۾ ڪڏھن ميلن ۾ ڳايو اٿئي يا نه؟ سندس اھو بحث اڃا جاري ھو ته اڃا اڳتي روانا ٿياسين. جيتوڻيڪ پٺتي پيل علائقي جي ماڻھن لاءِ سال ۾ ھڪ ڀيرو اھو ميلو تفريح جو وڏو سبب بڻجي ٿو پر ھاڻ اھو ميلو انھن ماڻھن کي پاڻ ڏانھن گھٽ ڇڪي ٿو، جيڪي راڳ ويراڳ ٻڌڻ لاءِ ڪو ھن کان ڪھي اچي حاڪم شاھ پٽ واري جو ميلو ڏسندا ھئا. ڪجھه سال اڳ ۾ تائين به جلال چانڊيو ۽ روبينه حيدريءَ به اچي ميلو مچايو ھو پر ھاڻي راڳ نالي ڪا شيءِ حاڪم شاھ جي پٽ ۾ نظر نٿي اچي.
    ”سياري جا ڏينھن ھوندا ھئا، راڳ اڱڻ ۾ ٿيندو ھو. غلام علي خان جڏھن آلاپ ڪندو ھو ته جان مان سياٽو نڪري ويندو ھو.“ ميلي کان ناراض ھڪ جھوني ٻڌايو. ھو چوي ٿو ته جڏھن راڳ منڊل تي گويا ھٿ ڦيريندا ھئا يا وريراڳي مايون ”ديپڪ راڳ ھي، چاھت اپني....“ جھڙا ٻول ٻڌائينديون ھيون ته صبح تائين اٿڻ تي دل نه چوندي ھئي پر حالتن اڄ ڦيرو کاڌو آھي جو حاڪم شاھ جي ميلي تي ايندڙ ڪجھه ماڻھو ته کدڙن فقيرن کي ريجھائڻ ۾ پورا ھوندا آھن.
    گادي نشينن سان ڪيل ڳالھه ٻولھه مان اھو اندازو آساني سان لڳائي سگھجي پيو ته حاڪم شاھ جي ميلي تان رسي ويل راڳ کي واپس آڻڻ لاءِ ھو پنھنجي سر ڪي به ڪوششون وٺڻ لاءِ تيار ۽ نه ئي سندن اھڙي ڪا دلچسپي آھي. جنھن ڪري ھي ميلو ھاڻي شايد سيان چوڌريءَ ۽ غلام علي سبب نه پر ڪنھن ببلي شبلي ٽائيپ ناچڻين جي حوالي سان سڃاتو وڃي پر ڇا اھو خود حاڪم شاھ جھڙي فقير سان انصاف ھوندو! ! جنھن کي ڪيترائي ماڻھو عابدھ استاد منظور علي خان جي ڳايل ”عمر ديس پنھنجو وسارڻ ڏکيو آ “ واري ڪلام سان سڃاڻين. پر مزي جھڙي ڳالھه اھا آھي ته حاڪم شاھ پٽ وارو اھو ڪلام چوندڙ شاعر ناھي، تقي شاھ ٻڌايو ته اھو ڪو ٻيو حاڪم شاھ آھي. جنھن ڪلام جي آخر ۾ چيو آھي ته ”پنھواريون پٽن ۾ حاڪم شاھ ڪکن ۾.“ گادي نشينن مان ڪي چون ٿا ته حاڪم شاھ پٽ وارو شاعري نه ڪندو ھو ۽ ڪي چون ٿا صرف عربي يا فارسي ۾ شاعري ڪندو ھو. جنھن ڪري عابدھ وارو اھو ڪلام واقعي به ڪنھن ٻئي حاڪم شاھ جو لڳي ٿو. ڀلي کڻي اھو ڪلام ٻئي ڪنھن شاعر جو ھجي پر ميلي جي حوالي سان ھيءُ حاڪم شاھ به ڪکن ۾ لڳي ٿو. جنھن کي سندس آدماڻي فقير ئي سنڀاليندا اچن ٿا.


    مرادون پڄائيندڙ سسئي ۽ گم ٿيل عشق جو آواز

    اھو ھڪ عام رواجي ڏينھن ھيو جنھن جو سج اڃان وندر جبل پويان ڪو نه لٿو ھو ته اسان لس ٻيلي جي ھڪ اڙانگي لاھيءَ تان لھي ان ماٿريءَ ۾ اچي وياسين جتي سسئي پنھونءَ جي گڏيل قبر (مزار) آھي. ڊگھيءَ اڙانگي سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪجھه دوست ڇپرن ھيٺان وڇايل تڏن تي آھلجي پيا ۽ ڪجھه رڌبچاءَ واري ڪم کي جنبجي ويا. پھريون دفعو سسئي پنھونءَ تي (جنھن کي عام طور سسئي چيو پئي ويو) پھتلن کي سسئيءَ جو وٽو پھريان ڏسڻ لاءِ چيو ويو. ڪجھه نون دوستن سان بيزارگيءَ جي حد تائين پھتل بک ڪاٽيندي ٻن ڪلاڪن جو جابلو پنڌ ڪري وڃي ھڪ پھاڙي تي بيھاريائون چيائون ” ھي آھي سسئي جو وٽو.“ چيو ويو ته سسئي جڏھن ٻڪرار کي کير لاءِ وٽو ڏنو ھو ته ان کي ھيٺان سوراخ ھو. جنھن ڪري اھو ڪوشش جي باوجود ڀرجي نه سگھيو ھو ته ان ٻڪرار وٽو اڇلي سسئي کي وڏي ھستي مڃيو ھو ۽ وٽو پٿر ٿي ويو ھو. اھڙي پس منظر واري وٽي لاءِ اسان وٽ ڪجھه تصور به ميوزيم ۾ رکيل ڪنھن تاريخي شيءَ جھڙو ھو پر جڏھن ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيل پھاڙيءَ تي بيھي چيو ويو ته ھي سسئي جو وٽو آھي ته اسان ڏاڍو مايوس ٿياسين. انھن پٿرن مان ھڪ ٻن تي چوني سان اردوءَ ۾ لکيل ھو ته ڪجھه سال اڳ ۾ آيل ھمراھن وري اھا ترڪيب ٻڌائي ته ” انھن ٽڪڙا ٿيل پٿرن کي ٻيا پٿر ھٿ ۾ کڻي وڄائڻ جي ڪوشش ڪريو، جيڪو پٿر لوھ وانگر يا اسٽيل جي ٿانو وانگر وڄي اھو ئي سسئي جو پٿر ٿي ويل وٽو آھي.“ پٿرن تي ٿوري دير لاءِ ڪيل وڄ وڄان کان پوءِ نيٺ ھڪڙو پٿر اھڙو به دريافت ٿي پيو جيڪو ڌڪ لڳڻ سان اسٽيل وانگر وڄي رھيو ھو ۽ اھو ئي سسئي جو وٽو ثابت ڪيو ويو.
    ھونئن ته سسئي جو ميلو آڪٽوبر ۾ ھر سال لڳي ٿو پر عام ڏينھن ۾ به ڪڏھن ڪڏھن ۽ لاھوت ڪرڻ وارن ڏينھن (شاھ نوراني جي ميلي وارن ڏينھن) ۾ اڪثر زائرين ھتي به حاضري ڀرڻ ضروري سمجھن ٿا. ڇو ته سسئي ماڻھن جون مرادون پورڻ ڪرڻ شروع ڪيون آھن ۽ سندس مزار تي مجاور ۽ ملان گڏ ٿي کيس جيجان جيجان ڪري پڪارن ٿا. اھو قصو (سسئي جي قبر کي درگاھ بڻائڻ) 1980ع ڌاري تڏھن شروع ٿيو جڏھن ڪراچي جي ”حاجي محمد علو صديق الياساڻي“نالي ھڪ سيٺ اچي سسئي پنھون جي قبر مٿان مزار جھڙو ڪمرو ٺھرايو ۽ لڳو لڳ مسجد به ٺھرائي. ٻنھي جي فرش جي آڳند تي ٽائلس ھڻائي ڇڏيا. ڪراچيءَ جي ان سيٺ کي ڀلي پار ۾ ئي خواب ۾ ھدايت ملي ته ”ھن جاءِ ھڪ ولي جي قبر آھي اھا جوڙايو ته وڏو ثواب ٿيندو“. سسئيءَ جي قبر جي سار سنڀال لھندڙ محمد حسن ٻرڙي ٻڌايو. ”جنھن کان پوءِ اھو سيٺ ھتي اچي ڏھ پنڌرنھن ڏينھن ترسي پوندو ھو. ھن مزار جو سڄو ڪم ان ئي ڪرايو. ھيءَ جيڪو توھان جي لاءِ ڏاچيءَ تي پاڻي ڀري اچان ٿو اھو ڏاچي به ان سيٺ ئي وٺي ڏنو. وڏو سخي ماڻھو ھوندو ھو. مزدورن جي لاءِ پئسن جون ٿيليھون کڻي ايندو ھو.“ باھ جي مچ تي ھٿ سيڪيندي ان پيرسن اھا ڳالھه ٻڌائي جنھن کي سندس چواڻي جيجان ( سسئي ) جي ڊيوٽي ڏيندي 19 سال ٿي ويا آھن. ھاڻي سسئي پنھونءَ جي مزار تي ٿيندڙ آمدني سميت سمورا اختيار ٻڙرا برادري جي ھڪ سردار کي آھن جيڪو ڪراچي ۾ رھي ٿو. چون ٿا ته جڏھن اھو سخي بلوچ سيٺ پھرين ڀيرو لس ٻيلي آيو ته سسئي پنھون جي گڏيل قبر مٿان ڀر پاسي جي ماڻھن جا جانور گھمي رھيا ھئا ۽ عاشقن جي ان ڦٽل قبر کي ھڪ آستانو بڻائڻ جو ڪم ھن پنھنجي ھٿ ۾ کنيو. جنھن کي ٻرڙا سردارن صرف ان شرط سان اھڙي اجازت ڏني ته ھو پنھنجي حياتيءَ تائين ان قبر جي سار سنڀال لھي پر سندس مرڻ کان پوءِ سندس اولا کي اھڙي حجت جي اجازت نه ڏني ويندي. سسئي پنھون جي قبر واري قبرستان جي چوڌاري ھاڻي ھلڪو ھلڪو لوڙھو ڏئي زيارتين جي ترسڻ لاءِ ڪجھه ڇپڙا به ٺاھيا آھن. جيڪي صرف مٿان ڍڪيل آھن. سياري جي راتين ۾ پاسن کان ايندڙ ھوائن ۽ سرديءَ کي رڳو باھ جا سڄي رات ٻرندڙ مچ ئي منھن ڏئي سگھن ٿا. سسئي جي مزار جو مجاور بڻايل فقير ھتي ايندڙ زائرين کي ھيٺ وڇائڻ لاءِ گلمن، ٻارڻ لاءِ ڪاٺين کان وٺي پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ روشني لاءِ گولا ۽ بتيون به مھيا ڪري ٿو ۽ ان عيوض رقم پڻ وٺي ٿو. سامھون ئي ھڪ ھوٽلڙو ۽ دڪانڙو به ھاڻي کلي ويا آھن جتان ضروري سيڌو سامان ملي وڃي ٿو. سسئي جي مزار اندر ۽ مسجد اندر به ھڪ ھڪ بتي سڄي سڄي رات لاءِ ٻاري وڃي ٿي. ھاڻي ان سسئي کي ھڪ موچاري مزار ۽ پينگھي اندر محدود ڪيو ويو آھي جنھن جي ترجماني ڪندي ڀٽائي چيو ھو؛

    ڇپون ڇپر کٽ، پھڻ پٿراڻيون ڀانئيان
    جتي رھان راتڙي، مرون منھنجا مٽ
    سيڻن جي سھٽ، ڏونگر ڏولي مون ٿيو.

    سسئيءَ جي حب ۾ گھڻو تڻو اھي مست اچن ٿا جن کي يا ته لاھوت وڃڻو ھجي ٿو يا ھنگلاج. ڪميونسٽن تي مشتمل ھڪ لاھوتي لڏو اسان جي پھچڻ کان اڳ ئي ھتان ھنگلاج ھليو ويو ھو. اسان فقير واتان صرف سندس ڳالھيون ٻڌيون. سسئي جي مزار جبلن وچ ۾ آيل ھڪ ميداني ماٿريءَ ۾ آھي. جتي ڪجھه پر ڀرو فصل ٿئي ٿو پر گذريل پنجن سالن کان برسات نه پوڻ ڪري بلوچستان جي ھن علائقي ۾ ھاڻي سڪي ٺوٺ ٿي ويل وڻ، زمين ۽ ماڻھو آھن، جيڪي ھر وقت ڪنھن قافلي اچڻ جي انتظار ۾ ھجن ٿا،جيڪي اچي کانئن ڪجھه شيون وٺندا ۽ کين پئسا ڏيندا. ” ابو برسات سالن نه پيو آھي ان ڪري ڏڪر (ڏڪار) لڳو پيو آھي. اھو جيڪو ڇيلو توھان ورتو ان رڳو 15 ھن سون جو ته اناج کاڌو ھو.“ ھڪ ھمراھ ڀلجي اسان کي چيو ته کانئس ڇيلو ڀرسان واري ڇپري ھيٺ آيل قافلي ورتو ھو جنھن جو ھو اسان کي به ميمبر سمجھي ذڪر ڪري رھيو ھو. ڪيترائي لاھوتي صرف سسئي تائين پنڌ به اچن ٿا. ھڪ اھڙو پٺاڻ نوجوان به اتي ئي مليو جيڪو دعوي ڪري رھيو ھو ته ھو ايران،عراق سميت پاڪستان جون سڀ زيارتون سائيڪل تي چڙھي ڪري آيو آھي، سندس ڳالھين تي اسام مان ڪنھن کي به اعتبار نه پئي آيو. اھو ئي نوجوان سسئي تي اڻ ھوند ۾ آيل چرس جي ھڪ سگريٽ لاءِ ٻاڙيو ٻاڙيو ڦري رھيو ھو. ڊگھين مسافرين جا ٿڪ لاھي مانيون کائي، جڏھن سمورن قافلن جا ماڻھو واندا ٿين ٿا ته رات جي ٿڌ ۾ راڳ، عليءَ جا نعرا ۽ جھونن سيلانين جون ڪچھريون باھ جي مچن جيان ٻري پون ٿيون ۽ سڀني کي گرمائي ڇڏين ٿيون. ھاڻي جبل ۾ به مرون ڪنھن جا مٽ ٿين ٿا الائي نه پر ھتي پھتل ھر ڪو قافلو پنھنجو پاڻ ۾ ئي ڪچھريون ڪري اٿي ٿو. اسان واري قافلي ۾ ته وري ڏاڙھون فقير به شامل ھو، جنھن چپڙي يڪتاري تي وس آھر چڱا جوھر ڏيکاريا. جڏھن باھ جي مچن تي محفلون متل ھيون ته ضروري حاجت واري بھاني ٻاھر کليل ميدان ۾ اچي ويس، ان رات ڀرڀور جوانيءَ وارو چنڊ پڻ سسئي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو ھو ڇو ته سسئي جي معني پڻ چنڊ آھي ۽ مون کي لڳو ته ھو کانئس اھو پڇي رھيو آھي ته؛

    سسئي ڪا تنوار، ڪي ھينيئن ٿي ھٿ کڻين،
    سوين رليون سسيون ، ھوتاڻن ھزار
    ٻاروچاڻا ٻار ، توڙان ترس نه سکيا.

    جيتوڻيڪ سسئي جي مزار جبلن وچ ۾ آيل ميداني علائقي ۾ آھي تڏھن به ماڻھو قبرستان ڀرسان جبلن تان لٿل پاڻي جي ٺاھيل ناھموراين ڏانھن اشارو ڪري چون ٿا ته ھي جبل ڦاٽو ھو ته سسئي ۽ پنھون زمين اندر ھليا ويا ھئا. سسئي پنھون جيتوڻيڪ عشق جي علامت سمجھيا وڃن ٿا پر ھتي ايندڙ ماڻھن ھاڻي کانئن پٽ ڄمڻ لاءِ دعائن جون تقاضائون ڪرڻ شروع ڪيون آھن ۽ ڪجھه دوستن ته اھو به چيو ته شادي شدھ ماڻھو پنھنجي عشق جي ڪاميابي لاءِ سسئي ته دعا نه گھرن ڇو ته ڳوٺ واپس ورڻ شرط سندن ٻي شادي ٿي ويندي. عاشقن جي مزار آڏو ھاڻي ماڻھن ڪنڌ نوائڻ شروع ڪيو آھي ۽ ھو چائنٺ کي به ائين جھڪي ھٿ لائي سيني تي ھٿ رکن ٿا جيئن مڪلي ۾ مدفون عبدالله شاھ اصحابيءَ جي چائنٺ تي جھڪن ٿا. پر ھن ڊگھي منزل تي ويٺل سسئي وٽ عورتون نه اچڻ جي برابر اچن ٿيون، ڄڻ ته ساڻس سور سلڻ واريون به ناھن. ھڪ ٻي ويڌن اھا به سسئي سان ٿيل آھي ته سندس قبر کان سواءِ ڪٿي به سسئي نظر نٿي اچي يا محسوس نٿي ٿئي. وندر جبل جي ڇانو ۾ به بلڪل ائين سسئي جو ڪو اھڃاڻ (قبر کان سواءِ) نظر نٿو اچي. جيئن ڀنڀور ۾ سسئي جي ڪا سڃاڻ نه رھي آھي. ڪٿي به ڪو به تصوراتي پورٽريٽ يا شاعري جي ڪا سٽ نظر نٿي اچي. جيئن سندس پيءُ لالا جو ڳوٺ ڀنڀور پاڻي ۾ پسيل ۽ ويران آھي. پير پٿون ڪندڙ پھڻن مان گذري سسئي تائين پھچندر عاشقن لاءِ سنڌ سرڪار يا بلوچستان سرڪار پاران ڪو مسافر خانو ته خير، ڪو ڀليڪار جو بورڊ به لڳل نه آھي.

    ڏونگر ڏکوين کي، دلاسا ڏجن،
    گھڻو پڇي تن کي، جن وٽان ھوت وڃن
    تون ڪيئن سدا تن، پھڻ پير ڏکوئين

    ائين ڏکويل پير کڻي اسان جڏھن ڄامشوري وٽان گذري رھيا ھئاسين ته الائي ڇو خيال اچي ويو ته علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي وفائن، وفادارين ۽ عمر ڀر نڀائڻ جا قسم کڻڻ ڏاڍو سولو ڪم آھي پر سسئي تائين پھچي محبت جي عظمت کي سلام ڪرڻ به اڄوڪن نام نھاد پريمي جوڙن لاءِ تمام اڙانگو آھي. سڄي سفر دوران سسئي لس ٻيلي ۾ به ائين ننڌڻڪي نظر آئي جيئن اھا ڀنڀور ۾ بڻايل آھي، جتي سندس گھر ۾ ڪو نالو نشان نه بچيو آھي نه ئي ڪو بورڊ لڳل آھي ته سسئي جو گھر ھوندو ھو. ھتي ويھي ڪپڙا ڌوئيندي ھئي ۽ پنھون سان ھتي پيچ اڙايائين ”محبت جون سموريون نشانيون ڀنڀور مان سسئي سان گڏ ھليون ويون ۽ ھاڻي واقعي به ”ڀينر ھن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونھون“ واري ڪار لڳي پئي آھي. ”عاجز ڀنڀور تان موٽندي چيو ۽ اسان به ”ڇڏينديس ڀنڀور، ھنيئون ھت نه وندري“ چئي ڀنڀور کي باءِ باءِ ڪيو. جتان جي ميوزيم ۾ به سسئي جو ڪو پورٽريٽ، (خيالي ئي سھي) موجود نه آھي. ڀنڀور کان واپسيءَ تي اھو احساس شديد ٿي ويو ته سسئي ڪيڏا ڪشالا ڪري اڙانگا پنڌ ڪيا صرف پنھون لاءِ ۽ ڀٽائي سندس پيرا کڻي کيس ڳايو ۽ عمل ڪيو رڳو ھوتاڻي حب لاءِ پر زماني ٻنھي سان ڪو انصاف نه ڪيو ۽ سندن نشانن (قبرن) کي ڇڙو مرادون پوريون ڪندڙ درگاھن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.


    گندا واھ جو ٺرو، چيزل شاھ جون ڏاچيون ۽ بلوچستان جو درد

    اھا ٿڌڙين ھوائن واري چانڊوڪي رات ھئي. جڏھن اسان ڪوئيٽا روڊ کان نوتال وٽان اولھه طرف لڙي درگاھ فتح پور شريف جو رخ ڪيو. سائين رکيل شاھ جي ميلي تي رات گذارڻ وارو دوستن جو اسرار ان ڪري به قبوليوسين جو سنڌ ۾ رکيل شاھ جي شاعري ۽ چيزل شاھ جون ڏاچيون ھڪ جيتريون مشھور آھن. پر جڏھن فتح پور پھچي ميلي جو حال ڏٺوسين ته مقامي دوستن جي ان دعوي مان ڄڻ ته ھوا نڪرندي محسوس ٿي ته ”رکيل شاھ جو ميلو بلوچستان جو وڏي ۾ وڏو ميلو آھي.“ ميلو ڇا ھيو. ٻه موت جا کوھ، ست اٺ مٺاين جا دڪان، ھڪ چڙي گھر ۽ ڪجھه ھوٽلون. پر اھو ميلو ڏسڻ لاءِ به بلوچستان جي ڏوراھن علائقن کان ماڻھو گاڏين جي ڌوڙ ۾ لٽجي اچي پھتا ھئا. سنڌ جي ميلن ۾ لڳندڙ موت جي کوھن تي جيڪي ناچڻيون ٻاھر نچي نچي تختا ڀڃڻ جھڙا ڪري ڇڏينديون آھن. اھي ھن جابلو علائقي ۾ سونھن جي وڏي کاڻ ھيون ۽ موت جي کوھ اندر ڪجھه پيرڙا کڻي صرف دري مان ديدار ڪرائي غائب ٿي پئي ويون. ٿورو پريان ئي ھڪ ھوٽل ۾ پنھنجي برادريءَ جي شيڊول ڪاسٽ سمجھيا ويندڙ کدڙن جي به حڪمراني قائم لڳي پئي ھئي. ھوٽل ۾ ماڻھن جي ويھڻ لاءِ اسڪولي بئنچون رکيل ھيون جتي عمر جي فرق کان سواءِ ويٺل بلوچستان جا رھواسي تجسس ڀريل اکين سان ڏسندڙ پھرين درجي جا ٻارڙا لڳي رھيا ھئا ۽ ٻه کدڙا فقير سخت ماسترن جيان مٿن ڪنٽرول ڪيو بيٺا ھئا. درگاھ جي اڱڻ ۾ صوفياڻو راڳ ھلي رھيو ھو. جتي سجادھ نشين جي موجودگي سبب تمام گھڻي رش لڳي پئي ھئي. ڀرسان ئي گادي نشينن جي اوطاقن ۾ آيل ذاتي مھمانن جا ٽولا پنھنجيون محفلون ڄمايون ويٺا ھئا. ڪچين چوديوارن وارن اوطاقن ۾ ھڪ طرف صرف گاڏيون بيٺل ھيون. ته ٻئي طرف ٽي ٿڪل ناچڻيون پيرڙا کڻي مڙئي ڌوڙ اڏاري رھيون ھيون. اتان جا شھزادا ھيٺ رليون وڇايون وھاڻن کي ٽيڪ ڏيون ويٺا ھئا ۽ حجتي دوستن مٿان پنجين روپين جا نوٽ گھوري رھيا ھئا. ”توھان بنا اطلاع جي دير سان پھتا آھيو. سڄو مال ختم ٿي ويو آھي. ھاڻي چئو ته گندا واھ مان ٺرو گھرايون.“ ھڪ صاحب زادي پنھنجي جيڪب آبادي مھمانن کي چيو.
    فتح پور ۾ جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي کوٽ نه ھئي پر ايترو گھڻو به نه پئي مليو جو صبح جو تڙ ڪري سگھون. تنھنڪري اوطاق جي اڱڻ ۾ بيٺل ڀنگ جي ٻوٽن جا پنڙا پٽي پنھنجي خمار جو بندوبست ڪندڙ نوڪرن کي ڇڏي اسان ضلعي جھل مگسي جي ضلعي ھيڊڪواٽر گندا واھ ۾ حمام تان تڙ ڪرڻ لاءِ نڪري پياسين. فتح پور کان پنجن ڏھن منٽن جي مسافت واري ان شھر لاءِ ضلعي ھيڊ ڪواٽر ھجڻ ڪري جيڪا توقع ڪئي سين اھا شھر ٻاھران لڳل اھو بورڊ پڙھڻ کانپوءِ ختم ٿي ويئي جنھن تي بلوچستان حڪومت پاران يونيسيف جي تعاون سان عجيب اشتھار لکيل ھو ته ” ميري گائون مين ليٽرين آئي ھي، گھر گھر صفائي ڇائي ھي.“ ميلي جي ڪري حمامن تي رش گھڻي ھئي انڪري ڪم نمبرنگ تي ھلي رھيو ھو ۽ نئين ايندڙ کي ويھن کان پوءِ نمبر ڏنو پئي ويو. حمام طرف وڃڻ بدران اسان شھر جو رخ ڪيو ۽ ماڻھن سان ڪچھريون ڪيون. گندا واھ ۾ ڪنھن سياسي پارٽيءَ جو مضبوط مرڪز ناھي ماڻھو ووٽ ھر حال ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ذوالفقار علي مگسي کي ڏيندا آھن. ”مگسي صاحب گندا واھ ۾ سالن کان نه آيو آھي سندس نياپي تي ووٽ ڪندا آھيون.“ ھڪ دوڪاندار ٻڌايو گندا واھ جو ڪاروبار ھندو سيٺين جي ھٿ ۾ آھي پر ھاڻي ڪجھه ٻين برادرين وارا به ڪاروبار ڪرڻ لڳا آھن. گندا واھ جي ٺري جي ھاڻي ڇا حالت آھي؟ سا ته خبر نه پئجي سگھي پر ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجھه سال اڳ لوڪل ميڊ شراپ کي ٺڪر جي پيالن ۾ اتي پيش ڪيو ويندو ھو. سندس ذائقي ۽ پيشڪش جي انداز جي تعريف جيڪب آباد تائين مشھور ھئي. ھتان جا تمام ٿوڙا ماڻھو اخبارون پڙھندا آھن. انھن کي به ڪوئيٽا کان نڪڙندر اخبارون شام جون ملنديون آھن. جيڪڏھن شام جو نه ملي سگھيون ته ٻئي ڏينھن صبح جو ورھائيندا آھن. گندا واھ جي اڪيلي اخباري ايجنٽ اقبال پٺاڻ ٻڌايو ته ھنن کي شھر جي ويجھي ماضي ۾ ٿيل ڪو سياسي جلسو جلوس ته ياد نه آھي. پر اھا ھڙتال ضرور ياد اٿن جيڪا سندن شھر ۾ پوليس ٿاڻو قائم ٿيڻ جي خلاف ٿي ھئي. مقامي ماڻھو ٻڌائن ٿا ته سڄي ضلعي اندر ھڪ ئي ٿاڻو آھي. ”يعني ايس پي به ھڪڙو ويھي ته ايس ايڇ او به ھڪڙو !“ اسان سان گڏ سفر ڪندڙ بشير حيرانگيءَ مان چيو.
    گندا واھ کان به اڳتي ويندڙ برپٽ جي اڪيلي روڊ بابت فتح پور جي گادي نشين جي ڀائٽي ٻڌايو ته ذوالفقار مگسي به اسان جي حمايت سان کٽندو آھي پر ان سميت ڪنھن به سياسي ماڻھو جو ان روڊ ٺھرائڻ ۾ ڪردار نه آھي. اھو ورلڊ بئنڪ وارن ٺھرائي ڏنو ھو. ھو چوي ٿو ته ھاڻي ان روڊ سان کين وڏي سھولت ملي آھي. نه ته اھو پنڌ ڏاڍو اڻانگو ھوندو ھو. برساتن بعد مھينن جا مھينا ڳوٺ ۾ ئي محصور لڳ ويٺا ھوندا ھئا ۽ ٻاھر نڪرڻ جو رستو نه ملندو ھين. ناشتي تي سنڌ ۾ عام جام چرندڙ چيزل شاھ جي ڏاچين جو ذڪر نڪتو ته ان ئي صاحب زادي ھڪ واقعو ٻڌايو ته رستي ۾ ڏاچيون ملي وين. ھو پاڻ اھو ٻڌندا ايندا ھئا ته سنڌ ۾ چيزل شاھ جون ڏاچيون چرن ٿيون.“ اسان گاڏيءَ مان لھي جت کان پڇيو ته ھي ڏاچيون ڪنھن جون آھن ته ھن چيو ته چيزل شاھ جون. چاچا سائين چيس ته مان چيزل شاھ جو پٽ آھيان مون کي ٻه ڏاچيون ته ڏي ته ھمراھ ڳالھه تان ڦري ويو ۽ چيائين ته چيزل شاھ جڳ نالو آھي، ڏاچيون ته اسان جون آھن، مڙئي پيا ٿا گذران ڪيون.“ ھن ٻڌايو ۽ ڏاچين جي مالڪي بابت وضاحت ڪئي ته ھنن مان ڪڏھن ھڪڙي ڏاچي به درگاھ تي نه آندئي وئي آھي. درگاھ جي صحن ۾ رنگ برنگي ڳانا، رکيل سائين ۽ چيزل سائين جو تصوريرون کپائيندڙ کان گذري، اسان جڏھن روضي اندر داخل ٿياسين ته بلوچستان جي ھن پوئتي پيل علائقي ۾ راڳ ٻڌڻ جو جديد طريقو نظر آيو. چپڙيو يڪتارا کڻي، گيڙو ڪپڙا پاتل فقير جڏھن مزارن جي پيرانديءَ کان ڇپڙي ھيٺان بيھي ”ڪلنگي والڙيا سائين جيون لک ٿيوين“ ڳائي رھيا ھئا ته ھر عمر جا مرد ۽ عورتون گڏوگڏ اھو راڳ ٻڌي رھيا ھئا، ۽ مزارن جي چوڌاري عورتون توڙي مرد گڏوگڏ ٻانھون ٻڌي ڦري رھيا ھئا. ميلي تان موٽي جڏھن سبي وڃڻ لاءِ نوتال پھتاسين ته نوتال به بلوچستان جي ٻين شھرن جيان نالو وڏو ديھه ويران برابر لڳو. ”ھتي پاڻي ئي ناھي ته ماڻھو ڪيئن ترسن. ھي ته ڪجھه ماڻھو مڙئي روزگار سانگي ترسيل آھن.“ ھڪ ھوٽل واري ٻڌايو ” ھتي پاڻي ھر ٻئي ڏينھن ريل آڻيندي آھي. اھو جمع ڪري رکندا آھيون، ٻئي پاڻي اچڻ تائين، نوتال ريلوي اسٽيشن لڳ اھو پاڻي جمع ڪرڻ وارو تلاءُ آھي ۽ پراڻي دور جا ڪجھه ريلوي ڪواٽر به اڃان مظبوط لڳا پيا آھن. ھوٽل ۾ ويٺي ھڪ جھوني نصيحت ڪئي ته سبي وڃڻو اٿو ته مھل ۾ نڪري وڃو نه ته رستو ڏاڍو ڏکيو اٿو. سندس رشتو ڏکيو چوڻ جو مطلب امن امان جي خراب صورتحال طرف اشارو ڪرڻ ھو. چون ٿا ته مين روڊن تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ اغو جي وارداتن ۾ مختلف سردارن جا شوقيا صاحب زادھ ملوث آھن. جيڪي سج لھندي ئي پنھنجيون ڪاروايون شروع ڪري ڏين ٿا ۽ انھن کان ڏنڊ ڏوھ ڀرائڻ يا ڦريل شيون واپس ڪرائڻ ڏکيون آھن. سردار وڌيڪ طاقتور ٿيڻ ۽ عام راڄ تحفظ جي چڪر ۾ آھي ان ڪراڙي کان ئي تعارف پڇيوسين ته چيائين بلوچ آھيان. ابا ڪھڙو بلوچ؟ جي بلوچ اھڙي نفسياتي حالتن ۾ گذاريندڙ ماڻھن وٽ حڪومتي يا مضبوط سياسي قوت جو ڪو ھلڪو تصور به نه آھي. ” ھو ھيوي گاڏين ۾ ھٿياربند کڻي گھمندڙ سردارن کي ئي سڀ ڪجھه سمجھن ٿا. دو نمبري گاڏين جي ڍگين ۾ آديا کڻي گھمندڙ صاحبزادن کان ڪو پڇڻ وارو ناھي.“ اصولي سياست ته اڄڪلھه آھي ڪو به ڪيڏو به شريف ۽ با اصول ماڻھو ھجي. پنڌ ايندو ته ماڻھو ڌيان ئي ڪو نه ڏيندس پر ڀلي بي عزتو ھجي پر پجارو مان لھندو ته ھر ڪو عزت ڪندس “ ڊيرالھيار ۾ ھڪ سرڪاري ملازم ٻڌايو. ھن ٻڌايو ته ڊاڪٽر حئي بلوچ فقير ماڻھو آھي. گھر ۾ سائيڪل به ڪونه ھيس ماڻھو ان کي ڪنھن ليکي ۾ ئي نه ٿا آڻن پر سردارن ڏي روز پنڌ ٿا ڪن. سياسي ڪارڪنن جھڙيون ڳالھيون ڪندڙ ان اڌڙوٽ عمر واري سرڪاري ملازم اھو ڪو نه ٻڌايو ته بلوچستان جي مقامي ٻولين مان ڪا به ٻولي پرائمريءَ ۾ نه ٿي پڙھائي وڃي ان ڪري ھاڻي بلوچن جي رابطي جي زبان اردو ٿي وئي آھي.“ اڪبر بگٽيءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ مادري زبان اسڪولن ۾ پڙھائي ويندي ھئي پر اھا اسڪيم به اختلافن جي ور چڙھي وئي. ان کان پوءِ بلوچستان جا دانشور ڪنھن ھڪ ڳالھه تي متفق نه ٿي سگھيا آھن“ ھن ٻڌايو.
    بنا ڪنھن وڻ ٽڻ يا ساوڪ وارو بيل پٽ جو پنڌ لتاڙيندي بلوچستان جي ڪنھن وقت جي وڏي سياسي قوت بي ايس او جو زڪر نڪتو جنھن کي ھاڻي الائي ڪيترن ٽڪرن ۾ ورھايو ويو آھي. ” بلوچستان جي سياسي قوت کي بي ايس او جي شڪل ۾ ٽوڙيو ويو ته جيئن اھا بلوچن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري نه سگھي.“ ھڪ مقامي دوست ٻڌايو ”اھو انھن ڌرين کان برداشت نه ٿيو ته بلوچ سردارن جا پٽ قومي سياست ڪن ان ڪري ھاڻي سرداري اولاد کي چورن، ڦرن ۽ ڌارن تي ھيرايو پيو وڃي.“ بعد ۾ ھو ٻڌائي ٿو ته سيوھڻ وٽان ھونڊا موٽرسائيڪل سان ڀريل ٽرڪ ڪيئن اغوا ٿي. سندن علائقي ۾ ڪيئن پھتي ۽ پوليس کي ھڪ سردار جي ڊيري تان ملي. ھو بي ايس او جي ٽٽڻ کي بلوچستان جو اھڙو درد سمجھن ٿا. جنھن جو سالن تائين در مان نه ٿي سگھندو.


    تجل جا ڪھڙا تجلا !

    چونڊڪي کان رات جو واپس ڪوٽ بنگلي ايندي جڏھن ڊرائيور کان امن امان بابت پڇيم ته ھن سميت گاڏي ۾ ويٺل سمورن دوستن متفق ٿي چيو ته خطري جي ڪا به ڳالھه ناھي، روڊ رات جو ٽئين چئين وڳي تائين به ائين گاڏين سان ڀريل ھوندو آھي جيئن صبح جو اٺين وڳي ڌاران. ڪوٽ بنگلي کان چونڊڪو تائين رڳو جبل ۽ ويراني پسي سگھجي ٿي پر اھڙن ماڻھن کان تقريبا آجي علائقي ۾ خطري جي ڪا ڳالھه نه ھجڻ وارو بيان ٻڌي ڄڻ ته ڪجھه گھڙين لاءِ بي اعتباري اچي ويندي. پر چونڊڪي کان اڍائي ڪلاڪن جي پنڌ تي ويٺل تجل وارا ماڻھو به اھا ڳالھه چون پيا ته رات جو گھرن کي ڍنگھر ڏيئي نه سمھندا آھن نه ئي پنھنجو مال متاع زنجيرن ۾ ٻڌندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن جو مال ڀلجي ڪنھن پاسي ھليو ويو ته اھو واپس آڻي مالڪ تائين پھچائيندو. ڪوٽڏجي ۽ ڪوٽ بنگلي کان قومي شاھراھ جي ذريعي جڏھن به گذر ٿيو ته پھاڙين جي سلسلي کي ڏاڍي تجسس سان ڏسندو ھئس ته اھو چونڊڪو ۽ نارا گيٽ آخر ڪھڙا علائقا آھن جيڪي کجين واري ضلعي جي پھاڙين پويان لڪل آھن. ان تجسس ۾ اھا اڻڄاڻائي به شامل ھئي ته احمد پور جھڙي ڌاڙيلن جي متاثر علائقي واري ضلعي ۾ چونڊڪو، نارا ۽ تجل جھڙا علائقا به ھوندا جي گھمندي اھو احساس نٿو ٿئي ته ماڻھو اتر سنڌ ۾ گھمي رھيو آھي، گھڙي پل لاءِ ماڻھو ڄڻ ته لاڙ ھليو وڃي ٿو. خيرپور جو ھيءَ وسيع وارياسو علائقو دادو جي ڪاڇي واري علائقي جيان پوئتي پيل آھي، جنھن جي تعلقي ھيڊڪواٽر چونڊڪي ۾ سرڪار اڃان پوسٽ آفيس به قائم نه ڪئي آھي ۽ نه ئي ڪو پوسٽ مين جھڙو ڪرادر ھتي ملي ٿو. واريءَ جي دڙن ۾ ولاريل ھن شھر سنڌ جي ڪافي شھرن جيان ورھاڱي کان اڳ واري وسندي لڳي ٿو جتي ڪاروبار تي قابض شوخ ھندن جون شڪايتون مسلمان ماڻھو سس پس ۾ ڪن ٿا. ڏھ، ٻارنھن ھزار آباديءَ واري ھن شھر ۾ پرائيويٽ اسڪول ته آھن پر سرڪار پنھنجي تعمير ڪرايل پرائمري اسڪول ۾ اڃا تائين عملو نه موڪليو آھي، جنھن ڪري سرڪاري اسڪول شروع ٿي نه سگھيو آھي.” ھي ته ھاڻي ڪجھه گئس نڪرڻ کانپوءِ چھل پھل وڌي آھي نه ته چونڊڪي ۾ ماڻھن جا حال پورا ھئا“، ھڪ دوڪاندار چيو. پر گئس ملڻ کانپوءِ چونڊڪي کي ڪھڙو پر لڳي ويا آھن؟ چون ٿا چونڊڪي ۽ ڪاٺوڙ جي آسپاس گيس ۽ تيل ڳوليندڙ ڪمپنيءَ کي ٻارنھن کان وڌيڪ کوھ مليا آھن. ان ڳالھه کي ڏھ سال گذري ويا آھن پر اڃان تائين چونڊڪي شھر کي به ايئن گيس ناھي ملي جيئن گھوٽڪي جي قادرپور کي. ”لاسمو ڪمپني وارا بورچي ۽ ڊرائيور به فيصل آباد ۽ ملتان مان کنيون ٿا اچن. ھتان جي ماڻھن جي انھن کي شڪل به ڪو نه ٿو وڻي“ ھڪ بيروزگار شخص شڪايت ڪئي، پر مقامي ماڻھو ان حق تلفي طرف ڪو عملي اجتماعي رويو نٿا رکن. ”ھن پاسي توھان کي نه ڪو ڪارو ڪاريءَ جو ڪيس ٻڌڻ ۾ ايندو“. چونڊڪي جي ھڪ زماني گشت ھمراھ ٻڌايو ” ماڻھو اھڙو ڦڏي جو ڪم ڪن ئي ڪو نه. جيڪڏھن ڪنھنجو عيب ثواب ڏنائون به ته پردو وجھي ڇڏيندس“. ھن کي ھڪ ٻي شڪايت به ھئي ته ماڻھو ”ڇوڪري پرست“ ڏاڍا ٿي پيا آھن. اھو الزام لڳي ٿو ھاڻي دادو وارن کان لھندو شڪارپور، گھوٽڪي کان ٿيندو چونڊڪي پھچي ويو آھي. جيئن ڪاڇي واري وڏي شھر واھي پانڌي ۽ ٿر واري مٺيءَ تائين صرف روڊن جي سھوليت آھي تيئن ئي چونڊڪي تائين روڊ اچي ٿو جيڪو سوراھ ۽ ڪاٺوڙ تائين به نٿو ھلي. سوراھ جي اولھندي پاسي انڊس رينجرز پنھنجو ھيڊڪواٽر اھڙي جڳھه تي قائم ڪيو آھي جتي انگريزن جو اھو بنگلو خالي ٿيل آھي، جتي حرن کي لاڪ اپ تشدد ڪيو ويندو ھو. اتان گذرندي ھوا جي جھوٽي جيان ھڪ سوال ڪنن سان ٽڪرائجي ٿو. ”ڇا ھاڻي صورتحال تبديل ٿي آھي؟“ ھن علائقي کي عجيب انڪري به چئي سگھجي ٿو ته جابلو سلسلو ڪراس ڪرڻ کانپوءِ نارا ڪئنال پنھنجي مستيءَ سان ڪنارا کائيندي نظر اچي ٿو. اھي ٽئي شيون اھڙو ته علائقي کي خوبصورت بڻائين ٿيون جو ھتي ڪنھن پڪنڪ پوائنٽ جي شديد کوٽ محسوس ٿئي ٿي. نارا ڪئنال اڄڪلھه جتان ڪٿان ڪپرن کان کائيندو پيو وڃي جنھنجي ڪري مقامي ماڻھو ڪجھه وڌيڪ خوف ۾ ورتل آھن ” سائين نارو آھي درياھ جو وڏو پٽ، اھڙي ئي مستي ڪري ٿو جھڙي سندس پيءُ. ھاڻي ڪپڙن جي واھر ڪير ڪري؟“ ڪاٺوڙ وٽ ھڪ ڳوٺاڻي چيو. ماڻھن جو رستو نارا ڪئنال جي ڪپرن سان ئي نارا ڪئنال جو پيٽ ته ڏاڍو گھرو ۽ ويڪرو آھي پر ماڻھن کي زرعي آبادي لاءِ چئنلن جي ذريعي ملي ٿو، ڇو ته زمين جي سطح پاڻي جي وھڪري کان مٿي آھي. ماڻھو اڃا تائين نارا ڪئنال کي ٻيڙين واري پل ذريعي ڪراس ڪن ٿا جيڪا ممتاز چئنل وٽ آھي پر سخت ضرورت واري پل سالن پڄاڻان به کين تجل وٽ ٺھي نه ملي سگھي جنھن جون ٻيڙيون به ڪجھه آفيسر کڻائي ويا آھن. ھتان جا ماڻھو اڃان تائين مفاصلو ڪلوميٽرن بدران آبپاشي وارين آرڊين ذريعي ٻڌائين ٿا ”سائين تجل ھتان کان 13 آرڊيون پري آھي“، ھڪ ڳوٺاڻي ٻڌايو. نارا ڪئنال جي سمورن چئنلن تي قائم مانڊيڻون ۽ ھوٽلڙا ئي ھتان جي ماڻھن جي واحد تفريح آھن. تجل وٽ موڪلائڻ مھل ڪجھه مولاين صلاح ھنئي ته ”ابا ترسو ته ٿاڌل ( ڀنگ) جا ڪونڊا گھوٽيون، شام جو شڪارڙو به ڪريون“ صلاح ھڻندڙ مواليءَ فخريه انداز ۾ ٻڌايو ته ڀنگ پيئڻ جا ڪيترائي مقابلا سندس کٽيل آھن. اٺن ۽ گھوڙن جي سواري ھتي اڃان تائين عام جام آھي پر ماڻھن ٽريڪٽرن کي به ٽيڪسي ڪري ھلائڻ شروع ڪيو آھي. ”جتي چوندوء گھمائيندوسانو، رڳو رات ترسو ٻه ٽريڪٽر ڪڍون ٿا سڄو نارو ٿا گھمايون توھان کي ! “. ھڪ خوشحال ھمراھ دل کي کولي صلاح ھنئي. ڪجھه خوشحال ماڻھن کي پڪيون جايون ٺھرائيندي ڏسي گھڻن ئي ماڻھن پنھنجا ڪکاون چونئرن کان شفٽ ڪري ڪچين پڪين جاين ۾ آڻي ڇڏيا آھن، جڏھن ته چونئرا پڻ اڃان تائين عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿا. چونڊڪي ۾ جڏھن به پير پاڳارو ايندو آھي ته سندس ترسڻ لاءِ ھڪ خوبصورت جھلو تيار ڪيو ويندو آھي، سنھن ڪانن ۾ سھڻن ڌاڳن سان جڙيل ان جھلي ۾ شيشي جو ڪم ته وڏي مھارت سان ڪيو ويندو آھي. چون ٿا اھو مڪمل ڪاٽيج ھوندوآھي جنھن ۾ ڪار پارڪنگ جي به سھوليت رکيل ھوندي آھي. ” چانڊوڪي راتين ۾ توڙي ڏينھن جو جھلو تيار ڪندڙ مرد ۽ عورتون مخصوص قسم جا مولود چوندا رھندا آھن ۽ ٽيپ تي به ٻڌندا رھندا آھن. پوري طرح پاڪائي سان ويھي اچي جھلو تيار ڪندا آھن.“ پير صاحب رات ترسي يا ڪلاڪ اڌ جي استعمال کان پوءِ جھلي جي عمر ختم پر اھو ٻئي ڪنھن کي به استعمال ڪرڻ نه ڏيندا آھن“. اھڙي ئي تازو ڪجھه مھينا اڳ استعمال ڪيل جھلي کي چونڊڪي ٻاھران گيس ڪمپنيءَ جي وڏي کليل ميدان واري اسٽور ۾ پيل اسان به ڏٺو. پير پاڳاري جي جماعتين کي ته سرڪاري سزا کان وڌيڪ ھٿ بند واري سزا جو ڊپ ٿئي ٿو جنھن ۾ سزا مليل ھمراھ سان مخصوص عرصي تائين جماعتي مٽ مائٽ ۽ گھر ڀاتي به سوشل بائيڪاٽ ڪندا ۽ ساڻس ڳالھه ٻولھه ۽ ھٿ ڏيڻ بند رکندا. ان دوران سندس گھر واري پڻ سوشل بائيڪاٽ ڪندي جنھن کي ”دربند“ چون ٿا. ” ڀلي گھمندو وتي مال، ھتي ڪير چوري ڪري ته ٻئي ڏينھن ھٿ بند ٿي وڃينس“، ھڪ ڌنار ٻڌايو.
    ھن وسيع ۽ ڦھليل وارياسي علائقي کي نارا چون ٿا. جڏھن ته نارا گيٽ، جيئن پڙھڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ڪو چونڊڪي جھڙو شھر ھوندو پر نارا گيٽ صرف ڪجھه مانڊڻين جو نالو آھي، جتي چانھه ملي سگھي ٿي. ان اسٽاپ وٽ آبپاشي وارن جي ھڪ گيٽ ھنيل ھئي، جنھن جي ڀرسان ڦٽل آبپاشي وارن جو بنگلو آھي. ان گيٽ سبب نالو ئي نارا گيٽ پئجي ويو اٿس. وقت جي ڪميءَ سبب ڪتي جو قبو نه گھمي سگھياسين، ڪنھن برادري وچ ۾ ھڪ لاجواب ڪتي تان ٿيل ڪجھه يادگار قتلن کان پوءِ مشھور ٿيو ھو ۽ جڏھن اھو شوق وارو ڪتو مئو ته ان ڌر کيس دفنائي مٿانئس قبو اڏائي ڇڏيو ھو. ھن علائقي ۾ پکين جو شڪار به گھڻو ٿئي ٿو پر پکي اڃان ماڻھن کان ڊڄن ٿا. مختلف قسم جا پکي ولرن ۾ گھمندي ملن ٿا. مقامي ماڻھن ته اھو به چيو ته رستي ۾توھان کي تتر گھمندي ملندا، اسان کي تتر ته ڪو نه مليا رڳو ڳيرا چڳندي مليا. ناري جا ماڻھو ٿر ڌڻي ۽ قلمي قرآن وارن زيارتين تي به عقيدتمندي واري شوق سان ويندا آھن. ٿر ڌڻي جي درگاھ تمام گھڻن زائرين کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿي، ماڻھو سندس شجرو مخدوم بلاول سان وڃي ملائين ٿا ۽ نارا جي ڏورانھين علائقن کان اٺن ۽ گھوڙن تي چڙھي به مرد ۽ عورتون پنھنجون باسون باسين ٿا. جڏھن ته قلمي قرآن وٽ اڪثر ڪري ماڻھو ساک پت سان آجو ٿيڻ لاءِ اچن ٿا. چون ٿا ته ڪنھن غريب کي خواب ۾ آيو ته سندس گھر ڀرسان واري وڻ تي قرآن شريف اچي لٿو آھي، جيڪو ڪنھن نامواقف ماحول تان اڏامي اچي وٽس مھمان ٿيو آھي ان کي پھرائي پاڻ وٽ رکي، جنھن بعد ان مسڪين ھٿ سان لکيل قرآن شريف کي لاھي پھرائي پاڻ وٽ سنڀالي رکيو ۽ ائين سندس زيارتين جو سلسلو شروع ٿي ويو. اڄڪلھه ماڻھن کي گھڻو تڻو قلمي قرآن کي ساک پت لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو آھي. ”علائقي جي مشھور شخصيت شوڪت ڀنڀرو تازو ئي ڪوڙو قسم کڻڻ سبب مري ويو آھي. ھن قلمي قرآن تي ھٿ رکي ڪوڙي ساک ڏني، ٻن ڏينھن کان پوءِ اچي جو بيمار ٿيو ته مرندي مري ويو خوش نه ٿي سگھيو“ چونڊڪي واسي تازي ٿيل واقعي متعلق ٻڌايو.
    تجل کي ماڊل وليج بڻائڻ واري خواب کي ڪامورن پاران ڌوڙ ڪرڻ کان پوءِ مقامي ماڻھن سالن تائين سرڪار جي واپسيءَ جو انتظار ڪيو پر جڏھن سندن اکيون انتظار ڪندي ٿڪجي پيون ته پنھنجي ئي پڙھيل لکيل نوجوان کي ھنن سرڪاري عمارتن ۾ رضاڪارن طور ويھاري ڇڏيو. تجل اصل ۾ ڪنھن مخصوص ڳوٺ جو نالو ناھي، نه ئي بينظير حڪومت پاران شروع ڪيل مثالي ڳوٺ واري اسڪيم ۾ھتان جي ماڻھن لاءِ ڪي گھر ٺھرايا ويا ھئا. چوڏنھن پندرنھن ٽريل پکڙيل ڳوٺن جي وچ تي واريءَ جي دڙن کي سنوت ۾ آڻي ٻن ڪمرن تي مشتمل ٽي عمارتون تعمير ڪرايون ويون، اسڪول ڊسپينسري ۽ جانورن واري اسپتال ۽ انھن کي نالو ڏنو ويو ”مثالي ڳوٺ“ ٽيليفون ايڪسينچيچ سامان اسڪول ۾ ئي رکيو ويو. چار دڪان ساسو وارن ٺھرايا ۽ ٻه دڪان ٽريڪٽرن جي گئريچ لاءِ اھو ٿي ويو ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھيل مثالي ڳوٺ. جنھن ۾ ھاڻي ڊسپينسر، ھائوس جاب ڊاڪٽر جيان دوربيني ڪلھن تي رکي ڊاڪٽر ٿي گھمي ٿو. سندس ٻه ساٿي به ھن وانگر رضاڪاراڻي نموني پرائمري اسڪول جو ڪم ھلائين ٿا. ”سرڪار پنھنجو مقرر ڪيل اسٽاف سالن کان ھن مثالي ڳوٺ ڏانھن نٿي موڪلي ته پوءِ ھنن ھمراھن کي ئي کڻي نوڪريون ڏئي ته ھي ئي پڪا ٿي ڪم ڪن“ تجل ۾ ھڪ موالي چيو. تجل واسين وٽ پنھنجي دردن جو الڳ داستان آھي. ھو مرحوم رحيم بخش وساڻ جو وڏيون شڪايتون ڪرڻ کان پوءِ چون ٿا ” پالٽيبازي (پارٽي بازيءَ) جو چڪر ڏسو، جنھن ڏينھن محترمه بينظير افتتاح ڪرڻ آئي ھئي ان کان ھڪڙي رات اڳ پوليس اسان جا ڏھ ٻارنھن ھمراھ لاڪ اپ ڪري ڇڏيا ھئا، جي توھان ڳڙ ٻڙ ڪندو.“ ڳاڙھي ڏاڙھي واري ھڪ ڪراڙي ٻڌايو ۽ وڌيڪ چيو ”ابا جڏھن جھاز به اڏري ھليا ويا پوءِ اسان کي ڇڏيائون.“ تجل جي ھڪ دلچسپ موالي پنھنجي روايتي انداز ۾ چيو، ”اھو به لک مولائي“ اھو جملوھر ڳالھائيندڙ جي ساھ پٽڻ کان پوءِ اھڙي ته سليليوار نموني سان چوندو رھيو جو يعقوب سرمرو ساڻ ھجي ھا ته ساڻس ضرور وڙھي پوي ھا. وارياسي پنڌ جھاڳي وڃڻ کان پوءِ تجل ڏسي جيترو اسان مايوس ٿياسين اوترو ئي تجل وارا ھمراھ خوش ٿيا. ماڊل وليج جو نالو ٻڌي اسان سوچيو ڪا ٺاھوڪي ھارين جي ڪالوني، اسپتال، اسڪول جو وڏيون عمارتون ھونديون پر ٻن ٻن ڪمرن وارا ڇپرا ڏسي ڏاڍا مايوس ٿياسين پر تجل وارا ڏاڍا خوش ھئا. ”اسان پاڻ ڪيترن ئي مھينن کان تيارين ۾ ھئاسين ته اخبار وارن کي وٺي اچي ھھڙو ظلم ڏيکاريون پر توھان کي ته اڄ الله آندو آھي، گھر ويٺي مھمان اچي ويا آھن“ ھڪ نوجوان چيو ۽ جڏھن سندس ان جملي تي 50 سالن کان پوءِ ڪنھن اخبار وارا تجل آيا آھن ته مان خاموش ويٺو ھئس ته موالي ھڪل ڪئي ”اھو به لک، حقيقت اٿئي“. تجل جون ھوائون ڏاڍيون زور ھيون، ڄڻ اسان ڪيٽي بندر يا ٿڌي سڙڪ ڪناري بيٺا ھجون. تجل ڀرسان وھندڙ واھ جي ٻنھي ڪپرن سان پوکيل املتاس جي وڻن کي ڏسندي ائين لڳو ته آبھوا ۽ امن امان جي حوالي سان لوئر سنڌ جو علائقو اپر سنڌ ۾ اچي ويو ھجي، جتي ماڻھن جي ملڪيت پڻ ماٺيڻي آھي. کين واپڊا جي معمولي ڪم لاءِ به خيرپور وڃڻو پوي ٿو پر شڪايت نٿا ڪن، نارا ڪئنال تي ٻيڙين جي پل ۽ روڊ ٺھي نٿو ملين پر ھو شڪايت نٿا ڪن، گيس نڪرڻ کان پوءِ ڌارين جا ڪٽڪ اچي ويا اٿن پر ھو چپ نٿا چورين، سندن سادگي جي حد آھي يا پاسي تي ويھڻ سبب کين پتو نٿو پوي جو ھڪڙي سپاھي کان به پوري ايس ايڇ او جيترو ڊڄن ٿا. تر جا ننڍا وڏا زميندار صوبيدار ته ڇڏيو سپاھي سان به سنگت رکڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. ائين ئي پوليس، ٻيڙي ۽ تيل ڳوليندڙ ڪمپنيون سندن سچائي جو سبب بڻجنديون رھن ٿيون پر ھو مٽيءَ جيان خاموش آھن، اڃان ڪو طوفان بڻجي نه سگھيا آھن.


    برھ جي بوند ۽ دردونديءَ جو ديس

    ڪيئن چئجي ته ڪارونجھر جي ھنج ۾ ستل ننگر شھر جا نصيب به ڪڏھن جاڳي پوندا ۽ ھو ايترو ئي اھم شھر ٿي ويندو، جيترو ورھاڱي کان اڳ ھو. ننگر پارڪر جا نصيب رڳو نواز کوسي جي دعائن ۽ اپيلن سان ته ڪو نه ٿا جاڳن م جيڪو ھر اھم ۽ غير اھم ماڻھو سان سور پٽيندو رھي ٿو. اھو الميو رڳو ننگر واسين جو ناھي پر پوري ٿر واري علائقي سان اھو ئي ويل آھي. جيئن ھو چون ٿا ته ”اسين ته انھن (حاڪمن) جي نظرن ۾ ماڻھو ئي ناھيون اسين ته گدڙن وانگر پيا آھيون.“ پاري ننگر، ڪاسبو ۽ پارڪر جو اڳوڻو اوج ورھاڱي کان پوءِ جيئن ختم ٿيو آھي ته وري موٽي نه سگھيو آھي. اھي سون چانديءَ جا دڪان ۽ اھو گجرات، بمبئي، احمد آباد سان ڪاروبار ته ڪڏھوڪو ختم ٿيو پر اھو ڪاجھڙاسر به ھاڻي اجڙي ويو آھي جتي شھر جو مايون جڏھن صبح جو اچي منھن ڌوئي وينديون ھيون ته سڄي تلاءُ مٿان انھن جي ڪجل جو ڪارو تھه ڄمي ويندو ھو. ھاڻي خير تلاءُ ته موجود آھي پر اھي ڪجل ۽ ڪجل واريون ته ڳولھيو ڪونه ٿيون لڀن. پاري ننگر جو حسن به ڄڻ ته انھن ”ويجھڙساءِ“ ۽ ”ڪاجھڙساءِ“ ڀائرن وانگر ھتان رسي ھلي ويو آھي جيڪي ٺڪرن جي ظلمن کان تنگ ٿي ڏياري واري ڏينھن بتيون ٻاري ھميشه لاءِ پاري ننگر مان روانا ٿي ويا ھئا. ھاڻي چوڌاري بک ۽ غربت جو راڄ آھي. پر ھاڻي راڄ جي خاتمي جا ڏينھن ويجھا اچي ويا آھن، ڇو ته برساتن کانپوءِ ٿرين جا نصيب جاڳي پيا آھن ۽ ھنن کي ڀلي فصلن لھڻ جي اميد آھي، ھو پنھنجي تيار فصلن کي ڏسي قرض تي ورتل اٽي جي ماني کائي روايتي طور اھو جملو دھرائين ٿا ته ”اڃا ھڪڙو مينھن کپي.“ اھو مينھن ٿرين جي مطالبي وارو اھڙو مينھن آھي جيڪو ڪڏھن وسيو ئي ناھي، ڪيتري به برسات پئجي وڃي پر جڏھن ٿرين کان پڇبو ته ھاڻي ته گھڻي برسات پئجي ويئي آھي ته ھو اھو ئي جملو دھرائيندا ته ”اڃا ھڪڙو مينھن کپي.“
    جنھن رات اسان اڌارتي مھمان ٿي اچي ننگر پارڪر پھتا ھئاسين ان رات نه رڳو بادل ٿرين تي مھربان ھئا پر ھلڪي ڦڙ ڦڙ به پئجي رھي ھئي. سڄو ڏينھن ٿر ۾ ڀٽڪندي ٿڪاوٽ جو احساس ئي نه ٿيو ھو ڇو ته ٿر سڄو سرسبز ۽ سائو لڳو پيو ھو ۽ اسان ھندوري جي جھولن وانگر ٺھيل ڀٽن تان لھي ۽چڙھي ھر واديءَ جي نظاري کي ائين اتساه مان ڏسي رھيا ھئاسين ڄڻ ته الينڊ اسڪيز جي ڪنھن شاھڪار مجموعي جا حسين صفحا اسان اڳيان کلندا ويندا ھجن. ٿر جو اھو حسن پنھنجن پراڻن عاشقن لاءِ ڄڻ ته ڪيسيٽي پيغام ۽ نياپا ڏئي رھيو ھو. ڏڪار جي ڏينھن بئراجي علائقن ڏانھن ويل ڍور ڍڳا ۽ ماڻھو پنھنجي ڀٽن واري ديس ۾ ڏاڍا خوش ۽ مطمئن ٿي پي ھليا. جيئن ڪيترن ئي ماڻھن کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه ايندي آھي ته بک، بدحالي، ڏڪار ۽ سھولتن جي اڻھوند ھوندي به ٿري آخر ٿر مان لڏي ڇو نٿا وڃن تيئن ئي اھا ڳالھه سنڌ جي اڳوڻي ملنگ گورنر دائود پوٽي کي به سمجھه ۾ نه آئي ھئي ۽ ھن ڏڪار وارن ڏينھن ۾ کاکڻھيار ۾ اچي اھا راءِ ماڻھن سان شيئر ڪئي ته توھين ھتان لڏي ڪراچي ڇو نٿا اچو. ٿرين پاران ان شھر ۾ مارجڻ واري خدشي ٻڌائڻ کانپوءِ ھن کين اھو مشورو ڏنو ته چڱو پوءِ توھين سکر لڏي وڃو. عظيم دائود پوٽي جي اھا ڳالھه ٿر ۾ اڃا تائين ائين لطيفي طور مشھور آھي. جيئن مقامي وڏيري قائم علي شاھ جي رعب تاب تي اھو لطيفو ٺھيل آھي ته ڪنھن ٿريءَ ٻڌايو ته ڀٽي کي ڦاسي ڏني ويندي ته ھڪ ٻي ٿريءَ کيس وراڻيو ته ”ڪارڙو قائم علي شاه ويو آ مري جو ضياءَ ڀٽي کي ڦاسي ڏيندو.“ عظيم دائود پوٽي جي صلاح ماڻھن انڪري به لطيفي طور ورتي جو ٿري ٿر ڇڏڻ جو شايد تصور به نٿا ڪن ۽ ھاڻ وسڪاري کانپوءِ توھان وڃي ڏسندؤ ته توھان به اھو چوڻ کان ڪونه رھي سگھندو ته ھي حسين واديون ڇڏي آخر ٿري لڏي ڇو وڃن؟
    ٿر جو زمينون جيڪي وسڪاري کانپوءِ ھڪ ئي وقت ڪيترائي فصل ڏين ٿيون. انھن کي ٿري آخر ڇو ڇڏين. ٿر جو زمينون وسڪاري کانپوءِ ايتريون ته ڀليون ٿي پون ٿيون جو معمولي ھر ڏيڻ کانپوءِ ڇٽيل ھر ٻج مان اپت ڏين ٿيون. ٿر جي زمينن لاءِ مشھور آھي ته اھي امانت (ٻج ) ۾ خيانت نه ڪنديون آھن. ھي زمينون ته چور جو پير به نٿيون لڪائين ته اھڙين اصيل زمينن کي ڇڏي ٿري اھڙن شھرن ڏانھن ڇو لڏي وڃن جتي چورن جا پير ته ڇڏيو انھن جا مائي باپ به لڪي ٿا وڃن.اھو قصو شايد ائين سمجھه۾ اچي ته ٿريءَ جو من به مور جھڙو ٿئي ٿو جيڪو آزاد ڀٽن ۽ ڳوٺن ۾ موج ڪري ٿو، پر شھرن ۾ اچڻ سان مري وڃي ٿو. جڏھن کان مٺي اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر شھر ٿي ويا آھن ته مور انھن شھرن مان ئي لڏي ويا آھن. اھي ڳوٺن ۽ ڀٽن ۾ ته بنا کٽڪي جي گھمن ٿا، پر شھرن ۾ مايوس ٿي مري وڃن ٿا، شايد اھو ئي سبب آھي جو رينجرز جي ويراواه واري ھيڊڪوارٽر جا سپاھي جڏھن ٽن مھينن کانپوءِ موڪلن تي ڳوٺ وڃن ٿا ته ھو کڻڻ لاءِ جيئرا مور به کڻي سگھن ٿا. پر ھو ائين نٿا ڪن ۽ رڳو انھن مورن جي خوبصورت کنڀن جون ٻھاريون ٺاھي ڳوٺن ڏانھن کڻي وڃن ٿا.
    بدترين ڏڪار ٿرين کي گھڻو ڪجھه سيکاري ڇڏيو آھي، تنھنڪري ھن وسڪاري کانپوءِ تمام گھڻا فصل پوکيا ويا آھن ۽ ڪجھه ھنڌن تي ماڻھن ٻاجھر، گوار، ڇانھيون (ھڻداڻا) پوکي ڇڏيا آھن. نئين ايندڙ ماڻھو کي مري ويل جانورن جا رستن ۾ پيل ھڏاوان ڍانچا شايد اڃا به حيرت ۽ حراس ۾ آڻي ڇڏين پر ھاڻي انھن ڏانھن ٿرين جي اک ئي ٻي آھي. ھو پنھنجي تيار فصلن کي ھڪ اميد ۽ آسري سان ڏسن ٿا. تيار ته ھاڻي ڀٽن تي روھيڙي جو اھو وڻ به آھي، جنھن مان ٺھيل فرنيچر کي سرو نه لڳندو آھي. ڪونڀٽ جو وڻ به گھڻو تيار بيٺو آھي، جيڪو ٻڪرين جو خاص کاڄ ٿئي ٿو. ٿر ۾ ھر قسم جي ساوڪ ڏسڻ کانپوءِ جڏھن ڳوٺن ۾ نمن جا وڻ ڏٺم ته آئون انڪري به حيران ٿي ويس جو ٿر جي معنى بر ورتي وڃي ٿي ۽ ھي نمن جو ڇائون ته بر ۾ پھاري ھجن ٿيون. ڊاڪٽر سوني ٻڌايو ته ٿر ۾ سرڪار نه پر وڻن جو ٻج ڇٽڻ وارو ڪم گھڻو تڻوٻڪريون ۽ ڪانو ئي ڪن ٿا. انھن جي مھربانين سان ئي اھي گھاٽيون نمون ۽ ٻيا وڻ ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. چون ٿا ته ٿر جي ماڻھن جيان ٿر جا وڻ به برسات جي اڳڪٿي ڪن ٿا ۽ ڀٽن تي بيٺل ٻير جڏھن صفا سائي چھچ ٿي ٻور جھلي ته سمجھو برسات ويجھي آھي. سڀ وڻ ۽ گاه ساوا ھئا پر ڪنڊيءَ جو وڻ سڪل ھو، جنھن لاءِ ٻڌايو ويو ته اھو وڻ به اٺ جيان ٿئي ٿو. وسڪاري وارن ڏينھن ۾ خوراڪ گڏ ڪري ٿو ۽ ڏڪار وارن ڏينھن ۾ ان گڏ ڪيل خوراڪ تي ئي گذران ڪري سائو چھچ ٿي وڃي ٿو. ٿر ۾ ماڻھو اڃا بکن ۾ پاه پيا ٿين پر ھاڻي اھا ساوڪ ئي سندن اميدن کي به سائو رکيو اچي ٿي ۽ کين خوشحاليءَ جا ڏينھن ويجھو ايندي محسوس ٿين ٿا پر ھيءَ اھا خوشحالي ناھي جنھن جو آسرو ٿيندي ئي اتر سنڌ ۾ جھيڙا شروع ٿي ويندا آھن. ٻاويھه ھزار چورس ميلن تي پکڙيل ھن ريگستان ۾ لکين ماڻھو آباد آھن پر ھو پاڻ ۾ ورلي ڪو وڙھن ٿا. کاکڻھيار بجير کان ٿي جڏھن اسان ”کاکڻھيار رحم علي“ وٽان گذري رھيا ھئاسين ته واري جي ڀٽن وچان ٺھيل ھڪ رستي تي وروڪڙ مٽيندي اسان جي گاڏي سامھون ايندڙ گاڏي سان ذري گھٽ ٽڪڙائجي وئي ھئي پر ان تي ٻنھي ڌرين مان ڪير به نه ڪاوڙيو ۽ ٻنھي کلندي گاڏيون اتي پوئتي ڪري ھڪٻئي کي رستو ڏنو. ھونئن ته سڄو ٿر پرامن آھي پر جنھن ڳوٺ ”منڙيو سومرا“ ۾ اسان ڪجھه گھڙيون ترسياسين ان بابت ٻڌايو ويو ته ان ڳوٺ ۾ گذريل ڏيڊ سؤ سالن دؤران ڪوبه قتل نه ٿيو ۽ نه ئي ڪو خوني جھيڙو ٿيو آھي. ان ڳوٺ ۾ نه رڳو مختلف ذاتين وارا ماڻھو رھن ٿا، پر مختلف مذھبن وارا ماڻھو به رھن ٿا، پر ان ڳوٺ ۾ ڪڏھن ڪا چوري به نه ٿئي آھي. ان ڳوٺ جي مسلمان وڏيرن جي گھر ڀرسان مينگھواڙن جي عبادت گاه ”ٿان“ ٺھيل آھي. ان ڳوٺ ۾ ڪو به گوڙ شور ڪونه ھو صرف پکين جو آواز ھو. ان ڳوٺ جي صاف سٿري چؤنري ۾ پيل ھندوري ۾ لڏندي ”کاٽائو جاني“ الاءِ ڇو صفا معصوم پئي لڳو ۽ کيس شايد اھڙو سرور ملي رھيو ھو جھڙو اسان کي ننگر جي ننڊ مان صبح جو سوير جاڳندي ٿيو ھو. ان صبح پکين جي آواز تي جڏھن اک کلي ته سامھون ئي ڪارونحھر جون چوٽيون ڌنڌليون نظر اچي رھيون ھيون. ان ئي ڪارونجھر ۾ اڄڪلھه ته ڪو انڊيا مان ڀلجي آيل چيتو لڪل آھي، پر ان پھاڙ جي ھر پٿر ھيٺان ڪولھين جون ڪيترون ئي ڪھاڻيون لڪل آھن. اھو ته چاچو نواز علي کوسو ئي ٻڌائي سگھي ٿو ته ڪيئن انگريزن روپلي جي ھٿن کي ڏيئا بڻائي باه ٻاري ھئي. پر ھن راز نه اوڳاڇيو. ان ئي نواز کوسي، انور پيرزادي ۽ بدر ابڙي سان گڏجي ان جڳھه تي پٿر رکي نشان ٺاھيو ھو جتي وڻ ۾ ٽنگي روپلي کي ڦاھي ڏني وئي ھئي پر اھي پٿر به ھاڻي ڪير اکاڙي ويو آھي ۽ صرف ڳالھين تي ئي اعتبار ڪرڻو پوي ٿو. ڪولھي اڄ به روپلي جي شاعري ””ٻوليو وڪڙا ٻول“ جھڙا مصرعه ٻڌائين ٿا. چاچو نواز ته اسان کي ڪولھين جي ھڪ ٻئي وڏي جھونجھار مڏو ڪولھي جو به يادگار ڏيکاري ٿو، جنھن جو اولاد ھاڻي مڏاڻي ڪولھي سڏجي ٿو ۽ ھر ڏياري واري ڏينھن اھي ڪولھي سندس ورسي ملھائين ٿا. ڪولھين جا ڳوٺ گھمڻ کان پوءِ اسان جڏھن ڪاسبي پھتاسين ته اعتبار نه پئي آيو ته ٿر جي ڪنھن علائقي ۾ بيٺا آھيون ڪاسبي جون زمينون بيراجي علائقن جيان مشينن ذريعي پاڻيءَ تي آباد ٿي رھيون آھن. ڪاسبي ۾ انبن،ليمن ۽ ناريلن جا وڻ به اپت ڏين ٿا. ٿر جي ان ننڍڙي نخلستان جھڙي مندر ۾ مورن جي ٽھوڪن اسان جي آجيان ڪئي، الاءِ پوڄاري کي اطلاع ڪيو ته اجنبي اچي ويا آھن؟ اسان ڪاسبي جي باغن مان گھمندي رابيل جا گل پٽي خوشبو جا واس وٺندي موٽياسين ته رستي ۾ مور جا کنڀ پيل مليا، ھڪ کنڀ مون به کنيو. ڪاسبي جي ٻارڙن تي رشڪ پئي ٿيو، جيڪي مورن جي کنڀن سان کيڏي رھيا ھئا. ھڪ ٻارڙي کان کنڀ ورتم پر ھن بعد ۾ ڦڏو اھو ڪيو ته ٽڪ (کنڀ) واپس ڪر يا وري ٻه روپيا ڏي. ٿرين جي ٻارڙن جي ڪمرشل ٿيڻ تي حيرت سان گڏ خوشي به ٿي ۽ ماڻھن جي ٻڌايل انھن ڳالھين تي به شڪ ٿيو جيڪي چئي رھيا ھئا ته ٿر ۾ کير اڃان به مفت ۾ ملي ٿو، پيسن تي وڪرو نٿو ڪيو وڃي. ڪاسبو ٿر جي ٻين ڳوٺن کان گھڻن حوالن سان منفرد آھي. ڪاسبي جا ماڻھو ڏڪار دؤران سنڌ جي بئراجي علائقن ڏانھن لڏي ڪونه ويا ھئا. ڀارتي سرحد کي ويجھي ھن شھر جي آبادي ھاڻي وڌندي پئي وڃي جنھن ڪري گھٽيون ۽ گھر سوڙھا ٿيندا پيا وڃن.
    ڪاسبي جي حسن جي تعريف ھنڌان ھنڌان ٻڌيسين پر اسان کي رڳو سرسبزيءَ وارو حسن نظر آيو. اھو عورتاڻو حسن الاءِ ڪٿي لڪل ھو جيڪو نه ڏسڻ جون ميارون واپس اچي مٺيءَ ۾ به مليون. ڪاسبيءَ جي ننڍڙي زميندار ڊاڪٽر شنڪر ٻڌايو ته ڪاسبي جي اڍائي ٽي سؤ ايڪڙ زمين آباد ٿي سگھي ٿي، پر پاڻي محدود ھجڻ ڪري ھاڻي پنجاھ سٺ ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. ڪاسبي وڃجي ۽ يوسف فقير نابين جا رسوڙا نه ٻڌجن ته سڄو سفر اڌورو رھجي وڃي ٿو. اسان کي جنھن ھڪ ڪمري واري ڪلينڪ ۾ چانھه پياري ويئي ان جي فرش تي ويھي فقير جڏھن پنھنجي ھارمونيم تي ھٿ رکي آلاپ شروع ڪيا ته ڪجھه گھڙين لاءِ اسان صحرا جي اداسيءَ ۾ گم ٿي وياسين. ھو جڏھن درد ونديءَ جي ديس وسڻ جي ڳالھه ڳائي رھيو ھو تڏھن به ڄڻ ته سندس ڳل تان ڳوڙھو سڪل نه ھو ۽ ھن کان جڏھن گجراتي ۽ مارواڙي لوڪ گيتن جي فرمائش ڪئي وئي ته ھن پنھنجي دل جي درد کي انھن ڌنن ۾ ويڙھي پيش ڪيو. اھي سٽون شايد سمجھي نه سگھجن پر انھن جو ترجمو اھو پيو ٻڌائي ته ”تون گجرات يا مارواڙ وڻج واپار تي وڃين ٿو ته مونکي به پاڻ سان ورتيون ھل، ڇو ته تون دير سان موٽندين.“ انھن ئي سٽن ۾ وڻجاري جي زال چوي ٿي ته ”ڪجھه ڪاغذ تي لکيل ھجي ته پڙھي وٺجي پر قسمت کي ڪيئن پڙھجي.“ ھڪ ٻئي لوڪ گيت ۾ وڻجاري جي زال چوي ٿي ته ” آوڻ جا ڪھه ڳيو ڪر ڳيو قول ھزار“ يعني اچڻ جا انيڪ وعدا ڪري ويو پر سندس انتظار ۾ ڏينھن آڱرين تي ڳڻي ڳڻي آڱرين جون لڪيرون ئي ڊھي ويون آھن پر ھو به پھتو.
    اداسي ۽ انتظار جي ڪيفيت نه رڳو ”يوسف فقير“ جي رسوڙن ۾ ھئي پر ھر ڳوٺ ۾ ڄڻ ته اداسي ۽ انتظار موجود ھو جيڪو ھنن ڀٽن ۽ چؤنئرن ۾ ھميشه لاءِ ترسي پيو آھي. اداس ته ھاڻ ڳوڙيءَ جو اھو مندر به آھي جنھن ۾ پوڄا پاٺ لاءِ ته ائين ڪو به نه ٿو لڙي جيئن ڪارونجھر جي قطار ۾ تباه ٿيل جين ڌرم وارن مندرن ۾ ڪوئي نٿو لڙي. اوسواڙ ذات جي شاھوڪار منگي پاران 1376 ۾ ٺھرايل پارساناٿ جي ان مندر ۾ ڪڏُھن ساڌو اچي تپسيا ڪندا ھئا پر ھاڻي ان مندر کي اچي چمڙن وسايو آھي. آئون ته چمڙن جي ڊپ کان اندر ئي نه پئي گھڙيس پر جڏھن ”کاٽائو جاني“ ھمت ڏياري وٺي ھليو ته ھر ساڌوءَ جي چلي ڪڍڻ لاءِ الڳ جاءِ ٺھيل ھئي. مندر ٻاھران ئي زير زمين وڃڻ لاءِ ھڪ ڏاڪڻ ٺھيل ھئي پر اھا ڪجھه فاصلي تي پوريل ھئي. چون ٿا ته دنيا تياڳيندڙ ساڌو زير زمين وڃي چلا ڪڍندا ھئا ۽ پاري ننگر تائين ھليا ويندا ھئا تباه حالي ۽ بي ڌياني رڳو مندرن کي نقصان نه پھچايو ھو. پر ڀوڏيسر جي اھا مسجد به جھريل ھئي جيڪا روايت موجب حڪمرانن پاران ھڪ رات اندر تعمير ڪرائي وئي ھئي. گوڙي مندر جيان ڀوڏيسر جي مسجد جي زبون حاليءَ کي به اچي چمڙن وسايو ھو ۽ انھن جي صفائي اھي عمارتون ڏسڻ لاءِ ايندڙ سياح ڪري رھيا ھئا. ٻنھي عمارتن اڳيان آثار قديمه وارن جي اھا کل جھڙي تنبيھه لڳل ھئي ته ھنن عمارتن کي نقصان پھچائيندڙن کي ھيتري سزا ڏني ويندي حالانڪه ڪنھنجي به پاران نقصان پھچائڻ کانسواءِ ئي اھي عمارتون تباه ٿي رھيون ھيون پر سندن مرمت نه ٿي رھي ھئي.
    ڀوڏيسر کان واپسي تي اسان ان رڻ مان گذرياسين جنھن کي ڪڇ جو رڻ چيو وڃي ٿو. چاچي نواز کوسي چواڻي اصل رڻ ته انڊيا ۾ آھي اسان واري پاسي مڙئي پڇاڙون آھن. پر اھي پڇاڙون به ايڏيون خطرناڪ ھيون جو ماڻھو ڀلجي وڃن ٿا. ان رڻ جو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ درشن ڪرڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته اسان رات ڪيڏو رڻ جھاڳيو ھو، جنھن ۾ جيڪڏھن تجربيڪار ۽ واقفڪار ماڻھو گڏ نه ھجن ھا ته اسان سان به شايد سازدا جي ان اڳوڻي چيئرمين جھڙو حشر ٿئي ھا، جيڪو ساٿين سميت رڻ جو پنڌ جھاڳيندي ڀلجي وڃي پرئين پار پھتو ۽ ان پار جي اھلڪارن مارڪٽ بعد کانئن اھو پئي پڇيو ته ”اڌر ڪيون آئي ھو؟“ جڏھن اتان جان ڇڏائي موٽيا ته پاڻ وارن ڍول سپاھين ٻيھر وري سندن مزماني ڪندي کانئن اھو پئي پڇيو ته ”اڌر ڪيون گئي ٿي؟“
    جڏھن کان انڊيا وارن پنھنجي سرحدي پٽي تي ڄاريون ھڻي ڇڏيون آھن تڏھن کان اھو بدنام اسملنگ جو ڌنڌو ٺپ ٿي ويو آھي، جنھن جي آڙ ۾ اڪثر ٿري ڪٽبا رھيا آھن ته ”بتاؤ انڊين وسڪي اور ڪرنسي ڪھان ھي.“ ھاڻي ان اسلام ڪوٽ کي پنھنجو اوج ڪير موٽائي ڏي جيڪو ٿر جو مرڪزي شھر ھوندي به تباه حال آھي. ھاڻي ته شھر ۾ ڪو سيٺ نھال چند به ڪونھي جيڪو وڻن پوکڻ کان وٺي ميوزيم ٺھرائڻ تائين سمورا ڪم ڪري سندس نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن ڪمن جي تعريف ٻڌي جڏھن اسان اسلام ڪوٽ جي نجي ميوزيم اندڙ گھڙياسين ته شام ٿي وئي ھئي ۽ ميوزيم جي ورانڊي ۾ ئي ٽي وي ۽ وي سي آر رکي ڪجھه ماڻھو فلم ڏسي رھيا ھئا. ان ٻن ڪمرن واري مختصر ميوزم جو به ٿر جھڙو حال ھو جنھنجو ڪوڌڻي سائين ڪونھي. ان حسين صحرا ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لڪل آھن. پر حالتن ان وسيع منفرد ايراضيِءَ کي معمولي سرڪاري ۽ غير سرڪاري پٽيلن حوالي ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي ٿر سان صرف ھڪ حد تائين ھلن ٿا ۽ ھي صحرا ڏوراپا ڏيئي ٿو ته،
    ”حد حد چليا ھر ڪوءِ، بيحد چليا نه ڪوءِ،
    بيحد ڪي ميدان مين کھڙا ڪبيرا روءِ.“


    ڪاڇي جو البم ۽ اڻ لکيل ڪھاڻيون

    ان ڏينھن ھروڀرو ڪنھن وڏي خبر جو آسرو ڪونه ھو پوءِ به ”واھي پانڌي“ مان نڪري جڏھن ”بودي“ جي ڀرسان پھتاسين ته ايئن لڳو ته پنڌ سجايو ٿيندو. روز (ڪاڇي ۾ ھر شئي جا ڪجھه عجيب نالا آھن، جيئن وسندين ۾ روز، سوري، ھليلي وغيره) کان اڳتي ٿياسين ته خوبصورت پھاڙن جو البم اسان آڏو کلي پيو. پھاڙن جو گلابي، سليٽي ۽ ھلڪي سائي رنگ واريون چوٽيون قطار ۾ ائين لڳي رھيون ھيون ڄڻ سھڻن چٽسالي ڪيل پلرن واري وڏي حويلي ڍير ٿي پئي ھجي. بودي وٽ اچي ويتر حيرانگي اھا ٿي ته جبل ۾ به پوک ٿئي ٿي. ڪاڇي ۾ بودي متعلق اھا چوڻي مشھور آھي ته قلندر شھباز وارو بودلو فقير ڪجھه وقت ھن چشمي واري غار ۾ ترسيو ھو جتي ھاڻي چشمي جي پاڻيءَ مان چمڙيءَ جي مريضن کي شفا ملي ٿي ۽ خارش يا ملي ورتل ماڻھو اتان وھنجي صحت ياب ٿين ٿا. ان چشمي جي مٿان واري پھاڙي تي سائو جھنڊو بودلي جي نشان طور لڳل آھي. جبلن وچ ۾ نرم زمين کي کيڙي ھو ھر شئي پوکين ٿا. ” ھن سال مرچ به پوکيا آھن پر ڊاڪٽر صاحب انھن کي الائي ڪھڙو بيماري اچي لڳي آھي. ڪا دوا ته لکي ڏيو!“ بودي وٽ ڊاڪٽر علي احمد رند کان ميرا ڪپڙا پاتل ۽ گھڻي وقت کان ڪونه وھنتل ھمراه جڏھن اھو سوال پڇيو ته مون کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو. ڊاڪٽر پاران ماڻھن، جانورن ۽ فصلن جي ڊاڪٽرن وچ ۾ فرق سمجھائڻ جي باوجود ھمراه جو اھوئي ضد ته ”دوا ته ڊاڪٽر لکي ڏيندا آھن، تون به ڊاڪٽر آھين،مرچن لاءِ ڪا دوا لکي ڏي.“
    بودي وٽ چانھه پي اچي ”چاڪر گھٽ“ پھتاسين جتي ڪاڇي جي انسائيڪلوپيڊيا سمجھيو ويندڙ جھوني مامي عرس ٻڌايو ته ”ھتي چاڪر اعظم ۽ لاشارن وچ ۾ جنگ لڳي ھئي. ھن پاسي رند مورچا بند ھئا ۽ ھن پاسي لاشار“. ھن جبلن جي چوٽين تي قطار ۾ پيل پٿرن جا نشان ڏيکاريندي چيو؛ ”اھي مورچا ھئا ۽ ھي چاڪرا اعظم جي رھائشگاه ھئي.“ ان رھائشگاه واري پٿريلي زمين وٽ بظاھر ڪجھه پٿرن جي ٻيا ڪي به نشان نه ھئا. ھڪ چئن ٽڪرن ۾ ڀڳل پٿر لاءِ ٻڌايو ويو ته اھو ھتي پوريل دنيا (دولت) جي ديڳ مٿان ڍڪ ڏنل ھو جيڪا ويجھي ماضي ۾ ڪجھه ماڻھن کي ھٿ آئي ھئي. ھو ٻڌائين ٿا ته ڪاڇي جي ھر حصي جي ان مقصد لاءِ کوٽائي ڪيل آھي. پر چند ماڻھن کانسواءِ سمورن کي مايوسي نصيب ٿي. جابلو ٽڪر جي وچ ۾ ٺھيل تمام سوڙھي رستي تان ٿيندا جڏھن ”سدو ڊوه“ پھتاسين ته ڪاراڻ مائل وڏا پھاڙ ڪر کنيو بيٺا ھئا. انھن جي ھيٺان وڏي اونھي پر ننڍڙي ڍنڍ ھئي جنھنکي سدو ڊھ (ڍنڍ) چون ٿا. سامھون وارو جبل تمام اوچو ۽ ترڪڻو ھو پر ٻڌايو ويو ته جابلو ٻڪريون اتان به وڏي مستيءَ سان ٺينگ ٽپا ڏينديون لھنديون آھن. ھن جابلو علائقي ۾ جتان به ماڻھو گذرن ٿا اتان پنھنجا نشان پٿرن مٿان ڪجھه ٻيا پٿر رکي يا وڏي گاه کي ڳنڍ ڏئي نئين ايندڙ کي ھڪ لحاظ کان رستو ٻڌائين ٿا. اھڙي نشان کي ھتي ”چورو“ چيو وڃي ٿو. ”سامھون واري سوراخ تان ھڪڙو ھمراه پٿر جي وڏي سرميداڻي کڻي آيو ھو. ان ڀرسان ٺاھيل چورو به اڃان به ڊٺو آھي“ ھڪ جھوني ٻڌايو. سدو ڊھ بابت مزيدار ۽ اڻ لکيل آکاڻي اھا ٻڌائي وڃي ٿي ته جڏھن چاڪر اعظم ۽ لاشارن وچ ۾ جنگ لڳي ته ھن ڊھ (ڍنڍ) جي مٿان واري وڏي جابلو چوٽيءَ تي چاڪر اعظم جون ٻه زالون سدو ۽ سمي پنھنجي ڳچين ۾ جنڊ جي پڙن وارا وڏا پٿريلا ٽڪرا ٻڌي بيٺيون. انھن عورتن مڱڻھارن کي چيو ته جيڪڏھن چاڪر جنگ کٽي ته اھي خوشيءَ واري ڌن ۽ ھارائي ته غمگين ڌن وڄائين ته جيئن جنگ ھارائڻ جي صورت ۾ دشمنن جي لشڪر جي ھٿ لڳڻ کان پھريائين ئي ھو خودڪشي ڪري ڇڏين. چون ٿا ته اھا جنگ جيتوڻيڪ چاڪر کٽي ورتي ھئي پر عورتن جي وفاداري آزمائڻ لاءِ شرط تي مڱڻھارن کان غمگين ڌن وڄرائي وئي جيڪا ٻڌڻ شرط سدو ۽ سميءَ ٻنھي ان ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو جنھن ڪري ان ڍنڍ کي سدو ڊھ يا سمي ڊھ چون ٿا. جنھن ۾ ھاڻي خطرناڪ واڳون رھن ٿا. پھاڙن جي وچ ۾ ان ڍنڍ ڀرسان پٿريلي واريءَ جو به ھڪ ٽڪرو آھي جتي خيما ھڻي آرامي ٿي سگھجي ٿو. تمام اوچي ۽ ڏکئي پيچري واري جابلو چاڙھي ڪيتريون ئي ساھيون پٽي چڙھڻ کان پوءِ سامھون ”گاجي چوڻ“ ۽ کوٽ نظر آيا. کوٽ ھتي ڪبوتر کي چيو وڃي ٿو ۽ جنھن پاسي گھڻا ڪبوتر رھن ٿا ان علائقي کي ئي کوٽ سڏين ٿا، جڏھن ته ھڪ وڏي پھاڙي ٽڪريءَ تي ٺاھيل نشان ”گاجي چوڻ“ بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته گاجي شاھ ڪنھن ھمراھ کي ڏسيو ھو ته سندس بندوق ان ٽڪريءَ تائين مار ڪري ٿي. اھا ڳالھه نه مڃڻ کان پوءِ اھو ھمراھ جڏھن شرط پڄائڻ لاءِ ان چوٽي تي وڃي بيٺو ته گاجيءَ کيس بندوق سٿر ۾ ھڻي منڊو ڪري وڌو. ڪاڇي ۾ سٿر کي چوڻ چيو وڃي ٿو.
    ھڪ دفعو ٻيھر سڌو پھاڙي رستو نڪري پيو جتان دولت حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽيل کوھن جا نشان ڏسي اڳتي ٿياسين. جتي ميدان ۾ وکريل پٿرن لاءِ ٻڌايو ويو ته اھو انگريزن جي زماني ۾ پوليس ٿاڻو ھوندو ھو. ھاڻي ته ھن پاسي پوليس ڀلجي به ڪونه ٿي اچي. ” واھي پانڌيءَ ۾ اسان جي اوطاق تي ويھي ايمرجنسي ۾ به پوليس وائرليس تي بالا عملدارن کي ٻڌائيندا آھن ته سائين پوزيشن ڪاري ڪوٽ وٽ آھي. ھاڻي اجازت ھجي ته ٿاڻي واپس اچون“ واھي جي پڙھيل لکيل نوجوان غفور ٻڌايو. ڪاري ڪوٽ تائين پھچندي اسان جي به حالت ڏاڍي ابتڙ ٿي چڪي ھئي جتي پٿرن ۾ھڪ بيٺڪ ٺاھي ھمراه ماني تيار ڪرڻ لڳا. مانجھاندو ڪرڻ کان پوءِ جڏھن اک کلي ته چؤطرف جا نظارا به وڻڻ لڳا. وڏن جبلن جي وچ ۾ ھڪ سرسبز ۽ سائي وادي جنھن جي وچان چشمي وارو پاڻي فصلن کي سيراب ڪندو اڳتي پئي ويو. ”سامھون ميان جو ڪوٽ اٿئي“ سفر ۾ شامل ھڪ دوست ٻڌايو ”جنھنجا آثار به ھاڻي مٽجڻ لڳا آھن. اھو ڪوٽ اھڙي ٽڪري جي مٿان اڏيل آھي جتان ھن پوري واديءَ تي نظر پوي ٿي ۽ بلوچستان کان ايندڙ سمورن رستن کي چڱي نموني نظر ۾ رکي سگھجي ٿو.“
    ميانوال تحريڪ جي اڳواڻ ميان نصير محمد ڪلھوڙي کي مغل بادشاه جي ان ڀيڻ گواليار قلعي جي قيد مان آزاد ڪرايو ھو. جيڪا مٿس موھت ھئي، جنھن کان پوءِ ميان اچي ڪاڇي کي پنھنجو ھيڊ ڪواٽر بڻايو. ھن سفر کان ڪجھه وقت اڳ جڏھن اسان ڪي اين شاھ واري پاسي کان ميان جي قبي (ميان نصير محمد جي قبر) تائين ويا ھئاسين ته اتي به رڳي رڃ نظر آئي ھئي. خود ميان نصير جو مقبرو بنا ڇت وارين ڀتين اندر ھو، جنھن تي بي اولادي ماڻھو تمام گھٽ تعداد ۾ دعا گھرڻ اچن ٿا. ميان نصير جي قبر انھيءَ وڏي قبرستان سان گڏ آھي جنھن جي ڪيترين ئي قبرن تي عاليشان چٽسالي ٿيل آھي پر اھي پڪيون قبرون سنڀال نه ٿيڻ ڪري ھاڻي جھري رھيون آھن. چون ٿا ته اڳوڻي وزيراعظم جي بادشاه مڙس کي ڪنھن اھو ٻڌايو ته ميان نصير اصل ۾ سندن مرشد آھي، ته ان صاحب روڊ ذريعي ميان جي قبي کي شھرن سان ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو ڪم اڃا به جاري آھي. ”ايڏانھن نه وڃو، بيبين جون قبرون آھن. ڏسندؤ ته کدڙا ٿي ويندؤ“ قبرستان ۾ الڳ ڀت اندر ٺھيل قبرن طرف وڃڻ کان انھن ننڍڙين ڇوڪرين منع ڪئي، جيڪي خيرات وٺڻ لاءِ اسان جي پويان لڳل ھيون. پر ميان جي ڪوٽ وٽ بلڪل سانت ھئي نه قبرون ھيون ۽ نه وري خيرات گھرندڙ ڇوڪريون، ھر طرف سانت ھئي. ان ڪوٽ اندر ھاڻي ڪوبه نه رھندو آھي ڇو ته ڪوٽ ته نالي ۾ آھي باقي ته ان جا آثار ڪنھن ننڍڙي چوديواريءَ جيترا مس ٿا لڳن. ميان جي ڪوٽ کان ٿورو پرڀرو ”پپل سري“ آھي جتان چشمي جو پاڻي وڏي آواز سان ھيٺ لھي ٿو. پپل سري بابت ٻڌائين ٿا ته ڪنھن دؤر ۾ ان جاءِ تي ھندن جو تيرٿ ھوندو ھو. جتي ھر سال ڪنھن مخصوص ڏينھن تي پري پري کان ھندو مرد ۽ عورتون اچي گڏ ٿيندا ھئا. عبادتون ڪري ان چشمي وٽ وھنجندا ھئا ۽ پپل جي گھاٽن وڻن ھيٺان ويھي کاڌو کائيندا ھئا. چشمي وٽ اڃان به پپل جا ننڍا ننڍا وڻ موجود آھن. پپل سري کان اڳيان وارين ڪارين ٽڪرين کي ڪارو ڪوٽ چون ٿا جيڪو ”ڪافرن جي ڪوٽ“ طور به مشھور آھي. انھن سمورين جاين جا لڳ ڀڳ ميسارجي ويل آثار موجود آھن، باقي ته آرڪيالاجيءَ وارن يا ٻئي ڪنھن کاتي پاران ھن علائقي ۾ ڪنھن به شئي جي نشاندھي ٿيل نظر نٿي اچي. ان واديءَ ۾ رھندڙ ماڻھو ھڪٻئي کان پري ھڪ ھڪ يا ٻه ٻه ڪکاوان گھر ٺاھي رھيا آھن جيڪي سنڌي ٻولي به نٿا سمجھن. انھن وٽ ڪو اسڪول يا ڪا اسپتال ناھي، کين گھر جو ماھوار سيڌو سامان وٺڻ لاءِ به واھي پانڌي اچڻو پوي ٿو.
    رات پاڻ سان ڀرڀور اوندھ کنيو اچي ٿي جنھن ۾ آسمان تي سمورا ستارا چٽا نظر اچن ٿا. جابلو علائقن ۾ مخصوص اسٽائيل ۾ ڪڻڪ جي ماني پچائي وڃي ٿي. جنھن کي ”ڪرو“ چون ٿا. جنھن لاءِ اٽو ڳوھي ڪنھن گول شڪل جھڙي صاف پٿر کي چوڌاري ويڙھي اھو سجي وانگر باھ جي ڀرسان رکي سيڪيو وڃي ٿو. سمورا پاسا پچي وڃڻ کان پوءِ ڪرو کي ڀڃي پٿرن جي وچ مان ڪڍي ماني کاڌي وڃي ٿي. اسان اڃا ڪرو سان ٻوڙ کائي رھيا ھئاسين ته برسات شروع ٿي ويئي جنھنڪري پنھنجي بيٺڪ بسترن سميت پٿر جي ھڪ غار اندر منتقل ڪري ڇڏيسين. ڪنڊي جيئن ته ڪاڇي ۾ تمام گھڻي ٿئي ٿي. انڪري اسان به باھ جو مچ ڪنڊي جي ڪاٺين سان مچايو، پوءِ باھ ھئي ۽ ھمراھن جي ڪچھري. مامو عرس، جبل جي گھٽ گھيڙن کان وٺي ھتي جانورن جي ٿيندڙ چرپر تائين سڀ احوال ٻڌائي ٿو؛ ”جڏھن بلوچستان مان مينگلن کي ھيلڪاپٽرن ذريعي ڊوڙايو ويو ته اھي پنھنجي ھٿيارن سميت ھنن رستن کان ٿيندا سنڌ ۾ داخل ٿيا ھئا“ ھو بلوچ قومپرستن تي ٿيل آپريشن بابت ٻڌائي ٿو: ”انھن واھي ۽ ٻين شھرن ۾ پنھنجا ھٿيار واقفڪارن وٽ لڪايا ۽ اڳتي ھليا ويا”. ھو ٻڌائي ٿو ته ” انھيءَ عرصي دؤران اسان جون 51 مينھون به مينگل ڪاھي ويا ھئا جيڪي وڏن ڪشالن کان پوءِ اسان موٽرايون.“ ڪاڇي جي ھنن جابلو وادين ۾ واھي پانڌي ۽ ٻين شھرن جا ماڻھو پنھنجو مال متاع خاص ڪري مينھون ھفتن جا ھفتا چرڻ لاءِ ڇڏي ويندا آھن. ”چور ھتان چوري ڪري ڪيڏانھن ويندو؟“ ھو ٻڌائين ٿا، ”چوري جھڙو ماحول ناھي باقي ھاڻي ڪجھه ڌاڙيل شروع ٿيا آھن، پر ھي علائقو ڌاڙيلن لاءِ به ڏاڍو اڻانگو انڪري آھي جو اٺ يا پيادل سفر کانسواءِ ٻي ڪا سواري ھتي ھلي نٿي سگھي“ چون ٿا ته ڌاڙيل اڪثر آرام يا روپوشيءَ وارا ڏينھن اچي ھن واديءَ ۾ گذاريندا آھن، نه ته ھو برپٽن واري پاسي کان ڪاروايون ڪن ٿا. ڌاڙيل دلبر چانڊيو جي مرڻ کان پوءِ ھاڻي ڌاڙيل به مڇرجي پيا آھن، مخبرن ئي ھوج لغاري ڌاڙيل کي مارائي پوليس کي لاش ڏنو، جنھن ھوج کي ڪراچي ۾ مارڻ جي دعوى ڪئي. ھاڻي منظور پنھور ڌاڙيل دلبر واري ٽولي کي سبڀالي ٿو.“ ھو واڳن ۽ مرن کان وٺي ڌاڙيلن تائين جبلن ۾ چرندڙ ھر شئي تي نظر رکن ٿا. ھو ان عوامي اڳواڻ جو به ورجائي ورجائي ذڪر ڪن ٿا جيڪو پنھنجي عورت ڪارڪنن کي ھن پاسي ھٿياربند سکيا ڏيڻ آيو ھو. ان ڪارڪن جو نالو وٺي ٻڌائين ٿا ته ”چاچي پاڻ ان (عورت) کي ڀاڪر ۾ آڻي اڳيان بيھاري کانئس ڪلاشنڪوف جي پنڊال اندرئي فائرنگ ڪرائي ھئي.“ صرف ھڪ اڳواڻ جون ڳالھيون ٻڌائڻ تان منع ڪرڻ تي اڌڙوٽ عمر جا ھمراھ چون ٿا ”اسان وٽ ايندو ئي رڳو چاچو ھو ته ٻين جون ڳالھيون ڪيئين ٻڌايون؟“
    رات جو ننڍڙي ريڊيو تي ڪنھن اسٽيشن تان ھلندڙ غلام علي جو اھو غزل ”ھم تيري شھر مين آئي ھين مسافر ڪي طرح“ اڃان ٻڌي رھيا ھئاسين ته بلوچستان ويندڙ جتن وارن اٺن جي قافلي به اچي اسان واري غار وٽ ڊاٻو ڪيو. ”جبل تي رھندڙ ماڻھو يا ته مال متاع تي گذران ڪن ٿا يا پيش کپائين ٿا“ واھي جي ھڪ دڪاندار ٻڌايو. ھن چيو ته ”مٿي جبل تي ٻيو ڪجھه ناھي، ھو ٻڪريون چارين ٿا ۽ پيش جا پن ڪٽي شھرن ۾ کڻي اچن ٿا“ پيش کجي جھڙا پن ڪندڙ اھو ٻوٽو آھي جنھن پنن مان مشھور ۽ مھانگو پيش جو واڻ ٺاھي وڪرو ڪيو ويندو آھي. گورگ جبل تي ٿڌ ھجڻ ڪري ھيٺ لھي آيل ھڪ ھمراھ کان جڏھن سندن کائڻ پيئڻ ۽ رھڻ بابت پڇيم ته ھن چيو ”سياري ۾ چانھه پيئون ٿا، باھ ٻاريون ٿا ۽ ڪمبل ۾ سمھون ٿا ٻيو ڇا ڪريون؟ “ کائڻ لاءِ ھن ٻڌايو ته کير سان يا رکي ماني کائون ٿا، ڪڏھن ڪڏھن ٻٽالو (بٽاٽا) ۽ دال به کائون ٿا. ڪميونڪيشن جي دؤر ۾ به ٻاھرين دنيا کان ڄڻ ته ڪٽيل ھنن ماڻھن وٽ ويجھڙ ۾ ڪنھن به تبديلي اچڻ جون اميدون ناھن، جبلن جھڙن مضبوط ارادن ۽ جسمن وارا ماڻھو جيڪي جبل جا پنڌ پنھنجي پيرن سان ماپي چڪا آھن. انھن کي روڊ تي ھلڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آھي ۽ واھي جھڙن بجلي وارن شھرن ۾ اچي بلب ٻرندي ننڊ نه ڪري سگھندا آھن. ھو سياست کان ڏاڍا ڏور آھن، پنھنجي سيڪس لائف ”استادي گھرن“ کان شروع ڪندڙ ھنن ٻروچن وٽ عشق ڪو اڳواٽ جڙيل خاڪو ناھي. ڪاري جبل کان ويندڙ فلڊ پروٽڪشن (ايف پي) بند تائين ھر پاسي غربت، جھالت ۽ مفلسي جا موضوع ڦھليا پيا آھن جن جي دانھن واھي جي ان ڪراڙي چواڻي ته ” اسان جي ته ڪو ٻڌڻ وارو ئي ڪونھي!“.


    سعدي موساڻي: ڪرامتن ۽ محبتن جي ميلاپ جو مرڪز

    اھو ماه پھرئين جمعي رات جو پھريون پھر ھو جڏھن اسان ميھڙ کان پنجويجھه ڪلوميٽر پري درياه طرف مخدوم سعدي موساڻيءَ جي درگاه اندر پير پاتا. بنا ڇت واري ۽ اڌوري تعمير ٿيل درگاه اندر ساون ريشمي ڪپڙن سان ڍڪيل ھڪ ڊگھي قبر کي ڏنل پڃري ۾ ھٿ وجھي سوين عورتون ۽ مرد روئي رھيا ھئا ۽ پنھنجي من جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ دعائون گھري رھيا ھئا. عورتن ۽ مردن جي اڪثريت ان پڃري کي پڪڙي ڪنڌ ھيٺ ڪري اکيون ٻوٽي روئي رھي ھئي ۽ روئيندي روئيندي پنھنجا درد ٻڌائي رھي ھئي. سخت گرمين ۾ گڏ ٿيل ان روئيندڙ ھجوم کي ڏسي ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ ھو تمام وڏين مصيبتن ۾ ڦاسي پيا ھجن ۽ ڪنھن بااختيار شخص کي ننڊ يا آرام مان اٿڻ لاءِ ايلازي رھيا ھجن. تمام ڏورانھين علائقن کان آيل انھن ھزارين ماڻھن لاءِ تڪڙ ۾ ڪو فيصلو نٿو ڪري سگھجي. اھي مصيبتن جا ماريل ھئا پر اھي وقت جي اھڙي وڪڙ ۾ آيل ضرور ھئا جتي ماڻھوءَ کي ڪوبه گس نظر نه ايندو آھي. قبر جي ساڄي پاسي کان ويٺل ان بلوچ عورت کي به شايد ڪو گھٽ نه پئي مليو جيڪا پنھنجي جوان بيمار پٽ سعدي موساڻي تي کڻائي آئي ھئي. سندس پٽ ھڪ ڊگھي بخار کان پوءِ چرڻ پرڻ کان معذور ٿي ويو آھي. بقول ان پيرسن عورت جي ڊاڪٽرن کان ڏاڍو علاج ڪرايم، درگاھن ته به ويئي آھيان پر پٽ خوش نٿو ٿئي. ڪنھن سعدي موساڻيءَ جو ڏس ڏنو ته اھو در به ڀيٽڻ آئي آھيان. پنھنجو جوان پر معذور پٽ جھوليءَ ۾ ڪري ويٺل ان ماءُ کي ته ايڏي مايوسي ۽ نااميدي ھئي جو ساڻس احوال ڪندڙن کي به ھو پيرين پئي روئيندي ايلاز ڪرڻ شروع ٿي پئي ته ”دعا ڪريو پٽ چاڪ ٿئي.“ اھڙن مجبورن ماڻھن جا ھٿ پنھنجي پيرن تي پوندي ڏسي راڄ ۽ رعيت وڌڻ تي خوش ٿيندڙ حضرات ڪيڏا نه بيرحم ٿين ٿا، اھو سوچيندي اک ا ن طرف کڄي وڃي ٿي جتي تمام خوبصورت اکين مان ڳوڙھا نار ٺاھي وھي رھن ٿا ۽ چپ ٿڙڪندي صدائون ڪن ٿا. عجيب اتفاق آھي ته ھزارين اھڙا چپ اچي ان پير جي پيراندي چمن ٿا جنھن جي شجري يا مڪمل تعارف جي ڪنھن کي خبر ئي ناھي ۽ نه ئي درگاه جو انتظام سنڀاليندڙ اوقاف کاتي پاران درگاه جي ڪنھن ڪنڊ تي ڪا تعارفي ۽ معلوماتي تختي لڳائي وئي آھي، جنھن ڪري مختلف ماڻھن پاران ٻڌايل ڳالھين مان ئي سعدي موساڻيءَ جي شخصيت جو اندازو ڪرڻو پوي ٿو. ھڪڙن جو چوڻ آھي ته ڪچي واري جھنگ ۾ قبرستان اندر ھڪ وڏو کبڙ ھوندو ھو جنھنجي ھيٺان ستل پيرزادن جي ھڪ پيرسن کي ھڪ ڀيري ھڪ بزرگ خواب ۾ اچي چيو. ”بابا مان سعدي موساڻي الله جو اولياءُ آھيان. تون منھنجي خدمت ڪرڻ بجاءِ منھنجي مٿان ڇو ستو پيو آھين؟“ پيرسن پيرزادي جي اھڙي خواب کانپوءِ قبرستان ۾ سعدي موساڻي جي درگاه آباد ڪئي ويئي. جڏھن ته نئون ڳوٺ (درگاه سعدي موساڻي) جي ھڪ بزرگ حافظ محمد عالم پيرزادي جو چوڻ ھو ته مخدو سعدي موساڻي اچ شريف (پنجاب) کان آيو ھو. سندس نالو مخدوم سعيد احمد ولد محمد موسى ھيو، بعد ۾ سعدي موساڻي طور مشھور ٿيو. کيس جيئرو ڏسڻ جي دعوى اسان جي وڏڙن به نه ڪئي. ھو پنھنجي الائي ڪھڙي حساب سان سالن جو ليکو ڪندي ٻڌائي ٿو ته مخدوم سعدي موساڻي ستين سين ۾ آيو ھو ھاڻي پندرھون سن ھلي ٿو، وڌيڪ وڃي پاڻ ليکو ڪر. شروعات کان ئي نئون ڳوٺ جا پيرزادا سعدي موساڻي جي درگاه جي سار سنڀال ڪندا رھيا، پر جڏھن درگاه جي آمدني وڌڻ لڳي ته پيرزادا پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ درگاه جو سمورو انتظام اچي اوقاف کاتي وارن سنڀاليو.
    مخدوم سعدي موساڻي جي درگاه به اڪثر پيرن فقيرن جي درگاھن جيان ھڪ وڏي قبرستان جي تمام گھڻين قبرن جي ھجوم وچ ۾ آھي، جتي ايندڙ زائرين کي کلئي آسمان ھيٺ قبرن وچ ۾ کجيءَ جي پنن مان ٺاھيل تڏا وڇرائي بسترا ھڻڻا پون ٿا. قبرستان جي ڪابه اھڙي قبر واندي نه ھئي جنھن جي پاسي ۾ زائرين پنھنجي عورتن سميت ستل نه ھجن. عورتون قبرستان اندر وڇايل تڏن تي ستيون پيون ھيون ۽ سندن مٿان خلقون گذري رھيون ھيون ساڻن گڏ آيل مرد درگاه جي ان معمول کان واقف ھجڻ ڪري بي نياز ۽ خاموش ھئا. شام ٿيڻ شرط ئي اڪثر عورتن قبرستان اندر ئي رڌ بچاءُ شروع ڪري ڏنو ھو ڇو ته بقول سندن ھوٽل جي ماني کين مھانگي پوي ٿي. درگاه تي ايندڙ ھر سواليءَ کي جيئن ته چار راتيون ضرور ترسڻو پوي ٿو ان ڪري اڪثر ماڻھو پنھنجو کاڌو پيتو پاڻ تيار ڪن ٿا. شام جي ٻوسٽ ۽ گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪيتريون ئي عورتون قبرستان ۾ لڳل نلڪن (ھينڊ پمپن) ھيٺان ڪپڙن سميت پاڻ به وھنجي رھيون ھيون ۽ پنھنجي ٻارڙن کي به وھنجاري رھيون ھيون. زائرين جي سھولتن لاءِ متولي پيرزادن پاران ڪجھه ڇپڙا ۽ اوقاف وارن پاران ڪجھه ڪمرا مسافر خانن طور ٺھرايل آھن پر درگاه تي ايندڙ ھزارين ماڻھو اندر محدود سھولتين کي ماڻي نٿا سگھن جنھن ڪري ھو درگاه تي پنھنجيون رليون ۽ وھاڻا پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿا ۽ اچڻ شرط ضرورت آھر ڏھ روپيا مسواڙ تي تڏا وٺي ڪنھن خالي ڪنڊ تي اچي ديرو ڄمائين ٿا. تڏن جو اھو ٺيڪو ساليانو ھڪ لک ڇھه ھزارن ۾ وڃي ٿو جڏھن ته گلن جو ويھه ھزار ۽ ننگر جو ٻه لک رپين ۾ وڃي ٿو. سعدي موساڻي تي زائرين جي اڪثريت بلوچستان ۽ پنجاب جي علائقن کان علاوه جيڪب آباد ۽ گھوٽڪيءَ ضلعن کان وڌيڪ اچي ٿي، جڏھن ته ٻين ملڪن جا ماڻھو پڻ وڏي تعداد ۾ اچن ٿا.
    سعدي موساڻي جي درگاه تي نه ته ڪو عام يا صوفياڻو راڳ ٿئي ٿو نه ئي سرندي وارا عورتن ۽ مردن کان لھرون ھڻائي، جن ڪڍن ٿا ۽ نه ئي وري ڪجھه مخصوص ماڻھو ڌاڳا ڦيڻا ۽ دعائون لکي ڏين ٿا. ماڻھن جي رش ته ايئن بنا سھولتين جي سعدي موساڻي جي صحن ۾ ستل ھجي ٿي جيئن جاتيءَ ويجھو شاه عقيق يا ڪاڇي واري گاجي شاه جي درگاھن تي ھجي ٿي پر سعدي موساڻي واري شايد پھرين درگاه آھي، جتي زائرين موجب عوامي شفاخانو ھلي ٿو ۽ رات جو سائين (سعدي موساڻي) پاڻ آپريشن ڪرڻ لاءِ نڪري پوي ٿو. سعدي موساڻي تي اڪثريت ۾ اھڙن مريضن کي آندو وڃي ٿو، جيڪي بقول زائرين جي ته دوائون کائي ٿڪجي پون ٿا پر بيماري مان جند آزاد نٿي ٿئي. ماڇڪي کان آيل ھمراھ به اھو ئي قصو ٻڌايو جيڪو پنھنجي بيمار سس کي ٽي ڏينھن اڳ ۾ سعدي موساڻي تي کڻي آيو ھو. سندس سس کي پٿريءَ جي بيماري ھئي پر ان رات ھنن ٻڌايو ته ھاڻي خوش آھي. ڪراڙيءَ پاڻ ٻڌايو ته اڳ ۾ ڪجھه به نه کائي سگھندي ھيس پر ھاڻي درگاه تي ديڳ وارا چانور به کائي وڃان ٿي. سندس اھڙيون خبرون ٻڌي درگاه تي پھريون ڀيرو آيل اوباوڙي جي انھن ھمراھن کي به ڪجھه اميد ٿي پئي، جيڪي پنھنجو نوجوان ڇوڪرو اسلم علاج لاءِ درگاه سعدي موساڻي تي کڻي آيا ھئا. اسلم کي پراڻي ٽي بيءَ جي بيماري ھئي. سندس مائٽن رحيم يارخان لکان لاڙڪاڻي تائين ھر سٺي ڊاڪٽر وٽ سندس علاج ڪرايو ھو پر ڇوڪرو صحتياب نه ٿيو ھو کيس سعدي موساڻي تي کڻي آيا. ھو اچڻ مھل پاڻ سان گڏ دوائون به کڻي اچن ٿا ۽ وڃڻ مھل فائدي ٿيڻ جي صورت ۾ اھي دوائون قبرستان ۾ اڇلي وڃن ٿا ۽ فائدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ گڏ واپس کڻي وڃن ٿا. ھر شفاياب ٿيندڙ مريض بابت رات جو لائوڊ اسپيڪر ذريعي سڀنيءَ کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو.
    زائرين سان ڪيل ڪچھرين ۾ مخدوم سعدي موساڻي جو خاڪو، من جو مرادون پڄائيندڙ ڪنھن بزرگ اولياءُ بدران ھڪ اھڙي سرجن طور اڀري اچي ٿو جيڪو ناسور بڻيل بيمارين جو ماھر ھجي ٿو. اھو جيئن ته ھڪ روحاني راز سمجھيو وڃي ٿو تنھنڪري عام زائرين کي سعدي موساڻي نظر ئي نٿو اچي، جڏھن ته زائرين موجب ڪنھن به مرض ۾ مبتلا ھر ماڻھو کي اڪثر رات جو يا ڪڏھن ڪڏھن ڏينھن جو به نظر اچي وڃي ٿو. زائرين موجب ڏاڙھي سان سائو ويس پھريل بزرگ اچي جسم جي تڪليف واري ھنڌ تي پنھنجو ھٿ گھمائي جسم اندران اھا تڪليف ڏيندڙ شئي ڪڍي وٺي ٿو. ائين درگاه جي صحن واري کليل آپريشن ٿيٽڙ جھڙي قبرستان ۾ سوين اھڙا ماڻھو ملي ويندا جيڪي پنھنجو ڪونه ڪو آپريشن ڪرائڻ وارو تجربو بيان ڪرڻ لاءِ آتا ھوندا. زائرين جي عقيدي موجب ھر مريض يا سواليءِ کي چار راتيون ضرور ترسڻو پوي ٿو. انھن چئن راتين دؤران کيس (مريض/ سوالي کي) سعدي موساڻيءَ پاران ڪونه ڪو اشارو ضرور ملندو جنھن کان پوءِ ھو انھن ھدايتن تي عمل شروع ڪرڻ جو پاپند ھوندو. زائرين وٽ موجود ڪيترن ئي قصن مان ھڪ قصو ان نابين شخص جوبه ٻڌايو وڃي ٿو جنھن جي درگاه تي ترسڻ واري ٽين رات دؤران ھڪ اک روشن ٿي وئي. پر جڏھن ھو ٻي اک لاءِ وڌيڪ ترسڻ لڳو ته کيس خواب ۾ ڳوٺ وڃڻ جو اشارو مليو ۽ ڳالھه ڪندڙ پيرن موجب سعدي موساڻيءَ کيس حڪم ڪيو ته جيترو تنھنجو ڪم ٿيڻو ھو اوترو ٿي ويو. ھاڻي ڀلي ڳوٺ وڃ. سعدي موساڻيءَ جا اھي تجربا واقعا ۽ ڪرامتون ميڊيڪل سائنس سان لاڳاپيل ماھرن لاءِ ھڪ بھترين مشاھدي جي حيثيث رکن ٿيون ته جيئن ھو به اھو ڄاڻي سگھن ته سندن شعبي وارو ڪم ڪا به ڊگري نه رکندڙ ۽ نظر نه ايندڙ بزرگ ڪيئن نه بخوبي سرانجام ڏئي رھيو آھي ۽ سندس مريضن جو تعداد وقت سان گڏ ھزارن تائين پکڙيو پيو وڃي؟ ”ھتي درگاه (سعدي موساڻي تي) نه ڪنھن ايڪسريءَ جي ڳڻتي، نه دوا ۽ سئي(انجيڪشن) جي. جيڪڏھن بنا ڪنھن تڪليف جي مرض ختم ٿي وڃي ته چار راتيون ترسي مٺائي ورھائي ڳوٺ ھليو وڃڻ ۾ ڇا ھي؟“ ھڪ اڌ پڙھيل ماڻھو چيو. اھا حقيقت به ڪجھه ماھرن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻبي ته سعدي موساڻيءَ جي ڳوٺ ۾ ٻن ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون به ڌام ڌوم سان ھلي رھيون آھن.
    سعدي موساڻيءَ جي عوامي ٻوليءَ ۾ شناخت اسي واري ڏھاڪي جي شروعاتي سالن ۾ ”ڌاڙيلن جي پير“ طور ٿيندي ھئي ۽ تمام ٿورا ماڻھو ان طرف ويندا ھئا. نئون ڳوٺ وارن موجب پرو ڀلي ڪٿي به ھوندو ھو ۽ ڪيترو به کيس خطرو ھوندو ھو پر ھو جمعي رات سعدي موساڻيءَ تي حاضري ضرور ڀريندو ھو. ڪجھه ماڻھن موجب ان دؤر ۾ ماڻھو سعدي موساڻيءَ تي ايندا ئي پرو چانڊئي کي ڏسڻ ھئا ۽ زيارت لاءِ ايندڙ عورتون ڌاڙيلن جي ٽولي کان جڏھن حجابن ۾ پڇنديون ھيون ته ”ادا پريل ڪھڙو آھي؟“ ته پرو اڳتي وڌي انھن عورتن کي مٿي تي ھٿ رکي رئي (اجرڪ) جا پئسا ڏيندي چوندو ھو ”ادي مان آھيان.“ درگاه سعدي موساڻي ۽ نئين ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن جون ڳالھيون اڃا تائين ايئن بيان ڪيون وڃن ٿيون، ڄڻ اھا ڪالھه ڪالھوڻي ڳالھه ھجي. اسان کي اھو ھوٽل به ڏيکاريو وڃي ٿو، جتي پرو پنھنجي ساٿي ڌاڙيلن سان اچي ويھندو ھو. اھو ٿاڻو به ڏيکاريو وڃي ٿو، جيڪو آھي ته اصل ۾ مسافر خانو پر پھرين اھو ڌاڙيلن جي ڇانوڻيءَ طور مشھور ھوندو ھو ۽ ھاڻي ٿاڻو بڻيل آھي، جنھن جي درن ۾ اڃا به ڌاڙيلن جي گولين جا نشان آھن. گولين جا نشان ته نئون ڳوٺ ڀرسان شاه پنجو ڦاٽڪ وٽ لڳل ٽيليفون واري پول تي به واضع آھن جتي شايد ھر نئين ايندڙ ماڻھو کي اھو ضرور ٻڌايو وڃي ٿو ته پروءَ کي ھن ڦاٽڪ تي ماريو ويو ھو. درگاه سعدي موساڻيءَ ۽ آسپاس جي ڪچي وارن ماڻھن وٽ ڌاڙيل راڄ ۽ ان جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل فوجي آپريشن جا ڪيترائي قصا لطيفن جي صورت ۾ اڃا به جيئرا آھن. ھو ٻڌائين ٿا ته ڪيئن ڌاڙيلن کان موٽي آيل ھمراھن کان جڏھن پوليس پڇيو ته ڌاڙيل ڪيئن ۽ ڪھڙا آھن ته انھن ڳوٺاڻن کين ٻڌايو ھو ته ”اڇيون ڏاڙھيون ۽ اڇا پٽڪا پاتل اٿن، ھٿن ۾ بانس جا لڪڙا اٿن ۽ سڄو ڏينھن تسبيحون سوريندا ٿا وتن.“ ڪچي مان ڌاڙيلن جي راڄ جي خاتمي کان پوءِ ماڻھو ججھي تعداد ۾ درگاه سعدي موساڻيءَ تي اچڻ لڳا ۽ نوي واري ڏھاڪي دؤران جڏھن نئون ڳوٺ تائين روڊ تعمير ٿيو، شاه پنجو واري ريلوي اسٽيشن قائم ٿي ۽ بجلي ته اڳواٽ ئي ھئي ته ماڻھن جي تمام گھڻي اڪثريت درگاه سعدي موساڻيءَ جو اھڙو رخ ڪيو جو درگاھن سان لاڳاپيل ماڻھو اھو چون ٿا ته سعدي موساڻيءَ تي ھاڻي روزاني رش تھائين وڌي ويئي آھي. جيتوڻيڪ درگاه تي ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو عام طور ھر روز ۽ خاص طور ھر جمعي رات اچن ٿا پر زائرين جي سھولت ته ڇڏيو، ضرورتن جو به ڪو خاص خيال نٿو رکيو وڃي. ھر مھيني اوقاف کاتي ذريعي سرڪار کي ھڪ لک 15 ھزار کان پنجاھ ھزار تائين روڪ رقم مھيا ڪندڙ سعدي موساڻيءَ جي زائرين لاءِ ڪو به فرشبندي ٿيل ۽ پکا لڳل وڏو مسافر خانو ته ڇڏيو، ڪکاوان ڇپرا به ٺھيل ناھن. ٿڌي پاڻي جون ٽانڪيون ٽن سالن کان خراب پيل آھن. عورتون ۽ مرد نلڪن تي وھنجڻ تي مجبور آھن. سموري قبرستان ۾ گندگي ڦھليل آھي. اوقاف کاتو ڪچي جي ان درگاه تي ايندڙ زائرين لاءِ ھونئن به ڇا ٿو ڪري سگھي ڇو ته خود سعدي موساڻيءَ جي مزار اڻپوري آھي. سيمينٽ ۽ لوھ جا پلر اڀا لڳا پيا آھن ۽ انھن ذريعي قبر مٿان مقبريءَ بجاءِ ھڪ مستقل شاميانو لڳايو ويو آھي. سرڪار درگاه جي آمدني ته آسانيءَ سان کڻي وڃي ٿي پر پنھنجي شوق ۽ مرضي سان ايندڙ ماڻھن کي گرمين واريون راتيون قبرن وچ ۾ مسواڙي تڏن تي گذارڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ انھن مريضن مان ڪجھه مريضن سان ته ڪراچيءَ جي ان واپاريءَ جھڙي حالت ٿئي ٿي جيڪو ڊائلاسس تي ھلندو ھو ۽ درگاه تي جڏھن سندس طبيعت خراب ٿي ھئي ته ايمرجنسي بنيادن تي کيس پھرين لاڙڪاڻي ۽ بعد ۾ جھاز ذريعي ڪراچيءَ نيو ويو.
    ھونئن ته سعدي موساڻيءَ مريضن جا آپريشن ڪري کين صحتياب ڪرڻ لاءِ مشھور آھي پر سندس درگاه تي ھاڻي اھڙن سائلن به اچڻ شروع ڪيو آھي، جيڪي عام سوال کڻي عام درگاھن تي ويٺا ھوندا آھن، بلڪل خيرپور جي ان پوليس ڊرائيور لعل محمد جيان جيڪو سعدي موساڻيءَ تي زنجير ڪلھي ۾ پايون اکين تي چشمو لڳايون گھمندو پيو رھي. ھن راڻيپور، ڀٽ شاه ۽ سيوھڻ وڃڻ کان پوءِ اچي سعدي موساڻيءَ تي ديرو ڄمايو آھي ۽ ھو پنھنجي سوال راز ۾ ئي رکي ٿو. ان سپاھيءَ جي سوال جھڙا ڪيترائي راز ان رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندي ملن ٿا جڏھن قبرستان ۾ اگھور ننڊ پيل زائرين کي رولاڪ ڪتا ۽ ڳوٺن جا ڇڙيل گڏھ لتاڙڻ لڳن ٿا. اھو راز ھفتو اڳ ان ڪراڙيءَ کي به سمجھه ۾ نه آيو ھو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس ٻه جوان ڌيئرون درگاه تان ايئن غائب ٿي ويون جيئن وھمي ماڻھن جي اکين اڳيان غيبات. اھو راز شايد ننڍڙو راز ھجي ته درگاه جي صحن مان زائرين جون جتيون ۽ پئسا ڪيئن چوري ٿين ٿا، پر اھو سوال ته معمولي نه ھجڻ کپي ته زائرين جون نوجوان ڇوڪريون ڪيئن غائب ٿيون وڃن! جنھن رات اسان درگاه سعدي موساڻيءَ تي حاضري ڀرڻ وياسين ان رات ته ڪا نينگري فرار ڪونه ٿئي ھئي پر بازار ۾ ھڪ نئين پرڻيل ڪنوار کي خريداري ڪندي ڏسي نئون ڳوٺ جي ھڪ ھمراھ اھو واقعو ٻڌايو ته سال کن اڳ ھڪ نئين پرڻيل ڪنوار جڏھن رسمي طور پنھنجي مڙس سان گڏ درگاه گھمڻ آئي ته رات جو ھن مائٽن کي جھنگ جي خيال سان وڃڻ جو چئي اھڙو ته جھنگ منھن ڪيو جو وري واپس نه آئي. چون ٿا ته ان ڪنوار به ٻھراڙين جي اڪثر محبوبائن جيان پنھنجي پرين کي درگاه تي ملڻ جو واعدو ڏنو ھو ۽ پنھنجي گھوٽ کي ڇڏي ان پريميءَ سان ھلي وئي ھئي پر پاڻ جيئن ته بنا ڪنھن انجام ۽ آسري ويا ھئاسين تنھنڪري درگاه جي صحن تي ڦھليل ميڊيڪل جي ”ڪرامتن“ کان وٺي پريمين جي ملڻ تائين سمورن قصن جون حيرتناڪون کڻي واپس ٿياسين.


    نينھن ٻڍل نروار ڪَيڙو

    اڳوڻي بخشي انڙ جي ڳوٺ ۽ ھاڻوڪي ٻڍڙي فقير جي ڳوٺ ويندي جڏھن ان ريلوي لائين تي پھتاسين (جيڪا وڇائڻ لاءِ جڏھن انگريزن اچي خيما کوڙيا ھئا ته ٻٺل فقير 18 سالن جو ھو) ته ان اڪيلي ريلوي لائين جو ڦاٽڪ بند ھو. ھونئن ته شايد ايتري سواري ان پاسي نه ويندي ھجي پر ميلي جا ڏينھن ھجڻ ڪري جڏھن ڦاٽڪ بند ٿيو ته گاڏين جي رش ڏسي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪراچيءَ جي ڪنھن چوراھي جو ٽريفڪ سگنل بند ٿيو ھجي. ميلي جي رش کي چيريندا جڏھن اسان درگاه جي ڀرسان پھتاسين ته ننگر جاري ھو ۽ راڳ اڃان باقاعده شروع نه ٿيو ھو. جيتوڻيڪ درگاھ پاران مخصوص راڳين لاءِ الڳ اسٽيج ٺاھي وئي ھئي، پر مک درگاه جي صحن ۾ راڳين جون ٽوليون پڻ پنھنجي فن جو ڀرڀور مظاھرو ڪرڻ ۾ مصروف ھيون. روضي اندر وڃڻ لاءِ اسان جڏھن بوٽ لاھي پيسن عيوض ڏيڻ بجاءِ اھي پنھنجي ساٿين جي نگراني ۾ ڏنا، ته پيسن عيوض جتيون سنڀاليندڙ جھوني اسان جي ساٿين کي ”روزي تي لت ڏيڻ“ وارو مھڻو ڏنو. جيئن ھر مشھور درگاه سان سنڌ اندر جڳھه جو مسئلو آھي، ائين ئي ٻڍل فقير جي روضي اندر به جڳھه جو مسئلو ھو، ڇو ته روضي اندر پنج ڇھه قبرون ھيون جنھن ڪري اندر ايندڙن کي روضي اندر بيھڻ ته ڇا گذرڻ ۾ به تڪليف ٿي رھي ھئي. مقبري جو ھڪ ئي دروازو ھيو، جتان ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻھن جون قطارون ٺاھيون ويون ھيون. مقبري اندر ھر شخص جي ھٿن ۾ گل ھئا سواءِ ھڪ جھوني فقير جي، جيڪو ٻڍل فقير کي پنھنجي ڪلا جي ڀيٽا ڏيڻ آيو ھو ۽ تمام سوڙھي جاءِ ھوندي به ھن جڏھن چپڙي يڪتاري سان راڳ شروع ڪيو ته کيس ڌڪا اچڻ شروع ٿيا ۽ فقير جون چپڙيون، سندس اسان جھڙن پاڙيسرين جي مٿي ۾ لڳي موٽنديون رھيون. ٻڍل فقير جو مقبرو تمام سوڙھو ۽ پراڻو نظر آيو. جنھن جي گنبذ کان وٺي اندرين ڀتين تي ڪي خاص رنگ روغن ٿيل نه ھئا. مقبري اندر سمورن ماڻھن جيان اسان قبرن جي چوڌاري ڦري جڏھن ٻاھر نڪتاسين ته ڇوڪرو اسٽيل جي وٽي ۽ لوٽو کنيو سبيل ڪندي نظر آيو. گلاب جي پنن مليل اھو پاڻي ھو ڪجھه پيسن عيوض ڏئي رھيو ھو پر وٺڻ وارو ڪير به نه ھئس. مقبري جي اڳيان ئي ھڪ جھونو راڳي ٻھراڙين کان آيل ماڻھن کي پنھنجي راڳ تي جھومائي رھيو ھو. سندس ٽولي جي سامھون ئي ھڪ ننڍڙي ڇوڪر تي ڏاڍي رش ھئي جيڪو ناچن جيان نچي ته نه پيو پر اٿي بيھي بنا مائيڪ جي ”ذري ذري نه ڏي مھڻا“ وارو ڪلام ڳائي رھيو ھو. سندس ٿڪل سازندا به ساڻس سر ملائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا پر ماڻھو کيس داد ۽ چٿرون گڏوگڏ ڏئي رھيا ھئا. چون ٿا ته شمن ميرالي به ان درگاه تي اچي ائين ئي ڳائيندو ھو جيڪو ھاڻي مشھور ٿيڻ کان پوءِ ڀيرو ڀڃي ويو آھي ۽ ان رات ڪاري چلڪي جيڪٽ پاتل ان سيکڙاٽ ڇوڪري (جنھن کي اڃا مڇن جي ساول مس آئي ھئي) کي ڏسي خيال پئي آيو ته سڀاڻي ھي به سنڌ جو ميراليءَ جيان مھانگو ڪيسٽي ڳائڻو ٿي سگھي ٿو ۽ کانئس درگاه جو صحن وسري سگھي ٿو.
    چون ٿا ته صوفي شاعر ٻڍل فقير سال 1865 ۾ بخشي انڙ واري ڳوٺ ۾ تڏھن پيدا ٿيو جڏھن سندس والد عبدالواسع انڙ جي سوال تي ھڪ نانگي مست فقير کيس دعا ڪئي ۽ پٽ جو نالو به ٻڍل رکڻ جو چيائين. ٻڍل فقير لاءِ لکت ۾ اھڙيون ڳالھيون موجود آھن ۽ مريدن ۾ به مشھور آھن، جن مٿان تڪڙ ۾ يقين ڪرڻ مشڪل آھي. آنند رام طوطلداس راجاڻيءَ پاران ڊسمبر 1941 ۾ ٻڍل فقير جي ڇپرايل رسالي ۾ ڄاڻايل آھي ته ٻڍل سائين جنھن مھل ڄائو ته ناڙي وڍڻ لاءِ عورتن ڪاتيون ڳولھڻ شروع ڪئي پر ڪاتي ڳولي نه سگھيون. ته تازي ڄاول ٻڍل فقير کين ڏسيو ته ڪاتي فلاڻي ھنڌ رکي اٿو. يا وري اھو ته ھو جڏھن ڳائيندو ھو ته ٻن ڪلامن ڳائڻ کان پوءِ وجد ۾ اچي ويندو ھو ۽ ٽيون ڪلام ڳائيندي ھو اڏامي ويندو ھويا جڏھن مال چارڻ ويندو ھو ته جنھن وڻ ھيٺان ننڊ ڪندو ھو، وقت جي ڦيري سان گڏ اھو وڻ مٿانئس ڇانو نه ھٽائيندو ھو. انھن ڳالھين ۾ صداقت ھجڻ يا نه ھجڻ واري بحث کي اسان ٻڍل فقير واري ئي صحن ۾ ڇڏي اڳتي وڌياسين ته گادي نشين واري صوفا سيٽن سان سينگاريل ڪمري اندر مريدن جي رش نظر آئي. مقبري سامھون ٺھيل گادي نشين جي انھن اوطاق وارن ڪمرن مٿان ھڪ ڊش به لڳل ھئي جيڪا ميلي جي روشنين ۾ تمام گھٽ ماڻھن کي نظر پئي آئي. صحن جي گھاٽي بڙ ڀرسان ڪاٺين جا ڪچا اھڙا ڪمرا ٺھيل ھئا، جيڪي پري پري کان ايندڙ عقيدتمندن جي ترسڻ لاءِ مخصوص ٿيل ھئا. ٻڍل فقير جي درگاه تي ايندڙن جي ترسڻ لاءِ حالتن آھر سٺو بندوبست ٿيل ھو. ٻڍل فقير جيئن ته پنھنجي شاعري ۾ ئي اھو پيغام ڏنو ھو ته؛
    عشق وارن جا پنڌ پراھان، اوري دين ايمان،
    نه مئن سني نه مئن شيعا، نه مئن مسلمان،
    عشق اسان دا ڪعبه قبلا، عشق دا اعلى شان.
    تنھنڪري ٻڍل جي عقيدتمند مسلمانن سان گڏ گھڻا ھندو به شامل آھن جن لاءِ ٻڍل فقير جي وقت ۾ ئي عقيدتمندن لاءِ درگاه تي ھڪ خاص مسافر خانو ٺھيل ھوندو ھو جتي، آڪھه سميت اچي رھڻ جي سھولت موجود ھئي. درويشي ڪلامن سان ايتري دل ھوندي ھئي جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا يڪتاري ۽ دلي تي درد آلاپيندا ھئا. سندن فقيرن جي ٽولي رندي ڪلامن جي ڪري مشھور ھوندي ھئي پر ھاڻي ماجرا ٻي آھي. سندس درگاه تي روزانو راڳ جو ڪو رواج ناھي ۽ ھر ماه پھرئين جمعي تي محفلون ٿين ٿيون. سندس ڪلام کي ڳائڻ وارن راڳين جو تسلسل ڄڻ ته ٽٽي پيو آھي.
    ٻڍل فقير جي درگاه واري ميلي جي ھڪ خصوصيت اھا به ھئي ته ميلي جي موقعي تي جيتوڻيڪ ڪجھه عورتون به آيل ھيون پر کانئن لھر ھڻائي جن ڪڍڻ وارو سلسلو خوشقسمتيءَ سان ڪٿي به نظر نه آيو. ميلي تي ٻڍل فقير جي ھمعصر گندا واھ واري سائين رکيل شاھ ۽ چيزل شاھ واري ميلي کان به گھڻي رش ھئي. چيو وڃي ٿو ته شڪارپور ۽ ڀرڀاسي ۾ ٻڍل فقير جي ميلي کان وڏو ڪو ٻيو ميلو سالن کان نه لڳو آھي. ڀرڀاسي جا ماڻھو تفريح جو اھو واحد موقعو ڀرڀور نموني ملھائين ٿا. درگاه جي صحن کان ٻاھر موت جي کوھن، ميجڪ شوز، چڙيا گھرن، مٺائي ۽ رانديڪن وارن دڪانن جا ته ٻڍل فقير وارين سٽن ”اڄ مون کي عيد ٿي جڏھن يار جا ديدار ٿيا“ جيان پنھنجا سڄڻ ڏسي به عيد ۽ ميلا ٿيا. دڪانن واري پاسي ته ايتري رش ھئي جو چيو پئي ويو ته درگاه ٻاھران واري پلاٽ جو ڏھين روپئي فوٽ ميلي جي ڏينھن لاءِ وڪرو ٿيو آھي. وڏن آوازن ذريعي ڪن ڦاڙيندڙ لائوڊ اسپيڪرن ۾ ”ادا ھي شير بلا ڏسو، ادا ھي بگھڙ اٿي ٿو، ھڻ لٺ، ادا ھڻ لٺ.“ واريون رڙيون ٻڌندا ھڪ عجيب ٽينٽ آڏو بيٺاسين جنھنجي ٻاھران اھو بينر لڳل ھو ته “ڪمال شاه جو ڪمال ڏسو، سوئر اندر ٻڌل ڏسو.“ ان ٽينٽ ۾ وڃڻ جا پئسا پئي ورتائون پر اسان ته گيٽ واري کي ڏسندي ئي اندازو لڳايو ته اندر ڪھڙي بلا ھوندي.
    ميلي وارن دڪانن تان رش ۾ ڌڪبا اچي راڳ واري پاسي ٿياسين جتي پڻ وڏي ميدان ۾ ماڻھو رش ڪيو ويٺا ۽ بيٺا ھئا. سامھون مٽيءَ جي دڙي تي ھڪ اسٽيج ٺھيل ھئن، جتي صوفي فنڪار فن جو مظاھرو ڪري رھيا ھئا ھيٺان جڏھن ڪجھه سمجھه ۾ ۽ نظر به نه پئي آيو ته اسان ان اسٽيج اندر داخل ٿياسين، جتي عام ماڻھن تي گيٽ وارا لٺين جون الرون ڪري کين موٽائي رھيا ھئا. پر ھو ته ٻڍل جي عشق ۾ آيل ھئا انڪري اھڙين الرن ڄڻ ته ھنن تي ڪو اثر ئي نه پئي ڪيو ۽ ھو ٻڍل جون اھي سٽون جھونگاريندا رھيا ته؛ ”عشق وڃايو حجاب، ڦٽ ڦڪڙي آھي ڏاج منھنجو“
    ٻڍل فقير جي ميلي وارن ٽن ڏينھن جون الڳ الڳ نشستون ٿين ٿيون. پھرئين ڏينھن سندن تربتون کنيون وڃن ٿيون. ٻئي ڏينھن اھي حويلي کان درگاه آنديون وڃن ۽ ٽئين ڏينھن معززن ماڻھن جي دعوت ۽ ڀرڀور راڳ ڪيو وڃي ٿو. انھن سڀني نشستن ۾ جيڪا ڳالھه شديد نموني غير حاضر نظر اچي ٿي سا آھي ٻڍل فقير تي ادبي يا ثقافتي ڪانفرنس، جتي پڙھيل لکيل ماڻھو اچي ٻڍل جي ڪلام کي سمجھن ۽ سمجھائين. ٻڍل جون ڪافيون ته ھونئن ئي مشھور آھن پر ڇا گادي نشينن کان ٻڍل جو ڪلام سھيڙي چڱي نموني ڇپرائڻ به نه ٿو پڄي سگھي. اھي ۽ اھڙا ٻيا سوال ۽ صلاحون ذھن ۾ کڻي جڏھن رات دير سان واپس ٿياسين ته ٻڍل جون ئي سٽون ذھن ۾ پئي آيون ته :
    ”پنھنجو ڳولي ڏس پاڻ تون،
    آدم ڪيئن ڪوٺائين تون.“


    عشق جو يارو، درازن ۾ عجب اسرار ھو!

    ان ڏينھن ميلي تي وڃڻ کان اڳ ھڪ ڪھاڻيڪار دوست فينٽسي ٻڌائيندي چيو ته کيس ڪوٽڏيجي واري پاسي سچل سرمستيءَ ۾ نظر آيو. ھن جڏھن کانئس سبب پڇڻ جي گستاخي ڪئي ته ھن ڏاڍي بيزارگيءَ ۾ چيس ته درازن ۾ اڄ رش گھڻي ٿيندي انڪري ھو چانڊوڪيءَ ۾ ڀٽن واري پاسي نڪري پيو آھي ۽ چيائنس ته ”مرشد ساڪون اينوين آکيا، ڇوڙ خلق دي ياري.“ پر درازن ۾ ٺاھوڪي سيءَ واري رات پھچي محسوس ٿيو ته خلق تمام گھڻي گڏ ٿي چڪي آھي. اجرڪ ۽ لوئيون ويڙھي نڙي سوگھي ڪرڻ جھڙين مٺاين واري دڪانن تي رش ڪندڙ سنڌين جي انبوھ کي ڇيريندا اسان ڄڻ ته سچل کي ڳولڻ جي مشن تي نڪري پياسين. سنڌي لفظ پيھه پيھان واري اصل روح واري پيھه مان گذرندا اسان جڏھن سچل سائينءَ جي روضيءَ واري صحن ڏانھن وڌياسين ته ناچن ۽ راڳين جون مختلف ٽوليون پنھنجي پنھنجي فن ۾ محو نظري آيون. ”سچل جو صحن ته قبرستان بڻيل آھي جتي ھاڻي وڌيڪ تدفين جي گنجائش نظر نٿي اچي.“ مون جيان سچل جي درگاھ تي پھريون ڀيرو آيل ھڪ ھمراھ چيو. انھن قبرن وچ ۾ موالين (جيڪي پاڻ کي صوفي سڏائڻ جوحق محفوظ رکن ٿا) جون ٽوليون ائين ٽڙي پکڙي دونھڙيون دکايون ويٺيون ھيون ڄڻ ته کين رڻ ۾ رات پئجي وئي ھجي. رليون ۽ پراڻا ڪمبل ويڙھي سياري جي رات ۾ باھ تي ويٺل انھن ٽولين وٽان اڪثر سلفيءَ جي سوٽن مان ڦھليل دونھون ۽ ڪڏھن ڪڏھن ”يا علي“ جو نعرو پئي آيو. ھو راڳ رنگ ۽ ميلي جي ٻئي بکيڙي کان بي نياز ٿي ويٺا ھئا.
    ماڻھو صحن ۾ لڳل ان خوبصورت علم پاڪ جي ديدار ڪرڻ لاءِ به ترسي پيا ھئا جيڪو لاڙڪاڻي مان سچل جي ھڪ مريد اچي لکين روپيا خرچ ڪري جوڙايو ھو. ”پر ھي پٺاڻ به ته پنھنجي طرز سان سچل کي ڀيٽا ٿا ڏين.“ اسان جي ھڪ ساٿيءَ صحن ۾ پٺاڻن جي روايتي ڊانس ڏانھن ڏسندي چيو. اھو سڀ ڪجھه صحن ۾ ٿي رھيو ھو جتي ”آيا مک ويکڻ“ کان وٺي ”ڪلنگي واليا“ تائين صوفين جا آلاپ، ناچو ڇوڪرن جي ٽولين کان پٺاڻن ۽ موالين تائين آيل ماڻھو ڦھليل ھئا. روضي طرف وڃڻ لاءِ اڳتي وڌياسين ته روضي جي اندروني در اڳيان پنجاب کان آيل ٽولو ٻه وڏا دھل ۽ ٻيا ساز وڄائي نج ڀنگڙو مچايو بيٺو ھو. روضي ۾داخل ٿيڻ ۽ ٻاھر نڪرڻ لاءِ ٻه در آھن پر ان رات عقيدتمند ٻنھي درن مان اچڻ توڙي وڃڻ واري مشق ڪري رھيا ھئا. اسان جتي بوٽ لاٿا اتي ماڻھو قبرن جي سنھن سيمنٽ وارن ٻنروڙن کي نه رڳو پاڻ پر ٻارين ٻچين ستا پيا ھئا. سيرانديءَ کان ٻه وڏا پنجابي دھل وڄڻ جي باوجود ھڪ عورت لوئي ويڙھيو ستي پئي ھئي جنھجي ڳچيءَ ۾ پيل تعويذ سندس اکين وٽ اچي ويو ھو. روضي اندڙ گھڙڻ سان حيرانگي انڪري وڌي وئي جو تمام سوڙھي ڪمري ۾ ننڍيون وڏيون ٻارھن قبرون ڦھليل ھيون. ھڪ ھڪ ماڻھو مشڪل سان گذرڻ جيتري جاءِ قبرن جي چوڌاري بچيل ھئي. جتان زيارتي ھڪٻئي جي مٿان چڙھندا صلواتون پڙھندا ۽ گنبذ ۾ اڃا به وڌيڪ گونجندڙ حيدري نعرا ھڻندا ھڪٻئي کي ٻاھر ڌڪيندا رھيا. روضي جو گنبذ جيترو ٻاھران خوبصورت نظر اچي رھيو ھو اھا ڪشش اندر واري سوڙھ ختم ڪري پئي ڇڏي. روضي اندر سچل جو ڪو ڪلام لکيل نظر نه آيو صرف چار ڪلاڪ لڳل ھئا، شايد سچل کي گلن جي گھڻين چادرن سبب سڃاڻي ورتو. ھونئن ھر قبر جي آڏو ھڪ اسٽيل جي شناختي تختي به لڙڪيل ھئي. ٻاھر اچي حيرانگيءَ مان اندر رش ڪندڙ ماڻھن کي ڏسندي نانڪ ٻڌايو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير غلام حيدر آرائين سنڌ جي اوقاف کاتي کي روضي جي حدن جي واڌاري ۽ سينگار لاءِ لکين روپيا ڏنا ھئا پر اھو ڪم اڌ ۾ بند ڪري ٺيڪدار ئي ڀڄي ويو.
    صحن ۾ ئي ڪتابن جو ھڪ اسٽال به لڳل ھو پر ماڻھن جي رش پڪوڙن ۽ کنڊ سوجيءَ واري مٺائي تي ھئي. پنھنجي محبوبن لاءِ ڪوڙيون منڊيون، راڪيٽ ۽ ٻانھونٽا سوکڙيون ڪري وٺندڙ نوجوانن کي تڪيندا اسان اچي ان ميجڪ شو وٽ پھتاسين جتي پردي اندر فنڪارائن جي ڊانس سميت مختلف آئٽمز پيش ڪيا پئي ويا. اتي ئي بيٺا ھئاسين ته ”تنھنجو ديش منھنجو ديش“ جا نعرا ھڻندا لطيف يونيورسٽي جا شاگرد اچي ان شو ۾ مفت داخل ٿيڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا. اھو شو ڏسڻ لاءِ رينجرز جا ھٿياربند اھلڪار به پھچي چڪا ھئا، وڏي گوڙ گھمسان کان بچڻ لاءِ شو جي منتظمين شو جي خاتمي جو اعلان ڪيو. ڀرسان ئي موت جي کوه وٽ چلڪڻا ڪپڙا پائي ڊانس جي نالي ۾ تختا ڀڃيندڙ نينگريون به ھڪ عدد ڇوٽو مشڪري سميت محو رقص ھيون. ڪجھه ساٿين جي دل ڏاڍو رڪجڻ لاءِ چيو پر اسان جي گروپ ڪمانڊر اڳتي ھلڻ تي اسرار ڪيو. اداڪارئن جا فوٽو وٺندڙ ۽ انھن سان گڏ فوٽو ڪڍرائيندڙ نوجوانن کان ٿيندا اچي ھڪ اھڙي محفل ۾ پھتاسين جيڪا نيم سرڪاري پئي لڳي. گيٽ تي ٻه ھٿياربند اندر ايندڙ کي ڊسپلين لاءِ چئي رھيا ھئا. وڏي شامياني اندر سرڪاري محفل کان الڳ مچايل مانڊاڻ شايد ھن سال ئي ٿيو ھو. ان صبح ئي درگاه درازا شريف جي ويسٽرنائيزڊ سجاده نشين سخي قبول محمد سرڪاري تقريبن جو اڻ اعلانيل بائيڪاٽ ڪيو ھو. ليڊي ڊائنا جي ڊزائينر کان ٽاءِ گھرائڻ واريون ڳالھيون ڪندڙ ۽ تازو فاروق لغاريءَ واري ملت پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ان سجاده نشين جڏُھن گورنر جي عيوضي دوست محمد فيضي کي اچي روايتي گيڙو پٽڪو نه پارايو ھو ته سندس بائيڪاٽ واريون خبرون ڦھلجي ويون ھيون ۽ ھاڻي رات واري محفل ۾ ھن سرڪاري ڪانفرنس کان الڳ ھڻائي ماڻھن جي ان خيال کي ڄڻ ته پختو ڪيو ته ھو سچل بابت سرڪاري تقريبن جو بائيڪاٽ ڪري ٿو. سندس شامياني ۾ ماڻھن کي مٺايون ۽ چانھيون پيش ڪيون پئي ويون. ھوڏانھن سرڪاري تقريب پڻ پوليس لٺيون ھڻي ڦٽائي ڇڏي ھئي. اسان سميت ڪيترن ئي ڪارڊ ھولڊرن کي پوليس اندر ڇڏڻ کان نابري واريندي ڌمڪي ڏني ته گيٽ کان ھٽي پري ٿيو نه ته لٺيون وسنديون ته ھڪ به نه بيھي سگھندو. اسان پنھنجا پٽڪا ڊاھي حليو تبديل ڪري صحافتي داٻا ڏيئي جڏھن اندر داخل ٿياسين ته سپاف ۽ جساف ڇوڪرن وچ ۾ نعريبازيءَ جي مقابلي کانپوءِ پوليس سانوڻيءَ جي مينھن وانگي جڏھن لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو ته ڪيترائي ماڻھو زخمي به ٿي پيا. ”ھي سچل جي درگاه آھي جتي سرڪار راڳ ٻڌڻ لاءِ آيلن مٿان به لٺيون وسائي.“ ھڪ پانڌيئري چيو. جڏھن سرڪاري محفل ۾ مزو نه ڏٺوسين ته ڪنھن دوست اطلاع ڏنو ته ”ھن سال عابده پروين، علڻ فقير ته آيا آھن پر اھو شمن ميرالي به ڪنھن محبوب جي منع ڪرڻ سبب رڪجي پيو آھي، جنھن کي سچل ايوارڊ ڏنو پئي ويو“ ھن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو”گذريل سال واقعي شمن ميراليءَ ئي سچل کي گھڻو ڳايو ھو اھو ئي حقدار ھو ايوارڊ جو.“ اسان گرم ڦلن جون ٻوريون ڀرائي کائيندا اچي ٻلھڙجيءَ وارن زائرين جي مئخاني تي پھتاسين جتي استاد گلزار علي ڪجھه ڪلاڪن کان ڳائي رھيو ھو. ”گذريل سال جيان ھن سال برسات ته نه پئي آھي پر چنڊ به الاءِ ڇو شرمائي ڪڪرن ۾ لڪندو ٿو وتي“ ھڪ دوست چيو. ان مئخاني تي سنڌ جو ذھين شاعر ۽ صحافي انور پيرزادو به سرور وٺندي نظر آيو ته لطيف جو حافظ لطف به ڪنھن ڪنڊ ۾ ليٽيل ھو. باه جي مچ تي اھا تنوار ھلندي رھي. اسان جڏھن ٽانگي تي چڙھي ٿڌ ۾ سرور جي فريز ٿي ويل وارن کان آجي مٽي تي ڀوڳ ڪندا راڻيپور موٽياسين ته ميلي وارن ميدان کان وڏي آواز ۾ ”دل بنگلو گھري ٿي“ وارو بازاري ڪلام ڪافي پنڌ تائين اسان جو پيڇو ڪندو رھيو. ان گھڙي مون کي ڪھاڻيڪار دوست جي فينٽسي ياد پئي ته واقعي اڄوڪو ڏينھن سچل ڪنھن ويرانيءَ ۾ گذاريو ھوندو ته جيئن درازن ۾ ڀلي سرڪار، سياست ۽ ٽرڙ پائيءَ کي جلوا ڏيکارڻ جو موقعو ملي. سچل جي ھڪ عقيدتمند چيو ته ”سال ۾ ھڪڙو ڀيرو ھڪڙو ڏينھن ئي ميلو مچي ٿو ته ھاڻي سرڪاري پروٽوڪول ۽ سياستون ان کي به ڦٽائي ڇڏيندا.“ درازن ۾ عجب اسرار ھو. سوال وري به اھو رھجي وڃي ٿو ته ڇا سخي ۽ سرڪار اھو اسرار قائم رھڻ ڏيندا؟


    حصو چوٿون : اوجاڳا

    ڪوڙن سچن ميرن واري خيرپور

    ھونئن ته ھر شھر جون ھزارين ڪھاڻيون ٿين ٿيون، پر خيرپور جي ڳالھه انڪري به ٻي آھي جو ھن شھر جو عروج ته ڪي باز چنبن ۾ چائي ويا آھن. شايد انڪري ئي ڪالھوڪا ”مڊل مين“ اڄوڪي خيرپور جا ”ڪنگ ميڪر“ ٿي ويا آھن. ميرن جي حاڪميت ڇا ھلي وئي، پيداگير ماڻھن ميرن جا ٺٺ ٺانگر به ڪوٽڏيجي قلعي جي توپن جيان گھلي اچي پنھنجي درن اڳيان اڇليا ۽ خيرپور کي اجاڙي ڇڏيو.
    ھاڻي ھنن دونھين ۽ دز وارين گھٽين ۾ ان خيرپور کي ڪٿي ڳولھجي جنھن جي بخاري پاڙي ۾ ڪڏھن شام ٿيندي ئي محلي جو ماحول عطر عنبيرن سان واسجي ويندو ھو، مائي ھندان ۽ سندس ڌيءُ بندان جون محفلون مچنديون ھيون. بندان جي ھڪ ڊي ايس پي سان شادي کان پوءِ به سندس طبلي نواز نورو سندس در اڳيان رھندو ھو ۽ چون ٿا ته ھن آخري پساه به ان در اڳيان پورا ڪيا. ”ھنن پيداگيرن ته خيرپور سان ان نوري جيترو به نه نڀايو آھي“ ھڪ دل جلئي خيرپوري نوجوان چيو. جنھن خيرپور ۾ جمعي رات کان سواءِ ھر رات راڳ ٿيندو ھو اتي ھاڻي ڪو محفل مچائڻ وارو ڪونھي. وقت جي ستم ظريفي ته ڏسو ڪڏھن راڳ جو گھر سڏي ويندڙ خيرپور ۾ ھاڻي رڳو مختيار شيدي ئي وڃي راڳي بچيو آھي. جنھن ٻڌندڙن جا تڻ تپائي ڇڏيا آھن.
    جڏھن خيرپور جون گھٽيون اڃان اڄوڪن خيرپوري سيٺين جي دلين جيان سوڙھيون نه ٿيون ھيون تڏھن جيلاني محلي واري مائي زيبا وٽ ”ھالا جي شاعراڻي طبيعت واري پير“ جھڙا مھمان به دل جي سڏ تي ھليا ايندا ھئا. اختيارن جو غلط استعمال ته اڄوڪي خيرپور ۾ شروع ٿيو نه ته ”رياست جي جج پير علي شاه“ جي ڌيءُ جڏھن ھڪ غير سيد سان نڪري وڃي پسند جي شادي ڪئي ھئي ته اھو رياستي جج پنھنجي ان ”زور آور“ ناٺيءَ کي گرفتار ته ڇا بلڪه سينئر خيرپوري چواڻي ته ڪجھه به نه ڪري سگھيو ھو. ان ئي سينئير ھمراھ ٻڌايو ته ”ھاڻوڪي اشرافيه ٻيو نه ته تڏھن به شراب پيئڻ جي ڪيس ۾ ماڻھن کي ڪاٺ ۾ وجھرائي ھانءَ ھلڪو ڪري ٿي وٺي“.
    اڄوڪي خيرپور ۾ اھو ڦول باغ ڪٿي جنھن ۾ رتن مل تاس راند کيڏندو ھو ۽ ھر جمعي تي پوليس بئند اچي ”ارمان آ نازڻ تنھنجو دم بيوفا تي ناز ھو“ واري ڌن وڄائيندي ھئي. اھو رتن مل اڄوڪي ڊاڪٽر چيلا رام (جنھنجو نصير مرزا چيلو آھي) جو چاچو ھوندو ھو. ”جارج عليمراد ٽاڪيز“ ۾ انٽرويل دوران دال کپائيندڙ رتن مل تي جڏھن تاس راند ۾ ڏنڊ (سزا) پوندو ھئو ته سندس اٿ ويھه ڪرڻ ته نرالي ھوندي ھئي. ان ڦول باغ ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو به عام خلق جي سھوليت لاءِ رکيل ھوندا ھئا ۽ ريڊنگ روم به ھوندو ھو. جنھن کي ھاڻي ڪٽي گراٺ جيترو ڪيو ويو آھي ۽ ھا ان ٽپالي گھٽيءَ کي ڪيئن وسارجي جنھن ۾ رياست جا پوسٽ مين رھندا ھئا. ھاڻي ان گھٽيءَ ۾ ٽپالي گھٽ ڊاڪٽر وڌيڪ رھن ٿا، شايد ان ڪري ئي گھٽي سوڙھي ٿي ويئي آھي ۽ ھا ھو منشي محلو، جنھن ۾ رياستي ڪورٽ جا منشي رھندا ھئا اھو به ته ھاڻي ميرن جي حاڪميت وانگر ماضيءَ جي مزار بڻجي ويو آھي.
    جنھن خيرپور مان مير فيض محمد انگريزن کي ريل جي پٽڙي وڇائڻ جي اجازت نه ڏني ھئي ته متان ڌاريا اسان جو ديس نه ڏسي وٺن ڪاھون ڪن، ان خيرپور ۾ ھاڻي ڪيترا نه ڌاريا اچي ويا آھن. شايد انھن ڌارين جو ئي اثر آھي جو موجوده ھزھائينس کي به سندس ابن ڏاڏن واري ٺھرايل عمارت ھاڻوڪي سرڪٽ ھائوس مان لڏائي وڃي ڪوٽڏيجي ويھڻ تي مجبور ڪيو اٿن. ھاڻوڪي خيرپور جي سياسي ۽ سماجي منظرنامي ۾ مير خاندان به فيض محل وانگيان اھڙو ته پسمنظر ۾ ھلندو ٿو وڃي جو پنھنجي اباڻي پارليامينٽ واري سيٽ به سندن ھٿن مان ڇڏائجي وئي آھي. پنجاب جي مھاراجا رنجيت سنگھه سان ڪنھن زماني ۾ جنگ جون تياريون ڪندڙ اڳوڻي مير حڪمران گھراڻي جو به ڇا اھڙو حشر ٿيندو، جھڙو مھاراجا رنجيت سنگھه جي آخري پٽ دليپ سنگھه جو ٿيو، جيڪو سک مان عيسائي ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي ئي پنجابين کي گاريون ڏيندي، پئرس جي ھڪ ھوٽل ۾ گمناميءَ جو موت مري ويو. ڪنھن ڏاھي ٻڌايو ته سالن کان رياست جي خاتمي جو سوڳ ملھائيندڙ مير خاندان کي خيرپور فتح ڪندڙ مير سھراب خان جي زندگي ضرور پڙھڻ گھرجي. جنھن 27 سال دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. مير سھراب جي سمھڻ بعد سيراندي ۽ پيراندي کان ٻه تلوارن وارا پھريدار بيھندا ھئا. پنھنجي زندگي جو اڌ کان وڌيڪ حصو جنگين ۾ گذاريندڙ مير سھراب 90 سالن جي عمر ۾ تڏھن مري ويو ھو. جڏھن ھو خيرپور جي محل واري دريءَ مان جھڙالي آسمان کي جھاتي پائي ڏسي رھيو ھو. محل جي دريءَ مان ھيٺ ڪري دم ڏيندڙ ان مير ته 71 سالن جي ڄمار ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي ھئي پر وقت پڇي ٿو ته ھي ڪھڙا مير آھن جن پنھنجي پوري عمر ئي گوشه نشيني ۾ گذاري ڇڏي آھي. رياست وارن ڏينھن جون اھي عوامي سٽون ته ”مير نصير رنگ ۾، مير سھراب جنگ ۾، مير رستم ڀنگ ۾ ۽ مير مراد علي جھنگ“ ۾ ڪجھه تبديلين سان ماڻھو اڄوڪن خيرپوري شاه حڪمرانن لاءِ ھينئن ٻڌائن ٿا ته ”غوث علي شاه رنگ ۾، قائم علي شاه ڀنگ ۾ ۽ پرويز علي شاه (سياسي) جھنگ ۾“ باقي مير سھراب واري ڪُردي تلوار جنھن لاءِ چئجي ته اھو جنگ ۾، جيڪڏھن ڪو خيرپوري جنگ ۾ ھجي ھا ته ٻيو تڏُھن به رياست جي ”عوامي ڀلائي ٽرسٽ“ وارا ھڙپ ڪيل پيسا ته خيرپور کي موٽائي ڏي ھا. اھا ٽرسٽ 1953 54ع ۾ ھڪ ھڪ ڪروڙ جي لاڳت سان قائم ڪئي وئي ھئي پر مغربي پاڪستان جي گورنر نواب ڪالاباغ 1959ع ۾ ھڪ آرڊينيس ذريعي ان ٽرسٽ کي ختم ڪري ڇڏيو ٽرسٽ ان دؤر ۾ خيرپور يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ 120 ايڪڙ زمين به خريد ڪري ورتي ھئي ۽ ان جو تعميراتي منصوبو فرئنچ آرڪيٽيڪٽ کان ٺھرايو ھو. ان ٽرسٽ جا خيرپور ٽيڪسٽائل ملز ۾ 95 سيڪڙو شيئرز ھئا، جيڪي فوجي فائونڊيشن جي ”پوسٽ وار ڪنسٽرڪشن“ فنڊ ۾ ڏنا ويا، جيڪي اڃان نه موٽيا آھن. اڄ شھري مسئلن جي حل لاءِ ان خيرپور کي مالي مدد جي ضرورت پوي ٿي جنھن 1914 واري عظيم جنگ ۾ ھوائي جھاز خريدڻ لاءِ برطانيا کي پيسا امداد طور ڏنا ھئا ۽ ھڪ جھاز جو نالو ئي خيرپور رکيو ويو ھو. پر ھاڻي خيرپور ميونسپل وٽ صفائي واري عملي کي پگھارون ڏيڻ جيترا پيسا ناھن. خيرپور ۾ رات رھڻ کان نفرت ڪندڙ ۽ شڪار تي زالون گڏ وٺي ويندڙ مير علي مراد خان اول 5 شينھن شڪار ڪري انھن جون کلون راڻي وڪٽوريا کي تحفو ڪري موڪليون. ”ھڪ جھوني خيرپوريءَ فردوس ھوٽل تي چانھه پيئندي خواھش ڏيکاري ته جيڪڏھن ممڪن ھجي ته سچل سرمست جي مريد مير علي مراد کي اڄوڪي خيرپور ۾ به شڪار جي دعوت ڏجي، جتي گدڙن شينھن واريون کلون پائي گجگوڙون ڪرڻ شروع ڪيون آھن. ارمان ڪندي وڌيڪ چوي ٿوته مينھن جي ڪچي واڙي ۾ ويھي گوريلا جنگ جا سانباھا ڪندڙن ماڻھن جون قسمتون به خير ڪو بدلايون، پر پنھنجو سوچون ئي بدلائي ويھي رھيا.
    ھاڻوڪي خيرپور جديد رومانوي داستان جي ھيروئن باليءَ جي ان ڀاءَ جيان ڪيڏي نه ننڌڻڪي ٿي پئي آھي، جنھن پنھنجي ڀيڻ جي ڏڍ تي ميرن جي صاحبي دوران سؤ سؤ روپين وارا نوٽ سگريٽن جيان تماڪ سان ڀري ساڙيا پر بالي جي وفات کان پوءِ رڪشا ھلائيندي مري ويو. عابد شاه چواڻي ته شھر ايترو ننڌڻڪو ٿي پيو آھي جو ان جي سياسي اسٽيج تي ھندستان کان آيل قوالن قبضو ڪري ورتو آھي. ان خيرپور جي لقمان پاڙي ۾ ھندستان جي ڪنھن رياست جو والي ته تنگدستي ۾ زندگي گذاري مري ويو پر سندن گھوڙن جا طنبيلا صاف ڪندڙ ھاڻي نئون مير بڻيو ماڻھن کي ويٺو بيوقوف بڻائي. ھونئن به ڏسجي ته کجين واري ھن ديس گھڻن ئي ڀٽڪندڙ روحن کي پناه ڏني پر ان شھر سان نڀايو تمام گھٽ ماڻھن آھي. نڀايو ته خيرپورين اميد خيرپوري ۽ تنوير عباسي سان به ڪونه سندن ساٿ جي ھڪ معصوم نوجوان پڇيو ھو، عاشقن ۽ شاعرن ھن شھر سان ھميشه دغا ڇو ڪئي آھي. اميد خيرپوريءَ سان ته اھڙا سنگين چرچا ساڻس ملھايل شام ۾ به ڪيا ويندا ھئا ته ” خوشقسمتيءَ سان جيڪڏھن مريم توپ ۾ ڪو گولو پئجي وڃي ۽ بدقسمتي سان اھو ھلي به پوي ته جنھن شخص کي اھو لڳندو سو آھي اميد خيرپوري“ ڇو ته اميد خيرپوري مريم توپ جي سامھون ايس پي آفيس آڏو عريضي نويس وارو ڪم ڪندو ھو.
    خيرپور جي ھاڻوڪن مسئل تي شھرين ۾ ڇانيل ماٺ بابت جڏھن پڇا ڪيم ته سينئر توڙي جونيئر خيرپورين جي متفق راءِ ھئي ته ماڻھو خيرپور سان محبت ته ڏاڍي ڪن ٿا پر ڪنھن اڻڄاتي خوف کان مسئلن خلاف ڪڇن ڪونه ٿا. ڪجھه ماڻھو ته اھو به ٻڌائين ٿا ته 1972ع ۾ جڏھن ڪمشنريٽ واري حيثيث جي خلاف شھرين لاڳيتو 3 ڏينھن ھڙتال ڪئي ھئي ته ان وقت جي وزير قائم علي شاه پاڻ لڪڻ کڻي شھر جو رائونڊ ڪيو ھو. شايد ماڻھن جي ذھنن ۾ ان لڪڻ جو خوف اڃان به ويٺل آھي. جو ھو گھٽين ۾ گند ڏسي ۽ گندو پاڻي ته پي وڃن ٿا، پر ٻڙڪ به ٻاھر نٿا ٻولين. جيتوڻيڪ ھاڻي قائم علي شاه خيرپور ۾ ايترو ڪونه ٿو ترسي پر سندس مڇر ته موجود آھي. جنھن کان ليگي دؤر ھوندي به آفيسر شاھي ڪن ھڻندي آھي. ”مظھر علي عرف مڇر“ کي ڪاوڙ ته ”يشونت“ فلم رليز ٿيڻ کان پوءِ ڏاڍي آئي ھئي. جو گھٽين ۾ کيس ڏسندي ئي ماڻھو ان فلم جي ھيرو ”نانا پاٽيڪر“ جو اھو ڊائيلاگ وڏي واڪ دھرائيندا ھئا ته ”سالا ايڪ مڇر – آدمي ڪو ھيجڙا بنا ديتا ھي.“
    وقت جي ستم ظريفي ڏسو جنھن خيرپور کي مڇرن ۽ روبين جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.


    لڙڪن ۾ وڃايل رومانس وارو شھر

    اھا وقت جي ڪيڏي نه ستم ظريفي آھي جو بجليءَ جا ڊگھا بريڪ ڊائون، روڊن تي ٽائرن کي باھيون ۽ ڇوڪرن جون ڇوڪرن سان شاديون اڄوڪي شڪارپور جي سڃاڻپ بڻجي ويون آھن. شڪارپور جنھنجا رستا روزانو ٻه دفعا ڌوپجندا ھئا، جيڪا سالن جا سال خراسان جي حڪمرانن جي يار دلخواه رھي ھئي ۽ جنھنجي جدائيءَ افغاني حاڪم ھتان ڳوڙھا ڳاڙيندا ھليا ويا. ان شڪارپور جا اڄوڪا حاڪم شڪارپور کان گھڻو تڻو ٻاھر گذارڻ ۾ خوش ٿين ٿا. ھنن کي ته جون ۽ جولاءِ ۾ سنڌ واه جو وھڪرو به پاڻ ڏانھن نٿو ڇڪي. ھو ته ڀورڀن، مري ۽ باٿ آئلينڊ وارن بنگلن ۾ شڪارپور کان گھڻو پري ھليا ويا آھن. ھو سنڌ ورڪي سيٺيا ٿوروئي آھي جيڪي سمر قند، بلخ بخارا تائين وڻج واپار ڪري وار وري به اچي شڪارپور جي حجم کان ٺھرائيندا ھئا ۽ راڳ رنگ جون محفلون سڏائي ڪلڪتي ۽ لاھور کان ڳائڻيون گھرائيندا ھئا. انھن شڪارپوري شاھوڪارن وٽ بيدي جيڏا زمرد، ياقوت ۽ راجائن جھڙا جواھر ۽ ماڻڪ ھوندا ھئا پر اھي وھنجندا وڃي سنڌ واھ ۾ ھئا ۽ تفريحي شاھ باغ ۾ ڪندا ھئا پر اڄوڪن شڪارپوري اميرن جو ڏس ميرا ۽ شگفته ڏانھن ئي ملي ٿو. شڪارپور شھر جو بنياد رکندڙ دائودپوٽن جو ته ھاڻي ڪو ڏس ئي ڪونه ٿو ملي. ھو شھر جي چوڌاري ٺھرايل ۽ پوءِ ڊاھيل اٺن ئي دروازن وانگيان گم ٿي ويا آھن، پر شڪارپور مان ته گھڻو ڪجھه گم ٿي ويو آھي. رڳو لکيدر، ھاٿي در، ھزاريدر، خانپوري در، ڪرن در، واڳئون در، سيوي در ۽ نوشھرو در ٿورو ئي گم ٿيا آھن، ھتان ته سردارن جون حويليون، سنڌ ورڪي سيٺين جا محل ۽ ماڙيون باغ ۽ باغيچا، سرائون، ڌرمشالائون، انصارين جا سندل، صديقين جون کٽون ۽ شيخن جون بئجنچون به غائب آھن. شڪارپور مان ھاڻي ته انسانن لاءِ رحم وراو احساس به ختم ٿيندو پيو وڃي. شايد ان ڪري ئي گذريل عيد واري ڏينھن شڪارپور جي گھٽين ۾ سڱاوتي تڪرار تا ٻٽو قتل ٿيو ھو. ھي اھو شھر آھي جتي ورھاڱي کان اڳ کٽ واري ڌرمشالا مان ھڪ ماڻھو زوزانو مانين جي ھڙ ٻڌي نڪرندو ھو ۽ بازار جي ڪتن کي ھڪ ھڪ ماني ڏيندو ويندو ھو. ان ئي شھر ۾ ڪي ماڻھو شاھي باغ جي پپل جي وڻن جي پاڙن ۾ کنڊ ۽ مٺائي جا ٻڪ ڀري ھاري ويندا ھئا (جيئن ڪيولين ۽ جيتن کي به کاڌو ملي) پر اڄ ان شاھي باغ ۾ رولو گڏھ گاھ چرن ٿا ۽ ڪي شوقين وڻن جي اوٽ ۾ ڇوڪرن سان ڪچھريون ڪن ٿا. ڇا اڄوڪو شڪارپور دائود پوٽن واري دؤر کان اڳ واري شڪارگاھ آھي جنھن ۾ پير سلطان کي ٻيھر گھوڙي تي چڙھي اچي دعا گھري شھر آباد ڪرڻو پوندو.
    ڪي ماڻھو چون ٿا ته شڪارپور ۾ قبيلائي جھيڙا ان ڪري ٿين ٿا جو شڪارپور جو بنياد ئي مھرن ۽ دائود پوٽن وچ ۾ جنگ کان پوءِ پيو ھو جنھن ۾ 12 ھزار مھرن ۽ بلوچن جي لشڪر سان دائود پوٽن جي 4 سؤ سپاھين جنگ ڪئي ھئي، 3 ھزار مھر مارجي ويا ھئا جنھن کان پوءِ ان ميدان کي ڳاڙھو مقام سڏيو ويندو ھو، پر 1944ع ۾ سنڌو درياھ ۾ آيل اٿل ڪري ھاڻي ان قبرستان جو ڪو نشان ظاھر ناھي. مھرن جي سردار ڪريم ڏني ۽ دائودپوٽن جي امير بھادر خان وچ ۾ ھڪ ٻي جنگ مھرن جي صرف 2 گھوڙن جا پڇ ۽ ڪن ڪپي ڇڏڻ تان ٿي ھئي. اھا جنگ ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ اڄ به جاري آھي جنھن ڪري وڙھندڙ قبيلن جي سردارن پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ۾ پناھون ورتيون آھن ۽ سندن شڪارپور وارا پراڻي دؤر جا ٺھرايل بنگلا ھاڻي چونو ڇاڻي رھيا آھن. انھن بنگلن ۾ سادو ۽ پراڻو فرنيچر پيل آھي، پوءِ به ھتي سرداري نظام جو وڏو دٻدٻو ليکيو وڃي ٿو. شايد انڪري ئي مقبول شيخ جي نواز شريف سان گڏ اجرڪ ٽوپيءِ سان نڪتل تصوير ھيٺان به ”سردار مقبول احمد شيخ“ لکيل آھي. جنھن شڪارپور جي جاگرافي ھميشه تبديل ٿيندي رھي آھي تنھن کي ھن وقت ڪو اعلى تعليمي ادارو ناھي پر ورھاڱي کان اڳ ٻيا تعليمي ادارا ته پنھنجي جاءِ تي پر ڪاروباري ماڻھن پنھنجي اولاد کي بزنس اسٽڊي ڪرائڻ لاءِ ”اوجھا“ اسڪول به کولرايا ھئا. ھاڻي ته ڪو معياري اسڪول نه ھجڻ ڪري پرائيويٽ اسڪول کوليندڙ اڪثر ماڻھن جي چاندي ٿي وئي آھي جن ۾ اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاھ جو اھو دوست به شامل آھي جنھن شھيد ڀٽي جي نالي تي تحقيقاتي اداري ۽ ميوزيم لاءِ سرڪاري پلاٽ وٺي پرائيويٽ اسڪول ٺھرائي ڇڏيو آھي. اھڙن چالاڪين سبب ئي ”شڪارپوري“ ٽرام کي ڊبل معنى ۾ ورتو ويندو آھي.
    ھن شھر مان وڻ ان جي اڳوڻي حسن وانگيان غائب ٿي ويا آھن. ھاڻي اسٽيشن روڊ تي انھن وڍيل وڻن جا ٿڙ توھان کي ضرور نظر ايندا. ڪنھن دؤر ۾ شڪارپور ۾ ٽرام ھلائڻ لاءِ ٽرام وي به منظور ٿيو ھو جنھن جا نقشا اڄ به دفتريءَ ۾ موجود آھن پر اڄوڪي شڪارپور جا ماڻھو ٻه ٻه روپيا ڏئي گڏھ گاڏن تي سفر ڪن ٿا جن تي اس کان بچاءَ لاءِ مٿان ڪپڙو ڏنل آھي. عام شڪارپوري ته گھوڙي تان به لھي گڏھ گاڏي تي اچي ويٺو آھي ور خاص شڪارپوري الٽو ڪار مان نڪري سرف گاڏين ۾ پرسڪون سفر ڪن ٿا. ڪجھه محقق اھو الزام به اڄوڪن شڪارپورين تي ھڻن ٿا ته ھنن ورھين جي محنتن ۽ ڪشالن کان پوءِ ٺھيل ڪاٺ جي عاليشان ٽڪ وارين درين ۽ درن کي چلھن جو ٻارڻ بنائي ڇڏيو. ھنن ته راءِ بھادر اڌوداس ۽ لال ڪشجند جھڙن نيڪ ۽ سخي مردن جا مجسما به ڀڃي ڦٽا ڪري ڇڏيا جن منجھان ھڪڙو اڌوداس جو بچل مجسمو بنا نالي ۽ تعارف جي سنڌالاجي ۾ پيل آھي. اڄوڪي شڪارپور جي گھٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ شھيد الھه بخش سومرو، تاراچند، سيٺ ڪيول رام، ڊاڪٽر سران صديقي، سرغلام حسين ھدايت الله جھڙا ماڻھو ڳولھڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي. ھاڻي لکيدر واري گل فروش ڏي ته ڪو لڙي به ڪونه ٿو. اھي ململ جا پھراڻ، عشق جا نياپا، ٽانگي وارن جا پيار ڀريا جملا ھاڻي ته ھڪ خواب بڻجي ويا آھن جنھن کي ڪجھه شڪارپوري سارين ٿا ۽ ڪجھه ان حسين خواب مان جان آجي ڪرائڻ چاھين ٿا، ان جو حسين مثال الاھي بخش سومري پاران شڪارپور شھر کي ڏنل پٺي آھي. شڪارپور شھر جي ڦٽل حسن جو درد ڪجھه ماڻھو روئين ٿا باقي ته شڪارپور جي ٻھراڙين جي سماجي زندگي ساڳي آھي جتي عورتن کي اڄ به ماھو ڪري ماريو وڃي ٿو. امير صادق محمود جي دؤر ۾ جڏھن نورمحمد ڪلھوڙي سان گڏجي ايراني فوج شڪارپور تي حملو ڪيو ھو ته امير صادق پنھنجي عورتن کي پنھنجي ھٿن سان زھر ڏئي (ماھو) ڪري ماريو ھو. اڄ به شڪارپور شھر ايندڙ ٻھراڙين جا ماڻھو نواب ولي محمد جي ان لشڪر جيان لڳن ٿا جنھن افغانين کي تڙڻ وقت شھر ۾ گشت ڪري چيو ھو ”واھ شڪارپور واھ شڪارپور! ڀلا ڀلا مار مارينداسون ڙي! رئيس جي سر جي سلامتي ضرور گھرن ٿا. ڪنھن دؤر ۾ قلعه قافله وٽ ميل پراسٽيٽيوشن ھلي ٿي. ڪجھه ماڻھو اھو ٻڌائيندي شيشي وانگر ڀري پون ٿا ته ھڪڙي ھوٽل ۾ ته اسڪول گرلس به مھيا ٿين ٿيون. ڇا ته تماشو بڻيو آھي شڪارپور جو! جتي ماسٽر چندر، مولي ٻائي، عاشق علي خان، جيوڻي ۽ ھندان ٻائيءَ جا آلاپ ھوندا ھئا، اتي اڄ ڪو ڪيسٽي فنڪار رڙيون ڪري چوي ٿو ”ڇو ٿا ايڏو انتظار ڪرايو جاني، پنھنجو ديدار ڪرايو جاني!“ ھاڻي ته گھنٽا گھر جي چوڌاري به انڪروچمينٽ ٿي وئي آھي ۽ اسٽيشن تائين ٻڌجندڙ گھنٽا خاموش آھن.


    ٿڪل شام جھڙو شھر !

    ڪجھه ھفتا اڳ جڏھن گرمين جي حوالي سان بدنام شھر سکر جي موسم جون ۽ جولاءِ وارن ڏينھن ۾ به ميگھه ملھار ٿي پئي ھئي ته شام جو لڳندڙ ٿڌڙين ھوائن جو مزو وٺڻ لاءِ تمام ٿورا ماڻھو ڳتيل آباديءَ کان ٻاھر نڪري آيا ھئا، ھنن کي چانڊوڪي راتين ۾ ترندڙ اپسرائن جھڙين لڳندڙ، درياھي ڇولين به پاڻ ڏي نه ڇڪيو ھو. ھتان جي اڪثريتي آبادي دڪانن مٿان ٺھيل کڏڙين جيترين جاين ۾ سوير سمھڻ جي عادي آھي. ھو سڀئي موسمون ”روٽين“ ۾ گذارين ٿا، جنھن ڪري سکر جي زندگي شھر جي اگھاڙين ڀتين جيان بي رنگ ٿي پئي آھي ۽ سکر برج جي ٽمڪندڙ بتين کان وٺي پرين گھاٽ جي بڙ تائين سڀ اڪيلائي جو عذاب سھن ٿا. ھتان جي عاشقن جو چاندني تن جلائي ٿي الائي نه پر اسان ته سکر جو اھو اونھارو ڏسڻ لاءِ ترسي پيا آھيون جنھن لاءِ مير علي شير قانع لکيو ھو ته ”آبڪلاڻيءَ ۾ جڏھن ميوا پچن ٿا ۽ گل ٽڙن ٿا تڏھن شھر جا امير توڙي غريب زالن ۽ ٻارن سميت سڄو سڄو ڏينھن باغن ۾ گذارين ٿا.“ واقعي اھي گل سنگھڻ لائق آھن پر ھتي ته اونھارو، بھار ۽ سيارو ايئن گذري وڃي ٿو ته ”گل کلھي نه ان سي ملي نه مئي پئي ھي، عجب رنگ مين اب ڪي بھارين گذري ھين“. سکر جي سونھن ۽ جمال کي معصوم شاھ جي مناري تان بيھي ڏسڻ جي صلاح ڏيندڙ رچرڊ برٽن کي ھاڻي جيڪڏھن معصوم شاھ جي مناري تي چاڙھي اڄوڪي سکر جو نظارو ڪرائجي ته ھو شايد روئي پوي. چون ٿا ته دنيا ۾ تمام ٿورڙا شھر آھن جن کي سکر جھڙي قدرتي سونھن ھجي ٿي، جنھن جي پاسي مان درياھ وھندو ھجي ۽ شھر جو ڪجھه حصو ٽڪرين تي ھجي، ھونئن به پراڻن زمانن کان درياھ جي اھميت ۽ حيثيث سھوليت واري شئي کان وڌيڪ رومانس واري رھي آھي. قديم زمانن ۾ مصري نيل نديءَ کي ديوتا ڪري مڃيندا ھئا، آرين جي رشين پنھنجي جھوني رگويد کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي ئي قلمبند ڪيو ھو تنھنڪري ھو سنڌوءَ کي گنگا ۽ جمنا کان به وڌيڪ متبرڪ سمجھندا ھئا. رگويد ۾ ئي سنڌوءَ جي تعريف سلوڪن ۾ ڏنل آھي پر اڄوڪي سکر جا ماڻھو پوري شھر جو گند اچي درياھ ۾ اڇلائين ٿا، اھا عجيب ڳالھه ناھي ته ھو پاڻي به ان درياھ جو واپرائين ٿا ۽ گندگي جي نيڪال جا منھن به ان طرف ڪري ڇڏيا اٿن، پر کين روڪڻ واري ڪا اختياري ناھي. ھو گند اڇلائيندا انھن مٿان درياھ اندر جايون اھڙي طرز سان ٺھرائيندا وڃن ٿا ڄڻ ته ھو درياھ جي به پلاننگ ڪندا ۽ ڄڻ ته کين ھن درياھ جي ڪا خاص گھرج ناھي. لنڊن جي ٽيمسز پل کان پنجوڻ تي وڏي لائيڊ برج ھتي آھي پر ان جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪو اڳتي نٿو اچي. ڇا اھو رڳو آبپاشي وارن جي ملڪيت آھي؟ يا پنھنجي شھرن کي سينگارڻ بدران ھو ڪنھن انگريز فاتح جو انتظار ڪن ٿا جن سکر جي جابلو ٽڪرين تي ٺھيل قبرون ڊھرائي بنگلا ۽ دفتر تعمير ڪرايا. مقامي آباديءَ جي احتجاج تي انگريزن چيو ھو. ”توھان به عجيب قوم آھيو، نظاريدار ٽڪرين کي قبرستان بڻائي ڇڏيو اٿو. اسان توھان ۽ اھل قبور تي وڏو احسان ڪيو آھي جو سندن سڙيل ھڏن کي ڪڍائي درياھ ۾ اڇلايو آھي ڇو ته درياھ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.“
    اڄوڪي سکر جي بنيادن ۾ ڪيئي ڪھاڻيون لڪل آھن جيڪي ان ناول نگار کان وقت گھرن ٿيون جنھن روڊن جي کوٽائي وقت پنجن روڊن جا تھه ڏسي چيو ھو”سکر جو اھي پنج زندگيون دفن ٿيل آھن انھن کي رڳو ٽيڪم سان نه پر قلم سان به کوٽڻ گھرجي.“ جيتوڻيڪ روزانو ڪروڙن جو ڪاروبار روزانو سکر ۾ ٿئي ٿو ۽ امير ترين ماڻھو به ملي ويندا پر شھر توھان کي ڏاڍو غريب لڳندو، جنھن جي ڪا سوشل لائيف ناھي، جنھن جي روڊن تي خوشبودار پاڻين جا ڇڻڪار ۽ نمن جون گھاٽيون ڇانئون ھاڻي پراڻا قصا بڻجي ويا آھن. اٿليل گٽر، گندگي، ڏينھن رات ھلندڙ ڪوئن جي بادشاھي ۽ ھر فيلڊ ۾ واپارين واري ايڪسپلائٽيشن، اڄوڪي سکر جو مختصر تعارف آھن. جتي مورن جي جاءِ اچي ”معشوقائن“ورتي آھي. جيئن بني اميه جو حڪيم ابن فرزون سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ مورن جو گوشت شوق سان کائيندو ھو تيئن ئي مختلف روپن ۾ سٽي جا حاڪم بڻجي ايندڙ اڄوڪن مورن جو گوشت کائين ٿا. ”سکر مان ھر ڪنھن ڪمايو آھي شھر کي ڏنو ڪنھن به ناھي ٻيو ته ڇڏيو گھنٽا گھر جا گھڙيال ۽ مورتيون به ماڻھو الائي ڪاڏي کڻي ويا،“ ھڪ جھوني ساکروءَ جي دانھن ۾ درد لڳي ٿو. جڏھن ھو چوي ٿو ته ماڻھن ھاڻي شھر کي مسافر خانو بڻائي ڇڏيو آھي، جتي ڪمائڻ واري سيزن گذاري ھو خرچڻ لاءِ پنجاب کان سينگارپور ھليا وڃن ٿا ۽ گھنٽا گھر تي تيل مالشون ڪرائيندڙ به وڃي مساج ڪرائين ٿا، پر ھو شھر جي ڪنھن ڀت يا نالين کي پالش ڪرائڻ لاءِ تيار ناھن. سکر ته مغليه دؤر ۾ به قافله سراءِ بڻيل ھو، جڏھن وچ ايشيا جا قافلا آگرھ جي قافلن جا مال سان مٽا سٽا ڪندا ھئا ۽ آگرھ جا قافلا دھلي، اجمير ۽ جيسلمير کان ٿيندا روھڙي پھچندا ھئا پر انھن ڏينھن ۾ مير محمد معصوم ھشت پھلو سراءِ تعمير ڪرائي ڇڏي ھئي جنھن جي چوڌاري ست کوھ ھوندا ھئا. مسافرن ۽ واپارين جي سھوليت لاءِ مسجد منزل گاه، آرامگاه ۽ باغ بلخ تعمير ڪرايا ھئا. انھن ئي ڏينھن ۾ خراسان جا واپاري خشڪ ميوا، ڪيمخواب، ڪلاباتون ۽ غاليچا وڪڻي نيرو، ھوڙيون، روھڙي جو درياھي ڪپڙو (تسر) ۽ ملتان جو رنگين ڪپڙو خريد ڪندا ھئا، پر اڄ نه اھي واپاري آھن نه مير معصوم جھڙو فرد. ھاڻي ماڻھن جون اھي دانھون به ٻڌڻ وارو ڪو نه آھي ته ڪجھه اڳواڻن غريب شھر کي عذاب ۾ وجھي امير شھر جي محفلن ۾ شرڪت ڪئي آھي. تڏھن ته ٻاھران ايندڙ ماڻھو حيران ٿي پڇن ٿا ته ھتي روڊ تمام خراب آھن جيڪڏھن روڊ سٺا ھجن ھا تگ بنگلا ايڏي خوبصورت ۽ عاليشان ڪيئن ھجن ھا!؟
    جنھن شھر کي 1896ع ۾ به صاف پاڻي ميسر ھوندو ۽ زير زمين ڊرينج سسٽم ھو، ان سکر کي ھڪ صديءَ جي ترقي کان پوءِ صاف پاڻي بدران ڊرينيج مليل پاڻي فراھم ٿئي ٿو ۽ ڊرينجي سسٽم ھاڻي زير زمين نه رھيو آھي اھو روڊن جي مٿان اچي ويو آھي. چون ٿا اڄوڪي سکر جي سبزي، ميوا ۽ گوشت مارڪيٽ، وڪٽوريا مارڪيٽ جي 1883ع ۾ حالت چڱي ھوندي ھئي، جتي ھر شئي صفائي سان ملندي ھئي پر اڄ سڄي مارڪيٽ مڇي مارڪيٽ بڻيل آھي، جتي فروٽ وڍڻ وقت به ائين لڳندو ڄڻ توھان مرغي جو گوشت وٺي رھيا آھيو. ھاڻي وڪٽوريا مارڪيٽ ۾ ته اھو انسپيڪٽر سبحان علي شاھ به ناھي رھيو جيڪو سختي سان مارڪيٽ جون شيون چيڪ ڪندو ھو، نه ئي اڄوڪي سکر ۾ ڪو سينٽري انسپيڪٽر مارڪر نظر اچي ٿو، جنھن کي باڪس صاحب چوندا ھئا ۽ ھو ٽانگي تي چڙھي شھر جي صفائي جو جائزو ھر روز وٺندو ھو. شھر کي گھيرو ڪري ويل لالچي ماڻھن جي ھجوم ۾ ڪو اھڙو ڳولھڻ مشڪل ٿي پيو آھي جيڪو مير محمد معصوم جي پيرن جي نشانن کي نظر ۾ رکي. اھا ھن شھر جي بدقسمتي ئي سڏجي ٿي جو مير محمد معصوم جھڙو ڪو اڳواڻ ھن شھر کي وري نه ملي سگھيو آھي. جيتوڻيڪ ھن کي مسجدون ۽ مذھبي عمارتون تعمير ڪرائڻ جو شوق ھوندو ھو، پاڻ به خوشخطيءَ جو وڏو ماھر ھو پر سندس محبت جو محور سکر ھو. جڏھن اڪبر بادشاھ پاران شاھي سفارت سان ايران ويو ھو ته پنھنجي سفر جي حالتن متعلق مسجدن ۽ خاص عمارتن جي نقش ڪڍندو ويو. اگري قلعي جي دروازي، فتحپور جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي ھن جا ڪتاب لکيل آھن. روھڙيءَ جي عيد گاه، مناره معصوم به پاڻ ٺھرايائين، طبيب به ھو ته لڙايون به لڙيائين. شاعري ۾ سندس تخلص نامي ھو. ديوان نامي ۽ طب نامي جھڙن ڪتابن کان سواءِ سسئي پنھون قصي کي پارسيءَ ۾ ناز و نياز جي نالي سان ترجمو ڪيايئن. چون ٿا جيئن مير معصوم سکر کي ٺاھيو تيئن ئي ھڪ سادت اڳواڻ به تازوڳالھيون ڪيون پر اڄوڪو اڳواڻ جنھن کي ماڻھن مير معصوم سمجھڻ شروع ڪيو ھو تنھن شھر کي سالن جي تباھي کانسواءِ ڪجھه نه ڏنو، ان به نوان ڪاروبار کوليا، نيون شاديون ڪيون پر سکر کي گٽرن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جتي اڏوھيءَ ۽ ڪوئن جو ايترو آزار وڌي ويو آھي جو دوائون کپائيندڙ دڪاندارن جي چاندي ٿي ويئي آھي، پر شھر جي سار سنڀال لاءِ مقرر عملو ڄڻ ته ھڪ ٽئين پليگ جو انتظار ڪري رھيو آھي.
    1895ع ۾ جڏھن سکر ۾ پھريون پليگ (طاعون) آئي ھئي ته ھزارين ماڻھو مري ويا ۽ ايڏي افراتفري ڦھلجي وئي ھئي جو ڪنھن ڀاتيءَ کي پليگ جي ڳوڙھي نڪرندي ھئي ته ٻيا ڀاتي خوف وچان پنھنجي ان بيمار ڀاتيءَ کي گھر ۾ اڪيلو ڇڏي ٻاھران تالو ھڻي ويندا ھئا. بيمار جي رڙين تي ڊاڪٽر تالا ڀڃائي گھر جو سامان ڍوئي ساڙائي ڇڏيندا ھئا. سکر ۾ 1915ع ۾ ٻيو دفعو پليگ آئي ھئي ته ماڻھو شھر ڇڏي ڀڄي ويا ھئا. 1918ع ۾ ھڪ ٻي وبائي بيماري ينفلوئنزا به شھر سان ڪلور ڪيا، جڏھن مسلمانن کي بي ڪفن دفنايو ويو ۽ ھندن کي مردا ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون نه پيون ملن. ”ڇا اڄوڪا اختيار ڌڻي سکر کي ڪنھن ٽئين پليگ ڌڪين ٿا. جڏھن ھو رڙين جي باوجود شھري سھولتون نٿا ڏين ته اسان ڇا سمجھون؟“ ھڪ نوجوان دڪاندار چيو. پارسي سيٺ لمجي جي نالي سان مشھور نم جي چاڙھي ۽ سنڌ جي اڳوڻي ڪمشنر مسٽر بارٽل فريئر جي نالي منسوب ٿيل روڊ سان گھمندڙ نوجوانن کي ڄڻ ته ھن شھر ۾ گھمندي به ارمان ٿئي ٿو جتي ھو صرف ”ڦشق“ جي ئي عياشي ڪري سگھن ٿا. ”منھنجي پيار جي پھرين ملاقات لاءِ سکر ۾ جاءِ ڳوليندي ڏھ ڏينھن گذري ويا پر اھڙو ڪو ڪارنر نه ملي سگھيو جتي ڪجھه گھڙيون سڪون سان ھڪٻئي کي ٻڌي ۽ ڏسي سگھون. تنگ ٿي اسان ڪوٽڏجي قلعي طرف ھليا وياسين.“ ھڪ عاشق مزاج نوجوان ٻڌايو. ھاڻي ته مير ابوالقاسم نمڪين جھڙو ڪردار ڳولھيو نٿو لڀي جنھن ستين جي آسٿان واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کي صاف ڪرائي چانڊوڪي راتين ۾ عالمن، اديبن ۽ دوستن لاءِ محفلن جو بندوبست ڪيو. چانڊوڪي راتين جون اھي مجلسون مير نمڪين جي زندگي تائين ئي ھلنديون رھيون، ھو بکر جو باذوق حاڪم ھو پر مورخن کيس الاءِ ڇا ڪري پيش ڪيو آھي ته ھو ھڪ وقت تي ٽي ھزار انب ۽ ھزار صوف ۽ ھڪ مڻ گدرا ھڪ ويلي تي کائي ويندو ھو. ”اڄوڪا حاڪم چانڊوڪي راتيون بکر يا سکر ۾ ڇو گذارين جڏھن ھو يورپ ۾ ڀلي رات گذاري سگھن ٿا. حاڪم ته ڇڏيو اڄوڪي عوام کي به اھو ذوق ناھي رھيو ته چانڊوڪي رات ۾ سکر جي سونھن ڪھڙي آھي!. ھڪ جھوني ساکروءَ ٻڌايو ۽ چيو ته توھان کي سکر جي سونھن ڏسڻي ھجي ته ستين جي آسٿان وٽان يا سکر بئراج مٿان بيھي ڏسو. ڪيئن به ھجي سکر جي ترقي ڪيتري به ڳڻائي وڃي پر اڄوڪي سکر کي ڏسي ان جھوني ساکروءَ جي لفظن سان سھمت ٿيڻو پوي ٿو ته ھاڻي شھر ۾ ڇا رکيو آھي، شھر ته ھڪ چراگاھ بڻجي ويو آھي. اڄوڪي سکر جون شامون اداسي ۽ اوٻر گڏ کڻي اچن ٿيون ۽ حبس وارين شامن ۾ پگھر ڳاڙيندڙ ماڻھن لاءِ رابيل جا گجرا ۽ گلاب جا گل ڪا اھميت نٿا رکن، ماڻھن جي گھڻائي گٽڪن ۽ ريجنٽ سينيما تي رش ڪري ٿي، ٿورائي وڃي گتن ۽ گل فروش ڪوٺين تي ڪري ٿي. لائبريريون ۽ پارڪ جڏھن ڳولھيا نٿا لڀن ته نوجوانن جا ڪٽڪ مني سينيما گھرن تي وڃي ڪڙڪن ٿا جتي کين روڪڻ وارو ڪو دادا ناھي.


    جان جيڪب ڇو ٿو روئي؟

    ان رات جڏھن راڄ واھ جي فيملي لائين واري موريءَ تي وڃي ويٺاسين ته رستن تان گھوڙن، گڏھ گاڏن ۽ ماڻھن جي رش ختم ٿي چڪي ھئي، چانڊوڪي رات ۾ جيڪب آباد مٿان سانت ڇانيل ھئي. ان رات الائي ڪٿان اچي حيدرآباد جي ھوائن جھڙيون ٿڌريون ھيرون گھلڻ شروع ٿيون پر راڄ واھ ۾ وھندڙ گندگيءَ سبب گھڻو وقت ويھي نه سگھياسين ۽ ھوٽل طرف ھلڻ لڳاسين. چون ٿا قان آف قلات جي حفاظتي دستي جا 20 فردن وارا پنج خاندان رھندا ھئا ۽ ان ڪوٽ کي خانڳڙھ سڏيو ويندو ھو جتي ھندن جا صرف ٽي دڪان ھوندا ھئا. پر برگيڊيئر جنرل جان جيڪب سي بي، ان ننڍڙي خانڳڙھ کي پنھنجي فوجي ڇانوڻي بڻائڻ لاءِ منتخب ڪيو ۽ شھر جي تعمير ڪرايائين، جتي ھاڻي ھزارين ھندو ڪاروبار ڪن ٿا ۽ لکين ماڻھو اچن وڃن ٿا. ھتان جو چونڊيل نمائندو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر آھي. شراب جي اوت جام ٿئي پر ماڻھن کي پئيڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ مٺو پاڻي ميسر ناھي. سم ۽ ڪلر سبب جيڪب آباد کي جر آھي ئي ڪونه، باقي واٽر سپلاءِ به ميونسپل وارن جي مرضيءَ تي آھي. ”ڏيڊ صدي اڳ انگريز فوجي عملدار جا جيڪب جي دؤر ۾ وڌيڪ خوشحال ھوندي ھئي“ ھڪ ليکڪ چيو. جڏھن نور واھ کي واڌائي ان مان راڄ واھ ۽ ٻڌو واھ ڪڍيا ويا ھئا، ته وڪٽوريا ٽاور جي اوڀر طرف يڪو ۽ وسيع پاڻي جو تلاءُ تعمير ڪرائي نور واھ مان آندل پاڻي جو ذخيرو ڪيو ويندو ھو. تلاءُ جي چوڌاري وڻ پوکرائي وڏي چوديواريءَ ڏني وئي ھئي ته جيئن تلاءُ کي ڪپڙن ڌوئڻ ۽ تڙ ڪرڻ کان بند رکي سگھجي. پر وقت جي ستم ظريفن ۽ جيڪب آبادي شرفاءِ جي لاتعلقي ته ڏسو جو ان تلاءَ واري جاءِ تي حجم ماڻھن جا لاٿل وار، ھوٽل وارا گندو ڪچرو اڇلين ٿا ۽ موالي نوٽڻ ويٺا کيڏن ۽ جيڪب آباد کي مٺو پاڻي پھچائڻ واري راڄ واھ جي ڪنارن سان لڳل پل، نم، ٽاري، بڙ ۽ گدامڙين جي وڻن کي ته ھنن ڪڏھوڪو ڪپي ڇڏيو. پر جڏھن واھ جي کاٽي نه کنيائون ۽ تازو پاڻي نه آيو ته ماڻھن واھ جي ڪناري پنھنجا گھر ٺاھي راڄ واھ ۾ گندي پاڻي جو نيڪال ڪري ڇڏيو ۽ ڪنھن وقت خوبصورت راڄ واھ ھاڻي وچ شھر مان گندي پاڻي جون ڇوليون ھڻندو وھي ٿو. ”گندگيءَ ۾ ئي ڪنھن ڏينھن ٻڏي وينداسين پر ڪنھن کي پرواھ ناھي“ ھڪ دڪاندار چيو. ”واھن تي عورتن ۽ مردن جي وھنجڻ لاءِ الڳ الڳ گھاٽ ٺھيل ھئا جتي عورتن واري گھاٽ کي ڀتيون به لڳل ھونديون ھيون پر اخلاقي پاپنديءَ سبب به اوڏانھن ڪير به نه ويندو ھو“ سينيئر ليکڪ فتاح عابد ٻڌايو. ھو چوي ٿو ته ”اھڙي تفريح ته ڇڏيو ھاڻي ته اسان پيئڻ واري پاڻيءَ لاءِ به پريشان آھيون.“
    جيڪب آباد ۾ واٽر سپلاءِ جو پاڻي کير ٿر مان آڻي استعمال لاءِ ڏنو وڃي ٿو پر پوءِ به پورت نٿي پوي، انڪري ماڻھو پيسن تي پاڻي خريد ڪن ٿا. کير ٿر جڏھن ٻن مھينن لاءِ بند ٿيندو آھي ته کارو پاڻي واپرايو وڃي ٿو. ٻڌايو وڃي ٿو ته بينظير واري گذريل حڪومتي دؤر ۾ جيڪب آباد جي واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ 14 ڪروڙ منظور ٿيا ھئا، جنھن مان 4 ڪروڙ روپيا مليا به ھئا پر ”ڪميشن“ واري چڪر سبب ڪم رولڙي ۾ پئجي ويو ۽ صاف پاڻي اڃا تائين جيڪب آبادين جي اڻپوري خواھش بڻيل آھي.
    جان جيڪب جيڪي وسيع رستا ٺھرائي انھن سان گھاٽن وڻن جي وڻڪاري ڪرائي ھئي سا ته ھاڻي غائب آھي پر رستا به سوڙھا ٿيندا ٿا وڃن. شھر جي قائداعظم روڊ کي ڇڏي باقي سمورو شھر حددخلين جي ور چڙھي ويو آھي، جنھن ۾ افغاني پٺاڻن کان وٺي ڀاڳناڙيءَ جي ڪاڪن تائين سڀ حصيدار بڻيل آھن. جيتوڻيڪ جيڪب آباد جو ڪو وڏو سخي مرد ته مشھور ناھي پر اڳوڻا ھندو سيٺ مختلف چوراھن تي پاڻيءَ جون سبيلون ماڻھن لاءِ الڳ ۽ جانورن لاءِ الڳ ٺھرائيندا ھئا گھوڙن ۽ ٻين جانورن بيھارڻ لاءِ شيڊ ٺھرائيندا ھئا پر مڪيش چواڻي ته ”جيڪب آباد ۾ ھاڻي ڀاڳناڙيءَ جا اھي ڪاڪا اچي ڪاروبار ۾ لڳا آھن جيڪي پنھنجو بخار به ڪنھن کي ڪونه ڏين، ته اھي سبيلون ۽ مسافر خانا ڪيئن ٺھرائيندا“ ايئرپورٽ ڀرسان فورس گرائونڊ جي حالت به ڪا سٺي ناھي جتي اٺن ۽ گھوڙن جي ڊوڙ به ٿيندي ھئي ۽ جانورن لاءِ اصطبل به ٺھيل ھئا جيڪي ھاڻي ڀُري ويا آھن ۽ فورس گرائونڊ ۾ سم جو پاڻي اچي بيٺو آھي جنھن کان بچيل ڪنھن ڪنڊ تي نوجوان والي بال ۽ فوٽ بال کيڏن ٿا. ”تفريح ته جيڪب آباد ۾ آھي ئي ڪو نه، اڳي سينمائون ھونديون ھيون انھن مان به وڃي ھڪ بچي آھي، باغ باغيچا ۽ رانديون ته ڄڻ ڪو خواب ھجن“ ھڪ نوجوان ٻڌايو ”ھاڻي نوجوانن پاڻ کي شراب جي گتن، مني سينيما گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي.“ ھونئن ته جيڪب آباد ۾ ڪيتريون ئي ذاتي لائبريريون ٿي سگھن ٿيون. پرڪاشرام پل وٽ ڪامريڊ ٽيڪا رام پاران 1932ع ۾ قائم ڪيل شري ڪرشنا فري لائبريري اڃا تائين ھلي رھي آھي. ھڪ ڪمري واري زبون عمارت ۾ پراڻي فرنيچر تي ويھي روزانو ٻه ٽي سؤ ماڻھو اخبارون پڙھي وڃن ٿا. 1978ع کان لائبريري جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندڙ لالا وشنو موجب اڳي لائبريري ۾ ڪتاب ۽ رسالا به ايندا ھئا پر ھاڻي رڳو اخبارون اچن ٿيون. سرڪاري سطح تي ڪا به سرپرستي نه ٿيڻ سبب لائبريري ڏينھون ڏينھن ختم ٿيندي پئي وڃي. جيڪب آباد جو وڪٽوريا ٽاور وارو گھڙيال ته سالن کان خاموش آھي پر شھر ۾ وڌندڙ ٻاھرين آباديءَ تي به ماڻھو خاموش آھن. ڪوئيٽا وانگيان ھاڻي جيڪب آباد ۾ به افغاني پٺاڻن جون ڪاروباري سرگرميون وڌي ويون آھن. ھتي ايراني تيل ۽ ٻيو اسمگل ٿيل سامان عام جام ملي ٿو. ”پٺاڻن جو ڪاروبار ۾ ايترو ته اثر وڌي ويو آھي جو ڀلي ڪنھن به پارٽيءَ طرفان ھڙتال جو سڏ ھجي، جيستائين ھو راضي نه ٿين ته ھڙتال ڪامياب نه ٿيندي“ پرويز ٻڌايو. ھن چيو ته ھڙتالن جي موقعن تي ھو ھٿيار کڻي ويٺا ھوندا آھن ته جيئن ھڙتال ڪرائيندڙن سان منھن ڏئي سگھن.
    خوبصورت ڪپڙي مارڪيٽ واري ھن شھر جي ترقي نه رڳو گھڻين عمارتن ذريعي ڳڻائي سگھجي ٿي باقي ته جيڪب آباد منزل تي پھچڻ کان اڳ ئي ڪنھن سراءِ ۾ ڊھي پيل مسافر جھڙو شھر بڻجي ويو آھي جتي صوبيدار سراءِ سھڻي سراءِ جھڙيون عمارتون اڃان به موجود آھن. ڏيڊ صدي کان اڳ جان جيڪب چيو ھو ته ”جيڪو ڪم مون کي روزانو ڪرڻو پوي ٿو اھو 50 دماغن جي ڪرڻ کان به وڌيڪ آھي. 24 ڪلاڪن مان مون کي صرف 3 ڪلاڪ ننڊ به ورلي نصيب ٿئي ٿي. اھو اٿاھ ڪم ھڪڙي ڏينھن مون کي ختم ڪري ڇڏيندو پر مون کي افسوس ناھي ڇو ته مون ثابت ڪيو آھي ۽ ڪي بنيادي اصول واضع ڪيا آھن، جن تي مونکان پويان ايندڙ ڪم ھلائي سگھندا“ پر سندس پويان ايندڙ ڪم ته ڪو نه سنڀالي سگھيا رڳو جان جيڪب جو گھڙيال، تلوار، قبر ۽ سندس گھوڙي جي قڀر سنڀالي سگھيا. برطانيه جي وولنگٽن واري علائقي ۾ ھاڻي شايد ڪير جان جيڪب کي سڃاڻي الائي نه، پر جان جيڪب اڄ تائين جيڪب آباد جي ماڻھن وٽ پنجھائب وارو نالو بڻيل آھي. چارلس نيپئر سان گڏجي دٻي ۽ مياڻيءَ واريون جنگيون وڙھندڙ ۽ خان آف قلات سان به وڙھندڙ انگريز فوجي عملدار سان مقامي بلوچ قبيلن جو عجيب رشتو ھو. جيتوڻيڪ ھو کانئس نفرت ڪندا ھئا پر جڏھن گرمين جي ڏينھن ۾ جان جيڪب پنھنجي گھوڙي ميسينجر تي ئي گھمندي بيھوش ٿي ويندو ھو ته اھي ئي ٻروچ کيس کڻي اچي سندس ريزيڊنسيءَ تائين پھچائيندا ھئا. پادرين جي عيوضيءَ جي پٽ جان جيڪب پنھنجي قبر تي صليب نه لڳائڻ ۽ پاڻ کي جيڪب آباد ۾ ئي دفنائڻ جي نصيحت ڪئي ھئي. عبدالڪريم گدائيءَ موجب ھن 9 سال حڪومت ڪري خونخوار قبائلين کي ھڪ امن پسند ۽ باذوق آبادگار طبقي ۾ بدلائي ڇڏيو. شايد اھو ئي سبب ھو جو سندس وفات کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين مقامي ماڻھن مان ڪنھن کي ٽيئڙ تپ (بخار) ٿيندو ھو ته اھو وڃي جان جيڪب جي قبر کي ڀاڪر پائي ايندو ھو ۽ سندس بخار ھليو ويندو ھو. ھاڻي جيتوڻيڪ ڪوئيٽا روڊ سان واقع ڪرسچن قبرستان ۾ جان جيڪب جي قبر ۽ دروازي کي ٽائلز وغيرھ ھڻايا ويا آھن جتي برطانوي ھاءِ ڪمشنر ۽ دفن ٿيلن جا خاندان ھر سال حاضري ڀريندا آھن پر عيسائين جي قبرستان ۾ اھا رونق ئي نه رھي آھي جيڪا ڪجھه سال اڳ ھوندي ھئي. گلن ۽ ڇٻر جي جاءِ ھاڻي سم ۽ ڪلر ورتي آھي. جيتوڻيڪ ھاڻي قبرستان کي در ڏنل آھي پر پوءِ به ڪجھه ماڻھو جان جيڪب جي قبر تي مٺائي ۽ ڏيئا ٻاري ڄڻ ته خراج پيش ڪري وڃن ٿا.
    جيئن جيمخاني جيڪب آباد ڀرسان واقع ڪنھن ستي جتي عورت واري قبر لاءِ ماڻھن جي چوڻي آھي ته اھا رات جو نڪري چوراھن تي نچندي آھي. ايئن ئي جيڪب لاءِ مشھور چوڻي آھي ته ھو رات جو روڊن تي نڪري شھر جو گشت ڪندو آھي. ھڪ دوست جي فينٽسي موجب ٿڌين ھوائن واري چانڊوڪي رات ۾ اسان جان جيڪب کي وڪٽوريا ٽاور وٽ روئندي ڏٺو. ھو راڄ واھ جي گندگي وڻن کان خالي ٿيل ۽ حددخلين سان ڀرڀور شھر کي ڏسي روئندو رھيو. ھن کان ته پنھنجي گھوڙي ميسينجر جي زناني اسپتال واري قبر ۽ پنھنجا ٺاھيل گھڙيال به ڪونه لڌا. ھن پاڻي پيئڻ چاھيو پر کارو پاڻي ملڻ ڪري ھو واپس ھليو ويو جنھن کي اتان جو چونڊيل ميمبر پرچائڻ ويو پر ھن ساڻس نه ڳالھايو ۽ پنھنجي ان شھر جي حالت تي ڳوڙھا ڳاڙيندو ھليو ويو.


    رُڪ اسٽيشن: آخري ٽرين جي انتظار ۾!

    ھيءَ ھڪ صدي پراڻي ريلوي اسٽيشن ھاڻي ڏاڍي ننڍڙي ۽ غير اھم اسٽيشن بڻجي وئي آھي جتي 24 ڪلاڪن ۾ صرف ٻه ٽرينون چار اسٽاپ ڪن ٿيون ۽ بس. رڪ اسٽيشن ريلوي ملازمن ۽ ٽرين جي سفر سان دلچسپي رکندڙن لاءِ ھاڻي ته ڄڻ ھڪ ميوزيم بڻجي وئي آھي جتي ھو ڪڏھن ڪڏھن اسٽيشن جي لٽيل جوڀن ۽ پنھنجي يادگيرين جا داستان شيئر ڪن ٿا. ”ٻائيتاليھن واري ٻوڏ کان اڳ ھي ءَ اسٽيشن جنڪشن ھئي“ واٽر مين محمد علي ابڙو ٻڌائي ٿو. ”ھتي لوڪو شيڊ ھوندو ھو، ٽرينن جون انجڻيون ھتان تبديل ٿينديون ھيون، ڪبين وٽ اھو چڪر (انجڻيون تبديل ڪرڻ وارو) اڃا به موجود آھي. جيڪا به گاڏي سکر ايندي يا ويندي ھئي ھتي ضرور بيھندي ھئي. ھڪڙي انجڻ ھتي مستقل بيٺي ھوندي ھئي ۽ شٽنگ انجڻ به موجود ھئي.“
    واٽر مين جون ڳالھيون ٻڌندي چوڌاري نظر ڦيرائجي ٿي ته پري پري تائين ڪا انجڻ يا انجڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. شايد شنٽنگ به نٿي ٿئي جو پٽڙيون به مٽيءَ ۾ پورجنديون ٿيون وڃن. ”ان زماني ۾ ھن اسٽيشن تي گريڊ ٿريءَ جو اسٽيشن ماسٽر رھندو ھو ۽ رڪ کي سي ڪلاس ريلوي اسٽيشن جو درجو مليل ھو.“ اي ايس ايم ذاڪر منگي، ڪين مين ضمير ميمڻ ۽ خان محمد راڄڙ ڪانٽي وارو به اسان جي گفتگو ۾ شامل ٿي ويو. ”ھاڻي گريڊ ون جو اسٽيشن ماسٽر ويھي ٿو، صرف اسٽيشن تي لھندڙ مسافرن جون ٽڪيٽون چيڪ ڪرڻ لاءِ، اڳي 9 ٽڪيٽ ڪليڪٽر ھوندا ھ.ا. بڪنگ ڪلارڪن ۽ ڊرائيورن ۽ گارڊن جو به ھتي جھجو تعداد ھوندو ھو. ”ھو ٻڌائين ٿا ته ان زماني ۾ ريلوي اسٽيشن جو ٽوٽل عملو پنج يا ڇھه سؤ ملازمن تي مشتمل ھو، جيڪو گھٽجي ھاڻي 13 ملازمن تي پھتو آھي. اڳي ٻه اڍائي ھزار مسافرن جا پير روزانو پليٽ فارم تان گھمي ويندا ھئا ۽ ھاڻي ٽيھه يا چاليھه اھڙا مسافر اچن ٿا جن کي سيوھڻ يا لاڙڪاڻي بنا ڀاڙي يا رعايتي اگھه سان وڃڻو ھجي ٿو.
    اڳوڻي جنڪشن واري زماني ۾ وڏي ريلوي ڪالوني، ريلوي اسپتال ۽ زبردست مارڪيٽ ھوندو ھئو جو ڪا شئي جيڪڏھن سکر مان به نه ملي ته رڪ اسٽيشن واري مارڪيٽ مان ملي ويندي ھئي پر ھاڻي ڪجھه بچيل ڪواٽرن ۾ ڪوبه رھڻ لاءِ تيار نه آھي ڇو ته اھي ڪرن ڪنڌيءَ تي وڃي پھتا آھن. پنھنجو اوج وڃائي ويٺل ھن اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ھاڻي نه ڪو ڳاڙھي پٽڪي يا صدريءَ وارو قلي نظر اچي ٿو نه ئي ڪنھن ريڙھي واري يا گھورڙئي جي ”گرم انڊي“ يا ”ٺنڊي ھوٽل“ جھڙو ھوڪو يا ھڪل ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ”ٽڪيٽ يھان سي خريد ڪرين.“ واري دري ڄڻ ته ھميشه لاءِ ھتي بند ٿيل آھي. نه ڪا مسافرن جي لائين لڳل آھي ۽ نه ڪو ٽانگن جي رش آھي. ”ايڏانھن سُڃ ۾ ڪھڙو ڪم ڦاٿو اٿئي؟“ رڪ اسٽيشن لاءِ مليل ايڪڙ بيڪڙ سواري کان ٽيڪسي يا ٽانگي وارا شڪارپوري اسٽائيل ۾ پڇن ٿا.
    ڪنھن بيگناھ جو قتل ان اداس اسٽيشن تي اڃان به ٿئي ٿو الاءِ نه پر ڀڳت ڪنور جي رت جي خوشبوءَ اڃا به اجڙيل اسٽيشن تي ڦھليل آھي. ڪي فراق جا ماريل ته رڪ اسٽيشن کي صرف انڪري به ڏسڻ ايندا آھن ته جيڪڏھن ھو اھا جاءِ پنھنجي حافظي ۾ محفوظ ڪري ڇڏين جيڪا ڪنھن ڪلاڪار لاءِ ڪڏھن مقتل گاھ بڻي ھئي. ڪنھن مغرور محبوبا جي ياد اڃان به انھن عاشقن کي اڪيلي سر اسٽيشن تي وٺي اچي ٿي جنھن کان ھوءَ سرد رات پھرئين پھر ۾ رسي ريل ۾ چڙھي وئي ھئي. وٽس وري ڪڏھن به نه موٽڻ لاءِ. ھاڻي ھو رڪ اسٽيشن تي ڏينھن جي روشني ۾ شايد ان اسٽيشن جھڙي اداس ڇوڪريءَ جي واپسيءَ جو انتظار ڪرڻ لاءِ اچي ٿو جنھن کي ايڊز جي خطري ولايت جا وڻ ڏيکاري ڇڏيا آھن.
    جيتوڻيڪ ان واقعي تي وقت جون ڪيئي ويرون چڙھي ويون آھن پر الاءِ ڇو اڃان به رڪ اسٽيشن ۽ ڀڳت ڪنور جا نالا ھڪٻئي سان سلھاڙيل آھن ۽ ٻئي نالا گڏ ورتا وڃن ٿا. ڀڳت ڪنور جو ڪو فوٽو يا مجسمو ته ڪٿي به نظر ڪو نه ٿو اچي پر ھڪ پراڻي ڀت تي ”يادگار امر ڀڳت ڪنور رام“ لکيل ملي ٿو، جيڪو ڪنور جي ڪنھن مداح پاران ڳاڙھي رنگ سان چاڪنگ ڪيل آھي. اسٽيشن تي ڪو اھڙو جھونو به نٿو ملي جيڪو ڀڳت ڪنور جي قتل واري اصل جاءِ ڏيکاري سگھي پر ڪجھه خاص ماڻھو اسٽيشن جو اھو پاسو ان واقعي واري ”جاءِ واردات“ طور ڏيکارين ٿا. جتي گھاٽيون جھاڙيون ۽ گاھ وڌي جنگ ٿي ويو آھي.
    ھاڻي ھن اسٽيشن جي چوڌاري جھنگ وڌندو وڃي ٿو. اسٽيشن ڏانھن ويندڙ رستا به ھاڻي سم جي کڏن سوڙھا ڪري ڇڏيا آھن. اسٽيشن جي پويان واري کڏ ته اچي عمارت سان لڳي آھي. ھتي ريلوي انجنيئرنگ ونگ اي ڊبليو آءِ وارن جو ھيڊڪواٽر اڳوڻي اسپتال ۾ اڃا قائم آھي پر اھي به پنھنجا نٽ بولٽ ۽ ٻيا اوزار ريل جي ھڪ پراڻي ڊٻي ۾ رکن ٿا. اسٽيشن تي مسافرن جي سھولت واري خوبصورت ڪراسنگ پل به اڃا موجود آھي پر اھا ڏاڍي زبون ۽ بي رنگ ٿي وئي آھي جتان ڪو جوڙو توھان کي گذرندي نظر نه ايندو. ”اڳي واٽر سپلاءِ جو عملو ۽ مشينون به ھيون پر ھاڻي آفيسرن پاڻي بند ڪرائي ڇڏيو آھي.“ ننڍا ملازم ٻڌائين ٿا ته ”توڙي جو ڇھه لکن جي خرچ سان نئين پائيپ لائين وجھرائي اٿن پر اسٽيشن تي پاڻي ناھي. بس مسجد شريف وارو ھينڊ پمپ آھي جتان ملازم ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ مسافرن کان سواءِ ڀرسان ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ھاري ۽ ھارياڻيون اچي پاڻي پيئن ٿيون.“


    اڙي شھر جانان..... ..!

    ھونئن ته ڏوڪري ڪو اھڙو خوبصورت شھر به ناھي جنھن لاءِ حليم جون اھي سٽون سيڙائجن، پر جيئن پري کان ھر شئي خوبصورت لڳندي آھي. ايئن ئي ھاڻي جڏھن ڏوڪريءَ کان ڏور ٿي حيدرآباد جا وڻ وسايا آھن، ته ڏوڪري ويچاري ٿري معنى واري ڏوڪري لڳي ٿي. (ٿري دوستن موجب ٿر ۾ ڪراڙي شخص کي ڏوڪر ۽ ڪراڙي عورت کي ڏوڪري چئبو آھي.) ھاڻي حيدرآباد تي جڏھن ھوائون مھربان آھن ۽ بادل ڇانيل رھن ٿا ته شديد گرمين ۾ گھاريندڙ ڏوڪريءَ جون اھي گھٽيون ياد اچن ٿيون، جيڪي ڪجھه ڏينھن جي بارش کان پوءِ گند ۽ گندگيءَ سان ڀرجي ويون ھونديون. اھي گھٽيون سدائين گند جو ٽوڪريون ڇو رھيون آھن؟ پر انھن گھٽين ۾ ڪيترائي افسانا اڇلايل آھن. جن کي وقت جي تبديليءَ سان ڪڏھن ڪو گلاب سمجھي ٿو ته ڪڏھن گن.
    ڏوڪريءَ جي گھٽين ۾ ھاڻي وڊيو گيمز تي رش ڪندڙ ٻارڙن جو رڙيون ۽ ھيرونئين جون صدائون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون، پر ڪنھن دؤر ۾ اھي گھٽيون نعرن سان گونجنديون ھيون. ان عرصي ۾ ھن شھر کي اھڙي ڪا انقلابي ڪشش ھوندي ھئي، جو کاٻي ڌر جي ھڪ سياسي اڳواڻ صرف سياسي مقصدن لاءِ اچي ڏوڪريءَ ۾ ديرو ڄمايو ھو ۽ ڪلينڪ کولي ھئائين. انھن ئي گھٽين ۾ ھاڻي اڳوڻو ڪامريڊن جو اھو ٽولو به الڳ الڳ گھمي ٿو، جن لاءِ ڪڏھن اھو مشھور ھوندو ھو ته اھي نه رڳو سدائين گڏ گھمندا آھن، پر اھي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل ھجڻ ڪري اوور ڪوٽ پائي گروپ ۾ گڏ گشت ڪن ٿا. انھن لاءِ جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي عجيب و غريب ڳالھيون به شھر ۾ مشھور آھن. پر اھو ڪريڊٽ اڃا به سندن ئي حصي ۾ اچي ٿو ته شھر ۾ مزدور جدوجھد جي شروعات انھن ڪئي. جنھن اھڙو رنگ لاتو جو ھڪ ڇولن وارو بلدياتي اليڪشن ۾ شھر جي وڏيري کان چونڊون کٽي ويو. ڪو دؤر ھو، جڏھن ڏوڪريءَ جي گھٽين ۾ راتين جو ڪامريڊ چاڪنگ ڪندا ھئا ۽ وال پوسٽر ھڻندا وتندا ھئا. پر ھاڻي اھا چاڪنگ ۽ وال پوسٽر ته ڇڏيو، گھٽيون ئي ساڳيون نه رھيون آھن. ھاڻي انھن گھٽين ۾ وياج خور ۽ ڀتا خور ئي گشت ڪندا رھن ٿا. رڳو گھٽيون ئي ڇو؟ اھو علي پارڪ به ته ساڳيو نه رھيو آھي، جتي ادبي سنگت کان وٺي سياسي جماعتن تائين سڀني باشعور ماڻھن جو ڪچھريون مچنديون ھيون. اھا ٺرڪ ھاڻي ته منظور جي ھوٽل تي ئي ماري وڃي ٿي.
    شھر جي آباديءَ ته ڏاڍي تيزيءَ سان وڌندي پئي وئي، پر ننڌڻڪاڻي ۽ لاوارثي به وڌندي پئي وڃي؟ ھيرونئين جون قطارون شھر ٻاھران ائين نظر ڇو اچن ھا، جيئن ڪنھن شھر جي ھوٽل ٻاھران خيرات جي مانيءَ جي آسري ويٺل فقيرن جون قطارون. ھن شھر جي بدقسمتي اھا به رھي آھي جو سندس ترقيءَ جو اختيار رکندڙن وٽ ڏوڪريءَ لاءِ ڪو لحاظ ناھي ۽ ساڻس محبتن ڪندڙن وٽ ڪو اختيار ناھي. سکر جھڙي بي جان ۽ ڌوڙ ۾ لٽيل شھر لاءِ شروع ۾ اھا راءِ ھئي ته ان شھر سان پيار ڪرڻ وارو ته شايد ڪير به نه ھوندو. پر ڪجھه وقت کان پوءِ خبر پئي ته شيخ صاحب جھڙا ڪيترائي سکر جا عاشق آھن، جيڪي ٻاھريون ٿڪ به مھراڻ مرڪز واري چانھه پيئڻ کان پوءِ اچي لاھيندا آھن. ايئن ڏوڪريءَ سان ڪنھن به جو لڳاءُ تي سگھي ٿو الاءِ نه؟ پر اھو رٽائرڊ ڪھاڻيڪار جيڪو ھاڻي ڪراچي ۾ نوڪريءَ سبب ڏوڪريءَ کان ڏور آھي، سو به ڄڻ جلاوطنيءَ ۾ ھجي. اھو ڪھاڻيڪار اڃا به ڏوڪريءَ سان ايترو پيار ڪري ٿو، جو ھو پنھنجي خوابن مان ھڪ خواب ڏوڪريءَ ۾ پنھنجي جاءِ ٺھرائڻ ٻڌائي ٿو، سو به اھڙي دؤر ۾ جڏھن ڪجھه ماڻھو ڏوڪري ڇڏڻ جو سوچي رھيا آھن ۽ اھي تڏھن به سوچي رھيا آھن، جو سندن ڪجھه ساٿي ڏوڪريءَ وارن کي نه سڌرڻ جون ائين ميارون ڏئي ھميشه لاءِ ھتان ھليا ويندا آھن. ڏوڪڙي، لاڙڪاڻو انتظاميا کان وسري ويل اھڙو علائقو آھي، جتي ڪنھن به دؤر ۾ ڪا به ترقي ٿيڻ ڏوڪريءَ واسين جو اڻپورو خواب ئي رھيو آھي. سياسي پنڊتن کان ته اھو شھر ايئن وسري ويو آھي، جيئن ڪا اڳوڻي سنگت، جنھن مسئلن تي ڪو خاص ڌيان ڏيڻ جي ھنن ڪڏھن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي آھي. اھو خيال ھونئن ته پاڻھي ڪنھن کي ڪونه ايندو، پر ڏوڪريءَ جا ماڻھو رڙيون ڪري چون ٿا ته باءِ پاس روڊ ٺھرايو. جيئن شھر مان گاڏين جو گذر بند ٿئي. پر اھي رڙيون ٻڌڻ وارو ڪير به ناھي ڇو ته اھو باءِ پاس روڊ ٻه دفعا صرف ڪاغذن ۾ ئي ٺھيو ۽ پئسا سمورا سرڪار ۽ ٺيڪدار ورھائي کڻي ويا. لاڙڪاڻي جي سمورن ننڍن شھرن ۽ تعلقن کي ڊجيٽل فون ذريعي ڳنڍيو ويو آھي، پر اھو شھر جنھن جي ڀر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج، موئن جو دڙو ۽ رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ھجي ان کي اڃا به پڇڙيءَ جو آبادگار سمجھيو پيو وڃي. شھر جي آبادي وڌندي پئي وڃي، پر آڳاٽو تعمير ٿيل پرائمري اسڪول ھڪڙو ئي آھي. ڏوڪريءِ سان ايتريون ڏنگايون ڪيل آھن، جو ان جي سورن جو داستان کلندو ته بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو. اسپتال تائين پھچندو ته ساڳي سھوليتن جي اڻاٺ واريون دانھون بوائز ۽ گرلس اسڪول وارا ڏيندا. ھي ننڍڙو شھر جنھن لاءِ اسان جي ھڪ دوست انور ابڙي لکيو ته ”موئن جي دڙي وڃو ته ڏوڪريءَ ضرور وڃجو، اھو شھر به پنھنجي معطل ايم اين اي نصرت ڀٽو جھڙي حال ۾ آھي، جنھن کي ھاڻي سھارن جي ضرورت آھي، ڇو ته منشيات فروش ۽ وياج خورن شھر جو ست ئي ڪڍي ڇڏيو آھي. چورن ۽ پاٿايدارن اچي پنھنجيون پنھنجيون بساطون وڇايون آھن ۽ مقامي ٿاڻو جڏھن انھن سمورن ”خير جي ڪمن“ جي نگراني ڪري ته پوءِ تباھي ڪيترو پري ھوندي، اھو ھر ڪو ئي سمجھي سگھي ٿو.“
    ھونئن ته شھر ۾ ڪجھه لائبريريون رھنديون ھيون پر خيراتي لائبريريءَ تي مقامي بااثر ماڻھو جو بنگلو ٺھڻ کان پوءِ اھو سلسلو صفا بند ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي ڪجھه شاگردن ھمت ڪري پنھنجي ذاتي جاءِ ۾ لائبريري قائم ڪئي آھي. جنھن ڪري اھو تاثر تبديل ڪرڻو پوي ٿو ته ڏوڪريءَ ۾ گھڻا چور، مشيات فروش، پاٿايدار ۽ ڇوڪري باز رھن ٿا، پر اڪثريت ۾ نفيس ماڻھو به رھن ٿا، جيڪي شھر جي معاملن تي حساس ھجن ٿا ۽ شاعري به تخليق ڪن ٿا. شھر جي ماحول ۾ ڀلي گھٽ ٻوسٽ ڀريل ھجي، پر ان ئي شھر ۾ ڪي عاشق به رھن ٿا جيڪي پيار جون شاديون ڪرڻ جا ارادا ۽ واعدا ڪن ٿا. شھر جون سڀ عورتون ان اڌڙوٽ عمر واري عورت جيان سڄي حياتي غمن ۾ ٿوروئي گذارين ٿيون، جنھن جي ماستر مڙس ٻي شادي ڪري وڃي ڏور وسايو ۽ شھر ئي ڇڏي ڏنو. کيس اڪيلي عذاب سھڻا پيا. ان جي ابتڙ شھر ۾ ڪا جانان به رھي ٿي، جيڪا پنھنجي جنون سان اڃان نينھن نڀائيندي پئي اچي.
    اھو دؤر ڏوڪريءَ جي عروج وارو ته نه ھيو، پر خوشحاليءَ وارو ضرور ھو. جڏھن شھر ۾ گورا سياح موئن جو دڙو جي ويجھڙائي ڪري ٿوڪ جي حساب سان ايندا رھندا ھئا. انھن سياحن ته ھاڻي شھر کان منھن موڙي ڇڏيو آھي، پر سندن افسانا اڃان به ٻڌايا وڃن ٿا. شھر ۾ گورن سياحن جي ترسڻ لاءِ جيتوڻيڪ ڪو بندوبست نه ھوندو ھو. پر ڪي مولائي لڏي وارا گورا پنھنجي گورين سميت اچي لاھوتيءَ واري ھوٽل تي ترسي پوندا ھئا، جتي لاھوتي کين چرس پياري مست ڪري ڇڏيندو ھو. اھي گورا سياح جڏھن ٿيلھن، وڏين ڪيمرائن ۽ ٽي شرٽن ۾ ملبوس ماين سميت شھر جو گشت ڪندا ھئا ته چڱو خاصو جلوس سندن پويان لڳي پوندو ھو، ھاڻي اھو ٽانگي وارو به جيئرو آھي الائي نه؟ جيڪو بيگناھ وقت تي ٽرين مان لٿل اڪيلي انگريزياڻي کي جڏھن موئن جي دڙو تائين پھچائڻ پئي ويو ته سندن نيت خراب ٿي وئي ھئي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج وٽ بيٺل اڳوڻي جھنگ ۾ ٽانگو بيھاري ھن جڏھن اھا فرمائش ڪئي ته مائيءَ کيس ڪجھه گھڙيون ترسڻ لاءِ چيو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ انگريزياڻيءَ پنھنجي ٿيلھي مان جڏھن پستول ڪڍيو ته ٽانگي واري ٻانھون ٻڌي وڌيڪ انگريزي نه اچڻ ڪري رڳو ”نو امي نو امي“ جون رڙيون ڪري جان ڇڏائي. اھڙا ڪيترائي پرڏيھي سياحن سان لاڳاپيل قصا شھر ۾ اڃا مشھور آھن. پر انھن سياحن ته ھاڻي ھن طرف سک جي ھوائن جيان اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي. ڌاڙيلن جي عروج واري زمانيءَ ۾ گولين سان گونجندڙ ڏوڪريءَ جي رستن تي ھر سياسي ھلچل دؤران سڙيل ٽائر به ملن ٿا. اھا ھلچل جمھوريت جي بحاليءَ جي ھجي، مرتضى جي قتل خلاف ھجي يا ڪالاباغ ڊيم جي تعمير خلاف ھجي. پر ان ھڙتال واري شام ڏوڪريءَ جي روڊن تي گھمڻ ۾ پنھنجو مزو ھوندو آھي، جتي رش صفا گھٽ، سانت ۽ سناٽو ھجي ۽ گھمندي گھمندي ڪنھن سڙيل ٽائر جا نشان توھان کي ملي وڃن. بند پيل دڪانن آڏو ٿلھن ۽ ماڊڻين تي وڏي آواز ۾ ھلندڙ بي بي سي اردو سروس ۽ ماڻھن جا تبصرا ان مزي ۾اضافو ڪن ٿا، جڏھن سنڌي – مھاجر فساد ٿيا ته اھا باھ ھن ننڍڙي شھر تائين به پھتي ۽ جذباتي نوجوانن شھر جي اردو آباديءَ وارن گھرن تي حملن جون تياريون ڪيون ۽ ڪجھه حملا جڏھن ٿيا ته ڪيترائي اردو ڳالھائيندڙ ھي شھر ھميشه لاءِ ڇڏي ويا. ھميشه لاءِ ھي شھر ته ڪيترائي ماڻھو ڇڏي ويا آھن، جيڪي ھاڻي شھر واسين کي صرف عيد گاھ ۾ عيد نمازن تي ئي نظر ايندا آھن، پر انھن جي جاءِ ھاڻي ٻھراڙين کان لڏي آيلن اچي ولاري آھي، جيڪي شھر کي ٻھراڙيءَ واري ڪلچر ۾ ڏسي جڏھن پاڻ ۾ وڙھن ٿا ته قانون جو سھارو وٺڻ کان اوليت وڏيري واري فيصلي کي ڏين ٿا، اھي ماڻھو شھر جي سياست جا مستقل ميمبر ٿي ويا آھن ۽ اھي نوجوان ته ڄڻ ته ڪجھه وقت لاءِ ئي شھر ۾ مھمان اداڪار ھجن جيڪي نوان خيال ۽ نوان خواب کڻي ڏوڪريءَ جي گھٽين ۾ گھمن ٿا ۽ ڪجھه سالن کان پوءِ بي قدريءَ جون دانھون ڪري ھميشه لاءِ ھتان ھليا وڃن ٿا. ان آرٽسٽ جيان جيڪو ڏوڪريءَ ۾ رھي آرٽسٽ بدران سائن بورڊ رائيٽر ٿي ويو ھو، ھميشه جيان ھاڻي به ڪيترائي باصلاحيت نوجوان ڏوڪريءَ کان ڏور وٺي ويندو ۽ ھي شھر ان ماءُ جيان اداس ٿي ويندو، جنھن جا ٻچا روزگار سانگي شھرن ڏانھن ھليا ويندا آھن ۽ ھوءَ پنھنجي گھر جون شامون اڪيلي سر گذاري وڌيڪ اداس ٿي ويندي آھي. ڏوڪريءَ جون شامون اڄ به اداس ۽ وياڪيل آھن، پر ڪنھن جي انتظار ۾؟ شايد چڱائي ۽ ڀلائي جي انتظار ۾، اھو ته وقت ٻڌائيندو ته اھا چڱائي ساڻس پنھنجا ڪن ٿا يا پراوا؟


      ڀٽي جي لاش جو سفر ۽ ڳڙھي خدا بخش جو خوف

    ڳڙھي خدابخش ڀٽو جي جھونن ڳوٺاڻن کان ويھه سال اڳ واري اھا رات اڃا تائين نه وسري سگھي آھي جڏھن بقول سندن رات جو يارھين وڳي ئي کين خبر پئجي وئي ھئي ته ”صاحب کي شھيد ڪيو اٿن.“ تڏھن لٺ بانٽي جو زمانو ھو، ھٿيار ڪنھن ڏٺا ئي ڪونه ھئا، تنھنڪري فوج جا وڏا وڏا ھٿيار ڏسي اسان ھيسجي وياسين. ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ڪچھريءَ دوران ھڪ جھوني ٻڌايو. ان ڪچھريءَ ۾ غلام مصطفي ابڙو، محمد حسين ڀٽو، اعجاز احمد لغاري، عبدالغفور لغاري ۽ ٻيا شامل ھئا. ھو ٻڌائين ٿا ته ”رات جو ٻارھين وڳي ئي فوجين جون گاڏيون اچڻ شروع ٿيون. ٻاھران ڳوٺ کي ٽن قطارن ۾ ڪڙو چاڙھيائون. بعد ۾ ھو گاڏيون بيھاري مورچا بند ٿي ويا. جڏھن ھنن ڳوٺ جي گھٽين ۾ اچي گھرن جي در ٻاھران بند ڪيا ته اسان سمجھي وياسين ته صاحب کي شھيد ڪيو اٿن.“ ھنن ٻڌايو ”صبح جو ڇھين وڳي ڀٽو صاحب جي مئنيجر حاجي نظر محمد لغاريءَ کي برگيڊيئر اچي ٻڌايو ته ڀٽي کي ڦاسي اچي وئي آھي، اسان تدفين جو انتظام ڪنداسين، توھان جنازي جي نماز پڙھي وٺو ھو پنھنجي ٽرڪن ۾ ڪوڏرون، سرون، ڪاٺ ۽ ٻيو سڀ سامان کڻي آيا ھئا، پر اسان کين چيو ته اسان پاڻ دفنائينداسين، غسل لاءِ پاڻي به کڻي آياسين پر فوجين قسم کڻي ٻڌايو ته غسل ڏنل آھي ۽ ڪفن به ڏنل آھي.“ بينظير ڀٽو جي مئنيجر محمد حسن ٻڌايو. صبح جو اٺين وڳي پھريون فوجي ھيليڪاپٽر آيو، جيڪو چڪر ڏئي ھليو ويو. جنھن کان پوءِ ٻه ھيليڪاپٽر لٿا، انھن مان ھڪڙي ۾ ڀٽو صاحب جو لاش آندل ھو. ٻاھران زمينن ۾ ھيلي پيڊ ٺھيل ھو، جتان فوج جي کليل گاڏيءَ ۾ اھا پيتي آندي وئي، جنھن ۾ ڀٽي صاحب جو لاش ھو. پيتي جون مٿيون پاسو کليل ھو. لاش مٿا ڦڪا (پيلا) گينڊي جا گل پيل ھئا. ھو ڳالھيون ٻڌائڻ وقت سوڳوار ٿي وڃن ٿا.
    اڳوڻي وزيراعظم جو پنھنجي ئي ملڪ جي فوجي سربراھ پاران موڪليل لاش وصول ڪندڙن ۽ ان کي لخد ۾ لاھيندڙ ھنن ماڻھن کي اھو به نه ٻڌايو ويو ته لاش مٿان گينڊي جا گل رکڻ جي مھرباني ڪنھن ڪئي ھئي؟ ”پيتي مان لاش ڪڍي کٽ تي رکيوسين. صاحب جي شيو تازي ٿيل ھئي، سندس عضوا گرم ھئا،انھن کي جيڏانھن ورايون پيا ته اھي ورن پيا. لاش کي صرف سيني تائين ڏسڻ پيا ڏين. وڌيڪ اجازت نه ھئي. ھو ٻڌائين ٿا ته ڳوٺ ۾ ڪو ڪاريگر (رازو) نه ھو جنھن کان قبر ٺھرايون ھا، انڪري فوجين جي گاڏي ۾ چڙھي نئين ديري مان ڪاريگر وٺڻ وياسين. فوجي روئڻ به نه پيا ڏين ۽ چون پيا ته متان رنا آھيو پر جڏھن نئين ديري پھتاسين ته مونکان اوڇنگارون نڪري ويون“ ڪراڙو محمد حسن اھا ڳالھه ٻڌائي روئي پيو ۽ اھي ڳوڙھا وھائڻ لڳو جيڪي ويھه سال اڳ ان ئي ڳوٺ ۾ وھائڻ تي بندش پيل ھئس. ڪاريگر وٺي آياسين ته فوجين ڏاڍي تڪڙ ڪئي دفنائڻ جي. لاش اندر حويليءَ ۾ موڪيلوسين ته فوجي به لاش سان گڏ ويا. شيرين بيگم، ذوالفقار علي ڀٽو جي پھرين گھر واري، کين ڏاڍا ايلاز ڪيا ته آخري ديدار آھي، اسان کي فوٽو ڪڍڻ ڏيو، پر ھنن چيو ته اسان پنھنجو فوٽو گرافر ساڻ آندو آھي. اھي فوٽو توھان کي ڏياري موڪلينداسين اھي فوٽو اڃان تائين نه موڪليا اٿن.“ ھو شڪايت ڪن ٿا ۽ ٻڌائين ٿا ”جنازي نماز ۾ سڀني ڳوٺ وارن شرڪت ڪئي. ڪنھن به ٻاھرئين ماڻھو کي اجازت ڪونه ڏنائون. ڏھين وڳي دفن ڪري قبر مٿان گل وڌاسون. تدفين جي ڪلاڪ کان پوءِ بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو کي وٺي آيا. ڪجھه دير کان پوءِ کين واپس وٺي ويا. گھر گھر ۾ تڏو وڇايل ھو. سڄي ڳوٺ جي گھرن ۾ ٽي ڏينھن ڪنا نه چڙھيا ھئا پر معجزو اھو ٿيو ته ٻن ڏينھن تائين ڳوٺ جي ڪنھن ننڍڙي ٻار به ماني نه گھري ھئي، ھاڻي اسان حيران ٿيندا آھيون ته ٻارڙن مانيءَ جي طلب ڇو نه ڪئي؟. ان ڏينھن اسان لاءِ ڪربلا ھئي، خبر ئي نه پئي پوي ته ڇا ٿي رھيو آھي؟ ھونئن ته ڀٽو جي ڦاھيءَ کان پوءِ چاليھن ڏينھن تائين فوج ڳڙھي خدابخش ڀٽو۾ مورچا بند ٿي ويٺل ھئي پر ھو ٻڌائين ٿا ته فوجين ھفتي کان پوءِ ڪجھه نرمي ڪئي پر پوءِ به اھي ڳوٺ کان ٻاھر ويندڙ ۽ ٻاھران ايندڙ سڀني ماڻھن جي تلاشي وٺندا ھئا. اسان سان نه ڳالھائيندا ھئا ۽ سندن ماني به لاڙڪاڻي مان فوجي ٽرڪ کڻي ايندي ھئي. پورا چاليھه ڏينھن ھو سيدن ۽ ڀٽن جي حويلين مٿان به مورچا ٺاھي ويٺا ھئا.“
    ڳڙھي خدابخش، بادشاھن جو اھو ننڍڙو ڳوٺ آھي جنھن ھڪ بادشاھ ۽ ٻن شھزادن جا لاش وصول ڪرڻ کانپوءِ ڄڻ ته بادشاھيءَ لاءِ ڪو نئون اميدوار موڪلڻ کان بان(توبھه) ڪري ڇڏي آھي.
    به اڍائي سؤ گھرن تي مشتمل ھن ڳوٺ ۾ ھاڻي ڀٽو خاندان جي ڪنھن به فرد جي ڪا رھائشگاھ ڪانھي. ھتان جي ماڻھن وٽ ھاڻي صرف يادون ۽ ڪجھه ڳالھيون آھن، جيڪي ھو ورجائي ورجائي ٻڌائين ٿا. ”شروع ۾ ڀٽو صاحب عيد نماز ھتي پڙھندو ھو پر پوءِ نئين ديري ۾ پڙھڻ شروع ڪيائين. باقي مير مرتضى ٻه عيد نمازون ھتي پڙھيون.“ ھڪ جھوني ٻڌايو. ھو بينظير سميت سموري ڀٽو خاندان جي تعريف ڪن ٿا. ”اسان ته ڇا سڄو ڳوٺ ھنن جو راڄ آھي. ڀٽو صاحب جنھن طريقي سان ڏسندو ھو، اھڙي ئي طريقي سان بينظير ڀٽو به ڏسي ٿي، جنھن سڄي ڳوٺ کي حج ڪرايو آھي، ڊرينيج سسٽم ڏياريو“ ھو جيئن بي ڌڙڪ ٿي ڀٽو خاندان جي تعريف يا ڳالھيون ڪن ٿا ائين ئي آصف زرداري يا غنوى ڀٽو بابت ڳالھائيندي محتاط ٿي وڃن ٿا. ھو ٻنھي لاءِ ٻڌائين ٿا ته ”ھو مزار تي ايندا آھن.“ باقي ڳوٺ ۾ ڪنھن سان سلام دعا ڪونه اٿن ۽ نه ئي اھڙي ڪا ڪوشش ڪندا آھن. جيتوڻيڪ آصف زرداريءَ سڌي ريت ڀٽو خاندان جي فرد سان رشتيداري ۾ ڳنڍيل آھي پر ڳڙھي خدابخش ڀٽو جا ماڻھو ھن کي ”ٻاھريون“ سمجھن ٿا. صرف ايترو ٻڌائن ٿا ته ”بينظير صاحبه جو نڪاح اسان جي ڳوٺ واري ان ئي پيش امام پڙھايو ھو، جنھن ڀٽي صاحب جي جنازي نماز پڙھائي ھئي.“ ھنن کي بينظير ۽ صنم جي شادين ۾ باقاعدھ دعوت ڏئي گھرايو ويو ھو. ھو چون ٿا ته ھر عيد تي بينظير پاران کين عيد ڪارڊ موڪليا ويندا آھن ۽ ھر ڇھين اٺين مھيني بينظير پاران ھڪ راڄوڻي ڊنر جو اھتمام ڪري ساڻن ڳالھه ٻولھه ڪندي آھي. ”شروع ۾ جڏھن بينظير زمينن جو ڪم سنڀاليندي ھئي ته گرم پاڻي جي باوجود سارين جي فصل ۾ پاڻ لھي گاھ پٽي چوندي ھئي ته ھي گاھ فصل مان ڪڍائي ڇڏيو. سارين جي خوراڪ اھو گاھ کائي ٿو وڃي.“ محمد حسن ڀٽو ٻڌايو. ھو چوي ٿو ته ڀٽو صاحب کان پوءِ بينظير وڏي محنت ڪري ٿي. ھو ذوالفقار علي ڀٽو جون ڳالھيون به ائين ئي عوامي رنگ ۾ ٻڌائين ٿا ۽ چون ٿا ته ھو جڏھن به علائقي ۾ ھوندو ھو ته ماڻھن سان عام جام ملندو ھو. ”اسان جي ڳوٺ جي ھڪ ھمراھ جمعو خان لغاري ميٽرڪ پاس ڪري نوڪري وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نوڪري نه مليس پوءِ ھن واپار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ٻه ماڻھو ٺڳي ويس. جنھن تي ڪلام ٺاھي، چپڙيون يڪتارو کڻي ھو رستن تي ڳائيندو وتندو ھو.“ ڳڙھي خدابخش جو ھڪ پڙھيل ڳڙھيل ھمراھ ٻڌائي ٿو. ”ھڪ ڀيري روڊ سان جمعي ڳايو پي ته سامھون ڀٽو صاحب اچي ويو. ھن گاڏي روڪي کانئس حال احوال ورتا ته ھن پنھنجي بيروزگاري ۽ بدحالي جو ذڪر ڪيو. جنھن تي ڀٽو صاحب کيس چيو ته ڪا درخواست اٿئي ته ھن وراڻيو ته، نه درخواست آھي نه ئي ڪو ڪاغذ، جنھن تي ڀٽي صاحب قلم ڪڍي جمعي کي پٺيرو ڪري سندس اڇي قميص تي ڊاڪٽر مبشر حسن (ان وقت ناڻي وارو وزير) ڏانھن نوٽ ھنيو ته ھن کي بئنڪ ۾ ڪيشيئر ڪري رکو. ٻئي ڏينھن جمعو اھا قميص بريف ڪيس ۾ ويڙھي کڻي ويو ۽ نوڪري وٺي آيو. ھاڻي مئنيجر ٿي ريٽائر ڪيو اٿائين.“
    ڳڙھي خدابخش سوين قصن ڪھاڻين جي باوجود اڄ به ھڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آھي، جتي ماڻھن جي ذھنيت ڳوٺاڻي آھي. کين ون وي روڊ مليل آھي پر ان جي گرين بيلٽ ۾ ڳوٺ جون عورتون ڇيڻا ٿڦنديون آھن. مزار ڀرسان ويٺلن کي جديد رھائشي ڪالوني مليل آھي. پر انھن ڪوارٽرن جي ڀتين تي ڇيڻا ٿڦيل ۽ ڪوارٽرن اڳيان حددخليون ٿيل ملنديون. بجلي، فون ۽ گيس سميت کين پوسٽ آفيس جي سھوليت مليل آھي پر عمارت نه ھئڻ ڪري اھا واٽر سپلاءِ واري ٽانڪيءَ جي ھيٺان ٺاھيل ڪمري ۾ قائم آھي. زيڊ اي ڀٽو جي دؤر ۾ ٺھرايل رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ھاڻي صرف ھڪڙو ڪمپائونڊر ويھي ٿو جڏھن ته بينظير جي گذريل حڪومتي دور ۾ چار ڊاڪٽر ۽ ھڪ ڊاڪٽرياڻي ايمبولينس سميت موجود ھوندا ھئا. ڳوٺ جي ھوٽلن ٻاھران وڏن سائن بورڊن تي ٺھيل ڀٽو خاندان جون اھي تصويرون پيل آھن، جيڪي ٻاھران ايندڙ قافلا ڇڏي وڃن ٿا. جڏھن ته ھوٽلن اندر اداڪارئن جا فوٽو لڳل آھن. لاڙڪاڻي ضلعي جي ھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ منشيات جو آزار وڌي ويو آھي. ھتي به ٻه ٽي ھيرونئي توھان کي ملي ويندا. ھن ننڍڙي ڳوٺ جي چوڌاري زمينن ۾ فصل ڏاڍا ڀلا بيٺل آھن پر ڳوٺ مٿان ڄڻ ته اداسي اڃا ڇانيل آھي ۽ وٽن فوجين خلاف پراڻي دشمن جھڙي نفرت بيٺل آھي. ”اسان ٽي ڪربلائون ڏٺيون آھن. مير صاحب ۽ ڀٽو صاحب جا لاش ته تڪڙا مليا پر شاھنواز جي لاش لاءِ اسان ڏاڍو انتظار ڪيو ھو. ڪيترائي ڏينھن گھٽين ۾ تڏا وڇائي ويٺا ھئاسين.“ ھڪ جھوني چيو. ڪجھه وقت خاموش ٿي پاڻ ئي تجزيو ڪري چوڻ لڳو ته ”اسان ڏاڍا بدنصيب آھيون جو ٽئي ھستيون ھليون ويون پر خوشنصيب به آھيون ته انھن جو آخري ديدار ته نصيب ٿيو.“


    لاڙڪاڻو : آقا جي تئي کان موسي جي سُوٽي تائين

    ڀينس ڪالونيءَ ۾ ڪيئن چئجي ته ھاڻي به اھا رات جي راڻي جھڙي خوشبو کڻي گھمندڙ اچي ٿي، الاءِ نه؟ جيڪا استاد واري گھر اندر مختصر باغيچي ۾ ويھي چانڊوڪيءَ سان حسن ڀيٽيندي ھئي ۽ دارونءَ سان پير ڌوئيندي ھئي. تڪڙي سياسي ترقيءَ ۾ جج ٿي ويل وڪيل جي اڳوڻي رکيل ماڪ ڀنل بدن کي پنھنجي ئي ٻانھن ۾ وڪوڙي ڪراھت مان ڏسندي ھئي. ھو سدائين اھي پير چمي انھن جي ساراھ ڪندو ھو. ڪيترائي فيصلا ھن انھن پيرن وٽ ويھي ڪيا. ھاڻي پاڻ کي وڏو مصنف ٿو سمجھي. ڀينس ڪالوني جھڙي غريباڻي آباديءَ ۾ اھڙيون ”شرڪتون“ ته ڪڏھن ڪڏھن اچن ٿيون پر اھو آقا ھر وقت ملي وڃي ٿو جيڪو بنا ڪنھن پگھار جي ڪالوني جي مکيه گھڻي صاف ڪري ان مٿان ڇڻڪار ڪندو رھندو آھي. سندس شڪل جيتوڻيڪ ھيرونئين جھڙي آھي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ھيرونئين جي گھڻائي سبب ھو پھرين نظر ۾ ھيرونئي ئي لڳندو پر ھو ھيروئن نٿو پيئي، باقي ڪو چرس وارو وزم ھڻڻ سندن شخصي آزادي ۾ اچي وڃي ٿو.
    ان جو پورو نالو ته الاءِ ڇا آھي؟ پر ھر ڪو کيس ”آقا“ چئي پڪاري ٿو. آقا کي ميونسپل وٽان باقاعدي ڪا پگھار وغيره نه ملندي آھي، پر تڏھن به گھٽيون صاف ڪري انھن مٿان پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪرڻ ھو پنھنجي ڊيوٽي سمجھي ٿو. ڀينس ڪالونيءَ جو روڊ ۽ گھٽيون گرمين ۾ گھمڻ پاڻ کي عذاب ڏيڻ برابر آھي ۽ آقا ان عذاب ۾ گھٽتائي ڇڻڪار سان ڪري ٿو. سڄو ڏينھن ڊيوٽي ڏيڻ کان پوءِ رات جو اچي مرتضى واري ھوٽل جو پاسو وٺي ٿو ۽ کين ياد ڏياري ٿو”بابا ماني نٿا کائو ڇا؟“ جنھن جو اڻ سڌو مطلب کيس ماني کارائڻ ھوندو آھي. انھي ھوٽل جي ڪاٺوڙين بئنچن تي پاڙي جا ٻار به کيس تنگ ڪن ٿا پر ھو ڪڏُھن ڪڏھن موڊ ۾ اچڻ کان پوءِ الاءِ ڪھڙي جھام مان ويھي انٽرويو ڏئي ٿو. جڏھن کانئس ڇڻڪار ڪرڻ بابت پڇجي ٿو ته ھو چوي ٿو ”بابا منھنجي ڊيوٽي آھي درياھن تي، ان ڪري ھي ڊيوٽي پيا ڏيون، منھنجي ڀاءُ جي ڊيوٽي آھي جبلن تي، ھو به اھا ڊيوٽي پيو ڏئي.“ سندس ڀاءُ شھر مان پٿر ميڙيندو رھندو آھي. کين اھا ڊيوٽي ڪنھن ڏني ۽ ڪڏھن کان ڏني اھو ته ھو پاڻ به نٿو ٻڌائي سگھي؟ ايترين خدمتن باوجود جڏھن کيس ماني وقت سر نه ملندي آھي ته ھو مرتضى وارن کي چوندو آھي ”بابا تئو ڇو نٿا آڻيو، پنھنجو ضروري آھي.“
    اصل ۾ تئي جي افاديت ۽ اھميت جي خبر آھي ته آقا کي آھي. باقي ٽيپل مان ٽيپ کائي موٽيل شبير سولنگي کي تئي جو ڪھڙو قدر! ھن ته خوامخواھ تئي کي تڪليف ۾ آڻي ان کي خوار ڪيو آھي. شبير سولنگي! تئو توسان ڪونه ڳالھائيندو، ان کي لاھي ڇڏ ته تنھنجي صابرين زال ان مٿان مانيون پچائي تو کي کارائي. ھڪڙو لاڙڪاڻو گڙنگ سياستدانن، اميرن، ڀوتارن ۽ سيٺين جو لاڙڪاڻو آھي. ٻيو لاڙڪاڻو مسڪين حال، پنھنجي پورن ۾، مجبور ماڻھن جو آھي ۽ ٽيون لاڙڪاڻو وري عجيب مستانن جو لاڙڪاڻو آھي. جنھن ۾ اھا دانشور جوڙي به اچي وڃي ٿي. جيڪا جنونين جيان اڃان به مارڪسي ۽ ليني بحثن ڪرڻ کي پنھنجي زندگيءَ جو واحد مقصد سمجھي ٿي. ان جوڙيءَ ۾ ھڪ ٿلھو متارو ڪارو، شھپري ۽ قدآور شخص (جنھن کي توھان نوجوان به چئي سگھو ٿا) ۽ ٻيو ھلڪي قد وارو پيٽ نڪتل، گنجو مائو ڪيپ ۽ ڇٽيءَ وارو ھمراھ شامل آھي. سندس نالي کان وڌيڪ ماڻھو کيس ڇٽيءَ وارو ڪاڪو ڪري سڏيندا آھن. ھو ماڻھن کي ڳولھي ڳولھي ساڻن مارڪسي ۽ لينني بحث ڪندا آھن ۽ داس ڪيپيٽال جا (خدا ڄاڻي سچا، الاءِ ڪوڙا) حوالا ڏيندا آھن. ھنن جو جيتوڻيڪ ڪنھن ڏانھن به ڪو قرض رھيل ناھي ھوندو. پر کين ايندو ڏسي ماڻھو گھٽيون مٽائي ويندا آھن ته متان گھٽي ۾ ئي بحث شروع نه ٿي وڃي. چون ٿا ته ھڪ ڀيري نه ڄاڻ نه سڃاڻ ھوندي کاٻي ڌر جي ھڪ روپوش اڳواڻ سندن ور چڙھي ويو. ھو کيس المدينه ھوٽل ۾ وٺي ويا. جيڪو آني چاڻھه ۽ آني ڪيڪ واري زماني ۾ طوفان ميل ھوٽل ھوندو ھو ۽ اتي گولي مار چانھه ملندي ھئي. ھنن کيس چانھه ته خبر ناھي ڪھڙي پياري پر ساڻس بحث ضرور گولي مار ڪيو. بعد ۾ ھن اچي پنھنجي ساٿين کي ٻڌايو ته اڄ يار سي آءِ ڊي وارن جي رخ (ور) چڙھي ويس. پر بحث ڪري ڀڄي آيس. ھنن جي دانشوري رڳو شھر تائين محدود ناھي. جنھن زماني ۾ سنڌ اندر سياسي جاڳرتا جام ھوندي ھئي ان زماني ۾ ڇٽيءَ واري دانشور بابت چون ٿا ته ھن سائين جي ايم سيد جي موجودگيءَ ۾ ٿيندڙ پارٽي جي ھڪ اھم اجلاس دؤران سنڌ جي آزاديءَ جو ھڪ انوکو فارمولو رکيو. ڇٽيءَ واري دانشور جي فارمولي موجب ”پنجاھ کن اھڙا ورڪر چونڊيا وڃن، جيڪي تمام گھڻا ذھين ھجن، کين مقابلي واري امتحان جي تياري ڪرائي پارٽي خرچ تي پڙھايو وڃي ۽ سندن پاس ٿيڻ کي پڻ يقيني بنايو وڃي. بعد ۾ کين ڊي ايم جي ۽ پوليس گروپ ڏياري سنڌ اندر ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي طور مقرريون ڪرايون وڃن. ٻاھران جلسن، جلوسن جو دٻاءَ وجھڻ کان پوءِ ھو پنھنجي پنھنجي ضلعن ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪن ۽ پاڪستان حڪومت جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪن.“ ھر ڪو سمجھي سگھي ٿو ته سندس ان فارمولي تي پارٽي اندر ڪيترو سنجيده بحث ٿيو ھوندو ۽ ڪيترا ماڻھو کليا ھوندا. اصل ۾ کين اڃان تائين اھو ئي ڏک آھي ته ماڻھو سندن ”دانشوري“ کي سنجيدگيءَ سان ڇو نه ٿا وٺن!!!
    دانشورن جي ان جوڙي مان ھڪ ھمراھ ته ذري گھٽ مرڻ کان تڏھن بچيو ھو. جڏھن ماتمي جلوس پنھنجي گھر وٺان گذرندو ڏسي ھو جذباتي ٿي ڇت تي چڙھي ويو ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳو ”ھي رت توھان کي ائين نه وھائڻ گھرجي. اھو رت انقلاب لاءِ ڏيڻ گھرجي.“ اھڙي ڪارنامي بعد ساڻس جيڪا حالت ٿي ھوندي، تنھن جو اندازو ھر ڪوئي لڳائي سگھي ٿو. پر اھڙيون حالتون کين ھروڀرو مايوس به نٿيون ڪن ۽ ڪو به شڪار نه ملڻ جي صورت ۾ ھو گھٽين ۾ گھمندي پاڻ ۾ بحث ڪندي اڪثر پنھنجي ٻاڙ ماري وٺن ٿا.
    ھاڻوڪي تبديل ٿيل لاڙڪاڻي جا پنھنجا ڪردار آھن. اھو اڳوڻو لاڙڪاڻو ھاڻي ناھي رھيو، جتي ديوان سخي ھوندا ھئا ۽ رائل چوڪ تي ريجھي مل جو مجسمو لڳل ھوندو ھو. ھر طرف باغ ئي باغ ۽ باغن ۾ پکا لڳل ھوندا ھئا. انھن جي وچان واھ وھندا ھئا. ڪرمان باغ ۽ غالب نگر وٽ جڏھن سرڪس لڳندو ھو ته ان جا ھاٿي گھاڙ واھ تي وھنجڻ ويندا ھئا. جڏھن جناح باغ جو نالو ريالي باغ ھوندو ھو ۽ ڪينڊي مارڪيٽ وٽ به ھڪڙو بولس باغ ھوندو ھو. ھاڻي ته ايوب کھڙي جھڙو ڪردار به ڪونه ملندو. جيڪو غريب شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي پڙھائيندو ھو ۽ مسجدن ۾ پکا به ھڻائيندو ھو. پر علي گوھر آباد جي سدا جوان رھڻ جي ڪوشش ۾ رڌل محمد صديق ميمڻ چواڻي ته ” طبيعت جو ايڏو رکو ۽ سخت ھوندو ھو جو ڀلي ڏينھن ۾ ڏھ دفعا ملوس ته به ھر ڀيري پڇندو ھو ”ڪير آن ڙي؟“ ھاڻي اھو الھڏنو پڙھي وارو به ڪٿي آھي جيڪو گم ٿيل ٻارن کي مائٽن سان ملائيندو ھو. پر ھڪ ڇوڪريءَ جا وارث جڏھن سالن تائين کيس نه لڀي سگھيا. ۽ ڇوڪري به اچي جوان ٿي ته ھن ڊي سي کان اجازت وٺي پاڻ ان گم ٿيل ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏي. ھاڻ اھي ڪاٽڪو به ڪٿي رھيا آھن جيڪي ھوا خوريءَ لاءِ سکر ويندا ھئا ۽ ڪاٽڪن کان منٿليون اوڳاڙيندا ھئا. ھا البته مراد واھڻ ناڪي جي ان ناڪي منشيءَ گلشن صوفيءَ جھڙا کور ملي ويندا. جيڪو ورھاڱي کان اڳ ئي ناڪي جا سڀ پيسا کڻي انڊيا ھليو ويو. اتي وڃي ”ايڪتا“ فلم ۾ ڪم ڪيائين وري واپس نه آيو. ان ٺاڪرداس جھڙا تعصب پرست به اڄوڪي لاڙڪاڻي ۾ کوڙ ملي ويندا، جنھن 47ع واري زماني ۾ رائل سينيما تي ”عرب ڪا ستارا“ فلم لڳائي سينيما اندر بم رکرايا ھئا. ھن اڳواٽ ئي ھندن کي فلم تي نه اڇڻ جو چيو ھو پاڻ ته ڀڄي ويو سينيما روچيرام ھلائي، جنھن کي نقصان کان اڳ گرفتار ڪيو ويو.
    ان ڏينھن حيدرآباد ۾ جڏھن روٽين جي اھا خبر ٺاھي رھيو ھئس ته مارڪيٽ پوليس تانيا عرف وسڪيءَ کي فحش اشارا ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو آھي ته نه چاھيندي به مون کي لاڙڪاڻي جو اھو موسم ياد اچي ويو. جنھن پنھنجي سگريٽ جي سوٽي ۾ صحافت کي اڏائي ڏيکاري آھي. اھو ھتي ھجي ھا ته ان وسڪيءَ جي ضمانت ضرور ڪرائي ھا. لڳ ڀڳ پنجاھ سالن جي عمر کي اچي پھتل موسي پنھنجي سڄي حياتي جيتوڻيڪ صحافت کي ڏئي ڇڏي آھي، پر کيس خبر لکڻ (ٺاھڻ ته الڳ ڳالھه آھي) اڃا به نه ايندي آھي. پر ھو ڊي ايس پي سطح جا عملدار بدلي ۽ مقرر ڪرائيندو آھي. موسي جڏھن صحافت شروع ڪئي ته کيس سائيڪل به نه ھوندي ھئي ۽ ھاڻي وٽس ھڪ عدد ڪار به آھي.
    اھو به وقت جو ڪيڏو نه الميو آھي ته کيس خبرون لکي ڏيندڙ منير اڄڪلھه ڪنھن اخبار جو رپورٽر ناھي پر موسو صحافت ۾ موجود آھي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي لائبريري ۾ ڪڏُھن ڪڏھن کانئس ڊگھو انٽرويو ڪرڻ منير ۽ منھنجو مشغلو رھيو. موسو ٻڌائيندو ھو ته ”شروع ۾ ھو لاڙڪاڻي جي ڪپڙي جي واپارين وٽ دڪان تي ڪم ڪندو ھو پوءِ ٽرين ذريعي ھن واپارين لاءِ ڪپڙي جو ڪوئيٽا کان ”واپار“ شروع ڪيو. ان دؤران کيس ڪنھن ڏس ڏنو ته اخباري نمائندو ٿي ويندين ته پوليس تو کي ھٿ به نه لائيندي ۽ ائين موسو صحافي ٿي ويو. ھن جو ھلڻ ڦرڻ، ڳالھائڻ ۽ سگريٽ جو سوٽو ھڻڻ جو پنھنجو اسٽائيل آھي. ڀلي ڪمري ۾ ڪارپيٽ وڇايل ھجي، پر موسو پنھنجا پائنچا گوڏن کان ٿورو ھيٺ مٿي ڪري ڇنڊيندو وڏو سوٽو ھڻي ھلڪي گار ڪڍي پنھنجي ساٿين کان پڇندو ”ساڍا پنج ٿي ويا آھن، اڃا خبرون نه ٺاھيون اٿو ته پوءِ لڳنديون وري ڪٿان؟“ موسو صحافت جي داءُ پيچن کان ايترو ته واقف ٿي ويو آھي جو چوندو ھو ته ”ايتريون ڳالھيون آھن پيٽ ۾ جو ٻاھر ڪڍان ته... “ پوءِ ھو ڳالھائيندو نه ھو. پر پنھنجي ڏسڻي آڱر ڏندن وچ ۾ ڏئي ڏندين آڱريون اچڻ جو عملي مظاھرو ڪندو ھو. موسو اڄ به فخريه ٻڌائي ٿو ته ”ڪنھن زماني ۾ شھر جي ڳاڙھي بازار تي سندس حڪم ھلندو ھو. ڪيترائي ماڻھو سندس چٺيءَ تي بازار جو مفت ۾ ايئن چڪر ڪاٽي ايندا ھئا. جيئن سکر جي دادي دلوڪ مڪرانيءَ جي چٺيءَ تي اڄ به ماڻھو مفت ۾ فلم ڏسي اچن ٿا.“ موسي لاءِ اھا ڳالھه مشھور آھي ته ھڪ پريس ڪانفرنس دؤران ھن ھڪ اڳوڻي ايس ايس پي کي پنھنجي ٽوپي جو واسطو ڏئي بازار کولڻ جو عرض ڪيو ھو ۽ شايد ان ئي عملدار بازار جو چڪر ڏيڻ وقت کيس چيو ھو ته ”منھنجو وس پڄي ته تنھنجي کٽ ھن بر جي وڻ ھيٺ لڳرايان.“ موسو پوليس وارن سان سنگت رکڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آھي. ۽ چڱن ڀلن صحافين جي نالن کي عملدارن وٽ وڪڻي اچڻ سندس ڏائي ھٿ جو کيل آھي. جيتوڻيڪ ھو مختلف سياستدانن ۽ ڪامورن جي پريس ڪانفرنسن ۾ ويندو رھندو آھي. پر کانئن سوال وغيرھ نه پڇندو آھي ۽ نه ئي ڪا نوٽنگ وغيرھ ڪندو آھي. اوچتو ھڪ ڀيري ھن زراعت جي ھڪ اڳوڻي مرحوم وزير ۽ سردار کان اچي اھو پڇيو ته ”سائين توھان جي تعليم ڪيتري آھي.“ وزير صاحب استقباليه وٽ اوچتي سوال کان نٽائي ويو ته ھن اندر وڃي ٻيھر پڇيس. وزير جي اشاري تي کيس حفاظتي عملو ٻاھر ڪڍي ويو، پر ڪجھه وقت بعد اوچتو موسو مانيءَ جي ٽيبل تي اچي ظاھر ٿيو ۽ وزير کان ساڳيو سوال پڇيائين ته ھن وڏي خار مان کيس وراڻيو ”خاندان ۾ ٻيا به چريا اٿو يا تون اڪيلو ئي آھين؟“ اھڙي جواب کان پوءِ موسي کي تقريب مان ئي ڪڍيو ويو. ”پر اھو سوال تو ڇو پئي پڇيس؟“ واقعي کان گھڻا سال پوءِ پڇيل منھنجي ان سوال تي موسي عجيب منطق اھو ٻڌايو ته ”مون کي ڪنھن ٻڌايو ته وزير صاحب رڳو ميٽرڪ پاس آھي. ان ڪري مون کي خيال آيو ته ميٽرڪ پاس ته مان به آھيان ۽ صحافي ٿي ويو آھيان. ھاڻي ان کان ڪو گر پڇان ته ھو وزير ڪيئن ٿيو ته مان به ائين ئي وزير ٿي وڃان.“ ھاڻي ھو شگر جو مريض به ٿي ويو آھي ۽ ان لحاظ کان ان ۾ ڪجھه تبديليون به آيون آھن ته ھو اڳي جيان پريس ڪلب اندر ڳاڙھي بازار وارن جا فيصلا نٿو ڪري. پر منجھائنس وڪڙ اڃا نه ويو آھي، جيئن سندس ھر انداز مختلف آھي. تيئن ئي سندس تعريف ڪرڻ جو انداز به مختلف آھي. منجھند جي ماني سنگت سان ھڪ ڪنڊائتي ھوٽل ۾ کائي رھيو ھئس ته موسي جي رڙ ٻڌم ”او جوڳي نانگن سان ڪھڙو پيار“ ان ھوٽل ۾ موسو ڪجھه پرڀرو ٽيبل تي پوليس وارن سان گڏ ماني کائي رھيو ھو ۽ شمن جوڳي جي موت تي لکيل منھنجي ڪالم جي اھا ھن پاران تعريف ھئي. ان رڙ تي سڀ ماڻھو ڊسٽرب ٿيا. پر ھو پنھنجي مخصوص کل ۾ ٻڏو پيو ھئو. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ پريس ڪلب ۾ اچي ھن پڇيو ته ”منھنجي مدد ڪر ۽ اھو ٻڌاءِ ته ڪنھن کي محبت ۾ اھو چوان ته نانگن سان ڪھڙو پيار او جوڳي ته ان ۾ نانگ مان ٿيس يا ھوءَ.“
    موسى صحافت کي ڇا ڏنو؟ پاڻ انھيءَ سوال جو جواب لاڙڪاڻي واسين تي ڇڏي ٿا ڏيون. پر صحافت کيس گھڻو ڪجھه ڏنو آھي. سندس ڪيئريئر ڏسي ڪجھه نوجوان به موسي جي نقش قدم تي ھلي پيا آھن. جيتوڻيڪ موسو ھاڻ مڇي ماني لائق ٿي ويو آھي. پر پٽ سٽ واري سندس اھا عادت اڃا به نه وئي آھي. روزانو ھو ڪوشش ڪري سگريٽ، چانھه، ماني تي پاڻ خرچ نه ڪندو آھي. ڪار گھر ۾ بيھاري رڪشي جو ڪرايو به ٻين کان ڪڍندو آھي. لاڙڪاڻو اھڙن انيڪ ڪردارن سان ڀريو پيو آھي. جيڪي شوق ئي نرالا ڪن ٿا.


    ڌنڌ ۾ گم ٿيل ڳوٺ جا عجيب ڪردار!

    ھاڻي ڳوٺ جي ٽواٽن تي اھي بخيل ۽ گاريال پوڙھا ڪونه ٿا ويھن جيڪي پٺا اگھاڙا ڪري چلمون ڇڪيندا ھئا ۽ نتيجي طور جھرڪ جيڏا کانگھارا اڇلائيندا رھندا ھئا. ان برسات کان پاڻ بچائڻ انھن رستن تان گذرندرن جي ذميواري ھوندي ھئي. اھو ڏاڏو واڌو (واحد بخش) سڀني جو ڏاڏو ۽ سڀني کي ڪم ايندڙ ھو. اوڙي پاڙي وارن کي ھو پلال ۽ لوسڻ جي ڪتر ڪھاڙيءَ سان ھڻي ڏيندو ھو ۽ معاوضو صرف لسي ماني وٺندو ھو. ٻارن لاءِ ڪشش سندس اھي دانھون ھونديون ھيون، جيڪي ھو اٿندي ويھندي بي سبب ”الاڙي گھوڙا ڙي“ ڪري ڪندو ھو. جڏھن ڳوٺ جا شرارتي ڇوڪرا ننڊ دوران کيس کٽ سميت کڻي ٻي گھٽيءَ ۾ ڇڏي ايندا ھئا ته ھو وڏي آواز ۾ کين ڪچيون گاريون ڏيندو ھو. پنھنجي چلم جو تماڪ ھو دڪانن تان چونڊي کڻندو ھو ۽ مختلف گھرن مان چلم دکائڻ لاءِ چلم جي ٽوپي ۽ چمٽي سميت ٽانڊو کڻڻ ويندو ھو. پنھنجي وڏي ڄمار ۽ عجيب طبيعت سبب ھو گارشيا مارڪيز جي ناول ”اڪيلائي جا سؤ سال“ واري بوئينديا خاندان جو فرد لڳندو ھو، جنھن کي ڄڻ ته اوجاڳي جي بيماري لڳي ويئي ھئي.
    ڪچن رستن ۽ ڪچين نالين واري ھن ڳوٺ جي حالت اڃا به ساڳي آھي. ڪيئي ورھيه گذري ويا آھن ھنن ڪو سک جو سج ناھي ڏٺو. بدلجندڙ وقت سان ھلندي ھنن ووٽن جون به پيتيون ڀريون آھن. پر شناختي ڪارڊن ۾ وڌندڙ سوراخن سان گڏ ھو پاڻ به پروڻ ٿي چڪا آھن. ” اڄ ۽ ڪلھه ۾ فرق به ڪھڙو؟“ شيخ اياز جي اھا سٽ تڏھن من تي تري اچي ٿي جڏھن ڪيترن ئي سالن کان پوءِ انھي ڳوٺ ۾ پير پائجي ٿو. ھو ضياءَالحق جي صدر ٿيڻ کان مشرف جي صدر ٿيڻ تائين مسلسل ماٺ ۾ آھن. کين اھو به آسرو ناھي ته اھو روڊ ڪڏھن کين پڪو ٿي ملندو، جنھن جي ڌوڙ ۾ پير وڃائيندي ھنن جا ابا ڏاڏا گذاري چڪا آھن. ھو غربت جي ڇڪيل ليڪ کان به گھڻو ھيٺ حياتيون گذارين ٿا، پر ڪو به غربت مٽايو پروگرام سندن زندگي ۾ معمولي تبديلي به نه آڻي سگھيو آھي. ڳوٺ جي گھٽين ۾ ته مفت جون مليل پن جو ٻيڙيون شوق سان پيئندڙ اھو گلو مينگھي به ڪونه ٿو ملي. جنھن جون فقيراڻيون ڪرامتون ڏينھون ڏينھن ڳوٺ ۾ مقبول ٿي رھيون ھيون، پر گلو مينگھي ڪو جناتي بابا نه بڻجي سگھيو ۽ نه ئي وٽس وزيراعظم ھائوس جا دعوت ناما پھتا. وھم ۾ ورتل ڳوٺاڻن کي مفت ۾ ڌاڳا پڙھي ڏيندڙ گلو مينگھي لاءِ چون ٿا ته مرڻ کان اڳ ھن ھڪ قبر جيڏي کڏ کوٽي ان ۾ رھڻ شروع ڪيو ھو. ماڻھن کيس ڳڙن جي وسڪاري ۾ به پسار ڪندي ڏٺو ھو ۽ سندس دعائن سان ڳوٺ جي ڪجھه ڇوڪرين پٽ ڄمڻ جون نه دعوائون ڪرڻ شروع ڪيون، پر ھو پاڻ ھرتو گوشه نشينيءَ ۾ ھليو وڃڻ کان پوءِ گذاري ويو. گلو مينگھي گھٽين مان ڇا غائب ٿيو آھي. ڳوٺاڻن مان فقيراڻي رمز ھلي ويئي آھي. ھاڻي جڏھن ڪو خيال ۽ ڪا توائي کيس ستائي ٿي ته ڳوٺ جا ڇوڪرا چرس جا سگريٽ ڀرين ٿا ۽ جوا جي ٽڪريءَ تي جوا جي گھوڙيءَ وارا داڻا اڇلي اميد سان ھڪل ڪن ٿا ”آ ڇڪو!“ ۽ ھاڻي اھي محنتي ۽ سخي مرد ته ڄڻ ڳوٺ مان ئي لڏي ويا آھن جيڪي فصل پچائڻ جا مقابلا ڪندا ھئا ۽ اوطاقون ھلائيندا ھئا. ھاڻي ڪچي تائين مشھور ”در محمد“ جي ان اوطاق جو اڱڻ به سوڙھو ٿي ويو آھي. جتي ڄڃون لاڙي کارايون وينديون ھيون ۽ ڏاند گاڏين تي رستي سان گذرندڙ ڄڃن کي ويلي جي مھل ماني کائڻ بنا وڃڻ جي موڪل نه ملندي ھئي. ھاڻي ته ڳوٺ کي جواري، وياج خور ۽ گھر جا چور سم ڪلر جيان وڪوڙي ويا آھن. ڇا ھاڻوڪي نسل مان ڪو اھو سيٺ عدل ڪريم (عبدالڪريم) اڀري ايندو. جنھن ڳوٺ ۾ پھريون ڀيرو لوٽي واري ٽڪ ٽڪ ڪندڙ مشين ھڻائي ھئي؟“ ھاڻوڪو تعليم ئي مڪمل نٿو ڪري سگھي ته سيڙپ ڏانھن ڪيئن ويندو.“ پن جي ٻيڙي پيئڻ سبب ڪاراٽيل ڇپن واري ڳوٺاڻي جي ڪيل اھا ڳالھه ان ڪري به درست لڳي جو اسڪولن جي حفاظت ھن ڳوٺ جو دستور ئي نه رھي آھي. نئين کليل پرائمري اسڪول جي درن جا تالا ڀڃي بئنچن تي حاجت پوري ڪندڙ ماڻھن جي ڳوٺ ۾ گرلز پرائمري اسڪول اڃان به بھه جو گودام آھي. ڪم کان ڪيٻائيندڙ اڄوڪي دور جي ھيرن جي ڳوٺ ۾ وي سي آر تي فلمون ھلائيندڙ ھوٽلن جو تعداد ته وڌي ويو آھي پر اسڪول جي عمارتن ۾ ڪو اضافو نه ٿيو آھي. ھاڻي ھو انڪري به پاڻ کي ترقي ۾ سمجھن ٿا جو کين اڳ جيان ٽي وي، وي سي آر گڏھ گاڏن تي مريضن جيان شھرن مان نٿي آڻڻي پوي. وي سي آر کان واندا ٿي ھو جوا کيڏن ٿا، ڪو ٻيو ساٿي کيڏڻ لاءِ نٿو ملي ته ھو پنھنجي پاڙي جي عورتن سان ئي پتي راند کيڏي ٻاڙ پوري ڪن ٿا.
    اھي لطيفا ته اڃا تائين ڳوٺ جي ٻارن کي ٻڌايا وڃن ٿا ته جڏھن بجلي لڳڻ جو ڪم شروع ٿيو ته ڪيئن نه اڪثر ماڻھن بلبن مان باھ لڳڻ ۽ تارن ۾ ڦاسي مرڻ جي ڊپ کان بجلي فراھمي جي مخالفت ڪئي. ھن ڳوٺ مان ھر ڪو ته سرائي ٺارو ۽ حافظ عيسو ٿي ڪونه اڀريو جن معمولي علم شناسي ھوندي به ڪاروبار جون نيون بلنديون ڇھيون. ھڪڙي ڳوٺ جي زمين تي محنت ڪري بس ورتي (ٽرانسپوٽ جو ڪاروبار) ۽ ٻئي سعودي ويزائون وڪرو ڪري ماڻھو پرڏيھه موڪلڻ ۽ مني چينجنگ جو ڪم ڪيو. اھا ته وري الڳ ڪھاڻي آھي ته شھر تائين سائيڪل تي ويندڙ ڀائو ڪيئن ڪراچي کان موھن جي دڙي تائين جھازن ۾ اچڻ لڳا ۽ وري ساڳي ٻه ڪھي چپل پائي پنڌ گھمڻ لڳا. پيسو پيسو ڪري ملڪيت ميڙيندڙ زميندار پنھنجي پٽن کي انڪري تعليم نه ڏياري ته ماستر کين ماريندا پر اھو المياتي افسانو اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڳائجي ٿو ته ڪيئن ان زميندار جي پٽن پيسا ۽ پنھنجيون حياتيون ڦوڪ ۾ اڏائي گل ڪري ڇڏيون. ان زماني ۾ ڳوٺاڻن نجم عباسي جي ”ڇوڏو“ ڪھاڻي ته ڪونه پڙھي ھئي پر ھو پنھنجي ٻارن کي کنگھه جي دوا وٺي ڏيڻ بدران دگيگن واري ٻير جا ڇوڏا ٻارن جي ڳچين ۾ ٻڌندا ھئا، ھاڻي اھا ٻير به ڳوٺ مان غائب آھي ته ٻڪرين جي اھا واڙ به گم آھي، جتي ڀنگوڙي پوڙھا نشي ۾ کير ڏھڻ لاءِ ٻڪرين بجاءِ نر ٻڪرن کي پڪڙي ويھندا ھئا ۽ پوءِ دانھون ڪندا ھئا ته ”اڄ ٻڪري ڀلا کير ڇو نه ٿي ڏئي!“
    سال گذري ويا، ڳوٺ جي قسمت ھاڻي به ساڳي آھي. ڳوٺ جي گند ڀريل گھٽين مان گذرندي اھا خبر نٿي پوي ته ڇيڻا ٿڦيندڙ. لوڙھن تي رليون سڪائيندڙ ۽ گاھ ڀريون ڪندڙ نارين ۾ اڃان به ڪي چاھتن جا چؤٻول آھن الائي نه پر اھا پڪ آھي ته ويم دوران عورتن ۽ ٻارن جي موت ٿيندو رھي ٿو. فيملي ھيلٿ ڪيئر واري ھن زماني ۾ ڳوٺاڻن کي ڊسپرين وٺڻ جيتري به جڏھن رقم ناھي ته ھو صحت جي ھر اصول کان ئي لاتعلق ٿي وڃن ٿا. ڳوٺ جي ڪشادين اوطاقن جي اڱڻن تي پپر جا وڻ ۽ انھن جي لامن ۾ پينگھون ته ھيون ڪونه ۽ نه ئي باغن ۾ ڪوئل ۽ بلبل جون لاتيون ھيون، جن جي ھاڻي پچار ڪجي. ميٺ محبت به ڳوٺن مان ڪڏھوڪو موڪلائي چڪي آھي. پر ھاڻي ته ڳوٺ ۾ اھا شناس به نه رھي آھي جيڪا ڳنڀير طبيعت جي وڏڙن کان کين ورثي ۾ مليل ھئي. ھاڻي ھو ھڪ ٻئي جي پٽڪي ڊاھ لاءِ ھر وقت تيار آھن پر ھو جنازي جي جلوسن تي به بندوقون ڇوڙڻ لڳا آھن. ھڪ ٻئي جي گھرن ۾ کاٽ ھڻندڙ ڳوٺ ۾ انتھا تي پھتل بدديانتي واري دؤر کان ته ڏاڏي واڌي ۽ گلو مينگھي وارو دؤر چڱو ھو. جتي سھپ ۽ سچائي ته جيئري ھئي. مال ۽ گڏھ گاڏن گذرڻ کان پوءِ دڳ تان اٿيل ڌوڙ جڏھن سخت گرمي واري شام جو ڳوٺ مٿان ڇانئجي ٿي ته اوچتو ڳوٺ جي عمر جو خيال اچي ٿو. لکت ۾ ڪا ثابتي نه ملڻ سبب ڳوٺ جا جھونا صرف اھو ٻڌائين ٿا ته ڳوٺ ۾ مھتن (واڻين) جا به دڪان ھوندا ھئا. ان عمر جي ڳوٺ تي آخري نظر وجھندي به اھو ارمان ٿئي ٿو ته ھن وقت تائين ھي ڳوٺ ڪا ڇوڪري يا ڇوڪرو پوسٽ گريجوئيٽ به پيدا ناھي ڪري سگھيو.


    حصو پنجون : ڪارنھن جو ڪاروبار

    خانڳڙھ جي خانگي عدالت

    پاڪستان اندر عدالتن پاران انصاف جي فراھمي جي رفتار ڇا آھي، ان جي قطع نظر سنڌ جي جاگيردارن جي بنگلن تي ٿيندڙ جرڳا ان رفتار ۾ تمام اڳتي آھن. جيتوڻيڪ اھڙن جرڳن جي ڪا سرڪاري حيثيث ناھي پر سنڌ ۾ گھڻي ۾ گھڻا بھتر فيصلا ڪندڙ سردار خادم حسين جتوئي توڻي سردار علي گوھر مھر ٻڌائين ٿا ته سرڪار پاران اھڙا ڪيس سندن جرڳن حوالي ڪيا وڃن ٿا جيڪي ھونئن نبرجي نٿا سگھن. سرڪار جي زوربار تي ئي ڪالھه خانڳڙھ ۾ اھي شر ۽ مھر اچي فيصلي لاءِ گڏ ٿيا ھئا جن جي جھيڙن ۾ زخمي ٿيلن جا گھاءَ به ڪونه ڀريا ھئا ۽ ڪجھه گھرن ۾ اڃان تڏو وڇايل ھو. پر سردارن جي سڏ تي اچي سڀ خانڳڙھ ۾ سھڙيا جتي عام راڄ جي ويھڻ لاءِ شاميانو ھڻي پکا ھلايا ويا ھئا باقي راڄن جا چڱا مڙس پنھنجي سردارن سميت اندر ايئرڪنڊيشنڊ ٿڌن ڪمرن ۾ ويٺا ھئا. پر انھن مان به جيڪي مھر ھئا سي سڀ ھيٺ ويٺل ھئا جو انھن کي پنھنجي سردارن سامھون صوفي، ڪرسي يا کٽ تي ويھڻ جي اجازت ناھي. ھونئن ته جرڳي جو ٽائيم ڏھين وڳي رکيل ھو پر پري پري کان ايندڙ ھمراھن جي انتظار سبب جرڳو شروع ڪرڻ ۾ منجھند جو ھڪ ٿي ويو. جرڳي کان ايم پي اي سردار علي گوھر مھر اسان کي جرڳي ۽ فيصلي ۾ فرق ٻڌائيندي چوي ٿو ته جڏھن قتل يا ڪارنھن جو معاملو ٻن الڳ ذاتين (جن کي ھو قومون چوي پيو) وچ ۾ نبيرڻو ھوندو آھي ته ان کي جرڳو سڏبو آھي پر ملڪيتن يا ٻين معاملن بابت نبيري کي فيصلو سڏيندا آھيون. ھو پنھنجي وسيع بنگلي جي ان ھال طرف ھلي ويھڻ لاءِ چوي ٿو جتي فيصلو ٿيڻو ھو، اتي سردارن جي ويھڻ لاءِ صوفا سيٽ پيل ھئا. ھال جو سمورو وچ خالي پيل ھو ۽ باقي ڪرسيون ڀتين سان ٽيڪ ڏياريل پيون ھيون. اسان ته اچي ڪرسين تي ويٺاسين پر شر ۽ مھر برادرين جا جھونا ۽ جوان بوٽ يا جتي در کان ٻاھر لاھيندا ان ھال ۾ ھيٺ ويھندا ويا. شرن جي پوڙھن جا وار ايترا ته وڏا ھئا جو اھي پٽڪي جي ورن ۾ ويڙھيل ھئن. قميص ھڪڙي ڪپڙي ۽ رنگ جي ته سٿڻ ٻئي رنگ ۽ ڪپڙي جي پھريل پوڙھا به اچي پنھنجي برادري جي سڏ تي گڏ ٿيا ھئا. ڏسندي ڏسندي ھال ڀرجي وڃي ٿو ۽ اتي اھو سڃاڻڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو ته ڪير شر ۽ ڪير مھر آھي. ھڪٻئي جا تازا خون ڪري گھرن کي باھيون ڏيئي موٽندڙ اھي ماڻھو سردارن جي حڪم تي اچي خاموشي سان ھڪٻئي ڀرسان ويھي رھيا. جيتوڻيڪ ڪنھن ڪنھن ”ڪانڀو خان“ جون اکيون رت ڇڏي رھيون ھيون پر باقي سڀ خاموش ھئا. سردارن جي اچڻ شرط ٻنھي برادرين جا پڪا پوڙھا به اسڪول ٻارن وانگي اٿي بيھن ٿا ۽ سردارن جي اشارن تي ويھي رھن ٿا. ھاڻي سڀني درن تي ماڻھو بيھجي وڃن ٿا ۽ ھالن ۾ پکن ھلندي به گرمي شديد ٿيندي وڃي ٿي. جرڳي ۾ پھريان شرن جو مقرر ڪيل ماڻھو فرياد ڪري ٿو جنھن کان ٿورا گھڻا سوال پڇي وري مھرن کي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ سموري ڪاروائي ھڪ منشي نوٽ ڪندو وڃي ٿو. ھڪ وڳي ھال ۾ آيل سردار سوا ھڪ وڳي اٿي وڃي ٻئي ڪمري ۾ ويھن ٿا. ٻئي ڌريون ھڪٻئي جي انھن ھمراھن کي سمجھائينديون سيکارينديون رھن ٿيون جن کي بيان ڏيڻ لاءِ وڃڻو ھو. اھو به عجيب منظر ھو جو ھڪ ڌر جو ماڻھو اھو تسليم ڪري رھيو ھو ته فلاڻو اسان جي گھرن ۾ سي آءِ ڊي (جاسوسي) ڪرڻ آيو، اسان به کيس پڪڙي ٻڌي برسٽ ھنيو ۽ لاش وڃي فلاڻي ھنڌ اڇليو. ان ھمراھ کي سياڻا ورائي ويا. ”ميان متان ائين چيو اٿئي، بس اھو وڃئي چئه ته فلاڻي کي ماريو اٿم باقي ٻڌڻ واري ڳالھه ئي نه ڪڍجانءِ“ جيئن ته اھڙو جرڳو اٽينڊ ڪرڻ جو پھريون تجربو ھو انڪري سرداري لوازمات جي خبر ئي نه ٿي پئي. فرياد ۾ شرن پاران چيو ويو ھو ته فلاڻو مھر اسان جو ڪارو آھي. ھاڻي مون کي اڻتڻ اھا ھجي ته ان ڪاريءَ جو نالو پڇجيءَ ته ڇا ھو، جنھن کان پڇان چئي؛ ”الله سنھن، مان بيگناھ آھيان“. ڄڻ نالو نه پئي پڇيومانس پر مٿس الزام پئي ھنيومانس. ڳالھين ڪندي ھڪ ھمراھ ملي ويو جيڪو ان عورت جو ڀاءُ ھو. اسان کيس چيو ته مھر چون ٿا ته ڪارنھن وارو ڪوڙ ٿا ھڻن اصل تڪرار زمين جو آھي. ھن ٺھه پھه چيو ”منھنجي ڀيڻ ڪاري آھي متاثر ڌر به اسان آھيون.“ اتي کيس جذبات جي اڌ ۾ روڪي پڇيم ”ان جو نالو ڇا آھي جنھن کي ڪاري ڪيو اٿو.“ ھمراھ صفا ڇپ ٿي ويو. وري چيومانس تو جيڪا پنھنجي ڀيڻ ڪاري ڪئي آھي ان جو نالو ڇا آھي. ھمراھ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي شرمساري وچان چيو ”فلاڻي مائي!“ بشير جو ائين چوڻ ۽ پريان ٻئي نوجوان ھڪل ڪيس ”نالو ڇو ٿو ٻڌائينس اڙي بيغرت؟“ ھن مون کي به ھڪل ڪئي ته اھو نالو ڊاھ، مان اڃان ڏانھن ڏسي رھيو ھئس ته مائي جي ڀاءُ مون کان نوٽ بوڪ کسي تازو لکيل اکر مٿان آڱر رکي ڌمڪيءَ واري لھجي ۾ حڪم ڪيو ته ”ھن کي ڊاھ“ مون ته تڪڙ ۾ اتي ئي نالو ڊاھي ڇڏيو پر سوچيان ٿو ڇا ھو منھنجي ذھن مان اھو نالو ڪڍي سگھندو؟
    سردار فرياد ٻڌڻ بعد جيئن اندر ھليا ويا ته وري ٻاھر نه آيا. اسان وري اھڙا سدورا جن کي سڪون جي ننڊ ۽ ناشتو ڪڏھن نصيب نه ٿيو آھي سو جڏھن گھڙيال جا ڪانٽا منجھند جو ٽين وڳي طرف وڌڻ لڳا ته اسان به اٿي ريفريشمينٽ جي تلاش ۾ نڪري پياسين پر ڳولڻ جي باوجود ڪو ھوٽل نه مليو. سن جھڙين ڪشادين گھٽين واري خانڳڙھ جي ھڪ دڪان تي وڃي ڪيڪ بسڪيٽن ۽ بوتلن تي ٽٽاسين. جنھن کان پوءِ فوٽو گرافر وزير عباسي، شڪيل سومرو ۽ مون ۾ ڪجھه ساھ پيو. ھوٽل بابت پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته ”خان گھڻي ٽڻ مڻ برداشت نه ڪندا آھن، ان ڪري ڪنھن کي به خانڳڙھ ۾ ھوٽل کولڻ جي اجازت ناھي. خانن موجب ھوٽل تي ٻاھريان آوارھ ماڻھو به اچي ويھندا ۽ گند وڌي ويندو.“ بوتلن پيئڻن کان پوءِ اسان ڏاڍو تازو توانا ٿي وڃي فيصلي واري ھال ۾ ويٺاسين مس ته سردار جي خاص نوڪر اچي ٻڌايو ته سردار صاحب توھان جي انتظار ۾ آھي، ھلو ماني کائو. سندس اھڙي صلاح تي اسان ھڪٻئي ڏانھن ڏسڻ شروع لڳاسين ته نوڪر چيو اٿو سائين سردار صاحب انتظار ۾آھي. سردارن جي ماني کان اڳ شرن ۽ مھرن پاران آيل سمورن ماڻھن کي ماني کارائي وئي ھئي. اسان سڀني سردارن سان گڏجي بنگلي جي ٻئي پاسي ٺھيل ھڪ شاھي ڊائيننگ ھال ۾ داخل ٿياسين، ٽيبل ڏسي بک مارڻ لاءِ کاڌل ڪيڪ بسڪيٽن تي پڇتائڻ لڳاسين. ماني وقت ڏھرڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کانسواءِ باقي ٽن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز کٽل ھئا جن کي گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليا ويا. ٽنھي نوجوانن اچي مٺي چانورن جو اڌ اڌ چمچو پليٽن ۾ وجھي کائڻ شروع ڪيو. ھو اسان کي نماز پڙھن جو ٻڌائي ويا ھئا پر پوءِ خبر پئي ته ھنن کي به اسان وانگر بک بيحال ڪيو ھو ۽ ٿاڻي تي ماني کائڻ ويا ھئا. مانيءَ کان ترت پوءِ فيصلي جي فتوى ٻن صفحن تي لکي ڌرين کان صحيحون ورتون ويون. صحيحون ڇا ھيون مس ۾ ڀريل آڱوٺن سان پني تي ڪيل چٽسالي ھئي. جڏھن ٻاھر اچي سڀ سردار شاميانن ھيٺان رکيل صوفن تي ويٺا ته ٻئي ڌريون فيصلي ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿي ويون. فتوى پڙھڻ کان اڳ ۽ نه ئي وري پوءِ ئي ڪنھن ماڻھو کي ڳالھائڻ لاءِ چيو ويو يا ڳالھائڻ ڏنو ويو. سردارن ماڻھن کان ايترو به نه پڇيو ته فيصلو قبول آھي يا نه. بعد ۾ دعا گھرائي سردار اٿي ھليا ويا. ائين شر مھر پاڻ ۾ ٺھي ويا. ھن خانگي عدالت صرف 4 ڪلاڪن اندر 4 خونن ۽ ٻئي نقصان جو فيصلو ڪري ڌرين ۾ ٺاھ ڪرائي کين گھر اماڻي ڇڏيو.


    عروج تي پھتل اڻ لکيل قانونن جو ڪاروھنوار

    ڪنڌڪوٽ لڳ ھڪ ذات جا چور جڏھن ٻي ذات وارن جي گھرن ۾ چوريءَ جي نيت سان گھڙيا ته ڀاڳيا به سجاڳ ٿي پيا. چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ ان رات ٿيل فائرنگ دوران جڏھن ھڪ چور مارجي ويو ته علائقي ۾ قبيلائي تڪرار شروع ٿي ويو جنھن ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا ڪيترائي ماڻھو مارجي چڪا آھن. سندن ڪجھه چڱا مڙس به جيل اندر آھن ۽ علائقي جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته جڏھن به ٻنھي ڌرين وچ ۾ فيصلو ٿيندو ته ان چور جي خون جو عيوضو ڀاڳين واري ڌر کان ضرور ورتو ويندو، ڇو ته جھنگ جي قانون کي رواج سمجھي ھلندڙ اتر سنڌ جي سردارن اڳ ۾ به اھڙا فيصلا ڪيا آھن، جن ۾ مارجي ويل چور جي خون بھا ٻه لک روپيا ڀاڳين کان ڏنڊ طور وصول ڪئي وئي آھي ته ھنن گھر ۾ گھڙي چوري ڪندڙ چور کي قتل ڇو ڪيو؟
    قانون جي شاگرد ۽ سول سوسائٽي لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻھن سان ڪيل لڳاتار ڪچھرين مان معلوم ٿيو ته قانون جي ڪنھن به ڪتاب ۾ ڪٿي به اھو ذڪر ناھي ته چور کي قتل ڪندڙ ڀاڳين مٿان ڏنڊ پوندو. ان ڏس ۾ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ ٻين اھڙن علائقن (جتي اھڙا واقعا رونما ٿين ٿا) جي عام ماڻھن سان ڪيل ڪچھرين مان معلوم ٿيو ته اھو اڻ لکيل قانون ھتان جو رواج بڻجي پيو آھي ۽ اھو رواج تڏھن کان پيو جڏھن کان ڏاڍي ذات وارن جو چور مارجي پيو ۽ ڀاڳيا جيئن ته ھيڻي ذات (علائقي ۾ اقليت سان رھندڙ) وارا ھئا ان ڪري ھنن ڏاڍي ذات جي چورن سان فيصلو ڪري ڏنڊ ڀري ڏيڻ جي آڇ ڪئي ڇو ته ٻي صورت ۾ کين روزانو حملي / چوريءَ جون ڌمڪيون ملنديون ھيون. اھڙي ريت ھاڻي به اھا رسم ڏاڍي ھيڻي جي فرق سان جاري آھي. چور جيڪڏھن ھيڻي ذات وارو ھوندو ته ڏاڍي ذات وارن جي گھرن ڏي لڙندو ئي نه پر جيڪڏھن ھو ويو ۽ چوري ڪندي مارجي ويو ته ڀاڳين واري ڌر سان چورن جا مائٽ اٽڪاءُ نه ڪندا ۽ نه ئي کانئن فيصلو ڪرائي ڏنڊ وصول ڪندا.“ ھڪ جھوني ڪاٽڪوءَ ٻڌايو. اھڙي مرحلي تي سڀ ڪنھن کي اھا چوڻي ياد اچي ويندي آھي ته ”چور مئو ته ڪتو مئو“ چورن جو به ڪو عيوضو ٿيندو آھي ڇا؟ پر ڏھڪاءُ ۽ ڦڏي فساد ۾ رھندڙ ڌر جو چور جيڪڏھن مارجي پيو ته ھوان جو نه رڳو فيصلو ڪرائي ڏنڊ وصول ڪندا پر فيصلو نه ٿيڻ جي صورت ۾ عام جھيڙي جو اعلان ڪري ڇڏيندا. اتر سنڌ جي پڙھيل لکيل ۽ وزير مشير رھندڙ سردار سان سنگت ۾ رھندڙ ھڪ ھمراھ ٻڌايو ته ”شڪارپور جو ھڪ سردار چورن جو عيوضو چورن جي مائٽن کي وصول نه ڪرائي ڏيندو آھي باقي سمورا سردار پنھنجو راڄ ڀاڳ ھلائڻ واري خيال کان اھڙا فيصلا ڪن ٿا جن کي بظاھر ڪوبه دليل يا سبب ناھي ۽ نه ئي قانون ۾ ڪٿي ان جي گنجائش آھي.“ اتر سنڌ اھڙي ته اڀاڳي ٿي پئي آھي جتي چوري کي رسم يا رواج سمجھيو / مڃيو وڃي ٿو. ”سائين چوري ته اسان جي سماج جو رواج بڻيل آھي اھا ختم ته ناھي ٿيڻي، ان جو ڪونه ڪو حل ته ڪڍڻو پوندو،“ سرداري جرڳن ۽ فيصلن ۾ اڪثر ڪري شريڪ رھندڙ ريٽائرڊ ھيڊ ماستر ڪريم ڏنو جتوئي چوي ٿو. سندس چوڻ آھي ته ”مک سردارن جي مجموعي ۾ مون ھڪ راءِ اھا به ڏني ھئي ته قتل ٿيل چور جو عيوضو ڀاڳين کان ڏنڊ طور وصول ڪرڻ بدران مارجي ويل چور جي ساٿين کان وصول ڪيو وڃي ڇو ته جڏھن نفعي ۾ ھو ڀائيوار آھن ته نقصان ۾ به انھن کي ئي ڀائيوار بڻايو وڃي“ ڪريم ڏنو موجب اھڙي رٿ سان سمورا سردار متفق ٿيا ھئا پر عمل اڃان شروع نه ٿيو آھي. سنڌي سماج جي اڪثريتي آباديءَ تي پنھنجا اثر ڇڏيندڙ اڻ لکيل قانونن جون پنھنجون سزائون، شاھدين جا پنھنجا طور طريقا ۽ معاوضي جا اصول به پنھنجا آھن. ھونئن ته مارجي ويل چور جو به عيوضو ورتو وڃي ٿو پر عجيب ڳالھه اھا به آھي ته چوري ٿيل سامان جي واپسيءَ سان گڏ اڻ لکيل قانون موجب چور کي گھر ۾ گھڙڻ (لوڙھو لتاڙڻ) جو ڏنڊ به ڀاڳين کي ڀري ڏيڻو آھي. جيڪڏھن چوري ٿيل سمورو سامان چور واپس نٿا ڪري سگھن ته کانئن ان سامان جي رقم وصول ڪئي ويندي ۽ ان رقم جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ انھن وڏيرن/سردارن پاران مشير يا امين مقرر ڪيا ويندا آھن جيڪي اڻ لکيل قانونن جا اڻ چونڊيل رکوالا (جج) بڻيل آھن. غلط بياني کي روڪڻ لاءِ ڪلام پاڪ وچ تي رکيو ويندو آھي. سنڌ اندر پختيون ڪندڙ اڻ لکيل قانونن ۾ ھر عمل / ڏوھ جي سزا ۽ جزا مقرر ٿيا، پر قيمت ڪنھن به ڏوھ جي سزا قيد يا جسماني ايذاءُ يا مشقت واري سزا نه ته مقرر ٿيل آھي نه ئي ڏني وڃي ٿي. جڏھن ته ڪجھه علائقن ۾ باھ جي ساک واري امتحان (سزا) مان مشڪوڪ چورن کان اڃان به جيڪب آباد ۽ ڊيرھ بگٽيءَ ۾ ورتي وڃي ٿي. ڪنھن به شڪي چور کي جاچ جي ان مرحلي مان گذارڻ جو ذڪر جيتوڻيڪ ڪنھن به مروج قانوني ڪتاب ۾ ناھي پر سردارن جي اوطاقن تي باھ جون اھڙيون ٻه اڍائي فوٽ وانھيون (چريون) کنيل آھن. جن ۾ ٽانڊن کي ڀري مشڪوڪ چور کي ٻرندر ٽانڊن مٿان ست وکون کڻايون وڃن ٿيون. ست وکون کڻندڙ مشڪوڪ چور جي چوڌاري ٻه ٽي مقرر ٿيل ماڻھو ڪلام پاڪ جون مخصوص آيتون پڙھندا رھندا آھن. مشڪوڪ چور جيئن ست وکون ٽانڊن تي گھمي پوريون ڪندو ته کيس ڪجھه مقرر ماڻھو ٻانھن کان وٺي اھڙي جاءِ تي ويھاريندا جتي پاڻي يا ٻڪڙي جي تازي رت ڀريل ٿانو ۾ سندس پير ڪلاڪ اڌ تائين پسايا ويندا. بعد ۾ اھي سردار اھي ٺري ويل پير چيڪ ڪندو، جيڪڏھن انھن پيرين جي ترين تي ڦلوڪڻا نڪري آيا ھوندا ته مشڪوڪ چور مٿان چوري ثابت ٿي ويندي ۽ جيڪڏھن ڦلوڪڻا نه اڀريا ته ان کي بيڏوھي قرار ڏنو ويندو. چوري جي اھڙي غير سائنسي ۽ غير منطقي جاچ ۾ اڃان تائين ڪيترائي ماڻھو نه رڳو يقين ڪن ٿا پر سردارن کان اھڙي ساک وٺي ڏيڻ لاءِ زور ڀرين ٿا. اتر سنڌ جا سردار اھڙي ساک لاءِ مشڪوڪ ماڻھن اڪبر بگٽيءَ جي ديري بگٽيءَ موڪلين ٿا، جتي باھ جون ساکون مستقل ورتيون وڃن ٿيون.
    اڻ لکيل قانونن موجب قتل جو معاوضو ٻه لک، شديد زخمي ڏيڊ لک يا پنجھتر ھزار، معمولي زخمي پنجاھ ھزار ۽ عورت جي قتل جو لک ته ڪٿي ڏيڊ لک معاوضو ٿئي ٿو. جڏھن ڪارو ڪاريءَ ۾ ھڪ ئي ھنڌ قتل ٿيل مرد، عورت جو ھونئن ته ڪو معاوضو نٿو ٿئي پر جيڪڏھن ڪوڙي الزام ھيٺ آيل مرد قتل ٿئي ٿو ته قاتل ڌر مٿان پيسن يا جيڪڏھن ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آھن ته عورت جو سڱ عيوضي طور ڏنو وڃي ٿو. ڪاروڪاريءَ جي مشڪوڪ قتلن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ھر علائقي جي رواج موجب ڏنڊ/معاوضي جون رقمون وصول ڪيون وڃن ٿيون. ”عورتن کي عيوضي طور ٻي ڌر کي ڏيڻ جو مقصد اھو ھوندو ھو ته جھيڙيندڙ ڌريون جيئن ته نفرتن ۾ گھڻو وقت گذارين ٿيون ان ڪري سردارن اھو سوچي عورتون معاوضي ۾ آيل عورتن کي غلامن وانگر سمجھن ۽ سخت پورھيون ڪرائين ٿا.“ سرداري نظام جي گھڻي ۾ گھڻي وڪالت ڪندڙ جيڪب آباد جي ھڪ سردار چيو جنھن پنھنجي حياتي ۾ ڏھ ھزارن کان مٿي فيصلا ڪيا آھن. اڻ لکيل قانون تحت ڇوڪري (نينگر) سان زوري زنا جا ٽيھه ھزار روپيا ڏنڊ وصول ڪيو وڃي ٿو. اڻ لکيل قانونن تحت فيصلا ۽ جرڳا ڪندڙ سردارن کان وٺي عام وڏيرن تائين ھر روز ٽي چار اھڙا فيصلا ڪيا وڃن ٿا جن ۾ اڻ لکيل قانونن تحت جوابدارن کي سزائون ڏئي مروج قانوني ڪارواين کي روڪيو وڃي ٿو. جنھن ۾ ڌرجا ھڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ھجن ٿا اھي فيصلي کان پوءِ سمورا ڪيس واپس وٺن ٿا.
    سنڌ اندر اڻ لکيل قانونن جو ڪارونھوار ھلائيندڙ اڻ چونڊيل سردارن، وڏيرن ۽ چڱن مڙسن جي چونڊ جو ڪو به بظاھر نظام ناھي ۽ نه ئي انھن جي چونڊ جي ڪا قابليت يا لياقت ڏٺي وڃي ٿي يا مقرر ٿيل آھي. صرف تجربن ۽ عام فھم آڌار اھي ماڻھن جي روزمرھ جا فيصلا ڪن ٿا، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن انھن جي زندگين جي مستقبل جا فيصلا به بڻجي پون ٿا. اڻ لکيل قانونن تحت وڏيرن، سردارن جي اوطاقن تي لڳل غير قانوني عدالتن ۾ روزانو فيصلا ۽ نبيرا ڪرائيندڙن ۾ اڪثريت ٻھراڙيءَ جي انھن اٻوجھه ماڻھن جي ھجي ٿي، جيڪي سرڪاري مشينريءَ تان مڪمل ويساھ کڻي ويٺا آھن. ھڪ سردار موجب اڻ لکيل قانون تي انھن علائقن جا نوجوان ۽ عورتون گھٽ يقين رکن ٿيون پر جيئن اھي عمر جي ھڪ حد پار ڪن ٿا/ٿيون ته اھي به انھن اڻ لکيل قانونن کي مڃڻ، انھن ۾ يقين ڪرڻ شروع ڪن ٿا. سنڌ اندر ڪجھه اڻ لکيل قانون اھي به رائج آھن ته جنھن ڇوڪريءَ جو سڱ ھڪ ڌر وٺڻ واري آھي ته ان جي سڱ وٺڻ (خريدڻ) لاءِ ٻي ڌر آڇ نٿي ڪري سگھي. ائين ڪير به ڪندو ته کيس برادري جو ڏنڊ ڀرڻو پوندو، اھو قانون (اڻ لکيل) بلڪل ائين ھلي ٿو جيئن ھنن علائقن ۾ واپاري ڪنھن به پلاٽ، زمين يا مشينري جي سودي وقت آڇ مٿن ڏئي ڪنھن جو به سودو نه ٿو ڦٽائي سگھي. سرداري نظامن تحت انھن جي ئي اڻ لکيل قانون جي پاسداري ڪندڙ ڪجھه پڙھيل لکيل ماڻھن جو خيال آھي ته رياستي ادارن جي ڪمزوري ۽ سست رفتاري سان نتيجا ڏيڻ سبب ماڻھن جو مروج قانونن تان ويساھ ئي کڄي ويو آھي ۽ اھي انھن اڻ لکيل قانونن تي وڌيڪ ڀاڙين ٿا، جتي بنا ڪنھن خرچ جي سندن اعتبار ۽ مرضي موجب کين انصاف ملي وڃي ٿو. ھو چون ٿا ته رياستي ادارن ۾ ڪنھن به زيادتي، ڏاڍائي خلاف دانھڻ تي ايترو خرچ ۽ وقت لڳي ٿو جو ھڪ طرف دانھيندڙ ماڻھو ڪنگال ٿي وڃي ٿو جو ھڪ طرف قانون ۽ انصاف تان سندس ايمان کڄي وڃي ٿو. سندن چوڻ آھي ته سادي ايف آءَ آر ڪٽرائڻ جا به جڏھن پئسا ورتا وڃن ٿا ته اھڙي نظام جو ڪونه ڪو متبادل تي اچي ئي ويندو. انھن پڙھيل لکيل سرداري حلقن ۾ اھا ڳالھه به عام مشھور ۽ حوالي طور اچي ٿي ته جڏھن ھڪ ھوم سيڪريٽري پنھنجي ڀاءُ ۽ موچاري شھرت رکندڙ ڪھاڻيڪار نسيم کرل جي خون کي ڪورٽن بدران پنجھٽين سالن کان پوءِ به انھن اڻ لکيل قانون تحت اچي نبيري ٿو ته پوءِ عام ماڻھو تي ميار ڏيڻ اجائي آھي. ھي حلقا موجودھ مروج قانونن ۾ ڪيترائي جھول ٻڌائن ٿا ۽ اھو منطق به سمجھائن ٿا ته ماڻھو سرڪاري عدالتن ۾ ڪوڙ ۽ خانگي عدالتن ۾ سچ ڳالھائيندو آھي. ھوڏانھن عدالتي ڪارونھوار سنڀاليندڙ ڪجھح سينئر عملدار اھو مڃن ٿا ته سرڪاري عدالتن ۾ ڪوڙن قسمن ۽ قلمن تي ڪوڙيون شاھديون ڏيندڙن جا ٽولا سرگرم آھن، جيڪي پئسن عيوض ڪنھن به وقت ڪنھن جي به خلاف ڪا به ڪوڙي گواھي ۽ شاھدي ڏيڻ لاءِ تيار رھن ٿا. سرڪاري عدالتن ۾ ڪوڙن ڪاغذن تي ضامن پوندڙ جا به ٽولا ڪوڙن شاھدن جيان ئي سرگرم آھن. ان ڏس ۾ قانوني عدالتن جو ڪارونھوار ھلائيندڙ اڻ لکيل قانونن ۾ اھڙيون ترميمون ڪيون وڃن، جن ۾ ڪميونٽي جي نمائندن جي شرڪت ھجي ۽ اھڙي شرڪت ٿاڻن جي سطح تائين ھجي ته جيئن ڪوڙيون ايف آءِ آر درج ٿيڻ بند ٿي وڃن، ڇو ته ڪوڙين ايف آءِ آرن سبب ئي جھيڙا وڌي جرڳن تائين پھچن ٿا.


    ڪارنھن جو ڪاروبار

    شڪارپور جي ھڪ واپاري جو نوجوان پٽ ڪجھه مھينا اڳ جڏھن پنھنجي ضلعي جي ٻھراڙي ۾ پنھنجي مائٽ قرضدارن کان قرض اوڳاڙڻ ويو ته ھنن کيس مائٽياڻي قرب ۾ رات ترسڻ ۽ صبح سان پيسا کڻي وڃڻ لاءِ چيو. اڌ رات جو نوجوان جي ”خون ڙي خون ۽ ناحق ٿي ويو“ جي رڙين تي اک کلي ته سڄي پاڙي جون عورتون ۽ مرد ھڪ ھنڌ گڏ ٿيل ھئا. ھن اڃان پنھنجي بستري مان نڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته سندس اھو اڌڙوٽ مائٽ رت ۾ ڳاڙھي ٿيل ڪھاڙي کڻيون ڏانھس وڌڻ لڳو، جنھن ڏانھن سندس ڏيڊ لک روپيا قرض رھيل ھو. ھو تڪڙ ۾ بستري مان نڪري ھيڏانھن ھوڏانھن بچاءِ لاءِ واجھائي رھيو ھو ته ان ڪھاڙي کڻي ايندڙ ھمراھ کي سندس ٻين مائٽن ڀاڪر وجھي روڪي وڌو ۽ ڪجھه عورتون ڏانھس ڪلام پاڪ کڻي آيون ته ”ڪوڙ تي اھڙو ناحق نه ڪر“ اھا فلمي سين اڃان جاري ھئي ته ان نوجوان کي ھڪ بظاھر رحمدل پوڙھو پاڻ سان وٺي ويو ۽ کيس سائيڪل ڏيندي چيائين ”پٽ تون ته ھن باھ مان نڪري وڃ پوءِ وڏڙا پاڻھي پيا منھن ڏيندا“
    ان ڳوٺ ۾ ان رات مائٽاڻي سرڪل ۾ اڻوڻندڙ چاليھن سالن جي عورت ان نوجوان واپاريءَ سان ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ٿي ھئي. ۽ سندس وڏڙن ان مامري کي ائين منھن ڏنو ته قرض سمورو ڏنڊ ۾ معاف ڪري ان ڌر سان مائٽاڻو ۽ قرضداري وارو رستو ئي ختم ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ڪارنھن ھيٺ قتل ٿيل قتلن خاص ڪري عورتن جون خبرون روز اخبارن ۾ پڙھيون وڃن ٿيون ۽ ڪنھن حد تائين اعتبار به ڪيو وڃي ٿو ته ان قسم جي واقعن ۾ واڌ اچي وئي آھي پر ڪچي وارن علائقن ۾ رھندڙ نام نھاد غيرتي پوڙھن کي اھڙن واقعن تي ڏاڍي ڪاوڙ وٺي ٿي. ھو اھڙن علائقن ۾ رھن ٿا جن جي آسپاس اردو محاوري جيان آئي دن اھڙا واقعا ٿيندا رھن ٿا ۽ انھن جي پسمنظر جي به کين پروڙ ھجي ٿي. لاڙڪاڻي جي اھڙي ئي غيرتي پر کلمک پوڙھي جو چوڻ ھو ته، ”ماحول گھڻو مٽجي ويو آھي. حقي قتل ته ڪو ڪو ٿئي ٿو ناحقي واقعا وڌي ويا آھن.“ ھن پنھنجي ڳالھه ۾ اھو به واڌارو ڪيو ته اصل ڪارن ۽ ڪارين جي چونڊ ڪبي ته ڪارتوس ئي کٽي پوندا. بھرحال ان پوڙھي جي راءِ سان ڪير سھمت ٿئي ٿو يا نه پر واقعن پويان اصل ڪارڻ ڳوليندڙن کي اھا پروڙ آساني سان پئجي ويندي ته ڪارنھن جو الزام اڄڪلھه ڪھڙي نه گدلي ڪاروبار جو نالو بڻجي پيو آھي. ان ڪاروبار ۾ رڳو قرض واري رقم ئي معاف نٿي ڪرائي وڃي پر بي رحميءَ سان قتل ڪيل عورتن جي خون بھا به وڏي بيشرمي سان روڪ رقم طور ورتي وڃي ٿي. ان ڪارنھن جي ڪاروبار جو وڌيڪ اونداھو پاسو تڏھن به سامھون آيو جڏھن گھوٽڪي ڀرسان ڇوڪراڻي سنگت جي تڪرار تان ٿيل قتل ڪيسن مان پنھنجو سر بچائڻ خاطر ھڪ ھمراھ پنھنجي شريف ڀاڄائيءَ کي ان ئي ڏينھن قتل ڪيو جنھن ڏينھن رستي ۾ ان ھمراھ کي قتل ڪيائين، جيڪو سندس سھڻي ڇوڪري جو تازو سنگتي ۽ سندس رقيب ٿي پيو ھو. اھڙي ڪاروبار کي وڏي ۾ وڏي ھٿي اھي راڄوڻي فيصلا قانوني رليف ڏين ٿا جن جي تحت ھو پنھنجي غيرت تڪڙ ۾ ثابت ڪري وڃن ٿا. اھي فيصلا ائين ٿين ٿا جيئن راڌڻ جي ٽيليفون آپريٽر جي 9 مھينا اڳ ٿيل قتل جو فيصلو ھڪ پ پ اڳواڻ (جيڪو ھاڻي سردار به سڏرائي ٿو) ڪري ڇڏيو. ان فيصلي ۾ فريادي ڌر کي قتل ڪيس واپس وٺڻ ۽ الزام ھيٺ آيل ڇوڪريءَ کي طلاق ڏيارڻ جا فرمان جاري ٿيا. ”اھڙا فيصلا انڪري به تڪڙ ۾ ڪرائي ھرڪا ڌر جان آجي ڪرائڻ چاھي ٿي جو کين وڏي ۽ سالن تائين ھلندڙ خونريزي ۾ خطرو رھي ٿو.“ شڪارپور جي ھڪ مناسب حد تائين پڙھيل لکيل ھمراھ چيو، جيڪو پير ڳوٺ ڀرسان معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ٿيل ڇھن قتلن جي خبر پڙھيو ويٺو ھو جنھن ۾ ان بي رحم ڪاروائيءَ جو ڪارڻ ڪجھه مھينا اڳ ٿيل ڪارنھن وارو معاملو ٻڌايو وڃي ٿو.
    ھاڻي جڏھن مرد کي مرد سان ڪارو ڪري مارڻ جا واقعا به رپورٽ ٿيڻ لڳا ته ڪيئن نه ڪشمور ويجھو پيءُ پنھنجي پٽ کي ڪارنھن جي الزام ھيٺ ماري سندس سسي کڻي فرار ٿي ويو يا ڪجھه مھينا اڳ شڪارپور جي ڳوٺ ”گھر پنھنجا“ ۾ ڀائرن غيرت اچي ڌنار ڀاءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪارنھن وارو معاملو سنڌ لاءِ ڄڻ ته ڪاريھر نانگ وانگر ڪر کڻي بيٺو آھي. سوال اھو آھي ته ان کي اين جي اوز جي واويلا منھن ڏيئي سگھندي يا مانيٽرنگ راند کيڏندڙ حڪمران؟ ڪجھه پڙھيل لکيل ماڻھن جو ته اھو خيال آھي ته عورتن جي حقن جي پاسداريءَ جا پوسٽر کڻي ھلندڙ اھي اين جي اوز به ان ڪارنھن جي ڪاروبار ۾ شريڪ آھي جنھن جي راڳڻي ڳائي ھو لکين روپيا ڪمائي رھيون آھن. پر چپ چورڻ کان سواءِ ھنن ڪڏھن به ڪو اھڙو ڪيس ھٿ ۾ نه کنيو آھي جنھن سان ڪارنھن واري مامري کي رڳو اخلاقي شڪست به اچي سگھي ھجي. ”ايمانداري سان چوان ٿو ته سموريون اين جي اوز جيڪي عورتن سميت انساني حقن جون دعويدار بڻيل آھن. اھي صرف ڇھن مھينن جي پنھنجي پنھنجي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ گڏجاڻين جي بجيٽ بچائي ڏين ته ھو سنڌ ۾ اھڙو ادارو نه رڳو قائم ڪري به ھلائي به سگھن ٿيون جتي ڪارنھن جي ستايل عورتن کي سڪون، تحفظ ۽ مالي سھائتا ملي پوي.“ اين جي اوز جي ڪلچر کان چڱي ريت واقف ھڪ مڊل ڪلاسي ھمراھ چيو. سندس ڳالھه ۾ واڌارو ڪنھن ٻئي ھينئن ڪيو ته اين جي اوز ذريعي جيڪڏھن ڪاڇي، شھدادڪوٽ يا ناري جي ڪا ڇوڪري اسلام آباد، ڪوھ مري ۽ ڪراچي گھمي ڦري ۽ ھوٽلن تي ترسي اچي ٿي ته سٺي ڳالھه آھي پر سندس جان وري به ڪارنھن جي تلوار کان آجي ناھي ڇو ته ھوءَ اھڙي سماج ۾ رھي ٿي جتي اردگرد اھو قاتل ڪلچر حاوي آھي. قانوني توڙي راڄوڻي طور کيس ڪو تحفظ ناھي. اين جي اوز ان تحفظ جو بندوبست ڪن نه ته اھي محدود دائري ۾ ئي ”شعور ڦھلائينديون“ رھنديون ۽ سنڌ جون عورتون ناحق قتل ٿينديون رھنديون. جيئن ڪنھن زماني ۾ ھڪ شاعر چيو ھو ته ”سنڌ وڏو واپار... “ يعني سنڌ جو نالو کڻي کڻي ان کي ڪير به ڪيترو ڪيش ڪرائي سگھي ٿو. ائين ئي اڄوڪي سنڌ جو منظر نامو ڏسي چوڻو پوي ٿو ته ”ڪارنھن“ وڏو ڪاروبار بڻيل آھي. جنھن کي جيترو عقل سمجھه آھي اھو ان کي ايترو ئي ڪيش ڪرائي سگھي ٿو. ڪو پنھنجي سر بچائڻ لاءِ، ته ڪو پنھنجو قرض لاھڻ لاءِ ڪو وري پنھنجي پيٽ ڀرڻ ۽ سماجي رتبو وڌائڻ لاءِ ڪارنھن کي استعمال ڪري رھيو آھي. جنوني ۽ بيرحم انسانن سنڌ کي ڪيئن نه ڪٻاڙ خانو بنائي ڇڏيو آھي. جنھن جي ذري پرزي مان ”ماڊرن“ ماڻھو عجائبات ڳولي ڳولي ڪڍن ٿا. ڪٿان ڪارين جو ڪوٽ ٿو لڀجي ته ڪٿان وري ڪارين جو قبرستان برآمد ٿي عالمي ميڊيا تي مقامي ماڊرن ماڻھن جي مھربانين سان فليش ٿئي ٿو.
    اھڙي ماجرا ڏسي دل چوي ٿي ته ان پڙھيل لکيل چرئي دوست جي سوال ۾ گم ٿي وڃجي ته سنڌ ۾ ڪارنھن جو رواج نه ھجي ھا ته جنوني جاھل ماڻھن ۽ اين جي اوز وارن کي پنھنجو ڪاروبار ھلائڻ لاءِ آخر ڪھڙو اشو ھٿ اچي ھا؟.


    ذلت جون ماريل عورتون

    اڄوڪي ڏينھن عورتن جي حقن بابت ٿيندڙ پروگرامن ۾ ان معصوم ڪنوار کي سنڀاريو ويندو الائي نه، جنھن کي سڱاوتي تڪرار تان ”غيرتي مڙس“ سھاڳ رات ئي قتل ڪري ڇڏيو ھو. جيڪڏھن ڪنھن پروگرام ۾ سجاول جوڻيجو جي ان رحيمان کي ساريو به ويو تڏھن به انھن ھزارين رحيمائن جو ڇا ٿيندو، جيڪي پنھنجي گھرن ۾ سدائين امتحانن ۽ سدائين نشانن تي آھن. جيڪي پيءُ جي گھرن ۾ نوڪرياڻين وانگر گذارين ٿيون ۽ مڙسن جي گھرن ۾ ڪنيزن جيان گذارين ٿيون. حسن مجتبى شايد ان ئي خيال اسان جي سماج کي عورت دشمن آبادي ڪوٺيو ھو. اھري سماج کي ھونئن به ڀلا ڇا چئجي جنھن ۾ عورت جي عزت نفس کان وٺي حياتي تائين ھر ساھ ۾ جذبي جي ڪا گارنٽي نه ھجي. انھن جي ته ڪنھن به کاتي ۾ ڪا انشورنس به ٿيل ناھي. سنڌ کي اڃا ڪي ايڪسپلوروز ته اچي ايڪسپلور ڪندا پر اھا ڳالھه شايد حساس دل ۽ نفيس جذبن وارن ماڻھن لاءِ حيران ڪندڙ حد تائين پريشان ڪندڙ ھجي ته سنڌ ۾ رشتداريون محبتون وڌائڻ خاطر نه پر دشمنيون پاڙڻ خاطر ڪيون وينديون آھن.
    سنڌ اندر روزانو جيترا ماڻھو نام نھاد ”سڱاوتي تڪرار“ تان مرن ٿا ايترا شايد ڪنھن ٻي ”وبا“ ۾ نه مرندا ھوندا. اھڙن تڪرارن ۾ قتلن جو تعداد اڃا به وڌي وڃي ٿو جڏھن اھي ”سڱاوتي تڪرار“ قبيلائي جھيڙن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. شادي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ کان وٺي جيون ساٿي چونڊڻ تائين دنيا ۾ ڀلي ڪيترا به فلسفا رائج ٿي وڃن پر سنڌ ۾ اڃا به سڱاوتي تڪرار جي نالي ۾ ان ڪنوار جي ڪک ۾ بندوق ھنئي وڃي ٿي جنھن کي نه چاھيندي به مائٽ ڀائپي برادريءَ جي دٻاءَ ۾ اچي مجبوري وچان پرڻائين ٿا. ”بھار جي ھيءَ موسم به سنڌ جي جواني کان پاسو وٺي گذري وئي ۽ بھارن جي جشن ملھائڻ بدران سنڌ جي جواني يا ته گولين جو کاڄ ٿيندي رھي يا زھر ڦڪيندي رھي.“ ھڪ اديب دوست چيو. سنڌ اندر روايتي طريقي سان ٿيندڙ رشتن ناتن جي جڙڻ ۽ ٽٽڻ کان واقف ماڻھن جو چوڻ آھي ته سماج جا پرائمري يونٽ (گھر) اڪثر ان ڪري افراتفريءَ جو شڪار آھن جو سندن رشتا غلط طريقن (رسمن) تحت ٿيا آھن. سماجي سائنس جي ان موضوع سان دلچسپي رکندڙ پڙھيل لکيل ماڻھن جو اھو به چوڻ آھي ته سنڌ اندر سڱاوتي تڪرار يا گھرو اڻبت تان زھر کائي پاڻ ماريندڙ عورتن ۽ مردن کان وٺي اھڙي نموني جي جھيڙن تائين مرندڙ سمورا ماڻھو انھن غلط رسمن جو ھر روز شڪار ٿين ٿا. اھڙن تڪرارن ۾ گھڻي لوڙيندڙ عورت ئي ھجي ٿي جيڪا ڀٽائي جي انھن سٽن واري صورتحال ۾ اڙيل آھي ته:
    مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ايئن چون، متان پاند پسائين.
    سنڌ اندر ريتن رسمن تحت ٿيندڙ سڱاوتين کان ته ھر ڪو واقف ھجي ٿو پر انھن رسمن جي اڀن ڪنڊن واري واٽ تي ھلندڙ عورتن جو ڪرب شايد ڪنھن ڪنھن ئي محسوس ڪيو ھوندو. ”مان پنھنجي مڙس ۽ ٻارن سان گھر ۾ خوش ھئس، ابي وارن منھنجي سھري سا ڪا ڪاروباري اڻبڻت ٿي پئي، جڏھن اھا وڌي وئي ته ھاڻي ابي وارا مونکي طلاق وٺڻ لاءِ چون ٿا، جيڪا مان نٿي وٺڻ چاھيان.“ ٺري ميرواھ جي ٽن ٻارن جي ماءُ چيو جنھنجي ٻي شادي به سندس موڀي ”ابي“ جي مرضيءَ سان ئي ٿي ھئي. اخبار ۾ گھڻو وقت اڳ اھڙو ڌيان طلب ڏياريندڙ عورت جي ھاڻي شايد طلاق ٿي به وئي ھجي. ان عورت جو درد به شھدادڪوٽ ڀرسان ويٺل ۽ پڙھيل لکيل ان قبيلائي ڇوڪريءَ جي درد سان ملندڙ آھي جنھن کي سندس مائٽ گريجوئشين تائين پڙھائڻ کان پوءِ ھاڻي ”سڱاوتي تڪرار“ ٽارڻ خاطر ھڪ اٽي چڪيءَ جي اڻپڙھيل مزدور سان زوريءَ پرڻائڻ چاھين ٿا. ھو اھو ”عذاب“ ٽارڻ لاءِ شاعري ڪندي ۽ پنھنجي دوستن وٽ فرار ڳوليندي پئي وتي پر آخر ڪيستائين؟... سندس حشر به ڳيريلو جي ان وڏين اکين واري ذھين شاگردياڻيءَ جھڙو (شايد) ٿيڻو آھي جيڪا ننڍپڻ ۾طئه ٿيل رشتن موجب شادي ڪرڻ جي پاپند بڻي ۽ ھن وقت ڪنھن ڪمپيوٽر ليب ۾ ھجڻ بجاءِ ھو ڇھن ٻارن جي اھڙي ماءُ بڻجي وئي آھي جنھن کي پيئڻ وارو پاڻي ڀرڻ لاءِ صبح وشام ڏورانھين پنڌ تي وڃڻو پوي ٿو. ننڍپڻ ۾ ڏي وٺ جون شاديون صرف اھو ئي عذاب عورتن تي ڪونه ٿيون آڻين پر سندن زندگي ان عورت جي زندگيءَ جي محتاج بڻيل ھجي ٿي جيڪا سندس عيوضي ۾ سندس ڀاءُ، سئوٽ يا چاچي کي ڏنل ھجي ٿي جيڪا سندس عيوضي واري عورت کي پنھنجي مڙس مار ڏني ته ايتري ئي مارکائڻ سندس مقدر ۾ ھوندي. جيڪڏھن عيوضي واري عورت جو کائڻ پيئڻ بند ٿيندو ته ھوءَ اھا ماني کائڻ به کائڻ جي حقدار نه ھوندي جيڪا ھن پنھنجي ھٿن سان پچائي ھوندي. ذلتن واري گھرو زندگي گذاريندڙ اھرين عورتن کان گھڻو واقف ماڻھن جو چوڻ آھي ته اھا واھيات مقابلي بازي ايتري تائين دنگ نٿي ڪري پر جيڪڏھن عيوضي واري ڇوڪريءَ کي سندس مڙس ھار سينگار ته نه پر جتي، ڪپڙا ۽ صابڻ نه وٺي ڏنو ته عيوضي ۾ آيل عورت به انھن ”نعمتن“ کان محروم رھندي. اھڙي مقابلي بازي ۾ شامل ٻئي ڌريون ڄڻ ته سولي سنڌيءَ وارو ھڪٻئي جو پاڻي ڪڇنديون آھن. سالن تائين ڇا حياتين تائين ھلندڙ ان مقابلي بازيءَ ۾ جنھن جو حوصلو يا دماغي رڳون جواب ڏيئي ويٺيون اھو فرسٽريٽ ٿي ڪنھن نه ڪنھن پنھنجي گھر ڀاتي (زال ڀاڄائي وغيره) کي يا ٻي ڌر وارن کي قتل ڪندو ۽ اھا ھوندي سڱاوتي تڪرارن ۾ وڙھندرن جي اڪثريت پاڻ ۾ سئوٽ، ماسات، ماروٽ، پڦاٽ جھڙن رشتن ۾ ڳنڍيل ھوندي آھي. ” اھي قرآن تي صلح ڪرڻ کان پوءِ به وڙھندا آھن.“ شڪارپور جي ھڪ جرڳائي جج (سردار) ٻڌايو. ھن اھو به ٻڌايو ته اھڙن جھيڙن ۾ ملوث ڌرين جون عورتون ڌنار بنا ڌڻ جيان ھونديون آھن. اھي ڪڏھن ٿاڻن تي ڪٽبيون آھن ته ڪڏھن سردارن جي حويلين ۾ غلاماڻي زندگي گذارينديون آھن. اھڙن تڪرارن ۾ ملوث ماڻھو پنھنجي عورتن جي احساسن ۽ جذبن کي قدر جي نگاھ ته ڇا پر ڪنھن به نگاھ سان ڪونه ڏسندا آھن. ”ڇوريءَ کي مٿي ته نه چاڙھ، اڳي ئي گھڻي آڪڙيل (خوداعتماد) آھي. صبح شام جو موچڙي جو زيبٽ لائينس ته پاڻھي سڌي ٿي ويندي.“ ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺاڻي پڌر ۾ تازو پرڻجي آيل نوجوان کي سندس اڌڙوٽ عمر واري سئوٽ ”مرداڻو مشورو“ ڏنو ۽ جڏھن اھا عورت سندن ڀرسان گذري ته ھن ڏاڍيان چيو ”موچڙو آ گھٽ ماني آ ڍووءَ تي ته پوءِ ڪيئن نه رنن ۾ آڪڙ وڌندي. منھنجي مڃين ته لٺين جا اھي آھورا ڪڍينس جو ٽنگون ڀڄي پونس.“ اھڙا مرداڻا مشورا نون پرڻجي آيل نوجوانن (جيڪي اڪثر ڪري ٻارنھن کان ارڙھن سالن جا ھجن ٿا) کي اڃان به ٻھڙارين ۾ اثرائتي نموني ڏنا وڃن ٿا. جيڪي ھو ترت قبولي وٺن ٿا ۽ ڪنھن نه ڪنھن طرح ماڻھوءَ کي مڙس ماڻھو ۽ زال کي محبت ڏيندڙ کي نفرت وچان ”جوءِ جو غلام“ ۽ ”رنن جھڙو“ يا ”ماديلو“چيو وڃي ٿو.
    ڳڙھي ياسين ڀرسان قمبراڻين وچ ۾ ھن سال جي پھرئين ڏينھن ٿيل راڪيٽ لانچرن واري جھيڙي کان پوءِ ٻنھي ڌرين جون عورتون گرفتار ٿي ٿاڻي تي آيون ھيون. انھن عورتن ۾ ھڪ اڌڙوٽ عمر واري عورت اھا به ھئي جنھن جو مڙس ھڪ ڌر ڏانھن وڙھندي مري ويو ۽ ڀاءُ ٻي ڌر طرفان. ان عورت جي حياتي ڪيتري سکي ھوندي / گذرندي جيڪا پنھنجي ڀاءُ جو غم پنھنجي گھر ۾ ۽پنھنجي مڙس جو غم پنھنجي پيڪن (ڀاءُ جي گھر) ۾ روئي نه پئي سگھي. ھوءَ صدين جو اھو الميو پاڻ جھڙين ھزارين عورتن جيان اندر ۾ سانڍيون اڃان به جيئري آھي ۽ اھڙي مدار تي پھتي آھي، جتي غم ۽ خوشيءَ جي کيس خبر ئي نٿي پوي. سندس اولاد واري سھاري جا دشمن سندس ڀائر ۽ ان اولاد جا ماما ئي بڻيا آھن. ھو اھو غم قطرا قطرا ڪري پيئنديون رھن ٿيون ۽ ڪنھن سان به شيئر نٿيون ڪري سگھن. اھڙن مڙسن آڏو غلامي ڏين ٿيون جيڪي سندن ڀائرن جا دشمن آھن، اھڙين عورتن جون روداليون اڃان ته ڪنھن اين جي اوز به نه ڳايون آھن، جيڪي پنھنجي ئي گھرن ۾ ائين واڙيل آھن ڄڻ ته ڪنھن نام نھاد نجي جيل ۾ واڙيل ڪولھاڻيون ھجن. اھڙين عورتن جا مرد اڪثر ڪري ڇوڪري بازيءَ واري ريڊي ميڊ جھان طرف ھليا وڃن ٿا يا ڪجھه وري پراوا لوڙھا لتاڙيندا وتن ٿا. اين جي اوز جي ڪنھن به فورم اھڙين عورتن جي ذلتن کي نروار نه ڪندڙن تي ڪاوڙيل ھڪ فيمينسٽ مرد چيو ته ”اين جي اوز عورتن جي حقن بابت جيستائين پنھنجو نام نھاد شعور ڦھلائين تيستائين اسانجي اڌ آبادي ته قتل ٿي چڪي ھوندي.“ پر شايد عورتن جي ان جذباتي ھمدرد کي اھو پتو ناھي ته رشتن ناتن ۽ سڱاوتي تڪرارن جي المين ۽ عذابن مان گذرندڙ عورتن مٿان اھو به لازم ھوندو آھي ته ھو پنھنجو نسل وڌائين ته جيئن عذابن جو اھو سلسلو ايندڙ نسل تائين منقتل ٿي سگھي. اھي چاھيندي يا نه چاھيندي به ”ڪيٽل فارمن“ ۾ڦاٿل جانورن جيان مڪمل روانيءَ سان پنھنجو نسل پيدا ڪنديون رھن ٿيون جنھن مان ڇوڪرين لاءِ ته ساڳي ئي اھا عذابن واري بٺي ٻريل رھي ٿي پر ڇوڪرو جيڪڏھن ڊسٽرڪٽ جيل سکر ۾ واڙيل ان ڪنڌڪوٽي ڇوڪري جيان نام نھاد غيرتي ھوندو جنھن کي اڃان مڇن جي ساول ئي مس آئي ته ھو پنھنجي ماءُ کي به ڪاري ڪري ماري ڇڏيندو ۽ جيل ۾ قيدين مٿان ته ڪڙڪو ڪري چوندو ”غيرت ۾ آيا آھيون“ پر ڀنگوڙي سپاھيءَ آڏو اونڌو ٿي بيھي رھندو.
    گھرو عذابن ۾ گذاريندڙ عورتون ايتريون ھيسيل ۽ اوسي پاسي جي ترقيءَ کان اڻواقف ھجن ٿيون جو ھو ٽرين ۾ چڙھندڙ ٽڪيٽ ڪليڪٽر کان به ڊڄي وڃن ٿيون. ھو قسمت سان ٻاھر نڪرن ٿيون ۽ چونڊڪي جي ان نئين پرڻيل ناريءَ جيان ھراسيل ۽ اڻ واقف ھجن ٿيون جنھن ٽيڪسي ڪار جي ڊرائيور پاران سامان رکڻ لاءِ کوليل ڊگيءَ مان ٽپو ڏئي ڪار ۾ چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ڊرائيور پاران ٽوڪڻ تي ھن معصوميت مان چيو ھو ”ادا ويگن ”دٻو“ ۾ ته پويان ويھبو آھي نه.“ ھو پنھنجو اعتماد ايترو وڃائي ويھن ٿيون جو ڪڏھن ڪڏھن ”امير“ مائٽن وٽ ٽي وي تي ٽينس راند ڏسندي به شرمائجي وڃن ٿيون ۽ پنھنجي ننڍي عمر جي ڪنھن حجائتي مائٽ کي چون ٿيون ته ”بيحائي ته ڏس مايون اگھاڙيون بيٺيون ٿيون کيڏن.“
    بھتر زندگي، خوداعتمادي، ترقي ۽ تفريح اھڙين عورتن کان ائين پري آھن، جيئن پاڪستاني جيلن ۾ واڙيل قيدياڻين کان سٺي کاڌ خوراڪ ۽ دوائون پري آھن. ھو پنھنجي جوان ٿي ويل پٽن سان به ڏڪي ۽ ھٻڪي ڳالھائين ٿيون ته ڪٿي ھو ڪاوڙجي سندس سسي نه لاھي وجھي. ھو شاديءَ جي سنگھرن کان وٺي سمورن رشتن ناتن ۾ اھڙو قيد آھن جتان نڪري وڃڻ ته ھاڻي شايد ھو پاڻ به راضي نه ھجن!


    حصو ڇھون : ڇڙوڇڙ ڳالھيون

    پاپندين جي پھاڙ تان پيچرا ٺاھيندڙ پيار

    ٻلھڙيجيءَ ڀرسان ان ڏينھن گھاٽي سرنھن جي ڦولار وارو ٻنو ڏئي ايندڙ ننڍڙي زميندار جي پٽ کي جڏھن ٻئي ٻني سا اھا خوبصورت عورت نظر آئي. جنھن کي دوستي رکڻ لاءِ ڪيترائي نياپا ڪرايا ھئا ته ھو تڪڙيون وکون کڻي پليءَ پٽڻ لاءِ ويندڙ ٻن ٻارن جي ماءُ کي وڃي پھتو. ”اسان سا ڪا ڪاوڙ آھي ڇا جو نياپن جي ورندي ئي ڪونه ڏنئي.“ ھن پنھنجي دل جي دھڪي کي دٻائيندي چيو. ھن چپن اندر ئي مرڪي بنا رڪجڻ جي کيس لاپرواھي مان چيو ڇو بلا؟ ھن ٻني تان ھيٺ لھي سندس پاسي ۾ ايندي چيو ڪڏھن ملاقات ڪجي ٻيو وري ڇا؟ ”اسان جي ملاقات ڏاڍي مھانگي پوندئي.“ ھن ڄڻ ته رضامندي ڏيکاري ڇڏي ۽ ھن به اقرار ڪيو ته ڀلي سر ھليو وڃي پر نباھينداسين“ اتان ان عشق جي شروعات ٿئي ٿي جيڪو سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن نوجوانن لاءِ ايڊونچر ۽ عورتن لاءِ به آبسيشن بڻيل آھي، جنھنجي پڄاڻي ڏاڍي خوفناڪ ٿئي ٿي. سرنھن جي پيلن گلن ۽ ڪڻڪ جي ساوڪ سان سينگاريل وسيع زمينن واريءَ ھيءَ موسم ڄڻ ته پيار جا پاڇا کڻي پھچي ٿي. ”ھي واعدن، اقرارن ۽ ملاقاتن جي موسم آھي، ٿڌين راتن جو ڪو ھڪڙو پھر به لوڪان لڪي، محبوب سان ملڻ جو مزوئي ڪجھه ٻيو آھي.“ ھڪ عاشق ماستر ٻڌايو. جھيڙن جھٽن ۽ جرڳن جو ڪيترائي ڀيرا سبب بڻجندڙ ھي عشق اڃان به جاري آھي جنھن ۾ ڌرين جي منزل شادي ناھي ھوندي، ريتون رسمون ۽ پھرا ايڏا سخت ٿين ٿا جو ٻنھي کي اڳواٽ ئي خبر ھوندي آھي ته سندن شادي ناممڪن آھي ”اسان جي ذات وارا ٻئي ھنڌ سنڱ ڏيندا ئي ناھن پوءِ مان ھن سان شادي جو وعدو ڪيئن ڪريان ھا“ڳڙھي ياسين جي ھڪ عطائي ڊاڪٽر وٽ آيل سندس مريض محبوبه ٻڌايو. شھرن ۾ جيئن شادي شده عورتن جي اڪثريت ڪو افيئر ھلائڻ کان لنوائي ٿي. ايئن ئي ھتي غير شادي شدھ ڇوڪريون ڪنھن سان ملاقات ڪرڻ کان پري ڀڄن ٿيون. ”پورو ڏيڊ سال مون ھن تي محنت ڪئي پر جڏھن سندس شادي ٿي ويئي، ان کان مھينو پوءِ اچي ھن مون سان ملاقات ڪئي“ڀريا جو ھڪ ڪرياني وارو دڪاندار ٻڌائي ٿو. جڏھن ته شادي شده عورتن جو گھڻو انگ ان قسم جي پيار ڪرڻ طرف مائل ٿئي ٿو جيڪو سندن پوري زندگي الزام جي پاڇي ھيٺ آڻي ڇڏي ٿو. ”ھو اڪثر پنھنجي ڪروڌي مردن جي پيار کان محروم رھن ٿيون ۽ گھر جي پر تشدد ماحول ۾ رھن ٿيون، جنھن ڪري ھو پنھنجي غلاماڻي زندگي مان ڪجھه گھڙيون چورائي ان ڪوڙي مرد جي آسرن تي اچي سندس آغوش ۾ ھليون وڃن ٿيون جنھن جي سچائي ھميشه سوال نشان بڻيل ھوندي آھي.“ ھڪ ھيڊ مسٽريس ٻڌايو. ھونئن ته ڪنھنجي ڪنھن سان به اک اڙجي سگھي ٿي پر ٻنين جي مزدوري ڪندڙ ۽ اڻ پڙھيل عورتن کان وٺي وڏ گھراڻين تان اھو معاملو ڪجھه مقرر ٿيل معيارن پٽاندر به ٿئي ٿو. ”ڪنھن به حملي جو آساني سان شڪار ٿي سگھجندڙ ۽ غير محفوظ عورت ھميشه ان مرد سان عشق ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي جنھن جو تصور طاقتور ھجي ٿو“ لطيف يونيورسٽي جي پروفيسر ٻڌايو. ھو چوي ٿو اھو ئي سبب آھي جڳ ملھه، چور يا ڌاڙيل ۽ ظالم وڏيرا اھڙين عورتن جا آئيڊيل عاشق رھيا آھن. ڪنڌڪوٽ ڀرسان ھڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي ڌيءُ شايد ان ڪري ئي نئين اسرندڙ ڌاڙيل سان وڃي سنگت رکي ھئي جو ھن مقامي پوليس جي ڪمائپ سبب سندس ڳوٺ ۾ ڇوڪري چواڻي واردات ڪئي ھئي، پر عاشقي جي تازي لپيٽ ۾ تازو آيل نوجوان ٻڌائين ٿا ھاڻي ٽرينڊ تبديل ٿيا آھن ۽ انھن مڙس ماڻھو ٽائيپ مجنوئن جي جاءِ اچي عطائي ڊاڪٽرن، سيکڙاٽ ڳائڻن، ماسترن ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن ورتي آھي. ”اڳي ملاقات ڏاڍي ڏکي مھانگي پوندي ھئي يا ته سيوھڻ يا گاجي شاه تي وڃڻو پوندو ھو پر ھاڻي آساني سان پنھنجي ڪلينڪ تي ٿي وڃي ٿي“ ميھڙ لڳ ھڪ عطائي ڊاڪٽر ٻڌايو جيڪو ننڍي لاء رنگ جو ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪمپائونڊر ٿي ويو. دادو ضلعي جي ھڪ درگاه (جيڪا اھڙن عشق ھلائيندڙن جي مک ميٽنگ پوائنٽ آھي) سميت مختلف درگاھن تي ڳوٺان آيل سوالي عورتون پنھنجي عاشقن کي وقت ڏئي اچي چار راتيون يا ست راتيون رھنديون آھن. درگاه جي آسپاس مسواڙي جاين ۾ رھڻ دؤران ھو پنھنجي من جي مراد پوري ڪري وٺن ٿيون ۽ دنيا کي ڏيکارڻ خاطر پڙھيل ڌاڳا، پڙھيل مٽي، ڳانا، والا ۽ ڪنگڻ پائي واپس ڳوٺ پھچن ٿيون.
    ڪنگن جي لڙاٽيل پاڻيءَ جھڙين انھن پيار ڪھاڻين دؤران عورتن جي اڪثريت ھڪ وقت ھڪ ئي مرد سان پيار ڪري ٿي، جڏھن ته مردن جي اڪثريت ھڪ ئي وقت ٽي چار افيئر ھلائڻ جي موڊ ۾ رھي ٿي. ”جيتوڻيڪ ٻنھي جو مقصد ساڳيو ئي ھجي ٿو پر عورت پوءِ به وفادار رھي ٿي، مرد رولو ڪتو ٿي پوي ٿو.“ نصير آباد جو ھڪ اڳوڻو ھيڊماستر ۽ پاڻ کي عشق تائين محدود رکندڙ جھونو چوي ٿو. عشق جو ھي پورو جھان وڏي رازداري (جنھن کي اوپن سيڪرٽ چئي سگھجي ٿو) سان ھلي ٿو جنھن ۾ جيڪڏھن ڪا ڳالھه کلي پوي ته وڏي خواري ۽ ذلت ھميشه عورت جي ئي حصي ۾ اچي ٿي. شايد انڪري ئي عورتون ھميشه ھڪٻئي جي بھتر رازدار رھن ٿيون۽ ھڪٻئي جي محبت ڪامياب ڪرڻ ۾ پڻ سھڪار ڪن ٿيون. ھو نياپا ۽ سوکڙيون امانت سمجھي ھڪ ٻئي تائين پھچائين ٿيون ۽ ملاقاتن دوران پھريدار ٿي بيھن ٿيون ”مان ھميشه ھنن جي مال واري واڙي ڀرسان پيل پلال ۾ ملاقات لاءِ ويندو آھيان جتي ھو اڳواٽ ئي موڪليل ننڊ جو گوريون ته سڀني (گھرڀاتين) کي پياري ڇڏيندي آھي پوءِ به خوف خطري کان سندس ڀاڄائي بچائيندي آھي. جيڪا اسان تي پھرو ڏيندي آھي“ شاھ ٻيلي جي ھڪ چور عاشق ٻڌايو ”ڪڏھن به اسان پڪڙجي نه سگھيا آھيون“ اھڙيون عورتون يا ته پنھنجي يارن کي گھر اندر ئي رات جو گھرائينديون آھن يا وري ڳوٺ کان پري وڃي ملاقات ڪنديون آھن. جوھي وارا ان عورت جو به قصو ٻڌائين ٿا، جيڪا مرداڻو ويس ڪري پٽڪو ٻڌي ۽ ڪھاڙي ھٿ ۾ کڻي ڳوٺان نڪرندي ھئي ۽ ٻه ميل پري ويٺل پنھنجي محبوب سان ملڻ لاءِ رستي ۾ ڪنھن به رڪاوٽ جو ھوءَ مڙسي سان مقابلو ڪندي ھئي. ”اڄڪلھه عاشقي ٿي پئي آھي سولي نه ته اڳي وڏا ڪشالا ڪرڻا پوندا ھئا“ غوثبور جي ھڪ جھوني ٻڌايو. گھڻي وفا اھڙين پيار ڪھاڻين ۾ جيئن ته عورتن طرفان ٿئي ٿي انڪري ھو پنھنجي مردن (عاشق) کي ملاقات وقت مختلف طعام به کارائينديون آھن. اھڙا طعام انھين ڊگھين ملاقاتن دؤران آندا وڃن ٿا. جيڪي ڳوٺ يا گھر کان ٻاھر ٿينديون ھجن. انھن کاڌن ۾ ڀُڳل بسري، مڇي يا ڪجھه ٻيون شيون ھجن ٿيون ”اسان ھن ڳوٺ کان ٻاھران واري ڪمند ۾ ملندا ھئاسين ۽ ھوءَ ان رات مڇي پلي ۽ چانورن جي ماني پچائي کڻي ايندي ھئي.“ ڀان سيد آباد جو اڌڙوٽ ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌائي ٿو. ھو مختلف عورتن سان ڪامياب افيئرز جي تجربي آڌار ٻڌائي ٿو ”کاڌ خوراڪ جو خيال خوشحال گھراڻن واريون عورتون رکنديون آھن. باقي ته خرچ کائڻ جي چڪر ۾ ھونديون آھن، جنھنجي دل سچي ھجي اھا ڀلي غريب ھجي يا امير اھا پنھنجي يار جو گھڻو خيال رکندي آھي باقي گھڻيون ته اجايو پيسا کائي وينديون آھن.“ دوڙ جي ھڪ ميڊيم سائيز سياسي ڪارڪن ٻڌايو. ڳوٺاڻي عشق جي پنھنجي ھڪ الڳ ٽرمنالاجي ٿئي ٿي، انھن جا پنھنجا ڪوڊ ورڊ ٿين ٿا پنھنجي دل ھٿان مجبور ٿي ھڪ نوجوان عاشق، محبوبا جي ننڍي ڀيڻ کي اھو نياپو ڏنو ته ”چئجانس گاھ سڪي ويو آھي پاڻي اچي پيار“ جنھن جو ھن اھو مطلب ٻڌايو ته ساھ سڪي ٿو اچي ملاقات (پيار) ڪريو. يا جڏھن عورتن جي مائٽن پھچي وڃڻ جي خوف کان ملاقات، اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي آيل عاشق کي ان عورت جو اھو نياپو مليو ته ”لک شابسون تنھنجي ياري کي“ ته ھن ان جو ترجمو لک لعنتون تنھنجي نينھن نباھڻ کي ڪري ورتو ۽ نياپو آڻيندڙ اڳيان شرمندو ٿي ويو. اھا خبر ناھي ته اڃان به ٻھراڙين جا نوجوان پنھنجي محبوبائن کان سينڌ تي ھٿ رکرائي وعدا وٺن ٿا يا نه، پر اھو پتو ضرور پوي ٿو ته ميڊيا، چيزل شاھ جي ڏاچين جيان ھيڏانھن ھوڏانھن ڦرندڙ پريم ڪھاڻين ۾ تبديليون ضرور آنديون آھن. ھاڻي تحفن جي تلاش ۾ عجيب فرمائشون به ٿين ٿيون ”ڪلين شيو ته مان پنھنجي مرضي سان ٿيس پر پينٽ پائڻ جي فرمائش ھن ڪئي“ قمبر جو يارھين جماعت وارو شاگرد چوي ٿو، جنھنجي ڀرسان واري ڳوٺ ۾ رھندڙ ڇوڪريءَ سان ڪنھن شادي ۾ اچي سنگت ٿي وئي ھئي.
    ھي علائقا جيڪي مختلف برادرين جي تڪرارن کان پوءِ ٻي ڌر لاءِ ايستائين جو پوليس لاءِ به نوگو ايريا ٿين ٿا، جتي ھر شئي ۽ ھر چر پر ڄڻ ته ممنوع ھجي ٿي پر پيار اتي به پنھنجا رستا ٺاھي وٺي ٿو. پيار ڪرڻ جي نتيجن وارين خطرناڪ ڪھاڻين جي بار بار ورجاءِ کان پوءِ به پيار ڪيو ٿو وڃي. آخر ڇو؟ ان سوال جو جواب سوشيالوجي جي ھڪ شاگرد ته انساني فطرت ٻڌايو پر وارھ جي ڪارا ڪپڙا پھريل ان اڳوڻي چور ۽ ھاڻوڪي سگھڙ (جنھنجي محبوبا کي ڪاري ڪري ماريو ويو ھئو) ٻڌايو ته ”ھي ته سر هي بازي آھي صاحب! سر جو سانگو لاھڻ کان پوءِ ئي ھيءَ منزل ملي ٿي ته باقي دنيا جي ڪھڙي پرواھ ! جيڪو ڊڄندو اھو ھن گھيڙ ۾ نٿو گھڙي سگھي“ جيڪڏھن ڪير پيار جو ڏوھ ڪندي ٿڏي تي ئي پڪڙجي پوي ٿو ته پوءِ انھن جو ڪيس ملٽري ڪورٽن کان به تيز رفتاري سان ھلايو وڃي ٿو. سسيون ڌڙن کان ڌار ٿين ٿيون. ڪجھه ڏينھن آسپاس افسوس ۽ نراسائي رھي ٿي وري ملاقاتن جا سلسلا شروع ٿين ٿا ۽ ملاقاتن ۾ سرٻاٽ ٿين ٿا ”فلاڻي کي ماري ڇڏيائون... نصيب چڱو ھئس محبت ۾ مئي... پاڻ پڪڙجي پئون ته؟... وڌ ۾ وڌ ماري ڇڏيندا ٻيو ڇا ڪندا؟“ ھو اھڙيءَ طرح موت کان ئي محبت هڳ سفر شروع ڪن ٿا ۽ موت کي بي معنى بڻائي محبت جي معنى سمجھائيندا وڃن ٿا. انھن نينھن نھوڙيل جون ڪھاڻيون اڃان تائين جاري آھن ۽ اھي انتھائي دشمناڻي ماحول ۾ به پنھنجي محبت ڪرڻ واري حق تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناھن.
    ”اھا چوڏھين جي رات ھئي جڏھن ڪشمور لڳ ڀاڳان پنھنجي نئين پرڻيل مڙس کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي ڳوٺ ٻاھران جنگ ۾ ويٺل پنھنجي پرديسي محبوب سان ملڻ لاءِ نڪري پئي ھئي. ھن جون اکيون ٺري پيل رات مٿان ھاريل چانڊوڪيءَ جو حسن پسڻ بدران محبوب کي ڏسڻ لاءِ آتيون ھيون. سندس پويان ئي اڌ ننڊ اڌ جاڳ وارو مڙس پنھنجي ٻن سئوٽن کي ساڻ ڪري اچي ان جاءِ پھتو جتي ھو پھرئين ڀاڪر وارو پيار ونڊي رھيا ھئا. ڪھاڙيون اڀيون ٿيڻ کان اڳ ئي ڀاڳان ان پيڪاڻي پار کان آيل پرديسيءَ کي ڀڄائي ڇڏيو. ڀاڳان جي مڙس ۽ سئوٽن ڪھاڙين جا پاھا ھڻي سندس ھڏگڏ ڀڃي ڇڏيو. ھوءَ ملاقات جي سڪ ۾ جيڪو ڳاڙھو رئو پائي آئي ھئي ان سان سندس ميندي لڳل ھٿ ۽ پير ٻڌا ويا. رئي مٿان پاتل اجرڪ سندس ڳچيءَ ۾ ڦاھوڪري وجھي جڏھن ٻنھي طرفن کان ڇڪيو ويو ته ڀاڳان چانديءَ ۽ محبوب ڏسڻ کان پري ھلي ويئي. ٽنھي ڄڻن اھو لاش کڻي اچي ڀرسان واري ڪئنال ۾ اڇليو. جنھن جي وچئين ريگيوليٽر وٽ ويٺل ماڻھن جڏھن منجھند جو ھڪ نوجوان ۽ حسين ڇوڪريءَ جو ھٿ پير ٻڌل لڙھي آيل لاش ڏٺو ته ھو حيران گھٽ ۽ پوليس جي خوف کان پريشان وڌيڪ ٿي ويا. ھنن اھو لاش در کولي اڳتي روانو ڪري ڇڏيو. اھا سزا آھي ٻھراڙين ۾ محبت جي جيڪا گھڻو ڪري عورتن کي ئي ملي ٿي ان جي باوجود ھو دنيا جي نظرن ۾ ناپاڪ ۽ ناجائز بڻيل رشتو نباھڻ لاءِ ھر حد پار ڪري وڃن ٿيون.“
    شاھ ٻيلي ۾ جڏھن ھڪ خوبصورت ڇوڪري پنھنجي سئوٽ سان نه ٺھي ته ھن مٿس ڪارنھن جو الزام ھڻي ڇڏيو. شاھ ٻيلي ۾ ڪارين کي ڪھڻ واري رسم اڃان تائين نباھي وڃي ٿي. جڏھن ھن ڇوڪريءَ کي ڪھڻ واري مقرر تاريخ آئي ته کيس سينگاري گھر جي اڱڻ ۾ کٽ تي سمھاريو ويو ۽ سندس پيءُ نه ھجڻ ۽ ڀاءُ ننڍو ھجڻ ڪري ان ئي سئوٽ کي کيس ڪھڻ جو ڪم سونپيو ويو پر ڇوڪريءَ پنھنجي آخري خواھش اھا ٻڌائي ته ”ھي پاڻ اڇو ناھي مان ھٿان مرڻ نه قبوليندس. ڪھڻو ئي اٿو ته منھنجي ننڍي (معصوم) ڀاءُ کي ڪاتي ڏيو اھو ڀلي ڪھي.“ ۽ اھا رسم ان معصوم کي نباھي پئي. پوري شڪارپور ضلعي اندر اھڙيون ڪئي ڪھاڻيون پکڙيون پيون آھن ته ڪيئن ڪارين کي ماريو ويندو آھي. ھو چڪ وارا نوجوان ٻڌائين ٿا ته پيار ڪرڻ جي جرم ۾ ڪاري قرار ڏنل عورت کي ماريو ويندو آھي. ھو چڪ وارا نوجوان ٻڌائين ٿا ته پيار ڪرڻ جي جرم ۾ ڪاري قرار ڏنل عورت کي جڏھن ڪاريءَ طور پڌرو (ڊڪليئر) ڪندا آھن ته کيس پنھنجن ڏانھن ھفتو کن سڪ لاھڻ لاءِ موڪليندا آھن ته ڀلي سندس سھيليون ۽ مائٽياڻيون ان مان پنھنجي سڪ پوري ڪري وٺن، ان دؤران سندس ھر خواھش ڦاھي چڙھندڙ قيدي جي آخري خواھش جيان پوري ڪئي ويندي آھي سواءِ محبوب سان ملڻ واري خواھش جي. کيس سٺا ڪپڙا پارائي ڀلا طعام کارائي آخري ڏينھن تي پنھنجي ويجھي مرد (مڙس، ڀاءُ يا پيءُ) ھٿان ڪھاڙي سان ماريو ويندو آھي. ھو ٻڌائين ٿا ته اھڙيون ڪاريون مارڻ لاءِ اڳي مخصوص جلد مقرر ٿيل ھوندو ھو جيڪو ھاڻي لکيءَ ۾ واندڪائي جا ڏينھن گذاري رھيو آھي. ”مقرر جلاد کي ته واندڪائي مليل آھي پر ھاڻي مرد پاڻي جلاد ٿي ويو آھي“ چڪ جو ڊرائينگ ٽيچر ۽ آرٽسٽ چوي ٿو ”محبت ۾ ڪيڏو نه ٻٽو معيار ھلندو ٿو اچي. اھي مرد پنھنجي عورتن کي ڪاري سڏي مارين ٿا جيڪي پاڻ ھڪ ئي وقت ٻن ٽن عورتن سان پيچن ۾ پورا آھن“ ھھڙن علائقن ۾ عورت جي زندگي مرد جي منشا تي ھجي ٿي ھو کيس ڪنھن سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي به اکيون پوري سگھي ٿو ۽ ڪٿي قبر سان ڪاري قرار ڏئي به کيس ماري سگھي ٿو. ھڪ ماستر ٻڌائي ٿو ته ڪنھن مائٽ جي گھر وڃي جيڪڏھن ڪنھن ڇوڪريءَ يا عورت سان ھٿ ملائيندي ھن ڪو رشتو نه سڏيو (ادي، ڀيڻ، امڙ جھڙو) يعني گونگو ھٿ ڏنو ته اھو به ڪارو ھوندو ۽ ڇوڪري به ڪاري، جڏھن ته ھن اھڙو مثال به ٻڌايو ته “ڪنھن شخص قبرستان ۾ وڃي تازو گذاري ويل عورت جي قبر مٿان قل بخشيا ته ان مري ويل عورت جي مڙس کيس قبر سان ڪارو قرار ڏئي مارڻ جو اعلان ڪيو“ عشق جي گھٽي ھتي ڏاڍي سوڙھي بڻيل آھي جتان سر ۽ ساھ جو سانگو لاھي ھلڻو پوي ٿو. ان گھٽي ۾ مردن جي اڪثريت سدائين پوئتي ھٽي ٿي ”مونکي خطرو ته اڳي ئي ھو ته ڏنگي ذات وارا آھن پر ھن ضد ڪيو ته گھر ۾ ئي اچ“ مدئجي وارو عطائي ڊاڪٽر ٻڌائي ٿو. اسان به اڃان ويٺاسين ته ھن جو مڙس ڪھاڙي کڻي اچي مٿان بيٺو. ھوءَ سائين مڙس ماڻھو ھئي مڙس کي ڀاڪر ۾ جھلي مون کي چيائين ڀڄ ۽ مان خدا جا شڪر ڪري جو ڀڳس ته وري نه ويس پوءِ خبر پئي ته کيس اتي ئي ڪھاڙيون ھڻي مڙس ماري ڇڏيو ھو“ ھن کي ڄڻ ته ان جي موت جو ڪو افسوس نه ھو. جيستائين فيصلي ۾ ڪاريون ثابت ٿين تيستائين انھن عورتن کي سردارن جي ڪوٽن اندر ٻانھيءَ طور رکيو وڃي ٿو. ڪوٽن اندر اڪثر سرداري گھراڻن جا ٻار انھن سان کيڏڻ ۾ ڪو حرج ناھن سمجھندا. اڳوڻو ھيڊماستر چوي ٿو اھي ئي عورتون جن کي پنھنجي پسند تي پيار ڪرڻ جي سزا ڏني وئي ھئي، انھن کي سردارن جا ٻالڪا تعلقات رکڻ تي مجبور ڪندا آھن ۽ انھن ٻالڪن لاءِ ڪي سزائون ناھن ھونديون، اھي ڪارين جي ڪوٽن ۾ رھنديون آھن ۽ ٻانھيون ٿي حويلين ۾ ڪم ڪن ٿيون. چون ٿا ته ڪجھه سال اڳ گھوٽڪي ضلعي ۾ ڪارين جي ڪوٽ مان ڪجھه سرڪش عورتن ڏاڪڻين ۽ رسين جي مدد سان فرار ٿي ويون ھيون. سردارن جي تلاش جي باوجود ھو اڃا تائين نه ملي سگھيون آھن. ”ڪارين جا قتل اڄڪلھه گھٽ ٿين ٿا. عيوضا ورتا وڃن ٿا“ شھدادڪوٽ جو نوجوان ٻڌائي ٿو ته ھو اڃا تائين ان ارمان ۾ آھي ته پنھنجي محبوبه کي ھن مائٽن جي ڇاپي پوڻ وقت اڪيلو ڇو ڇڏيو. ھو چوي ٿو ته ”اھا عيد جي رات ھئي ۽ ھو منھنجي لاءِ مٺيون سيون کڻي آئي ھئي. پر اوطاق جي ٻاھران ئي سندس مائٽ اچي ويا جن کي ڏسي مان ڀڄي ويس پوءِ ان کي مارڪٽ ڪري پرڻائي ڇڏيائون ۽ مونکان ستر ھزار روپيا ڏنڊ طور ڀرائي ورتائون.“ ماڻھو بدناميءَ ۽ ٻين ڏچن کان بچڻ لاءِ به ھاڻي قتل نٿا ڪن. جيڪڏھن ڪنھن کي ڏسي وٺن ٿا ته ٿڪ چنبو ڪري ڇڏي ڏين ٿا. ”ڪنڊياري جو ننڍو زميندار ٻڌائي ٿو، زميندار جي ھلڪي ڦلڪي مار وارو مفھوم جڏھن ھڪ نوجوان عاشق سمجھائي ٿو ته قصو ڪجھه ٻيو بڻجي وڃي ٿو پنھنجي افيئر جي زبردستي ٿيل خاتمي کان پوءِ شھر بدر ٿي ڪراچي ويل نوجوان ٻڌائي ٿو ”جڏھن ڳالھه کلي ته ھنن (ڇوڪريءَ جي مائٽن) مون کي ڌمڪيون ڏياري موڪليون پر ھن کي ڪمري ۾ ھڪ ھفتي تائين بند ڪري کيس مار ڏيندا رھيا ۽ اڃيو بکيو رکيائون. ھو اڃا به ان جي ياد ۾ ڳوڙھا ڳاڙي چوي ٿو ته ھن کي ھڪ ڌڪ سان ڀلي ماري ڇڏين ھا، پر ائين اڌ مئو ته نه ڪنس ھا. ”ھڪ مرد پاران ٻي ذات جي عورت سان محبت ڪرڻ جي قيمت ته پريالوءِ ٿاڻي پويان ويٺل انھن ھڪ ئي ذات جي ڏھن گھرن کي به ڏيڻي پئي ھئي جڏھن ٻي ڌر وارن سندس برادري جي عورتن جي اجتماعي اغوا ڪري ٻانھن موٽائڻ جو زور ڀريو. خيرپور شھر ۾ به ھڪ برادريءَ جي ويٺل ماڻھن کي بنا ھٿيارن جي ويل ماڻھن ڪڙو کڙڪائي رڳو اھو چيو ته اسان فلاني ذات وارا آھيون ٻاھر ويگن بيٺي آھي پنھنجا ٻار ٻچا وٺي ھلي ان ۾ ويھو ۽ ظاھر اھي انھن جا حڪم مڃڻ کان سواءِ ھنن وٽ ڪو چارو ڪونه ھو. اھا عورت ته موٽي آئي پر متاثر ڌر کي خيرپور ضلعو ئي ڇڏڻو پيو. ھاڻي ھو شھدادپور ۾ ھڪ پوليس آفيسر جي زمين تي ڪم ڪن ٿا.
    بھراڙين جا جھونا جڏھن پنھنجي رات وارين ڪچھرين ۾ ان ڳالھه تي افسوس ڪن ٿا ته ملڪ مان غيرت موڪلائي وئي آھي يا بيحائي وڌي وئي آ ته ڄڻ ھو پنھنجي شڪست مڃي ويھن ٿا، ھنن عمر ڳاڙي ڇڏي پر پيار جي پيرن ۾ پاک (زنجير) نه وجھي سگھيا. راتيون اونداھيون ھجن يا چانڊوڪيون، عشق جي آڳ وارا انھن پوڙھن کي ڪاٺين جي باھ تي افسوس سان ھٿ سيڪڻ لاءِ ڇڏي ھڪٻئي سان ملڻ لاءِ نڪري پون ٿا. جيتوڻيڪ سندن ان جرم جي سزا وقت گذرڻ سان گڏ ڪجھه گھٽ ٿي آھي پر موت جو پاڇو اڃان مٿانئن ٽريو ناھي.


    گھران ڀڄي نڪتل ڇوڪرين جي ڪھاڻي

    اخبارن جا فرنٽ پيج ڀلي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ يا افغانستان ۽ سوڊان مٿان آمريڪي حملن يا ڪالاباغ ڊيم خلاف نڪرندڙ جلوسن ۽ ڌرڻن وارين خبرون ۽ فوٽن سان ڀريا پيا ھجن پر اندرين صفحن ۾ ھڪ مخصوص جاءِ تي اوھان کي گھران ٽن ڪپڙن ۾ نڪتل ڇوڪري/عورت جو فوٽو ۽ اھي رٽيل جملا ضرور نظر ايندا ته ”نه ڪنھن ورغلايو آھي نه ڪنھن ڀڄايو آھي، مان عاقل بالغ وات وڪيل آھيان، بنا ڪنھن نشو واپرائڻ جي سالم دماغ سان چوان ٿي ته منھنجي پيءُ لالچي قسم جو ماڻھو آھي. ماءُ پاڙي ۾ سٺي ساک رکندڙ ناھي، ھو پيس عيوض ھڪ ڪراڙي شخص سان منھنجي شادي زبردستي ڪرائي رھيا ھئا. تنھنڪري مان ٽن ڪپڙن ۾ فلاڻي خان سان گھران نڪتي آھيان ۽ ساڻس شادي ڪري رھي آھيان.“ پر ھو جيڪو المرتضى ھائوس لاڙڪاڻي اڳيان بريانيءَ جو پڙھو ھڻندو آھي، ان جي ميٽرڪ پاس ڌيءُ ته وٽس ھزار روپيا پگھار تي ڪم ڪندڙ نوڪر سان ھلي وئي ھئي. ”ھن نمڪ حرام منھنجي معصوم ڌيءُ کي اغوا ڪيو آھي. جيڪڏھن ٻنھي ۾ ڪو پيار ھو ته مون کي ٻڌائين ھا مان سندن شادي ڪرائي ڇڏيان ھا“ ٽن ڏينھن کان بکيو رھي به ڌيءُ کي ڳوليندڙ ان شخص ٻڌايو ھو ۽ پنھنجي ڌيءُ کي معصوم سڏيو ھو. ڇا ھو واقعي لالچي ھو؟ آءُ حيران ھئس ته ھو جيئرو ڪيئن ھو. جڏھن ته سندس ڌيءُ پاران ڏنل قسم نامي ۾ ته ھو فوت ٿي چڪو ھو ۽ سندس بيواھ ماءُ بدڪردار ٿي پئي ھئي. ”خبر ناھي اھا حوس آھي يا پيار جو انڌ، جو اولاد پنھنجي والدين کي سرعام لوئي رھيو آھي، جن جي اوجاڳن ۽ ڪٽيل ڪشالن جو ھڪ به احسان ھو لاھي نٿا سگھن“ ھڪ ريٽائرڊ ماستر چيو. بدين جي ان مئٽرڪ پاس نوجوان کي ڪيئن وسارجي جيڪو بيماري جي بستري تي پيل ماءُ کي ڇڏي پنھنجي محبوبا سان فرار ٿي ويو ھو. ڇا ھو ڇوڪرين يا عورتن پاران ڪنھن ٻئي سان فرار ٿي وڃڻ کان پوءِ ٿئي ٿو. نصير آباد ۾ ھاڻي به اھو نوجوان اچي ٻيڙين جي ڀانڊي تي ويھي ٿو جنھن سان پيار جي شادي ڪندڙ عورت پوءِ ڪنھن صوبيدار سان فرار ٿي ويئي ھئي. ان عورت ھن کان سندن پھريون پيار، سياست ۽ دوست به ڇڏائي ڇڏيا ھئا. سندس دوستن ته ڪوٽڙي ۾ وڃي ان صوبيدار جي گھر جو ڪڙو کڙڪائي ان عورت کي ست سريون ٻڌايون ھيون پر ھاڻي به پينسل سان ٺاھيل اسڪيچ کي ڏسي خاموشيءَ سان پن جي ٻيڙي پيئندڙ ۽ ”تم ھي وه حسين ھو“ وارو گانو ٻڌندو آھي.
    ”اسان جا گھر افراتفري جو شڪار آھن جنھن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي ھر گھڙي تذليل ٿئي ٿي، اھي واقعا ان جو نتيجو آھن“ سماجيات پڙھائيندڙ ھڪ استاد چوي ٿو. ”ڇا سنڌ جي ڪنھن سماجي سائنس جي ماھر يا اداري ڪڏھن ان تي تحقيق ڪئي آھي ته آخر ھي واقعا ٿين ڇو ٿا؟ “ سنڌ جي سماجي حالتن تي نظر رکندڙ ھڪ سياسي ڪارڪن پڇيو. ڇا اھو سڀ ڪجھه پيار ۾ ٿئي ٿو؟ جيڪڏھن ائين آھي ته پوءِ پنھنجي مرضيءَ سان گھران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري نوابشاھ واري ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چڙھندڙ ڇوڪري جھمپير کان اڳيان اچي ڍنڍڪرون ڏئي ڇو رني ھئي. سانوڻ جي اھا چانڊوڪي رات مون کان اڃان نه ٿي وسري جڏھن ٽرين جي دٻي ۾ فرش تي ويٺل ان ڇوڪريءَ گھٻرائجي پنھنجي ساٿي کي ٻانھن کان پڪڙيندي چيو ھو: ”مونکي گھر وٺي ھل، مونکي ڊڄ ٿو ٿئي“ پوءِ ھو روئي روئي اچي ڪينٽ تي لٿي ھئي. ٽن ڪپڙن ۾ گھران صرف پيار جي شاديءَ واري خواھش رکندڙ ڇوڪريون، عورتون نٿيون نڪرن پر اھي به نڪرن ٿيون جن لاءِ پنھنجا گھر دوزخ جا درياھ يا قبر جيان ساھ ٻوساٽيندڙ ٿي پيا آھن. ”مون کي ڀلي جيل موڪليو يا مارائي ڇڏيو پر ان ظالم جي گھر نه موٽنديس.“ مڙس جي موچڙن کان تنگ ٿي درالامان آيل عورت کي جڏھن درالامان وارا به ڪڍي رھيا ھئا ته ھن کين ايلازيندي چيو ھو. ھن کين ٻڌايو ھو ته شڪ جي بنياد تي سندس ايذاءُ پسند مڙس کيس روز ايذاءُ ڏيندو ھو، جنھن کان تنگ ٿي ھن خودڪشيءَ جي ڪوشش به ڪئي پر سندس جان بچي وئي. ھاڻي کيس دارلامان ۾ ئي رکيو وڃي. ”اسان وٽ جيڪڏھن دارلامان به ھڪ ٻيو جيل ۽ ڌنڌوڙي آفيسرياڻين جو اڏو بڻيل نه ھجي ته دارلامان جون آباديون ٽيڻ تي وڌي سگھن ٿيون.“ ھڪ صحافيءَ ٻڌايو. جھالت ۽ معاشي دارو مدار مردن تي ھجڻ ڪري به ائين ٿئي ٿو نه ته لاڙڪاڻي واري ڊاڪٽر جي اھا زال به اڄ ڪنھن دارلامان جي ڪنڊ ۾ ويٺل ھجي ھا جنھن کي ھن مارڻ پئي چاھيو. ڊاڪٽر کي پاڻ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ ذھين زال مٿان ھميشه شڪ ھوندو ھو. جڏھن کين نياڻي ڄائي ته ان ڊاڪٽر ڇري کڻي اھو چئي ته ھيءَ حرام مان ڄاول آھي منھنجي ڌيءُ ناھي. ان نياڻي کي ڪھڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس ماءُ ٻارڙي سميت جان بچائي گھران نڪري وئي ۽ ھاڻي نوڪري ڪري عزت سان آزاد زندگي گذاري رھي آھي. پر ڳڙھي خيرو جي اھا اڻ پڙھيل ۽ حسين ڇوڪري ھاڻي ڪيڏانھن وڃي جنھن جي ڀائرن کي مٿس ڪارنھن جي پڪ ٿي وئي آھي. ھوءَ رھي ته دارلامان ۾ ٿي پر اھو به کيس غير محفوظ محسوس ٿئي ٿو. ھوءَ مجبوري ۾ گھران ته نڪري آئي پر ھاڻي وٽس ڪيڏانھن وڃڻ جو رستو ناھي. ”گھر، جتي ماڻھو پنھنجي ڳالھه آساني سان نه چئي سگھي، جتي ھر ڳالھه جو مطلب غلط ورتو وڃي. گھٽ اھميت ملي ۽ آواز کي گھٽيو وڃي ته اھڙي گھر ۾ رھڻ مان ڇا فائدو.“ گھڻو وقت ھاسٽلن ۾ رھندڙ ھڪ ڇوڪري چيو. ”اسان ناچ سکڻ يا بڪني پائي بيچ تي پڪنڪ جي اجازت ته نٿيون گھرون پر زندگي جنھن جيلر (مڙس) سان گذارڻي آھي ان کي ته پسند ڪرڻ جو حق ڏيو“ ھوءَ طنز مان چوي ٿي.
    پڙھيل لکيل ڇوڪريون ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان پنھنجي اندر جو آواز ڪڍي وجھن ٿيون، جيئن ھوءَ ڪراچي واري امينه فاروق جنھن گھٽ ٻوسٽ کان بچڻ لاءِ جيڪو ڪجھه لکيو سو شاعري ٿي پيو. ھوءَ ٻارنھن سالن تائين برطانيا ۾ رھي جنھن کان پوءِ سندس مائٽن ڪراچي اچي وسائي ته ھتان جو ماحول امينا کي ڏاڍو گھٽيل لڳو جنھن جي دانھن ھن پنھنجي مائٽن سان ڪرڻ چاھي پر کيس سٺي موٽ نه ملي، پوءِ ھن پنھنجي ماءُ کي ھڪ رات ويھي خط لکيو، جيڪو نظم بڻجي ويو. ھاڻي سندس پھريون شعري مجموعو لنڊن جي پبلشرن منرواءِ ايون وارن ڇپائڻ شروع ڪيو آھي. پر سنڌ ۾ پيءُ ماءُ کي اولاد پنھنجي معمولي خواھش به چئي نٿو سگھي. پوءِ ٽن ڪپڙن ۾ گھران نڪرڻ ۽ عاقل بالغ وات وڪيل ھجڻ واري فلم ھڪ دفعو وري شروع ٿي وڃي ٿي. ٽن ڪپڙن ۾ گھران نڪرندڙ ڇوڪرا ته بچي وڃن ٿا پر ڇوڪرين مان ڪي دارلامان جي ڪنڊ ۾ سڏڪن ٿيون ته ڪي ٽرين جي دٻي ۾ فرار جي پھرئين رات ئي گھٻرائجي روئي پون ٿيون. ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌ جي ان نسل تي آزادي ۽ شفقت واري تربيت جون ھوائون ئي نه گھليون آھن.


    انوکو پيار ۽ زماني جي روڪ ٽوڪ

    تازو جڏھن ھڪ پراڻي سياسي ڪارڪن جي پٽ پنھنجي گرل فرينڊ سان سندس مائٽن جي رضامنديءَ کان سواءِ وڃي ڪورٽ مئريج ڪئي ته ٻنھي فيملين کي ڪجھه مشڪلاتون سامھون اچي ويون ۽ اھو مسئلو رڳو ٻن خاندانن وچ ۾ ڳڻتين جو سبب نه بڻيو پر انھن سياسي ڪارڪنن ۽ مزدور اڳواڻن کي به ڳڻتيون ٿي پئيون، جيڪي پنھنجي ڪچھرين ۾ چيچنيا ۽ ڪشمير مسئلن تي ڳالھائيندي اڃا به آمريڪي سامراج تي لعنت موڪلين ٿا. ”ادا ڪامريڊ واري ڇوڪريءَ ته ڏجو ڪري وڌو، ھن عمر ۾ پيءُ لاءِ اھڙو مسئلو ڪري وڌائين جو ھمراھ چڪرن ۾ اچي ويو آھي.“ ھڪ پراڻي سرخي جي نندا ڪرڻ واري انداز ۾ ڪيل ڳالھه تي ھڪ جھونو مزدور اڳواڻ ڪاوڙجي کين ٽوڪي ٿو ته ”توھان سڄي عمر ترقي پسنديءَ جا راڳ ڳايا، ڪتاب لکيا ۽ شاعري ڪئي سا سڀ آخر ڇا جي لاءِ ھئي؟ ان ۾ عورت، مرد جي برابري ۽ آزادي جي ڳالھه نه ھئي ڇا؟ اھي سڀ ڀاشن ٻين لاءِ ھئا پر ھاڻي جڏھن توھان جي پنھنجي اولاد جو وارو آيو آھي ته توھان ڪميونسٽن مان ڦري رجعتي ڇو ٿي ويا آھيو.؟“ جھوني ڪامريڊ جي اھا ڳالھه في الحال نه ته انھن سياسي ڪارڪنن کي سمجھه ۾ اچي ٿي. جيڪي سماجي حالتون جيئن جو تيئن برقرار رکڻ جا حامي بڻجي ويا آھن ۽ اڄ جڏھن تبديليءَ جي ٻوڏ مدي خارج ريتن رسمن جي پورين ديوارن جي پاڙن تائين پھچي وئي آھي تڏھن ڪيترن ئي بظاھر دانشمند ماڻھن جي بحثن جو موضوع انھن مرضيءَ وارين شادين خلاف ٿي پيو آھي. ”اھڙن قصن کي وڌائي چڙھائي (پنھنجي اخبارن) ۾ پيش ڪرڻ سان توھان کي ڇا ٿو ملي؟ ڇا توھان چاھيو ٿا ته سڀني جون نياڻيون گھران ڀڄي وڃي شاديون ڪن، گند ڍڪيل رھي ٿو ته انھن کي ڍڪيل ئي رھڻ ڏيو. انھن کي صفا کولي نه ڇڏيو.“ لاڙڪاڻي جي ھڪ شھري سطح جي سينئر سياستڪار چيو، جنھن کي ھڪ صحافي دوست جي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه پئي آھي ته گھران ڀڄي شادي ڪرڻ جو ارادو ڪندڙ ڇوڪريون يا ڇوڪرا سنڌي اخبارن جو انتظار ڪونه ٿا ڪن اھي سندن افيئر کي ڪوريج ڏين ٿا ته ٺيڪ نه ته ھو پنھنجي مرضي سان شادي ڪرڻ وارو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيندا. ”منجھيل سماجي حالتن تي ڌيان ڏيڻ بدران ھو سنڌي پرنٽ ميڊيا تي ڪاوڙجن ٿا ڄڻ ته اھي معاملا ڪوريج نه ڏيڻ کان پوءِ رڪجي ويندا، ٻيو ته اخبارون گھر جا سڀ ڀاتي مشڪل سان ئي پڙھندا ھوندا پر گھرن ۾ لڳل ڊش، وي سي آر ۽ ڪيبلز تي سمورا ڀاتي خاص ڪري نوجوان شوق سان ڏسن ٿا. انھن ۾ ڇا ڏيکاريو ويندو آھي؟ ڇا اھو سڌو ۽ اثرائتو نياپو نه ھوندو آھي؟ جڏھن ڪو شاھ رخ ڪنھن ماڌوري کي ھر ٻي فلم دوران گھران ڀڄائي ويندو آھي.“ ھو تلخ ٿي چوي ٿو.
    سنڌي اخبارن تي ان نوعيت جي تنقيد شايد اڳ ۾ نه ٿي ھجي، جنھن ۾ ڪجھه پڙھندڙ ۽ اخبارون ھڪ پاسي ھجن ۽ پڙھندڙن جي گھڻائي ٻئي پاسي ۽ معاملو به سنڌي سماج جي مقدس ڳئون بڻيل ريتن رسمن بابت ھجي. ”پسند يا مرضي واري شادي جي ته مخالفت نه ٿي ڪري سگھجي پر اخبارون پريمي جوڙو، پريمي جوڙو ڪري جنھن انداز ۾ مھم ھلائڻ شروع ڪن ٿيون اھو مناسب نه آھي.“ لبرل خيالن واري ھڪ اديب چيو. جو اڻ سڌي طرح اھو به چوي ٿو ته جيڪڏھن ٽرمنالاجي تڪراري نه ھجي ته تنقيد به شايد ايڏي شديد نه ھجي. ھتي اھو ذڪر ڪرڻ اضافي نه ٿيندو ته ڪيترائي نوجوان ڪورٽ ميريج ڪرڻ کان اڳ ۾ اھا ڳالھه يقيني بڻائن ٿا ته سندن معاملو اخبارن تائين نه پھچي پر سلسلو ته تيستائين ھلندو رھندو جيستائين ڪنھن جي راءِ (پوءِ اھو ڇوڪرو ھجي يا ڇوڪري) جي احترام ڪرڻ جو رواج رائج نٿو ٿئي. پر اڄوڪي افراتفري واري دؤر ۾ والدين پنھنجي اولاد کان راءِ جھڙا ٻه لفظ به نه ٿا پڇن ۽ سڀ ماڻھو ننڍڙي شھر جي ان سبزي فروش جھڙا به ته شريف نه آھن جنھن لاءِ چون ٿا ته ھن پنھنجي ڌيءُ کان پڇيو ته پنھنجي مرضيءَ ۽ سامان (ڏاج) جي لسٽ لکي ڏي. سندس ڌيءُ اھي شيون لکي ڏيڻ بجاءِ کيس پنھنجي واتان ٻڌايون ۽ ان لکاپتي واپاري پنھنجي ڌيءُ قيمتي ڏاج سميت ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور حوالي ڪري ڇڏي.“
    سائين نياڻين جا (مرضي سان شادي ڪرڻ وارا) معاملا ڏينھون ڏينھن وڌندا ٿا وڃن. انھن جي باري ۾ ڪو اھڙو بيان نه ٿا لکو ته جيئن اھي پڙھي صبر ڪن ۽ پنھنجي پيءُ ماءُ تي ڪجھه رحم ڪن. خيرپورجي ھڪ معصوم طبيعت دڪاندار چيو. سندس اھا فرمائش (معصوم ئي سھي) ضرور پوري ڪجي ھا، جيڪڏھن موافق سماجي حالتون ھجن ھا. سنڌي سماج لاءِ ھن صدي جو شايد اھو وڏو سوال به ٿي سگھي ٿو ته ايڏي وڏي تعداد ۾ آخر ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پنھنجي گھرن مان ڀڄڻ ڇو ٿا چاھن؟ روزانو ٽن ڪپڙن ۾ نڪري اخباري ڌيان طلب ڪالمن جي زينت بڻجندڙ عورتون ان کان الڳ آھن. ”راجو جيڪو ڪرڻو اٿئي جلدي ڪري وٺ پر مون کي ھن قيد مان جلدي ڪڍي ھل ۽ ايترو پري وٺي ھل جتي ھن ظالم (پيءُ) جي نظر ئي نه پوي ۽ سندس ڇاڙتا پھچي نه سگھن. تون جلدي پاسپورٽ ٺھراءِ پاڻ انڊيا يا ايران ھليا وينداسين پر ڏس نڪرڻ کان اڳ ۾ سموريون تياريون مڪمل ھجن. گاڏين جو به انتظام ٿيل ھجي ائين نه ٿئي جو پنھنجي ارادن جي ڪنھن کي خبر پئجي وڃي ۽ پاڻ ٻئي ھميشه جي لاءِ جدا ٿي وڃون.“ اڌ رات جو آيل اھا چٺي ان بيروزگار نوجوان لاءِ ھئي جنھن جي محبوبا کي ھفتي اندر ٻئي ھنڌ پرائڻ جا سانباھا ٿي رھيا ھئا. ان نڪاح جي آڌار تي جنھن جي رسمي ”ھا“ سندس ماءُ ڪئي ھئي، ڇو ته ھوءَ بيھوش ھئي. اھا انٽر پاس چندا پنھنجي پيءُ جو اھو گھر جتي کيس سموريون آسائشون ميسر ھيون ان بيروزگار نوجوان لاءِ ڇڏڻ پئي چاھي (۽ شايد ڇڏي به وئي) جنھن وٽ پنھنجي ڪا دولت ڪونه ھئي.
    ھيٺيئن ۽ وچولي طبقي جون ڪجھه ڇوڪريون اڄڪلھه انھن معاملن ۾ اڳ ڀريون آھن جن کي ميڊيا پريمي جوڙي جو نالو ڏئي ڇڏيو آھي. ھو گھران نڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ ڇا کڻي نڪرن ٿيون؟ ھڪ پرس اندر پيل اڌوريون لپ اسٽڪ، نيل پالش ۽ زنانيون ضرورتون. ڪجھه ڪئسيٽون، ڪوڙا ڳچين جا ھار، ننڍڙا ھٿ وارا رومال ۽ ڪجھه ڪتاب. (جيڪڏھن کين پڙھڻ جو شوق آھي) پر ان مختصر سامان سان گڏ ھو گھر جو ڪيتريون ئي اڻ ڏٺيون خوشيون ساڻ کڻي وڃن ٿيون. ”پيءُ ماءُ جھڙو پيارو رشتو ٻيو ڪو به نه ھوندو آھي پر جڏھن زندگي جو مسئلو ھجي ۽ گھر ۾ ڳالھه نه سمجھي وڃي ڇا ٿو ڪري سگھجي؟“ تازو ڪراچي مان ڪورٽ مئريج ڪري آيل ھڪ ڇوڪري چيو، جنھن کي سندس مڙس جي مائٽن قبول ڪونه ڪيو ۽ ھاڻي تنگدستي واري زندگي گذاري رھيا آھن پر کين پنھنجي عمل تي ڪو پڇتاءُ نه آھي. داودو ضلعي جي ھڪ ننڍي شھر سان واسطو رکندڙ مئٽرڪ پاس ڇوڪري سان ڪيل تفصيلي ڳالھين کان پوءِ پتو پيو ته کيس گھران نڪري ڪراچي وڃي ڪورٽ مئريج ڪرڻ بابت ڪنھن اخبار ته ڪونه اڪسايو ھو پر ان گھرو زندگي مان ھوءَ بلڪل بيزار ٿي چڪي ھئي، جتي سندس ٻه ڀيڻون شادي جي نالي ۾ وڪرو ٿي چڪيون ھيون ۽ انھن پئسن مان سندس وڏي ڀاءُ ٻي شادي رچائي ڇڏي ھئي. سندس حياتي ڀائرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ھئي. ”مون کي ان ڪري خوف ٿيندو ھو جو منھنجي ننڍڙي ڀاءُ جا به ارادا ٺيڪ نه ھئا ۽ ھو ڀاڀي سان وڙھندو رھندو ھو، ڇو ته ٻئي پاڙي جي ماسترياڻي سان تعلقات وڌي ويا ھئا ۽ ھو ڀاڀي کي طلاق ڏيڻ جا بھانا ڳولي رھيو ھو، مون کي اھو خوف ٿيندو ھو ته ڪٿي ان سودي ۾ منھنجو وڪرو نه ٿي وڃي، ڪنھن اھڙي ظالم سان جھڙا منھنجي ڀيڻن جا مڙس آھن.“ ھن خوفزدھ ڇوڪريءَ چيو. جڏھن ڳالھه ضد جي اچي وڃي ٿي ته پوءِ ڪيتريون ئي زندگيون رحم جوڳين حالتن مان ھميشه لاءِ گذرن ٿيون. جيڪب آباد مان جڏھن ھڪ ڇوڪري ھلي وئي ته سندس پيءُ کي اھو احساس ستائيندو رھي ٿو ته نياڻي جي ڳالھه مڃي وٺڻ ۾ آخر ڇا ھو؟ ھاڻي اھا ڳالھه مڃي وٺڻ واري ڳالھه رڳو پڇتاءُ ۾ گذاريندڙ پوڙھي جي نه پر لڳ ڀڳ انھن سمورن ماڻھن جي ايجندا تي اچي وئي آھي، جن کي پنھنجي اولاد جون شاديون ڪرائڻيون آھن. ڇو ته سندن اولاد وٽ ٻيا به آپشن اچي ويا آھن. ”مان حج واري عيد تائين انتظار ڪيان ٿي نه ته پوءِ مون تي ميار نه ڏجو.“ خيرپور جي ھڪ شاگردياڻي پنھنجي ماءُ کي پنھنجي پسند ٻڌائيندي چيو ۽ خيرپور جو اھو چلولو نوجوان به ته ھاڻي اھا ڳالھه کري ڪرڻ جي موڊ ۾ اچي ويو آھي. جيڪو شادي نه ٿي سگھڻ واري خطري سبب ھڪ ئي وقت ٻه ٽي افيئر ھلائيندو ھو، ته ھتان نه ته ھتان شادي ٿي ويندي. ”پيارا ھاڻ پنھنجي تياري به پڪي اٿئي. عزت سان نياپو ڪرائينداسون ڳالھه نه ٺھي ته پياريءَ کي وڃي ڪورٽ ۾ پيش ڪبو. ڏسين نٿو ڪورٽون به اڄڪلھه اسان جھڙن ڪيسن ۾ تڪڙو انصاف ٿيون ڪن ۽ معاملو اڃا به وڌي ويو ته اھو ڪيس توھان اخبار وارن وٽ کڻي اچبو، چئين ته ھاڻي ٻنھي جا فوٽو ڏيئي ڇڏيانءَ.“ ھن پنھنجي ڳالھه ان نعري تي ختم ڪئي ته ”آخر ھوگي پيار ڪي جيت“ ان خيرپوري پياري جھڙا ڪيترائي نوجوان اڄڪلھه اخبارون ٻين خبرن سان گڏ اھو ڄاڻڻ لاءِ به پڙھن ٿا ته ڪٿي ۽ ڪھڙو تازو پيار جو مقدمو ھلي رھيو آھي؟ ۽ ھو نه رڳو اھي خبرون دلچسپي سان پڙھن ٿا پر پنھنجي سنگت ۾ فيصلن وارن ڏينھن کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾ شرطون به لڳائن ٿا ته اھا ڇوڪري اڄ ڪورٽ ۾ ڪنھن جي حق ۾ بيان ڏيندي. ”ارم فدا واري معاملي جي فيصلي واري ڏينھن پري پري کان نوجوانن فونون ڪي فيصلي جو نتيجو ائين پڇيو ھو، جيئن ڪنھن امتحاني رزلٽ جي باري ۾ پڇيو ويندو آھي.“ حيدرآباد جي ھڪ رپورٽر ٻڌايو. جنھن کي ماڻھن پيار جي ڪاميابي تي مبارڪون به ڏنيون ھيون ڇو ته انھن رپورٽرن به عدالتي فيصلي تي خوشيون ملھايون ھيون.
    اڄوڪو زمانو اھڙن معاملن کي پريمي جوڙو چوي يا پيار جي سوڀ ۽ ڀلي ڪي ماڻھو ان کي گند چون يا ڀاڄوڪڙ جوڙو پر اھڙين شادين کي اسان جو ھڪ وکري ٽائيپ دوست ضرورتن جي شادي چوي ٿو ۽ اھڙن معاملن ۾ پيار محبت جي خوامخواھ خوارين تي ھو چڙي پوي ٿو. ”اھو سڄو فلمي ڪلچر آھي ته پيار جي شادي ڪجي ۽ نوجوانن فلمون ڏسي ڏسي پنھنجي فرسٽريشنز جو اھو ٽوڙ ڪڍيو آھي ته پيار جو شاديون ڪجن.“ ھو وڌيڪ چوي ٿو ته ”مون کي رڳو ايترو ٻڌايو ته شادي ۽ پيار گڏ ھلي سگھن ٿا ڇا؟ ماڻھو وڏا بيوقوف آھن جو چون ٿا ته محبت جي شادي.... ڀائي يا ته محبت ڪريو يا شادي ڇو ته ٻئي الڳ الڳ ذميواريون آھن. جڏھن توھان محبت ڪريو ٿا ته ان مان ايتري فرصت ئي ڪٿي ملي ٿي جو ماڻھو شادي ڪري ۽ جڏُھن توھان شادي ڪريو ٿا ته اھو ارادو ۽ اھو رشتو قائم رکڻ جا ايترا لوازمات اچي وڃن ٿا جو محبت جي يادگيري ئي نه ٿي اچي.“ ھن پنھنجي ليڪچر نما ڳالھه ختم ڪئي. اھڙي ڳالھه ڪندڙ ۽ سمجھندڙ شايد ٿورا ئي ماڻھو ھجن. ڇو ته جنھن موڙ تي بيھي اسان جو سماج مرضي سان شادي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ بابت ٿيندڙ عوامي بحث ۾ رڌل آھي. اھو موڙ نفيس ۽ نازڪ موڙ تي ٿيندڙ ڳالھه کان ڪوھين ڏور آھي. ڏور ته اسان جي سماج کان مرضي سان شادي ڪرڻ وارو تصور ھيو، پر ھاڻي اھو تصور ڪو اوپرو نه رھيو آھي ۽ نوجوانن ۾ ٻي ڪا سجاڳي اچي وئي ھجي يا نه پر ايتري خبر انھن کي به ضروري پوي ٿي ته ھو پنھنجي محبوبا جي حياتي (پاڻ سان گڏ) بچائڻ لاءِ ڪوڙا نڪاح ناما ھٿ ڪري ۽ ڪورٽن ۾ ڪوڙا قسم به کائي سگھن ٿا. اھو رستو باغي بڻيل انھن نوجوانن جو آھي جيڪي ھر طرف مايوسين جي ڌڻڻ ۾ ڦاٿل آھن ۽ کين رائج ريتن رسمن مان ايتري ساھ منجھائيندڙ بدبوءِ اچي ٿي جو ھو پنھنجيون زندگيون تازين ھوائن کان محروم سمجھن ٿا ۽ ٻھروپ واري ھن سماج ۾ سندن مدد ڪرڻ لاءِ تمام ٿورائي ھٿ اڳتي اچن ٿا. ھو ان ٻھروپ کي منھن نٿا ڏئي سگھن ته جيڪي روشن خيال وڪيل پئسن عيوض سندن ڪيس ڪورٽن ۾ وڙھن ٿا ۽ کين ڪيس کٽي ڏيکارين ٿا، اھي وڪيل شام وارين ڪچھرين ۾ اھڙي ٽرينڊ جي مخالفت ڪن ٿا. سندن اھو الميو اھو به ٿي پيو آھي ته جن شاعرن جي شاعري جا ٽڪرا ھو ھڪ ٻئي کي ارپيندا ۽ احساسن جي ترجماني طور موڪليندا رھيا آھن، اھي شاعر به سندن عمل جي نجي توڙي عوامي ڪچھرين ۾ مخالفت ڪن ٿا. ”ان ٻھروپ معاملو منجھائي وڌو آھي نه ته اھو تصور ھروڀرو ايڏو به خراب نه آھي“ سماج کان بيزار ھڪ جھوني پروفيسر چيو، جيڪو ڪيترن ئي نام نھاد روشن خيال نوجوانن کان وڌيڪ اتساھ ڏياريندو رھندو آھي اھڙن نوجوانن کي جيڪي پنھنجي مرضي سان شادي ڪرڻ جي راھ ۾ ايندڙ سمورين ڏکيائن سان کيس آگاھ ڪندا ۽ ھدايتون وٺندا رھندا آھن پر اھڙا پوڙھا پروفيسر به ته ٿورڙائي وڃي بچيا آھن.


    سھڻو ساڻ ضروري آ

    ڪيترن ئي مھينن جي ناراضگيءَ کان پوءِ تازو جڏھن ساجن جو پنھنجي سنگتيءَ سان سرچاءَ ٿي ويو ته ھن پنھنجي سنگتيءَ کي ان خوشي ۾ نئين ملينيم جي تحفي طور نئين موٽر سائيڪل وٺي ڏني. ساجن جيئن ته ھڪ سرڪاري کاتي ۾ ڪلارڪ آھي تنھنڪري اھڙو اضافي خرچ سندس پگھار جي وس کان ٻاھر ھو پر سنگت جي راضپي خاطر ھن پنھنجي حصي ۾ آيل زمين جي ڪجھه جريبن مان ھڪ جريب وڪڻي ڇڏيو. ساجن جو سنگتي نائين ڪلاس ۾ پڙھندو آھي، سندس پيءَ ڪڙمت (ھارپو) ڪندو آھي ۽ سندس پڙھائيءَ جو سمورو خرچ ساجن ڀريندو آھي. ساجن ٻڌايو ته ”مان ته پنھنجي سنگتي جي پيءُ کي به وڃي ڪلام پاڪ تي ڳالھه سمجھائي آيو ھئس ته ھو منھنجو ڀاءَ آھي، منھنجي ڪا به بري نظر نه اٿس نه ئي ڪو اسان فعلي (برا فعل ڪندڙ) آھيون، بس دل جي ڳالھه آھي سا جتي اڙجي.“
    معمولي ڳولا کان پوءِ سنڌ جي ٻھراڙين ۽ ننڍن شھرن ۾ اھڙا ڪيترائي ساجن ملي ويندا جن کي ڀرڀور معنائن ۾ نه ھم جنس پرست چئي سگھجي ٿو ۽ نه وري کين حسن پرستي واري دائري ۾ آڻي سگھجي ٿو ڇو ته ھو گھڻو ڪري پنھنجي سنگتين (پاليل يا رکيل ڇوڪرن) سان ڪو جنسي فعل نه ڪندا آھن ۽ ھو عورتن جي حسن ڏانھن ڀلجي به ڪشش نه کائيندا آھن. ”ماڻھو ڏاڍا ساڙيلا آھن مون سان به وڏيون دشمنيون ھليون، منھنجو سنگتي 9 مھينا ھڪ وڏيري پاڻ وٽ ويھاري ڇڏيو. شھر ۾ اھي ٻئي گڏ ٽريڪٽر تي چڙھي ايندا ھئا ته منھنجو پيو اندر سڙندو ھو پر پوءِ قدرت واري اھڙو ڪم ڏيکاريو جو وڏيرو خرچ ۾ کٽي پيو“. لاڙڪاڻي ڀرسان ويٺل ھڪ ھمراھ چيو. جنھن ھاڻي ٽيون ڇوڪرو سنگتيءَ طور پاڻ سان گڏ کنيو آھي. ”ھاڻي ھي دوکو نه ڏيندو ڇو ته ھن جي مائٽن کي به مھيني تي اڍائي ھزار ڏيندو آھيان.“ ھن پنھنجي سنگتي جي ڪلھي تي ھٿ ھڻندي چيو. جيڪو چرس ڀريل سگريٽ پيئڻ ۾ محو ھو. اھڙن عاشقن ۽ سندن سنگتين جو آستانو ٻھراڙين توڙي ننڍن شھرن جون اھي جھوپڙا ھوٽلون ھجن ٿيون. جتي ان قسم جي رشتي کي ھٿي ڏياريندڙ شاعريءَ واريون ڪيسٽون وڏي آواز ۾ وڄنديون رھن ٿيون.
    ڇوڪراڻي سنگت يا ڇوڪري بازي ھاڻي رڳو دادو تائين محدود نه آھي ۽ نه ئي ڪڏھن ھئي، جيئن تاثر ڏنل آھي. ڇوڪرن جا عاشق يارو لنڊ، داد لغاري ۽ ميرپور ماٿيلي جي ھوٽلن تي به اڻ واقف سھڻن ڇوڪرن جا بل ائين بنا پڇا جي ڀرين ٿا جيئن ڪنڌڪوٽ ۽ ڪي اين شاھ جي آسپاس وارين ھوٽلن تي ڀرجن ٿا.. ”اھڙيون ھوٽلون ئي ان عاشقي جو مرڪز آھن جتي ڇوڪراڻي سنگت تي ناز ڪندڙ ماڻھو پنھنجي سھڻ رکيل ڇوڪرن سان ائين اچن ٿا. جيئن نيويارڪ يا لنڊن جي ريسٽورنٽن ۾ نوجوان پنھنجي گرل فرينڊز سان اچن ٿا.“ دادو جي ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان چيو. سندس خيال ھو ته اھي ھوٽلون ئي چورن ۽ بدماشن جون بيٺڪون ثابت ٿين ٿيون ۽ ھو چپ چاپ چوري موٽائڻ جي خواھشمند ڀاڳين کي به اتي ئي اچڻ جو چون ٿا جتي ھو پنھنجي سھڻن سنگتين کي ملڻ جو ٽائيم ڏين ٿا. اھڙين ھوٽلن تي ٿيندڙ پھرين ملاقاتن ۾ سھڻن ڇوڪرن جي مٺائي، مائي، پڪوڙن ۽ چانھه سان خاطر تواضع ڪئي وڃي ٿي ۽ سنگت (ياري) رکڻ ۽ نه رکڻ بابت انھن ڇوڪرن کان راءِ ورتي وڃي ٿي. ڪيترا ڪاٽڪو ۽ ڏوھاري ماڻھو پنھنجيون دوستيون ۽ دشمنيون به انھن ڇوڪرن جي بنياد تي رکن ٿا. ”نبو سميت ڪيترائي ڌاڙيل ڄاڻي واڻي ننڍي عمر وارا ڇوڪرا اغوا ڪندا ھئا ۽ پسند اچڻ جي صورت ۾ ھو ڀنگ جا پيسا کڻي ايندڙ مائٽن کان الٽو پڇندا ھئا ته ھن ڇوڪري جا توھان گھڻا پيسا وٺندو؟“ ھڪ ڪاٽڪوءَ ٻڌايو.
    ڏوھارين کان سواءِ ڇوڪراڻي سنگت جي ھيراڪ ماڻھن ۾ ماستر، سپاھي، تپيدار، ننڍا زميندار ۽ صحافي به اچي وڃن ٿا پر ڏوڪريءَ جي ان ٻاليشاھيءَ کي ڪيئن وسارجي جنھن غصي ۾ اچي پنھنجي رقيب کي چاقو ھڻي زخمي ڪيو ھو. اھي ٻئي ھڪ سھڻي ڇوڪري تي عاشق ھئا ۽ راجوءَ (ٻاليشاھي) پنھنجي رقيب کي ڀري بازار ۾ ان وقت چاقو ھنيو ھو. جڏھن ھو سھڻي ڇوڪري جي ڪلھي تي ھٿ رکي بيٺو ھو. بعد ۾ راجو نفسياتي مريض ٿي گدو بندر پھتو ۽ سالن تائين علاج ھيٺ رھيو. راجوءَ کان گھٽ چوٽ ميرپور ماٿيلي ڀرسان ويٺل ان زميندار کي به نه آئي ھئي جنھن زمين ۽ ٽريڪٽر ته وڪڻي ڇڏيو پر ڪارخانيدارن جو قرضي ٿي به ڇوڪرا پاليائين. ”منھنجو سھڻو (سنگتي) ھاڻي مھراڻ يونيورسٽي ۾ پڙھي ٿو. خرچ ته کيس سمورو پھچايان ٿو پر سندس ديدار ھاڻي صفا گھٽ نصيب ٿئي ٿو. ڇو ته ھو مھينن پڄاڻان صرف موڪلن تي اچي ٿو.“ گھوٽڪي جي ھڪ عاشق جيوڙي چيو.
    چون ٿا ته گھوٽڪي ضلعي جي ڪجھه علائقن ۾ نسل در نسل عاشقي ھلي ٿي يعني جيڪڏھن ڪنھن خاندان جو ھڪ ڇوڪرو حسين آھي ته ان جي نئين ڄاول ڀاءُ جي وڏي ٿيڻ لاءِ ڪيترائي عاشق جيوڙا انتظار ۾ ھوندا ڇو ته کين پڪ ھوندي آھي ته اھو پڻ سھڻو ڇوڪرو ٿيندو. ”اسي واري ڏھاڪي ۾ ته اسان وٽ گھوٽڪي شھر ۾ به پيءُ پنھنجي خوبصورت پٽ کي موٽرسائيڪل تي صرف ان خواريءَ کان بچڻ لاءِ گڏ نه کڻندو ھو ته ڪٿي مٿس ڇوڪري بازي جو الزام نه لڳي.“ گھوٽڪيءَ جي ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان ٻڌايو، جنھن کي ڊگري ڪاليج گھوٽڪيءَ جي ھاسٽل ۾ ڇوڪرن لاءِ گھڙي ايندڙ ڪاٽڪوئن وارا سڀ واقعا ياد آھن. سھڻا ڇوڪرا پنھنجي خرچ تي پاليندڙ عاشقن جيوڙا پنھنجي سنگتين جون سموريون فرمائشون پوريون ڪندا رھن ٿا. انھن جي خريداريءَ جي اھا ھڪ عجيب خاصيت آھي ته ھو ڪپڙا، رومال، ٽوپ ۽ بوٽ پاڻ ۽ پنھنجي سنگتيءَ لاءِ ھڪجھڙا ۽ ھڪ رنگ وارا وٺندا آھن.
    ڇوڪراڻي سنگت جي پائداري لاءِ ڪجھه ھمراھ تعويذن جو به سھارو وٺن ٿا ڪجھه طاقت جو. ”تعويذن ۽ داٻي سان به ايترو اثر نٿو ٿئي جيترو پنھنجي اوبر کارائڻ ۽ پيارڻ سان.“ ڇوڪراڻي عشق جي ھڪ سينئر جيوڙي ٻڌايو. جيڪو چانھه يا پاڻي پيئڻ کان به اڳ ۾ اھو ڪوپ يا گلاس پنھنجي سنگتي حوالي ڪري کيس چوندو آھي ته ” سائين ڀلا ڪيوس حلال.“ ۽ ان ڇوڪري پاران ٻه ٽي ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ اھا چانھه يا پاڻي ھو پيئڻ شروع ڪندو آھي. ڇوڪراڻي عشق ۾ مبتلا ماڻھن جي ”ھاٽ اسپاٽ“ شھرن ۾ ھوٽل مالڪ پنھنجن ھوٽلن تي بيرا پڻ موچاري شڪل وارا رکڻ کي ترجيح ڏين ٿا ته جيئن سندن گراھڪي گھٽ نه ٿئي. ڪنڌڪوٽ جي ڪؤڙي جھڙا جھونا به پنھنجي تر ۾ صرف ان عاشقي سبب مشھور آھن. ڪؤڙو آبپاشي کاتي ۾ داروغو آھي پر پنھنجي آفيسرن کان وڌيڪ چوڻ سھڻن ڇوڪرن جو مڃيندو آھي. چون ٿا ته ڪؤڙي جي ھڪ واھ تي ڊيوٽي لڳائي انجنيئر کيس پاپند بڻايو ته ڪنھن کي به پاڻي ناھي ڏيڻو. ھن واقعي به چڱن چوکن ماڻھن کي موٽائي ڇڏيو پر جڏھن حرفت سان ھن ڏانھن ڪجھه سھڻا ڇوڪرا موڪليا ويا ته ھن پاڻي سندن مرضيءَ موجب ڏئي ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته ھن پنھنجي زال به پيڪين پھچائي ھئي ته ھيءَ ڳالھه اسان کان زور آھي. ڪؤڙو اڃا تائين ان عارضي ۾ مبتلا آھي ۽ ڪنھن بس اسٽاپ تي بيھندي جيڪڏھن سندس نظر ڪنھن سھڻي ڇوڪري تي پئجي وڃي وئي ته ڀلي کيس ڪشمور وڃڻو ھجي پر ھو ان ڇوڪري پويان شڪارپور ڏانھن ھليو ويندو. اھڙن بي ضرر عاشقن جو تعداد تمام ٿوڙو آھي، جڏھن ته اڪثريت ان لالچ ۾ ھجي ٿي ته سھڻو سدائين سندن ڪڇ ۾ ائين ھجي جيئن خفتيءَ جي بغل ۾ ڪڪڙ ھجي ٿو. اھڙي عاشقي (عياشيءَ) جون اھي ڳريون قيمتون ادا ڪن ٿا. ”ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين، اسان ته سھڻن جا خرچ ڀري ڀري پنڻ جھڙا ٿي ويا آھيون. مڙئي لڳيءَ کي لعنت آھي نه ته ڀاءَ ويٺو آھين، ٿي اسان سان به ڏاڍي آھي.“ ڇوڪراڻي سنگت جي خرچ ۾ کھجي پيل ھڪ کلمک زميندار چيو. جنھن مٿان زرعي بئنڪ جي قرضن جي اوڳاڙي وارو بار به اچي سخت ٿيو آھي.
    ڇوڪرن جي عاشقي جي ٽرمنالاجي جي ڄاڻندڙ ماڻھن جو چوڻ آھي ته ھن عشق جا سچا عاشق چرسي ۽ ڀنگوڙي (ڀنگ پيئندڙ) آھن جيڪي ڇوڪرن ۾ جنسي لالچ نٿا رکن ۽ صرف ديدار تائين پاڻ کي محدود رکن ٿا. ”چرس يا ڀنگ جو موالي عاشق اک اک ۾ ملائي ويٺو آھي ته وڏو سرور ۽ سڪون پيو وٺندو ۽ ان ڇوڪري مان اک ئي نه ڪڍندو.“ شڪارپور جي ھڪ ماستر ٻڌايو. سندس چوڻ ھو ته آفيمي عاشق ۽ ڊرائيور ڇوڪرن سان صرف جنسي لاڳاپا رکن ٿا ۽ انھن کي عشق جي چڻنگ هي خبر ئي ناھي.
    ڇوڪراڻي سنگت واري دنيا ۾ گھمندڙ ڦرندڙ ڪردارن جي گھڻائي جيتوڻيڪ جنسي لاڳاپن کي اولين ترجيح نٿي ڏئي ۽ ڪجھه ڪيسن ۾ ته اھو آپشن ئي نٿو رکيو وڃي پر پوءِ به ڏينھون ڏينھن وڌندڙ اقليت اھڙن ماڻھن جي به آھي جن کي ڀرڀور معنائن ۾ ڇوڪري باز سڏيو وڃي ٿو. ”اھي ماڻھو گھڻو انتظار، ايلاز يا مھينن جا نخرا برداشت نه ڪندا آھن ۽ نه ئي وري سھڻي صورت ھنن لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. ھنن کي ته بس اھڙي ڇوڪري جي تلاش ھجي ٿي جنھنجي رضامنديءَ سان ھو پنھنجي جنسي بک ماري سگھن.“ ميھڙ جي ھڪ پڙھيل لکيل واپاريءَ چيو. اھي حيدرآباد جي اسٽيشن روڊ وارين ھوٽلن کان وٺي اسلام آباد جي پير وڌائي بس اسٽاپ تائين پنھنجي ھوس مارڻ لاءِ ڦرندا وتن ٿا. اھڙن ڇوڪري بازن کي ويجھرائي کان سڃاڻيندڙن جو چوڻ آھي ته اھڙن ڇورن جي شوقين مڙسن جون زالون پڻ کانئن عليحدگي اختيار ڪن ٿيون.
    ڇوڪراڻي سنگت رکي پنھنجن عاشقن کان پيسا، ڪپڙا ۽ ٻيا سامان وٺندڙ ڇوڪرن جي گھڻائي سماج جي اھڙي ھيٺيئن طبقي سان واسطو رکي ٿي جنھنجي والدين لاءِ پرائمري کان پوءِ ٻارن جي تعليم جاري رکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي ۽ ھو کين چائلڊ ليبر طور ڪٿي نه ڪٿي ڀرتي ڪرائڻ چاھيندا آھن، جنھنڪري اھڙي طبقي جا سھڻا ڇوڪرا عاشق جيوڙن جي آسرن، ڏٽن ۽ صلاحن جي ڄار ۾ آسانيءَ سان اچي وڃن ٿا. ”منھنجو سھڻو مون وٽ آھي ته موٽر سائيڪل تي به گھمي ٿو ۽ ڪڙاھي گوشت به کائي ٿو. گھر ويندو ته اتي ڇا اٿس؟ اھا ئي لسي ماني.“ ميرپور جي ھڪ مغرور عاشق چيو. پر جڏھن اھي ئي عاشق وچولي طبقي (جيڪي ننڍن شھرن جا اپر ڪلاس ھجن ٿا) جي ڪنھن ڇوڪري کي تنگ ڪن ٿا ته معاملو جھيڙن تائين پھچي وڃي ٿو. ڪجھه ڪيسن ۾ ته شريف مائٽ وڏي آزار ۾ ھجن ٿا. ”روز نوان جھيڙا ۽ نوان ڦڏا لڳا پيا آھن. ڇوڪرن کي ڪاليج ۾ ۽ شھر جي ھوٽلن ۾ تنگ ڪيو ٿو وڃي. ھاڻي ته سوچيان پيو ته انھن کي شھر کان ٻاھر پڙھائڻ لاءِ موڪليان پر مالي حالتون اھڙيون ناھن ڇا ڪريان ؟“ بادھ جي ھڪ سرڪاري ملازم ۽ ٻن پٽن جي پيءُ چيو.
    ڇوڪراڻي سنگت واري موضوع کي سنڌ اندر گھڻي وقت تائين بندش پيل سمجھيو ويو، جنھن ڪري ان جي سببن ۽ نقصانن تي ڪا تحقيق نه ٿي سگھي آھي پر سوشيوسائيڪالاجي جي ھڪ شاگرد جو چوڻ ھو ته ”عورتاڻي عشق ۾ ڪارو ٿي مرڻ واري ڊپ ماڻھن کي ھن سولي متبادل طرف آندو، جتي ھو سرعام پنھنجي محبوب سان ٻانھن ٻانھن ۾ ڏئي گھمي ڦري سگھن ٿا“ پر ڪيترائي پڙھيل لکيل ماڻھو سندس ان راءِ سان اختلاف رکندي چون ٿا ته ”ٻھراڙين ۾ ڪارنھن جا قتل ٿيڻ باوجود عورتاڻي عشق ۾ گھٽتائي نه ٿي آھي ۽ نه ئي انھن سماجن ۾ ماڻھن ھم جنس پرستي ترڪ ڪئي آھي جتي جنسي آزادي مليل آھي.“ ڇوڪراڻي سنگت واري بيماريءَ ۾ ورتل ماڻھن کي ويجھي کان ڏسندڙ ماڻھن جي راءِ آھي ”ھيءَ ته ھم جنس پرستي به ناھي، ائين لڳي ٿو مڙئي عاشقي جي ”ٺرڪ“ پوري ڪرڻ ۽ ساڻن مقابلو ڪندڙن کي ساڙ ۾ ساڙڻ لاءِ ھو اھڙا سڀ سانگ رچائين ٿا، جيڪي شايد ڪنھن ٻئي سماج ۾ ملڻ مشڪل ھجن.“ ”سموريون انساني آزاديون ماڻيندڙ ماڻھو يا ته سڌو سڌو جنسي مفاد جي ڳالھه ڪن ٿا يا پري ٿي وڃن ٿا، ھنن وانگر ٿورو ئي خرچ ڀري پاڻ کي اھڙي معاشقيءَ۾ ڪنگال بڻائين ٿا، جنھنجو ڪو حاصل مطلب ئي نه نڪري.“ ھڪ نوجوان ڇوڪراڻي سنگت تي طنز ڪندي چيو، جيڪا اڃا تائين سنڌ ۾ رائج به آھي محبوب به سمجھي وڃي ٿي ۽ مبھم به آھي.


    پيرن جي نشانن جي تاڙ ۾ ھلندڙ پيري

    خيرپور ۾ اھو ڌاڙيلن جي اوج وارو زمانو ھو، جڏھن ڪجھه سال اڳ ماڻھو اغوا ڪري ويندڙ ڌاڙيلن جي ھڪ ٽولي جا پيرا کڻائيندي پوليس پريالوءِ کان به اڳيان نڪري وئي، رات جو ئي تازا پيرا کڻندي ناري جي مشھور نظاماڻي پيريءَ ڪيلن واري گھاٽي باغ ٻاھران ئي بيھي ساڻس گڏ ھلندڙ سينئر پوليس عملدار کي خبردار ڪيو ته ”اڳيان وڌنداسين ته مقابلو ٿيندو، ان ڪري وڌيڪ پوليس فورس گھرائي وٺو.“ ڌاڙيلن پاران مقابلي ڪرڻ وارو ارادو (تياري) ھن ھوشيار پيري سندن پيرن جي چرپر مان ئي لڳائي ورتو ۽ ان پوليس عملدار موجب فورس پھچڻ کان پوءِ جڏھن اڳيان وڌياسين ته ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو. پيراڍو يا پيري ٻھراڙين ۾ گھر جي فرد جيان ڏٺا وڃن ٿا. اھو ھنر يا فن سوين سالن کان ڪنھن به تربيتي اداري کانسواءِ سيني به سيني ھلندو اچي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ضرورت موجب چورين (ڏُُوھن) جي عذاب مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪجھه ذھين فردن جي محنتن سا اھو ھنر وجود ۾ آيو، جنھنجو ھاڻي به ڪو باقاعدھ سکيا گھر يا تربيتي ادارو ناھي. اڃا تائين ٻھراڙين جا ڪجھه ذھين ماڻھو ضرورتن ۽ شوق تحت اھو فن سکي رھيا آھن يا سکڻ جي ڪوشش ۾ آھن. جي ھر ڳالھه تي اعتبار ڪندا آھن، ”ھونئن به اسان وٽ پيرين کي عزت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو ڇو ته ھو بنا معاوضي ماڻھن جي خدمت ڪن ٿا.“ لاڙڪاڻي جي ھڪ پڙھيل لکيل زميندار ٻڌايو. پيري تمام وڏو رسڪ کڻي سچائي سان ڏوھن جي روڪ ٿام ۾ ھٿ ونڊائين ٿا پر سندن وجود کي ڪو خاص ڌيان يا تحفظ حاصل نٿو ھجي. سچائي سان پيرا کڻي اصل ڏوھارين جي نشاندھي ڪندڙ پيرين کي چور، لاٺڙيا ۽ ڪاٽڪو ھميشه پنھنجي اک جو ڪنڊو سمجھن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن کين ائين نقصان پھچائي وڃن ٿا، جيئن گھڻا سال اڳ لاڙڪاڻي جي پيري رمضان ڪورائيءَ کي پٽ سميت سندس گھر ۾ قتل ڪيو ويو ھو. اھو واقعو اڃا تائين ڳجھارت بڻيل آھي. جيئن پريالوءِ ڀرسان ھڪ صوبيدار پيريءَ کي قتل، جيڪو پير کڻندي، جڏھن ڏوھارين جي ويجھو پھتو ته ھنن کيس قتل ڪري لاش زمين اندر دفن ڪري ان جي قبر مٿان باھ جو مچ ٻاري ڇڏيو ته جيئن ان قبر جي ڪا نشاندھي نه ٿي سگھي.
    ڏوھارين ۽ پيرين وچ ۾ سرد جنگ ته ھميشه ھلندي رھندي آھي پر ڪجھه مصلحتن سبب اڄڪلھه چور ۽ پيري ھڪ اڻ لکيل معاھدي تحت ھلي رھيا آھن. ڌاڙيل يا چور (جيڪڏھن ڏوھاري اخلاقيات سمجھندڙ ھوندا) علائقي جي پيريءَ جي ڳوٺ يا پاڙي ۾ ڏوھ ڪرڻ کان ائين لنوائيندو يا پاسو ڪندو جيئن ڪنھن سنگتيءَ يا سنگتياڻيءَ جي علائقي کان. ڏوھارين جي دنيا سجائيندڙ ذريعا ٻڌائين ٿا ته سياڻو پيري، پير ڏسڻ شرط ئي ڏوھاري کي سڃاڻي ويندو آھي پر ڀاڳين سان ڳالھه اھا ڪندو ته اڃا ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي. جنھن کان پوءِ ھو واسطيدار چور ڏانھن نياپو ڪندو ته سٺو اٿئي ته چوري واپس ڏي نه ته مان ڀاڳين ۽ پوليس کي نالو ٻڌائيندو سانءِ. ذريعن موجب ڏوھن کي ڪيريئر بڻائيندڙ ڏوھاري ائين ئي ڪندا آھن جيئن کين پيري چوندو، پر ڪجھه ڏوھاري انھن اصولن کي نٿا مڃين ۽ پيرين کي سڌيون ڌمڪيون موڪلين ٿا. ”سياڻو پيراڍو (پيري) ڏوھارين کان ڍور ڍڳا يا پنج روپيا به ائين نه وٺندو جيئن شريف شھري ھيرونئين کان ڪا شيءَ نه وٺندا آھن، باقي چانھه پاڻي يا ڀاڙي ڪرائي وغيرھ جا پيسا ڀاڳين کان وٺندا آھن، چورن کان ڪجھه نه وٺندا آھن.“ لاڙڪاڻي ۾ پيرين جي ھڪ سنگتيءَ ٻڌايو. ٻھراڙين جي اڪثر ماڻھن جو خيال وري ان ھمراھ جي راءِ ابتڙ آھي. ھو چون ٿا ته اڄڪلھه پيري ڏوھارين سان مليل يا ڏوھارين تي ڪک رکندڙ ٿي پيا آھن، ڪجھه پيري ته اھڙا لالچي به ٿي پيا آھن جو ڀاڳين کي نپوڙي انھن وٽان مختلف بھانن سان پيسا ڪڍڻ کانسواءِ ڏوھارين جي نشاندھي نٿا ڪن ۽ صرف اھو چوندا رھن ٿا ته”اڃا ڳالھه سمجھه نه ٿي اچي.“
    پير سڃاڻڻ تڏھن ھڪ لحاظ سان فنگر پرنٽ جي ماھرن کان به ڏکيو ڪم ٿي پوي ٿو جڏھن پيري بنا ڪنھن جديد اوزارن جي مدد جي، پيرن کي ڏسي ڏوھاري سڃاڻي وٺي ٿو. پيرين جي گھڻائي پير جي بيھڪ يعني آڱوٺي کي ڏسي يا پٻ کي ڏسي ۽ کڙي رکڻ جي انداز کي ڏسي سڃاڻن ٿا ته ھي ڪنھنجو پير آھي؟ جڏھن ته پيرن جي مفاصلي (وک کڻڻ جي انداز) کي به پيرين وٽ وڏي اھميت حاصل آھي ڇو ته پيرين موجب وک کڻڻ جو انداز ھر ماڻھو جو مختلف آھي ۽ ڏوھاري ڪيڏي به ڪوشش ڪري ھو پنھنجي پير رکڻ جي انداز کان وٺي وک کڻڻ واري اسٽائيل تائين سموريون شيون لڪائي نٿو سگھي. ذھين پيرين جي ذھن ۾ جڏھن ڪنھن مخصوص ماڻھوءَ جي پير جو نقشو چٽجي وڃي ٿو ته اھو پير اگھاڙو ھجي يا کيس بوٽ پاتل ھجي پر ان پير کي پيري ھر لباس ۾ ۽ ھر جڳھه تي سڃاڻي وٺندو.
    پيرين جي اڪثريت اڻ پڙھيل ھجي ٿي۽ ھو زرعي شعبي سان لاڳاپيل ھجن ٿا. ھن وٽ ڏوھارين جي مخصوص اندازن ۽ ادائن بابت ڪي فائل ڀريل (رڪارڊ ٺھيل) ناھن، جتان ھو مدد وٺندا ھجن ۽ نه ڪا اڪيڊمي کين تربيت ڏئي تيار ڪري ٿي. ”ھي سڄو چڪر دل دماغ جو آھي، جيئن ڳالھه دماغ ۾ ويھندي ويندي، تيئن ان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.“ گھوٽڪيءَ جي ھڪ پيريءَ ٻڌايو.
    سنڌ جي سمورن ضلعن اندر تمام ٿورن پيرين کي پوليس ۾ سپاھي طور ڀرتي ڪري کانئن پيرا کڻڻ ۾ مدد ورتي وڃي ٿي ۽ اھي عام سپاھين واري ڊيوٽيءَ کان آجا آھن. جڏھن ته خانگي طور پيرا کڻندڙ پيري پنھنجي پيٽ گذر لاءِ مختلف ڪم ڪار پڻ ڪندا رھن ٿا. انھن پيرين کي ڀاڳيا ڪڏُھن ڪڏھن چوري واپس ملڻ جي خوشيءَ ۾ ڪجھه ڏوڪڙ مٺائي طور ڏين ٿا نه ته ٿيا خير. ڇو ته انھن خانگي پيراڍن (پيرين) سان ڪا به اڳواٽ في ڳالھائي پيرا نه کڻايا ويندا آھن پر اڪثر ڪري پيري ڪميونٽيءَ جي مدد خاطر پيرا کڻن ٿا.
    جيتوڻيڪ سنڌ جي سمورن ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ پيري موجود آھن پر انھن کي شڪايت آھي ته نوجوانن ۾ تمام ٿورڙاڇوڪرا اھو فن سکڻ طرف ڌيان ڏين ٿا. انھي بي ڌيانيءَ سبب پيراڍوءَ يا پيرا کڻڻ جو فن ڏينھون ڏينھن پوئتي پيو وڃي. ان ڏس ۾ ھڪ سينئر پوليس عملدار ايس ايس پي بشير ميمڻ جو چوڻ ھو ته ”ٻھراڙين ۾ ڏوھارين کي لغام ڏيڻ لاءِ پيرا کڻندڙن جو نيٽ ورڪ مضبوط بڻايو وڃي ته ڏوھن تي قابو پائڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿي پوندي، ڇو ته جديد زمانن ۾ به پوليس کي پيرين جي سخت ضرورت آھي.“
    ٻھراڙين جا ڏوھاري پڪي روڊ سا گھٽ ھلندا آھن ۽ جيڪڏھن پڪي روڊ سان ھلندا به ته ڪٿي نه ڪٿي ھو ضرور ھيٺ لھندا.ڏوھاري اڪثر سنسان رستا يا روڊ وٺندا آھن جتان پيرين جي مدد سان سندن سڃاڻپ يا نشاندھي ٿي سگھي ٿي. ان سلسلي ۾ پنجن کان وڌيڪ پيرين سان ڪيل ڪچھرين مان معلوم ٿيو ته سرڪار خاص ڪري پوليس جو پيرا کڻندڙن ڏانھن ”وقت آھر ڪم ڪڍڻ“ وارو رويو آھي ۽ ان فن سان لاڳاپيل ماڻھن جي ڪا مالڪي يا پٺڀرائي عملي طور نٿي ڪئي وڃي.انھن پيرين جو چوڻ ھوته جيڪڏھن سنڌ سطح تي پيرا کڻندڙن جو ڪو نيٽ ورڪ جوڙيو وڃي ته سندن علم ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ھڪ ٻئي سان ملي اھو سڃاڻي سگھندا ته لاڙڪاڻي جي ڏوھاري ۽ سانگھڙ جي ڏوھاريءَ جي طريقه واردات ۾ ڪھڙيون ھڪجھڙايون آھن ۽ ھڪٻئي کي ڄاڻ ڏئي پيري پنھنجي اھا خامي به ڪڍي سگھن ٿا ته ”ھڪڙو پيري صرف ھڪ مخصوص علائقي جي ڏوھارين جا پير سڃاڻي سگھي ٿو.“ اڳوڻو پيري غلام رسول جتوئي چوي ٿو:
    ”پيريءَ جو سڄو ڌيان پيرن تي ھوندو آھي ته ڪھڙي ماڻھو جا پير ننڍا يا ڪھڙي جا وڏا آھن، سندس گھمڻي سڌي آھي يا ڦڏي. آڱريون ننڍيون اٿس يا وڏيون.“ اھڙو اظھار لاڙڪاڻي جي اڳوڻي پيري غلام رسول جتوئي مون سان ڳالھائيندي ڪيو. سندس چوڻ ھو ته اڳ ۾ پير ڏنل يا کنيل ھوندس ته پيري ڏوھاريءَ کي سڃاڻيندو پر جي اڳواٽ ڏٺل نه ھوندس ته شڪي ماڻھن جي ”پيرا ڀيٽي“ ڪري ڏوھاري سڃاڻي وٺندو. جھوني غلام رسول جتوئي 18 19 سالن جي عمر ۾ ئي تڏھوڪي مشھور پيري بھاول جي شاگرد کان سکڻ شروع ڪيو. سکيا دوران ڪنھن جي به واردات ٿئي پر ھي ساڻن شوق ۾ گڏ گڏ ھلندو ھو. ان دوران کيس استاد ٻڌائيندو ھلندو ھو ته پير ھتان گم ٿيو آھي ته ھتان نڪرندو. ھو چوي ٿو ته چور اسان جون مينھون ڪاھي درياءَ تي ويا پر اسان پيڙا کڻي سندن گھرن تائين پھتاسين. ھن چيو ته جيئن ڀاڳيو کير پيئڻ شرط پنھنجي مينھن سڃاڻيندو. ائين ئي پيري به پير ڏسڻ شرط ڏوھاري سڃاڻيندو. غلام رسول ڏھ سال لاڳيتا پيرا کنيا پر جڏھن ھڪ واردات کان پوءِ چور وٽس قرآن کڻي آيا ته ھو ڏوھي ضرور آھن پر کين ظاھر نه ڪري. ائين ئي چورن جي وڃڻ کان پوءِ اھا عورت به وٽس قرآن کڻي آئي، جنھن جي چوري ٿي ھئي ته غلام رسول پيرا کڻڻ وارو ڪم ئي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھو پيرا نه کڻندو آھي، ھاڻي ھو نظاماڻي ليبر ھال لاڙڪاڻي تي چوڪيدار آھي. ھو چوي ٿو ته ڪڏھن ڪڏھن پيراڍو به چورن تي ڪک رکي ويندا آھن. ان عيوض چور به سندس خيال رکندا آھن. پر ڪجھه پيري پير سڃاڻڻ جي باوجود ڀوءَ يا مصلحتن سبب پير وڃائي چوندا آھن ته ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي. پر ڪجھه پيري به اھڙا آھن جيڪي چورن جو رک رکاءُ نه ڪندا آھن، پھريان چور کي چوري واپس ڏيڻ لاءِ چوندا نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس کي نالا ٻڌائي ڇڏيندا آھن. ھو چوي ٿو ته پيرا کڻڻ وارو پيراڍو اڪثر اڪيلو ئي پيرا کڻندو آھي پر ڪجھه شاگرد ساڻس گڏ ھوندا آھن. ھو صبح جو سوير مال ۽ ماڻھن جي نڪرڻ کان اڳ ئي پيرا کڻڻ کي بھتر وقت سمجھي ٿو.
    ھو چوي ٿو ته روڊ تي ماڻھن جا پيرا ته نٿا سڃاڻي سگھجن پر مال جو پير روڊ تي به کڻي سگھجي ٿو ڇو ته ڍور ڏھن پندرھن منٽن جي پنڌ کان پوءِ ڇيڻو ضرور لاھيندو ۽ اھو ڇيڻو ٻڌائيندو ته ڍور کي ڪيڏانھن نيو پيو وڃي؟ ڇيڻي مان اھا به خبر پوندي ته ڍور ڇا کاڌو آھي؟
    سرڪاري پيري الاھي بخش سومرو چوي ٿو:
    ”ھي فن فيلڊ ۾ سکي سگھجي ٿو. پوليس وارن جو ھن طرف لاڙو گھٽ آھي.“ گھوٽڪيءَ جو سرڪاري پيري الاھي بخش سومرو ننڍپڻ ۾ پنج درجا پڙھي جڏھن ڇھين ڪلاس ۾ پھتو ته مائٽن کيس مال سان موڪلڻ به شروع ڪيو، کين سئو کن ٻڪرين جو ڌڻ ھوندو ھو پر ساڻن چورن جو وڏو آزار ھوندو ھو. سندن ٻڪريون تڪڙيون تڪڙيون چوري ٿينديون ھيون. ”اسانجو چاچو ھوشيار ھو، ان ئي اسان کي پيرا کڻڻ سيکاريو. جڏھن اھو فن سکي پياسين ته اسانجون ٻڪريون ٻيلي ۾ ٽن ڏينھن تائين پيون چرنديون ھيون پر چور نه ڪاھيندا ھئا.“ چاليھه سالن جي الاھي بخش ٻڌايو. جيڪو ھاڻي سرڪاري پيريءَ طور پوليس ۾ ڀرتي ٿيل آھي. ھن ھڪ واقعو ٻڌائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ مان ھڪ ڀيري ڏاند چورائجي ويا، پيرو کڻي وڃي چورن جي در تي پھتس، جيڪي پيءُ ۽ پٽ قرآن پاڪ جا حافظ ھئا. ھمراھ کي چيم ته ”چور تون آھين“ موٽ ۾ھن وراڻيو ته ”مان تراويحون پڙھائي آيو آھيان.“ نيٺ اسان جي ضد کان پوءِ ھن چوري واپس ڪئي. الاھي بخش سومرو جڏھن علائقي ۾ ٿورو مشھور ٿيو ته مقامي پوليس کيس ٿاڻي تي ويھڻ لاءِ چيو ۽ ٻن سالن تائين ھو بنا پگھار جي روزانو رات جو ٿاڻي تي اچي ڪم ڪندو رھيو. جڏھن ٿاڻي تي نه ايندو ھو ۽ ڪو ڏوھ ٿي ويندو ھو ته پوليس کيس ڳوٺان وٺي ايندي ھئي. ايتري خدمت جي باوجود ھن جڏھن پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جي خواھش ڏيکاري ته شيٽ ڪلارڪ کانئس پنج ھزار روپيا رشوت طور گھريا. غريب پيريءَ پنج ھزار رشوت ڀرڻ بدران ھڪ رٽائرڊ پوليس عملدار فضل محمد خان ھٿان سکر جي تڏھوڪي ڊي آءِ جي کي سفارش ڪرائي، جنھن کيس ڀرتي ڪرايو. ھاڻي 1991ع کان وٺي ھو سرڪاري پيريءَ طور ڪم ڪري رھيو آھي، کيس عام سپاھين جيترو پگھار ملي ٿو. وڏو ڪيس پڪڙجي پوڻ وقت کيس ڪجھه غير سرڪاري انعام به ملي ٿو. الاھي بخش پنھنجي فن بابت چوي ٿو ته ”ڏوھارين جا ويندڙ پير ڏسڻ سان گڏ ايندڙ پير به ڏسندا آھيون ته اھي پير ڪٿان آيا آھن؟ ڏوھاري ھميشه ڏوھ ڪرڻ بعد ٽيھه چاليھه قدم پنھنجي گھر طرف رخ ڪندو ۽ بعد ۾ پير وڃائيندو آھي، پر ماھر پيري اھو ڏسندا آھن ته پھريان پير کٻو (کاٻو) ٿو کڻي يا سڄو (ساڄو) وک ڪيتري اٿس؟ ان وک تي به ڏوھاري سڃاڻجي پوندو آھي. ھڪ ھڪ شيءِ کي ڏھ دفعا ڳوليندا آھيون“ ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڏوھاري ڪوشش ڪري مٽي يا دز ۾ پير نه ڏيندو، پڪي زمين، روڊ، ٻني، ڇٻر يا ڊڀن ۽ مال جي ڇيڻي تي پير رکندو ويندو. ڪي ڪي ڏوھاري پاڻي ۾ ھلندا يا ترندا ويندا آھن، پوءِ اسان ٻه پارٽيون تشڪيل ڏئي واھ جي ٻنھي پاسن کان ڳوليندا آھيون ته پاڻي مان نڪري ڪٿان ٿو؟ ٻھراڙين ۾ واردات ٿيڻ کان پوءِ ترت پير ڪنھن تغاري يا کاري سان ڍڪيا ويندا آھن ته جيئن انھن کي ھوا نه لڳي ۽ نه ئي ڪو جيت گھمي وڃي. الاھي بخش چوي ٿو ته صحيح طريقي سان نه ڍڪڻ سبب پيرا جلد ضايع ٿي ويندا آھن پر جيڪڏھن صحيح ڍڪيل ھوندا ته ھفتيءَ تائين پيريءَ کي خبر پئجي ويندي.
    ھو چوي ٿو ته پيري جاسوسي ڪتن کان به وڌيڪ ھوشيار آھن آپريشن دوران جڏھن فوجي جاسوسي ڪتن جي مدد سان ڌاڙيلن پويان ويندا ھئا ته ڪتا ٻين ماڻھن جي گھرن ۾ ھليا ٿي ويا جنھن سبب گھڻو نقصان پي ٿيو. ھن ٻڌايو ته اسان برسات وسندي به پيرو کنيو. واھ جي ڪناري لڳل وڻن جي ھيٺان پيرا ڏسندا وڃي چورن تائين پھتاسين. ھو چوي ٿو ته پيرو کڻڻ لاءِ رات جو وقت موافق آھي، باقي پيري ڏوھارين سان مليل ناھن ھوندا.
    وڏين وڏين وارداتن ۾ اعلى عملدار به گڏ ھوندا آھن پر اھي پيرين جا محتاج ھوندا آھن. الاھي بخش موجب پوليس وارن ۾ عام طور پيرا کڻڻ وارو فن سکڻ جو لاڙو گھٽ آھي. جيڪو ڌيان ڏيندو، اھو ئي سکي سگھندو. ھي فن سکڻ لاءِ ڪو ادارو ناھي، ھي فن فيلڊ ۾ ئي سکي سگھجي ٿو. ڪجھه پيراڍو مصلحتن ۽ ڀوءَ سبب نٽائيندا آھن ته کين ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي.


    سنڌ : جتي محبتن کان محروم ٻار رھن ٿا!

    ان رات قمبر ڀرسان معصوم مريم جي دل گھڻو روئڻ تي چيو ھو جنھن رات سندس پنجاھ سالن کي پھتل پيءَ وران کي خضاب ۾ ڪارو ڪري سندس عيوضو ڏئي ٽين شادي ڪري آيو ھو. ڇھن مھينن کان پوءِ مريم جي شادي به نقلي ٻٽيھي وات ۾ وجھندڙ اھڙي ئي ھڪ پوڙھي سان ٿيڻي آھي. مريم جي عمر ڇا ھئي، اھا ته کيس به خبر ناھي پر ھو جاھل پيءُ جي نظرن ۾ بالغ ٿي چڪي آھي.کيس رڍن جو ھڪڙو ڌڻ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ چارڻو ھوندو آھي. سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ سبب کيس سوير ئي ننڊ اچي ويندي آھي. پر ان رات کيس ننڊ دير سان آئي ۽ ھو پنھنجي کٽ کان ڪجھه پرڀرو کليل اڱڻ ۾ پيل ان کٽ ڏانھن تڪيندي رھي جتي سندس پيءُ سندس نئين ماءُ سان ستل ھو. ويھين جون اچي گذري به ويئي پر مريم جھڙن ڪيترن ئي ٻارن کي خبر به نه پئي ته اھو ”فادرز ڊي“ ھو. اھڙو خاص ڏينھن جيڪو پيءُ جي شفقت، تربيت، پيار ۽ ڏنل ڌيان کي ڪو ھلڪو ئي صحيح پر خراج پيش ڪرڻ جو ڏينھن ھو. اھو خراج معصوميت مان پيءُ جي ڳل تي ڏنل چمي ۽ ڪنھن سرپرائيزنگ ڪارڊ جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿو. ”ننڍي عمر ۾ ئي ھوٽلن ۽ گيرئجن ۾ ڌڪا ۽ چنبا کائيندڙ ٻارڙن کي ڪھڙي خبر ته پيءُ جي شفقت به ٿيندي آھي“ لاڙڪاڻي جو ھڪ ڪاوڙيل نوجوان چئي ٿو، ”بدقسمتيءَ سان ھتي عورت کي ٻار ڄڻڻ جي مشين ۽ مرد کي ان مشين جو اھڙو مالڪ سمجھيو وڃي ٿو جيڪو مشين جي پيداور وڪڻڻ جو حق رکي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن خود مشين کي ئي وڪڻڻ يا ڀڃي پرزا پرزا ڪرڻ جو به اختيار رکي ٿو“. ان نوجوان جي راءِ سان ڀلي کڻي سھمت نه ٿجي پر ھر گھٽي ۽ ھر ڪم واري جاءِ تي ملندڙ ”ڇوٽوئن“ کي ڏسي آخر توھان ڪھڙي راءِ قائم ڪندا؟
    دنيا جي بدنصيب خطن مان سنڌ به اھڙو ھڪ خطو آھي جتي والدين خاص ڪري والد اولاد کي پيسن ڪمائڻ جي مشين سمجھي ٿو. ”مون کي خبر آھي فادرز ڊي جي، پر مان پنھنجي ان پيءُ جو ڪھڙو ٿورو مڃيان جنھن مونکي ميٽرڪ به پاس ڪرڻ نه ڏني، نه ڪمائڻ تان مار ڏني ۽ گھر بدر ڪري ڇڏيو“ ڪراچي جي ھڪ گارمينٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ دادوءَ جو نوجوان چوي ٿو. ”مان پرائمري پاس ڪري ويٺي ھيس، انگريزي پڙھڻ لاءِ پيسا گھريم ته ھن کي الاءِ ڇا ٿي ويوگھڻو بدشد ڳالھائي امان ۽ مون کي چوي ٿي، جنھن ٽن ڪپڙن ۾ نڪري اچي ان ماستر سان شادي ڪئي ھئي.“
    سنڌ ۾ اخلاقي قدرن ۽ رشتن جي تقدس ٽٽڻ واري موسم ھزارين ٻارن وٽ آئيڊيل پيءُ ڇا پر آئيڊيل پيءُ جو تصور به مشڪل سان آھي. شھرن ۾ جيتوڻيڪ تعليم جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته صورتحال بھتر آھي پر انھن ٻارڙن کان ڪير پيءُ جي دھشت جا داستان ٻڌي جيڪي روزانو پنھنجي بلوغت واري عمر ۾ پنھنجي مائرن کي مارون کائيندي ڏسن ٿا. اھڙن دھشت ڦھلائيندڙ پيئرن کي ”پرفيڪٽ ورلڊ“ فلم ڏيکارجي جنھن ۾ ھڪ عادي ڏوھاريءَ جي به اخلاقيات ايتري بلند آھي جو ھو کيس پناھ ڏيندڙ شخص سان به انڪري وڙھي پوي ٿو جو اھو پنھنجي پٽ کي سٻاجھڙن سنڌين وانگي ڳالھه ڳالھه تي چماٽ وھائي ٿو ڪڍي. ”اھڙا پيئر جيڪي پنھنجي ٻارن کي شفقت نه نٿا ڏئي سگھن سي موٽ ۾ اولاد کان معصوم مرڪ واري محبت نه پر پيسا طلبين ٿا. انھن پيسن خاطر ئي ھو ننڍي عمر ۾ کين ھوٽل مالڪن، گيراج مسترين ۽ بداخلاق ڊرائيورن جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا“ خيرپور جو ھڪ استاد چوي ٿو. پنھنجي پٽ ۽ ڌيءُ کي سمر وئڪيشن لاءِ ڪراچي وٺي ويندڙ شڪارپوري سيٺ جي ڪار جڏھن لکي ڀرسان پھچي ٿي ته سندس نظر رڍن جي ڌڻ سان بيٺل ھڪ اھڙي ٻارڙيءَ تي پوي ٿي جنھن جي پيرن ۾ ڪا چپل به ناھي ۽ جون جي تپيل ڌرتي تي پيرن جون تريون بچائي ھلڻ جي ڪوشش ۾ ھوءَ سڄي ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، ته ھو ايئر ڪنڊيشند ڪار ۾ اکيون ٻوٽي توبھه ڪري اڳتي نڪري وڃي ٿو. ھن شايد ئي اکيون ٻوٽي اھڙن ٻارڙن جي باري ۾ سوچيو ھجي جن جي ڪا وئڪيشن ئي ناھي ٿيندي. ھو اسڪولن کان واندا ٿيندا آھن ته مال چاري وھي آيل واھ ۾ وڃي وھنجندا آھن ۽ بدن تي مٽي صابڻ جيان مليندا آھن، اھا ئي سندن سمر ھاليڊي آھي.
    پير ڳوٺ کان موٽندي فيض واھ جي ڪناري لڳل وڻ تي چڙھي ويٺل ڇوڪر کي ڏسي اندازو لڳائڻ مشڪل آھي ته سڀاڻي جو وڏو بيورو ڪريٽ ٿيندو يا وڏو ڌاڙيل. ”ٻھراڙين ۽ شھرن ۾ ٻارڙن جي تربيت جو ڪو تصور ناھي، وقت جي ويرن تي انھن کي ڇڏيو وڃي ٿو، اھو ئي سبب آھي جو پڙھيل لکيل ٻھراڙين جا ٻار سي ايس ايس پاس ڪري ويندا آھن ۽ پڙھيل لکيل مائٽن جو اولاد به ڪنھن گھر گھاٽ جو نه رھندو آھي“ نوابشاھ جو ھڪ ريٽائرڊ پروفيسر چوي ٿو. سنڌ ۾ اڃان تائين ته اھو حساب نه لڳايو ويو آھي ته ڪيترا ٻارڙا پنھنجو ننڍپڻ وڃائي مزدوري ڪرڻ لڳن ٿا، پر دنيا اھو ٿلھي ليکي حساب رکي ٿي. جنيوا ۾ تازو انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جي ٿيل سالياني اسيمبليءَ ۾ ٻڌايو ويو ته پنجن کان چوڏھن سالن جي عمر وارا ڪوارٽر بلين ٻار دنيا ۾ ڪنھن نه ڪنھن قسم جو ڪم ڪن ٿا، اھڙن مزدور ٻارن جو 61 سيڪڙو ايشيا ۾ ڪم ڪري ٿو، جڏھن ته آفريقا ۾ 32 سيڪڙو ۽ لاطيني آمريڪا ۾ 7 سيڪڙو ٻار ڪم ڪن ٿا. ان موقعي تي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي واچ ڊاگ ٻڌايو ته 18 سالن کان گھٽ ڄمار وارا ٽي لک ٻار مختلف جاين تي ٿيندڙ فسادن ۾ وڙھي رھيا آھن. ”آءِ ايل او يا ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀلي کڻي ڪھڙا به اپاءَ وٺي پر جيستائين غربت ختم نه ٿيندي ٻارڙن جا حق غضب ٿيندا رھندا“ حيدرآباد جو دانشمند نوجوان ڄڻ ته اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر سان سھمت ٿئي ٿو پر سنڌ اندر ٻارڙا جاھل سيٺين ۽ مالڪن ھٿان گھڙيءَ گھڙيءَ بي عزتو ٿين ٿا. اھڙن مائٽن وٽ ٻارن جي تربيت جو ڏاڍي منھن جي پڪائي وارو فارمولا آھي، ”ٻارن جي به ڪا عزت ٿيندي آھي ڇا؟ ٻار ننڍي لاءِ (ننڍپڻ) کان ئي ٿڪ چنبي ۾ ھوندو ته سڌرندو نه ته اڌرجي ويندو. باقي رھيو خوارڪ جو سوال، ته رزق مالڪ جي ھٿ۾ آھي، ٻارن کي به ملي پوندو !“ شڪارپور جو چرسي ڊرائيور ۽ پنجن ٻارن جو پيءُ ائين چئي ڄڻ ته پنھنجي ڪلھن تان ذميواري لاھي ڇڏي ٿو.
    اڄ جڏھن دنيا ۾ چائلڊ ليبر، چائلڊ رائٽيس ۽ چائلڊ رپورٽنگ تي سيمينار ٿي رھيا آھن. جڏھن سڌريل گھراڻن جا ٻارڙا پنھنجي پيئرن کي فادرز ڊي تي ”ٿئنڪ يو“ ۽ ”لو يو“ جھڙا ڪارڊ موڪلين ٿا تڏھن معصوم عمرين ۾ ئي اونداھين ۾ اڇليل سنڌ جا ٻارڙا ”اي خدا ميري ابو سلامت رھين“ وارا اشتھار به ڏاڍي تعجب ڀريل نظرن سان ڏسن ٿا ۽ احساس ڪمتريءَ ۾ ھليا وڃن ٿا. ھو ان وقت اھو ضرور سوچيندا ھوندا ته اھڙا ”ابو“ ڪٿي ٿا ملن، جيڪي سندن لاءِ گھاٽي بڙ جي ڇانو بنجن، نه ڪي گھر جي ڌرتي مٿن ٽامون ڪري ڇڏين.


    جيڪب آباد جا رھجي ويل رف نوٽس

    گھڻي عرصي کان پوءِ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ ماڻھن جي دلچسپي ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح کان به گھٽ رھي. ان ڪري چونڊ مھمن ۾ اھو چھچٽو ڏسڻ ۾ نه آيو جيڪو روايتي بلدياتي چونڊن وقت ٿيندو آھي. جڏھن ھر شھر ۽ ھر گھٽيءَ جو رنگ ئي الڳ ھوندو آھي. جيتوڻيڪ ھاڻي به اڇي مٿي وارو الاھي بخش سومرو دعوى ڪري ٿو ته جيڪب آباد جي ضلعي حڪومت مان ۽ مقيم ٺاھينداسين پر جيڪب آباد تي راڄ ڪندڙ احمد ميان سومري جو پٽ محمد ميان سومرو بڻيل آھي. سرڪاري پروٽوڪول ۽ بريفنگس تي ايندڙ گورنر محمد ميان کي جيڪب آباد جا ماڻھو ھروڀرو به اھڙي ڪا پنجھائپ مان ڪونه ٿا ڏسن جھڙي پنجھائپ سان ھو پنھنجون درخواستون احمد ميان ڏي لاھور به کڻي ويندا ھئا ۽ ھو کين اھي دڙڪا ڏئي موٽائيندو ھو ته پيسا گھڻا ٿيا اٿو جو لاھور جا پنڌ ٿا ڪريو. پنھنجي گھران کين ناشتا ڪرائي اھا آٿٿ ڏيندو ھو ته ھو سندن ڪم ڪرائي پوءِ جيڪب آباد ايندو. ان وقت ھو قانونساز اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ھو. احمد ميان جيڪب آباد جو پھريون بار ايٽ لا سياستدان ته ھو پر ھن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ميونسپل جي صدارت کان شروع ڪئي. تازين چونڊن ۾ جھونن جيڪب آبادين کي احمد ميان ان ڪري به ياد آيو جو چونڊن ۾ احمد ميان جھڙي ھوشياري ڪنھن نه ڏيکاري. احمد ميان جي دؤر ۾ رات جو ٽين وڳي کان شھر جي صفائي شروع ٿيندي ھئي ۽ صبح تائين شھر جا رستا ۽ ناليون جرڪندا ھئا. رات جو اسٽريٽ لائيٽ به ٻرندي ھئي. سيمينٽ بجري جا روڊ به ھن ئي ٺھرايا ھئا پر جيڪب آباد کي پنھنجي جاگير به احمد ميان ئي بڻايو، جنھن پنھنجا بورچي ۽ جمعدار به ڪائونسلر بڻائي ڇڏيا. ھاڻوڪين چونڊن ۾ شايد ئي اھڙو ڪو ڪائونسلر ٿيو ھجي جيڪو صفائي ڪندڙ عملي (ڀنگين) مان ھجي. احمد ميان عيدو جمعدار کي ڪو غريبن سان محبت سبب ڪائونسلر جو اميدوار نه بيھاريو ھو پر ڪائونسلر جي اميدوار سردار نور محمد کولو کي مقابلي ۾ ھن چوڌري عيدو کي پنھنجو اميدوار بيھاري ڇڏيو. ايوب خان جي دور ۾ ٿيندڙ انھن بلدياتي چونڊن عرف بي ڊي چونڊن کي عام ماڻھو ٽي بي چوندا ھئا. جنھن گھر گھر ۾ جھيڙا وجھرايا ھئا. گولن جي سردار سامھون بيٺل چوڌري عيدو ٻروچڪو پٽڪو ٻڌي ٻانھن لوڏي ھلڻ شروع ڪيو. ڀنگين جي ڪالوني وٽان ٻھاريون کڻي سندس ووٽر جلوس ڪڍندا ھئا ۽ ووٽ ڪا حقدار عيدو جمعدار جا نعرا ھڻندا شھر جو گشت ڪندا ھئا. گولن جي سردار نور محمد اثر رسوخ ھلائي عيدو سان جڏھن مذاڪرات ڪري کيس ھٿ کڻڻ لاءِ چيو ته ھمراھ اصل مڃيو ئي ڪونه، کين جواب ڏيئي آيو ته ”ھماري بھت ساري ووٽ ھين اور ھماري عجت ڪا سوال ھي.“
    اليڪشن واري رات عيدوءَ جون پيتيون (بيلٽ باڪس) چورائجي ويون. جنھن جو الزام مخالفن تي آيو. ھاڻوڪين چونڊن ۾ ته اميدوارن کي ٻيا خفا ڪرڻا پيا ھجن پر پيتيون ته کيس سرڪاري مليون. جڏھن ته عيدو جمعدار واري دؤر ۾ اميدوار کي پنھنجا بيلٽ باڪس پاڻ ٺھرائڻا پوندا ھئا. اميدوار ڪاٺي جون 2 باءِ 2 جون پيتيون ٺھرائي انھن مٿان پنھنجو نشان پينٽ ڪرائي ھر پولنگ اسٽيشن تي رکندا ھئا. اھڙيون اڳواٽ تيار ڪرايل عيدوءَ جون پيتيون چوري ٿي ويون. بلدياتي چونڊن جي جيڪب آباد جي وڏي کلاڙيءَ احمد ميان ھڪ پڙھيل لکيل وڪيل احمد خان جمالي سامھون پنھنجو گھرو نوڪر بچل بورچي بيھاريو. احمد خان جمالي بعد ۾ پ پ جو ضلعي صدر ٿيو پر انھن چونڊن ۾ سومرا محلا جي ڪائونسلري تان وڪيل کان احمد ميان جو بيھاريل بچل بورچي کٽي ويو ۽ ميونسپل جو ڪائونسلر بڻجي ويو. وڪيل احمد خان جمالي جي زال جي مقابلي ۾ سومري پنھنجي نوڪرياڻي ڪامياب ڪرائي. شايد ھن پنھنجي ڪائونسلرن کي نوڪرن جيان رکڻ پيو چاھي يا نوڪرن کي ڪائونسلر ڏسڻ پيو چاھي.
    ميونسپل جو پريزيڊنٽ رھڻ دؤران ھن شھر کي ايترو ته خوبصورت بڻايو جو خيرپور ڊويزن اندر شھرن جي صفائي واري مقابلي دؤران جيڪب آباد کي گولڊ ميڊل مليو. ٻه شاديون ڪرڻ جي باوجود صفائي ڪندڙ عورتن ۾ دلچسپي وٺندڙ احمد ميان کي آخري ڏينھن ۾ غرور اچي ويو. جنھن ڪري 70ع ڌاري ھن در محمد اوستي کان اھڙي شڪست کاڌي جو جيڪب آباد ئي ڇڏي ويو. مخالف اميدوار محمد اوستي ڪيفي ايران وارو اشو کڻي احمد ميان کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. جتي ھاڻي جيڪب آباد جي پريس ڪلب آھي. ان جاءِ تي احمد ميان جي سالي جو ھوٽل ڪيفي ايران ھوندو ھو جنھن لاءِ در محمد اھو مشھور ڪيو ته اھو پلاٽ ميونسپل جي مسجد جو ھو جيڪو احمد ميان پنھنجي سالي کي الاٽ ڪيو آھي. وعدي جي پڪي ۽ اصول پسند طور مشھور احمد ميان کي ان اسڪينڊل ڊاھي وڌو ۽ چونڊون ھارائڻ کان پوءِ ھن جيڪب آباد شھر ئي ڇڏي ڏنو. سندس زال سعيدھ بيگم ڪڏھن ڪڏھن ڪپڙا غريبن ۾ مفت ورھائڻ ائين ايندي آھي جيئن سندس پٽ محمد ميان پئنجائت واري ٻارھن سؤ ايڪڙ زمين جو حساب وٺڻ ايندو آھي. ھندو پنجائت جي اھا زمين محمد ميان جي ھٿن مان وڃڻ واري ھئي پر ھن جو ڀاڳ کليو ۽ گورنر ٿي ويو.
    ھاڻوڪين چونڊن دوران جيئن جيڪب آباد جي سين تان احمد ميان ۽ سندس اليڪشني چرچا غائب رھيا تيئن ئي جيڪب آباد جو باغي ڪردار لالي مٺو به غائب رھيو. ترڪي ٽوپي پائيندڙ نبي بخش سرڪي عرف لالي مٺو اصل ھيو ته صحافي پر ھو سماجي ناانصافين خلاف اخباري ڪالمن کان ٻاھر نڪري به احتجاج ڪندو ھو. اتحاد پرنٽنگ پريس مان اتحاد اخبار ڪڍندو ھو جيڪا پھريان ھفتيوار پوءِ ٽه روزا ۽ آخر ۾ روزنامه ٿي. سندس خصوصيت اھا ھئي ته ھو ڪجھه معاملن تي گھنڊ کڻي شھر جي چوڪ تي اچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو ھو. اھو گھنڊ سندس پريس ۾ پيل ھوندو ھو. ھڪ ڀيري جڏھن ڊي سي طرفان اٽي مھانگي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته لالي مٺي پنھنجي اخبار ۾ ان سرڪاري فيصلي مٿان ڇتي تنقيد ڪئي. جنھن تان ناراض ٿي ڊي سيءَ سندس اخبار بند ڪرائي ڇڏي ته لالي مٺو گھنڊ کڻي شھر جي چوڪ تي اچي ويو ته ”ڊي سي تون اخبار بند ڪرائي سگھين ٿو. منھنجو وات بند نٿو ڪرائي سگھين.“ ان چوڪ تي بيھي ھن سرڪاري فيصلي تي تنقيد ڪئي. تڏھوڪي صدر ايوب خان خلاف ھن ھڪ پمفليٽ ”شرم شرم“ جي عنوان سان پنھنجي پريس مان سنڌي اردو ۾ ڇپرايو. اھو پمفليٽ شايد ايڏو پر اثر ته نه ٿئي ھا پر ذوالفقار علي ڀٽي اچي اھو پمفليٽ لالي مٺي جي اتحاد پريس ۾ ڏٺو ۽ سرڪار ٻئي ڏينھن پريس سيل ڪري ڇڏي. لالي مٺو جڏھن بلدياتي چونڊن ۾ احمد ميان سومرو جي اميدوار سامھون بيٺو ته کيس ڌمڪيون ملڻ شروع ٿيون. پر ھو مرد مجاھد نه مڙيو، جنھنڪري سومري جي واٺن پريس اندر ستل لالي مٺو جا بيلٽ باڪس(ڪاٺي وارا) به کنيا ۽ سندس منھن تي ڪارو رنگ به ھاري ويا. جيڪب آباد ۾ آزاد صحافت تي احمد ميان جي ڇاڙتن جو شايد اھو پھريون حملو ھو. جيڪب آباد جو ھاڻوڪو سينئر صحافي شاھمراد ٻڌائي ٿو ته ان ڏينھن ۾ گھنڊ کڻي لالي مٺو جڏھن ڪاشي رام پل تي اعلان ڪرڻ آيو ته سندس منھن ڪارو ٿيل ھو پر ھن اھو منھن نه لڪايو نه ھو. ڪاشي رام پل تي گھنڊ وڄائي ماڻھو ميڙي ھن اعلان ڪيو ”ڏسو ڏسو شھر وارو ظلم سان جھاد ڪرڻ جو نتيجو ڏسو، احمد ميان ڌمڪائڻ خاطر ائين ڪيو آھي ۽ منھنجون پيتيون (بيلٽ باڪس) به کڻائي ويو آھي.“ وڏن ماڻھن جي ننڍڙي شھر جيڪب آباد ۾ ھاڻي ته ڳولھئي به ڪو لالي مٺي جھڙو ڪردار نٿو ملي. ٻيو ته ڇڏيو ان پراڻي اتحاد پريس ۾ به لالي مٺي جو ڪو فوٽو ناھي. نه ئي ڪو ڄاڻ ڏيڻ وارو ويٺل آھي. جيڪب آباد جي ان نئين ڀرتي ٿيل صحافي کي بيباڪ لالي مٺو ڪيئن ياد ھوندو جيڪو ھڪ سردار مٿان ايف آءِ آر ڪٽرائڻ کان پوءِ به اڃان تائين دان ساڳئي سردار جي تان وٺي ٿو.
    ھاڻوڪين چونڊن مان ٺل واري ڪامريڊ محمد اقبال سرڪي جھڙا ڪردار به غائب رھيا جيڪو پاڻ کي ڀاشاني سڏائيندو ھو. ان جو پروفائيل انڪري به اڻپورو رھي ٿوجو ڪامريڊ ڀاشاني بابت اھو ٻڌائڻ وارو نٿو ملي ته ھن کي اھا چڻنگ ڪٿان لڳي. کيس ٺل ۾ سائيڪلن جو دوڪان ھوندو ھو. پاڻ ھميشه سردارن جي مقابلي ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي بيھي رھندو ھو. ڪامريڊ ڀاشائي چونڊ ورڪ به پنھنجي سائيڪل تي چڙھي ڪندو ھو. بک لڳندي ھئس ته ماني ڪنھن به شھر ۾ سردارن جي اليڪشن ڪيمپ ۾ وڃي کائيندو ھو. ماني کائي ٿڪ ڀڃي ان ڪيمپ ۾ پنھنجي ورڪ شروع ڪندو ھو ۽ ڪيمپ ۾ موجود ماڻھن کي چوندو ھو ته ھي وڏيرا ظالم اٿو انھن خلاف جھاد ۾ مون سان گڏ ٿيو. مون کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريو ته ھنن ظالمن کان حساب وٺون. اھڙو جذبو ڪنڌڪوٽ جي ڪامريڊ ڪوڙا خان مري وٽ به ھوندو ھو پر مير ھزار خان بجاراڻي جي پيءُ سردار نور محمد بجاراڻي ۽ سردار سندر خان سندراڻي سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪندو ھو. ڪنڌڪوٽ مان ھفتيوار اخبار فرياد به ڪڍندو ھو. ڪامريد ڪوڙا خان جڏھن قومي اسيمبلي لاءِ اميدوار بيٺو ته سڄي ضلعي ۾ سائيڪل تي چڙھي پنھنجو ورڪ ڪيائين. وڏيرن خلاف دونھيدار تقريرن ڪرڻ سبب ھڪ ٻن وڏيرن پنھنجي ڳوٺن ۾ اچڻ وقت ڪامريڊ مٿان ڪتا به بڇيا. اھي بيعزتون ۽ ذلتون سھندو ھو پر وڏيرن جي ڪيمپن ۾ ويٺل ھارين کي به چوندو رھيو ”خبردار ھاري – جو ڀوتار آيا.“ ڪامريڊن جون تقريرون ٻڌندڙ چون ٿا ته ماڻھو ڪامريڊن جون تقريرون ڏاڍي شوق سان ٻڌندا ھئا. ڇو ته ھو سٺا مقرر ھئا پر ووٽ وڏيرن کي ڏيندا ھئا. صورتحال ھاڻي به ڪاخاص بدلي ناھي. اڃان به وڏيرن ۽ ڀوتارن جو راڄ جاري آھي. ماڻھن جي ڳالھيون ڪامريڊن جون ٻڌڻ ۽ ووٽ وڏيرين کي ڏيڻ واري عادت به برقرار آھي. ڇو ته پاڪستان ۾ ماڻھو آزاديءَ سان پنھنجو ووٽ ڪٿي به نٿو ڏئي سگھي. ٻھراڙين ۾ چوڌري ۽ وڏيرن جي مرضي ھلي ٿي. شھر ۾ ووٽ ڀائي صاحبن جي راضپي کان سواءِ نٿو ڏئي سگھجي. اھڙي گھٽيل ٻوساٽيل ماحول ۾ لالي مٺي يا ڪامريڊ ڀوشاني جھڙا وکري ٽائيپ ماحول جي ڇانيل سانت ۽ اسٽيٽسڪو کي ٽوڙين ٿا. ھو پنھنجي دؤر جو باغي آواز ٿي اڀرن ٿا.
    جيڪب آباد وارين چونڊن ۾ ھن ڀيري مائي حرمت جھڙي ڪا عورت اميدوار به ظاھري نه ٿي سگھي. جيڪا مائي باقاعدھ مڙس ماڻھو طور اڃان به شھر وارن کي ياد آھي. شيدي پاڙي جي مائي حرمت شلوار قميص پائي لٺ کڻي اڪثر پنڌ گھمندي ھئي. جڏھن ڪائونسلر چونڊجي وئي ته ننڍڙي پارليامينٽ جي ميمبر ھئڻ ناتي ھن شلوار قميص سان گڏ صدري ۽ بوٽ چشمو ۽ پوتي پائڻ شروع ڪئي. ڇھه فوٽ قدارو حرمت ٻن ڦورن کي به پنھنجي ھٿن سان پڪڙي ٿاڻي تي آندو ھو. حرمت غير شادي شدھ ھئي ۽ مردن سان گڏجي ھوٽلن تي ويھي چانھيون پي ڪچھريون نه ڪندي ھئي پر مجال آ جو ڪو مرد ڏانھنس ميري اک کڻي ڏسي. ستر واري ڏھاڪي ۾ وفات ڪري ويل حرمت کي شيدي پاڙي جا پوڙھا پوڙھيون ته اڃان به ياد ڪن ٿا پر جيڪب آباد ۾ ان جي ڪا جانشين اڃان ظاھر نه ٿي سگھي آھي.


    صحرا ۾ پلجندڙ پيار

    سماجي سائنسدانن جي اھا ٿيوري خبر ناھي ٿر تي ڇو لاڳو نٿي ٿئي جيڪي ھميشه اھو قول دھرائيندا رھندا آھن ته ”امن کانسواءِ ڪنھن به خطي جي ترقي ممڪن ناھي!“ ٿر حيرتناڪ حد تائين جيترو پرامن آھي. ايترو ئي معمولي ترقيءَ کان وانجھيل. ٿر جا ماڻھو جيڪڏھن اھا ٿيوري اينٽي ڪري پيش ڪن ته سندن اھا ڳالھه ڪنھن حد تائين جائز ھوندي ته جتي بدامني ھجي ترقي اتي ئي ٿئي ٿي.
    جيتوڻيڪ مختلف مذھبي مشنريز به کين اٻوجھه سمجھي مٿن مختلف تجربا ڪري رھيون آھن پر ٿري انھن جي سمورن سنجيده ڪمن کي ڏاڍو ھلڪو وٺن ٿا. ٿر ۾ ڪرسچن مشنريز جو ڪم ڏاڍي زور شور سان ھلي ٿو ۽ اھي ڳوٺن تائين پھتل آھن بلڪه گوڙي ڳوٺ ۾ ته ھنن مشنريز ٽي بي سينٽر جي تعمير وارو ڪم به شروع ڪري ڏنو آھي. مشنريز جا گورا مھمان بنا خوف خطري پيا راڄ ۾ ھلندا وتن ۽ ڪڏھن به سيڪولر انڊيا وارن وارن واقعن جيان انھن جي گرجائن تي حملا ڪونه ٿا ٿين. انھن جون سسٽرز (راھبائون) لڄالٽ جون دانھون نٿيون ڪن ۽ نه ئي انھن مشنريز جي ڪنھن ڪارڪن کي پٽن سميت ڪار اندر ئي جيئري جلايو وڃي ٿو. مشنريز جو گھڻو تڻو ڪم ڀيلن تي ٿئي ٿو. اھي سندن اھڙين سرگرمين کي کل ڀوڳ ۾ ٽاري ڇڏين ٿا ۽ پاڻ ۾ چرچا ٻڌائين ٿا ته فلاڻو ڀيل ڏڪار ۾ جڏھن عيسائي ٿي ويو ته کيس ڪجھه ماڻھن ٽوڪيو پر جڏھن وسڪارو ٿيو ته ھو ساڳيو ڀيل بڻجي ڳوٺ ھليو آيو. سنگت ساٿ جي پڇڻ تي ھن چيو ته ”مڙئي بک جي ھئي دٻ سوائي تڏھن وڃي ٿياسين عيسائي ھاڻي وري ساڳيا ئي ڀيل.“
    ائين ئي ھو قادياني مشنريز پاران شروع ڪيل مھم کي پڻ مذاق ۾ ٽارين ٿا ته ”ڀائر ڀلي پيا اسان کي ويڙھائڻ ۽ ورھائڻ لاءِ محنت ڪن پر اسان جي محبت ساڳي رھندي. ھو نفرتن کان وڌيڪ محبتون پالين ٿا ۽ محبتن جا لوڪ داستان ھو اڃان تائين پنھنجي اولاد کي آکاڻين ذريعي ٻڌائيندا رھن ٿا. تڏھن ئي صحرائن جا قرب جا قصا ڪو به ڏڪار اڃان تائين ختم نه ڪري سگھيو آھي.
    ھونئن ته ٿر ۾ ڪيترائي لوڪ داستان مشھور آھن پر پڙھيل لکيل ٿري به توھان کي اڃان تائين ”ڍولا ماروئل“ ۽ ”سڏونت سارنگا“ جي قرب جا قصا دھرائيندي ملندا. پراڻن پريمين موجب ڍاٽي ڍولو، راجپوتانا نرھڙ گڊ قلعي جي سردار راجپوت ڀينگڙ راءِ جي ڌيءُ ماروئل سان شادي ٿي وئي ھئي. جيئن پراڻن قصن ۾ ٿيندو آھي ته بادشاھ ۽ قلعي دار پاڻ ۾ سنگتي ھوندا آھن ۽ ھڪٻئي جي اولاد جي رشتيداري ڪري ڇڏيندا آھن. ڍولا ماروئل قصي ۾ به ائين ئي ٿيو. پر جوان ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ڍولو پنھنجي ونيءَ ڏانھن پئي آيو ته ھو رستي ۾ مسمات مارڻ جي سونھن جو اسير ٿي ان وٽ ئي ترسي پيو. اھا مارڻ سونھن سان گڏ ايڏي ته چالاڪ ۽ فريبڻ ٻڌائي وئي جنھن وٽ جڏھن ماروئل جا قاصد ڍولي لاءِ ڪو پيغام کڻي پھچندا ھئا ته مارڻ انھن قاصدن کي به قيد ڪري ڇڏيندي ھئي. ان مونجھاري جو ماروئل اھو ٽوڙ ڪڍيو ته ھڪ مڱڻھار فقير سانگو نالي ھٿ ڪيائين ۽ کيس ڏوھيڙن ۾ نياپا لڪائي ڏنائين ته وڃي اھي مارڻ جي گھر ٻاھران ڳاءِ. سانگي فقير اچي پھريون طعنو اھو ميدان تي اڇليو ته:
    ڍولا تيئون ڍور ڀيلا، چرين جنگل روگاس
    سانجھه پڙي سجل لي، لئين گھران ري آس.
    (ڍولا توکان ته ڍور ڀلا جيڪي جھنگ جو گاھ چري شام جي پھر گھر ته ھليا اچن ٿا.) وري ماروئل جو درد ٻڌايائينس ته:
    ڍولا رات جي سارس ٽولي ٽولي ٿئين
    ماروئل ڍولو ساريو، تيئه ارڏي ڀاڳي ايس
    (ڍولا رات جڏھن سارس جوڙي جوڙي ٿي پئي ٻوليو ته تنھنجي ياد ماروئل وٽ ائين اچي ٺڪاءِ ڪيو جيئن کٽ جي ٻانھين وٽ ائين اچي ٺڪاءَ ڪيو جيئن کٽ جي ٻانھين ڀڃڻ مھل ٺڪاءَ ڪري.) بھرحال ساگي مڱڻھار واتان تمام گھڻا طعنا ۽ دوھا ٻڌڻ کان پوءِ ھمراھ اٿي کڙو ٿيو ۽ اچي پنھنجي ماروئل سان مليو.
    ڍولا ماروئل کان به وڌيڪ دلچسپي سان ٿري توھان کي سڏونت ۽ سارنگا جو قصو ٻڌائيندا ته ڪيئن مھا ايڪاري راجا جي پٽ سڏونت ۽ پاري نگر جي واپاري سيٺ پرم شام جي ڌيءَ سارنگا وچ ۾ ننڍي لاءِ کان ئي محبت ٿي وئي ۽ ھو گڏ پڙھندا ۽ باغن ۾ باتيون ڪندا وتندا ھئا. جڏھن سارنگا جوان ٿي ته مائٽن سندس شادي جيان ننگر جي ھڪ وڏي واپاريءَ سان ڪرائي ڇڏي، جنھنڪري ٻئي پريمي امتحان ۾ اچي ويا. روايت موجب سارنگا چؤنري جا چار ڦيرا ھڪ داسيءَ کان ڏياريا ڇو ته ھوءَ پارمار کان اڃا به سڏونت جي امانت پئي سمجھي.
    ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ سارنگا پنھنجي محبوب کي ننڊ ۽ جاڳ جون گوريون ڏياري پيغام موڪليو ته ھو کيس رات جو گوندري واري ديويءَ جي مندر ۾ اچي ملي. جتان پوڄا پاٽ کان پوءِ سارنگا کي ڄڃ سان وڃڻو ھو. ان مندر ۾ رات جو انتظار ڪندي ڪندي سڏونت کي ننڊ پئي آئي ته ھن سارنگا پاران موڪليل گوريون کوليون ۽ ڀل ۾ جاڳ بدران ننڊ واريون گوريون کائي الوٽ ٿي سمھي پيو. جڏھن سارنگا فلمي اسٽائيل ۾ ڄڃ کان لڪي اچي محبوب وٽ پھتي ته سڏونت صاحب اگھور ننڊ ستل ھو. سارنگا جي گھڻين ئي ڪوششن کان پوءِ به جڏھن سڏونت سجاڳ نه ٿيو ته ھٿ تي ھيٺين ائڊريس دوھي جي صورت ۾ لکي ته؛
    پاري ننگر کان پڌاري، ڪر جو ڀڳوڻا اٿس
    جنھن گھر ناريل رونکڙ، تنھن گھر جو اليک
    چيائين ته؛ پاري ننگر اچي جوڳين وارو ويس ڪجو ۽ جنھن گھر ۾ ناريل جو وڻ بيٺو ھجي. ان جي اڳيان اچي صدا ھڻجو.
    روايتن موجب سڏونت پنھنجي پريم خاطر اچي پنڌ جھاڳيو ۽ رستي ۾ پاڻي به جانورن جيان صرف وات سان پئي پيتائين ۽ ھٿ ان ڪري نه پئي پسايائين ته ڪٿي سارنگا واري ايڊريس نه ميسارجي وڃي. ھوڏانھن سارنگا جي سونھن ۾ تجلا ڪندي پئي وئي ۽ اھا ڄڃ ڏسي ھڪ ٻڪرار ويچاري جو ڌيان ئي الاءِ ڪٿي ھليو ويو ۽ ھن جو ڏڌل کير لوٽي بدران ھيٺ زمين تي ھارجندو پئي ويو. جنھن تي سارنگا دوھي ۾ کيس چيو ته اي پارڪر جا ريٻاري! اکيون ڦاڙي نه نھار، ھوڏس کير ٿو ھارجئي، پر جي سڏونت ملئي ته چئجانس سارنگا روئيندي پئي وئي.
    ڪجھه ئي ڏينھن کان پوءِ ڄڃ به وڃي پنھنجي ماڳ پھتي ته سڏونت به جوڳيءَ جي ويس ۾ اچي ٺڪاءَ ڪيو ۽ اچي سارنگا موتين جي ٿالھه ڀري کيس خيرات ڏيڻ آئي ته ٻئي ھڪٻئي کي ڏسندا رھجي ويا ۽ ٿالھه وارا موتي ڪانو کائڻ لڳا. اھڙو لقاءَ مٿين ماڙ تي بيٺل راجا پنھنجي راڻي کي ڏيکاريندي دانھيو ته ھن نگريءَ ۾ سڀ بيوقوف آھن. سياڻو ڪو به ناھي. ”ڪانو موتي کائي ويا پر ڪير ھڪلڻ وارو ناھي.“
    اس نگري ۾ مورک وسي، چتر وسي نه ڪوءِ،
    ڪانگا موتي چگ گيا، ڪوڪ نه ڪري ڪوءِ.
    سندس ان جواب ۾ راڻي به کيس دوھي ۾ جواب ڏنو، ته ھروڀرو ائين به ڪونھي، ملڪ ۾ چتر (سياڻا) به آھن، ننڍپڻ جو پيار اٿن ڀلي ملي جلي وٺن. شايد ٻئي شاعر ھئا جو دوھن ۾ پيا ڳالھائين ته؛
    اس نگري ۾ چتر وسي مورک وسي نه ڪوءِ
    ٻالاپڻ ري پريتڙي، مٺ ميلا پوءِ ھوءِ.
    روايت موجب ٻنھي پريمين سڏونت ۽ سارنگا جو ھڪٻئي سان ملندي ئي ساھ نڪري ويو ۽ ھو پاڻ ۾ ملي ھميشه لاءِ ھڪ ٿي ويا.
    خبر ناھي اھي ڪھڙن زمانن جا قصا آھن، جيڪي محبتن جا امين ماڻھو اڃا تائين سانڍيون اچن ٿا ! انھن قصن ٻڌائڻ جو مطلب ھروڀرو ائين به ناھي ته ڪو صحرائڻ مان محبتون ڪنھن ڏورانھين ڏيھه اڏامي ويون آھن.
    جيڪڏھن ائين ھجي ھا ته گذريل سال جنوري مھيني ۾ مھراڻي ۾ محبت جو ڪڙو امتحان نه ٿئي ھا. ڏيپلو ڀرسان ان ڳوٺ ۾ ٻن پريمين جنھن رات زھر پيئڻ جو فيصلو ڪيو. اھا رمضان شريف جي عيد واري رات ھئي. مير محمد جيتوڻيڪ اڳواٽ ئي شادي شدھ ھو پر ھن جو راڻيءَ سان پيچ جڏھن اڙجي ويو ته ٻئي ھميشه لاءِ ھڪ ٿيڻ پيا چاھين، پر مائٽن راڻي جو سڱ ڪنھن ٻئي ھنڌ ڏئي ڇڏيو. مائٽن جي اھڙي فيصلي کان ناراض ٿي ساڳئي ئي ڳوٺ جي پريمين رات جو ڳوٺ ٻاھران جھنگ ۾ وڃي گڏجي زھر پيتو ۽ ھو مرڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي گھر طرف موٽي آيا. اھا بعد ۾ سھوليتين جا اڻاٺ جي ڳالھه آھي ته پوسٽ مارٽم لاءِ سندن لاش 36 ڪلاڪن تائين مختلف شھرن جي اسپتالن ۾ رلايا ويا. اھڙيون ڪيئي ڪھاڻيون صحرا ۾ واريءَ ھيٺان دٻيل آھن، جيڪي ٿوري ڇنڊ ڦوڪ سان ٻاھر اچي وڃن ٿيون.


    فقيرن جي يارھين پيڙھي تائين ڦھليل ڀٽائيءَ سان عشق

    ڪارا ڪپڙا پھري تمر جي اوطاق تان دنبورا کڻي ھو جڏھن آڌيءَ رات جو ڀٽائي جي آڳنڌ ۾ اچي تارن جي ڇيڙ ڪن ٿا ته تاڙين جا ڦھڪا ۽ نوٽن جي ورکا سندن ذھن جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ جاءِ نٿي ولاري. ھو ان ئي عقيدت ۽ احترام سان ڀٽائي جا بيت ۽ وايون ڳائين ٿا. جنھن محبت سندس ابا ڏاڏا ان ئي در تي ڳائي ويا آھن. ھو نسلن کان اھي فقير آھن جيڪي اڃان طمع جا طالب نه ٿي سگھيا آھن. شاھ جو راڳ عام راڳن کان نه رڳو مختلف پر سکڻ ۽ ڳائڻ ۾ ڏکيو آھي. راتين جا اوجاڳا ڪاٽڻا ۽ حفظ ڪرڻو پوي ٿو. مادي بنيادن تي دنياوري رستن کي توريندڙ تڪيندڙ اڪابرن کي شايد اھا نئين سر تحقيق ڪرڻي پوي ته شاھ جي راڳي فقيرن پنھنجون حياتيون ڇو ارپي ڇڏيون؟ انھن کي راتين جي اوجاڳن ۽ دنبوري جي تارن مان ڇا ٿو ملي؟ ان روحاني رمز واري راڳ ۾ وقت سان گڏ خوشگوار واڌارو ايندو پيو وڃي. فقيرن جي وڌندڙ گھڻائي کي نظر ۾ رکندي ھاڻي جمع ۽ آچر جي ڏينھن جو به راڳ جي اجازت ڏني وئي آھي ۽ ڪجھه ئي سالن ۾ شايد ڀٽائي جي درگاھ تي رات ۽ ڏينھن مسلسل راڳ ٻڌڻ لاءِ ملي وڃي.
    جڙيل فقير لنجواڻي ان ڪيھر فقير جو پڙپوٽو آھي، جيڪو ڀٽائي جي اوائلي راڳين منجھان ھڪ بھترين راڳي ھو. جنھن لاءِ اھا روايت مشھور آھي ته ڪيھر فقير پيھي تي بيھي اھڙي سريلي آواز سان پئي جھار ھڪلي جو ھالا کان موٽندڙ ڀٽائي جو راڳي مراد فقير سندس آواز تي موھت ٿي پيو ۽ کيس شاھ جو راڳ سيکارڻ لاءِ ڪيھر فقير جي پيءُ کان نينگر جي ٻانھن گھريائين. ھاڻي ڀٽ شاھ ڀرسان ڪيھر فقير ڳوٺ ۾ شاھ جا 8 10 راڳي رھن ٿا. جڙيل فقير لنجواڻي جو پيءُ جلال فقير به ڀلوڙ راڳي ھو. سندس پيءُ شاھ جي راڳين ۾ معتبر نانءُ سيد غلام شاھ جو پاسيئڙو ھو، جيڪو دنبوري جو بادشاھ ھو. سندس پٽ جڙيل فقير پنھنجي ذات جو اڳواڻ ٿيو. چاليھه سال راڳ ڳايائين. نوجوانن ۾ سريلو سمجھيو ويندڙ جمن شاھ سندس شاگرد آھي، پر جڙيل فقير جو گلو خراب ٿي پيو آھي ۽ ھاڻي ھو نٿو ڳائي. ”ھي علم ڏکيو آھي. اھو سمجھڻو پوي ٿو ته ڏيڊي ۾ ٽي ڌڪ لڳندا ۽ چوٿون خالي ويندو، ڌتالي ۾ وري چارئي لڳندا.“ جڙيڪ فقير چوي ٿو ”سڀني سرن جون تندون ۽ جڙ به ڄاڻان ٿو. ھن وقت فقير پنج تندون ٿا وڄائين، آئون ست وڄائيندو ھئس. ھو خوش ٿي ٻڌائي ٿو ته ”اسان جي امڙ به سڀ سر ۽ شاعري دنبوري وڄڻ سان ئي سمجھي ويندي آھي. گھر ۾ شاھ جو راڳ اوپرو ناھي. ھاڻي به دل چوندي آھي ته دنبورو کڻي گھر ۾ ئي ويھي ڳائيندو آھيان پر آواز ناھي.“ ھو شڪايت واري انداز ۾ چوي ٿو. شاھ جي راڳين وچ ۾ ڳائڻ لاءِ ست ئي راتيون ورھايل آھن. ھر رات ھڪ نئين ٽولي پنھنجي اڳواڻ جي اڳواڻي ۾ اچي پرھ ڦٽيءَ تائين پنھنجي مرشد کي ڀيٽا ڏئي ٿي. جمعي تي الھبچايو تمراڻي فقير جي اڳواڻي ۾ ڇنڇر تي فقير قربان لنجواڻي، آچر تي جمن شاھ، سومر تي تمراڻي فقير، اڱاري تي گل محمد خاصخيلي، اربع تي قادو فقير خاصخيلي خميس تي غلام حيدر خان ۽ فقير الھڏنو نظاماڻي ڳائين ٿا. جڏھن ته تازو ئي ڏينھن واري شروع ڪيل راڳ ۾ آچر ڏينھن الھڏنو نظاماڻي جو سؤٽ ۽ جمعي ڏينھن جمن ساھ ڳائين ٿا. ھر رات ۾ ھو شاھ جي 32 سرن مان چونڊ بيت ۽ وايون ڳائين ٿا. فقيرن ۾ ان ڳالھه تي اتفاق نظر نٿو اچي ته شروع شروع ۾ ڪيتريون راتيون راڳ ٿيندو ھو ۽ ڪجھه چون ٿا ته صرف جمعي ۽ سومر واري رات راڳ ٿيندو ھو. راڳ ٿيڻ تي سڀ مقفق آھن. ”اسان ڪو پيسن لاءِ ٿوروئي ٿا ڳايون.راڳ کي پنھنجو گذر سفر نٿا سمجھون، محنت مزدوري به ڪندا آھيون، منھنجي ٽيلرنگ جو دڪان آھي.“ جڙيل فقير وڌيڪ ٻڌائي ٿو ”درگاھ تي حاضري ھر حالت ۾ ڀرڻي پوي ٿي، گھر ۾ اٽو به نه ھجي پر درگاھ تي مقرر رات ضرور اچبو. اسان ته ان دؤر ۾ به ڳايو جڏھن بجلي نه ھوندي ھئي ۽ ڪو چانھه پيارڻ وارو به نه ھوندو ھو.“ جڙيل فقير ٻڌائي ٿو.
    فقيرن جي راڳ ڳائڻ جو ھڪڙو تسلسل سالن کان جڙيل آھي، جنھن تحت جڏھن فقير اچي پيڙھي تي ويھندا ته سر ڪلياڻ سان شروعات ڪندا، جنھن کان پوءِ يمن (ايمن) ڪلياڻ ٿيندو، ان کان بعد کنڀات ٿيندو پر جي چانڊوڪي نه ھوندي ته سريراڳ کڻندا، بعد ۾ سامونڊي ۽ آڌي رات جو سھڻي ڳائيندا. ”محرم ھجڻ جي صورت ۾ ڪيڏارو ڳائيندا، مينھن وسڻ جو مھينو ھوندو ته سارنگ ڳائيندا، ان کان پوءِ سسئي، آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري، حسيني، رات ججھي ٿي ويندي ته ڪوھياري ڳائيندا. ان سان گڏ ئي سورٺ، راڻو، سنڌي بروو، ھندي بروو، ڍول ماروي به ڳائيندا، بعد ۾ کاھوڙي، رامڪلي، ان دؤران بلاول، ليلان، ڏھر ۽ رپ جو موقعو مليو ته اھو به ڪري وٺبو ۽ آخري سر ماروي ڪبو.“ جڙيل فقير ٻڌائي ٿو. ھن سرن جو تناسب ٻڌائيندي چيو ته ”اونھاري جي رات ۾ 12 سُر ۽ سياري جي رات ۾ 17 18 سُر ٿي وڃن ٿا.“ بئلجم ۽ پيرس جا دورا ڪري آيل جڙيل فقير خبر ناھي ڇا سمجھي ان وقت جي وزيراعطم بينظير ڀٽو کي ڀٽائي جي اھا وائي ٻڌائي ھئي ته:
    ھاڙھي جي ھوت کي دل ساري
    خان بلوچ کي دل ساري
    بينظير ان وائي جو مفھوم سمجھي سگھي ھئي الاءِ نه، پر ھن فقيرن جي رھائش لاءِ ڪالوني جي تعمير جو تڪڙو ڪم ڪرائي کين گھر فراھم ڪيا ھئا. سندن وظيفن ۾ اضافو به شايد ان دؤر ۾ ٿيو ھو. ”ڇا توھان سان ڪڏھن ڪنھن روبرو شڪايت ڪئي آھي ته شاھ جو راڳ جنھن انداز ۾ توھان ڳايو ٿا سو ماڻھن کي سمجھه ۾ نٿو اچي؟ “ منھنجي سوال تي جڙيل فقير چوي ٿو”ھاڻي ڪافي ماڻھو چون ٿا، راڳ سمجھه ۾ نٿو اچي، مشڪل لفظ انھن کي سمجھائبو يا لکي ڏبو ته پوءِ سمجھي ويندا.“ جڏھن ته شاھ جي وائي ڳائڻ جي ھڪ ٻئي جھوني راڳي سيد غلام حيدر شاھ جو چوڻ آھي ته ”شاھ جي راڳ ۾ سرگم ناھي. ان جو سرگرم ٺاھي ئي نٿو سگھجي ھونئن به رڳو شاھ جو راڳ ڇو ڪوبه پڪو راڳ ماڻھن کي سمجھه ۾ نه ايندو آھي. شاھ جي وائي تند تار جي لحاظ کان ڳائجي ٿي ڄاڻو کانسواءِ ڪوبه سمجھي نه سگھي ته وائي کي تند جي لحاظ کان ڊگھو ڇو ڪرڻو پوي، بيت ته سولا آھن، پر وائي سمجھڻ ڏکي آھي.“ ھو چوي ٿو، ” ان ۾ ڪجھه فقيرن جو به ڏوھ آھي ته چٽو ڪري نٿا ڳائين. اسان به ڪوشش ڪريون ته راڳ چٽو ٿئي ۽ ماڻھن کي سمجھڻ ۾ آساني.“ جڏھن ته نوجوان اڳواڻ جمن شاھ جو چوڻ آھي ته ”نجي محفلن ۾ ته اسان پھريان اھا وائي تحت اللفظ چئون ٿا پر درگاھ تي ائين ناھي ڪرڻو.“ جڏھن ته گل محمد خاصخيلي فقير جو ارادو آھي ته ”شاھ جي راڳ کي سمجھائڻ لاءِ اسان ڪتاب لکنداسين ته جيئن ماڻھن کي سمجھڻ ۾ آساني ٿئي.“
    شاھ جا راڳي نه رڳو ٻاھرئين ملڪن جي دؤرن، پي ٽي وي ۽ ريڊيو تي سڏايا وڃن ٿا پر مختلف درگاھن تي ڊيوٽيون ڏيڻ به وڃن ٿا. جڏھن ته شادين وارين محفلن ۾ ھو ھرگز نٿا وڃن جڏھن ھو پيڙھو سنڀالي ويس ٻڌن ٿا ته کين ٻيڙي سگريٽ به ناھي پيئڻو. اھو ڪيھر فقير وارو زمانو ته ھاڻي ناھي رھيو جو شاھ جا راڳي بنا وقفي اٺن پھرن تائين پيا راڳ ڳائين پر ھاڻي به ھو راڳ ۾ وقفو نٿا ڪن. فقيرن کي چانھه پاڻي پيئڻو به پوي ٿو ته واري واري سان پي وٺن ٿا، پر راڳ ۾ وقفو نٿا ڪن. سڀني فقيرن وٽ ھڪ ھٿ جو لکيل ڀٽائي جو رسالو آھي، ھو ان کي ئي مستند سمجھن ٿا ۽ ڪنھن به ڇپيل شاھ جي رسالي کي ھو رجوع نٿا ڪن. ”اديبن ۽ محققن اسان سان ڪڏھن تعاون ناھي ڪيو. پنھنجي منھن رسالا ڇپرائيندا ٿا وتن. ڀٽائي چيئر ٿا کولين ته به شاھ جي فقير سان ڪو رابطو نٿا ڪن. يا ته اسان سان ويھي ھڪ ھڪاڻي ڪن يا (اٿارٽي بابت بحث) رسالو شايع ڪرائڻ وقت درستگي ڪرائين.“ جذباتي جمن شاھ چوي ٿو. ”شاھ جي راڳين ۾ ھڪ اڳواڻ ٿئي ٿو ٻيو سندس پاسيئڙو ۽ چار ٻيا پاسيئڙا جن منجھان ٻه گرامي ۽ ٻه سنھي وارا پاسيئڙا ٿين ٿا. سخت محنت ۽ رياضت کان پوءِ جيڪو فقير اڳواڻ ٿئي ٿو، ان کي ڪلام ياد ڪرڻو پوي ٿو. وراڻو به ياد ھجيس. بيت ۽ وائي جو ته کيس حافظ ھجڻ کپي پر تند وڄائي به ڄاڻي ۽ تند مان سُر ڪڍڻ به ڄاڻي. راڳين جو اڳواڻ ٿيڻ واري منزل صرف محنت سان ملي ٿي. ان ۾ عمرين جو حساب ناھي. ائين ته گھڻا فقير پنھنجي پوري حياتي ۾ پاسيئڙا ٿي رھيا ۽ اسان نوجوان اڳواڻ ٿي وياسين.“ اڱاري رات وارو اڳواڻ گل محمد خاصخيلي چوي ٿو. جنھن سکيا جي شروعاتي 6 مھينا پاسيئڙو ٿي ڳايو بعد جو سمورو عرصو ھو پنھنجي رات جو اڳواڻ بڻيل آھي.
    شاھ جي راڳين ۾ جيتوڻيڪ وقت سان گڏ واڌرو اچي ويو آھي پر انھن جي قابليت اڃان تائين ڪيترن ئي سينئر راڳين اڳيان سواليه نشان بڻيل آھي. ”شاھ جو راڳ ھاڻي بگڙي ويو آھي جيڪو اصل صورت وارو راڳ ھو اھو ھاڻي ناھي رھيو. ”جڙيل فقير چوي ٿو ۽ اھو به ٻڌائي ٿو ته جھل روڪ ته ڪنھن کي آھي ڪونه، جنھن کي وڻي ٿو دنبورو کڻي اچي ويھي رھي ٿو. جمعي واري ته وڏي رات آھي. ان رات جو ئي راڳ ڦٽل آھي ته باقي ڇا حشر ھوندو. ھو ٻڌائي ٿوته ”تمر جي پونئيرن وٽ به راڳ ناھي رھيو ته باقي ڇا؟ ھو چونڊي نٿا ويھارين بس رڳو پنھنجا ڏسي فقير ويھاريندا ٿا وڃن.“ جڙيل فقير موجب جڏھن بيت جون ھونگارون ئي غلط ٻڌندو آھيان ته درگاھ تان اٿي ھليو ويندو آھيان. سندس نظر ۾ جمن شاھ، خان محمد چانڊيو، قربان فقير ۽ ٻيا سٺو ڳائين ٿا. ”جيئن شاھ جا سمورا راڳي پنھنجي ڦوھ جواني کان راڳ سکڻ جي شروعات ڪن ٿا، تيئن ئي غلام حيدر شاھ به راڳ سکڻ جي شروعات ڪئي. ھن پنھنجي چاچي ۽ شاھ جي راڳ جي ماھر سيد غلام شاھ جي اتساھ سان بيتن جون ھونگارون ڏيڻ شروع ڪيون.“ پھريان ته ڏکيائي ٿيندي ھئي پر چاچا چيو ته روز ھڪڙو سر چئه. ائين چاچا سان ئي چار سال گڏ ڳائڻ کان پوءِ مان به سکي ويس.“ ڏھن ٻارنھن سالن جي عمر ۾ راڳ جي سکيا شروع ڪندڙ 70 سالن جي جھوني غلام حيدر شاھ ٻڌايو. ھاڻي ھو پان ڳائي ته نٿو پر سندس ڪمري ۾ دنبورو ۽ ٻيا ساز ھر وقت پيل رھن ٿا. ”ھي الھامي راڳ آھي، جنھن جو سرگم جڙي نٿو سگھي. سکڻ جو اھو ئي طريقو آھي ته استاد کي ٻڌي سکجي. اھائي چال ڪجي، جيڪا استاد ڪري.“ شاھ جي وائي جو ڪنھن وقت ڀلوڙ راڳي غلام حيدر چوي ٿو ۽ اھا به تنبيھه ڪري ٿو ته ھر ڪو پاڻ کي ڪاريگر سڏائي ٿو پر اصل ڪاريگريءَ جي ته امتحان ۾ خبر پوندي. گذريل ٻن سالن کان ھو نه رياض ڪري ٿو نه ئي درگاھ تي ڳائي ٿو. درگاھ تي شاھ جو ڪلام ڳائيندڙن جي غلطين سلطين بابت ڪيل سوال تي ھو چوي ٿو ته ”شاھ جي راڳ جي اصل صورت ته ڪونه بگڙي آھي باقي ڳائڻ وارن کان ڪجھه غلطيون سلطيون ٿين ٿيون. انھن کي درست ڪرڻ کپي.“ غلطين جي نشاندھي ڪير ڪري واري سوال تي ھو چوي ٿو ته ”جمن شاھ کي شوق آھي، ٻين کي سکاري ٿو پر اھي به منجھي پون ته مون وٽ اچن. اھا ھر ڪنھن کي خبر آھي ته وائي جو علم مون کان وڌيڪ ڪنھن وٽ ناھي. جيڪڏھن ڪنھن کي نٿو اچي ته مون وٽ ھليو اچي سکڻ ۾ ڪو حجاب ته ناھي.“ شاھ جي راڳين ۾ اوچتي آيل واڌاري سبب سينئر راڳي به کلي اھو اظھار ڪن ٿا ته جنھن کي بيت جو ھونگارو (اچار) ڪرڻ به درست نٿو اچي. انھن کي نه ويھاريو وڃي. ان اوچتي عددي واڌ جو سبب شاھ جي راڳين کي اوچتو مليل مڃتا واري اٽريڪشن ٻڌائي وڃي ٿي، جنھن ۾ کين پرڏيھي دورا ڪرايا وڃن ٿا. ماھوار ھڪ ھزار روپيا وظيفو ۽ رات جو عقيدتمندن پاران ملندڙ پيسا شامل آھن، جنھن ڪري ڪجھه فقيرن پنھنجن مٽن مائٽن کي ٽولين ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي. ھونئن ته شاھ جي راڳين جي عام ٽولي ۾ پنج يا ڇھن فقيرن جي ضرورت پوي ٿي پر ھاڻي ھر ٽولي 8 يا 9 فقيرن تي مشتمل ٿي وئي آھي. درگاھ تي ڳائڻ لاءِ ايندڙ فقير ھاڻي پاڻ سان گڏ ڌاڳن جو به چڱو تعداد کنيو اچن ٿا، جيڪي ڪجھه بيت پڙھي دنبوري سان گسائي انھن عقيدتمندن کي ڏين ٿا، جن کي مٿي جي سور ۽ چيلھه جي سور جون مستقل شڪايتون رھن ٿيون. انھن پڙھيل ڌاڳن عيوض اھي سوالي کين پيسا ڏيندا رھن ٿا. سينئر فقيرن جو خيال آھي ته اھڙي لاڙي سبب شاھ جي راڳ تي اھي فقير گھربل توجھه ڏئي نه سگھيا آھن. جڏھن فقيرن جي سرڪاري سرپرستي بابت سوال ڪيم ته جھونو راڳي غلام حيدر شاھ چوڻ لڳو ”سرڪار به ڪنھن جي سرپرستي ڪري، جنھن کي بيت ڏيڻ به نٿو اچي اھو به وظيفا ٿو کڻي، ٽڪيٽون ۽ پيسا ته جنھن مھل اچن ٿا، پوءِ ھي ڪنھن کان به ڪونه ٿا پڇن“ ھن ناپسندگيءَ واري انداز ۾ چيو. ڀٽائي جي فقيرن جي تربيت لاءِ سرڪاري اسڪول جو اعلان ته ڪيو پر اھو شروع نه ڪيو ويو. اسڪول جو بورڊ شھر کان ٻاھر ھنيو ويو جڏھن ته ڪجھه فقيرن جي صلاح ھئي ته تمر فقير واري اوطاق کي ئي شاھ جي راڳين جو اسڪول بڻائجي. ان اسڪول جا احڪامات سيد غوث علي شاھ تڏھن ڏنا جڏھن ھو وزير اعلى ھو پر اسڪول شروع نه ٿي سگھيو. سرڪاري سھاري جي آسري ويھڻ بدران پنھنجي ھمٿ ڪندي نوجوان راڳي جمن شاھ راڳ سيکارڻ جو پرائيوٽ اسڪول کولي ورتو آھي. گذريل 22 سالن کان درگاھ تي ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن ڳائيندڙ جمن شاھ اھو اسڪول پنھنجي اوطاق ۾ گذريل 2 سالن کان ھلائي رھيو آھي. ”شاگردن جي تربيت سر سامونڊي سان شروع ڪندا آھيون. کين ٻڌايون ٿا ته بيت جو ھونگارو (اچار) ھيئن ٿيندو. آواز سنھو ڇو ڪڍيو ۽ گھرو ڇو ڪبو“ سندس تيار ڪيل 8 شاگرد ھاڻي درگاھ تي ساڻس گڏ ڳائين ٿا. ھو شاگردن کان سکڻ جي ڪابه في وغيرھ نٿو وٺي پر کين چانھه ماني به فراھم ڪري ٿو. شاھ جي راڳين ۾ اھا ڳالھه به عام طور مشھور آھي ته استاد منظور علي خان شاھ جي راڳ کي سرگم وارن سرن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھو ائين ڪري نه سگھيو. جڏھن ته جمن شاھ موجب استاد بڙي غلام علي خان به چيو ھو ته جتي اسان جو راڳ ختم ٿئي ٿو، اتان شاھ جو راڳ شروع ٿئي ٿو. ”ھاڻي جڏھن اھو راڳ شروع ئي اتان ٿيندو ھجي ته اھو ڪيڏو نه مشڪل ھوندو؟ “جمن شاھ پڇي ٿو.
    شاھ جي راڳ سکڻ جا شوقين ۽ شاگرد اڪثر ڀٽ شاھ ۽ آسپاس جا ئي ماڻھو ھجن ٿا. انھن ۾ اڪثريت سيد، تمراڻين، لنجواڻين ۽ خاصخيلي برادري جي انھن فقيرن جي پونيئرن جي ھجي ٿي جيڪي شاھ جي راڳ وراي ويراڳ ۾ نسلن ۽ پيڙھين کان ورتل آھن. پنجاب واري سنجرپور جي چن شاھ کي ته الائي ڪھڙي عشق آندو جو ھو ڀٽ شاھ تي ٻه سال ترسي راڳ سکي پوءِ روانو ٿيو. ھاڻي ھو اھڙو صوفي بيوروڪريٽ آھي جيڪو شاھ جو راڳ ڳائي به آساني سان ڳائي سگھي ٿو.


    خزاني جي تلاش ۾ شھدادڪوٽي ڀائر

    شھدادڪوٽ ڀرسان ويٺل ٻه حافظ ڀائر فقير محمد ۽ دمساز علي ھونئن ته شھر جي ڪجھه خاندانن جي ٻارڙن کي قرآن شريف پڙھائيندا آھن ۽ اتان ملندڙ ٽيوشن في وارن پيسن مان پنھنجو گذر سفر ڪندا آھن پر سندن اصل شوق (ڪم) ڌرتيءَ ۾ پوريل خزانا ڳولڻ آھي. ان خفت ۾ ھو اڃا تائين ايترو ته گھرو گھڙيل آھن جو ان ڪم سانگي ڪنھن ٻاھرئين ملڪ ھلڻ لاءِ به تيار آھن. ھنن حافظ ڀائرن کي اھڙي خفت جي موٽ ڪا چڱي ڪونه ملي آھي ۽ ھو اڃا تائين ڪکاون گھرن ۾ رھن ٿا پر جڏھن به ڪنھن خزاني جي ڳالھه نڪري ٿي ته سندس اکيون چمڪي پون ٿيون ۽ ھو رات جو به کوٽائي تي ھلڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. ھو خزانو ڳولڻ وارو ڪم ڪنھن سائنسي طريقي سان ڪونه ٿا ڪن پر ھو پنھنجي حفظ (ياد) ڪيل وظيفن جي اڌار اھو ڪم ڪن ٿا. شھدادڪوٽ ڀرسان ننڍا سيلرا ڳوٺ ۾ ويٺل ڳاڙھين ڏاڙھين ۽ پٽڪن وارا معذور حافظ ڀائر پنھنجي ئي گھر جي آڳنڌ ۾ ٺھيل اوطاقڙيءَ ۾ ٻڌائين ٿا ته ”اھو خفت کين جوانيءَ کان ئي شروع ٿيو.“ جڏُھن اسان پنجويھه ڇويھه سالن جي عمر ۾ قرآن جو حفظ ڪيو ته اسان کي وڌيڪ وظيفن ۽ وردن جوبه شوق ٿيو. پنھنجي استاد عيسى خان مستوئي جي ڏسيل وظيفي کي پڙھڻ لاءِ اسان ٻنھي ڀائرن جوانيءَ جي 9 سالن جون راتيون ڪڙڪ قبرستانن ۾ گذاريون.“ وڏو ڀاءُ حافظ فقير محمد ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ ھو ته ان وظيفي جو مقصد جنات (جنن) کي قابو ڪري پنھنجي مقصدن (خزانو ڳولڻ) خاطر استعمال ڪرڻو ھو. ”انھن نون سالن دؤران قبرستان ۾ رات جو برساتون به پيون، جن کان بچاءِ لاءِ اسان کڏون کوٽي ويھي وظيفا پڙھيا. گرمين ۽ سردين کي ته منھن ڏنوسين پر جنات جا حملا به سھي وياسين.“ دمساز علي ٻڌايو. ھو چون ٿا ته ٻئي ڀائر ساڳئي قبرستان ۾ الڳ الڳ دائرو ٺاھي ليڪي اندر ويھي وظيفا پڙھندا ھئا ۽ جنات اھو ليڪو لتاڙي اندر اچي نه سگھندي ھئي ۽ ليڪي ٻاھر اسان کي ڊيڄاڙڻ لاءِ کيل تماشا ڪندا ھئا. ڪڏھن باھ جا آلا پيا وسندا ھئا ته ڪڏھن مُردا اٿي ھلڻ شروع ڪندا ھئا. ڪڏھن وري ھٿياربندن جو گھيرو ٿيل نظر ايندو ھو. فقير محمد ٻڌائي ٿو ته ”ان نون سالن جي وظيفي وارن آخري ڏينھن ۾ ھڪڙي رات وڏو ڌماڪو ٿيو ته اھو چاقو جيڪو وظيفي مھل ھٿ ۾ ڪري ويھڻو پوندو ھو. اھو وڃي زمين ۾ لڳو ته ھڪ وڏي ڪيھه (دانھن) ٿي. ان دانھن کانپوءِ ھڪڙي ڪاري رنگ جي کل اچي اسان آڏو ڪري ته بدن مان سيسراٽيون نڪري ويون. اھڙي واقعي کانپوءِ ھلڪو بخار شروع ٿيو، جيڪو يارنھن ڏينھن تائين ھليو ۽ جڏھن بخار ڇڏي ويو ته چيلھه کان ھيٺ بدن مان طاقت ڇڏائجي وئي ۽ اسان ٻئي ڀائر معذور ٿي وياسين.“ سندن معذوريءَ بابت ٻنھي حافظ ڀائرن پاران چيل ڳالھه کي چيلينچ ڪرڻ وارو ڪو به نه مليو ۽ ڳوٺ توڙي آسپاس جي ماڻھن اھو چيو ته اسان سدائين کين معذور ئي ڏٺو آھي. معذور ٿيڻ کانپوءِ ھنن تعويذ لکڻ جو ڪم به شروع ڪيو پر سندن اصل ڪم خزانا تلاش ڪرڻ ئي رھيو. سندن چيل ڳالھين موجب جنات کين معذور ڪري ڇڏيو ۽ ھو جنات کي قابو ۾ نه آڻي سگھيا پر ھو چون ٿا ته ”ھاڻي به اسان جي علم ۾ ايتري طاقت آھي جو جنات اسان کي نقصان نٿي پھچائي سگھي ۽ نه ئي اسان جنات کان ڊڄندا آھيون.“ جنن کي جيڪو ڪرڻو ھو سو بقول سندن ڪري ويا پر گذريل لڳ ڀڳ ويھن سالن کان ھو خزانن جي تلاش ڪندا رھيا آھن ۽ ويھين جڳھين تي کوٽائي به ڪري چڪا آھن. جنھن مان کين ٿوري گھڻي ڪاميابي به ملي آھي.
    جيئن ته اھي خزانن جي ڳولا جو ڪم سائنسي بنيادن تي نٿا ڪن انڪري وٽن ڪي به کوٽائي جا مخصوص اوزار ۽ نقشا وغيرھ ناھن. ھاڻي ھو پنھنجي پاران ڪا به مھم نٿا ھلائين پر ماڻھن جو انتظار ڪن ٿا، جيڪي اچي کين ڪنھن پراڻي جاءِ تي لڪل خزانو وارو شڪ ٻڌائين ٿا ۽ ھو انھن ماڻھن سان گڏجي وڃي رات جو ان جڳھه تي وظيفا پڙھي کوٽائي شروع ڪرائين ٿا. پنھنجي ايڊونچر جھڙن تجربن بابت ٻڌائين ٿا ته ھڪ ڀيري مگسي برادري جي ماڻھن سان گڏجي قبو سعيد خان کان مٿي وڃي پراڻي دڙي تي پڙھائي شروع ڪئي. ھو ڇھه ڄڻا ھئا، اسان ٻه ڀائر ھئاسين. کوٽائي دوران دڙي مان ٽامي جو ھڪ ديڳڙو مليو،جنھن جو منھن چمڙي سان ٻڌل ھو. اھو ديڳڙو کڻي ھنن گاڏيءَ ۾ وڌو ۽ پاڻ ۾ ٻروچڪي ٻولي ۾ ڳالھائڻ لڳا ته اسان کي سندن نيتن تي شڪ ٿيو، اسان ھڪٻئي کي چيو ته خزانو ته ڀلي کڻن پر سرن جو خدا خير ڪري. انھن ھمراھن اسان جا ئي پٽڪا لاھي انھن سان اسان جون ٻانھون پويان ٻڌيون ۽ وات به ٻڌي ھليا ويا. سياري جي رات ۾ ڦٿڪي مري وڃون ھا پر لاڏائن جو قافلو اچي لانگھائو ٿيو ۽ اھي اسان کي قبو سعيد خان ۾ ڇڏي ويا.“ فقير محمد ۽ دمساز پنھنجيون ڳالھيون ٻڌائيندي کلي پون ٿا ”ڪجھه ڏينھن کان پوءِ خبر پئي ته ان ديڳڙي تان اھي پاڻ ۾ به وڙھي پيا ۽ ٽي خون ٿي پيا. ان ديڳڙي ۾ ڇا ھو؟ اھا اسان کي اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آھي.“ ھو پنھنجي واحد ڪاميابي متعلق ٻڌائين ٿا ته بگو دڙو ڀرسان بادشاھ سوداگر واري دڙي جي کوٽائي دوران ڇھن بروھين ۽ اسان ٽن ڄڻن کي سون مليو جنھن مان ھر ھڪ جي حصي ۾ اسي اسي ھزار روپيا آيا.
    ھو ڪنھن به خطري ۽ ڦشريءَ کان بچڻ لاءِ رات جو کوٽائي ڪن ٿا. ڪجھه دڙن مان کين ھڏا، پٿر ۽ ٺڪر ملن ٿا جڏھن ته ڪجھه دڙن مان مليل شيون ٻاھر ڪڍڻ سان ئي سڙي وڃن ٿيون. ھو پنھنجيون آکاڻيون ھاليووڊ جي ڪنھن ھارر (ڊيڄاريندڙ) فلم جيان ٻڌائين ٿا. فقير محمد موجب ھڪڙي قبرستان جي کوٽائي دوران مردا نڪري گھمندا پيا رھن. اسان جيئن مردي کي ڪڍي رکيو ته اھو گم ٿي پئي ويو. اھڙي ماجرا کان پوءِ اسان کوٽائي بند ڪري واپس اچي وياسين.
    ھو سڄو وقت بادشاھن، سوداگرن، محلاتن، پوريل خزانن، جنن، ڀوتن ۽ ديون جون ڳالھيون ڪندا رھن ٿا. پر سندن صدمو اھو آھي ته ھو پنھنجي ئي راھ جا ڀٽڪيل مسافر بڻيل آھن، جيڪي خزانن جي ڳولا ۾ برپٽن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا وتن ٿا پر ڪا اھڙي سٽ يا منتر کانئن گٿل (وسريل) آھي، جيڪو سندن سمورا سانگ سجايا ڪري. ٻنھي حافظ ڀائرن معذور ٿيڻ کان پوءِ شاديون ڪري گھر گھاٽ به وسايا آھن. حافظ دمساز کي پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون آھن، جڏھن ته حافظ فقير محمد کي ھڪڙو پٽ ۽ ٻه نياڻيون آھن. ھو چون ٿا ته معذوريءَ سندن ھيٺيئون ڌڙ ته ختم ڪري ڇڏيو آھي پر سندن مردانگيءَ تي ڪو اثر نه پيو آھي. پنھنجي حياتي خزانن جي تلاش ۾ ئي وڃائيندڙ ھي حافظ ڀائر جيتوڻيڪ ھاڻي پوڙھا ٿي ويا آھن پر کين اڃا اميد آھي ته ڪڏھن نه ڪڏھن کين خزانو ھٿ اچي ويندو. ”خزانو مليو ته ملڪيتون وٺنداسين.“ ھو خوش ٿي چون ٿا ۽ ٻڌائين ٿا ته سڀاڻي رات به ھڪڙا ماڻھو اچي کڻي ويندا ۽ ھو خزانو ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا. ھو پاڻ ته خزانو ڳولھيندي حياتيون گذاري ويٺا آھن پر سندن اولاد جو ان طرف لاڙو نه ٿي سگھيو آھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 536
    ڪتابن جو مشاهدو: 564100
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 214825
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ