ڪتاب جو نالو: تُنهنجي تند تَنوار....
مصنف: سراج الحق ميمڻ
ڇپائيندڙ: سراج انسٽيٽوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 04 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1378 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 287 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • ٻه اکر
  • ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا [شاعري]

  • سراج: ’مجسم سنڌ‘، ڪراچي ’جانِ سنڌ‘
  • شاعري

  • [گيت] ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا-
  • [گيت] ساٿي! باقي ٿوري رات!
  • ڪونج
  • جوڀن ڏينھڙا چار ...
  • آءُ ته جاني دردَ وساريون!
  • بازگشت
  • ياد ته هوندءِ.....
  • اِندر- سڀا
  • [اپسرائن جو ڪورَس]
  • ياد جا تابوت
  • بلوچي نظم جو ترجمو
  • آءٌ غلام آهيان!
  • پريم پارڪ ۾...!
  • ”ڪراچي“
  • گهاتو گهر نه آيا... [ناٽڪَ]

  • نورا رچرڊس [اصل انگريزي ۾]
  • گھاتُو گھر نه آئيا
  • جَر ۾ ڦوٽو جيئن.....
  • پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا!
  • چهچٽو ٻيو
  • چهچٽو ٽيون:
  • پروفيسر
  • تنهنجي تند تنوار....
  • ترجما

  • ’عربيت‘ جو فڪري بنياد
  • ادب ڇا آهي؟
  • ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري

  • ارپنا

    محمد ابراهيم جويي
    ۽
    محمد عُثمان ڏيپلائيءَ
    جي نالي


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (315) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سراج انسٽيٽوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، حيدرآباد پاران 2015ع ۾ ”اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ“ فار پرزرويشن آف هيريٽيج آف سنڌ جي سهڪار سان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ميڊم فهميده حسين جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ’سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز‘ جنهن سنڌ جي سپوت جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو، ان جي زندگيءَ جو مقصد اهو هو ته سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سماج، ادب ۽ تاريخ سان وابسته هر موضوع تي وڌ کان وڌ تحقيق ڪري، لکي نه صرف انهن کي شاهوڪار ڪيو وڃي، بلڪه سنڌ جي ايندڙ پيڙهين کي پنهنجي عظيم ورثي جي آگاهي ڏئي کين اُن تي فخر مند ٿيڻ جو سبب ڏجي. سنڌ جو اهو سپوت ادبي دنيا ۾ صرف ’سراج‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، باقي سمورن شعبن ۾ هو ’سراج الحق ميمڻ‘ سڏيو وڃي ٿو.
    سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين، مغربي دنيا ۾ ٻولين تي ٿيندڙ تحقيق جو مطالعو ڪري سنڌيءَ جي اعليٰ حيثيت ثابت ڪيائين ۽ پنهنجو هڪ نظريو قائم ڪري، اُن جي ثابتيءَ لاءِ مشرق ۽ مغرب جي محققن سان بحث مباحثا ڪري ثبوت ڪٺا ڪري پهرين مضمون، مقالا لکيائين ۽ پوءِ ’سنڌي ٻولي‘ جهڙو بهترين ڪتاب لکيائين، انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين، صحافت جي ميدان ۾ گهڙيو ته جديد سنڌي صحافت جو باني بنجي ويو، اُن ۾ نيون روايتون، نوان لاڙا متعارف ڪيائين، هزارين ايڊيٽوريل ۽ ڪالم لکيائين، جن ۾ هڪ طرف سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو ته ٻئي طرف صحافتي ٻوليءَ کي نوان رخ ڏنائين... انهن سمورين لکڻين جو تجزيو ڪري ڏسجي ته صاف نظر ايندو ته سندس خاص خوبي سندس ٻوليءَ جي انفراديت آهي. اها پنهنجي پاڻ ۾ اهڙي تخليقي سگهه رکي ٿي، جيڪا صرف هڪ تخليقي فنڪار جي تحرير ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اها ٻوليءَ جي خوبي ۽ تخليقي سگهه سندس ترجمن ۾ پڻ قائم آهي.
    سراج هڪ تخليقڪار، محقق ۽ صحافيءَ جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي گهڻو ڪجهه ڏنو، پر اهو سمورو پورهيو ٽڙيل پکڙيل آهي، جنهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شايع ڪرڻ جو هي سلسلو ’سراج انسٽيٽيوٽ‘ جي مقصدن مان هڪ مقصد جي پورائي ڪري ٿو.
    هي ڪتاب سراج جي تخليقي لکڻين جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس شاعري، منظوم ڊراما ۽ ترجما شامل آهن، اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙ سراج جو هي نئون رخ پڻ ائين ئي پسند ڪندا جيئن هو اڳ ۾ ڪندا آيا آهن.
    هن کان اڳ ۾ ’سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز‘ پاران ٽي ڪتاب ڇپايا ويا هئا ۽ هن وقت پڻ سندس ٽي ڪتاب گڏ ڇپجي رهيا آهن، جيڪي سمورا ڪتاب اينڊومنٽ فنڊ ٽرسٽ جي سهڪار سان ڇپيا آهن، جنهن لاءِ ادارو سندن ٿورائتو آهي، خاص ڪري ان جي سيڪريٽري محترم عبدالحميد آخوند جو، جنهن جي ذاتي دلچسپيءَ سبب هي ادارو قائم ٿيڻ ۽ هن جي ذريعي سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، سماج ۽ ثقافت جي موضوعن تي لکيل سراج صاحب جا ڪتاب منظر عام تي آڻڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي، ٻين ڪتابن تي ڪم هلندڙ آهي، جيڪو پڻ اميد ته جلد منظر عام تي آڻينداسين.

    ڊاڪٽر فهميده حسين
    چيئرپرسن
    سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز


    ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا [شاعري]

    سراج: ’مجسم سنڌ‘، ڪراچي ’جانِ سنڌ‘

    تاج جويو
    02 فيبروري 2013ع تي، صبح جو 08.58.40 وڳي، ڊاڪٽر فهميده حسين جو موبائيل تي ’ميسيج‘ (msg) پهتو: ”ادا سِراج هليو ويو، اسان کي يتيم ڪري!“ ميسيج پڙهي مون کان ’رڙ‘ نڪري وئي، ”الا! اڄ نه رڳو سراج جو خاندان، پر سڄيءَ سنڌ جي دانش يتيم ٿي وئي!“ هڪدم امداد ڊرائيور کي فون ڪيم. اڪثر موڪلن وارن ڏينهن تي ڊرائيور فون نه کڻندا آهن، پر اڄ امداد فون کڻي ورتي. هو حيدرآباد شهر کان پرڀرو، ڪِرڙ سولنگيءَ جي ڳوٺ ۾ باءِ پاس سان لڳولڳ رهندو آهي. کيس چيم ته رڪشا ڪري آفيس ۾ تُرت پهچي وڃي، ڏهين وڳي ڪراچيءَ پُڄڻو آهي، جو سراج صاحب گُذاري ويو آهي. ڪجهه دوستن کي به موبائيل تي هن المناڪ واقعي جو ’ڄاڻُ‘ ڏنم. سيد قلندر شاهه لڪياري، محمد عثمان ميمڻ، مدد علي سنڌي ۽ زاهد اوٺي فون تي پڇا ڪئي ته ڪراچيءَ لاءِ ڪيڏي مهل نڪرندؤ؟ مون کين ’ڏهين‘ وڳي جو ٻڌايو، ۽ خود رڪشا تي آفيس پهتس. امداد ۽ سڀ همراهه ڏهين بجي تائين پُڄي ويا. هڪدم ڪراچيءَ روانيا ٿياسون. واٽ تي مختلف چئنلن- آواز، سنڌ، مهراڻ ۽ ڪي.ٽي.اين جي نمائندن، سراج صاحب بابت تعزيتي تاثرات وٺڻ شروع ڪيا. نوري آباد مس ڪراس ڪئي هونديسون ته سن مان منهنجي ڀائيٽي مارئيءَ جون فون آيو. سندس روئڻهارڪو آواز ٻڌي، هڪدم چيم: ’ڇو بابا‘ ڇا ٿيو؟‘ هڪ سيڪنڊ جي خاموشيءَ ۽ سُڏڪن گاڏڙ لفظن ۾ چيائين: ’چاچا! توهان؟..... چئنل تي اوهان لاءِ پٽي پئي هلي....“ ”ڇا بابت؟“ ”... ته توهان گذاري.....“ هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي. اِئين ڪراچي تائين ڏهاڪو کن دوستن جا به فون آيا ۽ هڪ دوست ٻڌايو ته اوهان جي فيس بُڪ تي به اوهان بابت فوٽوءَ سان ’ڄاڻُ‘ ڏنو ويو آهي‘. ڏاڍي حيرت ٿي ته جنهن چئنل، سڀ کان اڳ سراج صاحب بابت مون کان تعزيتي تاثرات ورتا هئا، اُن تي ئي منهنجيءَ وفات جي پٽي پئي هلي! هڪدم شوڪت چاچڙ ۽ تولارام سوٽهڙ سان موبائيل تي رابطو ڪيم ته آفيس وڃي منهنجي ’فيس بڪ‘ تان منهنجي موت جي خبر هٽائي. سراج صاحب بابت ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ستين جلد لاءِ ڪمپوز ڪيل پروفائيل رکي ڇڏين، هُنن ائين ئي ڪيو، تڏهن وڃي دوستن يارن جي فونن ۾ گهٽتائي آئي. مون سوچيو: ’هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ آءٌ جيئرو آهيان ۽ سراج صاحب هُن پار اُسهي ويو آهي! ڇا اِئين ته نه آهي ته سراجُ اسان سڀني کي زندگي بخشي، پاڻ پَرلوڪ پڌاري ويو!‘
    ها، اها حقيقت آهي ته قومن جا سچا اديبَ، پنهنجي زندگين جي ڀيٽا ڏئي، وطن ۽ قوم کي جياري ويندا آهن، جاودان زندگي بخشي ويندا آهن. سنڌ جي سچن اديبن ۽ شاعرن به هميشه اهو ئي پيغام ڏنو آهي:
    ’سنڌڙي رهي، اسان نه رهياسين ته ڇا ٿيو؟‘
    - رشيد ڀٽي
    جو قوم جياري، اُهو جيئندو رهندو،
    جو عامُ اُجاري، اُهو جيئندو رهندو؛
    مون کي تاريخ ۽ تقديرَ ڏني پڪ آهي،
    جو سِنڌ سنواري، اُهو جيئندو رهندو!
    - اُستاد بخاري
    اُن ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته ’سراج‘، ’سنڌ- سنوار‘ ۽ ’قوم- اُجار‘ اديب ۽ دانشور هو. هن جي سوچَ، قلمَ ۽ عملَ ۾ سنڌ جو ’اوجل آئيندو‘ هو. هن جا سپنا ۽ هن جون ساڀيائون، سنڌ سان ئي واڳيل هيون. هن جا آدرشَ ۽ هن جون محبتون: جَديد، حسين، ترقي پذير، خوشحال ۽ هر ڦرلٽ کان آجي، خودمختيار ۽ خُوداختيار سنڌ لاءِ هيون. هو ’مجسم سنڌ‘ هو. هن جو هر حوالو مڪمل هو. هو هڪ مڪمل ’انسان‘ هو. هڪ مڪمل پيءُ ۽ مڪمل ڀاءُ هو. مڪمل اديب ۽ دانشور هو؛ مڪمل ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو؛ مڪمل ناٽڪ نويس ۽ محقق هو؛ مڪمل ماهر- لسانيات ۽ قانوندان هو، مڪمل ايڊيٽر ۽ صحافي هو. پر هو انهن سمورن حوالن سان گڏ هڪ ’مڪمل شاعر‘ به هو، جنهن جي شايد ڪيترن کي خبر نه هجي، يا ڪن جي لاءِ هڪ انڪشاف هجي! هن ايڏِي پختِي، ايڏي جٽادار، ايڏي سگهاري ۽ ايڏي فڪري ۽ فني طور ڀرپور شاعري ڪئي آهي، جو هُو مشقِ سخن جاري رکي ها ته اياز ته پري جي ڳالهه آهي، پر شمشير ۽ امدادَ سان جوڙ وڃي ضرور ڳنڍي ها! اها منهنجي دعويٰ آهي، عقيدت نه آهي. شاعريءَ جا نقاد- سڳن آهوجا، الهداد ٻوهيو ۽ ذوالفقار راشدي زنده هجن ها ته اُهي مون سان ضرور اتفاق ڪن ها- ڀلا، سراج جي اُها ڪهڙي ادا ۽ خصوصيت هئي؛ اهو سراج جو ڪهڙو گڻ يا ڪهڙي صلاحيت هئي، جو علم ۽ ڄاڻ جو پروهت، محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي قرآن پريس تي پروف ڏسندڙَ، ويپيون ڪندڙَ ۽ ترجما ڪندڙَ، 19-20 سالن جي ڳڀرو جوانَ، بي.اي جي نوجوان شاگرد، سراج کي، ڇِڪي ادبي بورڊ ۾ وٺي آيو- ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته هنن ٻنهي پورهيت اديبن، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ويهي، ’سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾، ڪيترو نه اڳڀرو ۽ پاڻڀرو ڪيو!
    مون به ڪنهن وقت شاعر ڪئي هئي ۽ شاعري اڃا به منهنجيءَ سرشت ۽ منهنجي رت ست ۾ سمايل آهي، اُن ڪري، آءٌ چاهيان ٿو ته آءٌ سراج جي شاعرَ واري رُخ تي ئي روشني وجهان.
    مون کي سراج جي شاعريءَ جو بنهه ٿورڙو ذخيرو هٿ آيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:
    گيت، 5 عدد، نظم، هڪ عدد،آزاد نظم، 5 عدد، 2 عدد ترجمو نظم، ۽ هڪ سنگيت ناٽڪ، ’تند تنوار....‘ سُر ڀيرويءَ تي مبني آزاد نظم ۾
    جهڙيءَ ريت، قاضي قاضن جا ’ست بيت‘ لڀي، ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب کيس اَساسي دور جو اهم شاعر قرار ڏنو هو- ۽ اڄ ’هيري ٺڪر‘ جي تحقيق کان پوءِ هُو نه رڳو سمن- ارغونن جي دور جو اهم پر وڏو شاعر ثابت ٿي چڪو آهي. تهڙيءَ ريت سراج کي هنن ’12 شعرن‘ ۽ هڪ ’سنگيت ناٽڪ، (منظوم) جي بنياد تي پنهنجي دور جو ’اهم شاعر‘ سڏيندي، آءٌ ڪنهن به صورت ۾ گهٻراهٽ جو شڪار نه آهيان، باقي کيس ’وڏو شاعر‘ سڏڻ جي جسارت نه ٿو ڪري سگهان، ڇو ته ’نمبرن جي قطار‘ جا اُميدوارَ شاعر ڪٿي مون کي ’سنگسار‘ نه ڪري وجهن! آءٌ فقط ’مُٺ مان خرار جي خبر‘ پوڻ واري ڪسوٽيءَ ۽ تنقيد جي سِراڻ تي، سراج جي گيتن، نظم، آزاد نظمن ۽ سنگيت ناٽڪ جا ڪجهه ٽڪرا ۽ هڪ مڪمل ’آزاد نظم‘ هتي پيش ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو:
    ’گيت‘ جي وصف، ٻوليءَ ۽ احساسن کان، سڀ اديب، شاعر ۽ ادب دوست آگاهه آهن، اُن ڪري، اُنهن رُخن تي قلم آرائي ڪرڻ بدران آءٌ صرف گيتن جا ڪجهه بند پيش ڪريان ٿو:

    گيت (1):

    ساٿـــي! باقـــي ٿـــــوري رات!

    چانڊوڪي ڏس جهاتيون پايو،
    دل کي وجهي ٿي گهايو گهايو،
    ساهُه سُڪائي تنهنجي تات!
    ساٿي! باقي ٿـــــوري رات!

    تارا تنهنجي راهه ڏِسن ٿا،
    ٿڪجي ٿڪجي نيٺ کِڙن ٿا،
    شايـــد ٿيندي ائـيـن پـــرڀات!
    ساٿـــي! باقـــي ٿـــــوري رات!
    - (ڇهن بندن مان ٻه بند)
    گيت (2):
    ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا-
    ماڪ ڀري ڪا مُکڙي،
    ڄڻ ته کِلي ڪُو مائي!
    تنهنجي ياد جو آئي... مٺڙا!

    مَن ڏُسڪيـــو، آشا تــــڙپـــي-
    آس جي شمع اُجهاڻي،
    لُڇندي راتِ وهاڻي!
    تنهنجي ياد جو آئي... مٺڙا!
    - (ڇهن بندن مان ٻه بند)
    گيت (3):
    مُرڪ اُها جا ورهيه پُراڻي،
    پنهنجي چپن تي کولين ڇو ٿي؟
    منهنجي مُنهن ۾ هر هر، جاني!
    پنهنجي پاڻ کي ڳولين ڇو ٿي؟
    ياد ته هوندءِ...
    پريتِ ڇني، تو ناتو ٽوڙي،
    مون کان هو ڪئن پلئُه ڇڏايو!
    مُنهنجي اکين جي هن ساگر ۾،
    هاڻ ته ڪو به ڪنارو ناهي؛
    پوءِ ڀلا هي تنهنجي اکين ۾،
    طوفانن جو اِشارو ڇاهي؟
    ياد ته هوندءِ...
    نينهن نهوڙي، تو منهن موڙي،
    مون کان هو ڪئن پلئه ڇڏايو!
    - (چئن بندن مان پهريان ٻه بند)
    مٿيان گيتن جا مختصر مثالَ پڙهي ۽ ٻڌي، ٻوليءَ، هيئت، احساسن، ڪيفيتن، ڏانءَ ۽ ڏات جي خيال کان ڪير چوندو ته سراج جا هي گيت، بردي، تنويرَ، اُستاد ۽ امدادَ جي گيتن کان ڪي گهٽ معيار وارا گيت آهن!
    هتي آءٌ سراج جي هڪ ئي خوبصورت نظم ’ڪونج‘ جي ’مطلع‘ واريون ٻه سٽون ۽ هڪ بند نموني طور ڏيان ٿو، هي نظم هڪ مطلع، چئن بندن ۽ هڪ مقطع تي مشتمل آهي. نظم جي هيئت جو بنهه نئون انداز آهي، ته اُن جو وزن به بنهه مُترنم!
    آڪاشَ جي بي انت سِياهين ۾ رُڳي رُڃَ،
    تنهنجي ته اکين ۾ ٿي ازل کان ئي بَکي اُڃ،
    او ڪونج، سندءِ رُوح سندي پياسَ ٻُجهي ڪيئن؟

    ٿي رُوح کي ڀنڀلائي سندءِ درد ڀري لاتِ،
    ڄڻ ياد جو پڙلاءُ، اُمنگن کي ڌُتاري-
    ’ڳولا‘ جي صنم خاني ۾ ڏُسڪي ٿي پئي راتِ،
    ماحول به خاموش رهي لُڙڪ ٿو هاري؛
    او ڪونج، سندءِ رُوح سندي پياسَ ٻُجهي ڪيئن؟
    ڇا، هي نظم پڙهندي، اُن ۾ آبشار جهڙي رواني ۽ ترنم ۽ تاثر جي وحدت محسوس نه ٿي ٿئي؟ جي ها، ته ’فراق گورکپوريءَ‘ جي نظم لاءِ پيش ڪيل ڪسوٽيءَ تي هن نظم کي اَوس پرکي سگهي ٿو.
    سراج جا، منهنجيءَ ‘Collection’ (ميڙيءَ چونڊيءَ) ۾ هيٺيان آزاد نظم آهن: (1) ’پريم پارڪ ۾....‘، (2) ’ڪراچي‘، (3) ’بازگشت‘، ۽ (4) ’اندر سڀا‘- جڏهن ته سنگيت ناٽڪ ’تند تنوار....‘ به آزاد نظم جي فارم ۽ هيئت تي لکيل آهي. هتي هڪ آزاد نظم بنا تبصري ۽ سنگيت ناٽڪ جو ٽڪرو پيش ڪرڻ کان پوءِ ’آزاد نظم‘: ’ڪراچي‘ نظم جو مختصر جائزو پيش ڪندس:

    پريم پارڪ ۾...! (آزاد نظم)

    رات، آءٌ سوچيندو رهيس، چُپ چاپ،
    - ڪيڏي عظمت آ چنڊ تارن ۾!
    دل چيو ته پَر لڳائي اُڏامجي،
    نِيلگون آسمانَ جي اڱڻ ۾،
    چنڊ تارن سان گڏجي رقصُ ڪجي!
    راتِ جي دلنواز دوشيزه،
    جڏهن سنواري دراز زلفن کي؛
    - مان، سحر جي شعاعِ نُور سان گڏجي،
    گُل جي سيني ۾ جذب ٿي وڃان!
    ۽ پنهنجي ذِي حيات خوشبوءِ سان،
    حسنِ تخليق کي بخشيان اهڙي سُڳنڌ،
    جا منهنجي معصوم لُڙڪن سان واسجي،
    ڪائنات جي عظيم وسعتن ۾،
    زندگيءَ جي اُداس ويرانين کي،
    - ڪا نئين حيات بخشي...!
    - ۽ جيڪڏهن،
    ’هوءَ‘، ڪٿي نظر جي سامهون،
    رقص ڪندي ۽ مُرڪندي اچي،
    - هُن جي نرم ۽ گَداز سيني ۾،
    دائمي خوابُ بنجي سُمهي رهان!
    پر هن ڪارِگاهه هستيءَ ۾،
    ايڏي فُرصت ڪٿي، جو ڪو ڏسي سگهي،
    - پنهنجي خُوابن جو هيءَ حسين تعبير!
    ڪاري رات ۽ پريم پارڪ ۾،
    آءٌ زندگيءَ جي ساز تي نغمه گُو،
    خاموشين جي سيني ۾ جذب ٿي،
    سوچيندو رهيس، چُپ چاپ-
    اڄ به پيرن ۾ آهي اُها ئي زنجير،
    اُهي ئي پابنديون، اُهو ئي دستور،
    - چند جابر- ۽ هزارها مجبور....!!

    - سنڌيءَ ۾ پهريون سنگيت ناٽڪ/ منظوم ڊرامو (Opera)، مرزا قليچ بيگ، ’ليليٰ مجنون‘ 1880ع ۾ لکيو هو، اُن کان پوءِ ٻيو سنگيت ناٽڪ، مشهور شاعر ارجن ’شاد‘ جو ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ (1966ع) ملي ٿو، جنهن کان پوءِ شيخ ايازَ ٽي سنگيت ناٽڪ: ’دودي سومري جو موت‘، ’رنيڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۽ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ ملن ٿا. پهريان ٻئي سنگيت ناٽڪ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ڪتاب (1960ع) ۾ ڇپيل آهن ۽ آخري سنگيت ناٽڪ هن 1971 ڌاري لکيو هو. سنڌي سنگيت ناٽڪن ۾ هن وقت تائين صرف اهي ناٽڪ ئي شمار ڪيا ويندا رهيا آهن؛ جڏهن 1964ع ڌاري سراج به هڪ سنگيت ناٽڪ (تُنهنجي تند تنوار....“ لکيو هو، جيڪو سدا سُهاڳڻ راڳڻي ڀيرويءَ جي سُر تي مُبني، آزاد نظم هو ۽ فني پيشڪش ۽ ڏيکن جي حوالي سان، اياز جي سنگيت ناٽڪن سان بر ميچي بيٺو آهي. هن ناٽڪ جي ڏيک پهرئين جي ڪجهه جهلڪ پيش ڪريان ٿو:

    ڏيک پهريون


    ]پسمنظر ۾ ڪنهن لَنگهي جو دهل وڄائي، پڙهو ڏيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي- ۽ اُن سان گڏ ماڻهن جو شور به ٻڌجي ٿو، ايڪشن شروع ٿيڻ تي پڙهي جو آواز صاف اچي ٿو.[
    ”جيڪو جو ڌو، سنڌ جي راجا
    ڏياچَ جو سِرُ آڻيندو،
    ٿالهه ٽَڪن جو سو ماڻيندو!“
    (ڀير تي ڏونڪي جو آواز، ۽ پوءِ دُهل جو آواز ۽ ماڻهن جو شور تمام جهڪو ٿي وڃي ٿو.)
    ٻيجل جي زال: او ٻيجل جي ماءُ،
    ٻيجل ماءُ ٻُڌين ٿي،
    شهر- لنگهو پيو اَڄ هوڪا ڏي!
    راڄ- مُکيءَ جي هي پڌرائي،
    شهر- لنگهي پئي ڳائي:
    ’جيڪو جوڌو،
    سنڌ جي راجا،
    راءِ ڏياچ جو سر آڻيندو،
    ٿالهه ٽڪن جو سو ماڻيندو!“
    ٻيجل ماءُ: ٿالهه ٽڪن جو؟
    ڇا جي لاءِ؟
    ڏياچَ جو سِرُ ڇا جي لاءِ؟
    هاءِ الا،
    انسانن کي ٿيو ڇاهي!
    انسانُ ڌڻيءَ جو پاڇو،
    اُن جي سِر جي قيمت،
    ٿالهه ٽڪن جو؟
    ماڻهو پوءِ ماڻهو ڇا جو؟
    جهنگ مرونءَ ۽ ماڻهوءَ ۾،
    فرق تڏهن رهندو ڇا جو؟
    هي چئن ڏيکن تي مشتمل ناٽڪ، هڪ شاهڪار ناٽڪ آهي، جيڪو سنڌ جي هڪ لوڪ داستان/ لوڪ روايت تي مشتمل آهي. آخر ۾ آءٌ، سراج جو اُهو شاهڪار آزاد نظم ’ڪراچي‘ پيش ڪري، اُن جي جائزي تي پنهنجو مقالو پورو ڪندس:

    ڪراچي


    - اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي رُوحِ وطن،
    تنهنجي ’ماضي‘ کي سلام!
    تنهنجي ماضيءَ- منهنجي ماضيءَ- کي سلام!
    ها، اُهو ماضي جو بيحد روشن و تابان هيو-
    جنهن ۾ روشن ها اُميدن جا چراغ؛
    آرزوئن جا هزارين چنڊ اُڀريا ۽ اُميدن جا ستارا جاڳيا؛
    اَمن و آزاديءَ سندي آڪاشَ تي!
    ڪلپنائن ۽ اُمنگن جي ٿڌيءَ چانڊاڻ ۾،
    هلڪي هلڪيءَ جوتِ جي مانڊاڻ ۾،
    مٺڙا مٺڙا گيت ٿي مُرڪيا هتي-
    ڄڻڪ هي ڪو ديسُ ئي گيتن جو هو،
    گيتن ۽ نغمن جو ديس!
    گيت اهڙا جن ۾ هو
    ڪنهن سهاڳڻ سُندريءَ جي نرگسي
    نيڻن جو ڪيف-
    ڇلڪندڙ آبِ حيات!
    - اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    اي ستارن جي زمين، اي اَپسرائن جا وطن،
    تنهنجي مٽيءَ جي مٿان
    اڄ به آهن چمڪندر ماضيءَ جا نقش:
    تنهنجي مِٽيءَ مان اچي ٿي جا سُڳنڌ،
    سا ٻڌائي ٿي هزارين داستان:
    اڄ به تنهنجون ’بلڊنگون‘ ٿيون ساکَ ڏين،
    اڄ به تنهنجا ’گُلڪدا‘ ٿا ڏَڪندي ڏَڪندي چون:
    (جن جي بنيادن تي بيٺل هي ’تجارت گاهه‘ ٿا
    کوکلي تهذيب جي چُغلي هڻن!)
    سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت تون هُئينءَ،
    تون هئينءَ سنڌ جي تهذيب جو سُورج مکي:
    ڄڻ هئينءَ تون ’شاهه‘ جي هڪ سورمي!
    مذهبي ويڇن کان دور،
    تو ۾ هو ڄڻ امنِ عالم جو مثال-
    زندگِيءَ جي عزم جي تابندگي،
    آدميت جو سُهاڳ!
    - اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    اڳ به تون سوداگرن جو شهر هُئينءَ،
    اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-
    پر ٻنهي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آهه!
    اڳ جا سوداگر ڪندا ها صرف هڪ سوداگري-
    سِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:
    اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن،
    ’ڪڻڪَ جي مُٺِ‘ تي وِڪامي ٿو ’بهشت‘!
    - اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي!
    تنهنجو ساگر ڪيترو مايوسُ آهه!
    هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميّت جو سُهاڳ-
    سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊهن‘ ۾،
    اندران ئي اندران ڏِس زندگيءَ پسجي پئي؛
    آبرو لُٽجي پئي،
    امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!
    ’غير‘ ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند،
    ڪيترو مضبوط آ هِت سامراج!
    - اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    تنهنجي رنگينيءَ جي پردي ۾ لڪل
    ڏسجي ٿو ڪو انقلاب!
    وقت جون واڳون ورڻ لاءِ بيقرار!
    تنهنجي رستن مان اچي ٿي سرمدي رَت جي پُڪار-
    گلشنن جا گل ٿا ڏسجن خُونچڪان،
    تنهنجي خاموشين ۾ شايد ٿو هُري سُڏڪن جو سازا
    ڪيستائين رهندو آخر هي فريب:
    مدتن کان آ زمانو منتظر،
    ڪَر ٿو موڙي هت نئون ڪو دَور ڏس-
    ڏس ته ڏورانهين اُفق تي پِرهه آ جاڳڻ لڳي،
    چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردهء تاريڪ تر،
    هر طرف روشن ’حقيقت‘ ٻهڪندي،
    سر بلند ٿيندو وري هت لوڪ راج،
    سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!
    هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون،
    روح پنهنجي جسم سان ملندو وري!
    اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار اي روحِ وطن،
    اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!
    هي آزاد نظم، سراج، ’ڪراچي‘ سنڌ کان کسي مرڪز جي حوالي ڪرڻ وقت لکيو هو. نظم لکڻ جو اصل سال ته خبر نه آهي ڪهڙو هو، پر پهريون ڀيرو، سماهي مهراڻ، 3- 1956ع ۾ ڇپيو هو، ۽ اڄ اُن کي 57 سال گذري ويا آهن. نظم جو متن، نفسِ مضمون، اڄ جي حالتن سان ڪيڏو نه ٺهڪندڙ ٿو لڳي. هي سٽون ٻُڌو:
    اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    اڳ به تون سوداگرن جو شهر هُئينءَ،
    اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-
    پر ٻنهي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آ!
    اڳ جا سوداگر ڪندا هئا صرف هڪ سوداگري-
    سِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:
    اڄ جا سوداگر ته پيا نيلامُ ڪن پنهنجو وطن،
    ڪَڻڪ جي مُٺِ تي وِڪامي ٿو ’بهشت‘!
    هن بند ۾ ’اڳ‘ جي ۽ ’اڄ‘ جي ’سوداگرن‘ جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي. ’اڳ جا سوداگر‘ يا ته ’سنڌ ورقي‘ هئا، جيڪي ٻاهران ڪمائي اچي ڪراچيءَ کي ’سونو‘ بنائيندا هئا، يا اُهي سورما هئا، جيڪي ٻاهرين حملي آورن کان ڪراچيءَ جو سُهاڳُ/ سنڌ وطن جو سُهاڳ بچائيندا هئا. اڄ ڪراچيءَ جي صورتحال ڇا آهي؟ ’ڪَڻڪ جي مُٺ‘ تي ڪراچيءَ جو ’بهشت‘ وڪرو ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪراچيءَ ۾ انسانيت جي سُهاڳ ۽ آبرو کي ڪيئن لُٽيو پيو وڃي، اچو ته سراج جي 58 سال اڳ لکيل آزاد نظم مان معلوم ڪريون:
    اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آ اجنبي!
    تنهنجو ’ساگر‘ ڪيترو مايوسُ آهه!
    هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميت جو سُهاڳ-
    سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊ هن‘ ۾،
    اندران ئي اندران ڏس زندگي پِسجي پئي؛
    آبرو لُٽجي پئي،
    امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!
    ’غير‘ ڏسُ ڪيڏو نه آهي سربُلند،
    ڪيترو مضبوط آ هِت سامراجُ!
    سراج جي علامت ’جانڊهن ۾ زندگيءَ جو پِسجڻ‘ جديد دور جي ’ٽارچر سيلن‘ سان مشابهه نه آهي؟ اڄ ڪراچيءَ وٽ ’سنڌو ساگر‘ مايوس نه آهي؟ ڪراچيءَ جو ماحول ’ٻاهرين جي آمد (Influx) سبب اجنبي نه ٿو لڳي؟ پٺاڻ، پنجابي ۽ پناهگير، سامراج جي صورت اختيار ڪري نه چڪا آهن؟ سراج، مستقبل بين شاعرَ، سچ نه لکيو آهي؟
    ها، البت ’ڪراچي سنڌ کان کسجڻ‘ کان پوءِ به سراج اُميد پرست رهيو هو ته: ’زمانو منتظر آهي، نئون دور ڪَر موڙي رهيو آهي، پِرهه جاڳڻ واري آهي، ڪراچي، سنڌڙيءَ سان هڪ ٿي ويندي!“ - ۽ ائين ٿيو، ڪراچي سنڌ کي واپس ملي، سنڌ جي راڄڌاني بڻي، پر اڄ وري ’مهمان‘، ’مالڪ‘ ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته هن موقعي تي سراجَ جي دوست، سراج جي رفيقَ، ويهين صدي ۽ ايڪيهين صديءَ جي وڏي شاعرَ، شيخ اياز جو 1985ع ۾ لکيل ’رڻ تي رم جهم‘ ڪتاب (1986ع) ۾ ڇپيل، ’ڪراچيءَ‘ بابت، ساڳئي سراج واري ڪم آندل بحر وزن ۾ لکيل آزاد نظم پڻ هتي پيش ڪريان، ۽ موازنو ڪريان ته ٻنهي همعصرن، ڪراچيءَ کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو آهي. سراج جو نظم 58 سال پراڻو ۽ اياز جو 38 سال پراڻو نظم آهي:
    شيخ اياز:
    جِهلملائيندڙ ڪراچي!
    روشنيءَ جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي!
    سنڌ جي آهين ڪراچي!
    اڄ به مان
    تنهنجي رستن کي مُنڊي جئن ڄڻ ته پُورو ٿو اچان!
    اڳ گرومندر کان ٿورو اڳڀرو ويندي هئينءَ،
    شامَ جو ڪيئي ٽَلا ٽهه ٽهه ڪندا نيندي هئينءَ،
    ڪويلين جي ڪوڪ ڏي جي ڌيان ويندو هو ڪڏهن،
    چنڊ ايندو هو نظر آڪاسَ ۾ ويندو تڏهن،
    ۽ ڪڏهن تارا هوا ۾ جُگنوئن جئن جڳمڳائيندا هيا،
    پير منهنجا ڊگمگائيندا هيا،
    عاملياڻين جي پٺيان-
    اڄ به مان
    تن کي ساري تن جي خوشبوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،
    ڪوڪ ڪويل جي ٻڌان ٿو
    تن جي جادوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،
    تنهنجو لالو کيت، اورنگي به مون لئه اجنبي
    ناهن ڪُنوار!
    مون رُنو هو زار زار
    ’تانتيا ٽوپي‘ جڏهن ڦاهي چڙهي مردانه وار
    ڪالهه رَسيءَ ۾ لُڏيو بي اختيار
    مون ڇُهيا ها پير اُن جا بار بار،
    ڪاش! هُن جا هم وطن
    ايترو سمجهي سگهن
    ڪيئّن آزادي ملي؟
    ڪير ها، ورتي هُئي جن
    شاهراهن کي ڇڏي سوڙهي ڳِلي؟
    اڄ به مان هي ٿو چوان
    ڪاش، ٽيپوءَ جئن مران!
    ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي
    ان ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي،
    هِت به آهن تُنهنجي اوچن بنگلن،
    مير صادق وانگيان ننگِ وطن،
    پاڻ سان غدار آهن
    زندگيءَ جي هار آهن،
    تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن
    پو به ڪجهه ناهي وَٽن،
    جي نه آ مٽي ته پوءِ ڪهڙو ڪفن!
    تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين
    منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛
    تون سڄي تاريخ آهين
    ڌرتتيءَ جي چيخ آهين
    دل ڏکائيندڙ ڪراچي!
    جهلملائيندڙ ڪراچي!
    اڄ به مان،
    تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!
    سچ چيو آهي ڪنهن ته: ‘Peaks of Mountains see each other’ يعني: ’پهاڙن جون چوٽيون ئي هڪ ٻئي کي ڏسنديون آهن‘. سنڌي ادب جي هنن ٻن پهاڙن جي سوچ جي يڪسانيت، فڪري گهرائي، چئلينجن تي نظر ۽ مستقبل بينيءَ ۾ مماثلت ڪمال جي آهي. ’جهلملائيندڙ ڪراچي‘ نظم لکڻ وقت اياز جي شعور، لاشعور يا تحت الشعور ۾ سراج وارو نظم ’ڪراچي‘ هو يا نه، پر ٻنهي جي آزاد نظمن جي ابتدا ۾ پنهنجي شهر لاءِ ’محبت ۽ رومانس‘ ساڳيو آهي. اياز وٽ ڪجهه ذاتي/ رومانوي ۽ سراج وٽ ڪجهه تاريخي ۽ رومانوي- جڏهن ته سراج جي نظم جي پڇاڙي، ڪراچي، سنڌ کي واپس ملڻ واري اُميد پرستيءَ واري جذبي سان معمور هئي، ۽ اياز پنهنجي نظم ۾ ’تانتيا ٽوپي‘ (جهانسيءَ جي راڻيءَ جي ساٿي، بهادر وطن پرست) جي هم وطنن کي مخاطب ٿي جيڪي ڪجهه چيو آهي، ڪيڏو نه سچ آهي. ڪيڏو نه ڪڙو اظهار آهي! پوءِ به ڪراچي، سندس دل ۾ وسي ٿي، اسان جي دل ۾ وسي ٿي:

    ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي،
    اُن ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي،
    هِت به آهن تنهنجي اوچن بنگلن،
    مير صادق وانگيان ننگِ وطن،
    پاڻ سان غدار آهن،
    زندگيءَ جي هار آهن،
    تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن،
    پو به ڪجهه ناهي وٽن،
    جي نه آ مٽي ته پوءِ ڪهڙو ڪفن!
    تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين،
    منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛
    تون سڄي تاريخ آهين
    ڌرتتيءَ جي چيخ آهين
    دل ڏکائيندڙ ڪراچي!
    جهلملائيندڙ ڪراچي!
    اڄ به مان،
    تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!
    ڪراچي، اياز جي ’دل ۾ ٿي وسي‘، ’هوءَ سڄي تاريخ ۽ ڌرتتيءَ جي چيخ‘ آهي، ۽ اياز اُن جي ’رستن کي مُنڊيءَ جئن پورو ٿو اچي‘- ۽ سراج لاءِ ڪراچي، ڪلهه به، اڄ به سڀاڻي به ’سنڌ جو سينگار‘ ۽ رُوح- وطن آهي:
    اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي روحِ وطن!
    اي ڪـــراچي، جانِ سـنـــڌ، روحِ وطــن!

    ---


    شاعري

    [گيت] ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا-

    ماڪ ڀري ڪا مُکڙي،
    ڄڻ ته کِلي ڪُومائي!
    تنھنجي ياد جو آئي!

    تنھنجي ياد جو آئي ...... مٺڙا!
    ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا-
    ماڪ ڀري ڪا مکڙي،
    ڄڻ ته کِلي ڪُومائي!

    تنھنجي ياد جو آئي ...... مٺڙا!
    پِيڙا ياد پريم سنيھا-
    وِير چڙهي اُمنگن جي،
    پر سڏڪن سان ڀرجي!

    تنھنجي ياد جو آئي ...... مٺڙا!
    نينھن جي گهاون کان گهايل ٿي-
    ڄڻ ڪا ڪوئل ڪوڪِي،
    دل منھنجي ايئن ڦٿڪِي!

    تنھنجي ياد جو آئي ...... مٺڙا!
    مَنَ ساگر ۾ آنڌي آئي-
    آس جي ڊُونڊي اُٿڙي-
    قھري ڪُن ۾ ڦاٿي!

    تنھنجي ياد جو آئي ...... مٺڙا!
    آھَه رُني، لڙڪن آھَه ڀري-
    گهاوَ سوين پيا اُکڙي،
    دِل جي دنيا اُجڙي!

    تنھنجي ياد جو آئي ...... مٺڙا!
    من ڏُسڪيو، آشا تڙڦي-
    آس جي شمع اُجهاڻي،
    لُڇندي رات وهاڻي!

    تنھنجي ياد جو آئي ...... مٺڙا!
    [مھراڻ،7_1956ع]


    [گيت] ساٿي! باقي ٿوري رات!

    چانڊوڪِي ڏس جهاتيون پايو،
    دل کي وجھي ٿي گهايو گهايو،
    ساههُ سڪائي تنھنجي تات!

    ساٿي! باقي ٿوري رات!
    دور ڪٿي ڪو پَن ٿو کڙڪي،
    تارن جي ڏس دِل ٿي ڌڙڪي،
    تنھنجي جدائي ۽ ظلمات!

    ساٿي! باقي ٿوري رات!
    تارا تنھنجي راهه ڏسن ٿا،
    ٿڪجي ٿڪجي، نيٺ کِڙن ٿا،
    شايد ٿيندي ايئَن پرڀات!

    ساٿي! باقي ٿوري رات!
    رات جي محفل تو نه مچائي،
    نيڻن پنھنجي جوت وڃائي،
    ڳل تي ڳوڙها ڄڻ برسات!

    ساٿي! باقي ٿوري رات!
    دِل زخمن کان آهي چُور،
    واٽ اڻانگي، منزل ڏُور،
    اوندھه هيڏي ۽ خطرات!

    ساٿي! باقي ٿوري رات!
    دنيا ويران، محفل ويران،
    رستو ويران، منزل ويران،
    ٿي نه وڃن ويران جذبات!

    ساٿي! باقي ٿوري رات!!


    [مھراڻ، بھار، 1955ع]


    ڪونج

    ڪونج
    [نظم]
    آڪاش جي بي انت سياهين ۾ رڳي رُڃ،
    تنھنجي ته اکين ۾ ٿِي ازل کان ئي بَکي اُڃ؛

    او ڪونج، سندءِ روح سندي پياس ٻجهي ڪيئن؟
    ٿِي روح کي ڀنڀلائي سندءِ درد ڀري لات،
    ڄڻ ياد جو پڙلاءُ امنگن کي ڌتاري-
    ‘ڳولا’ جي صنم خاني ۾ ڏسڪي ٿي پئي رات،
    ماحول به خاموش رهي لڙڪ ٿو هاري

    او ڪونج، سندءِ روح سندي پياس ٻجهي ڪيئن؟
    مکڙين جو جڏهن آهه ڇڏيو ساٿ بھارن،
    گلڙن تي ٿي پرڙا پئي پِيلاڻ پکيڙي-
    نيراڻ ۾ مرڪڻ به ڇڏيو چنڊ ستارن،
    چپ چاپ پئي رات سندن آھهَ کي ڇيڙي؛

    او ڪونج سندءِ روح سندي پياس ٻجهي ڪيئن؟
    اکڙين جا ڪنول درد جي پاڻيءَ تي ٿا ڇَلڪن،
    هر ساھهَ- ڀري جيوَ کي ڪئين نانگ ٿا کَٽڪن-
    مرڪن جي وچان آههَ، ڪڏهن لڙڪ ٿا جهََلڪن،
    جيوت جي پنن تي رڳا رس- چور ٿا لٽڪن؛

    او ڪونج سندءِ روح سندي پياس ٻجهي ڪيئن؟
    مدت کان آ خاموش ڇو سنگيت جي سانئڻ؟
    ڇو ٽھڪ مٿان ٽھڪ ٿي ڏي وقت جي ڏائڻ؟

    او ڪونج سندءِ روح سندي پياس ٻجهي ڪيئن؟

    [مھراڻ: 1،2 1957ع]


    جوڀن ڏينھڙا چار ...

    جوڀن ڏينھڙا چار ...
    [گيت]
    جيوَن تنھنجو بادل بادل،
    ڪارا، نيرا، اوجل اوجل،
    جَهٽَ ۾ هلڪا، پَل ۾ جل ٿل،

    جوڀن ميگهه ملار......
    وِکَ وِکَ تنھنجي منزل منزل،
    جيت جي ضامن خود تنھنجي دل،
    وَنجھ تي ويجھو ٿيندو ساحل-
    مانجھي هٿڙو وار......

    جوڀن ڏينھڙا چار......

    [مھراڻ: 1-2 1957ع]


    آءُ ته جاني دردَ وساريون!

    آءُ ته جاني دردَ وساريون!
    [گيت]
    تنھنجي اکين ۾ پيار جون نھرون-
    نيلم جھڙيون موجون لھرون-
    دريا لھرون، لھرون دريا:
    آءُ ته پنھنجو پاڻ اُڪاريون،

    آءُ ته جاني دردَ وساريون!
    تنھنجي چپن جي چانڊوڪيءَ ۾،
    پيارُ پِيون ۽ نينھن هنڊايون- پاڻ جياريون!
    ٻِن اڙٻنگ فرشتن وانگر،
    رقص ڪريون ۽ گيت گنجايون- من کي ٺاريون!

    آءُ ته جاني دردَ وساريون!
    روح رَچنديون، روح رهاڻيون،
    پيار سان پنھنجو پاڻ هيرايون- سِڪ کي ساريون:
    سانت ۾ ساٿي، پَلڪ پَلڪ سان،
    نيڻن ۾ ئي ڀاڪر پايون- دکڙا ٽاريون:

    آءُ ته جاني دردَ وساريون!

    [مھراڻ:2-1959ع]


    بازگشت

    بازگشت
    [آزاد نظم]

    اڄ وري روح جي تارُن کي جهنجهوڙي ڇڏيهءِ!
    اڄ وري زخم تي دل جي تو ڇو آڱر آ رکي؟
    مون وسائي ڇڏيون فُرقت جون سموريون شمعون،
    ٿي جليو جن ۾ اميدن جو خون-
    جن ۾ روشن هئا سندءِ ياد جا داغ!
    آتشين آهه ذريعي مون هٽائي ڇڏيا،
    تنھنجي جلون جا حسين ڪوهيڙا:
    توکي سمجهيو هو مون کِڙيل تارو،
    جو محبت کي ٿُڏي گم ٿي ويو!
    راهه ويندي تو شرارت سمجهي
    پنھنجي اکڙين جي ڪنارن ۾ ڏٺو-
    عجب انداز سان مرڪي ڪو اشارو هلڪو؛
    ۽ جڏهن آءٌ بنا ڄاڻ ٿي آيس اڳتي،
    طيش مان پنھنجون اکيون مِٽڪائي
    تو ڏٺو مون ڏي عجب قھر ڀري نظرن سان.
    تنھنجي چپڙن تي جا مون مرڪ ڏٺي،
    تنھنجي سا مرڪ اڃا تائين پئي دل کي ڏَنگي_
    مُرڪ جنھن منجهه اڃا تائين ٿي شوخي جهلڪِي،
    جنھن ۾ روشن ٿا ڏٺا ڏوراپا؛
    جنھن ۾ ٿي منھنجي وفا، تنھنجي جفائن جا هزارين ئي فسانا جليا؛
    جنھن ۾ ڪنھن رات جا اهڃاڻ ڏٺم:
    _رات، جنھن روح جي تارُن کي هو ڇيڙي ڇڏيو؛
    _رات، جنھن زخم سبيا، زخم اکيڙيا منھنجا؛
    _رات، جنھن تنھنجي چپن جي هئي چانڊاڻ جي
    خيرات ڪڍي!
    مون هئي جهولَ جهلِي پنھنجي چپن جِي، ڏڪندي،
    مون کي خيرات مِلي، جهولَ ڀرِي......
    هاءِ، ان رات مون سمجهيو
    ته اهي چنڊ سدا منھنجا ئي رهندا،
    ليڪن.......
    سوچَ ڪيڏي نه غلط ٿي ثابت!
    _وقت هڪ وار ڪيو پوءِ ڀرپور.......!
    اڄ وري روح جي تارن کي جهنجهوڙي ڇڏيهءِ!
    اڄ وري زخم تي دل جي تو ڇو آڱر رکِي؟
    [مھراڻ 2_1959ع]


    ياد ته هوندءِ.....

    ياد ته هوندءِ.....
    [گيت]

    مُرڪ اُها جا ورهيه پراڻي،
    پنھنجي چپن تي کولين ڇو ٿي؟
    منھنجي منھن ۾ هر هر، جاني،
    پنھنجو پاڻ کي ڳولين ڇو ٿي؟

    ياد ته هوندءِ....
    پريت ڇِني، تو ناتو ٽوڙي،
    مون کان هو ڪيئن پلئه ڇڏايو!
    منھنجي اکين جي هن ساگر ۾
    هاڻ ته ڪو به ڪنارو ناهي،
    پوءِ ڀلا هي تنھنجي اکين ۾
    طوفانن جو اشارو ڇاهي؟

    ياد ته هوندءِ....
    نينھُن نھوڙي، تو منھن موڙي،
    مون کان هو ڪيئن پلئه ڇڏايو!
    اُڀ ۾ ڪارا بادل ڏِسندي،
    وارن کي هي کولڻ ڇا جو؟
    چپڙا چوري، مرڪ سَجائي،
    اِنڊلٺ کي هي ڳولڻ ڇا جو؟

    ياد ته هوندءِ....

    مُرڪ کسي، تو دل کي ٽوڙي،
    مون کان هو ڪيئن پلئه ڇڏايو!
    چنڊ به هاڻي، دل جو ويري،
    داغ پرائڻ ٿو سيکاري!
    گھاوَ پراڻا ناسور بڻيا_
    هاءِ، سي منظر ساري ساري!

    ياد ته هوندءِ....
    گھُنڊ وجھي، تو چَپَ ڀِڪوڙي،
    مون کان هو ڪيئن پلئه ڇڏايو؟

    [مھراڻ_4، 1959ع]


    اِندر- سڀا

    اِندر- سڀا
    [آزاد نظم]

    ڇم ڇم، ڇم ڇم_
    خوابن جا جزيرا جاڳي پيا!
    لوڪ- ڪٿا جي منظر وانگي،
    اِندر- سڀا جي آکاڙي ۾،
    ڪو انتريامي، دل جو ڀيدي،
    پوترتا جي رابيلن جي مالها پائي،
    سندرتا جو تِلڪ لڳائي،
    جيوَن- جوت جلائي،
    آيو ‘ڄاڻ- پريءَ’ کي رام ڪرڻ!
    _ ڪو نينھن ٿي ڇُلڪيس نيڻن ۾،
    ڪا ڳولا ڀٽڪيس تَنَ مَنَ ۾ _
    موهه- نگر جي ڳولا!
    اِندر چيو: ”اي پيار جا پنڇي،
    توکي ڪھڙي ڳولا؟
    تون آن انتريامي،
    ۽ تون دل جو ڀيدي،
    توکي ’ڄاڻ‘ جي ڪھڙي ڳولا؟
    موهه- نگر ۾ تنھنجو ڇا؟”
    (’ڄاڻ- پري‘ ڪجهه هٻڪي، هٽڪي،
    موهه منجهان ڪَرَ موڙي،
    ساهه سنواري، آئي
    انترياميءَ جي ڀاڪر ۾!)
    ”انسانن جي دنيا اندر
    ’ڄاڻ‘ جڏهن کان قيدي بنجي،
    ’شيشي جي گھرن‘ ۾ آئي آ،
    مرگهه- ترشنا کان ڀٽڪي ڀٽڪي،
    جيون- رُڃ ۾
    آس به ٿڪجي
    آهي پاڻ نھوڙي ويٺي!
    موٽي اهڙو وقت نه ايندو،
    ’ڄاڻ‘ جڏهن انسانن ۾ ڀي موٽي ايندي؟


    [اپسرائن جو ڪورَس]

    [اپسرائن جو ڪورَس]

    ”دنيا بنبي اِندر- سڀا:
    موهه- پري ۽ ڄاڻ- پري،
    پيار- پري ۽ سونھن- پري،
    داسيون بنجي، ماڻھو- روپيءَ اِندر- سڀا ۾
    اينديون سکَ جو سرڳ سنوارڻ،
    جيون_جوت جڳائڻ! ....“

    [مھراڻ،2-1-1960ع]


    ياد جا تابوت

    ياد جا تابوت
    [آزاد نظم]

    -ذهن جي تھخانن ۾
    ياد جي بدران رت جو وهندو دريا:
    پائيندو ٻوڙيندو
    ياد جون وستيون، واهڻ، سوچ جا مندر،
    (ڀل ته صدين جي پوڄا سوچ جو مندر سمجهو!)
    مسجد، ديول، ڏاهپ جا بتخانا!
    (ڏاهپ_
    ڊپ جي ته سڳي جيجل ڀانيو!)
    _ ان سيل روان کان، اي يارو،
    نوح جي ٻيڙي به سلامت ڪانه بچي!
    (نوح به ڏاهپ جو نانءُ ٿو سڏجي ڇا؟)
    ان ٻوڏ جي جوکم کان
    ننڊ به ڪيسين غافل رکندي _
    موت جي ڀيڻ سھي، زهر آلود سھي،
    ساغر و مينا جي هيءَ ڄائي
    ٻوڏ کي موٽائي ڇا سگھندي؟
    (آهي ڏاهن آڏو،
    ننڊ به ڏاهپ جو هڪ پڙلاءُ!)
    _ هيءَ ٻوڏ ڀلا ڪا چوماسي
    وير ته ڪانهي:
    هي رت جو هڪ دريا آهي؛
    هن کي ته ڪنارو ئي ڪونهي:
    ڪو طرف نه ڪو پيمانو آ!
    (اوندهه کي ڪنارو ڇا هوندو:
    اوندهه اطراف کان بي پروا
    پيماني کان خالي آهي!)
    -”سور ورهايا سرتين...*“
    ۽ جڏهين
    ”مٺ مٺ سورن سڀ ڪنھن آئي*:“
    (ماڻھوءَ ويچاري سور ڇڏيا ها ساڱاهي!)
    ڏک ته سکن جي سونهن هئا، پر
    ورڇ ۾ ڪن کي مسجد آئي،
    ڪن کي مندر،
    ڪن کي ديول،
    ڪن کي ڏاهپ،
    ڪن کي سانت جو ساگر،
    (ڏاهپ سانت جي ساهيڙي ڪئن چئجي؟)
    ڪنھن ڪنھن کي طائوسي،
    ڪنھن ڪنھن کي ڪوٽ-ڪڙا،
    ڪن کي ڀونگي،
    ڪن کي ڏونگر،
    ڪن کي ڀاڳ جي ديوي (لڇمي، مايا!)
    (وتعز من تشاء وتذل من تشاء!...؟)
    -ڪثرت وحدت جو هي جهيڙو:
    ڪثرت- ڄڻ پڃري جون تيليون،
    ڪنھن ڀونگيءَ جا ڪکڙا،
    وحدت ڄڻ محلسراءَ،
    ڄڻ مسجد جو منبر،
    ڄڻ ڪنھن صوفيءَ جي چپ!
    اهڙي چپ جا ’ماٺ‘ نه آهي،
    اهڙي چپ، جا سرگوشين ۾
    ورد ڪندي ٿي ويئي:
    ’سو هي، سو هو، سو ويري، سو واهرو!‘
    ’سو هي، سو هو، سو ويريءَ...‘جو مطلب
    (سورن- ورڇ ته ڪانهي!)
    ’ننڊ جو نوتو‘ آهي-
    اهڙي گھري ننڊ، جا منصورن کي
    (منصور متان باغي ته نه هو؟)
    سوريءَ تي ڳھرائي،
    تقدير جو جهوٽو کارائي،
    رت جون سيرون ٿي ڇوڙائي!
    منصور جو رت،
    ڪيڏو مغرور سھي،
    رت جي نئن ٿو بڻجي؛
    ۽ اُها نئن هر ٻي نئن سان ملي
    رت جو دريا بنجي،
    ذهن جي تھخانن کي _
    ياد جي تابوتن کي،
    ٻوڙي، لوڙهي
    وهندو ٿو رهي!
    - ماهنامو نئين زندگي


    بلوچي نظم جو ترجمو

    بلوچي نظم جو ترجمو

    ’مون کي وادين جي حفاظت ڪرڻي آهي،
    منھنجو گھوڙو اُنھن کان واقف آهي.
    هن کي خبر آهي ته ڪٿي کاهِي آهي،
    ڪٿي ڌُٻڻ آهي، ڪٿي سدا بھار چشما آهن.
    منھنجي تلوار به اُنھن کان واقف آهي،
    اُن کي خبر آهي ته ڪھڙي گھاٽيءَ ۾ دشمن لڪل آهي،
    اُن کي خبر آهي ته ڪھڙي لَڪ جي ڪٿي حفاظت ڪرڻي آهي.
    منھنجو گهوڙو مون سان آهي،
    منھنجي تلوار به مون سان آهي،
    پر فرض ڪريو ته آءٌ نه هُجان؛
    پوءِ منھنجي هنن بلوچ وادين جي حفاظت ڪير ڪندو؟‘
    -ڄام دُرڪ


    آءٌ غلام آهيان!

    آءٌ غلام آهيان!

    مون کي اِهو ته ٻڌايائون ته:
    آءٌ غلام آهيان،
    ته منھنجي ٻولي قديم ۽ اڻ سڌريل آهي.
    ته منھنجا وڏا انساني گوشت کائيندا هئا،
    ته مون گورن تي ڏاڍا ظلم ڪيا:
    يعني مون هنن کي غُلامن جو واپار ڪرڻ نه ڏنو،
    يعني هنن کي مون ڪُوڙ ڳالهائڻ کان منع ڪئي،
    يعني مُون هنن کي انسانن ۽ جانورن کي مارڻ کان منع ڪئي،
    يعني مون هنن کي ماءُ جي مامتا جو مظاهرو ڏيکاريو،
    يعني مون هنن کي منھنجي ٻوليءَ جي لفظن جي
    سگهه ڏيکاري،
    يعني مون هنن کي پنھنجي ضعيف پوڙهن ۽ ٻارن کي
    بي پھچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
    يعني مون هنن کي پنھنجو ڀاڪر
    ٻانھون کولي،
    سموريءَ دنيا کي اُن ۾
    وڪوڙڻ جي خواهش ڏيکاري،
    يعني مُون هنن کي ڪنھن وَنيءَ جو انتظار ڏيکاريو!
    پر هنن مون کي گولي هنئي،
    هنن منھنجيءَ زال کي گولي هنئي،
    جيڪا مون کان سواءِ ماني نه کائيندي هئي!
    هنن منھنجي ٻن ابھم ٻارن کي گولي هنئي،
    هنن منھنجي ڀاڄائيءَ کي گولي هنئي،
    جنھن رنگ جي نواڻ جي ڪري يورپي گلاب پئي پوکيو!
    هنن منھنجي پوڙهن پيءُ ماءُ کي گولي هنئي،
    جن هنن کي پنھنجيءَ زمين مان هڪڙو ٻارو
    کيڙڻ لاءِ نه ڏنو هو!
    ۽ جنھن ٻاري ۾ هنن جاءِ ٺاهي هئي،
    ۽ هنن جا خوبصورت ٻارَ اُتي کيڏندا هئا!
    _ جن کي هنن ’ڀائو‘سڏيو هو!
    _ ها، آءٌ غُلام آهيان:
    فرق فقط اهو آهي ته
    اوهان وٽ ٻه طاقتون آهن:
    بندوق ۽ علم؛
    ۽ مُون وٽ ٻه ڪمزوريون آهن:
    آءٌ بي هٿيار آهيان _
    ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه:
    آءٌ بي علم آهيان!
    [هڪ ’افريڪي نظم‘ جو ترجمو]


    پريم پارڪ ۾...!

    پريم پارڪ ۾...!
    [آزاد نظم]

    رات، سوچيندو رهيس، چُپ چاپ،
    ڪيڏي عظمت آ چنڊ ستارن ۾!
    دل چيو ته پَر لڳائي اُڏامجي،
    نِيلگون آسمانَ جي اڱڻ ۾،
    چنڊ تارن سان گڏجي رقصُ ڪجي!
    راتِ جي دلنواز دوشيزه،
    جڏهن سنواري دراز ذلفن کي؛
    - مان ، سحر جي شعاعِ نُور سان گڏجي،
    گُل جي سيني ۾ جذب ٿي وڃان!
    ۽ پنھنجي ذِي حيات خوشبوءِ سان،
    حسنِ تخليق کي بخشيان اهڙي سُڳنڌ،
    جا منھنجي معصوم لُڙڪن سان واسجي،
    ڪائنات جي عظيم وسعتن ۾،
    زندگيءَ جي اُداس ويرانين کي،
    - ڪا نئين حيات بخشي...!
    - ۽ جيڪڏهن،
    ”هوءَ“، ڪٿي نظر جي سامُھون،
    رقص ڪندي ۽ مُرڪندي اچي،
    - هن جي نرم ۽ گُداز سيني ۾،
    دائمي خوابُ بنجي سمهي رهان!
    پر هن ڪارِ گاهِه هستيءَ ۾،
    ايڏي فُرصت ڪٿي، جو ڪو ڏسي سگهي،
    - پنھنجي خُوابن جو هيءُ حسين تعبير!
    ڪاري رات ۽ پريم پارڪ ۾،
    آءٌ زندگيءَ جي ساز تي نغمه گُو،
    خاموشين جي سيني ۾ جذب ٿي،
    سوچيندو رهيس، چُپ چاپ -
    اڄ به پيرن ۾ آهي اُها ئي زنجير،
    اُهي ئي پابنديون، اُهو ئي دستور،
    - چنڊ جابر- ۽ هزارها مجبور....!!

    [سماهي مھراڻ، بھار- 1955ع]


    ”ڪراچي“

    ”ڪراچي“
    [آزاد نظم]

    -اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار ، اي رُوحِ وطن،
    تنھنجي ’ماضيءَ‘ کي سلام!
    تنھنجي ماضيءَ _ منھنجي ماضيءَ _ کي سلام!
    ها، اُهو ماضي، جو بيحد روشن و تابان هيو _
    جنھن ۾ روشن ها اُميدن جا چراغ؛
    آرزوئن جا هزارين چنڊ اُڀريا ۽ اُميدن جا ستارا جاڳيا؛
    اَمن و آزاديءَ سندي آڪاشَ تي!
    ڪلپنائن ۽ اُمنگن جي ٿڌيءَ چانڊاڻ ۾،
    هلڪي هلڪيءَ جوتِ جي مانڊاڻ ۾،
    مٺڙا مٺڙا گيت ٿي مرڪيا هتي-
    ڄڻڪ هي ڪو ديس ئي گيتن جو هو،
    گيتن ۽ نغمن جو ديس!
    گيت اهڙا جن ۾ هو
    ڪنھن سھاڳڻ سندريءَ جي نرگسي نيڻن جو ڪيف-
    ڇلڪندڙ آبِ حيات!
    _اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    اي ستارن جي زمين، اي اَپسرائن جا وطن،
    تنھنجي مٽيءَ جي مٿان
    اڄ به آهن چمڪندڙ ماضيءَ جا نقش:
    تنھنجي مِٽيءَ مان اچي ٿي جا سڳنڌ،
    سا ٻڌائي ٿي هزارين داستان:
    اڄ به تنھنجون ’بلڊنگون‘ ٿيون ساکَ ڏين،
    اڄ به تنھنجا ’گلڪدا‘ ٿا ڏَڪندي ڏَڪندي چون:
    (جن جي بنيادن تي بيٺل هي ’تجارت گاهه‘ ٿا
    کوکلي تھذيب جي چُغلي هڻن!)
    سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت تون هُئينءَ،
    تون هئينءَ سنڌ جي تھذيب جو سورج مکي:
    ڄڻ هئينءَ تون ’شاهه‘ جي هڪ سورمي!
    مذهبي ويڇن کان دور،
    تو ۾ هو ڄڻ امنِ عالم جو مثال-
    زندگِيءَ جي عزم جي تابندگي،
    آدميت جو سُهاڳ!
    _اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    اڳ به تون سوداگرن جو شھر هُئينءَ،
    اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-
    پر ٻنھي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آهه!
    اڳ جا سوداگر ڪندا ها صرف هڪ سوداگري-
    سِر ڏئي پنھنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:
    اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنھنجو وطن،
    ’ڪڻڪَ جي مٺِ‘ تي وِڪامي ٿو ’بھشت!‘
    _اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    تنھنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي!
    تنھنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه!
    هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميت جو سھاڳ-
    سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊهن‘ ۾،
    اندران ئي اندران ڏِس زندگي پسجي پئي؛
    آبرو لُٽجي پئي،
    امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظھور!
    ’غير‘ ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند،
    ڪيترو مضبوط آ هِت سامراج!
    _اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
    تنھنجي رنگينيءَ جي پردي ۾ لڪل
    ڏسجي ٿو ڪو انقلاب!
    وقت جون واڳون ورڻ لاءِ بيقرار!
    تنھنجي رستن مان اچي ٿي سرمدي رَت جي پڪار-
    گلشنن جا گل ٿا ڏسجن خونچڪان،
    تنھنجي خاموشين ۾ شايد ٿو هُري سڏڪن جو ساز!
    ڪيستائين رهندو آخر هي فريب:
    مدتن کان آ زمانو منتظر،
    ڪَر ٿو موڙي هت نئون ڪو دَور ڏس-
    ڏس ته ڏورانھين اُفق تي پِرهه آ جاڳڻ لڳي،
    چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردءِ تاريڪ تر،
    هر طرف روشن ’حقيقت‘ ٻھڪندي،
    سر بلند ٿيندو وري هت لوڪ راج،
    سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!
    هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون،
    روح پنھنجي جسم سان ملندو وري!
    اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي روحِ وطن،
    اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!
    [سماهي مھراڻ، 3-1956ع]


    گهاتو گهر نه آيا... [ناٽڪَ]

    نورا رچرڊس [اصل انگريزي ۾]

    سنڌيڪار: سراج
    اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن
    (ٽن منظرن وارو هڪ ناٽڪ)
    منظر پهريون:

    مقام:
    فتحپور سِڪري وقت:
    بهار جو هڪ صبح
    ڪردار
    اڪبر- مغل شهنشاھ؛ راجا توڏرمل- وزير زراعت؛ هڪ ٻيو وزير؛ ٽي عملدار؛ ڪنڀر؛ کٽي؛ هڪ بيوهه؛ راجپوت؛ برهمڻ؛ ٻه هاري؛ ۽ چوبدار، وغيره
    [اڪبر جي محل جو ديوان عام- پٺيان وچ تي شاهي مسند آهي، جنهن جي ساڄي پاسي کان چئن پنجن ڏاڪن سان هڪ اوچو ٿلهو آهي. ان جي پويان وري محل ڏانهن وڃڻ لاءِ ٿلهن پردن سان ڍڪيل دروازو آهي- مسند جي هيٺان ٻه عملدار بيٺا آهن.]
    پهريون عملدار- ڀلا، اڄ درخواستون ڪي گھڻيون آهن ڇا؟
    ٻيو عملدار- ايتريون گهڻيون ته ڪينهَن، جيڪي تمام ضروري هيون، سي گڏ ڪري رکيون اٿم.
    پهريون عملدار: ڇا جون آهن؟
    ٻيو عملدار: هڪڙي ته جزيي جي خلاف اپيل آهي، هڪڙو زمين جي ماپ بابت جهڳڙي جو فيصلو آهي ۽ هڪ تپيدار جو به فرياد آهي.
    پهريون عملدار: پهرين جزيي کي کڻنداسون، ۽ پوءِ تپيدار جي سوال کي. زمين جي ماپ وارو جهڳڙو ته تڏهن کڻبو، جڏهن راجا توڏرمل ايندو: اڄ سندس اچڻ جي اميد آهي- بادشاهه سلامت کي پنهنجو نئون ايجاد ڪيل ”جريب“ ڏيکارڻو اٿس. راجا صاحب، جيڪو ڍلن جو نئون طريقو ڳولي ڪڍيو آهي، سو شايد ان تي به بحث مباحثو ٿيڻو آهي، پر ٻيون درخواستون ڪينهَن ڇا؟
    ٻيو عملدار: آهن ته کوڙ، پر اهڙيون ضروري ڪينهَن. هڪڙو برهمڻ آهي، جو ”سَتِي لڪڙيءَ“ جي سڌاري خلاف ڏاڍو جوش ۾ آهي، ۽ اعتراض پيش ڪرڻ لاءِ سهي سنبري آيو آهي.
    پهريون عملدار: ڀلي آيو، جيءُ آيو.
    ٻيو عملدار: خيرات لاءِ به گهڻيون ئي درخواستون آهن: هڪڙي غريب بيوهه زال تيرٿ-ياترا جي محصول لاءِ پريشان آهي؛ ٻيو ڪنڀر آهي، جنهن ويچاري جا سمورا ٿانو پچڻ کان اڳ مينهن ۾ ناس ٿي ويا آهن؛ هڪڙو کٽي آهي، جنهن جي ڪکائين ڇت باهه ۾ سڙي ويئي آهي- ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا به گهڻا ئي آهن.
    پهريون عملدار: اڄ اسان کي ايتريون ساريون درخواستون داخل ڪرڻ نه گهرجن، جو راجا توڏر مل جي اچڻ تي ڍلن بابت اهم ڳالهه ٻولهه ٿيڻي آهي.
    ٻيو عملدار: ته پوءِ خيرات جون گهڻيون درخواستون پيش ڪريون؟
    پهريون عملدار: اهي ئي اٽڪل چار يا پنج؛ ٻين وڏين درخواستن مان ٻن کان وڌيڪ نه هجن ته چڱو: زمين وارو تڪرار ۽ تپيدار جي فرياد، اهي ٻه مسئلا ئي ڪافي ٿيندا.
    ٻيو عملدار: ۽ پنڊت؟ سندس سَتي لڪڙيءَ واري سڌاري خلاف اعتراض.........؟
    پهريون عملدار: هائو، هائو؛ ڀلي ته اهو به اچي. هاڻ وڃ ۽ آڻي کين حاضر ڪر.
    (ٻيو عملدار وڃي ٿو)
    (ٽيون عملدار داخل ٿئي ٿو)
    ٽيون عملدار: مون کي هيءُ چوڻ لاءِ موڪليو ويو آهي ته شهنشاهه سلامت جي مرضي آهي ته ”درخواستون تڪڙيون تڪڙيون پيش ڪيون وڃن، جئن راجا توڏرمل سان ڍلن واري رٿ تي بحث مباحثي لاءِ جلد واندا ٿي سگهن.“
    پهريون عملدار: درخواستون مون چونڊي رکيون آهن؛ فريادين کي گهرايو اٿم. وڃ ۽ وڃي عرض ڪر ته ”هِت ڪا دير ڪانهي؛ اسين شهنشاهه سلامت جن جي انتظار ۾ آهيون“.
    (ٽيون عملدار وڃي ٿو)
    (ٻيو عملدار وري هڪڙيءَ زال ۽ سندس ننڍڙيءَ سان گڏ اچي ٿو)
    پهريون عملدار: ادي، اچ! ڪڪي، تون به اچ! ... هتي ويهي رهو!
    (کٽي، ڪنڀار ۽ راجپوت اچن ٿا)
    اوهين ٻئي هت ويهو! (هو ٻئي زال جي ڀرسان ويهي رهن ٿا) ۽ تون- جنهن جي مرضي آهي ته تو تان محصول معاف ٿئي- تون به اچ ... وڃي انهن سان ويهه، جن کي دان وٺڻو آهي.
    راجپوت: دان! مون کي دان ڪونه گھرجي، مون کي نياءُ گھرجي: آءٌ هنن کان جدا بيهندس.
    ٻيو عملدار: چڱو، ته جدا ٿي بيهه! تنهنجي شنوائي هنن کانپوءِ ٿيندي.
    (ٻه هاري داخل ٿين ٿا)
    پهريون هاري: هر سال اسان لاءِ اهو ئي ساڳيو جهڳڙو! پرسال تو منهنجي زمين تي ٻج پوکيو هو....
    پهريون هاري: اها زمين منهنجي آهي ....
    ٻيو هاري: آءٌ چوان ٿو، اها زمين منهنجي آهي؛ مون اڃا ڪالهه ماپي آهي!
    پهريون هاري: ۽ مون ڇهه مهينا اڳ ماپي آهي: آءٌ ٿو چوان ته اها منهنجي آهي!
    پهريون عملدار: خاموش، خاموش! اوهان جي مقدمي جو دير سان فيصلو ٿيندو. (ٻئي عملدار کي) هنن ٻنهي کي جدا ڪري بيهار.
    (تپيدار داخل ٿئي ٿو، هن جي پويان هڪڙو هاري، ۽ هڪ برهمڻ داخل ٿين ٿا).
    (ٻيو عملدار سڀني کي ٽولين ۾ ورهائي بيهاري ٿو ۽ مقدمن وارن کي دان گھرندڙن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو).
    پهريون عملدار (راجپوت کي): تو وٽ ته ڪا لکيل درخواست ئي ڪانهي، تو کي حقيقت ۾ دان گھرندڙن سان گڏ وڃي ويهڻ گھرجي.
    راجپوت: آءٌ وري به چوان ٿو ته مون کي دان ٻان ڪونه گھرجي؛ مون کي نياءُ گھرجي، انهيءَ ڪري آءٌ ته هتي ئي بيهندس.
    ٻيو عملدار (برهمڻ کي): تو وٽ به ڪا لکيل درخواست ڪانهي، تون به وڃي انهن سان ويهه، جن کي دان گھرجي.
    پنڊت: دان! آءٌ ته پنهنجا حق گهرڻ آيو آهيان!
    ٻيو عملدار: چڱو، چڱو.... اوهين ٻئي هتي ٿي بيهو.
    (هو ٻئي عملدار سان گڏجي ساڄي پاسي ٿي بيهي ٿو).
    کٽي (عورت ڏانهن مخاطب ٿي): ادي، تون ڪيئَن آئي آهين؟
    عورت: ادا، آءٌ هڪ وڌوا آهيان. پنهنجي وَرَ جون هاٺيون ڪاشيءَ کڻي ٿي وڃان، پر انهيءَ کان اڳ مون کي پنهنجي تيرٿ ياترا لاءِ ڏن به ڏيڻو آهي. مون غريب وٽ پئسا ڪٿان اچن جو ڏن ڀريان !
    پنڊت: تون پاڻ، او ڪلنڪني، هن وقت تائين رک هئڻ گهرجين ها! تون چِتا ڇو نه چڙهينءَ؟
    عورت: ان ڪري جو شهنشاهه سلامت جي پنڊتن کي روڪ آهي ته هو اسان اٻلائن کي زوريءَ چتا ۾ اڇلائي نه ڇڏين.
    پنڊت: ها، اسان جي شهنشاهه جي برابر اسان تي روڪ آهي، ۽ اُنهيءَ ڪري ئي آءٌ هتي آيو آهيان. ڏسو ته سهي، وڌوائون هر هنڌ چتا تي چڙهڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن!
    راجپوت: پنڊت جي، اوهان لاءِ ته اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي ٿي، هاڻ اوهين هيرا جواهر ۽ زيور ڪٿان گڏ ڪري سگھندؤ؟
    پنڊت: هاڻ انهن پرلوڪ سڌاريل آتمائن جو ڇا ٿيندو، جن کي دشٽ ڪايائون وڪوڙي ويئون هونديون؟ هاءِ هاءِ، ڪهڙي ڪلجڳ ۾ اچي پيا آهيون! هري رام، هري رام! سمو ڏاڍو خراب آهي!
    راجپوت: اهو ته سچ آهي، پر اوهين وڌوائن کي جلائي، سمي کي مرڳو وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهيو! توهان کي هنن جي پيڙا مان ته فائدو ٿو پهچي.
    پنڊت: اسين ته هنن لاءِ مريادا ٿا حاصل ڪريون، هندو استري جات جي مان- مريادا!
    ٽيون عملدار: بس بس، خاموش! شهنشاهه سلامت جن تشريف فرمائي رهيا آهن.
    (ٻه چوبدار داخل ٿين ٿا)
    (چوبدار پردي مان اندر لنگھي، دروازي اڳيان پنهنجون لٺيون جھلي بيهن ٿا)
    پهريون چوبدار: خاموش، خاموش! با ادب باملاحظه هوشيار!
    ٻيو چوبدار: شهنشاهه سلامت جن تشريف فرمائين ٿا!
    (هو پردي کي کولين ٿا؛ ۽ رستو ويڪرو ڪري، هڪڙو هڪڙي پاسي، ٻيو ٻئي پاسي بيهي رهي ٿو. گھڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي)
    (اڪبر داخل ٿئي ٿو)
    (اڪبر هڪڙي وزير سان گڏ اچي ٿو، ۽ سندس پويان خادم داخل ٿين ٿا- انهن مان ٻه ڄڻا ٻنهي پاسي کجيءَ جي ڊگھن هٿين وارا پکا لوڏي رهيا آهن. عرضدار ۽ مقدمن وارا احترام ۾ بيٺا آهن- بادشاهه ويهي ٿو. ٻه عملدار وڌي مسند جي پائي تائين اچن ٿا، ۽ ڪورنش بجا آڻي، پوئتي هٽي بيهن ٿا.)
    وزير: شهنشاهه سلامت، شهنشاهه هندستان، غريبن جو نگهبان، عادل حڪمران، درخواستون ٻڌڻ لاءِ تيار آهن. عرضدارن ۽ خيرات وٺندڙن کي پيش ڪيو وڃي ....
    پهريون عملدار: لکُو ڪنڀر، حاضر ٿئي!
    لکُو ڪنڀر: عاليجاھ! بي مندائتن مينهن منهنجي ڪرت کي بنهه ٻنجو ڏيئي ڇڏيو آهي: منهنجا سمورا اڻ پڪل ٿانو پُسي ناس ٿي ويا. انهيءَ کانسواءِ، پيٽ گذر جو ڪو به واهه وسيلو ڪونه اٿم. اي غريبن جا رکپال! منهنجو عرض اگهاءِ، مون کي پنهنجي سخاوت جي گنج مان فقط ٻه اشرفيون عنايت ڪر....!
    اڪبر: بس، وڌيڪ نه چئو... هن کي ڏهه اشرفيون ڏيو !
    لکو: خدا حضور کي هميشه هميشه زندهه ۽ سلامت رکي! (وڃي ٿو)
    پهريون عملدار: رام ڏتو ڌوٻي، حاضر ٿئي!
    رام ڏتو: عاليجاهه، مسڪينن جا مددگار! منهنجي ڪکائين جھوپڙي باهه ۾ سڙي ناس ٿي ويئي آهي. منهنجا سمورا ٽپڙ ٽاڙي، .... ۽ ڪي ڪپڙا- جي مون ڌوئي ٺاهي تيار ڪري، ڌڻين کي پهچائڻ لاءِ رکيا هئا، سي سڀ سڙي ويا. منهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ مون کي اڳي ئي محتاج ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ ڏاڍو لاچار آهيان، اي عاليجاهه، منهنجي مدد فرماءِ!
    اڪبر: اها باهه لڳي ڪيئن؟
    ڌوٻي: حضور، منهنجي ته ملائڪن کي به خبر ڪانهي. گھر ۾ پهر ئي ڪانه هئي، آءٌ به ڪپڙا رسائڻ ويو هوس ۽ بٺيءَ تي سو کُنڀ چاڙهي ڇڏيو هوم....
    اڪبر: اها ته سياڻپ ڪانه چئبي، ٿوري هوا لڳڻ سان تنهنجي ڪکن کي باهه وڪوڙي ويئي هوندي.
    ڌوٻي: پر جيئَندا قبلا، جيڏيءَ مهل آءٌ گھران نڪتو هوس، اوڏيءَ مهل ته واءُ ڪونه ٿي لڳو؛ ۽ جڏهن موٽيس، تڏهن سڀڪجهه ڦلهيار ٿيو پيو هو! (پنهنجا هٿ نيزاري ڪرڻ لاءِ مٿي ٿو کڻي)
    اڪبر: هن کي ويهه اشرفيون ڏيو!
    پهريون عملدار: زيارت_محصول معاف ڪرائڻ واري عورت، حاضر ٿئي!
    (عورت اڳتي وڌي ٿي، ٻارڙو چولي ۾ چنبڙيو پيو اٿس. خاموشيءَ سان هٿ جوڙي نمسڪار ڪري ٿي).
    اڪبر: چئه، اي غريب مائي ، توکي ڇا گھرجي؟
    عورت: حضور، محصول جي معافي، ياترا جو محصول معاف ڪريو، آءٌ وڌوا آهيان. ڪاشيءَ ٿي وڃان، گنگا ماتا تي، پنهنجي پتيءَ جون هاٺيون کڻيو! واٽ تي غريباڻو داڻو پاڻي آءٌ پاڻ پنهنجو ڪري سگھنديس، پر محصول، محصول اڃا ڏيڻو اٿم. اي ان داتا، اي سخي شهنشاهه، پنهنجي سخاوت سان اهو مون تان معاف ڪر!
    اڪبر (سوچيندي): محصول... زيارتي محصول، ڌيءَ! تو اڳ گهڻا ڀيرا ياترا ڪئي آهي؟
    عورت: ٽي ڀيرا، حضور! مٿرا، بندرا بن ۽ گوڪل ۽ هاڻ ڪاشيءَ هاٺيون کڻيو ٿي وڃان.
    اڪبر: ڌيءَ، تنھنجو محصول اسين پاڻ ڀرينداسون هن زيارتيءَ کي ٽي مھرون ڏيو! منھنجي ڌيءَ، تون بيشڪ ڪاشيءَ وڃي سگھين ٿي.
    عورت: هريءَ جي ڪرپا ٿيندوَ! (موٽي ٿي)
    اڪبر (وزير کي): درخواستن کي اڪلائي وٺو، مابدولت کي وقت تمام گھٽ آهي.
    وزير: جو ارشاد، حضور! (عملدارن کي) هاڻ درخواستن وارن کي پيش ڪيو وڃي.
    پهريون عملدار: ٻه فريادي اڃا به آهن، حضور. هڪڙو فرياد ته جزيي جي خلاف آهي، ۽ ٻيو ستِي رسم جي حڪم خلاف.
    اڪبر: اسين انهن کي ٻڌڻ گهرون ٿا.
    پهريون عملدار: او برهمڻ پنڊت، وڌي اڳتي اچ!
    (پنڊت اڳتي وڌي ٿو، ۽ هٿ ٻڌي ڪورنش بجا آڻي ٿو)
    اڪبر: اي پنڊت، توکي ڪهڙو دان گهرجي؟
    پنڊت: دان نه، حضور- مون کي ته پنهنجا حق گهرجن!
    اڪبر: چؤ، ڪهڙا حق؟
    پنڊت: وويڪ جي مُڪتي؛ ضمير جي آزادي- اي اڪبر، اهو تنهنجو پهريون اصول آهي، پر تنهن هوندي به، حضور جن اهو حڪم فرمايو آهي ته ڪابه وڌوا سندس مرضيءَ خلاف پنهنجي مڙس جي چتا تي نه چڙهندي- پوءِ اسان جي ضمير جي آزادي ڪٿي آهي؟ اسين، جيڪي اهو مڃون ٿا ۽ سکيا ڏيون ٿا ته مري ويل ماڻهوءَ جي آتما جي شانتيءَ لاءِ ....
    اڪبر: بس بس، مابدولت وڌيڪ ڪجهه به نه ٻڌندو. غير انساني ريتون رسمون ختم ٿينديون، پوءِ ڀل کڻي اوهين ڇا به مڃو، يا ڇا به سيکاريو: جيسين اسان ۾ روڪڻ جي طاقت آهي، تيسين ڪابه وڌوا پنهنجي مري ويل مڙس جي چتا تي زندهه نه جلائي ويندي!
    پنڊت (هٿ جوڙي): حضور! آءٌ وينتي ٿو ڪريان ته....
    اڪبر (رعب سان) : بس بس، اهو اسان جو حڪم آهي! هڪدم هتان نڪري وڃ....
    پنڊت (نيزاري ڪندي): حضور .... ....
    (ٻه عملدار هن کي مسند وٽان گھلي وٺي وڃن ٿا)
    پهريون عملدار: جزيي خلاف درخواست! او مانسنگهه راجپوت، تون اوري اچ!
    راجپوت (سلام ڪندي): جئه رام جي ڪي! اي اڪبر اعظم، اي راجپوتن جا شهنشاهه، اسان جي سر تي جيڪو محصول مڙهيل آهي، اهو هٽاءِ ... پنهنجي محصول اڳاڙيندڙن کان اسان کي بچاءِ!
    اڪبر: جيڪڏهن تون اسان جي لشڪر ۾ داخل ٿين ها، ته پاڻ کي انهيءَ کان بچائي سگھين ها!
    راجپوت: آءٌ هڪ راجپوت آهيان، جنهن جا هٿيار ۽ جسم فقط وڙهڻ لاءِ آهن. اهو ته هڪ سودو ٿيو، جيڪڏهن آءٌ پنهنجي سر جو سودو ڪري ڇڏيندس، ته پوءِ آءٌ وڙهي ڪيئن سگهندس! اسين راجپوت انهيءَ محصول کي ڌڪاريون ٿا ۽ انهيءَ ڪري آءٌ ڀرڻ کان انڪار ڪريان ٿو! ....
    وزير (اڳتي وڌي ٿو ۽ هن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو هٿ مٿي کڻي ٿو): نادان ادب سان ڳالهاءِ!
    اڪبر (وزير کي روڪيندي): نه نه، ڇڏينس ته اسين هن کي ٻُڌون. پٽ، تون چئو، جيڪي من ۾ اٿئي، سو بيڌڙڪ چئي ڏي!
    راجپوت: هڪ راجپوت ۽ ڊپ؟ اڻ ٿيڻي! اهو صحيح آهي ته آءٌ پنهنجا ٻنيون ٻارا سک سلامتيءَ سان پيو پوکيان، پر هڪ جنگي جوڌي جو خون منهنجي رڳن ۾ ڊوڙندو رهي ٿو: جيڪڏهن آءٌ اوهان کان ڊڄان ها، ته پوءِ اوهان جي محصولين جي آزار کي منهن ڏيان ها ڇا؟ ۽ وري اوهان جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيڻ ۽ اوهان خاطر وڙهڻ کان انڪار ڪريان ها ڇا؟ نه نه! آءٌ هڪ هندو آهيان، جنهن جي سر تي محصول جي چٽي مڙهيل آهي- ڇا آءٌ هڪ راجپوت ٿي ڪري، هن ڌڪاريل محصول جي عيوض، پنهنجي سر جي آزادي وڪڻي، انهيءَ حڪمران طاقت لاءِ بيهي وڙهان، جنهن اسان تي اها چٽي مڙهي آهي؟ نه نه، آءٌ اهڙي سوديبازي هرگز ڪين ڪندس. منهنجو سِر، هڪ راجپوت جو سِر آهي؛ ڪو واپاريءَ يا سوداگر جو سِر ڪونهي!
    اڪبر: منهنجا پٽ، جيڪڏهن آءٌ هندو هجان ها، هڪ راجپوت هجان ها، ته آءٌ به يقيناً ائين ئي محسوس ڪريان ها، جيئن تون ٿو ڪرين .... ....اسان کي برابر هي محصول بند ڪرڻ گھرجي. تون دلجاءِ ڪر، اسان جا محصول اڳاڙيندڙ آئيندي توکي پنهنجيون ٻنيون ٻارا امن سان پوکڻ کان ڪين روڪيندا، تون آزاد آهين!
    راجپوت: پوءِ عاليجاهه، آءٌ تنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيندس، جنهن ڏينهن تي هيءُ ڌڪاريل ڏن بند ٿيو، ان ڏينهن ئي آءٌ اوهان جي فوج ۾ شامل ٿيندس!
    اڪبر: توکي انهيءَ لاءِ گهڻو ترسڻو ڪين پوندو. ان وقت تائين تنهنجي زندگي پُرامن رهندي.
    راجپوت: ۽ توکي، اي اڪبر، هميشه فتح نصيب ٿيندي!
    جئه رام جي ڪي! (پوئتي موٽي وڃي ٿو)
    پهريون عملدار: تپيدار، تون اوري اچ!
    تپيدار (هڪڙي هاريءَ کي گهليندو اڳتي اچي ٿو، ۽ جهُُڪي ڪورنش ڪري ٿو) – اي عاليجاهه، شهنشاهه اعظم، ظل الله تعاليٰ، مون کي تنهنجي مدد جي ضرورت آهي! هيءُ شخص....
    اڪبر: هن مقدمي کي مهمل ڪريو. اڄ وقت ٿورو آهي، اسين انهيءَ کي ٻئي ڪنهن ڏينهن تي ٻڌنداسون.
    تپيدار: حضور .... (ٻيو عملدار کيس گهلي وٺي ٿو وڃي)
    پهريون عملدار: زمين جي ماپ جي تڪرار وارا هاري .... اچو اچو- اوهين اڳتي اچو!
    اڪبر: چئو، اوهان جو ڇا تي تڪرار آهي؟
    پهريون هاري: اي عاليجاهه، هن شخص منهنجي زمين تي آبادي ڪئي آهي.
    ٻيو هاري: اي انصاف جا نگهبان، اها زمين هن جي نه، پر منهنجي آهي.
    پهريون: زمين منهنجي آهي.... مون پاڻ ماپي آهي!
    ٻيو هاري: مون به ماپي آهي، اها منهنجي زمين آهي!
    اڪبر: ترسو، هي مقدمو اهم آهي! درٻار کي خالي ڪريو، اسين انهيءَ جو خيال سان فيصلو ڪنداسون- تيسين ڀلي ته راجا توڏرمل به اچي.
    (فريادي ۽ عرضدار وڃن ٿا)
    (راجا توڏرمل داخل ٿئي ٿو)
    توڏرمل: توڏرمل خدمت ۾ حاضر آهي؛ اڪبر، تسليم!
    اڪبر: تسليم، اي دوست! تون عين موقعي تي پهتو آهين- هنن هارين کان پڇ ته ڇا تي ٿا وڙهن؟
    پهريون عملدار (هارين کي): اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌو. (هاري راجا توڏرمل کي هٿ جوڙي سلام ڪن ٿا.)
    توڏرمل: دوستو، اوهان سان ڪهڙي ماجرا آهي؟ ڇاتي تڪرار اٿؤ؟
    پهريون هاري: هن منهنجي زمين ۾ آباديءَ لاءِ ٻج پوکيو آهي، حضور!
    ٻيو هاري: اها منهنجي .... ....
    توڏرمل: خاموش، تون صبر ڪري بيهه.... (پهرئين هاريءَ کي) ها، سو هن تنهنجي زمين تي ٻج پوکيو آهي....
    ٻيو هاري: حضور، آءٌ .... ....
    توڏرمل (هن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ هٿ مٿي کڻندي): تنهنجي زمين جي پکيڙ گهڻي آهي؟
    پهريون هاري: مڙئي ويهه ايڪڙ، سائين.
    توڏرمل: نه نه، منهنجو مطلب آهي ته اها ڪيتري ايراضي آهي، جنهن تي هن زوريءَ قبضو ڪيو آهي؟ (ٻيو هاري وچ ۾ دخل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو) صبر ڪري بيهه! .... ها، تون ٻڌاءِ ته اها گهڻي ايراضي ٿيندي؟
    پهريون هاري: ڏهه جريب کن.
    توڏرمل: ۽ تو ان جي ماپ به ڪئي آهي.
    پهريون هاري: هائو، مون ماپي آهي.
    توڏرمل (ٻئي هاريءَ کي): ۽ توکي ڇا چوڻو آهي؟
    ٻيو هاري: حضور، مون هن جي زمين تي بنهه ٻج ڪونه پوکيو آهي، اها زمين ته منهنجي پنهنجي آهي؛ مون ماپ ڪري ڏٺي آهي.
    توڏرمل: تو ڪڏهن ماپ ڪئي هئي؟
    ٻيو هاري: ڪالهه، سائين!
    توڏرمل: ۽ تو .... .... تو ڪڏهن ماپي هئي زمين؟
    پهريون هاري: ڇهه مهينا اڳ.... مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي، حضور! مينهن پئي پيو. انهن ڏينهن، رات ڏينهن مينهن پيو وسندو هو؛ پٽ سڄو گپ ٿيو پيو هو. تپيدار خود اتي موجود هو .... ۽ هن ئي مون کي حد بندي ڪري ڏني هئي.
    توڏرمل: تو ماپ ڇا سان ڪئي هئي؟
    پهريون هاري: سرڪاري جريب سان.
    توڏرمل: هون ... مون کي ڏيکاري سگهندين، اهو سرڪاري جريب؟
    پهريون هاري: ڇو ڪين؟ اجهو، هي وٺو.
    (چادر جي پلاند مان هڪ سڻيءَ جي نوڙي ڪڍي هن کي ڏئي ٿو)
    اڪبر (کلندي) ... سرڪاري جريب! راجا صاحب هاڻي اوهين پنهنجو ’جريب‘ کڻي ڏيکاريو، سرڪاري جريب کي کڻي ڦٽو ڪريو.
    توڏرمل (کلندي): هائو، هائو حضور، مون کي پنهنجو جريب آڻڻو ئي پوندو. (پهرئين عملدار کي) وڃ، منهنجي خادم کي وڃي چئه ته مون وارو ’جريب‘ کڻي اچي، پاڻيءَ ڀريل ڪو ٿانو به آڻجانءِ!
    (پهريون عملدار وڃي ٿو)
    اڪبر: ويچارن ماڻهن کي سرڪاري جريب مان ڪيڏي نه مصيبت سهڻي پئي آهي!
    توڏرمل: منهنجا دوست، اوهين ٻئي صحيح آهيو، پر ٻئي غلط به آهيو!
    (هڪڙو ماڻهو بانس جي هڪ لٺ کڻي اچي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي لوهي ڪڙا چرهيل آهن. ان جي پويان ٻيو ماڻهو پاڻيءَ جو ٿانو کڻي اندر اچي ٿو. اڪبر مسند تان ويجهو ٿي جانچي ٿو.)
    توڏرمل (بانس جي لٺ کي پنهنجي مٿان موڙيندي): چڱو، دوستو، ٻڌايو ته هي ڇا آهي؟
    ٻئي هاري (گڏجي): حضور، هڪ لٺ.
    پهريون هاري: پر اهي لوهي ڪڙا ڇو چاڙهيل اٿس؟
    توڏرمل: اهو لٺ جو هڪڙو نئون نمونو آهي!
    اڪبر (کلندي): هڪ سرڪاري لٺ!
    ٻيو هاري: سائين، اها ڏوهارين کي مارڻ لاءِ آهي ڇا؟
    توڏرمل: نه نه، هيءُ ڪو ماڻهن مارڻ لاءِ نئون هٿيار ڪونهي، پر زمين جي ماپ جونئون اوزار آهي! هن لٺ جي ڪري اوهان جي جھيڙي جھڙا سمورا تڪرار ختم ٿي ويندا. هن ڊيگھه جِي ڏهوڻ، برابر آهي هڪ جريب جي. هاڻ اوهين نوڙيءَ کي اوترا ڀيرا وراڪا ڏيئي، يعني ان جو ڏهون حصو، هن بانس سان ملائي ڏسو. (ٻئي هاريءَ کي لٺ ڏئي ٿو- ۽ پهرئين کي نوڙي) هاڻ ماپيوس. (پنهنجي خادم کي) هنن کي ماپڻ ۾ مدد ڪر. (نوڙيءَ کي ڏهن حصن ۾ ورهائي بانس سان ماپين ٿا)
    توڏرمل- ها، نوڙيءَ جي ڏهين پتي هن بانس جي ڊيگھه برابر آهي يا نه؟
    پهريون: هائو سائين، بلڪل برابر!
    توڏرمل: هاڻي نوڙي مون کي ڏي. (ٻيو هاري کيس نوڙي ڏئي ٿو) ڏسجو، آءٌ نوڙيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٿو پسايان. (نوڙي ٿانو ۾ وجھي ٿو) اوهان مان هڪڙي زمين ڪالهه ماپي هئي نه؟
    پھريون هاري: ها، مون ماپي هئي.
    توڏرمل (ٻئي هاريءَ کي): ۽ تو ڇهه مهينا اڳ آلي نوڙيءَ سان ماپي هئي.... نوڙي آلي هئي ڪي نه؟
    ٻيو هاري: هائو حضور، آلي ته برابر هئي.
    توڏرمل(نوڙي پاڻيءَ مان ڪڍندي): هاڻي هن پسيل نوڙيءَ سان ماپي ڏسو. (هاري آليءَ نوڙيءَ سان ماپي ٿو) ها، هاڻي ٻڌاءِ ته ماپ ساڳي آهي؟
    ٻيو هاري: حضور، هيءَ گهٽ آهي!
    توڏرمل (ٻئي هاريءَ کي): سڪل ۽ آليءَ نوڙيءَ جي تفاوت جي ڏهوڻ اوري تنهنجي حد هئڻ گهرجي: تنهنڪري منهنجا دوست، (ٻئي هاريءَ کي) تو جيڪا ڪالهه ماپ ڪئي هئي، سا برابر هئي؛ ۽ تو (پهرئين هاريءَ کي) ڇهه مهينا اڳ ماپ ڪئي هئي، سا غلط هئي، پر توکي ان جي خبر ڪانه هئي!
    اڪبر: اوهين ٻئي برابر آهيو، تڪرار جو هاڻي ڪوبه سبب نه رهيو آهي. اها چُڪ، سڻيءَ جي نوڙيءَ واري سرڪاري جريب جي هئي؛ ڇو ته آلي ٿيڻ تي اها سسيو ٿي وڃي. اسين انهيءَ جريب کي رد ڪنداسون: اڄ کان هي بانس جو ”نئون سرڪاري جريب“ جاري ڪيو ويندو! اڳئين سرڪاري جريب ڪري، جو اوهان ٻنهي کي تڪليف ٿي آهي، ان ڪري اوهان کي پنج پنج مهرون عيوضي طور ڏنيون وينديون. اها نئين جريب جي به شڪريه ادائي آهي .... .... راجا صاحب، اچو ته باغ ۾ هلي هماليه جي برف پيل شربت پي پاڻ کي تازو توانو ڪريون- ۽ پوءِ اوهان جي ايجاد ڪيل نظام موجب زرعي سڌارن جھڙي اهم ڪم تي غور ڪنداسون. (هارين کي) اوهين- اي ڪاشگارو، پنهنجي محسن راجا توڏرمل جا ٿورا مڃو، جنهن اوهان جي مدد ڪئي آهي!
    هاري (راجا جي اڳيان جھڪندي): تو تي لک لک سلامتيون هجن. خدا ڪندو تنهنجي آل اولاد کي وڏي ڄمار نصيب ٿيندي! (مسند ڏانهن وڃي، اڪبر کي ڪورنش ڪن ٿا) اي عاليجاهه، شال اوهين هميشه زندهه سلامت رهو!
    اڪبر: راجا صاحب، اچو ته هلون (ڦري محل ڏانهن وڃي ٿو).
    [راجا توڏرمل به مسند جي ڏاڪن ڏانهن وڌي ٿو. جيئن ئي اڳتي اچي ٿو، ته هاري وڌي کيس پيرين پون ٿا.]
    (پردو ڪري ٿو)
    منظر ٻيو
    2
    ڪردار
    شهنشاهه اڪبر؛ ابوالفضل-زبردست عالم ۽ اڪبر جو همراز دوست؛ هڪ عيسائي پادري؛ هڪ قاضي؛ هڪ برهمڻ؛ ۽ هڪ ٻوڌي راهب.
    (اڪبر جي محلات جو عبادتخانو- ساڳئي ڏينهن جي شام – اڪبر ۽ ابوالفضل ويٺا آهن)
    ابوالفضل: اوهان اڄ راجپوت سان، جيڪا گفتگو ڪئي هئي، سا مون ٻڌي آهي. جيڪي ڪجهه ’ديوان عام‘ ۾ وهي واپري ٿو، ان جي خبر اسان کي پئي پوندي آهي.
    اڪبر: اسان کي جزيو بند ڪري ڇڏڻ گهرجي، اهو واقعي ظلم آهي. سمورا غير مسلم انهيءَ کي ڌڪارين ٿا ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو بلڪل حق بجانب آهن. زيارتي محصول به بند ٿيڻ گهرجي. انهن محصولن مان سرڪاري خزاني ۾ ته برابر دولت ٿي اچي، پر ان هوندي به اهي محصول ختم ڪرڻ گهرجن.
    ابوالفضل: عاليجاهه، منهنجو به اهو ئي خيال آهي ته اهي ٻئي محصول ڏاڍا ڏکوئيندڙ آهن، اهي ضرور بند ٿيڻ گهرجن.
    اڪبر: فضل، عجب آهي ته مون کي ’ديوان عام‘ ۾، مسجد جي بنسبت، خدا جي ويجھڙائيءَ جو احساس وڌيڪ گھرو محسوس ٿيندو آهي .... اهو ڪفر ته ڪونهي؟
    ابوالفضل: اها ته پاڻ ايمان جي هڪ صورت آهي! جيتوڻيڪ ڪو مولوي انهيءَ کي هرگز ڪونه مڃيندو. اهو هڪ نئون ايمان آهي.
    اڪبر: نئين ايمان ۾ وري نئون مذهب سمايل آهي!
    ابوالفضل (کلي): نه نه، ائين وري ڪيئَن؟ مون کي ته اهڙي اميد ڪانهي: مذهب اسان وٽ اڳي ئي شمار کان ٻاهر آهن، ۽ هر ڪو مذهب ٻئي خلاف اهڙي ته دليلبازي ڪندو ٿو رهي، جو لڱن جا وار ئي ڪانڊارجيو وڃن.
    اڪبر: اها ئي ته افسوس جي ڳالهه آهي: فضل! ٻڌ، ’ديوان عام‘ منهنجي مسجد آهي، منهنجو مندر آهي؛ اها ئي ته منهنجي ديول، منهنجي خانقاهه آهي! آءٌ فقط توکي ائين ٻڌايان ٿو، جو تون انهيءَ کي سمجھي سگهندين، پر ٻڌاءِ ته سهي، ڇا آءٌ درٻار جي قاضيءَ کي اهي لفظ چئي سگهان ٿو؟
    ابوالفضل: ڇو ڪين؟ ڇا اسان جي فلسفي جا سمورا بحث ائين ئي رائگان هليا ويا!
    اڪبر: فضل، ٻڌ، ديوان عام ۾ آءٌ نڪي مسلمان آهيان، نڪي هندو ۽ نڪي عيسائي. اتي آءٌ صرف انسان آهيان.... اهو عجيب معاملو آهي!
    ابوالفضل: انهيءَ ۾ عجب وري ڇا جو؟ اهو ته هڪ فطري نڪتو آهي. تنهنجو مقصد نيڪي آهي ۽ تنهنجو مذهب ”انسانيت“ آهي!
    اڪبر: هائو فضل، ڪجهه وقت کان آءٌ به اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته نيڪي منهنجي منزل آهي، نيڪي منهنجو خدا آهي. ايتري قدر جو عبادت ۾ آءٌ خدا جي بدران نيڪيءَ جو لفظ اُچاريندو آهيان. ائين ڪرڻ سان آءٌ پنهنجو پاڻ کي بهتر سمجھڻ لڳندو آهيان، تون به آزمائي ڏس. انهيءَ مان شايد تنهنجي دهريت جو ڪو علاج ٿي پوي.
    ابوالفضل (کلي): منهنجي دهريت! منهنجو خدا کان انڪار!
    اڪبر: تو ۽ مون، جو اهو فيصلو ڪيو آهي ته ’خدا‘ جو لفظ هروڀرو ۽ خوامخواه ذري ذري ڪونه اچارينداسون، انهيءَ جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو اسين بي خدا آهيون.
    ابوالفضل: جيڪڏهن تون خدا جي بدران نيڪيءَ جو لفظ استعمال ڪندين، ته تو کي به دهريي جو خطاب ملندو.
    اڪبر: پر ’خدا محبت آهي‘. اهو عيسائين جو قول آهي .... ۽ محبت ’نيڪي‘ آهي. هر هڪ مذهب جو مقصد به اهو ئي آهي، پوءِ ڪي نيڪي ڪن ٿا هن دنيا جي واسطي، ته ڪي هُن ٻيءَ دنيا لاءِ!
    ابوالفضل : گهڻو تڻو سڀ ٻيءَ دنيا لاءِ!
    اڪبر: ديوان عام ۾ منهنجو مقصد هن دنيا جي نيڪي آهي.
    ابوالفضل: انهيءَ ڪري ته آءٌ چوان ٿو ته تنهنجو مذهب ”مذهب انسانيت“ آهي.
    اڪبر: جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ انهيءَ ۾ سمورن مذهبن جا خاص خاص ۽ وزنائتا اصول هئڻ کپن. سڀني مذهبن جا نيڪ ۽ بهترين اصول انهيءَ ۾ سمائجي وڃڻ کپن. پاڻ جيڪي بحث مباحثا ڪندا هئاسون، تن جو نتيجو به آخر ڪهڙو نڪتو؟ سڀ کان پهريائين، مون هندو ڌرم ۾ دلچسپي ورتي. مون پنهنجي هندو رعايا جي مذهب جي بنيادي اصولن کي دريافت ڪرڻ ٿي گھريو، جو آءٌ انهن کان مطمئن نه هوس؛ آءٌ اڃا به ڪونه آهيان، ويتر هاڻ اسلام متعلق به شڪ جاڳي پيا اٿم. اها ڳالهه ٻڌيو، اسان جو قاضي ته بنهه پاڻيءَ کان نڪريو وڃي! فضل، ٻڌاءِ ته سهي اسان جي بحثن مباحثن، ڪا انهن شخصن ۾ نظر جي وسعت پيدا ڪئي آهي يا نه؟
    ابوالفضل: ڪيئن چئجي؟ انهن کي اڃا آزمايو ئي ڪونه اٿئون.
    اڪبر: ها، مذهب انسانيت.... ....! منهنجو ڪافي عرصي کان خيال پئي رهيو آهي ته سمورن مذهبن کي هڪڙي ئي مذهب ۾ سموئي، هڪ همه گير مذهب قائم ڪجي. هڪ نئون عقيدو، انسانيت جو عقيدو، نيڪيءَ جو مذهب. انسان جي شاندار منزل مقصود جو مذهب، روح جي بنيادي نيڪيءَ جو عقيدو!
    ابوالفضل: ها، عقيدو- هر نئين ڄاول ٻار جي معصوميت ۽ نيڪيءَ جو عقيدو!
    اڪبر: مومن يا منڪر، هندو يا مسلم، ڪرستان يا بت پرست، بادشاهه يا ڀنگي- اهو سڀڪجهه هڪ ئي چيز آهي: عورت جي بطن مان پيدا ٿيل هر نئون ڄاول ٻار، هڪ ڪتاب جو صاف ۽ خالي صفحو آهي، جيڪو خود هن جي زندگيءَ جي خون سان لکيو ويندو!
    ابوالفضل: پر، اهو صفحو، جيڪو آخر هندو، مسلمان، عيسائي وغيره جي صورت وڃيو وٺي!
    اڪبر: آءٌ هڪڙو مسلمان ٿي پيدا ٿيس؛ ۽ اهڙيءَ طرح تون به. اسين انهيءَ ۾ ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟ اسين مجبور هئاسين! اسان جو مذهب ته موروثي آهي- بي اختيار ۽ خود بخود ائين ٿي ٿو وڃي! بيشڪ مذهب انسان جي زندگيءَ کي رنگ ڏئي ٿو، پر اهو ضروري ته نه آهي ته هروڀرو اهو انسان جي زندگيءَ جي هر صفحي کي ڀري ڇڏي!
    ابوالفضل: سو ته هي بحث مباحثا برابر تنهنجي ۽ تنهنجي زندگيءَ جي چڱن خاصن صفحن کي ڀري ڇڏيندا!
    اڪبر: نه رڳو اسان جي پر ٻين به ڪيترن ئي موروثي معتقدن جي زندگيءَ جا ڪتاب ڀرجي ويندا. آءٌ هنن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ قوت برداشت ۽ رواداريءَ کي جانچي رهيو آهيان.
    ابوالفضل : شروع شروع ۾ هو ڪيئن نه هڪ ٻئي جي خلاف پيا دليلبازيون ڪندا هئا؛ ڪيئن نه هڪٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ زور آزمائيون پيا ڪندا هئا، ته فقط هو ئي آهن، جيڪي دنيا کي نجات ڏياري سگھندا، ۽ فقط سندن پنهنجا روحاني استاد، رشي مني، ۽ پيغمبر ئي عظيم ترين شخصيتون هئا! هڪٻئي جي طور طريقن تي.... ۽ خود خدا جي صفتن ۽ وجود تي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ايندا هئا! .... نيڪيءَ ۾ ڪو به اهڙو جهيڙو جهڳڙو آهي ئي ڪونه، اها ته تمام آسان، نهايت ئي سولي آهي.
    اڪبر: نيڪي هڪ همه گير ضرورت، هڪ همه گير بخشش آهي. اسان جو فرض آهي ته ان کي حاصل ڪريون. انهيءَ ۾ ئي اسان کي رهڻ، هلڻ چلڻ ۽ زندگي حاصل ڪرڻ گهرجي، پر پوءِ اسين عبادت ڪرڻ وقت ان کي مخاطب ڪيئن ٿي سگهنداسون؟ نه نه .... اسين خود نيڪي آهيون. نيڪي اسان جي نڪ مان کڄندڙ اسان جو ساهه آهي، دل جي دڪ دڪ آهي، ۽ اسان جي عضون جي حرڪت آهي!
    ابوالفضل: نيڪيءَ کي سڀڪو حاصل ڪري ٿو سگهي، نيڪي سڀني کي ملائي ڳنڍي هڪ ڪري ٿي ڇڏي.
    اڪبر: ها، اها نسلن کي، قومن کي متحد ڪريو ڇڏي. متحده قومون، متحد ٿي، دنيا کي متحد ڪري سگهن ٿيون! فضل، اهو ئي ته اسلام جو بنيادي اصول آهي .... ٻَڌي، وحدت! فضل، خود اسلام جا ئي اهي لفظ آهن ته ”سمورا انسان هڪ ئي نسل آهن!“
    ابوالفضل: سمورا انسان، هڪڙو ئي نسل! اڪبر، تون عيسائيت جو بنيادي اصول ڪهڙو ٿو سمجهين؟
    اڪبر (ڪجهه وقفي کانپوءِ): محبت، بيغرض محبت.... دوستي ۽ امن!
    ابوالفضل: ۽ هندو ڌرم جو؟
    اڪبر : هندو ڌرم جو؟ ....آتم گيان، يعني پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي اختيار رکڻ!
    ابوالفضل: ۽ ٻُڌمت؟ ٻڌمت به مذهب آهي يا نه؟
    اڪبر: ٻڌمت؟ .... مذهب؟ ٻڌمت ويچار- شڪتيءَ جو مذهب آهي!
    ابوالفضل: ۽ انهيءَ جو بنيادي اُصول؟
    اڪبر: رحم....نفس جي مارڻ سان، تياڳ ڪرڻ سان!
    ابوالفضل: انهيءَ جو مول مقصد؟
    اڪبر: زندگيءَ تي فتح پائڻ- هِتي جي ۽ هاڻي جي زندگي! حقيقت ۾، هر فرد روزانو، جيڪي ڪجهه ڪري ٿو.... ان مان زندگيءَ تي فتح پائڻ ئي ان جو مقصد آهي!
    ابوالفضل : ۽ ان جي منزل؟
    اڪبر (ڪجهه وقفي کانپوءِ): انهيءَ جي منزل؟ .... سڪون، ابدي سڪون- نرواڻ!
    ابوالفضل : اهي سمورا اصول، اسلام جي بنيادي اصول- توحيد سان گڏجي، اي اڪبر، تنهنجي نئين عقيدي، نئين مذهب ’انسانيت‘ جو بنياد بنجي سگهندا!
    اڪبر: فضل، منهنجي سمجهه موجب اهي ئي مکيه اصول آهن، جيڪي ويدن، گوتم ٻڌ۽ يسوع مسيح جي تعليم مان پيدا ٿيا آهن. اسان عرب جي نبي صلعم جي پيروئن کي، اسلام جي بنيادي اصول توحيد موجب، انهن سمورن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اسلام جي آڀارڻ لاءِ نه، پر انسان ذات جي شان کي دوبالا ڪرڻ لاءِ!
    ابوالفضل: پر، اي اڪبر، ڇا اهي تعليمون، اڄ انهن مذهبن ۾ ڏنيون به وڃن ٿيون؟ اهي اصول اڄ عمل ۾ به اچن ٿا؟ آءٌ ڀانيان ٿو ته ائين ڪونهي.
    اڪبر: فضل، نوان وقت ۽ نيون حالتون، نون عقيدن ۽ نون عملن کي جنم ڏينديون آهن. مثال طور: خود دولت متعلق اسان جي تعليم کي ڏس....
    ابوالفضل : دولت؟ دولت ته ڪا اهڙي خرابي ڪانهي جا ترڪ ڪرڻ گھرجي- تنهنجو عقيدو ڇا ٿو چوي؟
    اڪبر: اسان کي خبرداري ڪرڻي پوندي، خود مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو آهي ته جيئن جيئن سال ٿا گذرندا وڃن، تيئن تيئن دولت به وڌندي وڃي. اهو اضافو جاري رهندو، ايتريقدر جو شايد اسان ۾ انهيءَ کي قبضي ۾ رکڻ جي صلاحيت نه رهندي! انهيءَ ڪري، ايندڙ ڏينهن ۾ دولت هڪ اهڙي خرابي بنجي پوندي، جنهن کي ترڪ ڪرڻو ئي پوندو....
    (برهمڻ پنڊت، پادري، قاضي ۽ ٻوڌي راهب داخل ٿين ٿا)
    ابوالفضل: اجھو، هي به اچي ويا.
    اڪبر: ڀلي ڪري آيا، جيءُ ڪري آيا، ڀائرو! اچو اچو، ويهو....
    قاضي: الله اڪبر!
    پادري: مقدس مريم اسان جي شفاعت ڪري!
    پنڊت: ڪلياڻ! آنند، شڀ آنند!
    ٻوڌي: اوم مني پدمي هام! شانتي، اوم شانتي!
    اڪبر: ڀائرو، اسين اڄ ’عبادت‘ جي مقدس ڏينهن تي وري پاڻ ۾ گڏيا آهيون، اسان پاڻ ڪيترائي بحث مباحثا پئي ڪيا آهن. اسان مختلف مذهبن تي بحث ڪندي، ڪو اهڙو عام ميدان به ڳوليو آهي، جتي اسين هڪٻئي سان برابريءَ ۾ بيهي سگهون؟ ڇا اسين انهيءَ لاءِ تيار آهيون ته پنهنجي پنهنجي مذهبن جي بنيادي اصولن کي ملائي، هڪ اهڙو مذهب- ’مذهب انسانيت‘ ٺاهيون، جو سڀني مسڪلن کان عظيم تر هجي؟ ٻڌايو، اسين انهيءَ لاءِ تيار آهيون يا نه؟ (وقفو)
    جيتريقدر منهنجو، ۽ منهنجي دوست ۽ همدم ابوالفضل جو تعلق آهي، اسين ٻئي شخصي طرح انهيءَ لاءِ بلڪل تيار آهيون. اوهين، انسان کي زندگي بخشيندڙ هستيءَ جي قاصدن، ۽ مذهبن جي مبلغن جي حيثيت ۾ انهيءَ لاءِ تيار آهيو؟ ڇا اوهين معرفت، علم، محبت ۽ توحيد جي اصولن خاطر، جن اوهان کي زندگي ڏني، اوهان کي نيڪيءَ جي راهه تي آندو. ان جا ظاهري ۽ منطقي اختلاف وسارڻ لاءِ تيار آهيو؟ رڳو پنهنجي انفرادي روح جي ايندڙ حياتيءَ ۽ نجات لاءِ نه، پر سڄي انسان ذات جي گڏيل روح جي هن موجوده حياتيءَ ۾، نيڪيءَ ۽ نجات لاءِ- اسين نئين ’انسانيت جي مذهب‘ کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده آهيون؟.... ’انسانيت جو مذهب‘-هڪ اهڙو مذهب، جنهن جو مقصد ’نيڪي‘ آهي. ها، نيڪي- رڳو پنهنجي نجات لاءِ نه، انفرادي نجات لاءِ نه، محض ڪن ماڻهن يا قومن جي نجات ۽ ڇوٽڪاري لاءِ نه، - پر سموري انسان ذات جي نجات لاءِ! ڀائرو، جواب ڏيو؟
    قاضي: خيال نهايت چڱو آهي!
    پادري: اها موجوده وقت جي تقاضا آهي!
    ٻوڌي: انهيءَ مان شانتي پيدا ٿيندي!
    برهمڻ: اهو سڀني اوتارن ۽ پيغمبرن جي اچڻ کي سچو ثابت ڪندو!
    قاضي: ۽ ان کانپوءِ ٻيو ڪو به پيغمبر ڪونه ايندو!
    اڪبر: انسانيت هاڻي ڪافي عمر رسيده ٿي چڪي آهي. هاڻي انسانيت کي پنهنجو پاڻ لاءِ ڪجهه سوچڻ گهرجي، ڪجهه عمل ڪرڻ گهرجي.
    پادري: هڪڙو ٻار فقط ٻاراڻي نموني عمل ڪندو آهي، سوچيندو نه آهي؛ جوان، جوان جيان فقط سوچيندو آهي- پر بزرگ ۽ وڏڙا سياڻپ سان عمل ڪندا آهن.
    ٻوڌي: سياڻپ ويچار جو اولاد آهي؛ ۽ ’حقيقت‘ صحيح عمل جي ماءُ آهي.
    اڪبر: حقيقت! اها ’حقيقت‘ ڇا آهي؟
    ٻوڌي: اڄوڪي ڏينهن جو صورتحال، جيڪو گذري رهيو آهي. اهو نه، جيڪي ڪالهه هو؛ پر اهو، جيڪي اڄ آهي- اها آهي ’حقيقت‘! ڏينهن گذرندا ٿا رهن، ۽ حالتون تبديل ٿينديون ٿيون رهن: ’حقيقت‘ به تبديل ٿيندڙ حالتن سان بدلجندي آهي.
    اڪبر: اهو ئي سبب آهي، جو دولت بابت منهنجا خيال پريشان ٿيندا ٿا وڃن. قاضي صاحب، اسان کي دولت بابت اسلامي نقطهء نظر ته سمجهايو؟
    قاضي: قرآن مجيد مطابق دولت اهڙي مثبت نيڪي آهي، جنهن کي انهيءَ جا مالڪ وڏيءَ خوشيءَ سان ماڻي سگھن ٿا: دولت کي ترڪ ڪرڻ نه گھرجي، پر انهيءَ جو ڪجهه حصو غريبن کي ڏيڻ ضرور گھرجي!
    پادري: اسان جي يسوع مسيح جو قول آهي ته ”اوهان وٽ جيڪي ڪجهه آهي، سو وڪڻي غريبن کي ڏيو“!
    قاضي: سرمائيدارن کان سڀڪجهه کسي غريبن کي ڏيڻ ڪو غريبيءَ جو علاج نه آهي. ان جي برعڪس، شاهوڪارن کي غريب بنائڻ سان ته پاڻ غريبي وڌي ويندي!
    ٻوڌي: خيرات يا دان ڏيڻ جا ڪم رڳو ٿوري وقت لاءِ غريبيءَ کي جھڪو ڪن ٿا- اسان کي غريبيءَ جا ’ڪارڻ‘ ڳولڻ گهرجن........ اسان کي غريبيءَ ۽ سرمائيداريءَ کان اڳتي سوچڻ گهرجي .... اسان کي ٻنهي جي وچ وارو رستو ڳولڻ گهرجي!
    اڪبر: دولت جي ايتري ساري ذخيره اندوزيءَ مان هڪ حقيقي ۽ زبردست خطرو پيدا ٿي پوي ٿو. سرمائيداري رڳو وڌي ئي وڌي پئي- شاهوڪاري ئي شاهوڪاري پئي گڏ ٿئي!
    ابوالفضل: ۽ جنگ جي هٿيارن ۾ الڳ اضافو ٿي رهيو آهي. اضافو ۽ تبديلي! اڄ جا هٿيار، آرين جي وقت ۽ افغان فاتحن جي ڏينهن کان گهڻو وڌيڪ موتمار آهن.
    اڪبر: جيڪڏهن انهن ٻن جاڙين طاقتن- سرمائيداري ۽ جنگ- کي نه روڪينداسون، ته اهو ڏينهن ايندو، جو اهي ٻئي گڏجي دنيا جي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪنديون.... ڏهن، ويهن يا سو سالن کانپوءِ، .... ڪنهن کي خبر ته جنگ جا اڃا به ڪهڙا موتمار هٿيار هوندا! جيڪڏهن اسان انهيءَ مهلڪ طاقت کي روڪينداسون ۽ دٻائينداسون نه، ته اسين به اهڙيءَ تباهيءَ هيٺ اينداسون، جھڙي ’ائٽلانٽس‘ ملڪ جي آکاڻيءَ ۾ مشهور آهي. ’ائٽلانٽس‘ رياست هڪ زبردست سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿيل آهي. انهيءَ رياست پنهنجي طاقت ايتري وڌائي، جو پوءِ ان تي ضابطو رکڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو- يا خود ان تي ضابطو رکڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي!
    ٻوڌي: جيڪڏهن انهن ٻن جاڙين طاقتن – سرمائيداري ۽ جنگ- کي نه روڪيو ويو، ته اهي هڪ اهڙي خوفناڪ حقيقت پيدا ڪنديون، جنهن سان وقت جي ڪابه طاقت مقابلو ڪري نه سگهندي!
    اڪبر- پوءِ، اي ڀڪشو، ٻڌمت جي’ويچار‘ ۽ ’صحيح عمل‘ جي اٽل ضرورت پوندي.
    پادري: اسان جي مذهبي الهام مطابق، انهن خطرناڪ ڏينهن ۾ ’عدو عيسى‘ پيدا ٿيندو. اهو ’عدو عيسيٰ‘، ’نجات ڏيندڙ‘ جي ٻهروپ ۾ ظاهر ٿيندو. سندس هٿن تي انهن ڪلين جا زخم هوندا، جن سان ’هُن‘ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو هو. هو ’امن جي شهزادي‘ جي روپ ۾ ’امن، امن!‘ پڪاريندو ايندو، پر تڏهن امن هوندو ئي ڪونه!
    قاضي: ۽ اسين توحيد جي پيغمبر جا پوئلڳ ’توحيد، توحيد!‘ پڪارينداسون، جتي توحيد هوندي ئي ڪانه!
    ٻوڌي: انهن ڏينهن ۾ انسانيت ’نيڪ‘ ۽ ’عقلمند‘ کي ربهري ڪرڻ لاءِ وينتي ڪندي. انهيءَ رهبريءَ سان انسانيت هن دنيا ۾ امن جي مقصد کي رسندي، ۽ ان کان اڳتي ’نرواڻ‘ نصيب ٿيندس!
    برهمڻ: پاڻ تي اختيار رکڻ سان ....
    پادري: محبت سان ....
    قاضي : توحيد سان ....
    اڪبر: انسانيت جي مذهب سان ....!
    (گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي)
    آءٌ ڏسان ٿو ته اوهين هن ’نئين عقيدي‘، موجب منهنجي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. ’نئون عقيدو‘، جيڪو نه ’هندو‘ آهي نه ’عيسائي‘ ، نڪي ‘مسلمان’. اهو عقيدو، جيڪو ’انسان‘ آهي. ڇا اوهان سمورا انهيءَ عقيدي جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ جيڪڏهن پيروي نه ڪري سگھو ته ’نه‘ چئو، ۽ خاموشيءَ سان اٿي هليا وڃو؛ ۽ جيڪڏهن پيروي ڪندؤ ته پوءِ ويٺا هجو.
    (گھڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي، ۽ ڪابه چرپر ڪانه ٿي ٿئي)
    ٻڌو، “نيڪي” منهنجو خدا آهي.... آءٌ ٻئي ڪنهن به خدا کي ڪين سڃاڻان....!
    اي انسان جي روح کي زندگي ڏيندڙ طاقت جا قاصدؤ، ڪجهه ته چئو! اچو ته اڄ اسين گڏجي عهد ڪريون ته توحيد ۽ نيڪيءَ جي هن عظيم تصور کي ڇڏي تيسين نه اٿنداسون، جيسين اسان انهن ٻنهي کي گڏي پنهنجي نئين عقيدي- ’انسان جي عقيدي‘- کي ’انسانيت‘ جي مذهب جو بنياد نه بنايو آهي.
    اي قادر مطلق جا قاصدؤ، ڪجهه ته چئو!
    (پردو ڪري ٿو)
    منظر ٽيون
    3
    ڪردار
    اڪبر؛ ابوالفضل؛ فيضي-ابوالفضل جو ڀاءُ؛ رحيم- شاعر ۽ بهرام خان جو پٽ؛ مرزا عزيز-فوج جو عهديدار؛ راجا مانسنگهه-فوج جو سپهه سالار؛ راجا بيربل- ظريف؛ جانڪي داس- شاعر؛ تانسين- هندوءَ مان مسلمان ٿيل درٻاري گَوَيو.
    [ديوان خاص – اڪبر جا رتن سندس انتظار ۾ درٻار ۾ ويٺا آهن- تخت جي کاٻي پاسي کان پهرين ابوالفضل ڀاڻس فيضي، ان جي ڀرسان راجا توڏرمل ويٺا آهن. تخت جي ساڄي پاسي کان جانڪي داس، رحيم ۽ بيربل، ۽ هيٺ راجا مانسنگهه ۽ مرزا عزيز ويٺا آهن.]

    راجا مانسنگهه: افواهه پيا ٻڌجن ته جزيو منسوخ ٿو ٿئي، ۽ زيارتي ڍل کي به .....
    جانڪي داس: شل اهي افواهه سچا ٿين!
    مانسنگهه (توڏرمل کي): ٻڌو اٿم ته اوهين اڄ صبح واريءَ درٻار ۾ ديوان عام ۾ حاضر هئا. اوهان کي ته سڄي خبر هوندي. اهي محصول منسوخ ٿيڻا آهن ڇا؟
    توڏرمل: ڏسڻ ۾ ته ائين پيو اچي، وڌيڪ تفصيل جي ته مون کي به خبر ڪانهي.
    ابوالفضل (مرڪندي): راجا صاحب کان پڇڻو اٿئو ته زمينن جي ڍلن ۽ ماپن بابت پڇوس، محصولن مان هو ڇا ڄاڻي؟
    مانسنگهه: ها ها ..... ابوالفضل، تون سچ ٿو چوين، مون کي ته توکان ئي پڇڻ گهربو هو. ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، اهو سچ آهي ڇا ته جزيو منسوخ ٿو ٿئي؟
    ابوالفضل: گهڻو ڪري، حقيقت ۾ انهيءَ محصول ۽ زيارتي محصول کي ماڻهو ڏاڍو ڌڪارين ٿا. شهنشاهه خود انهن کي ناپسند ٿو ڪري.
    جانڪي داس: ٻيا به افواهه ٿا ٻڌجن ته ڪو نئون مذهب پيدا ڪيو ويو آهي؛ ۽ اهو مذهب سڀني مذهبن کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيندو. اها ڳالهه اعتبار ۾ ته ڪانه ٿي اچي!
    بيربل: اڄ کانپوءِ مسلمانن کي ڏاڙهيون ڪوڙائڻيون پونديون ۽ هندن کي رکائڻيون پونديون. جانڪي ۽ ڏاڙهيءَ سان؟ ..... واهه واهه!
    جانڪي: ۽ بيربل به!
    ابوالفضل: راجا صاحب، نئون مذهب اهڙو بُرو ڪونهي. هڪڙي نئين عقيدي جو بنياد رکيو ويو آهي، جيڪو هندن، مسلمانن، عيسائين ۽ ٻوڌين کي ملائي، حقيقت ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيندو.
    جانڪي: انهيءَ جو مطلب ته سڄيءَ دنيا جو هڪ ئي مذهب هوندو؟
    فيضي: نا ممڪن! اهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو!
    ابوالفضل: آخر ڇو نه؟ انهيءَ ۾ اسلام جي وحدت جا اصول به اچي وڃن ٿا. آءٌ ته ائين ٿو سمجھان ته اصول ئي صحيح عمل جو سرچشمو آهن.
    بيربل: ٻيو به هڪڙو افواهه آهي ته اسان جو شهنشاهه هندُو شُڌ ٿيو آهي، ۽ اڄ شام جو شايد اسان وٽ هندڪي ويس ۾ ايندو!
    جانڪي: بادشاهه سلامت ته هڪ ڀيرو اڳي به ائين ڪيو هو، پر هو آهي ته اڃا به اهو ئي مسلمان!
    بيربل: پر اڄ نئين مذهب جي بنياد رکڻ کانپوءِ انهيءَ ويس ۾ مڙيئي ٻي خصوصيت ۽ اهميت هوندي، ڇو نه اسين به ڪو اهڙو ٻهروپ کڻي ڪريون؟
    فيضي: راجا صاحب، پاڻ ڪهڙو ٻهروپ ڪري سگهنداسون؟
    بيربل: هيئَن ٿا ڪريون ..... اوهين ۽ آءٌ اچو ته هڪ ٻئي جون دستارون يا ٻي ڪا پوشاڪ پاڻ ۾ مٽايون: انهيءَ کان به بهتر ته هي ٿيندو ته سڀاڻي اوهين کڻي پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پاڪيءَ تي چاڙهيو!
    فيضي: ۽ توهين وارو ڪري کڻي ڏاڙهي رکايو!
    بيربل: هرگز نه، آءٌ ائين ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان!
    فيضي: ته آءٌ به ڪوڙائڻ لاءِ تيار نه آهيان!
    بيربل: ته پوءِ خدا اسان ٻنهي تي رحم ڪري!
    توڏرمل: اجهو، بادشاهه سلامت به اچي پيو.
    (اڪبر تانسين سان گڏ پيو اچي)
    (اڪبر خالص هندڪي ويس ۾ آهي؛ تانسين جي پوشاڪ وري بلڪل اسلامي آهي. سڀ اٿي بيهن ٿا، اڪبر تخت ڏانهن وڃي ٿو، ۽ ويهڻ کان اڳ هندن جي رواج موجب سلام ڪري ٿو)
    جانڪي: جئه شري رام!
    رحيم: جئه مهراج!
    بيربل (پرتڪلف اسلامي سلام سان): آداب عرض!
    اڪبر: تسليمات!
    (ٻيا به انهيءَ طريقي سان رسمي سلام ڪن ٿا. يعني مسلمان ٻانهون ٻڌي ڪورنش ڪن ٿا، ۽ هندو اسلامي سلام ڪن ٿا، سڀ ويهي رهن ٿا. گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي).
    اڪبر: دوستو، ڪا گفتگو شروع ڪريو .....
    توڏرمل: حضور، اڄ اهو ويس پائي، اوهان هندن کي وڏيءَ عزت سان نوازيو آهي.
    اڪبر: مون پنهنجو پاڻ کي نوازيو آهي. هنن ظاهري نشانين کي في الحال ڇڏڻو پيو اٿم، سڀاڻي آءٌ وري به مسلمان هوندس، ظاهريءَ طور ۽ پڻ حقيقت ۾.
    فيضي: اها حضور جن جي مرضي آهي ڇا ته اسين سڀ به ائين ئي ڪريون؟ اوهين مون کان به اهو ئي ڪرائڻ گهرو ٿا ڇا، جيڪي منهنجي ڀاءُ ڪيو آهي؟ يعني پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائڻ!
    اڪبر: فيضي، انهيءَ لاءِ جيئن تنهنجي دل کي وڻي تيئن ڪر. تنهنجي ڏاڙهي خاص تنهنجي آهي، ابوالفضل پنهنجي مرضيءَ سان ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي آهي، ۽ آءٌ انهيءَ کي سندس نيڪي ۾ شمار ڪريان ٿو. منهنجو انهيءَ معاملي ۾ وڌيڪ ڪجهه به نه وڃي. جيسين ڪو عمل پاڻمرادو نه ٿيندو، تيسين انهيءَ ۾ نيڪي نه رهندي آهي. جانڪي، رحيم ۽ بيربل انهيءَ نيڪيءَ ۾ اڃا به اڳتي وڌي آيا آهن، جو سندن مٿيون چپ به بلڪل صاف آهي- ۽ کاڏي به. بيربل، تو ئي اهو فيشن شاعرن ۾ شروع ڪيو هو نه؟
    بيربل: شايد؟
    اڪبر: مون کي اها ڳالهه وڻي آهي. اهڙين گهري معمولي ڳالهين ۾ به تو جھڙن ماڻهن مان اسان کي موافقت جي اميد نه آهي، جيڪڏهن مان شاعر هجان ها، ته آءٌ به ائين ئي ڪريان ها.
    بيربل: حضور، جيڪڏهن اوهين شاعر نه آهيو ته موافقت ڪندڙ به ڪين آهيو. جڏهن اوهان بنگال فتح ڪيو، تڏهن اوهين مسلمان جي حيثيت ۾ ويا هئا، ۽ هاڻ جڏهن ڪشمير کي پنهنجي سلطنت ۾ ملائڻو اٿوَ، ته هندڪو ويس ڍڪيو اٿوَ: اوهين اهو ئي ٿيو ٿا پئو، جيڪو وقت جي لحاظ کان صحيح ۽ موزون سمجهو ٿا، اها عجيب ڳالهه آهي!
    اڪبر: انهيءَ عجيب حالت اختيار ڪرڻ تي منهنجي هندو ۽ مسلمان رعيت مون کي مجبور ٿي ڪري، آءٌ ٻنهي کي پنهنجو ڪندس. منهنجي لاءِ هر ڪو ويس فقط هڪ لباس آهي. آءٌ نه هندو آهيان، نه مسلمان. آءٌ اڪثر چئي نه سگهندو آهيان، پر آءٌ صرف انسان آهيان. اسين سڀ ٻهروپيا آهيون، اسان مان ڪنهن کي ’پنهنجو پاڻ‘ هجڻ جي همت آهي؟ اسين موافقت ڪندي ڪندي ايسيتائين پهچون ٿا، جو اسان جي شخصيت جا حقيقي نشان به گم ٿيو وڃن- ۽ اسين محض رڍن جو هڪ ڀٽڪندڙ ڌڻ بنجيو وڃون! جڏهن مون ۾ هندو ۽ مسلمان ملي هڪ شيءِ ٿي ويندي، تڏهن مون ۾ جو ٻهروپيو آهي، سو هليو ويندو: هڪڙو ٻهروپ مڪمل طرح دفن ٿي ويندو ..... ۽ ٻيو ٻهروپ چڱيءَ طرح چتا تي چڙهي جلي ويندو- پوءِ، اڪبر فقط انسان ئي رهندو! سندس لباس لهي ويندو..... ۽ پوءِ ’اڪبر انسان‘، هندو ۽ مسلمان کان نڪي بهتر هوندو، نڪي بدتر؛ هو صرف ’انسان‘ ئي هوندو!
    بيربل: پوءِ جيڪڏهن اسين هندو، پنهنجي ڌرم سان موافقت نه ڪريون، ته ڇا اسان جي مٿان جو محصول آهي، سو بند ٿي ويندو؟
    جانڪي: فقط تڏهن، جڏهن اسين مسلمان ٿينداسون! .....
    اڪبر: اوهين مسلمان ٿيو يا نه، جزيي کي ختم ئي ڪرڻو آهي.
    جانڪي: ۽ زيارتي محصول؟
    اڪبر: زيارتي محصول پڻ.....
    جانڪي: اڪبر واقعي عظيم آهي!
    سڀئي هندو: اڪبر اعظم.....زندهه باد!
    جانڪي: اڪبر، تون عظيم آهين.
    اڪبر: آءٌ نه، پر هي ڏينهن عظيم آهي ... اڄ کان وٺي زمين جا محنت ڪَش ۽ پورهيت وڌيڪ امن ۽ سلامتيءَ ۾ رهندا..... راجا توڏرمل جي ڪوششن ڪري! هن جي ڍلن جي نئين سرشتي ۾ مون کي ڪابه ڪوتاهي نظر ڪانه ٿي اچي. اهو سرشتو تيسين قائم رهڻ گھرجي، جيسين زمين زمين آهي. سڀ کان وڌيڪ، هڪ نئون عقيدو اڄ قائم ڪيو ويو آهي، جو سڀني مومنن ۽ منڪرن، ڪرستانن ۽ آتش پرستن، ۽ خود هندن ۽ مسلمانن کي ڳنڍي، ملائي هڪ ڪري ڇڏيندو. اهو آهي انسان ۾ عقيدو، انسانيت ۾ عقيدو، نيڪيءَ ۾ عقيدو! جيئن هن کان اڳ به هڪ دفعو پنهنجي روحاني مشيرن جي حاضريءَ ۾ مون ڪيو هو، تيئن اڄ اوهان سڀني، منهنجي ملڪي رتنن ۽ مشيرن جي اڳيان، آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته منهنجي منزل مقصود نيڪي آهي: هڪ دفعو وري به آءٌ اعلان ڪريان ٿو ته نيڪي منهنجو معبود آهي، نيڪي منهنجو خدا آهي؛ مون کي ٻئي ڪنهن خدا جي ڄاڻ ئي ڪانهي! ...
    (پنهنجو هٿ تانسين ڏانهن کڻي ٿو)
    (تانسين پنهنجي ستار تي هٿ رکي، هلڪي راڳڻي شروع ڪري ٿو ۽ گانو ڳائڻ لڳي ٿو)
    “اي تاجدارِ مشرق، ديدار ڪو ڪراءِ،
    تختِ سحر تي جلوو، پنهنجو ڪو تون پساءِ:
    ميون گلن کي ڏي تون، ڪا زندگي نئين،
    ڀٽڪي ويل مسافر کي راهه تون لڳاءِ!
    ڪرڻن جو تاج تنهنجو، زرين ۽ جلوه گر،
    محتاج تنهنجو هر ڪو، هر دم هي بحر و بر:
    محلن ۽ جهوپڙين تي هڪجھڙي ڪر نظر؛
    بي آسري گهرن کي روشن وري بناءِ!
    تون ئي اي نورِ حق ٿي گوتم ۾ جرڪئين،
    عيسيٰ ۾ جهلڪئين ۽ احمد ۾ چمڪئين:
    باد صبا ٿي اچ تون اي فيضور وري،
    هندوستان کي پنهنجي جلوي سان جڳمڳاءِ!
    اي تاجدار مشرق ..... ..... .....!”
    اڪبر: واهه تانسين واهه! تون موقعي سان بيشڪ ڳائي ڄاڻين! تنهنجي شخصيت ۾ اڃا هندو پڻو گھڻو آهي. شل گهڻو وقت ائين رهي! اڄ منهنجي دل ۽ منهنجو دماغ ٻئي گھڻو ڀريل آهن. هن وقت آءٌ خواب ۾ زندهه آهيان ... پنهنجي سلطنت جي خواب ۾- ڇويهن سالن جي طويل عرصي کان، آءٌ هن مغل سلطنت کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ وڙهندو، جدوجهد ڪندو رهيو آهيان.
    مانسنگھه: اهو هڪڙو عظيم ڪارنامو آهي، جو اڪبر جھڙي عظيم شخصيت جي واقعي شايان شان آهي. اول توهان راجپوت خواهه مسلم رياستن کي مطيع ڪيو، اهي رياستون جيڪي تڪليف ڏيندڙ ۽ سرڪش هيون؛ پوءِ اوهين اڳتي وڌيا ... وڌيڪ فتحون ڪرڻ لاءِ ... امن ۽ صلح ... اهي ٻئي اوهان جون فتحون هيون.
    اڪبر: پوءِ، اي مانسنگهه، پنجن ندين جي هوءَ شاندار سرزمين ...
    مانسنگھه: ها؛ جتي ٻين کي ناڪامي ڏسڻي پئي، اتي اوهان ڪامياب ٿيا. سرڪش راجپوتن جو هر ماڻهو تنهنجي طاقت خلاف اٿي کڙو ٿيو، تو انهن کي به فتح ڪيو. تو هنن کي دراصل پنهنجو مطيع نه ڪيو، بلڪ کين پنهنجو دوست بنائي ڇڏيئي!
    اڪبر: جنگ جي ميدان جي فتح کان هنن جي اها دوستي ئي منهنجي وڏي جيت هئي.
    مانسنگھه: تون اسان کي بنهه پنهنجي گھر ۾ وٺي وئين، نه رڳو شاديءَ جي پوتر ٻنڌڻن سان، بلڪ دوستيءَ ۽ رواداريءَ سان. گھرو رشتن جي انهن ٻنڌڻن سان تو سڀ ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ها، گجرات! ... گجرات هڪ شاندار مهم هئي ... ۽ بينگال- جتي پٺاڻن جي آخري مورچي کي به اسان طوفان وانگر اڏائي ڇڏيو، جتي همايون جو بدلو، سندس عظيم فرزند ورتو، اتي همايون جي فرزند، شير شاهه سوريءَ جي جاءِ نشين جي قبضي ۾ زمين جو هڪ انچ به نه ڇڏيو. همايون جي بدلي جو ڪم به پورو ٿيو ...
    اڪبر: ان بعد گجرات کي، بلوي کانپوءِ مغل ۽ راجپوتن جي گڏيل فوج دٻائي ڇڏيو. انهيءَ مهم ۾ مغل ۽ راجپوت هڪ ٻئي جي دوش بدوش وڙهي رهيا هئا، ان کانپوءِ مغل ۽ راجپوت گڏجي هميشه هڪ ٿي اڳتي وڌيا. ڪابه طاقت اسان جي سامهون بيهي نه سگهي، اسان ميدان بلڪل صاف ڪري ڇڏيو ...
    مانسنگھه: ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ به اسان جون سرحدون نهايت محفوظ آهن.
    اڪبر: البت اتر ۾ ائين ڪونهي. اسان جون اتر واريون سرحدون اسان کي پڪاري رهيون آهن. ڪشمير، سنڌ، قنڌار ...
    مانسنگھه: پهرين ڪشمير.
    اڪبر: ٺيڪ آهي.
    مانسنگھه: اسين اڳي ئي تيار آهيون، رڳو اوهان جي حڪم جي دير آهي!
    اڪبر: اوهان کي جلد ئي حڪم ملندو؛ برف جي پُلين ڳري وڃڻ کان اڳ اوهان کي حڪم ملندو. ڪشمير ... واديءِ ڪشمير ... فتح کانپوءِ ڪشمير ۾ امن، سچ پچ امن ٿي ويندو. انهيءَ جي جبلن جي چوٽين ۽ غارن ۾ ديوتائون رهن ٿا، واديون ۽ ڍنڍون انهن جي آغوش ۾ آهن، ۽ هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ اتي ميوو آهي، گل آهن ..... زعفران جون ٻنين پويان ٻنيون آهن! (شعر ڳائڻ لڳي ٿو)
    ”برف جي چادر سان ڍڪيل واديون ۽ گل هزار،
    هر طرف سبزيءَ سان هر وادي رهي ٿي همڪنار!“
    جانڪي: جتي برف سان ڍڪيل جبلن جي غارن ۾ ’شِوَ‘، ’پاروتي‘، ۽ ’گڻيش‘ جون مورتون آهن!
    رحيم: سندس جبلن جا چشما، شفاف چشما، جن ۾ آسمان ۽ سج جي چمڪندڙ جبلن جو عڪس جهلڪي ٿو!
    جانڪي: سندس جبلن جا تيرٿ، برف جي ديوي ۽ پرماتما شو جو گھر آهن.
    بيربل: يارو، انهن سڀني کي هيٺ ڌرتيءَ تي لاهي اچو، ته انهن مان عام انسانن لاءِ جنت بنايون!
    اڪبر: جتي صرف باغ ئي باغ آهن، ٿڌي پاڻيءَ جا آبشار- ۽ وهندڙ ندين جي ڪنارن تي گلن جون چادرون وڇايل آهن!
    ها، اهي ... اهي سڀ منهنجي حفاظت ۾ ايندا! آءٌ هڪ ايراني آهيان- انهيءَ کي ايران بنائيندس. آءٌ هڪ ايراني، انهيءَ ڪشميري ڌرتيءَ ۾ پنهنجو پاڻ پوکيندس: منهنجو ’سليم‘ ۽ سندس پيار اتي ٿڌين ڇانون ۾، پنهنجي پيءُ جي سايي ۾ رقص ڪندا- ۽ هنن جا وارث ... ۽ انهن جا وارث اُتي هميشه ائين ئي رهندا! باغ قائم رهندا پر جنگ جا ميدان ختم ٿي ويندا. ڪشمير ... ڪشمير شايد دنيا جي وندر جو سامان بنجي وڃي!
    بيربل: اسان جو شهنشاهه اڄ ته مرڳو شاعر ٿي پيو آ هي!
    اڪبر: ڪشمير اسان سڀني کي شاعر بنائي ڇڏيندو! ٻڌو، منهنجي خواب جي سلطنت ... دنيا جي شهنشاهت ... جتي ’سڀ انسان‘ دنيا ۾ ’هڪڙي قوم‘ بنجي ويندا. اهو ڀلا ڪيئن ممڪن ٿي سگھندو، جو سڀ قومون هڪ ئي قوم نه بنجي وڃن؟ اهو منهنجو خواب آهي ... مغل شهنشاهت نه ... پر دنيا جي شهنشاهت، جا پنهنجو پاڻ تي حڪومت ڪندي ... انسان لاءِ انسان جي حڪومت ... انسانيت لاءِ انسانيت جي حڪومت ! ... انهيءَ جو ڏسڻ ۾ نه ايندڙ شهنشاهه غيب جي تخت تي ويٺل هوندو ... جنهن وٽ نظر نه ايندڙ لٺ هوندي ... نيڪيءَ جي لٺ! ... دوستو، مون کي معاف ڪجو ... منهنجي دل ۽ دماغ ڀريل آهن ... تانسين، تانسين ... منهنجا چپ پنهنجي راڳ سان بند ڪري ڇڏ ...
    (تانسين ستار جي تارن کي ڇيڙي ٿو، ۽ راڳ شروع ڪري ٿو)
    ”دنيا کي اچ ته زورِ محبت سان سر ڪيون،
    جي وار ظلم جو ٿئي ته سينو سپر ڪيون؛
    امن و امان جو راڄ ٿئي هندستان تي،
    رشين جي سرزمين کي مروَت جو گهر ڪيون!
    اڪبر عظيم فتح جو نغمو تون عام ڪر،
    ’بيرم‘ جي آرزو جو اُٿي اهتمام ڪر؛
    نيڪيءَ جي آڏو سر کي جھڪائي هي قوم نو،
    نفرت، حسد، عناد جو قصّو تمام ڪر!“
    اڪبر: پيارا تانسين، تو اسان کي اها ياد ڏياري ڏاڍو چڱو ڪيو. اسين ’حال‘ ۾ ئي زندهه رهون ٿا. بهادر بهرام، وفادار بهرام! مون هن کان تيراندازي، تلوار ۽ نيزي بازي سکي. بهرام مون کي فتوحات جي بک جي غذا ڏني. انهيءَ نيڪ ٻڍڙي ئي مون کي ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت ڏني_ ڇا هاڻ آءٌ ويهي هن کي شرمندو ڪريان؟ ... فتح ته منهنجي ننڍپڻ جو خواب هو؛ مون پنهنجو پاڻ کي فتح ڪيل شهرن ۾ شان و شوڪت سان ويندو ڏٺو. پوءِ، جوانيءَ ۾ فتح ۽ سوڀ جي خيالن مون کي مجبور بنائي وڌو. انهيءَ مون کان اهو ڪجهه ڪرايو، جنهن جو مون کي هاڻ افسوس آهي ... پنهنجي نيڪ محافظ بهرام سان ڪيل سرڪشيءَ جي عمل لاءِ هاڻ آءٌ پڇتايان ٿو_ پر وقت ئي اهڙو آيو هو. مون کي پنهنجو پاڻ هن جي نگرانيءَ کان آزاد ڪرائڻو هو. مون کي پنهنجي پيرن تي خود بيهڻو هو ... شل هن تي خدا جي رحمت هجي ... منهنجي حياتيءَ جي پياري يادگيري ۽ شڪرگذاري، هن جي لاءِ هميشه قائم رهندي ...
    ۽ هاڻ، پيارا دوستو، ڏينهن اچي پورو ٿيو آهي. آرام جو وقت به اچي ويو. مون کي اڪيلو ڇڏيو_ ۽ اوهين به هاڻ وڃي آرام ڪريو.
    (سڀ اٿن ٿا- ۽ اڪبر کي دستور موجب پنهنجي پنهنجي نموني سلام ڪن ٿا)
    اڪبر- شب بخير ... شب بخير!
    (ابوالفضل کانسواءِ سڀ ٻاهر وڃن ٿا)
    (اڪبر اوٻاسيون ڏيڻ لڳي ٿو)
    ابوالفضل: ٿڪجي پيا آهيو ڇا؟
    اڪبر: نه نه، ٿڪل ته ڪين آهيان، البت ننڊ جي تياري آهي- ٻيو مڙئي خير- (وري اوٻاسيون ڏيڻ لڳي ٿو) ... اڄوڪو ڏينهن به ڏاڍو سٺو گذريو آهي.
    ابوالفضل: چڱو ڀلا، آءٌ به هلان ٿو ... شب بخير.
    اڪبر (ڀڻ ڀڻ ڪندي)_ شب بخير... شب بخير...
    (پردو ڪري ٿو)
    -


    گھاتُو گھر نه آئيا

    [شاهه جي سُر تي ٻڌل هڪ ننڍڙو ناٽڪ]
    ڪردار:
    سدا جڙيو: سون مياڻيءَ ڳوٺ جو مُکي
    اوڀايو: ڳوٺ جو هڪ پيرسن ۽ تجربيڪار مُهاڻو
    وسايو
    پنهون
    دودل
    پيارل
    سوڍو
    ڏهيسر
    ۽ مورڙو اوڀايي جا جوان پٽ






    - ٽنگ کان منڊڙو، اوڀايي جو سڀ کان ننڍو پٽ
    ٻڍل ڳوٺ جو لوهار
    سهاڳڻ: اوڀايي جي زال، ۽ مورڙي جي ماءُ
    ڳوٺ جا ڪيترائي زالون ۽ مرد، جن ۾ اوڀايي جي پٽن جون ونيون به شامل آهن.
    زمانو:
    اڄ کان صديون اڳ، جڏهن سنڌ تي سڀيتا جو جوڀن هو، تهذيب ۽ تمدن سندس پيرن جا پازيب هئا، ۽ اٻوجهائيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ هوندي به ماڻهن ۾ ساڻيهه جي سڪ ۽ جيئڻ جو جذبو ساهه سان جڙيل هو.
    پردو پهريون
    ڏيک پهريون
    [ڪراچيءَ کان ڪجهه پنڌ پري، سمنڊ جي ڪناري تي، ’سون مياڻيءَ‘ جي ڳوٺ ۾، ڳوٺ جي مُکيءَ جي گهر ٻاهران، ميدان ۾، ڳوٺ جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. ميدان جي چئن ئي طرفن تي مشعلون ٻاري رکيون اٿن. ڪجهه ماڻهو پنهنجين زالن سان هڪ طرف ويٺا آهن، ٻيا بيٺا آهن، ۽ ڪجهه ماڻهو پري کان ايندا نظر اچن ٿا. ماڻهن جي آهستي آهستي ڳالهين ڪرڻ جو آواز اچي رهيو آهي، ۽ پس منظر ۾ سمنڊ جي لهرن جو هلڪو شور آهي.
    ماڻهن جي منهن تي گنڀيرتا بکي رهي آهي. مشعلن جي تيز روشنيءَ ۾، سندن اکيون ڪنهن عجيب چمڪ کان ٻهڪي رهيو ن آهن. زالن جي چهرن تي ڪجهه اون ۽ انتظار جي ڇايا آهي، پر گنڀيرتا ۾ پنهنجن ساٿي مردن کان به ٻه رتيون ڪسر آهن.
    اوچتو ماٺ ٿي وڃي ٿي. اسٽيج جي هڪ پاسي کان هڪ ٻڍڙو شخص- ڳوٺ جو مُکي- اچي، حاضر ماڻهن تي هڪ نظر وجهي ٿو. ’ڀلايون هجنئي‘، ’ڪچهريون قائم‘ جي آوازن سان ٻڍڙي جي آجيان ڪئي وڃي ٿي، ۽ پوءِ ماڻهو هڪڙو هڪڙو ٿي ويهڻ لڳن ٿا. سڀ ماڻهو انتظار سان مُکيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳن ٿا.]
    مُکي: (لٺ جي ٽيڪ وٺندي) منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو، اڄ جنهن ڪم لاءِ هت گڏ ٿيا آهيون، اهو اسان جي جيئڻ ۽ مرڻ جو سوال آهي. اچو ته گڏجي ڪجهه سوچيون ته اسان تي هيءَ جا آپدا آئي آهي، ان کي ڪيئن منهن ڏيون. (ٿڌو ساهه کڻي) اڃا ڪالهه ‘سڀاڳي’ جا ٻه ڪونڌر پٽ انهيءَ هائيءَ ۾ هلاڪ ٿيا آهن. سڀاڳا، ابا، تون ڀائرن اڳيان سربستو احوال پيش ڪر.
    (هڪ ڪرڙوڍ ماڻهو، مجمعي مان اٿي، اڳيان اچي ٿو).
    سڀاڳو: دادلَ، ڪهڙا ٿو سربستا حال پڇين! منهنجي پيريءَ جي لٺ کسجي ويئي آهي، منهنجا هيرن جھڙا ٻئي پنهل پٽ انهيءَ نُگري مَڇ جو بَک ٿي ويا! جيڪڏهن اڃا به ڪجهه نه ڪيوسين ته سون مياڻيءَ ۾ اهڙو گھر نه رهندو، جنهن جو هڪ نه ٻيو ڀاتي انهيءَ آفت نه ڳڙڪايو هوندو!
    مکي: پر ڀلا، تون به ته ڇوڪرن سان گڏ هئين نه؟
    سڀاڳو: نه، دادل، نه! شل آءٌ به گڏ هجان ها! هنن هڏن ۾ اڃا ايتري سگهه آهي، جو پنهنجي جگر جي ٽڪرن لاءِ انهيءَ مڇ سان مقابلو ڪن ها، پوءِ کٽن ڀاڳ! پر منهنجي مڪڙي پرڀرو هئي؛ راڻو ۽ جيئندو، ٻئي ٻيڙيءَ ۾ رڇ ڀريو ٿي آيا، ته اوچتو، ڪُن جي بنهه ڀر ۾، پريان ئي مون کي ان جي پڇڙيءَ جو ڦڻ نظر آيو. مون پريان ئي کين هڪل ڏني، پر جيسين هو هڪل تي هوشيار ٿين، تيسين ٻيڙي وڃي ڪُن ۾ ڦاٿي. (ٿڌو ساهه ڀريندي ۽ روئندي) بس، پوءِ ته نه تو ڏٺا، نه مون ڏٺا!
    ’گهنگهڻ گهڻَ ڄاڻَ، موڙهي مت مهائيين،
    وئا گڏجي وِير ۾، پِئا منهن مهراڻَ،
    اڳيان پويان ٽاڻَ، ويا ويچارن وسري!‘

    (اوڇنگار ڏيندي) ابو ڙي! ... منهنجي ڏسندي منهنجا پنهل پٽ
    ڪوڪارون ڪندا وڃي، مڇ جي پيٽ پيا!
    مکي: ڌڻي امان ڏيندوَ! ابا، اولاد جو سور وسرئي به ڪين وسرندو، پر وري به صبر!
    سڀاڳو: دادلَ، هاڻ صبر ڪٿي ... هاڻ ته انهيءَ مڇ سان منهنجو مقابلو آهي!
    مکي: ڀائو، تون به اچي پوڙهو ٿيو آهين، هن آفت سان ڪيئن پڄندين؟ هن آفت کي منهن ڏجي به ڪيئن! جڏهانڪر انهيءَ بلا اچي ڪُن جو ڪنارو جھليو آهي، تڏهن لاڪؤن اسان جو وڻج، اسان جو واپار، اسان جوگذران وڃي سوڙهو پوندو:
    ’نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
    جتي ڏنڀرين جي، اڳي هئي اَکُٽَ،
    سي پِڙَ پَسيو پَٽَ، ماڙهُو وڃن موٽيو!‘

    هڪ ٻڍڙو: جي مون پيرسن جي صلاح مڃو، ته ڪي جُنگ جوان سنڀاري، مڇ سان مقابلي لاءِ موڪليو. ٻن ٻيڙين ۾ اهي جوان سهي سنڀري، ڏڦا، ڪاترون ۽ ڀالا کڻي وڃن: هڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ خالي مڇي ڍوئي، ڪُنَ وٽان لنگهائجي؛ جئن ئي ٻيڙي ڪُنَ ۾ ڦري اچي، ۽ مڇ مٿن حملو ڪري، هي جوڌا جوان ڏڦن ۽ ڀالن سان مٿس اهڙو حملو ڪن، جو وڍي ٽُڪي وجهنس: پوءِ يا ته مري جان ڇڏيندو يا ته اهو ماڳ مٽائي ويندو!
    مکي: چاچا وريام، چوين ته سچ ٿو. صلاح ته ڏاڍي سهڻي آهي، پر ڪم آهي وڏي جوکم جو. هڪڙو ڪُنَ جو خطرو، ٻيو مَڇ جو ڀؤ! پر مَنَ ڪي جوان نڪري پون ... آهن ڪي جوان، جي هن ڪم ۾ سر تريءَ تي رکي مڇ جو مقابلو ڪن؟
    (ماڻهن ۾ ماٺ ٿي وڃي ٿي. ڪي نوجوان هڪٻئي سان صلاحون ڪرڻ ٿا لڳن. انهن جون زالون کين اون ۽ انتظاريءَ مان ڏسڻ ٿيون لڳن. ڪي زالون وري پاڻ ۾ سُسُ پسُ ڪنديون ٿيون نظر اچن. پر ڪوبه اڳيان وڌڻ جي ڪوشش نٿو ڪري.)
    مکي: ڳوٺ کي سُڃي ٿيڻ کان بچائڻو آهي ته اهو ٻليدان ڏيڻو ئي پوندو!
    (وري به بلڪل ماٺ ٿي وڃي ٿي. گهڙيءَ کانپوءِ هڪ اڌڙوٽ عمر جي زال اٿي بيهي ٿي).
    زال: ڀانيان ٿي ته ڳوٺ مان ڪير به پنهنجي جان جوکم ۾ وجھڻ لاءِ تيار ڪونهي. سون مياڻيءَ جا مرد سنڌ جا سورهيه سڏائبا آهن ... پر، اڄ اهي سورهيه ساهه کي وڌيڪ مٺو ٿا سمجهن!
    (گهڙي کن ماٺ ڪري، وري چوڻ لڳي ٿي).
    اسين زالون ماڙهو، گهر جي ڪم هاج کانپوءِ، اوهان جون مڇيون بازار ۾ وڪڻؤن، ٻارڙن جي پرگهور لهون، پر ڀانيان ٿي ته هاڻ مردن بدران مهراڻ ۾ به اسان کي ئي گهڙڻو پوندو: آءٌ، ڀاڳڀري، سهاڳڻ ۽ ٻيون پنج- ڇهه ڄڻيون مڇ جي مقابلي تي وينديونسين!
    (ميڙ ۾ ڀڻ- ڀڻ زور ٿيندي ٿي وڃي. ڪن مردن ۾ اٿل پٿل ۽ جوش جا آثار ظاهر ٿيڻ ٿا لڳن. پري کان اوڀايو، لٺ تي ڌڏندو، ايندو نظر اچي ٿو. گهڙيءَ لاءِ مجمعي ۾ سانت ڇانئجي وڃي ٿي، ۽ سڀني جون نظرون هن ڏانهن کڄي ٿيون وڃن.)
    مکي: اوڀايا خان، تو پيرسن ڇو تڪليف ورتي؟ تنهنجا ڇوڪرا ته پنهنجين ونين سان سڀن کان سوير اچي هت گڏ ٿيا آهن، پوءِ تو کي تڪليف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
    اوڀايو: ڀائو، گهر ۾ اڪيلو ويهي ڪڪ ٿي پيس، چيم ته ٻيو نه ته من ڳوٺ جي ڀلي لاءِ ڪا صلاح سڙي آءٌ به ڏيئي سگھان.
    مکي: ڀلي آئين، جيءُ آئين. هان، اچي، هيڏانهن منهنجي ڀر ۾ ويهه. (اوڀايو، مکيءَ جي پاسي ۾، منجيءَ تي ويهي رهي ٿو). هت اڃا ته ڪا صلاح بيهي ئي ڪانه ٿي.
    عورت: صلاح ڇو نٿي بيهي؟ چيم جو ته اسين ٿيون مڇ جو مقابلو ڪريون! چاچا اوڀايا، اسين نوَ ڄڻيون مڇ سان مهاڏو ڪرڻ لاءِ سنڀريون آهيون.
    اوڀايو: ڇو؟ زائفائون ڇو؟ مڙسن کي ڇا ٿيو آهي؟ هيترا ڪونڌر جوان ويٺا آهن، سي ڇو ٻڙڪ نٿا ٻولين!
    عورت: چاچا، اهي ڏينهن ويا، جڏهن چاچو اوڀايو اڪيلي سر ڏهن-ڏهن ڄرڪن سان جنگ جوٽي، راتو واهه ڳوٺ موٽي ايندو هو. هي اڄوڪا جوان-
    (مجمعي مان هڪڙو جوان اُٿي ٿو بيهي)
    جوان: ادي چڱي، اسان مڙسن جي هوندي جي اوهان زالن کي مڇ سان مقابلو ڪرڻو پوي ته پوءِ حيف آهي. آءٌ اڪيلي سر مڇ جي مقابلي لاءِ تيار آهيان!
    (مجمعو حيران ٿي هن جوان کي ڏسڻ ٿو لڳي).
    عورت: ڀائو مورڙا، شابس آهي تنهنجيءَ همت کي. آخر به ته چاچي اوڀايي جو تُخم آهين! پر قدرت توکي ٽنگ کان جَڏو ڪري، تو تي وڏو ظلم ڪيو آهي.
    مورڙو: منهنجي ٽنگ جي جڏي آهي ته ڇا، ٻانهون ته سلامت ۽ سڄيون آهن! ڌڻيءَ جو سنهن، هنن ٻانهن ۾ ايتري سگھه ٿو ڀانيان، جو هڪ مڇ ۾ ته اک ئي ڪانه ٿي ٻڏيم! ٻئي ڪندي، جڏهن آءٌ پاڻ پنهنجي جان جوکي ۾ ٿو وجهان ته اوهان کي ڪهڙو اعتراض؟
    (مورڙي جي زال ۽ ماءُ پاڻ ۾ ڀڻ-ڀڻ ڪرڻ ٿيون لڳن. مجمعي ۾ به ڪجهه بيچينيءَ جا آثار نظر اچن ٿا.)
    اوڀايو: شابي، پٽ، شابي! اڄ تو منهنجي پت رکي ورتي آهي. پر، پٽ، انهيءَ آفت سان منهن پوڻ لاءِ اڪيلو تون ڪجهه ڪين ڪري سگھندين. آءٌ هاڻ جهور ٻڍڙو ٿي ويو آهيان، پر اڄ تنهنجي همت ڏسي مون کي جواڻي ياد اچي ويئي ... آءٌ تنهنجو ساٿي آهيان! جيڪڏهن تنهنجيءَ ٻانهن ۾ سگهه، ته هن ٻڍڙي ۾ آزمودو آهي. اسين ٻئي گڏجي، مڇ کي ماري مات ڪنداسين.
    (اوچتو مجمعي مان پنجن-ڇهن ڄڻن جو يڪو آواز اچي ٿو).
    آواز: نه ، بابا، نه ! اڃا اسين جيئرا آهيون ... اسان جي هوندي تون پيرسن پاڻ جهورين، سا ڳالهه ٿي نٿي سگهي!
    (مجمعي مان ڇهه جوان اٿي اڳتي ٿا اچن. هي ڇهه ئي جوان اوڀايي جا پٽ آهن. سڀني مان وڏو، وسايو، مجمعي کي سامهون ٿي چوڻ لڳي ٿو.)
    وسايو: ڀائرو، اسين مرد اهڙا نرلڄا ٿي ويا آهيون، جو زالون ۽ اسان جا ٻڍڙا اسان جي هوندي موت جي مُک ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن. ائين هرگز نٿو ٿي سگهي! اسين ڇهه ئي ڀائر هينئر ئي مڇ جي مقابلي تي وڃڻ لاءِ تيار آهيون.
    (ميڙ مان ڪن زالن جا ڀڻڪا ڪَن پون ٿا. اوڀايي جي زال، ۽ هنن جوانن جون ونيون بيچينيءَ ۽ هراس مان پاڻ ۾ هري هري ڳالهائڻ لڳن ٿيوڻ؛ ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته هو پس منظر ۾ ڳالهائي رهيون آهن.)
    اوڀايي جي زال: الا، منهنجا ٻچڙا!
    هڪ جوان عورت: ائي، ٻڙي، مٺيس!
    ٻي عورت: الا، هيءُ ڪهڙو ويل!
    ٽين عورت: جيجل ڙي، تون ڪو واسطو وجهينس!
    (زالن ۾ اضطراب جي ڪيفيت ڪجهه وقت قائم رهي ٿي، ۽ پوءِ مجمعي مان مورڙو وري ڳالهائي ٿو.)
    مورڙو: ادا، شابس اٿوَ، پر ڀلائي ڪري مون کي به پاڻ سان وٺيو هلو.
    وسايو: مورڙا ادلَ، تون ٽَنگ کان جڏو، مڇ سان مقابلو ڪيئن ڪندين؟
    مورڙو: (ٿورو چڙ مان) وري به منهنجي ٽنگ! وڙهندس ٻانهن سان، يا ٽنگن سان؟
    وسايو: اهو ته برابر؛ پر، ڀائو، پويان گهر جي سنڀال به ته ڪرڻي آهي. بابو نٻل ۽ پيرسن، هن جي خذمت به ته توکي ڪرڻي آهي!
    (مورڙو لاجواب ٿي ويهي ٿو رهي.)
    مکي: شابس آهي اوڀايي ۽ اوڀايي جي پٽن کي، جيڪي ڳوٺ جي سلامتيءَ لاءِ پنهنجا سر آڇڻ کان نه ٽريا! سون مياڻيءَ ۽ سنڌ جو نالو اهڙن ئي سورهين جي ڪري پيو ڳائجي.
    وسايو: چاچا، هيءُ ته هڪڙو سر آهي، پر سنڌڙيءَ تان ته ڏهه، ڏهه سر هجن، سي به قربان. سون مياڻي به ته سنڌ آهي!
    اوڀايو: هائو، ابا، سچ ٿو چوين. سنڌ جو هر ڳوٺڙو سنڌ آهي، جيئري جاڳندي، سدا وسندي سنڌ!
    مکي: سنڌ جي سورهين هميشه سنڌ جو شان رکيو آهي. هنن ئي پَٽن تي، اڄ کان صديون اڳ، سنڌ جا سورهيه مرندي مري ويا پر پنهنجي جيئري سنڌ ڌارين کي نه ڏنائون. دنيا کڻي تاريخن کي مروڙي سروڙي ڇا به لکي، پر سنڌ جي سورمن سنڌ کي دشمنن کان بچائيندي پنهنجا سر نڇاور ڪري ڇڏيا.
    ‘تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!’
    (اوڀايي جي اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا، جن کي پنهنجي ءَ اجرڪ جي پاند ۾ لڪائيندي، پنهنجن پٽن کي چوي ٿو.)
    اوڀايو: منهنجا ٻچڙؤ، الله کي پرتؤ، سون مياڻيءَ کي پرتؤ، سنڌ کي پرتؤ!
    (ڇهه ئي ڀائر، مکيءَ ۽ پيءُ کان آسيس وٺندي، ميڙ کان ٻاهر اچن ٿا. ماڻهن جو هجوم به آهستي آهستي اٿي پنهنجن گهرن ڏانهن هلڻ لڳي ٿو. پس منظر ۾، هلڪن سُرن ۾، ’تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ‘، جو ترانو ٻُرندو رهي ٿو، ۽ پردو ڪِري ٿو.)
    ڏيک ٻيو:
    [پرهه جو وقت آهي. اوڀايي جي گھر جي ورانڊي ۾، هڪ کٽ تي، کاڏيءَ تي هٿ ڏيو، ٻڍڙو اوڀايو ويٺو آهي. سندس ٻڍڙي زال، سهاڳڻ، پيرانديءَ کان دروازي ڏانهن منهن ڪريو ليٽي پئي آهي. اڳيان ٻه چار منجيون رکيون آهن؛ ۽ هڪ ڪنڊ ۾، گهڙا منجيءَ تي، چِٽيل دلا پاڻيءَ سان ڀريا رکيا آهن. ٿورو پرڀرو، هڪ اڇي ٻلي پنهنجن ٻن پونگڙن سان راند ڪري رهي آهي.]
    سهاڳڻ: ٻڌين ٿو؟ اڃا به مهل ڪانه وئي آهي ... منهنجي جهلئي ته نٿا جهلجن!
    اوڀايو: چري، سورهين کي ڪو سر ڏيڻ کان جهلبو ڪيئن؟
    سهاڳڻ: الا، ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان؟... پنهنجا مور پٽ، پنهنجين ئي اکين اڳيان ڪاريءَ قبر ۾ اماڻڻ ڪيئن سهسايان؟ (روئڻ لڳي ٿي.)
    اوڀايو: پٽ رڳو تنهنجا ڪينهن، منهنجو ته جگر آهن! پوءِ، مون کي ڏس ...
    سهاڳڻ: ها، تڏهن سڄي رات اک به ڪانه پوري اٿئي. لڳي ته تنهنجي من سان به ويڌن پئي آهي، ... پر-
    اوڀايو: پر ڇا ؟ ... آخر به ته اولاد آهي، پر تون به سوچ ته سون مياڻيءَ کي بچائڻ لاءِ آخر ڪنهن کي ته ٻل ڏيڻو ئي پوندو. اسان جا پٽ نه، ته ٻئي ڪنهن جا. ان ۾ ته پاڻ تنهنجو مان آهي. تون ته سنڌ جي سچن سورهين جي ماءُ سڏبينءَ!
    سهاڳڻ: ٻَنِ پئي اهڙي سورهيائي! هن مئيءَ مامتا کي ڪيئن ڪريان، ڪهڙي وهه وجھان؟.....دل ماڳهين مڃي ئي نٿي، هي سون جھڙا منهنجا پٽڙا .....!
    اوڀايو: سهاڳڻ، پنهنجيءَ مامتا کي سون مياڻيءَ تي گهوري ڇڏ!
    (اوچتو ٻاهران پري کان گهنڊن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڳوٺاڻا اوڀايي جي پٽن جي آجيان ڪرڻ ۽ کين سمنڊ تائين امُاڻڻ لاءِ ميڙا ڪريو پيا اچن. اوڀايي جا پٽ پيءُ-ماءُ کان موڪلائڻ لاءِ اچي ٿا کين پيرين پون ۽ آسيس وٺن.)
    اوڀايو: ابا، الله کي پرتؤ، سنڌ کي پرتؤ! (جذبات کان سندس آواز گُهٽجي ٿو وڃي.)
    سهاڳڻ: (پٽن کي واري سان ڀاڪر پائيندي ۽ چميون ڏيندي، روئندي چوي ٿي) ابا، ڌڻي ڪندوته سوڀ سان سينگارجي مون وٽ ايندا! مَرڪندا مُرڪندا وڃو ۽ شل کلندا ٽهڪ ڏيندا واپس اچو! ڌڻي پناهه ۾ رکندوَ..... الله ڪندو اوهان جي وار کي به لهس ڪانه ايندي! ..... الله ڪندو.
    (ڇهه ئي ڀائر، آسيسون وٺي، پنهنجين ونين ڏانهن وڃن ٿا. ورانڊي جي دروازي کان ساڄي پاسي تي، جن ڪوٺين ۾، انهن جون زالون مختلف انداز ۾ نظر اچن ٿيون. هنن روئي روئي پنهنجون اکيون سڄائي ڇڏيون آهن. ڪا وهاڻي ۾ منهن وجهيو پئي روئي، ۽ ڪا پنهنجي منهن تي گندي وجهي سڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش پئي ڪري. اسٽيج تي نمائندگي فقط هڪ اهڙيءَ ڪوٺيءَ جو ڏيک ڪري ٿو.)
    وسايو: (زال کي ڀاڪر پائيندي) چري، هيءَ ڪا روئڻ جي مهل آهي! هيءَ ته اها مهل آهي جو تون مُرڪي موڪل ڏينم ...
    جوڻس: مٺا، مرڪ ته کسي ٿو وڃينم، پوءِ مرڪ ڪٿان اچي؟ الا، هاڻ ڪنهن لاءِ مرڪنديس؟
    وسايو: اڙي، اڃا ته جيئرو جاڳندو تو اڳيان هڪيو حاضر آهيان ... چڱو، هاڻ کلي ڏيکار، ۽ مُرڪي موڪل ڏينم!
    جوڻس: موڪل؟ ... مون کان آسرو کسي ٿو موڪل گهرين! (روئندي) ڪانڌَ، مئيءَ تي ڪا مهر ڪر، مُڙي وڃ! ... جڳ جهان ۾ تون ئي منهنجو ساهه، تون ئي منهنجو روح، تون وئين ته آءٌ جي ڇا ڪنديس!
    وسايو: پر ، مٺڙي، تو دل ڇو لاٿي آهي؟ مڇ کي ماري، شام کان اڳ نه اچي تو ڀيڙو ٿيان ته پوءِ کڻي-
    جوڻس: ته پوءِ تون مون کي به پاڻ سان وٺي هل ... مون کي ڪُهي کڻي مڇ اڳيان اڇلج ... مڇ مون کي کائي، ته اوهين کيس ماري، سهي سلامت نڪري اچجو.
    وسايو: آهين نه ساڳي چري! تو کان سواءِ منهنجو وري جيئڻ ڪهڙو؟هاڻ ضد ڇڏ، ڏاهي ٿيءُ، انهن مٺڙن چپن تي مرڪ آڻ ته ٻيڻو ساهس ڪري وڃي موت سان مقابلو ڪريان!
    (کيس مٺِي ڏيئي، پاڻ ڇڏائي نڪري ٿو، پر هوءَ ٽنگن ۾ چنبڙي ٿي پويس، ۽ اوڇنگارون ڏيڻ ٿي لڳي. دروازي تي گهنڊ زور سان وڄڻ لڳن ٿا. وسايو زال کي هنج ۾ کڻي، هنڌ تي ليٽائي، تڪڙو ٻاهر نڪري ٿو وڃي.
    ٻين ڀائرن جي ڪوٺين ۾ به اهڙو ئي ڏکوئيندڙ منظر پيش اچي ٿو. سڀ پنهنجين ونين کان موڪلائي، گڏجي، دروازي کان ٻاهر نڪرن ٿا. ماڻهن جو هجوم کين گلن جا هار پارائي، گهنڊ وڄائيندو، سمنڊ تائين وڃي ٿو. جيسين هو ٻيڙيون هاڪاري سمنڊ ۾ پري نڪري وڃن ٿا، تيسين ماڻهن جو هجوم به اتي بيٺل نظر اچي ٿو. مجمعي جي پٺيان اوڀايو ۽ سهاڳڻ، هڪٻئي جي سهاري تي، پاڇولن جيان خاموش، لڙڪ ڳاڙيندا، افق ۾ سمائيندڙ ٻيڙين کي تڪيندا رهن ٿا. پردو ڪِري ٿو.)

    پردو ٻيو:
    ڏيک پهريون

    (سج لٿي جي مهل. اوڀايي جي گهر جي دالان ۾ هڪ وڏيءَ تونئريءَ تي ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن. پردي کڄڻ سان سامهون اوڀايو ۽ مکي هڪٻئي جي ڀر ۾ ويٺل نظر اچن ٿا. سندن کاٻي ۽ ساڄي کان ڳوٺ جا ٻيا به ڪجهه ماڻهو نظر اچن ٿا. سڀني جي منهن تي ڊپ ۽ اداسيءَ جي ڇايا آهي.)
    مکي: ادا اوڀايا، سون مياڻيءَ تي الائجي ڪهڙو گرهه نڀاڳ کڻي آيو آهي ... پر، ڀائو، ’لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي!‘
    اوڀايو: (شوڪارو ڀري) هائو، ادل، سچ ٿو چوين. اسان جي تقدير ئي ڪا اهڙي هئي، پر وري به دل کي اهو پيا ڏڍ ڏيئي پرڀايون ته سون مياڻيءَ تان سر ڏنائون:
    ’گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا!‘
    ڳوٺ جو هڪ ماڻهو: چاچا اوڀايا، سون مياڻيءَ جو هر ماڻهو ائين ٿو ڀانئي، ڄڻ ته سندس پنهنجي جگر جا ٽڪرا انهيءَ هائيءَ ۾ هڄي ويا آهن.
    ’ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گھِڙي سو نِئي،
    خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رَنڊئا!‘

    اوڀايو: ابا، سر ڏيئي پاڻ ته وڃي سرها ٿيا، پر اسان پيرسنن جو ساهه پساهه ۽ جيئڻ جو آسرو به پاڻ سان نيندا ويا.
    مکي: ڀائي، سائينءَ جي اها ئي سٽا هئي. ڀاڳ اڀاڳ ته اجهاڳ آهي. ڪَل ئي نه پوي. ڪونڌر ڪسجي ويا، پر ڏاڍ جو ڪوٽ اڃا قائم آهي!
    مورڙو: چاچا، منهنجي دل ته اڃا به نٿي مڃي ته منهنجا ڀايڙا ڪي ...
    ’ڪال ڪلاچي وئا، ڇتيون کڻي ڇڳير،
    ڀائرن ڀيرو نه ڪِئو، اَدن ڪِي اوير،
    اهڙِي خاصي کير، ڪُن ورائي جهلين!‘

    ڳوٺ جو هڪ ماڻهو. هائو ابا، هائو، سچ ٿو چوين. ڪوڏن جھڙا ڪونڌر ڀائر به ڪي وسرن!
    مورڙو: بابا، هاڻ مون کي متان جهل ڪئي اٿوَ. منهنجا ڀايڙا پيا مون کي سڏ ڪن! جن سورهين سر ڏيئي، لالچ ۽ طمع جي هن ڀوت اڳيان ٻليدان ڏنو، انهن جي سٻاجهيءَ سنڀار منهنجي تن من ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي!
    اوڀايو. نه، ابا، نه. باقي تون ئي ته وڃي جَڏن جيئن جي سام بچيو آهين! منهنجو ته هاڻ خيال آهي ته هاڻ هتان ماڳ مٽائي، لڏي ڪنهن امن واري هنڌ هلي جهُُڳا جهليون.
    مکي: هائو، ڀائو، سچ ٿو چوين. هن ڏاڍ جي ڏونگر سان مٿو هڻڻ، پنهنجو ئي ڪنڌ ڀڃائڻو ٿيندو. هيءُ ڪو جھڙو تهڙو ڏونگر ڪونهي. هن جي پٺيان لوڀ ۽ لالچ جو ڪُن آهي، ۽ هن جي پٺيان پيٽ ڀرائيءَ جو گهمنڊ آهي. ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته اهڙي ڪميڻپ جي ڪوٽ کي تياڳ ڏيئي هلي ڪو ٻيو ماڳ وسايون!
    مورڙو: نه، چاچا، نه. پهاڙ ٽُڪڻ لاءِ ئي هوندا آهن، ڪميڻپ جا ڪوٽ ڪيرائڻ لاءِ ئي هوندا آهن، ظلم جو نانگ پنهنجي سر ڪپائڻ لاءِ ئي ڪنڌ مٿي کڻندو آهي، ۽ پاپ ناس ٿيڻ لاءِ ئي سرجندو آهي. پنهنجو ماڳ مَٽائڻ بزدلي آهي. ظلم اڳيان ميدان ڇڏي وڃڻ، نانگ کي کير پيارڻو آهي. صدين کان هيڻن جو هجوم، چند يا فقط هڪڙي ئي ڏاڍي بُت اڳيان، پوڄائون ۽ پرارٿنائون ڪندو پوئتي ڀڄندو رهيو آهي، پر جيڪڏهن اهو هيڻن جو هجوم، هڪ ڀيرو سهي، جي ڪنڌ ورائي پويان نهاري ته بُت جي بدن ۾ ڏڪڻي پئجي وڃي، ۽ پنهنجي ئي خوف ۾ اهو بت چور چور ٿي وڃي! ... نه بابا نه، هن ماڳ جي مَٽائڻ کان ته آپگھات ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي! هن زمين جو ان پاڻي اسان جي رڳن ۾ آهي، ۽ ان جي بدلي هن زمين کي اسان پنهنجو رت ڏيئي سونو بنايو آهي. ان کي ائين سٿرو ڇڏي ڏيڻ، هن ڌرتيءَ مان، پنهنجو پاڻ سان بيوفائي ٿيندي!
    مکي: واهه، ابا مورڙا، واهه! تو ته سنڌ جي سورهين جون سِڪون لاهي ڇڏيون.
    ’اَئين جا لُڏو لوڏَ، ايءَ پَرِ گهاتوئڙن جي،
    ڪُنَ ڪَلاچيءَ ڪوڏَ، سُک نه ستا ڪڏهين!‘

    هڪ ڳوٺاڻو: چاچا اوڀايا، تنهنجو هيءُ پٽ ’ايڪ رانجهو، لَکان دا مَٽ‘ اٿئي. اڄ کان اسين هن کي سون مياڻيءَ جو ’جئسينه‘ سڏينداسون! جڏو مڙس آهي، پر شينهن واريون اڇلون اٿس!
    مورڙو: (ٿورو جوش ۾) ڀائرو، مون هڪڙي کيڏ سوچي آهي، جنهن سان انهيءَ مانگر مڇ کي يا ته آءٌ ڳڙڪائيندس، يا هو مون کي هڙپ ڪندو، پر مون کي مدد جي درڪار آهي..... آهي ڪو جوان، جو مون سان ساٿ ڏئي!
    (ڪيترائي ماڻهو هڪ آواز ٿي چون ٿا-
    ”مورڙا، آءٌ هلندس!“ ، ”مورڙا، آءٌ هلندس!“)
    مورڙو: بس، ڀائرو، پنهنجا مَڪڙا تيار ڪريو. اڄ کان ٽئي ڏينهن، اول خير، مڇُ مئو پيو هوندو!
    مکي: پر، ابا، هيتريون جانيون اڳ ئي ذيان ٿيون آهن، هروڀرو موت سان مقابلي ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور!
    هڪ ڳوٺاڻو: نه، چاچا، نه، اسين ٻه-ٽي ويهون ماڻهن جو گڏ ڪري، ٻيڙيون سنباهي، مقابلي تي وينداسون.
    مورڙو: نه، دادل، نه، مون کي هڪ ٻي اٽڪل سُجهي آهي، ٻيڙين جي ڪا ضرورت ڪانه پوندي:
    ”جئن جهڳا پائين جهول ۾، ائين نه مرن مڇ،
    سٻر ڌار سمنڊ جا، ڪي رائون رڱيون رڇ،
    هي ڇارون ۽ ڇڇ، اڃا اورڙاهه اڳاهون!“

    اوڀايو: ابا، مورڙا، تنهنجيءَ همٿ کي شابس هجي، پر پاڻ سان گڏ، باقي جيڪي ڳوٺ جا جوانڙا وڃي بچيا آهن، تن کي ڇو ٿو جوکم ۾ وجهين؟
    مورڙو: بابل، تنهنجي آسيس اٿئون ته اسان مان ڪنهن جو به وار ونگو ڪين ٿيندو. ڪُن تائين مون سان فقط هڪ ٻيڙي هلندي، باقي ڳوٺ جا جوان پري کان بيهي مدد ڪندا.
    (ڪيترائي ماڻهو سرگوشين ۾ ڳالهائڻ لڳن ٿا. ”سو وري ڪيئن؟“ جو سوال سڀيئي ماڻهو ڪرڻ لڳن ٿا. اهو آواز وڌندو وڌندو شور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.)
    مورڙو: (ماڻهن کي ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ سان اشارو ڏيئي) چاچا ٻڍل، وڏو ڪارج ته توکي ڪرڻو آهي. تون مڙس آهين ته بابي وانگر بنهه پيرسن، پر ڀانيان ٿو ته هن مهل ته ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندين.
    ٻڍل لوهار: پٽ، ههڙيون مهلون ته ڇا، تو جھڙا سورهيه سڏ ڪن ته سر حاضر ڪري ڏيان. تون رڳو حڪم ڪر! ڇا گهڙي ڏيانءِ؟ منهنجي ڌنوڻ، گهن ۽ سنداڻ، تنهنجي مِلڪ آهن.
    مورڙو: بابل، تون رڳو ڏينهن- ٻن ۾ هڪ اهڙو پڃرو تيار ڪري ڏينم، جنهن کي هڪ اهڙو دروازو هجي، جنهن کي هڪوار بند ڪجي، ته تنهنجي وڍڻ کانسواءِ بنهه نه کُلي؛ ڪڙو ڪڙي سان ائين ملي وڃي، ڄڻ ته دروازو هو ئي ڪونه. ان ۾ هڪ پاسي کان سيخون مڙئي ڪجهه ڇڊيريون هجن، جنهن مان چڱا موچارا رسا اندر لنگهي سگهن. ان پڃري جي ٻئي پاسي وري ماڻهوءَ جي ويهڻ لاءِ جاءِ ٺهيل هجي.
    ٻڍل: پٽ، اهو ته تون مون کان سڀاڻي ئي تيار وٺ.
    مورڙو: ان پڃري جي چوڌاري تلوارن کان تکا برڇ ۽ ڀالا، ڏَڦا ۽ تير اهڙا کُپائينس، جو هڪوار ڪنهن ساهه واري جي جسم ۾ گهڙن ته وري ان مان نڪرڻ جي بدران اندر گهر ڪندا وڃن.
    ٻڍل: هائو، مون سمجهيو. ڇُٽو آهين! جي ٿو مڇ انهن کي منهن پئي ته هڏن ۾ اهڙو چڪ وجهنس، جو جيئن ڇڏائي تيئن وڃنس کپندا.
    مورڙو: ٻچا جيئنئي، چاچا ٻڍل، بنهه ائين.
    (ماڻهن ۾ وري ڀڻ-ڀڻ شروع ٿي وڃي ٿي، ۽ نيٺ هڪ ماڻهو اٿي ٿو بيهي.)
    ڳوٺاڻو: پر، مورڙا يار ، مڇ ان پڃري ۾ ايندو ڪيئن؟
    مورڙو. نه، ڀايڙا، نه، ان پڃري ۾ مڇ نه، پر مورڙو هوندو!
    مکي ۽ اوڀايو: (هڪ ئي وقت) ابا، تون! مورڙو: هائو، بابل، هاڻ منهنجي رٿ ٻڌي وڃو. سڄي ڳوٺ جي زالن تي ٿا، اهو ڪم رکون ته ٻن ڏينهن اندر وڏا ٿُلها رسا ويَهي ٺاهين. اهي رسا چئن ئي پاسن کان انهيءَ پڃري ۾ ٻڌبا. هر ڪنهن رسي جي ٻي پڇاڙي هڪ پاڃاريءَ سان ٻڌل هوندي، ۽ هر ڪنهن پاڃاريءَ ۾ چار چار ڍڳا جوٽيل هوندا. پڃري ۾ آءٌ ويهندس؛ پوءِ انهيءَ پڃري کي بند ڪري، کڻي آڻي ڪُن جي ڀر ۾ ڦٽو ڪندا؛ ۽ پاڻ مڪڙو ڪاهي پٺتي موٽندا، ۽ خطري کان ٿورو پرڀرو، ٻيڙيءَ ۾ رسن کي جهلي بيهندا. مڇ به منهنجيءَ بوءِ تي ڇتو ٿي اچي چڪ وجهندو؛ جڏهن آءٌ ڏسندس ته ڀالن ۽ تيرن وڃي وچ ورتو اٿس، ته آءٌ رسن کي لوڏيندس. ٻيڙيءَ وارا همراهه، ڪناري تي بيٺل همراهن کي اشارو ڏيندا. پوءِ ته اوهين سمورا، مشعلون ٻاري، باهه جا موئا ڍڳن جي پڇن سان ٻڌي، وٺي هڪل ڪجونِ، باهه جي توَ تي ڍڳا اٿي ڀڄندا. ۽ ڌڻي ڪندو ته مڇ اچي اوهان جي پيرن ۾ پوندو! پوءِ ته ڳوٺ جا جوان جيڪا ڪار ساڻس ڪندا، سا سڀ ڏسنداسين.
    (ميڙ منجهان ’واهه واهه‘ ۽ ’شابي شابي‘ جو شور ٿئي ٿو.)
    مُکي: هائو، ابا، هائو؛ هاڻ سمجهيوسون. برابر، جيڪڏهن پورهيو ۽ پورهيت، همت ۽ همراهي، گڏجي هڪ- سٽا بنجي وڃن، ته مامرو ئي مٽائي وجهن! هيءُ ته هڪڙو مڇ آهي، پر پورهيي جي شڪتي اهڙن هزارن مڇن جا ڪنڌ مروٽي ڇڏي، جيڪي اسان جي رت ۽ هڏ تي پنهنجا ڀڀ ڀريندا وڃن!
    (ماڻهو پاڻ ۾ ٽوليون ٺاهي، ڳالهيون ڪندا، مورڙي جي رٿ تي واهه واهه ڪندا، اٿندا ٿا وڃن. پردو ڪِري ٿو.)

    ڏيک ٻيو:

    (سج لٿي جي مهل. اوڀايي جي گهر جو اندريون صفو. کاٻي پاسي گھر جي دالان ڏانهن دروازو کليل نظر اچي رهيو آهي. اسٽيج جي هڪ پاسي کان ڪجهه زالون ويٺل نظر اچن ٿيون. اوڀايي جي پٽن جي زالن اڳيان ڳوٺ جون ڪيتريون زالون ويٺل نظر اچن ٿيون. اوڀايي جي زال سهاڳڻ کي، مورڙي جي ڪُنوار مٿي تي زور ڏيئي رهي آهي. ڏک جي ڇايا سڀني جي منهن مان ظاهر آهي.)
    هڪ ٻڍڙي زال: ائي جيجل، ڌيرج ڪريو! اُٿي ڪو اَنُ-پاڻي چکو، مٿان اچي سورهون پهر گذريو آهي! جڳَ پَرِ آهي، اوهان پَرِ ڪانهي. ٻچڙيوال آهيو، پنهنجن ٻچن لاءِ جيئرا ساهه ٿيو!
    وسايي جي زال: مِٺڙي جيجل، ڌيرج تي ڌاڙو لڳو، صبر ساڻن گڏ ويو، هاڻ مُئي من کي ڪٿان آٿت ڏيان:
    ”تريون پَسان نه تار ۾، جهُڳا جاءِ نه ڪن،
    مادر! ملاحن، ماڳ نه ڍويا مڪڙا“

    ٻي: (اوڇنگار ڏيندي)
    ”ڏينهاڻي ڏٺم ڪيترا، جنين ماريو موڪ،
    گهر ۾ گهاتوئڙن جا، ٿا مارينم ٿوڪ،
    لَڏي وچان لوڪ، اونهين ويا اوهري!“

    ٽين: (سڏڪا ڀري)
    ”ڪال ڪلاچيءَ ويا، گهاتو ڪري گهور،
    مادر! ملاحن جا، ويٺي سهان سور،
    مون کي ڪري ملور، اونهين ويا اوهري!“

    چوٿين: (رئي سان اکين کي ڍڪيندي)
    ”اُڀي اُسڙان اُس ۾، جهلئو ڪُنَ ڪنار،
    گهاتو گهر نه آئيا، وڏي لڳين وار،
    هليس جنين هار، سي موڙي چڙهئا مڪڙا!“

    پنجين:

    آيل! مئي من کي ڪٿان سمجهايون، جڏهن-
    ’کلي جان کيڪاريان، تان ساٽي سڱ نه ڪن،
    واريو وهٽ وڃن، ڪن سڀاڳن سامهان!‘

    ڇهين:
    ’مون اڌارئا مڇڙا، الله گهاتو آڻ،
    ميان مدارن سين، مون کي قادر وجهه م ڪاڻ،
    هِٺ منهنجي هاڻ، قدر لڌو جن ري!‘

    هڪڙي ڳوٺاڻي: (ٻاهران ايندي) ائي ٻڙي، ٻڌو ٿيون! مڇ تي وري مارو ٿيڻو آهي! مورڙو، مڇ سان مهاڏي اٽڪائڻ ڪاڻ پيو تياريون ڪري!
    مورڙي جي زال: ائي امڙ، مُٺيس!
    سهاڳڻ: (اٿي) نه، امان، نه. آءٌ ٿي وڃڻ ڏيانس! ڇهه ته ويا، باقي هڪڙو وڃي اکين آڏو رهيو آهي، سو به .....
    مورڙي جي زال: ائي جيجل، منهنجو هنيون ٿو هٿان وڃي! ..... ڌڻيءَ لڳ تون ڪو واسطو وجهينس!
    سهاڳڻ: (دالان ڏانهن ايندي، جتي اڳئين ڏيک وارا مرد ويٺا آهن) آ، ابا مورڙا، متان اهو ڪم ڪيو اٿئي! اسان جي جڏي جيءَ جو باقي تون ئي ته وڃي آسرو بچيو آهين. اسين مرڳو هتان لڏي، ماڳ مٽائي هلنداسون، پر-
    (مجمعي ۾ ٿوري بيچيني ڦهلجي وڃي ٿي.)
    هڪڙو: ويچاريءَ ماءُ جي دل!
    ٻيو: ادا، ڇهه جوڌا جوان وڃائي، ويچاري باقي بچيل پٽڙي لاءِ ڪيئن نه تڙپندي؟
    مورڙو: جيجل امان، تون رڳو آسيس ڏينم، ته اهو مڇ آڻي، تنهنجن قدمن ۾ ڀيٽا رکندس. پنهنجن ڀايڙن جو جيسين بدلو نه ورتو اٿم، تيسين سک نه سمهندس!
    سهاڳڻ: نه، پٽ، نه. انهيءَ مُئي جو نالو نه وٺ. منهنجي ته هِنئين ۾ ئي نالو ٻڌي چڪ پئجيو وڃي!
    اوڀايو: مورڙي ماءُ، مون به گهڻو ئي سمجهايو اٿمانس، پر ڇوڪر ماڳهين مُڙي نٿو. هاڻ تون ڪا سمجهائينس.
    (ماءُ پٽ کي اندر وٺي وڃي ٿي، ۽ کيس سمجهائڻ ۽ نيزاريون ڪرڻ لڳي ٿي. مورڙي جي زال به روئندي روئندي کيس ضد تان لهڻ لاءِ آزيون ٿي ڪري.)
    مورڙي جي زال: منهنجا ڪانڌ، منهنجو سهاڳ نه کس، هيءُ پلاند اٿئي.مُڙي وڃ!
    مورڙو: چري، مڙسن کي ظلم سان مقابلي ڪرڻ کان ڪڏهن به نه روڪبو آهي. اسان جون زالون ته اسان کان وڌيڪ دلير آهن، تون به اهڙي دلير ٿيءُ نه!
    مورڙي جي زال: ٻَن پئي دليري! منهنجو سهاڳ سلامت آهي ته سڀ ڪجهه آهي.
    مورڙو: پنهنجي سهاڳ کي ڪانئرپڻي تي مجبور ڪيئن ٿي ڪرين؟ مِٺي، هيءَ ته مهل ئي اهڙي آهي، جنهن ۾ مون کي تنهنجي سهڪار ۽ پاٻوهه جي ضرورت آهي، نه منهن موڙڻ وارن لفظن جي. ڏاهي ٿيءُ، ان ڳالهه تان لهي وڃ.
    ائين چئي، مورڙو ٻاهر هليو وڃي ٿو.)
    مورڙي جي زال: الا، هاڻ ڪهڙي وهه وڃان! ماڳهين مُڙي ئي نٿو (روئي ٿي.)
    (سامهون سندس سس اچي ٿي کيس ڳراٽڙي پائي ۽ دلداريون ڏئي ٿي. پردو ڪري ٿو.)

    پردو ٽيون:
    [هن ڏيک ۾ نظارا نهايت ئي وسيع آهن، ان ڪري ضرورت آهر انهن جا نقش ۽ چِٽ به استعمال ڪيل آهن، جن ۾ مختلف صورتن جا مؤثر نظارا اصل نظارن جي نمائندگي ڪن ٿا.
    ٽپهريءَ جي مهل آهي. سمنڊ جو ڪنارو سامهون نظر اچي رهيو آهي، جنهن تي انبوهه ماڻهن جا گڏ ٿيل آهن. هڪ پاسي کان چئن وڏين پاڃارين ۾ ڍڳا جوٽيا پيا آهن، ۽ ماڻهو مشعلون ۽ باهه جا موئا کنيو بيٺا آهن. پريان سمنڊ ۾، هڪ وڏي ٻيڙيءَ ۾، ٻه ماڻهو مورڙي جو پڃرو پاڻيءَ ۾ لاهي رهيا آهن.]
    مکي: اوڀايا ڀائو، دل نه لاهه، ڌڻي ساڻي ٿيندس. مون کي ته پنهنجي دل پئي شاهدي ڏئي، سوڀ اوس مورڙي جي سر جو سهرو بنجي ايندي.
    اوڀايو: ادا، شل سائين سڻائي ڪري!
    هڪ ماڻهو: شابس آهي مورڙي جي همت کي، نه ته ڪير ٿو اوڙاهه ۾ اونهو وڃي!
    گهوريندي گھور پئا، اگهور گهوريائون،
    هيڪر ماريائون، ملاحن منهن سنرا!
    اوچتو گوڙ مچي ٿو وڃي. مشعلن وارا، مشعلون ۽ موئا ٻاري، وٺي ٿا ڍڳن کي بڇين، ۽ ڍڳا لُوهَه ڪري وٺي ٿا ڀڄن. ماڻهن جو شور ۽ دانهون وڌنديون ٿيون وڃن، ۽ گهڙيءَ کانپوءِ پربت جيڏي آفت، مانگر مڇ، ڇڪبو، گھلبو، اچي ٿو ڪناري تي پوي. ماڻهو ڪهاڙيون، ڪاترون، ڏڦا ۽ ڀالا کڻي اچي ٿا وٺنس، ۽ کلندا، ٽهڪ ڏيندا، کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ٿا وجهن.
    پڃري منجهان مورڙو کلندو ٻاهر ٿو نڪري. سڀ کيس مرڪندا، ڀاڪر پائيندا، مبارڪون ڏيڻ ٿا لڳن. مورڙو وڌي اچي ٿو پيءُ- ماءُ جا پير ڇهي، جيڪي ڇڪي کيس ڳلي ٿا لڳائين. مورڙي جي زال به سَرهي منهن سان مرڪندي اچي ٿي کيس ڳراٽڙي پائي. ماڻهن جو مجمعو، ڪورَس جي انداز ۾، ڳائڻ ٿو لڳي:
    جيڪس جهليا مَڇَ، گهاتو گهر نه آئيا!
    ڪاهي وڃو، ناکئا! ڪرئو بُري تي بڇ:
    گهاتو گهر نه آئيا!
    ڪاٿي سندن ڪُنڍيون، ڪاٿي سندن رَڇَ:
    گهاتو گهر نه آئيا!
    ڪُنَ ڪڙڪو ڏاڍو، اٿوَ اڳيان اَڇَ:

    گهاتو گهر نه آئيا!
    اديون، ’عبداللطيف‘ چي، سڀ لنگهيندا ڇَڇَ:
    گهاتو گهر نه آئيا!
    (دور، اُفق تي، شام جي اوندهه مشعلن جي روشنيءَ ۾ جذب ٿيندي ٿي رهي، ۽ ڪورس جو آواز ٻُرندو، جهيڻو ٿيندو ٿو وڃي. انهيءَ نظاري تي پردو ڪري ٿو.)
    -


    جَر ۾ ڦوٽو جيئن.....

    [هڪ چهچٽي جو هڪ ناٽڪ]

    ڪردار:
    زرينه بيگم: گهر جي مالڪياڻي
    بانو: نوڪرياڻي
    اسلم: هڪ مسافر
    ..... ..... ..... ..... .....

    ڏيک پهريون:

    (وقت: سياري جو هڪ صبح)
    (مقام: پريم پور ڳوٺڙي ۾ ’زري محل‘ نالي بنگلو. مک دروازو اسٽيج جي ساڄي پاسي کان، اڱڻ ۾ کلي ٿو، اڱڻ مان هڪ ننڍڙو دروزاو باغيچي ڏانهن کلي ٿو. پردي کڄڻ تي، سامهون بنگلي جو باغيچو نظر اچي ٿو. باغيچي جي چؤگرد، ستگلن جي ول جو لوڙهو ڏنل آهي، ۽ هر قسم جي خوشنما گلن جون الڳ الڳ ٻاريون ٺهيل آهن. پردي کڄڻ تي صبح جي پکين جون مختلف ٻوليون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ’زري محل‘ جي مالڪياڻي، زرينه بيگم، ستر کن ورهين جي پوڙهي آهي. سندس چهري تي اطمينان سان گڏ زندهه دليءَ ۽ خوشمزاجيءَ جو رنگ آهي. هوءَ اسٽيج تي، پنهنجي نوجوان نوڪرياڻي بانوءَ جي ٻانهن جي سهاري سان، باغ ۾ داخل ٿي رهي آهي.)
    بيگم: اڙي بانو، اڄ توکي ٿيو ڇا آهي، جو بنهه مريضن وانگر پئي رڙهين؟
    بانو: ڪجهه به ته نه آهي، سانئڻ. اوهان جي سِر جو سُنهن، ڪجهه به ڪينهي.
    بيگم: هون ...، ڪجهه به نه آهي! پوءِ هيءَ تنهنجي سست رفتار، موڳي طبيعت، بي ڌياني چال ائين ئي بنا سبب جي آهي ... اڙي پاڳل، مون به دنيا ڏٺي آهي: تنهنجي عمر مان لنگهي آهيان ... ڀلا چؤ ته تنهنجو ’هو‘ شهر مان موٽي آيو يا نه؟
    بانو: (ٿورو هٻڪي) جي ... جي، نه سانئڻ، اڃا ڪونه موٽيو آهي. (ٿڌو ساهه کڻي، روڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪري.)
    بيگم: ته پوءِ ائين چؤ نه. آءٌ به چوان ته مُئيءَ سان ڪا ته ويڌن آهي! ... ڇو ڀلا، اڃا ڇو ڪين آيو آهي؟ وئي به ته ڪافي ڏينهن ٿيا اٿس؟
    بانو: (شرمائجي) ها بيگم، ڏاڍا وڃي ڏينهن لاتا اٿس. مون کي ته اچي اها جهوري لڳي آهي ته ...
    بيگم: ها ها، چؤ، روڪجي ڇو وئينءَ؟
    بانو: شايد کيس ترسائي ڇڏيو اٿن.
    بيگم: ترسائي ڇڏيو اٿن؟ ڪنهن ترسايو هوندس؟
    بانو: جي، اُتي ئي ته سندس مڱڻو ٿيل آهي!
    بيگم: هون، سمجهيم، نڀاڳي، تو به ڪٿي وڃي اکيون اٽڪايون آهن ... جنهن جي دل ۾ اڳي ڪو ديرو دمايو ويٺو آهي، جو اڳي ئي پرائو ٿي چڪو آهي!
    بانو: ائين نه چئو سانئڻ؛ هو پرائو ٻين لاءِ هوندو. منهنجي لاءِ ته ... ته ... (شرمائجي وڃي ٿي.)
    بيگم: ها ها، تنهنجيءَ عمر ۾ سڀ ڇوڪريون، ائين ئي چونديون آهن. ها، سڀ ڇوڪريون ... آءٌ به ... (هلڪو کلندي) آءٌ به ائين چوندي هيس، پر جڏهن وقت آيو، تڏهن ... تڏهن ...! ٻڌ ته بانو، اڄ سيءُ هونئن ئي وڌيڪ آهي، يا مون کي ٿو محسوس ٿئي. هيءُ هوا جو سوساٽ ته ڏس ... ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ ته هوا کي به پنهنجي جواني ياد اچي ويئي آهي، جنهن ۾ سڪون گهٽ هوندو آهي، ۽ طوفان گهڻا هوندا آهن. (ٿورو جذبات کان گُهٽيل آواز ۾) زندگي به عجيب آهي! جڏهن طوفانن جي تمنا هوندي آهي، تڏهن زندگيءَ جو وهڪرو بيهي رهندو آهي، ماٺائي جسم جي سوراخن مان روح اندر پيهي ايندي آهي!
    بانو: (ٿورو شوخيءَ سان) بيگم، اڄ اوهان تي وري اهو دورو پيو آهي، جنهن کي ننڍو ميان صاحب ‘ ڦڦلسو’ سڏيندو آهي.
    بيگم: (کلي) چري، ” ڦڦلسو“ نه، پر فلسفو.
    بانو: سانئڻ، اهو مئو نالو مون کي ته ڏانءُ ايندو ئي ڪونه. (ٿوري وقفي کانپوءِ) ڀلا اوهين ته بينچ تي وهو ته آءٌ ڪبوترن لاءِ چوُري کڻي اچان.
    (وڃي ٿي)
    بيگم: (بينچ تي وهندي پنهنجي منهن) عجيب ڇوڪري آهي، ڪيڏي نه دل اٿس، پنهنجي پيارل سان! سندس پريمي دل اهو ته مڃي ئي نه ٿي ته ڪو هو، جو هن جو پنهنجو آهي، سو ڪو پرائو به ٿي سگھي ٿو. چري، تجربو پاڻهي سيکاريندس ته زندگيءَ جو نٺرپڻو، ڇا آهي ...! هون، اڄ ته زندگي سيءَ ۾ گهلندي ٿي وڃي. هي چنبيلي ۽ سورج مکي، جيڪي امن ۽ سڪون جا پيامي هوندا آهن، سي به اڄ مرده مرده ٿا لڳن. عجيب آهي زندگيءَ جو فلسفو. وقت به شايد سيءَ ۾ ڄمي غير متحرڪ ٿي پيو آهي: نه اڳتي ٿو وڌي، نه پوئتي ٿو موٽي ... پر فرض ڪريو ته وقت پوئتي ٿو موٽي وڃي- اڄ کان پنجاهه سال پوئتي ... هان، هي منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ڇو ٿي ويئي؟ هي منهنجي جسم ۾ ڪهڙي نه عجيب گرم گرم لهر، لوڻن کان پيرن تائين سر سر ڪري لنگھي ويئي؛ اهو ڪهڙو احساس هو ... ؟ شايد گمشدگيءَ جو؛ شايد خود فراموشيءَ جو! نه نه، منهنجو ائين اڪيلو رهڻ ٺيڪ نه آهي، ذهن هروڀرو گمنام وادين ۾ ڀٽڪڻ ٿو لڳي- ۽ دل ... ڊاڪٽر به انهيءَ مئيءَ دل جي ڪري، اڪيلي رهڻ کان منع ڪري ويو آهي. ٺيڪ آهي، مون کي اڪيلو نه رهڻ کپي. بانو ... او بانو!
    بانو: (پريان ايندي) اچان پئي، سانئڻ.
    بيگم: ڇوري ايتري دير ڪٿي وڃي غرق ٿينءَ؟
    بانو: سانئڻ، ٻاهر ڪو ماڻهو آيو آهي- چوي ٿو ته ”مسافر آهيان، سڄي رات سفر ڪيو اٿم، ۽ وسئن ڏسي لڙي آيو آهيان.“ چوي ٿو ته گهڙي کن آرام ڪري، وري پنهنجي مسافريءَ تي ويندو. چؤ ته هت وٺي اچانس.
    بيگم: (چيڙاڪ طبيعت جو مظاهرو ڪندي) ماڻهو؟ ڪهڙو ماڻهو؟ سڄي رات سفر ڪيو اٿس، ڇو ڀلا؟ هت ڪيئن آيو آهي؟
    بانو: (هيسجي) اهو ته مون ڪونه پڇيو مانس، سانئڻ.
    بيگم: (ٿورو تکي ٿي) ڇو نه پڇئي؟- پڇڻ گهربو هو توکي. (وري نرمائيءَ سان) پر توکي ڪهڙي خبر ته رات جا مسافر ڇا هوندا آهن ... چڱو، اها چُوري مون کي ڏي، ۽ تون وڃي هن کي وٺي اچ.
    (بانو چُوريءَ جي ٿيلهي بيگم کي ڏيئي ٻاهر وڃي ٿي. پردو ڪري ٿو).

    ڏيک ٻيو:

    [ساڳيو باغيچي جو منظر. پردي کڄڻ تي بيگم، بينچ تي ويٺي ڪبوترن کي ٻچڪاري رهي آهي. ڪيترائي ڪبوتر سندس اڳيان اچي گڏ ٿيا آهن، ۽ بيگم سندن اڳيان چوريءَ جون مٺيون ڀريندي اڇليندي ٿي وڃي.]
    بيگم: (ڪبوترن کي ٻچڪاريندي) اچو، اچو، منهنجا پيارؤ ... هان هان تڪڙ نه ڪريو، سڀني لاءِ جهجهو ڪي آهي- ۽ تون نيلا شهزادا، تون پويان ڇو بيٺو آهين؟ رٺو آهين؟ (ٿورو کلي) شيطان، توکي پٽ تان کڻي کائڻ نٿو وڻي. هان اچ، منهنجي هٿ مان کاءُ ... ائين نه ... ائين ته هٿ ۾ ٺونگا ٿا لڳن، آهستي آهستي کاءُ، انسانن وانگر هٻڇ ته نه ڪر. الا، انسان پنهنجي صحبت ۾ ڪبوترن کي به هٻڇ ۽ لالچ سيکاري ڇڏي آهي. انسان جو سنگ به ڪيترو نه عجيب آهي!
    [ڪجهه وقفي کانپوءِ ڪجهه ڪبوتر اڏامي ٿا وڃن، ۽ هڪ ٻيو ٽولو اچي ٿو چوري کائڻ لڳي.]
    بيگم: (ٻچڪار ڏيندي) هي ڇا نيلا شهزادا، هي ڇا، تون ڇو هن ويچاريءَ سفيد ڪبوتريءَ کي نه ٿو سهين. ڏس ته ڪيتري نه پياري آهي. جڏهن کان سندس ساٿيءَ کي بي درد ٻارن کانڀاڻيءَ جو شڪار بنايو آهي، تڏهن کان ويچاري ڪيتري نه اداس ٿي لڳي. الا، انسان پکين کي به پريم ڪرڻ نه ٿا سهن. هتي به پنهنجي ڪاري ڪاريءَ واري لعنت کي ٿا استعمال ڪن. پوءِ ڀلي ٻار ڇو نه هجن ... آخر انسان جا ٻار آهن ... ازل کان پريت جا دشمن. ڪيترو نه تضاد آهي هنن ۾، ڪيتري نه ڏنگائي، جنهن پريم کين جنم ڏنو، انهيءَ پريم کي پناهه ڏيڻ جي بدران، نڙيءَ تي ننهن ڏيو ڇڏين.
    (بانو ۽ مسافر داخل ٿين ٿا. سندن اچڻ تي ڪبوتر ٽهي، اڏامي ٿا وڃن. مسافر اسي کن ورهين جو جهور پوڙهو پير مرد آهي. جسم ۾ البت هڪ عجيب ڦڙتي اٿس. اکين تي ڪاري فريم سان هڪ ٿلهو چشمو چڙهيل اٿس، جو سندس بنهه اڇن وارن جي ڪري، سندس چهري ۾ عجيب سوڀيا ۽ گنڀيرتا جو اهڃاڻ بنيل آهي. آواز ۾ ميٺاج ۽ غم جي آميزش اٿس)
    بيگم: هان هان، هي ڇا ٿا ڪريو. منهنجي نيلي شهزادي کي اڏائي ڇڏيوَ ... هاڻ هو مون وٽ ڪڏهن به نه ايندو، ڪڏهن به نه. هو به انسانن واريون خصلتون سکي پيو آهي.
    مسافر: اوهه معاف ڪجو، منهنجي اچڻ سان اوهان جي وندر ۾ رنڊڪ پئجي ويئي. وڍڻ جي اجازت آهي؟
    (ويهي رهي ٿو)
    بيگم: ويهي ته اڳي ئي چڪا آهيو، پوءِ اجازت ڇا جي؟ بانو، تون ائين بت وانگر ڇو بيٺي آهين؟ وڃ وڃي مهمان لاءِ نيرن پاڻيءَ جو بندوبست ڪر.
    بانو: جي، وڃان ٿي. (وڃي ٿي)
    (ٻئي ڄڻا ڪجهه وقت خاموش ويٺا رهن ٿا. ائين ٿا محسوس ٿيڻ ڏين ڄڻ ته گفتگو شروع ڪرڻ لاءِ ڪنهن موضوع جي تلاش اٿن.)
    مسافر: اوهين هت اڪيليون ٿيون رهو؟
    بيگم: جي نه، ڪبوتر ۽ طوطا ساڻ اٿم.
    مسافر: منهنجو مقصد انسانن سان هو.
    بيگم: طوطا ۽ ڪبوتر انسانن کان ڪهڙي ڳالهه ۾ گهٽ آهن؟ طوطا چشم انسانن کان ته طوطا ۽ ڪبوتر وڌيڪ بهتر ساٿي آهن.
    مسافر: (پنهنجي منهن آهستي) عجيب قنوطي عورت سان واسطو پيو آهي! (ڏاڍيان) انسان سمورا ته طوطا چشم نه آهن. ڪي انسان ته ويچارا پنهنجي سڄي عمر طوطا چشميءَ خلاف وڙهندا ٿا رهن.
    (هڪ وڻ مان طوطي جي ٻوليءَ جو آواز ٿو اچي)
    بيگم: ٻڌو، اوهان کي پنهنجي نظريي جو رد اتي ئي ملي ويو. طوطي کي اوهان جي ڳالهه شايد نه وڻي، ته منهن تي چئي ڏنائين.
    مسافر: اهو ته سمجهه سمجهه تي منحصر آهي. طوطي ته شايد منهنجي ڳالهه جو رد نه پر تائيد ڪئي. پکين جي طوطا چشمي ته محض ظاهري آهي. انسانن جي طوطا چشمي ته سندن روح جي کنڊرن مان جاڳندي آهي.
    بيگم: تڏهن ته چيم ته انسانن کان پکين جو ساٿ وڌيڪ برداشت جوڳو آهي. (ٿوري وقفي کان پوءِ) ڀلا اهو ته ٻڌايو ته اوهان جو سفر ڪيستائين آهي؟
    مسافر: پريم پور وڃڻ جو ارادو اٿم؟
    بيگم: (اچرج مان) پريم پور؟ ڪهڙي پريم پور؟ ... اهو ڳوٺ ته ٻڌل سئل ڪونهي ... ڪهڙي طرف آهي اهو ڳوٺ؟
    مسافر: (ڌيرج سان) هونئن ته سنڌ جو هر ڳوٺڙو پريم پور آهي، پر هيءَ پريم پور هنن ئي پٽن تي هئي.
    بيگم: (پنهنجي منهن آهستي) هيءُ ڪير آهي، جو پريم پور پڇائيندو وتي؟ سالن کان پريم پور جو نالو به ڪنهن نه ورتو آهي. (ڏاڍيان) پوءِ ڪو پار پتو مليو پريم پور جو؟
    مسافر: (جذبات ۾ ڀريل آواز ۾) ”ڏوريان ڏوريان م لهان، شال م ملان هوت!“
    بيگم: شاهه جو سهارو وٺي پنهنجي بزدلي لڪائڻ به ته هڪ ڪمال آهي.
    مسافر: منزل جي ڀرسان پهچي، منزل کي ڄاڻي واڻي نه رسڻ به ته ڪمال آهي! (پنهنجي منهن) هيءَ طنز، هيءُ مزاج ڄاتل سڃاتل ٿو معلوم ٿئي. خبر نه آهي، دل جي ويرانن ۾ ڪي ستل پڙاڏا ڇو جاڳڻ لڳا آهن! (ٿڌو ساهه ٿو ڀري)
    بيگم: سياري ۾ اهڙا ٿڌا ساهه ڀرڻ ڪيترو نه موزون آهي!
    مسافر: پريم پور جي ياد جسم ۾ ڊسمبر جي ٿڌ اوتيو ڇڏي ... (وري ٿڌو ساهه ٿو ڀري ...) الا ...
    (شعر)
    ”رات انڌيري، واءُ ٿڌيري، اڀ تي تارا ڇايا،
    - هاءِ، پرين ياد آيا!“
    بيگم: (هلڪي سر ۾)
    ”جھرمر وارا، پيارا پيارا، نيري گھرائيءَ ۾ تارا-
    مون جيئن اک به نه لاتائون ٿي، پل پل جهاتيون پاتائون ٿي:
    آهي نينهن به ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳيا-
    هاءِ پرين ياد آيا!“
    مسافر: (درديلي آواز ۾)
    ’جئن جئن پوءِ، تئن پياس گهڻيري، آتا هاءِ اڃايا،
    -هاءِ پرين ياد آيا!‘
    بيگم: (جذبات کان گُهٽيل گلي سان)
    ’دور ڦٽي تئن باک ڀليري، گرجا گهنڊ وڄايا،
    -هاءِ پرين ياد آيا!‘
    مسافر: اوهان کي ته سڄو گيت ياد آهي. اوهان ڪٿان ٻڌو اهو گيت؟
    بيگم: (ٿورو هٻڪي) اهو گيت؟ اهو گيت ته ازل کان پريمي ڳائيندا رهيا آهن. جڏهن پريم جي آڳ ۾ ڪويل سڙيل ڪاري ٿي ويئي ۽ سندس روح مان هڪ آهه نڪتي، تڏهن شاعر انهيءَ آهه کي لفظن جو روپ ڏيئي ڇڏيو هو، پر اوهان کي اهو گيت ڪيئن ياد آيو؟
    مسافر: پريم پور ۾ منهنجو هڪ دوست هوندو هو اسلم. اڪثر هو اهو گيت جهونگاريندو رهندو هو ويچارو!
    بيگم: ڇو ’ويچارو‘ ڪيئن ٿيو؟
    مسافر: (عينڪ مان بيگم ڏانهن گھوريندي) جڏهن انسان پنهنجي راهه وڃائي ڍهندو آهي، تڏهن منزل خود هن لاءِ ڀٽڪڻ لڳندي آهي ... (ٿوري وقفي کان پوءِ ) اسلم، پريم پور جي زميندار جي ٻارن کي پڙهائيندو هو. هو بنهه سندن گهر جو ماڻهو ٿي ويو هو، ۽ سندن زمينداريءَ جو حساب ڪتاب به پاڻ رکندو هو، پر زمينداريءَ جو حساب رکندي، پنهنجي دل جو حساب ڪتاب ڀلائي ويهي رهيو. زميندار جي ڌيءُ ’زرينه‘...
    بيگم: (ڇرڪ ڀري) زرينه؟ اوهين نالي ۾ ڀليا ته نه آهيو؟
    مسافر: (اچرج مان) اوهان ايڏو ڇرڪ ڇو ڀريو؟ اوهين زرينه کي سڃاڻو ڇا؟
    بيگم: (پاڻ سنڀاليندي) زرينه ... گلن کان وڌيڪ معصوم، ڀنڀوريءَ کان وڌيڪ چنچل زرينه کي آءٌ پاڻ کان به وڌيڪ سڃاڻان!
    مسافر: سو ڪيئن؟
    بيگم: اسين ٻئي ٻالڪپڻي کان گڏ رهيون هيونسين. ائين سمجهو ته اسين ٻه جسم، هڪ جان هيونسين، يا ٻه جانيون ۽ هڪ ئي جسم! الا ... اهي ڏينهن. اهو گيت به ته مون زرينه کان ئي ٻڌو هو. ويچاري زرينه!
    مسافر: (گھري خيال ۾ پئجي وڃي ٿو- ۽ ٿوري وقفي کانپوءِ ...) کيس ويچاري ڇو سڏيوَ؟
    بيگم: (کلي) جھڙيءَ طرح اوهان پنهنجي دوست اسلم کي ويچارو سڏيو، تيئن مون به پنهنجي ساهيڙپ جو حق ادا ڪيو. خير، پوءِ اوهان جي ويچاري اسلم جو ڇا ٿيو؟
    مسافر: ڇا ٿيو ... سو هڪ دردناڪ قصو آهي. خير، ويچارو زرينه جي محبت ۾ ايترو ته نڪمو ٿي ويو، جو ٻين جا گيت ڳائيندي ڳائيندي، خود به شاعري ڪرڻ لڳو. جنهن مهل زرينه کي پنهنجي سامهون ڏسندو هو، تڏهن سندس دل، پنهنجي دڪ دڪ جو هڪ ڌڪ گسائي وهندي هئي. حساب ڪتاب جا انگ اکر واڳو ٿي ورندا هئس ... ۽ (ٿورو جذبات سان) ۽ زرينه، گلن کان وڌيڪ معصوم، ڀنڀوريءَ کان وڌيڪ چنچل، ستارن کان وڌيڪ روشن، مکڙين کان وڌيڪ نازڪ زرينه، سندس دل ۽ دماغ تي ائين ڇانئجي ويندي هئي، جو هر ساهه ۾ کيس زرينه جي خوشبوءِ ايندي هئي، هر قدم تي زرينه جي ساٿ جو گمان ٿيندو هوس ... ڀلا اوهان جي ساهيڙي زرينه جو ڪهڙو حال ٿيو؟
    بيگم: اسلم شايد اوهان کي به شاعريءَ جو چشڪو ڏيئي ڇڏيو آهي. ها، زرينه جيڪي مون کي ذاتي خط لکيا، انهن مان ته ائين ٿي معلوم ٿيو ته هوءَ به اسلم کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري چڪي هئي. سندس روح جي تار تار ۾ اسلم پيهي چڪو هو...
    مسافر: ڀلا زرينه پنهنجي خطن ۾ کوهه واري واقعي جو ڪو ذڪر ڪيو هو ڪي نه؟
    بيگم: (پنهنجي منهن) هيءُ ته ڄڻ منهنجي آڏي پڇا ڪرڻ آيو آهي! (ٿورو سوچي، ڏاڍيان) اوهه، ڪيترو نه ڏکوئيندڙ واقعو هو ... (هٻڪي) منهنجو مقصد آهي ته جھڙيءَ طرح زرينه لکيو هو، ان مان ته ائين ٿي ڀانيو ته هن سماج ۾ پريم ڪرڻ وارن لاءِ سواءِ موت جي، ٻي ڪا واهه ئي ڪانهي! الا، دنيا جوان دلين کي گڏجي ڌڙڪڻ ڇو نٿي ڏئي!
    مسافر: ۽ جڏهن ٻنهي جا لاش گڏ کوهه مان ڪڍيائون، تڏهن ڇوڪريءَ جو پيءُ، ڇوڪري جي پيءُ سان ڳراٽي پائي روئڻ لڳو- اوهه، منهنجو مطلب آهي ته اسلم، جڏهن پنهنجي خط ۾ اهو ذڪر ڪيو، تڏهن ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ته اهو واقعو بنهه منهنجي اکين اڳيان ٿي گذريو هو! ويچارو انسان صدين گذرڻ کانپوءِ به پريم ڪرڻ جو وڃايل آدرش حاصل نه ڪري سگھيو آهي!
    بيگم: (پنهنجي منهن) ’پريم ڪرڻ جو وڃايل آدرش!‘ اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ اڃا تائين پيا هُرن، ڪٿي ٻڌا اٿم اهي لفظ! (ڏاڍيان) وڃايل آدرش هٿ ڪرڻ لاءِ انسان کي اڃا ڪيئي محبتون، ڪيئي پريم قربان ڪرڻا پوندا! (ٿڌو ساهه ڀري) ڀلا پوءِ اوهان جي ويچاري اسلم جو ڇا ٿيو؟
    مسافر: (پنهنجي منهن) هن کي ته نه رڳو واقعو معلوم آهي، پر هن کي ته زرينه جا هو بهو لفظ به ياد آهن. متان هيءَ پاڻ ته زرينه ڪانهي. (ڏاڍيان) پوءِ ... پوءِ هن کي معلوم ٿيو ته زميندار زرينه جي شادي ڪنهن وڏ گهراڻي ڇوڪري سان ڪرائڻ ٿو گهري، هن زميندار اڳيان ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪيون، پنهنجي دل جا پرزا ميڙي، لڙڪن جي مالا پوئي، زميندار جي ڪٺور قدمن ۾ ڪري پيو، پر وريو ڪجهه به ڪين!
    بيگم: (پنهنجي منهن) هن کي ته سڀ ڪجهه ائين ياد آهي، ڄڻ ته پاڻ ئي اسلم آهي، پر متان ڪٿي هي اسلم ئي ته ڪونهي؟ (ڏاڍيان) پوءِ نيٺ ڇا ٿيو؟
    مسافر: پوءِ جڏهن هن جي دل جي دروازي کي زوريءَ تالو هنيو ويو، تڏهن جهنگ منهن ڪري هليو ويو. آخري اطلاع مون کي اهو مليو هو ته ڪراچيءَ ۾ بحري فوج واري بغاوت ۾، ستيا گرهين سان گڏ، پنهنجي وطن لاءِ وڙهندي وڙهندي، فرنگي گولين جو شڪار ٿي ويو. (پنهنجي منهن آهستي) واهه جو پاڻ کي وطن دوست ثابت ڪيو اٿم. هن کي ڪهڙي خبر ته زندگي ايتري ته سخت جان آهي، جو اُن ۾ اٿلن پٿلن ۾ زرينه جو درد دل تان جلد ئي ميسارجي ويو، ۽ آخر زرينه جھڙي ئي محبت ڪندڙ، حوا جي ئي هڪ ڌيءَ سان شادي ڪيم، جا پنهنجي ڳراٽين ۽ محبتن سان گڏ ٻه گلڙا نذرانو ڏيئي، وڃي قبر ڀيڙي ٿي. (ڏاڍيان) ۽ ڀلا اوهان جي ساهيڙيءَ جو ڇاٿيو؟
    بيگم: (پنهنجي منهن) ڪوڙو ڪنهن جاءِ جو! آءٌ به اهڙو ئي ڪوڙ ٺاهي ٻڌايانس، جو ياد ڪندو ته کانئس گهٽ آءٌ به ڪانه آهيان! (ڏاڍيان) ويچاري زرينه، اسلم جي وڃڻ کانپوءِ بنهه پاڳل ٿي پئي. عجيب عجيب حرڪتون ڪرڻ لڳي. ماڻهو چوڻ لڳا ته جن پيو اٿس. ڪن چيو ته ڀوت پريت جو واسو اٿس. ڀوپن ۽ مولوين کان ٽوڻا ڦيڻا ڪرايائون، جن ٻڌايائونس، پر افسوس، جنهن جي دل پنهنجي وس نه هجي، ان کي ويڄ طبيب ڇا ڪندا. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن ڳوٺ جي انهي ساڳئي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي، پنهنجي اسلم تان قربان ٿي ويئي! (پنهنجي منهن آهستي) آءٌ اهو ڇو ٻڌايانس ته پوءِ جلد ئي منهنجي شادي ٿي ويئي. ڪجهه عرصو ته ڏک ۽ مايوسي کان جيئڻ جهنم ٿي پيو، پر پوءِ زندگيءَ جو وهڪرو پنهنجي تک ۾ لوڙهي ويو- ۽ هاڻ جين بچنم، ستن ڏوهٽن پوٽن جي ڏاڏي ناني آهيان!
    مسافر: (پنهنجي منهن) هيءَ ته ڪوڙ کان به ٻه قدم اڳتي لنگهي ويئي. پڪ سان هيءَ زرينه آهي.
    بيگم: (پنهنجي منهن) هن جي ماٺ مان ظاهر آهي ته هيءُ ئي اسلم آهي. (ڏاڍيان) او ڇوري بانو، ڪيڏانهن مري وئينءَ؟
    بانو: سانئڻ، آءٌ ته بنهه اوهان جي ڀر ۾، ڳچ وقت کان بيٺي آهيان. نيرن تيار آهي.
    بيگم: (مسافر کي) هلو، هلي نيرن ڪريو. (ڪجهه وقفي کانپوءِ- پنهنجي منهن) سندس هلڻيءَ ۾ اڃا تائين ڪو فرق نه آيو آهي. ڇا آءٌ پاڻ ظاهر ڪريان؟ نه نه، هرگز نه! هاڻ مون ۾ رکيو ڇا آهي؟ ستر ورهين جي پوڙهي، جنهن ۾ جوان زرينه جا کنڊر به هاڻ ڊهندا ٿا وڃن. نه نه، ائين ئي ٺيڪ آهي. (وڃي ٿي)
    مسافر: (پنهنجي منهن، آهستي) ها ها، هيءَ سچ پچ زرينه آهي. سندس چال اڃا تائين اها ئي آهي. ڇا آءٌ ٻڌايانس ته آءٌ ئي اسلم آهيان؟ نه نه، هرگز نه. اسي ورهين جي هن اسلم ۾ ڪابه ڳالهه هاڻ نه رهي آهي، جنهن جو جوان اسلم سان ڪو دور جو به واسطو هجي: هي گهنجيل چهرو، هي ڊبل شيشن جي عينڪ ۽ هيءَ ڪٻي چيلهه! نه نه ائين رهڻ ئي چڱو آهي. پريم پور جي عشق جو داستان ائين ئي اڻپورو رهي ته بهتر آهي! (وڃي ٿو)
    پردو ڪري ٿو
    [‘جر ۾ ڦوٽو جيئن’ ٻن پريمين جو داستان آهي جن سماجي طبقاتي ويڇن جو شڪار ٿي، کوھ ۾ ٽپو ڏنو پر بچي ويا. زرينه جي شادي ’زري محل‘ جي مالڪ سان ٿي وئي. زندگيءَ جي شام ۾ ٻنھي جي ملاقات باغ ۾ ٿئي ٿي. ماضيءَ جا واقعا بيان ڪندي، هڪ ٻئي کي اهو چئي حقيقت ظاهر نٿا ڪن ته ’پريم پور جي عشق جو داستان ائين اڻپورو رهي ته بھتر آهي.‘]
    -


    پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا!

    [ٽن چهچٽن جو هڪ ناٽڪ]
    ڪردار:
    چنيسر: سنڌ جو مهاراجا
    ليلا: چنيسر جي پٽ راڻي.
    جکرو: چنيسر جو وزير.
    راءِ کنگھار: ڪڇ جو راجا
    مُرڪي: ڪڇ جي راڻي، راءِ کنگهار جي جوءِ.
    ڪونئرو: راءِ کنگهار جي ڌيءُ
    ڪونئروءَ جون سهيليون، ليلا جون ٻانهيون، پهريدار، خذمتگار ۽ ٻيا.
    چهچٽو پهريون:
    زمانو: تيرهين صدي عيسوي

    ڏيک پهريون
    (وقت: منجهند کان اڳ).
    [ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار جو عاليشان محل ’ڪڇ ڀوَنَ.‘ اُهو سڄو ڳاڙهي پٿر جو ٺهيل آهي ۽ ان جا اوچا ستون ۽ محراب پريان ئي دلڪش نظارو پيش ڪن ٿا. پردي کڄڻ تي راءِ کنگهار جي درٻار جو منظر سامهون اچي ٿو. چانديءَ جي وڏي تخت تي راءِ کنگهار ويٺو آهي. سندس پويان ٻه چوبدار وڏا وڃڻا کڻي واءُ ڪري رهيا آهن. تخت کان ڪجھه هيٺ ڀرو راجا جا وزير ۽ امير ويٺل نظر اچن ٿا، ۽ مک دروازي تي ساڄي پاسي کان سائي ريشم جي پردي سان ڍڪيل دروازو نظر اچي ٿو، جو اندر زنانخاني ۾ کلي ٿو ۽ انهيءَ دروازي مان ڪونئرو ٻن ٻانهين سان گڏ داخل ٿئي ٿي.]
    راجا: (مرڪندي) ڪونئرو مٺڙي، تون اچي وئينءَ، پر ٻڌاءِ ته ايتري دير ڇو لاتئي؟ اسان تنهنجي لاءِ سيڙيا ويٺا هئاسون.
    ڪونئرو: راجا جو حڪم اکين تي، پر راجا پنهنجي هن ٻانهيءَ کي ڪيئن ياد ڪيو آهي؟ (ٿورو ٽوڪ سان) ڇا وري ڪو اکين سڄو راجڪمار، مڱڻي جي درخواست ته ڪين کڻي آيو آهي؟ جي ائين آهي، ته ٻانهيءَ جو جواب اوهان کي اڳئي معلوم آهي.
    راجا: پر مٺڙي، منهنجي مانَ جو به ڪو خيال ڪيو اٿئي؟ ماڻهو ڇا چوندا ته اُٺ جيڏي ڇوڪري، خود راجا جي گهر ۾ ڪُنئاري ويٺي آهي. اوهين ڌيئرون پرايو ڌن، آخر ڪيستائين ماٺ ڪجي. آءٌ جيڪڏهن وچن هارائي نه چُڪو هجان ها، ته توکان پڇڻ کانسواءِ تنهنجو ويانهن ڪري ڇڏيان ها. ٻيو ته اسان سنڌين ۾ اصل کان نياڻين جي مرضي پڇڻ جي ريت آهي، تڏهن ٿو تو کان پڇان، نه ته ...
    ڪونئرو: ها بابا! پر آءٌ ڀليس، اوهين منهنجا پيءُ نه پر ان داتا آهيو، ۽ آءٌ اوهان جي ڌيءُ نه، پر اوهان تي بار آهيان، ۽ اهو بوجو، جڏهن مرضي پويوَ ته هوند لاهي ڦٽي ڪريو. اسين ويچاريون ڪرمن جون ماريون ...
    راجا: بس بس بس، تون وري اهي پِٽڻا پاراتا کڻي ويهي رهينءَ. هي ايشور، هي ڪهڙو زمانو ايندو ٿو وڃي. پنهنجي اولاد کي جيترو پيار ڏي، اوترو هو مٿي تي چڙهن ۽ مائٽن کي پنهنجو دشمن ڄاڻن. هي ڪلجڳ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. آءٌ، ڪڇ جو راجا، سنڌ جي مهاراجا ڏاهر جو تڙ پوٽو، پنهنجي ڌيءُ اڳيان بيٺو ليلايان- ۽ هوءَ آهي، جا مون کي ليکي ۾ ئي نه ٿي آڻي. ڀلا ٻڌ ته ڪونئرو، تنهنجي لاءِ هڪ سوکڙي گهرائي اٿم ... وينجھر کي حاضر ڪريو.
    (چوبدار آواز ڏئي ٿو، ۽ هڪ ٻڍڙو، ٽن رنگن جي واسڪوٽ پهريل، اٿي اڳيان اچي ٿو ۽ ڪورنش ڪري ادب سان بيهي ٿو رهي.)
    وزير: اي ٻڍڙا وينجهر، اڄ تنهنجي آزمائش آهي. ڏسون ته اڄ راجڪماري تنهنجي سوکڙي پسند ڪري ٿي يا نه، جنهن جي تو ايڏي واکاڻ پئي ڪئي.
    وينجھر: حاضر سائين! اي راجائن جا راجا، شل سنڌ سدا سائي رهي! شل ڌن دولت جا ديوتا هميشه اوهان مٿان پاڇو ڪن. مون هڪ سوکڙي آندي آهي، جا پيش ڪرڻ گهران ٿو. ]هڪ سوني جي دٻلي پنهنجي واسڪوٽ جي کيسي مان ڪڍي ٿو.[ هن دٻليءَ ۾ نون نيلمن جو هڪ نو لکو هار آهي، جنهن جي چمڪ دمڪ سج چنڊ کي مات ٿي ڪري. اولان اول هي هار راجا اندر جي ڳچيءَ جو هار هو، ۽ اتان وري تنهنجي تڙ ڏاڏي مهاراجا ڏاهر کي ورثي ۾ مليو. اهو هار محمد بن قاسم کي هٿ لڳو، جنهن خليفي کان لڪائي، پنهنجي ٽجوڙي، ۾ رکي ڇڏيو، پر ويچاري کي هار نصيب نه ٿيو. خليفي کي کڙڪ پئجي ويئي ۽ هار هٿ ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم جھڙي جوڌي جوان کي ڍڳي جي کل ۾ سبائي، ٻُوساٽي مارائي ڇڏيائين. ۽ پوءِ هي هار ڳچ وقت خليفي جي محبوبڙين جي ڳچيءَ جو زيب رهيو. هن هار هٿ ڪرڻ ۾ مون کي ٽيهه سال لڳي ويا، ۽ جيترو سون مون اُن جي عيوض ڏنو آهي، ان جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. هاڻ آءٌ اهو هار اُن جي اصلي وارثن کي پيش ٿو ڪريان. مونکي اُن جي بدلي ۾ فقط پنهنجي جوانيءَ جا ٽيهه سال ۽ ڏنل سون ملي، ته هار اوهان جو آهي!
    (ايتري ڊگهي تقرير ڪرڻ سان ٻڍڙو سهڪي ۾ اچي ٿو وڃي ۽ کنگهندو ويهي ٿو رهي.)
    راجا: تون بغداد جو رهندڙ آهين؟
    ٻڍڙو: (اٿي بيهي سهڪندي) سائين، ٻيا هزار حرف پٽي ڪڍوم، پر ائين نه چئوم. خدا جا هزار شڪرانا، جو مون کي به سنڌ جي سوني مٽيءَ مان خلقيو اٿس. منهنجا ابا ڏاڏا، خود اوهان جي وڏڙن جا درٻاري وينجهر هئا. سنڌ جي مهاراڻي لاڏيءَ جي ڪنن جا پنڙا منهنجي تڙ ڏاڏي جوڙيا هئا. مون کي پنهنجن وڏن تي فخر آهي؛ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ڌنڌي کي پوين سنڀاليو نه آهي:
    ويا سي وينجهار، هيرا لال ونڌين جي.
    اڄ جي زماني جي چال ئي نرالي آهي. الائجي ماڻهن کي پاڻ سنڌي سڏائيندي شرم ڇو ٿو اچي؟ جنهن کان پڇ، سو چوي ته منهنجا ابا ڏاڏا يا ايران کان آيا، يا عربستان کان، توران کان آيا يا هرات کان آيا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته جڏهن ڌارين جو راڄ هو، تڏهن ته اها ڳالهه ڪا ڪارائتي هجي به کڻي، پر پنهنجي وطن ۾، پنهنجي راڄ ۾ اهي ڳالهيون سُونهَن ڪونه ٿيون!
    راجا: پر تون مسلمان آهين نه؟
    ٻڍڙو: هائو سائين، الله پاڪ جا لک لک شڪرانا آهن. منهنجي تڙ ڏاڏي کي عربن مسلمان ڪيو هو، سو آءٌ به مسلمان آهيان. ۽ مون کي پنهنجي مذهب تي ايمان ۽ فخر آهي، پر سائين، ان جو منهنجي وينجهرڪي ڌنڌي سان ڪهڙو ڪم؟
    راجا: برابر ٿو چئين. مذهب سمورا چڱا آهن ۽ سڀني کي پنهنجو ڌرم ڪرم نيبهه هجي. شل ماڻهپو هٿئون نه وڃي. انسان ۽ ان جون روايتون وڌيڪ مانائتيون آهن ... پر اهي ڳالهيون جدا، هاڻ ڪڍ ان هار کي ته ڏسون ته برابر اسان جي اکين کي کيرو ٿو ڪري، يا رُڳي ٻٽاڪ پيو هڻين. ياد رک ته جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه هلڪي ٿي ته هن درٻار جا دروازا تو تي هميشه بند رهندا.
    وينجهر: سنڌ سدا سائي! حاضر سائين، اکين تي .
    (وينجهر دٻلي کولي ٿو ۽ جيئن ئي دٻليءَ جو پڙ کڄي ٿو، ته ڪمري ۾ هڪ نيري رنگ جي تيز روشني ڦهلجي وڃي ٿي.)
    راجا: (عجب مان) هي ايشور!
    ڪونئرو: بابا، ڏسو ته سهين ڇا سوجهرو اٿس، ڇا چمڪ اٿس. هي جادو ته نه آهي؟ بابا، هيءُ هار وٺي ڏيوم. هن هار لاءِ آءٌ هوند ڇا ڇا نه ڪريان!
    راجا (مرڪي): هون، هن هار لاءِ تون سڀڪجهه ڪندينءَ ؟ ائين نه؟
    ڪونئرو (ڪوماڻجي): ويانهن کانسواءِ، ٻيو سڀ ڪجهه.
    راجا: ويانهن ۾ سڀڪجهه ڪونه ٿو اچي ڇا؟
    ڪونئرو: نه، ويانهن سڀڪجهه نه آهي. اهو ته ’ڪجهه به نه‘آهي. اوهين منهنجي خوشي انهيءَ هار جي بها ۾ ڳنهڻ ٿا گهرو، سو آءٌ پنهنجي من جو واپار هار سان ڪانه ڪنديس. اهو سودو هلڪڙو ۽ بنهه سستو آهي.
    راجا: مٺڙي، تون برابر ٿي چئين. من جي ڪلپنا هيرا جواهر ڇا خريد ڪري سگهندا ۽ انهيءَ گفتي ٻڌائڻ سان تو هار کٽيو. وزير، هن وينجهر کي نون لکن سونين مهرن سان گڏ سروپاءِ ڏني وڃي.
    وزير: جو حڪم، جيئندا قبلا!
    (وزير ۽ وينجهر ڪورنشون ڪري وڃن ٿا ۽ پردو ڪري ٿو.)

    ڏيک ٻيو:
    وقت: ساڳئي ڏينهن شام جو.
    [ڪڇ ڀَوَن محل جي اندر جو خوبصورت باغيچو. محل جي اندران ڪي جوانڙيون پاڻ ۾ چرچا ڪنديون ٽلنديون ٿيون اچن ۽ پريان ڪونئرو به پنهنجي ٻانهيءَ سان ايندي ڏسجي ٿي.]
    هڪ سهيلي: (گهنگهرن جو آواز ٻڌي) ائي چپ، ڪونئرو پئي اچي.
    ٻي سهيلي: (حيرت وچان) هي ڀڳوان، هو نئون هار ته ڏسو! ڄڻ ته نيري نيري باهه ڄمي موتين-داڻا ٿي پئي آهي!
    ٽين سهيلي: هي ايشور! انهي نيري نيري تيج ۾ ڪونئرو ڪهڙي نه سندر ٿي لڳي، ڄڻ ته خود ارويشي اپسرا سرڳ مان لهي آئي آهي، ڄڻ ته ڪاليداس جو سپنو جاڳي پيو آهي. ائي ماٺ، هوءَ اچي ويئي، ٻڌي نه وٺي!
    ڪونئرو: (مرڪي) هي اوهين ٽئي ڄڻيون ڪهڙيون ڪن جون ڳالهيون پيون ڪريو ... اوهان جي منهن تي هيڊ ڇو هارجي ويئي آهي؟ ڳالهه ڇا آهي؟ ... اڙي ڳالهايو ڇو نه ٿيون! ٻڌايو ته هنن نيلمن ۾ آءٌ سهڻي لڳان ٿي، ڪي نه؟
    پهرين سهيلي: ها ڪونئرو، تون بي انت سندر ٿي لڳين ... پر ...
    ڪونئرو: پر ڇا؟
    ٻي سهيلي: هي شرم، لڄايل سجايل ڳاڙها ڳل، اهي ڪنولن کان وڌيڪ نيريون اکيون، اهو سندر نڪ، اهي ڏڪندڙ چپن جون مکڙيون، ۽ اها سرڳ جي اپسرائن جھڙي ڳچي، جنهن نيلمن کي به سونهن بخشي آهي، ۽ هي جوڀن جون اٿندڙ ويرون- اهي ڇا لاءِ آهن؟ ڪهڙو ڪارج آهي انهن جو ؟
    ٽين سهيلي: ۽ هي سمورا بيت، جي تون ڳائيندي آهين، اهو ستن سرن سان تڙپندڙ آواز ... اهي ڪنهن لاءِ ؟
    ڪونئرو: (ڪاوڙجي) اوهان اهي ڳالهيون طوطي وانگر ايترا ڀيرا واريون آهن، جو منهنجا ڪن پچي پيا آهن. (ڪنن ۾ آڱريون وجهي) پيون بڪو، آءٌ ته ڪانه ٻڌنديس!
    پهرين سهيلي: (ڪونئرو کي ڳراٽي پائي) منهنجي مٺڙي ڪونئرو، تون نيٺ ڪهڙي خيال ۾ آهين؟ ڇا کان ٿي دڄين؟ اسين تنهنجيون سهيليون آهيون. اسان کي پنهنجي من جو ڀيد ڇو نه ٿي ٻڌائين؟
    ڪونئرو: (پاڻ ڇڏائيندي، هٺيلي انداز ۾) ڪهڙو من جو ڀيد؟ ۽ ڊپ ڪهڙو؟ آءٌ ڇو ڊڄنديس؟ اوهان پاڻ سويمبر ڏٺو هو. کڻو سنڌو ديوتا جو قسم ۽ چئو ته انهن راجڪمارن مان منهنجي لائق ڪير هو؟ ها، مون کي پنهنجي سندرتا تي مان آهي، گهمنڊ آهي. هر هڪ نينگري، ڪيتري به بڇڙي منهن جي هجي، پاڻ کي سندر سمجهي مان ڪندي آهي.
    (سهڪندي) ٻڌاءِ تون، تون ئي چئو، تون انهيءَ هاٿي جھڙي راجڪمار سان هوند شادي ڪرين، جنهن سويمبر کٽيو؟ منهنجو ته ڊپ کان ساهه ئي ٿي نڪتو: مڇون ڏسوس ته هڪڙي ڪن کان ٻئي ڪن تائين نوڙيءَ جان وٽيون پيون هئس؛ ۽ مئي جو پيٽ هو ڪين اَن جي گُندي، ۽ ڳل تي جيڪو ترار جي ڌڪ جو نشان هوس، نڪ کان وٺي ڪن تائين، ان ته هن کي ڀوائتو بڻائي ڇڏيو هو. مون ته ائين ٿي سمجھيو ته مهاراجا جو مڪنو هاٿي، پاڻ ڇڏائي درٻار ۾ گهڙي آيو هو. هاڻ ڳالهائين ڇو نه ٿي؟ چپ ڇو ٿيون ويون آهيو؟ چوان مهاراجا کي ته اوهان مان ڪا انهيءَ راجڪمار سان پرڻجڻ لاءِ تيار آهي؟
    پهرين سهيلي: ڀڳوان جو سنهن اٿئي، ڪونئرو، متان اِهو انياءُ ڪيو اٿئي. مئي ڳورس! وڃي کڏ ۾ پوي، ماريو.
    ڪونئرو: (کلي) ڏس ڪيئن نه ناني ٿي سيءَ ڏڪئي! ٺهيو، ڇڏيو انهن ڳالهين کي، اچو ته چوپڙ کيڏون.
    (ٻانهي کي) او ندوري، تون بيٺي ڇو آهين!. هن کيرول جي هيٺان، وڃي چوپڙ وڇاءِ.
    (ٻانهي وڃي ٿي).
    ٻي سهيلي: پر ڪونئرو، ٻڌ ته، تون نيٺ اڃا ڪيترو سمو پنهنجي سپنن جي راجڪمار جي اچڻ لاءِ ترسندينءَ؟
    ڪونئرو: جڳ پرئي تائين! هاڻ ته خوش ٿينءَ.
    ٽين سهيلي: ڇڏيوس کڻي؛ هن کي ته ايترو گھمنڊ کڻي ويو آهي، ڄڻ چنيسر سان پرڻجي، سنڌ جي مهاراڻي بڻجندي!
    ڪونئرو: (ڇرڪ ڀري) چنيسر؟ ڪهڙو چنيسر؟
    ٻي سهيلي: نه نه، ڪڇ به نه. ڀل ٿي ويئي، ائين ئي اکر نڪري ويوسون!
    ڪونئرو: چنيسر! ... متان سنڌ جي مهاراجا، چنيسر جي ڳالهه ته ڪونه ٿيون ڪريو؟
    پهرين: جي ان جي ڳالهه هجي به ته توکي ڇا. اسان ته رڳو چرچو ڪيو.
    ڪونئرو: (جوش ۽ حيا کان ڳاڙهي ٿي) ته پوءِ آءٌ چنيسر سان پرڻبيس. ڌرتي اٿلي پوي، پر جي ويانهن ڪنديس ته چنيسر سان. اوهان مون کي ويڻ ڏنو ۽ آءٌ ويڻ سان پريت ونڊيندس! پر ٻڌايو ته سهي، چنيسر پريت ڪرڻ جھڙو آهي به ڪي ...
    ٻي سهيلي: (بيت) ”چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري.“
    ڪونئرو: ڇو ڀلا؟
    ٽين سهيلي: تون آهين هٺيلي ۽ چنيسر ... (بيت)
    سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هس
    پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، وڏا ڪيائون وس
    ڍول تنين جي گس، هيٺاهيون هلن جي!

    پهرين سهيلي: (بيت)
    سڀئي سهاڳڻيون، سڀني منهن جڙاءُ
    سڀڪنهن ڀانيو پاڻ کي، ايندو مون ڳراءُ
    پيٺو تن دراءُ، جي پسي پاڻ لڄائيون!

    ڪونئرو: بس بس ... پريتم ڪجي ته اهڙو ... وڃو، وڃو، مون کي سوچڻ ڏيو.
    [سهيليون وڃن ٿيون. ڪونئرو گلن جي ٻارين ۾ گهمڻ ٿي لڳي، ۽ هلڪي سر ۾ جهونگارڻ ٿي لڳي:
    چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
    چنسير سان چاڳ ، متان ڪا منڌ ڪري.
    (پنهنجي منهن) چنيسر ... چنيسر، نالو ته ڪهڙو نه مٺو آهي، سڀني راڳڻين ۾ پورو: ڪلياڻ ۾، ايمن ۾، سارنگ ۾، بسنت ۾، درپد ۾ به ته بلمپت ۾ به ... چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري.
    راجا ۽ راڻي مُرڪي داخل ٿين ٿا.]
    راجا: مهاراڻي، اڄ تنهنجي ڌيءُ کي ڇا ٿيو آهي، جو چوپڙ وڇائي پئي آهي، ۽ هيءَ رابيلن سان رهاڻ ڪندي وتي!
    راڻي: (سڏ ڪري) ڪونئرو، جيجل، ڇو منهن ڳاڙهو ٿي ويو اٿئي؟ چڱي ڀلي ته آهين؟
    ڪونئرو: ها امان، ها (وري جهونگارڻ ٿي لڳي) چنسير سان چاڳ...
    راڻي: چنيسر؟ هي ڇوري، چوين ڇا پئي؟
    ڪونئرو: امان، جي آءٌ پرڻبيس ته چنيسر سان، نه ته منهنجي بس اٿوَ. (جهونگاري ٿي) چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري!
    راجا: مهاراجا چنيسر! ڪونئرو، هوش ۾ ته آهين؟ ڪٿي تون، ڪڇ جي هڪ ننڍڙي راجا جي ڌيءَ، ۽ ڪٿي سنڌ جو مهاراجا چنيسر!
    ڪونئرو: بابا، ڪڇ به ته سنڌ آهي ۽ ويانهن ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جو ڇا؟
    راجا: (دل ۾ ٿورو خوش ٿي) پر مٺڙي، هو مسلمان، اسين راجپوت ...
    ڪونئرو: بابا ڌرم ته دنيا لاءِ آهي، دلين ۾ ڌرم ڪهڙي وٿ آهي!
    راجا: پر مٺڙي، دنيا ڇا چوندي؟ ٻيا راجپوت ڇا چوندا؟ نه نه ... ائين ڪونه ٿيندو. منهنجي دل ۾ ته ڌرم جي ڪري ڪو ڀيد ڀاءُ ڪونهي، سنڌين ۾ اصل کان ڪونهي؛ پر به، ٻي دنيا ڇا چوندي!
    ڪونئرو: ڪي ڌرم جي ڀؤ کان، ڪي دنيا جي سَنسن کان ته ڪي ذات پات جي ڀيت کان، پريت ۽ پريم سان انياءُ ڪندا آهن! آءٌ پرڻبيس ته چنيسر سان، نه ته وِهه کائي پاڻ ماري ڇڏينديس.
    راڻي مُرڪي: هيء هيء، مٺڙي اهڙا ٻول ته نه ڪڍ مک مان. تون سوچ ته سهي: جيڪڏهن چنيسر سڱ وٺڻ کان ناڪار ڪئي ته اسان جي اڇن جي پت ڌوپجي ويندي ...
    ڪونئرو: آءٌ پنهنجو من چنيسر کي اڻ ڏٺي ارپي چڪي آهيان، جي چنيسر نه قبوليو ته پوءِ جيون ڪهڙي ڪم جو. هي منهنجون ڪلپنائون، هي منهنجي اندر ۾ ستل راڳڻيون، رکي رکي چنيسر جي نالي جو جپ ڪرڻ ٿيون لڳن. مُئي من کي ڇا ڪريان جيجل! (اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ٿا اچنس، جن کي لڪائڻ لاءِ گلن ۾ منهن لڪائي ٿي ڇڏي.
    راڻي ۽ راجا پاڻ ۾ ڪجهه وقت هري هري ڳالهيون ڪرڻ ٿا لڳن. پوءِ راڻي ٿڌو ساهه ڀري، ڪونئرو ڏانهن وڌي ٿي.)
    مُرڪي: (ڪونئروءَ جي منهن تي هٿ ڦيرائيندي) ڌيءَ ، تنهنجي من جو سک ئي اسان جو جيون آهي، پر هاڻ ٻڌ، سڌو سنئون چنيسر کي سڱ ڏيڻ ته لوڪ کلائڻو ٿيندو. پاڻ ٻئي ويس بدلائي هلون ٿيون سنڌ. هلي ڏسون ته ڪم ٿيندو يا نه.ڪا اٽڪل ويڙهائي، چنيسر جي محل ۾ پهچون سهي، پوءِ مڙئي ايشور سهائتا ڪندو.
    ڪونئرو: (خوش ٿي) منهنجي جيجل، تو مون کي ڄڻ نئون جنم ڏنو آهي، هل ته هينئر ئي نڪري هلون. مون کان هاڻ گهڙي به گهاري نه ٿي ٿئي (آهستي جهونگاريندي) چنيسر سان چاڳ ...!
    (راجا، ڪنهن خيال ۾ ٻڏل، اندر محل ڏانهن وڃي ٿو، مرڪي ۽ ڪونئرو به وڃن ٿيون. پردو ڪري ٿو.)


    چهچٽو ٻيو

    ڏيک پهريون

    [وقت: پهرئين چهچٽي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ.
    هنڌ: سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ’ديول ڪوٽ‘ ۾، سنڌ جي مهاراجا چنيسر جي شاهي محلات ’سنڌ ڀَوَن‘ جي شاهي دروازي تي ٻه چوبدار بيٺا آهن ۽ دروازي کان وٺي محل جي چؤ ٿنڀيءَ تائين رنگبرنگي گلن جون سڌيون قطارون نظر اچن ٿيون. چؤ ٿنڀيءَ جي اڳيان سنگ مرمر جي ڏاڪن مٿان ٻن شينهن جي ڪلهن تي، ڳاڙهي پٿر مان ٺهيل سنڌ جو نقشو نظر اچي ٿو. کاٻي پاسي کان محل ۾ اندر وڃڻ لاءِ دروازو نظر اچي ٿو، جنهن اڳيان به هڪ چوبدار ترار کنيو بيٺو آهي. پردي کڄڻ وقت، گيڙو رنگ جي ميرن ڪپڙن ۾ ڪونئرو ۽ سندس ماءُ (مرڪي)، چوبدار سان ڳالهائيندي نظر اچن ٿيون.]
    چوبدار: مائي بابا، اندر وڃڻ جي موڪل به ورتي اٿو؟
    مرڪي: (ڪنجهندي) ابا، ٻچڙا جيئني، وڏي وزير، جکري، ته چيو ٿي ته هيءَ چائنٺ مراد وندن کي ڪانه روڪيندي. پوءِ تون ڪيئن ٿو جھلين؟
    چوبدار: امان، درٻار ۾ ته برابر ڪنهن کي جهل ڪانهي، پر هينئر ته مهاراجا مهاراڻيءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ويٺو آهي.
    مرڪي: اسان کي جکري موڪليو آهي. جي ويساهه نه اچئي ته کڻي ماڻهو موڪلي پڇائينس.
    چوبدار: ٻيلي، ڳالهه ته ڳري ٿي، پر اوهين ڪي جوڳياڻيون ٿيون ڏسجو. چڱو، وڃو اندر.
    [مُرڪي ۽ ڪونئرو پردو کڻي اندر وڃن ٿيون. سامهون ريشمي وهاڻن کي ٽيڪ ڏيو، مهاراجا چنيسر ويٺو آهي. مهاراڻي، ليلا، مور جي کنڀ سان سندس ڪن ۾ ڪتڪتائي ڪري رهي آهي، ۽ ٻئي ڪنهن عجيب امنگ کان مرڪي رهيا آهن. مُرڪي ۽ ڪونئرو جي داخل ٿيڻ تي، ٻئي پاڻ سنڀالين ٿا. ڪونئرو ۽ مُرڪي ڪورنش ڪري، هٿ ٻڌي بيهن ٿيون.]
    ليلا: (ٿورو چڙ مان) مائي، اوهين ڪير آهيو؟ هت ڇو آيون آهيو؟
    مُرڪي: (ليلائي) سانئڻ، اوهان جي دريا دليءَ جي واکاڻ ٻڌي، پري کان پنڌ ڪري آيون آهيون. هيءَ منهنجي ڌيئڙي، ڪونئرو آهي.
    چنيسر: (ليلا کي ڪن ۾) نينگر ته ڏاڍي سهڻي آهي. چپ ته توکان به سنهڙا اٿس.
    ليلا: (آهستي) اوهان کي ته اچي مسخريءَ کنيو آهي. هون، سهڻي آهي ته کڻي پٽ راڻي بنايوس. (ڏاڍيان) پوءِ هت ڪيئن آيون آهيو؟
    چنيسر: (آهستي) آيون آهن منهنجي سيڄ سنوارڻ!
    ڪونئرو: (مٺي، ٻاجهاري آواز ۾) سانئڻ، زماني جي ڏولاون اسان کي هت رولي ٽولي آندو آهي. پئسو پنجڙ به جيڪو ساڻ هوسون، سو پورو ٿي ويو. ڌڻيءَ اوهان کي سڀڪي ڏنو آهي، جي هيڻن تي هٿ رکندا ته ڌڻي اوهان تي هٿ رکندو. ٻئي ڄڻيون هٿ جون سڄيون آهيون: امان اُڻڻ جي هنر جي ڪاريگر آهي. ۽ آءٌ گهر جي ڪم ڪار جي کڙي تڙي آهيان.
    ليلا: (نرمائيءَ سان) چڱو مائي، تون مهاراجا جي ريشمي پڳ تيار ڪري ڏينم، ۽ تون ... تون (کلي) مهاراجا جي سيڄ وڇائڻ جو ڪم ڪجانءِ. اوهان کي رهڻ لاءِ ٻه ڪوٺيون ورانڊي جي پوئين پاسي ملنديون. (چنيسر کي، آهستي) هاڻ ته دل خوش ٿِيوَ. ڀَل ته هي سهڻي نينگر اوهان جي سيڄ وڇائي. آءٌ به ڏسان ته اوهان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهيو!
    چنيسر: (ڪجهه سوچي، آهستي ليلا کي) ليلا، چري نه ٿيءُ. هن ڇوڪريءَ کي رڌڻ پچائڻ جي ڪم تي کڻي لڳاءِ.
    ليلا: (کلي، آهستي) بس، پاڻ تي ڀروسو به اجهو اهو اٿوَ!
    چنيسر: (ڀڻ ڀڻ ڪندي) ان ۾ ڀروسي جي ڪهڙي ڳالهه آهي، نيٺ به ته ...
    ليلا: (مرڪندي، آهستي) آءٌ اڃا ته جيئري آهيان. جيئري ڪا مئي اوهان ڏي اک کڻي ته ڏسي، ٻئي اکيون نه ڪڍانس ته چئجو. (ڏاڍيان) اوهين اڃا ڇو بيٺيون آهيو؟ وڃو، ٻاهر منهنجي ٻانهي، سڀاڳي اوهان کي سڀ سمجهائي ڇڏيندي. ]وڃن ٿيون[.
    چنيسر: ليلا، تون مون کي ايترو وڻين ڇو ٿي؟ دنيا جون سموريون سهڻيون، سون ورنيون هڪ پاسي ۽ ٻئي پاسي تون هجين ته به آءٌ هوند توکي چونڊيان.
    ليلا: (شرمائجي) هاڻ ٿا منهنجو مٿو ڦيرايو. اوهان جي پريت ئي ته منهنجو ساهه آهي. مون تان نظر پاسي ڪريو ته مون کي مئل ڏسندا.
    چنسير: چري، متان اها ڳالهه دل ۾ آندي اٿئي. پريمي ۽ ديش ڀڳت جي دل مڙئي ساڳي. جھڙيءَ طرح ديش ڀڳت جي سرير جو ساهه پنهنجي ديس ۾ هوندو آهي، تيئن پريميءَ جو ساهه پنهنجي پريتم ۾ هوندو آهي. مون کي ٻه ساهه آهن، هڪڙو سنڌ ۾، ته ٻيو تو ۾ !
    شل انهن ٻن دلين ۾ ٽڪر نه ٿئي!
    ليلا: اهڙا ٻول نه ٻوليو! آءٌ ته اوهان جي پيرن جي پڻي آهيان.
    چنيسر: نه نه، تون منهنجي دل جو سوجهرو آهين. تون نه هجين ته آءٌ ...
    ليلا: بس بس، متان ڪو اهڙو اکر ڪڇيو اٿو به، اوهان کي قسم آهي ليلا جو.
    چنيسر: (ٿورو مرڪي) ليلا؟ ڪير آهي ليلا؟
    ليلا: رام ليلا!
    چنيسر: نه چنيسر ليلا! (وڌي ليلا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ٿو ۽ پردو ڪري ٿو.)


    چهچٽو ٽيون:

    ڏيک پهريون

    [وقت: ڪجهه ڏينهن کانپوءِ.
    هنڌ: ساڳيو چنيسر جو محل. چنيسر جي آرام گاهه جي اڳيان ورانڊي ۾، پنهنجي ڪوٺڙيءَ اڳيان، ڪونئرو ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. پريان ليلا ايندي نظر اچي ٿي. پويان ٻه ٻانهيون به اٿس.]
    ليلا: (ڪونئرو اڳيان پهچندي) ڇو ڙي، تون روئين ڇو ويٺي؟
    ڪونئرو: (هٻڪي) سانئڻ ... ڪجهه به ڪينهي.
    ليلا: پوءِ اکين ۾ لڙڪ ڇو؟
    ڪونئرو: ائين ئي ... شايد تيل هاڻو هٿ اکين ۾ لڳي ويو هوندو.
    ليلا: مون کي ته ويساهه نه ٿو اچي ته اهي لڙڪ تيل هاڻي هٿ جا آهن. سچي ڳالهه ڇو ڪين ٿي ٻڌائين؟
    ڪونئرو: (هٻڪندي، گُهٽيل آواز ۾) ڪي سکر ڏينهن ياد پيا ته لڙڪ لڙي آيا. ڪو ڏينهن هو، جڏهن، سانئڻ، آءٌ به تو وانگي هندورن ۾ هوندي هيس. اڳيان پويان ٻانهيون هونديون هيم. منهنجي نو لکي هار جا نيلم سموري محل کي جرڪائي ڇڏيندا هئا. ۽ هاڻي ...
    ليلا: (ڪجهه سوچي) پر به آءٌ ڪيئن سمجهان ته تون سچ ٿي ڳالهائين؟
    ڪونئرو: (پنهنجي بريءَ مان نو لکو هار ڪڍندي) اجهو، هي ڏس!
    [هار جي چمڪڻ سان چئني پاسي نيلي روشني ڦهلجي وڃي ٿي.]
    ليلا: (اچرج مان) ڌڻي منهنجا! هن هار اڳيان ته سج چنڊ به ڪجهه ڪينهن. گهر جيڪي گهرڻو هجيئي، پر اهو هار مون کي ڏي!
    ڪونئرو: مال متاع جي مون کي ڪهڙي ڪاڻ؟ ها، جي چنيسر سان رات رهاڻ ڪرڻ ڏينم ته هار مٿان گهوري ڇڏيانءِ!
    ليلا: (ڪجهه سوچ ۾ پئجي) ڳالهه ته اهڙي ڪئي اٿئي، جو هوند، گهاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيانءِ! تنهنجي هار منهنجو چت چريو ڪري ڇڏيو آهي. پر چنيسر ...
    ڪونئرو: سانئڻ، هڪڙي رات لاءِ هار مهانگو ڪين آهي، ۽ ...
    ليلا: پر جي چنيسر توکي ڏسي تڙائي ڪڍئي ته پوءِ ...
    ڪونئرو: پوءِ جيڪو منهنجو ڀاڳ ... هار توکي آيو.
    ليلا: چڱو، اڄ رات چنيسر يارن سان ڳچ رات تائين ويهي مجلس ڪندو. ۽ يارن ۾ چُڪي مڙئي سرس چاڙهيندو آهي. آءٌ پاڻ توکي ٻانهن کان وٺي، سيڄ تي وهاري اينديس. اُن کانپوءِ کٽن تنهنجا ڀاڳ! هاڻ مون کي ڏي اهو هار....!
    (ڪونئرو هار ڏئيس ٿي. ليلا هار پائي، خوش ٿيندي وڃي ٿي. پردو ڪري ٿو.)
    ڏيک ٻيو:

    [وقت: ٻئي ڏينهن ساجهر صبح جو.
    هنڌ: چنيسر جي آرام گاهه.
    ڪونئرو ڪر موڙي سيڄ تي اٿي ٿي وهي. هوءَ ڪنوار وانگر سينگاريل نظر اچي ٿي ۽ سندس سونهن انهيءَ سينگار ۾ ٻيڻي ٿي وئي آهي. سندس چپن تي هلڪي مرڪ آهي. چنيسر به جاڳي ٿو.]
    چنيسر: (اکين کولڻ بنا. پيار مان) ليلا ... راتوڪي رات، تنهنجي چپن ۾ هڪ نواڻ اچي ويئي هئي. منهنجو وات اڃا تائين مٺو مٺو پيو لڳي ۽ تنهنجي انگ انگ ۾ ست سارنگ سمائجي آيا هئا ...ليلا راتوڪي رات امر رات هئي.
    ڪونئرو: (مرڪي، خوش ٿيندي) چنيسر جي هر رات امر رهندي.
    چنيسر: (ڇرڪ ڀري) هان! تون ڪير؟ تون هت منهنجي سيڄ تي ڪيئن؟ (ڪونئروءَ جي سونهن ڏسي. سندس اچرج ٻيڻو ٿي ٿو وڃي.)
    ڪونئرو: سر جا سائين، راتوڪي رات ته مون ليلا کان نو لکو هار ڏيئي خريد ڪئي هئي.
    چنيسر: نو لکو هار؟ ڪهڙو نو لکو هار! ۽ هي تو ڪهڙو ڇل ڪيو آهي؟
    ڪونئرو : منهنجي من جا مور، ڇل سمجهين يا پريم، پر منهنجو سمورو جيون امر ٿي ويو. متان مون کي ڪا گولي ٻانهي سمجهيو اٿو؟ آءٌ ڪڇ جي راڻي جي ڌيءَ آهيان. سرتين تنهنجو طعنو ڏنو، ته چت چريو ٿي پيم. ۽ جڏهن اوهان کي ڏٺم ته هيڪاري دل هاري ويٺيس. روز رات جو ٻانهي ٿي تنهنجي سيڄ سنواريم، ۽ تنهنجي سيجه جي سنڌ سنڌ ۾ منهنجا لڙڪ لڪل آهن. سيڄ وڇائي، روئڻ ويهي رهندي هيس، پر نيٺ ڌڻيءَ منهنجي من جون مرادون پوريون ڪيون. ليلا منهنجي هار تي هرکجي ويئي ۽ فقط هڪ رات لاءِ پنهنجي سيڄ منهنجي حوالي ڪيائين. (روئڻهارڪي ٿي) جون جي آس پوري ٿيم، پنهنجي پريتم سان رات رهاڻ ڪيم، هاڻ جي وهه کائينديس ته ساهه سولو نڪرندو.
    چنيسر: (رنج ۽ خوشيءَ گڏيل آواز ۾) تنهنجي انهن ڳالهين منهنجو به من موهي وڌو آهي. تو مون سان ملڻ لاءِ پنهنجو راڄ ڀاڳ ڇڏيو. ٻانهين وارو ڪم ڪيو، پر هاڻ دل هوندي به توکي وڌيڪ طمع نه آهي. (طنز مان) ڀاڳ ته منهنجا آهن، جنهن جي هڪ رات نو لکي هار ۾ ٿي وڪامي! پر ليلا هي ڇا ڪيو ... ڪيڏو نه پيار هو، منهنجو هن سان ... هاڻ ائين ٿو ڀانيان ته هن جي پريم جو وڻ منهنجي دل مان ڪپجي ڪِري پيو آهي ... سُڪل ٺوٺ وڻ. رات ۾ پريم جو وڻ سڪي ويندو، سو ڪڏهن ڪين ٿي ڀانيم ...! ڪونئرو، ليلا کڻي مون کي وڌيڪ سهڻي لڳي، پر تو منهنجي دل خريد ڪري ورتي آهي. تو پريم پائڻ جو اهو اهڃاڻ ڏنو آهي، جو سؤ ليلائون به ڪين ماڻي سگهنديون. هن هار تي پريم هارايو، تو هار ڏيئي دل کٽي آهي. هار تي هرکجي، هن رات اڪيلي گذاري به پاپ ڪيو آهي، ۽ تو پريم تي هرکجي، پرائي پريتم سان رات گذاري پڃ ڪيو آهي. ليلا جو پريم اوگڻ آهي، تنهنجو موهه سوگڻ! (ليلا اچي ٿي. ليلا کي ڏسندي چنيسر کي چڙ اچي ٿي وڃي.)
    چنيسر: (ليلا کي) هاڻ ڇا لاءِ آئي آهين هت، ليلا! تو ته رات مون کي وڪڻي ڇڏيو ... پنهنجو پريم وڪڻي ڇڏيئي. اڄ کان ڪونئرو منهنجي پٽ- راڻي آهي. منهنجي دل جي مالڪ به هوءَ ئي آهي. تنهنجي پيار جو وڻ ئي ڪپجي ويو.
    ليلا: (نه سمجهندي) هاڻ ڇڏيو، انهن چرچن کي؛ اٿو، هلي نيرن ڪريو.
    چنيسر: (ڪاوڙ مان) اڄ مون اهڙي نيرن ڪئي آهي، جو ڪن ڀاڳ وارن کي ڪرم ۾ هوندي آهي. آءٌ نيرن ته ڪونئرو سان ڪندس. ۽ هاڻ تنهنجو ته اچڻ به مون کي ڪين ٿو وڻي.
    ليلا: (ڳالهه سمجهندي، گهٻرائجي) سر جا سائين، هي ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪريو. اوهان کانسواءِ منهنجو ڪهڙو جيون!
    چنيسر: (بيت)
    مڻيي تي موهجي، موڙهي! ڪيئيِ مرڪ
    وري ويو ورق، آيئي ڏنءُ ڏهاڳ جو!

    ليلا: نه ڪانڌ، ائين ته نه چئو. آءٌ ڳهيلي ٿيس، پر تون پنهنجي پريم جي صدقي مون کي بخش ڪر:
    ڍولا، ڍيل مَ مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان.
    سڪ تنهنجيءَ سپرين، ڀيري وڌيس ڀون،
    مون ور تُنهين تون، تو ور، وهون ڪيتريون!

    چنيسر: پر به راتوڪي رات تنهنجي دل ۾ منهنجو پريم ڪين هو ڇا، جو هار تي رات وڪڻي ڇڏيئي؟ پريم به ڪا وڪري جي شيءِ آهي؟ نه... نه ... هاڻ منهنجي دل ۾ ليلا جو نالو ڪڏهن به نه ايندو!
    ليلا: (ليلائيندي):
    مڻيي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چت،
    هار کٽنديس هوڏ ۾، نيبهه ٿيندم نت،
    ڪونئروءَ جو ڪرت، مُنهان مٿاهون ٿيو!

    پر هاڻ، تون پاڻ ڏي ڏس. منهنجون مدايون معاف ڪر، نه ته منهنجو جيئڻ ڪهڙو؟
    جي مون موڙهي مت، ته تون پاڻ سڃاڻج، سپرين!
    اصل اواين جا، عيب ڍڪين تون اُت،
    ايءَ پرين تنهنجي پت، جئن ولهيون ڍڪيين، ولها!
    ۽ جي تو مون کي ائين تڙي ڇڏيو ته لوڪ ڇا چوندم؟

    تون منهنجو ولهو، آءٌ تو ۾ طمعدار
    ڍڪي، ڍول گذار، لڄ منهنجي لوڪ ۾!

    چنيسر: لوڪ لڄا جو خيال ان وقت نه آيئي، جڏهن پنهنجو ڪانڌ ٿي نيلام ڪيئي؟ هيءَ دنيا تو جھڙن ماڻهن سان ڀري پئي آهي. هيرا، جواهر ۽ ڌن ئي هنن لاءِ سڀڪجهه آهي: ڪي پنهنجا پريتم وڪڻيو ڇڏين، ڪي پنهنجو وطن وڪڻيو ڇڏين ۽ ڪي پنهنجا آدرش نيلام ڪندا وتن. ليلا، جي تو جھڙا آدمي رهيا ته ماڻهو پنهنجي سنڌ به نيلام ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن ٿوري سمي لاءِ کين ڌن دولت ماڻڻ لاءِ ملي وڃي، يا راڄ ڀاڳ ملي وڃين ته پنهنجي جيجل سنڌڙيءَ کي وچ بازار ۾ نيلام ڪرڻ کان ڪونه مڙندا- ۽ پوءِ يا ته گونگا لڙڪ ويهي ڳاڙيندا يا تو وانگر اهي بهانا ڏيندا ته هنن ته رڳو گهڙيءَ جي ڪم ڪڍڻ لاءِ ائين ڪيو هو. سنڌ کي ليلائن جي نه، پر ڪونئرن جي گهرج آهي، جيڪي ڏک ڏاکڙا ڪڍي، پنهنجي آدرش حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پريتم هٿ ڪرڻ لاءِ ڌن دولت کان بي پرواهه ٿي، جتن ڪن. ڪونئروءَ ته پنهنجي پريتم کي هٿ ڪرڻ لاءِ پاپ کي به پڃ سمجهيو- ۽ تو دولت هٿ ڪرڻ لاءِ پڃ کي به پاپ ۾ بدلائي ڇڏيو. وڃ، سنڌ جي پٽ راڻي ڪونئرو آهي. ليلا جي راڻي ٿي رهڻ سان، سنڌ جي ماڻهن مان آدرش هليو ويندو. ڪونئروءَ جي راڻي ٿيڻ مان هنن کي نئون آدرش ملندو- ۽ پنهنجي هر آدرش لاءِ، پوءِ اهو من جو پريم هجي يا ديس جي آبرو، سڀڪجهه قربان ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندا. اڄ کان تاريخ ۾ چنيسر هميشه لاءِ ڪونئروءَ جو رهندو.
    (ليلا روئندي ٻاهر وڃي ٿي. چنيسر ڪونئروءَ سان هري هري ڳالهائڻ ٿو لڳي. پردو ڪري ٿو.)
    (پورو ٿيو)
    -


    پروفيسر

    [چئن چهچٽن جو ڏيک]

    [هن ناٽڪ کي اسٽيج ڪرڻ لاءِ، ضروري ڦير گھير ڪري سگھجي ٿي. سماجي ناٽڪ هئڻ سبب اسٽيج سيٽنگ متعين نه آهي.]
    ڪردار:
    پروفيسر ضيا
    مس بدر
    نوري
    فرزانه بيبي
    نواز
    حميد
    نرگس
    ڪاليج جا ڇوڪرا، ڇوڪريون، پٽيوالا وغيره.
    ڏيک پهريون:
    (ايڪشن پروفيسر ضيا جي ڪمري ۾ شروع ٿئي ٿو، جڏهن مس بدر سندس ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿ ي. قدمن جو آواز ...)
    مس بدر: اڙي اوهين اڃا اتي ئي ويٺا آهيو؟ ...
    پروفيسر ضيا: (جھونگاريندي) ڪلاس ٽائيم گذري ويو، اٿو جلدي ڪريو ... واهه واهه - هي ته شعر ٺهي ويو، بلڪل موزون، بر محل ... بدر، مون اڄ واهه جو نظم لکيو آهي، ٻڌندينءَ؟
    مس بدر: هوندو ڪو منهنجي زلفن تي لکيل نظم! اوهان کي منهنجي زلفن، منهنجي اکڙين ۽ منهنجي چپڙن کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ياد به آهي؟
    پروفيسر ضيا: زندگيءَ ۾ انهن کانسواءِ آهي به ڇا؟ تنهنجي حسن، تنهنجي ناز ۽ تنهنجي ادائن منهنجي شاعريءَ کي مئون نوڙ ... منهنجو مطلب آهي ته نئون موڙ بخشيو آهي: هڪ پاسي سنڌ، ٻئي پاسي تون- منهنجو عشق تڪميل تي آهي، مون کي باقي دنيا جي ڪهڙي پرواهه: تون منهنجي لاءِ اهو جوڳي آهين، جنهن لاءِ شاهه ڪريم جي رسالي ۾ آهي ته ”ستو هوس ننڊ ۾، جوڳيءَ جاڳايوس ...“
    مس بدر: (ناز مان اکيون نچائيندي) اوهان کي ته رڳو شاعريءَ جو مرض آهي، محبت مان اوهين ڇا ڄاڻو؟
    پروفيسر ضيا: محبت ۽ ضيا ساڳي ڳالهه آهي. ان ڪري ئي منهنجو نالو ضيا آهي، ۽ تنهنجو بدر. يا آءٌ تنهنجي ضيا آهيان، ۽ تون منهنجو بدر- چنڊ ۽ روشني! اسان ٻنهي جي سرشت ئي ساڳي آهي:
    ” تنهنجي چپن جون هي چانڊوڪيون
    رات سڄي گھاريم چوسيندي!“
    مس بدر: (شرارت مان) لفظن جي معنيٰ جي لحاظ کان ته اوهان جي بيگم صاحبه نوريءَ جي به ساڳي سرشت آهي!
    پروفيسر ضيا: (چڙ مان ورچڻ واري انداز ۾) اوهو، تو وري هن جي ياد ڏياري،. ڀانيان ٿو ته اصل ۾ هن جو نالو ناري هو، پر سندس مائٽن هن کي “نوري” سڏڻ شروع ڪيو. منهنجي لاءِ هوءَ ناري آهي يعني بوزخ جي داهه وانگر- منهنجو مطلب آهي دوزخ جي باهه وانگر!
    مس بدر: (وڌيڪ شرارت مان) اهو نالو هن جي مائٽن رکيو يا اوهان شاعريءَ جي موڊ ۾ الف حذف ڪري ”و عطف“ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي! ۽ ناري به ته ڏاڍو سٺو لفظ آهي: هنديءَ ۾ ته ان جهڙو مٺو لفظ عورت لاءِ آهي ئي ڪونه.
    پروفيسر ضيا: جاني، اهي ڳالهيون ياد نه ڏيار: نوري منهنجي زندگيءَ ۾ ان وقت آئي، جڏهن مون کي الف هيٺان نقطو ۽ ب خالي نظر ايندي هئي. عشق، محبت، اشارا، غمز، ادائون، ناز، راز ۽ نياز- اهي سڀ ڳالهيون، منهنجي ذهن ۾ ڪوبه احساس پيدا نه ڪنديون هيون، - ۽ اوچتو ئي اوچتو، هڪ رات مون پاڻ کي هن سان گڏ ڳاڙهي سجايل سيج تي ستل ڏٺو!
    مس بدر: (کيس وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ) ۽ ان رات اوهان ۾ عورت جي قرب جو احساس جاڳيو، ان رات اوهان ”رات ستارن هاڻي ...“ نظم لکيو. مون کي اڄ به اوهان جو اهو نظم وڻندو آهي. الا، ڪهڙيون نه چيچلائيندڙ ڳالهيون لکيون اٿو!
    پروفيسر ضيا: (چڙندي) چڱو ائين ئي سهي، پر اهو ته نوخيزيءَ ۽ جوڀن جو زمانو هو. ان وقت ته ڪا ڪاري، ڏنگي، نڪ_چٻي به چڱي ملوڪ لڳي ها ۽ نوري ته بنهه بي عيب هئي: سندس سٻاجھي صورت، پاپ ۽ پڃ کان بعيد، گناهه ۽ ثواب کان پري، سندس اٻوجھائيءَ واريون حرڪتون، سندس مينديءَ رتا هٿ پير منهنجي ڪچڙي دماغ تي ائين اثر ڪرڻ لڳا ڄڻ ته خالي سليٽ تي ڪي نقشا ٺهندا ويا ۽ ... ۽ ...
    مس بدر: (اڃا به ٽوڪ جي انداز ۾) ۽ پوءِ مون اچي اهي نقشا ڊاهي ڇڏيا، ائين نه؟ ڏيو مون کي ڏوهه: دل پنهنجي ڪمزور، ڏوهه ڏين ٻين جي حسن کي!
    پروفيسر ضيا: برابر، اهي نقشا ته ڪچيءَ سليٽ تي ڪچيءَ پين سان لکيل هئا، ۽ جڏهن سليٽ پچي راس ٿي، تڏهن تو پنهنجي مرمرين جسم ۽ پٿر جھڙي دل سان ان تي اهي نقشا ڪڍيا آهن، جيڪي ڊهڻ کي نه ڊهندا! ... ۽ ان ۾ ته منهنجي مائٽن جو ڏوهه آهي. مون ٿورو ئي کين چيو ته مون کي شادي ڪرايو. شادي ته دل جو سودو آهي! توح جي راتن ... اوهو، منهنجو مطلب آهي روح جي تارن کي اڻ تڻڪيل حالت ۾ ڇيڙڻ سان ته بي سرائي پيدا ٿيندي!
    مس بدر: روح جي اڻ تڻڪيل تار شايد هاڻ ڪافي تڻڪيل ٿي ڀانئجي!
    پروفيسر ضيا: ائين کڻي سمجھه ته توکي ڏسي، سڀ تارون تڻڪجيو ٿيون وڃن!
    مس بدر: ۽ ان مان راڳ ڪهڙا ٿا نڪرن؟
    پروفيسر ضيا: تنهنجي ضرب سان ايمن جا سر ٿا آلاپجن.
    مس بدر: ڪلياڻ کانسواءِ!
    پروفيسر ضيا: (ٿڌو ساهه ڀري) عشق ۾ ڪٿان آيو ڪلياڻ، جاني!
    مس بدر: تنهنجي معنيٰ ته مون مان اوهان کي ڪلياڻ نصيب نه ٿيندو.
    پروفيسر ضيا: تون ڇو اڄ مون کي ايترو تنگ ٿي ڪرين؟
    مس بدر: ان لاءِ جو اوهان جي سامهون نوريءَ جو خط پيو آهي. ۽ اوهين اجھو ٿا ڳوٺ ڀڄي وڃڻ جون تياريون ڪريو.
    پروفيسر ضيا: اهڙي ته ڪا ئي ڳالهه نه آهي! پڙهي کڻي ڏس.
    مس بدر: نه بابا، پرائي زال جو خط پڙهڻ ٺيڪ نه آهي. الائجي ڪهڙي راز جون ڳالهيون هجن.
    پروفيسر ضيا: توکان ڪهڙا راز ڳجھا آهن؟ مون ته اڃا کوليو ئي ڪونهي. اڪثر خط کولڻ بنا ئي ڦاڙي ڇڏيندو آهيان، پڙهي ٻڌاءِ ته ڇا لکيو اٿس.
    مس بدر: لکيو وري ڇا هوندائين! اهو ئي نه اوهان کي ڏٺي ڏاڍا ڏينهن ٿيا آهن- سگھا اچو! (خط کولي پڙهڻ ٿي لڳي. خط پڙهڻ وقت مختلف وقتن تي مختلف جذبا سندس چهري جي تاثرن مان ظاهر ٿين ٿا.)
    ”جيءَ جا جاني، ڪيترا ڪانگ اڏايم، پر تو واڳ نه ورائي. تون ايترو ڪٺور دل ته نه هئين. اهي ڏينهن، اهي نينهن ياد ڪري هيانءُ ٿو ڦاٽي. ڳالهيون ٿيون ياد پون ته ڳچ ٿا ڳڙن. الائجي ڪهڙو پاپ ڪيم، جو تون رسي وئين. ڳالهيون پئي ٻڌان ته ڪاليج ۾ ڪا ڇوڪري آهي، تنهن سان دل لڳائي اٿئي. مئيءَ دل کي چوان ته منهنجي جانيءَ ائين وري ڪيئن ڪيو هوندو. من ته مڃي ئي نه ٿو. ياد اٿو هڪ ڏينهن ماسي خيران، ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي، چيو هو ته اڄ جا ڇوڪرا پڙهي، پڙهيل ۽ ٺٺ ٺانگر وارين ڇورين سان نيون شاديون ٿا رچائين، ۽ ويچاريون ڏاڏي پوٽيون رليءَ ۾ ويهي روئڻ ۾ ئي حياتي ڪاٽيو وڃيو قبر ڀيڙيون ٿين، تڏهن تو اڇانگ ڏيئي چيو: ”ماسي خيران، اهي ڪي هلڪڙي قسم جا ڇوڪرا هوندا، جيڪي ڪنهن بي گناهه کي سڄي عمر رڳو پنهنجي حرص پوري ڪرڻ لاءِ، روئڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا. شاديون برابر پسنديءَ موجب ٿيڻ گھرجن، ۽ ڇوڪريون پڙهيل آهن ته حياتيءَ ۾ ٻارن ۾، ۽ گھر تڙ ۾ سڌارو ايندو، پر اهو انهن لاءِ آهي، جيڪي اڃا ڪنوارا آهن. مائٽن جي غلطيءَ جي سزا انهن اٻوجھه ۽ معصوم ڪنوارن کي ڏيڻ ته ڪميڻپ آهي. جي اهڙا منهن موچارا آهن ته اول پنهنجين ونين کي هٿ وٺي نوان مڙس ڏين، پوءِ وڃي پنهنجو پاسو گرم ڪن. آخر انهن غريبن کي به حياتي آهي، جنهن ۾ اهڙيون ئي ڪلپنائون ۽ امنگ آهن.“ اهي تنهنجا اکر ڪيئن وساريان! آءٌ ته سڄي لڄ کان ڳاڙهي ٿي وئي هيس، ۽ مون چريءَ دل کي چيو هو ته دنيا اٿلي پوي، تون نه بدلبين، پر به جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن من موهڻيءَ سان انگ اڙائي ويٺو آهين ته به منهنجي اکين تي. آءٌ ته تنهنجي پيار وهيڻي آهيان. فرو تو کي ڏاڍو ياد ٿي ڪري! بابا بابا، ڪري وڃيو فوٽوءَ کي مٺيون ڏئي. آءٌ فوٽوءَ ۾ توکي ڏسي، وري به فرو کي مٺي ڏيئي چوندي آهيان: “فرو، تنهنجو بابا ڪُو گاڏيءَ تي ٿو اچي.“ من سندس دل پرچي وڃي! ٿورو لکيو گھڻو ڪري سمجھندا. روز کير ۾ پيهون پسائي ٿي رکان: من کائڻ وارو کير جي صدقي اچي نڪري. ماسي خيران چوندي آهي ته جي پنهنجي پيارل لاءِ اوسيڙو ڪندي کير رکي ڇڏبو ته ورهيه گذرڻ کانپوءِ به کير کٽو نه ٿيندو. ڏسين متان کير کٽو ٿي وڃي ... تنهنجي نوري.“
    (خط جي اثر کان ٻئي ڄڻا گھڙي کن چپ ٿي ٿا وڃن.)
    پروفيسر ضيا: (خط جي لفظن کان متاثر ٿيندي، ٿڌو ساهه ڀريندي) اف، ڪيترا نه ڏکوئيندڙ خط ٿي لکي، جيڪڏهن منهنجي من جو کير اڳئي کٽو نه ٿي ويو هجي ها ته شايد آءٌ روئي وجھان ها! ڇو تون خاموش ٿي وئينءَ؟ ڪجهه چئه ... ڪجهه ڳالهاءِ، منهنجو ته هيانءُ ٿو ٻُڏي.
    مس بدر: (ٿورو هٻڪندي) هي لفظ واقعي دل ۾ وڍ ٿا وجھن. آءٌ به ته هن جھڙي زال ذات آهيان. هن مون کي ته لوڏي وڌو آهي ... آءٌ اوهان کي ايترو قرب، ايترو پيار سموري زندگيءَ ۾ ڏيئي ڪانه سگھنديس ... هن خط مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي ... آءٌ پنهنجي پاڻ کي هن ڪِيس جي ڏوهڻ بنائڻ نه ٿي گهران ... آءٌ ...
    پروفيسر ضيا: بس بس ... ان ڪري چيم ٿي ته آءٌ هن جا خط پڙهڻ کانسواءِ ڦاڙي ڦٽا ڪندو آهيان ... الائجي ڪٿان لفظ ڳولي ٿي لکي ... پر هاڻ ته آءٌ پنهنجي من مندر ۾ توکي وهاري، پاڻ ارپي چڪو آهيان. اتان موٽ ممڪن نه آهي ... مونکي تنهنجي گھرج آهي، تنهنجي پيار کي آءٌ ڇا ڪندس ... منهنجي لاءِ تنهنجو حسين وجود ڪافي آهي.
    مس بدر: (ٿورو چڙ مان) جيڪڏهن اوهان کي رڳو منهنجي وجود سان واسطو آهي- ۽ منهنجي پيار جي اوهان کي گھرج ئي ڪانهي، ته پوءِ ... ته پوءِ اوهين مون سان شاديءَ لاءِ ڇو پيا پتوڙيو! اوهان جي من-مندر ۾ جي منهنجي مورتي آهي، ته شاديءَ جي ڪهڙي ضرورت! مورتيءَ جي پوڄا ته اوهين موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ پاڻ پوري به ڪري سگھو ٿا.
    پروفيسر ضيا: تنهنجي چڙ تو کي وڌيڪ حسين ٿي بنائي ... هي تنهنجا ڏڪندڙ چپ، هيءَ تنهنجي گلابي گلابي زبان، هي رتا ڳل ... ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته ... ڄڻ ته ...
    مس بدر: ]ساڳئي ترش لهجي ۾[ اف، هاڻ وري شاعري شروع ٿي ويئي ... پروفيسر صاحب، شاعري زندگيءَ جو فقط هڪ اڻ لکو اهڃاڻ آهي. اهو اهڃاڻ ڪيترو ئي اهم سهي، زندگيءَ ۾ ٻين سان کيڏڻ جو حق ڪونه ٿو ڏئي. اوهين رڳو پنهنجي ذهني عيش، پنهنجي هٿن جي ڇهاءَ، پنهنجي چپن جي چشڪي، پنهنجي راڳ ويراڳ ۾ ازل جا اسرار بيان ڪرڻ ۾ مست آهيو: ٻيون حياتيون- جيئرا جاڳندا انسان- اوهان جي لاءِ تڇ، بي مقصد، بي حيثيت ۽ بيڪار آهن ... اها خود غرضيءَ جي حد آهي. خدا جي واسطي انساني زندگيءَ کي ايترو سستو، ايترو پاسيرو ۽ ايترو بي حقيقت نه سمجھو ...
    ]سٽ ڏيئي ٻاهر هلي ٿي وڃي.[
    پروفيسر ضيا: (پنهنجي منهن) عجب ڇوڪري آهي ... جيڪڏهن پيار ڪرڻ تي ٿي اچي ته خود منهنجو پيار، ان جي اڳيان ڪک پن وانگر لڙهيو وڃي ... ۽ جڏهن زندگيءَ جي حقيقتن کي ٿي ڏسي ته محض پٿر ۽ پهڻ بنجيو وڃي، جنهن ۾ شاعريءَ، محبت، آفاقيت کي ڪا جاءِ ڪانهي ... ڪيترو تضاد آهي هن ۾ ... ۽ مون ۾ ...
    (پروفيسر جا دوست نواز ۽ حميد اندر اچي، سامهون ڪرسين تي چپ چاپ ويهي ٿا رهن. ڪجهه وقت ته پروفيسر پنهنجي منهن چپن ۾ ڳالهائيندو ٿو رهي. پوءِ سامهون ويٺل دوستن کي ڏسي اوچتو ڳالهائڻ ٿو شروع ڪري)
    پروفيسر ضيا: [نواز سان مخاطب ٿي] تون ٻڌاءِ، ٻن پريمين ۾ ايترو تضاد ڇو؟
    نواز: [ڇرڪ ڀري] پريمي؟ ... ڪهڙا پريمي؟
    پروفيسر ضيا: چنڊ ۽ سوجھرو!
    حميد: [کلي] يا اماس جو چنڊ ۽ اوندهه ... !
    پروفيسر ضيا: تون ڪير آهين؟ هت ڇو ويٺو آهين؟ آءٌ ڪير آهيان؟ هت ڇو ويٺو آهيان؟ هي ڪير آهي ... هت ڇو آيو آهي ... هوءَ ڪير آهي ... هتان ڇو هلي ويئي؟ هوءَ ڪير آهي ... هت ڇو نه آئي ؟
    حميد: [آهستي] اچي ويو پنهنجي رنگ تي، هاڻ ته اڙجي وياسون! ]ڏاڍيان کلندي[ مان گھورڙيو آن، هت ٽڻ مڻ وڪڻڻ آيو آهيان. تون ... ٻڪر آن، هت ٻٻر جا پلڙا کائڻ آيو آن. هي ٻڪرار آ ... تنهنجي ڳولا ۾ هت آيو آ؛ هو ... هو ٻٻر جو پلڙو آ، هت وڪامڻ آيو آ ... ۽ هوءَ ... رابيل جو سرهو گل آ، ... ٻٻرن جي لوڙهي ۾ اٽڪي پيو آ ...!
    پروفيسر ضيا: [چڙ مان] حميد، مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو آهي، منهنجي شخصي زندگيءَ ۾ تنهنجو ڪجهه نه وڃي؛ ۽ مون سان ان بابت چرچو نه ڪندو ڪر.
    حميد: [کلندي] چرچو ڪنهن ڪيو؟ تو يڪساهيءَ چار سوال پڇيا، ۽ مان چئين ساهين ۾ هڪ ئي جواب ڏيئ ي سگھيو آهيان.
    نواز: ڇڏيو انهيءَ بڪ کي. ضيا، ٻڌ ته اڄ مشاعري ۾ ڪهڙو نظم پڙهندين؟
    حميد: ”چانڊوڪيءَ ۾ گھلو واهه جو سير!“
    پروفسير ضيا: وري به مذاق ... ڏس حميد، اڄ منهنجو موڊ ٺيڪ نه آهي، تنگ نه ڪر.
    نواز: تون حميد ڏانهن ڌيان ئي نه ڏي. ٻڌاءِ، ڪهڙو نظم پڙهندين؟
    پروفيسر ضيا: اڄ، دل ۾ سوز ۽ اکين ۾ باهه پئي ٻري. اڄ ته آءٌ اهڙو نظم پڙهندس، جو سڀ ياد ڪندا. اڄ آءٌ هڪ طويل نظم پڙهندس: ”تون ۽ مان!“
    حميد: پر اڄ ته سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن ٿا ملهايون. ٻوليءَ يا سنڌ تي ڪو نظم پڙهڻ وڌيڪ سونهندو. نواز به اڄ ”موهن جي دڙي“ وارو يا ”ٺٽي“ تي نظم پڙهندو.
    پروفيسر ضيا: حميد، جڏهن انسان ٻن محبوبن جي پريم ۾ گرفتار هوندو آهي، تڏهن شاعر جي پنهنجي شخصيت ٻنهي ۾ ملي، ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيندي آهي.
    حميد: واهه جي تثليث آ- شاعر، سنڌ ۽ محبوب. بلڪل عيسائين جهڙي تثليث، پر عيسائين جي تثليث کان اڳ تڪوين ڪائنات ۾ سرپنٽ يعني ڪاريهر بمعنيٰ شيطان به شامل آهي. تنهنجي تڪوين ۾ اهو ڪردار الائجي ڪير ٿو ادا ڪري، شاعر يا محبوب؟
    پروفيسر ضيا: [چڙندي] تون مذاق کان باز نه ايندين. اڙي پٽيوالا ... [گھنٽي وڄائيندي] او پٽيوالا ...
    پٽيوالو: [ٻاهران ئي] جي سائين ... آيو سائين.
    [اندر اچي ٿو]
    پروفيسر ضيا: [پٽيوالي کي گھوريندي] ڏسين ڇا پيو. مون کي هتان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍ.
    پٽيوالو [گھٻرائجي] : جي سائين، ڇا چيوَ؟
    پروفيسر ضيا: [چڙ مان] ٻوڙو ڪڏهن کان ٿيو آهين. اسرافيل جي ڪوڪ ٻڌي اٿئي ڪيئنءَ؟ چيو مانءِ ته ڌڪا ڏيئي ڪڍ.
    پٽيوالو: [هٻڪندي] ڪنهن کي سائين؟
    پروفيسر ضيا: مون کي، ٻيو وري ڪنهن کي گڏهه، هي ته مهمان آهن، هي ڪيئن نڪرندا؟
    [پٽيوالو حيرت مان ڪڏهن پروفيسر کي ته ڪڏهن حميد ۽ نواز کي ڏسڻ ٿو لڳي.]
    حميد: [پٽيوالي کي] تون وڃ، بابا. ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچ، تنهنجي صاحب کي قلب جي گرميءَ جي شڪايت ٿي پئي آ.
    پروفيسر ضيا: واهه واهه ! قلب جي گرمي ... ۽ شڪايت:
    هيءَ آڳ سلامت ته رهي عشق سلامت
    واهه جي گرھ لڳائي اٿم: سبحان الله سبحان الله! نانو مرحوم چوندو هو ته سنڌين ۾ برجستگي ڪانهي! ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي برجستگي ٿيندي. ڇا چيو آهي يونانين جي ابي يورپڊيز؟ ٻڌاءِ ته. واهه واهه! [پٽيوالي کي] تون ڇو بيٺو آهين؟ ٿڌو پاڻي آندءِ؟ ڏسو ته، زمانو ڪٿي وڃي پهتو آهي!
    [پٽيوالو وڃي ٿو. ايتري ۾ ٻه چار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اندر اچن ٿا، ۽ سڀ هڪ آواز ٿي ”السلام عليڪم“ چون ٿا.]
    نواز: [حميد کي، آهستي] يار حميد، ضيا جي طبيعت کان اڄ مون کي ته ڀؤ ٿو ٿئي. ههڙيون ڳالهيون، جن جو نه سر نه پير، اڳي ته ڪڏهن نه ڪندو آهي!
    پروفيسر ضيا: وعليڪم السلام. هيءَ فوج ڪيئن چڙهي آئي آهي؟
    هڪ ڇوڪري: سائين، مس بدر چيو هو ته اوهين ڪلاس هت وٺندا. ۽ اسان کي هيڏانهن موڪليو اٿس.
    پروفيسر ضيا: [شوڪارو ڀري] چڱو، وهو، وهو. اڄ ڪلاس هت ئي وٺبو. هي ٻه ڄڻا اوهان جا نوان ساٿي آهن. اڄ ئي داخلا ورتي اٿن. ڳالهين مان خبر پئي ته هڪڙي کي شاعريءَ جو مرض آهي، ٻئي کي افساني جو. اوهان مان شاعريءَ جو مرض ڪنهن کي آهي؟
    هڪ ڇوڪرو: سائين، اوهان کي؟
    پروفيسر ضيا: ”اوهان مان“ پڇيم، ”اسان مان“ ڪونه پڇيم.
    ڇوڪرو: اوهان ۽ اسان ٻنهي جا هتي ”ضمير حاضر“ آهن!
    پروفيسر ضيا: ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي. اوهان ۽ اسان ۾ ڪو خاص فرق به ڪونهي. ٻئي ضمير عربي ”انا“ مان نڪتل آهن، سو ڳالهه مڙئي ساڳي آهي.
    [ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا کلڻ لڳن ٿا.]
    ڇو، ان ۾ کل جي ڪهڙي ڳالهه، اها ته هڪ تحقيق آهي. پروفسير بخش برهمنا باديءَ مدظله صحيفي قرة السنديءَ ۾ چٽي ۽ پڌري اها ڳالهه مصحح طور سمجھائي آهي! خير، اڄ بحث جو موضوع ڇا آهي؟
    هڪ ڇوڪرو: ”موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ شاديءَ جون رسمون.“
    پروفيسر: موضوع ته دلچسپ آهي، پر ان لاءِ تاريخي شاهدي ايتري مڪمل نه آهي. ان ۾ اول ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان تهذيب ۾ شاديون مرد ڪندا هئا، يا زالون؟ جيڪڏهن مرد ڪندا هئا ته هڪ ئي وقت گھڻيون جويون ڪندا هئا، ۽ جيڪڏهن زالون ڪنديون هيون ته هڪ ئي وقت گھڻا مڙس ڪنديون هيون؟
    [ڇوڪرا کلڻ ٿا لڳن.]
    پروفيسر: ڇو، صرف ڇوڪرا ڇو پيا کلن، ۽ ان ۾ کل جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
    هڪ ڇوڪرو: سائين، مردن ۽ زالن ۾ چٽا ڀيٽي هوندي هئي. ڪڏهن مرد گھڻي ۾ گھڻيون جويون ڪري رڪارڊ قائم ڪندا هئا، ته ڪڏهن زالون گھڻي ۾ گھڻا مڙس ڪري رڪارڊ قائم ڪنديون هيون.
    حميد: سائين، جي اجازت هجي ته مان به ڪجهه عرض ڪريان؟
    پروفيسر: جي ٻچا، چئو. بلاشڪ چئو، منهنجي ڪلاس ۾ اجازت سان ڳالهائڻ منع آهي.
    حميد: آديس گرو ... آديس گرو. سائين، موهن جي دڙي جي ڪن مهرن مان مردن کي پڇ، يعني دُم، يعني Tail سان ڏيکاريو ويو آهي؛ ۽ ڪن کي ڳچيءَ ۾ هڪ رسو ٻڌل آهي، ۽ اهو رسو هڪ وڻ سان ٻڌل آهي. سندس پويان هڪ ٻڪري اڳيان کر سندس پٺن تي رکي، کيس ٿونو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
    [ڇوڪريون کلن ٿيون.]
    پروفيسر: هاڻ ڇوڪريون ڇو ٿيون کلن؟ ٺيڪ آهي؛ ڀلي کلن. برابر اهڙيون مهرون ملن ٿيون، ٻچا؛ پر ان مان ڇا ٿو ثابت ٿئي؟
    حميد: سائين مولانا لا يعني نيشاپوري پنهنجي اڻ لڌل مخطوطي ۾ رقم طراز آهي ته جيڪي مرد ٻي شاديءَ جو خيال به ڏيکاريندا هئا، تن کي ديوتا ناراض ٿي، پڇ جو سراپ ڏيندا هئا: ۽ سندن زالن کي اهو اختيار هوندو هو ته کين ڳچيءَ ۾ نوڙ وجھي، ٻڪرين سان گڏ، واڙي ۾ منهه سان ٻڌي ڇڏينديون هيون.
    ]ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا کلڻ لڳن ٿا[.
    پروفيسر: ]آهستي[ يعني تون وري شخصي حملي تي لهي آئين. ]ڏاڍيان[ ٺيڪ آهي، شايد ائين ئي هوندو، پر ان مفروضي جي رد عمل طور ئي موجوده سماج ۾ ٻن جي ٻيڻ يعني چئن شادين جي اجازت آهي- ۽ آهي اهو اختيار مردن کي ته ٻڌي ڇڏين زال پنهنجيءَ کي، سراسر منجھه واڙي ٻڪرين جي! ڪلاس برخواست.
    ]پروفيسر کانسواءِ سڀ کلندا ٻاهر وڃن ٿا.[
    ڏيک ٻيو:
    [ڪجهه ڏينهن کانپوءِ]
    بدر: توبهه، اوهين ته ائين ٿا سمهو، ڄڻ ته وري منڪر نڪير اچي اوهان کي اٿاريندا. اٿو، ڪاليج جو وقت ٿي ويو آهي.
    پرفيسر: ڪاليج، ڪهڙو ڪاليج؟ تون ڪير آهين؟ هت ڪيئن ۽ ڇو آئي آهين- ۽ هوءَ ڪيڏانهن وئي.
    بدر: ]چڙ مان[ هوءَ؟ڪير هوءَ ڪير آئي هئي هتي؟
    پروفسير: ]اوٻاسي ڏيندي[ اوهو، بدر ... اوهو منهنجو مطلب آهي، بدر بيگم، لاحول ولا قوة منهنجو مطلب آهي صرف منهنجي بيگم ...! پر بيگم تو منهنجو خوار خراب اوهو منهنجو مطلب آهي، منهنجو خواب خراب ڪري ڇڏيو.
    بدر: ]ساڳي چڙ مان[ اوهين اڃا خوابن جي دنيا ۾ آهيو: آءٌ ته خواب مان جاڳي چڪي آهيان. هيءُ گھر آهي يا خچر خانو؟ ائش ٽري اوهان جي سيرانديءَ کان رکي آهي، پر خالي.
    پروفيسر: (ٿورو ڦڪو ٿيندي) بيگم، سچ ٿو چوان ته اهي ايترا سگريٽ يقيناً مون نه ڇڪيا هوندا.
    بدر: تڏهن مون ڇڪيا آهن؟ يا رات ڪي چور اچي هت سگريٽ ڇڪي واپس هليا ويا. هون! عجيب مصيبت ۾ جان آهي! نه صفائيءَ جو خيال، نه ڪپڙن پائڻ جو سليقو، نه ڳالهائڻ جو ڍنگ، رڳو شاعريءَ جي پيٽ ڀرائي.
    پروفيسر: (ليلائيندي) بيگم، ڪاوڙ تنهنجي صحت لاءِ ٺيڪ نه آهي. خدا نه ڪري جيڪڏهن تنهنجي دشمنن کي ڪجهه ٿي پيو ته آءٌ بي موت مري ويندس.
    بدر: (طنز مان) واهه واهه، يعني منهنجي دشمنن کي ڪو مرض ٿيو ته اوهان جي لاءِ موت ٿيندو، ۽ مون کي ۽ منهنجي دوستن کي ڪجهه ٿيو ته پوءِ ته اوهين دهل وڄائيندا، ائين نه؟
    پروفيسر: (هٻڪي) بيگم، مون ته هڪ فصيح محاورو استعمال ڪيو هو.
    بدر: (ساڳئي انداز ۾) اهڙا فصيح محاورا، اوهان جي صحت لاءِ چڱا هوندا: مون کي تنهن کان معاف رکو.
    پروفيسر: (هٻڪندي، پرچائڻ جي آواز ۾) بيگم ... تون ايترو بدلجي ڇو وئي آهين؟ اڃا شاديءَ کي مهينو به ڪونه ٿيو آهي ته تنهنجي محبت هر ڪري پوا ٿي، لاحولا ولا قوة، پر ڪري هوا ٿي ويئي. ڪيڏو نه تنهنجو نينهن هو مون سان. مون کي پنهنجي سر جو تاج، من جو موتي، دل جو ... الائي دل جو ڇا ڇا سمجھندي هئينءَ- ۽ هاڻ، ... هاڻ، آءٌ ساڳيو تنهنجو ضيا، توکي بنهه ڪين ٿو وڻان. مهانڊي جي ته خير ڳالهه ئي جدا آهي، ۽ اها خدا جي جوڙ آهي- توکي منهنجو ڀر پاسي ۾ هجڻ به ڪين ٿو وڻي.
    بدر: (ڪڪ ٿي) هاڻ ڇڏيو، انهي بڪ کي. اٿو، وڃو ڪاليج، منهنجون ڪجهه سهيليون اچڻيون آهن، سي اوهان کي ڏسي نه وٺن.
    پروفيسر: يعني مون کي ڏسنديون ته ڇا ٿيندو، اهڙو بدشڪل ته ڪونه آهيان، جو مون کان انسان ذات ڇرڪڻ لڳي!
    بدر: اوهان کي ڪجهه نه ٿيندو، البت منهنجي پسند جو داد اهڙو ملندو جو يا عمر ياد ڪنديس.
    پروفيسر: ڇو، تنهنجي پسند کي ڇا ٿيو آهي؟
    بدر: (خفي ٿيندي) رب جي واسطي مون کي بخش ڪريو، ۽ هتان ٽرو، منهنجون ساهيڙيون اچڻ واريون هونديون.
    ]ٻاهران زنانن ٽهڪڙن جو آواز اچڻ ٿو لڳي، ۽ گھڙيءَ کانپوءِ ٽي ڇوڪريون اندر اچن ٿيون. ڇوڪرين کي ڏسي، پروفيسر هڪدم چادر ڇڪي منهن تي وجھي ٿو ڇڏي.[
    اڙي، هي ته اچي به ويون، (ڏاڍيان) نرگس، اوهين ڊرائنگ روم ۾ وهوته آءٌ اچان ٿي.
    نرگس: هي ڪنهن کي لڪايو اٿئي چادر ۾، جو اسان کي ٿي تڙي ڪڍين؟ يا موتي ڪتو بستري ۾ بالم ٿيو ستو پيو آهي.
    بدر: وڏي ڪا وات واري آهين، نرگس. اڃا هي صاحب بهادر ننڊ مان ئي ڪونه اٿيو آهي. هن کي ڪاليج موڪليان ته سامت جو ساهه کڻي ويهي، اوهان سان رهاڻ ڪريان. توهين گھڙيءَ لاءِ ڊرائنگ روم ۾ وهو ته آءٌ اجھو آيس.
    نرگس: (کلندي) اڙي مون ته تنهنجو گھوٽ اڃا تائين ڪونه ڏٺو آهي. ساڳي شاعرن جھڙي شڪل اٿس. يا ان کان وڌيڪ ...
    ]ڇوڪريون کلڻ ٿيون لڳن[
    ٻي ڇوڪري: پروفيسر صاحب،السلام عليڪم.
    پروفيسر: (چادر جي اندران) وعليڪم السلام.
    نرگس: (کلي) اڙي، هي ته ڳالهائي به ٿو، ۽ سو به عربي ۾، پر ويچارو آهي واقعي شرميلو، بدر، اسين تنهنجي پروفيسر جو منهن ڏسڻ کانسواءِ هتان ڪين ٽرنديونسين.
    پروفيسر: (چادر مان سسي ڪڍندي ۽ اٿندي) جي اجھو حاضر!
    نرگس: (شرارت مان ڪيڪ ڪندي) اوئي الا ...
    بدر: (بيزاريءَ مان) نرگس ڏاهي ٿي، تون هنن کي وٺي هل ڊرائنگ روم ۾ ته مان هن کي “ڊسپوز” ڪري اچان ٿي.
    هڪ ڇوڪري: (ٽهڪ ڏيئي) واقعي، آهي “ڊسپوز” ڪرڻ جھڙي شيءِ.
    پروفيسر: يعني ڪه ڊسپوز ڪرڻ جھڙي شيءِ؟ يعني ڪه معنيٰ؟
    بدر: (ڪاوڙ مان) اوهين چپ رهو.
    نرگس: واقعي جيسين ڳالهايو نه هئائين، تيسين ته چڱو خاصو انسان ٿي لڳو.
    بدر: (منٿ ڪندي) نرگس، مون تي ڪهل ڪر، هتان هلي ...
    نرگس: تون چپ ڪر: هي شاعر به آهي. پروفيسر صاحب پنهنجو تازو ڪلام ٻڌايو ته اوهان کي بخشيو ويندو نه ته ...
    پروفيسر: (خوش ٿيندي) جي حاضر، رات ئي هڪ ڪلام آيو هو.
    هڪ ڇوڪري: (کلندي) وهه واهه، اها ئي شاعري ڏسو- ڪلام آيو هو، ڇا چست فقرو آهي، سبحان الله، جزاڪ الله.
    پروفيسر: (شاعرن وانگر جھڪي سلام ڪندي) نوازش، ڪرم، ذره نوازي- ۽ سو به رات جو ٽين بجي.
    نرگس: اهو ته سگريٽن جي ٽوٽن مان ظاهر آهي، ڪا ڪمهلي شاعري آهي.
    پروفيسر: عرض ڪيو اٿم ... (کنگھڻ ٿو لڳي)
    هڪ ڇوڪري: مڪرر ارشاد.
    پروفيسر: يعني ڪه ڇا مقصد؟
    نرگس: يعني ڪه ٻيهر.
    پروفيسر: (وري کنگھندي- ترنم سان)
    اڃا به آهن، اڃا به آهن، اڃا به آهن، اڃا به آهن،
    مفا علاتن، مفا علاتن، مفا علاتن، مفا علاتن.
    نرگس: واهه واهه، هي تعليمي شعر واقعي ڪمال آهي.
    (ڇوڪريون کلڻ ٿيون لڳن)
    پروفيسر: شڪريو، مهرباني، آءٌ ڪهڙي باغ جي موري آهيان!
    (پڙهي ٿو)
    سواءِ منهنجي سوا ٻيا به آهن، سواءِ تنهنجي ٻيا به آهن،
    مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن!
    ڪي دل کان مجبور ڪي جگر کان، ڪي اکين کان مجبور ڪي ڪنن کان
    مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن
    سواءِ تنهنجي سواءِ منهنجي ڪي ساهه وارا ٻيا به آهن.
    هڪ ڇوڪري: اڙي واهه، هن ۾ ته بدر جو ذڪر آيو آهي ...
    بدر: (ڪاوڙجي) اوهان کي جيڪڏهن بڪواس ٻڌڻي آهي ته ويٺيون ٻڌو، آءٌ وڃان ٿي.
    پروفيسر: اڙي بيگم، خدا جي واسطي، هي آخري شعر ٻڌندي وڃ ... عرض ڪيو اٿم ...
    بدر: (ڪاوڙ مان) اوهين، جيڪڏهن هن گھڙيءَ هتان نه ويا ته آءٌ ئي گھر ڇڏي هلي وينديس. توبهه گھر آهي يا ڪنهن بڪواسيءَ جو طوطي خانو.
    پروفيسر: (ڦڪو ٿيندي) بيگم، تون ناراض نه ٿي! مان ئي وڃان ٿو. هن مڙي هن گھنٽ- منهجو مطلب آهي، هن گھڙيءَ هن منٽ هتان ڪوچ ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو، پر ... پر بيگم، هي مقطعو ته ٻڌندي وڃ.
    بدر: (ورچي) جهنم ۾ پوي اوهان جو مقطعو: نڪرو هتان نه ته سڏ ٿي ڪريان موتيءَ کي. (ڪتي کي ٻچڪاريندي) موتي ... موتي.
    ]پريان ئي ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ۽ پروفيسر جو اٿي باٿ روم ۾ زور سان دروازي بند ڪرڻ جو آواز اچي ٿو[.
    ڏيک ٽيون:
    [ڪجهه ڏينهن کانپوءِ]
    پروفيسر: به به به بيگم:
    بدر: چيم ته اچان ٿي. اوهان ته مغز کائي ڇڏيو آهي. صبح کان وٺي، اها ئي چخ چخ. آءٌ ڪم مان واندي ٿي، اچي ٿي اوهان جي سامهون وهان.
    پروفيسر: (هٻڪندي) ف ف فقط هڪ منٽ.
    بدر: (چڙ مان) وري به ساڳي ڳالهه ... اوهان مان ته اڙجي ويئي آهيان، مهمان اچڻ وارا آهن. اوهين ڏٽا مٽا ٿيا ويٺا آهيو، ڪک ڇڏي ٻه به نه ڪيو اٿوَ. نه شيو ڪئي اٿو، نه غسل ڪيو اٿوَ- هي پنهنجو حال ته ڏسو، ڪير چوندو ته بدر جو مڙس هي آهي. هڪڙي شڪل اڳي ئي ..
    پروفيسر: (ڪاوڙ مان رڙ ڪري) بيگم ... حد ٿي وئي تون ... تون ...
    بدر: (ٽوڪ مان) حد ٿي ويئي، ائين نه؟ پوءِ اتي ڇو ويٺا آهيو، وڃي پنهنجي يارن دوستن ۾ ويهي شاعري ڪريو.آءٌ پنهنجي سالگرهه پاڻهي ملهائينديس.
    پروفيسر: (نرميءَ سان) بيگم، تون ڇو اهڙي ٿي ويئي آهين؟ تون اهو ڇو ٿي سمجھين ته تنهنجي سالگرهه جي مون کي خوشي ڪانهي؟ مون کي بيحد خوشي آهي- دراصل دراصل ... آءٌ پنهنجي ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپان ... (حسرت سان) دراصل آءٌ پنهنجي ڪپڙن کان ئي ٻاهر نڪري آيو آهيان ... تون فقط منهنجي ڳالهه ٻڌ ...
    بدر: (نرگس کي سڏ ڪندي) نرگس، تون ان صوفا کي، ڀت سان لڳاراءِ ته آءٌ اچان ٿي. ]پس منظر ۾ فرنيچر ۽ ڪراڪريءَ جو آواز اچي ٿو[
    پروفيسر: بيگم ... آخر تون منهنجي ڳالهه ٻڌ ته سهي ...
    بدر: (ٽوڪ مان) چئو، ڪو غزل تازو لکيو اٿوَ، ڪو نظم نزول ٿيو اٿوَ: آءٌ ٻنهي ڪنن سان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان ... کڏ ۾ وڃي پوي سالگرهه، ڌوڙ ۾ وڃي پئي ...
    پروفيسر: بيگم ... (حسرت مان ۽ ڏکويل انداز ۾) بيگم، فروءَ کي ٽائفائڊ ٿي پيو آهي ... هي ڏس نوريءَ جي تار آئي آهي ... ته ته ته فر ... فروءَ جي حالت نازڪ آهي ... ۽ (تقريباً روئندي) بابا، بابا ڪري مون کي سڏي ٿي.
    بدر: (ڪاوڙ ۽ ٽوڪ ۾) اوهو ... اوهان کي بيگم صاحبه ياد ڪيو آهي، ائين نه ؟ بهانو اهو ته فروءَ کي ٽائفائڊ ٿي پيو آهي ... ٽائفائڊ اٿس ته آئي منهنجي جتيءَ تان ... هون، (اهل ڪندي) نوريءَ جي تار آئي آهي ...!
    پروفيسر: (ليلائيندي) بيگم ... آءٌ رڳو فروءَ کي ڏسي سڀان شام موٽي ايندس ... تون دوستن کان معافي وٺج ته ته ...
    بدر: هون! دوستن کان معافي وٺان ته منهنجو مڙس پنهنجي اڳين بيگم جو منهن ڏسڻ ويو آهي- ۽ عين منهنجي سالگرهه جي ڏينهن ... خوب، خوب عزت وڌندي، منهنجي دوستن جي اڳيان. (ڪاوڙ مان) ياد رک اوهين هتان ٻاهر نڪرندو، پر منهنجي لاش کي لتاڙي ...
    پروفيسر: به به بيگم ... مون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر ... بيگم!
    بدر: خوب سمجھيو اٿم اوهان کي ...
    پروفيسر: (ڪنهن جذبي کان) آءٌ ضرور ويندس ... بيگم، مون کي دنيا جي ڪا طاقت فروءَ وٽ وڃڻ کان روڪي نه ٿي سگھي ... منهنجي ٻچڙي فرو ... ٽائفائڊ ۾ آهي- ۽ مون کي سڏي رهي آهي. بيگم، مان ضرور ويندس مان ضرور ويندس.
    ]ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو[
    بيگم: (رڙ ڪري) موتي ... موتي، خبردار جي دروازي کان ٻاهر ويا آهيو.
    ]ڪتي جي رومڙ ڪرڻ جو آوز اچي ٿو- ۽ زور زور سان ڀؤنڪڻ جو آواز اچي ٿو- پروفيسر “ڪتو ... ڪتو” ڪري رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو، ۽ باٿ روم ۾ اندر گھڙي ٿو وڃي[.
    بيگم: ]دروازي کي ڪڙي ڏيڻ جو آواز اچي ٿو[ هاڻ اتي اندر باٿ روم ۾ ويٺا هجو ... ڏسان ڪيئن ٿا وڃو، مهمان اچڻ تي اوهان کي ٻاهر ڪڍنديس ... موتي، تون نگاهه رکجانءِ.
    پروفيسر: (دروازي کي مڪون هڻندي، رڙيون ڪندي) بيگم ... مون کي هتان ٻاهر ڪڍ ... بيگم ... فرو مري ويندي ... بيگم، ... ڪميني بيگم ...
    ]ڪجهه وقت کانپوءِ مهمانن جو شور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو- ۽ “هئپي برٿ ڊي” جا آواز اچن ٿا. عين ان شور ۾ شيشي ڀڃڻ جو آواز اچي ٿو. پروفيسر جي پويان ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو آواز ٿو اچي[.
    پروفيسر: (رڙيون ڪندي) بيگم ... فرو مري ويئي ... فرو ڪانه مرندي ... فرو مري ويئي.
    نرگس: (خوف مان) بدر، مون کي ته ڀؤ ٿو ٿئي ... ته پروفيسر ...
    هڪ مهمان: اڙي هي ته پروفيسر هو ... ۽ بدر ٿي چيو ته پروفيسر ڪراچيءَ ويو آهي ...
    ٻيو مهمان : ويچارو بيمار ٿو لڳي.
    [پروفيسر جون رڙيون آهستي آهستي جھڪيون ٿي وڃن ٿيون].
    ڏيک چوٿون:
    [هي منظر پاڳل خاني جو آهي: چرين جي آوازن ۽ موزون موسيقيءَ سان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو. هي ائڪشن هڪ لوهي دروازي جي کلڻ جي آواز سان ٿئي ٿو.]
    ڊاڪٽر: ڪيئن آهيو، پروفيسر صاحب؟
    پروفيسر: ڊاڪٽر صاحب، “اتي ئي آهي، جتي اوهان ڇڏيون!”
    ڊاڪٽر: خوب ، خوب! ڀلا ڪا ننڊ ٻنڊ به آئي؟
    پروفيسر: (اداسيءَ مان) ننڊ ته ڪانه آئي، البت فرو آئي هئي.
    ڊاڪٽر: (ڪجهه سوچيندي) اوهو، اوهان جي ڪڪي فرزانه آئي هئي؟ پوءِ ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون، اوهان ساڻس؟
    پروفيسر: منهنجي لاءِ گل آندا هئائين، سرنهن جا پيلا پيلا، جن مان زندگيءَ جي نواڻ پئي بکي، پر ...
    ڊاڪٽر: پر، ڇا ٿيو؟
    پروفسير: (ڏک مان) بيگم جھپ هڻي، اهي گل مون کان کسي ويئي ... (آهه ڀري) ... ۽ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽر، ڊاڪٽر، منهنجي سامهون، او هينءَ (اشارو ڪري ٿو) پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي هلي ويئي- ۽ ويچاري فري روئڻ لڳي. (پاڻ به روئڻ ٿو لڳي) اصل ماٺ ئي نه ڪري. کير ۾ ڀنل پيهون کارايون مانس ته تڏهن وڃي ماٺ ڪيائين.
    ڊاڪٽر: پوءِ ڇا ٿيو؟
    پروفيسر: (آهستي، رازدارانه انداز ۾) نوري به آئي هئي، ڊاڪٽر، پر بيگم کي ڏسي کٽ هيٺان لڪي ويئي. بيگم کي متان ٻڌائين! (حسرت مان) ڊاڪٽر بيگم کي چؤ ته مون وٽ نه ايندي ڪري. مون کي سندس سڱن کان ڊپ ٿو لڳي. ۽ فرو به هن کان ڊڄي ٿي، ڊاڪٽر تون ڊڄين ٿو ڪي نه؟
    ڊاڪٽر: سڱن کان ڊپ ٿو لڳئي؟
    پروفيسر: ها، بيگم کي سڱ ڄمي پيا آهن. (کلي) چڱو ٿيو؛ جو مون ساڻس لائون نه لڌيون، نه ته مون کي به سڱ ڄمي پون ها .... هي هي هي ... ائين نه ڊاڪٽر؟
    ڊاڪٽر: بلڪل بلڪل، پر هاڻ تون ته بچي ويو آهين نه؟ اڄ کان بيگم جو ته اچڻ بند ٿا ڪريون، اصل نه ايندي. کيس ٻڪرين جي واڙي ۾ بند ڪرائي ڇڏينداسون.
    پروفيسر: (کلي، خوش ٿيندي) هي هي ... هي هي هي ! بلڪل ٺيڪ. پوءِ هوءَ مون کي ٿونا به نه هڻندي، ۽ نوري ۽ فرو به ڪونه ڊڄنديون، اصل نه ڊڄنديون.
    ]هڪ برقعي پوش زال ۽ هڪ ڪڪي اچن ٿيون. ڊاڪٽر کين ڪمري ۾ اچڻ کان منع ڪري ٿو.[
    ڊاڪٽر : پروفيسر، هي ڏس ته ڪير آيو آهي؟
    پروفيسر: (اکين کي مهٽيندي وڦلڻ جي انداز ۾) اڙي هيءَ ته فرو آهي، پر هيءَ اندر ڇو نه ٿي اچي؟ فرو ... منهنجي ننڍڙي فرو، آءُ ته کير واريون پيهون کائون.
    ڊاڪٽر، نوري به ته اندر نه ٿي اچي- ۽ نوري هي پاڻ سان ڪفن ٻڌي ڇو آئي آهي، ڊاڪٽر ... نوري، اهو ڪفن لاهي ڇڏ ... ۽ ڊاڪٽر بيگم کي ٻڪرين جي واڙي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ... سڱ ڄمي پيا هئس نه ... تنهن ڪري ... ها تنهن ڪري ... موهن جي دڙي ۾ رسم هئي اها ... ]ڊاڪٽر کيس سئي ٿو هڻي. ۽ پروفيسر آهستي آهستي ڍرڪڻ ٿو لڳي، ۽ سندس اکيون بند ٿي ٿيون وڃن. برقعي پوش عورت اندر اچي، سندس پيرانديءَ کان ويهي رهي ٿي، ۽ سندس پير هنج ۾ رکي، انهن تي پيار مان هٿ گھمائڻ ٿي لڳي. سندس هلڪي روئڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.[
    ڊاڪٽر: ڀيڻ تون فڪر نه ڪر. وقت لڳندو؟ هن جو دماغ موٽي ايندو؛ ۽ جڏهن هن جو دماغ موٽيو، تڏهن هن کي ياد به نه هوندو ته هن ڪا ٻي شادي ڪئي هئي. اوهين به خيال ڪجو ته هن کي ڪو ان ڳالهه تي نه ڇيڙي. ممڪن آهي ته ٻي شاديءَ جو نالو ئي ٻڌي، هي ڪو نقصان ڪري وجھي. هن کي فقط تون ۽ فرو ياد رهنديون. هن کي شايد کير ۾ پيهون زياده دلپسند آهن، اهي کارائيندا رهجوس.
    [ٿورو وقت ماٺ ٿي وڃي ٿي.]
    هي ائين سمجھندو، ڄڻ ته هڪ وڏي مسافريءَ تان موٽيو آهي. البت هڪ ڳالهه اوهان کي ضرور چوندس ته هي نهايت حساس ذهن جو ماڻهو آهي، ۽ هن ۾ ڪي اهڙيون خصلتون آهن، جن کي پڙهيل ماڻهو شاعري چون ٿا، جا بذات خود هڪ چڱي شيءِ آهي ۽ هن جي دماغ ٿيڙڻ جو وڏو سبب آهي، ڳوٺن جي بند ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ رهيل زندگي، ۽ شهري زندگيءَ جي مصنوعي زندگيءَ جو تضاد ۽ ٽڪر. تعليم ۽ پڙهڻ هن ۾ هڪ عجيب جھيڙو پيدا ڪيو آهي- جنهن جي ڪري شايد اڌ ماڻهو ته هڪ نه ٻيءَ طرح چريا آهن ئي.
    پر آئيندي هن کي اوهان جي ساٿ جي سخت ضرورت رهندي.
    نوري: (پاڻ تي ضابطو آڻيندي) جي ... شل منهنجي حياتي به کين ملي، آءٌ ته پاڻ گھوري ڇڏينديس.
    ڊاڪٽر: ڀيڻ پاڻ گھورڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي، جيتري هن کي سمجھڻ _ ۽ هن سان ساٿ ڏيڻ جي. ان ساٿ نه ملڻ جي ڪري ئي شايد ٻي شاديءَ جي چڪر ۾، حساس ماڻهو گرفتار ٿي ٿا پون. چڱو خداحافظ! (جمعدار کي) جمعدار، مريض کي هوش اچي ته هن ڀيڻ ۽ ڪڪيءَ کي سندس اڳيان بيهڻ نه ڏجانءِ ۽ مون کي اطلاع ڪجانءِ ...! (ڊاڪٽر وڃي ٿو، نوري اتي ئي ويهي رهي ٿي- فرو به پيءُ جي وارن ۾ آڱريون وجھي، پاٻوهه مان کيس ڏسندي رهي ٿي. ]پردو ڪري ٿو.[


    تنهنجي تند تنوار....

    [سُر ڀيرويءَ تي مبني، آزاد نظم ۾ ناٽڪ]

    ڏيک پهريون:
    [پس منظر ۾ ڪنهن لنگهي جو دهل وڄائي، پڙهو ڏيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي_ ۽ ان سان گڏ ماڻهن جو شور به ٻڌجي ٿو. ايڪشن شروع ٿيڻ تي پڙهي جو آواز صاف اچي ٿو.]
    “جيڪو جوڌو، سنڌ جي راجا
    ڏياچ جو سر آڻيندو،
    ٿالهه ٽڪن جو، سو ماڻيندو!”
    (ڀير تي ڏونڪي جو آواز، ۽ پوءِ دهل جو آواز ۽ ماڻهن جو شور تمام جھڪو ٿي وڃي ٿو.)
    ٻيجل جي زال: او ٻيجلَ ماءُ،
    ٻيجلَ ماءُ ٻڌين ٿي،
    شهر _ لنگھو پيو اڄ هوڪا ڏي!
    راڄ _ مکيءَ جي هيءَ پڌرائي
    شهر _ لنگهي پئي ڳائي:
    (ٿالهه ٽڪن جو ساڻ اٿن!)
    “جيڪو جوڌو،
    سنڌ جي راجا،
    راءِ ڏياچ جو سر آڻيندو،
    ٿالهه ٽڪن جو، سو ماڻيندو!”
    ٻيجل ماءُ: ٿالهه ٽڪن جو؟
    ڇا جي لاءِ؟
    ڏياچ جو سر ڇا جي لاءِ؟
    هاءِ الا،
    انسانن کي ٿيو ڇاهي!
    انسان ڌڻيءَ جو پاڇو،
    ان جي سر جي قيمت،
    ٿالهه ٽڪن جو؟
    ماڻهو پو ماڻهو ڇا جو؟
    جھنگ_ مرونءَ ۽ ماڻهوءَ ۾
    فرق تڏهن رهندو ڇا جو؟
    ٻيجل جي زال: (خفي ٿي): تون ته وڃي بڙ بڙ ۾
    چنتا جو مانڊاڻ منڊيندي؟
    انسانن جي چنتا_ هون!
    تون پوڙهي، پر ويچار به پوڙها_ هون!
    ڏينهن ٿيا جو اڻڀي سڻڀي
    ماني کائڻ ڪاڻ،
    دان ملڻ جي واٽ تڪي،
    هاڻ ته اکيون ٿڪجي پيون!
    انسانن جي چنتا_ هون!
    مڙسم جا حال اهي، جو
    ڏينهن سڄو روئي ڳائي
    رات سڄي ٿو چنگُ وڄائي.
    ڳائڻ يا چنگُ وڄائڻَ مان
    پيٽ ڪڏهن ڪو ڀربو آ؟
    (اتي پڙهي جو آواز، بلڪل چٽو ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.)
    “جيڪو جوڌو، سنڌ جي راجا
    ڏياچ جو سر آڻيندو،
    ٿالهه ٽڪن جو سو ماڻيندو.”
    ٻيجل جي زال: هوڪي وارا،
    او هوڪي وارا، هيڏي آ
    ٿالهه ٽڪن جو مون کي ڏي:
    پرنامن سان راجا کي
    خوشخبري هيءَ پهچايو:
    مڙسم، ٻيجل_ جهونا ڳڙهه جو راڳي
    ڏياچ جو سر لاهيندو،
    راجا جي قدمن ۾
    آڻي ڀيٽا ڏيندو!
    (ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيجل سُرندو وڄائيندو گھر اچي ٿو.)
    ٻيجل: هان، هي ڇاهي
    ٿالهه ٽڪن جو؟
    هي ڪاٿون آيو؟
    ٻيجل جي زال: تون ته رڳو ٿو چنگُ وڄائي ڄاڻين،
    روئي ڄاڻين، ڳائي ڄاڻين،
    ڌرم ڪرم مان تون ڇا ڄاڻين،
    ڪالهوڪو تون بنباسي ٿي،
    پنهنجي دنيا،
    پنهنجي گيت سنگيت ۾ پورو
    ڄڻ کيپ کٽي گهر آيو آهين؟
    ٻيجل: (ڪاوڙجي) پر هي ٿالهه ٽڪن جو،
    آيو ڪاٿون؟
    ٻيجل جي زال: جهونا ڳڙهه جي راجا
    راءِ انيراءِ جي مومل مڱ
    چنڊ کان سهڻي، نرمل ناري
    مرگهن_نيني، ڪومل ساري
    ويچاري سورٺ کي،
    سنڌ جي راجا، ڏياچ کڻائي
    راڻي پنهنجي آهه بڻايو
    جهونا ڳڙهه جي راجا
    سينا ساري سنڀرائي، پر
    سنڌ جي ويرن سامهون
    ڪا نه گهڙي ڪا بيٺي
    ڪاوڙ ۽ مايوسيءَ کان
    راجا دل هاري آ،
    راڄ _ مکيءَ هي کيٽ رٿي
    صبح سويري هوڪو ڏياريو
    “جيڪو جوڌو، سنڌ جي راجا
    ڏياچ جو سر آڻيندو،
    ٿالهه ٽڪن جو، سو ماڻيندو!”
    ٿالهه ٽڪن جو ڏسندي
    هِرکي دلڙي منهنجي
    تنهنجي پاران هام هنئي مون
    “مڙسم ٻيجل، جهونا ڳڙهه جو راڳي
    ڏياچ جو سر لاهيندو
    راجا جي قدمن ۾
    آڻي ڀيٽا ڏيندو.”
    ٻيجل: (ڪاوڙ ۽ افسوس مان)_ ڪرمن ڪاري متين موڙهي
    تو هي ڪهڙي ڦاهي،
    منهنجي گلي لئه ٺاهي؟
    هاءِ هي نرڌن ناريون
    مايا جون پوڄاري
    مايا پويان تن من وڪڻن،
    اف! هي انسانن کي ٿيو ڇاهي؟
    ڪرمن ڪاري،
    تو هي ڪهڙي ڦاهي،
    منهنجي گلي لئه ٺاهي؟
    سر ڀي ڪنهنجو؟
    جو آ راجائن جو راجا
    جنهنجي پرجا، خود راڄ _ ڌڻي،
    سچ جو ساڻي، ڪوڙ جو ويري!
    هاءِ جو ٻيجل،
    سنگيت کي سمجهي سک_ساگر
    سوئي ٻيجل،
    ڏک جو پانڌي بڻجي،
    شهر وسيون سڀ ساڙي،
    چنڊ جو قاتل بڻجي،
    پرهه جو سينو گهائي
    ڦهلائيندو اوندهه ڪاري،
    ڪرمن ڪاري (ڏک جو ڪو ساز وڄائڻ جو آواز)

    ڏيک ٻيو:
    [رات جو سمو ڏيکارڻ لاءِ موزون موسيقي ڏيڻ گھرجي، ڏيک جي شروعات سورٺ جي خواب مان جاڳڻ سان ٿئي ٿي، ۽ هوءَ هلڪي رڙ ڪري سڏ ٿي ڪري.]
    سورٺ: داسي، ... داسي!
    داسي: (گهٻراهٽ ۾) آيس، سانئڻ!
    سورٺ: (ساڳي ڊپ واري انداز ۾)
    راجن ڪاٿي، منهنجو راجن
    سر جو سائين، ڪانڌ ڪميڻيءَ جو ...
    (راءِ ڏياچ جاڳي ٿو پوي، سندس اوٻاسيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.)
    راءِ ڏياچ: ڇاهي سورٺ؟
    ڇا پرهه ڦٽي آ ...؟
    سورٺ: (تقريباً رئڻ جي انداز ۾، جذبات سان ڀرپور آواز ۾)
    سر جا سائين،
    منهنجا جاني، ڪانڌ
    تو ڪارڻ تو کان ڀؤ ٿي ڀانيان!
    شل تون جيئين، آءٌ مران!
    راءِ ڏياچ: (پيار مان)
    پاڳل، ڀؤ ڇا جو آ؟
    پريتم تنهنجو تو سان آ ...
    تنهنجي قدمن ۾
    راڄ سڄو،
    هي پرهه ڦٽيءَ جي جاڳرتا
    هي تنهنجي منهنجي پريت
    پاڳل، پو ڀؤ ڇا جو آ؟
    سمجهيم:
    سپني کان ڊني آهين-.
    سپنو هو يا ساڀيان هئي؟
    سورٺ: سپنو، ساجن،
    ساڀيان جهڙو سپنو:
    (هتي خواب جو منظر ڏيکارڻو آهي، موسيقيءَ جي لاءِ هوا جو سَنهون سوساٽ ڏيئي، اُن جي پسمنظر ۾ تمام هلڪي آواز ۾، ڀيرويءَ ۾ سُرندي وڄڻ جو آواز ٻڌجي ٿو: ان سان گڏ خواب جو تاثر پيدا ڪرڻ جي موسيقي خلط ملط ٿيل لڳي ٿي.)
    راجا اندر جو آواز: (جذبات کان ڳؤري آواز ۾)
    “تن من ارپيم توکي،
    ساجن موٽي، آءُ
    ساجن... موٽي آءُ.”
    (آهه ڀرڻ جو آواز)
    “سنگيت جڏهن روح کي رولي
    دل جي صنم خاني ۾،
    سونهن ڀري ڪنهن آشا کي ٿو جاڳائي،
    من مرڪي،
    هجر جي هاڃي کان،
    ڇو ٿو روئي، ڀيرو!
    ڀيرو، ڀيرو...،
    گيت سنگيت جا راجن،
    آشا کي سونهن آشا ڏي ٿي...
    پرهه جي راڻي ... !
    ڳاءِ، وري ڳاءِ ... !”
    (ٿورو سر ۾، ڀيرويءَ جي سرگم سان)
    “تن من ارپيم توکي،
    ساجن موٽي آءُ!
    ساجن ــــ موٽي آءُ!”
    ڀيرو: گيت سنگيت جو راجن،
    آءٌ؟
    مان گيت سنگيت منجهان ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين! ...
    ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين!
    ڀيرو ته ائين ئي آ بدنام ٿيو،
    ڀيرو گيت مان ڇا ڄاڻي؟
    آءٌ،
    گيت سنگيت مان ڇا ڄاڻان؟
    ٻيجل: چنڊ جو قاتل
    چنڊ جو قاتل، ۽ شڪاري تارن جو
    من تڙپائي،
    جان جلائي،
    شهر وسيون سڀ ساڙي،
    هي جهونا ڳڙهه جو جاجڪ
    سر جون ٿو صدائون ڳائي،
    سئن هڻي،
    سر جي سئن هڻي ڳائي!
    مان سنگيت مان ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين....
    ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين!
    راجا اندر: (سوچ ۽ ڪجهه ياد اچڻ جي انداز ۾)
    ٻيجل؟
    ڪهڙو ٻيجل؟
    ڇا راءِ انيراءِ جو ٻيجل ٿو چئين؟
    ڀيرو: جي ها، راجن،
    سوئي ٻيجل،
    جو سُر ۾ ساهه ڪڍي،
    جو سِرُ ٿو تند برابر توري!
    جي ها، سائين
    سوئي ٻيجل
    جهونا ڳڙهه جو جاجڪ
    چنڊ جو قاتل
    پريم جو ويري... !
    اندر: (پريشانيءَ مان) ڀيرو...
    تو ياد ڏياري ٻيجل جي
    چنتا جي چڻنگ لڳائي،
    مان سوچيان پيو
    سورٺ جو ڇا ٿيندو؟
    (افسوس ۾) ويچاري سورٺ، ويچاري
    ڀيرو: (اچرج مان) سورٺ!
    ڪهڙي سورٺ، سائين؟
    سنڌ جي سورٺ؟
    سچ، سهاڳ جي سورٺ؟
    اندر: (افسوس مان) ڀاڳ اَڀاڳ جي ديوي ڪلهه آئي هئي،
    سورٺ جي جنم پتريءَ ڪاڻ!
    سورٺ، ٻيجل، راءِ ڏياچ
    (سچ، مايا ڇٽ، نرواڻ)
    ڀاڳ اَڀاڳ جو قهري ناچ!
    ٻيجل چنگُ برابر چوريندو،
    جهونگاريندو،
    سُرندو ساريندو...، پر
    راءِ ڏياچ جو سِر لاهي
    تند برابر توريندو!
    سورٺ، ٻيجل، راءِ ڏياچ
    ڀاڳ اَڀاڳ جو قهري ناچ
    (خواب ختم ٿيو، سورٺ جي روئڻ جو آواز اچي ٿو)
    راءِ ڏياچ: (کلي) پاڳل، سپني کان ڪو ڊڄبو آ،
    سپنو ساڀيان ناهي
    سپنو ته رڳو سپنو آهي.
    سورٺ، منهنجي سورٺ
    مان ئي تنهنجو سپنو
    تون ئي منهنجي ساڀيان،
    پو ڀؤ ڇا جو؟
    سورٺ: (ڪجهه ڌيرج سان) ڊڄان ٿي
    سرتاج، ڊڄان ٿي
    ڀاڳ اڀاڳ جي ڦيري کان
    سپني ساڀيان جي گهيري کان
    هن دنيا کان،
    دنيا جي ماڻهن کان-.
    (پيار جا دشمن، پريم جا ويري
    سک جا سپنا ڊاهي،
    ڏک جا ڪوٽ اڏين؛
    پريم جا ويري اڪثر
    سچ جو سهاڳ لُٽي
    ڪوڙ جي ماڙي ٺاهي
    ڏاڍ جا ڪوٽ اڏائي
    سرڳ نرڳ جو مانڊاڻ منڊي
    روهه رلائن انسانن کي، پريمين کي)
    ڪوڙ کي ٿا پارائن
    چولو سچ جو:
    ڪوڙ لڳي ٿو سهڻو
    سچ کان سهڻو:
    ان دولاب ۾ ٿا ڦٿڪن، تڙپن
    پيار جا ڳولائو، پريت جا ديوانا!
    سرتاج ڊڄان ٿي،
    ان دولاب کان، مايا ڇل کان:
    ڀاڳ اڀاڳ جي ڦيري کان؛
    سپني جهڙي ساڀيان جي گهيري کان؛
    هن دنيا کان،
    هن دنيا جي ماڻهن کان
    پريم جا ويري، پيار جا دشمن!
    ڏياچ: (پاٻوهه مان) سورٺ، منهنجي سورٺ
    ڪوڙ جو مانڊاڻ هلندو ڪيسين؟
    سچ نيٺ سچ ٿيندو!
    ڪانءُ ڀلا مور جي چال هلندو ڪيسين؟
    (هيٺان ٻيجل جي سُرندي جو آواز ٿو اچي. ڀيرويءَ جو آلاپ شروع ٿئي ٿو)
    هان،
    هي ڇا هي ۽
    هي منهنجي دل ۾ ڇا ٿو ٿئي؟
    من_ ساگر اٿلي ڇو ٿو؟
    ڪير پيو هي ساز وڄائي؟
    هاءِ،
    هي ڄڻ ڀيرو پاڻ پيو ڳائي:
    داسي، او داسي _ !!
    داسي: (ڊڄندي هٻڪندي) سائين،
    هڪ چارڻ (رمتو جوڳي وار ڀڀوت
    ڪن ۾ واليون، مک تي مڻيا)
    دل ۾ ڀنڀٽ...
    چنگَ ۾ چڻنگون
    جهونا ڳڙهه جو ڪو جاجڪ آهي!
    راءِ ڏياچ: مان ڏئي هت آڻينس _
    (پنهنجي منهن ڀڻڪڻ ٿو لڳي)
    پرهه جو اهڙو راڳ
    ڄڻ ڪا جلندي آڳ!
    ... ... ...

    ڏيک ٽيون:
    [هن ڏيک ۾، ڀيرويءَ جو آلاپ تيز ٿيندو ٿو وڃي، ۽ داسي اچي ٻيجل کي سڏي ٿي. داسيءَ جو آواز ٻڌي، ٻيجل سُرندو وڄائڻ بند ٿو ڪري]
    داسي: چارڻ،
    راجن توکي ياد ڪيو آ،
    راڳ جي آهٽ ٻڌندي،
    ڀانيان ٿي ڪجهه وياڪل وياڪل آهي،
    سورٺ راڻي پڻ حاضر آهي.
    هل،
    راجن کي گيت سنگيت جي جادوءَ سان
    مڌ مست ڪري
    من پرڀائي،
    موتي مڻيا لعل جواهر پاءِ!
    ٻيجل: سورٺ؟ ڪهڙي سورٺ؟
    اندر سڀا جي نچڻي سورٺ؟
    جنهن جي چپن جي روءِ برابر
    سرڳ_ڦلن تي ويس ڪئي؟
    جنهن جي سونهن سراسر
    ديوين جهڙي،
    جنهن جي پدمن جي ڇم ڇم
    مرگهه ترشنا کي تڙپائي؟
    سورٺ، ڪهڙي سورٺ؟
    جنهن ديس بديس جي شهزادن کي ريٽي
    سونهن جي سوداگر
    ڏياچ جي سيج سنواري آ؟
    داسي: سائي سورٺ،
    سنڌ جي راڻي؛
    پر تون هل، راجن وياڪل آ،
    نه ته منهنجو ساهه سماپت آ!
    (وڃڻ جو آواز، ٻيجل وري آلاپ وڄائي ٿو)

    ڏيک چوٿون:
    [ٻيجل جي اچڻ جو آواز، آلاپ نزديڪ ايندو اچي]
    سورٺ: داسي،
    ڇا نالو آهي چارڻ جو؟
    داسي: سانئڻ،
    نالو مان ڇا ڄاڻان؟
    ڪي کيس سڏن ٿا ٻيجل
    ڪي کيس سڏن ٿا ”مايا موهه“ جو بادل
    (پنهنجي منهن آهستي)
    مايا برسي، موهه برسي
    ”ڪام“ ٿو ڇلڪي، ”پريم“ نه ڇلڪي،
    سپنا ڊاهي، سانگ رچائي،
    سوئي ٻيجل،
    جهونا ڳڙهه جو جاجڪ!
    سورٺ: (پنهنجي منهن ڇرڪ ڀري )
    ٻيجل جاجڪ؟
    ذات جو چارڻ؟
    چنڊ جو قاتل!
    هاءِ الا هي ڇا ڀانيان؟
    ڀاڳ اڀاڳ جو نوتو
    ايڏو تُرت ڀلا ڪئن پهتو؟
    (درد مان) ساٿ سنگت ساجن سان
    سڱ ٽُٽو راجن سان
    هاءِ حياتي پرينءَ بنان
    ڪٽبي ڪهڙيءَ پر سان؟
    (آهستي) پر سورٺ مرندي، ڏياچ نه مرندو
    ڄاڻ _ چڪوري مرندي، چنڊ نه مرندو
    سورٺ مرندي، ڏياچ نه مرندو.
    (ڏاڍيان ڏياچ کي) ڪانڌ، اوهان کي سوڳنڌ آ،
    چارڻ کي موٽايو،
    هي چارڻ پريم جو ويري آ،
    ڏک جو پانڌي،
    ڪوڙ جو راهي،
    يا ته انيراءِ جي انياءَ جو ڪانڌي؟
    ڏياچ: (ٽهڪ ڏيندي) انياءُ ڇا جو؟
    انياءُ ته انيراءِ جي ڪوٽن ۾
    قابو آهي ورهين کان
    انياءُ ڀلا هت ڪئن ايندو؟
    (ٻيجل بلڪل نزديڪ پهچي ٿو وڃي. سندس آلاپ به نزديڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.)
    اچ، اچ راڳي
    چنگ کي چوري،
    پرهه جي گيتن جو
    جادو لائي،
    من ۾ آنند آڻ!
    (ٻيجل ڀيروي وڄائي، هت ڀيرويءَ جو ترانو ٽي چار منٽ، تين تال ۾ ڏجي)
    راءِ ڏياچ: (خوشيءَ ۽ اطمينان سان)
    گُهر اي چارڻ ڇا گھُرجئي؟
    گهُر اڄ جيڪي به گهُرڻ چاهين!
    راڄ سڄو ملڪ سندءِ :
    هاٿي گهوڙا، هي محلاتون
    سون، جواهر موتي مڻيا
    يا چاهين ٿو سروپا؟
    داسي، او داسي _
    ”نازي ڏيوس تڪڙو، جوهر پائي زين!“
    سون ۽ چاندي،
    لال جواهر، جو طلبي،
    گهوريو هن چنگ مٿان، هن چارڻ تان!
    ٻيجل: اي سورٺ _ ور
    ”پائي پٽ ڪڻا، مون تان مور نه مڱئو،
    هاٿي ڪارڻ هيڪڙي، آءٌ ڪا تند هڻان!“
    ڏياچ: گھُر، جيڪي گهُرڻو هجئي،
    دان ڏيانءِ ٿو دهرا،
    سون واسيو، يا چاندي جي چاهين
    گھُر اڄ، جيڪي به گھُرڻ چاهين؟
    ٻيجل: اي راجن، راڄ _ ڌڻي
    راڳ جي قيمت دنيا ڇا ڄاڻي؟
    ڄاڻ جي قيمت دنيا ڇا ڄاڻي؟
    ڄاڻ جي آڳ جلي ٿي ديوانن ۾.
    راڳ جي آڳ _
    دل جي ايوانن ۾!
    تون دل جو صاحب،
    دل جي قيمت،
    راڳ جي قيمت تون ٿو ڄاڻين ۽
    چانديءَ جا چند ٽڪرا،
    راڳ جو مُلهه ٿيندا ڇا؟
    هاٿي گهوڙا، سون جواهر
    ڀيروءَ جي ڀيت برابر ٿيندا ڇا؟
    سنگيت ته سر جو سودو آ
    سر جو سودو...
    راجن، راڄ ڌڻي
    سر جي سئن هڻان ٿو، سائين
    سورٺ: (ڇرڪي) سر جي سئن؟
    هاءِ مٺيس!
    سپنو آ يا ساڀيان؟
    (پنهنجي منهن): (چارڻ چنڊ جو قاتل
    شهر وسيون سڀ ساڙي... !)
    چارڻ تنهنجو نالو ڇاهي؟
    ٻيجل: ٻيجل، سانئڻ،
    جھونا ڳڙهه جو جاجڪ
    ذات جو چارڻ
    چنگ کي چوري، چنڊ کي گھائڻ
    جل ۾ باهه لڳائڻ...
    ٻيجل، سانئڻ!
    سورٺ: (هيجي) ٻيجل...
    چنڊ جو قاتل شڪاري تارن جو،
    من تڙپائي،
    جان جلائي
    شهر وسيون سڀ ساڙي،
    سر جون صدائون ڳائي!
    هي سپنو آهي يا ساڀيان؟
    ٻيجل: ساڀيان، سانئڻ
    ساڀيان اهڙي جهڙو منهنجو راڳ
    سپني جهڙي ساڀيان
    ساڀيان جهڙو سپنو!
    سورٺ: (ليلائيندي) چارڻ، چنگ _ مٺا
    سر جي سئن هڻي تون،
    ڇو ٿو شهر وسيون سڀ ساڙين؟
    راڳ ته من _ موهه جو ساگر آ
    سر جو سودو تون ڇا ڄاڻين؟
    راڳ ته پوڄا _ جل آ،
    سر جو سودو تون ڇا ڄاڻين؟
    هان، هي سر منهنجو حاضر آ،
    سر جي سرتاج مٿان هي سر گهوريو -
    شل هو جيئي:
    سر جو سودو تون ڇا ڄاڻين:
    هان، هي سر منهنجو حاضر آ
    ڪڍ ڪاتي، وڍ سر، حاضر آ!
    ڏياچ: (ديا ڪلتا سان) سورٺ، ڏاهي ٿي
    منهنجو وچن آ، تنهنجو ڇا؟
    ٻيجل _ چارڻ،
    چنڊ جا قاتل
    سر سودائي
    هان، هي سر منهنجو حاضر آ
    ڪڍ ڪاتي، وڍ سر حاضر آ!
    مون سمجهيو، تون يمدوت جو چيلو آن _
    پر ڇو؟ انسان ته ايڏو ڪانئر ناهه!
    ٻيجل: ڪانئرتا ۽ انسان!
    مان ڪير ڪٿان آيس
    ڪير نه ڄاڻي _
    آءٌ نه ڄاڻان
    نالي ۾ انسان
    ٻيجل، جهونا ڳڙهه جو جوڳي
    ڏک جو راڳي، مايا جو روڳي!
    ڏياچ: هڪ سر مان حاصل
    توکي ٿيندو ٻيجل؟
    ٻيجل: سائين، مان ڪُهه ڄاڻان؟
    سئن هنئي ٿم، سائين،
    سر جي، تنهنجي سر جي
    تنهنجو سر، هڪ سر ناهي، سائين:
    تنهنجو سر، سچ جو مندر!
    انسانن جي هر دنيا ۾
    جيڪي ڪجهه سهڻو آ
    تون ڄڻ ان جي مورت آهين
    ايڏي دولت ڪيئن نه پايان؟
    آءٌ ڏک جو راڳي، مايا روڳي
    مايا موهه جو بادل،
    مايا اهڙي،
    آد جڳاد کان ماڻهن،
    ميڙي، چونڊي
    نياءَ، جي نالي ۾ سموئي جنهن کي
    سچ جي جوت جڳائي
    تنهن سچ جو چور سڏائي مان
    ڇو نه صدا سر جي ڳايان؟
    راءِ ڏياچ: ٻيجل
    جهونا ڳڙهه جا جوڳي
    مايا موهه جا بادل، مايا _ روڳي
    سچ جي مايا، سوئي ڀوڳي
    سچ تان جيڪو سرڙو گھوري:
    تون چور به سڏبين، پر
    مايا _ چور
    سچ جي مايا تون ڇا کڻندين؟
    سچ جي مايا سوئي ڀوڳي
    سچ تان جيڪو سرڙو گھوري!
    آءُ، وڍي سر مايا ماڻ
    ڪوڙي مايا!
    (تلوار کڻي پنهنجي سر تي هڻي ٿو، ۽ سندس سر وڃي پري ٿو پوي، ان جي تاثر لاءِ موزون موسيقي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، تيز تيز سنگيت جي آواز مان ڏک جو تاثر پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ سورٺ جي اوڇنگارن جو آواز مدغم ٿيندو ٻڌجي ٿو.)
    سورٺ: (روئندي) هاءِ سهاڳ!
    هاءِ اڀاڳ
    ٻيجل، چارڻ
    پريم جا ويري، پيار جا دشمن
    سُک جا سپنا ڊاهي،
    ڪوڙ جي ماڙي ٺاهي،
    تو سچ جو سهاڳ لٽي ورتو
    تو سورن ڀاڳ لٽي ورتو!
    ڏک جا ڏونگر ڏرندا، ڪنهن پر
    ياد جو ايندي ساجن جي؟
    آڳ اجهامي من جي، ڪنهن پر
    ياد جو ايندي راجن جي؟
    سک جا سپنا ساڀيان مور نه ٿيندا
    سک جا سپنا، سپنا رهندا!
    ڏک جا سپنا ساڀيان ساڀيان
    ڏک جا سپنا ساڀيان رهندا!
    پر ٻيجل، چارڻ...
    شل تون جيئين،
    پاپ جو پانڌي بنجي،
    شل تون ڳائين...
    پر ايندڙ دنيا ۾،
    ٻيجل جلندو
    راءِ ڏياچ امر ٿي
    سنگيت سان سر لائي
    پريم سنيهو ڏيندو رهندو،
    سورٺ جي مئي، ته به سک ٿيندو رهندو!
    (ساڳي تلوار سان سورٺ پاڻ کي ماري ٿي، تيز تيز موسيقيءَ سان ڏک جو ناڻو پيدا ٿئي ٿو... ڪجهه وقت کانپوءِ ڪاٺين سڙڻ جو آواز اچي ٿو ۽ ان جي پس منظر ۾، ڀيرويءَ جي آلاپ سان، ٻيجل ڳائي ٿو:)
    انسانن جي هن دنيا ۾
    ڏاڍ جي ڏائڻ
    ڪوڙ جي سانئڻ
    ويس وڳا دولاب جا پهري،
    چٽجي، ڏکجي،
    مکجي، چکجي،
    چرب زبانيءَ جي منتر سان
    راءِ ڏياچن کي دلبي،
    سر جي سئن هڻي ٿي.
    ويچاري سورٺ
    سانگ جي ان رڃ ۾
    رڻ ۾ رات گذاري
    ٻاڪاريندي، ٻاڏائيندي،
    سر تان آهو لاهي،
    سچ جون ڪاٺيون ميڙي
    آد جڳاد چتا ۾ جلندي
    جڳمڳ جڳمڳ
    جوت نئين جاڳائيندي،
    ”پريت امر آ“، چوندي
    ڳائيندي رهندي،
    دنيا ٻيجل جو نالو کڻندي،
    رئندي کلندي، کلندي رئندي،
    ٻيجل جلندو،
    سنگيت نه مرندو!
    (باهه جو آواز تيز ٿئي ٿو. اُن سان گڏ ڀيرويءَ جي درت جا آخري آلاپ تيز ٿي، ختم ٿين ٿا.)

    (ماهنامو نئين زندگي ڀٽائي نمبر، جولاءِ 1964ع)


    ترجما

    ’عربيت‘ جو فڪري بنياد

    محمد سرور
    سنڌيڪار: سراج
    ’عربيت‘ جو فڪري بنياد

    وَطَنِي هِي الفُصَحيٰ فَڪُلُ بِلادِ هَا،
    فِي مِصر اَفِي الشامِ بِلاديِ،
    هَذا هُو الوَطَنُ الَذِي اَحيالَـﮣ،
    وَلـﮣ اُوَلِي صَادقاً و اَعادِي.

    [منهنجو وطن آهي، ’فصيح عربي زبان‘، مصر ۽ شام ۾-
    جتي به اها زبان آهي، اهو ئي منهنجو ملڪ ۽ منهنجو وطن آهي. اهو ئي منهنجو وطن آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ زنده آهيان. ان جي خاطر ئي منهنجي سچي دوستي آهي، ۽ ان جي ئي خاطر آءٌ دشمني ڪريان ٿو.]
    مٿيان شَعر هڪڙي مصري شاعر محمود ابوالوفا جي هڪ مشهور قصيدي جا آهن، جيڪو هن 1932ع ۾ پَيرس جي هڪ وڏي مجمعي اڳيان پڙهيو هو. ساڳئي قصيدي ۾، شاعر انهيءَ ميڙ کي مخاطب ٿيندي، چيو هو: ’اي ض‘اکر اچارڻ واريءَ مغزز برادريءَ جا ڀائرو، عظمت ۽ بلنديءَ ڏانهن وک وڌايو! ’ض‘ اُچارڻ وارن جون آسون ۽ اُميدون اوهان سان ئي وابسته آهن؛ اوهين ئي انهن جا واهر وسيلا آهيو؛ ۽ بلندين کي سر ڪرڻ جو واحد ذريعو اوهين ئي آهيو!‘
    ’ض‘ اچارڻ وارن جي اها يڪدلي، يڪجهتي ۽ يڪجائيءَ جي دعوت، ڪا محض ٺلهي سياسي نعريبازي نه آهي؛ ۽ نڪي اهو ڪو وقتي هٿيار آهي. مخالفن سان وڙهڻ لاءِ ’عربيت‘ جي اها دعوت، پنهنجي اندر اها سموري روحانيت ۽ مثاليت رکي ٿي، جنهن مان هڪ فڪر حيات يا آئيڊيالاجي جُڙي ٿي. حقيقت ته اها آهي ته اڄ جي عربي دنيا ۾ ’عربيت‘ جي اها ’آئيڊيالاجي‘ هڪ مذهب جو درجو حاصل ڪندي وڃي. انهيءَ مان ماڻهن جي دلين ۾ اهو ئي جوش ۽ گرمي، ۽ ارادي ۾ اها ئي ڪردار جي جرائت پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي مذهب جو خاص فيضان سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ عربيت جو بنياد مذهب جي انڪار تي ڪين رکيو ويو آهي. نه اسلام کان انڪار تي، نڪي عيسائيت کان انڪار تي، بلڪ انهن ٻنهي مذهبن کي، جي حسن اتفاق سان انهيءَ ئي ساڳيءَ سرزمين ۾ پيدا ٿيا ۽ وڌيا ويجهيا، انهيءَ عربيت ۾ سموهڻ ۽ ان سان انهن کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ عربيت ۾ محمد صلي الله عليه وسلم ۽ مسيح عليه والسلام، ٻنهي کي بلند ترين مرتبو ڏنو ويو آهي. ماضيءَ کان انڪار جي ڪائي ضرورت نه سمجهي وئي آهي. انهيءَ جو هڪ مقصد هي به آهي ته اُنهن ملڪن جي عيسائيت کي، جيڪي انهيءَ مذهب جا اصل پيدا ڪندڙ ۽ وطن آهن، يورپ جي عيسائيت سان گڏجي مسجي وڃڻ ۽ خلط ملط ٿيڻ نه ڏجي؛ ۽ ساڳئي وقت اسلام کي پڻ عربي تاريخ ۽ عربي ماحول کان الڳ ٿيڻ نه ڏجي.
    مرحوم سعد زغلول جو هڪ گهرو رفيق ۽ ٻانهن ٻيلي هڪ نوجوان قبطي ’مڪرم‘ نالي هو. موصوف ’وفد پارٽيءَ‘ جو هڪ وڏو ليڊر هو. ڪافي عرصو ٿيو، هڪ ڀيري هن کان پڇيو ويو ته ’اوهين پهرين عيسائي آهيو، يا پهرين مصري؟‘ هن جو جواب، جو عربي ڳالهائيندڙ نئين نسل جي انهيءَ نئين رجحان جي بلڪل صحيح صحيح ترجماني ٿو ڪري، سو هي هو:
    ’اَنَا مُسلمِ وَطناً و مَسِيحِي دِيناًَ‘
    (آءٌ وطن جي لحاظ کان مسلمان آهيان، ۽ دين جي لحاظ کان عيسائي!)
    اها ڳالهه ته ٿي پنجويهه ورهيه اڳ جي، پر اڄ جيڪڏهن ڪنهن عرب عيسائيءَ کان اهو ساڳيو سوال ڪيو وڃي، ته هن جو نهايت ئي واضح ۽ سنئون سنواٽو جواب هي هوندو ته ’آءٌ عرب آهيان!‘
    اردن ۾ ڪمال ناصر نالي هڪ عيسائي عرب شاعر آهي، جنهن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ وڏو حصو ورتو آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هن کي ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ڀوڳڻو پيو آهي. اڄڪلهه هو اردن جي پارليامينٽ جو ميمبر آهي، ۽ گلب پاشا (انگريز ڪمانڊر، جنهن کي تازو اردن مان تڙيو ويو) ۽ نوري سعيد (عراقي وزيراعظم) جي خلاف هن جا ڪيترائي شعر عام توڙي خاص، ننڍي وڏي جي وات آهن. هن جو هڪ هم مذهب، ٻيو عيسائي شاعر رشيد سليم فوري آهي، جنهن جو هيءُ بند ڏسو:
    مُحَمَد اِبنِي شَريِفُ النَسَب،
    وَلَدَتـﮣ اُمـﮣ فِي رَجَبِ،
    اُمـﮣ مَا وَلَدَ تـَﮣ، مُسلِماً،
    اَو مَسِيحِياً ولــٰڪن عَرَبِي.

    (منهنجي پٽ جو نالو محمد آهي، ۽ هو شريف النسب آهي. هن جي ماءُ هن کي رجب جي مهيني ۾ ڄڻيو. هن جي ماءُ هن کي نه مسلمان ڄڻيو، نه عيسائي- بلڪ هن کي ’عربي‘ ڄڻيو اٿس.)
    شام جي هڪ عرب عيسائي شاعر نقولـﮣ معلوف ’انقلاب مصر‘ تي هڪ قصيدو لکيو آهي، جنهن ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو ته ’ڪو زمانو هو، جڏهن اسان جا جهنڊا مشرق کان مغرب تائين فضا ۾ جهولندا هئا ۽ اسان جي ئي ڪري مشرقي قومن کي وحدت نصيب ٿي هئي. انهن قومن ئي گذريل وقت ۾ وڏين وڏين ۽ عظيم تهذيبن کي جنم ڏنو. انهن ۾ عيسيٰ (عليه والسلام) ۽ محمد مصطفيٰ (صلي الله عليه وسلم) پيدا ٿيا، جيڪي دين ۽ دنيا، ٻنهي لاءِ شرف ۽ ڪمال جا صاحب هئا.‘
    عربيت جي انهيءَ آئيڊيالاجيءَ (فڪري بنياد) جي آخري شڪل اڃا متعين نه ٿي آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهيءَ آئيڊيالاجيءَ جي زبان عربي آهي، ۽ عربي زبان، ۽ انهيءَ اعتبار کان عربي ادب ئي انهيءَ جو سڀ کان اهم ۽ وڏو بنياد آهي. مراقش کان وٺي مسقط ۽ ايراني نار تائين، انهيءَ وسيع ايراضيءَ جي فقط اها ئي هڪ زبان آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ هن وقت مختلف ٻوليون ۽ مختلف لهجا به موجود آهن، پر تعليم ۽ سياسي شعور وڌڻ سان، خواص وانگر، انهن سمورن علائقن جي عوام جي پڻ هڪ ئي زبان ٿيندي وڃي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته زبان وانگر هتي مذهب جي وحدت ۽ يڪسانيت ڪانهي، ليڪن هتي جا ٻه وڏا مذهب، اسلام ۽ مشرقي عيسائيت، جهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جي قريب اچي رهيا آهن، ان بابت مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. انهن علائقن جي گذريل ڏيڍ هزار ورهين جي تاريخ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙي آهي ۽ انهيءَ تاريخ جا ’باقيات صالحات‘ عربيت جي انهيءَ آئيڊيالاجيءَ جا ضروري جزا آهن، ۽ انهن کان انڪار ڪرڻ يا بغاوت جو جهنڊو بلند ڪرڻ جا بظاهر ته ڪي به آثار نظر ڪين ٿا اچن. خوش قسمتي ته اها آهي جو هن وقت اسان جي ملڪ جي جماعت اسلاميءَ جي زبان ۾ نڪي اتي جو ’اسلام پسند‘ عوام، نه ڪي ’عيسائيت پسند عوام‘ ئي انهيءَ ’عربيت‘ کي پنهنجي پنهنجي مذهبن جي خلاف ٿو سمجهي، ۽ نه وري اتي جا ’اسلام پسند‘ حڪمران ۽ ’عيسائيت پسند‘ حڪمران ئي مذهبي طور انهيءَ جي خلاف آهن. ايتري قدر جو جتي مصر ۽ شام وغيره جي ’اخوان مسلمين‘ جهڙي مذهبي جماعت به پنهنجي سموري ’اسلام پسنديءَ‘ جي باوجود عربي قوميت ۽ عرب اتحاد جي مخالف نه هئي، اتي موجوده شاهه سعود ۽ سندس نامور پيءُ عبدالعزيز ابن سعود مرحوم جهڙا ڪٽر ۽ قدامت پسند مسلمان، جيڪي قرآن ۽ سنت کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن چيز کي پاڻ لاءِ سند ڪين ٿا مڃين، سي به پنهنجيءَ هر تقرير ۾ مسلمان کان اڳ ۾ عربن جو ذڪر ٿا ڪن، ۽ ’عربيت‘ کي پنهنجو قومي شعار ٿا سمجهن. ٻئي طرف، لبنان جا عيسائي ۽ اتي جا حڪمران عيسائي طبقا به عربيت کان منڪر ڪينهن ۽ اهو ته عالم آشڪار آهي ته هن دور ۾ عربي زبان جي ترويح ۽ عربي ادب جي واڌاري ۾ لبنان جي عرب عيسائين جو تمام وڏو حصو آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته هتي جي قوميت، ۽ انهيءَ لحاظ کان عربيت جو نظريو يورپ وانگر معاشي استحصال ۽ سياسي توسيع مان پيدا ڪين ٿيو آهي، بلڪ انهيءَ جو محرڪ غيرن جي غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو جذبو هو. انهيءَ ڪري، جيڪو به شخص آزاديءَ جي جدوجهد ۾ اڳيان هوندو هو ۽ مغربي سامراج جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نشانو بنيو هو ته عوام، اهو ڏسڻ کان سواءِ ته هن جو مذهب ڪهڙو آهي، هن جي عزت ڪرڻ ٿي لڳو، ۽ هو عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو ٿي ويو.
    مثال طور، 1930ع ۾ قاهري ۾ مون هڪ عيسائي طبقي ليڊر ويصا واصف جو جنازو ڏٺو، جنهن کي هزار ها ڪلهو ڏيندا پئي ويا. ظاهر آهي ته انهيءَ ۾ وڏي اڪثريت مسلمانن جي ئي هئي. سندن جوش و خروش جي حالت ئي نه پڇو. بس ڄڻ ته انساني سِرن جو هڪ سيلاب هو، جو وهندو ٿي ويو ۽ سڀني جي زبانن تي اهو ئي نعرو هو. ’الي الجنة! الي الجنة!‘ (بهشت ڏانهن.... بهشت ڏانهن!)
    انهيءَ جي ابتڙ، جامع ازهر جو ڪو نهايت وڏو شيخ ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن پڌري يا ڳُجهِي سندس همدردي سامراج سان هوندي، ته اهو عوام جي نظرن ۾ بنهه ڪري پوندو ۽ ماڻهو هن جي ڳالهين کي ٻڌندا به ڪين!
    پر انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي ته انهن ملڪن ۾ مذهب،
    وقت بوقت، فرقي پرستيءَ جو چولو ڍڪي، آزاديءَ جي راهه ۾ رنڊڪون ڪين وڌيون آهن ۽ مختلف نالن سان قومي ۽ وطني تحريڪن ۾ رخنو وجهڻ جي ڪوشش ڪين ڪئي آهي. ان جي برعڪس، عراق ۾ شيعه-سنيءَ جو جهڳڙو کڙو ڪيو ويو. مصر ۾ قبطي ۽ مسلمان جو سوال پيدا ڪيو ويو؛ شام ۽ لبنان ۾ مسلمانن ۽ عيسائين، ۽ خود مسلمانن ۾ شيعه-سني، زيدي ۽ دُروزي ڏڦير پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڇاڪاڻ ته سڀني جو مقابلو، بنا مذهبي ڀيد ڀاوَ جي، سامراج سان هو، ۽ سامراج سڀني کي هڪ ئي طرح سان ڦريو ماريو ۽ دٻايو ٿي، ان ڪري اهي فرقيوارانه فتنا وڌيڪ ڪامياب نه ٿي سگهيا، ۽ ’قوميت ۽ عربيت‘ جو قافلو اڳتي وڌندو رهيو.
    سڀ کان پهرين هر عربي ملڪ ۾، فرداً فرداً، قوميت جي تحريڪ هلي، ۽ مذهب کي ماڻهن جي وچ ۾ اختلاف جو سبب بنائڻ جي مخالفت ڪئي وئي. ان ۾ شاعر ۽ اهل قلم سڀ کان پيش پيش هئا. مصر جي هڪ شاعر ’شوقي‘ جنهن کي ’امير الشعراءِ‘ جو لقب ڏنو ويو هو، هڪ ڀيري مصرين کي مخاطب ٿيندي، پنهنجو هيءُ شعر پڙهيو هو:
    ’موجوده دَور، جيڪو هاڻي شروع ٿي رهيو آهي، سو تمام خير ۽ برڪت جو دور آهي؛ ان کان محمد صلي الله عليه وسلم به پنهنجيءَ لحد ۾ خوش آهي، ۽ مسيح عليه السلام به پنهنجيءَ جاءِ تي مطمئن آهي. اي ’نيل‘ جا فرزند! سڀ کان پهرين تون مصري بڻج، ان کان پوءِ وڻيئي ته تون مسلمان ٿي، ۽ وڻيئي ته قبطي!‘
    محمود ابوالوفا، جنهن جا شعر شروع ۾ ڏنا ويا آهن، پنهنجي هڪ قصيدي ۾ چوي ٿو:
    بَارڪَ الله فِيڪِ يَا مِصر دارا،
    لَيسَ فِيڪ الغَريِب عَن اَوطانِـﮣ،
    وَطَنءََ ڪُلـﮣ، هُديء و سلامءٌ،
    جَرَس نَاقُوسِـﮣ و صَوتُ اذانـﮣ.

    (اي مصر، تو تي الله جي برڪت هجي! تو ۾ ڪو پرڏيهي به پاڻ کي اوپرو نٿو محسوس ڪري. تون اهڙو وطن آهين، جو ان ۾ گرجا جي گهنڊ جي صدا ۽ اذان جو آواز، ٻئي سرتاپا هدايت ۽ سلامتي آهن!)
    1931ع جي ڳالهه آهي: مصر ۾ ڪن مسلمان ٻارن کي امريڪي مبلغن، ريب فريب سان عيسائي بنائي ڇڏيو. جڏهن اها ڳالهه کُلِي، ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ٽاڪوڙو پئجي ويو، ۽ عيسائين جي خلاف مسلمان عوام جا جذبات ڀڙڪي اٿيا. اهو نهايت ئي نازڪ موقعو هو. ٿورڙي ئي بي احتياطيءَ سان، مصر جي مسلمانن ۽ عيسائين ۾ خونريز تصادم ٿي سگهيو ٿي، جنهن مان قومي وحدت کي سخت نقصان پهچي ها، ۽ انگريز ان مان خوب فائدو وٺي ها. انهيءَ موقعي تي شاعر ۽ اديب اڳتي وڌيا. بجاءِ اُن جي، جو هو پنهنجي هم قوم عيسائين کي سندن روش تي نندين ها، هنن نهايت بردباريءَ سان پنهنجي احتجاج جو رخ غير ملڪي غاصبن ڏانهن موڙي ڇڏيو. هڪ شاعر محمود غنيم، انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي، چوي ٿو:
    ’اسان جي ملڪ ۾، (حضرت) ’مسيح‘ ۽ (حضرت) ’مريم‘ جي نالي جي آڙ وٺي، هڪ تمام وڏو خطرو پيهي آيو آهي. آءٌ ڊڄان ٿو ته ان منجهان متان اسان جي وچ ۾ جيڪو محبت جو رشتو آهي، اهو ٽٽي پوي! ياد رکو، جنهن مصر سان غداري ڪئي، ان ڄڻ ’احمد‘ (صلي الله عليه وسلم) ۽ ’مسيح‘ (عليه السلام) ٻنهي سان غداري ڪئي!‘
    پنهنجي انهيءَ ڊگهي قصيدي ۾، اڳتي هلي، شاعر چوي ٿو:
    ’ماڻهن کي پنهنجي عقيدن تي ڇڏي ڏيو، اُهي جيڪڏهن بُت کي پوڄڻ ٿا گُهرن، ته پوڄڻ ڏيو. حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جو دين، احمد (عليه الصلواة والسلام) جي دين وانگي ڏوهه ڪندڙن جي پٺڀرائي نٿو ڪري. جيڪو به شخص بيت المقدس ۾ خلوص ۽ عقيدت سان حاضر ٿئي، ۽ جيڪو مڪي ۾ احرام ٻڌي ٻئي برابر آهن!‘
    ان کان پوءِ، شاعر فتنيبازن کي مخاطب ڪندي، هيئن ٿو چوي:
    ’ڇا اوهين هن وقت پٺتي موٽڻ ٿا چاهيو؟ جڏهن زمانو گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي، ۽ تعصب جي دوَر جا رهيا کهيا پاڇولا به گم ٿي چڪا آهن! انهيءَ اوندهه سان ڀريل زماني کي هاڻي قبر مان ٻيهر ٻاهر نه ڪڍو. جڏهن ته مذهب جي نالي سان خدا تعاليٰ کي ورڇي ورهائي ڇڏيو ويو آهي ۽ ’صليب‘ ۽ ’هلال‘ جي نالي سان ماڻهن کي غلام بنايو پيو وڃي!... ۽ هڪ انسان کي الله اهو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته هو وڻيس ته ماڻهن سان ظلم ڪري ۽ وڻيس ته انهن سان انصاف ڪري! ۽ الله هن کي جنت عطا ڪئي آهي ته هو جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي، ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي ان کان محروم رکي. هاڻي ماڻهن جون اکيون انهيءَ انڌپڻ جي مرض کان صحتياب ٿي چڪيون آهن ۽ اڄ جي علمن، ’قضا و قدر‘ جي مڙني بيهودين ڳالهين جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي!‘
    شام جو ملڪ انهيءَ تحريڪ جو سڀ کان وڏو مرڪز هو. اتان جا شاعر ۽ اديب، شروع کان ئي علاقائي قوميت جي بدران عربي قوميت جي دعوت ڏيندا رهيا. کين انهيءَ معاملي ۾ وڏي مدد ان ڳالهه کان ملي، جو شام ۽ لبنان جا لکين باشندا، امريڪا جي گڏيل رياستن، خاص طور ڏکڻ آمريڪا ۾ وڃي لڏي ويٺا آهن. اتي انهن جون ڪيتريون ئي روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون ۽ ماهوار رسالا آهن، بلڪ هاڻي ته اتي جي عربي ادب ۾، آمريڪي-عربي ادب جو هڪ خاص مڪتب فڪر وجود ۾ اچي ويو آهي. نئين دنيا جي انهيءَ ادبي اسڪول جي سڀ کان نمايان خصوصيت آهي ان جي عربيت ۽ قوميت، جنهن جو اثر شام ۽ لبنان جي اديبن ۽ شاعرن تي پڻ پئجي رهيو آهي.
    عراق ۾ شيعا سني اختلافن کي هوا ڏيڻ لاءِ برطانوي سامراج پنهنجون خفيه ڪوششون برابر جاري رکندو آيو. آزادي چاهيندڙ ۽ محب وطن عراقين ان جو اُپاءُ عراقي ۽ عربي قوميت ۾ ڳوليو. عراق جي عربي شاعريءَ ۾ ڏاڍو زور ۽ اثر آهي ۽ ان جو محبوب ترين موضوع اهو ئي قوميت ۽ عربيت آهي. تازو ئي عراق ۾ هڪ تمام وڏو شاعر
    ’جميل الزهاري‘ ٿي گذريو آهي، هو سڄي ڄمار ڏاڍي جوش ۽ گداز ۾ ’ليلى‘ جا گيت ڳائيندو رهيو، ان جي اها ليلى ’عراق‘ هو. هڪ دفعي کيس جلا وطن ڪيو ويو، جلا وطنيءَ جي حالت ۾ ليلى جو ذڪر ڪندي ’الزهاري‘ چوي ٿو.
    زڪرت مواطني و ذڪرت الهي
    و ليلى والصبابة و الشباب
    وَ لو اَني رجعت الى بلادي
    لقبلت المنازل والرابا

    [مون جلا وطنيءَ ۾ پنهنجي وطن وارن ۽ عزيزن کي ياد ڪيو ۽ ’ليلى‘ پنهنجي ننڍپڻ ۽ پنهنجي جوانيءَ کي ياد ڪيم. جيڪڏهن آءُ هاڻي پنهنجي وطن وريس، ته آءٌ ان جي ڀتين ۽ ان جي مٽيءَ کي چمندس!]
    ’الزهاري‘، عورتن جي آزاديءَ جو حامي هو، هو ان باري ۾ پنهنجيءَ قوم کي سدائين اتاترڪ جي نقش قدم تي هلڻ جي تلقين ڪندو رهيو. هن رجعت پسنديءَ ۽ توهمن پرستيءَ جي خلاف مسلسل جهاد ڪيو. هن جي ڪجهه شعرن جو ترجمو ٻڌو:
    ”غصي ۽ نفرت سان ڀريل انسان جيان، پراڻين عادتن جي مخالفت ڪرڻ لاءِ اٿو: اٿو، ۽ بغاوت ڪريو – قضا ۽ قدر جي خلاف به بغاوت ڪريو! پنهنجي مقصدن جي طرف جرئت سان وک وڌايو، انهيءَ سيلاب جيان، انهيءَ تيز ۽ تکي طوفان جيان، جو وڌندو ئي رهندو آهي!دنيا ۾ ڪاميابي هڪ جراتمند ۽ مضبوط دل واري لاءِ آهي ۽ ڪمزور جي لاءِ تباهي آهي، تباهي ۽ تباهي!
    ”اي ضعيف ٻڍڙؤ! اوهين لڙائيءَ جي لائق نه آهيو، پٺتي هٽي وڃو... ۽ اي جوانو! اڳتي وڌو، جلد اڳتي وڌو! اوهين هر انڌي عقيدي جي زنجير کان آزاد ٿي وڃو، جنهن ۾ راهه تي هلڻ واري لاءِ ڪابه هدايت ڪانهي!
    ”ڇا اها عجب جي ڳالهه نه آهي، جو جيڪو بيهودن ڀرمن ۽ ويساهه ۾ نه ايندڙ ڳالهين تي قناعت ڪري، اهو ته ’مومن‘ ۽ جيڪو انهن تي شڪ ڪري، اهو ’ڪافر‘ ڪري ڄاتو وڃي ۽ مرڻ کانپوءَ آخر ۾ ’جاهل‘ کي جنت ۾ پهچايو وڃي، جتي نعمتون هجن، ۽ عالم کي باهه جي آڙاهه ۾ اڇلايو وڃي!“
    عرب علاقائي قوميت تي هاڻي اڳي جيترو زور نه ٿو ڏنو وڃي، پر ان کان انڪار هن وقت به ڪينهي: عراقي اڃا به ’عراقي‘ آهي، مصري به پنهنجو پاڻ کي ’مصري‘ ٿو سڏائي. پر مصر جي تازي انقلاب کانپوءِ، جمال عبالناصر جي نئين ملڪي دستور ۾، مصر کي
    ”جزو من الامة العربية“ (عرب امت جو جزو) ٺهرايو ويو آهي ۽ اهڙيءَ طرح عراق، سعودي عرب، شام وغيره ملڪ به پنهنجو پاڻ کي ’عربي امت جو جزو‘ چون ۽ چوائين ٿا. عراق جو ’بغداد ريڊيو‘ ۽ اتي جون اخبارون پنهنجي عربيت جي سڀني کان وڌيڪ پروپئگنڊا ڪن ٿا. ايتريقدر جو هو انهيءَ شوق ۾ اها شڪايت ڪن ٿا ته ”ناصر ۽ ان جو مصر، عربي قوميت جي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن ۽ اهو صرف عراق ئي آهي، جنهن عربيت کي ڦهلائن لاءِ ايتري ڪوشش ورتي آهي!“ مطلب ته جيسيتائين ’عربيت‘ جي نصب العين ۽ آئيڊيالاجيءَ جو تعلق آهي، سڀني جو اُن تي پوريءَ طرح سان اتفاق آهي.
    بيشڪ عرب ملڪن، عربيت ۽ عربي قوم جي آئيڊيالاجيءَ کي عملي طرح پنهنجو بڻائي ورتو آهي. قاهرا ريڊيو جي
    ’صوت العرب‘ پروگرام وانگي، بغداد ريڊيو به انهيءَ عربيت جا سر آلاپڻ ۾ اڳرو آهي. ليڪن جيئن مٿي اشارو ڪيو ويو آهي، انهيءَ آئيڊيالاجيءَ اڃا پنهنجي آخري ۽ مڪمل شڪل اختيار ڪانه ڪئي آهي ۽ انگريزي محاوري مطابق اها اڃا ‘Melting Pot’ ۾ آهي.
    سوال هي آهي ته انهيءَ عربيت جي سياسي ۽ معاشي شڪل ڪهڙي ٿيندي؟ عربيت جي آئيڊيالاجيءَ جي لاءِ اهو سوال نهايت ئي اهم، بلڪ اڄڪلهه جي حالتن ۾ بنياي حيثيت رکي ٿو ۽ عربيت توڙي عربن جي مستقبل جو سمورو دارومدار انهيءَ سوال تي آهي. هن وقت صورتحال اها آهي، جو آفريڪا جي عرب ملڪن کي ڇڏي خود مشرق جي عرب ملڪن جي سياسي ۽ معاشي نظامن جو پاڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هڪ طرف مصر ۽ شام جا ملڪ آهن، جتي جمهوريت سان گڏوگڏ اشتراڪيت جو معاشي نظام به اڀري رهيو آهي ۽ وڏيون وڏيون زمينداريون ختم ٿي ۽ وراهجي رهيون آهن. عرق ۽ لبنان م پارليامينٽري نظام ته آهي، پر اڌوراڻو. ٻئي طرف سعودي عرب ۾ صرف سعودي خاندان جي حڪومت آهي. ملڪ جي سموري دولت ان جي آهي. نه اتي موجوده معنائن ۾ حڪومت جو ڪو دستور آهي، نه حڪومت ڪنهن جي اڳيان جوابدار آهي ۽ نه ان کان ڪو ان باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري سگهي ٿو. سعودي عوام کي عملي توڙي اصولي طرح حڪومت جي ڪار وهنوار ۾ دخل ڏيڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي. بس بادشاهه آهي، ان جو خاندان آهي ۽ ملڪ سعودي عريبيه، هو ملڪ جي دولت کي جيئن وڻيس تيئن صرف ڪري، ڪير به ان تي اعتراض نه ٿو ڪري سگهي. وري تيل جي پيدائش سبب، ملڪ جي دولت جي ڪا حد ۽ حساب ڪونهي. ساڳي حالت وري يمن ۽ يمن جي حاڪم امام جي آهي. پر هڪ ته اهو ملڪ ننڍو آهي ۽ ٻيو ته اهو بيحد غريب ملڪ آهي.
    هاڻي ڏسڻو هي آهي ته اهي عرب ملڪ، سياسي ۽ معاشي لحاظ کان ڪهڙو ٿا رستو اختيار ڪن، ڇا انهن جي عربيت جي هيءَ آئيڊيالاجي سياسي ۽ معاشي معاملن ۾ ان طرح مبهم ۽ غير معين رهندي، يا انهيءَ معاملي ۾ هو اسلام جي صحيح روح کي، جيڪو سياسي ۽ معاشي انصاف تي مبني آهي، پنهنجي عمل جو آئينو بڻائيندا؟ حالت اها آهي، جو ڪي عرب ملڪ اڄ معاشي نا همواري ۽ سياسي زبردستين جو بدترين مثال بڻيل آهي. جتي جيڪڏهن هڪ طرف لکين خدا جا بندا بکيا ۽ اگهاڙا آهن، تي ٻي طرف ڪي چند ماڻهو ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل محلاتن ۾ رهن ٿا. عوام جي حالت ڍورن کان به بدترين آهي، سياسي آزاديءَ جو ته نالو نشان ئي ڪونه آهي.
    اهي معاشي ظلم ۽ سياسي زبردستيون گهڻو وقت نه هلي سگهندا، عرب دانشورن کي هاڻي يا پوءِ ان جو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ’عربيت‘، سياسي آزادي ۽ معاشي انصاف کي نه اختيار ڪيو ۽ عوام جي حقيقي بهبوديءَ ۽ انهن جي آزاد مرضيءَ تي حڪومتن جو بنياد نه ڄمايو، ته پوءِ اڳتي هلي انهن کي اسرائيل کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ خود پنهنجن ئي اندروني خطرن جو مقابلو اڳيان ايندو .
    -


    ادب ڇا آهي؟

    اي. ڪي. بروهي
    سنڌيڪار: سراج
    ادب ڇا آهي؟

    ادبي تنقيد جي تاريخ هڪ اهڙو بار آور مطالعو آهي، جنهن مان جدا جدا نقادن جا مختلف ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ متضاد رايا معلوم ڪري سگهجن ٿا. هر دور جي نقادن ’ادب يا ساهت ڇا آهي‘ جي سوال تي هميشه غور و فڪر پئي ڪيو آهي، ۽ ان سوال جي ڪنهن قدر خاطر خواهه جواب ڏيڻ جون پڻ ڪوششون پئي ڪيون اٿن. جن شخصن ’ادب‘ جي مفهوم ۽ مقصد تي ڳُوڙهو فڪر ڪيو آهي، اُنهن کي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي ته انهيءَ سوال جي ڇنڊڇاڻ ۾ جيڪي نُڪتا پيدا ٿين ٿا ۽ مسئلا اڀرن ٿا، سي ڪافي اهميت رکن ٿا؛ ۽ جيستائين ڪو شخص انهن نُڪتن ۽ مسئلن جو ويهي سائنسي اصولن پٽاندر تجزيو نه ڪندو، تيستائين هن لاءِ مٿئين بنيادي مسئلي جي ڪنهن اطمينان جوڳي جواب تائين پهچڻ ممڪن نه ٿي سگهندو. هت منهنجو مقصد اهو ڪونهي ته آءٌ ’ادب‘ جي انهن سمورين وصفن تي تبصرو ڪريان، جيڪي اسان جي ڪن مشهور ادبي نقادن وقت بوقت پئي پيش ڪيون آهن. آءٌ هت جيڪي ڪجهه چوڻ گهران ٿو، سو فقط هيءُ آهي ته جن تحريرن کي حقيقتاً ’ادب‘ يا ’ساهت‘ سڏي سگهجي ٿو، تن جون منهنجيءَ راءِ موجب مکيه خصوصيتون ڪهڙيون آهن.
    سڀ کان اول اها ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته ادب ۾ ’موضوع‘ جهڙي ڪا شيءِ ٿئي ئي ڪا نه، حقيقت ۾، هر ڪا اها چيز جنهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکي سگهجي، سا هر طرح ادب جو موضوع بنجي سگهي ٿي، جيئن چيو ويو آهي ته ’هڪ ڪٽ چڙهيل ڪوڪي‘ کان وٺي ويندي ’خدا‘ تائين هر ڪا ڳالهه ادبي ڪاوش جو موضوع بنجي سگهي ٿي. آرٿر ڪئلر ڪؤچ لکي ٿو ته ادب جا موضوع ته اڪيچار آهن. جي ’انسان جو بهشت مان تڙجڻ‘ (1)• انگريزي ادب جو موضوع رهي چڪو آهي، ته ’آئرلئنڊ جي ٽامي جا سڪا‘، (2) پڻ ادب جو موضوع ٿي رهيو آهي؛ ساڳيءَ طرح ’پڪل سوئر‘، (3) ۽ ’مقدس موت‘، (4) به ادب جا موضوع ٿي چڪا آهن؛ ان طرح، ’مسٽر پيپيءَ جي ناپاڪ زندگي‘ کي جيڪڏهن موضوع بنايو ويو، ته ساڳيءَ طرح ’پادرين جي سياست‘ (1) ’مڇين جو شڪار‘، (2) ’قومن جي دولت‘، (3) پاڪيزگي ۽ حسن‘، (4) سلطنت روما جو زوال‘، (5) ’انعامي لڙائيون‘، (6) يوناني مقدس برتن‘، (7) ’جديد مصور‘، (8) ’ٻالڪپڻ ۾ بداخلاقيءَ جا اهڃاڻ‘، (9) ’گڏهه سان مسافريون‘، (10) ٻهراڙيءَ جون سواريون‘ ۽ (11) ’نامنظور ٿيل تقريرون‘، (12) اهي سمورا انگريزي ادب جا موضوع ٿي رهيا آهن. انساني سازشون ۽ منصوبا، جهڙوڪ ’آٿيلو‘ (13) ۽ ’بدمعاشيءَ جو اسڪول‘، (14) به موضوع رهي چڪا آهن. ڪيترين شخصيتن، جهڙوڪ پراميٿئس، ڊاڪٽر جانسن، اموجن ۽ مال فلنڊرس، پيئرس دي پلومئن ۽ مسٽر پڪو ڪِ. جا نالا به ادب جو موضوع بنيا آهن؛ ۽ جاين جڳهين، ’خيالي رياست‘، (15) ’ڪرئنفورڊ‘، ’لئپوٽا‘، ۽ ’ريڊنگ گرل‘، کي پڻ موضوع طور استعمال ڪيو ويو آهي؛ ’ايپيسائڪيڊئن‘ به ادب آهي، ’هڪ ٽَب جي ڪهاڻي‘، (16) به ادب آهي. ان ڪري، ڪنهن خاص موضوع جي لاڳاپي سان ادب جي جامع تعريف ڪري سگهڻ ممڪن نه آهي. انسان جا سمورا ’خيال‘، ’جذبا‘ ۽ ’مسرتون‘ يا ٿوري ۾ کڻي چئجي ته ’جيڪي ڪجهه انسان جي روح يا جسم جي مشغلن سان تعلق رکي ٿو.‘ ان کي ادب جو موضوع تصور ڪري سگهجي ٿو، پر اتي هڪ ڳالهه غور طلب آهي ته هر ڪا لکيت ادب نه آهي. ان ڪري، سوال ٿو اٿي ته اسين ادبي ۽ غير ادبي تحريرن جو فرق ڪهڙيءَ طرح قائم ڪري ٿا سگهون؟
    ادب جي نظريي کي جامع نموني ۾ سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان جي ٻوليءَ بابت ڪن عام حقيقتن جو اڀياس ڪجي. سڀ کان اول اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته انساني ٻولي به هڪ سماجي پيداوار آهي. علم اللسان جي ماهرن ۾، انساني ٻوليءَ جي وجود ۾ اچڻ ۽ ان جي ارتقا جي سببن متعلق فلسفيانه دليلن ۽ تجربي بابت کڻي ڪيترا به اختلاف هجن، پر انهن مان سڀ کان اهم سبب، جنهن تي سمورا ماهر يڪراءِ ۽ متفق آهن، هي آهي ته ’جڏهن اسان منجهه پنهنجن ذات ڀائين، يعني انسانن کي اطلاع ڏيڻ يا خبر ڏيڻ، وٺڻ جي خواهش پيدا ٿي، تڏهن ئي خبر پهچائڻ جو اهو ذريعو يعني انساني ٻولي وجود ۾ آئي.‘ ٻولي محض ڪن شين جي خاصيتن بيان ڪرڻ يا سندن باهمي لاڳاپن ظاهر ڪرڻ جو ذريعو نه آهي. ٻولي هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن کي زندگيءَ خاص انهيءَ مقصد سان وجود ۾ آندو آهي ته ان جي مدد سان انسان اهڙن ٻين شخصن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي، جيڪي ’ڪُل انساني ماحول‘ سبب محض اهو آهي ته اسان وٽ ائين ڪرڻ جا مددگار اسباب ئي موجود ڪين آهن. اسين پنهنجي رواجي مشاهدي جي قوتن جي طفيل جيڪي ڪجهه ڏسي سگهون ٿا، عظيم ادب ان کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو.
    شايد اهو ئي سبب آهي، جو ادب جي صنفن مان هڪڙيءَ صنف جو نالو ’ناول‘ (يعني ڪا انوکي شيءِ) رکيو ويو. ’ناول‘ انهيءَ قسم جي تحرير کي سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ انسان جي تصوراتي ماحول کي چِٽيو ويو هجي. جيستائين رواجي ڳالهين کان الڳ ڪا انوکي چيز موجود ئي نه هوندي، تيسين ٻين جي فائدي لاءِ ان جي اطلاع ڏيڻ جي ڪا ضرورت ئي پيدا ڪانه ٿيندي. انهن سمورين حالتن ۾، جڏهن به همڪلامي پيدا ٿيندي آهي، تڏهن لازمي طرح اها زندگيءَ جي ڪنهن بنيادي مقصد لاءِ هوندي آهي؛ ۽ اهو مقصد، جيئن مون مٿي چيو آهي، صرف هيءُ آهي ته ان جي طفيل زندگيءَ ۾ اشتراڪِ عمل پيدا ڪرڻ جي خواهش جي تڪميل ٿئي، ۽ سموريون انساني قوتون هڪ ئي عام ۽ مشترڪ مقصد لاءِ ڪم آنديون وڃن.
    شاعرن ۽ پيغمبرن جا زباني گفتا بيحد جذباتي هوندا آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو اهي اسان کي ايترو متاثر ڪن ٿا، پر انهيءَ مان اهو مقصد نه سمجهڻ گهرجي ته هنن اهي گفتا يا فقرا ٻڌندڙن کي محض جذباتي طرح متاثر ڪرڻ لاءِ ويهي گهڙيا هئا. هنن اظهار جو اهو طريقو ان لاءِ اختيار ڪيو، جو وٽن ڪو ٻيو رستو ئي ڪو نه هو: زندگيءَ جي ڳُوڙهين حقيقتن سان هو ايترو ته لبالب ڀريل هئا، جو هنن کي انهيءَ کان سبڪدوش ٿيڻ لازمي هو. هنن جي بيان جي طرز ۽ اسلوب جو حسن سندن جذبات جي گهرائي ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ جو نتيجو آهي.
    جيڪڏهن منهنجو اهو رايو صحيح آهي ته اسان جي همڪلام ٿيڻ جي ضرورت جي پيدا ٿيڻ جو بنيادي سبب اسان جي پنهنجي ماحول جي ئي ڪنهن چيز جي انوکي هجڻ جو احساس آهي، ته پوءِ ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته ’ادب‘ فقط انهيءَ تحرير کي سڏي سگهجي ٿو، جا ظاهر ظهور اسان جي احساس ۽ مشاهدي جي قوتن جي ارتقا کي متاثر ڪري ٿي. ادب کي زندگيءَ جي تجربن جو يادگار رڪارڊ به محض انهيءَ ڪري سڏجي ٿو، جو ان جو سڌو سنئون تعلق زندگيءَ جي انوکين ۽ نادر حالتن کي بيان ڪرڻ يا نقش ڪرڻ سان آهي، انهيءَ صورت ۾ ئي ڪنهن فنڪار جي تخليق، حقيقتاً ڪنهن انوکي مشاهدي جي ترجماني هوندي آهي. اسان جي بلڪل رواجي تجربن کي نيون معنائون ۽ نوان مفهوم بخشڻ به، هڪ طرح، انهن تجربن ۽ حالتن کي غير معمولي ۽ انوکي بنائڻ جي برابر آهي. انسانذات جو اعتقادي ادب، جنهن جو مقصد صرف اهو هوندو آهي ته انسان پنهنجي باطني تجربن جو اظهار ڪري، سو پڻ ادب جي انهيءَ وصف سان ٺهڪي ٿو اچي. اهو ان ڪري جو ان جو لکندڙ پنهنجي وجود ۽ پنهنجي خالق جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو محسوس ڪري ٿو، ان کي ڪا ٺوس ۽ قابل احساس شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن جا باطني تجربا هن جي پنهنجي نجي دليل جو هڪ حصو آهن، پر هن جي فن جي مهربانيءَ طفيل اهي ٻين تائين پهچڻ لڳن ٿا. اهي چيزون ٻين لاءِ بلڪل انوکيون ۽ عجيب چيزون آهن، جن کي ذاتي طرح انهن تجربن جو ڪو احساس ڪونهي. بهرحال، هن قسم جي ادب جو مقصد به اهو ساڳيو ئي آهي، جيڪو هر قسم جي اعليٰ شعر، فلسفي يا ناٽڪن جو هوندو آهي. هر حالت ۾، فنڪار اسان جو ڌيان اهڙين ڳالهين لاءِ ڇڪائي ٿو، جيڪي اسان لاءِ غير معمولي ۽ غير رواجي آهن، ته جيئن زندگيءَ جي اهم فرضن کي پوري ڪرڻ لاءِ هر هڪ انسان کي انهن ڳالهين جي وجود جو احساس ٿئي، ۽ انهن کي پنهنجي فهم ۽ عقل سان ڇنڊي ڇاڻي، زندگيءَ جي عظيم مقصدن جي تڪميل لاءِ ضروري عمل تشڪيل ڪري.
    مٿيون تجزيو ڏيکاري ٿو ته ادب جو پيدا ٿيڻ ۽ وڌڻ فقط هڪ ردعمل آهي، يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي احساس ۽ مشاهدي جي قوتن جي ئي هڪ لازمي صورت آهي. جيڪڏهن ڪنهن چيز جي ’اظهار‘ جي گنجائش نه هوندي، ته ادب پيدا ٿي ئي نه سگهندو. جيسين ڪو شخص انهن پردن کي نه هٽائيندو جيڪي ڪنهن اسرار کي ڍڪيو بيٺا آهن، تيسين هو ڪڏهن به ادبي فنڪار بنجي ڪين سگهندو.
    اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي زندگي ٻن اسرارن جي هڪ دنيا آهي، هڪڙو ته اسان جي طبعي وجود جو اسرار آهي، جنهن ۾ هيءَ مادي دنيا ۽ ان جون ڦيريون گهيريون، موسمن جون تبديليون، ڏينهن، رات جي مٽاسٽا ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون سمايل آهن، ۽ ٻيو اسان جو اندروني يا باطني اسرار آهي، جنهن ۾ اسان جون ذهني تحريڪون، اسان جا خيال، اسان جا تصور، اسان جون اميدون ۽ اسان جا ڊپ ڊاوَ سمايل آهن. اسان جي شعور جي مشعل انهن اندروني توڙي ٻاهرين دنيائن جي بي پناهه ڪنارن تي چوڌاري شعاع اُڇليندي ٿي رهي، اهي دنيائون، جن ۾ اسين ٿڪل ٽٽل مسافرن وانگر رڙهندا ٿا رهون. جڏهن اسين ڪنهن ڏورانهين تاري ڏانهن نهاريون ٿا، ۽ ان جي بناوت تي عجب کائڻ ٿا لڳو، تڏهن ائين چوڻ صحيح نه ٿيندو ته اها ڪا اسان جي اندر جي ’روشني‘ آهي، جنهن اسرار جي ٻاهرينءَ دنيا جي ڪنهن حصي کي اسان لاءِ کولي روشن ڪري ڇڏيو آهي؛ پر جڏهن، ويچار، ساگر ۾ وَهندي، آءٌ پنهنجين ذهني قوتن تي سوچڻ لڳان ٿو، يا انهيءَ ترتيب تي ويچارڻ لڳان ٿو، جا منهنجن خوابن کي وجود ۾ آڻي ٿي ۽ جنهن ذريعي انهن ۾ مختلف عڪسن جو تاڃي پيٽو ٺهڻ لڳي ٿو، تڏهن، ڇا، اهو منهنجو شعور نه آهي، جو منهنجي وجود جي اندرين قوتن کي روشن ڪري ٿو؟ جيڪڏهن انهن ٻاهرين ۽ اندرين دنيائن جي سير ڪندي، مون کي ڪا اهڙي چيز ملي وڃي ٿي، جا غير معمولي آهي، يا آءٌ ڪن شين جي ڪن نين معنائن کي وڃي ٿو ڳولي ڪڍان، يا ٻاهرينءَ ۽ اندروني دنيائن جي باهمي لاڳاپي لاءِ ڪي مفروضا يا نظريا ٿو تيار ڪريان، تڏهن ’پنهنجن ذات، ڀاين کي پنهنجين کوجنائن ٻڌائڻ جي خواهش‘ اندروني طرح ضرور مون کي مجبور ڪندي ته آءٌ پنهنجن ساٿين کي انهن ايجادن ۾ ڀائيوار ڪريان. انهيءَ طرح ئي پاڻ ۾ گڏ گذاريندڙ انسان هڪ عالمگير زندگي گذارڻ جي عظيم مقصد جي تڪميل ڪري سگهن ٿا.
    ادب پاڪيزه فطرتن جو نپائيندڙ آهي. ’انسانيات‘• جي موضوع جي تعليم شاگردن کي عالمگير زندگيءَ جي دولت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو بهترين موقعو ڏئي ٿي. ادب جو اڀياس (منهنجي پيش ڪيل مفهوم مطابق) اسان کي تنگدليءَ ۽ تنگ نظريءَ جي چنبي مان پاڻ آزاد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ادب اسان کي انهن شخصن جي ذهني حالتن ۽ نظرين ۾ جهاتي پائڻ ۾ مدد ڪندو، جيڪي شعوري طرح اسان کان گهڻو اڳتي نڪري آيل آهن، ۽ جيڪي ’زندگيءَ جي تخليقي ارتقا‘ ۾ حصيدار ٿيڻ جا اهل آهن. هر عظيم ادب اسان کي ’سچ جي دنيا‘ سان متعارف ڪرائي ٿو، ۽ اسان کي پنهنجي روحاني مشاهدي جي قوتن کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جهڙيءَ طرح دنيا جي عظيم مصورن جي شاهڪارن کي ڏسڻ ۽ اڀياس ڪرڻ سان اسان جي شڪلين ۽ رنگن جي مشاهدي جي حِس وڌيڪ تيز ٿئي ٿي، تهڙي طرح، اهل شعور هستين سان جيڪڏهن مسلسل تعلق رکندا اينداسون، ته اسان ۾ زندگيءَ جي لڪل پهلوءَ کي ڏسي سگهڻ جي صلاحيت پيدا ٿيڻ لڳي ٿي.
    ادب کي ڪڏهن ڪڏهن ’زندگيءَ جو آئينو‘ پڻ سڏيو ويندو آهي، پر اها تشبيهه ڪجهه منجهائيندڙ ٿيو ٿي پوي. آئينو فقط هڪ موجود حقيقت جو عڪس ڏيکاريندو آهي؛ آئينو نه فقط ورتل شيءِ موٽائي ٿو ڏئي، پر فنڪار، ان جي برعڪس، ٻاهران چيزون گڏ ڪري هڪ نئين شيءِ تخليق ڪري ٿو، ۽ ان کي پنهنجي شخصيت جو رنگ ڏئي، ان جي اصلي صورت بنهه بدلائي ٿو ڇڏي. سمورو عظيم ادب تخليقي آهي. ادب جنهن شيءِ يا خيال کي لفظن ۾ آڻي ٿو، ان کي هڪ بنهه نئين حيثيت بخشيو ڇڏي. شاعر، فيلسوف يا ناٽڪ نويس جو ذهن محض هڪ عڪس اُڇليندڙ آئينو نه آهي، بلڪ اهو ته هڪ ’پِرزم‘ يا بلوري شيشو آهي، جو اصلي محرڪ کي ان جي مختلف ترڪيبي جزن ۾ ورهايو ڇڏي؛ مادي جي دنيا کي هڪ نئين شڪل ڏيو ڇڏي، ۽ معمولي ڳالهين کي نيون نيون معنائون بخشيو ڇڏي.
    سمورو فن تخليقي آهي، ۽ ادب جو پڻ مڪمل طرح هڪ فن آهي- انتهائي طرح تخليقي آهي. ادب پنهنجن پوڄارين کي شين کي اُونهي جاچڻ لاءِ هڪ ڇهين حِس عطا ڪري ٿو. اهو ’هُتان‘ ۽ ’هِتان کان اڳتي‘ جي وچ ۾ هڪ پُل مثال آهي. اها هڪ اهڙي ڏاڪڻ آهي، جنهن جي ذريعي اسين شين جي ڏٺل وائٺل دنيا مان روح جي
    غير رواجي ۽ اڻڏٺل دنيا ۾ وڃي ٿا پهچون. انهيءَ مفهوم مطابق ئي ادب جي مطالعي ڪرڻ ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ سان انسانذات کي پنهنجيءَ وحدت جو احساس ٿيڻ لڳندو. جڏهن آءٌ چيني، جپاني ۽ هندي ادب مان اوترو ئي لطف اندوز ٿيان ٿو، جيترو پنهنجي ادب مان، ته اها حقيقت ثابت ڪري ٿي ته سموري انسانذات هڪ آهي، ۽ فرق جيڪي انسانذات جي هڪ گروهه کي ٻئي گروهه کان مختلف ڪن ٿا، سي فرق حقيقي نه آهن. ساڳيءَ طرح، اها حقيقت ته رومن ۽ يوناني ادب منجهان به مون کي اهڙو ئي لطف ملي ٿو، جهڙو جديد ادب منجهان، ڏيکاري ٿي ته منهنجي ۽ انسانذات جي انهن قديم ابن ڏاڏن جي وچ ۾ هڪ روحاني رشتو آهي، ۽ اسين، جيڪي هنن جو ئي اولاد آهيون، هنن سان احساس جي وحدت ۾ ڳنڍيا پيا آهيون. انهيءَ ڪري، عالمگير ادب پڙهڻ سان دنيا جي مختلف قوميتن ۽ تهذيبن جا نمائندا اهو محسوس ڪري سگهن ٿا ته سموري انسانذات هڪ آهي؛ ۽ هي جي مفاصلي ۽ وقت جون سرحدون ۽ رنڊڪون آهن، سي ڪي اَمٽ ڪينهن، بلڪ انهن حدن ۽ رنڊڪن کي سندن ’ڪامل انسانن‘ جي شاهڪارن جي همدردانه مطالعي ۽ اڀياس سان سولائيءَ سان هٽائي سگهجي ٿو.
    [مهراڻ نمبر: 2 ۽ 3 سال 1959ع]


    ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري

    مون پنهنجي مُرڪ ۾ ماکي ڀري، دريءَ پٺيان ويٺل سنڌياڻيءَ کي چيو: ”مون کي مدراس ايڪسپريس ۾ تريچور لاءِ هڪ جڳھ کپي.“
    سنڌياڻيءَ ڀرسان وايٺل گجراتي ڪلارڪ ڏانهن نهاريو. نگاهن ئي نگاهن ۾ خبر ناهي هڪٻئي سان ڇا ڳالهايائون، پوءِ وري مون ڏانهن مهڙ ڪري، سنڌياڻيءَ رکائيءَ سان چيو: ”جڳهه ڪانهي.“
    مون چيو: ”اڄ نه آهي ته سڀان جي ئي سهين.“ ”سڀان جي به ڪانهي“ هن ڳالهايو ايئن، ڄڻ مشين ٿي ڳالهايو.
    ”پريهين جي.“
    سنڌياڻيءَ کي گجراتي ڍنگ جي چولي پيل هئي، جنهن تي آرسين جو ڀرت ٿيل هو. مون هن ڏانهن نهاريو ٿي، ته هنجي چوليءَ جي ننڍڙين ننڍڙين سوين آرسين ۾ منهنجا پاڇا پئي نچيا. سنڌياڻيءَ ساڙهي سنڀالي پاڻ ڍڪيو، وري هڪ دفعو گجراتي ڪلارڪ ڏانهن نهاريائين ۽ پوءِ چيائين: ”پريهنَ جي به ڪانهي.“
    هينئر مون پنهنجي سڀاءَ جي ڪل خوشامد پنهنجي مرڪ ۾ ڀري چيو: ”ڏس، مان پناهگير آهيان.“ سنڌياڻيءَ جي منهن تي دلچسپيءَ جي هلڪي جهلڪ نمودار ٿي، پر گجراتيءَ جي منهن ۾ گهنج پئجي ويو. سنڌياڻيءَ سوال ڪيو...
    ”سنڌي آهين؟“
    مون هڪدم جواب ڏنو: ”نه“
    ”نه بنگالي آهين.“
    ”نه“
    ”پنجابي...“
    ”نه“
    سنڌياڻيءَ هينئر خفي ٿي چيو: ”تڏهن ڪٿان آيو آهين؟“
    ”بمبئي جوئي آهيان، پر گهر مان هڪالي ڪڍيو ويو آهيان. مون ڏانهن چئن مهينن جي مسواڙ رهيل هئي.“
    سنڌياڻيءَ هينئر چيو: ”ڏس مسٽر، هيءَ مذاق جي جڳهه نه آهي، ويهين تاريخ تائين ڪابه جڳهه خالي ڪانهي، باقي معمولي سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ کپيئي ته سامهون دريءَ تان پڇا ڪر، شايد ملي وڃيئي.“
    ايڏي لنبي چوڙي تقرير بعد سنڌياڻي ايئن سهڪڻ لڳي، ڄڻ هماليه جي چوٽي چڙهي آئي هئي. مان سامهون ٻيءَ دريءَ ڏانهن وڌيس.
    سامهون ٻيءَ دريءَ تي هڪ تمام سهڻي مرهٽياڻي ويٺي هئي. پيشانيءَ تي چمڪندڙ ٽڪلو گول گول سفيد مکڙو! مون کي دريءَ ڏانهن وڌندو ڏسي موتين جهڙا ڏند ڏيکاري، پنهنجي خاص انداز سان مرڪي چيائين: ”اڄ ته ڪابه جڳهه ڪانهي.“
    ”سڀان؟“ مون رکائيءَ سان سوال ڪيو.
    هن ڏاڍي موهيندڙ نموني ۾ چيو: ”سڀان به ڪانهي.“ ڄڻ ته مون تي احسان ٿي ڪيائين.
    ”پريهن؟“ مون ذرا ترشيءَ وچان پڇيو.
    ”پريهن ڇا، ٻاويهين تاريخ تائين ڪانهي.“ هن اڃا به مشڪي چيو، هن جي مرڪ اهڙي ته مٺي هئي، جيڪر مانيءَ تي ٻرڪي کائي ڇڏجي. پر مون کي اُن وقت مانيءَ جي بک ڪانه هئي، مون کي سيٽ گهربل هئي. آءٌ هڪدم ڊويزنل ٽرئفڪ مئنيجر وٽ وڃي پهتس.
    ڊويزنل ٽرئفڪ مئنيجر هڪ مرهٽي سردار وانگر ڏاڍي مضبوطيءَ سان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هن جي گنجيءَ ٺوڙهه مٿان بجليءَ جو بلب پئي چمڪيو ۽ اُن جي روشني سندس گنجي ٺوڙهه تي چمڪي اُن جي چوڌاري چڪر ٻڌي ڇڏيو هو، جيئن اَوِتارن ۽ پيغمبرن جي تصويرن ۾ اُنهن جي سِرن جي چوڌاري نور جو چڪر ڏسبو آهي. آءٌ هن جي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
    ”مونکي اڄ ڪيئن به تريچور وڃڻو آهي.“
    ”ڀلي وڃو.“
    ”مگر جڳهه نه ٿي ملي.“
    هن بيڪسيءَ مان ٻانهون پکيڙي چيو: ”ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
    مون چيومانس: ”ڳالهه فقط هيءَ آهي ته سڀاڻي تريچور ۾ ڏکڻ هندستان جي بهترين اديبن جي هڪ ڪانفرنس ٿيڻي آهي، جنهن جو مان صدر آهيان. جيڪڏهن مان اڄ هتان روانو نه ٿيندس ته هو ويچارا بيحد نا اميد ٿيندا.“
    مرهٽي سردار رڙ ڪري چيو: ”پٽيوالا!“
    پٽيوالو اندر آيو.
    ”هيڊ ڪلارڪ کي سڏي وٺ.“
    هيڊ ڪلارڪ اندر آيو.
    ”هن جنٽلمين کي مدراس ايڪسپريس ۾ هڪ جڳهه ڏيو.“
    ”جڳهه نه، برٿ (بينچ)، ٻن ڏينهن ٻن راتين جو سفر آهي.“
    ”برٿ ڏيوس.“ مئنيجر ڪڙڪي سان چيو.
    هيڊ ڪلارڪ پنهنجي چوچين اکين سان هڪ دفعو مون ڏانهن نهاريو. پوءِ چيائين: ”حاضر سائين.“
    ٻاهر نڪري هيڊ ڪلارڪ مون کي هڪ ڪاغظ جو پرزو ڏنو ۽ چيائين ته: ”ٽڪيٽن واريءَ دريءَ تي کڻي وڃو، اوهان جو ڪم ٿي ويندو.“
    مان وري جڏهن سنڌياڻيءَ واري دريءَ وٽ پهتس ته گجراتي ڪلارڪ گهٻرايل چهري سان هنجي ڪن ۾ آهستي چئي رهيو هو: ”هن سيٺ جورزرويشن لاءِ فون آيو هو.“
    مونکي پنهنجي سامهون بيٺل ڏسي سنڌياڻي بيحد خفي ٿي چيو: ”مون جڏهن توکي هڪ دفعو چيو ته...“
    مون هن کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ هڪدم هيڊ ڪلارڪ وارو پرزو کڻي هن جي اڳيان رکيم. پوءِ حسين مرهٽياڻيءَ کي کيڪاري چيم: ”جڳهه ته ملي ويئي. هاڻي رات جي کاڌي لاءِ هڪ تار ته موڪلي ڏج.“
    هن جي سويل واري مرڪ گم ٿي ويئي ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين. سنڌياڻيءَ پرزو ڏسي حيرت ۾ سوال ڪيو: ”توکي جڳهه ڪئن ملي ويئي؟“
    حيران ته آءٌ پاڻ به هوس، پر چپ رهيس. ڄڻ اُن ۾ به ڪو سرڪاري راز هو. هو به سچ پچ سرڪاري راز، ويچاري ٽرئفڪ مئنيجر الائي ڇا سمجهيو، ته مان ڪهڙن اديبن جي ڪانفرنس جو صدر بڻجڻ ٿو وڃان، مگر جيڪڏهن هن کي خبر هجي ها ته مان ترقي پسند اديبن جي ڪانفرنس ۾ ٿو وڃان، ته مدراس ايڪسپريس ته پري رهي، بار گاڏيءَ ۾ به جڳهه ڪانه ڏئي ها. خاص ڪري هينئر جڏهن ٻڌجي ٿو ته سڀني صوبائي سرڪارين وٽ انهيءَ قسم جون هدايتون اچي ويون آهن ته ترقي پسند اديبن تي خاص نگاهه رکو ۽ انهيءَ هدايت موجب ڪو به سرڪاري ملازم ترقي پسند اديبن جي جماعت جو ميمبر ٿي نٿو سگهي، سواءِ سي. آءِ. ڊيءَ جي.
    جڏهن ٽڪيٽ جو ڪم ختم ٿيو، ته مون واچ ڏانهن ڏٺو. اڃا هڪ لڳو هو، گاڏي ٻين بجي ڇٽڻي هئي. مان به چپ چاپ گاڏيءَ ۾ وڃي جڳهه تي بسترو لڳائي سمهڻ جي نيت سان ليٽي پيس.
    رات جو اَٺين بجي هڪ مسافر مون کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪيو. جنهن اسٽيشن تي مون کاڌي لاءِ تار ڏني هئي، اُها اچي ويئي هئي ۽ هوٽل جو ماڻهو ٽفن کڻي حاضر بيٺو هو. اڄ مون کي پهريون دفعو ڏکڻ هندستان جي نج کاڌي کائڻ جو موقعو مليو. پهرئين پڙ ۾ چٽڻي، ٽماٽن جي سوپ جهڙي کٽي، پوءِ ٻوڙ جنهن ۾ دال ۽ دنيا جون سڀ ڀاڄيون پيل هيون. پوءِ ٻن قسمن جا ڏڌ، پڇاڙيءَ واري پڙ ۾ چانور ۽ هڪ ننڍڙي وٽيءَ ۾ پپر ۽ ڪيوڙي جي پن تي اٽي جي ماني ۽ ٻه پپرم، جنهن کي اسين فقط پاپڙ ڪوٺيندا آهيون. مان اهو کاڌو کائي وري سمهي پيس ۽ جڏهن وري صبوح جو اُٿيس ته ڏٺم ته بمبئي پرڳڻو گهڻو پٺتي رهجي ويو هو ۽ گاڏي ڇُو... ڇُو ڪندي ڏکڻ هندستان جي ماٿرين مان پئي لنگهي.
    هن اڻ واقف ملڪ ۾ مان پهريون دفعو آيو هوس، انهيءَ ڪري سڄو وقت دريءَ وٽ ويهي ٻاهر جو نظارو ڏسڻ لڳس، هتي جو نظارو بمبئيءَ جي نظاري کان بلڪل نرالو آهي. جيتوڻيڪ جبلن جي قطار اُها ساڳي اُلهندي گهاٽن وڻن واري آهي، مگر هي خط استوا کي تمام ويجهو آهي، جنهنڪري هتي جا گل ڦل ۽ وڻڪار بلڪل ڦريل آهي. خير، ڦريل برابر آهي پر ڌارين ڪانه ٿي لڳي. جيتوڻيڪ هن طرف آيو پهريون دفعو هوس، تڏهن به ايئن پئي سمجهيم ته اهي نظارا اڳ به ڏسي چڪو آهيان. اوچتو اکين سامهون وڻڪار جو هڪ قسم ڏٺم جهڙو ڪشمير جي هيٺين پهاڙي علائقن ۾ يعني ميرپور ۽ ڪوٽلي ۾ ڏسبو آهي. عجب کاڌم ته اها ساڳي جنس هتي به ڪيئن ٿي اڀري ۽ منهنجي من جو پکيئڙو وڃي اُن بدنصيب واديءَ ۾ پهتو، جتي اڳي ڳوٺاڻا پنهنجا مٺا گيت ڳائيندا هئا، پر اڄ اُتي گولين جي ٺڪا ٺوڪي ٿي ٻڌجي، جتي اڳي انسان هڪٻئي سان پريت ونڊيندا هئا، اُتي اڄ نگاهن ۾ نفرت ڀريل آهي، جتي اڳي ڪڙمي هر ڪاهيندو هو، اتي اڄ فوجي سپاهي کڏون پيو کوٽي، جتي هڪ طرف هندستان ۽ پاڪستان پرديسي شاهوڪارن جي هٿ ۾ ڪاٺ جون پتليون بڻجي سامراجي شهنشاهت جو ناچ پيا نچن ۽ ٻئي طرف غريب ڳوٺاڻا زندگيءَ ۽ موت جي جدوجهد ۾ رڌل آهن. مان وري ڏکڻ هندستان جي اُن دلڪش واديءَ ۾ موٽي آيس ۽ سوچڻ لڳس، ”هتي ته سڪون آهي، اَمن آهي.“ هيءُ نظارو ڪهڙو نه سانتيڪو، آرام بخش آهي. ننڍڙا جبل، ڪٿي ڪٿي انهن جون ٻاهر نڪتل گول چوٽيون، ايئن پئي لڳو ڄڻ اُس کان بچڻ لاءِ جبلن به انگريزي ٽوپلا کڻي پاتا هئا. دور تائين ميلن ۾ ڇانيل جهنگ، ٻنيون ٻارا، ڪٿي پوک پئي ٿي ته ڪٿي فصل پئي لٿو، ڪٿي اَن جا سنگ اڃا ساوا هئا ته ڪٿي پيلا ۽ سونهري پئي ڏٺا ۽ لابارو پئي پيو. ۽ وري پهاڙي نظارو، ڪشميري قسم واري وڻڪار اُس ۾ چمڪندي اکين سامهون ڊوڙندي ٿي ويئي. ڪٿي وري کجيءَ جي ڇانو هيٺ ساون چراگاهن ۾ چوپائي مال جا ڌڻ، ڪٿي نارنگين جي باغات، ڪٿي وڻن جي جهڳٽن وچ ۾ پراڻا مندر ۽ اُنهن جي اڳيان بيٺل سينواريل پاڻيءَ جا تلاءَ. جيڏو مندر جو ميدان اوڏو تلاءَ جو مقدار. اُتر هندستان وارا ٽڪنڊا مندر نه، پر ڏکڻ هندستان جا عاليشان مندر، سر کان وٺي چوٽيءَ تائين جهنگل جئن پکڙيل، اڏاوتي هنر ۽ سنگتراشيءَ جا بهترين مثال! اُتر هندستان جا مندر ننڍڙا سوڙها ۽ ٻسا آهن، مگر ڏکڻ هندستان جا مندر اَوِتارن جي روح جو عڪس آهن. هو جهنگلن جي ويڪر ۾ پهاڙن جي بلنديءَ تي، نيري آسمان جي آزاد ماحول ۾ وڌي وڏا ٿيا آهن ۽ اهي سڀ خصوصيتون هنن پنهنجي فن ۽ معماريءَ ۾ سمايون آهن. ايامن کان ڏکڻ هندستان جي تهذيب ۽ روزاني زندگيءَ جو مرڪز مندرئي پئي رهيو آهي. اُتي شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مندر فقط پوڄا جي جاءِ نه ٿي رهيو آهي، بلڪ راڄنيتي ۽ سماجي موقعن تي به اُنهنکي ڪم ۾ آندو ويندو آهي. اُتيجا مندر ناچ گهر آهن، سڀ ڪنهن قسم جي فن جا مرڪز آهن، حاڪم پنهنجا عهدناما مندرن ۾ ڪندا آهن، شاديون مندرن ۾ ٿينديون آهن ۽ لڙائيءَ جي وقت به سپاهي مندر ۾ مٿو ٽيڪي پوءِ ويندا آهن، وهنجڻ ڪرڻ مندرن جي تلائن تي ٿيندو آهي. رڌڻ پچائڻ لاءِ پاڻي مندرن مان ڀربو آهي. ڏکڻ هندستان ۾ روزاني زندگي جو مرڪز مندر آهي ۽ شايد انهيءَ ڪارڻ ئي اُتي براهمڻ پڻي جو ايترو زور هلندو رهيو آهي.
    ڪٽريا کان ننديپور تائين اِنهن دل وڻندڙ قدرتي نظارن ۾ ڪٿي به ڪو رکو اڀوڳو خال ڪونهي. اُنهن نظارن جو سلسلو مدراس علائقي کان شروع ٿي حيدرآباد رياست ۾ وڃي ختم ٿو ٿئي. ننديپور ۾ منهنجي گاڏي ۾ هڪڙو رومن ڪئٿولڪ پادري ۽ هن جو هڪ ديسي ساٿي به اچي چڙهيا. ڪئٿولڪ پادريءَ جو سرخ گول گول چهرو بلڪل ٻارن جهڙو هو. جنهن تي سڄو وقت هڪ وڻندڙ مرڪ پئي کيڏيو. هن جو ساٿي ڳلن بيٺل، سانوري رنگ جو هو، هن مون وٽ اچي چيو: ”مون کي خبر آهي ته هي برٿ توهان لاءِ رزروڊ آهي، مگر اسان کي فقط چار اسٽيشنون پري وڃڻو آهي، جيڪڏهن اعتراض نه هجيو ته اسين هتي ويهون.“ انهيءَ تي آءٌ ڀلا ڪهڙوپ اعتراض وٺان! تنهن کانسواءِ ٻاهران بئنڊن باجن جو به آواز پئي آيو. مون سوچيو ته ضرور ڪو وڏو اڳواڻ آهي. جنهن لاءِ هيڏو ٺاهه ٺوهه ڪيو ويو آهي. دريءَ کان ٻاهر نهاريم ته ڪي سرڪاري عملدار ۽ ڪيترائي سپاهي بيٺل نظر آيم. کن لاءِ خيال آيم ته منهنجي استقبال لاءِ ته ڪونه آيا آهن. مگر اُتي ئي ويچار آيم ته نه، اڃا اُهو زمانو ڪونه آيو آهي جو اسان جهڙن کي بئنڊ وڄائي گرفتار ڪيو وڃي. سو مون مشڪي پادريءَ کان پڇيو: ”هي توهان کي ڇڏڻ آيا آهن؟“ پادري ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو، چيائين: ”واهه واهه، واهه جو چرچو آهي. تري ميندوس“ هن جا انگريزي اُچار عجيب هئا. ٽ کي ت ۽ ڊ کي د انهيءَ ڪري Tremendous کي ”تري ميندوس“ ٿي چيائين ۽ چپ ائين ٿي هلايائين ڄڻ وات ۾ گرهه پيو هوس. مون کي شڪ پيو ته هي پادري انگريز ڪونهي پر اوڏي مهل پڇڻ جو وقت ڪونه هو. ديسي پادريءَ ٻڌايو ته هيءُ بئنڊ مدراس جي فوڊ منسٽر، کاڌي خوراڪ جي وزير لاءِ وڄي رهي آهي، سپاهي ۽ سرڪاري ملازم هن کي ئي اُماڻڻ لاءِ آيل آهن ۽ هي ميون ۽ ڀاڄين جا ٽوڪرا به هن لاءِ آهن. اهي سڀ ”وڌيڪ اناج پيدا ڪريو“ جي ثابتيءَ طور آهن. مون وري دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ وزير صاحب کي پنهنجي ڀرواري گاڏي ۾ چڙهندو ڏٺم. هن جي آسپاس ٻه چار ڊزن سپاهي هئا. ڪنهن زماني ۾ اهو فرض عوام پاڙيندي هئي، پر اڄ هنن جي ارد گرد اُها ئي پراڻي پوليس، اهي ئي خوشامدڙيا، اُهي ئي ميون مٺاين جا ٽوڪرا.
    مون هينئر وڏي پادريءَ کي چيو: ”فادر! منهجو اندازو غلط ڪونه هو. هي بئنڊ باجا هڪ پادريءَ کي ئي ڇڏڻ آيا آهن. گانڌي مت جي هڪ وڏي پادريءَ کي...“
    ٻئي پادري مون ڏانهن گهوري نهارڻ لڳا. مان مُشڪڻ لڳس. وڏي پادريءَ وري ٽهڪ ڏيئي چيو: ”تري ميندوس.“
    مون سوال ڪيو: ”گاڏي هتي گهڻو وقت بيهندي آهي؟“
    ديسي پادريءَ جواب ڏنو: ”پنج منٽ!“
    مون خفي ٿي چيو: ”پندرهن منٽ ته ٿي ويا اٿس.“
    هن چيو: ”هلندي... هلندي، گهٻرايو نه.“
    ايتري ۾ هڪڙو پيرسن جنهن جي مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار سفيد هئا، گلاب جي گلن جي ٽوڪري ڪلهي تي رکي اسان جي گاڏي وٽ آيو ۽ اندر ليئو پائڻ لڳو. مون پڇيومانس: ”هي گل ڪيئن ٿو ڏين؟“
    ٻڍي ٽوڪري هڪدم پٺيان هٽائي ڇڏي ۽ مون ڏانهن ملامتي نگاهن سان نهاريندي پڇيائين: ”بيگم اندر آهي؟“
    ديسي پادريءَ هڪدم چيس: ”نه، هوءَ اڳئين گاڏي ۾ آهي.“
    ٻڍو اڳتي وڌيو. مون حيران ٿي هن کان سوال ڪيو، “هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي؟”
    ديسي پادريءَ وراڻيو: ”اها لنبي ڪهاڻي آهي. چئن اسٽيشنن تائين پوري ڪانه ٿي سگهندي، انهيءَ ڪري مختصير ڪري ٿو ٻڌايانوَ...“
    هن ٻڍي جو نالو ياسين آهي. پيتم پور جي راجا جي باغن ۾ مالهيءَ جو ڪم ڪندو هو. هي ننديپور جي آسپاس ميلن ۾ پکڙيل جيڪي باغ باغيچا ڏسو ٿا، اُهي سڀ پيتم پور رياست ۾ اچي وڃن ٿا، انهن باغن جون نارنگيون سڄي ڏکڻ هندستان ۾ مشهور آهن. ناگپور جون نارنگيون اِنهن اڳيان ٽڪو به ڪين لهن.
    ياسين سالن کان اُنهن باغن ۾ ڪم ڪندڙ هو. کانئس اڳي سندس پيءُ اُتي ڪم ڪندو هو. هو پيتم پور رياست جو هڪ وفادار رهاڪو آهي. ياسين واري باغ جي ڀرسان ئي راجا صاحب هن کي ننڍو زمين ٽڪر ڏنو هو، جتي هن جي ڪکائين جهوپڙي هئي. اُن زمين تي هو اَن پوکيندو هو، ڀاڄين جون وليون هڻندو هو، گل ڦل باغ مان ملندو هوس. سکيو وقت پئي گذريس ۽ هو به ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندو هو.
    ياسين جي زال کي گذرئي سال ٿي ويا. رڌڻ پچائڻ ۽ گهر جو ڪم ڪاج هن جي ڌيءَ بيگم ڪندي هئي. بيگم کي ياسين پنهنجي هٿن سان پاليو هو. بيگم ماءُ جي وفات وقت پنجن سالن جي ٻارڙي هئي. مون اُنهن ڏينهن ۾ ئي ياسين کي چيو ته اها ٻالڪي اسان جي ڪانوينٽ يعني ديول ۾ کڻي ڏي. اتي هن کي تعليم ملي ها ۽ هن جي پرورش به سٺي ٿئي ها پر هن ڪمبخت ٻڍي منهنجي ڪا ڳالهه نه مڃي. هي ڏاڍو پڪو مسلمان آهي، پنج وقت نماز پڙهندو آهي. ان وقت مون کي چوڻ لڳو: ”پادري صاحب! منهنجي زال جي هڪڙي نشاني باقي وڃي رهي آهي. سا به جي اوهان کي ڏيئي ڇڏيان ته باقي مون وٽ ڇا رهندو. اوهين ته رڳو منهنجي ڌيءَ، پر منهنجو ايمان به مون کان کسي رهيا آهيو.“
    خير سائين، ياسين پنهنجي نياڻيءَ کي نپايو، هميشه پنهنجي اکين اڳيان رکندو هوس. باغ ۾ ويندو هو تڏهن به کيس ڪلهي تي چاڙهي پيو گهمندو هو. ماڻهو چوندا آهن ته مامتا جو جذبو رڳو ماءُ ۾ هوندو آهي، پر مون ته اهو جذبو بيگم جي پيءَ ۾ به بيدار ٿيل ڏٺو آهي.
    بيگم وڏي ٿي ڏاڍي طرحدار نڪتي. اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ به اهڙي سهڻي ڇوڪري ڪانه هئي. جڏهن گل ٽڙندو آهي، تڏهن انهيءَ جي سڳنڌ پري پري تائين وڃي پهچندي آهي. بيگم جي حسن جي چؤ پچؤ راجا جي ڪنن تائين پهتي. هن جو رڳ به ڦڙڪي، پر دل جهلي ويهي رهيو، جو سندس عمر اسي ورهين کان به مٿي ٿي چڪي هئي. هاڻ ته گل ڇنڻ ۽ سندس خوشبوءِ سنگهڻ جي طاقت به منجھس ڪانه رهي هئي. انهيءَ ڪري هو ويچارو به دل کي هٿ ڏيئي رهجي ويو، اها دل جنهن جي ڌڙڪڻ بس ڪنهن به گهڙيءَ بند ٿيڻي هئي.
    بيگم پنهنجي پيءُ سان گڏ باغ ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. هوءَ پنهنجي ٻنين ۾ به مردن وانگر ئي ڪم ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي هن جو پيءُ پوڙهو ٿي ويو هو ۽ هن کان ايتري محنت به نه ٿي ٿي. انهيءَ کان سواءِ هوءَ پنهنجي جهوپڙي جو به ڪم ڪار ڪندي هئي. بيگم پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جيسين سندس پيءُ جيئرو آهي، تيسين هوءَ شادي ڪانه ڪندي. جڏهن به ياسين هن جي اڳيان شاديءَ جو نالو ورتو، تڏهن هوءَ هن سان خفا ٿي وڙهي پوندي هئي ۽ ڏينهن جا ڏينهن هن کان رٺل رهندي هئي! ڏاڍي جذباتي ڇوڪري هئي. جيڪڏهن ڪانوينٽ ۾ اچي ها ته هن وقت هوءَ هڪ ڏاڍي سٺي راهبه هجي ها پر افسوس صليب هن جي قسمت ۾ نه هئي. بيگم جون سموريون عادتون مردانه هيون، پر هڪڙي ڳالهه هن ۾ اهڙي هئي جنهن مان عورتن جي جمالي نسائيت جو ڀرپور اندازو ٿيندو هو. هن کي گلن سان عشق هو ۽ گل به گلاب جا. هن پنهنجي جهوپڙي جي چوڌاري جهنگلي گلاب جون وليون پوکي ڇڏيون هيون ۽ جهوپڙيءَ کان ٻاهر به پنهنجي ننڍڙي باغيچي ۾ طرح طرح جا گلاب ڪونڊين ۾ لڳايا هئائين. انهن گلابن جي قلمن لاءِ بيگم کي ٻين باغن جي مالهين کي ڪيتريون منٿون ڪرڻيون پيون هيون. ڪيڏي جانفشانيءَ سان انهن گلابن جي سهڻن گلن کي پنهنجي جهوپڙيءَ جي آس پاس سينگاريو هئائين. ياقوت جهڙا ڳاڙها گل، شفق جي رنگ جهڙا گلاب، گلاب جن جي رنگت ۾ صبح جو سون گهوٽيل هو، چانڊوڪي رات وانگر سفيد ۽ معصوم گلاب، ۽ ٻيا پيلا گلاب، پنهنجي اندر ۾ جدائيءَ جي پيلاڻ ۽ تپش کڻندڙ گلاب، جن جي خوشبوءِ ايتريقدر تيز هئي جو پري پري تائين اناج جي ٻنين ۾ ڦهلجي ويندي هئي، ۽ گلاب، جن جي خوشبوءِ محبت جي خاموش راز وانگر جهڪي، هلڪي، گهري ۽ پراسرار هئي. اها خوشبوءِ، جا هڪڙي چهري تان اڏامي ٻئي چهري تائين پهچي سگهي ٿي، اهڙا سوين گلاب هئا، جي بيگم جي باغيچي ۾ ٽڙيل هئا، جي بيگم جي ڪارن وارن جي زينت هئا، جي هن جي گلي جا هار هئا، ۽ هن جي ڪپڙهن جي دلنواز مهڪ... بس اها ئي گلاب جي محبت بيگم جي ڪمزوري هئي، ۽ ياسين کي خبر هئي ته اها ڪمزوري خود هن بيگم جي مزاج ۾ پيدا ڪئي آهي. ننڍپڻ کان وٺي هن ڌيءَ کي گلن سان محبت ڪرڻ سيکاريو هو. هو هن لاءِ باغيچي مان چورائي سهڻا سهڻا گل آڻي ڏيندو هو، جن سان هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي راند ڪندي هئي. هاڻ اهو گلن سان کيڏڻ وارو زمانو ته گذريو ويو، پر گلن سان هن جي محبت اڃا به باقي هئي ۽ هن جي جهوپڙي گلاب جي ٽڙيل مکڙين سان ايتري قدر ڀريل هئي جو ائين ٿي معلوم ٿيو، جو ڄڻ ته هي ڪو مدراسي ڳوٺ ڪونه هو، ڪو ايراني باغيچو هو.
    هڪڙي ڏينهن پيتم پور جي راجا جو ولي عهد پنهنجي دوستن سان ننديپور ۾ شڪار لاءِ پهتو. هنن جا پنهنجا جهنگ هئا، پنهنجا باغ هئا، رعيت به پنهنجي هئي، چئني طرفن پنهنجي ملڪيت هئي. ڊپ ڪنهن جو ڪونه هو. اسٽيشن جي هڪڙي طرف سائڊنگ ۾ هنن جو اسپيشل سيلون (خاص گاڏو) لڳايو ويو ۽ ولي عهد صاحب پنهنجي شڪارين کي ساڻ کڻي شڪار لاءِ نڪري ويو. هنن شڪار ڪيو. چيتا، رڇ، هرڻ، سوئر ۽ ڪيترا جهنگلي جانور هٿ لڳن. شڪارين مان فقط ٻن جانين جو نقصان ٿيو. هڪڙي کي چيتي ڦاڙي ڇڏيو، ٻيو هڪڙي جهنگلي سوئر جي ور چڙهي ويو، جنهن سندس سخت ٿوني سان هن جي پيٽ کي چيري آنڊا ڪڍي ڇڏيا ۽ پوءِ غصي ۾ اچي هن ويچاري غريب هاريءَ کي پري اڇلائي اونڌو ڪري ڇڏيو. ان وقت سوئر تي گولين جوپ وسڪارو ٿي رهيو هو، مگر ان ڪمبخت مرڻ تائيِن انهي غريب کي چيلهه کان وٺي ڳچي تائين بلڪل اڊيڙي ڇڏيو. اهو راجا جو ڏاڍو پراڻو شڪاري هو، پر هاڻ ڇا ٿي ٿي ٿي سگهيو. شڪار ۾ ته ايئن ٿيندو آهي، بلڪ اڪثر ته ايئن ٿيندو آهي، جو هڪڙو چيتو به شڪار ڪونه ٿيندو آهي ۽ ٻه چار شڪاري مفت ۾ جهنگلي جانورن يا ڪنهن ٻئي شڪاريءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي ويندا آهن، انهيءَ ڪري اڄوڪو ڏينهن ته پاڻ سٺو ٿيو، پنڌرهن کن جانور هٿ آيا، جن مان ٽي چيتا هئا، ۽ پنهنجي طرف کان فقط ٻن شڪارين جي جان ويئي.
    ولي عهد ڏاڍو وش ٿي پنهنجي سيلون ڏانهن موٽيو. وهنجڻ کان پوءِ شراب جو دور هليو، شراب جي دوران ۾ ججڏهن ولي عهد جون اکيون گلابي ٿي ويون ۽ زبان ۾ هٻڪ ٿيڻ لڳي، تڏهن ڪنور بير سنگھ هٿ ٻڌي عرض ڪيو:
    ”حضور! آءٌ اڪيلائيءَ ۾ ڪجھ عرض ڪرڻ گهران ٿو...“
    ولي عهد پنهنجي ڪرسي تان اٿيو ۽ ڪنور بيرسنگهه کي پاڻ سان وٺي پنهنجي خوابگاهه ۾ آيو. اتي هن هڪ ڇوڪري ڏٺي، جنهن کي ڏسي هو اتي ئي وائڙو ٿي بيهي رهيو ۽ پوءِ شرمائجي اکيون کڻي هيٺ ڪيائين ۽ بيرسنگهه کي چيائين: ”ڪنور جي! هيءَ ڪير آهي، ۽ اسان جي ڪمري ۾ ڇا پئي ڪري؟“
    ڪنور جي مرڪي جواب ڏنو: ”حضور! هيءَ اوهان جي رعيت آهي، اوهان جي ملڪيت آهي، نالو بيگم اٿس. هن جو پيءُ حضور جي باغن ۾ مالهيءَ جو ڪم ڪندو آهي.“
    ولي عهد ڏاڍو شرميلو هو، هن جي باري ۾ سڄي جاگير ۾ اهو مشهور هو ته ولي عهد ڪڏهن به عورتن ڏانهن نگاهه کڻي نٿو ڏسي سگهي. راجا صاحب جي صلاح سان ولي عهد جي دوستن ڪيترا ڀيرا هن کي حسن جي ”محفل“ لاءِ ڀڙڪايو، پر هر ڀيري ولي عهد نٽائي ڇڏيندو هو! لاچار راجا صاحب ولي عهد جو مڱڻو ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ مهيني ۾ شادي هئي، مگر راجا صاحب کي اهو کٽڪو هو ته ويچارو ولي عهد ٻين ولي عهدن وانگر نامرد نه ثابت ٿئي. انهيءَ فڪر ۾ هو ڳرندو پئي ويو. ڀلو ٿئي ڪنور بير سنگهه جو، جو هن راجا صاحب جي اڳيان شڪار جو پروگرام رکيو ۽ پنهنجي تجويز کان به آگاهه ڪيائينس. راجا صاحب راضي ٿي ويو، انهيءَ ڪري هاڻ هيءَ ڇوڪري ولي عهد جي خواب گاهه ۾ موجود هئي.
    ولي عهد چيو: ”توکي خبر آهي ته ايندڙ مهيني ۾ منهنجي شادي ٿيڻ واري آهي؟“
    ڪنور بير سنگهه کلي چيو: ”انهيءَ ڪري ڇا ٿي پيو؟ سرڪار! هيءُ هڪڙي مشق ٿي پوندي...“ پوءِ ٿورو روڪجي چيائين: ”ذرا نظر ته ڪريو حضور! ڪهڙو نه سهڻو گل آندو اٿم!“
    ولي عهد نظر مٿي کڻي ڏٺو _ ۽ اهو ته آءٌ ٻڌائي چڪو آهيان ته بيگم بيحد سهڻي هئي.
    ---
    ولي عهد جي پروگرام ۾ ننديپور ۾ رهڻ جا فقط ٻه ڏينهن هئا. پر ولي عهد ست ڏينهن رهيو، ۽ ست ئي ڏينهن ياسين پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ايندو هو، پر هن کي ڪنهن به سندس ڌيءَ سان ملڻ نه ڏنو. هو انهيءَ ڏينهن به روزاني دستور موجب پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪري رهيو هو، ته ڪنهن اچي کيس چيو ته: ”تنهنجي ڌيءَ کي راجا جا ماڻهو کڻي ويا آهن، هوءَ تلاءَ تان وهنجي اچي رهي هئي ته مون رڙيون ٻڌيون، مون ڏٺو ته راجا صاحب جا ماڻهو هن کي پڪڙي ڪلهن تي کڻي گهوڙي تي سوار ٿي هليا ويا. بيگم تنهنجو نالو وٺي روئي رهي هئي، پر هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي، منهنجي ڳالهه جي مڃين ته ماٺ ڪري ويهي رهه، گڻو گوڙ ڪندين ته نوڪريءَ تان به هٿ ڌوئڻا پوندءِ!“
    پر ياسين ٻئي مالهيءَ جي ڳالهه نه مڃي، هو ننديپور اسٽيشن تي رڙيون ۽ دانهون ڪندو پهتو ۽ اسپيشل گاڏي جي چوڌاري چڪر هڻندو رهيو، پر اسپيشل گاڏي جون سموريون دريون بند هيون، ۽ انهيءَ ڪري ٻاهرين دانهن اندر نه وڃي سگهي، ۽ ندر جو سڏڪو ٻاهر ٻڌڻ ۾ نه آيو. ان کان پوءِ جڏهن ياسين بيتاب ٿي گهڻو گوڙ مچايو، تڏهن ڪنور بيرسنگهه ۽ سندس ماڻهن ياسين کي خوب مار ڪڍي ۽ هن کي اڌ مئو ڪري سندس جهوپڙيءَ ۾ ڇڏي آيا.
    اتي ياسين ٻن ڏينهن تائين پيو هو، پر مئو ڪونه. توکي ته خبر آهي ته هي هاري ماڻهو ڏاڍا سخت جان ٿيندا آهن، هنن جي هڏي ڏاڍي مضبوط ۽ سخت هوندي آهي. ٻڍو بچي ويو، پر هن جو دماغ موڪلائي ويو. چوٿين ڏينهن جڏهن ٻڍو ياسين وري اسپيشل گاڏي جي سامهون آيو، ته هن جي هٿ ۾ گلاب جي گلن سان ڀريل ٽوڪري هئي، ۽ هو هري هري جهڪي آواز ۾ چئي رهيو هو: ”منهنجي بيگم کي منهنجي اڳيان آڻيو ته آءٌ کيس سندس گل ڏيان.“
    پوءِ هو اسپيشل گاڏي جي هر دريءَ اڳيان بيهي چوندو هو ”بيگم ڇا تون اندر آهين؟ ڏس ته مون تنهنجي لاءِ تنهنجا گل آندا آهن!“
    انهيءَ ڏينهن کان ياسين جو دستور ٿي ويو ته سڄو ڏينهن اسپيشل گاڏي جي چوڌاري چڪر لڳائيندو هو ۽ رات ٿيندي هئي ته وڃي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ڪري پوندو هو. جڏهن صبح ٿيندو هو ته وري گلن جي ٽوڪري هٿ ۾ کڻي اسٽيشن تي اچي موجود ٿيندو هو. راجا صاحب جا نوڪر هن کي ماريندا ڪٽيندا هئا، گاريون ڏيندا هئا، ڊيڄاريندا ۽ دڙڪا ڏيندا هئا، هن سان مسخري ۽ مذاق ڪندا هئا، پر هن تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر ڪين ٿيندو هو. هو ڪنهن تي به ڪين ڪاوڙيو هو، بلڪه ڏاڍي نيزاريءَ سان، تمام نرم آواز ۾ نوڪرن کي چوندو هو: ”بيگم کي اندران سڏ ڪريو، آءٌ هن کي گل ڏيندس ۽ پوءِ هليو ويندس.“ اهو ٻڌي راجا جا نوڪر وري زور سان کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳندا هئا.
    ستين ڏينهن اسپيشل گاڏو هليو ويو ۽ انهيءَ سان گڏ ياسين جي زندگيءَ جي آخري اميد به هلي ويئي.
    ---
    پادري چپ ٿي ويو. مون ڏٺو ته گاڏي آهستي آهستي ننديپور جي پليٽ فارم کان ٻاهر نڪري رهي آهي ۽ اهو اڇي ڏاڙهي وارو ٻڍڙو پنهنجي هٿ ۾ گلاب جي گلن جي ٽوڪري جهليو پليٽ فارم جي آخري سري تي ڪنڌ جهڪايو بيٺو آهي.
    پادري منهن ورائي ڀريل گلي سان چيو: ”انهيءَ ڏينهن کان هي ٻڍڙو روزانو هتي ايندو آهي ۽ هر ڪنهن گاڏي جي هر گاڏي ۾ جھاتي پائي پڇندو آهي ته ڇا بيگم اندر آهي؟ آءٌ هن لاءِ گل کڻي آيو آهيان!“
    ---
    گاڏي ۾ دير تائين ماٺ ٿي وئي. گاڏي هاڻ ننديپور کان اڳتي نڪري جهنگ مان لنگهي رهي هئي. گوري پادريءَ آڱر جي اشاري سان مون کي ٻڌايو ته: ”هي جهنگ پيتم پور جي راجا جا آهن. تمام پري هوڏانهن الهندي طرف حيدرآباد جي نظام جي رياست اندر انه جابلو چوٽين تائين اهي جهنگ پکڙيل آهن. انهن جهنگن ۾ جهنگلي جانور بيحد ملن ٿا ۽ اهي جانور ايڏا ته دلير آهن جو اوسي پاسي جي ڳوٺن مان ماڻهو کڻي وڃن ٿا ۽ هڪڙي ڏينهن ته اسٽيشن تان به هڪڙي اسٽيشن ماستر کي کڻي ويا. ڏاڍا خونخوار چيتا آهن هن جهنگ جا...“
    آءٌ راجا صاحب جي جهنگن ڏانهن نهارڻ لڳس. ننڍين ننڍين انساني آبادين جي چوڌاري ميلن تائين ڦهليل خونخوار جهنگ، اهي مدراس صوبي کان حيدرآباد تائين ڦهليل جهنگ، جن جي وچ ۾ هڪڙو گل قيد ٿيل آهي. ڇا اهو گل ڪڏهن به آزاد نه ٿي سگهندو؟ مون نظر ڦيرائي انهن وسيع جهنگن ڏانهن ڏٺو، جن جي وچ ۾ گاڏي ڀڄندي پئي ويئي. راجا صاحب جا خوفناڪ جانورن وارا جهنگ، ٽڪرين جي هن طرف حيدرآباد جي سرحد هئي، اوستائين به اهي ٻيلا پکڙيل هئا. انهن کان پر تي ”تلنگانه“ هو ۽ مون سوچيو ته اهو گل هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو! تلنگانه جا هٿ ۽ شاعر جي دل انهيءَ جهنگ کي فتح ڪندا، جو انسان جي روح جي چوڌاري ڇانيل آهي.
    ---
    ڪن گهڙين جي ماٺ کان پوءِ گوري پادريءَ ڏک جهڙي آواز ۾ چيو: ”اڄ ڪلهه شڪار ۾ مزو ڪونه رهيو آهي.“
    ”ڇو؟“ مون پڇيو.
    ”شڪار لاءِ شڪاري ملن ئي ڪونه ٿا. اڳي ته گهڻا ملندا هئا، پر هاڻي ٻيڻي ملهه تي به تمام ٿورا ملن ٿا، ۽ توهان کي ته خبر آهي ته شڪارين کانسواٰءِ شڪار ۾ لطف ئي ڪونه ايندو آهي. اڄ ڪلهه غريبن کي به پنهنجي جان تمام پياري ٿي پيئي آهي.“
    مون پڇيومانس: ”فادر! توهان کي شڪار جو ڏاڍو شوق آهي؟“
    هن جو گول گول ٻارن جهڙو چهرو ٽڙي پيو، چيائين: ”تري ميندوس.“
    چيومانس: ”فادر، توهين فرينچ آهيو يا اٽالين؟“
    هن وراڻيو: :مان ڊچ آهيان، هتي آئي مون کي ٽيهه سال ٿي ويا آهن.“
    مون گاڏيءَ کان ٻاهر اشاور ڪندي چيو: ”ٽيهه سال ئي هتي گذاريا اٿو؟“
    هن ڪنڌ سان ها ڪري چيو: ”مون کي هي ته ڏاڍو پسند آهي، هتي شڪار جو ڏاڍو مزو آهي، شينهن، چيتا، سوئر، هرڻ، هر ڪو جانور هتي آهي. نٿو ملي ته هڪڙو هاٿي نٿو ملي، هن پٽ ۾.“
    هينئر مون چيومانس: ”فادر، توهين يئن ڪيئن ٿا چئو؟ هاٿي ته هتي به آهن، مگر توهين انهن جي شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪونه ٿا ڪريو. توهين هميشه غريب جانورن جو شڪار ڪندا رهيا آهيو ۽ هاٿين کي جهنگل ۾ آزاد ڇڏي ڏنو اٿو. هاٿي مشرق ۾ ڪٿي نٿو ملي؟ هندستان ۾ آهن، سيالون ۾ آهن، برما ۾ آهن، ملايا ۾ آهن، انڊونيشيا ۾ به آهن، مگر انهن هاٿين جو رنگ سفيد آهي. ماڻهو چوندا آهن ته اهو سفيد هاٿي تمام پاڪ آهي ۽ ڏاڍي جاکوڙ سان ملندو آهي، مگر منهنجو خيال آهي ته ايشيا جو ڪو ملڪ ڪونهي، جتي اهو سفيد هاٿي نه لڀندو هجي ۽ هاڻي ته حد ٿي ويئي آهي. هينئر ته اهو سفيد هاٿي عرب، عراق، سريا ۽ فلسطين جي بيابانن ۾ به پکڙجي ويو آهي. جتي جتي تيل جا چشما آهن، لوهه جو کاڻيون آهن، رٻڙ ۽ چانهه جا کيت آهن، اُتي اِهو سفيد هاٿي ضرور ملندو.“
    گوري پادريءَ جي منهن جو رنگ اُڏامي ويو. هن جا چپ اندر ڀڪوڙجي ويا، هٿ ڳچيءَ ۾ لڏندڙ صليب ڏانهن وڌي ويو ۽ مون ڏانهن حقارت ڀري نگاهه سان نهاري منهن کڻي ڦيريائين.
    ديسي پادري چوڻ لڳو: ”توکي فادر سان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ واجب نه هو.“
    مون نرمائيءَ سان چيو: ”مون فادر جي شان ۾ ڪابه گستاخي ڪانه ڪئي آهي. مون فقط هاٿين جو ذڪر ڪيو.“
    گاڏي اچي اسٽيشن تي پهتي، پادرين کي اڃا اڳتي هلڻو هو، پر هو اُتيئي لهي ويا. لهندي وقت ديسي پادري مون ڏانهن زهر ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳو. آءٌ پاڻ روجڪي نه سگهيس کين چيم: ”وڃو ٿا، ته اڳو پوءِ هيءَ ڳالهه به ٻڌي وڃو. اڳي سفيد ۽ ڪارن هاٿين وچ ۾ هميشه لڙائي چالو هوندي هئي، ٻيئ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهي جهنگلن ۾ گهمندا هئا، مگر هاڻي ٻڌجي ٿو ته سفيد ۽ ڪارن هاٿين وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ ٻئي ڏاڍي پريم سان هڪ ٻئي سان سونڊيون ملائي ايشيا جي جهنگلن ۾ پيا ڦرن!“
    گورو ۽ ديسي پادري پنهنجو سوٽ ڪيس کڻي جيئبن منهنجي دريءَ وٽان پئي لنگهيا، تيئن منهنجي وات مان نڪري ويو: ”تري ميندوس.“
    اُنهيءَ رات وري ڪو خاص واقعو ڪونه ٿيو. ٻئي ڏينهن شونور کان ڪجھ اسٽيشنون اڳيان به مسلمان سوداگر اچي مون واري گاڏي ۾ چڙهيا. هن جو ڪاروبار ڪو چين بندرگاهه ۾ هلندڙ هو. هنجي پٺيان هڪ ٻڍو مگر شوقين مدراسي به چڙهي آيو. ٻڍي مدراسيءَ کي ريشمي سوٽ پهريل هو؛ چانديءَ جي مٺئي وارو هڪ لڪڻ ساڻ هوس ۽ هٿ جي آڱرين ۾ هيرن جون منڊيون پيل هئس.
    مسلمان سوداگر ۽ مدراسي مليالي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي جو ڏس پتو پڇڻ لڳا ۽ نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي خبر چار وٺي پوري ڪيائون، تڏهين مون ڏانهن مهڙ ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجھ چيائون. مون انگريزيءَ ۾ چيومان: ”مان اها ٻولي ڪانه ڄاڻان.“
    سوال پڇندڙ پهرين ڇرڪ ڀريو، پر پوءِ مرڪي چيائين: ”معاف ڪجو. مون سمجهيو ته توهين اَلپيءَ جا رهاڪو آهيو.“
    مون وراڻيو: ”مون کي اُن شهر ڏسڻ جي ڏاڍي خواهش آهي.“
    هن چيو: ”مان اَلپيءَ جو ئي رهاڪو آهيان. الپي جنهن کي هندستان جو ”وينس“ (Venice) ڪوٺيندا آهن.“
    ٻڍي پنهنجي لڪڻ کان ٿانئيڪو ڪندي چيو: ”مان به الپيءَ جو رهاڪو آهيان.“
    مون مسلمان سوداگرن مان نوجوان کان پڇيو: ”توهين ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهيو؟“
    ”آءٌ ايل. ايل. بي پڙهندو آهيان، پوءِ پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن اشاور ڪري چيائين: ”۽ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڌنڌو ڪندو آهيان.“
    ”ڪهڙو ڌنڌو؟“
    ”هارڊ ويئر _ يعني لوهه جو ڌنڌو، توهين ڪهڙو ڪندا آهيو؟“
    مون وراڻيو: ”سافٽ ويئر.“
    هن ٽهڪ ڏيئي چيو: ”اهو سافٽ ويئر ڇا ٿيندو آهي.“
    چيومانس: ”توهين لوهه جو واپار ڪندا آهيو، آءٌ قلم جو واپار ڪندو آهيان.“
    وڏي ڀاڻس چيو: ”توهين فائونٽن پينون وڪڻندا آهيو؟“
    مون چيومانس: ”بس، ائين ئي سمجهو.“
    ڪجھ کن ترسي وڏي ڀاءُ چيو: ”صاحب ڇا به هجي، پر اڄ ڪلهه ڌنڌي ۾ فائدو ئي ڪونهي. ڪمبخت مزورن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي.“
    ٻڌو چوڻ لڳو: ”الپيءَ ۾ منهنجو هڪ ڪارخانو آهي. اتي به ساڳيو حال آهي.“
    پوءِ مون ڏانهن منهن ورائي آهستي چوڻ لڳو: ”اها سڀ ڪميونسٽن جي حرڪت آهي نه صاحب!“
    مون چيومانس: ”توهين درست آهيو.“
    ٻڍو وري چوڻ لڳو: ”مگر منهنجي پٽ جو چوڻ آهي ته انهن جو دماغ ٺيڪ ڪري ڇڏيو. توهان کي خبر آهي، منهنجو پٽ ڪير آهي؟“
    مون پڇيو: ”ڪانگريسي آهي؟“
    ”نه“
    ”هندو مها سڀائي؟“
    ”نه ... نه ... “
    ”ته پڪ سنگهي هوندو.“
    ”نه صاحب، منهنجو پٽ ملٽري سيڪريٽري آهي، اوهان ڇا سمجهو آهي؟“
    مون چيومانس: ”معاف ڪجو، توهان ڪجھ غلطي ٿا ڪريو. ملٽريءَ جو ڀلا سياست سان ڪهڙو واسطو آهي؟“
    ٻڍو چوڻ لڳو: ”مگر ڪميونسٽن کي دٻائڻ ۾ وري سياست جو ڪهڙو واسطو آهي؟ هيءَ ته سڌي سادي ڳالهه آهي. مزوردن جي هڙتال سبب منهنجو ڪارخانو بند ٿيڻ تي آهي.“
    وڏي ڀاءُ چيو: ”منهنجي بزنس ۾ به اُنهن گڙٻڙ مچائي ۽ مون اُنهن کي ڪڍي ٻين ماڻهن کي رکيو. پر مون کي ڪالهه مدراس ۾ تار ملي، ته هنن وري گوڙ مچايو آهي. جنهن ڪري مان اڄ ڪوچين پيو وڃان. هيءَ سرڪار ڪجھ نه ٿي ڪري.“ پوءِ مون کان پڇيائين: ”ڪيئن صاحب؟“
    مون وراڻيو: ”توهين ٺيڪ ٿا چئو.“
    سوداگر چيو: ”ڏسو هن اسان جي سرڪار ناريلن جو ٻاهر موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. ولائت ۾ ناريلن جو اگهه پنج سؤ روپيه ٽن آهي: هتي اڍائي سؤ آهي. اسان کي ٽن تي اڍائي سؤ روپيا نقصان ٿو پوي.“
    مون چيومانس: ”برما ۾ ناريل ڏيڍ سؤ روپئي في ٽن آهن. اُنهيءَ حساب سان توهان کي سؤ روپيا في ٽن فائدو آهي.“
    ”مان برما جي ڳالهه ڪانه ... “
    مون هن کي وچ ۾ ئي ڪپي چيو: ”ملايا ۾ 75 روپيا ٽن آهي، سينگاپور ۾ پنجاهه روپيا ۽ جيڪڏهن توهين هونو لولو وڃو، ته اُتي مفت ۾ ئي ايترا ناريل ملندؤ، جو تمام سولائيءَ سان هڪ وڏي شاهي عمارت کڙي ڪري سگهندا. آيو توهان جي سمجھ ۾!“
    وڏي ڀاءُ ڇرڪ ڀريو، ڇرڪ ڀري ننڍي ڀاءُ ڏانهن نهاريائين، ننڍي ڀاءُ ٻڍي مدراسيءَ طرف نهاريو، مدراسيءَ مون ڏانهن ايئن نهاريو، ڄڻ ٿاليون لٿل هوس. هن جو وس هلي ها ته شايد مون کي گاڏيءَ مان به ڪڍي ڇڏي ها، مگر تريچور اسٽيشن اچي ويئي ۽ مان اُتي لهي پيس.
    اڄ تريچور اسٽيشن تي خوب پيهه هئي، اٽڪل ڏيڍ سؤ والنٽيئر ڳاڙها ٻلا لڳائي بيٺا هئا. ڪن ماڻهن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ نعرا لڳايائون. فضا ۾ هر طرف ”انقلاب زنده باد“ جي صدا گونجڻ لڳي. هيٺ لهندي مون پنهنجي هم سفر امير ساٿين ڏانهن هڪ دفعو نهاريو، جن هينئر مون ڏانهن تمام حيرت وچان پئي نهاريو. هيٺ لهندي لهندي مون ٻڌو، ننڍو ڀاءُ وڏي کي چئي رهيو هو... ”هي به اُنهن مان ئي آهي!“ ايئن چئي هنن گاڏيءَ جي شيشي واري کڙڪي بند ڪري ڇڏي، ۽ اسان ڏانهن پٺ ڏيئي ويهي رهيا، مگر انقلابي نعرا طوفاني جهٽڪن مثل برابر گاڏيءَ اندر پهچندا رهيا.
    ”انقلاب زنده باد!“
    ”انجمن ترقي پسند مصنفين زنده باد!“
    ”مزورن ۽ اديبن جو اتحاد زنده باد!“
    هارڊ ويئر جا واپاري اسان کي پٺي ڏيئي ويٺا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن آڏين نگاهن سان اسان ڏانهن پئي نهاريائون. هنن جي چور نگاهن ۾ ڊپ هو، پريشاني هئي، هراس هو، هارڊ ويئر جا واپاري سافٽ ويئر جي واپارين سامهون گنهگارن وانگر خاموش ۽ هيسيل هئا. فضا ۾ ساٿين جي نعرن جي گونج هئي ۽ منهنجي دل ۾ اقبال جو شعر ٿي اڀريو.
    ”ڦول ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هئه هيري ڪا جگر!“
    [ڪرشن چندر جي ناول جو هڪ باب جيڪو سال 1954ع ۾ سراج ترجمو ڪيو هو.]


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567582
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216110
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ