ڪتاب جو نالو: ڏينهن ڏٺي جا سپنا
مصنف: اياز گل
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1983
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 31 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 616 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 291 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اياز گُل جي شاعري جو ڪتاب ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ حاضر آهي. هي ڪتاب سندس چونڊ غزلن، واين، گيتن، نظمن ، ترايل ۽ ٽيڙن تي مشتمل آهي۔ نصير مرزا لکي ٿو:
”گُل، گھڻو ڪري شاعريءَ جي سڀني صنفُن ۾، سڀني فارمن ۾، لفظن جي ايڪسرسائيز ڪئي آهي، پر سندس غزل، کيس جيڪا آئيڊنٽٽي ڏني آهي، ان کان ڀَلا ڪيرُ آگاههُ ڪونهي، پر گُل جي ڪريڊٽ ۾ ڪي ٻيون به ته صنفُون آهن. بلڪل آهن! مثال طور، گيت.... اڇا! ٿيندو هينئن آهي جو، غزل اهو شاعر سُٺو لکندو آهي، جنهن کي عشق جو ڪمپليٽ نه، ته به ڪُجھُه تجربو هوندو آهي، ۽ گيت لکڻ لاءِ وري ”وڇوڙي“ جو تجربو هُجڻُ ضروري آهي. هن سَمي، هيءُ جو گُل جا غزل پاسيرا رَکي، سندس هي مٺڙا گيت ويٺو پڙهان ٿو ته، حيران پيو ٿيان.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • غزل

  • گل ۽ غزل : وفا ناٿنشاهي
  • نيري اُڀَ تي جيئن ستارا هن
  • پهڻ ـ اکيُون کنڊر کنڊر چهرا
  • يا خُدا! زهرُ انڌيرن جو پکڙبو ٿو وڃي
  • تُنهنجو اڄُ خطُ جيئن مليو آهي
  • ڳالهيون ڄڻُ مهڪارُون آهن
  • مُنهنجي نظر هلي وئي آهي تُنهنجي گاڏي سان
  • اوهان جي درَ تي ائين بيٺا رهياسي
  • راتِ جو پويون پهر، مان هُيس ۽ چنڊُ ٿڪل
  • هڪُ بُڇڙو بس اسانجو گھر آهي
  • سُور سَهڻَ جو ڪو ساهَسُ
  • پنهنجو ڪوئي ڪَمالُ ناهي مِٺي!
  • مون کي ماري پَناههَ ۾ رکجانءِ
  • ڊاهي هٿَ جون سڄون لڪيران مان
  • دوستَ! نه ٿي آزارن وانگي
  • توسان گڏجي ٿا گُذاريون جاني!
  • جڳُ ٻُڌندو ته ڪينَ ڏيندو ملڻُ
  • دکَ جي نه پُڄاڻي آ
  • تُنهنجي سامهون آ جهڙو حال آهي
  • شنينهن ساڳيو نه نگاهُون ساڳيون
  • مونکي درياهَه جيان پائي وَئي آ
  • جيونُ ائين گُذاريو آهي
  • ٿوري گَهڻي تي ٿي ٿو وڃي روئڻهارڪو
  • انــــــــــــــدرُ اُداسُ هونـــــــــــدو
  • لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي
  • شخصُ هو نرالو آهي
  • ڳليءَ ڳَليءَ ۾ حشرُ آهي، ڪربَلائون هن
  • حادثَن جا شِڪارَ ٿيندا وَڃن
  • مان هُيس دردَ ـ غَفائُن ۾ گُم
  • مُون کي جي تُنهنجو سَهارو هوندو
  • مون سان اڪثر ٿو مِلي هاڻي پراون وانگي
  • سنگ ساٿي نه ڪوئي، نه ٻيلي آ
  • مان ڪنهن پيارَ جو قصو آهيان
  • ”نهَ“ جي سُوريءَ تي چڙهيل آهيون دوستَ!
  • سجَ لهندي جو ڪو منظرُ آهيان
  • زندگي ڪربَلا وڃي ٿِيندِي
  • زندگي توڙي جي عذابُ ڪوئي
  • ڪيڏا لُڙڪ لڙيا آهن
  • ڳالهه ڇڏيو ٻي مرهمَ جي
  • هر گھَڙي دردُ نيارو آهي
  • وقت ڪَيا ويرانا ماڻهو
  • مُنهنجا لُڙڪ سوالن وانگي
  • شاعرُ جاڳي، تارا جاڳن
  • پلَ پلَ جو عذابُ چاهي ٿو
  • پرتِ جا پيچَ ڪي پائڻ گھرجن
  • تُنهنجي ڳليءَ جا ڦيرا هُوندا
  • تُون ۽ مان هڪٻئي کان هُئاسين جُدا
  • مون لئه پَٿر جا ماڻهو
  • جو نه ڀُلجي به نِهاري مُون کي
  • شاعر جي جذبَن جُون ڳالهيون
  • ڪڪريُون ٿَر ڏي به وينديُون دوستو!
  • ڏاڍا ڀاڳَن وارا دوست!
  • اجنبيُن وانگي ملياسي، تُون، مان
  • لُڙڪ ها، گيتَ ها، گُلابَ هُئا
  • نظم

  • سلامتيءَ جي علامت نظم : رسول ميمڻ
  • اُداس پَل جو هڪ واعدو
  • تُنهنجي جنم ڏينهن تي
  • اداڪار
  • ڪُوڙُ
  • گھَرو ڪَمُ
  • لاڳاپو
  • DIARY
  • نيم پليٽ
  • ڊيٽ ايڪسپائيرڊ لو
  • سوچيندو آهيان
  • سوالَ جي ديوارَ
  • VOLCANO
  • لوڪُ ڪَهاڻي
  • وعدي خلافي
  • سائينمِ سَدائين ڪرين ......
  • مصلحت خُداوندي
  • هٿَ ٺوڪي نفرت
  • ناشُڪري
  • سَچُ
  • اڃا اسان جو دؤر آ
  • گيتَ

  • گُل جا گيتَ : نصير مرزا
  • پيارَ کي تورين ٿي ڳَهيلي!
  • توبن ڪهڙا ڇانورا
  • وسُ وسُ مينَهڙا!، وَسُ
  • مُحبت به مٺڙا! ڪَري ٿي قَهر
  • جوتِ جلندي رهي
  • شال حياتي ماڻ!
  • وايون

  • وَرُ وائيءَ جو جي لَهين : ادل سومرو
  • ماري موتَ نه سَگھندين!
  • سانوَڻ رُت ۾ سارَ
  • توکان ٿيندي ڌارَ
  • برکا رُتَ جي بانوري!
  • ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!
  • سچُ ته سَچُ آهي!
  • ڏاڍا ڏُکَ مليا هن
  • ويا وِکري واءُ ۾
  • ساڙيـــــــو ڙي ســـــــــاڙيو!, سَرڪش هِن سَماجَ کي
  • وَڻجارَن جي واٽَ تي
  • ٽيڙو، رينگا، ترائيل

  • خوبصُورت شاعريءَ جو هڪُ حصو : مُختيار ملڪ
  • ٽيڙو، رينگا
  • ترائيل
  • بيتَ ۽ دوها

  • باکَ جهڙا بيتَ ۽ دوها : تاج جويو
  • بيت
  • دوها
  • سوايون

  • سنڌ سلامت پاران

    اياز گُل جي شاعري جو ڪتاب ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ حاضر آهي. هي ڪتاب سندس چونڊ غزلن، واين، گيتن، نظمن ، ترايل ۽ ٽيڙن تي مشتمل آهي۔ نصير مرزا لکي ٿو:
    ”گُل، گھڻو ڪري شاعريءَ جي سڀني صنفُن ۾، سڀني فارمن ۾، لفظن جي ايڪسرسائيز ڪئي آهي، پر سندس غزل، کيس جيڪا آئيڊنٽٽي ڏني آهي، ان کان ڀَلا ڪيرُ آگاههُ ڪونهي، پر گُل جي ڪريڊٽ ۾ ڪي ٻيون به ته صنفُون آهن. بلڪل آهن! مثال طور، گيت.... اڇا! ٿيندو هينئن آهي جو، غزل اهو شاعر سُٺو لکندو آهي، جنهن کي عشق جو ڪمپليٽ نه، ته به ڪُجھُه تجربو هوندو آهي، ۽ گيت لکڻ لاءِ وري ”وڇوڙي“ جو تجربو هُجڻُ ضروري آهي. هن سَمي، هيءُ جو گُل جا غزل پاسيرا رَکي، سندس هي مٺڙا گيت ويٺو پڙهان ٿو ته، حيران پيو ٿيان.“
    هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري پاران ڪمپوز ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي آندو آهي۔سندن ٿورائتا آهيون جو پاڻ ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلين.

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    غزل

    گل ۽ غزل : وفا ناٿنشاهي

    شاعري جيتوڻِيڪ سوين شاعر ڪن ٿا، پر ”شعر“ تمام ٿورا شاعر ٿا لکن. انهن تمام ٿورن شاعرن ۾ اياز گُل جو نالو به ڏئي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ انيڪ ادبي ڪوتاهين کان اياز گُل جي شاعري به آزاد ڪونهي، پر اهو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته جيتري عمر ۾ وقت ۾، ۽ جهڙي رنگ ۽ ڍنگ سان اياز گُل، غزل کي جدت ڏني آهي، نئين ٽَهيءَ جي ڪنهن ورلي شاعر کي اهو مقام نصيب هوندو. اياز گُل پهريون شاعر آهي، جنهن نابالغ عمر ۾ بالغ شاعري ڪئي آهي، جيتوڻيڪ سوين بالغ شاعر، نابالغ شاعري ڪري رهيا آهن. !!
    هونئن ته شاعريءَ جُون سڀُ مروج صنفُون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي محنت طلب آهن، پر منهنجي خيال ۾ غزل، سڀني صنفُن کان وڌيڪ ڏُکي صنف آهي، ڇو ته غزل لکڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن رديف، قافيي، بحر وزن ۽ ساڪن متحرڪ جهڙيون ٻاراڻيُون غلطيُون ٿيو وڃن. اهڙي قسم جا مثال هزارن غزلن مان ڏئي سگھجن ٿا. اياز کان وٺي اياز گُل تائين سڀني شاعرن غزل لکيا آهن، پر غزل جو حقُ تمام ٿورن شاعرن ادا ڪيو آهي.
    غزل کي رُجعت پسنديءَ جي علامت ۽ آزاد نظم کي ترقي پسنديءَ جي پڳَ سمجھڻ وارا به غلط آهن. ڇو ته اياز، تنوير، امداد، شمشير، تاج بلوچ، نياز همايوني، قمر شهباز ۽ ذوالفقار راشدي، ترقي پسند شاعريءَ جا وڏي ۾ وڏا شاعر آهن، پر انهن مان اهڙو ڪوبه شاعر ناهي، جنهن غزل نه لکيو هُجي. انهن مان ڪن ته شاعريءَ جي شُروعات ئي
    غزل سان ڪئي آهي.

    وفا ناٿنشاهي


    نيري اُڀَ تي جيئن ستارا هن

    نيري اُڀَ تي جيئن ستارا هن
    لُڙڪ اکڙين ۾ ائين ڦهليا هن

    ساريُون همدرديُون کپي ويندوَ
    گھاوَ پنهنجا تمام گھرا هن

    جن جي ڪائي به ساڀيا ناهي
    سي اسان جي اکيُن جا سپُنا هن

    لوڪُ سارو سُمهي پيو آهي
    نيڻَ مهٽي خيالَ جاڳيا هن

    ڪيرُ ڄاڻي ته ڪهڙي راهه وٺن
    جيڪي تُنهنجي شهر مان نڪتا هن

    يادُون بارود جي سُرنگُن جيان
    ذهنَ ۾ هرطرف ڌماڪا هن

    جن جو احساسُ ويو مَري آهي
    هاڻي ماڻهو اُهي ئي جيئرا هن


    پهڻ ـ اکيُون کنڊر کنڊر چهرا

    پهڻ ـ اکيُون کنڊر کنڊر چهرا
    هر طرف دٻيلَ ڄڻُ ته نعرا هن

    جن جي چهري تي جنگ جي ڪارنهن
    تن جي هٿَ ۾ امن جا جھنڊا هن

    روزُ چيڀاٽجن، ته به خاموشي
    ماڻهو ڏامر جا ڄڻُ ته رستا هن.


    يا خُدا! زهرُ انڌيرن جو پکڙبو ٿو وڃي

    يا خُدا! زهرُ انڌيرن جو پکڙبو ٿو وڃي
    تُنهنجي تخليقَ جو هر نقش اُجڙبو ٿو وڃي

    ماڻهو ماڻهو آ ڄڻُ هيڊ جي درياءَ ۾ ٻُڏل
    دردُ ٽي ـ ٻيءَ جيان جسمن سان وچڙبو ٿو وڃي

    ڏينهن جو کيرَ جيان اُجرو ۽ مُقدس چهرو
    راتِ جو تيز ننهنَ سان رهڙبو ٿو وڃي

    اَلامان ايڏي تنهائي ۽ ايڏي وحشت!
    پنهنجي سوچُن کان به ماڻهو ته وڇڙبو ٿو وڃي

    چوڏهن سؤسالَ اڳي وارو ئي منظرُ ساڳيو
    ڦٽُ جيڪو به سِبيل هو سو اُڊڙبو ٿو وڃي

    سُونهن، سَچائي، اَمن هاڻي ڪتابي ڳالهيون
    پيارَ جو پيرُ به ڌرتيءَ تان اُکڙبو ٿو وڃي


    تُنهنجو اڄُ خطُ جيئن مليو آهي

    تُنهنجو اڄُ خطُ جيئن مليو آهي
    ساههُ مُنهنجي سَرير پيو آهي

    توکي مُنهنجي دُکن جي ڪهڙي خبرَ
    تو ته مونتي سَدا کِليو آهي

    چنڊُ تارن جي ميڙَ کان وڇڙي
    راتِ جو ڪيترو رُليو آهي

    هُن مونکي ڇڏيو وساري ته
    اُڀُ ڪهڙو ڀَلا ڪِريو آهي؟

    لمحي لمحي لڳايو آهي کاٽُ
    لمحي لمحي ٺَڳيو ڦريو آهي

    مُنهنجي اندر جو هو هٺيلو شخصُ
    گھٽجي گھٽجي مري رهيو آهي

    ڪوڙ ـ بازاريُن ۾ ماڻهوءَ جو
    اگھهُ ڪيڏو ڪِري پيو آهي.

    چهرو چهرو پنن جيان ويو ڇڻي
    شهرُ ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي

    توکان وڇڙي اُداس ماڻهو گُل
    سجَ وانگي جلي رهيو آهي.


    ڳالهيون ڄڻُ مهڪارُون آهن

    ڳالهيون ڄڻُ مهڪارُون آهن
    تُنهنجا ٽهڪَ بهارُون آهن

    ملين، نه ترسين، ڳالهائين نه
    توڏي کوڙَ ميارُون آهن

    تُنهنجا ئي ڪَن ٻُڌن نه ٿا هُونئن
    پنهنجُون تيز پُڪارُون آهن

    هو به اُن جو ئي ٿي ويندو
    جنهن وٽِ بنگلا، ڪارون آهن

    پيارُ وٺڻَ تُون نڪتو آهين
    ساريُون سُڃَ بَزارُون آهن

    ڪنهن سان ڪنهن سان ملبو هاڻي
    درَ تي دردَ ـ قطارُون آهن

    پاڻَ جيهَن لئه کُهريون کُهريون
    ڳالهيون ڄڻُ تلوارُون آهن

    مان انسانُ رهيو ئي ناهيان
    شاهد سڀُ اخبارُون آهن

    نيٺ ڳلن تي انڊَلَٺِ لهندي
    هاڻِ جي لُڙڪن لارُون آهن.


    مُنهنجي نظر هلي وئي آهي تُنهنجي گاڏي سان

    مُنهنجي نظر هلي وئي آهي تُنهنجي گاڏي سان
    پليٽ فارم تي بيٺو آهيان، انڌن وانگي مان

    توکي وڃڻو ئي هو تُنهنجي، ڪا مجبوري هوندي
    ڪهڙي پوءِ شڪايتَ توسان، ٽرين سان سنگنل سان

    جيونُ اڄُ به خالَ، سوالَ، عجب نشانيُن جهڙو!!
    پاڻَ کي سمجھي ڪينَ سگھيوهان، توکي ڇا سمجھان

    هن ڳليءَ کان هُن ڳليءَ ڏي ذري ذري ڀٽڪان ٿو
    وقت جي تيز هَوائُن ۾، اخبار جي ٽڪري جيان

    ٻاهران توکي دوست!، برابر ٺيڪ ٺاڪ لڳندو هوندس
    اندران آءٌ اُڏوهيءَ کاڌلُ ڪاٺيءَ جيان آهيان

    ماڻهوءَ جي هٿَ ۾ بندُوقون، مون کي ڪا پرواهَه؟
    مون کي خوفُ اچي ٿو تُنهنجي هٿَ جي پٿر کان

    هُونئن ته ڏينهن کان دروازو کُليو ئي ناهي پرَ
    تُون ٿورو کڙڪائي ڏسُ ته، شايد کُلي پَوان

    ويندي ويندي تُنهنجي نرمل نيڻن ۾ موتي
    هر هر ساڳيو ساڳيو منظرُ، ڏسان، لُڇان، ڦٿڪان

    سنجھان کان تُنهنجو، تُنهنجن ڳالهين جون يادُون
    سنجھا کان ئي مَنُ ڏاڍو بيزار آ دُنيا کان.


    اوهان جي درَ تي ائين بيٺا رهياسي

    اوهان جي درَ تي ائين بيٺا رهياسي
    گھٽيءَ جي نانوَ جو ڄڻُ بورڊُ هاسي

    هليا ڳولڻَ هُياسي آئيندي کي
    شهرَ جي گوڙَ ۾ گُم ٿي وياسي

    اهو ساري اکيون ڀرجي اچن ٿيون
    اسان ڏاڍو ڪڏهن کِلندا هُياسي

    ڪچيءَ مٽيءَ مان جوڙي زندگيءَ کي
    تِکي برساتِ ۾ نڪري پَياسي

    اسان تُهمتَ کنئي ۽ هُن پٿرَ
    زماني سان نَوان ناتا ڳنڍياسي.

    اُهي اکڙيون به اکڙين جهڙيون اکڙيون
    اسان جن جي مُهابي جي سگھياسي


    راتِ جو پويون پهر، مان هُيس ۽ چنڊُ ٿڪل

    راتِ جو پويون پهر، مان هُيس ۽ چنڊُ ٿڪل
    هَوا ڳڙاٽڙي پائي چَيو؛ ”اُٿي، گھرِ هَلُ“

    اسانجي جھُوپي جو هڪُ ڪکُ نه رهيو باقي
    اوهان جو ڪَرَ کنيون بيٺو رهيو سَدا جيان مَحلُ

    هو شخصُ، ڪيڏي نه بدبو هيس خيالن ۾
    سڄو وَڳو ئي هُيو جنهن جو سينٽ سان مهڪيل

    ڪالهه جو ٽهڪ ڏنم دوستن سان گڏجي ڪري
    لڳو اُڌارَ تي سو ٽهڪ ڀي ڪٿان ورتلُ

    مِٺي! ملين جي نه آهين تُون ٻن مهينن کان
    نه ڪو ڪتابُ ٿو پڙهيو ٿي، نه لکجي غزلُ

    ڪمري ۾ گھڙندو جي آهيان، ته ماري وجھندو آ
    تُنهنجي تصويرَ بنان ميزَ تي فريم پَيل

    زمانو مونکي ڪڏهن هوشَ ۾ لڳو نه، ۽
    زمانو مونکي سَدا سمجھندو رهيو پاڳل.


    هڪُ بُڇڙو بس اسانجو گھر آهي

    هڪُ بُڇڙو بس اسانجو گھر آهي
    تُنهنجو ويڙهو ئي معتبَر آهي

    تُنهنجي هر ڳالهه لارَ ماکيءَ جي
    مُنهنجو هر لفظُ ڄڻُ زهر آهي

    هي به تُنهنجي ئي شهر تي وسندو
    پاڻَ کان رُٺل هر ڪڪرُ آهي

    پيارَ جي ڪُجھهُ ڪڻين مان ڇا ٿيندو؟
    دل جي ڌرتي نِسورو ٿَرُ آهي

    تُنهنجا ليکا اڃا کُٽن ئي نه ٿا
    راتِ جو آخري پَهر آهي

    مون ته جَڳَ جي سِتم جو ذڪر ٿي ڪيو
    تُنهنجي ڇو نرڙَ تي پَگھرُ آهي!!

    بددُعا ڪر لَڳي پَئي شايد
    هر دُعا هاڻي بي اثر آهي.

    ڪيتريُون زندگيُون اَڌوريون هِن
    ڪيترو روشنيون شهر آهي


    سُور سَهڻَ جو ڪو ساهَسُ

    سُور سَهڻَ جو ڪو ساهَسُ
    ناهي دنيا!، بس ڪر بس

    اڄڪلهه پنهنجو جيونُ ائين جيئن
    بين وڳي کان پوءِ ڪئمپس

    پنهنجو پنهنجو پارٽ ڪيون پيا
    دنيا هڪڙي آ سرڪس

    پاڻَ ته پيارُ ڪندا رهنداسين
    هُن تي پنهنجو ڪهڙو وسُ

    هو جو مون سان ملندو آهي
    ماڻهو ٿيندا هِن جيلس

    مُنهنجي دل جي اونداهين ۾
    تُنهنجي پيارَ ڪئي چؤڏس

    تُنهنجي ذڪر بنان هِن پيارا!
    ساريون ئي ڳالهيون بوگس

    پيارَن ماڻهن جي سامهون گُلُ
    ٿي ويندو آهي بيوس


    پنهنجو ڪوئي ڪَمالُ ناهي مِٺي!

    پنهنجو ڪوئي ڪَمالُ ناهي مِٺي!
    پيارَ کي ئي زوالُ ناهي مِٺي!

    جڳَ جي ڪيتري اٿئي پرواههَ!
    توکي مُنهنجو خيالُ ناهي مِٺي!

    جنهن جو ڪوئي جَوابُ ڪينَ هُجي
    اهڙو ڪوئي سوالُ ناهي مِٺي!

    ڀرجي سگھندو نه توکان وڇڙي ڪڏهن
    جھڙو تهڙو ته خالُ ناهي مِٺي!

    توڙي ڪُجھهُ ڀي نه آهي هٿَ وسَ ۾
    پوءِ به سپُنن جو ڪالُ ناهي مِٺي!

    جن به نيڻن ۾ نينهن پلجي ٿو
    تن جو ڪوئي مثالُ ناهي مِٺي!

    تُون ملينءَ، جَڳُ ڇڏي وڃي ڀل ته
    هاڻي ڪوئي مَلالُ ناهي مِٺي!


    مون کي ماري پَناههَ ۾ رکجانءِ

    مون کي ماري پَناههَ ۾ رکجانءِ
    ڪا ته نيڪي گُناههَ ۾ رکجانءِ

    ڪوئي هڪُ شخص ناهي ڏوهاري
    شهر سارو نِگاههَ ۾ رکجانءِ

    پيارُ پنهنجو صَفا اڪيلو ٿَئي
    دوست! سانڍي تُون ساههَ ۾ رکجانءِ

    ڪنهن نه ڪنهن موڙَ تي ته ملنداسي
    آسَ پوئين پَساههَ ۾ رکجانءِ

    ڪنهن مُنافق جي راڄَ جا ماڻهو
    ربَ مُنهنجا!، پَناههَ ۾ رکجانءِ

    ڪوڙَ، اونداههَ سان نه ٺاههُ ڪبو
    اهڙو نُڪتو به ٺاههَ ۾ رکجانءِ

    پويان اوندهه جي وَرِ چڙهي نه وڃن
    ديپُ ٻاري ڪو راههَ ۾ رکجانءِ


    ڊاهي هٿَ جون سڄون لڪيران مان

    ڊاهي هٿَ جون سڄون لڪيران مان
    ڀاڳَ جي شهرَ مان ٿو تڙجان مان

    تُنهنجي گھرَ جي تلاشَ ناهي دوست
    پنهنجي گھرَ کي پَيو ٿو ڳوليان مان

    زندگي قيد ڄڻُ ٽِڪُنڊي ۾
    جڳُ مونکي ۽ توکي چاهيان مان

    خوفَ جو خول لاهي اڇلائي
    شهر جي گوڙَ مان ٿو نڪران مان

    جڳَ کي جو وَڻي ڪري مون کي
    ٺيڪ آهي غلط ٿو سوچيان مان

    اڄُ به ڪلهه جيان اُداس ۽ تنها
    تُنهنجي گھرَ جي اڳيان ٿو گُذران مان

    شالَ اهڙو به ڏينهن اچي جڏهن
    توکي ڪنهن گيتَ وانگي ڳايان مان

    سجَ جو موتُ ڪوئي ٿيڻو آ!!؟
    ڏِسُ نَئين تاوَ سان ٿو اُڀران مان


    دوستَ! نه ٿي آزارن وانگي

    دوستَ! نه ٿي آزارن وانگي
    دُشمن جي هٿيارن وانگي

    دردَ به دل جو ساٿُ ڇڏي ويا
    راڄن جي غدارن وانگي

    تُنهنجي گھرَ ۾ پاڻُ لڳي ٿو
    گورن وچ ۾ ڪارن وانگي

    پڙهي ڪري اڇلايو وَيو هان
    ڪالهوڪيُن اخبارُن وانگي

    تُنهنجا نيڻ چُمڻ ٿو چاهيان
    ٽيهن ئي سيپارَن وانگي

    دُنيا ڀي بيزارُ ڪيو آ
    ٽي ـ ويءَ جي اشتهارن وانگي

    ذاتِ پاتِ جا ويڇا آهن
    ڏارَ پيلَ ديوارن وانگي

    قسمتَ ساڻُ اچين ٿي تُون ڀي
    عيدُن ۽ تهوارن وانگي

    ڌيانَ طلب سان ڀريو پيو هان
    سنڌيءَ جي اخبارُن وانگي

    راتِ به ننڊَ اچي وَئي آخر
    روئندي روئندي ٻارن وانگي


    توسان گڏجي ٿا گُذاريون جاني!

    توسان گڏجي ٿا گُذاريون جاني!
    ڀاڳَ پنهنجا ٿا سنواريُون جاني!

    پاڻَ سان پِيارُ اڃا ڏاڍو آ
    ڪيئن توکي ٿا وِساريُون جاني!

    ڪنهن به چهري کي ڏسُون ائين لڳي
    تُنهنجو چهرو ٿا نهاريون جاني!

    سجُ ناهي جي چڙهيو، ڇا ٿي پَيو
    آءُ ڪو ديپُ ٿا ٻاريون جاني!

    جڳُ ڀلُ ته ڪري بندوقَ سڌي
    پاڻَ ڳيرا ٿا اُڏاريون جاني!

    پاڻَ ته ٻُڏندا وڃون هَر لمحي
    توکي ڪيئن پارِ اُڪاريون جاني!

    رتُ انسان جو ته پي ٿا وَڃون
    مکِ پيلَ چانهه، ٿا هاريون جاني!


    جڳُ ٻُڌندو ته ڪينَ ڏيندو ملڻُ

    جڳُ ٻُڌندو ته ڪينَ ڏيندو ملڻُ
    ايترو زور سان ته نانءٌ نه کَڻُ

    باکَ جي ڦُٽڻ جو ڏسي منظرُ
    يادِ ڪنهنجو اچي ويو مُرڪڻ

    ڪيترو پُرخُلوص آهين تُون
    شهرَ ۾ يادِ ٿو اچي واهَڻُ

    هڪَٻئي کي ڏسُون ته مُنهن ڦيريُون
    شالَ اهڙو ڪڏهن نه ٿي گڏجڻ

    موتَ کان زندگيءَ ڏي آهي سَفرُ
    تُنهنجو مُون کان رُسڻُ، رُسي پرچڻُ

    او پرين! زندگيءَ جو هر هڪُ پَلُ
    تُنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ آهي ڄَڻُ

    گُل وکريلُ هُجي ته به خوشبوءِ
    ۽ هو پارس آهي ته به پاهڻُ!


    دکَ جي نه پُڄاڻي آ

    دکَ جي نه پُڄاڻي آ
    هر شخصُ ڪهاڻي آ

    تُون مان ئي اَياڻا هَئون
    دنيــــــا ته سِيـــــــاڻي آ

    هر پيارَ کي ٻوڙي ٿو
    رسمُون اُهو پاڻي آ

    ڏيئي کي سَلامت رکُ
    جـــــــي لاٽَ اُجھــــاڻي آ

    احساسَ بنان ماڻهو
    اخبـــــــــــــــارَ پُراڻــــــي آ

    سڀُ ڌوڙ ڪري ويندي
    جـــــــــــا ڌُوڙ اُڏاڻـــــــي آ

    هُو، مان ۽ رُڳو ڳوڙها
    ناوِل جي پُڄاڻي آ

    ”مون لاءِ مري وئين تُون“
    هُن تارَ اُمــــــــــاڻي آ.


    تُنهنجي سامهون آ جهڙو حال آهي

    تُنهنجي سامهون آ جهڙو حال آهي
    باقي چرئي ٿيڻ ۾ سالُ آهي

    خالُ آهي رُڳو سَوالُ آهي
    چهري چهري تي ڏسُ زوالُ آهي

    ڇو نٿي ٿي وَڃي ڀَلا مُنهنجي
    توکي ايڏو اگر خيالُ آهي

    گھُٽَ ٻُوسٽَ ۾ جيئرا ماڻهو!!
    بس سَڄو پيٽَ جو ڪَمال آهي

    جو به ڪُجههُ ٿي رهيو آ دنيا ۾
    طاقتُن جو ننڍو مثالُ آهي

    توسان تُنهنجي ستَم جو ذڪرُ ڪيان
    مونکي اهڙي ڪِٿي مَجال آهي

    تُنهنجي ڪاوڙِ ته مان سَهي ويندُس
    توکي روئندو ڏسڻُ مَحال آهي


    شنينهن ساڳيو نه نگاهُون ساڳيون

    شنينهن ساڳيو نه نگاهُون ساڳيون
    ڪيئن رَهنديون اُهي ٻانهون ساڳيون

    تُون ۽ مان دوست! بدلجي وَياسي
    پَر نه بدليُون اُهي راهُون ساڳيون

    پيارَ جو سفرُ شروع ”آهَه“ سان ٿيو
    ۽ رهيون ڀي وڃي آهون ساڳيون

    اڄُ به مهراڻُ سڄو مياڻي آ
    لاٽَ جُون ٻاٽَ تي ڪاهون ساڳيون

    هيءَ ڊگھِي رات سهي کُٽندي ضرور
    دردَ رهندا نه پو دانهون ساڳيون.


    مونکي درياهَه جيان پائي وَئي آ

    مونکي درياهَه جيان پائي وَئي آ
    هڪَ نظر اهڙو ته گھائي وَئي آ

    آءٌ چاهيان ڀي نه جُڙِي سگھندُس
    ايئن ٽُڪرن ۾ ورهائي وَئي آ

    مونکي آئي ته کِلائڻَ لاءِ هُئي
    پنهنجي پوتي به پِسائي وَئي آ

    رنجشون، نفرتُون، دوريُون ئي سَهي
    زندگي ڪُجھهُ ته بَچائي وَئي آ

    آئي ۽ وَئي هَلي، لَٽي جيونُ
    واءُ هُئي، ڌُوڙ اڏائي وَئي آ

    باکَ جي ڦُٽڻ جو يقين ڏئي
    آخري ديپُ اُجھائي وَئي آ

    جڳَ تي ڪهڙيون مَيارُون ٿينديون؟
    هوءَ ئي جڏهن لنوائي وَئي آ


    جيونُ ائين گُذاريو آهي

    جيونُ ائين گُذاريو آهي
    اوبر پاڻي هاريو آهي

    مَرندي مَرندي هڪڙو ماڻهو
    تُنهنجي نانوَ جياريو آهي

    البم کولي تُنهنجو چهرو
    ساري راتِ نهاريو آهي

    مُنهنجي ئي گھرَ جا دروازا!
    تو ڇو ائين ڌِڪاريو آهي

    پاڻَ جلي رکَ ٿي وياسي پَر
    جڳَ جو هانءُ ته ٺاريو آهي

    سنڌڙي! تُنهنجو سُنهن ته توکي
    سپُنن ۾ ڀي ساريو آهي

    تُنهنجي سڏَ ۾ سڏُ ڏنو، هونئن
    جو آيو سو ٽاريو آهي


    ٿوري گَهڻي تي ٿي ٿو وڃي روئڻهارڪو

    ٿوري گَهڻي تي ٿي ٿو وڃي روئڻهارڪو
    پنجويهن سالن ۾ ٿو لڳي ڄڻُ ته ٻارُڪو

    وعدو ته اُن ڏينهن کان جيئڻُ ڇڏي ڏبو
    توکي رهيو نه موتي جڏهن اعتبار ڪو

    توساڻُ پيارُ آهي، تڏهن ئي ته ٿا سَهون
    الزامَ ڪيرُ ٿو کڻي ائين هاسڪار ڪو

    هُو جڏهن ٿو مِلي ته لڳي اوپرن جيان
    چهرا کَڻي ٿو گھُمندو وتي بيشمار ڪو

    دُک، انتظار، خوف، تجسسُ ۽ وري دُک
    جيونُ ٿو هاڻي ڊرامو لڳي قِسطوار ڪو


    انــــــــــــــدرُ اُداسُ هونـــــــــــدو

    انــــــــــــــدرُ اُداسُ هونـــــــــــدو
    مـــــــــــنظرُ اُداسُ هونـــــــــــدو

    جيسين مِلي نه سگھبو
    دلبـــــــرُ اُداسُ هونـــــــــــدو

    مونکي هو جنهن ڌِڪاريو
    ســــــــو گھرُ اُداسُ هوندو

    ڪنهن تي ڪندو هو جادو
    ساحــــــــــرُ اُداسُ هونـــــــــــدو

    ڪو ديوتا، نه داسي
    منـــــــــــدرُ اُداسُ هونـــــــــــدو

    شاعر هٿن ۾ ڪورو
    ڪاڳـــــــرُ اُداسُ هونـــــــــــدو

    هُن جي ڳليءَ ۾ هڪڙو
    ڇوڪــــرُ اُداسُ هونـــــــــــدو


    لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي

    لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي
    رات، چُپ چاپ ئي لنگھي ويئي

    هُن جي مُرڪڻ ۾ آ الائجي ڇا
    مُرڪندا هونئن ته رَهن ٿا ڪيئي

    پنهنجو جيونُ به وڃي ها سُڌري
    هٿُ، هٿَ ۾ جي ڇڏي ها ڏيئي

    پاڻَ به سردُ ٿي ويا سي ۽
    جڳَ جي دل به ٺَري پيئي

    راتِ رُلندا رهياسي ٻين تائين
    هيکلائي، اُداسي، مان، ٽيئي

    تُنهنجي وڇڙڻ جي حادثي کان پوءِ
    حادثا ڪَرَ کَڻي اُٿيا ڪيئي

    وقتُ، زخمن کي ته ڀَري ٿو ڇڏي
    دردَ پر دوست! رهن ٿا سيئي.


    شخصُ هو نرالو آهي

    شخصُ هو نرالو آهي
    جُون ۾ جھُڙالو آهي

    ڪنهن بور فنڪشن جو
    آخري مقالو آهي

    زندگي خُدا جو سُنهن
    زَهر جو پيالو آهي

    ڇوڪري ته ناهي هوءَ
    شاههَ جو رِسالو آهي

    ڪنهن به ڪَم جو ناهي
    هيڏو توڙي نالو آهي

    هُو حوالا ڳوليندي
    ٿي وَيو حَوالو آهي.


    ڳليءَ ڳَليءَ ۾ حشرُ آهي، ڪربَلائون هن

    ڳليءَ ڳَليءَ ۾ حشرُ آهي، ڪربَلائون هن
    زبانُون خُشڪ، اندر ۾ رُڳو صَدائون هن

    ڪوئي نه آهي جو، عيسى جي ٿي سُڃاڻپ اڄُ
    صَليب ڪيڏا نه هيڪل ڙي!، چوڏَسائون هن

    نه ڪنهن رَسول نه پيغمبر جو آهي پاراتو
    اسانجي قومَ کي اَزلي ڪي بددُعائون هن

    ائين نه سوچو ٿا، طوفانَ جي عَلامت آ
    اوهان ٿا خوش ٿيو، دٻجي وَيون صَدائون هن

    اصُول پسند، وفا شُعار ۽ زَمين پرست
    اسانجون دوستَ! برابر گھڻيون خطائون هن

    الائي ڪاٿؤن اَچي ، بي رُخيُن ڪيو ديرو
    اوهانجا نيڻَ به هاڻي ته ڄڻُ سَزائون هن

    اوهانجي پيارَ کان مليل، اسان کي ورثي ۾
    اوهانجي يادِ ۽ کيسي ۾ ڪُجههُ دَوائون هن

    اسان جي ڀاڳَ جا لکيا، وڻين جيئن لکن
    اوهان جي گھرَ ۾ ته رهندائي ديوتائون هن

    هو جيڪي گُل ڪٿي دُور ها، ٽڙيا، تن جي
    سُڳنڌَ آيون کَڻي پاڻَ وٽ هوائون هن.


    حادثَن جا شِڪارَ ٿيندا وَڃن

    حادثَن جا شِڪارَ ٿيندا وَڃن
    ماڻهو جي بُردبارَ ٿيندا وَڃن

    آئينَن جي اڳيان اچي چهرا
    پاڻَ کا شرمسار ٿيندا وَڃن

    ڪالهه هڪڙوئي هَٿُ کَڄيل هو اڄُ
    هڪُ، ٻه، سَوَ ، هزار ٿيندا وَڃن

    همتُون ڇو جَوابُ ڏينديُون وڃن!؟
    منزلون، رهگُذار ٿيندا وڃن

    توسان مِلندي جي پنُ ڇَڻَ به هُجي
    ايئن لڳي ڄڻُ بهارَ ٿيندا وڃن

    هڪَ سُک لاءِ سَؤ دفعا روئڻ
    ٽهڪڙن جا ڏُڪار ٿيندا وڃن

    وحشتُن جي به انتها آهي
    خُوابَ، اکڙيُن کان ڌار ٿيندا وڃن


    مان هُيس دردَ ـ غَفائُن ۾ گُم

    مان هُيس دردَ ـ غَفائُن ۾ گُم
    تُون هُئين پنهنجي ادائُن ۾ گُم

    پنهنجو تختو ئي وَيو اونڌو ٿي
    هُو هُيو لوڪَ ـ لَڄائُن ۾ گُم

    مُلهه جذبن جي عبادت جو نه ڪو
    هرڪو رسمَن جي خُدائن ۾ گُم

    ڪيتريُون معافُ ڪري، معاف ڪندين
    پنهنجو جيونُ ئي خطائُن ۾ گُم

    ٿي وئي آهي سدا ليکي مهل
    هر وفا پنهنجي جَفائُن ۾ گُم

    جي ڪريلَ هٿَ کڄيا، ٿي ويندو
    ماٺِ ج شهر صدائُن ۾ گُم

    اچُ ڪُجھهُ عمل جي دُنيا ۾ مِٺي
    ڪيسين رهندينءَ تُون دُعائُن ۾ گُم

    پنهنجي ڏيئن کي سنڀالي رکجانءِ
    ٿين نه تيز هَوائُن ۾ گُم


    مُون کي جي تُنهنجو سَهارو هوندو

    مُون کي جي تُنهنجو سَهارو هوندو
    وچَ درياهه به ڪنارو هوندو

    لفظَ ڪهڙا وري پنهنجا هُوندس
    جنهن کي لهجو ئي اُڌارو هوندو

    سڀُ وڃن خيالَ جڪڙبا اُن ۾
    ذهنَ تي يادِ جو ڄارو هوندو

    هر فَساني جو ٿئي دؤر ٿو پَر
    پِيارُ هر دؤر ۾ نيارو هوندو

    واتَ سان ”ننهنَ“ ۽ اکين سان ”هائو“
    ڪيڏو وڻندڙ هي نظارو هوندو

    توبنان جيئَڻُ ڪو جيئَڻُ هوندو
    بس مِڙئي دوست!، گُذارو هوندو

    جنهن کي چاهي ٿو اُنهيءَ جو گُل کي
    گھرُ ۽ شهرُ ڀي پيارو هوندو.


    مون سان اڪثر ٿو مِلي هاڻي پراون وانگي

    مون سان اڪثر ٿو مِلي هاڻي پراون وانگي
    هُو به ٿيندو ٿو وڃي ڄڻُ ته عذابن وانگي

    مُنهنجي هَر ڳالهه جو ڪنڌُ هيٺ سدائين جھُڪيل
    هُن جو هر عملُ عدالت جي سوالَن وانگي

    ڪارنامو ئي ڪوئي آهي اوهان کي چاهڻُ
    روزُ تهمتَ ٿي ملي شاهي خِطابن وانگي

    شهر ماڻهن سان ڀريل ڪوبه خريدار نه پر
    لُڙڪ پنهنجا ڀي ٿيا سنڌي ڪتابن وانگي

    مُنهنجي واتان تُنهنجو ئي ذڪر سدائين نڪتو
    ذهن تي ياد رهين کٽيل ثوابن وانگي

    پاڻ کي پاڻ ئي سوچڻ جو ڪيوسين بيمارُ
    پنهنجو جيونُ به هُيو هونئن ته گُلابن وانگي


    سنگ ساٿي نه ڪوئي، نه ٻيلي آ

    سنگ ساٿي نه ڪوئي، نه ٻيلي آ
    زندگي خُدا جيان اڪيلي آ

    مُنهنجي سوچُن کي ٻوڙي وئي پاڻ ۾
    سُونهن تُنهنجي پرين! ڄڻُ ڦليلي آ

    مُنهنجي ڪوتا کان مٺڙا! گھڻي مُعتبر
    تُنهنجي وارن ۾ اٽڪيل چنبيلي آ

    دردَ دل کي چُٽيندي رهي ٿي سَدا
    تو سِوا هر گھڙِي ڄڻُ گھُليلي آ

    هڪُ شاعر ۽ خوشيون، لڳي ئي نه ٿو
    پوءِ به چاهي ٿي مونکي، ڳهيلي آ

    چارئي پهر ڳڙکيءَ ۾ اٽڪيل اکيُون
    ڏارَ ئي ڏارَ ساري حويلي آ


    مان ڪنهن پيارَ جو قصو آهيان

    مان ڪنهن پيارَ جو قصو آهيان
    ڄڻُ ته بيرُوت جو حصو آهيان

    مُنهنجي چؤڌاري تمنائون سَوين
    مان ٿيو چؤنڪ جو رونشو آهيان

    تُنهنجي بازار ۾ نه هَلندُس مان
    دوست! کوٽو ڪوئي سِڪو آهيان

    تُون بدلجي ويو آهين پوءِ ئي
    آئون توکي ڏسي بدليو آهيان

    وچڙندڙ مرض جيان تيزيءَ سان
    مان سندءِ ذاتِ ۾ ڦهليو آهيان

    ڪو مُسافر، نه صدا پينوءَ جي
    ڪنهن ڊٺَل شهر جو رستو آهيان

    بي حَقيقت، بي بَقا ۽ بي مُلهه!!
    ڏينهن ڏٺي جو ڪوئي سپُنو آهيان

    مُنهنجي اندرَ ۾ بغاوت آهي
    ٽينءَ دُنيا جو مان نقشو آهيان


    ”نهَ“ جي سُوريءَ تي چڙهيل آهيون دوستَ!

    ”نهَ“ جي سُوريءَ تي چڙهيل آهيون دوستَ!
    دردَ سانچي ۾ گھڙِيل آهيون دوستَ!

    ڪُجهُه ته سمجھون ٿا زماني کي اسان
    چارِ درجا ڪي پڙهيل آهيون دوستَ!

    شهر تُنهنجي ۾ جاءِ ڇا ملندي؟
    شهرَ پنهنجي مان تڙيلَ آهيون دوستَ!

    ڪا نَئين ريتِ نه وجھجو هاڻي
    ڏاڍا ريتُن مان اڙيلَ آهيون دوستَ!

    ڌارَ توکان ٿي سُڃاڻپ ئي نه رهندي
    توسان اهڙا ته جُڙيل آهيون دوستَ!

    ڪيئن نهَ جانِ ڇڏائڻُ ٿي گھُرين
    ڄڻُ ڪي الزام مڙهيلَ آهيون دوستَ!

    ايترو جلدُ ته اي دردَ نه ڊاههِ
    ذَرو ذَرو ٿي گھَڙيل آهيون دوستَ!


    سجَ لهندي جو ڪو منظرُ آهيان

    سجَ لهندي جو ڪو منظرُ آهيان
    مان انڌيري ڳَليءَ جو گھرُ آهيان

    ڪالهه ڀي دردَ ئي هُئا، اڄُ ڀي
    ڪنهن اُداسيءَ جو منتظر آهيان

    تُنهنجي يادُن جُون پناههَ گاهُون مليون
    هاڻي هَر خطري کان ٻاهر آهيان

    هُن جي ورتاءَ مان لَڳي ٿو ڄڻُ
    ماڻهو ناهيان مان ڪو پٿَرُ آهيان

    مُنهنجي جذبن جو ڇو خيالُ ڪندينءَ
    ڪهڙو آخر مان معتبر آهيان

    دردَ ٻارن جيان ٿا رانديون ڪَن
    پڪَ ـ سِري گھرَ جو پَڌرُ آهيان

    هر عِبادتَ آ، مُنهنجي اندرَ ۾
    مان ئي مسجد، مان ئي مندر آهيان


    زندگي ڪربَلا وڃي ٿِيندِي

    زندگي ڪربَلا وڃي ٿِيندِي
    هر دُعا، بددُعا وڃي ٿِيندِي

    پنهنجي بيحد حساس طبيعت ئي
    پنهنجي لئه ڄڻُ سزا وڃي ٿِيندِي

    جنهن ٿي ورتو وَفا جو قسم اُها
    پاڻَ ئي بيوفا وڃي ٿِيندِي

    ٿورَي ٿورَي گھُري جھُڪائڻ ٿي
    هوريان هوريان خُدا وڃي ٿِيندِي

    مُنهنجو اَگُهه روز ٿو وڃي گھٽبو
    ۽ هوءَ بي بَها وڃي ٿِيندِي

    هوءَ ملي ڀي ته ايئن ٿئي محسوس
    ڄڻُ ته مون کان جُدا وڃي ٿِيندِي


    زندگي توڙي جي عذابُ ڪوئي

    زندگي توڙي جي عذابُ ڪوئي
    ناهي پوءِ به سندس جَوابُ ڪوئي

    دردَ اچُ درُ کُليل آ دل جو
    دوستَن سان نه ڪر حسابُ ڪوئي

    يادِ جا عڪسَ ڪُجھهُ ڇڏي ويو بس
    پيارُ تُنهنجو به هيو خُوابُ ڪوئي

    صفحي صفحي تي تُنهنجو نانءُ ڏسان
    جي کڻان پڙهڻَ لاءِ ڪتابُ ڪوئي

    يادُون هر وقت ڀٽڪنديُون ٿيون رهن
    ذهنَ آ ٿي ويو سَرابُ ڪوئي

    جڳَ وارؤ گھَڻا ئي گھاوَ ڏنوَ
    خير، هڪ ڏينهن ڪبو حسابُ ڪوئي

    گُل توسان به پيو ڪري ليکا
    ماڻهو ڏاڍو آهي خراب ڪوئي


    ڪيڏا لُڙڪ لڙيا آهن

    ڪيڏا لُڙڪ لڙيا آهن
    منظرَ ڌنڌلا ٿيا آهن

    ڏُور وڃڻُ چاهيم توکان
    راهُن پيرَ جھليا آهن

    رات سڄي رستَن تي رُلبو
    دروازا بند پيا آهن

    اڄُ ئي تُون بدليو آهين ۽
    اڄُ ئي دردَ مليا آهن

    تُنهنجي ناتي سان مُونتي
    هَر ڪنهن ڏوههَ مڙهيان آهن

    ڊائريءَ جي سيني تي وکريا
    تُنهنجا ڦُول پيا آهن

    سارُوڻيُون ساٿي ۽ سُک
    هڪُ هڪُ ٿي وڇڙيا آهن

    دُنيا کي ڇرڪائڻَ وارا
    پاڇَن کان ڇرڪيا آهن!


    ڳالهه ڇڏيو ٻي مرهمَ جي

    ڳالهه ڇڏيو ٻي مرهمَ جي
    غمُ ئي دوا پنهنجي غَمَ جي

    پنهنجو ڪوئي ڏوههُ نه آهي
    ڀوڳيون پيا ٿا آدم جي

    وَبا جيان ڦهلي جڳَ ۾
    ڳالهه اسان جي سنگَم جي

    هُوءَ تصوير به سُونهن بڻي
    ڪنهن ٻي جيونَ ـ البم جي

    تُنهنجي ڀي جي ڪم نه آئي
    پوءِ حَياتي ڪنهن ڪمَ جي

    ڪهڙا حالَ پُڇين ٿو جاني!
    روز ڏَهين آ مُحرمَ جي

    هر پَل دل جي سوڪهڙي کي
    آسَ رَهي ٿي آگم جي.


    هر گھَڙي دردُ نيارو آهي

    هر گھَڙي دردُ نيارو آهي
    تُنهنجو مُرڪڻُ ئي سَهارو آهي

    تيز اُس ۾ به ڇانوَ جو احساسُ
    تُنهنجي گھرَ جو پرين! چارو آهي

    مُنهنجي من ۾ آهي طوفان متَلُ
    توڙي هر ماٺِ نظارو آهي

    تُنهنجي اکڙيُن ۾ به نفرتَ مون لئه
    هاڻي مُشڪل ئي گُذارو آهي

    پاڻَ وٽ لُڙڪ رُڳو پنهنجا هِن
    هر ٽهڪُ دوستَ! اُڌارو آهي

    هُن ظالم کي به مُون کان ئي سِواءِ
    باقي هر شخصُ پيارو آهي

    هيتري جڳَ ۾ اڪيلو چپُ چپُ
    گُل، پرهه جو جيئن تارو آهي


    وقت ڪَيا ويرانا ماڻهو

    وقت ڪَيا ويرانا ماڻهو
    تُنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو

    توکي ارپڻ آيا آهن
    لُڙڪَ کَڻي نذرانا ماڻهو

    مان جو اڄُڪلهه هيکل آهيان
    جوڙِن ٿا افسانا ماڻهو

    مُنهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي
    تُنهنجا سڀُ زمانا ماڻهو

    وڇڙي ويندا جي وڇڙڻ جا
    ڳولن روز بَهانا ماڻهو

    ڪهڙا جڳَ سان ليکا ڪرڻا
    يارَ! اسان مستانا ماڻهو


    مُنهنجا لُڙڪ سوالن وانگي

    مُنهنجا لُڙڪ سوالن وانگي
    تُنهنجا ٽهڪَ جوابن وانگي

    جيئڻُ به ڪينَ اسان کي آيو
    محفل جي آدابن وانگي

    ذهنَ جي بوڪ ـ شيلف ۾ آهن
    يادُون بند ڪتابَن وانگي

    توکان وڇڙي دل تي گُذريو
    هر پلُ دوست! عذابن وانگي

    دل جا دودا ٿيندا آهن
    پيارا! ڪينَ حسابن وانگي

    تُنهنجو پيارُ به ٿيو اسان لاءِ
    ڏينهن ڏٺي جي خُوابَن وانگي

    پنهنجي قسمتَ ۾ تون ڀي
    ناهين يارَ! ثوابن وانگي

    مُنهنجون راهُون ڪنڊا ڪنڊا
    تُنهنجا پيرَ گُلابن وانگي


    شاعرُ جاڳي، تارا جاڳن

    شاعرُ جاڳي، تارا جاڳن
    اکڙين ۾ اوجاڳا جاڳن

    سُتيون پيون ساڀيائون آهن
    سپُنا ئي ويچارا جاڳن

    هر ڪمُ سولو ٿي پوندو جي
    دل جاڳي دل وارا جاڳن

    اڄُ جو غَمُ ئي ڪافي آهي
    اڄُ ته نه گھاوَ پُراڻا جاڳن

    مُنهنجن سوچُن سان گڏجي ٿا
    تُنهنجي گھرَ جا رستا جاڳن

    ڪُجُهه آهي جو نڪرڻ چاهي
    اندرَ ۾ ٿا لاوا جاڳن

    ماڻهو موتَ جي ننڊَ سُتل ۽
    تاريخُن جا صُفحا جاڳن

    نقشي ۾ تبديليون اينديون
    ذهنن ۾ ٿا ويڇا جاڳن

    گُل دُکن ۾ گھيريلُ اهي
    هر پاسي ٿي ڪنڊا جاڳن.


    پلَ پلَ جو عذابُ چاهي ٿو

    پلَ پلَ جو عذابُ چاهي ٿو
    منُ ڏاڍو خرابُ چاهي ٿو

    هُن جو هر هڪُ عملُ ٻُڌائي ٿو
    مون کي هُو بي حسابُ چاهي ٿو

    پيارَ جي موٽَ، پيارُ ڏي تون ڀي
    هرڪو جذبو جَوابُ چاهي ٿو

    پياسَ آهي وري گھٽجڻَ
    ذهنُ ڪو نَئون سَرابُ چاهي ٿو

    پنهنجي جيونَ ڪتابَ ۾ هرڪو
    ڪوئي رنگين بابُ چاهي ٿو

    مونکي لائي گُناههَ جي رستي
    هُو ماڻهو ثَوابُ چاهي ٿو

    ڪيرُ هٿُ ٿو وڌائي ڪنڊَن ڏي
    دوستَ! هرڪو گُلاب چاهي ٿو


    پرتِ جا پيچَ ڪي پائڻ گھرجن

    پرتِ جا پيچَ ڪي پائڻ گھرجن
    پاڻَ تي لوڪَ کلائڻُ گھرجن

    ڪنهن جي هڪَ مُرڪ تي وڪڻي ڇڏجي
    منَ جا مولَ گھٽائڻُ گھرجن

    ڪڏهن هُن کي به وساري ڇڏجي
    ڪڏهن ته خيالَ مٽائڻُ گھرجن

    سُونهن جي نانوَ تي جھُڪجي سائين!
    نينهنَ سان نينهُن نڀائڻُ گھرجن

    لُڙڪ اکڙيُن جا وڃن ٿا سُڪندا
    ڪي نَوان دردَ پرائڻُ گهُرجن

    ڪيسين راهُن جي ڏُکيائي سَهبي
    چونڊي سڀُ پهڻ هَٽائڻُ گھُرجن

    يا ڪرايُن ۾ چُوڙيون وجھجَن
    حوصلا يا ته وڌائڻ گھُرجن

    ڀلُ ته انڌيرن سان وڙهن ۽ وچڙن
    پاڻَ کي ديپُ جَلائڻُ گھُرجن


    تُنهنجي ڳليءَ جا ڦيرا هُوندا

    تُنهنجي ڳليءَ جا ڦيرا هُوندا
    ڏينهن ۾ ڏَهه ڏَهه ڀيرا هُوندا

    تُون جي ايندين گُم ٿي ويندا
    توڙي گھُور انڌيرا هُوندا

    جن کي توسان نفرت هوندي
    ڏاڍا مَن جا ميرا هُوندا

    جيئن جيئن راتِ ڊگھي ٿي سمجھو
    ويجھا پَڪَ سَويرا هُوندا

    گوليُن جو آواز فضا ۾
    اُجڙيا ڪي آکيرا هُوندا

    ذهنُ جي ڦاٿو ڦاٿلُ هوندو
    يادِ جا سوگھا گھيرا هُوندا

    گُل انهن جايُن تي ٽڙندا
    جاٿي تُنهنجا پيرا هُوندا


    تُون ۽ مان هڪٻئي کان هُئاسين جُدا

    تُون ۽ مان هڪٻئي کان هُئاسين جُدا
    مُرڪندا ئي رهيا وچ جا فاصلا

    هٿَ پابند ۽ چَپ، چُپ چاپِ ها
    ذهنَ ۾ لفظَ سُڏڪا ڀريندا رهيا

    وقتُ مون کان کَسي، جوبه کسڻو اٿس
    تُنهنجي گھَر ڏي وڃن ڀاڳَ جا پيچرا

    سُک سڀُ ڪُجھُه وساري سُتا ئي رهيا
    ڏينهنُ جاڳيو ته سڀُ دردَ جاڳي پَيا

    هن ڌرتيءَ مَٿان ڪيتريُون رونقون
    دل ۾ ويرانِيُون!! يا خُدا يا خُدا!!

    ڪيڏيون مصنوعيَتُون زندگيءَ ۾ هُيون
    هَڙَ مُرڪُون ڦِڪيُون، ٽهڪ ڀي کوکلا

    موسمَن جي بدلجڻَ جي ايئن سُڌِ پَئي
    ڌوڙِ اُڏندي رهي، گُلَ ڇڻندا رهيا


    مون لئه پَٿر جا ماڻهو

    مون لئه پَٿر جا ماڻهو
    پنهنجي ئي گھَر جا ماڻهو

    تُون جي گڏجي آهين مون سان
    هڪڙيءَ ٺوڪَر جا ماڻهو

    ڪهڙِي اُجري ڳالهه ڪندا
    ڪارا اندرَ جا ماڻهو

    لُڙَڪَ ته گھَر جا ڀاتي آهن
    ٽهڪَ ته ٻاهرَ جا ماڻهو

    تُون بادَل ۽ يارَ! اسان
    جهڙوڪَر ٿَرَ جا ماڻهو

    جذبن کان ئي خالي آهن
    جهڙا ڪاڳرَ جا ماڻهو


    جو نه ڀُلجي به نِهاري مُون کي

    جو نه ڀُلجي به نِهاري مُون کي
    ڪيئن سمجھان ته، ٿو ساري مُون کي

    جيئن وڻيس، تيئن هُو ماري مُون کي
    کيس چئو، چئو ته وساري مُون کي

    روزُ ٿو پاڻُ جياريان مان ۽
    روزُ هو شخصُ ٿو ماري مُون کي

    ڇو نه ٿو يادِ اچان مان توکي
    ڇو نه ٿو لوڪُ وساري مُون کي

    پاڻَ ته گُم ٿي وَئين ميلي ۾
    چؤنڪ هڪڙي تي بيهاري مُون کي

    پنهنجي ڪمري جي گندَ ڪچري جيان
    ڪو ذهنَ مان ٿو ٻُهار مُون کي

    ڪيڏو همدردُ هُيو، مُنهنجو هُو
    وَيو ڇڏي دردَ سهاري مُون کي

    ڇو هُو طُوفان وي بڻجي آ
    ديپَ جيان پاڻَ ئي ٻاري مونکي


    شاعر جي جذبَن جُون ڳالهيون

    شاعر جي جذبَن جُون ڳالهيون
    سنڌوءَ جي جوڀَن جُون ڳالهيون

    توکي ڀي بس يادِ رهن ٿيون
    مُنهنجي ئي ڏوهَن جُون ڳالهيون

    اڄُ جي ٽهڪن ۾ ڀُلجي ويسُ
    ڪالهوڪن لُڙڪن جُون ڳالهيون

    تُون ئي هڪڙو سمجھي سگھندين
    اوجاڳيلَ اکڙيُن جُون ڳالهيون

    اسڪولن ۾ پڙهيا آهيون
    ڪُوڙن ئي سپُنن جُون ڳالهيون

    توسان پيارُ ڪندڙ ڇا ڄاڻي؟
    سرڪاري تمغن جُون ڳالهيون

    روز ئي ٻُڌڻيون پونديون آهن
    تُنهنجي گھر وارن جُون ڳالهيون

    ڪيئن ڪرڻُ بي قومو ڏيندو
    ڌرتي ۽ قومُن جُون ڳالهيون

    سنڌُ، سنڌيُن جي ڳالهه ڪَيُون، ڇڏ
    عجمن ۽ عربن جُون ڳالهيون


    ڪڪريُون ٿَر ڏي به وينديُون دوستو!

    ڪڪريُون ٿَر ڏي به وينديُون دوستو!
    بارشُون آخر ته ٿينديون دوستو!

    ڇا ٿيو جي ’اڄُ‘ اوهان جي وسِ آ
    ڪي گھڙيُون پنهنجون به اينديون دوستو!

    حالتُون هٿَ ٺوڪيُون رسمُون، رواج
    ڇا سَڀو ڪُجھهُ ئي کسينديُون دوستو!

    جي ڪُڇڻَ تي بندشُون پئجي ويون
    خامشيون نغما رچينديُون دوستو!

    هيکلايُون ماءُ جيان ٿيون پيار ڪَن
    رونقون آهن ڏنگينديُون دوستو!

    محبتُون هڪ هڪ ڪري وينديُون رهيون
    مُون کي راهُن ۾ ڇڏينديُون دوستو!

    صرفُ ديوارون ٻُڌي سگھنديُون ئي هن
    ڪينَ ڪُجھهُ آهن سَلينديُون دوستو!


    ڏاڍا ڀاڳَن وارا دوست!

    ڏاڍا ڀاڳَن وارا دوست!
    تُنهنجي پاڙي وارا دوست!

    دل کي وَيا وڪوڙي آهن
    اڻڄاتلَ مُونجهارا دوست!

    ڏُک ڏئي ويندا رهندا هِن
    ڪير ڪندو وڻجارا دوست!

    ڏاڍو ڪَڙو ويو ٿي جيونُ
    ٿي پَئو امرت ڌارا دوست!

    مُرڪُون، ٽهڪَ، ڪچهريون، سنگت
    ڪُوڙا سڀُ سهارا دوست!

    توکان وسري ويندُس مان ۽
    مُنهنجي گھرَ جا چارا دوست!

    آءُ ته اُجڙيس، اُجڙيا ناهن
    اکڙيُن جا اوتارا دوست!


    اجنبيُن وانگي ملياسي، تُون، مان

    اجنبيُن وانگي ملياسي، تُون، مان
    نه رُناسي نه کلياسي تُون، مان

    ساڀيا جو نه ڪوئي رُوپُ مليو
    سپُنا، سپُنا ئي رهياسي تُون، مان

    جيئن افسانو ڪو عنوانَ بنان
    تيئن اي دوست! ٿياسي تُون، مان

    لُڙڪ ته کوڙَ وهيا، وهندا رهيا
    صرف مرڪي نه سگھياسي تُون، مان

    ڪيئن هڪٻئي کي سَهارو ڏيون ها
    هڪَ ئي وقت ڪرياسي تُون، مان

    جڳَ جي اک ۾ سدائين ڄڻُ ته
    ڪَک وانگي ها پياسي تُون، مان


    لُڙڪ ها، گيتَ ها، گُلابَ هُئا

    لُڙڪ ها، گيتَ ها، گُلابَ هُئا
    صرف پاڳل اکيُن جا خُواب هُئا

    اسان ۾ دوست! برابر گھڻيُون بُرايون هن
    ڪِٿي چئون ٿا اسان تي لٿا ڪتابَ هُئا

    مان تُنهنجي شهر جي جنت مان تڙجي ويُس
    گھَڻا ئي کاتي ۾ توڙي سندم ثوابَ هُئا

    اکيُون، رويو، چهرو ۽ لهجو بدليل
    عجيب طرح سان ورتا ويا حِسابَ هُئا

    عمر گُذاري ڇڏي سي جَواب ڳولڻ ۾
    مليا جي ماڻهو سمورائي لاجوابَ هُئا

    هر امتحان ۾ ناپاس ئي رهيُس ٿيندو
    بدلجي سارا حياتيءَ جا ويا نصابَ هُئا

    اسان کي دوست ئي نه سمجھي سگهيا هونئن ته
    نه ڪي رِڍون ئي هُيون ۽ نه ڪي ربابَ هُئا.


    نظم

    سلامتيءَ جي علامت نظم : رسول ميمڻ

    ايازگُل، غزل جو شاعر آهي، نئين ٽهيءَ ۾ اياز گُل تمام سٺو غزل لکيو آهي. حقيقت اها آهي ته هو اڳتي هلي، غزل جي حوالي سان سُڃاتو ويندو. اياز گُل جي شاعريءَ ۾ ڪُجھُه سالن ۾ جيڪا نَواڻ آئي آهي، اها حيرت انگيز آهي. اياز گُل جي اوائلي شاعري پڙهي اهو احساسُ ئي نه ٿيندو هو ته ڪو هو اڳتي هلي، ايترو قداور ثابت ٿيندو، اڄُ هو نئين ٽَهيءَ جو نمائندو شاعر آهي.

    هن جي غزل جيان، نظمن ۾ به شڪايت جو عنصر نمايان آهي، اهو لازمي نه آهي ته هڪ ئي شاعر، هڪ ئي وقت شاعريءَ جي سڀني صنفن تي هڪ جهڙي مهارت رکندو هُجي. سوچ جو وهڪرو، جيڪو هڪ سوچ جي اظهار ڪندڙ جي لاءِ آسان آهي ته اهو ٻئي لاءِ ڏکيو. فطري طرح جيڪو وهڪرو، ڪنهن به مفڪر کي پاڻ ۾ سمائڻ جي قوت رکندو آهي، ته مفڪر به پاڻ ان مان ڀرپور نموني نروار ٿي، ان ئي ڌارا يا صنف ۾ رنڱجي پاڻَ نئون رُوپ ڏئي، هڪ نئين انفراديت ۽ نواڻ ماڻيندو آهي. اياز گُل پيار جو شاعر آهي. هن جي نظم جو محبوب سلامتيءَ جي علامت آهي.

    ــــ هن ٽرين جي
    هڪ گاڏي ۾،
    ٻين گھڻن ڌارين سان گڏُ
    هڪ مُرڪندڙ محبوب چهرو به آهي،
    هن ٽرين کي پنهنجيءَ
    امان ۾ رکجانءِ
    سڀ سُک هن جي راهه ۾ رکجانءِ
    يا خُدا! يا خُدا! يا خُدا!!


    اُداس پَل جو هڪ واعدو

    مان پنهنجو پاڻَ سان
    اهڙو ڪيان ٿو واعدو اڄُ
    ته تُنهنجي نينهن جي ناتي نه
    آئيندي جيئبو

    نه مُرڪبو ئي وَري هاڻي تُنهنجو نانءُ وٺي
    نه تُنهنجي راهگُذارن تان گُذربو هاڻي
    جي گُذربو به ته ڪنڌُ هيٺ ۽
    جھُڪيل اکيون

    نه تُنهنجو خيالُ نه جذبن جي ڪائي
    ڪتڪائي
    نه جاڳ ۽ نه وري ڪا اکيُن ۾ لالائي
    جي ذڪر آيو ڪٿي تُنهنجو ڪنهن به
    محفل ۾
    ته اهڙو ڏيکُ ڏبو، ڄڻُ نه ڪا شُناسائي،

    اڪيلو ڪمري ۾ ويهي ۽ توکي يادِ ڪري
    ڪو غزل لکبو ۽ نه ڪو شعر
    تُنهنجي نانءُ ڪبو.
    جي دل گھُري ڪنهن پُڇيو دوست
    تُنهنجي باري ۾

    ته ٽهڪ ڏيئي وڏو، چئبو،
    ”ڪوڙُ هيو سڀُڪُجھُه
    مڙئي دل پئي وندرائي سي
    ٻه ٽي ڏينهنڙا
    اسان ۽ پيارُ!! ڪو کوڙو
    لڳي ٿو دوست ڀلا؟!!“
    نه تُنهنجو ساٿُ، نه آٿتُ، نه هانوَ تي ڇنڊو
    ته پوءِ روز دُکن جا صليبَ ڇو کڻجن؟
    ڇو روز مرجي ۽ ڇو روز رولجن موتي،
    جي جيتَ ناهي اسان جي، ته ماتِ ڇاجي لاءِ؟
    ڊگھو سفرُ ۽ اداسيءَ جي راتِ ڇاجي لاءِ؟

    ادا اڪيلو رهان
    سو چڱو آهي اڳنا
    مان پنهنجو پاڻَ سان اهڙو ڪيان ٿو
    وعدو اڄُ
    ته هاڻي ڪنهن سان ڀي ڀُلجي ڪڏهن
    نه پيارُ ڪبو.


    تُنهنجي جنم ڏينهن تي

    ڏُور
    نيڻَ ـ نهارن کان به ڏُور
    روشنين جي شهر وچ ۾ ڪٿي
    ڪنهن جڳمڳ جڳمڳ گھرَ ۾
    ٺيڪ هن وقت سنجها جي ويلي
    هڙئي رنگَ گُلابن جا
    سجائي مُک تي
    پنهنجن پيارَن جي ننڍڙي ميڙ ۾ تُون
    ڍنڍَ ۾ نيل ـ ڪنول وانگي ڀاسندي هوندينءَ

    ۽ جڏهن ساريُون وسائي شمعون
    برٿ ڊي ڪيڪُ ڪٽيو هوندو تڏهن
    جاڳي پَيا هوندا چؤطرف ان پل
    ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ جا آواز

    ٺيڪ ان وقت سنجھا ويلي مان
    ( مان جو توساڻ حياتي گُذارڻ چاهيان
    پر جنم ـ ڏينهن به تُنهنجو توسان
    ڪينَ آهيان جو گُذاري سگھيو)
    مان اُهو ساڳيو مان

    پنهنجي ڪمري جي قبر ۾ پوريل
    تُنهنجي يادُن جي سحر ۾ جڪڙيل
    شهر تُنهنجي ڏي مُنهن ڪري ٿو چوان:
    ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو او فرينڊ!
    هيپي برٿ ڊي ٽو يو او فرينڊ!! “


    اداڪار

    تُون سدا مون کي اداڪار سڏيندي آهين
    ”ڊائلاگن“ جو ڏئي نانءُ ۽ مُنهنجا جذبا
    روزُ ماريندي جِياريندي آهين.

    مُون نه توکان جي ڪوئي زخمُ لڪايو آهي
    جيڪي ڪُجھُه ڀي آهي ڀوڳيو سو
    ٻُڌايو آهي
    مُون نه ڪو ڪُوڙ ڪَيو آهي ڪڏهن به توسان
    جيڪي اندرَ ۾ هُجي. چهري تي سو ظاهر ڪيو آ
    دردَ دل ۾ ئي دَٻائي دل جا
    ڪينَ ڪو ٽهڪُ لڳايو آ، جي
    اُن جو مقصد ڪو ائين ناهي ته مان
    توکان همدرديُون حاصل ٿو ڪرڻ چاهيان ڪي،
    ۽ مُنهنجو پيارُ فلرٽ آهي، اداڪاري آ

    ائين ناهي ائين ناهي سانئڻ!
    هڪ شاعرَ وٽ لفظن کانسواءِ ڇا ٿو ٿئي؟
    عام ماڻهو به ته لفظَن جو سَهارو ٿا وٺن
    مُون جي ورتو آهي ته ڪهڙو گُناهه ڪَيو آهي؟

    تُون مگر تِن کي سڏي ڊائلاگَ
    مُنهنجي جذبن ۽ مُنهنجي پيارَ جي
    توهين نه ڪر ــ

    تُون جي پنهنجي مَٿان هڪُ خولُ ڇڏيو چاڙهي آ
    اُن جو مقصد ڪو ائين ناهي ته
    هر سچو پيارُ، ”اداڪاري“ ۽
    هر سچو پيارُ ڪرڻ وارو ”اداڪار“ ٿو ٿئي!..


    ڪُوڙُ

    ٻالپُڻ کان ٿا
    اهو ٻُڌندا اچُون
    ڪوئي جي يادِ ڪري ٿو ته
    ٿئي ٿي هڏڪي ــــ

    پر اهو ڪُوڙُ، صفا ڪُوڙ
    لڳي ٿو هاڻي.
    ائين هُجي ها ته پوءِ
    تُنهنجي هِڏڪي
    بند ئي ڪينَ ٿئي ها
    سانئڻ!


    گھَرو ڪَمُ

    مُون کي هيٺين سان اچو، جوڙَ، ونڊَ ،ڪَٽَ، ضَرب ڪيو:

    مان + نفرتُون سنسار جُون = .................... !
    مان ÷ اَذيتُون ويچار جُون = .................... !!
    مان – مُحبتُون واپار جُون = .................... ؟
    مان x بي وَفايُون يارَ جُون = .................... ؟؟

    سراسري پاڇي بچي:

    = ڳالهيُون سِڪَ ۽ پيارَ جُون.


    لاڳاپو

    روزُ ڪلاس ۾
    قومُن جي لاڳاپَن کي
    پڙهندا آهيون
    مان ۽ مُنهنجا هم ڪِلاسي
    قومُون ڪيئن ٿيون جُڙن، ٽوڙن
    پنهنجي وچ لاڳاپا!
    ساري جڳ جي ڳانڍاپي جي
    ڄاڻَ اسانکي

    حيرتَ آ، پر
    مُنهنجي ڀر ۾ ويڍل مُنهنجي
    هم ڪلاسڻ
    مُنهنجو نانءُ به ڪينَ ٿي ڄاڻي
    لاڳاپو ته پَري رهيو!!


    DIARY

    وحشتُن ۾
    ڏُکن ۾
    ڪاوڙ ۾

    توکي چاهيو هُيم، چوڻ جيڪي
    ۽ چَئي جو سگھيُس نه
    چاهيندي
    اِهو سڀُ ڪُجھُه ذَرو ذَرو ئي هُن
    تُنهنجي بدران
    ٻُڌو، سٺو آهي.


    نيم پليٽ

    دوستَ هڪُ هڪُ ڇڏي سارا ئي ڇَڏي ويا آهن
    دل جُون ڳالهيُون ويُون دل ۾ ئي گھُٽجي
    مُنهنجا جذبا، قبرستان جي قبرُن تي رکيل
    تيل ـ ڏيئَن جيان اُجھامي ويا آهن.

    ڪيترو آهيان ڊنل، ڪيترو اُجڙيل ٿو لڳان
    ڏينهنَ ٿيا دَرَ تي ڪو کڙڪو به نه آ،
    (ائين محسُوس ٿو ٿي، دَرَ ۾ ڪَڙو ئي ناهي)

    کوکِلا ٽهڪَ ڏئي ڏينهنُ سڄو گھاريو ٿَم
    هاڻي پويون آ، پهَرُ راتِ جو ۽ مان آهيان
    مُنهن وِهاڻي ۾ وِجھي سُڏڪي رهيو آهيان ۽
    ٻاهر دَرَ تي، هوءَ کِلي پئي مُون تي،

    نانءَ مُنهنجي جي ئي نيم ــ پليٽ!


    ڊيٽ ايڪسپائيرڊ لو

    مُنهنجي جيونَ مان سڄو رَسُ ڪڍي، چَسُ ڪڍي
    ٻُڪ جي سيرَ مان، پاڻيءَ جيان وئي هُئينءَ نڪري.

    پيارَ تُنهنجي جي مونکي، ڪيڏي ضرورت هُئي تڏهن
    ڪوبه احساسُ، ڪوئي قِياسُ نه ٿيو هو توکي
    تو بعد ڪيڏو ويو هُئس وِکري
    ڪيڏي غمناڪ ۽ گُمنامُ حياتي گھاريم
    ڪيڏا زخم مليا، ڪيڏو نه بدنام ٿيس!

    هاڻي هر زخمُ، هر هڪُ غمُ ڀلائي جڏهن
    زندگي پيارَ سِوا گھارڻ جو
    ڍنگُ آهيان مان سِکيو، تون تڏهن
    پنهنجي ماضيءَ جي مُحبتَ جا حوالا ڳولي
    مُنهنجي جيون ۾ موٽڻُ ٿي گھُرين.

    پر سانئڻ!
    پنهنجي هيءُ پيارُ کڻي واپس وَڃُ
    ڪابه همدردي، ڪوئي پيارُ نه گھُرجي مونکي
    هاڻي ڪوئي جي مليو پيارُ مَري ويندُس، ۽
    ڪنهن طرح آءٌ مَري وڃڻُ لئه،
    راضي ناهيان!


    سوچيندو آهيان

    ڪڏهن ڪَڏهن سوچيندو آهيان:
    مان اهڙو بي ڏوهي جنهن تي
    ڏوهي ڪوٺي
    ڏوههَ مَڙهيا ويا آهن ڪيئي

    رشتا ناتا جهڙا پاڇا
    راتِ ٿيڻ تي ساٿُ ڇڏي ويا
    نيٺ سَڀئي!

    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:
    تُنهنجي مُنهنجي گھَر جي وچ ۾
    آهي هڪڙي
    دُشمَن مُلڪن جي وچ واري
    حَد ــ لَڪير
    جنهن کي تو، مان نانءُ ڏنو آهي
    ”تقدير“

    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:
    ڳالهيون سڀُ اجايون ڳالهيون
    سپُنا سڀُ اجايا سپُنا
    تُنهنجو پيارُ اجايو سپُنو
    قول قرار اجايو سپُنو
    جو ڪُجھُه ڀي مُون سوچيو هو سو
    سڀُ ونوارُ اَجايو سپُنو

    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:
    ۽ پو چُپ ٿي ويندو آهيان!


    سوالَ جي ديوارَ

    ڪُجھُه ڪَجي، ڪُجھُه نه ڪَجي
    جي وچ ۾

    جسم سارو ٽِياس تي ٽنگيل
    هر گھَڙِيءَ جي هَٿن ۾ آ پٿرُ
    راههَ آهي جو ڪا سُجھي ئي نه ٿي
    اَجنَبي شهرَ ۾ مُسافر ڄڻُ
    هَر طرف آ سَوال جي ديوارَ:
    سُور سَهجن ته ڪنهن جي خاطر، ڇو؟
    گيتَ سَرجن ته ڪنهن جي خاطر، ڇو؟

    ڇا ڪَجي، ڇا نه ڪَجي جي وچ ۾
    راتِ ناهي تڏهن به راتِ لڳي
    جيتَ توڙي تڏهن به ماتِ لڳي
    ڄڻُ اُداسيءَ جي آهي ڪا موسم
    زندگي ڪربلا، سدا ماتم
    مُنهن تي هيڊَ جا گھُمايل هَٿَ
    هَٿَ ـ لڪيرُون اَڀاڳَ ۾ وهنتَل
    دردَ آهن جو هر طرف ڦهليل

    ڇو ڪَجي، ڇو نه ڪجي جي وچ ۾
    هڪڙو چِهرو اڃا جو آ پِيارو
    راتِ ڪاريءَ ۾ ذهن جي اُڀ تي
    پرهه جو ڄڻُ ته هيکلو تارو
    خيالُ جاڳائي ٿو جيئڻَ جي لاءِ
    ۽ وري نَئون زَهر پيئڻَ جي لاءِ.


    VOLCANO

    هاڻي مُنهنجو خيرُ نه آهي!

    شهرَ جي هڪڙي ڀريلَ چؤنڪ تي
    هُن، مُنهنجي نِڙگھُٽ تي ننهُن ڏيئي
    حڪم ڪيو هو..........
    ”ڏينهن ڏٺي کي رات چوڻَ جو،
    ڪاريءَ راتِ کي ڏينهنُ مڃڻَ جو“
    مون چاهيو پئي:
    ’ها‘ ڪيان جو، (نِڙگھُٽَ مُنهنجي تي ننهُن هو)
    پَر واتان هي نڪري وَيو آ
    ”ائين ته ناهي ائين ته ناهي!“
    هاڻي مُنهنجو خيرُ نه آهي!

    پَر ائين ناهي، پَر ائين ناهي
    هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!
    ڇو ته اسان جي چئني پاسي
    ميڙُ ڪَري بيٺل ماڻُهن مان
    هر ڪو ماڻهو سمجھي وَيو آ،
    ڪُوڙو ڪيرُ ۽ دوکو ڇاهي
    ’هُو ماڻهو‘ ڇاڇا ٿو چاهي
    هر ڪو ماڻهو سمجھي ويو آ
    ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي اکِ ٽانڊو

    ٿيڻَ لڳي آ

    ٻانهنَ ٻانهنَ ۾ چُرپُر آهي!
    هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!
    هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!!


    لوڪُ ڪَهاڻي

    ڏينهنَ ٿيا جو
    سُونهن نگر جي شهزاديءَ
    ”آزاديءَ“ کي
    ڪوههَ قافَ جي وَحشي، ڪاري، ڪاڻي ديوَ
    کڻي وڃي آ، قيد ڪيو

    سُونهن نگر جو راجا راجُ
    ڏاڍو آ حيرانُ پريشان
    هُت شهزاديءَ ’آزاديءَ‘ جو ڀي
    ڄڻُ ته رهي ٿو مُٺِ ۾ ساههُ
    روز جيئي ٿي روز مَري ٿي
    جنهن جي کِلڻَ سان گُل ٽِڙيا ٿي
    ڳوڙها ئي تنهن جا مهمانَ

    سُونهن نگرَ جا هَڙَ شهزادا، جُنگَ جَوان
    ڪاڻي ديوَ جي قيدَ منجھاران
    کيسِ ڇڏائڻ جيئن ويا هِن، وريا ناهن
    راهُن ۾ ئي ڪاڻي ديوَ جي جادوءَ هيٺ
    هُو هَڙَئي هٿيارَن سُوڌا
    پنڊ ـ پَهڻ ٿي سڀُ ويا هِن

    تنهن کي ڪيئي سالَ ٿيا هِن
    ڪاڻي ديوَ جي قيدي، شهزاديءَ ’آزاديءَ‘ جي
    نيڻَن ۾ هيءَ آس اڃا ڀي
    ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم ڏيئي وانگرُ جَلي پَئي
    ”ڪوئي ته ايندو، ڪوئي ته ايندو،
    جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو،
    جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو!!“


    وعدي خلافي

    هڪڙو وعدو جو ڪَيو
    تُون ۽ مان

    روزُ هَر راتِ سُمهڻَ کان اڳ ۾
    هڪٻئي جي ڪري
    گھَر ڏي مُنهن
    دوست!
    چونداسين ”خُدا حافظ“، سو
    تُون به هر راتِ ائين ڪَيو هوندو
    مون به هر رات ائين ڪَيو آهي

    معافُ مونکي ڪجانءِ دوست!، مگر
    رات وعدي خِلافي ٿي وَئي
    روئندي راتِ ئي لنگھي وَئي.


    سائينمِ سَدائين ڪرين ......

    هِن ٽرين جي
    هِڪ گاڏي ۾
    ٻين گھڻن ڌارين سان گڏُ
    هڪڙو محبوبُ مُرڪندڙ چهرو
    ڀي آهي

    هِن ٽرين کي پنهنجيءَ
    پَناههَ ۾ رکجانءِ
    سڀُ سُکَ هِن جي راههَ ۾ رکجانءِ

    يا خُدا!!
    يا خُدا!!!.


    مصلحت خُداوندي

    چوندا آهن
    ’ديوارن کي ڪَنَ ٿين ٿا
    پر اهو به چَڱو ٿيو جو
    ديوارَن کي ناهي زِبانَ‘

    نه ته، ته جيڪر ڪيئي رازَ اُگھاڙا ٿين ها
    ڪي ئي قصا، اونداهيُن جو سينو چيري
    عام ٿين ها.
    خولَ شرافَتَ جا چهرن تان
    لَهي وڃن ها
    ۽ هيٺان جي ظاهر ٿين ها
    چهرا، ڪيڏا چهڪَ ڏين ها؟

    ڪيئي سونا لڳندڙ ماڻهو
    رولڊِ گولڊ جا ثابت ٿين ها
    سپُنا پنهنجي ساڀيائُن تي
    روئي ڏين ها،

    ويساهَن جي وکرڻ تي سڀُ
    سُندَر سوچُون وِههُ پيئن ها
    (جاڙَ جيئن ها جي جيئن ها)

    چڱو ٿيو جو
    ديوارُن کي ناهي زِبانَ.


    هٿَ ٺوڪي نفرت

    دوستَ!
    ڀَلي جي مُون سان تُون
    پيارُ نه ڪَر نفرتَ ڪر
    (جيئن گورن جي ڪارن سان ــ
    غلط سلط، هٿَ ٺوڪي نفرتَ)

    مان ڄاڻان ٿو پيارُ سندم جو
    بُکَ وگهي رُئندڙ ڪنهن ننڍڙي
    معصوم ’نيگرُو‘ ٻالڪَ جي
    اوندههِ جهڙي ڳَلَ تان ڳڙندڙَ
    گرم، ڪساري ڳوڙهي جيان
    (جھولَ نه ڪائي جھَلبي جنهن لئه ــ
    مٽيءَ ۾ جنهن کي ملڻو آ)

    ڪوئي ويليو (VALUE) ڪونهي
    مان ڄاڻان ٿو،
    پيارُ سندم جو.


    ناشُڪري

    پرين!

    مُنهنجي ننڍڙي گھَر ۾
    خُدا جو ڏنو
    سڀُ ڪُجھهُ آهي
    سِواءِ تُنهنجي!


    سَچُ

    دل چاهي ته
    ڪنهن به ويلي
    ڏسي سَگھان ٿو
    تُنهنجي مُک تي
    سجَ لهڻ جو ڏيکُ.

    بس هڪڙو ڀيرو
    حرڪت واري مُرڪ
    چپَن تي آڻي
    توکي،
    ڀڃڻي پَوندي
    اکِ.


    اڃا اسان جو دؤر آ

    اڃا اَسان جو دؤرُ آ
    اڃا اَسان جو دؤرُ آ
    او ڪُوڙَ جا پَيمبرؤ!
    پَري رهو، پَري رَهو

    اڃا ٿو پيارَ جو شهرُ وَسي پَيو
    اُنهيءَ تي مينهنُ نينهَن جو وَسي پَيو

    اڃان ٿي سينڌ سُونهن جي سنوارجي
    اڃا ٿي ڪنهن جي واٽَ پَئي نهارجي
    جُدا ٿي روئي راتِ پَئي گُذارجي
    اڃا ملڻَ جي آس دل ۾ ڌارجي
    اڃا نه پنهنجو پيارُ ٿو وِسارجي
    ڍَڪي اکيُن ۾، ساههَ ۾ ٿو سارجي
    غَمن ۾ هانءُ ڪينَ پيو ٿو هارجي
    پَکي پَيو ٿو پيارَ جو اُڏارجو
    اڃا ڪيلُ قولُ پَيو ٿو پاڙجي
    اڃا ڀي ساههُ ديسَ تان ٿو وارجي
    اڃا ٿي ناوَ سِيرَ مان اُڪارجي
    اڃا سُتل سوچ ٿي اُٿارجي
    اڃا به مَچُ ڏاتِ جو ٿو ٻارجي
    ۽ راتِ مان ڪو سجُ ٿو اُڀارجي

    اڃا اَسان جو دؤرُ آ
    اڃا اَسان جو دؤرُ آ

    اڃا ته لاٽَ سچَ جي جَلي پَئي
    ۽ ڀُڻڪ سُورَ ڀُڻڪ سان سَلي پَئي
    اڃا نه دل کان دل، ڪا دل پَلي پَئي
    نه رازُ اکِ، اکِ کان اَلي پَئي
    اڃا به سِڪَ راههَ ٿي جھلي پئي
    اڃا به جنگِ ڪرڀَ سان هَلي پَئي

    سو، ڪُوڙَ جا پيمبرؤ!
    پَري رَهو پَري رَهو
    اڃا اَسان جو دؤرُ آ
    اڃا اَسان جو دؤرُ آ


    گيتَ

    گُل جا گيتَ : نصير مرزا

    گُل، گھڻو ڪري شاعريءَ جي سڀني صنفُن ۾، سڀني فارمن ۾، لفظن جي ايڪسرسائيز ڪئي آهي، پر سندس غزل، کيس جيڪا آئيڊنٽٽي ڏني آهي، ان کان ڀَلا ڪيرُ آگاههُ ڪونهي، پر گُل جي ڪريڊٽ ۾ ڪي ٻيون به ته صنفُون آهن. بلڪل آهن! مثال طور، گيت.... اڇا! ٿيندو هينئن آهي جو، غزل اهو شاعر سُٺو لکندو آهي، جنهن کي عشق جو ڪمپليٽ نه، ته به ڪُجھُه تجربو هوندو آهي، ۽ گيت لکڻ لاءِ وري ”وڇوڙي“ جو تجربو هُجڻُ ضروري آهي. هن سَمي، هيءُ جو گُل جا غزل پاسيرا رَکي، سندس هي مٺڙا گيت ويٺو پڙهان ٿو ته، حيران پيو ٿيان. اڇا! ته گُل اندرَ جي اُنهن ٻنهي موسمُن جا ساءَ چَکي چُڪو آهي. گُڊ!

    گيتَ کي هر ٻوليءَ جي سُريلي صنفَ سمجھيو ويندو آهي. گيتَ کي نازُڪ احساسَن ۽ مَن کي ڇُهندڙ جذبن جي پريم وارتا به چَيو ويندو آهي، ۽ اڪثر گيتَ جي اظهار کي وڌيڪَ رسيلو ۽ ميٺاجَ ڀريو بنائڻ جي لاءِ هندي لفظن سان منجھنس رَچاءُ به پيدا ڪيو ويندو آهي. گُل وٽِ ان ڏَس ۾ وَري هڪَ نئين وِکَ پَئي نظر اچيمِ. اها هيءَ ته هِن هندي لفظن کان هيلپ وٺڻَ بجاءِ، پنهنجي گيتَن لاءِ سمُورو ميٺاجُ، سموري رنگيني، سنڌي ٻوليءَ مان حاصل ڪئي آهي. گُڊ!

    گيتَ سان لاڳاپيل هڪُ ٻِيو لفظُ به اڪثر يوز ٿيندو آهي: ”سنگيت“. گُل جا هي گيتَ جڏهن اڃا سندس ڊائريءَ ۾ لکيل هُئا، تڏهن يا پوءِ انهن مان ڪُجھُه رڪارڊ ٿي، سازَن جي سنگم سان سلهاڙجي ڪَنن تائين پهتا ته مون کي سچُ ويتر خوبصورت لڳا. گُل پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍو سُلڇڻو، ڪفايت شعار ۽ ڇنڊي ڦوڪي وِکون کڻڻ وارو شخص آهي. سندس انهن سڀاويڪ ڳُڻن، کيس شاعريءَ ۾ به ائين ڪرڻ لاءِ گائيڊ ڪيو آهي، هن ايترا ته فوڪسڊ افريمڊ گيتَ لکيا آهن جو، منجھن ڪو هڪُ لفظُ به ڀَراوَ جو محسوس نه ٿو ٿئي. جهڙو لين اسڪيپ، اهڙا رنگَ، جيتري پيڙا اوترو پڙلاءُ. بيانُ اسٽارٽ ٿيو ۽ اجھو پنهنجو امپيڪٽ ڇڏي ختم به ٿي وَيو، يعني پياسي ڀونءِ تي بادل برسيا ۽ اجھو آسمان صافُ ٿي وَيو ۽ چؤڌاري سُرهاڻ پکڙجي وَئي.


    پيارَ کي تورين ٿي ڳَهيلي!

    پيارَ کي تورين ٿي ڳَهيلي!
    پيارَ کي تورين ٿِي!!

    ٿورو به ويساههُ نه مونتي
    جذبا جھورين ٿي ڳَهيلي!

    پيارَ کي تورين ٿِي!!

    مون سان جو اورڻ گھربو هو
    جَڳَ سان اورين ٿي ڳهيلي!

    پيارَ کي تورين ٿِي!!

    گڏجي ڏُونگر ڏوريُون ها
    ڇو هيکل ڏورين ٿي ڳَهيلي!

    پيارَ کي تورين ٿِي!!

    لوڪَ هَٿن ۾ پٿر ٿَئي، تُون
    چَپ ته چورين ٿي ڳَهيلي!

    پيارَ کي تورين ٿِي!!

    پيارَ کي تورين ٿي ڳَهيلي!

    پيارَ کي تورين ٿِي!!


    توبن ڪهڙا ڇانورا

    توبن ڪهڙا ڇانورا
    او سانورا، او بانورا!

    مُنهنجي ڇانوَ ڇَپر تُون آهين
    مان درياههُ ڪَپرُ تُون آهين

    او سانورا، او بانورا!
    توبن ڪهڙا ڇانورا!

    سيني ۾ دل ڌڙڪي جيسين
    تُون مُنهنجو مان تُنهنجي تيسين

    او سانورا، او بانورا!
    توبن ڪهڙا ڇانورا!

    مان تُنهنجي چرڻن جي داسي
    او مُنهنجي مَن جا رهواسي!

    او سانورا، او بانورا!
    توبن ڪهڙا ڇانورا!

    ڏور گُذارڻ اوکو آهي
    دل کي ڏيڻو دوکو آهي

    او سانورا، او بانورا!
    توبن ڪهڙا ڇانورا!


    وسُ وسُ مينَهڙا!، وَسُ

    دل ڪَيئي بيوس، مينَهڙا!

    وسُ وسُ مينَهڙا!، وَسُ

    جوتِ جيان جَرڪي پَيو جيونُ
    تَن تان لاٿَئي ڪَسُ، مينهَڙا!

    وسُ وسُ مينَهڙا!، وَسُ

    تُنهنجي رِمجھِم منجھه پرينءَ جي،
    ڳالهيُن جو آ چَسُ، مينهَڙا!

    وسُ وسُ مينَهڙا!، وَسُ

    تُون ته سَڄو جَڳُ جھاڳي آئين،
    ساجَن جو ڏي ڏَسُ، مينهَڙا!

    وسُ وسُ مينَهڙا!، وَسُ

    پرينءَ بنان هي سانوَڻُ گُذريو،
    ڪيڏو ڙي بي رَسُ، مينهَڙا!

    وسُ وسُ مينَهڙا!، وَسُ


    مُحبت به مٺڙا! ڪَري ٿي قَهر

    ڏِسي ڪائي موسَم، نه ڪوئي پَهرُ
    مُحبت به مٺڙا! ڪَري ٿي قَهر

    نگاهُن ۾ مؤجُن جي مستي ٿي آڻي
    نئين ڪائي هستيءَ ۾ هستي ٿي آڻي
    دِلڙي بَڻائي ڇَڏي ٿي بَحر
    مُحبت به مٺڙا! ڪَري ٿي قَهر

    جڏهن ڪنهن سان جذبن جا ناتا ٿي جوڙي
    تڏهن سوچَ جي ساري ڌارا ٿي موڙي
    اُنهيءَ بن حياتي ٿِئي ٿي زهرُ
    مُحبت به مٺڙا! ڪَري ٿي قَهر
    خيالن ۾ خوشبوءِ ڀَري ٿي ڇڏي
    ۽ رنگين جيونُ ڪري ٿي ڇڏي
    اکيُن ۾ ٿي سپُنن جو جوڙي شهرُ
    مُحبت به مٺڙا! ڪَري ٿي قَهر

    ڏِسي ڪائي موسَم، نه ڪوئي پَهرُ
    مُحبت به مٺڙا! ڪَري ٿي قَهر


    جوتِ جلندي رهي

    جوتِ جلندي رهي
    جوتِ جلندي رهي

    سچَ جي واٽَ تان، مُور هٽڻو نه آ،
    ڏُکَ پائي نه سوچُن کي مٽڻو نه آ،
    پيارَ جي پارَ ڏي ناوَ هَلندي رَهي

    جوتِ جلندي رهي
    جوتِ جلندي رهي

    زندَگي روئي روئي ته کلندي ضَرُور
    نيٺ منزل ته هڪَ ڏينهنُ ملندي ضَرُور
    آسَ دل ۾ اها پَئي پَلندي رَهي

    جوتِ جلندي رهي
    جوتِ جلندي رهي
    جوتِ جلندي رهي


    شال حياتي ماڻ!

    مُنهنجا گيتَ مڙيئي مٺڙا!
    آهن تُنهنجي ڪاڻ،

    شال حياتي ماڻ!

    کِلَ ٿي تُنهنجي خوشبوءِ هاري
    پِرههَ ڦُٽي ٿي ياد ڏياري
    تُنهنجي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ

    شال حياتي ماڻ!

    مَن ۾ ڪيئي ٽهڪَ ٽڙن ٿا،
    مٺڙا مٺڙا خيال مِڙن ٿا،
    ڀيرو ڀَرين جي مُنهنجي ڀاڻ:

    شالَ حياتي ماڻِ!

    تولئه مُنهنجي دلڙي ماندي
    تُنهنجي جُدائي پَن ـ ڇڻُ آندي،
    آءُ ڪا رُت بَسنتي آڻِ!

    شالَ حياتي ماڻ!

    مُنهنجا گيتَ مڙيئي مٺڙا!
    آهن تُنهنجي ڪاڻ،

    شال حياتي ماڻ!


    وايون

    وَرُ وائيءَ جو جي لَهين : ادل سومرو

    شاعرُ هئڻ/ٿيڻ جي لاءِ ضروري نه آهي ته شاعريءَ جي سڀني صنفُن تي طبع آزمائي ڪجي. دل جا جذبا ۽ اُڌما، جنهن صنف ۾ وڌيڪ اثرائتا پيش ڪري سگھجن ته اُن صنفَ جي اوزار وسيلي، خيالن جي کوٽائي ڪرڻ مناسب ٿيندو.

    نئين ٽَهيءَ جي شاعرن جِتي جديد صنفُن سان دل لڳائي آهي، اُتي هنن پنهنجي ڪلاسيڪل صنفُن کي به ڪونه وساريو آهي، اهڙن شاعرن ۾ اسان جي اياز گُل جو به شُمار ٿئي ٿو. اياز گُل نئين ٽَهيءَ جو نهايت ڏاهو ۽ ڀلوڙ شاعر آهي، جنهن تمام مُختصر عرصي اندر، ادبي دنيا ۾ پنهنجي مڃتا ڪرائي ورتي آهي. هن نه فقط ٽيڙو، ترائيل ۽ آزاد نظم لکيا آهن، پر ان سان گڏوگڏُ خوبصورت بيت ۽ اثرائتيون وايُون پڻُ رچيُون آهن. هونئن ته هِن جو گهڻو لڳاءُ غزل سان رهندو پئي آيو آهي. پر غزل کانپوءِ جنهن صنف ۾ گُل وڌيڪ پُختو نظر اچي ٿو، سا آهي ”وائي“. سندس وايُن ۾ استعمال ٿيل ٻولي غزل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پُختي، اثرائتي ۽ موسيقيءَ سان ڀرپُور لڳي ٿي.


    ماري موتَ نه سَگھندين!

    آءٌ امر انسانُ،
    ماري موتَ نه سَگھندين!

    اونداهي ڪمري جو مان، آهيان روشن دان؛
    ماري موتَ نه سَگھندين!

    گُل مُرجھايا پوءِ به، چمڪي ٿو گُلدان؛
    ماري موتَ نه سَگھندين!

    ڏُکُ اسان جي ڏيههَ ۾، ڏينهن ٻهَ ٽي مهمان؛
    ماري موتَ نه سَگھندين!

    کنڊَر چهري جي پُٺيان، پَسجي پَيو طُوفانُ؛
    ماري موتَ نه سَگھندين!


    سانوَڻ رُت ۾ سارَ

    سانوَڻ رُت ۾ سارَ
    آئي تُنهنجي يارَ!
    ڦُٽيا گونچَ غَمن جا.

    تُنهنجو هر پلُ ٽهڪڙا، مُنهنجو لُڙڪن لارَ
    ڦُٽيا گونچَ غَمن جا.

    چَپن وانگرُ چِت تي، ڇانيل آ ماٺار
    ڦُٽيا گونچَ غَمن جا.

    ايڏا سُور سَهون ڪيئن؟ ناهيون ڪي اوتار
    ڦُٽيا گونچَ غَمن جا.

    گھڙيُون گڏجي گھارجن، هيلَ ته ڪر هاڪار
    ڦُٽيا گونچَ غَمن جا.


    توکان ٿيندي ڌارَ

    توکان ٿيندي ڌارَ،
    کلندي کلندي يارَ!

    لُڙڪ لَڙي پيا لارَ ڪَري.

    تُنهنجي پويان ڪيرُ اسان جي، سُپَرين! لَهندو سارَ؟
    لُڙڪ لَڙي پيا لارَ ڪَري.

    ساههَ ۾ تُنهنجي ساهَن جي، اَڃا به آ مهڪارَ،
    لُڙڪ لَڙي پيا لارَ ڪَري.

    راتِ کُٽي ۽ باکَ ڦُٽي پيئي، جنهن پَل ويڙهيئي وارَ،
    لُڙڪ لَڙي پيا لارَ ڪَري.

    پاڻِيءَ تي ڄڻُ ليڪا هُئا، تُنهنجا قولَ قَرارَ،
    لُڙڪ لَڙي پيا لارَ ڪَري.

    وَري مِلڻَ جي مَهلَ وَري، شالَ هينئين جا هارَ،
    لُڙڪ لَڙي پيا لارَ ڪَري.


    برکا رُتَ جي بانوري!

    آءُ اسان وٽِ هيلَ،
    جھولِ کَڻي رابيلَ؛
    برکا رُتَ جي بانوري!

    موٽُ مورَ ڙي، مَري نه پَئي، ڊوڙي ڊوڙي ڊيلَ؛
    برکا رُتَ جي بانوري!

    ڏاڍن جُون ڏاڍايُون سائين!، پوياڙيءَ جي کيلَ؛
    برکا رُتَ جي بانوري!

    ڦَڙِ ڦَڙِ، ڦَڙِ ڦَڙِ ڳاڙها جھنڊا، باکَ ڦُٽيءَ جي ويلَ؛
    برکا رُتَ جي بانوري!

    ڳاٽَ اُچي سان ٿيندا رهندا، مٺڙن سان پيا ميلَ؛
    برکا رُتَ جي بانوري!


    ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

    سانگيئَڙن کي سارِ،
    ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

    آيلَ پنهنجي اَن تان، ڪُڙمي ڪانگَ اُڏارِ؛
    ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

    ريٽِيءَ رتُ جو ريجُ ڏيئي، سونو سِجُ اُڀارِ؛
    ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

    ڏُکن سُکن سان پرين! گڏجي سڏجي گھارِ؛
    ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!


    سچُ ته سَچُ آهي!

    سچلُ، سامي يا لَطيفُ
    نانـــــــوَن ۾ ڇـــــاهي؟
    سچُ ته سَچُ آهي!

    سُورج سَدا لاءِ ڪو ڪينَ سگھيو لاهي،
    سچُ ته سَچُ آهي!

    مُورکَ بَڪ بَڪ ڪن پيا، ماٺِ ڪَئي ڏاهي
    سچُ ته سَچُ آهي!

    دلبَر! پنهنجي ديسَ ۾، ڇا نه ٿِيو آهي،
    سچُ ته سَچُ آهي!

    ڪيڏا ڏينهنَ رَهي سگھبو، واريءَ ـ گھرُ ٺاهي!
    سچُ ته سَچُ آهي!

    ظُلم ختم ٿي ويندو؟ تُون جي چئين: ناهي
    سچُ ته سَچُ آهي!


    ڏاڍا ڏُکَ مليا هن

    سپُنا ساڀيا ماڻِ،
    هيلَ ته خوشيُون آڻ
    ڏاڍا ڏُکَ مليا هن.

    چاهتَ پنهنجي ڀورِ ڀورِ، جذبا رتوڇاڻِ،
    ڏاڍا ڏُکَ مليا هن.

    يادُن آندي پاڻ سان، اکڙين ۾ آلاڻِ
    ڏاڍا ڏُکَ مليا هن.

    کليو مُنهنجي حالَ تي، رُنس جنهن جي ڪاڻِ،
    ڏاڍا ڏُکَ مليا هن.

    جندڙي جھوني ناوَ آ، وقتُ جيئين مهراڻ،
    ڏاڍا ڏُکَ مليا هن.


    ويا وِکري واءُ ۾

    پِپُرَ پيلا پَنَ،
    ويا وِکري واءُ ۾.

    آندو آهي مونکي تُنهنجي، چنچل چاههَ چمن،
    ويا وِکري واءُ ۾.

    سامهون ساجنَ ساههَ جا، پَسي مَتا مَن،
    ويا وِکري واءُ ۾.

    ڀانيان ڌُوڌا ڌَڄُ مان، ڌاريا! تُنهنجا ڌُن،
    ويا وِکري واءُ ۾.

    سچُ سُڻن سَچارَ سَدا، ڪُوڙن ڪَپَههَ ـ ڪَنِ،
    ويا وِکري واءُ ۾.


    (جيون جي پهرين وائي)


    ساڙيـــــــو ڙي ســـــــــاڙيو!, سَرڪش هِن سَماجَ کي

    ساڙيـــــــو ڙي ســـــــــاڙيو!
    سَرڪش هِن سَماجَ کي.

    ذاتِ پات جي فرقَ جا، ليڪا لتاڙيو!
    سَرڪش هِن سَماجَ کي.

    ڇڏي پُراڻا پيچرا، راههَ نئين تاڙيو!
    سَرڪش هِن سَماجَ کي.

    کِلو مِلو موجَ ڪيو، ڳوڙها ڇو ڳاڙهيو،
    سَرڪش هِن سَماجَ کي.

    پنهنجا ڪَيل قولَ قَرارَ، پريُن سان پاڙيو!
    سَرڪش هِن سَماجَ کي.


    وَڻجارَن جي واٽَ تي

    ڏيئا نيڻَ جَلائن، پنهنجو پاڻُ وڇائن،
    وَڻجارَن جي واٽَ تي.

    شَل نه پيارَ جي راههَ تي، دليُون دُکائن،
    وَڻجارَن جي واٽَ تي.

    سڄڻن سِواءِ سُهاڳڻيون، مٿي مِٽي پائن
    وَڻجارَن جي واٽَ تي.

    هُجن ڪي پنهنجا پيارا جي، روئُون ته پرچائِن،
    وَڻجارَن جي واٽَ تي.

    لوڪن آڏو لوڀي سائين! آخر پاڻُ لڄائن،
    وَڻجارَن جي واٽَ تي.


    ٽيڙو، رينگا، ترائيل

    خوبصُورت شاعريءَ جو هڪُ حصو : مُختيار ملڪ

    هائيڪي (ٽيڙُو) جي اهم خوبي آهي، نازڪُ، نفيس ۽ دل کي وڻندڙ جذبن ۽ ويچارن وارا عڪس اُڪيرڻ. هن صنف سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي جاءِ والاري ائين محسوس ڪرايو آهي، ڄڻُ هيءَ اسان جي مزاج جي ويجھي آهي ۽ ٻيو ته ان صنفَ کي وڌائڻ، ويجھائڻ ۾ اسان جي شاعرن جو مُک ڪردار رهيو آهي، مان اياز گُل کي انهن شاعرن ۾ ان ڪري نه ٿو ڳنڍيان ته هِن ڪُجھه هائيڪا لکي پاڻُ ڳڻايو آهي. پر حقيقت ۾ سندس ذڪر ان لحاظ کان اهم آهي، جو هن هائيڪي کي سنڌي مزاج موجب لکيو آهي. هونئَن به ڪنهن ٻوليءَ جي صنفَ پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ ئي ڪَمال نه هوندو آهي، بلڪ ان کي پنهنجو بڻائڻُ ئي مهارت آهي.

    اياز گُل، هائيڪي کي ڇُهڻ وقت، هن جي فني تقاضائن کي پورو ڪيو آهي ۽ ان کي نئون اندازُ ڏيڻ وقت ان جي اصليت کي قائم رکيو آهي.

    ترائيل يا هائيڪو ٻئي صنفُون اسان جي ادبي گھُرج وٽان آهن. اسان جي ادبي باغيچي ۾ هيءُ موهيندڙُ گُلن جو ٻوٽو، سَري خوشبوءِ پکيڙي سگھي ٿو. ترائيل جي ترقيءَ جي لاءِ ڪي گھَڻيُون ڪوششون ڪونه ٿيون آهن، پر اُن

    هوندي به نارائڻ شيام، هري دلگير، هري ڪانت، امداد ۽ ڪن ٻين، ڪامياب ترائيل لکيا آهن. نَون لکندڙن وٽ جيتوڻيڪ اڪثر انهن جو ئي انداز آهي، پر ڪيترن ان ۾ ننڍيُون وڏيُون تبديليون آڻي، ان جي ڌاريائپ ختم ڪري ڇڏي آهي. اهڙن لکندڙن ۾ اياز گُل اڳينءَ صِفَ ۾ ڳڻائڻ جهڙو آهي. هن جي ترائيل ۾ خيالن جو جيڪو ميڙُ آهي، اهو ڪٿي به ٽُٽل محسوس نه ٿو ٿئي. ترائيل جي اهم ضرورت آهي هڪ سٽ جو ٻي سِٽ سان ڳانڍاپو ۽ اياز ان جو گھڻو خيال رکيو آهي. سندس ترائيل، سندس خوبصورت شاعريءَ جو هڪ حصو آهن.


    ٽيڙو، رينگا

    اونداهي اڌ راتِ
    آءُ اچي ڪر سوجھرو
    ڏيئن جهڙي ڏاتِ!


    لڪي لياڪا پائي چنڊُ
    آڌيءَ ويلي ڪيئن پينهي ٿي
    انگِ اُگھاڙي غربَت جنڊُ.


    اُٿليو آ درياههُ
    ڪَچي ۾ ماڻهُن جو
    آهي مُٺِ ۾ ساههُ.


    کُليل دَرُ
    اڃا ڪينَ ونيءَ جو
    وريو وَرُ.


    اوندهه جا آثارَ
    سجُ ڪڪرن جي ڪَڇَ ۾
    وينگَس ڇوڙيا وارَ.



    مٿان سُڪل وَڻُ
    هيٺان آءُ اڪيلو، سامهون
    رڍَن جو هِڪُ ڌڻُ.


    ڳالهيون مصريءَ کنڊُ
    چهرو ايئن پرينءَ جو
    ڄڻُ چوڏهينءَ جو چنڊُ


    جوئارِ جي اوٽَ
    سيسراٽيُون سَرٻاٽَ
    ڪانَن ۾ ڦڙ ڦوٽَ.


    سرنهن ڦُلاريا گُل
    ٿي سڄي باغَ ۾
    هُٻڪارَن جا هُل.


    بَمن ڌماڪا
    ”ڌڻي ڏِجُ پَناههَ تُون“
    ماڻُهن جا واڪا.





    شامَ، لب مهراڻ
    ساٿُ سُريلي دوستَ جو
    هر ساعتَ سُرهاڻُ

    ڏَهن رُپين جي موٽ
    پيٽَ بُکئيءَ پينو ڇوريءَ جا
    چار، گھَڙيءَ لاءِ گھوٽَ.


    پائيندي ليڪا
    ڪوري ڪاڳر تي لکجي ويا
    ٻه ٽي هائيڪا.


    ڊڄي جو ساههُ کڻي
    تولئه تارَن ٽوڙڻ جي ٿو
    ڪيئن سو هامَ هڻي


    پردي پويان تُون
    لِڪي ليئڙا پائين ٿي
    پڪڙي ورتو مُون.




    پُراڻو مندر
    ڪرشن جي مورتيءَ تي
    ويٺل ڪبوتر.


    مُنهنجو تصورُ
    تُون ۽ مان، ٻاهر شهر کان
    هڪڙو ننڍڙو گھرُ.


    مُون کان دردَ وسار
    موٽان جي آفيس کان
    مُرڪي بس نهارِ.


    لِڪي مِلڻ جي هيرَ
    ٻه پاڇا ٻَنيءَ ۾
    ٻئي اُگھاڙي پيرَ.


    کيسو ڪَتريَلُ
    ٻه ڳانا ڳچيءَ ۾
    ميلي مان موٽيلُ.



    ماڻهُن ليکي راند
    مون لئه ڪَوتا جوڙڻ آهي
    سِسي نيزي پاندِ.

    ڄَڻُ ڪي تارا ٽوڙڻ آهي،
    وقتَ سندو منهن موڙڻ آهي.


    سومَهڻيءَ جو گھُٽَ،
    جھَٽَ پلڪ لاءِ واءَ جو جھوٽو،
    ۽ پوءِ ساڳي ٻُٽَ.

    پنڊ ـ پهڻ ڪونڊيءَ ۾ ٻوٽو،
    اُڀَ ۾ گھُور، سگريٽَ جو سُوٽو.


    ترائيل

    1.

    سرڳُ ۽ عيشُ ڪينَ ٿو گھُرجي
    پيارُ گھُرجي رُڳو ٿو آدَم جو
    جذبو ڪنهن مُلهه ڪينَ ٿو تُرجي
    سرڳُ ۽ عيشُ ڪينَ ٿو گھُرجي

    ٻِئي جي مرضِيءَ سان جنهن ۾ ٿو چُرجي
    سرڳُ اهڙو ڀلا، آ ڪنهن ڪَم جو؟
    سرڳُ ۽ عيشُ ڪينَ ٿو گھُرجي
    پيارُ گھُرجي رُڳو ٿو آدَم جو

    ###


    2.

    مون کي گُذريل ڪنهن گھَڙيءَ وانگر وِساري ڇڏ تُون
    پاڻَ تي شهرُ اجايو ٿي کِلائين سانئڻ!
    لُڙڪ ڳلڙن تان اُگهي، سينڌِ سنواري ڇڏ تُون
    مون کي گُذريل ڪنهن گھَڙيءَ وانگر وِساري ڇڏ تُون

    پنهنجي دل مان مُنهنجي يادُن کي ڌڪاري ڇڏ تُون
    ڇو ٿي تيليءَ جيان دُکين، جيءُ جَلائين سانئڻ!
    مون کي گُذريل ڪنهن گھَڙيءَ وانگر وِساري ڇڏ تُون
    پاڻَ تي شهرُ اجايو ٿي کِلائين سانئڻ!

    ###

    3.

    تُنهنجي روئڻ تي رُوحُ روئي ٿو
    کِل، مُونکي به آ، کِلاءِ پرين!
    اَهنجُ مُنهنجي اندرَ کي لوئي ٿو
    تُنهنجي روئڻ تي رُوحُ روئي ٿو

    سُور ۽ پُور دل ۾ پوئي ٿو
    ٽهڪَ جي سُرَ ۾ سُرُ مِلاءِ پرين
    تُنهنجي روئڻ تي رُوحُ روئي ٿو
    کِلُ مُونکي به آ، کِلاءِ پِرين!

    ###

    4.

    اچو ته مُرڪندي موڪِلايُون مٺا!
    جُدا ٿيڻَ تي لُڙڪَ لاڙيُون ڀَلا ڇو؟
    سڀئي دردَ دل ۾ دٻايُون مِٺا!
    اچو ته مُرڪندي موڪِلايُون مٺا!

    جي گُذريُون گھَڙيُون سي ڀُلايُون مٺا!
    هي ڪُجھُه پَل سُکن جا ڀي ساڙيُون ڀَلا ڇو؟
    اچو ته مُرڪندي موڪِلايُون مٺا!
    جُدا ٿيڻَ تي لُڙڪَ لاڙيُون ڀَلا ڇو؟


    بيتَ ۽ دوها

    باکَ جهڙا بيتَ ۽ دوها : تاج جويو

    ”دوهو“، هندي ڪوتا جي حسنَ جو اهڃاڻ آهي، ۽ ”بيتُ“ سنڌي شاعريءَ جي سونهن جي علامت. ان چَوڻيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي بيت، هندي دوهي ۽ سورٺي جي سنگم مان هڪ سندر صنفَ طور جنم ورتو ۽ اڄُ جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ مان بيتَ کي ڪڍي ڇڏجي، ته هوند اُها ٻُٽِي ۽ ٻُسي لڳي، جيئن رِلي ٽُڪ سان سهڻي لڳندي آهي، جيئن گَجَ ۾ ڪاوا جرڪي جوت پيدا ڪندا آهن، ۽ جيئن سنڌي ٽوپيءَ ۾ ٽِڪُون جھرمر ڪنديُون آهن، تيئن بيت به سنڌي شاعريءَ لاءِ ساڳي حيثيت رکي ٿو. اسان جي سنڌي شاعريءَ جي روايت، ٽالپر دؤر کان انگريز دؤر تائين، ڪُجھه عرصو بيت ۽ وائيءَ کان هٽي وئي هُئي، پر سُڄاڻَ ۽ ساڃهه ـ وند سنڌي شاعرن، انهن ٻنهي حسن وند صنفن کي وري پنهنجو ڪري ورتو. ان ريت جديد سنڌي شاعريءَ جي اوساري گھڻي ڀاڱي بيت ۽ وائيءَ جي بنياد تي کنئي وئي. اها روايت شيخ اياز کان اياز گُل تائين جيئن جو تيئن هلندي اچي ٿي. اياز گُل جي بيتن ۾ جيتوڻيڪ شيخ اياز واري فڪري گھرائي نه آهي، پوءِ به سندس بيت چيٽ جي چانڊوڪيءَ جهڙا سُهڻا آهن. جن جي سهڻي ٻولي، سادو اندازُ، اعلى تخليقي اُڏام ۽ مڌرتا متاثر ڪندڙ آهي.

    اياز گُل بيت تمام ٿورا چيا آهن. البت دوها ڪُجھُه سجيهه لکيا آهن. سندس دوها، دوها ـ ڇند جي مقرر قاعدي، 13 ـ 11 ماترائُن تي نه هوندي به وڻندڙ ۽ مَن موهيندڙ لڳن ٿا. اها پابندي، سنڌي شاعريءَ ۾ صرف نارائڻ شيام رکي سگھيو آهي، شيخ اياز وٽ به دوها 16 ـ 11 ماترائُن تي ملندا، پر اياز گُل، 6 ـ 11، 16 ـ 15، 16 ـ 16، ماترائُن تي به دوها لکيا آهن، ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته سُٺا ۽ وڏا شاعر بحر وزن ۽ ڇند جا قاعدا خود جوڙيندا آهن، ۽ هو خيال کي گھُٽي ڏيڻ جي بدران وزن بحر کي ڀڃي، پنهنجي پسند جا نوان وزن جوڙيندا آهن.

    گُل جي دوهن ۾ جتي انفرادي پيار ـ پيڙا بَکي رهي آهي، اُتي انهن ۾ سماجي سرت جا اولڙا به موجود آهن.


    بيت

    کِلي جڏهن کيچلي، ڳلن چُگھه پَون،
    چِتِ کي چريو ڪنِ، ڳلن ڳُجھيُون ڳالهڙيُون.


    اکيُون وينگس واهه جُون، لَڄَ ونديُون ڪاريُون،
    سِڪان مان ساريُون، سپُني توڙي ساڀيا ۾.


    مِٺا مُنهنجي مَن ۾ سَدا تُنهنجي يادِ،
    شالَ رهي آباد، نگري پنهنجي نينَهن جي.


    سُهڻا مُنهنجي سوچَ کي، ڏي ڪا سُونهن ذَري،
    پَون جيئن ٻَري، ڏيئا مُنهنجي ڏات جا.


    آهيُون اڄُ حيات، اسان مِٺا ميتَ!،
    سُڀان رُڳو گيت، رهي ويندا راڄَ ۾.


    مُرڪي وڌيا موتَ ڏي، گھوٽَن کاڌا گھاوَ،
    ڏاڍن جا ڏهڪاوَ، لَٿا ڄاڻُ ته ڏيههَ مان.



    اڳتي وڌو، ڪُوڙ جا اِجهي ڪريا ڪوٽَ،
    ماڳُ پُڄي پوءِ موٽَ! مهڻو کڻجو ڪينَڪي.

    مُنجھيلَ مُنهنجي مَن تان، وسوسا ويچارَ،
    آئي تُنهنجي سارَ، لحظي منجھه لَهي ويا.


    دل جا ديپَ جليا، راڻَل ڪاڻِ راههَ ۾،
    آيو، ڦولَ کليا، مَن ـ مندر ويو مَهڪجي.


    وَسي دل دماغَ تي، يادُن جي برسات،
    سڄڻَ ساري راتِ، نيڻَن بند ڀَڄي پَيا.


    سڄِي هونئن سنسارَ ۾، اوندههِ اوندههِ ٻاٽَ،
    لالَڻَ تون ئي لاٽ، ويراڳِڻ جي واٽ جي.


    ٻوڏ ڪچي ۾ جيئن، ٻوڙيا ڪَچا گھَر،
    تُنهنجِن يادُن يَرَ، ائين ٻوڙيو ذهن کي.


    اکيُن ۾ سپُنا ائين، ٿَر ۾ جيئن ٿُوهَر
    تن مان ڪوئي پَر، ساڀيا ماڻي نه سگھي.


    جذبا پنهنجي جيءَ جا، نڪورا ۽ نِجُ،
    سِڪَ اسان جي سِجُ، رِجي پَوندين برف جيان.


    اکيُون اُڀيُون اُڀ ڏي، چڙهي آءُ ته چنڊَ
    اونداهِيُن جا منڊَ، ٽُٽي ٽُڪرا ٿي وڃن.


    آٽي اجھي ۾ مُئل، ماڻهو ويچارا
    پيارُ ۽ پيارا، وسري ويَن دل تان.


    ويتر چاڪَ چڪائڻَ لاءِ اڄُ آئي آ عيدَ،
    کائي آس، اُميد، بُکين پيٽن ڍَوَ ڪيا.


    دوها

    اڄُ به تُنهنجي آس لڳائي، واٽَ تڪي ٿو پياسو مَنُ
    آسَ نراسَ ته ٿيڻي ناهي، جانِبَ! جيسين آ جيونُ


    جيڪا تو ها گيتَ سُڻايا، پيڙَ ڏين تِن جا پڙلاوَ
    سانوَڻ سائين! هر هر ڇُلڪن، گھايلَ من جا گھرا گھاوَ.


    چاههَ ڏنا جي چَهڪ اڃا ڀي، تازا آهن سي او راڻي!
    مون وٽ ڪوئي گيتُ نه باقي، ڪوئل آخر ٿي وئي ساڻي.


    ڏُور پَيو ڪو چنگُ وڄائي، مٺڙو مٺڙو چنگُ،
    سُرهو سُرهو سنگيت ائين جيئن، تُنهنجو مُنهنجو سنگُ.


    ميت آ توکي موٽي اچڻو، کُٽڻي آهي ڪاري رات
    پوءِ مان چَوندُس، ڏسُ او دنيا! مُحبت ناهي کاڌي مات.


    روئندي روئندي راتِ ٿي گُذري، ڏکيو ٿو گُذري ڏينهن
    سوچيان ويٺو، مُورک ماڻهو، ڇو ٿا لائن نينهُن.


    ”جيءَ جَڙِيءَ کي جَسُ“ چيو جن، پيارَ کي وڌ سي پيارا ها
    پَري هليا ويا پريت ڇڏي جي، سي ڪمزور سهارا ها.


    هرڪو ماڻهو راڻو ناهي، ڪو ڪو مُومَل ماڻيندو
    مُلههِ نه مُحبت ملندي آ، جو ڏوڪڙَ ڏئي ڪو آڻيندو.


    ڀلي وساري ويهو هاڻي، مُون کي مُنهنجا ميتَ
    جيءُ اوهان جو جھوري وجھندا، مونکا پوءِ هي گيت.


    واٽَ اوهان جي ڪينَ لڌي سي، ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪجي پياسي،
    سُور بڻائي سازَ اسان پوءِ، گھايل گھايل گيتَ چياسي.


    سچُ سمائي جڏهن اسان جا گُونجيا گھَر گھَر گيتَ
    تڏهن اسان جي جيتَ آ سائين تڏهن اسان جي جيتَ.


    گيتَ امر سي، جن ۾ آهي، ”اناالحق“ آوازُ
    سرمدَ واري سوچ آ جنهن ۾ آزاديءَ جو سازُ.


    مُنهنجي جيءَ جا جذبا جنهن پر، اُٿلون ڏيندا آهن
    گُلڙن جهڙا گيتَ ذهن تي، سَرجي ايندا آهن.


    لائي توڙُ نڀائن جيڪي، سيئي مُڙس مَهان
    صدقو تِن تان ساههُ اسانجو، گھوري تن تان جان.


    پيارُ ڪرڻ وارا ٿا پهرن، پيڙا جي پوشاڪَ
    پرين جي در جي خاڪ به سمجهن ٿڌڙِي مٺڙي ماڪَ.


    ديپُ جَلي جيئن انڌيارَن کي روشنيون بخشيندو آ
    شاعر ڀي تيئن جيءُ جَلائي گيتَ گُلابي ڏيندو آ.


    گُل! ڪنهين کي سڀُڪُجھه سمجھي، تون ڀي پريت لڳاءِ
    سيني ۾ ڪو هلڪو هلڪو، مٺڙو سُور سَماءِ


    توکي ساري نيڻَ اسان جا، بادل وانگر برسيا ها
    هلندي هلندي تُنهنجي دَرَ تي خيالَ اسان جا ترسيا ها.


    تُنهنجي چهري جي آکاڻي، جنهن پَرِ نيڻَ پڙهن
    تنهن پرِ سڪَ سمونڊَ ۾ ڪيئي، ويرُون يارَ چڙهن.


    خالي کوکي جهڙا ماڻهو، بندِ سڀِن جي دل جا دَرَ
    ميڪ اَپ جي تهَه هيٺيان چهرا، ڊَٺَل شهر جا کنڊَر.


    دل ـ دنيا جي اونداهيُن ۾ ڪينَ چڙهي ٿو چنڊُ
    جذبا پنهنجا اَن ڪَڻا هِن، جيونُ جيئن ڪو جنڊُ.


    پوپَٽ جهڙا ماڻهو، تن جو پارس جهڙو پيارُ
    سِڪ تَنين جي سيني ۾ آ، هر دم تارؤن تار.


    باکَ ڦُٽيءَ سان ڦِٽجي ويندو، اونداهيُن جو کيلُ
    ڪينَ ڪڏهن ڪو جوڙي سگھندو، جذبن خاطر جيلُ.


    مان ائين ٿي ويندُس دلبر! ٿيندي توکان ڌار
    شيءِ کسجڻ تي روئي ڏين جيئن، کلندي کلندي ٻارَ.



    ديپُ ته ڪوئي ناهيان مان، پَر آهيان مان ٽانڊاڻو
    تيز هَوائُن ۾ ڀي جيڪو، ڪڏهن ڪينَ اُجھاڻو.


    هيڊو رتُ ڇڏايلُ جيونُ، پل پل جنهن ۾ اُلڪا
    ماڻُهن جي ٽهڪن مان ٻُڌجن، جھيڻا جهيڻا سُڏڪا.


    غَم اوهان جا ۽ دنيا جا، کَڻي گھُمون ٿا جيئن
    ايڏا بار کڻي پوءِ ڪوئي، جيئرو رهندو ڪيئن؟


    ڏٺي نه جنهن جي سِڪ لهندي هُئي، ڏينهن ۾ ڏَهه ڏَهه ڀيرا
    ڏيڍُ سالُ ٿيو ملي اُنهيءَ سان، وقت وقت جا ڦيرا.


    آهي جتان اڇلايو ويو، جھوپَن تي پٿرُ
    ڪيئن ڀَلا پوءِ بچندو هاڻي، شيشي جو سو گھَرُ؟


    ڏينهَن جي پوڄارين تي ڇانيو، ڪاريءَ راتِ جو ڊَپُ
    شهرَ جا ڏاها ڀي چُپُ آهن، چُري نه ڪنهن جو چَپُ.



    لَڏي ويا سي جوڳي جيڪي، پڪڙيندا ها نانگَ
    هاڻي سارو ڳوٺُ هراسيل، اوطاقون ڀڙڀانگ.


    گُل ته آهي پاڳل ماڻهو، پاڇولي کي ڳولي ٿو
    هردَم ٽهڪن ٽڙندڙ، پنهنجيءَ هستيءَ کي پيو رولي ٿو.


    دوها

    سال برابر لڳندي آهي. توبن هڪَ گھَڙِي
    ڪيئن گُذاري سگھبا جاني! ڏَهه ڏهاڙا هي.


    ٽن ڏينهن کان مِليو نه آهين، آهي منُ اُداس
    چوڏهينءَ چنڊُ امبر تي آهي، ڀانيان پوءِ به اُماسُ.


    ساڀيائُن کي ساري ساري، ڏَرا ڏئي ويا نيڻَ
    ڪلههَ به سپنا سيڻَ اکيُن جا، اڄُ به سپُنا سيڻَ.


    شيوُ وڌائي، ڪپڙا ڦاڙي، بَن ڏي نڪري وڃجي
    دل چاهي ٿي اڄُڪلهه پنهنجو پاڻَ کان وسري وڃجي.


    سوايون

    مُنهنجي بڻجي وئي ڪمزوري آ
    هڪ ڇوري جا پاڻَ زوري آ.

    اُها گھَڙِي به حياتيءَ ۾ هيلَ آئي آ
    هُجوم ۾ ٿا رَهون پوءِ به هيڪلائي آ.

    هرڪو ماڻهو ڏُک ڏيندو ٿو وڃي
    مُون کي ڄڻُ ڪائي خوشي گھرجي نه ٿي.

    مُنهنجي دل جا دروازا، کڙڪائڻ بند ڪري ڇڏ
    هاڻي ڪوڙين ڳالهيُن سان پرڀائڻ بند ڪري ڇڏ.

    هاڻي جي ڪنهن موڙَ تي گڏبو
    ڏسي ڪري مُنهن ڦيري ڇڏبو.

    تُون نه مِلندينءَ اُداسُ ٿي ويندُس
    مان جيئڻ مان نراسُ ٿي ويندُس.

    جاڳ هوندي به خُواب ۾ آهيُون
    دوستؤ! بس عذاب ۾ آهيُون.

    نيٺ پڙهڻو ئي توکي پوندو پرين!
    پاڻَ تنهنجي نصابَ ۾ آهيُون.

    تُون ۽ مان باوفا رهيا سي پرين!
    بيوفا ٿي وَيُون مگر راهُون.

    زهرُ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ چاهي
    هو گھڻو وقت ٿو جيئڻُ چاهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340630
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ