ڪتاب جو نالو: چيڪلو
مصنف: ڪرشن چندر / بيدل مسرور بدوي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 12 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 522 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 640 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ آيل سڀئي ڪردار سٺ سال پراڻا هوندي به اڄ جي پڙهندڙن جا ڏٺل وائٺل لڳن ٿا، ۽ جيڪا اهم ڳالهه هن ناول ۾ آهي، اها هيءَ آهي ته هن ناول ۾ ڪو وڏو فلسفو بيان ڪيل نه آهي پر هڪ عام زندگيءَ کي بلڪل عام انداز سان پيش ڪيو ويو، آهي، ها البت هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪرشن چندر ڪٿي ڪٿي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي ظاهر ڪري پنهنجي اديب واري ذميداري به نڀائي آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • سنڌيڪار پاران
  • قسط 1
  • قسط 2
  • قسط 3
  • قسط 4
  • قسط 5
  • قسط 6
  • قسط 7
  • قسط 8
  • قسط 9
  • قسط 10
  • قسط 11

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران سنڌي ڪتابن لاءِ آنلائين ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلو شروع ڪيو آهي. ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (120) ”چيڪلو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ناول نگار ڪرشن چندر جي ناول ڪارنيوال جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار بيدل مسرور صاحب آهي.
    ٿورائتا آهيون سائين بيدل مسرور صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سنڌيڪار پاران

    ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ آنن ۽ رپين جو ذڪر پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته هي ناول ان زماني جو لکيل آهي، جڏهن هڪ پئسي جي قيمت اڄ جي هڪ سئو رپين کان وڌيڪ هوندي هئي، شايد 1960ع جي شروع ۾ جنهن کي پڙهندي اڄ کان سٺ سال اڳ واري زماني جو ماحول سامهون اچي ٿو بيهي ۽ سندس ڪهاڻيءَ جي پروگريشن، واقعا نگاريءَ يا ڪردار نگاريءَ تي وڏي دسترس جو مثال، سندس ابتدائي دور جي هن ”ڪارنيوال“ ناول کي پڙهڻ مان به ائين ئي ملي ٿو، جيئن بعد وارن ناولن ۾ ڪرشن چندر پنهنجي سوچ ۽ فڪر، کي پنهنجي خاص اسلوب، ٻوليءَ، منظرنگاري، زمان، مڪان، رهڻي ڪرڻي، واقعن يا وارداتن، ۽ ڪردار نگاريءَ ذريعي، پنهنجي پڙهندڙ کي گڏ وٺي هلڻ جو پورو بندوبست رکيو آهي. ڪرشن چندر هن ناول ۾ مرڪزي ڪردارن لالي“ (ڪارنيوال ۾ هوڪو ڏئي ماڻهن کي گڏ ڪندڙ) ۽ بجليءَ واري چيڪلي تي چڙهڻ جي شوق ۾ ايندڙ ٻن ننڍين نيٽين ڪرسچين ڇوڪرين ”رسنا“ ۽ ”شوڀا“ جي نجي ۽ گهريلو زندگيءَ تي فوڪس ڪري، انساني جذبن جي نهايت سٺي اپٽار ڪئي آهي ۽ خاص طور ناول جي مکيه ڪردار (لاليءَ) جي نفسيات سان ڪرشن چندر نهايت ڀلي نموني نڀايو آهي.
    ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ آيل سڀئي ڪردار سٺ سال پراڻا هوندي به اڄ جي پڙهندڙن جا ڏٺل وائٺل لڳن ٿا، ۽ جيڪا اهم ڳالهه هن ناول ۾ آهي، اها هيءَ آهي ته هن ناول ۾ ڪو وڏو فلسفو بيان ڪيل نه آهي پر هڪ عام زندگيءَ کي بلڪل عام انداز سان پيش ڪيو ويو، آهي، ها البت هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪرشن چندر ڪٿي ڪٿي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي ظاهر ڪري پنهنجي اديب واري ذميداري به نڀائي آهي، مثال طور هڪ جاءِ تي شوڀا جي پاران پنهنجي سوچ کي هن انداز سان لکيو اٿس:
    ”ماڻهن جي اڌ زندگي پنهنجو پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ گذري ويندي آهي، ان جي ابتڙ اسان سڀئي ماڻهو…. سڀ نه به ته… ٻه ئي سهي…. پاڻ ۾ ملي، جيون جون غلطيون اڌ اڌ ڪري پاڻ ۾ ورهائي وٺون، هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ کانسواءِ…! اسان جڏهن سک ورهائي سگهندا آهيون، ڏک ورهائي سگهندا آهيون ته الزام به ورهائي وٺجن ته جيڪر زندگي ڪيتري نه خوش حال ٿي پوي.“
    ان خوشحال زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو ”جوکم“ نه کڻندڙ ڪرشن چندر جو مرڪزي نر ڪردار ”لالي“ پاڻ صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿو، ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ناول جي پڄاڻيءَ وقت زندگيءَ کي اجايو اجايو گذاري ڇڏڻ جو افسوس نه رڳو ”لاليءَ“ جهڙي ڪردار متعلق پيدا ٿئي ٿو پر خود پڙهندڙ تي به؛ پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ گذاريل اڌ زندگيءَ تي به ٿئي ٿو. افسوس جي اها ڪيفيت وقت جي گذري وڃڻ کانپوءِ ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ ٿي ٿئي، اها ڪيفيت ڪرشن چندر تمام شدت سان محسوس ڪرائي آهي.
    ڪرشن چندر جي هن ناول جو ترجمو مون لڳ ڀڳ هڪ ئي ساهيءَ ۾ ڪيو آهي، ۽ مون کي منهنجي مطالعي ايتري رهنمائي ڪئي آهي جوهن ناول کي اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندي، مدد لاءِ هڪ ڀيرو به ڊڪشنري استعمال نه ڪئي آهي، سواءِ اردو لفظن ”دائين ۽ بائين“ يعني ”ساڄي ۽ کاٻي“ جي، ڇاڪاڻ ته ”مارڪسي فلسفي“ پڙهڻ جي ڪري مون کي اڄ تائين اهي ٻئي لفظ مونجهائيندا رهيا آهن ته بائين کاٻو ٿيندو يا دائين کاٻو ٿيندو، ان ڪري اهي ٻئي اکر لکي مون پنهنجي سامهون رکيل ڪمپيوٽر سليٽ تي اٽڪائي ڇڏيا آهن ته آئيندي ڪنهن ڀولي (غلطيءَ) کان بچندو رهان.
    بهرحال! مان سمجهان ٿو ته مون هي ترجمو ايترو سٺو ڪيو آهي جو منهنجي هن ترجمي سان ڪرشن چندر جي روح کي ڏاڍي خوشي ٿيندي، ۽ مون کي اميد آهي ته ڪرشن چندر جي هن ناول ”ڪارنيوال“ (چيڪلو) جو سنڌي زبان ۾ ترجمو پڙهندڙ کي به ضرور پسند ايندو.

    بيدل مسرور بدوي
    20، جنوري 2013ع
    ڪراچي، سنڌ


    قسط 1

    اصل ۾ هن جو نالو ”شوڀا“ نه هو، روزي هو. پرجيئن ته هوءَ مسٽر بوس جي گهر تي رڌپچاءَ جو ڪم ڪندي هئي، ان ڪري هن پنهنجو نالو شوڀا رکي ڇڏيو هو. اڄڪلهه ائين ئي ڪرڻو ٿو پوي، هندن جي گهر تي ڪم ڪريو ته واڻڪو نالو رکڻو ٿو پوي، مسلمانن وٽ مسلمانڪو ته عيسائين وٽ عيسائين وارو نالو رکڻو ٿو پوي، اڄڪلهه دنيا اهڙي ٿيندي ٿي وڃي، جو اصل نالو رڳو وڏا ماڻهو ئي رکي سگهن ٿا. وڏن وڏن شهرن ۾ غريب پورهيت پنهنجي کيسي ۾ پنج ڇهه نالا ضرور رکندا آهن، جن کي هو حال آهر استعمال ڪندا آهن، نه ته روٽي ڪمائڻ مشڪل آهي.
    هن جو چهرو به ٿورو هندواڻو هو ۽ هوءَ پنهنجي ماءُ جيان سدائين ساڙهي پائيندي هئي. اکيون جهڪائي ڳالهائيندي هئي، ڪافي لڄ شرم سان رهندي هئي. هونئن ڏسڻ ۾ ڪا وڌيڪ سهڻي به ڪانه هئي، ڏٻري، سانوري پر سندس اکين ۾ ڪا ڳالهه ضرور هئي، جو ڏسڻ وارن کي هن ڏانهن ٻيهر ڏسڻ تي مجبور ڪندي هئي، ۽ ٻيهر ڏسڻ تي وري پهرين کان به وڌيڪ سٺي لڳندي هئي. هن جا اداس چپ هر وقت سڏڪا ڀريندي محسوس ٿيندا هئا ۽ اکيون ترس کائڻ تي مجبور ڪنديون هيون. هن کي ڏسندي دل چوندي هئي ته جيڪر هڪ اڌ هٿ هڻي وٺجيس، ۽ پوءِ ٻچڪر ڏئي پيار ڪري وٺجيس. هوءَ پنهنجي ماءُ ”صوفيه مندرال“ سان يارهن سالن جي هئي جو گڏ بمبئيءَ آئي هئي. منگلور جي ڪنهن ڏورانهين مسيحي وستيءَ کان، جتي ٽن سالن کان ڏڪر پئي پيو، ڏاڍي غربت هئي ۽ مائٽن ۾ به مهر ڪانه هئي، پيءُ به سندس ٻالجتيءَ ۾ ئي مري ويو هو. هن جي ماءُ پهرين بورچياڻي هئي ۽ ٻهارا به ٺاهيندي هئي. هاڻي هن جي ماءُ مري وئي هئي، ۽ هاڻي هوءَ پاڻ بورچياڻي هئي.
    ماڻس رڌپچاءَ جي ڪمن ۾ کيس اهڙو ماهر ڪري ڇڏيو هو جو هوءَ هاڻي هر قسم جا کاڌا پچائي سگهندي هئي. ۽ پنهنجي سٺي سلوڪ سبب جتي ويندي هئي، پنهنجي مالڪن جي دل لٽي وٺندي هئي. پر ان سان ڇا ٿو ٿئي! هڪ سٺي بورچيءَ کي عام گهرن ۾ ستر رپين کان وڌيڪ پگهار نه ملندي آهي. بس سٺ ۽ ستر جي وچ ۾ ئي کيس ڪم ملندو هو. ظاهر آهي، اها رقم تمام گهٽ هئي.
    پنهنجي ئي گهر ۾ هوءَ ڇهن درجن تائين پڙهي هئي، البت سندس پيءُ جيئرو هجي ها ته شايد ميٽرڪ تائين پڙهي وٺي ها، ۽ ممڪن هو ته کيس ڪو سٺو مڙسالو به ملي وڃي ها. هاڻي ته خير هوءَ اهڙين ڳالهين متعلق گهٽ سوچيندي هئي، پر جيڪو ڪجهه سوچيندي هئي، ان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو هو ته هن جو دماغ ڪجهه هڪ سوچيندو هو ته سندس بدن ڪجهه ٻيو سوچيندو هو، جوانيءَ ۾ گهڻو ڪري ائين ئي ٿيندو آهي.
    هن کي مهيني ۾ چار ڀيرا اڌ ڏينهن جي موڪل ملندي هئي، ۽ هوءَ ان موڪل جي دوران سدائين پنهنجي ساهيڙي ”رسنا“ کي، جا هن وانگر منگلور جي ڪنهن ٻئي ڳوٺ منجهان آئي هئي، ساڻ ڪري ڪنهن سينيما ۾ گهڙي ويندي هئي. رسنا ڪڻڪ رنگي، قد جي ڊينڊي، متاري پر تڪڙي ڇوڪري هئي، هن کي بمبئيءَ آئي هڪ سال به نه گذريو هو ان ڪري هوءَ اڃان تائين ڳنوارڻ، وات ڦاٽوڙي، ڄٽي ۽ ڪجهه ڪجهه بيوقوف به هئي، شهري رنگ ڍنگ اڃان هن کي ڪونه ٿي آيا، پر لڳو ٿي ته اچي ويندس، بمبئيءَ جو شهر گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيندو آهي.
    پر جڏهن کان ”ماهم ڪريڪ“ تي سمنڊ ڪناري ڪارنيوال لڳو هو، شوڀا سينيما وڃڻ ڇڏي ڏنو هو، ۽ شوڀا سان گڏ رسنا به… ڪارڻ ”لالي“ هو، ۽ اهو به سچ هو ته رڳو شوڀا ۽ رسنا ئي نه پر باندري، کار، سانتاڪروز، ماهم ۽ اوري پري جو ڪيتريون ئي ڪرسچين ڇوڪريون، آيائون، نرسون ۽ ٽائيپسٽ ڇوڪريون هن تي فدا هيون.
    عورتن کي سنڀالڻ لالي کي ڏاڍو ايندو هو، سندس نراڙ تي عجب جا نشان سدائين رهندا هئا، سندس مرڪ به موهيندڙ هئي، جنهن تي عورتن به دليون به لٽائي ويهنديون هيون، وري ڪپڙا به سٺا پائيندو هو، جيڪي هن جي ڊگهي قد تي اڃان به سهڻا پيا لڳندا هئا. هن جو جسم ڀريل ۽ طاقتور هو، خاڪي رنگ جا چمڪندڙ جوتا، جن تي هلڪي خاڪي رنگ جي پينٽ، مٿان وري گهري ڳاڙهي رنگ جي جرسي پائي، ڊگهي اسٽول تي بيهي، ڪارنيوال جي ٻاهران، مسز هوشنگ ٻائيءَ جي بوٿ (دڪان) جي اڳيان، جڏهن هوڪو ڏئي، بجليءَ جي چيڪلي تي چڙهڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪندو هو ته سندس دلچسپ لطيفن ۽ جملي بازي ٻڌڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ لڳي ويندا هئا، جن ۾ گهڻو تعداد ڇوڪرين جو ئي هوندو هو. ۽ ان کان به وڌيڪ هيٺين طبقي جون ڇوڪريون…. اڪثر انهن ڇوڪرين سان گڏ ايندڙ عاشق، ڀائر يا سندن مڙس، لاليءَ کي ڏسي گهڻي ڀاڱي بيزاريءَ جو اظهار ڪندا هئا، پر ڇوڪريون انهن جي ٿوري به پرواه نه ڪنديون هيون، ۽ پرواه ته لاليءَ کي به نه هئي. هن جو مضبوط ۽ دنبو جسم ڏسي ساڻس وڙهڻ جي به ڪنهن کي همٿ ڪانه ٿيندي هئي، ۽ لالي به حالتون ڏسي پوءِ ڪنهن ۾ هٿ وجهندو هو. ڪڏهن کلي پوندو، ڪڏهن وڏائيءَ کان منهن ڦيري ڇڏيندو، ڪڏهن اسٽول تان لهي پاڻ ئي ڇوڪرين جي هٿن مان رپيا وٺي مسز هوشنگ ٻائيءَ جي بُوٿ تان ٽڪيٽ خريد ڪري گراهڪن کي ڏيندو هو، ڪنهن هڪ سان مذاق ڪندو ته ٻئي سان سنجيدگيءَ وچان نمستي، ۽ ٽئين سان وري آداب عرض. ڪنهن سڃاڻڻ واري کي اک ڀڳائين ته ڪنهن گهٻرايل ڇوڪريءَ جي پٺيءَ تي شفقت وچان ٿپڪي ڏئي، نهايت نرميءَ سان دروازو ٽپائي اندر ڌڪي ڇڏيندو هو، هڪ اهڙي موهيندڙ مرڪ ۽ هٿ جي ڇهاءَ سان … جو سندس مرداڻو ڇهاءَ جيڪر ڪيترين ئي ڇوڪرين کان، وڏي ڄمار تائين نه وسري سگهي، ايتري قدر جو مسٽر جهمبولا يا جسونت سنگهه يا مراري بابوءَ جي رنڌڻن ۾ … باسڻ ڌوئيندي به اڪثر انهن ڇوڪريءَ کي، لالي جي اها موهيندڙ مرڪ سدائين پئي هيانءَ تي هُرندي هوندي.
    هو بمبئي واسي نه لڳندو هو، ’ستارن جي پويان ڪنهن دنيا مان آيو هوندو. اربيلي جوانيءَ ۾ سرشار …‘ رومانوي خوابن ۾ گرفتار … ڪيتريون ئي نوڪري ڪندڙ ڇوڪريون، هن لاءِ هميشه ائين ئي سوچينديون هيون.
    شوڀا به ائين سوچيندي هئي، پر فرق اهو هو ته ٻين ڇوڪرين جيان اڄ تائين هن جي اها همٿ ڪانه ٿي هئي ته لاليءَ سان اکيون ملائي ڳالهائي سگهي، يا ٻين ڇوڪرين وانگر ان تي ڪو چنچل جملو هڻي وٺي، ۽ وري موٽ ۾ هن جي ٻٽي معنيٰ واري جملي ٻڌڻ لاءِ تيار رهي. لاليءَ کي پنهنجي ويجهو ڏسي، شوڀا اڃان به پاڻ سوڙهو ڪري وٺندي هئي، سندس مُک تي لڄ جون لهرون ڊوڙڻ لڳنديون، اکيون ٻوٽجڻ لڳنديون هيس ۽ ساهه کڻڻ به مشڪل ٿي پوندو هوس ۽ دل ايتري زور سان ڌڙڪندي هئس جو ان جو آواز ناممڪن آهي ته لاليءَ جي ڪنن تي نه پهچندو هجي. هوءَ پنهنجي دل جي دَهِڪَي تي سدائين پريشان ٿيندي هئي. جنهن ڏينهن لاليءَ کيس ٽڪيٽ ڏيندي، رسنا سان گڏ ڀيڙ ۾ سندس چيلهه وٽ هٿ هڻي، کيس اندر ڌڪي ڇڏيو هو، اها پياري حرڪت ته شوڀا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي، هوءَ چاهي پئي ته؛ ’جيڪر ڪارنيوال مان ٻاهر نڪري وڃي ته جيئن لالي وري کيس ڌڪو ڏئي گيٽ جي اندر موڪلي وٺي، پر اهو ممڪن نه هو، دنيا ڇا چوندي.‘
    مسز هوشنگ ٻائي، لاليءَ جي مقبوليت جو پورو پورو فائدو، پنهنجي بوٿ تي ٽڪيٽ وڪڻڻ لاءِ وٺندي هئي، وري لاليءَ تي ڪڙي نظر به رکندي آهي، ۽ ڪنهن خاص ڇوڪريءَ سان ملڻ جلڻ کي پسند ئي نه ڪندي آهي، پر لالي به ڏاڍو مغرور هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس مزاج ۾ بيزاري به هوندي هئي، حالانڪ بارڪر (گراهڪن کي واڪا ڪري سڏيندڙ) کي پنهنجي بيزاريءَ جي اظهار جي اجازت ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته بارڪر جو ڪم ٻاهر بيهي پنهنجي پنهنجي بوٿ لاءِ ماڻهن کي ڪٺو ڪري، انهن کي ٽڪيٽ خريدڻ جي ترغيب ڏيڻ هوندو آهي، پر لالي هوڪو اهڙي ته ڍار سان ڏيندو هو جو ماڻهو به تمام جلدي ڪٺا ٿي ويندا هئا، ۽ ايترا ته وڻندڙ لطيفا ٻڌائيندو هو، ايتريون ته ٽڪيٽون وڪڻائيندو هو، جو چئي کڻي چپ ڪر… وري ڇوڪرين ۾ به ايترو مشهور هو جو سندس مغروري، ڌَنَڪ سان ڳالهائڻ يا سندس مزاج جي بيزاري به وڏيءَ دل سان برداشت ڪئي ويندي هئي، ۽ اها آزادي ڪنهن ٻئي، ماڻهن جي ميڙ گڏ ڪندڙ کي حاصل نه هئي، حالانڪ ڪارنيوال ۾ مختلف تماشن تي مقرر هڪ درجن کان وڌيڪ بارڪر موجود هئا، جيڪي پنهنجي پنهنجي بوٿ لاءِ رات ڏينهن پيا رڙندا هئا، پر جيڪا مقبوليت لاليءَ کي حاصل هئي، اها ڪنهن ٻئي هوڪي ڏيڻ واري جي نصيب ۾ ڪانه هئي.


    قسط 2

    لاليءَ جي نظرن ۾ شوڀا جي ڪا حيثيت نه هئي، شروع ۾ ٽي چار ڀيرا ته شوڀا ڏانهن هن جو خيال نه به ويو هو، پر پوءِ شوڀا جي بار بار اچڻ تي، ۽ رڳو هن جي ئي بوٿ تان ئي ”چيڪلي“ جي ٽڪيٽ وٺندي، جيئن ٻيون ڇوڪريون ڪنديون هيون، ساڻس ڳالهائڻ کانسواءِ ئي خاموشيءَ سان، اٻاڻڪائيءَ وچان دروازي مان اندر وڃڻ سبب …، لاليءَ کي شوڀا ۾ دلچسپي پيدا ٿي وئي هئي. پر رڳو دلچسپي ئي … ڇاڪاڻ ته هن جي نظرن ۾ ٻيون به ڇوڪريون هيون، جيڪي هيون ته شوڀا واري ئي طبقي جون، ۽ شوڀا کان وڌيڪ سهڻيون به هيون، نوڪرياڻين واري لڏي ۾ به پنهنجي طرز جو حسن ٿئي ٿو. هونئن ڏٺو وڃي ته لاليءَ کي ڪنهن جي پرواهه ڪانه هئي، ايتري قدر ڇوڪريون مٿس مرنديون هيون جو هاڻي بجاءِ ان جي ته هو ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت جو اظهار ڪري، پاڻ ڇوڪرين جي طرفان محبت جي اظهار جي اميد رکندو هو.
    ۽ هاڻي ته هو ان ڳالهه جو عادي ٿي ويو آهي، هاڻي جيڪڏهن هو ڪنهن کي کلي نهاريندو به هو ته اهڙي انداز سان ڄڻ هو ڪنهن تي مهرباني ڪندو هجي. ان ئي انداز سان اڄ، ”ڪاٺيءَ جي مور“ تي ويٺل شوڀا جي چيلهه ۾ انتهائي نرمائيءَ سان هٿ وجهي، بس هڪ لمحي لاءِ سندس چيلهه کي سرشار ڪري الڳ ٿي ويو هو ۽ وڃي چيڪلي کي چالو ڪيو هئائين. هن جي ان حرڪت کي رسنا به ڏسي ورتو هو، جيڪا شوڀا جي بلڪل ڀرسان، هڪ ”ڪاٺيءَ جي ٺهيل چيتي“ تي سواري ڪري رهي هئي. لاليءَ جي ان حرڪت کي هوشنگ ٻائيءَ به ڏسي ورتو هو، جا ان بجليءَ تي هلندڙ چيڪلي جي مالڪياڻي هئي. هوءَ ان وقت چيڪلي کي هلائڻ جي موقعي تي، پنهنجي هوڪي ڏيڻ واري لاڏلي لاليءَ لاءِ ٻه کارا بسڪيٽ ۽ هڪ چانهن جي پيالي کڻي سامهون پهچي چڪي هئي، جنهن کي ڏسندي ئي شوڀا، لڄ کان منهن ڦيري ڇڏيو هو.
    شوڀا اڄ تائين لاليءَ کي هڪ لفظ به نه چيو هو، ۽ اها ئي ڳالهه هوشنگ ٻائيءَ کي نهايت خطرناڪ پئي لڳي. نوڪرياڻين وارو ڪم ڪندڙ ٻين عورتن ۽ ڇوڪرين سان، جيڪي هر وقت پنهنجي هلڪيون ادائون ڏيکاري لاليءَ کي وڪوڙي ويٺيون هيون، انهن عورتن کان هوشنگ ٻائيءَ، ڪو خطرو محسوس نه ڪيو هو، پر هن ڏٻرڙي، سانوريءَ جي دٻيل خاموشيءَ ۽ اڇاتري نهار کان ڊڄڻ لڳي هئي؛
    ’هيءَ ڇوڪري به هاڻي روز اچڻ لڳي آهي. هيءَ غريب نوڪرياڻي، روزاني ڪارنيوال جي ٽڪيٽ ڪيئن ٿي خريد ڪري سگهي! لڳي ٿو ته هوءَ پنهنجي سموري پگهار، لاليءَ خاطر، ان جي چيڪلي تي پوري ٿي ڪري ڇڏي. هڪ طرف ته اها ڳالهه سٺي به آهي، پر ٻئي خيال کان سوچجي ته لڳي ٿو ته ڪٿي لالي منهنجي هٿن مان نه نڪري وڃي!‘
    پر لالي تيسيتائين چيڪلو چالو ڪندي شايد شوڀا کي وساري ئي ويٺو هو.
    ’هو چانهن پيئندي، کارا بسڪيٽ وات ۾ وجهي پنهنجي پڪي پختي ڄاڙيءَ مان چر چر جو آواز ڪڍندي، نهايت دلڪش نگاهن سان مون ڏانهن ئي نهاري رهيو آهي، پڪ سان منهنجا شڪ بي بنياد آهن.‘ بدن ۾ ڀاري، گوري چٽي مسز هوشنگ ٻائيءَ سوچيو ۽ پنهنجي بجليءَ واري چيڪلي تي هوڪو ڏيڻ واري لاليءَ کي چانهن پيئاري وري موٽي اچي بوٿ ۾ ويٺي، ۽ اطمينان سان ويهي ٽڪيٽون وڪڻڻ ۾ مصروف ٿي وئي.
    ٿوري دير کان پوءِ لالي به موٽي آيو ۽ بوٿ جي ٻاهران رکيل اسٽول تي چڙهي، ٻئي چڪر لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيڻ لڳو. بوٿ ۾ ويٺل هوشنگ ٻائي رکي رکي اک ٽيٽ سان ۽ پيار وچان کيس نهاريو به پئي ته ٽڪيٽون به ڪاٽيندي ٿي وئي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن لالي، پنهنجي نرڙ تي لڙڪي آيل وارن جي چڳ کي وارن سان ملائڻ پئي لڳو ته هوشنگ ٻائيءَ جي دل به زور زور سان ڌڪ ڌڪ پئي ڪئي، لاليءَ جي اها ادا هن کي به ڏاڍي وڻندي هئي.
    هوشنگ ٻائيءَ گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو، ڪارنيوال ختم ٿيڻ ۾ اڃان ڏيڍ ڪلاڪ پيو هو؛ ’چيڪلي جا چار چڪر ٻيا به ڏياري سگهجن ٿا، چار آخري چڪر … ۽ ٽڪيٽون به آخري چار ئي ڀيرا وڪامجڻيون هيون، ان ڪري ماڻهن جو تعداد به وڌي ويو آهي،‘
    هر بوٿ جي اڳيان بارڪر رڙي رڙي، پنهنجي خاص شو ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ سڏي رهيا هئا:
    ”ٻن سِرن واري عورت ڏسو…“
    ”چئن هٿن وارو ڇوڪرو ڏسو…“
    ”جوتشي ڍڳي…“
    پنج رپيا ٽڪيٽ تي پنج سئو رپيا انعام …“
    ميري گرائونڊ ميري گرائونڊ …“
    ”بوگن پاشا … دنيا جو سڀ کان وڏو جادوگر…“
    گيدارپور جا نَٽَ… “
    ”اسپين جي جپسي عورتن جو رقص …“
    ٻن رپين ۾ ڏهه نشانه…“
    قسمت آزمائيندا هلو…. ڪارنيوال جو مزو ماڻيندا هلو…“
    انهن سمورن هوڪن جو گڏيل آواز سموري فضا ۾ گونجي رهيو هو، ۽ لالي به پنهنجي بهترين لطيفن کي اهڙي وقت لاءِ سنڀالي رکندو هو. اسٽول تي بيٺي بيٺي ۽ رڙي رڙي سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، اوريان پريان ڇوڪرا ڇوڪريون کل ڀوڳ ۾ مشغول هئا. هو اسٽول تان هيٺ لهي ٽڪيٽون ڏيڻ لڳو.
    ’اڙي! هن مُئيءَ شوڀا وري هڪ ٽڪيٽ خريد ڪئي آهي، ائين ته هن ڪڏهن نه ڪيو هو، هڪ ڀيرو ٽڪيٽ وٺندي هئي ۽ چيڪلي تي چڪر کائي هلي ويندي هئي … پر اڄ ته غضب ٿي ويو …‘
    لاليءَ به مرڪي کيس ٽڪيٽ ڏني …
    هوشنگ ٻائيءَ کي لڳو ته لالي دل لٽڻ واري مرڪ سان ڏسندي، شوڀا کي ٽڪيٽ ڏني آهي، ۽ ٽڪيٽ ڏيندي، شوڀا جو هٿ به دٻايو اٿائين … مسز هوشنگ به پنهنجي اندر جي احساس کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. لالي وري ٻين ڇوڪرين کي ڇڏي، خاص طور تي شوڀا جي چيلهه کي دٻائي وري اندر ڌڪو ڏنو آهي. مسز هوشنگ جي اندر ۾ غصي جون لهرون اڀرڻ لڳيون؛
    ’مون کي خبردار ڪرڻو پوندو، هن ساليءَ … ڪمينيءَ کي…. هيءَ هتي چيڪلي تي چڙهڻ ٿي اچي يا … منهنجي هوڪي ڏيڻ واري لاليءَ سان عشق ڪرڻ ٿي اچي! هاڻي معاملو منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي، هڪ ڀيرو هن جي بيعزتي ڪنديس، پوءِ ٻيهر هن پاسي رخ نه ڪندي.‘
    جڏهن شوڀا جي دل ٽيون ڀيرو به ٽڪيٽ خريد ڪري، لاليءَ جي ڌڪي جو مزو وٺڻ چاهيو ته رسنا مٿس ڏمرجي پئي:
    ”چري ٿي آن … ڪو ڏسي نه وٺئي؟
    ”ته ڇاهي پو!“
    ”مون وٽ ٽين ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جا پئسا ناهن.“
    ”ڪيترا هن؟“ شوڀا پڇيو.
    ”هڪ رپيو چار آنا“ رسنا چيو.
    ”ته هڪ رپيو مون کي ڏي، مون وٽ هڪ رپيو آهي، مان ٻن رپين مان هڪ ٽڪيٽ خريد ڪري وٺندم.“
    ”پوءِ واپس ڪيئن ويندينءَ؟“
    ”پيادل … پنڌ ڪري وينديس.“
    ”اهڙي به ڪهڙي گتي پئي آهي جو… “ رسنا ڪاوڙ منجهان کيس ٽوڪيندي چيو.
    ”بس، چپ ڪر … تڪڙ ڪر مون کي هڪ رپيو ڏي.“
    رسنا، شوڀا جي ايلاز ڪرڻ وارين نگاهن ڏانهن ڏسندي، چپ چاپ ٻٽون کولي کيس رپيو ڪڍي ڏنو ۽ چوڻ لڳي: ”مان ٻاهر تنهنجو انتظار ڪنديس.“
    ”ٺيڪ…“ ائين چئي شوڀا، لاليءَ جي اسٽول جي چوگرد گڏ ٿيل گوڙ ۾ گم ٿي وئي.
    رسنا کي پنهنجي ساهيڙيءَ شوڀا سان ڏاڍي محبت هئي، پر لاليءَ کي هوءَ به دل ئي دل ۾ چاهيندي هئي، ان ڪري هن کي لاليءَ تي ان ڳالهه سبب به ڪاوڙ پئي آئي ته هو شوڀا کي اهميت ڇو ٿو ڏئي! حالانڪ رسنا هر ڳالهه ۾ شوڀا کان سهڻي هئي، هن جو ڪڻڪ ونو جسم به ڪافي کليل هو، ان جي ڀيٽ ۾ شوڀا سانوري هئي، چپ چاپ رهندي هئي، پر رسنا چنچل ۽ خوش مزاج هئي، شوڀا سنهڙي سيپڪڙي هئي ۽ رسنا جو بدن جوانيءَ جي رس سان ڀريل هو.
    ’الائي ته ڪهڙي ڳالهه هئي شوڀا ۾؟ پر لالي ڇو ٻنهي کي ڏسندي به رڳو شوڀا جي پاسي لڙڪندو هو! …
    شوڀا هن جي ڏاڍي دل واري ساهيڙي آهي، پر ان ۾ آهي ڇا؟ پر لالي به هن تي ڌيان ڏيڻ وارو ڪٿي آهي، اهڙيون اهڙيون سهڻيون ڇوڪريون هن تي مرنديون آهن، بس ائين ٻه ٽي ڀيرا مرڪي شرڪي، شوڀا کي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيندو، پر هاءِ لاليءَ جي ته هڪڙي مرڪ به گهڻي آهي، پر اها هن کي ڇو نه ملي!‘
    رسنا کي شوڀا تي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
    ڪارنيوال کان نڪري هوءَ ڀر ۾ ئي، ڪارنيوال جي پارڪ ۾ ٽهلڻ لڳي.


    قسط 3

    ’انب جي ڪچڙن ڪونئرن پنن مان ڪهڙي نه کٽڙي کٽڙي خوشبو پئي اچي، ۽ اشوڪ جي وڻن جي قطار جي پويان لڳل ڪارنيوال جي رنگين روشنين سان ڄڻ ڪو رنگ منچ سجيل ٿو لڳي، ماهم ڪريڪ وٽان گذرڻ واري ريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ٿي اچي، هڪ پل ۾ بوگن ويلا جي شاخ پنهنجي ئي گلن ۾ رلمل ٿيل، جهڪيل، ڄڻ سمنڊ جي لهرين سان محبت جو ڪو مبهم راز سليندي هجي، لهرين جي منهن تي گج تي ڪجهه اهڙي کِل آهي.‘
    هڪ سنتري هن کي گهوري نهاريندي گذري ويو آهي. شام جا پاڇا پکڙجندا ٿا وڃن. ڪارنيول جي پارڪ جي پويان، مهاڻن جي جهوپڙين مان مڇيءَ جي ترڻ جي تيز پر وات پاڻي پاڻي ڪندڙ بوءِ ڄڻ رسنا جي نڙگهٽ ۾ چڀي رهي هجي. ڪارنيوال مان ايندڙ آواز هلڪا ٿيندا پيا وڃن، پر اڃان تائين شوڀا ڪانه موٽي آهي؛
    ’وڃي ڏسانس …؟‘
    رسنا واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري رهي هئي ته ايتري ۾ هن ڏٺو ته شوڀا پريشانيءَ وچان، هر هر پويان مڙي مڙي ڏسندي ڏانهنس ڊوڙندي اچي رهي آهي. رسنا ٿوري سخت لهجي ۾ کانئس پڇيو:
    ”ڪاٿي رهجي وئي هئينءَ تون؟“
    شوڀا غصي وچان پوئتي مڙي ڏسندي چيو: ”توکي خبر ناهي … چوٿين چڪر ۾ لاليءَ جڏهن پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ خريد ڪري ڏني ته ڇا ته ڌماچوڪڙي مچائي هن عورت.“
    ”مسز هوشنگ ٻائيءَ؟“
    ”ها! ٻي ڪير … چهبڪ کڻي مارڻ واري هئي… مان ته ڀڄي هيڏي پئي اچان، ته منهنجي پٺيان هيڏي ئي پئي اچي … مان چيو ڇاٿيمانس جو سالي بڪ بڪ ڪرڻ لڳي آهي.“
    ”وڏي تريناڪ آهي، آءُ ته پاڻ به ڀڄون..“ رسنا شوڀا جو پلهءُ ڇڪيندي چيو، ”Come on.“
    رسنا شوڀا جو پلهءُ ڇڪڻ لڳي پر شوڀا اوچتو غصي وچان پنهنجو پلهءُ ڇڏايو ۽ جوش ۾ ڀرجي چوڻ لڳي:
    ”واهه رسنا… مون ڪيو ڇاهي جو ڀڄون.. هيئن ڊڄي.“
    ”ٺهيو هاڻي، اجايو ڪوئي لفڙو نه ٿي پوي.“
    ”ٿيڻ ڏي،“ شوڀا ضد ڪري بيهي رهي، ”مان ته هتي ئي بيٺي آهيان.“
    ايتري ۾ هوشنگ ٻائي به سهڪندي اچي پهتي، ڳلن تي ڳاڙها ڳاڙها داغ، ڪاوڙ سبب ٻريس پئي. شوڀا کي ڏسندي هن پير مان سينڊل لاٿو ئي پئي ته، رسنا کي شوڀا جي ڀرسان بيٺل ڏسي رڪجي وئي، سوچيو هوندائين ته ٻن ڄڻين سان مقابلو ڪرڻ مشڪل آهي، ان ڪري هٿ جهلي چوڻ لڳي:
    ”ڀڃين ڇو پئي؟ مان توکي کائي ڪونه وڃان ها، پر ايترو ضرور چوانءِ ٿي ته وري ڪڏهن منهنجي چيڪلي تي نه اچجانءِ… نه ته سٺو نه ٿيندءِ ، هر ذات جي ڇوڪري منهنجي شو ۾ اچي ٿي، پر گڙٻڙ ڪرڻ واري ڇوڪري وري ٻيهر نه ٿي اچي سگهي، آئوٽ!“
    مسز هوشنگ ٻائيءَ هڪ هٿ چيلهه تي رکي، ٻئي هٿ سان ڪارنيوال جي پارڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو اشارو ڪندي شوڀا کي چيو: ”گيٽ آئوٽ.“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”تون! ڇا مون سان ٿي ڳالهائين؟“
    ”ها توسان .. تو جهڙي معمولي نوڪرياڻيءَ سان، تون! … جا اچي منهنجي ڌنڌي کي خراب ٿي ڪرين“
    ”مون ڇا ڪيو؟“ شوڀا ٿوري همٿ ڪندي چي. ”ٽڪيٽ وٺي مان ٽائيگر جي پٺيءَ تي ويٺي هئس، منهنجي پويان ڪا ٻي ڇوڪري ويٺي هئي، لاليءَ پهرين ان سان پئي ڳالهايو، پوءِ مون ڏي آيو، مان ته ان کي سڏڻ نه وئي هئس!“
    ”تون وئي هئينءَ يا هو آيو هو! هڪ ئي ڳالهه آهي.“ مسز هوشنگ ٻائي کيس ڌمڪي واري لهجي ۾ تنبيهه ڪندي، شوڀا جي منهن جي ويجهو پنهنجي هٿ جي آڱر کي لوڏائيندي چيو.
    ”مون کي پوليس ۾ وڃڻ جو ناهي، لائسنس وڃائڻ جو ناهي، ڏس! مان تو صاف ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ سالي ٻهارو پوچو ڪرڻ واري…“
    ”سالي تون آن…“
    ”تون منهنجي شو ۾ نه اچجان … منهنجي بارڪر کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي ڪرين! شرم نه ٿو اچئي.“
    ”ڇا! ڇا چيهءِ؟؟“ شوڀا ڪاوڙ وچان ڳاڙهي ٿي وئي.
    هوشنگ ٻائيءَ پنهنجو هٿ نراڙ تي هنيو: ”ڇا ٿي سمجهين ته منهنجي مستڪ ۾ اکيون ناهن، چيڪلو هلندو رهندو آهي، پر مون کي سڀ نظر ايندو آهي، ٻڌاءِ! لالي توسان ڪهڙو مذاق پئي ڪيو، ٻڌاءِ سالي چُوپڙي..“
    شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، هوءَ ڪمزور لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”هن مون سان ڪو به مذاق نه ڪيو هو، مان ڪنهن مرد جو مذاق پسند ئي نه ڪندي آهيان، شوڀا سان اڄ تائين ڪنهن اهڙو مذاق ناهي ڪيو.“
    ”چپ ڪوڙي! مان پاڻ پئي ڏٺو، هو هر چڪر ۾ توسان لڳو پيو هو.“
    ”هو ڪاٺيءَ جي ٽائيگر سان لڳو پيو هو، جنهن تي مان ويٺي هئس، اها هن جي پراڻي عادت آهي، اهو تون به ڄاڻين ٿي، “ شوڀا چوڻ لڳي، ”مان ڇا پئي ڪري سگهان، جڏهن تنهنجو بارڪر ٽائيگر سان لڳي لڳي هلي رهيو هو ته مان ڇا ڪريان ها!، هن مون کي ته هٿ به نه لڳايو هو.“
    ”نه لڳايو هو؟“ مسز هوشنگ ٻائي رڙ ڪندي چيو، ”سڀاڻي ته اهو به چوندينءَ ته هن تنهنجي چيلهه ۾ به هٿ نه وڌو هو؟“
    هاڻي ته رسنا کي به ڪاوڙ اچي وئي، جنهن شوڀا جي جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي، اڳتي وڌي چيو: ”چڱو وڌو هو! پوءِ تو کي ڇاهي؟“
    مسز هوشنگ ٻائي چوڻ لڳي: ”تون ماٺ ڪر، مان توسان نه ٿي ڳالهايان، تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ“
    ”ڇو نه ڳالهايان … هيءَ منهنجي ساهيڙي آهي،“ رسنا سخت لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”اڪيلي ڏسي تون هن تي آڪڙبي ٿي اچين، اچ هاڻ مان ٿي توسان ڳالهايان … لاليءَ هن جي چيلهه ۾ هٿ وڌو هو! هو چڪر گهمائيندي هر ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ وجهندو آهي، ۽ ڪيتريون ئي ڇوڪرين هن تي مرنديون آهن، پر… توکي خبر ناهي ته هو ڇوڪرين ۾ ڪيترو پاپولر آهي.“
    مسز هوشنگ ٻائي ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳي: ”اڄ کان پوءِ هو ڪنهن به ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ نه وجهندو، اهو ته مان هن کي اڄ ئي ٻڌائي ڇڏينديس .. اهڙو ڌنڌو منهنجي شو ۾ نه هلندو… نه هلندو، توکي اهڙو نخرو ڪرڻو آهي ته بابوءَ جي سرڪس ۾ وڃ، اتي توکي باندري جا ڪيترائي بيرا ملي ويندا.“
    ”تون پنهنجي بيري کي پاڻ وٽ رک.“ شوڀا چوڻ لڳي.
    ”ها! اسان اهڙيون تهڙيون ڇوڪريون ناهيون.“ رسنا به ڪاوڙجندي چيو.
    ٻنهي کي وڙهڻ لاءِ تيار ڏسي مسز هوشنگ ٻائيءَ پنهنجو لهجو ٿورو بدلايو، پر آواز اوترو ئي رکيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ به هار کائڻ لاءِ تيار نه هئي، پر ٿورو لهجو بدلائي، طنز واري انداز ۾ چوڻ لڳي: ”مطلب اهو آهي مس صاحبه! ته اڄ کان پوءِ منهنجي شو ۾ ناهي گهڙڻو، تو جهڙين ڇوڪرين جي ڪري منهنجو لائسنس ضبط ٿي ويندو ته خرچو تون ڀريندينءَ؟ ان ڪري تو کي سڌو سڀاءُ ٻڌايو اٿم ..آئوٽ.“
    شوڀا به هاڻي ٻئي هٿ ڍاڪ تي رکيا، چوڻ لڳي: ”تنهنجي آئوٽ چوڻ سان ڪجهه نه ٿو ٿئي ميم سڳوري، جڏهن اسان جي مرضي ٿيندي، اسان پيسا خرچ ڪنداسي، ٻن روپين جي ٽڪيٽ وٺنداسي ۽ چيڪلي تي چڪر ڏينداسي، ڪنهن جي مجال آهي ته اسان کي ڪو روڪي ڏيکاري.“
    ”ته پوءِ اچي ڏسجانءِ ماءِ ڊيئر! بس ٿورو اچي ڏسجانءِ!“ مسز هوشنگ ٻائيءَ چوندي، هڪ قدم شوڀا ڏانهن وڌايو.
    ” ها! ها اسان به اچي ڏيکارينداسي، ڇا ٿيندو؟“ رسنا پڇڻ واري نوع ۾ چيو.
    ”پوءِ اهو ٿيندو، جيڪو هن ڪارنيوال ۾ اڄ تائين نه ٿيو آهي.“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”ته ڇا تون مون کي شو مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندينءَ؟“
    ”ضرور ..! ظاهر آ.“
    ”پر ميم صاحب!“ رسنا چوڻ لڳي: اسان ٻئي ڄڻيون توکان جوان آهيون، تڪڙيون آهيون.“
    مسز هوشنگ ٻائي ٽوڪ واري انداز ۾ کلي چوڻ لڳي: ”مان توکي هٿ لڳائي پنهنجي هٿ کي گندو ڪنديس… ڇي ڇي، مان ته لاليءَ کي چئي شو مان ڌڪا ڏيارائي ڪڍرائي ڇڏنديسانءِ.“
    ”۽ لالي تنهنجي چوڻ تي مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو؟“ شوڀا پڇيو.
    ”ايترو جلدي جو تون اکيون مهٽيندي رهجي ويندينءَ.“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”هو ماکي ڪڍندو…؟؟“ اوچتو ڪنهن کي ايندي ڏسي هوءَ چپ ٿي وئي.
    هن کي اوچتو چپ ٿيندي ڏسي رسنا ۽ هوشنگ ٻائيءَ جو نگاهون ان پاسي مڙي ويون، جنهن پاسي شوڀا پئي ڏٺو.
    اهو لالي هو… جيڪو ٽن چئن ڇوڪرين سان کل ڀوڳ ڪندي پارڪ ۾ اچي رهيو هو … ۽ اهي ڇوڪريون به هن سان کيچل ڪنديون کلنديون، هن سان گڏ گڏ پئي آيون … ننڍيون ننڍيون ڊوڙون ڀريندي، هن جي چوگرد ڦيريون پائيندي…
    اوچيو لالي هيج ۾ ڀرجندي چيو: ”بس گهڻو ٿيو! هاڻي ڀڄو نه ته هڪڙو هٿ ڏيندوسانوَ.“
    هڪ ڇوڪري چوڻ لڳي: ”ڀلا منهنجو ريشمي رومال ته موٽائي ڏي.“
    ”نه ڏيندس، بس ڀڄ هتان.“
    ايتري ۾ ٻي ڇوڪري رڙ ڪري چوڻ لڳي: ”چڱو هن جو رومال نه ٿو ڏئين، پر منهنجو اسڪارف ته واپس ڪر.“
    ”اسڪارف واپس ڪريان … ڇو ڪريان … واه واه!“
    ”اسڪارف ڏي منهنجا مٺا لالي.“ ان ڇوڪريءَ منٿ ڪندي کيس چيو، ايتري ۾ ان ڇوڪريءَ مسز هوشنگ ٻائيءَ کي ڏسي ورتو، ته مڙي کيس چوڻ لڳي: ”مسز هوشنگ ٻائي! پنهنجي بارڪر کي چهءُ نه ته منهنجو اسڪارف …“
    ”۽ منهنجو رومال…به“ ٻي ڇوڪريءَ به ان ئي وقت چيو.
    ايتري ۾ لالي خطرناڪ انداز ۾ هٿ اڀا ڪري ڇوڪرين کي ڌمڪي ڏيڻ واري انداز سان ڏسندي چيو: ”وڃو ٿيون يا ڏيانوَ هٿ …“ لاليءَ جي هٿ کڻڻ جي دير هئي، ڇوڪريون رڙيون ڪنديون ڀڄنديون هليون ويون، ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر هئي ته موقعي ملڻ تي لالي هڪ اڌ هٿ لڳائي ڇڏيندو هو.
    پر ان وقت ڊوڙندڙ ڇوڪرين جي دل ۾ اها ئي حسرت رهجي وئي ته جيڪر لالي هڪڙو هڪڙو هٿڙو هنن کي ضرور هڻي ها.
    مسز هوشنگ ٻائيءَ جي شڪل تي ور وڪڙ پيدا ٿيڻ لڳا، هن ڪجهه پيار ته ڪجهه ڪاوڙ منجهان لاليءَ ڏانهن نهاري چيو: ”اها وري ڪهڙي ڌمال آ.“
    پر لاليءَ هن جو جملو پورو ٿيڻ نه ڏنو ۽ آڪڙ ڪري چوڻ لڳو: ”توکي ڇاهي! پنهنجي ڪم سان ڪم رک.“ ائين چئي هن شوڀا ڏانهن نهاري چيو: تو هتي به اهو ئي جهڳڙو شروع ڪري ڏنو؟“
    شوڀا وڏي آواز سان چوڻ لڳي: ”پر لالي جيڪڏهن مون ڪجهه ڪيو هجي ها!“
    لالي هڪدم کيس دڙڪو ڏيندي چيو: ”رڙيون ڇو ٿي ڪرين؟”
    شوڀا جو آواز دٻجي ويو، ڊپ کان هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، اکين ۾ ڳوڙها تري آيس، هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳي:”پر مان ته ڪجهه به نه ٿي چوان.“
    لاليءَ کي هن جو آواز ريشم جهڙو نرم لڳو ته هن به پنهنجو لهجو هلڪو ڪري ڇڏيو، ” خير آ… تون ڪجهه به نه چهءُ.“ لاليءَ کي ان پوري معاملي تي خفو ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري هن مسز هوشنگ ٻائيءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: ”وري ڪهڙو لفڙو آ؟“
    مسز هوشنگ، لاليءَ جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکي، ڄڻ پنهنجي ملڪيت جتائيندي، وڏي فخر سان چيو:
    ”لالي! ڳالهه رڳو ايتري آهي ته هيءَ ڇوڪري جڏهن ايندي آهي ته منهنجي انسلٽ ڪندي آهي، ٻڌءِ! مون هن کي چئي ڇڏيو آهي، ۽ ها! تون به چڱيءَ نموني سڃاڻي ڇڏيس، هن کي منهنجي شو ۾ اندر اچڻ نه ڏجانءِ.“
    لاليءَ پنهنجي هٿ سان مسز هوشنگ جي گوري چٽي ۽ ڀريل هٿ تي ٿپڪي ڏني ۽ شوڀا جي پاسي ڏسي چوڻ لڳو: ”ٻڌي ورتهءِ نه؟ هاڻي هلي ڏيکار“ وري چپٽي وڄائي چوڻ لڳو: ”اصل ڀڄ هتان..“
    رسنا شوڀا کي چوڻ لڳي: ”هاڻي ٻڌي ورتهءِ نه! ڪم آن، Let us not waste our time“
    مسز هوشنگ فاتحاڻي انداز سان مرڪڻ لڳي.
    رسنا شوڀا کي گهلي پري وٺي وڃڻ لڳي، پر شوڀا لت کوڙي بيهي رهي، رسنا کي چوڻ لڳي: ”اون هون! مان نه هلنديس.“
    هن اڃان رسنا کي پوري ڳالهه چئي ئي ڪانه ته هوشنگ، شوڀا کي ساڙ ڏيارڻ لاءِ لاليءَ کي ٻيهر چيو: ”هان لالي ٺيڪ آ ني! جيڪڏهن ٻيهر اچي ته اندر اچڻ نه ڏجانس، پر جي ڪنهن به ريت ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪري به ته ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪري ڇڏجانس، سمجهيهءِ؟“
    ”هائو!“
    لاليءَ اوچتو شوڀا جي وڏين وڏين ڦهليل اکين ۾ ڳوڙها ترندي ڏسي پڇيو: ”پر هن ڪيو ڇاهي؟“
    اصولي طور شوڀا جهڙي لڄاري ڇوڪريءَ کي ان وقت اتان هليو وڃڻ کپندو هو، پر الائي ته سندس دل ۾ ڪهڙي ڳالهه اچي ويٺي هئي جو هوءَ ان وقت بيش ڪري بيهي رهي. هن لاليءَ جي منهن ۾ گهوريندي چيو:
    ”لالي صاحب مون کي ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي ڇڏ… جيڪڏهن مان تنهنجي شو ۾ اچان ته ڇا تون مون کي ڪڍي ڇڏيندين؟“
    مسز هوشنگ چوڻ لڳي: ”هڪ دم ڪڍي ڇڏيندو!“
    رسنا منهن ڦيرائي هوشنگ کي چيو: ”هن توکان ڪونه پڇيو آ ميم صاحب!“
    لاليءَ کي خاموش ڏسي، شوڀا وري ساڻس مخاطب ٿي: ”منهنجي منهن تي چئه! ڇا تون مون کي ڪڍي ڇڏيندين؟“ ائين چوندي هوءِ لاليءَ جي بلڪل ويجهو هلي وئي.
    لالي ان وقت آمهون سامهون ٿيڻ واري معاملي کان گهٻرائجي ويو، هو هڪ پير سان ٻئي پير کي کنهڻ لڳو، هو ڪيڏو نه خوش مزاج هو، خوش دل هو، ۽ مٿين سطح تي مذاق ڪرڻ وارو ماڻهو هو، پر اڄ تائين اهڙي اونهي پاڻيءَ ۾ نه لٿو هو، هن سوچيو؛ ’هن سانوريءَ جي ڳالهين ۾ ڪيتري نه گهرائي هئي،‘ شوڀا جو اهو معمولي سوال هن جي دل کي ڇهي سندس جذبن ۾ ڪنهن لهر جيان گهڙي ويو … پر هن مٿو لوڏايو … ۽ شوڀا جي جذباتي لهر کي پري ڌڪي ڇڏيو ۽ نرم آواز ۾ چيو: ”ها! بلڪل، اگر تو ڪا بيقائدگي واري ڳالهه ڪئي ته ضرور ڪڍي ڇڏيندس … نه ته ڇو ڪڍندس!“
    ”ان تي رسنا کي به موقعو ملي ويو، ڇاڪاڻ ته لاليءَ جي جملي ۾ شوڀا لاءِ ٿورو آسرو موجود هو، هن هڪدم مسز هوشنگ ٻائيءَ کي چيو: ”ٻڌي ورتهءِ…!“
    شوڀا ته لاليءَ جو جواب ٻڌي کلي ويٺي هئي، پر هاڻي هن به پنهنجيون اکيون جهڪائي، هن کان منهن ڦيري ورتو هو. مسز هوشنگ ٻائيءَ کي ان ڳالهه تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ ڪتي وانگر غر غر ڪندي چوڻ لڳي:
    ”۽ مان چوان ٿي ته جي هيءَ رنڊي ٻيهر منهنجي شو ۾ گهڙي ته توکي، هن کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو، هن جو لڦڙو منهنجي شو ۾ نه هلندو.“
    لالي ٿورو حيرانيءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳو: “لفڙي مان ڇا مطلب آ تنهنجو؟“
    ”مون سڀ ڏسي ورتو آ“ مسز هوشنگ جو آواز ڏڪڻ لڳو، ”مون پنهنجي اکين سان سڀ ڏٺو آ.“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”هيءَ چوي ٿي ته مون توسان مذاق ڪيو ۽ تو منهنجي چيلهه ۾ هٿ وڌو.“
    ”مون!“
    ”ها! ها! تو!“
    مسز هوشنگ گرجندي چيو، ايترو ٻالو ڀولو نه ٿيءُ، مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.“
    لاليءَ پنهنجو هٿ مسز هوشنگ جي هٿ مان ڪڍي ورتو ۽ آڪڙجي چوڻ لڳو: ”واهه! اها وري نئين ڳالهه ٻڌائي تو! يعني تنهنجو حڪم آهي ته آئيندي مان ڇوڪرين سان مذاق نه ڪريان، هان! جيڪڏهن ڪندس ته اڳ ۾ توکان اجازت وٺڻي پوندي، هون؟“
    معاملو بگڙجندي ڏسي مسز هوشنگ لهجو بدلائيندي چيو: ”مون ائين ڪڏهن چيو آ، تون ڇوڪرين سان مذاق ڀلي ڪر، ڀلي ڏهن ڄڻين سان مذاق ڪر ۽ ويهن کي ڇيڙيندو رهه، پنجاه سان مشڪري ڪر، پر هن سان نه!“ هن شوڀا جي طرف اشارو ڪندي وري چيو،”هن ڇنال سان ڪڏهن نه، ٻين سڀني سان بيشڪ پر هن سان نه! ڪڏهن به نه.“
    مسز هوشنگ ٻائيءَ آخري فيصلي جيان حڪم جاري ڪندي چيو ته لاليءَ کي به تاءُ اچي ويو.
    حالانڪ هو مسز هوشنگ جو ملازم هو، پر هن اهڙي ته سختيءَ سان کيس حڪم ڏنو هو جو لاليءَ کي غصو اچي ويو، پر هن وري به پنهنجي غصي کي دٻائيندي چيو:
    ”هاڻي توهان به چپ ٿي وڃو ميم صاحب.“
    لهجو نرم هوس پر ان نرميءَ ۾ جا تلخي لڪل هئي، ان کي مسز هوشنگ محسوس ڪري ورتو، تنهن تي هوءَ ڪڙڪي سان چوڻ لڳي: ”ڇا؟؟“
    ”شٽ اپ …“ لاليءَ چيو، واپس وڃ پنهنجي بوٿ تي.“
    مسز هوشنگ کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار ڪونه آيو، هوءَ حيرانيءَ وچان ڏانهنس ڏسندي چوڻ لڳي:
    ”ڇا چيهءِ؟!“
    ”آخر هن ويچاريءَ تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي.“ شوڀا ڏانهن رحم وارين نظرن سان ڏسندي چوڻ لڳو: ”ڏسين نه ٿي ته ڪيئن ننڍڙي ڪبوتريءَ وانگر ڊنل، تنهنجي سامهون بيٺي آ…“ لالي اڳتي وڌي شوڀا جي ڪلهي کي ٿپڪي ڏيندي چيو: ”اچجو جي! جڏهن تنهنجي دل ٿئي! اچجو اسان جي شو ۾ … ٽائيگر تي ويهجو، زراف تي ويهجو، هرڻ تي، مڇيءَ تي، چيڪلي جي جنهن به جانور تي تنهنجي دل ڪري ويهجو، ٽڪيٽ جا ڏوڪڙ نه هجن ته به پراهه ناهي، تنهنجي ٽڪيٽ جا پئسا لالي ڀريندو، پنهنجي کيسي مان … ۽ اگر ڪنهن توڏي اکيون کڻي ڏٺو …. ته“
    شوڀا جو چهرو گل وانگر ٽڙڻ لڳو، مسز هوشنگ ٻائيءَ جو چهرو خزان جي پن وانگر ڪومائجي ويو، آخرڪار هوءَ چپ رهي نه سگهي ۽ رڙ ڪري لاليءَ کي گاريون ڏيڻ لڳي: ”سالا بدمعاش“
    ”سالي ٻڍي..“
    ”ٿئنڪ يو لالي صاحب“ رسنا ان ئي وقت لقمو ڏنس.
    مسز هوشنگ اهو جملو ٻڌي صفا سڙي وئي ۽ وڏي ڪاوڙ مان چوڻ لڳي: ”ڇا ٿو سمجهين… ڇا؟“ هن کي لفظ نه ٿي سجهيا، ”تون سمجهين ٿو ته توکان سٺو بارڪر، توکان سٺو مجمع باز ڪوئي ناهي، هوڏي هوڏي، ڪارنيوال کان ٻاهر.“ هوءَ پنهنجا ٻئي هٿ پنهنجي ٿلهي ۽ ويڪري چيلهه تي رکي چوڻ لڳي، ”ٻاهر هڪ کان هڪ فرسٽ ڪلاس بارڪر پيو آ… مان ڪنهن کي به وٺي سگهان ٿي، جڏهن چاهيان توکي ڪڍي ٻاهر ڪري سگهان ٿي، بس سمجهه ته اڄ کان تنهنجي نوڪري خلاص.“
    جذبات جي وهڪري ۾ وهندي مسز هوشنگ ٻائي چئي ويٺي، ڇاڪاڻ ته شوڀا کي لاليءَ جي ويجهو ڏسي، هن جي تن بدن ۾ باهه لڳي وئي هئي. هوءَ ايتري قدر چئي وئي، جو هن لاليءَ کي نوڪريءَ مان به ڪڍي ڇڏيو هو، پر وري سوچڻ لڳي ته خيالن جو وهڪرو کيس ٻئي پاسي لوڙهي ويو…..
    ’لاليءَ جي دم سان هن جو شو هلندو آ … لاليءَ کان وڌيڪ سٺو بارڪر هن کي ڪٿي نه ملندو، ٺيڪ آ، هو ڇوڪرين سان مذاق ڪندو آ … پر ڇوڪريون ٽڪيٽ به ته خريد ڪنديون آهن، ٽٽنديون ڪرنديون آهن، هن جي بوٿ تي، اهي ڪنهن ٻئي بوٿ تي به وڃي سگهن ٿيون، پر لاليءَ جي ڪري بار بار هن جي ئي بوٿ تي اينديون آهن، هن سڄي ڪارنيوال ۾ هن جو ئي ته بوٿ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندو آ‘
    مسز هوشنگ جو جملو ٻڌي لاليءَ گهٻرائڻ بجاءِ الائي ته ڇو نهايت سنجيده ۽ ٿڌي لهجي ۾ کيس مخاطب ڪيو: ”ٺيڪ آ، اسان جي نوڪري ٿي وئي ختم! بس نه؟“
    مسز هوشنگ ٻائيءَ وري نرمائي ڏيکاريندي کيس چيو: ”ڇا ٿو سمجهين پاڻ کي، مان جڏهن به چاهيان تو کي جواب ڏئي ٿي سگهان.“ سندس لهجي ۾ اها گرمي ڪانه هئي.
    لالي چوڻ لڳو: ”هاڻي ٺهيو! مون کي جواب ملي ويو، هاڻي بس ختم ڪر.“ چوندي هن شوڀا جي چيلهه کي پنهنجي هٿ سان ڇهي ورتو. تنهن تي هوشنگ ٻائي وري چڙي پئي:
    ”سالا ڏاڍو خراب پيو ٿئي تنهنجو دماغ اڄڪلهه ڪمينا، آواره.“
    لالي کلندي چوڻ لڳو: ”جڏهن جواب ڏئي ڇڏيهءِ ته گاريون ڇو ٿي ڏئين!“
    مسز هوشنگ ٻائيءَ لاءِ ٿُڪي، هاڻي وري چٽڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو، پوءِ به ڪوشش ڪندي چوڻ لڳي: ”اها به ڪا ڳالهه آ ڀلا، اها به ڪا ڳالهه آ! جو منهنجي منهن مان جيڪا ڳالهه نڪري ان کي تون جهلي وٺين، اهو ڪاٿئون جو انصاف آ.“
    مسز هوشنگ ٻائيءَ کي هيڻو ٿيندي ڏسي، لالي ٿورو مٿي اڏامڻ لڳو ۽ اعتماد سان چوڻ لڳو: ”بس بس ٺيڪ آ، مان ڪمينو هان، آواره هان، منهنجي نوڪري خلاص ٿي وئي، مون کي جواب ملي ويو، بس ختم…“
    مسز هوشنگ ٻائي رئڻهارڪي ٿي وئي: ”تون منهنجو ڌنڌو برباد ڪرڻ جي پويان پيو آن ڇا؟ بي شرم.“
    ”بي شرم هان، ڪمينو هان، آواره هان … بس، ٻيو ڪجهه؟“
    مسز هوشنگ ٻائيءَ جا ڳوڙها، هن جي ٿلهن ڳٽن تي لڙي آيا ۽ هن جي ميڪ اپ کي خراب ڪندي هيٺ ڳڙڻ لڳا، هوءَ روئندي چوڻ لڳي: ”هو آسمان وارو توسان پڄندو…“ هن مٿي آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”بس اهو مٿي وارو ئي توسان پڄندو…“ پوءِ شوڀا جي پاسي نهاري، ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳي ۽ چوندي هن جو چهرو بدلجي ويو: ”توسان … ۽ هن ڪميني ڪتيءَ سان به…“
    لاليءَ دڙڪو ڏيندي هڪدم کيس چيو: ”هن جي ڳالهه نه ڪر، مون کي جيڪو دل ۾ اچئي چهءُ، پر هن جي ڳالهه نه ڪر…“ لالي پنهنجا ويڪرا ڪلها وڌيڪ ڦهلايا، شوڀا ڪنهن گڏيءَ وانگر هن جي ڪلهي جي هيٺ ٿي وئي.
    مسز هوشنگ ٻائي پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري وئي، تيز ۽ تکي لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”سمجهين ڇا ٿو، ڪارنيوال ۾ توکان وڌيڪ ڪو ٻيو بارڪر ناهي؟ مان تنهنجي جاءِ تي رحمان کي رکنديس.“
    ”رحمان کي رکين يان وڪٽر کي، يان ڪنهن ٻئي کي، پنهنجي ته ٿي وئي ڇٽي..“ لالي چپٽي وڄائي چوڻ لڳو: ”هاڻ تون به ڪر ڇٽي، ۽ هتان هلي پهءُ … ڀڄ هتئون.“
    لاليءَ کي ڪاوڙ پئي آئي، ۽ معاملي کي ان حد تائين خراب ٿيندي ڏسي هاڻي شوڀا به ڊڄي وئي، چند لمحا ته هوءَ لاليءَ جي ڪلهي سان مٿو لڳائي، بيٺي بيٺي مدهوش ئي ٿي وئي هئي، ته اوچتو کيس دنيا جهان جو خيال آيو… خاص ڪري لاليءَ جي نوڪريءَ جو، هوءَ ٿورو الڳ ٿي نرميءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳي:
    ”پر لالي صاحب! جيڪڏهن هيءَ… هيءَ توکي واپس وٺڻ لاءِ تيار آهي ته تون … تون.“
    ”تون ماٺ ڪر صاحبه!“ لاليءَ هن کي به دڙڪو ڏئي ڪڍيو، پر شوڀا وري به چوڻ لڳي:
    ”پر مان نه ٿي چاهيان ته منهنجي ڪري جهڳڙو ٿئي.“
    لالي، شوڀا ڏانهن نهاري ٿورو هوشنگ ٻائيءَ جي ويجهو ويندي چيو: ”مسز هوشنگ… هن ڇوڪريءَ کان معافي وٺ.“
    ”ڪير؟ مان! معافي! هن ، ڇوڪريءَ کان؟“ مسز هوشنگ تيز تيز لهجي ۾ چيو.
    ”جي ها هن ننڍڙي ڪبوتريءَکان…“ لاليءَ لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”ٻڌاءِ؟ معافي وٺين ٿي ته مان واپس اچان ٿو.“
    مسز هوشنگ جو جسم ڏڪڻ لڳو، لاليءَ جي ڳالهه ٻڌي، هوءَ ڪجهه گهڙيون چپ ٿي وئي، هن وڏي ڪوشش ڪئي، تمام وڏي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائي وٺي، ۽ ڪاروباري طريقي سان ڳالهائي، پر هوءَ پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، پوءِ اوچتو چوڻ لڳي:
    ”ڪير مان؟ … لالي جيڪڏهن تون هي سارو پارڪ، هي سمورو ڪارنيوال، مون کي چانديءَ جي ٿالهيءَ ۾ سجائي ڏئين… اگر تون پوري هندستان جو سون گڏ ڪري منهنجي جهوليءَ ۾ آڻين وجهين ته به مان هن ڇوڪريءَ کان معافي نه وٺنديس… مان ته وري به توکي آخري موقعو ڏيان ٿي… Last warning، ٻڌي وٺ ڇوڪري! جيڪڏهن تون سڀاڻ کان منهنجي شو ۾ آئينءَ ته هي ڏس، هن سينڊل سان تنهنجي اهڙي مرمت ڪنديس جو ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندءِ.“ مسز هوشنگ ڳالهائيندي پنهنجو سينڊل پير مان ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ جهليو هو، جملو پورو ڪرڻ کان پوءِ هن سينڊل هيٺ اڇلايو ۽ ان ۾ پير وجهڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته هاڻي اهو کيل پورو ٿي چڪو هو. لاليءَ جو منهن ڳاڙهو ٿيندو ٿي ويو. هن پنهنجي سونهري پٽيءَ واري، ڇڄ جهڙي بارڪر واري ٽوپي مٿي تان لاٿي، پنهنجي پراڻي مالڪياڻيءَ جي طرف سلام واري انداز سان جهڪندي چيو:
    ”ته سلام ميم صاحب، رام رام ميم صاحب، گڊ نائيٽ … اوهان جو رستو اهو ، منهنجو هي… اوهان پنهنجي رستي تي هلي پئو، پر ذرا جلدي ڪريو… منهنجو مطلب آهي ته ٿورو وک تڪڙي کڻجو… جيڪڏهن اڄ توهان دير ڪئي ته … حالانڪ، مون کي عورتن تي هٿ کڻڻ جي عادت ناهي …بس هڪ ڀيري بيکا ٻائيءَ اڙي ڪئي هئي ته ان کي اهڙي ڦينٽي ڏني هيم جو ٻاويهه ڏينهن اسپتال ۾ پئي هئي، سو جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته تنهنجو حال اهڙو نه ٿئي ته ٿورو جلدي… ٿورو تڪڙو ..“


    قسط 4

    مسز هوشنگ ٻائيءَ سينڊل پائي ورتو، ويندي ويندي چوڻ لڳي: ”Very well، اڄ کان تنهنجو باب خلاص، اڄ کان پوءِ نوڪريءَ لاءِ مون وٽ ڪڏهن نه اچجانءِ… Finish.“
    ائين چئي مسز هوشنگ ٻائي غصي ۾ اتان هلي وئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ ڪيتري دير تائين بلڪل خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو شوڀا کي لڳو، ڄڻ چئني پاسي رات جو انڌيرو وڌڻ لڳو آهي ته هوءَ گهٻرائجي چوڻ لڳي:
    ”لالي صاحب “
    ”لالي صاحب “ رسنا به تپرس وچان چوڻ لڳي: ”هي تو ڇا ڪيو؟“
    غصي وچان لاليءَ کيس دڙڪو ڏنو: ”مون تي ترس کائڻ جي ضرورت ناهي، ورنه هڪڙي ڏيندوسانءِ.“ لاليءَ ٿپ هڻڻ لاءِ هٿ کنيو ته رسنا گهٻرائجي وئي، لاليءَ وري شوڀا ڏانهن ڪاوڙ مان نهاري چيو: ”ڇا تو کي به مون تي ديا پئي اچي.“
    ”نه نه لالي صاحب.“
    ”ڪوڙ ٿي ڳالهائين، تنهنجي چهري تي ديا لکيل آ! تون سوچين ٿي ته اڄ لاليءَ کي مسز هوشنگ نوڪريءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ته هي ويچارو ڪاڏي ويندو! ڇا ڪندو! پنندو؟ هان؟“ لالي چوندي کلڻ لڳو. پر وري هڪدم خاموش ٿي ويو، ٿوري دير بعد چوڻ لڳو: ”لالي ايترو ڪمزور ناهي.“
    پوءِ شوڀا جي کاڏي پنهنجي پاسي گهمائيندي چوڻ لڳو: ”مون ڏي ڏس! ڇا مان مسز هوشنگ کانسواءِ زنده نه ٿو رهي سگهان؟ اها اهڙي ڪهڙي نوڪري آهي! مان هن کان به وڏين وڏين نوڪرين مان نڪتو آهيان منڙي.“
    ”پر هاڻ تون ڇا ڪندين؟“ شوڀا ڊڄندي ڊڄندي پڇيس.
    ”ها… هاڻ… هاڻ… اڳ ۾ ته مان ڪٿي وڃي ٺرو پيئندس.“
    ”ان جو مطلب آهي ته…“ شوڀا چوڻ لڳي، ”تون سچ پچ پريشان آن؟“
    ”پريشان ان لاءِ ناهيان ته نوڪريءَ مان نڪتو آهيان، پر پريشان ان لاءِ آهيان ته اهو دارون ملندو ڪٿي؟“
    رسنا کي ياد آيو: ”اهو ته…“ وري سوچي خاموش ٿي وئي.
    ”اهو ته ڇا؟“ لاليءَ پڇيس.
    رسنا ٿورو اک ٽيٽ سان لاليءَ ڏانهن نهاريندي چيو: ”لالي صاحب! اسان سان هلندين؟“
    ”اسان جي… جي جڳهه … منهنجي..“ چوڻ چاهي پئي پر شوڀا جي منهن ۾ نهاري چپ ٿي وئي.
    لاليءَ کانئس پڇيو: ”ته ڇا ٺري جي بوتل جا پئسا تون ڀريندينءَ؟“
    هن جو جملو ٻڌي رسنا جو منهن لهي ويو. لالي منهن ڦيرائي شوڀا ڏانهن نهاريو، هن به اکيون جهڪائي ڇڏيون. آخر لاليءَ شوڀا کان پڇيو:
    ”تون ڇا ڏيندينءَ؟“
    شوڀا خاموش ئي هئي ته لاليءَ وري کانئس پڇيو: ”تنهنجي پرس ۾ ڪيترا پئسا آهن؟“
    شوڀا هڏڪي ڏيندي چيو: ”اٺ آنا..“
    لاليءَ رسنا ڏانهن نهاري پڇيو: ”تو وٽ ڇاهي؟“
    رسنا اکيون جهڪائي ڇڏيون، وات سان ڪجهه نه ڪڇيائين.
    تنهن تي لاليءَ دڙڪو ڏيندي پڇيس: ”مان پڇان ٿو ته تو وٽ ڪيترا پئسا آهن؟“
    رسنا سڏڪڻ لڳي، لالي سمجهي ويو، هڪدم هن جي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي ۽ نرميءَ وچان چوڻ لڳو: ”روئڻ جي ضرورت ناهي، توهان ٻئي هتي ترسو، مان ڪارنيوال مان پنهنجا ڪپڙا ۽ ٻيون شيون کڻي اچان ٿو، واپس ايندس ته ڪجهه ڏوڪڙ به آڻيندس، مون کي توهان جي پئسن جي ضرورت ناهي.“
    ائين چئي هو هليو ويو.
    هن جي وڃڻ کانپوءِ ٻئي ساهيڙيون خاموش هيون، رسنا سوچيو؛ ’لاليءَ هنن ٻنهي کي اتي ترسڻ لاءِ چيو آهي، اڪيلو شوڀا کي نه چيو آ…. ٻنهي کي ترسڻ لاءِ چيو آهي… ڪاش! اڄ جيڪڏهن هن سمورا پئسا خرچ نه ڪيا هجن ها …. شوڀا کي نه ڏنا هجن ها …. ته هن وقت لاليءَ کي پاڻ سان وٺي وڃڻ جهڙي هجي ها، ڪهڙو نه سهڻو موقعو هٿان نڪري ويو.‘ وري شوڀا جو اداس ۽ ملول چهرو ڏسي هن جي دل ۾ جهٻو پوڻ لڳو، ’مان پنهنجي ساهيڙيءَ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيئن ٿي سوچيان.‘ هن همدرديءَ وچان شوڀا جي طرف نهاري پڇيو:
    ”توکي هن جي نوڪري وڃڻ جو ڏک آهي نه!“
    ”ٿورو ٿورو ..“ رسنا ٿورو سندس ويجهو ايندي چيو: ”پر تون هن جي پاسي ائين ڇو پئي نهارين؟“
    ” ڪجهه ناهي.“ شوڀا هڪ ٿڌو ساه کنيو ۽ چپ ٿي وئي، پوءِ هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳي: ”اسان جي ڪري هن نوڪري ڇڏي ڏني….“
    ”اسان جي ڪري نه پر تنهنجي ڪري“ رسنا بيحد صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي چيو، چوندي هن کي پنهنجي ئي چيل جملي تي حيرت ٿيڻ لڳي. شوڀا هن جو جملو ٻڌي ڇرڪي وئي.
    ”منهنجي ڪري…؟ منهنجي ڪري ڇو رسنا؟“
    ”شايد هو توسان Love ٿو ڪري…“
    ”مون سان…! بلڪل به نه!“ شوڀا ڊگهو ساهه کڻندي چيو، ”هو ڪنهن سان به لَـو نه ڪندو آهي ۽ مون سان ته بلڪل به نه.“
    ”بلڪل ڪندو آهي ۽ صاف چٽو پٽو ڪندو آهي.“ رسنا بنا هٻڪ جي چيو.
    ’۽ اڄ جڏهن هن جي ذهن ۾ ڳالهه چٽي ٿي وئي هئي ته پوءِ ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو حرج.‘ رسنا سوچيو ۽ پوءِ شوڀا جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”ڪو مون سان به ته ڪندو آهي.“ رسنا چيو، ”۽ اڄ کان پهرين مون توکي نه ٻڌايو هو، ڇاڪاڻ ته تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ ڪونه هو… هاڻ آهي ته ٻڌائي سگهان ٿي ته منهنجو به ڪو آهي.“ پوءِ نهايت ڊرامائي انداز سان چوڻ لڳي: ”ماءِ سويٽ هارٽ.“
    ”ڪير آ اهو؟“ شوڀا کي ان سان ڪا به دلچسپي ڪانه هئي، پوءِ به پنهنجي ساهيڙيءَ جي دل رکڻ لاءِ پڇيو: ”ڪير آ اهو؟“
    ”هڪ فوجي جوان آ.“
    ”فوجي! ڪهڙي قسم جو فوجي؟“
    ”هاڻ اهو مان ڪٿي ٿي ڄاڻان ته ڪهڙي قسم جو آهي.“ رسنا چوندي گڙ ٻڙ ڪري ويٺي، ڇاڪاڻ ته هن کي بمبئيءَ آئي چند مهينا مس ٿيا هئا، ”بس هڪ فوجي آهي، پر فوجي گهڻن قسمن جا هوندا آهن ڇا؟“
    ”ها تڏهن!“ شوڀا چيو، ”سپاهي هوندا آهن، صوبيدار هوندا آهن، ليفٽن ٿيندا آهن، ڪپتان ٿيندا آهن، طرح طرح جا فوجي هوندا آهن.“
    رسنا چوڻ لڳي: ”ته اها ڪيئن خبر پوندي ته ڪير ڪهڙو فوجي آهي.“
    ”انهن جي وردي مان خبر پوندي.“ شوڀا چيو.
    ”ورديءَ مان ڪيئن؟“ رسنا حيرانيءَ وچان پڇيس، ۽ سوچڻ لڳي، سوچيندي هن جو ڪنڌ جهڪي ويو، ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ وري پڇڻ لڳي: ”ته ڇا ٽرام هلائڻ وارا جيڪا وردي پائيندا آهن، اهي به فوجي هوندا آهن؟“
    ”اون هون!“ شوڀا ڳالهايو، ”اهي ته ٽرام وارا هوندا آهن.“
    ”ته بس ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ وارا وردي پوش ڪير هوندا آهن؟ ڇا اهي به فوجي هوندا آهن؟“
    ”نه! چري!“ شوڀا کلي ويٺي، ”اهي ته بس جا ڪنڊيڪٽر هوندا آهن.“
    ”پوءِ انهن کي به ته وردي پاتل هوندي آ!“
    ”ها، وردي ته پيل هوندي اٿن پر بندوق ته ڪانه هوندي اٿن، ڪو پستول به نه هوندو اٿن.“
    ”ته ڇا پستول رکڻ وارا، پوليس جا سنتري فوجي هوندا آهن.“
    ”نه اهي ته پوليس وارا هوندا آهن.“
    ”پر وردي ته اهي به پائيندا آهن،“ رسنا، پوليس وارن جو تصور ڪندي چيو.
    جنهن تي شوڀا چيو: ”تون اصل ۾ نئين نئين بمبئيءَ آئي آن، بنگلور جي هڪ ڳوٺ مان … تو وانگر خالي اسڪرٽ پائڻ سان ماڻهو عقلمند ٿورو ئي ٿي ويندو آ.“
    ”پر تو ته هاڻي چيو ته وردي…“
    شوڀا ٽوڪ واري نوع ۾ چيس: ”وردي ته ٽپالي به پائيندا آهن، ورديءَ سان ڇا ٿو ٿئي؟“
    رسنا بحث جاري رکندي چيو: ”پوءِ جيڪڏهن ڪو ٽپالي، وردي پائي، هٿ ۾ پستول کڻي هلي ته ڇا اهو فوجي ٿي ويندو؟“
    ”اهو هٿ ۾ ڇا به کڻي هلي پر هوندو اهو ٽپالي ئي!“ شوڀا وڏي اعتماد سان چيو.
    ”رسنا چوڻ لڳي: ”ته فوجي اگر ورديءَ مان نه ٿو سڃاتو وڃي ۽ نه ئي پستول مان ٿو سڃاتو وڃي ته آخر ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ٿو سڃاپجي؟“
    ”ان کي سڃاڻي سگهجي ٿو،“ چوندي ٿورو چپ ٿي وئي، ۽ سوچڻ لڳي ته واقعي فوجيءَ کي ڪهڙي نموني سڃاڻجي!
    هن کي، پاڻ کي به ته خبر ڪانه هئي، هوءَ پاڻ به ته فوجيءَ جو صحيح تعارف ڪرائي ڪانه پئي سگهي، سوچيندي هوءِ وائڙي ٿي وئي، پر پنهنجي وائڙپ رسنا جي اڳيان ظاهر ڪرڻ نه پئي چاهيائين، ان ڪري ڳالهه بدلائي، ٿورو لنوائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳي: ”او هو! ڇڏ کڻي ان ڳالهه کي، جڏهن تون هن شهر ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريندينءَ ته پاڻ ئي ڄاڻي وٺندينءَ، جهڙيءَ ريت هن شهر ۾ رهندي رهندي ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻي ورتو اٿئي.“
    پر رسنا کي به هو ڪو ضد چڙهيل، ان ڪري اها به برابريءَ جي سطح تي بيهڻ ۽ شوڀاکي سندس گهٽتائي محسوس ڪرائڻ لاءِ چوڻ لڳي: ”پوءِ ڪيئن خبر پوندي فوجي ڪير آهي.“
    ”هڪڙي نموني.“ شوڀا چيو.
    ڪهڙي نموني؟“ رسنا پڇيو.
    شوڀا وري ساڳئي نخري سان چيو: ”ڪنهن به هڪڙي نموني سان.“
    ڄڻ هوءَ ڪا اهم معلومات لڪائيندي هجي، ڄڻ اهو ڪو راز هو جيڪو رسنا کي به معلوم نه هو، رسنا کي پنهنجي بيعزتي محسوس ٿيڻ لڳي؛ ’هوءَ اهو راز ڄاڻي ٿي، پر مون کي ٻڌائڻ پسند نه ٿي ڪري، شايد ان ڪري جو هوءَ پاڻ کي برتر ٿي سمجهي، جيتري پگهار هن کي ملندي آهي، اوتري مون کي به ملندي آهي، هوءَ اگر مون کان ڪجهه سال اڳ ۾ بمبئي آئي آهي ته ڇا ٿيو، منهنجو رنگ روپ ته هن کان به سٺو آ، عمر ۾ به بيشڪ مون کان وڏي آهي، پر منهنجي جواني… ‘
    سوچيندي، رسنا روئڻهارڪي ٿي وئي: ”ٺيڪ آ، ڪري وٺ مذاق، مون کي ٻاهرين ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪري سمجهي… پوءِ آخر مان ڇا ڪريان؟ مون کي ڪئين خبر پوي ته هو فوجي آهي، يا ته تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين، مون کي منگلوري عيسائڻ سمجهي، منهنجو مذاق پئي اڏائين، ٺيڪ آ، نه ٻڌاءِ…“
    شوڀا کي مٿس رحم اچي ويو، هن روئڻهارڪي رسنا کي ڀاڪر پاتو ۽ سندس اکين ۾ ترندڙ ڳوڙها اگهندي چيو: ”اڙي چري… بس هڪڙي ڳالهه جي ڪري فوجيءَ کي سڃاڻبو آ… سليوٽ سان… هو سليوٽ هڻندو آ.. اجهو هيئن!“
    شوڀا کيس فوجين وارو سلام ڪري ڏيکاريو. ان تي رسنا هڪدم خوش ٿي وئي ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي، چوڻ لڳي: ”پوءِ ته منهنجو سويٽ هارٽ سچ پچ فوجي آ، هو بلڪل ائين سليوٽ هڻندو آ.“
    ” نالو ڇا ٿس؟“
    ”هن جو … نالو …“ رسنا نالو کڻڻ کان اڳ ۾ رڪجي وئي، پوءِ ٿورو سوچي چوڻ لڳي:
    ”نالو ڪونه ٻڌائينديسانءِ“ هن جي چنچل لهجي ۾ شرارت ڀريل هئي، شوڀا به اهڙي شرير لهجي ۾ چوڻ لڳي:
    ”فوجي نه هوندو نه، انڪري نه ٿي ٻڌائين!“
    رسنا پير کي زمين تي هڻندي چيو: ”چڱو ٻڌايانءِ ٿي.“
    ”ته ٻڌاءِ به کڻي.“
    ”نه ٻڌائينديس.“ رسنا جي من ۾ شڪ پيدا ٿيڻ لڳو ته شوڀا هن جو نالو ڇو ٿي پڇي! رسنا جي دل ٻڏڻ لڳي؛ ’ڪٿي هي منهنجي سويٽ هارٽ کي مون کان ڇني ته نه وٺندي… ان ڪري ئي ته نه ٿي ٻڌايانس، ٻڌائڻ سٺو به نه آهي.‘
    شوڀا جون اکيون شرارت وچان ستارن جيان ٽمڪڻ لڳيون، چوڻ لڳي: ”هون… ٿي سگهي ٿو… ٽپالي هجي، ويچارو.“
    بس ان تي رسنا کي ڪاوڙ چڙهي وئي، اصل سڀ ڪجهه وساري صفا ڀڙڪو کائي چوڻ لڳي: ”جي نه هو ٽپالي ناهي، هرگز نه!“
    ”ته پوءِ ڪير آ؟“ شوڀا کيس وڌيڪ چڙ ڏياريندي چيو: ”بس ڪنڊيڪٽر؟“
    ”جي نه!“ رسنا لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”پر ٿورو ترس، هن جو نالو به ٻڌايانءِ ٿي.“ ائين چوندي هن شوڀا جي منهن ۾ نهاريو ته شرمائجي وئي، چوڻ لڳي: ”مون کي شرم ٿو اچي، تون ٻئي پاسي ڏس ته ٻڌايانءِ ٿي.“ رسنا شوڀا کي ٻئي پاسي منهن ڪرڻ جو اشارو ڪيو، شوڀا ٿورو منهن پاسيرو ڪري کيس پٺي ڏني ته رسنا سندس ڪن وٽ اچي چيو: ”وليم.“
    شوڀا مڙي کيس چيو: ”وليم نالو اٿس.“
    رسنا هلڪي انداز سان ڪنڌ کي هاڪار ۾ ڌوڻيو.
    ”ڪهڙي وردي پائيندو آ؟“
    ”ڳاڙهي ڪوٽ واري.“
    ”ڳاڙهي!!“
    ”ها، ۽ ڪاري پتلون، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڊگهي سونهري پٽي لڳل هوندي اٿس.“
    شوڀا سوچيندي سندس جملو ورجايو: ”ڳاڙهو ڪوٽ!“
    ”۽ ها ڳاڙهي ڪوٽ تي به سونهري بٽڻ لڳل اٿس ۽ ڪاري ڇڄ جهڙي ٽوپي ۽ ان تي به سونهري ڳوٽو ڪناري لڳل…“
    ”اڙي هان، هاڻ سمجهيم! هان ته اهو ته سينيما جي ٻاهران بيٺل ڪمشنر هوندو آهي، يعني هڪ قسم جو چوڪيدار، ڳاڙهي ڪوٽ ۽ سونهري بٽڻن سان ۽ ڇڄ جهڙي ٽوپي… اهو ئي ته آهي، جڏهن ڪا وڏي گاڏي سينيما جي سامهون اچي بيهندي آهي ته هو موٽر جو در کولي، اندر ويٺل امير شخص کي سليوٽ هڻندو آهي، معنا تنهنجو سويٽ هارٽ ته رڳو چوڪيدار آ، ڇا سمجهيهءِ چوڪيدار.“ شوڀا کيس وليم جي معمولي سپاهي هجڻ جو احساس ڏياريندي چيو.
    ان تي رسنا به سڙي وئي: ”ته تنهنجو لالي ڇاهي؟“
    ”لالي!“ شوڀا حيران ٿي پڇيس، لالي ان وچ ۾ ڪٿان اچي ويو، لاليءَ جو ان سان ڪهڙو واسطو!“
    ”ڇو نه؟“ کڙي تڙي جواب ڏيندي چوڻ لڳي: ”اگر تون منهنجي سويٽ هارٽ متعلق اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهي ٿي ته مان تنهنجي لاليءَ لاءِ ڇو نه ٿي ڳالهائي سگهان.“
    شوڀا غصي وچان چوڻ لڳي: ”لالي منهنجو ڇا لڳندو آ؟ واه وهيل مڇيءَ جي سواري ڪندي، جيڪڏهن هن ٿوري دير لاءِ منهنجي چيلهه کي ڇهيو ته مان ان کي منع ڪيئن ٿي ڪري سگهيس!“
    ”ته ڇا هن جو ڇهڻ توکي سٺو نه لڳو هو؟“
    ”نه ته!“ شوڀا ڪوڙ ڳالهايو.
    ”ته پوءِ تون ان جو انتظار ڇو پئي ڪرين؟“ رسنا چوڻ لڳي“ ”گهر ڇو ڪونه ٿي وڃين؟“
    ”تون به ته ان جو انتظار ڪري رهي آهين؟“ شوڀا جواب ۾ چيو.
    ”مان… ته …“ رسنا ٿورو ترسي وري چوڻ لڳي، ”مان ته ان لاءِ بيٺي آهيان جو هن چيو آهي ته، تهان ٻئي اتي ترسو، اڪيلو توکي نه پر مون کي به ترسڻ لاءِ چئي ويو آهي ۽ …“
    رسنا ڪجهه ٻيو چوڻ واري هئي ته سامهون لالي به واپس ايندي نظر آيو. هو سيٽيون وڄائيندي، وڏي لاپرواهيءَ سان، ڪوٽ ڪلهي تي رکي، ٽوپيءَ کي وڏي ادا سان نراڙ جي پاسي تي لڙڪائي، ڊگهيون ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندو اچي رهيو هو، هن کي ڏسي ٻئي ساهيڙيون پاڻ ۾ تون تون مان مان ڪرڻ ڇڏي، چپ ٿي ويون. ايندي ئي هن حيرت وچان ڀرون چاڙهي ڇڏيون ۽ ڳچيءَ کي ٿورو ٽيڏو ڪري چوڻ لڳو:
    ”اڙي، توهان ٻئي اڃان اتي ئي بيٺيون آهيو؟ هتي ڇا پيون ڪريو؟“
    رسنا ٿورو ان جي ويجهو وڃي چيو: ”تون ئي ته چيو هو هتي ترسڻ لاءِ!“ رسنا ٿورو رازداريءَ واري انداز سان کيس تون چئي مخاطب ڪيو. انهيءَ تون چوڻ جو مطلب، شوڀا کان علاوه، لاليءِ سان الڳ ۽ خاص رشتو پيدا ڪرڻ هو، پر لاليءَ رسنا کي دڙڪو ڏئي ڪڍيو.
    ”تون سدائين وچ ۾ ڳالهائيندي آن، تو سان ڪير ٿو ڳالهائي.“
    رسنا کي جواب ملي ويو، پر هوءَ به ڍيٺ ٿي بيٺي: ”تو اسان کان پڇيو ان ڪري مون ڳالهايو.“
    ”شٽ اپ…“ لاليءَ سخت لهجي ۾ کيس جهڻڪيو، ”منهنجو توهان ٻنهي سان ڪهڙو واسطو، ڀائي.“
    اهو ٻڌي، شوڀا جي منهن جو رنگ اڏامي ويو.
    لاليءَ به هڪدم چئي ڏنو: ”منهنجو مطلب آهي ته توهان مان هڪڙي ڄڻي ترسي، ٻي هلي وڃي.“
    ڄڻ هن کي ان ڳالهه جي پرواهه ئي ڪانه هئي ته ڪير ترسي ۽ ڪير هلي وڃي. هو پنهنجي آڱرين جي ننهن کي ڏندن ۾ وجهي ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ اک ٽيٽ سان ٻنهي ڏانهن ڏسڻ لڳو ته سندس جملي جو ٻنهي تي ڪهڙو اثر ٿيو آهي.
    رسنا ۽ شوڀا هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳيون، پوءِ ٻنهي لاليءَ جي طرف نهاريو، جيڪو پنهنجي منهن ننهن چٻاڙڻ ۾ مشغول هو.
    رسنا چيو: ”ته ٺيڪ آ…“
    شوڀا به ائين ئي چيو: ”ته ٺيڪ آ…“
    پر ٻنهي مان ڪير به پنهنجي جاءِ تان ڪانه چُري. ٻئي ان انتظار ۾ هيون ته هوءَ وڃي، مان ترسي پوان، پر انهن ٻنهي مان ڪا به نه وئي، لاليءَ انهن ڏانهن رخ ڪندي چيو:
    ”توهان ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي وڃڻو پوندو.“
    وري رسنا جي پاسي نهاري چوڻ لڳو: ”تون ڪاٿي نوڪري ڪندي آن؟“
    رسنا چوڻ لڳي: ”مان کاڌ ۾، پندرهين سڙڪ تي.“
    ”۽ تون؟“ هن شوڀا تي ڪجهه اڇاتري نظر وڌي.
    ”مان به اتي ئي رهندي آن.“ شوڀا چيو.
    لاليءَ پنهنجي پتلون تا مک هٽائڻ وارو انداز ڪندي چيو: ”توهان ٻنهي مان هڪ کي گهر وڃڻو پوندو، ۽ هڪ come on، توهان ٻنهي مان هڪ هتي بيهي سگهي ٿي، جلدي ٻڌايو، ڪير ٿي بيهي، جلدي جلدي ٻڌايو، مون وٽ وقت ڪونهي“
    رسنا، لاليءَ جو مغرور چهرو، مضبوط گردن، نراڙ تي لڙڪيل وارن جي چڳ ڏسي سڀ ڪجهه وساري ويٺي، شوڀا جي طرف اشارو ڪري چوڻ لڳي: ”هيءَ هتي بيهندي ته هن جي نوڪري هلي ويندي.“
    ”ڪنهن جي نوڪري؟“ لاليءَ پڇيو.
    ”شوڀا جي!“
    ”هن کي ستين وڳي تائين واپس پهچڻ گهرجي، نه ته گهر جي مالڪياڻي هن کي نوڪريءَ کان جواب ڏئي ڇڏيندي، اهو ئي چئي آئي هئي.“
    لاليءَ شوڀا ڏانهن نهاري پڇيو: ”ڇا اهو سچ آهي؟“
    ”ها…“
    ”ته ڇا ٿيو، منهنجي نوڪري به ته هلي وئي آ.“
    هائو، تنهنجي نوڪري به ختم ٿي وئي آ.“ شوڀا هٻڪندي چيو.
    الائي ته ڪهڙي ڳالهه هئي، جو شوڀا جي دل خوشيءَ ۽ اميد سبب ڏڪڻ لڳي هئي، هن کي نه پنهنجي نوڪريءَ جي وڃڻ جو خيال پئي ٿيو، نه لاليءَ جي نوڪري ختم ٿيڻ جو ڪو غم. دل ۾ بس ڪنهن گل جي ڪونپل ڦٽڻ لڳي، ڪي دف وڄڻ لڳا، ۽ ڄڻ مچ تي جسم جي سيڪڻ جو احساس، روح ۾ ڪا مهڪ اچي واسو ڪيو هوس، اکيون لاليءَ جي پياري مکڙي تي ڄمي ويس، لڳس پئي ته هاڻ هيڏي هوڏي ڪڏهن به نه ڀٽڪنديون، شوڀا، لڄ کان وياڪل ٿيندي، انهن نظرن کي لاليءَ جي چهري تان هٽائڻ چاهيو، پر ڪي نگاهون ڏاڍيون بي شرم ٿينديون آهن، ڄمي وڄن ته هٽنديون ئي ناهن…. ’هاءِ هاڻ ڇا ٿيندو…؟ ڪيئن پنهنجو نگاهون جهڪائي،‘ لاليءَ کي محسوس ٿي ويو ته هو ڇا ڪرڻ وارو هو، ايتري ۾ هن جي ڪنن تي رسنا جو حسرت ڀريو آواز آيو:
    ”ته مان وڃان شوڀا؟ هلي وڃان؟“ آواز ۾ بيحد مايوسي هئس.
    شوڀا جي واتان رڳو ايترو نڪتو: ”مان ڪيئن ٿي چئي سگهان.“
    رسنا لاليءَ جي پاسي ڏٺو، پر لالي شوڀا جي طرف نهاري رهيو هو، ڪجهه چوڻ کانسواءِ شوڀا ۽ لاليءَ پنهنجي رستي تا رسنا کي هٽائي ورتو هو، ڄڻ ته هوءَ اتي موجود ئي ڪانه هئي، موجود هوندي به شايد هلي وئي هئي.
    ڀلا ترسي به ڇا ڪري، رسنا افسوس وچان ڊگهو ساهه کڻي چيو: ”چڱو شوڀا، ٺيڪ آ…. تون ترس.“
    لالي اوچتو ڇرڪي ويو: ”ڇا سچ پچ تنهنجي نوڪري هلي ويندي؟“
    ”گهڙي گهڙي پڇندين ڇا؟“
    لالي خاموش ٿي ويو، دوڏا ڦاڙي شوڀا ڏانهن ڏسڻ لڳو، رسنا هلڪي آواز ۾ چيو: ”ته مان وڃان شوڀا؟“ هن اهڙي ته ڌيرج ۽ هلڪي آواز ۾ چيو جيئن ڪو آهستگيءَ سان ڪنهن جو پلهءُ پڪڙي ۽ ڇڏڻ لاءِ تيار نه جي.
    هي سوال نه هو، التجا هئي، ته مان وڃان شوڀا، يعني مون کي واپس وڃڻ لاءِ ڇو ٿي چوين! شوڀا مون کي روڪي وٺ نه، لاليءَکي سمجهاءِ نه.
    شوڀا وڏي بيدرديءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳي: ”چڱو رسنا تون واپس هلي وڃ.“
    شوڀا کيس اهو ئي چيو، جنهن جي هن کي اميد هئي، پر هوءَ اهو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي. هن جو من ساڻو ساڻو ٿيڻ لڳو، هوءَ آهستي آهستي واپس وڃڻ لڳي، پر ڪجهه وکون کڻي وري هنن ڏانهن واپس موٽي آئي ۽ ٻنهي ڏانهن نهاري چوڻ لڳي: ”گڊ نائيٽ“
    (4)
    مگر هو ٻئي هڪ ٻئي ۾ ايترو کوئجي ويا هئا جو ٻنهي مان ڪنهن به هن جي گڊ نائيٽ جو جواب نه ڏنو، رسنا ٿوري دير اتي بيٺي رهي ته ’متان انهن ٻنهي مان ڪو کيس گڊ نائيٽ جو جواب ڏئي وجهي، شايد هن جي پاسي نهاري، سندس اکين ۾ منتظر حسرت پڙهي کيس روڪي وٺن، شايد شوڀا جو ارادو بدلجي وڃي ۽ هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ جي خاطر رسنا سان واپس گهر موٽي هلي،‘ پر لڳو ٿي ته شوڀا جو اهڙو ڪوبه ارادو ڪونه هو، هن ته ڏانهس نهاريو ئي ڪونه پئي.
    سوچڻ ڇڏي! رسنا مڙي ٻوٽن واري پاسي هلي وئي، پر شوڀا ۽ لاليءَ کي خبر ئي ڪانه پئي ته ڪير وٽن آيو هو، ڪير وٽائن هليو ويو، هو ٻئي هڪ ٻئي قريب ٿيندا ويا…. لالي ۽ شوڀا….
    ٻئي دنيا جهان کان بي خبر پارڪ جي هڪ هلڪي اونداهين ڪنڊ جي پاسي وڃڻ لڳا. جتي ٻوٽن ۽ وڻن جي وچ ۾ لڪل، ڪاٺ جي هڪ بينچ پئي هئي ۽ جنهن جي سامهون بجليءَ جو ٿنڀو لڳل هو، بلب جي روشني پنن مان ڇڻي، ڪاٺ جي رنگين بينچ جي هڪ ٻن جاين تي پئجي رهي هئي. ٻئي ڄڻا خاموش، بينچ جي طرف وڌندا پئي ويا، ۽ ڪارنيوال مان موسيقيءَ جا آواز پئي آيا.
    ماڻهن جي ڳالهائڻ جا نه سمجهه ۾ ايندڙ آواز، هڪ لمحي جي خاموشي، وري ماٺ جي ٿان کي چيريندي ڪنهن ٻار جي روئڻ ۽ جهنجهڻ جي آواز جون لهرون … وري ماٺ، ان سناٽي ۾ ڪنهن ڪار جي هارن جو آواز به ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، ڪار پري ٿيندي وئي، هو بينچ جي ويجهو پئي آيا، گڏ گڏ هلندي هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو… ڪنهن مقناطيسي ڏور سان ٻڌل… ٻن ٻيڙين جيان، هڪ لهري تي لڏندي …
    ’اهڙو پل ته ڪڏهن نه آيو هو هن جي جيون ۾، هي ڇا پئي ٿيو! هن قدم ڇو پيا ٿڙن… هوءَ بينچ ڇو نه ٿي ويجهو اچي، شايد هوءَ بيهوش ٿي ڪري پوندي، شايد لالي کيس کڻي بينچ تائين رسائيندو…‘
    نه معلوم ڪڏهن اها بينچ آئي، ڪڏهن سهارو ڏئي هن کي لاليءَ بينچ تي ويهارو، هوءَ واقعي ڪنهن معصوم ڪبوتريءَ وانگر لاليءَ جي ڀر ۾ ويٺي هئي، ڳالهائي…
    ها… ڪا ڳالهه ته هن کي، ساڻس ڪرڻ گهرجي… ٻئي ڪجهه نه ٿا ڳالهائن، ٻئي چپ آهن، ڪيترو نه ڳورو لمحو هو، ڪنهن ٽائيم بم جيان خطرناڪ ۽ وري ڌڪ ڌڪ ڪندڙ هيانءُ، جيڪڏهن هن جلدي نه ڳالهايو ته شايد هي لمحو بم وانگر ڦاٽي پوندو، شايد هن جي سموري زندگي … هوءَ ۽ لالي ٻئي…. هوا ۾ ذرو ذرو ٿي وکري ويندا… هن کي ڳالهائڻ گهرجي… پر هزار ڪوششن جي باوجود هوءَ ڪجهه چئي نه سگهي، هن کي لڳو ٿي ته ڪنهن سندس نڙيءَ کان جهلي گهٽو ڏئي ورتو آهي، هن جو سمورو وجود ڏڪي رهيو آهي. اوچتو لاليءَ وڏي اطمينان سان ۽ غير جذباتي نوع ۾ هن کان پڇيو:
    ”تون ڇا ڪندي آن؟“
    لاليءَ جي ان غير جذباتي لهجي، ان جي پيار جي تصور ۾ وڪوڙجي ويل ڌنڌ کي هڪدم هٽائي ڇڏيو، شوڀا کي پنهنجي خشڪ ٿيل نڙي آلي ٿيندي محسوس ٿي، هن آهستگيءَ وچان چيو:
    ”مان ڪُڪ آهيان، رڌو پڪو ڪندي آهيان.“
    ”۽ رسنا؟“
    ”هوءَ ته رڳو ٻهارو ڪندي آهي، شوڀا ٿورو حقارت واري انداز سان چيو.
    لاليءَ پنهنجي نراڙ تان وارن جي چڳ کي هٽايو. شوڀا جي دل چاهيو ته جيڪر سندس اها چڳ هوءَ پاڻ هٽائي، ۽ کيس چوي ته ’اهو ته منهنجو ڪم آهي،‘ پر شرم کان ڪجهه نه چيائين. البت اهو سوچيندي ئي شرم کان هن جو چهرو سرخ ٿي ويو، سموري جسم ۾ ڄڻ ڪيوليون هلڻ لڳيون .
    لاليءَ پڇيس: ”ڪارنيول جي پارڪ ۾ ڪجهه کاڌو پيتو به هيهءِ؟“
    ”نه !“
    ”ڪجهه کائيندينءَ، اُتي هلي.“
    ”نه“
    ”ڪنهن ٻئي هنڌ هلي کائيندينءَ؟“
    لالي سيٽي وڄائڻ لڳو، شوڀا ساڙهيءَ جي پلوَ کي مروڙڻ لڳي، لاليءَ سيٽي وڄائڻ بند ڪئي، شوڀا پلوَ کي مروڙڻ بند ڪيو، لاليءَ هن ڏانهن نهاري چيو:
    ”تون ڪارنيوال ۾ گهٽ ايندي آن… مون توکي رڳو ڇهه ڀيرا ڏٺو آهي.“
    ”ها اٽڪل ست اٺ ڀيرا ئي آئي آهيان.“
    ”تو مون کي ڏٺو هو؟“
    ”هان… ها.“
    ”۽ توکي خبر هئي ته مان لالي آهيان.“
    ”معلوم ڪري ورتو هيم.“ شوڀا ڏانهنس نهاري وري پنهنجون نظرون هٽائي ڇڏيون. لالي مرڪڻ لڳو، ڪجه لمحن کانپوءِ چوڻ لڳو:
    ”تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ آهي.“
    ”نه …“
    ”ڪوڙ نه ڳالهاءِ.“
    ”توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندم.“
    ”ڪيترا سال ٿيا آهن توکي بمبئيءَ ۾ ڪم ڪندي؟“
    ”ست سال“
    ”۽ انهن ستن سالن ۾ تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ نه ٿيو آهي، تون چاهين ٿي ته مان تنهنجي ان ڪوڙ تي يقين ڪري وٺان.“
    ”سچ ته چوان ٿي، هڪڙو به بواءِ فرينڊ ناهي.“
    ”اهو لڪ لڪاءُ ڪنهن ٻئي سان ڪجانءِ.“
    ”تون ضد ڇو ٿو ڪرين ته ڪو آهي.. ۽ تنهنجو زور ان تي آهي ته ڪو ضرور آهي!“
    ”ڇاڪاڻ ته تون هن وقت هن بينچ تي مون سان گڏ ويٺي آهيان، جيڪڏهن تنهنجو ڪڏهن ڪو بواءِ فرينڊ نه رهيو آهي ته تون رات جي هن وڳڙي ۾ مون سان هن بينچ تي هن ريت نه ويٺي هجين ها، ڀوَ کان ڀڃي وڃين ها…“
    ”پر مون کي توکان ڀئُه نه ٿيندو آ.“
    لالي زور سان کلڻ لڳو، ”ڪيتري نه احمق آن، لاليءَ کي نه ٿي سڃاڻين، ٻاهر جي ڪنهن بوٿ تان خبر وٺي وٺين هان! ڪيتريون ئي ڇوڪريون مون تي مرنديون آهن.“ هن جي لهجي ۾ غرور ۽ وڏائي وڌڻ لڳي: ”هر ڪا ڇوڪري مون کي بواءِ فرينڊ بنائڻ لاءِ تيار آهي، تو جهڙي بورچياڻيون نه بلڪ اهڙيون اهڙيون ڇوڪريون، جيڪي نرسون آهن، ۽ ٽائيپسٽ، جيڪي وڏن وڏن دفترن ۾ ڪم ڪنديون آهن، مان انهن مان ڪنهن کي به پسند ڪري سگهان ٿو.“ لالي پاڻ پڏائڻ واري انداز ۾ چيو.


    قسط 5

    ”مان ڄاڻان ٿي مسٽر لالي…“ شوڀا سنجيدگيءَ وچان چيو، الائي ته ڪيئن هن جي اندر ۾ اها جرعت پيدا ٿي وئي.
    ”ڇا ٿي ڄاڻين؟“
    ”اهو ئي ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون تو تي مرنديون آهن، خود منهنجي ڪيترين ساهيڙين جو اهو حال آهي، ڪيٽ، ميري، وائليٽ، روبي، ڇٻيلي، صفيه، گوري … سڀئي … اڪثر تنهنجو ذڪر ڪنديون آهن … پر مان ان ڪري نه ترسي آهيان ته … ته… مان ته ان ڪري ترسي آهيان جو مون کي افسوس آهي جو منهنجي ڪري تنهنجي نوڪري هلي وئي.“
    ”هلي وئي ته هاڻي گهر وڃ.“ لاليءَ کي اهو ٻڌي ڄڻ صدمو پهتو ته هيءَ سنهڙي سيپڪڙي، سانوري ڪبوتري هن سونهن سوڀيا جي ڪري نه ترسي آهي پر منهنجي نوڪريءَ جي وڃڻ سبب ترسي آهي. هن جي لهجي ۾ ٿوري سختي اچي وئي ته ’هيءَ ڇوڪري سمجهي ڇا ٿي پاڻ کي،‘ پر شوڀا هڪدم وراڻيو:
    ”پر مان هاڻي نه ويندم.“
    ”ڇو؟“لاليءَ سوال ڪندي چيو: ”جيڪڏهن مان توکي هن بينچ تي اڪيلو ڇڏي هليو وڃان ته!؟“
    ”ته به نه ويندم.“
    لاليءَ کي هن جي ارادي جي مضبوطي پسند آئي. هن ڄڻ نرم نرم لهرن جي اندر ڪنهن پهاڙ کي ڏسي ورتو هو ۽ هن ڄڻ ان پهاڙ تي پنهنجا هٿ رکي ڇڏيا هئا، پوءِ آهستگيءَ سان چيائين: ”هڪ تو جهڙي ڇوڪري منهنجي سويٽ هارٽ هئي، هڪ ڀيري، بلڪل تو جهڙي ڇوڪري مون کي ملي هئي، رات جي وقت… ڪارنيوال ختم ٿي چڪو هو، اسان روشنيون وسائي رهيا هئاسين ته ايتري ۾ ….
    لالي ٻڌائيندي ٻڌائيندي چپ ٿي ويو. سامهون کان ٻه سنتري ڳالهيون ڪندا، هيڏانهن هوڏانهن جاچيندي اچي رهيا هئا، پوءِ انهن ان بينچ تي هن جوڙي کي ويٺل ڏٺو ته سڌو انهن جي طرف وڌي آيا، ۽ اچي هنن جي سامهون ٿي بيٺا. شڪي نظرن سان گهوريندي، انهن ٻنهي کي اشارو ڪيو ۽ لاليءَ کي مخاطب ڪري هڪ سنتريءَ چيو:
    ”توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟“
    لاليءَ ويٺي ويٺي کيس جواب ڏنو.
    ”ڪير مان؟“
    ان تي سنتريءَ کي غصو اچي ويو ته هن دڙڪو ڏئي کيس چيو: ”جڏهن اسان سان ڳالهائجي ته اٿي بيهي ڳالهائجي ميان!“
    لالي نه چاهيندي به اٿي بيٺو، پر اٿيو آهستي آهستي، ڄڻ هن جي سنڌن ۾ سور هجي، يا بيهي نه سگهندو هجي يا ڄڻ ڪنهن مجبور ڪيو هجيس، ۽ جيئن ڪنهن ڪم جي ياد اچڻ مهل اٿي بيهبو آهي، پر پوليس جي چوڻ تي نه. هن جي نظرن ۾ پوليس لاءِ نهايت حقارت ڀريل هئي، پر ٿورو ڊنل به هو. پهرين سنتريءَ پڇيس: ”تنهنجو نالو ڇاهي؟ ڪم ڪهڙو ڪندو آن؟“
    ان کان اڳ جو لالي ڪو جواب ڏئي ٻئي سنتريءَ چيو: ”مان هن کي سڃاڻان ٿو، هي لالي آهي، ڪارنيوال ۾ بارڪر آهي، مان سڃاڻان ٿو هن کي.“
    پهرين سنتريءَ شوڀا کي گهوري ڏٺو، شوڀا آهستي آهستي سڏڪڻ لڳي ته پهرين سنتريءَ خفي ٿيندي کيس چيو: ”اها سر سر ڇا جي لاتي اٿئي؟ اسان ڪو توکي کائي وينداسي، اپن ڊيوٽي پوري ڪرتا هئه.“
    مڙي لاليءَ ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳو: ”ڪهڙي بوٿ جو بارڪر آن؟“
    لاليءَ پنهنجو ساڄي پاسي وارو ڳٽو کنهندي چيو: ”مسز هوشنگ ٻائيءَ جي بوٿ تي…“
    ٻئي سنتريءَ پهرين سنتريءَ کي چيو: ”مان ان کي به سڃاڻان ٿو، ٻه ٽي ڀيرا ان کي به پڪڙيو آ.“
    پهرين سنتريءَ دٻ ڪڍڻ واري رعب سان پڇيو: ”تم هتي ڇا ڪرتا هئه؟“
    لاليءَ وڏي اطمينان سان جوب ڏنو: ”اسان ٻئي هن پارڪ ۾ ويٺا آهيون، مان ۽ هيءَ ڇوڪري.“
    ٻئي سنتريءَ پڇيس: ”تنهنجي گهر واري آ؟“
    لالي کلي پيو: ”گهر واريءَ سان به ڪو پارڪ ۾ ويهندو آ .“
    ” ته يه تنهنجي ڇوڪري هئه؟“ پهرين سنتريءَ پڇيس.
    “نه ڇوڪري به ناهي!“
    ٻئي سنتريءَ جي دل ۾ شڪ جي گنجائش وڌڻ لڳي، هن شوڀا کي مخاطب ڪيو: ”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
    ”شوڀا.“
    ”اها ٻهارو ڏيڻ واري؟“
    ”نه بورچياڻي آهيان، کاڌو پچائيندي آهيان، مسٽر بوس وٽ، پندرهين سڻڪ کار بمبئي تي.“
    ”پنهنجا هٿ دکائو!“ پهرين سنتريءَ چوڻ لڳو.
    شوڀا کي سمجهه ۾ ته ڪجهه نه آيو، پر هن پنهنجا هٿ اڳتي ڪري ڏانهن وڌايا. پهرين سنتريءَ ٻنهي هٿن جي ترين کي جانچي، ٻئي سنتريءَ کي چيو: ”ٺيڪ چَوِندي هئه … نوڪرياڻي هئه، هٿ سخت اٿس.“
    ٻئي سنتريءَ پڇيس: ”ته هن ٽائيم، گهر تي ماني نه پچائيندينءَ؟ هتي ڇا ٿي ڪري پئي؟“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”اڄ منهنجو هاف هاليڊي آهي.“
    ”ته هن بينچ تي ڌاڪو ڄمائي ڪيون ويٺي هئه؟“ پهرين سنتريءَ دڙڪو ڏيندي پڇيس.
    شوڀا لاجواب ٿي وئي ۽ هن جي منهن ۾ تڪڻ لڳي.
    ٻيو سنتري، پهرين سنتريءَ ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو: ”مون کي خبر آهي… اسان هتان چُرنداسين مس ته هي ٻئي هنن وڻڻ جي پويان غائب ٿي ويندا.“
    پهرين سنتريءَ کي شوڀا جي سڏڪن تي شايد رحم اچي ويو، جنهن تي هن چيو: ”يه دلا ڪنهن سان ڀي لوَ نهين ڪرتا، خالي تمهارا پيسا جي پويان هئه… هم اس ڪون چڱي طرح جانتا هئه…. يه سدائين باورچياڻين، جهاڙو ڏيڻ وارين ڇوڪرين کي ڦنساتا هئه… ۽ انهن جي جيب خالي ڪراتا هئه…. اڀي سي توکي بول ديتا هئه ته سڀاڻ جڏهن تم ٿاڻي ۾ هن جي رپورٽ ڪرڻ آئين گا ته هم تمهارا رپورٽ نهين لين گا، هاڻي کان تم ڪو اس چارسو بيس لاءِ وارن ڪرتا هئه.“
    شوڀا چوڻ لڳي: منهنجي ٻٽونءَ ۾ رڳو اٺ آنا آهن سنتري جي.“ چوڻ وقت هن لاليءَ ڏانهن ڪونه ٿي ڏٺو پر پهرين سنتريءَ لاليءَ ڏانهن ڏسندي چيو: ”ٻڌءِ لالي صاحب، هن جي ٻٽونءَ ۾ رڳو اٺ آنا پيا آهن.“
    لالي چوڻ لڳو: ”مون کي هن جا پئسا نه گهرجن.“
    ”ماٺ ڪر!“ ٻئي سنتريءَ هن دٻ ڪڍي.
    لالي ماٺ ٿي ويو. شوڀا به ان جي ڀرسان بينچ تي ويهي رهي، سپاهيءَ جي چتاءَ ڏيڻ جي باوجود اتان پري ڪانه ٿي. ٻئي سنتري ٿوري دير چپ چاپ ڏسندا رهيا، پوءِ پهرين سنتريءَ چيو: ”ٻڌي وٺ شوڀا جي، يه اسان جا ڊيوٽي هئه، اسان تم ڪو چوندي هئه، تمهارا ڪا عقل نه هئه جو هن ڇوڪري سان لو ڪرتا هئه؟ هي توسان ڪوڙا پريم جتاتا هئه، هر مهيني تمهارا پگهار کائي کپائي گا، تم ڪو سڃو ڪري ڇوڙيگا.“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”مون کان ڇا وٺندو سنتري جي، مان ته پاڻ غريب هان“
    ٻيو سنتري چوڻ لڳو: ”تون نه ڳالهاءِ، جيڪو چئجي ٿو اهو ٻڌي وٺو.“
    شوڀا خاموش ٿي وئي.
    پهريون سنتري چوڻ لڳو: ”اسان توکي ٿينڪس ڪرڻ مانگتا هئه، هم تم ڪو وقت پر اطلاع ڪيا هئه، هي ڇوڪرا بڙا دغا باز هئه، تمهار ٻٽون به صاف ڪرين گا، سڀ کائي جائيگا، وري تم اسان وٽ رپوٽ لاءِ اچينگا، ته اسان ڪيا ڪر سڪين گا، ان ڪري هاڻي ئي بولتا هئه، اسان نال هلو، اسان توکي تنهنجي گهر تي پنهچائي گا.“
    شوڀا ڏڪندڙ لهجي ۾ چيو: ”اهو اوهان جو حڪم آهي.“
    ”حڪم ناهي مائي، اسان توکي سمجهاتا هئه، بس.“
    ”حڪم ناهي ته پوءِ مان ڪانه ٿي وڃان.“ شوڀا چيو.
    ٻئي سنتريءَ، پهرين سنتريءَ کي چيو: ”ڇڏينس، پوءِ پاڻ ئي پئي رئندي، اسان خبردار ڪري ڇڏيو اٿئونس، بس اسان جي ڊيوٽي ختم، هلي آءُ بسنت پيارا ته هلون.“
    پهرين سنتريءَ هڪ دفعو ٻيهر شوڀا ڏانهن ائين نهاريو جيئن ڪو ڪنهن بيوقوف ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندو هجي. پوءِ هن آهستگيءَ سان مٿو ڌوڻيو، پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي پارڪ جي ٻيءَ ڪنڊ طرف گشت ڪرڻ لاءِ هليا ويا.
    انهن جي وڃڻ کانپوءِ لالي ۽ شوڀا، وري بينچ تي ويهي رهيا، لاليءَ کيسي مان رومال ڪڍي پنهنجي منهن تي آيل پگهر اگهيو، پنهنجي نڪ ۽ وات تي به رومال ڦيرايو.، پوءِ شوڀا ڏانهن نهاري پنهنجو ڳٽو کنهڻ لڳو.
    شوڀا هلڪي آواز سان پڇيس: ”پوءِ؟“
    لاليءَ وري ڀڙڪو کاڌو ۽ شوڀا ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريندي چوڻ لڳو: ”ها ته پوءِ…؟“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”تون ڪا ڳالهه شروع ڪرڻ وارو هئين نه، جڏهن اهي سنتري آيا پئي.“
    ”اوه… ها،“ ها ڪرڻ وقت لاليءَ کي ياد آيو، ”ها ته مان ڇا ٿي چيو؟“ هن نرمائيءَ وچان شوڀا کان پڇيو.
    شوڀا چوڻ لڳي: ”تو چيو پئي ته ڪا ڇوڪري هئي، تنهنجي گرل فرينڊ… ڪارنيوال کانپوءِ ملي هئي توسان، هن ئي پارڪ ۾… جڏهن تون…“
    ”او ها ياد آيو، هاڻي ياد آيو،“ حالانڪ هن کي ڪجهه ياد نه ٿي آيو، بس ائين ئي چئي ويٺو، ”جڏهن اسان روشنيون وسائي رهيا هئاسين ته هڪ ڇوڪري… گهري ڳاڙهي شال ۾ منهنجي ڀرسان آئي، ۽ مون سان… مون سان…“ هو وري رڪجي ويو ۽ لهجو بدلائي شوڀا کان پڇڻ لڳو: ”ٻڌ ته! … مان چوان ٿو ته جيڪو سنترين توکان پڇيو يا منهنجي متعلق جيڪي ڪجهه هنن توکي ٻڌايو، ته ڇا ان کانپوءِ به توکي ڊپ نه ٿو لڳي.“
    ”نه ته.“ شوڀا هن جي اکين ۾ اکيون وجهي چوڻ لڳي.
    ”۽ جي مان توکان ٻٽون ڇني ڀڄي وڃان ته!“
    ”منهنجي ٻٽونءَ ۾ ڪجهه به ناهي، سواءِ انهن اٺن آنن جي.“ شوڀا ٿڌو ساه کنيو، ”پر جي ڪجهه هجي به ها ته به سڀ تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيان ها.“
    ”سچ“ لالي حيرت وچان چيو.
    ”ها، اگر تون چاهين ته مان توکي ڪڏهن به انڪار نه ڪندم.“
    ”۽ تنهنجي عزت…! ڪٿي وڃائي تو؟“
    ”منهنجي ته ڪائي عزت آهي ئي ڪانه.“
    ”ڪڏهن ته هوندي؟“
    ”ڪڏهن به نه هئي،“ هوءِ روئڻهارڪي ٿي وئي.
    هر سوال کانپوءِ لاليءَ جو لهجو بي رحم انسان جهڙو ٿيندو پئي ويو، بي رحم ۽ سنگدل، ۽ چهبڪ جيان جسم تي پوندڙ، پر ان چهبڪ جو وار خود لاليءَ تي به ٿيو پئي، لڳو ٿي، ڄڻ هر سوال جو چهبڪ سندس ئي پٺي تي پئي لڳو، پوءِ به سوال ڪندو پئي رهيو، اهي سوال، جن جي قيمت، ۽ جن جي جواب جو قدر ڪنهن زماني ۾ ته ٿيندو هو، اڄڪلهه جي زماني ۾ بلڪل به نه رهيو آهي، هو ان ڳالهه کان واقف هو ۽ انهن سوالن تي ٺٺولي ڪرڻ جي فن کان، هن کان وڌيڪ ڪير واقف هو، پر الائي ته ڇو هن جي اندر ڪهڙي لڪل شرافت هئي جو ان وقت هن کان رڳو اهي ئي سوال ڪري رهيو هو، ان جي ابتڙ شوڀا نه ته روئي پئي نه ئي سڏڪا ٿي ڀريائين، نه شرمايائين پئي ۽ نه ڪنهن بيشرمي کان جواب پئي ڏنائين. هن جو اندازو اهڙو هو، ڄڻ اهي سوال، هن لاءِ معمولي هجن، جن کي اڄ جي دنيا ۾ ۽ سندس شخصيت جي ٿانءَ ۾ ڪو مرتبو، ڪو قدر، ڪا قيمت، ۽ ڪا اهميت ڪانه هئي، ڄڻ اهي سوال نه هجن، اڄ جي هلندڙ سماج ۾ ٿڏا ٿيڙ کائيندڙ روڙا ۽ ڀتر هجن.
    لالي ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳو: ”پر تو رامونءَ جي حوالي ته پنهنجو جسم ڪيو هوندو؟“
    ”اهو ته ڪرڻو ٿو پوي،“ شوڀا نهايت سنجيدگيءَ سان چيو، ”پر مون کي ان سان پيار نه هو.“
    ”مون سان آهي؟“ لاليءَ ٻيو سوال ڪيو.
    ”نه!“ هن چپ ڍولا ڪندي چيو.
    ”ته هتي ڇو ويٺي هان!“ لاليءَ باه جي ڀڀڙ وانگر ٻري ويو.”ائين ئي…“ هوءَ هڪ عجيب اداسيءَ وچان چوڻ لڳي، ”بس ائين ئي…“ چوندي رڪجي وئي، پلڪن تي آيل ڳوڙها سندس اکين ۾ اندران ئي اندران ڪو لڪل رستو ٺاهي، نڙيءَ ۾ ڦاسي، رڪجي ويا هئا، ۽ سندس آواز انهن ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويو، هوءَ اڳتي ڪجهه ڳالهائي نه سگهي.
    لاليءَ ڳالهايو: ”ٻڌ، مون جهڙي مرد سان ته تون شادي نه ڪري سگهندينءَ نه؟!“
    ”ڇا هر ڳالهه جو جواب اهڙي صفائيءَ سان ڏنو ويندو آهي، جيئن ٻهارو هلائبو آهي؟“ شوڀا کي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
    ’لالي چاهي ڇا ٿو! پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ ٿو چاهي، هن کي غلط ثابت ڪرڻ ٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي اڌ زندگي پنهنجو پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ گذري ويندي آهي، ان جي ابتڙ اسان سڀئي ماڻهو…. سڀ نه به ته…ٻه ئي سهي…. پاڻ ۾ ملي، جيون جون غلطيون اڌ اڌ ڪري پاڻ ۾ ورهائي وٺن، هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ کانسواءِ… جڏهن اسان سک ورهائي سگهندا آهيون، ڏک ورهائي سگهندا آهيون ته الزام به ورهائي وٺجن ته جيڪر زندگي ڪيتري نه خوش حال ٿي پوي.‘
    شوڀا جي خاموشيءَ مان لاليءَ غلط مطلب ڪڍيو، هو ڌڪ کاڌل ماڻهوءَ وانگر شڪايت واري لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”اگر تون مون کي چاهين نه ٿي ته هتي ويٺي ڇو آهين! هلي ڇو نه ٿي وڃين… هلي وڃ… جتي تون نوڪري ٿي ڪرين اوڏانهن.“
    شوڀا آهستگيءَ سان چيو: ”هاڻ ڪاڏي وڃان، گهڻي دير ٿي وئي آهي، گهر وارن دروازا بند ڪري ڇڏيا هوندا.“
    ڪافي دير تائين ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي رهي، ڄڻ هڪ دروازو بند ٿي ويو هجي، ۽ ٻيو دروازو اڃان کليو ئي نه هجي… ٻن دلين جي وچ ۾ اهڙو وقفو به ايندو آهي، جنهن ۾ ٻنهي کي سوچڻ ۽ ذهن کي کوٽڻ جو وقت ملندو آهي، اهڙي ئي وقفي جي وچ ۾ لاليءَ چيو:
    ”مان سوچيندو آهيان، مون جهڙو برو ماڻهو به ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.“
    دروازو ڄڻ ٿورو کلڻ لڳو هو، شوڀا کي ان مان روشني نظر اچڻ لڳي، ايتري ۾ مڱيرن وارو، سندس اڳيان کان، ٻڏل اواز ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي گذرڻ لڳو، ۽ اهو دروازو وري بند ٿي ويو.
    ”مڱ ڦريون، سيڪيل مڱ ڦريون، مڱيرا، کاڄا سيڪيل.“
    لاليءَ شوڀا کا پڇيو: ”بک لڳي ٿي؟“
    ”نه“ هن مٿو ڌوڻي چيو. لاليءَ به مڱ ڦرين واري ڏي منهن ڪري انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، مڱيرن وارو هليو ويو، ان سان گڏ سوچڻ سمجهڻ وارو وقفو به هليو ويو. لالي هاڻي ڪنهن چريائپ جهڙي خيال ۾ هو؛ ’عجيب ڇوڪري آهي،‘ لاليءَ سوچيو، ’هاڻي ڇا چوي هن کي، سڀئي وار گسائي وئي آهي، هيءَ سانوري! نظرون ڪٿي دور پهچي ويون آهن، جڏهن هن ڏي ڏسي ٿي ته اهو ئي ٿو لڳي ته ڄڻ هن جي طرف ڏسي ئي ڪانه ٿي، لڳي ٿو لاليءَ جو جسم شيشي جو ٺهيل آهي، جنهن مان شوڀا آرپار … دور افق ۾… خلا ۾ ڪٿي گهڻو دور ڪجهه ڳولهڻ لاءِ وڃي رهي آهي، جنهن کي هزارن سالن کان عورت ڳولهي رهي آهي، مرد سان گڏ هوندي به… ان سان پيار ڪندي به، ان مان ٻار ڄڻيندي به… موه، مايا، ممتا… سڀ کان اڳتي وڃي ڪجهه ٻيو ئي ڳولهي رهي آهي، اهو جيڪو اڄ تائين کيس ڪونه مليو آهي.‘
    لالي خاموش آهي، هو به ساهن جي ان سمنڊ ۾ اڪيلو پيو تڙڳي. رات جي وڌندڙ ويل جي ڪپڙن ۾ ويڙهيل آهستي آهستي، نه سمجهه ۾ ايندڙ تاريڪيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي. هاڻي هن تائين ڪو به ڪرڻو نه ٿو پهچي، ڪنهن تاريڪ ريڊيائي سياري جيان وقت جي دوربين جي اکين کان اوجهل اڪيلو سڙي رهيو آهي، هونئن به ماڻهو ڀيڙ ۾ اڪيلو ٿي پوندو آهي ۽ اڪيلي ۾ ڀيڙ بڻجي ويندو آهي، ان ڌنڌلڪي جهڙي خاموشيءَ جي وچ ۾ ڪٿي ڪا هڪڙي منزل جاڳندي آهي.
    مسز هوشنگ ٻائيءَ جو پراڻو توتارو وڄي رهيو آهي، نچڻ لاءِ هن جي رڳ رڳ ۾ لئي سمائجندي ٿي وڃي، انگ انگ ۾ ان جي وڄت ڌڙڪڻ لڳي ٿي، پوءِ هن جو ڪنهن ٻي شيءِ سان ناتو جڙي ويو، هو اڪيلو نه هو، هن جون ٽنگون لئي جي ڍار تي ٿرڪڻ لڳيون آهن.
    ”نچندينءَ؟ لاليءَ شوڀا کان پڇيو.
    “نه…!“
    ”ڇو نه؟“
    ”ڪوئي ڏسندو ته ڇا چوندو؟“
    ”توکي ڪنهن جي پرواه ڇو ٿيڻ لڳي آهي؟“
    ”ڇاڪاڻ جو مون کي شادي ته ڪرڻي ڪانهي.“ شوڀا ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”شادي ڪرڻي هجي ها ته مون تي به ڪو فرق نه پوي ها، پر مون کي ته شادي ڪرڻي ئي ناهي، ان ڪري مون کي پنهنجو خيال رکڻو پوندو آ.“
    ”۽ اگر مان توکي شاديءَ لاءِ چوان ته؟“ لالي بي ڌڙڪ چئي ڏنو، پر چوڻ کانپوءِ پاڻ تي حيرت کائڻ لڳو ته هن اها ڳالهه، بنا سوچڻ جي چئي ڪيئن ڇڏي!، ’پر الائي ته ڪهڙي ڳالهه آهي،‘ دل ۾ سوچيائين ته کيس پنهنجي جملي تي افسوس نه ٿيو، ڪنهن به ريت هن کي ڪو پڇتاءُ محسوس ڪونه ٿيو.
    شوڀا چپ چاپ ۽ حيرت مان هن کي نهارڻ لڳي، ڄڻ کيس اعتبار ڪونه ٿي آيو.
    ”ڇو ڇا ٿيو؟، لاليءَ پڇيو، ”تون سوچين ڇو پئي، ڪٿي سنتريءَ جيڪو چيو هو اهو ته ياد نه ٿو اچئي؟“ لالي جي چپن تي طنز واري مرڪ اچي وئي، هن جا چپ نفرت ۽ حقارت وچان چٻا ٿي ويا، ”تون ضرور سوچيندي هوندينءَ، آخر لاليءَ به اهو ئي حربو استعمال ڪيو، جيڪو هر ڇوڪريءَ لاءِ…“
    شوڀا هن جي وات تي هٿ رکي ورتو: ”نه لالي صاحب! مون کي انهن ڳالهين جي پرواه ناهي،“ جيترو جلدي هن سندس وات تي هٿ رکيو هو، اوترو ئي جلدي هن هٿ هٽائي به ورتو، ڇاڪاڻ ته لاليءَ جا چپ ٻري رهيا هئا، هن کي ڏاڍي حيرت ٿي، لاليءَ جا چپ خشڪ هئا ۽ گرم هئا، ڄڻ هن جي پنهنجي دل جلندي هجي.
    لالي چوڻ لڳو: ”پر تون مون جهڙي آواره ڇوڪري سان شادي نه ڪندينءَ نه؟ …. نه ڪندينءَ نه؟“
    شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها ترڻ لڳا، پوءِ هن انهن ڳوڙهن کي ڳيت ڏئي ڌيرج کان ڪم وٺندي چيو: ”اگر مان ڪنهن سان پيار ڪريان ته پوءِ چاهي ڪهڙو به هجي، پوءِ چاهي مان ان لاءِ مري ئي ڇو نه وڃان.“
    هڪ شيطاني مرڪ مرڪندي هن شوڀا ڏانهن نهاريو: ”فرض ڪر تنهنجي ٻٽونءَ ۾ ڪجهه پئسا آهن، اهي اگر مان کڻي وٺان ته؟“
    ”ته کڻي وٺ.“ شوڀا سڪون سان جواب ڏنو.
    لاليءَ جو شيطان ڀڄي ويو، پر لاليءَ کي ان جي ڀڄي وڃڻ جو افسوس ٿيو ته اهو ان وقت ڇو ڀڄي ويو! اهو ئي ته وقت هو هن جي وٽس ترسڻ جو، جڏهن هوءَ بي وس ڇوڪري سندس ڀرسان ويٺي هئي. اهڙن موقعن تي جيڪڏهن شيطان ساڻ نه هجي ته ماڻهو ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي، الائي ته ڇو لالي اداس ٿي ويو. ڪارنيوال جي ٻرندڙ بلبن جي روشني، اشوڪ جي وڻن تي لڏندي، جهوليندي ۽ فضا ۾ موتين جي لڙين کي جهومندي ڏسي لالي اداس لهجي ۾ چيو: ”بس مون کي ايترو ئي ڪرڻو آهي ته هن وٽ واپس هليو وڃان، هوءَ مون کي وري ڪم تي رکي وٺندي، پنهنجي بوٿ تي، وڏي خوشيءَ سان… مون کي بس هاڻي هن وٽ وڃڻو پوندو.“
    رات جي وڌندڙ اونداهيءَ ۾ لاليءَ جو اداس چهرو ڏسي شوڀا، هن جي ٻانهن سان لڳي ويٺي، ۽ ملائم آواز ۾ چوڻ لڳي: ”هن وٽ نه وڃ…“
    لاليءَ جون ناسون آهستي آهستي ڦهلجڻ لڳيون، پريان ڪٿان رات جي راڻيءَ جي مهڪ اچي رهي هئي، هن دل ۾ سوچيو، ۽ سوچي هن هوشنگ ٻائيءَ ڏانهن واپس وڃڻ کي وساري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو صاف سٿرن ڪپڙن ۽ نرم گرم خوشبو جو عاشق هو، هن هڪ ڊگهو ساه کڻي ان خوشبو کي پنهنجي اندر ۾ اوتي ورتو: ”ڪيتري نه مست ڪندڙ خوشبو آ، الائي ته ڪٿان پئي اچي!“
    شوڀا آهستگيءَ سان پنهنجي آڱر هن جي هٿ تي رکي ۽ التجا واري لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”هن وٽ نه وڃ.“
    لاليءَ چيو: ”هوءَ مون کي واپس سڏائي وٺندي، وري ڪم تي لڳائي ڇڏيندي، مان ڄاڻان ٿو ته ڇو!“
    شوڀا پنهنجي ٻي آڱر به سندس هٿ تي رکي، پوءِ ٽين، پوءِ چوٿين، ائين پنج ئي آڱريون لاليءَ جي ٻانهن تي رکي ڇڏيون، جن ۾ ڀنل گلن ۽ پنن جي جهڙو ڇهاءُ هو، لالي هن جي مٿي تي جهڪي ويو، ۽ هلڪو ساه کڻي، خوشيءَ وچان چوڻ لڳو:
    ”هون! هي خوشبو ته تنهنجي وارن مان پئي اچي… رات جي راڻيءَ جي..“
    شوڀا پنهنجو هٿ هوا ۾ لوڏيو: ”اهي گل هوا پئي آڻي..“
    لاليءَ به هٿ وڌائي، شوڀا جي هٿ ۾ ڏنو، وڌندڙ رات ۾ هوا جا تيز جهوٽا، گل ڇاڻي رهيا هئا، ۽ لاليءَ حقيقت ۾ ڏٺو ته وڻن ۽ ولين مان ڪيترائي گل ڇڻي بينچ تي جهڪيل شوڀا جي وارن مٿان، لاليءَ جي ڪلهن تي، ٻنهي جي هٿن جي کليل ترين تي، انسان جي اوجل آرزوئن جيان چمڪي رهيا آهن، محبت جو اطمينان وارو ساه کڻي لاليءَ شوڀا جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ رات گهري ٿيندي وئي.
    (5)
    چاچي کلڻي، ڪوئلن سان ڀريل لوه جي سگري، هٿن ۾ کڻي ڪاٺيءَ جي ٺهيل ورانڊي ۾ اچي ٻارڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته هن جو رنڌڻو گهڻو ننڍو هو ۽ سگري دکائڻ وقت دونهين سان ڀرجي ويندو هو. سگري دکائڻ کان اڳ ۾ هن سڻڪ جي ڪناري، پري پري تائين نهاريو، لاليءَ جو ڪو پرو ڪونه هو.
    ٽن مهينن کان شوڀا ۽ سندس چاچي کلڻي، پراڻي ڪاٺيءَ جي ٺهيل ڇپر ۾ رهيل هئا، ڇاڪاڻ ته لاليءَ کي اڃان ڪو ڪم نه مليو هو؛
    ’پر ڪم ملي به ڪيئن،‘ چاچي کلڻيءَ ڪاوڙ وچان ڪوئلن کي ڦوڪيندي سوچيو،’ڪم ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڪاٿي نه ڪاٿي ته ملي ئي ويندو آهي، پر… پر هي ڪوئلا به صفا ڪي آلا آهن، ديويءَ جي مار پوي ان واڻيي ڪوئلن وڪڻڻ واري تي، ڪمبخت، نه تور جو پورو نه مور سان سچو.‘
    چاچي کلڻي زور زور سان سگريءَ ۾ ڦوڪون ڏيڻ لڳي.
    هن جي ساڄي ڳل تي جيڪو تر هو، ان تي ڄمي آيل وار، ڪوئلن مان نڪرندڙ هوا تي عجب انداز سان لڏندا هئا، چاچي کلڻيءَ جي شڪل گهڻي قدر چرچل سان ملندي هئي، ۽ ڳالهه ڳالهه تي ان ئي نموني ڪاڪڙي تي زور ڏئي ڳالهائيندي هئي. چاچي کلڻيءَ جو پٽ چندن، وچولي درجي جو معمولي فوٽوگرافر هو، هن جو اسٽوڊيو ڪارنيوال پارڪ سان گڏ هو، جيڪو سڻڪ جي ڪناري، پراڻي ۽ ڳريل حالت واري ڪاٺ جي ڇپري ۾ هو، پر چندن جي ڪم لاءِ بلڪل ٺيڪ هو، ان جي اندر ڪافي وڏو هال هو، جنهن ۾ چندن اسٽوڊيو ٺاهيو هو، پويان ڊارڪ روم هيس، جنهن تي ڪاري رنگ جو پردو پيل هوندو هو، جنهن جي مٿان ڳاڙهي بتي روشن هوندي هئي، ان جي ڀرسان ٽراءِ پارڊ تي ڪيميرا رکيل هوندي هئي، ۽ کاٻي پاسي ٻه رنگين پردا ٽنگيل هئا، جن مان هڪڙي تي آبشار جو منظر هو، جيئن ته شهري ماڻهن جن ڪڏهن آبشار ڏٺو ئي ڪونه آهي ۽ ساري حياتي اوندهين ڳلين ۾ گذاري آهي، اهي آبشار جي اڳيان تصوير ڇڪرائڻ ۾ عجيب لذت محسوس ڪندا آهن. ٻئي پردي تي چيتي جي شڪل ٺهيل آهي ۽ ان جي مٿان ڪاري پردي جو اهڙو محراب آهي جيڪو پويان کلي ٿو، ۽ گراهڪ پردي جي پويان وڃي، چيتي تي ٽنگ رکي فوٽو ڇڪرائيندا آهن، ڄڻ چيتي تي سواري ڪري رهيو هجي. اهو به انهن شهرين جو شوق آهي جن اڄ تائين ٽرام يا بس کانسواءِ ڪنهن ٻي شيءِ تي سواري ئي نه ڪئي آهي، اهي سڀ ڪمزور ۽ دٻيل، پر اندر ۾ ڪنهن غيرمعمولي ڪم ڪرڻ جي خواهش رکندڙ انسان گهڻو ڪري شينهن تي سوار ٿي تصوير ڇڪرائيندا آهن.۽ چندن جو اسٽوڊيو گهڻو ڪري ان سواريءَ جي تصوير تي هلندو آهي. ڊارڪ روم ۽ رسوئيءَ جي وچ ۾ جيڪا جاءِ بچيل آهي، اتي هڪ پراڻو پر بيحد ڪشادو صوفو رکيل آهي، جيڪو رات جو، لاليءَ جي بستري جو ڪم ڏيندو آهي. صوفي جي پويان جيڪا دري کلي ٿي، ان مان ڪارنيوال جون روشنيون ڏسي سگهجن ٿيون ۽ وڻن جي وچ مان چوڏول، چڪرا ۽ چيڪلا به نظر ايندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن هوا جو رخ هن پاسي ٿيندو آهي ته ڪارنيوال جو سڄو گوڙ، مٿي ۾ سور وجهندڙ ان جي موسيقي، ماڻهن جو ميڙ ڪٺو ڪندڙن جا هوڪا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
    لاليءَ کي اها جاءِ ڏاڍي پسند آهي، رات جو هو اتي ئي سمهندو آهي، ڏينهن جو پنهنجي دوستن سان ويٺو تاش راند کيڏندو آهي، جڏهن ته شوڀا رنڌڻي ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ چاچي کلڻي ڀڻ ڀڻ ڪندي رڳو پئي حڪم هلائيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شوڀا سان هٿ به ونڊائيندي آهي، ته ڪڏهن ڪڏهن ڊارڪ روم ۾ چندن سان به گڏجي ڪم ڪندي آهي.
    جڏهن سگريءَ جي باه مچي وئي ۽ ان مان اُلا نڪرڻ لڳا ته چاچي کلڻيءَ جي ڪاوڙ مان ڦوڪيل ڳٽن کي ڪجهه آرام نصيب ٿيو. اٿي بيهي پهرين ته هن پنهنجي چٻي ٿي ويل چيلهه سڌي ڪئي، پوءِ پنهنجي ساڙهيءَ کي ڀيڏين کان مٿي ڪري، مٿيون حصو ڪلهن ۾ ڦاسائي ڇڏيو، پوءِ سگري کڻي، وري سڻڪ جي سامهون، ساڄي ۽ کاٻي نهاريو.
    ’اٽڪل يارهن وڄي ويا هئا، ليڪن لاليءَ جو ڪو پتو ڪونه هو ۽ هوءَ دانگيءَ منهين شوڀا، سندس ڀائٽي، لاليءَ سان اهڙي ته ريجهي ويٺي هئي جو هن کي ڇڏڻ جو نالو ئي نه ٿي ڳنهيائين.، حالانڪ قسم وٺو جو ٽن مهينن ۾ هڪ ٽڪو به لالي ڪٿان ڪمائي آيو هجي، بس رڳو گهر ۾ مئو پيو هوندو ۽ اٿي مانيون پيو مروڙي کائيندو، لفنگو ڪنهن جاءِ جو… رات کان گم آ…! ‘
    چاچي کلڻي سگري کڻي واپس ڇپري ۾ گهڙي وئي، جنهن جي ٻاهران ”چندن اسٽوڊيو“ جو بورڊ ٽنگيل هو. ’لاليءَ ۽ شوڀا کي گهر کان ڪڍي ڇو نه ٿي ڇڏي؟ شوڀا ڪهڙي وري هن جي سڳي ڀائٽي آهي! بس کيس چاچي چوندي، سو به تڏهن جڏهن بيڪار هوندي هئي، تڏهن اچي سندس گهر ۾ رهندي هئي، جڏهن ڪم تي هوندي هئي ته پنهنجي پگهار جي رقم وٽس رکرائيندي هئي. شوڀا سان هن کي انهن ستن ورهين دوران ڪابه شڪايت ڪانه ٿي هئي، شوڀا واقعي دل جي نيڪ آهي، پر جي لالي … ‘
    چاچي کلڻي سگري کڻي شوڀا ۽ رسنا جي ڀر مان ڀڻ ڀڻ ڪندي گذري وئي.
    شوڀا ۽ رسنا ان وقت ٻئي ڄڻيون، تڏو وڇائي، وچ رکيل ٿالهيءَ ۾ پيل پٽاٽا ۽ بصر ڪاٽيندي، ڳالهيون به ڪري رهيون هيون، رسنا ۽ شوڀا ٻنهي، چاچيءَ کي رنڌڻي جي پاسي ويندي ڏٺو ۽ هڪ ٻئي ڏانهن بنا ڪجهه چوڻ جي عجب وارين نظرن سان ڏسي مرڪي پيون.


    قسط 6

    رسنا چوڻ لڳي: ”مان ان ڏينهن وليم سان گڏجي ڪارنيوال وئي هيس، اتي مون ٻڌو ته لاليءَ گرڌر دادا کي ڏاڍو ماريو آ.“
    ”رڳو ماريو آ…؟“ شوڀا فخر وچان چيو، هن ته ماري ماري هن کي سمهاري ڇڏيو هو اصل ڍير ڪري ڇڏيائينس.“
    ”پر مون ٻڌو آ ته گرڌر دادا هن کان وڌيڪ ٻلوان آ.“
    ”لڙائي جهڳڙي ۾ خالي ٻلواني ڪم نه ٿي اچي، ان ۾ هوشياري ۽ ڦڙتي ٿي گهرجي، جيڪو اڳرائي ڪري اهو ئي کٽندو آ، ۽ تون ڄاڻين ٿي ته لالي اڳرائي ڪرڻ ۾ ڏاڍو تکو آهي.“
    رسنا هڪ پٽاٽي جا ٽي ٽڪر ڪيا، وري ٻئي پٽاٽي تي چاقوءَ جي ڌار رکي چوڻ لڳي: ”مون ٻڌو آ ته پوليس لاليءَ کي ٿاڻي تي پڪڙي وئي هئي؟“
    شوڀا وڏائيءَ وچان چيو: ”ها! پر ٻئي ڏينهن ڇڏي ڏنائونس، انهن ٽن مهينن ۾ جڏهن کان اسان چاچي کلڻيءَ وٽ رهڻ لاءِ آيا آهيون، لالي ٻه دفعا پڪڙيو به آ، ته ٻئي ڀيرا ڇڏجي به آيو آ.“
    ”پر پوليس وارن کيس ڇڏيو ڪيئن؟“ رسنا پڇيس.
    شوڀا معصوميت واري نوع ۾ چوڻ لڳي: ”ڇاڪاڻ ته هن جو ڏوه ته هيو ئي ڪونه … نه!“
    رسنا کي يقين نه آيو، هوءَ ڪجهه چوڻ واري هئي ته چاچي کلڻي رنڌڻي مان، پنهنجا وڏا وڏا ڪلها لوڏائيندي، بلڪ ٿڙندي ٻاهر آئي ۽ اچي هنن ٻنهي ساهيڙين جي مٿان بيٺي، ٻئي هٿ چيلهه تي رکي چوڻ لڳي: ”ڪچهريون ته گهڻيون پيون ٿين پر ڪم اُڪلجي ئي نه ٿو.“
    ”نه چاچي…“ شوڀا اطمينان سان ٿالهي هٿن ۾ کڻي کيس ڏيکاريندي چوڻ لڳي، ”پٽاٽا ته ڇلي، ڪاٽي ورتا آهن، بس ٿورا بصر رهيل آهن.“
    ”بصر به جلدي ڪٽي ڏيو.“ چاچي چوڻ لڳي: ”هو تنهنجو پَهءِ اجهو اچڻ وارو هوندو، رات کان گم آ، پر صبح ٿيندي مانيءَ جي وقت ضرور پهچي ويندو. ڏينهن ۾ چار پنج ڀيرا چانهن پيئندو، پر ڪم نه ڪندو، اڄ ته ڪوئلا به پورا ٿي ويا آهن، سڀاڻي کان ڪوئلن جي نئين ڳوڻي ايندي ۽ ها راشن به…. پر هو نه پاڻ ڪم ڪندو نه تو کي ڪرڻ ڏيندو، ڇو ته ان سان هن جو شان ٿو گهٽجي، اهڙو ڏنڊو ڏوٽو، رڳو ٿو ننڊان ڪري، شرم نه ٿو اچيس پنهنجي بيڪاريءَ تي.“
    شوڀا دٻيل لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”چاچي هن کي نه چهءُ…“
    ”ڇو نه چوان، نڪمو، ڪم چور، رڳو ٿو روٽيون کائي، هن گهر ۾ نه هجي ها ته اڄ تائين جيل ۾ هجي ها، بس تنهنجي ڪري چپ هان … پر.“ ڪاوڙ وچان اڳتي ڳالهائي نه سگهي. چاچي کلڻيءَ پٽاٽن واري ٿالهي، شوڀا جي هٿن مان کسي ورتي ۽ واپس رنڌڻي ڏانهن هلي وئي.
    چاچي هلي وئي ته رسنا چوڻ لڳي ”ڏاڍي تپيل مائي آ…“
    شوڀا ڪنڌ جهڪائي چيو: ”زبان کراب اٿس، پر دل جي سوني آ، هن جي… هي سڀڪجهه اها ئي ته آڻيندي آ، هيءَ نه هجي ته جيڪر اڄ اسان جي الائي ڪهڙي حالت هجي ها.“
    رسنا بصر جي هڪ ڍيريءَ کي غور سان ڏسندي وري چيو: ”پر خبر ته ٻڌ.“
    ”ڪهڙي؟“
    ”هو فوجي ناهي.“
    ”نه چهءُ ڙي!“
    ”ها سچ ٿي چوانءِ.“
    ”تون ته اڪثر هن سان ملڻ ويندي آن،“ شوڀا کانئس ائين ئي پڇيو، حالانڪ کيس هن جي معاملي سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي.
    ”هن ٽيون ڏينهن … ٽيون ڏينهن .“ رسنا هٻڪندي چيو، ”هن مون کي شاديءَ لاءِ چيو.“
    ”هان هان!“ شوڀا کي دلچسپي ٿيڻ لڳي.
    ”مون سان ميريج ڪرڻ ٿو چاهي!“
    ”هان ائين چوئي ٿو… پوءِ تو ڇا چيس؟“
    رسنا ٿورو آڪڙ ڏيکاريندي چيو: ”ٺهيو ڪر ادي، هاڻ مان منگلور جي مسيحي ڳوٺ واري ڇوڪري ناهيان، مان هاڻ بامبي جي ڇوڪرين وانگر سڀ ڪجهه سمجهي وئي هان، معلوم اٿئي … مان هاڻ هن کي فلرٽ ڪندي آن.“
    ”فلرٽ…؟“
    شوڀا کي کل اچڻ لڳي، پر هن پنهنجي کل روڪي ورتي ته ڪٿي رسنا ڪاوڙجي نه وڃي. پر رسنا پنهنجي خوشيءَ ۾ مگن، پنهنجي عشق جو قصو ٻڌائڻ لاءِ بيتاب هئي… هن کي ٻيو ڪجهه سجهيو ئي ڪونه پئي، ان ڪري هن شوڀا جي اکين جي چمڪ ۽ سندس چپن تي ٽوڪ واري لڪل مرڪ تي غور ئي نه ڪيو، چوڻ لڳي:
    ”هاءِ، جڏهن هو چوندو آ، پارڪ ۾ هلون، ته مان چوندي هان اوهون… وري هو خوشامد ڪندو آ، چوندو آ، پارڪ ۾ هلندينءَ ته نئون گلوبند وٺي ڏيندوسانءِ…. پر مان وري به نه ويندي آن … هن سان پارڪ ۾، بس هتي هتي ڦري گهري موٽي ايندي آن… ۽ دروازي جي ٻاهران ئي هن کي گڊ بائي ڪري ڇڏيندي آن…“ ائين چئي رسنا زور زور سان کلڻ لڳي.
    شوڀا چيو: ”ان کي تون فلرٽ ڪرڻ ٿي چوين…؟
    ”ٻيو نه ته…“ رسنا مزي سان مٿو ڌوڻي جواب ڏنو، ”پاپ آ… سمجهان ٿي… اها شرارت شيطاني آ… پر مزو ڏاڍو آ فلرٽ ڪرڻ ۾.“
    شوڀا ڳالهه جو رخ بدلائيندي پڇيس: ”وڙهندي به آهينس؟“
    رسنا ڊرامائي مڪالمي وانگر جملو ادا ڪندي چيو: ”جڏهن محبت جو جذبو، طوفان وانگر اٿندو آهي جيئن Passionate Love فلم ۾ پاڻ ٻنهي ڏٺو هو… ياد اٿي؟“
    ”ها ياد آهي.“
    ”بس ائين هو منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي، پيلڪو گارڊن ۾ مون سان گڏ گهمندو آ، پوءِ هلندي هلندي مون کي چوندو آ… آءُ ته هٿ لوڏائيندا گل مهر جي وڻن جي هيٺان هلندا هلون….پر مان ان تي به ڪڏهن ڪڏهن هن کي جهليندي آن… پر وري هو منهنجي خوشامد ڪندو آهي، پوءِ مان مڃي وٺندي هان … پوءِ اسان ٻئي هٿ لوڏائيندا …گاه تي هلندي، گل مهر جي سونهري گلن واري ٽاريءَ جي هيٺان پهچي ويندا آهيون… ۽ پوءِ هو منهنجي چيلهه ۾ پنهنجي ٻانهن ڦيرائي وٺندو آ… بلڪل فلم Passionate Love جي منظر وانگر… جنهن کي اسان ٻنهي ڏسي پسند ڪيو هو، ياد اٿي نه؟ هونئن ائين ڪرڻ به ته گناه آ نه؟ پر مزو ڏاڍو ايندو آ…“
    ”توکي خوشي به ته ٿيندي آ نه…“ شوڀا رشڪ واري لهجي ۾ چيو.
    ”واقعي ڏاڍي.“
    رسنا جلدي جلدي ڳالهائڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته اڄ اهي ئي ڳالهيون ته هوءِ شوڀا کي ٻڌائڻ آئي هئي، ۽ انهن ڳالهين سان هن جي دل ئي نه پر پيٽ به ڦوڪجي ويو هو، ان ڪري جلدي جلدي هڪ ڊگهو ساه کڻي وري چوڻ لڳي: ”پر سڀني کان گهڻي خوشي مون کي آئيڊل لَو ۾ ملندي آ.“
    ”اها وري ڪهڙي بلا ٿيندي آ؟“
    ”مان هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته اهو پيار ڪنهن عمدي قسم جو ٿيندو آهي، جڏهن اسان فلرٽنگ ۽ Passionate Love کان واندا ٿي، پارڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جتي ٻيو ڪوئي نه هجي، اڪيلي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪنهن گهاٽي ٻوٽي جي وچ ۾ وڃي ويهندا آهيون، ته هو پنهنجا ڳٽا منهنجي ڳٽن سان ملائيندو آهي ۽ زور زور سان منهنجو هٿ جهليندو آ، پهرين ته اسان ٻنهي جا ساه تيز تيز هلڻ لڳندا آهن، پوءِ ڳلن سان ڳل لڳائي، ڄڻ ٻنهي کي ننڊ اچڻ لڳندي آ، ۽ ائين اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ چپ چاپ ويٺا هوندا آهيون ۽ ماڪ ۾ ڀِڄي ويندا آهيون.“
    ائين چوندي چوندي رسنا پاڻ به ان فرضي منظر ۾ کوئجي وئي، هن آهستي آهستي پنهنجون اکيون بند ڪيون ۽ ڪيتري دير تائين نهايت پرسڪون انداز سان اکيون بند ڪري ويٺي رهي، پوءِ اوچتو اکيون کولي چوڻ لڳي: ”ان کي چوندا آهن آئيڊل لو، ۽ اهو ئي سڀ کان سٺو ٿيندو آهي.“
    رسنا چپ ڪئي ته شوڀا به هڪ ٿڌو ساه کنيو: ”ڪلهه رات جو ويل آ… اڃان تائين نه موٽيو آ.“
    ”مالڪياڻيءَ چيو هو ته ليزيءَ کي نمائش ڏيکاري ٽيڪسيءَ تي وٺي اچجانس، پر مان ته هن کي بس ۾ ويهاري وٺي آئي آن، هي پوڻا چار روپيا بچي پيا آهن، اهي تون رکي وٺ.“ رسنا چوندي پنهنجو ٻٽون کولي اهي پئسا ڪڍيا، ته شوڀا کانئس وٺندي چيو:
    ”ته اهي ملائي، تنهنجا مون ڏي هاڻ ٻاويهه رپيا نوَ آنا ٿيا.“
    ”ها! ٻاويهه رپيا نوَ آنا.“
    رسنا پنهنجي پئسن متعلق اطمينان ڪندي چيو، ڇاڪاڻ ته هن کي شڪ پئي ٿيو ته متان شوڀا کي پوري رقم ياد نه هجي.
    شوڀا اهي پئسا پنهنجي ننڍڙي ٻٽونءَ ۾ رکيا: ”اگر هو ڪو ڪم شروع ڪري ته ڪهڙي مشڪل آ؟“
    ”پوءِ ڪري ڇو نه ٿو؟“
    ”چوي ٿو ته ٻيو ڪم ڪونه ٿو اچي مون کي ۽ هاڻي موٽي ڪارنيوال به نه ويندس… باقي ٻيا سڀ ڪم…“ شوڀا افسوس وچان ڪنڌ لوڏائيند چيو، ڄڻ لاليءَ جي حماقت تي افسوس ڪندي هجي، ”ٻيا سڀ ڪم هن کي گهٽ ٿا نظر اچن، ان ڪري ٻيو به ڪجهه نه ٿو ڪري بس پيو هوندو آ.“
    ”اها ته خراب ڳالهه آ.“
    ”بوس بابوءَ به نئين بورچياڻي رکي آ..“
    ”ٽي ته بدلائي چڪو آ، جڏهن کان تون وئي آهين.“ رسنا کيس ٻڌائيندي ٿورو ساه کنيو، ”منهنجي وليم به سينيما جي چوڪيداري ڇڏي ڏني آ… هاڻ هو ميونسپل ڪارپوريشن ۾ نوڪر ٿي ويو آ…هاڻ هن کي ميونسپل ڪوارٽر به مليو آ.“
    ”مان ته چوان ٿي…“ شوڀا جو ڌيان اڃان لاليءَ واري ڳالهه تي اٽڪيل هو، ”مان ته چوانس ٿي ته تون وري ڪارنيوال ۾ ڪم ڪر، پر هو نه ٿو مڃي، پڇانس ٿي ته ماري ٿو، هن سومر تي ته هن مون کي ڏاڍو ماريو.“
    ”تون به مارينس ها…“
    ”نه مان ڪجهه نه چيومانس.“ شوڀا دکاري لهجي ۾ چيو، ”هو ماکي ماريندو رهيو ۽ مان رئندي رهيس.“
    ”هن کي ڇڏي ڏي…“ رسنا غصي ۾ چيو.
    ”دل نه ٿي مڃي، ڇا ڪيان، مار کائي به هن جي منهن ۾ ٿي ڏسان ته سڄي ڪاوڙ وسري ٿي وڃي.“
    ”تنهنجي جاءِ تي مان هجان ته جيڪر ڪڏهوڪو ڇڏي چڪي هجان ها، وري ڪڏهن منهن به نه ڏسانس… ۽“ پر رسنا اوچتو چپ ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته رنڌڻي مان چاچي کلڻي هٿن ۾ گرم پاڻيءَ جي ڪيتلي کڻي ٻاهر آئي هئي، حالانڪ رنڌڻي مان هن جو رستو ڊارڪ روم جي پاسي سڌو ٿي ويو، پر پوءِ به چڪر ڪري هنن ڇوڪرين جي پاسي کان گذري وڃڻ لڳي، گذرندي ٿورو بيهي هن ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو:
    ”سارو ڏينهن تاش کيڏندو، دادا ٿيو ماڻهن جا مٿا ڦاڙيندو، غريب ڇوڪرين کان پيسا ڦريندو، پوليس ڏسيس ٿي ته منهن ٻئي پاسي ٿو ڦيري وٺي، الائي ڇا ٿيو آهي! ڪوئي هن کي سڌاري نه ٿو سگهي.“
    شوڀا ۽ رسنا ٻئي ڪنڌ جهڪايو خاموش ويٺيون هيون.
    چاچي وري چوڻ لڳي: ”هو! صبح ساجهر بسنتو ڪٻاڙيو، ٻهارا ٺاهڻ وارو آيو هو.“
    شوڀا هڪدم وچ ۾ چيس: ”اهو پاڻي چانهن لاءِ آ نه؟“
    چاچي پاڻيءَ واري ڪيتلي پنهنجي پويان لڪائيندي چوڻ لڳي: ”بسنتي جو پنهنجو ورڪشاپ به آهي، اهو قد ۾ ڇهه فوٽ ڊگهو به آ…تڪڙو، سانورو، رنڙ ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ به آ… رن مري وئي اٿس … ته ڇا ٿيو! اڃان جوان آ ۽ محنتي آ… ۽ شڪل صورت جو به سٺو آ…ڪمائي به چڱي موچاري اٿس… روز روز شوڀا لاءِ پڇندو آ…“
    شوڀا ڳالهه ٽارڻ خاطر رسنا کي چيو: ”اهي ٻاويهه رپيا نوَ آنا ٿيندا يا ٻاويهه رپيا تيرنهن آنا؟“
    ”هان…!“ رسنا دل ۾ حساب ڪندي چيو، ”ها… ٻاويهه رپيا تيرهن آنا.“
    چاچي کلڻي نڙيءَ تي زور ڏيندي چيو: ”هو بسنتو پنجون ڀيرو آيو آ… هو توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهي، تون ڇا جي ڪري هن بکئي سان چنبڙي پئي آن… اڙي سٺو ٿئي! بسنتي جا ٻه ٻار آهن، جيڪي پهرين زال ڇڏي وئي اٿس، پر…“
    شوڀا، چاچيءَ جي ڳالهين مان بيزار ٿيندي چيو: ”چاچي تون ڇو ٿي تنگ ٿئين، تون ڪيتلي رکي ڇڏ، چانهن مان پاڻ ئي ٺاهي وٺنديس.“
    ”بسنتو ٻاهر بيٺو آ، تنهنجي راه پيو تڪي.“
    ”ان کي چهءُ ته هليو وڃي…“ شوڀا ڪاوڙ واري نوع ۾ چيو.
    ”وري موٽي ايندو،“ چاچيءَ چيو، ”۽ ٿيندو ڇا؟ هو تنهنجوڏنڊو لالي! هن کي ڏسندو ته ڪاوڙ ۾ مار ڌاڙ شروع ڪري ڏيندو… مان ته عاجز اچي ٿي آهيان هن مان، جڏهن ڏس جهڳڙو، رڳڙو ۽ لفڙو.“ وري رسنا ڏي منهن ڪري چوڻ لڳي: ”خبر اٿي … هن ويچاريءَ کي به هڻي موچڙن سان ڊاهي رکيائين، پوئين سومر تي، غنڊو آ غنڊو، ۽ پوليس به ڪجهه نه ٿي چوي اهڙن ماڻهن کي.“
    رسنا خاموش ئي هئي، شوڀا به چپ ڪري ويٺي هئي، ٻنهي تي ڪيل حملو خالي ڏسي، چاچي بڙ بڙ ڪندي ڊارڪ روم جي پاسي، گرم پاڻيءَ جي ڪيتلي کڻي هلي وئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ رسنا، شوڀا کان پڇيو: ”ڪو ڪٻاڙي تو سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي؟“
    ”هائو…“
    ”ته تون انڪار ڇو ٿي ڪرين؟“
    ”ان ڪري … جو!“
    ”لالي توکي ڪمائي ٿو کارائي ڇا؟“ رسنا ڪاوڙ وچان چيو، ”مٿان مارئي به ٿو ۽ تون اهو سڀ ڪجهه سهين به ٿي، ڪجهه چوين به نه ٿي، ڇو ته هن جو نالو لالي آ… ائين نه؟“
    ”نه ائين ناهي، هو دل جو برو ناهي.“ شوڀا يقين سان چوڻ لڳي.
    رسنا پڇيس: ”ان ڏينهن، جنهن ڏينهن تهان ٻئي پارڪ ۾ ويٺا هيهءُ… ۽ مون کي گهر موٽائي ڇڏيو هيهءِ…. تڏهن ته ڏاڍيون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيون هوندوَ؟
    ”ها… ته؟“ شوڀا جي اکين آڏو اهي موهيندڙ يادون ڦرڻ لڳيون، ”ان ڏينهن هو ڏاڍو مٺو لڳو هو، ۽ مهربان به…“
    ”پوءِ اوچتو جهنگلي ٿي پيو…“ رسنا پڇيس.
    ”ڪڏهن ڪڏهن هو اوچتو جهنگلي ۽ وحشي ٿي پوندو آ…“ شوڀا جي چهري تي ڪاوڙ ۽ محبت جا جذبا رلمل ٿيڻ لڳا، ”پوءِ ان رات هو ڏاڍو مٺو هو، مٺو ته هاڻي به آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ڏاڍي نرم ۽ مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائيندو آ… رات جو کاڌو کائي، جڏهن هن دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي ڪارنيوال جي سنگيت ٻڌندو آ ته هن جي وڏين وڏين اکين ۾ عجيب آنسو اچي ويندا آهن.“
    ”ان وقت ڪجهه چوندو آهي توکي؟“
    ”ڪجهه به نه چوندو آ… بس دور ڪٿي ڏسندو رهندو آ…“
    ”۽ تنهنجي اکين ۾… نه؟“ رسنا پڇيس.
    ”بس هڪ پل لاءِ.“ شوڀا هن کي ٻڌائڻ لڳي،
    ”پر هڪدم اکيون ڦيرائي ڇڏيندو آ…“ ائين چئي شوڀا به رسنا جي پاسي کان اکيون ڦيرائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته لاليءَ کي ياد ڪندي هن جو من ڀرجي آيو هو، پنهنجي رئي سان هن پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو: ”رسنا هو ڏاڍو دکي آ، ڇاڪاڻ ته هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ناهي، انڪري غصي ۾ اچي مون کي به ماريو هئائين.“
    ”اها به ڪا ڳالهه آ…!“ رسنا نفرت وچان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، ”توکي ان ڪري ٿو ماري ته هن وٽ ڪو ڪم ناهي، بدمعاش.“
    ”هر وقت هن جي دل تي بار هوندو آ، ڪڏهن ڪڏهن مان به پاڻ کي مجرم سمجهندي هان… منهنجي ڪري ئي ته هنجي نوڪري وئي نه!“
    ”پر توکي ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا آهن؟“ رسنا پڇيس.
    ”ڪٿي به نه.“ شوڀا چيو، رسنا غور سان هن جي طرف نهاريو، پوءِ اهو ڏسي ته شوڀا ڏانهن ڏسڻ جي بجاءِ دروازي ڏانهن پئي نهاريو، هن به ڪنڌ موڙي دروازي ڏانهن ڏٺو، ته اتي مسز هوشنگ ٻائي بيٺل نظر آئي. هن کي هڪ وڏي سائي رنگ جي ساڙهي پاتل هئي، جنهن تي انب جي پنن واري زري ڪڙهيل هئي، هٿن ۾ مينا جي ڪم واريون منڊيون ۽ چهري تي عمدي قسم جي ميڪ اپ ٿيل هئي؛
    ’ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي، پوريءَ طرح هار سينگار ڪري، تيار ٿي آئي هئي مردار… ‘ رسنا دل ۾ سوچيو، ’هيءَ عورت ته ناهي… ڳجهه آ ڳجهه، لاليءَ جهڙن جوان ڇوڪرن کي رهڙي کائي ويندي آ… ‘
    شوڀا مسز هوشنگ ٻائيءَ کي دروازي کان اڳتي ايندي ڏسي کيس عزت وچان اٿي بيٺي.
    مسز هوشنگ ٻائيءَ پڇيس: ”لالي گهر تي آهي؟“
    ”نه…“
    مسز هوشنگ ٻائي ان صوفي تي ويهي رهي، جيڪو دريءَ جي سامهون رکيل هو، چوڻ لڳي: ”مان ان جو انتظار ڪريان ٿي.“
    رسنا چپ رهڻ مناسب نه سمجهيو، جنهن ڪري هن نهايت تکي انداز ۾ پڇيس: ”وڏي همٿ آ مائي تنهنجي، جو هن گهر ۾ آئي آن.“
    مسز هوشنگ ٻائي ان کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”ڇا تون هن گهر جي مالڪياڻي آهين، زبان سنڀالي ڳالهاءِ، نه ته هڪڙو هٿ ڏينديسانءِ.“
    ”پر ڇو؟ شوڀا جي گهر ۾ به ڇو آئي آن… مان پڇي سگهان ٿي ته ڇو؟“ رسنا وري چيس.
    ”تنهنجو ڪهڙو ڪم ڇوڪري.“ مسز هوشنگ ٻائي وري رعب سان چيو، پوءِ شوڀا کي مخاطب ڪندي ٿورو نرم لهجي ۾ چيائين، ”تون هن ڇوڪريءَ جون ڳالهيون نه ٻڌ… ڊارلنگ تون ڄاڻي ٿي ته مان ڇو آئي آهيان… مان هن لوفر، نڪمي ٻار کي ڪم ڏيڻ آئي آهيان… هو منهنجي بوٿ تي اچي وري ڪم شروع ڪري سگهي ٿو.
    رسنا چوڻ لڳي: ”ميڊم… هو ٽن مهينن کان تنهنجي بوٿ تي نه آيو آ ته ڇا ايترا ڏينهن بک پئي مئو؟“
    ”تون سان ڪير ٿو ڳالهائي ڇوڪري!“ رسنا کان منهن ڦيري، شوڀا کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳي، ”تون ته منهنجي ڳالهه سمجهي ٿي نه؟“
    رسنا بيحد غصي ۾ هئي ۽ هڪدم اٿي بيهي رهي، هن کي شوڀا جو ائين خاموش رهڻ بلڪل نه وڻيو، چوڻ لڳي: ”منهنجو گهر هجي ها ته هڪدم ٻاهر ڪري ڇڏيانس ها، پر اهو ته مان ڪري نه ٿي سگهان پر مان پاڻ هلي ٿي وڃان…. گڊ بائي.“
    شوڀا جي ڪجهه چوڻ کان اڳ ۾ ئي هوشنگ ٻائيءَ طنز ڪندي چيو: ”گڊ باءِ.“ ۽ وڏي ادب وچان رسنا جي اڳيان جهڪي، ڄڻ ٻاهر وڃڻ لاءِ کيس دروازو ڏيکاري رهي هجي. رسنا در تائين ڪاوڙ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي وئي، پوءِ مڙي شوڀا کي چوڻ لڳي: ”تيرهن آنا….“
    ”ها…“ شوڀا چيو، ”جي تيرهن آنا.“
    ”گڊ بائي.“ رسنا ساڻس هٿ ملائي ٻاهر نڪري وئي. شوڀا ڪنڌ جهڪائي، در وٽان هلي رنڌڻي جي پاسي وڃڻ لڳي. رنڌڻي پاسي وڃڻ لاءِ کيس ان هال جي ڊگهائيءَ وارو رستو طئي ڪرڻو هو ۽ مسز هوشنگ ٻائي جي ڀر مان ئي گذرڻو هو، ۽ اهو ئي ڪم هن لاءِ نهايت مشڪل هو. هن، ان عورت جي شڪل به ڏسڻ گوارا نه ٿي ڪئي، پر هوءَ رسنا جيان وڏي وات ڳالهائي نه پئي سگهي، هونئن جيترو ڪجهه رسنا هن کي چيو هو، اهو ڄڻ شوڀا جي طرفداريءَ ۾ ئي چيو هو.
    ’اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي به هيءَ عورت هتان نه ٿي وڃي، الٽو صوفي تي ويهي لاليءَ جو انتظار ٿي ڪري ته مان ڇا ٿي ڪري سگهان، بس ايترو ئي ڪري ٿي سگهان ته چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي ڪمري مان دروازي تائين پورو فاصلو پار ڪري ٻي ڪنڊ ۾، رنڌڻي ۾ هلي وڃان.‘
    هن جي ڪنن تي مسز هوشنگ جو آواز اچڻ لڳو: ”مان هن کي روز جا ٽي رپيا ڏيندي هيس،“ هوءَ چئي رهي هئي، ”۽ هر سنڊي تي پنج رپيا ڏيندي هيس، سگريٽ الڳ، ٺري جي بوتل الڳ، گراهڪن کان جا ٽپ ملندي هيس اها الڳ… ٻڌين ٿي؟“
    شوڀا هلندي بيهي رهي، پر هن کيس ڪو جواب نه ڏنو. هوشنگ ٻائيءَ وري ڳالهايو:
    ”سمورين رعايتن کي ڇڏي هو بک مرندو! پر مون کان معافي نه وٺندو … چڱو ٺهيو، گولي هڻ معافيءَ کي، هن کي چهءُ ته مون وٽ موٽي اچي.“
    شوڀا کي دل تي ڄڻ ڪا مُڪ لڳي وئي.
    ”سڀئي ڇوڪريون ٿيون پڇن،“ مسز هوشنگ ٻائي وڏي آواز سان چوڻ لڳي، هن جي لهجي ۾ نفرت جا جذبا صاف ظاهر هئا، تعريف به هئي ته ساڙ به ۽ ڪاوڙ پڻ، ۽ مسلسل ڳالهايائين پئي: ”منهنجي جتيءَ تي، ڀلي بک مري يا هن گندي کوليءَ ۾ رهي، پر گراهڪ هن جو پڇن ضرور ٿا ۽ مون کي به بزنيس ڪرڻو آهي، ان ڪري مان آئي آهيان، نه ته مون کي ڪهڙي گتي پئي آهي…“
    اوچتو هوشنگ خاموش ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته هن شوڀا جي چهري تي بدلجندڙ ڀاوَ ڏسي ورتا. شوڀا جيڪا تيستائين رنڌڻي تائين پهچي چڪي هئي، هڪدم ڪنهن اندروني خوشيءَ وچان گلنار ٿي وئي، هوءَ رنڌڻي وٽان ڊوڙي ڊوڙي دروازي تائين وئي، ڇاڪاڻ ته اتي هن لاليءَ کي ايندي ڏٺو هو، جنهن جي پويان سندس دوست ”جهگو“ بڇڙي حالت ۾ اچي رهيو هو، جيڪو شڪل صورت ۾ عادي مجرم نظر ايندو هو ۽ جنهن سان لالي سارو ڏينهن ويٺو تاش کيڏندو هو. يا جنهن سان لالي مختلف اڏن تي وڃي شراب پيئندو هو، جهگو ڏٻرڙو هو پر اکين مان عيار ۽ مڪار لڳندو هو، هن جي عمر ٽيهن کان پنجاه سالن تائين ٿيندي، پر شڪل يا ڊيل ڊول مان هن جي عمر جو پتو ڪونه ٿي پيو. هن جو چهري ۾ جهير پيل هئا پر جسم جوان ۽ لچڪيدار هوس.
    لچڪيدار اهڙو جهڙو نانگ، جهڙو وڏو ساپو، ڄڻ ٻر مان نڪرندڙ ڪو خطرناڪ ڪيئون، جنهن کي ڏسندي، سندس بدبودار لباس کي ڏسندي، هن تي انسان کان وڌيڪ ڪنهن خطرناڪ ڪيئين جو خيال اچي. شوڀا کي هن کان سخت نفرت هئي، ۽ جهگو به هن جي سامهون نه ايندو هو، سدائين لنوائيندو هو، پاڻ کي پاسيرو ڪري پوءِ ڳالهائيندو هو، شوڀا خوشيءَ وچان اڳتي وڌندي بيهي رهي، ۽ سنجيده ٿيندي چوڻ لڳي: ”هوشنگ ٻائي آئي آ..“
    ”ها ڏسان پيو.“ لاليءِ سختي سان چيو.
    ”ته ڳالهائيس نه.“ شوڀا چوڻ لڳي.
    ”ڇاجي لاءِ ؟“ لالي ڀڙڪو کائيندي چيو،”ته تون ڇو هتي بيٺي آن، ڇا گهرجي توکي؟“
    ”ڪجهه نه.“ شوڀا ڊڄندي چيو.
    ”ته پنهنجو وات بند ڪر، لالي ڪاوڙ واري اندا ز ۾ چيو، ”نه ته چوڻ شروع ڪندينءَ، ڪاٿي هئين رات؟ ڪاڏي ويو هئين؟ گهر ڇو نه آئين؟ ڪم ڇو نه ٿو ڪرين! منهنجي مائٽن تي چٽي ٿي پيو آن، نه ڪمائين ٿو نه ڌمائين ٿو، رڳو ٿو روٽيون ڳڦين…“
    ”پر مان ته ڪجهه چوان ئي ڪانه ٿي!“ شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
    ”چوين نه ٿي، پر زبان تي اهو سڀ ڪجهه رکيو اٿئي.“ لالي ساڳئي غصي وچان چيو، ”مون کي سڀ خبر پوندي آ… ان ڪري پنهنجي زبان بند رکندي ڪر… نه ته!“
    لاليءَ ڪاوڙ مان هٿ اولاريو ته شوڀا مار جي ڊپ کان ڏڪي، پوئتي ديوار سان وڃي بيٺي ته مسز هوشنگ ٻائي به… لاليءَ جي غصي سبب پنڃري ۾ بند چيتي وانگر ڦيرون پائڻ لڳو.
    ’وار پريشان، ڪپڙا ميرا، ڏاڙهي وڌيل، ڪالر مڙيل… ڇا هي اهو لالي آهي!‘ مسز هوشنگ ٻائيءَ سوچيو، پوءِ جهگي تي نظر وڌائين، جهگي کي هوءَ به سڃاڻيندي هئي؛
    ’ميٽوڙي رنگ جي پتلون جا پاچا گوڏن تائين چڙهيل هئس، آکين جون پتليون تيزيءَ سان هيڏانهن
    هوڏانهن حرڪت ڪندڙ، ننڍي گردن، تنگ پيشاني …حرامپائيءَ جي نشاني.‘ مسز هوشنگ ٻائي پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي، پر هڪدم ڀڙڪو کائي جهگي کي چوڻ لڳي: ”تون ئي هميشه هن کي گهلي اتي وٺي ويندو آن … ڪڏهن جوئا کيڏائڻ، ڪڏهن ٺرو پيئارڻ… توکي ته حوالات ۾ بند ڪرائينديس.“
    جهگي جي ڊگهي نڪ جون ٽيڏيون ناسون انتهائي حقارت سان ڦنڊڻ لڳيون، هن به انهيءَ انداز سان کيس جواب ڏيندي چيو: ”تو جهڙين ماين سان ته مان ڳالهائڻ به پسند نه ڪندو آن…“ جهگو چوندي پوئتي هٽي ويو، ۽ ڀت تي ٽيڪ ڏئي، منهن کي چٻو ڪري، ٻئي هٿ کيسي ۾ وجهي، مٿي ٽين جي ڇت ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    شوڀا چوڻ لڳي: ”مسز هوشنگ ٻائي توسان ملڻ آئي آ…. آئي آ ته ڳالهائينس ڇو نه ٿو؟“
    مسز هوشنگ ٻائي لاليءَ کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي: ”تو ڇا لاءِ هر وقت هن غنڊي سان گهمندو ٿو رهين، هي توکي هڪ نه هڪ ڏينهن چوريءَ ڌاڙي ۾ ڦاسرائي ڇڏيندو.“
    ”مان ڪڏهن ڪنهن سان ٿو گهمان، توکي ان سان ڇا؟“ لالي ڪڙڪي سان چوڻ لڳو، ”منهنجي من ۾ جيڪي ايندو اهو ڪندس، تون پنهنجي ڳالهه ڪر… توکي ڇا گهرجي؟“
    مسز هوشنگ هن جي اکين ۾ تڪيندي چوڻ لڳي: ”توکي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته مون کي ڇا گهرجي!“
    ”نه مون کي معلوم ناهي!“ لاليءَ جواب ۾ چيو ۽ اکيون ڦيري ڇڏيون.
    “ ناهي معلوم؟“ غصي وچان مسز هوشنگ ٻائيءَ جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا، ”ته ڇا مان هتي ڪرسمس ڪارڊ ورهائڻ آئي آهيان؟“
    ”ته مون کي ڇا تنهنجا ڪي پئسا ڏيڻا آهن؟“ لاليءَ پڇيس.
    ”ها ڏيڻا آهن!“ مسز هوشنگ جو جملو ٻٽي معنا وارو هو، ”پر مان هن وقت توکان پيسا گهرڻ نه آئي آهيان، پيسا گهرڻ لاءِ ڇا مان تو جهڙي بکئي وٽ اينديس، واه منهنجا سيٺ، پر لالي تون ڄاڻين ٿو ته مون کي ڇا گهرجي.“
    هاڻي لالي سڌي مطلب واري ڳالهه تي ايندي چيو: ”پر تو وٽ گرڌر جو بيٺو آ؟“
    ”ها آهي ته ؟“
    ”اهو به ته ايترا ئي گهڻا ماڻهو ڪٺا ڪندو آ، جيترا مان ڪندو هوس؟“
    ”ها اهو به سٺو بارڪر آهي،“ مسز هوشنگ ٻائي کيس دلجوئي ڏيڻ واري نوع ۾ چيو، ”۽ ان کي هٿان ڪڏهن نه ڇڏينديس، پر منهنجي بوٿ تي ڪم گهڻو آهي، مون کي هڪ نه ٻه بارڪر گهرجن.“
    لاليءَ پڇيس: ”جڏهن مان هيس ته هڪ سان ڪم هلندو هو!“
    مسز هوشنگ، هن جي سوال جو جواب جلد نه ڏنو، ان ڪري ٿوري دير خاموش رهي، پوءِ آهستگيءَ سان چيائين، جنهن ۾ التجا جو عنصر به موجود هو:
    ”جيڪڏهن تون ايندين ته مان هن کي ڪڍي ڇڏينديس.“
    لالي چوڻ لڳو: ”هو ايترو ئي سٺو آ ته هن کي ڇو ڪڍي ڇڏيندينئنس؟“ لاليءَ جي چهري تي هاڻي شيطاني مرڪ کيڏڻ لڳي، هو محسوس ڪري رهيو هو ته مسز هوشنگ جا دليل ڪمزور ٿيندا پئي ويا، مسز هوشنگ هن جي طرف نهاري، اکيون جهڪائي ورتيون هيون، سندس چهري تي پگهر جا هلڪا ڦڙا نظر اچڻ لڳا هئا، لاليءَ جي دل نرم ٿيڻ لڳي، هن شوڀا کي چيو:
    ”چاچيءَ کي چهءُ هڪ ڪوپ چانهن جو ته ڏي.“
    شوڀا رنڌڻي ڏانهن هلي وئي ته لالي چوڻ لڳو: ”هان ته گرڌر تمام سٺو آ؟“
    ايترو چئي لالي پنهنجي پراڻي صوفي تي ويٺو، جيڪو دريءَ جي سامهون رکيو هو، مسز هوشنگ جيڪا دريءَ جي ڀر ۾ بيٺي هئي، اها اتان هلي اچي لاليءَ جي ڀر ۾ صوفي تي ويٺي ۽ هن ڏانهن ڏسي فڪر واري لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”تون رات جو گهر تي ڇو نه ٿو اچين، ٻاهر ڇو ٿو سمهين؟ ڏس ته ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي اٿي پنهنجي.“
    لالي چپن تان کل لاهڻ لاءِ چپن کي ڏندن ۾ ڏئي ڇڏيو: ”هان! ته تمام سٺو آهي نه تنهنجو گرڌر.“
    ”نراڙ تان وار ته هٽاءِ.“ هن چيس.
    ” ٺهيو ڇڏي ڏي انهن کي، تو کي ڇاهي؟“
    مسز هوشنگ جو آواز هلڪو ٿي ويو، هن جي لهجي ۾ پنهنجائپ اچي وئي، آهستي آهستي سندس نراڙ تان وارن کي هٽائيندي چوڻ لڳي: ”۽ جيڪڏهن مان توکي وار اڳيان نراڙ تي ڪرڻ لاءِ چوان ها ته تون انهن کي پوئتي ڪري ڇڏين ها.“
    پر لاليءَ ڪجهه نه ڳالهايو ۽ لاليءَ هن کي وارن جي چڳ هٽائڻ تي نه روڪيو ته هوءَ هن جي ٿورو وڌيڪ ويجهو ٿي چوڻ لڳي: ”ٻڌو آ ته تون هن کي ماريندو به آهين؟“
    ”ان ۾ تنهنجو ڇا؟“
    ”وڏو دادا بڻيو آهين نه؟ هن ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ کي ماريندي توکي شرم نه ٿو اچي!“
    ”هن جي ڳالهه نه ڪر، ڇا تنهنجو من نه ٿو چاهي ته هن جي جاءِ تي تون هجين ها!“ لالي به پنهنجائپ واري انداز ۾ چيو.
    مسز هوشنگ بود ۾ ڀرجي وئي: ”ايتري بيوقوف ناهيان مان…“ ائين چئي چپ ٿي وئي، ڪجهه سوچيائين، ڪجهه غور ڪيائين، ڪجهه پنهنجي طرف خيال ڪيائين ته هڪ سرد آه ڀري، اداس لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”مان وڏي بيوقوف آهيان … نه هجان ها ته تنهنجي پويان پويان ڇو ڀڄندي وتان ها … هيئن! هن بزنيس لاءِ، جيڪڏهن پنهنجو بوٿ وڪڻي سگهان ها! ته سچ پچ هي سڀ ڪجهه وڪڻي، هي شهر ڇڏي هلي وڃان ها.“ پوءِ لاليءَ جي اکين ۾ نهاري چوڻ لڳي: ”لالي ضد نه ڪر… واپس مونڏي اچ… مان تنهنجي پگهار به وڌائينديس.“
    لالي خاموش ويٺو رهيو.
    مسز هوشنگ هن جي ڪلهي کي لوڏائي چوڻ لڳي: ”ٻڌين ٿو؟“
    لاليءَ جي دل ته ٿڌي ٿي پر پوريءَ ريت نه. مسز هوشنگ وٽ واپس وڃڻ کان اڳ ۾ هن کيس چڱيءَ طرح جهڪائڻ ٿي چاهيو: ”پر مون کانسواءِ تنهنجو بزنيس ته سٺي نموني پيو هلي نه؟“
    ”مسز هوشنگ گهٽيل آواز ۾ چيو: ”هلي ته ٿو … پر اوئين نه ٿو هلي.“
    لاليءَ جي چهري تي خوشيءَ جا ڀاوَ اچي ويا: ”ان جو مطلب ته توکي منهنجي ڪمي محسوس ٿئي ٿي نه؟“
    مسز هوشنگ لاليءَ جي چالاڪي سمجهي وئي، ان ڪري وري پاسو بدلائي چوڻ لڳي: ”مون کي! هرگز نه، پر اهي بيوقوف نرسون، آيائون، ٽائيپسٽ ڇوڪريون، اهي سڀ ڇوڪريون تنهنجو پڇنديون آهن … هاڻي وڌيڪ ضد نه ڪر، واپس اچ!“
    لاليءَ ٿوري دير کانپوءِ چيو: ”هن کي ڇڏي ڏيان؟“
    ”تون هن کي ماريندو ڪندو آهين نه؟“
    ”ماريندو آن، ماريندو آن، ڄڻ روز جي ڳالهه هجي!“ لالي ڪاوڙ ڪرڻ لڳو، ”توکي ڪير ٿو ٻڌائي، اهو سڀڪجهه، جتي وڃان ٿو اهو ئي جملو ٿو ٻڌان، سڄي ماهم ۾، باندري ۾ بس اها ئي ڳالهه مشهور ٿي وئي آ ته مان شوڀا کي ماريندو هان… بس پوئين سومر تي ئي ته … پوءِ به ٿورو هٿ هنيو مانس…ان کي ڇا مارڻ چئبو آ… ماريو ته مون گرڌر کي هو… هن کي به ياد هوندو.“ لاليءَ جي چهري تي پنهنجي ڪاميابيءَ جا اولڙا پوڻ لڳا. جيڪا گرڌر داد جي هن حالت ڪئي هئي، ان جي تصوير هن جي دماغ ۾ ڦرڻ لڳي، هن جي ڳچي آڪڙ وچان اڀي ٿي وئي. مسز هوشنگ سندس انداز کي سمجهي وئي، ته پيار سان ٻچڪر ڏئي چوڻ لڳي:
    ”هاڻي ٺهيو، ان ڳالهه کي ڇڏ…“
    ”ماريندو هان هن کي!“ لالي خفي ٿيندي چيو، ”واه مان ڇو روز روز ماريندومانس.“
    مسز هوشنگ چوڻ لڳي: ”اڙي هاڻي ڇڏ کڻي ان ڳالهه کي… هن ڇوڪريءَ ۾ آهي ڇا جو تون هن جي باري ۾ ايترو ٿو سوچين، توکي صرف ٽي مهينا ٿياآهن، هن سان شادي ڪئي…تنهنجي اکين مان لڳي ٿو ته تون هن مان تنگ ٿي پيو آن…بيزار ٿي پيو آن… هن دريءَ کان ٻاهر ڏس.“ مسز هوشنگ ڏاڍي پيار وچان سندس گردن، دريءَ جي پاسي گهمائيندي چيو، ”هن کان ٻاهر تنهنجي ڪارنيوال آهي… هن جو آواز نه ٻڌندو آن؟ ويجهو ئي ته منهنجو بوٿ آ… اسان جو گڊ لڪ چيڪلو… ڇوڪريون، ٽڪيٽون، رپيا… اهڙو احمق اڳ ته تون ڪونه هئين… ڇا ٿي ويو آ توکي، راتين جون راتيون ڪٿي هوندو آن؟ ڇا ته حالت بڻائي ٿي پنهنجي.“
    ”توکي ڇاهي؟“
    ” تون ته سدائين صاف سٿرو رهندو هئين، ڪنهن شهزادي وانگر… سڄي ڪارنيوال ۾ تو جهڙو سهڻو ڪوبه نه هو، الائي ته ڪٿي ٿو ڌڪا کائيندو وتين… خبر اٿي مون نئون ساز خريد ڪيو آ…“
    ”ها خبر آ…“
    ”دريءَ کان ان جو آواز ته ايندو آ نه، سٺو آ نه؟“
    ”ها سٺو آ.“ هن چپ چٻاڙيندي چيو.
    مسز هوشنگ هن جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويٺي، گهرو ساه کڻي چوڻ لڳي: ”هن کي ڌيان سان ٻڌ…. جڏهن چيڪلو هلندو آهي ۽ اهو ساز وڄندو آهي ته ڄڻ نشو چڙهڻ لڳندو آهي، اتي اچي ٻڌ نه!“ ٿورو وقفو ڪري وري چوڻ لڳي: ”مون ٻه پراڻا ڪاٺيءَ وارا گهوڙا به بدلائي ڇڏيا آهن، اهي جن جا ڪن ٽٽي پيا هئا.“
    ”انهن جي جاءِ تي ڇا رکيو اٿئي؟“ لاليءَ جي دل ۾ پنهنجي پيشي متعلق دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي.
    ”تون ٻڌاءِ ني…؟“ مسز هوشنگ منجهنس شوق کي وڌائيندي چيو.
    لاليءَ اکيون بند ڪري غور ڪندي چيو: ”زيبرا؟“
    ”نه.“
    گينڊو؟“
    ”نه“ مسز هوشنگ خوش ٿيندي چيو، ”موٽر ڪار.“ چوندي پنهنجا ٻئي هٿ ڦهلائي چوڻ لڳي: ”هيتري وڏي.“
    لاليءَ جي چهري تي خوشي، لهرن جيان اڀرڻ لڳي، مسز هوشنگ هن جي دلچسپي ڏسي، ڳوٽ تي ڳوٽ مارڻ وارو انداز اختيار ڪندي چوڻ لڳي: ”مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن تو ۾ ٿورو به عقل هوندو ته تو واپس اچي ويندين…. هونئن به هتي هتي رلندي سڙي ويندين، مون وٽ تنهنجو آرٽ توکي واپس ٿو سڏي…“ هن خوشامد ڪندي پنهنجو آخري داءُ استعمال ڪيو،”تون آرٽسٽ آن، آرٽسٽ! ۽ هڪ شادي شده. .. ۽ مان سمجهان ٿي تون احمق نه آن.“


    قسط 7

    لالي خيالن ۾ پنهنجي ڪارنيوال واري دنيا ۾ گهمندي گهمندي بيهي رهيو، گهٻرائجي چوڻ لڳو: ”هن کي ڇڏي ڏيان… هن ويچاريءَ ننڍڙيءَ ڪبوتريءَ کي…“
    ”هن جي قسمت به سڌري پوندي.“ مسز هوشنگ چوڻ لڳي، ”پوءِ هوءَ به ڪنهن بنگلي ۾ بورچياڻي ٿي ويندي، پنهنجي چاچيءَ وٽ نه پئي هوندي… هل لالي، اتي توکي سڀڪجهه ملي ويندو… مهانگا سگريٽ، بيئر، روزاني چار رپيا ڏينديسانءِ، سنڊي جو ڇهه رپيا ڏينديسانءِ، ۽ ڪارنيوال جو هنگامو، گانا، ناچ، ڇوڪرين. مايون، نت نوان ڪپڙا… مان توکي هميشه سٺو رکيو آ.“ چوندي پنهنجو هٿ لاليءَ جي ٻانهن ۾ پيل گهڙيءَ تي رکيائين، ”هيءَ گهڙي به ته مون ئي توکي وٺي ڏني هئي.“
    لاليءَ جون اکين چنجهيون ٿي ويون، چپ ڀيڪوڙجي ويس، نراڙ ۾ به گهنج پئجي ويس، سوچيندي چوڻ لڳو: ”پر هوءَ شريف ڇوڪري آ، ٻيهر نوڪري نه ڪندي.“
    مسز هوشنگ هلڪو مرڪي چوڻ لڳي: ”تون سمجهي ٿو ته تون هن کي ڇڏي ڏيندين ته هوءَ مري ويندي؟ اڙي لالي، اگر ائين ڇوڪريون مرڻ لڳن ته جيڪر بمبئيءَ ۾ هڪ ڇوڪري به باقي نه بچي.“
    لالي قائل ٿيڻ واري انداز سان هوشنگ جي اکين ۾ نهارڻ لڳو، مسز هوشنگ به مسڪرائيندي سندس اکين ۾ نهاريو. لاليءَ جي چهري تي مرڪ اچي وئي، چوڻ لڳو: ”ته ڇا گرڌر کي ڪوئي پسند نه ٿو ڪري؟“
    ”هن ۾ اها ڳالهه ڪاٿي آ، جا تو ۾ آ.“
    ”ته… پوءِ؟“
    ”بس وڌيڪ ڊيگهه نه ڪر،“ مسز هوشنگ لاليءَ کي پنهنجي پاسي جهڪندي محسوس ڪيو ته هن جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو: ”هاڻي موٽي هل … تون ڪارنيوال جي خوبصورت زندگيءَ لاءِ بڻيو آهين، هتي هن کوکي ۾ سڙڻ لاءِ نه! هوءَ زندگي آهي تنهنجي لاءِ … آرام واري زندگي، صاف سٿرا ڪپڙا، کل ڀوڳ، موسيقي، مان توکي اها منڊي به ڏئي ڇڏينديس… جيڪا منهنجي مڙس، مون کي ڏني هئي.“
    لالي سوچيندي چوڻ لڳو: ”پر شوڀا تنهنجي ان حرڪت کي پسند ڪندي؟ ۽ جيڪڏهن مان موٽي به هلڻ جو فيصلو به ڪريان ته هن منڊيءَ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، هلان ته هوءَ منهنجي زال ته رهندي نه؟“
    اوچتو مسز هوشنگ ڄڻ ڇرڪ ڀريو، لالي حيران ٿي هن جي طرف ڏٺو:
    ”ڇا ٿيو؟“
    ”ٻڌ! مسز هوشنگ هن کي سمجهائيندي چوڻ لڳي: ”جڏهن منهنجي بوٿ تي تنهنجي ڪري ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارين ڇوڪرين کي خبر پوندي ته تون شادي شده آهين، ۽ روزاني شام جو هن وٽ گهر ويندو آهين ته تنهنجي هٿان ٽڪيٽ ڪير خريدڻ ايندو! تنهنجي سموري ڪشش ۽ دل کسڻ واري ڳالهه ئي ان ۾ آهي ته تون ڪنوارو آهين… ڪنوارو رهندين ته هن ڇوڪريءَ کي ڇڏڻو پوندءِ!“
    ”مان سمجهي ويس ته تون ڇا ٿي چاهين.“ لالي چوڻ لڳو.
    پر مسز هوشنگ هن کي سندس جملي جو جواب نه ڏنو، جڏهن لاليءَ هن ڏانهن نهاريو ته هن پنهنجون پلڪون جهڪائي ورتيون، لاليءَ پڇيس:
    ”ته اها سَهري واري منڊي مون کي ڏيندينءَ؟“
    ”ها ڏئي ڇڏينديس.“
    لالي خوشيءَ وچان ڪنڌ ڌوڻيو، ته وارن جي اها ڇڙواڳ چڳ سندس نراڙ تي لڙي آئي ته مسز هوشنگ وڏي پاٻوه مان سندس نراڙ تان اها چڳ هٽائي، چوڻ لڳي: ”جيڪي چاهين وٺي سگهين ٿو.“ هن جون آڱريون آهستي آهستي لاليءَ جي نراڙ تي سرڪڻ لڳيون.
    لالي وري اداس ٿي ويو: ”مان هن گهر ۾ خوش ناهيان.“
    ”هتي تنهنجي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي،“ هن سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ شروع ڪيون ته ايتري ۾ شوڀا به رنڌڻي مان چانهن جا ڪوپ کڻي آئي، هن کي ڏسي مسز هوشنگ هڪدم پنهنجو هٿ هٽائي ورتو ۽ پاڻ سنڀالي ويهڻ لڳي، پر شوڀا ڏسي چڪي هئي، ۽ لاليءَ کي به معلوم هو ته شوڀا ڏسي ورتو آهي، ان ڪري شوڀا جي هٿن مان چانهن وٺي دهمان ٻڌي کيس چوڻ لڳو: ”ڪجهه گهرجئي؟“
    ”نه ته….!“ شوڀا گهٻرائجي، واپس رنڌڻي ڏانهن هلي وئي.
    هن جي وڃڻ کانپوءِ مسز هوشنگ ڳالهه کي ٻيو رخ ڏيندي چيو: ”هوءَ پوڙهي چاچي کلڻي چوي ٿي ته … هڪ هٽ واڻيو آهي، بسنتو… رنڙ آهي، پر هن سان…“
    ”معلوم آهي مون کي، معلوم آهي.“لالي ٿورو سخت لهجي ۾ چيو، ائين لڳو ڄڻ هن کي اهو ذڪر سٺو نه لڳو هو، مسز هوشنگ خاموش ٿي وئي. ايتري ۾ شوڀا رنڌڻي مان وري موٽي آئي، جنهن تي لاليءَ وري به ڪرڙين نظرن سان ڏسندي پڇيوس: ”وري ڇاهي؟“
    ”لالي مون کان وري به وسري ويندو، مون کي ڪجهه ڳالهائڻو آ، توسان.“
    ”چَوڻو اٿي ته چهءُ.“
    “هو مان….“ شوڀا رڪجي وئي، ”مان ڪلهه به توسان ڳالهائڻ ٿي چاهيو… پر.“ وري رڪجي وئي.
    ”ها ها ٻڌاءِ.“
    ”اڪيلي ۾ ٻڌائينديسانءِ… اندر ڪچن ۾ اچ…“ هن رنڌڻي جي پاسي اشارو ڪندي چيو، ”هڪ منٽ ۾ ٻڌائي وٺندس.“
    لالي خفي ٿيندي چيو: ”ڄاڻين ٿي ته مسز هوشنگ سان هن جي ڪم بابت پيو ڳالهايان، وچ ۾ اچي ٿي وڃي پنهنجي فضول ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ…“
    شوڀا ٿورو هٻڪندي چيو: ”بس هڪ منٽ لڳندو.“
    ”گيٽ آئوٽ…“ لالي غصي وچان چيو.
    ”مان ته رڳو ايترو ٿي چوان ته هڪ منٽ منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺ … ۽ اها ڪا فضول ڳالهه ناهي…“
    ”وڃين ٿي يا ڏيانءِ.“ لاليءَ پنهنجي هٿ الاريندي چيس.
    شوڀا اتي ئي، سندس سامهون ڄمي بيهي رهي :”نه ويندس.“
    لالي هن کي مارڻ لاءِ صوفي تان اٿي بيٺو ته مسز هوشنگ ٻائيءَ هڪدم ڳالهايو: ”هون هون، مارجانس نه… تون هن جي ڳالهه ٻڌي وٺ، ٻڌڻ ۾ ڇاهي! هڪ منٽ جي ئي ته ڳالهه آهي، ان هڪ منٽ ۾ ڇا ٿي ويندو، هن جي ڳالهه ٻڌي وٺ، جيستائين مان هن پاسي اسٽوڊيو جي ٻاهران ديوار تي لڳل تصويرون ڏسي ٿي وٺان…“
    مسز هوشنگ ٻائي ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي ڪمري کان نڪري وئي، لالي سخت ڪاوڙ وچان گهوريندڙ نگاهن سان ڏانهنس ڏٺو، شوڀا چوڻ لڳي: ”ائين گهوري مون ڏي نه ڏس، مارڻ ٿو چاهين ته ٻه ٽي ڌڪ هڻي وٺ، مون کي ڪنهن جو ڀهءُ ناهي، ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪي ڪجهه چَوڻو آهي، توکي ئي چَوڻو آ…“
    لاليءَ ڏند ڪرٽيندي چيو: ”ته جلدي ٻڌاءِ نه.“
    ”ايترو جلدي نه چئي سگهندس،“ شوڀا آهستگيءَ سان چيو، ۽ ڪوپ کڻي، لاليءَ کي ڏيندي چيو: ”تون چانهن ڇو نه ٿو پيئين؟“
    ”مان چوانءِ ٿو ته …“
    ””نه…“ شوڀا چوڻ لڳي، ”جيستائين چانهن پوري ڪندي منهنجي ڳالهه به پوري ٿي ويندي.“
    لاليءَ هن جي هٿن مان چانهن جو ڪوپ وٺي پيئڻ لڳو، ڍڪ ڀري چوڻ لڳو: ”بس…“
    هوءَ چوڻ لڳي: ”ڪلهه جڏهن ماکي چڪر پيا اچن نه، ۽ تون مون کان پڇين به پيو…“
    ”ها ته پوءِ؟“
    ”ها ته بس، اها ئي ڳالهه آ…“ شوڀا گهرو ساه کنيو.
    ”ته ڇا تون بيمار آن؟“
    ”نه… پر تو پڇيو هو نه ته منهنجو مٿو ڇو ٿو ڦري، مون کي چڪر ڇو پيا اچن… مان بدليل بدليل ڇو ٿي نظر اچان!“
    ”ها …. بدليل بدليل پئي نظر اچين ان ڪري پڇيو هو! شايد بسنتي جي ڪري … مون ان ڪري پڇيو هو.“
    ”ڇا؟؟“ شوڀا حيرت وچان چيو، پر جلدئي هن جي ڳالهه سمجهي، کلي چوڻ لڳي: ”اون هون! منهنجو بدلجڻ ان جي ڪري نه هو، مورک، اها هيءَ ڳالهه آ.“ ائين چوندي شرمائجي وئي، ”مون کي شرم ٿو اچي.“
    ”اهڙي بري ڳالهه آ ڇا؟“ لالي سنجيده ٿي ويو.
    ”بري ڳالهه ته ناهي.“ شوڀا چوڻ لڳي: ”بلڪل به نه ، پر…“
    لالي وڏي آواز ۾ چيو: ”سالي بڪواس ڪندي پئي وڃين، ٻڌائين ڇو نه ٿي ته ڇا ڳالهه آهي؟“
    شوڀا سڏڪڻ لڳي: ”مان امان ٿيڻ واري هان.“ ائين چئي شوڀا پنهنجي منهن تي هٿ رکي روئندي رنڌڻي ڏانهن هلي وئي، ايتري ۾ جهگو ٻاهران آيو ۽ لاليءَ کي اڪيلو ڏسي، سندس ويجهو اچڻ لڳو. لالي پنهنجي خيالن ۾ گم هو ان ڪري هن جهگي کي ايندي نه ڏٺو. چانهن جو ڪوپ هن جي هٿ ۾ هو… هن جي نظر جهگي تي پئي ته هن انهيءَ حيرت واري حال ۾ جهگي کي چيو:
    ”جهگا… شوڀا کي ٻار ٿيڻ وارو آهي!“
    جهگو پنهنجا ننهن ڏندن سان ڪاٽيندي چوڻ لڳو: ”هان اڙي! ٻار؟ … ها ته ڇا ٿيو، ٻار ته ٿيندا ئي رهندا آهن، روز روز پيا ڄمندا آهن، ساري دنيا ۾ پيا ڄمندا آهن….“
    ”گيٽ آئوٽ…“ لاليءَ کي هڪدم ڪاوڙ اچي وئي، جهگو بنا ڪنهن ردعمل ڏيڻ جي، ڪنڌ جهڪائي اسٽوڊيو مان ٻاهر هليو ويو. هن جي ويندي ئي مسز هوشنگ اندر آئي، ايندي ئي شوڀا جي باري ۾ پڇڻ لڳي: ”هلي وئي هوءَ؟“
    ”ها…“
    مسز هوشنگ اطمينان جو ساه کنيو ۽ پوءِ پنهنجو ٻٽون کوليو: ”ته مان توکي ويهه رپيا پيشگي ڏيان ٿي!“
    ائين چوندي هن ٻٽونءَ مان ڏهن ڏهن رپين جا ٻه نوٽ ڪڍيا ۽ لاليءَ جي طرف وڌايا: ”اچي…“
    پر لاليءَ پنهنجي هٿن ۾ چانهن جو ڪوپ جهليو هو ۽ ان مان چانهن کي وڏي اطمينان سان پيئڻ لڳو.
    ”هان هي وٺ ايڊوانس…“
    مسز هوشنگ ٻائيءَ ٿوري ڌَنَڪ ۽ حڪم واري انداز سان چيس، پر لالي وڏي اطمينان سان چانهن پيئندو رهيو، ان دوران هن نرميءَ سان کيس چيو:
    ”مسز هوشنگ ٻائي هاڻي تون پنهنجي گهر وڃ.“
    مسز هوشنگ ٻائي سڪتي ۾ اچي وئي، چوڻ لڳي: ”ڇا ٿيو آ توکي؟“
    لاليءَ وري به نرميءَ ۽ هيج وچان چيو: ”گهر وڃ هوشنگ ٻائي، ڏسين نه ٿي ته مان پنهنجي گهر ۾ چانهن پي رهيو آهيان.“
    ”ضرور … تون پاڳل ٿي ويو آن…“ هن حيران ٿيندي چيو.
    لاليءَ ٿورو ڪڙڪي سان چيو: ”وڃين ٿي يا ڏيانءِ هڪڙو هٿ…“
    مسز هوشنگ، رقم پنهنجي ٻٽونءَ ۾ رکندي چيو: ”ٺيڪ آ… هاڻي زندگي ڀر توسان نه ڳالهائينديس…“ ائين چوندي هن پنهنجا چپ ڀيڪوڙي ورتا.
    لالي زور سان کلڻ لڳو: ”اڙي! نه ڳالهائيندينءَ؟ ته پوءِ ته مان مري ويندس…ان غم ۾.“
    ”گڊ باءِ…“ مسز هوشنگ ٻائي پنهنجي ڪاوڙ کي مشڪل سان روڪيندي، نهايت ٿڌي دل سان چيو، ۽ پوءِ جلدي ڪمري مان نڪري وئي، لاليءَ ٻئي هٿ جوڙي هن جي پويان ئي نمستي ڪري ورتس ۽ پوءِ جهگي کي چوڻ لڳو: ”جهگا او اڙي جهگا..!“
    جهگو جيڪو اسٽوڊيو جي ڀت سان ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، هڪدم ڀڄندو آيو ۽ هن جي سامهون اچي بيهي رهيو، لاليءَ کانئس پڇيو: ”تو چيو هو ته تون تمام گهڻا رپيا حاصل ڪرڻ جي ترڪيب ڄاڻي ٿو.“
    ”ها ڄاڻان ته ٿو…“
    ”ڪيترا رپيا…؟
    لاليءَ پڇيس.
    ”جيترا تو زندگيءَ ۾ به نه ڪمايا هوندا.“
    ”پر ڪيئن؟“
    ”اهو مان…“ هو چپ ٿي ويو، پر وري پنهنجي خاص انداز سان نظرون لاليءَ تي ڄمائي چوڻ لڳو، ”اهو مان تو کي بعد ۾ ٻڌائيندس…“ ائين هن ان ڪري چيو جو هن ڊارڪ روم مان چاچي کلڻيءَ کي چانهن جي ڪيتلي کڻي ايندي ڏسي ورتو هو، هوءَ بڙ بڙ ڪندي پئي آئي، لاليءَ کي جهگي سان گفتگو ڪندي ڏسي هن جي شڪل جا ڀاوَ بدلجي ويا:
    ”ايندي ئي چانهن گهرجي… مٿان ناشتو به…. ٻن پهرن جو کاڌو به… پوءِ صاحب بهادر صوفي تي ليٽي ڪندو آرام…“ هن ايترو چئي هڪدم لاليءَ جي هٿ مان چانهن جو ڪوپ کسي ورتو، ”ڏي هيڏي ڪر..“
    کليل دريءَ مان اوچتو ڪارنيوال جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا، موسيقيءَ جي شور ۾ مسز هوشنگ ٻائيءَ جي نئين باجي جي ڌن سڀني کان نمايان هئي، لاليءَ کي ائين لڳو ڄڻ اهو باجو هن جو مذاق اڏائي رهيو هجي، ان جي ڌن هن کي چڙ ڏياري رهي هئي، لالي بيچين ٿيڻ لڳو، هن اوچتو چاچي کلڻيءَ کي مخاطب ڪيو: ”ٻڌ چاچي…“
    پر چاچي ان وقت جهگي سان همڪلام هئي: ”۽ ها تون … ٻڌي وٺ چور ڌاڙيل، بدمعاش… اجهو هاڻي جو هاڻي منهنجي گهر مان نڪري وڃ، نه ته مان پنهنجي پٽ چندن کي ٿي سڏيانءِ.“
    جهگي پنهنجا ڀروَن چاڙهي، طنز واري انداز ۾ پنهنجا چپ ٽيڏا ڪيا ۽ بلغم واري آواز سان چوڻ لڳو: ”مان پاڻ اهڙن سڃن سکڻن جي گهر وڃڻ پسند نه ڪندو آهيان.“ ائين چئي هو اسٽوڊيو کان ٻاهر هليو ويو، پر وري به هو دريءَ وٽ لڪي ويهي رهيو.
    ”لاليءَ حيرت وچان ماسيءَ کان پڇيو: ”چاچي کلڻي….“
    ”ها توکي وري ڇاهي؟“ هوءِ به ڄڻ جواب ٺاهي ويٺي هئي.
    ”جڏهن چندن پيدا ٿيو هو… منهنجو مطلب آهي ته جڏهن تو چندن کي ڄڻيو هو…“ ائين چئي هو وري رڪجي ويو.
    ”ها ته پوءِ ڇا ٿيو؟“
    ”ڪجه نه !“
    لاليءَ وڌيڪ ڳالهائڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو.
    چاچي مرڪڻ لڳي: ”عجيب پاڳل ڇوڪرو آن…“ هن جي مٿي تي هٿ رکي چوڻ لڳي،”وڃ وڃي سمهي پهءُ نڪما ڪنهن جاءِ جا… تنهنجي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، وڃ وڃي سمهي پهءُ، شراب پيءُ يا جوئا کيڏ ۽ ٻين جي ڪمائيءَ تي زنده ره … پر ان وچ ۾ وقت ملئي ته پنهنجي زال کي مار ڪٽائي ڪر… تون ته لائق پٽ آهين…“ ائين چئي چاچي کلڻي هلي وئي، ۽ جڏهن هوءَ رنڌڻي ۾ غائب ٿي وئي ته لاليءَ آواز ڏئي جهگي کي سڏيو: ”جهگا…“
    دريءَ جي ٻاهران لڪي ويٺل جهگو ٽپ ڏئي پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ دريءَ جي تاڪ وٽ منهن ڪڍي بيٺو ۽ پنهنجي پيلا ميرا ڏند ڏيکاريندي چوڻ لڳو: ”ها مون کي خبر آهي ته شوڀا کي ٻار ٿيڻ وارو آهي، مان ٻڌي چڪو آن…“
    لاليءَ ٻئي ٺونٺيون دريءَ تي رکي، جهگي جي ويجهو ٿيندي پڇيو: ”اها اسڪيم…. چمڙي جي فيڪٽريءَ جي خزانچيءَ واري؟ ان ۾ ڪو دم آهي يا گشا ٿو هڻين؟ مون کي تمام گهڻي رقم گهرجي.“
    جهگو چوڻ لڳو: ”اها اسڪيم سڀ کان سٺي آهي، پر ان لاءِ ٻن ماڻهن جي ضرورت پوندي، مان اڪيلو ڪافي ناهيان.“
    لاليءَ سوچيندي چيو: ”ٺيڪ آ… تون هاڻي وڃ… هن وقت هليو وڃ، پوءِ اچجانءِ.“
    (6)
    ٽن پهرن جو جڏهن شوڀا بازار مان ڀاڄي ڀُتي وٺي موٽي، رات جو کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ رنڌڻي جي پاسي وڃڻ لڳي ته هن جهگي کي لاليءَ جي بلڪل ويجهو ويهي سسپس ڪندي ڏٺو، هوءَ ان عادي مجرم جي دوستي لاليءَ لاءِ، پاڻ لاءِ توڙي گهر وارن لاءِ سخت ناپسند ڪندي هئي، پر لاليءَ جي ڪري هن کي ڪجهه نه چئي سگهندي هئي. هن شڪي نظرن سان انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ڪا ڳجهي صلاح ڪندي ڏٺو. جهگو ته جلدي سڌو ٿي ويٺو ۽ ٿورو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو:
    ”ٻڌ! ٿورو ڌيان ڏئي ٻڌ لالي، اهو گيت هيئن هلندو آ…“ ائين چئي جهگو پنهنجي بلغمي آواز ۾ ڪنهن فحش گيت جو بند ڳائڻ لڳو، پر جڏهن ٻيهر گانو ٻڌائڻ لڳو ته لالي به ان سان شامل ٿي ويو.
    ٻنهي هڪ ٻئي کي اک ڀڳي ۽ ٿورو لڏي لڏي اهو گانو ڳائڻ شروع ڪيو، پر پوءِ به شوڀا جو شڪ دور نه ٿيو. هوءَ رنڌڻي جي در وٽ بيهي هڪ ٿالهيءَ ۾ چانور کڻي، انهن کي صاف ڪرڻ سان گڏوگڏ اک ٽيٽ سان انهن ڏانهن به پئي نهاريائين ته رنڌڻي ۾ ڪنهن ٻئي ڪم سان به پئي وئي، پر وري انهن جي ٿوري آواز تي هڪدم ٿوري ٻاهر نڪري ٿي آئي. جهگي جي اکين جي تيزي ۽ غيرمعمولي چمڪ مان شوڀا جي دل ۾ ڪي وسوسا ۽ شڪ پيدا ٿي رهيا هئا، ان ڪري هوءَ ڪنهن نه ڪنهن بهاني بار بار اسٽوڊيو جي وڏي ڪمري ۾ اچي پئي وئي، پر کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ هن کي اندر چلهه جي پاسي به وڃڻو پئي پيو، انهن چند منٽن جي وقفي ۾ ئي جهگي کيس چيو:
    ”انڌيريءَ جي ريلوي ڪراسنگ پار ڪري اشوڪ سينيما جي ڳليءَ مان هلي، ريل جي پٽڙيءَ تي ايندي ته اها زمين کان ٿوري مٿي آهي، ان سان لڳو لڳ هڪڙو چارو آهي، جيڪو چمڙي جي فيڪٽريءَ ڏانهن ٿو وڃي، ٻن فرلانگن تائين ڪو ئي گهر ناهي، ڪا جهوپڙي به ناهي، رستو بلڪل سنسان آ…“
    لاليءَ آهستي چيو: ”ته ڇا تون روزانو ان رستي سان ويندو آن؟“
    ”ها، پر پٽڙيءَ جي ڪناري ڪناري نه… هيٺان چاري تان، ان کان اڳ ۾ مون سان ڪو ماڻهو هوندو هو، پر هاڻي سال کن ٿيو آ ته مان اڪيلو ويندو هان.“
    ”هر مهيني جي ڏهين تاريخ؟“ لاليءَ پڇيس.
    هائو هر مهيني جي ڏهين تاريخ، جهگي ڀت تي ٽنگيل ڪئلينڊر کي غور سان ڏسندي چيو،”اڙي ڏهين تاريخ ته اڄ… آ!“
    ”۽ رپيا؟“ لالي پڇيس، ”اهي رپيا ڪٿي رکندو آ؟“
    ”هٿ ۾“ جهگي چيو“ هڪ چمڙي جي ٿيلهيءَ ۾، جنهن ۾ فيڪٽريءَ جي هزارين رپيا پگهار پيل هوندي آهي.“
    ”ڪيتري؟“
    ”ٽيهه هزار.“
    ”ٽيهه هزار … رقم ته تمام وڏي آ!“
    ”چوکي به…“
    ”نالو ڇاهي هن جو؟“
    ”هري داس.“
    ”خزانچي آ؟“
    ”ها..“ جهگي جي چپن تي ڪنهن مڪار واري مرڪ اچي وئي، چوڻ لڳو، ”پوءِ جڏهن پوئتان مٿي تي ڏنڊو لڳندس ۽ ڌو اچي پٽ تي ڪندو ته پوءِ هو خزانچي نه رهندو.“
    جهگي جي ڳالهه ٻڌي لاليءَ کي ڪراهت سبب اوڪارو اچڻ لڳو، چند گهڙيون ته هو ان احساس کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، آخر وڏو ساه کڻي سنجيدگيءَ وچان چوڻ لڳو:
    ”هن جي جان وٺڻ ڇا ضروري آ؟“
    ”ضروري ته ناهي، جهگي هڪ قدم پوئتي رکڻ وارو انداز اختيار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن کي لاليءَ جي لهجي مان اندازو ٿي ويو هو ته هن ساڻس ڪا غلط ڳالهه ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي پردو وجهڻ لاءِ هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”بلڪل به ضرور ناهي! هن جي جان وٺڻ کانسواءِ به هن کان ٿيلهو کسي سگهجي ٿو، پر هي خزانچي ماڻهو…“ هو چوندي هلڪو مرڪيو، ”ٿورا عجيب قسم جا ماڻهو هوندا آهن، اهڙن ماڻهن کي مري وڃڻ گهرجي.“
    ”لالي ڪجهه چوڻ وارو هو ته شوڀا رنڌڻي مان ٻاهر آئي ۽ جهگي کيس ڏسي پنهنجو لهجو تبديل ڪري ورتو: ”۽ ان گيت جو ٻيو مصرعو هيئن آ…“
    ائين چئي هو هوريان هوريان ڳائڻ لڳو، تنهن سان لالي به شريڪ ٿي ويو ۽ جيئن شوڀا اندر رنڌڻي ۾ هلي وئي ته وري سسپس شروع ڪري ڇڏيائون، پر هن ڀيري شوڀا بس بيٺي پير واپس آئي، هٿ ۾ هڪ ننڍو ٻهارو کڻي اسٽوڊيو جي اوسي پاسي ٻهاري ڏيڻ لڳي. هوءَ ڪوشش ۾ هئي ته ڪنهن بهاني اها خبر لهي ته اهي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ گفتگو ڪهڙي پيا ڪن! پر هوءَ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، هتان هتان ڪو جملو يا لفظ ئي ڪنن تي پئي پيس، جنهن سان هن جي پريشاني اڃان به وڌڻ لڳي هئي، انهن اڻپورن جملن مان هن الائي ته ڪهڙا ڪهڙا مطلب پئي ڪڍيا ۽ ائين هن جي پريشاني به وئي ٿي وڌندي، هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته اهي ٻئي ڄڻا ڪنهن چالبازيءَ ۾ مصروف هئا. هوءَ صوفي جي ويجهو آئي ته لاليءَ کيس جهڻڪيو: ”ٻهاري ڪرڻ لاءِ ڇا توکي اهو ئي وقت مليو هو، ڏسين نه ٿي ته مان مصروف آهيان.“
    ايترو چئي شوڀا جي هٿن مان ٻهارو کسي، پري اڇلايائين. شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، ۽ هوءِ سڏڪندي رنڌڻي ۾ هلي وئي. تڏهن لاليءَ هن کان پڇيو: ”۽ پوءِ …. ان کانپوءِ اسان آسام هليا هلنداسي.“
    ”اون هون!“ جهگي انڪار ۾ مٿو لوڏايو.
    لالي حيرت مان ڏانهنس نهاريو: ”پر تون ته چوين پيو ته…“
    جهگي سندس ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳي چيو: ”پئسن کي ڇهن مهينن لاءِ ڪٿي لڪائي ڇڏينداسي، انهن کي پوءِ ڪڍنداسي.“
    ”پو؟“
    ”پوءِ وري ٻيا ڇهه مهينا به غريبن وانگر گذارينداسي، ان رقم مان ٽڪو به خرچ نه ڪنداسي.“
    لالي گهٻرائجي چوڻ لڳو: ”اڙي جهگا! ڇهن مهينن ۾ ته منهنجو ٻار ٿيڻ وارو آهي، ان کانپوءِ مان، ٻار ۽ شوڀا ٻنهي کي وٺي ويندس!“
    ”ڇهن مهينن تائين تون ڪو ڪم ڪري وٺجانءِ نه، ته جيئن ماڻهن کي شڪ به نه پوي ته تو ايتري رقم ڪٿان آندي آهي!“
    ”۽ گوهاٽيءَ ۾ اسان کان ڪو پڇا ڳاڇا نه ڪندو.“
    ”آسام بمبئي کان گهڻو پري آهي، اتي ڪير پڇندو! ڪنهن کي خبر پوندي ته…“ لاليءَ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ وري هن ڳالهايو، ”گهڻا ئي ماڻهو اوڏانهن وڃي رهندا آهن.“
    ”هون…“ لالي سوچيندي چيو: ”اسان ٻنهي مان ڪير هن سان اڳتي وڌي ڳالهائيندو؟“
    ”اسان ٻئي ڪا پنهنجي هٿراڌو زبان ڳالهائينداسي، ٻيو اسان پنهنجي چاقوءَ سان…“جهگي جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون، پر اوچتو هن جون اکيون کلي ويون، ۽ نهايت معصوم بڻجي چوڻ لڳو: ”تون ڇا پسند ڪندين؟“
    لاليءَ خاموش ڏسي، هن چيو: ”هونئن منهنجي مڃ ته هن سان تون ڳالهائجانءِ … باقي ڪم منهنجو آ…“
    اوچتو لاليءَ گهٻرائجي چيو: ”هيءَ ڇا جي رڙ هئي؟“
    ”ڪٿي؟“ جهگي پڇيس.
    لاليءَ جو منهن صفا لهي ويو ۽ ٻاهر دريءَ جي پاسي اشارو ڪندي چوڻ لڳو: ”ٻاهر دريءَ وٽ ڪو سُسپس پيو ڪري…“
    ٻئي غور سان ٻڌڻ لڳا…. پر اهو لاليءَ جي دل جو دهڪو هو، ٻاهر ته ڪوبه ڪونه هو.
    پوءِ به جهگو پير پير ۾ پائي دريءَ تائين ويو، ٻاهر ليئو پاتائين، پوءِ جڏهن ڪنهن کي به نه ڏٺائين ته اطمينان ڪري موٽي اچي، لاليءَ کي چوڻ لڳو: ”ڪوئي به ته نه هو.“
    لاليءَ ڊگهو ساه کنيو: ”ها شايد پارڪ جي وڻن سان گڏ گهلندڙ هوا هئي.“ هو صوفي تان اٿي هال ۾ چهل قدمي ڪرڻ لڳو.
    جهگو به اٿي سندس ويجهو ويو ۽ کيس چيو: ”بس توکي رڳو ايترو چوڻو آهي، ادا ٽائيم ڇا ٿيو آ؟ باقي مان سنڀالي وٺندس.“
    ”ادا ٽائيم ڇا ٿيو آ؟“ لالي ورجائڻ لڳو، وچ ۾ بيهي جهگي کان پڇڻ لڳو، ”ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟“
    جهگي چيو: ”ان کانپوءِ هو جهڪي گهڙيءَ ۾ وقت ڏسندو، مان پويان مٿس وار ڪندس.. سڌو هن جي مٿي تي… ۽ سامهون تون پنهنجو چاقو ڪڍي …“ جهگو لاليءَ کي خنجر هڻڻ جي ترڪيب ٻڌائڻ لڳو، ٻڌائيندي ٻڌائيندي هو پوئتي به هٽندو ٿي ويو ته پويان ايندڙ ڪنهن ماڻهوءَ سان ٽڪرائجي ويو، مڙيو ته سامهون هڪ پوليس وارو بيٺل ڏٺائين، چند لمحن لاءِ ته هن جي نڙي خشڪ ٿي وئي.
    ”هون…“ سنتري ڪجهه ڪاوڙيل انداز ۾ چيو، لالي ۽ جهگو ٻئي هن ڏانهن نهارڻ لڳا، پر سنتري پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي وڏي اخلاق سان چوڻ لڳو: ”تهان ٻنهي مان فوٽوگرافر ڪير آ؟“
    جهگي جو رڪيل ساه کڄڻ لڳو، ته هڪدم انداز بدلائي، زور سان سڏ ڪيائين: ”او چاچي کلڻي، چاچي چندن لاءِ ڪو گراهڪ آيو آ،“ وري لاليءَ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو: ”۽ ان گيت جو ٽيون بند هن ريت شروع ٿو ٿئي.“ ائين چئي هن اهو پهريون ئي مصرع ورجائڻ شروع ڪئي، جنهن سان گڏ لالي به ڳائڻ لڳو.
    ايتري ۾ چاچي کلڻيءَ جو پٽ چندن، ڊارڪ روم مان ٻاهر اسٽوڊيو جي هال ۾ آيو، ۽ سنتريءَ کي ڏسي ادب سان سلام ڪرڻ لڳو. سنتريءَ سندس سلام جو جواب ڏيندي چيو:
    ”ڪيبينيٽ سائيز جو فوٽو ٺاهيندو آن؟“
    ”جي جي ها،“ وکريل وارن ۽ پيلي منهن واري بندري چندن پنهنجي کاڏيءَ کي کنهندي چيو، ”هيڏي هي ڏسو آبشار سان يا چيتي سان يا ڪو ٻيو پوز، هيءَ ڀت تي لڳل تصويرن مان ڪا چونڊي وٺو…“
    سنتريءَ مڙي ديوار تي لڳل تصويرن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو،آخرڪار هن هڪڙي پوز تي آڱر رکي چيو: ”مون کي هيءَ گهرجي.“
    ”ٺيڪ آ…“ چندن چيو ۽ هڪ اسٽول اڳيان سيريندي سنتريءَ کي چيائين، ”هن تي ويهو.“
    سپاهي ان اسٽول تي ويهي رهيو، چندن ٽراليءَ تي رکيل رنگين پردي کي اڳتي پوئتي ڪرڻ لڳو، ڪم ۾ ڦڙتي ڏيکاري پنهنجي گراهڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ هن سندس چهري کي هيٺ مٿي ۽ ساڄي کاٻي ڦيرائي، ڪيميرا لاءِ پوز ٺاهڻ لڳو، ايتري ۾ ڊارڪ روم مان چاچي کلڻي فوٽو واري پليٽ کڻي ٻاهر آئي، جڏهن چندن کي پنهنجي ڪم مصروف ڏٺائين ته لاليءَ ۽ جهگي جي پاسي نهاريائين، جيڪي پاڻ ۾ هوريان هوريان ڳالهائڻ مصروف هئا.
    لالي آهستگيءَ سان پڇيو: ”انهيءَ علائقي جو آ؟“ هن جو خيال خزانچيءَ واري علاقي ڏانهن هو.
    ”نه.“ جهگي چپن کي ڍلو ڪندي چيو.
    ”کار جو آ؟“
    ”اون هون.“
    ”شانتاڪروز جو؟“
    اوچتو جهگي کي ياد اچي ويو ته چوڻ لڳو: ”دي پاري جو ٿو لڳي…“
    لاليءَ هڪدم ڪاوڙ مان منهن موڙي ڇڏيو ۽ ڀڻ ڀڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو: ”اها به ڪا زندگي آ….اها ته ڪا زندگي ناهي، ان کان ته مرڻ بهتر آ…“
    “جهگي سسپس واري انداز ۾ چيو: ”ڪوهاٽيءَ ۾ آرام سان رهندين…“
    لاليءَ کيس ڪو جواب نه ڏنو، هو دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو.
    چندن سنتريءَ کي چئي رهيو هو: ”ها جناب هاڻي هن پاسي ڏسو، ڪيميرا جي لينس ۾… لُڏو نه مهربان…سرڪار.“
    پوليس وارو هڪدم سڌو ٿي ويٺو، هڪ لمحي لاءِ چندن ڪيميرا جو ڍڪڻ لاٿو، ۽ وري ان جي مٿان رکي ڇڏيو، ۽ هڪ وڻندڙ مرڪ سان پوليس واري ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو: ”ٿئنڪ يو.“
    ٿينڪ يو ٻڌندي ئي پوليس وارو پنهنجي فطري انداز ۾ ٿي ويو، پڇڻ لڳو: ”فوٽو ڪڏهن ملندو؟“
    ”بس پنجن ڇهن منٽن ۾…“ چاچي کلڻيءَ وچ ۾ جواب ڏنو.
    ”ته مان هڪڙو رائونڊ لڳائي اچان ٿو،“ سنتريءَ چوندي کيسي مان ٻٽونءَ ڪڍندي چيو. ”ڪجهه ايڊوانس ڏيانءِ؟“
    چندن خوشامد واري نوع ۾ مرڪي، ٿورو اڳي وڌي کيس چيو: ”نه انسپيڪٽر صاحب، اوهان کان ڪهڙو ايڊوانس وٺڻو… تصوير وٺڻ اچو ته اڳو پوءِ ڏئي ڇڏجو.“
    معمولي سنتريءَ کي جو انسپيڪٽر سڏيائين ته سنتري ڏاڍو خوش ٿيو، ٻٽيون واپس کيسي ۾ وڌائين ۽ خوش خوش ٻاهر هليو ويو.
    چندن ڪيميرا وري پنهنجي جاءِ تي رکي، ته چاچي کلڻيءَ ٽرالي ڇڪي رنگين پردي کي ان جي جاءِ تي لڙڪائي ڇڏيو، پوءِ جهگي ڏانهن منهن ڪري غصي وچان چوڻ لڳي:
    ”سارو ڏينهن هتي هتي پيو رلندو آن، منهنجا گراهڪ ٿا اچن ته انهن کي ويٺو ٿو گهورين، ٻاهر جي هوا ڇو نه جهٽين، ڪٿان ايترا پئسا ملي ويا ٿي جو خوشي جا گيت پيو ڳائين؟“
    پوءِ بلڪل هن جي سامهون اچي چوڻ لڳي، ”مان پڇان ٿي ته پوليس کي ڏسي تنهنجو ساه نه پيو نڪري؟“
    جهگو حقارت مان چوڻ لڳو: ”هل هل وڃي فوٽو تيار ڪر… تنهنجي گراهڪ اچڻ وارو هوندو.“
    چاچي کلڻي جيئن ئي ڊارڪ روم ۾ اندر وئي، جهگي ٽپ ڏئي اچي لاليءَ کي چيو:
    ”هاڻي ڊوڙي رنڌڻي ۾ وڃ.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇري کڻي آ ڀاڄي ڪاٽڻ واري.“
    ”اڙي ڇري ڇا جي لاءِ؟“
    ”منهنجو چاقون ڏاڍو ننڍو آ… اگر هو سچ پچ وڙهڻ لڳو ته گهٽ ۾ گهٽ ڇري ته هن جي پاسراٽين ۾ گهيڙي ڇڏيندس.“
    لالي چوڻ لڳو: ”ان جي ضرورت نه پوندي، منهنجو هڪ ٺونشو ئي هن کي بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.“
    ”اون هون،“ جهگو کيس سمجهائڻ لڳو، ”تو وٽ ڪو هٿيار هجڻ ضروري آ، مٿي تي ڏنڊي هڻڻ سان هن جي گردن الڳ نه ٿيندي.“
    ”پر هن جي گردن ڪاٽڻ سان اسان کي ڇا ملندو.“ لالي احتجاج طور چيو.
    ”ملندو ڪجهه به نه، پر جي هن گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ… لالي! هو ڪافي جانٺو شخص آ… مون وانگر ڏيڍ پاسراٽيءَ وارو ناهي.“
    پوءِ لاليءَ جي چهري تي انڪاري رنگ ڏسندي هن وري کيس سمجهايو، ”انهن سورهن هزار رپين سان تون گوهاٽيءَ ۾ پنهنجي زال ٻار سان ڪا شاندار زندگي شروع ڪري سگهين ٿو، پر بزدلي ڏيکارڻ سان ڪجهه نه ملندءِ!“
    لاليءَ ڇري کڻي اچڻ لاءِ بهانو گهڙيو: ”جيڪڏهن مان رنڌڻي مان ڇري کڻندس ته شوڀا ڏسي وٺندي.“
    ”اڙي يار! هن کان لڪائي کڻي اچ نه ته جيئن هوءَ ڏسي نه سگهي.“ جهگي لاليءَ کي رنڌڻي جي پاسي ڌڪيندي چيو. پر لاليءَ اڃان رنڌڻي جي پاسي وک وڌائي ئي ڪانه هئي ته ساڳيو پوليس وارو وري اندر آيو ته لالي ترسي پيو ۽ مڙي ڊڄندي، ڊارڪ روم جي در وٽ پهچي آواز ڏنائين: ”چندن، سنتري آيو آ“
    چاچي کلڻي دروازي تي اچي چيو: ”بس هڪڙو منٽ سنتري جي، بس هڪ منٽ.“
    چاچي کلڻي چوندي اندر ڊارڪ روم ۾ واپس هلي وئي، لالي ڪجهه پل ته دهليل دل سان اتي ئي بيٺو رهيو، جهگي جي پاسي به ڪونه ٿي ڏٺائين، ڇاڪاڻ ته هن کي سڌ هئي ته جهگو هن کي ڪهڙين تکين نظرن سان نهاري رهيو هو، لالي ان جو تاءُ سهي ڪونه پئي سگهيو، ان ڪري هو رنڌڻي ۾ هليو ويو.
    پوليس وارو اسٽول تي ويهي فوٽوءَ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ۽ جهگي کي گهورڻ لڳو، جهگي به پوليس واري کي گهوري نهاريو ۽ سوال ڪيو:
    ”ناناوتي هسپتال وارو ناڪو؟“
    سنتري ڄڻ ڇرڪ ڀريو، پوءِ ڪنڌ ڌوڻي چوڻ لڳو: ”ها… پر توکي ڪيئن خبر پئي ته مان اتي ڊيوٽي ڪندو آهيان؟“
    ”مان به ان پاسي پنهنجو ڌنڌو ڪندو آن.“ جهگي نهايت پنهنجائپ واري انداز ۾ چيو.
    ”ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آن؟“ سنتريءَ پڇيس.
    ”پراڻا هڏا گڏ ڪندو آن.“ جهگي منهن بڇڙو ڪندي چيو ۽ پوءِ ٿورو کلڻ لڳو.
    جواب ٻڌي سنتريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، هو پنهنجي مڇن کي مروڙيندي ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته ايتري ۾ چندن ڊارڪ روم مان نڪري آيو، فوٽو هن جي هٿ ۾ هو، سنتريءَ هن کان فوٽو ورتو ۽ ان ۾ پنهنجي صورت ڏسڻ لڳو، هن کي پنهنجي شڪل ڏاڍي وڻي، تڏهن ڪنڌ لوڏائي چوڻ لڳو:
    ”سٺو آ… ڏاڍو سٺو آ…” پوءِ هن پنهنجي ٻٽونءَ مان پيسا ڪڍي چندن کي ڏنا ۽ فوٽوءَ وارو لفافو کيسي ۾ رکي، جهگي کي شڪي نظرن سان گهوريندو ٻاهر هليو ويو. ان دوران جهگي ائين ظاهر ڪيو ڄڻ هو هن کي ڏسي ئي ڪونه پيو، پر پوليس واري جي وڃڻ کان هڪدم پوءِ هو اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري، پوليس واري کي ويندي ڏسڻ لڳو، جڏهن پوليس وارو ماهم ناڪي وٽان مڙي ويو ته هو اسٽوڊيو ڏانهن موٽي آيو.
    جڏهن اندر آيو ته ان وقت لالي رنڌڻي مان ٻاهر نڪتو، هن جو هڪ هٿ پتلون جي کيسي ۾ پيل هو، ٻئي هٿ سان هو قميص جو ڪالر ٺيڪ ڪندي اچي صوفي جي پويان دريءَ وٽ بيهي رهيو، دير تائين دريءَ مان ٻاهر خلا ۾ گهوريندو رهيو.


    قسط 8

    جهگو آهستي آهستي اچي سندس ڀر ۾ بيٺو ۽ نرميءَ وچان چوڻ لڳو: ”ڇا ٿو ڏسين ايترو پري پري…“
    ”ڪجهه به ته نه.“ لالي اداس لهجي ۾ چيو.
    ”ڪجهه ته آهي، جنهن کي ڏسين پيو؟“
    “سوچي رهيو هان.“
    جهگي لاليءَ کي ايترو اداس اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو، هن سندس ڌيان ڦيرائڻ لاءِ چيو: ” چڱو مون کي ٻڌاءِ ته هن کي ڇا چوندين؟“
    لالي چوڻ لڳو: ”مان چوندس،“ جهگي جي انداز جا چٻارا ڪڍندي چيو، ”ڀاءُ ٽائيم ته ٻڌائجانءِ … ۽ اگر هن مون کي ٽائيم ٻڌائي ڇڏيو ته پوءِ مون کي ڇا چوڻ گهرجي؟“
    جهگي وڏي بي رحميءَ واري انداز سان کلندي چيو: ”تنهنجي پڇڻ کانپوءِ هو تو کي ڪو جواب نه ڏيندو!“ لاليءَ ڇرڪ ڀريندي جهگي ڏانهن نهاريو، پوءِ اکيون ڦيري ورتيون.
    جهگي پڇيس: ”کڻي آئين؟“
    ”ها…“ لالي غير جذباتي نوع ۾ چيو، پر هن جو آواز ٿورو ڏڪڻ لڳو.
    ”ڪاٿي رکي ٿئي؟“
    ”جرسيءَ ۾، قميص ۽ گنجيءَ جي وچ ۾.“
    جهگي هٿ وڌائي لاليءَ جي جرسيءَ کي ڦلهورڻ شروع ڪيو، هن جا هٿ سندس چيلهه کان سيني تائين هليا ويا: ”ڪافي وڏو ڦر اٿس!.“ پوءِ هن جرسيءَ جي اندر ڇريءَ کي محسوس ڪندي، ان جي ٽڪنڊي چهنب تي آڱر ڦيريندي چيو: ”هان ته هيءَ ان جي چهنب آ..“ ايتري ۾ شوڀا ٻاهر اچي وئي، هن جي پيرن جو دٻڪو ٻڌندي ئي جهگي پنهنجا هٿ لاليءَ جي سيني تان هٽائي ورتا ۽ ڳالهه لنوائي، مرڪي چوڻ لڳو: ”اون هون تو ٺيڪ نموني نه سکيو آ… اهو بند وري ڳاءِ…“
    لاليءَ اک ٽيٽ سان شوڀا ڏانهن نهاريندي ان بيهودي گاني جو بند ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن کي ٻڌندي ئي شوڀا منهن ٺاهي واپس رنڌڻي ۾ هلي وئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ لالي جهگي کان پڇيو:
    ”راتين جو جيڪڏهن هن خزانچيءَ جي جن مون کي ستائڻ شروع ڪيو ته ڇا ٿيندو؟“
    جهگي شفقت واري انداز سان سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو: ”مان توکي جوڳي بابا کان منتر وٺي ڏيندس، جوڳي بابا جي منتر سان وڏا وڏا جن به نه ستائيندا آهن.“
    ”پر اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟“ لاليءَ پاڻ کان پڇيو،
    پر هن جو آواز ٻڌي جهگي کانئس پڇيو: ”اڳتي ڪاٿي؟“
    لالي عجب وارين نظرن سان جهگي جي طرف ڏسندي چيو: ”اتي … مٿي، ڀڳوان جي سامهون ڇا جواب ڏيندس.“
    جهگي جا ڪلها ٿورا لڏيا، هن آهستگيءَ سان چيو: ”اسان جهڙن ماڻهن کي ان جي سامهون پيش نه ڪيو ويندو!“
    ”ڇو نه؟“
    جهگي هن کان پڇيو: ”ڇا توکي ڪڏهن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آ؟“
    ”نه!“ لاليءَ سندس ڳالهه مڃيندي چيو، سدائين ٿاڻي ۾ …. ۽ ماجسٽريٽ ….“
    جهگي چيو: ”بس ائين ئي سمجهه ته اتي به اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهڙو ئي ٿاڻو هوندو آهي، اهڙو ئي ماجسٽريٽ… جهڙو هتي هوندو آ.“
    ”بس؟“ لالي پڇيو، ”پوليس ۽ ماجسٽريٽ؟“
    ”ٻيو نه ته ڇا!“ جهگي ٿورو ڪرڙو ٿيندي چيو، ”وڏن وڏن ماڻهن لاءِ اتي عدالتون به وڏيون هونديون آهن، اسان غريبن لاءِ اتي به پوليس هوندي، ماجسٽريٽ هوندو، وڏن ماڻهن لاءِ فرشتا ايندا آهن ۽ اسان لاءِ…“
    ”اسان لاءِ ڪير؟“
    ”اسان جي لاءِ … منهنجا دوست …. صرف انصاف… ڏاڍو وڏو انصاف ڪيو ويندو اتي اسان سان به… ۽ جتي انصاف هوندو آهي، اتي پوليس هوندي آ… اتي ماجسٽريٽ هوندو آ… ۽ جتي ماجسٽريٽ هوندو آ، اتي اسان جهڙن ماڻهن لاءِ … صرف انصاف هوندو آ…“
    لالي اهو ٻڌي نهايت مايوسيءَ واري انداز ۾ پنهنجا چپ چٻا ڪري، فيڪٽريءَ جي خزانچيءَ کي چوڻ واري جملي جي ادائگي ڪرڻ لڳو: ”رام رام ڪاڪا… ٿورو ٻڌائجانءِ ته ٽائيم ڇا ٿيو آ…؟“ پوءِ هن هڪدم پنهنجي سيني تي هٿ رکيو، جهگي پڇيس: ”اتي هٿ ڇو ٿو رکين؟“
    لالي آهستي چيو: ”ڇري جي هيٺان، دل زور زور سان ٿي ڌڙڪي…“
    جهگي چيو: ”ته ڇرو ٻئي پاسي ڪري ڇڏ.“ ائين چئي دريءَ کان ٻاهر ڏسندي چوڻ لڳو: ”هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.“
    ”ايترو جلدو؟“
    ”آهستي آهستي ڳالهيون ڪندا هلنداسي.“
    لالي بت بڻيو بيٺو رهيو، هن جي دل ۾ آيو ته ’موٽي وڃي رنڌڻي ۾ شوڀا کي هڪ ڀيرو ڏسي اچي، پر وري هن سوچيو ته شوڀا سان نه ملجي….‘ هن مٿو لوڏي جهگي کي هلڻ جو اشارو ڏنو.
    ٻئي ڄڻا جڏهن اسٽوڊيو کان ٻاهر آيا ته شوڀا ڊوڙي اچي سامهون سندن رستو روڪي، بيهي رهي، چوڻ لڳي: ”تون هن سان ڪاڏي ٿو وڃين؟“
    جواب ۾ لاليءَ پڇيو: ”ڪاڏي ٿو وڃان؟“
    شوڀا چيو: ”ڪاڏي به نه وڃ…. مون سان گڏ، گهر ۾ رهه.“
    ”نه“
    ”گهر ۾ رهه.“ شوڀا ڳالهه ٺاهيندي چيو، ”ڏس ڪڪر به ڀرجي آيا آهن، ٿوري دير ۾ برسات به ٿيڻ واري آ… ڀِڄي آلو ٿي ويندين…“
    ”برسات ڪانه ٿيندي.“ جهگي کيس اطمينان ڏياريندي چيو.
    ”توکي وري ڇا ڪو ڏيئو ٻريو آ.“ شوڀا هن جي پاسي منهن ڪري چيو،
    ”مون کي پتو پئجي ويندو آ… اڳ ۾ ئي پتو پئجي ويندو آ!“ جهگي پنهنجا پيلا ڏند ڪڍندي کيس جواب ڏنو.
    لالي وک کڻي اڳتي وڌيو، شوڀا وري به سندس سامهون ٿي بيٺي، الائي ته ڇو هن جي نڙي به خشڪ ٿيڻ لڳي هئي، هن جلدي جلدي چوڻ شروع ڪيو: ”نه وڃ… گهر ۾ رهه… اڄ بسنتو ڪٻاڙيو پيو اچي، هن مون سان وعدو ڪيو آ ته هو توکي پنهنجي ورڪشاپ ۾ ڪم ڏيندو.“
    مون کي هن جي ٻهارن ٺاهڻ واري ڪارخاني تي ڪم ناهي ڪرڻو.“
    ”ته گهر ۾ رهه.“ شوڀا نهايت ڳڻتيءَ جوڳي آواز ۾ چيو ۽ بار بار پنهنجي زبان کي پنهنجي سڪي ويل چپن کي آلي ڪرڻ لاءِ پئي ڦيرايو، ” اڄ ته رسنا به اچڻ واري آ… پنهنجي مڱيندي سان … هن جو مڱيندو به توسان ملڻ ٿو چاهي.“
    ”اهو ڪنهن ٻئي ڀيري ملي وٺندو.“
    ”رسنا مون لاءِ ڪجهه رپيا به آڻي پئي، اهي سڀ مان توکي ڏيندس، پر اڄ تون نه وڃ.“
    ”مان ٿورو گهمڻ ٿو وڃان، شوڀا مان ٿوري دير ۾ موٽي ايندس.“ لالي چوندي شوڀا کان اکيون ڦيرائي بيٺو هو. شوڀا جون نگاهون سندس مغرو چهري تي ڄميل هيون، هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، پر هن پنهنجي ڳوڙن کي ڳيت ڏيندي، مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي، چوڻ لڳي: ”جيڪڏهن تون ترسي پوندين ته مان تو لاءِ ٺري جي سڄي بوتل وٺي ايندس يا بيئر جي، جيڪا تو کي پسند هجي…“
    جهگو ان وقت ڄاڻي واڻي ٻه ٽي وکون کڻي اڳتي هليو ويو ۽ اتان مڙي چوڻ لڳو: ”لالي تون اچين ٿو نه؟“
    شوڀا لاليءَ جو هٿ پڪڙي چوڻ لڳي: ”تو مون کي ماريو هو نه، پر هاڻي مان توسان ناراض ناهيان، قسم سان.“
    لاليءَ کيس دٻائڻ واري لهجي ۾ چيو: ”پري هٽي وڃ.“ هن جي آواز ۾ ڪاوڙ هئي، غم هو، مجبوري هئي، بيوسي، دک، احتجاج … سڀئي احساس موجود هئا، هن شوڀا کي ڊيڄارڻ لاءِ مُڪ به ڏيکاري، حالانڪ اندران هو صفا پگهرجي نرم ٿي ويو هو ۽ هن جو آواز ڏڪڻ لڳو هو، پر هو پنهنجي دل جي حالت کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي ڌمڪيءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳو: ”پري هٽي وڃ، منهنجو رستو ڇڏي ڏي، نه ته ماريندوسانءِ.“
    شوڀا اوچتو کائنس پڇيو: ”هي جرسيءَ جي اندر ڇا لڪايو اٿئي؟“
    لاليءَ جرسيءَ جي اندران تاش ڪڍي ڏيکاريس. شوڀا جو آواز ڏڪڻ لڳو، چوڻ لڳي: ”اتي نه هتي،“ هن لاليءَ جي کاٻي پاسي، سيني ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، ”اتي ڇا لڪايو ٿي؟“
    هاڻي لاليءَ کي ڪاوڙ اچڻ لڳي، زوردار آواز ۾ چوڻ لڳو: ”مون کي وڃڻ ڏي شوڀا…“
    پر شوڀا سندس رستو روڪي بيٺي رهي، هو ٿورو اڳتي ٿي وڌيو ته هن پنهنجا ٻئي هٿ ڦهلائي کيس روڪيو ٿي ۽ جلدي جلدي آخري ڪوشش ڪندي ڳوڙهن سان ڀريل لهجي ۾ کي روڪيندي به رهي.
    ”شوڀا، اصل ۾ رسنا اسان ٻنهي لاءِ هڪڙي نوڪري ڳولهي آهي، پيڊرو روڊ تي هڪڙي وڏي فليٽ جا مالڪ ولايت پيا وڃن… ڏهن مهينن لاءِ ٿا وڃن، ڏهن مهينن لاءِ انهن کي فليٽ سنڀالڻ لاءِ هڪ جوڙي جي ضرورت آ… هڪ مرد هڪ عورت، جيڪا انهن جي پرپٺ سندن فليٽ جي سنڀال ڪري سگهي، ان کي صاف سٿرو رکي سگهي، ان لاءِ اهي هر مهيني هڪ سئو رپيا پگهار به توکي ڏيندا ۽ سئو رپيا مون به ڏيندا، اسان ٻنهي کي ٻه سئو پگهار ملندي، ڪم ڪجهه به نه…“ لاليءَ هڪ ساهيءَ ۾ چيو.
    ”لالي منهنجي ڳالهه ٻڌ…“
    لاليءَ کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”منهنجي رستي تان هٽي وڃ، چوانءِ ٿو.“ زور سان ڌڪو ڏئي لاليءَ پنهنجو پلهءُ شوڀا کان ڇڏائي ورتو، ۽ وڃي جهگي سان مليو، ٻئي ڄڻا تڪڙيون تڪڙيون ٻرهانگون ڀريندا هن جي نظرن کان غائب ٿي ويا. شوڀا اتي ئي بيٺي هئي، پر جڏهن هو ٻئي هليا ويا ته ان وقت به هوءَ اتي ئي بيٺي هئي، ڄڻ هن جا قدم اتي ئي ڄمي ويا هجن، ايتري ۾ چاچي کلڻي رنڌڻي مان ٻاهر آئي ۽ شوڀا کي چوڻ لڳي:
    ”سبزي ڪاٽڻ واري ڇري نه ٿي ملي، تو ڪاٿي ڏٺي ڇا؟“
    شوڀا اوچتو ڇرڪي وئي، هن جي دل جو دهڪو وڌي ويو، ڪنڌ ڌوڻي چوڻ لڳي: ”مان ته نه کنئي آ.“
    چاچي حيرت مان ڳچيءَ کي هيڏي هوڏي ڦيرائيندي چيو: ”اجهو ٿوري جهٽ اڳ ۾ ته مان رنڌڻي ۾ ڏٺي هئي، الائي هڪ گهڙيءَ ۾ ڪاڏي وئي!“ وري شوڀا ڏانهن نهاري چوڻ لڳي، ”ٿوري دير اڳ مان لاليءَ کي رنڌڻي ۾ گهڙندي ڏٺو هو.“
    ”ان نه کنئي آ.“ شوڀا انڪار ڪندي چيو.
    ”ٻيو ته ڪو رنڌڻي ۾ ويو به ناهي،“ چاچي کلڻيءَ هن کي ياد ڏياريندي چيو.
    ”پر لالي ڇري کڻي ڇا ڪندو؟“ شوڀا پڇيو.
    ”مان ڇا ڄاڻان!“ چاچيءَ جي نراڙ تي گهنج پئجي ويا.
    شوڀا کي الائي ته ڇو ڪوڙ ڳالهائڻو پيو، چوڻ لڳي: ”وڃڻ کا اڳ ۾ هن جي جرسي ڏٺي هيم، ان ۾ ته ڇري يا پيسا ڪونه هيا، بس تاش جا پتا پيل هيا.“
    چاچي ڀڙڪو کائي چوڻ لڳي: ” تاش تاش… هر وقت تاش… اهو بدبخت جهگو، هن کي ڪاٿي جوئا کيڏائڻ وٺي ويو هوندو.“
    چاچي اندر هلي وئي، شوڀا اتي ئي بيٺي رهي، ڇاڪاڻ ته سامهون کيس رسنا ۽ سندس مڱيندو ايندي نظر اچي رهيا هئا. ٻنهي کي نوان ڪپڙا پاتل هئا، ۽ ٻئي هٿ ۾ هٿ ڏيو، خوشيءَ ۾ مگن پئي نظر آيا ته اوچتو شوڀا کي دروازي وٽ بيٺل ڏسي آهستگيءَ سان پنهنجا هٿ هڪ ٻئي کان جدا ڪيا.
    رسنا اڳتي وڌندي چيو: “اسان اچي وياسي شوڀا،“ پوءِ مڱيندي ڏانهن منهن ڪري، سندس هٿ پڪڙي ۽ اڳتي ڪندي چوڻ لڳي، ”هي آهي منهنجو مڱيندو.“ چوندي ڪجهه ڪجهه شرمائڻ به لڳي.
    مڱيندي ٿورو اڳتي وڌي پنهنجو تعارف ڪرايو: ”مان وليم آهيان، وليم.“
    ”هيلو“ شوڀا ساڻس هٿ ملايو، پر ڄڻ پنهنجي خيالن ۾ گم هجي، هن کي ائين گم سم ڏسندي وليم ٻيهر چيو: ”منهنجو پورو نالو وليم ڪبرال آهي.“
    هن شوڀا جو هٿ نه ڇڏيو، شوڀا بنا ڪنهن جذبي جي چوڻ لڳي: ”مان شوڀا آهيان.“ پر هن جي چهري تي ٿوري به مرڪ نه آئي. وليم سندس هٿ لوڏائيندي چوڻ لڳو: ”هيلو.“
    ”هيلو” شوڀا ٻڌل آواز ۾ چيو.
    رسنا چوڻ لڳي: ”هي منهنجو مڱيندو آ…“
    ”اڇا…“ شوڀا جواب ڏنو ۽ رسنا جي طرف نهاري مٿي کي لوڏايو.
    ”جي ها مان هن جو مڱيندو آهيان.“ وليم ورجايو.
    ”اڇا…“ شوڀا وري به پنهنجي خيالن ۾ گم هئي.
    ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻنهي ڌرين وٽ ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.
    پوءِ رسنا چوڻ لڳي: ”اچ ته اندر هلون.“
    شوڀا خيالن مان موٽي آئي ۽ چوڻ لڳي: ”ها ها اچو اندر هلو.“
    اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيندي ئي وليم چئني پاسي جائزو وٺڻ لڳو ته رسنا به چئني پاسي نهارڻ لڳي، ائين هن جي نگاهه دريءَ جي پاسي رکيل خالي صوفي تي پئي ته هن شوڀا کان پڇيو: ”لالي ڪاٿي آ؟“
    ”گهمڻ ويو آ…“
    ”گهمڻ؟“ رسنا جي آواز ۾ مايوسيءَ جو عنصر هو، ڇاڪاڻ ته هن شوڀا کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته هوءَ وليم کي لاليءَ سان ملائڻ چاهي ٿي، پر هن جي ان مايوسيءَ جي احساس ڏانهن شوڀا جو ٿورو به ڌيان نه ويو.
    رسنا وري چوڻ لڳي: ”گهمڻ ويو آ؟“
    ”ها…“ شوڀا چيو.
    ”اوه ..“ وليم به افسوس وچان چيو.
    اوچتو رسنا کي ڪجهه ياد اچي ويو ته هن جو چهرو خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳو، تڏهن ٿورو فخر واري انداز ۾ شوڀا کي چوڻ لڳي: ”وليم کي نوڪري ملي وئي آ، پهرين تاريخ کان هي هاڻي هڪڙي ڪلب ۾ ڪم ڪندو… آفيسر جو جاب آهي.“
    پر جڏهن وليم ڏٺو ته هن جي نوڪريءَ بابت خبر ٻڌندي به شوڀا تي ڪو اثر ڪونه ٿيو آهي ته هو ٿورو هيڻو ٿي چوڻ لڳو: ”ڳالهه دراصل هي آهي شوڀا ته رسنا کي سٺي نموني ٻڌائڻ نه ايندو آهي، مان اصل ۾ اتي هيڊ بيري جي طور تي ڪم ڪندس … مانٽيفورڊ ڪلب ۾… ڪم سٺو آهي ۽ رات جو ڏه پندرهن رپين جي ٽپ به ٿي ويندي آهي.“
    ”اڇا.“ شوڀا وري به بي ڌيانيءَ وچان چيو.
    ”پگهار به سٺي آهي.“ وليم وڌيڪ تشريح ڪرڻ لڳو، ”پر اصلي آمدني ٽپ ۾ آهي، اتي جا ماڻهو جڏهن تاش جي بازي کٽندا آهن ته ان رات ٽيهه چاليهه رپيا به ٽپ ٿي ويندي آهي.“
    ”اڇا…“ شوڀا ٿورو حيرت گاڏڙ لهجي ۾ چيو، پڇيو يا جواب ڏنو، ان جو خود هن کي به احساس ڪونه هو ته هوءَ ڇا پئي چوي، ڪنهن کي پئي چوي، ڇو پئي چوي، سندس ذهن آسمان، وقت، جاءِ، ماڻهو سڀ ڪنهن ٻوڏ ۾ لڙهندا پئي ويا، ڪابه شيءَ کيس يقيني ڪانه ٿي لڳي، هر طرف هڪ اڻ وڻندڙ خاموشي، جنهن ۾ هر شيءِ غائب ٿيندي پئي وئي… جنهن تي ڪنهن به ڪوبه احتجاج ڪونه ٿي ڪيو، ڪوئي به رنو ڪونه ٿي، ڪوبه رڙيو ڪونه ٿي، ائين لڙهندي، موت جي آخري دروازي تائين گدلي، ميٽوڙي ۽ خطرناڪ منزل تائين ڄڻ هرڪنهن جونصيب هجي، جنهن کي هر ڪنهن خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو هجي. ان گهري ڀنور واري ماٺ ۾ ڪنهن به ڪونه ٿي ڳالهايو، هرڪو لهرن تي چپ چاپ لڙهندو ٿي ويو، اوچتو رسنا هيج مان چيو: ”منهنجو مڱيندو ڪيئن آ…؟
    ”سٺو…“ شوڀا جوآواز مشڪل سان نڪتو.
    ”اسان ٻن ڪمرن جو هڪڙو فليٽ… بوري والي ۾ ڪرائي تي ورتو آ… ٻڌءِ … ۽ ٻن ٽن سالن ۾ جڏهن اسان ٻه پيسا جمع ڪري وٺنداسي ته باهرگام ۾ زمين خريد ڪنداسي، اتي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خيال آ… بامبي وڏو شهر آ… پر جيسين اسان کي ٻار ٿئي، تيسين باهرگام ۾ رهڻ بهتر آ…“
    ”اڇا…“ شوڀا چيو، رسنا کيس گم سم ڏسندي چيو:
    ”تو مون کي مبارڪ ڪانه ڏني؟“
    ”اوه مون کان وسري ويو،“ شوڀا ٻه ٽي ڀيرا پنهنجون اکيون ڇنڀيون ۽ ڀرون مٿي ڪري اکين کولڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، پوءِ منهن تي مرڪ آڻيندي وليم سان هٿ ملائيندي چيو: ”گڊ لڪ،“ پوءِ خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ لاءِ جيئن رسنا ڏانهن ڏٺائين ته الائي ته ڪيئن هن جي دل ڀرجي آئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها تري آيس ته رسنا سان ڀاڪر پائي ”گڊ لڪ رسنا“ چوندي روئي پئي.
    وليم حيران ٿيندي پڇيو: ”هيءَ روئي ڇو پئي؟“
    ”هي روئي ان ڪري ٿي جو هيءَ دل جي ڏاڍي سٺي آ…“
    وليم جي دل به شوڀا کي رئندي ڏسي ڀرجي آئي: ”ٿئنڪ يو…“ ٿئنڪ يو چئي هن به پنهنجي کيسي مان رومال ڪڍيو ۽ پنهنجا ڳوڙا اگهڻ لڳو، ايتري ۾ چندن ۽ چاچي کلڻي به ڊارڪ روم مان ٻاهر آيا. شوڀا ساڻن وليم جو تعارف ڪرايو ۽ اهو به ٻڌايو ته هي ٻئي فوٽو ڇڪرائڻ چاهين ٿا.
    چندن دريءَ جي پاسي نهاريندي چيو: ”اجهو هاڻي ٿا فوٽو ڇڪيون، ورنه اونداهي ٿي ويندي.“
    چندن رسنا ۽ وليم جي فوٽو ڇڪڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو، پوءِ هو ڪيميرا ٺيڪ ڪرڻ لڳو، شوڀا کي هن پوري منظر ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، هوءَ دريءَ جي پاسي هلي وئي، ۽ آسمان ڏانهن نهارڻ لڳي، آسمان کيس ميرو لڳو، ڄڻ مٿس تازي آيل ٻوڏ جي گدلي گپ جو تهه ڄمي ويو هجي، جنهن تي پري پري کان کيس لالي ۽ جهگو ويندي نظر اچي رهيا هجن، ۽ دور افق تائين هوءَ انهن جي پيرن جا نشان ڏسي سگهندي هجي، پهرين هو پوري قد سان پئي نظر آيا، پوءِ ڊينڊا ٿيندا ويا، ۽ ائين آهستي آهستي نقطي ۾ تبديل ٿي ويا، ۽ آخر ۾ اهو نقطو به گم ٿي ويو، رڳو قدمن جا نشان رهجي ويا، پر ٻوڏ جي ريلي، انهن قدمن جي نشانن کي به مٽائي ڇڏيو. شوڀا دريءَ جي چوکاٽ تي پنهنجو مٿو ٽيڪيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڳوڙها ڪنهن ٻوڏ وانگر سندس ٻوٽيل اکين مان وهندي، سندس ڳلن تان ڳڙي هيٺ پئي ڪريا… هن جي من ۾ مري وڃڻ جا خيال ٿي آيا، ’جيڪر هوءَ مري وڃي…‘
    (7)
    شوڀا چندن کان پڇيو: ”ڀاءُ ٻڌائجانءِ ته ٽائيم ڇا ٿيو آ؟“
    چندن چيو: ”پوڻا ڇهه ٿيا آهن.“
    ساڳئي ئي وقت، پوڻا ڇهه ئي ٿيا هئا ته انڌيري اسٽيشن تان لهي، جهگي سڀ کان اڳ ۾ لوڪل ٽرين تي نظر وڌي: هاڻي تڪڙو هلي پوڻ گهرجي.“
    هو ٻئي ڄڻا ريلوي واري پل ٽپي، وڏي دروازي کان ٻاهر نڪري، بهه جون ڳوڻيون ۽ انب وڪڻڻ وارن ۽ ريڊي ميڊ ڪپڙا وڪڻڻ وارن جي قطار وٽان گذرندي، اشوڪ سينيما واري سڻڪ ٽپي، انڊو برج جي اڳيان، ريلوي لائين جي پاسي کان هلڻ لڳا، ان جاءِ تي ريلوي پٽڙي دمدمي تي مٿانهين ٿيندي ٿي وئي، ۽ هيٺان هڪ چارو چمڙي جي فيڪٽريءَ جي پاسي پئي ويو، جنهن کي فيڪٽريءَ جا مزدور ويجهي مفاصلي جي ڪري استعمال ڪندا هئا.
    هلندي هلندي هو ٻئي هڪ سنسان هنڌ تي پهتا، ان جاءِ تي اهو چارو به گهڻو هيٺ هو ۽ ريل جي پٽڙيءَ تائين رسڻ لاءِ هڪ ٻيو چارو هو جنهن تي ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ لڳل هئي، مٿي جتي ڏاڪڻ ختم پئي ٿي، اتي ريلوي سگنل جو ٿنڀو لڳل هو ۽ ان جي ساڄي کاٻي به ڪجهه ٿنڀا لڳل هئا، پڇاڙيءَ واري حصي کان ٿورو پري، ان چاري جي کان ڪجهه فاصلي تي هڪ ڊگهي لاهي هئي، جنهن ۾ پاڻي ڀريل هو ۽ ان جي پريان پٽڙين جي ڊگهي قطار … ۽ انهن ۾ لڪل گهرن جون ڇتيون، ڪٿان ڪٿان ڪي ڇتيون گهاٽن پنن ۽ ٽارين جي وچ مان نظر به آيون پئي.
    جهگو ۽ لالي جڏهن ريل جي ٻاهرين سگنل واري ان ٿنڀي تائين اچي پهتا ته جهگي ڪاٺيءَ جي ان ڏاڪڻ کي ڏسي پنهنجي وک روڪي ورتي ۽ لاليءَ کي چيو:
    ”اچ ته هن ڏاڪڻ تان هيٺ رستي تي لهي هلون.“
    پر لالي اڃان تائين ان گاڏيءَ ڏانهن نهاري رهيو هو، جيڪا هاڻي هاڻي اتان گذري رهي هئي، هن جي ڪنن ۾ اڃان تائين فرنٽيئر ميل جي جوشيلي ۽ ڌاڙ گهوڙا ڪندڙ انجڻ جو آواز هو، هن جهگي جي جملي کي اڻ ٻڌو ڪندي چيو: ”اگر تون هن وقت پنهنجو ڪن ريل جي پٽڙيءَ سان لڳائين ته تون هن گاڏيءَ جي ڌم ڌم ڌڙ ڌڙ کي گهڻي دير تائين ٻڌي سگهي ٿو.“
    جهگي لاپرواهيءَ وچان لاليءَ کي چيو: ”هائو، مون کي معلوم آ…“
    پر لاليءَ جي اکين ۾ اڃان تائين اها ئي، ڪٿي دور تائين نهاريندڙ نگاه هئي! هن نهايت حسرت وارين نظرن سان غائب ٿيندڙ ريل گاڏيءَ جي طرف ڏسندي چيو:
    ”توکي خبر آهي ته هيءَ گاڏي ، جا هاڻي هتان لنگهي آ… ڪيستائين ويندي آ؟“
    ”ڪيستائين…؟“ جهگو جيڪو اڃان تائين بمبئي کان ٻاهر ويو ئي ڪونه هو، هتي ئي ڄائو هو، هتي ئي پليو، وڏو ٿيو، هتي ئي ڪيترا ڀيرا سزا ڪاٽي هئائين، هتي مرڻو هوس، ۽ ڪڏهن بمبئي کان ٻاهر وڃڻ جي خواهش به ڪانه ڪئي هئائين، ان ڪري جهگو مسلسل ساڳي لاپرواهي ۽ ڦُر ڪرڻ واري دلچسپيءَ سان واڳيل هو، ۽ جواب به ان خيال ۾ محو هجڻ جي ڪري ڏنائين.
    ”ڪيستائين!” لاليءَ پڇيس.
    ”دلي تائين”“
    ”اڳتي نه؟“
    جهگو ڏاڪڻ تان لهي هيٺ رستي تي وڃي رسيو، پر لالي اڃان تائين مٿي پٽڙيءَ جي مٿانهين تي، سگنل جي ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو هو، جهگي هيٺ لهي، لاليءَ ڏانهن مٿي نهاريندي چيو:
    ”ڇهه وڄندا هوندا، هاڻي تون به هيٺ لهي آءُ…“
    ”گهٻراءِ نه،“ لاليءَ چيو، ”مان ڪاڏي ڀڄڻ جي تيار ڪونه پيو ڪيان.“
    جهگي پنهنجي دلي بيچينيءَ واري ڪيفيت کي لڪائيندي چيو:
    ”پر ڀڄندين ته ڇا ملندءِ؟ ٿوري دير ۾ هري داس خزانچي ايندو هوندو، ٽيهه هزار کنيو…پوءِ تون هن سان صفا مٺي لهجي ۾ ڳالهائجانءِ،“
    لالي نقل ڪندي چوڻ لڳو: ”ڪاڪا، ٿورو ٻڌائجانءِ ته تنهنجي گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڇا ٿيو آ؟“
    ”۽ پوءِ هو توکي پنهنجي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل گهڙيءَ ۾ نهاري، ٽائيم ڏسندو.“
    ”ٿي سگهي ٿو ته هو اڄ نه اچي،“ لالي چوڻ لڳو، ڄڻ اهو سندس دل جو آواز هجي، يا هن چاهيو پئي ته جيڪر هري داس اڄ نه اچي.
    جهگي مٿو ڌوڻي وڏي پڪ واري انداز ۾ چيو: ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، اڄ ڏهين تاريخ آ…اڄ هن کي ساڍي ڇهين وڳي کان اڳ ۾ پگهار ورهائڻي آ… لالي صاحب هاڻي هيٺ لهي اچ … اتي ڇا پيو ڏسين؟“
    لالي وري به حسرت وچان چوڻ لڳو: ”ڏسان پيو ته ريل جي پٽڙي هلندي ٿي وڃي، هلندي ٿي وڃي، جيستائين نظر ڪم ٿي ڪري..!“
    جهگي بيزاريءَ سان چيو: ”ان کي ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ چئني پاسي نهاري وري چوڻ لڳو،
    ”ڪڏهن جڏهن ٿڌي ٿڌي گاڏي ان تان گذرندي آ…. ۽ نيرن نيرن شيشن جي اندران ويٺل ماڻهو… ڏاڍا عمدا ڪپڙا پاتل…“ جهگي ڳالهايو.
    ”اخبار پڙهندي…“
    ”سگار ڇڪيندي..“
    ”۽ سهڻيون عورتون…“ لاليءَ جي اکين تي پيار جو ڇَوَڙ چڙهڻ لڳو، ”ريشمي ساڙهيون پاتل، گلن سان سجايل چوٽين کي پنهنجي ڪومل آڱرين سان ٺيڪ ڪندي…“
    جهگي پڇيس: ”هو اچي پيو ڇا؟“
    لاليءَ پري پري تائين نظرون ڊوڙايون: ”اڃان تائين ته نظر ڪونه ٿو اچي…“ ائين چئي هو ڏاڪڻ تان هيٺ رستي ڏانهن لهي ويو، ۽ جهگي کان پڇڻ لڳو،”ڇا تو ڪڏهن تارن ۽ ٿنڀن جو آواز ٻڌو آ؟“
    ”هائو…“ جهگي چيو، ”جڏهن هوا گهلندي آ ته سون سون جو آواز ايندو آ.“
    ”اون هون…“ لاليءَ ڪنڌ سان انڪاري انداز ڪندي چيو، ”جڏهن هوا نه گهلندي آ… تڏهن به تون انهن تارن جو آواز ٻڌي سگهي ٿو، ماڻهو انهن تارن تي ڳالهائيندا آهن.“
    ”اهي وري ڪير ڳالهائيندا آهن.“ جهگي پڇيو.
    ”امير ماڻهو.“ لاليءَ چيو.
    ”ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن؟“
    ”بس ڳالهيون ئي ڪندا آهن…“ لاليءَ هلڪي آواز ۾ چيو، ڇاڪاڻ ته هن کي به خبر ڪانه هئي، هن جي به ساري ڄمار انهن ماڻهن ۾ گذري هئي، جن ۾ ڪو به امير ڪونه هو، ”هِتان هو ڳالهائيندا آهن، هُتان ٻيا ماڻهو انهن کي جواب ڏيندا آهن، تارون گونجنديون آهن… دم دم دم دم.“
    ”اهي دم دم ڇو ڪنديون آهن؟“ جهگي پڇيس.
    ”اهي چوندا آهن، دام دام يعني پيسا پيسا، تون ڪن لڳائي ٻڌ…“
    ”ڇا جي لاءِ؟“
    ”انهن جي پوري ڳالهه ٻڌڻ لاءِ.“ لاليءَ چيس.
    ”تون ته صفا ڪو چريو آن.“
    جهگو زور سان ٽهڪ ڏئي کليو، ”توکي هڪڙي ئي بيماري آ… پيسن واري… گهٻراءِ نه… جلد ئي اسان وٽ پيسا هوندا، ڍڳ پيسن جو.“
    لالي به کلي چوڻ لڳو: ”مان چوندس، ڪاڪا! ٿورو ٻڌائجانءِ ته اوهان جي گهڙيءَ ۾ ڇا وقت ٿيو آ…؟
    جهگو انتظار واري ڪيفيت ۾ ٽهلڻ لڳو: ”بدبخت اڃان تائين نه آيو آ…“ وري ٽهلندي ٽهلندي بيهي، لالي کان پڇڻ لڳو: ”تو وٽ تاش آهي؟“
    لالي جرسيءَ مان تاش ڪڍي.
    ”پيسا به اٿي؟“ جهگي پڇيس.
    ”يارهن آنا آهن…“ لاليءَ ٻڌايس.
    جهگو ڪاٺيءَ واري ڏاڪڻ جي هڪ ڏاڪي تي ئي ويهي رهيو، ته جيئن هري داس کي پري کان ئي ايندي ڏسي سگهن. لالي کاٻي ڪنڊ تي ٿي ويٺو، وچ واري ڏاڪي جي تختي کي انهن پتن اڇلڻ لاءِ صاف ڪيو، جهگي تاش ٺپيندي چيو: ”چڱو ته ڪڍ يارهن آنا، يارهن آنا ئي سهي، داءُ لڳائڻ کانسواءِ تاش جو ڪهڙو مزو!“
    ”ته شروع ڪر!“ لالي چوڻ لڳو.
    جهگي وڏي مهارت سان پتا ٺپيا، پوءِ ٻئي فليش کيڏڻ لڳا. پهرين ئي بازيءَ ۾ جهگو کٽي ويو، يارهن آنا کڻي هن پنهنجي کيسي ۾ وڌا.
    لاليءَ چيو: ”اڳتي هل!“
    ”اڳتي ڪاڏي هلان؟“ جهگي لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي چيو، ”ٻيا پيسا آهن ڇا تو وٽ؟“
    ”نه… ٻيا ته ڪونهن!“
    ”ته پوءِ سمجهه ته کيل ختم.“ جهگي تاش جا پتا گڏ ڪري سامهون رکي ڇڏيا، ”ها البت تون ڪنهن ٻئي طريقي سان کيڏڻ چاهين ته…“
    ”ڪهڙي طريقي سان؟“ لاليءَ پڇيس.
    ”قرض کڻي..“
    ”مون تي اعتبار ڪندين؟“
    ”نه…!“ جهگي چيو، ”پر بعد ۾ تنهنجي پيسن مان ڪاٽي وٺندس.“
    ”ڪهڙن پيسن مان؟“ لاليءَ کي سمجهه ۾ نه آيو.
    ”جيڪي سورهن هزار توکي ملندا، انهن مان…“ جهگي جواب ۾ چيو.
    لالي ڇرڪي ويو، هڪدم هن جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو، هن سامهون واري رستي تي نظر ڊوڙائي، ’ڪٿي خزانچي ته نه پيو اچي،‘ پوءِ جڏهن ڏٺائين ته ڪوئي ڪونه ٿو اچي ته آهستگيءَ سان چوڻ لڳو: ”ها ٺيڪ آ، ته شروع ڪر.“
    جهگي چيو: ”خزانچي ٽيهه هزار رپيا آڻيندو، ان ۾ منهنجو حصو سورهن هزار هوندو، تنهنجو به حصو اوترو ئي ٿيندو، ته هاڻي پنهنجي ان حصي منجهان مان اٺ هزار رپيا داءَ تي ٿو لڳايان، تون به اٺ هزار لڳاءِ…“
    ”ٺيڪ آ…“
    ”جنهن جي قسمت ۾ هوندو، ان کي زياده مال ملندو.“
    ”ته شروع ڪر…“
    جهگو وري پتن کي اٽڪل سان ٺپي، ورهائڻ لڳو، ٻنهي پنهنجي پنهنجي پتن جي حساب سان داءُ لڳائڻ شروع ڪيو، پر راند جي دوران اها ڳالهه صاف ٿي وئي هئي ته لالي صفا اناڙي هو، ۽ جهگو وڏو چالاڪ ۽ بي ايمان هو، هو فليش جو وڏو ماهر رانديگر هو، جيڪو پتن کي وڏي صفائيءَ سان اڳيان پويان ڪري ٿي سگهيو ۽ لالي ان کي پڪڙي به ڪونه ٿي سگهيو. پر جيئن جيئن لالي هارائيندو ويو، هن جو شڪ به وڌندو پئي ويو ته ضرور جهگو پتن ۾ هيرا ڦيري ڪري رهيو آهي. ان پريشانيءَ، تيسي ۽ ڳڻتيءَ ۾ لالي، اناڙين وانگر بلائينڊ تي بلائينڊ پئي کيڏيو، ۽ بازي هارائيندو ٿي ويو. آخري داءُ به جهگي کٽي ورتو ۽ ٽئي پتا لاليءَکي ڏيکاري، هڪدم انهن کي تاش ۾ ملائڻ لڳو، جنهن تي لاليءَ کي غصو اچي ويو، هن سندس هٿ پڪڙي ورتو ۽ زوردار آواز ۾ چوڻ لڳو: ”تون پتا ٿو لڳائين، بي ايمان.“
    جهگي چيو: ”ڪير مان؟“
    اڃان هو ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته هن کي هري داس ايندي نظر اچي ويو، هن آهستگيءَ سان لالي کي چيو: شششش….“ ۽ هري داس جي طرف اشارو ڪيو.
    لاليءَ جهگي جو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ بيوقوفن وانگر اٿي بيٺو، جهگو هڪدم ڏاڪڻ تان اٿيو ۽ خزانچيءَ جو رستو مٽي، ان جي پويان ٿي ويو. لالي اڃان تائين ڪنهن احمق وانگر وات پٽيو بيٺو هو. خزانچيءَ جي پويان جڏهن جهگي کيس اشارو ڪيو ته هو هوش ۾ آيو ۽ هن ڏڪندڙ لهجي دوران پنهنجي چپن تي زبان ڦيرائيندي خزانچيءَ کي چيو:
    ”ڪاڪا صاحب ٽائيم ڇا ٿيو آ تنهنجي گهڙيءَ ۾؟“
    لالي چوندي گهٻرائجي ويو، هن کي ٿوري به خبر ڪانه هئي ته هو ڇا ڪري رهيو هو، هن جي پڇندي ئي جهگي پنهنجو چاقو ڪڍيو ۽ مارڻ لاءِ هري داس تي الر ڪيائين، پر خزانچيءَ وڏي ڦڙتيءَ سان مڙي جهگي جو اهو هٿ جنهن ۾ چاقو جهليل هو، هڪدم پڪڙي ورتو ۽ اهڙي ته زور سان دٻايو جو جهگي جي رڙ نڪري وئي ۽ هيٺ ڪري پيو، پر هري داس هن جو هٿ نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو ڪسرتي بدن وارو سگهارو شخص هو، هري داس هڪدم پنهنجي ٻئي هٿ سان پنهنجو پستول ڪڍيو ۽ ان جي نالي، لاليءَ جي سيني تي رکي ورتي… ۽ پوءِ گهڙي ڏسي طنز ڪندي چوڻ لڳو:
    ”تو ٽائيم پڇيو هو نه منهنجا ادا… سو ٽائيم ٿيو آهي ڇهه وڄي پنجويهه منٽ.“
    ايترو چئي هن هڪ ڀيرو لاليءَ ڏانهن نهاريو، جنهن جو سينو هن جي روالور جي سامهون هو، هن جو ٻيو يار جهگو، هيٺ ڪريو پيو هو، جنهن جي ٻانهن ۾ هن جو هٿ وڏي مضبوطيءَ سان پيل هو، هري داس هوريان هوريان مرڪندي چوڻ لڳو:
    ”ڀڳوان اڄ ته ڪا وڏي ڪرپا ڪئي جو مون اهو ئي هٿ پڪڙي ورتو، جنهن ۾ چاقو جهليل هو… نه ته الائي…“ ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو، ”هاڻي آرام سان اتي ئي بيٺا هجو، ورنه هي ريوالور ڏسو ٿا نه، هن ۾ ڇهه گوليون آهن… توهان ٻنهي لاءِ صرف ٻه ڪافي آهن.“
    جهگو عاجزي ڪندي چوڻ لڳو: ”مون کي ڇڏي ڏي مهراج، مون ته ڪجهه به نه ڪيو آ…“
    هري داس زور سان کلڻ لڳو: ”ها ها ها ۽ ها ٻيو ڇاهي توهان جي هٿن ۾؟“ هن جهگي جي هٿ کي مروڙي، سندس هٿ ۾ جهليل چاقوءَ ڏي اشارو ڪندي چيو،”ڇا توهان اهو ٿي سمجهيو ته منهنجي بيگ ۾ انب هوندا جيڪي توهان ڪاٽي کائي ڇڏيندا…. معاف ڪجو اوهان جي لاءِ مان پنهنجي بيگ ۾ ڪي ڦل فروٽ نه آندا آهن.“
    هاڻي لاليءَ ڳالهايو: ”پر مان! مان ته ….“
    ”هائو ٻچا!” هري داس هن جو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ زهر ۾ ٻڏل لهجي ۾ چيو، ”تو ته رڳو ٽائيم پڇيو هو، رڳو ٽائيم…. اهو ته مان توکي ٻڌايان ٿو، هاڻي ڇهه وڄي ستاويهه منٽ ٿيا آهن.“
    جهگي زمين تي ليٿڙڻ واري انداز سان ڦٿڪندي چيو: ”اسان کي معاف ڪر، سرڪار… اسان ڪجهه به نه ڪيو آ…“
    ”مان سرڪار ناهيان ڀاءُ… مان ته هڪ غريب پگهاردار ۽ خزانچي آهيان، سرڪار جي اڳيان ته هاڻي توهان کي وڃڻو پوندو، جتي ايترو جلدي توهان جي جان آزاد نه ٿيندي، مان جيڪڏهن هوشياري نه وٺان ها ته تنهنجو چاقون هن مهل تائين منهنجي پاسراٽين ۾ کپيل هجي ها، دل جي ٻسٽ… نه؟“
    لاليءَ سڪل چپن مان ڦڪو ڦڪو جملو ڪڍندي چيو: ”پر مان ته ڪجهه به نه ڪيو آ، مان ته بلڪل بي قصور آن…“
    هري داس هڪ ٻيو ٽهڪ ڏنو، چوڻ لڳو: ”پويان مڙي ڏس… گهٻراءِ نه، ها ها! ٿورو پوئتي ته نهار ڪر نه… پر ڏس ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪجو، ورنه هي گولي توهان کي اتي ئي ليٽائي ڇڏيندي… نهار ته ڪير ٿو اچي… او هوڏانهن.“
    لاليءَ منهن ڦيرائي ڏٺو ته هڪدم ڊپ ويڙهجي ويس ۽ اکيون ڦاڙي جهگي ڏانهن ڏسڻ لڳو: ”پوليس…“


    قسط 9

    جهگي پاڻ ڇڏائي ترڪڻ جي ڪوشش ڪئي…
    هري داس وڏي آواز سان کيس دڙڪو ڏيندي چيو: ”بس چپ ڪري پيو هج…“ وري لاليءَ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو، ”پوليس جا ڪيترا سپاهي ٿا توکي نظر اچن…؟“
    ”ٻه ٻه…“ لالي گهٻراهٽ وچان چيو، شرم کان هن جون نظرون جهڪي ويون، چهرو وري ڳاڙهو ٿي ويس.
    ”ڏسي ورتهءِ…“ هري داس پڇيس، ”هاڻي ڪيئن بچندءُ پٽ…“ وري کلي چوڻ لڳو، ”اهڙا احمق مون ڪڏهن نه ڏٺا آهن، ڏسو ته اتفاق سان ريوالور به مان اڄ ئي کنيو هو، پر جي نه به کڻان ها تڏهن به مان توهان جهڙن چئن غنڊن تي ڀاري آهيان.“ هن غصي وچان جهگي کي ٿڏو هنيو، جهگو ڦٿڪڻ ۽ نانگ وانگر وڪڙ کائڻ لڳو، هري داس ڳالهائيندو رهيو، ”توهان ايترو به نه سوچيو ته مان ڪاٿئون پيو اچان، رپين جي لالچ ۾ توهان ڪيئن نه انڌا ٿي ويهءُ… جو اهو به نه ڏٺوَ ته مان فيڪٽريءَ ڏانهن نه پيو وڃان، پر فيڪٽريءَ کان موٽيو آهيان.“
    لاليءَ جو چهرو لهي ويو، هن زبان ڏندن تي رکي افسوس جو اظهار ڪيو.
    هري داس اطمينان سان چوڻ لڳو: ”هاڻي کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ منهنجي بيگ ۾ ٽيهه هزار رپيا برابر هيا، پر هن وقت هڪ آڌيلو به ناهي، ڇاڪاڻ ته پگهار مان ورهائي آيو آهيان … ورهائڻ نه پيو وڃان…“
    جهگي جو لچڪيدار بدن وڪڙ کائي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هري داس کان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هري داس جا ٻئي هٿ مصروف هئا، ان ڪري هن رڙ ڪري ايندڙ سپاهين کي چيو: ”اڙي بابا جلدي اچو، هي جان ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪوشش پيا ڪن.“
    اوچتو جهگي وڪڙ کائي، زور لڳائي پنهنجي ٻانهن هن کان ڇڏائي ورتي، ۽ پيرن تي زور رکيائين ۽ جيئن ئي هري داس پستول جي ناليءَ جو رخ جهگي جي طرف ڪيو، لالي موقعي جو فائدو ورتو، ۽ جان ڇڏائي ڀڄڻ جي نيت سان ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ريل جي پٽڙي پار ڪرڻ لڳو.
    ٻئي شڪار هٿان نڪرندي ڏسي هري داس، جهگي جو خيال ڇڏي، لاليءَ ڏي رخ رکيو، ان ڪري جهگي کي ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو، پر هري داس رڙ ڪري کيس چيو: ”بيهه چوانءِ ٿو، بيهه…. ورنه گولي هڻندوسانءِ…“
    پر جهگو جان ڇڏائي ٻوڙن ۾ گم ٿي چڪو هو. هري داس سپاهين کي وري رڙ ڪري چيو:
    ”صاحبو! جلدي اچو، اڙي جلدي ڪريو، ورنه هي ٻيو به هٿن مان نڪري ويندو،“
    ائين چوندي هن لاليءَ جي پاسي پستول تاڻيندي چيو: ”اڙي چوانءِ ٿو بيهي رهه، ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪر، ورنه پستول هلائي ڇڏيندوسانءِ…“
    ايتري ۾ هري داس جو آواز ٻڌي هڪڙو سپاهي به اچي وٽس پهتو، هن کي ايندو ڏسي هري داس جي جان ۾ ساه پيو، ڇاڪاڻ ته پوليس کانسواءِ هن پستول هلائڻ نه ٿي چاهيو، سپاهيءَ جي پهچڻ کانپوءِ هن مضبوطيءَ سان پستول جو رخ لاليءَ جي طرف ڪيو، جيڪو هاڻي ڏاڪڻ تي چڙهي، مٿي ريل جي سگنل واري ٿنڀي تائين پهچي ويو هو، سپاهيءَ رڙ ڪري چيس:
    ”بيهي رهه، ڀڄ نه، نه ته مارجي ويندين!“
    هري داس رڙ ڪئي: ”منهنجا ڀاءُ هاڻي ٽائيم ٻڌايانءِ… اچ ست سال… پورا ست سال جيل ۾…“
    لالي سگنل جي ٿنڀي جي پوئين پاسي بيٺو هو، هيٺ چاري تي بيٺل انهن ٻنهي شخصن کان مٿي پئي نظر آيو. ڊگهو به صفا ديو جيڏو، وڏائيءَ کان هن جي گردن به آڪڙجي وئي، ناسون به ڦونڊجي ويس ۽ نفرت سبب ڦڙڪڻ لڳس… هن مڙي هري داس جي طرف حقارت مان نهاريو ۽ چيو:
    ”توهان لاليءَ کي نه ٿا پڪڙي سگهو، ڪڏهن به نه ٿا پڪڙي سگهو…“ چوندي اکيون مٿي ڪري هڪ پل لاءِ هن آسمان ڏانهن نهاري چيو، ”لالي ڪڏهن به جيل نه ٿو وڃي سگهي.“
    ائين چئي هن جرسيءَ ۾ هٿ وجهي ڇري ڪڍي ۽ هڪ عجيب دٻيل رڙ ڪئي: ”شوڀا…“
    ٻئي لمحي هن اها ڇري پنهنجي سيني ۾ هڻي ڇڏي… هري داس جي هٿن مان ريوالور ڪري پيو، سپاهي دهلجي ويو. ڪجهه پل ته سگنل جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو رهيو، پوءِ ٿاٻڙجڻ لڳو، پوءِ کنوڻ جي طاقت سان ڪرندڙ وڻ جيان اچي پٽ تي پيو ۽ ڏاڪڻ تان لڙهندي اچي هري داس جي پيرن ۾ ڪريو.
    تيسيتائين ٻيو سپاهي به سهڪندي اچي پهتو. هو ٿلهو متارو هو، ان ڪري هن کي پهچڻ ۾ دير ٿي وئي هئي، هري داس کي خوف ٿيڻ لڳو، ۽ ٻئي سپاهيءَ کي مخاطب ٿيندي چيائين:
    ””ڇرو هڻي ڪڍيائين…“
    ”سيني ۾..“ پهرين سپاهيءَ چيو.
    ”مان فيڪٽريءَ ڏي ٽيليفون ٿو ڪريان.“ هري داس ريوالور کڻندي چيو ۽ پستول ڪوٽ جي کيسي ۾ رکي حيرت واري انداز ۾ مٿو ڌوڻيندي، فيڪٽريءَ جي پاسي وڃڻ لڳو.
    ٻئي سنتريءَ جهڪي، لاليءَ جي نبض ڏٺي، پوءِ اکيون کڻي پهرين سپاهيءَ کي چوڻ لڳو: ”اڃان جيئرو آهي، ساه هليس ٿو، فيڪٽريءَ ۾ شايد ڊاڪٽر هجي… ان کي به هت آڻڻو پوندو، مان ڊوڙي وڃي خزانچيءَ کي ٿو چوان … تون تيستائين اهي ٻئي سائيڪلون هيڏي کڻي آءُ…“
    ٻيو سپاهي، خزانچيءَ جي پويان ڀڳو، پهريون سپاهي گندي نالي جي ڀرسان، جتي هن پنهنجي سائيڪل بيهاري هئي، کڻڻ ويو. لالي اڪيلو زمين تي ليٽيو پيو هو، هن جي خون سان مٽي ڳاڙهي ٿيڻ لڳي هئي.
    ٿوري دير کانپوءِ پهريون سپاهي، ٻئي سائيڪلون کڻي موٽيو ۽ ايندي ئي ٻئي سائيڪلون لاليءَ جي ڀر ۾ زمين تي ليٽائي ڇڏيائين. اوچتو سگنل جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ لڳي، ايتري ۾ ٻيو سپاهي به اچي پهتو، ٻئي ڄڻا ڏاڪڻ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ويهي رهيا ۽ ڊاڪٽر جو انتظار ڪرڻ لڳا.
    ”هئه بابو…“ پهرين سپاهيءَ ٻئي کي آواز ڏنو.
    ”ڇا هئه؟“ ٻيو سپاهي جيڪو پهرين سپاهيءَ کان وڌيڪ هوشيار ، پراڻو ۽ تجربيڪار ٿي لڳو، پهرين سپاهيءَ ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”هن جي سيني مان ڇرو ڪڍي وٺان؟“
    ”نه… مري ويندو … هڪدم مري ويندو…ايترو خون وهي ويندس جو دير ئي نه ڪندو، ڇرو سيني ۾ ئي پيل هجيس.“
    پهرين سپاهيءَ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پوءِ پنهنجي اگهاڙي ڪنڌ تي زور سان چپاٽ هڻندي بيزاريءَ مان چيو: ”هتي ته ڏاڍا مڇر هئه.“
    ”هائو، مڇر ته آهن،“ ٻيو سپاهي چوڻ لڳو، ”گندو نالو جو ٿو وهي…“
    پهريون سپاهي ٿوري دير خاموش رهيو، وري چوڻ لڳو: ”ممد ڀائي؟“
    ”هو..؟“
    ”ٻيڙين هئه؟“
    پهرين سپاهيءَ کيسي کي ڦلهورڻ شرع ڪيو، آخرڪار ٻيڙين جو هڪ بنڊل ڪڍيائين، ان مان هڪ ٻيڙي پنهنجي وات ۾ ڦاسائي، ٻي ٻيڙي پهرين سپاهيءَ ڏانهن وڌايائين. ٻئي سپاهيءَ کيسي مان ماچيس ڪڍيو، جنهن مان تيلي ڪڍي پهرين سپاهيءَ جي ٻيڙي دکائي… ۽ سوٽو هڻي، دونهون وات مان ڪڍندي چوڻ لڳو:
    ”سرڪار اسان جي پگهار ته وڌائي آهي، پر مهانگائي اڳي کان به ٻيڻي ٿي وئي آهي، زنده ڪيئن رهنداسي…“ هن ماچيس جي تيليءَ کي ٺونگي سان پري اڇلايو، ٻرندڙ ماچيس جي تيلي، لاليءَ جي وارن ۾ وڃي ڪري، پر اها اتي ئي وسامي وئي.
    پهرين سپاهيءَ ڊگهو ساه کڻي، اداسيءَ وچان چيو: ”زندگي ڪارنيوال وانگر آهي منهنجا ڀاءُ…. ان ۾ وڃڻ وارا هڪ نه هڪ ڏينهن هارائي ئي ويندا آهن… هرڪو… کٽڻ وارو به هارائڻ وارو به… ٽڪيٽ وڪڻڻ وارو به، ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارو به، پڇاڙيءَ ۾ هر ڪو هارائي ويهندو آهي، چند منٽن جي خوشي، چند منٽن جون روشنيون… کن پل لاءِ ماڻهو جهولي تي چڙهي مٿي ويندو آهي… پوءِ وري هيٺ ايندو آهي … اتي ئي… جتان هو هليو هو… سمجهيهءِ منهنجا ڀاءُ…؟“
    ”هائو.“
    ”ڇا سمجهيهءِ؟“
    ”اهو ئي ته پيٽ ڪاٽي زنده رهو… وقت کان اڳ ۾ پوڙها ٿيو ۽ مري وڃو… بس اها ئي زندگي آهي…“
    ”ها اها ئي زندگي آهي…“
    ”هائو! بلڪل اها ئي….“
    ٻئي خاموش ٿي ويا ۽ ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻڻ لڳا… پري کان ڪٿان ريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي…. ۽ مٿي پل تي سگنل جي ٿنڀي مان ٽرن ٽرن جو آواز اچڻ لڳو.
    (8)
    چندن ڪنڌ جهڪائي، اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيو، هن منهن مٿي ڪرڻ کانسواءِ ئي، فرش کي ڏسندي چيو: ”هن کي کنيو ٿا اچن…“
    ڪنهن به ڪوبه جواب نه ڏنو… ته هن پاڻ ئي چيو: ”فيڪٽريءَ جا ٻه ماڻهو اسٽريچر تي هيڏانهن کنيو پيا اچن.“
    اسٽوڊيو جي هال مان، فرنيچر ۽ سامان ڪڍي خالي ڪيو ويو هو، ڪيميرا ٽرالي ۽ رنگين پردا، پوئتي هٽائي، ديوار سان لڳايا ويا هئا، اسٽول ۽ بينچ به ٻي ديوار جي پاسي رکيل هئي،هڪ ڪنڊ ۾ کٽ وڇايل هئي، جنهن جي ويجهو شوڀا بيٺي هئي… وليم ۽ رسنا کي خبر پئجي چڪي هئي، اهي ٻئي به سر جهڪائي ڀت سان لڳل ڪاٺيءَ جي بينچ تي ويٺا هئا، انهن جي ڀر ۾ چاچي کلڻي به بيٺي هئي. شوڀا جون نگاهون صرف دروازي تي اٽڪيل هيون، چاچي کلڻيءَ پنهنجي پٽ چندن کان پڇيو:
    ”۽ ڊاڪٽر جو ڇا ٿيو؟“
    چندن چوڻ لڳو: ”فيڪٽريءَ جو ڊاڪٽر ڪنهن ٻئي ڪيس کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر ويل هو، ان کي ٽيليفون ڪري ڇڏي آهي، اهو به ايندو هوندو!“
    رسنا چوڻ لڳي: ”اگر ڊاڪٽر وقت تي پهچي ويو ته شايد هو بچي ويندو.“
    ”سيني جو گهاءُ اٿس… گهڻو گهرو اٿس…“ چندن سوچي چيو، ”پر هو اڃان ساه کڻي ٿو، پهريائين ته هو بيهوش هو، پر جڏهن اسٽرچر تي ليٽايائونس ته ٿورو ٿورو هوش ۾ اچڻ لڳو.“
    وليم چوڻ لڳو: ”چورڻ پورڻ جي ڪري هوش ۾ آيو هوندو.“
    چندن دروازي ڏانهن ڏسندي چيو: ”اهي اچن پيا…“
    رسنا چوڻ لڳي: ”جڳهه ڪيو.“
    فيڪٽريءَ جا ٻه مزدور، لاليءَ کي اسٽريچر تي کنيو اندر آيا، وليم ۽ رسنا بينچ تان اٿي بيٺا، شوڀا خاموشيءَ سان مزدورن کي اڳتي کٽ ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڪيو، انهن ٻنهي مزدورن وڏي احتياط سان اسٽريچر کي کٽ جي مٿان رکيو ۽ ِ ڪجهه وقفي کانپوءِ پوئتي هٽي انهن سان وڃي بيٺا، جتي رسنا، وليم، چاچي کلڻي ۽ چندن بيٺا هئا. رڳو شوڀا کٽولي جي ڀرسان بيٺي هئي، هن جون نگاهون ڄڻ کٽ سان چنبڙي پيون هيون، ڪنهن به ريت هٽڻ جو ارادو ئي ڪونه ٿي ڪيائون، ايتري ۾ محمد ڀائي سپاهي اندر آيو ۽ شوڀا ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو، چوڻ لڳو:
    ”تون آن هن جي عورت؟“
    شوڀا آهستگيءَ سان ڪنڌ ڌوڻيو.
    محمد ڀائي نهايت نرميءَ سان چوڻ لڳو: ”فيڪٽريءَ جو ڊاڪٽر اڃان ڪونه آيو هو، ان ڪري ڪمپائونڊر هن جي پٽي ڪري ڇڏي آهي، پر هن کي چرڻ پرڻ نه ڏجو، نه ته خطرو وڌي ويندو.“
    شوڀا ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
    محمد ڀائيءَ وري ڏانهنس ڏٺو ۽ پريشانيءَ وچان پنهنجو مٿو کنهڻ لڳو، آهستگيءَ سان چوڻ لڳو:
    ”ڊاڪٽر ايندو هوندو، جيسين هن کي ائين پيل رهڻ ڏيو.“ ائين چئي هو پوئين پير موٽي ويو، وري دروازي وٽ پهچي، مڙيو ڪجهه چوڻ لاءِ، پر جلد ئي ٻاهر هليو ويو. وليم، رسنا، چندن ۽ چاچي دروازي وٽ گڏ بيٺا هئا، تن به ٿورو هٽي سپاهيءَ کي رستو ڏنو ته سپاهي ٻاهر هليو ويو.
    ٿوري دير نهايت ڏکاري خاموشي ڇانيل هئي، پوءِ وليم کي خيال آيو ته هن آهستگيءَ سان رسنا کي ٺونٺ هڻندي چيو: ”اسان کي به هن وقت ٻاهر هليو وڃڻ گهرجي، منهنجو خيال آهي ته ائين ٺيڪ رهندو.“
    رسنا اڳتي وڌي شوڀا وٽ آئي، چوڻ لڳي: ”شوڀا تنهنجو ڇا خيال آ؟“
    شوڀا ڪجهه به نه ڪڇيو.
    ”شوڀا اسان ڪجهه ڪري سگهون ٿا؟“ رسنا وري پڇيس.
    شوڀا وري به ڪجهه نه ڳالهايو.
    ”ته اسان ٻاهر ٿا ويهون، ٻاهر بينچ تي، ضرورت پوي ته سڏي وٺجانءِ.“
    شوڀا کين ڪوبه جواب نه ڏنو… رسنا، وليم، چندن ۽ چاچي ڪنڌ جهڪائي، اسٽوڊيو جي دروازي کان ٻاهر هليا ويا.
    هاڻي صرف شوڀا ئي لالي وٽ هئي، ڪجهه گهڙين کانپوءِ لاليءَ اکيون کوليون، شوڀا کي ڏٺو، آهستگيءَ سان پنهنجو هڪ هٿ کنيو، شوڀا هڪدم جهڪي کٽ جي ڀرسان گوڏا کوڙي ويهي رهي، هن لاليءَ جو کڄيل هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو. لالي بستري تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، هو ٿورو اٿيو پر پوريءَ ريت اٿي نه سگهيو، ان ئي حالت ۾ شوڀا جي طرف عجيب عجيب نظرن سان نهاري چوڻ لڳو:
    ”شوڀا… منهنجي مُني، منهنجي ڳالهه ٻڌ… جيئن ايراني هوٽل ۾ ڪجهه کائڻ وقت، يعني کاڌي کائڻ کانپوءِ سڀ چڪائڻو پوندو آ…حساب ڪرڻو پوندو آ… جڏهن بيرو بل کڻي ايندو آ… ته ائين ئي منهنجو به بل کڻي آيو مُني…. مون کي سمورو حساب چڪائڻو پوندو…. بيشڪ مون توکي ماريو… پر غصي مان نه، توسان خفا ٿي به نه! پر ان ڪري … ان ڪري ته مان تنهنجو ڏک ڏسي نه سگهيس، جهڙيءَ ريت تون هميشه منهنجي لاءِ ڪُڙهندي هئينءَ، اهو مون کان برداشت نه ٿي سگهيو هو ۽ مون تو تي هٿ کنيو هو… مون زندگيءَ ۾ ڪوبه ڪم نه سکيو، مان گهر هلائڻ وارو ڪيئن ٿي ٿي سگهيس، ڪنهن جي سار سنڀال لاءِ مان ته پيدا به ڪونه ٿيو هوس… ڪارنيوال … ٻيو ڀيرو ڪارنيوال وڃي نه سگهيس، مان هوشنگ ٻائيءَ جو نوڪر ٿي رهڻ نه ٿي چاهيو ۽ … مان ڪارنيوال جي ٻين ڇوڪرين سان به تعلق رکڻ نه ٿي چاهيو… سمجهين ٿي؟“
    ”ها“ شوڀا ڪنڌ جهڪائي چيو.
    ”هو گرڌر … دادا… هوشنگ ٻائيءَ لاءِ ٺيڪ آهي، جيڪي لطيفا هو ماڻهن کي ٻڌائيندو آ… اهي سڀ منهنجا ٻڌايل آهن… مون توکي ڪجهه نه ڏنو آ… گهر نه ڏنو… ڪپڙا نه ڏنا… ٻن ويلن جو کاڌو به نه… ٺيڪ آ… مان سٺو ماڻهو نه آهيان، اڳي به ڪڏهن سٺو ڪونه هوس، پر مان سار سنڀال وارو بڻجي نه ٿي سگهيس، ان ڪري مون سوچيو ته آسام هليو ويندس… تون سمجهين ٿي نه؟“
    ”ها…“
    ”مان توکان معافي نه ٿو وٺان، مون کي، الائي ته ڇو مون کي معافي وٺڻ نه ٿي اچي، اڄ تائين ڪنهن کان ورتي جو ناهي! خراب ڳالهه آ نه…؟ پر اها ڳالهه تون منهنجي ٻار کي ٻڌائي ڇڏجانءِ ته لاليءَ ڪڏهن ڪنهن کان معافي ڪانه ورتي… اڄ تائين، ٺيڪ آ نه؟“
    ”جي ها.“
    ”۽ منهنجي پٽ کي اهو به چئجانءِ ته لالي سٺو ماڻهو نه هو، پر جيڪڏهن هو آسام اچي وڃي ها ته شايد اتان کان هڪ نئين زندگي…. پر خير ڇڏ انهن ڳالهين کي… مان توکان معافي نه ٿو وٺي سگهان شوڀا… ۽ هاڻي تون چاهين ته سپاهيءَ کي سڏي وٺ… خبر ناهي ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري …! خبر ناهي، هُت هُن پار مون کي مٿي ويٺل مالڪ جي سامهون پيش ڪيو ويندو يا نه؟“
    شوڀا کان اوڇنگار نڪري وئي.
    ”خير… مون کي ڪنهن جو ڀهءُ ڪونهي، پر سڌو هن وٽ پيش ٿيڻ ٿو چاهيان، ڪنهن ننڍي وڏي آفيسر يا سپاهيءَ جي اڳيان نه… هان… اگر ڪٻاڙيو اچي ته ان شادي ضرور ڪري ڇڏجانءِ… ۽ ٻار؟ … ٻار کي ٻڌائجانءِ ته هو ان ڪٻاڙيي جو پٽ آهي، هو يقين ڪري وٺندو، ائين نه؟“
    ”ها..“
    ”جڏهن توکي مون ماريو، ڌڪ هنيا ته تون اهو نه سمجهجانءِ ته مان غلطيءَ تي هوس، مان ٺيڪ هوس، ڪڏهن ته …. لالي به ٺيڪ ٿي سگهيو ٿي، پر ڪوبه مون کي سمجهي نه سگهيو… اڄ تائين، اهي سڀ… پاڻ کي ٺيڪ ۽ مون کي غلط سمجهندا رهيا، آهي نه؟“
    ”جي ها …“ شوڀا چيو.
    ”شوڀا منهنجو هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙ..“ لالي زور سان رڙ ڪئي.
    ”شوڀا چوڻ لڳي: ”مان تنهنجو هٿ پڪڙي ويٺي آهيان.“
    ”زور سان پڪڙ… منهنجو هٿ…“ لالي گهٽيل لهجي ۾ چيو، ڄڻ هن جو نڙگهٽ بند ٿيندو هجي.
    شوڀا هن جي هٿ کي اڃان به زور سان دٻايو ته لالي چوڻ لڳو: ”شايد مان وڃي رهيو آهيان… شوڀا… چڱو مُني…“
    لالي هڪ ڊگهو ساه کنيو، پوءِ واپس وهاڻي تي مٿو رکي ڇڏيو. ڪجهه پل نه گذريا ته هن جو مٿو هڪ پاسي لڙي ويو، هٿ به ڍرو ٿي ويس.
    ايتري ۾ ڊاڪٽر دروازي کان اندر آيو، هن سان گڏ اهو ئي پهريون سپاهي محمد ڀائي ساڻ هو، ڊاڪٽر ايندي ئي بيحد ڪاروباري انداز ۾ شوڀا جي طرف اشارو ڪندي صفا رکي انداز ۾ پڇيو:
    ”هيءَ هن جي عورت آ..“سپاهيءَ چيو: ”جي صاحب.“
    ڊاڪٽر جي پويان وليم، رسنا، چندن، چاچي کلڻي، هوشنگ ٻائي ۽ ٻيا به سڀئي ماڻهو احترام سان کٽولي جي ڀرسان اچي بيهي رهيا. ڊاڪٽر لاليءَ جو معائنو ڪرڻ لڳو، پر جيئن ته اونده گهڻي ٿي وئي هئي ۽ اسٽوڊيو ۾ به روشني گهٽ هئي، ان ڪري ڊاڪٽر چيو ته:
    ”روشني گهٽ آهي.“
    چندن ڊارڪ روم مان هڪ ٽارچ کڻي آيو، ڊاڪٽر ٽارچ کي فوڪس ڪري لاليءَ جي اکين تي روشني وڌي، پوءِ ٽارچ بند ڪري هن سندس ساه جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، دل جي آواز ٻڌڻ ۽ نبض چڪاسڻ کانپوءِ چوڻ لڳو: ”ڪنهن وٽ فونٽين پين هوندي؟“
    وليم هڪدم پنهنجي فائونٽين پين ڊاڪٽر جي حوالي ڪئي، ڊاڪٽر پنهنجي کيسي مان هڪ ڇپيل فارم ڪڍيو، جيڪو اهڙن ئي موقعن تي استعمال ڪندو هو، ان تي ڪجهه لکي، پنهنجي دستخط ڪري هن اهو فارم شوڀا کي ڏيندي چيو:
    ”تنهنجو گهر وارو فوت ٿي چڪو آهي، هي سرٽيفڪيٽ تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان، ميونسپل ڪارپوريشن وارن کي ڏيکاري ڇڏجانءِ، يا پوليس کي، يا جنهن کي به ضرورت هجي.“ ائين چئي منهن ڦيرائي سپاهيءَ کي چوڻ لڳو، ”پوسٽ مارٽم جو انتظام جلدي ڪجو…“ وري چاچي کلڻيءَ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”مون کي ٽوال ۽ صابڻ گهرجي.“
    محمد ڀائي چوڻ لڳو: ”ٻاهر سڄو انتظام ڪري ڇڏيو آهي صاحب.“
    محمد ڀائي ڊاڪٽر کي روانو ڪري دروازي کان ٻاهر ويو ته گهر ۾ موجود سڀني ڀاتين کٽولي تي الر ڪئي، شوڀا ساڳيءَ ريت ڪنڌ جهڪائي کٽ جي ڀرسان، گوڏن ڀر ويٺي هئي. رسنا جي دل ۾ عجيب قسم جي ڪاوڙ پيدا ٿي رهي هئي، هن چوڻ نه ٿي چاهيو، پر پنهنجي ساهيڙيءَ جي حالت ڏسي هن کان رهيو نه ٿيو، غم ۽ غصو هن جي آواز ۾ ڀرجي آيو هو، جڏهن هن چوڻ شروع ڪيو:
    ”مان مرڻ واري کي برو نه ٿي چوان، سچ ٿي چوان، شوڀا دل ۾ نه ڪجانءِ.“
    ”هائو…“ چاچيءَ به ساڻس سر ملايو: ”هو به عذاب کان آجو ٿي ويو ته هيءَ به…“
    شوڀا خاموش هئي.
    رسنا چوڻ لڳي: ”اڃان تنهنجي عمر ئي ڇاهي؟ ٽي مهينا ته ٿيا آهن تنهنجي شاديءَ کي… اها به ڪا زندگي آ… توکي ڪونه ڪو سٺو مرد ضرور ملي ويندو… ٺيڪ آ نه؟“
    شوڀا جي جواب کان اڳ ۾ وليم ڳالهايو: ”تون ٺيڪ ٿي چوين رسنا.“
    پر رسنا کي تسلي ڪانه ٿي، هن شوڀا کي وري مخاطب ڪيو: ”مان صحيح ٿي چوانءِ شوڀا…“
    ’ڪير ٺيڪ آ… ڪير غلط آ… ڇا اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جو اهو ئي موقعو آ..؟‘ شوڀا سوچيو، ’۽ فرض ڪريان ته هي سڀئي درست آهن ۽ اسان ٻئي غلط هياسي، ته به ڇا دنيا جا سڀئي ٺيڪ ۽ سڀئي غلط آدمي، گڏجي به هن هڪڙي شخص کي واپس آڻي سگهن ٿا؟ هيءَ ڪهڙي دنيا آ… مرڻ وقت به غلط ۽ صحيح جي حساب ڪرڻ کان جند نه ٿا ڇڏين! ڪير ٿو چئي ته مردا معاف ڪيا ويندا آهن، هن دنيا ۾ صرف جيئرن جي لاءِ بخشش آهي، راحت ۽ معافي آهي، مري ويلن کي ڪوئي معاف نه ٿو ڪري…. پر جيڪڏهن هي وقت اهڙين ڳاليهن ڪرڻ جو ناهي ته اهڙن ماڻهن سان بحث ڪرڻ جو اهو وقت به ته ناهي…‘ ائين سوچيندي شوڀا ڪنڌ لوڏي چيو: ”تون ٺيڪ ٿي چوين رسنا…“ شوڀا جو لهجو جذبن کان عاري هو، هن جو جملو ٻڌي چندن کي ڳالهه وڌائڻ جي همت پيدا ٿي، چوڻ لڳو:
    ”هو… بسنتو به روز ٿو اچي… هن جو پنهنجو ورڪشاپ به آهي، هاڻي ها ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، هو ويچارو روز انهيءَ لاءِ ٿو اچي…“
    چاچيءَ مٿو لوڏي چيو: ”هن جي پهرين جوءِ مري وئي آ… بس رڳو ٻه ٻار اٿس، نيڪ سڀاءَ جو آ… بلڪل تو جهڙو…“ چاچيءَ وليم ، کي پاڻ سان متفق ڪرڻ لاءِ ڏانهنس نهاريندي چيو. شوڀا خاموش هئي.
    رسنا وري ڳالهايو، ڄڻ هن کي پنهنجي چئي تي اڃان تائين يقين نه آيو هجي: ”مان هن کي ڪِنو ماڻهو نه ٿي چوان پر هي سٺو ماڻهو به نه هو…“
    ”اهو ته مان به ٿو چوان،“ وليم ڳالهايو، ”سٺو ماڻهو پنهنجي وائيف کي ماريندو ڪٽيندو ناهي!“
    رسنا چوڻ لڳي: ”تون ٺيڪ ٿو چوين وليم…“ وري شوڀا کي مخاطب ڪندي چوڻ لڳي، ”ڪيئن شوڀا؟ وليم ٺيڪ نه ٿو چئي؟“
    ”ها…“
    ”ڪنهن بهاني سٺو ئي ٿيو…“
    ”هائو…“ وليم فيصلي واري نوع ۾ چيو، ”هن جي به عذاب کان جند ڇٽي وئي…“ وري ٿوري ساهي کڻي چوڻ لڳو، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي شوڀا؟“
    ”اڻويهه سال…“
    ”اڻويهه؟… ته… اڃان ته تون ٻار آهين،“ وليم ساڄي کاٻي حيرت مان نهاري چيو،”Just a child … صحيح آ نه رسنا؟“
    ”ٻيو نه ته …وليم،“ رسنا چوڻ لڳي، ”تون بلڪل درست ٿو چوين.“
    چندن سموري معاملي تي غور ڪندي آخري فيصلو ٻڌائيندي چيو: ”اگر منهنجي ماءُ جو گهر نه هجي ها ته… ڪير هنن کي هن گهر ۾ جاءِ ڏئي ها! ڪير انهن کي روٽي ۽ ڪپڙو ڏئي ها، اڳيان مينهوڳيءَ جي موسم پئي اچي.. ڪاڏي وڃن ها هي ٻئي ڄڻا…؟“
    رسنا شوڀا کي دلجاءِ ڏيندي چوڻ لڳي: ”هڪ سال کانپوءِ تون هن کي وساري ڇڏيندينءَ…“ ايترو چئي هو ٿورو چپ ٿي وئي، شايد شوڀا کان پنهنجي ڳالهه جي تائيد ڪرائڻ ٿي چاهيائين، جڏهن شوڀا ڪجهه نه ڳالهايو ته رسنا وري ڳالهايو، ”نه! شوڀا؟“
    شوڀا چيو: ”ها رسنا تون درست ٿي چوين…“
    وليم پنهنجو کاٻو پير کڻي پنهنجي وجود جو سمورو بار ساڄي پير تي رکيو، وري هن ساڄو پير کڻي کاٻي پير تي پنهنجو وزن رکيو، پوءِ وڏي سوچ واري طريقي سان ڳالهائڻ کان اڳ ۾ سوچڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته هن کي سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيو ته ڇا چوي! ڪهڙيءَ ريت هن ڊيڄاريندڙ منظر مان جان ڇڏائي، ان کانسواءِ اها ڳالهه به هئي ته هن کي شوڀا سان واقعي همدردي هئي، پر لاليءَ سان نه هئي، ان جي ڪري هن جو من عجيب قسم جي مفاد ۽ جذبن سان ڀرجي ويو هو.. هن همدرديءَ مان رڳو هڪ لفظ چوڻ ٿي چاهيو، جنهن بابت هن کي پڪ هئي ته هن وقت تائين هن جيڪي ڪجهه چيو هو، اهو سڀ غلط هو… ان ڪيفيت ۾ هن ڪنڌ کي هلڪو لوڏائي، هڪ عجب اذيت واري لهجي ۾ چيو:
    ”توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي يا ڪنهن مدد جي… ته چئي ڇڏجانءِ… اسان هلون ٿا … سڀاڻي وري اينداسي.“ پوءِ هو مڙي رسنا کي چوڻ لڳو، ”هلون رسنا…؟“ ان کانپوءِ هن شوڀا جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ چيو، ”God be with you“
    رسنا شوڀا سان ڳرهين لڳي ملي، هاڻي شوڀا به سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، رسنا به روئڻ لڳي، ته شوڀا روئندي کيس چوڻ لڳي: ”رو نه رسنا…“
    رسنا شوڀا کان جدا ٿيندي چوڻ لڳي: ”مان سڀاڻي ايندس..“ هوءَ ڳوڙها اگهي، وليم جي ٻانهن جو سهاري، وڃڻ لڳي، هن جي وڃڻ کانپوءِ چاچيءَ شوڀا کي چيو:
    ”تو صبح کان ڪجهه نه کاڌو آ… مان تو لاءِ چانهن ٿي ٺاهي اچان…“
    چاچي کلڻي ائين چئي رنڌڻي ۾ هلي وئي، هاڻي چندن اڪيلو شوڀا وٽ بيٺو هو، اوچتو هن کي احساس ٿيو ته وٽس شوڀا جي دک دور ڪرڻ… هن کي دلجاءِ ڏيڻ لاءِ ڪي به لفظ نه آهن، ان ڪري هو خاموش، ڪنڌ جهڪائي، ڊارڪ روم ڏانهن کسڪي ويو.
    هاڻي مسز هوشنگ ٻائي بچي وئي هئي، غم سبب هن جون اکيون به ڳاڙهيون هيون ۽ سندس چهري تي ڪاوڙ جا ڀاوَ پئي آيا ويا… هن کٽولي جي وجهو اچي، چادر سان ڍڪيل لاش طرف نهاريو، پوءِ شوڀا کان اجازت ورتي: ”مان هن جو چهرو ڏسان؟“
    شوڀا چپ هئي.
    هن وري ڳالهايو: ”ڇا تون مون کان ناراض آن؟“
    ”نه…“ شوڀا نهايت عاجزيءَ سان جواب ڏنو، ”مان ڪنهن کان به ناراض ناهيان.“
    مسز هوشنگ ٻائي چپ چاپ، ٿورو لڏندي لڏندي کٽولي جي مٿان وڃي بيٺي، پوءِ ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”آءُ ته صلح ڪريون…“
    “صلح لاءِ هاڻي ڇا رهجي ويو آهي؟“ شوڀا کيس جواب ڏنو.
    مسز هوشنگ ٻائيءَ بردباريءَ کان ڪم وٺندي چيو: ”هر ڪو هن شخص کي برو ٿو چوي، سواءِ اسان ٻنهي جي… تون ڄاڻين ٿي ته هي ايترو برو ماڻهو نه هو…“
    ”هيو…“ شوڀا زور سان چيو.
    مسز هوشنگ ٻائي هڪ پل لاءِ حيرت ۾ اچي وئي، پر پوءِ ٿورو مرڪي چوڻ لڳي: ”توکي ماريندو هو نه؟ ان ڪري نه؟… مان سمجهان ٿي…“ هن ٻه ٽي ڀيرا ڪنڌ لوڏي چيو، ”ماريندو ته هو مون کي به هو، پر هاڻي انهن ڳالهين کي مون ته وساري ڇڏيو آهي…“
    شوڀا بيزاريءَ سان چيو: ”اهو تون ڄاڻ …“
    ”مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ٿي؟“ مسز هوشنگ ڳالهه بدلائيندي چيو.
    ”مون کي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي…“ شوڀا کيس جواب ڏنو.
    مسز هوشنگ هٻڪي وئي، پوءِ هن ساڻس اها ڳالهه ڪئي، جيڪا هوءَ ڪجهه عرصي کان سيني ۾ سانڍي ويٺي هئي: ”مون کي هن جا پندرهن رپيا ڏيڻا هئا، هن جي پوئين پگهار جا…“
    ”ته هن کي ڏئي ڇڏين ها…“ شوڀا چيو.
    ”خير … هي ويچارو ته مري ويو آهي.“ مسز هوشنگ جي دل ۾ سخاوت واري حس پيدا ٿي، ”اهي رپيا هاڻي توکي ڏئي سگهان ٿي، هڪڙي ئي ڳالهه آهي…“
    “مون کي نه ٿا گهرجن…“
    مسز هوشنگ هڪ ڊگهو ساه کڻي چوڻ لڳي: ”جيئن تنهنجي مرضي، مان زور نه ڪنديس… مان هن مهل تائين هتي ترسي به ان ڪري هيس، تو سان صلح ڪرڻ لاءِ…. ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ صرف اسان ٻئي عورتون ئي هن سان محبت ڪنديون هيونسين، ان ڪري مون سوچيو ته …. ته اسان ٻنهي کي هن مصيبت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي…“
    ”نه مان ائين نه ٿي سوچيان…“
    ”ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته…“ مسز هوشنگ اندازو لڳائيندي چيو، ۽ ان اندازي تي خوش ٿيندي چوڻ لڳي، ”ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون هن سان ايترو پيار نه ڪندي هئينءَ، جيترو مان ڪندي هيس.“
    ”ها…“
    ”مون توکان وڌيڪ هن کي چاهيو.“
    ”جي ها مسز هوشنگ…“
    مسز هوشنگ پنهنجو چپ چٻاڙڻ لڳي، هڪ ڀيري لاليءَ جي ٿڌي چهري کي ڪاوڙ وچان گهوري نهاريائين، ٻيو ڀيرو شوڀا کي … ۽ ڪجهه چوڻ کانسواءِ مڙي، تڪڙي تڪڙي اسٽوڊيو کان ٻاهر هلي وئي.
    هاڻي ڪوئي به ڪونه هو، لاليءَ وٽ رڳو شوڀا ئي رهجي وئي هئي، هاڻي هوءَ ٿورو سرڪي هن جي قرب ٿي ويٺي، چادر هٽائي هن جو چهرو غور سان ڏسڻ لڳي، وري هن جي نراڙ تان وڪڙ کائي ويل چڳ هٽائي، وڏي درديلي لهجي ۾ هن کي چوڻ لڳي: ”سمهي پهءُ، منهنجا پنهنجا سمهي پهءُ، هيءَ ڪير ٿيندي آ توسان پيار ڪرڻ واري، مان ته ڪڏهن پيار جو هڪ لفظ به توکي چئي نه سگهيس، ڪڏهن به ته نه چيو…. لالي، برو، بدمعاش، نڪمو، آوارا… منهنجا پيار لالي، ڪو به نه سمجهي سگهيو توکي…. هاڻي ته چئي ڇڏيانءِ! هاڻي چوڻ ۾ ڪهڙو حرج، ڇاڪاڻ ته هاڻي تون ٻڌي ته ڪونه ٿو سگهين، ان ڪري چئي ٿي ڇڏيان ته لالي تون ڏاڍو برو هئين، تو مون کي ماريو، ڌڪ هنيا، هتي… (مٿي تي آڱر رکي) ۽ هتي (چهري تي آڱر رکي) ۽ هتي (سيني تي آڱر رکي) تنهنجي مارڻ سبب نير پئجي ويا هئا، (سڏڪو ڀريندي) اهي منهنجي بدن تي تنهنجي ڏنل زيورن جيان سجيل هئا، مان ان وقت تنهنجي ڪنوار هيس، مون کي لڄ ٿي اچي اهو چوندي… (روئي) سمهي پهءُ، منهنجا لالي منهنجا پيارا غنڊه، منهنجا پنهنجا، منهنجا… سمهي پهءُ، سمهي پهءُ…“
    هن جو چهرو چادر سان ڍڪي ٿي ڇڏي، آهستگيءَ سان اٿي ٿي، رف تان گيتا کڻي اچي ٿي، ۽ هوريان هوريان منهن ئي منهن ۾ پڙهڻ لڳي ٿي، چند منٽ هوءَ ائين ئي پڙهندي رهي… ۽ ان دوران بسنتو به دروازي مان اندر داخل ٿي خاموشيءَ سان بيهي هن کي گيتا پڙهندي ڏسندو رهيو، پوءِ همٿ ڪري ٿورو اڳتي آيو ۽ کنگهڪار ڪري چوڻ لڳو:
    ”شوڀا راڻي…“
    ”ڪير آ…؟“ چوندي شوڀا ڪتاب تان منهن ڦيرائي وڌندڙ اونداهيءَ ۾ هن ڏانهن ڏٺو… بسنتو ڪٻاڙيو سندس مٿان بيٺو هو، هوءَ ڇرڪي وئي ۽ چوڻ لڳي. ”ڇاهي بسنتا… تون ڇا ٿو چاهين؟“
    ”ڪا مدد ڪري سگهان ٿو.“ هن پنهنجي ڊگهن ۽ مضبوط هٿن کي مليندي، ڌيرج سان چيو، ”اهڙي سمي تو وٽ ترسي سگهان ٿو؟“
    شوڀا چوڻ لڳي: ”نه بسنتا هليو وڃ.“
    ”سڀاڻ اچان؟“
    ”نه سڀان به نه“
    ”گسو نه ڪر شوڀا راڻي،“ هن پنهنجي صاف سچي ۽ کهري لهجي ۾ چيو، ”پر مون کي ڪا اميد… ڪجهه خبر ته پوي…“ ڪجهه به… هاڻي مان جوان ناهيان، ۽ منهنجا ٻه ٻار به آهن، پر مون کي ٿوري به اميد ڏي ته… ته مان سڀاڻ وري ايندس.“
    “نه بسنتا!“ شوڀا فيصلي واري انداز ۾ چوڻ لڳي، ”سڀاڻي به نه اچجانءِ… ڪڏهن به نه اچجانءِ…“ شوڀا ايترو چئي وري ڪنڌ جهڪائي گيتا پڙهڻ لڳي. بسنتو خاموش بيٺو رهيو، ڪجهه پل هو کيس همدرديءَ وچان، محبت، چاهت ۽ ڌيرج وچان نهاريندو رهيو، پوءِ مٿو لوڏي، ڄڻ هن جي سمجهه ۾ ڪجهه نه ايندو هجي، مڙي واپس ٻاهر هليو ويو.


    قسط 10

    هن جي وڃڻ کانپوءِ جهگو اندر آيو، خاموش ۽ پير پير ۾ پائي، کٽولي جي ٻانهينءَ وٽ اچي بيهي رهيو، ۽ لالي ڏانهن نهاريندي عجيب انداز سان مٿو ڌوڻڻ لڳو. هن جي ناسن مان عجيب سون سون جو آواز اچڻ لڳو، آوڀا منهن مٿي ڪري هن ڏانهن نهاريو، هن جي نگاه ايتري تکي هئي جو جهگو گهٻرائجي پوئتي هٽي ويو، پوئتي بيهي هو پنهنج آڱرين جا نهن چڪڻ لڳو، شوڀا پنهنجي جاءِ تان اٿي، ته هو ويتر گهٻرائجي ويو ۽ پوئتي هٽندي چوڻ لڳو:
    ”چانهن ٺهي وئي آهي، هو رنڌڻي ۾ تنهنجو انتظار پيا ڪن.“ ائين چئي هو تڪڙو تڪڙو نڪري ويو، شوڀا لاليءَ جي مٿان پيل ڪپڙو درست ڪيو، پوري بدن کي چادر ۾ ويڙهيو، پوءِ رنڌڻي جي پاسي هلي وئي.
    هاڻي لالي جو لاش چادر ۾ ڍڪيل، اڪيلو رکيل هو. وڏي هال ۾ اونداهي ۽ خاموشي ڇانيل هئي، رڳو دريءَ مان ڪارنيوال جو شور ۽ ان جي موسيقي ٻڌڻ ۾ پئي آئي، لاليءَ جو صوفو دريءَ وٽ خالي پيو هو. اوچتو ڪارنيوال جو شور ۽ موسيقي وڌڻ لڳي، ۽ ان موسيقيءَ ۾ مسز هوشنگ ٻائيءَ جي نئين ساز تي وڄندڙ ڌن سڀ کان وڌيڪ نمايان ٿي وئي، ان ڌن ۾ بار بار لاليءَ ۽ جهگي واري پراڻي گيت جا اهي سر ٻڌڻ ۾ پئي آيا، جيڪي انهن واردات تي وڃڻ کان اڳ ۾ هن ئي ڪمري ۾ پئي ڳاتا. پوءِ هڪ عجيب طريقي سان انهيءَ ڌن ۾ هڪ نئين پروقار جنت ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ موسيقيءَ جا سر وڌڻ لڳا، اوچتو اسٽوڊيو جي دروازي مان ٻه پراسرار ماڻهو داخل ٿيا، انهن کي ڪارا چوغا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿي تي ڪاريون پڳون ٻڌل هيون، ۽ اهي ٻئي وڏي ۽ ڳوري عصا جي سهاري، بي آواز قدمن سان داخل ٿيا، ۽ اڳتي وڌي اچي، کٽولي جي ساڄي کاٻي پاسي بيهي رهيا، پوءِ هڪ لاليءَ جي لاش کي مخاطب ڪندي چوڻ لڳو:
    ” اٿ اسان سان گڏجي هل.“
    ”ها…“ ٻيو چوڻ لڳو، ”اسان توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“
    پهريون: ”ٻڌين ٿو، اٿي پهءُ.“
    ٻيو: ”اسان پوليس وارا آهيو.“
    پهريون: ”اٿ اسان سان هل.“
    لالي آواز ٻڌي کٽولي تي اٿي ويهي رهيو، هو بي نور اکين سان خلا ۾ نهاري رهيو هو.
    ٻئي پراسرار شخص پنهنجي عصا سان کٽولي کي ڇهندي چيو: ”ها! هاڻي هل… پري.“
    پهريون: ”هي ماڻهو سمجهن ٿا ته مرڻ سان ان جا مسئلا ۽ مشڪل حل ٿي ويندا آهن، رڳو سيني ۾ چاقو هڻڻ سان … دل جي حرڪت بند ڪرڻ سان … پنهنجي زال کي ڇڏي ڏيڻ سان ۽ ان جي پيٽ ۾ پيل ٻار کي لاوارث ڪرڻ سان… ايترو آسان نه آهي ڇڏي ڏيڻ…“
    ٻيو: ”اتي تنهنجو حساب ٿيندو.“
    ٻئي پنهنجي عصا جي آخري ڇيڙي سان لاليءَ جي اڪڙيل جسم کي ڇهيو، لاليءَ جي اکين جي پتلين ۾ روشني موٽي آئي، هن جي چهري تي هڪ عجيب روشن چمڪ اچي وئي، هو کٽولي تان لهي اٿي بيٺو.
    پهرين پراسرار شخص چيو: ”هل…“
    ٻئي چيو: ”توهان هن دنيا جا ماڻهو سمجهو ٿا ته مري، آسانيءَ سان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو!“
    پهريون چوڻ لڳو: ”ڇوٽڪارو ملڻ ايترو آسان نه آهي، اڃان هتي جا ماڻهو تنهنجي نالي کان واقف آهن، تنهنجي صروت کي سڃاڻن ٿا، جيڪو تو اڄ تائين چيو، ڪيو، جيڪو تون نه ڪري سگهين، اهو سڀ ياد آهي انهن کي، تنهنجي هر نظر، آواز جو ڪڙڪو، هٿن جي گرمي، ڪارنيوال جون صدائون… ۽ جيستائين اهي ڪنهن کي ياد آهن، معاملو ختم نه ٿو ٿي سگهي، ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي، منهنجا پٽ! جيستائين توکي صفا وساريو نه ويندو، تيستائين هن ڌرتيءَ سان تنهنجو ناتو ختم نه ٿيندو، مرڻ کانپوءِ به ختم نه ٿيندو.“
    پوءِ ٻئي پراسرار شخص، کٽولي جي ڀرسان بيٺل لاليءَ کي اشارو ڪندي چيو: ”اچ…“
    اڳيان اڳيان پهريون پراسرار شخص هلڻ لڳو، ان جي پويان پويان لالي ۽ ان جي پويان ٻيو پراسرار شخص، عصا جي سهاري… ٽئي هلندي هلندي اونداهيءَ ۾ غائب ٿي ويا.
    انهن جي وڃڻ کانپوءِ به کٽولي تي، چادر ۾ ويڙهيل لاش، ساڳئي ئي نموني ڍڪيل رکيو هو، ائين ٿي لڳو ڄڻ هتان ڪوبه اٿي نه ويو آهي.
    پوءِ شوڀا رنڌڻي مان روشني کڻي آئي، ۽ جڏهن هوءِ اندر آئي ته هن کي لڳو، ڄڻ هاڻي هاڻي ڪو ساه جيان دريءَ کان ٻاهر هليو ويو …
    (9)
    ان پار… ٻي دنيا ۾، جڏهن لاليءَ کي عدالت جي ڪمري ۾ آندو ويو، ته هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته هيءَ عدالت بلڪل ائين ئي هئي، داور يا انڌيريءَ واري عدالت ۾ کيس ٻه ڀيرا پيش ڪيو ويو هو، ۽ پنهنجي خلاف ڪنهن ثبوت نه ملڻ تي ڇٽي آيو هو.
    جنهن جي ڊگهي جهنگلي جي پويان مئجسٽريٽ جي وڏي ڊگهي ڪرسي ۽ ان جي اڳيان مستطيل ۽ ويڪري ميز رکيل هئي، جنهن تي سائي رنگ جي فلالين جي چادر پئي هئي، جنهن تي مس جا ڪيترائي داغ لڳل هئا. مئجسٽريٽ جي ڪرسيءَ جي پويان ديوار تي ڪاٺيءَ جو وڏو چوڪنڊو تختو ٽنگيل هو، جنهن ۾ تصوير بجاءِ هڪڙو انگ لکيل هو، ۽ ان ديوار جي ساڄي کاٻي پاسي ٻه بيحد مضبوط لوهي دروازا نظر اچي رهيا هئا، جن تي لوهي ڪڙا لڳل هئا، جن کي کولڻ جو ڪنڍو به ٻاهران ئي ٺهيل هو، ساڄي کاٻي وارن انهن دروازن جي وچ ۾ … ديوار جي بلڪل وچ ۾ ڪرسيءَ جي صفا پويان هڪ ٻيو به دروازو هو، جنهن تي هڪڙي گهنٽي لڳل هئي.
    ان بنگلي جي اندر عدالت جي ڪرسيءَ جي ڀر ۾ ساڄي پاسي، پيشڪار جي ويهڻ جي جاءِ هئي، ان جي بلڪل هيٺان ملزمن جو ڪٽهڙو هو، ان کان هيٺ ڪاٺيءَ جو بينچون قطارن ۾ رکيل هيون، جن جي ڪاٺي صفا ڳري پراڻي ٿي وئي هئي، ۽ ڪوڪن کي زنگ لڳي ويو هو. لاليءَ محسوس ڪيو ته انهن بينچن جي اڳيان، عدالت جي ڪٽهڙي جي سامهون، وڪيلن جي ميز هوندي هئي، ۽ انهن جون ڪرسيون به؟ پر اهي هتان غائب هيون.
    جيئن ئي لالي انهن ٻن ڪارن ڪپڙن وارن ٻن سپاهين سميت داخل ٿيو، هن ڏٺو ته پيشڪار گنجو آهي، پر هن جي چهري تي ڏاڙهي صفا اڇي ڪپهه جهڙي آهي، جيڪا ڏاڍي سٺي پئي لڳس، پيشڪار اٿي گهنٽي لڳل پوئين دروازي تائين ويو، دروازو کولي هن اندر ليئو پاتو، پوءِ جهڪي سلام ڪيو، پوءِ دروازو بند ڪري واپس اچڻ لڳو ۽ لاليءَ کي گهوري نهاري رهيو هو، هو وري ڪاٺيءَ جي بينچن ڏانهن ڏسڻ لڳو، جتي سڀ کان اڳين بينچن تي هن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويٺل هئا. انهن مان هڪ شخص جي ڏاڙهي هڪ ٻن ڏينهن واري حساب سان وڌيل هئي، ٻئي کي ڏاڙهي مڇون ڪو نه هيون، ڏاڙهي مڇن کانسواءِ شخص بدن ۾ ڀريل هو ۽ کيس عمدا ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پاتل هئا، ٻانهن ۾ قيمتي گهڙي به پيل هيس، جنهن شخص جي ڏاڙهي وڌيل هئي، ان جا ڪپڙا به ميرا، ڦاٽل، گندا ۽ جاءِ جاءِ تان ڦاٽل هئا.
    لاليءَ حيرانيءَ وچان ديوار ۾ لڳل لوهي دروازن ڏانهن ڏٺو، جيڪي ساڄي کاٻي پاسي ديوار جي پاسن تي، وڏي مضبوطيءَ سان بند ٿيل هئا. الائي ته انهن دروازن جي پويان ڇا هو؟ پوءِ هن ڪمري جي چئني پاسي نظر ڊوڙائي، بلڪل دادر واري عدالت جو نقشو هو، بس رڳو وڪيلن جي ميز ڪانه هئي. ايتري ۾ ڪارا ڪپڙا ۽ ڪاري پڳ واري پهرين سپاهيءَ، عدالت جي پيشڪار کي چيو: ”ٻڌائي ڇڏ ته اسان حاضر آهيون.“
    عدالت جي پيشڪار هلڪي انداز ۾ ڪنڌ جهڪايو، ڄڻ هن سپاهيءَ جي ڳالهه کي ذهن نشين ڪري ورتو هجي. پوءِ هو ساڄي پاسي هليو ويو، هن جي وڃڻ کانپوءِ لاليءَ هلڪي آواز ۾ پڇيو:
    ”ڇا هيءَ اهو ئي هنڌ آهي؟“
    ”هائو ٻچا.“ ٻئي سپاهيءَ جواب ڏنس.
    ماجسٽريٽ جي ڪچهري؟“ لاليءَ جي اکين ۾ گهري حيرت هئي.
    ”هائو ٻچا…“ پهريون سپاهي چوڻ لڳو، ”هتي خودڪشي ڪرڻ وارن کي پيش ڪيو ويندو آهي.“
    ٻئي چيو: ”هتي تنهنجو انصاف ٿيندو،“ پوءِ اڳيان رکيل بينچ ڏانهن اشارو ڪندي چيو: .ويهه…“
    لالي انهن ٻنهي ماڻهن جي وچ ۾ ويهي رهيو، جن کي هن پهريائين بينچ تي ويٺل ڏٺو هو، بينچ جي هڪ پاسي امير ماڻهو ويٺل هو … کاٻي پاسي ۽ ساڄي پاسي اهو ڦاٽل ڪپڙن وارو غريب شخص ويٺل هو.
    امير شخص پنهنجي نڪ تي رکيل چشمو سڌو ڪيو ۽ غور سان لاليءَ کي تڪڻ لڳو، پوءِ هن کان پڇڻ لڳو:
    ”خودڪشي؟“
    لاليءَ دل جهلي چيو: ”هائو…“
    امير شخص غريب شخص جي طرف اشارو ڪندي چيو: ”هن به…“ ٿورو ترسي هن پنهنجو تعارف ڪرايو، چوڻ لڳو، ”مون کي ڀاگيرٿ چوندا آهن.“
    غريب شخص چوڻ لڳو: ”منهنجو نالو بنارسي داس آهي.“ پنهنجو نالو ٻڌائي هن لاليءَ کان پڇيو، ”تنهنجو نالو؟“
    لاليءَ چيو: ”توکي منهنجي نالي سان ڪهڙو واسطو؟“
    اهو جواب ٻڌي اهو غريب ۽ امير شخص، جيڪي ان وقت لاليءَ جي بلڪل ويجها ويٺا هئا، سي ٿورو سرڪي پري ٿي ويٺا.
    غريب شخص ته لاليءَ کي نظرانداز ڪندي، امير شخص کي ٻڌايو: ”مون ٽين منزل تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي.“
    امير شخص چوڻ لڳو: ”مون پستول سان،“ پوءِ هن لاليءَ ڏي منهن ڪري پڇيو،”۽ تو…؟“
    لالي چيو: ”مون ڇريءَ سان…“
    اهو ٻڌي اهي ٻئي ڄڻا هن کان ٿورو وڌيڪ پري سرڪي ويٺا، لاليءَ حقارت وارين نظرن سان امير شخص ڏانهن نهاري چيو: ”اگر مون وٽ پستول خريد ڪرڻ جي رقم هجي ها ته مان خودڪشي نه ڪيان ها!“
    ”خاموش…“ ٻئي سپاهيءَ کين دٻ ڪڍي.
    اوچتو پويان وارو مرڪزي دروازو کليو ۽ ان مان مئجسٽريٽ عدالت ۾ داخل ٿيو، هن جي داخل ٿيندي ئي، سڀئي اٿي بيهي رهيا… پيشڪار، سپاهي، ٻئي خودڪشي ڪندڙ، پر لالي نه اٿيو، بي ادبيءَ سان ساڳي بينچ تي ويٺو رهيو، البت هن ايترو محسوس ضرور ڪيو ته مئجسٽريٽ جي شخصيت بيحد گنڀير ۽ پروقار آهي، مٿي تي وار گهٽ هيس ۽ جيڪي هيس اهي به اڇا ٿي ويا هيس.
    جڏهن مئجسٽريٽ پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ته سڀ ماڻهو قاعدي ۽ سليقي سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺا، پيشڪار پنهنجي جاءِ تي مئجسٽريٽ جي ڀرسان پر ان کان ٿورو هيٺ ويٺو ۽ پيش ٿيندڙ ملزمن جا ڪاغذ ان طرح ئي ڏسڻ لڳو، جيئن هن دنيا جي عدالتن ۾ ٿيندو آهي.
    پيشڪار رجسٽر کولي عدالت کي ڏيکاريندي چيو: ”ڪالهه جا ڪيس حضور والا، نمبر وار درج ڪيل آهن.“
    مئجسٽريٽ اهو رجسٽر وٺي پنهنجي ميز تي رکيو ۽ ان کي پڙهندي، وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو: ”سورهن هزار چار سئو پنجويهه نمبر…“
    پهرين سپاهيءَ پنهنجي ڪاپي ڪڍي ڏسڻ لڳو، پوءِ امير شخص کي چوڻ لڳو: ”اٿو، ڪٽهڙي ۾ اچي بيهو، مهرباني ڪري…“
    امير شخص بينچ تان اٿيو ۽ ملزمن جي ڪٽهڙي ۾ وڃي بيٺو. مجسٽريٽ پنهنجي اڇين ڀرون جي هيٺان تيز ۽ چمڪندڙ نگاهن سان هڪ ڀيرو هن کي مٿي کان پيرن تائين ڏٺو، پوءِ چيو: ”تنهنجو نالو؟“
    ”ڀاگيرٿ.“
    ”عمر؟“
    ”ٻائيتالهه سال.“
    ”شادي شده؟“
    ”جي ها.“
    ”پنهنجي جان ڇو ورتهءِ؟“
    ”قرض چڙهي ويو هو.“
    ”اتي ڇا ڪندو هئين؟“
    ”مان هڪ وڪيل هوس، يوئر آنر…“
    ”ٺيڪ آ ٺيڪ آ، ان کي پوءِ ٿا ڏسون.“ مئجسٽريٽ چوڻ لڳو، ”هن وقت مان توکان صرف هڪڙو سوال ٿو ڪريان ته ڇا تون زمين تي واپس وڃڻ چاهين ٿو؟، صرف هڪ ڀيرو صبح ٿيڻ کان اڳ ۾… جيڪڏهن تون وڃڻ چاهين ته مان ان جي اجازت ڏئي ڇڏيندس، اهو تنهنجو حق آهي، سمجهين ٿو؟“
    ”هائو حضور.“ ڀاگيرٿ حيران ٿي چيو، ڇاڪاڻ ته وڪيل هجڻ جي باوجود هن کي ان ڳالهه جي خبر ڪانه هئي.
    مئجسٽريٽ هن کي سمجهائيندي چوڻ لڳو: ”جيڪو شخص پنهنجي جان وٺندو آهي، اهو شخص تڪڙ ۽ پريشانيءَ ۾ ڪجهه وساري به سگهندو آهي، ڪو به اهم ڪم… جيڪو تو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ نه ڪري سگهين، يا جيڪي ڪجهه تو ڪيو هجي ان کي ميسارڻ لاءِ يا ڪوئي ضروري پيغام، جيڪو تون ڪنهن کي ڏيڻ چاهين پيو پر توکان ڏيڻ وسري ويو، سمجهين ٿو؟“
    ”هائو حضور.“ ڀاگيرٿ پراميد لهجي ۾ چيو، ”منهنجي قرضن جي سلسلي ۾ ڪافي ڪم رهيل …“
    مئجسٽريٽ هن جي ڳالهه ڪاٽيندي چيو: ”تنهنجي قرضن جي هتي ڪابه اهميت نه آهي، اسان هتي رڳو انهن مسئلن سان واسطو رکندا آهيون جن جو تعلق روح سان آهي.“
    ڀاگيرٿ کي ڪجهه ياد آيو ۽ هڪدم ادب سان چوڻ لڳو: ”ته حضور والا، جڏهن مان هليو هيم ته ان وقت منهنجو سڀ کان ننڍو ڇوڪرو اڃان اسڪول کان نه موٽيو هو، هن وقت هو ستل هوندو، صبح جو هن جي اٿڻ کان اڳ ۾ هميشه هن پيشانيءَ تي چمي ڏيندو هوس، ان ڪري اجازت ملي ته اڄ رات صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ …. مان ڪنهن وقت…“ هو خاموش ٿي ويو.
    مئجسٽريٽ هڪ فائيل تي ڪجهه لکندي حڪم ٻڌايو ۽ ٻئي سپاهيءَ کي چيو: ”تون مسٽر ڀاگيرٿ رام ايڊووڪيٽ کي واپس وٺي ويندين، ته جيئن هي پنهنجي ٻار جو نراڙ چمي سگهي.“
    ٻئي سنتريءَ، امير شخص کي چيو: ”اچو مون سان گڏ …“
    امير شخص ڪٽهڙي تان لهڻ کان اڳ ۾ عدالت کي جهڪي سلام ڪيو، پوءِ وڏي ادب سان هيٺ لٿو ۽ ٻئي سپاهيءَ سان گڏجي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر هليو ويو.
    هن جي وڃڻ کانپوءِ عدالت وري رجسٽر ۾ نهاريو، فائيل ڏٺو، هڪ فائيل تي ڪجهه لکيو، پوءِ وري رجسٽر ڏسندي چوڻ لڳو: ”نمبر سورهن هزار چار سئو ڇويهه.“
    پهرين سپاهيءَ وري پنهنجي ڪاپيءَ ۾ نهاريو ۽ ڪنڌ کڻي لاليءَ کي اشارو ڪندي چيو: ”اٿي بيهه.“
    لالي غصي وچان سپاهيءَ ڏانهن نهاريندي چيو: ”تو اڳ ۾ پهرين شخص کي چيو ته مهرباني ڪري اٿو، ڪٽهڙي ۾ اچي بيهو“ ايترو چئي هو سپاهيءَ جي جواب جي انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجي جاءِ تي اٿي بيٺو ۽ پوءِ وک وڌائي ڪٽهڙي ۾ وڃي بيٺو، مئجسٽريٽ هن کي به تکين نگاهن سان پيرن کان مٿي تائين گهوري نهاريو ۽ لاليءَ کي ائين لڳو، ڄڻ ڪا کنوڻ کلي هجي، ٿورو گهٻريائين سهي، پر هو ڊنو نه.
    مئجسٽريٽ کانئس نالو پڇيو: ”نالو..“
    ”لالي.“
    ”ڇا تنهنجو نالو اهو ئي آهي؟“
    ”ماڻهو مون کي ان ئي نالي سان سڃاڻيندا آهن.“ لاليءَ چيو.
    مئجسٽريٽ ٿورو سختي سان چيس: ”پنهنجو پورو نالو ٻڌاءِ؟“
    ”موتي لال.“
    ”عمر؟“
    ”چوويهه وريهه…“
    ”تو دنيا ۾ ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو؟“ اوچتو مئجسٽريٽ جو سوال ٻڌي لالي حيران ٿي ويو. مئجسٽريٽ کيس خاموش ڏسي وري پڇيو، ”تو پنهنجي جان ڇو ورتي؟“
    لالي خاموش رهيو.
    مئجسٽريٽ ڏٺو ته لاليءَ جي هٿ ۾ اها ساڳي ئي ڇري آهي، جيڪا هن پنهنجي سيني ۾ هنئي هئي، هن پهرين سنتريءَ کي چيو: ” هن کان اها ڇري وٺي وٺ.“
    سپاهيءَ اڳتي وڌي لاليءَ هي هٿ مان ڇري وٺي ورتي، جنهن تي لاليءَ ڪابه مزاحمت ڪانه ڪئي. مئجسٽريٽ کيس نهايت نرميءَ سان پڇيو: ”تون واپس زمين تي وڃڻ چاهيندين ته هيءَ ڇري توکي واپس ڪئي ويندي.“
    لاليءَ جي دل ۾ اميد جي لهر ڊوڙجي وئي: ”ڇا مان واپس وڃي سگهان ٿو؟“
    ”منهنجي سوال جو جواب ڏي؟“ مئجسٽريٽ چيو.
    لاليءَ چيو: ”مان جواب نه پيو ڏيان، ڪجهه پڇان ٿو؟“
    مئجسٽريٽ چوڻ لڳو: ”هن ڪٽهڙي ۾ بيهڻ وارا سوال نه پڇندا آهن، رڳو جواب ڏيندا آهن … موتي لال مون کي منهنجي سوال جو جواب ڏي، ڇا دنيا ۾ جتان تون آيو آهين، اتي ڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو اٿئي، جيڪو تون پورو ڪرڻ چاهين ٿو ؟“
    ”ها…“
    ”اهو ڪهڙو ڪم آهي؟“
    ”مان هن بدبخت جهگي جي ڪيپراٽيءَ جا ٻه ٽڪر ڪرڻ ٿو چاهيان.“ لالي ڪاوڙ واري نوع ۾ چيو.
    ”سزا ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، تنهنجو ڪم ناهي.“ مئجسٽريٽ کيس دڙڪو ڏنو، ”ياد ڪر… ڪجهه ٻيو… ڪو ٻيو ڪم، جيڪو تون ڪرڻ چاهين ٿو؟“
    لالي ٿڪيل لهجي ۾ جواب ڏنو: ”مون کي ڪا خبر ڪانهي، مان ڪجهه چئي نه ٿو سگهان، سواءِ ان جي ته جيستائين مان هتي آهيان ته واپس وڃڻ نه ٿو چاهيان.“
    مئجسٽريٽ پيشڪار کي مخاطب ڪندي چيو: ”نوٽ ڪريو، هن پنهنجو واپس وڃڻ وارو حق وڃائي ڇڏيو آهي.“
    لالي ٻڌي حيران ٿي ويو، هو آهستگيءَ سان ڪنڌ لوڏي ڪٽهڙي مان نڪرڻ لڳو ته مئجسٽريٽ جو آواز ٻڌي بيهي رهيو: ”ترس….“ لالي اتي ئي بيهي رهيو، مئجسٽريٽ کيس چيو، ”ڇا توکي خبر آهي ته تون پنهنجي زال کي روٽي ۽ ڪپڙڻ کانسواءِ ڇڏي آيو آهين؟“
    ”جي ها خبر اٿم.“
    “ڇا توکي ان ڳالهه جو افسوس نه آهي؟“
    ”نه…“
    ”توکي خبر آهي ته تنهنجي عورت حامله آهي؟ ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ هڪ ٻار کي جنم ڏيندي؟“
    “مون کي خبر آهي.“
    ”۽ اهو ته …. ته تنهنجي نه هجڻ جي صورت ۾ ٻار به روٽي ۽ ڪپڙي جو محتاج ٿي پوندو، ڇا توکي ان ڳالهه جو به افسو نه آهي؟“
    لالي پنهنجا ڪلها لوڏي چوڻ لڳو: ”مان ته هتي آهيان ۽ هو رهيا هُتي، منهنجو هنن سان ڪهڙي واسطو.“
    مئجسٽريٽ آڱر اڀي ڪري چوڻ لڳو: ”تون اسان کي ڌوڪو نه ٿو ڏئي سگهين موتي لال… اسان توکي شفاف شيشي جيان آرپار ڏسي سگهون ٿا.“
    ”جيڪڏهن اوهان ڏسي سگهو ٿا ته پوءِ مون کان پڇو ڇو ٿا؟“ لاليءَ چيو، ”مون کي ڇڏي ڏيو، جهڙو مان آهيان، بس آرام سان رهڻ ڏيو…“
    مئجسٽريٽ چيو: ”آرام جو حق آسانيءَ سان نه ملندو آهي، اهو ڪنهن نيڪ ڪم جي ڪري ملندو آهي.“
    ”مون کي ننڊ ٿي اچي …“ لالي ٿڪل ٿڪل انداز ۾ چيو، مان سمهڻ ٿو چاهيان.“
    مئجسٽريٽ چيو: تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين، تون هڪ ضدي انسان آهين ۽ مغرور به، پر اسان وٽ وقت جي ڪمي نه آهي، اسان انتظار ڪري سگهون ٿا.“
    لاليءَ کي ڪجهه ياد آيو، ۽ ياد ايندي ئي هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون، جنهن تي هن تمام مٺڙي انداز ۾ پڇيو: ”حضور! جيڪڏهن مان هڪ ڳالهه پڇان، سوال نه پر التجا ٿو ڪريان، بس ايترو ٻڌايو ته ڇوڪري ٿيندي يا ڇوڪرو؟“
    ”تون انهن کي خود پنهنجي اکين سان ڏسي سگهندين!“ مئجسٽريٽ مرڪندي چيو، لاليءَ جي چهري تي خوشي جي لهڙي ڊوڙي وئي، چوڻ لڳو: ”سچ؟ مان ان کي ڏسي سگهندس.“
    مئجسٽريٽ چوڻ لڳو: ”جڏهن تون ان کي ڏسندين، ان وقت هن جي عمر ڪنهن ٻار جيتري نه هوندي، پر اسان اڃا ان منزل تائين نه پهتا آهيون.“
    ”مان هن کي ڏسي سگهندس!“ لاليءَ خوشيءَ کان وري ورجائي چيو، ڄڻ هن کي يقين نه ايندو هجي.
    مئجسٽريٽ پنهنجي لهجي ۾ سختي پيدا ڪندي چيو: ”ٻڌ… موتي لال، توکان ٻيهر پڇيو ٿو وڃي…. ڇا توکي پنهنجي زال ۽ ٻار کي ائين بنا سهاري جي ڇڏي ڏيڻ تي افسوس ڪونه ٿو ٿئي؟ ڇا توکي ان ڳالهه جو ٿورو به احساس نه آهي ته تون هڪ برو مڙس ۽ برو پيءُ ثابت ٿيوآهيان؟“
    ”هڪ برو مڙس؟“ لاليءَ پڇيو.
    ”جي ها.“
    ”هڪ برو پيءُ؟“
    ”جي ها اهو به….“
    لاليءَ هڪ ڊگهو ساه کڻي چيو: ”مان ڇا ڪريان ها، مون کي ڪٿي ڪم جو نه ٿي مليو… ۽ مان شوڀا کي هر وقت ائين…“ چوندي رڪجي ويو، ”ائين…“ هو وري چپ ٿي ويو، هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، پر زبان هن جو ساٿ نه پئي ڏنو، ”هن کي ائين ڏسندي…“ هو وري چپ ٿي ويو ته مئجسٽريٽ سندس جملو پورو ڪيو:
    ”ائين روئيندي ڏسي نه پيو سگهين … تون اها ڳالهه چوندي هٻڪين ڇو ٿو؟“ مئجسٽريٽ جون تيز نگاهون هن جي چهري تي ڄميل هيون، ”تون هن کي رئندي ڏسي نه پيو سگهين، ان ڳالهه چوڻ ۾ ڪهڙو شرم … تون هن سان محبت ڪندو هئين؟“
    لالي چوڻ لڳو: ”ان ۾ شرم جي ڳالهه اها آهي ته مان اهو ڏسي نه پئي سگهيس، ان ڪري، ان ڪري ڪڏهن هن سان خراب سلوڪ به ڪري ٿي ويٺس، مان واپس ڪارنيوال ۾ هن پوڙهيءَ وٽ وڃڻ نه ٿي چاهيو ۽ پوءِ جهگو اچي ويو، ۽ هو هڪ نئين زندگيءَ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو، آسام وڃڻ ۽ الائي ته ڇا ڇا… ۽ الائي ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو، پوليس ۽ هو هري داس… ۽ هن جي هٿ ۾ پستول ۽ مان جوئا ۾ گهڻو ڪجهه هارائي ويٺو هوس، جهگو ڀڄي ويو ۽ مان جيل نه ٿي وڃڻ چاهيو….“ لاليءَ تي ٿورو غصو چڙهڻ لڳو ته مئجسٽريٽ جي طرف نهاري ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو، ”ته مان ڇا ڪيان ها… ڇا ڪيان ها مان؟ جڏهن گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، ته ڇا مان چوري ڪريان ها؟“
    ”ها…“ مئجسٽريٽ برجستو جواب ڏنس، ”تون چوري ڪري وٺين ها…“
    لالي حيران ٿي ويو، ڪجهه پل ته هو ائين وائڙو ٿيو بيٺو مئجسٽريٽ کي تڪيندو رهيو ته ڪٿي مئجسٽريٽ ساڻس مذاق ته نه پيو ڪري، پر هن جي سنجيده صورت تي طنز يا مذاق جو ڪو اولڙو به ڪونه هو. پر لاليءَ جي حيرت دور نه ٿي، هن مٿي کي هلڪو لوڏائي چيو:
    ”ان ڳالهه جي ته مون کي به خبر ڪانه هئي ۽ هيٺ زمين تي پوليس به ته ڪڏهن ان جي اجازت ڪانه ڏني.“
    ”تو ان معصوم ۽ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ کي مارو ڪٽيو، ڇاڪاڻ ته توسان محبت ڪندي هئي، ائين ڇو ڪيو تو؟“
    ”جهڙو ته اسان روز ڪندا هياسي، هوءَ هيئن چوندي هئي ته مان هونئن چوندو هوس، ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي هئي ۽ ائين وڌي ويندي هئي، ۽ جهيڙو شروع ٿي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ سچيون ڳالهيون ڪندي هئي ۽ … ۽ جڏهن ته مان هن جي سچين ڳالهين جو جواب ڏئي نه سگهندو هوس ته هن کي مارڻ لڳندو هوس.“
    ”توکي ان جو افسوس نه ٿو ٿئي؟“ مئجسٽريٽ پڇيس.
    لاليءَ چپ چوريا، هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، پر افسوس ۽ پشيماني، ڪڙو گولو بڻجي سندس نڙگهٽ ۾ ڦاسي پيس. هن ٿڪ ڳهڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس نڙيءَ مان هلڪو آواز نڪتو: ”جڏهن مان هن جي نرم بخمل جهڙي گردن تي هٿ رکندو هوس ته ان وقت تون چئي سگهين ٿو ته ان وقت…“چوندي اوچتو خاموش ٿي ويو، بيچين ۽ پشيمان نظر اچڻ لڳو، پر افسوس جو لفظ پوءِ به هن جي ڳلي ۾ اٽڪيل رهيو. مئجسٽريٽ زور ڪندي چيس:
    ”توکي افسوس آهي؟“
    مئجسٽريٽ جي ان زور ڏئي پڇڻ تي هن جو چهرو بدلجي ويو، هو غصي ۾ چوڻ لڳو: ”نه… مون کي ڪوبه افسوس ناهي.“
    مئجسٽريٽ مٿو لوڏيندي چيو: لالي لالي، تنهنجي مدد ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي.“
    ”مون کي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي!“
    مئجسٽريٽ فائيل ۾ ڪجهه لکيو، پوءِ قلم روڪي ورتو، نظرون مٿي ڪري ڪجهه پل غور ڪندي وري لاليءَ ڏانهن نهاريندو رهيو، پوءِ چيائين: ”توکي پيڊرو روڊ تي چوڪيداريءَ جي ملازمت پئي ملي، “ وري ترسي پيشڪار کان پڇڻ لڳو، ”هن جي تفصيل ڪٿي درج آهي؟“
    پيشڪار چوڻ لڳو: ”ننڍي رجسٽر ۾ درج آهي حضور، هن ۾ ڏسو،“ پيشڪار ننڍو رجسٽر کڻي مئجسٽريٽ جي هٿن ۾ ڏنو، مئجسٽريٽ، پنا اٿلائي ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پوءِ وڏي آواز ۾ پڙهڻ لڳو. “خالي گهر، عمدو فرنيچر، ڊبل باٿ روم، هڪ سئو رپيا پگهار توکي، هڪ سئو رپيا پگهار شوڀا کي… تو اها نوڪري ڇو ڪانه ڪئي؟“
    ”ڇاڪاڻ ته مان چوڪيدار ناهيان.“ لالي چوڻ لڳو، ”مان ڪنهن گهر جي رکوالي نه ٿو ڪري سگهان، گهر جي سنڀالڻ لاءِ ماڻهوءَ کي رکوالو ٿيڻو پوندو آ… جيڪو مان ناهيان.“
    ”ڇو ناهين؟“ مئجسٽريٽ آهستگيءَ وچان پڇيس.
    ”ڇاڪاڻ ته … ڇاڪاڻ ته،“ لالي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر مجبوريءَ واري حالت ۾ مئجسٽريٽ جي طرف معصوم نظرن سان نهاري چوڻ لڳو، ”ان ڪري ته حضور مان مري ويو آهيان.“
    ”اهو غلط آهي!“ مئجسٽريٽ چيو، ”تو ان ڪري پنهنجي جان ورتي آهي ته تون شوڀا سان پيار ڪندو هئين ۽ ان ٻار سان جيڪو ان جي پيٽ ۾ آهي.“
    ”نه…“
    ”منهنجي اکين ۾ ڏسي ڳالهاءِ.“
    لالي مئجسٽريٽ جي اکين ۾ اکيون وڌيون، ڄڻ کنوڻ جو ڪو چمڪاٽ ٿيو، هن جي سموري بدن ۾ چڻنگون چڀي ويو، پوءِ اوچتو هر ڪا شي روشن ٿي اڏامي وئي…. پوءِ ڪجهه به نه بچيو، چئني پاسي رڳو اونداهي ۽ خلا ….لاليءَ روئڻ ٿي چاهيو، هٿيار ڦٽا ڪرڻ ٿي چاهيا، پنهنجو پاڻ کي وڃائڻ ٿي چاهيو، مئجسٽريٽ جي اڇي ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي، پيرين پئي…. هڪ ڊگهو ابدي ساه کڻي ابدي ننڊ ڪرڻ لاءِ… هڪ لمحي لاءِ اهي سمورا خيال هن جي دل ۾ آيا، هن جي نڙي خشڪ ٿي وئي، ان ۾ ڪنڊن چڀڻ جو احساس ٿيڻ لڳس، پر هن جو ڪنڌ تاڻجي ويو، هن جي شخصيت ۾ ڪو ردعمل پيدا ٿيو ۽ غرور جي هڪ ڪڙي خول ۾ پناه وٺي زور سان چوڻ لڳو: ”نه……“
    ۽ پهريون ڀيرو مئجسٽريٽ جي اکين ۾ غصي جي هڪ جهلڪ ڏٺائين، پر پوءِ مئجسٽريٽ پاڻ سنڀالي ورتو ۽ سنجيدگيءَ ۽ گنڀير آواز ۾ چيو: ”لالي…. لالي… اگر اسان کي صبر جي تلقين نه ڪيل هجي ها ته…“ هو چوندي ٿورو رڪيو ۽ لاليءَ ڏانهن نهاريندو رهيو، پوءِ هن فائيل بند ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو، ”وڃ پنهنجي جاءِ تي وڃي ويهه.“ پوءِ رجسٽر ڏسي ٻئي ملزم کي سڏ ڪرايائين.


    قسط 11

    ”سورهن هزار چار سئو ستاويهه…“ پهرين سپاهيءَ پنهنجي ڪاپي کولي ڏٺي ۽ پوءِ بينچ تي ويٺو غريب شخص کي چيائين: ”بنارسي دادا هتي ڪٽهڙي ۾ وڃي بيهه.“
    بنارسي داس ڪٽهڙي ۾ وڃي بيٺو، مئجسٽريٽ هڪ پل لاءِ هن ڏانهن به نهاري سندس جائزو ورتو، پوءِ چيو: ”تون اڄ ئي نڪتو آهين؟“ مئجسٽريٽ کاٻي پاسي واري دروازي ڏانهن معنا خيز اشارو ڪيو، جنهن کي ان وقت لالي نه سمجهي سگهيو، پر هن جون نظرون کاٻي پاسي واري دروازي تي لڳل لوهي ڪڙي تي ڄمي ويون.
    بنارسي داس هاڪاري انداز ۾ چوڻ لڳو: ”هي حضور… اڄ ئي.“
    ”ڪيترا ڏينهن اتي رهين؟“ مئجسٽريٽ وري به کاٻي پاسي واري دروازي ڏانهن اشارو ڪندي پڇيس.
    ”ڏه سال…“
    مئجسٽريٽ پهرين سپاهيءَ جي طرف نهاري چيو: ”تون هن سان گڏ هيٺ ويو هئين؟“
    ”جي حضور…“
    مئجسٽريٽ قلم مس ۾ ٻوڙيو ۽ چيو: ”بنارسي داس، ڏه سال نرڳ جي باه ۾ سڙي تو پنهنجي آتما کي پاڪ صاف هئڻ جو ثبوت ڏيندي وري ڌرتيءَ تي اماڻيو ويو هئين، هڪ ڏينهن لاءِ…. ته اهو ته ٻڌاءِ اتي وڃي تو نيڪيءَ جو ڪهڙو ڪم ڪيو؟“
    بنارسي داس چوڻ لڳو: ”حضور جڏهن مان پنهنجي ڳوٺ پهتس، ۽ پنهنجي گهر جي دريءَ مان اندر ليئو پاتم ته ڏٺم ته منهنجا يتيم ٻار هيٺ پٽ تي ستل آهن، ان وڳڙي مينهن به پيو پوي ۽ ڇت به پئي ٽمي، ان ڪري خاموشيءَ سان ڇت تي چڙهي ويس ۽ پنهنجي گهر جي ڇت ٺيڪ ڪيم ته جيئن منهنجا ٻار مينهن ۾ ڀڄي بيمار نه ٿي پون، ۽ آرام سان سمهيا پيا هجن.“
    مئجسٽريٽ پهرين سپاهيءَ ڏانهن نهاريندي پڇيو: ”هي درست ٿو چوي؟“
    ”جي ها حضور.“ پهرين سپاهيءَ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    مئجسٽريٽ جي چهري تي نوراني خوشيءَ جا اولڙا پوڻ لڳي، چوڻ لڳو: ”بنارسي داس تو واقعي نيڪ ڪم ڪيو آهي، ۽ جيڪو ڪم تو ڪيو آهي، اهو ڪم ٻارن جي ڪتابن ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو،“ پوءِ ساڄي پاسي واري دروازي ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو“ ”وڃ! تون هاڻي هيڏانهن وڃي سگهين ٿو… ابدي بهارون تنهنجو انتظار ڪري رهيون آهن.“
    بنارسي داس جهڪي سلام ڪيو، ڪٽهڙي کان ٻاهر نڪتو ته پهرين سپاهيءَ هن کي جهڪي سلام ڪيو، پوءِ هو بنارسي داس کي نهايت ادب ۽ احترام سان ساٻي پاسي واري دروازي ڏانهن وٺي ويا.
    مئجسٽريٽ لاليءَ کي مخاطب ڪندي چيو: ”ٻڌي ورتو نه تو؟“
    ”هائو ٻڌي ورتو.“
    ”جڏهن ماڻهو پهريون ڀيرو سامهون پيش ٿيندو آهي ته تو وانگر ضدي ۽ مغرور هوندو آهي، پر هاڻي هو ان باه ۾ تپي، ٻري ڪندن ٿي ويو آهي، هن هاڻي تمام سٺو ڪم ڪيو آهي.“
    ”ڇا ڪيو آ هن؟“ لاليءَ تيز طبيعت جو مظاهرو ڪندي چيو، ”ڪهڙو اهڙو تير هنيو اٿس، ڇت ٺاهڻ وارو اهو ڪم هرڪو ڪري سگهي ٿو، جناب ان کان وڌيڪ مشڪل ڪم آهن، ڪارنيوال ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، ٽڪيٽون وڪڻڻ …“
    مئجسٽريٽ ٿورو تحمل کان ڪم وٺندي لاليءَ ڏانهن نهاريو، پوءِ ٻه ٽي ڀيرا پنهنجي اڇي ڏاڙهيءَ جي وارن تي هٿ ڦيريو، پوءِ ڪڙڪي سان چوڻ لڳو: ”لالي، اسان توکي ٻارهن سالن جي باه ۾ ساڙيندڙ جهنم جي سزا ٿا ڏيون، ان وقت تائين، اسان اميد ٿا ڪريون ته تنهنجو اهو حد کان وڌيل غرور جو پارو ۽ اجايو ضد، جهنم جي باه ۾ سڙي رک ٿي ويندو، ان وقت تائين تنهنجي ڌيءَ به ٻارهن سالن جي ٿي ويندي.“
    ”منهنجي ڌيءَ؟“ لالي ڇرڪ ڀريو، ”ته ڇا مون کي ڌيءَ ڄمندي؟“
    ”۽ جڏهن تنهنجي ڌيءَ ٻارهن سالن جي عمر کي رسندي،“ مئجسٽريٽ سندس سوال اڻ ٻڌو ڪندي پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ ۾ محو هو. لاليءَ هڪ لمحي لاءِ پنهنجي چهري تي هٿ رکي ڇڏيو، مئجسٽريٽ چوڻ لڳو، ” ”۽ جڏهن تنهنجي ڌيءَ ٻارهن سالن جي عمر کي رسندي ته توکي هڪ ڏينهن لاءِ زمين تي موڪليو ويندو.“
    ”مون کي!“
    ”ها توکي، تو پراڻن قصن ڪهاڻين ۾ پڙهيو هوندو ته مرده ڪيئن زنده ٿي زمين تي ايندا آهن.“
    ”مان انهن تي ڪڏهن يقين نه ڪندو هوس.“
    ”اهو سڀ سچ آهي، “ مئجسٽريٽ چويڻ لڳو، ”تون هڪ ڏينهن لاءِ واپس ڌرتيءَ تي ويندين ۽ اهو ثابت ڪندين ته تنهنجو روح پاڪ پوتر ٿي ويو آهي.“
    لاليءَ پڇيو: ”گويا مون کي وري ٻڌائڻو پوندو ته مان ڇا ڪري سگهان ٿو، جيئن…. جيئن موٽر ڊرائيور کي ڪم ملڻ کان اڳ ۾ موٽر هلائي ڏيکاربي آ…“
    ”ها…“ مئجسٽريٽ چيو، ”اهڙيءَ ريت تنهنجو به امتحان ورتو ويندو.“
    ”ته مون کي ٻڌايو ويندو ته، مون کي اتي ڇا ڪرڻو آ؟“
    ”نه…“
    ”ته پوءِ مون کي ڪيئن خبر پوندي ته …“ لالي خاموش ٿي ويو، پر هن جون نظرن ۾ هڪ سوال اٽڪيل هو.
    مئجسٽريٽ چوڻ لڳو: ”اهو تون پاڻ فيصلو ڪندين، ٻارهن سال نرڳ جي باه ۾ سڙندي… اهو فيصلو تون پاڻ ڪندين! ۽ جيڪڏهن ان هڪ ڏينهن ۾ تو پنهنجي اولاد لاءِ ڪو عمدو شاندار يا يادگار ڪم ڪيو ته …“ مئجسٽريٽ چپ ڪئي.
    ”ته“ لالي پڇيس.
    ”اوچتو مئجسٽريٽ اٿي بيٺو ته سڀئي احترام سبب اٿي ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيا.
    لاليءَ پنهنجو سوال ورجائيندي هوريان چيو: ”ته… حضور والا…“
    مئجسٽريٽ چيو: ”مان هاڻ هلان ٿو لالي، ٻارهن سال ۽ هڪ ڏينهن کانپوءِ توکي منهنجي سامهون پيش ڪيو ويندو ۽ جڏهن تون زمين تان ٿي موٽي ايندين ته پوءِ مان توکان اهي ئي سوال پڇندس، ان ڪري غور ڪر…. سوچ، تون پنهنجي ٻارڙيءَ لاءِ ڪهڙو نيڪ ڪم ڪري سگهين ٿو، تنهنجي ان فيصلي تي ئي باقي معاملن جو دارومدار آهي ته تنهنجي لاءِ ٻارهن سال ۽ هڪ ڏينهن کانپوءِ ڪهڙي پاسي وارو دروازو کوليو وڃي، هاڻي وڃ لالي.“ مئجسٽريٽ عدالت جي چبوتري تان لهي پويان وچين دروازي ۾ اندر هليو ويو، جنهن تي گهنٽي لڳل هئي.
    سپاهيءَ لاليءَ کي چيو: ”آءُ منهنجا ٻچا، هل…“ سپاهيءَ لاليءَ کي کاڄي پاسي واري دروازي ڏانهن وٺي وڃڻ لڳو، پيشڪار لاليءَ جي اڳيان گذري اڳتي هليو ويو، هو ساڄي پاسي واري دروازي ڏانهن وڃي رهيو هو، ته ايتري ۾ لاليءَ کيس روڪيو: ”ٻڌجانءِ ته ڀاءُ…“
    پيشڪار ساڄي پاسي ويندي ويندي ترسيو: ”ڇاهي؟“ پيشڪار پڇيس.“
    ”تو وٽ هڪڙو سگريٽ هوندو؟“ لاليءَ پڇيس.
    پيشڪار کيس گهوري ڏٺو، پوءِ مڙي لاليءَ وٽ آيو، کيسي ۾ هٿ وجهي هن هڪڙو سگريٽ ڪڍي لاليءَ کي ڏنو ۽ پوءِ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.
    لالي هاڻي سپاهيءَ سان گڏجي کاٻي پاسي واري دروازي جي ويجهو پهچي چڪو هو، سپاهيءَ هن کي ترسڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ هڪدم اڳتي وڌي کاٻي پاسي واري دروازي جو لوهي ڪڙو کوليو، دروازو کلندي ئي هڪ اهڙي تيز ڳاڙهي روشنيءَ جو شعلو لاليءَ جي مٿان پيو جو هن جون اکيون ٻوٽجي ويون، ڊگهن ڊگهن الن ۽ شعلن جا جهپ هڻندڙ شعاع دروازي کان ٻاهر اچڻ لڳا. لالي گهٻرائجي هڪ قدم پوئتي هٽيو،
    پوءِ هن جو ڪنڌ جهڪي ويو.
    ۽ پوءِ اکين تي هٿ رکي هو باه جي انهن ڀڙڪندڙ الن ۾ گهڙي ويو.
    (10)
    شوڀا بوري دلي اسٽيشن جي ڀر ۾ گلن واري جي دڪان تان هڪ هار خريد ڪيو، اڄ هن جي مڙس کي مئي ٻارهن سال گذري ويا هئا. هونئن ته هوءَ پنهنجي گهر ۾، ڪمري جي اندر ئي لڳل هن جي تصوير تي گلن جو هار وجهندي هئي، پر سال ۾ هڪڙو ڀيرو ته هڪ نئون هار ضرور خريد ڪري ايندي هئي ۽ تصوير تي چاڙهيندي هئي.
    اڄ لاليءَ کي مئي ٻارهون سال ٿيو هو، اڄ هن جي ڌيءَ رتنا به ٻارهن سالن جي اچي ٿي هئي. رتنا پنهنجي پيءُ کي ڪونه ڏٺو هو، پر هوءَ پنهنجي پيءُ کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي، ۽ رتنا جي دل ۾ اها ئي تصوير آهي، اها ئي شخصيت آهي، جيڪا شوڀا سندس ننڍپڻ کان هن جي دل ۽ دماغ ۾ ويهاري آهي. شوڀا هار واري دڪان تان هار وٺي، ان کي ڪيلي جي پن ۾ ويڙهي، اڳتي وڌي اچي انبن واري ريڙهي تان ٻه انب خريد ڪيا، شوڀا کي انب ڏاڍا وڻندا آهن. انب سائي رنگ جي پلاسٽڪ جي ننڍڙي ٿيليءَ ۾ وجهي، شوڀا گهر جي پاسي وڃڻ لڳي.
    اسٽيشن اٽڪل هڪ ميل جي مفاصلي تي بوري والا مقام ۾ آهي، حالانڪ بوري دليءَ جو علائقو خود بمبئيءَ جي مقام ۾ شامل آهي، پر اها ٿوري جاءِ وليم ڪيبرال، شوڀا کي خريد ڪري ڏني هئي، ۽ اتي ئي شوڀا پنهنجو ڇپر جهڙو گهر ٺاهيو هو، گهر ته ائين ئي هو، جيئن گهڻو ڪري سوڙهين گهٽين ۾ ٺاهبو اهي، پر هي ڇپر جهڙو گهر وڌيڪ ويڪرو ۽ وڏ هو، گهر جي اڳيان دالو هو، ۽ دالي جي اڳيان کليل اڱڻ، جنهنجي چئني پاسن کان شوڀا ڪاٺيءَ جو جهنگلو لڳائي ڇڏيو هو ۽ ان جهنگلي جي وچ ۾ هڪ پراڻو دروازو هو، جيئن اڪثر ٻني ٻارن جي وچ ۾ هوندو آهي، ۽ اهو دروازو به سدائين کليل رهندو هو ۽ اندران هڪ لوهي ڪڙي سان بند ٿيندو هو.
    ڇپر جي اڳيان جيڪا ٿوري زمين هئي، ان تي ڪٿي ڪٿي گلن جون ڪونڊيون به رکيل هيون، ڇپر کي ڏسندي ائين ئي لڳندو هو جئين ڪنهن ٻئي غريب جو هوندو آهي، پر غريبيءَ جي باوجود صاف سٿرو رکڻ جي ڪوشش ڪيل هجي.
    شوڀا جڏهن گهر جي ٻاهران پهتي ته ان وقت رتنا گهر ۾ اندر ڪٿي، موجود هئي، جهنگلي جي اندر دروازي جي ويجهو کاٻي پاسي هڪ وڏو پٿر رکيل هو، ائين ٿي لڳو ته شايد زمين هموار ڪرڻ وقت ڪنهن ويجهي دڙي مان نڪتو هجي، پر ڳورو ۽ وڏو سمجهي اتي ئي ڇڏي ڏنو ويو آهي ۽ ان کي پنهنجي جاءِ تان لوڏڻ جي ڪوشش به نه ڪئي وئي آهي، ان پٿر کان ڪجهه فاصلي تي ٻه وڏا وڏا ڪاٺيءَ جا اسٽول رکيل آهن، هڪ پاسي هڪ پراڻي ميز، جنهن پاوا به لڏيا ٿي… ان ميز جي ويجهو پراڻين اڏوهيءَ کاڌل ڪرسين تي وليم ۽ رسنا، نهايت وڻندڙ ڪپڙن ۾ ڪجهه ڪجهه خفي ويٺل هئا ڇاڪاڻ ته اهي گهڻي دير کان شوڀا جو انتظار ڪري رهيا هئا.
    شوڀا ڪاٺيءَ جي اسٽولن جي سامهون رکيل پيرن سان هلندڙ سبڻ وارين مشينن ڏانهن نهاريو، ٻنهي مشينن تي ڊگهي گلن واريون چادرون پيل هيون جيڪي زمين تائين ڊگهي تڏي تائين لڙڪي رهيون هيون، انهن جي ڊگهائي مان شوڀا اندازو لڳايو ته سندس وڃڻ کانپوءِ رتنا انهن پردن کي سبيو نه آهي، ۽ شايد هن جي بازار وڃڻ کان جلد ئي پوءِ رسنا وارا آيا هجن. رسنا جو وڻندڙ لباس ڏسي شوڀا کي ياد آيو ته ٻارهن سال پهرين رسنا جو لباس ۽ رنگ ڍنگ ڪنهن ٻئي طريقي جو هوندو هو، ’رسنا ان عرصي ۾ ڪيتري نه مهذب ٿي وئي آهي ۽ سندس مڙس به ڪيترو نه ٿلهو ٿي ويو آهي، چهرن تي ڪيڏي نه تازگي ۽ واندڪائي ٿي بکين.‘
    ايتري ۾ رتنا ٻنهي هٿن ۾ ٻن ننڍين رڪيبين ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ سامان کڻي ٻاهر آئي، ماءُ کي ڏسي، خوشيءَ مان مرڪڻ لڳي، ورانڊي کان ٻاهر ايندي، کيس ڏسي شوڀا سوچيو، ’اڄ منهنجي رتنا… ٻارهن سال جي ٿي وئي آ…‘ رتنا کي صاف سٿرو فراڪ پهريل هو.
    ’پر اها ڳالهه ڪٿي جا رسنا جي ٻارن کي نصيب آهي، اگر لالي جيئرو هجي ها ته … پر،‘
    شوڀا ڪاٺيءَ واري جهنگلي جو دروازو کوليو،
    ’ياد ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو،‘
    شوڀا کي ڏسي وليم ۽ رسنا پنهنجي جاءِ تان اٿيا، رتان ٻئي رڪيبيون، پٽاٽن مان ڪٽي تريل ٿورن وڏڙن ڳترن ۽ دال موٺ سان ڀريل هيون، وليم ۽ رسنا جي سامهون رکيون ۽ شوڀا کي چوڻ لڳي:
    ”امان، انڪل ۽ آنٽي جن واپس پئي ويا، مون وڏي مشڪل سان کين روڪيو آهي.“
    رسنا پٽاٽن جا تريل ٿورا وڏڙا ڳترا ڏٺا ته دل ۾ انهن جي سٺي نه هجڻ جو خيال اڀري آيس، پر ظاهري طور ڪجهه به نه چيائين، بس رڳو مٿو ڌوڻي کائڻ کان انڪار ڪيائين، پر ٿورو مرڪندي چوڻ لڳي: نه رتنا، هن وقت اسان ڪجهه نه کائينداسي، ناشتو ڪري نڪتا هياسي، بلڪل جاءِ ناهي.“
    پوءِ رسنا شوڀا سان ڀاڪر پائي ملي، ۽ چوڻ لڳي:
    ”تون اچي وئينءَ مائي ڊيئر، بس توکي ئي ڏسڻ لاءِ اسان ترسياسي.“
    ”هاڻي ماني کائي وڃجانءِ.“
    رسنا پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙيءَ ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي: ”ڏاڍي دير ٿي وئي آ..مائي ڊيئر… وليم باندري ۾ هڪ نئون ريسٽوران کوليو آ، ”آرام ڪافي هائوس“… هن وقت اسان کي اوڏانهن وڃڻو آ..“
    ”وڃڻو آ، پر سڄي ڏاينهن لاءِ ته نه وڃڻو آ؟“
    ”نه ڪافي دير هتي تنهنجو انتظار ڪيوسي، هاڻي نه روڪ، وري ڪڏهن اينداسي، هاڻي اسان کي وڃڻ ڏي،“ پوءِ وليم ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳي، ”هن کي حساب ڪتاب به ڏسڻو آهي.“
    ”ته تون وڃين ڇا ڪندينءَ؟“
    ”رسنا چوڻ لڳي: ”منهنجي قسمت ۾ فرصت ڪاٿي آ ڀيڻ، هي حساب ڪتاب ڏسندو ته مان خزانچيءَ جي ڀرسان ويهي اخبار پڙهندس ۽ ويٽرن تي نظر رکندس… هي وليم جو چوٿون ۽ سڀ کان عمدو ريسٽوران آهي، ان ڪري اتي سڀ کان وڌيڪ وقت ڏيڻو پوندو آهي.“
    ”۽ ٻار؟“
    ”اهي R.A ڪالونيءَ جي پاسي گهمڻ ويا آهي، پڪنڪ تي.“
    ”تون گڏ نه وئين؟“
    ”اڙي ڀيڻ ٻارن جي سار سنڀال مون کان ڪاٿي ٿي پڄي، وڏو ڇوڪرو سينٽ بليرڊ ۾ پڙهندو آ… ان لاءِ هڪڙو ٽيوٽر رکيو آ…ڇوڪري صوفايا ۾ پڙهندي آ، ان جي سار سنڀال هڪڙي گورنيس لهندي آ.. اهي ئي هنن سان گڏ ويا آهن.“
    رتنا رسنا کي ڀاڪر پائي چنبڙي پئي: ”ترسي پهءُ نه آنٽي، اسان سان گڏ ماني به کائو نه؟“
    رسنا شفقت سان سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو: ”اڄ نه ٿو ٿي سگهي مائي ڊيئر چائيلڊ، وري ڪنهن ٻئي ڏينهن،“ وري مڙس ڏانهن مڙي چوڻ لڳي: ”مائي ڊيئر هاڻي هلڻ گهرجي.“ وليم مرڪندي اٿي بيٺو ۽ شوڀا ۽ رتنا ٻنهي سان هٿ ملائي چوڻ لڳو:
    ”گڊ بائي.“
    ”گڊ باءِ….“ رتنا ۽ شوڀا گڏجي چيو. ٻئي ماءُ ڌيئر ساڻن گڏ دروازي تائين آيا، رتنا هنن لاءِ دروازو کوليو، جڏهن وليم ۽ رسنا جهنگلي کان ٻاهر نڪتا ته شوڀا وليم کان پڇيو ته: ”ڪار ڪاٿي بيهاري اٿوَ؟“
    ٻاهر سڙڪ تي ناڪي وٽ.“ وليم کيس جواب ۾ چيو، پوءِ ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جو هٿ هٿ ۾ ڏئي وڃڻ لڳا.
    شوڀا ۽ رتنا جهنگلي وٽ بيهي ٻنهي لاءِ ان وقت تائين هٿ لوڏيندي رهي، جيستائين هو ٻئي نظر پئي آيا. جڏهن هو نظرن کان غائب ٿي ويا ته رتنا ۽ شوڀا ٻئي جهنگلي کان مڙي، واپس اچڻ لڳيون، موٽندي رتنا چوڻ لڳي:
    ”آنٽي ۽ آنڪل ڪيترا نه سٺا آهن،“
    شوڀا هڪ ٿڌو ساه کڻي چيو: ”ڏاڍا سٺا آهن.“ ٻه وکون خاموشيءَ سان کڻندي هن وري چيو“ ”اهي ٻئي نه هجن ها ته مان ساري عمر دٻا بڻائڻ واري فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي رهان ها، هاڻي اسان وٽ سبڻ واريون ٻه مشينون آهن، انهن جي چئني هوٽلن جو ڪم ملي ٿو، سبڻ لاءِ پردا، ميز پوش، چادرون ۽ ٽوال به سبڻ لاءِ ملن ٿا.“
    رتنا جهڪيل نگاهن سان سبڻ وارين مشينن ۾ لڳل ڊگهن ڊگهن پردن ڏانهن ڏسندي دالان جي پاسي هلڻ لڳي، شوڀا به ساڻس گڏ هئي، هوءَ چئي رهي هئي، ”پوءِ تنهنجو انڪل ته ٻي جاءِ تان به ڪم وٺي ڏيندو آ، نه ته تنهنجي غريب ۽ بيوه ماءُ جو ڪم ڪيئن هلي ها! ۽ مان توکي اسڪول ۾ ڪٿان پڙهائي سگهان ها!“
    شوڀا وري به هڪ ڊگهو ساه کنيو ۽ پنهنجي ڌيءَ کي چوڻ لڳي: ”آءُ ته هاڻي ماني کائون.“ پوءِ ٻئي ماءُ ڌيءَ ڇپر جي اندران ماني ڪڍي آيون ۽ ٻاهر پيل پراڻي ميز جي پاسن کان پيل انهن اڏوهي کاڌل ڪرسين تي، جن تي وليم ۽ رسنا ويٺل هيون، گهلي ميز جي ويجهو ڪري، انهن تي ويهي ماني کائڻ لڳيون. ماني کائڻ وقت رتنا جو چهرو ڪاٺيءَ جي جهنگلي جي سامهون هو ۽ شوڀا جي پٺي جهنگلي جي طرف هئي، ۽ حالانڪ ماني کائڻ وقت رتنا جو چهرو جهنگلي جي پاسي هو پر هوءَ ماني کائڻ ۾ ايترو ته مصروف هئي جو هن، انهن ٻنهي ڪارا چوغا پاتل سپاهين کي ڪونه ڏٺو، جيڪي هن جي سامهون، ڪاٺيءَ جي جهنگلي جي ٻاهران هنن ڏانهن غور سان ڏسندي گذري ويا، ۽ لالي ڪاٺيءَ جي جهنگلي جي ويجهو هلندي اچي جهنگلي جي ننڍي دروازي جو سهارو وٺي بيهي رهيو.
    هي اهو لالي هو، پر هن جي چهري تي هلڪي ڇڊي ڏاڙهي اچي وئي هئي، ۽ رنگ به بيحد سانورو ٿي ويو هوس ۽ چهرو به سست، ۽ پيلو…. ڪپڙا به اهي ئي پيل هئس، جيڪي کيس ٻارهن سال اڳ مرڻ وقت پهريل هئا، پر هاڻي انهن ڪپڙن جو رنگ لهي چڪو هو، صفا ميرا گپ هاڻا، پراڻا پئي نظر آيا.
    لالي رتنا جي طرف نهاري چيو: “رام رام.“
    رتنا چوڻ لڳي: ”رام رام.“شوڀا جنهنجي پٺ لاليءَ جي طرف هئي، بنا نهارڻ جي چوڻ لڳي: ”وري ڪو پينو آيو آهي؟ ڇا ٿو گهري؟“
    ”ڪجهه به نه.“ لاليءَ چيو.
    شوڀا ٿورو پوئتي مڙندي چوڻ لڳي، ته جيئن پينو فقير هن جو آواز چڱيءَ طرح ٻڌي سگهي، ”ڏس ڪاڪا! اسان پيسا نه ٿا ڏئي سگهون، اسان ته پاڻ غريب آهيون،“ پوءِ هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي مخاطب ڪندي چوڻ لڳي، ”پر رتنا تون هڪڙي روٽي هن کي ڏئي ڇڏ، ۽ مٿان ٿوري ڀاڄي به رکي ڏيس.“
    ”ها امان.“ ائين چئي رتنا ماني کائيندي اٿي دالان مان گذري اندر ڇپر ۾ هلي وئي، لالي کيس ويندي نهاريندو رهيو، ايتري ۾ شوڀا مڙي هن کان پڇيو: ”گهڻو ٿڪل ٿو لڳين، ڇا بيمار آن يا پري کان آيو آن؟“
    ”هائو گهڻو پري کان آيو هان!“
    ”ته ڏس،“ شوڀا نهايت نرميءَ سان چيس، ”اهو ڪاٺيءَ جو گيٽ کولي جهنگلي جي اندر اچي وڃ ۽ ان پٿر تي اچي ويهي ساه پٽ.“
    لالي دروازي جو ننڍو ڪڙو کولي اندر آيو ۽ ويڪري وڏي پٿر تي ٿڪل انداز ۾ ويهي رهيو، هن جي هٿ ۾ هڪ وڏي پر ميري سيري رومال ۾ ٻڌل ڪا چيز موجود هئي، جنهن کي هن وڏي احتياط سان پنهنجي گوڏن تي رکيو، ايتري ۾ رتنا ڇپر مان ٻاهر نڪري دالي ۾ آئي، لاليءَ جون نظرون ان تي ئي کتل هيون.
    رتنا جي ايندي هن شوڀا کان پڇيو: ”هيءَ تنهنجي ڇوڪري آ؟“
    ”ها!“
    ايتري ۾ رتنا هن جي ويجهو اچي پهتي، جهڪي هن لاليءَ کي ماني ۽ ان تي پٽاٽن جي ڀاڄي رکي ڏني، لاليءَ ٻئي هٿ وڌائي ماني ورتي، پوءِ هن ڏانهن ڏسندي پڇڻ لڳو: ”تون هن جي ڇوڪري آن؟“
    ”هائو؟“
    ”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
    ”رتنا.“
    ”ڏاڍو سندر ۽ پيارو نالو آ، “ چئي لاليءَ وڏي پاٻوه مان هن جي هٿ کي ڇهيو، رتان گهٻرائجي هڪدم پنهنجو هٿ پوئتي ڪري ورتو، ۽ ماءُ کي سڏيندي چيو: ”امان.“
    ”ڇاهي؟“
    ”هن پينو فقير منهنجي هٿ کي ڇهيو…“
    ”غلطيءَ مان ڇهيو هوندائين ڌيءَ.“ شوڀا چوڻ لڳي، ”منهنجي ڌيءَ، هن غريب فقير کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي فرصت ڪاٿي ملندي آ.. جو ويچارو ڪجهه سوچي.“ پوءِ لاليءَ ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳي، پر لاليءَ جو چهرو ان وقت مانيءَ تي جهڪيل هو ۽ هن جي هٿن جون اڱريون ڏڪي رهيون هيون. ”جلدي نه ڪر آرام سان کاءُ.“
    لاليءَ مانيءَ جو هڪ گراه وات ۾ وجهندي ڳالهايو: ”تون ڪپڙا سبندي آن؟“
    ”ها!“
    ”۽ هيءَ تنهنجي ڇوڪري؟“
    ”اها به اهو ئي ڪم ڪندي آ.“
    ”۽ تنهنجو گهر وارو…؟“
    ”منهنجو گهر وارو ناهي،“ کائيندي شوڀا جو هٿ رڪجي ويو، هڪ پل لاءِ بلڪل خاموشي ڇانئجي وئي، ان کانپوءِ هن دٻيل آواز ۾ چيو، ”مان وڌوا آهيان.“
    ”وڌوا…“ لاليءَ پڇيو.
    ”ها.“ شوڀا جواب ۾ چيو.
    لاليءَ گراه وات ۾ وڌو ۽ چٻاڙيندي چوڻ لڳو: ”تنهنجي گهر واري کي گذاري گهڻو وقت ٿي ويو آ؟“
    شوڀا خاموش هئي.
    لاليءَ وري پڇيس: ”تنهنجي گهر واري کي مئي…“
    ”ها گهڻو ٽائيم ٿي ويو آ!“ شوڀا آهستگيءَ سان چيو.
    ”ڪهڙي بيماري ٿي هئي هن کي؟“
    ”ڪو پتو ناهي،“
    اوچتو رتنا ڳالهايو: منهنجو پپا، او… هوڏي … آسام گوهاٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ ويو هو، پوءِ اتي اسپتال ۾ مري ويو… مون ته پنهنجي پپاجي شڪل به ناهي ڏٺي.“ رتنا اداس ٿي وئي، پر شوڀا خاموش هئي، هن جي پٺي اڃان به لاليءَ جي پاسي هئي.
    ٿوري دير جي خاموشيءَ کانپوءِ لاليءَ پڇيو: ”هو آسام ويو هو؟“
    ”هائو! منهنجي ڄمڻ کان اڳ ۾…“
    شوڀا مڙي، پڇيس: ”تون اهڙا سوال ڇو ٿو ڪرين؟ ڇا تون منهنجي گهر واري کي سڃاڻيندو هئين؟“
    لالي چوڻ لڳو: ”مان بس ائين پيو پڇان، برو نه ڀانئجو، ڇا خبر مون ڪڏهن کيس ڏٺو هجي، پينو فقير ته جاءِ جاءِ تي گهمندا وتندا آهن نه.“
    شوڀا ٿورو سخت لهجي ۾ چيس: ”ڄاڻيندو هئينس ته ٺهيو ڇڏ ان ڳالهه کي، بار بار هن جو ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟، بس سمجهه ته منهنجو گهر وارو هتان آسام ويو ۽ اتي مري ويو.“
    لاليءَ جي نڙيءَ ۾ گراه اٽڪي پيو، يا شايد ڪو جذبو اٽڪي پيس جو نڙي کان اڳرڻ مشڪل ٿي پيس، هو ان کي اڳرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ايتر ۾ رتنا وڏي فخر سان هن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”منهنجو پپا ڏسڻ ۾ ڏاڍو سٺو هو، سڀئي ٿا چون.“
    شوڀا کيس روڪيندي چوڻ لڳي: ”گهڻيو ڳالهيون نه ڪر.“
    رتنا چوڻ لڳي: ”مان ڪا غلط ڳالهه ته نه ٿي ڪريان.“
    ”نه هن کي چوڻ ڏي…“ لاليءَ شوڀا کي التجا واري انداز ۾ چيو، ”ويچاري پنهجي پيءُ کي ياد ٿي ڪري، چوڻ ڏيس.“
    رتنا هن جي ٽيڪ وٺي وري چوڻ لڳي: ”هو جادوگر به هو، هٿن ۾ ٽي گولا کڻي انهن کي بار بار هوا ۾ اڇلائي ائين ڦيرائيندو هو، جيئن سرڪس ۾ چيني ڦيرائيندا آهن.“
    ”توکي ڪنهن ٻڌايو آ؟“ لاليءَ پڇيس.
    “انڪل وليم …“
    ”ڪير آ اهو؟“
    ”منهنجو انڪل آهي، ڪيبرال باندري جو سڀ کان وڏو ماڻهو، شهر ۾ هن جا چار هوٽل آهن.“ رتنا اڱرين تي ڳڻيندي چيو.
    لاليءَ چوڻ لڳو: ”هان! اهو وليم ڪيبرال، جيڪو پهرين سينيما تي چوڪيدار هوندو هو.“
    شوڀا، هن ڀيري چڱيءَ ريت مڙي، حيرت وچان هن ڏانهن نهاريائين ۽ چوڻ لڳي: ”تون ته ان کي به ٿو سڃاڻين، سموري بمبئي وارن کي سڃاڻيندو آن ڇا؟“
    رتنا هڪدم ڳالهايو: ”انڪل وليم منهنجي بابا جو دوست هو.“
    ”نه…“ شوڀا سختيءَ سان کيس ڇنڀيندي چيو، ”هو ان جو دوست نه هو، هن جو ڪو به دوست نه هو.“
    ”تون پنهنجي گهر واري لاءِ ايتري سخت ڳالهه ڪيئن ٿي ڪرين؟“
    ”ڇونه ڪيان! تنهنجو ڪهڙو ڪم، هو منهنجو گهر وارو هو، هن لاءِ جيڪو چاهيندس اهو چوندس، تون ڪير ٿيندو آن؟“
    ”مان ڪير ٿيندو آن، واقعي…“
    ٿوري دير جي لاءِ ٽئي چپ ٿي ويا، ۽ ماني کائڻ لڳا، آخرڪار رتنا خاموشيءَ کي ٽوڙيندي، ڊڄندي، پنهنجي ماءُ کان پڇيو: ”شايد منهنجي پپا کي سڃاڻي ٿو.“
    ”ڪهڙي خبر … پڇيس ان کان…“
    رتنا پنهنجي ڪرسي سيري لاليءَ جي ڀرسان ٿي ويٺي، جيڪو پٿر تي ويٺو هو، ۽ ماني کائي رهيو هو.
    ”ڇا تون منهنجي پپا کي سڃاڻيندو هئين؟“
    لاليءَ ڪنڌ سان هاڪار ڪئي، رتنا مڙي شوڀا جي طرف نهاريو ۽ چيو: ”امان… امان.. هي سڃاڻي ٿو پپا کي.“
    هاڻي شوڀا ڪرسي ڦيرائي لاليءَ جي سامهون ٿي چوڻ لڳي: ”تون موتي لال کي سڃاڻيندو هئين؟“
    رتنا هڪدم وچ ۾ ڳالهايو: ”ڏسڻ ۾ سهڻو هو نه… منهنجو پپا؟“
    ”اهو ته مان چئي نه ٿو سگهان.“ لاليءَ چيو.
    ”۽ ڏاڍو سٺو به هو؟“
    ”هو ايترو سٺو به نه هو… خالي بس هڪڙي ڪارنيوال ۾ بارڪر هو…“
    رتنا کيس تڪڙ تڪڙ ۾ ٻڌائڻ لڳي: ”ٻڌو آ ته هن جا لطيفا به ڏاڍا سٺا هوندا هيا، ڏاڍو کلائيندو هو ماڻهن کي… منهنجو پپا…“
    ”روئاڙيندو به هو…“ لالي اداس ٿي ويو، ”تنهنجي ماءُ سان هن جو سلوڪ سٺو نه هو، هو ان کي ماريندو به هو…“
    شوڀا کي ڪاوڙ لڳي وئي: ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين…“
    ”مان سچ ٿو چوان…“ لاليءَ دل کي مضبوط ڪندي چيو.
    ”توکي شرم نه ٿو اچي، منهنج ٻارڙيءَ جي اڳيان هن جي پيءُ لاءِ اهڙيون خراب خراب ڳالهيون ٿو ڪرين… پنهنجي ماني کاءُ ۽ هليو وڃ هتان، مئلن کي ٿو لڪ لائين، شرم نه ٿو اچئي…“
    ”مان… مان…“ لالي گهٻرائجي ويو، ”منهنجو مطلب اهو نه هو ته ….“
    ”منهنجي ڌيءَ جي دل خراب ٿو ڪرين، هن جي مئل پيءُ متعلق… هتي اچي اجايو ڪوڙ بدوڙ ٿو ٺاهي هڻين… رتنا هن کي چهءُ ته هتان هليو وڃي، بدبخت ڪنهن جاءِ جو…“
    شوڀا ائين چئي لاليءَ کان منهن موڙي ورتو.
    لاليءَ شوڀا کان پڇيو: ”تون ته چوين ٿي ته تنهنجي گهر واري توکي ڪڏهن نه ماريو…“
    ”ڪڏهن به نه…“ شوڀا هن جي پاسي مڙي چيو، ”هن جو مون سان سلوڪ ڏاڍو سٺو هو…“
    رتنا هوريان آواز ۾ پڇيس: ”ڇا هو مزيدار آکاڻيون به ٻڌائيندو هو؟“
    ”ڏاڍيون مزيدار، کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهڻ وارا قصا… هن کي ڏاڍا ياد هوندا هيا.“
    شوڀا تنگ ٿيندي چيو: ”هن پينوءَ سان وڌيڪ مٿي ماري نه ڪر رتنا، بس هن کي چهءُ ته هتان هليو وڃي.“
    رتنا پنهنجي ماءُ جي تنبيهه ٻڌي، اٿي، وڃي ڪاٺيءَ جو دروازو کولي ڇڏيو ۽ فقير کي وڃڻ جو اشارو ڪيو. لالي نه چاهيندي به اتان اٿيو، دروازي تائين پهچي، ڏکارين نظرن سان نهاريندي التجا ڪئي: ”منهنجي کيسي ۾ تاش آ رتنا…“ لاليءَ کيسي مان تاش ڪڍي ڏيکاريس، ”مان توکي اهڙا اهڙا کيل ڏيکاريندس جو تون دنگ رهجي ويندينءَ، ڏيکاريانءِ…؟“
    رتنا پورو دروازو کولي ڇڏيو، چوڻ لڳي: ”نه! تون هاڻي ٻاهر هل.“
    لالي دروازي جي ٻاهران بيهي رهيو.
    رتنا ڪاٺيءَ جي دروازي کي ٻيڪڙي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. هاڻي هوءَ ننڍي دروازي جي ڀرسان اچي بيٺي، جيڪو هن جي سيني تائين پئي آيو، ان ۾ هڪڙي دري به هئي، ٻاهر هن جي سامهون لالي بيٺو هو، سندس خوشامد ڪندي چوڻ لڳو: ”هڪڙي منٽ لاءِ، بس هڪڙي منٽ لاءِ، منهجي تاش جو تماشو ڏسي وٺ….“
    ”نه! هليو وڃ…“ رتنا ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”امان چوي ٿي ته هليو وڃ….“
    ”ائين نه ڌڪيو مون کي…“ لالي گهٻرائجي چوڻ لڳو، ”بس هڪڙي منٽ لاءِ مون کي اندر اچڻ ڏيو، مان توکي اهڙو اهڙو تماشو ڏيکاريندس جو تون حيران ٿي ويندينءَ.“
    رتنا ٻڏتر جي حالت ۾ هئي، ڪري ته ڇا ڪري، ماءُ جو حڪم هو، تماشو ڏسڻ تي ته هن جي به دل پئي ٿي ته هوءَ پينو فقير کان تاش جا تماشا ڏسي. ايتري ۾ لاليءَ پاڻ ئي ڪڙو لاهي ورتو ۽ دروازو کولي اندر اچي ويو ۽ اندر اچي رتنا کي ڪن ۾ هلڪي آواز ۾ چيو: ”ڏس مان تنهنجي لاءِ ڇا آندو آهي…“
    ”ڇا…؟“ رتنا دلچسپي وٺندي چيو.
    لاليءَ پنهنجي ڏڪندڙ آڱرين سان اهو رومال کوليو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري شوڀا کي پٺي ڏئي، وڏي رازداريءَ سان رومال جا تهه کولڻ لڳو، رتنا جي دلچسپي وڌڻ لڳي ۽ رومال تي جهڪي بيٺي، اوچتو هن جو ۽ لاليءَ جو چهرو هڪ عجيب غريب روشنيءَ سان چمڪڻ لڳو، رومال جي تهن ۾ هڪ نهايت سهڻو ستارو هو.
    لالي مٿي آسمان ڏانهن اشارو ڪندي رتنا کي چيو: ”جڏهن مان هن پاسي اچان پيو ته مون اتان هن کي ٽوڙي ورتو هو (کلي) لڪي لڪي، چورايو هو، تنهنجي لاءِ…“ رتنا حيرت وچان کيس ڏسندي چوڻ لڳي: ”آسمان جو ستارو….“
    ”هائو…“
    رتنا کائنس وٺڻ لاءِ هٿ وڌايو، ايتري ۾ شوڀا ايندي ڳالهايو: ”هن کان ڪجهه نه وٺجانءِ، هي چور آ… ڪٿان ڪا شيءِ چورائي آيو هوندو.“
    لاليءَ هڪدم ان ستاري کي رومال ۾ ويڙهي، لڪائي ورتو.
    شوڀا هن جي ويجهو اچي چوڻ لڳي: ”وڃ هليو، مان چوانءِ ٿي هاڻي، بس هن ئي وقت…“
    ”هائو ڀڄ هتان.“ رتنا به چيس، ۽ پوءِ کيس ڌڪا ڏئي گهر کان ٻاهر ڪري دروازو بند ڪري ڇڏيائون. لالي آخري ڀيرو مڙي کين التجا ڪندي رتنا کي چوڻ لڳو: ”مون کي ائين نه ڪڍ ڌيءَ… مون کي هڪ نيڪ ڪم ڪرڻو آ… بس مون کي هڪ نيڪ ڪم ڪرڻ ڏيو… بس هڪ نيڪ…“
    رتنا کي به ڪاوڙ لڳي: ”ڀڄ هتان…“
    لاليءَ چيو: ”نه ڌيءَ…“
    رتنا مٿس پنهنجو هٿ اولاريندي چيو: ”هليو وڃ ڪاڪا… او هو رستو آ تنهنجو… هاڻي وڃ نه ته…“
    لاليءَ کي به غصو اچي ويو، هن رتنا جي اولاريل هٿ تي زور سان پنهنجو هٿ هنيو، ٿپاٽ جو آواز آيو، ائين ڄڻ ڪنهن چپاٽ هڻي ڪڍي هجي، رتنا کي حيرت ويڙهي وئي، ۽ هڪدم پوئتي هٽي وئي، ڊنل ڊنل نگاهن سان پينو فقير ڏانهن ڏسندي، رئندڙ ڳلي مان چوڻ لڳي:
    ”امان…“
    شوڀا ڇپر مان اٿي ڊوڙندي ڊوڙندي رتنا جي ويجهو آئي، پڇڻ لڳي: ڇاهي! ڇا ٿيو رتنا..؟“
    ”امان…!“ رتنا نهايت حيرت وچان لاليءَ ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳي، ”امان هن مون کي ماريو….هٿ تي … تو ٻڌو نه ڪيڏو نه زور سان آواز ٿيو امان… پر…(حيرت وچان لاليءَ جي طرف نهاريندي) پر امان مون کي ٿورو به ايذاءُ نه آيو، ٿورو به محسوس نه ٿيو… ائين لڳو امان، ائين لڳو…“ هوءَ حيرت وچان لاليءَ ڏانهن نهاري ڳالهائيندي رهي، ”ائين لڳو امان…. ڄڻ منهنج هٿ کي، ڪنهن ريشم جهڙين ملائم آڱرين ڇهيو هجي، امان مون کي ٿورو به سور نه پيو ٿئي…“
    رتنا حيرت وچان لاليءَ ڏانهن نهاريندي، پنهنجي ماءُ جي پويان هلي وئي، ۽ هن جي ڪلهي جي پاسي کان منهن ڪڍي ور ور ڪري لاليءَ ڏانهن پئي نهاريائين.
    شوڀا وڏي پيار سان رتنا کي دلجاءِ ڏيندي چيو: ”رتنا تون اندر هلي وڃ…“ رتنا آهستي آهستي ڇپر ۾ اندر وڃڻ لڳي، ويندي ويندي مڙي به ٿي ڏٺائين ته لالي به هن ڏانهن ئي ٿي نهاريو. جڏهن هوءَ ورانڊي مان گذري اندر ڇپر ۾ هلي وئي ته شوڀا اچي هن کان پڇيو:
    ”تو منهنجي ڌيءَ کي ماريو؟“
    ”ها! مون ماريو…“ لاليءَ چيو.
    پهريون ڀيرو شوڀا کيس نئين نگاه سان ڏٺو، ڄڻ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هجي، پوءِ اوچتو هن جي ڳلي ۾ ڳوڙها اچي ويا، هوءَ ڏڪندڙ لهجي ۾ چوڻ لڳي: ڇا تون ان لاءِ آيو هئين ته منهنجي ڌيءَ کي مارين؟“
    ”نه…“ لاليءَ چيو، ”مان ان لاءِ ته نه آيو هوس، پر مون هٿ هنيو .. ۽ (سر جهڪائي) هاڻي مان واپس ٿو وڃان..“
    ”ڀڳوان جو سنهن ٿي مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪير آن؟ ڪاٿئون آيو آن؟“
    لالي نهايت سادگيءَ وچان چيو: ”مان هڪ غريب پينو فقير آهيان، تمام گهڻو پري کان آيس… تنهنجي دوار تي، هي بکيو هو، تنهنجو نمڪ کاڌو ۽ تنهنجي ڌيءَ کي هٿ هڻي ويٺس..(ڪنڌ مٿي کڻي) ڇا تون مون کان ناراض آن؟“
    شوڀا پنهنجي سيني تي هٿ رکي چوڻ لڳي: ”الائي ته ڪهڙي ڳالهه آ… مان سمجهي نه ٿي سگهان… پر مان توکان ناراض ناهيان…الائي ته ڪهڙي ڳالهه آ…!“
    لالي جهنگلي تي جهڪي ٿو وڃي، شرم ۽ ندامت وچان… شوڀا مڙي ٿي ۽ وڃي پراڻي ٽٽل ميز تي ويهي ٿي، ۽ رتنا کي سڏ ڪري چوي ٿي: ”رتنا… اچ ڌيءَ اچي ماني پوري ڪر…“
    رتنا ڇپر کان ٻاهر آئي، چوڻ لڳي: ”ڇا هو هليو ويو؟“
    ”ها هو وڃي ٿو….“
    شوڀا ۽ رتنا ٻئي آمهون سامهون ميز تي ويٺيون آهن، پر هاڻي جاءِ تبديل ٿي چڪي آهي، پهرين جتي شوڀا ويٺي هئي، اتي هاڻي رتنا اچي وئي ۽ جتي پهرين رتنا ويٺي هئي اتي شوڀا ويٺي آهي، هاڻي رتنا جي پٺي پينوءَ جي پاسي آهي، ۽ شوڀا پينوءَ جي سامهون آهي، پر شوڀا ان وقت پينو ڏانهن نه پئي نهاريو، منهن مٿي ڪري خلا ۾ نهاريندي ڪجهه سوچي رهي هئي، رتنا هن کي جهنجهوڙي پڇيو:
    ”امان توکي ڇا پيو ٿئي؟“
    ”ڪجهه ناهي ڌيءَ.“ شوڀا حسرت وچان چيو.
    ٺيڪ ان وقت جڏهن شوڀا خلا ۾ نهاري رهي هئي ۽ رتنا جي پٺي جهنگلي جي پاسي هئي، اهي ٻئي ڪارن چوغن وارا سپاهي، ڪاٺيءَ جي جهنگلي جي ويجهو نمودار ٿيا، انهن مايوس نگاهن سان لاليءَ جي طرف نهاريو، لاليءَ افسوس وچان آهستگيءَ سان پنهنجا ڪلها لوڏايا، انهن ٻنهي سپاهين هن کي وچ ۾ ڪيو، اڳيان اڳيان پهريون سپاهي، پوءِ لالي، ۽ آخر ۾ ٻيو سپاهي… هلندي هلندي اهي ٽئي ڄڻا گهر جي سامهون ئي غائب ٿي ويا.
    رتنا پنهنجي ماءُ ڏانهن ڏسندي پڇيو: ”امان ڇا ٿي سوچين؟“
    شوڀا ڇرڪ ڀريندي چيو: ”هان!“ پوءِ پاڻ سنڀالي چوڻ لڳي: ”ڪجهه نه ڌيءَ، ڪجهه نه ٿيو آ….“
    ”امان تون مون کي ٻڌائين ڇو نه ٿي؟“
    ”ٻڌائڻ لاءِ هاڻي ڇاهي منهنجي ڌيءَ…“ شوڀا ٿڪل لهجي ۾ چيو، ”بس اڄ ايترو ٿيو جو جڏهن اسان ماني پئي کاڌي ته هڪڙو پينو فقير آيو ۽ هن گذريل زماني جون ڳالهيون ڪيون ۽ مون کي تنهنجو پپا ياد اچي ويو.“
    ”منهنجو پپا…!؟“
    ”ها! منهنجو لالي!“
    رتنا خاموشيءَ سان ماني کائڻ لڳي، شوڀا خلا ۾ نهارڻ لڳي، هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، اوچتو رتنا پڇيس:
    ”امان هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، ڇا ائين ممڪن آهي ته ڪوئي اسان کي ماري ۽ ٿورو به ايذاءُ نه اچي، ايتري زور سان هٿ هڻي ۽ ٿورو به سور نه ٿئي، ڪڏهن ائين ٿيو آهي؟“
    شوڀا ڏڪندڙ لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”ها ڌيءَ مون سان ائين ٿي چڪو آ…“
    رتنا وري به حيرت وچان چيو: ”پر امان ائين ڪيئن ممڪن اهي ته ڪوئي زور سان ماري، ايتري زور سان، سختيءَ سان…. غصي سان هٿ هڻين ۽ ٿورو به ڌڪ نه لڳي … ڪٿي سور نه ٿئي…“
    ”ائين ممڪن آهي منهنجي ڌيءَ.“ شوڀا وڏي ڪوشش ڪئي ته هوءِ عام سنجيدگيءَ واري انداز ۾ گفتگو ڪري، پر ڳوڙها هن جي اکين ۾ … ڳلي ۾ لهي آيا….
    ”ائين ممڪن آهي منهنجي ڌيءَ ته ڪوئي زور سان ماري، ڌڪ هڻي … ڌڪ هڻي … وري ماري ۽ وري سور به ڪٿي نه ٿئي….“ ائين چوندي هوءَ پنهنجي دل جي اندر سانڍيل غم برداشت ڪري نه سگهي، ۽ بي وس ٿي ميز تي مٿو ٽيڪي ۽ هيانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي….
    دور خلائن ۾ ويندي، پهرين سپاهيءَ مايوس نگاهن سان لاليءَ جي طرف نهاري چيو:
    ”هي تو ڇا ڪيو، وري اها ئي حرڪت..!“
    ”ڇا ڪيان…؟ لالي بي وس لهجي ۾ جواب ڏنو، ”مان ماڻهو آهيان جهڪي نه ٿو سگهان.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267685
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387992
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ