ڪتاب جو نالو: سنڌ پنهنجي جدا گھرجي
مصنف: موريل زهراڻي
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 30 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 545 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 342 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
قومي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌ پنهنجي گهرجي“ محترم موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب دولھه دريا خان زهراڻي آهي. نثار کوکر لکي ٿو:
”ڪامريڊ موريل جي شاعري مون پڙهي آهي.منجهس هر دور جو رنگ چڙهيل آهي.پر مونکي سندس شاعري ۾ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ء سنڌيت وارو رنگ سندس تخليقن مٿان نمايان نظر اچي ٿو.اهو گيڙو ء ڳاڙهو رنگ صرف ڪامريڊ موريل جي ڪاغذي تخليق مٿان نه پر بائلوجيڪل تخليق (اولاد) مٿان پڻ حاوي نظر اچي ٿو.جيئن ڪامريڊ پنهنجي دور جو يگانو شخص هو ء سندس محبت جو محور سنڌ هئي تيئن ئي سندس اولاد لاء دعا ته شل سندن سنڌ سان محبت سلامت رهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپــنــا
  • اداري پاران
  • يگانو شخص: ڪامريڊ موريل
  • مھاڳ : تاريخ جو غير معمولي ڪردار ”چاچا موريل زهراڻي“
  • غلام حسين عرف ”موريل زهراڻي (جت)“ هڪ گمنام بلڪ تاريخساز شخصيت
  • ڀٽائيءَ جو ڀڀوتي ڪردار: سائين موريل زهراڻي جي شاعريءَ تي هڪ نظر
  • ڀنل مِٽيءَ جي مهڪ جهڙو: چـاچـا مـوريـل زهـراڻي
  • مرتب پاران : منهنجو پيءُ موريل زهراڻي
  • غزل
  • عربي / پارسي شاعري
  • نظم
  • بيتَ
  • وايون

  • حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سنڌ پنهنجي جدا گھرجي (شاعري)
    شاعر : موريل زهراڻي
    مرتب : دولھه دريا خان زهراڻي
    ڇاپو : پھريون، جنوري - 2014ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو

    مُلھه : 71 روپيه


    رابطي لاءِ:

    عيسى ميمڻ - 03133702868

    (هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي سيڪريٽري
    عيسى ميمڻ ۽ مجيب الرحمان ميراڻي سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران ڪراچيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (317) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. قومي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌ پنهنجي گهرجي“ محترم موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. نثار کوکر لکي ٿو:
    ”ڪامريڊ موريل جي شاعري مون پڙهي آهي.منجهس هر دور جو رنگ چڙهيل آهي.پر مونکي سندس شاعري ۾ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ء سنڌيت وارو رنگ سندس تخليقن مٿان نمايان نظر اچي ٿو.اهو گيڙو ء ڳاڙهو رنگ صرف ڪامريڊ موريل جي ڪاغذي تخليق مٿان نه پر بائلوجيڪل تخليق (اولاد) مٿان پڻ حاوي نظر اچي ٿو.جيئن ڪامريڊ پنهنجي دور جو يگانو شخص هو ء سندس محبت جو محور سنڌ هئي تيئن ئي سندس اولاد لاء دعا ته شل سندن سنڌ سان محبت سلامت رهي.“
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست عيسا ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپــنــا

    ارپــنــا:


    ڏاڏي ڪمالان
    ۽
    امڙ موتيءَ
    سان گڏ انهن سڀني قلمڪارن
    جي نانءِ
    جن وٽ غربت مَنڊيءَ جو وکر نه پر خودداريءَ جي علامت آهي.


    ڏکوين اهڃاڻ، ڪلھي ڦاٽو ڪنجرو،
    وڃي گوندر گاڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
    سورن اسان ساڻ، ننڍئي نينھن ڪيو.
    (شاه)

    دولھه دريا خان


    اداري پاران

    جڏهن سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جا بنياد پئي رکياسين، تڏهن هم خيال دوستن چيو ته ”هي ڏاڍو ڏکيو ۽ پيچيده ڪم آهي ۽ ان کي مستقل هلائڻ لاءِ تمام گهڻي منصوبه بنديءَ جي ضرورت آهي.“ ان سمورين ڳالهين کي نظر ۾ رکي شروعات ڪئي سين ته ان وقت ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته معاملو ڪيترو ڳرو آهي. اداري کي هلائڻو به قومي خدمت جي بنياد تي ۽ ڌنڌو به ناهي ڪرڻو ته يقيناً ان سوچ جي ڪري ڪيترن ئي دشوارين مان گذرڻو پيو آهي. 18-مھينن جي مختصر عرصي ۾ هي 12هون ڪتاب آهي جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. اسان پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي ته اسان پنھنجي فڪري ڌارا سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد کي مد نظر رکي هن اداري کي قومي ادارو بڻايون. سنڌ ۾ پروفيشنل ڇپائي جا کوڙ سارا ٻيا ادارا به آهن پر پاڻ نه پروفيشنل آهيون نه وري ٿيڻ چاهيون ٿا. اسان جي هنن ڪوششن سان جيڪڏهن قومي غلاميءَ جي ڪا هڪڙي به زنجير جي ڪڙي ڪمزور ٿئي ٿي ته اسان سمجهنداسين ته اسان کي پنھنجو اجورو ملي ويو.
    هي ڪتاب ”سنڌ پنھنجي جدا گهرجي“ سنڌ جي هڪ گمنام ڪردار موريل زهراڻيءَ جو آهي جنھن غربت جي حالت ۾ هوندي به سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي آهي. جيڪا ڪڏهن به ۽ ڪنھن به طرح سان فراموش ڪرڻ جي نه آهي پر افسوس آهي جو هن ڪردار کي منظرعام تي آڻڻ ۾ گهڻي دير ٿي آهي، پر ”دير آيد درست آيد“ واري ڳالهه کي ڏسي ارهائي نه ٿي ٿئي. اهو اعزاز به اسان جي اداري کي حاصل آهي ته ان گمنام ڪردار کي پيش منظر تي آندو اٿؤن. ان ڏس ۾ سائين ناصر زهراڻي ۽ دولھه دريا خان زهراڻيءَ جو سھڪار هميشه ياد رهندو. جن وک وک تي حوصلو ڏنو ۽ هن قومي ڪم ۾ ڀرپور تعاون ڪيو. آخر ۾ اوهان سڀني پڙهندڙ ساٿين جا به ٿورائتا آهيون جن وقت به وقت Email, SMS ، خطن، فوننن، Face book توڙي روبرو اسان کي همٿائيندا رهيا آهيو. سچ پڇو ته اهي اوهان جا وڙ ۽ محبتون ئي آهن جيڪي اسان کي ماٺو ٿيڻ نه ٿيون ڏين. اميد ته انھن محبتن کان اسان کي محروم نه ڪندؤ. اسان کي پورو پورو يقين آهي ته تاريخ ڪنھن جو به پورهيو ضايع نه ڪندي آهي.

    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر
    تاريخ: 13-12-2013ع ڏوڪري.


    يگانو شخص: ڪامريڊ موريل

    اها خبر ناهي ته ڏوڪري ۾ گلالن جو اهو دڪان اڃان به سلامت آهي الاء نه جنهنجي ڏاڪڻين واري در کان ٿورو هيٺ مين روڊ جي ڪناري هڪ ڪامريڊ ويهندو هو.ڏوڪري جا ڪامريڊ ته ماسڪو کان جدي تائين اڄڪلھ جتي ڪٿي آساني سان ملي وڃن ٿا پر ڪامريڊ موريل جو ملڻ محال آهي.
    اهو اسانجي اسڪولي ء ڪاليجي زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اسان جي ٽهي پنهنجي ڪيريئر ۾ مختلف امتحان ڏيڻ تي ويچاريندي هئي ء انهن امتحانن لاء ٽيوشن وٺڻ لاء شهر ۾ ڪو موزون ماڻهو ڳوليو ويندو هو.هر ڪنهن جي اک ڪامريڊ موريل تي هوندي هئي پر ڪامريڊ ٽائيم ڪنهن ڪنهن کي ڏيندو هو.ڪامريڊ جو ٽيوشن سينٽر به عجيب هوندو هو.سنڌ سونهاري جو چپو چپو هي فقير به رليو آهي پر اهڙو ٽيوشن سينٽر مون ڪٿي به اڄ تائين ڪنهن شهر ۾ نه ڏٺو نه ٻڌو آهي.
    ڏوڪري جي ان فوٽ پاٿ کان وانجهيل پر مصروف مک روڊ تي ڪامريڊ موريل موچي جي جيڪا پيتي هوندي هئي ان تي شاگرد ويهندا هئا ء ڪامريڊ پراڻين جتين کي ٽانڪا به هڻندو ويندو هو ته ڊاڪٽري پڙهندڙ شاگردن جي علم کي به پالش ڪندو ويندو هو.اها سندس علمي مهارت هئي.کيس انگريزي،فارسي ء سنڌي ٻولين تي ته خصوصي مهارت هوندي هئي.ڪامريڊ ڏوڪري جي ڀرئي شهر ۾ ائين گهمندو هو جو پنهنجي علم جي ء ڄاڻ جي ڪنهنکي ڀڻڪ پوڻ نه ڏينود هو نه ئي ڪوڙن ء عطائي پروفيسرن وانگرن ٽائي ٻڌي چين يا انگلينڊ کان موٽڻ جون ٻٽاڪون هڻندو هو.کيس ان حال ۾ ڏسي مونکي سدائين ڀٽائي سرڪار جون اهي سٽون ياد اينديون هيون ته لڪا ڀڻن لوڪ ۾.....
    هو ڏوڪري جي نئين نسل کي تعليم ڏيندو هو ء نوجوان سياسي ڪارڪنن سان سياسي بحث ڪري سندن ذهني صلاحيتن کي تيز ڪندو هو.پر هن ڪڏهن به اهو راز فاش نه ڪيو يا اهو رعب نه جهاڙيو ته ڪو هو وڏو علمي ڀنڊار آهي.ان جو هڪ سبب اهو ئي هو ته ڪامريڊ موريل انتهائي سادگي پسند هو.هن ڪنهنکي نه ٻڌايو ته هن ايران جو دورو ڪيئن ء ڪيترن سالن تائين ڪيو.ايران ۾ سنڌين جا گهر يا ڳوٺ ڪيئن کيس نظر آيو.هو وڏو جاکوڙي ،مسافر ء لوڪان لهنوارو ويندڙ شخص هو.
    زماني جي گردش هر انسان جي زندگي ۾ مها ٻوڏ جهڙي اٿل پٿل ضرور آڻي ٿي ائين ئي ڪامريڊ موريل جي زندگي ۾ به ٿيو.کيس مٿان کان هيٺ اچڻو پيو پر هن حياتي جي آخري گهڙين تائين پنهنجي ٻانهن ۾ ٻل ڀانيو.ڪنهن به طرح جي خوشامد يا چاپلوسي ڪري پنهنجي علم،ذهانت ء ڏات کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪري ايول جينئيس (شيطاني دماغ) ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
    ڪامريڊ موريل جي شخصيت ،سادگي ء ذهانت صرف سندس اولاد يا ڳوٺ وارن تائين محدود نه هئي پر ڏوڪري جي ان وقت جي سياسي ء ادبي گروپن ۾ سندس اهي گڻ وڏي واڪ ساراهيا ويندا هئا.سندس انهن گڻن کان هٽي تخليقڪار واري خبر هاڻي تڏهن پئي آهي جڏهن سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌ پنهنجي جدا گهرجي منهنجي اکين اڳيان آيو آهي.
    سچ پچ اها هڪ خوشي جي گهڙي آهي ء يقينن ڪامريڊ موريل به خوش ٿيو هوندو اهو ڏسي ته جنهن سماج ۾ چڱن ڀلن اديبن جي اولاد سندن ڪتابي مسودا ڪٻاڙي وارن کي بيزاري مان ڏيندا هجن اهڙي سماج ۾ سختين منجهان گذري پڙهي پيل سندس اولاد سندس ڪتاب پئي چپرائي.اها خوشي ء اها سعادت ڪنهن يگاني جي نصيب ۾ ئي اچي ٿي.
    ڪامريڊ جي سادگي ء هلت چلت پر بامعني سرگرمي ڏسي مونکي سدائين مخدوم محي الدين جون اهي سٽون ياد اينديون رهيون ته
    يه کون آتا هي ، تنهايون مين جام ليي،
    دلون مين چاندني راتون کا اهتمام ليي.
    ڪامريڊ موريل جي شاعري مون پڙهي آهي.منجهس هر دور جو رنگ چڙهيل آهي.پر مونکي سندس شاعري ۾ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ء سنڌيت وارو رنگ سندس تخليقن مٿان نمايان نظر اچي ٿو.اهو گيڙو ء ڳاڙهو رنگ صرف ڪامريڊ موريل جي ڪاغذي تخليق مٿان نه پر بائلوجيڪل تخليق (اولاد) مٿان پڻ حاوي نظر اچي ٿو.جيئن ڪامريڊ پنهنجي دور جو يگانو شخص هو ء سندس محبت جو محور سنڌ هئي تيئن ئي سندس اولاد لاء دعا ته شل سندن سنڌ سان محبت سلامت رهي.

    نثار کوکر


    مھاڳ : تاريخ جو غير معمولي ڪردار ”چاچا موريل زهراڻي“

    علم ۽ ادب اهي سگهاريون وٿون آهن، جيڪي نه ڪڏهن وِڪاميون آهن ۽ نه وري انھن ڪڏهن، ڪنھن دولتمند، جابر، طاقتور يا ظالم جي اڳيان ڪنڌ نِوائي ڪورنيش بَجا آندو آهي. عالم ۽ اديب جو وجود وقت جي دَزَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڌنڌلو ٿي اڳتي وڌندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پھاڙن کي به پرزا پرزا ڪري نڪري نروار ٿيو آهي.
    اسان جي اکين آڏو بظاهر ڪي ماڻهو، ڪي شخص غيراهم، سادا سٻاجها ۽ معمولي انداز اختيار ڪيو هلندا ڦرندا ۽ زندگيءَ جو ڪٺن گاڏو گھليندا رهندا آهن. پر حقيقت ۾ اهي نه غيراهم هوندا آهن، نه پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سادا سٻاجها هوندا آهن ۽ نه وري معمولي. هي اُهي لاهوتي آهين، جن لاءِ بابا ڀٽائي چيو آهي ته:
    ”ڳُجهه نه ڳالھائين، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.“
    لوڪ کي جيڪي ماڻهو هڪ هنڌ ويٺل نظر اچن ٿا، کين پيرين پُراڻا کيترا پاتل آهن ۽ حالَ بيحالُ اٿن، سي، غير اهم ۽ معمولي ڪٿي آهن!!! ڀلي اُهي پاڻ پنھنجي وجود جو احساس نه به ڏيارين، پر ٻيا سڀ ماڻهو سندن موجودگيءَ کي نه درگذر ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي انڪار. چوڻ جو مقصد ته، هنن جو علم، عقل، فھم ۽ سٻاجهائپ، سندن آس پاس جي ماڻهن لاءِ بحث جو مواد ۽ اتساھ جو وسيلو بڻيل هوندا آهن.
    اِها الڳ ڳالهه آهي ته، ڪي مت جا مُوڙهيا ۽ ذهني ڪنجوس سندن سامھون شتر مرغ بڻجي ويندا آهن. نظرون ڦيري گذري وڃڻ مھل ايئن لڳندا ڄڻ شرم ۾ ٻُڏي ويل هُجن ۽ شڪي ٿيندا هُجن.
    موريل زهراڻي انھن عالمن ۽ اديبن مان هڪ هو، جنھن جو هڏ قد جيترو سڦرو هو، اوترو ئي سندس علمي ۽ ادبي مايو اعلى درجي جو هُو هن جي جسامت جي حوالي سان مونکي ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو آهي ته، جيڪڏهن گانڌيءَ جي بدن تان کانڌيءَ جي چادر لاهي، پراڻي شلوار قميص يا گوڏ قميص پارائجي ها ته هُو صفا موريل زهراڻي نظر اچي ها. غلام حسين زهراڻيءَ کان موريل زهراڻيءَ تائين پھچڻ وارو سفر ڪھڙو ۽ ڪيئن گذريو، ان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان نه منھنجو مقصد آهي نه تجسس. ها البت مان ايئن سمجهندو آهيان ته، غلام حسين زهراڻي منھنجي محبوب، يارَ ۽ ننڍي ڀاءُ دادلي زهراڻيءَ جو والد آهي ۽ موريل زهراڻي سنڌ جي هڪ وڏي عالم، شآعر ۽ سُچيت ماڻهوءَ جو نالو آهي.
    پڙهيل لکيل، ڄاڻو گر ۽ اديب هُجڻ ڪو اهم يا وڏو ڪارنامو ته ڪونھي، نه ئي اها ڪنھن شخص جي اصل سڃاڻپ آهي. انسانيت، ماڻهپي ۽ بصيرت جھڙا هيرا، لعل يا گوهر جڏهن پڙهيل لکيل، ڄاڻوگر ۽ اديب جي شخصيت تي جَڙاءُ ڪن ٿا، تڏهن ئي ان جي اُها سچي سڃاڻپ بڻجي ٿي ۽ ڪارنامو هُجي ٿي.
    اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ادب ۾ خاص طور وري شاعريءَ ۾ ڏتڙيل، مظلوم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار طبقن جا شاعر عشق ۽ محبت واري شاعريءَ تي گهڻو زور ڏيندا آهن. شايد ان جو سبب فطري طور اِهو هوندو آهي ته، کين جيڪو احساس محرومي سماج کان پلئه پوندو آهي، ان جي مقابل هُو، پنھنجي اندر ۾ موجود پيار جي جذبن کي زماني جي ضرورت بڻائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.ان جي نتيجي ۾ سندن شاعري يا ٻين لکتن ۾ پيار ۽ عشق وارو حقيقي احساس ڀرڻ بجاءِ احساس محروميءَ جو عڪس نظر ايندو آهي يا وري اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي ڏسبو ته سندن لکڻين ۾ شھوت پرستيءَ جو پھلو نمايان هوندو آهي.
    هن پسمنظر ۾ جڏهن موريل زهراڻيءَ جي شاعراڻا انداز تي نگاهه وجهون ٿا ته، هو غريب، مظلوم ۽ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم طبقي سان واسطيدار رکندي به پيار محبت ۽ عشق فشق واري اهڙي سطحي اظھار کان ڪوهين ڏور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ مجازي پيار ۽ شخصي عشق جي جاءِ تي انسانيت ۽ ماڻهپي سان پيار ملندو ۽ ڌرتيءَ توڙي ڌرتيءَ جي عام سادن لوڪن سان سچي عشق جو جلوو پسڻ لاءِ ملندو.
    موريل زهراڻيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع ڇُھيا آهن، سي زندگيءَ سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن. هو ادب براءِ ادب بجاءِ ادب براءِ زندگيءَ جو قائل آهي. لطيف، سچل، سامي ۽ انھن جھڙا ٻيا شاعر، ڏاها ۽ ساڃاهه وند انسان سندس شعر تي حاوي آهن. انھن جو ذڪر بار بار سندس قلم جي زينت بڻيو آهي. ان کي لاشعوري ڪوشش به کڻي مڃجي، پر ان سچ کان به ڪـَنَ لاٽارَ نٿي ڪري سگهجي ته، انھن شاعرن ساڳئي انسانيت ۽ ماڻهپي جي پرچار ڪئي آهي، جيڪا موريل زهراڻيءَ جو پڻ آدرش آهي. ايئن کڻي چئون ته موريل زهراڻي سندن مِشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ شاعريءَ جو سھارو ورتو. ماڻھپي جي عظيم سبق کي ايندڙ نسلن تائين پھچائڻ لاءِ هن سُخنوري واري راهه اختيار ڪئي.
    موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ مذهبي ڪردارن ۽ افڪارن جو ذڪر به وافر مقدار ۾ ملي ٿو. مون ڌيان ڪري اهڙو ذڪر پڙهيو، پر مون کي موريل جي ذڪر ۽ مُلي يا مفتيءَ جي ذڪر ۾ ڏينھن رات وارو تفاوت نظر آيو. مُلو مال ميڙڻ ۽ ڀِڀُ ڀرڻ لاءِ گلڪاري ڪري مذهبي پرچار ڪري ٿو، جڏهن ته موريل زهراڻي نج پج عوامي انداز ۾ اهڙو ذڪر ڪري ٿو. هن کي تاج پوشي، پڳداري ۽ مال سان ڪو سَروڪار ڪونھي، تنھنڪري هي عام جي زبان کي سھارو بڻائي، چڱائي، ڀلائي، سچائي ۽ انسانيت وارا گڻ نکارڻ ۽ اُڀارڻ لاءِ حمد، نعت، مناجات يا منقبت واري شاعري تخليق ڪري ٿو. هن وٽ اهو انداز ئي ناهي جنھن هيٺ ڪو مُلو متڀيد ڏيکاري ماڻهن کي ويڙهائڻ ۽ انسانيت جو خون ڪرائڻ ۾ ڪو عيب نه سمجهندو آهي. هي ته رَندي ۽ فقيراڻي انداز ۾ سڀني انسانن کي وحدانيت ۽ تصوف جا درس ڏئي ٿو.
    مون جڏهن موريل زهراڻيءَ جي هيٺ ذڪر ڪيل تخليق پڙهي ته، سندس مٿان ناز به ٿيڻ لڳو ۽ زبان مان واهه واهه نڪري وئي. ڇاڪاڻ ته موريل ڪنھن هڪ فرقي جو شاعر ۽ پرچارڪ ناهي پر، هو سچ پچ پوري انساني نسل جو پرچارڪ آهي. توهان به هن جي فڪر کي ڏسو ۽ مزو وٺو:
    پرڀو توکي ٿو سڏيان مون ڏي ڪَنُ ڏي،
    رُکي روٽي ٿو کاوان، سڻڀو ڀوڄن ڏي.
    **
    ايمان جا مون وٽ ڍير ۽ ڍِڳَ آهن،
    اَنَ جي کوٽ آهي، ٻَٽي مڻ اَنُ ڏي.
    **
    محل ۽ ماڙيون اميرن کي ڏئين مولا،
    مونکي رهڻ جي لاءِ ڪکائين لانڍي يا ڇَنَ ڏي.
    **
    شري رام جا راکا سيتا جا لڄپال!
    سنڌ جي دشمنن کي راوڻ جيئن جَمُ ڪٺن ڏي.
    يا وري هي سِٽون ڏسو:
    روزا نمازون صوم صلواتون چڱيون مگر،
    بنده نواز بنجي عبادت فقير ڪر.
    **
    مَن عرف نفسه کي پُرجهي پَڪو ڪري،
    خاڪيءَ مان ذاتي باقيءَ جي زيارت فقير ڪر.
    هي غزل ڇائيتاليھن بندن تي مشتمل آهي، جيڪو سڄو سارو اعلى ظرف ۽ حرف جو مثال آهي. ٻيو به هڪڙو ٽيھن بندن تي مشتمل اهڙي ئي فڪر سان ڀرپور غزل آهي، جنھن جو مقطع ڏِسو ڪيڏي نه وڏي معنى ٿو ڏئي:
    ٻئي جي گهر هٿ سيڪڻ زهراڻي نه وڃ،
    پنھنجي گهر ۾ ٻاري مچ مچايون ويٺو رهه.
    هڪڙو گيت 41 هن بندن تي مشتمل آهي، جنھن جي پھرئين سِٽَ ملاحظه ڪريو:
    ”هتي يار! يڪسان حرامي حلالي “
    مٿيان سڀئي غزل ۽ گيت گهڻن بندن يا شعرن تي مبني آهن. ايترن بندن تي مشتمل شعر يا نظم اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته، موريل زهراڻيءَ وٽ نه ڪافين، رديفن جي ڪمي آهي ۽ نه ئي فِڪر يا موضوعن جي ڪا کوٽِ آهي ۽ سندس فني جوڙجڪ به لاجواب آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي نه رڳو ڇند جي علم کان واقف هو پر عروض تي پڻ دسترس حاصل هئس.
    موريل زهراڻيءَ جي هن ڪتاب ۾ غزل، گيت، نظم ۽ بيت شامل آهن، جڏهن ته پورا پنج غزل اهڙا پڻ شامل آهن، جيڪي خالص فارسي ۽ عربي زبان ۾ رچيل آهن. ان ۾ ڪو عجب ته نه لڳو ڇاڪاڻ ته کيس، نه رڳو انگريزي، اردو، سنڌي ۽ هنديءَ تي عبور حاصل هوس پر انھن سان گڏ بھترين عربي ۽ فارسي به ڄاڻندو هُئو. هنن پنجن ئي غزلن مٿان موريل زهراڻيءَ جو نالو ڊاهي پڙهي ڏِسو! توهان کي اهي ڪنھن وڏي فارسي شاعر جا محسوس ٿيندا.
    اها حقيقت آهي ته هر قاريءَ جي الڳ الڳ سمجهه ۽ بصيرت هوندي آهي، ان ڪري منھنجي راءِ سان ڪوبه اختلاف رکڻ جو حق رکي ٿو ۽ اهو نه وسارڻ گهرجي ته مون کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اختيار آهي. پر هي شعري ڳٽڪو مطالعي هيٺ آڻيندڙ مھربان قاري پنھنجي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه ضرور رکن ته هو موريل زهراڻيءَ جي پيار سان ڪيل پورهئي ۽ دل سان ميڙيل مڻين جو جائزو وٺي رهيا آهن، جنھن ۾ فن ۽ اسلوب جي ڪا کوٽ واڌ اڻٽر آهي، ته به سندس ذهني مشقت کي داد ڏيڻ ۾ ڪنجوسي بنھه نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته، اسان مان گهڻا ماڻهو دنيا جي هر عياشي ميسر هوندي ۽ بنيادي گهرجون مڪمل هوندي به اهي ڪم ۽ اهي چڱايون ڪرڻ کان قاصر آهيون جيڪي موريل زهراڻيءَ، پنھنجي مسڪيني حال ۽ پنھنجي عيال جي پيٽ قوت لاءِ هٿن جي زخمي ترين ۽ آڱرين سان پورهيو ڪندي سرانجام ڏنا.
    مان هن جي اڏي تي ڪاٺوڙي پيتي تي ويھي، جھڙيءَ طرح نڙيءَ جي ڪئنسر سبب سندس جهيڻي آواز ۾ دنيا جھان جي ڳالھين ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن کي پنھنجي ڪنن ۾ جَهٽڻ ۽ هيئن ۾ هنڊائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. بلڪل اهڙي طرح هي ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ، چاچو موريل زهراڻي سرگوشين ۾ مونکي پنھنجو هي ڪلام ٻڌائي رهيو آهي ۽ مان انتھائي گهڻو محظوظ ٿي رهيو هجان.
    مونکي سندس وڇوڙي کانپوءِ به ان ڪاٺوڙي پيتيءَ تي يا صندليءَ تي ويھڻ ۾ اهو ئي سُرور ۽ اُهو ئي ساهس ايندو هو، جڏهن گهر جو ڳورو گاڏو گِھلڻ لاءِ دادلو ساڳي آر سان بوٽن ۽ چپلين ۾ ڇيد ڪندي پنھنجي هٿن ۾ ڇيد ڪرڻ لڳو هو.
    چاچا موريل زهراڻي! جيڪڏهن تنھنجو روح ڪٿي آس پاس ۾ منھنجو آواز ٻُڌي رهيو آهي يا هي سِٽون پڙهي سگهي ٿو ته پوءِ ٻُڌ! تنھنجي تربيت ۽ تنھنجي محنت ساڀ پئي آهي، تون جنھن رستي تي پيرن ۾ لڦون وجهي قدم کنيا، انھن ساڳين قدمن تي پيرن ۾ لڦون وجهي اڄ تنھنجو ”دادلو“ ايترو لائق بڻجي ويو آهي، جو هاڻي انھيءَ ڏني واهڻ واري رستي تي هن جي ڪار ڌوڙ اُڏائيندي ڄڻ اُن ڏک ۽ اُن ڪَرب کي لٽيندي آهي، جيڪو تنھنجي وجود جو حصو بڻجي ويو هُو!!

    عـزيـز منگي
    لاڙڪاڻو
    23 ڊسمبر 2013ع


    غلام حسين عرف ”موريل زهراڻي (جت)“ هڪ گمنام بلڪ تاريخساز شخصيت

    غلام حسين عرف ”موريل زهراڻي (جت)“
    هڪ گمنام بلڪ تاريخساز شخصيت

    هونئن ٿيندو هيئن آهي ته قومون انهن عظيم انسانن کي جيئري ڪونه سڃاڻنديون آهن، جيڪي انهيءَ ئي قوم جو درد سيني ۾ سمائي تـڙپندا ۽ لڇندا آهن. وڏي واڪي، بي خوفي ۽ بيباڪي سان حق ۽ سچ جو نعرو هڻندا آهن. اهي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي انسان پنھنجي ڏات ۽ شعوري سگهه، انسانيت جي هڪجھڙائي، بقا، ايڪتا، امن، آشتي، پيار، محبت، سلامتي، انصاف، رواداريءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. جيڪي انسان پنھنجي جان جي جوکم جي ڪابه پرواهه نه ڪندا آهن. مظلومن ۽ محرومن جي پڪار بڻجي ويندا آهن. انسان جي فطرت به واهه جي آهي ته اهڙن امر ۽ اڏول انسانن کي اها ئي قوم جيئري ئي جسماني، روحاني ۽ ذهني عذاب ڏئي ماريندي آهي.
    انهن انسانن کي چريو چريو چئي، انهن مٿان چٿريون ڪيون وينديون آهن. انهن کي ڦاهين تي چاڙهيو ويندو آهي. لالچ ۽ خوف جي حربن سان هيسايو ۽ حرصايو ويندو آهي ليڪن اهي ڪنھن به ڄار ۾ ڦاسڻ وارا نه هوندا آهن. هنن جا حوصلا هماليه کان به وڌيڪ بلند ۽ اٽل هوندا آهن. هن کي ڪوبه طوفان لوڏي نه سگهندو آهي. هو صبر ۽ استقلال جا اعلى نمونا هوندا آهن. هو زماني کان مليل اذيتن ۽ عذابن کي مقصد خاطر لـَڇ برابر به نه سمجهندا آهن. جيئن سلطان الاولياءَ جن فرمايو ته:
    تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سِسِيءَ جو،
    ماڻيو تن ملير، جن جسو، مال مباح ڪيو.
    مُئي کانپوءِ اها ئي قوم انهن لاءِ روئندي، رڙندي، ماتم ڪندي، وار پٽيندي، سينو ڪٽيندي ۽ هاءِ گهوڙا ڪندي آهي. انهن مٿان مقبرا اڏيندي آهي. اڪيڊميون ۽ فائونڊيشنون قائم ڪندي آهي. انهن جون ورسيون ملهائي سندن فڪر ۽ فلسفي کي اجاگر ڪندي آهي. پر افسوس جو اسان وٽ ته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڪونه ٿو ٿئي. اسين نه ڪنهن کي جيئري سڃاڻندا آهيون۽ نه مُئي پڄاڻا. جيئن ماکيءَ جو پنھنجو هڪ منفرد آرو ۽ انداز هوندو آهي. جو جڏهن به مرضي پويس ته ميڙيل چونڊيل ماکي چٽ ڪري ويٺل جاءِ تان اٿي وڃي ۽ جتي ۽ جنھن به جاءِ تي پور پويس ته اتي ويهي رهي. ڇونه اهي کھرا کھرا ڊڀ هجن يا ڪنڊن جو لوڙهو هجي. اهڙيءَ طرح اسان به پنھنجي مرضيءَ سان ڪنھن کي چاهيندا ۽ ڪنھن کي بنهه نه چاهيندا آهيون. يا ڪنھن تي ڪڏهن غور ئي نه ڪندا آهيون. اهڙن ڏات ڌڻين، ڏاهن، سڄاڻن، پارکن، اڏول ۽ بردبار عظيم انسانن مان گودڙيءَ ۾ لڪل لعل، علم ۽ ادب جو گوهر، تاريخ جو پارکو ۽ ٻوليءَ جو ماهر ۽ محقق، انهن سڀني گڻن کان وڌيڪ اعلى درجي وارو گڻ مسڪين، اهل دل، مارو ماڻهو، غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) هڪ هو. هي املهه ماڻڪ ضلعي لاڙڪاڻي- تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڏنو واهڻ“ ۾ پيدا ٿيو. هن ڳوٺ جي هڪ ڪُکِ سان دادو ڪئنال ۽ ٻي ڪُکِ سان اڳوڻو ”نارو“ لڳو بيٺو آهي. هن ڳوٺ جي مٿان ئي دادو ڪئنال تي فال موري آهي. هتان ڪيئي شاخون ڦٽن ٿيون. سڄي ڳوٺ جي گڏجڻ، وندر ورونهن ۽ ڪچھري ڪرڻ جي واحد جڳهه به اها ئي موري آهي.جتي سڀ ڳوٺاڻا اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ نِمن، ٽالهين، پپرن ۽ بڙن جي ٿڌين ٿڌين ڇانون ۾ هوا جي آڌار ۽ پاڻيءَ جي لھرن تي، لامن مٿان ويٺل پکين جي مِٺين مِٺين لاتين واري سُر ۽ سنگيت واري لڀائيندڙ ماحول ۾ هرڪو پنھنجي پنھنجي فن جا جوهر پيو ڏيکاريندو. ڪي تاس ويٺا کيڏندا، ڪي سياست ۽ سماجي معاملن ۽ صورتحال تي پيا ٽيڪا ٽپڻي ڪندا. ڪي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي عياشيون ويٺا ڪندا. ڪي سگهڙ ۽ سپورنجهه ڏور بيت، ڳجهارتن، پرولين، هنرن ۽ سينگارن سان ويٺا ورونهن ڪندا. هنن جي سيني مان ڏات ۽ ڏانءُ ائين ڇوليون هڻندي نظر ايندو آهي، ڄڻ ڪو درياهه اٿلي پيو هجي. انهن جي علم ادب، هنر، گهڙ ۽ گهاڙيٽي، ٻولي ۽ ٻوليءَ جي روانيءَ کي ڏسي ائين پيو ڀانئبو ته هي لکيا پڙهيا ڪتابن جي علم وارا اديب ۽ شاعر هنن اڳيان ڄڻ ٻار پيا لڳندا. اهڙي نموني رات ڏينھن مانجهي مردن جون منڊليون متل هونديون آهن. هڪ دلربا رونق ۽ دلڪشي نظر ايندي آهي. جڏهن اتان موريل ۽ مريد (مريد زهراڻي به هن ڳوٺ جو تمام وڏو ناميارو ۽ برک سگهڙ ۽ اهل دل انسان هو.) ان جي ماڳ کان لانگهائو ٿبو ته ازخود اوچتو ئي روح کي سَٽَ اچي ويندي ته ڪا گهڙي پهر اتي ويهي روح کي وندرائي وٺجي. هن نفسانفسيءَ جي دؤر ۾ وري اهڙو موقعو ملي الائي نه. ڪچھريءَ ۾ وڃي ويهبو ته اٿڻ تي دل ئي نه چوندي. پر وڃڻ واري کي ته وڃڻو ئي پوندو. البت اها ياد عمر ڀر دل مان ڪڍي ڪونه سگهندو. هن ڳوٺ کي چئني پاسن کان زيتونن، انبن ۽ ليمن جا موهيندڙ باغ آهن. جنھن ڪري هي ننڍڙو ڳوٺ هڪ سرسبز ماٿريءَ جو من موهيندڙ منظر پيش ڪري ٿو.
    اهڙي مثالي ۽ شعور ڀرئي ڳوٺ ۾ هڪ انتھائي مسڪين گهراڻي ۾ غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) جو جنم ٿئي ٿو. ”آڻين ۽ چاڙهين“ تي گذران، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو، حال، اصليت ۽ سادگي ڄڻ کين ورثي ۾ مليل هئي.غلام حسين جا وڏا بنيادي طور تي هاري هئا. واڻ وٽڻ جو ڌنڌو پڻ ڪندا هئا، جيڪو اڃا تائين ڪندا پيا اچن. سندن وڏا لوڪ ادب جي فن جا به وڏا پارکو هئا. ڪچهريءَ ۾ اچبو ته ڪانه ڪا نئين تخليق جي نئين سوکڙي کڻي اچبي. سا به اهڙي جو واهه واهه ٿي واڄٽ وڄي وڃن. غلام حسين عرف موريل انگريزيءَ ۾ ان وقت جي ميٽرڪ پاس هو. ان وقت ميٽرڪ تمام وڏي اعلى درجي جي تعليم هئي. جا ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي هئي. سنڌ ۾ ڪو ورلي مسلمان ڇوڪرو ميٽرڪ پاس هوندو هو. ليڪن افسوس جو هي باصلاحيت ۽ باڪمال انسان ڪا چڱي خاصي معيار ۽ اهليت مطابق سرڪاري نوڪري حاصل ڪري نه سگهيو. جنھن جو بنيادي ڪارڻ سندس غربت، مفسلي ۽ خودداري هو. البت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ پٽيواليءَ جي نوڪري مليس پر شايد اها نوڪري سندس مزاج سان ٺهڪي نه سگهي. يا ان مان سندس معاشي ۽ سماجي گهرجون پوريون نه ٿي ٿي سگهيون، جنھن سبب اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ان بعد فيض محمد چني کان ڳنڍ ٽوپي جو ڪم سکيائين. فيض محمد چنو ناميارو سگهڙ به هو، ان کان ڪو بلنگ کان علاوه لوڪ ادب جي سکيا به حاصل ڪيائين. فيض محمد چنو موجوده نامياري شاعر خير محمد چني جو والد هو. جنھن جو اصل ڳوٺ خير محمد آريجا آهي. موريل ڄڻ محبتن ۽ مرڪزن جي کاڻ هو. هن کي ننڍپڻ کان ئي سير سفر ڪرڻ ۽ فطرت جي دل لڀائيندڙ، حسين دلڪش ۽ اثر انگيز منظرن جي مشاهدن ماڻڻ جو تمام گهڻو شوق هو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته هو فطرت جو عاشق هو ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. تنھنڪري هو وادين ۽ ماٿرين ۾ هوا جي لهرن ۽ سوساٽن ۾، پاڻيءَ جي لهرن هوا جي زور تي لهرن جو پاڻ ۾ پاڻ مٿان سٽجڻ جي آوازن ۾، پهاڙن ۽ صحرائن ۾، ٻيلن ۽ ٻيلائن ۾ غور ۽ فڪر ڪري انهن منظرن جي جهٽڻ ۾ گھري دلچسپي وٺندو هو.
    غلام حسين عرف موريل ٻوليءَ جو ايڏو ته پارکو ۽ ڄاڻو هو جو ڪوبه ٻوليءَ جو لفظ ڏبس ته ان جو ابو ڏاڏو، بلڪ پڙ ڏاڏو به ٻڌائيندو ته هي لفظ اصل ڪٿان، ڪيئن ۽ ڪهڙي ٻوليءَ کان آيو ۽ ڪيترا مرحلا طئي ڪيا ۽ پنھنجو ٿي ويو. موريل کي سنڌي، عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنسڪرت ٻولين تي ملڪو حاصل هوندو هو. هن ڪيترن ئي ناياب انگريزي ۽ فارسي ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ پئي چاهيو ليڪن معاشي بدحالي ۽ ذهني پيڙائن سبب اهو ڪم چاهيندي به نه ڪري سگهيو.
    جنھن لاءِ هميشه افسوس ڪندو هو. موريل زهراڻي (جت) سنڌ ۽ دنيا جي تاريخ تي پڻ دسترس رکندڙ هو. کانئس دنيا جو ڪوبه تاريخي واقعو پڇبو ته موريل ٺهه پهه ان واقعي جو تاريخي، سماجي ۽ تهذيبي پسمنظر به ٻڌائي ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح هو ان واقعي جي وضاحت عقلي بنيادن تي ڪندو هو. هو چوندو هو ته ڪنھن به تاريخي واقعي کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ ان روايت يا واقعي کي ان وقت جي سماجي، معاشي، معاشرتي ۽ سياسي حالتن جي تناظر ۾ پرکيو وڃي. موريل سنڌ جي تاريخ ۽ مسلم هسٽريءَ جو ڄڻ ته حافظ هو. هن وٽ سدائين تاريخ جا ڪتاب ۽ مختلف ٻولين جون ڊڪشنريون موجود هونديون هيون. جي ويٺو واندڪائيءَ وقت اڀياس ڪندو هو. انگريزي ٻولي جيئن ته تمام وسيع زبان آهي، جيڪا جغرافيائي لحاظ کان دنيا جي مختلف خطن ۾ مختلف انداز ۽ لهجي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جيئن برٽش، آمريڪا ۽ فرانس وغيره ۾ ان جا اچار، محاورا مختلف ۽ الڳ نوعيت جا ٿين ٿا. ليڪن هي جُتيون ڳنڍڻ وارو غلام حسين عرف موريل سڀني قسمن جي اُچارن۽ محاورن تي هڪجيتري مهارت رکندو هو. ڇو ته هو اٽالين ٻوليءَ جي ڊڪشنري ڄاڻندڙ هو. جيڪا انگريزي ۽ فرانسيسي ٻوليءَ جو ڌاتو (Derive) آهي. تنھن ڪري هن کي انگريزي زبان جا مختلف اچار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندا هئا. هو لفظن جي بگڙيل صورت کي پري ۽ پروڙي ويندو هو ته هي لفظ ڪھڙي زبان مان ڦٽي نڪتل آهي ۽ ان جو اچار ڇا ٿيندو.
    گهڻو اڳ جڏهن لاڙڪاڻي کان موهن جي دڙي تائين پڪو روڊ ڪونه هو ۽ نه وري ڪو ٽرانسپورٽ جو مناسب بندوبست ٿيل هو. هاڻي ته منٽ منٽ ۾ سواري آهي. روڊ سپرهاءِ وي لڳو پيو آهي. سو ان زماني ۾ ٻاهرين ملڪن کان جي سياح ”موهن جو دڙو“ گهمڻ ايندا هئا ته ريل گاڏيءَ ذريعي موهن جو دڙو ريلوي اسٽيشن تي لهندا هئا. اتان پوءِ ٽانگن ذريعي ڏوڪري شهر ايندا هئا. جيڪو ريلوي اسٽيشن کان فقط ٻن ميلن جي پنڌ تي اوڀر طرف آهي. ڏوڪريءَ پهچي جڏهن اهي سياح وڌيڪ گائيڊنس يا معلومات حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا. سندن ٻوليءَ جو لهجو وري اهڙو ته مشڪل ۽ اڻانگو جو ٻيو ڪو سمجهي ئي ڪونه سگهي. ان حالت ۾ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي هڪ ڇنل جوتن کي ٽاڪن هڻڻ واري پٺيءَ ۽ پيرن اگهاڙي، سنهڙي ليک جهڙي سيپڪڙي موريل کي وٺي ويندا هئا. پوءِ موريل اچي روانيءَ سان انهن سان انهن جي ٻولي ڳالهائي کين حيرت ڏياري ڇڏيندو هو. اهي ٻاهران آيل سياح سندس ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ تي کيس (Weldon) ۽ (Appreciate) ڪندا هئا. (تڏهن اهي ماڻهو فخر ڪندا هوندا ته اسان جي سماج ۾ به هڪ اهڙو پارکو ۽ باڪمال ماڻهو بوٽن کي پالش ڪندڙ ۽ چَتيون هڻندڙ انسان موريل زهراڻي جت جي نانوَ ۾ موجود آهي (جيڪو انهن سياحن سان سندن ٻولي ڳالهائي ٿو.) هو چوندو هو ته مهمان نوازي اسان جي ثقافت جو بنيادي جزو ۽ ڪردار آهي، جڏهن به اسان وٽ ڪو مهمان ايندو آهي ته سمجهندا آهيون ڌڻي تعالى اسان تي مهربان ٿيو آهي جو مهمان موڪليو اٿس. اسين پنھنجي حال ۾ خوش رهندا آهيون. اسان جو ضمير خوش آهي، اسان جو روح خوش آهي. اهڙيءَ طرح دنيا جي سياحن جي دل ۾ هڪ نه مٽجندڙ ۽ نه وسرندڙ تصور چٽي ڇڏيندو هو. وزيٽرس جڏهن بگين ۾ چڙهي موهن جي دڙي تي ويندا هئا جيڪو ڏوڪريءَ کان 8 ميل کن اوڀر طرف ۾ واقع آهي ته موريل کي به پاڻ سان گڏ دڙي تي وٺي ويندا هئا.
    موريل هڪ قسم جي لائبريري ۽ ادارو هو. علم ۽ ادب جي کاڻ هو. تاريخ جو حافظ هو. سندس سمورو گذر معاش ڳنڍ ٽوپي تي هوندو هو. يعني ڏوڪري شهر ۾ بوٽ پالش ڪندو هو ۽ ڇنل جوتن کي ٽاڪا هڻندو هو. سندس روزگار جو اهو ئي واحد ذريعو هو. شام جو ڳوٺ ويندو هو ته روز جي کاڌي پيتي جو سودو سامان وٺيون ويندو هو. گوڏن کان ٿورو هيٺ تائين سادي گوڏ، يا ڪڏهن ڪڏهن ٽڻن کان مٿي سوڙهن پاچن واري بافتي جي سلوار، قميص جون ٻانهون ٺونٺن تائين ڦاٽل. پاسن کان ڪڇن تائين بکيا اڊڙيل هوندا هئس. پيرن ۾ رٻڙ جي چپل، سو به هڪڙو پادر هڪڙي جو ته ٻيو پادر ٻئي چپل جو هوندو هئس. آهستي آهستي، ڌيري ڌيري، سوچي سمجهي، تڪي توري ڳالهائڻ وارو موريل، پراون پراڻن بوٽن تان مٽي رهڙيندڙ موريل، ڪير يقين ڪندو ته هي ايڏو مهان ۽ عظيم انسان آهي. سندس سيني ۾ علم ۽ دانش جو ڪيڏو مها ساگر سمايل آهي. ڪير يقين ڪندو ته هي بلند پايي جو ممتاز شاعر آهي. ڪير يقين ڪندو ته جيڪو روزانو کنڊ جو پاءُ، چانهه جو پتو، اٽي جا ٻه سير وٺي پٺيءَ تي رکيون پنڌ پيو ٿو دف دف ڪيون جاٺا هڻندو پکين ۽ وڻن سان ڳالهيون ڪندو ڳوٺ وڃي، سو ڪو ايڏو سالڪ، ڏاهو ۽ سپورنجهه انسان هوندو. موريل برابر مکڻ جيان صاف، شفاف ۽ نرم دل انسان هو. سندس دل ۾ هڪ وسيع ڪائنات هئي. هن جي سوچ هر قسم جي مت ڀيد ۽ محدود دائرن کان تمام مٿانهين هئي، جنھن ۾ ڪابه سرحد ۽ حدبندي ڪانه هئي. جتي ڪوبه رسمي ۽ روايتي حدن جو دنگ دڙو ڪونه هو. موريل، صوفي منش، اهل دل، وسيع نظر، کاهوڙي ۽ جاکوڙي انسان هو. تتل ڌرتيءَ تي کليل آسمان هيٺان فقط مٿان مٿي ڇانوَ لاءِ ٻن سنهين ڪاٺين تي لٽو ٽنگي ڇڏيندو هو. ان لٽي ڇانوَ هيٺان اوزارن جي پيتي رکي ويهي بوٽ پالش ۽ ڳنڍ ٽوپي جو ڪم ڪندو هو. پر ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته ان اٺ فوٽ ٽنگيل ڪپڙي جي هيٺان فقط موريل نه بلڪ هڪ علم جو ادارو قائم ٿيل هو. جتان علم ادب ۽ شعور جون لوليون ملنديون هيون، جهوليون ڀربيون هيون. موريل جي چؤگرد ماڻهن جو ميڙو متو پيو هوندو هو. سڀ لکيا پڙهيا اديب، شاعر، سماجي ورڪر، استاد ۽ ليکڪ هوندا هئا. موريل بوٽ به ويٺو ڳنڍيندو هو ۽ ساڻن ڪچهري به ويٺو ڪندو هو. موريل تمام گهڻن شاگردن کي مفت ۾ روزانو ٻه ڪلاڪ پنھنجو روزگار سيڙائي انگريزي سبجيڪٽ جي ٽيوشن پڙهائيندو هو. انهن کان ڪنهن به طرح سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ڪوبه اجورو ڪونه وٺندو هو، بلڪ کين چانهه به پنھنجي گهران پياريندو هو. نه فقط ايترو پر غريب شاگردن کي ڪتاب به پنھنجي گهران وٺي ڏيندو هو ۽ سندن فيون به پاڻ پنھنجي گهران ادا ڪندو هو.
    هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو هو ته ”موريل! تون پنھنجي شاعريءَ جو مجموعو ڇونه ٿو ڇپرائين؟ تنھن تي هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو ته، ”سرور منھنجي روح کي ڏنڀ نه ڏي، اها شاعري، شايد مون اڏوهيءَ جي کائڻ لاءِ لکي آهي.“
    موريل جا اهي لفظ سمجهه ۾ اچڻ جھڙا هئا. اهو سوال ڪري مون تمام گهڻو پڇتايو. اهي لفظ ٻئي ڪنهن کي چهنڊڙيون پائن يا نه، پر مون کي هميشه جهوريندا ۽ ڏنگيندا رهندا آهن. اڄ موريل اسان وٽ موجود نه آهي، بلڪ سندس انساني خدمتون، علمي ۽ ادبي خدمتون، محبتون ۽ ڪردار اسان جي دلين ۾، اسان جي روح ۾ رچي ويل آهي. اهڙي حقيقت نگاري ۽ منظرڪشي ڪندي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته:
    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    جيئن ته غلام حسين عرف موريل زهراڻي (جت) بلند پايي جو برک شاعر به هو، تنھنڪري سندس شاعريءَ مان (جيڪا مون سندس نوجوان اديب پٽن ناصر زهراڻي ۽ رشيد زهراڻيءَ کان حاصل ڪئي نموني طور ڪجهه صنفون پيش ڪريان ٿو ته جيئن سندس شعر جي بلندي ۽ شاعرانه پرواز جي پروڙ پئجي سگهي.

    وڇوڙي جو گيت:
    اديون پنھنجي اباڻن جي وڇوڙي آءٌ آهيان ماري،
    وسن ٿا نير نيڻن مان اکين مان آب آ جاري.
    ڏسي گهر خالي اڄ تن جا، چو ان ٿي هيئن ڀري سڏڪا،
    اچن موٽي اهي سانگي ته ٿيان، مان تن تان ٻلهاري.
    منھنجو هي پران پريمي آ، تنين جي پريم پوتر سان،
    الله کي عرض آ منھنجو، ملائيندو اهي باري.
    غلام حسين زهراڻيءَ جي هڪ ڊگهي نظم مان ورتل ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا.
    اهي خلق جي ڪن پيا دستگيري،
    فقيريءَ ۾ پنهان انهن جي اميري،
    انهن کي ملي آ خدا جي وزيري،
    هلائن ويچارا نه شيخي نه پيري،
    رسالت امامت جا ڳڻ يار ڳائن،
    اڏي ڌار مئخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    مرڻ کان اڳي يار هي ويا مري،
    مري هن دنيا ۾ ٿيا جيئرا وري،
    ٻيائيءَ جي باقي نه جن وٽ ذري،
    انهن کان ويو موت هِتِ هُتِ ٽري،
    مئي جيري زنده ٿي ديرا ڄمائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    انهن لاشعوريءَ کان ورتو شعور،
    ڪيائون تڪبر تڙي دور دور،
    بڻيا انس خالق جي حاضر حضور،
    سدائين سکيا ٿيا لڌائون سرور،
    نٿا نرڳ ۽ سرڳ کي ڪجهه هو ڀانئن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    *
    نه هڪ دم ٿا دنيا ۾ غافل رهن،
    سدا خيال سان خيال پنهنجو ڳنڍن،
    ڳجها راز سيني ۾ سانڍيو وتن،
    اهو حال احوال آهي سندن،
    ڪڏهن دم ٿا منصور وارا لڳائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنهن کي ستائن.
    سماجي ۽ معاشي نا انصافين ۽ عدم توازن جي منظرنگاري ۽ نشاندهي ڪندي نهايت بيبياڪيءَ سان زهراڻي چوي ٿو ته:
    افسوس اي زمانه، افسوس اي زمانه،
    تو ۾ عدم ٿا ڏسجن انصاف منصفانه.
    هتڙي حبش ۾ انسان بک ۾ مري ويا لک،
    يورپ ۾ پر فھد01 جا کليل هئا خزانه.
    ڪنڊن جا تاج پائي پهتا صليب تائين،
    انسانيت جا حامي تِرُ پوئتي هٽيا نه.
    ساقي رهيو نه باقي ساغر ٿيو پرزه پرزه،
    مئخوار ڀي هليا ويا خالي ڇڏي مئخانه.
    زهراڻيءَ کي ڀي تومان هڪ ڏينهن هلڻو پوندو،
    مرقد ۾ ٿيندو خفتھ پنهنجا ڇڏي ٺِڪانه.
    *
    امراء جي هٿن ۾ غربا جي غربت ٿي وڪامي حيرت آ،
    ايمان وڪامي دولت تي، عزت ٿي وڪامي حيرت آ.
    جِت جنهن جي ڪمائيءَ تي ٿا پلن سرمائيدار وڏيرا سڀ،
    اتي هاريءَ ۽ مزدور جي ڇو محنت ٿي وڪامي حيرت آ.
    ”زهراڻي“ ٿي انصاف ختم ويو آهي اٿس بس پويون دم،
    راشيءَ جي اڳيان سچارن جي اهميت ٿي وڪامي حيرت آ.
    *
    ڌن وارا عياش ٿيا، نرڌن جو خدا حافظ،
    چورن جي وڌي عزت، ڀاڳين جو خدا حافظ،
    ڪري گرگ ٿو جذباتي، ڌڻ واهي بڻيو سوئي،
    اهڙا جي ڌنار آهن، ٻڪرين جو خدا حافظ.
    ”زهراڻي“ سچارن کي اڄ ڪونه ٿو ليکي ڪو،
    ڪوڙن کي ملي اهميت، سچن جو خدا حافظ.
    بلبل جي روپ ۾ شاعر جي فرياد:
    صياد، بلبل جي چمن ۾ هت اڏيو آ دام ٻڌ،
    لاچار بلبل ٿي قـفس ۾ ڪري ماتام ٻڌ،
    رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو، هيڏي اچو،
    باغبان مون کي ڏسو، هيڏي اچو، هيڏي اچو.
    مان قفس ۾ آهيان، منھنجا وري ٿو پَرَ ڪپي،
    بيرحم ظالم پيو بيداد مون سان هيئن ڪري،
    مون سان هيءَ ويڌن آ ليڪن ڪونه هو ڪوئي ڪُڇي،
    مونکي هو نالان ڏسي ۽ خوب خوشتر ٿو ٿئي.
    رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو هيڏي اچو.
    ڇو ڀلا منھنجي صدا اڄ بي اثر بڻجي وئي،
    فرياد منھنجي اڻ ٻڌي ٿي درگذر بڻجي وئي،
    زندگي مون لاءِ صفا هاڻي زهر بڻجي وئي،
    طائر اهل چمن بي بال وَ پَرَ بڻجي وئي،
    قيد منھنجي مان سبق سو سکو، هيڏي اچو.
    رحم ڪو مون تي ڪريو، هيڏي اچو هيڏي اچو.
    *
    محبت ۾ هزارين غم سهان ٿو،
    مگر چپ چاپ ٿي چپ ۾ رهان ٿو.
    ڪيم سڀ ڪجهه کڻي تنھنجي حوالي،
    بچيو سر ساهه آ، سو ڀي ڏيان ٿو،
    پڙهيم انگريزي، عربي ۽ فارسي اڳ،
    سبق سورن جا اڄ توکان سکان ٿو.
    موريل، موهن جي دڙي جي تھذيب ۽ تمدن، سماجي ۽ معاشي حالتن، تاريخي تسلسل سان هڪ تمام ڊگهو نظم لکيو. هُن هِن نظم ۾ ڄڻ هزارها سالن جي تاريخ کي قلمبند ڪيو آهي. هن نظم ۾ سنڌ، هند ۽ دنيا جي تاريخن جا حوالا ڏنا ويا آهن. ان نظم مان نموني طور چند سِٽون پيش ڪجن ٿيون.
    هن دنيا دورنگيءَ ۾ عجب ٿئي اسرار،
    ودوان سڀ ڳالهه جو قادر آ ڪرتار،
    پوءِ پرٿويءَ تي پرڀوءَ جا آيا هن اوتار،
    نالا گهڻن جا ياد نه ٿم، نڪو سندن شمار،
    ويدن جي ودوانن کان هيءَ ٻڌم وستار،
    ته ”موهن جو دڙو“ ملڪ هو سهڻو منجهه سنسار،
    بيل گاڏيءَ تي بار کڻندا هئا، وڏا وزندار،
    قوم دراوڙ هن ۾ آباد هئي اظھار،
    ڪول، ڀيل، سنٿال پڻ هئا هتي يار،
    هيون وارث ملڪ جون مٿيون قومون چار،
    اتھاس پراچين جي پَتا ڏنا هي پار،
    هتي ڪاريگر ماهر هئا محنتي هوشيار،
    سڀيتا سندن جا اڄ ڀي ملن ٿا آثار،
    ڊکڻ، سونارا، لوهر قابل هئا ڪنڀار،
    ڪوري، رازا، موچي، چمڙيءَ وارا چمار،
    راجا هو، راڻيون هيون، هئا راجڪمار،
    هتي ملي مھراج جي لوڪ سڀا درٻار،
    راجا پرجا جو پاڻ ۾ پريت، گهڻو هو پيار،
    هتي اڌيرج هو ملڪ تاجدار،
    ٻيا راجا گهڻا هئا هِن جا باجگذار،
    هتي سوم ٻوٽيءَ جو پڻ ڪيو اٿن اذڪار،
    سوم رس پيئندا هئا واسطي خمار،
    جيئن موالي اڄ ٿا مڌ مٿي ڪن مار،
    ڀُونءِ ڀلي آباد هئي گل ڦل سان گلزار،
    ڪپهه، چانور، ڪڻڪ ۽ جام تِرَ جُوار،
    بندر هو مهراڻ جو ڪنڌيءَ ساڻ ڪنار،
    ايندا ويندا جھاز هِتي ۽ هُن پار،
    سنڌي ڪندا هئا ڏيساور ڏور وڃي واپار،
    انڊونيشيا، جاوا، سوماترا، زنجبار،
    جپان چين کان وٺي ڪابل تائين قنڌار،
    بلخ بخارا بابل ۾ ٿي ڪيائون ڪاروبار،
    عراق، مصر، آفريڪا جي ڀي هئن خبرچار،
    اڃا ان کان اڳتي ويندا هئا هُن پار،
    ليومينا کنڊ هن ڌرتيءَ تي هڪڙو هئو ڌار،
    پوءِ ٻڏي ويو غرق ٿي پيهي منجهه پاتار،
    ڇهه ڪروڙ ماڻهن جا هئا منجهس گهرٻار،
    مڊگاسڪر مالديپ سندس باقي بچيا آثار،
    ڀاشا موهن دڙي جي اڃان زير ويچار،
    لپي انهن جي لکڻيءَ جا آهن مهرن تي اچار،
    ڪي محقق تاريخ ۾ هي ٿا لکن قول قرار،
    آشوري، ڪلداني، ساساني بسيار،
    آريا پڻ هتان لڏي ويا هئا اتر پار،
    پوءِ موٽيا دڪشڻ ڏي ٻيو دفعو ٻيهار،
    ميرو پربت اڄ جتي برف جا انبار،
    ايڪسي موز انهن جو اتي نسل ٿي نروار،
    هاڻي روس آمريڪا جو اتي اقتدار،
    ڳاڙها هندي ڀي ويا هتائون هُن پار،
    ”زهراڻي“ جيڪو لکيو آ سڀ ڪتابن جي آڌار.

    سرور منگي
    **


    ڀٽائيءَ جو ڀڀوتي ڪردار: سائين موريل زهراڻي جي شاعريءَ تي هڪ نظر

    مون جڏهن سندس ٻاراڻي وهيءَ ۾ سندس جي وڏ وَرَ پُٽ ناصر زهراڻيءَ جي سنڌي ادبي رسالي ۾ لکيل ڪھاڻي ”چچريل آڱريون“ پڙهي هئي تڏهن انھن چچريل آڱرين جي تصورن منھنجي ذهن ۽ دل ۾ ڪيئي اذيت ڀريا احساس ۽ ڪيفيتون پيدا ڪيون هُيون. انھن ئي ڏينھن ۾ ڏوڪريءَ جي مُک بازار ۾ هڪڙي دڪان جي اڳيان ٻن ڪاٺين ۽ ڪپڙي جي آڌار تي مٿي ڇانوَ ٺاهي پراڻين جُتين ۽ کيٿڙن کي ڳنڍ ٽوپ ڪندي ۽ ماڻهن سان ڪچھري ڪندي هڪ کاهوڙي ڪردار کي ڏٺو هو، جنھن لاءِ مونکي ڀٽائيءَ جي بيت جي سِٽَ ياد اچي ٿي ته:
    ”ڳنڍن سارو ڏينھن، ڇنڻ مُور نه سکيا.“
    اهو ڀٽائيءَ جو ڀڀوتي ڪردارن جھڙو شخص سائين موريل زُهراڻي ئي هئو جنھن لاءِ بعد ۾ خبر پئي ته چچريل آڱرين جي ڪھاڻيءَ جو مکيه ڪردار اهو ئي انسان آهي جنھن جي چوڌاري ماڻهو ايئن سلام ڀري اچي ويھندا هئا جو هُن جي ڪلام ۽ سلام کي مٺائيءَ کان به وڌيڪ مٺو سمجهندا هئا. ڄڻ ڀٽائي هُنن کي سمجهايو هجي ته:
    ”سُڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو.“
    پنھنجي سڀاءَ ۽ روين ۾ ماکيءَ جھڙو مٺڙو ماڻهو سائين موريل زهراڻي جڏهن ڳالھائيندو هو ته ڀٽائي جي صديون اڳ چيل اُها ڳالهه ياد اچي ويندي هئي ته :
    پاڙي ويڄ هئام، سي مون مُور نه پُڇيا،
    تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.
    لوهي آرَ ۽ سُٽَ جي ڌاڳي سان ڳنڍ ٽوپ ڪري پنھنجي گهر جو چرخو هلائيندڙ هي ڪردار تاريخ جي انھن گمنام قومي ڪردارن منجهان آهي جن سنڌ ملڪ جي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ وڏا جتن ڪيا. ظاهر ۾ ته سائين موريل زهراڻي لوهي آرَ ۽ سُٽَ جي ڌاڳي سان ڳنڍ ٽوپ جو ڪم ڪندو هو پر پنھنجي علم ۽ دانائيءَ ڀريل گفتن ۽ ڳالھين سان ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن جي آبياري ڪندو رهندو هو. هُن وٽ سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب هئا. هو سچو پچو سنڌ پرست انسان هو. هُن وٽ اول ۽ آخر سنڌ جي آزاديءَ جو ئي نظريو هو. تڏهن ئي ته پنھنجي هر گفتگو ۽ شاعريءَ ۾ سنڌ کي ڳايو اٿائين. پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ واضع چيو اٿائين ته:
    توکي ڇا ادا گهرجي، مونکي ڇا ادا گهرجي،
    آزاد وطن پنھنجو، سنڌ پنھنجي جُدا گهرجي.
    سائين موريل زهراڻيءَ جي ذاتي زندگي ڏاڍي ڏُکي گذري هئي. هُن کي سورن ئي پاليو هو، سُک هُن جي پُکي ۾ نه پيا هئا، پورن هن کي پاليو هو. هُن جو تنُ ليڙون ليڙون ۽ پُرزا پُرزا ٿيل هو. سڄي عمر مسڪيني ۽ مفلسي حال ۾ گذري پر ڪڏهن به پنھنجي انفرادي ڏُکن ۽ اهنجن کي اجتماعي قدرن کان مٿاهون نه سمجهيو. هن جو مَنُ سدائين خوش ۽ آباد رهيو. هُن جي ذاتي زندگي ڀلي غريبي حال ۾ گذري پر پاڻ سڄي عمر سنڌ وطن جي آزاديءَ ۽ خوشحالي جا خواب اکين ۾ ٽانڪي خودداريءَ ۽ فڪري اُڏار سان پنھنجن نظرين تي بيٺو رهيو، جيئن سندس جو شعر آهي ته:
    غيرت جي تقاضا آ، غيور جي دل اندر،
    لوئي، ٽوپي ۽ پٽڪي جو بچاءُ گهرجي.
    اڄ جڏهن تقريبن پنجويھن سالن کانپوءِ مونکي سندس شاعريءَ پڙهڻ جو موقعو مليو، تڏهن هُن جي شاعري پڙهندي اهو احساس ٿيو ته واقعي به ماڻڪ موتي لعل ڪڏهن به ضايع نه ٿيندا آهن. ڀلي انھن کي صديون گُذري وڃن پر جڏهن به ڪي جوهري ۽ ڪيمياگر انھن جي مٿان مٽيءَ جي پيل تھه ۽ دز صاف ڪندا ته اُهي نکري نروار ٿيندا. سائين موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ پڻ اهڙا بي بھا امُلهه موتي جڙيا پيا آهن. سندس جي شاعريءَ ۾ انفرادي دردن کان وٺي اجتماعي ڏُکن ۽ سُورن جو اظھار ٿيل آهي. سنڌ وطن جي عام لوڪن کان ويندي عالمي سطح جي شخصيت ۽ واقعن جو پڻ سندس شاعريءَ ۾ اولڙو پسي سگهجي ٿو. اُها ڪيڏي نه حيرت جھڙي ڳالهه آهي جو جڏهن سنڌ ۾ اسڪول ۽ مدرسا ڪوهن جي پنڌن تي هوندا هئا. پڙهيل پُرجهيل ماڻهون ناياب جنس هوندا هئا تڏهن ڏوڪري تعلقي جي پراڻي ناري ۽ دادو ڪئنال جي ٻيڪڙ ۾ ڳوٺ ڏنو واهڻ جو رهواسي سائين موريل زهراڻيءَ ان وقت به سنڌي، سرائڪي، عربي، پارسي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ مھارت رکندو هو. دنيا جي مختلف فلسفن، نظرين ۽ فڪرن کان واقف هو. جنھن جو اظھار پنھنجي هڪ غزل ۾ پڻ هيئن ڪيو اٿائين ته:
    پڙهيم انگريزي، عربي، فارسي اڳ،
    سبق سُورن تنھنجن جا اڄ سکان ٿو،
    ٻي لکپڙهه کان ڪيو آزاد مولا،
    غزل ۽ گيت بس تو لئي لکان ٿو.
    انھن ٻولين تي سندس دسترس، مھارت ۽ شاعريءَ جي تخليقي سگهه پڻ اُن منجهان لڳائي سگهجي ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ جابجا اهڙا اُهڃاڻ ملن ٿا جنھن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ وقت جا وڏا عالم، اهلِ دل، صوفي ۽ ٻولين جا ماهر هئا. سماج اندر نام نھاد منصفن ۽ مسيحائن جي ظلمن جي نشاندهي انگريزي ٻوليءَ جي مُحاورن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌي غزل جو لباس پارائي اهڙي ته فني بناوت بيھاري اٿائين جو اُن کي پڙهندي دل مان واهه واهه نڪريو وڃي:
    دس از ٽريو وٽنس اپان يو جج صاحب چئي،
    غريبن کي سزا لڳايون ويٺو رههُ.
    دي پيشنٽ از ويري ويري سيريس،
    ڏوڪڙن لئه مريضن جي، دل دهلايون ويٺو رَههُ.
    عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ سندس غزل پڙهڻ کانپوءِ سائين موريل زهراڻيءَ جي علم ۽ شخصيت جي رُخن جي ڪائي ڪٿ نٿي ڪري سگهجي. هو بحرِ بيڪران وانگر هميشه پنھنجي نظرين ۽ خيالن جون ڇوليون هڻندو رهندو هو. هُن جي شاعري ۾ فڪري اُڏار سان گڏ ٻوليءَ جي رواني ۽ فني جڙاوت پڻ پڪي نظر اچي ٿي، فارسي ٻوليءَ ۾ چيل هڪ غزل جون هي سِٽون مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿيون ته :
    بارِ الاهي ديارِ بزرگانم، راز غير آزاد بکن،
    دشمنانِ کشدر سندهيان، را برباد بکن.
    زهراني جان نثار باش بم ميهن خويش،
    در تاريخ رفتگان را ياد بکن.
    هو صوفي لاڪوفي هو، عشق کي پنھنجو هادي ۽ امام ڪري ٿو مڃي، عشق کي ئي سجدو ۽ سلام ٿو ڪري، ۽ ان کان به وڏي ڳالهه اُها ته اُن عشق جي امامت ۽ عشق جي دنيا جي گاديءَ جو هنڌ، سنڌ کي ئي سڏي ٿو. سندس جي غزل جون سِٽون پڙهو ته:
    عشق منھنجو آهي هادي، عشق آ منھنجو امام،
    عشق کي سجدو سلام، عشق کي سجدو سلام.
    عشق جي شاهيءَ ۾ آزاديءَ جو آهي احترام،
    عشق جي دنيا جي گاديءَ جو آ سنڌ دارالسلام.
    دنيا جي عظيم شاعر ڀٽائي گهوٽ کي پنھنجي لفظن ۾ خراج پيش ڪندي چوي ٿو ته:
    شاعرن جا سرتاج وس سنڌ جا حامي لطيف،
    شاعريءَ تنھنجي جا شيدائي سچل سامي لطيف،
    شاعري تنھنجي ٻُڌي ۽ دنگ ٿا رهجي وڃن،
    خسرو، فردوسي، سعدي، حافظ و جامي لطيف.
    سائين موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ثقافت جا عڪس، سچل جون سرمستيون، هوشوءَ جو هڪلون، هيمون جون هوڏيون ۽ هٺلايون، دودي جون دليريون، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شھيد ۽ دريا خان جون قربانيون، مھراڻ جون موجون، ڪاڇي ۽ ڪڇُ جا منظر، ڪيچ مڪران ۽ وندر جي واٽ جا پنڌ نمايان نظر ايندا، موهن جو دڙو جي تاريخ پنھنجي شاعراڻي ڏات ۽ ڏانوَ جي بنياد تي منظوم ڪئي اٿائين جنھن جو ڪجهه ٽڪرو مثال طور ڏجي ٿو ته:
    هن دنيا دورنگيءَ ۾ عجب ٿئي اسرار،
    ودوان سڀ ڳالهه جو قادر آ ڪرتار،
    پوءِ پرٿوي تي پرڀوءَ جا آيا هن اوتار،
    نالا گهڻن جا ياد نه ٿم، نه ڪو سندن شُمار،
    ويدن جي ودوانن کان هيءُ ٻُڌم وستار،
    ته ”موهن جو دڙو“ ملڪ هو سھڻو منجهه سنسار،
    بيل گاڏيءَ تي بار کڻندا هئا وڏا وزندار.
    سائين موريل زهراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ عالمي دنيا جي مفڪرن، عالمن، انھن جي فڪرن ۽ نظرين، اهم اسلامي واقعن، جائين، مُلڪن جي حڪمرانن کانسواءِ دنيا ۾ مختلف مُلڪن اندر پيدا ٿيندڙ سياسي اُٿل پُٿل ۽ قومي هلچل جو ذڪر اهڙي ته خوبصورت انداز ۾ آيل آهي جو شاعري پڙهندي ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ انھن واقعن ۽ قصن جا عڪس ذهن تي نقش ٿيندا پيا وڃن. انھيءَ منجهان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين موريل زهراڻيءَ جي عالمي سياسي سوجهه ٻوجهه ڪيتري وسيع آهي، جيئن هي ڊگهو غزل پڙهڻ کان پوءِ خبر پئجي ٿي وڃي ته هُن جو مطالعو ڪيترو وسيع آهي:
    اڄ عالم فقر ۾ همٿ فقير ڪر،
    سُڃ ڀينگ جي ڪشور ۾ نزهت فقير ڪر.
    موجوده دور ۾ دنيا جا سڀ کان وڏا ۽ اهم مسئلا امن امان، عدل انصاف ۽ خوراڪ جي قلت ۽ گهٽتائي آهن، انھن کي بيباڪيءَ سان پنھنجي شاعريءَ ۾ اظھاريندي سعودي بادشاهه فھد سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
    افسوس اي زمانا، افسوس اي زمانا،
    تو ۾ عدم ٿا ڏسجن او صاف منصفانا،
    هتڙي حبش ۾ انسان بُک ۾ مري ويا لک،
    يورپ ۾ پر فھد جا کُليل هئا خزانا.
    ملڪ ۾ عام طور تي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ هيبتناڪ شڪل اختيار ڪري ويل فوجي آمر ضياءَ جي موت تي لکيل غزل پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو ته سائين موريل زهراڻيءَ جي سياسي نظر هر پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پوندي رهي آهي جنھن کي پنھنجي شاعراڻي اک سان عڪس بند ڪندو رهيو آهي:
    فنا ٿي ڪيئن مئو ظالم، پڙهو توبھه پڙهو توبھه،
    ڏنائين ڪيئن الائي دم، توبهه پڙهو توبهه،
    زمين و آسمان وچ ۾ جلايس باهه دوزخ جي،
    سڙي ويس ماس هڏ و چمُ، پڙهو توبهه پڙهو توبهه،
    زهراڻي زندگيءَ فانيءَ تي ڪھڙو ڀروسو آهي،
    نه رهڻو آ هتي دائم، پڙهو توبهه پڙهو توبهه.
    مذهبي متڀيد کان مٿاهون ٿي، جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري اصول کي پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ اُجاگر ٿو ڪري. سندس هڪ نظم جو بندُ آهي ته:
    مسجد مندر ڪليسا ڇڏي،
    مذاهب جا جايُن کان ويا هو لڏي،
    خوديءَ کي ڇڏيائون تڙي ۽ ٿُڏي،
    هُجڻ کي هٽايائون ماري گُڏي،
    ازل جي اشارن سان رمزون رلائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    انسان جي فڪري اُڏار قربانيءَ واري جذبي، نفي ۽ اثبات واري ڏاڪي کان ٽپي اناالحق واري خيال فنا ٿي وڃن کي هن طرح نظم ۾ بيان ٿو ڪري ته :
    انا الحق جي ٻولي ٿا اظھارُ ڪن،
    نه ٿا دار کان يار هو عارُ ڪن،
    نفيءَ مان ٿا اثبات نروار ڪن،
    ڀڄائي ٿا ابليس کي عار ڪن،
    جُهڪائي ٿا مَلڪن کي سجدا ڪرائن،
    اڏي ڌار مئخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    سائين موريل زهراڻيءَ شاعريءَ جي گيت، غزل ۽ نظم کانسواءِ بيت جي صنف تي پڻ پنھنجي طبع آزمائي ڪئي آهي. جنھن ۾ پڻ پاڻ خاصو ڀرجهلو ڪيون بيٺا آهن. سندس بيتن ۾ خيال، فڪر ۽ فني بناوت کانسواءِ ٻوليءَ جو رس چَسُ ۽ روانگي پڻ موجود آهي، جيئن بيت جو هي نمونو پڙهي ڏسو ته :
    جڏهن آتم گيان جو گروءَ ڏس ڏنوم،
    تڏهن اڪثر اوم جو پاڻ منجهان پڙهيوم،
    ثابت ٿيو سريمان ٺر اڪار لڌوم،
    پرڀوءَ جو پاڻ مان پتو دوست پيوم
    اندر اڌيراج جو سٿا ساڻ ڏٺوم
    ڪُل مان جُزو جز جو جاني جان جُڙيوم
    اڪالي اديسي کي اندر لول لوڪ ڏٺوم،
    ظاهر ذوق ڪيوم ’زهراڻي‘ جي ذات کي.
    سائين موريل زهراڻيءَ سڄي عمر جنھن فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ جي لاءِ جيڪي جتن ڪيا اڄ اُهي ڪنھن حد تائين نتيجه خيز ثابت ٿيا آهن. سندس جي تعليم ۽ تربيت جو ئي اهو نتيجو آهي ته سندس جي اولاد هُن جي علم ۽ عمل واري ڇڏيل لاٽ هٿ ۾ کڻي هن سنڌ وطن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي راهه جا راهي آهن. سندس ئي علم جي ٻاريل لاٽ مان دُکندڙ اُهي چڻنگون ناصر زهراڻي، رشيد زهراڻي ۽ دولھه دريا خان زهراڻي غلاميءَ جي راهُن ۾ هلندڙ راهگيرن لاءِ روشنيءَ جا اُهي ترورا ثابت ٿيندا جن کي نظر ۾ رکي هڪ نه هڪ ڏينھن اها منزل ماڻجبي جنھن جو اظھار سائين موريل زهراڻي پنھنجي هڪ بيت ۾ ڪيو آهي ته:

    ورائي وٺنداسون سنڌڙي ڏاڏاڻو هي ڏيھه،
    سنڌو ديش ٿيڻو آ، سنڌين جو ساڻيھه.

    هِدِنُ جيسر
    منھن ماروئڙن جا
    بچل واهڻ، تعلقو باقراڻي
    9- ڊسمبر 2013ع
    ضلعو لاڙڪاڻو.


    ڀنل مِٽيءَ جي مهڪ جهڙو: چـاچـا مـوريـل زهـراڻي

    مان تڏهن ننڍڙو هئس پر اهي نقش اڄ به منھنجي ذهن جي ڪئنواس تي چِٽا اُڪريل آهن. جڏهن بابا محمد ايوب جي لوهارڪي دڪان تي چِلِمَ تي سندس سنگتين وچ ۾ ڪچھريون ٿينديون هيون، تڏهن انھن ڪچھرين جو مور اڪثر چاچا موريل زهراڻي ئي هوندو هو. ڇو ته هو پنھنجي خوبصورت خيالن ۽ حڪمت ڀريل ڳالهين جي وچ ۾ جڏهن شعر چوندو هيو ته چئوياريءَ کي چار چنڊ لڳائي ماحول کي مُنڊي وجهندو هو ۽ سندس سمورا ساٿي وڏي چاهه سان سندس گفتا ٻڌندا هئا. ڇاڪاڻ ته موريل زهراڻيءَ وٽ خيالن جي ڪشادي ڪائنات ۽ لفظن جا اڻ ڪَٿ خزانا هئا.
    پرڏيھه مان جڏهن سياح مـُھين جو دڙو گهمڻ ايندا هئا ته سندن گائيڊ کين چاچا موريل زهراڻيءَ سان ملائڻ ضروري سمجهندا هئا ۽ هو انھن پرڏيھين کي مُھين جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا جي عظمتن جا معراج ڪرائيندو هو. تڏهن دنيا جي مختلف خطن کان ايندڙ اهي پرڏيھي ڳنڍ ٽوپ ڪندڙ سادڙي ماڻهوءَ واتان روانيءَ سان انگريزي ٻولي ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئا. چاچا موريل سنڌ جي تاريخ جا باب ڪپڙي جي تاڪئي وانگر سندن اڳيان کولي رکندو هو.
    هو ڀٽائيءَ جي سُر رامڪليءَ جو اهو جوڳي هو، جنھن وٽ ويٺي ڏکندو ڏور ٿيندو هو، تنھنڪري ئي ڦٽ پاٿ تي اڏيل سندس موچڪي دڪان تي گراهڪن کان وڌيڪ سندس سنگتين ساٿين جو ميلو متل هوندو هو، پر-
    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
    آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاھ)
    اڄ نه بابا رهيو آهي نه چاچا موريل، پر سندس خيالن ۽ گفتن جي خوشبوءِ اڄ به اسان جي حواسن تي ڇانيل آهي. هاڻي جڏهن چاچا موريل جي لائق اولاد دادلي زهراڻي، رشيد زهراڻي ۽ درياءَ خان زهراڻيءَ جي ڪوششن سان ’سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ‘ پاران ”سنڌ پنھنجي جدا گهرجي“ واري عنوان سان چاچا موريل جو هي ڪتاب ڇپجي اوهان جي هٿن تائين آيو آهي ته يقينن اوهان به سندس ويچارن جي اهڙي وڻندڙ سڳنڌ محسوس ڪندا جھڙي مھڪ ڀنل مِٽيءَ ۾ هوندي آهي. ڇو ته چاچا موريل جي سمورين چاهتن، محبتن ۽ وفائن جو مرڪز سنڌ جي سدا ملوڪ ڌرتي ئي آهي، جنھن کي هو پنجوڙن ۾ قيد ڏسڻ نٿو چاهي. پر هو چاهي ٿو ته سندس ماءُ مِٽي آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي ۽ سدائين شاد ۽ آباد هجي. هو چوي ٿو ته:
    ڌرتي منھنجي سنڌ جي ڌرئون آهي ڌار،
    ڪنھن جي طابع ڪين ٿي، سڄي سڀ ڄمار،
    دودي، هوشو، بلاول جا اَٿي ڏيھن ۾ ڏهڪار،
    دريا خان دولھه، عنايت جھڙا ڪونڌر هت ڪنڌار.
    **

    ورائي وٺنداسين سنڌڙي نه ڪبي ڇڏ ڇوٽ،
    کسي جيڪا اسان کان، کوٽن ڪري کوٽ،
    ڦري ويا اسان کي اسلام جي ڏئي اوٽ،
    ڀڳوڙن، ڀاڙين آ ڏني اسان کي ٽوٽ،
    ڊاهي ڪفر جا ڪوٽ، ورائي وٺنداسين سنڌڙي.
    **
    ورائي وٺنداسين سنڌڙي ڏاڏاڻو هي ڏيھه،
    سنڌو ديش ٺھڻو آ، سنڌين جو ساڻيھه،
    ڌڪي ڪڍنداسين ڌارين کي، ڦھڪا ڏئي ڦيھه،
    کڻي ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، ڇاتي ڪري ڇيھه،
    ڊوهن کي ڏئي ڊنبيھه، ورائي وٺنداسين سنڌڙي.
    چاچا موريل زهراڻي پنھنجي شعرن منجهه رڳو ديس جي دردن جي ڳالهه نٿو ڪري پر ٻه قدم اڳتي وڌي ڌرتي ڌڻين کي دنيا جي مختلف قومن جا مثال ڌئي جدوجھد جي دڳ لائي ٿو ۽ کين اتساهي ٿو. هو ويٽنام، چين ۽ ڪوريا جي قومن وانگر اٿي کڙو ٿي ديس مان وحشين جي وحشت ۽ دهشت ختم ڪرڻ ۽ سنڌ دشمنن کي راوڻ وانگر عبرت جو نشان بڻائڻ جو درس ٿو ڏئي. هو پنھنجي شعرن ۾ سنڌ دشمنن کي للڪاري ٿو، سنڌ کي ڪربلا ۽ قبضا گيرن کي وقت جو يزيد قرار ڏئي ٿو:
    دورِ يَزيد هوڏانھن ڦِري آيو هِتِ وري،
    ڪرب و بلا ٿي سنڌ، حسنيت فقير ڪر.
    قومي ڪاز سان گڏ و گڏ چاچي موريل سماجي براين ۽ بڇڙائين خلاف به پنھنجي قلمي جھاد ڪيو آهي، ”ويٺو رهه“ رديف واري غزل ۾ هن قوم ڦري ڪنگال ڪندڙن، ڪاپي ڪلچر، خانگي اسپتالن جي صورت ۾ دڪانداري ڪندڙ مسيحائن، پوليس گردي، تپيدارن جي پرڪارن، رشوت خوري، ڪورٽن ۽ مذهبن جي ٺيڪيدارن جي ڪڌن ڪرتوتن جي اثرائتي پيرائي ۾ نندا ڪئي آهي، هو طبقاتي استحصال جي به تصوير ڪشي ڪري ٿو.
    ”اَنُ اپايون اسان، ته کائن ٿا وڏيرا ڏس.“
    چاچا موريل زهراڻي جي رب، سندس رسول صه ۽ ان جي آلِ جو ذڪر ڪري ٿو، اتي ڀڳوان ۽ رام کي به نه ٿو وساري. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن وٽ ڪنھن به قسم جي مذهبي تنگ نظري نه هئي.
    جڏهن آتم گيان جو گروءَ ڏس ڏنومِ،
    تڏهن اڪشر اوم جو، پاڻ منجهان پڙهيومِ.
    چاچا موريل سنڌي ٻوليءَ جو ته وينجهار هيو ئي هيو پر کيس هندي، انگريزي، عربي ۽ فارسي ٻولين تي به دسترس حاصل هئي. هن پنھنجي اندر جي اظھار لاءِ نه رڳو سنڌي شعرن ۾ ٻين ٻولين جا لفظ ڪتب آندا آهن پر ڪيترائي شعر نج فارسي ۽ عربي زبان ۾ به چيا اٿائين، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
    ”سنڌ پنھنجي جدا گهرجي“ نالي وارو هي ڪتاب شاعريءَ جي فني ڪسوٽيءَ تي پرکڻ بدران محبت پائي من ۾ مطالعو ڪرڻ جھڙو آهي.

    علي بخش پٺاڻ
    18 ڊسمبر 2013ع
    لبِ درياھه
    03343513343

    **


    مرتب پاران : منهنجو پيءُ موريل زهراڻي

    سنڌ ڌرتيءَ جي سرزمين تي اهڙا ڪيترائي گمنام ڪردار جنم وٺي چڪا آهن جن پنھنجي زندگي، پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار ڪندي پوري انسانيت جي ڀلائي لاءِ سوچيندي، ڏاڍ ۽ جبر سان وڙهندي ۽ قومي توڙي بين الاقوامي امن ۽ آزاديءَ جي جستجوءَ ۾ گذاري آهي. انھن انيڪ انسانن پنھنجي حصي جو ڪم مختلف مورچن تي ويھي سرانجام ڏنو آهي. پوءِ ڀلي اهو مورچو، سياسي، سماجي، ادبي، اقتصادي، اخلاقي، يا کڻي مذهبي ڇونه هجي. پر مختلف سببن ڪري تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اهڙن انيڪ انسانن جي خبر نه پئجي سگهندي ته ڪنھن ڇا ڪيو يا ڪيترو ڪيو؟
    اهڙن ئي گمنام ڪردارن مان منھنجو والد جنھن جو اصل نالو ته غلام حسين زهراڻي آهي مگر سياسي ۽ ادبي ميدان تي موريل زهراڻيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. موريل زهراڻي 22-اپريل 1923ع تي ڳيريلي ۾ جنم ورتو ۽ تاريخ 18- ڊسمبر 1988ع تي وفات ڪيائين. موريل زهراڻي پرائمري تعليم ڳيريلي مان حاصل ڪئي. ڏوڪري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. عربي، فارسي جي ابتدائي تعليم محترم عبدالصمد ميتلو کان حاصل ڪيائون. پاڻ سونھري ريگيوليٽر تي ٽيلي فون آپريٽر، ڏوڪري زرعي فارم تي ڪلارڪ ۽ ميرپور خاص ۾ وٽـنري ڪمپائونڊر جا فرائض پڻ سرانجام ڏنائون. پاڻ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري به ڪيائون پر سندس سيلاني طبيعت ڪنھن هڪ جاءِ تي ويھڻ نه ٿي ڏنو، پنھنجو عمر جو ڳچ حصو وچ اوڀر جي ملڪن جي سير و سياحت ۾ گذاريائون. ٻولين ۾ سنڌي، انگريزي، سرائڪي، اردو، عربي ۽ فارسي تي عبور رکندا هئا.
    پاڻ سير ۽ سفر ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکندا هئا. عراق، ايران، مصر ..... جو پيرين پنڌ سفر پڻ ڪيائون. سياسي حوالي سان سائين جي.ايم.سيد جي نظريي جا نه صرف حامي پر پرچار ڪندڙ پڻ هئا. سڄڻ سنڌي، شمن ڪنڀر، چاچو غلام محمد سنڌي، چاچو قاضي فضل الله، ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو سارنگ ماڇي ۽ ٻين دوستن سان پڻ سندن گھرا واسطا هئا.
    ڪتاب ”سنڌ پنھنجي جدا گهرجي“ ليکڪ جو تخليق ڪيل نالو نه آهي، بلڪ ليکڪ جي غزل مان هڪ سِٽَ کنيل آهي جيڪا هن ريت آهي :
    توکي ڇا ادا گهرجي، مون کي ڇا ادا گهرجي،
    سنڌ پنھنجو وطن آهي، سنڌ پنھنجي جدا گهرجي.
    ليکڪ منظوم نظم، غزل، بيت، قصيده ۽ شاعري جي ٻين صنفن تي پڻ مھارت رکندا هئا. شاعريءَ ۾ انسانيت لاءِ همدردي، ظلم ۽ جبر خلاف نفرت، تصوف جي جهلڪ چِٽي ۽ واضع نظر اچي ٿي. هتي آءٌ، اهو اعتراف ڪندس ته منھنجي والد صاحب جو لکيل قيمتي مواد هٿن ئي هٿن مان ضايع ٿي ويو، جنھن جو مونکي سدائين افسوس رهندو.
    آخر ۾ ٿورا مڃيندس سائين ناصر زهراڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ جن جا، جن بابا جو ڪتاب ڇپائڻ لاءِ گهڻو همٿايو ۽ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ هڙان وڙان ڏئي هي تاريخي ڪردار اوهان تائين پھچايو. مان سمجهان ٿو ته هن ڪتاب ڇپجڻ سان بابا سائينءَ جو نئون جنم ٿيو آهي، هي اهو جنم آهي جيڪو فنا ناهي ٿيڻو.

    دولهه دريا خان زهراڻي
    11-12-2013 ڏوڪري
    **


    غزل

    افسوس اي زمانه، افسوس اي زمانه.
    تو ۾ عدم ٿا ڏسجن اوصاف منصفانه.
    هتڙي حبش ۾ انسان بک ۾ مري ويا لک،
    يورپ ۾ پر فھد جا کليل هئا خزانه.
    ڪنڊن جا تاج پائي پھتا صليب تائين،
    انسانيت جا حامي تِرُ پوئتي هٽيا نه.
    دارا ۽ سڪندر فرمان روا ها تو ۾،
    مزدڪ قباد جا ڀي تو ۾ رهيا فسانه.
    گردان تنھنجا ٽيئي هلندا رهن ٿا يڪسان،
    ماضي ۽ حال ايندڙ رفتار سان روانه.
    اُمرا جا سگ ٿا زبذا لمحد غزال کائين!
    غُربا کي پيٽ ڀر ٿي پوري ملي غذا نه.
    ڪيئي ٿيا تنھنجا مھمان ٿوري رهڻ جي لائي،
    ويندا رهيا ويچارا واپس وري وريا نه.
    ساقي رهيو نه باقي ساغر ٿيو پُرزه پُرزه،
    مئخوار ڀي هليا ويا خالي ڇڏي ميخانه.
    ”زهراڻي“ کي ڀي تو مان هڪ ڏينھن هلڻو پوندو،
    مرقد ۾ ٿيندو خفتھ پنھنجا ڇڏي ٺڪانه.
    ***

    عشق منھنجو آهي هادي عشق آ منھنجو امام.
    عشق کي سجدو سلام، عشق کي سجدو سلام.
    عاشقن جي اذن ۾ آذان دائمي عشق ڏئي،
    قول ٿو قالو بلى جا هت ڪري پورا تمام.
    ملان قاضي جي نصيحت مان پتو ڪجهه ڪين پيو،
    عشق حضرت ٿو ٻڌائي دل ۾ درشن جو مقام.
    عشق عاشق جي جسم ۾ گڏجي رل مل هيئن رهي،
    جيئن الف گڏجي ويو آهي نفي جي ساڻ لام.
    عشق جي اطاعت ۾ گِردون آ زمين گردان ۾،
    عشق جي طاعت ۾ آهن روز شب سن ماه و عام.
    عشق آهي خود حقيقت عشق آهي خود خدا،
    عشق الحّي القيوم آهي حياتيءَ سان مدام.
    عشق جي ميخاني ۾ پيتو شرابِ عشق جنھن،
    خود سو ساقي بڻجي ويو ٿي مئي پرست و مئي و جام.
    آدرش آئين آهي عشق جو سالم سليم،
    عشق جي فرمان روائي معرفت جو آ پيام.
    عشق جي شاهي ۾ آزاديءَ جو آهي احترام،
    عشق جي دنيا جي گاديءَ جو آسنڌ دارالسلام.
    عشق ريءَ سنسار سارو سڃو سنسان آ،
    عشق جي رغبت ڪيو مبني دو عالم جو جھان.
    ڪل ۾ جُز سوئي ”زهراڻي“ ٿو فنا في الله ٿئي،
    عشق جي مڪتب جو جنھن وٽ آ شھادت سان وسام.



    ***

    بي حيا بدڪار ظالم بيرحم بد خو يزيد.
    ظلم تنھنجي سان ابو ٿيو منھنجو تشنه لب شھيد.
    حيف آهي تنھنجي اهڙي تخت تي ۽ تاج تي،
    جنھن جي نشي ۾ لٽيو تو باغ نبوت جو مفيد.
    طوقِ آهن زيب تن، زيور اُتم ميثاق جو،
    مون ڪيو قالو بلى جي وقت انهيءَ کي خريد.
    آلِ ختم المرسلين پهتي سندءِ دربار ۾،
    رسيمانِ ظلم سان ٿي بند وحدت جا عبيد.
    روزِ محشر جلد ٿيندو تنھنجو منھنجو فيصلو،
    خوش نه ٿي فهيم خدا ناهي پر يوم الوعيد.
    لَمِ يلد جي ذات ازلي خالقِ ارض و سما،
    اصطفى من خلقھ نسل النبي محسِن مجيد.
    حوض ڪوثر جي مٿان آهي ضابطو،
    ملڪِ جنت جي اسان جي دسترس ۾ آ قليد.
    هاشمي حاڪم جو ”زهراڻي“ ٻڌي اهڙو ڪلام،
    ابنِ معاويه خوف کان لرزان ٿيو باطل جو مزيد.


    ***

    اسلام کي اڏيو، تو اسلام جو تون باني.
    تنھنجو شھيدِ اعظم دو جڳ ۾ مٽ نه ثاني.
    لختِ جگر علي تون، ڪربل جو تون واپاري،
    تون نورِ عينِ زهرى تون مصطفى جو جاني.
    سجدي تنھنجي وڌو آ معبود کي ڀي موهي،
    تنھنجي نماز مان ٿيو اظھارِ سِرُ سبحاني.
    شرع نبي کي بخشيو توئي وجود دائم،
    نيزي جي نوڪ تي تو قراءت ڪئي قرآني.
    فخرِ خليل تنھنجي اڳتي گهڻو وڌي وئي،
    ايوب و ذڪريا ۽ يعقوب کان قرباني.
    يونس و ذبيح الله ڀي سجدا ڪري نبي ٻئي،
    تنھنجي چمن ادب سان نرمل جبين نوراني.
    تنھنجي جنم لئي دايون مريم حوا ٿي آيون،
    حورن ملائڪن ڪئي مدحِ مولود خواني.
    ابنِ امام اطھر پدرِ سجاد مُضطر،
    قائم ڪئي ڪعبي تو نبوت جي حڪمراني.
    تنھنجو ذڪر ”زهراڻي“ جي آ زبان تي هردم،
    تنھنجي ثنا صفت ۾ راحت آهي روحاني.
    ***

    مونکي نه ڇيڙيو يار مان مستانو آهيان.
    وحدت جي درگاھ يڪتن يگانو آهيان.
    مان وڄندس وڏي آواز سان وڄندس،
    الله جو ايجاد باجو پيانو آهيان.
    ڪڏهن سنگيت ڪڏهن سر سرگم ۽ ساز،
    ڪڏهن ڪافي ڪڏهن غزل ۽ گانو آهيان.
    ڪڏهن پٽ ڪڏنهن پيءُ ڪڏهن نانو آهيان،
    ڪڏنھن چاچو ڪڏهن ڏاڏو ڪڏهن نانو آهيان.
    پرڀو جو پريمي آد جي اَڍ مٽيءَ جي مورت ۾،
    ڪڏهن ڍڪيل ڪڏهن کليل ۽ عريانو آهيان.
    ”زهراڻي“ چوي ڏوڪري ۾ ڪم ڪار ڪري،
    وري پنھنجي ڳوٺ ڏي ٿيندو روانو آهيان.




    ***

    شاعرن جا سرتاج و سنڌ جا حامي لطيفرح.
    شاعري تنھنجي جا شيدائي سچل سامي لطيف.
    شاعري تنھنجي ٻڌي ۽ دنگ ٿا رهجي وڃن،
    خسرو فردوسي و سعدي حافظ و جامي لطيفرح.
    شاعري هر دور ۾ تنھنجي وطن لئي ٿي مفيد،
    اڄ ڇو تنھنجي ديس واسين ۾ آ ناڪامي لطيفرح.
    بيت ۽ وايون تنھنجون جڏهن ٻڌون ٿا ڪن ڏئي،
    دل منجهان دک دور ٿين ٿا سڀ سڙي کامي لطيفرح.
    شاعري تنھنجي ڪري لا تقنطو ڏي آخر،
    دور ٿي دل مان ڪري مايوسي ناڪامي لطيفرح.
    بيت تنھنجا ترجمو قرآن سنڌي ۾ مليو،
    تنھنجي هرهڪ بيت ۾ آ رمز الهامي لطيفرح.
    نظم ۾ نذرِ عقيدت ڪر زهراڻي جو قبول،
    پيش خدمت آه تنھنجي ڀٽ جا آرامي لطيفرح.

    ***

    ضعيف ۽ غريب جي هتي عزت ۽ آن نٿي بچي.
    مسلم جي مسلم جي هٿان جان نٿي بچي.
    صاحب تقوى وٽ ڀي خوفِ خدا نه رهيو آهي،
    دنيا جي حوس ۾ عظمتِ انسان نٿي بچي.
    خدا جي فرش جي غلط تقسيم ڪرڻ وارن جي هٿان،
    بکين جي لاءِ دولتِ گذران نٿي بچي.
    قرآن جي احڪام کان پسپا ٿيڻ وارا هر شيءِ،
    ٿي فنا کل من عليما فان نٿي بچي.

    ***

    ڪاروانِ زندگيءَ جو ساربان1 آهيان.
    تنھنجي گهر ۾ تنھنجو ٿيو مھمان آهيان.
    تنھنجي ڪرم نوازيءَ جو مشڪور آهيان،
    ڇو ته مھمان بڻجي ٿيو ميزبان آهيان.
    ڏئين تون ڏاتار ته سڙي ٿو مرچوس،
    انھيءَ ڳالهه تي ٿيندو خندان آهيان.
    مان ڪجهه ڀي نه آهيان مگر تون ته آهين،
    تنھنجي رِٿ ۽ رَچنا جو سامان آهيان.
    ڪري ترڪ دنيائي هر تن کي مان،
    ولا تقنطو ڏي ڪندو ڌيان آهيان.
    ***

    تون آهين رسولِ دو عالم تنھنجو شان ٿو هيئن قرآن ڏسي.
    تنھنجي شريعت پاڪ ٿي مؤمن کي نجات ڏسي ايمان ڏسي.
    تون خيرالبشر تون خيرالورا تون نوري نبي آهين نورِ خدا،
    ڪوڙو آ وهابي پاڻ جھڙو توکي ٿو هو بي ايمان ڏسي.
    تو آهي وصي ڪيو حيدر کي شھنشاهه صفدر کي،
    اسلام وارن کي ڳالهه اها من ڪنت جو ٿو فرمان ڏسي.
    مُوحِد ٿي تارڪِ شريعت ٿيو خارج از تنھنجي امت،
    ابليس جو نطريه خلقت مسجد ۾ ٿو نادان ڏسي.
    تون سڀ کان نيارو عالي نسب توکي سڀ کان جُدا ڪيو آهي رب،
    و ما نيطق مصحف ۾ تو لئه آقا ٿو رب رحمان ڏسي.
    هي دين دنيا آهي فاني، پر تون ۽ خدا ٻئي لافاني،
    تنھنجو ڪلمو نفي اثبات ڪري انسان کي ٿو ايقان ڏسي.
    ***

    پڪل پوک جا سنگ سٺا سوڪ نه ڪر.
    تون مينھن جي کير تي پالي وڏو خوڪ نه ڪر.
    ذات هو پنھنجي ڪڏهن ڪين مٽائيندو،
    راهِ روان ۾ رنڊ روڪ نه ڪر.
    جي ڀلو ڀائين پنھنجون اي دوست ته تون،
    صلوات بر سيد سدائين پڙهندو ڪر.
    ٻي تي حملو چٿر ۽ ٽوڪ نه ڪر،
    اها وهندڙ واهي بند موڪ نه ڪر.
    چورن جي حوالي وڳ وڳر ڪري،
    ڀاڳيا ڀينگ پنھنجي جهوڪ نه ڪر.
    زبان سان آزاري ماڻهو ملت جا،
    پاڻ کان بيزار سڄو لوڪ نه ڪر.
    ***

    پرڀو1 توکي ٿو سڏيان مون ڏي ڪَنُ ڏي.
    رُکي روٽي ٿو کانوان روز سڻڀو ڀوڄن2 ڏي.
    ايمان جا مون وٽ ڍير ۽ ڍڳ آهن،
    اَنَ جي کوٽ آهي ٻَٽي مَڻ اَنُ ڏي.
    نڌر نماڻي آهيان پنھنجي ديس ۾ داتا،
    نِرڌن اتيت3 آهيان ٻٽي لک ڌن ڏي.
    محل ۽ ماڙيون اميرن کي ڏئين مولا،
    مونکي رهڻ جي لاءِ ڪکائين لانڍي يا ڇَنَ ڏي.
    صوفي سنت ٿو هردي ۾ تنھنجو جاپ ڪري،
    ساڌو جي شبد ڀڄن کي اهميت ڏي وزن ڏي.
    شري رام جا راکا سيتا جا لڄپال،
    سنڌ جي دشمن کي راوڻ جيئن جَمُ ڪٺن ڏي.
    ***

    اڻ پڙهيل عالم اُمي۽ رد آهيان.
    تاهم جامِ جَم و آئينھ سڪندر جو موجد آهيان.
    صلح کان پري پاسي دور آهيان،
    مذهب جي آڙ ۾ صاحبِ تشدد آهيان.
    حقيقت کان ڀليل اهلِ علم جو دوست نه آهيان،
    پئسن تي قرآن پڙهڻ وارن جو مُعتقد آهيان.
    روزي ۽ نماز کي نجات جو وسيلو سمجهي،
    قتل ۽ غارت لاءِ ٿيو غازي مرد آهيان.
    سچن جي صحبت سنگت ڏي نه آهي دل جو لاڙو،
    ڪوڙن جي ڪچھرين ۾ رهڻ وارو فرد آهيان.
    پنھنجي ڏک سور لاءِ گهوڙا گهوڙا ڪندڙ،
    ٻين جي درد لاءِ صفا بي درد آهيان.
    ***

    ڇو آلِ ابا کي ٿا مسلمان ستايو.
    ڏئي باهيون ٿا سادات جا خيما ڀي جلايو.
    جنھن سِرَ تي ڪلام الله خدا آ ڪيو نازل،
    سيّد جي انھيءَ سِرَ کي ٿا نيزي تي چڙهايو.
    سفيان جي پوٽي جي لڳي پويان دنيا ۾،
    محشر ۽ قيامت ٿا ٻئي پنھنجا وڃايو.
    او ڪوفي لا يوفي ڇڏي حق جي طرف کي،
    شامين سان ملي هٿ سان ٿا مھمان ڪُھايو.
    جنھن حلق تي بوسه ٿي ڏنا پاڪ محمّد،
    تنھن حلق تي سجدي ۾ خنجر ٿا هـَلايو.
    ”زهراڻي“ انھن وٽ نه ڪوئي شرم و حيا هو،
    حيدر ۽ زهرى جو آ جن روح رنجايو.
    ***

    فنا ٿي ڪيئن مئو ظالم پڙهو توبه پڙهو توبه.
    ڏنائين ڪيئن الائي دم پڙهو توبه پڙهو توبه.
    زمين و آسمان وچ ۾ جلايس باه دوزخ جي،
    سڙي ويس ماس هڏ ۽ چم پڙهو توبه پڙهو توبه.
    قبر ڪوڙي جي ناهي اڄ خدا جي فرش تي ظاهر،
    ائين ڪنھن ڏي نه آيو جَم پڙهو توبه پڙهو توبه.
    محمّد جي شريعت ساڻ فاسق راند پئي کيڏيو،
    ڪري غرور جھڙا ڪم پڙهو توبه پڙهو توبه.
    ”زهراڻي“ زندگي فانيءَ تي ڪھڙو ڀروسو آهي،
    نه رهڻو آ هتي دائم پڙهو توبه پڙهو توبه.
    ***

    اڄ عالمِ فقر ۾ همٿ فقير ڪر.
    سڃ ڀينگ جي ڪشور ۾ نزهت فقير ڪر.
    فرشِ خدا تي هيٺ رهي پاڻ وڃائي،
    خلقِ خدا جي ويهي خدمت فقير ڪر.
    بي جڳ سان مروت جو رويو ڪردوست،
    پر نفسِ اماره سان نه مُروت فقير ڪر.
    هَلُ اي اسوه حسيني سان ۽ ڏس مظھرِ وحدت،
    هر شيءِ منجهان تون حاصل عبرت فقير ڪر.
    جا پوک دو جڳت ۾ آد پَد سٺي ڏئي،
    هِن ڀونءِ تي تون اهڙي ڪڙمت فقير ڪر.
    اَمرت ڪري ٿي جيڪا مرده قلوب کي،
    اهڙي دوا کي هٿ ڪري حڪمت فقير ڪر.
    روزا نمازون صوم صلواتون چڱيون مگر،
    بنده نواز بنجي عبادت فقير ڪر.
    من عرف نفسھ کي پُرجهي پڪو ڪري،
    خاڪي مان ذات باقي جي زيارت فقير ڪر.
    هر ڪم کي سوچ فھم سان پورو تمام ڪر،
    ڪنھن ڪم ڪرڻ ۾ تيزي نه عجلت فقير ڪر.
    ***

    مايا حرام واري ٿي ٽانڊا اڳيان ٿئي،
    اهڙي نه هٿ جھان ۾ دولت فقير ڪر.
    نيڪي ڪري ته ٻيو ڪو سدائين تنھنجي ڪري پيو،
    پنھنجي نه پاڻ ظاهر شھرت فقير ڪر.
    جنھن جاءِ تي ٿا شِر ۽ شرارت ٻئي رهن،
    ان جاءِ ۾ چڱو ٿي نه شرڪت فقير ڪر.
    هر شيءِ جھان ۾ ٿي تڪليف سان ملي،
    حُريت وٺڻ لئه مشقت و محنت فقير ڪر.
    غيور سِرڏين ٿا ٻني ۽ وني مٿان،
    پنھنجو ديس وٺ ورائي غيرت فقير ڪر.
    جيڪو تڏي تي مھمان اخلاق سان رهي،
    مھمان ان جي تون ڀي عزت فقير ڪر.
    جو ميزباني مان ٿو وٺي اُلٽا فائدا،
    اهڙي ذليل مھمان کان نفرت فقير ڪر.
    ڌاريو نه گهر ۾ آڻجي وڏڙن جو آ چوڻ،
    وڏڙن جي چوڻي کان نه غفلت فقير ڪر.
    سيماب خاڪ ٿي ۽ ٿو مِس کي طلا ڪري،
    تون خاڪ دل ڪري ۽ پيو فرحت فقير ڪر.
    پنھنجي بنا اڏاوت تاسيس کي ڏسي،
    الله نه نسيان قدرت فقير ڪر.
    في مان فڪر ۽ ڪاف مان قانع مراد وٺ،
    بي سان يقين ري سان رياضت فقير ڪر.
    جيڪا بشر لئه خُلد ۾ قائم مصر هجي،
    تعمير خود لئه اهڙي عمارت فقير ڪر.
    حاجت روا ٿي ٻين لئه پيو پاڻ کي پتوڙ،
    پنھنجي حوالي حق جي حاجت فقير ڪر.
    ٽين اک سان تون عالمِ ناسوت مان عزيز،
    برزخ ڏسڻ جي حاصل قدرت فقير ڪر.
    رندن سان ميڪده ۾ جامِ شراب پيءُ،
    ان جي نشي جي ٻين سان حقيقت فقير ڪر.
    الاعمال باالنيات حديث کي پڙهي،
    پنھنجي دهر ۾ سچي نيت فقير ڪر.
    شريعت محمدي کي چئو آمناّ هتي،
    اُموي مگر قبول نه شريعت فقير ڪر.
    نيڪن جي ڪر اطاعت تن کي سجود ڪر،
    ليڪن نه فاسقن جي بيعت فقير ڪر.
    انسان جي عداوت کان دُرويثرُ و رز،
    انسان ذات سان هميشه اخوت فقير ڪر.
    پنھنجي ڪمائي پنھنجن سان پاڻ ۾ ونڊي،
    تقسيم منصفانه وراثت فقير ڪر.
    اول تون پال پنھنجا ڏي ٻين کي گر بچي،
    پنھنجن کان حق کسڻ جي نه حرڪت فقير ڪر.
    هيروئن ڀنگ چرس ۽ آفيم ساڻ خود،
    پنھنجي تباھ هٿ سان نه ملت فقير ڪر.
    ڏاندن جي گوءِ ڪڪڙن جي ميل جي مٿان،
    بيسود خرچ هيڏي نه دولت فقير ڪر.
    جنھن راءِ وٽ نياءَ ۽ ديا جي آهي ڪمي،
    اُن راءِ جي نه پاڻکي رعيت فقير ڪر.
    هتڙي آ دار فاني دارالقرار هُتِ،
    ان کي اڏڻ جي هر دم رغبت فقير ڪر.
    جيڪو وطن جو دوست آ ان کي تون دوست رک،
    دشمن وطن جي ساڻ نه صحبت فقير ڪر.
    تھذيب ۽ تمدن جي بچاءَ لئه،
    برداشت پنھنجي سر تي مصيبت فقير ڪر.
    لات ۽ منات جا بت ڊاهي ٿي ايڪتا،
    آذانِ حق سان گڏ پر ملت فقير ڪر.
    ويٽنام، چين، ڪوريا جي اقوام جيئن اٿي،
    وحشين جي ختم ديس مان دهشت فقير ڪر.
    ڍاڪا انگولا فارس آمر تڙي ڇڏيا،
    اڪثريت کي جيڪا جيتي سا جرئت فقير ڪر.
    يُگيه جو سڏ جنگ آ دودي جي آلِ لئه،
    ماري مرڻ جي ظاهر اصليت فقير ڪر.
    حريت جي راه ۾ جيڪو رنڊ روڪ ٿو وجهي،
    فرهاد جيئن سو پرزه پربت فقير ڪر.
    دورِ يزيد هوڏانھن ڦري آيو هت وري،
    ڪرب و بلى ٿي سنڌ، حسينيت فقير ڪر.
    فرعون جي اڳيان ۽ هامان جي اڳيان،
    موسى جو روپ رنگ ۽ صورت فقير ڪر.
    هوشو ۽ هيمون، شاهه عنايت جا پوءِ لڳ،
    مخدوم جي ميدان ۾ دهشت فقير ڪر.
    سامي، سچل، لطيف جي ڌرتي مٿان سڄڻ،
    قربان جيءُ جان پنھنجي رت فقير ڪر.
    نقشي دنيا تي ناءٌ ”زهراڻي“ عيان ڪري،
    شاهن جي صف ۾ پنھنجي حڪومت فقير ڪر.
    ***

    ها ۾ ها ملايون ويٺو رهه.
    ٽرڙي کي پڏايون ويٺو رهه.
    کوٽن وٽ تون کرو نه ٿي سگهندين،
    پنھنجي جان بچايون ويٺو رهه.
    گدڙ کي شير چئي اڄ ڪلهه،
    مڙئي وقت ٽپايون ويٺو رهه.
    هت ٻيو نڪو ٻڌندو تنھنجو حال،
    رب کي ٻاڏايون ويٺو رهه.
    قوم کي ڦري ڪنگال ڪري راشي،
    تون محل ماڙيون اڏيون ويٺو رهه.
    ڏاڍن جي قدم بوسي ڪري بي ضمير،
    هيڻن کي ستايون ويٺو رهه.
    غريب مائٽن کان ناتو ٽوڙي،
    ڌارين سان نياڻيون پرڻايون ويٺو رهه.
    ڇيڻو ڀوري جهيڙو مچائي پاڻ کسڪائي،
    ٻين جا مڙس مارائي ويٺو رهه.
    دنيا وارن کي راضي ڪرڻ جي لئه،
    رزاق رب کي رنجايون ويٺو رهه.
    پاڻ امتحان ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿي،
    ٻين جا حق ڦٻايون ويٺو رهه.
    ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺي سرڪاري نوڪري ڪري،
    خانگي اسپتالون کولايون ويٺو رهه.
    رونبن ۾ مانڊولن کي دِڪا هڻائي،
    آبادگارن کان پئسا ڪمايون ويٺو رهه.
    بنا ٽڪيٽ وارا ماڻهو هٿ ڪري ريل ۾،
    سرڪار جا پئسا ڦٻايون ويٺو رهه.
    سؤ ستن ۾ ٻئي ڌريون چالان ڪري ايس ايڇ او،
    ڪوڙيون فريادون لکايون ويٺو رهه.
    اللهج ۽ اللهج جي نبيصه کي ياد ڪري دل ۾،
    درويش دل کي وندرايون ويٺون رهه.
    ڀاڳيا شھر جا غريب تون ڄانڀو،
    چورن کان ڳوٺائي ڦرايون ويٺو رهه.
    ويلن ٽارڻ جي لئه مڙئي هِتِ هُتِ،
    ٻه ڏورون ٻه ڳجهارتون ٻڌايون ويٺو رهه.
    پئسن تي قرآن اللهج جو پڙهي سائين،
    خلقت خدا جي ويڙهايون ويٺو رهه.
    تپـيدارن سان ملي لسٽون فارم ڪوڙو،
    خره ۾ ڪوڙو کاتو ڪرايون ويٺو رهه.
    اصيل سڻڀي کان في سٺي وٺي وڪيل،
    ڪورٽ ۾ قرآن هيٺان ڪوڙ ڳالهايون ويٺو رهه.
    دس از ٽرو وٽنيس اپان يو جج صاحب چئي،
    غريب کي سزا لڳايون ويٺو رهه.
    دي پيشنٽ از ويري ويري سيريس،
    ڏوڪڙن لئه مريض جي دل دهلايون ويٺو رهه.
    هڪڙن جا ڏوڪڙ کائي ڀينگ ڪري سھڻا،
    وري ٻين سان ياري لايون ويٺو رهه.
    هيروئين جو اگهه سعوديه ۾ ڀلو آهي،
    مڪي مديني ۾ هيروئن کپايون ويٺو رهه.
    دين ۽ ايمان ٻئي اسم ذات آهن،
    سورن پورن مٽيءَ تي ڪمايون ويٺو رهه.
    پنھنجي ملڪ جي دولت يورپ جي بئنڪ ۾،
    جمع ڪرايون کپايون ويٺو رهه.
    ديس ۾ غريبن کي بک ۾ پاه ڪري ظالم،
    سِمپوزم ۾ تون مئي کي ڄمايون ويٺو رهه.
    دنيا جي فاني گهر کي سينگارڻ واسطي،
    عاقبت ۽ آخرت وڃايون ويٺو رهه.
    پنھنجي آمدني قليل يوميه تي دارومدار رکي،
    شڪر ڪري جئي جواري کايون ويٺو رهه.
    ٻئي جي گهر هٿ سيڪڻ ”زهراڻي“ نه وڃ،
    پنھنجي گهر ۾ ٻاري مچ مچايون ويٺو رهه.
    ***

    اسلام جي داعي وٽ ٿا ڏسون ايمان جي قلت پئي ڏسجي.
    ڪرسيءَ جي مٿان هي قوم ڏسو گروي ٿي ملت پئي ڏسجي.
    جيڪي ٿا حلال ڪمائن پيا سي به ڏينھن ڏکن جا نپائن پيا،
    جن جو آ حرام تي سندرو ٻڌل بس تن وٽ دولت پئي ڏسجي.
    جيڪي چمچاگير سيئي ٿا موجون ماڻن هت،
    جيڪي ٿا ڪمائن چارئي پھر ڏس تن کي زحمت پئي ڏسجي.
    عادل ۽ منصف لالچ ۾ ويا خوفِ خدا کان دور پري،
    گذران انھن جو رت چوسڻ ۽ رشوت پئي ڏسجي.
    ***

    ديس جو دلدار ٿيڻ عبادت آهي.
    ملت جو غمخوار ٿيڻ عبادت آهي.
    پنھنجن کان پري ٿيڻ غداري آهي،
    خوشين سان همڪنار ٿيڻ عبادت آهي.
    آذانِ حريت تي لبيڪ چئي ۽ هلڻ ۾،
    نمازِ عشق پڙهڻ عبادت آهي.
    جزاڪ الله في دارين خيراً جي حصول خاطر،
    اِنا للهِ پڙهڻ سان تيار ٿيڻ عبادت آهي.
    حيهل خيرالعمل جي نِدا ٻُڌي،
    راهِ حق ۾ چاهَ سان هلڻ عبادت آهي.
    جان نثاري جي ”زهراڻي“ تشويق دل ۾ رکي،
    حياتِ فاني کي باقي ڪرڻ عبادت آهي.
    ***


    ضروري ڪم ۾ رُڌا پيا آهيون.
    مارون جهلي سُڄا پيا آهيون.
    غيرن کي خوش آمديد چئي ڀر ۾ وھاريون،
    پنھنجا پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سڙيا پيا آهيون.
    ان اپايون اسان ته کائن ٿا وڏيرا ڏس،
    قرضن ۾ پاڻ دوست ڦڙهيا پيا آهيون.
    حق گهرڻ وارن جي حالت زار ڏسو،
    ظلم جي زنجيرن ٻڌل جڪڙيا پيا آهيون.
    وڏيري کي پيرن پوڻ ۾ فخر ٿا ڪريون،
    وڏيرن جي ڏَٽَنِ ۾ اجايو وڙيا پيا آهيون.
    چور ڇٽل ڀاڳيا پيا ٻَجهن دوست،
    ٿاڻي ۾ پوليس جي اڳيان گهڙيا پيا آهيون.
    سور سَلجن ته ڪنھن سان سلجن ڀلا،
    ٻاهر ٻاڦ نه نڪري اندر ۾ سڙيا پيا آهيون.
    ايڪتا کان پري ”زهراڻي“ ٿي ۽ اسان،
    بَحرِ فساد ۾ ٻڏا ۽ لڙهيا پيا آهيون.
    ***

    جن راهه ڇڏي تنھنجي سي راهه ڪٺن ۾ رهيا.
    آپدا مصيب ۾ ڏکن ۽ غمن ۾ رهيا.
    جي تنھنجا ٿيا پريمي پرڀو انھن کي رنج نه رسيو،
    اُهي سکيا ستابا تنھنجي شرن ۾ رهيا.
    تنھنجي آڪار اُنهن ڏٺي جن پاڻ ڏٺو،
    جن پاڻ ڇڏيو سي ڀلجي نرڳ1 جي اگن2 ۾ رهيا.
    ڪل جڳ ۾ سلڇڻا ساڌو ٿي صاف صفا،
    ستگر3 سان سن مک ٿي محويت جي مزن ۾ رهيا.
    گورک جا گُن ڳائن پيا دن رين اُهي،
    هردي کي هلائي هردم پنٺ پوڄا ۽ ڀڄن ۾ رهيا.

    ***

    اُمرا جي هٿن ۾ غربا جي غربت ٿي وڪامي حيرت آ.
    ايمان وڪامي دولت تي عزت ٿي وڪامي حيرت آ.
    اي ڪاش جو منصف لالچ ۾ انصاف جو قاتل بنجي ويو،
    ظالم جي هٿان مظلومن جي قسمت ٿي وڪامي حيرت آ.
    اي داور ِمحشر تنھنجو جھان شُرفا جي لئي زندان بڻيو،
    تنھنجي هوندي غُربا جي ڇو لڄ پت ٿي وڪامي حيرت آ.
    او راڄ ڌڻي راول راجا تون پِرجا جا پرڪار ته ڏس،
    چورن جي هٿاران ڀاڳين جي ملڪيت ٿي وڪامي حيرت آ.
    جت جنھن جي ڪمائي تي ٿا پلن سرمايه دار وڏيرا سڀ،
    اُتي هاري ۽ مزدور جي ڇو محنت ٿي وڪامي حيرت آ.
    اللهج نبيصه جا پوڄاري ڪن پاڻ ۾ ڪيئن ٿا پرماري،
    دنيا تي حبيب اللهصه سندي امت ٿي وڪامي حيرت آ.
    جن کي ٿا سڄڻ پنھنجون سمجهون سيئي ٿا دشمن پنھنجا ٿين،
    ڪرسي جي مٿان اي دوست ڏسو ملت ٿي وڪامي حيرت آ.
    ناڻي جي ڪري نياڻي ٿي اچي مردن جي اڳيان هوءَ بيٺي نچي،
    ڏس پايل جي جهنڪار مٿان خلقت ٿي وڪامي حيرت آ.
    وه واه تماشي ۾ ٿي ٿئي ڪو پئسا ڏئي ڪو پئسا وٺي،
    مجمعي ۾ عورت عُليا جي عظمت ٿي وڪامي حيرت آ.
    ”زهراڻي“ ٿي انصاف ختم ويو آهي وري ٿيس پويون دم،
    راشيءَ جي اڳيان سچارن جي اهميت ٿي وڪامي حيرت آ.
    ***

    توکي ڇا ادا گهرجي، مونکي ڇا ادا گهرجي،
    آزاد وطن پنھنجو، سنڌ پنھنجي جدا گهرجي.
    ڌارين جو ٽُٽي قبضو ديسين جون ڇٽن جانيون،
    رٿ اهڙي پڪي پختي ۽ اهڙو سِٽا گهرجي.
    پنھنجن کي ملي ڌرتي حق جن جو اصل آهي،
    ڌارين جي حڪومت کي هت ڪين جٽا گهرجي.
    مھمان نوازن کي مھمان ڪيو تنگ جنھن،
    مھمان برو اهڙو هت ڪين ٿو ڀا گهرجي.
    حريت جي ڏئي آذان پنھنجن کي سڏي هڪ جا،
    سجدو هت وحدت جو بس ڪرڻ ادا گهرجي.
    ملت جي بقا خاطر دنيا جي اندر پيارا،
    پنھنجو ٿو سڀڪو گهرجي اجرت جو لوا گهرجي.
    غيرت جي تقاضا آ غيور جي دل اندر،
    لوئي ٽوپي ۽ پٽڪي جو بچا گهرجي.
    پِرجا جا پٽيو جيڪو حق ماري ڦري کائي،
    اهڙو نه هچارو هت راء ۽ راجا گهرجي.
    ***

    ڌن وارا عياش ٿيا نِرڌن جو خدا حافظ،
    چورن جي وڌي عزت ڀاڳين جو خدا حافظ.
    گهر مالڪ شب ۾ ٿو هيئن چئي ۽ لڪي هنڌ ۾،
    گهر جو آ الله واهي ڍورن جو خدا حافظ.
    پورهيت جي ڪمائي کي رهزن پيا ڦري کائن،
    مولائي ملنگن ۽ مستن جو خدا حافظ.
    ڪري گُرگ ٿو ميزباني ڌڻ واهي بڻيو وحشي،
    اهڙا جي ڌنار آهن ٻڪرين جو خدا حافظ.
    مجرم کي حمايت آ حُڪام وڏيرن جي،
    جي ڏوه کان ٿيا پاسي بس تن جو خدا حافظ.
    ماڪڙ ٿي وڃي کايون ڀيليون ۽ ٻنيون ٻارا،
    جي ڪونه اُپاءَ وٺبو پوکن جو خدا حافظ.
    ”زهراڻي“ سچارن کي اڄ ڪونه ٿو ڪو ليکي،
    ڪوڙن کي ملي اهميت سچن جو خدا حافظ.
    ***

    محبت ۾ هزارين غم سھان ٿو،
    مگر چپ چاپ ٿي چپ ۾ رهان ٿو.
    ڪرين ٿو پاڻ ارڏايون وري ڀي،
    اچين پر ڪاوڙيو منھنجي مٿان ٿو.
    ڪيم سڀ ڪجهه کڻي تنھنجي حوالي،
    بچو سر ساهه آ سو ڀي ڏيان ٿو.
    قدر منھنجو نه دلبر تو ڪيو ڪو،
    اڳيان تنھنجي ڍڳن جيئن مان وهان ٿو.
    پڙهيم انگريزي عربي فارسي اڳ،
    سبق سورن تنھنجن جا اڄ سکان ٿو.
    ٻي لک پڙهه کان ڪيو آزاد مولا،
    غزل ۽ گيت بس تو لئي لکان ٿو.
    ”زهراڻي“ جي رقيبن ساڻ خوش آن،
    ڏسان ٿو هر گهڙي توکي ڏسان ٿو.
    ***

    سچل جي شاعري هفت زباني آهي،
    سچل جي شاعري ۾ راحت آهي.
    ڀٽائيءَ جي ديڳ دميل جو ڍڪ لاهڻ وارو،
    هي درويش ڪامل عامل لاثاني آهي.
    ملا مسئلن ۾ منجهيل ڪمزور دل وارن لئي،
    سرمد جي شاعري گويا نسخو لقماني آهي.
    سچل ترڪي نه ساساني نه عربي نه ايراني آهي،
    هي سنڌ جو شاعر اَمَر حيات لافاني آهي.
    سچل جي شاعري ۾ سوز و گداز و توحيد جو رنگ آهي،
    سچل جو ڪافي ڪلام بيت گفتو حقاني آهي.
    سچل جي شاعري همھ اوست تي مبني آهي،
    سچل جي دل ۾ يقين سان ياد يزداني آهي.
    سچل جي آروهي امروهي ۾ مڌ مستاني آهي،
    سچل کي سنگيت جي ڄاڻ تيور ڪومل جي وديا آهي.
    سچل جي سنگيت ۾ موج ۽ محويت آهي،
    سچل جي سنگيت ۾ توحيد جي ودواني آهي.
    سچل جي مذهب سان بغاوت رسالت سان محبت آهي،
    پيڪرِ سچل ۾ امامت جي نشاني آهي.
    مُلڪ و ملت کي راهِ حريت ۾ هلڻ جو ڏس،
    ڏيڻ وارو سچل علي الاعلاني آهي.
    سچل جي آرامگاهه کي سلام آهي ”زهراڻي“
    سندس مرقد ۾ ظاهر جلوو رحماني آهي.
    ***

    اسين سنڌي سپوت سنڌ نه ڏيڻ وارا آهيون،
    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ائين چوڻ وارا آهيون.
    پنھنجي وطن جي خاڪ جي ذري تي اسان،
    جسم و جان جند قربان ڪرڻ وارا آهيون.
    سنڌ ۾ سنڌي رهندا انهن جي سنڌ امڙ آهي،
    امڙ جي سڏ تي لبيڪ چئي سر جهڪائڻ وارا آهيون.
    ظلمات جي عالم کي روشني بخشڻ وارو،
    شمس الضحى و بدر المنير اڀرڻ وارو آهي.
    امامِ انقلاب ديس جو ٻچو ٻچو آهي،
    اهو ئي عزم هر روز اڀري ۽ وڌڻ وارو آهي.
    ***

    حڪمِ يزيد جاري ٿيو ملڪ شام ۾،
    آلِ ابا کي آڻيو دربارِ عام ۾.
    ماحول شرابي هو اموي حڪام ۾،
    تن کي يقين ڪونه هو خيرالانام ۾.
    جن جو خيال هو ته ڪو ابدي مقام ۾،
    يعني کِه روزِ محشر يوم القيام ۾.
    اَتبَرَاُ و اللهِ عن نسل السفيان،
    يلعن عليهم الله رب الرحمٰــن.
    ***

    لطيف تنھنجو منھنجو هِنَ جو هُنَ جو آهي،
    سنڌ ۾ فيض لطيف جي چرنن جو آهي.
    لطيف سنڌين جو ترجمان ۽ غمخوار آهي،
    لطيف اَمُل ماڻڪ سنڌين جي من جو آهي.
    لطيف سدا حيات سيد اَمَرُ آهي،
    اگر چه شاهه سائين گذريل صدين جو آهي.
    لطيف جي شاعري انقلاب جو روپ آهي،
    لطيف محافظ انسان ذات جي حقن جو آهي.
    سنڌ جي زمين تي سگداسي پوک آهي ۽ هوندي،
    هن ڀونءِ تي اُپاءِ نه خراب ٻجن ۽ هاڙٻي سلن جو آهي.
    لطيف نه هند ڪابل قنڌار ۽ يمن جو آهي،
    سنڌ لطيف جي آ لطيف سنڌين جو آهي.
    ڪوئي بادشاهه ايشيا آفريڪا يورپ آمريڪا جو آهي،
    لطيف سنڌين جو شاهه رهواسي ڀٽن جو آهي.
    لطيف عالم زبور و توريت و انجيل و قرآن آهي،
    لطيف وِدوان گيتا رامائڻ ۽ چئني ويدن جو آهي.
    سنڌي ۾ قرآن آ سيد جو رسالو ثابت سارو،
    لطيف مُفسِر مصحف جي آيتن جو آهي نقطن جو آهي.
    لطيف عابد زاهد آهي لطيف صاحبِ تقوى آهي،
    لطيف رهنما ديسي مسلمانن ۽ هندن جو آهي.
    لطيف جا بيت صراط المستقيم آهن،
    لطيف رهنما ديسي مسلمانن ۽ هندن جو آهي.
    لطيف جي لات ”زهراڻي“ ذڪرِ ذات آهي،
    لطيف دروازو عشق جي ڀنڊار ۽ فخرن جو آهي.


    عربي / پارسي شاعري

    (هن شاعريءَ جو ترجمو مولانا بدر الدين جلباڻي جي ٿورن سان اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو جيڪو مواد ترجمو نه ٿي سگهيو، ان لاءِ به ڪوشش ڪئي سين پر ترجمو نه ٿي سگهيو يا نه ڪرائي سگهياسين. اميد ته ايندڙ ڇاپي ۾ ان کوٽ کي پورو ڪبو. ”مرتب“)


    (01)
    الحیا والایمان بھَر مؤمن شُد نشان،
    قد قال ربنا ھٰکذا فی القرآن۔
    آنکہ محروم از نعمت ایمان است،
    لا تقو لُوہُ بندہِء خدا والانسان۔
    لیس کمثلہ شیءِ‎ کجا است،
    قلب المؤمن بیتُ اللہِ بدان۔
    لا مکانی مکین شُد اینجا،
    در جِسم مؤمن او ساختہ است مکان۔
    ہُوَ الظاہر ہو الباطن ہُوالاول وال آخر،
    یا صاحبَ الایقان دور باش زنسیان۔
    فذکرونی اذکُرکم قلیدِ وصال است،
    این است اقراری حق ”زُہرانی“ و ارشاد رحمان۔

    ترجمو

    حيا ۽ ايمان هر مؤمن جي نشاني آ،
    اسان جي رَبَّ به قرآن ۾ ائين چيو آ.
    جيڪو به ايمان جي رحمت کان محروم آ،
    نه چئو ان کي خدا جو بندو ۽ انسان آ.
    ليس کمثله شيءِ ڪڙ آ،
    مومن جي دل کي بيت الله ڄاڻ.
    لامڪان مڪين ٿيو آ هتي،
    مومن جي جسم ۾ هُن مڪان آ ٺاهيو.
    هو ظاهر آ باطن ۽ اول آخر آ،
    اي عظمت وارا دُور رهه هر نسيان کان.
    فذکروني اذکرکم خدا سان ملڻ جي چاٻي آ،
    اقرار حق ’زهراڻي‘ ۽ ارشاد رحمان آ.


    (02)
    کس نہ کرد ابن ھرچ پیر مرتضیٰ کردہ بود۔
    زیر خنجر سجدہ حق شرادا کردہ بود۔
    ترک یثرب کرد حضرت بر دعوت کوفیان لعین،
    آخری منزل خودش در کربلیٰ کردہ بود۔
    چون سر را کرد خم باعشق وحدت در نماز،
    ثمر ذی الجوشن سرش از تن جدا کردہ بود۔
    بر نوکِ نیزہ قراءتِ قرآن کرد عالیجناب،
    نیر والقرآن خواندن برملا کردہ بود۔
    آہ! واویلا کہ امد یا د زینب نیک نام،
    آنکہ پیادہ سفر طئے آن سیدہ کردہ بود۔
    دختر شہیدِ خدا ام المصائب حال زار،
    ہمشیر برازِم حسین قربان رد ا کردہ بود۔
    نزد زہری آمد نہ در خُلد باخُزن و بُکا،
    ماتم شبیر پس مریم و حوا کردہ بود۔
    شامی حاکم بود چون غلطان در سکران مئی،
    پیش در دربار عام آلِ ابا کردہ بود۔
    مادرِ عون و محمد بنتِ حیدر لافتا،
    جاہِ باطل عج اموی رافنا کردہ بود۔
    شھنشاھ شبیر بے تقیصر بے جرم و خطا،
    شرط بیعت ناقبول انداختہ کردہ بود۔
    چون صدائے العطش عمی ز سکینہ او شنید،
    اسپ خود را سوئے دریاہ نتافتہ کردہ بود۔
    نجوان ”زھرانی“ درد برآل ختم المرسلین،
    بہر ایشان دا دور قرآن گواہ کردہ بود۔

    ترجمو

    (02)
    ائين ڪنھن نه ڪيو جيئن پير مرتضى جي پٽ ڪيو
    خنجر جي هيٺان سجده حق شر اد اڪيو
    ملعون ڪوفين جي دعوت تي يثرب ڇڏيائين
    ڪربلا کي آخري منزل قرار ڏنائين
    خدا جي عشق ۾ حالتِ نماز ۾ سر خم ڪيائين
    شمر ذي الجوشن هن جي سِر کي بدن کان جدا ڪيو
    امام عالي جناب نوڪ نيزه تي قرآن جي تلاوت ڪئي
    ائين ئي قرآن پڙهي ڏيکاري ويو
    هاءِ هن کي جو يادِ زينب نيڪ نام ياد آئي
    اها جنھن پيادل سفر ڪيا سانئڻ
    شھيد خدا جي ڌيءَ ۽ ام المصائب
    ڀيڻ ڀاءُ جي مقصد تان ردا قربان ڪئي
    زهرى جي نزديڪ حالتِ غم ۾ جنت ۾ نه آئي
    ماتم شبير مريم ۽ حوا جي سامھون ڪيا
    شاهي حاڪم جيئن شراب جي نشي ۾ آيو
    آل عبا کي درٻار عام ۾ پيش ڪيائين
    عون محمد جي ماءُ حيدر لافتى جي ڌيءَ
    باطل اموي جي غرور کي فنا ڪيو
    نبي جرم بي خطا شھنشاهه شبير مولا
    باطل جي شرطِ بعيت کي قبول نه ڪيو
    جيئن ئي العطش جي صدا سڪينه کان چاچي ٻُڌي
    پنھنجا ٻئي بازو درياء جي ڪناري قربان ڪري ڇڏيا
    موڪلي درود ختم المرسلين جي آل پاڪ تي
    هر وقت ائين ڪر، ان جو قرآن گواهه آهي.



    (03)
    بار الٰھی دیار بزرگانم راز غیرآزاد بکن۔
    دشمنان کشدر سندھیان را برباد بکن۔
    ملت سندھی را غیرت دودو برہ،
    ھمہ افراد ملت را خوش باش و شاد بکن۔
    وای نسل ہوشو و ای نسل دریا خان، ہوش محمد، گوش بہ،
    کہ در خانئہ خویش برغیر اعتماد مکن۔
    تو ہستی اولاد شاہان کُند سندھ،
    ادآن جان فسا نی بہر تاج و پاد بکن۔
    چٰر غلام غلامان خویش ثدہٰ وی غیور،
    بستان خویش در تحویل صیاد مکن۔
    ”زھرانی“ جان نثار باش بہر میھن خویش،
    در تاریخ رفتگان را یاد بکن۔

    ترجمو



    (03)
    اي خدا اسان جي بزرگن جي شھر کي غيرن کان آزاد ڪر،
    سنڌين جي ملڪ جي دشمنن کي برباد ڪر.
    سنڌ جي ملت کي دودي واري غيرت ڏي،
    ملت جي سڀني فردن کي خوش باش ۽ شاد ڪر.
    هوشو، درياخان، هوش محمد جي نسل کي ڌيان ڏي،
    ته پنھنجي گهر جي باري ۾ غير تي اعتماد نه ڪن.
    تون سنڌ جي اولاد کي شاهه بڻاءِ،
    هنن جي جان بلند ۽ بلند ڪر.

    زهراڻي جان گهور سنڌين تان،
    سنڌ تان قربان ٿيندڙن جي تاريخ کي ياد ڪر.


    (04)
    چون شب قتل امیرالمؤمنین حیدر رسید،
    بعد پیغمبر جہان را ماتم دیگرا رسید۔
    من نمی گویم چھاژر برتن آن شہر یار،
    من نمی گویم چہا برشاہ بے لشکر رسید۔
    بک ہزارو نہ صد و پنجاہ زخم از کوفیان،
    برتن پاکش ز تیغ و نیزہ و خنجر رسید۔
    مسج خنجر ایستادہ بود زینب درکنارہ قتل براہ،
    چون برگرز نش از شمہ بد اختر رسید۔
    ایستادہ بود زینب درکنارہ قتل گاہ،
    نگاہان چون خنجر کین از ثمر بد اختر رسید۔
    من ندارم طاقت ہجران بابم داعی خدا،
    بار الٰھا زین مصیب عمر من آخر رسید۔

    ترجمو

    جيئن ئي اميرالمؤمنين حيدر جي قتل جي رات آئي،
    پيغمبر کان بعد دنيا کي ٻيھر ماتم ڪرڻو پيو.

    هڪ هزار نوَ سئو پنجاهه زخم ملين ڪوفين کان،
    ان جي پاڪ بدن کي تلوار نيزا و خنجر مليا.

    پھتي زينب جڏهن قتل گاهه تي،
    تڏهن جي نظر شمر جي خنجر تي پئي.

    مان طاقت نه ٿو رکان ان جي ڏک تي روئڻ جي،
    اي خدا منھنجي عمر آخر تي پھتي آ.



    (05)

    شبیر عاشق توحید و رسالت بود،
    یزید خواھانِ مئی زن و دولت بود۔
    پسر معاویہ بیرحم بی حیا بے غیرت بود،
    حسین ماہرِ نفسیات و صاحب حکمت بود۔
    خود راز بیعت فاجر دور کرد آنجناب،
    ر شاہ متقی صاحب تقویٰ و اسرارِ وحدت بود۔
    عالم یاسین قرآن ناطق قرآن بن علی بود،
    ر سرش زتن جُدا جاری کردہ قرات بود۔
    ”زھرانی“ بر سبط نبی باران رحمت میبارد،
    و حاکمِ شام غاصب خارج از رحمت بود۔

    ترجمو


    شبيرء عاشقِ توحيد ۽ رسالت هو،
    يزيد شراب، عورتن ۽ دولت جو طالب هو.

    معاويه جو پٽ بي حيا، بي رحم، بي غيرت هو،
    حسينء نفسيات جو ماهر ۽ صاحب حڪمت هو.

    پاڻ کي فاجر جي بعيت کان آنجناب بچايو،
    سرڪار متقي صاحب تقوى ۽ اسرارِ وحدت جو مالڪ هو.

    قرآن جي ياسين جو عالم ناطق قرآن عليء جو پٽ هو،
    سرتن کان جدا هوندي به تلاوت جاري ڪئي هئائين.

    ’زهراڻي‘ نبيصه جي ڏهوٽي تي رحمتن جي برسات آهي،
    حاڪم شام غاصبِ رحمت کان خارج آهي.


    نظم

    ”ساڻيهه جو سڏ“

    صياد بلبل جي چمن ۾ هت اڏيو آدام ٻڌ،
    لاچار بلبل ٿي قفس ۾ ۽ ڪري ماتام ٻڌ،
    پنھنجي گلشن ۾ ٿي نوحھ خوان چوي ناڪام ٻڌ،
    بي نوا جي ٿي اسيري هي ڏئي پيغام ٻڌ،
    رحم ڪو مون تي ڪريو هيڏي اچو هيڏي اچو،
    باغبان مون کي ڏسو هيڏي اچو هيڏي اچو.
    *
    مان قفس ۾ آهيان منھنجا وري ٿو پر ڪپي،
    بي رحم ظالم پيو بيداد مون سان هيئن ڪري،
    مون سان هيءَ ويڌن آ ليڪن ڪونه ٿو ڪوئي ڪڇي،
    مونکي هو نالان ڏسي ۽ خوب خوشتر ٿو ٿئي،
    رحم ڪو مون تي ڪريو هيڏي اچو هيڏي اچو،
    باغبان مون کي ڏسو هيڏي اچو هيڏي اچو.
    *
    ڇو ڀلا منھنجي صدا اڄ بي اثر بڻجي وئي،
    فرياد منھنجي اڻ ٻڌي ٿي درگذر بڻجي وئي،
    زندگي مون لئي صفا هاڻي زهر بڻجي وئي،
    طائِر اهلِ چمن بي بال و پر بڻجي وئي،
    رحم ڪو مون تي ڪريو هيڏي اچو هيڏي اچو،
    باغبان مون کي ڏسو هيڏي اچو هيڏي اچو.
    *
    بند ٿي منھنجي سدا ۽ منھنجو ٿيو آواز بند،
    پاپندي پنڃري جي ڪئي آ کڻي پرواز بند،
    منھنجو نغمو بند آهي ۽ ٿيا سڀ ساز بند،
    منھنجي آزادي بند ۽ آزيون ايلاز بند،
    رحم ڪو مون تي ڪريو هيڏي اچو هيڏي اچو،
    باغبان مون کي ڏسو هيڏي اچو هيڏي اچو.
    *
    هڪ ستم صياد جو آ ٻيو آ هت دورِ خزان،
    ڏينھن ۾ ڀي مان ته ڄڻ هتِ رات ڪاري ٿي ڏسان،
    پر متان عالم نراسائي ۾ ڦٿڪي دم ڏيان،
    زان سبب آهون ڪريان زاريون ڪريا سڏڪا ڀريان،
    حال مضطر ڪشمڪش آهِ هت مجنون جو،
    منھنجي آزاديءَ جي ڳڻ پهه گڏجي ڪريو،
    رحم ڪو مون تي ڪريو هيڏي اچو هيڏي اچو،
    باغبان مون کي ڏسو هيڏي اچو هيڏي اچو.
    ********

    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن

    هتي يار يڪسان حرامي حلالي،
    مگر چپ آهن ملنگ مست موالي،
    رجاوت کان هي مرد آهن نه خالي،
    سدا پاڪ پنجتن جي در تي سوالي،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    *
    ڏنڊا ڪونڊا سُلڦيون انھن جي ڌراوت،
    ڪري صافه ساوا ڏين دل کي آٿت،
    انھن کان ڪري جڳ پيو ٿو حقارت،
    مگر حق جي تن کي ملي ٿي بشارت،
    جي آهي ته کائن جي ناهي نه کائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    ڏکي ۾ به خوش هو سُکي ۾ به خوش هو،
    محو مست محويت ۾ ڪن يار هو هو،
    سٻاجهن انهن ۾ نه آهي ڪا بدبو،
    توهين تون ڏي مائل سدا خوش نجوش خو،
    رڳو ورد توحيد جو پيا ڪمائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    اهي خلق جي ڪن پيا دستگيري،
    فقيري ۾ پنھان انھن جي اميري،
    انھن کي مليل آ خدا جي وزيري،
    هلائن ويچارا نه شيخي نه پيري،
    رسالت امامت جا ڳڻ يار ڳائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    نه هو بيک ڀڪشا وٺن ٿا ڪهي،
    رزق رب جو تن وٽ اچي خود لهي،
    ملي روزي تن کي جڙي ۽ ٺهي،
    صبر ساڻ سڀ ڪجهه وڃن ٿا سهي،
    دعا سان نه حق ڪنھن جو هو ٿا ڦٻائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    دنيا کان به تارڪ ۽ عقبى کان به آجا،
    سدا منھن ٿا مطلوب ڏي ڪن سٻاجها،
    ويٺي سير ڪن ٿا پيا ارض و سما جا،
    نه دوزخ جي پرواهه نه جنت جي گُهر جا،
    رڳو عشق حضرت سان دل ٿا لڳائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    ڏسي خاڪ ۾ خاص باقي بقا،
    ڪري تن کي تڪيو لڌائون لِقا،
    ملي ناٿ سان هت ٿيا سامي سکيا،
    سدائين ٿيا ڍاول اُڃان نا بکيا،
    نفي مان ٿا اثبات ۾ پير پائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    نه ناري سان ياري نه دنيا سان دل،
    اندر کي اجاري ٿيا نيڪ نرمل،
    وڃي ٿا وسائن بيابان نِرجل،
    مليو تن کي گورک ٿيا ماڻڪ اَمُل،
    پنھنجي نفس کي پاڻ ماري مڃائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    مسجد مندر ڪليسا ڇڏي،
    مذاهب جي جاين کان ويا هو لڏي،
    خودي کي ڇڏيائون تڙي ۽ ٿڏي،
    هجڻ کي هٽايائون ماري گُڏي،
    ازل جي اشارن سان رمزون رلائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    رڳو پاٺ پرڀو جو پَوِتَر پڙهيا،
    الک ساڻ قابو رهن ٿا ڪڙيا،
    سڌي واٽ ورتؤن نه ڪا ڏنهن لڙيا،
    لنگهي گهيراءُ کان جهاڳي چڙهيا،
    سلڇڻا ائين ئي ٿا ناتو نڀائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    سچا ديس سان دوست آهن سدا،
    ٿا ڪن ديس واسين سان نيڪيون ڀلا،
    غداري وطن سان نه ڪن ڀرجهلا،
    لھن سار غربا جي ٿا باوفا،
    يتيمن غريبن جا ساٿي بڻيا هن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    انهن جي آستنگ ۾ بس،
    انھن وٽ پڙهي جيڪو وديار ٿي،
    ٻڏل ان جو ٻيڙو وڃي پار ٿي،
    نه ڪنھن ڳالهه جي تن کي درڪار ٿي،
    اُجاڙ ٻين جا ويڙها ٿا ساڌو وسائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    مرڻ کان اڳي يار هي ويا مري،
    مري هن دنيا ۾ ٿيا جئرا وري،
    ٻيائي جي باقي نه جن وٽ ذري،
    اُنهن کان ويو موت هِتِ هُتِ ٽري،
    مئي جئري زنده ٿي ديرا ڄمائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    بڻيا سي ئي ڪامل ڇڏي هٺ وڏائي،
    انهن جي ٿا پويان ڀي کائن ڪمائي،
    حياتي انهن جي ٿي سھنجي سجائي،
    حقيقت جي جن صاف ٻولي ٻڌائي،
    اُهي ٿا الک جا نظارا پسائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    سچارن جي قائم سدائين سچائي،
    سندن قول ۽ فعل ۾ نا ڪچائي،
    هميشه ڀلارا پيا ڪن ڀلائي،
    سخاوت جي تن وٽ ڪَمي آ نه ڪائي،
    سوالي کي هرگز نه خالي ورائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    غُصي غيض کان دل انهن جي آ خالي،
    سندن رهڻي ڪھڻي انوکي نرالي،
    سندن دل ٻيائيءَ کان ٿن پاڪ پالهي،
    رکن هي رمز ٿا پيا بي مثالي،
    ڪمان مان ڇٽل تير کي ٿا موٽائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    محبت جي مئي جا پيارن پيالا،
    رکن ميڪده ۾ ٿا مئي آل جالا،
    ٿين پاڻ ساقي ٿا هولا يزالا،
    پُڄن هِت پيا سا ڪڍي ۽ ڪشالا،
    سوايون سوايون ٿا سرڪيون پيارن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    نظامِ مُساوات جاري رکي،
    ورهائن هٿن سان لکيڻا لکي،
    ڏين ونڊ پورا نٿا ڪن ڪمي،
    ڏين مال جي جي ٿا ڪنھنکي ذري،
    ته انھيءَ ذريءَ مان تونگر بنائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    دنيا جي ٿا درياه ۾ هي ترن،
    ڀَرون ٻئي اهي تار تانگهي لهن،
    پيهي منجهه پاتار موتي چڻن،
    غواصي جا ماهر ٿا بڻجي وڃن،
    ڪري سير سولي ٻين کي ٽپائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    بُرن سان به آهن ڀلايون سندن،
    سچا صاف سچ گو سدا سچ وچن،
    حقيقت جي تسبيح پڙهندا رهن،
    آيا ڌار جاٿئون ٿا اوڏنهن هلن،
    نه ٻي طرف وک دوست پنھنجي وڌائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    اَمر آب اَمرت پين ۽ جين،
    نه ماندا نه مونجها ٿا هِتِ هُتِ ٿين،
    ڇڏي هٺ ۽ هستي پيا خوش رهن،
    پُڇي واٽ ڪوئي ته ڏس هو ڏين،
    منجهل جي ٿا مُنجهه مان اهي جند ڇڏائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    هلن ۽ چلن ٿا چڱي راههَ سان،
    خودي کي ڇڏي خوش چڱي چاهه سان.
    وتن اور اوريندا الله سان،
    چڱايون چڱا ڪن ٿا گمراه سان،
    ڏکي يا سکي پاڻ پنھنجي نڀائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    انھن لاشعوري کان ورتو شعور،
    ڪيائون تڪـَبُر تڙي دور دور،
    بڻيا اُنس خالق جي حاضر حضور،
    سدائين سُکيا ٿيا لڌائون سرور،
    نٿا نرگ ۽ سرگ کي ڪجهه ڀي هو ڀائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    فنا ٿيا فڪر ۾ ذڪر ذات سان،
    مليا محب کي مان مرجات سان،
    ڪُٺا جي نه ڪاتي نڪي ڪات سان،
    وڍيا لا الـٰہ جي اُهي لات سان.
    لاهوتي ٿا لاهوت ۾ رنگ رچائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    ڇڏيائون زهد تقوى ۽ روزا نماز،
    ويا آد جا سمجهي گفته غماز،
    هتي حق پرستيءَ سان ٿي ساز باز،
    بيٺا نيڪ نوڙت جي نيتي نماز،
    نفل نينهن جا ٿا پڙهن ۽ پڙهائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    نه چاهن اُهي ٿا ٻني ۽ وني،
    ٻنهين کان ويچارا ويا ناتا ڇني،
    نه ماني پچائن نه چاڙهن ڪُني،
    لنگر تن کان هرڪو ٿو کائي ڳنهين،
    وظيفو جي وحدت جو قربئون ڪمائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    ڪري ڦوٽ ڪو ڀي ته ڪن دوست جِي،
    وڃن قلب جي ٿا هو ڪاوڙ کي پي،
    لڳي تِن کان گرمي نه ڪو تِن کي سي،
    اُنهن جي فردوس جاگير ٿي،
    جي خلقِ خدا جا ٿي خادم گذارن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھن کي ڏکائن نه ڪنھن کي ستائن.
    *
    اچي ڪربلا ۾ حقيقت سڃاڻن،
    قيادت جي فرمان تي سِرُ ڪٽائن،
    پٽي پاڙ باطل جي هو ٿا هٽائن،
    ڪري سر جا سودا دنيا کي وسائن،
    ڏئي رت ٿا اوندهه کي جڳ مان هٽائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    هِنَنِ جي چمن جي آ رونق نياري،
    خزان ۾ ڏسن يار هي بھاري،
    رَکَنِ ديهُه دربَل مگر دل سگهاري،
    ڏِسَنِ ٿا هو اوندهه م روشن ڏياري،
    حشر ۾ ڀي هولي اِهي ٿا ملهائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    عجب آ، آڌوتين جو گذران گذر،
    وجهي بُک کي بگري ۾ ٿيا بي فڪر،
    نڪا اُڃ انهن تي ڪري ڪو اثر،
    نراسائي کان دور اٺئي پھر،
    ولا تقنطو ساڻ ٿا پيچ پائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    سڀاڳا نڀاڳن کي ڏين ٿا سڀاڳ،
    ڪري خوابِ غفلت مان تن کي سجاڳ،
    ٽپائن ٿا اک ڇنڀ ۾ ساگر اجهاڳ،
    ڪري پاڻ دوجڳ کي ويٺا تياڳ،
    وڃي ڪُلَ سان جُز کي رلائن ملائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    ٿيا هيرا اتھاس جا نيڪ نام،
    ڏنو تن کي تاريخ اعلى مقام،
    ٿئي رنج تن کان نٿو خاص و عام،
    پڪا گفته تن جا ٿيا قادر ڪلام،
    ڳالهائڻ سان گوهر ادب جا کِنڊائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    نه هڪ دم ٿا دنيا ۾ غافل رهن،
    سدا خيال سان خيال پنھنجو ڳنڍن،
    ڳجها راز سيني ۾ سانڍيون وتن،
    اِهو حال احوال آهي سندن،
    ڪڏهن دم ٿا منصور وارا لڳائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    ڪفر سان نه اسلام سان واسطو،
    رکن ٿا نراڪار سان — رابطو،
    سوا مول مقصد جي ڪن ڪم نه ٻيو،
    حوس حرص تي ٿن وڏو ضابطو،
    نمي ناٿ وٽ سِرُ ٿا ساجد جُهڪائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    اناالحق جي ٻولي ٿا اظھار ڪن،
    نٿا دار کان يار هو عار ڪن،
    نفي مان ٿا اثبات نروار ڪن،
    ڀڄائي ٿا اِبليس کي عار ڪن،
    جهڪائي ٿا مَلڪن کي سجدا ڪرائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    آهن راڄ راڻا فقر سان فقير،
    انهن کي الستي اندر ۾ اڪير،
    اهن ڪِبريائي جا صاحب صغير،
    حديا ۽ سخا سان اٿن پُر ضمير،
    مگر قول قالو بلى جا نڀائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    هماليه کان جن جي آ مٿي دوست بلندي،
    پر عمر ڏنم تن جي پستيءَ ۾ گذرندي،
    هاڪاري يا ناڪاري ڏين فھم سان ورندي،
    دل تن جي ۾ آتش مون ڏٺي عشق جي ٻرندي،
    دوزخ ڀي ڏسي تن کي ٺري سرد ٿئي ٿو،
    رضوان جهڪي تن کي اچي سجده ڪري ٿو،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    جيئن آيا هتڙي اُئين موٽ ڪـَنِ،
    اُهي راه اچ وڃ جو آسان ڏسن،
    مُنڪر ٿي مولا جي اڳيان پُڄن،
    ٿيو دار القرار اهي هِت هُتِ سندن،
    پيا آس مندن جون آسون پڄائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    نه حنفي نه حنبلي نه شافعي ٿين،
    وَصُلَ جو ڳجهو راه ٻي هنڌ لَڌُن،
    ٻُڌَل اڻ ڏٺي وَٿَ منجهائون ڏٺن،
    ٿيا مالڪي ساڻ مالڪ مِليُن،
    بِشپ، مُلا، ٻانڀڻ پيا جنهن ۾ منجها هن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    شرابُ طهورا پين آل و جال،
    اها مئي ٿي بخش اِنهن کي ڪمال،
    اِضافت م تن جو آ جاه و جلال،
    مليو مَنش مان تن کي آبي مثال،
    مٽي جي ٿا مورت سان هو من ملائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.
    *
    رياضت ۾ آهن رُڌَل رات ڏينھن،
    عبادت گذاري انهن جي آ هيئن،
    نه مسجد نه مندر ڪليسا وڃين،
    نه گنگا نه جمنا دوارڪا پڇين،
    پنھنجي قلب کي پاڪ ڪعبو بنائن،
    اڏي ڌار ميخانه پنھنجا وسائن،
    نه ڪنھنکي ڏکائن نه ڪنھنکي ستائن.

    ********

    پنھنجي ڏيهه ۾ ڏس کاهوڙي کڳ مار

    پنھنجي ڏيهه ۾ ڏس کاهوڙي کڳ مار
    کڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين نسنگ ٿي نروار
    پٽي پاڙون ملڪ مان پري ڪر پرمار
    للڪائج ميدان کي وڌي وڌي ڪر وار
    لينن جي آڪار ۾ ذبح ڪر تون زار
    دشمن پنھنجي ديس جا چونڊي چونڊي مار
    ظاهر ويٺا ٿي ظالم اُهي سمجهه پتا ۽ پار
    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ڪر هوشو واري ڪار.

    ولي ٿيءُ ولايت جو ٻھڳڻ تون ٻيھار،
    پنھنجن کان پري نه ٿي ڌارين کان ٿي ڌار
    ليلا وانگي لالچ ۾ هار تي کاءُ نه هار
    ڪڇ سبي ملتان تنھنجي ملڪيت آهه يار
    اڌ سڄو مڪران جي دست درياهه والار
    سرجا ڪر سودا تون وڻجارا واپار
    توڪل جو ٻڌ ترهو ڌڙڪ نه دل ۾ ڌار
    سڄڻ سنڌ و ديش جو پڌرو ڪر پرچار
    خلجي، ارغون، ترخان، تڙي ڪڍ تاتار.

    سھڻي پنھنجي سنڌ لئي مرد ٿيو ميھار
    مڙي گهرو مهراڻ ۾ ڇڏي ڪپر ڪنار
    وندر جي واٽن ۾ خطرا لک هزار
    سسئيءَ جي سورَ کان اڙوٺو آڌار
    ڪاهي هلو ڪيچ ڏي ڪوپا ۽ ڪنڌار.

    دودي دريا خان بلاول کي ويسلا نه وسار
    چنيسر جي چاهه کان آڌوتي ڪر عار
    عنايت جي عزم کي دل ۾ دوست وهار
    هيمون، هاسي، سوڍي جي جاڳي جوت ڏيکار.

    پنھنجو لشڪر گڏ ڪري سوڍا ٿيو سالار
    مقصد کي ماڻڻ لئي مرڻ جئڻ آ ڪار
    ”زهراڻي“ زنده قوم سا ٿئي ٿي اظھار
    جنھن جو دنيا جي نقشي تي نالو آ نروار
    بشر نار ٿين جي شر کي گم ڪري ڇڏ غار
    مير جان مھمان جي هٿان کاءُ نه مار.
    ********


    ستمگر جي اڳيان ٿيا لاچار آهيون

    ٻري ظلم جي باهه گهوڙا ڙي گهوڙا
    سڙن ٿا معصوم ڳڀرو ۽ پوڙها
    ٿا ڦٽڪن جا ڪن جي مٿان ٿين آهوڙا
    گهرون حق ته گولين جا آهن ٽاڪوڙا
    پنھنجي ديس ۾ دربدر يار آهيون
    ستمگر جي اڳيان ٿيا لاچار آهيون.
    *
    هلو يـڌ جي ميدان ڏي جلدي ڪاهي
    ڇڏيون ظلم جي دوست ديوار ڊاهي
    سواءِ جنگ جي ٻيو ڪو چارو ئي ناهي
    مرون ٻين کي ماري ايئن ڪرڻو آهي
    سنڌي سنڌ پنھنجي جا حقدار آهيون
    ستمگر جي اڳيان ٿيا لاچار آهيون.
    *
    ڍڪيو ويس موسى جو فرعون آ
    گڏيل ان سان هامان ملعون آ
    وهايو غريبن جو جن خون آ
    مگر چپ ۾ اللهج بي چين آ
    پنڻ جھڙ اٿيا دوست زردار آهيون
    ستم گر جي اڳيان ٿيا لاچار آهيون.
    *
    نسل دودي هوشو جو ڇو آ ڍلو
    ڪري ڪونه ٿو پاڻ پنھنجو بلو
    گهريو چور گهر ۾ لتاڙي ڳلو
    هڻو ان کي ٺاهي مٿي ۾ ڪلو
    ستل آهيون ڀاڳيا نه هوشيار آهيون
    ستم گر جي اڳيان ٿيا لاچار آهيون.
    *
    ڪڍي هٿ سان ڌاڙيل گوليون هڻن
    ڦٽيل پيا ٿا ڦٿڪن ته هو پيا کلن
    سڏي ڀاءُ قاتل ٿا بڻجي ڪھن
    اسان جي گهرن تي ٿا ڇاپا هڻن
    بُرن جي بندوقن جا شڪار آهيون
    ستمگر جي اڳيان ٿيا لاچار آهيون

    ********

    ”قومي نظم“

    ٻي جي ٿيندي ڪانه آهي، سنڌڙي سنڌين جي،
    سنڌڙي سنڌين جي اسان جي وڏن جي ۽ ٻي جي ٿيندي ڪانه.
    آفريڪا يورپ آمريڪا سنڌ جو مٽ ڪا ڪانه ،آهي سنڌڙي سنڌين جي.
    آسٽريليا کان مٿي مهاراڻي ايشيا جي سلطان، آهي سنڌڙي سنڌين جي.
    دودا هوشو اسان جا هيرا عنايت دريا خان، آهي سنڌڙي سنڌين جي.
    جيڪي آيا وري سي ويندا اسان جا مھمان، آهي سنڌڙي سنڌين جي.
    خِلجي تُغلق مغل اَرغوني تڙي ڇڏياسين ترخان، آهي سنڌڙي سنڌين جي.
    مُتَرجِمُ ٿي مليو شاهه جو رسالو سنڌيءَ ۾ قرآن، آهي سنڌڙي سنڌين جي.
    ”زهراڻي“ سنڌين جي امڙ کي، داتا ڏنا سڀ دان، آهي سنڌڙي سنڌين جي.


    ********

    وٺنداسون سنڌڙي

    ڌرتي منھنجي سنڌ جي ڌرئون آهي ڌار،
    ڪنھن جي تابع ڪين ٿي سڄي سڀ ڄمار،
    دودي هوشو بلاول جا اٿي ڏيھن ۾ ڏهڪار،
    دريا خان دولهه عنايت جھڙا ڪونڌر هت ڪنڌار،
    پر پنھنجي غلطيءَ سان کاڌي اٿئون مار،
    هاڻي آ اِقرار ته ورائي وٺنداسون سنڌڙي.
    *
    ورائي وٺنداسون سنڌڙي ڏاڏاڻو هي ڏيهه،
    سنڌو ديش ٿيڻو آ سنڌين جو ساڻيهه،
    ڌڪي ڪڍنداسون ڌارين کي ڦھڪا ڏئي ڦيهه،
    کڻي ڀالا وڙهه ڀاڪرين ڇاتي ڪري ڇيهه،
    پري پراون کان ٿي پنھنجن سان گڏ ويهه،
    ڊوهن کي ڏئي ڊنبيهه ورائي وٺنداسون سنڌڙي.
    *
    ورائي وٺنداسين سنڌڙي نه ڪبي ڇڏ ڇوٽ،
    کسي جيڪا اسان کان کوٽن ڪري کوٽ،
    ڦري ويا اسانکي اسلام جي ڏئي اوٽ،
    ڀڳوڙن ڀاڙين آ ڏني اسان کي ٽوٽ،
    ڊاهي ڪفر جا ڪوٽ ورائي وٺنداسين سنڌڙي.
    ********


    موهن جو دڙو

    هن دنيا دورنگيءَ ۾ عجب ٿئي اسرار،
    ودوان سڀ ڳالهه جو قادر آ ڪرتار،
    پوءِ پرٿويءَ تي پرڀوءَ جا آيا هن اوتار،
    نالا گهڻن جا ياد نه ٿم، نڪو سندن شمار،
    ويدن جي ودوانن کان هيءَ ٻڌم وستار،
    ته ”موهن جو دڙو“ ملڪ هو سهڻو منجهه سنسار،
    بيل گاڏيءَ تي بار کڻندا هئا، وڏا وزندار،
    قوم دراوڙ هن ۾ آباد هئي اظھار،
    ڪول، ڀيل، سنٿال پڻ هئا هتي يار،
    هيون وارث ملڪ جون مٿيون قومون چار،
    اتھاس پراچين جي پَتا ڏنا هي پار،
    هتي ڪاريگر ماهر هئا محنتي هوشيار،
    سڀيتا سندن جا اڄ ڀي ملن ٿا آثار،
    ڊکڻ، سونارا، لوهر قابل هئا ڪنڀار،
    ڪوري، رازا، موچي، چمڙيءَ وارا چمار،
    راجا هو، راڻيون هيون، هئا راجڪمار،
    هتي ملي مھراج جي لوڪ سڀا درٻار،
    راجا پرجا جو پاڻ ۾ پريت، گهڻو هو پيار،
    هتي اڌيرج هو ملڪ تاجدار،
    ٻيا راجا گهڻا هئا هِن جا باجگذار،
    هتي سوم ٻوٽيءَ جو پڻ ڪيو اٿن اذڪار،
    سوم رس پيئندا هئا واسطي خمار،
    جيئن موالي اڄ ٿا مڌ مٿي ڪن مار،
    ڀُونءِ ڀلي آباد هئي گل ڦل سان گلزار،
    ڪپهه، چانور، ڪڻڪ ۽ جام تِرَ جُوار،
    بندر هو مهراڻ جو ڪنڌيءَ ساڻ ڪنار،
    ايندا ويندا جھاز هِتي ۽ هُن پار،
    سنڌي ڪندا هئا ڏيساور ڏور وڃي واپار،
    انڊونيشيا، جاوا، سوماترا، زنجبار،
    جپان چين کان وٺي ڪابل تائين قنڌار،
    بلخ بخارا بابل ۾ ٿي ڪيائون ڪاروبار،
    عراق، مصر، آفريڪا جي ڀي هئن خبرچار،
    اڃا ان کان اڳتي ويندا هئا هُن پار،
    ليومينا کنڊ هن ڌرتيءَ تي هڪڙو هئو ڌار،
    پوءِ ٻڏي ويو غرق ٿي پيهي منجهه پاتار،
    ڇهه ڪروڙ ماڻهن جا هئا منجهس گهرٻار،
    مڊگاسڪر مالديپ سندس باقي بچيا آثار،
    ڀاشا موهن دڙي جي اڃان زير ويچار،
    لپي انهن جي لکڻيءَ جا آهن مهرن تي اچار،
    ڪي محقق تاريخ ۾ هي ٿا لکن قول قرار،
    آشوري، ڪلداني، ساساني بسيار،
    آريا پڻ هتان لڏي ويا هئا اتر پار،
    پوءِ موٽيا دڪشڻ ڏي ٻيو دفعو ٻيهار،
    ميرو پربت اڄ جتي برف جا انبار،
    ايڪسي موز انهن جو اتي نسل ٿي نروار،
    هاڻي روس آمريڪا جو اتي اقتدار،
    ڳاڙها هندي ڀي ويا هتائون هُن پار،
    ”زهراڻي“ جيڪو لکيو آ سڀ ڪتابن جي آڌار.
    **


    بيتَ

    -
    هجڻ ڪنان جي هٽيا اُهي ٿا هجن،
    نفي مان اثبات ٿي دو جڳ منجهه جيئن،
    ڪپهه وجهي ڪنن ۾ ٻوڙا ٿي رهن،
    سور سختيون سُهمون سڀاڳا سھن،
    منزلِ مقصود کي ٿا ويجها يار رهن،
    ٿورو ڳالهائن گهڻو ٻڌن اهي پار سندن،
    اُهي ٿا ٿين، اوڏا پنھنجي عجيب کي.

    -
    ڌرتي منھنجي سنڌ جي ڌرئون آهي ڌار،
    ڪنھن جي تابع ڪين ٿي سڄي سڀ ڄمار،
    دودي هوشو بلاول جا اٿي ڏيھن ۾ ڏهڪار،
    دريا خان دولهه عنايت جھڙا ڪونڌر هت ڪنڌار،
    پر پنھنجي غلطيءَ سان کاڌي اٿئون مار،
    هاڻي آ اِقرار ته ورائي وٺنداسون سنڌڙي.

    -
    ورائي وٺنداسون سنڌڙي ڏاڏاڻو هي ڏيهه،
    سنڌو ديش ٿيڻو آ سنڌين جو ساڻيهه،
    ڌڪي ڪڍنداسون ڌارين کي ڦھڪا ڏئي ڦيهه،
    کڻي ڀالا وڙهه ڀاڪرين ڇاتي ڪري ڇيهه،
    پري پراون کان ٿي پنھنجن سان گڏ ويهه،
    ڊوهن کي ڏئي ڊنبيهه ورائي وٺنداسون سنڌڙي.

    -
    ورائي وٺنداسين سنڌڙي نه ڪبي ڇڏ ڇوٽ،
    کسي جيڪا اسان کان کوٽن ڪري کوٽ،
    ڦري ويا اسانکي اسلام جي ڏئي اوٽ،
    ڀڳوڙن ڀاڙين آ ڏني اسان کي ٽوٽ،
    ڊاهي ڪفر جا ڪوٽ ورائي وٺنداسين سنڌڙي.

    -
    جڏهن آتم گيان جو گرو ڏَسُ ڏنوم،
    تڏهن اڪشر اوم جو پاڻ منجهان پڙهيوم
    ثابت ٿيو سريمان ٺر اڪار لڌوم
    پرڀو جو پاڻ مان پتو دوست پيوم
    اندر اڌيراج جو سٿا ساڻ ڏٺوم
    ڪُل مان جُزو جز جو جاني جان جڙيوم
    اڪالي اديسي کي اندر لول لوڪ ڏٺوم
    ظاهر ذوق ڪيوم ”زهراڻي“ جي ذات کي.

    -
    کاڻين جا هيرا لک آهن پر قوم جا هيرا ٿي ڪي ڪي،
    جيڪي ديس جي لئه ٿا دار چڙهن سي مرد مٿيرا ٿي ڪي ڪي،
    حق سچ تي مرڻ وارا ماڻهو باطل کان پٺيرا ٿي ڪي ڪي،
    جيڪي مرد مري ٿا اَمَر ٿين اُهي روشن ضميرا ٿي ڪي ڪي.


    وايون

    وائـي ؛ سُر تلنگ

    ٻيو نه ٻجهي آواز سائين بانگ ازل جي گوش مان گذري،
    نينھن جي پڙهي سون نماز سائين = =
    الست بربکم قالو بلى جو رندن سمجهيو راز = =
    وفي انفسڪم جي معنى جو اندران ٿيو آغاز = =
    دو عالم جي دائري کان اڳتي اَمشي دورد راز = =
    فرش کان اڏري عرش هليو ويو پکي ڪري پرواز = =
    محب جي مورت من کي موهي مست ڪيو ممتاز = =
    عشق سڄڻ جي دل ۾ اُڀاريا سو صد سوز و گُداز = =
    ويجهو ٿي محمود سان ادنى ٻانهو اياز = =
    ذاتي ذڪر سان وسريا ”زهراڻي“ روزه، نفل، نماز = =


    وائي

    سنڌ جا مالڪ راڄ ستار سيّد لهه پنھنجن جي سار،
    راڄ تنھنجي ۾ آ پرمار = =.
    تنھنجي لطيف هي سنڌ سونهاري ڏکن غمن جي آهي ماري،
    لاهه ڏکن جا تنھن تان بار = =.
    نڪما ٿا هت موجون ماڻن، سياڻ ساڻيهه جا ڏکيا آهن،
    حال تنھنجن جو آهي زار = =.
    بيت تنھنجا وايون ڳايون، روح پنھنجي کي ٿا وندرايون،
    جهانگيئڙن جي ٻُڌ جهونگار = =.
    ديس جو دوست سدائين دلبر راھه ڀُلن جو آهين رهبر،
    تنھنجو آ اسان کي آ آڌار = =.
    توکي پڪاري ٿو ”زهراڻي“ سچا ٿي تون سيگهه ۽ ساڻي،
    آهيون سنڌي سڀ عرض گذار = =.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373008
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151960
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ