ڪتاب جو نالو: گل ۽ تارا
مصنف: اياز گل
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 1979
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 29 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 328 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 130 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نامياري شاعر اياز گُل جو ٻارڙن جي شاعري تي مشتمل ڪتاب ”گل ۽ تارا“ 1979ع ۾ ڇپيو.
نصير مرزا لکي ٿو:
”ٻارن وانگي سوچڻ ۽ انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، جيڪو اياز گل ڪري ڏيکاريو آهي. هن ٻاراڻي نفسيات جو گهرو مشاهدو ۽ اڀياس ڪيو ٿو ڏسجي هن مجموعي جي گيتن ۾ موضوع جي رنگا رنگي موجود آهي. گل پنهنجي هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ ٻارن جي معصوم، پيارين پيارين ڳالهين، حرڪتن ۽ خواهشن کي سادي سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • گُل ۽ تارا : مختيار ملڪ
  • معصوم مورتون ۽ ”گل ۽ تارا“ : ولي رام ولڀ
  • هي جي لکان گيت : اياز گل
  • شاعري

  • مولا سائين!
  • ننڊ پري
  • دعا
  • پنهنجو ديس پيارو
  • اسان ٻار
  • اچو ته گڏجي راند رچايون
  • گُڏي، گُڏيءَ جي شادي
  • مورو
  • سنڌي ٻالڪ
  • سُريلا گيت
  • سَچ جو رَنگُ
  • چڙيا گهر جو سَير
  • ماڳُ ڏي قدم
  • لولي
  • ڀاڳ ڀلاري برسات
  • سڄي سون ڌرتي
  • سنڌ سينگار
  • گُل ۽ تَارا
  • ٽانڊاڻو
  • مَاءُ
  • ٻيڙين جي گوءِ
  • ڌرتيءَ جا راجا
  • ٻاراڻا هي ٻول
  • ٻهروپي
  • آخري پنو

  • تعارف : نصير مرزا
  • سنڌ سلامت پاران

  • انتساب

    ماءُ (پنهنجي مٺيءَ ماءُ) جي نالي ڪيان ٿو.....

    ماءُ ــ لکن، ڪروڙن گُلن ۽ تارن کي جنم ڏيندڙ ـ دنيا جي عظيم تخليقڪار.

    اياز گُل


    گُل ۽ تارا : مختيار ملڪ

    ٽپندڙ ڪُڏندڙ ٻارن جيان چنچل. معصوم ٻارڙن جي مُکڙين جيان سونهن ۽ سوڀيا وارا گدلن ۽ ميرن ٻارن جهڙا سادڙا، سٻاجھڙا، ننڍڙا سولا نظم، اياز گُل جي اونهي اياس جو اهڃاڻ آهن؛ جيڪي پرهه جي جوت کان به وڌيڪ پرڪاش کڻي ڪنهن جو آئيندو اُجارن پيا / ڪنهن لاءِ واٽ سنوارن پيا.

    مختيار ملڪ


    معصوم مورتون ۽ ”گل ۽ تارا“ : ولي رام ولڀ

    معصوم مورتون ۽ ”گل ۽ تارا“

    (اياز گل جي شعري ڳٽڪي جو مهاڳ)

    ٻار ــــ هي ننڍڙو لفظ جڏهن هڪ پتڪڙي هستيءَ جي ڪلپنا ڪرائي ٿو ته ملول من کن لاءِ ٽڙيو پوي ۽ منهن تي بي اختيار مرڪ اچيو وڃي. ٿوري دير لاءِ پيار جي لهر ڪرَ موڙي اٿيو پوي ۽ جذبن جون ويرون چڙهيو ۽ پوءِ سگهو ٿي لهيو وڃن. اسان پنهنجي زندگي ۽ سنسار جي پاڻ ۾ الجهيل گهاٽي جهنگ ۾ گم ٿيو وڃون ۽ ٻار مهينن ۽ سالن جي پيچرن تي هيڪلو ۽ اٻاڻڪو رهجيو وڃي. دائمي شفقتن کان وانجهيل، ابدي اخلاص کان اڻ ڄاڻ.
    اڄ ورهين کانپوءِ جڏهن سنڌيءَ ۾ اياز گل جي ٻارن جو هيءُ شعري ڳٽڪو پڙهيو اٿم ته ڪيترو نه پوئتي ڌڪجي هليو ويو آهيان، وقت جي واڳ پوئتي ورائي پنهنجي ٻالڪپڻ ڏانهن، جو پويان ڏور رهجي ويو هئم. واهه ڙي تارا، گول تارا، جو کير پيئي سو وير ٿئي، مون کي ڪنهن ٿي کير پياروـ منهنجي امڙ، هي آهي منهنجي ٻلڙي، وغيره. بيتن ۾، وقت جي اجهل ۽ اڙٻنگ گهوڙي کي پوئتي موٽائڻ جي جيڪا بي پناه قوت آهي، اها لڳ ڀڳ مون اياز گل جي هن شعري ڳٽڪي پڙهڻ سان محسوس ڪئي آهي. ٻالڪپڻ جون معصوم حرڪتون، رانديون، هُل هنگاما، تڇ شين کي ميڙي چونڊي گڏ ڪري سانڍي رکڻ، انهيءَ کي بي معنى پوريون اڻ پوريون خواهشون، اڄُ به هن وکريل ـ ٿانئيڪي زندگي جو ساهه کان وڌيڪ سانڍڻ جهڙو سرمايو آهن. اڄ به جڏهن آئون پنهنجي (يا ٻئي ڪنهن) اسڪول جي راند واري ميدان مان گذرندو آهيان، چؤ ڀتي جي انهن ڀتين وٽان لنگهندو آهيان، جنهن ۾ ٻارن جي معصوم چهرن جي رونق هوندي آهي، يا وري ڪنهن ننڍڙي پتڪڙي ٻار کي هٿ ۾ جهليل ڪتابن جي ڦوٽڙي کڻي چهري تي بي فڪريءَ جي تاثر سان اسڪول جي اڱڻ ۾ گهڙيندي ڏسندو آهيان ۽ ڪلاس مان ايندڙ ٻارن جي شور مان ڌار ٿي نڪرندڙ واهه ڙي تارا، گول تارا، جي گونج ٻڌندو آهيان، ته وک ڍري ٿي ويندي آهي ۽ لڳندو اٿم ته پنهنجي من پسند ماحول مان ڇڄي سوين صدين جي اوناهين ۾ ڪري پيو آهيان ۽ مٿان گول تارن، جي ڳالهه ڪندڙ معصوم فرشتن جي آوازن جي گونج صدين جي صدا بڻجي مون کي پاڻ ڏانهن سڏيندي به آهي ته ويچارا به ڏيندي آهي. مون کي اهڙو ساءُ اياز گل جي هنن ٻارن جي شعرن پڙهڻ سان آيو آهي.
    جيئن گهر جو قصور عورت کانسواءِ نٿو ڪري سگهجي ۽ سُکي گهر ٻار جي وجود کان وانجهيل بي رونق هوندو آهي تيئن عورت کانسواءِ ادب جو ورق به خالي هجي ها ۽ ٻارن جي ادب کانسواءِ ٻوليءَ جو ادب به اڻپورو رهي ها. جيئن ٻار کي آئيندي جو ابو چيو ويو آهي تيئن جديد ادب ۾ به ٻار آئيندي جي علامت (Symbol) طور استعمال ٿئي ٿو، تنهن ڪري اڄوڪي ادب جو لازمي حصو ٿيو پيو آهي. بين الاقوامي ادب ۾ جتي ٻارن سان محبت ڪندڙن ۾ افلاطون (Plato) جو نالو سرفهرست آهي، سي سنڌي ادب جي حوالي سان اياز گل جو هيءَ شعري مجموعو به ٻارن سان محبت جو پُر خلوص متن آهي.
    اياز گل جي نظمن، گيتن ۽ بيتن تي مشتمل هن شعري ڳٽڪي ۾ مختلف زاوين کان لکيل شعر شامل آهن، جن ۾ هڪڙا اهي آهن جيڪي ٻارن جي واتان چورايا اٿس ۽ ٻارن جي ئي خواهش، مشاهدن ۽ تجربن جو اظهار ۽ اپٽار آهن. ٻيا شعر اهي آهن جيڪي هڪ ٻار جي وڏي ڀيڻ جي واتان چَورايا اٿس، جا عمر ۾ ڀاڻس کان ڪجهه وڌ ڀرڙي ۽ ان جي مٿنس Age group سان تعلق رکي ۽ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ تان ٻلهار ويندي پُر خلوص محبت ۽ دعائن جو اظهار ڪري ٿي، ’دعا‘، ’مورو‘، ۽ ’ڀاڳ ڀلاري برسات‘، انهيءَ جو مثال آهن. ٽيون شعرن جو اهو قسم آهي جن ۾ شاعر ٻار سان مخاطب آهي ۽ ٻار جو ساٿي بڻجي زندگيءَ جي سور سختين کان بي ڊپو ٿي اڏول بڻجڻ، آدرشي ٿيڻ ۽ ديس جي مٽيءَ جي مانُ مٿاهين ڪڻ جي همٿ پيدا ڪندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهن شعرن کانسواءِ ماءُ پاران لولي، چيل آهي، جا لوليءَ جو عمدو مثال آهي ۽ ٻهروپي شاعر جي مشاهدي ۾ آيل ٻارن ڏانهن بي توَجي ۽ بي حسيءَ جو پرود چاڪ ٿيل آهي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻارن جو ادب تخليق ڪرڻ هڪ وڏي جاکوڙ جو ڪم آهي. هڪ فنڪار ذهني طرح جيسيتائين ٻار نه بڻبو، يعني ٻارن جي سطح تائين لهي نه ايندو، تيسيتائين هو ٻارن جي دلچسپيءَ جو ادب تخليق ڪري نه سگهندو. رڳو ٻار بڻجي هيٺينءَ سطح تائين لهي اچڻ ئي ڪافي ناهي، بلڪ پنهنجيءَ دل ۾ ٻارن لاءِ بيحد خلوص ۽ محبت جو جذبو پيدا ڪرڻ ضروري آهي. رسڪن (Ruskin) جو هيءُ جملو “No noble or right art was yet founded but of a sincere heart” رڳو وڏن لاءِ ئي نه بلڪه ٻارن جي ادب لاءِ به آهي ٻارن جي ننڍڙين دلڙين ۾ پاڻ سموئڻ لاءِ ساڻن بي انت محبت هئڻ ضروري آهي. اهو شعر جيڪو پُر خلوص جذبي جي اونهاين مان لکيو ويندو، ننڍڙي ٻار کي هميشه متاثر ڪندو ۽ اهڙي رچنا هو ڪڏهن نه وساري سگهندو.
    اياز گل ٻارن جي شاعريءَ جي انهيءَ عنصر کان بخوبي واقف ٿو ڏسجي. سندس دل ۾ ٻارن لاءِ اٿاهه پيار آهي، ايتري قدر جو پاڻ نئين ٽهيءَ جي اسرندڙ شاعر هوندي پنهنجو پاڻ کي ٻارڙو سمجهي، معصوم دلين جي ترجماني ڪئي اٿئين.

    ”اچو ته گڏجي راند رچايون.
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گوڙ مچايون.

    (اچو ته ٻارو راند رچايون)

    امڙ جڏهن لولي ڏيندي آ.
    ننڊ پري اڏري ايندي آ.

    (ننڊ پري)

    گُڏي گُڏيءَ جي شادي آ.
    شادي گهر آبادي آ،

    (گُڏي گُڏيءَ جي شادي)

    ڪِڪو امان کي ڄائو رات.
    ڀاڳ ڀالري ٿي برسات،

    (ڀاڳ ڀلاري برسات)

    مــــــــــاءُ منــــــــهنــــجي مـــٺي
    ماءُ منهنجي مٺي، شال جيئند رهي.

    (ماءُ)

    ...... لکي اياز ٻارن جي رڳ رڳ ۾ سمائجڻ جو جتن ڪيو آهي، سندن دلين ۾ ٽٻي هڻي بي انت خواهش کي کوٽي ڪڍيو اٿس ۽ سندن خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻ اڳڀرو وڌي نهايت پاٻوهه ۽ پيار وچان پاڻ ڏانهن ڇڪيندو محسوس ڪجي ٿو:

    اچو گهمون سڀ چڙيا گهر،
    وسيل جتي دلچسپ شهر،

    (چڙيا گهر)

    ڪاغذن جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي،
    تن کي پوءِ پاڻيءَ ۾ لاهي،

    (ٻيڙن جي گوءِ)

    .... اياز کي بخوبي ڄاڻ آهي ته ٻارن کي کيڏڻ جي پوري آزادي ملڻ گهرجي جيئن اهي پنهنجي مرضيءَ سان ٺينگ ٽپا ڏيئي سگهن، هل هنگاما ڪري سگهن، پوپٽ پڪڙي خوش ٿي سگهن ۽ ڀرپور آزادي ماڻين جيئن اڳتي هلي ڪنهن نفسياتي مونجهاري جو شڪار ٿي منجهيل ۽ ملول نه رهجي وڃن، هو مٿن استادن واري ڪرڙي اک به نٿو رکي ۽ نڪي وري بزرگن وارو ڪڙڪيدار ڇڙٻ ڀريو آواز استعمال ڪري ٿو. کيس انهيءَ ڳالهه جو ڊپ آهي ته متان ٻار سندس انهيءَ رويي ڪري راند ڦٽائي هليا نه وڃن. اياز نه رڳو کين کيڏڻ جي اجازت ڏي ٿو بلڪه پاڻ ٻارن جي روپ ۾ انهن سان شامل ٿي سندن خوشيون سرس ڪري ٿو. سندس خوشي، ٻارن جي چهرن تي چمڪ اچڻ ۾ آهي ڇو جو پاڻ ٻاراڻي وهيءَ کان اجهو هاڻ مٿڀرو ٿيو آهي ۽ انهيءَ خوشيءَ کي اتم سمجهي ٿو.
    اياز کي ٻارن جي خوشي ۾ سندن تفريح سان گڏ سندن تعليم ۽ تهذيب جو به ڏاڍو اونو آهي، ڇو جو هو سندن شاندار مستقبل جو خواهشمند آهي، کيس ساڻن اٿاهه پيار آهي پر ساڳئي وقت سندن اخلاق ۽ اعمال تي به ڌيان ڏي ٿو ۽ ديس جو نانءُ روشن ڪرڻ لاءِ دڳ به ڏسي ٿو.
    ويهين صدي ٻارن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خوشگوار ثابت ٿي آهي. ورهاڱي کان اڳ سنڌيءَ ۾ ٻارن جو ادب سرجندو رهيو هو پر پوءِ اهو سلسلو تمام ڍرو ٿي ويو. جڏهن ليکڪ ۽ شاعر وڏن جو ادب تخليق ڪڻ جي ڪوشش ۾ ٻارن جي ادب کي ٻاراڻي ڳالهه سمجهي نظرانداز ڪري ويٺا آهن، تڏهن ٻارن جي هن اڌ گذريل بين الاقوامي سال 1979ع ۾ اياز گل جي هيءَ اڪيلي پرخلوص ڪوشش ساراهه جوڳي آهي ۽ اميد آهي ته ٻين لاءِ اتساهه جو محرڪ بڻبي.

    ولي رام ولڀ
    1979ع
    شمس چيمبرس، ٽماڙ،
    رسالا روڊ، حيدراباد سنڌ.


    هي جي لکان گيت : اياز گل

    جيڪڏهن مون کان ڪو منهنجيءَ وڏي ۾ وڏي ڪمزوريءَ بابت پڇندو ته مان چوندس ”ٻار“. سچ ته ٻار مون کي ايترا پيارا آهن جو منهنجي ڪمزوري بڻجي ويا آهن، مان جو هي گيت لکان ٿو.... ٻارن سان سندن ئي ڳالهيون ڪيان ٿو.... پنهنجي عمر جي هڪ حصي کي پوئتي ورائي، ٻارن سان ٻار بڻجي وڃان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ان پيار جو ئي هڪ حصو آهي. ڏٺو وڃي ته اهي گيت آهن ئي پيار جو ٻيو نالو. گلن سان پيار، تارن سان پيار، سونهن سان پيار، ٻارن سان پيار، ديس سان پيار، ديس وارن سان پيار..... ٻار منهنجي ڪمزوري آهن، ٻارن جو ٻيو نالو پيار آهي ۽ مون کي پيار سان پيار آهي.

    لکڻ ۽ اهو به ٻارن لاءِ لکڻ، سچ پڇو ته سولو ڪم ناهي، اهڙو ئي ڏکيو ڪم آهي، جهڙو ڪنهن ضدي ٻار کي ضد تان لاهڻ، يا رُسي ويل ٻار کي پرچائڻ، يا اڃا به استاد جي مار جي خوف کان ڏڪندڙ ٻار کي، اسڪول وٺي وڃڻ جو ڪم، مان پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪريان ٿو... رڳو ان ڪري جو ٻارن سان پيار ٿو ڪريان ۽ جي مان به اهو ڪم نه ڪندس ته ٻيو ڪير ڪندو...؟ ٻارن لاءِ جيڪي به لکن ٿا سي پڪ

    مان، انهن سان پيار ٿا ڪن.... بي حد پيار. ۽ جيڪي ٻارن لاءِ نٿا لکن، لنوائن ٿا، ٻارن لاءِ لکڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجهن... انهن لاءِ ڇا چئجي...؟ ادب جي وڏن وڏن ليکڪن ٻارن لاءِ لکيو آهي، انهن اها گهٽتائي محسوس ڇو نه ڪئي...؟ حيرت ڪرڻ گهرجي!!

    جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو اٿم تڏهن ئي ٻارن لاءِ به لکندو ٿو اچان... اڳ ۾ گهڻو لکندو هوس، هاڻي ٿورو، پوءِ به ٻارن سان ناتو ٽوڙيو نه اٿم، مڙيئي راند رچيل آهي هن مجموعي جا ڪجهه شعر گهڻو اڳ ٻارن جي دلپسند رسالي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ منهنجي شعرن جي ڪالم ”هي جي لکان گيت“ ۾ ڇپيل آهن. ڪجهه ”گل ڦل“ ۽ ٻين رسالن ۾، ۽ ڪجهه بلڪل ئي نوان آهن، خاص طور تي هن مجموعي لاءِ لکيل، پراڻن ڇپيل شعرن جو گهڻو تعداد مجموعي ۾ نه آندو اٿم، جو انهن مان گهڻين ڳالهين ڪري مطمئن نه هيس، مقصد اهو ڪونهي ته ڪو هنن شعرن مان مطمئن آهيان... قطعي مطمئن ڪونهيان، مان سمجهان ٿو ته ڪنهن فنڪار کي پنهنجي فن مان مطمئن ٿيڻ به نه کپي، تڏهن ئي هو سٺو ۽ صحت مند تخليق ڪري سگهي ٿو، مطمئن ٿيڻ هڪ طرح مري وڃڻ جو نالو آهي.

    ها، ڪوشش، ڪندس ته اڳنا، هن کان گهڻا سٺا دلچسپ ۽ وڻندڙ شعر ٻارن کي ڏئي سگهان.

    ٻارن کي سندن ئي گيتن جي هيءَ ننڍڙي نماڻي سوکڙي ڏيندي، ايتري ئي خوشي محسوس ڪيان ٿو، جيتري ننڍپڻ ۾ پهريون درجو پاس ڪرڻ جي خبر ٻڌي محسوس ڪئي هئم، يا جيتري خوشي پهريون ڀيرو پنهنجو شعر ڇپجڻ تي ٿي هئم، هونئن به هڪ شاعر لاءِ ان کان وڏي خوشي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس ڪتاب ڇپجي ۽ پڙهيو وڃي ۽ پڙهڻ وارا اهي هجن، جن لاءِ هن لکيو هجي، ننڍڙن، ادڙن، سٻاجهڙن ٻارن (گل ۽ تارن) جي هي ڪتاب پڙهيو، ڪجهه پرايو ۽ مزو ماڻيو ته مون لکَ لڌا، منهنجو سڄو پورهيو سجايو ٿيو.

    ٿورا:

    ٿورائتو آهيان سائين ولي را م ولڀ جو، جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ پنهنجن پيارن دوستن تاج جويي، نصير مرزا، مختيار ملڪ، جيئرام ڏيوناڻي ۽ نثار حسيني جو جن مختلف مرحلن ۾ (ڪتاب بابت) منهنجي مدد ڪئي.

    لک لائق، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز جا جنهن ٻارن جو عالمي سال ملهائيندي هي ڪتاب وڏي تعداد ۾ خريد ڪيو ۽ نه وسارڻ جهڙيون مهربانيون، پيارن قيس عالم ابڙي ۽ خدابخش ابڙي جون، جن ڪتاب جي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ايتروئي ڪم ڪيو آهي، جيترو مون ڪيو آهي.

    اوهانجو ئي...

    اياز گل
    ڀٽا روڊ سکر سنڌ.


    شاعري

    مولا سائين!

    مولا سائين! اسان سدائين
    تنهنجا ئي گُڻ ڳايون

    بخشيئي ڪيڏا عجب نظارا
    وَڻ ٽڻ، ٻُوٽا ساوڪ وارا
    سهڻا سهڻا، گُلَ ۽ تارا
    جُهڙَ، هوائون ۽ وسڪارا
    وڏو ڪرم ڪيئي هيءَ ڌرتي ڏئي
    جنهن کي جنت ڀانيون
    مولا سائين!، اسان سدائين
    تنهنجا ئي گُڻ ڳايون

    ماڻهو خلقيئي ۽ گهر خلقيئي
    ڳوٺ، شهر ۽ ٿَر برَ خلقيئي
    ڪينجهر ۽ ڪارونجهرَ خلقيئي
    سمنڊ، جبل ۽ ٿوهرَ خلقيئي
    جڳ سڄي تي ڪندين ڪرم پيو
    اهـــــڙي آس نه لاهــــــــــيون
    مولا سائين!، اسان سدائين
    تنهنجا ئي گُڻ ڳايون.


    ننڊ پري

    امڙ جڏهن لولي ڏيندي آ
    ننڊَ پري آڏري ايندي آ
    ڀاڪر منجهر ڀري هوءَ مون کي
    ڏاڍو ڏور وٺي ويندي آ

    جا ٿي گُل ئي گُل هوندا هن
    هٻڪارن جا هُل هوندا هن
    سهڻا سهڻا، پيارا سپنا
    هوندا آهن باغ، باغيچا
    پينگهه تي مان جهوليندو آهيان
    لِڪندو آهيان، ڇُپندو آهيان
    نَچندو، ٽَپندو، ڪُڏندو آهيان
    پوپٽ ڪي پڪڙيندو آهيان
    ڪيڏو پوءِ خوش ٿيندو آهيان
    مان ئي مان بس هوندو آهيان

    جا ٿي ڪو اسڪول نه آهي
    ڪو استاد، ڪو رول نه آهي
    ڪنهن سان ڀي ڪو جهڳڙو ناهي
    رانديڪن تي رڳڙو ناهي

    ٿڌڙي هير پئي گُهلندي آ
    منهنجي تڏهين اک کلندي آ
    ننڊ پري اڏري ويندي آ
    ڳالهه سجھي وسري ويندي آ.


    دعا

    جيءُ جيءُ ادڙا!
    جيءُ جيءُ ادڙا!

    پڙهي لکي تون
    علم سکي تون
    وڏڙو ماڻهو
    ٿيءُ ٿيءُ ادڙا!
    جيءُ جيءُ ادڙا!

    سُک پَسين تون
    خوش وسين تون
    مٺڙو کيرُ
    پيءُ پيءُ ادڙا!
    جيءُ جيءُ ادڙا.


    پنهنجو ديس پيارو

    ڀڄي اچو ٻارو!
    سجَ، چنڊَ، تارو!
    مُندَ ملهايون
    راندِ رچايون.

    اک ــــ ٻوٽَ
    جهل ــــ جهوٽَ
    پنهنجو ديس پيارو
    سڀکان نيارو
    سچل، ڀٽائيءَ
    هيمونءَ، هوشوءَ وارو
    ماڻهو جنهن جا مٺڙا
    ڪو ئي نه ڪسارو
    دُشمن ديسُ جو
    ٿيندو لڄارو
    هڻو ٻارو نعرو!
    رکي سنڌُ سائين
    سائي سدائين“


    اسان ٻار

    سهڻا، پيارا آهيون ٻار،
    اَبي، امَڙ جي اکڙين ٺار،

    سٺا ٿيون، اخلاق سکون
    پڙهڻ ويلي، پڙهون لکون
    کيڏڻ ويلي، کيڏون يار!
    سهڻا، پيارا آهيون ٻار

    وڻندڙ آهي ويس اسانجهو
    ساوڪ وارو ديس اسانجو
    چؤڏس گلڙن جي مهڪار
    سهڻا، پيارا آهيون ٻار

    ابي امڙ جي اکڙين ٺار
    سهڻا، پيارا آهيون ٻار.


    اچو ته گڏجي راند رچايون

    اچو ته گڏجي راند رچايون
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گوڙ مچايون

    ڪمون ٻوڙو
    ٺوڙهو پڪوڙو
    جمعي جو شغن
    ٻارن ڪيو سوڙهيو

    اچو ته گڏجي راند رچايون
    گهٽيءَ گٽيءَ ۾ گوڙ مچايون

    هاري ڙي هاري!
    اَڇي ڪيِنَ ڪاري
    ڇا تون کڻندين
    لاٽُون ڪِنَ لاري؟


    اچو ته گڏجي راند رچايون
    گهٽيءَ گٽيءَ ۾ گوڙ مچايون

    اچي مِڙو ٻارو!
    جڳمڳ، تارو!
    ٻار سڀ پيارا
    اَڇو توڙي ڪارو

    اچو ته گڏجي راند رچايون
    گهٽيءَ گٽيءَ ۾ گوڙ مچايون

    مکڻ جي چاڏي
    وِلوڙي ٿي ڏاڏي
    ڀائو کائي ڀتُ
    ڀري ويٺو کاڏي

    اچو ته گڏجي راند رچايون
    گهٽيءَ گٽيءَ ۾ گوڙ مچايون


    رهي سنڌُ سائي
    رات ماءُ آئي
    ڀڄو هلون گهر
    اسان راند ڦٽائي


    گُڏي، گُڏيءَ جي شادي

    گُڏي، گُڏيءَ جي شادي آ
    شادي گهر آبادي آ

    ٻنهي آ پاتو گلن هار
    جيڏو گُڏو آ هوشيار
    گُڏڙي اوڏي سادي آ
    گڏي، گڏيءَ جي شادي آ

    موملَ، سوملَ سهرا ڳائي
    شبو، ثريا دهل وجھائي
    جهمر تي شهزادي آ
    گڏي، گڏيءَ جي شادي آ

    اوڙو پاڙو سارو آيو
    سڀني کي زردو کارايو

    واههَ جو هيءُ سوادي آ
    گڏي، گڏيءَ جي شادي آ

    مارئيءَ ٿي سرٻاٽ ڪيو
    پگهر اگندي هيءُ چيو
    ”ايڏي گرمي!، تعدي آ“
    گڏي، گڏيءَ جي شادي آ

    گڏي گڏي جي شادي آ
    شادي گهر آبادي آ.


    مورو

    جبل مٿي تارو
    ٻار آ، هرڪو پيارو
    او ادڙا مورو ويٺي ڏيان!

    جبل مٿي ڏيئو
    شال سدائين جيئو
    او ادڙا، مورو ويٺي ڏيان!

    جبل مٿي منيهنُ
    سنڌي ٻالڪ شينهن
    او ادڙا، مورو ويٺي ڏيان!

    جبل مٿي جهُڙ
    ضدِ نه ڪجي مُڙ
    او ادڙا، مورو ويٺي ڏيان!

    جبل مٿي مورَ
    ديسَ تان ٿيو گهورَ
    او ادڙا، مورو ويٺي ڏيان!


    سنڌي ٻالڪ

    سهڻو پنهنجو آ، سنسار
    آءٌ ته آهيان سنڌي ٻار

    اندر اسان جو، اُجرو ڌوتل
    پيارُ سِڪ ۾ اهڙو پوتل
    سُڳنڌَ ڀريو جيئن گل هار
    آءٌ ته آهيان سنڌي ٻار

    مَنَ ۾ سَچَ جو مَچ مَچي
    مُنهنجي آڏو ڪير اچي

    هڪ نه ڀانيو، ڀانيو چار
    آءٌ ته آهيان سنڌي ٻار

    گهرو جنهن کي گهاءُ نه آ
    سو گيدي منهنجو ڀاءُ نه آ
    سورهيه بڻجي مون سان گهار
    آءٌ ته آهيان سنڌي ٻار

    سُهڻو پنهنجو آ، سنسار
    آءٌ ته آهيان سنڌي ٻار.


    سُريلا گيت

    راتِ، کُٽايون، باک ڦٽايون
    گڏجي گيت سريلا ڳايون

    هيسيل هيسيل هانءُ جنين جو
    غربت آهي نانءُ جنين جو
    تن لئه ڪو آواز اُٿاريون
    راتِ کُٽايون، باک ڦٽايون

    ڪوئي پَٽَ پٽيهر پائي
    ڪو ٿو تن لئه ساهه سِڪائي
    هيءُ ٻنهي مان ويڇو ڊاهيون
    راتِ کٽايون، باک ڦٽايون

    اوندهه اوندهه رات کٽي جي
    ڳاڙهي ڳاڙهي باکَ ڦٽي جي
    مُکَ مُکَ ٿينديون، سُرهايون

    رات کٽايون باک ڦٽايون
    گڏجي گيت سريلا ڳايون.


    سَچ جو رَنگُ

    اهڙو رنگ رچايو ٻارو!
    سارو جڳ جرڪايو ٻارو!

    ڏيههَ جنهين کي ڏک ڏنا هن
    سوئي سوئي سُکَ ڇِنا هن
    تنهن کي سيني لايو ٻارو!
    سارو جڳ جرڪايو ٻارو!

    ڪوڙَ سان جنهن جي ڪين پئي
    هر دم سچي ڳالهه چئي
    تنهن آ، پاڻ ملهايو ٻارو!
    سارو جڳ جرڪايو ٻارو!

    جنهن سان مٺڙو!، مانُ ٿئي
    اَبي اَمڙ جو شانُ ٿئي
    اهڙي جوتِ جلايو ٻارو!
    سارو جڳ جرڪايو ٻارو!

    اهڙو رنگ رچايو ٻارو!
    سارو جڳ جرڪايو ٻارو!


    چڙيا گهر جو سَير

    اچو گُهمون سڀ چڙيا گهر
    وَسيل جتي دلچسپ شهر

    وڏو وڏو هي هاٿي آهي
    ٻارن جو هي ساٿي آهي
    جيئري لک جو ٿيندو آهي
    مري سوا لک لهندو آهي
    گهوڙي ڀرسان گينڊو آهي
    قد ۾ جيڪو ڊينڊو آهي
    پِڃري ۾ بند، شينهن ببر
    اچو گُهمون سڀ چڙيا گهر

    ٻارن جو آ، شور جتي
    رنگا رنگي آ، مورُ اتي
    طوطو ٻول ٻڌائي ٿو
    سڀ جي دل وندرائي ٿو
    هنجَ پکي ۽ بدڪون اڇيون
    پاڻيءَ ۾ رنگين مڇيون
    نچي ڪُڏي پيو ٿو باندر
    اچو گُهمون سڀ چڙيا گهر

    زيبرو آهي پٽا پٽي
    چيتي کان ڪجهه بيهو هٽي
    هرڻ، مانگر مَڇُ، جهنگ ٻِلو
    اُٺ ـ پکي هي، هِن سان ملو
    رڇ هي جُهمر پائي ٿو
    ڀولو ڏسو، چيڙائي ٿو
    سهڻو ڪيڏو آ، خچرُ
    اچو گُهمون سڀ چڙيا گهر

    اچو گُهمون سڀ چڙيا گهر
    وَسيل جتي دلچسپ شهر.


    ماڳُ ڏي قدم

    دلبرئو! دوستئو!
    مِڙو مِڙو، رِڙهو رِڙهو
    ماڳ ڏي.
    ديس تان نثار ٿيو
    ڪين تنهن کان ڌار ٿيو
    انڌيري رات جي اچي
    چنڊ ٿي، کِڙو کِڙو!
    ميڙو ميڙو، رِڙهو رَڙهو
    ماڳ ڏي.
    اڙانگي راهه سچ جي
    هي وستي ڪائي ڪچ جي
    سنڀالي پير کي ڌريو
    متان ڪٿي، ٿِڙو ٿِڙو!
    مِڙو مِڙو، رِڙهو رِڙهو
    ماڳ ڏي.

    ڪڏهن نه هانءُ هارجو
    کِلي کِلي ئي گهارجو
    سدائين شال خوش رهو
    گُلن جيان ٽِڙو ٽِڙو
    مِڙو مِڙو، رِڙهو رِڙهو
    ماڳ ڏي.
    مِڙو مِڙو، رِڙهو رِڙهو
    ماڳ ڏي.


    لولي

    جهڙو پيار وطن
    جيئن اجرو ڪو تن
    اهڙي لولي ڏيانءِ!
    لال، لولي ڏيانءِ!

    ڀاڳ ڀريو ٿئين
    جاڳ ڀريو ٿئين
    شينهن ٿي تون جيئن
    ڏينهن ٿي تون جيئن
    ديس لئه تون ڪڏهن
    رات ڪاري نه ٿئين
    ديس تان تون ڪرين
    گهورَ، سڀ مال، ڌن
    جهڙو پيارو وطن
    جيئن اُجرو ڪو من
    اهڙي لولي ڏيانءِ!
    لال، لولي ڏيانءِ!!

    قرض ـــ ڌرتيءَ جون تون
    ساهه ـــ سرتيءَ جو تون

    شال لاهي سگهين
    کيس چاهي سگهين
    سنڌ ٺاهي سگهين
    ڊوهه ڊاهي سگهين
    ايڏو اوچو ٿئين
    جيڏو نيرو گگن
    جهڙو پيارو وطن
    جيئن اجڙو ڪو مَن
    اهڙي لولي ڏيانءِ!
    لالَ، لولي ڏيانءِ!!


    ڀاڳ ڀلاري برسات

    ڪِڪو اَمان کي ڄايو رات
    ڀاڳَ ڀلاري ٿي برسات

    ٻاتا ٻول ڳالهائڻ سکندو
    مارئيءَ کي هو ”مالئي“ چوندو
    رات کي ادڙو چوندو ”لاتِ“

    ننڍڙي مان هو وڏڙو ٿيندو
    پاڻ جيڏن سان پڙهڻ ويندو
    علم پرائيندو ڏينهن رات
    ڀاڳَ ڀلاري ٿي برساتِ

    ڇٽيهه لکڻو، شينهن جوانُ
    ٿيندو دودو، دريا خان
    ڪندو هر مشڪل کي مات
    ڀاڳ ڀلاري ٿي برسات

    ڀيڻ ڪرائي ٿي ڀاءُ دعائون
    شال تون ماڻين روشن راهون
    ”گل“ پتاشا تنهنجي وات
    ڀاڳَ ڀلاري ٿي برسات

    ڪِڪو امان کي ڄايو رات
    ڀاڳ ڀلاري ٿي برسات.


    سڄي سون ڌرتي

    سدائين پيا شال خوش خوش گذاريو
    متان دس کي منهنجا مٺڙا!، وساريو

    محبت پکيڙيو، نوان راڳ ڇيڙيو
    سڄي سون ڌرتي، هتان لعل ميڙيو
    اسان ڪجهه سنواريون، اوهان ڪجهه سنواريو
    متان ديس کي منهنجا مٺڙا!، وساريو

    جي چاهيو ڪو چاهي، نه سيني کي ساهي
    رهي ڳاٽ اوچو، جيئن هاڻ آهي
    ته پوءِ جوش ڌاريو ۽ جذبا جيئاريو
    متان ديس کي منهنجا مٺڙا!، وساريو

    اهائي خوشي آ، اها زندگي آ
    اهائي عبادت. اها بندگي آ
    ڏيو ڏک ڪنهن کي، نه ڪنهن کي روائريو
    متان ديس کي منهنجا مٺڙا!، وساريو

    سدائين پيا شال خوش خوش گذاريو
    متان ديس کي منهنجا مٺڙا!، وساريو


    سنڌ سينگار

    هي جي سادا سٻاجها
    سچا ٻار هن
    سنڌ سينگار هن

    ميٺ ۽ موههَ سان
    پيار، پاٻوههَ سان
    سڀ ئي ٽمٽار هِن
    سنڌ سينگار هِن
    سچ جي واٽ هي
    واٽ جي لاٽ هي
    سِجَ جا پار هِن
    سنڌ سينگار هِن
    ديس جو شان هِن
    شان مان هِن
    هانوَ جا ٺار هِن
    سنڌ سينگار هِن

    هي جي سادا، سٻاجها
    سچا ٻار هِن
    سنڌ سينگار هِن.


    گُل ۽ تَارا

    شال سدائين جڳمڳ جرڪن
    سهڻيءَ سنڌ جا روشن تارا

    پاسي تي پهراڻ جنين کي
    هَرَ ڪلهي تي ساڻ جنين کي
    سنڌي ٽوپيءَ، اجرڪ وارا
    سهڻيءَ سنڌ جا روشن تارا

    حق جي هر دم لات لنون ٿا
    هر هنڌ جيڪي سچ چون ٿا
    هِمت وارا، سنڌُ سهارا
    سهڻيءَ سنڌ جا روشن تارا

    ڳالهائن ڄڻ ”گُلَ“ ٽڙيا هن
    جيئن ڪي تارا اُڀ کِڙيا هن
    ماکيءَ جهڙا مٺڙا، پيارا
    سهڻيءَ سنڌ جا روشن تارا

    شال سدائين جڳمڳ جرڪن
    سهڻيءَ سنڌ جا روشن تارا.


    ٽانڊاڻو

    ٽِم ٽِم ٽِمڪي ٿو ٽانڊاڻو
    سهڻو، سهڻو، ساههَ سيباڻو

    جڳمڳ جڳمڳ ۽ جرڪيل
    آهي ڪوئي ديپ ٻريل
    تيز هوا ۾ ڀي نه وساڻو
    ٽِم ٽِم ٽِمڪي ٿو ٽانڊاڻو

    اوندهه ۾ اڳواڻ اسان لئه
    گهوري پنهنجو پاڻ اسان لئه
    ننڍڙو ننڍڙو موتيءَ داڻو
    ٽِم ٽِم ٽِمڪي ٿو ٽانڊاڻو

    سورج هن لئه اونده آڻي
    ڏينهن جو هن کي ڪو به نه ڄاڻي
    راتين جو پر آهي راڻو
    ٽِم ٽِم ٽِمڪي ٿو ٽانڊاڻو

    ٻارو!، هن کي پڪڙيو ڪين
    ٻنهي هٿن ۾ جڪڙيو ڪين
    بڻجي ويندو هي ويڳاڻو
    ٽِم ٽِم ٽِمڪي ٿو ٽانڊاڻو

    ٽِم ٽِم ٽِمڪي ٿو ٽانڊاڻو
    سهڻو سهڻو، ساههَ سياڻو.


    مَاءُ

    ماءُ منهنجي مِٺي
    ماءُ منهنجي مِٺي
    شال جيئندي رهي
    منهنجي ڏُکَ سورَ تي
    جنهن جو جيءُ ٿو جُهري
    منهنجي سُک لئه سدا
    جا دعائون گهُري
    آس جنهن جي ته ”پُٽڙو،
    گُلن ۾ تُري“
    مون کي خوشيون ٿي ڏي
    مون کان هر غم ڦُري

    ماءُ منهنجي مِٺي
    ماءُ منهنجي مِٺي
    شال جيئندي رهي

    مون کي سانڍي ٿي
    سوگهو ڪري ساهه ۾
    لوڀَ، لالچ نه ڪائي
    سندس چاهه ۾
    مون کي چاهي ٿي جيڏو
    نه چاهي سگهان
    هڪ ٿورو به جنهن جو
    نه لاهي سگهان
    ماءُ منهنجي مِٺي
    ماءُ منهنجي مِٺي
    شال جيئندي رهي

    ڪجهه ڪرڻ جي جڏهن
    آءٌ لائق ٿيان
    فرض منهنجو ٽه هن جي
    مان خدمت ڪريان
    مان مِٺي ماءُ جا
    پير ڌوئي پيان
    اهڙو ڏينهن نه ٿئي
    ڏک جو کيس ڏيان

    ماءُ منهنجي مِٺي
    ماءُ منهنجي مِٺي
    شال جيئندي رهي
    شال جيئندي رهي.


    ٻيڙين جي گوءِ

    ڪاغذ جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي
    تن کي پوءِ پاڻيءَ ۾ لاهي
    يارو! گڏجي گوءِ پڄايون
    پياري پياري راند رچايون
    ٻيڙيون وينديون لُڏنديون لمنديون
    تيز هوا ۾ تڪڙيون ترنديون
    هرڪو راند انهيءَ کي چاهي
    ڪاغذ جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي

    يارو! گڏجي گوءِ پڄايون
    پياري پاري راند رچايون

    تاڙيون وڄائي نَچي نَچي
    راند ڪنداسي صاف سچي
    ڊوهَه ڇڏينداسين هڙ ڊاهي
    ڪاغذ جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي

    يارو! گڏجي گوءِ پڄايون
    پياري پياري راند رچايون

    جيت انهيءَ ٻالڪ جي ٿيندي
    جنهن جي ٻيڙي اڳتي ويندي
    پوئتي هجڻ هارائڻ آهي
    ڪاغذ جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي

    ٻارو! گڏجي گوءِ پڄايون
    پياري پياري راند رچايون


    ڌرتيءَ جا راجا

    سڀن ۾ سدا مون کي سي ئي وڻيا هن
    مِٺا منهنجيءَ مٺڙيءَ جي سنڌڙيءَ ڄڻيا هن

    هي ننڍڙا، مٺڙا ۽ سادا، سٻاجها
    هي سنڌڙيءَ جا سينگار، ڌرتيءَ جا راجا

    ملِن سورَ، سختيون ته مُرڪي سَهن ٿا
    گُلن وانگي خوشبوءِ سان واسيل رهن ٿا

    هِنن لاءِ هر جيءَ ۾ جاءِ آهي
    هيءَ عزت ۽ شهرت هِنن لاءِ آهي

    گڏجي جڏهن هيءُ هڪ ٿي وڃن ٿا
    گهڙيءَ ۾ تڏهن ڪوٽَ قَهري ڪِرن ٿا

    سدا، ڏاڍ اڳيان جي سينن کي تاڻن
    رکن ڳاٽ اُوچا، جهڪائي نه ڄاڻن

    ڏسڻ ۾ ته ”گل“ وانگي نازڪ لڳن ٿا
    هي ڏونگر کي ڏارڻ جي طاقت رکن ٿا

    سڀن ۾ سدا مون کي ئي وڻيا هِن
    مِٺا منهنجيءَ مٺڙيءَ جي سنڌڙيءَ ڄڻيا هن.


    ٻاراڻا هي ٻول

    لهڻي تو کي لال آ، سنڌوءَ سندي سارَ
    گُلن جهڙا ٻار، سگھو وڌي ٿي وڏو.

    مهڪي تنهنجو مُک، مکڙيون جيئن ماڪ ۾،
    ملئي مٺڙا! ڪينڪي، ڪٿان ڪوئي ڏک،
    سدا ماڻين سک، سنڌوءَ جا سينگار تون.

    ڏسين مٺا!، ڏيهه ۾، هيڻا جنين حال،
    جُڳ جُڳ جيئن شال، سانڍيج تن کي ساهه ۾

    ڀري وٺو جهول، گلن جهڙيون ڳالهڙيون،
    سِٽَ سِٽَ ۾ سِڪ آ، سچ سمايل ڍول!،
    ٻاراڻا هي ٻول، هيئن منجهه هنڊائڻ جا.

    ڪاوڙ ڪينو جي ڪڍيئي، ڇڏيئي لالچ لوڀَ
    ساٿي!، تو کي سوڀ، ملندي هر ڪنهن ماڳ تي.


    ٻهروپي

    ٻارن جي عالمي ڏينهن تي
    هڪ هنڌ هڪ وڏي ماڻهوءَ جي
    تيز رفتار، وڏي ڪار
    هڪ معصوم، مزدور ٻار
    چيڀاٽي، اڳتي ئي اڳتي
    وڌندي وئي.
    وڏي ماڻهوءِ جي پٿرَ جهڙيءَ دل ۾
    رحمَ جو تِرُ جيترو احساس
    ڀي ڪين اُٿيو،
    معصوم ٻالڪ کي پٺيءَ تي کنيل
    بوٽ پالش جي پيٽيءَ جو
    سمورو سامان، سندس ڳاڙهي ڳاڙهي
    رَتُ سان گڏ، روڊ تي ويو وِکرجي.
    گهڙيءَ کانپوءِ، ساڳئي ئي وڏي ماڻهوءَ
    خاص مهمان ٿي، هڪ فنڪشن ۾
    وڏيون وڏيون پئي ڳالهيون ڪيون
    ٻارن جي سٺيءَ پالنا ۽ ترقيءَ لاءِ
    ٻارن جي عالمي ڏينهن تي.


    آخري پنو

    تعارف : نصير مرزا

    اياز گل، نئين ٽهي جي اهم شاعرن مان هڪ آهي هن نه فقط وڏن لاءِ لکيو آهي، پر ساڳئي وقت ٻارن لاءِ به ڏاڍيءَ سچائيءَ سان پئي لکيو آهي. هڪ شاعر جيڪو وڏن لاءِ لکي ٿو، انهيءَ لاءِ ٻارن وانگي سوچڻ ۽ انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، جيڪو اياز گل ڪري ڏيکاريو آهي. هن ٻاراڻي نفسيات جو گهرو مشاهدو ۽ اڀياس ڪيو ٿو ڏسجي هن مجموعي جي گيتن ۾ موضوع جي رنگا رنگي موجود آهي. گل پنهنجي هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ ٻارن جي معصوم، پيارين پيارين ڳالهين، حرڪتن ۽ خواهشن کي سادي سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.
    گل، هنن نظمن ۾ جتي نصيحت ڀريا نُڪتا ڀريا آهن، اتي ٻارن کي ذهني ۽ اخلاقي سِکيا جو به سبق ڏنو آهي، جتي ڌرتيءَ سان محبت ۽ سڪ جو جذبو اڀاريو آهي، اتي پنهنجي ديس جي اهم ۽ سورهيه ڪردارن جي بهادريءَ جي واکاڻ ڪري ايندڙ نسل کي پنهنجي اتهاس کان آگاهه ڪيو آهي.

    نصير مرزا


    سنڌ سلامت پاران

    نامياري شاعر اياز گُل جو ٻارڙن جي شاعري تي مشتمل ڪتاب ”گل ۽ تارا“ 1979ع ۾ ڇپيو.
    نصير مرزا لکي ٿو:
    ”ٻارن وانگي سوچڻ ۽ انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، جيڪو اياز گل ڪري ڏيکاريو آهي. هن ٻاراڻي نفسيات جو گهرو مشاهدو ۽ اڀياس ڪيو ٿو ڏسجي هن مجموعي جي گيتن ۾ موضوع جي رنگا رنگي موجود آهي. گل پنهنجي هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ ٻارن جي معصوم،

    هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري پاران ڪمپوز ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي۔ سندن ٿورائتا آهيون جو سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343820
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141632
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ